ڪتاب جو نالو: ڏوري ڏٺم ڏيهه
مصنف: عاشق منگي
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 29 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1465 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 234 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ محترم استاد عاشق منگي صاحب جي يادگيرين، تاثراتن، ساروڻين ۽ سفري روئيداد تي مشتمل آهي.
ساروڻيون به خوشبودار ساهن جيان هونديون آهن، وجود منجهه اچن ۽ وڃن، ۽ جيءَ کي هٻڪاري ڇڏن. ايئن جيڪي ساروڻيون وجود منجهه اچي، جهٽجي ويون، يعني لکجي ويون، تن جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن جي ڪهڙِي ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي!
اسان جي مانائتي استاد، سائين عاشق منگيءَ به پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين کي ماضيءَ جي ڪهڪشائن مان جَهٽي ورتو آهي ۽ قلمبند ڪري، هڪ نئين حياتي ڏئي ڇڏي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجو ڏيهه، پنهنجا ڏيهي
  • عشق جي اسرار ۾ ٻڏل عاشق
  • ڏوري ڏٺائين ڏيھه
  • اندر جو آواز
  • متن

  • ٿر سيمينار
  • جهوڪ ڏانھن پنڌ
  • سنڌي ماڻھن جي سياسي ۽ سماجي سوچ
  • ڦٽل واهه، واهڙ ۽ واهيون
  • نئون ديرو: نئون جوش ۽ جذبو ڏيندڙ شھر
  • محمد عيسيٰ ڪنڌر: جھانديده شخص
  • سائين غلام اڪبر سومرو
  • غلام نبي شاهاڻي صاحب: تعليمي آفيسر
  • سنڌي ٻولي ۽ سماج جو تجزيو
  • بُري هن ڀنڀور ۾

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    © ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو- 2012ع

    ڪتاب: ڏوري ڏٺم ڏيهه
    سنڌيڪار: عاشق منگي
    موضوع: سفرنامو
    ٽائيٽل: رياضت ٻرڙو
    پهريون ڇاپو: نومبر 2012ع
    ڇپائيندڙ: رياضت ٻرڙو
    پاران: ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو

    قيمت: 100 رپيا

    “Dorey Dithum Deh”
    By: Aashique Mangi
    1st Edition: November 2012 A.D
    Published by: Dahap Publication, Larkano, Sindh.
    E-mail: dahappublication@yahoo.com
    اسٽاڪسٽ:
    * مهراڻ ڪتاب گهر، ويجھو گھنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو * رابيل ڪتاب گھر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو * المنعم لائبرري، ۸۹-پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو * انٽيل ڪـميونيڪيشنز، حيدرآباد * سنڌيڪا بوڪ شاپ، حيدر چوڪ، حيدرآباد * سنڌ بڪ ڪلب، مريم روڊ، نواب شاهه * الفقراء ڪتاب گھـر، سانگھـڙ * فرخ ڪتاب گهر سکر * نويد سراج بڪ اسٽور، قنبر * ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو.
    رابطي لاءِ:
    رياضت ٻرڙو، فزڪس ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، پوسٽ آفيس لاڙڪاڻو. موبائيل فون: 7533011 0333


    انتساب

    مون کي موڙ ٻڌي وئي آھي،
    ڪنھن باغيءَ جا خواب ڏسان ٿو،
    ڪيڏي ننڊ وٺي وئي آھي،
    آزاديءَ جا خواب ڏسان ٿو.

    (تاجل بيوس)

    مـان پـنـھـنـجــو ھيءُ پيار ڀـريو پورھيـو، محتـرم عطا محمد ڀنڀرو جي نالي منسوب ڪيان ٿو، جيڪو مظلوم قوم ۽ ھن ڌرتيءَ جو حقيقي ۽ بي لوث محقق، تاريخدان، مترجم ۽ فلاسافر آھي.

    اسان آزادي ٻڌي آھي پر آزاد معاشرو ڏٺو ئي ناھي.
    ڪيس نانءَ نھال، پسڻ تان پري ٿيو.
    (شاھ)

    عاشق منگي


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (196) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ محترم استاد عاشق منگي صاحب جي يادگيرين، تاثراتن، ساروڻين ۽ سفري روئيداد تي مشتمل آهي.

    ساروڻيون به خوشبودار ساهن جيان هونديون آهن، وجود منجهه اچن ۽ وڃن، ۽ جيءَ کي هٻڪاري ڇڏن. ايئن جيڪي ساروڻيون وجود منجهه اچي، جهٽجي ويون، يعني لکجي ويون، تن جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن جي ڪهڙِي ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي!
    اسان جي مانائتي استاد، سائين عاشق منگيءَ به پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين کي ماضيءَ جي ڪهڪشائن مان جَهٽي ورتو آهي ۽ قلمبند ڪري، هڪ نئين حياتي ڏئي ڇڏي آهي.

    هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سان انجنيئر عبد الوهاب سهتي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي عنايت ڪئي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجو ڏيهه، پنهنجا ڏيهي

    چيو ويندو آهي ته ساروڻين کي دل ۾ جاءِ آهي.
    دل، جيڪڏهن سڄو بدن ۽ مَن آهي، ته پوءِ اها ڳالهه سچِي، ڇو ته ساروڻين کي سڄي وجود ۾ سمائجي وڃڻ جي اتم سگهه هوندي آهي، جا جڏهن پاڻ پَسائيندي آهي ته لونءَ لونءَ ۾ محسوس ٿيڻ ۽ دل جي دهڪي وانگر ڌڙڪڻ لڳندي آهي.
    ساروڻيون به خوشبودار ساهن جيان هونديون آهن، وجود منجهه اچن ۽ وڃن، ۽ جيءَ کي هٻڪاري ڇڏن.
    ايئن جيڪي ساروڻيون وجود منجهه اچي، جهٽجي ويون، يعني لکجي ويون، تن جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن جي ڪهڙِي ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي!
    اسان جي مانائتي استاد، سائين عاشق منگيءَ به پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين کي ماضيءَ جي ڪهڪشائن مان جَهٽي ورتو آهي ۽ قلمبند ڪري، هڪ نئين حياتي ڏئي ڇڏي آهي.
    عاشق منگيءَ جي ساروڻين جو پهريون مجموعو ”نئون ديرو: دل وارن جو ديرو“ مئي 2012ع ۾ ڇپيو، ۽ هي ٻيو مجموعو ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. پهرئين ڪتاب جون ساروڻيون سندس جنم-ڳوٺ مسوديري ۽ نئين ديري کي ويڙهيون ويٺيون هيون، جڏهن ته هِنَ، نئين ڪتاب ۾ سنڌ جي ٻين سهڻن هنڌن کي به ڀاڪر منجهه ڀريو اٿائين، ته سياسي ۽ سماجي سوچن کي اظهارڻ سميت، ڪجهه شخصيتن کي به ساريو اٿائين ۽ پنهنجي شهر نئين ديري ڏانهن يادگيرين جي موٽ به ڪئي اٿائين.
    منگي صاحب جي لکڻي سادگيءَ ڀري ۽ سهنجي ته آهي، پر هن ڪيترين ئي جڳهين تي وڻندڙ شعرن جو ٺهڪندڙ استعمال به ڪيو آهي، جنهن سان سندس لکڻين ۾ ادبي رنگ به ڀرجي پيو آهي.
    عاشق منگي صاحب جي جذبن مان سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس محبت جو اظهار ٿئي ٿو.
    هي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ ان محبت جو ئي هڪ سندر روپ آهي.

    رياضت ٻرڙو
    25 آڪٽوبر 2012ع، لاڙڪاڻو
    موبائيل نمبر: 03337533011


    عشق جي اسرار ۾ ٻڏل عاشق

    عاشق منگي ادبي دنيا ۾ پنهنجي پهرئين يادگيرين واري ڪتاب ”نئون ديرو: دل وارن جو ديرو“ سان شامل ٿيو. بنيادي طور تي پاڻ استاد آهي ۽ فخريه انداز سان چوندو آهي ته ”مرڻ گهڙيءَ تائين استاد ئي رهندس.“ سچ چيو اٿن ته استاد رٽائرڊ نه ٿيندا آهن.
    عاشق منگي تڏهن جو استاد آهي، جڏهن سنڌي علمي دنيا ۾ ويزا ڪلچر نه هيو، نه يونين بازي هئي ۽ نه اسڪول جي هيڊماستر جي پوسٽ، سياسي هوندي هئي. بس استاد، استاد ھيو، جنھن جي دل سان عزت ڪبي ھئي. اسان جو استاد، اسان جو مسيحا هيو. هن سان نِوڙي ملبو هيو. عقيدت جي اظهار جو اهو روحاني طريقو آهي، جيڪو سنڌي سماج جي خمير ۾ شامل آهي.
    ان جي ابتڙ هاڻي جي استاد جو اصول آهي ته کيس پڙهائڻو ناهي، نه ڪاليج وڃڻو آھي، نه اسڪول جي چانئٺ ٽپڻي آھي، پر حق سڀئي وٺڻا آهن ۽ پاڻ کي استاد ۽ پروفيسر به سڏرائڻو آھي. پر اڄ ڪلهه اھو معيار ڪٿي؟
    عاشق منگيءَ جي سڄي زندگي، عشق جي اسرار سان ڀريل آهي. هو پنهنجي اردگرد جي ماحول، ماڻهن، ماڳن ۽ سنڌ سان والهانه عشق ڪري ٿو. ائين هڪ حوالي سان هو پنهنجي نالي جو ڀرم رکندو اچي ٿو.
    عاشق منگيءَ جي پهرئين ڪتاب جون يادگيريون نئين ديري جي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿيون. هن جو هيءُ ٻيو ڪتاب آھي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماڳن، مڪانن ۽ ماڻهن جو ذڪر آهي. ٿر جو ۽ ٿر واسين جو ذڪر آهي. اوترو ئي محبت ۽ عشق سان هن ”جهوڪ ڏانهن پنڌ“ ۾ پنهنجي اندر جي وارتا کي اجاگر ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو درد محسوس ڪري سگهجي ٿو. ھو جڏهن ٿر سيمينار جو ذڪر ڪري ٿو، تڏھن ڄڻ سندس قلم مان سموري سنڌ جو درد، ڪنهن سور سان ڦيٽون کائيندڙ ماءُ جيان اڀري اچي ٿو.
    عاشق منگي سنجيدگيءَ سان محسوس ڪري ٿو ته؛ سنڌ اندروني توڙي ٻاهرئين عذاب ۾ وڪوڙيل آهي. سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهرَ رهزنن جي ور چڙهيل آهن ۽ سنڌي ماڻهو نِڌڻڪو ٿيندو وڃي ٿو. سنڌ گدڙ کائيندا وڃن ٿا ۽ اسان خاموش تماشائي بڻجي، اهو تماشو ڏسندا رهون ٿا.
    عاشق منگي جڏهن سائين غلام اڪبر سومري تي قلم کڻي ٿو ته ڄڻ اڄ جي استاد تي ڪاوڙ اچي ٿي، جيڪو پنهنجي حقن جي ڳالھه ته روڊن ۽ رستن تي ڪنهن سياسي تنظيم جيان ڪري ٿو پر پنهنجا فرض وساري ويهي ٿو ۽ ويزا وٺي پنهنجي ئي ديس ۾ پرديسي بڻجي پوي ٿو.
    سائين جي ايم سيد، سنڌ جي تاريخ تي دائمي احسان ڪيو جو هن مذهبي ۽ درٻاري دانشور کان سنڌ جي تاريخ کسي نج قومي انداز سان سنڌ جي تاريخ کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ کي مذهبي جنونيت کان آجو ڪيو، سنڌ ۾ ترقي پسند احساس کي جنم ڏنو، جنهن ۾ هندو اسان جا دشمن نه، پر اسان جا ڀائر آهن. هن ڌرتيءَ جا اصلي وارث آهن.
    عاشق منگيءَ جي عشق جي دعويٰ به، سنڌ سان ايئن آهي جيئن جي ايم سيد سوچيندو هيو. اها سنڌ سان عشق جي ابتدا هئي، جنهن تحت عاشق منگيءَ لکڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي جذبن کي اظهاريو آھي. هونئن ٿيندو ايئن آهي ته رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، ماڻهو ڪا ڪنڊ وٺي، گوشہ نشيني اختيار ڪندو آهي. پر عاشق منگي گوشہ نشينيءَ کي ڇڏي نروار ٿي، ڪَنڊن جي سفر تي پنهنجو پنڌ جاري رکيو آهي.
    سٺ ٻاھٺ سالن جو هيءُ ارڏو انسان، اڃا دلي طرح نوجوان آھي ۽ عمر جي هن حصي ۾ به ٿڪو ناهي. هو پنهنجي مڪمل جوهر ۾ جاکوڙي آهي. هن سان رهي ڪري، ٿورڙي عرصي ۾ مون اھو سنجيدگيءَ سان محسوس ڪيو آهي ته: ”عاشق منگي، انتهائي محبت ڪندڙ ۽ پنهنجي لکڻين سان سچو آهي. عام ليکڪن وانگي حالتن مطابق ۽ شخصيتن آھر ڳالھه نه ڪندو آهي. سندس دل ۾ جيڪي هوندو آهي، سو ئي سندس زبان تي محسوس ڪيو اٿم.“
    هو خوشنصيب آهي جو سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٿو. سنڌ جي ڪچي ۾ هن ننڍپڻ ۽ جواني گذاري آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻين ۾ مٽيءَ جي مهڪ محسوس ٿئي ٿي.
    عاشق منگيءَ سان منهنجي ملاقات ڪا پراڻي ڪونهي. اسان سڀني سان ملاقات جو مرڪز حقيقت ۾ پروفيسر نذير سومرو هيو. وهاب سهتو جڏهن جيڪب آباد مان موڪل واري ڏينهن ايندو هيو ته اسان جي ملاقات هن سان ٿيندي هئي. باقي پنجن ڇھه ڏينهن، مان پروفيسر سان اڪثر شام جو ملندو هيس. سندس ملڻ جو مرڪز هيو مهراڻ هوٽل، ممتاز هوٽل يا فيض ڇڄڙي وارو رابيل ڪتاب گھر. لاڙڪاڻي جي سڀني اديبن سان هن جي ويجهڙائپ هئي. هو سڀني اديبن سان ملي، منهن ڏيکاري، رات جو نائين ڏھين کان پوءِ نئون ديرو ويندو هيو. ادب جي هر موضوع تي ڳالهائڻ وارو ماڻهو هيو، ان ڪري تنقيدي ادب ۾ ھن جي اھميت وڌڻ لڳي.
    اردو ادب جي حوالي سان کيس سٺي ڄاڻ هئي، جنهن تي به تنقيد ڪندو هيو، ان جي ڀراءَ ۾ ڪتابن جا رفرنس ڏيندو ھيو. کيس ڪتابن جا حوالا صفحن پيري ياد هوندا هيا. ساڻس ملاقاتن ۾ منٺار، رشيد ڪٽپر ۽ عاشق منگيءَ جو ذڪر نڪرندو هيو. ڪچھريءَ جا ٻه ٽي ڪلاڪ ڪيئن گذري ويندا ھيا، خبر ئي ڪا نه پوندي ھئي.
    هو وهاب سهتي تي تنقيد ڪرڻ کان پوءِ، سندس دوست بڻيو. محمد علي پٺاڻ ۽ رزاق مھر سان ويجهڙائپ جي ڪري جيڪي منهنجا دوست بڻيا، تن ۾ وهاب سهتو ۽ پروفيسر شامل هيا. جڏھن ته عاشق منگيءَ سان نيازمنديءَ جي واٽ به وهاب سهتي جي معرفت ٿي. بھرحال اهو زندگيءَ جو سفر آهي، جنهن ۾ ماڻهو هليا ويندا آهن پر انهن جا ڪردار اسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن.
    پروفيسر نذير سومرو بي مھلو گذاري ويو. اڄ اهي ٻئي هوٽل آهن پَر پروفيسر نذير اسان ۾ موجود ناهي! جڏهن ته اسان پروفيسر سان محبت ڪرڻ وارا دوست، رب جي مھربانيءَ سان اڃا موجود آهيون.
    پروفيسر جي حوالي سان گڏيل تعزيتي ميڙاڪي جو پروگرام ڪيو ھيوسين، جنھن ۾ عاشق منگيءَ سان به ملاقات ٿي. اهڙيءَ طرح نئين ديري سان اسان جو ناتو ٻيھر جڙيو ۽ برقرار ٿيو، ڇو جو عاشق منگي اسان جي محبت جو مرڪز بڻيو. اهو نئين ديري جي مٽيءَ جو اثر آهي يا اڃا ٻيو ڪو سبب آهي! نئون ديرو هر وقت، دل جي ديري ۾ آباد رهي ٿو. منٺار سولنگي هجي، پروفيسر نذير هجي يا عاشق منگي، اسان جي عشق جو محور ساڳيو آهي ”قلم جو قبيلو.“
    اهو ئي قلم جو قبيلو آهي، جيڪو گڏجي محبت ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. اسان جي محبت جو محور هونئن به هيءَ مٽي آهي، جنهن جي خمير مان اسان جڙي راس ٿيا آهيون. اسان جي شاعري ۽ ادب جي ٻين صنفن مان جيسيتائين اها مٽيءَ جي مهڪ نٿي اچي، تيسيتائين اسان جي وجود جو قرض نٿو لهي. اهو احساس عاشق منگيءَ جي لکڻين مان يقينًا ملي ٿو.
    عاشق منگيءَ جي هن لکڻ جي جنون پويان به عشق آهي، جيڪو کيس لکرائي ٿو. هو لکي ٿو ۽ پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري ٿو. هن جي هٿ ۾ قلم آهي ۽ اهڙو لکڻ جو هنر سڀني کي اچي، اهو ممڪن ناهي.
    مون جمعي فقير کان هڪ دفعي پڇيو هيو؛ ”جمعا فقير ڪڏهن عشق ڪيئي؟“
    جمعي فقير کلندي چيو هيو؛ ”پيارا! اهو عشق ئي ته آهي، جيڪو پنائي ٿو. نه ته هي لٺ ۽ لوٽو تون ته کڻي ڏيکار!“
    عنايت ميمڻ
    لاھوري محلا لاڙڪاڻو
    ۰۸ آگسٽ ۲۰۱۲ع


    ڏوري ڏٺائين ڏيھه

    ربِ ڪائنات، چئن عناصر مان جوڙيل جنهن پرٿويءَ تي هيءُ مانڊاڻ جوڙيو آهي، تنهن جا به عجيب رنگَ ۽ بوءِ آهن. مٽيءَ ۽ منجهائنس خليقل شين کي ڏسو ته عقل حيران آهي. باھ جي ڪارنامن ڏي نظر ڪر ته ڇا ڪرشماتي منظر آهن! پاڻيءَ جي وجود تي نظر ڦير ته عقل چرخ ٿي ٿو وڃي. هوا جنهن کي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو، ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ سان ڪيڏا نه تغير ۽ ڦيرا آهن!
    ڌرتيءَ تي انهن چئن عنصرن جي ميلاپ سان جيڪي مانڊاڻ متل آهن، تن جي ڪهڙي بات ڪجي! نه زبان کي بيان ڪرڻ جي طاقت آهي ۽ نه عقل کي عنصرن جي احاطي جي استعداد آهي. نه ذهن انهن زواين کي پرکي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري ڪا ٻولي انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ ٻکُ وجهي سگهي ٿي.
    انسان ڌرتيءَ جي جنهن خطي تي ڄائو آهي، تنهن سان کيس اڻ-لکي محبت ٿئي ٿي. ان محبت جي صدقي کيس انهن رندن ۽ پنڌن، پڊن ۽ پٽن، جهنگن ۽ ٻنين، واهڙن ۽ ويءَ سان پڻ انس پيدا ٿئي ٿو، جيڪي سندس آس پاس ۽ ارد گرد ۾ هجن ٿا. ان وستيءَ کي وسئن بخشيندڙ هر مادي جيوت؛ حيوانات، جمادات، نباتات سان کيس محبت ٿئي ٿي. انهن کي کولڻ ۽ جاچڻ، سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ منجهس اڻ تڻ پيدا ٿئي ٿي. مٿن سوچ ويچار، غور فڪر ڪري ٿو. انهن جو منڍ-پڇ جاچي ٿو. منجهانئن ملندڙ منافعن نقصانن تي ويچار ونڊي ورڇي ٿو.
    جنهن گهر ۾ ڄائو آهي ۽ اور پوريل اٿس، تنهن لاءِ ته کيس دل ۾ ڪشش آهي پر جنهن گهٽيءَ ۾ بانبڙا پائي پليو آهي ۽ منجهس پاڻ جيترن جيتامڙن سان راند روند ڪري مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پاتيون اٿائين، تنهن گهٽيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ ۽ خوشبوءِ کيس ساري عمر مقيد ڪندي رهي آهي. جن سان ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي، تن کي سمجهڻ لاءِ بي پناھ جستجو رهيس ٿي. جن اوطاقن جي اندر، ٿيل ڪچهرين کي ٻڌو اٿائين، تن اوطاقن جي کٽن ۽ منجن، ڇنن ۽ ڪوٺن، دلي ۽ مٽ کان وٺي گاھ ۽ ڪتر مشين تائين، هڙئي سندس دل ۾ واسو ڪيل آهن. اوطاقي مڙسن جي ڪچهرين ۽ ڳالهين مان جيڪو حِس ۽ حِظ حاصل ٿيس، تن هڙني کي به هڙ ۽ هنج ۾ ورتو اٿائين. نه هنن کي هٿان ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه هنن مان ٻک ڪڍڻ لاءِ.
    جلباڻي سردارن جي ڳوٺ مسوديري اندر، حجمن جي ٻارن وانگر، رلي پني پليو آهي ۽ اتي جون يادگيريون به کيس پاڻ ورجائڻ تي مجبور ڪيون بيٺيون آهن ته نئين ديري اندر جوڀن ۽ جواني ڏيڻ سبب، اتان جا واھڙ ۽ گھٽيون، کيس پاڻَ تي لکڻ لاءِ ستائي رھيا آھن. ٻنھي وستين ۾ وڃايل، عمر جي موڙيءَ سان، جيڪا حاصلات ٿي اٿس سا کيس لکڻ لاءِ اتساهي پئي. هڪ جندڙي، هزار حوال. لکي ته ڇا تي لکي، ڇڏي ته ڇا کي ڇڏي! حجمن جا حوال ڊگها، ڪتابن جا پيٽ ننڍا. نه حوال هُنن جي پيٽ ۾ ٿا ٽڪن، نه حوال هِنن جو پيٽ ٿا ڀرين. هر هنڌ اڃا اڃا جي اڃ ۽ اساٽ آهي. لکي ٿو مسوديرو تي ته نئون ديرو رٺو ٿو وڃي. لکي ٿو نئون ديرو تي، ته مسوديرو ڪاوڙيو ٿو وڃي. وڃي ته وڃي ڪيڏانهن، ڪري ته ڪري ڪوھ؟
    ٻنهي هنڌن تي ڳالهيون ڳول ته ڳالهين جا ڳوٺ، ماڻهو ميڙ ته ماڻهن جا ڊنب ۽ انبوھ، واٽون وڙول ته واٽون ويھ. واهڙ ويچار ته انهن جو به نه اٿو نه مٿو. ڪري ٿو فتوئل واھ جو ذڪر ته وچ ۾ گهاڙ واھ ۽ سکر واھ ٿا ٽپيو پون. ڪري ٿو تذڪرو گهاڙ واھ جو ته وچ ۾ فورڊ واھ ٽنبڪو ڏيو بيٺو آھي. حالات به اهڙا آهن جو وائڙو ڪري ٿا ڇڏين. هڻين مٿي ڀر ته بيٺا آهن پيرن ڀر، هڻين پير ڀر ته بيٺا آهن مٿي ڀر. رڳو بيهي رهن ته به چڱو. هٿائين بيهي، چيلھ تي ھٿ رکي، نڪ کي موڙو ڏئي، چپن کي چٻو ڪري پيا چيٻارا ڪڍن ۽ کلون ٺٺوليون ڪن. جڏھن تاريخ جي ڄاڻن کان، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جون ڳتيل ڳوپيل ڳنڊيون، هڪ دفعو جاگرافيائي پڊن ڦٽي وڃڻ پڄاڻان، ڪڏهن نه سلجهي سگهيون آهن. اهي به ٿاڦوڙن هڻڻ ۾ پورا آهن. ان جڳھ تي، ماستريءَ جي خول ۾ بند رهڻ وارو، محدود وسائل سان ڇا ڇيني نبيري ۽ نکيڙ ڪندو. جتي جاگرافيءَ جي ڄاڻو جگادرين بيهي، پاڻيءَ ۾ لٺيون هنيون آهن، تتي اگر هڪ ماستر پري کان بيهي ڦوڙھ اڇليو ته اهو ان جي اندر جو اڌمو هيو. اهو ڀينڊ، تاريخ يا جاگرافيءَ ۾ ڪو اضافو ته ڪو نه ڪندو پر ککر ۾ کڙو ضرور ثابت ٿيندو. ڇو جو گهاڙ ۽ سکر، فتوئل ۽ فورڊ واھ ڇا، بلڪ سموري سنڌ جا سمورا واھ، جيڪي ١٩٣٢ع جي زرعي اصلاحات کان اڳ، قدرتي ڦاٽن مان اُڙها پئي، تن سمورن جا پيٽ والارجي، سڌا سنوان ٿي ويا آهن. انساني عقل ۽ انجنيئرنگ جي مدد سان جوڙيل سسٽم جو هڪ محدود دائره ڪار هوندو آهي. قدرتي وهڪرن ۽ لاهين جا پنهنجا رند کنڌ هوندا آهن. انجنيئر، ڊزائين ڏيڻ وقت، قدرتي وسيلن ۽ وهڪرن کي نظر ۾ رکندي، ڊزائين ڏيندا آهن ۽ ساڻن هٿ-چراند جو پاڻ ۾ ساهس به نه ڀائيندا آهن. اھي انھن گھٽن گھيڙن کي انھيءَ رنگ ڍنگ ۾ ضرور ڇڏيندا آھن. متان قدرت وارو، ڪڏهن پنهنجي وهڪرن کي وري بحال ڪري وجهي. صدين پڄاڻان ائين ٿيندو به آهي. زمينن کي آباد ڪرڻ وارا واھ ۽ شهرن منجھ جڙيل گندي پاڻيءَ جون ناليون، قدرتي وهڪرن ۽ لاهين کي نظر انداز ڪري، جڏهن به ڊزائين ٿيا آهن، يا مٿن حددخليون ٿيون آھن، تڏهن تباهيون ضرور آيون آهن. ٢٠١٠ع واري مها ٻوڏ ان جو ادنيٰ مثال آهي.
    هيءُ جيڪو چرين وانگر ٻاڪاريندو نظر ٿو اچي ۽ چوي ٿو؛ فتوئل ڦٽي ويو، گهاڙ واھ گُهٽجي پورجي ويو. سکر واھ سڪي ۽ سارين جي پوک لائق ٿي ويو. فورڊ واھ جو پيٽ ڀرجي، زيتونن جا باغ ٿي ويا. اهي اڄ ڀلي اجايون ڳاليهون نظر اچن. پر سڀاڻي جڏهن، قدرتي نعمتن جو رنگ ڦرندو ۽ آفتن جو روپ اختيار ڪنديون، تڏهن مجبور ٿي پراڻن وهڪرن کي بحال ڪرڻ لاءِ سوچڻو پوندو. انهن جي جيڪڏهن اڄ نشاندهي ٿيل هوندي ته سڀاڻي کين کوٽي بحال ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. جيڪڏهن انهن جا نشان، سندن نقش و نگار، اڄ وانگر ڦٽي ٽٽي ويا ته پوءِ، سڀاڻي ايندڙ نسل کي سواءِ ويرانيءَ جي ٻيو ڪجھ به پلئه نه پوندو.
    ڦٽل گهاڙ واھ جي پيٽ ۾ مٽي ڀري، ٿلها ٺاهي، ڇنون ۽ لانڍيون هڻي، گهرڙا ٺاهي، ٻچا ٿانيڪا ڪري، شهر اندر روزگار کي جنبي وڃڻ ۽ پنهنجي عمر، منجهس ڳاري ڇڏڻ جون به پنهنجيون يادگيريون آهن. انهن کي سارڻ به انهن جو حق آهي. انهن جي به هڪ تاريخ آهي. اهي به وقت جي وهڪرن ۾ وهي، معرضِ وجود ۾ آيون آهن. گهٽين ۽ اوطاقن، مسجدن ۽ مدرسن، دڪانن ۽ گهرن جو ذڪر پڻ، پاڻُ ورجائڻ تي ستائيندو رهندو آهي. جن دوستن سان چوياريءَ ۾ اٿجي ويهجي ٿو، ساڻن گڏ راند روند ڪجي ٿي، علم پرائڻ لاءِ تعليم و تربيت حاصل ڪجي ٿي، تن جا احوال ننڊ ڪرڻ نه ٿا ڏين. ڪچيءَ نند مان ڌونڌاري اٿاري ڇڏين ٿا. پاڻَ تي لکڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. انهن بابت تاثرات بيان ڪرڻ، انهن جو بار لاھڻ برابر ته آهي، پر پنھنجي پاڻ کي قرار ۾ رکڻ جو ھڪڙو نسخو پڻ.
    انسان هن ڌرتيءَ تي، ڪمن ڪارين کان علاوه، وندر ورونهن خاطر پڻ هلي چلي ٿو، ڏسي پسي ٿو. اها گهمڻ گهتڻ واري سفري روداد کيس قلمبند ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. چپ رھڻ ۽ سک سان سمهڻ، اها به نه ٿي ڏئي. شاھ عنايت جو ميلو ھجي يا عمرڪوٽ ۾ ٿر سيمينار ھجي. ڀٽ شاھ تي دنيا جي عظيم ڏاھي ۽ وليءَ، شاھ لطيف جي ڄمڻ جو جشن ھجي. گھمڻ لاءِ دل گھري ۽ ڏسڻ لاءِ اک گھري، ته پوءِ لکڻ لاءِ ھٿ ۽ قلم به چرڻ گھرن ٿا.
    يادگيريون، تاثرات ۽ سفري روداد، جڏهن ستائيندا ۽ من ۾ مانڌاڻ مچائيندا آهن تڏھن سواءِ لکي جان ڇڏائڻ جي ٻيو چارو نه هوندو آهي. هڪ اکرن جو عالم ۽ استاد هجي، مٿان مشاهد ماڻڻ جا موقعا به ملنس. لکڻ جو به ڏانءُ هجيس ۽ سنگت به هُشي ۽ همت افزائي ڪرائيس ته پوءِ ويٺي کيس ڪٿان قرار ايندو. دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي! اڻ ٿيڻي ڳالھ!
    جيڪي جنهن ماحول ۾ پلبا آهن، تن تي تنهن ماحول جا اثرات ضرور مرتب ٿيل هوندا آهن. جن جي زبان ۽ قئنچي، ساڳي رفتار سان هلندي هجي، تن کي ڏسڻ وارن تي پڻ ساڳيا اثرات پوندا آھن. پر هتي اثر ابتو ٿو نظر اچي. هن جي زبان ۽ قئنچيءَ کان، چڳ ۽ پڳ وڍجندي بچيل آهن. لکڻ وارو لکڻ ۾ ايترو محتاط آهي، جيئن مڇي کائڻ وارو، مڇي کائڻ وقت، چٻي چٿي کاڌي تي ڏند ڏيندو آهي. سچتائيءَ سان چُپَ چوريندو آهي، احتياط سان زبان ڦيريندو آهي ۽ ڌيان ڌري نڙيءَ مان ڳيت ڏيندو آهي، ڇو جو کيس خبر آهي ته هڪ دفعو نڙيءَ کان هيٺ لٿل ڪنڊو، معدي ۽ آنڊن ۾ ڪهڙا کلم ڪندو آهي.
    ائين هن ڪتاب جي ليکڪ جي لکيت مان اندازو ٿئي ٿو ته کيس خبر آهي ته؛ ”ڇٽل تير، ڏڌل کير، نڪتل گفتو، ڪڏهن به موٽي ماڳ نه پهتو.“ پوءِ جي ابول ڪرڻ کان، اڳ ئي سوچي سمجھي، قدم کڻجي ۽ وک وڌائجي. قلم کي قلم سمجهي وهائجي ۽ تلوار سمجهي، ٻه-هٿڙيو، اکيون پوري، نه ڀيڙجي. انھيءَ اپرانڌ، منگي محتاط ٿو نظرجي. جنھن تي به قلم کنيو اٿائين، احتياط سان کنيو اٿائين. ڇنڊن کان پنھنجو دامن ته بچايو اٿائين، پر اڳلي کي به عزت افزائي ڏني اٿائين. پوءِ ڀلي ميجر مجاھد ميراڻيءَ جي شھادت جو حوال ھجي يا اڪبر سومري جي زندگيءَ جو فسانو، غلام نبي شاھاڻيءَ جو تذڪرو ھجي يا محمد عيسيٰ ڪنڌر جو مذاڪرو. مڙني ۾ پاڻ نباھي چڙھيو آھي. اميد ته اڳتي به عاشق، اھڙي انھماڪ سان اکر اوڳاڇيندو. تنھن ھوندي به دعا آھي ته رب پاڪ، کيس پنهنجي حفظ و امان ۾ رکندو ۽ سندس قلم کي اوڙي پاڙي جي ننگ ۽ ناموس جو محافظ بڻائيندو.

    انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    ٨٩- پروفيسر ڪالوني لاڙڪاڻو
    ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۱۲ع


    اندر جو آواز

    سچ ته اهو آهي ته لکڻ وڏو جهنجهٽ آهي، پوءِ به لکان ٿو، ان جا ڪيترا ئي سبب آهن:
    1. جيڪو پڙهيو اٿم، سو پنهنجي انداز ۾ لکان.
    2. جيڪو ٻين جي لکڻ کان رهجي ويو آهي، سو محفوظ ڪري ڇڏيان.
    3. پنھنجي اندر جي بوجھ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
    4. غلاميءَ کان جيڪا نفرت، منھنجي اندر ۾ آهي، سا ٻين تائين پهچي وڃي.
    5. سنڌ جي ساٿ سان وفا جو ثبوت به ٿي وڃي.
    اڃا منھنجون لکيتون ڇپجڻ ئي شروع مس ٿيون ھيون، جو سنگت ساٿ مان مٿن چؤپچؤ ۽ سُرٻاٽ شروع ٿي ويا، جيڪي تو مان جي واتان ٻاٻور جي صورت ۾ ڪنين ٻُرندا رھيا.
    ”نئون ديرو، موهن جو دڙو ناهي، جو ان تي لکجي!“
    منهنجي طبيعت ۽ قابليت تي الائي ڇا ڇا چيو ويو، پوءِ به ”نئون ديرو: دل وارن جو ديرو“ ڇپجي ويو. هيءُ ٻيو ڪتاب وري اوهان جي هٿن ۾ آهي. سڄي عمر سليبس جا ڪتاب پڙهيا ۽ پڙهايا آهن. مُروج طريقن کان هٽي ڪري، نئون اسلوب ان ڪري اختيار ڪيم ته جيئن پڙهندڙن جي چاهت برقرار رهي. لکندي مون کان لکڻ جا ضابطا وسريو وڃن. هڪ ڌُن ۾، جيئن من ۾ آيو، تيئن لکندو ويس.
    اِهو اعتراف ٿو ڪريان ته مون کان سخت محنت نه ٿي ٿئي. ڏاڍو روڳي ۽ سست آهيان. دوست، نوڪريءَ وارا ۽ مصروف آهن. گهر ۾ ڀاءُ ۽ پُٽَ ٻانهن ٻيلي آهن. سڀني جي صلاح سان اِئين ئي لکڻ منهنجي وس آهي.
    اندر جو عذاب ڪڏهن وڌي وڃي ٿو. ننڊ ۽ آرام ڦٽي وڃي ٿو. پر آخر ۾ اهو احساس جنم وٺي ٿو ته؛ ڪجھ نه ڪجھ ڪري رهيو آهيان.
    تنهن جا نيڻ ٻه ٻوٽيا، اُڀ ڪروڙين نيڻ،
    متان واتان ويڻ، مرندي ڏئين هوت کي. (تاجل)
    مون کي پنهنجي وڏڙن ”بهتر سنڌ“ ڏني هئي. مان پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ، بکن ۽ بيروزگاريءَ، ڏکن ۽ ڏولاون، خوف ۽ بدحاليءَ واري سنڌ ڇڏي ويندس. اندر جي انھيءَ احساس کي گهٽائڻ ۽ پاڻ کي اٺ-پکي سڏرائڻ کان بچڻ لاءِ، ڪوشش ڪيان ٿو.
    ڪاٺيءَ جهڙي ڪولهڻي، چيهاڙيون چولي،
    ٻُـڌم جـو ٻـولــي، وسـري چنـگ ربــاب ويــا. (تاجل)
    سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي سياست تباھ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن جو ڪو مستقبل نه رهيو آهي. رشوت ۽ سفارش ڪٿان اچي؟ نوڪرين جي آسري، جوانن جا وار اڇا ٿي ويا آهن. ڌنڌي لاءِ همت ۽ هنر، پئسا ۽ جفاڪشي گهرجي.
    تنهن جو ٿڌي ڇانو ۾، جُهري پيو جوڀن،
    منهنجو هي جيون، ٿرن ۾ ٿڪجي نه ٿو. (تاجل)
    سنڌ جي معصوميت ۽ مُرڪ، داءَ تي لڳي چُڪي آهي. رڳو مڪاري ۽ مونجهارا، اسان جو مقدر بڻجي ويا آهن.
    پير ۽ مير، وزير ۽ مشير ته هميشه ائين رهيا آهن، جيئن هاڻي آهن. بدليو آهي ته پڙهيل لکيل ۽ غريب جو ٻار بدليو آھي، جيڪو نوڪري ڪري، پنهنجو پيٽ ۽ سڄو ڪڙم پالي ٿو. انٽليڪچوئل ڪلاس، پنهنجا قدر ۽ رهڻي ڪهڻي بدلائي آهي. تڏهن سنڌ جا ههڙا حال ٿيا آهن. اسان چڱاين کي ڇڏي، براين کي ڀاڪرين پئي، پنهنجن پيرن تي ڪهاڙو هنيو آهي.
    جيڪو ڪجھ مون لکيو آهي، اُهو منهنجي احساس، جذبي ۽ سوچ جو نمونو آهي. اختلاف ۽ ھم آھنگي، نفرت ۽ محبت، اوهان جي وس آهي. مان لاچار ۽ بيوس ٿي، لکان ٿو.
    سائين ڪرايا سنڌ کي، سورنهن ئي سينگار،
    ”بـيـوس“ بــي اخـتــيــار، عالـمُ سڀ آبــاد ٿيـو. (تاجل)
    هي ڪهڙو ڪلور آ! پاڻيءَ هوندي سوندي، اسان لاءِ ناهي. ڊيم ڀريا پيا آهن. اتر سنڌ ۾ آبادي لاءِ پاڻي ناهي. لاڙ ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ماڻو تڙپن ٿا. جيڪڏهن ٻوڏ ٿي اچي ته سندن گهر، سامان سميت لڙهيو وڃن. سندن عزتون ۽ غيرتون، ننڊ ۽ آرام، راحت ۽ سُڪون داءَ تي لڳيو وڃن. شاعر ڪيڏو نه، خوبصورت خيال چٽيو آهي؛
    تـوڻــي پــاڻـي تـار آ، پــوءِ بـه اڌورا،
    آهيون اڻ پورا، جاني هن جهان ۾. (تاجل)
    محترم عبدالقادر منگي صاحب جا وڙ وسارڻ جهڙا نه آهن. هن جي ڪڍي مَٺِي گهميم ۽ ٿر سيمينار ڏٺم. هُن جو قرب منهنجي اندر جي زخمن لاءِ ملم ۽ پَها بڻجي پوندو آهي.
    هِن جي ڪچهريءَ مان مزو وٺندو آهيان. الله جي هُن کي سٺي صحت ڏني. ڪتابن خريد ڪرڻ، گڏ ڪرڻ ۽ پڙھڻ جو شوق نوجوانيءَ کان رکندو اچي. کوکا ڪتابن جا ڏيکاريندو آهي ۽ چوندو آهي؛ ”هي کڻ، هُو کڻ...“
    منگي صاحب ۽ منھنجي عمر، سوشل اسٽيٽس ۽ طرز زندگيءَ ۾ زمين آسمان جيترو فرق آھي، پوءِ به حسن ۽ ان جي ادائن وغيرھ تي آزاديءَ سان گفتگو ڪندا آھيون. ڪتابن، ٻڌ سُڌ، ذاتي تجربا ۽ مشاھدا ھڪ-ٻئي سان ونڊيندا ورھائيندا آھيون. ھو کاڻ مثل آھي ۽ مان مختصر ميڙا-چونڊيءَ وارو. ان ڪچھريءَ مان جيڪا خوشبوءِ ۽ ھُڳاءُ جڙندو آھي، ان لاءِ ئي ته چيو ويو آھي؛
    تنھنجي زلف بند ڪمند وڌا،
    حـيـران ھــزاريـن مان نه رڳو. (مفتون ھمايوني)
    ھن ڪتاب لکن لاءِ سڀني گهر وارن، يارن دوستن سان گڏ، ”هريش ھردم سراءِ“ ۾ گڏ ٿيندڙن جا ٿورا. هريش ھردم سراءِ، ڊاڪٽر خليل اللھ شيخ جو تخليق ڪيل محاورو آھي. لاڙڪاڻي شھر اندر موجود ھڪ محلي ”قافلا سراءِ“ جي نالي جي تتبع تي، پنھنجي اوطاق لاءِ اھو تخليق ڪيل محاورو استعمال ڪندو آھي.
    مون کي احساس آھي ته منھنجو ھيءُ پورھيو، سڀني کي ڪو نه وڻندو ھوندو، ڇو جو پاڻ ڪنھن کي ڪو نه وڻون، ته پوءِ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ اجايا آھن. ھيءُ ڪچاين سان گڏ سچايون، منھنجي ڪشڪول ۾ اوھان آڏو آھن.
    ھـجـي ڪا کـاڻ خـوبين جـي، خـامـيءَ کان بنھ آجي،
    نه پنھنجي زندگي اھڙي، نه پنھنجي شاعري اھڙي. (نارائڻ شيام)
    خوشين ۽ راحتن مان ته سڀ سرور ماڻين ٿا، پر ڪجھ وقت درد کي ولوڙي، دلين جي دوا ٺاھي، ڪنھن نقطي تي گڏ ٿي، دل ٻڌي، ھمت ڪري لوڪ کي ٻڌائجي؛
    مون کي ڪھڙي خبر ائين ٿيندو آ،
    سـڄــو ســـاھ سـڄــــڻ ۾ ھــونــــدو آ،
    غـم ايــنـــدو آ، لــــھــــي ويـــنــــــدو آ،
    پــــر ھـــــت تــه رڳــو بــاھ ٿــي ٻـري. (نامعلوم)
    هن دونھين دکائڻ ۾، منھنجي مددگارن ۾، ٻن ڄڻن؛ منظور ڪوھيار ۽ سليم ڪورائي صاحبان جو واڌارو ٿيو آھي. قاضي مقصود گل ۽ ياسر قاضيءَ جا به احسان. رشيد احمد ڪٽپر صاحب صلاحون ۽ مشورا ڏنا. عنايت ميمڻ مصروفيتن جي باوجود وقت اندر پنھنجا تاثرات لکي ڏنا. محمد رفيق شيخ ھيءُ مواد ڪمپوز ڪيو. اللھﷻ سڀني کي پنھنجي امانَ ۾ رکي. (آمين). منھنجي اتساھ جو سھارو، وري به ھيءَ سٽ رھي آهي؛
    ”جي قيام مڙن، ته به اوڏو ڀانئج سپرين.“ (شاھ)

    عاشق منگي
    نئون ديرو
    پھرين آگسٽ ۲۰۱۲ع


    متن

    ٿر سيمينار

    عمر ڪوٽ (۱۶-۱۷ ۽ ۱۸ فيبروري ۲۰۰۷ع)

    تاريخ ۱۴ فيبروري تي، هاءِ اسڪول ماهوٽا جو هيڊماستر رٽائر ٿي رهيو هو. اسٽاف ميمبرن سان گڏ ويھارو کن مھمانن جي ماني وغيرھ جو بندوبست ڪرڻو هو. گڏجي پلاننگ ڪري، گلن جا هار، اجرڪ، ٽوپي ۽ تحفا، عبدالحميد ڪوريجي صاحب کي ڏناسين. تعليم کاتي ۾ صرف پگهار تي گذر ڪرڻ وارو هيو ۽ هٿ سنڌوءَ وانگر پاڪ پوتر هئس. فوٽوگرافي، وڊيو ۽ اسڪول اندر گلاب جي گلن ۽ ڏسڻ جھڙي ساوڪ، سڀني آيل مھمانن کي خوش ڪري ڇڏيو. زيتونن جي باغن جي وچ ۾ روڊ کان سڏ پنڌ تي، مان اهڙو اسڪول، ۳۵ سالن جي سروس دوارن، اڳي ڪڏھن نه ڏٺو آهي.
    گهر پھتس ته ڪجهه ٽائيم آهلي پيس. چانھه پي، ٿيلھو ٺاهڻ شروع ڪيم. نائين بجي گهر ڇڏي نئين ديري اسٽيشن تي پھتس. وڃڻ وارن ۾ ٻه ٽي مسافر هئاسون. ويرانيءَ ۾ ڪجهه ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. بولان ميل هڪ ڪلاڪ ليٽ يعني ڏهين وڳي آئي. برٿ جي بڪنگ ڪرائي، ٿيلھو مٿن کان ڏئي، لوئي پائي سمھي پيس. ننڊ ۽ جاڳ سان وقت ۽ سفر گذرندو رهيو. پيٽارو پھچي، اونداهيءَ ۾ ڳوٺ ۽ شھرن جون ٻرندڙ روشنيون ڏسندو رهيس ۽ پنھنجي ديس جي روشن ۽ تاريڪ پھلوئن تي سوچيندو رهيس.
    فلسفي ۾ ”اونداهي“ ظلم جي نشاني آهي ۽ روشنائي ”منزل“ ۽ ”جشن بھاران“ وانگر آهي. اسان سنڌين جي اندر ۾ رڳو اونداهيون وڃي بچيون آهن. ٻاهريون خوشيون اسان جي اجتمائي ڏکن کي گهٽائي نه سگهيون آهن. ايندڙ نسل ۽ اولاد جي فڪر سان گڏ، سنڌ جي امن، معيشت ۽ غيرت جي سوال، اسان کي وقت کان اڳ پوڙهو ۽ چيڙاڪ ڪري ڇڏيو آهي. غور فڪر ۽ سنجيدگيءَ لاءِ، ڪو وقت نه ٿو ملي. ڪو رهبر، ڪو فڪر نه آهي، جو زندگيءَ کي صحيح دڳ ڏانھن هلڻ لاءِ سائي بتي ڏيکاري.
    جيئڻ جو سھارو صرف مالڪ الملڪ وڃي بچيو آهي. دنيوي ساٺ سڳا سڀ بيڪار ٿيا آهن. هن ڌرتيءَ تان مٽجڻ جو سڀ سامان اسان ٺاهي ڇڏيو آهي. مولانا عبدالوهاب سھتي کي چيو هيم؛ ”ڇا اسان جو شمار دنيا جي زنده قومن ۾ ڪري سگهجي ٿو يا اهو صرف اسان جو ضد يا محبت آهي؟ منھنجي خيال ۾ اسان قوم جي حيثيت سان مٽجي چڪا آهيون.“
    هن جواب ڏنو هو؛ ”پوءِ ڇا ٿي پيو، هن ڌرتيءَ تي ڪيترين قومن کي، الله تعالى بداخلاق ٿيڻ تي مٽائي ڇڏيو. پاڻ مٽجي وياسون ته ٻيا اچي جاءِ والاريندا.“
    هن منھنجي زخم تي، مرهم رکڻ جي بجاءِ نشتر رکي هئي. مان صرف ايترو چئي سگهيو هيس ته؛ ”جيڪي اسان جي جاءِ تي اچن ٿا، اُهي اسان کان وڏا ظالم ۽ بداخلاق نه آهن، هنن جي سٺائي صرف اها آهي جو هو منظم آهن.“
    ”الله کان ڪير پڇڻ وارو آهي؟“ هن جواب ڏنو هو.
    آهستي آهستي سھتي صاحب جو جملو سھي رهيو آهيان ۽ سچ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان.
    ڄامشوري لھي، سيلون تي گرم پاڻيءَ سان غسل ڪري، تيار ٿي، رند هوٽل تي آيس. امڙ جي کڻايل ماني کولي کاڌم. پٽاٽا، تريل مڇي، ڪوفتا ۽ ڪڻڪ جي مانيءَ سان گڏ چانورن جي ماني به هئي. ڪجهه کاڌم ۽ ڪجهه بچائي رکيم. هوٽل جي ماني مون کي بيمار ڪري وجھندي آهي. سٺي پستن واري چانھه پي، ٿيلھو کڻي ”المنظر“ ڏانھن نڪتس. درياهه جي پل تي تازي هوا آجيان ڪئي. فوٽوگرافي ڪيم. بلڪل ٿورا جوڙا، هڪ ٻئي سان سُسُ پُس ڪري رهيا هئا. جيڪو موقعو اسان کي ويران گهٽين ۾ ملندو هو، اهو ھو سر عام، انجواءِ ڪري رهيا هئا. کين ڏسي مان جوان بڻجي ويس. پنھنجو ظاهري روپ وساري ويٺس. شل! الله هنن جي محبتن جو محافظ بڻجي. نوجوان، ناجائز کي جائز بڻائڻ ۽ ٻين جي عزتن ۽ سنڌي ڪلچر کي داغدار ٿيڻ کان بچائين.
    گهر، ٻئي هنڌ ۽ دوستن کي فونيون ڪري وري چانھه پي اچي ڪراچيءَ جي ڪوچ تي چڙهيس.
    ڪراچيءَ پھچي، پنھنجي پٽ سان مليس. هن جي اوسيئڙي ۽ ادب، محبت ۽ خدمتن وري من کي پوڙهو ڪري ڇڏيو. روڊ ۽ رستا، هوٽلون ۽ بازارون، فليٽون ۽ بنگلا سڀ غيرن جا، انھن جي وچ ۾ اسان پيءُ پٽ گهمڻ وارا ۽ سنڌي ڳالھائڻ وارا اجنبي ماحول ۾ ”عجوبا“ لڳي رهيا هئاسون.
    پليجي صاحب جا نعرا؛ ”هي شھر ڪنھن جا؟ هي روڊ رستا ڪنھن جا؟“ صدين جون صدائون ۽ پڙاڏو بڻجي ويا، جنھن جو حقيقت سان ڪو واسطو ڪو نه هو. منھنجو اندر وارو انسان چئي رهيو هو؛ ”تنھنجو وجود ڀيلن ۽ باگڙين وانگر آهي.“
    منجهند ڌاري ڪراچيءَ پھتو ھئس. پنھنجي پٽ وٽ پڄي، سفر جا ٿڪ لاٿا ھيم. ڪچھريون ڪري، رات جو آرام ڪيو ھيم. صبح جو سوير تيار ٿي، سھراب ڳوٺ مان ڪلفٽن جي بس پڪڙي، ڪلاڪ سفر ڪري ان ماڻھوءَ وٽ پھتس، جيڪو مون کي پنھنجو عاشق سڏيندو آهي. هو مون کي پرينءَ جي پيار وانگر پيارو آهي. هن سان هڪ عقيدت ۽ احترام آهي. اسين ۴۰ سالن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻون ۽ ٻئي پوڙها آهيون. دل ۾ چوندو آهيان؛ ”اجايو ايڏو اعتبار ٿو ڪري.“
    ناشتي ۽ چانھه سان گڏ مختصر احوال ٿيو. وري الڳ ٿياسين ۽ پوءِ فونن تي رابطو رهيو. سندس صلاح سان، عمرڪوٽ جي قلعي ۾ پھتس. سفر آرامده رهيو. سي ڊيز، آڊيو، کائڻ پيئڻ ۽ ڪچھري.
    قلعي جي اندر داخلا جي وڏي اُڀ-ڪپري چاڙهي چڙهڻ سان صفائي، ڇڻڪار ۽ ٻيو بندوبست ڏسي، احساس ٿيو ته هر شيءِ تيار آهي. ڪافي ماڻھو گڏ ٿي چڪا هئا. گاڏيءَ مان لھندي مون کي شاهه جي شعر جي سٽ ياد آئي ھئي:
    ”اِيءُ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي.“
    ”سيڻ“ چئبو آهي زال ۽ مڙس جي پيئرن کي، گهوٽ ۽ ڪنوار جا والدين پاڻ ۾ سيڻ ٿين. زال يا مڙس مٽائبو ته سيڻ مٽجي ويندا. اها اسان مسڪينن، غريبن، مارن، سانگيئڙن، پنھوارن، ڌنارن ۽ سنڌ جي ماڻھن جي ريت ئي نه آهي جو سيڻ مٽايون. ”اهو اسان جو ڪلچر آهي.“
    هي ميڙو ”ڪلچرل ڊپارٽمينٽ“ وارن مچايو آهي. وڏي پوسٽر تي نظر پئي؛ ريگستان، اٺ ۽ اوٺي ڪلچر. تصويرون منھنجي ڪمزوري آهن. مان پاڻ کي اُٺ، اوٺي ۽ رڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏيو. لطيف سائينءَ جو شعر ياد آيو:
    منجھان منھنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،
    مَــرُ لڳـــي لُـــوهَه، ته ٿـــر ٻـــاٻـيـھــــو ٿــي مران. (شاھ)
    ايتري محبت ۽ وابستگي، لطيف سرڪار جو شان آهي. ايڏي خود احتسابي ۽ سزا، منھنجي سوچن ۽ وجود کي جلائڻ لاءِ ڪافي آهي. مون محسوس ڪيو؛ رڻ مان اٿيل واريءَ جي ذري وانگر، سڄي عمر ڀٽڪندو رهيو آهيان.
    ٿورو وقت، سرڪٽ هائوس جي هال ۾ وڃي ويٺس. عمرڪوٽ ضلعي جو ناظم، مگهن فقير مڱريو، ڊي سي او صاحب شمس جعفراڻي، پوليس عملدار (سول ڊريس ۾)، سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگي ڪچھري ڪري رهيا هئا. موضوع سيمينار ئي هيو. سڀ خوش هئا ۽ متفق ٿيا ته هر سال هتي ٿر سيمينار ٿيڻ گهرجي. ناظم صاحب سنجيده، بردبار ۽ مڙس ماڻھو لڳو. منگي صاحب پراڻو ”ميڙن“ مچائڻ جو شوقين رهيو آهي. هو ”سورج مکيءَ“ جي گل وانگر لڳي رهيو هو. سڀني سان پنھنجائپ واري لھجي سان ڳالھائي رهيو هو. ڪنھن ڪنھن وقت ٽھڪ ۽ مرڪون به هلن پيون. بلڪل بي تڪلفانه ماحول هيو. شمس جعفراڻي صاحب مون کي ڏاڍو وڻيو. جيتوڻيڪ کيس، مون اڳي روبرو نه ڏٺو هيو. اخبارن ۾ نالو پڙهيو هيومان. ڏاڍي مڻ وارو انسان لڳو.
    اتي ويٺي، ڪنھن اچي ٻڌايو ته ”ملھه جو ميدان“ تيار آهي. سڀ اوڏانھن اُسھيا. دهل وڄي رهيو هو. ماڻھن جو چڱو خاصو ميڙ هيو. سنڌ جي روايتي لباس؛ سٿڻ ۽ سندري ۾ ملھه موجود هئا. ملھه جو مزو، سامھون ڏسڻ ۾ آهي. فلم رپورٽ ۾ ان جو لطف اڌورو رهجيو وڃي. ملھن جي هڪ جوڙي زور آزمائي ڪئي. ڀاڪرين پئجي، فن جا داءَ پيچ، هڪ ٻئي تي آزمائڻ لڳا. هڪ حمله آور پيو ٿئي ته ٻيو پنھنجو بچاءُ پيو ڪري. هڪڙي ملھه، ٻئي کي کڻي ڦيرائڻ شروع ڪيو. مٿي کڄيل ملھه پنھنجا پيرَ مقابلي واري ملھه جي سٿرن تي رکي ڇڏيا. هن ڦيراٽيون کائيندڙ کي هيٺ ڌرتيءَ تي سٽيو ته ڦڙتائيءَ سان هو پير زمين تي کوڙي، پنھنجا داءَ آزمائڻ لڳو. نوجوانيءَ ۾ پاڻ به هڪ جيڏا ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملھه کيڏندا هئاسين، پر اهڙو ملھن جو رقص ڏسندي ڏينھن ٿيا هئا. تاڙيون وڳيون. داد مليو پر ملھه جو فيصلو نه ٿيو. ٻنھي ملھن، هڪ ٻئي جي سندرن مان هٿ ڪڍيا ۽ پاڻيءَ لاءِ پڪاريو.
    هاءِ ڙي پاڻي! انسان سان ڄمڻ کان وٺي، مرڻ تائين تنھنجو رشتو آهي. شل! سنڌ ۾ ڪو سڻائو واءُ گهلي ته ايريگيشن سيڪريٽري، ڄامشوري کان ٿرين جي جهوپڙين تائين پاڻيءَ جون ٽونٽيون ائين پھچائي جيئن اسان نئون ديري وارا سئي گئس جون ٽونٽيون هلايون ٿا. اسان جا سيڪريٽري، سچائي ڪن ته هر کاتو تبديل ٿي سگهي ٿو. سياسي پارٽيون جيئن ڌرتيءَ کي پنھنجي ماءُ ۽ عوام کي پنھنجي حاڪميت جو سمبل چون ٿيون، سچائي ڪن ته رڻ به باغ بڻجي سگهي ٿو. ڇا نه آهي اسان وٽ؟
    ايتري ۾ ڪنھن اچي ٻڌايو ته؛ سنڌ حڪومت جو ثقافت جو وزير رئوف صديقي صاحب پھچڻ وارو آهي. سڀ اُٿي سرڪٽ هائوس ڏانھن هليا ويا. هڪ وي آءِ پي ديوان ۽ مان ويٺا رهياسون. ڏاڍو بيباڪ، همت ڀريو ۽ سُريلي گفتي وارو ھيو. پھريائين سرڪٽ هائوس واري نشست ۾ گفتگو ڪئي هئائين. دل چيو ته تعارف ڪرائي، ڪچھري ڪيانس، پر پوءِ هن کي هن جي حال تي ڇڏي، اسٽال ڏانھن هليو ويس. سرڪاري سطح تي ٿيل انتظام ڏسي ۽ ماڻھن جو جوش خروش ۽ خوشي پسي، مسافريءَ جو ٿڪ لھي ويو. ڪن شين جون قيمتون پڇيم. جواب ۾ چيائون؛ سڀاڻي قيمتن جون لسٽون هڻنداسين، اڃا افتتاح نه ٿيو آهي. ۱۰-۱۵ اسٽال سينگاريل هئا، جن ۾ رلھيون، ڪپڙا، کٿا، چادرون، چوڙيون، جتيون، پراڻا ٿانءَ ٿپا وغيره ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سجائي رکيل ھيو. ڪجهه فوٽو ڪڍيا. آوارگي ۽ ونڊو شاپنگ (بغير ڪنھن خريداري ڪرڻ جي) ڪرڻ کان پوءِ، ملھه واري ميدان تي اچي ويٺس. مون کي ياد پيو ته سڪندر جي سڪندر اعظم ٿيڻ کان اڳ، يونان ۾ رانديون ٿينديون هيون، جن کي لائي ڪرگس يا ٻئي ڪنھن تلفظ سان سڏبو هو. يونان جا حاڪم، امراءَ، شاهوڪار ۽ خوشحال خاندان جا نوجوان ان ۾ حصو وٺڻ کي باعثِ فخر سمجهندا هئا. طاقت، خاص ڪري جنگي حرفتون، گهوڙي سواري وغيره جا مقابلا ميدانن تي ٿيندا هئا. نتيجي ۾ يونان، دنيا تي ان تربيت ڪري ڇانئجي ويو. اڻويھين ۽ ويھين صدي، سائنس جون صديون آهن. خاص ڪري پھرين جنگ عظيم کان پوءِ، يورپ ۽ آمريڪا پنھنجي يونيورسٽين جي سائنس فئڪلٽين وارو علم، جنگي حرفتن ۾ ڪم آندو. نتيجي ۾ هو سڄي دنيا کي آڱرين تي نچائي رهيا آهن. مسلم دنيا ۽ اسان، ڏينھون ڏينھن سائنس ۽ باقي علم کي اهميت نه ڏيڻ ڪري کانئن پٺتي رهيا آهيون.
    مسٽر رئوف صديقي، عبدالقادر منگي، ناظم صاحب ۽ ٻيا اچي پنھنجي جاين تي ويٺا. پوليس انتظام سنڀالي رهي هئي. مون کي پوليس نه، پر ٽيچرس لڳي رهيا هئا. اتر سنڌ جي پوليس وانگر داٻو، رعب ۽ ڪڙڪو نه هيو.
    ملھه شروع ٿي، هوڪريا پئجي ويا. منسٽر ۽ سيڪريٽري صاحبان ملھن جون پٺيون ٺپيون ۽ روڪ رقم انعام ڏني. ملھه جا مقابلا ڏسي، مھندار ماڻھو وي آءِ پي اسٽالن جي افتتاح لاءِ اُٿيا. منھن انڌارو ٿي چڪو هو. روشنيون ٻريل هيون. خاص طور تي موهن جي دڙي جي اڀريل کوهه وانگر وڏي ٺھيل گول ۽ مٿانھين ڀتين تي ٻرندڙ ڊيڪوريشن وارا مرچ اکيون هڻي رهيا هئا ۽ پنھنجي خوشين جو اظھار ڪري رهيا هئا.
    مان وري اڪيلو ٿي ويس. سوچڻ لڳس؛ صدين کان هي ويران قلعو هن وقت ڇا پيو سوچي؟ ڇا وري سومرن حڪمرانن جا پونئير (وارث) ننڊ مان جاڳيا آهن. يا خلجين جو اولاد وري ڪنھن ”ٻاگهيءَ“ لاءِ حمله آور ٿيو آهي؟ يا سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ۽ تفريح لاءِ اچي گڏ ٿيا آهن.
    هن قلعي جا چمڙا بي گهر ٿي، ڏاڍو دربدر ٿيا هوندا. مان بلڪل صوفي بڻجي ويس. چمڙن تي رحم اچڻ لڳو. منھنجي وڏڙن پاڻ جھڙن انسانن، جيڪي بي گهر ۽ بدحال هئا، جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون. بعد ۾ انھن احسانن جي بدلي ۾ اسان جي پيٽن ۽ ڪنڌن تي اهڙا ڪات هنيا ويا آهن جو هاڻي، جانورن ۽ پکين تي رحم ڪري سگهجي ٿو، ڪنھن انسان تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.
    مون کي بک جو احساس ٿيڻ لڳو. بسڪيٽ، جوس ۽ پاڻي وٺي توانو ٿي ويس. اهو سڀ ڪجهه ٿيلھيءَ ۾ مون وٽ موجود هيو. سرڪاري سطح تي سنڌي ماڻھن جي تفريح جو سامان ڏسي وري مان مالڪ کان دعائون پنڻ شروع ڪيون؛ يا الله، سڀني کاتن کي ساڃاهه ڏي. جيئن جهنگن ۽ برن ۾ منھنجي ماڻھن کي خوشيون ڏين، اهو هنن جو حق آهي. اسان کي فقيرن واري خيرات نه گهرجي. عزت ۽ وقار سان اسان ۾ پنھنجائپ جو احساس پيدا ڪر. ڌرتي، ڪلچر، معيشت ۽ سڀ ڪجهه اسان جي نسلن جي اسان وٽ امانت آهي.
    اتي خبر پئي ته؛ شِوَ جو به اڄ ميلو آهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن الائي ڇو اهو ڏينھن چونڊيو. خلق خدا ته ورهائجي وئي، نه ته اڃا وڌيڪ ماڻھو مزو ماڻين ها. اسٽالن ڏانھن نظر ڦيرايم. خلق ۽ پيھه ڏسي، مٿانھينءَ تي بيھي لقاءُ ڏسڻ لڳس پر ماڻھن جي نعرن کان سواءِ ڪجهه ڪو نه ڏسڻ ۾ پيو اچي.
    وڏي راڳ جي اسٽيج تي ڪم هلي رهيو هو، اوڏانھن هليو ويس. ساڄي ۽ کاٻي ڏهه ڏهه لائوڊ رکيل هئا. کليل پنڊال وڏو ۽ ويڪرو هيو. ڪافي ڪرسيون ويھڻ لاءِ رکيون ويون هيون. ماني، پاڻي ۽ انگ ڍڪڻ جيتري ڪپڙي کان پوءِ ”راڳ“ اسان جي جيءَ جو جياپو آهي.
    منسٽر، بنگلي تي هليو ويو. ناظم ۽ منگي صاحب، پنھنجي ساٿ وارن سان وري سرڪٽ هائوس جي هال ۾ اچي ويٺا. تقريباً نائين وڳي کان، اسٽيج تي تعليم کاتي طرفان تيار ڪرايل ٽيبلوز شروع ٿيا. ٻارن محنت ۽ محبت سان پنھنجي اداڪاري ڏيکاري. سڀ عام ماڻھو وندري پيا هئا. سائونڊ وڏو ۽ بھتر هيو. ٻارڙا ۽ ٻارڙيون گيت به ڳائي رهيون هيون. ڪي ٿري لباس ۾ ته ڪي تنگ ڪپڙن ۾ جهومي رهيا هئا. مون کي ٻارن کي ٻڌل پٽڪا، اڇي ڏاڙهي ۽ اڇيون مڇُون ڏسي لطف اچي رهيو هو. سڀ تاڙيون وڄائي، کين داد ڏئي رهيا هئا.
    آخر ڏهين وڳي منسٽر صاحب پنھنجي ساٿ سان پنڊال ۾ آيو. آخري ٻه ٽيبلوز دل ۾ لھي ويا. نج ٿري ڪلچر هيو؛ هڪ ڊگهي ڇوڪري، ٿري لباس ۾ ويڙهيل سيڙهيل، باقي ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کليل منھن سان هيون. هو ڳائي ۽ اداڪاري ڪري رهيا هئا. ويڙهيل ڇوڪري پنھنجي ڪلچر ۾ جهمريون ۽ ڦيراٽيون کائي رهي هئي ۽ ٻيا ان جو ساٿ ڏئي رهيا هئا. هن نينگريءَ جو جوش ۽ جذبو ڏسي سڀ ميڊيا وارا متحرڪ ٿي ويا ۽ تيزيءَ سان فلم بندي ڪرڻ لڳا. انھن ۾ اڪثريت اردوءَ وارن جي هئي جن سنڌ جي روح کي، ان جي لطافتن کي اڃا محسوس نه ڪيو آهي. وڻندڙ ٿڌڙي هير ۾ ننڊ اڏامي چڪي هئي. مرشد لطيف رح جو شعر آهي:
    ”الـسـت بِـربـکـم“ جـڏهـن ڪـن پــيــوم،
    ”قالو بلى“ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
    اُنھيءَ وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين. (شاھ)
    هن شعر ۾ منھنجو سڄو توجهه ”ويڙهيچن“ لفظ تي ھيو. ”ويڙهو“ جي مُروج مفھوم ۽ اصلاحي معنى مون وٽ هيٺين ريت آهي:
    ”هڪ وڏي لنگهه يا دروازي جي اندر هڪ ذات وارا، پنھنجي پنھنجي گهرن ۽ جدا جدا اڱڻن سان گڏجي حياتي گذاريندا آهن. هو رت جي رشتن، ناننگ يا ڏاڏنگ طرفان ڪو نه ڪو رشتو هڪٻئي سان رکندا آهن. سندن ٻولي، ريتون ۽ رسمون، اٿڻ ۽ ويھڻ، تاريخ ۽ معيشت سڀ گڏيل هوندا آهن. سندن گھرن جي چوڌاري، ڊينگهرن جو وڏو لوڙهو ڏنل هوندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ڪنڌين ۽ ڀتين ۾ تبديل ٿي ويندو آھي.“
    ائين مختلف ذاتين جا ويڙها گڏجي، هڪ ڳوٺڙو يا ڳوٺ ٺاهيندا هئا. ڳوٺ جا سڀ رهواسي ڏک سک ۾ سڀ گڏ هوندا هئا. ڳوٺ جي ان ويڙهي کي، سنڌ جي ڪلچر جو ”بڻ بڻياد“ سڏي سگهجي ٿو.
    مٿي ذڪر ڪيل شعر ۾ الله جو پڇيل سوال جو جواب به، اچي چڪو. پر مرشد لطيف رح ان کي ”ويڙهيچن سان وچن“ ڪري شعر مڪمل ڪيو ۽ اسان سڀني کي قيامت تائين پابند ڪري ڇڏيائين ته انھن جو هميشه خيال رکڻو آهي. ان جي ايڏي اهميت آهي جيتري آفاقي قدرن جي آهي. لطيف سائينءَ جي ان ڪمٽمينٽ هميشہ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ بالغ ٿيڻ سان ان جي سحر ۾ وڪوڙيل آهيان.
    اچـي عـزرائـيـل، سُـتـي جـاڳـائــي سـسـئـــي،
    پئي ڊوڙائي دليل، پنھونءَ ماڻھو موڪليو. (شاهه)
    محبت ۾ ملڪ الموت کي محبوب جو پيغام آڻيندڙ سمجهڻ، لطيف سائينءَ جو ڪمال آهي. محبت ۾ هڪ ڪمزور عورت، پنھنجي مڙس تان پنھنجو وجود گهوري ڇڏي ٿي. ”سنڌ“ سان ته اسان جي روح جو اڻ ٽٽ رشتو آهي. تنھنڪري عقل جي ليول تي سنڌ، صاف سٿري ۽ خوشحال رهڻ گهرجي. اها اسان جي ڪلچر جي تقاضا آهي ۽ آسمان تي لکيل صحيفو آهي.
    جنھن ويڙهي ۾ اسان جوان ٿياسين، اُهي ويڙها اُجڙي ويا آهن. ياد ٿو پوي ته اسان ڇوڪرن تي پوڙها نظر رکندا هئا ۽ وڏڙيون عورتون نينگرين تي عقاب واريون نگاهون رکنديون هيون. نتيجي ۾ ڪا خجالت ته پري ٿي، پر ننڍي حرڪت ڪرڻ جو به موقعو نه ملندو هو. اهڙو ڪلچر، نه ڪنھن رائيٽر لکيو آهي، نه وري سيٽلائيٽ سنڌي ميڊيا وارن فوڪس ڪيو آهي. هنن ٻولي، سنڌين ۽ ڪلچر جي نالي تي، ڇوڪري جي سينڍ تي پينٽ شرٽ سان ڇوڪري ائين ڊڪندي ڏيکارڻ شروع ڪئي آھي جيئن بربلي کارڪ تي ايندي آهي. باقي قومون دنگ رهجي ويون آهن ته؛ ”سنڌي انٽرنيشنل ڪلچر“ جو حصو بڻجي ويا آهن. وڏا ترقي يافته بڻجي ويا آهن. سنڌ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڪو-ايجوڪيشن ئي ۱۰ سيڪڙو مس ٿيندي.
    شمس جعفراڻي صاحب مائيڪ سنڀالي. محسن ڀوپاليءَ سنڌي ۽ اردو مشاعري جو اعلان ڪيو. لوڪل شاعرن سان گڏ، تاج جويو ۽ پروفيسر قلندر شاھ لڪياري صاحب نمايان هئا. اردوءَ وارا نه هئڻ جي برابر هئا. مشاعري هلندي، اعلان ٿيو ته دعوتنامه نه ملڻ ڪري، لوڪل شاعرن بائيڪاٽ ڪيو آهي. شمس جعفراڻيءَ بعد ۾ وضاحت ڪئي ته لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ مشاعرو ٿي چڪو آهي. اتي به اسان لوڪل شاعرن کي مائيڪ تي دعوت ڏني هئي. توهان به مھرباني ڪري انھن وانگر تعاون ڪريو. توهان مھرباني ڪري اچي پنھنجي ميڙي ۾ رنگ ڀريو. پر هو دوست نه آيا.
    مشاعرو هلي رهيو هو ته ڪافي اردوءَ جا شاعر اچي اسٽيج تي ويٺا، جيڪي قلعي جي عمارت ۾ ڪٿي ترسيل هئا. شمس جعفراڻي صاحب، منسٽر ثقافت، سيڪريٽري ۽ ناظم صاحب کي اسٽيج تي سڏيو. فرشي نشست هئي ۽ سڀ گڏجي وڃي ويٺا. صدارت، منسٽر صاحب ڪري رهيو هو.
    اردو شاعرن جي گهڻائي ٿي وئي. لوڪل شاعر شريڪ ٿين ها ته بھتر لڳي ها ۽ گهڻائي سنڌي شاعرن جي ٿي وڃي ها. اردوءَ وارا شاعر ڪراچيءَ کان آيا هئا. هنن کي ڪير سمجهائي ته ڄامن ۽ ڪلھوڙن جو دور نه آهي.
    مُون ماڙيءَ جو، سُومَرا! ٻِنهِين پارين ڏُکُ!
    هِتِ عُمرَ جو آهُکُ، هُتِ مارو ڏِينِم مِنهڻان! (شاھ)
    ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ کي چيو ويو هو ته، سنڌ وارا ڪجهه ڪري ئي نٿا سگهو. ڊپارٽمينٽ ان چئليج کي قبول ڪيو ته پنھنجن پڙ ڪڍيو. هنن کي ٻيو ته ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي پر ”رقص زنجير پھن ڪر بھي ڪيا جا سڪتا هي“ يا ”بول ڪه لب آزاد هين تيري“ وانگر ڪجهه اچي ٻڌائين ها ته چڱو لڳي ها. مشاعري جي پوري ٿيڻ کان پوءِ، راڳ رنگ شروع ٿيو. لوڪل فنڪار، ٻارڙا فنڪار، مٺو فقير ۽ ديبا سحر ته ڇھه ڪلام ڳايا. ٿڌ وڌي وئي هئي. شڪر جو مون کي ڪوٽ هيو. نوجوان ڪمپيئرنگ ڏاڍي سٺي نموني ڪري رهيو هو. صادق فقير اسٽيج تي آيو ته ضبط ڪري نه سگهيس. اُٿي کيس پئسا ڏنم ۽ ٻانھون به ٻڌم. هن ڳائيندي به شڪريو ادا ڪيو. شفيع فقير اسٽيج تي ئي ھيو جو اسان قلعو ڇڏيو. ٽي ٿي چڪا هئا. آرام ڪيم. ساڍي پنجين وڳي اٿيس. لڇ پڇ کان پوءِ اُٿي تيار ٿي، اٺين وڳي ٻاهر اچي اُس جو مزو ورتم.
    نيرن ڪئي. سنگت کان موڪلائي، يارهين وڳي عمرڪوٽ ڇڏي، لاڙڪاڻي لاءِ اڪيلو ئي ڪوچ تي نڪتس. ساڳيو ماحول؛ ٻٻر، ليون، ڪانڊيرا ۽ فصل ڏسندو حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ گهر پھچي، امڙ جي پيرن تي هٿ رکيم. هن ٻانھون کوليون. ائين مون کي سنڌ جي ڪک ۾ پناهه ملي وئي ۽ سفر جو ٿڪ لھي ويو.


    جهوڪ ڏانھن پنڌ

    هر بھار جي موسم، منھنجي وجود کي نوان جذبا، امنگون، آسرا ۽ ولولا بخشيندي آئي آهي. ڪنھن فوجيءَ جو مورچو، جنگ ۾ تباهه ٿيندو آهي ته هو پنھنجي ذات کي ۽ مقصدن کي بچائڻ خاطر، جلد کان جلد، نئين پناهه گاهه ڳولي لھندو آهي.
    منھنجو سال پھرين فيبروريءَ کان شروع ٿيندو آهي ۽ ۳۱ جنوريءَ تي ختم ٿيندو آهي. ائين شاخن ۽ ڏارن تي نوان گؤنچ ڦٽندو ڏسي، پنھنجا ڏک وساري ڦڪا، ڳاڙها، سفيد ۽ واڱڻائي رنگن جا گُل ڏسي، منھنجي اندر وارو انسان، سرنھن جي ڦولار وانگر رقص ڪندو، جهومندو ۽ ڳائيندو آهي. ائين ايندڙ گرم ۽ سرد موسم سھڻ لاءِ، منصوبه بندي ڪري وٺندو آهيان. قدرت واري ائين ڀور ڀور ٿيڻ کان مون کي بچائي ورتو آهي.
    ۲۴ فيبروريءَ تي، سنگت سان صلاح ڪيم ته؛ مرشد لطيفؒ جو ميڙو پورو ٿيڻ تي آهي ۽ سنڌ جي سرويچ صوفي شاهه عنايتؒ جو عرس شروع ٿيڻ وارو آهي. هلو ته هلي اُتي مالڪ ڪائنات کي ٻاڏايون، فاتحه پڙهون ۽ صوفياڻي ڪلام جو لطف ماڻيون.
    ائين تياري ٿي وئي.
    هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.....
    ۲۰۰۸-۰۲-۲۵ تي ٽين بجي، لاڙڪاڻو ڇڏيوسين. ثناءُ الله آگاڻي صاحب، پنھنجي گاڏي هلائي رهيو هو. خدا بخش کي آڏو سيٽ تي ويھاريوسين. مان، عبدالخالق ۽ جان محمد صاحب پٺيان ويٺاسين. بي تڪلف ماحول ۾ ڪچھري ٿيندي رهي. چرچا ۽ ٽوٽڪا، شاعري ۽ اسان جا ٽھڪ. ائين منزل ڏانھن وڌي رهيا هئاسين. ماٺ پئي ٿئي ته مان سوچي پيو وٺان.
    الله خير ڪري، منھنجي حساب سان نائين بجي ڄامشوري هوٽل تي رسڻو هيو. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ، ٻارھين بجي تائين، جهوڪ شريف پھچڻو هيو.
    روڊ ڏاڍو خراب آهي. ڪلھوڙن جا قبا ۽ خدا آباد جي مسجد ڏٺيسين، ته سنڌ جي تاريخ مون سان سرگوشي ڪرڻ لڳي. مان ۷۴-۷۳ع ۾، آزاد سنڌ جي اڏيل هيءَ مسجد گهمي ڏٺي هئي. ڀٽي صاحب مرحوم هن جي مرمت ڪرائي هئي. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ڊهي وئي هئي. نوجوان ۽ ٻھراڙيءَ جو هئڻ ڪري، ڏاڍي تڪليف سان مسجد جي گنبذن جي اندر ڇت تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هيس. گنبذن جي اندران ئي اندران گيلري هئي. ڪبوترن جي وٺين جي بدبوءِ هئڻ باوجود اتر-اولھه کان شروع ٿي ڏکڻ-اوڀر کان اتي اچي پھتو هيس، جتان شروعات ڪئي هيم. نئين هوا ۾ ساهه کڻي، اوڀر کان اولھه ۽ اولھه کان اوڀر، ٽنھي گنبذن جي وچ ۾ ٻن گئلرين کي ڪراس ڪيو هيم.
    مون کي ياد آهي؛ هيٺ لھي نه پيو سگهان. اتي ويٺل نيڪ مرد، مدد ڪئي هئي. منھنجي مسجد ۾ دلچسپي ڏسي، ڪلھوڙن جي ڳوٺن جو ڏس ڏنائين. مان ٽانگو ڪري اوڏانھن ويو هيس. مقبرا ۽ مقام گهميا هيم. ائين آزاد سنڌ جو روح مون ۾ سمائجي ويو هو.
    خدا آباد جي مسجد جون صرف ٽي ڀتيون وڃي بچيون آهن. گنبذ ۽ گيلريون شھيد ٿي چڪيون آهن. سنڌ جو سابق وزيراعلى ارباب غلام رحيم سدائين عُمرن تي ويندو هو. هن مسجد، خانه خدا جي بدل تي، الائي ڇو نظر نه پيس؟
    الله اسان سڀني کي عقل ڏئي. شل! هن خدا جي گهر جي عظمت بحال ڪريون. اسلامي جمھوريه پاڪستان گورنمينٽ آف سنڌ، صاحبِ حيثيت، شاهوڪار ۽ پڙهيل لکيل نوڪرين وارا همت ڪن ته ڇا نه ٿو ٿي سگهي.
    رستي جي هوٽل تي چانھن پيتيسين ۽ ٻئي سبب ڪري ليٽ ٿي. ڏهين بجي ڄامشوري رند هوٽل تي پھتاسين. ماني وغيره کائي، اڳتي جو سفر شروع ڪيوسين. المنظر ۽ بئراج جي روشنين کي حسرتن سان ڏسندي، حيدرآباد ڏانھن وڌياسين.
    مان اڳين سيٽ تي مزي سان ويٺو هئس. سڀ سنجيده ۽ پرسڪون هياسين. حيدر چوڪ ۽ ريلوي پل ڪراس ڪري، ٽنڊو محمد خان وارو روڊ ورتوسين. هر طرف رات ۽ اوندهه هئي. مون پنھنجو پاڻ کان پڇيو؛ ڇا سنڌين جو مستقبل هن اوندهه وانگر اونداهو آهي. مان ڊڄي ويو هئس. مون کي خوف وڪوڙي ويو هو.
    مان کائي پي موٽيو آهيان. چار نوجوان گڏ هئا. مون کي اللهﷻ ۾ آسرو هيو ته هو سولائي ۽ سڻائي ڪندو. دل ۾ اِها به پڪ هئي ته؛ هتي اتر سنڌ وارو انڌير نه آهي. دير مدار، خير سان، ماڳ پھچي وينداسين.
    ثناءُ الله آهستي ۽ خبرداريءَ سان ڪار هلائي رهيو هو. رستو بھتر پيو اچي ته اسپيڊ وڌائي پيو. هيڪڙ ٻيڪڙ، گاڏيون اسان کي ڪراس ڪري رهيون هيون. آخر مون ضبط ٽوڙيو. يار! ڪافي ڊرائيو ٿي آهي. ٽنڊو محمد خان اچڻ گهرجي. ڪٿي اوندهه ۾ ڀلجي ته نه پيا آهيون. ائين رستي تي بيٺل هڪ گاڏي نظر آئي. فئمليءَ سان هئا. ٿورو اڳتي بيھي کانئن احوال ورتوسين. ٻه ڄڻا سُري آيا. چيائون؛ ٽائر پنڪچر ٿي پيو آهي، اسپيئر ٽائر به نه آهي. کين آفر ڏنيسين ته اسان سان هلي پنچر ڳنڍرائي پوءِ واپس اچو. اسان کي اجنبي ڏسي، مھرباني مڃيائون. هنن ٻڌايو ته؛ ٽنڊو اڳيان اٿوَ.
    ٽنڊي محمد خان جو شھر بند هيو. هڪ هنڌ هوٽل وارو ٿانوَ ڌوئي رهيو هو. هُن کان چانھه جو پڇيوسين. هُن ها ڪئي. اسان جي عيد ٿي وئي. گاڏي پارڪ ڪري. خالي کٽن تي پاڻ اڇلائي رليڪس ٿياسين. ڏاڍي سٺي چانھه ملي ۽ پئسا به سٺا ڀريا.
    سنڌ جي تاريخ، جيڪا منھنجي پنھنجي تاريخ آهي، سا منھنجي ڪمزوري رهي آهي. هزارين سالن کان، اسان وڙهندي وڙهندي ٿڪجي پيا آهيون. مانسرور ڍنڍ کان وٺي، ڪُلاچيءَ جي ڪُن تائين، جيڪا سُسندي سُسندي موجوده شڪل ۾ برقرار آهي. ”ڀاڱا ٿيندي سُھڻي، مڙندا مَڇَ هزار.“ الله سڀني کي پناهه ۾ رکندو. نيچر جا قاعدا ۽ قانون اٽل آهن. منھنجي ذهن ۾ گذريل ٻن سالن کان خلفشار آهي. اندر وارو ٻولي پيو؛ اسان پنھنجو وجود وڃائي چڪا آهيون. محبت ۽ نفرت مون ۾ ائين ڀريل آهي، جيئن منڇر ۾ پاڻي. منھنجي ذات، سوچيندي وسامي رهي آهي. سنڌ ۾ اوڏ، جوڳي، ڀيل، باگڙي، ڪولھي ۽ ٻيون شيڊولڊ ذاتيون به هن ڌرتيءَ جا اصل واڳ ڌڻي آهن. بي رحم ظالمن ۽ جانورن کانئن سڀ ڪجهه کسي ورتو پر ڌرتيءَ تان بي دخل ڪري نه سگهيا آهن. سندن افعالن کين هتي پھچايو آهي. تباهه ۽ برباد ٿيل قومن تي، لئبرريون ڀريون پيون آهن. سڀ کان وڌيڪ اعتبار وارو آفاقي ڪتاب، قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ۽ نتيجا ڪڍڻ لاءِ ڪافي ٿيندو. قرآن شريف ۾ قومن جا قصا، مون کي ڏاڍو متاثر ڪندا آهن.
    سنگت چيو ته شاهه عنايت شھيد جي باري ۾ بنيادي معلومات ڏيو. مون پنھنجو پاڻ مان جند ڇڏائي، کين ٽافيون ۽ سوپاريون ڏئي، ڳالھائڻ شروع ڪيو.
    دنيا جي تصوف جي تاريخ ۾، صوفي صاف سچا آهن. دنيا جي لذتن، عيش ۽ آرام کان پري رهڻ هن عقيدي جو بنياد آهي. هر انسان، ڪھڙي به ڌرم ۽ عقيدي جو هجي، ان جي عزت ڪريو. منھنجي مطالعي موجب؛ دنيا جي هر مذهب ۾ ٿوري گهڻي فرق باوجود، هي عقيدو عام رهيو آهي. ”الله، الله الله هُو، الله هُو“ دل سان بار بار چوڻ بنيادي سبق آهي. شريعت محمديءَ تي هلڻ، گهٽ کائڻ ۽ ڳالھائڻ، تن کي تڪليفون ڏيڻ، عرب، ايران، هند ۽ سنڌ ۾ اهڙن ماڻھن خوب نالو ڪڍيو آهي. دنيا جي ڪنھن به صوفي مسلڪ ۾، مون جنگ ۽ ويڙهه نه پڙهي آهي.
    سواءِ جهوڪ جي سانحي جي. بزرگ جو پورو نالو عنايت الله ولد مخدوم فضل الله لانگاهه آهي. پاڻ ۱۰۶۵هه ۾ ڄاوا ۽ ۱۷ صفر ۱۱۳۰هه تي شھيد ٿيا. جهوڪ شريف جو پراڻو نالو، ميرانپور آهي. جيڪو ان وقت بٺوري پرڳڻي ۾ هيو. تختگاهه ٺٽو هيو ۽ حڪمراني دهليءَ جي هئي.
    شروعات عمر کان وٺي، حق جي ڳولا ۾ هلندو رهيو. علم ۽ رياضت ورثي ۾ ملي هيس. ساٿين سان گڏ، ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي، دکن جي بيجاپور شھر جي بزرگ عبدالمالڪ شاهه قادريءَ وٽ پھچي، چلا ڪڍڻ شروع ڪيائين. ظاهري علم لاءِ دهليءَ، جھان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ پھتو.
    سالن جا سال سير سفر، ظاهري علم ۽ مخفي علم جي حاصلات کان پوءِ مرشد عبدالمالڪ جي حڪم تي سنڌ موٽي جهوڪ ۾ دونھين دکايائين. ظلم، ڏاڍ ۽ اوندهه کان تنگ ٿيل مظلوم ۽ پيڙيل عوام، ان روشنيءَ تي آهستي آهستي اچي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. سک ۽ شانتي سان، اللهﷻ جي عبادت ڪرڻ لڳا. وحدة الوجودي، شاهه عنايت شھيد، هنن جي دلين کي روشن ڪرڻ لڳو.
    سر جو سانگو لاهه، ڀل پوءِ عشق کي هٿڙو لاءِ،
    عــشــق، عــشــق، دولــت، حُـسـن، جاهه و جلال....
    سڀ فاني صورتون ۽ سوچون آهن. غالب جي چوڻ موجب؛ اهي دماغي خلل آهن. قوم، وطن، ڌرتي، شرافت ۽ انسانيت کان پوءِ عشق جو دائمي ۽ حقيقي مرڪز اللهﷻ جي ذات آهي. جاڏي ڏس، تاڏي صورت سبحان. خوشي ۽ ڏک، حاڪم ۽ محڪوم، حيات ۽ موت، ڌرتي ۽ آسمان، سڀ اصل صورت وٺي جڏهن انسان جي سامھون ايندا آهن تڏهن اهي، خدا جو نائب بڻجي پوندا آهن ۽ وحدة الوجود ۽ وحدة الشھود جو فرق به غرق ٿي ويندو آهي. انساني ڪيفيتن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڳ جھان کي سمجهڻ اڃا به وڌيڪ ڏکيو آهي. اسرار الاهيءَ کي مان سمجهڻ کان قاصر آهيان.
    ڪارل مرڪس، لينن ۽ مائوازم کان سوين سال اڳ، آفاقي اقتصاديات جو اعلان شاهه عنايت شھيد جي واتان ٿيو. هُن چيو؛ ”الارض لله، جيڪو کيڙي سو کائي.“ ظالم زميندارن جي ظلم کان ڀڄي، هاري اچي جهوڪ ۾ آباد ٿيڻ لڳا. اڃا هزارين سالن جو ٿڪ ۽ پيڙا به نه لٿي هين ته نور محمد پليجو، حمل جت، فقير منش شاهه ڪريم جي اولاد مان سيد عبدالواسع ۽ ٻيا سازشون ڪرڻ لڳا. هُو سڀ ٺٽي جي حاڪم مير لطف علي وٽ دانھين ٿيا. ڪوڙ، مڪاريون ۽ بيھودگيون ٻُڌي وقت جي حاڪم هنن جون پٺيون ٺپيون ۽ هنن موٽ ۾، اچي مسڪين هارين سان ڪلور ڪيا. ڪيترا فقير، شھيد ٿي ويا. دانھون دهليءَ تائين پھتيون. خون بھا ۾ ظالمن جون زمينون، شھيدن جي وارثن کي مليون. ان وقت مغل شھنشاهه ”فرخ شير“ ۱۱۲۴هه - ۱۱۳۲هه هيو.
    ”همہ او ست“ جا نعرا اڳي کان وڏي آواز ۾ گونجڻ لڳا. حق ۽ باطل تي هلندڙن جا ويڇا وڌندا رهيا. ٺٽي جو حاڪم معزول ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي نواب اعظم خان مقرر ٿيو. آخر قصو کٽائـڻو، ڍل جو بھانو بڻائي، دهليءَ جي حڪمرانن کي اهو اطلاع ڏنائون ته، شاهه عنايت باغي آهي، پنھنجي حڪمراني چاهي ٿو. ويڙهه شروع ٿي. فقيرن جي اللهﷻ مدد ڪندو آهي آيو ۽ دنوي شھنشاهه نقصان ۾ اچي ويا. ڇاپا مار جنگ جو تصور به مون لاءِ عجيب آهي. آخر ڪلھوڙن جون فوجون آيون، پوءِ به فقير فاتح رهيا. آخر ڪلھوڙن، قرآن شريف وچ ۾ ضامن ڏئي، شاهه عنايت کي صلح لاءِ راضي ڪيو.
    قضا پنھنجو ڪم ڪري وئي. لعنتي انسانن شاهه عنايت سان دوکو ڪري کيس جلاد جي آڏو آندو.
    روايت آهي ته؛ جڏهن جلاد درويش جي ڪنڌ تي وار ڪيو ته ”فقير“ کي ڪجهه ڪو نه ٿيو. ”شاهه“ جلاد کي سمجهايو. پنھنجي مرشد کان مليل تلوار گهرايائين، جلاد کي ڪجهه رقم ڏئي چيائين ته، ڪنڌ ڪپڻ جي تنھنجي مزوري آهي. پاڻ حافظ جو هيٺيون شعر پڙهيائين:
    ”مون کي هن قيد کان آجو ڪيئي،
    شل! الله تعالى ٻنھي جھانن ۾ تنھنجو ڀلو ڪري.“ (حافظ شيرازي)
    مرشد لطيف، ان وقت عمر ۾ اٺاويھن ورهين جو هيو.
    اڄ نـه اوطـــاقــــــن ۾، طـــالـــب تـــنـــواريـــــن،
    آديـسـي اُٿـي ويـا، مـڙهــيــون مــون مــاريــن،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاھ)
    شاهه عنايت شھيد جي واقعي ڏانھن منسوب آهي. شاهه شھيد جو ڪلام اڻ لڀ آهي. ڪلھوڙن جي دعا ۽ ٻين موضوعن تي ڪجهه فارسي شعر پڙهڻ وٽان آهن. هڪ جو ترجمو آهي:
    ”جيڪي عشق سين زنده آهن، انھن جي دل ڪڏهن به مرندي نه آهي. اسان جي امرتا، دنيا جي اخبار ۾ لکيل آهي.“
    واقعي! جيڪي اللهﷻ جي راهه ۾ انسانن جي سھنج خاطر، جان ڏيندا آهن، انھن کي ماريندڙ مٽجي ويندا آهن. يزيدن، فرعونن ۽ ابوجھلن جي لسٽ وڏي آهي. مون کي هيٺيون شعر ڏاڍو وڻندو آهي:
    وٺي جنم هر هر وربو، مٺا مھراڻ ۾ ملبو.
    منصور، مخدوم بلاول، سرمد ۽ شاهه عنايت وغيرھ شھيدن جو ڪٽنب ايڏو وڏو آهي جو ڪنھن جا نالا وٺي ڪنھن جا وٺان.
    سرمد ۽ قاضي عبدالقويءَ وٽ ٿيل گفتگوءَ دوران فارسي شعر، اعظم خان ۽ مولوين جي سوالن جي جواب ۾ شاهه عنايت جا فارسي شعر به پڙهڻ وٽان آهن. مون دوستن کي وڌيڪ ٻڌايو ته؛ شھيد جي فڪر جو سلسلو سڄي سنڌ کان سواءِ بلوچستان جي فتحپور ۾ وڏي گادي رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه جي آهي. ذڪر ۽ فڪر سان گڏ، راڳ رنگ آهي، پر اصل اعلان جنگ نه آهي.
    جهوڪ شريف ڏانھن هلندي، شاهه ڪريم جي روضي تي پري کان ستارن جي جهرمر ۽ ڊيڪوريشن وارا بلب ڏسندي، اڳتي وڌياسين. تقريبن ۲ بجي، جهوڪ شريف شھر ۾، شھيد جي ميڙي جي حدن ۾ پھتاسين.
    اوچتو نئون ديري جي غلام الرسول سيال تي نظر پئي. مون کي خبر آهي؛ سيال صاحب پراڻو پانڌيئڙو آهي. نئون ديرو ٽيڪنيڪل ڪاليج جو پرنسپل آهي. ساڻس مليس. روايتي سنڌي تھذيب موجب آڌرڀاءُ ڪيائين. جيتوڻيڪ نئون ديرو ۾ رهندي، اسان هڪٻئي جي ويجهو نه آهيون. ننگر وغيره جي صلاح پڻ ڪيائين.
    ڪافي دير ٿي وئي هئي. ڪٿي ڪٿي راڳ رنگ هلي رهيو هو، نه ته هر هڪ آرامي هيو. ڪکائين اوطاق کي ٻاري سڏين. ٻاهران فاتحه پڙهي، راڳ وارين ٻارين تي آياسون. فقرائي ڪلام سڪون ڏنو. ڪلاڪ سوا ائين گذاريوسين. سيال صاحب هڪ ٻاريءَ تي آڻي، سوڙيون وغيره ڏنيون. قبلي جو طرف پڇي، پير ڊگهيري سمھي رهياسون. ڌرتيءَ تي سمھڻ جو به عجيب تجربو آهي. مان ننڍي هوندي کان ٻه وهاڻا مٿن کان رکندو آهيان. هت ته هڪ به ڪو نه هو، تنھنڪري بيچينيءَ منجھان ڪڏهن مٿي کي ٻانھن پيو ڏيان ته ڪڏهن اُٿي پيو ويھان. هڪ فقير پانڌيئڙي کي رحم اچي ويو. هُن ڀرت ڀريل وهاڻو مون کي ڏنو. مان اکين ئي اکين ۾ هُن جو ٿورو مڃيو. ننڊ ڪو نه آئي. آذانن کان پوءِ اُٿي، جهنگ جي خيال سان ٻنين ڏانھن هليو ويس. اُتي پاڻي به هيو. واپس اچي سنگت کي اٿاريم ۽ کين به، ٺھيل موريزن استعمال ڪرڻ بجاءِ، ٻاهر جھنگ وڃڻ لاءِ ڏس ڏنم. اٺين بجي تائين تيار ٿي، بزرگن جي روضي تي وڃي دُعائون گُهريوسين. ڪن دوستن ڪلام الله جي تلاوت ڪئي. اللهﷻ کان سنڌ ۽ پنھنجي وجود جي بقا لاءِ دُعائون گهريوسين.
    ٻاهر نڪتاسين ته شوخ رنگن ۾ ملبوس فئملي نظر آئي. عورتون ۽ ٻار هئا. لڳي پيو؛ اُهي اتي جا ئي هيا. وڻ وڻ جي ڪاٺين ۽ فقيرن کي ڏسندا، ساڳئي ماڳ تي پھتاسون. سيال صاحب لاءِ نياپو ڇڏي، واپس ٿياسين.
    مان ۽ عبدالخالق اڳ ۾ به پيرين پنڌ آيا آهيون. چند فقيرن کان سواءِ، ويراني هُئي. هڪ فقير ته اسان سان ڏاڍي بي مروت نموني سان پيش آيو هو. پر صبر ڪري هر شيءِ سھي ويا هئاسين. هاڻي بَـرَ ۾ بازاريون ڏسي، اللهﷻ جي ڪاريگري ۽ حڪمت کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس. سؤ کن رهائشي ٻاريون، هنڌ هنڌ راڳ رنگ، بازارون ۽ رونقون ڏسڻ وٽان هيون. وڌيڪ کُليل اظھار، منھنجي وس جي ڳالهه نه آهي.
    لاڙڪاڻو ڇڏيندي، مون سوچيو هو ته؛ واپس سجاول کان ٿيندو ٺٽي اچبو ۽ اتان واپس حيدرآباد ۽ ڀٽ شاهه پھچبو. دوستن چيو ته؛ شاهه ڪريم جي روضي تي فاتحه پڙهبي. سو اُتي پھچي دعائون گهريوسين.
    مظلومن جا نسل به مظلوم ٿيندا آهن. اڳئين دفعي عبدالخالق ۽ مون کي هڪ اجنبيءَ زور ڀري چانھه پياري هئي. ڪاٺين ۽ پترن مان شيدين جي گهرن جا ٻار ۽ عورتون، اسان کي ڏسي رهيا هيا. ٻارن ۽ مردن سان، مان ائين ڳالھائي رهيو هيس ڄڻ منھنجا مائٽ هجن. مان هنن لاءِ اجنبي هئس پر هو منھنجا سائين هئا.
    هنن جا وڏا آفريقا مان ائين قيدي ۽ غلام بڻجي آيا هوندا، جيئن هتان يوناني، عرب، ايراني ۽ افغاني وغيره سنڌين کي قيد ڪري ويا هوندا. عالمِ عرب ۾ ته غلام سنڌين، فقه ۽ حديث ۾ نالو ڪڍيو. زط يعني جتن جو ذڪر به عام ملي ٿو.
    شيدي صدين گذرڻ کان پوءِ به پورهيت آهن. مون هنن مان ڪو زميندار يا رئيس نه ڏٺو آهي. جيڪي ڌاريا اسان لاءِ آقا بڻيا آهن، انھن لاءِ مون وٽ نفرت آهي. مان هنن کي وڏي سڏ، ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته، مان توهان کي لٽيرن ۽ وحشين جي ستن پيڙهين کان سُڃاڻان. جيڪي پنھنجي ثقافت، زمين، تاريخ ۽ ادب سان دغا ڪندا آهن، اُهي ڪنھن سان به وفا نه ڪندا آهن. هو انسانيت جا رت پيئاڪ آهن. هو کلم کلا، رب جا نافرمان ۽ ظالم آهن.
    شاهه ڪريم جي روضي تي پھچي، فاتحه پڙهيسين. فوٽو ڪڍيا ۽ واپس ٿياسين. دوستن کي شاهه ڪريم جي سوانح ٻڌايم. سنڌ جي تصوف جي بزرگن ۾، سندس مقام تمام وڏو آهي. ۱۵۳۵ع ۾ مٽيارن ۾ ڄائو. پنھنجي ڀاءُ سان لڏي اچي، بلڙيءَ ۾ ويٺو. ٻني ٻارو ڪندو هو. صابرين، محنتي ۽ الله لوڪ هيو. مخدوم نوحؒ جو صحبتي هيو. سندن وڏا، شريعت جا صاحب، سماع ۽ وجد جي طريقي سان، ايراني صوفين وانگر هئا. ۸۶ سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون. شاهه عبداللطيف، مٿن مقبرو جوڙايو. ڪجهه شعر، سندن شاعريءَ مان لکان ٿو:
    مون ٻئا دَر گهڻا نھارئا، آهين تون هي تون.....
    *
    نـيـھـه نـيـاپـي نـه ٿـئـي، سَـڌيـن سـيـڻ نـه هُـوَن،
    ڪارين راتين رَت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون.
    *
    پـيـريـن پـاڻ وڃـاءِ، پـاڻ وڃــائي لـھ،
    تُھا ڌار نه سپرين، مُھه منجهين پاءِ.
    *
    صورت ليکي هت، معنى ليکي مارئين،
    عمـر مـون جـي چـت، اوطـاقـون ٿــرن ۾.
    *
    ٽنڊو محمد خان پھچي ناشتو ڪيوسين. حيدرآباد ۾، سنگت کي سنڌ ميوزم گهمايو. عبدالخالق کي چيم ته؛ لساني هنگامن ۾ حيدرآباد جو قلعو گهمڻ آيا هئاسين. اُتي سنڌ ميوزم کي شر پسندن باهه ڏني هئي. سڄي قلعي ۾ شھيد هوش محمد جي قبر ڳولي هئيسين، پر اُها نه ملڻي هئي سا نه ملي. اتان مايوس ٿي موٽي آيا هئاسين. عبدالخالق کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. آهُن ۽ دانھن کي، سمجهي نه سگهيو ڪو ئي.
    سا قوم ٿي زنده رهي، جا ياد ماضيءَ کي حال سان گڏي، تاريخ سازي ٿي ڪري.
    غلام شاهه ڪلھوڙي جي حيدرآباد کي الوداع چئي، ڀٽ شاهه تي پھتاسين. تازو ميلو ختم ٿيو هو. جلدي وضوع ڪري دُعا گهري، راڳ ۾ اچي شريڪ ٿياسين.
    ڪراڙ ڍنڍ ۽ اياز جي بُٺيءَ بابت، دوستن کي ٻڌائيندي اچي نيشنل هاءِ وي تي رسياسين. هالا مان ڪجهه نه ڪجهه خريد ڪرڻو هو، پر گهڻو وقت گذرڻ ڪري سفر جاري رکيوسين. اتر سنڌ ۾ اٺين بجي کان پوءِ، جهنگ وارن جو قانون آهي. پوليس ۽ رينجرس، ڏينھن جي روشنيءَ ۾ عام ماڻھن لاءِ آهن. هندستان تي اشوڪ اعظم جي دور حڪومت ۾ هت هڪ يوناني سياح آيو هو. هُن سنڌ لاءِ لکيو آهي ته ”هتي ڏوهه ٿيندا آهن.“ سواءِ پلاند ۾ خون وغيره جي. اهو (ق. م) جو قصو آهي.
    ۳ بجي، مورو باءِ پاس جي هوٽل تي، مزي واري ماني کاڌيسين. پُرسڪون هوٽل ۽ سھڻ جوڳو بل آيو.
    مورو-دادو پل تي پھتاسين ته منھنجو خيال سکر جي پلين ڏانھن هليو ويو. ياد پيو ته هيمون ڪالاڻي، يعقوب بسڪيٽ فيڪٽريءَ جي ڀرسان ريلوي پٽڙي اکيڙي هئي. کيس سکر جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي هئي. هُن جو اسٽيچو/بت، دهليءَ جي پارليامينٽ ۾ لڳل آهي. مان سوچيو ته؛ ڪو موقعو ملي ته دهليءَ ويندس، اُتي آزادي پسندن جو يادگار ڏسندس. منھنجي اندر واري انسان چيو؛ اسلام ۾ بت پرستي حرام آهي. مان چپ ٿي ويس. دير سان ياد پيو؛ ڇا خدا آباد واري مسجد، شھيد ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ۽ لال مسجد تي حملو ڪرڻ، عين اسلام آهي؟ مان دهليءَ ضرور ويندس.
    اٺين بجي لاڙڪاڻي چانڊڪا پُل ٽپي، المنصور هوٽل تي آياسين. هٿ منھن ڌوئي، چانھه وغيره وٺي، تازا توانا ٿياسين. نائين بجي گهر پھچي، خير وعافيت بابت فونون ڪيم ۽ ٽيپ هلائي ٻڌان ٿو:
    الله هو، الله هو، الله هو، الله هو.....


    سنڌي ماڻھن جي سياسي ۽ سماجي سوچ

    ڌرتيءَ تي جبل ۽ نديون، جهنگل ۽ بيابان، سمنڊ ۽ آبشار، وري آسمان اندر سج ۽ چنڊ، تارا ۽ نکٽ، ڪتيون ۽ ڪھڪشائون، سڀ انسان لاءِ قدرت جي عطا ۽ اڪرام آهن.
    دنيوي مسئلن جي ڪري، طاقتور ۽ منظم ڌرين زمين تي ليڪا ڪڍي، تنھنجي، منھنجي ۽ پنهنجي روپن ۾، زمين جي ٽُڪرن/خِطن تي جدا جدا ملڪن جا نالا ڏئي، ڏاڍ-مڙسيءَ جي زور تي مستقل نقشا بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ عمل ايستائين جاري رهندو، جيستائين ”حضرت انسان“ مھذب نٿو بڻجي يا مختصر لفظن ۾؛ ”ٻين جي حقن جو احترام نٿو ڪري ۽ انساني رت وهائڻ کان باز نٿو اچي.“
    هن ڌرتيءَ تي سچائيءَ سان امن قائم ڪري سگهجي ٿو. بندوق ۽ ڏاڍ-مڙسي، آخر ڪيستائين؟ ڇا انگلينڊ وارا انگريز، آئرلينڊ وارن ”آئرش“ تي سوين سال ظلم ڪرڻ، بندوقن جي ٺڪائن ۽ رت وهائڻ سان کين مطيع ڪري سگهيا؟ ڇا سٺ سالن کان اسرائيل، فلسطيني ويڙهاڪن کي زير ڪري سگهيو آهي؟ توڙي جو پورو يورپ ۽ آمريڪا، اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري پيو.
    پھرين ۽ ٻي عالمي جنگين ظالمن جون چيلھيون چٻيون ڪري ڇڏيون ۽ مظلوم قومن کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. ائين آهستي آهستي ۱۹۲ ملڪ خود-مختيار بڻجي چڪا آهن. انھن ملڪن جي حدن ۾ وري مظلوم قومون آزاد ٿيڻ لاءِ، مرڻ مارڻ واري جدوجھد ۾ ڪوشان آهن؟ تامل، تبتي، ڪشميري، چيچن، ڪُرد ۽ فلسطيني وغيره منجھانئن بلڪل ٿورا نالا آهن. ڪن جون دانھون ڪُوڪون ۽ ظلم جا داستان، اسان جي ڪنن تائين پھتا آهن ته ڪن کان ناآشنا آهيون. اڄ جيڪي غلاميءَ جي ننڊ سُتل آهن، اُهي صبحاڻي اُٿي، آزادي آزادي پڪاريندا.
    منھنجو ايمان آهي ته هڪ ڏينھن ڪو به آقا يا غلام نه رهندو، پر وتائي فقير چواڻي؛ ”سڀ ڪجهه کنگهڻ کڙڪڻ سان ٿيندو.“ جيڪڏهن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ جَبر جَهڪو نه ٿيو ۽ تيزيءَ سان استحصال ٿيندو رهيو ته هتان جون مظلوم قومون، بک، بيروزگاري، بدحاليءَ ۽ بدامنيءَ کان تنگ ٿي پِڙُ ڪڍنديون.
    مائوزي تنگ چيو آهي؛ ”طاقت، بندوق جي ناليءَ مان جنم وٺندي آهي.“ هٿيارن جو نه دين آهي ۽ نه ڌرم. هٿيار هٿ ۾ کڻڻ سان صرف انساني رت رائيگان ٿيندو آهي. جنگ ۾ اخلاق پاسيرا ٿي ويندا آهن، ۽ ٻيو سڀ ڪجهه جائز سڏيو ويندو آهي.
    ظالمُ پنھنجا ٺٺ ٺانگر برقرار رکڻ لاءِ، سجاڳ ذهنن ۽ ان جي پوئلڳن کي رتورت ڪندو آهي ۽ مظلوم ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن جي عزت، غيرت ۽ ڳڀي لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ کي مزيدار راند سمجهندا آهن. مجبور، لاچار ۽ بيوس قومون ٻيو ڪري به ڇا ٿيون سگهن. جڏهن آفاقي مذهب، هن ڌرتيءَ تي امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهن. يونائيٽيڊ نيشنس آرگنائيزيشن صرف ٽاڪنگ سينٽر بڻجي، سٺ سالن کان ڪشمير ۽ فلسطين جي قراردادن تي عمل ڪرائي نه سگهن ته باقي ٻيو ڪھڙو دڳ ٿو بچي. ان رستي وسيلي ئي هر مظلوم قوم پنھنجي تقدير پاڻ ٺاهي سگهي ٿي.
    ڪڏهن حضرت ابراهيمؑ خدا جي راضپي ۽ پنھنجي قوم جي آجپي لاءِ باهه جي اوڙاهه ۾ ٽپي پيو هو. ڪڏهن چي گويرا، ڪيوبا جي وزارت، عيش ۽ آرام ڇڏي رڻ جو راهي بڻجي سميت موت سان ملڻ لاءِ نڪري پيو هو. اهڙن جذبن ۽ قربانين سان قومن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن.
    مصر جو جمال ناصر، ويٽنام جو هوچي منهه، فلسطين جو ياسر عرفات، مون کي ڏاڍو وڻندا آهن. ڊاڪٽر مصدق ايران وارو، عدنان مينڊرس ترڪيءَ وارو، انڊونيشيا جو سوئيڪارنو ۽ ٻيا اهڙا، منھنجا هيروز آهن. ايران جي خمينيءَ شھنشاهيت خلاف ڪامياب هلچل هلائي دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. آسمان اهڙا انقلاب ويجهي ماضيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. اسان سڀني جو حق آهي ته يورپ ۽ آمريڪا جي رهاڪن وانگر، پنھنجي ڌرتيءَ تي امن، سڪون ۽ آسائش سان رهون. غاصب قوتن کي پنھنجون ترجيحات تبديل ڪرڻيون پونديون. انشاءَ الله انگريز سرڪار، گڏيل هندوستان جي جدا جدا ملڪن، قومن ۽ رياستن کي فتح ڪري جيڪا پنھنجي سلطنت قائم ڪئي هئي، ان کي بغير سوچ ۽ سمجهه جي، عقل ۽ حقيقت جي برعڪس، پنھنجي مذموم عزائم خاطر، ننڍي کنڊ کي مسلم ۽ هندوءَ جي بنياد تي ورهائي پنھنجا هٿ پٽي ويو. نتيجي ۾ ٻئي ملڪ وڙهڻ لڳا ۽ ٽي دفعا بي نتيجا جنگيون وڙهيون ويون. اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو پر ڪشمير جو مسئلو اتي جو اتي رهيو.
    اڄ به ٻئي ملڪ، بارود جا ڍير گڏ ڪري رهيا آهن ۽ ٻنھي ملڪن جو عوام، تعليم ۽ صحت سان گڏ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم آهن. ٽينڪن ۽ جھازن، بندوقن ۽ ائٽم بمن ٺاهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي. مسئلا ٽيبل تي به حل ٿي سگهن ٿا پر حق ۽ سچ جي واٽ وٺڻ لاءِ، ٻئي ملڪ اڃا تيار نه آهن.
    ۱۹۴۷ع ۾ گڏيل هندوستان جو ورهاڱو ٿيو. آقا انگريز جو زور ٽٽو ته غلام هندو ۽ مسلمان هڪٻئي تي ٽٽي پيا. ايڏو انساني رت وهيو جو غيرتمند انسانن جو ڪنڌ شرم کان جُهڪي ويو. گانڌيءَ کي هڪ ڪٽر هندوءَ ان ڪري گولي هڻي قتل ڪيو هو، جو ھو مسلمانن کي مارڻ کان منع ڪري رهيو هو.
    سنڌ ۾ اڀاڳن ماڻھن، اڳ ۾ الله بخش سومري کي ان ڪري ماري وڌو هو جو هو ڪانگريسي هيو. مون کي عمر جي آخري حصي ۾ اهو احساس ٿيو آهي ته؛ شھيد سومرو، سائين جي ايم سيد کان به وڌيڪ ذهين هيو. هُن جي سوچ، سنڌ جي فائدي ۾ هئي. سڀ ڪجهه ته ڇڏيو، هن وقت تائين ۱۹۴۰ع واري قرارداد پاڪستان تي به عمل درآمد ٿي نه سگهي آهي. سومري صاحب جا قاتل به سنڌي، پلاننگ ڪندڙ به سنڌي. ڪتاب ڀريا پيا آهن، پڙهڻ سان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.
    ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ٽالپر حڪمرانن کي ٽڪيٽ وٺرائي. ۱۹۰۶ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ٺھي، جنھن جي ٺاهڻ ۾ ميجر رول بنگالين جو هيو. قائداعظمؒ ۽ ٻيا سنڌي، بعد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. خلافت تحريڪ کان پوءِ جان محمد جوڻيجو، سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، عبدالمجيد سنڌي، عبدالله هارون، عبدالستار پيرزادو، محمد ايوب کھڙو ۽ سر شاهنواز ڀٽو وغيره نمايان مسلم ليڊر هئا. هندو اڳواڻ، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا، هو ڪانگريسي هئا.
    ۱۹۳۶ع واري سنڌ اسيمبلي، ٻي عالمي جنگ جي ڪري ۱۹۴۵ع تائين ڪم ڪندي رهي. سائين جي ايم سيد سنڌ جون حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌ اسيمبليءَ جي نئين چونڊ کان اڳ سائين جي ايم سيد ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ آخر ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي “Two Nation Theory” جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ اچي ويو.
    آزاد ملڪ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڏکوئيندڙ وفات، لياقت علي خان جو راولپنڊيءَ ۾ قتل، ون يونٽ جو ٺھڻ، ۱۹۵۶ع جو آئين ٺھڻ، آئين ختم ڪرڻ ۽ جنرل ايوب جي مارشل-لا، ڀٽي صاحب جو وزير خارجه بڻجڻ، ۱۹۶۲ع جو آئين، ايوب خان ۽ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن، ۱۹۶۵ع واري پاڪ-ڀارت جنگ، معاهده تاشقند، ايوب خان ۽ ڀٽي صاحب وچ ۾ اختلاف، سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٺھڻ، ڪميونسٽ لبرل ۽ کاٻي ڌر (سنڌ ۽ پنجاب صرف) جي ڀٽي صاحب جي حمايت ۽ پ پ جي شرڪت ۽ ڪن جي پارٽي کان ٻاهر رهي حمايت ڪرڻ، ايوب خان جي حڪومت، سول سوسائٽي جي احتجاجن ڪري ختم ٿيڻ، آئين ختم ڪري جنرل يحى جو اقتدار ۾ اچڻ، پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو فيئر اليڪشن ٿيڻ، نتيجي ۾ ”مجيب ۽ ڀٽو“ فيڪٽر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا. سگهارين ڌرين مجيب کي اقتدار کان پري رکيو. ۱۹۷۱ع واري پاڪ-ڀارت جنگ، بنگلاديش جو ٺھڻ، ڀٽي صاحب جو مغربي پاڪستان واري پاڪستان ۾ اقتدار سنڀالڻ، هن ملڪ جا تمام وڏا سياسي واقعا آهن. ڀُٽي صاحب، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور حلف کنيو. مارشل-لا ختم ڪيائين، ۱۹۷۳ع جو آئين ڏنائين. روٽي، ڪپڙا اور مڪان جي انتخابي منشور تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيائين، صنعتون قومي تحويل ۾ ورتائين، شمله معاهدو ڪري، انڊيا کان جنگي قيدي ۽ علائقا آزاد ڪرايائين. ڀُٽي صاحب جو وڏو ڪارنامو اسلامي سبراهي ڪانفرنس ڪوٺرائن چيو وڃي ٿو. حزب اختلاف وارن تي سختي ٿي. حيدرآباد ڪيس ۾، ولي خان کان وٺي بلوچ رهنما ۽ سنڌي دانشور وغيره قيد ٿيا. قومپرست ۽ کاٻي ڌر وارن سوشلسٽ کان سواءِ مذهبي جماعتن ۽ مسلم ليگ وارن ”نو جماعتي“ اتحاد جوڙي پ پ وارن جي خلاف ڌماچوڪڙي مچائي ڏني. جماعت اسلامي ۽ مولانا مفتي محمود جي منظم ڪارڪنن سان گڏ ليگي اڳواڻن، آمريڪا جا مليل ڊالر پاڻيءَ وانگر وهايا.
    ڀُٽي صاحب جو اقتدار ۾ اچڻ، مان ائين سمجهندو آهيان ڄڻ ۱۸۴۳ع کان پوءِ پھريون دفعو ڪنھن سنڌي ماڻھوءَ کي اقتدار جي مسند ۽ طاقت هٿ آئي هجي. پاڪستان گورنمينٽ جي نالي، راءِ گهراڻي واري سنڌ، ڀٽي صاحب جي حدن ۾ اچي چُڪي هئي، پر جيئن بھار جي موسم مختصر ٿيندي آهي، تيئن اسان جا خواب به ساڀيان ٿي نه سگهيا هئا.
    تِر جي گُٿي سؤ چوٽون کائي. هاڻي ته ظلم ۽ فتني جي انتھا ٿي چُڪي آهي. گهر ۾ به محفوظ ڪو نه آهيون. جڏهن مسيحا مٽجي وڃن، ڪوڙ ۽ دولاب جو بول بالا هجي ته انسان جي سوچ جواب ڏئي ٿي ڇڏي، کري ۽ کوٽي جي تميز نڪريو وڃي. جانورن وانگر صرف پيٽ پالڻ، سڀ ڪجهه بڻجيو وڃي. عزت، غيرت ۽ وقار جي ڳالهه، تماشو بڻجي وڃي ته پوءِ ڇا ڪجي؟
    ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، زرعي ۽ اقتصادي اصلاحات جو اعلان ٿيو. سنڌ ۾ زرعي اصلاحات بلڪل ناڪام ٿيا. ائين ئي ايوب خان جي دور ۾ پڻ هتي عمل در آمد نه ٿيو هو. چوڻ وارا چون ٿا ته پنجاب ۾ زرعي اصلاحات تي عمل ٿيو، جنھنڪري اتي جي هارين کي زمينون مليون پر سنڌ ۾ صرف کاتن جي مَٽ ٿي. فيملي ميمبرن سان گڏ، ڪمدارن، ٽوهن ۽ هارين جي نالن تي کاتا راتورات ٺھي ويا. غريب هارين لاءِ جھڙا زرعي اصلاحات آيا تھڙا نه. پنجاب ۾ زرعي اصلاحات دوران، اتان جي هارين کي گهڻو فائدو مليو. وڏيرن، جاگيردارن جون زمينون گهٽجي ويون ۽ هر-هاري زمينن جا مالڪ بڻجي ويا. چوڌري پنھنجا ٺٺ ٺانگر برقرار رکڻ خاطر، صنعتي يونٽ ۽ فروٽ فارم لڳائڻ لڳا، جنھن لاءِ حڪومت سھولتون ۽ قرض ڏئي رهي هئي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ زرعي زمين گهڻي پر پيداوار بلڪل گهٽ. وڏي مصيبت اها ٿي ته بئراجن جون سرڪاري زمينون، مقامي سنڌي هارين جي بجاءِ غيرحاضر غير سنڌي زميندارن کي ڏنيون ويون.
    پاڻيءَ جي کوٽ، موسمي ڦيرين گهيرين ۽ برساتن ۾ طوفانن جي ڪري سنڌ جي زرعي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ڪچي جو جهنگ ۽ ٻيلا تباهه ٿي ويا. پيداوار مھانگي ٿي وئي. سرڪار جي عدم توجهيءَ ڪري ڏوهه وڌڻ لڳا ۽ آٽوميٽڪ هٿيار ۽ نشي آور شيون، سرعام وڪرو ٿيڻ لڳيون. لاڙ ته سامونڊي طوفانن ۽ برساتن ڪري پنھنجي جيئڻ جي سگهه وڃائي ويٺو هو.
    آهستي آهستي، ڀٽو مخالف قوتون گڏ ٿيون. ڀٽو صاحب پريشر ۾ اچي، سوشلزم تان هٽي، مذهبي جماعتن جي مطالبن کي مڃڻ لڳو. مثلاً جمع موڪل ڪرڻ، شراب تي پابندي ۽ صنعتون واپس مالڪن جي حوالي ڪرڻ. پر ملا ۽ مولوي بضد رهيا ته؛ پ پ پ، حڪومت کان الڳ ٿئي. اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ جي بھاني هنگاما وڌي ويا. پوليس ۽ ريجنرز بيوس بڻجي وئي. آخر فوج اقتدار تي قبضو ڪيو. جنرل ضياءُ الحق ۽ ڀٽي صاحب وچ ۾ مريءَ ۾ ڳالھيون ڪامياب ڪو نه ٿيون. آخر ڀٽي صاحب کي خون جي ڪيس ۾ ججن جي بنياد تي ڦاسيءَ جي ڦندي تي پھچائي کيس شھيد ڪيو ويو.
    سڄي سنڌ تي هڪ وڏو پھاڙ ڪري پيو هو. سڄي معاشري کي ڄڻ نانگ سُنگهي ويو هو. ايڏي ماٺار ۽ خاموشي ڇانئجي وئي هئي جو ڇا چئجي. ڪنھن کي ڄڻ يقين ڪو نه پيو اچي ته هي ڇا ٿي ويو. آخر اهو لاوو تڏهن ڦاٽو، جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ۽ سنڌ پنھنجو قرض ۽ فرض پورو ڪري پاڻ ملھايو هو. سنڌي وڏيرا هتان جي ماڻھن جو ايڏو جوش ڏسي ڊڄي ويا هئا، جنھنڪري Objective حاصل ڪو نه ٿيو هو.
    ملڪ جي اندروني حالتن کي ڏسندي ۽ ٻاهرئين دٻاءَ تي جنرل ضياءُ الحق اليڪشن جو شيڊول ڏنو. پ پ پ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ڪافي تڪليفون سٺيون. جيل ۽ نظربنديءَ سان گڏ بيگم صاحبه تي لاهور ۾ ايتريون لٺيون وسايون ويون جو بيگم صاحبه سڄي رتورت ٿي وئي هئي. محمد عرس جوکيو به سخت زخمي ٿي پيو هو. مير مرتضى، الذوالفقار تنظيم ٺاهي ضياءَ خلاف هٿياربند جدوجھد هلائي هئي. جھاز اغوا ڪرڻ سان گڏ هن جا ماڻھو ٻيون ڪارروايون پڻ ڪندا رهيا. جن جو اعلان حڪومت ڪندي رهندي هئي. اليڪشن جي نتيجي ۾ جوڻيجو حڪومت اقتدار ۾ آئي. بعد ۾ جوڻيجي صاحب کي گهر اماڻيو ويو. افغان جنگ جي ڪري جنرل ضياءَ من مانيون ڪندو رهيو. آخر جھاز حادثي ۾ هو ۽ سندس دور پورو ٿيو.
    اسحاق خان، سينيٽ جو چيئرمين، صدر بڻيو. اليڪشن ٿي، محترمه اقتدار ۾ آئي پر اهو اقتدار مشروط چون ٿا. هتان جي ماڻھن تي ڪجهه مرهم پيو، ڏک ڏور ٿيا. نوڪريون مليون، روزگار وڌيو پر بدامنيءَ تي ڪنٽرول ڪو نه ٿي سگهيو. گهڻو ڪجهه اقتصادي طور فائدو مليو پر سنڌ جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا. وقت کان اڳ، پ پ پ جي حڪومت ختم ٿي. نواز شريف اقتدار ۾ آيو جيڪو جنرل ضياءَ جي دور ۾ پنجاب مان اڀري آيو هو. بعد ۾ اليڪشن ۾ محترمه وري اقتدار ۾ آئي. مولانا فضل الرحمان سندن پارٽنر بڻيو. مير مرتضى جي شھادت کي جواز بڻائي. محترمه جي حڪومت ختم ڪئي وئي. وري ٻيو دفعو نواز ليگ اقتدار ماڻيو، جنھن کي جنرل مشرف ۱۹۹۹ع ۾ ھٽائي ڇڏيو.
    نواز شريف ٿورو عرصو جيل ۾ رهڻ کان پوءِ، ڳجھي معاهدي هيٺ سعودي ھليو ويو. محترمه ۸ سال جلاوطن رهي. آصف صاحب جيل ۾ رهيو.
    محترمه صاحبه برطانيه ۽ آمريڪين جي ٽياڪڙيءَ ڪري N.R.O تحت پاڪستان آئي ته نواز شريف سعودين جي معرف N.R.O مان فائدو وٺندي پاڪستان آيو. اهڙيءَ طرح ايم ڪيو ايم ۽ ٻين به وهندڙ گنگا مان اشنان ڪيا.
    محترمه جيئن ئي ڪراچي ايئرپورٽ کان مزار قائد اعظم ڏانھن جلوس ۾ اچي رهي هئي ته بم بلاسٽ ٿيو. محترمه بچي وئي، پر ۱۵۰ ڪارڪن موت جي غار ۾ هليا ويا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا. روڊن تي ماڻھن جو سمنڊ پنھنجي پنھنجي ماڳ موٽي ويو. اهو ڏينھن خميس ۲۰۰۷-۱۰-۱۸ هو.
    بعد ۾ محترمه جا ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي وغيره جا دورا ڏاڍا ڪامياب ٿيا. محترمه جي بيباڪ لھجي سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. وڪيلن جي تحريڪ اڳ ۾ ئي مشرف خلاف ڪاميابيءَ سان هلي رهي هئي. ججن جي بحاليءَ لاءِ ان تحريڪ ۾ محترمه وڌيڪ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيو. فطري ڳالهه آهي ته مشرف پاڻ ۽ هن جي حڪومت پريشان ٿي ويا. مشرف طرفان ۽ ٻين وزيرن واتان، معاهدي N.R.O جي پ پ پ طرفان ڀڃڪڙيءَ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون.
    جيئن ته ڪراچي واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس نه ورتو ويو ۽ سازشن کي محترمه سمجهندي به محتاط ٿي نه سگهي. آخر راولپنڊي سانحو ٿيو ۽ محترمه اوڏانھن اڏامي وئي، جتي هر ڪو ويندو آهي. محترمه جي شھادت تي ڀٽي صاحب ۽ مرتضى جي سانحن جي برعڪس سڄي سنڌ ۾ باهيون ٻري ويون. سنڌين ڪڏهن به اهڙو احتجاج ائين رڪارڊ نه ڪرايو آهي. پھريون دفعو سنڌي ماڻھن قانون هٿ ۾ کڻي، مشتعل ٿي، حڪومت کي لِڪڻ تي مجبور ڪيو. سمجهدار ۽ سنجيده ماڻھن جو خيال آهي ته؛ حڪومت جي اها پاليسي هئي ته ڀل سرڪاري ۽ عوامي نقصان ٿئي. ورنه ته پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان نقصان گهٽائي سگهجي پيو. ٽي ڏينھن، لڳي پيو ته سنڌ اندر حڪومت نالي ڪا شيءِ نه هئي. پ پ پ وارن تي حڪومتي ڪارندن الزام هنيو ته؛ هي ڪم انھن جي ئي ڪارڪنن جو آهي پر هنن مدلل جواب ڏنو ته اسان کي هوش ئي ڪٿي هيو. اسين ته سوڳ ۾ ورتل هئاسون. اهو ڪم يا ته حڪومت وارن پاڻ ڪيو آهي يا ڏوهاري ماڻھن جو آهي.
    اليڪشن هڪ دفعو ملتوي ڪري ۱۸ فيبروري جي تاريخ ڏني وئي. سنڌ ۾ پ پ پ اڪثريت سان کٽي آئي. مرڪز ۾ پ پ پ کي اڪثريت ملي پر پنجاب مان پ پ پ نمبر ٽو بڻي. پھرين پوزيشن مسلم ليگ (ن) حاصل ڪئي.
    سرحد ۾ عوامي نيشنل پارٽي پھرئين نمبر تي ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ق) سوڀاري ٿي، جيڪي بعد ۾ سڀ جو سڀ، سواءِ هڪ ٻن جي، پ پ پ ۾ شريڪ ٿيا. آزاد اميدوارن جي اڪثريت کٽيو، جيڪي حڪمران جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اليڪشن وڙهندا آهن.
    آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ موومينٽ APDM مان، جماعت اسلاميءَ ۽ تحريڪ انصاف وغيره اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. بھرحال، صدر صاحب لاءِ، اليڪشن بھتر نتيجا نه آندا ۽ هو اڄ تائين پريشان آهي. پ پ پ، مشرف جي مبھم مخالفت ڪري رهي آهي. جڏهن ته نواز ليگ وارا صاف اعلان ڪري رهيا آهن ته صدر صاحب سان اسان جو گذارو نه ٿيندو.
    محترمه جي شھادت ڏاڍي ظالمانه ۽ بي رحمانه نموني ٿي. اڃا به وڌيڪ ڏکوئيندڙ عمل اهو آهي ته هن جي ايف آءِ آر انھن نالن تي ٿيل نه آهي، جن لاءِ محترمه پنھنجي زندگي ۾ خدشو ڏيکاريو هو. انٽرنيشنل ميڊيا ۽ اخبارن وغيره ۾ اُهي نالا اچي چڪا آهن، جيڪي هڪ آمريڪي سينيٽر وغيره جو حوالو ڏين ٿا. شل! اقوام متحده جي مستقبل واري جاچ ٽيم، حق ۽ سچ جي واٽ وٺي. عوام تائين اها راز جي ڳالهه پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿئي. حق ۽ سچ منظر عام تي اچڻ گهرجي. ناحق نه ٿيڻ گهرجي. هونءَ ته ماضيءَ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيس وقت جي دز ۾ لٽجي ختم ٿي ويندا آهن. عوام، جيڪو طاقت جو سرچشمو آهي، اُن کان هر ڳالهه اوجهل رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. باقي ڊرائنگ رومن ۽ وڏين گاڏين وارن کي سڀ خبر هوندي آهي. مون کي اميد آهي ته پ پ پ، ظالم ڌر کي نروار ڪندي. اهو ئي هڪ طريقو آهي، جنھن سان سنڌي ماڻھن جي ڦٽن تي مرهم رکي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن پ پ پ وارن ٿوري به پرده داري ڪئي ته سنڌ جو مستقبل ڏاڍو ڀوائتو لڳي ٿو. ڪو ڪنھن تي اعتبار نه ڪندو. صرف لالچي، دغاباز ۽ ٺڳن جا جاوا ٿيندا.
    انھيءَ تناظر ۾ پاڪستان جي صوبن جو مختصر سياسي جائزو وٺون ٿا.


    صوبو سرحد (هاڻي خيبر پختون خواه)
    باچا خان فيملي ۾ ولي خان ۽ بيگم نسيم ولي خان جو ڪردار، سرحد جي عوام جي ترجماني ڪندڙ رهيو آهي. هو ائين مقبول رهيا آهن، جيئن سنڌ ۾ شھيد ڀٽو. جيئن بيگم نصرت ڀٽو، ڀٽي صاحب جي جيل وڃڻ کان پوءِ پ پ پ جي قيادت سنڀالي، ائين ولي خان جي اسي واري ڏهاڪي ۾ بغاوت ڪيسن جي ڪري بيگم نسيم ولي خان پنھنجي پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي. ولي خان ڏاڍو ذهين سياستدان هيو. ڀٽي صاحب ۽ ضياءُ الحق لاءِ هڪ دفعو چيو هئائين؛ ”ايڪ قبر هي، ديکتي هين ڀٽو اور جنرل مين سي ڪون اُس مين جاتا هي.“
    پٺاڻن، بلوچن ۽ سنڌ مان عبدالحميد جتوئي ۱۹۷۳ع جي آئين تي اختلاف رڪارڊ ڪرايو هو.
    مولانا مفتي محمود جو تعلق به سرحد صوبي سان رهيو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه، سادگي پسند ۽ پاڪستان جي سياست ۾ نيڪ ماڻھو هيو. پر ضياءُ الحق کي هو به ڀٽي صاحب وانگر سمجهي نه سگهيو هو.
    مسلم ليگ (قيوم گروپ) قيوم خان جي مرڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي. هن وقت اسفنديار ولي، مولانا فضل الرحمان، شير پائو، مسلم ليگ (ق)، پ پ پ ۽ آزاد اميدوار اسيمبلي جا ميمبر آهن. اي اين پي، پ پ پ ۽ آزاد اميدوارن گڏجي حڪومت ٺاهي آهي. جماعت اسلاميءَ جا گذريل حڪومت ۾ وزير ۽ ميمبر هئا پر هن دفعي هنن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو.
    مختصراً چئي سگهجي ٿو ته مذهبي سوشلسٽ، قومپرست، ليگي، پ پ پ ۽ آزاد اميدوار پنھنجي عوام جي نمائندگي ڪن ٿا.

    صوبو بلوچستان
    پاڪستان ٺھڻ وقت، بلوچستان کي صوبي جو درجو مليل ڪو نه هو. بلوچ خطي ۾، قلات خودمختيار رياست هئي، جيئن سنڌ ۾ خيرپور ميرس رياست هئي. ائين خان آف قلات جو به معاهدو ٿيل هو. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي بلوچن جو ڏاڍو رت وهيو آهي. هنن جي قبائلي اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو. ايوب خان جي دور ۾ قومپرستن جي حڪومت ختم ڪري، مري ۽ مينگل قبيلن تي فوج ڪشي ڪئي وئي. اوريانه فلاسيءَ لکيو آهي ته؛ ”جبلن ۾ اسان هڪ آواره گڏهه ڏٺو. ان تي ٻار جو لاش پيو هيو، جنھن ۾ جيت چُري رهيا هئا.“ هوائي جھازن جي بمباريءَ ۾ اهو گڏهه، پنھنجي مالڪن کان وڇڙي ويو هوندو ۽ ائين ٻار جي حالت خراب ٿي وئي هوندي. نواب خيربخش مري، سردار عطاءُ الله مينگل، مرحوم غوث بخش بزنجو، جنرل شيروف عرف شيرمحمد مري قومپرست ۽ سوشلسٽ ڌڙي جي نمائندگي ڪندا هئا. ڀٽي صاحب جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي، بلوچستان جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيو. جيڪو جنرل مشرف جي دور ۾ پراڻي دور واري سياست ڇڏي بلوچن جي روايتي سياست ڪرڻ لڳو. آخر لاچار ٿي ايڏي وڏي عمر ۾ هٿيار کڻي قبيلي جي ماڻھن سان جبلن تي هليو ويو ۽ فوجي ايڪشن جو جواب ڏيڻ لڳو. ائين بلوچستان جي جبلن تان پنھنجو رت قربان ڪري، ايندڙ نسل لاءِ مثال ڇڏي ويو.
    بلوچستان علائقي ۾، پٺاڻ علائقا به شامل آهن، جتي پختونن جي اڪثريت آهي. هنن جي سياست به قومپرستي ۽ کاٻي ڌر سان وابسته رهي آهي. هنن جو ماضي به فخر جوڳو رهيو آهي. هن وقت محمود خان اچڪزئي، انھن جي نمائندگي ڪري ٿو. مرڪز ۽ صوبي ۾ هنن جا پنھنجا ماڻھو نمائندگي ڪن ٿا.
    مذهبي جماعتن سان گڏ، مسلم ليگ (ق)، پ پ پ ۽ آزاد اميدوار اليڪشن کٽندا آيا آهن. هن وقت (ق) ليگ وارا، پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪا آهن. قومپرستن، بگٽي سانحي ڪري، اليڪشن ۾ حصو نه ورتو. مذهبي جماعتن به بائيڪاٽ ڪيو هو. هاڻي پ پ پ، اڪثريتي جماعت طور، اڀري حڪومت هلائي رهي آهي. هيءَ حڪومت قيدين کي آزاد ڪري رهي آهي ۽ فوجي آپريشن کي بند ڪرڻ جا اعلان ڪري رهي آهي. هن خطي ۾ هڪ مفاهمتي عمل شروع ٿي چڪو آهي. پر ان سان گڏ بلوچستان لبريشن آرمي اڃا خاموشي اختيار نه ڪئي آهي. بلوچستان جو موجوده گورنر به بلوچ هئڻ سان گڏ بلوچ روايتن جي پاسداري ڪري ٿو. جيڪڏهن اسلام آباد وارن مداخلت نه ڪئي ته حالتون اڳي کان بھتر ٿي وينديون.

    صوبو پنجاب
    پاڪستان ٺھڻ کان وٺي، هيءُ حڪمران صوبو رهيو آهي. هتي صنعتي ۽ زرعي ترقي، ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. فوج ۾ هتان جي ماڻھن جي اڪثريت هئڻ ڪري تعليم، صحت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ سڀ کان اڳڀرا رھيا آهن. فوج جي حڪومت هجي، پ پ پ يا ليگي حڪومتون هجن، هن صوبي جي عوام جي خدمت مختلف نموني ٿئي ٿي. سڀ حڪمران هنن جي خواهش جو احترام ڪندا آيا آهن. هنن جي سياسي ۽ ٿنڪ ٽئنڪ صرف ڪالاباغ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اڳ ۾ هنن وٽ مرڪزي قيادت نه هئڻ جي برابر رهي آهي پر نواز شريف اها کوٽ به پوري ڪري ڇڏي آهي. مذهبي کاٻي ڌر ۽ ٻيا چونڊجي آيل اسيمبليءَ ۾ اچن ٿا. هن وقت نواز ليگ ۽ پ پ پ جو صوبي ۾ اتحاد آهي، جيئن مرڪزي اتحاد اٿن. اُتي اي اين پي ۽ فضل الرحمان گروپ به وزارتن ۾ گڏ اٿن.

    صوبو سنڌ
    هيءُ صوبو، دنيا جي قديم ترين وسندين ۽ مھذب تھذيب ۽ تمدن جي تاريخي حيثيت رکي ٿو. دنيا جي قديم لکتن ۾ احرام مصر، بابل، نينوا ۽ موهن جي دڙي جون مُھرون اچي وڃن ٿيون. سنڌ جي تھذيب جي لکت اڃا پڙهڻ ۾ ڪو نه اچي سگهي آهي. باقي ٻيا سڀ راز فاش ٿي چڪا آهن. اها، مون کي چار سو ويھه ٿي لڳي. ڪنھن ڳالهه جي دنيا پرده پوشي پئي ڪري. اسان ۾ ڪو افعال ڪو نه رهيو آهي، ڇو ته ڪو ڌڻي سائين نه آهي. مرشد لطيف جو شعر آهي:
    جُه ســي لــوڙائــو ٿيـا، جنيـن ڀَر رَهن،
    مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.
    اسان جي حڪمرانن جي، جڏهن اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت، قديم عمارتن ۽ آثارن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي ۽ انھن کي مٽائڻ جي پويان هجن ته سڌريل ملڪن واري ريسرچ ڪيئن ٿيندي. صرف محبت، اخباري بيانن ۽ جلوسن ڪڍڻ سان ڪجهه ڪو نه ٿو ٿئي. ڪم ڪرڻ لاءِ صدين جي پلاننگ ڪرڻي پوي ٿي، تڏهن ڪو نتيجو ۽ رزلٽ سامھون اچي سگهي ٿو.
    ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته موجوده ملڪ ۾، سنڌي ٻولي سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار آهي، ڇاڪاڻ ته الف-ب صرف سنڌيءَ وٽ آهي. صدين جو ادب منجھس محفوظ آهي. باقي صوبا فارسي يا اردوءَ جي سھاري جيئن ٿا. وٽن بنيادي شين جي به گهڻي کوٽ آهي. عربن جو فتح نامه سنڌ، هتان جو قديم تاريخي ڪتاب آهي. هندن جي ويدن وغيره ۾ به سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. دنيا جي قديم سياحن، هند ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. چيني ۽ يوناني سياحن جي ڊائرين ۾ Sind جو ذڪر بھتر ۽ خوشحال ملڪ طور ٿيل آهي. هن کنڊ جي موريا شھنشاهيت واري دور ۾ سنڌ بابت يوناني سياح لکيو آهي ته؛ ”هيءُ پُر امن خطو آهي.“ جبل، نديون، سمنڊ، جهنگل، ٻيلا، آباد زمينون، مال متاع وغيره سڀ ڪجهه هتي آهي. باقي ڇا گهرجي؟ جيئڻ جي بنيادي ضرورتن کان پوءِ محبت ۽ عقيدو به دنيا جھان جيترو رهيو آهي. هندوستان ۽ پنجابين کان اڳ، اسان توحيد پرست آهيون. غلام سنڌين، عربن کي حديث ۽ فقھ جون تشريحون ٻڌائي، پنھنجي عزت وڌائي هئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. هاڻي ٻيا اسان کي اسلام ٿا سيکارين. ڪا ته خرابي اسان کي خوار ڪري رهي آهي.
    انگريزن، سنڌين جي مظلوميت ۽ شرافت، بيوسي ۽ سادگي ڏسي، هن خطي کي ڏکن جي وادي سڏيو. ائين يوناني ۽ عرب، ايراني ۽ هندوستاني حملي آورن، هتان جو رت ۽ سَتُ پي، ظلم جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا.
    چنگيز خان ۽ هلاڪوءَ، ابدالين ۽ بابر جي اولاد، پنھنجن علائقن ۾ شڪستون ۽ موچڙا کائي، سنڌين تي سنگينون تاڻي، فاتح ۽ معتبر بڻجي، سون سالن تائين عياشيون ڪيون. ائين هيءَ مھذب قوم، جھانن سان وڙهندي وڙهندي، پنھنجو سڀ ڪجهه تباهه ڪيو بيٺي آهي. هاڻي ته سائين زاري آهي. شير شاهه جي شڪري وانگر گهر جا ڪڪڙ ماري ڄاڻون. منافقيون، ڊاڙون ۽ لٻاڙون هڻي ڄاڻون، باقي ٻڙي. في الحال ته ڪجهه ڪو نه آهي. اللهﷻ جڏهن اسان جي ٻُڌي. هو ڪو رحم ۽ ٻاجهه ڪري. هن خطي جي تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڪا گهٽتائي آڻي. باقي حڪمرانن ۾ ڪا اميد نه آهي. درياههَ ۾ پاڻيءَ بدران، واريءَ جو اڏامڻ ان جو مثال آهي.
    ۱۹۷۰ع تائين سنڌ جو وڏو مسئلو صرف ون يونٽ هيو. ٻين مسئلن ۾ ٻولي، بئراجن جي زمينن جي مفت غير سنڌين کي بخشيش، غير سنڌين جي آبادگاري وغيرھ. هتي جيڪي به برايون هيون، سنڌ جي سنجيدھ دانشور طبقي ۽ سياستدانن جو خيال هيو ته ان جو بنياد ون يونٽ آهي.
    ون يونٽ دوران سنڌ جي قومپرست ۽ سوشلسٽ اڳواڻن، ڪارڪنن سان گڏ قيد ۽ تڪليفون ڪاٽيون. آخر ايوب جي خلاف لھر اٿي، جنھن جو فائدو ڀٽي صاحب کي مليو ۽ هو ڪاميابي ماڻي، حڪمران بڻجي ويو.
    جڏهن بنگالين آباديءَ جي بنياد تي حڪومتن کان حصو گهريو ته ون يونٽ جي بنياد تي، اھو چئي سندن حق تلفي ڪئي وئي ته؛ ٻه ڀائر آهيون، برابريءَ جا حقدار آهيون. اُهي الڳ ٿيا ته پنجاب کي ڀٽي صاحب، آباديءَ جي بنياد تي گهڻو ڪجهه ڏئي ڇڏيو. سنڌي ماڻھو حڪمران، عقل ۽ سمجهه کان پري ٿي، سڀ سنڌي مال ميڙڻ ۽ نوڪرين چاڪرين کي لڳي ويا. ۳۵ سالن کان پوءِ، هاڻي سڀني کي خبر پئي آهي ته سنڌ ته ڀڙڀانگ ٿي وئي آهي. هر شيءِ لاءِ، اسلام آباد ڏانھن نھارڻو پوي ٿو. پ پ پ جي حڪومت آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو. ورنه ته ٻچن پالڻ جيترو مس ٿو وڃي ملي. پر انھن جي حڪومت نه آهي ته سڄي سنڌ ۾ واويلا مچي ٿي وڃي. بيروزگاري ۽ بويسي ڪَرَ کڻندي رهي ٿي.
    مان صاف راءِ ڏيڻ ٿو چاهيان ته؛ پاڪستان جي حڪمرانن مان سنڌي ماڻھن کي چونڊ ڪرڻي پوندي ته ڀٽي صاحب ۽ محترمه جون حڪومتون اقتصادي حساب سان پھرئين نمبر تي پسنديده حڪومتون رهنديون.
    محترم پليجي صاحب، طبقاتي حساب سان سنڌ ۾ سٺي جاڳرتا ڏني آهي. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو امام آهي. سيد مرحوم، جيئن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان محبت ڪئي آهي، ائين مقدس ڪتابن ۾ نبين پنھنجي قومن سان ڪئي آهي يا ڏند ڪٿائي قصن ۾، اهڙا تفصيل بيان ڪيل آهن. هن پئسا، ڪتاب، سچائي، محبت ۽ خلوص سنڌين کي ڏنو. هٿيار کڻڻ کان منع ڪئي. موٽ ۾ سنڌين کان ڪجهه نه گهريائين. ڏوراپا نه ڏنائين، ڪاوڙ ۽ غصو نه ڪيائين. ڪڏهن ڪڏهن صرف زار و قطار روئي ڏيندو هو. انسان ديوتا پيغمبر نه هيو. ڪارڪنن سان ٻچن وانگر پيار ڪندو هو. ائين نينھن نڀائيندي تمام وڏي عمر نظربنديءَ جي حالت ۾ وفات ڪيائين.
    جي ڪنھن راهه اَجل جي ورتي آ،
    هــن ڀـــونءِ ڪـئــي، ٻـــي ڀرتي آ ....
    اڃا ته سنڌ اهڙو عاشق پيدا نه ڪري سگهي، اڳتي لاءِ الله ئي ڄاڻي ٿو.
    سنڌين جي ووٽن تي وڏيرا، پير، مخدوم، سرمائيدار، پاٿاريدر ۽ اسمگلر ته چونڊجي آيا آهن پر پليجو ۽ سيد اسيمبليءَ ۾ پھچي نه سگهيا. آريسر، ڄام ساقي ۽ ٻين قوم لاءِ آواز اٿاريندڙن ۾ ڪڏهن اليڪشن ۾ بيھڻ جو سوچيو به نه آهي، ڇو ته سندن نظرين جي پٺڀرائي سنڌيءَ وٽ نه آهي.
    سنڌي قوم، منھنجي خيال ۾ سورهيه بادشاهه، شھيد الله بخش سومري، حيدر بخش جتوئي، نذير عباسي ۽ ٻين گمنام اڻ ڳڻين ڪارڪنن ۽ ليڊرن جي مقروض آهي.
    يحى خان واري اليڪشن ۾، ڀٽي صاحب پنجاب ۽ سنڌ منجھ تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڀٽي صاحب، پنھنجي دور ۾ بلوچستان ۽ سرحد جون چونڊيل حڪومتون ختم ڪري، پنھنجا من پسند ماڻھو مقرر ڪيا. ائين ڀٽو صاحب، ٻنھي صوبن جي ليڊرن ۾ گنھگار بڻجي ويو هو.
    گذريل ٻنھي مارشل-لائن ۾ وڏيرن، پيرن، مخدومن ۽ جاگيردارن لوٽو بڻجي اقتدار جا مزا ماڻيا ۽ سنڌ جي اصل مسئلن تان ڪن لاٽار ڪئي.
    موجوده اليڪشن ۾ پ پ پ اڪثريت سان کٽي آئي آهي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ کين ڪنھن جي مدد جي ضرورت نه آهي. غلام مصطفى جتوئي جون ٽي سيٽون، ق ليگ جون ڪجهه سيٽون ۽ پير پاڳاري جا پوئلڳ اسيمبلي ميمبر بڻيا آهن.
    قومپرستن مان سائين جي ايم سيد جو پوٽو جلال محمود شاهه ڪڏهن کٽندو آهي، ته ڪڏهن هارائيندو آهي. هو هن دفعي ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي.
    سنڌ نيشنل فرنٽ مان جناب ممتازعلي ڀٽو ۽ سندس پٽ ڪڏهن کٽندا آهن، ته ڪڏهن هارائيندا آهن. هن دفعي هو به هارائي ويا. ممتاز علي ڀٽو واحد سنڌي سياستدان آهي، جيڪو مرڪز جي حڪومت کي ڇڏي، سنڌ جي سياست ڪرڻ لڳو آهي. هن شايد ڀٽي صاحب جي شھادت مان اهو سکيو آهي ته سنڌ سواءِ، ٻيو ڪجهه نه آهي. مفت ۾ مري وينداسين.
    پليجي صاحب جو ڀاءُ غلام قادر پليجو، پنھنجي پارٽي ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿيو. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو هو. هاڻي ان جي ڌيءَ سسئي پليجو وزير بڻي آهي. جڏهن ته گذريل دور ۾ ميمبر هئي. پليجو صاحب پنھنجي پٽ سان گڏجي پارٽي هلائي ٿو ۽ اليڪشن ۾ حصو ڪو نه ٿو وٺي. هن شخص جون به قربانيون آهن.
    سابق جيئي سنڌ وارو گل محمد جکراڻي، سنڌ نيشنل فرنٽ ڇڏي، پ پ پ ۾ آيو آهي. جکراڻي صاحب سنڌ حڪومت ۾ صلاحڪار مقرر ٿيو آهي. نذير عباسيءَ جي شھادت کان پوءِ، ڄام ساقي پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. جيئي سنڌ الائي ڪيترن حصن ۾ ورهايل آهي. شاهه محمد شاهه جيڪو پراڻو ڪامريڊ آهي، اهو (ق) ليگ ۾ شامل آهي. حسين بخش ناريجو صاحب، ڪيتريون پارٽيون مٽائي ارباب رحيم سان گڏ وڃي ويٺو. ادريس ميراڻي صاحب خاموش آهي، پر پ پ پ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪنڊائتو ڳوٺاڻي زندگي گذاري ٿو. ائين سڄي سنڌ ڪامريڊن ۽ ڪميونسٽن وغيره سان سٿي پئي آهي پر هر هڪ رڳو پساهن ۾ پيو آھي.
    مذهبي جماعتن مان جمعيت علماءِ اسلام سنڌ ۾ منظم پارٽي آهي. هنن ڪڏهن ڪا سيٽ نه کٽي آهي. باقي گادي نشين پير ۽ بزرگ پ پ پ وارن کي ووٽ ڏياريندا آهن يا مسلم ليگ وارن کي. مذهب سان هنن جو صرف ڪلمي پڙهڻ وارو واسطو آهي. خالد محمود سومرو، اڪيلو سنڌ مان جمعيت علماءِ اسلام جو سينيٽر آهي، پر جيڪڏهن اليڪشن ۾ حصو وٺي ته اهو به کٽي ڪو نه سگهندو.
    مولانا عبيد الله ڀٽو صاحب، قومپرست مولانا آهي. اهڙيءَ طرح قادر مگسيءَ جي به پنھنجي پارٽي آهي. اهي سڀ پريشر گروپ آهن. سنڌ جي ڪنھن اشوءَ تي گڏ ٿيندا آهن ۽ ٻارن وانگر ڪاوڙجي اتحاد ٽوڙي ڇڏيندا آهن. مرحوم بشير قريشي جي به پنھنجي جدوجھد رهي. ڪارڪنن ۾ سندس مڃتا ھئي، پر ووٽ بئنڪ ۽ حلقو ان وٽ به نه ھيو.
    سنڌ ۾ غير سنڌين جون ٻه پارٽيون هن دفعي اليڪشن کٽي آيون آهن؛ ايم ڪيو ايم ڪُل ۵۱ سيٽون حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته هنن صرف ڪراچيءَ ۾ ۳۸-۴۰ سيٽون کٽيون آهن. جڏهن ته اي اين پي ٻه صوبائي سيٽون کٽيون آهن. ڪراچيءَ ۾ جيڪي سنڌين جا ووٽ آهن، انھن جو ڪو ڪارج ڪو نه آهي. باقي اردو زبان وارن ۽ لياري جي بلوچن مان، پ پ پ سيٽون کنيون آهن.
    مٿئين سڄي احوال مان ڄاڻ پوي ٿي ته؛ سنڌين جي سوچ بلوچن ۽ پٺاڻن کان بلڪل مختلف آهي. قومپرستن، سوشلسٽ ۽ مذهبي جماعتن سان هنن جي ڪو نه پوي. سڀ ووٽ جاگيردار ڪلاس ڏانھن وڃن ٿا، جن مان اڪثريت پ پ پ سان تعلق رکي ٿي. اسان سڀ مخدومن، پيرن ۽ وڏيرن کي ووٽ ڏيندي خوشي ۽ عافيت محسوس ڪريون ٿا، پوءِ به الائي ڇو رسول بخش پليجو صاحب چوندو آهي ته؛ ”سنڌي ماڻھو سڀني صوبن کان وڌيڪ سياسي سوچ رکندڙ آهي.“
    سائين جي ايم سيد چوندو هو ته؛ ”سنڌي قوم ايتري مھذب ۽ بااخلاق آهي جو دنيا ۾ هتان امن جو سبق ڦھليو.“
    هن ملڪ ۾ پاڪستان جي آئين سان به وڏي ويڌن ڪئي وئي آهي. ايتريون ترميمون ڪيون ويون آهن جو هُن جو حليو ئي بگڙي ويو آهي. ۷۳ع واري آئين جو بنياد روح پارلياماني آهي. ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو وزيراعظم هجڻ گهرجي ۽ صدر کي صرف آئيني اختيار هئن گهرجن پر سترهين ترميم صدر کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ٽاڪنگ شوز ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌي هر هڪ وائڙو ٿيو وڃي ۽ سُلجهيل ڳالھيون به اُلجهيو پون. آئيني ڳالھين جو خشڪ بحث، بازارن ۽ هوٽلن ۾ هلي پيو.
    گذريل اليڪشن ۾ محترمه جي رَتُ جي بدلي ۽ ظالمن جي ڪيل ظلم جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻھن، عورتن ۽ ٻُڍن سڏڪن، آهُن، دانھن، رڙين ۽ ڪُوڪُن سان جيڪي پ پ پ جي ميمبرن کي ووٽ ڏنا آهن، شل! انھن جي بدلي، پ پ پ وارا، اسان ماڻھن جي عذاب ۾ ڪجهه گهٽتائي آڻين. بدامنيءَ کي ختم ڪري امن، آرام ۽ سڪون مھيا ڪن. بنيادي مسئلن صحت، تعليم ۽ روزگار وغيره لاءِ ڪوششون وٺن. الله شل! هنن کي توفيق ڏئي ته اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟
    سڄو ملڪ ٻَري پيو؛ فاٽا، وزيرستان، بم ڌماڪا، خودڪش حملا ۽ بلوچستان مسلح جدوجھد، سڀني جي آڏو آهن. پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ پنھنجا لاش دفنائڻ ۾ پورا آهن. سنڌ ۾ پ پ پ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جون قبرون قطارن ۾ ٿي ويون آهن، پر پوءِ به پ پ پ لاءِ چئي سگهجي ٿو:
    لوڪ لڏڻ تي، چري اَڏڻ تــي ....
    ويٺي نينھن نڀائي.
    ايم ڪيو ايم هميشه پ پ پ جي اقتدار ۾ اتحاد جماعت رهي آهي. موجوده حالتن ۾ ڏسجي ته سنڌ جو اڌُ ڪُٺل معاشرو ڪيئن ٿو پنھنجو وجود برقرار رکي سگهي.


    ڦٽل واهه، واهڙ ۽ واهيون

    مسوديرو، جلباڻي سردارن جو ڳوٺ آهي. مسوديري جي اتر اولھه جي ڪنڊ وٽان قادو واهه وهي ٿو، جنھن جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري تي علي اڪبر شاهه ۽ مراد علي شاهه جون مزارون آهن. المطلب قادو واھ، مسوديري جي اتر ۾ ۽ ٻنھي مزارن جي وچان وهي ٿو.
    ٻنھي بزرگن جون مزارون مٽيءَ سان بڻايل ۲۰-۲۵ فوٽ مٿي دڙي تي اڏيل آهن. ۳-۴ ايڪڙن تي ايراضي ٿيندي. اُتي لانڍ ۽ وڻ وغيره آهن. ڏاڪڻ تي مٿي چڙهي وڃبو هو. ڏاڪڻ جي شروعات وٽ، مٺي پاڻيءَ جو کوهه هوندو هو، جنھن تي ڍينگهر وغيره پيل هوندو هو. جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته هر سال ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو هو. بزرگن جي عقيدتمندن ۾ جلباڻي ذات وارن جي اڪثريت آهي.
    مسوديري جي آسپاس انھن جا گهر ۽ زمينون آهن.
    پراڻو سکر واهه، آڳاٽي زماني ۾ ڀِٽَ جي ڀرسان وهندو هو. سکر واهه جون ڪُوران مون به ڏٺيون ۽ اڄ به انھن جا آثار آهن.
    ڀِٽَ تي ٻئي بزرگ هڪٻئي جي آسپاس هئا. سينه به سينه، پوڙها ٻڌائن ٿا ته؛ جڏهن قادو واهه بئراجن وقت نڪتو ته قادو شاخ کي ڀٽ جي وچان وهايو يا کوٽايو ويو. ماڻھن ڪجهه احتجاج به ڪيو پر جيئن ته مزارون سلامت رهيون تنھنڪري مسئلو ختم ٿي ويو.
    موجوده قادو شاخ، شڪارپور ضلعي جي حدن ۾ ڊکڻ شاخ سڏجي ٿي. سکر واهه وارو پاڻي، رتيديري جي ناڪي تائين ته مون به ڏٺو. پراڻي زماني ۾ اهو شھر جي ڏکڻ کان وهندو هو. ڪي ته اُن کي به گهاڙ واهه سڏين ٿا.
    رتيديري ناڪي وٽ گڏ ٿيل ۽ بيٺل سفيد پاڻيءَ ۾ کٽي ڪپڙا ڌوئيندا ۽ اتي سُڪائيندا هئا. هاڻي اُهي آثار ختم ٿي ويا آهن. جڳھيون ۽ ڪارخانا وغيره ٺھي ويا آهن.
    سکر واهه ۽ نئون ديري واري گهاڙ واهه ۾ فرق اهو آهي ته، نئون ديري وارو گهاڙ واهه تمام اونھو ۽ درياءَ جي ويجهو هئڻ ڪري، تازي پاڻيءَ جي وهڪري بند ٿيڻ ڪري اُهو بيٺل پاڻي، رنگ مَٽائي سائو ۽ بدبودار ٿي پيو. جڏهن ته گرمين ۾ اُن جي ڌپ، نڪ ۽ ناسون بند ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي. جيڪو ڦٽل گهاڙ واهه اسان ڏٺو ان جو تَرُ ۲۵-۳۰ فوٽن کان به وڌيڪ ٿيندو. اسان ٻه ٻه مانجهاندڙيءَ جا لڪڙا گڏي تـَرُ ماپڻ جي ڪوشش ڪئي. تـَرَ ۾ نرم گپ اندر ۴-۵ فوٽ لڪڙو ھليو ويندو هو. جڏهن گهاڙ ۾ ٻيڙيون هلنديون هونديون تڏهن ته ان جي اونھائي ۵۰-۶۰ فوٽن کان گهٽ نه هوندي.
    سڄي سنڌ ۾ جيئن مقبرا ۽ مزارون وغيره اهميت رکن ٿيون، تيئن واهڙ، واهه ۽ ڍنڍون ڍورا به اسان کي پنھنجي گم ٿيل تاريخ جا آثار ۽ نشان ڏسين ٿا.
    سنڌ جي تاريخ ايڏي ڇڙوڇڙ ۽ مُنجهيل لڳندي آهي، جو ماڻھو ڪم ڪندي ٿڪجيو ۽ بي دليو ٿي پيو.
    ماڻھو سوچي سوچي، ڳولي ڳولي، آخر ڪنھن نتيجي تي پھچي ٿو. مان جيڪو نتيجو گهاڙ واهه ۽ ٻي باقيات جو ڪڍيو آهي، اُهو اوهان تائين پھچائڻ چاهيان ٿو. جيئن ٻيا بزرگ ۽ نوجوان منھنجي رهبري ڪري سگهن.
    سکر واهه
    سکر واهه، سنڌو درياءَ مان نڪرندو هو. مدئجيءَ جي ڀرسان ڳاهيجا ڳوٺ آهي، اُتي اڄ به آثار ڏسي سگهجن ٿا. گهاڙي واهه، جيڪو مرکياڻي زميندار کڻايو، اهو اڳ ذڪر ڪيل ڪورن مان نڪتو جنھن کي گهاڙي سڏيو ويو ۽ اهو ناڙي بلوچستان تائين پھتو. اها به خاطري آهي ته ان وقت ناڙي سنڌ جي حدن ۾ هوندي، ڇو ته دولھه دريا خان، ڄام فيروز جي وقت، ترخانن ۽ ارغونن کي سبيءَ تائين سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو هو .
    فتوئل واهه
    مسوديري جي ڏکڻ ۾، جلباڻي صاحبن جي باغن کان پوءِ، فتوئل نالي ننڍڙي واهڙي زمينن کي پاڻي پھچائيندي هئي. فالتو پاڻي ڀرسان نانگي شاهه ۾ گڏ ٿيندو هو. کڏ جي مٿان موالين جو مڪان هوندو هو، جنھن جي امير بخش عرف ڪاڪو ميرو کٽي صفائي وغيره ڪندو هو. کيس جنڙي هوندي هئي. اسان صرف اهو ٻڌو هو. باقي نه ته ڪاڪو ميرو ڏاڍو قربائتو هوندو هو. اسان شاگردن کي استاد، مڪان ڏانھن وڃڻ کان روڪيندا هئا، تنھنڪري جيستائين وڏا ٿياسين اوڏانھن نه ويندا هئاسين.
    سائين ٻُڍل شاهه فقير سيد هيو. ان جو پٽ امام شاهه ۽ ان جو اولاد اڄ به اُتي آهن.
    فتوئل واهڙي، اوڀر کان وهندي ايندي هئي. لڳي ٿو ته اهو ڪڏهن فتوئل واهه هوندو جيڪو سالار ڀٽو کان وهندو ھو. مسوديري جي اوڀر کان، دادو ڪئنال جيترو ڦٽل واهه هوندو هو، ان کي اسان موڙهه سڏيندا هئاسين. اهو به گمان آهي ته موڙهه ئي اصل ۾ فتوئل واهه هجي. هاڻي ان موڙهه ۾ زمينون آباد ٿي ويون آهن. پر ڪٿي ڪٿي ان جي مٿان پڪين سِرن سان گول پُليون ٺھيل آهن. سالار ڀٽو ۾ اسان جا مائٽ آهن. شاديءَ غميءَ ۾، بابو ڏاند گاڏيءَ تي اسان کي اوڏانھن وٺي ويندو هو، تنھنڪري اهو سڄو آسپاس، منھنجو ڏٺل آهي.
    ميرپور ڀٽو ۽ مسوديرو وچ ۾، صرف هڪ ڪلوميٽر زمينون آهن. وارهه تائين هنن جي واهڙن جا پنھنجا نالا آهن. ميرپور کان اوڀر طرف، سالار ڀٽو تائين جيھن جا ڪافي ڳوٺ آهن.
    منھنجي سامھون ذوالفقار علي ڪلھوڙو جو آرٽيڪل آهي. هي صاحب قائداعظم يونيورسٽيءَ جو پروفيسر آهي. آرٽيڪل ڇپيو آهي“Journal of Civilizations July 2009”، آرٽيڪل جو عنوان آهي: The Necropolis of Jeevan Shah in Larkana Sindh. سڄو آرٽيڪل پڙهڻ ۽ سانڍڻ جھڙو آهي. مان اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته بين الاقوامي طور جيڪا ريسرچ ٿيندي آهي، اُهي معيار اسان وٽ نه آهن، ڇو ته ۶۰ سالن ۾ اسان جي ادارن معياري ڪم نه ڪيو آهي. رڳو پگهارون کائڻ، عياشيون ڪرڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرائڻ جا چئمپين ٿيو، داٻا ڏيو ويٺا جاوا ڪن. اڪيلو ذوق رکندڙ ماڻھو، ٻچن جو پيٽ پالي يا ريسرچ ڪري. ريسرچ تي ٽائيم ۽ پئسن جو خرچ ٿئي ٿو؛ ڪتاب وٺڻ، اچڻ وڃڻ جي تڪليف ۽ ڀاڙا خرچ، ميل ميلاپ ڪرڻ وغيرھ. سنڌ جي اڳاڙيل ٽئڪسن مان اهي ڪم ٿيڻ گهرجن ته ڌرتيءَ جي تاريخ نروار ٿئي ۽ ايندڙ نسل لاءِ ڪا آساني ٿئي. مقصد اهو آهي ته مون جھڙا ريسرچ ڪري ئي نه ٿا سگهن. حڪومت سنڌ، عالمن ۽ دانشورن کان سنجيدگيءَ کان ڪجهه ڪم ڪرائي ته چڱو آھي، ٻي صورت ۾، هر شيءِ تيزيءَ سان مٽجي رهي آهي.
    1. The Tomb of Qado Dhamraho.
    2. The Tomb of Fatuhal or Fatuwal.
    هنن ٻنھي سب ٽاپڪس کي جيئن جو تيئن لکان ٿو (فوٽو اسٽيٽ).
    هنن مان ڪلھوڙن جو دور نمايان ٿئي ٿو. شروع ۾ لکيل مٺيءَ واري مقام جي به وضاحت ٿئي ٿي . مِٺو به قادو ڌامراهي دور جو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته نئون ديري ۾ رهندي مولابخش کي ڳوليان. ذات لکيل ڪو نه آهي، پر پوءِ به ڪلھوڙي صاحب سان رابطو ڪري پڇي سگهجي ٿو. ڪلھوڙي صاحب کي ٻين به معلومات ڏني آهي. بدر ڌامراهي صاحب جو چوڻ آهي ته ڌامراها پنھورن جي شاخ آهي.
    لاڙڪاڻو-دادو روڊ تي ڌامراهو واهه تاريخي حيثيت رکي ٿو. ماضيءَ ۾ محترمه جا استقبال هجن يا سن وڃڻ جا قافلا، ڌامراها واهه وسارڻ جھڙو نه آهي. قدرت جا ڪرشما آهن. ڌامراهو واهه ته آهي پر زمينون کيڙڻ ۽ آباد ڪرڻ وارا ڌامراها ذات وارا نه آهن. الله ڪُل شيءِ قدير آهي. حيرت ۽ ڏڪڻي ٿي وٺي وڃي. اي انسان! ڌرتيءَ تي آڪڙجي نه هل! (قرآن مجيد) ڌاريا اسان کي مٽائڻ ٿا چاھين پر پنھنجي وڏڙن جي تاريخ تي توجھ ڏين.
    The Tomb of Qado Damraho (Qadir Bux)
    To the north of Jeevan Shah’s tomb is situated the dilapidated tomb of Qado Damraho. He served Mian Din Muhammad, Yar Muhammad Kalhoro, and Mian Yar Muhammad Kalhoro. These days he is considered to be a patron saint of the Damraho tribe. Like Meeran Shah, his tomb hustles with his tribesmen who bring their male babies for head-shaving. Qado Damraho got a channel dug for irrigating his land which was bestowed upon him by Mian Yar Muhammad Kalhoro in return for his military services. The channel that Qado Damraho got excavated is known as Qado Wah which irrigates considerable agricultural land in Ratodero taluka. The tomb of Qado Damraho is believed to have been built by Mian Noor Muhammad Kalhoro. Presently, the tomb of Qado Dhamraho is rapidly falling to pieces. One can only find the remaining walls of the tomb that have withstood the vagaries of weather which played havoc on the original beauty.
    2. The Tomb of Fatuhal or Fatuwal:
    The tomb of Fatuhal that lies to north of Qado Damraho’s structure is also in appalling condition. Only the western southern walls have survived. Fatuhal served both Mian Yar Muhammad Kalhoro and Mian Noor Muhammad Kalhoro. There had been four persons by the name of Fatuhal in the Mianwal MovementL Fatuhal Chhajro, Fatuhal Zardari, who is buried in the necropolis of Balo Faqir Zardar in Nawabshah. Fatuhal Lekhi, son of Bilawal Lekhi, who is buried in the graveyard of Shah Panjo Sultan Dahot, and Fatuhal Naich, who is buried in this necropolis belonged to the Chhajro tribe. The real name of Fatuhal was Fateh Muhammad, who, like others, got a channel excavated which is named after him as Fatuhal Wah. This channel excavated which is named after him as Fatuhal Wah. This channel originates from Ghar Wah and irrigates substantial agricultural land of many villages in Qamber taluka.
    Like other tribes of Sindh, the Chhajro tribe also plays an important role in the Mianwal Movement. This tribe also produced a number of eminent generals and soldiers as well. However, Fatuhal Chhajro and Yousuf Shah Chhajro were quite prominent. There have been two persons by the name of Yousuf Shah in the annals of the Mian wall Movement. They were Yousuf Shah Lund, a disciple of Mian Ghulam Shah Kalhoro, whose tomb is located near the village of Shadman in the Ran of Kutch just opposite the Shikhani Gahri and Rupa Mari (an ancient capital of the Soomras) in Badin and Yousaf Shah Chhajro, a disciple of Mian Deen Muhammad Kalhoro whose shrine is situated near Mitho Dero in Larkana. Popularly he is known as Yousaf Shah Jillani.
    نئون ديري لڳ پنجُوديرو ڳوٺ، سکر واري روڊ تي آهي. شھر جا زميندار ڇڄڙا آهن. هو پڙهيل لکيل، نوڪري ڪندڙ ۽ شريف وڏيرا آهن. ڪنھن سان به آزار نه اٿن. پوليس ۽ روايتي وڏيرن واري چال نه هجڻ ڪري ۽ چورن وغيره جو ساٿاري نه هئڻ ڪري هنن جي عزت ته آهي پر هنن کان ڪو به ڳوٺاڻو خوفزده نه هوندو آهي. ڇڄڙن وانگي اگھم به زميندار رهيا آهن. هنن جو ڳوٺ بنگل ديرو واري روڊ سان آهي. نئون ديري روڊ تي ڏکڻ واري باءِ پاس ديھه شادي اگھم آهي.
    عبدالوهاب سھتو صاحب، بنيادي طور تي انجنيئر ۽ سنڌي ڪھاڻيڪار آهي پر پھاڪن ۽ چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري ٿو پيو، ڪافي ڪتاب ۽ ترجما وغيره ڏنا اٿائين. سندس خيال آهي ته؛ گهاڙ لفظ، گهڙڻ مان نڪتل آهي. جيئن ڊکڻ جو ڪاٺ مان ڪجهه ٺاهڻ، ڪنڀر جو مٽيءَ مان ڪجهه بنائڻ، پر سوال ٿو اٿي ته واهه يا ڪئنال کوٽبو، کوٽائبو يا کڻائبو آهي. سھتي صاحب جي ڳالهه کي ائين به بيان ڪري سگهجي ٿو ته درياءَ جي تيز وهڪري، بند ٽوڙي قدرتي طور گهاڙ وهايو هجي ۽ اهو ئي تيز وهڪرو گهاڙ واهه ۾ تبديل ٿيو هجي. ائين ڪيترا برساتي نالا ۽ وهڪرا سنڌ ۾ هر هنڌ ملن ٿا.
    گِهڙُ، گهيڙُ ۽ گهاڙ وغيره هڪ ڪٽنب جا لفظ لڳن ٿا. مصدر ٿيندو گِهڙڻ: پاڻيءَ ۾ لھڻ. گهَڙڻ: ٺاهڻ. شاهه صاحب گهاڙي لفظ؛ سُر ڏهر ۾ ڪم آندو آهي، جيڪو هڪ ماڳ جو نالو چون ٿا، پر اهو ماڳ ڪٿي آهي ان جي وضاحت نه آهي.
    محترم سھتي صاحب ٻين واهن جو تفصيل ٻڌايو، جيئن عاقل لاڙڪاڻي کان سدا واهه، بيگاري واهه، حڪمرانن ۽ تر جي زميندار بيگر هڻي کوٽرايو هو، تنھنڪري ان تي بيگاري واهه نالو مشھور ٿيو.
    مون اردوءَ جي فيروز لغات ۾، گهاڙ لفظ کي هيٺين ريت ڏٺو:
    گهاڙ: مصيبت. ان سان گڏ ’ق‘ يعني قديم لفظ لکيل آهي، ڏسو صفحو ۱۱۱۹ ڊڪشنريءَ ۾. هن لفظ جي پٺيان لکيل آهي ته هي لفظ عربي، پارسي، هندي يا سنسڪرت وغيره جو آهي پر گهاڙ لفظ سان قديم لکيل هجڻ خاطري ڏياري ٿو. هي لوڪل لفظ آهي، جيڪو ٻين ٻولين ۾ به مروج آهي.
    جيئن مان مٿي ذڪر ڪيو ته ڪنھن ٻوڏ وقت سنڌوءَ جي وهڪري ڪنارا ٽوڙي، آبادين ۽ زمينن تي تباهي ۽ مصيبت آندي هجي ۽ ان جي بچيل نشان کي گهاڙ يعني تباهي ۽ مصيبت سڏيو هجي. اللهﷻ بھتر علم رکندڙ آهي. پر اسين ايترو سوچي سگهون ٿا ته هي ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. سنڌ جي ڌنڌلي تاريخ منھنجي ذهن ۾ ائين اڀري ٿي، جيئن ڪنھن شاعر چيو آهي؛
    ”ماري ڪوئل ني ايسي ڪوڪ، ماهيا مينون ياد آگيا،
    دل ۾ اُٺــي ايــســي هــوک، مــاهــيــا ميـنــون يــاد آگيـا.“
    اهو به ممڪن آهي ته ”گهارو“ مان گهاڙ بڻجي ويو هجي. اصل ۾ درياءُ پائي، گهارو ڪري پنھنجو گس ٺاهيندو آهي.
    هاڻي اچو ته ڏسون، گهاڙ واهه بابت ڪتابن ۾ ڇا لکيل آهي.
    وچ ايشيا ۽ اولھه ايشيا سان گهاڙ واهه ڳنڍيل رهيو. گهاڙ واهه آبي شاهراهه رهيو، جنھن مان مراد آهي ته پتڻ/ بندر به هوندا. ۳۲۷ ق. م ۾ سڪندر اعظم ماهوٽا ضلع لاڙڪاڻي مان گذريو. سڪندر يونانيءَ جي وقت جا سنڌ ۾ صرف ٻه شھر اڄ به آهن؛ ماهوٽا ۽ سيوهڻ.
    موجوده ماهوٽا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾، مقام جي ڀرسان، اڄ به ڦٽل گهاڙ واهه ڏسي سگهجي ٿو. مقام ۽ گهاڙ واهه جي وچ ۾ وڏو دڙو آهي، جنھن کي ان وقت شھر جو تباهه ٿيل قلعو سڏجي ٿو. اڄڪلهه اتي قبرون ٿي ويون آهن. هن مان خبر پوي ٿي ته گهاڙ واهه ۽ ماهوٽا اڍائي کان ٽن هزارن سالن تائين قديم آهن.
    ساڳئي ڪتاب ۾ منڇر ڍنڍ بابت لکيل آهي ته؛ منڇر ڍنڍ ڇھه هزار قبل مسيح يعني اٺن هزارن سالن کان آهي.
    نئون ديرو: نوان ۽ پراڻا ورق ڪتاب ۾ لکيل آهي ته؛ گهاڙ واهه ڪلھوڙن جي دور جو آهي. ڇا هي ٻن جدا گهاڙ واهن جا تفصيل آهن؟ فيصلو اوهان پاڻ ڪريو. اسان جا اسڪالر ۽ دانشور هن کي ريسرچ سڏين ٿا. منھنجو عقل ڪم ڪو نه ٿو ڪري. ڳالهه سچي ڪرڻ گهرجي، جيڪا اوهان آڏو آهي.
    وڌيڪ تفصيل ايندڙ صفحن تي ايندو. في الحال ٻي آيل تحقيق کي نظر مان ٿا ڪڍون:
    ماڳ جو نالو: ڌامراهي وارو دڙو
    دور: ۴ ۽ ۵ عيسوي.
    جڳھه: باڊهه ريلوي اسٽيسن ڀرسان. ڇھه ميل ڏکڻ. اولھه ۾ ضلعو لاڙڪاڻو. ڳوٺ ڌامراهو، ڦٽل دڙي جي صورت ۾، چوڌاري دڙي جي ٺيڪراٺو پکڙيل آهي.
    پراڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ ڌامراها واهه، وڳڻ-ميھڙ روڊ تي مشھور رهيو آهي. پ پ پ جا جلسا يا جيئي سنڌ وارن جا قافلا، گڏ ٿيڻ ۽ انتظار ڪرڻ جي جڳهه ڌامراها واهه رهيو آهي، پر آسپاس ڪٿي به ڌامراها ذات وارن جو ڳوٺ ۽ آبادي نه آهي. آهن نه سنڌ جي تاريخ جا رُڃ وانگر کيل آھن. بنگل ديرو-لاڙڪاڻو روڊ تي، ڌامراهن جو ڳوٺ، نظام الدين اولياءُ دھليءَ ۾ مدفون، رئيس المھاجرين، بيريسٽر جان محمد جوڻيجي جو ڳوٺ ھئڻ جي ڪري مشھور آهي. موجوده ڌامراهن جو چڱو مڙس، بدر ڌامراهي صاحب ٻُڌايو ته راجا خان ڌامراهو هيو جيڪو انگريز دور ۾ ٿي گذريو آھي.
    سنڌ جي تاريخ پڙهي، سوچجي ٿو ته ساهه ٿو ٻوساٽجي، مغز ٿو چڪرائجي. گهاڙ واهه وانگر، هر شيءِ منجهيل سُٽ وانگر آهي. افلاطون چيو آهي ته؛ ”جڏهن ماڻھو تجربو حاصل ڪري سچ ڳولي لھندو آهي ته هن وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڪا سگهه نه هوندي آهي.“ اسان ماڻھن وٽ هاڻي ڪجهه ڪو نه بچيو آهي. پر اهو سچ آهي ته ”اسان جو ڪو سڄڻ نه آهي.“
    ڦٽل گهاڙ واهه، جيڪو راقم اکين سان ڏٺو
    قاضين جي محلي جي وچ مان گندي پاڻيءَ جي کڏ هوندي هئي، اُها اسان جي گهرن کان، فقير عيسى مرحوم جي مسجد کان مٿي، ڪرٽين جي محلي تائين هوندي هئي. بدبودار پاڻي، ڍونڍ جي ڌپَ، خاص طور تي گرمين ۾ سڄي محلي ۾ ڦھلجي ويندي هئي. هاڻي پڪيون گهٽيون ۽ گهر ٿي ويا آهن پر اهي يادگيريون سڀني وٽ آهن.
    تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته؛ لاڙڪاڻي وارو گهاڙ واهه، شاهه علي عرف شاهل محمد کوٽايو هو. هي سلسلو ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جي دور ۾ به جاري رهيو.
    پير شاهل محمد اڄ به مشھور آهي. سندس مقبرو لاڙڪاڻو-قمبر روڊ تي آهي. اڄ به بيمار ۽ باسون باسيندڙ، پانڌيئڙا اتي ويندا رهندا آهن. گهاڙ واهه، هڪ ڪتاب ۾ ق.م ۽ ھڪ ڪتاب ۾ ڪلھوڙا دور جو؛ هِن کي اسڪالر ريسرچ چون ٿا. ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. ائين اسان دنيا جا وڏا وڏا نعرا ۽ سچايون ڌوڙ ڪري ڇڏيون آهن. مثلاً؛ لانگ مارچ ۽ ڌرڻا وغيره. ڪٿي رهي ماؤزي تونگ جي لانگ مارچ ۽ ڪٿي اسان جا نعرا هڻندڙ ميڙ ۽ تقريرون. ايشيا ۽ آفريڪا ۾ جمھوريت جو نالو بار بار اچي ٿو. جمھوريت ۾ ۱۰۰ سيڪڙو تعليم هوندي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ۳۰ سيڪڙو به نه آهي. ووٽن وقت مرد ۽ عورتون پولنگن تي آڻي ائين ووٽ لاءِ پيپر تي آڱوٺو هڻائيندا آهن، جيئن غلامن کان ڪم وٺبو هو. جيڪي جرنيل آئين تحت حلف کڻندا آهن، اُهي ملڪ جا نوڪري ڪندڙ ملازم، حڪمران بڻجي ويندا آهن ۽ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن کان ڪا پڇا ٿي نه سگهي آهي.
    اسان جي زندگي عجيب ۽ حالتون رحم جوڳيون آهن. سوچڻ سان جيئڻ، ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
    هاءِ اسڪول نئون ديري جي اولھه ۾ گولي واري کڏ هوندي هئي. اڌ شھر جو گندو پاڻي، هتي اچي گڏ ٿيندو هو. هاڻي اُتي شاپنگ سينٽر ۽ شھيد محمد مراد ڪالوني ٺھي چڪي آهي. محلو غريب آباد ۽ شھر، پاڻ ۾ ملي چڪا آهن.
    جيئن شروع ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته؛ گهاڙ واهه سان گڏ گولي واري کڏ مان مٽي کڻي، گوپالي واري/نم چونڪ کي مٿي دڙو ڪيو ويو آهي. مون کي گمان آهي ته هي هندن جو جوڙايل ڳوٺ آهي. ممڪن آهي ڀرپاسي ڪو ڳوٺ، ٻوڏ وغيره ڪري تباهه ٿيو هجي يا ان جي ڊپ سبب، اُتان جا رهاڪو هتي اچي آباد ٿيا هجن ۽ ان سبب مٿس نالو ”نئون“ ڏنو هوندائون.
    جيڪي ڳوٺ ٻڌندا آهن، اُهي مٿانھينءَ تي پنھنجا گهر ۽ ڪاروبار ڪندا آهن. بعد ۾ جڏهن اهو ڳوٺ، شھر ٿيڻ لاءِ وڌندو آهي ته ٻي آبادي اچي اتي گڏ ٿيندي آهي. عقل جي ڳالهه آهي ميربحر، ماڇي، قاضي ۽ ڪرٽيا وغيره بعد ۾ اچي آباد ٿيا آهن. ورنه ته هو جهنگ ۾ کڏن، کُوٻن ۽ بدبودار پاڻيءَ جي ڍوري مٿان گهر ڇو اڏين ها. ٻاهران ايندڙ ماڻھن جي مجبوري هوندي آهي ته رهڻ لاءِ ڪو ٽڪرو زمين جو مِلي پوي. تنھنڪري منھنجي پختي راءِ آهي ته، مٿيون ذاتيون هن شھر جو بنياد رکندڙ نه آهن. ڀٽا صاحبان ته دير سان نئون ديري آيا آهن؛ يعني رسول بخش خان ۽ خانبھادر مرحوم، صرف ٻه پيڙهيون اڳ.
    سنڌ نه بلڪ دنيا ۾ لڏپلاڻ جا هيٺيان ڪارڻ رهيا آهن:
    • زمينن تي جهيڙو.
    • عورتن جو مسئلو.
    • بيماريون يا وبائون.
    • ٻوڏون.
    • پاڻي ۽ گاهه جو مسئو، خشڪ سالي وغيره.
    • روزگار جي تنگي.
    • چڱ-مڙسيءَ تان برادرين ۽ قبيلن جي ويڙهه.
    موجوده ڦٽل گهاڙ واهه جي ڪناري تي پرائمري ۽ انگريزي اسڪول، هندن جي عورتن جو عبادتگاهه، پير چوڏهيي جي قبر ۽ اوڀر ۾ راشدين جو بنگلو چئي سگهجي ٿو. اڄ به اُهي اولھه کان اوڀر، ساڳئي رستي سان آهن.
    ڪتاب نئون ديري جي آخري رنگين صفحي تي لطف الله سورتيءَ بابت لکيل آهي: هو ۱۸۳۸ ۾ هتي نئون ديري آيو ۽ ترسيو. هن پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته؛ ”هن ڳوٺ جو سنڀاليندڙ، محمد خان سيال آهي.“ اهو ميرن جو دور هيو. ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي.
    هو وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ”نئون ديرو وڏو ڳوٺ آهي، جو مير محمد خان (حيدرآباد) جو آهي. اسان نئون ديري وارن کي خبر آهي ته رائيس ڪئنال مان، مير واهه نڪري ٿو. ڪوٽ ۽ ڪوريجا مٿان، وهي ٿو. گمان آهي ته بئراج (۱۹۳۳ع) کان اڳ، اهو واهه کوٽايل هيو. ممڪن آهي، اهو به گهاڙ واهه مان نڪرندو هجي ۽ بعد ۾ پراڻو نالو، قادي واهه وانگر ماڻھن جي دلين ۾ محفوظ رهيو هجي.
    اچو ته مختصر ذڪر سنڌوءَ جي ڪچي جو ڪيون. سال ۱۹۷۰ع کان تقريباً ۱۹۸۵ع تائين، گهمڻ ۽ تفريح لاءِ ڪچي ۽ ٻيلي ڏانھن سنگت سان وڃبو هو. سنڌوءَ جي ٻنھي بچاءُ بندن جي اندر واري زمين کي ڪچو سڏبو آهي. بندن کان ٻاهر پَڪو سڏبو آهي. پنجاب جي دريائن کي ڪچو آهي ئي ڪو نه. صرف سنڌ ۾ اهو محاورو آهي. درياءَ ۾ پاڻي گهڻو هوندو آهي ته ڪچو ٻڏندو آهي، جنھنڪري چڻا، مٽر ۽ تيلي ٻج وغيره ڪڻڪ سميت سٺا ٿيندا آهن. سڪندر يونانيءَ جي وقت، سنڌوءَ جو پيٽ ميلن ۾ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو. موجودھ بند ته هاڻي ٺاهي درياءَ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي نه ته اڳ ۾ پراڻا بند پڪي تي هوندا هئا. سرڪار ۾ رهندڙ زميندارن جي مرضيءَ سان ڪچي واريون زمينون پڪي تي آنديون ويون آهن، جيڪي آسانيءَ سان بئراج جي واهن جي پاڻيءَ سان آباد ٿين ٿيون. ڪچي جي زمينن تي زميندارن کي ڪجهه ڇوٽ وغيره آهي يعني پڪي واري ڍل نه آهي.
    چوڻ پئي چاهيم پئي ته ڪچي ۾ ٻُرڙن جي پتڻ کان فورٺ واهه وهندو هو. ان ۾ درياءَ مان پاڻي ايندو هو ۽ عاقل کان وري وڃي درياهه ۾ پوندو هو. هاڻي فورٺ ۾ درياءَ بجاءِ، ڦلپوٽن جي مٿان، دادو ڪئنال مان نڪتل ڇنڊڻ جو پاڻي وهي ٿو. ڇنڊڻ، ڀٽي صاحب جي وقت ۾ ٺھي ته دادوءَ جو فالتو پاڻي وهايو وڃي. ايئن ئي جيئن؛ چشما-جھلم لنڪ ڪئنال سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ وهائڻو هو. مون کي ياد آهي ته سنڌ جي قومپرستن، خاص طور تي سائين جي ايم سيد، پليجي ۽ ڄام ساقي وارن وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، پر پوءِ پ پ پ حڪومت اهو ڪئنال ٺھرايو هو ۽ اڄ ان جي خرابين کي سنڌ ڀوڳي پئي.
    فورٺ جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم ته گهاڙ واهه جي سنڌوءَ مان نڪرڻ واري جاءِ جا آثار، مون کي ڪو نه ٿا ملن. گمان آهي ته اهو ٻرڙا پتڻ، عزت جي وانڍ، شاهاڻين يا اڃا مٿان گهاڙ واهه جي شروعات ٿيندي هوندي. هي سڄو ٽيم ورڪ آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته ايريگيشن وارن جي رڪارڊ ۾ ان جو نشان ضرور هوندو. منھنجي پھچ ايتري نه آهي تنھنڪري ڪو ساٿي ان جي ڳولا ڪري.
    لاڙڪاڻي ويگن تي آيس پئي. ڀر واري سيٽ تي ھڪڙو ڪرڙوڍ مڙس ويٺو ھيو. پاڻ ٻيلي کاتي جو جھونو ملازم ھيو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”گھاڙ واھ جو درياھ منجھان ڦاٽ، باگڙجيءَ لڳ سنڌوءَ جي بچاءَ بند وٽان ھيو. جنھن جا ڦٽل نشان، مدئجيءَ کان مٿان جندوديرو ڀرسان اڄ به ڏسي سگھجن ٿا. پاڪستان کان اڳ جي فاريسٽ جي نقشن ۾ انھيءَ جا چٽا اھڃاڻ ملن ٿا. ان سان گڏ ٻيو به قدرتي ڦاٽ ھيو، جيڪو وھي شڪارپور طرف ويندو ھيو ۽ اتان جي زمينن کي آباد ڪندو ھيو.“
    اڳ ۾ عاقل کان سدا واهه جو ذڪر ڪيو اٿم. مون کي گمان آهي ته ساڳيو فورٺ جيڪو درياءَ ۾ داخل ٿئي ٿو اهو ئي عبدالوهاب سھتي وارو سدا واهه ٿي عاقل وٽان ته نه نڪرندو هو. سدا يعني هميشه وهندڙ. فورد يا فورٺ لفظ به توجهه ڇڪائي ٿو پر جيئن ته اڳ ۾ مواد ڪافي ٿي ويو آهي تنھنڪري ان جي صرف نشاندهي ڪري ڇڏي ٿو ڏيان.
    اچو ته اندر جي ٽانڊن کي شاهه جي شعر سان وڌيڪ ڀڙڪايون:
    جئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تئن مون من ماروئڙن جو،
    ڏنـــيـــون لـــس لــطــيــف چــئــي، هـينئــڙي کــي هـمـيــر،
    وڃــي مـنـجـهـه مـلــيــــر، ســڀ ڇـــوڙيـــنـــدس ســومــــرا.
    سڄي سنڌ، رهزنن ۽ جاهلن لُٽي، تاريخ تي لَٽُ وجهي ڇڏيو آهي. انفرادي طور ڪم ٿي رهيو آهي. اسڪالر ڪتاب لکي رهيا آهن. الله پاڪ کين وڌيڪ توفيق ڏئي. (آمين).
    جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو،
    سنئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو. (شاهه)
    جتي ماڻڪ يعني قيمتي شيون هونديون آهن، اُتي چور ۽ رهزن اچي ڪٺا ٿيندا آهن. انھن جو ڀاڳ ڀلو آهي جن پنھنجا ماڻڪ لٽيرن کان محفوظ ڪيو.
    يــار سـچــل دي لــکــيــن ڪــشــالــي،
    گهـونـگهـٽ کـولـڻـا، ٻهـه ٻهـه ٻـولـڻـا،
    ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا. (سچل)
    شل سنڌ جي تاريخ جو گهونگهٽ کلي پوي؟


    نئون ديرو: نئون جوش ۽ جذبو ڏيندڙ شھر

    موجوده پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سال ۲۰۰۸ع کان اقتدار ۾ آهي. هيءُ سندس چوٿون دورِ حڪومت آھي، جيڪو سدائين جيان، سنڌي ماڻهن جي ووٽن سبب ماڻي رھي آھي. ان دوران نئون ديري کي جيڪي مليو آهي، تنھن کي مختصراً محفوظ ڪرڻ چاهيان ٿو.
    • محترمه جي شهادت کان پوءِ بحريه ٽائون وارن، سندس روح کي ثواب پھچائڻ خاطر ھتي دسترخوان اچي کوليو آهي. جتي ضرورت مند ۽ بکايل ماڻهو قطار ٺاهي، عزت آب نموني، ٽيبلن ۽ ڪرسين تي ويهي ماني کائين ٿا. ڪافي عرصي کان اهو سلسلو جاري آھي ۽ اميد آھي ته جيسين سندن حڪومت آھي تيسين هلندو رهندو.
    • حڪومت ٺهڻ کان پوءِ محترمه فريال ٽالپر صاحبه هن شهر جي پرگهور لهي ٿي، جنھن سبب بوائيز هاءِ اسڪول ۽ گرلس ڪاليج جون نيون عمارتون ٺهي رهيون آهن. شادي هال مڪمل ٿي ويو آهي. ٻيا به ڪافي سنها ٿلها ڪم ٿيا آهن جھڙوڪ؛ سنڌ بئنڪ جي شاخ کُلي آهي. ان ۾ ۽ نيشنل بئنڪ ۾ ڪافي نوجوانن کي نوڪريون مليون آهن. ان کان علاوھ ٻين کاتن ۾ پڻ، ڪافي ڪچا پڪا آرڊر ماڻهن کي ملندا رهن ٿا.
    • ٺيڪن جي ڪمن مان، مڊل مئن ۽ ٺيڪيدار وغيره ڪمائين ٿا. دوڪاندارن سان گڏ پورهيتَ به، پنهنجو زندگيءَ جو لڏو آسانيءَ سان هلائين ٿا. ڪاروبار ۽ نوڪرين وغيره ملڻ جي ڪري شهرين ۾ خوشحالي اچي ٿي. هميشه جيان پ پ پ جي هن دور به شرفاءَ جو نئون گروھ پيدا ڪيو آهي. اھو اڳتي هلي، شهر جي اثر رسوخ رکندڙن ۾ ڳڻيو ويندو.
    خاص طور تي نوڪرين جي آسري تي ڏاڍا اسڪينڊل سامهون آيا آهن. غريبن جا پئسا به ڪو نه ٿا موٽن، پوءِ به ماڻهو سُڌرن نه ٿا. هر هڪ سرڪاري نوڪري چاهي ٿو، توڙي جو سندس عمر ڀلي پنجاھ سالن کان مٿي ٿي وئي آهي.
    هڪ دفعي هڪ محفل ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسون. مان اثنا عشري لفظ استعمال ڪري ڪا ڳالھ ڪرڻ پئي چاهي. اتي هڪ همراھ، مون کي چيو ته ”شيعو چؤ نه!“ مان هڪو ٻڪو ٿي ويس ته هِن کي اوچتو مرگهي ڇو ٿي، پر خاموشي بهترين هٿيار آهي. سو چپ رهيس.
    اهو همراھ به فائدن وٺڻ جي ريس ۾ آهي. رب پاڪ کان دُعا آهي ته سڀ کان وڌيڪ ان کي ڏياري. هو جذبن ۽ عقيدن جي قرباني ڏئي رهيو آهي. وقت ڏاڍو بي رحم آهي.
    هڪ ملان تقرير ڪري رهيو؛ ”اسلام جا بنيادي رڪن، پنج آهن“، جنھن تي ويٺلن مان هڪڙي مجذوب فقير رڙ ڪري چيس؛ ”ملان! ڇھ چؤ! ڇھون پيٽ به ته آهي.“
    شهر اندر اهڙو ڪو پليٽ فارم جڙي سگهيو ناهي، جيڪو حقدارن کي نوڪريون ۽ اهل شاگردن کي اسڪالرشپون وغيره وٺرائي ڏئي سگهي. ڇُڙ ڇُڙ گابڙا وانگر هر ڪو پاڇولن پٺيان ڊڪندو رهي ٿو.
    دلالن ۽ ايجنٽن ايترو ڪمايو آهي جو هڪ دوڪان جي پڳڙي ويھ لک رپيا ٿي وئي آهي. ڪو به حلال جي ڪمائيءَ مان نه ڪاروبار ڪري ٿو سگهي، نه پلاٽ وٺي ٿو سگهي. هتي پلاٽ، لاڙڪاڻي کان وڌيڪ مهانگا ٿي ويا آهن.
    شهر اندر، بجليءَ جا پڻ مزا آهن. لوڊشيڊنگ نه هئڻ جي برابر آهي. جڏھن ته پنج ڇھ مهينا اڳ، شھرين لاءِ عذاب هو.
    ھتي وياج جو ڪاروبار، عام خاص ٿي ويو آهي. هڪڙا گهر خالي ٿين ٿا ته ٻيا ڀرجن ٿا. جن ماڻهن نوڪريءَ لاءِ پئسا وٺي ڏنا آهن، انهن کي نوڪري ڪو نه ٿي ملي، پر وياج وڌندو رهي ٿو.
    شهر ۾ ڪارُن جو تعداد ته وڌي ويو آهي پر رتيديري ۽ لاڙڪاڻي اچڻ وڃڻ ڏاڍو تڪليفده ٿي پيو آهي. بجليءَ وانگر اگر حڪومت ٽرانسپورٽ جي سهوليت ڏئي، جيئن ڪراچي سٽيءَ وارن لاءِ آهي ته ڏاڍو سٺو ٿئي. ڪِرايا به تمام وڌيڪ آهن. سانجهيءَ کان پوءِ رتيديري لاءِ بس ڪو نه ٿي هلي. اوندھ ۾ ڦُرون ٿين ٿيون. مسافر ئي ڦرجن ٿا. پوليس ڪو نه ڪو تدارڪ ڪري. باقي نئون ديرو-لاڙڪاڻه روڊ، سلامتيءَ وارو سفر ٿي ويو آهي. هنڌ هنڌ تي پوليس بيٺي آهي.
    اچو ته هڪ ٽوٽڪو ٻُڌايانوَ:
    هڪ يتيم ٻار، ڪنهن بنگلي تي ويو. ڏٺائين ته وڏيرو ڏاڍن ٺٺن سان ويٺو آهي. آيو ويو، کيس جُهڪي ۽ نِوڙي سلام پيو ڪري. هن کي ڏاڍو مزو آيو ۽ ڳالھ وڻي ويس.
    گهر آيو ته ماءُ کي چيائين؛ ”امان! جي وڏيرو مري وڃي ته پوءِ وڏيرو ڪير ٿيندو؟“
    ماءُ چيس؛ ”پٽ! وڏيري جي پٽ کي ئي ڳوٺ وارا پڳ ٻڌرائيندا.“
    ماءُ کان وري پڇيائين؛ ”اگر اهو به مري وڃي ته پوءِ؟“
    ”پوءِ وڏيري جو ٻيو پٽ پڳ ٻڌندو.“ ماڻس ورندي ڏنس.
    ڇوڪري وري ساڳيو سوال ٻيھر ورجايو. تنھن تي ماڻس خار مان ٺڙ ٺپ جواب ڏنس؛ ”سڀ مري وڃن پوءِ به ڇورا تون وڏيرو نه ٿيندين، آپي مان نه نڪر. پنهنجي حيثيت نه وسار.“
    سڄي سنڌ ۾ وڏيرن جو ڪردار ايترو نمايان ٿي پيو آهي جو ڇا چئجي. اتر سنڌ جا ڏوهاري، لاڙ تائين پهتا آهن. ڪجھ سالن ۾ ڏوهن جو جيڪو تفاوت آهي اهو مٽجي ويندو. لاڙ سان منهنجو نوجواني کان واسطو رهيو آهي. ڏاڍو پُر امن ۽ سٻاجهو ماحول هيو. ٿر تائين ٿاٻا کائي ڏٺم ۽ سوچيو اٿم. سڄو سنڌي سماج ڏاڍو جنجل ۾ آهي. هر طرف رڙيون ۽ دانهون آهن. اڪثريت عذاب ۾ آهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مزن ۾ آهي.
    ”پاڙي ناھ پروڙ، ڪاراتَ رنجائي گذري.“ (شاھ)
    مرشد لطيف جي مٿين سٽ، تقريباً چار سؤ سالن کان هن ديس جي مظلومن جي نمائندگي ڪري ٿي. ڪا سياسي جماعت، ڪنهن ذميواريءَ جو مظاهرو نه ٿي ڪري.
    مان هڪ جيڏن کي چوندو هيس ته؛ سنڌي پر امن ۽ صوفي لاڙي وارا آهن. اسان اتر سنڌ وارن گهلرن، ترخانن ۽ غورين جو اثر ورتو آهي. شير شاھ جي شڪري وانگر، گهر جا ڪڪڙ ويٺا ماريون.
    جن انسانن جي اندر ۾ خلق سان اُنس ۽ خدا جو خوف آهي، اھي عوام جو درد پنهنجو سمجهندا آهن. سندن هر شعر، ٻول ۽ آلاپ، نقارھ خدا بڻجي پوندو آهي.
    ھتي ته، انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو ماحول عام آهي.
    مذهب نه تسبيح جي داڻن ۾ آ، نه مصلي ۾ آ،
    مذهب صرف ماڻهن جي خدمت لاءِ هوندو آهي! (مولانا رومي)
    نئون ديري جي آسپاس وارين ٻهراڙين ڏانهن اچڻ وڃڻ جو سک، چنگچين ذريعي عام ۽ سستو آهي. موٽر سائيڪلون به سستيون ٿيون آهن ۽ اُهي به ڏاڍو ڪم اچن ٿيون. سائيڪل جو استعمال محدود ٿيندو وڃي. تنھن ھوندي به منهنجو هڪڙو شوقين يار، ڪوئيٽا مان ڏاڍي مهانگي سائيڪل خريد ڪري آيو آهي.
    پاڪ-افغان باڊر تي، مھمند ايجنسي منجھ ملڪ جي رکوالي ڪندي، ناٽو جي جهازن جي بمباريءَ ۾ هن شهر جو نوجوان آفيسر ميجر مجاهد حسين ميراڻي ٽيھن سالن جي ننڍي عمر ۾ شهيد ٿي ويو. ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي منجھان انٽر پاس، ھن نوجوان جي اڃا شادي به نه ٿي ھئي. سندس شھادت تي پوري ملڪ جيان پورو شهر، سراپا احتجاج ۽ سوڳوار رهيو.
    ۲۱ جنوري ۱۹۸۲ع تي نئون ديرو شھر ۾ جنم وٺندڙ هن جان نثار مجاھد جي شهادت، ۲۶ نومبر ۲۰۱۱ع تي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات جو ۲ بجي ڌاري سلاله چيڪ پوسٽ تي ٿي. ۲۷ تاريخ صبح جو سندس جنازي نماز، ٻين ۲۳ شھيدن سميت، راولپنڊيءَ منجھ فوجي اعزاز سان ادا ڪئي وئي. سندس مڙھ آچر ۲۷ نومبر ۲۰۱۱ع تي، شام جو سج لھڻ بعد، نئون ديرو ۾ سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي بيھر ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ جو چيف منسٽر صاحب ۽ جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميجر جنرل اصغر نواز پڻ شريڪ ھيا. شھيد کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.
    شھيد کي ستارھ جرئت سان پڻ نوازيو ويو. سندس تڏي تي مئڊم فريال ٽالپر صاحبه، بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ ممتاز علي خان ڀٽو، سنڌ جو اڳوڻو وزير اعلي سيد غوث علي شاھ، تحريڪ انصاف واري عمران خان کان علاوھ ڪيترين سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
    سندس والد زوار علي مدد، اريگيشن کاتي ۾ داروغو ٿي رٽائر ڪيو ھيو. سال اڳ، پٽ جون خوشيون ڏسڻ جون اميدون سيني ۾ سانڍي وڃي قبر ڀيڙو ٿيو. ان پڻ ڏاڍي ڪسمپرسيءَ واري حياتي گھاري. کيس وڏيون آسون ۽ اميدون ھيون، جيڪي اڻ-پوريون ۽ اڌوريون رھجي ويون. زندگي ڪيڏي نه بي اعتبار آ. غريب جو ڀاڳ به غريب. رھي نام اللھ جو.
    نئون ديري شهر ۾ ڪافي منهنجي واسطي وارا آهن، جن تي لکڻو آھي ۽ اڃا لکڻ کان رهيا پيا آهن. مان ڪوشش ڪيان ٿو ته سڀني جو حق ادا ٿي وڃي.
    دادو ڪـئـنـال مـان گهـاڙ واھ نـڪـتـل هـو. هــن وقت ڦٽل حالت ۾ آهي. ۷۵-۱۹۷۰ع تائين ٽاپ ۽ وڻراھ هوندي هئي. محمد امين سيٺار بيلدار مقرر هوندو هو. وڻن مان لڪڻ ته ڇا ڪنهن کي ڏندڻ به ڀڃڻ نه ڏيندو هو. بالٽيءَ سان ڇنڪار ڪندو هو. ٽاپ تي بگي گهوڙو ۽ ڏاند گاڏيون هلڻ نه ڏيندو هو. سائيڪلن وارا گپ ۾ ترڪي پوندا هئا. ٻارن کي به راند روند ڪرڻ نه ڏيندو هو. سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڏيندو هو. اهڙا سچار ماڻهو ڏٺاسين. اهڙن ماڻهن کي ڏسڻ لاءِ، هاڻي ته اکيون سڪن ٿيون.
    هاڻي جتي خالد حسين شاهاڻيءَ جي اوطاق آهي، اِتي سندس پيءُ مرحوم غلام نبي شاهاڻيءَ جي مينهن جو واڙو هوندو هو. هڪ رات، چورن کاٽ هڻي، ڀت ڀڳي ۽ واڙي منجھان مينهون ڪڍيون. ڪاڪو درمحمد چنو مرحوم ۽ درمحمد سيٺار چوڪيدار هئا. چوڪيدارن، چورن کي هڪل ڪئي ته چورن موٽ ۾ فائر ڪيو، جيڪو درمحمد سيٺار کي لڳو ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. مينهون ته چورائجڻ کان بچي ويون پر چوڪيدار پنهنجو سِرُ وڃائي ويٺو. آهستي آهستي موجوده صورتحال اِتي اچي پهتي آهي ته ماڻهو پيا اغوا ٿين پر سرڪار ’ھَل!‘ ۽ ’ھُش!‘ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اڳي چئبو هو؛ چور مئو، ڪتو مئو. هاڻي ٿا چئون؛ چور مئو، ڀاڳئي جو سِرُ ۽ گهر ويو. ڪو واهر ڪو نه ڪندس. ڪو داد ڪرڻ وارو رهيو ئي نه آهي. سنڌ ۾ خونن جا جرڳا، چورن ۽ ڌاڙيلن جا سردار ٿا ڪن.
    اسان جي پاڙي جو غلام رسول ميراڻي، سياسي ورڪر رهيو آهي. جڏهن ته فقير محمد ميراڻي، پ پ پ وارن جو خاص ماڻهو آهي. منهنجي عمر جو آهي. اڃا مڇي ماري، ٻين جو پيٽ پالي ٿو.
    نيڪ محمد ڪرٽيو سان به پراڻا واسطا رهيا آهن. سندس پٽ ننڍڙا هئا ته هن سان غلام حسين ڪٽپر جي ڪري واقفيت ٿي. سندس گهر ۽ اوطاق، ڀٽي صاحب جي بنگلي جي ڀرسان آهن. زمين، موجوده باءِ پاس تي، ڪرٽين جي ويڙهي ڀرسان هيس. جنھن ۾ فصل سان گڏ، باغ به هيو. باغ ۾ ننڍن صوفن ۽ ڦارون جا ٻوٽا هئا. پير گهرگهل جي پاسي به زيتونن جا باغ هئس. آگاڻين ۾ به زيتونن ۽ ٻيرين جا باغ ٺيڪي تي کنيا هئائين. دادوءَ جي پاسي ٻن انبن وٽ به زمين ورتي هئائين، جتي باغ سان گڏ زمين تي ڪمند به ڪندو هو. جاين ۽ زمينن جا مالڪ پيا مٽجن سٽجن. نيڪ محمد جا پٽ وڏا ٿيا ته اُهي به دوست بڻجي ويا. خاص طور، منهنجو ڀاءُ انعام ۽ لياقت علي ڪرٽيو، هڪٻئي جي ويجهو آهن. لياقت عليءَ جا ٻيا ڀائر به انعام جو خيال ڪندا آهن.
    نيڪ محمد کي دل جي تڪليف آهي. ساڻس ملڻ جلڻ، گهٽ ٿئي ٿو. باقي حال حوال ملندا رهندا آهن.
    مون اڳ ۾ به اظهار ڪيو آهي ته هي سڀ لکڻ جو هڪ مقصد آهي؛ معاشرتي قدر ۽ رويا ڏاڍو تيزيءَ سان تبديل ٿين ٿا. نوجوانن لاءِ اهي ڳالهيون محفوظ ڪرڻيون آهن.
    هن ڪٽنب جي منفرد حيثيت مون وٽ ان ڪري به آهي جو جڏهن به سندن اوطاق تي ڪچهري ڪبي هئي ۽ مانيءَ جو وقت ٿيندو هو ته گھرئون جهجهي انداز ۾ ماني ايندي هئي. سڀ گڏجي کائيندا هئاسون. اهتمام جي ماني ته سڀ ڪو جھجھي کارائيندو آهي پر اِهو اعزاز صرف لياقت عليءَ وارن ۽ سندس والد کي آهي، جيڪي بنا اطلاع ۽ اھتمام جي به ايڏي انداز ۾ مھمانن لاءِ ماني ھڪي حاضر ڪندا ھيا. سنڌي ثقافت جو اهڙو طريقو، هاڻي ڪو نه رهيو آهي. چوندا آهن؛ مڇي، جر مان کٽندي ناهي. چڱائي ۽ مَٺائي، ڪٿي نه ڪٿي، ڳولئي لڀي پوندي آهي. پر مٿيان قدر عام نه رهيا آهن.
    اميد علي ۽ مون کان سواءِ، ڪنهن کي ته کير وٽو به ملندو هو.
    سن ۲۰۰۰ع ۾ مون کان نئون ديرو هاءِ اسڪول ڇڏرائي، ڪوٽ لال بخش مهيسر هاءِ اسڪول موڪليو ويو.
    ائين پورا ۸ سال، نئون ديري کان ٻاهرين هاءِ اسڪولن ۾ نوڪري ڪيم. مختلف ماحولن ۾ الڳ الڳ طبيعت جي اُستادن سان اٿڻ ويهڻ ٿيو. ماهوٽا هاءِ اسڪول ۾ ڪافي عرصو رهيم. جتي ڪٿي مِس فٽ رهيم. ويجهو ڪو سنگتي ساٿي، ڇيڙيندو هو ته ائين چئي جند ڇڏائيندو هيم ته؛ ”ادا! ڀاءُ کان، ڀڙوو مِٺو آهي. ڪنهن کي ڪو نه وڻون، لاچار نوڪري ڪرڻي آهي.“
    جيئڻ جو سهارو؛ الله جو نالو، محبتن وارا مختصر ماڻهو، همدرد دوست، ڪتاب، موسيقي ۽ الڳ ٿلڳ جيئڻ جو انداز.
    ڪهڙي منجھ حساب، هئڻ منھنجو هوت سان. (شاھ)
    منزل مِلي نه مِلي، تنوار ۽ تانگھ کي نه ڇڏبو.
    هاءِ اسڪول نئون ديرو جو بنياد، ڀٽي صاحب مرحوم ۱۹۶۲ع ۾ رکيو. ان وقت پاڻ، ملڪ جو وزير خارجه هو. منهنجي ڪوشش هوندي ته هن اسڪول جو عروج ۽ زوال لِکان. اندر ۾ ڪافي ڳالهيون اڃا سانڍيل آهن. انهن کي پڙھندڙن سان شيئر ڪيان، انشاءَ الله.
    پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (شاھ)
    معاشري ۾ ترڪتالن، سازشن ۽ ٻه-چاپڙائپ کي وائکو ڪرڻو آهي. منهنجو به ڪو بلم آهي. مون کي دلداري ڏيندڙ منهنجو ويڙهو آهي. ضمير ۽ طاقت اٿئي ته روڪ! ورنه ته اڃا هن ڌرتيءَ جي تاريخ، ٻولي ۽ ڪلچر جا دردناڪ قصا، حسين ۽ سونهن جا شعر ۽ ڪلام، مون کي لکڻا ۽ ڳائڻا آهن. توڙي جو پاڻ شفيع فقير جي ڳايل ڪلام جي آخري مصرع جو نمونو آهيون.
    پنهنجي نيڻين، رُڃ وسي ٿي، پنهنجي پيرين،
    ٻـرنــدڙ بـنــڙو! هــاءِ اسـان جـــو، پــاڳــل مـنـڙو!!
    اچو ته عبدالغفار ڀٽي ”تبسم“ جي شاعري پڙهي ڏسون:
    جــيـون تــمــاشـــو آهـــي، جـــوڀـــن تــمــاشـبــيـــن،
    پــاڇــولا، عـڪـس، يـــادون، درپـــن تـمــاشـبـيـن،
    اڄ رات خـواهــشــن جـــا نـه زنـــدان کـــولـــجـو،
    ڪـنـھـن قــتــل جـي تـلاش ۾ آهـي تـمـاشـبـيـن،
    اوٿــر کــي چئـجـو، ايـتـريـون يــادون نه وائري،
    ”تبسم“ جي تانگهه تي متان ٽھڪن تماشبين.
    ٻيو شعر ڏسو:
    هن طرف کان ناؤ هلي آ، ايڏانھن تڙ تي آهي ڪو،
    منھنجو سڏ ورائي جو.
    لھر لھر ۾ پيچ پيل آ، تن سان پريم پڄائي ڪـو،
    منھنجو سڏ ورائي جو.
    لھر لھر ۾ پيچ پيل آ. ائين شل! سنڌي ساڃاهه رکندڙ پنھنجي چيچن جا پيچ مضبوط ڪن ته اسان جا جيڪر ڏک لھي وڃن.
    هي قوي به عجيب آهي. هن شھر سان ڪو عشق اٿس. يورپ هجي يا آمريڪا ويٺو نئون ديري لاءِ شاعري ڪندو.
    نـنـگـيـن پـيـريـن، نٽھڻ ۾ تُڙڳڻ لئه ڊوڙي،
    چـيـنــل واهه ڇــنـــڊڻ ۾ موٽـــڻ گهـران ٿــو.
    او ”تــبــســـم“ مـــان، مـطــلــب تــه مـــوٽــــي،
    نئون ديري جي نٽھڻ ۾، موٽڻ گهران ٿو.

    ساڻيھه جي سَڻڪن مٿان،
    هـونـد ”تـبسـم“ تُڪ اُڏان،
    ڀـــؤنــــرو ٿـــــي ڀــٽــڪـان،
    من مِٽي مان ڏئي ويـھـي.
    اسان جي شھر نئون ديري جون ٻه شخصيتون، هند سنڌ ۾ مشھور آهن. هڪ تبسم صاحب ۽ ٻي مئڊم اڪبر راشدي صاحبه. اللهﷻ ٻنھي کي سک ۽ آرام ڏئي. آمين.
    مالڪ الملڪ سڀني تي پنھنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. وقت وڏي شيءِ آهي. ڪنھن موقعي کي وڃائڻ نه گهرجي. اسان سڀني کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. ڇا ڪجي! والعصر ان الانسان لفي خُسرا.......
    مون سان ڳالھين ئي ڳالھين ۾، محمد رمضان پھوڙ ٻڌايو ته جتي محمد پنجل ڀٽي جو دوڪان آهي، ان جي پٺيان تيل پيڙڻ جا گهاڻا هوندا هئا. حڪيم صاحب جي مسجد جي اوڀر ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب جن جي پلاٽ تي تپيداري هوندي هئي. اڳيان ان جا دوڪان ٺھيل آهن، جيڪي مسواڙ تي ڏنل آهن.
    مان جڏهن ٻه صفحا لکڻ چاهيان ٿو ته اهي صفحا تمام گهڻو وڌيو وڃن. اختصار کان ڪم وٺڻ باوجود هر شيءِ ڊگهي ٿي وڃي ٿي، پوءِ به نشاندهي ٿئي ٿي ته نئون ديري وارن کان سواءِ ٻيا به پڙهن ٿا، تنھنڪري انھن جو ڪجهه نه ڪجهه تفصيل لکان ٿو. مان منجهي پوان ٿو. جلد هن ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو. هي ايڏو وڏو ڪم آهي جو آءٌ اڪيلي سر پورو ڪرڻ کان قاصر آهيان. ڪو قلم هٿ ۾ کڻي ۽ هن شھر جي ماضيءَ کي قلمبند ڪري ته هن مٽيءَ جو حق ادا ٿي ويندو. باقي حال ۽ مستقبل، نوجوان پاڻ لکندا. ان جو الڪو مون کي نه آهي. خاص طور تي مون کان سينئرس اهي لکن. اهي لکي به سگهن ٿا ۽ هنن اڃا مختلف نئون ديرو ڏٺو آ، جيڪو مان ڏسي نه سگهيو آهيان. جيڪو لکڻ لائق آهي، اهو پنھنجي ذميواري محسوس ڪري، لکي وٺي.
    محترم بدر ڌامراهي، لکيل ڊرافٽ پڙهي، ڪجهه ڳالھيون انڊر لائين ڪيون. هن چيو ته؛ ”حڪيم صاحب ۽ مسجد شريف تي ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ جملا لکو.“ مان مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهيس.
    حڪيم صاحب کي ۽ بازار جي مسجد کي ڪير نه سڃاڻي. اسپتال ۾ دوا ملندي آهي. مسجد شريف ۾ عبادت ڪبي آهي. حڪيم صاحب پاڻ پنھنجو تعارف آهي. هن شھر جا جنس مذڪر ته ڇا پوڙهيون، جوان، پرڻيل ۽ ڪنواريون، حڪيم صاحب کي ائين سڃاڻن جيئن ويڙهي ۾ پنھنجي بزرگ کي سڃاڻبو آهي. مرحوم، هر گهر جي بيمارين وغيره جو امين رهيو آهي. سڄي مزوري ۽ محنت رائگان وئي. وري ڊرافٽ ٻيھر لکڻو پيو. ڇو ته ڌامراهو صاحب سچ ٿو چوي. جڏهن به مواد ڇپبو ته اهو نئون ديري تائين محدود ڪو نه رهندو. لکڻ، جيئڻ کان به ڏکيو آهي، منھنجي لاءِ. آخر بنيادي معلومات حاصل ڪري ٻه صفحا وڌيڪ لکي ورتم اچو ته پڙهون.
    غلام حسين ڪٽپر ۽ ٻين ٻڌايو هو ته هاءِ اسڪول نئون ديري ۾ لعل خان رٽائرڊ فوجي، ڊرل ٽيچر هوندو هو. کيس جنرل ايوب خان بابت خبر پئي ته هو سکر کان لاڙڪاڻي، رائيس ڪئنال جي ٽاپ سان اچي رهيو آهي. رائيس ڪئنال جي پُل تي اسڪول جي شاگردن کي وٺي ويو ۽ اُتي اچڻ وقت ايوب خان کي سلامي ڏياريائين. ايوب خان، لعل خان سان هٿ ملايو ۽ هُن ٻڌايس ته ٻي جنگ عظيم ۾ اوهان سان گڏجي جنگيون ڪيون آهن. ايوب خان، خوش ٿي لاڙڪاڻي ويو هو.
    ۱۹۶۵ع جي جنگ دوران، انڊين هوائي جھاز، نئون ديري تائين پھتا هئا. شاهنواز ڀٽو اسٽيشن جي اوڀر طرف، آئوٽر سگنل جي بلڪل نزديڪ، پاڻيءَ جي دُٻن ۾ جهازن ٻه وڏا بم ڪيرايا هئا. چوڌاري ست-ڪوهيءَ ۾ ڌماڪا ٻُڌا ويا هئا، پر پاڻيءَ ۽ گپ هئڻ ڪري ڪو به نقصان ڪو نه ٿيو هو. ۱۵-۲۰ فوٽ ويڪرا ۽ اونھا کڏا پئجي ويا هئا، پر شھر ۽ ان جي آباديءَ کي اللهﷻ بچائي ورتو هو. انھن بمن ڪرڻ سبب، شھر اندر وڏو ڏهڪاءُ پئجي ويو هو. مڪمل بليڪ آئوٽ گهرن ۾ ٿيندي هئي. پر پوءِ جلد جنگ بند ٿي وئي. جنرل ايوب، انڊين شاستري وزيراعظم ۽ روسين جي ماسڪو ۾ ڪانفرنس ٿي هئي. چون ٿا ته ڀٽي صاحب ۽ ايوب خان وچ ۾ اُتي اختلافن جي شروعات ٿي هئي.
    خانواهه جي ڀرسان، پير داون شاهه به آهي. اُتي وڏو مـُقام آهي. رتوديرو-ڌامراھ روڊ جي ڀرسان، دلو پير جو مقام به آهي. اُتي به ويران ۽ اُداس قبرون چڱي ايراضي تي ڦھليل آهن. لڳي ٿو ته اهي ايراضيون، جنگ جا ميدان رهيا آهن. پٺاڻن سان سنڌين جون جنگيون، ڪلھوڙن جون پاڻ ۾ لڙايون يا خانه جنگيون وغيره، اهڙن مقامن کي جنم ڏين ٿيون.
    نئون ديري جي ڀرسان، پير جان محمد وارو مقام، ۽ نئون ديري جي اوڀر ۾ دادو ڪئنال جي ڀرسان ابوالخير وارو مقام به ساڳي حيثيت رکن ٿا. پير جان محمد ڪلھوڙو ڪمانڊر هو.
    قنڌاري سڙڪ مان مراد، ڪابل ۽ قنڌار ڏانھن ويندڙ يا ھلندڙ رستو آهي. اها سڙڪ، مختلف پاسن کان ڌامراهن وٽان گذرندي، قمبر، شھدادڪوٽ، خضدار ۽ بولان لڪ تائين ويندي هئي. ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور کان ٿيندي بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جا رستا لتاڙيندي، خيبر لڪ ۽ افغانستان پُڄبو هو. ايرانين، افغانين ۽ سينٽرل ايشيا وارا پشاور کان لاهور ۽ دهليءَ پھتا آهن. سنڌ ۾ ايندڙ ظالمن به ساڳيو رستو اختيار ڪيو هو. ٻيو رستو هو ايران، لسٻيله ۽ سنڌي سمنڊ. عرب، سنڌ ۾ انھي رستي سان داخل ٿيا هئا.
    تاريخ ۽ جاگرافي، هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻو آهي ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پٺاڻن جي علائقن جي جاگرافي وغيره کي سمجهڻو پوندو. ان کان سواءِ سنڌي سمنڊ جي بندرن، سنڌوءَ جي واپاري بندرن ۽ پتڻن وغيرھ کي پڙهڻو پوندو. پوءِ عربن، يونانين ۽ ايرانين جي ڦُرلٽ ۽ حملن کي سمجهي سگهبو.
    سنڌ جون گرميون ۽ ٻُٽون اسان هر سال ڀوڳيون پيا. اپريل کان سيپٽمبر تائين، هي خطو دوزخ جو ننڍڙو نمونو هوندو آهي. وڻ جي ڇانوَ، مَنھَ ۽ جاءِ جو اَجهو، جنت وانگر لڳندو آهي. ان ماحول ۾ جنگ جو تصور ڪيو. لاشن لاءِ قبرون کوٽڻ، سرويچن کي غسل ڏئي، ڌرتيءَ ماءُ جي حوالي ڪرڻ، ڪيڏو ڏکيو ڪم هوندو. هر طرف سندن لاش پکڙيل هجن، ڳوٺن کي باهيون ڏنل هجن. اهڙا ڪلور جڏهن پڙهجن ٿا ته رَتُ ٽھڪي پوي ٿو. ظالمن اسان سان ڪيڏا قھر ڪيا آهن. مون کي لڳندو آهي؛ ”سنڌ جي غيرت، عزت ۽ وقار جي جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي.“ نواب ولي محمد لغاريءَ چيو آهي: ”سَوَ سِسيون ڏئي، فتح جون ٻه وکون وٺبيون آهن.“ هو سنڌ جو سپورنج ۽ بھادر جنرل هو. صبح جو ڌڱ مڙسن کي جنگ لاءِ تيار ڪجي. شام جو سندن مڙهه دفنائڻ لاءِ، همت ۽ دل گردو کپي. اسان وڏڙن جي امانتن ۾ خيانت ڪئي آهي. شل! اللهﷻ رحم ڪري.
    لاڙڪاڻي شھر ۾ جناح باغ آهي. اُتي تجر بلڊنگ آهي. تجر جي لفظي معنى آهي قبر. نواب ولي محمد خان لغاري ۱۸۳۲ع ۾ هتان جو گورنر هو. هو وفات ڪري ويو ته امانتاً سندس جسد خاڪيءَ کي هتي رکيو ويو ھيو. قبر جي مٿان عمارت ٺاهي وئي. جنھنڪري اھو باغ ئي تجر باغ يا تجر بلڊنگ مشھور ٿيو. جيڪو ڦري جناح باغ ٿيو. اهڙيءَ طرح وقف ٿيل گيان باغ، ڦري ذوالفقار باغ ٿي ويو.
    نواب ولي محمد لغاريءَ جو مڙهه، سندس پٽ حيدرآباد کڻائي ويا. بلڊنگ خوبصورت هئڻ ڪري هتي انگريز آفيسر پھريائين لئبرري قائم ڪرائي. هاڻي جناح باغ ۾ پريس ڪلب ۽ ضلعي هال به آهي. ڀٽي صاحب جي وقت ۾ هتي نيشنل سينٽر نالي لئبرري هئي. شاندار ڪتاب ۽ ريسرچ جو ڪمرو هوندو هو. بعد ۾ سر شاهنواز لئبريري ٺھي.
    اچو ته اياز جي غزل سان پاڻُ وندرايون؛
    روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿي،
    جيءَ سان جيءُ ڇا ته جوڙيو ٿي.
    *
    چوڙيون چنڊ جيان ٽٽيون آهن،
    ٻـانھـن کي ڪيڏو مروڙيو ٿي.
    *
    هــاءِ ميـھــار بـنـسـري تـنـھنـجــي،
    ڪيترا سُر جو، اڄ ته ٻوڙيو ٿي.
    *
    پيار کان پوءِ به مُڙين ڪين ٿو،
    ڪــيــتـــرو ”ايــاز“ لــوڙيــو ٿـــي.
    مان نئون ديرو ۽ سنڌ کي ”ول“ جيان پاڻ کي وڪوڙڻ چاهيان ٿو. ڇا ڪريان اها ئي منھنجي عبادت آهي.
    ڇيڙيو دردن ڇوهه مان، سُورن جو ڪو ساز،
    چـنـڊ، هـوا ۽ ”ايـاز“، رُلنـدا رسـتن تـي رهيا.
    مون کي به اندر جي ڪنھن گهاوَ، دل ۽ دماغ ۾ اٿندڙ طوفانن ۽ تڪليفن رُلائي ڇڏيو آهي. اياز جي ڇا ته شاعري آ، ڇا ته خيال آ. ڀٽائي پاڪ پوتر، فرشتن جھڙو انسان. اياز، ڌرتيءَ جو، پنھنجي گناهن جو اعتراف ڪندڙ قوي. مونکي ڏاڍو وڻندا آهن. ٻيو ڪجهه پڙهڻ جي ضرورت ئي نه سمجهندو آهيان. مونکان رُلڻ ڇڏائجي ويو آهي پر پوءِ به انھن رستن، پيچرن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي ويٺو توهان کي قصا ٻُڌايان.
    نم چونڪ جي اولھه ۾، سائين خوش محمد سھتي جو ويڙهو هوندو هو. سانوڻ جو غريب غربو سندن در تان پئسا ڏئي کٽاڻ وٺي وڃي گهر ماني کائيندو هو. اڄ به اها کٽاڻ ملندي آهي پر ڏاڍي مھانگي آهي. ڪنھن خاص مھمان يا تحفي ڏيڻ لاءِ گهرائي وٺبي آهي. ڏاڍي لذيذ ۽ وڻندڙ ذائقو اٿس.
    ڪپڙي بازار ۾ فقير محمد عيسى مرحوم، پاڻيءَ جا شيشا، مفت ۾، ڪامڻ، جي مريضن کي ڏيندو هو. پاڻيءَ ۾ ڪجهه مليل هوندو هو. پري پري کان مريض وٺڻ ايندا هئا.
    نم چونڪ وٽ، ٻه نم جا وڻ هوندا هئا. طوفان ۽ برسات سبب، هڪ ڪري پيو ٻيو سلامت آهي. هتي ئي صابو پان واري جي پڙي هوندي هئي، جيڪا برج مل کولي هئي، پر اُها هاڻي بند آهي.
    نئون ديري جي ويگنن واري پراڻي اسٽاپ تي، وڏو پپل جو وڻ هوندو هو، جيڪو طوفان ۽ برسات ۾ ڪري پيو هو. منھنجي اچڻ وڃڻ جي جاءِ، اهو اسٽاپ هوندو هو. پپل ڪرڻ ڪري، نٽھڻ اُس ٿي پئي هئي. ڪيترو عرصو مان ان پپل کي وساري نه سگهيو هيس. اڄ به ان جي نه هئڻ جو احساس، شدت سان محسوس ڪندو آهيان.
    پپل تنھن جا پن ڙي، سڀ مڙهايان سون سان!
    هن گيت ۾ سنڌي عورتن جي ڇا ته فياضيءَ جو نقش چٽيل آهي. مون وٽ به جيڪڏهن سون هجي ته ڪانڊيري ۽ اَڪ جھڙن ٻوٽن کي به سون ۾ توري خريد ڪريان.
    اوڀر طرف، ڪپڙي بازار جتي کُٽي، ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿي، اُتي سيٺ بخشو مل جي پڙي هوندي هئي. هو کِلڻو ملڻو ۽ ڀلو ماڻھو هيو. پھرياڻ ۽ گوڏ پائيندو هو ۽ اڪثر صاف سٿرو رهندو هو. هو چند سال ٿيا جو فوت ٿي ويو آهي.
    مون کي اوچتو لاڙڪاڻي ۾ هڪ اڇي ڏارهيءَ وارو ملي ويو. هُن مون کي سڃاتو۽ چيائين ته پوڙها ٿي ويا آهيو. مان ڏاڍو خوش ٿيس. هن ڏاڍي سادگي ۽ سچائيءَ سان ڳالھايو ۽ قرب پئي ڏنو. مون هن کي ڪو نه سڃاتو. چيائين؛ ”مان بخشي مل جو پٽ آهيان.“ پڙهندو هيس ته مسلمان ٿي، گهر ڇڏي نڪتو آهيان. عبدالرحمان پنھنجو سنگتي هو، اهو به مسلمان ٿيو هو. ٽيون به اسان جي ٽھيءَ جو پنھنجو ڌرم ڇڏي، مسلمان ٿيو جيڪو اڄ ڪلھه ڪراچيءَ رهي ٿو.
    الائي ڇا ۾ راضي آ، الائي ڪنھن سان راضي آ،
    ڪو راجا، ڪو فقير....
    اسان سڀ لاڙڪاڻي پڙهندڙ شاگرد، قاري صاحب واري مسجد ۾ نماز پڙهندا هئاسون. اُتي قاضي منظور عليءَ سان به واقفيت ٿي. اياز کوکر گڏ پڙهندو هو. هن جو والد محرم علي کوکر، ڀُٽي صاحب جو ڊارئيور هو. اياز علي رمضان شريف ۾ ڀير وڄائيندو هو. جنھن جي آواز تي شھر ۽ آسپاس وارا، اسر جو اُٿي روزا رکندا هئا. قاري صاحب، مسجد ۾ ڪم پيو ڪرائيندو هو. ڪڏهن رنگ روغن ته ڪڏهن ڦوهارا ۽ ٽانڪيون وغيره پيو جوڙائيندو هو. بلڪل فقير منش ۽ خدا ترس انسان هيو.
    ان زماني ۾ اسان شاگرد ۽ ٻيا جماعتي، قاضي منظور عليءَ جي سربراهيءَ ۾، سائيڪلن تي چڙهي، رات جي چانڊوڪيءَ ۾، رائيس ڪئنال رستي، ڪرٽين جي وانڍ تي ويا هئاسين. اتان ساريون وغيره گڏ ڪري، رات جو ئي واپس گهر موٽيا هئاسين. ڦر ۽ اغوا جو ان وقت رواج ڪو نه هو. سڀني سُڪون ۽ بغير خوف جي، سفر ڪري، مزو ورتو هو. رات جو پنڌ ڪرڻ، ٽھڪن ۽ ڳالھيون ٻولھيون ڪرڻ ۾ عجيب سحر ٿئي ٿو.
    بعد ۾ شفيع اوڪاڙوي ڪراچيءَ مان واعظ لاءِ آيو هو. پھريون دفعو شھر ۾ اردو نعتون سٺي سُر ۾ ٻڌيون هيون ۽ سنڌي مولودن جي جاءِ انھن والاري.
    اسان شاگردن لئبرري کولي. ان وقت پڙهڻ جو معيار اهو هو ته اردو ڪتاب، جاسوسي ڊائجسٽ، ابنِ صفي سيريز ۽ ديوتائن جي قصن کانسواءِ مذهبي لٽريچر گهڻو پڙهيو ويندو هو. غلام حسين ۽ مان، سنڌي ڪتاب خريد ڪيا ۽ ٻين کي پڙهڻ لاءِ ڏنا. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب جي حوالي سان نئون حلقو پيدا ٿي پيو. جن مان ڪيترا اڳتي هلي، دانشور ۽ شاعر بڻجي ويا.
    اسان مان ڪجهه جيئي سنڌ ۽ پليجو گروپ جا ڌڙا پيدا ٿيا، جنھنڪري قوم پرستي ۽ سوشلزم جو بنياد پئجي ويو. ڪافي ماڻھن ڳالھائڻ سکي ورتو. دوستن ۾ ويڇا وڌي ويا. حسين بخش ناريجو آفيسرس گريڊ جي نوڪري ڇڏي سنڌي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ جلدي ايم.آر.ڊي تحريڪ ھيٺ جيل ويو.
    جيئي سنڌ ۽ پليجي گروپ وارن، اڳتي هلي خوشحال زندگي گذارڻ خاطر پ پ پ ۾ شريڪ ٿي، آفيسرس گريڊ واريون نوڪريون ورتيون. اهو محترمه جي پھرين حڪومت وارو دور هو.
    قاضي منظور علي ٽيپھريءَ جي نماز کان پوءِ اسان سڀني کي اوطاق تي اچڻ لاءِ چوندو هو. اُتي ڇولن ۽ پڪوڙن وغيره جي وَٽَ ڪرائيندو هو. اُتي قاضي محمد رفيق سان به ملڻ ٿيو هو، جيڪو خانبھادر صاحب وٽ ملازم رهيو هو. اڳ ۾ حڪيم عزيز الله موريي وٽ ڪم ڪندو هو. قاضي صاحب خوبصورت ۽ لالو پٺاڻ لڳندو هو. بااخلاق، نيڪ نمازي، هجائتو ۽ قربائتو هوندو هو. اسان سڀني جي عزت ڪندو هو ۽ اسان به هُن جو احترام ڪندا هئاسين. عمر جي آخري حصي ۾ ”شوگر ٿي پيس. ڪمزور لڳندو هو. پراڻيون ڳالھيون ٻڌي، ٻھڪي پوندو هو. موڪلائڻ وقت دُعائون ڪندو هو.
    غربت سان گڏ، خوشي ۽ جواني هوندي هئي. وڏڙا سڀني جا جيئرا هئا. ٻي آني جي ڀنگ وٺي لِڪي گرمين ۾ عياشي ڪندا هئاسين. پوءِ ته ڀوڳ ۽ ٽوٽڪا. ائين جواني لٽجي وئي ۽ پاڻ اولادي، پوڙها ۽ اخلاق سيکارڻ وارا ٿي ويا آهيون. انساني نسلن جو سلسلو، ائين ئي هلندو رهندو.
    مان پنھنجو پاڻ کي سمجهندو آهيان ته ڪنھن قافلي کان ٽٽل سپاهي آهيان. ان قافلي جي اڳواڻن کي ماريو، لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي. مان اتفاق سان بچي ويو آهيان. نه رهبرم نه منزل جي خبر. مان ڀٽڪندڙ ماڻھو وڃان ته وڃان ڪيڏانھن....... مان پاڻ کي اهڙو ابھم ٻار سمجهندو آهيان، جنھن جي سکيا جي ذميواري ڪنھن جي نه آهي. هاڻي اهو ٻار جيئڻ جا انداز ڪيئن سکي. مان اهو نوجوان آهيان جيڪو بلڪل اڪيلو آهي. دنيا کي سمجهڻ، هن جي وس جي ڳالهه نه آهي. سمجهه ۾ ڪجهه ڪو نه ٿو اچي. پر مايوسي بلڪل نه آهي.
    پوڙهائپ ۾ ان نتيجي تي پھتو آهيان؛ مان پڙهيل لکيل غلام آهيان. بغاوت ڪرڻ ڪو نه ٿي اچي، پر جهڪڻ ۽ ڪمپرومائيز ڪرڻ منھنجي تاريخ، ثقافت ۽ روايتن جي خلاف آهي. شل! ائين ئي تڙپندي ۽ اللهﷻ کي ٻڌائيندي، قبر ۾ هليو ويس ته مالڪ الملڪ جا احسان ٿيندا.
    شھر جي ڏکڻ پاسي کان وهندڙ، گهاڙ واهه هوندو هو. اهو دادو ڪئنال مان نڪرندو هو. ان کي چئنل چوندا هئاسين. اتي ئي ٺاروءَ وارو باغ آهي. جنھن کي فاروقيءَ جو باغ سڏجي ٿو. غلام حسين جي گهرن جي سامھون ٻائي وارو باغ هوندو هو. هاڻي اهو مورين جي ملڪيت آهي. اولھه طرف، پنڊو هوندو هو. ڏهن منٽن جي واڪ کان پوءِ، پير ڳوٺ ايندو هو. ٻار چئنل تي ترڻ سکندا هئا. ٻنھي ڪپن تي وڻ ۽ ساوڪ هوندي هئي. هن وقت اهو واهه صرف ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جو نالو بڻجي ويو آهي. چئنل کان ڇڙيو پاڻي اچي، محترمه جي زمينن ڏانھن مڙيو وڃي. ٻَنڌ ڏنل آهي. ان جي اولھه ۾ گندو پاڻي پوڻ شروع ٿئي ٿو. گهاڙ واهه جي تاريخ، تفصيل سان ٻئي مصمون اندر اچي وئي آھي.
    گهاڙ واهه جو پيٽ، يعني ايريگيشن جون زمينون، ماڻھن قبضو ڪري گهر، اوطاقون، هوٽلون ۽ دوڪان وغيره ٺاهي ڇڏيا آهن. ائين غريب ماڻھن به وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوتا آهن. شھر جا ٻيا لينڊ مافيا ۽ قبضا ڪندڙ نالي وارا ماڻھو، اثر رسوخ وارا ۽ دولتمند ئي آهن. سرڪاري پلاٽن تي قبضو ڪندڙ، پاڻ ۾ وڙهي ۽ مري به رهيا آهن.
    ڀٽي صاحب کي جپان وارن، ريل جي گاڏي جيڏو، ڪاٺ جو ٺھيل بنگلو تحفي ۾ ڏنو هو. اهو بنگلي جي ٻاهران شروع ۾ رکيو ويو. بعد ۾ اُتان کڻائي، نصرت فارم تي رکيو ويو هو. راهوجين ويندي، اُهو به مون گهمي ڏٺو هو. منجھس سڀ سھوليتون هيون. حيرت ٿي هئي مون کي، اُن کي اندران ڏسي. انسان ڇا ته ڪمال ڪيو آهي.
    ڀٽي صاحب کان پوءِ اهو، سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري، اجڙي ويو. جڏهن مير صاحب آيو ته وري ايڏانھن منھنجو وڃڻ ٿيو ته ان ڪاٺ جي بنگلي کي وري مون ڏٺو هو. بعد ۾ ان کي جنريٽر وغيره يا بجليءَ مان باهه لڳي ۽ سڙي ختم ٿي ويو.
    اهڙي نموني شھنشاهه ايران، ڀٽي صاحب کي ڪافي جيپون تحفي طور موڪليون هيون. اهي جيپون ڀٽي صاحب، مئنيجرن جي حوالي ڪيون هيون. ڌنومل، بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌندو هو، سو ڀٽي صاحب جو سيلر سنڀاليندو هو. هر سال زمينن ۽ ڪارخاني وغيره جي پيداوار تي، ڀٽو صاحب سڀني کي سامھون گهرائي، رڪارڊ تي صحي وٺندو هو. شل نه ڪنھن جي ڦٽي. ڪنھن تي ڀٽو صاحب ناراض ٿيندو هو ۽ اهو سوال جو جواب نه ڏئي سگهندو هو ته ٻيھر ٽائيم وٺي رڪارڊ درست ڪندو هو. جيستائين ڀٽو صاحب صحي ڪري، تيستائين پيو ڏڪندو هو.
    نصرت فارم، بيگم ڀٽو صاحبه جي نالي پٺيان، تڏهن آباد ٿيڻ شروع ٿيو، جڏهن ڀٽو صاحب وزير خارجه هو. نصرت اسٽيشن به آهي. پر اُها نصرت ابڙو جي نالي پٺيان، گهڻو اڳ آهي. باقي نئون ديري جي اسٽيشن جو نالو سر شاهنواز ڀٽو رکيل آهي.
    نئون ديري-لاڙڪاڻه روڊ تي پير اڇن شاهه ۽ ميتلن جي وچ ۾ ”گولي مار“ اسٽاپ آهي. اِهو اسٽاپ گذريل ۳۵ سالن کان وجود ۾ آيو آهي. نئون ديري جي قلندر بخش ڀٽو مرحوم کي ڪنھن گوليون هنيون هيون، جنھن تي هو زخمي ٿي پيو هو. باقي پير اڇن شاهه تي ٻيو ڪو لکي.


    محمد عيسيٰ ڪنڌر: جھانديده شخص

    فقير صاحب جن جو اصل ڳوٺ ڀونڀٽ آهي، جيڪو نصرت ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهي. ڀونڀٽ اصل ۾، ڀونءِ مان ورتل هوندو.
    ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا! مان اڏري ويندوسانءِ.“ (اياز)
    سندس وڏو ڀاءُ، فقير محمد موسيٰ هو. اهو پير شير محمد متاري جو متولي هو. نوجوانيءَ ۾ ٻئي ڀائر ملھ وڙهندا هئا. نئون ديرو ۾ اچڻ وڃڻ شروع کان هُين. پوءِ نئون ديري ۾ ٻئي ڀائر لڏي اچي ويٺا. فقير محمد عيسيٰ ڪپڙي جو دوڪان کوليو. خانبهادر احمد خان ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، فقير صاحب کي سڃاڻيندا هيا. ڀٽو صاحب شهر جي سڀني چڱن مڙسن کي ذاتي طور تي سڃاڻيندو هو. عيد براد تي ساڻن ملندو رهندو هو. شهر وارن جا حال احوال کانئن وٺندو رهندو هو.
    ٻئي ڀائر جڏهن لاڙڪاڻي، رحمت پور واري پير مٺا سان مليا ته سندن زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. اسان جي محلي ۾ اسان مسوديرائن جي اڪثريت آهي. اتفاق سان سڀ ڪٺا ٿي ويا آهيون. ڀٽن، مير بحرن ۽ چنن جا گھر آهي. سڀ ستن پيڙهين کان هڪٻئي جا واقف آهيون.
    اسان جي محلي ۾، جيڪو هاڻي فقير واري مسجد وارو محلو سڏجي ٿو، اتي کڏون هيون. انهن کي پراڻي گهاڙ واھ جو ڦٽل پيٽ سمجهندو آهيان. اُها کڏ ٻنهي ڀائرن پنهنجي گهران خرچ ڪري لٽائي ۽ ڪکائين مسجد جوڙائي. نماز جماعت سان پنج وقت شروع ٿي. سڄو پاڙو اڻ پڙهيل، آهستي آهستي اُهي سڀ نمازون پڙهڻ سکي ويا.
    اصل ۾ اُها کڏ ۽ مختصر پلاٽ عبدالرزاق ڀٽي مرحوم ميرپوري واري جو هو. بعد ۾ فقير صاحب ان سان معاملو طئه ڪري ڇڏيو. مسجد سان گڏ مدرسي جي به شروعات ٿي. پگهار تي مولوي رکيو ويو. داروغو هدايت الله ميربحر/ ميراڻي بانگو هيو.
    ڪجھ عرصي کان پوءِ پڪي مسجد ۽ پڪو مدرسو تعمير ٿيو. مدرسو سرڪار طرفان ٺهيو، جنهن جو ٺيڪيدار قاضي منظور علي هو. اهو ڀُٽي صاحب جو دور هو. مولوي محمد رمضان کي، فقير صاحب مسجد ۽ مدرسي ۾ مقرر ڪيو جيڪو سندن پير-ڀائي هيو.
    فقير صاحب، پير مٺا جي خاص خليفن مان هيو. شهر ۽ آسپاس ۾ وڃي، ماڻهن کي نماز جو تاڪيد ۽ الله الله جو ورد ڪرڻ سان گڏ نيڪ ٿيڻ تي زور ڏيندو هو. اسان جو ڳوٺ مسوديرو تقريباً ۱۰ ڪلوميٽر نئون ديري کان پري آهي. اُتي به سندن پوئلڳ ٿيا، پوءِ ته ڳوٺ ۾ ڏينهن رات وڏي آواز الله الله پيو ٻڌيو هو. احمد جلباڻي فقير کي ته حال اچي ويندو هو. ان ڪيفيت ۾ هو بي خبر ٿي ليٿڙيون پائيندو هو. بعد ۾ خبر پئي ته تصوف جي سلسلن ۾ اهڙيون ڪيفيتون نروار ٿينديون آهن. مولانا جامي ۽ ٻين بزرگن کي پڙهجي ٿو ته اهي سڀ نيون ڳالهيون ڪون ٿيون لڳن. اسلامي تصوف ۾ چار سلسلا آهن؛ نقشبنديہ، قادريہ، سهرورديہ ۽ چشتيہ. مرشد لطيفؒ، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ؒ به نقشبندي آھن. مڪليءَ تي قادريہ طريقي وارن جي بزرگن جا به مقبرا آھن. مرشد لطيفؒ ۽ محمد زمان لنواريءَ وارو، الڳ الڳ مسلڪ جا آهن. لنواريءَ وارن وٽ ساز جائز نه آهي. ٺٽويؒ به راڳ ۽ ساز جي اجازت ڪو نه ٿو ڏئي. ڀٽ ڌڻي، ٺٽي ۾ مخدوم معين ٺٽويءَ وٽ به گهڻو ايندو ويندو هو. ان جي وفات کان پوءِ به لنواريءَ ويو ھيو.
    پير مٺا به نقشبندي طريقي جو هو. هو نماز کان پوءِ مراقبو ڪندا آهن. وڏن مڻين جي تسبيح تي الله الله يا ٻي ثنا تسبيح پڙهندا آهن. ڪاٺ جي تسبيح ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪندي آهي ۽ وچ وچ ۾ ثناءَ وغيرھ تي ضربون به لڳنديون آهن. سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا پڙھيل لکيل ماڻھو تصوف جون صرف ٻه تعريفون ڪن ٿا؛ ۱. وحدة الوجود ۽ ۲. وحدة الشھود.
    فقير صاحب جو ڪپڙي جو دڪان، ڏاڍو ڪامياب ٿيو. هُن جيڪو ڪمايو، اُهو الله جي گهر، مدرسي، مهمانن ۽ تبليغ تي خرچ ڪرڻ سان گڏ، ضرورتمند مسڪينن، بيواهن ۽ يتيمن جي مدد ڪرڻ ۾ به لڳايائين. ڪيترن غريب نياڻين کي ڏاج وغيره ڏئي شاديون ڪرايائين.
    ڀٽي صاحب جو اسٽيٽ مينيجر عبدالقيوم خان پٺاڻ سرحد جو هو. جيڪو شير پائوءَ وارن جي معرفت ڀٽي صاحب وٽ اچي ملازم ٿيو هو. اُهو ميونسپالٽي نئون ديرو جو ميمبر چونڊيو. فقير صاحب هميشه پنهنجي حلقي مان ميمبر چونڊبو هو. سندس مقابلو مرحوم محمد آچر مڱڻيجي سان ٿيندو هو. هو حُر فقير هو. پاڳاري وارن جي پارٽيءَ ڪري، اليڪشن ۾ حصو وٺندو هو، ورنه ته عام زندگيءَ ۾ فقير صاحب جو ڏاڍو احترام ڪندو هو.
    عبدالغفار ڀٽي صاحب چيئرمين ٿيو ته فقير صاحب سندس ساٿ ۾ هو. ڀٽي صاحب پي آئي اي مان ۱۹۸۰ع ڌاري مارشل لا ريگيوليشن تحت نوڪريءَ کان فارغ ڪيو ويو. نئون ديري اچي ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۷ع تائين، چيئرمين رهيو.
    فقير صاحب ۶۰-۷۰ جريب زمين جو مالڪ هو. بازار ۾ جيڪو دوڪان خالي ٿيندو هو ته اُهو فقير صاحب جي معرفت ئي ٻين کي ملندو هو. ڪپڙي بازار جي صدر هئڻ سان گڏ شهر جي جاين جو وڪرو يا مسواڙ، بغير ڪنهن ڪميشن وٺڻ جي، فقير صاحب نبيريندو هو. مٿس هندن، مهاجرن ۽ سنڌين جو اعتماد هيو. پاڻ حج به ڪري آيو هيو. سندس وڏو پٽ مولوي عبدالرحيم نئون ديري پنهنجي مدرسي ۾ پڙهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ديني مدرسي ۾ پڙهيو، جتي جديد طرز تي، شاگردن جي هاسٽل ٺهيل آهي. اُتان فارغ ٿي، نئون ديري مسجد ۾ پيش امام مقرر ٿيو. بعد ۾ تعليم کاتي ۾ ڪميشن پاس ڪيائين ۽ هاڻي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. نوڪريءَ سان گڏ مسجد ۽ مدرسو به سنڀالي ٿو.
    فقير صاحب جو ٻيو پٽ، فقير عبدالرحمان آهي، جنهن به ديني تعليم ورتي آهي. اهو پنهنجو ڪپڙي جو دوڪان سنڀالي ٿو. ٽيون نمبر پٽ عبدالخالق منهنجو وڌيڪ واسطي وارو آهي. اهو به مدرسي ۾ پڙهيو آهي، عربي ٽيچر آهي، سنڌ بوڪ اسٽور به سنڀالي ٿو. عبدالغفار سرڪاري نوڪري ڪري ٿو. سندن پنجون پٽ عبدالڪريم ٽيليفون کاتي ۾ ملازم آهي. سڀ گهر ٻار وارا، الڳ الڳ جاين ۾ رهن ٿا. سڀني جي خوشحال زندگي گذري ٿي.
    فقير محمد موسيٰ صاحب، پير متاري تي گهڻو رهندا هئا. هو هڏن جي ڳنڍڻ جا ماهر هئا. اتر سنڌ ۾ اها ڪنڀرن جي آبائي ڪِرت هوندي هئي. ان زماني ۾ ميڊيڪل سائنس ايڏي ترقي ڪو نه ڪئي ھئي. ڦٽ، ڦرڙي ۽ ملي وغيرھ جي علاج لاءِ ڳوٺاڻا حجم مشهور هوندا هئا. هاڻي ڊاڪٽرن وٽ، خاص طور تي سينٽرن تي، لکين روپيه خرچ ٿئي ٿو. ڄاڻو ۽ ماهر ڪنڀر ۽ حجم قبرن ۾ هليا ويا.
    وڏي فقير صاحب محمد موسيٰ جن جا پٽ، پيءُ جي نقشِ قدم تي هلي، ماڻهن جا ڀڳل هڏ ٺاهي رهيا آهن.
    مٿي لکي آيو آهيان ته وڏو فقير، پير شير محمد متاري جو متولي به هو. اِهو پنجوديري جي ڀرسان جت-ڀٽا ڳوٺ جي ڏکڻ طرف آهي يعني نئون ديرو-لکي روڊ سان، رائيس ڪئنال جي لڳ بزرگ جو مقبرو آهي. ڀونڀٽ ۽ نصرت اسٽيشن ڏانهن به ساڳيو رستو آهي.
    پير متارو جو نالو ٻُڌي، مون کي هميشه مرشد لطيفؒ جي شاعريءَ جا ڪردار، موکي متارا ياد پوندا آهن. شاھ جي شاعريءَ ۾ عشقيه داستان آهن ئي آهن پر سماجي تاريخ به اَمر ڪري ڇڏي اٿائين، جيڪو ڳولي سو لهي.
    نئون ديرو، آسپاس ۽ اتر سنڌ ۾ مون کي متارا ذات وارا ڪو نه سجھن. بزرگ تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي.
    اچو ته موکي متارن کي ياد ڪري ثواب کٽون:
    مــتـــارا مـــري ويـــا، مـوکــي تـون نه مرين. (شاھ)
    مـــتــارا مــــري ويـــا، مـــوکـــي پَـئـــي مَــــرُ،
    تنهن جو ڏکُ ڏهر، ڪو نه سهندو اُن ريءَ. (شاھ)
    ســســيـــون ســــردار، آڻـيو رکن اڏيون،
    مَـــــرو مَ مــــتــــارا، اَڏيءَ اوڏا م ٿـــيـــو. (شاھ)
    موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،
    وٽـيــون ڏيـئـي وات، مـتـارا تـنهـن ماريا. (شاھ)
    موکيءَ جي شراب، جي مَٽَ ۾ ڪو زهر ذرو هو. متارا ته، ڏيھاڙيءَ جا پياڪ هئا.
    منظور ڪوهيار صاحب کان فون ڪري موکي ۽ متارن جي قبرن جو پڇيم. هن چيو ته؛ گڏاپ جي پاسي ڪراچيءَ ۾ آهن. جنهن کي دلچسپي آهي ته رسالي جو سر يمن ڪلياڻ پڙهي. يمن جي معني؛ من کي روڪڻ ۽ ڪلياڻ جي سک آھي. موکي ۽ متارن جي وڌيڪ تفصيل لاءِ ڪتاب ڪراچي، گل محمد ڪلمتيءَ واري جا ورق ورايو. هڪ شعر دل تي چڙھي ٿو اچي:
    وجهــج واٽــاڙوئــن تــي، ميـخـانـي جي مَاڪ،
    ٿيندي سُڌِ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هَاڪَ،
    پــرھ جـــا پـــيــــاڪ، جُـه ســــي اڱـــڻ آ ٿــيــــــا. (شاھ)
    سپر هاءِ وي کان ۲۰ ڪلوميٽر پري، موکيءَ جي ڦٽل اوطاق آهي. اتان ۱۶-۱۵ ڪلوميٽرن تي متارن جو ڳوٺ آهي. آثار ڦٽل حالت ۾ آهن، متارن ۽ موکي قبرن ۾ آهن، روڊ رستو نه آهي.
    سهڻيءَ کان پوءِ موکي ۽ متارن کي ڀٽ ڌڻيءَ امر ڪري ڇڏيو آهي. سهڻي ته باغي ڪردار آهي. متارا پرھ ڦٽيءَ تائين پيئندا هئا يعني پرھ جا پياڪ ھيا. اڄوڪا ماڻهو ته گلاس ٻن ۾ وڦلن ٿا. ماڻهو متارن کي روڪين ٿا، ھو پوءِ به سر اڏيءَ تي رکڻ لاءِ آتا آهن. پاڻ ته پنهنجن جي نالي کي خوار ڪيو آهي. عاشق ته مرشد لطيف وارا متارا سڏجڻ گهرجن. باقي مون جهڙن کي نالا ته اجايا آهن. نه جيئڻ ٿو اچي، نه پيئڻ ٿو اچي. پير متاري جي مقام جي چوڌاري لکين روپين جون زمينون ۽ کڏون آهن جيڪي پير جي کاتي ۾ وقف آهن.
    مون کي ياد ٿو پوي ته فقير صاحب جي جيئري، اسان جي پاڙي ۾ ڀلائي ئي ڀلائي، امن ۽ شانتي هوندي هئي. پاڙي جون چڱيون مٺيون ڳالهيون ڪنڊ سُنڊَ ۾ نبيرجي وينديون هيون. ڇيني نبيري مسجد يا مدرسي ۾ ٿيندي هئي. ڪئين چهرا پاڙي وارن بزرگن جا منهنجي سامهون آهن؛ چاچو رحيم بخش ميربحر، سندس ڀاءُ چاچو سينڍل، گلاب ميربحر، ڪاڪو مبارڪ، ڪاڪو محمد سچل ڀٽو، ڪاڪو گل ڪوري، سچل ميراڻي، بابو نيڪ محمد، ڪاڪو رمضان، شعبان، دارغو هدايت الله، ڪاڪو زوار چنو، احمد زوار ۽ ٻيا الائي ڪيترا. سلام ڪبو هو ته؛ ابا ابا پئي پوندي هئي. سلام جي جواب سان گڏ دُعائون به ڏيندا هئا. فقير محمد ۽ رضا محمد، مان ۽ مختيار، عزيز الله ۽ غوثل ميربحر جھڙن، اڄ انهن جاءِ وڃي ورتي آهي. جوان اڪبر علي ڪوري، بڪين جي ختم ٿيڻ ڪري تازو وفات ڪيو، سو پورھيت ۽ شڪار جو شوقين هو. سڄو ڪچو، خاص طور تي ڪيٽي ممتاز، پيرن هيٺان لتاڙيل هيس. سندس سماجي ڳالهيون ٻُڌي، مان دنگ رهجي ويندو هيس. ڳالھ مان ڳالھ، دل چوندي هئي ته؛ ويٺو اُن سان ڪچهري ڪريان. عالم ۽ دانشور، بيزار ڪري وجهندا آهن، ڇو ته هو جيڪو پڙهي، ٻُڌائين ٿا، اُهو پاڻ به ته پڙهون ٿا. اصل ڏاهپ، حڪمت ۽ دانائي ته سماج ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ آهي. جيڪا اڻ ڇپيل ۽ اڻ ٻُڌل آهي. جن قدرن تي سنڌي سماج ناقابلِ تسخير بڻيل هو. اُهي قدر مسمار ٿي رهيا آهن.
    حاجي آفتاب ڀٽي جو والد فقيرمنش هيو. سومرا به غريب مسڪين ۽ ڏاڍا قربائتا هئا. فقير صاحب جي ڪري، فقير حميده، جيڪو خواجه سرا ھيو، حج ڪري آيو. نماز به پڙهندو هو. پنهنجن فقيرن جي مڙهيءَ جو گُرو هو. اتر طرف ماڇين/سولنگين جو وڏو ويڙهو هو. وچ ۾ کڏ هوندي هئي. بوئن جو گهر؛ ڪاڪو نبن، سائين حاتم ۽ ٻيا ڪيترا ڪراڙا. انهن سڀني جو، چاچو علي خان چڱو مڙس هو. اولاد ڪو نه هيس. مڙس وڏو ڦڏائي ھيو. پيو اسان تي درخواستون ڪندو ھيو.
    فقير صاحب کي پهريائين فالج جو حملو ٿيو. علاج ڪري بهتر ٿيو پر دنياداريءَ کان لاتعلق ٿي ويو. نماز پڙهندو هو. ڳالهيون وسري وينديون هيس. پئسن سان کيسا ڀري، کپائي ۽ ورهائي ڇڏيندو هو. مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن ۾ هيڏي هوڏي هليو ويندو هو. ٻيھر فالج جو حملو ٿيس. لاڙڪاڻي علاج لاءِ ڪافي عرصو رھيو.
    فقير صاحب کي ۶ جولاءِ ۱۹۹۶ع تي لاڙڪاڻه ميڊيڪل سينٽر مان گهر آندو ويو ۽ ان ڏينھن ئي وفات ڪيائين. پٽن، ڀائٽين سان گڏ رانجهن فقير چنو مسلسل ساڻس گڏ رهيو. کيس نئون ديري شھر اندر مسجد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي. آمين.
    فقير صاحب جي زندگي مون کي سوچرائڻ تي مجبور ڪندي آهي. اعتبار ڪريو هن سڄي شهر نئون ديرو ۾ ڪو حق انصاف تي فيصلو ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آھي. عبدالرزاق ڀُٽي جي مرڻ کان پوءِ ته ست-ڪوهيءَ ۾ سُڃ آهي. غريب، مسڪين ۽ عزت دارن جي داد-رسي ڪرڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي. ’چور ڇُٽو وڃي، ڀاڳيو ٻڌو وڃي‘ وارو قانون، لڳ لاڳاپا، پئسو ۽ اثر رسوخ گهرجي، انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ.
    ”علي شاھ جي علاج کان مريض مُئو چڱو، انڙ جي فيصلي کان ڍور ويو چڱو“ ننڍي هوندي کان اها چوڻي ٻڌندا اچون.
    نئون ديرو شهر ۽ آسپاس جا غريب، مسڪين ۽ عزت وارا، فقير صاحب وٽ اچي مسئلن جو نبيرو ڪرائيندا هئا. نه جرگا، نه سردار. چند ڄڻا، چڱي ساک وارا ويهي فيصلو ڪندا هئا. نه چٽي، نه ڏنڊ ڏوھ. وڌ ۾ وڌ اھو ته؛ زيادتي ڪندڙ وڃي مظلوم جو تڏو وٺندو هو.
    ڪچي جا کوکر، ناريجا، ککراڻي ۽ شيخ وغيره فقير صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هو سڀ مڙس ماڻهو، جهڳڙالو، ويڙھو ڪنهن جي ٽين ٽين وغيره نه سهڻ وارا، فقير وٽ اچي اصل نه ڪڇندا هئا. اعتبار هوندو هين ته فقير ساڻن بي واجبي نه ڪندو. وڏي واڪ چوندا هئا؛ ”فقير ڪک ڪري، لک ڪري. هو جيڪو چوندو، اهو ئي سچ آهي. اسان کي ڪڇڻو نه آهي.“
    اعتبار ڪريو. سڄي اتر سنڌ جي معاشري ۾ ماڻهو ڪو نه رهيو آهي، جيڪو عزت وارن کي عزت بحال ڪرائڻ ۾ مدد ڪري. خونن، زمينن تي قبضن، عورتن جي ڇيڙڇاڙ، چوري، اغوا ۽ دادگيريءَ، سڀني جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. رُلندا ته توهان ۽ اسان جا ڄاوا، پاڻ ته اڀرو سڀرو وقت گذاري چُڪا آهيون.
    ڪنهن چيو: ”انسانيت تمام وڏو خزانو آهي، ان کي لباس ۾ نه، انسان ۾ تلاش ڪيو.“ منهنجو خيال آهي؛ فقير صاحب جو ان ڪري ماڻهو خيال ڪندا هئا ته سنڌ جو اهو وقت، هن وقت کان چڱو هو. چڱن ۽ سُٺن ماڻهن جو تعداد گهڻو هو. ماڻهو ڪنھن جا ڪانيارا نه هئا. فقير صاحب ماڻهن کي ڏک سک، بڙي بيماري، شادي غمي ۽ اوکي سوکي يعني هر وقت ڪم ايندو هو. ٻهراڙيءَ جو ماڻهو، يا پاڙي اوڙي جو غريب ماڻهو، مُنجهيل وقت ۾ جيڪو سندس ڪم ايندو آهي، تنھن کي ياد ڪري، ان احساس جي ڪري سِرُ ڏيڻ جهڙو، جوکم کڻڻ لاءِ به تيار هوندو هو. ههڙو دجالي دور نه هو جو يار به وڇونءَ وانگر ڏنگين ٿا.
    الله، اسان سڀني تي رحم ڪري. آمين.


    سائين غلام اڪبر سومرو

    روايتن جو پاسدار استاد ۽ زنده دل انسان

    نئين ديري جي ڌرتي ۽ شھر، هندو ڏند ڪٿائن وانگر، منھنجي لاءِ ٻئي جنم واري حيثيت رکي ٿو. مَـسوديري ۾ رهندي به نئين ديري سان رابطو، منھنجي ننڍپڻ کان آهي. ۱۶-۱۷ سالن جو ٿيس ته بابي نئين ديري ۾ گهرڙو ٺاهي ڏنو. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي. ننڍو ڀاءُ گڏ رهندو هو، پاڻ ماني ڪندا هئاسين. بابي ۽ چاچي جي دڙڪن کان آزاد زندگي. اصل مزو اچي ويو هو. ڪو چوڻ آکڻ وارو جو ڪو نه هو. اهو خوف سو اندر ۾ رهندو هو ته؛ ڪا غلط حرڪت ڪري پوين کي لڄائبو به نه. گڏ پڙهندڙ شاگردن کان سواءِ، آغا محمد حسن، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي، خدا بخش ويراڳي عرف خُدن ويراڳي ذات جو سپڙو ٽائون ڪاميٽيءَ جو مُلازم، قاري عبدالحميد صاحب، پيارو منگي، حاجي لوهر، غلام رسول عرف پنھل ٽانگي وارو، هوٽل واري مائي نوران، محمد عالم پڙهي وارو، مينھون خان ماڇي، نيباهو خان حجم، مولوي محمد ابراهيم، مظفر علي کوکر، الله ڏنو ناريجو، غلام اڪبر سومرو وغيره. ڀٽن جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ عبدالواحد سومرو، لعل بخش مشوري، قاضي محمد رفيق ۽ مُنشي خدابخش ڦلپوٽو، بنا دُعا سلام جي سڃاڻي ڇڏيا هئا. شھر جا چڱا مڙس هئا؛ ماستر علي شير ميراڻي، قاضي علي گوهر، ڊاڪٽر عسڪري، نيڪ محمد ڀٽو، فقير محمد عيسى، ارباب علي ڪرٽيو، ماستر محمد جڙيل ناريجو ۽ محمد بخش ڪٽپر وغيره.
    بنگلي تي وڌيڪ اثر رکندڙ هئا، مولانا قادر بخش ڀٽي ۽ يار محمد خان ڀٽو. انھن مٿان ٿيا قريشي صاحب، چوڌري فھيم ۽ قيوم خان وغيره. ديوانن ۾ لوڪ چند، نانڪ رام ۽ آرت مل مکي، ڀُٽي صاحب جي دور ۾ هندو پنچائتن جا رڪن هئا. انھن کان سواءِ حڪيم عزيزالله موريو ۽ حڪيم شيخ سعدالله به معززين ۾ شامل هئا.
    نوجواني، بي فڪري، امن امان، سستائپ، سھڻو، ننڍڙو ۽ صاف سٿرو شھر. سڄو شھر نمن جي وڻن سان ڀريل هوندو هو. جتي هاڻي گرلس هاءِ اسڪول ۽ ٽانڪي آهي، اتي سھڻو پارڪ، گُلَ ۽ ڇٻر هوندا هئا. شھر جي اوڀر طرف، ڀٽي صاحب جو بنگلو. مکيہ گيٽ کان باغ، گلزاري، ڊاک جون وليون ۽ گل ٻوٽا هوندا هئا. بنگلو ساڳيءَ جاءِ تي آهي. ڪجهه ترميمن سان ۽ باقي ٻاهريون اوڀاريون باغ بلڪل ختم ٿي ويو آهي.
    شھر جي ڏکڻ طرف گهاڙ واهه، ٻنھي ڪنارن سان ٽاريون ۽ رستو، جنھن کي ٽاپ سڏبو هو، مٿس ڇنڪار ٿيل. واهه جي ٻنھي ڪپن تي ڇٻر. گرمين ۾ ننڍا وڏا گهاڙ تي وهنجڻ لاءِ گهرن مان نڪري ايندا هئا. امام بارگاهه تائين مزو لڳو پيو هوندو هو. غلام حسين ڪٽپر وارن جي گهرن سامھون باگڙين جا گهر، ديوانن جي ٻارن جون سماڌيون، انبن جو باغ ۽ ڪمند جو چيچڙو هوندا هئا. گرمين ۾ جمعي ڪوريءَ جا ڪلام وڏي سوز سان ٻُڌبا هئا. وهندڙ سنڌوءَ جو پاڻي، مٿان باگڙين جون عورتون، وڻراهه، جمعو ڪوري اصل ڪاڏنھون اڀرندو ۽ لھندو هو. پاڻ کي سمجهه ۾ ڳالھيون هاڻي ٿيون اچن:
    هـلـو هـلـو ڪـاڪ تـڙين، جتي نينھن اُڇل،
    نه ڪو جهل نه پل، هر ڪو پسي پرينءَ کي. (شاھ)
    هندو ٽين-ايجر ڇوڪريون، ڪُراڙين ۽ ٻارن سان گڏجي اچي ڪپڙن سميت گهاڙ واهه ۾ وهنجنديون هيون. نوجوان ۽ وڏا، دادو ڪئنال ڏانھن هليا ويندا هئا. عسڪري ۽ ڪرٽين جي باغ جي وچ ۾ ٻه انبن جا وڻ هوندا هئا، جيڪي جنن جي ڪري مشھور هوندا هئا. دادوءَ جا ٻئي ڪنارا ۴۰-۵۰ سالن جي پراڻين ٽارين ۽ نمن سان ڀريل هوندا هئا. ٿڌڪار، ڇانئن ۽ هوائن جي ڪري، ڇٻر تي ليٽي ننڊ ڪري وٺندا هئاسين. ٽارين تان بُل ڏيڻ، پاڻيءَ ۾ آرپار اچڻ وڃڻ، اسان جا پسنديده شغل هوندا هئا.
    ۱۹۶۹-۷۰ع جنرل يحى خان جي دور ۾ اسان جي سامھون اُهي ٽاريون، ٺيڪي تي ويون ۽ ڪٽجي ويون. غلام حسين ۽ مان، کين پنھنجي منھن گاريون ڏيندا هياسين. پکين جي آکيرن سان گڏ، ڄڻ اسان جي ويھڻ جون جايون ۽ آشيانه اُجڙي ويا هئا. دادو ڪئنال جا گهٽ گهيڙ اُجڙي ويا هئا. وڻ نه ڪٽيا هئا، ڄڻ اسان جا وجود ڳڀا ڳڀا ٿي ويا هئا. ڏاڍي تڪيف محسوس ڪئي هئيسين.
    ون يونٽ جو دور ڏٺو. ان کي ختم ڪرڻ جي جدوجھد ڏٺي. حيدر بخش جتوئيءَ مرحوم جناح باغ ۾ جلسو ڪيو هو، اهو ڏٺو ۽ ٻُڌو هيوسين. ڀٽو صاحب، ايوب خان کان الڳ ٿيو. ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيائين، جيل ويو ۽ آزاد ٿي لاڙڪاڻي پھتو. اسان ڪاليج جا شاگرد ان هلچل جو حصو هئاسين. ليڊر هئا امان الله شيخ، شھزادو شيخ، عبدالغفار ڀٽي ۽ ٻيا. ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي پھتو ته ماڻھن جو سمنڊ، سندس استقبال لاءِ اُٿلي پيو هو. محترمه بينظير ۽ صنم ڀٽو، پھريون دفعو لاڙڪاڻي، ڀٽي صاحب جي بک هڙتال وقت ڏٺيون هيونسين.
    ڀٽي صاحب جي دور ۾ سنڌ جو وزيراعلى ممتاز علي ڀٽو هيو. سنڌي ٻوليءَ جي بل تي، سنڌي-مھاجر فساد ٿيا. جيئن ٽالھين جا بُنڊ وڍجي کڄي ويا هئا، تيئن سنڌي ماڻھن جا لاش ڪراچيءَ مان ايمبولينسن ۾ سندن شھرن ۽ ڳوٺن ڏانھن آيا هئا. ممتاز صاحب ڏنڊو کنيو ته ڪجهه ٺاپُر ٿي پر کيس سنڌ بدر ڪري اسلام آباد ۾ ريلوي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. ڀٽي صاحب جي آرڊيننس تحت، سنڌ ٻن ٻولين؛ اردو ۽ سنڌيءَ جو صوبو بڻجي ويو. ڀٽي صاحب پٺتي هَٽي، مھاجرن جا مطالبا مڃيا هئا. ممتاز صاحب ان دور کان ڏهيسرِ سنڌ مشھور ٿيو. غلام مصطفى جتوئي ان جي جاءِ تي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو هو.
    اسان ۵۵-۶ تي، صبح جو موهن جو دڙو ايڪسپريس ۾، جيڪا ڪراچيءَ تائين ويندي هئي، لاڙڪاڻي ڪاليج لاءِ ويندا هئاسين. روڊ جي سواري نه هوندي هئي. ڪچو پر گندو رستو هوندو هو. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ، روڊن جي صفائي ٿيندي هئي. ٻُھاري اچڻ کان پوءِ پخال سان ڇڻڪار ڪيو ويندو هو. اسان سڀ شاگرد شھزادن وانگر گهمندي انھن صاف رستن تان گذرندا هئاسين. آغا صاحب ۽ خدن ويراڳي معائنو ڪندي نظر ايندا هئا.
    اڄ ڪلهه جتي ڪراچيءَ لاءِ بسن جو اڏو ۽ ڪيبن آهي، ان جي پٺيان مرحوم يار محمد خان ڀٽي جي آفيس هوندي هئي. هُو ڀٽي صاحب جو اٽارني هيو. اُتي پھچندا هئاسين ته سامھون ريل جو ڦاٽڪو نظر ايندو هو. جيڪڏهن اُهو بند هوندو هو ته ڀاڄ ڪرڻي پوندي هئي. شھزادن مان ڦري، جنگي سپاهي بڻجي ويندا هئاسين. کڙيون بوٽن جون، زمين تي کُپنديون ئي ڪو نه هيون. سنھا قرار ۾ ڊڪندا هئاسين، باقي ٿلھن جو ڊُڪڻ ڏسڻ وٽان هوندو هيو، پر پوءِ به مجال جو ريل نڪري وڃي. بغير ٽڪيٽ جي فرسٽ ڪلاس يا سليپر ۾ ويھندا هئاسين. سياري جو پگهر نڪري پوندا هئا. ماهوٽن تائين ساهه پيو هيٺ مٿي ٿيندو هيو. اسان جا ريل ليڊر هئا استاد حبيب مرحوم، الله ڏتو سومرو، دين محمد ڀٽو، عبدالسميع ڀٽو، واحد بخش پھوڙ ۽ لاهوري غلام مصطفى سومرو. ڪاليج جو ليڊر هوندو هو عبدالغفار ڀٽي.
    هاڻوڪي ميونسپالٽيءَ کان وٺي ڦاٽڪي تائين، ويراني هوندي هئي. بسن جو اڏو به پوءِ ٿيو. ناڪي وٽ دلمراد جو هوٽل هوندو هو. هُن جا دوست هئا عبدالرشيد ڀٽي، محمد سومر بلوچ ۽ ٻيا.
    ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ليڪچرار ميرٽ تي ٿيا. گل محمد دايو، عبدالغفار ڀٽي، ارشاد علي ڪٽپر، عبدالسميع ڀٽو، واحد بخش پھوڙ، غلام عمر ۽ مان پھريائين سنڌي ماستر ٿياسين پوءِ سينيارٽيءَ تي سيڪنڊري اسڪول ۾ آياسين.
    ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ عبدالغفار ڀٽي پي.آءِ.اي ۾، ارشاد علي ڪٽپر اسٽيل مل ۾، گل محمد فوڊ ۾، استاد حبيب ۽ ٻيا بينڪ ۾، ڪي ليڪچرار ته ڪي فيملي پلاننگ ۾ آفيسر ٿيا. غلام شبير ميراڻي پھريان فوڊ ۽ پوءِ ڪسٽم ۾، مطلب ته سڀ نوجوان روزگار سان لڳي ويا.
    جڏهن ته اسان واري ٽھي ٻين اسڪولن ۾ نوڪري ڪري اعتماد بحال ڪرڻ کان پوءِ، نئون ديرو هاءِ اسڪول ۾ گڏ ٿيڻ لڳي. اڳ ۾ سائين محمد علي سومرو، روشن علي بلوچ، احمد بخش ڪٽپر، غلام اڪبر سومرو، نارائڻ داس، محمد پنھل قادري، نند لعل، منگهن لعل، محمد سومر بلوچ، محمد رمضان پھوڙ، گلشن علي سومرو ۽ علي گوهر دايو وغيره موجود هئا. سائين اختر علي اويسي هيڊ ماستر هيو. الله ڏنو ناريجو صاحب بعد ۾ بدلي ڪرائي آيو هو.
    نئون ديرو هاءِ اسڪول وڏي وقار وارو ادارو هيو. سينئر استاد، ڀلي پڙهائي ۽ اخلاقيات تي توجهه هوندو هو. ڪا خرابي جي هوندي هئي به، ته اُها لڪل هوندي هئي. هِن اسڪول جي خوبي منھنجي نظر ۾ اها رهي آهي ته ٽيوشن جو مـرضُ هتي تمام دير سان پھتو.
    استاد ذهين ۽ هوشيار، پاڻ کي والدين ۽ شھرين ڏانھن جوابدار سمجهندا هئا. سومرو گلشن علي مرحوم، ڇھين ڪلاس جو پي. ايڇ. ڊي سڏبو هو. هو پنھنجي اوطاق تي ٽيوشن ڏيندو هو. اسڪالرشپ جي تياري محمد رمضان پھوڙ ڪرائيندو هو. باقي ڪلاسن جي پڙهائي هوندي هئي. اڄوڪي ماحول مطابق موڪل کان پوءِ سڀ ڪلاس ڀريل نه هوندا هئا.
    سائين غلام اڪبر مرحوم آرٽس ٽيچر هيو. انگريزي سٺي هوندي هيس. وڏي خوبي اها هوندي هيس، جو نائين ڪلاس کي ”بائلاجي“ پڙهائيندو هو. سائينءَ جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ، شاگرد بائلاجيءَ ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ لڳا هئا. هو بھتر نموني سمجهي نه سگهندا هئا. ڪاپي ڪلچر به عام لڳندا آهن. ڪو ماهر استاد ان کي بھتر نموني نباهي سگهي ٿو.
    سومرو صاحب آل رائونڊر اُستاد هيو. ان دور ۾ مون کي ڪتاب ۽ ڊائري ساڻُ هوندا هئا. کيس مون ڪڏهن پڙهندي نه ڏٺو هو، پر جڏهن ڪنھن به ٽاپڪ تي ڳالھائيندو هو ته اُهو نھايت دليلن سان هوندو هو. مڙني کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي پيرائتي ڳالهه ڪندو هو، جو ٻڌندڙ سندس ڳالھين ۾ گم ٿي ويندو هو، ڪير به بور نه ٿيندو هو. ڪتابن مان ايتري معلومات حاصل ڪري نه سگهندو هئس، جيتري سندس ڪچھريءَ مان ملي ويندي هئي. عمرين ۾ فرق هندي به ذهني طور هڪٻئي جي ويجهو هوندا هئاسين.
    ڀوڳ چرچا يا ٽھڪ اسان وانگر ڪو نه ڏيندو هو. محفل مان مزو ضرور وٺندو هو. ڏاڍيان ڳالھائي بحث نه ڪندو هو. مُرڪندي ڳالهه وڏي اعتماد سان چئي ڏيندو هو. سليڪي سان ڳالھائيندڙ ۽ وقار وارو لھجو هوندو هيس. هميشہ ”ابا“ چئي، ڳالهه جي شروعات ڪندو هو.
    محمد سومر بلوچ صاحب ٻڌايو؛ ”غلام اڪبر جي ننڍي ڀاءُ غلام اصغر کي لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيو ويو هو. سندس والد ٻي شادي به ڪئي هئي“. ممڪن آهي سندس شخصيت تي انھن ڳالھين جو اثر رهيو هجي، جنھن ڪري هو اڪثر سنجيده رهندو هو.
    ۱۹۸۲-۸۳ع ۾ ايم.آر.ڊيءَ جي تحريڪ هلي هئي. سڄي سنڌ ۾ هڙتالون، هنگاما ۽ گرفتاريون ٿيون. سنڌ ۾ هِن تحريڪ ايڏو زور ورتو جو دادو ضلعي ۾ جنگي جھازن سان ايڪشن ڪيو ويو. نئون ديرو ۾ به هڙتال ٿي. ٻيو ڪجهه به نه، رڳو ٽيليفون ايڪسچينج کي نقصان رسيو، روڊن تي ٽائر سڙيا.
    شريف ماڻھو، دڪاندار، نوڪرين وارا، شاگرد ۽ ٻيا شھري ڀٽي صاحب جو قرض لاهڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا هئا. مرحوم عبدالمجيد ۽ ٻيا دڪاندار فوج اچڻ کان پوءِ، اسٽيشن ۽ رائيس ڪئنال جي وچ ۾ جوڳين جي گهرن ڏانھن هليا ويا. ڪي ريل جي پٽڙيءَ جي هيٺان گهمندا، پير جان محمد ڏانھن ته، ڪجهه سنڌوءَ جي ڦاٽڪ ڏانھن ڀڄي وڃي نڪتا.
    شھر ۾ ڪئين لطيفا گردش ڪرڻ لڳا. مثلًا: ڪو گهر وڃي پھتو، سھڪندو زال کي، ادي چئي کانئس پاڻي گهريائين.
    مرحوم عبدالمجيد جو بھترين منيار جو دوڪان هيو. جيڪو هاڻي خادم حسين هلائي ٿو. نوڪرين وارا سڀ سندس گراهڪ هوندا هئا. وڏو مھذب انسان هيو. ڀاءُ الله يار سان گڏجي دوڪان هلائيندو هو. پنھنجي پيرن ڏانھن اشارو ڪري سنگت کي ٻڌائيندو هو؛ ”ادا! هنن همت ڪئي، ڏاڍو ڪم آيا، نه ته فوج کنڀي کڻي وڃي ها.“
    فوج بي رحميءَ سان ڏاڍو سخت ايڪشن کنيو هو. ڪافي ماڻھو گرفتار ٿيا. ڪن کي ڊاڪٽر سليم الله صاحب، ميجر کي فون ڪري ڇڏايو هو. هو رٽائرڊ ڪيپٽن آهي، پوءِ به ۱۵-۲۰ جوانن تي فوج ڪيس هلايو هو ۽ سزائون ڏنيون هيون.
    اُن ڏينھن مان ۽ الله ڏنو ناريجو صاحب گرفتار ٿيڻ جي خوف کان مرحوم مشتاق علي خان ڀٽي جي بنگلي تي وڃي لِڪا هئاسين. مشتاق خان کي مان پھريون دفعو ڏٺو هو. هُو مھذب، ڀٽي صاحب وانگر، خوبصورت ۽ قدآور شخص هيو. ناريجي صاحب جو واقف هيو. سٺو ڊرائنگ روم، عمده صوفا، قالين جي مٿان، نفيس شيشي جي ٽيبل، جنھن جون سنھيون پتل جون ٽنگون هيون. شايد جرمني يا فرانس جي ٺھيل هئي. شيلف ۾ ڪتاب ۽ امپورٽيڊ جام رکيل هئا. خاطر تواضع ۽ ڪچھريءَ کان پوءِ، مان مشتاق علي خان کان اجازت وٺي، ڪتابن کي ڏٺو هو. چائنيز، رشين، اردو ۽ سنڌي ادب تي ڪتاب ڏسي دل ئي دل ۾ سندس ذوق جو داد ڏنو هو. ائين ڪتابن ۽ هُن جي حُسنِ سلوڪ کي ڏسي اچڻ وڃڻ برقرار رهيو. ايم ار ڊي تحريڪ ۾ جيڪي گرفتار ٿيا، انھن ۾ مشتاق علي خان ڀٽو سڀ کان وڌيڪ لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۽ گهر ۾ نظر بند رهيو هو.
    غلام حسين ڪٽپر، مرحوم ذوالفقار علي سولنگي ۽ مشتاق علي راهوجو محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهندا هئاسين. غلام حسين ڪٽپر، منور علي ڪرٽئي سان به گڏجي ويندو هو. قاضي عبدالرزاق عرف گدن قاضي، سائين غلام اڪبر، غلام حيدر ناريجو ۽ محمد پنھل قادري سندن ڪچھرين جا مستقل رُڪن هئا. قادري صاحب ٽيوشن وغيره به پڙهائيندو رهيو، نينگرن کي بنگلي تي.
    اسين سڀ گڏبا هئاسون ته ادبي ۽ سياسي ڪچھريون رنگ لائينديون هيون. اسان کان سواءِ مختلف وقتن تي ٻيا به ايندا ويندا رهندا هئا، پر محترمه جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ ڇڊا پاڊا ٿي ويا.
    غلام حسين ڪٽپر ۽ مان هڪ دفعو مھيني ۾، مشتاق خان سان ملڻ لاءِ ضرور ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن چڱي خاصي دير ٿي ويندي هئي ته هو دٻيل لفظن ۾ اسان کي ڏوراپو ڏيندو هو. ”منگي! مصروفيتون وڌي ويون آهن ڇا؟“ ڪو نه ڪو عُذر ڏئي وٺندا هئاسين. محبت جون مٽيءَ سمان واٽون هونديون آهن.
    سائين غلام اڪبر جا، مشتاق خان جا پُٽ ڳولائو هوندا هئا. دودا خان بلڪل ننڍڙو هوندو هو. اسان جي ويجهو ڪو نه ايندو هو. باقي سائين غلام اڪبر کي ويٺو ڳوليندو هو. جڏهن به ڪچھريءَ لاءِ ويندا هئاسين ته، فاروق علي خان، محمد علي خان ۽ ٻيا نوجوان هٿ ملائي، اُٿي وڃي، بنگلي جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ ويھندا هئا. صرف مشتاق علي خان سان ڪچھري ٿيندي هئي. اسان جون سياسي سوچون جدا جدا هونديون هيون، پر سماجي طور ھڪ ٻئي سان لاڳاپا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مولوي عبدالواحد ڪلھوڙو، ڳڙهيءَ وارو، به اچي ڪچھريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو.
    پھريائين قاضي عبدالرزاق، پوءِ حسين بخش ناريجو، مُـنھن مَـٽي ويا. تفصيل غلام حيدر ناريجو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. محمد پنھل قادري ۽ سائين غلام اڪبر سندن قرب ڪڙيل هئا ۽ اسان کان وڌيڪ ساڻن ويجها هئا. عُرس يا خيرات ڪندا هئا ته مان ويھي ويھي ٿڪجي پوندو هوس. جڏهن خلق خدا کائي ويندي هئي تڏهن مشتاق علي خان پنھنجي ڳڙهيءَ وارن وڏيرن ۽ نئون ديرو جي معززين سان گڏ سائين غلام اڪبر ۽ اسان کي ماني کارائيندو هو. ماني ساڳي هوندي هئي پر ٿانو ٻيا ۽ قيمتي هوندا هئا. ڪشادو دسترخوان هوندو هو. منھنجا مائٽ ۽ شاگرد خدمت ڪندا هئا، جن کان پاڻي به هورڙيان گهرندو هئس. اٻھرائپ نه ڪندو هئس.
    ڪٽپر صاحب ۽ منھنجو، سندس حج تي وڃڻ تائين، ساڻس ساٿ رهيو. هڪ ڏينھن اڳ ۾ موڪلائي آيو هيومانس، ڇو ته مقرر ڏينھن تي، ضروري ڪم سبب شھر ۾ ڪو نه هيس. مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين. هڪ دفعو ذڪر ڪيو هئائين: ”اتي مري وڃبو، واپس نه ايندس.“ هو ننڍي ڀاءُ جي اوچتو وفات ڪري، ڏکويل، پريشان ۽ بيمار رهڻ لڳو هو. دل جو اڳ ۾ ئي مريض هو. ڀاءُ جي وفات کيس جهوري وڌو هو. مولوي عبدالواحد، ڳوٺائي ۽ ننڍپڻ جو دوست هيس. کيس گڏ ورتيون ويو هيو. مولوي صاحب کان وڇڙي، اڪيلو خانه ڪعبه جي ڪنھن ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو هو ۽ اتي ئي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو هو. سعودي انتظاميه، سندس باڊي اتان کڻي ڪنھن اسپتال ۾ رکي ڇڏي. مولوي صاحب پريشانيءَ جي عالم ۾ هيڏي فون ڪئي. محترمه جي حڪومت هئي، ان جي ڪوشش سان سندس باڊي ڳولھي، اُتي ئي دفنائي وئي. ڪافي ڏينھن بنگلي تي تڏو هيو. اسان روز ويندا هئاسين. سائين غلام اڪبر اتي هميشه موجود هوندو هو. گهر به ويندو هيو الائي نه.
    مشتاق علي خان سڄو بنگلو پاڻ ڊزائين ڪيو هو. ڪشادو ۽ بھترين لان، ڪراچيءَ مان ٻوٽا ۽ پيوندي گلاب آڻيندو هو. پنھنجو سلاد وغيره بنگلي اندر پوکيندو هو. روشن راتين ۾، گرمين جي مند ۾، رات جو دير دير تائين جڏهن ڪچھري ڪندا هئاسين ته مون کي پنھنجو خدا ياد اچي ويندو هو. نرم، سائي، مشين لڳل ڇٻري، سائو غاليچو لڳندي هئي. هر طرف کان پکا. دولت جا به پنھنجا رنگ آهن. وري غربت ۾ پنھنجا مسئلا، پنھنجي بي فڪري آهي.
    مون ۾ هڪ بُرائي آهي، جنھن جو کائيندو آهيان ان کي کارائيندو به آهيان. قاضي عبدالرزاق جهليو هو ته صاحب کي کائڻ پيئڻ جي ڪا به شيءِ نه ڏجان. تنھنڪري احتياطًا کيس ڪجهه به ڏئي نه سگهيو هيس. ڪڏهن ڪڏهن، ڪِن مشورن تي عمل ڪرڻ ۾ عافيت هوندي آهي. مشتاق علي خان حج تي ويندي ويندي، پڙهڻ لاءِ ڏنل ڪتاب ”ڀنڀور“ آخري ڏينھن تي دوڪان تي موٽائي ڏياري موڪليو هو.
    مشتاق صاحب جي وفات کان پوءِ، ڪٽپر صاحب ۽ منھجي اچ وڃ گهٽجي وئي. باقي سائين غلام اڪبر ۽ غلام حيدر ساڻن ساٿ نباهيندا رهيا.
    واقعي، ڀٽا پارس آهن. محترمه اقتدار ۾ آئي ته نئون ديرو جون رونقون موٽي آيون. مرحوم جميل احمد قريشي ۽ قاضي عبدالرزاق جي ڇا ڳالهه ڪجي. پراڻن پَسارن کي پوئتي ڇڏي ويا.
    ۱۹۹۵ع ۾ محترمه وزير اعظم جي حيثيت سان، جميل جي ڪري، والي بال ٽورنامينٽ ۾ شريڪ ٿي هئي. اسان اسڪولن جي استادن جون پاسون نڪتيون هيون. زندگيءَ وفا ڪئي ۽ صحت سالم رهي ته وڌيڪ تفصيل سان لکبو. اها ٽورنامينٽ زيڊ. اي ڀٽو ڪلب نئون ديرو وارن ڪرائي هئي، جنھن جو محمد بخش ناريجو ڪئپٽن هيو.
    هي Royal families هي دانشور، اديب ۽ شاعر سڀ سياڻا، صرف حڪيم سعد الله شيخ صاحب جي خاندان کان سواءِ، سڀني جا گنگا مان ڍُڪ ۽ ٻُڪ ڀريل آهن. اها هڪڙي فئملي مئرٽ ۽ محنت تي جيئندي آئي آهي. ڊاڪٽر برادران جي جيئڻ جي سوچ به مثبت (Positive) رهي آهي. جيتري مالي حيثيت اٿن، اوتري عزت اٿن.
    سگا ۽ گسٽا ڇڏڻ کان پوءِ صرف گهر، ڪتاب، موسيقي ۽ ملان بشير احمد بچيا. سڄي زندگيءَ جو ويھي تجزيو ڪيو اٿم، مائٽن، واقف ڪارن ۽ بيمارين سان جنگ ڪئي اٿم. بيزار ٿيو ۽ ٿڪو آهيان ته نشئي ٿيڻ جي بجاءِ، موڪل وٺي سکر وڃي ڊگري به وٺي آيس ۽ پاڻ به پرڀائي آيس. سکر، مون لاءِ گهر کان پوءِ آخري پناهه گاهه رهيو آهي. سکر بئراج، لبِ مھراڻ، ساڌ ٻيلو، ايوب پل، لينڊس ڊائون پل، بکر جو قلعو، روهڙيءَ ۾ درياهه جو وهڪرو، اجنبي ماڻھن ۽ حسن کي ڏسي، تازو توانو ٿي، نين سوچن ۽ امنگن سان گهر موٽي آيو هيس. مان بدلجي نه سگهيو آهيان، پر معاشرو تيزيءَ سان بدليو آهي. سنڌ جا بھترين قدر موڪلائي ويا آهن. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪن سِڪي رهيا آهن.
    منھنجي ذاتي راءِ آهي ته شھر جي ڊاڪٽرن مان، ڊاڪٽر سليم الله صاحب سوشل ورڪر آهي. هو صحيح دوا تجويز ڪرڻ سان گڏ گهٽ رقم چارج ڪري ٿو. سئي ۽ ٿيلھي هن جي ڊاڪٽريءَ ۾ ڄڻ آهن ئي ڪو نه. پنائي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن ماڻھن کي، ٿيلھيون چاڙهي ۽ مھانگيون دوائون تجويز ڪري. منھنجا مائٽ دوا لاءِ هتي ايندا آهن. جيڪي پئسا گهران آڻيندا آهن، اُهي کٽي پوندا اٿن. منھنجي ڀاءُ مشتاق منگيءَ کان اڌارا وٺي پورت ڪندا آهن. ڊاڪٽر محمد يوسف ۽ ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر لاڙڪاڻي اسپتال ۾ نئون ديرائين جي مدد ڪندا آهن. اُهي ڳالھيون به چڱيون آهن.
    شل! ڊاڪٽر خليل الله صاحب، جيڪو سٺو آفيسر، دوست، ڪچھري ڪندڙ ۽ سٺو مطالعو ڪندڙ آهي، اهو به وڏي ڀاءُ جي نقشِ قدم تي هلي مسڪينن ۽ غريبن جي خدمت ڪري ته وڌيڪ محبت ۽ عزت جي لائق بڻجي پوي. خلق خدا جي خدمت کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي عبادت افضل آهي؟
    ڊاڪٽر خليل الله پنھنجي والد صاحب جي حوالي سان ٻڌائيندو آهي ته؛ ”حڪيم صاحب چوندو آهي ته مرندڙ مريض کي دوا ڏئي اسان حڪيم، ان جي مالڪن کي تاڪيد ڪندا آهيون ته، هن کي وڃي گهر رهايو، هن جون خواهشون پوريون ڪريو. هروڀرو هيڏي هوڏي روليوس نه، هن سان ڳالھيون ڪريو. هن لاءِ دعائون گهرو ۽ خواهشون وغيره پوريون ڪريوس.“ پر اڄوڪا ڊاڪٽر، خاص ڪري ميڊيڪل سينٽر، ٿيلھيون، سيون، دوائون ۽ ڪمرن ۾ رهائي، مريض جي مالڪن جا ٽپڙ وڪڻائي، پئسا وٺي پوءِ کين لاش ڏيندا آهن. ڪيڏو سچ چوندو آهي، شھر جو جهونو بزرگ شھري.
    اهي ڳالھيون آهن تعليم ۽ صحت جون. مان چوندو آهيان، ٻئي کاتا، ويلفيئر ڊپارٽمينٽ يا خدمت ڪندڙ ادارا آهن ۽ ٻئي تباهه آهن. ٿاڻي، ڪورٽ ۾ ٽيڪس وغيره کاتن ۾ ۱۰ سيڪڙو ماڻھو به ڪو نه ٿا وڃن پر صحت ۽ تعليم سان سڄي قوم جو واسطو آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۽ صحت جي سينٽرن لاءِ رقم گهرجي. اُها غريب قوم ڪٿان آڻي؟ حلال جي ڪمائيءَ وارا ته پھچي ڪو نه سگهندا.
    شيخ صاحب جي حوالي ڏيڻ ڪري ٻيا شھري جيڪي عزتدار ۽ ايماندار آهن، اهي ناراض نه ٿين. مان مڃان ٿو ته ڪافي خاندان محنت ڪري جيئندڙ آهن، پر جن ٽي دفعا آئوٽ آف ٽرن، نوڪريون ۽ فائدا ورتا آهن، اُهي هن شھر جي سنڀال ڇو نٿا لھن. هتي هنن جي وڏن جون قبرون آهن. لکن ۽ ڪروڙن ۾ ٿا تورجن. هنن، هن شھر کي ڇو وساريو آهي. پنھنجي غربت جا ڏينھن ۽ گهٽين ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ڏينھن وسري ويا اٿن. قاضي، کھڙا، ڀٽا، سڀ سکڻين هٿين هليا ويا. غريبن جو حق ڇو نٿا ادا ڪن. انسانيت جي خدمت ڪندا ته هنن جي وقار ۾ اضافو ٿيندو. اڪيلو جيئڻ ته ماڻھپي کان پري ڪري ٿو ڇڏي.
    ۷۰-۱۹۶۹ع ۾ ڪجهه دوستن، فلسطينين جي جدوجھد کان متاثر ٿي، ياسر عرفات جي الفتح تنظيم جي تتبع تي الفتح اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي ھئي. مرحوم امداد علي سومرو، غلام حسين ڪٽپر، عبدالغفار ڀٽي ۽ ٻيا گڏ هئا. لئبرري هلائيسون. امداد علي سومرو منھنجي قومپرستيءَ جو ساٿي هو. ٽنڊي ڄام جو گريجوئيٽ ۽ ڍورن جو ڊاڪٽر هيو. اسڪالرشپ تي آسٽريليا مان ٿي آيو هو. آمريڪا ۽ يورپ جي اسڪالرشپس کان ان ڪري محروم رهيو جو وٽس حق، ميرٽ ۽ سينيارٽيءَ کان سواءِ ڪا سياسي سفارش نه هئي. هنن جي فيصلي سان ٽريجڊي ٿي. باءِ پاس تي گاڏي بيھاري مون سان ملندو هو. تڪڙي جيڪو ڪجهه هوندو هو ته اهو کائيندو هو، نه ته ٿڌو پاڻي پي، کلندو موڪلائي هليو ويندو هو. غلام حسين ڪٽپر ۽ ٻين سان پڻ ملي، حال حوال وٺندو هو. عجيب طبيعت وارو جوان هو. ڊِي جِي سنڌ ٿيو هو ۽ ان پوسٽ تي رهندي، دل جي تڪليف ٿيس، وفات ڪري ويو هو. لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيل آهي. اتي تڏي تي جڏهن گلشن سان مليو هيس ته مان لڙڪن کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هيس.
    هن شھر ۾ نوجوانن لاءِ ڇا آهي سواءِ ڀنگ، چرس، آفيم، هيروئن، ٽي وي، وي سي آر ۽ ڊش جي؟ ڪھڙو پليٽ فارم آهي، هو ڪيڏانھن وڃن؟ ڪير هنن کي صحيح دڳ ڏَسڻ وارو آهي؟ مون کي به هاڻي نوجوان پٽڙا آهن، سڄو ڏينھن ڌيئن وانگر گهر ۾ ويھاريو ويٺو آهيان. هن شھر جا باقي نوجوان به مون کي پٽن وانگر پيارا آهن. پنج ماڻھو اڳتي اچن، مون وانگر سوچين، بغير سياست ۽ ووٽن جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي اخلاق، ذميواريون، علم، ڳالھائڻ ۽ تقريرن ڪرڻ سان گڏ جيئڻ جو ڍنگ سيکارڻو آهي، نه ته فحاشيءَ جي باهه سڀني درن تي آهي. جواني ديواني آهي. اها ڇڙواڳ ٿي ته جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو به وڃائي ويھنداسين. نوجوانن جي گلا ڪرڻ سولي آهي پر اسان واري نسل هنن لاءِ ڪيو ڇا آهي؟ ورثي ۾ ڇا ڇڏيو آهي؟ مون کي يقين آهي، هيءُ نوجوان، سٺو Response ڏيندا. بغير پئسن ۽ خرچ جي به، سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. مٺن ٻولن ۽ محبت ۾ جادو آهي. مون کي تجربو آهي. اعتماد پڻ آهي، تڏهن ته اهي ڳالھيون ڪيان ٿو. مون کي حيرت آ، عبدالغفار ڀٽي به هن شھر مان هٿ پٽي ويو آهي. ٻين کي ڇڏي، هن کي نه صرف ميار ڏئي سگهجي ٿي پر سرور ناريجي جي سامھون جهيڙو به ڪري سگهجي ٿو. شل! ڪو واءُ وري .... نامديو ديوان جو به، هن شھر ۾ سٺو ڪردار رهيو آهي. جتي مسلمان ڪنڊائتا ٿي ويا آهن، اتي هو ديوان به ڇا ڪري؟
    هاءِ اسڪول نئون ديري ۾، مان جي ايس ٽي هيس. هڪ دفعي مٿي ماڙ تي ڪلاس وٺي، هيٺ لھي آياسين ته خبر پئي ته، سائين اختر علي اويسي ۽ غلام اڪبر صاحب پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن. محمد پنھل قادري، جنھن جي سامھون، سڀ ڪجهه ٿيو هو، ان ۽ ٻين استادن احوال ڏنو. مشتاق علي خان ڀٽي جي پڙهندڙ پٽن جي ڪري، اهو سڀ ڪجهه ٿيو هو. سائين اختر عليءَ هنن کي ڪا هدايت ڪئي، جنھن تي سائين غلام اڪبر ناراض ٿي پيو هو ۽ اويسي صاحب سان منھن ماري ڪئي هئائين.
    آخر ڳالهه وڃي اتي پھتي ته هيڊ ماستر اويسي صاحب مڃيو ته غلام اڪبر صاحب پنھنجي غلطي تسليم ڪري آفيس اچي ته مان هر ڳالهه ڇڏي. سائين اويسي صاحب اسان مان ڪنھن تي ڪيڏو به ناراض هوندو هو ته صرف ايترو چوندو هو ته، ”ادا! اها اوهان جي بيواجبي آهي.“ هن جو مھذب-پڻو، اخلاق ۽ ايمانداري، مان ڪنھن ٻئي آفيسر ۾ نه ڏٺي.
    سائين محمد علي سومرو، روشن علي بلوچ صاحب، محمد سومر بلوچ ۽ محمد پنھل قادريءَ ته سائين غلام اڪبر کي ڏاڍو سمجهايو پر سومرو صاحب ته، نَھَ کي نوَ ڪوٽ ڏئي بيھي رهيو.
    وڏي آواز ۾ چوندو رهيو ته هيڊ ماستر کي جيڪي ڪرڻو آهي اهو ڪري، مان آفيس ۾ هلي ٺاهه نه ڪندس. ٻه عزت مآب انسان، آمھون سامھون ٿي بيھي رهيا. مون کي ياد آهي، اويسي صاحب به ڦاسي پيو هو. هو بلڪل نه پيو چاهي ته ڳالهه آفيسرن تائين پھچي. اصل ۾ بنيادي طرح ڪا وڏي خراب ڳالهه، جھيڙي جو سبب ڪو نه هئي. اهڙا مسئلا ته شاگردن، استادن ۽ هيڊ ماسترن جا ٿيندا رهندا آهن.
    انتظام، ضابطن ۽ اخلاق وارا ڏينھن هئا. مٿي آفيسر به چڱي انتظام خاطر هيڊ ماسترن جي پاسي هوندا هئا. هيڊ ماسترن جي عزت ۽ ادارن جي وقار خاطر هنن جي مدد ڪندا هئا. هھڙو، جھان خان وارو دور ڪو نه هيو.
    سائين غلام اڪبر Relieve ٿي ويو. نه الوداعي پارٽي ۽ ٻيو ڪجهه صفا Un-ceremonial سڀ ڏکوئجي ويا هئاسين. سائين جنھن اسڪول ۾ بدلي ٿي ويو، اتي به بھتر ڊيوٽي ڏئي نه سگهيو ۽ سسپينڊ به ٿيو هو.
    سائين غلام اڪبر سان سالن جو ساٿ رهيو. سنجيده ترين انسان هيو. ههڙو روپ مان هُن جو ڪڏهن نه ڏٺو هو. هُن جا ڪجهه ڪليگس، سائينءَ جي نوجوانيءَ ۽ غصي بابت ٻڌائيندا هئا، پوءِ به هن جي بغاوت ۾ ايڏي سگهه مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
    پُـڇــي پــاڙي واريـــون، ڪــوهه ڪــريــنــدو ڏَمُ،
    هي سِسي، ساهه ۽ چَـمُ، گهوريو ميھر يار تان. (شاهه)
    ڪجهه وقت کان پوءِ ملندا هياسين ته اُها ئي سنجيدگي، مُرڪ ۽ پنھنجائپ. نه شڪايت ڪندو هو ۽ نه وري ڪنھن جي گِلا. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. ڇيڙڻ تي مختصر جواب ڏيندو هو.
    هڪ دفعي سيارو هجي، رستي تي ملي ويو، پڇيومانس: ”ڪٿي آهيو؟“
    ”ابا! ڪراچيءَ ويو هيس.“
    ”سائين! ڪجهه ڪوٽ وٺي آيا آهيو؟“
    ”يار! ڏاڍا سستا ڪوٽ هئا. سو سنگت لاءِ وٺي آيس. سڀ ورهائي ڇڏيا آهن.“ هن جواب ۾ چيو.
    ”توکي ڪنھن ٻڌايو؟“ هن پڇيو هو.
    ”دوست دلبر.“ مون کيس جواب ڏنو هو. دوست محمد لوهر/عباسي، هاءِ اسڪول جو ليبارٽري اٽينڊنٽ هو. مرڪندڙ چھرو، هر ڪم ۾ صرف ”ها!“ سڄو ڏينھن کلندي، ڳالھائيندي پيو. استادن جا اسڪول ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. سائين ليباريٽري ۾ پنھنجو ڪم ڪري، ٻين جي حصي جو به ڪم ڪندو رهندو هو. ڪٿان ڳوليان اهڙا ماڻھو، اُڏامي هليا ويا. عجيب قادر جي ڪائنات آهي. هن کي اولاد به ڪو نه هئي.
    ان وقت سائين غلام اڪبر سسپينڊ هو ۽ پگهارون به بند هيس. هن جي ايتري پي آر هوندي هئي جو هميشه ڪراچيءَ سنگت سان ڪارن تي ويندو هو. اتي بنگلن تي کائڻ پيئڻ، ڪچھري، هفتن جا هفتا، انھن سان رهي پوندو هو. سندس واسطي وارا شايد عرضي ڀٽو ڳوٺ، تعلقي ميروخان جا هوندا هئا. هن کي گهر ۽ اولاد جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪو نه هوندي هئي. فڪر هوندو هيس ته غريب موالين جو. هن جي لڏي ۾ صوفي ۽ قاضي صدرالدين جھڙا ڪافي خوشحال، پڙهيل نوجوان به هوندا هئا. سڀني کي پنھنجو وقت ڏيندو هو. گهاڙ جون هوائون، ٿڌڪار، ڇنڪار، صفايون، گلڪاريون، وڃي ڪو ڏسي ته مولائن جا آستان، مٽيءَ مان مھڪ پئي ايندي. گهور پيا ٿيندا، نون آيل مھمانن تان. ڪا جاءِ نه لڀندن جتي انھن کي ويھارن. تڏو کڻي ايندا، رليون وڇائيندا. جھڙو حال حبيبان، تھڙو پيش پريان. مزو ايندو هو، سائينءَ وارن سان ويھندي. اصل دل ئي نه چوندي هئي گهر وڃڻ تي. بنگلن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ منھنجو ساهه منجهندو آهي. غريبن جي رت جي بوءِ ايندي آهي. ڀڄي نڪري ايندو آهيان. ٻاهر نڪري وڏا ساهه کڻندو آهيان.
    مان ماستر هجڻ جي ناتي، ٽي ٽيچرس ٽريننگ ورتيون آهن. Best Teacher تي انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي مضمون، مقالا ۽ استادن جا ليڪچر ٻڌا آهن. ان سان گڏ ڪافي رفريشر ڪورس به ڪيا آهن. پر مون کي اڄ به اهو احساس آهي ته مان سائين غلام اڪبر سومري ۽ ان ٽھيءَ جي استادن جھڙو ٿي نه سگهيو آهيان. هو سچا پچا Nation Builder هئا. هو منھنجي استادن جي عمر جو هو. تعليم بابت سوين وصفون، يورپين ٿنڪرس جون آهن، جن مان هڪ آهي ته: ”Education means change in behavior“ سنڌ ۾ تعليم پرائيندڙن جڏھن مختلف کاتن ۾ مثلًا؛ ٿاڻن، ڪورٽن، اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن ۽ ٻين ادارن ۾ جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اُها اسان سڀني جي آڏو آهي. هي پڙهيل ملازم، مسڪينن جي ٽئڪس تي ٺٺ ٺانگر ٿا ڪن. قيامت ڏينھن الائي ڪيئن پنھنجي مڃيندڙ خدا کي جواب ڏيندا.
    مون کي والدين نه، پر سائين غلام اڪبر جھڙن استادن پڙهايو. گهر وارن کي خبر ئي نه هوندي هئي ته ٻار ڪيئن ٿا پڙهن. مون کي انھن جي عظمت، اخلاق، همدردي ۽ علمي قابليت ياد آهي. مون کي مليشيا ڊريسون هر سال ميرٽ تي، ڪلاس ٽيچر، هيڊ ماستر کان وٺرائي ڏيندا هئا. سلائي به اسڪول ڀريندو هو. اهڙو انصاف وارو دور، اکين سان ڏٺوسين. ڇا جي سفارش يا ياري باشي. هڪ دفعي بابي، اٺين درجي ۾ ماکي ۽ مکڻ، هڪ استاد کي ڏنا. مون کي ياد آهي، اُن ڏينھن استاد ڏاڍو ڪُٽيو هو. هٿن ۾ ساوا ۽ ڪارا داغ ٿي پيا هئا. ٽيچر ٿيس. سالن کان پوءِ سمجهه آئي ته ان استاد ماکي ۽ مکڻ حلال ڪرڻ خاطر ٻن جي بجاءِ پنج لڪڻ هنيا هئا. اڄ جي دور ۾ ڪو ايئن ڪري ته ٻه لڪڻ به معاف ٿي ويندس. اهڙا فرشتا، نيڪ ۽ غريبن جا هڏڏوکي استاد هئا. پنھنجي اولاد ۾ جيئڻو اٿو ته بغاوت ڪريو، سوشل ڍانچو تبديل ڪريو، هن شھر کي غنڊن، بدمعاشن ۽ جاهلن کان بچايو، ڪجهه ڪو نه ٿيندو. پنھنجي نسلن کي بچايو. پبلڪ جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ غليظ، بيڪار، لالچي ۽ مفت ۾ پگهارون کڻندڙن کي تبديل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. سرڪار ڪجهه نه آهي، پاڻ سرڪار ٿيو. توهان جي ٽئڪسن مان هو ٻچا ٿا پالين. هنن کان ڊڄو ڇو ٿا! هڪ پنو، پريس جو بيان، هڪ ميڙ، هڪ جلوس جي دٻ به جهلي نه سگهندا. فائول طريقا ڇڏي، صرف مھذب طريقن مان به سڀ ڪجهه ممڪن آهي.
    مان خوشنصيب آهيان جو، غلام اڪبر مرحوم، استاد حبيب مرحوم، دوست محمد عباسي مرحوم، دل مراد مرحوم ۽ ٻين اهڙن کي سڃاڻان. دلمراد زماني جو ماڻھو هيو. کيس ڳالهه ٻڌائڻ جو وڏو فن هو. اسڪول ۾ بئنچ تي ويھي ڪچھري ڪندا هياسين. نئون ديري جي دانشورن ۽ اديبن کان وڌيڪ ڏاهو ۽ سماجي سڌ ٻڌ رکندڙ هيو. ماڻھو گريڊن ۽ دولت سان نه، پر ماڻھپي سان سڃاتا ويندا آهن.
    مان ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته، منھنجي سوشل لائيف جي پڙهيل لکيل دوستن کان اهي سڀ کان وڌيڪ مون کي ان ڪري پيارا آهن جو هو انسان-آزار، نه هئا. هنن وٽ، ڏيڻ لاءِ ڌن دولت نه هو پر قرب ۽ عزت وڏي ڏيندا هئا. اها اهڙي مايا آهي جو کپائڻ سان کٽندي ئي نه آهي. انساني همدردي ۽ خلوص جا ٻه ٻول، وڏي مرهَم آهن. مان ڪافي اهڙن ماڻھن کي سڃاڻان. تڏهن ته مالڪ جي ڪرم ۽ انھن جي دعائن سان پنھنجي خيالن، سوچن ۽ آدرشن سان جيئان ٿو.
    مون کي منھنجا همدرد چوندا آهن؛ تنھنجو طريقهء ڪار غلط آهي. سادو جواب آهي؛ لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ پير ڳوٺ وارو روڊ وٺبو نه، پنجوديرو وارو روڊ وٺي لاڙڪاڻي ڪيئن پھچبو!؟ مون کي خبر آهي ته سوشل ورڪ ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي. ماڻھو ان کي حڪمراني سمجهي، ڪندا آهن. اهو ئي فرق آهي هنن ۽ مون ۾. هو مرتبي جا بکيا، پيٽ جا پوڄاري، داداگير ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هو ائين سوشل ڪم ڪندا آهن، جيئن هيروئن کپائيندڙ، خيراتي اسپتال هلائيندو آهي. هو اخبارن ۾ نالا ۽ فوٽو ڇپرائڻ لاءِ عھديدار بڻبا آهن. تنظيم کي تباهه ڪندا آهن، پر عھدا نه ڇڏيندا آهن.
    جڏهن مان ابن خلدون ۽ سماجيات جي مختصر مضمونن کي پڙهيو ته سمجهيو ته سوشل ورڪ، کٽڻ وارو ڪم نه آهي. هڪ ماڻھوءَ يا ٿوري عرصي جو ڪم نه آهي. هِن ڪم لاءِ ٽيم ورڪ، جذبو ۽ حياتيون گهرجن.
    اهو ئي سبب آهي جو مدر ٽريسا، ايڌي ۽ نيلسن منڊيلا وغيره سنڌ پيدا ڪري نه سگهي آهي. هتي اسان جلد ٿڪجي ۽ بيزار ٿي پئون ٿا.
    يورپ جتي آهي، اُتي پھچڻ ۾ هنن جي دانشورن، حڪمرانن ۽ فردن جي سون سالن جي ذلتن، تڪليفن ۽ پيڙائن کي سھڻ ۽ سمجهڻ جو نتيجو آهي. هنن تعليم، ريسرچ، اخلاق ۽ انصاف جي بنياد تي پنھنجو معاشرو اڏيو آهي. اسان وٽ عملي ڪم ته پري رهيو پر سوچون به پيدا ڪو نه ٿيون آهن.
    آخري دفعو جڏهن سائين غلام اڪبر سان مليو هيس ته ڪجهه کائڻ پيئڻ سان گڏ رهاڻ به ڪئي هئي. موڪلائيندي دعوت ڏني هئائين ته؛ ”تارن جي علم ۽ حقيقتن تي، ليڪچر ڏيڻو آهي. چانھه ۽ بسڪيٽن جو انتظام آهي، سو اچجو.“ افسوس! مان وڃي نه سگهيو هيس. ياد رهي ته عمر خيام تارن جي علم جو وڏو ماهر هو. ۱۸ سال ريسرچ ڪري موجوده ڪئلينڊر تيار ڪيو هئائين. هو وڏو شاعر به هو. هن جون رباعيون مشھور آهن. مان سنڌي ادب جو مختصر مطالعو ڪندڙ آهيان. پر اڄ لاچار آهيان. پنھنجون انائون ۽ بت ٽوڙي، اردو ادب جو سھارو ٿو وٺان ته جيئن قلندر مرد سان قلمي انصاف ڪري سگهان.
    خود پياس کا صحرا هون، مگر دل کي ضد هي،
    پهر دشت پر ساون کي طرح، ٽوٽ ڪي برسون. (نامعلوم)
    سائينءَ جي فطرت ئي اهڙي هئي، يا زماني جي لاهين چاڙهين تراشي کيس انسان بڻايو هو. مان فيصلو ڪري نٿو سگهان. هو ڏکويل هيو. هن جا پئسا اڏامي ويا هئا. ٻچڙن هن کي سک نه ڏنو هو، پوءِ به اطمينان ۽ منھن تي مرڪ. هٿ وٺي هجت سان ويھاريندو هو ته نَھَڪر ڪري نه سگهندو هيس. جلدي هوندي ھئي ته به اهڙي انداز سان جند ڇڏائيندو هوس جو اسان به راضي ٿي ويندا هئاسين.
    هڪ دفعي سڙيو پچيو پيو هيس. سائين گڏجي ويو. هٿ ملائيندي پڇيومانس: ”سائين ڪيڏا نه عذابن ۾ آهيون! ڇا ڳالهه آهي؟“
    ”ابا ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا جيڪا بھشت ۾ خطا ڪئي هئي اسان ان جي اولاد هئڻ جي ناتي Punishment ۾ آهيون.“
    سائين! ڏيو منھن! کڻي اچو پنھنجا فلسفا ۽ منطق. ڪيڏو وڏو سوال، مٿان وري ڪيڏو سادو ۽ ڀرپور جواب. هو اسان جي شھر جو صحيح معنى ۾ فلسفي، پڙهيل لکيل ۽ انسان دوست هو.
    ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ هزارين اهڙا ذميوار، بااخلاق، هوشيار، ذهين، محقق، تاريخدان، اديب، شاعر ۽ سوشل ورڪر استاد، سنڌي اسڪولن ۾ نوڪري ڪندا هئا. ۱۹۷۵ع کان وٺي کاتو خالي ٿيڻ شروع ٿيو آهي. هاڻي، علم، عرفان، سليقو ۽ ڏاهپ ورهائيندڙ اداري ۾ ڪنگ ٿا رڙن. ڳولڻ سان به ڪو عالم، اسڪالر ۽ بااخلاق ڪو نه ٿو لڀي. 50 اسڪولن جي هيڊ ماسترن مان، 45 فنڊ-کور آهن، جن جي چوڌاري بي ايمان، لالچي، ڪوڙن ۽ مڪار ماسترن جي لوڌ آهي، جيڪي فائيلن جو پيٽ ڀريندا رهن ٿا. باقي پنج ايماندار، لڪندي ۽ منٿون ڪندي نوڪري ڪن ٿا. ايمانداري هنن لاءِ عذاب بڻجي پئي آهي. سائين غلام اڪبر جھڙا پگهار تي پيٽ ۽ ٻچا پالڻ وارا ڪو نه ٿا ملن. وڏن اسڪولن ۾ ڪو پڙهائي ٿو ته صرف ٽيوشن خاطر. پگهارن تي پڙهائيندڙ ماستر مري ويا. استادن جا مشغلا، علم جي بجاءِ ڏاڍ مڙسي، داداگيري ۽ تنظيم سازي وڃي رهي آهي. مزي جي ڳالهه ته شاگرد به انھن کي چاهين ٿا. پڙهائيدڙ استاد کي هو به ڪو نه ٿا ڀانئين. هو پڙهڻ، سکڻ ۽ اخلاقي پابندين کان جند ڇڏائي ويا آهن. والدين هنن کي ذاتي توجھه ڏئي پڙهائين. باقي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪجهه ڪو نه آهي. ڏهن هزارن کان 25 هزارن تائين پگهار کڻندڙ، پاڻ کي معاشري جو نظر انداز ٿيندڙ طبقو ٿا سمجهن.
    جيڪڏهن پنھنجن پٽن، پوٽن يا اولاد کي تعليم ڏيڻي اٿوَ ته حڪيم سعيد الله شيخ صاحب وانگر، پنھنجن ٻالڪن تي توجھه ڏيو. مون کي ذاتي طور تي خبر آهي، تڏهن ته ڊاڪٽر خليل الله سان ريس ڪندو آهيان.
    محبت مشڪ وانگر آهي، پنھنجي ٻچڙن سان اٿو ته ساڻن محنت ڪريو ۽ تربيت لاءِ بھتر کان بھتر اُپاءَ وٺو.
    سائين غلام اڪبر جون ڳالھيون، ڪچھريون، يادگيريون، منھنجي لاءِ سرنھن جي وڻ جي گل ۽ ٻور مان نڪرندڙ هڳاءَ ۽ مينديءَ جي مھڪ وانگر آهن. الله پاڪ هن جي روح تي رحم ڪري.


    غلام نبي شاهاڻي صاحب: تعليمي آفيسر

    اوائلي عمر ۾ صبح جو ڍڪ محلي واري گهر مان ڪتاب کڻي لاڙڪاڻي يا شھر لاءِ نڪرندو هئس ته ڍَڪ منشيءَ کي سلام ڪري اڳتي وڌبو هو. هاڻي جتي گرلس پرائمري اسڪول بلڊنگ آهي، اتي ڍڪ هوندو هو ۽ اتر طرف هُن جي رهائش ۽ آفيس هوندي هئي. مھاجرن جي خالي جڳھه، دَئي ۽ پَپي مل جي جڳھن کان پوءِ پير چوڏهو، سولنگين جا گهر، تقي شاهه مرحوم جو واڙو، سامھون غلام نبي صاحب جو هائوس. ساڳي عمارت ۽ اوطاق آهي، سواءِ آرائش ۽ مختصر ترميمن جي. روڊ جي ساڳي اتر واري قطار ۾ تقي شاهه جي حويلي، غلام قادر سپڙو، مولچند جو گهر ۽ فقير محمد عيسى مرحوم جي گهر جو دروازو ٽپي، پوسٽ آفيس واري گهٽي وٺبي هئي. دين محمد ڀٽي واري موجودھ بلڊنگ ڪو نه هوندي هئي. باقي جايون هونديون هيون. جتي ٽرانسفارمر آهي، ان جي ڏکڻ طرف، ٻارن جي راند جو ميدان هوندو ھيو. هن وقت غلام قادر مرحوم جي پٽن رياض حسين وارن جو شاپنگ سينٽر ۽ جاءِ آهي، اتي ئي مُکي آرت مل، ٿانور مل ۽ ٻيا پوڙها عامل ديوان پري کان ڏسندا رهندا هئاسين. ٿانور مل کي ٻلين ۽ ٻين جانورن سان اُنس هوندو هو. هُو ڄڻ ته نئون ديري جو جمعو فقير هيو.
    تـقي شاهه اصل ۾ ميرپور ڀرسان، ھڪ ڳوٺ جو هيو. فقير صاحب، ڀُونڀٽ پور جو ۽ شاهاڻي صاحب، عزت جي وانڍ ڀرسان، شاهاڻين جي ڳوٺ جو ھيو. تعلق، زميندار گهراڻي سان ھيس. ٻني ٻاري، اوطاقن اندر پٽڪي اجرڪ واري ثقافت ۽ سنڌ جي ٻھراڙي وارين ريتن رسمن جو انسائيڪلوپيڊيا هيو. تتر، ڦاڙها، ماکيون، سنڌوءَ جي ڪناري جهنگ ۽ پاڻي چڙهڻ جا نظارا ننڍي کان وٺي ڏٺل هئس.
    شاهاڻي صاحب سان منھنجي واقفيت، پنھنجي چاچي عرض محمد منگي مسوديرائيءَ جي ڪري ٿي. هُن جي عمر ۷۵ کان ۸۰ سالن تائين ٿيندي. غلام نبي مرحوم جو مسوديري جي سردارن سان، غلام الرسول جلباڻيءَ کان وٺي تعلق رهيو. اسڪول وزٽ ڪرڻ ايندو هو ته وٽن به ويندو هو. سڀ عزت ڪندا هئس.
    اميد علي ڪٽپر، منھنجي ويجهن دوستن مان آهي. گهٽين ۽ روڊن تي رُلندي شاهاڻي صاحب ملندو هو ته کيس سلام ڪري وٺبو هو ۽ اهو سلسلو آخر تائين قائم رهيو. پاڻ اڪثر ٻڌائيندو هو ته مان هتي پڙهڻ دوران، اميد عليءَ جن جي گهر رهندو هئس. سائينءَ جن پڙهي استاد بڻيا. ڪافي سينئر ٽيچر جيڪي پاڻ به رٽائر ٿي چڪا آهن، اُهي هن جا شاگرد آهن. بعد ۾ ماسترن جو صاحب بڻيو. سينيارٽيءَ تي هاءِ اسڪول هيڊ ماستر بڻيو. فور ويل گاڏيءَ وارو آفيسر به ٿيو. تعليمي آفيسرن ۾ واحد آفيسر هيو، جنھن وٽ ذاتي گاڏي به هوندي هئي.
    سنڌ جو اهو عجيب محبتن وارو دور هيو جڏهن شھري ماڻھو، ٻھراڙيءَ جي ٻين برادرين ۽ غريب مائٽن جي ٻارن کي پاڻ وٽ سالن جا سال رهائيندا هئا. ائين سوين نه، پر هزارين ٻھراڙيءَ جا ٻار، پڙهي آفيسر ۽ ڪامورا بڻيا. منھنجا ڪجهه دوست چوندا آهن؛ ڳوٺان گوڏ پائي ايندا هئاسين، سلوار اسڪول ٻاهران پائيندا هئاسين. غربت جو دور هوندو هو، پر ماڻھن جون دليون شھنشاهه هونديون هيون. اُها سنڌ ئي الائي ڪاڏي اُڏامي وئي!
    شاهاڻي صاحب گهر جو وڏو هئڻ سان گڏ، تعليمي آفيسر به رهيو، تنھنڪري وٽس هميشہ هارين نارين، ماسترن ۽ مھمانن جي اچ وڃ نظر ايندي هئي. حسين شاهه راشدي، مرحوم علڻ فقير ۽ ٻيا ڪيترا ئي مشھور عالم دانشور ۽ شاعر ايندا رهندا هئا. مون کي حيرت تڏهن ٿي هئي جڏهن ٽه-ماهي مھراڻ رسالي وارن ناياب خط ۽ تصويرون شاهاڻي صاحب جي ٿورن سان شايع ڪيا هئا. ڪافي علمي اهم شيون، وٽن ٻيون به محفوظ آهن.
    ۱۵-۱۰ سال اڳ، سماجي ثقافتي سنگت نئون ديرو جو بنياد شاهاڻي صاحب جي اوطاق تي رکيو هيوسين. خادم صيف شاهاڻي، عبدالغفار ڀٽي، غلام حسين ڪٽپر، منٺار علي سولنگي، ابراهيم خليل ۽ مان ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئاسين. مقصد هيو ته؛ ڪجهه لکڻيون گڏ ڪري، نئون ديري تي ڪتاب ڇپرائجي. ٻي گڏجاڻي ڀَٽي صاحب جي اوطاق تي ٿي. واري سان ٻئي هنڌ به گڏجاڻيون ٿيون. مان الڳ ٿي ويس. ڀَٽي صاحب ڪراچيءَ هليو ويو پر پوءِ به ڪم هلندو رهيو. ڪافي مواد گڏ ٿيڻ کان پوءِ، اهو ڇپجي نه سگهيو.
    مان پنھنجي ذميوارين ۾ خيانت، نه پاڻ ڪندو آهيان ۽ نه ٻين کي ڪرڻ ڏيندو آهيان، تنھنڪري ميڙن ۽ محفلن مان نڪري، وڏا ساهه کڻي، گهر ۾ اچي لِڪي ويھي رهندو آهيان. سنڌين کي اڃا ايتري ساڃاهه ڪٿي آئي آهي جو هو مون سان هلي سگهن. بدديانتي ۽ منافقي مون کي نه وڻندي آهي. سڄي عمر اڪيلو رهيو آهيان، ڇو ته ٻين جو مزو وڃائڻ به نه چاهيندو آهيان. منھنجي پنھنجي دنيا آهي.
    سرنھن جي ڦولارن جو رقص وڻندو آهي. کيڙھيءَ ۾ هلندي ۽ ڀترن تان ڪرندي، مزو ايندو اٿم. بھار ته سڀني کي وڻندو آهي پر خزان جي موسم ۾ ٽھڪ ڏيڻ ۽ سڪل يا ڪومايل گلن کي ڏسي، اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ، عاشقن جي روايت آهي. مان روايتن جو پابند، پاڻ وڻائي نه سگهيو آهيان، تنھنڪري ڪنڊائتو وقت گذاريان ٿو.
    مان هميشه پاڻ کي ماستر سمجهيو آهي. دانشور ٿيڻ، منھنجي وس جي ڳالهه به نه آهي. ماستريءَ جي ذميوارين ئي مون کي نپوڙي ڇڏيو آهي. انھيءَ طبيعتي مزاج سان، شاهاڻي صاحب سان عبدالخالق جي دوڪان تي ڪافي علمي گفتگو ٿيندي رهندي هئي. هر سال گرمين ۾، منجهند ڌاري، عبدالرحمان ڪنڌر سان سندس ڪپڙي جي دوڪان تي وڃي، ڪچھري ڪندو آهيان. اُتي گذريل سانوڻ ۾ شاهاڻي صاحب به اچي ويھندو هو. هر موضوع تي ڪچھري ڪبي هئي. ڏاڍي ٻُڌ سُڌ، ڏيٺ ويٺ ۽ لڳ لاڳاپا مرحوم جا هئا. وڏي عمر هوندي، صحتمند هوندو هو. پنھنجي کائڻ پيئڻ ۽ خوراڪ جا قصا ٻڌائيندو هو. مون کي ڪو مسئلو يا نئون ديري بابت معلومات نه ملندي هئي ته سائينءَ کان پڇي وٺندو هئس.
    پاڻ هڪ رمضان جي آخر ڏھي دوارن، مسجد اندر اعتڪاف ۾ به ويٺو هو. حج به ڪري آيو هو. سندس پٽن خادم حسين ۽ خالد حسين سان، پاڙيسريءَ وارا لاڳاپا آهن. خادم حسين اوطاق تي ادبي گڏجاڻيون سڏائيندو آهي. دوستن کان حال احوال ملندو رهندو آهي. شاهاڻي صاحب وٽ فرنٽ جو سربراهه ۽ سندس پٽ امير بخش خان ڀٽو ايندا رهندا آهن. اهڙيءَ طرح زميندار، آفيسر، مٽ مائٽ ۽ يارن دوستن جون گاڏيون بيٺيون هونديون آهن.
    مرحوم فقير محمد عيسى سان، ڏاڍي عقيدت هوندي هيس. حاجي صاحب به هُن جي عزت ڪندو هو. وفات کان صرف هڪ ڏينھن اڳ ۾، عبدالرحمان ڪنڌر کي گهرايائين. هُن سان ڪچھري به ڪيائين ۽ کانئس دُعا به گهرايائين. اِها ڳالهه فقير مون سان پاڻ ڪئي. جيڪي ويٺا هئاسون اُهي حيرت ۾ پئجي وياسون ته ”ڇا ته موت آ!“ خوش چڱو ڀلو ائين هليو ويو.
    مون کي پڪ آهي ته اُن ڌرتيءَ مان منھنجو وجود،
    ائين ڪو نه پيدا ڪيو ويو هو،
    جنھن مون کي ان ڌرتيءَ مان پيدا ڪيو،
    وري ان ئي ڌرتيءَ ڏانھن مون کي ٻيھر موٽايو. (عمر خيام)
    شل! اللهﷻ مرحوم کي پنھنجي رحمت ۽ فضل سان جنت ۾ جاءِ ڏئي. آمين.


    سنڌي ٻولي ۽ سماج جو تجزيو

    سچ کان منهن موڙڻ؛ جهالت ۽ ظلم آهي. سچائيءَ کان ڪن لاٽار ڪرڻ سـان، رڳــو رســوائــي ۽ تـباهي ئي پلئه پئي ٿي. ڪنهن به معاشري جي اٿا-ويٺي ۽ رھڻي-ڪھڻيءَ مان، آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهبو آهي ته مستقبل ۾ ڇا سامهون اچڻ وارو آهي. ڪرامتن ۽ معجزن، ڪرشمن ۽ قسمتن وغيره تي ڀاڙڻ وارا، هن ڌرتيءَ تان ائين ڊهي ويا، جيئن اسان جي اکين آڏو اوڏ ۽ ڪولھي، ڀيل ۽ باگڙي قومون شيڊولڊ ذاتيون ٿي ويون آھن. اھي اسان جي سامهون ته آهن پر سندن تاريخ ۽ ثقافت، جاگرافي ۽ اقتصاديات، ماحول ۽ عزت وغيره سان گڏ پنهنجي اهميت پڻ وڃائي ويٺا آهن. توڻي جو مان پاڻ کي کانئن مٿڀرو يا اهم نه ٿو سمجهان پر معاشري ۾ هو ڪٿي بيٺل آهن!؟ اهو سڀني جي سامهون آهي. جڏهن ته ڪير ان کان انڪار به نه ڪندو ته هو هن ڌرتيءَ جا وارث ناهن. مذهب، علم ۽ سوشل اسٽيٽس پٽاندر، انساني ويڇا ۽ جدا جدا سڃاڻپون ڏوھ برابر آهن. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ماڻهوءَ سان انصاف ٿيڻ گهرجي. هر ماڻهوءَ لاءِ جيئڻ جا هڪجهڙا موقعا هئڻ گهرجن. والٽيئر چيو آهي: ”اميدن جي سهاري جيئڻ، خودڪشي ڪرڻ برابر آهي.“ سٺ سالن کان مٿي، اسان جي بزرگن، بهتر مسقبل لاءِ جاکوڙيو آهي، پوءِ به اسان اڳتي وڌڻ بدران تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيا آهيون.
    اڄ اسان ۾ جيڪي رجحان پلجي رهيا آهن، تن آڏو اگر بند نه ٻڌو ويو ته هزار سالن جي مثالي تهذيب ائين لڙهي ۽ تباھ ٿي ويندي، جيئن سال ۲۰۱۰ع ۾ ٽوڙي بند جي ٽٽڻ سان اتر سنڌ جا ننڍا وڏا ڳوٺ زمين تان ئي ميسارجي ويا.
    بد اخلاقي، بد امني، بي روزگاري، ڪرپشن ۽ ٻين بيهودگين جي هلان، ايتري تيز ۽ ڇوهي ٿي وئي آهي جو هر شيءِ جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻ ضروري ٿي پيو آهي.
    هيءُ هڪ تمام وڏو سماجي بحث آهي، جنهن ۾ هر ساڃاھ-وند کي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جو ڪو حل ڳولي لهڻ گهرجي.
    اھو به ممڪن آهي؛ متان جوهي شهر جي انساني هٿن وانگر، ڪو ڪارنامو انجام ڏئي وجهون. ياد رهي ته جڏهن سنڌ حڪومت ۽ ماڻهن، ۲۰۱۰ع دوارن آيل ٻوڏ جي پاڻيءَ کي ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو هو، تڏهن جوهيءَ واسين پهه ڪيو ته ”اسان پنهنجو شهر ٻڏڻ نه ڏينداسون.“ پوءِ ٻارن ۽ ٻڍن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين، زالن ۽ مردن جي هٿن، گڏجي ناممڪن کي ممڪن بڻائي، پنهنجو شهر بچائي ورتو هو. ائين اسين سڀ جيڪر پنهنجي معاشري کي بهتر بنائڻ لاءِ ايندڙ نسل جي اهنجن کي گهٽائڻ لاءِ، ڪجھ نه ڪجھ ڪري وجهون.
    اڏوهي، ننڍڙو ۽ سنهڙو سفيد جيت ٿيندي آهي، جيڪا جاين ۾ لڳل ڪاٺ جي ڪٻٽن ۽ شهتيرن، درن ۽ درين، پٽين ۽ پترن کي اندران ئي اندران کائيندي رهندي آهي. جيڪڏهن ان جي روڪ ٿام لاءِ ترت اپاءَ نه وٺبا ته جهجھو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو. اسان جي معاشري ۾ به ناڪاري رجحان ايڏا وڌي ويا آهن جو سوچيندي ۽ لکندي ڊپ ورائي ٿو وڃي.
    پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي ۱۹۷۰ تائين، اسان وٽ، خاص طور تي سنڌ ۾، پنهنجي وجود کي بچائڻ جون پڻ شاندار ۽ فخر ڪرڻ جهڙيون جدوجهدون ٿينديون رهيون آهن. پ پ پ کان اقتدار کسيو ويو ته M.R.D جي تحريڪ ۾ سنڌ سڀني کان وڌيڪ پاڻ ملهايو. جنرل ضياءُ پنهنجي موت مئو، پ پ پ اقتدار ۾ آئي پر اسان وٽ ڪا وڏي سماجي تبديلي ڪو نه آئي. صرف ڪجھ ماڻهن کي نوڪريون مليون. وڏو فائدو وري به انهن کي ڏنو ويو جيڪي پ پ مخالف هئا. بعد ۾ حڪومتي کيل اندر مير مرتضيٰ جي شهادت ۽ بينظير صاحبه جو سانحو ڪا بنيادي تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجي نه سگهيا. ڪجھ ڏينهن جي روڄ راڙي ۽ رڙين دانهن کان پوءِ، هر شيءِ معمول تي اچي وئي هئي.
    سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو رجحان سامهون آيو آهي. اهو به هڪ سٺو سنئوڻ آهي. جيڪڏهن هُل هنگامن، شور شرابن، تاڙين تڪرارن، دھلن شرناين ۽ جهمرين ناچن کان پوءِ، جنهن نقطي لاءِ ميڙ ٿا ٿين، ان کي سرڪار طرفان ڪا مڃتا ملي ته، پوءِ وري ٻيو ڏينهن ملهائي ڪو مسئلو حل ڪرائجي. جيڪڏهن ڪنهن هلچل مان ڪا سٺائي جنم ٿي وٺي ۽ اسان جي ۽ حڪومت جي روش ساڳي رهي ته، ڍڳو پير پيران وارو ماحول جڙندو ۽ ڊهندو رهندو. ظاهر آهي ته ان مان ڪو فائدو ته ڪو نه ٿيو. صرف پنهنجا فوٽو ۽ سرخيون ڏسي، چوڻ سان ته؛ اسان هيئن ڪيو، هونئن ڪيو. اسان سان ھاڻي انصاف ڪريو. انفرادي فائدو ته ٿئي ٿو، پر اجتمائي طور، معاشري کي ڪجھ به پلئه ڪو نه ٿو پوي.
    جنرل مشرف پنهنجي ۸ سالن واري بادشاهت ۾، جيڪي سنڌين کي هاڃا رسايا، اهي فوجي حڪومتن جي مجموعي ھاڃن کان وڌ هئا. پ پ پ مان ڪجھ اميد هئي پر انهن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. مهانگائي، بيروزگاري ۽ امن امان جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.
    ارغونن، ترخانن، مغلن، ايرانين ۽ عربن جي مٽجڻ جو سبب، اسان جون باوقار ۽ غيرت سان ڀريل سنڌ جون ٻهراڙيون آهن. جڏهن منظم لشڪر ۽ فوجون، تختگاھ ۽ شهر شڪست کائي ويا ته هنن ٻهراڙين جي دلير ۽ وفادار جوانن کي ڀرتي ڪري، جوابي حملا ڪيا ۽ ڌارين جي تڏا ويڙھ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. ائين شڪستون فتحن ۾ تبديل ٿينديون آيون آھن. اڄ اسان جي تعليم تباھ، روزگار بند، اخلاقي قدر ختم، ننڍڙين ۽ معمولي ڳالهين تي جهيڙا جهڳڙا، رتوڇاڻ ۽ واندڪائيءَ جي وندر، نشو ٿي پيو آهي. ڀنگ، چرس ۽ آفيم وغيرھ جو ظاهر ظهور ڪاروبار هلي رهيو آهي.
    معاشري جي اڻ برابري اثر ڇڏي رهي آهي. سنڌ ۾ اڄ شرافت ۽ ايمانداريءَ کي بزدلي سمجهيو وڃي ٿو. گھري کائڻ جي ڀيٽ ۾ ڇني کائڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. جيڪو وڏو ڏوهاري آهي، سو ئي مڙس ماڻهو سمجهيو ٿو وڃي. ٿوري ٿوري ڳالھ تي هٿيار اڀا آهن. ٻيو ته ٺهيو جيڪڏهن فقير کي چئو ته ادا معاف ڪر ته اهو به تارا ٿو ڏيکاري ۽ گهٽ وڌ ٿو ڳالهائي. اڳ ٻهراڙين اندر وڌ ۾ وڌ لٺ ۽ ڪهاڙي هوندي هئي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ڪو ڪارتوسي پستول هوندو هو. هاڻي ته رائفل، ٽي ٽي پسٽل ۽ ڪلاشنڪوف وغيرھ نماءُ آهن. روزانو جهيڙن، ڪارپ جي الزامن، زمينن جي تڪرارن تي ماڻهن جو سک تباھ ٿي ويو آهي. هر ويهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي نئون نو-گو-ايريا آهي. پاٿارين ڏانهن پوليس موبائلون به وڃڻ لاءِ تيار نه آهن.
    رعايت-يافته طبقو، خاص طور تي غريبن جو اولاد، جيڪو پڙهي سفيد پوش بڻيو آهي، ان جو ڪردار به معاشري ۾ مثبت ڪو نه رهيو آهي. هو پنهنجي ذات، ڪٽنب ۽ اولاد لاءِ هڻ هڻان ڪري ٿو، جائز ناجائز جي کيس پرواھ نه آهي. ڏوهارين جي هٿ چڙهي ته روڄ راڙو، نه ته هر شيءِ کان لاتعلق رهي ٿو. ٽولا ٺاهي، ڪاٽن جا ڪپڙا پائي، ڀنگ پيئڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ جا عادي ٿي پيا آهن. سنڌ ڪاڏي پئي وڃي. هيڏي خواري ڇو آهي؟ ان سان هن جو ڪو به سروڪار نه آهي.
    مون ويجهو وڃي ڏٺو آهي ته ٻهراڙين ۽ شهرن جي نون پاڙن ۾ ٻارن جو وڏو تعداد وڃي محنت مزدوري ڪري ٿو. پڇڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ائين نه ڪريون ته گهر وارا ڇا کائيندا؟
    يونيسيف جي تازي رپورٽ جيڪا اخبارن ۾ ڇپي آهي، سا ٻڌائي ٿي ته؛ اتر سنڌ جي غذائي کوٽ ۲۳ سيڪڙو آهي، ڏکڻ سنڌ جي ۲۱ سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. جن ماڻهن وٽ کاڌي پيتي لاءِ ڪجھ نه هجي، تن جي صحت، تعليم ۽ ٻي سوشل اسٽيٽس جو ڪهڙو حال هوندو.
    سنڌ ملڪي پيداوار جي روينيو، تيل ۽ گئس وغيرھ ۾ ۶۰ سيڪڙو ٽئڪس ادا ڪري ٿو، پر موٽ ۾ اسان کي مرڪز وٽان انھن جي مرضيءَ موجب ملي ٿو.
    اسان جا مجموعي وسيلا ڏسو ۽ اسان جو حال ڏسو. گذريل ٻوڏ ته اسان جو معاشري ۽ حڪومت جو ڍڪ لاهي ڇڏيو آهي. ناقص ڪارڪردگي ان مان ثابت ٿئي ٿي ته ايران کان ملندڙ امداد به متاثرين تائين حڪومت پهچائي نه سگهي آهي. ٻيو ته امدادي سامان به ڪاليجن، اسڪولن ۽ گودامن ۾ سڙي سڪي خراب ٿي رهيو آهي. جيڪي کاڌي پيتي جون شيون رکڻ سان خراب ٿين ٿيون، اهي واهن ۽ زمين تي اڇلايون وڃن ٿيون. گهڻيون تڻيون شيون ته مارڪيٽن ۽ دلالن وٽ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون.
    عوام کان ووٽ وٺي، اقتدار ۾ اچي ساڻن اهڙيون جٺيون ڪيون ٿيون وڃن. سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ غير سنڌين جي طرز زندگيءَ کي به ڏسو ۽ اسان جي حالت زار جي ڀيٽ ڪريو. ڪا ته منصبوبه بندي ڪريو؟ ڪو ته ٻوٽو ٻاريو؟ اسان جا وسائل اسان لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. هر ڪم لاءِ ڌاريو! پنهنجا پرايا، سڀ ڦرلٽ ۾ گڏ. ترقيءَ جا منصوبا ۽ اعلان سڀ فراڊ آهي. ڪرپشن ۽ پنهنجن مخصوص ماڻهن کي نوازڻ، رڳو ٺڳيءَ جا ٺاھ آهن. مذهبي، سياسي، قوم پرست ۽ کاٻي ڌر وارا، سڀ وهندڙ گنگا مان ڪجھ نه ڪجھ حاصل ڪن ٿا.
    اســان جــي سنڌ جي پيداوار گهٽ ڪو نه آهي، پر غلط منصوبه بنديءَ ۽ بي توجهيءَ ڪري، اسان هن حال تي پهتا آهيون.
    ڌرتيءَ جي گولي تي ۴۵ مسلمان ملڪ آهن. سوڊان کي ٻن حصن؛ مسلم سوڊان ۽ عيسائي سوڊان ۾ ورهائجڻ جون تياريون ٿي ويون آھن. پيرس، تيونس، مصر، سوڊان، الجزائر ۽ لبنان وغيره جو عوام، حڪمرانن لاءِ ڪهاڙا کنيو ڪفن سر سان ٻڌي نڪتو آهي. هتي به حالتون خراب آهن پر ڏسجي ته ڪيستائين ننڊ نهوڙيا رهن ٿا.
    عزت، وقار ۽ غيرت جي عيوض مال حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي. هر ڪو بئنڪ بئلنس ٺاهڻ، عياشي ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ تي توجھ ڏئي رهيو آهي. اجتماعي سٺايون تباھ ٿي رهيون آهن.
    اهو به رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ٻهراڙين مان جيڪي وڏيرن يا ڌاڙيلن جي ظلم کان لڏپلاڻ ڪري، ويجهن شهرن ۾ آيا آهن، اهي اتان جي پاڙن جي ماڻهن سان کؤنس، ڏاڍ مڙسي ۽ ظلم ڪن ٿا. ائين ڏاڍو سوگابو جو رجحان وڌي رهيو آهي, جنھن سان سڄو معاشرو ڊانوانڊول ٿي ويو آهي. معاشي بدحاليءَ جي ڪري، ناڪاري رجحان عام ٿي رهي آهن. جهڙوڪ؛ چوري، ڪوڙ، وعدہ خلافي ۽ زنا وغيره جهڙا مسئلا پنهنجي اهميت وڃائي رهيا آهن.
    هڙپا ۽ ڪاهوءَ، آمري ۽ موهن جي دڙي جون تهذيبون، سنڌوءَ جون تهذيبون آهن. موهن جي دڙي جي ٻولي اڃا تائين پڙهجي نه سگهي آهي. ڀيل، باگڙين ۽ اوڏن جون ٻوليون اسان مسلمانن کي سمجھ ۾ ڪو نه ٿيون اچن. سنسڪرت ۽ گرمکي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا لڏي ويا. ائين اسان جي موجوده ٻولي به گم ٿي وئي ته اسان جي شناخت ته ختم ٿي ويندي. پاڻ کي بچائڻ جو صرف هڪ گس آهي ته پنهنجي مقدر جا فيصلا پاڻ ڪيون. ستن اٺن هزارن سالن جي ٻولي گم ٿي سگهي ٿي. ايران کان ڪشمير واريون سرحدون ختم سگهن ٿيون ته موجوده سنڌ جي بچاءَ لاءِ ڪير ضامن آهن. ضمانت صرف پاڻ آهيون ۽ ٻيو ڪير به اسان کي زندھ نه ٿو رکي سگهي.
    تاريخ جا ڪتاب ڪوڙ سان ڀريا پيا آهن. خدا نه ڪري ته سڀاڻي ڌاريا ايترا طاقتور ٿي وڃن جو اهي هام هڻي چون ته؛ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جا وارث به اهي ئي آهن. پاڪستان جي پارليامينٽ اندر جعلي ڊگريون رکندڙ. جعلي نوڪرين جا آرڊر، زمينن ۽ پلاٽن جي جعلي نموني هيرا ڦيري، جعلي نوان سڃاڻپ ڪارڊ ٺھڻ جو حقدار روئيندا ۽ ٿاٻا کائيندا وتن.
    ڪشميري، پٺاڻ، پنجابي، مهاجر ۽ بلوچ، ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا. مجموعي طور تي هو اسان سنڌين کان خوشحال آهن. سنڌي ماڻهو بک کان فوجي/سپاهي بڻجڻ لاءِ تيار آهن. اوڏانهن به سليڪٽ نه ٿو ٿئي ته ڪٽنب پالڻ لاءِ ڪراچيءَ جي دوائن جي ڪارخانن ۽ ٻين صنعتي يونٽن ۾ ڪم ڪري ٿو. صبح کان سانجهيءَ تائين هڻ هڻان ڪري، پنهنجي رهڻ واري ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ٿو. انسانن وانگر جيئڻ ٿو چاهي ته گهر لاءِ ڪجھ پئسا ڪو نه ٿا بچنس. جانورن وانگر زندگي گذاري ٿو ته مهيني ۾ ٻه ٽي هزار گهر موڪلڻ جي قابل رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڪٽنبن کي پئسا ته ڳچيءَ ۾ پئجيو وڃن. راھ ويندي شهيد ٿي ويندو يا ٿاڻي تي جهلجي پوندو، پوءِ ته گهر جا ٽپڙ به پورا ڪو نه پوندا. وڪيل، ڪورٽون، انتظار ۽ ڀڄ ڀڄان. اوهان ٻڌايو ڪراچيءَ ۾ اسان جو ڪهڙو ڌڻي سائين آهي؟
    حڪومت يا ڪنهن سماجي تنظيم ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اسان بي واهن جو ڪهڙو اجتمائي پليٽ فارم آهي.
    وزيرن، مشيرن ۽ بيوروڪريٽن جي اولاد جا نالا اڳيان اڳيان، باقي حقدارن جا نالا غائب. لڳ ڀڳ ۱۹۸۰ع تائين ائين هو ته سڄي سيڪريٽريٽ غريبن جي ٻارن، آفيسرن سان ڀريل هوندي هئي. جڏهن سردارن، پيرن، بيوروڪريٽس ڏٺو ته اصل مزا ته آفسيريءَ ۾ آهن ته انھن به پنھنجي ڇوڪرن ته ڇڏيو پر ڇوڪرين کي به بيوروڪريسيءَ ۾ موڪلڻ شروع ڪيو.
    ٻئي پاسي پنجاب، پنهنجن درياهن، ڪئنالن ۽ واهن جي بندن جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ اڃا شروعات به ڪو نه ٿي آهي. مٿان وڏي وزير اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته؛ ايندڙ سال اڃا وڏي ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي.
    امداد ۾ ڏوڪڙ به سرحد ۽ پنجاب کان وڌيڪ مليا آهن، پوءِ به اسان جا ماڻهو بکيا ۽ اگهاڙا آھن. پوسٽ آفيسن ۽ بينڪن جي دروازن تي عورتن جا ميڙ نظر ٿا اچن. ڇا ڪو عزت ڀريو حل نه ٿو نڪري سگهي جو انهن کي ڏوڪڙ گهر جي در تي پهچائي سگهجن.
    واهرو ويري ٿئي، پوءِ ڇـا ڪـجـي؟
    روشني ميري ٿئي، پوءِ ڇا ڪجي؟
    جو ڪري چوري، ڊُڪي سو اچــي،
    وري پيـري ٿـئـي، پـوءِ ڇـا ڪجـي؟ (استاد بخاري)
    ”اي سنڌ، اسان تو کي اڃا آجو ڪرائي نه سگهيا آهيون، ائين ڏسندي ڏسندي تڙپندي تڙپندي، فنا ته نه ٿي وينداسين.“
    الا ائين مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
    هــئـــي ســـنــڌ ۽ سـنڌ وارن جي ٻولي. (شيام)
    اچو ته گڏجي ڌرتيءَ وارن ۽ مارن جو حق ادا ڪريون.
    ***
    سڄو ڏينهن لوچيندي، سوچيندي، ڦٿڪندي ۽ هڻ هڻان ڪندي گذارجي ٿو، خبر ئي نه ٿي پوي ته وقت ڪيئن گذري ويو. وري نئين سج، نوان مسئلا ۽ مونجهارا آهن. پنهنجي سنڌي سماج تي نظر وجھ ته هيٺيون ڳالهيون نظر ٿيون اچن:
    1. عزت سان جيئڻ جا جتن ڪرڻ.
    2. گهر ڀاتين جو پيٽ ڀرڻ.
    3. تعليم ۽ صحت.
    4. محلي، مٽن مائٽن ۽ دوستن سان سماجي لاڳاپا برقرار رکڻ، غميءَ/ فوتگيءَ ۽ شاديءَ ۾ وک کڻڻ، جنهن کي اڌاري ڀاڄي چئبو آهي. جڏهن ٻئي سان اٿبو ويهبو ته سڀاڻي اوکي سوکيءَ اهو ئي ڪم ايندو.
    5. امن امان جو مسئلو وغيره.
    جيئڻ جي ان جنجل ۾ هيٺيان مروج طريقا سامهون آهن:
    1. ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ هيٺئين سماج وارا پنھنجي گهر جي عورتن ۽ ٻارن کان به پورهيو ڪرائين ٿا، تڏهن سندن زندگيءَ جو گاڏو گهبلو رهي ٿو.
    2. هيٺين سطح جي پرائيويٽ نوڪري، مزدوري ۽ هارپو وغيره ڪري پيٽ پالڻ.
    3. هيٺئين گريڊ جي سرڪاري نوڪري، پنهنجو ننڍو ڪاروبار، ننڍي ٺيڪيداري ڪري، ڪجھ نه ڪجهه وڌيڪ ڪمائڻ.
    4. رشوت واري نوڪري ڪري، ورثي ۾ مليل طرز زندگيءَ کي تبديل ڪري، خوشحالي ڏانهن قدم وڌائڻ.
    5. جن کي ورثي ۾ مليل پنهنجون زمينون ۽ ڪاروبار وغيره آهن، اهي پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري، ڀڄي ڊڪي سفارشون ڪرائي، مارڪن ۾ هيرا ڦيري ڪرائي، ذهين شاگردن جون زندگيون وڃائي پنھنجي پٽن ۽ نياڻين کي سٺيون نوڪريون وٺي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين. ساڳئي معاشري ۾ ڏک ڏئي، غريبن ۽ مسڪينن تي طنز ڪري، پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪري، حلقا ٺاهي، دوستيون ۽ اثر رسوخ کي وڌائي جيئندا رهن ٿا.
    6. هيرا ڦيريءَ مان جام پئسا ڪمائي وڏا ڪاروبار ڪري، محل، ماڙِيون ٺاهي زمينون خريد ڪري، تنظيمون ٺاهي، آسائش واري زندگي جي انتها ڪرڻ.
    7. ڪروڙين روپين جا ڪاروبار ڪري، لکين روپيه ڪمائي، وڏين ملن ۽ فارمن جو مالڪ بڻجڻ، وزيرن مشيرن جون دعوتون ڪري هر حڪومتي مشينري سان ساٿ ڏيڻ.
    8. مرڪز، سينيٽ ۽ صوبن جي سڌي ريت سياست ۾ حصو وٺي، ڏيهه پرڏيهه ۾ ملڪيتون خريد ڪرڻ. هوائي جهاز هيلي ڪاپٽر، پيجارو، لينڊ ڪروزر وغيره تان پير هيٺ نه لاهڻ.
    ائين جيئري جنتون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ٿا.
    حق، انصاف مئرٽ وغيره هن معاشري مان لڏي ويا آهن، پوءِ به ڪافي محنتي، جفاڪش ۽ ذهين ترين شاگرد پنهنجو مقام ماڻي رهيا آهن. اھا ٻي ڳالھ آھي ته سندن شرح تمام ٿورڙي آهي. موجوده طرز زندگي ائين برقرار رهي ته اڳتي هلي، اهڙن املهه ماڻڪن لاءِ به دروازا بند ٿي ويندا.
    هن سماج اندر، وڏي ۾ وڏي مصيبت اها آهي ته جيڪو محنت ڪري، حلال کائي ٿو، سو مزدور، هاري ۽ ننڍو ڪاروبار ڪندڙ، نسلن کان جيئندو مرندو ٿو اچي. ڪا تبديلي هن لاءِ ڄڻ اچڻي ئي ناهي. ساڳي سوشل اسٽيٽس تي جيئڻ، هن جو مقدر بڻجي ويو آهي.
    ناڪاري ماڻهو بي ايماني، ٺڳي، منافقي، هيرا ڦيري، دلالي، چوري، پاٿاريداري، اغوا ۽ رشوت خوري ڪري ٺٺ ٺانگر سان زندگي گذاري رهيا آهن. سندن ٻارن جو هڪ مهيني جو خرچ، الائي ڪيترو آهي. جنهن جي ماني، تنهن جي ڪاني. فضول ماڻهن سان دوستيون وڌائي، حلقا ٺاهي، قرآن شريف جون آيتون ۽ نمازون پڙهي نرڙن تي ڪارا نشان ٺاھي، اسلامي اڪابرن جا حوالا، حديثون، شاهه، رومي ۽ سعديءَ وغيره جا شعر پڙهي، اٻوجهن کي پيا تبليغ ڪندا ۽ جيئڻ لاءِ مشورا ڏيندا. ايڏا نڪ نرڄا ۽ اک جا پڪا، جو مجال آ جو ڪنهن مسڪين تي رحم ۽ ڪهل ڪن. باقي پاڻ جهڙن تان پيا گهور ويندا.
    غريبن، لاچارن، بيوسن تي ڪڏهن چڙي پوندا ته ڏسڻ جهڙا نه هوندا آهن، ڳاڙها ٿي ويندا، گارين ۽ غليظ جملن تي لهي ايندا، جيڪو هو ڪن ٿا ۽ چون ٿا، اهو سچ ۽ حق آهي. هر هنڌ اهي پورا آهن؛ سياست، ادب، شهري تنظيمن، سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن وغيره تي پنهنجا گروپ ٺاهي، عهديدار بڻجي پيا جاوا ڪندا. ڪو سچ چوندن، ڪنھن بنيادي تبديليءَ لاءِ صلاح ڏيندن يا غريبن جي فائدن لاءِ رستو ڏسيندن ته ساڻس سازشون ۽ مڪاريون شروع ڪري ڏيندا. تيستائين ان جي خلاف ڀنڊي ٻاريو ايندا، جيستائين اهو انهن جهڙو ٿئي يا الڳ ٿي وڃي.
    پنهنجي اخلاقي حيثيت اها اٿن، جو جن جي پرپٺ گلا ڪندا، منهن تي تن جي خوشامد ڪندا. رعايتون وٺندا ۽ چوندا ته؛ ”ادا! ڇا ڪريون، ٻچن لاءِ ائين ڪرڻو پوي ٿو. سماج جي اها ضرورت آهي.“ ٻين کي سڌرڻ لاءِ پيا تلقين ڪندا. پاڻ پنهنجي منهن تي پيا دانگي مليندا.
    مختصر ائين چئي سگهجي ٿو ته؛ ”اسان جي معاشري اندر سچائيءَ ۽ سٺائيءَ، اخلاق ۽ محنت جي حلال ڪمائيءَ سان جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. اهي قدر معاشري مان ائين ختم ٿي ويا آهن، جيئن قرآن شريف ۾ آيل آهي، اصحاب ڪهف وارن جا سڪا مارڪيٽ ۾ ڪو نه پيا هلن، ڇو ته هو سوين سالن کان پوءِ ننڊ مان جاڳيا ھيا، تنھن دوران بادشاهيون ۽ سڪا، ماڻھو ۽ ماڳ مٽجي چڪا هئا. اهي سچا سڪا پنهنجو قدر يا ملهه وڃائي ويٺا ھيا. نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي چواڻي، جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ان معاشري جي غلط قدرن کي کوٽيون ته سچائيءَ جو سج اڀاري سگهون ٿا. ٻيو نه ته آسمان مان ملائڪ ڪو نه لھندا. زمينون، اناج، جهنگل، پهاڙ، درياءَ، سمنڊ، ڌرتيءَ جي اندر لڪل خزانا، جهڙوڪ؛ گئس، ڪوئلو وغيره، سڀ اسان سنڌين جا آهن. مالڪيءَ جي حق تان هٿ کڻنداسون ته اڃا رسوا ٿي مٽجي وينداسون.
    اسان وٽ ڇا رهيو آهي؟ ووٽ اسان جا، حڪومت ۾ جيڪي ويٺا آهن، اهي سنڌين جي ووٽن تي ويٺا عيش پيا ڪن، پوءِ به ذلتون ۽ رسوايون، اسان جو مقدر بڻايون ويٺا آهن. سنڌ دشمنن سان ياريون پيا نباهين، ڇو ته مفاهمتي پاليسي آهي.
    حڪومتي مشينري معاشري جي بدڪردار ماڻهن لاءِ ڌر بڻجي پئي آهي. هڪ ته هر اداري ۾ ڪرپٽ ماڻهو ويٺا آهن. جائز مسئلا به پئسن کان سواءِ حل ڪو نه ٿا ٿين. هر عهدي جي قيمت مقرر آهي. هر سڻڀي ڪرسي نيلام ٿي ٿئي. تعليم ۽ صحت ۾ ڪرپشن، سڀني کان مٿانهين ٿي وئي آهي. ضلعي آفيسري عهدن تي غلط ماڻهن کي رکڻ ڪري، ماڻهو نوڪريءَ جي پگهار وٺن ٿا پر ڊيوٽي ڪو نه ٿا ڏين. هو مٿي منٿلي پھچائين ٿا، پوءِ ڪنهن کان ۱۰ سيڪڙو ته ڪنهن کان ۵۰ سيڪڙو اڳاڙين ٿا. پگهارون عوام جي ٽيڪس مان، ڪم آفيسرن ۽ سياست دانن جي بنگلن تي. سياستدانن، آفيسرن، ڪمدارن، ٽوهن، خوشامدڙين جي ڄڻ لاٽري نڪري آئي آهي. هنن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هر کاتي ۾ ويٺي مفت جون پگهارون ويٺا کڻن. حقدار، جتيون گسائي گسائي ٿڪجي پيا آهن. ڊگريءَ جي ڪا اهميت نه رهي آهي.
    ڏک ۽ تڪليف جي ڳالهه اها آهي ته اسان انهن رسواين کان پوءِ به ايتري واويلا نه ڪئي آهي، جيڪا ڪرڻ گهرجي. ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي پيا آهيون. جمهوريت عوام لاءِ طاقت ۽ قوت آهي. ان جو مظاهرو ڇو نه ٿا ڪريون. دوستن ۽ دشمنن کي سمجهي ڇو نه ٿا سگهون. ڪٿي ائين ته نه آهي ته اسان سڀئي، جيڪي اڪثريت ۾ آهيون، سي به فائول طريقن سان جيئڻ ٿا چاهيون، پر موقعو ڪو نه ٿو ملي. ڪا ئي ته خرابي آهي. سنڌ ٿنڪ ٽينڪ هن نقطي تي توجهه نه ڏنو، ته گمان آهي ته بداخلاقي اسان کي ڳهي، تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي.
    ايندڙ نسلن جا سور، ختم ڪرڻا آهن ته سڀ ڪجهه تبديل ڪرڻو پوندو، متحد ٿيڻو پوندو، پاڻ مان ڪارين رڍن کي ڪڍڻو پوندو. عزت سان جيئڻ ۽ مرڻ، اسان جو حق آهي. اهو ئي اسان جو گم ٿيل تاريخي ورثو آهي.
    پاڪستان جي مروج سياست، هن معاشري ۾ وڏي ۾ وڏو، نفعي بخش ڪاروبار آھي. اهڙو ڪاروبار جنھن ۾ نقصان ئي نه آهي. صرف ”آپي“ کان نڪرڻو آهي. ٻين حالتن ۾ بي آبرو، ملڪ بدر ٿيڻ سان گڏ، جان تان به هٿ کڻڻو آهي. نظريهء ضرورت تحت، سڀ ڪجهه وساري، سمجهوتو ڪري، NRO وٺي، عوام جي خدمت ۾ هٿ ونڊائي سگهجي ٿو.
    وقت وڏو بادشاهه آهي. راتو رات، ڇا مان ڇا ٿي وڃي ٿو. يونس حبيب، ماضيءَ ۾ سياسي پارٽين ۽ شخصيتن کي ڪروڙين روپيه رشوت طور ڏنا آهن. هن علي الاعلان سياستدانن جي چهرن تان نقاب لاهي، عوام کي سندن اصل چهرو ڏيکاريو آهي.
    هن ملڪ جي سياست جا ٻه اسڪينڊل سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيا هئا؛ هڪ ميمو اسڪينڊل ۽ ٻيو سوئس اڪائونٽس اسڪينڊل. ٻئي اسڪينڊل موجوده حڪمرانن جي بدناميءَ جا باعث بڻيا آهن. سپريم ڪورٽ سياسي ميڊيا جي پريشر تي اصغر خان جو پراڻو ڪيس کوليو ته ويهه سال پراڻو مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل به نڪري نروار ٿيو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي پارٽين ۽ ليڊرن کي سرڪار کان مشروط جيڪا رقم ملي، تنهن جا تفصيل نروار ڪيا ويا آهن. اسحاق خان، آرمي چيف اسلم بيگ، رٽائرڊ جنرل اسد دُراني، يونس حبيب ۽ يوسف ميمڻ ايڊووڪيٽ اهي پئسا ورهايا. ٻين نالن سان گڏ ڄام صادق عليءَ جو نالو مک ڪردارن مان آهي. وڌيڪ تفصيل مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي پهرئين وڪيل وهاب الخيريءَ جو انٽرويو پڙهي معلوم ڪري سگهجن ٿا.
    مٿيون ڪرپشن يا رشوت جون ڳالهيون هُليل ته هيون پر هيئن ثبوت ۽ ۱۶۴ ڪو نه هئي. هن ملڪ ۾ اهي نيون ڳالهيون ته ڪو نه آهن پر مُک ڪردارن تان پردو لاهڻ بلڪل نئون پيو ٿئي. هي سياست ته نه ٿي، هي ته ڪوٺن وارو ڪلچر آهي، جتي مجبور ۽ بيوس ۽ لاچار عورتون عزتون وڪڻنديون آهن ۽ سياسي مرد پئسن عيوض رضا خوشيءَ سان، خير وڪڻندا آيا آهن. يونس حبيب وڌيڪ چيو آهي ته نواز حڪومت ڊاهڻ لاءِ به ۲۵ ڪروڙ روپيه ورهايا. مائي عابده صاحبه کي شابس آهي ته هن پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي. باقي مرد سياستدان، ڌڌڙ ۾ پير هڻي، نڪ-نرڄائي ۽ اک-پڪائيءَ جو مظاهرو ڪن ٿا، يونس حبيب به پنهنجا بيان بدلائيندو رهي ٿو.
    الله کي التجا آهي ته، شل هو اهڙي لسٽ به جلدي پڌري ڪرائڻ ۾ مدد ڪري ۽ حالتون سازگار بڻائي، جنهن ۾ سنڌي قوم پرستن، کاٻي ڌر وارن، سنڌي اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ محققن ۽ اسڪالرس آفيسرن وغيره جو ڪچو چٺو به نروار ٿئي، جيئن پريس ۽ ميڊيا معرفت اسان سڀني کي خبر پوي ته؛ سنڌ امڙ جا راڳ آلاپيندڙ، ڪيتري ملهه وڪاڻا آهن. هئڻ ته ائين کپي ته اهڙو ڪيس به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رجسٽر ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ دانشورن ۽ آفيسرن، جيڪي ڪلور ڪيا آهن، اهي به لڪل ڪو نه آهن. انهن اسان جي صدين جي معاشري کي بلڪل ساڻو ڪري ڇڏيو آھي. يونيورسٽين ۾ ادبي ۽ ڪلچرل ادارن ۾ مخصوص لابيون جاوا ڪري رهيون آهن. ضروري آهي ته مئرٽ ۽ اخلاقي ضابطا مقرر ڪري، اهل جوان ماڻهن کي اڳتي ڪري، کک ۽ مِمَ قسم جي ماڻھن مان جند ڇڏائي وڃي.
    ٻيو ته ڇڏيو، سنڌي ادبي سنگت ۾ به لابيون ۽ پٽڪا ڊاهه لڳي پئي آهي. ادب کان پري، يار دوست ۽ مٽ مائٽ وغيره صرف ووٽن لاءِ ميمبر بڻائي، يونٽن کان وٺي مرڪز تائين، تنظيمون بي جان بڻايون ويون آھن. سماجي تنظيمن جو ان کان وڌيڪ برو حال آهي. جيڪو هڪ دفعو عهدي تي آيو، سو مئي مارائي کان سواءِ، اھو عھدو ڇڏڻ لاءِ بلڪل تيار نه ٿيندو. مرده تنظيمن جو تعداد ان ڪري وڌ آهي.
    مون کي ياد آهي ته ۱۹۶۸ع ڌاري، جڏهن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتم ته لاڙڪاڻي جي اديبن ۾ ٻه ڌڙا هئا؛ هڪڙا ساڄي ڌر وارا هئا، جيڪي جماعت اسلامي سان لاڳاپيل هئا، جن ۾ قربان علي بگٽي مرحوم نمايان ڪردار آهي. ٻيا کاٻي ڌر وارا، قوم پرست هئا، جن مان حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سکر وارو رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز وغيره سدائين سورن ۾ هوندا هئا. ان وقت جماعت اسلاميءَ سان لاڳاپيل اديب سرڪار جي هُشيءَ تي جاسوسي ڪندا هئا. هاڻي ته ڪو به ساڄو ۽ کاٻو ڌڙو نه آهي. صرف مال تي، نوڪرين تي ۽ سڻڀين ڪرسين تي مزا ماڻڻ وارا سڀ گڏ آهن. نه جيل، نه ڦٽڪا ۽ نه نوڪري وڃڻ جو خطرو. پوءِ به حمام اندر، سڀ ننگا آهن. لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊزن کان مٿي ادبي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. اهو آهي اسان پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪردار. هن سماج جي عزت، آبرو، آدرشن، تاريخي ۽ ڪلچرل سچاين وغيره کي نظر لڳي وئي آهي. ۱۹۷۰ع تائين، سماجي طور تي مٿين شيون مضبوط هيون. اهي هاڻي، مٽيءَ جي مٺ بڻجي ويون آهن. هر شيءِ تيزيءَ سان ناڪارھ بڻجندي پئي وڃي. اسان سڀئي گڏجي، لالچون ڇڏي، جيڪڏهن پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسون ته مٽجڻ کان بچي وينداسون ۽ معاشري کي بهتر ٿيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه آڪسيجن ملي ويندي. نه ڪرپشن جو حصو آهيون ۽ نه واويلا ٿا ڪيون. منافقانه رول کي ختم ڪرڻو پوندو. ڪجهه جاهل ۽ بداخلاق آئوٽ آف ٽرن فائدا حاصل ڪندا هئا ته اڪثريت توبه توبه ڪندي هئي. هاڻي ماضيءَ وارا بااخلاق به وهندڙ گنگا مان شنان حاصل ڪرڻ لاءِ آتا آهن. اسان جيستائين انصاف پسند ۽ ايماندار نه ٿينداسين، تيستائين هيءُ معاشرو تبديل نه ٿيندو ۽ سٺائيءَ ڏانهن نه وڌندو. مظلوم قوم جا دانشور ۽ عالم به مظوم هوندا آهن. هتي اسان وٽ جيڪو به ادبي لڏو آهي، اهو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪري ڪري ٿو. حڪومتي پاليسي جو هو Follower ٿئي ٿو. ان ڪري ئي اسان جو قومي مسئلو هميشه الجهيل رهيو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به سرڪاري نوڪري ڪندڙن تبديلي نه آندي آهي. قومي مسئلا ته سياست ڪندڙ حل ڪرائيندا. پڙهيل لکيل خاموشيءَ سان لڪي لڪي فنڊ وغيره ڏيندا آهن يا ووٽ ذريعي تبديليءَ ۾ حصيدار بڻبا آهن.
    مون کي پڪ ۽ خاطري آهي ته اسان جا وڏا وڏا اديب، دانشور، ڏاها، وائيس چانسلر ۽ ڊاڪٽر به ڪڌن ڪمن ۾ مصورف آهن. هي جيڪي ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ چون ٿا، انهن جو موبائيل نمبر ملايو ته رڳو اردو گيتن ۽ گانن جون ڌنون ٻڌندا. اهو آهي پنهنجو ماءُ جي ٻوليءَ سان پيار! منهنجي خيال ۾ هاڻي اهي ڊراما ۽ چرچا بند ٿيڻ گهرجن. پيٽ پالڻ جو طريقو ٻيو ڪو سوچيو. خدا جو خوف ڪيو. ايندڙ نوجوان نسل تي رحم ڪريو.
    جيڪي اديب ۽ نالي وارا دانشور آهن، انهن جي ڪارڪردگي کي سندن عهدن تي جاچيو ته اھي عام آفيسر کان وڌيڪ ڪرپٽ ۽ خوشامدڙيا آهن. ٻيو ته ٺهيو هڪ ماستر، پڙهائڻ جي بجاءِ سپروائيزر ٿيڻ لاءِ بي تاب آهي. هو مڊل مئن بڻجي، پئسا وٺي، آفيسرن ۽ ٽريزري ۾ حصو پري به ڏئي ٿو ۽ پنھنجو بئنڪ بئلنس به وڌائي ٿو. شهر ۾ ڏاڍي ٺٺ سان اٿي ويهي، سنڌي ماڻهن ج جي مظلوميت جا داستان کڻي ٿو. نئون ديرو ۽ شهدادڪوٽ ملون يونين بازي ۽ سنڌي آفيسرن تباهه ڪيون. چوٽيءَ جا سنڌي اديب جتي به سربراهي ڪري رهيا آهن، چوٽون چوٽ ڪرپٽ آهي.
    اسلام اسلام، قوم قوم، سوشلزم سوشلزم، جمهوريت جمهوريت، چوندڙ پنهنجي اولاد جي مارڪن، سليڪشن ۽ نوڪرين وغيره لاءِ اهڙيون ٺڳيون ۽ خوشامدون ڪندا آهن جو ڇا چئجي. چئبن ته؛ ”ائين ڇو ٿا ڪريو؟“ چوندا ته؛ ”اوهان چريا آهيو، ائين نه ڪيون ته جيئبو ڪيئن.“ ٻاهر ويٺا غريبن جي ٻارن کي اخلاقيات جا سبق سيکاريندا. ڪنڊ سنڊ ۾ جتان ڪجهه ملڻ جي اميد هوندن، اتي ويٺا انهن کي بهتر کان بهتر ٿيڻ جون صلاحون ڏيندا. جيڪڏھن ڪنھن اجنبيءَ ڏسي ورتن ته آڪڙجي، پنهنجو شان شوڪت برقرار رکندا. ٻن ڏيڏرين کوهه ۾ هڪ ٻئي کي پئي چيو ته؛ ”اسان ڪيتريون نه سهڻيون آهيون، ماڻهو الائي ڇو، پريون پريون پيا پڪارين؟ اهي ته اسان ئي آهيون نه ادي!“ الله عقل ۽ حسن جي بک، ڪنهن کي ڪو نه ڏني آهي. ڀتين تي لکيل ۽ سينن ۾ سانڍيل ماڻهن جا ڪردار ڪنهن کان وسرندا نه آهن.
    ضرورت آهي ته ڌاڙيل، اغوا، ڦر لٽ ۽ دلاليءَ واري ڪلچر کان جان ڇڏايون ۽ چوڌاري جيڪي به اهڙا ڪڌا ڪردار آهن، انھن کان بائڪاٽ ڪري ۽ پري ٿي، بهتريءَ لاءِ پهريون قدم کڻون.
    زندگي جي رستي تي اڪيلو هلڻ ئي بهتر آهي، بجاءِ ان جي ته همسفر بيوقوف هجي. (سقراط)
    دولت کي اسان بازار مصر ۾ ڏٺو آهي،
    ڪمبخت، پيغمبر خريد ٿي ڪري. (ڪفريه، شعر) (ترجمو)


    بُري هن ڀنڀور ۾

    خبر پئي ته تاريخ ۲۵ مئي ۲۰۱۲، اربع جي رات جو ڀٽ شاھ تي مُرشد جي ڄمڻ جي تقريب/سالگرھ ٿي رهي آهي. اڱاري ڏينھن، ۲۴ مئي تي، منجھند ڌاري لاڙڪاڻي مان، حيدرآباد واري ويگن تي چڙهي رات جو ۹ بجي کان پوءِ درگاھ تي پهتس.
    معمول کان وڌيڪ ماڻهو هئا. اسٽيج به تيار هُئي. وضو ڪري، فاتحہ پڙهي، زيارت ڪئي. نماز ادا ڪري، مسجد جي صحن ۾ ٿيلهي تي مٿو رکي آهلي پيس. ڏٺم ته روضي جي صحن ۾ عورتون ۽ ٻار سُتا پيا هئا. منجھانئن ڪي دُعائون گهري رهيون هيون ته ڪي وري ڪچهري ڪري رهيون هيون. اسان وٽ به ملان ۽ ڇوڪرن جو ساڳيو حال هو.
    گذريل ٻن ٽن سالن کان شاھ صاحب جي سالگرھ ملهائڻ جي رسم هلي رهي آهي. آهستي آهستي ماڻهو وڌندا وڃن ٿا. مون کي مِني ميلو لڳي رهيو هو. فقيرن جي راڳ سان گڏ، اسٽيج تان به آلاپ اچي رهيا هئا.
    ڪجھ عمر رسيده مسافر منهنجي ڀرسان اچي ويٺا. مان اٿي هنن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. ڪي گهوٽڪي جا، ته ڪي خيرپور جا هئا. بلڪل فقير منش ۽ عقيدتمند هئا. کين ٻڌايم ته نئون ديري کان آيو آهيان.
    منهنجي زندگيءَ ۾ ههڙيون راتيون، بلڪل ٿوريون آيون آهن. ٺٽي ۾ عبدالله شاھ اصحابيءَ تي سڄي رات، فقير عبدالخالق ۽ مان جاڳيا هياسين. اُهو مهاجرن جو پير آهي. سنڌي ٿورا هياسين. ان درگاھ جي خصوصيت اِها هئي ته عورتون اندر روضي ۾ نه پيون وڃن. اتي جنن واريون ڇوڪريون به ڏٺيون. هتي ته بلڪل اڪيلو آهيان. اجنبين جي ميڙ ۾ مون کي سُڪون ملي رهيو آهي. موبائيل ۽ پرس جو الڪو هيو، پر ننڊ ته ڪرڻي ئي ڪو نه هئي.
    ”ساري رات سبحان کي، جاڳي جن ياد ڪيو.“ (شاهه)
    اتي ئي S.M.S آيو ته سڀاڻي جيئي سنڌ وارن جي هڙتال آهي. مون سوچي ڇڏيو ته؛ اربع جي منجهند تائين درگاھ تي رهبو، پوءِ حيدرآباد هلي آرام ڪبو. ماني ڄاڻي واڻي نه کاڌم. بسڪيٽ، فروٽ ۽ جوس وغيره تي گذارو ڪرڻو آهي. پاڻي به ٿورو پيئان پيو، نه ته هر هر اٿڻو پوي ها.
    خالص عوامي ميڙ، منهنجي سامهون هو. ڪو به V.I.P يا عالم ۽ دانشور ڪو نه هو. سڀ مرشد جي سِڪ مان پنهنجي گهران خرچ ڪري آيا هئا. اهو سوچي مان مُرڪي رهيو هيس ته هر سال ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارا لکين روپيه T.A، D.A خرچ ڪري، درگاھ تي اچي حاضري ڀريندا آهن. گلن جون چادرون، اجرڪ، کائڻ پيئڻ، تيل پاڻي، سڀ اڳاڙيل ٽيڪس مان خرچ ٿيندو آهي. جڏهن گورنر ۽ چيف منسٽر ايندو آهي ته خلق خدا تي لٺ پئي وسندي آهي. سڀ دڳ بند ٿي ويندا آهن. جيسيتائين برهمڻ، درگاھ تان موٽ کائن. يار! هنن کي ڪو فضيلت سان سمجهائي ڇو نه ٿو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ اچي افتتاح ڪيو. يا اتي موجود سجاده نشنين کان ئي افتتاح ڪرايو. مون لکين ماڻهن جي تڪليف ۾ خواري ڏسي ۽ پسي چڪو آهيان، ميلي دوران.
    اچو ته هڪ شعر تي سوچيون:
    نڪو ليکو ٿيو، نڪو تتو ڏينهن،
    تِهان اڳي نينهن، ڇنو آتڻ وارين. (شاھ)
    سنڌ جي گورنر کي گورنري ڄڻ ڪليم ۾ مِلي آهي. ڪراچيءَ ۾ ماڻهن مرڻ جو حڪومت ڄڻ ڪنهن کي لائسنس ڏنو آهي. ڇا هيءُ سڀ ڪجھ، سنڌ تان هٿ کڻڻ جي برابر نه آهي.
    ڪهڙن ڦٽن تي پها رکجن. ڪهڙي واويلا ڪجي!
    سڀ جيئرا جاڳندا ويٺا آهيون. نه مئاسون، نه زخمي ٿياسون. ائين ويٺي ويٺي سنڌ جي عظمت ۽ غيرت کي وساري، پنهنجي جي ڏاڙهي پٽ ۾ پورا آهيون.
    رات جو ٻي ٽين بجي ميلي جي موٽ آهستي آهستي شروع ٿي. جهونڙن، مُرڪون ۽ دُعائون ڏيندي، مون کان موڪلايو. باقي ٽائيم مان اڌ ننڊ ۽ اڌ جاڳ ۾ گذاريو. صبح جو نماز پڙهي وري مسجد اندر، بي فڪر ٿي سمهي پيس. انهن ٻن ڪلاڪن مون کي رليڪس ڪري ڇڏيو.
    مسجد ۽ روضي جو صحن سان گڏ، ٻاهرئين ايوان ۾ صفائي ۽ پوچي وغيره شروع ٿي چُڪي هئي. ٻاهر وڃڻ تي دل نه ٿي. هڪ همراھ جي ڀر ۾ اچي ويٺم. اُتيِ ئي چانھ پيتي. ٿوري ٽائيم ۾ هڪ ٻئي سان مانوس ٿي وياسين. منهنجي پڇيل سوالن جي جواب ۾ هُن ٻُڌايو:
    1. گذريل سال ٻن ڪروڙ روپين جي ماربل جو ڪم ٿيو آهي. ڪم جي ڪوالٽي اوهان جي سامهون آهي. جن سنگ مرمر جي سرن تي اسين ويٺا آهيون، اُهي هم چورس هڪ فوٽ آهن. اُهي جوڌپور کان آيل آهن. ڏاڍو پائدار ۽ وزندار آهن. اُهي سرون اکيڙي نيون لڳايون اٿائون.
    2. روضي جي اندروني حالت بابت هُن ٻڌايو ته؛ انجنيئرن جي هڪ ٽيم اچي، روضي جو مٿان معائنو ڪيو هو. بعد ۾ هنن رپورٽ ڏني ته؛ ”روضو مضبوط آهي.“ هُن روضي جي اڳيان پلرن ۽ ڇت بابت به ٻُڌايو. روضي جي اڳيان واڌارو بعد ۾ ڪيو ويو هو. ڇت ۽ پلر، ڏاڍا خوبصورت آهن.
    هڪ ٻن فقيرن سان به ڪچهري ٿي. هنن جو چوڻ هو ته:
    1. سيد حبيب شاھ کي ٽي زالون هيون.
    2. روضي اندر ڀٽائي صاحب سان گڏ سيد جمال شاھ جي قبر آهي. اُهو سندس وڏو ڀاءُ آهي. مائرون الڳ اٿن.
    3. شاھ صاحب جي حويلي کي ٽي گنبذ هئا، جن مان هڪ ڊهي پيو آهي. ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي، پر ڪم ڪو نه ٿو هلي.
    اُتي ئي ويٺو هئس ته نوجوان جاپاني جوڙا اچي پهتا. سڄي ٽيم هئي. ڪئميرائون وغيره هئن. راڳ وارن جي ڀرسان جڏهن اُهي پهتا ته مون کانئن پڇيو؛ ”شاھ جي شاعري پڙهي اَٿو.“ هُن نھڪر ۾ جواب ڏنو. منهنجو ٽيمپو لوز ڏسي، ٻي ڇوڪريءَ چيو ته اردو به ايندي اٿن. مون کيس صرف ايترو چيو؛ ”سنڌ گورنمينٽ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن، شاھ صاحب جي پوئٽريءَ کي انگريزيءَ ۽ اُردو ۾ شايع ڪرايو آهي. اُهي وٺي پڙهو.“ هُن ها ڪئي پر اُها به نھ جهڙي هئي. ڪو دڪان هجي ها ته خريد ڪري، گفٽ طور ڏيانس ها. مان وڌيڪ سوچيو ته؛ ”پُٽ گهرڻ جي عمر ڪو نه اٿس. باقي الله کان مڙس گهرڻ، زيارت ڪرڻ ۽ سنڌ جي ثقافت ڏسڻ لاءِ آئي هوندي.“
    مون کي ان وقت ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن اُن ڇوڪريءَ، روضي جي دروازي جي چانئٺ تي بيهي، هٿ چانئٺ تي رکيو، وري سيني ۽ نرڙ سان لڳايو، پوءِ اندر وئي. اصل ۾ پهريائين هڪ اردو ميڊيم واري ڇوڪري هُن کي اهڙي رهرسل ڪري ڏيکاري. مون سمجهي ورتو ته؛ ”هيءَ ٻڌ مذهب سان تعلق رکي ٿي. باقي پرڪار سنڌي عورتن جهڙا اٿس. تعليم، پينٽ شرٽ ۽ انٽرنيٽ هُن ۾ تبديلي ڪو نه آندي آهي.“
    مان ٻاهر نڪري آيس. وهنجي ڪپڙا بدلايم. نيرن ڪئي. سُٺي چانھ ملڻ جو پڇي، اتان وڃي چانھ پيتم. ڪڙڪ چانھ تازو ڪري ڇڏيو.
    ڪراڙ ڍنڍ، شيخ اياز ۽ ميوزم ڏانهن رخ رکيو. چوڌاري ڀتيون، لوهيون گرلون انهن جي مٿان گلن جون وليون. مون کي ياد پيو: ۱۹۶۲ع ۾ هنن عمارتن جو سنگ بنياد محمد خان جوڻيجي رکيو هو. هو ايوب خان جي دور ۾ مرڪزي وزير هو. گذريل چڪرن ۾ عبدالخالق ۽ مان سڄو ڀٽ شاھ گهميو هو.
    ڀٽي صاحب ۽ بينظير صاحبه جي وقت ۾ به ڪافي ترقي ٿي هئي. گرم ڏينهن، ٿوري هوا، اياز جي ڌرتيءَ کان ۱۰ فوٽ کن مٿي سنگ مرمر جي قبر، ڪراڙ جو خوبصورت نظارو. مون اياز جي قبر کي ڏسي جھونگاريو؛
    ورهــيـن کان واســو، سڄـڻ تنـهنــجــو ســاھ ۾،
    پنهنجن کان پاسو، مناسب ناهي منهنجا پرين.
    اياز جي طبيعت ۾ ڏاڍي ارڏائي هئي. هر هڪ کان بي نياز، پنهنجي ڳالھ چوڻ ۽ ڪرڻ وارو. پنهنجي شھر شڪارپور اندر آبائي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ بجاءِ، هتي اچي دفن ٿيو!
    سنڌ ۾ ڀٽائيؒ، سائين جي ايم سيد ۽ اياز وري نه ڄمندا. هيءُ منهنجي اندر جو وجدان آهي. مان ڪرامتن ۾ يقين نه رکندو آهيان. سڄي سنڌ ۽ اسان جا افعال، مون کي ائين چوڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.
    حيرت آ يار!
    برو ھو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو. (شاھ)
    ملي ته ملندياس، نه ته گھوري جان جتن تان. (شاھ)
    سائين جي ايم سيد، سنڌ ۽ سنڌين کان ڪڏھن ڪين رُٺو. ڪجھ ته ڏٺو، سمجھيو ۽ سوچيو ھوندائين تڏھن ته سنڌ جي تاريخ ۾ کيرٿر جبل وانگر ناقابل شڪست آھي. ڪو نفيس انسان به ائين محبت ڪندو آھي؟!
    مرشد لطيفؒ سڄي عمر ٿر، بر ۽ جبل جهاڳيا. گوتم ٻُڌ جهنگ وسايو. ماڻهن کي ڀڳوان بڻايو. اياز بيپرواھ سُتو پيو آهي. هُن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه آهي. تڪليف ڏيڻ، چلن پچائڻ ۽ نور نچوئڻ ۾ ڪجھ ته ملي ٿو، انهن انسانن کي.
    ايـڪ قـصــر، در لک، ڪــوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون. (شاھ)
    مرشد لطيفؒ جي ان دعويٰ کي مان سچ سمجهان ٿو. منهنجو جيئڻ جو انداز جُدا آهي، تنهنڪري عقل ۽ فهم کان اهي ڳالهيون ئي ۽ اوپريون لڳن ٿيون.
    شيخ اياز جي مزار تان دُعا گهري هيٺ لٿم. ڏٺم ته ڪجھ فيمليز جدا جدا وڻن جي ڇانئن، ويرانڊي ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ ويٺيون آهن. مرد ۽ ٻار هيڏي هوڏي ڦِري رهيا آهن. ميوزم جو درواز بند هو. ڪئميرا ڪنڌ ۾ وجهي، ٿيلهو لوڏيندو، اجنبي زائرين سان اچي مليس. حوال مليو؛ ”ميوزم جا رکوالا چون ٿا ته اربع آهي. اڄ ميوزم بند آهي.“
    مون ڏٺو ته ڪجھ اهڙو بورڊ يا لکت وغيره نه آهي.
    ٻئي ٻڌايو ته؛ ”۱۱ بجي بجلي ايندي، پوءِ دروازو کوليندا.“
    ٽئين ٻڌايو: ”پئسا ٿا گهرن.“
    مار پوين سڄي سنڌ جي، اهڙي بي شرمائي، مرشد جي حدن ۾. هڪ ڳوٺاڻو سنڌي، جنهن سان عورتون ساڻ هيون، پئسا گڏ ڪري رهيو هيو. مون به ۱۵- ۲۰ رپيا انهن کي ڏنا.
    سقراط چيو آهي؛ ”هڪ سچو ماڻهو، هميشه هڪ ٻار وانگر هوندو آهي.“ مان پاڻ کي ڏوهاري سمجهي رهيو هيس. جي گوڙ ڪيان ها ته دروازو ئي نه کلي ها ۽ پوءِ هيتريون فيمليون جيڪي هزارين روپيه خرچ ڪري آيون هيون، انهن جي اندر ۾ حسرتون رهجي وڃن ها. هو ميوزم گهمي نه سگهن ها.
    مين گيٽ کُليو. ميوزم جو دروازو بند هو. مون انب جي ڀرسان، سيمينٽ جي بئنچ تي ويهي، ڪئميرا جا سيل مٽايا ۽ ڪجھ تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ تصوير ميوزم جي مين گيٽ جي اولھ طرف ڪنهن آفيسر جي وِرانڊي جي ڪڍي. اُتي گندگي، ڪبوترن جون وٺيون. آکيرا پکين جا، ڪاٺيون ۽ ڊنگهر ڏيکارجي رهيا هئا. انهن جي مٿان A.C جا Fans لڳل هئا. ٻي تصوير ان ملازم جي هئي جيڪو پئسا وٺي، ميوزم جي گيٽ ۽ دروازو کولي رهيو هو.
    ”برو هو ڀنڀور، اچي آرياڻيءَ اُجاريو.“ (شاھ)
    ڪنهن مسيحا ۽ رهبر جي اچڻ جي اميد ڪو نه آهي، پر اسان سڀ سنڌي ۽ سوچي متفق ٿيون ته؛ نه صرف آرياڻي نروار ٿيندو پر وڏو ڀڀڙ به ڀڙڪي سگهي ٿو.
    هڪ تصوير مِٺيءَ جي ڀِيل فئملي جي به، مردن ۽ عورتن کان اجازت وٺي ڪڍي.
    ميوزم گهمي ڏٺم. ڪافي سال اڳ مرشد لطيفؒ جون ڪافي شيون گڏ ٿيل هيون. اُهي نظر ڪو نه آيون يا اُهو هال ئي بند هو.
    وري درگاھ تي اچي راڳ ٻُڌم. بعد ۾ تمر فقير، ڊاڪٽر دائود پوٽه ۽ ٻين جي قبرن جون جائزو ورتو ۽ دُعا گهري. هڪ فقير کان پڇيم؛ ”گذريل سال هڪ چري هتي درگاھ تي هُئي. هُن ٻڌايو ته؛ ڪنهن اثر رسوخ واري ماڻهوءَ هُن سان زيادتي ڪئي، هُن کي دارالامان ۾ پٽ ڄائو. ڪنهن خدا ترس انسان هُن سان شادي ڪئي آهي.
    هوءَ پٺاڻ نوجوان عورت هئي، هن کي اردو يا سنڌي نه پئي آئي، جيڪو ڳالهائي پئي، اهو به ڪنهن کي سمجھ ۾ ڪو نه پيو اچي. هوءَ بلڪل عليل يا پاڳل هئي.
    مون کي لوئيس برائون جو ڪتاب ياد پيو، جيڪو هُن ڇھ سال محنت ڪري، لاهور جي هيرامنڊيءَ تي لکيو آهي. اُتي جيڪي به ڇوڪريون ۽ عورتون ويٺل آهن، اُهي به عياش مردن ۽ مٿانهين طبقي جون نشانيون آهن. لوئيس، لنڊن ۾ پڙهائيندي هئي. هوءَ مهينن جا مهينا لاهور ۾ هيرامنڊيءَ اندر رهي. هُن گند کي صاف ڪري، خرچ ڪري ۽ خواري کڻي اُهو ڪتاب لکيو آهي. سنڌ جا وڏيرا ون يونٽ جي دور ۾، ڀلاوڻن کان پئسا وٺي، لڏو وڃي لاهور ۾ لاهيندا هئا. مير علي نواز خان واري بالي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو؟
    ”ٻَانهن وِجهي واتَ، ريهون ڪيان رُڃَنِ ۾.“ (شاھ)
    اندر مان هڪ آھ نڪتي؛ ڪاش! چريءَ مان ناجائز طريقي سان ڄاول ڇوڪرو هن ملڪ جو ولي برانڊٽ ٿئي. وِلي برانڊٽ (۱۸ ڊسمبر ۱۹۱۳ع- ۸ آڪٽوبر ۱۹۹۲ع) مغربي جرمنيءَ جو سال ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۴ع تائين چانسلر رھيو. کيس ۱۹۷۱ع جو امن جو نوبل انعام به مليو ھيو. کيس به پيءُ جو نالو مليل نه هو.
    ”واڪا ڪنديس وو، مون سان جبل ٿو جاڙون ڪري.“ (شاھ)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515419
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ