ڪتاب جو نالو: سنڌي پهاڪا لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس
مصنف: روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
ڇپائيندڙ: سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 فيبروري 2017 ع
پڙهيو ويو: 1298 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 292 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس، پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو مقالو آهي. هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي 2003ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي.
هن ڪتاب کي عربي سنڌي لپيءَ ۾ آڻڻ جو ڪم ڦلومل ميگهواڙ ڪيو آهي جڏهن ته نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران
  • دُعا جا ٻول
  • شڪر گذاري
  • تعارف
  • مترجم پاران
  • سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ پهاڪا

  • ۱.۱ سنڌي ٻولي
  • ۱.۲ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ خاصيتون:
  • ۱.۳ سنڌي ٻوليءَ جا لهجا:
  • ۱.۴ آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حالت:
  • ۱.۵ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ:
  • ۱.۶ سنڌي لوڪ سنسڪرتي/ ثقافت:
  • ۱.۷ سنڌي لوڪ ثقافت جون مکيه خاصيتون:
  • پهاڪن جي بيهڪ ۽ وصف

  • ۲.۱ پهاڪن جي اهميت
  • ۲.۲ پهاڪن جا اشتقاق:
  • ۲.۳ ٻين ٻولين ۾ پهاڪن جا هم معنيٰ لفظ:
  • ۲.۴ پهاڪي جي وصف ۽ خاصيتون:
  • ۲.۵ پهاڪن جي سچائي ۽ ڪِن پهاڪن ۾ نظر ايندڙ تضاد:
  • ۲.۶ پهاڪا ۽ ٻيا سُخن
  • ۲.۷ پهاڪو ۽ محاورو يا اصلاح:
  • ۲.۸ محاورو ۽ ورجيس:
  • ۲.۹ پهاڪي، محاوري ۽ ورجيس ۾ فرق:
  • پهاڪن جو جنم، اوسر ۽ ورهاست

  • ۳.۱ پهاڪن جو جنم:
  • ۳.۲ پهاڪن جي جنم جي ترتيب:
  • ۳.۳ پهاڪن جي پيدائش جا مکيه آڌار:
  • ۳.۴ پهاڪن جي ارتقا:
  • ۳۰۵ پهاڪن جي ورهاست جا اصول:
  • سنڌي پهاڪن جو لسانياتي اڀياس

  • ۴.۱ ٻوليءَ جو سرشتي ۾ پهاڪا:
  • سُوتر پريوگ يا قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال
  • ۴.۱.۳ پهاڪن جي لساني بيهڪ ۾ فرق:
  • ۴.۱.۴ پهاڪن جي عبارت:
  • ۴.۲ پهاڪن جي لساني تخليق:
  • ۴.۲.۱ پهاڪن ۾ لفظن تي ترتيب:
  • ۴.۲.۲ پدلوپ (لفظن جو حذف ڪرڻ):
  • ۴.۲.۳ حالتن جون پراڻيون شڪليون:
  • ۴.۲.۴: فعلن ۽ ڪردتن جا پراڻا روپ:
  • ۴.۲.۵: اَوياڪرڻي (غير وياڪرڻي) جملا ٺاهڻ:
  • ۴.۲.۶. پهاڪن ۾ جملن جا جدا جدا قسم:
  • ۴.۲.۷: شعرن يا بيتن ۾ پهاڪا:
  • ۴.۲.۸: پهاڪن ۾ ماڻهن جا نالا:
  • ۴.۲.۹: پهاڪن ۾ انگن ۾ اسعتمال:
  • ۴.۲.۱۰: پهاڪن ۾ پراڻن لفظن جو ذخيرو:
  • ۴.۲.۱۱ سنڌيءَ جي لهجن جا پهاڪا:
  • ۴.۲.۱۳: سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا:
  • ۴.۲.۱۴: سنڌي پهاڪن جو تبديلي اڀياس (Comparative study):
  • ۴.۳: سنڌي پهاڪن جو شاعريءَ جي علم موجب اڀياس:
  • ۴.۳.۱: سنڌي پهاڪن ۾ شبد شڪتي (لفظن جي سگھ):
  • ۴.۳.۲: سنڌي پهاڪا ۽ النڪار (صنايع بدايع):
  • ۴.۳.۳: سنڌي پهاڪن ۾ تُڪ:
  • ۴.۳.۴. سنڌي پهاڪا ۽ ڇند رچنا:
  • سنڌي پهاڪن جو سماجي ۽ ثقافتي اڀياس

  • ۵.۱ سنڌ جا تاريخي پهاڪا:
  • ۵.۲ قدرتي ماحول ۽ جاگرافيءَ متعلق پهاڪا:
  • ۵.۳ جانور، پکي ۽ جيت جڻيا:
  • ۵.۴ کيتي ٻاڙيءَ، پوک ۽ اَناج متعلق پهاڪا:
  • ۵.۵ سماجي سرشتي ۽ حالتن متعلق پهاڪا:
  • ۵.۶ ڌرم ۽ زندگيءَ متعلق پهاڪا
  • - ۵.۷ ٻين موضوعن تي چونڊ پهاڪا
  • ۵.۸ ادبي چوڻيون:
  • پڇاڙي:
  • چونڊ مددي ڪتاب

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (198) ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي ثقافتي اڀياس، پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز جو مقالو آهي. هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي 2003ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي.

    هن ڪتاب کي عربي سنڌي لپيءَ ۾ آڻڻ جو ڪم ڦلومل ميگهواڙ ڪيو آهي جڏهن ته نظرثاني ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي. هي ڪتاب سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪرائي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    دُعا جا ٻول

    روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ جو هيءُ تحقيقي مقالو ”سنڌي پهاڪا: لسانياتي ۽ سماجي- ثقافتي اڀياس“ شايع ٿيڻ تي مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي اهي. منهنجي نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ ڪيل هِن تحقيقي ڪم تي دهلي يونيورسٽيءَ روي پرڪاش کي ۲۰۰۳ع ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري عطا ڪئي آهي.
    هيءُ هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي تفصيل سان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ لاءِ مون گهڻن ئي شاگردن کي پئي چيو، پر سنجيدگي ۽ تفصيل کي ڏسي اُهي اڪثر اڳتي وک وڌائڻ جي همٿ نه ڪندا هئا. اِن موضوع تي گهرو اڀياس ڪرڻ لاءِ مون وقت بوقت پنهنجين لکڻين ذريعي سنڌي عالمن جو به ڌيان پئي ڇڪايو. ۱۹۹۳ع ۾ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ نالي مون هڪ وڏي لغت مرتب ڪئي. اُن ۾ آنجهاڻي بزرگ عالم سنتداس پُنهون مل ڪشناڻي ”سنتل“ ۽ منهنجا گڏ ڪيل اٽڪل ٻارنهن هزار سنڌي پهاڪا ۽ محاورا سمجهاڻيءَ سان گڏ داخل ڪيل آهن. اِن ڪتاب ۾ سؤ کن صفحن جو مقدمو به لکيم، جنهن ۾ سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جي لسانياتي، سماجي ثقافتي اڀياس جي اهميت ٿوري ۾ سمجهائي ويئي آهي. اُها اختصار ۾ لکيل تمهيد پوءِ سنڌي عالمن ۾ ايتري ته پسند پيئي، جو ڀارت ۾ اُها اُن ساڳئي سال ۾ جُدا ڪتابي صورت ۾ ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)“ جي عنوان سان شايع ڪئي ويئي. ڀارت ۾ عربي- سنڌي لپيءَ کان غير واقف طبقي خاص طور نوجوان پيڙهيءَ جي سنڌي پڙهندڙن ۽ شاگردن لاءِ انهيءَ ڪتاب جو ديوناگري- سنڌي لپيءَ جي شڪل ۾ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي اُن جو ٻيو ڇاپو ۱۹۹۸ع ۾ دهليءَ مان شايع ڪرايو.
    ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: (هڪ اڀياس)‘ ڪتاب جون ڪجھ ڪاپيون مون سنڌ به موڪليون آهن. اُتي پڻ عالمن ان جو جوڳو قدر ڪيو آهي. انهيءَ موضوع جي نرالي اهميت کي سمجهندي، پوءِ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو (سنڌ) طرفان، اِن ڪتاب جو نئون ڇاپو سنڌيءَ ۾ به شايع ڪيو ويو. اُن کي پڙهي سنڌيءَ جي ڪن عالمن اِن موضوع تي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ، مون سان لکپڙھ به شروع ڪئي آهي.
    اِن موضوع تي انهيءَ کان اڳ سنڌي عالمن جو ڌيان بلڪل نه ويو هو. اُڻويهين صديءَ ۾ سنڌ ۾ انگريزن ننڍا ننڍا مجموعا تيار ڪري شايع ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪِن عالمن پهاڪن ۽ اصطلاحن جي بنياد کي به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪنهن به انهن جي لساني بيهڪ، اهميت ۽ خاصيتن تي تفصيل سان بحث نه ڪيو آهي. انهن ننڍن مجمعون ۾ اسان جي سماجي، ثقافتي، تاريخي، جاگرافيائي علم جو گهڻيئي تصويرون سمايل آهن، جن ۾ اسان کي پنهنجي گذريل دؤر جا گهڻيئي لِڪيل پهلو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اِنهيءَ حقيقت طرف سنڌي عالمن جو ڌيان تمام گهٽ ويو آهي.
    ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: (هڪ اڀياس)“ نالي پنهنجي ڪتاب ۾ مون انهن ننڍن ننڍن پهاڪن ۾ ٻوليءَ جي استعمال جي اهميت جي فقط هڪ جهلڪ ڏني آهي. حقيقت ۾ انهيءَ جو مقصد اِهو هو ته انهيءَ مان اُتساھ حاصل ڪري ٻيا ڪي عالم اِن موضوع جو گهرائيءَ ۾ تفصيل سان اڀياس ڪن. اها تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالھ آهي جو روي پرڪاش اِن ڏُکئي رستي تي اڳتي وک وڌائي آهي. هُن پنهنجي لکيل تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيلوار تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس پيش ڪيو آهي، جنهن لاءِ هُن کيرون لهڻيون. روي پرڪاش انهيءَ موضوع جو تحقيقي اڀياس ڪرڻ لاءِ زباني رايتن مان به وڌيڪ پهاڪا گڏ ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ هُن اِنهيءَ موضوع تي هندي، اردو ۽ انگريزي وغيره ٻولين ۾ ڪيل تحقيقي ڪم جو تنقيدي نظر سان اڀياس به ڪيو آهي. انهن ڪتابن جا حوالا هُن پنهنجي مقالي ۾ گهربل هنڌن تي ڏنا آهن.
    هن مقالي ۾ سنڌي پهاڪن جي لسانياتي اڀياس وارو باب هڪ سؤ صفحن کان به وڌيڪ آهي. انهيءَ ۾ پهاڪن جي لسانياتي تخليق انهن ۾ لغت، سينگارن ۽ ڇنڊن وغيره تي چڱي تفصيل سان بحث ڪيل آهي. سنڌي پهاڪن جي سماجي ۽ ثقافتي اڀياس تي به ڏيڍ سؤ کن پهاڪن ۾ چڱي تفصيل سان ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. هن مقالي جا پهريان ٽي باب، پهاڪن جي خاصتن تي، اصولن جي لحاظ کان، ڇنڊڇاڻ پيش ڪن ٿا.
    هر هڪ ٻوليءَ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون، اصلاح ۽ ورجيسون اهڙا ننڍڙا پريوڳ آهي، جيڪي صدين کان وٺي ان ٻوليءَ ۾ هڪ مقرر شڪل ۾ استعمال ٿيا آهن. اُن ٻوليءَ جو ڪو به ڳالهائيندڙ، پنهنجي مرضيءَ موجب انهن جي لسانياتي بيهڪ ۾ ڪا به ڦير گهير نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪنهن اهڙي تبديلي ڪئي ته پوءِ اُهي فقرا اُن بدليل شڪل ۾ ٻوليءَ جي رواج موجب درست نه ليکيا ويندا، يا ڪن حالتن ۾ اُهي بيان ۾ پنهنجي گهربل مطلب جو اظهار نه ڪري سگهندا. مثال طور: ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا“ پهاڪي ۽ جيڪڏهن اسين ساڳئيءَ معنيٰ وارا ٻيا لفٽ ڪتب آڻي چئون ته ”سورداسن ۾ ڪاڻو راجا“ يا ”نابين ۾ هڪ اکيو سلطان“ ته ڇاهي انهن پهاڪن جي معنيٰ ۾ ڪو فرق ڪو نه ٿيو اچي، پر هن بدليل شڪلين ۾ اهي پهاڪا سنڌيءَ ۾ قبول نه پوندا. ”گونگي گانءِ هئڻ“ (خاموش سڀاءُ وارو يا نهٺو هئڻ) اصلاح کي بدلائي جيڪڏهن اسين چئون ته ”گونگي ڍڳي هئڻ“ ته گهربل مطلب ئي ضايع ٿي ويندو. ”پاڻي- پاڻي ٿيڻ“، ”آب آب ٿيڻ“ يا ”نير ٿيڻ“ ته اِهو محاورو نه فقط پنهنجي گهربل معنيٰ وڃائي ڇڏيندو، پر اُن بدليل شڪل ۾ اهو سنڌيءَ ۾ مُروَج به نه ليکيو ويندو. ٻوليءَ ۾ انهيءَ قسم جي ننڍن فقرن کي مون ”سوتر پريوگ“ (Formula expressions) نالو ڏنو آهي. انهن جي استعمال سان، ٻوليءَ جي نه فقط ڳالھ ٻولھ واري فطري شڪل قائم رهي ٿي، پر اها سهڻي ۽ اثرائتي به بڻجي پوي ٿي.
    پهاڪن وانگر محاورن جو به ٻوليءَ، سماج جي تهذيب ۽ ثقافت سان گهرو ناتو آهي. جيئن ته گهوڙا ڙي گهوڙا (مصيبت پوڻ، دانهون ڪرڻ)، ڄڃ تي بيهڻ (اڍنگا خرچ ڪرڻ)، ٽانڊو ٽوپي بند ڪرڻ (برادريءَ مان ڪڍڻ)، پير ۾ ڇنڇر هئڻ (ڀٽڪن، رلڻ)، تيرهن تالو هئڻ (چالاڪ هئڻ، نخرا ڪرڻ)، گورو ئي گنگا تي هئڻ (سڀ ڪجھ ناس ٿي وڃڻ)، (دشمني هئڻ)، چولو مٽائڻ (گذاري وڃڻ)، وغيره گهڻيئي سنڌي محاورا آهن، جن جو بنياد سنڌي جي سڀيتا ۽ ثقافت تي ٻڌل آهي. انهن جو به وضاحت سان تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرڻ جڳائي. اميد آهي ته روي پرڪاش هاڻي انهيءَ موضوع تي به تحقيقي ڪم شروع ڪندو.
    مون کي ياد آهي ته ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن مان پنهنجي احترام لائق بابا جن پنڊت ڪرشن چندر جيٽلي ۽ ننڍي ڀاءُ پرمود سان گڏ ايوڌيا (ڀارت جو شهر، جتي راجا رام چندر جي گدي هئي) جي تيرٿ ياترا تي ويو هوس، تڏهن پهريون ڀيرو روي پرڪاش، سندس وڏي ڀاءُ گيان پرڪاش ’سرل‘ ۽ اوڌيا جي ٻين ساٿين سان ملاقات ٿي هئي. اُن وقت روي پرڪاش جي من ۾ سنڌيت جي سڪ جو جيڪو سلو اڀريو هو، اُهو هاڻي آهستي آهستي وڌي وڻ ٿيو آهي. اُن زماني ۾ هو لکنؤ يونيورسٽيءَ ۾ ڪامرس جو شاگدر هو. سال ٻن اندر اهو ڪورس پورو ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ۽ پي ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ مون وٽ آيو هو. ۱۹۶۷ع ۾ ڄاول ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪري ٿو، روي پرڪاش اُن جو هڪ انوکو ۽ معتبر مثال آهي. اسان کي هُن ۾ گهڻيئي آسون، اُميدون آهن. شال هوُ سنڌي ادب جا گهڙا ڀريندو رهي ۽ زندگيءَ ۾ وڌيڪ ترقي ڪندو رهي.
    روي پرڪاش جي هن نيڪ ڪم مان جيڪڏهن ٻين به ڪِن سنڌيءَ جي پريمين کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۽ ادب، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي کوجنا ڪرڻ جو اُتساھ مليو، ته پوءِ هيءُ تحقيقي اڀياس پنهنجي مقصد ۾ سڦل ليکيو ويندو.

    D-127، وِويڪ وِهار، دهلي، 1000095
    مرليڌر جيٽلي، مئي ۷، ۲۰۰۵ع


    شڪر گذاري

    شڪر گذاريءَ جو جذبو دل ۾ اُٿندڙ احساس ۽ دلي خلوص مان پيدا ٿيندو آهي. خواهشن ۾ دلي همدردين ۾ مِٺ، محبت، پيار، دلار، عزت احترام ۽ عقيدت جو امرت سمايل هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته خواهش ۽ دلي سچائيءَ جو جذبو گهڻو ڪري سائنس جي اصول (Simple Harmonic Motion) تي ٻڌل هوندو آهي. يعني، جيتري سڪ ۽ محبت ڏبي، موٽ ۾ پڻ اوتري ئي محبت ۽ آسيس حاصل ٿيندي.
    بيحد احترام ۽ محبت جي لائق، جنهن کي علي الصبح ياد ڪجي، مانواري اُستاد ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي وٽان، جيڪو پيار، عزت ۽ دعائون مون کي حاصل ٿيون آهن، تن لاءِ شڪر گذاريءَ جا فقط ٻه لفظ چئي انهن جو مُلھ گهٽ ڪرڻ نه ٿو چاهيان. هي اهڙا قيمتي احساس آهن، جن کي مان زندگيءَ ڀر پاڻ وٽ سانڍي رکڻ چاهيان ٿو. مون کي ياد آهي ته سائين جيٽلي صاحب جن پاڻ هڪ ڀيري پنهنجي سنڍوءَ ۽ ڊاڪٽر سُوريه ڪانت پاليءَ کي منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو هو ته روي پرڪاش منهنجو ننڍو پٽ آهي، ته ڇا مان رڳو شڪريو ادا ڪري انهن امُلھ احساسن جي قيمت ڏيئي ڇڏيان؟ مان پنهنجي اُستاد جي قدمن ۾ بار بار ڪنڌ جهڪائي سلام ڪريان ٿو،. سندن رهنمائيءَ کان سواءِ هي تحقيقي مقالو پورو نه ٿي سگهي ها.
    محبت ۽ تعريف جي لائق گورو ماتا شريمتي سرلا جيٽلي جو به مان ٿورائتو آهيان، جنهن ڪڏهن به آسيس ڏيڻ ۾ ڪنجوسيءَ کان ڪم نه ورتو آهي. سندس سِڪ، پنهنجائپ ۽ شفقت ڀرئي سنيھه کي مان ڪڏهن به وساري نه سهگندس. ادا سُڌير جيٽلي ۽ ڀاڀي ريڻو به مون کي هيءَ تحقيقي مقالو جلد پورو ڪرڻ ۾ وقت به وقت اُستاهيندي پئي رهي آهي، جنهن لاءِ مان سندن به ٿورائتو آهيان.
    عزت لائق ماتا شريمتي ديويءَ عزت لائق بابا سائين ڊاڪٽر ڪرم وير ٽيڪچنداڻيءَ وٽان به مون کي لڳاتار گهڻو اُتساھ ملندو رهيو آهي. پاڻ هر روز منهنجي ۽ منهنجي تحقيقي ڪم جي واڌاري جي سنڀار، فيض آباد مان ٽيلي فون رستي ڪندا رهندا آهن. سچ پچ ته هي مقالو مڪمل ڪرڻ ۾ سندن شفقت، احساس ۽ دعا جو گهڻو هَٿُ آهي. مان گهڻي عقيدت ۽ محبت سان هيءُ تحقيقي ڪتاب کين ارپيان ٿو. اسين پاڻ ۾ ڇھ ڀائر آهيون ۽ اسان جون ٻه ڀينريون آهن. مون کي اُنهن سڀني وٽان هن ڪم کي پوري ڪرڻ ۾ جيڪو سهڪار ملندو رهيو آهي، تنهن کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڀينرون هر هڪ دياونتي ۽ شڪنتلا ۽ منهنجا ڀائر گيان پرڪاش، جئه پرڪاش، پريم پرڪاش، وِشوَ پرڪاش ۽ اَمر پرڪاش اُوکي سوکيءَ مون سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ۽ هميشه هيءُ تحقيقي ڪم جلد پورو ڪرڻ ۾ مون کي همٿائيندا رهيا. مان تھ دل سان سندن شڪر گذار آهيان.
    اسان سڀني کي ڄاڻ آهي ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ جيڪا پهرين نئين ڳالھ ٿيندي آهي، اُن کي گهڻي اهميت هوندي آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ مون سڀ کان اول سنڌي پرهڻ جو ڪم ڊاڪٽر ڪنهيالال ليکواڻيءَ جي نگراني ۾ پوني ۾ شروع ڪيو. انهيءَ ميدان ۾ ڊاڪٽر ليکواڻي نه فقط منهنجو رهنما آهي، پر منهنجي اُستاد پڻ آهي. هن جي همٿائڻ سان ئي مان پڙهائڻ جي ميدان ۾ هيترو اڳتي وڌي سگهيو آهيان. ڊاڪٽر ليکواڻي پنهنجي هر خط ۾ مون کي ٿيسز جلد پوري ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندو رهندو هو. اڄ اهو ڪم پورو ٿيڻ تي مان سندس اڳيان وري وري ڪنڌ جُهڪايان ٿو.
    ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي شڪر ادائيءَ مان ڪهڙو لفظن ۾ ظاهر ڪريان؟ هو جڏهن به مون سان ملندو آهي ته سندس پهريون سوال اِهو هوندو آهي ته ”روي، ٿيسز ڪڏهن ٿو پوري ڪرين؟ اهو تحقيقي ڪم جلدي پورو ڪر ته پوءِ ٻيا ڪم هٿ ۾ کڻي سگهين.“ هن وٽان لڳاتار جيڪو مون کي اُتساھ ملندو رهيو آهي، تنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.
    دهلي يونيورسٽيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي لائبرري آهي، ”سينٽرل- ريفرنس لائبرري.“ اُن جي هڪ ريسرچ روم ۾ مون کي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي سهولت حاصل ٿي. ان لائبرريءَ جي اهلڪارن جي سهڪار کي مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڪيترائي اڻلڀ ڪتاب اُتي مون کي پڙهڻ لاءِ آسانيءَ سان ملي سگهيا. اِن ڏس ۾ ڊاڪٽر جيٽلي به پنهنجي شخصي لائبريريءَ مان گهڻيئي ناياب ڪتاب اڀياس لاءِ مون کي کي ڏنا، جيڪي يونيورسٽيءَ جي لائبريريءَ ۾ توڙي ٻين هنڌن موجود نه آهن.
    پي ايڇ. ڊي لاءِ هيءُ تحقيقي مقالو لکڻ واري زماني ۾ هڪ دؤر اهڙو به هو، جڏهن مان بي روزگار هوس. اُن وقت فقط پنهنجن مائٽن وٽان ئي گذران لاءِ مون کي گهربل مالي مدد ملندي هئي. اهڙي وقت ۾ مون کي دهلي سنڌي اڪيڊمي ۽ پوءِ انڊس ايڊفائونڊيشن وٽان انهيءَ تحقيقي ڪم لاءِ فيلو شُپ جي روپ ۾ مالي مدد حاصل ٿي، جنهن ڪري منهنجون گهڻيون مشڪلاتون دُور ٿي ويون. ان لاءِ مان انهن ٻنهي ادارن جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان.
    آخر ۾، مان پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي اندرا ۽ پياري پٽ اڪشر (شال وڏي ڄمار ماڻي) جو به گهڻو ٿورائتو آهيان، جن جي سهڪار سان منهنجو هيءَ نيڪ ڪم جلد پورو ٿي سگهيو آهي.

    روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي
    رڪشا ٻنڌن،
    گُروار ۲۲ آگسٽ ۲۰۰۲ع


    تعارف

    ڀارت ۾ ڄاول نوجوان پيڙهيءَ جا سنڌي ٻار اڪثر پنهنجي ٻوليءَ جي، ادبي ۽ ثقافتي وراثت کان ڏينهون ڏينهن ڪٽبا پيا وڃن. اِهو ڏسي من ۾ گهڻي پيڙا محسوس ڪندو آهيان. مان به اُنهن نوجوان سنڌين مان هڪ آهيان، پر منهنجي حالت ڪي قدر نرالي آهي. منهنجو جنم ۱۹۶۷ع ۾ اُتر پرديش جي فيض آباد نالي شهر ۾ ٿيو. دستوري طريقي سان اسڪول ۾ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ جو اڀياس ڪري نه سگهيس. شهر ۾ آس پاس جو ماحول، هندي ٻوليءَ جو هو، جنهن جو گهڻو اثر پوڻ لازمي هو، پر اهڙي ماحول ۾ رهندي به پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٻولي ثقافت سلامت هئي. ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي وڏن ڀاتين ننڍي هوندي کان وٺي جيڪا سنڌيت جي سُتي اسان ٻارن کي پياري، تنهن اسان ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ، تهذيب ۽ ثقافت سان چاھ رکڻ جو جذبو ۽ اُمنگ قائم رکيو. مون کي اُڄ به ياد آهي ته فيض آباد شهر ۾ رهندڙ سنڌي ماستر شري رامچندر مون کي ننڍپڻ ۾ عربي- سنڌي اکر سيکاريا ۽ دعا ڪيائين ته مون جيڪا ڪُني چاڙهي آهي، تنهن جو ڍَڪُ تون لاهيندين. تنهن وقت مان اِها ڳالھ سمجهي ڪو نه سهيو هوس. ماستر صاحب وٽ سنڌي پڙهڻ لاءِ موڪلڻ جو شرف منهنجي صوفي صفت بابا ڊاڪٽر ڪرم وير ٽيڪچنداڻي جن کي آهي. هو پڻ سکر ۾ اُنهيءَ ماستر وٽ پڙهيو هو. اِن ريت خوش قسمتيءَ سان مان پنهنجي بابا سائين جو اُستاد- ڀائي پڻ ٿي ويس. شهر جي سنڌي پنچائت به وڏن ڏڻ- وارن ۽ تهوارن تي پروگرام رکي سنڌيت کي زندھ رکندي آئي هئي. اِنهن ڳالهين منهنجي من ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو، ته اُن سان گڏ پنهنجيءَ ثقافتي روايت کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ جستجو به جاڳائي.
    ننڍي هوندي کان وٺي گهر ۾ ماءُ پيءُ ۽ ٻين کان پهاڪا ۽ چوڻيون اڪثر ٻڌندو رهندو هوس. گفتگوءَ جي حوالي ۾ اُنهن جو مطلب سمجھ ۾ اچي ويندو هو. جيڪڏهن ڪو پهاڪو سمجھ ۾ نه آيو ته اُن مطلب پڇڻ ۾ پٺتي نه پوندو هوس. اِن طرح ٻوليءَ جي اِنهن ننڍن ننڍن عام فقرن طرف منهنجو خاص ڌيان ويو ۽ اُنهن جو وڌيڪ اڀياس ڪرڻ جو چاھ پيدا ٿيو. ايم. ايم (سنڌي) جي اڀياس دوران به سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جي پيڙھ ۽ اُنهن ۾ لڪل سماجي حالتن کي سمجهڻ طرف وڌيڪ ڌيان ڏيندو هوس. سنڌيءَ ۾ جيڪي پهاڪن ۽ محاورن جا مجموعا هئا، اُهي سڀ پاڻ وَٽ گڏ ڪري، اُنهن جو اڀياس ڪيم. ۱۹۹۳ع ۾ جڏهن ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ جي عنوان سان سنتداس پنهون مل ڪِشِناڻي ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو وڏو ڪوش ڇپيو ته اُهو به خريد ڪري اُن جو اڀياس ڪيم. اُن جي تنقيدي تمهيد مانُ واري ڊاڪٽر جيٽلي جي لکيل هئي، جنهن منهنجو ڏانهنس ڌيان ڇڪايو. اُن جي پڙهڻ سان ڄڻ ته مون کي نئون دڳ ملي ويو فطري طور من ۾ سوال پيدا ٿيو ته ڇا اِن موضوع جو اڃا به وڌيڪ تفصيل سان اڀياس ڪري سگهجي ٿو؟ عقيدت ۽ عزت لائق پنهنجي اُستاد ڊاڪٽر جيٽلي صاحب کان پڇيم. جن هڪدم وراڻيو ته اِها تمهيد ته فقط هڪ روپ ريکا يا خاڪو آهي، اِن جو گهڻي تفصيل سان اڀياس ڪرڻ گهرجي. اِن تي پوءِ مون کي ڄڻ ته نئين روشني ملي ويئي. دل ۾ پڪو فيصلو ڪيم ته اِنهيءَ موضوع تي مان اڃا به وڌيڪ تحقيق ڪندس. سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش جي اڀياس سان گڏ ٻين سنڌي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏيم، جيڪي اُنهيءَ ڪوش ۾ داخل ٿيل نه هئا.

    تحقيقي اڀياس لاءِ مواد
    هن تحقيقي مقالي جي لاءِ جيڪي سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپيل سڀ ننڍا وڏا مجموعا مون پاڻ وٽ گڏ ڪيا آهن، انهن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪوش آهي ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“، جنهن ۾ اٽڪل ڇھ هزار کن پهاڪا داخل ڪيل آهن.
    اِنهن کان سواءِ ’جامع سنڌي لغات‘ (مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/ حيدرآباد، سنڌي)، سنڌي لوڪ ادب‘ (ڇپائيندڙ سنڌي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ) ۽ سنڌي ادب جي ٻين ڪتابن مان به سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون توڙي محاورا چونڊي گڏ ڪيا اَٿم.
    اجمير، پوني، پنپري، اُلهاس نگر، بيرا ڳڙھ، سَتنا، ڪَٽني، لکنؤ، فيض آباد، آگري ۽ دهليءَ ۾ رهندڙ سنڌين سان ملاقاتون ڪندي به گهڻيئي اهڙا پهاڪا ٻڌم، جيڪي اڳين مجموعن ۾ داخل ٿيل نه هُئا ۽ نه ڪو مون وٽ درج ٿيل هئا. اِن ريت مون وٽ اٽڪل ڏھ هزار سنڌي چوڻيون ۽ پهاڪا گڏ ٿي ويا. هن تحقيقي اڀياس جو جو مکيه آڌار منهنجو اِهو گڏ ڪيل مواد آهي.

    هن تحقيقي اڀياس جو دائرو
    هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو تحقيقي اڀياس گهاڻي ڀاڱي نه ڪيو ويو آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ عبدالڪريم سنديلي ڪن چونڊ سنڌي پهاڪن جي بنياد تي روشني وجهندي ننڍڙا ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي ڇپايا آهن، پر اُنهن ۾ سنڌي سماج، ثقافت وغيره جي ملندڙ عڪس جي اُپٽار ڪيل نه آهي. منهنجي نظر ۾ فقط هڪ ئي ڪتاب آيو آهي، جيڪو آهي ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)‘. اِهو حقيقت ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا ڪوش‘ (گڏ ڪندڙ: سنتداس پنهون مل ڪشناڻي، ڇپائيندڙ: پي. وي. ڪشناڻي ٽرسٽ، پوني، ۱۹۹۳ع) مرتب ڪندي اُن ۾ تمهيد جي شڪل ۾ ليکو هو. پوءِ اِهو جدا ڪتاب جي روپ ۾ به شايع ڪيو ويو. اِن جي اهميت کي سڃاڻي، اِن جو مون ديوناگري لپيءَ ۾ اُلٿو (Transliteration) ڪري ۱۹۹۸ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇپائي پڌرو ڪيو. اِن جو مقصد اهو ته نوجوان سنڌين کي پنهنجي انِهيءَ ٻوليءَ جي وراثت کان واقف ڪرائجي.
    جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته اِنهيءَ ڪتاب ۾ تحقيقي اڀياس جو فقط هڪ خاڪو ڏنل آهي. اُن ۾ جدا جدا موضوعن جي تفصيلوار ڇنڊڇاڻ ۽ اُپٽار ڪيل نه آهي. اِنهيءَ ڪري سنڌي پهاڪن جي جدا جدا پهلوئن جو تفصيل سان اڀياس ڪرڻ لاءِ مون هيءَ موضوع چونڊيو.
    هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي مختصر واقفيت ڏيئي پوءِ پهاڪن جي اصولن جي پهلوئن (پهاڪن جي بيهڪ، وصف، اهميت وغيره) تي بحث ڪيو ويو آهي. هڪ جدا باب ۾ پهاڪن جي لسانياتي ۽ ادبي خصوصيتن جو تفصيل سان اڀياس ڪيو ويو آهي. سڀني کان وڌيڪ اهميت ڀريو پهلو آهي، پهاڪن جو سماجي ۽ ثقافتي لحاظ کان اڀياس ڪرڻ. انهيءَ تي گهڻي تفصيل سان بحث ڪيل آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي ٻين ٻولين جي پهاڪن سان به ڀيٽ ڪيل آهي. اِنهيءَ لحاظ کان ڏسبو ته هن تحقيقي مقالي ۾ انهيءَ موضوع تي شايع ٿيل اڳئين اڀياس جي ڀيٽ ۾ گهڻيئي نيون ڳالهيون ملنديون.

    سنڌي پهاڪن جا مجموعا:
    زباني روايت ۾ ته سنڌي پهاڪن جو استعمال تڏهن کان وٺي ٿيڻ لڳو، جڏهن کان وٺي سنڌي ٻولي ڏهين عيسوي صديءَ جي آس پاس اپڀرنش ۽ ٻين پاڙيسيري ٻولين کان الڳ ٿي پنهنجو نرالو روپ ظاهر ڪيو. سنڌ جي مشهور صوفي سنتن ۽ شاعرن جي شعر جون ڪجھ سٽون به سندن ئي دؤر يا کانئن ٿورو عرصو پوءِ مشهور ٿي پهاڪن جي پد تي پهچي ويو. جيئن ته:
    - آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهندڙ گهڻو. (شاھ لطيف)
    - تيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي. (شاھ لطيف)
    - مُٺ پُڇڻا، ڀيڙيائي ڀلي، جي اُپٽيءَ ته واھ. (شاھ ڪريم)
    - جي پُڇڻا، سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير. (شاھ ڪريم)
    سنڌ ۾ ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن جي حڪومت برپا ٿيڻ کان اڳ جيڪو سنڌي ادب اسان کي لکيل شڪل ۾ هٿ آيو آهي، اُن ۾ به اسان کي پهاڪن جو استعمال نظر اچي ٿو. مثال طور؛ عبدالرحيم گرهوڙي (۱۷۷۸-۱۷۳۷) جي ڪلام ۾ ڪي سنڌي چوڻيون قلمبند ٿيل ملن ٿيون. (الانا، غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ (ٻيو ڇاپو) ۱۹۷۸، صفحو ۹.)
    - رِزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهنڙو وسي.
    - ٽُڪُ ڏنگڙي هلي، کڙا پاسِري جهلي.
    - ڪافر ڪُفر کان اُڪار، ڪارو گڏھ ڌوئي اُجار
    ٽالپرن جي دؤر جي خليفي محمود نظاماڻيءَ جي هڪ تصنيف ۾ به ۾ به چوڻي ملي ٿي:
    - ڏڏو ڪجي، ڏيڪر ڪي، هُو نه ڀڄي ته پاڻ اُٿي ڀڄجي.
    (الانا، غلام علي، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد سنڌ (ٻيو ڇاپو) ۱۹۷۸، صفحو ۹.)
    پر اِن ۾ شڪ نه آهي ته سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ ڇپائڻ جي شروعات انگريزن جي حڪومت سنڌ ۾ برپا ٿيڻ کان پوءِ ٿي. انهيءَ ڏس ۾ پهاڪن جو پهريون مجموعو جيڪو هٿ آيو آهي. اُهو آهي، ’گل شڪر‘. جنهن جو لکندڙ آهي ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي. هو ٽالپرن جو ملازم هو. پوءِ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ته انهن وٽ مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ٿيو. سنه ۱۸۶۴ع ۾ ڪنهن سردار جي چوڻ تي سنڌي پهاڪا گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. هن ۲۷ آڪٽوبر ۱۸۶۹ع تي اربع جي ڏينهن اهو مجموعو لکي پورو ڪيو. ’گل شڪر‘ ۾ ڪُل ۵۷۰ سنڌي پهاڪا گڏ ڪيل آهن. اُڻهن جي معنيٰ سمجهائيندي ليکڪ هم- معنيٰ فارسي، هندي ۽ پنجابي پهاڪا به ڏنا آهن. ’گل‘ ۽ ’سوکڙيءَ‘ سان گڏ سرڪار جي تعليم کاتي کي ڏنو هو، پر اُهو ڪيترا ئي سال سرڪاري ڪٻٽن ۾ بند پيو هو. نيٺ ڪنهن سرڪاري عملدار جي نظر اُنهن تخليقن تي پيئي ۽ هُن ٽيئي ڪتاب سنه ۱۹۰۵ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.
    اڻويهين صديءَ ۾ ڇپائيءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته سنڌي پهاڪن جو پهرين مجموعو ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرڻ جو شرف ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ (۱۹۱۶-۱۸۴۴) کي آهي. هو سرڪار جي تعليم کاتي ۾ عملدار هو ۽ ٻارن جي لاءِ گهڻيئي درسي ڪتاب لکيائين. سال ۱۸۸۹ع ۾ ’سنڌي پهاڪا‘ نالي ننڍو مجموع ڇپائي پڌرو ڪيائين. اِن ۾ لڳ ڀڳ ۱۲۰۰ سنڌي پهاڪا گڏ ڪري الف- بي وار ڏنا ويا آهن. اُنهن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي هن ڪا نه ڏني آهي. اِنهيءَ باري ۾ هُو لکي ٿو ته: ”اصل هر هڪ پهاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪهڙي وقت ۾ ڪيئن ڪم آڻجي، اِنهن جي بيان ڏيڻ جو اِرادو هوم... پر اِئين ڪجي ها ته غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي نه سگهن ها.“ اِن مان ظاهر آهي ته وٽس وڏو ذخيرو موجود هو، پر ڪتاب جي قيمت وڌي وڃڻ جي ڊپ کان پهاڪن جي اُپٽار ڪرڻ کان ڪنارو ڪيئاين.
    اڻويهين صديءَ ۾ روچي رام گجومل ڪرپالاڻي به سنڌي پهاڪن جو هڪ ڪتاب انگريزي معنيٰ ۾ هم- معنيٰ انگريزي پهاڪن سان گڏ ۱۸۹۲ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن جو نالو آهي: A Hand of book of Sindhi Proverbs ڪتاب ۾ ۸۰۰ کن پهاڪا ڏنل آهن. هن ڪتاب جا پنج کن ڇاپا شايع ٿيا آهن.
    سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب مرزا قليچ بيگ ۱۹۲۵ع ۾ ”پهاڪن جي حڪمت“ نالي ننڍو ڪتاب ڇپيو. اِن ۾ جدا جدا ٻولين جا چونڊ پهاڪا ڏنل آهن. هڪ باب ۾ اٽڪل سنڌيءَ جا ۸۰۰ کن پهاڪا الف-بي وار گڏ ڪري رکيا ويا آهن، پر انهن جي سمجهاڻي ڏنل نه آهي.
    انهيءَ جي آس پاس سنڌيءَ جي ٻئي مشهور اديب ڀيرومل مهرچنداڻي آڏواڻيءَ ”پهاڪن جي پيڙھ“ نالي هڪ مجموعو ڇپرائي پڌرو ڪيو. اُن ۾ هڪ سؤ ٻائيتاليھ پهڪا ڏنل آهن. هر هڪ پهاڪي جي بنياد ۾ جيڪا ڪهاڻي يا واردات آهي، اُها به سمجهائي ويئي آهي. ڀيرومل هڪ ٻيو ڪتاب ’گلقند‘ نالي سان به سال ۱۹۲۸ع ۾ ڇپايو، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ۹۱۲ سنڌي پهاڪا الف-بي جي ترتيب ۾ ڏنل آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ۱۴۵۰ سنڌي اصطلاح معنيٰ سان گڏ ڏنل آهن. پهاڪي واري ڀاڱي جي مکيه خاصيت اِها آهي ته ليکڪ ڪيترن هنڌن تي ساڳي مطلب وارا پهاڪا هڪ هنڌ تي رکيا آهن، جن ۾ پهريون پهاڪو الف- بي وار ڏنل آهي. ڀيرومل هن مجموعي ۾ هندي ۽ فارسي پهاڪا به ڪِن ڪِن هنڌن تي ڏنا آهن.
    ’گلقند‘ ڪتاب جا سنڌ ۽ هند ۾ ٻيا ڇاپا به ڇپيا آهن. ڀارت ۾ انهيءَ جو ديوناگري لپيءَ ۾ به هڪ ڇاپو دهلي يونيورسٽيءَ طرفان ۱۹۶۲ع ۾ شايع ڪيو ويو. جيئن ته اهو ڇاپو ناياب ٿي ويو، ان ڪري ۱۹۸۵ع ڌاري انهيءَ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نوبل پرنٽرس، پوني طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڀيرومل جو لکيل هي ڪتاب گهڻن ئي امتحانن ۾ درسي ڪتاب طور مقرر ڪيو ويو آهي.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ لوڪ ادب جي مشهور محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي سنڌي پهاڪن جي اڀياس طرف گهڻو ڌيان ڏنو. هن جي لاڙو هر هڪ پهاڪي جي بڻ بنياد جي ڳولڻ طرف وڌيڪ هو. سال ۱۹۶۶ع ۾ سنديلي صاحب ”پهاڪن جي پاڙ“ نالي سان هڪ تحقيقي ڪتاب لکي شايع ڪيو. اُن ۾ هن اٽڪل هڪ سؤ سنڌي پهاڪن جي پاڙ سمجهائي آهي. سنديلي صاحب جي هن ڪتاب جو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪجھ محاورا به شامل ڪري ڇڏيا آهن. جئين ته:
    • تيسمار خان هئڻ.
    • پيٽ ۾ ڪوئا.
    • پيسا ئي پاڻيءَ ۾.
    • چانڊيا مگسي.
    • رام ڪهاڻي.
    سنديلي پوءِ ۱۹۸۷ع ۾ ’اصطلاحن جي اصليت’ نالي سان جدا ڪتاب به لکي ڇپايو.
    هند ۾ به ڪن عالمن سنڌي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهائڻ طرف ڌيان ڏنو آهي. ’پهاڪن جي پاٻوھ‘ نالي سان سنڌي پهاڪن جو هڪ ڪوش تيرٿ داس پيسومل هاٿيراماڻيءَ ممبئي مان سن ۱۹۷۳ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. اِن ۾ اٽڪل اڍائي هزار سنڌي پهاڪا معنيٰ سان گڏ ڏنل آهن.
    سترام داس جُڙيا سنگهاڻي ’سائل‘ ’دُرِن جي دٻلي‘ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ سنڌي پهاڪن جو مجموعو سن ۱۹۸۲ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ ڪل ۲۷۷۱ سنڌي پهاڪا الف- ب موجب ڏنل آهن ۽ انهن جي معنيٰ به سمجهايل آهي. جئپور جي هڪ سنڌي عالم دادا موُرومل ’پهاڪن جي سوغات‘ عنوان سان هڪ سنڌي پهاڪن ۾ مجموعو ڇپايو آهي، جنهن ۾ اٽڪل ۴۵۰۰ سنڌي پهاڪا ڏنل آهن. هند ۽ سنڌ ۾ گذريل ۵۰ سالن ۾ شاگرد جي ڏانوَ جا ننڍا ننڍا سنڌي پهاڪن جا مجموعا گهڻيئي ڇپايا آهن. انهن جي هتي اپٽار نه ڪئي وئي آهي.
    وِشَوَناٿ دِنَڪر نروَڻي نالي مهاراشٽر جي هڪ عالم ’ڀارتيه ڪهاوت’ جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾ ڀارت جي ٻولين جي ڪهاوتن جو هڪ وڏو مجموعو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جو پهريون ڀاڱو ۱۹۷۸ع ۾ ٻيو ڀاڱو ۱۹۷۹ع ۾ ٽيون ڀاڱو ۱۹۸۳ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ جي پهرين ٻن ڀاڱن ۾ موضوع موجب انهن ڀارت جي ٻولين جا پهاڪا ڏنا ويا آهن، جيڪي ٻوليون اُن وقت ڀارتي جي جوڙجڪ ۾ تسليم ٿيل هيون. ٽئين ڀاڱي ۾ هر هڪ ٻوليءَ جا چونڊ پهاڪا ڏنا ويا آهن، هن مجموعي ۾ اٽڪل ۲۰۰۰ سنڌي پهاڪا به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هندي ۽ انگريزي عنوانن سان گڏ لکي تيار ڪيا آهن. ڀارت جي ٻولين جي پهاڪن جو تقابلي (comparative) اڀياس ڪرڻ جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب مددگار ثابت ٿيندو.
    سنڌي پهاڪن جو وڏي ۾ وڏو ڪوش شايع ڪرڻ جو جس هند کي آهي. خبر نه آهي ته سنڌ ۾ اِن قسم جي لغات اڃا تائين تيار ڪري ڇو نه ڇپائي ويئي آهي؟ پوني جي عالم سنتداس پيسومل ڪشناڻي پنجويهن، ٽيهن سالن کان سنڌي پهاڪا ۽ اصلاح پئي گڏ ڪيا. اِن قسم جي ساڳي رٿا تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به تحقيق جاري رکي هئي. ٻئي عالم ساڳئي شهر ۾ هئا ۽ هڪ ٻئي جا دوست هئا. پنهنجن گڏ ڪيل سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جا دستخط ڀيٽيائون ۽ اُهي گڏ ڪري سنڌي ‘پهاڪا ۽ محاورا‘ نالي سان وڏو ڪوش پوني مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڇپائيءَ جو ڪم هلي رهيو هو ته بزرگ عالم سنتداس لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس ساٿي ڊاڪٽر جيٽلي اُن رٿا کي عملي جامو پهرايو ۽ اُن ڪوش جي تڪميل جي جوابداري نڀائي.
    منهنجي هن تحقيقي مقالي جو مکيه آڌار اِهو ڪوش آهي، اِن کان سواءِ اٽڪل ۴۰۰۰ کن ٻيا سنڌي پهاڪا به مون پنهنجي ليکي گڏ ڪيا آهن، جيڪي هن ڪوش ۾ داخل ڪيل نه آهن. اِن مان ظاهر آهي ته اٽڪل ۱۰۰۰۰ سنڌي پهاڪن جي آڌار تي مون هن موضوع جو تحقيقي اڀياس ڪيو آهي.
    هن تحقيقي مقالي جي رٿا:
    هن تحقيقي مقالي ۾ سنڌي پهاڪن جو اڀياس پنجن بابن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي:
    پهرئين باب ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخي ارتقا، لساني خصوصيتن، سنڌيءَ جي لهجن جي مختصر ڄاڻ ڏنل آهي. آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ۽ سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ لساني تبديليءَ جو ٿورو بيان ڪيل آهي. پهاڪا ۽ چوَڻيون سنڌي ثقافت جو هڪ حصو آهن. اِن ڪري هن باب جي آخر ۾ سنڌي لوڪ ثقافت جي شڪل ۽ اُن جي خوبين جي ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي.
    ٻئي باب ۾ پهاڪن جي وصف، اشتقاقن ۽ خصوصيتن جو بيان ڪندي انهن جي ڀيٽ ٻوليءَ جي ٻن ڪن فقرن سان ڪئي ويئي آهي. انهن ۾ خاص طور پهاڪي، چوڻيءَ، محاوري ۽ ورجيس جي وچ ۾ تفاوت سمجهايل آهي.
    ٽئين باب ۾ پهاڪن جي جنم، ارتقا ۽ انهن جي ويا ڪرڻ جي جدا جدا اصولن تي بحث ڪيل آهي.
    چوٿين باب ۾ لسانيات جي اصولن جي آڌار تي پهاڪن جي ٻوليءَ جي بيهڪ يا تخليق تي ويچار ڪيل آهي، پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ٻوليءَ جا اهڙا لفط ۽ وياڪرڻي فقرا محفوظ ٿيل آهن، جيڪي اڄڪلھ ٻوليءَ جي ٻئي واهپي ۾ نه ٿا اچن. اِن ڪري ٻوليءَ جي قديمي شڪل کي سمجهڻ لاءِ پهاڪن جو اڀياس گهڻي اهميت رکي ٿو. هن باب ۾ شاعريءَ جي مکيه اصلولن جي آڌار تي پهاڪن جي هيئت تي به بحث ڪيل آهي. اِن ۾ لفظ جي معنيٰ، سينگار، تُڪ، لئه ۽ ڇند رچنا مکيه موضوع هيٺينءَ ريت آهن:
    1. سنڌ جي تاريخ
    2. سنڌ جي جاگرافي
    3. وڻ پکي ۽ جيت جڻيا
    4. زراعت ۽ کاڌا پيتا.
    5. سماجي سرشتو ۽ حالتون.
    6. عام لوڪن جي زندگي.
    انهن کان سواءِ ٻين به ڪن مفترقه موضوعن تي چونڊ پهاڪا ڏنل آهن. پهاڪن جي دنيا جون ڪي به مقرر حدون نه آهن. پهاڪا سماج، تهذيب ۽ ثقافت ۾ عام ماڻحن جي سوچ ويچار جي جدا جدا پهلوئن سان واسطو رکن ٿا. انهن جو اسين چاهي ڪيترو به تفصيل سان اڀياس ڇو نه ڪريون، اُن هوندي به ڪي نه ڪي ڳالهيون رهجي وينديون.
    هن تحقيقي مقالي ۾ ڪوشش ڪري سڀني اهم موضوعن تي مشتمل پهاڪا گڏ ڪري اُنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. اميد ته منهنجي هي تحقيقي ڪوشش عالمن ۾ قبول پوندي.

    روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي


    مترجم پاران

    شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا آف شاھ عبدالطيف ڀٽائي“ تي هلندڙ پروجيڪٽ جي هفتيوار گڏجاڻي هجي، پروفيسر ڊاڪٽر فهمديده حسين صاحبه اسان سڀني ريسرچرز جي رهنمائي ڪرڻ دوران پنهنجي تمام گهڻين مصروفيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ”ڪم تمام گهڻا آهن ۽ سڀئي اهم آهن، ان جي ڀيٽ ۾ وقت تمام گهٽ آهي پوري نٿو پوي.“ ائين هن ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي جو ڪتاب اسان کي ڏيکاريو ۽ چيو ته: ”هيءُ هڪ اهم ڪتاب مليو اٿم، جنهن کي ديوناگري ڏينهن گذري ويا آهن، (Transliteration) ڪرڻ چاهيان ٿي، پر ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، وقت نه ملڻ سبب مشڪل سان ڪي ڏھ کن صفعا ڪري سهگي آهيان.“ ۽ اچانڪ مون کان پڇيائين ته ”بابا! توهان کي هندي پڙهڻ اچي ٿي؟“ هندي ته مون ننڍپڻ ۾ ڪجھ قدر پڙهي هئي، مون کي خبر نه هئي ته اُها ننڍپڻ جي پڙهيل شيءَ جيڪا ائين ئي شغل ۽ مزي طور پڙهي هئم، انهيءَ جي اچانڪ ڪا ائين ضرورت پوندي. هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ ڪجھ قدر گهٻرائجي جواب ڏنم ته ”ميڊم! ٿوري گهڻي.“ اها ڳالھ ائين گذري وئي پر منهنجي ذهن ۾ انهيءَ ننڍپڻ جي سکيل علم جي اهميت جو ڏس ڏيئي وئي. گهر اچي هندي سکڻ جا ڪتابڙا ڏٺم، انهيءَ خيال سان ته ڪٿي وسري ته نه وئي آهي. ٿورو ذهن تي زور ڏيڻ سان پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. انهيءَ کان پوءِ ائين سوچيم ته ڊاڪٽر صاحبه کي ٽائيم ناهي ۽ آئون واندو ويٺو آهيان، ڇو نه اهو ڪتاب ميڊم کان وٺي آئون ئي الٿو ۽ ترجمو ڪريان. سو گذارش ڪرڻ کان اڳ ۾ ڏيڍ ٻه مهينا کن هنديءَ جا ڪتابڙا پڙهندو رهيس ۽ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڪم لاءِ تيار ڪيم، ميڊم کان ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيم، اڃا انهيءَ مرحلي ۾ ئي هئس جو ميڊم سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن جي حيثيت سان حيدرآباد هلي وئي. ڪجھ وقت کانپوءِ سندس خدمت ۾ حاضر ٿيس ته پاڻ مونکي ان جا ڪجھ صفعا نموني طور ڪري اچڻ لاءِ چيائين. اٿارٽيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جا وڏا وڙ جن منهنجي محنت کي قبول ڪيو ۽ اهو ڪم منهنجي حوالي ڪيو. سچ ته اهو منهنجي لاءَ هڪ وڏو اعزاز آهي.
    ڊاڪٽر روي پڪاش ٽيڪچنداڻي جي پي ايڇ. ڊي واري تحقيقي مقالي جي ديونگاري لپيءَ مان عربي- سنڌيءَ ۾ اُلٿو (Transliteration) ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڳالھ جو اندازو ٿيو ته اسان وٽ (سنڌ ۾) ٿيندڙ تحقيق ۽ سرحد پار ٿيندڙ تحقيق ۾ وڏو فرق آهي. اسان وٽ ٿيندڙ تحقيق سمنڊ وانگر صرف گهرائي رکي ٿي، جنهن جي اونهائي ۾ معنيٰ جا موتي آهن، پر هند ۾ ٿيندڙ تحقيق درياھ وانگر آهي، جنهن ۾ تازگي ۽ مٺاس آهي. هن تحقيق ۾ ڊاڪٽر روي پرڪاش جي محنت، محبت ۽ تپسيا جو ڪمال ته آهي ئي، پر سندس رهنما پروفيسر مُرليڌر جيٽلي جي علم ۽ عقل سان گڏ سچائي، سنجيدگي ۽ مستقل مزاجيءَ جي پروڙ پوي ٿي. هڪ اهڙو موضوع، جنهن تي ڪيترائي ائين چئي سهگن ٿا ته ’پهاڪا، پهاڪا ٿيندا آهن، انهن تي وري ڪهڙي پي ايڇ. ڊي‘، پر هن ڪتاب ۾ ٿيل تحقيق ڏسڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي دلي طرح داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، آئون صرف ايترو چوندس ته جيڏهن ڪنهن کي ’تحقيق‘ کي سائنس ثابت ڪرڻ لاءِ دليل کپي ته ڊاڪٽر روي پرڪاش جي انهيءَ مقالي جو مثال ڏيئي ڇڏي.
    انهيءَ ڪم کي توڙ تائين پُڄائڻ ۾ منهنجي مدد ننڍڙي ڀيڻ خوشحالي ٻائي، ننڍڙن ڀائرن لجپت راءِ، کيمچند راءِ، تيرٿداس، پرمانند راءِ ۽ مڪيش ڪمار ڪئي، جن جو ٿورائتا آهيان. آئون پنهنجي استاد محترم ڊاڪٽر لؤنگ اميراڻي (آغا خان يونيورسٽي) ۽ استاد ۽ ماٺيڻي دوست ڊاڪٽر موهن ديوراج ٿونٽيا جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن ڪن لفظن، لکڻين ۽ معنائن ۾ مدد ڪئي.
    آخر ۾ آئون پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن نه صرف هيءُ اهم ڪم پنهنجي حوالي ڪيو، بلڪه هر مونجهاري واري گهڙيءَ ۾ استاد بڻجي همت افزائي ڪئي، آءٌ پنهنجن انهن سڀني استادن جو پڻ تھ دل سان شڪر گذار آهيان، جن پرائمري کان وٺي هيستائين منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ نه صرف علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هلڻ سيکاريو، پر زندگيءَ جي ذاتي مسئلن ۾ پڻ مددگار رهيا ۽ همٿائيندا رهيا. آئون پنهنجو هي علمي پورهيو کين منسوب ڪريان ٿو. الله کين صحت ۽ وڏي عمر بخشي (آمين).
    ”ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.“

    ڦلومل ميگهواڙ


    سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ پهاڪا

    ۱.۱ سنڌي ٻولي

    سنڌي ٻولي، ڀارت جي آريائي ٻولين جي ڪٽنب مان هڪ ٻولي آهي. اها هند پاڪ اُپکنڊ جي هاڻوڪين ٻولين ۾ مکيه جاءِ ولاري ٿي. ٻوليءَ جي ماهرن هاڻوڪين ڀارت جي آڙياڻي ٻولين جي ارتقا جنهن ريت سمجهائي آهي، اُن موجب سنڌي ٻوليءَ جو جنم اُنهيءَ اوائلي پراڪرت ٻوليءَ مان ٿيو آهي، جيڪا ويدن واري زماني ۾ يا اُن کان به ڪجھ صديون اڳ، هاڻوڪي سنڌ واري ايراضيءَ ۾ ۽ اُن جي آس پاس ڳالهائي ويندي هئي. اُنهيءَ جي جهلڪ اسان کي ڪي قدر رِگ ويد جي منترن جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي. رگ ويد جي ٻولي اُن دؤر جي اُتر- اولھ هندستان جي ٻولچال وارين اوائلي پرڪرات ٻولين جي ادبي شڪل آهي.
    ٻوليءَ جي ماهرن هند- آريائي ٻولين جي ارتقا کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. اُهي هن ريت آهن:
    (1) هند جي آريائي ٻولين جو قديم دؤر
    (2) هند جي آريائي ٻولين جو وچيون دؤر
    (3) هند جي آريائي ٻولين جو نئون دؤر
    انهن ٽنهي دؤرن ۾ هندستان جي آريائي ٻولين جي ارتقا کي هيٺين ريت سمجهائي سگهجي ٿو:
    (1) هندستان جي آريائي ٻولين جي قديم دؤر
    هيءُ دؤر رگ ويد جي ٻوليءَ کان وٺي عيسوي سن کان اٽڪل ۶۰۰ سال اڳ تائين آهي. هن دؤر ۾ اوائلي پراڪرت ٻوليون، ويدڪ سنسڪرت يا ڇندسَ ۽ لوڪ سنسڪرت ٻولي شامل آهن. عيسوي سن کان اٽڪل ۶۰۰ ساڳ اڳ پاڻيني مُني پنهنجي مشهور وياڪرڻ جي ڪتاب اشٽا ڌياييءَ (اٺن بابن وارو) ۾ عوامي ٻول چال واري سنسڪرت (ٻوليءَ) جي شڪل تفصيل سان سمجهائي آهي. اِها ٻولي اُن وقت هندستان جي جدا جدا حصن ۾ سماج جي اوچي طبقي جا ماڻهو ڳالهائيندا هئا. رامائڻ، مهاڀارت، سنسڪرت جا ٻيا شعري ڪتاب ۽ ناٽڪ وغيره اِنهيءَ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. پاڻِيني مُنيءَ جي وياڪرڻ ڪتاب ’اشٽا ڌياييءَ‘ جي رچنا کان پوءِ سنسڪرت ٻولي جي ويڪارڻي شڪل ۾ تبديل ٿيڻ گهڻو ڪري بند ٿي ويئي هُئي. انهيءَ جو ٻيو مکيه ڪارڻ اِهو به آهي جو سنسڪرت جو واهپو روزمرھ جي زندگيءَ جي ٻول چال واري ٻوليءَ جي شڪل ۾ گهڻي قدر گهٽجي ويو هو. اُها پوءِ زندگيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ادبي ٻولي جي شڪل ۾ استعمال ٿيڻ لڳي. هن دؤر ۾ سنسڪرت سان واسطو رکندڙ ٻولين کي گڏي ”آڳاٽي هندستان جون آريائي ٻولين“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
    (2) هندستان جي آريائي ٻولين جو وچون دؤر:
    هيءُ دؤر هندستان جي ٻولين جي ارتقا جو اهو دؤر آهي، جيڪو پاڻيني مُنيءَ جي زماني (عيسوي سن کان اٽڪل ۶۰۰ سال اڳ) کان وٺي ۱۰۰۰ عيسوي سن جي لڳ ڀڳ تائين آهي. انهيءَ دور جي آريائي ٻولين کي گڏي ”وچئين دؤر جون هند آريائي ٻوليون“ نالو ڏنو ويو آهي. هن دؤر جي ٻولين جي ڄاڻ اسان کي ان زماني جي لکيتن مان ملي ٿي. اُهي مکيه طور هن ريت آهن:
    (الف) پالي ۽ اشوڪ جا شِلاليک:
    (۶۰۰ سال عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي عيسوي سن جي شروعات تائين).
    اُهي اوائلي پراڪرت ٻوليون، جن مان ويدن جي سنسڪرت جو ارتقا ٿيو، انهن جي ٻول- چال واري شڪل ۾ ڦير گهير ٿيندي پئي رهي. پاڻيني مُنيءَ جي زماني ۾ ئي اوڀر هندستان وارن ڪن علائقن ۾ رهندڙ آريا لوڪن جي ٻولين ۾ وياڪرڻ ۽ اُچارن جي لحاظ کان چڱي تبديلي اچي وئي هئي. اها پوءِ هندستان جي ٻين حصن جي آريائي ٻولين ۾ به نظر اچڻ لڳي. اهڙيءَ طرح هندستان جي آريائي ٻولين جي ارتقا جو وچيون دؤر شروع ٿيو.
    وچئين دؤر ۾ هندستان جي آريائي ٻولي جي شڪل ۾ جيڪا تبديلي آئي، اُن جي ڄاڻ اسان کي پاليءَ ٻوليءَ ۾ لکيل ٻُڌ ڌرم جي ساهت ۽ اشوڪ جي پٿر تي لکيل ليکن جي ٻوليءَ مان ملي ٿي. اُن زماني ۾ هندستان جي آريائي ٻوليءَ جي ٻول- چال واري شڪل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽِن لهجن جا روپ ظاهر ٿي بيٺا، جيڪي هئا، اوڀر، اولھ ۽ اُتر- اولھ وارا روپ.
    (ب) ادبي پراڪرت ٻوليون:
    عيسوي سن جي شروعات ڌاري هندستان جي جدا جدا ايراضين ۾ اوائلي پراڪرت ٻولين مان ڪن ٻولين جي ايتري ته ارتقا ٿي جو انهن ۾ به لکيل شڪل ۾ ادب سرجڻ لڳو. اهڙين ادبي ٻولين جا پوءِ وياڪرڻ لکيا ويا، ته انهن جو به روپ مقرر ٿي ويو. هن دؤر ۾ سنسڪرت ۽ پالي ٻولين سان گڏ جيڪي ٻيون ٻوليون ادب سرجڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون، انهن کي ”پرڪرت“ نالو ڏنو ويو. هن دؤر جون مکيه پراڪرت ٻوليون هن ريت آهن:
    • شور سيني (اولھ ڀارت جي ادبي پراڪرت)
    • ماگڌي (مگڌ يا ڏکڻ بِهار جي ادبي پراڪرت)
    • ارڌ ماگدي (ڪاشي ۽ ڪؤشل علائقن جي ادبي پراڪرت)
    • مهاراشٽي (هاڻوڪي ماهراشٽر ۽ اُن جي ڀروارين ايراضين جي ادبي پراڪرت )
    (ج) اَپڀرنش:
    جڏهن پراڪرت ٻولين جو ادب ۾ استعمال ٿي رهيو هو، تڏهن انهن جي ٻول- چال واري شڪل ۾ لڳاتار تبديلي ايندي پئي رهي. پراڪرت وياڪرڻ لکندڙن انهن ڳالهائڻ ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين کي ”اپڀرنش“ (بگڙيل، ڪِريل) ڪري سڏيو. عيسوي پنجين صديءَ جي لڳ ڀڳ انهن اپڀرنش ٻولين ۾ به ادب تخليق ٿيڻ شروع ٿيو. ادبي سطع تي پهچڻ کان پوءِ وياڪرڻ جي اُستادن انهن جي شڪل سمجهائڻ لاءِ اپڀرنش جا وياڪرڻ لکيا. انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اپڀرنش جا مکيه طور تي جيڪي علائقائي روپ هئا، اُهي هن ريت آهن:
    • ناگر اپڀرنش (مالوا، پوربي، راجسٿان ۽ گجرات جي ٻولي)
    • وراچڊ (ملتان، سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن علائقن جي ٻولي)
    • اُناگر (اولھ راجسٿان جي ٻولي)
    انهن ٽنهي مان ناگر اپڀرنش ۾ ئي گهڻو ليکل. اپڀرنش ادب ملي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته جدا جدا ايراضين ۾ اپڀرنش جون ٻول چال ۾ گهڻي ئي شڪليون هيون، جن جي ڄاڻ اسان کي لکيل ادب مان ڪا نه ٿي ملي. مار ڪڻڊييهَ نالي هڪ وياڪرڻ جي عالم اپڀرنش جون ستاويھ شڪليون ڄاڻايون آهن.
    (3) هندستان آريائي ٻولين جو نئون دؤر:
    جڏهن اپڀرنش جي ڪن ٻولين ادبي درجو حاصل ڪيو، تڏهن اُنهن جي ادبي شڪل وياڪرڻ جي اصولن ۾ جڪڙجي هڪ هنڌ بيهي ويئي، پر ٻئي طرف اپڀرنش جي ٻول چال وارين شڪلين ۾ لڳاتار تبديلي ايندي رهي. اهڙي طرح جدا جدا ايراضين ۾ اپڀرنش ٻولين ڏهين عيسوي صديءَ جي آسپاس بدلجي هاڻوڪين ٻولين جي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. ۱۳-۱۴هين عيسوي صديءَ تائين جن ٻولين ۾ آڳاٽيون لکتون مليون آهن، انهن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته نئين دؤر ۾ داخل ٿيڻ وقت انهن ۾ اپڀرنش جي شڪلين سان گڏوگڏ نيون وياڪرڻي خاصيتون به ملن ٿيون. اُهي پوءِ آهستي آهستي وڌنديون ٿيون وڃن. اهڙيءَ طرح هاڻوڪين ڀارتي آريائي ٻولين (سنڌي، هندي، پنجابي، گجراتي، مراٺي، راجسٿاني، برج، اَوَڌي، ڀوجپوري، بنگلا، اَسامي، اُڙيا وغيره) ارتقا جو قديم ۽ وچيون دؤر پور ڪري ڏهين عيسوي صديءَ جي لڳ ڀڳ پنهنجو نرالي شڪل اختيار ڪئي آهي.


    ۱.۲ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ خاصيتون:

    اسان جي سنڌي ٻوليءَ به ڀارت جي آريائي ٻولين جي ارتقا ۾ آڳاٽو ۽ وچيون دؤر پار ڪري ڏهين عيسوي صديءَ جي لڳ ڀڳ پنهنجي نرالي شڪل کي ظاهر ڪيو آهي،. پندرهين عيسوي صديءَ جي آخر تائين اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ادب ايترو گهڻو نه ملي سگهيو آهي، جو ان جو اڀياس ڪري اسين تفصيل سان اُن دؤر جي سنڌيءَ جي وياڪرڻي شڪل سمجهي سگهون، پر اسان کي ڪجھ اهڙا حواله ضرور ملن ٿا، جن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جون مکيه لساني خاصيتون ڄاڻي سگهون ٿا. انهيءَ جا ڪجھ مثال هتا ڏجن ٿا:
    (1) ڀرت مُني (اٽڪل ٻين عيسوي صدي) پنهنجي مشهور سنسڪرت ڪتاب ”ناٽيه شاستر“ ۾ ناٽڪا ڪارن لکي هدايت لکي ٿو ته:
    ”هِمَوَتُ- سنڌُ ويرانُ يي جناھ سَپپا شرتال
    اُڪار بَهُلان تجگيه: تيشو ڀاشان پريوج جييت......“
    مطلب ته هماليه ٻولين، سنڌ ۽ سؤوير علائقن ۾ جيڪي ماڻهو رهندا آهن، تن جي ٻولين ۾ ناٽڪ نويسن کي ”اُ“ سُر (آوز) جو گهڻو استعمال ڪرڻ گهرجي.
    هيءَ هدايت ڀرت منيءَ انهيءَ ڪري ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته هن پاڻ هماليه، سنڌ سؤوير جي رهاڪن جي ٻول چال واري ٻوليءَ ۾ ’اُڪار‘ (الف جنهن مٿان پيش هجي) جو واهپو ٿيندو ٻڌو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اِها خاصيت اڄ تائين موجود آهي. جيئن ته: پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، سَسُ، ڪنُ، هٿُ، واتُ، لکڻ، پڙهڻُ، اُٿُ، لِکُ، وڃُ، گهُمُ وغيره.
    (۲) اٺين عيسوي صديءَ ۾ جڏهن محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ عربن سنڌ تي ڪاھ ڪري ان جو ڳچ حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، تڏهن سنڌ جي ٻولي ” اپڀرنش سنڌي“ هئي. اُن کي ’جهوني سنڌي‘ به چئي سگهجي ٿو، اُن دؤر جي سنڌيءَ ۾ اَپڀرنش جي خاصيتن سان گڏ سنڌيءَ جو پنهنجون گهڻيئي نراليون وصفون به اوسر پائي رهيون هيون. اُڪار (الف تي پيشُ) جو گهڻو استعمال اپڀرنش جي به خاصيت آهي، جيڪا سنڌيءَ ۾ پراڪرت دؤر کان وٺي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت برپا ٿيڻ کان پوءِ سنڌيءَ تي ربي ٻوليءَ جو اثر پوڻ لڳو. اِنهيءَ ڪري گهڻيئي عربي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي تاڃي- پيٽي ۾ شامل ٿي ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ٻوليءَ جي آوازي تند جي سرشتي ۾ چار عربي آواز به جذب ٿي ويا. اُهي آهن: خ، غ، ز، ف. اِنهن جا اُچار عربي- فارسي ڄاڻندڙ سنڌي عالم ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ عام طور ڪندا آهن. ٻئي طرف ڏسجي ته ڪجھ عربي حرف فقط عربي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪتب اچن ٿا، پر اُنهن جو اُچار ڪو به سنڌي ٻول چال ۾ نه ڪندو آهي. اِهي حرف آهن:
    ق، ط، ظ، ض، ذ، ث، ص، ح، ع.
    (۳) آوازي تند جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻه مکيه خاصيت جيڪا پراڪرت دؤر کان وٺي پيدا ٿي آهي، اها آهي چار چوُسڻا آوازي تت (ڳ، ڄ،ڏ، ٻ) ۽ ڱ، ڃ/ نوناسڪ (نڪوان) وينجن. انهن جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ صحيح اُچار نه ڪبو ته گهربل معنيٰ نه ملندي. مثال طورلفطن جا هيٺ ڏنل جوڙا ڏسو:
    ڳ- ڳِلا- گِلا؛ ڳارو- گارو
    ٻ- بارُ- ٻارَ؛ ٻِلو- بِلو
    ڄ- ڄارو- جارو؛ ڄام- جام
    ڏ- ڏائِي، ڊائِي، دائي؛ پَڌُ- مڱ- مڃ- مڻ-من-مم.
    (۴) سنڌي ٻوليءَ سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش جا ڪجھ وياڪرڻ وارا روپ پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آهن، جيڪي ٻين هاڻوڪين هند آريائي ٻولين مان گهڻو ڪري گم ٿي ويا آهن:
    (الف) سنجوڳي وِڀَڪِتيوُن: (ڳنڍيل ٽڪرا)
    گهر = (گهرُ+ اِ،) (سنسڪرت- گرهي)
    هٿان (هَٿُ + آن) (سنسڪرت: هَستات)
    (ب) ڪرمڻي (فعل) ڀاوي ڪلام جا روپ:
    پڙهجي (پڙھ + اِج + اي) (سنسڪرت: پَٺَويَتي)
    جيئجي (جي+ اِج + اِي) (سنسڪرت: جيوَيَتي)
    (ٻ) ڪرمڻي ڀوت ڪردنت (فعل ماضي) جا آڳاٽا روپ:



    (4) سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙين جو به استعمال اسم، فعل سان گڏ ڪري سگهجي ٿو. اِها خاصيت هاڻي فقط سنڌيءَ ۽ ڪن ٻين هند آريائي ٻولين ۾ نظر اچي ٿي. مثال طور:
    پُٽُس (پُٽُ + سِ) __ هُن جو پُٽُ
    کيس(کي+ سِ) __ هُن کي
    کينِ (کي+ نِ) __ هُنن کي
    لکِيَائينس (لِکيو + آئين + سِ) __ هُن هُن کي لکيو
    لکيو مانءِ (لکيو+ ما ن + اِ) __ مون توکي لکيو.
    (5) لفظي خزاني جي لحاظ کان به سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي خاصيتون آهن. مثال طور سنڌي گهڻيئي جهونا لفظ پاڻ وٽ سانڍي رکيا آهن، جن جو مکيه بنياد هند آريائي ٻولين جي اوائلي ۽ وچئين دؤر جي ٻولين ۾ ملي ٿو.
    جيئن ته:

    مٽي مائٽي ڏيکارڻ لاءِ جڏهن هندي ۽ ٻيون هاڻوڪيون آريائي ٻوليون ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ ڪم آڻين ٿيون، تڏهن سنڌي ٻولي هڪ ئي لفظ ذريعي انهن جو اظهار ڪري ٿي. مثال طور:

    اِن طرح جانور، پکي، جيت، جڻيا، جڙيوُن، جڙيوُن ٻوٽيون وغيره. گهڻيئي شيون آهن، جن جا جدا جدا نالا، سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. انِ ڪري چئي سگهجي ٿو ته لفظي خزاني (vocabulary) جي لحاظ کان سنڌي تمام شاهوڪار ٻولي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي اهڙين لساني خاصيتن کي ڏسي، ڪي سنڌي عالم سنڌي ٻوليءَ جو بنياد دراوڙي يا ٻين غير آريائي ٻولين ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر لساني اصولن جي خيال کان اها ڳالھ درست نه آهي. سنڌي ٻولي لفظي خزاني توڙي وياڪرڻ بيهڪ جي لحاظ کان اٽڪل ۷۵ سيڪڙو ٻين هاڻوڪين هندستان جي آريائي ٻولين سان هڪجهڙائي ڏيکاري ٿي. اِن ڪري اين جو جنم ۽ ارتقا به ٻين هند آريائي ٻولين وانگر سمجهڻ گهرجي.


    ۱.۳ سنڌي ٻوليءَ جا لهجا:

    ڀيرو مل مهرچنداڻي آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ گريئرسن جي مشهور ڪتاب ”لِنگوسٽڪل سروي آف انڊيا“ (جلد-۸، ڀاڱو ۰۱) جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جا مکيه اهم لهجا هن ريت ڄاڻايا آهن.
    (1) سِريلي: اُتر سنڌ ۾ نصرپور کان وٺي اٻاوڙي تائين ۽ سيوهڻ- دادوءَ کان وٺي ڪشمير تائين جيڪا ايراضي آهي، تنهن کي ’سِرو‘ چئجي ٿو. اُن ايراضيءَ جي ٻُوليءَ کي ’سِريلي‘ چوندا آهن.
    (2) وچولي: سنڌ جي وچ واري حصي جي ٻولي. اِهو علائقو ڪنڊياري ۽ دادو جي اتر واري ڀاڱي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪوٽڙيءَ تائين آهي. وچولي سنڌيءَ کي تعليم ۽ لکيل ادب ۾ ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو سنڌ جو معياري ۽ ادبي لهجو آهي.
    (3) لاڙي: سنڌ جو ڏاکڻُ ڀاڱو، جيڪو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، اُن کي ’لاڙ‘ چئجي ٿو ۽ اُن علائقي جي ٻولي ’لاڙي‘ آهي.
    (4) لاسي: اهو لس ٻيلي واري ايراضيءَ جو لهجو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي اولھ ۾ بلوچستان واري ايراضي آهي.
    (5) ڪڇي: ڪڇ واري علائقي جي لهجي کي ”ڪڇي“ سڏجي ٿو. ڪڇ جو علائقو ڀارت جي گجرات صوبي جو هڪ ضلعو آهي ۽ ڏکڻ سنڌ سان وڃي ملي ٿو.
    مٿي سنڌيءَ جا جيڪي پنج لهجا ڄاڻايا ويا آهن، اهي مکيه ليکجن ٿا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ٻارنهن ڪوهين ٻولي ٻي“. اِن ڪري جيڪڏهن باريڪيءَ سان جاچبو ته سنڌي ٻوليءَ جا ننڍا ننڍا علاقائي فرق اڃا به وڌيڪ ملي ويندا، ان کي خيال ۾ رکي حيدرآباد سنڌ ۾ برپا ڪيل سنڌي ٻوليءَ جا بااختيار اداري طرفان سنڌيءَ جي اڀياس جي رِٿا هٿ ۾ کنئي ويئي. گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ ان باري ۾ نئين معلومات ڏيندڙ ڪجھ ڪتاب پڻ ڇپائي پڌريا ڪيا ويا آهن. جيئن ته ”سبيِءَ جي ٻولي“، ”ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي“، ”ٿر جي ٻولي“ وغيره. اِهي ته سنڌي ٻوليءَ جا علائقائي تفاوت اهن. پر ٻيا ڀيد فرق ڪمن، ڌنڌن ۽ ذاتين جي لحاظ کان به اهن. اِنهن جي به باريڪبينيءَ سان ڇنڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. مثال طور، ڀيلن، ميگهواڙن جي ٻولي. مهاڻن ۽ ماڇين جي ٻولي، ميمڻن جي ٻولي، اوڏن، سوڍن جي ٻولي وغيره.
    ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ٻولي هاڻي گهڻو قدر وچولي معياري سنڌيءَ جو روپ وٺي چڪي آهي. اُن مان علائقائي فرق گهڻو ڪري گم ٿي چڪا آهن. ڀارت ۾ اُهي ڪالونيون ۽ شهر جتي سنڌ جي جدا جدا حصن مان آيل سنڌي هڪ هنڌ رهن ٿا، اتي سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جو تعاوتُ عُمِر وارن سنڌين ۾ اڃا تائين نظر اچي ٿو.


    ۱.۴ آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حالت:

    سن ۱۹۴۷ع ۾ جڏهن هندستان کي انگريزن جي غلاميءَ مان آزادي ملي ته ان سان گڏ اسان کي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي. اهو اهو ملڪ جو ورهاڱو. هند واسين جي ڦوٽُ جو فائدو وٺي انگريزن هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ويا. اُهي آهن ڀارت ۽ پاڪستان. هيءَ ورهاڱو مذهب جي آڌار تي ڪيو ويو ۽ مسلمانن کي جدا جدا اسلامي ملڪ ’پاڪستان‘ ٺاهي ڏنو ويو. ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان کي ڀارت جي ٻن طرف اوڀر ۽ اولھ پاسي جا علائقا ڏنا ويا، جِن کي ’اوڀر پاڪستان‘ ۽ ’اولھ پاڪستان‘ سڏيو ويو، پر ۱۹۷۱ع ۾ ڪن سياسي ڪارڻن جي ڪري ’اوڀر پاڪستان‘ جو علائقو ‘بنگلاديش‘ جي نالي سان جدا ملڪ ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي هڪجهڙائي وارا حق ڏنا ويا.
    ملڪ جي ورهاڱي جو گهڻي جو گهڻو خراب اثر سنڌين تي پيو آهي. پنجابي ۽ بنگال ٻوليون ڳالهائيندڙن کي پنهنجي ٻوليءَ جي ايراضيءَ جا حصا آزاد ڀارت ۾ به حاصل ٿيا، جتي پڻ سندن ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ارتقا ٿي رهي آهي. پر ٻئي طرف پاڪستان ٺهڻ وقت سڄو سنڌ صوبو پاڪستان ۾ ئي شامل ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان علائقي جي رهاڪن ۾ مسلمانن جي گهڻائي هئي. اِن جو نتيجو اهو نڪتو جو اٽڪل ٻارنهن لک سنڌي هندو حالتن کان مجبور ٿي، پنهنجا اباڻا ڇنا ڇڏي، پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏي، ڀارت ۾ لڏي آيا. سنڌ مان لڏي هو آزاد ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويا. سنڌي بي وطن بڻجي هن ملڪ ۾ آيا، پر پنهنجي کوج ۽ محنت سان هُو نئين سر ڀارت ۾ پنهنجي نئين زندگي شروع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. گذريل پنجاھ سالن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن ڀارت ۾ چڱيءَ طرح وسي ويا آهن. سنڌي ڀارت ۾ هاڻي گهڻيئي فلاحي ڪم به ڪري رهيا آهن. اڄ ڪلھ ڀارت جي ارتقا ۾ سنڌين جو ڪافي وڏو ڪردار آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته اُن کي ڀارت سرڪار ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ع جي ڏينهن تي ”سنوڌان“ ۾ شامل ڪيو. اِن ڪري ڀارت سرڪار طرفان ملڪ جي مکيه ادبي ارقفا جا جيڪي ترقيءَ جا منصوبا عمل ۾ آيا آهن، اهي سنڌي ٻوليءَ سان به لاڳو ٿين ٿا. ڀارت ۾ مرڪزي سرڪار، سنسڪرت، اردو ۽ سنڌيءَ جي ترقيءَ جي ذميداري پاڻ کنئي آهي. ٻين ٻولين جي ترقيءَ جو ڪم انهن جدا جدا صوبن جون سرڪارون ڪري رهيون آهن، جتي اهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. سنسڪرت زبان ڀارتي تهذيب ۽ ثقافت جو سرچشمو آهي، اِها سڀني آريائي ٻولين جي بنياد ۾ آهي. اِن ڪري ان جي حالت ۾ سنڌيءَ کان بهتر آهي. اُها ڄمون- ڪشمير صوبي جي سرڪاري ٻولي هئڻ جو درجو حاصل آهي. اِن کان سواءِ مرڪزي سرڪار توڙي ٻيون ڪجھ صوبائي سرڪارن ۽ ادارا اردوءَ جي واڌاري لاءِ لکين ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهيا آهن.
    هاڻي جيڪڏهن اسين ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حالت تي ويچار ڪريون ته هن ملڪ جي هاڻوڪين ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻولي ئي آهي، جنهن کي پنهنجو ڪو به لساني ميدان يا علائقو نه آهي. اِها اِن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۾ گهڻيئي مشڪلاتون پيدا ٿي ويون آهن. گذريل ۵۰ سالن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته تعليم جي کيتر ۾ سنڌي ٻولي ڏينهون ڏينهن پٺتي پوندي ويئي آهي. ڀارت ۾ هن وقت فقط گجرات، مهاراشٽر، راجسٿان، مڌيه پرديش، اتر پرديش ۽ دهليءَ ۾ دستوري تعليم ۾ سنڌي پڙهائي وڃي ٿي. ٻين صوبن جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن ۾ ڪا به جاءِ نه ڏني ويئي آهي. اِن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جن شهرن ۾ سنڌي گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا، اُتي سنڌي ادارن طرفان سنڌي ٻولي سيکارڻ جي لاءِ ڪن ڪن هنڌن تي بندوبست ڪيو ويو آهي، پر انهيءَ جو دائرو تمام محدود آهي. سکيا جي ميدان ۾ سنڌيءَ جو استعمال گهٽ هئڻ ڪري سنڌيءَ ۾ ساهت سِرجڻ ۽ اُن جي ڦهلاءَ تي به گهڻو اثر پيو آهي. اِن ڪري نوجوان سنڌي گهڻي قدر پنهنجي ادبي ورثي کان ڪٽجي ويا آهن. انهن جي ٻوليءَ تي به هندي ۽ ٻين ڪن مڪاني ٻولين جو گهڻُ اثر پيو پوي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي.


    ۱.۵ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ:

    تاريخي لحاظ کان ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، جنهن ايراضيءَ ۾ ٿي آهي، اها هاڻوڪي سنڌ آهي. ڀارت جي آزاديءَ کان پوءِ اُهو سمورو حصو پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. اِن ڪري گهڻي ۾ گهڻا سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ پاڪستان ۾ رهن ٿا. پاسڪتان جي آدمشماري جي رپورٽ سال ۱۹۸۱ع موجب ان ملڪ ۾ ڏيڍ ڪروڙ (۱۵ ملين) رهواسي سنڌي مادري زبان طور ڳالهائيندڙ آهن. انهن ۾ گهڻا مسلمان آهن.
    هن وقت سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندُن جو تعداد اٽڪل ڏھ لک کن آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته گهڻا سنڌي هندو ملڪ جي ورهاڱي وقت ۽ ان کان پوءِ ڀارت ۾ لڏي آيا. اُهي هاڻي ڀارت جي جدا جدا صوبن ۾ رهن ٿا. سال ۱۹۹۱ع جي ڀارت جي آدمشماري رپورٽ موجب ڀارت ۾ ۲۱,۲۲,۸۴۸ (ايڪويھ لک ٻاويھ هزار اٺ سؤ اٺيتاليھ) ماڻهن جي مادري زبان سنڌي آهي. انهن جا انگ اکر هن ريت آهن:



    انهن کي ڇڏي ٻين جن صوبن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ رهن ٿا، انهن جو تعداد هر هڪ صوبي ۾ ڏهن هزارن کان گهٽ آهي. Vijayamuni, Census of India ۱۹۹۱ M. رپورٽ مطابق ڀارت جي ڪل آدمشماريءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد رڳو ۰.۳۱ سيڪڙو آهي. هن رپورٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اندر ان جي لهجي ڪڇيءَ کي به شامل ڪيو ويو آهي. اِهو به ڄاڻايل آهي ته مٿي ڏنل انگ اکرن ۾ ۵,۶۶,۱۹۹ ماڻهن پنهنجي مادري ٻولي ڪڇي لکائي آهي.
    راجسٿان ۽ گجرات جون حدون جيڪي سنڌ (پاڪستان) جي سرحدن سان لڳن ٿيون، اُتي جا رهاڪو گهڻا مسلمان به سنڌيءَ جا لهجا ڳالهائين ٿا، پر آزاديءَ کان پوءِ جيڪي سنڌي، سنڌ ۾ لڏي ڀارت ۾ اچي رهيا آهن، انهن جو سماجي وهنوار سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي.
    ڀارت جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد گهڻو گهٽ ٿو اچي. اِن جو مکيه ڪارڻ اهو ٿو لڳي ته سنڌين پنهنجي مادري ٻولي سنڌي داخل ڪرائڻ طرف گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي. ڀارت ۽ پاڪستان لکان سواءِ ٻين ملڪن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن (هندو ۽ مسلمان) دائمي طور تي رهن ٿا. انهن جي آدمشماريءَ جا انگ اکر اڃا خاطريءَ جوڳا گڏ نه ڪيا ويا آهن. ٿلهي ليکي تخمينو ڪيو ويو آهي ته ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد به اٽڪل ٽيھ لک کن آهي. اِهي حساب مان ظاهر آهي ته سڀني ملڪن ۾ رهندڙن سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ٻن ڪروڙن کان گهٽ ناهي.


    ۱.۶ سنڌي لوڪ سنسڪرتي/ ثقافت:

    پهاڪو لوڪ سنسڪرتي يا ثقافت جو حصو آهي. اِنهيءَ ڪري هتي ٿوري ۾ اِن موضوع تي روشني وجهجي ٿي. سنسڪرتي لفظ جي لياقت تي جيڪڏهن اسين ويچار ڪريون ته انهيءَ جي معنيٰ کي سمجهڻ ۾ گهڻي مدد ملي سگهندي. هي لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو آهي، جيڪو ’ڪو‘ ڌاتوءَ ۾ اُپسرگ ’سَمُ‘ ۽ ’تِ‘ پڇاڙي لڳائڻ سان ٺهيو آهي. اِن جي لفظي معنيٰ آهي سنسڪار ڪرڻ يا اهم رسم ادا ڪرڻ يا ڪنهن شيءِ کي سنسڪرت (سڌريل) شڪل ڏيڻ جي ريت يا خواهش، صاف ڪرڻ سجائڻ، سينگارڻ، انگريزيءَ ۾ انهيءَ جو هم معنيٰ لفظ آهي ’ڪلچر‘ (Culture). انهيءَ جي لفظي معنيٰ آهي ”زمين کي سڌاري، سنواري، صاف ڪري کيتيءَ جوڳو بنائڻ.“ پر سماجي علم (Sociology) ۾ سنسڪرتيءَ يا ڪلچر لفظ جو مطلب ”ڪنهن سماج جون اُهي سڀ ڳالهيون، جن مان معلوم ٿئي ته، اُن سماج، شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪهڙن خاص ميدانن ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي.“ سنسڪرتيءَ جي ويجهو ٻيو لفظ آهي ’سڀيتا‘، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Civilization يا تهذيب چوندا آهن. سماجيات جي عالمن انهن ٻنهي لفطن ۾ باريڪ فرق ڄاڻايو آهي. اِنهن جي ويچار موجب ’سڀيتا‘ مکيه طور اقتصادي، سياسي، ۽ سماجي حالتن سان واسطو رکي ٿي، پر ٻئي طرف سنسڪرتيءَ (ثقافت)، روحاني، عقلي ۽ ذهني حالتن سان لاڳاپو رکي ٿي. سنسڪرتيءَ (ثقافت) فنُونء لطيفه، هنر ۾ ترقي، سماجي رهڻي ڪهڻي ۽ روايتن موجب حاصل ڪيل لياقتن ۽ خاصيتن جي آڌار تي ڪَٿي ويندي آهي. سڀياتا انسان جي ٻاهرين ۽ مادي حاصلتان جو ماپو آهي، ته سنسڪرتيءَ (ثقافت) سماجي اندروني ۽ ذهني ترقيءَ جو ماپو آهي. عام طور سماجيات جا ماهر سنسڪرتيءَ يا ثقافت لفظ جو استعمال ان جي وسيع معنيٰ ۾ ڪندا آهن، جن ۾ سڀيتا جي معنيٰ به شامل ٿي ويندي آهي. اِن طرح ’ٽيلر‘ نالي هڪ سماجيات جي ماهر سنسڪرتيءَ يا ثقافت يا ڪلچر جي معنيٰ سمجهائيندي لکيو آهي ته:
    ”هي اهڙو پورو مُرڪب آهي، جنهن ۾ گيان (ڄاڻ) وشواس (يقين)، ڪلا (فن)، نيتي (رسم)، قانون، ريتيون، رسمون ۽ ٻيون اُهي لياقتون ۽ عادتون سمايل آهن، جيڪي انسان سماج جي هڪ فرد هئڻ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيون آهن.“
    “Culture and Civilization is that complex hole, which includes knowledge, belief, art, morals, law, customs and any other capabilities and habits, acquired by man as a member of society.”
    (Kroeber A.L., Anthropology, Harcourt, Brace and World, Inc.
    New York, (New Edition, revised, 1948, page # 252.)
    هن حوالي مان ظاهر آهي ته سنسڪرتي يا سڀيتا جو سماج سان گهرو تعلق آهي. انسان هڪ سماجڪ ساهوارو آهي، کيس سماج رهڻ ڪري سنسڪرتيءَ (ثقافت) جو گڻ حاصل ٿيو آهي. هو قديم رسم موجب پنهجن ابن ڏاڏن کان پيڙهي سنسڪرتي يا ڪلچر جون خاصيتون حاصل ڪندو رهي ٿو. وقت گذرندي اِنهن ۾ ٿورو گهڻو ڦير به ايندو رهي ٿو، پر ٿلهي ليکي اُن جي بنيادي شڪل ۾ گهڻي تبديلي نٿي ٿئي.
    ثقافت جي تخليق سماج جي بناوت سان واسطو رکي ٿي. انهن ٻنهي تي وري قدرتي ماحول، طبعي حالتن جو به گهڻُ اثر پوي ٿو. ٻاهريان اثر به تهذيب ۽ ثقافت جي رچڻ ۾ گهڻي مدد ڪن ٿا. اِن ڪري ڏسبو ته چاهي سڄي ڀارت ملڪ جي تهذيب- ثقافت هڪ آهي. ان هوندي به علائقائي ماحول جاگرافي ۽ الڳ الڳ اثر ڪري ڀارت جي جدا جدا حصن مان ثقافت جي ڪيترن ئي پهلوئن ۾ تفاوت نظر اچي ٿو. اِن ڪري هڪ ئي ڀارتي ثقافت جي اندر گهڻيئي ننديون ثقافتون جنم وٺن ٿيون. ٻولي يا زبان به سنسڪرتيءَ (ثقافت) جي حصن مان هڪ مکيه حصو آهي. ٻوليءَ به ثقافت جي اڱڻ مان هڪ مکيه حصو آهي. ٻوليءَ جي ڏات هڪ اهڙو ڳڻ آهي، جنهن ڪري انسان ٻين سڀني ساهوارن کان جلد ارتقا ڪري ويو آهي. ان ڪري ’اشرف المخلوقات‘ يعني الله جي اپايل سڀني ساهوارن ۾ اعليٰ ترين، اعليٰ جانور هئڻ جو درجو حاصل ٿيو آهي. ٻوليءَ جي ڏات ڪري ئي انسان پنهنجي امنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا وسيلن سان ڪري سگهيو آهي. انهن ۾ هو ٻوليءَ وسيلي ادب جو سرجڻ ڪري ٿو.
    جدا جدا علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ثقافت ۾ قديم رسم يا روايتن ذريعي جن خاص گڻن يا پهلوئن جو ارتقا ٿيو آهي، اُهي اُن ٻوليءَ جي سماج جي ثقافت جا خاص حصا بڻجن ٿا. ’لوڪ‘ اکر انگريزيءَ ۾ ’فوڪ‘ (Folk) لفظ جو هم معنيٰ لفظ آهي. عام طور ڪيترائي عالم لوڪ جو مطلب ڳوٺاڻا، دهقاني، اڻپڙهيل ڳنوار ڪن ٿا، پر ان لفظ جي صحيح تُز معنيٰ آهي ”اهي عام ماڻهو جن جو پنهنجي ورثي ۾ حاصل ڪيل ثقافت جي جدا جدا پهلوئن ۾ پورو ويساھ آهي ۽ هُو ان مطابق پنهنجي روزاني زندگي به گذارين ٿا.“
    ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي لوڪ ثقافت جا اُهي مکيه عنصر جن مان انهيءَ لوڪ ثقافت جي رچنا ٿئي ٿي، اُهي هن ريت سمجهايا آهن:
    هڪ سنسڪرتي يعني عوامي تهذيب- تمدن جا مکيه ڪهڙا ڀاڱا آهن، اُنهن ۾ لوڪ سنسڪرتيءَ (ثقافت) جي ڪهڙي جاءِ آهي ۽ لوڪ ادب ۾ پهاڪن محاورن جي جڳھ ڪٿي آهي، انهن ٻنهي سوالن کي اڳتي ڏنل چارٽ ذريعي سمجهايو ويو آهي.
    لوڪ سنسڪرتيءَ (ثقافت) جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن:
    (1) لوڪ جيون يعني ماڻهن جي زندگيءَ جا طريقا.
    (2) ماڻهن جي جذبات ۽ ويچارن جي اظهار جا طريقا.
    (۱) ماڻهن جي زندگيءَ جا طريقا:
    (الف) لوڪ ويساھ يا عقيدو:
    سنسار جي پيدائش، خلقڻهار جي هستي، وڻ ٽڻ، جانور- پکي، ديوي، پريون، جن- ڀوت، جادو، ٽوڻا، جهاڙ، ڦوڪ، پير، فقير، لوڪ، پرلوڪ وغيره موضوعن بابت عوام يا لوڪن جا عقيدا ۽ ويساھ هن ڀاڱي هيٺ اچن ٿا:
    (ب) لوڪ ريتيون:
    زمين جي کيڙي شروع ڪرڻ وقت زمين جا پوڄا، سمنڊ جي سفر تي اُسمهڻ وقت پاڻيءَ جي پوڄا، قدرت جي عناصرن جي عبادت، مذهبي ڏڻ- وار ملهائڻ، انسان جي جنم کان وٺي مرڻ تائين جدا جدا موقعن تي ريتيون رسمون ۽ سنسڪار (اُهي رسمون جيڪي زندگيءَ جي خاص موقعن تي ادا ڪجن، جيئن شادي وغيره، درگاهن، عبادتگاهن ۽ مندرن ۾ وڃي دُعائون گهرڻ ۽ سُکائون ڪرڻ، اوجهن ۽ ڀوپن کان جهاڙ ڦوڪ ذريعي بيمارين جو علاج ڪرائڻ وغيره لوڪ ريتين جا ڪجھ مثال آهن.
    (ج) لوڪ وندر:
    ميلا، ملاکڙا، ملھ، ڪُشتيون، ڪُڪڙن ميل، سانن گوءِ ۽ تترن ويڙھ جي لڙائي؛ ڏِڻ- وارن تي رانديون ۽ شُغل، بازيگرن جا کيل، ڳوٺاڻيون ڪچهريون، ڪٺپُتلين جا ناچ، ڏاندن، اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ وغيره عوام جي وندر جا ڪجھ مثال آهن.
    (د) لوڪ رهڻي ڪهڻي:
    سماج ۾ لوڪ پنجائتي سرشتو، گڏيل ڪٽنب جو سرشتو، روايتي ويس وڳا (اجرڪ، سنڌي ٽوپي، ميراڻي ٽوپي، شڪارپوري پڳڙي، ڀرت جا هنر وغيره) روايتي نموني جا زيور (نٿ، بُولو، ڏنواڻي وغيره)، کاڌي پيتي جا نرالا ڍنگ ۽ شيون، اِهي سڀ لوڪ رهڻي ڪرڻيءَ جا ڪجھ مثال آهن.
    (۲) لوڪ اظهار جا طريقا:
    لوڪ پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار جدا جدا نموني سان ڪن ٿا. اُنهن جا مکيه ٻه قسم آهن: ٻولي ذريعي اظهار ۽ ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اظهار. اظهار جي ٻئي قسم هيٺ لوڪ ڪلائون ۽ لوڪن جا هنر، ڌنڌا وغيره اچي وڃن ٿا. اِنهن ٻنهي طريقن جي اظهار تي لوڪن ۽ لوڪ روايتن جي ڇاپ هوندي آهي. ڪنهن هڪ ڪلاڪار جي رچنا عوام ۾ مشهور ٿي وڃڻ کان پوءِ سموري لوڪ سماج جي تخليق بڻجي ويندي آهي. وقت گذرندي اِها خبر نه پوندي آهي ته انهيءَ جو اصل رچيندڙ ڪير هو. سادگي، فطرت ۽ غيرمصنوعي سونهن توڙي نزاڪت، اِهي لوڪ اظهار جون مکيه خاصيتون آهن.
    ٻوليءَ کان سواءِ ٻين طريقن سان اُمنگن جي اظهار جي وسيلن کي مکيه طور هيٺ ڏنل ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
    (الف) لوڪ فنون:
    لوڪ فنون جا مثال آهن، عمارت سازي، مجسمي، سازي، مصوري، ناچ يا نرتيه جي ڪلا ۽ سنگيت ڪلا.
    (الف) لوڪ جا هُنر ۽ ڌنڌا:
    لوڪن جا اهڙا هنر ۽ ڌنڌا، جيڪي پيڙهي در پيڙهي هلندا پيا اچن، انهن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن: واڍي جو ڪم، سوناري جو زيورن تي ميناڪاريءَ جو ڪم، ڪنڀر جو مٽيءَ جا برتن ۽ رانديڪا ٺاهڻ جو ڪم، لوهار جو برتن ۽ اوزار ٺاهڻ جو ڪم ۽ زالن جو ڀرت ڀرڻ، سبڻ جو هنر وغيره.
    ٻوليءَ جي ذريعي اظهار:
    ٻوليءَ جي ذريعي جڏهن ماڻهو پنهنجن اُمنگن ۽ ويچارن جو اظهار ڪن ٿا، تڏهن لوڪ ادب جو سرجڻ ٿئي ٿو. لوڪ ادب جا مکيه قسم هيٺين ريت آهن:
    (الف) لوڪ شاعري:
    اِنهيءَ ۾ شعر جا سڀ قسم اچي وڃن ٿا. اِنهن مِڙني جي مکيه وصف اِها آهي ته اِنهن کي سُر، تال ۽ لئه ڳائي سگهجي ٿو. اِن جي لاءِ نظم جي بحر وزن وغيره جي پابندي لازمي نه آهي. لوڪ شاعريءَ جا مکيه ٻه ڀاڱا آهن:
    (1) لوڪ گيت: لوڪ گيتن ۾ ڪنهن ڳالھ يا قصي جو بيان نه هوندي آهي، فقط نفيس جذبن جو سهڻي نموني اظهار هوندو آهي.
    (2) نظم ۾ بياني قصا ۽ داستان، اِنهن ۾ شعر ۾ ڳاتل قصن ۽ داستانن جو سلسيوار بيان هوندو آهي.
    (ب) لوڪ آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون:
    اِن ۾ گهڻن قسمن جون آکاڻيون اچن ٿيون. جيئن ته ديون- پرين، بادشاهن، شهزادين، جانورن، پکين، ٺڳن، چورن ۽ ٻارن جون وندر ۽ نصيحت واريون ڪهاڻيون وغيره.
    (ج) لوڪ ناٽڪ:
    اِن جا ڪجھ مثال آهن- ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾ مسخرن جا چرچا، تماشا، سانگ، رام ليلا، ڪرشن ليلا وغيره.
    (د) سهڻا سخن، ننڍا گفتا ۽ ٻول: (Minor folk utterances):
    پهاڪا، چوڻيون، محاورا، پروليون، جهاڙ، ڦوڪ ۾ ڪتب ايندڙ منتر، ٻاراڻا ٻول جيڪي ٻارن جي راندين ۾ چيا ويندا آهن، ننڍڙا لطيفا، گاريون ۽ فحش گفتا وغيره هن قسم جا ڪجھ مثال آهن.
    جڏهن اسين سنڌي لوڪ ثقافت جي باري ۾ ويچار ،ڪريون ٿا، تڏهن اسان جو مطلب سنڌين جي اُن لوڪ ثقافت جي پهلوئن سان آهي، جيڪي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جي سماج ۾ نه ٿا ملن. سنڌين جي ثقافت ڀارتي ثقافت جو هڪ حصو آهي، جيڪو بنيادي طور تي هندن جي ڌرمي ڪتابن (ويد، رامائڻ، مهاڀارت، پُراڻ ۽ ڌرم گرنٿ) تي ٻڌل آهي. اِن هوندي پڻ سنڌي لوڪ جي ثقافت ۾ گهڻو ڪري نظر نه ٿيون اچن يا جيڪڏهن آهي ته به تمام ورلي ملن ٿيون. هتي ٿوري ۾ سنڌي ثقافت جي مکيه خاصيتن تي ويچار ڪنداسين.


    ۱.۷ سنڌي لوڪ ثقافت جون مکيه خاصيتون:

    سنڌ صوبي جي طبعي ۽ تاريخي حالتن، سنڌي ثقافت جي اڏڻ ۾ گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. جاگرافيءَ جي لحاظ کان هاڻوڪو سنڌ صوبو ڀارت جي ٻين حصن کان گهڻو الڳ ۽ پري آهي. اوڀر ۾ ٿر جو ريگستان، اوڀر- ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ پٽ، ڪوري کاري ۽ ڌُٻڻ وارو علائقو، اولھ ۾ بلوچستان جو پهاڙي ۽ غيرآباد علائقو، اِهي سڀ اهڙيون قدرتي حدون آهن، جن جي ڪري سنڌ ۽ ٻين علائقن جي وچ ۾ ماڻهن جي عام جام آمدرفت ۾ گهڻيئي رڪاوٽون پيدا ٿي پيون آهن. سنڌ ۾ فقط اُتر- اوڀر طرف هن علائقي جو پنجاب سان گهڻو تعلق قائم رهيو اهي. ان طرف وڏا ميدان آهن، جن مان سنڌوندي پنجاب مان وهي ڪشمور (جيڪب آباد) وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. قديم زماني ۾ سنڌ صوبي ۾ ماڻهن جي اچ وڃ گهڻو ڪري پنجاب واري طرف کان ٿيندي هئي.
    رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌوندي، سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ جياپي جو مکيه وسيلو ثابت ٿي آهي. اڄ تائين فقط اِها هڪ ندي آهي، جيڪا سنڌ ۾ ٻارنهن مهينا وهندي رهي ٿي. ان جا پاڻيءَ سان هيءُ صوبو سرسبز ۽ آباد آهي. آڳاٽي زماني ۾ سر سوَتي نديءَ جو هڪ وهڪرو به سنڌ صوبي مان وهندو هو، جيڪو مهاڀارت واري زماني ۾ سُڪي ويو. اُن کان پوءِ سنڌوندي ئي هن علائقي لاءِ جيون جو مکيه وسيلو بڻي. اِن ڪري اُن جي ڪناري تي سنڌ سڀيتا جي اوسر ۽ ارتقا ٿي. ويدن جي زماني کان وٺي سنڌ جا رهواسي ’جل جي ديوتا (ورڻ)‘ جي پوڄا ڪندا پيا اچن. ڏهين عيسوي صديءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ ’جهولي لال‘ يا ’اُڏيري لال‘ جي پوڄا جي ارتقا ٿي، جنهن کي پڻ سنڌي ’ورڻ ديو‘ جو اوتار ليکين ٿا. ان جو ڦهلاءُ پوءِ اُتر ۾ ملتان تائين ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ، شوراشٽر (گجرات) ٿي ويو.
    تاريخ جي لحاظ کان ڏسجي ته عيسوي سن کان اڳ واري زماني کان وٺي سنڌ صوبي تي ڌارين جا حملا ٿيندا رهيا آهن. ڀارت ۾ هيءَ پهريون صوبو هو، جنهن تي اٺين عيسوي صديءَ ۾ محمد بن قاسم جي جي اڳواڻيءَ ۾ عربن حملو ڪيو. هُنن ۷۱۲ع ۾ آخري هندو مهاراجا ڏاهرسين کي جيتي، سنڌ جي وڏي حصي تي قبضو ڪري اسلامي حڪومت جو پايو وڌو. اِن ڪري گهڻا مسلم مؤرخ سنڌ کي ”باب السلام“ (اسلام جو دروازو) ڪري سڏيندا آهن. سنڌ ۾ عربن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان اُتي جي مڪاني رهاڪن تي گهڻو اثر ٿيو. اُهي گهڻو ڪري ويدن واري آڳاٽي عقيدي ويدڪ سناتن ڌرن جا مڃيندڙن هئا. چڱي سنڌي ٻُڌ مت جا به پوئلڳ هئا. سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ سان ڪِن سنڌين پنهنجي خوشيءَ سان اِسلام مذهب اختيار ڪيو ته ڪي سنگت جي اثر هيٺ مسمان ٿيا. ملڪ جي مسلمان حاڪمن پنهنجي مذهب جي ڦهلائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن زور زبردستيءَ کان به ڪم ورتو. اِن جي ڪري چڱي تعداد ۾ سنڌو هندو پنهنجي اباڻي ڌرتي ڇڏي ڀروارن هندو علائقن ۾ وڃي رهيا. ايڏي لڏپلاڻ جا حوالا اسان کي تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿا. ڪجھ هندو اهڙا به هئا جيڪي پنهنجي عقيدي تي اٽل رهيا ۽ سنڌ کان ٻاهر نه ويا. اُنهن غير مسلمانن تي حاڪمن جزيو وڌو. اِن طرح سنڌ جتي اٺين عيسوي صديءَ کان اڳ فقط هندو، ٻڌڌرم، ۽ ڪجھ مت وارا رهندا هئا، اُتي ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي آزاديءَ وقت هندون جي سکيا جو تعداد ڪُل آدمشماريءَ جو فقط پنجويھ سيڪڙو کن وڃي بچي.
    سنڌ ۾ اسلام سان گڏوگڏ صوفي درويش ۽ اسماعيلي مت جا مبلغ پير به آيا. اُهي ڪٽر مذهبي نه هئا. هنن جي ويچار کان متاثر ٿي، چڱن سنڌي هندن سندن مذهب اپنايو. اِن ڪري سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن جو گهڻو تعداد اُهو آهي، جيڪي پنهنجو اصلوڪو ڌرم ڇڏي پوءِ مسلمان ٿيا هئا. اُنهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پڻ پنهنجيون اصلوڪيون ريتيون رسمون ۽ لوڪ عقيدن کي گهڻي قدر پاڻ وٽ جيئن جو تيئن قائم رکيو.
    هتي جيڪي طبعي ۽ تاريخي حالتون ڄاڻايون ويون آهن، انهن جي ڪري سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ سماج ۾ چڱين ئي خاصيتن جي ارتقا ٿي آهي، جن ۾ مکيه هن ريت آهن:
    (1) سنڌي سماج ۾ ڪٽرپڻو نه آهي، نه ڪو ذات پات جو ڀيد ۽ ڇوت- ڇات ۾ ويساھ ڪن ٿا. (سڀني مذهبن کي برابريءَ سان ڏسڻ) عالمي ڀائيچارو سنڌي ماڻهوءَ جي عام وصف آهي. صوفي مت ۽ سنت مت جي اثر سنڌين جو نرگڻ (بي ڳڻ) نراڪار (بي شڪل) ۽ هڪ خالق ۾ گهڻو وشواس آهي. ان هوندي پڻ هو جدا جدا (فرقن) ۽ ڌرمي نظرين کي عزت جي نظر سان ڏسن ٿا. سنڌي هندو صوفي درويشن جي درگاهن تي وڃن ٿا ته سنڌي مسلمان نه هندُن جي ڪيترن ڌرمي عقيدن کي مانُ ڏين ٿا.
    (2) انتهاپسند مسلامن حاڪمن جي دؤر ۾ به گهڻا ئي هندو پنهنجي ڌرم تي اٽل رهيا. اِن مان هُنن جي جاتيءَ اندروني قوت ۽ ڌرم ۾ وشواس جي ساک ملي ٿي.
    (3) واپار سانگي ڏورانهن ملڪن ۾ وڃي پنهنجي محنت ۽ هوشياريءَ سان دولت ڪمائڻ، اُن سان سماجي فلاح جا ڪم ڪرڻ سنڌي هندُن جو عام گُڻ آهي. اِن جي ڪري ساهت سِرجڻ، فنونِ لطيفه وغيره ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ هنن جو ڌيان واپار ۽ ناڻي ڪمائڻ طرف به وڌيڪ رهيو آهي.
    (4) سنڌي هندو سماج جي ٻي مکيه خاصيت اِها آهي ته اُن ۾ چوٿون ورڻ (شوُدر) نه آهي. سنڌي هندو سڀ سون آهن، جن ۾ کيتري ۽ وئش ذاتين جي وچ ۾ تفاوت نه رهيو آهي. برهمڻ ورڻ جا گهر به کتري ورڻ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن.
    سنڌي کتري ۽ وئش گهڻو ڪري پاڻ کي لوهاڻا (سوريه ونشي) ۾ رامچند جي نسل جا سڏائيندا آهن. اُهي گهڻي ڀاڱي گذريل ٽِن صدين ۾ پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات جي ڪِن علائقن مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا. اُهي لوهاڻا جيڪي اٺين عيسوي صديءَ ۾ عربن جي ڪاھ وقت سنڌ ۾ رهندا هئا، انهن مان گهڻا يا ته مسلمان بڻجي ويا يا سنڌ مان لڏي ڀروارن هندو راجائن جي علائقن هليا ويا.
    سنڌ جا هندو مغلن جي حڪومت واري دؤر کان وٺي ڌنڌي جي لحاظ کان ٻن مکيه گروهن ۾ ورهائجي ويا. اُهي آهن. عامل ۽ ڀائيبند. عامل اُهي آهن جيڪي مسلمان حاڪمن جا عملدار هئا. سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت اچڻ کان پوءِ پڻ عامل طبقو گهڻو ڪري سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيو. ٻئي طرف ڀائيبند اُنهن کي سڏيو ويو جيڪي ڌنڌي- واپار ۾ گهڙيا. سنڌ روڪي ڀائيبند اُهي هئا جن گذريل ٽن کن صدين ۾ الڳ الڳ ملڪن ۾ وڃي واپار ڪيو.
    عاملن ۽ ڀائيبندن جون پنچائتون سنڌ ۾ الڳ الڳ هيون. ملڪ جي آزاديءَ تائين پن پنچائي سرشتي جو تمام گهڻو زور هو، جيڪو ڀارت ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ گهڻي قدر ڍِلو ۽ ڪمزور ٿي ويو. سنڌ جي علائقي ۾ ڀيد ڀاوَ جي لحاظ کان عاملن توڙي ڀائيبندن ۾ ڀيدڀاءُ هوندو هو (جيئن ته ساهتيءَ وارا، لاڙا ئي، اُترادي، ساکرو، شڪارپوري، لسٻيلائي، ٿري، وغيره). انهيءَ موجب پنچائتون به الڳ الڳ ٺهيون. اُهي ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ پڻ قائم آهن. خاص طور شادي مرادي يا سڱابندي ڪرڻ وقت عامل، ڀائيبند ۽ علائقائي فرق جو اڃاتائين گهڻو خيال رکيو وڃي ٿو.
    (5) ڀارت ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ سنڌين جي سماجي ڍانچي ۾ مکيه تفاوت اهو ٿو نظر اچي ته هتي سنڌين ۾ مسلمان طبقو بلڪل ختم ٿي ويو آهي. (ڪڇ، راجسٿان جي سرحدي علائقن ۾ جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ مسلمان رهن ٿا، اُهي آزاديءَ کان پوءِ ڀارت ۾ لڏي آيا سندي هندن جي سما جو حصو بڻجي نه سهگيا آهن). اِن هوندي به تصوف واري ويچار ڌارا جو اثر ڀارتي سنڌين ۾ صاف نظر اچي ٿو.
    سنڌي لوڪ ثقافت جا جدا جدا طبقا جن جو هن کان پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن مان لوڪ ادب وارو حصو ته ڀارت جي سنڌي هِندُن گهڻي قدر پاڻ وٽ سنڀالي رکيو آهي. پر نئين زماني جي ماحول سببان ڀارت ۾ لوڪ جيوت جي طريقن، لوڪ ڪلائن (فنون) ۽ روايتن کان حاصل ٿيل هُنرن ۽ لوڪ هُنرن مان گهڻن حصن جو ڀارت ۾ خاتمو ٿي چڪو آهي. هتي جي علائقائي ثقافتن جي اڪثر ڪري ڀارتي سنڌي نوان نوان رُوپ (جيئن ته: گُجراتي گرٻا ناچ، ماهاراشٽر ۽ گجرات ۾ گڻيش پوڄا، ڀڳت جي روايت ۾ سينيما جا گانن ۽ طرزن جو استعمال ڪري ڊِسڪو پيش ڪرڻ، وغيره) اختيار ڪري رهيا آهن.
    سنڌي پهاڪا ۽ چوَڻيون جيڪي سنڌي ثقافت جو هڪ اهم حصو آهن، اُنهن ۾ به تبديلي اچي رهي آهي. سنڌ جي جاگرافيءَ اندر سنڌي مسلمانن جي ريتين رسمن تي ٻڌل پهاڪا ڀارت جي نوجوان نسل جي ٻوليءَ مان لڳ ڀڳ گم ٿي چُڪا آهن. اِنهيءَ کان سواءِ، هندي، اردو ۽ ٻين ڪِن مڪاني ٻولين جون چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي رهيون آهن. انهيءَ تبديليءَ جي ڇنڊڇاڻ اڳتي هلي ڪئي ويئي آهي.


    پهاڪن جي بيهڪ ۽ وصف

    ۲.۱ پهاڪن جي اهميت

    ”ايڪيھ شبدھَ سُپرِيُڪتَ، سميَگَ گياتَ، سُوَگي لوڪي چه ڪام- ڌوگڀوَتِ.“ (پتنجلي مهاڀاشيه)
    ‘سُپريُڪَت شبد‘ اڪيلو ئي هِن لوڪ هن دنيا ۽ پرلوڪ (هُن دنيا) ٻنهي ۾ گهربل ڦل ڏيندڙ آهي.
    هن ڪٿ جي پٺڀرائي هيٺ ڏنل هڪ پراڻي سلوڪ مان ٿئي ٿي.
    شلوڪ:
    يَستُو پريُڊو ڪَتي ڪُشل وشيشي،
    شَبَدانُ يَٿاوَد وَيَوَهارڪالي.
    سو اننتماپنوتي جين پَرَتَر،
    واگيو گوِوِد دُشيتِ چاپشبدئي ھ
    جيڪي وهنواري شخص ڪنهن خاص وقت تي ’سپريُڪت شبدن‘ (واڪيانش، کنڊ واڪيه، مها واڪيه، وغيره،) جو ٺيڪ استعمال ڪندو آهي، اُنهيءَ کي بيحد عزت ملندي آهي. اِنهيءَ جي اُبتڙ سُپريڪت لفظن ’اشٽ پريوگن‘ پهاڪن جو ڄاڻو جيڪڏهن فحش لفظن يا گُٿن لفظن جو استعمال ڪري ٿو ته هو پاپ جو ڀاڳيدار ٿئي ٿو.
    اِنهيءَ ’سُپريُڪت‘ لفظ کي هِن شلوڪ ۾ ويدن جي رِشين‘، ’واگيوگ‘ (يعني آواز جا خاص فقرا يا پهاڪا) جو نالو ڏيئي ڪري، اِنهن جي استعمال سان ڪهڙا فائدا آهن ۽ وري انهن جي جاءِ تي گٿن لفظن يا فحش لفظن جي استعمال سان ڪهڙا نقصان ٿين ٿا، اُنهن کي چِٽو ڪري پهاڪن جي اهميت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
    سچل سرمست جي چوڻي ”ڪُٽ مُلان جي ٺوڙِھ، قاضيءَ وارو مُصلو“ يا وري ڪبير داس جي چوڻي ”پٿر پُوجي هرِي ملي تو مين پوڄون پهاڙ“ عملي ميدان ۾ جيتري ڪمائتي يا سجائي آهي، ٻوليءَ جي ميدان ۾ اوتري ئي معنيٰ واري ۽ اهميت رکندڙ آهي.
    اصل ۾ پهاڪن ۾ هڪ قسم جي سنجيوني (زندھ ڪندڙ) قوت جو روح ڪوٺيو آهي. پهاڪا ڏسڻ ۾ ته سادا سُودا لڳندا آهن، پر اِنهن ۾ لڪل آزمودا ماڻهن کي هميشه سکيا ياتربيت ڏيندا رهندا آهن. ڏِسُو:
    1- بيوقوفُ کي بازار ۾ وٺي نه وڃجي ساڻُ،
    پهرين ڪُٽائي پاڻ، پوءِ سار لهي سنگتيءَ جي.
    2- سياڻو ڪانءُ ٻٽنگو ڦاسي.
    اصل سچ ۾ پهاڪا لوڪ ادب جو حصو آهن. اِهي انهن جي استعمال ڪرڻ وارا ڳوٺاڻن کان ئي نه، بلڪ، اُن جي معيار وارن عالمن کان به وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا آهن. پهاڪن ۾ هڪ پاسي بجليءَ جي روشنيءَ وانگر ڪنهن ڳالھ کي چؤطرف ڦهلائڻ جي سگھ آهي، اُتي ئي ٻئي پاسي قديم علم کي سُهڻي ۽ سپاٽ لفظن ۾ سنڀالي رکڻ جي قوت به آهي. پهاڪن ۾ جُڳن کان سمايل سچيون ڳالهيون مِلن ٿيون، جيڪي اُنهيءَ وقت جي ماڻهن لاءِ ته ڄڻ ڀت تي لکيل هڪ سَندَ يا مثال آهيون. اهڙيون ئي سچيون ڳالهيون عام ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي پهاڪي جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن. ڏسو:
    - مون ڄڻيو مانءِ پُٽ ڪري، پر ٿي پئين تو ڌيءَ.
    هن سٽ ۾ ڪيڏي نه طنز ڀريل آهي. چنيسر پنهنجي ماءُ جي واتان هيءُ ٻڌي قسم کنيو ته اِن جو وير دودي کان ضرور وٺندس.
    محمد غوريءَ جي جيل ۾ جڏهن پِرٿِويراج چوهاڻ کي چندبردائيءَ چيو:
    - چار بانس چوبيس گز، انگُل اشٽ پرماڻ،
    تا اُوپر سلطان هي، مَت چُوڪي چوهاڻ.
    ته هيءُ جملو ”مت چُوڪي چوهاڻ“ محمد غوريءَ جي موت جو سبب بڻيو.
    آزامودن سان ڀريل، سکيائن سان ڀريل، سنتن صوفين جي وچنن سان ڀريل هي گُفتا سچ پچ بجليءَ جي طاقت وارا هوندا آهن. اِهي هڪ پاسي پريم، پيار سان ڀريل مٺِا لڳن ٿا ته ٻئي پاسي زهر کان به وڌيڪ زهريلا ۽ ائٽمي بمن کان به وڌيڪ خطرناڪ ڊيڄاريندڙ هجن ٿا. مثال طور:
    • مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانِ، ڳئون کي چوي ته هلُ ڙي پُڇ ڪاري.
    • جِتي اُٺ ترندو، اُتي پُڇُ به تري وِيندو.
    • گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هرُ نه هلي.
    انساني شڪل ۾ پيدا ٿيڻ وارو اِنسان جڏهن کان بڻيو، تڏهن کان ئي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين، ڏکن ڏولائن، غمن خوشين ۾ رهندي وهنواري زندگيءَ جا سٺا ۽ خراب آزمودا ٿيڻ لڳا. اِنهن آزمودن مان اُنهن جيڪي پرايو، اُهو سڄوئي ننڍڙن نُڪتن جي شڪل ۾ نئين ٽهيءَ کي ڏنو. وري نوجوان پيڙهيءَ کي ڪجھ نوان آزمودا ٿيا. هنن به اُهي پنهنجي اچڻ واري پيڙهيءَ وٽ پهچندا ويا ۽ جڏهن ساڳيا آزمودا، جيڪي وڏن بزرگن پنهنجن ننڍن کي ٻڌايا هئا، سي ننڍن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ٿيڻ لڳا ته اِنهن جي واتان پُراڻن آزمودن جي پُٺڀرائي ٿيڻ لڳي ۽ اهي آزمودا اڳتي هلي ٻوليءَ، جي استعمال، قانون يا فارمولي جي شڪل ۾ سامهون آيا. آهستي آهستي اِهو فارمولا پنهنجي هڪ شڪل اختيار ڪري بيٺا ۽ ٻولي ۽ لوڪ ادب ۾ پهاڪن جي روپ ۾ ڪتب اچڻ لڳا ڏسو:
    ”اُتم کيتي وڌندڙ واپار،
    نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.“
    هن پهاڪي ۾ زندگيءَ جي سچائي سمايل آهي. ڪنهن وقت ڪنهن شخص کي نوڪري محنت کان پوءِ به نه ملي هوندي يا وري نوڪري ملي هوندس ته پنهنجي قابليت جي نه ۽ وري پگهار گهٽ، يعني هُن گهڻيئي مشڪلاتون ڏٺيون هونديون. اِنهيءَ آزمودي مان هُن شخص اِها ڳالھ چئي ڇڏي هوندي. اُنهيءَ آزمودي وانگر جڏهن ٻين به ساڳيا تجربا ٿيڻ لڳا ته انهيءَ استعمال آهر آهستي آهستي عام ماڻهن ۾ مشهور ٿي پهاڪي جي شڪل وٺي بيٺي.
    پهاڪي جي روايت ڏاڍي پُراڻي آهي. سڀني پراڻين ثقافتن جي ماڻهو جا شخصي تجربا پهاڪن جو روپ وٺي ڪري، اُنهن جي زندگيءَ ۾ ڇانيل آهن. اِهو ئي سبب آهي جو پراڻو ادب پهاڪن سان پُر آهي. ويدن واري زماني جي ثقافت ۽ لوڪ سنسڪرت جو ادب به پهاڪن سان ڀريل آهي. جيئن ته:
    • اَتِ سروَتر ورجييت
    • اُديو گُم پُرش لڪشڻمُ
    • وِناشڪالي وِپريت بُڌِ
    • مؤنن سروارٿ ساڌنمُ
    • ڪشما وير سَيه ڀوُشڻمُ
    اِنهي روايت ۾ اڳتي هلي پالي، پراڪرت، اَپڀرنش دؤران مان گذرندي اسان جي سنڌي ٻولي به پهاڪن جي ڀنڊار سان پُر ٿي آهي.
    سنسڪرت ادب سان گڏوگڏ ٻين ٻولين جي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ به پهاڪن جو استعمال جهجهي تعداد ۾ ٿيندو رهيو آهي. پهاڪن جي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ خاص جڳھ آهي. اِنهن جي استعمال سان ٻوليءَ جي سونهن وڌي ٿي. پهاڪا سياڻپ جو آئينو آهن، اِنهن ۾ سماج جي رهڻي ڪهڻيءَ جي جيئري تصوير ملي ٿي.
    وهنواريءَ زندگيءَ ۾ ڏسجي ته جنهن جي ٻوليءَ ۾ شيريني آهي، ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ هوشياري آهي، سو ٻڌندڙ جي دل کي به ڇِڪي وٺي ٿي. ”زبان شيرين، مُلڪ گيري“. ٻوليءَ ۾ ميٺاجُ پيدا ڪري کيس دلڪش ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ پهاڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اِهي ٻوليءَ جي سونهن آهن.
    ادب سماج جو آئينو آهي، ته پهاڪو ادب ۽ ٻوليءَ جو سينگار آهي. پهاڪي جي استعمال سان ٻولي سُپڪُ ۽ ادب جو اوُچي معيار واري بڻجي ٿيو ۽ اُوچي ادب سان سماج جو مهذب بڻجي ٿو. پهاڪا ٻوليءَ جو سينگار آهن، اِنهن جي استعمال سان ٻوليءَ ۾ نواڻ ۽ خوبصورتيءَ جو سنچار ٿئي ٿو. ناول ۽ ڪهاڻين ۾ ته پهاڪن جو استعمال ضروري ليکبو آهي. پروفيسر رام پنجواڻي پنهنجي ناول ”اهي نه آهي“ ۾ جهجهي تعداد ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال ڪيو آهي.
    • سائين جِن سان ساڻِ، تن کي لهِر نه لوڏو. (شاھ)
    • اِشور آهي ايڪو، اسين آهيون ٻُڙِيون.
    • دليلن سان دلبر ملي ها ته هرڪو وڪيل پُهتل پير هُجي ها.
    پهاڪا لسانيات جي عالمن لاءِ هڪ خاص ۽ اهم جاءِ والارين ٿا. ٻولي ۽ ادب ۾ ايندڙ ڪيترا لفظ آهستي آهستي واهپي کان ٻاهر ٿيندا وڃن ٿا، پر ”پهاڪا“ جي ڳوٿريءَ ۾ اڃا تائين آڳاٽا لفط محفوظ آهن. جيئن ته:
    • هُنن جا پاڻ ۾ ڏتر سنوان نه آهن.
    • وُٺو ته ٿر، نه ته بر.
    اِنهن ۾ هاڻي ”ڏتر“ ۽ ”وُٺو“ لفط چال مان نڪري ويا آهن.
    ڊاڪٽر واسديو شرڻ اگروال موجب ”پهاڪا قديم علم جا محافظ ٿيندا آهن.“ ڪِرستانن جي قديم مذهبي ڪتاب ”اولڊ ٽيسٽامينٽ“ (Old Testament) ۾ (پراوبرس“ (Proverbs) نالي هڪڙو باب آهي. هِن باب ۾ گڏ ڪيل پهاڪن تي مصر جي قديم ڪتاب جو اثر آهي. هڪڙي يهودي دعائن جي ڪتاب ۾ قانون جي پنڊتن پاران چيل ٽيهٺ ڄاڻ ڀريا گفتا گڏ ٿيل آهن، جن جو وجود حضرت عيسيٰ جي جنم کان ٽي سال اڳ جو آهي. اِسلام جي اوائلي ڪتاب، ”قرآن شريف“ ۾ به مثال جي روپ ۾ پهاڪا ڏنل آهن. ويدن ۾ اَٿاھ پهاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿيون.
    يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ وقت پهاڪن جو خاص استعمال ٿيندو آهي. جاپان ۾ رڳو تعليم ۾ بلڪه راندين ۾ به پهاڪن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جاپان جي پروفيسر ڪوچي دوئي پنهنجي مقالي Introduction of the Proverbs۾ لکيو آهي ته ٻالپڻي ۾ تاش جي راند ۾ جيڪي ٻاونجاھ پتا هُو ڪتب آڻيندا هئا، اُنهن ۾ هر هڪ ڪارڊ تي پهاڪو لکيل هوندو هو. هڪ ڇوڪرو ڪو به هڪ پهاڪو پڙهندو هو ۽ اسان اُنهيءَ کي ورجائيندا هئاسون. اُنهن ڪارڊن تي ڇپيل پهاڪن ۾ هڪ پهاڪو ڏسو:
    “Three men together are as wise as Munjusri”
    جدا جدا ٻولين جي ادب ۾ پهاڪن جي اهميت تي چيل ڪجھ سُخن هن ريت آهن:
    • پهاڪا عوام جو آواز هئڻ ڪري، الله جو فرمان آهن. (اردو)
    • جنهن پهاڪي جو مطلب سمجهيو، اُنهي ويد جو جوهر ڄاتو. (ڪنڙ)
    • هن سنسار ۾ ٽي رتن آهن: پاڻي، اَناج ۽ سهڻا سخن يعني پهاڪا. خبر نه آهي ته پوءِ هي ماڻهو پٿر جي ٺڪرن کي ”رتن“ ڇو ٿا چون. (سنسڪرت)
    • موت ۽ پهاڪي کي اِختصار سان محبت آهي. (جرمن ٻولي)
    • جهڙيءَ طرح کاڌي ۾ لوڻ آهي، تهڙيءَ طرح ٻوليءَ ۾ پهڪا آهن. (عربي)
    • پهاڪن جو جنم ڄاڻ مان، ته ڄاڻ جو جنم پهاڪن مان ٿيو آهي. (روسي)
    • پهاڪي سان وقت تي چور جي ويچارن ۾ به ڦيرو اچيو وڃي.
    • جيڪڏهن پهاڪي کي ڪو ڪوڙو ثابت ڪري، ته پوءِ چئبو ته کير جو سواد به کٽو ٿيندو آهي. (ملايالم)
    • آخر ۾ مان رڳو ايترو چوندس ته پهاڪي جي اهميت دنيا جي هر ملڪ ۾ هر شخص سڃاتي آهي ۽ اِنهيءَ کان وڌيڪ ٻولي ۽ ادب ۾ ته پهاڪن جي واکاڻ جا جنسي ڍُڪ ڀريا ويا آهن.


    ۲.۲ پهاڪن جا اشتقاق:

    سنڌي ٻوليءَ جا هيستائين ڪا به سَنَدي يا ڀروسي جوڳي اشتقاقن جي لغت شايع نه آهي. اِن ڏس ۾ ڪجھ شروعاتي ڪوششون ڪن عالمن ڪيون آهن؛ جيئن ته:
    1. اکر ڌاتو (۱۸۶۶ع): پادري شرٽ جو لکيل.
    2. وُتِپتي ڪوش (۱۸۵۵ع): عبدالڪريم سنديلو.
    3. تحقيق لغات سنڌي ۱۹۵۷ع): عبدالڪريم سنديلو.
    4. جامع سنڌي لغات (پنجن جلدن ۾)، پبلشر سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ. هن ۾ ڪجھ لفظن جا اشتقاق آهن.
    پهاڪي لفظ جي اشتقاق (ويُتپتي) بابت سڀ يڪراءِ نه آهن. اُنهن جي ويچار ۾ تفاوت آهي. پهاڪي جي ويُتپتي (اشتقاق) بابت جيڪي رايا ڏنا اُهي هن ريت آهن:
    ۱- عبدالڪريم سنديلي ’تحقيق لغات سنڌيءَ‘ ۾ پهاڪي لفظ جو اشتقاق هن ريت ڏنو آهي: پهاڪو (سنسڪرت = پٽ + ڪو پڇاڙي) نصيحت آميز چوڻي، ضربُ المثِل.
    ۲- ’جامع لغات سنڌي‘ (جلد ٻيون) جنهن جي ايڊيٽرن ۾ عبدالڪريم سنديلو پڻ شامل آهي، اُنهيءَ ۾ به ’پهاڪو‘ لفظ جو ساڳيو اشتقاق ڏنل آهي.
    ۳- مرزا قليچ بيگ ’سنڌي لغات قديمي‘ توڙي ’لغات لطيفيءَ‘ ۾ ’پهاڪو‘ لفظ جي هڪ معنيٰ ۾ ’پهاڪو‘ يا ’پَهو‘ لفظ جو مول سنسڪرت ’پَٿَ‘ ۾ ڄاڻايل بلڪُل درست آهي. اِنهيءَ معنيٰ جي لاءِ هُن شاھ جي ڪلام ۾ آيل هيٺين سِٽ جو حوالو ڏنو آهي: ”آتڻُ وِجهي آگ ۾، پُڇندييسِ پوءِ پهاڪو.“
    ۴- مشهور لسانياتي ماهر ڊاڪٽر ويچار ڏنا آهن: سنڌيءَ ۾ هڪ مصدر آهي ’پهڻُ‘. اُن جون مکيه معنائون آهن، خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، سِرجڻ، غور ڪرڻ، جاچڻ- مثال طور:
    - تڏهن ويهي ساٿ وارن، پاڻ ۾ پَهِيو پرِياڻا. (مخدوم غلام محمد بگائي)
    پتنگن ’پھ‘ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَ. (شاھ عبدالطيف ڀٽائي)
    ’پھ‘ ڌاتوءَ ۾ ’آڪو‘ پڇاڙي گڏڻ سان لفظ ٺهيو آهي ’پهاڪو‘ اِن ريت فعل- ڌاتو ۾ ’آڪو‘ يا ’ڪو‘ پڇاڙي جوڙڻ سان سنڌيءَ ۾ ٻيا به اِسم ٺاهبا آهن. جيئن ته: ميڙ (ميڙڻ)- ميڙاڪو؛ (چُئڻُ)- چُئاڪو؛ لُڇَڻُ- لُڇڪو؛ چَٻَڻُ- چٻڪو؛ ڇِلڻُ- ڇِلِڪو. اِنهيءَ ڪري ’پهاڪو‘ لفظ جي آخري معنيٰ آهي. ”اُهو نُڪتو يا گفتگو، جنهن ۾ ڪو اُونهو خيال يا ويچار سمايل آهي.“ عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ اِهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتي آڻجي ٿو، جنهن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ تي ملڻ لاءِ اشارو ملي ٿو.
    ’پَهَڻَ‘ مصدر مان ٺهيل ٻين ڪِن لفظن يا اصلاحن جا مثال هيٺين ريت آهن: ڍڍ
    • پَھُ- پوُرُ خيال، اُنهو ويچار، غور، صلاح، رِٿ، تجويز، منصوبو.
    • پھ پارڻُ- خيال ڪرڻ، ارادو ڪرڻ، رِٿ ڪرڻ.
    • پھُ پچار- صلاح مصلحت، خيال جو اظهار.
    • پھُ پچائڻُ- خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، منصوبو ڪرڻ.
    • پھُ ڪرڻُ- ٺهراءُ ڪرڻ.
    • پھ پوڻُ- پور پوڻُ، خيال اچڻ.
    • پهڪار- صلاحڪار
    انهن مثالن مان به اِن ڳالھ جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته پهاڪو اُهو گفتو آهي، جنهن ۾ گنڀير ويچار يا صلاح سمايل آهي.
    هاڻي اچو ڏسو ته ’پھ‘ ڌاتوءَ جي تاريخي اوسرِ ڪيئن ٿي آهي. سنسڪرت ۾ هڪ ڌاتو آهي. ’درش‘، جنهن جي گردان ۾ شڪل ٿئي ٿي، ’پَشيه‘ اِن مان سنڌيءَ ۾ ڏِسڻُ، پَسڻُ، فعلن جي اوسر ٿي آهي. ’پَشيه‘ جون سنسڪرت ۾ معنائون آهن: ڏسڻ، نهارڻ، ويچارُ ڪرڻ، غور ڪرڻ، جاچڻ، سمجهڻ، اندر جي آواز سان ڄاڻڻ، فيصلو ڪرڻ.
    سنسڪرت جا ڪجھ لفظ جڏهن بدلجي سنڌي روپ اختيار ڪن ٿا، تڏهن اُنهيءَ جي ’ش‘ يا ’ش‘ آواز جي تبديلي ڪڏهن ڪڏهن ’ھ‘ ۾ به ٿي وڃي ٿي. مثال طور:
    پشتوُ- پهون (ٻَڪري، رِڍَ، جانور): مَنُشيه- ماڻهو- پاش- ڦاهي.
    ساڳيءَ طرح، سنسڪرت ڌاتو ’پشيه‘ بدلجي سنڌيءَ ۾ شڪل ورتي آهي ’پھ‘، ۽ انهيءَ جون ڪيتريون معنائون ساڳيون قائم رهيون آهن.
    مراٺيءَ جو فعلُ ’پاهِڻي‘ به سنسڪرت ’پشيه‘ مان نڪتل آهي ۽ اُن جي معنيٰ به ساڳي آهي ’ڏسڻ‘. گجراتيءَ ۾ هڪ مرڪب لفظ آهي: ’پهاڻي پترڪ‘ يعني جاچ رپورٽ. هتي پِڻ ’پهاڻي‘ لفظ جو مول سنسڪرت ’پشيه‘ ڪم ۾ آهي.
    ’پَهَڻُ‘ فعل جو ارتقا سنسڪرت ڪريا (ڪم) ’پُرُ + اِيڪشن‘ مان به ممڪن آهي، جيڪو پراڪرت ۾ ’پيھ‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’پَھَ‘ شڪل ۾ ملي ٿو ۽ معنائون اٿس: جاچڻ، غُر ڪرڻ، ڌيان سان ڏسڻ، جائزو وٺڻ، ويچار ڪرڻ.
    پر + اِيڪشن- پيھَ- پَھ؛ پريڪشڻ پيهَڻَ پَهَڻُ.
    سنڌيءَ ۾ ’پهاڪي‘ جي معنيٰ ۾ ڪُجھ ٻيا لفظ به ڪتب ايندا آهن. جيئن ته: ڪَهاوَتَ، ڪَهاتَ يا ڪَهَتَ.
    ’ڪهاوت‘ لفظ جي ويتپتي (اشتقاق) بابت عالمن جا مختلف رايا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
    (۱) هنو مان پرساد پودُدار پنهنجي ڪهاوت موضوع تي لکيل هڪ مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته ڪهاوت جي لفظ ڪَھَ+ آوَتَ نموني ٺهيو آهي، يعني اُهو سُخن يا گُفتگو جنهن کي عام ماڻهو نسل در نسل چوندا ۽ ٻُڌندا پيا اچن.
    (۲) اَچاريه ڪيشَوَ (عالم) پرساد مِشر ’ڪَھَ‘ ڌاتوءَ ۾ عربي پڇاڙي ’آوَت‘ لڳائڻ سان هِن لفظ جي رَچنا سمجهائي آهي: ڪھ+ آوَت = ڪهاوت.
    (۳) مشهور لسانياتي ماهر ڊاڪٽر سِڌيشورَ ورما جي راءِ ۾ ’ڪهاوت‘ لفظ جي رچنا هن ريت آهي: ڪهاوت= ڪَھَ + آوَ (جيئن سُجهاوَ)+ اَت.
    (۴) ڊاڪٽر واسود شرڻ اگروال پراڪرت ’ڪهاپُ‘ ڌاتوءَ پڇاڙي ۾ ’ت‘ جوڙڻ سان ’ڪهاپَتُ- ڪهاوت‘ لفظ جي رچنا سمجهائي آهي.
    (۵) ڊاڪٽر ڀولاناٿ تِواريءَ پنهنجي ’وِرهَدَ‘ هندي لوڪ ڪِتِ ’ڪوش‘ ۾ لکيو آهي ته، هنديءَ جي لهجي ڀوڄپُوري ۾ ڪهاوت کي ’ڪھن اُت‘ به چئبو آهي، جيڪو شايد ڪٿن+ وَتَ سان واسطو رکندڙ آهي. اِنهيءَ آڌار تي مان پهرين ’ڪھ‘ ڌاتوءَ سان ’آوَت‘ پڇاڙِ جوڙي ’ڪهاوت‘ مڃيندو هئس. پر هاڻي مون کي لڳي ٿو ته هنديءَ جو ’ڪھ‘ ڌاتوءَ ۾ هِن کي جوڙڻُ ٺيڪ نه آهي. بنيادي طور هِن لفظ جو واسطو ’ڪٿا‘ (ڪهاڻيءَ) مان ٺهيل ڪنهن لفظ سان ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ٻولين، ڀاشائن ۾ ’ڪهاوت‘ لاءِ جيڪي لفظ ڪتب اچن ٿا، تِن ۾ بنيادي شڪل ۾ ڪٿا (ڪهاڻِ) يا لگهوُ ڪٿا (ننڍي ڪهاڻيءَ جو تاثر هُجي ٿو. اِنهيءَ لاءِ ’ڪهاوت‘ جو تعلق سنسڪرت جي ڪٿاوَت ’ڪٿا وارتا‘ يا ’ڪٿا ورت‘ سان هئڻ گهرجي.
    (۶) پنڊت رامدهن مِشر جي ويچار ۾ ’ڪهاوت‘ جي بنيادي شڪل ’ڪٿاوت‘ آهي. پراڪرت جي اصولن مطابق، ’ٿ‘ جي تبديل ’ھ‘ ۾ ٿيڻ عام آهي. ڪهاوت جو آڌر اڪثر ڪي آکاڻيون وغيره ٿينديون آهن. ڪهاوتون پڻ ڪٿائن وانگر عوام ۾ مشهور ٿي وڃن ٿيون. اِن ڪري انهيءَ لفظ جو بنياد اشتقاق ’ڪٿا‘ ۾ هئڻ گهرجي.
    (۷) پلاٽس نالي عالم به ’ڪهاوت‘ لفظ جو اشتقاق سنسڪرت جي ’ڪٿاوَت‘ مان ٻڌايو آهي. يعني ڪهاوت اُن کي چئجي ٿو، جنهن جي بنياد ۾ ڪا ڪٿا هجي.
    (۸) ٽرنر جي راءِ موجب هن لفظ جو بنياد ممڪن آهي ته ’ڪٿا وارتا‘ هجي. هاڻي اِنهيءَ جي معنيٰ ۾ اصل لفظن جي معنيٰ کان تبديلي اچي ويئي آهي.
    (۹) مشهور عالم مُني چِن وجيه ۽ مهاپنٺِت راهُل سڪرتياين به ’ڪٿا وارتا‘ کي ئي ڪهاوت جي بنيادي شڪل ۾ مڃين ٿا.
    (۱۰) ڪهاوت ۾ ’وت‘ اصل ۾ ’بات‘ جي بگڙيل شڪل آهي.
    اِن ڪري اِنهيءَ جو مطلب آهي ’ڪهي هوئي بات‘ يعني چيل ڳالھ. گوسوامي تُلسيداس اِن معنيٰ ۾ ’بَتڪَهي‘ لفظ جو استعمال ڪيو آهي. ڏسو: ڪرت بَتَڪهي اَنُجَ سَن، مَن سِيهَ روپ لُڀان، مُک سَروج مڪرند ڇَوي، ڪَرتَ مَڌُپَ اِوَ پان. راجسٿانيءَ ۾ به ’ڪَهبَتَ‘ لفظ ’ڪهاوت‘ جي معنيٰ ۾ ملي ٿو.
    (۱۱) مولانا ابوالڪلام آزاد ڪهاوت کي ڪَھَ+ باتَ مان ڪڍڻ کي قبول نه ٿو ڪري. سندس ويچار ۾ ڪهاوت جي ’وَت‘ يا ’بَت‘ جي معنيٰ ’بات‘ نه آهي. مولانا جي ويچار ۾ جيئن ’ڪهنا‘ (فعل) مان ’ڪهاني‘ لفظ ٺهيو آهي، جيڪي ڪٿا، آکاڻيءَ جي مطلب ۾ مُروج ٿي ويو آهي، تيئن ڪهاوت جو بنيادُ پڻ ’ڪهنا‘ فعل آهي؛ پر اِهو لفظ پهاڪي يا چوڻيءَ جي مطلب ۾ زماني کان وٺي واهپي ۾ هلندو پيو اچي.
    (۱۲) ڪهاوت لفظ جي بنياد لسانيات جي علم جي مشهور عالم ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چيئٽرجيءَ جو رايو آهي:
    “The origin of word Kahawat would appear to be old Indo Aryan + Early M.I.A causative or denominative affix (satr)- ant Kathapayanta Kadhavayanta Kahawarta Kahawat.”
    مٿي ڏنل عالمن جا رايا ’ڪهاوت‘ لفظ جي اشتقاق بابت مختلف ويچار پيش ڪن ٿا، پر ائين نه ٿا چئي سگهون ته ’ڪهاوت‘ جي اشتقاق بابت رايا پورا ٿيا. اسان ڏٺوسين ته ڪجھ عالمن هن لفظ ۾ عربي- فارسيءَ جي پڇاڙين جي مدد ورتي آهي ته ٻئي پاسي هن کي هندي- سنسڪرت جي پڇاڙين مان نڪتل ڄاڻايو آهي. سچُ آهي ته ڪهاوت لفظ جي اشتقاق بابت پختائيءَ سان ڪُجھ چوڻ سولو نه آهي. پر تڏهن به نتيجي ۾ چئي سگهون ٿا ته ’ڪٿا وارتا‘ جو پراڪرت روپ آهي. ’ڪهاوتا‘ جڪيو آوازن جي تبديلي توڙي معنيٰ جي لحاظ کان ڪهاوت لفظ جو گهڻو ويجهو آهي. ٻئي طرف ڏسجي ته جيڪي عالم هن لفظ جي رچنا ۾ عربي ’آوت‘ پڇاڙي ڄاڻائين ٿا، اُها به ناممڪن نه آهي. لِکاوٽ، سَجاوٽ، بناوٽ وغيره لفظن جي طرز تي ’ڪهاوٽ‘ ۽ پوءِ ’ڪهاوت‘ لفظ جو ارتقا آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. ’ڪهاوت‘ ۽ ’ڪهت‘ لفظ ’ڪهاوت‘ جي بگڙيل لفظ ۽ ننڍا روپ ئي آهن.
    سنڌيءَ ۾ پهاڪي لاءِ ٻيو لفظ ’چوڻي‘ به عام جام ٻوليءَ ۾ ڪتب ايندو آهي. اِهو ’چوڻ‘ فعل مان ٺهيل اسم ذات لفظ آهي، مطلب ته چيل گفتگو يا ڳالھ. اِن لاءِ هنديءَ ۾ ’اُڪِت‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ’Saying‘ مترادف لفظ آهن.


    ۲.۳ ٻين ٻولين ۾ پهاڪن جا هم معنيٰ لفظ:

    (۱) ٻين ملڪن جي ٻولين ۾ ڪتب ايندڙ لفظ:
    پهاڪو ٻوليءَ جو هڪ سينگار آهي ۽ سينگار ان سبب ادب جو هڪ خاص جزو آهي. دنيا جي سڀني ملڪن جي ٻولين ۾ پهاڪي جو پڻ استعمال جهجهي انداز ۾ ٿئي ٿو. اَچو ته ڀارت- پاڪ ننڍي کنڊ کان سواءِ ٻين ملڪن جي ڪن ٻولين ۾ پهاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ هم معنيٰ لفظن جي ڇنڊڇاڻ ڪريون، جيئن هن لفط جي پيدائش ۽ معنيٰ تي وڌيڪ روشني پئجي سگهي.
    يوناني (Greek) ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ لفظ آهي ’Paramecia‘، جنهن جو ناتو اهڙي عام چوڻي يا اهڙي عام سِٽ سان آهي، جيڪا گهڻي وقت کان ماڻهن جي زبان تي قائم رهي آهي ۽ جنهن کي يونان جو هر هڪ شخص سڃاڻي ٿو. اِٽالين ۽ لئنٽن ۾ پهاڪي لاءِ ’Proverbio‘ لفظ ڪتب ايندو آهي. ٽسڪن ٻوليءَ جو لفظ آهي Dettato؛ اِنهن جو لاڳاپو اهڙي سِٽ يا چوڻيءَ سان آهي جنهن جو هر هر يا وري وري دُهراؤ ٿيندو رهي ٿو. اِن طرح پهاڪو هڪ پيڙهيءَ طرفان پنهنجي اچڻ واري پيڙهيءَ کي ٻڌائجي ٿو، جنهن سان اُهو ذهن ۾ هميشه لاءِ رهجي وڃي ٿو. اسپين جي ٻوليءَ ۾ پهاڪي جو هم- معنيٰ لفظ آهي ’Refran‘ جنهن جي معنيٰ آهي اُها ڳالھ يا اُها سِٽ جنهن جو دُهراؤ وري وري ٿيندو آهي. اسپين جي ٻوليءَ ۾ Proverbio پهاڪي لاءِ نه، پر (سٺن لفظن) لاءِ ڪتب ايندو آهي. ترڪي ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ’Atalar sozu‘ لفظ جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي معنيٰ وڏنِ اَبنِ- ڏاڏن جون چوڻيون يا آزمودن سان ڀريل سِٽون. چين جي ادبي ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ’Yen‘ يا ’yen yu عام فهم لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’سنسڪرت‘ يا سِڌ (سُڌريل) لفظ‘. ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري ٻوليءَ ۾ ’su-hua‘ يا ’su-ya‘ جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي عام ڳالھ يا مُروج سِٽ (چوڻي). عربي ٻوليءَ ۾ ’Mathal‘ يا ’Tamthal‘ پهاڪي ۽ تشبيھ جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندڙ لفظ آهن، جيڪي اشتقاق جي لحاظ کان به ساڳي چوڻيءَ جي معنيٰ رکن ٿا.
    روس ۽ بلغاريا جي ٻوليءَ ۾ ’Poslovista‘ پهاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ آهي. چيڪو سلو واڪيا جي ٻوليءَ ۾ اِنهي معنيٰ جو اظهار ڪندڙ لفظ آهي ’Prisolvi‘. اِسٽونيا جي لفظ ’Vanasona‘ جي معنيٰ آهي ’پراڻا لفظ‘. فِنلينڊ جي ٻوليءَ ۾ پهاڪي جو هم- معنيٰ لفظ آهي ’Sanalasku‘ جنهن جو بنيادي مطلب آهي، ڪنهن لفظ جو ڪِري پوڻ. جاجيا ۾ پهاڪي لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ آهي ’انداز‘، جنهن جديد ادب ۾ پنهنجي پاڙ ڄمائي ورتي آهي. اِهو لفظ فارسيءَ جي ’مثال‘ يا ’بناوٽ‘ جي معنيٰ ۾ هلندڙ آهي. قديم زماني ۾ جارجين لفظ ’Igavi‘ پهاڪي ۽ اخلاقي ڪهاڻي ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿيندو هو.
    هيبريو يا عبراني ٻوليءَ جو ’Mashal‘ لفظ پهاڪي، تشبيھ يا هڪ روپتا جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آهي. جاپاني جي ’Kota-waga‘ جو اشتقاق موجب مطلب آهي، اهڙا لفظ جو استعمال ٿيندو آهي، جيڪو عربي لفظ ’Masal‘ جو جمع آهي. مصدر جي معنيٰ جي لحاظ کان ’Masal‘ اُها سِٽ آهي، جيڪا ڪنهن به شيءِ کي ياداشت جي رستي تي وٺي ايندو آهي. پولينڊ جي ٻوليءَ جو ’Przyslowil‘ لفظ يوناني ٻوليءَ جي ’Paroemia‘ جي معنيٰ جي صحيح پٺڀرائي ڪري ٿو. سيام ۾ پهاڪي لاءِ ’Suphasit‘ جو استعمال ٿيندو آهي. اِهو لفظ پاڻيءَ جو ’سُڀاسِتو‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سريشڻ اُڪِت (سڀني کان سٺي چوڻي). جرمن ٻوليءَ ۾ چوڻي ءَ (الڪوڪت) لاءِ ’Sprich-worter‘ استعمال ٿيندو آهي. هن جي هڪ ڪڙي sparch جي معنيٰ آهي ’ٻولي‘ ۽ ’Wort‘ جي معنيٰ آهي ’لفظ‘. پهاڪي لاءِ جئبي لفظآهي ’Da le kpa‘؛ تيتي ڪٿا جي معنيٰ ۾ به اِهوئي لفظ ڪتب ايندو آهي. ويتڀتي يا پيدائش جي خيال کان هن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”پراڻيُن ڳالهين کي وٺڻ ۾ اُنهيءَ کي نئين دؤر ۾ ڪم آڻڻ“. ’Proverbs‘ لفظ ته سموري اَڻڀي ڳالھ جي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو پر پهاڪي جي معنيٰ لفظ آهي. ’Sakamvards‘ جنهن جي معنيٰ آهي بيان جي لائق ورجاءُ جوڳو لفظ. مليه ٻوليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ’Umpaman‘ يا ’Per-Umpam-an‘ لفط هلندڙ آهن. اِهي لفظ سنسڪرت ’اُپما‘ مان نڪتل آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ’ساڳيائي، هڪجهڙائي، ساڳي شڪل واري يا مثال. اِنهيءَ ڪري ’Umpama-an‘ جي معنيٰ ٿي: پهاڪو، اخلاقي ڪهاڻيون، شڪلي استعمال يا ڪنهن به ڳالھ جي پٺڀرائيءَ لاءِ مثال. مليه ٻوليءَ ۾ جڏهن پهاڪن کي ڪٿي به لکبو آهي ته ’Saperti Kata arif‘ يعني ’عالم ائين چوندا آهن‘ سٽ جو استعمال ڪبو آهي.

    (۲) ڀارت جي ٻولين ۾ ڪتب ايندڙ پهاڪن جا هم معنيٰ لفظ:
    سنسڪرت ۾ پهاڪي لاءِ آڀاڻڪ، پرواد، لوڪوڪِت، لوڪ پرواد لوڪ- ڪي گاٿا، پرايو واد وغيره لفظن جو استعمال ٿيندو آهي. سنسڪرت ٻولي جي رسالي ’مڃجوُشا‘ ۾ پهاڪن کي خوبصورت عنوان جي هيٺ گڏ ڪري ظاهر ڪيو ويو آهي. هن رسالي جو ايڊيٽر شري ڪشٽيشچندر چَٽوپاڌيايه آهي. والميڪي رامائڻ ۾ پهاڪي لاءِ پرواد، لوڪ پرواد ۽ لوڪِڪي گاٿا لفظن جو استعمال ٿيل آهي. مثال ڏسو:
    • پرواد: سَتيه ايوايم توان پرتِ پرايَشو نرپ،
    پَتِو تانان ناڪسما تپنته شرُوڻِ ڀوُتلي.
    يعني، راوڻ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ سندس زال مندودري راوڻ کي پنهنجي سوچ ۾ رکي چوي ٿي، ”هي راجن، هن ڌرتيءَ تي پتي ورتائن (باوغا عورتن) جا ڳوڙها اُمالڪ ئي نه ڪِرندا آهن“. اِهو ’پرواد‘ (چوڻي) توهان جي حمايت ۾ آهي.
    (۲) لوڪ پرواد: ستِيو اين پنڊتئھ سَمُدا هرت ھ.
    اَڪالي دُرلڀو مرتويھَ اِستريا واپُروشيسيه وا.
    اشوڪ واٽڪا (راوڻ جي لنڪا جو اهو باغ جتي سيتا قيد هئي) ۾ ويٺل ڏکويل سيتا جي چوڻي آهي، ”عالمن پاران چيل هي ’لوڪ پرواد‘ سچ آهي ته چاهي عورت هجي چاهي مردُ، ڪنهن جي به منحوس وقت ۾ موت اڻٽر ٿيندو آهي.“
    (۲) ڪلياڻي بَتَ گاٿين لوڪڪِي پرتِڀاتِ مي،
    ايتِ جيونتمانندو نرن ورششتادِپِ.
    ڀرت هنوُمان کي چوي ٿو، ”اها لوڪڪي ٻولي مون کي فائديمند لڳي ٿي جيڪڏهن اِنسان جيئرو رهيو ته چاهي هڪ سؤ سال گذري وڃن، هُن کي ڪڏهن نه ڪڏهن سُکُ ضرور ملندو آهي.“
    ”ڪادمري“ ڪتاب ۾ ٻاڻ ڀٽ به پهاڪي لاءِ هم معنيٰ لفظ ’لوڪ پرواد‘ ڪتب آندو آهي:
    ”ستيوين لوڪپروادو يتُ وِپدُ وِپدن سنپتسن پد منُبڌناتِ يعني اِهو ’لوڪ پرواد‘ سچو آهي ته مصيبت پُٺيان مصيبت ۽ ڌن پٺيان ڌن ايندو آهي.
    نقاد ڪاشي ناٿ پانڊرُنگ پاران مرتب ڪيل ”مادمبري“ (ٻاڻ ڀٽ ۽ ڀوشڻ ڀٽ) جي ستين ڇاپي جي صفعي ۱۴۶ تي لکيل آهي:
    ”لوڪ پرواو جنانان چرنتنو وچنوَيا پارھ“
    معنيٰ ’لوڪ پرواد‘ ماڻهن جو قيام ڪيل وچن واپار آهي: اِنهيءَ ريت ”ڪٿا سَرت ساگر“ ۾ به ’پرواد‘ جو استعمال ڏسو:
    ”ستيَھَ پروادو يد ڇِدرشوَ نرٿا يانتِ ڀُورِتام“.
    معنيٰ، ’اهو پرواد سچ آهي ته مصيبت پٺيان مصيبتون اينديون آهن.
    پاليءَ ۾ پهاڪي لاءِ ’ڀاسِتو‘ لفظ جو استعمال ٿيندو آهي، جنهن جو مطلب آهي، اُها ڳالھ جيڪا عام ماڻهن جي رواج ۾ مشهوور آهي. ’پائه سَدد مهاڻوو‘ ۾ پهاڪي جعي هم معنيٰ لفظ جي شڪل ۾ ’آهاڻ‘ ۽ ’آهاڻيه‘ لفظن کي ڪتب آندو ويو آهي.
    ’سر سُندري چرِئن‘ جيڪا شري مڌنيشوَرِ، مُنيشور پاران جوڙيل آهي، اُن ۾ پهاڪي لاءِ ’آهاڻ‘ ۽ ’ڪَنوَدَنتي‘ سان گڏوگڏ آهيڻ‘ لفط جو استعمال ٿيل آهي. مثال طور:
    اَھ ڀَڻيئهِ پُهاءِ- ناهو اِسين هُسي اُڻ، ديو تن سچن.
    آهيڻن سنجاين جن سمئه ايٿ لوگامي....
    يعني پرٿوي ناٿ کِلي چوي ٿو ته هِن لوڪ ۾ هلنڊر اها ڳالھ سچ آهي.
    ’سيتا رام چؤپائي‘ جيڪا ڪوِيوَر سميه سُڻدرن پاران لکيل انتخاب آهي، اُن ۾ به ڪهاوت/ پهاڪي لاءِ هڪ هنڌ تي ’آهيڻ‘ لفظ جو استعمال ٿيل آهي:
    اُنڌتڻئهِ وِڇاڻُ لاڌءُ، آهِيڻئه دوڪانئنءُ بي
    مُنگنه چائُل مانِھ گهي گهڻئهُ پريساڻئُوي.
    يعني: اُٻاسي ڏيندڙ کي هنڌ ملي ويو، مُڱنِ ۾، چانورن ۾، ججهي انداز ۾ گِھُ ڀرڇيو وِيو. ’کاڻيم، رتنَ شيکر سوريءَ (وءڪرمي سنبت ۱۴۱۶) جي ’سِربال ڪها‘ ۾ پهاڪي لاءِ لفظ ڪتب آيل آهي:
    اَهَوا نَرَر تُمئي اييُن اکاڻاين ڪَين سَچمَ
    پائوُڻ پاڻين پَڇا پُڇجئي گيهن.
    يعني: اي نروار! اهو پهاڪو تو سچ ڪري ڏيکاريو؛ پاڻي پي ڪري وري گهر بابت پڇين ٿو.
    اَپڀرنش ۾ ’اَهاڻئهُ (آڀاڻَڪَ) لفظ پهاڪي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.
    جديد ڀارتي ٻولين ۾ پهاڪي جي هم معنيٰ لفظ هيٺين ريت آهن:


    ۲.۴ پهاڪي جي وصف ۽ خاصيتون:

    پهاڪو ٻوليءَ جو اَلنڪار (سينگار) آهي. رڳو اَلنڪار ئي نه، بلڪ، اَلنڪار کان به وڌيڪ، عام ماڻهن جي ڄاڻ سان ڀريل گُفتگو، آزمودي ۽ تصوير جي تَرَڪَشَ مان نڪتل تير آهي، جنهن جو استعمال سياڻا ۽ اَياڻا، پڙهيل ۽ اَڻپڙهيل سڀئي ڪن ٿا.
    وصف:
    پهاڪي جون گهڻيئي وصفون مِلن ٿيون، پر اُنهن مان هڪ به وصف اهڙي ڪا نه ٿي ملي، جنهن کي سڀني عالمن پوري ريت قبول ڪيو هُجي. سڀني وصفن ۾ ڪا نه ڪا اوڻائي نظر اچي ٿي.
    ڪيترن ئي عالمن پهاڪن جون ننڍيون ننڍيون گهڻيئي وصفون ڏنيون آهن. اُهي گهڻو ڪري سُهِڻن لفظن سن پرويل ته آهن، پر پهاڪن جي سڀني خاصيتن کي ظاهر نه ٿيون ڪري سگهن. جيئن ته انگريزي ٻوليءَ ۾ پهاڪي جي هڪ وصف هن طرح ڏنل آهي: A proverb is a saying without an author سچ آهي ته گهڻن ئي پهاڪن جا رچيندڙ اهڙا آهن، جن جي باري ۾ ڪا به معلومات حاصل نه ٿي سگهي ٿي. پر شاھ، سچل، سامي ڪبير، تُلسي، شيخ اياز، وغيره جي ڪوِتائن جي گهڻي ئي سِٽون اڄ پهاڪي جي روپ ۾ عام ماڻهن ۾ مشهور آهن ۽ اُنهن جي اسان کي ڄاڻ به آهي. هاڻي اِهو سوال ٿو اُٿي ته اهڙن سُخنن کي پهاڪو چئجي يا نه؟ ڇا رڳو اُهو گفتو ئي پهاڪو آهي، جنهن جي رچيندڙ جي اسان کي خبر نه آهي؟
    اچو ته انهن سوالن جا جواب عالمن پاران ڏنل ڪن پهاڪن جي وصفن مان ڳولهي لهون:
    (۱) پهاڪو اُهو آهي، جنهن ۾ گهڻن ويچارن کي ڪاڙهي اُنهن جو عرق ڪڍي، ٿورن لفظن ۾ رکيو ويو آهي.
    A proverb is much matter decocted in few words. (Wor-thies of England, ch 2, Thomes Fuller, Racial proverbs. P.3)
    (۲) پهاڪو پنجن کَنُ لفظن وارا هيرا آهن، جيڪي زماني جي اِشارو ڪندڙ ڏسڻي آڱر تي هميشه چمڪندا پيا رهن.
    Jewels five words long that on the stretched forefinger of time sparkle for ever. (Tennyson),
    (۳) ڪنهن به قوم جي اعليٰ درجي جي سمجھ، ڏاهپ ۽ روح جي سڃاڻپ انهيءَ جي پهاڪن مان ٿئي ٿي.
    The genius, wit and spirit of a nation are discovered in its proverbs. (Francis Bacon)
    (۴) پهاڪا اُهي ننڍڙي گفتا گهڻي آزمودي يا تجربي مان نِڪتا آهن.
    Proverbs are short sentences drawn from long experience. (Don Quixote: Cervantes)
    (۵) پهاڪو هڪ اهڙو جملو آهي، جيڪو سوُتر (قاعدي) جي شڪل وارو ۽ سچو آهي. اُهو ڊگهي عرصي کان وٺي عام ماڻهن ۾ قبوليو ويو آهي.
    A proverb is a short sentence, sententious and true, long since accepted by common consent (Capriano De Valera)
    (۶) پهاڪو هڪ اهڙو ننڍڙو گفتو آهي، جيڪو ٻول چال ۾ مُروَج آهي ۽ عوام ۾ تسليم ٿيل آهي. اُهو هڪ سوتر (قاعدي) جي شڪل وارو جملو آهي. اُنهيءَ ۾ گهڻو ڪري ڪا ڳجهي ڀيٽ يا تجنيس حرفي (اَنُپراس) هوندي آهي. اُنهيءَ ۾ اهڙي ڪنهن سچائيءَ جو اظهار هوندو آهي، جنهن جي تصديق يا پرک، تجري يا جاچ جوچ وسيلي ڪيل هوندي آهي ۽ سڀنيءَ ۾ ڄاتل سڃاتل هوندي آهي.
    Proverb… A short pithy saying in common and recognized use: concise sentence, often metaphorical or alliterative in form, which is held to express some truth ascertained by experience or observation and familiar to all. (Encyclopedia Britannica. P 624).
    (۷) پهاڪا اهڙا آڳاٽا بچيل جزا آهن، جيڪي پنهنجي ننڍڙي شڪل ۽ صحيح معنيٰ سببان قديم فلسفي جي کنڊر مان سالم صورت ۾ کوٽي هٿ ڪيا ويا آهن.
    Remnants which, on account of their shortness and correctness have been saved out of the wreck and ruin of ancient philosophy. (Aristotle).
    (۸) پهاڪو ڪنهن هڪ شخص جو ڏاهپ ڀريو گفتو آهي، جنهن ۾ گهڻن ئي ماڻهن جي سياڻپ سمايل آهي.
    A proverb is a wit of one and wisdom of many. (lord John Russell).
    (۹) پهاڪو سياڻپ جو عرق آهي.
    Proverbs may be said to be the abridgement of wisdom. (Joubert)
    (۱۰) پهاڪو، ننڍڙو ۽ نصيحت آمير هڪ اهڙو گفتو آهي، جيڪو روايت کان وٺي مروج آهي.
    A proverb is a terse didactic statement that is current in tradition. (Archer Tayler).
    (۱۱) پهاڪا اُهي ننڍڙا آهن، جن ۾ قديم زماني جي عالمن، نِيمنِ وانگر، زندگيءَ کي مختلف روپ ۾ سجائي سينگاري رکيو آهي.
    Short sentences into which, as in rules, the ancient have compressed the life. (John Agricola)
    (۱۲) پهاڪو سياڻن جي سُخنن جي سمجهاڻي آهي.
    A proverb is the interpretation of the word of the wise. (Erasmus)
    (۱۳) پهاڪا سياڻپ جا اُهي ننڍڙا آهن، جيڪي آڳاٽي زماني ۾ اخلاق يا نيتي جي اڻ لکيل نيمنِ (اصولن) وانگر ڪتب ايندا هئا.
    These fragments of wisdom, the proverbs in the earliest ages served as the un-written laws of morality. (Disraeli)
    (۱۴) ڪو به سُخن يا گفتو، پهاڪي جي درجي کي حاصل ڪري، اُنهيءَ لاءِ لازمي آهي ته اُنهيءَ جو جنم عام ماڻهن مان ٿيو هُجي، يا اُهو هڪ سچائيءَ جي روپ ۾ عوام ذريعي تسليم ڪيو ويو هجي. مطلب ته پهاڪي جو عوام ۾ مروج هئڻ لازمي آهي.
    To attain the rank of a proverb, a saying must either spring from the masses or be accepted by the people as true. In a profound sense it must be vox populi. (Encyclopedia of Religion and Ethics- Hastings vol. x, p. 412)
    (۱۵) پهاڪا، تحريري صورت ۾ قلمبند ٿيڻ کان گهڻو اڳي، زباني روايتن ذريعي اسان تائين پهتا آهن. اُهي اهڙي سياڻپ جا هوبهو ننڍڙا روپ آهن، جنهن جو جنم شخصي تجربي ۽ جاچ مان ٿيو آهي.
    Proverbial utterances, transmitted by oral tradition long before they were put on paper, were concrete fragments of wisdom, the result of observation. (Smith and Heseltine, Oxford Dictionary of English Proverbs, 1952 Introduction).
    (۱۶) پهاڪا روزمرھ جي زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل تجربي جون ڌيئر آهن.
    Proverbs are the daughters of daily experience.
    (۱۷) پهاڪا، ٻوليءَ جا اُهي تيز هٿيار آهن، جيڪي وهنوار ۽ ڪمن ڪارن جي ڳنڍين کي ڪپي اندر گهڙي ٿي وڃن.
    Edge tools of speech, which cut and penetrates the knots of business and affairs. (Bacon)
    (۱۸) پهاڪو ڪنهن قوم جو اهڙو فارمولو آهي، جيڪو گهڻي عرصي کان وٺي اڃا تائين عام واهپي ۾ هوندو پيو اچي. اُهو اهڙي صلاح يا نصيحت ٿو ڏئي، جيڪا لازمي طور عام ماڻهن لاءِ آهي ۽ النڪارن (سينگارن) سان سينگاريل آهي، جنهن ۾ ڪا ڳجهي ڀيٽ يا تمثيل سمايل آهي.
    A proverb is a racial aphorism which has been or still is in common use, conveying advice or council unwarily common flagged figuratively disguised in metaphor or allegory (Racial Proverbs, Introduction P.X.V).
    (۱۹) پهاڪا ماڻهن جي سڀاوَ وهنوار جي سِڪي جي شڪل ۾ هلندڙ آهي ۽ نئين ٽهيءَ کي اَبن ڏاڏن کان ورثي جي شڪل ۾ حاصل ٿيل آهن. (ڊاڪٽر ڪنهيا لال سهل)
    (۲۰) پهاڪا رڳو اڌ سچ ٿين ٿا.
    Proverbs are usually but half truths and seldom contain the principle of the action they teach (T.T. Munger).
    (۲۱) هن ننڍي گُفتا وڏن آزمودن مان نڪتل آهن.
    Short sentences drawn from long experiences.
    (۲۲) پهاڪو عقلمند شخص جي ٻولن جي سمجهاڻي آهي.
    A proverb is the interpretation of the hard of the wise. (Bible)
    (۲۳) ڪسي ڀي ڀاشا ڪي شبدوالي (اکرپٽي) اُس ڀاشا ڪي جنتاڪي سينڪڙو ورشون اَڀِگياتا ڪا سمپُنٽ هئه. يه اَڀِگياتا جيون ڪي سب وياپارون کي آڌار پر هوتي هئه. (سُنتي ڪمار چئٽرجي)
    اِن طرح دنيا جي گونا گون ٻولين جي عالمن جدا جدا پهاڪن جو اڀياس ڪري مٿي لکيل جيڪي پهاڪن بابت وصفون ڏنيون آهن، اُنهن وصفن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان مکيه طور هيٺيون خاصيتون نظر اچن ٿيون:
    (1) پهاڪن ۾ ٿورن ئي لفطن ۾ گهڻن خيالن جو عرق هجي ٿو.
    (2) پهاڪن ۾ گهڻو ڪري ڪنهن قوم يا ذات جي اعليءِ درجي جي سمجھ ملي ٿي.
    (3) پهاڪن ۾ زندگيءَ جا تجربا لِڪيل آهن.
    (4) پهاڪو ڊگهي عرصي کان وٺي عام ماڻهن ۾ قبول ٿيل آهن.
    (5) پهاڪو هڪ فارمولي جي شڪل ۾ مقرر لفظن تي ٻڌل جملو آهي، ٻول چال ۾ مروج آهي، ۽ هِن ۾ سچائيءَ جو اظهار هوندو آهي.
    (6) پهاڪن ۾ قديم فيلسوفيءَ جو عرق سمايل آهي.
    (7) پهاڪن ۾ گهڻن ماڻهن جي سياڻپ سمايل آهي.
    (8) پهاڪا تجربي جون ڌيئر آهن.
    (9) پهاڪن ۾ ڳُجهي ڀيٽ يا تمثيل سمايل هجي ٿي. هيسٽنگس نالي هڪ عالم پهاڪن جي گهرائيءَ سان اوک- ڊروک ڪري، اُنهن ۾ چئن وصفن جو هئڻ لازمي ڄاڻايو آهي.
    Four qualities are necessary to constitute a proverb, brevity (or, as some prefer to put it, conciseness) sense, piquancy or salt (Trench) and popularity (Encyclopedia of Religion and Ethics, Hastings, Vol. X, P-412)
    مطلب ته ڪو به سخن پهاڪي جو حاصل ڪري، انهيءَ لاءِ اُن ۾ چئن خاصيتن جو هئڻ ضروري آهي. اُهي آهن:
    • ٿور- اکرائي يا ننڍي شڪل
    • خيالن جي گهرائي
    • سلوُڻائي، ظرافت يا اظهار جي نزاڪت
    • لوڪ يعني عوام ۾ انهيءَ جو پرچار
    اِن طرح پهاڪن جي ڪيترين ئي وصفن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بعد اهي پهاڪن جي ڪسوَٽيءَ تي ٺيڪ طرح ثابت ٿين ٿيون يا نه؟ اچو ته ڏسون:
    (۱) ٿور- اکرائي يا ننڍي شڪل:
    پهاڪي ۾ جن چئن خاصيتن جو هئڻ ضروري چيو ويو آهي، اُنهن ۾ ٿور- اکرائي يا ننڍي شڪل پهاڪن جي پهرين ۽ ضروري وصف آهي. پهاڪا گهڻو ڪري ننڍا ٿين ٿا اُنهن ۾ گهڻو ڪري ويچارن جي گهرائي ٿورن ئي اکرن ۾ سمايل هوندي آهي. انگريزي ادب جي مشهور عالم شيڪسپيئر چيو آهي ته: Brevity is the soul of wit. شيڪسپيئر جي اِها ڪَٿ پهاڪن لاءِ به پوري طرح ٺهڪي اچي ٿي.
    پهاڪو ڪنهن به ٻوليءَ جو استعمال جو فارمولو آهي. جئين آلجبرا جي سوالن کي سلڻ واسطي فارمولن کي ياد رکڻو پوي ٿو، انهيءَ طرح ٻوليءَ کي سندر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پهاڪن کي ياد رکڻو پوي ٿو، انهيءَ طرح ٻوليءَ کي سندر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پهاڪن کي ياد رکڻو ٿو پوي. پهاڪن کي ياد ڪرڻ لاءِ اِهو ضروري آهي ته پهاڪا ننڍا هجن، جيڪڏهن پهاڪا وڏا هوندا، ته مقرر شڪل ۾ ياد نه ٿيندا. اِن سبب ڪري اُنهن جي ڦهلجڻ ۾ رُڪاوٽ پوندي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ننڍا پهاڪا ملن ٿا. اُنهن ۾ ڪجھ پهاڪا اهڙا به آهن جن ۾ رڳو ٻه يا ٽي لفظ ئي استعمال ٿيل آهن. جيئن ته:
    • قرضُ، مرض.
    • پنهنجي، سهِنجي.
    • بِسياري، خواري.
    • لاڙُ، ساڙُ.
    • ٻاليتو، نه ماليتو.
    • عقل کائي غم.
    • اٽو چئه گهوٻاٽو.
    • پنج، گنج.
    اِن طرح ٻيا به ڪيترا ئي پهاڪا آهن، جن جي ذريعي پهاڪن جي ننڍي شڪل تي روشني وجهي سگهجي ٿي، پر ٿور-اکرائي نسبتي لفظ آهي. ڪهڙي پهاڪي کي ننڍڙو چئجي ۽ ڪهڙي کي نه؟
    مثال طور:
    • ٻال هٺُ، زال هٺُ، راجا هٺُ، جوڳي هٺُ، اِهي جي هٺ تي چڙهن ته هيٺِ نه لهن.
    • پُلاھ جهڙي پدمِڻي، جي هَڪي حاضر هوءِ،
    ته پوسي وِجھ پيٽ ۾، مرُ پيٽُ ڦاٽي پوءِ.
    • ڄٽيءَ سُٽُ پُسايو، واڻِئي، وِڌيس وٽي،
    ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻيي ليکي ڄٽي،
    مُٺي سائي ڄٽي، مُٺي سائي ڄٽي.
    اِهي ڪجھ مشهور پهاڪا آهن، جن کي وڌيڪ ننڍو ڪري نه ٿو سگهجي. اِن حالت ۾ سوال اُٿي ٿو ته ٿور- اکرائي جو مطلب ڇا کڻجي؟ اِنهيءَ جو مطلب آهي ته پهاڪن ۾ گهربل معنيٰ جو اثرائتو اظهار ڪرڻ لاءِ جيترن لفظن جي ضرورت آهي، اُنهيءَ کان وڌيڪ لفظ اُن ۾ نه هئڻ کپن. اِنهيءَ کي ئي ٿور- اکرائي، اختصارُ يا ننڍي شڪل چئجي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالھ ته وڏن پهاڪن ۾ اظهار جو انوکو زنگ، تڪبندي هجي ٿي. اِن ڪري اُهي پڻ ياد ٿي وڃن ٿا ۽ زباني روايت ذريعي سماج ۾ مشهور ٿي وڃن ٿا.
    (۲) ويچارن جي گهرائي:
    جي گهرائي پهاڪن جي ٻي ضروري وصف آهي. عام طور پهاڪا مطلب ڀريا، سارُڀيا هجن ٿا ۽ اِهو ئي سبب آهي ته هوُ ايتري وقت تائين عوام ۾ چالو رهن ٿا. پهاڪا عام ماڻهن جا اُهي دوست آهن، جيڪي هر وقت سُک ۾، دُک ۾، خوشيءَ، غم ۽ پريشانيءَ وقت هميشه مدد ڪرڻ لاءِ تيار هجن ٿا. پهاڪن ۾ لِڪل گهري ڄاڻ کي اسين جيڪڏهن ڌيان سان ڏسون ته هو هميشه سُهڻي تربيت ڏيڻ لاءِ تيار هجن ٿا. اسسين ڪيئن تندرست رهون، ڪيئن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون، وغيره ڳالهين جو اشارو اسان کي پهاڪن ۾ سولائيءَ سان ملي ٿو. مثال طور:
    بيوقوف دوست کي بازار ۾ وٺي نه وڃجي ساڻ،
    پهرين ڪُٽائي پاڻُ، سار لهي سنگتيءَ جي.
    اِن پهاڪي ۾ ڪهڙي نه سُٺي سکيا آهن. اِهو سچ آهي ته پهاڪن ۾ اُها طاقت آهي، جنهن جي مدد سان هرڪو شخص ڏُکيائين ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. زندگيءَ جو علم، عام ماڻهن جا آزمودا، خيالن جي گهرائي پهاڪن جا مکيه گڻ آهن. ڏسو:
    زندگيءَ ۾ ناڻي جي اهميت ڏسي ڪنهن بزرنگ واتان نڪري ويو:
    ”اُٿ به ناڻو، ويھ به ناڻو، ناڻي بنا نرُ ويڳاڻو.“
    روزاني جيوت ۾ پئسي کي وڏي طاقت آهي. جنهن وٽان بدقسمتيءَ جي ڪري دولت هلي ٿي وڃي، ته پوءِ سندس دوست يار، مٽ، مائٽ، به کانئس ڪنارو ڪري ٿا وڃن. پوءِ اَوکي ويل ڪو به اُن شخص جو ساٿ نه ٿو ڏئي ۽ جيڪڏهن هُو ڪنهن دولتمند کان اُوڌر به وٺڻ چاهي ته ”شاهوڪار جا ٽِٽَ به کستوري“ چوڻو ٿو پوي. يعني اُن کي دولتمند جي ڪنهن خراب ڳالھ کي مڃي سندس پُٺِڀرائي ڪرڻي ٿي پوي.
    ڏاج ڏيڻ رسم اسان جي سماج جي هڪ پراڻي بيماري آهي. اُنهيءَ رسم ڪيترن ئي جي سوچ خراب ڪئي آهي، جنهن ڪري سڀني ڇوڪرين جي پيئرن کي پنهنجي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ کيس ڏاج ڏيڻ لاءِ گهڻي محنت سان دولت گڏ ڪرڻي ٿي پوي. اِهو ڏسي ڪنهن چيو ته:
    • اَبو گسي ڌيءَ وسي.
    ماءُ جي پنهنجي ٻار لاءِ مَمتا ازل کان مشهور آهي. ماءُ جي ڀيڻ برابري سڄي دنيا ۾ ٻيو ڪو به نه ٿو ڪري سگهي. ماءُ جي ڀيڻ يعني ٻار جي ماسي به اُن ٻار جي ماءُ جهڙي نه ٿي ٿي سگهي، کڻي هو هُن ٻار لاءِ ڪيترو به قرباني ڇو نه ڪري. اِن تي چوڻي مشهور آهي.
    • ماءُ ساماءُ، ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،
    ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساه.
    اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪا سياڻپ جا اهڙا سُخن آهن، جن ۾ وهنواريءَ زندگيءَ مان حاصل ڏاهپ سمايل آهي پر ساڳئي وقت پهاڪن جا اهڙا مثال نه ملن ٿا، جن ڪو اَونهون ويچار نظر نه ٿو اچي. جيئن ته:
    • ڀڄ چريا چي مست آيَئه.
    • شيرو ٻِلو شاھ جو، نه پيءُ جو نه ماءُ جو.
    • گنجي جي مٿي ۾ نه ڪا جُون نه ڪا ليک.
    • کوڙيءَ کي ئي گهمرو آهي.
    • ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مِٺو.
    اِنهي هوندي به اِهي پهاڪا سماج ۾ پنهنجي خاص جاءِ رکن ٿا ۽ وهنواري زندگيءَ ۾ ماڻهو اِنهن جو استعمال ڪن ٿا.

    (۳) سلوُڻائي، ظرافت يا اظهار جو نرالو ڍنگ
    پهاڪي جي ٽئبن ضروري وصف آهي سلوڻائي يا اظهار جو نرالو انداز. هر هڪ ٻوليءَ جو پهاڪن ۾ اِهو انداز ملي ٿو. سنڌيءَ ۾ به ظرافت سان ڀريل جهجهي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا، جيڪي سلوڻائي، ڏاهپ ڀرئي انوکي اظهار ۽ اثردار عبارت سببان ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪدم اثر ڪن ٿا. اهڙا پهاڪا عوام ۾ جلد ئي مشهور ٿي ويندا آهن. مثال ڏسو:
    • اٽو کاڌو ڪوئي، مار پئي گابي تي.
    • آهوجا کانين، پاهوجا پيٽ سور مرن.
    • سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
    • ماءُ موري، پيءُ تنبورو، پٽ وڄائڻ ۾ پورو؟
    • ٻرِي تيل، کامي وٽِ، واھ ڙي ڏيئا واھ!
    پر ٻئي طرف ڪجھ اهڙا به پهاڪا آهن، جن ۾ سلوڻائيءَ جي وصف گهٽ نظر ٿي اچي. جيئن:
    • پنهنجي سنهِنجي.
    • انُ آهي ته ايمان آهي.
    • ايڪ پنٿ، دوڪاج.
    • جتي باھ ٻري، اتي سيڪ اچي.
    اهي پهاڪا رڳو سِڌو سنواٽو ڪنهن ڳالھ جو بيان ڪن ٿا، پر اِنهن ۾ اظهار جي ڪا نه انوکائي نظر نه ٿي اچي.

    (۴) لوڪ پسندي
    پهاڪي جي اها چوٿين ۽ سڀني کان اهم وصف آهي. ڪو نه جملو يا قول تيستائين پهاڪو ٿي قطار ۾ نه ايندو، جيستائين اهو عوام ۾، عام ماڻهن ۾ مشهور نه ٿي وڃي.
    ڪنهن شخص جي نِجي آزمودن مان نڪتل ڳالھ يا نُڪتو اِن ۾ ٿور- اکرائي، خيالن جي گهرائي، اظهار جي نزاڪت ڇو نه هجي، پر جيستائين ٻين ماڻهن کي يا عوام کي پسند نه پوندي، تيستائين اهو سُخن پهاڪي جو درجو حاصل نه سگهندو. مثال طور: هڪ شخص کي روزمره جي زندگيءَ مان اِهو تجربو ٿيو ته ماٽيجي ماءُ سچو پيار سچي ممتا نه ڏيندي آهي. انڌو ڇاڪاڻ ته ڏسي نه سگهندو آهي، انهيءَ لاءِ ڪٿي به ٿُڪ ڦٽي ڪندو آهي، جنهن ڪري ٻين کي تڪليف ٿيندي آهي. ٻيو ته برسات پوڻ کان پوءِ جيڪا اُس نڪرندي آهي، اها ڏاڍي تنگ ڪندي آهي. انهن آزمودن جي ڪري ڪنهن شخص هڪ گفتو بيان ڪيو ته ”جُهڙ جي اُس، انڌي جي ٿڪ ۽ ماٽيجي ماءُ جي مُڪ، جتي لڳن اُتي سُڪ.“ اهو گفتو ٻين کي به وڻيو. ڇاڪاڻ ته انهن کي به ساڳيوئي آزمودو ٿيو هو. آهستي آهستي اهو جملو عام لوڪن ۾ پسند پيو ۽ پهاڪو بڻجي ويو.
    پر ٻئي پاسي هاويل جو هيءُ گفتو ”گهمنڊ اهڙو گُل آهي، جيڪو دئيتن جي باغيچي ۾ ٽڙي ٿو.“ پهاڪي جون ٻيون ٽي وصفون هئڻ بعد به پهاڪي جو درجو حاصل نه ڪري سگهيون. ڇاڪاڻ ته اهو عام ماڻهن ۾ عام نه ٿي سگهيو.
    سترهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جيمس هاويل نالي هڪ مشهور ليکڪ هو. هُن پنج سؤ کن ننڍڙا نصيحت ۽ سِکيا سان ڀريل گفتا گڏ لکي تيار ڪيا هئا. اُنهن جو مجموعو هُن ڇپائي پڌرو ڪيو. انهن ۾ مٿي ڏنل جملو به شامل هو، پر هاويل جا اهڙي قسم جا سُخن پهاڪا بڻجي نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي عوام ۾ مشهوري حاصل نه ٿي سگهي آهي. عوام انهن کي پنهنجو نه بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ ۾ اُنهن کي استعمال نه ڪيو آهي. اِنهيءَ مان ثابت آهي ته عوام ۾ عام ٿيڻ يا ماڻهن کي پسند اچڻ هر هڪ پهاڪي جي لاءِ لازمي وصف آهي، پر انهيءَ ۾ به شڪ نه آهي ته سٺي پهاڪي لاءِ لوڪ پسنديءَ سان گڏ ٻين ٽن وصفن جو هئڻ پڻ لازمي آهي. انهيءَ حقيقت کي پاڻ به قبول ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته:
    The people’s voice, the voice of God we call,
    And what are proverbs, but the people’s voice,
    Coined first and current made by common choice,
    Then sure they must have weight and truth withal.
    مطلب ته ”پهاڪا عوام جو آواز آهن، اِنهيءَ ڪري اسان اُنهيءَ ڪري اسان اُنهيءَ کي الله جو آواز سڏيون ٿا. شڪ نه آهي ته اُهي عام ماڻهن جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهن. ڪو به پهاڪو چاهي اول ڪنهن هڪ شخص ٺاهيو هو، اُهو ٻين ۾ قبول پوڻ تي سماج ۾ مشهور ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري هر هڪ پهاڪي ۾ وزن ۽ سچائيءَ جو هئڻ ضروري آهي.“ ڪجھ لوڪ پسند پهاڪو ڏسو:
    • جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس.
    • ماءُ ڏِسي پيٽ، زال ڏسي کيسا.
    • ڪاڻيءَ جي وِهانءَ ۾ سَنڪٽ گهڻا.
    • کير جو کاـيلُ، جهڻ ڦوڪي پئي.
    انهن پهاڪن جا رچيندڙ ڪير هئا، اها ڪنهن کي به خبر نه آهي، پر اهڙا پهاڪا هاڻي عام لوڪن ۾ قبول ٿي سڄي سماج جي گڏيل ملڪيت بڻجي پيا آهن.
    شاعرن جا ڪلام ڳُوڙهي ڄاڻ سان پُر هجن ٿا، پر اُنهن مان ڪجھ سِٽون ائين پهاڪي جي پد تي رستن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اُنهن کي عام ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ ٻين کي نه. شاھ لطيف جي ڪلام جون ڪجھ عام ماڻهن ۾ پسند ڪيل تُڪون ڏسو:
    • ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين؟
    • ڇاجي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.
    • لکيو منجھ للاٽ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.
    ٻئي طرف شاھ جي ڪلام مان ئي هيٺ ڏنل ڪجھ ٻيون سِٽون ڏسو جيڪي عام ماڻهن جي سمجھ کان ٻاهر آهن ۽ پهاڪي جو درجو حاصل نه ڪري سگهيو آهن:
    • پيهي جا پاڻ، ڪيم روح رهاڻ،
    نڪو ڏونگر ڏيھ ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
    • ايڪ قصر در لک، ڪؤڙين ڪڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    اِن طرح پهاڪن جي شڪل بابت هيستائين ڪيل ويچار ۽ وصفن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان مليل پهاڪن جو خاصيتون (ننڍو روپ، سلوڻائي، اونهي ويچار ۽ لوڪ پسندي) ڏسي انهن جي آڌار ئي چئي سگهجي ٿو ته اِهي وصفون سچ پچ پهاڪن جون ڪسوٽيون آهن. ڪنهن به سٺي پهاڪي ۾ انهن چئجي جو هئڻ ضروري آهي. اِنهن چئني ۾ مکيه ڪسوٽي آهي لوڪ پسندي يا عوام ۾ مروج هئڻ. جيڪڏهن ڪنهن گُفتي ۾ اِها وصف نه آهي ته پوءِ ان کي پهاڪو نه چئبو.
    ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا- هڪ اڀياس‘ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو تفصيل سان اڀياس ڪري، اُنهن جي وصف هن ريت ڏني آهي:
    ”اُهو سوتر پريوگ (قاعدي موجب استعمال)، جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن مان ٺهيل جملو يا جملن جو اهڙو ايڪو آهي، جنهن ۾ وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڄاڻ ڀريو پيو آهي ۽ جيڪو گهڻو ڪري لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، تنهن کي پهاڪو چئبو آهي. لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ويندڙ پهاڪي کي سنڌيءَ ۾ چوڻي به سڏيو ويندو آهي.“


    ۲.۵ پهاڪن جي سچائي ۽ ڪِن پهاڪن ۾ نظر ايندڙ تضاد:

    ڪڏهن ڪڏهن ڪن پهاڪن جي ويچار ۾ تضاد نظر ايندو آهي، يعني اُنهن ۾ هڪٻئي جي خلاف بيان محسوس ٿيندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ سوال ٿو پيدا ٿئي ته پهاڪن جي خيالن ۾ ڪيتري قدر وزن آهي؟ ڇا اُنهن جي بيان جي سچائي هر هڪ حالت ۾ لاڳو ٿي سگهي ٿي؟ سنڌيءَ ۾ اهڙن ڪُجھ پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:
    1. ڪِن سان ڪِن ڪو نه ڌوپندو. (جيڪڏهن ڪو بُرائي ڪري ٿو يا خراب هلٿ ڪري ٿو، ته ساڻس ساڳي هلت ڪرڻ سان هوُ سڌري نه سگهندو.)
    ٻئي طرف اِن جي اُبتڙ ويچارن وارا پهاڪا به ملن ٿا. جيئن ته: جهڙي سان ٿجي تهڙو يا لُچ سان ٿي لُچ ٿي ملجي. (يعني جيڪڏهن ڪو ڏنگو ٿل هلي ته توهان به ساڻس اُنهيءَ طرح هلت ڪري کيس سيکاريو).
    2. پُچڻا نه مُنجهڻا. (مطلب ته ٻين کان پُڇي ڪري ڪم ڪبو ته موجهارو نه ٿيندو).
    جيترو پڇندين، اوترو منجهندين. (هيءَ پهاڪو ماڻهوءَ کي اشارو ڏئي ٿو ته هُن کي پنهنجي سمجھ سان ڪم ڪرڻ گهرجي. هو جيترو ٻين کان صلاح وٺندو اوترو ئي منجهي پوندي. ڇاڪاڻ ته سڀ ڪو هُن کي پنهنجي پنهنجي عقل موجب صلاح ڏيندو ۽ ڪم ۾ مونجھ پوندي).
    ٻُڌجي سڀ ڪنهن جي، ڪجي پنهنجي. (سڀ ڪنهن کان راءِ وٺڻ گهرجي، پر پوءِ پنهنجي عقل سان سوچجي ته ڪهڙي واٽ صحيح آهي ته اُن موجب هلت ڪجي).
    3. جيڪي چُلھ تي، سي دل تي. (جيڪي پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا اُهي هميشه ياد رهن ٿا ۽ انهن ۾ سڪ ۽ پريت سدائين قائم رهي ٿي.)
    دورباش، خوش باش (گڏ رهڻ سان هميشه جهڳڙي ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، ان ڪري هڪ ٻئي پان پري رهجي، ته اُنهيءَ ۾ خير ۽ امن قائم رهي ٿو.)
    4. ٻه ڀائر ٽيون ليکو. (واپار ۾ سڀني کي پنهنجي حساب ڪتاب صاف رکڻ گهرجي.)
    شريڪ ۾ مريڪت ڇاجي؟ (مطلب ته ڀائيواري يا ڌنڌي واپار جي وهنوار ۾ لحاظ ڇاجي لاءِ ڪجي؟) پر انهيءَ جي اُبتڙ ٻي چوڻي آهي- ڀائرن ڪهڙا ليکا؟ (يعني پنهنجپائيءَ ۾ ڏي- وٺ يا حساب ڪتاب رکڻ جي ضرورت نه آهي).
    5. مهمان اچن وڏ ڀاڳين گهر يا مهمان آهن ڀڳوان جو روپ. پر ٻئي طرف چوڻي آهي؛ اَويلو مهمان پَٽائي پاڻ.
    اِن طرح انهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي خلاف ويچار نظر اچن ٿا. اِنهيءَ حالت ۾ سوال ٿو اُٿي ته پهاڪن ۽ ڪيتري قدر سچائي آهي.
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پهاڪا زندگيءَ جي آزمودن تي ٻڌل آهن. زندگيءَ جي راھ تي تضادن ۽ الڳ الڳ تجربن سان ڀريل آهي. ڪڏهن انسان ڏسي ٿو ته زندگيءَ ۾ آخرڪار سچائيءَ جي جيت ٿئي ٿي. ان تي هو چوي ٿو ته سچ ته بيٺو نچ. پر ٻئي طرف هوُ اهڙا به مثال ڏسي ٿو، جتي سچائيءَ جي راھ تي هلندڙ ماڻهن کي مصيبت جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. اهڙيءَ طرح حالت کي محسوس ڪري چوي ٿو ته، اکرُ نه کَٽي، مڪرُ کَٽي.
    اِنهيءَ مان ثابت آهي ته پهاڪن جي سچائي ڪا عالمگير سچائي نه آهي، جيڪا هر وقت، هر ملڪ ۾ ۽ هر حالت ۾ لاڳو ٿي سگهي. هڪ ئي حقيقت جو عڪس جدا جدا ڪُنڊن تان الڳ الڳ نظر اچي ٿو. ساڳيءَ طرح پهاڪن ۾ بيان ڪيل سچائي پوريءَ حقيقت جو ڪو هڪ خاص پهلو پيش ڪري ٿي. انهيءَ ڪري پهاڪن جو سچ اخلاقي نقطهِ نگاھ کان صحيح آهي. اُهو ترڪ تي ٻڌل مڪمل سچ نه آهي. جيون جي حقيقتن جا ماپا ۽ ماڻ اسين ڳڻپ جي اصولن مطابق مقرر نه ٿا ڪري سهگون. اهي ته جدا جدا حالتن ۾، الڳ الڳ زمان ۽ مڪان جي لحاظ بدلجندا ٿا رهن. اِن ڪري پهاڪن جي بيان ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي تضاد يا الڳ الڳ رايو ملي ٿو ته اُهو سُڀاويڪ آهي.


    ۲.۶ پهاڪا ۽ ٻيا سُخن

    هتي پهاڪن ۽ اُنهن سان مشابهت رکندڙ ٻين سُخنن جي وچ ۾ فرق ڏيکارجي ٿو:
    (1) پهاڪو ۽ حوالو:
    وڏن شاعرن جي شعر جون ڪجھ تُڪون ۽ ليکجن جون ڪڳجھ سِتون اڪثر بيان ۾ حوالي طور ڪتب آڻجن ٿيون، جيئن ته:
    • وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُل،
    حق حقيقي سو سڏُ، ورُ وائيءَ جو جي لهين. (شاھ)
    شاھ لطيف جي ڪلام مان اهڙيون سِٽون جيڪڏهن بيان ۾ ڪتب آڻبيون ته اُهي حوالا چئبا، جيڪي پنهنجي ڳالھ جي پُٺڀرائيءَ لاءِ، استعمال ڪيا ويا آهن. اِهي پهاڪن کان اِن ڳالھ ۾ الڳ آهن ته انهن جي رچيندڙن جي ڄاڻ آهي، پر ٻئي طرف پهاڪو اصل ۾ ڪنهن سِرجيو آهي، اهو گهڻو ڪري معلوم نه هوندو آهي. ٻيو ته اِهي سِٽون پهاڪن وانگر روزاني زندگيءَ جي شخصيءَ آزمودن تي بيٺل نه آهن. اِنهن ۾ اونهي فلاسافي سمايل آهي، جيڪا عام طور پهاڪن ۾ نه هوندي آهي. ٽيون ته عام ماڻهن ۾ ڦهلاءُ جيڪو هر هڪ پهاڪي جي لازمي وصف آهي، اُها پڻ اِنهن ۾ نه ٿي ملي. اِنهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته شاھ جي ڪلام جون ٻيون ڪيتريون ئي سٽون عوام ۾ عام هئڻ جي ڪري پهاڪي جو درجو حاصل ڪري چڪيون آهن. مثال طور:
    • ڏُک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏُکن ري،
    • تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل وِهڻ جي.
    • ڏات نه آهي ذات تي، جو وَهي سو لَهي.

    (۲) پهاڪو ۽ سڌانت سؤتر (فڪري/ عقلي سُخن):
    سنتن مهاتمائن جون نصيحتون ۽ ڏاهپ ڀريا نُڪتا پڻ پهاڪن کان الڳ آهن. جيئن ته:
    • علم اِنسان جي ٽين اک آهي.
    • خلقڻهار سچ ۽ سنسار ڪوڙ يا وهم آهي.
    • روح لافاني آهي ۽ جسم فاني آهي.
    اهڙا ٻول چاهي لوڪ ۾ مشهور به ٿي وڃن، ته به اُنهن جو واسطو ڄاڻ ۽ دماغي ورزش سان آهي. اِهي عام لوڪن جي اُپج نه آهن ۽ نه ڪي روزاني زندگيءَ ۾ شخصي آزمودن تي بيٺل آهن. اِن ڪري اهڙا اصولي قاعدا سُخن ۽ ٻول پهاڪا نه ليکبا آهن.

    (۳) پهاڪو ۽ ٽوٽڪو يا لطيفو:
    پرمانند ميوارام جي ڪتاب ”دلبهار“ ۽ ڪيول رام سلامت راءِ جي ڪتاب ”گل شڪر“ ۾ گهڻيئي ٽوٽڪا ۽ لطيفا گڏ ڪري ڏنا ويا آهن، چاهي ڪو ٽوٽڪو ٻن يا ٽن سِٽن جو ڇو نه هجي، پر اهو پهاڪو نه ٿو لکجي، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ ايڪائي وصف نه آهي. يعني اهو ڪنهن هڪ مقرر شڪل ۾ عوام ۾ نٿو دُهرايو وڃي. ٻيو ته اهڙن لطيفن ۽ ٽوٽڪن جو مکيه مقصد چرچو گهٻو ڪرڻ ۽ وندر سان گڏ نصيحت ڏيڻ هوندو آهي.

    (۴) پهاڪو ۽ پرولي:
    پهاڪن وانگر پروليون به عوام ۾ مشهور ۽ ننڍڙي شڪل ۾ واريون ٿينديون آهن، پر ٻنهيءَ جي مقصد جي وچ ۾ گهڻو فرق آهي. پهاڪا عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودن جو اظهار آهن. پرولين ۾ پڻ اِها وصف ملي ٿي، پر اُنهن جو مقصد ٻئي جي سهج فطري ڄاڻ جي پرک لاءِ دماغ کان ڪم وٺڻو پوندو آهي. روزاني زندگيءَ ۾ جڏهن پهاڪا پنهنجي ڳالھ جي پُٺڀرائي وغيره لاءِ ڪتب آڻجن ٿا، تڏهن پروليون ٻين کي سلڻ لاءِ ڏجن ٿيون. پروليون جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    • سوڙهي گهٽيءَ مان نانگُ لنگهائي ڏي (اُبداڻي ۾ اڳٺُ)
    • ماءُ ڄائي نه آهي ته پُٽُ ڪوٺو ٿو ٽپِي (باھ کان اڳ دُونهون نڪرڻ)
    • جيئن ڇڪ تيئن ننڍي ٿئي (ٻيڙي)
    • هيڏڙي، تِر جيڏڙي، وڏن جا ٿي پٽڪا لاهي. (جُونئن)
    • مڙس ٽنگيو پيو آهي زال پئي گُهمي. (ڪُلف ۽ ڪنجي)


    ۲.۷ پهاڪو ۽ محاورو يا اصلاح:

    ’محاورا‘ ۽ ’اصلاح‘ ٻئي عربي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جيڪي فارسيءَ ۾ به ڪتب ايندا آهن. اِهي لفظ پوءِ اُردو، هندي، سنڌي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ عام ٿي ويا آهن. ’محاورو‘ لفظ جو عربيءَ ۾ اُچار آهي، ’محاورت‘. اِهو ’حاور‘ يا ’حوَر‘ فعل مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي- موٽائڻ ورندي ڏيڻ. پوءِ اِنهيءَ جي معنيٰ ۾ تفصيل ٿي ويو آهي. پلاٽس اِنهيءَ جي معنيٰ ۾ تفصيل ٿي ويو آهي. پلاٽس اِنهيءَ لفظ جو اُردو- هندي ڊڪشنري ۾ معنائون ڏنيون آهن: (۱) گفتگو، ڳالھ- ٻولھ (۲) اصلاح، لفظي ميڙ، عام ٻول- چال جو طريقو (۳) ٻوليءَ ۾ استعمال، (۴) روايت، پرمپرا، عادت.
    جام سنڌي لغات ۾ ’محاوري‘ لفظ جو معنائون هن ريت ڏنل آهن: محاورو= جمع ’محاورا‘ (مذڪر) =هُن ورائي چيو- (عربيءَ ۾ بنياد- حور). گفتگو = ٻول- چال، ڳالھ- ٻولھ، سوال، جواب. علم نَحوَ جُملو ٺهڻ موجب اهو جملو، جنهن جي لفظي معنيٰ هڪڙي هجي ته ڪنايتاً (لاڪشڻِڪ) معنيٰ ٻي هجي. جيئن ته: اکيون پورڻ = بي شرم ٿيڻ، مرڻ، وغيره. اصلاح = ورجيس.
    پهاڪو ۽ محاورو ٻئي بيان ۾ اکري معنيٰ بدران ٻئي گهربل معنيٰ ۾ ڪتب ايندا پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته پهاڪو پورو جملو هوندو آهي ۽ محاورو جملي جو هڪ حصو هوندو آهي. محاورو جملي ۾ جدا جدا زمان موجب پنهنجي صورت بدلائي ڪتب ايندو آهي. پر پهاڪي جي رچنا ۾ ڪا به تبديل نه ٿيندي آهي. اهو بيان ۾ هڪ الڳ جملو يا واڪيه وانگر استعمال ڪيو آهي.


    ۲.۸ محاورو ۽ ورجيس:

    محارو يا اصلاح معنيٰ جي لحاظ کان ورجيس کان الڳ آهي. حقيقت ۾ ورجيس اهڙو استعمال آهي، جيڪو لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آهي، پر اهو ڪنهن خاص شڪل ۾ مروج ٿي ويندو آهي، جنهنڪري ٻين سوُتر پريوگن (مقرر بيهڪ استعمال ڪرڻ جي قاعدي) وانگر اُن کي به ايڪائي وصف حاصل ٿي ويندي آهي. مطلب ته اُن شڪل ۾ اسين پنهنجي مرضيءَ مطابق ڦير گهير نٿا ڪري سگهون. اردوءَ جي عالمن اهڙن استعمال کي ”روزمرھ“ يا ”بول چال“ جو نالو ڏنو آهي. مثال طور: ’ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ‘ هڪ ورجيس آهي، جيڪا لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندي آهي. هوُ اهڙو ڪُڇي، جهڙي ڀِت، به هڪ ورجيس آهي. محاوري وانگر ورجيس جملي جو هڪ حصو آهي، پر اِها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. ٻئي طرف محاورو بيان ۾ لفظي معنيٰ ڇڏي ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏيندو آهي. اُها ٻي معنيٰ لڪشڻا يا ويجنا ذريعي ملندي آهي. اُهائي بيان ۾ گهربل معنيٰ هوندي آهي.
    ’ورجيس‘ لفظ جا سنڌيءَ ۾ ٻيا اُچار آهن- وَرَجَس، وَرَجَ. ’جامع سنڌيءَ لغت’ ۾ اِنهن جون معنائون ڏنل آهن-
    - ورج= رسم رواج، دستور، هلت، رهڻي- ڪرڻي، ريت، پرويز، پر، هِلي- چلي، مرجاتا، وتيرو، حالت، عادت، هير، ورد، محاورو، اِصلاح وغيره.
    ’ورجيس‘ جون پڻ ساڳيون ئي معنائون ڏنل آهن. ورجيس جو سنسڪرت ۾ بنياد آهي. وَرت يا ورِت ڌاتو. اُن جون معنائون گهڻيئي آهن جن مان ڪجھ هن ريت آهن- هُئڻ، ٿيڻ، ڪرڻ، موٽڻ، (ڀيٽو سنڌي فعل ورجائڻ) گذر ڪرڻ، رِواج ۾ هئڻ. اِن مان اِسم ٺهيل آهي- ’وَرت‘ جيڪو لفظن جي خاص استعمال يا طاقت لاءِ به استعمال ڪبو آهي. وَرج- وَرَجَس- ورجيس پڻ اهو استعمال آهي جيڪو ڪنهن ٻوليءَ جي رواج ۾ مشهور آهي ۽ بار بار ساڳئي نموني دُهرايو وڃي ٿو.
    انگريزيءَ ۾ محاوري ۽ ورجيس کي گڏي Idiom سڏبو آهي. اُن جون ٻيون به گهڻيئي معنائون آهن.
    سنسڪرت ۾ محاوري يا اصلاح لاءِ ڪو خاص الڳ هم- معنيٰ ٽيڪنيڪي لفظ اڃا ڪو نه ٿو ملي. انهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته ان ٻوليءَ جي محاورن اهڙن استعمالن کي شبد- شڪتي (لفظن جي طاقت) جي اندر سمجهايو آهي. انهيءَ ڪري هنديءَ ۾ توڙي ٻين ڪِن ٻولين ۾ ماهرن محاوري، اصلاح ۽ ورجيس جي معنيٰ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ٽيڪنيڪي لفظ گهڙيا آهن. جيئن ته: واڪ پد ڌَتِ واڪ ريتِ، واڪ وهنوار، واڪ سپردايه، واگ ريتِ، واگڌار وغيره. پر اهڙن لفطن جو گهڻو ڦهلاءُ ٿي نه سگهيو آهي، هنديءَ ۾ عام طور ’محاورا‘ لفظ ئي اهڙن ’سوُتر پريوگن‘ (مقرر ڪيل قاعدي موجب استعمال) لاءِ ڪتب ايندو آهي.


    ۲.۹ پهاڪي، محاوري ۽ ورجيس ۾ فرق:

    پهاڪي ۽ محاوري جي شڪل ۽ خاصيتن تي اڃا تائين جيڪو ويچار ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ظاهر آهي ته پهاڪو ۽ محاورو ٻئي ٻوليءَ جا اهڙا ’سوُتر پريوگ‘ (مقرر ڪيل قاعدن موجب استعمال) آهن، جيڪي لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ گهربل معنيٰ ڏيندا آهن. اِنهن ٻنهي جي استعمال ڪرڻ سان ٻولي دلڪش، نزاڪت ڀري ۽ اثرائتي بڻجي پوي ٿي، پر ٻنهيءَ جي وچ ۾ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ فرق آهي، جيڪو ٿوري ۾ هيٺ ڄاڻائجي ٿو:
    (۱) پهاڪو الڳ پورو جملو يا جملن جو ايڪو هوندو آهي، پر محاورو هميشه ڪنهن جملي جو جزو هوندو آهي، جيئن ته ”انڌن ۾ ڪاڻو راجا“، ؟مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي، هَل ڙي پُڇ ڪاري“ پهاڪا آهن. پهرئين پهاڪي ۾ هڪ جملو آهي، ۽ ٻئين پهاڪي ۾ ٽي جملا آهن. ڪجھ ٻيا مثال هن ريت آهن:
    • ساهڙين جي واتان اها ڳالھ ٻُڌي مڪلا پاڻي پاڻي ٿي ويئي.
    • رام داس اٿيئي ٻگهُلو ڀڳت کانئس خبردار رهجانءِ.
    انهن مثال ۾ ’پاڻي پاڻي ٿي ويئي‘ ۽ ’ٻگهلو ڀڳت‘ محاورا آهن، جيڪي جملن جو ئي هڪ حصو آهن.
    (۲) پهاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لفظ هوندا آهن، جيئن ته: قرض مرض، پر محاورو هڪ لفظ وارو به ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ڪنهن ڇوڪريءَ کي چئجي: ”گڏھ! هيڏانهن ڌيان ڏي“. ته هن جملي ۾ ’گڏھُ‘ لفظ محاورو آهي، جيڪو پنهنجي لفظي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ۾ ڪتب آيو آهي. ساڳيءَ طرح: ”هوُ ريشما تي مئو ته اگرُ نگرُ مٿس لُٽائي ڇڏيائين.“ انهيءَ مثال ۾ ’مرڻ‘ فعل جو مطلب آهي. فدا ٿيڻ، موهِتُ ٿيڻ. اِن ڪري اهو به هڪ محاوري جو استعمال آهي.
    (۳) پهاڪو نثري جملي، گفتگو، سوال جواب، بيت وغيره جي صورت ۾ گهڻو ڪري مصدر ۾ ختٿ ٿيندو آهي. جئين ته:
    • پيءُ سندس پيهوُن ڪُٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا،
    اڳي پڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ٿا ناڻا.
    • ’گڏُ !چي ’جيءُ سڏِ‘
    پر ’وات ۾ مُڱ پوڻ،‘ ’ٻانهون ڊگهيون هئڻ‘ محاورا آهن، جيڪي جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ مصدر ۾ ختم ٿي وڃن ٿا.
    (3) بيان ۾ پهاڪو ڪنهن ڳالھ جي پٺڀرائي يا رد لاءِ هڪ مثال وانگر جدا ايڪي جي شڪل ۾ استعمال ٿيندو آهي. پر ٻئي طرف محاورو جملي جي بيهڪ ۾ جدا جدا شڪلين ۾ ڪتب ايندو آهي. جيئن ته:
    پهاڪو: انگريز هندستان ۾ آيا واپاري بڻجي، پر هندستانين جي ڦوٽ جو فائدو وٺي هتي حاڪم بڻجي ويٺا. ”آئي ٽانڊي کي، بورچياڻي ٿي ويٺي.“
    محاورو: پيٽ تي لت ڏيڻ (روزگار کسڻ، ڪمائي کسڻ). اِهو محاورو جڏهن ڪنهن جملي ۾ استعمال ڪبو ته اِهو جدا جدا روپ اختيار ڪري سگهي ٿو. جيئن ته:
    • پيٽ تي لت ڏنائينس.
    • هِن جي پيٽ تي لت نه ڏي.
    • هوُ تنهنجي پيت تي لت ڏيندو.
    • ڪنهن غريب جي پيٽ تي لت ڇو ٿا ڏيو؟
    (۵) پهاڪا، بيان ۾ ڪتب نه اچڻ تي به پنهنجي ليکي پوري معنيٰ جو اظهار ڪندا آهن. ٻئي طرف، محاورا گهڻو ڪري بيان ۾ استعمال ٿيڻ بعد پنهنجي گهربل معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. جيئن ته: گڏھُ (بيوقوف، مورک)، مرڻ (فدا ٿيڻ) وغيره جڏهن بيان ۾ ڪتب آڻبا، تڏهن اُنهيءَ جي حوالي سان ٻڌائي سگهبو ته اِهي لفظ لفظي معنيٰ ۾ آهن يا اُنهن جي اصلاحي معنيٰ گهربل آهي.
    (۶) پهاڪو گهڻو ڪري سياڻپ سُخن ۽ نصيحت ڀريا گُفتا آهن، جيڪي اِنسان جي زندگيءَ جي رهنمائي ڪن ٿا. ٻئي طرف، محاورا فقط ڪنهن ڪم جي هئڻ، ٿيڻ وغيره جو نرالي ۽ اثرائتي نموني بيان ڪن ٿا. اُنهن جو گهڻو واسطو ٻوليءَ جي عبارت سان آهي.
    (۷) ورجيس به محاوري وانگر جملي جو هڪ جزو هوندو آهي، پر اُها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. جيئن ته: ماستر موهن کان سوال پڇيو ته هو اهڙو ڪُڇي جهڙو ڀت: ورجيس چوڻيءَ جي وڌين نزديڪ آهي، پر اُها لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي. مثال طور: سوڪ جي ڪري ستال ماڻهن کي مدد ڪرڻي اٿيئي ته اُن ۾ دير نه وجھ. ”ترت دان، مهاپُڃ“. * هتي ’ترت...... پُڃُ‘ هڪ چوڻي آهي.
    (۸) سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طرح پهاڪي ۽ چوڻيءَ جي وچ ۾ تفاوت نه لکيو ويندو آهي، پر باريڪ نظر سان ڏسجي ته چاهي ٻئي پورا جملا آهن، پر پهاڪو اکري لفظي معنيٰ ۾ ئي ڪتب ايندو آهي.


    پهاڪن جو جنم، اوسر ۽ ورهاست

    ۳.۱ پهاڪن جو جنم:

    ڪنهن ٻوليءَ جا پهاڪا اُن جي قديم ادب کان به آڳاٽا ٿين ٿا. ٻوليءَ جي پيدائش جي تاريخ تي لکي سگهون ٿا، پر پهاڪا ڪڏهن ۽ ڪيئن ٺهيا، اِهو چوڻ سولو نه آهي. سچُ پچُ پهاڪن جي تاريخ اوتري ئي پراڻي آهي. جيتري ’واڻي‘ يا ٻوليءَ جي تاريخ ”ڇاندوگيه اُپنشد“ ۾ برهم رشي سنت ڪمار چيو آهي ته: ”انسان جي زندگيءَ ۾ واڻيءَ جي اُهائي اهميت آهي، جيڪا خود اُپائڻهار جي ايترو ئي واڻيءَ جي تاريخ به اُپائڻهار وانگر ازل کان آهي.“ اِنهيءَ ريت، پهاڪا به ازل کان وجدو ۾ آهن. ٻوليءَ جي آسمان ۾ پهاڪن نکٽن ۽ گرهن جيان، سوين سالن کان پنهنجي روشنيءَ کي ڦهلائي پنهنجي نرالي ۽ انوکي هستي قائم رکندا آيا آهن.
    پهاڪن جي پيدائش جي ڄاڻ گهڻو ڪري نه ٿي رهي. پهاڪا ڪنهن خاص واقعي يا زندگيءَ ۾ ٿيڻ وارن آموزدن تي ٻڌل ڪنهن شخص جا نجي سخن هجن ٿا. جيڪي سهڻي اظهار جي ڪري وقت گذرندي عام ماڻهن ۾ قبول ٿين ٿا. اهڙا سُخن عام ماڻهن ۾ مشهور ٿي پهاڪي جي شڪل اختيار ڪري ماڻهن جي ملڪيت بڻجي پون ٿا. اِنهيءَ سان هڪ ڳالھ چٽي ٿئي ٿي ته ڪو به سُخن، گفتو يا ڪٿ پنهنجي رچيندڙ جي ڪري نه، لوڪ پسندي سببان پهاڪي جو روپ وٺي ٿي. پهاڪي ٺهڻ جي طريقي/ قدرت ۾ اُن جي رچيندڙ جي ڪا به افاديت نظر نه ٿي اچي. جنهن ڪري پهاڪن جي پيدائش جي پوري ڄاڻ نه هوندي آهي. ڊاڪٽر ششي شيکر تِواري پهاڪي جي پيدائش واسطي ٻن ڳالهين جو هئڻ ضرور ٻڌايو آهي. ”پهاڪي جو ڪنهن شخص جي خيال جي شڪل ۾ وجود ۾ پوڻ، هن جو عام ماڻهن پاران قبول ٿيڻ.“ (تِواري، ششي شيکر، ڀوجُپري لوڪو ڪِتيان، بِهار راشٽر ڀاشا پرشيد، پٽنا، ۱۹۷۰ع، ص، ۹.)


    ۳.۲ پهاڪن جي جنم جي ترتيب:

    پهاڪا ڪنهن هڪ شخص، سماج يا ملڪ جي ملڪيت نه آهن. اِهي ته سڄي دنيا جي انسانن جي گهڙيل ملڪيت آهي. پهاڪن جي گڏيل پيدائش جي ترتيب ۾ سڀني پنهنجي زندگيءَ جي آزمودن جي آڌار تي مدد ڪئي آهي. هر هڪ ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ انساني ذاتين، رهني ڪهڻي، عقيدن، يقين ۽ تصور جي گهري ڇاپ ملي ٿي.
    ڊاڪٽر ڪنهيا لال ساحل جي ويچار ۾، ”ڪو به پهاڪو ڪنهن ريت جنم وٺندو هوندو، اِن بابت اسان ڪجھ تصور ڪري سگهون ٿا.“ سڀني پهاڪن جي پٺيان ڪو نه ڪو واقعو هئڻ ضروري نه آهي. يا ڪو واقعو هوندو، ته اِنهيءَ ڳالھ جو رُڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن پهاڪي جي پٺيان رُڳي هڪ ئي گهٽنا يا واقعو هوندو، اِهو پڪيءَ طرح نه ٿو چئي سگهجي. اِن ويچار کي سمجهڻ لاءِ ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    • غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
    • غريب جو ڀيڻويو ڪو نه ٿئي، شاهوڪار جا سالا به گهڻا.
    • غريب جو واهي الله.
    • غريب چوي مان ڇا کان، شاهوڪار چوي مان ڇا سان کاوان؟
    مٿي ڏنل پهاڪا زندگيءَ جي سچائي ۽ غريبيءَ جي مسئلي تي ٻڌل آهن. غريبي هڪ اهڙو سماجي مسئلو آهي جنهن سان اڪثر هرڪو شخص ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ روبرو ٿئي ٿو. جڏهن کان ماڻهو مهذب ٿيو آهي ۽ هُڻ پئسي جي اهميت کي سڃاتو آهي، تڏهن کان غريبي ۽ اميريءَ جو تجربو ماڻهوءَ کي ٿيندو رهيو آهي، جيڪو اَڄ تائين قائم آهي. سماج ۾ اميري ۽ غريبيءَ جي کاهي ڏاڍي پراڻي ۽ وڏي آهي. شاهوڪار کي سماج ۾ مانُ ۽ عزت ملي ٿي. چاهي هوُ ڪيترو به خراب ماڻهو ڇو نه هجي. پر ٻئي طرف غريب چاهي ڪيترو ئي سچو ۽ ايماندا ڇو نه هجي، اُن کي سماج ۽ ايتري عزت نه ٿي ملي. جڏهن به ڪنهن شاهوڪار کي ڪو به ڪم پوي ٿو ته هوُ چوي ٿو، ”فلاڻِ (غريب) جي جوءِ کي گُهرائي وٺجو. هوءَ اچي ڪم ۾ هٿ وٺائيندي ۽ پوري ڪندي.“ ويچاري غريب جي جوءِ آهي، جهٽِ اَچڻ لاءِ تيار به ٿي ويندي، پر جيڪڏهن اُن ئي ڪم لاءِ ڪنهن شاهوڪار جي جوءِ کي چئجي ته ڇا هوءَ تيار ٿيندي؟ نه، ڪڏهن به نه ڇاڪاڻ ته شاهوڪار جي جوءِ کي پئسو هئڻ ڪري اُنهن حالتن جو منهن نه ٿو ڏسڻو پوي جن حالتن ۾ غريب ماڻهو پنهنجي زندگي گذارين ٿا.
    عام ماڻهن جي اهڙن آزمودن جي آڌار تي سُخن ۽ گُفتن جو بنياد پوي ٿو، جيڪي آهستي آهستي عام ماڻهن ۾ عام ٿي پهاڪن جي شڪل اختيار ڪن ٿا. اِن جو هڪ ٻيو مثال هن ريت آهي:
    شروعات کان اِنسانن جو واسطو الڳ الڳ جانورن سان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ رهيو آهي. تاريخي راويتن موجب، اِنسان ڪنهن زماني ۾ پاڻ به جانورن مثال هوندو هو. اِنهيءَ ڪري جانورن جي رهڻي ڪهڻي، رنگ- روپ ۽ کائڻ پيئڻ جي ڍنگ کي ڏسي انسانن کي جيڪي آزمود ٿيا، اُنهن مان ڪجھ پهاڪا ٺهي ويا، جن مان ڪجھ هن ريت آهن:
    • هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    • ڪوُئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي مان به پساري.
    • سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪان.
    • ناڻو ڏجي آڪرو، گيھُ ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    • ڪاتڙي نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.
    مٿي ڏنل پهاڪن مان آخري پهاڪو هڪ موزون آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي، جنهن موجب هڪ ڏائڻ هڪ نوريئڙي کي شام جي وقت ريجهائي پنهنجو ڀاڻيجو بڻائي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي آئي. ڏائڻ جو ارادو هو ته رات جو نوريئڙي کي ماري کائي ڇڏي. نوريئڙو ڏائڻ جي ڳالهين ۾ اچي ته ويو، پر جڏهن هو ڏائڻ جي گهر پهتو ته کيس ڏائڻ جي مقصد جي معلومات ٿي ويئي. سڄي رات نوريئڙي ننڊ نه ڪئي ۽ جاڳندو هر وقت چتاءُ پئي ڪيس، ”ڪاتري نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.“ ٻئي صبح جو اُهو نوريئڙو صحيح سلامت ڏائڻ جي گهر مان ڀڄي نڪتو.
    هيءَ چوڻي اهڙي وقت ڪم ايندي آهي جڏهن هڪ ڌُر دشمن ڌرُ کي آگاھ ڪندي رهندي آهي ته اوهين ڀلي تياري ڪندا رهو پر اسين به پهري تي سجاڳ آهيون. يا وقتي مائٽ ڪنهن ننڍي ٻار کي گهر ۾ سمُهاري پاڻ ٻاهر ويندا آهن، پر جي ٻار سجاڳ هوندو ته مائٽن جي پٺيان چنبڙي پوندي، اُتي پڻ چوندا آهن ته، ”ڪاتري نه کڙڪاءِ، نوريئڙو جاڳئي ٿو.“ مطلب ته ٻار جاڳيل آهي ۽ ان کان پاسو ڪري نڪري وڃڻ ڏکيو آهي.
    اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته پهاڪن جي پيدائش جو عمل نديءَ جي پاڻيءَ مثل هلندر عمل آهي. جيڪو عام ماڻهن جي شخصي آزمودن تي، آکاڻين تي، واقعن وغيره تي ٻڌل آهي. اهو عمل جيستائين انسان جي تصور ڪرڻ جي قوت قائم آهي، تيستائين هلندو رهندو. اِن جي شروعات ڪنهن هڪ واقعي سان ٿئي ٿي. پر پوءِ اُها عام ماڻهن ۾ پسند پوڻ ڪرڻ سڄي سماج جي گڏيل ملڪيت بڻجي پوي ٿي.


    ۳.۳ پهاڪن جي پيدائش جا مکيه آڌار:

    پهاڪن جي سرجڻ جا ڪجھ نه ڪجھ آڌار آهن. جيس اي. ڪيلسو نالي هڪ عالم پهاڪن جي جنم جا ٽي سرچشما ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
    • واقعا
    • پروليون
    • لوڪ ڪهاڻيون
    پر ڊاڪٽر شَشي شيکر تِواريءَ ۽ جيمس اي. ڪيلسو جي ويچارن سان شامل راءِ ٿيندي چيو آهي ته ڪيلسو صاحب هڪ خاص چوٿون سرچشمو ڀُلجي ويو آهي، سو آهي- مشهور سگهڙن جا ٻول. ڊاڪٽر شيشي سيکر تِواريءَ اڳتي هلي وري واقعن کي ’عام‘ ۽ ’سياسي‘ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. انهيءَ ڏس ۾ راجسٿاني چوَڻين جي اوکِ ڊوک ڪرڻ واري مشهور عالم ڊاڪٽر ڪنهيا لال ’سهل‘ پهاڪن جي پيدائش جا ٽي مکيه بنياد ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
    • لوڪ ڪٿائون
    • سياستي واقعا
    • پراگيه وچن (سياڻن جي قول يا ٻول)
    اردو ادب جي عالم ڊاڪٽر يونس اگاسڪر هن موضوع جو اڃا به وڌيڪ خلاصو ڪندي، پهاڪن جي جنم جا هيٺ ڏنل مکيه آڌار ڄاڻايا آهن:
    • سماجي زندگي
    • نفسياتي رد عمل (منو وگيانڪه پرڪريا)
    • انساني تجربا
    • نصيحت
    • توارخي واقعا
    • لوڪ ڪهاڻيون کل ڀوڳ
    • نفرت ۽ انتقام
    سنڌي ادب جي ميدان جي مشهور لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ پهاڪن جي جنم جا اڳتي ڏنل بنياد ٻڌايا آهن:
    • لوڪ ڪٿائون
    • تاريخي شخصيتون، واقعا ۽ حالتون
    • سياڻن جا سُخن ۽ نصيحت آمير نُڪتا
    • اِنساني جذبن جو ردِ عمل.
    • پروليون ۽ ٻول
    • جدا جدا ٻويلن جو هڪ ٻئي تي اثر.
    پهاڪن جي جنم جا عالمن پاران مٿي ڏنل جيڪي سبب آهن، اُنهن سڀني ۾ گهڻي قدر هڪجهڙائي ملي ٿي. ڪن عالمن ننڍين شاخن کي گڏي هڪ وڏي وڻ جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي ته وري ڪن ٻين عالمن انهن ئي شاخن کي هڪ باغيچي ۾ ٽڙندڙ الڳ الڳ قسمن جي گلن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. ان طرح چئي سگهجي ٿو ته سڀني عالمن پاران ڏنل پهاڪن جي پيدائش جي بنياد ۾ مشابهت آهي.
    جيتوڻيڪ مان مٿي ڄاڻايل عالمن جي راين سان شامل راءِ آهيان، تنهن هوندي به منهنجي ويچار ۾ پهاڪن جي جنم جا مکيه ٻه آڌار. (۱) ماحولياتي بنياد يا ڪنهن لساني علائقي جو قدرتي ماحول، (۲) ثقافتي آڌار. ڪنهن به ثقافت جي ابتدا ۽ ارتقا ۾ قدرتي حالتن جو وڏو هٿ هوندو آهي. ثقافت جي اندر اُنهيءَ سماج جون سڀ خاصيتون سمايل هونديون آهن.

    (۱) ماحولياتي آڌار:
    هر هڪ ٻوليءَ ۾ گهڻن ئي پهاڪن جو جنم، ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي آسپاس واري ماحول ۽ وايومنڊل جي بنياد تي هوندو آهي. هن کي اڃا به چٽو ڪي چئجي ته جاگرافيائي حالتون، رسم و رواج، پاڻي، هوا، موسم، خاص جڳھ، سنگت وغيره جي ڪري به ڪيترن ئي پهاڪن جو جنم ٿيندو آهي. بنگالا، اُڙيا، ملايالم ٻولي ڳالهائيندڙن جا علائقا سمنڊ جي پاسي ۾ هئڻ ڪري اُهي ماڻهو پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ کاڌي پيتي لاءِ مڇيءَ جو استعمال گهڻي تعداد ۾ ڪندا آهن. انهيءَ ڪري ’مڇي‘ لفظ جو استعمال هن ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ گهڻو ملي ٿو. جيئن ته بنگالي ٻوليءَ جي چوڻي هن ريت آهي:
    • اَرانڌُ هاتي پڙي ڪئي ماڇ ڪاندي،
    نا جاني رانڌَني موري ڪيمن ڪه ري رانڌي؟
    يعني اناڙي بورچيءَ جي هٿ ۾ وڃي روهوُ مڇي روئي ٿي ته الائجي هيءُ بورچي مون کي ڪيئن رڌيندو؟
    ساڳيءَ طرح سنڌ جو اُٺن جو تعداد وڌيڪ هئڻ جي ڪري سنڌي پهاڪن جي پيدائش تي اٺن تي عادت، انهن جي کائڻ جي ڍنگ، هلت، چلت، وغيره جو چڱو اثر پيو آهي: جيئن ته:
    • اُٺ جو نخرو ڪجائي جو زيانُ.
    • اُٺ آهي بيابان جو ٻيڙو.
    • اُٺ پنهنجي مُٽ ۾ پيو تِرڪي.
    • اُٺ پوڙهو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
    • اُٺ هميشه مَڪي ڏانهن وَري.
    جيتوڻيڪ اهي پهاڪا اُٺن بابت آهن، پر اِنهن ۾ لڪيل ۽ ڳُجهي معنيٰ انسان جي وهنوار طرف به اشارو ڪري ٿي.
    جتي اسين رهون ٿا، اُن علائقي جي تهذيب جو اسان جي ذهن تي اثر هئڻ لازمي آهي، پر انسان رڳو ايتري ۾ خوش نه آهي. ان کي ٻين جي رهائشگاهن ۾ مين- ميک ڪڍڻ ۾ مزو ايندو آهي. هُو اُهُر جيتري ننڍي ننڍي ڳالھ کي به جبل جيان ٺاهي، ٻين هنڌن جي پنهنجي ڳوٺ سان مشابهت ڏيکاريندي. اُنهن کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻين صوبن يا علائقن جا ماڻهو سندس اڳيان هميشه خسيس لڳندا آهن. اِنهيءَ پنهنجي رهڻ واري هنڌ لاءِ پنهنجپائيءَ جي احساس جي بنياد تي به ڪجھ پهاڪن جو جنم ٿيو آهي. جئين ته تامل ٻولي ڳالهائيندڙ اُتر ڀارت ۾ رهندڙ لاءِ ڇا ٿا سوچين:
    • تڙ ڪشِتيانئِيُم وِيِٽ وِليئيُم آگادُ (تمِل)
    (يعني): اُتر وارا ۽ پيٽ جي سُور، ٻنهيءَ تي ڀروسو نه ڪجي)
    انهيءَ طرح سنسڪرت ٻوليءَ جي هيءَ طرز ڏسو:
    • ٻالو اَپي چورھ، سٿوِرو اَپي چورھ:
    سما گتھ پِراڌُ ڻِڪو اَپِي چورھ:
    دلي پرديش، مَٿُرا پرديش،
    چورن وِنا نه پِرَسَوَنتي ڀاريا.
    (يعني: دهلي ۽ مٿرا ٻار به چور ٿيندا آهن ۽ ٻُڍا به چور ٿيندا آهن. مهمان به چور آهن. دهلي ۽ مٿرا جي علائقن ۾ مائرون چورن کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به جنم نه ڏينديون آهن) دهلي ۽ مٿرا جي رهاڪن جي ڪردار تي هيءَ ڪيڏو نه وڏو حملو آهي. هندي ٻوليءَ ۾ مٿرا جي باري ۾ هڪ ٻي چوڻي به مشهور آهي.
    • مٿرا ڪي پيڙي جو کائي وو پڇتائي، جو نه کائي وو ڀو پڇتائي.
    انهيءَ طرح ڪاشيءَ جي باري ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي:
    • رانڊ سانڊ سِيڙي سنياسي، اِن سي بچي تو سيوي ڪاشي.
    (ڪاشيءَ جي شهر ۾ وئشيائون گهڻي تعداد ۾ آهن. ساڳيءَ طرح اُتي سوڙهين گهٽين ۾ سانءَ، ڍڳا وغيره گهمندا رهن ٿا. ڪاشيءَ ۽ گنگا جي گهاٽن تي گهڻي ئي ڏاڪا آهن، جن تيا پير تِرڪي وڃڻ جو امڪان هوندو آهي. ساڳيءَ طرح گهاٽن تي ساڌو سنياسي به گهڻي تعداد ۾ آهن، جيڪي اڪثر زيارتين کي ڦُريندا آهن يا اُڻهن کان خيرات گهُري کين پريشان ڪندا آهن. اِنهن کان جيڪو بچي هلي اهو ئي ڪاشيءَ ۾ رهڻ جو مزو ماڻي سهگندو).
    سنڌيءَ ۾ انهيءَ قسم جا گهڻائي مثال ملن ٿا، جن ۾ جدا جدا علائقن جي رهاڪن تي ٽوڪبازي ڪيل آهي يا اُتي جي علائقي خاصيتن طرف اشارو آهي. جيئن ته:
    • شڪارپوري، نيت بُري؛ ٻولن ٻاجهري، ڏين ٻُري.
    • سيوهاڻي چريا ڀتر ڍوئين گهر ڏي.
    • ڪڇُ ڦُرِيو جوڳين، سنڌ ڦُري ٺوڳين.
    • پنجابي ايڪ ته ڏُون ته جُهڳائي جُهون.
    • لاڙ جو پڙهيو، سِري جو ڍڳو.
    (۲) ثقافتي آڌار:
    پهاجي جي جنم جو ٻيو مکيه بنياد آهي ثقافت ۽ سڀيتا. انهيءَ ۾ سماجي سرشتو، ذات پات، انڌو اعتقاد، اقتصادي حالتون، سماج ۾ جدا جدا فرقا، کاڌو پيتو، ريتيون رسمون، جيون درشن، وغيره سڀ شامل آهن. مثال طور:
    • ڄٽهو نه وِسهو، وِسهو ته مُسهو.
    (يعني ڄٽُ تي ويساھ نه ڪجي، جيڪڏهن ڪبو ته ڦاسبو.)
    • شينهن نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا.
    (مطلب ته سونارو سون چورائڻ کان ڪڏهن نه ٽرندو.
    • واڻيون آهي اَٽي جو ڏيئو، اندر کائينِس ڪوئا، ٻاهر کائنينس ڪانوَ.
    • ڄٽهو نه وِسهو، وِسهو ته مُسهو.
    (يعني ڄٽُ تي ويساھ نه ڪجي، جيڪڏهن ڪبو ته ڦاسبو.)
    • ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
    • آهي ته عيد نه ته روزو.
    • سيد ۽ سپاهي، تن کان رکج يا اِلاهي.
    • اَڌ کي ڇڏي جو سڄي ڏي ڊوڙي تنهن جو اڌ به وڃي.
    • انسان خطا جو گهر آهي.
    ثقافتي بنياد تي جيڪي پهاڪا ٺهيل آهن، اُڻهن جو دائرو تمام وسيع آهي. اُن ۾ ڪنهن ڪنهن لساني سماج جو سمورو جيون ۽ سوچ ويچار سمايل آهي. اِن ڪري اهڙن پهاڪن کي ننڍن ننڍن گروهن ۾ موضوع مطابق ورهائي سمجهايو ويندو آهي. موضوع موجب پهاڪن جي جنم جا ٻيا مکيه بنياد هن ريت آهن:
    • لوڪ ڪهاڻيون
    • ٻارن جو آکاڻيون
    • تاريخي شخصيتون، وارداتون ۽ حالتون
    • سياڻن جا سخن ۽ قول
    • پروليون ۽ ٻول
    • لساني وارثت
    • ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ ڏي وٺ.
    (۱) لوڪ ڪهاڻيون:
    گهڻيئي پهاڪا لوڪ ڪهاڻين تي ٺهيل هوندا آهن. سنڌيءَ جي مشهور لوڪ ڪهاڻين تي به گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. جيئن ته:
    • ميهار مينهن کان نڪتو، ته وُڇن ڪهڙي پارت.
    (هيءُ پهاڪو سُهڻي ميهار جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي بيٺل آهي. اِن جو مطلب آهي ته ميهار جيڪڏهن مينهن تان هٿ کينو ته پوءِ انهن جي وڇڙن جي سنڀال لاءِ ڪنهن کي پارت ڇو ڪندو؟)
    • عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪو نه ٿيليندو.
    (هيءُ پهاڪو عمر مارئيءَ جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي بيٺل آهي. اِن جو مطلب آهي ته عمر جيڪڏهن مارئي تي موهت ٿيو هو ته کيس ڀڄائي کڻي ويندو، اَن لاءِ هو سڄي ٿر علائقي کي ناس نه ڪندو.)
    • واڪا ڪرڻ مون وسُ، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو.
    (هي پهاڪو سسئي پنهون جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. اِن جو مطلب آهي ته اِنسان پنهنجي ڪوشش ڪندو رهندو. اُن جو ڦل کيس ملندو يا نه، تنهن جي خاطري نه آهي.)
    (2) ٻارن جو آکاڻيون:
    • گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿُو کٽا.
    (هيءَ پهاڪو مشهور آکاڻيءَ تي بيٺل آهي، جنهن ۾ گدڙ ڊاک جي مُنهن مان ڊاک نه کپي ڇاڪاڻ ته اِها کَٽي آهي.)
    • اُها ڪڪڙِ ئي مري ويئي، جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي.
    (هيءَ پهاڪو اُن آکاڻيءَ تي آهي، جنهن ۾ هڪ ٻُڍي مائيءَ وٽ هڪ ڪُڪِڙ هوندي هئي، جيڪا کيس هر روز هڪ سونو آنو ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن اُن مائيءَ جي من ۾ لالچ پيدا ٿي ته مان ڪڪڙِ کي ماري سڀ آنا هڪ ئي ڏينهن هٿ ڪريان. پوءِ هُن ڪاتيءَ کڻي ڪُڪڙِ کي ڪُٺو ته منجهانئس کيس هڪ به آنو حاصل به ٿيو. اِن تي هوءَ گهڻو پڇتائڻ لڳي ته مون ناحق ڪري هن ڪڪِڙ کي ماريو.)
    (3) تاريخي شخصيتون، وارداتون ۽ حالتون:
    سنڌيءَ ۾ اهڙا به چڱا پهاڪا ملن ٿا، جن جو بنياد ڪي خاص تاريخي شخصيتون يا واقعا آهن. مثال طور:
    • ڪنن جي ڳالهين ميرُ بجار مارايو:
    (هن پهاڪي جو مطلب آهي ته لِڪڇُپ ۾ سُس پُس ڪرڻ مان خراب نتيجا نڪرن ٿا. هن پهاڪي جو بنياد ارڙهين صديءَ جي هڪ واردات آهي، جنهن ۾ مير بجار خان ٽالپرن کي ٻن راجپوتن قتل ڪيو هو.)
    • پارسي گهوڙي چاڙسي
    يا
    • پڙهي پارسي وِڪڻي کڙُ تيل، ڏسو هي قسمت جو کيل.
    (هيءَ ٻئي پهاڪا سنڌ جي تاريخ ۾ اُنهيءَ دؤر ڏانهن اشارو ڪن ٿا، جڏهن پارسي ٻوليءَ جو بول بولا هو. ماڻهو پارسي پڙهي وڏن سرڪاري عهدن تي پهچندا هئا.)
    (۴) سياڻن جا سُخن ۽ قول:
    سياڻن ۽ عالمن جا چيل سُخن ۽ نصيحت ڀريا قول به گهڻن پهاڪن کي جنم ڏين ٿا. جيئن ته:
    • ڌڪ هڻ ڏيءُ کي ته سِکي نوُنهن.
    • ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟
    • سنگ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي.
    • گهڻن هٿين ڇپر کڄي.
    • انسان خطا جو گهر آهي.
    (۵) اِنساني جذبن جو ردِ عمل:
    انسان هڪ سماجي جنازو آهي. سماج ۾ رهندي هو ٻين سان لھ وچڙ ۾ اچي ٿو. هُن جي من ۾ سڪ، پريم، نفرت، دشمني، کل مذاق، ٽوڪ بازي، وغيره جا جذبا الڳ الڳ وقتن تي پيدا ٿين ٿا. اِنهن جي آڌار تي به گهڻن ئي پهاڪن جو جنم ٿيو آهي. جيئن ته:
    • شيرو ٻلو شاھ جو، نه پيءُ جو نه ماءُ جو.
    • بندرو شيطانُ.
    • ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اَسي ۾ ڪاڻو.
    • جڏهن گنجو ساماڻو ته سڀني کڻي ماٺ ڪئي.
    • ڪر چڱائي ڄٽ سان، ته ڦيري هڻي پٽ سان.
    • ديوارن ديوان جو دُم، دمڙيءَ جي دال تي.
    • لوُلي ڇُٽي ڪتڻ کان، نچڻ لڳيسِ ٻار.
    (۶) پروليون ۽ ٻول:
    سنڌيءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جن جو جنم پرولين ۽ سُگهڙن جي ٻولن مان ٿيو آهي. مثال طور: ڪنهن سگهڙ جو هيٺ ڏنل ٻول ڏسو:
    • ڳئون ۽ ميهن ويٺي ڌُڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ
    چاري اٽي ڏجي سڃ، ڳئون اٽي مُٺ، گئو
    جهڙو لڳي واءُ، تهڙِ ڏجي پُٺ.
    هن ٻول جي آخري سٽ سنڌيءَ ۾ پهاڪي جي شڪل ۾ مشهور آهي. ساڳيءَ طرح هيٺ ڏنل سِٽون به سگهڙن جا ٻول آهن، جن کي ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو درجو مليو آهي.
    • انڌو ۽ اَڻسوُنهون ٻئي هڪ آچار.
    • حاڪم، باھ ۽ پاڻي، اهي ٽيئي گهٽ نه ڄاڻ.
    • هڪ انڌو، ٻيو پوڙهيو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار، پنجون بيمار، اهي پنج ئي بيمار.
    • ڪاڇ ڪٽورو، گيھ گهڙو، موتي ۽ من، ڀڳا وري نه ٺهن.
    (۷) سياڻن جا سُخن ۽ قول:
    اسان جي سنڌي ٻولي سنسڪرت، پالي، پراڪرت ۽ اَپڀرش منزلون طئه ڪري پنهنجون هاڻوڪي شڪل اختيار ڪئي آهي. اِن ڪري سڀاويڪ آهي ته اُنهن آڳاٽين ٻولين مان ورثي ۾ گهڻيئي پهاڪا ۽ چوڻيون حاصل ڪيون هجن. اِها ڳالھ سڀني هاڻوڪين ڀارت جي آريائي ٻولين سان لاڳو ٿئي ٿو. هتي ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    • يٿا راجا، تٿا پرجا.
    پرجا: رعيت، عوام (هيءَ سنسڪرت جي لوڪو ڪِت (پهاڪو) ساڳئي روپ ۾ سنڌيءَ ۾ مشهور آهي. (جهڙو راجا، تهڙي پرجا)).
    • لڙن سپاهي، نالو ٿئي سردار جو.
    (اِن سان ڀيٽيون مهاڀارت جي هيءُ لوڪوڪِت- سيناپتؤ ٽِشو گنتا، نه تُ يوڌان ڪٿنچنَ. يعني: جُس سپھ سالار کي ملندو آهي ۽ نه ڪو لڙندڙ سپاهين ک).
    • هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪهڙو ضرورت
    اِها ساڳي چوڻي اسان کي ساڄ شيکر جي ڪتاب ’ڪرپُور مِنجريءَ‘ ۾ به ملي ٿي- هٿ ڪنڪڻي ڪن دَپڻوڻ ٽيڪ کِي. (۱/۱۸)
    (۸) ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ ڏي وٺ:
    جدا جدا ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر پوڻ سُڀاوڪ آهي. اِن ڪري هر هڪ ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا ساڳي شڪل ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ مشهور ٿي وڃن ٿا. سنڌيءَ ۾ اهڙن پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:
    • ايڪ پنٿ دوڪاج. (هندي)
    • بڙا ڪهاوڻ بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي کا دوک دور.
    • آج هَمان، ڪل تَمان. (راجسٿاني)
    • يڪ تندرستي، هزار نعمت (پارسي ۽ اردو)
    • تڪڙ ڪم شيطان جو.
    (اِها سنڌي چوڻي عربيءَ جي هن چوڻيءَ جو ترجمو آهي: التعجيل فعل شيطان) تعجيل، کار شيطان ((- فارسي.
    (هتي ڪاسٽ کنيل آهي) (هيءَ چوڻي فارسيءَ جي چوڻيءَ جو ترجمو آهي: دو براردر، سوم حساب).


    ۳.۴ پهاڪن جي ارتقا:

    پهاڪن جو استعمال روزاني زندگيءَ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ٿيندو آهي. هڪ شخص کان ٻئي شخص، هڪ نسل کان ٻئي نسل ۽ هڪ ٻوليءَ کان ٻي ٻوليءَ ۾ سفر ڪندي پهاڪا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي لفظي بيهڪ توڙي معنيٰ ۾ به ڪي قدر تبديلي ڪري ڇڏين ٿا. پهاڪن جي بيهڪ ۾ اهڙي ڦير گهير کي پهاڪن جو ارتقا چئجي ٿو.
    • پهاڪن جي شڪل ۾ ارتقا
    • پهاڪن جي معنيٰ ۾ ارتقا
    (۱) پهاڪن جي شڪل ۾ ارتقا:
    انهيءَ جو مطلب آهي ته پهاڪي جي روپ يعني اُن جي لفطن جي بيهڪ ۾ تبديلي اچڻ، جيڪا هيٺئين نموني نظر اچي ٿي:
    (الف) ڪنهن هڪ لفظ جي تبديلي:
    • ڪسيري جي ڪُتي، ٽڪي کا کائي ٽُڪر (يا نان).
    • ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ سنڪٽ (يا نِکٽ ڇيڏڪ) گهڻا.
    • ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون (يا لوھ) ڀليون.
    (ب هڪ کان وڌيڪ لفظن ۾ ڦيرگهير:
    • لَکيا لوهارن کي ٽِپرَ تي ٽانڊا.
    (لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چِڻنگون)
    • ٻن ٻيڙيُن ۾ جيڪو چڙهي، تنهن جون ٽنگون ڦاٽن.
    (ٻن ٻيڙين ۾ جيڪو چڙهي، تنهن جا چڏا چيرجن.)
    (ج) جملن يا لفظي ميڙن ۾ تبديلي:
    • بخشيش سؤ سؤ، حساب جؤ جؤ،
    (حساب جؤ جؤ، بخشيش سؤ سؤ)
    • ٻيو سُڀ رهندو هِت، نيڪي نيندين پاڻ سين.
    (نيڪي نيندين پاڻ سين، ٻيو سڀ رهندو هِت)
    (د) پهاڪي جي روپ جو تبديلي:
    • ڏاڍي جي لٺِ کي ٻه مٿا.
    (ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن صحيح)
    • اُڀ ۾ ٿُڪ اُڇلائي، سو مُنهن ۾ پائي.
    (جو اُڀ ۾ ٿڪ اُڇلائي، سو مُنهن ۾ پائي، جيڪو هٿ کڻي وڏي ڏي، تنهن سان ههڙي ٿئي هاءِ.)
    • واڻيو آهي اٽي جو ڏيئو.
    (واڻيو آهي اٽي جو ڏيئو، اندر کائينس ڪُوئا ته ٻاهر کائنيس ڪانوَ.)
    • اڌ کي ڇڏي سڄيءَ پٺيان ڊُڪي، تَنهن جو اڌ به وڃي.
    (اڌ کي ڇڏي سڄيءَ پُٺيان ڊُڪي، تنهن کي سڄيءَ ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ به سِڪي.)
    • ڀائر ڪوٽ جا ڪَنگر، پُٽ گهر جي سونهون.
    (ڀائرُ ڪوٽ جا ڪَنگر، پَٽَ گهرجي سُونهون، ويٺا ڪَنِ وِرونهن، ڏَجَڻُ ڏوُران ئي ڏري.)
    (آخري مثال بابت اِن طرح به سمجهاڻي ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪڏهن سڄو بيت ته ڪڏهن اُن جو فقط ڪو حصو پهاڪي جي روپ ۾ مشهور ٿي ويندو آهي).
    (۲) پهاڪن جي معنيٰ ۾ ارتقا:
    وهنواري زندگيءَ جي جدا جدا حالتن ۾ استعمال ڪرڻ تي ڪجھ پهاڪا هڪ کان به وڌيڪ معنائون ظاهر ڪن ٿا. مثال طور: ”کيتي سِرسيتي“ يعني اُها کيتي سٺي پيدائش ڏيندي، جيڪا هاري پنهنجي سِر يا پاڻ محنت ڪري اُپائي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن اُن جي پوک جو ڪم ٻين کي ڏنو ويو، ته پوءِ ممڪن آهي ته انهن جي لاپرواهيءَ سببان فصل سُٺو نه ٿئي. جيڪڏهن کيتيءَ ڪندي، اِهي لفظ هڪ هاري ٻئي کي چيا آهن ته پوءِ اُتي هِن پهاڪي جي لفظي معنيٰ لاڳو ٿيندي، پر جيڪڏهن ڌنڌي واپار ۾ ڪو شخص پنهنجي فرض ادائي پوري طرح نٿو ڪري ۽ پنهنجو ڪم ٻئي کي ڏيئي ۽ پاڻ لاپراواھ ٿي وڃي ٿو ته اُن وقت کيس طنز ڪندي جيڪڏهن ڪنهن اِهي لفظ چيا آهن ته پوءِ اتي کيتيءَ جو مطلب ڪو به ڪم ڌنڌو يا واپار کڻبو. اِن حالت ۾ پهاڪي جو حاصل مطلب ٿيندو ته ڪو به ڪم سٺي نموني پورو تڏهن ٿيندو، جڏهن ماڻهو پاڻ ڌيان سان اهو ڪم ڪندو.
    ساڳيءَ طرح ”جهڙو وڻ، تهڙو ڦڙُ“ جي لفظي معنيٰ آهي ته جيڪڏهن وڻ سٺي جنس جو هوندو ته اُن مان ڦل به سٺو ملندو، پر جيڪڏهن اُن وڻ جي جنس ئي خراب آهي ته اُن مان سٺو ڦل حاصل ڪرڻ جي اميد رکڻ اجائي ڳالھ آهي. وهنوار ۾ اِن جو اهو مطلب به نڪري ٿو ته جنهن جو جهڙو بُڻ بنياد يا خاندان هوندو، تهڙوئي سندس سُڀاءُ ٿيندو.
    هر هڪ ٻوليءَ ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڪيترائي پهاڪا هڪ کان وڌيڪ مطلب ظاهر ڪن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ٻڌندڙ ڪنهن پهاڪي جو صحيح مطلب نه ٿو سمجهي ته پوءِ هوُ اُن پهاڪي جو ٻيءَ معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو ۽ وقت گذرندي اُن پهاڪي جو اصل مطلب بدلجي وڃي ٿو. مثال طور ”آپ نه مريئي سُرڳ نه جائيئي“. پهاڪي جي لفظي معنيٰ، روچيرام گجوُمل اُن جي سمجهاڻي لکي آهي. ’پاڻ‘ (آپ، آپو، خودي) مارڻ کان سواءِ، ماڻهو جنت ۾ وڃي نه سگهندو.
    Without the annihilation of self, one cannot go to heaven (A Hand Book of Sindhi Proverbs, 4* edition, 1935, p.2)
    سترام داس ’سائل‘ به پنهنجي ڪتاب ’دُرن جي دٻليءَ‘ ۾ اِن پهاڪي جي معنيٰ ساڳئي نموني سمجائي آهي. ”جيسين آپو يا خوديءَ جو انت نه آڻبو، تيسين سچو آنند يا سُرڳ (جنت) وارو سُک نصيب نه ٿيندو“.
    پر رواجي استعمال ۾ اِن پهاڪي جو ٻيو مطلب نڪري ٿو ته جيستائين پنهنجو پاڻ تڪليفون سهي پنهنجو ڪم نه ڪندو، تيستائين اُهو ڪم صحيح نموني پورو نه ٿيندو ۽ هو اُن جو صحيح آنند ماڻي نه سگهندو. هندي ۽ ٻين ڪن ٻُلين ۾ به اِنهيءَ معنيٰ کي ڌيان ۾ رکي ساڳئي طرح جو پهاڪو ملي ٿو. ڀولاناٿ تِواريءَ ”هندي ڪهاوت ڪوش“ ۾ پِڻ اِن پهاڪي جو مطلب ڏيندي لکيو آهي. ”آپ مري بان سوَرڳ نهي مِلتا“. (اپني ڪِئي بنان ڪوئي ڪام نهين هوتا.) (برهت هندي لوڪوڪِت ڪوش. ص ۱۲۳).
    ڪڏهن ڪڏهن پهاڪي جي شڪل تبديل ٿيڻ ڪري، انهن جي معنيٰ ۾ ڦيرو اچي ويندو آهي. جيئن ته:
    • چريو ته به گهر ڏي وريو.
    • ڪو چريو، ته به ڀتر اُڇلي گهر ڏي.
    • سيوهاڻو چريو، ڀِتر ڍوئي گهر ڏي.
    انهن پهاڪن تي ويچار ڪندي، موتي لال بٽاڻيءَ لکيو آهي ته، اِنهن پهاڪن جي صحيح صورت آهي:
    • سيوهاڻي، چريو، ڀرو ڍوئي گهر ڏي
    • (يا سيوهاڻي چريو، ته به ڀتر اُڇلي گهر ڏي.)
    مطلب ته سيوهڻ سنڌ جا رهاڪو سنجم صوفي وارا آهن. هو زندگيءَ ۾ چاهي ڪيتري به ترقي ڪن ته به ڪفايت کان ڪنارو نه ڪندا آهن. رستي ويندي جيڪڏهن ڀتر به ڏسندا، ته پنهنجي گهر وڃي رکندا، جيئن وقت تي اُهي سندن ڪم اچي سگهن.
    اِنهن مثالن مان ظاهر آهي ته نه فقط پهاڪي جي صورت ۾، پر اُنهيءَ جي معنيٰ ۾ به تبديلي اچي ويندي آهي. ”گُل شڪر“ نالي سنڌي پهاڪن جي آڳاٽي جي مجموعيءَ ۾ اُنهيءَ جي ليکڪ ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي هر هڪ پهاڪي جي معنيٰ به سمجهائي آهي. ڪيترن پهاڪن جو مطلب سمجهائيندي هو اڪثر اُنهن ۾ ڪي نه ڪي روحاني راز ۽ نصيحت آمير نڪتا بيان ڪري ٿو، پر اُن ۾ ڪيترائي پهاڪا اهڙا آهن جن جي مطلب جو روحاني رازن سان ڪو نه واسطو نه آهي. مثال طور:
    ”ٻه گدرا هڪ ئي مُٺ ۾ نه ماپن“ جو رواجي مطلب آهي ته انسان هڪ ئي وقت ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مشڪل ڪم ڪري نه سگهندو آهي، پر ڪيولرام سلامتراءِ اِن پهاڪي کي سمجهائيندي لکيو آهي ته ”مطلب هي آهي ته جو ماڻهو ڌڻيءَ کي ڳولي، سو جڏهن دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ کي يادگيري، ٻه ڪم گڏ پورا ٿيڻ اڻانگو ڪم آهي.
    ”آهاري، وهنواري، ٽيون گهوٽ مُهاري، لڄا ڪري ته هاري“. اِن پهاڪي جو رواجي مطلب ايتروئي آهي ته کاڌي- پيتي ۽ وهنوار ۾ ماڻهوءَ کي لڄ شرم نه ڪرڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح، مهاري يعني شاديءَ بعد گهوٽ ڪنوار جي سمهڻ واري ڪمري ۾ به گهوٽ کي لڄ حياءُ ڪرڻ نه کپي. اِنهن ٽنهي ڳالهين ۾ يا چئجي ته ڌنڌي واپار ۽ وهنوار ۾ جيڪو ماڻهو حجاب ڪري ٿو، اهو نيٺ پاڻ کي ئي نقصان رسائيندو. پر ڪيولرام انهيءَ نصيحت کي ڇڪي روحاني مطلب سمجهائيندي لکي ٿو ته، ”مطلب هيءُ آهي جو سياڻا چوندا آهن ته لڄ چڱي آهي، پر اِنهن ٽنهي ڪمن ۾ لڄ ڪرڻ مورڳو گهاٽو آهي. تهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڌڻيءَ جو ڳولهو پڻ سنسار جا حجاب نه ڀڃندو، ته ڌڻيءَ کي واصل نه ٿيندو“.
    هِتي اِنهيءَ ڳالھ جو ڌيان رکڻ گهرجي، ته ارتقا جي سلسلي ۾ جڏهن ڪنهن پهاڪي جي روپ يا معنيٰ ۾ تبديل اچي وڃي ٿي ته اُنهيءَ بدليل شڪل ۾ اُن پهاڪي کي غلط چوڻ ٺيڪ نه آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اِهو فيصلو ڏيڻ ٺيڪ ٿيندو، ته اُهو ٻن يا وڌيڪ شڪيلن يا معنائون ۾ عام آهي. اِها ڳالھ به ممڪن آهي ته هڪ ئي پهاڪو الڳ الڳ علائقن ۾ ٿوري ڦير گهير سان واهپي ۾ اچي ٿو. اوسر جي دوران اڪثر اهو به نظر اچي ٿو ته ڪي پهاڪا وقت گذرندي، حالتن جي ڦيرڦار سببان يا ٻين ڪن ڪارڻن جي ڪري واهپي ۾ گهٽجندا وڃن ٿا. اُهي پوءِ فقط ٻوليءَ جي عجائب گهر ۾ جاءِ ولارين ٿا ۽ وهنواري زندگيءَ ۾ اُنهن جو ايترو استعمال نٿو ٿئي. جيئن ته ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين ۾ اهڙين پهاڪن جو استعمال گهٽ ٿي ويو آهي، جن جو واسطو سنڌ جي ماحول، جاگرافيءَ ۽ آڳاٽين حالتن سان آهي. جيئن ته:
    • وُٺو ته ٿر، نه ته بر.
    • گوُني سدا اونهي.
    • لاڙ آهي ساڙ.
    ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪي پهاڪا واهپي ۾ گهٽجي، نيٺ عام واهپي کان ٻاهر ٿي ٿا وڃن، ته ٻئي طرف موجوده حالتن مطابق سرڪاري پاليسيءَ موجب جوڙيل نعرا ”هم دو، هماري دو“، ”ڇوٽا پريوار، سُکي پريوار“، ”جئه جوان، جئه ڪسان“. وغير سنڌي ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ساڳيءَ ريت ۾ داخل ٿي چوڻين جو درجو حاصل ڪري چُڪا آهن. اِهو به نظر اچي ٿو ته هندي، اُردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين جي اثر هيٺ ڪي نوان پهاڪا به سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال پيا ٿين.
    نون پهاڪن کي جنم ڏيندڙ اڪثر اُهي شخص آهن، جيڪي ٻين ٻولين جا پهاڪا ساڳي شڪل ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ پنهنجين لکڻين ۾ ڪم آڻين ٿا، جيئن ته سترام دا ’سائل‘ جي تيار ڪيل پهاڪن جي مجموعي ”دُرن جي دَٻِليءَ“ ۾ هيٺ ڏنل پهاڪن ملن ٿا، جيڪي هندي ٻوليءَ جي پهاڪن مان ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ليکا ويا آهن.
    • جتي نه پهچي روِي، اُتي پهچي ڪَوِي.
    (هندي: جِهان نه پهنچي رَوِي، وهان پهنچي ڪَوِي)
    • جنهن جي لٺ، تنهن جي مينهن.
    (هندي: جس ڪِي لاٺي، اُ ڪِي ڀينس).
    • جو پُوئجي ويو، سو موتي ٿيو
    (هندي: جو بند گيا، سو موتي).
    • دُوِڌا ۾ ٻئي ويا، نه دنيا ملي نه رام.
    (هندي: دُوِڌا ۾ دونون گئي، نه مايا ملي نه رام.)
    ڀيرومل مهرچند پڻ ’گلقند‘ نالي پهاڪن ۽ محاورن جي مجموعي ۾ اِن طرح هنديءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا اصل شڪل ۾ يا اُنهن جو ترجمو ڪري شامل ڪيا آهن:
    • ڇڙيءَ جو صرفو ڪريو ته ٻار کَرِو. (ص ۱۴)
    (انگريزي Spare the rod and spoil the child)
    • دُم سگ راست نشُد. (فارسي، ص ۳۵)
    (هٿان پيئي نانڪا، در در ڌِڪا کائي. (پنجابي، ص ۵۵)
    • بجا ڪهي جِسي عالم، اُسي بجا سمجهيو.
    آوازِ خلق ڪو فرمانِ خدا سمجهو (اردو، ص ۵۸)
    • جِسَ ڪا ڪام اُسي ڪو ساجي. (هندي، ص ۶۵)
    اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ زباني روايتن وسيلي يا وڏن ليکڪن جي لکڻين ذريعي، ٻين ٻولين جا چڱا ئي پهاڪا پنهنجي اصلي شڪل ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ داخل ٿي ويا آهن. اُنهن ۾ جيڪي عوام ۾ عام نه ٿا ٿين، سي وقت گذرندي پاڻمرادو مري ٿا وڃن، پر جن پهاڪن کي عام ماڻهن اپنايو ٿي، اُهي وڏي حياتي ماڻين ٿا. حقيقت ۾ جِن پهاڪن ۾ ڪنهن عالمي سچائيءَ کي گهڻي نموني پيش ڪجي ٿو، اُهي پهاڪا ٻوليءَ ۾ هيري مثل چمڪدار رهن ٿا. (جيٽلي مرليڌر، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس)، پونو، ۱۹۹۳، باب ڇهون جي آڌار موجب بحث ڪيل.)


    ۳۰۵ پهاڪن جي ورهاست جا اصول:

    سنڌيءَ ۾ جدا جدا موضوعن تي چڱي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا. اُنهن جي سهڻي نموني ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهاڪن کي گڏ ڪجي ۽ انهيءَ کي جدا جدا حصن ۾ ورهائي اُنهن جو تنقيدي لحاظ کان اڀياس ڪجي.
    جيستائين گڏ ڪرڻ جو سوال آهي ته سنڌيءَ ۾ پهاڪن جا گهڻيئي ننڍا وڏا مجموعا ملن ٿا. مثال طور:
    (1) گل شڪر: ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
    (2) گلقند: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.
    (3) دُرن جي دَٻلي: سترام داس جُڙيا سِنگهاڻي ’سائل‘.
    انهن مجموعن ۾ الف- ب وار يا چئجي ته ورڻمالا موجب پهاڪن جي ترتيب ڏنل آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’گلقند‘ ۾ انهيءَ کان ٿورو اڳتي وڌي پهاڪن سان گڏ ڪيترن هنڌن تي ڀيٽ ڪندي ساڳئي مطلب وارا پهاڪا هڪ هنڌ به ڏنا آهن.
    سنڌ ۽ هندستان ۾ سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جو وڏي ۾ وڏو ڪوش آهي. ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘. اِن ڪوش جو سهيڙيندڙ آهي: سنتداس پُنهومل ڪشناڻي ۽ اِن جو ايڊيٽر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي آهي. اِهو ڪوش ۱۹۹۳ع ۾ پوني ۾ شايع ٿيو آهي. اِن ۾ اٽڪل ٻارنهن هزار پهاڪا ۽ محاورا انهن جي مطلب سان گڏ ڏنل آهي. منهنجيءَ نظر ۾ هيءُ ڪوش هيل تائين سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل مجموعن ۾ تمام وڏو ۽ ڪي قدر نرالو ڪوش آهي. ڊاڪٽر جيٽلي گهڻي محنت سان هن ’لغت‘ جي شروعات ۾ اٽڪل هڪ سؤ ڏهن صفحن ۾ پهاڪن ۽ محاورن تي تنقيدي نظر کان ويچار ڪيو آهي. اَڄ تائين اهڙي قسم جي ڇنڊڇاڻ ڪنهن به ٻئي سنڌي پهاڪن ۽ محاورن جي مجموعي ۾ ڏنل نه آهي. ورڻ مالا موجب پهاڪن جي گڏ ڪرڻ ۾ مکيه مسئلو اهو آهي ته ڪن حالتن ۾ هڪ ئي پهاڪو جدا جدا لفظن سان شروع ٿيندو آهي. اُن حالت ۾ اُنکي مجموعي ۾ ڳولهڻ وقت مشڪلات ٿي سگهي ٿي. جيئن ته:
    • جيڪي لکيو منجھ اَزل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.
    هن پهاڪي جو ٻيو روپ به مشهور آهي، جيڪو ’لکيو‘ لفظ سان شروع ٿئي ٿو.
    پهاڪن کي ڪن هنڌن تي ورڻ مالا (الف-ب) موجب گڏ ڪرڻ ته تمام سولو ڪم آهي، پر پهاڪن جي ورهاست ڪهڙي آڌار تي، ڪهڙي نظريي تي ڪجي، اِهو تمام اوکو ڪم آهي. هڪ ئي پهاڪي کي الڳ الڳ ماڻهو الڳ الڳ نظر سان ڏسندا آهن. اِن ڪري هڪ ئي پهاڪي جي باري ۾ يا اُن جي مطلب جي باري ۾ سڀني جي راين ۾ تفاوت اچي وڃي ٿو. مثال طور؛ ’آئي ٽانڊي کي، بورچياني ٿي ويٺي‘. پهاڪي جو لفظ مطلب آهي ته آئي هُئي ٽانڊو کڻڻ، پر موقعو ڏسي اُتي ئي پنهنجي ماني پچائڻ لڳي، پر ٻئي پاسي اِنهيءَ جو مطلب نهڪري ٿو ته ڪنهن گهر جائو سمجهي پنهنجي گهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ آسرو ڏنو، پر هاڻي گهڻيئي ڏينهن نڪري ويا آهن، پر هو شخص وڃڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.
    اهڙن پهاڪن کي ڏسي ۽ سمجهي اهو مطلب اُٿي ٿو ته اِن قسم جي پهاڪن کي ڪهڙي گروھ ۾ رکجي؟ اِنهيءَ پهاڪي جا ٽي الڳ الڳ گروھ هن ريت ٿي سگهن ٿا؛ لفظي معنيٰ جو گروھ، لفطي کان الڳ ٻي معنيٰ وارو گروھ ۽ پهاڪي ۾ ڪتب آيل لفظ ’ٽانڊو‘ يا ’بورچياڻي‘ وارو گروھ.
    هتي هڪ ڳالھ چوڻ جوڳي آهي ته پهاڪن جو هڪڙو ساڳيو گروھ مقرر ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته پهاڪن جا الڳ الڳ موضوع ٿين ٿا ۽ اُنهن کي ڪنهن حد يا دائري ۾ ٻڌي نه ٿو رکي سگهجي، پر تڏهن به گروھ ورهائڻ جي اصول بابت عالمن ڪجھ اصول مقرر ڪيا آهن. اچو ته اُنهن تي ويچار ڪريون.
    ’بِهار پروَربس‘ (Bihar Proverbs) جي سيهڙيندڙ جان ڪرشچين پهاڪن کي هيٺ ڏنل اصولن موجب ورهايو آهي:
    • ماڻهن جي هار، اوڻاين ۽ غلطين بابت.
    • دنياداري اُٿ ويھ، چالاڪين ۽ سکيا بابت.
    • ذاتين جي خصوصيتن ۽ خاصيتن بابت.
    • سماجي ۽ اخلاقي موضوعن ۽ مذهبي ريتين رسمن ۽ لوڪ اعتقادن بابت.
    • ٻني ٻاري ۽ موسم بابت
    • پُسن (جانورن) پکين ۽ جيت جنين بابت.
    انهيءَ طرح مئنوارنگ پنهنجي ’مَراٺي پراوربس‘ (Marathi Proverbs) نالي ڪتاب ۾ پهاڪن کي هيٺ ڏنل چوڏهن گروهن ۾ ورهايو آهي:
    • کيتي
    • جيت جڻيا
    • انگ ۽ پريتنگ
    • کاڌو نيتي
    • طبيعت ۽ بيماريون
    • گهرُ
    • ناموس
    • ڪائنات
    • رشتيداري (سنٻنڌ)
    • ڌرم ۽ مذهب
    • واپار
    • ٻين الڳ الڳ موضوعن تي
    ڊاڪٽر ڪنهيالال سهل پهاڪن جي (Classification) جا مکيه ٻه نظريا ٻڌايا آهن، جيڪي هيٺين ريت آهن:

    ڊاڪٽر شِشي شيکر تِواري پنهنجي ڪتاب ’ڀوجپُري لوڪو ڪِتيان‘ ۾ پهاڪن جي درجابنديءَ جا ٽي اصول يا بنياد ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
    • موضوع شيءِ موجبُ
    • پرسنگ (ٻين سان ميل جول) موجب
    • شڪل جي آڌار تي
    پهاڪن جي اصولن بابت مهارن جا جيڪي به رايا اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، اُنهن ۾ مشابهت نظر نه ٿي اچي. پهاڪن جي وسيع ايراضيءَ ۾ تفاوت هئڻ لازمي آهي، پر اِن هوندي به ڊاڪٽر شِشِي سيکر تِواريءَ پنهنجي ڪتاب ’ڀوجپري لوڪ ڪِتيان‘ ۾ ڊاڪٽر سهل جي موضوع موجب ورڇ ڪرڻ کي سائنسي درجابندي چيو آهي. ( ص ۴۱)
    ساڳي ئي صفعي تي ڊاڪٽر تِواري وري لکي ٿو ته: ”شڪل جي آڌر تي پهاڪن جي درجابندي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته پهاڪن ۾ هڪ ئي هنڌ تي گهڻيئي عناصر اچي وڃن ٿا. گهڻو ڪري هر هڪ پهاڪي ۾ لئه، اَنڪار (سينگار) ۽ لفظ جي طاقت جو مثال ملي ٿو. اِنهيءَ لاءِ پهاڪن جي شڪلي ورڇ ڪرڻ غير سائنسي آهي، پر شڪلي اڀياس هميشه ڪارائتو آهي.
    ڊاڪٽر شِشِي شيکر هڪ نئين اصول ‘پر ڪرڻ يا سنگ جو آڌار تي درجابنديءَ تي زور ڏنو آهي. سندس دليل آهي ته پهاڪن جو استعمال اُن جي ميلام ۾ مقصد سان گڏ ٿئي ٿو. اِنهيءَ لاءِ عام ماڻهوءَ کي متاثر ڪندڙ موضوعن جو اڀياس پهاڪن جي آڌار ڪري سگهون ٿا.
    وِشوَناٿ دِنڪرَ نَرَوَڻي ’ڀارتييه ڪهاوَت ڪوش‘ ۾ لکي ٿو ته پهاڪا پنهنجي وڏي تعداد ۽ خاص قسمن جي ڪارڻ، درجابنديءَ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪن ٿا. ان ڪري پهاڪن جي درجابنديءَ لاءِ ڪو به سائنسي طريقي جي دعويٰ نه ٿو ڪري سهگي. انهيءَ لاءِ صحيح طريقو اِهو آهي ته ورڻ مالا موجب ئي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ گهرجي.
    منهنجي ويچار ۾ پهاڪن کي موضوع موجب الڳ الڳ حصن درجن ۾ رکڻ وقت اُن جي حاصل مطلب مقصد کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي: مثال طور:
    • اٽو کاڌو ڪوُئي ته مار پئي گابي تي.
    هن پهاڪي ۾ اسان جو مطلب ڪوُئي جي اٽي کائڻ ۽ گابي جي مار پوڻ سان بلڪل نه آهي، پر حقيقت ۾ اِن جو گهربل مطلب آهي ته ڏوھ هڪڙي ڪيو آهي، پر اُنهيءَ جي سزا وري ٻئي کي ملي آهي. هِن پهاڪي ۾ ڪوُئو ۽ گابو فقط مثال طور کنيا ويا آهن. ڪوئو علامت آهي، ڏوهاري شخص جي ۽ گابو علامت آهي بي ڏوهي يا بيگناھ ماڻهوءَ جي. ڪنهن گهر ۾ مالڪ جو جتي اَٽو رکيو هو، اُتي ڪوئا گهڻا هئا. اُهي اٽو کائي وڃي، ٻِرن ۾ لڪيا. اتفاق سان ٿوري وقت کان پوءِ اُتي هڪ گابو اچي پهتو ۽ ان به باقي بچيل اٽو کائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اوڏي مهل اٽي جو مالڪ به اچي پهتو. هُن ڏٺو ته اٽو کاڌو پيو آهي ۽ ڀرسان گابو بيٺو آهي. اِن ڪري هُن سمجهيو ته سندس اٽو انهيءَ گابي ئي کاڌو آهي. بس پوءِ ته ڪاوڙ وچان هو گابي تي لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳو.
    پهاڪن کي جدا جدا درجن ۾ رکڻ وقت هن پهاڪي کي ڪوُئي يا گابي جي درجي ۾ رکڻ غلط ٿيندو. انهيءَ بدران پهاڪي جو حاصل مطلب کڻڻ گهرجي ته ”ڏوھ هڪڙو ڪري ۽ سزا ٻئي کي ملي“. پوءِ اِن مطلب وارا ٻيا به پهاڪا ان ساڳئي درجي ۾ رکبا. جيئن ته:
    • کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
    • کٽيو کائي کتيجا، ڌڪ جهلي ڌيڻس.
    • ڪري ڪلوُ ته ڀري للُو.
    ڪي پهاڪا اهڙا به آهن، جيڪي پرسنگ موجب لفظي معنيٰ ۾ به کڻي سگهجن ٿا، ته انهن جي حاصل مطلب موجب به کڻي سگهجن ٿا. مثال طور: ”اُٺ ٻڍو ٿي ويندو ته به ٻن جوان اُٺن برابر آهي. يعني اُنهن جيترو ساڳيو ئي بار کڻي سگهندو. هِتي اسين جڏهن اُٺن جي ڳالھ پيا ڪريون ۽ اُنهن جون خاصيتون ٻڌايون، تڏهن اُن حوالي موجب لفظي معنيٰ ۾ هيءُ پهاڪو کڻبو، پر جڏهن ڪنهن وڏيءَ عمر واري سياڻي ۽ تجربيڪار شخص جو بيان پيو ڪيو وڃي ته پوءِ اُتي هن پهاڪي جو استعمال معنيٰ موجب کڻبو. اُن ۾ ٻڍي اُٺ جو مطلب ٿيندو ”سياڻو، آزمودگار، تجربيڪار ماڻهو.“ ٻئي طرح ڪوانٽ جو مطلب ٿيندو ”ننڍي عمر وارو، اڻ آزمودگار، ٻاراڻي سڀاءُ وارو ماڻهو.“ پهاڪن جي مجموعي ۾ جيڪڏهن هن پهاڪي کي شامل ڪبو ته اِهو جانورن جي درجي اندر ’اُٺ‘ جي ڪلاس ۾ ٻين پهاڪن سان گڏ رکبو، ته ٻئي طرف ”وڏن ۾ وڏو فن“ موضوع جو مطلب ڏيندڙ پهاڪن ۾ به شامل ڪبو.
    موضوع موجب پهاڪن جي ورهاست ڪرڻ ۾ اِهي مشڪلاتون ڏسي گهڻو ڪري سڀني ٻولين ۾ ورڻ مالا (الف- ب) موجب پهاڪن جا مجموعا يا ڪوش تيار ڪرڻ جو طريقو وڌيڪ پسند ڪيو ويو آهي.


    سنڌي پهاڪن جو لسانياتي اڀياس

    ۴.۱ ٻوليءَ جو سرشتي ۾ پهاڪا:

    آمريڪا جي مشور لسانياتي ماهرن برنارڊ بلوخ ۽ جاريل ايل ٽريجر ٻوليءَ جي وصف هن ريت ڏني آهي:
    “A language is a system of arbitrary vocal symbols by means of which a social group cooperates.” (Bernard Bloch & George L. In italics 13, Munshiram Manohrlal, New Delhi, Indian Edition, 1972.)
    يعني، ٻولي عام ماڻهن جي وهنوار تي ٻڌل ۽ اُچاريل آوازي علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن لساني سماج ٻولي ڳالهائيندڙ سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ وهنوار ڪن ٿا.
    هر هڪ ٻوليءَ جي بيهڪ ۾ مقرر سرشتو هوندو آهي. اُن جا ٻه طرف يا پاسا (aspects) آهن:
    • اظهار وارو طرف (Expressional aspects)
    • معنيٰ وارو طرف (Semantic aspects)
    اسين آوازن جا اُچار ڪري پنهنجن ويچارن ۽ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. اِهي آواز فقط علامتون يا نشانيون (Symbols) آهن، جن جي ذريعي معنيٰ جو اظهار ڪجي ٿو. ٻوليءَ جي سرشتي ۾ ڪتب ايندڙن آوازن جو تعداد تمام گهڻو محدود هوندو آهي، پر اُنهن آوازن مان جيڪي لفظ (Words)، لفظي ميڙ (Phrases)، اڻ پورا جملا (Clauses) ۽ جملا (Sentences) ٺهن ٿا، اُنهن جي ذريعي اسين بيشمار (Unlimited) ويچارن ۽ احساسن جو اظهار ڪري سگهون ٿا. ٻوليءَ جي اظهار واري طرف جي ڄان اسان کي اُنهيءَ جي آوازن جي سائنس ۽ ويا ڪرڻ مان پوندي آهي.
    ڪو به شخص جڏهن ٻوليءَ ذريعي پنهنجا ويچار ظاهر ڪري ٿو، تڏهن هو سُڀاويڪ نموني پنهنجيءَ مرضيءَ موجب لفظن جي چونڊ ڪري ٿو. هُن تي استعمال وقت هو، اُنهيءَ ٻوليءَ جي وياڪرڻي (گرامر) سرشتي جي ڀڃڪڙي نه ڪري. جيڪڏهن هُن ائين ڪيو ته ٻُڌندڙ مٿس ٺٺولي ڪندا يا کلندا ته کيس دُرست طريقي سان ڳالهائڻ نه ٿو اچي يا محسوس ڪندا ته هو غلطيون ٿو ڪري. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن جي خواهش آهي ته هوُ سنڌ گهمڻ وڃي، ته هُن کي هو جدا جدا طريقن سان ظاهر ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته:
    • مان سنڌ وڃڻ چاهيان ٿو.
    • منهنجي مرضي آهي ته مان سنڌ گهمڻ وڃان.
    • منهنجي ڏاڍي خواهش آهي ته هڪ دفعو سنڌ گهمي اچان.
    • سنڌ گهمڻ جو موقعو مليم ته ڏاڍو سٺو.
    • مان هڪ دفوع سنڌ ضرور ويندس.
    اهي سڀيئي جمالا وياڪرڻ موجب دُرست آهن ۽ ڳالهائيندڙن جي دل جي تمنا کي ظاهر ڪن ٿا. لسانيات جي ماهرن اهڙن جملن کي ”آزاد استعمال“ (Free Expressions) چيو آهي، ڇاڪاڻ ته اِنهن ۾ ڳالهائيندڙ کي آزادي آهي ته هو پنهنجي خواهش کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مرضيءَ مطابق لفظن جي چونڊ ڪري، اُنهن کي جدا جدا جملن ۾ ڪتب آڻي سگهي ٿو.
    اهڙن آزاد استعمال وارن جملن جي ڀيٽ ۾ ٻوليءَ ۾ اسان کي ٻيا گهڻيئي استعمال انهيءَ قسم جا ملن ٿا، جن جي لساني بيهڪ يا ٻوليءَ جي ساخت مقرر ٿي ويئي آهي. مطلب ته اُهي استعمال اُن ٻوليءَ ۾ نسل درنسل ڪنهن گهربل خواهش يا ويچار کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ’رروڙھ‘ (رواج موجب مقرر شڪل اختيار ڪيل) ٿي ويا آهن. اُنهن ۾ لفطن جي چونڊ ڪرڻ يا جملي ۾ انهن کي مرضيءَ مطابق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڳالهائيندڙ کي نه آهي. اِن قسم جي استعمالن کي ٻوليءَ جي ماهرن سُوتر پرويوگ (قاعدي موجب مقرر ٿيل استعمال) يا Formulary usages or fossilized usages سڏيو آهي. جيئن ته:
    • انڌن ۾ ڪاڻو راجا
    • سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي.
    • ڪم لٿو، ڊکڻُ وسريو.
    اِهي سنڌيءَ ۾ سُوتر پريوگن (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) جا مثال آهن. گهربل مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هرڪو انهن کي اِن مقرر شڪل ۾ استعمال ڪندو آهي. مثال طور ”انڌن ۾ ڪاڻو راج“ جو مطلب، اڻ ڄاڻ ماڻهن ۾ ٿوري ڄاڻ رکندر شخص به هوشيار ليکبو آهي. اِن خيال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جڏهن اسين اِهو استعمال ڪريون ٿا، تڏهن اُهي ئي ساڳيا لفظ ڪتب آڻبا. اسين جيڪڏهن اُن جي شڪل ۾ هيٺين طرح تبديل ڪنداسين ته پوءِ اُن کي سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) نه چئبو. ٻُڌندڙ سمجهي ويندا ته ڳالهائيندڙ کي ٻوليءَ جي پُوري ڄاڻ نه آهي.
    • انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
    • انڌين ۾ هڪ- اکيو بادشاھ.
    • نابين ۾ نور وارو شيطان
    • انڌن ۾ ڪاڻو راءُ
    اِنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ فقط پهريون سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) آهي. پر باقي ٽيئي سٽون اِن شڪل ۾ تسليم ٿيل نه آهن، چاهي اُنهن مان ساڳي ئي معنيٰ ظاهر ٿي رهي آهي. ساڳيءَ طرح ’سِيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي‘ کي اسين بدلائي هن ريت استعمال نه ڪري سگهنداسي:
    • سيرو کائي پاتل ڦٽي ڪيائين.
    • حلوو کائي پاتل ڦاڙيائين.
    انهي طرح ’ڪم لٿو، ڊکن وسريو‘ ۾ ’ڊکڻ‘ جي بدران ’واڍو’، ’کاتي‘ يا ’تر کان‘ لفظ ڪتب نه آڻي سگهبا. چاهي گهربل مطلب ۾ ڪو به فرق نه ٿو اچي.
    اندرا پنهنجين ساهڙين کان اِها ڳالھ ٻُڌي پاڻي پاڻي ٿي ويئي. هن جملي ۾ ’پاڻي پاڻي ٿي وڃڻ‘ هڪ سوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال‘ آهي. ان ۾ ’پاڻي‘ لفظ جا هم معنيٰ ٻيا لفظ وجهي جيڪڏهن چئون ’نير ٿي ويئي‘ يا ’آب آب ٿي ويئي‘ ته اِهي سنڌي ٻوليءَ جي رواج موجب درست نه چئبا، نه ڪو اُنهن مان گهربل مطلب نڪرندو.
    ساڳي طرح ”هوُءَ گونگي گانءِ آهي.“ يعني ٿڌي مزاج خاموش رويي/ طبيعت واري آهي. اِتي جيڪڏهن اسين هم معنيٰ لفظ وجهي چئون: ”هوءَ گونگي ڍڳي/ ڳئون/ گابي آهي“ ته اُن مان گهربل معنيٰ ڪا نه ملندي ۽ اِهو جملو ٻوليءَ جي رواج موجب ليکبو.

    ۴.۱.۲ سُوتر پرويگون (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) جا قسم:
    لساني بيهڪ يا ٻوليءَ جي ساخت ۽ معنيٰ جي لحاظ کان سُوتر پريوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) چن قسمن جا آهن، جيڪي اڳتي ڏنل چارٽ ۾ ڏياريا ويا آهن:


    سُوتر پريوگ يا قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال

    چارٽ
    پيج نمبر ۱۱۸


    (۱) چوڻي:
    اُهو سُوتر پريوگ جيڪو بيان ۾ الڳ استعمال ٿيندڙ هڪ پورو جملو يا ايڪو آهي، ۽ پنهنجيءَ لفظي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، تنهن کي ’چوڻي‘ سڏجي ٿو. مثال طور:
    جڳھ ٺهرائڻ ۾ ٻه سال لڳي ويس، پر اهڙي سهڻي عمارت اڏائي اٿائي جو هر ڪو ڏسي واھ واھ ٿي ڪري. ”دير پيا، دُرست ٿيا.“ هتي ’دير پيا، دُرست ٿيا‘ هڪ ايڪو آهي، جيڪو بيان ۾ الڳ ڪتب آندو ويو آهي، ۽ چيل ڳالھ جي پٺڀرائي ڪري ٿو. اِهو لفظي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي، اِن ڪري ’چوڻي‘ آهي. ’چوڻيءَ‘ جا ڪجھ ٻيا مثال هن ريت آهن:
    • لالچ بُري بلا آهي.
    • جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي
    • يار اُهو جو اؤکيءَ ويل ڪم اچي.
    • ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.

    (۲) پهاڪو:
    اُهو سُوتر پريوگ يا (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) جيڪو بيان ۾ ڪتب ايندڙ هڪ پورو جملو يا جملن جو ايڪو آهي، ۽ لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏئي ٿو، تنهن کي ’پهاڪو‘ چئجي ٿو. جيئن ته:
    پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هزارين هندستاني سپاهي يورپ ۾ لڙندي شهيد ٿي ويا، پر سوڀ جو شرف مليو برطانيه سرڪار ۽ اُنهن جي ساٿي ملڪن کي.
    مٿي ڏنل بيان ۾ ”ٻري تي، کامي وٽِ، واھ ڙي ڏيئا واھ!“ پهاڪو آهي، اهو هڪ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو بيان ۾ ڪيل ڳالھ جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪتب آيو آهي. اِن جي بيان ۾ لفظي معنيٰ گهربل نه آهي، پر اُن بدران اُن جو مطلب کڻبو جيڪو آهي ته نقصان ٿئي هڪڙن جو يا قربانيون ڏيڻ هڪڙا، پر ساراھ ٿئي ٻين جي پهاڪن جا ڪجھ ٻيا مثال ڏسو:
    • مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي هل ڙي پُڇ ڪاري.
    • گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿو کُٽا.
    • پُڄي کانئس ڪو نه، لک لعنت گوڏن کي؟
    • ٻليءَ جي خواب ۾ ڇِيڇڙا.
    • ڪُتي جو پُڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وِجھُ ته به ڏنگو جو ڏنگو.

    (۳) ورجيس:
    اُهو سوتر پريوگ يا (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال)، جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو حصو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪبو آهي، تنهن کي ’ورجيس‘ چئبو آهي.
    دُشمن کي پري کان ايندو ڏسي هُو ائين ڀڳو، جيئن کاريءَ هيٺان ڪانُ. هتي ”ائين ڀڳو، جيئن کاري هيٺان ڪانءُ“ اُهو سُوتر پرويوگ (قاعدي موجب مقرر ڪيل استعمال) آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ئي جملي ۾ کپي ۽ اِهو جملي جو هڪ حصو آهي. ورجيس جا ڪجھ لفظي ٻيا مثال هن ريت آهن:
    • اهڙو ڪُڇي جهڙي ڀت.
    • اڇو جهڙو کير.
    • ڇوڪر ٻاڪر، واڻيا وڪال، چور چڪار، گهڻو تڻو، پيلو جهڙو هئڊ.

    (۴) محاورو يا اصطلاح:
    اُهو سُوتر پريوگ يا مقرر فقرو جيڪو بيان ۾ ڪنهن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ لفظي معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب اُن جي ٻي معنيٰ کڻبي آهي، تنهن کي محاورو يا اصلاح چئبو آهي. جيئن ته:
    جواب ڇو نه ڏين؟ وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ هتي ”وات ۾ مڱ پوڻ“ محاورو آهي، جنهن جو مطلب آهي: نه ڪُڇڻ، چپ ٿي وڃڻ. محاورن جا ڪجھ ٻيا مثال هن ريت آهن:
    • دال نه ڳرڻ. (پُڄي نه سگهڻ)
    • پيٽ تي لت ڏيڻ. (ڪنهن جي روزي کسڻ)
    • کير کنڊ ٿي وڃڻ. (ميل ميلاپ ۾ رهڻ)
    • باھ ٿي وڃڻ. (غصي ۾ اچڻ)
    • هٿ ڊگها هُئڻ. (پهچ وارو هئڻ)
    هتي اسان کي اِن ڳالھ جو ڌيان رکڻ گهرجي ته پهاڪو يا چوڻي هڪ اهڙو ايڪو آهن، جيڪو وياڪرڻي بيهڪ جي لحاظ کان هڪ جملو هوندو آهي يا اُن ۾ هڪ کان وڌيڪ جملا هوندا آهن، جيئن ته:
    (الف) هڪ جملو:
    • ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
    • آھ غريبان، قهر خدائي.
    • يار اُهو جو اؤکي ويل ڪم اچي.
    • بک ۾ بصر به مٺا.
    (ب) هڪ کان وڌيڪ جملا:
    • مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري.
    • ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي.
    ڪانئر ڌڪ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.
    جيئن ته پهاڪا ۽ چوڻيون ٻوليءَ جي بيهڪ جي لحاظ کان پورا جملا يا جملن جا ايڪا آهن، انهيءَ ڪري گهڻا ماڻهو اُنهن جي وچ ۾ فرق نه رکندا آهن، پر جيڪڏهن معنيٰ جو باريڪ ڌيان رکجي ته پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ تفاوت مڃڻو پوندو. چوڻي لفظي معنيٰ ۾ ڪتب ايندي آهي، پر پهاڪي جي ٻي معنيٰ گهربل هوندي آهي.


    ۴.۱.۳ پهاڪن جي لساني بيهڪ ۾ فرق:

    اسان کي سنڌيءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا، جن جي لساني تخليق ۾ تفاوت آهي. جين ته:
    - لکيا لوهارن کي ٽِپر تي ٽانڊا.
    (يا لِکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون)
    - ٻُڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون.
    (يا ٻُڏي ٻيڙي جي لوھُ به ڀلو)
    - ٻيو سڀ رهندو هِتِ، نيڪي ننڍين پاڻ سين.
    (يا نيڪي ننڍين پاڻ سين، ٻيو سڀ رهندو هِت)
    - ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
    ( يا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن ڦيرائي تيڏانهن سَنئين)
    اهڙي قسم جي پهاڪن ۾ اسان کي اهو چوڻو پوندو ته اهي پهاڪا ٻن يا ٻن کان وڌيڪ شڪلين مشهور آهي. زباني روايت ذريعي پهاڪن جو پرچار جڏهن جُدا جُدا هنڌن تي ٿيو آهي ته اُنهن مان ڪن جي لفظن ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ٿي ويئي آهي.


    ۴.۱.۴ پهاڪن جي عبارت:

    پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ مکيه حصو آهن. ادب جي سرجڻ ڪرڻ يا ويچارڻ جي اظهار جو ذريعو آهي- ٻولي روزاني زندگيءَ ۾ ويچارن جي ڏي وٺ دؤران ڪنهن لساني سماج جا ماڻهو پاڻ ۾ گفتگو ڪندي جيڪا ٻولي ڪتب آڻين ٿا، اُها ساڌارڻ يا عام رواجي ٻولي آهي. پر ليکڪ يا شاعر ادب ۾ جڏهن پنهنجين خواهشن جو اظهار ڪري ٿو، تڏهن هو ٻوليءَ کي خوبصورت شڪل ڏي ٿو، اُن کي رَس، گُڻن ۽ النڪارن سان سينگاري دلڪش بڻائي ٿو ڇڏي. اِن ڪري سنسڪرت ۾ ادب يا شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾، ماهرن، خوبصورت گهاڙيٽو هئڻ به ضروري ڄاڻايو آهي. جيئن ته:
    (۱) ”ڪاويه پرڪاش“ جي ليکڪ آچاريه مَمَٽِ شاعريءَ جي وصف هن ريت ڏني آهي:
    - پَدِ اڌوشؤ شبدارِٿئو سُگُڻئو انلنر ڪرتي پُڻھ ڪو اپِ لفظ ۽ معنيٰ جي اُن ميلاپ کي شاعري چئيجي ٿو، جيڪا بي عيب آهي، گُڻن سان ڀريل آهي ۽ عام النڪارن سان سينگاريل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن بنا النڪارن جي هوندو آهي.
    (۲) ”ساهتيه درپڻ“ جي رچيندڙ آچاريه وِشوَناٿ شاعريءَ ۾ رس جي هئڻ تي زور ڏيندي لکيو آهي:
    - واڪيم رساتمَڪَمَ ڪاويَمَ
    (رس ڀريل جملو شاعري ئي آهي)
    (۱) ”رس گنگاڌر“ جي ليکڪ آچاريه جگنناٿ به شاعريءَ ۾ دلڪشيءَ کي گهڻي اهيمت ڏني آهي.
    - رمڻِيا ارٿ پرتيپا دڪھ شبدھ ڪاويَمُ.
    (خوبصورت معنيٰ جي سمجهاڻي ڏيندڙ لفظ شاعريءَ آهي)
    ٿوري ۾ چئجي ته ادب يا شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ رَس، گُڻ، النڪار خوبصورتي ۽ اثرائتي عبارت جو هئڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ حصو هئڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ حصو هئڻ ڪري، اُنهن ۾ ادب جون خاصيتون به سمايل آهن. پهاڪن ۾ اسان کي ٻوليءَ جي نرالي هيئت واري شڪل ملي ٿي. اِن کي ڌيان ۾ رکي اسان کي پهاڪن جي ٻوليءَ جي شعرن کي علم جي اصولن موجب به اڀياس ڪرڻ گهرجي. اِن ۾ لفطن جي طاقت، ڇند، النڪار، تُڪ، لئه وغيره شامل آهن. هِن باب ۾ پهاڪن جي لساني تخليق ۽ عبارت جي لحاظ کان اڀياس ڪيو ويو آهي.


    ۴.۲ پهاڪن جي لساني تخليق:

    لساني تخليق جي لحاظ کان پهاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن لفطن جو هئڻ ضروري آهي. جيئن ته:
    - پنهنجي سنهنجي
    (پنهنجي شيءِ هوندي آهي ته اُن ۾ گهڻو سهنج هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪم پوڻ تي ٻئي اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوندو آهي).
    - لاڙ ساڙ
    (سنڌ جو لاڙ وارو حصو يعني ڏاکڻو ڀاڱو ساڙيندو آهي، گهڻو پريشان ڪندڙ آهي. اُتي پوسل هئڻ ڪري مڇر گهڻا ٿيندا آهن).
    - قرض مرض.
    (قرض وٺڻ هڪ وڏي بيماريءَ وانگر آهي. قرضدار ٻئي اڳيان پنهنجو مُنهن مٿي نه ڪري سگهندو آهي).
    ٻئي طرف محاورا يا اصلاح هڪ لفظ وارا به هوندا آهن. ڪنهن هڪ لفظ جو ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ۾ استعمال ڪبو ته اُن کي محاورو چئبو آهي. مثال طور:
    - گڏھ! ڌيان ڏي نه ته مار کائيندين.
    هِن جملي ۾ ’گڏھ‘ لفظ لفظ معنيٰ بدران پنهنجي ٻي معنيٰ ’مُورک، بيوقوف‘ ۾ ڪتب آيو آهي.
    - - هُو ميريءَ تي مُئو ته هُن تي لکين رُپيا لُٽائي ڇڏيائين.
    هن جملي ۾ ’مُئو‘ فعل جي اصلاحي معنيٰ آهي: فِدا ٿيڻ، موهت ٿيڻ، عاشق ٿيڻ.
    پهاڪو چاهي ٻن لفظن جوهجي ته به ٻوليءَ ۾ مُروج استعمال هئڻ ڪري اُهو پوري معنيٰ جو اظهار ڪندو آهي. هتي پهاڪن جا جيڪي مثال ڏنا ويا آهن، اُنهن ۾ ڪِريا پَد يا فعل ”آهي‘ جو لوپُ (غائب) ٿيل آهي. هاڻي اچو ته پهاڪن ۾ لفطن جي ترتيب تي ويچارُ ڪريون.


    ۴.۲.۱ پهاڪن ۾ لفظن تي ترتيب:

    پهاڪن ۾ لفظن جي ترتيب جا ٻه قسم آهن:
    (الف) وياڪرڻي ترتيب.
    (ب) اَوِياڪرڻي ترتيب.
    (الف) وياڪرڻي ترتيب:
    سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب عام طور جملي ۾ لفطن جي ترتيب ۾ پهرين ڪرتا (فعل)، اُن کان پوءِ ڪرم (مفعول) ۽ آخر ۾ ڪِريا (فعل) جو استعمال ٿيندو آهي. جيئن ته ”موهن ڪتاب پڙهي ٿو“ جملي ۾ ’موهن‘ ڪرتا (فاعل) آهي، ’ڪتاب‘ ڪرم (مفعول) آهي ۽ ’پڙهي ٿو‘ ڪِريا (فعل) آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته پهرين اديشيه (مالڪ) ۽ اُن کانپوءِ وڌييه (فرمانبردار) هوندو آهي. سِنڌي پهاڪن ۾ اِن وياڪرڻي اصول موجب لفظن جو استعمال تمام گهٽ نظر اچي ٿو. اُن جو مکيه ڪارڻ اهو آهي ته پهاڪا ٻول چار جي ٻوليءَ ۾ روزناي زندگيءَ جي گفتگوءَ مان پيدا ٿيا آهن. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ لکيل وياڪرڻي ٻوليءَ جو استعمال گهٽ هوندو آهي. ڳالهائيندڙن جنهن ڳالھ تي وڌيڪ زور ڏيڻ چاهيندو آهي، اُنهيءَ کي ظاهر ڪندڙ لفطن کي جملي ۾ مکيه جڳھ ڏيندو آهي. ٻيو ته سنڌيءَ ۾ جملي ۾ لفظن جي جڳھ کي گهڻي اهميت نه آهي. لفظ چاهي جملي ۾ اڳيان پٺيان يا وچ ۾ استعمال ٿين، اِن هوندي به اُهي ورهايل ۽ ٻين ورهايل معنيٰ ذريعي جدا ۽ ٻين جُدا ٿيل معنائن ذريعي گهربل معنيٰ کي ظاهر ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا.
    وياڪرڻي ترتيب وارن ڪن پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:
    - ابو گُسي، ڌيءَ وَسي.
    - (ڏيتي ليتي ڪري، پيءُ جي هڙ گسي ٿي ۽ ڌيءَ جو ساهرو گهر وسي ٿو). ابو گُسي، ڌيءَ وَسي.
    - اڄ جو ڪم سڀان تي نه وجهجي.
    (جيڪو ڪم اڄ ڪرڻو آهي، اُهو سُستي ڪري سڀاڻي ڪرڻ لاءِ نه روڪي رکجي).
    - اکر نه کَٽي، مَڪرُ کُٽي.
    (اڄ جي زماني ۾ علم وارو، لکيل پڙهيل ماڻهو نه ٿو کَٽي کائي، پر جيڪو مڪار يا حرفتي آهي، اُهو ڪامياب ٿئي ٿو).
    - پاڙو اَبو امان آهي.
    (پاڙي وارن کي پنهنجي ماءُ پيءُ وانگر يعني وڏن مائٽن جهڙي عزت ڏجي).
    - پنجئي آڱريون برابر نه آهن.
    (مطلب ته سڀ ماڻهو هڪجهڙا نه آهن).
    - سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي.
    (ڪُنيءَ ۾ جيڪڏهن چانور گهٽ هوندا ته رڌڻ وقت اُن ۾ پاڻي گهڻو اڀامندو).
    - ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي.
    (ڪوري ڪپڙي آڻڻ وقت جتي آڏاڻو رکندو آهي، اُتي آڏاڻي هيٺان کڏ کوٽيندو آهي، جيئن پيرن سان آڏاڻو سولائيءَ سان هلي سگهي ۽ پير پٽ سان نه لڳن. مطلب ته جيڪو ٻئي کي نقصان پچائڻ چاهي ٿو، سو پهرين پاڻ خطا کائي ٿو).
    - هٺُ مارائيندو آهي.
    (هٺُ ڪبو ته سزا ڀوڳڻي پوندي).
    (ب) وياڪرڻي ترتيب:
    سنڌيءَ ۾ گهڻا پهاڪا اُهي آهن، جن ۾ لفظن جي ترتيب وياڪرڻ جي اصولن موجب نه هوندي آهي. اُن ۾ لفظن جو استعمال جملي ۾ پنهنجي مقرر جڳھ جي اڳيان يا پُٺيان هوندو آهي. اِن جا مکيه ٻه ڪارڻ آهن:
    (۱) ڪنهن لفظ تي وڌيڪ زور ڏيڻ.
    (۲) تُڪ ملائڻ ۽ لئه پيدا ڪرڻ لاءِ لفظن جي ترتيب بدلائڻ اِنهن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    (۱) ڪنهن لفظ تي وڌيڪ زور ڏيڻ:
    - آهي ته عيد نه ته روزو.
    (پئسو يا شيءِ اٿس ته ائين ٿو اُڏائي، ڄڻ ته عيد ٿو ملهائي، ۽ جي پئسو نه اٿس، ته بُکون ٿو ڪڍي. هتي ’هئڻ‘ جي ڳالھ تي زور ڏيڻ لاءِ ’آهي‘ فعل کي پهاڪي جي شروع ۾ رکيو ويو آهي.)
    - آيا مير، ڀڳا پير.
    (ڏاڍا مڙس آيا ته هيڻا يا ڪمزور ڀڄي ويا. هتي ’اچڻ‘ ۽ ’ڀڄڻ’ جي فعل تي زور ڏيڻ لاءِ فعلن کي فاعلن کان اڳ استعمال ڪيو ويو آهي.)
    - اڻ گهُريو ماءُ به پُٽ کي نه ڌارائي.
    (هتي ’گهُرڻ‘ ۽ ’نه گهُرڻ‘ جي ڳالھ تي زور ڏيڻ لاءِ ’اَڻ گهُريو‘ لفظ کي پهاڪي جي شروع ۽ تيستائين نه ڌارائيندي آهي، جيستائين هوُ روئي پنهنجي بُک جو اظهار نه ڪندو آهي.)
    - جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پُٺ.
    (هتي فعل تي زور ڏيڻ لاءِ اُن کي مفعول جي اڳيان رکيو ويو آهي.)
    (۲) تُڪ ملائڻ ۽ لئه پيدا ڪرڻ لاءِ لفظن جي ترتيب بدلائڻ:
    - اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾.
    (ڪجھ ڏبو ته اُن جي موٽ ۾، ڪجھ ملندو به اهو ’موٽ ۾‘ ۽ ’گهوٽ ۾‘ جي تُڪ ملائڻ لاءِ فعل ’پڙي‘ کي پهرين ڪتب آندو ويو آهي.)
    - مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇھ پهر.
    (برسات وسي بند ٿي ويئي، پر ڀونگيءَ جي ڇِت اڃا تائين ٽمي. معاملو ختم ٿيڻ کا پوءِ به جيڪو اُن جو ذڪر ڪري، تڏهن ائين چئبو آهي. هن پهاڪي ۾ ’پهر‘ جي تُڪ ملائڻ لاءِ فعل کي اُن کا اڳ ڪتب آندو ويو آهي.)


    ۴.۲.۲ پدلوپ (لفظن جو حذف ڪرڻ):

    ٿور-اکرائي پهاڪن جي مکيه خاصيت آهي. ان جو مطلب آهي ته ٿورن لفظن جي استعمال سان گهڻو مطلب ظاهر ڪرڻ سان به بيان جي حوالي مان پورو مطلب ظاهر ٿي ويندو آهي. جيئن ته، اچُ، کاءُ، ۾ اسين ڳالهائڻ ۾ فاعل جو استعمال نه ڪندا آهيو. ”ممبئي ڪڏهن ويندا“؟ ”مان سڀاڻي ممبئيءَ ويندس.“ اِن سڄي جملي چوڻ جي ضرورت نه آهي. فقط هڪ لفظ ’سڀاڻي‘ چوڻ سان ئي مڪالمي جي ذريعي سمورو مطلب ظاهر ٿئي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته روزاني ڳالھ ٻولھ جي ٻوليءَ ۾ اِن ريت ڳالهائڻ پاڻ وڌيڪ سُڀاويڪ آهي. ان ريت پهاڪا به گهٽ ۾ گهٽ لفظن جو استعمال ڪرڻ سان گهڻي ۾ گهڻي معنيٰ جو اظهار ڪن ٿا.
    پهاڪن ۾ جدا جدا لفظن جي حذف ڪرڻ جا ڪجھ مثال هن ريت آهن.
    (الف) فاعل کي حذف ڪرڻ:
    - چونڊيدي چور، وڃي پيا ککڙين.
    (هوُ ٻير چونڊڻ لڳا، ٻير ته ڪين ملين، پر فقط ککرا هٿ لڳن).
    - اُٺ نه پُڄي، ٻورن هڻي لتون.
    (جت اُٺ تي مال جا ڀريل ٻورا رکي اُنهن تي پاڻ چڙهي ويٺو. اُٺ کي کي هڪلڻ يا تڪڙو هلائڻ لاءِ هُن کي لتون هڻڻ لڳو، پر سندس پير ته اُٺ تائين ڪين پهتا، هوُ ٻورن کي ئي لتون هڻندو رهيو. جڏهن ڪو هڪ جا ساڙ ٻئي مان ڪڍي، تڏهن ائين چئبو آهي).
    - اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رَڇ.
    (مينهون اڃا جهنگ ۾ ئي آهن، ته ميهارن ٿانوَ صاف ڪري کير ڏُهڻ لاءِ تيار ڪري رکيا آهن. مطلب ته اڳي ئي پيا تيارون ڪن. هتي ’ميهارن‘ يا ’هُنن‘ فاعل لفظ کي جملي ۾ حذف ڪيو آهي).
    - ويئي سِڱن کي، ڪن به ڪپا آئي.
    (ڳئون يا مينهن ويئي، سڱن کي ٺيڪ ڪرائڻ، اُلٽو پنهنجا ڪن به ڪپائي آئي).
    (ب) مفعول جو حذف ڪرڻ:
    - انڌن آندو، ڪُتن کاڌو، ٻلن چٽيو.
    (هتي ”انڌن کاڌو آندو، ڪتن اُهو کاڌو يا ٻلن اُن کي چٽيو.“ هڪ پورو جملو آهي، پر پهاڪي ۾ مفعول (’کاڌو‘، اُهو ۽ ’ان کي‘) ڪتب نه آندو آهي.
    - هڪڙي لٽي، سهسين پَٽي..
    (ڌڻي سائين ڪنهن جي روزگار جي هڪڙي واٽ بند ڪري ته سهسين ٻيون واٽون کولي ٿو. هن پهاڪي ۾ ”روزگار جي واٽ“ مفعول ڪتب نه آيل آهي. نه ڪو فاعل جو استعمال ڪيو ويو آهي).
    - جن ڄَڻين، سي نپائين.
    (جيڪي ٻارَ ڄڻين ٿيون، سي ئي اُنهن کي نپائين ٿيون. هتي ’ٻار‘ فاعل جو حذف ٿيل آهي).
    - هڻ ڌيءَ کي ته، سکي نُونهن..
    (ڌڪ يا طعنو هڻُ ڌيءَ کي ته سکي نُونهن).
    - جو هٿُ ڪري، سو هٿُ پائي.
    (جو هٿ ڪم ڪري، سو هٿ نيتيجو پائي. هِتي ’ڪم‘ ۽ ’نتيجو‘ ڳجها مفعول آهن).
    - ڏي ته ڏيَئي، سَلو سائو ٿيئي.
    (تون ڌنُ يا ڌان مدد ڏي، ته اڳلو شخص به توکي ضرورت وقت مدد ڪندو. هتي ’ڏي‘ فعل جو مفعول ڪتب نه آندو ويو آهي).
    (ج) فعل حذف ڪرڻ:
    - پنهنجي سهنجي.
    (پنهنجي شيءِ سهنج واري آهي).
    - سنسارُ مهاڄارُ.
    (سنسار مهاڄار آهي).
    - اڳينِ پاڻي، پوين چِڪ.
    (اڳين کي پاڻي ملندو، پوين کي چِڪ ملندي).
    - انسان خطا جو گهر
    (انسان خطا جو گهر آهي.).
    - ٻه ته ٻارنهن.
    (ٻه ته ٻارنهن).
    - جڏهوڪا مينهن، تڏهوڪيون چِڪون.
    (جڏهن مينهن پوندو، تڏهن چِڪون ٿينديون).
    - وڏن ۾ وڏا ڪلا.
    (وڏن ۾ وڏو هُنر هوندو آهي).
    - انڌي پيهي، ڪُتي چٽي.
    (انڌي پيهي ٿي، ڪتي چٽي ٿي).
    - ترت دان مها پُڃ.
    (ترت خيرات ڪرڻ سان وڏو ثواب ٿيندو آهي).
    - دل کوٽي آهي ته، بهانا گهڻا آهن.
    (د) پهاڪن ۾ ٻين لفظن جو حذف:
    پهاڪن ۾ تعداد ضمير، صفت، حرف جر، حرف جملو وغيره جو به حذف ٿي ويندو آهي. انهن جا ڪجھ مثال هتي ڏجن ٿا. حذف ٿيل لفظن کي پهاڪن جي معنيٰ سمجهاڻيءَ ۾ هيٺان ليک ڏيئي ڏيکاريون ويو آهي.
    - پُڇڻا نه منجهڻا.
    (جي پُڇڻا، سي نه منجهڻا، صفت جو حذف ).
    - چُلھِ تي، سو دل تي.
    (جيڪو چُلھ تي هوندو، سو دل تي ٿيندو. صفت ’جو‘ ۽ فعل ’هوندو‘ جو حذف).
    - هُنرِ واري جو هُنرِ، بي هنرِ جي جندُ.
    (هُنرِ واري جو هنر کپندو، ۽ بي هنر جي جند کپندي ويندي. فعل جملي ”۽“ جو حذف.
    - ڪک چور، سو لک چور.
    (جو اڄ ڪک جو چور آهي، سو سڀاڻي لکن جو مال چورائيندو صفت ۽ فعل صفتي جو حدف ڪيل).
    - ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀُي اُٺِ.
    (هتي ’سڀڪا‘ صفت جا موصوف يعني ڳئون، رڍ، مينهن وغيره ڪتب نه آندا ويا آهن. ڌڻار ٻين سڀني ننڍن جانورن کي ويهي ڏُهندو آهي، پر اُٺڻيءَ کي ڏُهڻ لاءِ کيس اُٿي بيهڻو پوندو آهي.).
    - جهڙي نيت، تهڙي مُراد.
    (جيڪو جهڙي نيت رکندو، تنهن کي تهڙي مراد ملندي يا اُجورو ملندو).
    - ڀريءَ ڇِني کان، ڀيري ڇنو چڱو.
    (ڀريءَ جي ڪري ڇِني کان، ڀيري جي ڪري ڇِنو چڱو. گهڻو وزن کڻي ماڻهو بيمار ٿئي، اِن کان چڱو آهي ته گهڻا ڀيرا ڪري ٿورو ٿورو سامان کڻي پهچائي. اِن سان جيڪو ٿَڪ ٿيندو اُهو ٿوريءَ دير کان پوءِ آرام ڪرڻ سان لهي ويندو).
    - ڀُڳڙن کاڌي هٿ ڌوتائي پيا آهن.
    (ڀُڳڙن جي کاڌي سان هٿ ڌوتائي پيا آهن. سٺا ڪم ڪبا ته اُن سان گلا ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه رهندو).
    - ڀُلي ڀاڻ آئِي، سا به نه ڀُلي.
    (ڀُلي، ڳئون، مينهن، وڇَ تي هلي آئي، ته اُن کي ڀُليل نه چئبو. هِتي ”ڀُلي“ صفت آهي، اُنهيءَ جو موصوف ڪتب آندو نه آهي).
    - ٿورو کٽئي، گهڻي برڪت.
    (ٿوري کٽئي سان، گهڻي برڪت ٿئي ٿي.)
    - ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي.
    (ٺونٺ لڳي ۽ ساهڙي ڀڳي. ٿوري يا رواجي ڳالھ تي جيڪي دوستي ٽوڙي ڇڏين، تن لاءِ چئجي).
    - پاڻ مرندي، ڪهڙا سيڻ؟
    (پاڻ مرندي کان پوءِ ڪهڙا سيڻ؟ جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي جان جو خطرو آهي، يا جڏهن پنهنجا سيڻ سڄڻ ئي ڪنهن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، ته پوءِ اُنهن جو ڪهڙو لحاظ رکبو؟)
    - پنهنجي لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي لاهيندي ڪهڙو ڀؤ؟
    (جنهن پنهنجي پڳ يا عزت لاهي هٿ ۾ ڪئي، تنهن کي ٻئي جي آبُرو وٺندي دير نه لڳندي. هتي ’عزت‘ يا ’پڳ‘ لفظ ڳجهو آهي).
    - ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
    (ڦڙي ڦڙي سان تلاءُ ٺهي ٿو.)
    - جنين ڪاڻ ڪيم لائي چائي، سي نه ٿيم سورن ڀائي.
    (جن لاءِ مون لائي چائي ڪئي يعني جهيڙو جڳهڙو يا ٻيا کوٽا ڪم ڪيا، اُهي پڻ سورن ۾ يعني تڪليف وقت منهنجا ساٿي نه ٿيا).
    - جوَ ڍيري، گڏھُ رکپال
    (جَوَن جي ڍيري رکي آهي، ته گڏھُ ان جو رکوالو ٿيو آهي).
    - جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لهندا ڪن.
    (جيڪا ٻڪري ڌاريان ٿو، تنهن جا ڪن پيا لمن، يعني جيڪو ماڻهو پاڻ وٽ نوڪريءَ تي رکان ٿو، تنهن ۾ هڪ نه ٻيو عيب نظر اچي ٿو).
    - مانَ-بکيو سڀ ڪو، نانَ-بکيو ڪو ڪم نه.
    (نان جو بُکيو سڀ ڪو، مانَ جو بُکيو ڪو ڪو نه).


    ۴.۲.۳ حالتن جون پراڻيون شڪليون:

    سنڌيءَ ۾ اصلاحن جون حالتون ٺاهڻ لاءِ حالتِ مفعولي (oblique or formative case). ۾ اسم جي پٺيان حرف جو (post position) لڳائي اسم جو فعل يا جملي جي ٻين لفظن سان تعلق ڏيکاريون ويو آهي. جيئن ته:ڱ
    - هٿ کي (حالت جري)
    - هٿ لاءِ (حالت سببي)
    - هٿ، سان، کان، تان (حالت اپادان)
    - هٿ جو، جا، جي (حالتِ اضافت)
    - هٿ ۾، تي (حالت مڪاني)
    اِن طريقي کان سواءِ سنڌيءَ ۾ پُراڻا جوڙ يا پڇاڙيون (حرف جر جون نشانيون) به آهن، جيڪي اسم سان لڳائي اصلاح ٺاهڻ کي ظاهر ڪبو آهي. اهڙا آڳاٽيون روپ پهاڪن ۾ چڱي تعداد ۾ ملن ٿا. حرف جر وارا جوڙ ”آن، اَئون، اوُن، اَين“ پهاڪي ٺاهڻ ۾ جدا جدا حرف جر جي معنيٰ ظاهر ڪندا آهن. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به اِنهن جو استعمال ڪن. اسم عام جي لفظن سان ڪبو آهي. مثال طور:
    - هُو گهران آيو آهي.
    - هوُ ڳوٺ ويو آهي.
    - مان ڳوٺئون آيو آهيان.
    - هوُ ٻارين ٻچين آيا آهن.
    - هيءَ ڳالھ هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي.
    هاڻوڪي ٻوليءَ ۾ اِنهن جو استعمال گهڻو گهٽجي ويو آهي. اِهو گهڻو ڪري محاورن ۽ پهاڪي ۾ ئي نظر اچي ٿو. جيئن ته:
    - ٿوري گِرهين گهڻو کائجي.
    (ٿورن يعني ننڍن گِرهن سان، گهڻو کائڻ ٺيڪ آهي.) ٿوري کٽي، گهڻي برڪت
    - پُٽُ پيٽئون، ناٺي اکيَئون.
    (پُٽ مان ٿو ڄڻجي ۽ ناٺي اکين مان يعني اکين جي پريت مان پيدا ٿئي ٿو. مطلب ته ٻئي برابر آهن.)
    - پاڻ نه پلي پوپِري، لوڪان متيون ڏئي.
    (پوپري پاڻ کي نٿي پلي يعني روڪي ۽ ماڻهن کي متيون ٿي ڏئي).
    - پرائي بدئوُن، ڪاٺ ڪپھ ڪونئرو.
    (پراوَن بيدن تي يعني اُٺن تي ڪاٺ يعني ڳورو سامان لڏبو، ته به سمجهيو ته اُهو ڪپھ کان ڪونئرو آهي.)
    - پرائي دُهلين، احمق نچي.
    (پراوَن دهلن تي جيڪو نچي ٿو، اُهو احمق يعني بيوقوف آهي.)
    - پنهنجي ڪکين، ڪوئي نه لَکي.
    (پنهنجي ڪکن ۾ يعني پنهنجي ڀونگي يا گهر ۾ ڪوئي نه ٿو لَکي يا ڏسي. مطلب ته پنهنجي گهر ۾ ماڻهو ڪيئن ٿو رهي يا ٻيا کيس ڇا چوندا، اِن جي کيس پرواھ نه هوندي آهي.)
    - هٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کائي.
    - هٿ جي وڍي، نه ويج نه طبيب.
    (نانڪ چوي ٿو ته هُن پنهنجي هٿان ئي غلط ڪم ڪيو آهي ته پوءِ ٻئي کي هوءَ ڪهڙو ڏوھ ڏي؟ هاڻي در در تي پئي ڌڪا کائي.)
    - پيٽُ؛ ٻه-ٻاهين، چنتا ناهين.
    (جنهن کي ڌڻي سائين کاڌو کائڻ لاءِ، هڪ پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻه ٻانهون ڏنيون آهن، تنهن کي ڀلا ڪهڙي ڳالھ جي ڳڻتي؟)
    - ڪڏهن هاري هوس، اُڄ ڀيچان ڀيچي ڪو نه ٿئي.
    (ڪڏهن مان سندن اڳواڻ هوس، اڄ اُنهن همراهن يا ساٿين مان ڪو به منهنجو مددگار نٿو ٿئي.)
    - جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پِريُنِ.
    (جهڙو اسان حبيبن جو حال آهي، تَهڙو توهان پرين جي پيش ڪريون ٿا.)
    - ڪنڌيئون پار، قنڌارئون پار.
    (جيڪو درياھ جي ڪنڌيءَ کان پري، يعني ٻي ڪناري تي بيٺو آهي، سو قنڌار کان به پري آهي. مطلب ته ٿوري دوري رکندڙ ڏينهون ڏينهن پري ٿي وڃي ٿو.
    - ڏِئي مٿيون، پر ڪنهن جي هٿوُن.
    (سڀني کي ڏيڻ وارو ڌڻي آهي، پر اُهو ڪنهن جي هٿان يعني ٻئي ڪنهن جي ذريعي ڏيئي ٿو.)
    - راجا اکئين ڪِه ڪنين؟.
    (راجا نياءُ ڪندو اکين ڏٺي ڳالھ موجب، يا ڪنن سان ٻڌل ڳالھ موجب؟ مطلب ته ٻُڌل ڳالھ تي اعتبار نه ڪندو.)
    - زالان ڌاوَڻ، مردان کاوَڻ.
    (زالُنِ جو ڌاوڻ يعني سنان ڪرڻ يا وهنجڻ ۽ مردن جون کاوڻُ يعني کاڌو کائڻ. مطلب ته زالن کي وهنجڻ ۾ گهڻي دير نه لڳائڻ گهرجي ۽ مردن کي چستيءَ سان جلد ماني کائي تيار ٿيڻ گهرجي.)
    - ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال.
    (ست ويلا بُک ڪاٽڻ کان پوءِ، جيڪڏهن ڪنهن ڪُتو کاڌو يعني منع ڪيل حرام جي شيءِ به کاڌي، ته پوءِ اُها به حلال سمجهڻ کپي. مطلب ته بک ۾ ماڻهو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ نيچ ڪم ڪرڻ کان به ڪيٻائيندو.)
    - سَڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.
    (ڪڏهن ڪڏهن شريفن جا ڄاول بار نالائق ٿي پون ٿا ته ڪڏهن بداخلاقن جو اولاد تمام سٺو ٿي پوي ٿو.)
    - واتوُن خرار کاڄن، نَڪوُن ڪڻو نه کاڄي.
    (وات سان يعني سُهائيندي نموني گهڻوئي کائي سگهبو، پر نڪ مان يعني اڻ سونهائيندي طريقي سان ٿورو به کائي نه سگهبو.)
    - نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.
    (ناموس يا نالو مردن جو ڌنُ آهي، باقي ٻيو ڌن يا ناڻو ته اچڻو وڃڻو آهي.)
    - مِروئان موت، ملوڪان شڪار.
    (مِروُن جي لات موت آهي، پر ملوڪن جي لاءِ اِهو فقط شڪار آهي يا دل وندرائڻ لاءِ هڪ راند آهي.)
    - گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هر نه هلي.
    (گهڻن زالن سان گهر ٺيڪ هلي نه سگهندو، ساڳيءَ طرح گهڻن مردن سان ٻني ٻاري جو ڪم بگڙندو.)
    - انبان ٻور، ڪلالان لاها.
    (انبن جو ٻور گهڻو ٿئي ٿو، پر اڻ مان آخر ۾ انب ٿورا لهن ٿا. ساڳيءَ طرح ڪلاڪ جي ڪمائي گهڻي ٿي نظر اچي، پر اوڌر سوڌر ۾ ناس ٿي، باقي صافي ٿوري ٿي بچي).
    - پنِئين منڱئي گهر هلي، ته کُھِ آڌاري واٽ.
    (پنڻ مڱڻ سان جيڪڏهن گهر هلي ٿو ته پوءِ اُڌاري جي واٽ وٺڻ کُھِ پوي يعني پوءِ اُڌر سوڌر وٺي ڇو گذر ڪجي؟)
    - صلاحين شينهن ٻَجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي.
    (صلاحين ڪرڻ سان يعني اٽڪل يا مٺ محبت سان شينهن به پڃري ۾ ٻڌجي وڃڻ ٿا، پر اُهو ڪم جهيڙن سان نه ٿي سگهندو.)
    - گولاڙو ڳُئيان پَچي.
    (گولاڙو ڳُئيان يعني هيٺان کان پڇڻ شروع ڪندو آهي.)
    - جيڪي فِراقان، سو وِصالان نه ٿئي.
    (ورھ مان جيڪا پريم جي پيڙا يا تڙپ پيدا ٿئي ٿي، سا وصال يعني ميلاپ سان نه ٿي ٿئي.)


    ۴.۲.۴: فعلن ۽ ڪردتن جا پراڻا روپ:

    - ڪرند پسند، ڏِيند لهند.
    (جيڪو ڪندين، سو پسندين؛ جيڪي ڏيندين سو لهندين.)
    - سڄڻ هُجن سنوارن، مَرُ ڏيھ ڏنگايون ڪن؟
    (ڌڻي سائين اسان سان سولو هجي، يعني مهربان هجي ته پوءِ لوڪ ڀلي ڏِنگو هَلي ته به نقصان پهچائي نه سگهندو.)
    - ماءُ ڄڻيندي پُٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊِ.
    (ماءُ پٽ ڄڻيندي، پر انهن کي ڀاڳ ونڊي ته ڏيندي.هر هڪ جو نصيب ته ڌڻي سائين ٺاهي ٿو. هتي ’ونڊي‘ جو روپ ’ونڊ‘ ڪتب آيو آهي.)
    - نيچ نؤڪري، اتم کيتي، وڌنتُ واپار.
    (نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندڙ واپار.)
    - مُڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مُڱ پچي، ڪارڙو مَچي، مُڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.
    (هتي ’لُڻڻ‘ مصدر جو ڪردنت (اسم مفعول) ’لُئو‘ پراڻي شڪل آهي.)
    (ڪيولرام سلامتراءِ ’گل شڪر‘ ۾ اِن پهاڪي کي سمجهائيندي لکيو آهي ته، ”ڪارڙو، هڪڙي ڪاري تر کان پڻ ننڍو جيت لاڙ واري خطِي ۾ ٿيندو آهي، ۽ ماڻهن کي چڪ پائي، جو مُنڱن جي پوک ڄاپڻ وارن ڏهاڙن ۾ ڄاپي، ۽ مُنڱن جي لابار ۾ ناس ٿي وڃي، تنهن جو حال ڏيکارڻ لاءِ سياڻن هيءَ پهاڪو ڏنو آهي.“ (ص ۲۱۷)
    - هٿان پَيئي نانڪا، در در ڌِڪا کاءِ.
    (پنهنجن هٿان جيڪو غلط ڪم ڪيو اٿائين ته هاڻ هوُ در در ڌڪا پيو کائي، هتي ’کائي‘ فعل جي ننڍي شڪل ’کاءِ‘ آهي.)
    - ڇٺي مُوروُن ونٺي، ٻانڀڻ ڪهڙو ڏوھُ؟.
    (جنم پتري اصل جي ونٺي يعني وِنڌيل آهي، خراب آهي، ته پوءِ ٻانڀڻ کي ڪهڙو ڏوھ ڏجي؟)
    - جنين ڪاڻ مُياس، سي ڪُلهي ڪانڌي نه ٿيا.
    (جن ڪاڻ مان مُئس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا. هتي ’مُئس‘ جي جهوني شڪل مُياس‘ آهي.)
    - رِڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وِسري.
    (رِڻي = قرض، رائر = راج ڪر، ڍل، ٽئڪس. جنهن کي بازار جي قرض چُڪائڻ ۽ سرڪاري ڍل چُڪائڻ لاءِ سڏ ٿئي ٿو، تنهن کي منجي (کٽ) تي ڀاڪر ۾ ويٺل جوءِ به هڪدم وسري ويندي آهي.)
    - ڄٽهو نه وِسهو، وِسهو ته مُسهو.
    (ڄٽن تي ويساھ نه ڪريو، جي وسياھ ڪندا ته مُسجي ويندا. هتي ’مسجڻ‘ فعل جي ’مُسهو‘ شڪل پراڻو آهي.)
    - سوٽي هوءِ ساڻ، ته گڏھ گوهي نه ڪري.
    (سوٽي هجي ساڻ، ته گڏھ گوهي نه ڪري. ’هُجي‘ جي پراڻي شڪل ’هوءِ‘ آهي.)
    - آسرُمَ لاهيج، سڄڻُ ٻاجهيندڙُ گهڻو.
    (آسرو نه لاهيج، سڄڻ يعني ڌڻي سائين گهڻو رحيم آهي.)
    - اک اُلٽي ڌار، وَنءُ اُلٽو عام سين.
    (تون اُبتي اک ڌار، عام لوڪن کان ابتو وڃ. مطلب ته دنيا کان ڌيان هٽائي ڌڻيءَ جي ڌيان ۾ گم ٿي.)
    - وهم وسارياس، نا ته پنهوُن آئون پاڻ هئي؟.
    (وهم جي ڪري ڀُلجي ويس، نه ته پُنهون آئون پاڻ هُئس.)
    ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرنپ جهوني سنڌيءَ ۾ ’هئڻ‘ يا ’هجڻ‘ فعل جو ٻه شڪليون ڏنيون آهن.*

    يعني: هوءُ/ هوئو هاڻوڪي ٻولي ٻول چال واري سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري، ’هجڻ‘ مان ٺهيل شڪليون ڪتب اچن ٿيون، پر جهوني سنڌيءَ ۾ ’هُئڻ‘ مان ٺهيل شڪلين جو وڌيڪ استعمال نظر اچي ٿو. شاھ جي ڪلام ۾ به ’هئڻ‘ مان جوڙيل شڪيلن جو وڌيڪ استعمال نظر اچي ٿو. سنڌي پهاڪن ۾ به اهڙيون آڳاٽيون شڪليون وڌيڪ ڪتب آيون آهن.


    ۴.۲.۵: اَوياڪرڻي (غير وياڪرڻي) جملا ٺاهڻ:

    ڪن پهاڪن جي جملي جي بيهڪ نرالي ڍنگ جي آهي، جيڪا عام طور پهاڪن کان سواءِ ٻوليءَ ۾ ٻئي هنڌ نظر نٿي اچي. اهڙن پهاڪن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    - آئون به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ.
    (هتي هاڻوڪي ٻوليءَ ۾ ’آئون به وينديس پيڪي‘ چئبو آهي.)
    - جنهن جي هيڪار، ڪيائين ڪُوڙي ٿي، تنهن تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وِسهان.
    (يعني: هيڪار ڳالھ ڪيئاين، اُها جنهن جي ڪوڙي ٿي، تنهن جي ٻيهار سچيءَ ساک تي به مان ويساھ نه ڪريان. هتي پهرئين بيهڪ ننڍي جملي جي بيهڪ نرالي آهي، جنهن ۾ ”ڳالھ“ لفظ ڪتب نه آيو آهي.)
    - اُڀ ڦاٽي کي به ڪڏهن اڳڙي پوي؟.
    (ڦاٽل اُڀ کي به ڪڏهن اڳري پوي صفت موصوف جي پُٺيان آيو آهي.)
    - ويئي سِڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
    (ويئي سِڱن کي يعني سِڱ ٺاهرائڻ لاءِ، پر ڪن به ڪپائي آئي.)
    - ڪاڻي وِسُوڙي، چي مُڙس ويو اکِ کي.
    (ڪاڻي اِن ويساھُ ۾ ويٺي آهي ته منهنجو مڙس منهنجي لاءِ اک خريد ڪرڻ لاءِ ويو آهي.)


    ۴.۲.۶. پهاڪن ۾ جملن جا جدا جدا قسم:

    نثر ۾ گهڻا پهاڪا بياني جملن جي شڪل ۾ هوندا آهن. پر اسان کي اهڙا پهاڪا به ملن ٿا، جيڪي سوالي ۽ عجب اظهار ڪندڙ وغيره جملن جي صورت ۾ به آهن. هتي ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    (الف) سادا بياني جملي (Simple narrative sentences)
    - پتِ نَنهَن تي پاڻي آهي.
    (عزت نَنهن تي پاڻي وانگر تِرڪي ويندي آهي.)
    - ڏيئَڪو ڌَڻَ سِهگو وڌي.
    (جيڪو انسان جنهن لائق آهي، ڌڻي سائين اُن کي اوترو ڏئي ٿو.)
    - دِلي دُور آهي.
    (ڪم پورو ٿيڻ ۾ اڃا گهڻو وقت آهي).
    - دولتمند جا ڏاند به ويامن.
    (ڀاڳ وارن کي ڪڏهن اهڙي هنڌان به ملي وڃي ٿو، جتان ملڻ جي ڪا به اُميد نه هوندي آهي.)
    - جُڙيءَ کي جَسِ.
    (جُڙيءَ کي جَسِ آهي، ڌڻي سائين جيڪي ڪري ٿو، ان تي شڪر ڪر.)
    (ب) عجب ظاهر ڪندڙ جملا(Exclamatory sentences)
    - عقل ري عذاب گهڻا، پسندين جندڙي!.
    (اڙي جند! عقل کان سواءِ گهڻا ڏک ڏسندين.)
    - جيڪا جوڙيائين ساھ واھ واھ!.
    (ڌڻي سائين جيڪا جوڙي جوڙِي آهي، تنهن تي راضي رهجي.)
    - ٻري تيل، کامي وٽ، واھ ڙي ڏيئا واھ!.
    (ٻري پيو تيل، کامي يعني جلي پئي وَٽِ، ۽ هرڪو شاباس ڏئي ٿو ڏيئي کي ته واھ واھ! ڏيئو ته سٺو ٿو ٻري).
    - آپ نه پالي، پالي ڏوُن!
    (پاڻ کي ته پالي نٿو سگهي، اُهو هليو آهي ٻين کي پالڻ.)
    (ج) سوالي جملا (Interrogative sentences):
    - آرسي ڙي آرسي، مون جهڙو ڪو ٻيو؟
    (جيڪو سونهن ۾ پاڻ کي ڪنهن جهڙو نه سمجهي، تنهن لاءِ چئبو آهي.)
    - ڇڏڻ کان پوءِ اَڏڻُ ڪهڙو؟
    (ڪنهن ڳالھ يا شيءِ کي ڇڏڻ کان پوءِ اُن جو ڌيان رکڻ مان ڪهڙو لاڀ؟)
    - هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪهڙو ضرور؟
    (جيڪا ڳالھ صاف ظاهر ڪرڻ هجي، اُن لاءِ ٻئي ڪنهن کان پُڇڻ جي ڪهڙي ضرورت؟)
    - نَنهَن سان ڇَڄي ته ڪاتي ڇو وِجهجي؟.
    (ٿوري ڳالهائڻ سان ڪم ٿئي ته پوءِ اُن لاءِ زور زبردستيءَ کان ڇو ڪم وٺجي؟)
    - گهوٽ ڪنوار راضي ته ڇا ڪندو قاضي؟
    (ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ٺهي ويا ته پوءِ ٽئين کي وچ ۾ آڻڻ جي ڪهڙي ضرورت؟)
    (د) گفتگو وارا جملا (Conversational sentences)
    - کڏ! چئي؛ جيءُ سڏ.
    (کڏ کي هُن سڏ ڪيو ته هڪدم کڏ وراڻيو، ”اَبا جيءُ! تنهنجي سڏُ تي مان حاضر آهيان.“ مطلب ته ڪنهن کڏ ۾ ناڻو پُوري رکيو آهي ته اُهو ضرورت وقت هڪدم ڪتب ايندو.)
    - تون ڪير؟ چئي ”سکيو“.
    (تون ڪير آهين، هُن جواب ڏنو، ”مان سِکيو آهيان“. مطلب ته ڪنهن جي ڀلائي ڪندي جيڪڏهن ڪنهن کي ڏوھ اچي ته هُو چوندو آهي ته اڳتي لاءِ مان سِکيو آهيان.)
    - ٻائي ٻير؟ چي؛ اڍائي سير.
    (ٻائي ٻير ڪهڙي اگھ تي ٿي وڪڻين؟ هُن جواب ڏنو، ”پئسي جا اڍائي سير“ مطلب ته شيءِ گندي يا خراب آهي).
    - اگھُ ڪنهن وِڌو؟ چئي، ”جنهن جي نه سَري.“
    (ڪنهن شيءِ جي قيمت ڪنهن وڌائي؟ اِن تي هُن چيو، ”جنهن جي اُن شيءِ کان سواءِ نه سري سگهي.“
    مطلب ته ضرورت پوڻ تي ماڻهو مهانگي شيءِ به خريد ڪندو آهي.)
    (ج) حڪم وارا جملا(Imperative sentences):
    - ڌيئڙي سو ڪرِ، جو ڏِٺُئه ماءُ گهر..
    (نونهنڙي سوڪر، جو ڏٺئه سَسُ گهر.)
    - خرچ کاءُ، ته ڏِئي شاھ.
    (دل کولي خيرات ڪر ته پئسو سُٺن ڪمن ۾ خرچ ڪر ته ڌڻيءَ توکي پاڻ ئي ٻيو به ڌنُ ڏيندو.)
    - پيءُ ڏيکارِ يا شراڌ ڪر.
    (جيڪڏهن پڻهين جيئرو آهي، ته اُن کي وٺي اچي حاضر ڪر. جيڪڏهن مري ويو آهي ته پوءِ سندس شراڌ (مري ويل مائٽن جي عزت ۾ برهمڻن کي سالياني بخشيش ڏيڻ جي رسم) ڪر. مطلب ته ڳالھ جي هڪ هيڪاڻي ڪر).
    (ڇ) مرتب جملا (Simple narrative sentences)
    - آپ سُکي ته جڳ سُکي.
    (جي پاڻ آسودو آهي ته کيس سڄو جڳ آسودو نظر اچي ٿو.)
    - آڱرِ رکڻ ڏينس ته سڄي ٻانهن ڳڙڪائي وڃي.
    (ڪنهن جي ڀلائي ڪر ته هو اُن ناجائز فائدو وٺي تنهن لاءِ چون.)
    - چُلھ تي، سو دل تي..
    (جو چلھ تي آهي، سو دل تي آهي).
    - چڱا سي چئجن، جن جا پويان چڱا.
    (اُهي چڱا ٿا چئجن، جن جو اولاد چڱو آهي.)
    - ڄٽ پڙهيو، الله اڙيو.
    (اناڙيءَ علم حاصل ڪيو ته، الله جي نالي جو غلط استعمال ڪندو.)
    - جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي.
    (جنهن مهرباني ڪئي، تنهن جا ڳڻ ڳائجن.)
    (ج) مُرڪبت جملا (Compound Sentence):
    - آڌيلو نه ڏِئي، آڌيو ڏئي.
    (جيڪو وقت تي ٿورو خرچ ڪري ڪم نه ڪري، پر پوءِ اُن لاءِ گهڻو خرچ ڪرڻو پويس، تنهن لاءِ چئبو آهي.)
    - ڄڻيندڙ ڇُٽا ۽ پرڻيندر مُٺا؟
    (جن ڇوڪري ڄڻي سي ته کيس پرڻائي ڇُٽي ويا، ۽ جيڪي کيس پرجڻ کان پوءِ پنهنجي گهر وٺي ويا سي مُسجي ويا. خراب ڇوڪريءَ لاءِ چئبو آهي.)
    - ڦِٽِ بُجو ڪَج، پر گِھ ذرو ڏج.
    (جيڪو پنهنجي عزت جو خيال نه رکي ۽ ٻئي اڳيان هٿ ٽنگي، تنهن لاءِ چئبو آهي).
    - وٿُ نه کٽي، وٿُ جو وِيٽڻ کٽي..
    (شيءِ پاڻ ڀلي ملهائتي نه هجي، پر اُن جي پئڪن سهڻي آهي ته اُها شيءِ عوام ۾ پسند پوندي.)


    ۴.۲.۷: شعرن يا بيتن ۾ پهاڪا:

    نثر ۾ جدا جدا جملن جي صورت ۾ پهڪا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، پر بيتن جي شڪل ۾ چڱي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا. اُنهن ۾ تُڪ کي ملائي سُر، تال ۽ لئه جو گڻ پهاڪن ۾ پيدا ڪيو ويندو آهي. اهڙن پهاڪن تي تفصيل سان ويچار هيئت يا شاعريءَ جي اصولن هيٺ ڪيو ويو آهي. هتي اهڙن پهاڪن جا فقط ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    - پُلاھ جهڙي پدمڻي، جي هَڪي حاضر هوءِ، بوُسي وجھ پيٽ ۾، مَرُ پيٽ ڦاٽي پوءِ.
    (سُٺو لذيذ کاڌو ملڻ تي ماڻهو جڏهن هٻڇ ڪري کائيندو آهي ۽ پوءِ بيمار پوندو آهي، ان ڏانهن اشارو ڪندي هيءُ پهاڪو چيل آهي.)
    - ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھ مُقام ۾، واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
    (انسان ڪڏهن جوان ۽ سهڻو آهي ته ڪڏهن اُن جو مڙھ مُقام ۾ پيو آهي. هيءَ زندگي واريءَ جو ڪوٽ آهي، يعني فاني آهي. اُن کي انسان ڪيترو وقت قائم رکي سگهندو؟)
    - ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هجن، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
    (سڀيئي ماڻهو سُٺا نه هوندا آهن. سڀيئي پکي هنج نه هوندا آهن. اهڙا ماڻهو تمام ٿورا آهن، جن مان بهار جي مند جي خوشبوءِ اچي ٿي).
    - ڄٽيءَ سُٽ پسايو، واڻئي وِڌس وَٽِي، مُٺي اُهائي ڄٽي، مُٺي اُهائي ڄٽي.
    (ڄٽي پاڻيءَ ۾ سُٽ پُسائي آلو ڪري واڻئي جي دُڪان تي وڪڻڻ لاءِ کڻي ويئي. واڻيو اِها ڳالھ سمجهي ويو. هُڻ وري کوٽا وٽ ساهميءَ ۾ رکي سُٽ توريو. جنهن ڪري سُٽ جي تور گهٽجي ويئي. ڄٽي پنهنجي دل ۾ خوش هُئي ته مون واڻيئي کي ٺڳيو آهي. ٻئي طرف واڻيو خوش هو ته غلط وٽن جي خبر ڄٽيءَ کي ڪا نه پئي آهي. نتيجو اِهو نڪتو ته اِن سودي ۾ نقصان ڄٽيءَ کي ئي پيو.)


    ۴.۲.۸: پهاڪن ۾ ماڻهن جا نالا:

    هر هڪ سماج ۾ ٻار جي ڄمڻ تي مٿس نالو رکڻ جون جدا جدا ريتيون آهن. هندوُ گهڻو ڪري جيوتش جي حساب موجب جنم جي ويلو وقت، گرھ گوچر، راسيون وغيره جاچي اُن موجب نالو رکندا آهن. سِک پنٿ وارا گروگرنٿ صاحب مان وچن وٺي ٻار تي نالو رکندا آهن. ڪن حالتن ۾ عوامي عقيدو، ڀرم- سنسار به نالن جي بُنياد ۾ هوندا آهن. جيئن ته:
    جنهن ڪٽنب ۾ ٻار نه ڄمندو آهي ۽ پوءِ سِڪي سِڪي جڏهن ٻار پيدا ٿئي ٿو ته اُن تي اهڙي خواهش وارا نالا رکندا آهن (بچارام، بچومل، جيئندراءِ، دولھ ڏنو وغيره). سِڪي لڌي ٻار کي بُري نظر کان بچائڻ لاءِ مٿس اڻوڻندڙ نالو رکڻ جي به روايت آهي. مثال طور: مِرچُومل، کوتارام، ڪؤڏومل، غريب داس وغيره.
    ٻار تي گهڻو ڪري اهڙو نالا رکڻ پسند ڪبو آهي، جنهن سان هُن جي گُڻن، مزاد، بهادري وغيره جي ڄاڻ ملي. پهاڪن ۾ اهڙن نالن جو استعمال مکيه طور جن مقصدن سان ڪيو ويو آهي، اُهي مقصد هن ريت آهن:
    (1) تجنيس حرفي جي لاءِ نالا چونڊي ڪنهن احساس جو اظهار ڪرڻ.
    (2) گڻن موجب رکيل نالن جو اظهار ڪرڻ.
    (3) گڻن جي ابتڙ نالا کڻي طنز يا ٽوڪ ڪرڻ.
    (4) خاص شخص جو نالو کڻي عام حقيقت ڄاڻائڻ.
    (۱) تجنيس حرفي جي لاءِ نالا چونڊي ڪنهن احساس جو اظهار ڪرڻ:
    گهڻن پهاڪن ۾ اهڙا نالا ڪتب ايندا ويا آهن، جيڪي پهاڪي ۾، تجنيس حرفيءَ جي سونهن پيدا ڪن ٿا. اِن ڪري اُهي آسانيءَ سان ياد پوڻ ڪري عام ماڻهن ۾ جلدي عام ٿي وڃن ٿا.
    - ڏيھ ڪري ڏياري ته هرِ چندُ ڪري هولي.
    (جڏهن ڪو ماڻهو عام رواج جي اُبتڙ هلت ڪري تڏهن چئبو آهي.)
    - پهريائين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
    (ڪو خود مطلبي ماڻهو فقط پنهنجي ڳڻتي ڪري ۽ ويجهن ڀاتين جو به خيال نه رکي تڏهن چئبو آهي.)
    - لکي لکانو، پڙهي اِلهانو.
    (جڏهن ڪنهن جي لکڻي اهڙي خراب جو ٻيو ڪو به ماڻهو پڙهي نه سگهي، تڏهن چئبو آهي.)
    (انهن ٻنهي پهاڪن جو مطلب آهي ته ڪم جي ٿيڻ ۾ اڃا گهڻي دير آهي، پر اُن لاءِ تيارين ڪرڻ ۾ اجائي تڪڙ پيئي ڪجي.)
    - ڪيڏانهن مُنهن مريم جو، ڪيڏانهن الهيار.
    (الهيار جو ٽنڊو هڪ طرف آهي ته مائي مريم اوڏانهن وڃڻ لاءِ اُبتي ڏس ۾ پيئي هلي.)
    (جڏهن ڪو ماڻهو، دعوت وغيره ۾ کاڌي پيتي جو بلڪل پورو پورو حساب رکي، جو ڪجھ به زيان نه ٿئي، تڏهن چئبو آهي.)
    (۲) گُڻن موجب رکيل نالن جو ذڪر ڪرڻ:
    - جتي وڃي ڀاڳان، اُتي لڳيس ڀاڳُ.
    (ڀاڳ ونتي (ڀاڳ واري) جتي وڃي ٿي، اُتي سندس ڀاڳ به کيس مدد ڪري ٿو.)
    - لُڏڻ ٻائيءَ پڱرو ڪيو، ڇنڊيندي ڏينهن ويو.
    جڏهن ڪا عورت فئشن ۽ ٺاھ ٺوھ ۾ لڳي رهي ۽ فقط پنهنجا پيئي ڪپڙا ڏسي تڏهن چئبو آهي.)
    - لڇمي، ڪُلڇڻ ڍڪڻي.
    (لڇمي يعني نا:و ڪُلڇڻن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.)
    - گنگا گئي گنگادس، جمنا گئي جمناداس.
    (۳) گڻن جي اُبتڙ نالا کڻي طنزيا ٽوڪ ڪرڻل
    - لهي لوھ به ڪو نه، نالو سون ٻائي.
    - لڀينس لوڻ ڪڻا به نه، چئي منهنجو نالو سون ٻائي.
    (آهي تمام غريب عورت، پر نالو اٿس سون ٻائي.)
    - بدن ۾ دمُ ٺهيس ڪا نه، نالو زوراور خان.
    (جڏهن ڪنهن ڪمزور شخص جو نالو زوراور خان هجي.)
    - ڄاڻي اکر به ڪو نه، نالو ’فاضل‘ هُجي.
    (جڏهن ڪنهن اڻپڙهيل جو نالو ’فاضل‘ هُجي.)
    (۴) خاص شخص جو نالو کڻي عام حقيقت ڄاڻائڻ:
    سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي کڻي ڪافي پهاڪا سنڌيءَ ۾ مشهور آهن. اُنهن ۾ ڪردارن جو مثال ڏيئي ڪنهن عام سچائي يا حقيت طرف اشارو ڪيل هوندو آهي. هتي اهڙن پهاڪن جا ڪجھ مثال ڏجن ٿا. اِنهن لوڪ ڪهاڻين جو بيان ثقافتي اڀياس واري باب ۾ ڪيل آهي.
    - دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي، هن جي ڪسر هُن ۾ آئي.
    (دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر هئا، جن جي وچ ۾ راڄ تخت جي ڪري جنگ لڳي هئي. اُن ڪري عوام بيزار ٿي هي پهاڪو چيو. مطلب ته جڏهن ٻئي حڪام هڪجهڙائي نڪما هُجن، تڏهن هي پهاڪو ڪتب آڻبو آهي).
    - اڃا اُٺ ڪڍن سسُئي.
    (سسئي پيرين پنڌ پنهونءَ کي ڳولهڻ نڪتي، هُوءَ برپٽ ۽ جبل جهاڳيندي رهي. ان تي شاھ لطيف چوي ٿو ته: ”سسئي اُٺن تي هجي ته شايد پنهنجي منزل تي پهچي وڃي. پيرين پنڌ پهچڻ ته مشڪل اٿس.“ مطلب ته ڪم نهايت ئي اوکو آهي.
    (مومل راڻي جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي بيٺل پهاڪو آهي. ڪنهن جو محبو وٽس نه هجي ۽ هوءَ بيقرار ٿي وڃي، اِن تي اِهو پهاڪو چئجي).
    - دلوراءِ جي نگريءَ جيان، ناس ٿي ويندين.
    (دلوراءِ نالي هڪ ظالم راجا ٿي گذريو آهي. سندس ظلمن جي ڪري قدرتي ڏمر ٿي، جنهن ۾ هُن جي راڄڌاني ناس ٿي ويئي. اِن طرف اشارو آهي؟ ورجيس اصطلاح


    ۴.۲.۹: پهاڪن ۾ انگن ۾ اسعتمال:

    سنڌي پهاڪن ۾ انگ ڏيکاريندڙ لفظن جي استعمال کي اسين ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
    (1) تجنيس حرفيءَ ۽ تڪُ ملائڻ لاءِ.
    (2) ٻن شين جي وچ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ.
    (3) هڪجهڙين ڳالهين کي هڪ هنڌ رکڻ لاءِ.
    (۱) تجنيس حرفي ۽ تُڪ ملائڻ لاءِ:
    - چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا.
    (ڪنهن سان ڀلائي ڪجي ته موٽ ۾ هوُ نقصان ڪري، تڏهن چئجي.)
    - چئن پئسن جي چٽاڀيٽي، پنجن پئسن جي ملھم- پٽي.
    (ڪنهن ننڍڙي تماشي کان پوءِ، اُن پٺيان وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوي، تڏهن چون.)
    - پنج، گنج.
    (پنج آهن ته سڀڪي آهي. ڄڻ اسان کي وڏو ئي خزانو مليو آهي ورجيس.)
    - نيئن ڪنوار نَوَ ڏينهن، لٿي پٿي ڏھ ڏينهن.
    (ساهُري گهر ۾ جڏهن ڪنوار داخل ٿئي ٿي، تڏهن نَوَن يا وڌ ۾ وڌ ڏھ ڏينهن سندس عزت ٿئي ٿي. اُن کان پوءِ هوءَ ٻين وانگر گهر جي ڪمن ۾ لڳي وڃي ٿي. هتي تجنيس حرفي ۽ تُڪ ملائڻ جو استعمال ڪيل آهي.)
    - ٻارنهين ڪوهين ٻولي ٻي.
    (ٻارنهن ڪوهن جي فاصلي کان پوءِ ٻوليءَ ۾ ڪجھ فرق نظر اچي ٿو.)
    (۲) ٻن شين جي وچ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ
    - ٻارنهن گدرا، تيرنهن لاڳدار.
    (ٻارنهن گدرا، تيرنهن لاڳدار.
    - هڪ لٽي، سهسين پٽي.
    (ڌڻي سائين هڪ واٽ بند ڪري ٿو ته انسان لاءِ ٻيا هزارين رستا کولي ٿو.)
    (ڪنهن خسيس شيءَ تي جڏهن گهڻو خرچ ڪرڻو پوي، تڏهن چون.)
    - هڪ لٽي، سهسين پٽي.
    (ڌڻي سائين هڪ واٽ بند ڪري ٿو ته انسان لاءِ ٻيا هزارين رستا کولي ٿو.)
    - هڪ/ يڪ تندُرستي، هزار نعمت.
    (جيڪڏهن هڪ تندرستي ماڻهوءَ کي حاصل ٿيل آهي ته پوءِ هزار نعمتون ملن ٿيون.)
    - ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ سوين به ٿورا.
    (دشمن چاهي هڪ هُجي، ته به کيس وڌيڪ ليک، پر سڄڻ يا دوست سوين هجن ته به اُنهن جو تعداد گهٽ سمجھ.)
    - انڌو گهُري الله کان هڪ اک، پر جي ٻه مِلنس، ته ٻيو ڇا کپيس.
    (ڪو ماڻهو جي گهٽ ۾ گهٽ ضرورت جي شيءِ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن کيس اُن کان وڌيڪ اُها شيءِ ملي ٿي، تڏهن هي پهاڪو چون.)

    (۳) هڪجهڙين ڳالهين کي هڪ هنڌ رکڻ لاءِ:
    سُگهڙن جا جوڙيل اهڙي قسم جا گهڻيئي ٻول يا بيت ملن ٿا، جن ۾ هڪجهڙن گڻن واريون ڳالهيون هڪ هنڌ بيان ڪيون وينديون آهن. اِهي انگن جي ڳڻپ موجب رکيل هونديون آهن. اِن قسم جا ٻول پهاڪن جي شڪل ۾ مشهور ٿي ويا آهن. هتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”پروليون، ڏِٺون، معمائون ۽ ٻول“ مان ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا:
    - نه ڪو گهرُ نه ڪو تڙُ، نه ڪا گهر واري، هڪ ڄڻي کي ننڊ پياري.
    (جنهن کي گهر نه هجي ۽ نه ڪا زال هجي، اُهو اڪيلو مُڙس ڀلي ته پيو ننڊون ڪري.)
    - ڇنل جُتي پير ۾، گهُرُ جُهرُ ڪئي جوءِ، اِهي ٻئي نه هوءِ.
    (ڇنل جُتي ۽ زال جي ڪُر ڪُر، اِهي ٻئي نه هُجن ته چڱو آهي.)
    - انڌو ۽ اڻ سُونهون ٻئي هڪ آچار.
    (انڌو ۽ اڻ سوُنهون ماڻهو ٻئي برابر سمجهيو.)
    - ڏيڻ، روئڻ، ڏيھ ڇڏڻ، ٽيئي ٽول ڏُکيا،
    - سي قادر پنهنجي قدرت سين، هيئين هيٺ رکيا، حاڪم، باھ ۽ پاڻي، اِهي ٽيئي گهٽ نه ڄاڻ.
    - مِڪو ماڻهو، گونگو مينهنُ، بيٺل پاڻي، جُهڙ جو ڏينهن، اِهي چارئي ٻوڙيون.
    (مِڪو= اندر جو کوٽو، مِيسِڻو.)
    - نه ڪَسيئي ڪماڻ، نه پڙيئي جماڻ، نه ٽپيئي کوُها، نه رهيئي جُوئا.
    (ڪمان ڪشڻ (ڇڪڻ)، ضامن پوڻ، کوھ ٽپڻ ۽ جوئا کيڏڻ، اِهي چارئي ڪم نه ڪجن.)
    - ڪاچ ڪٽورو، گيھ گهڙو، موتي ۽ من، ڀڳا وري نه ٺهن، تن جو ڪجي جتن.
    (شيشي جو پيالو، گيھ جو گهڙو، موتي ۽ من، اهي چارئي ڀڳا ته وري سڄا نه ٿين. اِن ڪري اِنهن چئني جي سنڀال ڪجي.)
    - اڪ ٻارڻ، جَوَ توَڻُ، ڪِر ڪِريو ڀتارُ، چُنجهي زال، ٽِمِڻو گهر، اِهي چنجئي آزار.
    - هڪ انڌو، ٻيو پوڙهيو، ٽيون ٻوڙو، چوٿون ٻار، پنجون بيمار، اهي پنجئي بيمار.
    - هٿ، ڄٽ، ڦٽُ، سرُ، سُوئرُ، اهي پنجئي ٻڌا ڀلا؟
    ان طرح سگهڙن جا سياڻپ ڀريا ٻيا به گهڻيئي ٻول آهن، جيڪي سمورا يا اُنهن جا ڪجھ بند پهاڪن وانگر لوڪن ۾ مشهور آهن. هتي ڪجھ بند مثال طور ڏجن ٿا:
    ان قسم جي ٻولن ۾ به چاهي انگن جو استعمال نه ٿيل آهي، ته به هڪجهڙيون گڻن يا وصفن واريون ڳالهيون هڪ هنڌ رکيون ويون آهن.


    ۴.۲.۱۰: پهاڪن ۾ پراڻن لفظن جو ذخيرو:

    سنڌي پهاڪا صدين کان سٺي سيني بسيني زباني روايت موجب هلندا ٿا اچن. اِهي هڪ قسم جا ”سوُتر پريوگ“ (مقرر ڪيل قاعدي موجب استعمال) آهن، جن جي وياڪرڻي بيهڪ ۽ لفظن ۾ ڦير گهير ڪا نه ٿي ٿئي. اِن ڪري گهڻيئي پراڻا وياڪرڻي شڪل ۽ لفظ چاهي عام ڳالھ ٻولھ واري سنڌيءَ ۾ واهپي مان نڪري ٿا وڃن، ته به اُهي پهاڪن ۾ جيئن جو تئين قائم رهندا آيا آهن.
    اُهي سنڌي پهاڪا جن جو بنياد سنڌ جي ڪِن خاص ايراضين تي آهي، يا اُنهن ۾ اهڙين شين جا نالا آهن جيڪي فقط سنڌ ۾ پيدا ٿيون آهن، اُهي ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي قدر واهپي مان نڪري ويا آهن. مثال طور: ٻِڏِ، ڏُٿُ (جهنگلي گاھ)، گولاڙو، (هڪ قسم جو ڦل)، ڪارڙو، (لاڙ ۾ مُڱن جي فصل ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍڙو ڪارو جيت) وغيره سان واسطو رکندڙ پهاڪي هاڻي ڀارت جي سنڌيءَ ۾ ڪتب نه ٿا اچن. ساڳيءَ طرح ”گُوني سدا اُونهي“، ”چانڊيا چور شابراڻي شاهد“، ”چٽي چَنينجن جي وڃي پُرڻ تي پيئي“. اهڙا پهاڪا به ڀارتي سنڌيءَ مان گم ٿي ويا آهن.
    اسان پراڻن وياڪرڻي شڪلين تي هن کان اڳ ويچار ڪيو آهي. هتي ورڻ مالا موجب اهڙن ڪن پراڻن سنڌي لفظن جا مثال ڏجن ٿا، جيڪي پهاڪن ۾ سلامت آهن، پر عام ڳالهائڻ ۾ اُنهن جو استعمال بلڪل ختم ٿي ويو آهي يا گهڻي قدر گهٽجي ويو آهي.
    اَهو = تِير، ڪانُ (سنسڪرت ۾ اِشُ)
    - اَهو به ويو ته سَهو به ويو.
    (تير به گم ٿي ويو ته سهو ڀڄي ويو)
    آڪرو = مهانگو؟
    - ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيھُ ڇو وٺجي ٻاڪرو.
    (اگھ وڏو ڏجي ته ٻاڪري کير مان ٺهيل گيھ ڇو وٺجي؟)
    آگو = پرماتما، ڀڳوان، خدا، ڌڻي سائين.
    - ڏس آگي جا اسرا، جو عيبدار اڳي ڪري.
    (ڌڻي سائين جا عجيب کيل ڏس، جو هُو ڪڏهن ڪڏهن عيبدارن تي مهربان ٿي کين سڀني ۾ اڳيان ٿو آڻي.)
    آرهڙ = گرميءَ جي مُند، تپت، اونهارو
    - آرهڙ جي تتي ڏينهن، سانوڻ جي وسندي مينهن، سياري جي آڌي رات، شل نه پوي هنگڻ تات.
    (مطلب ته بيان ڪيل وقتن تي ڪاڪوس جو خيال ٿئي ته گهڻي پريشاني ٿيندي آهي.)
    آهِري= آرسي.
    - انڌي اڳيان آهِري، ڪر تئون ٽنگيو آھ.
    (انڌي اڳيان آسري ائين آهي، جيئن ٽنگيل تئو)
    آهِرُ= جهنگلي ماڻهو، گهٽ ذات ماڻهو.
    - آهرُ کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو.
    (جهنگلي ماڻهو ٿورو ڪمائي اچي ته سندس زال اُن کان وڌيڪ خرچي نقصان ڪري).
    آھُ= کوُھ جي ڀرسان پاڻي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ٺهيل حوض.
    - جيڪي کوھ ۾ هوندو، سو آھُ ۾ پوندو.
    (کوھ ۾ جي مٺو پاڻي هوندو ته حوض ۾ جانورن کي به مٺو پاڻي ملندو. مطلب ته جهڙو ڪم/ عمل ڪبو، تهڙو ڦل ملندو.)
    آهُرُ= ڍورن جي کاڌي لاءِ ٺهيل حوض.
    - آهُرُ جي آسري، جهنگ نه چُنائون.
    ڍڳيون مِينهون جهنگ ۾ چرڻ ويون، پر اُتي پورو گاھ نه کاڌائون، آسرو هون ته وٿاڻ ۾ پهچڻ تي آهُر ۾ اِن کان وڌيڪ سٺو چارو ملندو.)
    اُماڙ/ اُماڙي= جلندڙ ڪاٺي
    - ڪتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏنو هو، سا تارا ڏسي ٿي ڊني.
    (ڪُتيءَ کي ڪنهن ٻرندڙ بُنڊي ڏيکاري ته هوءَ باھ ڏسي ڀڄي ويئي. پوءِ ته رات جو تارن جي روشني ڏسي به اُن کان پئي ڊني.)
    اوجھ= اوجهري، پيٽ. اوجهريءَ اندر پيل اڻ هضم ٿيل کاڌو.
    - ڦاڙهو جاتي کائي، اتي اوجھ ڏِئي.
    (ڦاڙهو جهنگ ۾ جتي وڃي کائي ٿو، اُتي ئي پوءِ ڦاسي شڪارين هٿان مري ٿو اوجھ نه ڇڏي اوجهري، توڙي ڌوپي منجھ درياءَ.)
    اوٽڻُ= مدد ڪرڻ، ڪم ڪرڻ، زمين کيڙڻ.
    - جو اوٽي، سو ارجن.
    (جنهن ڪم جي شروعات ڪئي، سو ارجن وانگر بهادر آهي.) (ارجن؛ هندُن جي رزميه منظوم مذهبي ڪتاب ”مهاڀارت“ جو هڪ ڪردار، پنجن پانڊوَن ۾ ٽيون نمبر ڀاءُ.)
    اوبڻي= سُٽ ڪتڻ جو ٽڪُلي.
    - آهِر کٽي اوبڻي، رن وڃائيس رنبو.
    (مڙسن ٿورو ڪمائي ٿو اچي ته سندس زال اُن کان وڌيڪ خرچي نقصان ٿي ڪري.)
    اوھُ= شِيردان، ٿڻن ۾ اُهو حصو جتي کير ڪٺِو ٿئي ٿو.
    - پرائي مينهن جو واھ وڏو نظر ايندو آهي.
    (هر ڪو ماڻهو پنهنجي شيءِ جي ڀيٽ ۾ ٻئي جي شيءِ کي سٺو سمجهندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته اُها وٽس هجي.)
    ڪر= ڄڻ، سمجهو ته.
    - انڌي اڳيان آهِري، ڪر تئو ٽنگيل آهي.
    (انڌي اڳيان آرسي ائين آهي ڄڻ ته تئو ٽنگيل آهي. مطلب ته، اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ کي اُن ڳالھ مان ڪو به لاڀ نه ٿيندو.)
    ڪَرَهن= ڪَلھَ، جهيڙو، وِکاند
    - جاسين لولو کڻي لٺ، تاسين ڪَرهَن وڃي اجهامي.
    (جيسين لولو لٺ کڻي لڙڻ لاءِ پهچي تنهن کان اڳ جهڳڙو ئي ختم ٿي وڃي.)
    ڪَلُ= پَنِ مرغوب غدار.
    - انڌي گهوڙي ڪل ۾.
    (گهوڙي اڳي ئي انڌي آهي، وري وڃي ڦاٿي ڪَلِ ۾، اِها ٻاهر نڪرڻ جي واٽ ڪِٿان ڳولي سگهندي؟)
    ڪنواٽ= ٻن سالن جو ننڍو اُٺ، اُٺ جو سيکڙاٽ ٻچو.
    - اُٺ ٻڍو ته به ٻَه ڪنواٽ لهي.
    (اُٺ چاهي ٻڍو ٿي وڃي ته به ٻن نوجوان اٺن جهڙو ٻوجهو ڍوهي سگهي ٿو.)
    ڪاڍارو= وياج تي وٺڻ.
    - ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا.
    (جيڪو وياج تي ناڻو وٺي ۽ بنا وياج ٻين کي اڌارو ڏئي، تنهن جو هاڃو ٿيندو.)
    ڪارِڙو= سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍو ڪارو جيت.
    - مُڱـن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مُڱ پچي، ڪارڙو مچي، مُڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.
    (منڱن جي پوک ۾ ڪاررو پيدا ٿيندو آهي. فصل لُڻڻ تي اُهو مري ويندو آهي.)
    ڪانياري= ڪاڻي يا گُهرج واري، ڊڄڻي.
    - ڪانياري ٻلي، ڪوئي جي جوءِ.
    (ڊڄڻي ٻلي چاهي ڪُوئي کان ڏاڍي آهي، ته به ڊپ جي ڪري هُن جي ڄڻ زيردست بڻجي ٿي وڃي.)
    ڪِنگِرُ= ٺڪر جو ڪُپڙو.
    - ڪنگِرُ ۾ ڪَڪِڙا، پڙي مبارڪ.
    (ڪپھ پوکڻ لاءِ ڪِنگر ۾ پاڻي وجهي اُن ۾ ڪڪڙا پسائڻ لاءِ وڌا اٿس. اڃا پوک ئي ڪا نه ٿي آهي ته جوءِ کي چوي ٿو ته مان ڪپھ مان توکي پَڙي ٺهرائي ڏيندس.)
    ڪيهو= ڪهڙو.
    - تنهن کي سورُ ڪيهو سلجي؟
    (جنهن کي ٻئي جو دک درد سڃاڻن جي لياقت نه آهي، تنهن سان پنهنجي سورن جو ڪهرو حال ڪجي؟)
    ڪوھُ= ڇا.
    - گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوھ ڪندا قاضي؟
    (جڏهن ٻه ڌريون سرچي وڃن، تڏهن ٽئين جي وچ ۾ پوڻ جي ضرورت نه آهي.)
    ختما= فوت ٿيل لاءِ قرآن شريف پڙهڻ.
    - جهڙا روح، تهڙا ختما.
    (جهڙي درجي جو ماڻهو مري وڃي ٿو، اُن لاءِ قرآن شريف جو اهڙو دؤر ٿئي ٿو.)
    کٿوري= ڪستوري.
    - خون کٿوري ڳجها نه رهن.
    (خون ۽ کٿوريءَ جي خوشبوءِ ڪڏهن به لڪي نه سگهن.)
    کَلو = جُتي، موچڙو.
    - کڻ کلو ته ٿئي ڀلو.
    (ڪنهن تي جُوتو کڻ يعني اُن سان سختي ڪر ته پوءِ تنهنجو ڀلو ٿيندو.)
    کُھِ= کڏ ۾، کوھ ۾.
    - پِنِئي منڱئي گهُر هلي ته کُھِ اُڌاري واٽ.
    (آلسي يعني سُست ماڻهو محنت مزدوري ڪري ڪمائڻ کان نٽائي ٿو. هوُ چوي ٿو ته پنڻ سان جيڪڏهن منهنجو گذر ٿئي ٿو ته پوءِ اُڌارو وٺي يا پني ڇو کاوان؟)
    کيٽُ= کيترُ، ٻني (سنسڪرت- ڪشيتر)
    - جي وسي چيٽ ته اَن نه ماپي کيٽُ.
    (جيڪڏهن چيٽ ۾ برسات پوي ته کيت ۾ ايترو ان پيدا ٿئي جو اُهو ماپي نه سگهي.)
    کودڙو= کوتو، گڏھ جو ٻچو.
    - سهسين ڪري سينگار ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو.
    (ڪميڻو چاهي ڪيترو به هار سينگار ڪري ته به اشراف ڪين ليکبو.)
    گام= وِک، قدم، مفاصلو.
    - آمو، ڏھ گامون.
    (انبن جو وڻ ڏهن ذهن وکن تي پوکڻ گهرجي ته جڏهن وڻ ٿيندو ته ميوو گهڻو ٿيندو.)
    گورو= قبر.
    - ميان گور لائق، بيبي سيج لائق.
    (مڙس قبر ۾ پورجڻ تي وڃي پهتو آهي، پر سندس زال جوان آهي، سيج تي سمهڻ لائق آهي.)
    گراس = گِرھُ، کاڌي جي ڳِٽي.
    - جنهن ساس ڏِنو آهي، سو گراس به ڏيندو.
    (ڌڻي سائين انسان کي پيدا ڪيو آهي ته کيس روزي روٽي به ڏيندو.)
    ڳڀُ= گرڀُ، پيٽ ۾ ٻارُ.
    - اگھ ۽ ڳڀَ جي سُڌ الله کي.
    (ڪنهن شيءِ جي قيمت وڌندي يا ڪِرندي، گرڀ يعني حمل ۾ ٻار پٽ آهي يا ڌيءُ، ان جي خبر فقط الله کي آهي.)
    چڙو= گهنڊڻي.
    - ٺلهو چڙو، وڄي گهڻو.
    (کوکلي گهنڊڻي گهڻي زور سان وڄندي آهي، جنهن ۾ لياقت نه آهي، سو وڏو ڏيک ڪندو آهي.)
    گهگهيرو = اِٽوُن هڻندڙ، ٺيڪ نه هلندڙ جانور.
    - گهگهيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچڻ.
    (اِٽون هڻندڙ گهوڙو ۽ پيٽ قوت تي رکيل نوڪري، ٻئي وقت تي ڪم نه اچن.)
    چُوڻو= پکين کي چُڳن لاءِ ڏنل داڻا، کاڌو.
    - چوڻو نه اوُڻو.
    (چڳڻ يا کاڌي لاءِ اناج جي ڪڏهن به کوٽ نه ٿيندي آهي.)
    چيري= سَوَڙ، رَضائي.
    - چيريءَ آهر پير ڊگهيرجي.
    (سَوَڙ جي ڊيگھ مطابق پير ڊگهيرجن مطلب ته آمدنيءَ موجب خرچ ڪجي.)
    ڇائِي= مٽي، ڌوڙ.
    - آزمائي کي آزمائي، سو ڇائي منهن ۾ پاڻي.
    (جيڪو آزمايل ڳالڳ کي وري وري آزمائيندو، تنهن جي منهن ۾ ڌوڙ پوندي.)
    جال= گهڻو، وڌيڪ. جام
    - ڪلر منجهان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جَرُ.
    (ڪلر ۾ پوک لاءِ چاهي ڪيترو به گهڻو پاڻي وجھ، ته به اُن ۾ ڪابه پوک نه ٿيندي.)
    ڄگُرُ= جهنگلي وڻ جو قسم.
    - ڄڱر ۽ ڄار، اگھ مڙيئي هِڪڙو.
    (ڄَڱرُ ۽ ڄار، ٻئي جهنگلي وڻ آهن. ڄَڱُرِ جا ڦل ڄاڱورا ۽ ڄار جا ڦل پيرُون آهن. جَڱر جي ڪاٺي مظبوط ۽ ڄار جي ڪمزو ٿيندي آهي.)
    جهارِ= پکي، پکين جو جُهنڊُ.
    - جاڏي پوي جهارِ تاڏي ڳوڙهو نه هڻي.
    (ٻَنيءَ ۾ جتي پکي ويٺا آهن، هاري اُتي غُليل نه ٿو هڻي، پر ٻئي پاسي ٻيو ڳوڙها اُڇلي. مطلب ته صحيح طرف ڪوشش نه ڪندڙ لاءِ ائين چئبو آهي.)
    ٽُوئو= ڀُونگي جي ڇت اَڏڻ لاءِ سُڪل گاھ، پَکو.
    - اَڏي ڪاٺُ پڏي ٽُوئو، وچ واري کي لڳي سُوئو.
    (ڀُونگي جي اَڏاوت ۾ اندر ته ڪاٺ ٿو ڪم ڪري، پر ٻاهران ڪاٺ تي رکيل گاھ ٿو نظر اچي. ڀُنگي جي سُونهن ڏسي وري ٽِياڪُڙ جلن ٿا.)
    ٽوھُ= جهنگلي ول جو ڦل، ننڍڙي گدري جهڙو پر سواد ۾ ڪؤڙو ٿئي.
    - سُهڻا ٽوھَ پَٽن ۾ گهڻا.
    (ٻاهران سونهن ڏسي اُن تي ڀنڀلجي نه وڃ. خبر ناهي ته هو اندر جو ڪيترو ڪارو هجي.)
    ٽوڙهو= نوڙي، رسي.
    - ڪتو ۽ ڪُپاٽُ ٽوڙهي ساڻُ ٽِپائجي، ساڌ ۽ سُپاٽُ وهارجي وچ ۾.
    (ڪتي ۽ ڪُپاٽ کي نوڙيءَ تان ٽپائي، ڀڄائي ڪڍجي، پر ساڌ سنت ۽ سپوٽ پُٽ کي سڏي وچ ۾ ورهائجي.)
    ڊاءُ= ڊَپ، ڀَئهُ.
    - ڊڄ تنهنجي ڊاءَ، جنهن جي وائيءَ ۾ وَر گهڻا.
    (اُن شخص کان تون ڊپ ڪر، جيڪو ٺڳُ يا دوکيباز آهي.)
    ڏِس= دِشا، طرف.
    - ڏِس ڪاڻيءَ کان اک ڪاڻي چڱي.
    (ڪنهن سان بي ايماني يا دوکو ڪجي، اُن کان بهتر آهي ته پاڻ نقصان سَهجي.)
    ڏُچَر= گهٽ ۽ خراب کائيندڙ.
    - ڏُچر گهوڙو ۽ سُچر زال، ٻئي ٻنِ پيا.
    (گهٽ ۽ خراب گاھ کائيندڙ گهوڙو ۽ گهڻو کائيندڙ زال ٻئي ٺيڪ نه آهن.)
    ڏُٿُ= ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو جهنگلي اناج.
    - آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏهاڙي سومرا.
    (اي سومرا، منهنجا مائٽ غريب آهن، اُهي روز جهنگلي اناج ڪَٺو ڪن ۽ رڌي کائين.)
    ڏينو= ڌاتوُري يا ڪپھ جي گُل جو کوپو.
    - ڌاتُوري ڌاري جي ڪجي ڪار ڪماند جي،
    ته به اصل انهي پار جو ڏينا ڏيکاري.
    (ڌاتورو هڪ جهنگلي ۽ زهريلو ٻوٽو آهي، جيڪو جهنگ ۾ پاڻيهي پيدا ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُن کي ڪمند جي پوک وانگر گڏ ڪري ڀاڻ ۽ پاڻي ڏئي، ته به منجهانئنس ڦل اُهو ئي ساڳيو ڌاتوري جا ڏينا ئي نڪرندا. مطلب ته ڪنهن نيچ ماڻهوءَ سان ڪيتري به ڀلائي ڪر ته به هُو پنهنجي ڪميڻائپ نه ڇڏيندو.)
    ڏوم= لنگهو.
    - لک کٽيا ڏومڻي، جو ڏوم سلامت آيا.
    (ڏومڻيءَ لک کٽيا، جو هن جو مڙس ڏوم سهي سلامت موٽي گهر آيو. ڪمائي نه ٿئي پر موڙي سلامت بچي، تڏهن چون.)
    تَڪِيو= آسرو، سهارو، ڪنهن پير يا اوليا جو آستانو.
    - تڪيا سڀ تڪيام، توڙي تڪيو ناهي ڪو.
    (سڀ سهارا مون ڳولي جاچيا، پر ڌڻي سائين کان سواءِ ٻيو ڪو به بهتر سهارو نه آهي.)
    تَوَڻِ= رات ڏينهن جو کاڌو، روزانو قوتُ.
    - توَڻ جي تڪرار سان سڏَ جنهن کي هوءِ،
    منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    (روزاني گذر لاءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي ٿورو کاڌو به نه ملي سگندو ته پوءِ منجي يعني تي گڏ ويٺل جوءِ به کائنس وسري ويندي.)
    توھُ= مهرباني، ڪرپيا.
    - شُڪر ڪر سهي ته تو سان توھُ ٿئي.
    (تون ڌڻيءَ جي رضا تي راضي رھُ ته پوءِ هميشه هُن جي مهر تو مٿان ٿيندي رهندي.)
    نَئن= ندي، جبل تان وهي ايندڙ تيز برساتي ندي.
    - نئن به تکي، ڳُڙ به مٺو.
    (ندي به تيز رفتار سان پيئي وهي، پر ڳُڙ به مٺو آهي. سو ماڻهو مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون سهي اُن تائين پهچي ٿو.)
    نَکَٽَ= نڪشتر، تارا.
    - ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾ نکٽ گهڻا.
    (عيبن واري يا ڪمزور انسان جي ڪم ٿيڻ ۾ گهڻيون رنڊڪون پونديون آهن.)
    نائو= جنڊ اُگهڻ لاءِ ڪپڙي جو ٽڪرو.
    - پٽُ پراڻو، ته به ڪو جنڊ جو نائو.
    (ريشمي ڪپڙو چاهي پراڻو ٿي وڃي ته به جنڊ اگهڻ ۾ ڪتب نه آڻبو.)
    نيوالو= گِرھُ.
    - چاڪريءَ چورُ، نيوالي حاضر.
    (ڪم مهل ڀڄي وڃي ۽ کاڌي مهل اچي حاضر ٿئي.)
    پَئِه= مُڙس.
    - پَريو مڙس پَئِه نه ڪجي، وڃائجي نه وهي.
    ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ته ماريو پوندو ڊهي.
    (مطلب ته ڪنهن جوان ڇوڪريءَ کي ٻُڍي سان شادي نه ڪرڻ گهرجي، اُن سان سندس زندگي خراب ٿي ويندي.)
    پَٽُ= درياهي ناريل جو اڌ کوپو.
    - جيڏو پٽُ، تيڏي بکيا (خيرات).
    (جيڏو پَٽُ هوندو، فقير کي خيرات به اوتري ملندي.)
    پَلِي= ان رکڻ جي جاءِ.
    - ان پلي، ذات ڀلي.
    (جنهن وٽ اَن جي پلي آهي، يعني جيڪو پئسي وارو آهي تنهن جي ذات به اُوچي ليکجي ٿي. سڀ کيس مانءُ ڏين ٿا.)
    پَهِيرُ= ٻنيءَ چوڌاري اَن جي بچاءُ لاءِ لوڙهو يا گهيرو.
    - پَهِيرُ چورُ ٿئي ته واهي وهي ڪيترو؟
    (جيڪڏهن بچاءُ لاءِ ٺهيل لوڙهو ئي فصل کي نقصان پهچائي ته پوءِ ٻيو ڪير مددگار ٿيندو؟)
    پارڻُ= پالڻ.
    - پاڻ نه پاري، ڪُتا ڌاري.
    (پاڻ کي پالي نه ٿو سگهي ۽ هليو آهي ڪتا پالڻ.)
    پاهَڻُ= پٿر (سنسڪرت = پاشاڻ)
    - پاهڻ ڪُونئرا هئا ته هُوندي گدڙن کائي ڇڏيا.
    (پٿر نرم هجن ها ته جيڪر گدڙن جهڙا گيدي جانور به اُهي کائي ڇڏين ها.)
    پاهوڙو= لِڏِ وغيره کڻڻ لاءِ ڪاٺ جي ڪوڏر.
    - مڙس جو پاهوڙن سان ميڙي آڻڻ، زال جو سُئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ
    (مُڙس گهڻوئي ڪمائي اچي ٿو ۽ سندس زال اُن کي ڪفايت سان خرچي ٿي.)
    پِراچت= پرايشِچت، پڇتاءُ
    - پاپ جي مايا، پراڇٽ جاءِ.
    (پاپ، ٺڳيءَ سان ڪمايل دولت پاپ جي پرايَشچت ڪرڻ ۾ ئي ناس ٿي ويندي آهي.)
    پِنڊو= ٽوڪري.
    - گُگُر گُگُر پنڊا اڙيا.
    (پساري گُگُر وڪڻڻ لاءِ پنڊي ۾ رکيو ته اُهو پنڊي کي چنبڙي ويو. پنڊو گُگُر مان اڙجي ويو.)
    پُڻائِڻُ= بدنام ڪرائڻ، گِلا ڪرائڻ.
    - بڇڙو ڪُتو، ڌني پُڻائي.
    (بڇڙو ؟ ڪتو ٻين کي ڏاڙهيندو ته ٻيا ماڻهو ان ڪتي جي مالڪ کي گاريون ڏيندا.)
    پيٽيرو = فقط لاءِ ٿوري کاڌي تي ڪم ڪندڙ نوڪر.
    - گهگهيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو، مهل ۾ ڪم نه اچن.
    (اِٽُون هڻندڙ گهوڙو ۽ پيٽ قوت تي ڪم ڪندڙ نوڪر وقت تي ڪم نه اچن.)
    ڦُلِهيرَ= رک، ڇار.
    - ڦِلهير ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.
    (رک ۾ ٿو باھ ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏئي. مطلب ته اهڙا ڪم ٿو ڪري، جن مان مقصد حاصل ڪو نه ٿيندو، اُلٽو نقصان ٿيندو؟ ورجيس)
    بربلا= ٿلها، ڳؤرا.
    - پراڻي ڳوٿري بربلا ٽڪا.
    (پراڻي ڳوٿريءَ ۾ جيڪڏهن ڳؤرا ۽ گهڻا سِڪا وجهبا ته ضرور ڦاٽندي؟)
    بکڙي= پوک جي لاءِ زمين ٽڪري.
    - گهڻُ پٽاڻ بکري، کائي وئي جهار.
    (گهڻن جي ڀائيواريءَ وارو فصل ڪو به نه سنڀاليندو، اُن کي پکي کائي ويندا.)
    ٻهُون= گهڻو، وڌيڪ (سنسڪرت = ٻھُ.)
    - اندر ٻِڏ ٻهُون، ٻاهر آٽڻُ اَن جو.
    (اندر سادي جهنگلي گاھ جي پاڙن جو چورو آهي، باهر فقط ڪڻڪ جي اٽي جو آتڻ لڳي آهي.)
    ٻاروتڻ= ٻار جا ڪپڙا.
    - ٻارُ ٻاروتڻ ۾ ئي پڌرو.
    (ٻار سٺو ٿيندو يا خراب، اِن جي ڄاڻ تڏهن پئجي ويندي آهي، جڏهن هو پنهنجن ٻاراڻن ڪپڙن ۾ ڍڪيل هوندو آهي.)
    ٻِڏ = لاڙ ۾ پيدا ٿيندڙ گاھ جي پاڙ، جيڪا ماڻهو ڏُڪر جي وقت پيهي کائين.
    - اندر ٻِڏ ٻهون، ٻاھر آٽڻ ان جو.
    (اندر ته ٻِڏَ جو چورو آهي، پر فقط ڪڻڪ جي اٽي جو آٽڻ لڳل اٿس.)
    ڀاڻُ= وٿاڻ، جاءِ.
    - ڀُلي ڀُلي ڀاڻِ آئي، سا به نه ڀُلي.
    (ڳئون، مينهن وغيره، جيڪڏهن سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي شام جو پنهنجي وٿاڻ تي پهچي وڃي ته ان کي ڀٽڪيل نه چئبو.)
    مڌُ = شراب، مدِرا.
    - مڌُ پيئڻ، ذات پرکڻ.
    (ماڻهو شراب پيئڻ کان پوءِ جيڪي دِل ۾ اٿس سو بڪي ٿو، اُن وقت سندس ذات ظاهر ٿي پوي ٿي.)
    مَيو= مُهاڻو، مڇيون ماريندڙ.
    - جيڪي ڏسي ڄارُ، سو جي ڏسي مَيو ته ڦاٽي مري.
    (ڄار ۾ جيڪي مڇيو ڦاسن ٿيون، تن مان گهڻيون کِسڪي ڀڄي ٿيون وڃن، جيڪڏهن ماڻهو اُهو سڀ ڏسي ته جيڪر خوشيءَ وچان چريو ٿي پوي.)
    منڊُ= منترُ.
    - ڄاڻي وڇونءَ جو منڊُ به نه، هٿ وجهي ٿو نانگن جي ٻِرن ۾.
    (مطلب ته خطري جا ڪم ٿو ڪري، پر پنهنجي بچاءُ جو اُپاءُ نٿو ڄاڻي.)
    مارنگُ= چُلھ تي دانگيءَ هيٺان رکڻ لاءِ ڀِترُ.
    - گهر جو پيرُ، چلھ جو مارنگُ.
    (گهر اندر، وڏي ماڻهوءَ جو به قدر نه ٿيندو آهي.)
    مُهابو= لحاظ.
    - مُلو مُئو، مُهابو لٿو.
    (جيسين تائين مُلي وٽ ڇوڪرا پڙهن پيا، تيسين تائين هُن جو لحاظ ڪن ٿا. مُلو مُئو ته پوءِ ڇوڪرن اُستاد جو لحاظ ڪرڻ به ڇڏي ڏنو؟؟)
    مُهارو= سُهاڳ رات ماڻڻ لاءِ گهر ۾ ور- ونيءَ (زال مڙس) جو ڪمرو.
    - آهاري وهنواري گهوٽ مُهاري، لَڄا ڪري ته هاري.
    (کائڻ پيئڻ، وهنوار ڪرڻ ۽ مُهاري ۾ جنهن لڄ شرم ڪيو، سو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو.)
    رَڇُ= وڏو باسڻ (برتن/ ٿانءُ).
    - اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌاريائون رَڇُ.
    (مينهون اڃا تائين جهنگ ۾ پيون چرن، ته پٺيان ميهارن ٿانءُ ڌوئي کيرُ ڏهڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.)
    رڙا= سخت چڻا جيڪي رڌڻ تي به نه ڳرن.
    - رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻر- ٻُڙا.
    (چاهي تون ٻيڻيون ڪاٺيون ٻار ته به رڙا نه رجهندا. مطلب ته خراب ماڻهوءَ کي سمجهائڻ تي به مٿس اثر نه ٿيندو.)
    رَنبو= گاھ کوٽڻ لاءِ اوزار.
    - آهِرُ کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو.
    (اڻ ڄاڻ جهنگلي ماڻهو ٿورو ٿورو ڪمائي اچي ته سندس زال گهڻو خرچ ڪري نقصان ڪري.)
    رائَر= راجڪر، ڍل، ٽئڪس.
    - رڻي ۽ رائر جو، سڏُ جنهن کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    (قرض ۽ ڍل جي ادا ڪرڻ لاءِ جنهن کي سڏ ٿئي ٿو، تنهن کان کٽ تي گڏ ويٺل پنهنجي جوءِ به وسري وڃي ٿي.)
    رائِرو= راجا جو.
    - رائِري گهران گيھُ، جهلجي پاند ۾.
    (راجا جي گهران جيڪي خيرات ۾ ملي سو خوشيءَ سان قبولجي.)
    رِڻو= قرض.
    - رڻي ۽ رائر جو سڏ جنهن کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.
    (قرض ۽ سرڪاري ٽئڪس جي ادا ڪرڻ لاءِ سڏ ٿيڻ تي ماڻهوءَ کان کٽ تي گڏ ويٺل پنهنجي جوءِ به وسري ويندي آهي.)
    رينگٽ= نار جي هلڻ جو آواز.
    - وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي.
    (نار جي هلائڻ سان پاڻي وهي يا نه وهي، پر نار جي هلڻ جو آواز ته پيو ٻڌجي.)
    رُمي= ڄؤر هڻائڻ کان پوءِ رت ڪڍڻ لاءِ آواز.
    - رت ڏسي رُمي هڻجي.
    (جتي رت آهي اُتي رومي هڻي اُهو ڪڍجي، مطلب ته جتان شيءِ ملڻ جو امڪان آهي، اُتي ڪوشش ڪجي.)
    لاس= رسُ، گوشت جو ٻوڙ.
    - پرائي آس ڪُني جي لاس.
    (ٻئي جي آس تي ويهڻ سان ڪڏهن ڪم نه ٿيندو.)
    وَڇُ= وَڇِرو. (سنسڪرت= وتس).
    - مَيهر مينهُنِ مان نڪتو، وڇنِ ڪهڙي پارت؟.
    (ميهار جيڪڏهن مينهن کي ڇڏي نڪتو آهي، ته پوءِ وڇُن جي سنڀال لاءِ ڪهڙِ پارت ڪندو؟)
    وريام = وِير، بهادر.
    - جاتي پُڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
    (سياڻي ماڻهوءَ کي پکي ته، جيڪڏهن دشمن سان پُڄي نه ٿو سگهي ته پوءِ هُن کان ڀڄي ڪنارو ڪري پُٺ تي هليو وڃي.)
    واهيرو= آکيرو، گهونسلو.
    - اُهي وڻ به ويا، وهيرا به ويا.
    (اُهي وڻ به هليا ويا ته اُنهن تي ٺهيل پکين جا آکيرا ؟ به ناس ٿي ويا. مطلب ته اُهي سٺا ڏينهن گذري ويا.)
    وِھُ= زهر، وِکُ. (سنسڪرت: وِش)
    - وِھُ وڻجي، سو وِھُ مان کائي.
    (جيڪي زهر وڪڻن ٿا، سي اُن تي واپار مان به ڪمائي کائين ٿا.)
    وِيڃائڻ= ويچار ڪرڻ، سوچڻ.
    - اِياڻو چوي، سِياڻو ويڃائي.
    (نادان ڪا ڳالھ چوي ٿو ته سياڻي کي گهرجي ته اُن تي پوري طرح ويچار ڪري ويساھ ڪرڻ گهرجي.)
    ويڄُ= حڪيم، وئد.
    - پنهنجي ڪَئي جو نه ڪو ويڄ نه ڪو طبيب.
    (پنهنجي هٿان جيڪي غلطي ٿئي ٿي، اُن کي ٻيو ڪو به سڌاري نه ٿو سگهي.)
    ويڻُ= وچن، ٻول.
    - ننڍي واتان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي.
    (مطلب ته ماڻهوءَ کي سنڀالي ڳالهائڻ گهرجي، جيئن ٻين کي ڏک نه ٿئي.)
    سنگٽُ= سنڪٽُ، رُڪاوٽ.
    - ڪاڻيءَ جي وِهانءَ ۾ سنگٽ گهڻا.
    (ڪمزور يا وِڏ واري انسان جي ڪم پوري ٿيڻ ۾ گهڻي ئي رڪاوٽون پون ٿيون.)
    سندو = جو.
    - ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ.
    (جيڪو ڳالهيون ڪري ٿو، اُن جو ڪم نٿو ٿئي، پر جيڪو ڪنهن ڪم لاءِ اڳواٽ پئسا ڪٺا ڏئي ٿو، تنهن جو ڪم ٿئي ٿو)
    ساھِ = زيورن جو سيٽ. دري مالها، Rosary.
    - اُها ساھ ئي گهوري، جا سِرُ تڪي.
    (اُهي مڻيا ۽ زيور ئي کڏ پون، جن جي پائڻ ڪري جان کي خطرو ٿئي ٿو.)
    سِياندري= ويجهي حد، ويجهي مٽي مائٽي.
    - سوڙهي سِياندريءَ، وهنوار نه ڪجي.
    (ويجهي مٽي مائٽي يا دوستيءَ ۾ وهنوار نه ڪجي، اُن مان ڪلفت ٿيڻ جو انديشو آهي.)
    سيئن= سيما، حد، دنگ، سينو ساهڻ.
    - سٻر سان سيئن ڪبي ڪيئن، چوندو جيئن، ٿيندي تيئن.
    (ڏاڍي سان زمين جي حد وغيره تي ڪيئن جهڳڙو ڪبو؟ جيئن سٻل يعني ڏاڍو مڙس چوندو، تئين فيصلو ٿيندو. مطلب ته ڏاڍي سان هيٺين اٽ وٺڻ گُهرجي)
    سينڱ= ڪمان، ڌنُش.
    - صبر جنين جي سينڱ، تير نه گُسي تن جو.
    (جنهن جو صبر سهارو ورتو آهي، اُهي پنهنجي مقصد تي ضرور پهچندا.)
    سُچرُ= گهڻو کائيندڙ.
    - ڏُچر گهوڙو، سُچر زال ٻئي ٻنِ ٿيا.
    (گهٽ ۽ خراب گاھ کائيندڙ گهوڙو ۽ گهڻو کائيندڙ زال ٻئي کڏِ پون.)
    سيڏائڻ= سِڪڻ، نهارڻ.
    - ستي ٿي سيڏائي، لُنڊي ٿي کائي.
    (شريف عورت پيئي پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سڪي، ٻئي طرف ڪميني عورت پئي موجون ڪري.)
    سيتِي= سان، گڏ.
    - کيتي سِر سيتي.
    (کيتي اُها سٺي ٿيندي آهي، جيڪا ماڻهو پاڻ پنهنجي محنت سان ڪندو.)
    سيلھ= ڪنڊا.
    - جي پوندا سوڙهين، سيلھ به لڳندا تِنِ.
    (جي اوکن رستن تي ويندا، تن کي ڪنڊا به سهڻا پوندا.)
    هَسُ= ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ٿُلهو سونو زيور.
    - اَن جو واپار هَسَ مان ڇلو، ڇلي مان هَسُ ڪري.
    (ان جي واپار ۾ ڪڏهن گهڻو لاڀ ته ڪڏهن گهڻ گهاٽو ٿيندو آهي.)
    هُوڙ هيائي= هلڪڙائي، حالت/ طبيعت.
    - هر هر هُوڙهيائي، وڃڻ در دوستن جي.
    (دوست وٽ به هر گهڙيءَ نه وڃجي اِن ۾ هلڪائي آهي. هر هر ڪنهن وٽ وڃڻ سان بي عزتي ٿيندي آهي.)


    ۴.۲.۱۱ سنڌيءَ جي لهجن جا پهاڪا:

    ۴.۲.۱۱ سنڌيءَ جي لهجن جا پهاڪا:
    سنڌيءَ ۾ جدا جدا لهجا ڳالهايا وڃن ٿا، اُنهن مان وچولي سنڌيءَ جي ايتري قدر ارتقا ٿي ويئي، جو اُها تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪتب اچي لڳي. انگريز سرڪار سنڌ تي ۱۸۴۳ع ۾ قبضو ڪرڻ کان پوءِ اِن علائقي جي انتظامي، سماجي ۽ ٻين ڳالهين بابت سڌرارا ڪرڻ شروع ڪيا. سنڌي ٻولي جدا جدا لپين ۾ لکي ويندي هئي، جن مان عربي سنڌي لپي ضروري سُڌارا ڪري، اُن کي پَڪي شڪل عطا ڪري، سرڪار اُن ۾ درسي ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا. حڪومتي ڪاروبار ۾ به فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙھ ڪرڻ کي همٿايو ويو. جئين ته درسي ڪتاب تيار ڪندڙ تعليمدارن گهڻو ڪري وچولي سنڌ ۽ ساهتي ايراضيءَ جا هئا. اِن ڪري وچولي سنڌيءَ کي ادبي درجو حاصل ٿي ويو، پر ٻين لهجن جو زباني طور ته لاڳيتو استعمال هلندو پيو اچي. چاهي اُنهن کي لکيل ادب ۾ جاءِ نه ملي سگهي آهي.
    پهاڪا زباني روايت ذريعي مشهور ٿيا آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ وچولي سنڌيءَ سان گڏ ٻين لهجن جا پهاڪا به اسان کي ملن ٿا. اُنهن ۾ خاص طور سرائڪي لهجي جا پهاڪا گهڻا آهن. اُتر سنڌ جي سرائيڪي لهجي ۾ صوفي درويش پنهنجو ڪلام به چيو آهي. اُن کان سواءِ ٿري (ڍاٽڪي) ۽ ڪڇي لهجن جا به گهڻي ئي پهاڪا سنڌ جي ٻين ايراضين ۾ مشهور ٿي ويا آهن. هتي سنڌ جي لهجن جي ڪجھ پهاڪن جا مثال پيش ڪجن ٿا:
    (الف) سرائيڪي پهاڪا:
    - ٻلي شير پڙهايا، ڦِر ٻلي ڪون کاوڻ آيا.
    (ٻلي شينهن کي پڙهايو ته شينهن ڦري وري ٻليءَ کي کائڻ لاءِ آيو.)
    - ماءُ ڄڻيسين ٻچڙي، ونڊ نه ڏيسين ڀاڳ.
    (ماءَ ٻچڙن کي جنم ڏيندي آهي، پر ڀاڳ ورهائي نه ڏيندي آهي. ان جو سنڌي روپ به مشهور آهي: ”ماءُ ڄڻيندي پُٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ“.)
    (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”پروليون، ڏِٺون، معمائون، ٻول“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، ۱۹۶۵ع. ۲.ڪاراڻي، دُليراءِ، ’سارٿ ڪڇي ڪهيوَتو‘ گجرات راجيه لوڪ ساهتيه سميتي، احمد آباد، ۱۹۷۵ع)
    - پاڻ نه پلي ڏوُجهيان متيان ڏيوي.
    (پاڻ کي براين کان پري نٿو ڪري، پر ٻين کي ڪُڌا ڪم نه ڪرڻ جون نصيحتون ٿو ڪري.)
    - شينهن نه ويکيائي ويک ٻلاڙا،
    چور نه ويکيائي ويک سونارا.
    (شينهن نه ڏٺو اٿئي ته ٻلو ڏس، چور نه ڏٺو اٿئي ته سونارو ڏس. سونارو پنهنجي ماءُ جي نٿ مان به سون چوري ڪري وٺندو آهي.)
    - لُچان چور ان پت نه ڪائي، توڙي هوَن سڳي ڀائي.
    (لُچن ۽ چورن تي ذرو به ويساھ نه ڪجي، چاهي هو پنهنجا سڳا ڀائر ڇو نه هجن.)
    - مينهان اُٺان دا ڪيها ميلا، اؤ چرن جهنگ تي اوُ چرن ٻيلا.
    (مينهنِ ۽ اُٺن جو پاڻ ۾ ڪهڙو ميلاپ ٿي سگهندو؟ هو چرن جهنگ ۾، ته هُو چرن ٻيلن ۾.)
    - اپڻي گهوٽ نه نشا ٿيويئي.
    (پنهنجي گهاٽي ڀنگ گهوٽي پيءُ ته نشو ٿِئيئي. مطلب ته پنهنجي محنت ڪر.)
    - اپڻا مال هَئه، روسان ڀي کاسا ڀي.
    (پنهنجو مال آهي؛ چاهي اُهو سٺو نه آهي، اِن ڪري روئنيدس به ته کلندس به هڪڙي ماڻهوءَ پئي ڪچن بصرن سان ماني کاڌي. بصر تيز هئڻ ڪري، اُن جي اکين مان پاڻي به پئي وهيو ته هُن ماني به پئي کاڌي. اِن تي اهو پهاڪو چيائين.)
    - بي شرمي دي سيري ڪَنون ساڳ سرنهن دا چوکا.
    (بي شرم ٿي سيرو کائڻ کان چڱو آهي ته پنهنجي گهر ۾ سادو سرنهن ج ساڳ کائجي.)
    - ڦرندي گهرندي نامردان دي، مردان دي هئه اِڪ.
    (نامرد پنهنجي ڳالھ تان بار بار پيا ڦرندا آهن، پر مرد هڪ ڳالھ تي اٽل هوندا آهن.)

    (ب) ٿري لهجي جا پهاڪا:
    - لنب، مکڻ چنب.
    (لنب نالي گاھ کائڻ سان ڍڳيون مکڻ جام ڏينديون آهن).
    - کدڙن جا اوتارا، ڪنڀارن جي گهر.
    (ٿر ۾ کدڙا ڪنڀارن جي گهر ۾ ٽڪندا آهن.)
    - شاھ وچنُ، شينهڻ گمڻ، ڪيلو ڦري اِڪ وارِ، تِران تيل همير هٺُ، چڙهي نه ڏوجهي وار.

    (ج) ڪڇي پهاڪا:
    (جڏهن عقل ٿي وِرهايو، تڏهن هُڻ اٽي- ڇاڻي يعني پرڻُ جهليو هو. مطلب ته بيوقوف آهي.)
    - اک ڪاڻي ڪجي، پڻ ڏِسي ڪاڻي نه ڪجي.
    - انڌي ويٺي اَنُ پيهي ۽ اُهو ڪتا ويٺا کائين.
    - انڌي جي مُنهن تي، کيس انڌو نه چئجي.
    - انڌو هنگي ۽ ٻن کي کوٽي ڪري. ڀيٽيو: انڌو هنگي ٻه سيڙائي.
    - اُڀ ڦاٽي، تڏهين ٿِگڙو نه اچي.
    - ڪم، ڪم کي سيکاري ٿو.
    - ڪِڏان راجا ڀوج ني ڪِڏان گنگو تيلي؟
    - ڪَني اُڀامندي ته پنهنجا ڪنا کائيندي.
    - ڪوئلن جي دلاليءَ ۾ هٿ ڪارا ٿين.

    (الف) سنسڪرت:
    - جهڙو راجا، تهڙِ پرجا (عوام
    - جهڙا گرو تهڙا چيلا.
    - جيڪي ملي تنهن ۾ راضي رهجي.
    - لُچ سان لُچُ ٿي هلجي يا جهڙي سان تهڙو.
    - هر دماغ ۾ پنهنجي پنهنجي سمجھ آهي. جيترا ماڻهو تيتريون ڳالهيون.
    (پراڪرات: جاينڌيَسيَه دِيوو هَٿڪَئو نَڦلو چچَيوَ. جنم جي انڌي جي هٿ ۾ رکيل ڏيئو، بيسود ئي آهي.)
    - هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي جو ڪهڙو ضرور؟
    (اپڀرنش: ڪَري ڪنڪڻُ ڪِه آرسي دِيسئي؟ هٿ جي ڪنگڻ کي آرسي ۾ ڇو ڏسَجي؟)
    (اَپڀرنش: ڪِن گِھُه هوءِ وِرولِئي واڻِئي؟ ڇا گِھُ ٿيندو پاڻيءَ ولوڙڻ سان؟)
    (ج) عربي- فارسي:
    - تڪڙ ڪم شيطان جو.
    (عربي: التعجيل فعل الشيطان.)
    - ڪُتي جا ڏند، گڏھ جو ماس.
    (عربي: سنون الڪلابا، لحوم الحمارا)
    - ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    (فارسي: دو برادم، سويم حساب.)
    - پنهنجي ڪَئي جو نڪو ويج نڪو طبيب.
    (فارسي: خود ڪرده را علاج نيست.)
    - آھ غريبان، قهر خدائي.
    (آھ غريبان، قهر خدائي.)
    - هڪ تندرستي، هزار نعمت.
    (فارسي: يڪ تندرستي، هزار نعمت.)
    - اٽو چي گهوٻاٽو.
    (فارسي: سوال از آسمان، جواب از ريسمان. مطلب ته سوال آسمان بابت ته جواب نوڙيءَ بابت.)
    - دِلي دوُر است.
    (فارسيءَ ۾ به ساڳيو.)
    - دراز-رِيش؛ يا خضر، يا ابليس.
    (ڊگهي ڏاڙهي اٿس، درويش آهي يا شيطان آهي.)
    - پڇڻا نه مجهڻا.
    (فارسي= جوَينده يا بنده.)
    - انسان خطا جو گهر آهي.
    (فارسي= انسان نسِيان.)
    - عشق نه شدُ، چٽي شدُ.
    (عشق نه ٿيو، پر چٽي ٿي. سنڌي ۽ فارسيءَ جو ميل.)
    - ڏيل در گنبذ، آواز در فِس.
    (جسم ته وڏو اٿس، پر طاقت نه اٿس. فارسي ۽ سنڌيءَ جو ميل.)
    - زر بِسيار ته عشق ٺھ پھ.
    (پئسو آهي ته پوءِ جلدي عشق ڪري سگهندين.)
    - ڀتين کي به ڪن آهن.
    (فارسي: ديوار هموُ گوش دارد.)
    - هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي.
    (فارسي: صدا از يڪ دست نمي آيَد.)
    - نادان دوست کان دُشمن چڱو.
    (فارسي: دشمن دانا به از دوست نادان.)


    ۴.۲.۱۳: سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا:

    ۴.۲.۱۳: سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا پهاڪا:
    جدا جدا ايراضين ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، اُنهن جو هڪٻئي تي اثر پوڻ لازمي آهي. سنڌ جي ڀر وارين ايراضين مهاراشٽر، گُجرات، پنجاب، راجسٿان، بلوچستان جا ماڻهو به صدين کان وٺي سنڌ ۾ رهندا هئا، نه فقط ايترو پر اوڀر ۾ آسام، بنگال ۽ ڏکڻ ۾ تامل ناڊو، ڪيرل، آنڌر ۽ ڪرڻاٽڪ جا رهاڪو به سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ واپار سانگي پيا ايندا ويندا هئا. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻولي به ٻين پرڳڻن جي رهاڪُن سان لھ وچڙ ۾ پيئي ايندي هئي. اِن ڪري هاڻوڪين ڀارتي ٻولين وچ ۾ لفظن، محاورن ۽ پهاڪن جي ڏي وٺ به فطري ڍنگ سان پيئي ٿيندي هئي. سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت به ۱۸۴۳ع کان ۱۹۴۷ع تائين هئي، جنهن دؤر ۾ انگريزي ٻولي تهذيب ۽ ثقافت جو اثر به سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ واسين تي پيو. گهڻيئي انگريزي لفظ اسان جي ٻوليءَ جو حصو بڻجي ويا آهن. ساڳيءَ طرح گهڻيئي انگريزي پهاڪا ۽ محاورا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي صورت ۾ جذب ٿي ويا آهن.
    هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ هندي ۽ اُردو جا ڪافي سارا پهاڪا سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ صورت ۾ يا ڪي قدر بگڙيل صورت ۾ واهپي ۾ پيا اچن. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ آيل پهاڪن جو تعداد گهڻو گهٽ آهي. هتي اهڙن پهاڪن جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا:
    (الف) هندي پهاڪا:
    - ايڪ پنٿ دو ڪاج.
    - انڌيرنگري، چرٻٽ راجا،
    - ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاجا.
    - ناڪ ڪٽا تو ڪٽا پر گهي تو چٽا.
    (سنڌيءَ موجب هتي ’ناڪ‘ جو جنس مذڪر ۾ استعمال آهي.)
    - سستا رووي بار بار، مهنگا رووي ايڪ بار.
    - آج نقد ڪل اُڌار.
    - سانچ ڪو آنچ نهين.
    - دمڙي ڪي هانڊي گئي، پر ڪُتي ڪي ذات پهچاني.
    - آپ ڀلا تو جگ ڀلا.
    - سچي ڪا بول بالا، جهوٽي ڪا مُنھ ڪالا.
    - رام ڪري سب ڪام
    - رام سِمر، جگ لڙني دي.
    - اَجگر ڪري نه چاڪري، پنڇي ڪري نه ڪام.
    - داس ملوُڪا ڪلھ گئي، سب ڪي داتا رام.
    (ب) اردو پهاڪا:
    - همتِ مردان، مدد خدا.
    - مُلا کي دوڙ مسجد تک.
    - مدعي سُست، گواھ چُست.
    - آئي تو رزوي، گئي تو بلا.
    - تُخمِ تاثير، صحتِ اثر.
    - دل ڪي قضا دل جاني ڪيا جاني قاضي.
    - جل توُ جلال توُ، آئي بلا ڪو ٽال توُ.
    - يار زنده، صحبت باقي.
    - دل لگا گدي سو تو، پري ڪيا چيز هئه.
    - ساري خدائي ايڪ طرف، جوروُ ڪا ڀائي ايڪ طرف.
    - مفت ڪا شراب، قاضي ڪو ڀي حلال هئه.
    - اول طعام، بعد ۾ ڪلام
    (ج) راجسٿاني پهاڪا:
    - آج هَمان، ڪل تَمان.
    (اڄ اسين، سڀاڻي توهين.)
    - ڪرنتا سو ڀوگنتا، کودنتا سو پڙنتا.
    (جو ڪندو سو ڀوڳيندو، جو کوٽيندو سو پاڻ کڏ ۾ ڪرندو.)
    - لکي لکانو، پڙهي خدا.
    - لوُٽيو باڻيو، جُونا خط جووي.
    (کُٽو واڻيو جهونيون وهيون (بنديون) جانچي.)


    ۴.۲.۱۴: سنڌي پهاڪن جو تبديلي اڀياس (Comparative study):

    ۴.۲.۱۴: سنڌي پهاڪن جو تبديلي اڀياس (Comparative study):
    سنڌي پهاڪن تي ٻين ٻولين جي اثر جو مختصر جائزو وٺندي اسن ڏٺو ته سنڌيءَ ۾ هڪ طرف قديم ٻولين (سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اپڀرنش) جا پهاڪا هوبهو ساڳي شڪل ۾ يا ترجمي جي شڪل ۾ ملن ٿا، ته ٻئي طرف هاڻوڪين ڀارتي ٻولين (هندي، اردو، پنجابي، راجسٿاني وغيره) جا پهاڪا به ساڳي شڪل ۾ يا ڪي قدر بدليل شڪل ۾ عام ٿي ويا اهن. اِن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي ڀر وارين ڪِن ٻولين جو اثر سنڌيءَ تي پيو آهي.
    ڀارت جي ٻولين جو تفصيل سان تُلناتمڪ يعنيٰ مشابهتي (comparative) اڀياس ڪجي ته معلوم ٿيندو ته اُنهن ۾ گهڻي قدر هڪجهڙائي آهي. اها هڪجهڙائي ڇاجي ڪري اڇي ٿي؟ منهنجي ويچار ۾ اِن جا مکيه ٽي ڪارڻ آهن:
    - تاريخي ارتقا (اتهاسڪ وڪاس) ۾ هڪجهڙائي..
    - ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر.
    - روزاني زندگيءَ ۾ ساڳيا تجربا.

    (۱) تاريخي ارتقا ۾ هڪجهڙائي:
    هاڻوڪين هند- آريائي ٻوليون پنهنجي پنهنجي علائقي جي اُنهن ويدڪ سنسڪرت (ويدن واري سنسڪرت) جي لهجن مان ڦُٽي نڪتيون آهن، جن جي ڳالھ ٻولھ واري شڪل جي پُوري پوُري ڄاڻ حاصل ٿي نه سگهي آهي، پر اِن چوڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سڀيئي رگ ويد جي ٻوليءَ جي تمام نزديڪ هيون. انهن تي پوءِ ادبي سنسڪرت (اُها سنسڪرت جنهن ۾ ويدن کانپوءِ ادب آيو)، پالي، پراڪرت، اَپڀرنش جو ارتقا دؤران گهڻو اثر پيو. اِن ڪري هاڻوڪين ڀارت جي ٻولين وراثت ۾ پراڻين ٻولين جا ڪافي پهاڪا حاصل ڪيا. هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ گهڻيئي پهاڪا سنسڪرت جي سُڀاشتن فصيح زبانن، اخلاقي سخنن ۽ انصاف جي قاعدن (نيايه سوُترن) جي بنياد تي ٺهيل آهن، جن جا مثال اڳتي هلي ڏنا ويا آهن.
    (۲) ٻولين جو هڪٻئي تي اثر:
    وهنواري زندگيءَ ۾ جدا جدا ٻوليون ڳلاهئيندڙ شخص هڪ ٻئي سان رابطو رکن ٿا. ان ڪري هڪ ٻوليءَ جا لفظ ۽ پهاڪا فطري طرح ٻيءَ ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ اپنائن ٿا. ادبي تخليقن جي ترجمي ڪرڻ سان به لفظن، پهاڪن ۽ خواهشن توڙي ويچارن جي ڏي وٺ الڳ الڳ ٻولين ۾ ٿئي ٿي. اِن ڪري ڪيترين ئي ٻولين جي پهاڪن ۾ برابري يا هڪجهڙائي نطر اچي ٿي.
    (۳) روزاني زندگيءَ ۾ ساڳيا تجربا:
    جدا جدا ملڪن جي ٻولين ۾ به گهڻن ئي پهاڪن ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي. مثال طور، انگريزي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا ۾ هڪجهڙائي ملي ٿي. مثال طور، انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ گهڻيئي پهاڪا اهڙا آهن، جن جا ويچار هوبهو سنسڪرت ۽ پراڪرت جي پهاڪن جي ويچارن سان ملن ٿا. جيئن ته:
    (الف) سنسڪرت: شٺي شاٺُيمو سماچريت.
    انگريزي: Tit for tat
    سنڌي: جهڙي سان ٿيءُ تهوڙو.
    هندي: جيسي ڪو تيسا.
    (ب) سنسڪرت: شوھ ميوُرات اَدَيھَ ڪپوتو وَرھَ.
    (ڪل ڪي مور سي آج ڪا ڪبوتر ملي تو وه بهتر هئه.)
    سنڌي: اڌ کي ڇڏي جيڪو سڄيءَ ڏانهن ڀڄي، تنهن جي اڌ به وڃي.
    انگريزي: A bird is hand is worth two in the bush.
    (ج) اَپڀرنش: ڀُڪُئهُ ڇڻيَندھُ سارميئهُ.
    (پُشپدنت ڪا مهاپُراڻ)
    (چندرما ڪا طرف ڪُتي ڀونڪتي هين تو ڀونڪتي دو)
    انگريزي: The moon does not heed the barking dog.
    سنڌي: قلندرن پٺيان ڪُتا ڀؤنڪن.
    اهڙن پهاڪن کي ڏسي اِهو چوڻ ٺيڪ نه ٿيندو ته انگريزيءَ اِهي پهاڪا سنسڪرت- پراڪرت تان کنيا آهن. جُدا جُدا ملڪن جي ٻولين ۾ هڪجهڙن احساسن وارن پهاڪن جو بنياد انسان جي تجربي جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري به آهي.
    اِن طرح سنڌي پهاڪن جو تقابلي اڀياس ڪرڻ سان اسين پهاڪن کي اڳتي ڏنل ٽن نمونن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
    (1) خاص سنڌ جي سر زمين سان واسطو رکندڙ پهاڪا.
    (2) ڀارتي راوايتن وارا پهاڪا، جيڪي ڀارت جي هاڻوڪين ٻولين ۾ ساڳي معنيٰ ۾ ملن ٿا.
    (3) عالمي (Universal) پهاڪا جيڪي دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ ساڳي معنيٰ ۾ ملن ٿا.
    پوني (مهاراشٽر) جي عالم وِشوَناٿ نروَڻي پنهنجي تصنيف ڀارتييه ڪهاوت سنگرھ (نروَڻي، وِشوَناٿ دِنڪر، ڀارتييه سنگرھ (ٽن حصن ۾)، تِرويڻي سنگم، پرڀات روڊ، پُڻي، (۱۹۸۵-۱۹۷۸).) ۾ موضوع موجب ڀارت جي ٻولين جا سمان ڀاونا هڪجهڙن احساسن يا ويچارن وارا پهاڪا گڏ ڪري ڏنا آهن. اُن ۾ سنڌي پهاڪا به ڏنل آهن، هتي اُن مان ٻه مثال پيش ڪجن ٿا.
    (۱) سنڌي:
    - انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
    (اڻڄاڻ ماڻهن جي وچ ۾ ٿوري ڄاڻ رکندڙ به عالم ليکيو وڃي ٿو.)
    - جتي وڻ ناهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت.
    (جنهن ايراضيءَ ۾ وڻ ٽڻ پيدا نه ٿا ٿين، اُتي ڪنڊن وارو ننڍو ٻوٽو به وڻ سمجهيو وڃي ٿو.)
    هندي: انڌون ۾ ڪانا راجا.
    راجسٿاني: اُوجڙ گانوَ ۾ ايرنڊيو روَنکَ.
    (اُوجڙ گانؤ (گاؤن) ۾ ايرنڊهي پيڙ مانا جاتا هئه)
    اَردو: سؤ نڪٽو ۾ اِيڪ ناڪ والا نڪوُ.
    (سؤ چپٽي ناڪ والون ڪي بيڇ ۾ اِيڪ ٺيڪ ناڪ والا آدمي ڀي سُندر ڪهلاتاهي.)
    پنجابي: انِيان وچ ڪاڻا راجا.
    (انڌون ۾ ڪاڻا راجا.)
    ڪشميري: انُيَن منج ڪانيه سوَندر.
    (انڌي اسَتريون ۾ ڪاني سندري.)
    مراٺي: انڌليا گايينت لنگڙي گايه پرڌان.
    (انڌي ڍڳين ۾ لنگڙي پرڌان)
    گجراتي: انڌلا مان ڪاڻو راجِيو.
    (انڌون ۾ ڪانا راجا.)
    - اُجڙيا گانوَ ۾ ايرنڊڪا پيڙ پرمُک هئه.)
    بنگلا: انڌيري ديشي ڪانا راجا.
    - نيئِه ديشي ايرنڊ گاڇ، نيئي بني کٽاش باگھ.
    (بِنا ورڪش ڪي پرديش ۾ ايرنڊ هي ورڪشن، بنا هِنس پشئون ڪي بن ۾ بلي هي شير هئه.)
    اَڙيا انڌ گانڪُ ايڪ اکِيا راجا.
    (انڌون ڪي گانوَ ۾ ايڪ آنک والا راجا.)
    (گونگي ڪي سامني هَڪلا ڀي واڪپَٽ هي.)
    بنگلا: انڌيري ديشي ڪانا راجا.
    (انڌون ڪي گانوَ ۾ ايڪ آنک والا راجا.)
    تيلگوُ: گوولينِ اللو گوڊڊُگيدي دي شري مهالڪشمي.
    (جهان گاءِ نه هو، اُس گانوَ ۾ بانجھ ڀينس هي شري مهالڪشمي هئه.)
    ملايالم: اُومرِل ڪوڃن مهاواگمِي.
    (گونگون ڪي بيچ هڪلا هي واڪُپَٽ هئه.)
    ڪنڙ: ايليگرُ وِلد مَنيلِ مُدگرُوي مُدُ.
    (جس گهر ۾ بڇڙا نهين،وهان بوڙها بيل هي پيارا.)
    سنسڪرت: نِرست يادپي ديشي ايرڻڊو پي دُرمايَتي.
    (جس ملڪ ۾ ايڪ ڀي پيڙ نهين هي، وهان ايرنڊ کا پيڙ ڀي بڙا ورڪش مانا جاتا هئه.)
    (۲) سنڌي:
    - ٺلهو چَڙو وڄي گهڻو.
    (پورو (خالي) گهنڊ زور سان وڄندو آهي.)
    - سکڻي ڪُني گهڻي اُڀامي.
    (جنهن ڪُنيءَ ۾ اَن گهٽ ۽ پاڻي وڌيڪ آهي اُن ۾ رڌڻ وقت پاڻي گهڻو اُڀامندو آهي). گهڻو پاڻي اڀامڻ؟
    هندي: اڌجل گگري ڇُلڪت جاءِ،
    ڀري گگريا چُپي جاءِ.
    - ڪڙا ڪڙ باجي ٿوٿي بانس.
    پنجابي: ڪهو ڪبير ڇُوڇا گهَٽَ بولي،
    ڀريا هووي سو ڪب نه ڊولي.
    (ڪبير چوي ٿو ته اڌ ڀريل ديلو گهڻو آواز ڪندو آهي، پر جيڪو ڪنا تار پاڻيءَ سان ڀريل هوندو آهي، اُن ۾ پاڻي ڇلڪندو آهي.)
    مَراٺي: ارد ڪُڙا ڪلسو هايسُلتا.
    (اڌ ڀريل ڪلش (لوٽو) گهڻو آواز ڪندو آهي.)
    گجراتي: آڌورو گهڙو ڇُلڪايَه گهڻو.
    (اڌ ڀريل گهڙو ڇُلڪي گهڻو.)
    بنگالي: اَلَپَ جَلير تِه تو پُنٽِ، تار ايت ڦٽڦٽِ.
    (ننڍي ۽ ڪؤڙي مڇي تانگهي پاڻيءَ ۾ گهڻي ڦڙ ڦڙ ڪندي آهي.)
    آسامي: پُٺِ ماڇر ڦر ڦرڻِيي سار.
    (ننڍڙيءَ مڇيءَ جا ٺينگ ٽپا وڌيڪ.)
    اَوڙيا: تُڇا مِٽيار شبد بيش.
    (خالي مٽڪي جو آواز وڌيڪ.)
    تامِل: ارئي ڪرم تَلُ بُم.
    (اڌ ڀريل مٽڪو ڇلڪي گهڻو.)
    ڪنڙ: تُنبِدَ ڪوڙ تُلُ ڪُبُ دِيل.
    (ڀريل گاگر ڇلڪندي ناهي.)
    ملايالم: نرڪُٽم تُلُ مبُڪَ اِليا.
    (ڀريل دلو ڇلڪندو ناهي.)
    سنسڪرت: انگُٽمُ دَڪَماتريڻ شفري ڦُر ڦُرايتي.
    (شفري مڇي ٿوري پاڻيءَ ۾ به گهڻو ڦڙ ڦڙ ڪندي آهي.)
    - سنپورڻ ڪُمڀو نه ڪروتِ شبدم،
    ارڌو گهٽو گهوشمُپئيتِ نونم.
    وِدوان ڪُلِينو نه ڪروتِ، گرون،
    گُڻئيرو هينا بھُجلپَينت.
    (پاڻيءَ سان ڀريل دلو آوز نه ڪندو آهي، پر اڌ ڀريل دلو گهڻو آواز ڪندو آهي. خانداني عالم ڪڏهن به گهمنڊ نه ڪندو آهي. بي گڻا ماڻهوءَ ئي وڌيڪ بڪواس ڪندا آهن.)

    سنسڪرت سُهڻا سخن (نيتي سوُتر) اخلاقي نُڪتا ۽ پهاڪا:
    هن کان اڳ جيڪي ٻه مثال ڏنا ويا آهن، انهن مان صاف ظاهر آهي ته هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ گهڻيئي اهڙا پهاڪا آهن، جن ۾ هڪجهڙائي آهي. ڪن ٻولين ۾ ساڳئي ويچار يا احساس کي ميدان جي خاصيتن مطابق جدا جدا مثالن سان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڀارت جي پهاڪن ۾ هڪجهڙائيءَ جو مکيه ڪارڻ اوائلي ڀارتي ادب آهي، جيڪو سنسڪرت، پالي، پراڪرت، اَپڀرنش ۾ لکيل آهي. دراوڙِ ٻوليون به اُنهن اوائلي ٻولين جي اثر کان آجيون نه آهن. سنسڪرت ۾ چاڻڪيه (چاڻڪ نالي مُني جي خاندا جي نيتي سوُترن، پُراڻن ۽ ڪٿا ساهتيه جي فصيح زبان ۽ خوبصورت جملن جيڪي هاڻوڪين ڀارتي زبانن نياءَ جي ويچارن جي بنياد تي گهڻيئي پهاڪا ٺهيا آهن، جيڪي هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ عام ٿيا آهن. هتي اِنهن جا ڪجھ مثال ڏجن ٿا:

    (۱) بيوقوف کان ڪنارو ڪجي (نيتي سُوتر) اخلاقياتي نُڪتا:
    سنسڪرت: پَنڊتواپي ورن شتروھَ، نه مورکو هِتڪارَ ڪھ.
    (گهڻگهري بيوقوف کان عقلمند دشمن ڀلو.)
    هندي: چَترُ تو بئري ڀلا، مورک ڀلا نه ميت،
    ساڌ ڪهي مت ڪرو مروک سي پيت.
    اردو: نادان دوست سي دانا دشمن بهتر.
    سنڌي: نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
    مراٺي: شهاڻياچا وهاوي چاڪر، مور کاچا هوئوُ نه ڌنِي.
    (مورک جو ڌڻي ٿيڻ کان سياڻي جو نوڪر ٿيڻ بهتر آهي.)
    گجراتي: مورک مِتر ڪرتا داناوَ دشمن سارو.
    (بيوقوف دوست کان داناءُ دشمن سُٺو.)
    بنگلا: نادان دوستير چييي دانا دشمن ڀالو.
    (نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.)
    آسامي: مورک پُتر تڪئي نِربش هووا ڀال.
    (بيوقفو پٽ پيدا ٿئي اُن کان ڀلو آهي ته ماڻهو بي اولاد هجي.)
    اڙيا: مور کٺارُ شُکِلا ڪاٺ سهسري گُڻي ڀَل.
    (مورک ماڻهوءَ کان سُڪل ڪاٺ هزار دفعا ڀلو.)

    (۲) ناڻي جي تعريف (مهاودائي) ناڻي جي اهميت:
    سنسڪرت:
    - ارٿسيه پُرُشو داس ھَ.
    (ماڻهو پئسي جو غلام آهي)
    - درو ييڻ سروي وشاھَ.
    (پئسي سان سڀيئي وس ۾ ڪري سگهجن ٿا)
    - يسياسِت وِتن س نر ھَه ڪُلين هَه،
    سَ پنڊِت ھَه سَ شرُتِمانُ گُڻگيھَه.
    س ايوَ وڪتا سَ چَ درشنيَيھَه،
    سَروي گُڻاھ ڪانچنم آشرنتي.
    (جنهن ماڻهوءَ وٽ پئسو آهي، اُهو خاندان سمجهيو وڃي ٿو. اُن کي سڀ پنڊت، پڙهيل، گڻوان، خوبصورت مقرر ۽ خوبصورت سمجهن ٿا. حقيقت ۾ اِهي سڀيئي گڻ دولت جي سهاري سان پيدا ٿي وڃن ٿا.)

    هندي:
    - ڪؤڙي نهين پاس .
    (پاڻ وٽ جي پيسو نه آهي ته ميلي جي رونق به اُداس نظر ٿي اچي.)
    - گهر ۾ ناڻا، بِيند پرڻيجئي ڪاڻا.
    (گهر ۾ پئسو هجي ته ڪاڻي ڇوڪري جي شادي ٿي وڃي ٿي.)
    - دام ڪري سؤ ڪم.
    (دنيا ۾ پئسو ئي سڀ ڪم ڪري سگهي ٿو.)
    - مايا تيري تين نام؛ پرسو، پرسا، پرسرام.
    (دولت تنهنجا تي نالا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وٽ تون نه آهين ته هرڪو کيس ’پرسو‘ سڏي ٿو، پر جڏهن وٽس ڪجھ دولت ڪٺي ٿئي ٿي ته کيس ’پرسا، پرسا‘ ڪري ٿا پُڪارين، پر اُن کي وڌيڪ شاهوڪار ٿيڻ تي سڀيئي ماڻهو ان کي عزت ڏيئي ’پرسرام جِي‘ ڪري ڪوٺين ٿا.)
    سنڌي:
    - هجيئي ڳنڍ ۾ ناڻو ته گُهم خان لاڙڪاڻو.
    - زر بسيار ته عشق ٺھ پھ، زر نيست ته عشق پوُن پوُن.
    - جن جي گنديءَ ۾ داڻا، تن جا چريا به سياڻا.
    - جيڪي ڪري ڪلدار، سو نه ڪري ڪرتار.
    - جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
    - پئسو ناهي پاس ته جيترو آهي اُداس.
    - شاهوڪار جو ٽِٽُ به کستوري.
    - لڇمي ڪلڇڻ ڍڪڻي.
    مراٺي:
    - جياچي کِشات سُرتِي، توچ منگلموُرتي.
    ( جنهن جي کيسي ۾ سورتي يعني ناڻو آهي، اهوئي خوبصورت آهي.)
    - شري منتا چا ڪُترا، سگٺيانچا لاڊڪا.
    (شاهوڪار جو ڪتو سڀني جو لاڏلو.)
    - هوڏان گانڊ سگلي اِڌُتات،
    گريبا تونئهُ پوليتا ڪوڻ؟
    (وڏن ماڻهن جي گانڊ ڌوئڻ لاءِ به سڀ تيار هوندا آهن، پر غريب جو منهن ڌوئڻ لاءِ ڪو به تيار نه ٿيندو آهي.)
    گجراتي:
    - گرٿَنا گانگا شاھ، ني وَگر گرٿنا گانگا.
    (ڳنڍ ۾ ناڻو اٿس ته سڀ کيس گانگاشاھ چئي ٿا ’نمسڪار‘ ڪن، پر ڳنڍ خالي هئڻ تي هن کي ’گانگا‘ چئي سڏ ٿا ڪن.)
    - پئسا هاٿ مان تو دوست ساٿ مان.
    (پسئو هٿ ۾ آهي ته دوست به گڏ آهن.)
    - پئسي آئي، پيسي ٻائي، پيسي بِگرني نهين سگائي.
    (پئسو آهي ته ماءُ گڏ آهي، پيسو آهي ته جاءِ گڏ آهي، پيسي بنا ڪو به رشتو نه آهي.)

    سنسڪرت جا سهڻا سُخن ۽ سنڌي پهاڪا:
    هاڻي سنسڪرت سڀاشت (فصيح زبان) جي شلوڪن جي ويچارن سان سمانتا (هڪجهڙائي) رکندڙ سنڌي پهاڪن جا وڌيڪ مثال هتي ڏجن ٿا:
    (۱) سنسڪرت:
    - ماتا ڪُپيَتِ ڪَنيايئي سُنشا ڀوِتِ وِهلا.
    ( ماءُ ڪاوڙ ڪري ٿي پنهنجي ڌيءَ تي، ته سندس نُنهن اهو ڏسي بيچئن ٿي وڃي ٿي.)
    سنڌي:
    - ڌڪُ هڻ ڌيءَ کي ته سکي نُنهن.
    (۲) سنسڪرت:
    - لانلادو وهوو دوشاھ! تاڏ ناد بَهَوو گُڻاھَ.
    تسمات پُترن چ شين تاڏ ييت نَه تُ لالييت.
    ( گهڻو لاڏ پيار ڪرڻ سان گهڻيئي خرابيون پيدا ٿين ٿيون، ۽ مار ڏيڻ سان گهڻيئي گُڻ جنم وٺن ٿا. اِن ڪري پُٽ ۽ شاگردن سان سختيءَ سان ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، نڪي کيس گهڻو لاڏ ڪرڻ گهرجي.)
    سنڌي:
    - اُستاد جي مار، ٻار جي سنوارءِ.
    - ڇڙيءَ جو صرفو ڪريو ته ٻار کريو.
    - پُٽ ٻٽيھ لکڻو، موچڙو ڇٽيھ لکڻو.
    (۳) سنسڪرت:
    - ڏسو منڊڻي منڊڻي متوڇا، تُنڏي تُنڏي سَرَسوتِي.
    ديشي ديشي اَنڀيا سيات، نانارتنا وسُنڌرا.
    ( هر ڪنهن ۾ جدا جدا سوچ ٿئي ٿي ۽ هر ڪنهن مُنهن ۾ الڳ الڳ ٻولي، جدا جدا ملڪن ۾ الڳ الڳ ٻوليون آهن ۽ ڌرتيءَ ۾ به گهڻن ئي قسمن جا موتي آهن.)
    - ڀِن رُچِرھِ لوڪھَ.
    ( سنسار ۾ الڳ الڳ پسند وارا ماڻهو آهن.)
    - نه پَنچانگُليھَه سماھَ.
    ( پنجئي آڱريون برابر نه آهن.)
    - نئڪو رشِ ههَ يسيه وَچ ھ پرماڻمَ.
    ( هڪ به رشي اهڙو نه آهي جنهن جي سوچ ساڳي مڃي وڃي. يعني هر ڪنهن رشيءَ جا ويچار الڳ الڳ آهن.)
    سنڌي:
    - کوپڙيءَ کوپڙيءَ مت نياري
    - ڄڻي ڄڻي جو پنهنجو ڀاڳ.
    - جيترا ماڻهو اوتريون ڳالهيون.
    - پنجئي آڱريون برابرا نه آهن.
    - آڱر آڱر جو سنڌو آهي.
    (۴) سنسڪرت:
    - پروپديشي پانڊِ تيَم.
    (ٻين کي نصيحت ڪرڻ ۾ هرڪو عالم آهي.)
    - پروپديش ويلايان شِشٽاھ سروي ڀونتي وئي.
    (ٻين کي درس ڏيڻ وقت سڀ عظيم بڻجي پوندا آهن.)
    سنڌي :
    - پاڻ نه پلي پوپري، لوڪان متيون ڏِئي.
    - پَر اُپديش ڪُشل بهُتيري.
    (ٻئي کي نصيحت ڪرڻ سولو ڪم آهي.)؟ ڪڏهن کان سنڌي؟

    (۵) سنسڪرت:
    - پُسڪسٿا تهُ يا وديا پرهستگتن ڌنم.
    ڪاريڪالي سَمُتپِني نَه سا وِديا نه تد ڌنم.
    (فقط ڪتاب ۾ رکيلُ ڄاڻ ۽ ٻئي وٽ رکيل دولت، اهي ٻئي ڪم جي وقت تي ڪتب نه ٿا اچن.)
    سنڌي:
    - ناڻو سو جو ڳنڍ، واڻِي سا جا ڪنٺ.
    (ناڻو اُهو جو ڳنڍ ۾ هجي، واڻي ڪنٺ ڳالھ يا ٻول آهي جي ياد ڪيل هجن رن رن سان، ناڻو جان سان.
    (۶) سنسڪرت:
    - پنڪوھِ نڀسِ ڪِشپتَ ھَه، پتِتِ مُورڌنِ.
    (گپ جيڪڏهن آسمان ۾ اڇلائبي، ته اُها اڇلائيندڙ جي مُنهن تي ڪرندي.)
    سنڌي:
    - اُڀ ۾ ٿُڪ اڇلائي، سو مُنهن ۾ پائي.
    (۸) سنسڪرت:
    - وياگهرن نئيوَ گجن نئيوَ، سينهن نيئوَ، چ نئيوَ چِ.
    - اجا پُترن بَلن ددياتَ، ديوو دُر بَگلگهاتڪ ھَ.
    (چيتي کي، هاٿيءَ کي ۽ شينهن کي ته ڪڏهن به قربانيءَ ۾ نٿو ڏنو وڃي. ويچارو ٻَڪر قربان ٿئي ٿو. ديوتا پڻ ڏُٻري کي ڪُهن ٿا.)
    سنڌي:
    - ڏُٻري ڍور کي مڇر گهڻا.
    - گدرو ڪِري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو، ڪاتي ڪِري گدري تي، ته به گدري جوکو.
    (۹) سنسڪرت:
    - وِناشڪالي وِپريتٻُڌُ.
    (تباهيءَ جي وقت ماڻهوءُ کي اُبتي مَتِ ايندي آهي.)
    سنڌي:
    - ڳوھ کي جڏهن کٽي کڻي، تڏهن ڳولهي شڪارين جا گهر.
    - دَشا ڦِري ته ٻُڏي به ڦري وڃي.
    (خراب ستارن جي طرف اچڻ تي ماڻهوءَ کي سمجھ به اُبتي اچي.)
    (۱۰) سنسڪرت:
    - مَڌُ تِشٺَتِ جِهواگي، هرديي تُه هلاهلم.
    (دُشٽ يا نيچ جي زبان تي ماکي، پر دل ۾ ڀينڪر زهر هوندو آهي.)
    سنڌي:
    - وات ۾ ماکي، دل ۾ ڪاتي.
    - مُنهن ته موسيٰ جهڙو، سيرت شيطان.
    - مُنهن جو مٺو، اندر جو ڪارو.
    - اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج ٿي.
    (۱۱) سنسڪرت:
    - پِبَنتي اُدڪن گاوو منڊوُڪيشُ رُوَتسُ اَپِ.
    (ڏيڏرن جي ٽان ٽان ڪرڻ تي به گانيُون بي فڪر ٿي تلاءَ مان پاڻي پيئنديون آهن.)
    سنڌي:
    - قلندرن پٺيان ڪتا پيا ڀؤنڪن.
    (۱۲) سنسڪرت:
    - اَرَڪِشتن تِشٺتِ دئيور ڪِشتم.
    سُرِڪشتن دئوَهتن وِنشيتِ.
    (جنهن جو ڪو به رکوالو ناهي تنهنجو ڌڻي سائين سنڀاليندڙ آهي، پر جنهن کان ڌڻي سائين منهن موڙي ڇڏيو آهي، سو ڪيترو به پاڻ کي بچائي، ته به ناس ٿي وڃي ٿو.)
    سنڌي:
    - ڌڻي همراھ ته ڪنهنجو ڊپ نه ڊاءُ.
    - راکي رام ته ماري ڪير؟
    - سڄڻ هجن سنوان، مر ڏيھ ڏنگايون ڪن.
    - ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگومَ ٿئي.

    چاڻڪيه جا ’نيتي سُوتر‘ (اخلاقي قاعدا) ۽ سنڌي پهاڪا:
    چندر گپت موريا جي گُرو آچاريه وشڻو گُپت جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ ڀارت جي تاريخ ۾ هو ’چاڻڪيه‘ ۽ ”ڪوٽليه‘ جي نالن سان وڌيڪ مشهور آهي. هُن پنهنجي ماهرانه راڄنيتيءَ سان اُتر- اولھ ڀارت تي حملو ڪندڙ يوناني سڪندر (اليگزيندڙ) کي ڀارت جي ڌرتيءَ تان هڪالي ڪڍيو هو. هن نند خاندان جو خاتمو ڪري پنهنجي شاگرد چندر گُپت کي ڀارت جو سمراٽ شهنشاھ بڻايو. چاڻڪيه جو لکيل ’ارٿ شاستر‘ ڀارتي ادب جو انمول ڪتاب آهي، جنهن جي گهڻن ئي يورپي عالمن به ساراھ ڪئي آهي. ’ارٿ شاستر‘ ۽ ’راجنيتي شاستر‘ جو سارُ آهن. ’چاڻڪيه سوُتر‘. اُنهن سُوترن جي آڌار تي ٺهيل ڀارت جي هاڻوڪين ٻولين ۾ ڪافي پهاڪا ملن ٿا. هتي ڪن سنڌي پهاڪن جي هاڻوڪين ٻولين ۾ ڪافي پهاڪا ملن ٿا. هتي ڪن سنڌي پهاڪن جا مثال ڏجن ٿا، جن جا ويچار چاڻڪيه جي اُنهن ’سوترن‘ ۾ ظاهر ڪيل ويچارن سان ملن ٿا. اُهي ويچار اسان کي سنسڪرت جي ڪن چوڻين ۾ به نظر اچن ٿا.
    (۱) آيَسئي ههَ آيَسن ڇيديم.
    (لوھ کي لوھ سان ڪٽجي.)
    - لوھ کي لوھ ڪٽيندو آهي.
    - جهڙي سان ٿيءُ تهڙو.
    (۲) سوَڀاوو دُر تڪرم ھَ.
    (سڀاو! کي اورانگهڻ مشڪل آهي.)
    شري رام اوتار ڀاسڪر، سمڀارڪ/ ايڊيٽر ۽ تعارف ڪرائيندڙ، چاڻڪيه، چاڻڪيه، سُوترانءِ.
    - عادت مٽي نه عادتي، عِلت موُر نه جاءِ.
    اُٺ پَوي جي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چُڻ چُڻ گاءِ.
    - ڪُتي جو پُڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجھ، ته به ڏنگي جو ڏنگو.
    (۳) شوو ميوراد اَديه ڪپوتو ورم.
    (سڀاڻي مورُ ملڻ جي اُميد کان اڄ جو ڪبوتر هٿ ۾ هئڻ بهتر آهي.)
    - اڌ کي ڇڏي سڄي پٺيان ڊُڪي تنهن جو اڌ به وڃي.
    (۴) يَٿَا بيجن تٿا نِشپتِ.
    - جهڙو ٻج، تهڙو سَلو.
    - ڪڻڪ پوکبي ته جوَ ڪين مِلندا.
    - جهڙو ٻج وجهبو، تهڙو ڦل ملندو.
    (۵) اَناريه سنبنڌت ورم آريه شتُرتا.
    (نيچ جي دوستيءَ کان بهتر آهي سچن جي دشمني.)
    - نادان دوست کان داناءُ دشمن ڀلو.
    (۶) شوَھَ ڪاريه ادَيهُ ڪُروِيت.
    (سڀاڻي جو ڪم اڄ ڪجي.)
    - اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهجي..
    (۷) اگِنداهاداپِ وشِشٽن واڪپَارُ شيَم.
    (باھ جي جلائڻ کان به تيز آهي زبان جي ڪؤڙاڻ.)
    - تلوار جي گهاءُ کان ويڻن جو گهاءُ تيز آهي.
    (۸) ڪشُڌارتو نَه ترڻن چرِت سنھ ههَ .
    (بکايل شينهن بک مرندو پر گاھ نه کائيندو.)
    - شينهن بک مرندو پر گاھ نه چرندو.
    (۹) پلالم اپِ پردروين نه هَر ڌويمر.
    (ٻئي جي پلال يعني گاھ به نه چورائجي.)
    - ڪک چورُ، سو لک چورُ.
    (۱۰) مور کيشُ وِوادو نه ڪرتويَھَ.
    (نادان سان بحثُ نه ڪجي.)
    - چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن؟
    - چرين ڪهڙا چِت، مئن ڪهڙا مامرا؟
    - بي عقل کي بازار ۾ کڻي نه وڃجي ساڻُ.
    - پهرين ڪٽائي پاڻ، پوءِ سارَ لهي سنگت جي.
    - ڄَٽُ پڙهيو، الله اڙيو.
    - ڪر چڱائي چٽ سان، ته ڦيري هڻيئي پٽ سان.
    (۱۱) ارٿو ان سروَلو ڪسيه بَهُومت ھ.
    (دولتمند پنهنجي دولت جي زور تي سڀ هنڌ عزت پائي ٿو.)
    - جيڪي ڪري ڪلدار، سو نه ڪري ڪرتار.
    - دام ڪري سڀ ڪام.
    - جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    - جن جي گهر داڻا، تن جا چريا به سياڻا.
    - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پري پئسا.
    - شاهوڪار جو ٽِٽُ به کستوري.
    - بيٺي جو، سڀ يار.
    (۱۲) دارِ يمَ پَرَشسيه جيتُوڻ مرڻم.
    (غريبي انسان لاءِ جيئري ئي موتُ آهي.)
    - غريب جي جوءِ جڳ جي ڀاڄائي.
    - سُڃن اباڻن ڌوُڙ مَرڪن ڌيئرون.
    - غريب رکن روزا ته ڏينهن به ٿين وڏا.
    سنڌي ۽ انگريزي پهاڪا:
    سنڌي ۽ انگريزي ٻولين جي پهاڪن جي ڀيٽ ڪندي اسان ڏٺو ته هڪ طرف هاڻوڪين ڀارتي ٻولين ۾ هڪجهڙن ويچارن ۽ احساسن وارا پهاڪا ملن، ته ٻئي طرف اُهي قديم ڀارتي ٻولين سان به هڪجهڙائي ڏيکارين ٿا. هتي اسين سنڌي پهاڪن سان ويچارن ۾ هڪجهڙائي رکندڙ انگريزي پهاڪن جا ڪجھ مثال ڏيون ٿا. اِن مان ثابت ٿئي ٿو ته دنيا جي جدا جدا ٻولين جي پهاڪن ۾ گهڻن ئي هنڌن تي ويچارن جي هڪجهڙائيءَ جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو. اِن جو مکيه ڪارڻ آهي انسان جي سوچ ويچار، فڪر، ۽ تجربي ۾ هڪجهڙائي.
    هتي سنڌي ۽ انگريزي پهاڪن ۾ هڪجهڙائيءَ جا مثال گهڻو ڪري روچي رام گجومل جي ڪتاب مان چونڊيا ويا آهن. هيءَ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏ انگريزي هم معنيٰ پهاڪا ڏنل آهن، ٻئين ڀاڱي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا خاص چونڊ پهاڪا فقط انگريزي عنوان سان گڏ ڏنل آهن. هن مجموعي ۾ ڪل اٺ سؤ سنڌي پهاڪا گڏ ڪيل آهن.
    (1) اُڀ ۾ ٿڪ اڇلائي، سو منهن ۾ پائي.
    - Who spits against the wind, spits in his own face.
    - Spit not against heaven, it will fall back on the face.
    (2) اٽو کاڌو ڪُئي، مار پئي گابي کي.
    - The ox ate the corn and they beat the donkey for it.
    - One doth the blame, another bears the shame.
    (3) اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.
    - Paddle your own canoe.
    (4) اڇي پڳ ۾ پسُ، اندر مڙيئي اڳڙيون.
    - All is not gold that glitters.
    - A clean glove often hides a dirty hand.
    - Judge not according to the appearance.
    (5) اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏي ڊوڙي، تنهن جو اڌ به وڃي.
    - Catch not and the Shadow and loose the substance.
    - Quit not certainty, for hope.
    - A bird in hand is worth two in the bush.
    (6) اُستاد جي مار، ٻار جي سنوار.
    - Better the child cry, than the father sigh.
    - Spare the road and spoil the child.
    (7) اُکِريُن ۾ جي مٿا وجهن، سي مُهِرينَ ڀرِ ڪيئن ڊڄن؟
    - Those who play with edge tools, must expect to cut themselves.
    - Don’t play with bears if you are afraid of being bitten.
    (8) اڳياڙي تڏهن سَرهي، جڏهن پڇاڙي سَرهي.
    - All is well that ends well.
    - Praise a fair day at night.
    (9) اُهو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.
    - Lay up something against a rainy day.
    - Make hay while the sun shines.
    - In a fine weather prepare for foul.
    (10) ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    - Money has no blood relations.
    - Make every bargain clear and plain, that none may afterwards complain.
    (11) ٻه ته ٻارنهن.
    - Union is strength.
    - Three helping each other are as good as six.
    (12) لَڙن سپاهي، نانءُ سردار جو.
    - The blood of the solder makes the glory of the general.
    (13) ڀتين کي به ڪن آهن.
    - Walls have ears.
    (14) تاڙي هڪ هٿي ڪين وڄندي آهي.
    - It takes two to make q quarrel.
    (15) ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي وڻو لهي وڃي، رڻو ڪين لهي.
    - The tongue is not steel, but it cuts.
    Evil words cut worse than swords.
    Slander, whose edge is sharper than the sword.
    Whose tongue out venoms all the worms of Nile. (Cymbeline).
    (16) پاپ جو گهڙو ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
    - The mills of God grind slowly, but the grind exceedingly small.
    (17) پير عيسيٰ، پير موسيٰ، وڏا پير پئسا.
    - Money makes the mare go.
    Money is the God of world.
    (18) جنهن جو بُڻ بڇڙو، تنهن جو ميوو سٺو نه ٿئي.
    - A wild goose never lay a tame egg.
    - As the seed, so the sprout.
    (19) جهڙو سنگ، تهڙو رنگ.
    - Tell me the company you keep and I will tell you who you are.
    - Bad company is the devil’s net.
    (20) ڪر چڱائي ڄٽ سان، ڦيري هڻي پٽ سان.
    - Kindness is lost upon an un grateful man.
    - To do good to the ungrateful is to throw rose water into the sea.
    - Save the thief from the gallows and he will be the first to cut your throat.

    (21) ڏاڍو سو گابو.
    - Might is right.
    (22) سکڻي ڪني، اڀامي گھڻو.
    - Empty vessel thunders much.
    (23) رات کي رات چئجي.
    - Why call a spade, a spade.
    (24) اجل، اَجھل آ.
    - Death keeps no calander.
    (25) ھمت مردان، مدد خدا.
    - God helps those who help themselves.
    سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم مرزا قليچ بيگ ”پهاڪن جي حڪمت“ نالي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو هو. اهو ”نئين سنڌي لائبريري“ سيريز اندر ڄيٺمل پرسرام ۱۹۲۵ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ۾ قليچ بيگ دنيا جي مکيه ٻولين جا چونڊ پهاڪا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنل آهن. اُن ڪتاب ۾ ۶۰۰ کن پهاڪا ڏنل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جو هيءَ پهريون مجموعو آهي. اِن جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته ال الڳ مُلڪن جي لهجن ۾ جيڪي پهاڪا آهن، اُنهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ويچارن جي هڪجهڙائي آهي. (مرزا قليچ بيگ، پهاڪن جي حڪمت، پبلشر ڄيٺمل پرسرام، نئين سنڌي لائبريري، حيدرآباد، سنڌ، ۱۹۲۵.)


    ۴.۳: سنڌي پهاڪن جو شاعريءَ جي علم موجب اڀياس:

    ۴.۳: سنڌي پهاڪن جو شاعريءَ جي علم موجب اڀياس:
    پهاڪا لوڪ ادب جو هڪ حصو آهي. اِن ڪري اُنهن ۾ ادب شاعريءَ جي خوبصورتي پاڻمرادو اچي وڃي ٿي. اِها خوبصورتي لفظن جي سگھ، النڪارن، ڇندن وغيره جي ذريعي پيدا ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي ذريعي معنيٰ کي خوبصورت طريقي سان ظاهر ڪرڻ ۾ شيليءَ يا عبارت جا اِهي مکيه جزا آهن. هتي ٿوري ۾ انهن تي ويچار ڪجي ٿو.


    ۴.۳.۱: سنڌي پهاڪن ۾ شبد شڪتي (لفظن جي سگھ):

    ۴.۳.۱: سنڌي پهاڪن ۾ شبد شڪتي (لفظن جي سگھ):
    جڏهن اسين ڪجھ ڳالهيون ٿا ته اُن ۾ اُچار ڪيل لفظن جي ذريعي اسان ڪنهن اَرٿ يا معنيٰ جو اظهار ڪريون ٿا. اُن مان صاف ظاهر آهي ته ٻوليءَ يا ڀاشا ۾ لفظ ۽ معنيٰ جو گڏ هئڻ تمام ضروري آهي. ادب ۾ ته شبد هين لفظ کان سواءِ معنيٰ ۽ ارٿ هين شبد (معنيٰ کان سواءِ لفظ) جو تصور ئي نه ٿعو ڪري سگهجي. ان ڪري ڪن عالمن ’ساهتيه‘ لفظ جي ويئتپتي (اشتقاق) ئي اِن ريت ڪئي آهي ته جنهن ۾ لفظ ۽ معنيٰ جي گڏ هئڻ جي حالت لازمي آهي. (سَهِتسيه ڀاون ساهتيم). ساهتيه ۾ ”ستيم شِوم ۽ سُندر“ جو سنگم آهي. اُهو هِتڪاري (فائديمند) آهي. اِن ڪري اُن کي ساهتيه چئجي ٿو. (س + هِت = فائديمند، هِت ڪار= ڪلياڻڪاري).
    بيان ۾ پرِسنگ موجب لفظ جي معنيٰ بدلجي ويندي آهي. مثال طور ”ڌوٻي گڏھ تي ڪپڙن جي هڙ رکي نديءَ ڏانهن وڃي پيو.“ هن جملي ۾ ’گڏھ‘ لفظ هڪ خاص جانور جو عڪس اسان جي ڌيان تي آڻي ٿو. پر جڏهن اسين ڪنهن شرارتي ڇوڪري کي ڇينڀيندي چئون، ’گڏھ! هي ڇا ڪُيئه؟ آرسي ڀڃي ڇڏيئه“. ته هن جملي ۾ ’گڏھ‘ لفظ جو ملب کڻبو. بيوقوف، مورک.
    ڀارتي ڪاويه شاستر (شاعريءَ جي علم) جي اُستادن معنيٰ جا ٽي قسم ٻڌايا آهن. اُن موجب هُنن لفطن جا به ٽي قسم مڃيا آهن. جنهن لائقي جي ڪري لفظ ڪنهن معنيٰ جو اظهار ڪن ٿا، اُن کي شبد شڪتي يا لفظ جي سگھ چئجي ٿو.
    (1) اظهار (Expression):
    هر هڪ لفظ جنهن طاقت ذريعي پنهنجي مکيه معنيٰ کي ظاهر ڪري ٿو، تنهن کي ’اڀڌا شڪتي‘ يا اظهار چئجي ٿو. اهڙي لفظ کي ”واچِڪ شبد“ ۽ اُن جي معنيٰ کي (Primary or liter meaning) چوندا آهن. جيئن ته، ڪتاب، وڻ، پکي، زال، مرد، گهوڙو، گڏھ، مينهن، گائون، وغيره لفطن جو اظهار ڪرڻ سان جنهن شيءِ پکيءَ، جانور شخص وغيره جو عڪس اسان جي دماغ ۾ پيدا ٿئي ٿو، اُهو اُن لفط جو ’واچيارٿ‘ يا اکري معنيٰ آهي. ڪهڙو لفط ڪهڙي معنيٰ جو اظهار لاءِ ڪتب اچي ٿو، اُهو اُن لساني سماج ۾ لوڪچار موجب مقرر ٿي ويو آهي.
    (2) لڪشڻا يا ڏَسُ(Indication):
    هر هڪ ٻوليءَ جي رواج موجب اُن ٻوليءَ جا گهڻيئي لفظ ٻي معنيٰ جي ڏسڻ لاءِ نمونا ٿي ويندا آهن. جيئن ته ”گڏھ“ لفظ بيان جي مفهوم موجب ’مورک، بيوقوف‘ معنيٰ به ٿئي ٿي. ”ٻگهلو“، ’ٻگھ پکي‘ کان سواءِ ’ٺڳ‘، ڌوکيباز، مڪار جي معنيٰ به ڏسي ٿو. مثال طور: ”هو اٿيئي ٻهگلو ڀڳتُ. هن کان سنڀالي وهنوار ڪجان“. هن جملي ۾ ’ٻگهلو‘ لفظ ’ٺڳ يا دوکيباز‘ مطلب طرف اشارو ڪري ٿو.
    ڪو به لفظ جڏهن بيان ۾ پنهنجي لفظي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ ڏسي ٿو، تڏهن لفظ جي جيڪا طاقت ڪم ڪري ٿي، اُن کي ’لڪشڻا شڪتي‘ (Power of indication) چئجي ٿو. اهڙي معنيٰ کي لڪشيارٿ (Metaphorical or secondary meaning) چئبو آهي. اِن قسم جي معنيٰ ڏسيندڙ لفظ کي ”لاڪشڻڪ شبد“ چئبو آهي.
    (3) تجويز يا اشارو(Suggestion):
    بيان ۾ ڪنهن ڳالھ جي حوالي ۾ جڏهن گهربل معنيٰ استعاري ذريعي نه ٿي ملي، تڏهن اُن تائين پهچڻ لاءِ لفظ جي جيڪا طاقت ڪم ڪري ٿي، ان کي وينجنا شَڪتي (Power of Suggestion) چئبو آهي. اهڙي معنيٰ کي ٽوڪ يا اشارتي معنيٰ (Suggested meaning) چوندا آهن ۽ اِن قسم جي معنيٰ ڏيندڙ لفظ کي ’اشارتي لفظ‘ (Suggesting word) چئبو آهي. مثال طور: ”هُن پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي هيتري ترقي ڪئي آهي.“
    هن جملي جي هڪ معنيٰ اِها آهي ته هُن شخص پنهنجي محنت ۽ عزم، طاقت سان هيتري ترقي ڪئي آهي، پر جيڪڏهن حوالي ۾ ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو بيان آهن، جيڪو ڪنهن شاهوڪار گهر مان پرڻيو آهي ۽ پنهنجي ساهورن جي مدد سان هن ترقي ڪئي آهي ته پوءِ چوندڙ جو اشارو اُن جملي جي ٻئي گهربل مطلب ڏانهن ٿيندو. اُن حالت ۾ ’ٻانهن‘ جو مطلب ٿيندو. زال، پتني.
    اُهو ضروري نه آهي ته جملي ۾ ڪنهن لفظ جي آڌار تي ئي وينگيارَٿَ (ٽوڪزني) حاصل ٿئي. ڪن حالتن ۾ ڳالهائڻ جو طريقو يا ڍنگ ۽ جنهن سان ڳالهائجي ٿو، اُن جي آڌار تي به ٻي معنيٰ طرف اشارو ٿيندو آهي. جيئن ته جڏهن ڪلاس ۾ ڪو ماستر مُشڪندي ڪنهن موڳي ڇوڪريءَ کي ٽوڪيندو چوي ٿو، ”تون ته امتحان ۾ ضرور پهريون نمبر ايندين.“ ته هتي جنهن کي چيو ويو آهي. اُن مان سمجهبو ته ماستر جو مطلب آهي- ”تون امتحان ۾ پاس به ٿي سگهندين، پر جي پاس ٿئين به ته پوين نمبرن ۾ هوندين.“
    هڪ شخص ٻئي کي چيو، ”تنهنجي مُنهن مان شيطاني پيئي جهلڪا ڏئي.“ ٻيو شخص به حاضر جواب هو. هُن هڪدم اڳلي کي چيو، ”مون کي اِها خبر ڪا نه هُئي ته مُنهنجو منهن ڪا آرسي آهي.“ هن گفتگوءَ جو آنند تڏهن ملندو جڏهن اِن مان اِشاري طور ملندڙ گهربل مطلب کڻون، جيڪو هن ريت آهي- ”سچ پچُ ته شيطان تون ئي آهين. پنهنجي بدمعاشيءَ جو عڪس منهنجي صورت ۾ پيو پسين.“
    اِن طرح ٽوڪزني جو گهڻو دارومدار بيان جي پرسنگ ۽ اُنهن جي حالتن تي به ٿئي ٿو، جن ۾ اُها ڳالھ چئي ويئي آهي.
    چوڻيون جيڪي پنهنجي لفظي معنيٰ ۾ ڪتب اچن ٿيون، اُنهن ۾ ’اَڀڌا شڪتي‘ (اَڀڌا شڪتي: لفظ جي قوت.) ڪم ڪندي آهي. اُنهن ۾ سڌو سنواٽو بيان هوندو آهي، يا چئجي ته اُنهن ۾ اظهار جي خوبصورتي نه هوندي آهي. مثال طور: ترتُ دانُ، مهاپُڃُ، (برڪت، خيرات معنيٰ وڏو ثواب.)
    - ڏُک بنا سُک ڪونهي.
    - جهڙو ديس، تهڙو ويس.
    - ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.
    ٻئي طرف ڏسجي ته پهاڪن ۾ اظهار جي خوبصورتي سمايل آهي. اُتي لڪشڻا (۲. لڪشڻا: Metaphor) يا وينجنا (ويَنجنا: Satire. فظ جي اُها طاقت جنهن جي رواجي معنيٰ جي بدران خاص مطلب نڪري.) ذريعي لفظي معنيٰ کي ڇڏي ٻيءَ گهربل معنيٰ کي ڏسين ٿا يا اُن طرف اِشارو ڪن ٿا. ڪجھ مثال ڏسو:
    - هِيانءَ تتي کان کُڙي تتي چڱي.
    (هن پهاڪي ۾ ”هِيانءَ تتي“ جو مطلب آهي ”اُهو ماڻهو جيڪو من ۾ دُکي پيو ٿئي.“ ٻئي طرف ’کُڙي تتي‘ جو مطلب آهي. ”پنڌ ڪري يا محنت ڪري ڪم کي پورو ڪرڻ.“ اِن طرح پهاڪي جي واڌو معنيٰ (secondary meaning) آهي- ٻيو ڪو اوهان کي نقصان پيو پهچائي، اُن ڪري دل ئي دل ۾ دُکي ٿيڻ کان بهتر آهي ته هڪ ڊوڙ ڪري اهڙي ڪوشش ڪجي جيئن خرابيءَ کي روڪي سگهجي.)
    - لڄُن تان لک قُربان.
    (پنهنجي گهر جي عورتن جي عزت بچائڻ لاءِ لکين رپيا به قربان ڪري ڇڏجن. هتي ’لج‘ لفظ جو اظهار (Expression) آهي. ’شرم، حياءُ ۽ اشارتاً ٻئي معنيٰ آهي ’عورت، زال‘.)
    - عشق انڌو آهي.
    (’عشق‘ لفظ جو لڪشيارٿ (ٻي معنيٰ) آهي. ’عاشق، عشق ڪندڙ‘. عاشق ڪو به آڳو پيڇو نه ٿو سوچي. هوُ جنهن تي فدا ٿئي ٿو اُن پٺيان انڌن وانگر گهمي ٿو ۽ کيس لوڪ- لڄ جي پرواھ نٿي ٿئي.)
    - چلھُ تي سو دِل تي.
    (هتي ’چلھ‘ جو لڪشيارٿ (ٻي معنيٰ) آهي گهر ۾ هڪ چلھ وٽ گڏجي کائيندڙ پيئندڙ. ’دِل‘ جي ٻي معنيٰ آهي يادگيري. مطلب ته جيڪي هڪ گهر ۾ گڏ رهن ٿا. پر ٻئي طرف پري رهندڙ وسري ويندا آهن.
    جن پهاڪن ۾ فاعل، فعل وغيره ڏيکاريندڙ لفظن جو لوپُ (حذف) ٿي وڃي ٿو، اُتي گڻو ڪري استعاري يا اشاري سان اسان کي گهربل مطلبُ ملندو آهي. جيئن ته:
    - هڻُ ڌيءَ کي ته سِکي نُڻهن.
    (هتي ڪرم ’ڌڪُ/ طعنو‘ لفظ جو لوپُ (حذف ٿيل) آهي، جيڪو اشاري سان اسين سمجهون ٿا. گهرب مطلب آهي ته تون هڪ کي طعنو هڻُ يا ٽَوڪ ته ٻيو پنهنجو پاڻ اُن مان سبق سکي ويندو.)
    - هاسي ڪَرهن جي ماسي.
    (لک ڀوڳ ڪرڻ جهيڙي جي ڀيڻ آهي. اشاراتي معنيٰ آهي ته اسان کي ڪنهن به ڌارئي سان کِل ڀوڳ نه ڪرڻ گهرجي يا مٿس ٺٺولي نه ڪرڻ گهرجي. اِن سان جهيڙي ٿيڻ جو اِمڪان آهي.)
    - هٿ جن جا هيئن پتڻ سي پهچن.
    (ندي پار ڪري ٻئي ڪناري جي پتڻ تي اُهي پهچي سگهندا جن جا هٿ هيئن يعني کُليل، پئسي خرچڻ لاءِ تيار آهن.)
    - سُورُ پوري ساٽيءَ کي ته ڏنڀجي گڏھُ.
    (بدن ۾ سُور پيو ساٽيءَ کي يعني مڇيون وڪڻدڙ کي ته هُن ڏنڀ ڏياريا پنهنجي گڏھُ کي. اشارتي معنيٰ آهي ته هڪ جا ساڙ ٻئي مان ٿو ڪڍي.)
    - نئين ڪُنوار نوَ ڏينهن، لٿي پٿي ڏھ ڏينهن.
    (هتي نئين ڪنوار جيو وينگيارٿ (اشارتي معنيٰ) آهي ڪا به نئين شِءِ يا گهر ۾ آيل ڪو به نئون ماڻگهو. اُنهن جو قدر يا مانُ ٿورا ڏينهن ٿئي ٿو اُن کان پوءِ وري ٻين سمان اُن سان وهنوار ڪيو وڃي ٿو .)
    اِن طرح لڪشڻا (پهرين معنيٰ) ۽ وينجنا (ٻي معنيٰ) شڪستيءَ ذريعي پهاڪن ۾ اظهار جي نرالائي اچي ٿي. اِن ڪري روزاني عام گفتگوءَ واري ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ پهاڪن جي ٻوليءَ ۾ خوبصورتي ۽ اثر به پيدا ٿئي ٿو.


    ۴.۳.۲: سنڌي پهاڪا ۽ النڪار (صنايع بدايع):

    ۴.۳.۲: سنڌي پهاڪا ۽ النڪار (صنايع بدايع):
    ’النڪار‘ جو مطلب آهي؛ ڳهڻو، زيور، زيب زينت، شاعريءَ جي علم ۾ النڪار يا صنايع بدايع اُن کي چئجي ٿو، جيڪي ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائن ٿا. يعني ٻوليءَ ذريعي ڪيل اظهار کي سهڻو ۽ دلڪش بڻائين ٿا. صَنايعُ بدائع کي سنڌيءَ ۾ ”رنگين زبان“ (Figures of speech) به چوند آهن.
    صنايع بدايع يا سينگار ٻن قسمن جا آهن:
    - شبد النڪار (لفظي صنعتون)
    - ارٿ النڪار (معنوي صنعتون)
    سنڌي پهاڪن ۾ اسان کي ٻنهي قسمن جون صنعتون يا صنايع ملن ٿا. هتي اُنهن جا ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    (الف) شبد النڪار (لفظي صنعتون):
    اِنهن ۾ لفظن ۽ آواز جي ذريعي اظهار جي خوبصورتي تي پيدا ڪئي ويندي آهي. لفظي خوبصورتيءَ جا مکيه قسم هيٺيئنءَ ريت آهن:
    (1) تجنيس حرفي: جيڪڏهن جملي جي لفظن ۾ هڪ يا گهڻيئي وينجن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هڪ ئي ترتيب سان اچن، تڏهن تجنيس حرفي پيدا ٿيندي آهي. هن صنعت استعمال گهڻو ڪري سڀني ٻولين جي پهاڪن ۾ ججهي تعداد ۾ ملي ٿو. اِن جو سبب اِهو آهي ته تجنيس حرفي جي ڪري پهاڪا جلدي ياد ٿي وڃن ٿا. سنڌي پهاڪن ۾ تجنيس حرفي گهڻو ڪتب آيو آهي، ڪجھ مثال ڏسو:
    - اڪن کان ٿو انب گُهري ۽ ٻٻرن کان ٻير.
    (جنهن وٽان ڪجھ ملڻ جو آسرو نه آهي، اُن ۾ ڪو آس رکي، تڏهن چئبو. هتي ’ٻ‘ وينجن لفط جي شروع ۾ ٻه ڀيرا آيو آهي.)
    - اٽو ٻاٽُ! چي؛ گهوٻاٽُ.
    (مان ڪريان اَٽي ۽ ٻاٽ جي ڳالھ، ته تُون سمجهين گهوٻاٽو يعني مُدگرُ يا ڏنڊو. هتي لفظن جي آخر ۾ ’ٽ‘ وينجن جو دهراءُ ٿيو آهي.)
    - ٻه ته ٻارنهن.
    (ٻڌي ۾ طاقت آهي. هتي ’ٻه‘ وينجن جو دُهراءُ آهي.)
    - سڳا سيئي سيڻ، پکا، جِني اوڏڙا.
    (جيڪي ويجهو ٿا رهن ۽ سُک دُک ۾ ڪتب ٿا اچن، سي ئي سڳا مائٽ آهن. هتي ’س‘ وينجن جو دُهراءُ آهي.)
    (2) گهڻ معنائون سينگار: جڏهن هڪ ئي لفظ رڳو هڪ دفعو ڪتب اچي، پر اُن جا اصل ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ مطلب نڪرن، تڏهن گهڻين معنائن وارو لفظ چئبو آهي.
    جيئن ته:
    - رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايمُ جَتَ سين. (شاھ)
    (رتيءَ جي رهاڻ لاءِ مُون پنهنجو جيءُ جت سان اڙائي ڇڏيو.)
    هتي ’رتي‘ لفظ جون ٻه معنائون آهن: (۱) پريم، ڪام (۲) ٿورو وقت.
    گرو چيلي جي سوال وارا ٻول پرولين وانگر مشهور آهن. اُنهن مان ڪي پهاڪن وانگر به استعمال ٿيندا آهن. اهڙن ٻولن ۾ گهڻين معنائن وارن لفطن جي صنعت ئي دوهي جو بنياد هوندي آهي. جيئن ته:
    - ڪرڙ وڻ نه وڻي، اوڏُ مِٽي نه چاءِ، بيمار سُتي نه پِيئي، ڪهو چيلا ڪِس ڀاءَ؟ گروُ جي! پسي نهين.
    (هتي پُسي لفظ جدا جدا معنيٰ ۾ کڻبو، تڏهن سوال جواب جو مطلب نڪرندو. ڪِرِڙ جو وڻ نه ٿو وڻي جو اُن ۾ پُسي (ڦل) ناهي. اوڏ مٽي نه ٿو کڻي، ڇاڪاڻ جو مٽي پُسي (آلي، ڀِنَل) نه آهي. بيمار سُتي نه ٿو پئي ڇاڪاڻ ته اُها پُسي (پاڻيءَ ۾ پُسيل) نه آهي.)
    (3) تجنيس تام: جيڪڏهن هڪ ئي لفط يا لفظن جو ميڙ جدا جدا معنائن ۾ هڪ کان وڌيڪ دفعا ڪتب اچي، تڏهن تجنيس تام چئبو آهي. جيئن ته:
    - وَر ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ور وڏو ڪيو. (شاھ).
    (منهنجي پريتم پُنهونءَ ۾ ته ڪو به دوکو نه آهي، پر ڏيرن مُون سان دولابُ يا دوکو ڪيو آهي.)
    (4) لفظي ورجاءُ: ڪنهن ويچار يا ڀاونا کي وڌيڪ دِلڪش ۽ پُرُ اثر بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن لفظ يا لفظي ميڙ جو ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دفعا دُهراءُ ڪجي ته اُهو ’پُنرُ ڪت النڪار‘ هوندو آهي.
    - گُگرُ گُگرُ پنڊا اَڙيا.
    (پِنڊيءَ ۾ گُگرُ رکيو هو ته جتي ڪٿي اُهو پنڊيءَ کي چنڀڙي پيو. ويچاري پنڊي ڄڻ ڦاسي پيئي.)
    - مَرسان مَرسان، پر ڊڀ نه چرسان.
    (مرندي مري ويندس، پر ڊڀ نه چرندس.)
    - ڌيري ڌيري ري مَنا، ڌيري سڀ ڪُڇ هو.
    (هرڪو ڪم آهستي آهستي پنهنجي وقت تي ٿيندو آهي.)
    - داڻي داڻي تي لکيل آهي کائڻ واري جو نانءُ.
    (هر هڪ داڻي تي ڌڻي سائين لکي ڇڏيو آهي ته اُهو ڪير کائيندو.)
    (ب) معنوي صنعتون:
    انهن ۾ لفظن وسيلي جيڪي مفهوم يا معنيٰ جو اظهار ڪجي ٿو، اُن معنيٰ ۾ سونهن سمايل هوندي آهي. ارٿا النڪار جا گهڻي ئي قسم آهن. اُنهن جا ڪجھ مثال هتي ڏجن ٿا.
    (1) مماثلت يا هڪجهڙائي: مماثلت ۽ تشبيھ ٻن شين جي وچ ۾ فرق هئڻ تي به اُنهن جي هڪجهڙي معنيٰ جي ڪري ڀيٽ ڪرڻ کي مماثلت چئبو آهي.
    - انڌو ۽ اڻسونهون، ٻئي هڪجهڙا.
    - تلوار جي گهاءُ کان زبان جو گهاءُ وڌيڪ تيز آهي.
    (ڪؤڙا لفظ ڳالهائڻ سان دل تي جيڪو زخم ٿئي ٿو، اُهو تلوار جي زخم کان به تکو آهي.)
    - مرض اچي گهوڙي وانگي تيزيءَ سان ايندي آهي، پر جُونءَ وانگر آهستي آهستي ويندي آهي.)
    (2) تشبيھ ۽ استعارو: استعاري ۽ تشبيھ جي وچ ۾ مشابه جو بيان ڪرڻ (يعني ڳُجهي ڀيٽ ڪرڻ) کي استعارو چئبو آهي.
    - پَتِ نَهن تي پاڻي آهي.
    - برهمڻ جو وچن سورج جي ساک.
    - غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
    - گهر جو پير، چُلھ جو مارنگ.
    (گهر جو پير چُلھ تي رکيل پٿرُ آهي.)
    - سنسارُ مها ڄارُ
    (سنسارُ وڏي مايا چارُ آهي.)
    (3) تمثيل: فقرن ۾ فرق ڄاڻندي به جڏهن اُن ۾ ڀيٽ کي ممڪن ڪجي، تڏهن تمثيل آهي. جيئن ته:
    - انڌي اڳيان آرسي، ڪر تئو ٽنگيو آهي.
    (انڌي اڳيان آرسي ٽنگڻ ائين آهي ڄڻ ته هُن جي اڳيان تئو ٽنگيو پيو آهي.)
    (ٻ) مبالغو: جڏهن ڪنهن ڳالھ جو حد کان وڌيڪ واڌاءُ ڪري بيان ڪجي، تڏهن ان کي مبالغو چئبو آهي.
    (4) ٻٽا فقرا: جڏهن هڪ ئي سادي مقصد کي ٻن جدا شين لاءِ الڳ جملن ۾ بيان ڪجي، تڏهن آهي، جيئن ته:
    - سسُ ري نه ساهُرا، ساليءَ نه نِينهن، چنڊ ري نه راتڙي، سج ري نه ڏينهن.
    (جهڙيءَ طرح چنڊ کان سواءِ رات ۽ سج کان سواءِ ڏينهن نه ٿو سونهي، تهڙيءَ طرح سَسُ کان سواءِ ساهُرا سهڻا نه ٿا لڳن.)
    - گهڻي زالين گهرُ نه هلي، گهڻي مردين هَرُ نه هلي.
    - هَسڻو جوڳي، پڏِڻي نار، گدُو چوي هَرُ نه هلي.
    (چرچو گهٻو ڪندڙ جوڳي ۽ پاڻ کي پڏائيندڙ عورت، اهي ٻئي ٺيڪ نه آهن.)
    - گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿو ڪؤڙي، ناچوُ ناچ نه ڄاڻي آکي ڀُون سوڙهي.
    (مطلب ته پاڻ ڪم نه ڪري سگهن ۽ پوءِ ڏوھُ ٻين کي ڏين.)
    - ڏکڻ مينهن نه وسڻو، وسي ته ٻوڙي، ڪانئر ڌڪُ نه هڻڻو، هڻي ته جهوري.
    (سنڌ ۾ ڏکڻ طرفان برسات نه هوندي آهي. پر جي آئي ته تمام گهڻو نقصان ڪندي آهي. ساڳيءَ طرح ڪانئر ڌڪُ نه هڻندو آهي. پر جي هنيائين ته تمام زور سان هڻندو آهي.)
    (5) لڪل مختلف معنيٰ واري خوبي: جتي عام يا خاص جي هُن کان الڳ ڳالھ وسيلي حمايت ڪجي. جيئن ته:
    - عادت نه مِٽي عادتي، عِلت مورُ نه جاءِ، اُٺ پوي ته جي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چُڻ چوڻ کاءِ.
    ڪتو بالغ ٿيڻ کان پوءِ ٽنگ کڻي مٽندو آهي.
    (عادت ڪڏهن به نه ويندي آهي. جيئن اُٺ جي عادت ڪنڊن وارا ٻوٽا کائڻ جي آهي ته هُو ڪڻڪ جي ٻني ۾ چرندي به اُتي چُوندي چُوندي پيو کائيندو.)
    (6) اڻ برابر ڀيٽ: جڏهن اهڙين ٻن ڳالهين کي گڏ بيان ڪجي جن جي وچ ۾ تعلق بي دليو، بي جوڙ آهي، اهڙو مفهوم جيڪو برابر نه هجي. اُن جا ڪجھ مثال ڏسو:
    - ڪٿي راجا ڀوڄُ، ڪٿي گنگو تيلي.
    (راجا ڀوجُ وڏو سخي ۽ سورهيه هو ته گنگو تيلي هڪ عام ماڻهو. ٻنهي جي برابري ڪيئن ڪبي؟)
    - ويئي، سِڱِنِ کي، ڪَن به ڪپائي آئي.
    (ڳئون، مينهن وغيره ويئي پنهنجا سِڱ گهڙائي سهڻا ڪرائڻ لاءِ، پر ماورڳو پنهنجا ڪن به ڪپائي آهي.)
    (7) صنعت تضاد: ڪنهن ڳالھ جو اهڙو بيان ڪجي جو اُهو تڪراري لڳي، پر حقيقت ۾ اُن ۾ تضاد نه هوندو آهي.
    - اُهائي زبان اُس ۾ وِهاري، اُهائي زبان ڇانوءَ ۾ وِهاري.
    (ماڻهو جيڪڏهن ڪوڙُ ڳالهائيندو ته دُک ڀوڳنيو، پر جيڪڏهن مٺو ٻوليندو ته مانُ پائيندو.)
    (8) طنز ملامت: ڪنهن جي خلاف چوڻ يا ٽوڪڻ کي اهڙي طريقي سان چئجي جو اُهو اُن کي خراب نه لڳي.
    چئي وڏو ته اُهو آهي، پر نانگن جي ديوتا کي سچي ڳالھ چئي ڪير رُسائي؟
    (9) ٽوڪبازي: جڏهن غير موجود جو اهڙي ڍنگ سان بيان ڪجي، جو اُن سن موجود جي ڄاڻ پئجي وڃي، تڏهن هيءَ صنعت آهي. هي صنعت گهڻن ئي پهاڪن ۾ ملي ٿي، ڇاڪاڻ ته پهاڪو اڪثر نه گهُربل ڳالھ جو بيان ڪري اُن ذريعي گهُربل مطلب کي ظاهر ڪندا آهن. جيئن ته:
    - مينهن پنهنجي ڪارنهِن ڏسي ڪا نه، ڳئون کي چوي هلُ ڙي پُڇ ڪاري.
    (برو ماڻهو پنهنجون برائيون ڏِسي ڪو نه ۽ ٻين ۾ ٿوري وڏ يا اُوڻائي ڏِسي به پيو کين ٽوڪي.)
    - ٻري تيلُ کامي وٽ، واھ ڙي ڏيئا واھ!
    (جلي ٿو تيل ۽ سڙي ٿي وٽ، پر هرڪو چوي ته واھ ڏيئو ته سٺو ٿو ٻڙي. گهُربل معنيٰ آهي ته وڙهن يا مرن هڪڙا، پر نالو ٿئي ٻين جو.)
    - سُڪن گڏُ آلا ڀرن.
    (لچُن سان گڏ هوندي، شريف به بدنام ٿي وڃن ٿا.)
    - هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارُون نه ماپن.
    (ٻه طاقتور ماڻهو هڪ هنڌ نه رهي سگهندا.)
    (10) متبادل ٻول: جڏهن سبب هڪ هنڌ هجي ۽ اُن جو ڪم اُتي نه ٿي ٻئي هنڌ ٿئي، اِن طرح ٻنهي جي گڏ هئڻ ۾ اختلاف محسوس ٿئي، پر اُهو سچ پچ نه هجي، تڏهن اُهو اسگنت الناڪر (بي جوڙ سينگار) آهي.
    - کائي وات، لڄائن اکيون.
    (کاڌو ته وات کائي ٿو، پر لڄ اچي ٿي اکين کي ته جنهن جو کاڌو اٿم، اُن سان وفادار رهان.)
    - سورُ پوي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏھُ.
    (جنهن کي سُور ٿئي ٿو، اُن کي ڏنڀ ڏجن ته هُن جو سُور لهي. پر هتي سوُر ٿئي ٿو ساٽيءَ کي ته هو ڏنڀ وري پنهنجي گڏھُ کي ٿو ڏياري.)
    - اٽو کاڌو ڪُوئي، مار پيئي گابي تي.
    (جيڪو ڏوھُ ڪري ته سزا اُن کي ملي، پر هتي اُبتي ڳالھ آهي. اٽو ڪُوئي کاڌو ته مار گابي کي ملي.)
    - وڙهن شينهن، لتاڙجن ٻوڙا.
    (شينهن جي لڙائيءَ ۾ ميدان تي گاھُ لتاڙجي ٿو.)
    (11) اڳ وٺڻ: جڏهن سبب نه هوندي به اُن جو ڪم ٿئي ٿو ته اُتي جهڙوڪر اڳ وٺڻ آهي. جيئن ته:
    (مسجد ٺهڻ کان اڳُ ئي فقير اچي اتي ڪٺا ٿيا آهن.)
    - پُٽُ پرڻايو ئي ناهي ته؟ پُڇي کٽ ڪٿي وجهان.
    (مائيءَ جي پُٽُ جي اڃا تائين شادي نه ٿي آهي، پر هوءَ پيئي ٻين کان پُڇي ته گهوٽ ڪنوار لاءِ بسترو ڪٿي وڇايا؟)
    - مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇھ پهر.
    (12) جيوت- روپ: بيجان شين جو جڏهن اِن ريت بيان ڪجي، ڄڻ اُهي ساھ واريون آهن، تڏهن جيوت- روپ آهي.
    - مرڻ مُهورتُ نه پڇي ڀڇي تٿ نه وارُ.
    (هتي موت جو ماڻهوءَ وانگر ذڪر ڪيل آهي. موت تاريخ يا ڏينهن پُڇي نه ايندو آهي.)
    - عشق انڌو آهي.
    (عشق انڌي انسان وانگر آهي، جيڪو پنهنجو ڀلو بُرو نه ٿو ڏسي سگهي.)
    - جاءِ چوي جوڙائي ڏسُ، شادي چوي ڪري ڏس.
    (مطلب ته جڳھ اڏائڻ ۽ شادي ڪرڻ ۾ پنهنجي اندازي کان وڌيڪ خرچ ٿي ويندو آهي.)
    - ڀِتيُن کي به ڪَنَ آهن.
    (نازڪ ڳالهيون زور سان نه ڪجن.)
    - هاسي ڪرهن جي ماسي.
    (کل ڀوڳ ڪرڻ، جهيڙي جي ڀيڻ آهي.)
    صنايع بدائع جي استعمال سان پهاڪن ۾ سونهن ۽ اثر پيدا ٿئي ٿو. انهن جو استعمال سهج سُڀاوَ پهاڪن ۾ نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جي انوکي اظهار يا معجزي جا گهڻي ئي نمونا آهن. اِن ڪري ’النڪار شاستر‘ ۾ مختلف اُستادن ۽ ماهرن جيڪي النڪار يا صنعتون ڄاڻايون آهن، اُنهن جو تعداد هڪ جيترو نه آهي. هتي فقط پهاڪن ۾ انهن جي استعمال جا ڪجھ مثال ڏنا ويا آهن. هتي سڀني انهن جو بيان ڪري انهن جي آڌار تي پهاڪن جي ورهاست ڪرڻ اسان جو مقصد نه آهي.


    ۴.۳.۳: سنڌي پهاڪن ۾ تُڪ:

    ۴.۳.۳: سنڌي پهاڪن ۾ تُڪ:
    پهاڪن ۾ تُڪ، کير ۾ کنڊ مثال آهي. جيئن کنڊ جو صحيح مقدار کير کي وڻندڙ ۽ سوادي بڻائيندو آهي، تيئن تُڪ جو صحيح استعمال پهاڪي جي خوبصورتي وڌائيندو آهي. پهاڪن جي ٺهڻ ۾ تُڪ جي وڏي اهميت آهي. تُڪ سان پورو ٿيندڙ پهاڪو آسانيءَ سان ياد ٿئي ٿو ۽ ذهن ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجو هنڌ ٺاهي ٿو. جيڪڏهن پهاڪو وسري وڃي ٿو ته تُڪ جي ڪري وري ياد اچڻ ۾ وڌيڪ دير نه ٿي لڳي. تُڪ سان پورو ٿيڻ وارو پهاڪو، خشڪ نثري پهاڪي کان وڌيڪ دِلڪش ٿئي ٿو. اِنهيءَ سبب ڪري تُڪ وارا پهاڪا عام ماڻهن ۾ جلد مشهوري حاصل ڪن ٿا.
    سنڌي پهاڪن ۾ تُڪ جو جيڪي مختلف صورتون ملن ٿيون. اُهي هن ريت آهن:
    (۱) ٻن حصن ۾ ورهايل تُڪ وارا پهاڪا:
    تُڪ سان پورا ٿيڻ وارا پهاڪا گهڻي ڀاڱي ٻن حصن ۾ ورهايل هُجن ٿا ۽ اُنهن حصن جا اکري لفظ تُڪ ۾ پورا ٿين ٿا. جيئن ته:
    - اک ڪڍڻ سؤکي، پر وجهڻُ اوکي.
    (ڪنهن کي نقصان پهچائڻ ته سؤلو آهي، پر اُن کي وري ٺيڪ ڪرڻ اوکو آهي.)
    - پيٽ ۾ نه جيسين روٽي، تيسين ڳالھ مڙئي کوٽي.
    (جيسيتائين ماڻهوءَ کي کاڌو نه مليو آهي، تيستائين هُو ڪو به ڪم ٺيڪ نموني سان نه ڪري سگهندو.)
    - بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي.
    (ڳالھ بڻجي ويئي ته سُٺي آهي، جي نه بڻي ته به حياتي گذراڻ لاءِ گُهربل وسيلا ڪافي آهن.)
    ڪافي پهاڪا اهڙا آهن، جيڪي ٻن حصن ۾ ورهايل ته آهن پر اُنهن جي ٻنهي حصن ۾ شروعاتي ۽ آخري لفظ ساڳيءَ تُڪ وارا آهن. جيئن ته:
    - چوري نه موري، موري ته به گهوري.
    (چوري ڪڏهن به فائديمند يا ڦل واري نه آهي، پر جي ڦلُ ڏئي ته به اُن کي گهوري ڇڏجي.)
    ڪجھ پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جن جي ٻنهي حصن جا آخري ٻه ٻه لفظ ساڳيءَ تُڪ وارا هجن ٿا.
    ڪي پهاڪا اهڙا هجن ٿا، جن جي ٻنهي حصن جا آخرين لفظ ساڳيا ئي هجن ٿا. مثلاً:

    تُڪن جو لڳاتار وهڪرو:
    ڪن پهاڪن ۾ لفظن جملن جا ٻنڌن (بندشون/ رڪاوٽ) ڪو نه ٿيندا آهن. اُنهن ۾ تُڪ پاڻيءَ جي وهڪري جيان لڳاتار هوندي آهي، جنهن سبب ڪري پهاڪي ۾ لئه پيدا ٿيندي آهي. جيئن ته:
    - ابي چاڙِهي، ادِي چاڙهي، مون نه چاڙِهي ته ڪنهن نه چاڙهي.
    (جيستائين مون پاڻ ڪمائي ڪري گهر نه هلايو آهي، تيستائين فقط ٻين جي ڪمائيءَ تي آسرو رکڻ، ٺيڪ نه آهي.)
    - اُٺُ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو.
    (اُٺُ کي لاڻو کائڻ سٺو لڳي ٿو، گهوڙي کي اناج کائڻ وڻي ٿو. مرد ناڻي سان سونهي ٿو ته زال وري ماڻا ڪرڻ جي ڪري سونهي ٿي.)
    ڪي پهاڪا اهڙا به ٿين ٿا جن کي حصن ۾ يا بندن (بيهڪن) ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي. اُنهن جي هڪ ئي بند ۾ تُڪ وارا لفظ هجن ٿا.
    - آتم گهاتي مهاپاپي.
    (آپگهات يا آتم هتيا (خودڪشي) ڪندڙ مهاپاپي (وڏو گناهگار) آهي.)
    - کيتي سر سيتي.
    (کيتي اُها آهي، جيڪا پنهنجي سر يعني پاڻ ڪجي.)
    - ڪماليت کي زواليت.
    (هر ڪمال کان پوءِ زوال هوندو آهي.)
    (۲) ٽن حصن ۾ ورهايل تُڪ وارا پهاڪا:
    گهڻيئي پهاڪا ٽن حصن يا بَندن ۾ ورهايل هجن ٿا، جن ۾ هر هڪ حصي جي آخرين لفظن جي تُڪ ملي ٿي. مثال طور:
    - اُٿُ به ناڻو، ويھُ به ناڻو، ناڻي بنا نرُ ويڳاڻو.
    (زندگيءَ جي هر قدم تي ناڻو يعني پئسي جي ضرورت آهي، اُن کان سواءِ ڪو به ماڻهو ويڳاڻو ٿي پوي ٿو.)
    - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
    (عيسيٰ موسيٰ، پيغمبر ٿي ويا آهن. پر هن سنسار ۾ انهن کان به وڏو پير پئسو آهي.)
    - آئون به راڻي، تُون به راڻي، ته ڪير ڀريندو پاڻي؟
    (هر ڪو پاڻ کي وڏو سمجهندو ته ڪم ڪيرُ ڪندو؟)
    - هڪ ڀيرو جوڳي، ٻه ڀيرا ڀوڳي، ٽي ڀيرا روڳي.
    (سڄي ڏينهن ۾ ضروري حاجت لاءِ جيڪو هڪ دفعو وڃي ٿو اُهو يوگي اهي، جيڪو ٻه دفعا وڃي ٿو، اُهو ڀوڳي يعني عياش آهي ۽ جيڪو ٽي ڀيرا وڃي ٿو، اُن کي بيمار سمجهڻ کپي.)
    - ڌُوڙ ڀَڪُليو ماءُ پرين، ڌن ڀڪُليو جوءِ پِرين، اَڇي ڪپڙين سسُ پِرين.
    (مٽيءَ ۾ راند ڪري ڌُوڙ سان ڀريل ٻار ماءُ کي وڻي ٿو. پئسي وارو مرد پنهنجي زال کي پيارو لڳي ٿو ۽ سُٺا ڪپڙا پائيندڙ ناٺي سسُ کي سٺو لڳندو آهي .)
    (۳) چئن حصن ۾ ورهايل تُڪ وارا پهاڪا:
    گهڻن ئي پهاڪن جي بناوت ڇند جي چئن مصرعن يا سِٽن مثل ٿئي ٿي. هيٺ ڏنل پهاڪن ۾ پڻ چئن سِٽن وارا مثال ملن ٿا، جن جي سڀني آخرين لفظن جي تُڪ پاڻ ۾ ملي ٿي. جيئن ته :
    - پنهنجو گهر، ڪِن سان ڪري ڀرُ، پرايو گهر، ٿُڪ اُڇلي ڏرُ.
    (پنهنجي گهر ۾ جيڪڏهن ڪو گندگي ڪري ٿو ته کيس ڪو به چوڻ وارو نه آهي. پر پرائي گهر ۾ ماڻهو ٿُڪ اُڇليندو ته به ڊڄندو ته متان ڪو کيس ڌمڪائي.)
    - ڌيئڙي سو ڪِر، جو ڏٺُئه ماءُ گهر، نُونهنڙي سو ڪر، جو ڏٺُئي سسُ گهر.
    (هتي ڌيءَ کي چيل آهي ته تون پنهنجن پيڪن ۾ پنهنجني ماءُ جي گهر جي رواج موجب هلت ڪر. پر جڏهن پرڻجي ساهُري گهر وڃين ته پوءِ ساهُرن جي ريتين ۽ رسمن موجب هل جيڪڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏي، تڏهن به هوءَ ماءُ جي جاءِ نه وٺي سگهندي.)
    - سِڪي سِڪي مڙس ڪيائين، ٻي جا ٻڌائين سڳي، اڳي کاڌائين لوڙھ مڇي، هاڻ لُڏڻ لڳي.
    (سِڪي سِڪي هُن شادي ڪئي آهي ته پاڻ کي ٺاھ ٺوھ ۾ گهڻو وقت ٿي وڃائي. اڳي ته هوءَ غريب گهر ۾ پلي هُئي، پر هاڻي شاهوڪارن ۾ شادي ٿيڻ تي پوءِ پاڻ تي گهمنڊُ غرور)
    حصن جي اندر تُڪ ملائڻ:
    سنڌيءَ ۾ ڪي پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جن جي چرڻ اندر تُڪ وارا لفظ سمايل هجن ٿا.
    - گهڻين زالين گهر نه هلي، گهڻين مردين هر نه هلي.
    (گهڻين زالن سان گهر جو گاڏو نه هلي سگهندو آهي ۽ گهڻن مردن سان کيتي نه ٿي سهگندي آهي.)
    - سؤکيءَ ڀائي سڀڪو، اوکيءَ تُون آڌار.
    (سُک ۾ سڀ ڪو ويجهو مائٽ بڻجي ٿو، پر اوکيءَ ويل ڌڻي سائين ئي سهارو آهي.)
    - اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾.
    (جيڪي ڏٺُئه ته موٽ ۾ توکي اوترو ئي مليو. ساڳيءَ طرح ڪنوار کي گهوٽ مليو ته وري گهوٽ کي ڪنوار ملي. اِن طرح ٻئي برابر ٿيا.)
    - ڪُني ڦُرائجي، ٻني نه ڦُرائجي.
    (دوستن سان گڏ ڀلي ونڊي ورهائي ويهي کائجي، پر جتان روزي روٽي ملي ٿي، اُن ۾ ٻئي سان حصيداري نه ڪجي.)
    - زالان ڌاوڻُ، مردان کاوڻُ.
    (زالن کي وهنجڻ گهڻو وقت نه لڳائڻ کپي ۽ مردن کي وري کاڌي پيتي ۾ اجائي ڊيگھ نه ڪرڻ کپي.)
    تُڪ ۽ انگ؟:
    ڪن پهاڪن ۾ انگن جو استعمال فقط تُڪ ملائڻ لاءِ اچي ٿو. جيئن ته:
    - آمو ڏھ گامو.
    (انبن جا وڻ ڏهن ڏهن وِکِن تي يعني هڪ ٻئي کان پري پري پوکجن ته ڦلُ ڏيندا.)
    - اسِي مت کسِي.
    (اسِي سالن جي عمر ۾ ماڻهوءَ جي ذهني قوت گهٽجي ويندي آهي.)
    تُڪ ۽ نالا؟:
    تُڪ ملائڻ لاءِ ڪِن پهاڪن ۾ اسم خاص به ڪتب آندا ويا آهن. مثال طور:
    - جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    (پئسي ۾ وڏي طاقت آهي، جيڪو ڪم پئسي جي معرفت ٿي سگهي ٿو، اُهو ڪم پوڻ تي راڻو وڏو ماڻهو به نه ڪري سگهندو.)
    - هُجيئي ڳنڍ ۾ ناڻو، ته گهُمُ خان لاڙڪاڻو.
    (ڳنڍ ۾ پئسو اٿيئي ته پوءِ لاڙڪاڻو گهُمُ يعني عيش ۽ آرام جي زندگي گذار.)
    تُڪ ۽ حقيقت؟:
    پهاڪا ماڻهن جي آزمودن تي ٻڌل هجن ٿا، اِنهيءَ ڪري اُنهن ۾ حقيقت هئڻ لازمي آهي، ۽ ٻئي پاسي تُڪ جي مدد سان پهاڪا وڌيڪ اثر پيدا ڪن ٿا. پهاڪن ۾ تُڪ ۽ حقيقت، ٻنهيءَ جي ساڳي اهميت آهي، پر جيڪڏهن تُڪ کي اهميت ڏيڻ سبب حقيقت جي قرباني ڪبي ته رڳو تُڪ جي ڀروسي پهاڪا گهڻي وقت تائين زندھ ڪو نه رهي سگهندا. اِنهيءَ لاءِ جن پهاڪن ۾ تُڪ ۽ حقيقت جي طاقت ساڳي هجي ٿي، اُهي پهاڪا مشهور ٿي گهڻي وقت تائين عام ماڻهن ۾ عام ٿين ٿا. تُڪ ۽ حقيقت تي ٻڌل ڪجھ پهاڪن جا مثال هن ريت آهن:
    - هاسي، ڪرهن جي ماسي.
    (کل مسخري جهيڙي جي ماسي آهي، يعني اُن مان مسئلا ٿين ٿا؛ اِن ڪري مهل ڏسي کِل چرچو ڪجي.)
    - هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو.
    (هڙ به گسي يعني خرچ به ٿئي ۽ ٻيا ماڻهو به پاڻ تان کلائجن، ٻه ڀائر پاڻ ۾ وڙهي ڪورٽ تائين به ويا، جنهن ۾ سندن خرچ ٿيا ۽ پنهنجو مانءُ به گهٽايائون.)
    - پيءُ سندس پيهُون ڪُٽيوُن، ڏاڏي سندس ڌاڻا، اڳي پُڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پُڇن ٿا ناڻا.
    (هيءُ پهاڪو تُڪ ۽ حقيقت جو بهترين مثال آهي، جنهن ۾ ناڻو يعني پئسي جي وڌندڙ اهميت جي حقيقت پيش ڪيل آهي.)


    ۴.۳.۴. سنڌي پهاڪا ۽ ڇند رچنا:

    ۴.۳.۴. سنڌي پهاڪا ۽ ڇند رچنا:
    ساهت يا ادب جي رچنائن يعني تخليق کي ميکه طور ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي آهن:
    (1) گديهَ يا نثر (Prose)
    (2) پديهَ نظم (Poetry)
    پديهَ رچنا يعني Poetry ۾ ڇند کي گهڻي اهميت آهي. ڇندن جا جدا جدا قسم آهن، جيڪي ماترائن يا ورڻن جي ڳڻپ، ورام يا يتِ (پابند ڪيل) لئه (آواز جي لهڻ ۽ چڙهڻ) ۽ تُڪ وغيره جي اصولن سان ٻڌل يا پابند هوندا آهن. ڇند جي ڪري نظم ۾ سنگيت جو ميٺاج پاڻ مرادو پيدا ٿي ويندو آهي. جنهن ڪري اُهو ٻُڌندڙن جي ذهن تي گهڻو اثر ڪندو آهي.
    نثر جي چاهي ڇند رچنا تخليق جي پابندي نه آهي، پر اُن ۾ لفظن جي چُونڊ، ورام ۽ لئه جي ذريعي موسيقيءَ جو ميٺاج پيدا ڪري سگهبو آهي. اهڙن رچنا کي لئه يلترنم وارو يا نظماڻو نثر (Rhythmic prose) چئبو آهي.
    شاھ لطيف، سچل، ساميءَ وغيره شاعرن جي شاعريءَ جا يا اُنهن جون تُڪون اڪثر پهاڪن وانگر مشهور ٿي ويون آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ ڇند جي پابندي به سمايل آهي. پر گهڻا پهاڪا روزمره جي تجربي جي پيدائش آهن. اِن ڪري اُنهن ۾ ڇند جي بندش رکيل نه آهي. هائو، سڀاويڪ طرح جيڪڏهن اُنهن ۾ موسيقي جي لئه ۽ ميٺاج اچي وڃي ٿو ته اُها ٻي ڳالھ آهي. گهڻو ڪري پهاڪن ۾ تجنيس حرفي يا تُڪ لئه جو جزو مکيه هوندو آهي. اِن ڪري پهاڪا جلدي ياد ٿي وڃن ٿا ۽ ذهن تي گهڻو اثر ڪن ٿا.
    ڇند جي لحاظ کان پهاڪن کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڇند ۾ ماترائن يا ورڻن جي ڳڻپ جو ڌيان رکبو آهي.
    (1) ڇند ۾ٻڌل پهاڪا (Proverbs in verses)
    (2) لئه ۾ ٻڌل پهاڪا (Proverbs with rhythm)
    (3) نظماڻي نثر وارا پهاڪا (Proverbs in Poetic prose)
    (4) سدا ڇند بغير نثري پهاڪا (Simple prose utterances)
    (1) ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين، لڏيو لاڏاڻو ڪيو، پنهنجي ديس وڃن. (شاھ)
    (پنهنجي ديس وارن سان پريت ڪجي، پرديس پرين تي ڪهڙو اعتبار؟ هو ته پريم جو پيچ پائي، پوءِ لڏي پنهنجي ديس هليا ٿا وڃن.)
    - وَڳر ڪيو وتن، پِرِت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن ماڻُهان ميٺُ گهڻو.
    (پکين کي ڏسو ته هُو ڪيئن پاڻ ۾ وڳر ڪيو اُڏامن ٿا. هُو ڪڏهن به پريم جي پيچ کي نه ٿا ڇنن. هنن ۾ ته ماڻهن کان به وڌيڪ پاڻ ۾ سِڪ ۽ پريم آهي.)
    - سامي سڀُ ديدارُ، اٿيئي عجيبن جو، تِراڪارُ آڪارُ، ڌاري آيو جڳ ۾.
    (سامي چوي ٿو ته هن دينا ۾ جيڪي ڏسان ٿو سو سڀُ ڌڻي سائين جو پسارو آهي. هو پاڻ ئي ٻُڌي ٿو، ڏسي ٿو ۽ ٻولي ٿو. نراڪار (بي شڪل) نرگڻ (بي صفات) ڌڻي سائين هن جڳت ۾ آڪاسر (مختلف روپ) اختيار ڪري انسان جي شڪل ۾ جنم وٺي آيو آهي.(
    - ڄٽيءَ سُٽُ پُسايو، واڻئي وِڌيسِ وٽِي، ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو، واڻئي ليکي چٽي، مُٺي سائي ڄٽي، ته مُٺي سائي ڄٽي.
    (ڄٽي سُٽُ پسائي واڻئي کي وڪڻڻ ويئي ته آلي سُٽ جي تور گهڻي ٿيندي. واڻيو وڌيڪ سياڻو هو. هُن وري ڪُوڙآ وَٽَ وجهي ڄٽيءَ کي تور ۾ ٺڳي ڇڏيو. نتيجو اِهو نڪتو جو هن سودي ۾ ڄٽي ٺڳجي ويئي.)
    - پڻس سندس پيهون ڪُٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا، اڳي پُڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پڇن ٿا ناڻو.
    (هُن جو پيءُ پيهون ڪُٽيندو هو ۽ ڏاڏو ڌاڻا ڪُٽيندو هو. اڳي ته ذات پات کي ڌيان ۾ رکي مِٽي مائٽي ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ته ناڻو ٿا ڏِسن.)
    - انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سيرُ ڀاڄي، ٽڪي سيرُ کاڄا.
    (چرئي راجا جي راڄ ۾ انڌير آهي؛ ڀاڄي ۽ کاڄا ساڳئي اگھ تي پيا وڪامن.)
    - ڏُک سُکن جي سُونهن، گهوريان سُک ڏُکن ري.
    (زندگيءَ ۾ ڏکُ سُور سهڻ کان پوءِ ملندڙ سُکن جو قدر ٿئي ٿو. اِن ڪري اُهي سک مان ڇڏي ڌيان، جيڪي ڏکن کان سواءِ ملن ٿا.)
    ڇندن يا بيتن جون تُڪون:
    - اندر تُون اُجار، پنا پڙهندي ڪيترا؟
    (تُون پنهنجي من کي صاف ڪر. ڌرم جون پوٿيُون (مذهبي ڪتاب) ڪيتريون پڙهندين؟)
    - ڇاجي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهُن ڏنگومَ ٿئي.
    (جيڪڏهن ڏير خراب ٿيا ته اُنهن مان مون کي ڪهڙو نقصان رسندو؟ شال منهنجي قسمت خراب نه ٿئي.)
    - جنين هٺُ هاريو، تنين جيتيو جڳ کي.
    (جن غرور، کي وڃايو آهي، تن هِن سنسار تي سُوڀ پاتي آهي.)
    - پَتِت کي پاونُ سامي ڪيو ستگُروءَ.
    (ستگروءَ (مُرشد) پنهنجي مهر جو هٿ ڌري پاپيءَ (گناهگار) کي به پوتر (پاڪ) ڪري ڇڏيو آهي.)
    (2) لئه ۾ ٻڌل پهاڪا:
    اُنهن پهاڪن ۾ تُڪبندي هوندي آهي، پر لئه جو استعمال صاف نظر اچي ٿو. اِن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    - سيد ۽ سپاهي، تنهن کان رکج يا الاهي.
    (سيد ۽ سپاهي، ٻئي وسياھ جوڳا نه آهن.)
    - عامل نه دوست، ڦڦڙ نه گوشتُ.
    (جهڙي طرح ڦڦر گوشت وانگر نه کائبا آهن، تئين سرڪاري ڪامورو به اوکيءَ ويل دوستي نه نڀائيندو آهي.)
    - ڌڪُ هڻ ڌيءَ کي ته سِکي نهن.
    (پنهنجي ڌيءُ کي ڌمڪي ڏي ته نهن پاڻيهي سِکي ويندي .)
    - پرڻُ چوي ڏُونگهي کي، هلُ ڙي ٽِٽُنگُا.
    (پرڻ پنهنجا سوراخ ڪو نه ٿو ۽ ڏُونگهي کي چوي ٿو ته تو ۾ ٽي ٽنگ آهن.)
    لئه جو ميٺاج پيدا ڪرڻ لاءِ پهاڪن ۾ گهڻو ڪري پابند ڪيل، تجنيس حرفي يا لفظن جي دُهرائڻ جو استعمال نظر اچي ٿو.
    - آزمائي کي آزمائي، سو ڌوُڙ مُنهن ۾ پائي.
    (پرکيل کي وري پرکبو ته پاڻ کي ئي خراب ڪبو.)
    - جهل رن کي ته لَڏ پيئي وڃي، جهل لَڏ کي ته رن پيئي وڃي.
    (هڪ شيءِ کي سنڀال ته ٻي هٿن مان نڪري وڃي.)
    - آرسي ڙي آڙسي، مُون جهڙو ڪو ٻيو؟
    (جيڪو پاڻ کي سهڻو سمجهي ۽ رڳو ٺاھ ٺُوھ ۾ وقت وڃائي، اُن لاءِ چئبو آهي.)
    - آيا مير، ڀڳا پير.
    (زورآور ماڻهن جي اچڻ سان ڪمزور ڀڄي ڪنارو ڪن.)
    - ٻٻرن کان ٿو ٻير گُهري.
    (اُن ماڻهو لاءِ چئجي جنهن مان ڪمُ سِڌ نه ٿي سگهي.)
    (3) نظاماڻي نثر وارا پهاڪا:
    - آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريُون.
    (ڄاڻي واڻي جيڪو جهڳڙو ڪرڻ چاهي تنهن لا چئبو.)
    - ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي، ڪنهن نه چاڙهي.
    (جيستائين مون خود ڪوشش ڪري نه ڪمايو آهي، تيستائين ٻين جي ڪمائيءَ تي جيئڻ ۾ ڪهڙو لاڀ؟)
    - اٽو کاڌو ڪُوئي، مار پيئي گابي تي.
    (ڏوھ هڪ ڪيو، پر اُن جي سزا ٻئي کي ڀوڳڻي پيئي.)
    - اُهي وڻ به ويا، واهيرا به و يا.
    (اُهي وڻ ۽ اُنهن تي ٺهيل آکير ٻئي ختم ٿي ويا. مطلب ته سٺو سمو گذري ويو.)
    - اڇي پڳ مَ پسُ، اندر مڙيئي اڳڙيُون.
    (ٻاهرين چمڪ دمڪ تي موُهت نه ٿيءُ. اُن شيءِ جي اندر سادو مالُ آهي.)
    - ٻري تيل، کامي وٽِ، واھ! ڙي ڏيئا واھ!
    (قرباني ڏين هڪڙا، ته نالو ٿئي ٻين جو.)
    (4) بنا ڇند يا سادا نثري پهاڪا:
    - وڏن ۾ وڏي ڪلا.
    (بزرگن ۾ گهڻي سياڻپ هوندي آهي.)
    - اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
    (وڏي ڄمار واري سان ننڍي ڄمار واري ڇوڪري پرڻجي، تڏهن چون)
    - اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهجي.
    (مطلب ته سُستي ڇڏي هرڪو ڪم جلد ڪجي.)
    - کچڻي نه آهي جا کائي وٺبي.
    (مطلب ته کچڻي کائڻ جهڙو سؤکو ڪم نه آهي.)
    - اڱرن پِيٺي، هٿ ڪارا.
    (خراب ڪم ڪبو ته بدنامي ٿيندي.)
    - اَن جو مُنهُن، جنڊ ڏي.
    (ماڻهو جتي روزي روٽي ڪمائي ٿو، اوڏانهن ئي ويندو.)
    - انڌن ۾ ڪاڻو؛ راجا.
    (اڻ پڙهيلن ۾ ٿوري ڄاڻ وارو به ليکجي ٿو.)
    - اِنسان، خطا جو گهر آهي.
    (اِنسان کان ڀُل چُڪ پيئي ٿيندي آهي. هُو مڪمل نه آهي.)
    - هڪ تندرستي، هزار نعمت.
    (جيڪڏهن ماڻهو تندرست آهي ته هُو دنيا جُون هزارين نعتمون ماڻي سگهي ٿو.)
    - بڇڙو ڪتو، ڌڻي پُڻائي.
    (ڇتو يا ڀؤڪندڙ ڪُتو ٻين کي ڏاڙهي پنهنجي مالڪ کي بدنام ڪندو آهي.)


    سنڌي پهاڪن جو سماجي ۽ ثقافتي اڀياس

    ۵.۱ سنڌ جا تاريخي پهاڪا:

    آکاڻيون، قصا ۽ داستان لوڪ ادب جو حصو آهن، جن جو سلسلو ڀارت ۾ سيني به سيني نسل در نسل هلندو پيو اچي. ڀارت ۾ گاٿائُن (ڪٿائن) جي روايت تمام جُهوني آهي. ’گاٿا‘ سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جو استعمال رگ ويد ۽ برهمڻ گرنٿن (ڪتابن) ۾ به ملي ٿو. جيئن ته، ”سُوريا ڀدرمِدَواَسو گاٿيئيتِ پَرِشڪرتَم.“ (ويدن واري دور ۾ هندو ڌرم موجب: ”گهوڙي جي قرباني جي رسم“.) (رگ ويد، م. ۱۰. اَ. سؤ ۸۵، منتر ۶)
    جهوني وقت کان وٺي ڪجھ راجا، راڄ گهراڻي، شخص ۽ خاص جي اهم ڳالھ عام ماڻهن کي ٻڌائڻ لاءِ گاٿا جو استعمال ٿيندو پيو اچي. راجائن جي ڪردار جي ساراھ ۾ پڻ گاٿائون ڳايون وينديون هيُون. تاريخي گٿائن جي روايت مهاڀارت جي دؤر ۾ به نظر اچي ٿي. مهاڀارت ۾ راجا دُشينت جي پُٽ ڀرت بابت انيڪ گاٿائون ملن ٿيون.
    ’گاٿا‘ لفظ جي سنڌيءَ ۾ شڪل بدلجي ’ڳاھ‘ سنڌي شاعريءَ جو آڳاٽو نمونو آهي. هن لفظ جو لاڳاپو ڳائڻ سان آهي. ڏسجي ته سنڌ جا تاريخي پهاڪا هڪ طرف سنڌ جا تواريخي، نيم توارخي قصا، ڪهاڻيون ۽ گاٿائون ئي ته آهن، جن کي سنڌ جي چارڻن ڀاٽن، منگتن ڳائي مشهوريءَ جي اوج تي پهچايو آهي.
    هتي اڳا ڳالھ چوڻ اجائي نه ٿيندي ته موضوع جي خيالن کان گاٿائن جو بنياد هميشه حقيقتن تي ٻڌل ڪو نه هوندو آهي. گاٿائن ۾ ڄاڻ- اڻڄاڻ ۽ اُتساڳ سببان ڪي غير حقيقي ڳالهيون ۽ ڏند- ڪٿائون پڻ سمائجي وڃن ٿيون. تنهنڪري هِتي تاريخي پهاڪن جي بنياد ويچارن کي پوري ريت تاريخي سچائي سمجهي قبول نه ڪرڻ کپي. ها‘ اها پڻ غور طلب ڳالھ آهي ته جن وارداتن، شخصن، حالتن، هنڌن ماڳن جو بيان مُلڪ جي لِکيل تاريخ ۾ نه ٿيو آهي، اُهي پهاڪن ۾ سلامت ملن ٿيون.
    پهاڪا گذريل دؤر کي ڄاڻڻ، سمجهڻ لاءِ بهتر تحفا هوندا آهن. پهاڪن ۾ اها قوت هوندي آهي، جنهن جي معرفت اسين پنهنجي تاريخ کي سهڻي نموني سمجهي سگهون ٿا.
    اسين تاريخي پهاڪن کي هت هيٺين مکيه حصن ۾ ورهائي اُنهن تي ويچار ڪنداسين.
    (1) شخص متعلق
    (2) وارداتن متعلق
    (3) نيم تاريخي لوڪ ڪٿائن متعلق
    (4) آڳاٽين حالتن متعلق
    (1) شخص متعلق:
    تاريخ بابت ڄاڻ ڏيندڙ وسيلن ۾ شخصن جو خاص مقام ٿيندو آهي. مشهور عالم البرٽ آئنسٽائن پڻ چيو آهي ته: ”انسان جي زندگيءَ جي گاڏي هلائڻ لاءِ ملڪ بدران انسان جي پنهنجي خبرداري، عظمت ۽ تخليقي قوت (پنهنجي پاڻ مان ڦٽي نڪرندڙ قوت) کي ئي مان وڌيڪ ڪارائتو سمجهندو آهيا.“ تاريخي شخصيتن جي طاقت، جفاڪشي، تياڳ ۽ سخاوت عام ماڻهن لاءِ يادگار ۽ اُتساھ ڏيندڙ ٿيندا آهن. اِنهن گڻن جي مدد سان ڪو شخص سماج ۾ گهڻي مشهوري حاصل ڪري ميل جو پٿر بڻجندو آهي. سنڌ ۾ پڻ ڪي اهڙا اعليٰ شخص آهن، جن سماج کي نئون رُخ ڏنو آهي ۽ پنهنجي بهترين وهنوار سببان هوُ سڀني جي زبان تي چڙهي پهاڪا جي رُوپ ۾ روشن مينار جيان امرس ٿي بيٺا آهن. تاريخي پهاڪن ۾ شخصن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    - ”جُهولي لال سائين، ٻيڙا ٻنين لائين.“
    اها سنڌيءَ ۾ هڪ مشهور چوڻي آھِي. مطلب ته هي جهولي لال سائين، اسان جا ٻيڙا ڪنارن تي سلامت پهچائجانءِ. يعني اسان جي اوکيءَ ويل حفاظت ڪري اسان کي سڦل بڻائجانءِ.
    سنڌ ۾ گهڻن ئي پهتل شخصن جو جنم ٿيو آهي، جن کي هندُن اوَتاري ماڻهو ۽ مسلمانن پير ڪري پوڄيو آهي. وقت گذرڻ کان پوءِ اهڙن شخصن سان گهڻا ئي نيم تاريخي واقعا ۽ ڏند ڪٿائون جڙي ويون آهن. اهڙن ڪن پهتل شخصن ۾ اُڏيرولال، جنهن کي جهولي لال پڻ چيو ويو اهي، تنهن جو نالو پهرين نمبر تي اچي ٿو.
    جهولي لال سنڌ جو الله لوڪ ٿي گذريو آهي، جنهن جي پوڄا هاڻي ڀڳوان جي روُپ ۾ ٿيندي آهي. جهولي لال سان جُڙيل هڪ ڏند ڪٿا موجب سنڌ جي هندن کي اتان جي مسلمان حاڪم مرخ شاھ جي ظلمن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ هندو ڌرم جي حفاظت لاءِ هن اوُتاري انسان نصرپور ۾ سن ۹۵۰ع (وڪرمي سنبت ۱۰۰۷) ۾ چيٽي چنڊ ڏينهن راءِ رتن چند ۽ ماءُ ديوڪيءَ جي گهر جنم ورتو.
    هيءُ عظيم انسان ورڻ جو اَوَتار (پاڻيءَ جو ڀڳوان) ليکيو وڃي ٿو. اِن ڪري سنڌي هندُو درياشاھ جي رُوپ ۾ سندس پوڄا ڪندا آهن، بهراڻا (ڏيئا ٻاري دريا ۾ اُن کي وهائڻ جي رسم ادا ڪرڻ.) ڪڍندا آهن ۽ ڇيڄ (سنڌي هِندُن جو لوڪ ناچ.) وجهندا آهن. جهولي لال کي اڏيرو لال، لال صاحب، لال سائين، امر لال يا جندھ پير ڪري به سڏيندا آهن. جهولي لال جي استُتي (ساراھ) ۾ ’پنجڪڙا‘ (پنجن مصرعن تي ٻڌل ڀڄن) رچيا ويا آهن. سنڌي ٺاڪُرن امر لال جي جوت جڳائي ”درياءَ پنٿ“ شروع ڪيو ۽ ڪيترائي سنڌي هندو سندن چيلا آهن. هن پنٿ جي پوئلڳن کي ”درياءَ پنٿي“ چئجي ٿو. مسلمان پڻ مرخ شاھ جي واقعي بد اڏيري لال جي زنده پير يا خواجا خضر جي شڪل ۾ مڃيندا آهن.

    - ”وهڻ مُنڍو ئي ناهي، دلُو پُڇي نار کي“.
    دلوُراءِ هڪ بداخلاق ۽ ذليل ذهنيت وارو حاڪم ٿي گذريو آهي. سر ايڇ. ايم. اليٽ ”تاريخي طاهريءَ“ جو حوالو ڏيندي پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف سنڌ“ واليوم-۲ جي صفعي چوٿين ۽ پنجين تي لکي ٿو ته:
    ”الور ۽ محمد طوُر ڳوٺن جي درميان جيڪو به ملڪ هوندو هو، تنهن تي راجا دلوُراءِ راڄ ڪندو هو. هو وڏو ظالم ۽ زاني هو ۽ هر ڪنهن رات ڪنهن نئين عورت سان هم بستر ٿيندو هو. جيڪي به سوداگر، هندستان کان سامان جا ٻيڙا ڀرائي، ديبل بندر ڏانهن ويندا هئا، تن کي لازمي طور الور کان لنگهڻو پوندو هو. دلوُراءِ، کانئن مال جي اڌ جيترو محصول هتان هڪڙو وڏو سوداگر اچي لنگهيو، جو محصول جي ڳاٽي ڀڳي خرچ جو ٻُڌي، تپرس ۾ پئجي ويو.“
    اِهو سوداگر ڪير هو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن بابت ’تحفته الڪرام‘ نالي ڪتاب جي صفعي ۲۲۳ ۽ ۲۲۴ تي لکيل آهي ته:
    ”هي عزت وارو ۽ ناليوارو سوداگر سيف الملوڪ جي نالي سان مشهور هو ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هو اصل ۾ شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن وڃي رهيو هو. هوُ هِن نالائق جي ڪارنامن کان بي خبر، اچي سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ ”بديع الجمال“ نالي هڪ سهڻي زال به هئي.“
    محصول جي عملدارن، سيف الملوڪ جي نالي کي نهايت قيمتي ۽ بيش بها سمجهي، ڳرو سُنگُ هڪ طرف رکايو ۽ ٻئي طرف وري سندس زال کي راجا جي محالت ۾ پهچائڻ جو ارادو رکيو. جڏهن راجا ٻڌو ته سوداگر سان گڏ سندس زال، پري جمال، پري جمال، حُسن ۾ بيمثال ۽ باڪمال آهي تڏهن ڇتو ٿي پيو. هَوَسَ جو ڀوت سندس گردن تي ايتري قدر ته سوار ٿيو، جو ويچاري سوداگر کي خوامخواھ ۾ تنگ ڪرڻ لڳو. آخر سوداگر عرض ڪيو ته ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيو، جنهن بعد معصول ۽ بديع الجمال پيش ڪندس.
    سيف الملوڪ، اِنهن ڏينهن ۾ هڪ پاسي خالق اڪبر کي ستائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي وڏا وڏا ڪاريگر جيڪي سرنگ هڻڻ ۽ جَبل ٽاڪڻ ۾ فرهاد جا استاد هئا ۽ بند سڪندريءَ جهڙي ٻنڌ ٻڌڻ ۾ اڻگسُ هئا، تِن کي ڪوٺائي، دل گهريا انعام اِڪرام ڏنائون. سوداگر جو مطلب هو ته الور کان هڪڙو مظبوط بندُ ٻڌايان، جنهن ڪري درياھُ پنهنجو رُخ ڦيرائي، بکر ڏانهن وهڪري ڪري. اُهي ڪاريگر، راتين جون راتيون جاڳي، نديءَ جو پيٽ ۽ ٻند ٻَڌي چُڪا. هڪ ئي رات ۾ درياھ پنهنجو اڳوڻو وهڪرو ڦيرائي سيوهڻ ۽ لڪيءَ ڏانهن اهڙو زور شور سان وهڻ لڳو، جو خدا جي قدرت سان سوداگر سيف الملوڪ جا غوراب، ظالم دلوراءِ جي پرڳڻي کان نڪري ويا. صبح جو ظالم راجا ۽ سندس رعيت نند مان اُٿي ڏسن ته مار! جتي پاڻي پئي وهيو، اُتي هاڻي رڳو گپ لڳي پيئي آهي. اِهو ڏسي رعيت ۽ راجا حيران ٿي ويا.“
    محمد صديق پيرزادي جي لکيل قلمي نسخي ”تاريخ سنڌ“ ۾ مٿئين روايت جي علاوه هڪ ٻي روايت به ڏنل آهي، جا سندس عبارت ۾ ڏجي ٿي:
    ”هن بادشاھ (دلوراءِ) جي زال، تمام حُسن واري هئي، جنهن جي حُسن جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهوري ٿي ويئي. قنڌار جو هڪ هندو بادشاھ هن جي حسن جي هاڪ ٻُڌي، پرپٺ ئي هُن تي عاشق ٿي پيو. اهو سامان سوداگر جو کڻي، ٻيڙا ڀرائي، روانو ٿيو ۽ اچي سنڌ تي آيو. احوال ڏنائين ۽ ٻيا تحائف عجيب و غريب آندائين. هُو بادشاھ وٽ گهڻو ايندو ويندو هو. پاڻ ۾ دوستي ٿي وين، پر مخفي طرح مطلب جي ڳولها پئي ڪيائين. ڳُجها وڪيل ۽ ڌُوتيون پئي موڪليائين. آخرڪار راڻيءَ جواب ڏنو ته مون تي سخت بندش آهي، توسان ملڻ نه ٿيندو، مگر ڪا زمين مان ڳجھي سُرنگھ کڻائي، اُنهيءَ مان هلجي، باقي اُن کان سواءِ اچڻ جو ڪو چارو ڪو نه آهي. پوءِ اُنهيءَ سوداگر ڪوشش ورتي. اُنهيءَ بندر کان ڳجُهي سُرنگھ، زمين مان کوٽائي، پڪين سِرن سان ونگُ ٻڌائي، پُختي ڪري گچ هڻائي، تيار ڪرايائين، جيڪا راڻيءَ جي ماڙيءَ ۾ اچي داخل ٿي. مُخفي دري ٺهرائي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن راڻي اُن دريءَ مان لنگهي، جهاز ۾ آئي. سوداگر بادشاھ جي دعوت ڪئي هُئي، سو بادشاھ به اُتي آيو هو. راڻيءَ بادشاھ جي مانيءَ تيار ڪئي. بادشاھ ۽ سوداگر گڏجي ڪري اُها ماني کاڌي. اِن تي بادشاھ کي شڪ پيو ته اِها ماني ته پنهنجي گهر جي مانيءَ جهڙي آهي. وري اڃا دريءَ تي نظر ڪيائين ته اوچتو راڻيءَ تي نظر پيس. سوچڻ لڳو ته هوءَ هتي ڪيئن آئي؟ شايد ماڻهو، ماڻهن جهڙا آهن. پوءِ سوداگر کان پڇيائين ته، ”هيءَ ڪير آهي؟“ سوداگر وراڻيو ته ”منهنجي زال آهي.“ بادشاھ چيس ته ”هُن کي سڏ ڪرينس ته اسان سان اچي ڪري ماني کائي. تنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ ڪو فرق نه آهي.“ پوءِ لاچار ٿي سوداگر هُن کي ڪوٺيو. راڻي اچي ويٺي، پر بادشاھ فڪر ۾ پئجي ويو ته هيءَ هتي ڪيئن آئي؟ ۽ هاڻ اسان سان گڏ اچي ويٺي آهي. جيڪڏهن هن سوداگر جي زال آهي، پر شڪل ته منهنجي راڻيءَ جهڙي ئي اٿس. بادشاھ پوءِ پنهجيون پنج ئي آڱريون ڪنهن ٻوڙ ۾ ٻوڙي ڪري راڻيءَ جي ساڙهيءَ تي ائين نشان ڪري ڇڏيا جيئن کيس خبر نه پوندي.
    پوءِ جلد بادشاھ، ماني کائي روانو ٿيو ۽ راڻي به سُرنگھ جي رستي کان تِکي وڃي، پنهنجي ماڙيءَ ۾ رئو مٿي ۽ پيرن تي پائي سمهي پيئي. بادشاھ به ٿوريءَ دير بعد اچي اُنهيءَ ماڙيءَ تي پهتو. درُ کولي ڏسي ته راڻي سمهي پيئي آهي ۽ سندس ساڙهيءَ تي رس جو نشان چٽو بيٺو آهي. بادشاھ موٽي شاهي درٻار ۾ آيو. اميرن، وزيرن کي گهُرائي احوال ڪيائين. سڀني صلاح ڏني ته، ”في الحال درياھ جي اولھ ۽ اوڀر، چؤنڪي بيهاري وڃي، پوءِ هُن سوداگر کي نوڪرن سميت مارائي ڇڏجي.“
    هوڏانهن راڻي اُٿي، ساڙهي سنڀالي ڏسي ته اُن تي ٻوڙ جا نشان بيٺا آهن. اُتان اُٿي، خوف کان لاچار ٿي، سُرنگھ رستي تڪڙي وڃي بندر تي پهتي. اچي سوداگر کي چيائين ته اڄ اسان جي حياتي پوري ٿي، جو بادشاھ کي سڀُ خبر پئجي ويئي آهي، جي ڪو رستو ڀڄڻ جو ٿئي ته وسُ ڪر، نه ته فجر سان سڀني کي ماريندا. پوءِ راڻيءَ، سوداگر ۽ سڀني نوڪرن، سڄي رات ڌڻيءَ جي درٻار ۾ منٿون ڪيون ۽ ٻاڏايو. ڌڻي رحيم ڪريم آهي، جو ٻانهو، سندس در تي، دل سان زاري ڪري تنهنجي دُعا قبول ڪري ٿو. حڪمت مالڪ جيءَ سان، اُتان پرينءَ ڀر، هڪ واهرو پراڻو هو، تنهن ۾ درياھ وهي ويو. سوداگر جهاز کڻي ڇڏيو، جو ديبل بندر کان وڃي، سمنڊ جو رستو وٺي، ايران کان هليو ويو. بادشاھ جا ماڻهو جڏهن بندر تي ويا ته ڏسن ته اُتي ته پڌر لڳو پيو آهي. اِن تي ڪنهن چيو:
    ”وهڻ مُنڍو ئي ناهي، دلوُ پُڇي نار کي.“
    بندر تي ڏٺائون ته هُتي سُرنگھ لڳي پيئي آهي. سُرنگھ جو رستو وٺي هو سڀ اچي ماڙيءَ تي پهتا. اِن کان پوءِ بادشاھ، شاهي درٻار ۾ اچي چيو ته، ”سوداگر پرديسي هو، پر رعيت اسان جي هُن سان شامل هئي، جنهن اِهو ڪم ڪيو ته اُنهيءَ مان ڪو نمڪ حلال نه ٿيو جو اسان کي اِها خبر کڻي ڏئي ها. هاڻ تِنِ لاءِ ڪهڙي سزا مقرر ڪجي؟“ سڀني صبر ڪيو.
    بادشاھ چيو ته، ”اُنهيءَ لاءِ اِها سزا آهي، جو جيڪو به، اعليٰ يا ادنيٰ شادي ڪندو ته پهرينءَ رات، ڪنوار سان بادشاھ همبستر ٿيندو.“ اميرن، اُمرائن گهڻيون ئي منٿون، آزيون ڪيون، پر راج قبول نه ڪيون، آخر اِهو ڪم هلندو آيو.
    مٿي ڏنل ڏند ڪٿائن ڪِن تاريخي حقيقتن تي بيٺل آهن. اِهي حقيقتون آهن. اروڙو ۽ برهمڻ آباد جو ناسُ ٿيڻ ۽ سنڌونديءَ جو رُخ بدلائڻ. راجا دلوارءِ جي باري ۾ سنڌ جي تاريخ گهڻي ڀاڱي خاموش آهي. فقط ايتري ڄاڻ پوي ٿي ته هُو سومرن جي حڪومت جي اوائلي دؤر ۾ هو ۽ پنهنجي ظلم توڙي عيش سببان ملڪ ۾ بدنام هو. سندس راڄ ۾ جنهن به ڇوڪريءَ جي شادي ٿيندي هُئي، اُن کي شاديءَ جي رات زبردستي پنهنجي محل ۾ گُهرائي وٺندو هو. چوڻي مشهور آهي ته هُن جي ظلمن سبب دلوُراءِ جي نگري اروڙ ۽ برهمڻ آباد هميشه لاءِ زمين ۾ غرق ٿي ويا هئا. اڄ تائين به سنڌي ماڻهو ڪنهن کي پُٽ پاراتو ڏيندي چوندا آهن: ”دلوُراءِ جي نگريءَ وانگر ناس ٿي ويندي.“ (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو سنڌ، ۱۹۶۶، ص ۱۴۸.)

    - ”بابرڪت شيخ پَٺو، هڪ مئو ٻيو ٽٺو.“
    شيخ پٺي جي ڪرامت اهڙي آهي جو اُن جو اُن جي اثر ڪري هڪ مري ويو ته ٻيو ڀڄي ويو.
    هن پهاڪي جو بنياد جنهن ڳالھ تي بيٺل آهي، اُها ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ هن ريت ڏني آهي:
    ۱۳۵۱ع ۾ دهليءَ جو سلطان محمد بن تخلق سنڌ تي ڪاهي آيو، پر سن ۷۵۲ هجري برابر ۱۳۵۱ عيسويءَ ۾ ٺٽي جي ٻاهران بيمار ٿي گذاري ويو. اُن بعد سلطان فيروز شاھ ۱۳۶۵ عيسويءَ ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. تاريخ نويس سراج رفيق فارسيءَ ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”تاريخ فيروز شاهي“ (۱۳۹۸ع) ۾ بيان ڪيو آهي ته ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو چاليھ هزار پيادن ۽ ويھ هزار سورا فوجن سان فيروز شاھ جو مقابلو ڪيو. آخر فيروزشاھ، رسد ۽ گاھ جي گهٽتائيءَ ۽ گهوڙن ۾ وبا جي بيماري ڦهلجڻ ڪري، وڌيڪ لڙائي ڪرڻ کان توبھ ڀري واپس ڪوچ ڪري گجرات طرف هليو ويو. سنڌ جي ماڻهن اِنهن مصيبتن جي ٽرڻ کي پير پٺي جي مهر ۽ ڪرامت ڪري سمجيهو ۽ فيروز شاھ جي ڪوچ وقت هيٺيون جنگي نعرو بلند ڪيو، جيڪو بقول همعصر سراج اَفيف جي، ٺٽي ۾ پهاڪي طور مشهور ٿي ويو.
    ”بابرڪت شيخ پَٺو، هڪ مئو ٻيو ٽٺو.“
    پير پٺو اُن اُن دؤر جي صوفي درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي تُربت ٺٽي جي ڏکڻ ۾ ڇهن ڪوهن تي آهي. هِن صوفي نه فقط پنهنجي جيئري ڪرامتون ڏيکاريون، پر مرڻ بعد به سنڌ تان وقت به وقت مصيبتون ٽاريندو رهيو.

    - ”سڄو ڦسيءَ سومرا، اڌ ڦسيءَ ٻيو لوڪ،
    جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽُون ڪري.“
    يعني ته جيڪڏهن اڌ ڦِٽ پيئي سڄي جهان تي، ته سڄي ڦٽ سومرن تي، ڇو ته سردار ٿيڻ جي باوجود سندن بَستين جي باھ سانجهيءَ ٽاڻي جهوڪ ويلي جهڪي ۽ جهيڻي ٿي وڃي ٿي. باقي ٻين وقتن تي لاٽون ڪري پيئي ڀري. هن ڳاھ سانجهي ٽاڻي دونهان دُکائڻ ۽ مچ ڪرڻ جي آڳاٽي رسم ڏانهن اِشارو آهي، جنهن ڪري هن کي تاريخي پهاڪن جي شڪل عام ماڻهن ڪتب آندو آهي.
    هن تاريخي پهاڪي ۾ سمايل رسم جي پٺيان جيڪو واقعو ملي ٿو، سو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن ريت بيان ڪيو آهي:
    ”سومرن کان اڳ سنڌ ۾ عرب حڪمران هئا، ۽ سخاورت عربن جي اجتمائي زندگيءَ جو عام جزو هو. سانجهيءَ ٽاڻي قافلن جي ٿئي. عرب اِسلامي دؤر ۾ سومرا غالباً سنڌ تي ڏکڻ- اوڀر واري ايراضيءَ ۾ ڪڇ سنڌ جي سرحد تي رهندڙ هئا ۽ هُو عربن جي حڪومت جي آخري دؤر ۾ عربن سان گڏيا ۽ ويجها ٿيا. ٻيو ته سومرن جون اصلي بستيون سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ايراضيءَ ۾ هيون، جيڪي ايترو آباد ڪو نه هيون. عربن سان گڻهو لھ وچڙ ۾ اچڻ سببان سخاوت سندن زندگيءَ جو حصو پڻ بڻجي پيئي هئي. پر جڏهن سومرا حڪمران ٿيا ته عربن واري سخاوت سومرن وٽ ڪا نه بچي. اُهي باهين جا مچ، جيڪي اُن دؤر ۾ عربن ۽ ٻين پاڙيسيريءَ بستين مان جهوڪ ويلي لاٽون ڪري ٻاريندا هئا، سي سومرن جي بستين ۾ جهڪا ۽ جهڻيا ٿي ٻرڻ لڳا. اِنهيءَ ڪري اُن دؤر جي ڪنهن چارڻ سومرن جي هِن بيت ۾ گلا ڪئي. جنهن ڪري هيءَ ڳالھ تاريخي زنده پهاڪي جي شڪل ۾ مشهور ٿي بيٺي.“
    سنڌ جي تاريخ بابت چارڻن ڀاٽِن، ۽ ڀانن جيڪي ڳاهُون (سنسڪرت ۾ گاٿائون) راجائن جي سورهيائي ۽ سخاوت بابت ڳاتيون آهن، تن ۾ ڪجھ تُز ويچار سمايل هجڻ سبب اُهي پهاڪي جي شڪل ۾ پڻ ڪتب اچڻ لڳيون آهن.
    سومرن جي ڀيٽ ۾ سما بادشاھ سخا ۽ خير خيرات جي ڪري ديسان ديس مشهور هئا. چارڻن ڀٽن، ڀانن سمن کي ڏاتار ڪري مڃيو ۽ مشهور ڪيو. سمن مان جيڪي ڏھ ڏاتار سڀ کان گهڻو مشهور ٿيا، سي آهن: ڦُولاڻي، ڄام ڪرن، جکرو، اوڍاڻي، هُڻند ٿڌياڻي، اوڍو جکراڻي، وڪيو ڏاتار، راءِ ڏياج، سپڙُ چوٽاڻي، جسوڌن اڳرو ۽ ڄام وينجهو. ڀٽن ڀانن اِنهن ڏاتارن جي قصن ڪهاڻين کي ڳاهن ۾ ڳاتو جن مان ڪي پهاڪن جي شڪل ۾ پڻ مشهور ٿي بيٺا آهن.

    - ”لاکي لک بخشيا، ڪرنُ بخشي ڪروڙ“.
    ڄام لکي ۽ ڄام ڪرن جي سخا تمام مشهور هُئي. ٻئي سخاوت ۾ هڪٻئي کان اڳرا هئا. هن پهاڪي جي معنيٰ آهي، لاکي لک ته ڪرن ڪروڙين رپيا دان ۾ ڏنا هئا.
    ”جي مٿو مڱڻ ناھِ ڪو، تان سمي ناهي سوڙ.
    ڪرن ڄام ڪروڙ، ڇَٽي ڦُلن مُٺِ جيئن.“
    يعني سمو ڄام ڪرن پنهنجي ٻارهين مهيني واري جشن تي ڪروڙن جا ڪروڙ رپيا ڦُلن جي مُٺ وانگر ڇُٽي خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. وٽس ايترا ته سوالي ۽ محتاج ايندا هئا جو اُنهن جو ڪو اٿو مٿو نه هو. اِن هوندي به سمي ڄام ڪرن وٽ سوڙھ محسوس نه ٿيندي هئي. (جيٽلي مُرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي ساهته جو اتهاس، صفحو، ۳۷.)
    ڄام لاکي جي وفات گهڻو وقت پوءِ ڪنهن سالڪ پُراڻ درياءَ کان پڇيو ته:
    ”جهُو تون پراڻ، جُڳ ڇٽيھ سنڀرين،
    توکي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا؟
    پُراڻ جواب ڏنو ته:
    ”لاکا لک لنگهيا، اُنڙ ڪروڙيُون اَٺ،
    هيم- هيڙائو هيڪڙو، جو وري نه آيو مون وٽ“.
    (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ۱۹۸۰ع، صفعو ۱۷۰ ۽ ۱۷۱.)
    وڪيو ڏاتار: وڪيي ڏاتار کان سُمنگ نالي چارڻ اچي ڪُمُندائتا پيرُون گهُريا، جنهن جي وڪيي چيس ته:
    انبن لڳي ڪيري، ڄاريُن لڳي ڇٽَ،
    ورُ چارڻ ماٺ ڪر، جيسين اچي وَٽَ.
    (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ۱۹۸۰ع، صفعو ۱۷۰ ۽ ۱۷۱.)
    (ڪيري= ننڍڙيون انبڙيون؛ ڇٽ = پيرن جا ڪي ڇڳا ۽ ٽؤنر يعني اَڇا پيروُن ڪچڙا آهن، تيستائين ترسُ، جيستائين پيرُن جي مند (وٽ) اچي.)
    اوٺو جکراڻي: ڄام اُڍي جو پُٽ ڄام جکرو وڏو سخي هو، جنهن جي باري ۾ ڀٽائي صاحب پڻ آهي ته:
    ڏمرجي ته ڏي، پرچي ته پٽَ ڀري،
    جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چِت ۾.
    (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ، صفعو ۱۷۴ کان ۱۷۶ تائين.)
    سنڌ ۾ ماموئي فقيرن جا بيت پڻ سمن جي اوائلي دؤر جي واقعن جي لحاظ کان ”نيم تاريخي“ حيثيت رکن ٿا. ڏند ڪٿا آهي ته
    سما حاڪمن جي اوائلي دؤر ۾ ڄام تماچي بن ڄام خيرالدين جي درٻار ۾ ست درويش آيا هئا، جيڪي سنڌ ۾ اڄ تائين ماموئي فقرن جي نالي سان مشور آهن. هر هڪ فقير سمن حاڪمن جي حڪومت ۽ سنڌ جي مستقبل بابت آڳڪٿي ڪندي هڪ هڪ بيت چيو هو. اهي بيت سنڌي عام عوام ۾ ايترو ته مشهور ٿيا آهن، جو پهاڪن جي صورت ۾ پڻ ڪتب ايندا ويندا آهن. جيئن ته: ”جڏهن ڪڏهن سندڙِ توکي قنڌارؤن جوکو“، ”ٻاروچاڻا ٻار، ٽڪي تي وڪامنداو“، ”بِھ، مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندا سوکڙي“ وغيره سٽون اِنهن ستن. بيتن مان کنيل آهن.

    - ”هاڪ وهي هاڪڙو، ڀڳي ٻنڌ اروڙ. بِھ، مڇي ۽ لوڙھ، سمي ويندا سوکڙي.“
    - ”پُراڻا پرار، نوان اَڏجو نِجهُرا.“
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ويچار موجب، مٿي ڏنل بيتن جي مضمون کي سمجهڻ لاءِ تاريخي پس منظر کي سمجهڻ ضروري آهي.
    اندازاً چوٿين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري، اروڙ وٽان درياءَ جي رُخ ۾ ڦيرو آيو. جنهن سببان درياءَ جو مکيه وهڪرو ڦِري، بکر وٽان ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي طرف کان وهڻ لڳو ۽ اڳئين مکيه درياءَ هاڪڙي (اُڀرندي ناري) ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو. اُن بعد ايندڙ ٽن سون سالن ۾ يعني ۱۴ صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سڄو درياءَ پلٽو کائي بکر ۽ سيوهڻ وٽان وهڻ لڳو ۽ هاڪڙي جي حيثيت فقط هڪ ”ڦاٽ“ جي وڃي رهي. اِنهيءَ ڪري هيٺ پُراڻ ۽ هاڪڙي ڍوري وارا گهڻا پٽ غيرآباد ٿي ويا ۽ ٺٽي وارو پاسو وڌيڪ سرسبز ۽ آباد ٿيو. اِهوئي سبب هو سيوهڻ ۽ ٺٽي طرف سمن زميندار زور ٿيو. ورتو ۽ وڳھ ڪوٽ، روپارھ ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ وارن سومرن جي مالي حالت ڪمزور ٿيڻ لڳي. سمن جي اُسرندڙ طاقت جي مقابلي جي سومرن جي پوئين حاڪم همير پٽ دودي کي سلطان فيروزشاھ تخلق جي طرفان ملتان ۽ گجرات جي گورنرن مدد پئي ڪئي ۽ سنڌ جي سومرن جا گهڻگهرا پڻ اُنهن اُميدن تي پئي تڳيا، جيڪي اِنهن بيتن ۾ ظاهر ڪيل آهن. يعني ته:
    (الف) شال هاڪڙو درياءَ وري ڇوٽ وهي. اروڙ واري ٻنڌ ڄاڻ ته ڀڳي! پوءِ (ٺٽي- سيوهڻ طرف جي سمن يا سندن سردار) سمي ڏانهن بِھ، مڇي ۽ لوڙھ سوکڙي ٿي ويندا. (ڇاڪاڻ جو درياھ هاڪڙي واري وهڪري مان سِير ڪري وهندو ۽ ٺٽي واري پاسي ايترو پاڻي ڪو نه ويندو جو اُتي بِھ، مڇي ۽ لوڙھ ٿين.)
    (ب) اي ماڙُهُوئا! (سمن جي نئين وسايل) ٺٽي شهر (جي شاهوڪاري ۽ رونق) جي آسري متان وڃي اُن طرف ويهو، جو اُتي پاڻي به ڪو نه ملندو. هاڪڙو درياءُ ڄاڻ وري ڀرجي وهيو. اِنهيءَ ڪري چڱو ائين ٿيندو ته) پُراڻ جي پريان وڃي پنهنجا نوان گهر اڏيو. جتي و ري وڏيون آباديون ٿينديون.
    هيءُ پهاڪو لاکي ڦُلاڻيءَ جي نالي پُٺيان مشهور ٿيو آهي. هو مشهور سخي هو ۽ ڏکڻ سنڌ توڙي ڪڇ ۾ راڄ ڪندو هو. سنڌ ۾ مهاڻا درياءَ ۾ ٻيڙي هاڪارڻ کان اڳ لاکي کي ياد ڪري اِهو پهاڪو چوندا آهن.

    - ”آيا مير، ڀڳا پير“.
    عبدالڪريم سنديلي هن تاريخي پهاڪي کي هيٺينءَ ريت سمجهايو آهي. (۱) ”جڏهن ڏاڍا اچن، تڏهن هيڻا بيهي نه سگهن.“
    سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي ۱۷۰۱ع کان ۱۷۸۲ع تائين هلي. ڪلهوڙن کي ’ميان‘ ۽ ’پير‘ به ڪري سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين ڪيترائي مُريد هئا. اڃا تائين پير ميان شاھ محمد عباسي (تعلقو قمبر، ضلعو لاڙڪاڻو) ۽ پير ميان الياس عباسي (تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو) جي مقبرن تي سوين سالڪ رهن ٿا ۽ھ پنهنجون باسون باسيندا رهن ٿا.
    جڏهن ڪلهوڙن جي حڪومت ڪمزور ٿي، تڏهن مير ٽالپور حاڪم ٿيا ”پير“ (ڪلهوڙا) ڀڄي ميدان ڇڏي ويا.
    هن ساڳئي پهاڪي جو بنياد ڊبليو فئلن هن ريت ڏنو آهي:
    مير ڪي آني پير ڀاگ جاتي هين. بڙي هُنرمند ڪي سامني ڇوٽي ڪي دال نهين گلتي. اِسڪي ڪٿا هئه ڪِ امروھ ۾ شيخ مدد يا ميران جي نامڪ (نامڪ: نالي. اَشڪشت: اڻ پڙهيل. نپڻ: هوشيار. ديپ: ڏيئو ڀئه ڀيت: ڊڄي وڃڻ. سندري: حسينا.) ايڪ ويڪتي رهيا ٿا. وھ بلڪل اشِڪت ٿا. ڦِر ڀي اپني ڪو علم تسخير يا جيوتش ۾ نپُڻ بتاتا ٿا. ايڪ دِن کيت ۾ اُسي اپني گهر لي جا ڪر اُس ني جلايا، تو اُس ڪي سامتي چار جِن آڪر کڙي هوگئي. اُنهين ديک ڪر وه ڀئه ڀيت هوگيا اور ديپڪ ڪو بُجهاني ڪِي ڪوشش ڪرني لگا. ليڪن جن نهين ٽلي. بولي، همين ڪُڇ ڪام بتائو. شيخ بدچلن ٿا. اُس ني جنُون سي ايڪ خوبصورت عورت لاني ڪو ڪها. جنون ني تُرت ويسا هي ڪيا. ڪِنتو اُس عورت ڪي ڪٿا شيخ ني جب دُر اچار ڪرنا چاها تو جنون ني برتاي ڪِ وي تب هي اُس ڪِي بات مانينگي جب تڪ وه صحيح راستي پر رهيگا. پر وه اُس سُندري ڪو بار بار بُلاتا رها. انت ۾ وه بي قابُو هو ڪر سُندري ڪي طرف بڙها. تب جنون ني اُسي مار ڊالا. مرڪر وھ بڙا پير هوئا اور لوگون ڪي سِر اني لگا. اور ڀي بُهت سي پر هوئي هين. ليڪن جهان شيخ مددُو پهنچتا هين، وهان دوسري پير ٺهر نهين پاتي. اِس شيخ مددو ڪي اڀي اڀي اَمروهي ۾ درگاھ بني هئه اور لوگ زيارت ڪرني آس ڪي درگاھ پر آتي هين. (فئلن، هندستاني ڪهاوت ڪوش، نيشنل بُڪ ٽرسٽ، نئي دهلي.)

    - ”ميرن جي ڦِٽي گهر مان.“
    هيءَ چوڻي سنڌ جي آخرين مسلمان ميرن يا ٽالپرن طرف اِشارو ڪري ٿي. اُهي پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا، جنهن جو فائدو وٺي انگريز جنرل سر چارلس نيئيپر ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو.

    - ”ڪنن جي ڳالهين مير بجار مارايو.“
    معنيٰ ته سُس پس يا لِڪ ڇَپ جي ڳالهين مان خراب نتيجا نڪرن ٿا. جڏهن مير بجا خان ۱۱۹۰ هجري مطابق سن ۱۷۷۷ع ۾ حج تان واپس آيو، تڏهن چئن هزارن بلوچن ۽ ٻين قومن کيس مجبور ڪيو ته ميان غلام نبيءَ سان جنگ ڪجي، ڇاڪاڻ ته هُن مير بجار خان جي پيءُ مير بهادرخان کي مارايو هو. آخر عمرڪوٽ ڀرسان جنگ لڳي، جنهن ۾ ميان غلام نبي مارجي ويو ۽ سندس لاش حيدرآباد آندو ويو. مير بجار سنڌ جي حڪومت پاڻ قبول نه ڪئي ۽ اُن غلام نبيءَ جي ڀاءُ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي اُتي جو حاڪم ڪيو.
    هينئر ميان عبدالنبيءَ کي، مير بجار خان کان هر وقت خوف رهندو هو ته مُبادا وجھ وٺي کيس مارائي، ڇاڪاڻ ته مير بجار خان، وزير هو ۽ صحيح معنيٰ ۾ حڪومت جو چرخو ئي پاڻ هلائيندو هو ۽ ميان عبدالنبي نالي متاثر ئي حاڪم هو. تنهنڪري ميان صاحب کي اِهائي آنڌ هُئي ته ڪنهن به طريقي سان مير بجار خان جو انت آڻجي. آخر هُن جوڌپور جي مهاراجا وجئه سنگھ کي عمرڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪري، مير بجار خان جو قتل ڪرائڻ تي کيس آماده ڪيو. مهاراج وجئه سنگھ، ٻه راٺوڙ هرناٿ سنگھ ۽ محڪم سنگھ، وڪيل بڻائي خط سان ميان عبدالنبيءَ طرف جوڌپور مان حيدرآباد لاءِ روانا ڪيا.
    تاريخِ سنڌ، جلد ششم (عهد ڪلهوڙا) حصه دوم، غلام رسول ”مهر“ صفعي ۷۹۰ کان ۷۹۶ تائين اڳتي لکي ٿو ته: ”ٻن راٺوڙن سان ٻيا به ڪي ماڻهو هئا. اُهي ڪيترائي ڀيرا ميان صاحب ۽ ميربجار سان الڳ الڳ مليا. هڪ دفعي اُنهن مير کي عرض ڪيو ته اسان جي مهاراجا سان اِجهوئي هينئر خط آيو آهي. اُن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جي اوهان کي اڪيلائيءَ ۾ ئي ٻڌائي سگهبيون. خط ۾ لکيل آهي ته ميان عبدالنبي اوهان جي خلاف ڪيئي خط مهاراجا کي لکيا آهن. مهاراجا جو خط هنديءَ ۾ آهي. جيئن ته اوهان مان ڪو به هندي نه ڄاڻندو آهي، تنهن ڪري اجازت ملي ته اسان ئي خلاصائيءَ ۾ هيءُ خط پيش ڪريون. مير صاحب سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ۽ فقط هڪ ملازم ايسر کي پاڻ وٽ رکيائين. هڪ وڪيل، مير جي ڀرسان اچي ڪري خط پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي دوکيبازيءَ سان چيائين ته، هي لفظ منهنجي سمجھ ۾ نٿا اچن. ائين چئي هُن جهٽ ٻئي وڪيل کي به گهرائي ورتو. اهڙيءَ طرح اُنهن ٻنهي مير کي خط پڙهڻ ۾ رڌل رکي، اوچتو ئي اوچتو مٿس تلوارن جا وار ڪرڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ مير صاحب زخمي ٿي چڪو هو، ته به اڪيلي ئي ٻنهي کي ماري وڌائين.

    - ”الله ڏيوَئي، ميان ڏيوَئي، صحبت نه ڏيوَئي.“
    (سنديلو عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، ۱۹۶۶ع، ص ۰۷.) معنيٰ انڪاري ٿيڻ، نابري وارڻ چون ٿا ته ڪلهوڙن جي و قت ۾، حڪومت طرفان چانڊڪا پرڳڻي جي ڪنهن حصي جو صحبت خان ڪردار يعني مختيارڪار هو. صحبت خان ايتري قدر بخيل (ڪنجوس) هو جو ڪنهن کي به ماني ٽِڪيءَ جي صلاح نه ڪندو هو ۽ نه وري ڪا خيرات گهرڻ ويو. صحبت خان بيهڻ ئي ڪا نه ڏنس. فقير ڇا ڪيو جو وقت جي ميان صاحب (ڪلهوڙي حاڪم) ڏانهن خيرات لاءِ ويو. ميان صاحب فقير کي خيرات ڏيئي راضي ڪيو. فقير عرض ڪيو ته، ”سائين! اوهان جي خيرات اگهي، پر صحبت خان ڏي به ٻه اکر لکي ڏيو ته اُهو به مون مسڪين بچڙيوال جي مدد ڪري.“ ميان صاحب فقير کي صحبت خان ڏانهن هڪ خط لکي ڏنو. جڏهن صحبت خان اهو خط پڙهيو، تڏهن به خيرات ڏيڻ کان پڙ ڪڍي ويٺو. چيائيون، ”الله ڏيوئي، ميان ڏيوئي، صحبت نه ڏيوئي.“ يعني الله توکي ڏئي، ميان (ڪلهوڙو حاڪم) توکي ڏئي، پر مان صحبت توکي ڪجھ نه ڏيندس.

    - ”جمن چارڻ وارو سوال آهي.“
    سنڌ جي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جمن نالي ذات جو هڪ چارڻ رهندو هو. هو نابين، مسڪين ۽ ڪمزور پڻ هو. هن کي اکين جي روشني ۽ هڪ اولاد جي تمنا هئي. پنهنجي هن خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ هو حضرت پيران پير علي رحمت جي مزار تي ڳائيندو هو ته، توکان مڱن، هڪڙو پسر. آخرڪار هڪ ڏينهن جُمن جي پڪار پير جي در تي قبول ٿي ۽ کيس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته جيڪڏهن تون هڪڙو سوال گهرندين ته اهو پير جي در تي قبول پوندو. جمن هي سوال ڪيو: ”ماڙيءَ نُنهن، ڏُڌ ولوڙيندي ڏسان.“
    هيءُ هڪ وڏو سوال هو، جنهن ۾ جمن جا سڀئي مطلب اچي وڃن ها. پهرين ڳالھ ته هو پاڻ وري جوانيءَ ۾ پير رکي، ٻي ڳالھ ته کيس پٽ ٿئي، ٽين ڳالھ ته پٽ جي شادي ٿئي ۽ چوٿين ڳالھ ته پٽ جي زال يعني سندس نونهن ماڙيءَ تي چڙهي ڏڌ ولوڙي. هنن چئن ڳالهين جو آڌار هُن هڪ سوال جي شڪل ۾ گهريو. انهيءَ ڪري عام ماڻهن ۾ اهو واقعو چوڻيءَ جي روپ ۾ مشهور ٿي ويوته، ”جمن چارڻ وارو سوال آهي.“

    - ”چانڊيا مگسي آهن.“
    معنيٰ، هڙ ڪپَ ويري آهن. وڏا دشمن آهن. هيءُ پهاڪو، چانڊڪا پرڳڻي جي پيدائش آهي، جنهن کي هينئر لاڙڪاڻو ضلعو چون ٿا. چانڊيا ۽ مگسي، ٻئي ٻلوچ قوم جا جابلو ماڻهو آهن ۽ هڪ ٻئي سان دنگئي پلئي پڻ آهن.
    هڪ راويت مطابق، جڏهن چانڊڪا جاگير، ميان آدم شاھ (عباسي) ڪلهوڙي کي مغلن کان ملي، تڏهن سندس ڪارپوراز غيبي خان هو. اُن وقت جهل رياست جو سردار زئي خان هو، جنهن کي عام طرح مگسي خان ڪري چوندا هئا. جهل جو پرڳڻو پوءِ ميان شاهل محمد عباسيءَ جي ڪاھ جو فقط اِهو سبب هو جو مگسي ميان جي فيصلن موجب نه هلندو هو. اِن کي ميان صاحب پنهنجي بيعزتي سمجهندو هو. تڏهن به، چانڊيا توڙي مگسي، ٻئي سندس مريد به هئا. مگسين کي اِنهيءَ تي مٺيان لڳي ته گهگيرن (ساڳيو گهگهو ڍڪيندڙ ۽ هم ذات يا بلوچن چانڊين) ميان شاهل محمد جي چُرچ تي اسان تي چڙهائي ڪئي. جيتوڻيڪ مگسي، ظاهر طور خاموش رهيا، پر اندروني طرح منصوبا سٽيندا رهيا ته ڪهڙيءَ ريت به چانڊين کان وير وٺجي. انهيءَ ڪري ٿوري تان پاڻ ۾ پيا اٽڪندا هئا.
    سندن عداوت جو ٻيو سبب اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته چانڊڪا جو هڪ امير ماڻهو، جهل رياست مان هڪ خانداني ڇوڪري کڻي آيو. مگسين وري ڏھ ڇوڪريون آنديون. اِنهيءَ ڪري گويا جهنگ کي باھ لڳي ويئي. ٻنهي جي وچ ۾ وڏو جهڙو ٿيو، جنهن ۾ ايترا ماڻهو مئا جو ميدان ئي رت سان رڱجي ويو. اِنهيءَ واقعي کي تر جا ماڻهو ”ماهوُ“ سڏڻ لڳا. آّر ٻنهي ڌرين جو فيصلو، ميان شاهل محمد جي جرڳي ڏنو ته، ”ڏھ چانڊڪي ويک زهداني برابر شُدھ“. معنيٰ ته چانڊين جي هڪ ڇوڪري مگسين جي ڏهن ڇوڪرين برابر آهي. (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، ۱۹۶۶ع، صفعو ۶۴.)

    - ”جتي جتي کيجڙي، اُتي اتي گوگو چوهاڻ.“
    سنڌ ۾ راجسٿان جي علائقي جي شخصن متعلق پهاڪن جي دنيا ۾ گوگو چوهاڻ تمام گهڻو مشهور ٿي ويو آهي. سنڌيءَ ۾ مشهور هي پهاڪو راجسٿاني ٻوليءَ ۾ هن ريت ملي ٿو: ”گانوَ گانوَ گوگو، ني گانوَ گانوَ کيجڙي“. معنيٰ ڳوٺ ڳوٺ ۾ گوگو آهي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ميکجڙيءَ (ڪنڊي جو وڻ) آهي، جيڪو ٿر ۽ راجسٿان ۾ عام آهي، جنهن ۾ سڱريون ٿينديون آهن).
    راجسٿان ۾ گوگر چوهاڻ جي پوجا ديوتا جي شڪل ۾ ٿيندي آهي. جنهن کي به نانگ ڏنگ هڻندو آهي، تنهن کي گوگي جي نالي جو سڳڙو ٻڌبو آهي. گوگي جو اسٿان (رهڻ جو هنڌ) کيجڙي ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ ۾ هوندو آهي. ڳوٺن ۾ جنهن به گهر ۾ نانگ نڪرندو آهي ته هُو گوگي کي ياد ڪري خير جا ڇنڊا هڻندو آهي. هو مينهن واري مهيني ۾، مينهن وسڻ کان پوءِ جنهن ڏينهن هر هلائڻ شروع ڪبو آهي ته گوگي جي نالي وارو نوَن ڳنڍين وارو سَڳڙو جنهن کي ”گوگو رکڙي“ چئبو آهي، هر ۽ هاريءَ کي ٻڌبو آهي ۽ بار بار چئبو آهي: ”هلي بالدي گوگو رکوالو.“ (سهول، ڪنهيا لال، راجسٿاني ڪهاوتين، ۱۹۵۸ع، دهلي، صفعو ۱۰۸.)

    - ”رامديو جا چيلا ڍيڍ ۽ چمار.“
    مارواڙ علائقي ۾ رامديو نالي هڪ وڏو بهادر شخص ٿي گذريو آهي. ڀئروَ نالي هڪ ڪميڻي شخص کي مارڻ رامديو چؤ طرف مشهور ٿي ويو. هندو ۽ مسلمان سڀيئي هن کي ”رامشاھ پير“ يا ”راماپير“ جي نالي سان پوڄڻ لڳا. ۱۵۷۲ع ۾ رامديو مارواڙ علائقي جي روڻيچا ڳوٺ ۾ جيئري سماڌي (پاڻ دفن ٿيڻ) ورتي. تنهن کان پوءِ هو راماپير ديوتا مشهور ٿي ويو ۽ سندس نالي سان اڄ تائين ميلا ملاکڙا لڳندا آهن. هُڻ کي پوڄڻ وارن ماڻهن ۾ گهڻو ڪري هندُن جي گهٽ ذات جا شخص ايندا آهن. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اهو پهاڪو مشهور ٿيو ته، ”رامديو جا چيلا ڍيڍ ئي آهن. راما پير جا پوڄاري، ساڌو پاڻ چمار ٿيندا آهن. راماپير تي ڊاڪٽر سشيلا موٽواڻيءَ سنڌيءَ ۾ هڪ تحقيقي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته سنڌ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ۽ ٻين پڻ راماپير جا گهڻيئي مندر آهن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ شخصن سان متعلق پهاڪن ۾ گهڻو ڪري مردن جي نالن سان واسطو رکندڙ پهاڪا آهن. پر ڪجھ پهاڪا اهڙا به آهن، جيڪي زالن سان متعلق آهن. جيئن ته:

    - ”پوپان ٻائيءَ جو راڄ آهي.“
    معنيٰ، انڌير گردي، سينه زوريءَ جو زمانو آهي. سنڌيءَ جي لوڪ گيتن ۾ پويان ٻائي سينه زوريءَ ۽ انڌير گرديءَ جي علامت جي شڪل ۾ مشهوري حاصل ڪئي آهي. سنڌي لوڪ گيتن ۾ هڪ سِٽ مشهور آهي: ”ٺڪر ٺوٻر پاسي ڪريو، پويان منهنجي نچي“. معنيٰ ته ميدان صاف ڪري پوپان کي کلي جڳھ ڏيو ته هوءَ نچي پنهنجو جلوو ڏيکاري. پويان ٻائيءَ جو نالو، نه رڳو سنڌ ۾ گجرات، مالوا، راجسٿان ۽ مڌيه پرديش ۾ به ساڳي شڪل ۾ مشهور آهي. راجسٿاني ٻوليءَ ۾ سايڳو پهاڪوهن ريت ملي ٿو: ”راڄ پوپانِ ٻائي رو، ليکو رائي رائي رو.“ ۽ ”پوپان بائي پرگٽ هووئي، نَوي چلاوئي ريتِ“. (سهل، ڪنهيا لال، راجسٿاني ڪهاوتون، ۱۹۵۸ع، دهلي، صفعو ۱۰۸.)
    بانڪيداس گرنٿا ولي (ٻيو ڀاڱو) جي صفعي ۲۰ تي لکيل آهي ته، ”پوپان ٻائي هڪ ڪنڀر جي زال هئي، جيڪا کنڊيلي راڄ جي جيپور نالي علائقي ۾ تمام گهڻي مشهور شخصيت هئي. سندس راڄ ۾ هرڪو فصل هڪ ئي اگھ تي وڪامندو هو. هوءَ پنهنجي بد مزاجيءَ جي ڪري سوريءَ تي چاڙهي ويئي هئي. گڻپت لال جوشيءَ جي لکڻ موجب، پوپان ٻائي گجرات جي راڄ گهراڻي ۾ پيدا ٿي هئي. گجرات جا راجا پنهنجي فراخدليءَ سبب مشهور هئا. پوپان جي دل انهن سڀني کان فراع هئي، جنهن جو غلط فائدو سندس نوڪرن کنيو. نتيجي طور راجائن جي مانَ- مرتبي ۽ اوج ۾ گهٽتائي اچي ويئي. مڌيه پرديش جي لوڪ روايت ۾ پڻ پوپان ٻائيءَ کي ڪنڀر جي زال چيو ويو آهي، پر راجسٿان ۽ مڌيه پرديش جي پوپان سان تعلق رکندڙ ڪهاڻين ۾ تفاوت آهي.

    (2) وارداتن متعلق پهاڪا:
    زندگيءَ ۾ واقعن ۽ وارداتن جي پنهنجي اهميت آهي. زندگي وهندڙ پاڻيءَ مثل ٿئي ٿي. جيئن پاڻيءَ ۾ روڙا، پٿريون، پٿر، جيڪي مٽي، واري ۽ ٻيو ڪيتريون ئي رڪاوٽون اچن ٿيون، پر انهن جو ڪو به اثر اصل وهندڙ پاڻيءَ تي نه ٿو ٿئي، اُهو لڳاتار وهندو ٿو
    رهي. ساڳيءَ ريت زندگيءَ جي هن وهڪري ۾ وارداتون ٿين ٿيون، پر هر ڪو شخص ان مان پار پوي ٿو.
    جهوني وقت کان وٺي عام زندگيءَ سان وابسته وارداتن جو ذڪر سيني بسيني هلندو پيو اچي. پوءِ ڪي پار کو شخص اُنهن وارداتن کي سڃاڻي اُنهن مان اَملھ موتي سجائي سهيڙي قلمبند ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جي آڌار تي وقت جي رفتار سان هلندي پهاڪن جي تعمير ٿئي ٿي.
    هت رڳو اُنهن وارداتن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جو بنياد ڪن تاريخي يا نيم تاريخي واقن تي ٻڌل آهي ۽ جن جي باري ۾ ڪافي خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته اُهي ٿيل وارداتن وقت يا اُنهن کان ڪجھ وقت پوءِ ٺهيا هوندا. سنڌيءَ ۾ وارداتن سان واسطو رکندڙ پهاڪا هن ريت ملن ٿا:

    - “اهڙي جُٺ ڪيائينس، جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان.”
    (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، ۱۹۶۶ع، لاڙڪاڻو، صفحو، ۱۸.) معنيٰ تمام گهڻي خراب هلت ڪرڻ. هڪ دفعي، ٻرڙو (مسلمان جي هڪ ذات) پنهنجي دوست جي گهر مهمان ٿي ويو. صبح ساڻ مهمان کي نيرن ڪرائي گهر جا ڀاتي پنهنجن ڪمن تي ويا ۽ مهمان کي چيائون ته ٻارن جي سنڀال ڪج. اڃا اڌ ڪلاڪ مس گذريو ته ٻارن روئڻ شروع ڪيو. جڏهن مهمان ڳالھ زور وٺي ويئي، تڏهن ٻارن کي گُنديءَ (اناج رکڻ جو هنڌ، ڪوٺي) ۾ وڃي وجهي ڇڏيائين. منهجهند جو جڏهن گهر جا ڀاتي ڪم تان موٽيا، تڏهن مهمان کان ٻارن بابت پڇيائين. مهمان کيس گُنديءَ جو ڏس ڏنو. ٻارن سان ٿيل اهڙي اڻ- سُهائيندڙ ڳالھ کي ڏسي ڪنهن چيو ته، “اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙي ڪري ٻارن سان.”

    - “اُهي تُنيا ئي مري ويا، جيڪي گهٽا (گهٽيا) ڏيندا هئا.”
    (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، ۱۹۶۶ع، لاڙڪاڻو، صفحو، ۱۸.) معنيٰ سُکي، فراخ دل شخصن جي تعداد ۾ ڪمي اچڻ تُنيا، حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ (۵۶۶ کان ۶۶۶ هجريءَ) جا مريد آهن، جيڪي پاڻ کي فقير سڏائين ٿا.
    ملتان وارن بزرگن جا ڪيترائي خدا رسيده سنڌ ٿي گذريا آهن، جن مان ڪيترن تي زبردست ميلا لڳندا آهن. جيسلمير جي هندو راجا جو راجڪمار، حضرت غوث بهاءُالدين جي بيعت حاصل ڪري مسلمان ٿيو هو، جنهن کي روحاني فيض کان مالامال ڪري پوءِ حڪم ڏنائين ته سنڌ ۾ وڃي رَھ ۽ روحانيت جي تبليغ ڪَرِ. مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو هو.
    سنڌ ۾ غوث صاحب ۽ ان جي جائشينن جا مقرر ڪيل ڪيترائي خلييفا هئا. جيئن ڄام ڏاتار، سخي داد واهي، درويش سيھَڙو، مخدوم عبدالرحمان وغيره. تُنيا فقيرن مان به ڪي خليفا هوندا هئا، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ مان مريدن کان گهٽيو وٺي پيرن پيادا مرشد سائين حضرت غوث بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جي درگاھ شريف تي ويندا هئا. اُنهن خليفن سان گڏ، هزارين ماڻهو به شامل هوندا هئا. محترم الله بخش تونيو فقير جي روايت موجب: ۱۹۲۰ع کان خليفن پيرين پيادو گهٽين نيڻ جو رواج بند ڪيو. هينئر ته سنڌ مان پيرين پيادو ڪو به ڪو نه ويندو آهي. جنهن سڄڻ کي درگاھ شريف تي زيارت ڪرڻ جو شوق ٿئي، سو ريل تي چڙهي وڃي پنهنجو نذرانو ڏيئي ايندو آهي.
    هينئر جيئن ته هرڪو پنهنجيءَ ۾ ئي پورو آهي، تنهنڪري اهڙو ڪو به تُنيو فقير ڪو نه آهي، جو پيرين پيادو گهٽيو ڏيئي اچي. تُنين جي اها حالت ڏسي ڪنهن اها سِٽ چئي ڏني، جيڪا آهستي آهستي پهاڪو بڻجي پيئي.

    - “چٽي چنيجن جي، وڃي پُرڻ تي پيئي.”
    (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، ۱۹۶۶ع، لاڙڪاڻو، صفحو، ۱۸.) مطلب ته جڏهن هڪ جي مصيبت ٻئي تي اچي پئي، تڏهن ايئن چئبو آهي. چنيجا ۽ ٻُرڻ، موري تعلقي (ضلعي نوابشاھ) ۾ به ڳوٺ آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. چنيجن ۾ هڪ هندو سيٺ رهندو هو، جنهن جي ڪن ماڻهن سان اڻبڻت ٿي پيئي. اُنهن ماڻهن کي هر وقت اهو خيال رهندو هو ته سيٺ جو سِرُ کڻجي. هڪ دفعي سيٺ جي گهر ۾ ڌاڙو هڻڻ ويا، پر رات جي اونداهيءَ ۾ رستو ڀلجي، وڃي پُرڻ تي ڪڙڪيا. ڌاڙو ته هنيائون پر سندن مطلب پورو نه ٿيو. انهيءَ واقعي کي ڏسي ڪنهن چئي ڏنو، “چٽي چنيجن جي، وڃي پُرڻ تي پيئي”.

    - “لاهي لنگاھ ويھ، آريجن مان آسرو، پني پرائو ڏيھُ، اچي کاءُ آريجن ۾.”
    (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، ۱۹۶۶ع، لاڙڪاڻو، صفحو، ۱۲۷.) “آريجا” مسلمانن ۾ هڪ ذات جو نالو آهي، جنهن جي اثر هيٺ آريجا نالي سان ڳوٺ به آهي. هيءُ ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري نالي تعلقي ۾ آهي. اُنهيءَ ڳوٺ ۾ مخدوم شهاب الدين نالي بزرگ، ڪلهوڙن جي آخرين دؤر ۾ رهندو هو، جو پنهنجي وقت جو ڪامل ولي هو. مخدوم صاحب غيرشرعي ڪمن جي اجازت ڪو نه ڏيندو هو. ايتري قدر جو، آريجن ۾ شاديءَ تي به نه دُهل وڄندو هو ۽ نه وري محفل ۾ ناچ وغيره ٿيندو هو. ڳوٺ ۾ هندُن جو به هڪ ٽڪاڻو هو، پر اُتي به نغارا ۽ ڌڪڙ وغيره ه وڄايا ويندا هئا.
    اتفاق سان، اُتي هڪ لنگهن جو گهر اچي ويٺو، جن کي اها حقيقت معلوم ڪا نه هئي، هنن رات جو شهنائيءَ ۽ دهلن جو آواز ڪيو. قدرت سان سندن شهنائي ڀڄي پيئي ۽ دهل به ڦاٽي پيو. جڏهن کين قصي جي خبر پيئي، تڏهن اچي مخدوم صاحب کان معافي گهريائون. ان تي اُتي ويٺل ماڻهن مان ڪنهن مٿي ڏنل پهاڪو چئي ڏنو.

    - راهوجن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي.”
    (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، ۱۹۶۶ع، لاڙڪاڻو، صفحو، ۹۷.) سنڌ ۾ راهوجن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن، پر هيءَ پهاڪو متعلق رکي ٿو ‘ڪچي’ وارن راهوجن سان مديجيءَ جي ڀرسان، ڪچي ۾
    راهوجن جو هڪ ڳوٺ آهي. ڪنهن وقت ۾ هڪ سيد ان ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. ڪنهن سان به واقفيت نه هئڻ ڪري وڃي مسجد جو پاسو ورتائين. کائڻ لاءِ رات جو پٽرو ڀَتُ مليس، تنهن ڪري سندن اندر نه ٺريو. ان کان سواءِ هڪ گرمي، ٻيو هُٻس ۽ ٽيون وري ڪچي جا مڇر. سڄي رات هن لُڇندي گذاري. هُو صبح جي نماز پڙهي جڏهن موڪلائڻ لڳو ته جماعت جي ماڻهن چيس ته قبلا مهرباني ڪري هڪڙي ٻي رات به رهو. ان تي شاھ صاحب چئي ڏنو ته: “ابا، راهوجن ۾ رات، قادر ڪنهن جي نه وجهي.”
    ڪن عالمن جو خيال آهي ته اهو حقيقت ۾ شاھ عبدالطيف هو، جو فقيرن سان گڏ راهوجن ۾ رهيو ۽ اُتي جي حالت ڏسي هيءُ بيت چيائين:
    راهوجن ۾ رات، قادر وجهي نه ڪنهن جي،
    رنون رب رلايون، آهر اڳلي واٽ،
    پليجن کان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي.
    چون ٿا ته راهوجن جي زالُن شاھ صاحب جي فقيرن سان چرچا ڪيا هئا، ۽ شاھ صاحب جي هڪ عقيدتمند، پليجن جو ڳوٺ مان ڀت جي پاٽ ڀرائي آندي هئي. شاھ صاحب پنهنجي بيت ۾ اهڙي ئي وضاحت ڪئي آهي.

    (3) نيم تاريخي لوڪ ڪٿائن متعلق پهاڪا:
    سنڌ جي تاريخ جي اوائلي دور ۾ قصن ٻڌائڻ جو فن ڪافي اوج تي رسيلن هو. سنڌ جي چارڻن ۽ ميراثين، منگتن ۽ مڱڻهارن، ڀٽن ۽ ڀانن، لوڪ ڪٿائن ذريعي سنڌ جي سورهين جي عظمت، سخاوت ۽ عشقيه داستانن کي مشهوري ڏني. هنن شان سان قصي جي ڪن ڀاڱن کي موجود لفظن، پهاڪن، گفتن ۽ مثالن کي سازن جي مدد سان ڳائي پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکاريو.
    وقت گذرڻ سان گڏوگڏ قصن ڪهاڻين کي ٻڌڻ جو وقت پڻ گهٽجڻ لڳو، پر انهن ۾ سمايل سچائي، آزمودن جي اثر هيٺ لوڪ قصن، ڳاهن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جي جنم ٿيو. پهاڪا ايترا ته طاقتور ٿين ٿا، جن کي ڏسندي ئي خبر پوي ٿي ته اُنهن جي اصل ۾ ڪهڙي ڪٿا آهي. گهڻو ڪري پهاڪن جي بنياد ۾ ڪا نه ڪا ڪٿا ضرور هوندي آهي، جنهن جي اثر ڪري پهاڪا عام ماڻهن جي ذهن ۾ اُڪرجي ويندا آهن.
    سنڌي ادب ۾ گهڻن ئي قسمن جي قصن جو ذڪر ملي ٿو. جيئن: عشق جا قصا، سورهيائيءَ جا قصا، اسماعيلي مَت جي پيرن جي قصا ڌرمي قصا، سنڌوندي بابت ڪٿائون، وغيره، پر اهو ڪو ضروري نه آهي ته هر ڪنهن قصي مان پهاڪي جو جنم ٿيو هجي. هتي رڳو اُنهن لوڪ ڪهاڻين ۽ نيم تاريخي قصن جو ذڪر ڪبو، جن جو سڌو لاڳاپو پهاڪي جي بنياد سان آهي. سسئي پنهون، سهڻي ميهار،ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو ۽ نوري ڄام تماچي وغيره قصن مان ڪيترن ئي پهاڪن جو جنم ٿيو آهي. جيئن ته:

    - “اڃا اٺ ڪڍن سسئي”.
    مطلب ته جڏهن ڪو ڏکيو پنڌ يا مسئلو درپيش ايندو آهي ۽ ماڻهو تڙ تڪڙ ۾ ڌُڪي پوندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي. هن پهاڪي جي بنياد ۾ سنڌ جو مشهور قصو “سسئي پنهون” سمايل آهي. جڏهن پنهونءَ جا ڀائر سسئيءَ کي سُمهيل ڏسي رات جو چوريءَ سان پنهونءَ کي ڪڍي، ڪيچ ڏانهن روانا ٿيا هئا، تڏهن ويچاري سسئي صبح جو اُٿي پريشان ۽ بي حواس حالت ۾ ڀنڀور کي باھ ڏيئي اڪيلي، پيرن اگهاڙي پيدل ڏونگر ڏورڻ لڳي. هڪ ته لنبي مسافري ۽ ٻيو ڏکيو پنڌ تڏهن به ويچاري پنهنجي پنهون کي پائڻ لاءِ پيرين پنڌ ڀڄندي ويئي، پر ڀنڀور ۽ ڪيچ جي وچ ۾ گهڻو مفاصلو هو. رستي جي پٿرن، رڻ ۽ جهنگ کي پار ڪرڻ لاءِ اُٺن کپندا هئا. پيرين پيادو ايتري مسافري ڪا نه ڪري سگهبي هئي، پر سسئيءَ تي پنهون جي عشق جو ايترو ته گهڻو اثر هو جو هن اُٺن جي اچڻ جو به انتظار ڪو نه ڪيو ۽ پنهون کي ڳولهڻ پيرين پنڌ نڪري پيئي.

    - “دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.”
    (سنديلو عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، ۱۹۶۶ع، صفعو ۸۶.) ڀونگر سومري کي ٻه زالون هُيون. پهرين زال لوهارڻ مان هڪ پٽ چنيسر ۽ هڪ ڌيءُ ٻاگهل. ٻيءَ زال سومريءَ (ڏاڏي پوٽي) مان دودو هوس. دودو ننڍو پٽ هو. جڏهن ڀونگر مري ويو، تڏهن اميرن اُمرائن، وڏي پٽ چنيسر کي پڳ ٻڌائي. چنيسر چيو ته، “امان کان پُڇي اچان ته پوءِ پڳ ٻڌندس.” اِهو چئي مجلس مان اُٿي کڙو ٿيو. امير اُمرائن چيو ته جيڪو ايتري ڳالھ تي ماءُ کان پڇڻ ويو آهي ته ملڪ ڪيئن هلائيندو؟ جنهن ڪري دودي کي پڳ ٻڌت تخت تي وهاريائونس. چنيسر موٽي پيشمان ٿيو ۽ گهر وڃي ويٺو. ڀيڻس ٻاگهل رات ڏينهن طعنن سان تپائي ڏنس.
    “اڳي هيونسين ٻه ڄڻيون، هاڻي تُري ٿياسين ٽي،
    چرخو چندن عاج جو، امان آڻي ڏي.”
    اهڙن طعنن چنيسر جي زندگي زهر ڪري وڌي. آخر ٻيو ڪو حيلو يا وسيلو نه ڏسي، دهليءَ جي حاڪم علاءُالدين خلجيءَ ڏانهن ويو. محمد صديق پيرزادو “تاريخ سنڌ” قلمي نسخي جي صفعي ۵۷ تي لکي ٿو: “خلجيءَ کي عرض ڪيائين: هن چنيسر پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل جو سنڱ توکي ڏيڻو ڪيو آهي، مگر منهنجو ننڍو ڀاءُ دودو اعتراض ٿو وٺي..... بادشاھ سنڌ ڏي ايلچي موڪليو. جڏهن ايلچي وڳھ ڪوٽ ۾ آيو ۽ سومرن کي خبر پيئي، تڏهن سومرن قاصد جا ٻئي ڪن پٽي ڪڍيا. قاصد موٽي دهليءَ ويو. پنهنجي قاصد جو اهڙو هال ڏسي وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چاڙهي موڪليو. جتان جتان اُهو لشڪر گذري رهيو هو، اُتي جا ماڻهو پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ٿي ويا. علاءُ الدين جي ايڏي وڏي ڪٽڪ کي ڏسي عام چوڻي ٿي پيئي:
    “ڪُتي ڀؤڪندي، پَڇو نڪري پيس،
    مري، ويئي پر لشڪر نه کُٽي.”
    حمله آور اُٻاوڙي ۽ اروڙ جون جنگيون کٽي سکر پهتا ۽ چانڊڪا کان پوءِ، حيدرآباد مان ٿيندا وڳھ ڪوٽ پهتا. اُتي سخت جنگ لڳي. ميدان رت سان زڱجي ريٽو ٿي ويو. آخر دودي ۽ چنيسر جا پٽ به مارجي ويا. جڏهن چنيسر جو پٽ ننگر (جو دودي جو نياڻو هو) مئو ته سُگهڙ چيو:
    “هيءُ به شهيد ٿيو. سگهڙ ساران ورُ.”
    چنيسر به ان جنگ ۾ خوب وڙهيو پر آخر ۾ قتل ٿي ويو. دودو، جنهن پهلوانيءَ سان علاؤالدين جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو، تنهن لاءِ سگهڙ چوي ٿي ته:
    “ديمِن سان دودو لڙيو، گجي جيئن گجميرُ،
    بيهي رهيو رڻ ڀونءِ ۾، مرد مثل هي ميرُ.”
    نتيجو اهو نڪتو جو نه چنيسر کي حڪومت ملي ۽ نه ئي دودي جي حڪومت هلي سگهي. اهو واقعو ڏسي ڪنهن چيو: “دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.”

    - “ٿانءُ کڻي هڪڙو، ٺڪر ڀڄي گهڻن تي.”
    (سنديلو عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، ۱۹۶۶ع، صفحو ۳۶.) مطلب ته ڏوھ ڪري هڪڙو ۽ ان جي عيوض ۾ ٻين کي ڀوڳڻو پوي. قصور مشهور آهي ته سسئيءَ جي مزار تي آيل هر مسافر کي ٻه مانيون ۽ هڪ ڪٽورو کير جو ملندو آهي. هڪڙي دفعي ڪو آيل مسافر کير پيئڻ بعد ڪٽورو پاڻ سان ئي کڻي ويو. ان کان پوءِ روٽي ته بادستور ملندي هئي، پر ڪٽوري جي بدران ٺڪر جي پيالي ۾ کير ملڻ لڳو. انهيءَ تان ڪنهن سالڪ چيو آهي، “تانءُ کڻي هڪڙو، ٺڪر ڀڄي گهڻن تي.”

    - “ڪُٽيءَ کائوُ مجنون آهي.”
    (سنديلو عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، ۱۹۶۶ع، صفحو ۱۳۰.) هيءُ پهاڪو ليلٰ مجنونءَ جي مشهور قصي تي ٻڌل آهي. هڪ دفعي مجنونءَ ليليٰ جي گهر جي سامهون هڪ وڻ هيٺ اچي پنهنجو آستانو اڏيو هو. هو هر وقت ليليٰ جي ياد ۾ مگن رهندو هو. کيس نه ننڊ، نه آرام ۽ زهر مثل سڀ قسم جو طعام. انهيءَ ڪري هُو روزانو بدن ۾ ڳرندو رهيو. جڏهن ليليٰ کي اها خبر پئي ته مجنونءَ جو حال احوال ڄاڻڻ لاءِ هڪ ٻانهيءَ کي موڪليائين. هن موٽي اچي ليليٰ کي ٻڌايو ته، “سانئڻ! مجنون ويچارو ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي. فقط پنهنجي نالي جي سهاري تي ئي جي رهيو آهي.” مجنون جو اهو هال ٻُڌي ليليٰ جا تاڪ لڳي ويا. پوءِ ته روزانو انهيءَ ٻانهيءَ جي هٿان وٽو ڪُٽيءَ جو مجنون ڏانهن موڪليندي هئي ته هو ڪجھ کائي ڪري آجو ٿئي، پر مجنون ته ليليٰ جو پيارو هو. هن جو ڪُٽيءَ سان ڪهڙو مطلب؟ ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪ چالاڪ فقير رهندو هو، جنهن کي اِن قصي جي کُڙڪ پئجي ويئي. سو هُن ڇا ڪيو جو اچي ٻئي وڻ هيٺ پنهنجو ديرو ڄمائي ويٺو. هُو جڏهن ڏسندو هو ته مجنون ڪٽي نه ٿو کائي، تڏهن اُهو فقير ڪُٽي کائي خالي وٽو ڇڏي ويندو هو ۽ ٻانهي صبح جو اهو خالي وٽو کڻي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح هو فقير ته ڏنڊو مشٽنڊو ٿي ويو ۽ ٻئي طرف مجنون وڃي هڏن جي مُٺ بچيو. ويترن مجنون جنهن وڻ هيٺ ويهندو هو، اُتان اُٿي وڃي ٻئي وڻ هيٺان ويٺو. ان کان پوءِ اُهو فقير وڃي مجنون جي جاءِ تي ويٺو، جنهن ڪري سندس ٻيگهي مچي ويئي. ڪجھ وقت کان پوءِ ليليٰ خيال ڪيو ته هاڻي مجنونءَ کي ضرور رتُ ماسُ چڙهي ويو هوندو. پڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي ٻانهي اُتي موڪليائين. اُن نين ٻانهيءَ وڻ هيٺان مشٽنڊي فقير کي مجنون سمجهي ليليٰ کي چيو ته، “مجنون ته کَل کان ڦاٽي ٿو.” ليليٰ کي عجب لڳو ته عاشق ماس چاڙهيندا ئي ڪو نه آهي، ته هيءُ قصو ڪيئن آهي؟ روزانو ڪٽي پهچائيندڙ ٻانهي کي پڇيائين ته “اڄ هيءُ خالي وٽي کڻي وڃ ۽ مجنون کي منهنجو نالو وٺي چئُه ته پنهنجي خون سان هيءُ وٽي ڀري ڏي.” ٻانهيءَ مجنونءَ واري جاءِ تي ويٺل فقير کي وڃي چيو ته، “ليليٰ جو حڪم آهي ته هيءُ وٽي رت سان ڀري ڏي”. ان تي هن فقير جواب ڏنو ته، “مان ڪُٽيءَ کائو مجنون آهيان، رت ڏيندڙ مجنون هُن ٻئي وڻ هيٺان ويٺو اٿيئي.” اهو چئي اُهو فقير اُٿي هليو ويو جو سمجهائين ته آئينده جا مال ڇُٽا، ڇاڪاڻ ته ليليٰ کي حقيقت معلوم ٿي ويئي آهي.

    - “عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر نه ڪو نه ٿيلهيندو.”
    (سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، ۱۹۶۶ع، صفحو ۱۱۲.) مارئيءَ وارا ماروُ ماڻهو ملير واري ايراضيءَ ۾ گذر ڪندا هئا. سندن ابا ڏاڏا گجرات جا ٺاڪر هئا، جي زماني جي گردش ڪري ملير ۾ آيا هئا. چون ٿا ته مارئي پنهنجي حُسن ۽ لڇڻن ۾ نِجي سون هئي ۽ مُرڪ ۾ بجليءَ وارو اثر هوس جو دل کي ڌوئي اُجاري ٿو ڇڏي. بدن هڪ سڌي سنئين هاٺي ۽ عضوا حسين ۽ ملائم ڪاٺي. هڪ پاڪ دامن هئي. توڙي ملير ملڪ، برسات بعد هڪ گلزار ٿي ڏٺو، پر هيءَ کٿيري ڪنوار اِيندي اُنهيءَ گلزار ۾ به هڪ لاثاني گل هئي. اهڙي حسين ڇوڪريءَ جي هاڪ ٻُڌي عمر سومرو بادشاھ مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي ويو ۽ ملير ڳوٺ مان مارئيءَ کي زوريءَ کڻي ويو. تڏهن ڪن چيو ته عمر ملير تي متان ٻيو به ظالم ڪري. اِن تي ڪنهن سياڻي چيو ته عمر وٺي وٺي مارئي وٺندي، ٿر ڪو نه ٿيلهيندو. هن کي مارئي کپندي هئي، سا ڀڄائي ويو. پوءِ ملير جي ٻين ماڻهن سان هن جو ڪهڙو مطلب ٿيندو؟
    هتي ڏنل مثالن کان سواءِ ڪي ٻيا به لوڪ ڪٿائن سان واسطو رکندڙ پهاڪا سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. اهڙا ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    (1) لکين ليلائون چنيسر جي راڄ ۾. (ليلا چنيسر)
    (2) آڻين ۽ چاڙهين ڏُٿ ڏِهاڙي سومرا. (عمر مارئي)
    (3) ويئيءَ وهاڻيءَ دودي ناناڻا آيا. (دودو سومرو)
    (4) ناهي راڻو راڄ ۾ تڏهن مومل ٿي ماندي. (مومل راڻو)
    (5) ڏونگر ڪهڙو ڏوھ، جي ڏينهن ڏنگو مَ ٿئي. (سسئي پنهون)
    (6) پُڇن جي ميهارن کان، پڇي سو ميهار. (سهڻي ميهار)
    (7) اهڙو ئي الله جو پورهيتون پيش ڪري. (ليلا چنيسر)
    (8) اندر جو اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون. (سسئي پنهون)
    سنڌيءَ ۾ نصيحت آميز ٻارن جي آکاڻين به گهڻن ئي پهاڪن کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
    (1) گدڙ ڊاک نه پُڄي، آکي ٿُو کٽا.
    (2) اُها ڪڪڙ ئي مري ويئي جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي.
    (3) پاڻيءَ منجھ جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
    (4) سياڻو ڪانُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
    سنڌي ادب ۾ اهڙا عام پهاڪا به ملن ٿا، جن جي بنياد ۾ عام مشهور آکاڻيون آهن. مثال طور:
    (1) انوُد ڪسائيءَ واري کڏ.
    (2) ائين ڦاٿو جيئن ٻلو ڦاٿو مَٽ ۾.
    (3) ائين ڀڳو جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ.
    (4) گهوٽڻ مهل گم هئا، ڇاڻڻ مهل ڇتا، پيئڻ مهل ائين آيا جيئن علي مراد جا ڪتا.

    (۴) قديمي حالتن متعلق پهاڪا:
    سنڌيءَ ۾ ڪافي پهاڪا اهڙا ملن ٿا، جن جو بنياد آڳاٽي سنڌ جون حالتون آهن. هتي انهن جا ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    عيسويءَ سن ۷۱۲ ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ هيٺ، عربن سنڌ جي گهڻي حصي قبضو ڪري ورتو. اِن طرح عربن جي حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ ۾ اسلام مذهب جي به شروعات ٿي. سنڌي ٻوليءَ تي عربي ۽ فارسي ٻولين جو اثر پوڻ شروع ٿيو. عربي ٻولي مسلمانن جي مذهبي زبان آهي، ته فارسي سڄي هندستان ۾ مسلمان حاڪمن جي دؤر ۾ سرڪاري ڪاروبار ۽ لکپڙھ جي ٻولي بڻي. اِن اثر جي ڪري هندستان جا گهڻيئي رهاڪو، هندو توڙي مسلمان فارسي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ لڳا ته جيئن سرڪار ۾ کين سٺو عهدو ملي سگهندو. سنڌ جي گهڻن ئي رهاڪن به اهائي واٽ ورتي. ان تي پهاڪو مشهور ٿيو. “پارسي، گهوڙي چاڙهسي”. (يعني فارسي پڙهندين ته گهوڙي تي چڙهي گهمندين). اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪو پارسيءَ جو عالم سرڪاري نوڪري حاصل نه ڪري سگهندو هو، ته پوءِ ماڻهو عجب وچان چوندا هئا:

    - پڙهي فارسي، وڪڻي تيل، ڏسو هيءُ قسمت جو کيل.
    سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت ۱۸۴۳ع ۾ شروع ٿي. ان کان پوءِ به گهڻيئي سال سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جو بول بالا هو. اِن ڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي فارسيءَ جو اثر نظر اچي ٿو.
    لاڙڪاڻي شهر جو بنياد ڪيئن پيو. انهيءَ تي هيٺ ڏنل چوڻيءَ مان روشني پوي ٿي:
    - هو قوم لاڙڪن جو هتڙي قديم ٿاڻو، پيو نانءُ پوءِ ان تي لاڙڪ تان لاڙڪاڻو.
    مطلب ته سنڌ جي انهيءَ خطي ۾ لاڙڪ ذات جا مسلمان رهندا هئا، جنهن تان اِن شهر کي لاڙڪاڻو سڏيوويو. ڪن عالمن جي ويچار موجب سنسڪرت ۾ جنهن لاٽڪ ذات جو بيان اچي ٿو، اُنهن مان ئي ڪي مسلمان بڻيا ۽ سندن نالي ۾ ‘ٽ’ جو اچار بدلجي ‘ڙ’ ٿيو.
    ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جو شهر گهڻو اوج تي پهتو. اِن تي سنڌيءَ ۾ هيٺيون چوڻيون مشهور ٿيون.
    - هجيئي ناڻو ته گُهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو.
    - ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گهُم خان لاڙڪاڻو.
    سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائبا ته معلوم ٿيندو ته آڳاٽي سنڌ تي گهڻو ڪري اُتر- اولھ طرف کان حملا پئي ٿيا. ان تي پهاڪو مشهور ٿيو ته:
    - جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارون جوکو.
    اي سنڌ، تاريخ ۾ توتي وقت بوقت قنڌار کان حملا ٿيندا رهيا آهن. افغانستان جي غزني شهر جو حاڪم ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ هندستان تي ڪاهي آيو هو. هُو گجرات جي مشهور سومناٿ مندر کي لُٽي پوءِ سنڌ جي رستي کان واپس غزنيءَ ويو هو. واٽ تي هن سنڌ ۾ به ڦرلُٽ ڪئي هئي. ان کان پوءِ ارغون (۱۵۵۸-۱۵۲۰ع) ۽ ترخان (۱۵۹۲-۱۵۵۴ع) سنڌ تي ڪاهي آيا هئا. هُو به افغانستان جا رهاڪو هئا.
    “سنڌ موچڙن سان سِڌي آهي”. هن چوڻيءَ مان به ظاهر آهي ته تاريخ ۾ ڌارين طاقتور حملي آورن گهڻيئي دفعا سنڌ تي حملا ڪري اُتي پنهنجي حڪومت برپا پئي ڪئي.

    گذريل زماني جا سِڪا ۽ ماپا:
    ڀارت جي آزاديءَ کان اڳ مسلمانن ۽ انگريزن جي حڪومت ۾ واپار ۾ جيڪي سڪا ۽ ماپا وهنوار ۾ ايندا هئا، اُهي اڄ ڪلھ جي سڪن ۽ ماپ جي ايڪن کان الڳ قسم جا هئا. اِنهن جي آڌار تي جيڪي پهاڪا ٺهيا آهن، انهن مان به اُن زماني جي حالتن جي ڄاڻ پوي ٿي. هتي ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    - ڪسيري جي ڪُتي، ٽڪي جا کائي ٽُڪر.
    - ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا.
    آڳاٽي زماني ‘ٽڪو’ ٻن پيسن جي برابر هو ۽ ڪسيرو پائيءَ کان به ننڍو سڪو هو.
    - ديوان جو دمُم دمڙيءَ جي دال تي.
    هن پهاڪي ۾ دمڙيءَ هڪ پراڻي سڪو هو، جيڪو پائيءَ کان به گهٽ هو.
    - ڪوڙي حرام، بُجڪو حلال.
    هن پهاڪي مان ڄاڻ پوي ٿي ته ‘ڪوڏي’ (هنديءَ ۽ اردوءَ ۾ جنهن کي ڪوڙي چئبو آهي) به پراڻي زماني ۾ واپار ۾ ڏي وٺ لاءِ ڪم ايندي هئي.
    - اڃا خرار مان چو ٿائي مس پيٺي آهي. (چوٿاي ¼)
    - واتئون خرار کاڄن، نڪُئون ڪڻو نه کاڄي. (خرار= ۲۴ مڻ)
    - اونڌيون پاٽيون پاسيرا ٽويا.
    مطلب ته جيڪو ماپ يا تور ۾ ٺڳي ڪري، تنهن لاءِ اهو پهاڪو چون. هتي ‘پاٽي’ ۽ ‘ٽويو’ جهوني زماني جا ماپا آهن، جن سان اَن ماپبو هو.
    - اٺين آني پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي، ڪري پيئي کوھ ۾، ٻه رپيا ڪڍاڻي.
    جڏهن ڪو خيسي شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو خرچ ڪري، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي. انگريزن جي راڄ ۾ رپيو هڪ مکيه سڪو هو. ان ۾ سورنهن آنا هوندا هئا. هڪ آني ۾ چار پيسا ۽ هڪ پيسي ۾ ٽي پايون هونديون هيون. ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ ناڻي جو نئون ڏهائي (ڊيسمل) سرشتو شروع ڪيو ويو. ان موجب رپئي ۾ ۱۰۰ پيسا مقرر ڪيا هيا. اڄ تائين ناڻي جي ڳڻپ جو اهوئي سرشتو هلندڙ آهي.

    ڀارت جي آڳاٽي تاريخ متعلق پهاڪا:
    سنڌيءَ ۾ ڪجھ پهاڪا اهڙا به ملن ٿا، جن جو تعلق آڳاٽي ڀارت جي تاريخ سان آهي. جيئن ته:
    - رامايڻ جي ڪٿا پوري ٿي ويئي، هُو اڃا پيو پڇي ته رام ڪير هو.
    - لنڪا کي باھ لڳي، ڀولي جي پڇ کان.
    - هنن جي گهر ۾ هميشه مهاڀارت لڳو پيو آهي.
    مهاڀارت جي مکيه ڪٿا پانڊوَن ۽ ڪوروَن جي لڙائيءَ سان واسطو رکي ٿي. ان ڪي مهاڀارت جو مطلب ٿي ويو آهي “لڙائي، جهڳرو، ڪلھ”.
    ساڳيءَ طرح سنڌ کان ٻاهر ٻين علائقن جي مشهور ڪن تاريخي ماڻهن جي باري ۾ به سنڌيءَ ۾ پهاڪا ملن ٿا. جيئن ته:

    - ڪٿي راجا ڀوڄ، ڪٿي گنگوُ تيلي.
    مطلب ته ٻنهي ۾ تمام گهڻو تفاوت آهي. هيءُ پهاڪو ڀارت جي گهڻين ئي ٻولين ۾ مشهور آهي. پهاڪي ۾ راجا ڀوڄ جي باري ۾ عالم سهمت نه آهن ته هتي ڪهڙي راجا ڀوڄ طرف اِشارو آهي. ان نالي سان الڳ الڳ دورن ۾ پنج ڇھ راجائون ٿي گذريا آهن. ممڪن آهي ته هن پهاڪي جو بنياد ڪنهن نيم تاريخي لوڪ ڪهاڻين تي بيٺل هجي. ڀانڊارڪر انسٽيٽيوٽ پوني، مهاراشٽر جي مرهيات ڪيوريٽر پي. ڪي گوڙي انسٽيٽيوٽ جي لائبربريءَ مان سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل هڪ دستخط هٿ ڪيو آهي. ان جو نالو؛ ‘وڪلپسُوتر’. اهو هٿ سان لکيل ڪتاب گوڙي جي انومان موجب ٽي سال کن اڳ جو؟ لکيل آهي. ان ۾ راجا ڀوڄ ۽ گنگو تيليءُ جي باري ۾ هڪ لوڪ ڪهاڻي ڏنل آهي، جنهن جو واسطو هتي ڏنل پهاڪي سان ٿي سگهي ٿو. (پونا اوريئينٽل سٽر، واليوم ۱۰، ن ۱-۲، ۱۹۴۵ع) هتي ٿوري ۾ ان سنسڪرت لوڪ ڪهاڻيءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اختصار ڏجي ٿو:
    هڪڙو هو شاگرد هُو ڏکڻ هندستان جي پرتِشٺانپور نالي شهر ۾ ويو ۽ اُتي هڪ عالم کي اُستاد هڪري هن وٽ ٽيھ سال کن رهي سڀني شاسترن جو اڀياس ڪيائين، پوءِ ته پنهنجي ڄاڻ تي ايترو ته گهمنڊ ٿيو جو پاڻ جهرو ڪنهن کي سمجهندو ئي ڪو نه هو. هُو شاسترارٿ (علمي مناظري) ۾ ٻين عالمن کي جيتڻ لاءِ سفر تي نڪتو. هن ٻڌو هو ته اُجين جي راجا ڀوڄ جي درٻار ۾ گهڻيئي عالم آهن. اُتي پهچي هن سڀني پنڊتن کي شاسترارٿ هارائي ڇڏيو. اِها حالت ڏسي راجا ڀوڄ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هُو پوءِ دل وندرائڻ لاءِ شڪار تي روانو ٿيو. واٽ تي ڏٺائين ته گنگو نالي هڪ ڪاڻو تيلي آهي. هر هڪ هٿ سان گهاڻو پيو هلائي ۽ ٻئي هٿ سان تيل ڪڍي ڏاڍي خبرداريءَ سان مَٽنَ ۾ پيو وجهي. اهو تماشو ڏسي راجا عجب ۾ پئجي ويو ۽ ان تيليءَ کي ويجهو وڃي کيس چيائين ته مان راجا ڀوڄ آهيان. منهنجي درٻار ۾ هڪ ماهر آيل آهي. تون ان سان شاسترارٿ ڪندين؟ گنگو تيلي هڪدم هاڪار ڪئي، پوءِ راجا آچر جي ڏينهن شاسترارٿ لاءِ رکيو ۽ گنگو تيليءَ کي وٺي اچي پاڻ وٽ رهايائين. درٻار ۾ گهڻيئي عالم اچي ڪٺا ٿيا. گنگو تيليءَ کي به سهڻا ويس وڳا پهرائي شان مان سان درٻار ۾ وٺي آيا. هُن سان گڏ پنجاھ شاگرد به هئا. راجا ڀوڄ ڏکڻ هندستان جي عالم کي حڪم ڏنو ته هن نئين آيل پنڊت کي شاسترارٿ ۾ جيتي ڏيکار. راجا جي اجازت ملڻ سان بحث شروع ٿيو. ڏکڻ ڀارتي عالم هڪ آڱر مٿي کڻي گنگو تيليءَ ڏانهن اشارو ڪيو. اهو ڏسي گنگو تيليءَ ٻه آڱريون کڻي عالم طرف اشارو ڪيو. اِن تي هُن عالم پنج ئي آڱريون ڦهلائي هٿ مٿي کڻي اشارو ڪيو. اُن جي موٽ ۾ گنگو تيليءَ وري ٺونشو ڏيکاريو. اها حالت ڏسي ڏکڻ ڀارتي عالم گنگو تيليءَ جي پيرن تي ڪري پيو. هن کي چيائين، “تو منهنجو غرور چوُر چوُر ڪري ڇڏيو آهي، تون منهنجي سوالن جا بلڪل صحيح جواب ڏنا آهن.”
    راجا ڀوڄ ڏکڻ ڀارتي عالم کان پڇيو ته مون کي اِن سڄي شاسترارٿ جي سمجهاڻي ڏي. اُن تي ڀارتي عالم پنهنجن سوالن جي سمجهاڻي ڏيندي ٻڌايو ته مون هڪ آڱر کڻي ڏيکاريون ته شِوَ هڪ ئي آهي، پر توهان جي عالم جواب ۾ ٻه آڱريون کڻي ٻڌايو ته شِو سان گڏ شڪتي يعني پاورتي به آهي. اِن کان پوءِ پنج آڱريون کڻي چيو ته اِندريون (حواس) پنج آهن. ان جي جواب ۾ توهان جي عالم مُٺ ڏيکاري جواب ڏنو ته اندريون برابر پنج آهن. پر اُنهن جي سونهن تڏهن آهي، جڏهن اُنهن کي وس ۾ رکجي. انهيءَ مان ثابت آهي ته اوهان جو هيءُ ودوان تمام گيان وان (ڄاڻو) مها پنڊت آهي. ان ريت سمجهاڻي ڏيئي اُهو ڏکڻ ڀارتي عالم راجا ڀوڄ کان اجازت وٺي پنهنجي شهر ڏانهن هليو ويو.
    اُن بعد راجا ڀوڄ گنگو تيليءَ کان شاسترارٿ جي سمجهاڻي گهري. گنگو تيليءَ جواب ڏيندي چيو ته “هي مهاراج، هيءُ شخص ته ڪو بدتميز ٿي ڏٺو. هن هڪ آڱر کڻي مون کي اشارو ڪيو ته تون ڪاڻو آهين. اِن تي مون. ڪاوڙجي ٻئي آڱريون ڏيکاري چيومانس ته تُون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو، مان تنهنجو ٻئي اکيون ڪڍي توکي انڌو ڪري ڇڏيندس. انهيءَ تي هن پنهنجو هٿ مٿي کڻي مون کي چماٽ هڻڻ جي ڌمڪي ڏني مون وري موٽ ۾ کيس ٺونشوپ ڏيکاريو.” گنگو تيليءَ جي اها سمجهاڻي ٻڌي راجا گنگو تيليءَ کي گهڻو ئي انعام ڏيئي کيس روانو ڪيو.

    - مقدر جو سڪندر.
    هيءُ پهاڪو به سنڌي، هندي، اردو، وغيره ٻولين ۾ مشهور آهي. ان جو مطلب آهي ته هُو تمام سٺي قسمت وارو آهي. هتي سڪندر لفظ راجا اليگزينڊر طرف اشارو ڪري ٿو. هو يونان جو مشهور بادشاھ هو. مهاراجا چندر گپت موريا جي ڏينهن ۾ هُو اُتر اولھ ڀارت جي ڪن حصن تي ڪاهي آيو هو، پر پنجاب ۽ سنڌ جي صوبن جي بهادرن هُن جو سخت مقابلو ڪيو. آخر هُو سنڌ مان عربي سمنڊ رستي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندي بئبيلان ۾ گذر ڪري ويو، پر اڄ تائين اليگزينڊر يا سڪندر جو نالو عظيم بهادر شخص تي ناتي مشهور آهي.


    ۵.۲ قدرتي ماحول ۽ جاگرافيءَ متعلق پهاڪا:

    ۵.۲ قدرتي ماحول ۽ جاگرافيءَ متعلق پهاڪا:
    جاگرافي هڪ وسيع معنيٰ وارو لفظ آهي. هن ۾ ڪنهن ملڪ، ڪنهن صوبي، ڪنهن شهر، ڪنهن ڳوٺ جا رڳو جبل، زمينون، نديون ۽ قدرتي حدون نه ٿيون اچن، پر اُن حد ۾ رهندڙ ماڻهو، اُتي جو قدرتي ماحول، وڻ ٽڻ، جانور، پکي وغيره به اچن ٿا.
    قدرت ۽ انسان جو ساٿ تمام جهونو آهي. ايامن کان ٻئي پنهنجي ڄاڻ مطابق هڪ ٻئي کي ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا اچن ٿا. انهيءَ ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جي عمل ۾ انسان ذات کي املھ تجربا حاصل ٿيا آهن. اِنهن تجربن جي آڌار تي پهاڪا ٺهن ٿا ۽ اُنهن پهاڪن جي وسيلي اسين جهوني تهذيب ثقافت، ۽ آڳاٽي ماحول جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا.
    سنڌ جي رهاڪن کي به شهرن مان، زمين مان، جبلن مان، جانورن پکين مان، وڻن- ٽڻن مان، ڀاڄين- ميون وغيره مان جهجهي تعداد ۾ تجربا مليا آهن. انهن تجربن ۽ آزمودن جي آڌار تي جيڪي پهاڪا ٺهيا آهن، تن مان سنڌين جي سماجي ۽ ثقافتي رُخ جي پروڙ پوي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ سان واسطو رکندڙ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، اُنهن جي جدا جدا قسمن جو هتي مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:
    آبهوا ۽ موسم:
    آبهوا جي خيال کان سنڌ کي گرم صوبو چيو ويو آهي. هتي برسات تمام گهٽ پوندي آهي. اُتر اولھ پاسي جبل، اوڀر پاسي راجسٿان جو ريگستان، جنهن جو ڪجھ پاسو سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ نوابشاھ توڙي خيرپور ضلعجن جي اوڀر ۾ به اچي وڃي ٿو، ڏکڻ اوڀر ۾ سمنڊ ۽ ڪڇ جو رڻ، ۽ ڏکڻ- اولھ ۾ عربي سمنڊ يا سنڌوُ ساگر بيٺل آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ سمنڊ سان ويجهڙائپ سبب ۽ ٻين حصن ۾ جبلن ۽ رڻ پٽ جي ڪري هر هنڌ الڳ الڳ موسم جو اثر ٿيو آهي. اِن ڪري هتي هر قسم جي موسم ٿئي ٿي. فقط مهاراشٽر، گجرات ۽ ڀارت جي ڪن ٻين حصن وانگر سنڌ ۾ چؤماسي جي مند ڪا نه ٿي ٿئي. سنڌ جي وچ مان سنڌوندي وهي ٿي جيڪا ڪئلاش مانسرووَر مان نڪري تبت، ليھ، لداخ جي پهاڙن مان لنگهندي اچي ڪراچيءَ وٽ عربي سمنڊ ۾ ملندي آهي. اِن نديءَ جي آسري تي ئي سنڌ آباد ٿي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ موسم سان واسطو رکندڙ گهڻيئي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن. انهن ۾ ڪجھ هن ريت آهن:

    - “آهڙ جي تتي ڏينهن، ساوڻ جي وسندي مينهن، سياري جي آڌيءَ رات، شل نه پوي هنگڻ تات.”
    (پڙهڻي: ڄيٽ ويساک جي تتي ڏينهن، پوھ مانگھ جي آڌيءَ رات، شال نه پوي ڪڏهن هنگڻ تات.)
    هيءَ پهاڪو/ چوڻي تڏهن ٺهي آهي، جڏهن ماڻهن کي ڪاڪوس لاءِ جهنگل ۾ وڃڻو پوندو هو، پر هِن چوڻيءَ جي آڌار تي اسان کي خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ آڙهڙ يا ڄيٽ جي مهيني ۾ ڏينهن گرم ٿيندا آهن ۽ ساوڻ يعني جولاءِ- آگسٽ جي مهينن ۾ ڪجھ برسات پوندي آهي. انهيءَ طرح سياري جي راتين ۾ اُتر سنڌ ۾ ڏاڍي ٿڌ پوندي آهي. اهڙي موسم ۾ ضروري حاجت لاءِ ٻاهر نڪرڻ مشڪل ڪم پوندو.
    ڀوجپُريءَ ۾ انهيءَ سان ميل رکندڙ هيءُ پهاڪو ملي ٿو:
    - “ڄيٺ ڪو دُپهريا، ڀادو ڪو اَنهرِيا، پوس ڪي ڀِن لهرا، اَڀاگا ڪام ڪريلو.”
    مطلب ته ڄيٺ مهيني ۾ منجهند وقت، بڊي ماھ جي رات اونداهيءَ ۾، پوھ ۾ صبح سوير، اڀاڳو ماڻهو ئي ڪم ڪندو آهي.
    “ڏکڻ مينهن نه وسڻا، جي وسي ته ٻوڙي،
    ڪانئر ڌڪُ نه هڻڻا، جي هڻي ته جهوري.”
    سنڌ ۾ گهڻو ڪري ڏکڻ/ اولھ کان برسات نه پوندي آهي. پر جي اِن طرف جي برسات پئي ته ٻوڙان ڪري ڇڏيندي آهي.
    - “وٺو ته ٿر، نه ته برُ.”
    ٿرپارڪار وارو گهڻو ضلعو آهي. هِتي آباديءَ جو گهڻو دارومدار برسات تي آهي. ٿر ۾ جي برسات پيئي ته اُهو سڄو علائقو سکيو ستابو ۽ سهڻو بڻجي پوندو، نه ته اُهو ريگستان ئي آهي.
    - “وسي ته ڪوھُ، نه ته روھُ.”
    ڪوهستان وار سنڌ جو علائقو برسات ۾ سهڻو لڳندو آهي، نه ته اُهو بُٺُ يعني سُڪل ملڪ آهي.
    - “سياري ۾ سيءُ پوي، آڙهڙ ۾ آريون، ڪنهن کي ساراهيون؟”
    سنڌ جي صوبي ۾، خاص طور سان اُتر سنڌ ۾ سردي ۽ گرمي ٻئي گهڻيون ٿينديون آهن، جيڪي پريشان ڪندڙ آهن.
    - “سياري جو سجُ، کڻُ پاءِ ۾ وڃي.”
    سياري جي وقت ۾ ڏينهن ننڍا ٿيندا آهن. اِنهن ڏينهن ۾ اوندھ جهٽ ٿي ويندي آهي ۽ جنهن ڪري ڪم گهٽ ٿيندو آهي.
    - “واھ مالڪ تنهنجي مايا، ڪٿي ڌوپ ڪٿي ڇايا.”
    هن پهاڪي ۾ موسم، پرڪرتي يا قدرت جي خوبين جو بيان ڪيو ويو آهي. مطلب ته ڪي سُکي ته ڪي دُکي آهن.
    - “وِلھ پيئي واڪا ڪري.”
    مطلب ته تمام گهڻي ٿڌ آهي.
    - “سوَڙ کڻي ٻاهر نڪرجي ۽ وِڃڻو کڻي اندر گِهڙِجي.”
    سنڌ ۾ هوليءَ کان پوءِ رات جو ٻاهر اڱڻ ۾ سُمهبو هو، پر پوءِ رات جو وڌيڪ ٿڌ پوڻ سبب مٿان سوَڙ وجهڻي پوندي هئي. بڊي ۾ سرءُ (پن ڇڻ) جي مُند ۾ رات جو اندر سمهبو هو، جيتوڻيڪ اندر گرمي ٿيندي هئي ۽ مڇرن سبب تپاولي ٿيندي هئي. اِن ڪري وِڃِڻو کڻي اندر سمهبو هو. ان ڪري سنڌ ۾ اها چوڻي ٺهي:
    - “ڦڳُڻ ڦُلاريو، راتيان سيارو، ڏينهن اونهارو.”
    مطلب ته ڦڳڻ يعني مارچ جي مهيني ۾ رات جو ٿڌ محسوس ٿيندي آهي، پر ڏينهن تي تِر ۽ مُوري کاڌا ويندا آهن. سِنڌ ۾ اُن کان پوءِ سياري جي ٿڌ گهٽجڻ شروع ٿي ويندي آهي.
    - “انبن ۾ ٻور، لڱن ۾ سوُر.”
    برسات کان پوءِ انبن جي وڻن ۾ ٻوُر (گل) اَچڻِ شروع ٿي ويندا آهن، جيڪي گرميءَ جي اچڻ طرف اشارو ڪندا آهن ۽ پوءِ وڻن ۾ انبن جو ڦل ٿيندو آهي. ان پهاڪي جو اشارو موسم جي تبديل طرف آهي، جنهن ڪري انسان جي لڱن ۾ سُور به ٿيندو آهي.
    - “ڏٺو چيٽُ، پيو انبن ۾ ميٺ.”
    چيٽ جي مهيني کان پوءِ انبن ۾ رس ۽ مٺاس اَچي ويندي آهي. .
    - “ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڊو وڏو چڀڙُ مٺو.”
    چڀڙُ رڳو ڏياريءَ جي ڏينهن ۾ ئي مٺو ٿيندو آهي. ٻين مُندن ۾ اِهو ڪؤڙو هوندو آهي.
    ڌيان ڇڪائيندڙ جملو “جل هِي جيون هِئه” (پاڻي ئي زندگي آهي) ڪيترن ئي هنڌن تي لکيل نظر اچي ٿو. لڳ ڀڳ ۵۰۵ع ۾ وارھ مِهِر لکيو آهي ته:
    اِن طرح موسم سان واسطو رکندڙ گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. اهڙا ئي ڪجھ مثال هِن ريت آهن:
    (1) ميوو سڀ مُندائتو مِٺو.
    (2) واءُ جبل اُڏائي ڇڏي، تنهن جي اڳيان ڪپھ ڇا آهي؟
    (3) جي وسي چيٽُ ته اَنُ نه ماپي کيٽُ،
    (4) جهڙ جي اُس، انڌي جي ٿُڪ، ماٽيلي ماءُ جي مُڪ، جتي لڳي اُتي سُڪ.
    (5) سياري ۾ سيئي چڱا، جن کي گهڻي ڇانھ.
    (مطلب ته سياري جي مند عياشيءَ لاءِ ۽ گرميءَ جي موسم بيمارن لاءِ ٺيڪ آهي.)

    مينهن جي موسم:
    زندگيِءَ جي امُلھ شين ۾ برسات يعني پاڻي هڪ خاص عنصر آهي. نه رڳو سڄي ڪائنات ۾ پر ماڻهوءَ جي پنهنجي جسم ۾ به ٽي حصا پاڻي آهن. اڄُ ڪالھ انساني زندگيءَ ۾ پاڻيءَ جي اهميت طرف ڌيان ڇڪائيندڙ جملا “جل هِي جيون آهي.” ڪيترن ئي هنڌن تي لکيل نظر اچي ٿو. لڳ ڀڳ ۵۰۵ع ۾ وارھ مِهر لکيو آهي ته:
    “انن جگتھ پِراڻاھ پرور ٽڪالسيه چاننمايتم
    يَسمادتھ: پَريکشيَھَ پراورٽَڪالھَ پريتنينَ.”
    (ڊاڪٽر تيواري، ڀوجپوري لوڪو ڪِتيان، صفحو ۷۱.)
    مطلب ته اَنُ ئي هن جڳت جو ساھ آهي ۽ هيءُ اَنُ برسات جي مند جي وس ۾ آهي. انهيءَ ڪري برسات کي ڌيان ۾ رکي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
    ڀارت ملڪ هڪ وڏو ملڪ آهي، جتي برسات الڳ الڳ وقت تي ۽ الڳ الڳ مقدار ۾ پوي ٿي. چيراپونجيءَ ۾ برسات سڀ کان وڌيڪ پوي ٿي ته ٻئي طرف راجسٿان جي واريءَ واري علائقي ۾ سڀ کان گهٽ. مهاراشٽر ۾ برسات جهجهي تعداد ۾ پوندي آهي، ته وري سنڌ پاڪستان ۾ برسات ڏاڍي گهٽ پوندي آهي. انهيءَ آڌار تي سنڌيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته، “مينهن ۽ مهمان، ٻئي ڪيترو وقت؟” يعني ٻئي ٿوري وقت لاءِ هوندا آهن.
    ڀارت ۾ مينهن سان لاڳاپو رکندڙ سائنس تمام پراڻي آهي. هوا، بادل، آڪاش، بجلي، آنڌي، طوفان، سج، چنڊ وغيره جي مدد سان مينهن جي اچڻ جو اطلاع ملي ويندو آهي. هاري ۽ ٻين ماڻهن جي اِنهن تجربن جي آڌار تي برسات ڪيترا ئي پهاڪا ٺهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ مينهن بابت گهٽ ويچار ڪيو ويو آهي، پر تڏهن به جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن ۾ مکيه هيٺين ريت آهن:
    - “مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇھ پهر.”
    مطلب ته برسات جي وسڪاري کان پوءِ برسات بند ٿي وڃڻ بعد به جهوپڙين جي ڇت مان گهڻي وقت تائين پاڻي پيو ٽمندو رهندو آهي.
    - “موليٰ مينهن وساءِ، ته ڪانئر ڇُٽن ڪم کان.”
    يعني مينهن سائين جي وس ۾ آهي ۽ ڪمچور ۽ گوسڙو کيس التجا ڪن ٿا ته هُو مينهن وسائي ته جيئن تيز برسات پوڻ سان هوُ.
    پنهنجن ڪمن تي وڃڻ کان بچي وڃن. هتي اُنهن جو مقصد مينهن پوڻ ڪري ٻني ٻاري ۽ ٻين فائدن جو نه ٿي ڪري، پاڻ ڪم کان بچڻ جو آهي.
    برسات ڌڻي سائينءَ جي مرضيءَ سان پوي ٿي، ان ويچار کي ڏيکاريندڙ پهاڪو راجسٿاني ٻوليءَ ۾ هن ريت آهي:
    معنيٰ ته مينهن تڏهن پوندو، جڏهن سائين جي مهر ٿيندي.
    - “پوکين تا ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿيئي ٻار ۾.”
    يعني ته کيتي پاڻيءَ تي دارومدار ڪري ٿي. پاڻي سُڪي وڃڻ بعد کيتي ڪا نه ٿي سگهندي. اِن ڪري جيسين ٻار ۾ پاڻي آهي، تيسين تون پوک ڪري لاڀ وٺ.

    ڪڪر:
    مينهن ۽ ڪڪرن جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. ڪڪر ئي مينهن بڻجي وسندا آهن. ڪڪر گجگوڙ ڪندا آهن ۽ اِنهن ۾ بجلي پيدا ٿيندي آهي. ڪڪرن جي رنگ ۽ اُنهن جي رُخ مان مينهن جو اندازو لڳائي سگهبو آهي. ڪڪر ڪارا، ڀورا، نيرا، ڳاڙها ۽ هئنڊا ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪڪر ڪارا هوندا ته ڏڪائيندا ۽ جي ڀُورا هوندا ته پڪ پاڻي وسائيندا. اِن بابت ڀوڄپوري پهاڪي ۾ هڪ سهڻو مثال آهي:
    - “ڪَرِيا بادر جيءُ ڊراوَن، ڀوُئر بادل پاڻي وسائيندا آهن.”
    (ڊاڪٽر تيواري، ڀوجپوري لوڪو ڪِيتيان، صفحو ۷۲.)
    معنيٰ ته ڪارا بادل ڏڪائيندا آهن ۽ ڀُورا بادل پاڻي وسائيندا آهن.
    - “لال پِييَر جب هويه آڪاس، تب نا با برکا ڪي آس.”
    (ڊاڪٽر تيواري، ڀوجپوري لوڪو ڪِيتيان، صفحو ۷۲.)
    يعني جڏهن آڪاش ۾ بادلن جو رنگ ڳاڙهو يا هئڊو هجي، ته برسات پوڻي جي آس نه ڪرڻ کپي.
    يعني: ڪڪر گجگوڙ ڪرڻ بعد پاڻيءَ جو وسڪارو به ڪندا.
    معنيٰ، گجگوڙ ڪرڻ وارا ڪڪر گهڻو ڪري پاڻيءَ جو وسڪارو نه ڪند آهن. انهيءَ ويچار کي ڏيکاريندڙ پهاڪو ڀوجپوري ٻولي ۾ هن ريت آهي:
    پڙهڻي: جو گجي، سو نه وسي.
    مطلب ته گرجڻ وارا ڪڪر ڪو نه وسندا آهن. وسڻ وارا ڪڪر گهُپ انڌيرو کڻي ايندا آهن.
    سج:
    برسات جو اصل سبب آهي سج. سج جي تپت سان سمنڊ جو پاڻي ٻاڦ بڻجي مينهن جي شڪل وٺندو آهي. ڀوجپوريءَ ۾ انهيءَ تي ٻڌل هڪ تُز پهاڪو ڏسو:
    - “جَتنا تپِي، آوتني برسِي.”
    معنيٰ، سج جيترو تپندو، برسات اوتري ئي وڌيڪ ٿيندي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ سج سان واسطو رکندڙ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    (1) سج ٻه پاڇا.
    (2) برهمڻ جو وچن، سورج جي ساکيا.
    (3) سياري جو سجُ، کڻُ پاءُ ۾ ئي وڃي.
    (4) سِر وئي کان پوءِ سج اُڀري نه اُڀري.
    (5) سج لٿي کان پوءِ اوير ڪانهي، ڦرئي کان ڀوَ ڀئهُ ڪانهي.
    (6) سج ايڪ پڇاوين، پاڇا ڏوُن، پيءُ دا بخٿ نه پُٽان نوُن.
    (7) سج ڄڻُ مٿانئس ٿو لهي چڙهي.
    اوڀڙ
    وڻ ٽڻ، ٻُوٽا، گاھ، ميوا، ڀاڄيون وغيره سنڌي پهاڪن ۾ ٻن شڪلين ۾ ڪتب آيا آهن. هڪ ته ساڳئي مطلب ۾ ۽ ٻيو تشبيهي شڪل ۾. جتي به پهاڪن ۾ انهن جو ساڳئي معنيٰ ظاهري شڪل ۾ استعمال ٿيو آهي، اُتي اُنهن جي مختلف ڪارگذارين تي ويچار ڪيو ويو آهي. پر جتي ونسپتي جو استعمال تشبيھ، استعاري يا مثال جي طور ملي ٿو، اُتي اُن جي پهرين معنيٰ جي اهميت گهٽجي وڃي ٿي. هتي ونسپتيءَ جي باريڪ جزن جو اڀياس ٻنهي صورتن ۾ ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انسان ۽ ونسپتيءَ جي رشتي جي اِنهن ٻنهي صورتن جو ڪجھ نه ڪجھ اثر پوي ٿو.

    اَڪُ:
    اڪ هڪ زهريلو ننڍو جهنگلي وڻ آهي، جيڪو ڊيگھ ۾ ڏهن ٻارهن ڦُٽن جي اندر هوندو آهي. اِن ۾ ننڍڙا اڇا گل ٿيندا آهن، جن کي “اڪ ڦلڙيون” چئبو آهي. اڪ ۾ انبڙيءَ جي شڪل جا ننڍڙا ڦَل به پيدا ٿيندا آهن، جن کي اڪ ٽِٽِڙا سڏبو آهي. اُنهن مان ڪپھ وانگر نرم تاندورا نڪرندو آهي، جنهن کي “اڪ جو کير” چئبو آهي. اُهو جيڪڏهن اکين ۾ لڳي وڃي ته اکين جي جوت هلي وڃڻ جو گهڻو امڪان ٿيندو آهي. پهاڪن ۾ “اڪ” جو مطلب گهڻي ڪري نقصان ڪندڙ شيءِ، مورک، نيچ انسان وغيره کنيو ويو آهي.
    - “اڪ آمو نه ٿئي، توڙي ڦُٽِي ڪرم ڦرُ.”
    اڪ جو وڻ جڏهن ڦٽي ڦل ڏيندو ته اڪ ٽِٽِرا ئي ڏيندو، ان مان مٺن انبن جي اميد رکڻ اجائي آهي. مطلب ته نيچ انسان ڪيتري به ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو سڀاءُ مٽائي نيڪ نه بڻجي سگهندو.
    - “اڪ ۾ آمو لڳو آهي.”۱
    معنيٰ اچرج واري ڳالھ ٿيڻ. ڪنهن اڻٿيڻي يا ناممڪن واقعي جي ٿي پوڻ تي ايئن چئبو آهي. ٻين ٻولين ۾ به انهيءَ مطلب کي ڏيکاريندڙ پهاڪا ملن ٿا. جيئن ته:
    (الف) آڪ ۾ آم ڦَلا. (هندي)
    (ب) آڪ ۾ آنٻو نيچجِيو. (راجسٿاني)
    (ج) اڪ وِچ انب ڦِليا. (پنجابي)
    - “اڪن کان آمان گُهري، ٻَٻُرن کان ٻير.”
    جهڙيءَ طرح اڪ جي وڻ مان انب جهڙو مِٺو ۽ سوادي ميوو نه ملي سگهندو، تهڙيءَ طرح ٻٻر مان ٻير نه ملي سگهندا. معنيٰ، جنهن ماڻهوءَ مان ڪم ٿيڻ جو آسرو ڪونهي، تڏهن به ڪوئي ماڻهو اُن مان ڪم ٿيڻ جو آسرو رکي، تڏهن ايئن چئبو آهي.
    ڪنهن ميدان تي چاهي ڪيڏو به وڏو وڻ هجي، پر جيڪڏهن اُهي اڪيلو آهي ته ڪمزور لکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اُهو وڻ طوفان يا واچوڙي جي سَٽ سهي نه سگهندو. مطلب ته انسان کي ٻين جو ساٿ هئڻ ضروري آهي. اُن سان دلي طاقت وڌي ٿي.
    (اچار = وانگر) جيئن وڻ جو پاڇو پيو ڦِرندو آهي، تيئن ماڻهوءَ جو جَسُ (ناموس) به پيو ڦِرندو آهي.
    - اندر ٻِڏ ٻُهون، ٻاهر آٽڻُ اَن جو.
    ٻِڏ لاڙ جي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ گاھ جي پاڙ آهي، جنهن کي ماڻهو ڏڪر ۾ اناج نه ملڻ ڪري، پيهي اٽو ڪري کائيندا آهن، پر ٻِڏجي اَٽي کي چاهي ڪڻڪ جي اَٽي جو آٽڻُ لڳائجي، تڏهن به اَن جو سواد نه ڦرندو.
    - سهڻا ٽوھ پٽن ۾ گهڻا.
    ٽوھ هڪ جهنلگي ڦل آهي. جيڪو ٻاهران سهڻو ۽ اندران ڪؤڙو ظاهر هوندو آهي. هي ڏسڻ ۾ گدري کان به خوبصورت ٿيندو آهي. معنيٰ ته ٻاهران جيڪو سٺو ۽ سهڻو هجي، پر اندر ۾ برو هجي، اُن لاءِ ائين چئبو آهي.
    - لنبُ، مکڻ چنبُ.
    ٿر ۾ لنب نالي گاھ پيدا ٿئي ٿو. اُهو گاھ جڏهن کير ڏيندڙ چوپايو مال کائيندو آهي، ته اُنهن جي ڏنل کير مان جهجهي تعداد ۾ مکڻ ملندو آهي.
    - لڀي لوڻڪ به ڪا نه، سَڌوُون مريڙي جون.
    لوڻڪ ۽ مريڙو ساڳ جا قسم ٿيندا آهن جن ۾ لوڻڪ هلڪي قسم جو ساڳ ليکيو ويندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي وڏي حيثيت واري سان ريس ڪري، تڏهن ائين چئبو آهي.
    - ميوو سڀ ڪو مُندائتو مٺو.
    ڪو به ڦَل پنهنجي مند يعني موسم ۾ ئي مٺو ٿيندو آهي. جيئن ته چڀڙ رڳو ڏياريءَ جي موسم ۾ ئي مِٺا ٿيندا آهن. يعني سڀ ڪم پنهنجي وقت تي ڪرڻ سان ئي سڦل ٿيندا آهن. مطلب ته هرڪا شيءِ پنهنجي وقت موجب سٺي ۽ سهڻي لڳندي آهي.
    - ملڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان سُمهن باغ ۾.
    سنڌ ۾ کجور يعني کارڪون وڏي تعداد ۾ ٿينديون آهن. وڏيري کي به ٽي کجور جا وڻ آهن، پر انهن هيٺان سمهي پاڻ کي وڏو زميندار ٿو سمجهي.
    - انب مان ڪريو، ٻير ۾ پيو.
    - انب پير جي هيٺان آهي.
    - آسمان تان ڪريو، کجيءَ ۾ اٽڪيو.
    مطلب ته ننڍي تڪليف مان نڪري وڏي تڪليف ۾ ڦاسڻ. انهيءَ ويچار تي هنديءَ ۾ هي پهاڪو آهي “آسمان سي گري، کجور ۾ اٽڪي”.
    - انبن جو سِڪون انبڙين مان ڪين لهن.
    وڏن جو پريَم آهي، سو ننڍن ۾ نه آهي.
    - انبن سندو ساءُ، اڪ ٽٽوُنئڙن مان نه اچي.
    انب ۽ اڪ ٽِٽوڙا شڪل ۾ ساڳيا آهن، پر ٻنهي جي سواد ۾ گهڻو فرق آهي. مطلب ته هر هڪ جو سواد ۽ سُڀاءُ الڳ الڳ هوندو آهي.
    - انبان ٻور، ڪلالان لاها.
    انب جي وڻ ۾ پهرين ٻور جهجهو نظر ايندو آهي، پر اُهو هوا ۾ گهڻي تعداد ۾ ڇڻجي ويندو آهي ۽ ڦل تمام گهٽ ملندا آهن. ساڳيءَ طرح ڪلال جي ڪمائي ڏسڻ ۾ گهڻي ايندي آهي، پر اوڌر سوڌر ۾ ختم ٿي باقي وڃي ٿوري بچندي آهي.
    - پلي سيري کان به ڀلي، سيري ۾ نه ساءُ، پلي گوڏا کوڙي کاءُ.
    پلي ڏڌڙيءَ جي ٻوٽيءَ جو گاھ آهي، جيڪو کاڌي لذيذ ٿيندو آهي.
    - ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻي ري لائي.
    موري دير سان هضم ٿيندي آهي، پر ٻئي کاڌي سان گڏ کائڻ سان بک وڌائيندي آهي.
    - ماءُ موري، پيءُ بصر، ڌيءَ گل زعفران.
    مطلب ته گهٽ گهراڻي جو ٿي ڪري وڏو تڪبر ڪرڻ.
    - ڪاتي ڪِري گدري تي، ته به گدري جوکو، گدرو ڪِري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو..
    يعني طاقتور يا وڏي ماڻهوءَ کي ڪو به ڏوھ ڪو نه ڏيندو آهي. سيٺ چُڪ ڪري ته گمائشتو جوابدار ۽ ي گمائشتو چُڪ ڪري ته به هو پنهنجي چُڪ لاءِ پاڻ ئي جوابدار آهي.
    مطلب ته بيڪار شيءِ کي خيراتي ڪمن ۾ ڏيئي ڇڏڻ.
    - چونڊيندي ٻير، وڃي پيا ککڙين تي.
    - وڻجن ٻير، کائين ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون.
    معنيٰ ڪمائي گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ ڪرڻ وارو شخص هميشه مشڪلات ۾ پئجي ويندو آهي.
    - واڱڻ ڪنهن کي وائي، ڪنهن کي پيٽي.
    واڱڻ کائڻ سان ڪِن کي وائي بادي ٿي پوي ته ٻين ڪِن کي اهي تمام لذيز ۽ ڀاءِ پوندڙ لڳندا آهن.
    - بک ۾ بصر مٺا.
    بک ۾ ڪؤڙي يا اڻ وڻندڙ شيءِ به مٺي لڳندي آهي.
    - ماکي نه مٺاڻ، ليمون نه کٽاڻ.
    ماکي آهي مٺي، پر اُن ۾ جيڪي گڻ ٿيندا آهن، اُهي کنڊ يا ڳڙ ۾ نه ٿيندا آهن. ان ڪري ماکيءَ کي مٺاڻ ڪري نه ليکبو آهي. ساڳيءَ طرح ليمون به کٽو ٿيندو آهي، پر اُن ۾ جيڪي گڻ آهي، اُهي ٻين کٽين شين ۾ نه هوندا آهن. ان ڪري ليمون کٽاڻ ۾ نه ڳڻيو ويندو آهي.
    - جتي ماکي اُتي مک.
    لوڀ واري شيءِ تي هر ڪو مڙي ايندو آهي.
    - عقل جو امير! چئيمانس ميٿي، آندائين ڪوتمير.
    ميٿي ۽ ڪوتمير سائي ڀاڄيءَ جا ٻه الڳ قسم آهن. انهيءَ پهاڪي جو اشارو اُتي هلت يا غلت ڪم ڪندڙ شخص طرف آهي، جيڪو پاڻ کي وڌيڪ سياڻو سمجهي ٿو. مطلب ته هن جو لاڳاپو اهڙي ماڻهوءَ سان آهي، جنهن کي چئجي هڪ ڪم ج و، پر هُو چيل ڪم ڇڏي ٻيو ڪو ڪم ڪري اچي.
    انهيءَ ويچار تي هيٺيان پهاڪا پڻ ملن ٿا:
    (1) اڪبر جو مقبر.
    (2) اٽي جو گهوٻاٽو.
    (3) عقل نو اوتٿمير، منگاوي ڀاجي، ني لئي، آوِيو ڪوٿ مير. (گجراتي)
    (4) اڪلانچي امير، سانگيتلي ميٿي، آڻلي ڪوٿمير. (مراٺي)
    - اکين لونگ لڳا جعفر ويا وسري.
    نوان دوست ٿيا ته جهونا وسري ويا.
    - اڻڄاڻ لاءِ جهڙي مصري تهڙي ڦٽڪي.
    بي عقل لاءِ چڱا مَٺا سڀ هڪ جهڙا. هندي ٻوليءَ ۾ اهڙي ويچار کي ڏيکاريندڙ پهاڪو هن ريت ملي ٿو. “بندر ڪيا جاني ادرڪ ڪا سواد”.

    شهرن ۽ جايُن متعلق پهاڪا:
    سنڌيءَ ۾ جدا جدا شهرن ۽ جاين، ندين ۽ طبعي حالتن سان واسطو رکندڙ پاڪا به چڱي تعداد ۾ ملن ٿا. اُنهن جا ڪجھ مثال هتي ڏجن ٿا.
    - حيدرآباد، هيرآباد، ڪندين گهڻا ڏينهن ياد.
    آزاديءَ کان اڳ حيدرآباد (سنڌ) رونق ڪري گهڻو مشهور هو. اُن ۾ هيرآباد واري ڪالوني سوُنهن ۽ فيشن پرستيءَ ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هئي.
    سو تمام مظبوط قلعو هو. ان تي هيءَ چوڻي ٺهي آهي.
    - هي خدا، جي تو سيوهڻ ٺاهيو آهي، ته پوءِ دوزخ ڇو ٺاهيُئِه؟
    مطلب ته سيوهڻ (سنڌ) ۾ گرمي تمام گهڻي ٿيندي آهي. اِن ڪري اُن کي دوزخ جي آزارن برابر ليکيو ويو آهي.

    سنڌ کان ٻاهر جي علائقن متعلق پهاڪا:
    سنڌيءَ ۾ اهڙا پهاڪا به گهڻيئي ملن ٿا، جن جو واسطو سنڌ کان ٻاهر جي علائقن سان آهي. انهن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    - انڌن وڃي ملتان لڌو آهي.
    آزاديءَ کان اڳ ڪراچيءَ کان وٺي ملتان تائين هڪ شاهي سڙڪ هئي، جنهن تي هيءُ چوڻي ٺهي آهي. هاڻي ته ٻيا به رستا ٺهي ويا آهن، جيڪي سنڌ کي پنجاب سان ڳنڍين ٿا.
    جي نه کائيندين ته به پڇتائيندين.
    هيءَ چوڻي دهليءَ جي ڳوٺن طرف اشارو ڪري ٿي.
    - جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا ساوا.
    هيءُ پهاڪو اُن زماني جو آهي، جڏهن سنڌ جا گهڻا ماڻهو انڊونيشيا ۾ جڪارتا، جاوا، سوماترا ۽ ملايا جهڙن ٻين شهرن ۾ پنهنجي روزگار لاءِ ويندا هئا. اُتي هوُ واپار ۾ گهڻو ناڻو ڪمائي شاهوڪار بڻجي ويا.
    - جو سُک پنهنجي دواري، سو نه بلخ نه بخاري. پر چوڻي اردو ۾ سنڌيءَ ۾ ناهي.
    اتر سنڌ خاص طور شڪارپور جا واپاري افغانستان، ايران، روس وغيره ملڪن ۾ واپار لاءِ ويندا هئا، پر هنن محسوس ڪيو ته چاهي ٻاهر اسين ڪيترو به گهڻو ناڻو ڪمايون ته به سنڌ ۾ پنهنجي گهر ۾ رهڻ جيترو سُک ٻاهر ملي نه سگهندو.
    جدا جدا شهرن ۽ علائقن جي رهاڪن بابت پڻ اسان کي ڪجھ پهاڪا ملن ٿا، جيئن ته:
    - پنجابي ايڪ ته ڀاوين ڏوُن ته جهڳائي جهوُن.
    مطلب ته جيڪڏهن توکي هڪ پنجابي گڏجي ته کيس ٻن جي برابر سمجھ، پر جيڪڏهن تنهنجو واسطو ٻن پنجابين سان پوي ٿو ته پوءِ سمجھ ته هو تنهنجو گهر ئي لٽي ويندا.
    - لاڙ جو پڙهيو، سري جو ڍڳو.
    مطلب ته ڏکڻ سنڌ جو رهاڪو ڪيترو به گهڻو ڇو نه پڙهي، پر هُو اتر سنڌ جي ڍڳن جي برابر آهي. هيءَ چوڻي لاڙ جي رهاڪن جي اُچارن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ طرف اشارو ڪري ٿي.
    - ڍءُ جهلي هڪ ڀاڀڙو، ٻي مينهن.
    اُتر سنڌ ۾ ڀاڀڙا ذات جا جين واپاري رهندا هئا. هو چاهي تمام گهڻا شاهوڪار هئا، ته به پنهنجي ناڻي جو ڏيکاءُ نه ڪندا هئا.
    - چريو سيوهاڻي، ڀتر ڍوئي گهر ڏي.
    سيوهڻ جا رهاڪو چاهي ڪيتري به گهڻي ترقي ڪن، ته به هو سادگيءَ سان زندگي گذاريندا هئا. اِن تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي. ڪي ماڻهو هن پهاڪي ۾ چُريو سيوهاڻي به ڪتب آڻيندا آهن، جيڪو درست نه ٿو لڳي.


    ۵.۳ جانور، پکي ۽ جيت جڻيا:

    ۵.۳ جانور، پکي ۽ جيت جڻيا:
    ايامن کان اِنسان ذات جو لاڳاپو الڳ الڳ جانورن سان رهيو آهي. تاريخي روايتن موجب ڪنهن زماني ۾ اِنسان پاڻ به جانورن وانگر جهنگلن ۾ رهندو هو. پاڻ کان هيڻن ۽ ڪمزور جانورن جو شڪار ڪري اُنهن جي ڪچي گوشت تي گذر ڪندو هو. ٿڌ ۽ برسات کان بچڻ لاءِ ٻين جانورن وانگر پنهنجي منهن ٽنگن جي وچ ۾ لڪائي ڪنهن وڻ يا دڙي جي آڙ ۾ لِڪي وڃي سمهندو هو. جيڪي جانور اِنسان کان وڌيڪ طاقتور ۽ درندا هئا، اُنهن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ جبلن جي عفائنِ يا کوکلن وڻن ۾ لِڪي پوندو هو. پر ڏسجي ٿو ته قدرت جي طوفان اِنسان جي مٿان ڪو راض هو جو کيس عقل ۽ ذهن ٻين جانورن کان ڪافي ڪثر ۾ عطا ٿيل هو. ٻي خاص وصف جيڪا اِنسان ذات کي مليل هُئي ۽ جيڪا اڃا به منجهس قائم آهي ۽ جنهن سبب هو آهستي آهستي ترقي ڪندو جهنگلي حالت مان نڪري اچي اڳوڻي اوج واري حالت کي رسيو آهي ساهيءَ آهي ته هُو هميشه هڪ ئي نموني گذر ڪرڻ مان ڪڪ ٿي پوندو آهي. مثال طور، ساڳين شين، ڪپڙن، کاڌي وغيره کي هو پسند نه ڪندو آهي. کيس پنهنجن حالتن ۾ سڌارو ۽ بدلاءُ آڻڻ جي هميسه ڳڻتي رهندي آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته اِنسان هميشه ترقي ڪري اڃا به وڌيڪ سٺي مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو هوندو آهي، اِن ڪري ئي هُو ٻين سڀني ساھ وارن کان اوچي درجي تي پهچي ويو آهي.
    زمانو گذرندو ويو ۽ اِنسان انهيءَ فطري وصف سبب هڪ ئي جهنگلي جانور وانگر فقط شڪار تي گذارڻ ڪرڻ مان اچي خفي ٿيو. جهنگل ۽ ٻيلن ۾ شڪار پٺيان ڦِرڻ سبب کيس وڻن ٻوٽن ۽ پنن کان سواءِ گُل ۽ ميوا به نظر آيا جي انسان ڏٺا ته فقط ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿين ٿا. آخر انهن کي چڱي ڏٺائين، جن مان کيس ڪُجھ رسُ ۽ سواد معلوم ٿيو ته پوءِ هو اُنهن جو واهپو به ڪرڻ لڳو، آخر نتيجو اِهو نڪتو جو فقط گوشت تي گذارو ڪرڻ سان گڏ سندن لاڙو پوک طرف پڻ ٿيو.
    اهڙيءَ طرح زمانا گذرندا رهيا ۽ انسان پنهنجي ترقيءَ جي راھ تي اڳتي وڌندو رهيو. فطرت جي اصولن سان پڻ سندس واقفيت وڌندي هلي. اِنهن اصولن جي آزمودي مان ڏٺائين ته گرمي ۽ سرديءَ جي موسمن بدلجڻ تي وڻن ۽ ٻوٽن ۾ نوان پن ۽ ميوا ٿين ٿا. جيڪي ميوا زمين تي ڪِرِن ٿا يا پاڻ جيڪي ميوا کائي اِنهن جو اندريون سخت ۽ بي سوادي حصو، هوُ کائي نه سگهيو ۽ زمين تي ڦٽو ڪري ساڳيو ئي ميوو يا ڦلُ ڏيڻ لڳو. اِهو به کيس معلوم ٿيو ته جتي برسات جو پاڻي ڪٺو ٿو ٿئي يا قدرتي ڍنڍن، ڍورن، يا ندين مان پاڻي اُٿل کائي اچي زمين تي بيٺو ته اُتي گاھ ۽ ٻوٽا پيدا ٿي ويا. اهڙن قدرت جي آزمودن مان سندس هوش ۽ حوصلو ڪافي وڌيا ۽ موسم جي تبديلي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ اثرن جي به کيس ڄاڻ پيئي. ائين ڪندي ڪندي آخر انسان کي ٻني ٻاري جي چڱي ڄاڻ ٿي ويئي. ان کان پوءِ هو پنهنجي کاڌي لاءِ گوشت کان سواءِ ميون، ڦَلن ۽ اناج جو استعمال به ڪرڻ لڳو.
    ٻني ٻاري جي هنر جي هٿ اچڻ تي سندس آزمودي ۾ هڪ نئون باب کُلي ويو. پوک ڪندي کيس اِهو محسوس ٿيو ته اِهو ڪمُ سندس اڪيلي سِر ڪرڻ وس کان ٻاهر آهي. کيتيءَ جي ڪم ۾ کي مدد جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. ڪجھ وقت گذرندي ۽ ويچار ڪندي انسان جي نظر اهڙن جانورن تي پيئي، جن کي هو ماري کائي سان ويندو هو ۽ اُهي جانور هن سان پُڄي نه سگهندا هئا. آخر اُنهن جانورن کي جيئرو ڦاسائڻ جو تدارڪُ ڪرڻو پيس، جنهن لاءِ هن کي الڳ الڳ ڪرڻو پيو. جانورن کي ڦاسائي ۽ وري انهن کان پنهنجي ضرورت موجب ڪم وٺڻ لاءِ به تدبيرون ڪرڻيون پيس. آخر ڪار پنهنجيءَ سمجھ، آزمودي ۽ حڪمتِ عمليءَ سان اُنهن جانورن مان اُهي نرم ۽ نازڪ هنڌ معلوم ڪري ورتائين، جن تي ٿورو ئي زور ڏيڻ سان جانورن کي آسانيءَ سان قبضي ۾ ڪري پنهنجيءَ گهرج موجب هلائي ڪم وٺي ٿي سگهيو. جيئن ته ڏاند کي ڏوريءَ جي نٿ نڪ ۾ هنيائين. اُٺ کي به نڪ ۾ مهار ۽ ناڪيلي وڌائين. گهوڙي ۽ گڏھ کي وات ۾ لغام وِڌائين. اهڙيءَ طرح هُن پنهنجي کيتيءَ جي ڪم ۾ جانورن کي استعمال ڪري ڏکئي ڪم کي سولو بنايو.
    اِنسان جيڪي جانور پاڻ وٽ پاليا، اُنهن مان به کيس گهڻي پروڙ پيئي. کير، مکڻ ۽ ڏُڌ جي خبر پيئي. نه فقط پاليل جانورن بابت اِنسان کي آزمودن حاصل ٿيو، پر جهنگلي جانور وقت پوک کي کائيندا يا ٻي طرح نقصان رسائيندا هئا، اُنهن کي هڪالي ڀڄائڻ لاءِ باھ ٻارڻ، پاڻي ڀريل کَڏُن ۾ ڦاسائڻ يا ڪڏهن ڪڏهن وڏو آواز به ڪرڻ لڳو، جنهن لاءِ ٻڪر يا رڍ جهڙي جانور جا پورا سڱ وڄائي شورُ مَچائڻو پوندو هوس. انهيءَ آڌار تي چوڻي ٺهي اڄوڪي زماني ۾ جڏهن ماڪڙ اچي فصل جو نقصان ڪندي آهي ته وري هاري دُهِل، دٻا وغيره وڄائي، شور غُل ڪري، ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڪندا آهن. وقتي جي جهنگلي جانورن مان ڪو جانور ڦاسي يا مري پوي ته اُن جي کَل، چرٻي، گوشت يا هڏين مان ڪهڙو ڪم وٺجي، کيس اِها به سُڌ پيئي. مطلب ته جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن اِنسان به جانورن بابت پنهنجي آزمودن جي آڌار تي پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندو ويو. پنهنجي وسيع ۽ پوري آزمودي مان هو هاڻي سمجهي ٿي سگهيو ته ڪهڙا جانورن سمجهو ۽ ڪهڙا جانور موڳا آهن. ڪهڙا جانور ساڻس وفادار يا ڀروسي جهڙا آهن. ڪهڙا جانور پنهنجو ڪم سنئون سڌو يا ٿوري اشاري تي ڪري سگهن ٿا ۽ ڪهڙن جانورن کي وس ۾ ڪرڻ لاءِ لٺِ يا چابُڪ جو استعمال ڪرڻ گهرجي. قصو ڪوتاھ ته اسان کي جانورن جي هر پهلو، شڪل، تشبيھ، رنگ ڍنگ، کاڌي خوراڪ، عادتن، خصلتن خواھ اُنهن جي آوازن ۽ اونائڻ جي ايتري قدر چٽي ڄاڻ پئجي ويئي جو مزاجاً اِنهن آزمودن کي اِنسان بنسبت پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪتب آڻڻ لڳو. مثلاً ڪنهن ماڻهوءَ جو هيٺيون چپ وڏو ۽ لڙڪندو ڏسي ڪنهن شخص جي وات مان هي اکر نڪتا- “چُپ ته ڏسوسِ، اُٺ وانگر پيو لڙڪيس،” ڪو ڇوڪرو راند ڪندي مهل مِٽيءَ ۾ پئي ليٿڙيو. اُن لاءِ ڪنهن چيو ته ،گڏھ وانگر پيو مِٽيءَ ۾ ليٿڙي.” ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ جوش سان وڙهندو ڏسي ڪنهن چئي ڏنو “هي ته ڪُتن وانگر هڪٻئي جو ماس پيا ڇنن”. اِهي اکر اهڙا ته نج ۽ موزُون ثابت ٿيا جو ساڳين حالتن هيٺ وري وري ڪتب اچڻ لڳا. آهستي آهستي اهڙن اکرن يا جملن محاورن جي شڪل اختيار ورتي. وقت بوقت ڪيترا ٻيا به موزون اصلاح جانورن سان ڀيٽ وارا وري ساڳي طور ڪم اچڻ سبب ڦري پهاڪا، چوڻيون، مثال، مُشابهتون وغيره ٿي پيا ۽ آخر چڱي طرح ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا.
    نه فقط جانور ٻوليءَ تي اثر انداز ٿيا ۽ اُن ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ حاصل ڪيائون، پر اُنهن جا پاليندڙ يا اُنهن سان خاص تعلق رکندڙ به ٻوليءَ ۾ اثر نما ٿيا. اُٺن جا جت، ڏاند کي گهاڻي ۾ وهائيندڙ چاڪي يا ٻڪريءَ کي ذبغ ڪري گوشت وڪڻندڙ ڪاسائي ۽ رِڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ چاريندڙ ريڍار يا ٻڪرا وغيره به شمار ۾ آيا. اهڙن ماڻهن جي ڪارڪردگي ۽ خصلتن تي پڻ ڪيترا محاورا، چوڻيون وغيره چيا ويا. مثلاً اُٺن جو جت ڪوتاھ بي عقليءَ جو نشان بڻيو. ڪاسائي وري سنگدلي ۽ بيرحميءَ جو مثال بڻيو.
    جانورن ۽ اُنهن سان تعلق رکندڙ مُحاورا، پهاڪا، چوڻيون وغيره ۽ رواجي چالوُ پهاڪا وغيره گڏجي اسان جي ٻوليءَ ۾ چڱو خاصو ذخيرو بڻيا آهن. هِن مقالي ۾ اِها ڪوشش جاري رکي ويئي آهي ته اُنهن پهاڪن وغيره بابت جاچ ڪري معلومات حاصل ڪجي ته اُهي ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن جي هيٺ چالو ٿيا يا اُهي ڪنهن تاريخي يا ٻئي ڪنهن مکيه گهٽنا يا واقعي تي ٻڌل آهن. مطلب ته اُنهن پهاڪن جي پيڙھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش کي نظر انداز ڪو نه ڪيو ويو آهي. پر “سج به پاڇا آهي”. “ڪماليت جي پٺيان زواليت”. هلي اچي انسان جو اُهو سُڀاءُ جو کيس ساڳيءَ حالت تي راضي رهڻ نه ٿو ڏئي، تنهن کيس جانورن کان ڪم وٺڻ ۾ به بيزار ڪري ڇڏيو.
    جانور نه فقط ٻوليءَ جي پهاڪن وغيره ۾ جائگير آهن، پر ٻين ڪيترن ئي قسمن جي تصنيفن ۾ به کين دخل حاصل آهي. مثال طور درسگاهن ڏانهن نظر ڪجي ته شروعاتي سبقن ۾ الف- بي سيکارڻ لاءِ شڪلين ۽ تصويرن جو سهارو ورتو ٿو وڃي. ننڍرن معصومن کي الف- بي جا حرف رُکا ياد ڪرائي نه ٿا سگهجن، پر اُنهن حرفن کي ڪنهن شڪل يا صورت جي ٽيڪ ڏيڻي ٿي پوي. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهريون اکر ‘الف’ ڇڏي جي، اڳتي هلبو ته بي- بلا، ٻي- ٻڪري، پي- پلو، ڀي- ڀولڙو نظر ايندا. اڃا به اڳتي وڌبو ته رِڇُ، سانُ، گڏھُ، ڳيرو، شينهنُ وغيره پڻ ملندا. شڪلين ۾، خاص طور سان جانورن جي شڪلين ۾ جو ضرور اِنهيءَ سبب ٿو پوي جو ٻارن جي سمجھ بلڪل ڪچي آهي ۽ کين پنهنجي هئڻ جي ڪا به ٻُوجھ يا سمڪ ڪانهي، جنهن سبب هو ٻاهرني دُنيا ۾ هلندر چلندڙ جانورن يا رانديڪن کان متاثر ٿين ٿا. انهيءَ ڪري گهڻو ڪري، هر ٻوليءَ جي الف- بي جا حرف کين تصويرن رستي ياد ڪرائڻ آسان ٿين ٿا. ٻار تصوير ڏسي ڪري اُن جانور جو نالو ٻُڌي شروعاتي حرفن کي سولائيءَ سان ياد ڪري سگهندا آهن.
    ٻاراڻي درجي کان پوءِ ٻارن کي ننڍيون ۽ هلڪيون آکاڻيون ٻڌائي سبق پڙهايا وڃن ٿا. اُنهن ۾ پڻ جانورن ۽ پکين واتان نصيحت ڀريا نُڪتا چوايا وڃن ٿا، جيڪي ٻارن ۾ دلچسپي پيدا ڪن. هنن قسمن جي سبق ۾ ماکيءَ جي مٺاس، ماڪوڙي، ڏينڀو ۽ ٻين جانورن جو ذڪر اچي ٿو. هِن ڏس ۾ “ايسپ جون آکاڻيون”، دنيا ڀر ۾ مشهور آهن، جن ۾ گهڻو ڪري هر قسم جي جانور جو ذڪر اچي ٿو. ڀارت ۾ “پنج تنتر“ نالي ڪتاب گهڻو مشهور آهي. “هتوپديش” به جانورن جي- آکاڻين سان ڀريل آهي. اِنهيءَ کان علاوه ٻارن لاءِ مختلف ڪامِڪس ۽ فلمون به مشهور آهن، جن ۾ جانورن ۽ پکين جو جوڳو استعمال ڪيو ويو آهي. اڄ ڪلھ ٽي- وي ڊزني لئنڊ، موگلي، اسپائيڊر مين وغيره گهڻي ئي پروگرام آهن، جن ۾ ڪيترن ئي جانورن جو استعمال ڪري ٻارن لاءِ آکاڻيون ٺاهيون ويون آهن.
    ٻارن جي زبان سٻاجهڙي، ٻاتڙي ۽ مٺي ٿئي. انهيءَ سبب ٻارن لاءِ شاعري وغيره ۾ ٻارن جي ڏانُ جي ٻاتي ٻوليءَ جو به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو به استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو به استعمال ڪيو ويو اهي ۽ اُتي ڪيترن ئي جانورن جو ذڪر به اچي ٿو. جيئن ته:
    (1) ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي، اسين تُنهنجا ماڻهو، چٻينداسين ڏاڙهون.
    هيءَ کڙ کڙ ڪهڙي، ستن ڀائرن جهڙي،
    ست ئي ڀائر در تي، منهنجي ٻيڙي تڙ تي.
    (2) پئسو لڌم پٽ تان، پئسي ورتم گاھُ،
    گاھ ڏنم گانءِ کي، ڏنم کيرُ،
    کير ڏنم امان کي، امان ڏنو لولو،
    لولو ڏنمِ ڪانوَ کي، ڪان ڏنو کنڀُ،
    کنڀُ ڏنم ڪمانگار کي، ڪمانگار ڏنو تيرُ،
    تير ڏنم راجا کي، راجا ڏنو گهوڙو،
    چڙهي گهُمان، چڙهي گهمان،
    چندن ڦٽاڪو، جيئي منهنجو ڪاڪو.
    (3) ڪُونج ٻائي، ڪُونج ٻائي،
    ناناڻي گهرِ مينهن وِيائي،
    لوٽو ڀريو کير جو،
    ڍُڪُ تون ته ڍُڪُ مان.
    (4) ننڍڙي ٻار کي چيڙائڻ لاءِ چوندا آهن:
    “ٿانئون ڙي ٿانئون، توکي پيٽ ۾ بلائون،
    توکي ڪُنيءَ ۾ رڌائون، توکي وٽيءَ ۾ وِڌائون.”
    اِن طرح دنيا جي ٻولين ۾ پروليون، ڳجهارتون وغيره ملن ٿيون، اُنهن مان ڪِن ۾ جانورن جو ذڪر به اچي ٿو. پروليءَ ۾ يا ته جانور جو نالو ڪم آيل هوندو آهي يا وري پروليءَ جو جواب ڪو جانور هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙي قسم جون ڪُجھ پروليون ملن ٿيون.
    جيتوڻيڪ منهنجو اڀياس هتي پهاڪن تائين محدود آهي، پر جانورن جو ذڪر پروليون ۾ به ملي ٿو. اِنهيءَ ڳالھ جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    - هيتري تِر جيتري، راجا جي پڳ لاهي. (جُونءَ)
    - سوڙهيءَ ڳليءَ ۾ نانگ نچي. (سُٿڻ جي اُبداڻي ۾ اڳٽُ)
    - هڪڙا اچن ٻيا وڃن (ڏينڀوءَ جو مانارو.)
    سنسڪرت ٻوليءَ ۾ به شاگردن لاءِ عام سِکيا ڏيندڙ هڪ شلوڪ ملي ٿو، جنهن ۾ به جانورن جي خوبيءَ جو ذڪر ڪيل آهي:
    - ڪاڪ چيشٺا بڪو ڌيانم، شوان نِدرا تٿيئوَجَ،
    الپاهار- گرهتيا گؤ، ايتي وديارٿي- لڪشڻا.
    مطلب ته ڪانوَ جهڙي تيز نظر هجيس، ڌيان ٻگھ پکيءَ جهڙو، ننڊ ڪُتي جهڙي، کاڌو بلڪل ٿورو ۽ گهر کان پريان رهي، اِهي پنج ئي لڇڻ ڪنهن به شاگرد يا وديا رٿيءَ ۾ هئڻ گهرجن.
    سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن پنهنجي نظر ۾ جانورن، پکين وغيره کي نظر انداز ڪو نه ڪيو آهي. شاھ عبدالطيف جهڙي چوٽيءَ جي شاعر پنهنجي سُرن ۾ اُٺُ کي خوب ڪم ۾ آندو آهي ۽ گهوڙي کي گهوٽن سان شريڪ ڪري کين اعليٰ درجي تي رسايو آهي. نانگ جون وصفون شاھ صاحب ڌار ڌار پيش ڪيون آهن. سُر مومل راڻي ۾ نانگ جي ڪاري رنگ ۽ ڊيگھ کي مومل جي ساهيڙين جي سوُنهن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
    گلبدن جون، گُجريون ارم اوڍِيائون،
    چوٽا تيل ڦُليل سان واسينگ ويڙهيائون-
    (سُر مومل راڻو)
    نانگ جي ٻي وصف، جا اوگڻ آهي، هن ريت پيش ڪيل آهي:
    - سنها ڀانءِ مَ سَپ، وِياءَ واسينگن جا،
    - جنهين جي جهڙپ، جُنگن کي جوکو ٿئي.
    هڪ ٻئي هنڌ تي شاھ صاحب چيو آهي.
    - عشقُ ڪارو نانگُ، خبر کاڌن کي پوي.
    ٻيو مثالُ ڀنوَر جو وٺو. هِن ۾ ٻه ڪاري رنگ هئڻ ۽ گلن مان واس وٺڻ جي خصلت آهي. سندس ڪاري رنگ کي شاھ ڀٽائي مجازاً هيئن ٿو ڪتب آڻي:
    - نين سڪيلا سُپرين، ڀنوَر ڀِروُن ڀالا.
    آخوند گل محمد پنهنجي “ديوان” ۾ ڀنور جي اِها صفت ٿو ٻڌائي جا هر اِنسان ۾ هئڻ گهرجي، يعني ڀنورُ گُل جي ٻاهِرئين ڏيک ويک يا رنگ تي نه ٿو موهجي وڃي، پر گل اندر جيڪا حقيقي سرهاڻ آهي، تنهن جي پٺيان ڦِري ٿو. گُل جيڪڏهن ڪاغذ جو هوندو ۽ سهڻي ڪاريگري به هُجيس، پر ڀنوَرو اِنهيءَ تي ڪين ايندو. هڪ سنڌي شاعر اهڙي گُل بابت چوي ٿو:
    - گُل هجي ڪاغذ جُڙيل توڻي هُجيس ٽَڪ سهڻي،
    اهڙي بي بُوءِ گل کي کڻي، تنهن کي سُنگهڻ ناهي روا.
    شاعريءَ کان نظر هٽائي جي مذهبي روايتن يا ڌرمي ڏندڪٿائن ڏانهن ٿو ڏسجي ته انهن ۾ به جانورن ۽ پکين جو خاصو ذڪر ملي ٿو. ‘مٿالاجي’ ته اهڙين روايتن سان ڀري پيئي آهي. هِندن ۾ ڳئون هڪ اهڙو جانور آهي جو پُوڄا لائق سمجهيو وڃي ٿو. گجرات ۾ هندو گهڻو ڪري ڳئون جو پُڇ جهلي پنهنجي مُنهن تي گهمائيندا آهن. اهڙيءَ طرح اُتر پرديش جا رهواسي ڳئون جي ڇيڻي کي سُڳنڌ سمجهي پنهنجي گهر ۾ ان جو ليپو لڳائيندا:
    هندو مِٿڪ شاستر (ڏندڪٿائي ڪتاب) موجب ديوتائين لاءِ سندن سورايءَ لاءِ الڳ الڳ جانور يا پکي مقرر ٿيل آهن. جيئن ته وشڻو ڀڳوان لاءِ گرڙ پکي، شِو لاءِ ڍڳو، سر سوتي ديويءَ لاءِ هنسُ، لڪشميءَ لاءِ اُلوُ، گڻيش لاءِ ڪوئو، وغيره.
    حضرت ابراهيم جنهن پهرين ڪعبو شريف جوڙيو، تنهن تي جڏهن ٻاهران حملو ڪري آيا ته ابابيل پکين پنهنجي چهنب ۾ ننڍا پٿر يا ٺِڪريون ڀري دشمن مٿان وسايا، جنهن سبب هو شڪست کائي موٽي آيا.
    جيوتش وديا يا علم نجوم جو آسان جي ستارن ۽ اُنهن جي هلچل سان واسطو آهي. جيوتش موجب جيڪي راشيون (گرھ) مقرر ٿيل آهن. انهن سان ڪيترين جو لاڳاپو جانورن سان آهي. جيئن ته، ميش، ورش، ڪرڪ، سِنهن، ورشچڪ، مڪر، مينَ. اِهو مڃيو وڃي ٿو ته ٻار جنهن راس جو هوندو، اُن راس جي جانور جا گُڻ به ٻار ۾ پڻ موجود هوندا.
    هندو ڌرم جي روايت موجب جڏهن ڪو ٻر پيدا ٿيندو آهي ته ان جو نالو رکڻ لاءِ ان ٻار جي پيدا ٿيڻ وقت تي آڪاش ( آسمان) ۾ جيڪو نکٽ هوندو آهي، انهيءَ آڌار تي ٻار جي نالي جو پهريون اکر ڪڍيو ويندو آهي. پيدا ٿيل ٻار جي راس اُها مڃي ويندي آهي، جنهن راس ۾ چنڊ ٻار جي پيدا ٿيڻ جي وقت جي بيٺل هجي، راسيُن جي آڌار تي ئي ٻار جي فطرت جو اندازو لڳايو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت، شاديءَ جي وقت تي به ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي راسين (گرهن) جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪري اهڙو اندازو لڳايو ويندو آهي ته اُنهن جو اڳتي وقت سٺو گذرندو يا نه. جهڙيءَ طرح ٻه جانور پاڻ ۾ مخالف ٿيندا آهن، اهڙيءَ طرح راسيون به پاڻ ۾ به مخالف راسين واري ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي شادي پاڻ ۾ ڪئي وڃي ته اُهي پنهنجي زندگيءَ ۾ سُکي نه رهي سگهندا آهن.
    جهڙيءَ ريت هندو ڌرم ۾ ماڻهن کي راسين موجب الڳ ورگ (قسم) ڏيئي ڪري ڪنهن جانور جي اهميت سان ان جو لاڳاپو ڪيو ويو آهي، انهيءَ طرح چين ۽ جاپان ۾ هر هڪ سال کي ڪنهن جانور جي پٺيان شمار ڪيو ويو آهي. اِن لاءِ ٻارنهن جانورن جو آڌار مڃيو ويو آهي.
    (۱) ڪتو (۲) سوئرُ
    (۳) ڪوئو (۴) ڏاندُ
    (۵) چتو (۶) سهو
    (۷) ڊريگن يا ازدها (۸) نانگُ
    (۹) گهوڙو (۱۰) رِڍ
    (۱۱) ڀولڙو (۱۲) ڪُڪڙ يا مرغو
    سال ۱۹۹۴ع ڪتي وارو سال هو، ۱۹۹۵ع سوئر وارو سال ۽ ان بعد ڪُوئي وارو سال ٿي گذريو. اهڙيءَ ريت ڪُڪُڙ واري سال تي ٻارنهن سالن جو هڪ چڪر پورو ٿيندو ۽ وري نئون ڦيرو ڪُتي جي سال سان شروع ٿيندو. انهن ملڪن جي ماڻهن ۾ اهو ويساھ آهي ته جنهن سال ۾ ڪو ٻار پيدا ٿيندو، اُن ۾ انهيءَ جانور واريون خصلتون هونديون. مثال طور جيڪو سن ۱۹۹۴ع ۾ پيدا ٿيو هوندو، ان ۾ ڪُتي واريون عادتون هونديون ۽ هو پنهنجي ڪٽنب، مالڪ ۽ دوستن سان وفادار هوندو. سال ۱۹۹۵ع کي سوئر جو سال مڃي، هانگ ڪانگ جي سرڪار ٽپال جي ٽڪلين تي سوئر جي شڪل ڇپائي هئي.
    ٻوليءَ ۾ جانورن جي هستي اڃا تائين به اچي دنگي نه ٿي ڪري، پر اڃا ڪجھ اڳڀرو پنهنجو اثر رکي ٿي. انساني اوائلي تاريخ ڏانهن ڏسجي ٿو ته جڏهن انسان ڪجھ سُڌاري جي حد تي پهتا ته هو پاڻ ۾ گڏجي ڪري هڪ ئي گهر ۾ پاڙي ۾ رهڻ لڳا. آدمشاريءَ جي واڌ ٿيڻ سان ذاتيون ٺهيون ۽ قومن جي ارتقا ٿي. هن وقت سنڌ ۾ مسلمانن جون ٻه مکيه قومون ليکجن ٿيون: هڪڙا ٻلوچ ۽ ٻيا سماٽ. بلوچن جا پاڙا ۽ قبيلا سمورا پنهنجي وڏن جي پٺيان سڏجن ٿا. هڪ ڪتاب “اقوامِ بلوچان” سيد باز محمد شاھ جو لکيل آهي، جنهن مان هن ڏِس ۾ گهڻي خبر پوي ٿي. سماٽن بابت ڪو اهڙو ڀروسي جهڙو ڪتاب يا لکاوٽ ڪا نه ٿي ڏسجي، جنهن مان پاڙن، قبيلن وغيره جي ڄاڻ پوي ٿي.
    ڏسجي ٿو ته سنڌ جا اصل رهاڪو گهڻي انداز ۾ سما ۽ سومرا هئا، جيڪي سڀئي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا ۽ اُنهن اڄ تائين پنهنجي ذات قائم رکي آهي. سماٽن جون ڪي ذاتيون وري اهڙيون آهن، جن جا نالا جانورن جي پٺيان ٻڌل آهن. مثال طور: ڪيهر، ٻٻر، واگھ، شير وغيره. پنجاب ۽ سرحدن وارن علائقن ۾ ذات جا شير پاؤ ۽ شير موز ملن ٿا. اِنهن ۾ ڪي ڇِترا (ڪشترا) ۽ ڪي شِڪرا به آهن. گجرات جا ڪي مسلمان ذات جا گانگ آهن. سنڌ ۾ هڪ ذات سيال به آهي، جيڪي پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ سان واسطو رکن ٿا. مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي “سنڌي لغات قديميءَ” ۾ سيارڙا جي معنيٰ لکي آهي: مِروُن، سيارُ، سيالُ، شِگالُ، گدڙُ. ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سيال ذات وارن تي اِهي نالو هن جانور پٺيان رکيو ويو هجي.
    سنڌ جي هندُن ۾ هڪ ذات ‘گدڙ’ آهي، جيڪا ٻيراڻيءَ جي ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس جي علائقي ۾ ملي ٿي. اِنهي ذات وارن هندُن جو چوڻ آهي ته سندن ڪي وڏا هڪ دفعي شڪار ڪرڻ لاءِ گهران تيار ٿي نڪتا، سڄو ڏينهن هليا، پر کين ڪو شڪار هٿ ڪو نه آيو. آخر هڪ گدڙ ڏٺائون ۽ انهيءَ جو شڪار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻين ماڻهن کي جڏهن هن ڳالھ جي خبر پيئي ته انهن شڪار ڪندڙن جي ‘گدڙ’ ڇيڙ ڪري رکيائون جا پوءِ ڦِري سندن ذات جو نالو ٿي ويئي. ڪيئن به هجي پر اهو ته ممڪن آهي ته ‘گدڙ’ يا ‘سيال’ ذات ساڳئي جانورن جي نالي تي بيٺل آهن.
    ٻوليءَ ۾ جانورن جي نالن جا چڱا ئي مثال ملن ٿا، پر اِنهيءَ کان به وڌيڪ ماڻهن جي نالن ۾ به جانورن جو اثر ملي ٿو. جيئن ته: شير سِنھ، هاٿيراماڻي، گجيندر، گجانند، شير علي، ڏاندومل وغيره.
    سنڌي هندُن ۾ ذات کي ‘نُک’ چوندا آهن. ڪجھ نُکون پڻ جانورن جي نالن پٺيان ٻڌل آهن. مثال طور: مينڍا، گابا، ڳيرا (پنجاب ۾ يرا). هندُن ۾ ڪي برهمڻ به آهن، جيڪي عجيب و غريب ذاتين جا آهن. جهڙوڪ ڪاٺپاڙ، گاڏهي، پُڇرت وغيره. هنن ۾ هڪ ذات ڪوُئا چنڊا به آهي جا سچ پچ عجيب ڏسجي ٿي. ذات جا ڪُوئا ته ٿين ٿا. پر وري چنڊا، هڪ عجيب ڳالھ آهي.
    گڏھ جي ٻچي کي کودو، کوتو يا کودڙو به چوندا آهن. هندي ٻوليءَ ۾ اهو نالو عام يا رواجي آهي، پر سنڌ ۾ اهو نالو ڪنهن خاص مطلب سان رکيو ويندو آهي. جڏهن ڪنهن خاندان م پيدا ٿيندڙ ٻار جلد مري ويندا آهن ته اُنهن جا مائٽ نئين ڄاول ٻار جو نالو ‘کودڙو’ رکندا آهن، يعني اهو نالو اهڙو آهي، جنهن کي پيار جي نظر وچان ڏسي نه ٿو سگهجي ۽ مائٽن ۾ ڄڻ ته اهو ٻار پيار جي نظر کان محروم رکيو ٿو وڃي. اهڙيءَ طرح ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن ئي ٻارن جي مرڻ بعد اهڙي نالي وارو ٻار جيئرو ٿو رهي. مطلب ته ٻار مان پيار ۽ موھ جي نظر هٽائي ويئي ته بار بچي پيو. ٻيا ته اهڙائي ڪجھ نالو آهن. ڪؤڙو، مِرچوُ، کٽوُ وغيره.
    جانورن کان علاوه پکين تي به انسان نالو رکن ٿا. پکين مان باز نالو ماڻهن تي رکيو وڃي ٿو. جيئن ته باز محمد شاھ، شهباز خان، شاھ بازراڻي وغيره. طوطي تي به ڪجھ نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيئن ته طوطو خان طوطومل. پراڻي زماني جي زالن ۾ ‘طوطِي’ نالو به ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. انسانن ۾ ڪيترائي نالا اهڙا آهن، جيڪي سِڌو ئي پکين جي آڌار تي رکيل آهن، جيئن ته: مور خان، ڊيل، ڪونج، مئنا، ڪويَل، وغيره.
    ڪيترن جانورن ۽ پکين کي ڪن ملڪن جي قومي نشان ٿيڻ جو شرف حاصل آهي. مثال طور: انگلينڊ جي نشاني شير آهي ۽ انڊونيشيا ۽ آمريڪا جو قومي پکي وڏو باز آهي. ٿائلينڊ وارن هاٿيءَ کي، روس ۾ رڇُ، فرانس وارن ڪُڪُڙ ۽ آسٽرليا ۾ ڪنگروءَ کي پنهنجو قومي نشان ٺاهيو آهي. ڪراچي ميونسپل وارن پنهنجي نشانيءَ ۾ اُٺ کي شامل ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ ڪمائتو ۽ اصُل رهاڪو جانور مڃيو ويو آهي.
    آمريڪا ۾ فقط ٻه سياستي پارٽيون آهن: هڪ ڊيموڪريٽڪ ۽ ٻي آهي ريپبلڪن پارٽي. اِنهن ٻنهي پارٽين جون پنهنجون الڳ الڳ نشانيون آهن. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ گڏھ کي پنهنجي نشاني ڪري رکيو آهي ۽ ريپليڪن پارٽيءَ جي نشاني وري هاٿي آهي. اهي نشانيون اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ مقرر ٿيون هيون ۽ اڃا به موجود آهن.
    ڀارت ۾ اڃا به دستوري علم جي ڪمي آهي. اِنهيءَ سبب جڏهن چونڊن جو موقعو اچي ٿو ته قدرتي طور اِهو سوال اُٿي ٿو ته اڻپڙهيل ووٽ ڏيندڙن کي ڪيئن اميدوار جي ڄاڻ ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته هو اميدوارون جا نالا پڙهي نه نٿا سگهن. انهيءَ ڪري چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جي نالن سان گڏ انهن جون ڪجھ نشانيون به رکيون وڃن ٿيون، جيڪي گهڻو ڪري جانورن يا شين سان واسطو رکن ٿيون، جيئن ته ڳئون، گهوڙو، لالٽين، سائيڪل، ڪنوَل جو گل، هٿ جو نشان، وغيره. اهڙين نشانين جي رکڻ جو مکيه مقصد آهي ته جيڪي اڻ پڙهيل ووٽ ڏيندڙ آهن. اُهي اميدوارن يا انهيءَ جي پارٽيءَ جي نشان سان کيس سڃاڻي ڪري سندس نالي اڳيان نشان لڳائي پنهنجو ووٽ ڏيئي سگهن.
    ڀارت ۾ آزاديءَ بعد شروعاتي چونڊن وقت ڪانگريس پارٽيءَ پنهنجي اميدوارن جي لاءِ ٻن ڍڳن جي نشاني مقرر ڪئي، جيڪي هر ۾ جوٽيل ها. انهيءَ وقت ۾ ڀارت ۾ ايتري ترقي ڪا نه ٿيل هئي ۽ گهڻو ڪري ماڻهو کيتيءَ جي آڌار تي ئي گذارو ڪندا هئا. هارين جو ملڪ هئڻ ڪري اهڙي نشان جو فائدو ڪانگريس پارٽيءَ کي پهتو ۽ ماڻهن جهجهي تعداد ۾ ڪانگريس کي ووٽ ڏنا. ٻي اليڪشن ۾ به ڪانگريز پارٽيءَ وارن پنهنجي لاءِ ساڳي ئي نشان گهُري، پر مخالف ڌُر وارن به زور لڳايو ته اِها نشاني اُنهن جي پارٽيءَ کي ملي. آخر فيصلو ڪري اها نشاني خارج ڪئي ويئي. اُن کان پوءِ ڪانگريس پارٽيءَ کي ڳئون جو نشان مليو، جيڪا پنهنجي وَڇڙي (گابي) سان بيٺل هئي. ڀارت ۾ ڳئون جي هندو ڌرم جي خيال کان هڪ وڏي حيثيت آهي ۽ انهيءَ جو فائدو ڪانگريس پارٽيءَ کي به مليو.
    اهڙيءَ ريت اها ڳالھ ظاهر آهي ته جانورن جو استعمال نه رڳو نالا رکڻ ۾، يا ٻوليءَ جي ڪم آڻڻ ۾ بلڪ سياسي طور سان به ٿئي ٿو. اڄ ڪالھ به ڀارت جون مختلف پارٽيون پنهنجي سياسي نشان جي حد لاءِ جانورن جي چونڊ ڪن ٿيون. جيئن ته شِوسينا پارٽي شينهن کي، بهوجَن سماجوادي پارٽيءَ هاٿيءَ کي چونڊيو آهي. هاڻي جانورن جي نشانيءَ جو استعمال نه رڳو سياسي پارٽيون ڪن ٿيون، بلڪ ڪيترا واپاري به پنهنجي سامان وڪڻڻ لاءِ جانورن جي شڪلين جو استعمال ڪن ٿا.
    آخر ۾ حالتن جو جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته انسان ذات ۽ جانورن جي وچ ۾ جيڪي تعلق هو، سو هن وقت اهڙو گهاٽو ۽ گهرو ڪونهي، جيڪو ماضي ۾ هو. پر ساڳئي ئي وقت اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جانورن ڏانهن سندن هلت چلت ۽ نوع جي طرز ۾ ڪافي بهتري ٿي آهي. انسان جڏهن وحشي حالت مان نڪري ماڻهپي جي راھ تي آيو ۽ ٻني ٻاري تي به ڀاڙڻ لڳو ته جانورن سان سندس رشتو به وڌندو ويو. ماڻهوءَ جو سُڀاءُ جيڪو پهرين جهنگلي، ڇِتو ۽ درندو هو، سو پڻ آهستي آهستي تبديلي ڪندو نرم ۽ مٺو ٿيندو ويو.
    زماني جي گردش ۽ اُنهن مان پيداوار ٿيندڙ نتيجن جو اثر اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي به ٿيو آهي. جانورن سان واهپو گهٽ تي وڃڻ سبب اُنهن تي ٻڌل پهاڪا، چوڻيون، مشابهتون وغيره پڻ گهٽ ڪتب اچن ٿا. اهو به ممڪن آهي ته وقت گذرڻ سان اِهي به گذري وڃڻ معني استعمال ٿيڻ بند ٿي وڃن.
    هن موضوع تي بحث ڪري جو ابه ڪارڻ آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر اهڙن پهاڪن جا مثال هِتي هڪ جڳھ تي گڏ ڪجن. جيئن ته اِهي سنڌي ٻولي ڳالهايندڙن کي ماضيءَ ۾ ڪيل ڪم ۽ رواجن جي جهلڪ پيش ڪري سگهن ۽ اها ڄاڻ ٿي سگهي ته ڪنهن وقت ۾ ٻوليءَ ۾ اهي پهاڪا ڪيتري اهميت رکندا هئا. زندگيءَ جي اوائلي دؤر جي آزمودن کي ئي خزاني وانگر ساڍي رکڻ ۽ پهاڪا ادب جو هڪ حصو آهن.
    اسان جي ٻوليءَ جي لغت تمام وسيع ٿي ويئي آهي. سبب صاف آهي ته ورهاڱي بعد سنڌي ڳالهائيندڙ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦهلجي وسجي ويا. نتيجي ۾ مڪاني ٻولين جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ اچڻ لڳا. اها صورتحال ڪنهن به ٻوليءَ لاءِ خوشگوار آهي، پر گڏوگڏ مختلف ٻولين جي اثر هيٺ اچڻ سان سنڌ جي سنڌي ۽ ڀارت جي سنڌي ٻوليءَ ۾ فاصلو وڌي رهيو آهي، جيڪو خوشگوار آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪا، چوڻيون، اصلاح، ورجيسون ايتريون آهن، جو انهن جو ڇيڙو ڪونهي. انهيءَ آڌار تي ممڪن آهي ته جانورن، پکين تي ٻڌل پهاڪا وغيره سمورا هتي پيش نه ڪري سگهجن.
    پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتي جڻين جو بيان ٻن قسمن ۾ ٿيل آهي. پهرئين قسم جي پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن جي جنم، ارتقا ۽ رهڻي ڪهڻيءَ تي روشني وڌي ويئي آهي ۽ ٻئي قسم جي پهاڪن ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن جو استعمال ڪنهن ڳالھ کي چٽو ڪرڻ، خوبصورت بڻائڻ يا مثال ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
    پهاڪن سان واسطو رکندڙ جانورن پکين ۽ جيتين کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
    جانور:
    (1) کير ڏيندڙ: مينهن، ڳئون، ٻڪري، رڍ وغيره.
    (2) ڪم ڪندر: اُٺ، گهوڙو، گڏھ وغيره.
    (3) ننڍا: سهو، ڪوئو، ڳوھ، سانڊو، نوريئڙو وغيره.
    (4) جهنگلي: شينهن، هاٿي، سوئر، بگهڙ، گدڙ وغيره.
    (5) گهرو: ڪُتو، ٻلي وغيره
    (6) پاڻي وارا: مڇي، واگهو، ڏيڏر، ڪڇئون وغيره.
    پکي:
    (1) شهري: جهرڪي، ڪانءُ، مور، طوطو، ڪُڪُڙ وغيره.
    (2) جهنگلي: ڪُونج، هنجُ (هنسُ)، بازُ، سِرڻ، ڳِجھ وغيره
    ٻيا جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون:
    (1) زهريلا: وڇون، نانگ.
    (2) گهرو جيت: ڪوريئڙو، ٽِنڊڻ.
    (3) رت پياڪ: ڄؤر، مُنگهڻ، جونئن، چچڙا وغيره.
    (4) اڏامندڙ: مک، ڀنڀوَرو، پتنگ، مڪڙُ وغيره


    جانور، پکين ۽ جيتن سان تعلق رکندڙ عام پهاڪا:
    کيرُ ڏيندڙ جانور
    مينهن:
    مينهن ٿلهي متاري ۽ عام طور رنگ جي هوندي آهي. هنديءَ ۾ پهاڪو آهي يعني گهڻي کاڌي کائڻ سان عقل گهٽ ٿئي ٿو. اِهوئي سبب نظر ٿو اچي جنهن جي ڪري مينهن موڳي، اَڻاسي ۽ سُست هوندي آهي. هيءَ جانور مکيه طرح ٻن قسمن جو آهي. هڪ آفريڪا وارو ۽ ٻيو ايشيا کنڊ جو. ڪي مينهون ڀوري رنگ جون به هونديون آهن. مينهن جي نر کي سانُ يا پاڏو چئبو اهي. مينهن جي نر ٻچي کي ڪونهون ۽ مادي ٻچي کي وڇ چوندا آهن. مينهون ڌاريندڙ يا پاليندڙ کي ميهار يا ميهر سڏين. مينهن سان واسطو رکندڙ مکيه پهاڪا ۽ چوڻيون هن ريت آهن:
    - ڍءُ جهلي هڪ مينهن، ٻيو جهلي ڀاڀڙو.
    ڳئون ۽ ٻڪري جيڪڏهن گهڻو کاڌو کائين ته اُنهن کي آڦري ٿي پوندي آهي. پوءِ اُنهن جا مالڪ کين تيل پيارين ۽ ڪُٽيل ڪارا مرچ وغيره کارائين، جيئن کين ڇِڪون اڇن ۽ پيٽ مان واءُ نڪري وڃي، پر مينهن چاهي گهڻو کاڌو کائي ته به اُن کي آڦري ڪا نه ٿئي. هن پهاڪي ۾ ڀاڀڙا جينِن جي هڪ ذات آهي، جيڪي سنڌ ۾ به رهندا هئا. هو چاهي ڪيترا به شاهواڪار ٿي وڃن، ته به پنهنجي ڌن دولت جو ڏيکُ ڪو نه ڪن. هميشه سادا سُودا رهن. اِنهيءَ تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته جيئن مينهن ڍءُ جهلي وڃي ٿي، تيئن ڀاڀڙا به ڌن دولت جو ڍءُ جهلي وڃن ٿا. هُنن کي ناڻي جو غرور ڪو نه ٿو ٿئي، نه ڪو هو اُن جو ڏيک ڪن ٿا.
    - مينهن ڍائي هوري هلي، رِڍ ڍائي ٺينگ ڏئي.
    هن پهاڪي جو مطلب به اِهو آهي ته ست پيڙهياتو يعني خانداني شاهوڪار ماڻهو ڪيتري به دولت ڪمائيندو ته به غرور يا ڏيک نه ڪندو، پر ٻئي طرف پوءِ- ڍائي اِنسان کي جي چڱي دولت ملي ته هو رڍ وانگر پيو ٺينگ ٽپا ڏيندو ۽ غرور ڪندو. وقتي هو ٻين جي بي عزتي ڪرڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو.
    - مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه،
    ڳئون کي چوي هل ڙِي پُڇ ڪاري.
    مطلب ته نيچ ماڻهو جيڪو سڄو عيبن سان ڀريو پيو آهي، اُهو پنهنجا عيب ڏسي ڪو نه، پر ٻئي ۾ ٿوري به گهٽتائي ڏسندو ته کيس پيو ٽوڪيندو. هن پهاڪي سان ڀيٽيو: “پرڻُ چوي ڏونگهي کي، هل ڙي ٽِٽُنگا”.
    - نوَن ميهارن مينهيون ڌاريون، کٿا لاهي دونهون ٻاريون.
    مڇرن کان بچڻ لاءِ ميهار ڇوڏا، ڇيڻا، ڪاٺيون وغيره ٻاري دونهون ڪندا آهن ته جيئن مڇر مينهن کي تنگ نه ڪن. ڪو اڻ آزمودگار ماڻهو، دونهون ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن پنهنجا کَٿا جلائي ٿو ته اِها بيوقوفي چئبي. مطلب ته جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڌنڌي يا واپار جي پوري ڄاڻ نه آهي، اِن هوندي به هوُ اُن واپار ۾ داخل ٿئي ٿو ته نقصان پائيندو.
    - ميهار مينهن مان نڪتو ته وُڇن ڪهڙي پارت.
    ڪنهن مينهن جي مالڪ ميهار کي نوڪري مانن ڪڍي ڇڏيو ته اهو ميهار ٻئي نئين ميهار کي پيو عرض ڪري ته ادا انهن وڇن کي پارت اٿيئي. انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجانءِ. هيءُ پهاڪو تڏهن چئبو آهي، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڳالھ سان واسطو ٽُٽي وڃي، ته به پيو اُن باري ۾ سوچي ۽ فڪر ڪري مطلب ته جيڪا ڳالھ ڇڏي ڏني ته پوءِ ان جي باري ۾ سوچڻ نه کپي.
    جيڪڏهن ميهاري مري نه پوي ها ته پوءِ هُن جون مينهون رولو ٿي ڀٽڪنديون نه رهن ها. هيءَ پهاڪو اُتي ڪم آڻبو آهي، جتي ڪو ماڻهو گذاري وڃي ته هُن کان پوءِ سندس ٻار آوارا گردي ڪن ۽ ڀٽڪندا رهن. اِن حالت طرف هن پهاڪي ۾ ڌيان ڇِڪايو ويو آهي.
    - مينهون رهيون جهنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ.
    مطلب ته مينهون اڃا جهنگ ۾ پيون گاھ چَرن، هُو وَٿاڻ تي اڃا واپس نه آيو آهن، ته اُنهن کان گهڻو اڳ سندس مالڪ پيو بَرتن صاف ڪري ته مُنهنجون مينهون ڄاڻ آيون، جن لاءِ چَارو تِيار ڪَريان. جڏهن ڪو ماڻهو وقت کان گهڻو اڳ پيو ڪنهن ڳالھ جو سوچ ويچار ڪندو آهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
    مينهن جي پالڻ ۾ گهڻي محنت گهرجي. شوق سان ڪو ماڻهو مينهون خريد ڪري پر انهن جي سارسنڀال نه ڪري سگهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چون. هِتي ٺينهن جو مطلب آهي: خدمت ڪرڻ، سار سنڀال ڪرڻ.
    - وڙهن سانَ، لتاڙجن ٻوڙا.
    مطلب ته ڏاڍن مُڙسن جي لڙائيءَ ۾ ڪمزورن کي نقصان رسي ٿو.
    - اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا، اوُچرن پَٽ اوُچرن ٻيلا.
    مطلب ته اُٺن ۽ مينهن جي پاڻ ۾ برابري يا ساٿ نه هلي سگهندو. اُٺ ميدان تي پيل لاڻو کائن ٿا ته مينهون ٻيلن ۾ وڃي گاھ چرن ٿيون. هيءَ پهاڪو اُتي ڪم ايندو آهي، جتي ڌنڌي واپار ۾ ٻن اهڙن شخصن کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، جيڪي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهندا آهن.
    - وَڇ ڪُڏندي ڪِلي آهر.
    مينهن يا ڳئون جي ٻچي کي جي ننڍي نوڙي ٻڌبي ته هُو گهڻا ٺينگ ٽپا نه ڏيئي سگهندو، پر جيڪڏهن نوڙي ڊگهي آهي ته ان موجب وڏي دائري ۾ پيو گهمندو ۽ ٽپا ڏيندو. مطلب ت هرڪو پنهنجي اثر، رسوخ يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان پهچ هئڻ مطابق ڪڏي ٿو يا ناز ڪري ٿو.
    - جاڳندن جون وڇون، سُتلن جا ڪوُنهان.
    جيڪي ماڻهو محنتي ۽ خبردار آهن، اُنهن جون مينهون وڇون ڄڻين ٿيون، جيڪي وڏيون ٿي کير ڏين ٿيون ۽ ٻار ڄڻين ٿيون. اِن سان اُنهن جي مالڪ کي گهڻو لاڀ ٿئي ٿو، ٻئي طرف جيڪي سُست آهن، اُنهن جون مينهون فقط ڪونهان يعني نرٻار ڄڻين ٿيون. اُهي وڏا ٿي فقط بار ڍوئڻ يا گاڏي ڪاهڻ جي ڪم اچن ٿا. مطلب ته سُست ماڻهوءَ کي گهڻو لاڀ نصيب نه ٿو ٿئي.

    ڳئون ۽ ڏاند:
    ڳئون کي هندوُ ڳئوُ ماتا به چوندا آهن. پر ڏاند کي سنڌيءَ ۾ ڍڳو، بيل ۽ بلد به چون. ڳئون جي نر ٻچي کي گابو ۽ مادي ٻچي کي گابي چئجي ٿو. اِنهن سان واسطو رکندڙ سنڌي محاورن ۽ پهاڪن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:
    - ڍڳو يا ڏاند هئڻ.
    مطلب ته گهڻو ڪم ڪندڙ يا وهندڙ هئڻ.
    - وهُو ڍڳي تي مار.
    مطلب ته جيڪو گهڻو ڪم ڪري تنهن کان ئي گهڻو ڪم وٺڻ.
    - ڏاند ڏُهڻُ.
    يعني ڪنجوس مان به پئسا هٿ ڪرڻ.
    يعني جيڪي نصيب وارا آهن اُنهن کي گهڻو فائدو رسي ٿو. پر نڀاڳن ماڻهن کي نقصان ئي نقصان پهچي ٿو.
    - ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
    مطلب ته بدنصيب انسان کي نقصان مٿان نقصان پهچي ٿو.
    - ڏٻري ڏاند (ڍور) کي مَڇر به گهڻا.
    يعني ڪمزور انسان کي وڌيڪ تڪليفون ملن ٿيون.
    - ڏاند چڙهي ٿو ڏک ڏسي.
    يعني/ سُک ۽ اَمن هوندي به پاڻ کي ڏکي ٿو سمجهي.
    - هوُ نال نه نيندا، هيءَ ڏاند چڙهندي.
    مطلب ته هُو کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ به نٿا چاهين، ۽ ٻئي طرف هيءَ پيئي انگل ڪري ته مان ڏاند تي چڙهي هُنن سان سفر ڪندس.
    - ڏاڍو سو گابو.
    يعني سمرٿ ڪو نهين دوش گُسائين. يا جس ڪي لاٺي اُس ڪي ڀينس. (ڏاڍي ماڻهوءَ جو ڪم ڏوھ ناهي يا جنهن جي لٺ، اُن جي مينهن).
    - اٽو کاڌو ڪوئي ته مار پيئي گابي تي.
    مطلب ته ڏوھ هڪڙي ڪيو پر سزا ٻئي کي ملي.

    ٻڪري:
    سنڌيءَ ۾ ٻڪريءَ تي ٺهيل پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال هن ريت آهن:
    - هر ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي.
    هر ڪنهن کي پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو.
    - ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.
    ٻڪريءَ جو ساھ ٿو نڪري، پر ڪاسائيءَ کي ته رڳو ٻڪريءَ جي گوشت سان واسطو اهي. ڀيٽيو: مروان موت، ملوڪان شڪار.
    - جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.
    يعني بدنصيب ماڻهو جنهن ڌنڌي ۾ هٿ وجهي، اُن ۾ هُن کي نقصان ٿئي.
    - ناڻو ڏجي آڪرو، گيھُ ڇو وٺجي ٻاڪرو؟
    يعني جيڪڏهن ڪو وڏي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ هو ٻڪريءَ جي کير مان ٺهيل گيھ ڇو وٺندو؟ (ڳئون يا مينهن جو کير مان ٺهيل گيھ سٺي جنس جو هوندو آهي.)
    - ٻُٽي ٻڪري به در تي ڪانهيس.
    يعني ايترو ته غريب آهي، جو سندس در تي ڪن ڪپيل ٻڪري به ڪانهي.
    - ٻڪري کير ڏئي ڦولڙين گاڏُر.
    يعني ٻڪريءَ کي جڏهن ڏهبو آهي ته هو اُن وقت ڦولڙيون به ضرور ڪيرائيندي آهي. اُنهن مان ڪجھ کير جي برتن ۾ به ڪرڻ جو اِمڪان هوندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ڀلائيءَ جو ڪم ڪري ڪنهن کي خيرات ۾ ڪُجھ ڏئي، پر اُن کي ٽوڪون به هڻي يا گهٽ وڌ ڳالهائي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
    - ٻڪري جنهن وڻ سان ٻڌجي،سو وڻ چَري.
    مطلب ته جتي ڪنهن شخص کي سهارو ملي، اُن کي ئي اُهو نقصان پهچائي تڏهن هيءُ پهاڪو چون.
    - اُٺ چري ٻٽيھ ته ٻڪري چري ڇٽيھ؟
    يعني ٻڪري کي اڄ نه ته سڀاڻي ڪاسائي مارڻ لاءِ کڻي ويندو. هُن جو موت ڪاسائيءَ جي هٿان ضرور ٿيڻو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو ڪي خاطري جا ڪم ڪندو هجي ته اُن کي اَڄ نه ته سڀاڻي نقصان ٿيڻ جو گهڻو اِمڪان هوندو آهي.

    رڍ ۽ گهٽيو:
    ننڍي چوپائي مال ۾ جيتوڻيڪ رڍون ۽ ٻڪريون گڏ شمار ڪيون وڃن ٿيون، پر ٻڪريءَ جي ڀيٽ ۾ رڍ هڪ موڳي ۽ سست جانور آهي. عام طور ماڻهو رڍن جا ڌڻ رکندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جا وار يا اُن وڪرو ڪندا آهن. رڍ کير ڏيندي آهي، جنهن مان مکڻ به ڪڍبو آهي. ڪي ماڻهو رڍ جو کير نه واپرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي ويچار ۾ ريڍو کير پيئڻ سان بدن ۾ خارش ۽ ملو پيدا ٿئي ٿو. اِن جو ٻيو سبب اهو به آهي ته رڍ جو پيشاب سندس ٿڻن تي ڪرندو آهي.
    رڍ جي نر کي گهٽيو چوندا آهن، ۽ سندس ٻچي کي گهيٽو هلڪي سلڪي رڍ کي ڪوُڪي به چون. ٿلهي ۽ متاري رڍ کي دُمبو چوندا آهن. اِنهن تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا ۽ محاورا هن ريت آهن:
    - رڍ جهڙو مُڙس آهي.
    يعني گيدي ۽ ڊڄڻو آهي.
    - رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون.
    يعني سڀئي هڪجهڙا آهن. منهجهن ڪو به فرق نه آهي.
    - رڍن اڳيان رباب وڃائيندي ورھ ٿيا.
    مطلب ته ڪنهن شخص کي گهڻو ئي سمجهائي، پر مٿس ڪو به اثر نه ٿئي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
    - ڍر ريڍو سِسي ٻاڪري.
    ڀيٽيو: آڌا تيتر آڌا بٽير. مطلب ته اڻٺهندڙ بيهڪ طرف اشارو ڪيو ويو آهي.
    - گهٽيو ڌاريم اُن لاءِ، هٿان چري ڪپھ.
    مطلب ته جنهن کي پاڻ وٽ سهارو ڏجي ته اُهو ئي نقصان پهچائي.
    - رڍ تئي سستي ته هر ڪو پڇ کڻي ڏسيس.
    يعني گهٽ قيمت واري شيءِ جو قدر ڪو نه ٿيندو آهي.
    - هو ويڙُهو گهيٽيو آهي.
    مطلب ته جهيڙا ڪو سُڀاوَ جو اِنسان آهي.
    - رن پُٽُ ريڍارُ، ڪانَ هڻي بُنڊ ۾.
    يعني جيڪو اِنسان بُنڊ يعني سُڪل وڻ ۾ پيو تير هڻندو ته اُن سان ڪو به مطلب حاصل ڪو نه ٿيندو. اهڙي شخص کي بيوقوف سڏبو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تڏهن به هيءُ پهاڪو چوندا آهن.

    ڪم ايندڙ جانور:
    اُٺُ:
    سنڌ ۾ اُٺُ تمام ڪارائتو جانور آهي. آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جو واپار آس پاس وارن ٻين ملڪن سان گهڻو ڪري اُٺڻ ذريعي ٿيندو هو. واپاري اُٺن تي مال ڍوئي قافلا ٺاهي راجسٿان، پنجاب، بلوچستان، افغانستان، ايران وغيره تائين واپار ڪرڻ ويندا هئا. اُٺن جي خاصيت اِها آهي ته اُهي ريگستاني علائقن ۾ به آرام سان گهڻيئي ڪوھ مسافري ڪري سگهندا آهن. اُنهن کي پاڻيءَ جي گهُرج به گهٽ هوندي آهي. اُٺن جا مکيه ٻه قسم آهن. لاڏوُ اُٺ جيڪي مال ڍوئڻ جي ڪم اچي ۽ مَهِري اُٺ جيڪي سواري۴ جي ڪم اچن. اُٺ جي ٻي خوبي اِها آهي ته گهوڙي وانگر اُن جي خدمت ڪرڻي نه پوندي آهي. منزل آئي ته مالڪ اُن کي ڏانوَڻ ٻڌي جهنگ ۾ ڇڏي ڏيندا. اِن حالت ۾ هو گهڻو پري ڀڄي ڪو نه ويندو ۽ ميدان ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيو چرندو. اُٺ کي مالڪ ٿورو ڳُڙ ۽ لوڻ کارائيندا آهن ته هُن جي مسافريءَ جو ٿڪ لهي ويندو آهي. اِن ڪري اردوءَ ۾ هڪ چوڻي آهي: “اُونٽ فرتي ڪي ذات هئه”. اُٺ جي مادي کي اُٺِ، اُٺِڻي يا ڏاچي چون. اُٺ جي ٻچي کي؟ عام طور توڏو يا ڪوانٽ چئبو آهي. هِتي اُٺ تي ٺهيل ڪُجھ پهاڪا ۽ چوڻيون ڏجن ٿا:
    - اُٺ واري اَوجهري اَٿس.
    مطلب ته پيٽوڙي يا گهڻو کائيندڙ آهي. اُٺ جي اوجهري ٻين جانورن جي اوجهريءَ کان وڏي ٿيندي آهي. اِن ڪري هو ريگستان جي سفر ۾ ٻن ڏينهن جو کاڌو پاڻي ڪٺو ڪري رکندو آهي.
    - اُٺ جي لاهيءَ کي به لعنت، ته چاڙهيءَ کي به لعنت.
    مطلب ته اُٺُ چاهي اُتاهينءَ تي مٿي هلي يا پهاڙيءَ تان هيٺ لهي، ٻنهي حالتن ۾ اُن جي سوار کي گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ساڳيءَ طرح اُٺ جي ويهڻ ۽ اُٿڻ ۾، هلڻ يا ڊوڙڻ ۾ به سوار کي گهڻا جهوٻا ايندا آهن. اِن تي هيءَ چوڻي ٺهي آهي.
    - جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.
    مطلب ته ماڻهو جيترا گهڻا ڌنڌا ڪندو اُوترائي کيس جوکم کڻڻا پوندا.
    - اُٺ پوڙو ٿيو ته به مُٽڻ نه سکيو.
    هيءَ چوڻي اِن حقيقت تي ٺهي آهي ته اُٺ جڏهن پيشاب ڪندو آهي ته اُهو هن جي پيٽ ۽ ٽنگن تي پيو ڪرندو آهي.
    - اهڙي مار کاڌئين جهڙي اُٺ کاڌِي پتڻ تي.
    مطلب ته اُٺ پاڻيءَ کان گهڻو ٽهندو آهي. اِن ڪري جيڪڏهن جَتُ هن کي ندي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيءَ تي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اُٺ پيو پُٺتي سُڪيءَ طرف ڀڄندو آهي. جنهن ڪري جت هن کي وڌيڪ مار ڏيندو آهي.
    - اُٺ سَکڻو به روئي ته ڀريو به روئي.
    اُٺ تي چاهي گهڻو بار رکجي يا ٿورو رکجي، هو ٻنهي حالتن ۾ پيو ڪُرڪندو آهي. اِن سان ملندڙ هڪ ٻيو پهاڪو آهي. اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجھ ته به رڙي، کَنڊ وجھ ته به رڙي. هيءُ پهاڪو اُن ماڻهو لاءِ ڪتب ايندو آهي، جيڪو مليل شيءِ تي شُڪُر نه ڪندو آهي. هوندي سوندي پيو شڪايتون ڪندو آهي.
    - اُٺ پٺيان گهنڊڻي.
    ڪنهن قدوارو ماڻهوءَ سان ڪو ننڍي قد وارو گڏ هجي جڏهن چئجي. مطلب ته بي- ميل جوڙي آهي.
    - اُٺ جي وات ۾ ڄار جي بانس.
    اُٺ ڄار جي وڻ جا پن گهڻي چاھ سان کائيندو آهي. اِن ڪري اُن جي بوءِ هُڻ جي وات ۾ رهجي ويندي آهي. ڪا به ڳالھ لڪائڻ تي به لڪي نه سگهي، اُن لاءِ ايئن چئبو آهي. ڪا به ڳالھ لڪائڻ تي به لڪي نه سگهي، اُن لاءِ ايئن چئبو آهي. ڀيٽيو: چور ڪي داڙهي ۾ تِنَڪا. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ اِن مطلب کي ظاهر ڪرڻ لاءِ چون. چور جي ڏاڙهيءَ ۾ کنڀُ/ ڪک.
    - اُٺ جي چوري پکي ۾ ڪين لِڪي.
    ڪنهن اُٺ چورايو ته اُن کي ننڍي جهوپڙيءَ ۾ نه لڪائي سگهندو. مطلب ته وڏي چوري لڪائڻ مشڪل آهي.
    - پوڙهو اُٺ ٻه ڪوانٽ لهي.
    مطلب ته آزمودگار ماڻهو ٻن سيکڙاٽن کان وڌيڪ آهي.
    - اُٺن جا بار به ڪي گڏھ کڻنِ؟
    يعني اُٺ تمام گهڻو بار (ڇھ ست مڻ) کڻي سگهندو آهي. ايترو وزن گڏھ نه کڻندو آهي.
    - اُٺ تان وِڃڻي لٿي ته به اُٺ ٿيو هلڪو.
    مطلبت ته اُٺ گهڻو بار ڍوئڻ تي هريل آهي. اِن ڪري اُن تان جيڪڏهن ڪجھ وزن گهٽايو ويو ته آرام پيو محسوس ڪندو.
    - ڏاچي هڻي ڏوھ ته توڏو هڻي تيرنهن.
    اُٺڻي جيڪڏهن ڏھ ڪوھ ڊوڙي ٿي ته اُن جو ٻچو يعني توڏو يا ڪوانٽ تيرنهن ڪوھ ڊوڙي ويندو. جڏهن ننڍا وڏن کان اڳتي نڪري وڃن تڏهن چئجي.
    - اُٺ نه پُڄي، هڻي ٻورَن لتون.
    اُٺ تي ويٺل سوارُ جڏهن ڪجائي يا پاکڙي ۾ ويٺو هوندو آهي ته هوُ اُٺ کي تيز هلڪلڻ لاءِ جيڪڏهن اُن کي لتون هڻندو آهي ته اُهي اُٺ تائين پهچي نه سگهنديون آهن. اُهي فقط اُنهن ڳوڻين کي لڳنديون آهن جن مان مال ڀري اُٺ جي مٿان رکيو ويو آهي. هن پهاڪي جو مطلب آهي ته ڪو ماڻهو جڏهن ڪنهن ڏاڍي مڙس سان پڄي نه سگهندو آهي ته پوءِ ڪمزورن يا ننڍن کي ڌمڪائي پنهنجو غصو ظاهر ڪندو آهي.
    - اَڃا اُٺ ڪڇن سَسُئي.
    مطلب ته سسئي جڏهن ڀنڀور مان پنهونءَ جي ڳولها ۾ ريگستان ۽ جبلن ۾ پئي ڀٽڪي ته هوءَ پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهي ۽ واٽ تي ئي مري ويئي. اِن تي ڪنهن چيو جيڪڏهن اُٺ تي سوار هجي ها ته پوءِ پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ها. هيءُ پهاڪو سسئي پنهون جي لوڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هن جو ٻيو مطلب اِهو به آهي ته ڪمزور اِنسان کي جيڪڏهن مدد ملي ته پوءِ هوُ ڪامياب ٿيندو.
    - جڏهن ٻورا ٿي سبيا ته اُٺن تڏهن ئي پئي رنو.
    مطلب ته ڪنهن ڪم جي تياري ٿيندي ڏسي مزدور ماڻهو سوچيندو آهي ته اِهو ڪم هاڻي هُن جي مٿان پئي پوندو.
    - ڏسجي ته اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي؟
    مطلب ته اِن اندازو ڪرڻ مشڪل آهي ته نقصان ڪيترو ٿيندو ۽ ڪنهن جو ٿيندو. هن پهاڪي جو بنياد اِن واقعي سان آهي ته اُٺ جي مٿان ٻورن ۾ ٽاڪُئون سامان رکيل هو. عام طور بيٺل اُٺ جڏهن زمين تي ويهندو آهي ته پهرين هڪ پاسي جُهڪي پوءِ زمين تي سڌو ٿي ويهندو آهي. اِن ڪري هُن جي مٿان رکيل سامان جي ڀڄي پوڻ جو گهڻو امڪان هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ اُٺ جي مالڪ لاءِ اِهو سوچڻ مشڪل آهي ته اُٺ اول ڪهڙي پاسي جُهڪندو. جنهن به پاسي هُو جهڪندو ته اُن طرف جو سامان زمين سان ٽڪرائجي ڀڄي پوندو آهي. ڀيٽيو: “ديکئي اُونٺ ڪِس ڪروٽ بيٺتا هئه.”

    گهوڙو:
    سڀني وهٽن ۾ گهوڙي جي سواري شاندار ليکي ويئي آهي. اُٺ جي ڀيٽ ۾ گهوڙي جي وڌيڪ خدمت ڪرڻي پوي ٿي ۽ اُن کي کاڌو پيتو به سٺي جنس جو ۽ گهڻو کپي. گهوڙي سان واسطو رکندڙ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اِشارو.
    ٽٽون يا خچر چابُڪ هڻڻ سان تيز هلندا آهن، پر تازي نسل جا گهوڙا اِشاري ڪرڻ سان ئي تيز رفتار سان ڊوڙندا آهن. مطلب ته سياڻو ماڻهو اِشاري سان ئي سمجهي ويندو آهي ۽ ٺيڪ ڪم ڪندو آهي. ڀيٽيون: “گهوڙي ڪو لات، آدمي ڪو بات”. يا “عاقلان را اِشارا ڪافي اَست”. مطلب ته سمجهدار کي اِشارو ڪافي آهي.
    - اَنڌي گهوڙي ڪَلَ ۾.
    ڪل يعني نديءَ جي ڪناري تي پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو گاھُ آهي. جيڪڏهن گهوڙي اَنڌي آهي ته اُها بنا سوچ ويچار جي اڳتي هلندي ويندي ۽ وڃي گاھ ۾ ڦاسندي.
    جيڪڏهن تو وٽ گهوڙو آهي ته پوءِ گهر پهچڻ ۾ ڪيتري ديري لڳندي؟
    - گهوڙا ۽ پَٽُ، مُلا ۽ ڀتُ، هوُ ڪشيا تان رسيا، هُو نِيان تان چٽُ.
    گهوڙي جو لغام ڇڪي اُن کي هلڻ جو اِشارو ڪريو ته هو تيز رفتار سان ڊوڙي وڃي منزل تي پهچائيندو. ساڳيءَ طرح مُلا کي ڀت کائڻ جي دعوت ڏيو ته هُو هڪدم سمورو ڀتُ کائي ختم ڪندو.
    - مرض اَچي گهوڙي وانگر، وڃي جونئن وانگر.
    مطلب ته ڪنهن سنڀال نه ڪئي ۽ بيمار ٿي پيو ته اُهو جهٽ ڊهي پوندو. يعني بيماري گهوڙي وانگر تيزيءَ سان اچي ماڻهوءَ کي جلد ڪمزور ڪري ڇڏي. پر اُها جونئن جي رفتار سان آهستي آهستي وڃي ٿي. مطلب ته بيمار ٿيڻ تي ماڻهو دوران ڪرڻ سان آهستي آهستي ٺيڪ ٿي سگهندو آهي.
    - پاڻ پِني، گهوڙا ڳِنهي.
    هو پاڻ ته غريب آهي، پر سَڌوُن ڪري ٿو گهوڙا خريد ڪرڻ جو مطلب ته پنهنجيءَ حيثيت کان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي اُميد ڪري ٿو. ڀيٽيو: “لڀيس لوڻڪ به ڪا نه، سَڌوُن ڪري مريري جون”. يا هنديءَ ۾ اِنهيءَ مطلب کي ڏيکاريندڙ پهاڪو هن ريت آهي.
    - فارسي، گهوڙي چاڙهسي.
    تون فارسي سکُ ته پوءِ توکي سُٺي نوڪري ملندي عملدارن وانگر گهوڙي تي چڙهي گهمندين. هيءُ اُن زماني جو پهاڪو آهي، جڏهن مسلمان حاڪمن جي راڄ ۾ فارسي ٻوليءَ جو بول بالا هو ۽ سمورو سرڪاري ڪاروبار فارسيءَ ۾ هلندو هو.
    - ڏُچرُ گهوڙو ۽ سُچر زال، ٻئي ٻَنِ ڏجن.
    مطلب ته جيڪڏهن گهوڙو چڱيءَ طرح گاھ ۽ چارو نه ٿو کائي ته اُهو ڪمزور ٿي پوندو. جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ زال گهڻو کاڌو کائيندڙ يا پيٽوڙي آهي ته اُها به اَڻ وڻندڙ ڳالھ آهي.

    گڏھ:
    اُٺ ۽ گهوڙي وانگر گڏھُ به بار ڍوئڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندو آهي. ڪٿي ڪٿي گڏهن کي گاڏيءَ ۾ ٻڏي به بار ڍوئڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن. اِن ڪري سنڌيءَ ۾ “گڏھ گاڏو” هڪ محاورو ٺهي پيو آهي. اِن جو مطلب آهي؛ تمام آهستي هلندڙ گاڏي. بيوقوف يا مورک ماڻهوءَ جي ڀيٽ اَڪثر گڏھ سان ڪئي ويندي آهي. گڏھ کي کَرُ يا خرُ به چئبو آهي. جنهن تان کَرُ مغز لفظ ٺهيا آهن. اِنهن جي معنيٰ آهي؛ بيوقوف، مغرور، هوڏي، گڏھِ جي ماديءَ کي گڏھ ۽ اُن جي ٻچي کي کودڙو چئبو آهي. گڏھ تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن.
    ۱. فارسي ٻوليءَ ۾ خر جي معنيٰ ئي گڏھ آهي. سَهي کي خرگوش به انهيءَ ڪري چوندا آهن، جو سندس ڪن گڏھ جي ڪَنن جهڙا وڏا هوندا آهن.
    - جَوَ ڍيري گڏھُ رکپال.
    يعني گڏھ کي جيڪڏهن جوَنِ جي ڍير جي سنڀال لاءِ رکبو ته اُهي سلامت نه بچندا. ڇاڪاڻ ته گڏھُ جَوَ کائڻ کان رهي نه سگهندو. ساڳيءَ طرح اهڙي ماڻهوءَ کي سنڀالڻ جو ڪو ڪم ڏجي جيڪو هو پاڻ هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو ته اُن مال جي سنڀال ٺيڪ طرح سان نه ٿي سگهندي.
    - سَهَسين ڪري سينگار ته به کودڙِيءَ پُٽَ کودڙو.
    مطلب ته جيڪو بدصورت آهي، اُهو ڪيترو به هار سينگار ڪندو ته اُهو سهڻو ڪو نه ٿي سگهندو. ڀيٽيو: يا “ڪوئلا هو نه اُوجلا، سؤ من صابن لائه”
    - گڏھ مٿان گلاب هاريندي حيف ٿيو.
    مطلب ته گڏھ کي ڪيترو به گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوئجي ته اُن جو ڪو به فائدو ڪونهي. ساڳيءَ طرح نيچ اِنسان سان ڪيتري به ڀلائي ڪرِ ته هوُ بي شڪر ئي رهندو.
    - گڏھ پنهنجي سانوڻي هينگُن ۾ وڃائي.
    سانوڻ جي مهيني ۾ برسات پوڻ ڪري گهڻو گاھ ٿيندو آهي، پر گڏھ هينگُڻ ڏيڻ ۾ ئي پنهنجي وقت وڃائيندو آهي ۽ گاھ کائڻ جو لاڀ نه وٺندو آهي.
    - پنهنجيءَ گتيءَ پئهُ گڏھ کي پيرين.
    يعني ڪنهن بيوقوف يا بدمعاش اِنسان ۾ جيڪڏهن ڪو ڪم اَٽڪندو آهي ته مجبوريءَ سببان هُن جي خوشامند ڪرڻي پوندي آهي.
    - گڏھ ڇا ڄاڻن گِيهرن مان.
    جيڪڏهن ڪنهن نالائق ماڻهوءَ کي سُٺي شيءِ ڏبي ته اُن جو قدر نه ٿيندو.
    - سور پوي ساٽيءَ کي، ڏنڀجي گڏھُ.
    ساٽيءَ کي سورُ ٿيو ته هُن پنهنجي گڏھ کي ڏنڀ ڏياريا. مطلب ته تڪليف هڪڙي کي ٿئي ته سزا ٻئي کي ملي، ڀيٽيو.
    - تون به رئيس، آئون به رئيس، ته گڏھ ڪير هڪليندو؟
    - سؤٽي هجي ساڻ ته گڏھُ گوهي نه ڪري.
    يعني مار کائڻ سان گڏھ گوهي نه ڪري.
    يعني مار کائڻ سان گڏھ به سڌو ٿي بار ڍوئڻ جو ڪم ڪندو.
    مطلب ته ضرورت پوڻ تي گهٽ درجي جي شيءِ به واپرائڻي پوي ٿي. ڀيٽيو: “بُک ۾ بصر به مِٺا”.

    ننڍا جانور:
    نوريئڙو (گلهري)، نورُ (نيولا)، سهو (خرگوش)، ڪوُئو، ڳوھ، سانڊو، اِهي ننڍا جانور يا ساهوارا آهن. اِنهن تي به سنڌيءَ ۾ ڪجھ پهاڪا ٺهيل آهي. اُنهن مان ڪِن تي ٺهيل پهاڪا هن ريت آهن:
    - نوريئڙي وانگر سڄو ڏينهن پيو وڻن پتي ٽِپا ڏئي.
    جڏهن ڪو ماڻهو پهري سجاڳ هجي ۽ هن جو دشمن کيس نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن چئبو آهي. هيءُ پهاڪو هڪ آکاڻيءَ تي بيٺل آهي. هڪ ڏائڻ ڪنهن نوريئڙي کي لالچائي پنهنجي گهر وٺي آئي. اڌ رات جو هُو ڪاتي کڻي نوريئڙي کي امري کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ٻئي طرف نوريئڙو به سمجهي ويو ته هيءَ ڏائڻ مون کي کائڻ چاهي ٿي. ان ڪري هوُ سڄي رات نه سمهيو. پوءِ صبح جي وقت وجھ وٺي ڀڄي ويو.Repeat
    - سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪا نه.
    مطلب ته جڏهن ڪو چوري ڪري ۽ پوءِ اها قبول نه ڪري تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ شڪار ۾ هڪ سهو ماريو ۽ اُهو گهر آڻي پنهنجي بورچيءَ کي ڏنائين ته اهو پچائي کڻي اچ. بورچي سهو پچائڻ لڳو، پر کيس اهو ايترو ته پسندو آيو جو اُن جي هڪ ٽنگ پاڻ کائي ويو ۽ باقي سهو آڻي پنهنجي مالڪ اڳيان رکيائين. مالڪ جڏهن ڏٺو ته هن کي فقط ٽي ٽنگون آهن ته هُن بورچيءَ کان پڇيو ته باقي هڪ ٽنگ ڪيڏانهن ويئي؟ اُن تي بورچيءَ جواب ڏنو ته سائين، سهو منڊو هو. هُن کي فقط ٽي ٽنگون هيون. اهڙيءَ طرح پنهنجي ضد تي قائم رهيو، پر پنهنجي چوري قبول نه ڪيائين.
    - ڪوئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي مان به پساري.
    مطلب ته ڪنهن کي ٿوري شيءِ ملي ۽ اُن تي غرور ڪري تڏهن چئجي.
    - ٽڪريءَ کي سورُ ٿيا ته ڄاڻي ڪُئي.
    مطلب ته گهڻي محنت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن رواجي نتيجو نڪري يا ٿورو ڦلُ ملي تڏهن چئبو آهي. ڀيٽيو.
    - اٽو کاڌو ڪوُئي ته مار پئي گابي تي.
    مطلب ته ڏوھُ ڪو هڪ ڪري ۽ مار ٻئي تي پوي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
    مطلب ته هوا جي جهُوٽي کي روڪي نه ٿو سگهجي.
    - ڳوھ کي کُٽي کڻي ته ڳولهي شِڪارين جا گهر.
    - هوُ سانڊي وانگر پيو رنگ مٽائي.
    ڀيٽيو “گرگٽ ڪِي طرح رنگ بدلتا هئه.”
    - ڳوھ ڦاٿي ڊوھ ۾.
    يعني قلعي جي ڀِت تي چڙهڻ لاءِ ماڻهو ڳوھ جو استعمال ڪندا آهن.
    ان طرح ڳوھ ماڻهن کي مٿي قلعي جي ديوار تي پُهچائڻ ۾ ئي ٻيئي ڳهندي آهي.

    جهنگلي جانور
    جهنگلي جانورن تي سنڌيءَ ۾ ڪافي پهاڪا ملن ٿا، جن ۾ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:

    شينهن:
    - شينهن ۽ ٻڪري هڪ گهاٽ تي پاڻي ٿا پيئن.
    شينهن هڪ خطرناڪ جانور آهي. اُهو ٻڪريءَ جهڙن ڪمزور جانورن جو شڪار ڪري اُنهن کي ماري کائي ڇڏيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن نديءَ جي گهاٽ تي شينهن ۽ ٻڪري گڏ پاڻي پيئن ته چئبو ته اُتي تمام گهڻو امن جو ماحول آهي. ايتري قدر جو شينهن جو تشدد ڪرڻ وارو سڀاءُ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ٻڪري به اُنهيءَ کان نه ٿي ڊڄي.
    - ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن.
    مطلب ته ٻه طاقتور ماڻهو هڪ ئي هنڌ نه رهي سگهندا.
    - وڙهن شينهن، لتاڙجن ٻوڙا.
    مطلب ته ٻن طاقتور ماڻهن جي لڙائيءَ ۾ ڪمزورن کي نقصان پهچي ٿو.
    - سُتل کي آڱر نه ڏجي.
    يعني ڪنهن طاقتور سان ڄاڻي ٻجهي کؤنس نه ڪجي.
    - سالا شينهن کي به پيارا آهن.
    يعني ماڻهو ڪيترو به پُر تشدد ۽ طاقتور ڇو نه هجي، پر هُو پنهنجن مائٽن کي ضرور پيار ڪري ٿو.
    - شير نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا؛ چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا.
    يعني جيڪڏهن تو شينهن کي نه ڏٺو آهي ته ٻليءَ کي ڏسي. ٻنهي جي شڪل ۽ صورت هڪجهڙي هوندي آهي. جيڪڏهن تون ڪنهن چور کي نه ڏٺو آهي ته سوناري کي ڏس. هو گراهڪ جي سون مان ڪجھ نه ڪجھ چوري ضرور ڪندو آهي.
    - شيرن جا مُنهن ڌوتا ئي پيا آهن.
    مطلب ته طاقتور يا وڏي عهدي واري شخص جي ڪير به گهٽتائي ظاهر نه ڪندو آهي.

    هاٿي:
    هاٿي سڀني جانورن ۾ قدار ۽ ٿلهو متارو جانور هوندو آهي، هن کي ماڻهو بار ڍوئڻ جي ڪم به آڻيندا آهن. هاٿيءَ تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - مئل هاٿي به سوا لک لهي.
    هيءَ چوڻي اِن ڪري ٺهي آهي جو هاٿيءَ جي مرڻ کان پوءِ هُن جا ڏند ۽ هڏا عام طور ڪم ايندا آهن. جنهن مان سُهڻيون قيمتي شيون، مورتيون ۽ مجسما وغيره ٺاهيا ويندا آهن.
    - انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان.
    ڪنهن فوج ۾ جيڪڏهن ڪو هاٿي انڌو آهي، ته پوءِ هيڏانهن هوڏانهن پيو ڀڄندو ۽ ڊُڪندو. اِن حالت ۾ هو پنهنجي ئي طرف واري لشڪر کي نقصان پهچائيندو آهي.
    - هاٿيءَ جا ڏند ڏسڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا.
    هاٿيءَ جا ٻه ڏند ٻاهر نڪتل هوندو آهن، جيڪي نظر پيا ايندا آهن. انهن سان هو کائڻ جو ڪم نه ڪندو آهي. پر کائڻ لاءِ هو وات ۾ اندر جيڪي ڏاٺون آهن، اُهي ڪتب آڻيندو آهي. ڪو ماڻهو ٻاهران هڪڙو وهنوار ڪري ۽ انڌريا هن جي ذهن ۾ ٻي ڳالھ هجي، تنهن لاءِ هيءُ پهاڪو چئبو.
    - هاٿيءَ کي مڻ، ڪوليءَ کي ڪڻ.
    مطلب ته ڌڻي سائين گهڻو کائيندڙ ۽ تمام گهٽ کائيندڙ جاندارن لاءِ اناج مُيسر ڪري ڇڏيو آهي.
    - هاٿيءَ جو ڪنُ، پِپِر جو پنُ.
    انسان جو منُ، بَيهڻ جا ڪين آهن.
    مطلب ته اهي سڀ چنچل آهن ۽ هميشه پيا لڏندا آهن. انسان کي به جيترو گهڻو ملندس اوترو وڌيڪ پائڻ جي آس ڪندو.

    سوئر:
    سوئر کي سنڌيءَ ۾ مروُن به چوندا آهن. هن کي تمام گندو جانور ليکيو ويو آهي، جيڪو گند ۽ ڪرفتي به کائيندو آهي. اِن ڪري عام طور اُن جو گوشت کائڻ سٺو نه مڃيو ويندو آهي. مسلامن اِن جانور کي پليت يعني غليط ۽ حرام ڪري ليکيندا آهن. اِن تي ڪجھ چوڻيون هن ريت آهن:
    - هندوُ کي گانءِ ۽ مسلمان کي سوئر.
    مطلب ته هندو گانءِ کي پوتر جانور سمجهي هُن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ کيس ڳئون ماتا چوندا آهن. اِن ڪري ڳئون جو گوشت کائڻ پاپ سمجهندا آهن. ٻئي طرف مسلمان سوُئر کي ناپاڪ مڃي ان جو گوشت نه کائيندا آهن.
    - سوُئر وانگر ڪنڌ ۾ ڪِلي اٿس.
    سوئر پنهنجي ڪنڌ ڦيرائي نه سگهندو آهي. گهڻو ڪري پنهنجي ڳچي سڌي رکندو آهي. اِن طرح جيڪو ماڻهو مغرور هجي يا تڪبر ڪندو آهي، تنهن جي ڀيٽ به سوئر سان ڪندا آهن.

    بگهڙ:
    اُهو جانور بدني بيهڪ ۾ ڪُتي سان وڌيڪ مشابهت رکندڙ آهي. سنڌ ۾ ڪوهستان واري علائقي ۾ بگهڙ گهڻا هوندا آهن. هو ماڻهوءَ کي اڪيلو ڏسي اُن جي مٿان حملو ڪندا آهن. بگهڙ جي ماديءَ کي بگهاڙي چئبو آهي.
    - بگهڙ کائي ته به وات ڳاڙهو، نه کائي ته به وات ڳاڙهو.
    هيءَ چوڻي اِن حقيقت طرف ڌيان ڇڪائي ٿي ته بگهڙ جو وات چپ ۽ اندريون حصو هميشه ڳاڙها هوندا آهن.
    - بگهڙ جي حوالي رڍون ڇڏڻ.
    مطلب ته ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي سنڀال جو ڪم ڏيڻ جيڪو اُن شيءِ کي گهڻو چاهيندڙ هجي. اِن ڪري اُن سان هميشه خطرو هوندو آهي. ڀيٽيو: “جَوِ ڍيري، گڏھ رکپال.” رڍن جي ڌڻ ۾ جي بگهڙ هوندو ته اُهو وجھ وٺي هڪ هڪ رڍ کي ضرور ماري کائيندو.
    - بگهڙ ڙي بگهڙُ واري ڪارِ ڪئي اَٿس.
    مطلب ته هوُ بلڪل ڪوڙو آهي. مٿس ويساھ ڪرڻ نه گهرجي. هيءُ پهاڪو ٻارن جي هڪ آکاڻيءَ تي ٺهيل آهي. هڪ ڇوڪرو جهنگل ۾ وڃي زور زور سان واڪا ڪرڻ لڳو ته بگهڙ ڙي بگهڙي. مون کي بچايو. اِن تي ڳوٺاڻا لٺيون کڻي هُن جي بچاءُ لاءِ جهنگ طرف ڊوڙي ويا. اُن تي اُن ڇوڪري کِلي چين ته مون فقط اوهان جو آزمودو ٿي ورتو ته اوهان مون کي بچائڻ لاءِ اچو ٿا يا نه؟ اِن طرح اُن نينگر ٻه ٽي دفعا ساڳيءَ طرح ڪُوڙا واڪا ڪيا. پر هڪ دفعي سچ پچ هڪ بگهڙ اُن ڇوڪري وٽ اچي پهتو ۽ هن تي حملو ڪيائين. اِن تي ڇوڪر گهڻي ئي واڪا ڪيا، پر ڳوٺاڻن سمجهيو ته هوُ اڳي وانگر ڪوڙا واڪا پيو ڪري. اِن طرح بگهڙ هُن ڇوڪر کي ماري کائي ڇڏيو.

    گدڙ:
    گدڙ به ڪُتي جي قد جو هڪ جهنگلي جانور آهي، جيڪو تمام گيدي ۽ ڊڄڻو هوندو آهي. هو گهڻو ڪري ڪنهن ڳوٺ يا بستيءَ جي ويجهو هوندو آهي. رات جي وقت وجھ وٺي بستيءَ مان مرغيون، سها ۽ ٻيا ننڍا جانور ماري کائڻ لاءِ کڻي ويندو آهي. گيدي ماڻهن جي ڀيٽ گهڻو ڪري گدڙ سان ڪئي ويندي آهي. گدڙ تي بيٺل ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿُو کٽا.
    ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به گهربل شيءَ ملي نه سگهي ته پوءِ هُو چوندو آهي ته اِها سٺي ناهي. اِن ڪري مون کي نه کپي. هيءُ پهاڪو هڪ ٻاراڻي آکاڻي تي ٺهيل آهي. هڪ باغ ۾ گدڙ ڊاک جا ڇڳا منَھ ۾ لٽڪندا ڏٺا. هُن جي دل ٿي ته اُنهن مان ڪجھ ڇِني ڪري ڊاک کائجي. گدڙ گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ ٽپا ڏنا، پر هُو ڊاک تائين پهچي نه سگهيو. نيٺ ٿڪجي پيو. پوءِ چوڻ لڳو ته اِها ڊاک کٽي آهي، مون کي ڪا نه کپي. ايئن چئي نا اُميد ٿي هُتان هليو ويو.
    - سنڌ گدڙن ڪا نه کاڌي آهي.
    مطلب ته سنڌ تي حملا ڪندڙ ايترا طاقتور هئا، جن سان سنڌي ماڻهو پڄي نه سگهيا.
    - گدڙ ڀيڪي ڏيڻ.
    يعني ڪوڙي ڌمڪي ڏيڻ. جنهن سان ٻئي ماڻهوءَ تي ڪو به اثر نه ٿئي.
    - گدڙ جي گوُنهن ۾ ڪم پيو ته وڃي ٽڪر تي هنگي .گرامر؟
    ڀيٽيو: “گدڙ وانگر ڳُئي ڇڪي تي رکڻ”.
    - گدڙ کي کُٽي کڻي ته ڳوٺ طرف ڀڄي.
    گدڙ ڳوٺ طرف يا وسنديءَ ۾ ويندو ته ماڻهو اُن کي لٺيون هڻي ماري ڇڏيندا. ڇاڪاڻ ته هو وسنديءَ مان اڪثر ننڍا جانور ليڪ چوري کڻي وڃي کائيندو آهي.
    - گدڙ جيڪڏهن گدڙ جي ڪوُڪ نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿي مري.
    هيءُ پهاڪو هِن حقيقت تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن هڪڙي گدڙ ڪوڪڻ شروع ڪيو ته ٻيا به اونائي اُن جو ساٿ ڏيندا آهن. اِن طرح ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن خراب ڪم ۾ هڪ ٻئي کي ساٿ ڏين، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.

    باندر يا ڀولڙو:
    باندر عام طور تي جهنگلي جانورن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. پر اُهو شهرن ۽ وسندين ۾ به کاڌي جي ڳولا ۾ هليو ايندو آهي ۽ گهرن ۾ گهڙي کاڌو کڻي ويندو آهي. باندر پنهنجي چنچلتا جي ڪري گهڻا مشهور آهن. اُنهن جا الڳ الڳ قسم آهن. ننڍن باندرن کي مداري پالي اُنهن کان ناچ ڪرائي روزي روٽي ڪمائيندا آهن. باندر نقل ڪرڻ ۾ به گهڻا هوشيار آهن. اِنهن کي سنڌيءَ ۾ ڀولڙو يا ڀولو به چئبو آهي ۽ ماديءَ کي باندري يا ڀولڙو سڏبو آهي. جسماني بيهڪ جي خيال کان باندر اِنسان ذات جي وڌيڪ ويجها آهن. اُهي پنهنجي ٻن پويُن ٽنگن تي ماڻهن وانگر بيهي ڪري هلي سگهن ٿا. اِن تي ڊاروَن جو نظريو مشهور آهي ته اِنسان جو ارتقا جانورن مان ٿيو آهي. باندر تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - ڀولڙن کي به پنهنجيون زالون پياريون آهن.
    مطلب ته هرڪو ماڻهو پنهنجي زال کي پيار ڪندو آهي.
    - باندر ڇا ڄاڻي اَدرڪ جو سوادُ.
    - ڀولي جي ڳچيءَ ۾ موتين جو هار.
    - لٺيون جهلي ڀولڙو، کٽيو کائي فقير.
    مطلب ته مداري ڀولڙي کي نچائڻ مهل لٺ جو اِشارو ڪري يا کيس ماري نچائيندو آهي. اِن طرح مار ته ويچاري ڀولڙي تي پوندي آهي، پر تماشائي باندر جو ناچ ڏسي پئسا مداريءَ کي ڏيندا آهن. جڏهن هڪ جي محنت جو لاڀ ڪو ٻيو کڻي وڃي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.

    هرڻ ۽ ڦاڙهو:
    هرڻ پنهنجي چنچل طبع ۽ ڊُڪڻ جي تيز رفتار جي ڪري مشهور آهي. ادب ۾ هرڻيءَ جي اکين جي خوبصورتيءَ تي گهڻي ساراھ ڪيل آهي. مرگهنيَتي يعني هرڻ وانگر چنچل ۽ سندر اکين واري ناري يا نايڪا جو ذڪر ڀارتي ادب ۾ گهڻو ملي ٿو. هرڻ جي ئي ذات جو ۽ قد ۾ ڪي قدر ڊگهو ٻيو جانور آهي. ڦاڙهو، جنهن کي ٻارنهن سِڱ (بارھ سينگا) به چوَن. اِنهن جانورن تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - هرڻي اڳي ئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
    يعني هرڻيءَ چنچل سُڀاوَ جي آهي. هوُ گهڻو ڪري پيئي ٺينگ ٽپا ڏيندي آهي. اُن کي جيڪڏهن ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌبي ته اُن جو وڄڻ جي آواز تي هُو وڌيڪ ٽپا ڏيندي آهي. ڪو ماڻهو اڳي ئي شرارتي ۽ شيطان هجي ۽ وري کيس ڪنهن ٻئي جي هُشي ملي وڃي ته هُو پوءِ اڃا به وڌيڪ شرارتي ٿيندو.
    - ڦاڙهو جِتي کائي تِتي اوجھ ڏِئي.
    هيءُ جانور گهڻو کائيندڙ ۽ لالچي آهي. جيڪڏهن ڪٿي گهڻو کاڌو ملي ويس ته پوءِ اُهو سمورو کائي آڦڙجي پوندو. ايتري قدر جو اُتي ئي مري ويندو.
    - ڏسون ته هوُ ڪهڙا ڦاڙها ٿو ماري.
    هيءُ پهاڪو گهڻو ڪري اهڙي شخص کي ٽوڪ وچان چئبو آهي، جيڪو ڪم ڪري سگهڻ جي طاقت نه رکندو آهي، پر اِن هوندي به هو ٻٽاڪ پيو هڻندو آهي ته مان وڏا ۽ مشڪل ڪم به پورا ڪري سگهندو آهيان.

    گهرُو جانور
    گهڻائي ماڻهو ڪي جانور پنهنجن گهرن ۾ شوق وچان پاليندا آهن. اُنهن ۾ ڪتو ۽ ٻلي مکيه آهن. ڪتو پنهنجو وفاداريءَ ڪري مشهور آهي. هوُ هر وقت گهر جي چوڪيداري به ڪندو رهي ٿو. ساڳيءَ طرح ٻلي به وندر جو ذريعو آهي ۽ اُن کي گهر ۾ پالڻ سان ڪوُئن جو آزار نه ٿيندو آهي. اِنهن جانورن کي پالڻ جو گهڻو رواج يورپي ملڪن ۾ آهي. برفاني ملڪن ۾ هڪ ذات جا ڪتا برف ۾ دٻجي ويل اِنسانن کي به ڳولي لهڻ جي طاقت رکندا آهن. ساڳيءَ طرح ڪتن ۾ سنگهڻ جي به غير رواجي طاقت هوندي آهي، جنهن ڪري پوليس کاتي وارا اِنهن ڪتن کي پالي، اُنهن کان ڏوهارين کي ڳولهي ڪڍڻ جو به ڪم وٺندا آهن. هتي انهن جانورن بابت ڪج سنڌي پهاڪا ڏجن ٿا:
    ڪتو:
    - ڪتو به کاڌو، ڪُکِ به نه ڀري.
    يعني غلط ۽ ڏوھ جو ڪم به ڪيو، پر ڪجھ به فائدو نه ٿيو.
    - ستين لنگهڻي ڪُتو حلال.
    يعني جيڪڏهن ڪو اِنسان بک وِگهي مرندو هجي ته لاچاري حالت ۾ جيئڻ لاءِ جيڪڏهن هُن ڪتو کاڌو ته کيس اِهو ڏوھ معاف آهي. عام طور ڪتي جو گوشت جي کاڌي جي ڪم نه ايندو آهي ڀيٽيو: “لاچار کي ڪهڙا آچار؟”.
    - ڪارو منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري.
    ڪنهن ديڳڙي ۾ رٻ پيئي هئي. ڪتي اُها کائڻ لاءِ اُتي آيو، پر ديڳڙي جو منهن سوڙهو هو. اِن ڪري ڪتو رٻ کائي نه سگهيو. ٻئي طرف ديڳڙيءَ تي لڳل ڪاراڻ سان ڪتي جو منهن ڪارو ٿي ويو. مطلب ته ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به ڪو ڪامياب نه ٿئي ۽ اُلٽو کيس نقصان ٿئي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.
    - ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻِڪ جا مانيءَ مان؟
    مطلب ته ڪنهن گهٽ ذات واري کي جيڪڏهن ڪا سُٺي شيءِ ڏجي ته اُهو اُن جو قدر نه ڪندو. ڀيٽيو: “گڏھ ڇا ڄاڻن گيهرن مان”؟
    - ڪتي جو پُڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجھُ ته به ڏنگي جو ڏنگو.
    - ڌوٻيءَ جو ڪتو نه گهر جو گهاٽ جو.
    جيڪو ماڻهو سڀني طرفن کان بيڪار ثابت ٿئي، تنهن لاءِ چئجي.
    - تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي.
    مطلب ته جيڪو ڪنهن ڪم ۾ تڪڙ ڪري ٿو، ته اُن جو نتيجو سٺو نه نڪري. اِن ڪري هر ڳالھ ۾ ڌيرج کان ڪم وٺجي.
    - ڪتو ڪُڙم جو ويري.
    مطلب ته هڪ پاڙي جو ڪتو ٻئي پاڙي واري يا ڌارئي ڪتي کي پيو ڀونڪدنو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي ذات ڀائين يا مائِٽن سان پيو وڙهي، تنهن لاءِ هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
    - ڪوڙهيو ڪُتو کنَهڻ کان نه رهي.
    مطلب ته بُرو اِنسان پنهنجي عادت موجب برو ڪم ڪرڻ کان باز نه ايندو.
    - بُڇڙو ڪُتو ڌني پِٽائي.
    جيڪو ڪتو ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي پيو ڀونڪدنو آهي ته اُهي ماڻهو اُنهيءَ ڇتي ڪتي جي مالڪ کي پِٽندا آهن، جنهن کيس پاليو آهي.
    - ڪُتو به اُن کي ڏاڙهي ته جُتيون به اُن کي لڳن.
    يعني ڇتو ڪتو جنهن کي چڪ پائيندو آهي ته ٻيا ماڻهو اُنهيءَ چڪ واري هنڌ تي جتيون هڻندا آهن ته جيئن اُن جو زهر نه ڦهلجي؟ جنهن ماڻهوءَ اڳي ئي ڀوڳيو آهي، تنهن کي وري وڌيڪ ڀوڳڻو پوي. تڏهن هيءُ پهاڪو چئجي.
    - قلندرن پُٺيان ڪتا پيا ڀؤنڪندا آهن.
    فقير جڏهن رستي تان لنگهندا آهن ته مٿن ڪٿا ڀونڪدا آهن، پر هوُ ڪتن طرف ڪو به ڌيان نه ڏيندا آهن. جيڪو ماڻهو ٻين بُرن اِنسانن جي پرواھ نه ڪري، اُنهن لاءِ چئجي.
    - ستي ڪانون کان موٽي ته (( ٿئي؟
    مطلب ته ستي چکيا (باھ) ۾ پاڻ کي جلائڻ کان سواءِ جيڪڏهن واپس هلي اَچي ته اُن جي سڄي سماج ۾ بدنامي ٿيندي آهي. هِن پهاڪي جو بنياد ‘ستيءَ جي رسم’ تي ٻڌل آهي. اڄ ڪالھ اِهو رواج گهڻي قدر بند ٿي چڪو آهي.
    - ڪُتي کي ڪنهن اُماڙي ڏيکاري ته اُها تارا ڏسي ٿي ڊني.
    هتي اُماڙي جو مطلب آهي جلندڙ ڪاٺي. ڪنهن ماڻهو جلندڙ ڪاٺيءَ سان ڪتيءَ تي حملو ڪيو ته هوءَ باھ جي گرمائش ۽ روشنيءَ کي ڏسي ڀڄي ويئي. اُن کي روشنيءَ سان ايترو ته ڊپ لڳو جو آسمان ۾ تارا ڏسي به ڊڄي پئي ويئي. ڀيٽيو: “دوڌ ڪا جلا ڇاڇ ڀي ڦوڪ ڪر پيتا هئه.”

    ٻلي:
    گهڻن ئي گهَرن ۾ ٻليءَ کي پاليو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُها گهر وارن کي ڪوئن جي آزار کان بچائيندي آهي. مطلب ته جنهن گهر ۾ ٻلي هوندي ته ڪوئا اُن گهر مان ڀڄي ويندا آهن. ٻليءَ جي نر کي ٻِلو چئبو آهي. ٻليءَ تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - سؤ ڪوئا کائي ٻلي هلي حج تي.
    هن پهاڪي جو بنياد ٻارن جي هڪ آکاڻيءَ تي ٻڌل آهي. هڪ ٻُڍي ٻلي ڪوئن سان گڏ حج ڪرڻ ويئي، پر پنهنجي عادت موجب اُها ڪوئن کي ماري کائيندي پئي ويئي. ساڳيءَ طرح ڪو برو اِنسان جڏهن نيڪ بڻجڻ جو بهانو ڪري ۽ وري بر ڪم ڪندو رهي، تڏهن هيءُ پهاڪو چئجي.
    - ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙ.
    ٻليءَ کي ڇِڇِڙ کائڻ ۾ گهڻو مزو ايندو آهي. اِن ڪري جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ڇڇڙ نه هُجن، پر ٻلي پنهنجي ذهن ۾ اهو سمجهي ته اِتي ڇڇڙ ملندا. اِن ڳالھ طرف هِن ۾ اِشارو ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح ڪو ماڻهو تصور ۾ اهڙي ڳالھ سوچي جيڪا اُتي آهي ئي ڪا نه، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب اچي.”
    - ڇِڪو ڇِنو ٻليءَ جي ڀاڳين.
    - ڪانياري ٻِلي ڪُوئي جي جوءِ.
    يعني ڊڄڻي ٻلي ڪُوئي کان به پئي ڊڄندي آهي.
    - ٻلي شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪوُن کاوَڻ آيا.
    ٻليءَ شينهن کي شڪار ڪرڻ سيکاريو، پر کيس وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريائين. شينهن جڏهن سِکي ويو ته هُن ٻليءَ تي حملو ڪيو. اِن تي ٻلي هڪ دم ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي. شينهن ويچارو ڏسندو ئي رهجي ويو. ڪو اِنسان جڏهن ٻئي کي ڪجھ سيکاري ۽ موٽ ۾ اُهو ٻيو اِنسان کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن هيءُ پهاڪو چئبو آهي.”
    - انڌن آندو، ٻِلن چٽيو.
    انڌا کاڌو کڻي آيا. هوُ جڏهن کائڻ ويٺا ته ڪو ٻلا به اُتي اچي پهتا. اُهي به اُن کاڌي مان کائڻ لڳا. پر انڌن کي اِنهيءَ جي ڄاڻ نه پيئي. جڏهن هڪ جي محنت جو فائدو ڪو ٻيو کڻي وڃي، تڏهن چئجي.
    - ٺاٺار ڪي ٻلي آهي.
    مطلب ته ٺاٺاري جي دُڪان تي ويٺل ٻِلي آهي، جيڪا اُتي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪِ جي آوز تي هيڙي ويئي آهي. اهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو ڪنهن ڳالھ تي هِري وڃي اُن لاءِ هيءُ پهاڪو آهي.
    - پهرئين ئي ڏينهن ٻلي مارجي.
    مطلب تب شروعات ئي پنهنجي روعب ڏيکارجي ته پوءِ ٻيا ماڻهو هميشه هُن کان ڊڄندا رهندا ۽ هُن جو حڪم مڃيندا. هن پهاڪي جو بنيادُ هڪ آکاڻيءَ تي بيٺل آهي. ڪنهن ماڻهوءَ شاديءَ ڪئي ۽ پهرئينءَ رات جو ئي هن ڪوڙ ڪري ڀرسان لنگهندڙ ڪنهن ٻليءَ کي اهڙو ته زور سان ڏنڊو هنيو جو اُها ٻلي اُتي جو اُتي مري ويئي. اِن واقعي کي ڏسي سندس زال تمام ڊڄي ويئي. هُن سمجهيو ته منهنجو گهوٽ تمام غصي وارو آهي. پوءِ اُها سڄي عمر پنهنجي گهوٽ جي چئي ۾ رهندي هئي.”
    - منهنجي ٻِلي مون کي ميائون.
    ڀيٽيو: “مري بلي اور مُجھ سي هي ميائون.” مطلب جنهن شخص کي ڪنهن سيکاريو آهي، اُهو سکڻ کان پوءِ اُن شخص سان ئي وڙهڻ اچي، تڏهن چئجي.
    - ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.
    مطلب ته ٻلي کائڻ وقت لالچ ڪري گهڻو کاڌو کائي ويندي؟ پوءِ کيس جڏهن دست لڳندا آهن، تڏهن گهڻو کائڻ تي پڇتائيندي آهي.

    پاڻيءَ جا جانور:
    گهڻي اهڙا ساهورا آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ رهن ٿا، اُتي ئي سڄي زندگي گذارين ٿا ۽ اُتي ئي مري وڃن ٿا. اُنهن تي ٺهيل پهاڪن جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:

    مڇيون:
    - هڪ گندي مڇي سڄي تلاءَ کي گندو ڪري ڇڏيندي آهي.
    مطلب ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو خراب آهي ته هوُ پنهنجن سڀني ساٿين کي به بدنام ڪري ڇڏي ٿو.
    - رُپئي پَلو سهانگو، پئسي پلو مهانگو.
    يعني جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ ڳنڍ ۾ ناڻو آهي ته پوءِ مهانگي شيءِ به خريد ڪرڻ ۾ پيس رُڪاوٽ نه ايندي. پر جيڪڏهن وٽس پئسا نه آهن ته سستي شيءِ به کيس مهانگي لڳندي.
    - ڪني مڇي ڪانهي جا رکئي خراب ٿي ويندي.
    مطلب ته ڪا شيءِ ماڻهو پاڻ وٽ سانڍي رکي ۽ وقت تي اُن جو لاڀ وٺي تڏهن چئجي.
    - جن کاڌا پلنِ جا پيٽارا تن جا هينئڙا ويچارا.
    مطلب ته جن شاهوڪاريءَ جي وقت سٺو مال کاڌو آهي، اُنهن کي ٿوري به مصيبت اچڻ تي گهڻي پريشاني محسوس ٿيندي آهي.
    - مڇي مارڪيٽ لڳي پئي آهي؟
    مطلب ته تمام گهڻو گوڙ لڳل آهي.
    - مڇيءَ موتُ، ميئي شڪار.
    مهاڻا ته شڪار مڇيون ماري گذاران ڪن ٿا، پر ٻئي طرف اِهو مڇين جي لاءِ، موت ثابت ٿئي ٿو. ڀيٽيو: “مرُوئان مؤت، ملوڪان شِڪار”.
    - جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي ماڻهو، ته ڦاٽي مري.
    مطلب ته نديءَ يا سمنڊ ۾ مڇيون ڦاسائڻ لاءِ جڏهن مهاڻو ڄار وجهي ٿو ته اُن ۾ گهڻيئي مڇيون ڦاسي وڃن ٿيون، پر جڏهن هُو ڄار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو، تڏهن ان جي سوراخن مان گهڻيئي ننڍيون مڇيون کسڪي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون.
    - پلو سيري کا به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ.
    سنڌ جي علائقي ۾ سنڌونديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ پلو تمام سوادي ٿيندو آهي. اُن جي ساراھ ۾ هيءَ چوڻي ٺهيل آهي.
    - مڇيءَ کي ٿو ترڻ سيکاري.
    يعني جيڪو ماڻهو ڄائي ڄم کان وٺي فطري طرح هنر يا فن ڄاڻي ٿو، ان کي وڌيڪ ٻيو ڇا سيکاربو؟

    واگهُو (واڳوُن):
    - واگهوءَ جي وات ۾ پيو آهي.
    مطلب ته سڄو ڏينهن پيو وهي ۽ محنت ڪري.
    - رهي ٿو درياءَ جي ڪپ تي ۽ رکي ٿو واگهن سان وير.
    يعني زوراور ۽ ڏاڍي ماڻهو جي ڀر ۾ رهي، ان سان جيڪڏهن دشمني ڪبي ته اُن مان پاڻ کي ئي نقصان رسندو. ڀيٽيو: “جل ۾ رھ ڪر مگر سي بئر.”
    - منگر مڇ جا آنسوُن آهن.
    مطلب ته ڪوڙو دُک ظاهر ڪرڻ.

    ڏيڏرُ:
    - کوھ جي ڏيڏري ڪَڇي پيئي اُڀ.
    يعني کوھ جي ننڍي دائري ۾ رهندڙ ڏيڏري جيڪڏهن آسمان ڏانهن نهاريندي ته ان کي اُڀ جو فقط ٿورو ئي حصو نظر ايندو، پر هوءَ ايئن ٿي سمجيه ته اُڀ جو دائرو ايترو ئي آهي، جيترو اُن کي نظر اچي ٿو، پر اِها حقيقت نه آهي. ساڳيءَ طرح ٿوري ڄاڻ رکندڙ جيڪڏهن پاڻ کي عظيم عالم سمجهي ته اُهو به کوھ جي ڏيڏر وانگر آهي. هن پهاڪي جو بنياد سنسڪرت جي سماس “ڪُوپَ- مَڻڊُوڪَ” (کوھ جو ڏيڏر) تي بيٺل آهي.

    ڪَڇئون:
    - ڪڇُئون جي چال اٿس.
    يعني ڪڇئون تمام ڌيمي چال سان هلندو آهي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن تمام آهستي هلي يا ڍرو ڪم ڪري، تڏهن کيس ٽوڪ وچان ائين چوندا آهن.
    - ڪُمي وانگر پيو پاڻيءَ ۾ تڙ تڙڳي.
    مطلب ته ڪو ماڻهو جڏهن گهڻو وقت نديءَ يا تلاءَ ۾ پيو تري تڏهن کيس چوندا آهن.

    پکي
    پکي ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا شهري (جيئن ته طوطو، ڪبوتر) ۽ ٻيا جهنگلي (جيئن ته باز، ڳجھ، اُلو يا چٻرو.) ڪن شهري پکين کي ماڻهو شوق وچان پالي گهر ۾ پڃري ۾ بند ڪري رکندا آهن. پکين تي به گهڻي ئي پهاڪا ٺهيل آهن. اُنهن مان ڪجھ چونڊ پهاڪا هتي ڏجن ٿا.
    - هنجن سان ريس ڪري اُڏاڻي چِڙي.
    - چڻو هئس چُهنب ۾ سو به پِيُس ڪَري.
    جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کان وڏن سان ريس ڪري ته کيس نقصان رسندو. اهڙن شخصن لاءِ هيءُ پهاڪو چيل آهي.
    - اَب پڇتائي ڪيا هوت، جب چڙيان چُگ گئين کيت.
    مطلب ته ڪا ڳالھ جڏهن هٿن مان نڪري وڃي ۽ اُن کي سُڌاري نه سگهجي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
    - سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي.
    جڏهن ڪو ماڻهو گهڻي سياڻپ ڏيکاري ۽ پوءِ اُلتو ڦاسي پوي تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب ايندو آهي.
    - ڪانءَ کي لُڙ ۾ مزو.
    يعني هڪڙو ڪانءُ ڪان ڪان ڪندو ته ٻيا ڪانءُ به ساڳيو سُرُ ڪڍندا آهن. اِن حالت تي هي چوڻي ٺهي آهي.
    - جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.
    مطلب ته جهڙو خاندان هوندو تهڙو ئي اولاد پيدا ٿيندو.
    - مور سڀ مري ويا باقي رهيا ڪانگ؟
    جڏهن سنت (صوفي بزرگ) ماڻهو ۽ سُٺا ماڻهو ڪنهن هنڌن هليا وڃن ۽ اُتي باقي چور ۽ ٺڳ وڃي بچن، تڏهن چئجي.
    - ڏاهو ڪانءُ، گوُنهن کائي.
    ڀيٽيو: “سيانا ڪؤئا گوُھ کائي”. مطلب ته ڪو گهڻي سياڻپ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ پوءِ کيس نقصان رسي تڏهن چئجي.
    - چورن مٿان مور پيا، اَڌ ورهائي کڻي ويا.
    جڏهن چورن جي چوريءَ مان ٻيا ڪي سياڻا حصو کڻي ڀڄي وڃن، تڏهن چئجي.
    - مور گهڻي ئي سُٺو، پر سندس پير ڏنگا.
    مور هڪ سهڻو پکي هوندو آهي، پر هن جا پير ڏنگا يا ٽيڏا هوندا آهن. اِن حقيقت ئي اِها چوڻي ٺهي آهي. مطلب ته جڏهن ڪو ماڻهو سڄو ڪم سُٺ ڪري پر اُن ۾ ڪا ننڍڙي گهٽتائي رهجي وڃي، تڏهن چئجي.
    - جنگل ۾ مور ناچا ڪس نه ديکا؟
    مطلب ته ماڻهو سُنسان يا اڪيلي هنڌ تي رهي ڪري ڪيترا به سٺا ڪم ڇو نه ڪري، پر هن جو قدر ڪرڻ وارا اُتي موجود نه آهن ته پوءِ هُن ماڻهوءَ کي جَسُ نه ملندو.
    - گهر جي مرغي دال برابر.
    يعني پنهنجي گهر جي ماڻهوءَ جو ڪو قدر نه ٿيندو آهي، چاهي هو ڪيترو به پهتل شخص ڇو نه هجي. ڀيٽيو: “گهر ڪا جوڳي جو ڳيڙا، آن گانوَ ڪا سِڌ.” ۽ “گهر جو پير، چلھ جو مارنگُ”.
    - ڪُڪَڙ ڪوريءَ جو پر نانءُ وڏيري جو.
    ڳوٺن ۾ وڏيري يا زميندار تماشي لاءِ ڪُڪڙ وڙهائيندا آهن. هو ڪُڪُڙ ٻين کان گهُرائي اُنهن کي وڙهائيندا آهن؟، جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪيترا ڪُڪُڙ زخمي ٿي پوندا آهن، اِن قسم جي لڙائيءَ ۾ جنهن زميندار جو ڪُڪُڙ کٽندو آهي، اَن جي واھ واھ ٿيندي آهي. اِن حالت تي هيءُ پهاڪو ٺهيو آهي. “ڀيٽيو: “لڙي سپاهي، نام سردار ڪا.”
    - ڪُڪُڙ يا آنا.
    مطلب ته اجايو بحث ڪرڻ. جنهن ڳالھ جو ڪڏهن به فيصلو نه ڪري سگهجي. جيئن ته پهرين ڪُڪُڙ پيدا ٿي يا پهرين آنا ٿيا، اِن ڳالھ جو فيصلو ڪرڻ اَڄ به مشڪل آهي. رواجي طور سان ڪُڪَڙ آنا ڏيندي آهي، جنهن مان ٻيا ڪُڪُڙ ۽ ڪُڪِڙيون پيدا ٿينديون پر سوال اِهو آهي ته پهرين آنو ڪيئن ٿيو يا پهرين ڪُڪِڙ ڪڏهن ٿي؟ بنا ڪنهن نتيجي تي پهچڻ وارو اِهو بحث اجايو آهي.
    مطلب ته پرڀات يا اَسُر جو وقت پنهنجي قدرتي نموني سان ٿيندو آهي. اُن جو مرغي جي ٻانگ ڏيڻ سان ڪو به واسطو نه آهي. جڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي وڏو سمجهي ايئن چئي ته هن کان سواءِ ڪو ڪن نه ٿي سگهندو، پر حقيقت ۾ هُن جو ڪو به وجود نه هجي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
    - تِتِر ڏيکاري ڀتر ڏيڻ.
    يعني ڪنهن کي سؤدي يا واپار ۾ ٺڳڻ. سٺي شيءَ ڏيکاري کيس خراب شيءِ ڏين ٿا.
    - اڌ تِترُ بٽير.
    يعني الڳ الڳ قسم جي بناوٽ هئڻ. ڀيٽيو: “ڌڙ ريڍو، سِسي ٻاڪري.”
    - ماڻهو مڙيئي نه سهڻا، پکي مڙيئي نه هنج،
    - ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
    يعني سڀيئي ماڻهو سُهِڻا ۽ سُٺي سُڀاوءَ وارا نه هوندا آهن. سڀيئي پکي هنجن وانگر سهڻا نه هوندا آهن. اهڙا ماڻهو تمام ورلي آهن جن مان بهار جي خوشبو ايندي آهي. مطلب ته گڻوان (گڻن وارا) ٿورا هوندا آهن. ڀيٽيو: “آدمي آدمي اَنتر ڪوئي هيرا ڪوئي ڪنڪر”.
    - سِرڻ جي آکيري مان آنا لاهي ٿو اَچي.
    مطلب ته اهڙو هوشيار آهي، جو مشڪل ڪم به سٺي طرح پورو ڪري ٿو وٺي.
    - سِرڻ ۾ ماس ڪٿي؟
    مطلب ته سِرڻ شڪار ڪري پنهنجي آکيري ۾ آڻي اُن جو گوشت کائيندي آهي. هو ڪجھ به بچائي نه رکندي آهي. هيءُ پهاڪو اُن ماڻهوءَ طرف چئبو آهي، جيڪو ڪجھ به بجائي نه رکندو آهي ۽ سڀ پيسو عيش ۾ ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
    - ايئن اَچي مِڙيا آهن، جيئن ڳجهون ڍُونڍ تي.
    يعني جيئن ڪنهن مُئل جانور جي لاش تي ڳجهون اچي ڪٺيون ٿينديون آهن تيئن اچي ماڻهو ڪٺا ٿيندا آهن.
    - ٽيٽيهر واري ٽين ٽين لڳي پيئي آهي.
    مطلب ته جيڪو ماڻهو گهڻيون ٻٽاڪون هڻي، پر ڪجھ به ڪم ڪري نه ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو آهي.

    ٻيا جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون
    گهڻن ئي قسمن جا ٻيا جيت جڻيا هوندا آهن. ڪي زهريلا، جيئن ته وڇون ۽ نانگ بلائون؛ ٻيا رت پياڪ، جيئن ته مُنگهڻُ، ڄؤر، مڇر، جونئن، وغيره. ٽئين قسم جا جيت اُڏامندڙ به هوندا آهن. مثال طور: مِک، پتنگو، ڀؤنر، مڪڙ، پوپٽ. انهن تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا ۽ هيٺ ڏجن ٿا:
    - ڄاڻي وڇونءَ منڊُ به ڪو نه، هُٿ وجهي ٿو نانگن جي ٻر ۾.
    يعني هن کي وڇونءَ جي زهر لاهَڻ جو منتر به ڪو نه ٿو اچي ۽ نانگن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ننڍي ڪم ڪرڻ جو به علم نه هجي ۽ هوُ وڏا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تڏهن ائين چئجي.
    - ورجيس وڇئون وانگر هر ڪنهن کي پيو ڏنگي.
    مطلب ته هن جو سڀاءُ اهڙو آهي جو سڀني کي پيو ستائي. وڇونءَ جي ڪنهن سان به دشمني نه هوندي آهي، پر هن جي عادت اهڙي آهي جو جيڪا به شيءِ هنجي ويجهي هوندي، تنهن کي پيو ڏنگ هڻندو.
    - ورجيس نانگ نڪري ويو، ليڪو پيو ڪُٽجي.
    مطلب ته ڳالھ ختم ٿي ويئي، هاڻي فقط اُن جي پچار پيئي هلي.
    - ورجيس نانگن کي پيو کير پياري.
    يعني دشمن کي پيو پالي. جڏهن ڪو ماڻهو اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي رکي، جيڪو هن کي نقصان پهچائيندو آهي، تڏهن هيءُ پهاڪو ڪتب آڻبو آهي.
    - ورجيس نانگُ به مري، لٺ به نه ڀڄي.
    يعني دشمن به ناس ٿئي، پر پاڻ کي ڪو به نقصان نه رَسي.
    - سپُ نه ماري، سپ جو سراپ ماري.
    ڪنهن کي چاهي نانگ چڪ نه به پاتو پر هو ڊپ وچان سمجهي ته نانگ هُن کي چڪ پاتو آهي ۽ اِنهيءَ ڊپ جي ڪري مري وڃي. اِن حالت تي هيءَ پهاڪو بيٺل آهي.
    مطلب ته ڪو ماڻهو اهڙا گهڙا ڪم ڪري جو اُنهن مان نڪرڻ هُن جي لاءِ مشڪل ٿي پوي، تڏهن ايئن چئجي.
    - ڀَتِ جو ٽِنڊِڻُ آهي.
    يعني اهڙو ماڻهو آهي جو هڪ هنڌ ويٺو آهي، کيس دنيا جو آزمودو گهٽ آهي.
    - اَٺِين پيڙهي اُٺُ ۽ ماڪوڙو ماسات.
    مطلب ته جيڪڏهن ڪِنِ ماڻهن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي جاچبي ته ڪِٿي نه ڪٿي سندن رشتو ضرور ملي ويندو.
    - ورجيس ڄؤر وانگر چنبڙي پيو آهي.
    ڄؤ کي هنديءَ ۾ “جونڪ” چوندا آهن. هو ماڻهو رت پيئڻ وقت ماڻهوءَ کي ايترو ته پُختو چنبڙندي آهي جو مري به ويندي پر نه ڇڏيندي.
    - ورجيس چِچِڙ ٿي لڳو آهي.
    اصطلاح چِچڙ هڪ نَنڍو جيت آهي، جيڪو جانورن کي چنبڙي اُنهن جو رت پيئندو آهي. اُن کي زور سان ڇڪبو آهي ته به نه ڇڏيندو آهي.
    - گنجي جي مٿي ۾ نه ڪا جونءَ نه ڪا ليک.
    مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن جي مٿي تي وار نه آهن ته پوءِ هن کي جونءَ يا ليک جي شڪايت نه ٿيندي. يعني جڏهن ڪو بنيادي مسئلو ئي نه آهي پوءِ اُن جي فڪر ڪرڻ بيڪار آهي.
    - ورجيس ککر (ڏينڀو) ۾ ٿو کلي هڻي.
    ککر جي ماناري تي ٿو ڀِتر اُڇلي. يعني ڄاڻي واڻي مصيبت ۾ پوڻ جا ڪم ٿو ڪري
    - جِتي ماکي تِتي مکِ.
    يعني جتي ڪا مٺي شيءِ هوندي اُتي مکيون ضرور اينديون. جتي ڪنهن ڪم ڪرڻ سان فائدو ملڻ جي اُميد هوندي آهي، اُتي سڀ ماڻهو اچي ڪٺا ٿي ويندا.

    جانورن، پکين ۽ جيتن سان تعلق رکندڙ عام پهاڪا:
    آخر ۾ هتي ڪجھ اهڙن پهاڪن جا مثال ڏجن ٿا جن جو واسطو ڪنهن خاص جانور يا ساهواري سان نه آهي، پر اُهي اِنهي گروھ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. جيئن ته:
    - ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وِڪڻ کڻي.
    يعني ڍڳين مينهن جو جيڪڏهن ڌڻ آهي ته اُن جي سنڀال به ڪرڻي پوندي. نه ته سندن مالڪ کي نقصان ٿيڻ جو اِمڪان هوندو آهي.
    - ڏڌو کير ٿَڻين نه پوي.
    جيئن ڍڳين يا مينهن جو ڏڌل کير واپس ٿڻن ۾ نه پوندو آهي، تيئن زبان ۾مان نڪتل ڪؤڙو لفظ وري واپس نه ٿيندو.
    - ڏُٻري ڍور جو ڌني سويل ئي پلاڻي.
    يعني جيڪو ماڻهو ڪمزور جانور تي سواري ڪري رهي آهي، تنهن کي گهُر ته هو اوندھ ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجو سفير سوير شروع ڪري.
    - جيڪو چَري سو نه مري.
    جيڪو جانور چڱيءَ طرح گاھ وغيره کائي ٿو، اُهو هميشه تندرست رهندو. يعني کائڻ پيئڻ ۾ شرم نه ڪرڻ کپي.
    - ماريءَ جي گهر هڏن جو ڍير.
    شڪاري پکين، جانورن وغيره کي ماري پنهنجي گهر کڻي ايندو آهي. هو جانورن جي کل لاهي وڪڻندو آهي ۽ اُنهن جو گوشت به کائي يا وڪڻي ڇڏيندو آهي. باقي هڏن جو ڍير وڃي وٽس بچندو آهي.
    - جو چُڳي سو تَڳي.
    يعني جيڪو پکي چُڳي چڱيءَ طرح پيٽ ڀري ٿو، اُهو گهڻو وقت جيئي ٿو؟
    هتي ڏنل مثالن مان طاف ظاهر آهي ته اِنسان پنهنجي زندگيءَ ۾ جانورن، پکين، جيتن وغيره جي وهنوار مان به آزمودو وٺي گهڻي ئي پهاڪا، چوڻيون، محاورا وغيره ٺاهيا آهن. اُنهن جو هُن ادب ۾ سهڻي نموني استعمال ڪيو آهي. اَن قسم جا پهاڪا جيڪڏهن اسين تفصيل طور ڪڍا ڪريون ته هڪڙو وڏو ادبي ذخيرو ٺهي پوي.


    ۵.۴ کيتي ٻاڙيءَ، پوک ۽ اَناج متعلق پهاڪا:

    ۵.۴ کيتي ٻاڙيءَ، پوک ۽ اَناج متعلق پهاڪا:

    اِنسان باندرن اوري دؤر مان گذري، جڏهن سمجھ ۽ عقل وارو بڻيو، تڏهن کان سندس لاڳاپو کيتيءَ سان رهيو آهي. شروع شروع ۾ هوُ قدرتي طور سان پيدا ٿيل ڦل. ڦو، ميوا، گاھ وغيره. واهپي ۾ آڻيندو هو. آهستي آهستي اِنسان کي زمين ۾ پوکيل شين جي ڄاڻ پيئي ۽ گڏوگڏ جانورن جي خوبين کان به واقف ٿيو. اِن کان پوءِ هو جانورن جي مدد سان کيتي ڪرڻ لڳو. لوھ جي اوزارن کي به استعمال ۾ آڻڻ لڳو. انيڪ فصلن جي ڄاڻ ٿيڻ لڳي. زمين ۽ موسم جي باري ۾ آزمودا ٿيڻ لڳس. آهستي آهستي کيتي ۽ پوک جو ڪم ماڻهن لاءِ هڪ خاص ڪم ٿي ويو ۽ اُنهن جي جيئڻ جو آڌار پِڻ بڻيو. هڪ خاندان جا سڀيئي ڀاتي اِن ڪم ۾ شريڪ ٿي ويا. وقت گذرندو ويو، اِنسان کي کيتيءَ بابت آزمودا ٿيندا ويا ۽ اُنهن جي آڌار تي پهاڪن جو جنم به ٿيندو ويو. اهي سڀيئي ڳالهيون ننڍي کنڊ جي تاريخ سان پڻ لاڳو ٿين ٿيون. اَڄ ڏينهن تائين هتي جيڪا جهوني ۾ جهوني تهذيب ملي ٿي سا آهي سنڌو تهذيب يا هڙاپا جي تهذيب. هي تهذيب سنڌونديءَ جي ڪناري تي وڌي ۽ ويجهي. اِنهيءَ آڌار تي جيڪڏهن چئجي ته سنڌ جي رهاڪن سڀني کان پهرين کيتي ٻاڙيءَ جي هنر جي ايجاد ڪئي ته واڌءُ نه ٿيندو. گهڻن ئي عالمن پنهنجن ويچارن ۾ پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي رهاڪُن کي ڪڻڪ، چانور ۽ ٻئي قسم جي اَناج ۾ ميوي جي کيتيءَ جي هنر جي ڄاڻ حاصل هئي. نه رڳو ايترو، سنڌو ماٿريءَ ۾ ‘موئن جو دڙو’ ۽ هڙاپا نالي هنڌ تي اَناج رکڻ لاءِ وڏا وڏا گدام به مليا آهن. چوڻ جو مطلب آهي ته ڀارت سنڌو ماٿري جي تهذيب واري وقت کان وٺي هڪ کيتيءَ وارو ملڪ رهيو آهي. ڀارت ۾ هر ڏهن سالن ۾ ٿيندڙ آدمشماريءَ جي ڳڻپ موجب اڃا تائين به ڀارت جا ستر سيڪڙو ماڻهو کيتي ٻاڙي (ٻني ٻارو) ڪندا آهن. ڀارت جي مذهبي ڪتابن ۾ به کيتيءَ جي اهميت، عظمت جي ڳالھ ڪئي ويئي آهي. “پاراشر سمرتيءَ” ۾ چيل آهي ته:
    - ڪرشيرنتمو ڌرمونَ لَڀيت ڪرشِتو انيت ههَ، نه سُکن ڪرشتو انيَتر يدي ڌرميڻ ڪرشت. (۵.۱۸۵)
    مطلب ته کيتيءَ جي برابر ٻيو ڪو ڌرم (فرض) نه آهي ۽ اُنهيءَ وانگر فائدي وارو ٻيو ڪو به ڌنڌو نه آهي. جيڪڏهن ڌرم مطابق کيتي ٻاڙي ڪئي وڃي ته انهيءَ کان وڌيڪ خوشيءَ واري ٻي ڪا به ڳالھ ڪانهي.
    ‘پاراشر سنهتا’ ۾ انسان جي زندگيءَ کيتي، اناج ۽ کيتي ڪندڙن هارين جي ضرورت تي هڪ هنڌ چيل آهي ته:
    - سُورڻرؤ پيِما ڻِڪيوَ سنئيرپِ پوُرِتا، تٿاپِ پرار ٿينتييوَ ڪرشڪان ڀڪتتر شڻيا.
    يعني سون، چاندي، ماڻڪ، موتي، ڪپڙا وغيره هوندي به ماڻهن کي کاڌي جي شين لاءِ هارين کي عرض ڪرڻو پوندو آهي.
    جيئن ڀارت جي ٻين صوبن ۾ کيتيءَ بابت پهاڪا مشهور آهن، تيئن سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ به کيتيءَ سان لاڳاپو رکندر گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. کيتيءَ بابت جيڪي به آزمودا ماڻهن کي ٿيا، اُهي پهاڪن جي شڪل ۾ به محفوظ آهن. اِهوئي سبب آهي جو زراعت ۽ جيوتش علم نجوم جي ڄاڻ بغير به پهاڪن جي مدد سان ساڌارڻ عام هاريءَ کي کيتيءَ بابت گهڻين ئي ڳالهين جي ڄاڻ ملي وڃي ٿي. جيڪو هاري سکيا جي نالي تي ‘الف’ اکر جي ڄاڻ به نه ٿو رکي، کيس کيتي بابت پهاڪا زباني ياد هجن ٿا. اهڙيءَ ريت هوُ پهاڪن ۾ لڪل کيتي بابت آزمودن مان فائدو کڻي ٿو. عام ڳالھ ٻولھ ٻولي ننڍن ننڍن گفتن ۾ هئڻ ڪري پهاڪا هر ڪنهن کي سولائيءَ سان ياد ٿي وڃن ها.
    سنڌي پهاڪن ۾ کيتيءَ جو ذڪر وڏي تعداد ۾ مختلف موضوعن هيٺ ٿيو آهي. اوائلي دؤر کان ئي ‘کيتي’ لفظ ۾ هاري، کيتيءَ جا آواز ۽ کيتيءَ جي ڪمن جيئن ته جوٽ، پوک، گُڏ، ڪٽاڻي، ٻِجُ، ڇٽڻ وعيره جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. کيتيءَ بابت پَهاڪن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
    (1) کيتيءَ جي اهميت
    (2) کيتيءَ جو طريقو
    (3) زمين جا قسم
    (4) هاري
    (5) کيتيءَ ۾ مددگار جانور
    (6) کيتيءَ ۾ مددگار اوزار
    (7) کيتيءَ ۾ مددگار ٻيون شيون.
    (8) فصل ۽ اَناج:

    کيتيءَ جي اهميت:
    صدين کان کيتي هن ملڪ جي روزي روٽيءَ جو هڪ مکيه ذريعو رهي آهي. هارين هن ماڻڪ موتي ڏيندڙ ڌرتيءَ تي هر هلائي اَناج کي دعا ۽ پيار جي شڪل ۾ حاصل ڪيو آهي. هيءُ اناج ئي انسانن جي کاڌي جي وڏي ضرورت کي پورو ڪري ٿو. سنسڪرت ۾ کيتيءَ بابت چيل آهي ته:
    - ڪرشِن ڪروتِ، ايڪن دوي ڪروتِ.
    مطلب ته کيتي ڪرڻ وارا ڌرتيءَ ۾ هڪ ٻج کي پوکي، اُن کي وڌائي اناج جي ٻِن يا گهڻن ئي داڻن پيدا ڪن ٿا.
    کيتيءَ جي اهميت کي ڀوجپوري ٻوليءَ جي هڪ پهاڪي ۾ هن ريت ڏيکاريون ويو آهي:
    - اُتم کيتي، مڌيم بان، نِکِد چاڪري، بيک نِدان.
    يعني اِنسان جي زندگيءَ ۾ سڀني کان سُٺو ڪم کيتي ڪرڻ آهي. اُن کان پوءِ واپار ڪرڻ آهي. اِنسان کي چاڪري يا نوڪري نه ڪرڻ گهرجي ۽ بيک يا پنڻ ته صفا ڪِرِيلُ ڪمُ آهي.
    سنڌي پهاڪن ۾ کيتيءَ جي اهميت هن ريت نظر اچي ٿي:
    - اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار.
    (ڪٿي ڪٿي هيءُ پهاڪو هيٺين ريت به پڙهيو ويندو آهي: اُتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار. ساڳئي مطلب طرف اشارو ڪندڙ ٻي چوڻي آهي. پر ڪِٿي ڪِٿي هن ڳالھ جي مخالفت به ملي ٿي. جيئن ته: ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بَلدَ مري يا ٽوٽا پڙي.)
    کيتي آهي پگهر ۽ پورهئي جو ڪم، پر اِهو سڀ کان سٺو آهي. واپار ڪرڻ سان ماڻهو شاهوڪار ٿئي ٿو. نوڪري آهي غلامي ۽ پنهنجو نصيب وڪڻڻ. پنڻ سڀ کان بيڪار ۽ بي- عزتيءَ وارو ڪم آهي.
    - کيتي سِر سيتي.
    کيتي مالِڪ جي نظرداريءَ هيٺ ئي فائديمند آهي. ٻئي جي ڀروسي تي کيتيءَ جو ڪم ڪرڻ سان نقصان ٿيندو آهي. کيتي پاڻ ئي ڪرڻ گهرجي ۽ اُن مان ٻئي ڪنهن تي ڀروسو ڪري هن کي حصو نه ڏيڻ گهرجي. ڀيٽيو: (راجسٿاني).
    مٿي ڏنل ٻنهي پهاڪن بابت عبدالڪريم سنديلو پنهنجي ڪتاب ‘پهاڪن جي پاڙ’ ۾ ڪهاڻي هن ريت ڏني آهي.
    چون ٿا ته هِڪڙي زميندار کي ڪا پٿر جي پٽي هٿ اچي ويئي، جنهن تي اِها عبارت نقش ٿيل هئي: ‘اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار’. آزمائش ڪڏهن به پوک جي نظرداري نه ڪيائين. اُلٽو هو عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو. ايهو به نه ڏٺائين ته پوک ۾ پورو ڀاڻ يا نه ۽ پورو پاڻي ملي ٿو يا نه؟ نتيجو اِهو نِڪِتو جو هو وڏي نقصان هيٺ اچي ويو. پنهنجو اِهو حال ڏسي هُن پٿر کي غصي وچان زور سان زمين تي ڦٽو ڪيو. هُن سمجهيو ته پٿر تي لکيل کيتيءَ بابت ڳالھ غلط آهي. پر تڏهن هُن زميندار جي نظر پٿر جي ٻئي پاسي تي پيئي، جيڪي هُن پهرين نه ڏٺو هو. اُتي لکيل هو: ‘کيتي سر سيتي’. اِهو لفظ پڙهي اُهو زميندار ڏاڍو “ڏوھ منهنجو آهي ۽ نه ڪي هُن پٿر جو.”
    - ڪُني ڦُرائجي، ٻني نه ڦرائجي.
    مطلب ته واپار ۾ دوستيءَ جو لحاظ نه رکڻ کپي. هڪ ٻئي کي کارائڻ پيارڻ ۾ ڪمي نه ڪجي، پر جيڪڏهن کيتي ٻاڙيءَ جو سوال هجي ته شرم نه ڪرڻ گهرجي.
    - اَن پَلي، ذات ڀلي.
    (پَلي: اَنُ رکڻ جي جڳھ، جيڪا ٽوئن ۽ پِڃِرن سان ٺاهي ويندي آهي.)
    کيتيءَ کي وڏي اهميت عطا ٿيل آهي. آڳاٽي زماني ۾ جن وٽ اَن سان ڀريل پَلي هوندي هئي، تِن کي شاهوڪار ۽ اوچي نسل جي ليکيو ويندو هو.
    - ڪرم هِيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
    کيتي ڪرڻ سٺو ڪم آهي، پر اِهو ڪم ماڻهوءَ جي محنت کان سواءِ ٻين قدرتي ڳالهين تي به بيٺل آهي. جيئن ته زمين جي خاصيت.
    برسات، کيتي ڪرڻ واري زمين جي ايراضي موسم وغيره. ماڻهو پنهنجي کيتن ۾ محنت ڪري پوک ڪندو آهي، پر جيڪڏهن وقت ضرورت موجب برسات نه پيئي، يا فصل کي ڪي قدر جيت لڳي وڃن، ٻوڏ اچڻ سان فصل برباد ٿي وڃي وغيره اهڙا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري فصل برباد ٿي سگهي ٿو. اِن ڪري کيتيءَ ۾ لاڀ ملڻ به ماڻهوءَ جي ڪم يا قسمت تي بيٺل آهي. پر کيتي ڪندڙن کي وري ٻئي دفعي به کيتي ڪرڻي پوي، تڏهن ايئن چئجي. بدنصيب ماڻهو کيتي ڪري ته ڪڏهن هُڻ جو ڏاند مري وڃي ته ڪڏهن فصل سٺو نه ٿيڻ ڪري کيس نقصان رسندو آهي.
    - چِڙيون چُڳي وڃن کيت، پوءِ پڇتائي ڇا ڪبو؟
    هيءُ پهاڪو گهڻين ئي ٻولين ۾ ملي ٿو. هن ۾ نصيحت ڏنل آهي ته وقت ۽ موقعي کي ڪڏهن وڃائڻ نه کپي ۽ کيتيءَ تي يعني ٻنيءَ تي، هميشه نظرداري رکڻ کپي. اِنهيءَ لاءِ ڪو اُپاءُ ڪري جهرِڪِيُن کان پنهنجي کيتي. کي بچائي رکڻ لاءِ پهرين ڪو بندوبست ڪري رکجي. ڀيٽيو: “اَب پڇتائي ڪيا هوت جبل چڙيا چُگ گئي کيت.”

    کيتيءَ جو طريقو:
    هر هڪ ڪم کي ڪرڻ جو ڪو نه ڪو طريقو هوندو آهي. جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪم ڪبو ته اُن ۾ فائدو ٿيندو، پر جيڪڏهن اُهوئي ڪم غلط طريقي سان ڪبو ته ڪرڻ واري اُن ۾ نقصان رسندو. وقت گذرندي کيتي ڪرڻ جي طريقن ۾ به ڦيرو اچي ويو آهي. سائنسي طريقي سان ۽ نوَن اوزارن جي مدد سان کيتي ڪرڻ ڪري فصل گهڻو پيدا ٿيڻ لڳو آهي. هيٺين سنڌي پهاڪن ۾ کيتي ڪرڻ جي طريقن تي روشني پي ٿي:
    - پوکين تان ڪي پوک، جيسين پاڻي اٿيئي ٻار ۾.
    مطلب ته پاڻي سُڪي وڃڻ بعد پوک ڪا نه ٿي سگهندي آهي. اِن ڪري وقت سر ڪم ڪري ڇڏڻ گهرجي. ٻي معنيٰ آهي ته اِنسان کي پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي سُٺا ڪم ڪري ڇڏڻ گهرجن. ٻُڌاپي ۾ ڪجھ ڪري سگهڻ جي قوت نه هوندي آهي.
    - پوکجي ڪَڻو، ته ٿي پوي گهڻو.
    کيتيءَ يا فصل جو سڄو دارومدار ٻج تي هوندو آهي. هڪ ٻج مان ئي گهڻو اَنُ پيدا ٿي سگهندو آهي. اِن ڪري سٺو فصل حاصل ڪرڻ لاءِ سٺي قسم جو ٻج پوکڻ تمام ضروري آهي. هيءُ پهاڪو کيتي جي ڪم ۾ برڪت ٿيڻ جي ڳالھ طرف به اِشارو ڪري ٿو؟
    - ڪڻڪ ڪڍي بُھ کي ڏجي باھ.
    ڪڻڪ جڏهن پچي تيار ٿي ويندي آهي ته سنگن مان اَنُ کي؟ ڇنڊي الڳ ڪبو آهي، پوءِ جيڪا بُھُ (يعني تُھُ) نڪرندي آهي اُن کي؟ باھ لڳائي ناس ڪري ڇڏبو آهي. ايئن نه ڪرڻ سان بُھ هوا ۾ اُڏامي ماڻهن ۽ ماحول کي نقصان پهچائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن بھُ کي؟ چيڪي مٽيءَ ۾ ملائي ڀتين تي پلاسٽر ڪرڻ جي ڪم ۾ به آڻبو آهي.
    - جَو پوکي ڪڻڪ ڪا نه لُڻبي.
    کيتي ڪرڻ جو هڪ مکيه اصول آهي ته جيڪو ٻج پوکبو، ته تهڙو ئي ڦلُ ملندو. جَوَ پوکڻ سان جَوَ ئي ملندي، ڪڻڪ ڪا نه ملندي. اِنهيءَ ڳالھ تي ڪجھ ٻيا پهاڪا هن ريت آهن: ۽ “جنهن جو بُڻُ بُڇڙو، جو ميوو مٺو نه ٿئي.”
    - موتيو اُتي مار، جتي پاڻي هُجي تارِ.
    هيءُ پهاڪو کيتي ڪرڻ جي طريقي کي ٻڌائي ٿو. موتيو چانورن جو هڪ اهڙو قسم آهي، جيڪو گهڻي پاڻيءَ ۾ پوکبو آهي. اِنهيءَ پهاڪي مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته موتيو ڪٿي پوکڻ گهرجي.
    - جوڳي رمتو ڀلي، پاڻي وهندو ڀلو.
    اهڙي جوڳيءَ کي عزت ۽ مانُ وڌيڪ نه ملندو آهي، جيڪو گهمندو رهي ٿو ۽ هڪ ئي هنڌ تي گهڻا ڏينهن نه ٿو رهي. اهڙيءَ ريت کيتي لاءِ به وهندڙ وڌيڪ سٺو هوندو آهي، بنسبت بيٺل پاڻيءَ جي، ڇاڪاڻ تي بيٺل پاڻي گندو، ڪِنو ۽ مڇرن سان ڀريل هوندو آهي.

    زمين جا قسم
    زمين جدا جدا قسمن جي مٽيءَ واري ٿيندي آهي. ڪٿي ڪاري مٽيءَ واري زمين آهي ته ڪٿي ڳاڙهي مٽيءَ جي. ڪٿي چيڪي مٽي آهي ته ڪٿي واريءَ واري. ڪنهن مٽيءَ ۾ پوک سٺي ٿيندي آهي ته ڪنهن ۾ خراب. اِنهيءَ ڳالھ جي پٺڀرائي هي پهاڪا ڪن ٿا:
    مطلب ته هر هڪ قسم جي زمين جي پوک الڳ الڳ ٿيندي آهي. اِنهيءَ ڳالھ جو هڪ ٻيو مثال ڏسو: “زمين کري، ته اڪ ڪري.” .
    - ڪلر منجهان ڪين ٿئي، توڙي جال پيارينس جَرُ.
    کاري زمين جو هڪ قسم آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ‘ڪلر’ ۽ هندي ۾ ‘اُوسر’ چوندا آهن. اهڙي کيتي ءَ لاءِ بيڪار ۽ گهٽ قسم جي ليکبي آهي. ڪلراٺي زمين تي گهڻو پاڻي ڏيئي محنت به ڪجي، تڏهن به اُن ۾ سَلو ڪين اُڀرندو. اِن پهاڪي کي هن ريت به چون-“ ڪلر مان ڪين ٿئي توڙي جال ڏجيس جرُ”. هن پهاڪي جي لِڪل معنيٰ آهي ته نڪمي ماڻهوءَ جي کڻي ڪيتري به خوشامد يا خدمت ڪجي ته به اُن مان ڪو به ڪم نه نڪري سگهندو آهي. هنديءَ جي هن چوڻي ۾ به کاري زمين يا اُوسر کي گهٽِ قسم جي زمين ڏيکاريو ويو آهي. “اوُسري ڪي ديوي، ڪودو ڪي اڇت.” يعني اوسر جي ديويءَ جو سمان ‘ڪودو’ قسم جي چانورن سان ڪيو ويندو آهي، جيڪي گهٽ قسم واري در جا چانور هوندا آهن. (ڊاڪٽر تيواري، ڀوڄپري لوڪو ڪِتيان، صفحو ۱۳۲.)
    - ڪلر ٻاريئه ڪان ڪا ڪيئه جُٺ جوئر سان.
    يعني ڪلراٺي زمين ۾ جوئر جي پوک ڪئي ته اُن مان ڪو به فصل ڪو نه لٿو. اُلٽو جوئر جو ٻج به اجايو ۽ بيڪار ٿي ويو.

    هاري
    محنت ڪش هاريءَ جي زمين مان سون پيدا ٿيندو آهي. صاحب بڻجي گهمڻ ڦرڻ وارو يا آلسي ڪمچور هاري تڏهن به کيتي ڪين ڪري سگهندو. کيتي ڪرڻ ۾ سخت محنت جي ضرورت آهي. هاريءَ جي سامهون مختلف مسئلا اچن ٿا. هن کي جوٽ، پوک، ڪٽاڻي، گُڏ سان گڏوگڏ پنهنجي فصل جي سنڀال پڻ ڪرڻي پوي ٿي. کيتي پنهنجي سِر ڪرڻ مان ئي فائدو رسائيندي آهي نه ته ٻيڙي ٻوڙيندي آهي. اِن بابت ڀوڄپوري ۾ هڪ پهاڪو ڏسو:
    - جي هر جوڙي کيتي اوڪر، اَوَرُ نا ته جيڪر تيڪر.
    مطلب ته ٻني انهيءَ جي ٿئي ٿي جيڪي هر هلائي ٿو، نه ته وري ايري جي ٿي پوندي.
    سنڌيءَ ۾ هاريءَ سان لاڳاپو رکندر ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    هاريءَ کي هميشه پنهنجي کيتيءَ جو خيال رکڻ گهرجي.
    - جنهن هاريءَ جي گهر آهي داڻو، سو سڀني جو آهي راڻو.
    مطلب ته جيڪو هاري محنت ڪري گهڻو فصل پيدا ڪندو، ان کي سڀني هنڌ مانَ ۽ عزت ملندي آهي.

    کيتيءَ ۾ مددگار جانور
    آڳاٽي زماني ۾ کيتي ڪرڻ لاءِ گهڻن ئي جانورن جو استعمال ڪيو ويندو هو، جيئن ته ڏاند، ڍڳو، اُٺ، سانُ، وغيره. وقت گذرندي کيتي ڪرڻ لاءِ مشين جي ضرور ٿي ۽ اُنهن جي مدد سان کيتي ڪرڻ ۾ سولائي پڻ ٿيڻ لڳي آهي، پر اڃا تائين به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جانورن جو استعمال کيتيءَ ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. کيتيءَ ۾ ڪارائتو هئڻ سبب مذهبي ڪتابن ۾ ڏاند جي پوڄا ڪئي ويئي آهي. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ڇنڊڇاڻ ڪندي وقت اُتي جي کوٽائيءَ ۾ ڏاندن جي هئڻ جي ثابتي ملي ٿي. “پاراشر سمرتيءَ” ۾ چيو ويو آهي ته ڏاندن پاران پيدا ڪيل اناج تي سموري دنيا پلجي ٿي. ان ڪري ڏاند هن دنيا ۾ ڌرم جو ظاهر روپ آهي:
    - اُڪشاڻو ويڌسا سرشٽاھَ سَسَيَسَيو تپادنا يَه چَه، تئرُ تپادِ تسَسيين سَروَميت دِوَ ڌاريتي.
    (پاراشر سمرتي ۵.۴۸)
    برهما ڏاند کي اپايو ته هو کيتيءَ ۾ اناج پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري. انهيءَ پاران پيدا ڪيل اناج سان هيءَ سڄي دنيا جيئي ٿي.
    - ورش ايوَ تتو رڪشيه ههَ پالنييَشچَ سوردا. ڌرمو ايم ڀُوتلي ساڪشاد برهمڻا هو وَتارِت هَه.
    (پاراشر سمرتي ۵.۴۸)
    اِن ڪري اوهين ڏاند جي حفاظت ڪريو، انهن جي سدائين سار سنڀال ڪريو. ڏاند هن ڌرتيءَ تي عين ڌرم جو روپ آهي. هن کي برهما اوتار جي روپ ۾ ڌرتيءَ تي موڪليو ويو.
    سنڌيءَ ۾ به ڏاند کي محنت ڪش جانور سڏيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ ‘وهو ڍڳو’ (محنتي ڏاند) يا ‘چاڪيءَ جو ڏاند’ به چوندا آهن. کيتي ڪرڻ وارن کي ڏاند خريد ڪرڻ وقت تمام گهڻو ڌيان رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سٺا ۽ طاقتور ڏاند ئي سٺي پوک ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. ڪمزور جانور کيتيءَ جهڙي محنت واري ڪم ۾ پريشاني پيدا ڪندا آهن. سنڌ ۾ چوڻي آهي:
    - ڏُٻري ڍور کي مڇر گهڻا.
    يعني جيڪو ڪمزور آهي، اُن کي بيماريون به وڌيڪ لڳن ٿيون.
    جيڪڏهن کيتي ڪرڻ لاءِ گڏھ کي هر ۾ جوٽي سگهجي ها ته پوءِ هاري ڏاند نه پالين ها.
    کيتيءَ ۾ جانور جي اهميت ڪنهن کان به لڪل ڪانهي. انهيءَ تي چيل آهي ته:
    - سون جي رتيءَ کان رت جي رتي چڱي.
    هِن چوڻيءَ ۾ سون کان به وڌيڪ ملهائتي شيءِ ‘پَشوُ سمپتي’ يعني جانورن کي ٻڌايو ويو آهي.
    - ڌڻُ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.
    چوپايو مال اٿيئي ته اُن جي صحيح طريقي سان سنڀال ۽ پالنا ڪر؛ جيڪڏهن ايئن نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن جانورن کي وڪڻي ڇڏجي.
    - چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي آيو.
    چاڪي يعني گهاڻي مان تيل ڪندڙ جو ڏاند گم ٿي ويو، پر اُهو ڏاند گهاڻي جي چوڌاري ڦرڻ تي هِري ويو هو، اِن ڪري اُهو ڏاند رُلي پِني وري واپس پنهنجي گهاڻي تي اچي نڪتو.
    اُٺ ڪم ڪندڙ جانور ليکبو آهي. ڪنهن وقت ۾ اُٺ سنڌ جي رهاڪن واسطي وڏي اهميت وارو جانور هو. بار کڻڻ لاءِ اُٺ هڪ طاقتور جانور آهي. کيتيءَ ۾ هر هلائڻ ۽ کوھ مان پاڻي ڪڍڻ ۾ به اُٺ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ان تي چيل آهي ته:
    - اُٺ ٻُڍو، ته به ٻه ڪوانٽ لهي.
    مطلب ته اُٺ طاقتور هوندو آهي ۽ هو ٻُڍو هوندي به ٻن ڪوانٽن يعني جوان اُٺن کا به وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.

    کيتيءَ ۾ مددگار اوزار:
    هارين جي مالي حالت جي ڄاڻ اُنهن پاران استعمال ڪندڙ اوزارن مان به ٿيندي آهي. هاريءَ کي هر گهڻا آهن؟ ڪوڏرون گهڻيون آهن. کيتيءَ جا ٻيا اوزار ڪيترا اٿس؟ اِنهن ڳالهين جي گهڻي اهميت ٿئي ٿي. تقريباَ هڪ ايڪڙ زمين جي کيتي هڪ هر جي کيتي چئبو آهي. انهيءَ آڌار تي هڪ هر جي کيتي هاريءَ کي حيران ڪندڙ آهي، ٻن هرن جي کيتي ڪام چلائو (گذارن) آهن، ٽن هرن جي کيتي ٺيڪ ٺاڪ ليکبي آهي ۽ جيڪڏهن چئن هرن جي کيتي هجي ته واھ واھ. اهڙي کيتي راجائي سک ڀوڳڻ جهڙي آهي. انهيءَ ڳالھ تي راجسٿانيءَ ۾ هيٺين ريت پهاڪو چيل آهي:
    سنڌيءَ ۾ هر جي اهميت کي هن ريت ٻُڌايو ويو آهي:
    - گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مردين هرُ نه هلي.
    مطلب ته گهر ۾ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي گهڻيون زالون آهن ته اُن جي گهر ۾ هميسه جهڳڙو لڳو پيو هوندو. ساڳيءَ ريت کيتيءَ ۾ هر هلائڻ جي جوابداري جيڪڏهن گهڻن هارين مٿان هوندي ته پوءِ اهو ڪم سٺو نه ٿي سگهندو. هر ڪو ايئن سمجهندو ته جيڪڏهن اڄ مان کيتيءَ تي نه پهتس ته ڪو ٻيو هر هلائيندو. ان طرح ڪو به ڪم نه ڪندو ۽ کيتي نه ٿي سگهندي.
    - جِتي هرُ تِتي گهر، جِٽي ماني تِتي ماڳ.
    يعني جتي کيتي ۽ روٽي هجي گهر اُتي ئي ٺاهڻ گهرجي، نه ته فائدو پورو نه ملندو.
    - جيترو هرُ، اوترو ڦرُ.
    زمين کي جيترو چڱيءَ طرح سان هر سان کيڙبو، اوترو فصل سٺو ٿيندو ۽ گهڻو اناج ملندو.

    کيتيءَ ۾ مددگار ٻيون شيون
    ڀاڻ يعني کاڌ کيتيءَ لاءِ هڪ اهم شيءِ آهي. اِن جي بنا اناج سٺي نموني پيدا نه ٿيندو آهي. جيڪو هاري ڀاڻ جي اهميت کي سڃاڻي، اُن جو استعمال پنهنجي کيتيءَ ۾ ڪري ٿو، انهيءَ کي کيتيءَ مان گهڻو فائدو ملي ٿو. ڀاڻ بابت سنڌيءَ ۾ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    ۱. ڊاڪٽر سهل، راجسٿاني ڪهاوتون، صفحو ۲۳۲.
    - ڀاڻُ سدا جواڻُ.
    يعني ڀاڻ جي مدد سان کيت ۾ هميشه پنهنجي من پسند جي فصل کي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    - ڀاڻ ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي.
    مطلب ته ڀاڻ وجهڻ سان زمين ۾ فصل سٺو ٿيندو آهي. زمين تي کڻي ڪيتري به محنت ڪجي، پر ڀاڻ نه وجهبو ته فصل سٺو نه ملندو. زمين جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ۽ سٺو فصل لاهڻ لاءِ صحيح نموني سان ڀاڻ جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي. ڀيٽيو:
    جيئن سٺو فصل حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو ڀاڻ استعمال ڪرڻ ضروري آهي، تيئن سهڻي زمين ميوي ۽ سٺي فصل لاءِ سٺي قسم جي ٻج جو هجڻ ضروري آهي. ٻج کي اسين بنياد چئي سگهون ٿا، جيڪڏهن بنياد سٺو نه هوندو ته فصل ڇا سٺو ٿيندو؟ انهيءَ تي چيل آهي ته:
    - جهڙو ٻج، تهڙو ڦر.
    - جهڙو ٻج پوک، تهڙو ڦرُ ٿئي.
    - جنهن جو بُڻُ بڇڙو، تنهن جو ميوو مٺو نه ٿئي.
    کيتيءَ ۾ مددگار شين ۾ ڀاڻ، ٻج سان گڏوگڏ پاڻيءَ جي پڻ وڏي اهميت آهي:
    - ٻني اُها راڻي، جنهن جي مٿان پاڻي.
    معنيٰ جنهن کيت ۾ پاڻي جهجهو ملندو، اُتي پوک به اعليٰ درجي جي ٿيندي آهي.

    فصل ۽ اناج:
    ڀارت ۾ فصلن جا گهڻا ئي قسم آهن. اُنهن جي ورهاست پوکڻ ۽ ڪٽائيءَ جي وقت تي ٻڌل آهي. مِينهن کان سياري جي وقت
    ۱. ڊاڪٽر سهل، راجسٿاني ڪهاوتين، صفحو ۲۳۳.
    تائين ‘خريف’ نالي فصل ٿيندو آهي. بهار جي موسم کان اوُنهاري تائين ‘ربيع’ نالي فصل هوندو آهي. خريف جي فصل ۾ چانور وڌيڪ پيدا ٿيندا آهن. ربيع جي وقت ۾ ڪڻڪ، جَوَ، چڻا وغيره وڌيڪ ٿين ٿا. ڪڻڪ جي ڳڻپ خاص فصلن ۾ ٿيندي آهي ڪڻڪ کي اناج ۾ ‘سرووتم’ يعني سڀني کان اعليٰ چيو ويو آهي ۽ اُن کي مختلف نموني سان ڪم ۾ آڻبو آهي. ڪڻڪ ۾ طاقت به گهڻي ٿيندي آهي. اُن بابت سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    - ڪڻڪ کَري ته ڌَڻڪ ڪري، جوئر کري ته ڪاڻي ڪري.
    - ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
    ڪڻڪ سڀني اناجن ۾ اعليٰ آهي. انهيءَ جو سواد ڪُتي جهڙي رواجي جانور کي نه ايندو. ڀيٽيو: “بندر ڪيا جاني ادرڪ ڪا سواد؟” (هندي)
    اَن زندگيءَ لاءِ تمام ضروري شيءِ آهي، جيڪڏهن کائڻ لاءِ اَنُ نه ٿو ملي ته ماڻهو بک جي حالت ۾ ديوانو بڻجي غلط راھ تي هلي وڃي ٿو. اِن ڪري سنسڪرت ۾ چيل آهي: “انه هه وئي برهم”. يعني ان يا اناج برهم (اُپائڻهار جو) جو روپ آهي. سنڌيءَ جي لهجي سرائيڪيءَ ۾ چوڻي ملي ٿي:
    هن چوڻيءَ ۾ زندگيءَ جي هڪ وڏي سچائي لڪل آهي ته جيسين پيٽ نه ڀربو، تيسين ٻيون سڀيئي ڳالهيون اجايون لڳنديون آهن. انهيءَ لاءِ هندي ٻوليءَ ۾ چيل آهي.
    ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي ٺهيل ماني دير سان هضم ٿيندي آهي ۽ هيءُ طاقت ڏيندڙ آهي، پر چانور جلدي هضم ٿي ويندا آهن ۽ اِن ڪري بک به جلدي لڳندي آهي.
    ڪڻڪ ۽ چانورن کان پوءِ اناج ۾ چڻن جي گهڻي اهميت آهي. ان مان ڀڳڙا (بٺيءَ ۾ ڀُڳل چڻا) ۽ چڻن جي دال بڻجندي آهي. چڻن سان وسطو رکندڙ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتائي پيا آهن.
    ڀڳڙا کائڻ سان ماڻهن جا هٿ خراب نه ٿيندا آهن. ان ڪري ماڻهو سفر ۾ کائڻ لاءِ انهن جو استعمال ڪندا آهن.
    - دال، ٻچن پال.
    دال اهڙي شيءِ آهي، جيڪا غريب غربو رڌي پنهنجي سٺي ڪٽنب کي پالي سگهن ٿا.
    - اَنُ ديوتا ڏڪندو اچي.
    مطلب ته اناج جو بي مانو نه ڪرڻ گهرجي. کاڌي لاءِ جيڪو ملي صبر ڪري اهو کائي ڇڏڻ گهرجي.
    - سِنڌُ ڪڻ تي يا ٿڻ تي.
    سنڌي ماڻهن کي گذاري لاءِ ٻه مکيه ذريعا آهن. کيتي ٻاڙي ۽ چوپايو مالُ.


    ۵.۵ سماجي سرشتي ۽ حالتن متعلق پهاڪا:

    ۵.۵ سماجي سرشتي ۽ حالتن متعلق پهاڪا:

    سنڌي پهاڪن ۾ سماج جو چِٽُ:
    پهاڪو سماج جو آئينو آهي، ڇو ته سماج ۾ جيڪو ڪجھ ڪوڙ سچ قبول پوي ٿو. سو ئي پهاڪو جي شڪل ۾ عام ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن به ملڪ، صوبي ڳوٺ جي سماجي زندگيءَ بابت ڪجھ ڄاڻڻ چاهي ٿو ته اُن گهربلا ايراضيءَ جي پهاڪن جو اڀياس ڪرڻ تمام ضروري آهي. گهُربل ايراضيءَ ۾ ڪهڙين ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا؟ هُتي ڌنڌا ڪهڙا ٿين ٿا ۽ اُنهن مان ڪهڙا ڌنڌا سُٺا ۽ ڪهڙا گهٽ معيار وارا ليکبا آهن؟ ماڻهن جي مالي حالت ڪهڙا آهي؟ اُنهن جا ويچار ڪهڙا آهن؟ انهيءَ ايراضيءَ جو سماجي سرشتو ڪهڙو آهي؟ پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ ۽ مٽن مائٽن جو ڪهڙو درجو آهي؟ زالن جي سماج ۾ ڪيتري عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ سماج ۾ زال ۽ مرد جو رشتو ڪيتري قدر محبت ڀريو آهي؟ اُنهن جا اصول ڪيتري معيار وارا آهن؟ اِنهن سڀني بابت ڄاڻ جيتري اسان کي پهاڪن معرف حاصل ٿئي ٿي. ايتري ٻئي ڪنهن ذريعي مان حاصل نٿي ٿئي.
    اِهو سچ آهي ته اخلاقيات جي بناوت ملڪ جي وقت، هلندر ماحول، تعليم، ابن ڏاڏن جو اخلاق ۽ وهنوار تي ئي دارومدار رکندي آهي. انهن اثرن جي مدد سان ئي اسان کي سماجي حالت جي پروڙ پوي ٿي.
    سنڌ جو سماجي ۽ ثقافتي چِٽُ پسڻ لاءِ پهاڪن کي مختلف حصن ۾ ورهائي انهن جو ڇيد هن ريت پيس ڪجي ٿو:

    (1) ڌرم موجب ذاتين تي ٻڌل پهاڪا:
    مذهب جي آڌار تي ڀارت جي سماج کي مکيه طور سان ڇهن، گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي آهن: هندو، مسلمان، سک، عيسائي، ٻوڌي ۽ جين. هندو ۽ مسلمانن ۾ ٻيو ننڍيون ۽ وڏيون ذاتيون به گهڻي ئي آهن. سنڌيءَ ۾ هندن ۽ مسلمانن سان واسطو رکندڙ پهاڪن جو وڏو تعداد ملي ٿو، پر سکن، عيسائين ۽ ٻين مذهبن تي سنڌيءَ پهاڪا نه جي برابر آهن. مذهب جي آڌار تي سنڌيءَ ڪجھ پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:

    هندو:
    هتي هندو ڌرم يا مذهب سان اسان جو مطلب آهي ته سناتن ويدڪ ڌرم، جيڪو ويد، پُراڻ ۽ منوُ سمرتي وغيره گرنٿن (مذهبي ڪتابن) تي بيٺل آهي ۽ هن جي اندر سڀ ننڍا وڏا پنٿِ يا فرقا به شامل آهن.
    - هندُو آهن هُوند تي.
    يعني هندُو گهڻو ڪري سُکيا ۽ ستابا آهن.
    - هندُو هندوءَ جو سالو، هندُو هندوءَ جو ڀيڻيو.
    مطلب ته هندو گهڻي ڪري پنهنجي ڌرم (مذهب) ۽ ذات ۾ ئي شاديون ڪرڻ پسند ڪن ٿا.
    - هندو گانءِ، مسلمان سوئر.
    هندو ڳئون کي ماءُ ڪري ڀوڄندا آهن ۽ اُن جو گوشت کائڻ وڏو گناھ سمجهندا آهن. ساڳيءَ طرح مسلمان سوئر کي ناپاڪ جانور مڃي اُن جو گوشت کائڻ حرام سمجهندا آهن.
    - واڻيو اڏي کُڏُ مٿان کُڏُ.، ڄٽ اڏي ... مٿان ...
    مطلب ته هندُ خاص ڪري واڻئي کي جيڪڏهن پيسو ٿيندو آهي ته هو پنهنجي جاءِ ۾ پيسو لڳائي اُن کي وڏو ڪندو آهي. پر جڏهن مسلمان کي پيسو وڌيڪ هوندو آهي ته هو گهڻيون شاديون ڪندو آهي.
    - هندو ۽ مسلمان، ٻئي پوٽا هڪ ڏاڏي جا.
    ڀارت ۾ گهڻا مسلمان، هندن مان ڌرم بدلائي پوءِ پوءِ مسلمان ٿيا هئا، اِن ڪري ٻنهي جا اصل نسل قديم زماني ۾ گهڻو ڪري هڪ ئي هئا.

    مسلمان:
    اسلام جي پوئلڳن کي مسلمان چيو ويو آهي. سنڌ صوبي ۾ اُنهن جو تعداد تمام گهڻو آهي. مسلمانن ۾ اُنهن جيان وڏي ۽ پيچيدو ذات پاڪ جو سرشتو ڪونهي، پر تڏهن به پيغمبر سان رشتي ۽ پاڪيزگيءَ جي آڌار تي ڪي گروھ بڻجي ويا آهن. اُنهن ۾ سيد پاڻ کي محمد صلي الله وسلم جي نسل مان مڃيندا آهن. ان ڪري اُهي پاڻ کي مسلمانن ۾ اعليٰ ۽ معتبر سمجهن ٿا.
    مسلمانن کي پڻ سماجي سطع تي هيٺين گروهن ۾ ونڊي سگهجي ٿو: شيخ، سيد، مُغل، پٺاڻ ۽ ٻيا پيشيور ماڻهو (ڪوري، حجام، درذي وغيره). مسلمان ۾ ذات جو سرشتو لچڪڻو آهي. انهيءَ ڪري گهٽ ذات جو مسلمان پڻ مالي حالت ۽ سُٺن ڪمن جي بدولت اوچي درجي کي حاصل ڪري سگهندو آهي. مسلمان چاهي ڪهڙي به درجي جو ڇو نه هجي، پر سنڌ جا هندو مسلمان کي “ڄٽُ” چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي اڻپڙهيل ۽ بيوقوف. ۱۹۴۷ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ ۲۵ سيڪڙو هندو ۽ ۷۵ سيڪڙو مسلمان ۽ ٻين مذهب جا مڃيندڙ هئا. سنڌ ۾ مسلمانن جي گهڻي تعداد سبب هتي جي رهڻي ڪرڻي، پوشاڪ، کاڌي پيتي وغيره تي انهن جو عڪس هيٺين پهاڪن ۾ نظر اچي ٿو:
    مسلمانن ۾ شاديون پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن عزيزن ۾ ٿينديون آهن. انهن ۾ اِهو رواج آهي ته پنهنجي ڌيءَ جي شادي هو پنهنجن ئي مٽن مائٽن ۾ ڪندا آهن. ٻين ذاتين ۾ شادي ڪرڻ جو رواج مسلمانن ۾ گهڻو ڪري ڪونهي. راجسٿاني ٻوليءَ ۾ انهيءَ رواج طرف اشارو ڪندي هيءُ پهاڪو ملي ٿو “گهر ڄائي نئِه پَر گهر ڪيوُن جاڻ دئي؟ ڪا ڪئي جائي، پَر گهر جايه تو دوزخ پايهَ.”
    - اڌ اڱڻ ۾ ساهُرا ته اڱڻ ۾ پيڪا.
    مطلب ته ويجهن مائٽن ۾ شادي هئڻ ڪري ڌيءَ جا ساهُرا ۽ پيڪا مائٽ هڪ ئي گهر ۾ آهن.
    - ميان جي ڊوڙ مسيت تائين؟
    (مطلب ته گهٽ پهچ وارو ماڻهو آهي؟)
    - اُهائي شاديءَ واري ٽنگ مٿان.
    (يعني پنهنجي ڳالھ کي ڪنهن به قيمت تي مٿي رکڻ.)
    - خانَ جي خاني، مانيءَ ۾ معلوم ٿئي.
    - ميان مُٺ جيڏو، ڏاڙهي هٿ جيڏي؟ ورجيس.
    - ميان جي مَڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
    - چانڊيا چور، شابِراڻي شاهد.
    - ميمڻ وڃي مڪي، ته به سندس وٽ کوٽا.

    ڄَٽ:
    - چٽهو نه وِسهو، وِسهو ته مُسهو.
    - ڄٽ جي ڄمار، اَڍائي کٿا.
    - ڄٽ جي دمڙي ڇِني چمڙي، واڻئي جو سؤ ڪونهي ڀؤ.
    - ڄٽَ بُکيو موري کائي، موري بک گهڻيڙي لائي.
    - ڄٽَ ملوڪ ته به گلمِ جو زيانُ
    - ڄٺ کي ٽِڪِرِ ۾ ٽانڊو.
    - ڄٽُ ۽ ڦُٽُ ٻئي ٻڌا ڀلا.
    - ڪِر ڀلائي ڄَٽَ سان، ڦيري هڻيئي پَٽِ سان.
    قاضي:
    مسلمان جج يعني فيصلو ڪندڙ کي قاضي چوندا آهن:
    - قاضي رشوت تي راضي.
    - قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي.
    - قاضيءَ گڏھ هارايو پوَن تان؟
    ملو:
    - نئون زور سان ٻانگ ڏيندو آهي.
    - مُلي جي جنگ مسيت سان؟
    - مُلو چور، ٻانگو شاهد.
    - مُلو مئو، مهابو ويو.
    - مُلو، مجاورُ، ڪانءُ، ٽنهين اکِ هِڪڙي.
    (ملو پيو واجهائيندو ته ڪو ماڻهو مري ته کيس ڪجھ ملي، ساڳيءَ طرح ڪانءُ ۽ مجاور به ٻئي جو مال پيو تڪيندو آهي.)

    پير:
    - پير ڀلو يا ويساھُ ڀلو؟
    مطلب ته وڏي ڳالھ آهي ويساھ. يعني وشواس جي، پوءِ پير کڻي ڪهڙو به هجي. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو رستي جي ڀرسان پنهنجي پياري ڪُتي جي قبر ٺاهي. اڻ واقف لنگهندڙ اُن کي ڪنهن اوليا جي قبر سمجهي اُتي پَڙ يعني چادر وجهندا ويندا هئا، پر جن کي خبر هئي سي ته کِلندا هئا. اِن ڪري چوندا آهن ته پير وڏو يا ويساڳ وڏو؟
    - پير کي ڪم ٺڪاءُ سان.
    - پير کي کڻن مجاور.
    - پيرن جو پٽيل ۽ مائٽن جو ڌڪيل،
    - ڪڏهن به نه ٿانءُ پائي.
    - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
    -

    ذات پات جي سرشتي موجب مختلف ذاتين تي ٻڌل پهاڪا:

    هتان جي سماج جي برپا ٿيڻ ۽ اُن جي اوسر ۾ ورڻ ويوَ سٿا يعني چئن ورڻن جي سڀ کان گهڻي اهميت رهي آهي. ڀارت جي رگ ويد واري وقت جي آخرين دؤر کان ورڻ ويوسٿا (ذات پات جو قانون) جو رواج هلندو پيو اچي. هر هڪ صوبي جي سماج زندگيءَ تي ذات پات جي سرشتي جي گهر ڇاپ ملي ٿي ۽ ڪا به ايراضي اهڙي حالت کان آزاد ڪانهي. ويدن جي دؤر کان ئي ذات پات جي سرشتي مطابق مکيه طور سان چار ذاتيون ٺاهيون ويون آهن: برهمڻ، کشتري، وئش ۽ شوُدر. انهن کان پوءِ هر هڪ ايراضيءَ ۾ مکيه ذاتين ۾ الڳ الڳ انيڪ اُنهن جون شاخون يا ننڍيون ٿيون. جيتوڻيڪ ڀارت جي سڀني ڳوٺن ۽ تعلق ۾ انيڪ ذاتين جا ماڻهو گڏجي رهن ٿا، پر هر هڪ جي رهڻي ڪرڻي ۽ روزاني زندگيءَ ۾ گهڻو تفاوت ملي ٿو. اُنهيءَ تفاوت جي بنياد تي الڳ الڳ ذاتين جي خوبين حالتن ۽ ڪمزورين جي ڄاڻ. اسان کي پهاڪن ۾ ملي ٿو. جيئن ته گهڻن ئي راجسٿاني پهاڪن ۾ هڪ ئي هنڌ الڳ الڳ ذاتين جو تقابلي تفصيل به ملي ٿو. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ ۾ به هڪ ئي پهاڪي ۾ هندو، مسلمان يا ٻيون ذاتيون به شامل ڪيون ويون آهن. مثال طور:
    پهاڪن جي مدد سان سنڌ ۾ ذاتين جي وهنوار، رهڻي ڪهڻي ۽ اُنهن جي زندگيءَ جي جهلڪ هتي ڏجي ٿي:

    برهمڻ:
    آڳاٽي وقت کان ڀارت جي سماجي سرشتي ۾ برهمڻ جي ذات سڀني ذاتين ۾ اُوچي مڃي ويئي آهي، پر وقت گذرندي جيئن تيئن سماج جي سوچ ويچار، وهنوار ۽ رهڻي ڪرڻيءَ ۾ ڦيرو ايندو ويو، تيئن ذات بابت ويساھ ۽ مڃتائن ۾ به تبديلي ايندي ويئي. جهوني دؤر ۾ جيڪي مڃتا ۽ عزت برهمڻ کي حاصل هئي سان اڄ ڪانهي. اڄ ڪلھ جي زماني ۾ سچو مانُ سمانُ ته هڪ طرف رهيو، پر برهمڻ تي طنز جا تير اُڇليا ويندا آهن. سنڌ جي سرحدن سان لڳل راجسٿان جي صوبي ۾ برهمڻ واسطي هڪ پهاڪو ملي ٿو، ان ۾ چيل آهي ته برهمڻن کي سٺ ورهين تائين عقل ڪو نه هوندو آهي ۽ تنهن کان پوءِ هُو مري ويندو آهي. (ڊاڪٽر سهل، راجسٿاني ڪهاوتين، صفحو ۱۳۵.)
    سنڌيءَ ۾ براهمڻ تي ڪجھ پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:
    مطلب ته اهي سڀ چنچل (لڏندا) آهن.
    راجسٿاني ٻوليءَ ۾ ساڳيو مطلب ڏيکاريندڙ هيءُ پهاڪو ملي ٿو:
    ڀيٽيو: “برهمڻ ھَه ڀوجن پريهَ”. (سنسڪرت)
    - ٻانڀڻ چاڙهيو ڪُنو، ڪانوُن ويهي رُنو.
    - ٻانڀڻ ٻڪري، پاڙي جي ڦِڪ ڙي.

    کتري:
    ڌرم شاسترن (يعني هندُن جي مذهبي ڪتابن) جي مطابق برهمڻ کان پوءِ سماج ۾ ٻيو درجو راجا جو آهي. ويدڪ دؤر ۾ اهي “راجنيه” ۽ “ڪشتريه” يا کتريءَ جي نالي سان مشهور ٿيا. جيئن برهمڻ کي ڌرم موجب تعليم ڏيڻ جو ڪم هو، تيئن کشترين کي ملڪ ۽ عوام جي حفاظت جو ڪم ڏنو ويو هو. اُتر ڀارت وارن علائقن ۾ اُنهن کي راجپوت ۽ آنڌر پرديش ۾ انهن کي ‘راجُو’ چيو ويو آهي. راجپوت پنهنجي بهادريءَ لاءِ مشهور آهن. هو پنهنجي ماتر ڀوميءَ (مادرِ وطن) لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو آهن. راجسٿان جي هڪ پهاڪي موجب راجپوتن کي ذات ئي زمين آهن. سنسڪرت جي هڪ مشهور پهاڪي ‘يٿا راجا تٿا پرجا’ جو مطلب آهي ته راجا جنهن رستي تي هلندو يعني پنهنجي هلت ۽ وهنوار رکندو ته ان جي ملڪ جي رعيت به ساڳي ريت هلندي کشترين تي ڪجھ پهاڪن هن ريت آهن:
    - جهڙو راجا، تهڙي پرجا.
    - راجپوتي ذات آهي ڏنڊي وانگر، ڀَڄي پر جُهڪي ڪا نه.
    يعني راجپوت مري ويندو، پر ٻئي جي اڳيان پنهنجو سِرُ نه جُهڪائيندو.
    - راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند.
    - سنتوشي راجائون ناس ٿي وڃن ٿا.
    مطلب ته راجا هميشه پنهنجي راڄ کي وَڌائڻ چاهيندو.

    وئش (واڻيو):
    چئن ورڻن (ذاتين) ۾ ورهايل ڀارتي سماج ۾ وئش يا واڻئي جو ٽيون درجو آهي. “ائترييهَ برهمڻ” نالي گرنٿ ۾ واڻئي کي ڍَل ڏيڻ وارو ۽ زورآوريون سهڻ وارو چيو ويو آهي. ڀارت جي سماج ۾ اِها ذات واپاري، وئش، ڀائيبند، بنيا وغيره نالن سان سڃاتي ويندي آهي. جيئن برهمڻ جو ڪم سِکيا ڏيڻ ۽ کتريءَ جو ڪم پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ هو. اُنهيءَ طرح واڻئي جو ڪم واپار ڪري پنهنجي ملڪ ۽ سماج جي مالي حالت کي مظبوط ڪرڻ هو.
    جيتوڻيڪ سنڌي سماج ۾ برهمڻ ۽ کتري به آهن، پر اُنهن ۾ واڻين جو تعداد تمام گهڻو آهي. سنڌي سماج گهڻو ڪري واپار سماج جي شڪ ۾ سڃاتو ويندو آهي. جهوني وقت ۾ به سنڌي واپاري ٻين ملڪن جيئن ته جاوا، سوماترا، افغانستان وغيره ملڪن ۾ وڃي واپار ڪري ايندا هئا. سنڌي واپاري، جيڪي پاڻيءَ جي رستي وڃي ٻين ملڪن ۾ واپار ڪندا هئا، انهن کي “سنڌ ورڪي” چيو ويو آهي. واپار ۾ سنڌي واڻين جو گهڻو نالو آهي ۽ هو ٻين ملڪن سان واپار ڪرڻ ۾ پنهنجو خاص مقام به رکندا آهن. انهيءَ ڳالھ طرف اشارو ڪندڙ هيءُ پهاڪو ملي ٿو: “جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا ساوا”. مطلب ته جيڪي واپاري جاوا وڃي پنهنجي مال وڪڻي ايندا هئا، انهن کي سٺو لاڀ ملندو هو.
    سنڌ جي ذاتين تي ٻڌل پهاڪن ۾ واڻين بابت پهاڪن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هيٺ ڏنل پهاڪن مان اُنهن پهاڪن مان اُنهن جي خوبين ۽ گهٽتاين تي جهجهي روشني پوي ٿي:
    - گهر ۾ کائنس ڪوئا ۽ ٻاهر کائينس ڪانوَ.
    - هڪڙي هڪڙي ايڪويھ تاڻيا.
    - ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳؤورو.
    - ٻنهين کي ڀري الله.
    - واپاري ته نرم، راجا ته گرمُ، استري ته شرم.
    - واڻيو پنج نه سهي، پنجاھ سهي.
    - نکمڻو واڻيو ڀِتر ڀوري.
    - واڻيو وڙهي وَيسيءَ سان.
    مطلب ته کاڌي پيتي ۾ ڪنجوسي پيو ڪري.

    شودر (پوئتي پيل ذاتيون)
    ويدڪ ڌرم گرنٿن (ويدن جي ڌرمي ڪتابن) جي آڌار تي ڀارت جي سماج کي الڳ الڳ ورڻن يا ذات پات ۾ ورهايو ويو آهي. اُنهن سڀني جي ڪمن ۽ زندگيءَ جي طريقه ڪار ۾ گهڻو فرق آهي. انسانن ۾ به هڪجهڙائي ڪانهي. انهيءَ ڏس ۾ شودرن ۽ ٻين ٽن يعني برهمڻ، کترين ۽ وئشن جي وچ ۾ وڏو فاصلو رکيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته شودر ذات جو ڪن يا عملن ۾ رڳو ٽنهي ذاتين جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. انهيءَ ريت، چئن ذاتين ۾ ورهايل ڀارت جي سماج ۾ شودرن جو چوٿون درجو يا جڳھ مڃي ويئي آهي. “ايتريه برهمڻ” نالي ڌرمي ڪتاب موجب شودر انهن ٽنهي ذاتين جي مرضيءَ سان شودر کي سماج مان ڪڍي سگهبو هو ۽ هُڻ کي مرضيءَ موجب سزا پڻ ڏيئي سگهبي هئي.
    شودر ذات جي اندر گهڻي ئي اڇوت ذاتيون شامل ڪيون آهن: جيئن ته: ڍيڍ، چمار، موچي، ڀنگي، ميگهواڙ، ڪاسائي، ڀيل وغيره. انهن سان واسطو رکندڙ پهاڪا ذاتين جي اندر ڏنا ويا آهن.


    ڌنڌي ۽ پيشوير جاتين تي ٻڌل پهاڪا
    ڀارت جي سماج ۾ ميکه چئن ذاتين کان سواءِ الڳ الڳ ڪمن يا ڌنڌن تي گذران ڪرڻ وارين ذاتين جو به گهڻو تعداد ملي ٿو. جيئن ته: ڪوري، ڪنڀر، تيلي، ڌوٻي، موچي، لوهار، سونارا، حجام وغيره.
    اِهي سڀيئي ڀارت جي سماج جو هڪ حصو آهن. ڌنڌي جي مطابق الڳ الڳ ڪم ڪرڻ وارن تي به گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا، جن جي آڌار تي ڀارت جي ثقافتي ۽ سماجي ڍانچي تي گهڻي روشني وجهي سگهجي ٿي:

    ڪوري يا جُلاهو:
    سنڌ ۾ ڪوري ذات جا ماڻهو گهڻي وقت کان رهندا پيا اچن. انهن تي ٺهيل ڪجھ پهاڪا هتي ڏجن ٿا:
    - اُڻندو اُهائي جا ڪوريءَ جي من ۾.
    يعني ڪوري آڏاڻي تي جڏهن ڪپڙو اُڻي ٿو ته اُن وقت ان جي تاڃي پيٽي ۾ ڌاڳن جو حساب اهڙي نموني رکي ٿو، جو رٿيل ڊزائين ٺهي سگهي. ڪي ماڻهو هن پهاڪي جو استعمال ڌڻيءَ سان به لڳائي ڪندا آهن. اِن موجب چئبو ته بندو چاهي ڪيترو به سوچي، پر ٿيندو اُهو ئي جيڪو ڌڻيءَ جي من ۾ آهي.
    ڪورين جو مکيه ڌنڌو ڪپڙو اُڻڻ ۽ ان کي وڪڻڻ آهي. هي سادا سودا ۽ گهٽ پڙهيل ذات جا ماڻهو هوندا آهن. هنن جي سادي وهنوار ۽ پراڻي هلت چلت کي لوڪ ڪٿائن ۽ پهاڪن ۾ جوڳو مقام مليل آهي. جيئن ته:
    - ڪوري، مت ٿوري.
    يعني ڪوري گهٽ عقل وارا ۽ سادا ماڻهو هوندا آهن.
    - ڪوري کڏ کوٽي، پاڻ ئي اُڻ ۾ پوي.
    ڪوري جنهن هنڌ آڏاڻو يا ڪرگهو رکندو آهي، اُن جي هيٺان ننڍي کڏ به کوٽيندو آهي. پيرن سان هوُ ڪرگهو هلائيندو آهي هٿن سان ڪپڙي جي اُڻت کي به ٺيڪ ڪندو ويندو آهي. پيرن جي جاءِ هيٺان کڏ هوندي آهي، جيئن ڪرگهو ٺيڪ هلائي سگهجي. هين پهاڪي جو ٻيو مطلب به آهي ته جيڪو ماڻهو ٻين لاءِ کڏون کوٽي ٿو اُهو پهرين پاڻ اُن کڏ ۾ ڪري ٿو .
    - ڪوري ڇا ڄاڻي ڪباب مان؟
    مطلب ته ڪوريءَ کي عزت ڏيڻ سان ڪو به فائدو ڪونهي. هو مانَ ۽ عزت ۾ سُٺن کاڌن مان سمجهڻ وارو نه آهي.
    - سُٽُ نه ڪَپھِ، ڪورينَ ۾ لٺيون ڌُڪا.
    بنا ڪنهن ڪارڻ جي پاڻ ۾ ڪي ڌُريون وڙهن ته ائين چون.

    ڪنڀر:
    ڪُنڀرن جي ذات محنت ڪش ۽ هُنر وارن ماڻحن جي آهن. انهن جو ڪم ڪچي مٽيءَ کي پچائي، سهڻن برتن ۽ مٽيءَ جي رانديڪن کي ٺاهڻ جو آهي. هي گهرن ۾ ۽ انسان جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪم اچڻ واريون مٽيءَ جون گهڻيون شيون ٺاهيندا آهن. جيئن ته ڏيئا تغاريون، جانورن جي کاڌي کي رکڻ لاءِ وڏا برتن، ڪونڊيون جهوپڙين تي لڳڻ وارا کپر وغيره. ڪُنڀرن سان واسطو رکندڙ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - ڪُنڀر ڪُنڀرڻِ سان پُڄي نه سگهي، ته گڏھ جا ڪن مروڙي.
    - ڪُنڀر جي گهر ڀڳلُ دِلو.

    تيلي:
    تيِلي گهاڻي مان تيلُ ڪڍڻ جو ڪم ڪندا آهن. هن ٻين به ڪجھ شين جي واپار ڪندا آهن. انهيءَ ڪري اُنهن جي مالي حالت ٻين ڌنڌوڙي ذاتين کان وڌيڪ سُٺي آهي. ڇاڪاڻ ته تيليءَ جو لاڳاپو تيل سان آهي، اِنهيءَ ڪري تيل تي ٻڌل پهاڪن جو ذڪر ڪجي ٿو:
    - تيليءَ جو تيل سڙي، مشعلچيءَ جي گانڊ سڙي.
    - ذات به تيِلي، سينڌ به ميلي.
    - تيل سڙي ته ٿئي گِيھُ، گيھ سڙي ته ٿئي وِھُ.
    سنڌ ۾ ڄانڀي جي ڪؤڙي تيل ۾ مصالحا وجهي ساڙبو آهي ۽ پوءَ اُن تيل ۾ پڪوڙا وغيره ٺاهيا ويندا آهن. اهڙي تيل ۾ ٺهيل پڪوڙا ٻيون شيون وڌيڪ لذيذ ۽ طاقتور هونديون آهن:
    راجسٿاني ٻوليءَ ۾ تيليءَ بابت هي پهاڪو ڏِسو:

    ڌوٻي:
    ڌوٻين جي ذات محنت ڪش ذاتين ۾ مڃي ويندي آهي. هنن جو ڪم ميرن ڪپڙن کي ڌوئڻ جو آهي. ڌوٻين جو واسطو سمان جي هر ڪنهن ننڍي ۽ وڏي طبقي وارن ماڻهن سان پوي ٿو. هن پيشي سان لاڳاپو رکندڙ ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - ڌوٻيءَ جي گهر آيا چور، هُو نه ڦُريا اور.
    مطلب ته ڌوٻيءَ جي گهر چوري ٿيڻ تي هُن کي ڪو به نقصان نه رسندو، پر ٻئي طرف جيڪي ڪپڙن جا اصلي مالڪ آهن، انهن کي ئي ڪپڙن جي چوري ٿيڻ تي نقصان پهچندو.
    - ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي.
    هيءُ پهاڪو پراڻن يا سڙيل ڪپڙن کي ڌوٻيءَ پاران ڌوئڻ طرف اشارو ڪري ٿو. اهڙن ڪپڙن جي ڦاٽي وڃڻ جو گهڻو امڪان هوندو آهي، جنهن ڪري اُنهن جي مالڪ کي نقصان ٿئي ٿو.
    - ڌوٻيءَ جو ڪُتو، نه گهر جو گهاٽ جو.
    ڌوٻيءَ جو ڪُتو جيڪڏهن گهر ۾ هوندو ته هر اچڻ واري گراهڪ کي ڏاڙهيندو ۽ جيڪڏهن هُو گهاٽ تي هوندو ته ڌوتل ڪپڙن کي خراب ڪري نقصان ڪندو. جڏهن ڪو ماڻهو ڌُرين طرفان ڌڪاريو وڃي ته انهيءَ لاءِ چئبو آهي.
    - ڌوٻيءَ جي گهران ويئي ڇوُ؟ ڪپڙا ڦاٽو مالڪ جو.
    يعني ٻئي کي ٿيندڙ نقصان جو ڌوٻيءَ کي ڪو به خيال نه ٿو رهي. ڪپڙن ڌوئڻ وقت پٿر تي انهن کي سٽڻ تي هو اڪثر ‘ڇوُ ڇوُ’ جو آواز ڪندو آهي. جي ڪپڙا ڦاٽي يا چوري ٿيا ته ڌوٻيءَ جي گهران فقط ‘ڇُو ڇوُ’ ويندي.

    موچي:
    موچيءَ جو ڌنڌو ڪرڻ وارا ماڻهو جُوتن ۽ چنپلن کي ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. شروع شروع ۾ ماڻهو ڪاٺ کي لسو ڪري اُن جون چاکڙيون ٺاهي پنهنجن پيرن ۾ پائيندا هئا، پر پوءِ چمڙي ۽ رٻڙ جي ايجاد ٿيڻ تي ڪاٺ جي بدران چمڙي جا جوتا ۽ ربڙ جا چنپل ڪم اچڻ لڳا آهن. موچين بابت سنڌيءَ ۾ ڪجھ پهاڪا ملن ٿا، جيڪي هيٺين ريت آهن:
    - موچيءَ جا گهڙيا، موچيءَ جي منهن ۾.
    پنهنجي ڪَئي جو ڦلُ پاڻ ڀوڳڻ تي ائين چون.
    - موچيءَ جي رمبي حلال ۾ وهي ته حرام ۾ به وهي.
    مطلب ته موچي حرام ۽ حلال جي جانور جي چمڙي مان ڪمائي ٿو.

    لوهار:
    لوهار لوھ جي ڪم ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آهن. هن ڌنڌي وارا ماڻهو لوھ سان ٺاهڻ واريون گهڻيئي شيون ٺاهيندا آهن، جيڪي عام ماڻهن جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪم اچن ٿيون. جيئن ته: چاقو، ڪپ، تسلا، توا، ڪوڏر، لوھ جي ڇاڻي وغيره. آڳاٽي زماني ۾ لوهارن جو مکيه ڪم کترين لاءِ هٿيار ٺاهڻ به هوندو هو، جن ۾ هوُ تلوارون، نيزا، ڀالا، ڍالو وغيره ٺاهيندا هئا. لوهارن ۾ هڪ ذات گاڙِييا لوهارن جي آهي، جيڪ اڄ تائين به پنهنجو هڪ هنڌ ٺِڪاڻو ٺاهي ڪو نه رهندا آهن. هِن ذات جا ماڻهو پاڻ کي راجسٿان جي هڪ مشهور راجا مهاراڻا پرتاب جو قلعو پنهنجي هٿان وڃايو، تڏهن هوُ جهنگ ۾ وڃي رهيو. هُن قسم کاڌو ته جيستائين چتور واپس نه ورتو اَٿم تيستائين مان محلن ۾ نه رهندسُ. هُن کان اڳ سندس گهڻي ئي سپاهي به جهنگن، ٻنين ۾ رهڻ لڳا. ان روايت موجب گاڙِييا وغيره به ٺاهيندا هئا. وقت گذرندي راڻا پرتاب چتور جو قلعو وري فته ڪيو ۽ پنهنجي محل ۾ رهڻ لڳو. پر سندس فوج جا لوهار سپاهي وري فته ڪيو ۽ پنهنجي محل ۾ رهڻ لڳو. پر سندس فوج جا لوهار سپاهي وري قلعي اندر نه ويا. اُن زماني کان وٺي هنن پنهنجو گهر نه ٺاهيو آهي. هي بيل گاڏيءَ ۾ پنهنجي گذران جوڳو سامان پاڻ سان کڻندا آهن ۽ سڄي زندگي رستن جي ڀرسان فٽپاٿن تي گاڏيون بيهاري، اُتي کرُپيون، توا ۽ ٻيو لوھ جو سامان ٺاهي ۽ وڪڻي پنهنجو گُذر ڪندا آهن.
    سنڌيءَ ۾ لوهارن بابت ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - لِکِيا لوهارن کي ٽَنگُن ۾ ٽانڊا.
    يا
    - لکيون لوهارن کي چڏِن ۾ چڻگون.
    مطلب ته لوهارن جي قسمت ۾ ئي ٽانڊا ۽ چڻگون لکيل آهن. هي پهاڪو اِن طرف اشارو ڪري ٿو ته لوهار باھ ٻارڻ لاءِ جڏهن ڌمڻي هلائيندا آهن، تڏهن باھ مان چڻنگون اُڏامنديون آهن، جيڪي اڪثرن کين ٽنگن ۾ پيون لڳنديون آهن. اُن حقيقت تي هڪ چوڻي ٺهي آهي.
    - لوھ ڄاڻي، لوهار ڄاڻي. آڱر ڄاڻن ته لهر ڄاڻي؟
    يعني ٻن ماڻهن جي ڳالھ جي وچ ۾ ٽئين ماڻهوءَ جو ڪم ناهي لوهار لوھ مان ڇاٿو ٺاهڻ چاهي، ان جي کيس ئي خبر هوندي آهي. ٻيو ماڻهو اُن جو اندازو نه ڪري سگهندو. ڀيٽيو: ”اُڻندو اُهائي جا هوندي ڪوريءَ جي من ۾.”
    - لوھ ڪپي لوھ کي.
    (پنهنجا پنهنجن جا ويري آهن.)
    - سوناري جا سؤ ڌڪ، لوهار جو هڪ ڌڪ.
    ڀيٽيو: “سئو سنار ڪي، ايڪ لوهار ڪي.” (هندي)

    سونارو:
    دُنيا جي قيمتي شين ۾ سُون به هڪ آهي. سون کي گهڙي، اُنهن جا سهڻا ڳھ ڳٺا ۽ زيور ٺاهڻ جو اعليٰ هُنر سونارن جو آهي. سون جا زيورن زالن کي تمام گهڻو موهيندا آهن. سونارن کي سماج ۾ شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اِها ڳالھ مڃيل آهي ته سونارو پنهنجين سڳن مائٽن جي سون مان به رَتي ڪڻُ سون جو ڪڍي وٺندا آهن.
    سنڌيءَ ۾ سونارن سان واسطو رکندڙ ڪجھ هيٺيئنءَ ريت آهن:
    - سون کي ڪهڙي ڪسُ؟
    سُٺي شيءِ جي قيمت يا مُلھ تمام گهڻو هوندو آهي. اُنهيءَ کي رکڻ ۾ ڪو به نقصان ڪو نه ٿيندو آهي.
    - سون سَؤ ورهئين به سوايو.
    يعني سچي ۽ ماڻهوءَ جو قدرُ ڪڏهن به گهٽبو ناهي.
    - سون کان گهڙائڻي مهانگي.
    ڪنهن شيءِ جي اصل قيمت کان جڏهن اُنهيءَ مان ٻيون شيون ٺاهڻ تي وڌيڪ خرچ اچي، تڏهن چون:
    - سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه ٽري.
    سماج ۾ اِها ڳالھ مڃيل آهي ته سونارو سون گهڙڻ مهل اُن مان ڪُجھ سون ضرور ڪڍي وٺندو آهي. پنهنجيءَ ماءُ جي سون مان به چوري ڪرڻ کان نه ٽرندو آهي.
    - شير نه ڏيکيا ڏيک ٻِلڙا، چور نه ڏيکيا ڏيک سونارا.
    هن پهاڪي ۾ سوناري جي برابري چور سان ڪئي ويئي آهي.

    حجامَ:
    جيئن ڌوٻي سماج جي هر هڪ طبقي جي ويجهو ٿين ٿا، ساڳيءَ طرح حجام جو به هر قسم جي ماڻهن سان گهرو تعلق هوندو آهي. حجام جي ذات سماج ۾ ننڍي درجي تي ليکي ويندي آهي. پر سماج ۾ ڪيترائي ڌرمي، مذهبي ۽ ثقافتي موقعا اهڙا آهن، جن ۾ حجام جي ضرورت پوندي آهي. حجام ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ تيز، چالاڪ پر زبان جا مِٺا هوندا آهن. ڀوجپوريءَ ۾ حجام تي ٻڌل هيءُ پهاڪو حجام جي اُنهيءَ گڻ طرف اشارو ڪري ٿو:
    - چِرائين ۾ ڪَئُوا، مَنَئِي ۾ نئوُئا.
    مطلب ته جيئن جهرڪين ۾ ڪانءُ سڀني ۾ تيز ۽ چالاڪ سمجهيو ويندو آهي، تيئن ماڻهن ۾ نائي يعني حجام سڀني ۾ چالاڪ مڃيو ويندو آهي.
    سنڌيءَ ۾ حجام تي ڪجھ پهاڪن جا مثال ڏسو:
    - حجم ۽ پاڪي، چڳ نه بچندي باقي.
    مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن نالائق کي ڪا اختياري ملندي ته پوءِ هُو سڄي خلق لاءِ آزار بڻجي ويندو آهي.
    - حجامڙو حرامڙو.
    حجامن جو سُڀاءُ هڪ ٻئي جي گلا ڪرڻ ۾ ڪُوڙ ڳالهائڻ جو ٿيندو آهي. هوُ حجامت ڪندي مهل پيا ڳالهيون ڪندا ۽ پنهنجن گراهڪن سان ڪُوڙ پَچ ڪري هڪٻئي جي گلا غيبت ڪندا. پنهنجي اُنهيءَ عادت جي ڪري حجامن جي ذات ڀروسي جي قابل نه سمجهي ويندي آهي .
    - هلڪڙي ذات حجام جي، ٺڪر کي ٺينڍو؟
    مطلب ته حجام هلڪي ذات جا آهن. هو جتي ويندا اُتي ڪجھ نه ڪجھ نقصان ڪندا آهن يا گلائون ڪري ماڻهن ۾ جهڳڙا ڪرائيندا آهن.


    جسماني اوُڻائي يا وِڏ متعلق پهاڪا

    سنڌيءَ ۾ ڪجھ اهڙا به پهاڪا ملن ٿا، جيڪي ماڻهن جي جسماني اوڻاين (جيئن ته کدڙو، انڌو، ڪاڻو، گونگو وغيره) سان لاڳاپو رکن ٿا. هِتي اُنهن جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.

    کدِڙو:
    سائينءَ جي مهر نرالي آهي. آدم ذات ۾ هن دنيا ۾ ٽن قسمن جا ساهورا ملن ٿا. هڪڙا آهن مذڪر ٻيا آهن مؤنث ٽيان آهن. وچٿرا، جن کي سنڌيءَ ۾ کدڙو ڪري سڏبو آهي. اُنهن کي سماج ۾ قدرت جو ڏمر سمجهيو ويندو آهي ۽ هي سماجي طبقي کان ٻاهر جي زندگي گذاريندا آهن. مطلب ته سماج ۾ اُنهن کي ڪا به حيثيت نه ڏني ويندي آهي. هڪ رواج موجب کدِڙن جي مرڻ بعد هُن جا ٻيا کِدڙا ساٿي سندس لاش کي گِهلي کڻي ويندا آهن ۽ هُن جي جسم تي جوُتن جو وسڪارو ڪري ڪچيون گاريون به ڏيندا آهن. هِن رواج پٺيان سوچ آهي ته ائين ڪرڻ سان شال هُو ٻيو جنم وري کدڙي جي شڪل ۾ نه وٺي، پر ٻئي طرف شادي مراديءَ تي ۽ ٻار، خاص طور سان پُٽ جي پيدا ٿيڻ تي کدڙن جو گهر ۾ اچي ناچ گاني ڪرڻ کي هڪ سٺو سوڻُ مڃيو ويندو آهي. اهو به رواج ڏٺو ويو آهي ته کِدڙي جي مري وڃڻ تي هُن کي ٻيا کدڙا اڌ رات ۾ گهِلي وڃي نديءَ ۾ کيس ٻُوڙيندا آهن.
    سنڌيءَ ۾ کدڙن بابت ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - سڪڻيءَ کي پٽ ڄائو، چميون ڏئي ماريائين.
    - کدڙِي جي ڪمائي ڏاڙهي مُڇ جي صفائيءَ ۾ خرچ ٿي وئي.
    - کدڙن جا اوتارا، ڪُنڀرن جي گهر.

    انڌو:
    جن شخصن کي اکين ۾ نُور نه هوندو آهي يا روشني نه هوندي آهي، تن کي انڌو، نابين ۽ سُورداس ڪري سڏبو آهي. آدم ذات ۾ اِها جسماني ڪمي گهڻو ڄائي ڄم کان هوندي آهي. ٻيو ته ڪڏهن ڌڪ لڳڻ ڪري، وڏي عمر ٿيڻ بعد به اکين جي روشني وڃي سگهندي آهي، جنهن ڪري ماڻهو ڏسڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي. مردن کي ‘انڌو’ ۽ زالن کي ‘انڌي’ چيو ويندو آهي. ڪجھ وقت اڳ تائين انڌن کي سماج جي مٿان ٻوجھ سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي انهن کي به خاص طور سان پڙهائي ڪجھ هُنر سيکاريا ويندا آهن، جيئن ته: هي سماج جي لاءِ ڪجھ ڪم ڪري پنهنجو گُذر بسر ڪري سگهجن. اهڙي هُنر جي مدد سان گهڻي ئي شيون ٺاهي سگندا آهن. پڙهڻ جي لاءِ انڌا پنهنجي آڱرين جي ڇهاءُ جو استعمال ڪندا آهن. اُڻهن جي لاءِ ڪتاب هڪ خاص لِپيءَ ۾ تيار ڪيا ويندا آهن، جنهن کي ‘بريل لِپِي’ چئبو آهي. انهيءَ طرح سان انڌا به اڄ ڪلھ محنت ڪري سماج ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي رهيا آهن.
    انڌن بابت سنڌيءَ ۾ ڪجھ پهاڪا هن ريت ملن ٿا:
    - انڌو ۽ اڻسوُنهون ٻئي ٻئي هڪ آچار.
    - انڌا رکن روزا ته ڏينهن به ٿين وڏا.
    - انڌن وهانوَ منڊا نچن، ٽنڊا پائين ڦيريون.
    - انڌو دوزخي، ٻوڙو بهشتي.
    - انڌي ۽ جنڊُ، واري ۽ پنڌُ.
    - انڌي جهڙي ساهرين، تهڙي پيڪي.
    - انڌن ۾ ڪاڻو راجا.
    - انڌي هنگي ٻه سيڙائي.
    - انڌي جي جوءِ جو واهي اللهُ.
    - انڌي جي جوءِ جڳ جي ڀاڄائي.

    ڪاڻو:
    جنهن شخص جي رڳو هڪ ئي اک ۾ نُورُ هجي، تنهن کي ڪاڻو چئبو آهي. پهاڪن جي دنيا ۾ ڪاڻن کي خراب سوڻ مڃيو ويو آهي:
    - ڪاڻيءَ جي وهانوَ ۾ سنڪٽ گهڻا.
    - ڪاڻي کي ڪاڻو نه چئجي.
    - ڪاڻي وِسوُڙي جي مڙسم ويو اک کي؟

    گنجو:
    جن شخصن کي مٿي تي وار نه هجن، اُنهن کي ‘گنجو’ يا ‘ٺوڙهو’ چئبو آهي. اِنهن تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - گنجي ڇُٽي جُونئن کان.
    - گنجي جي مٿي ۾ نه جونءَ نه ليک.
    - گنجو کنهڻ کان نه رهي.

    بِندرو (ڄامڙو):
    جسماني بناوت جي خيال کان جيڪو انسانُ رواجي قدبُت جو نه هئڻ ڪري گهٽ ڊگهو هجي ته هُن کي ‘بندرو’ چئبو آهي. سماج ۾ اهڙا شخص پنهنجي جسماني بناوت جي ڪمزوريءَ جي ڪري ‘مسخرن’ جو ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. اِنهن تي ڪجھ پهاڪا هِن ريت آهن:
    - بندرو ٻڌي سندرو، ته الله به نه پُڄيس.
    - ڊگهو بيوقوف، بندرو شيطان.

    ٻوڙو:
    جيڪو شخص ٻُڌي نه سگهي يا تمام گهٽ ٻُڌي اُن کي ‘ٻوڙو’ چئبو آهي. هِن تي ڪجھ پهاڪا ڏسو:
    - ٻوڙو کِلي ٻه ڀيرا؟
    - ٻوڙو ٻڌي ٻه دفعا، ٽيڏو پسي ٽي دفعا.

    گونگو:
    جنهن شخص کي ڳالهائڻ جي قوت نه هوندي آهي، اَن کي ‘گونگو’ چيو ويو آهي. اهڙا شخص ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي زبان جو استعمال نه ڪري سگهندا آهن ۽ اِشارن مان پنهنجي ڳالھ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اُنهن تي ٻڌل ڪجھ پهاڪا هِن ريت آهن:
    يعني ساڳئي خيال وارا ماڻهو پاڻ ۾ ٺهڪندا آهن.
    جيئن ته گونگو ڳُڙ کي کائي، اُن جي سواد جي باري ۾ ٻين کي ٻڌائي ڪو نه سگهندو آهي، ساڳيءَ طرح جيئن اِنسان ڌڻي سائين جو ديدار ڪيو آهي، اُهو پنهنجي زبان سان ڪا نه ٻڌائي سگهندو آهي ته ڌڻي سائين جي ديدار مان يکس ڪهڙو سُڪون مليو آهي مطلب ته روحاني سُڪون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.


    تقابلي پهاڪا

    هتي هندُو ڌرم موجب گروهن ذات پات جي سرشتي موجب گروهن، ڌنڌي موجب گروهن ۽ ٻين ذاتين سان گڏو گڏ جسماني اُوڻاين ۽ وهنوار موجب گروهن تي ٻڌل ڪجھ پهاڪن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. اِنهن پهاڪن ۾ گهڻو ڪري سڀيئي اهڙا پهاڪا آهن، جيڪي ڪنهن ذات سان واسطو رکن ٿا، پر پهاڪن جي دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ ذاتين جو بيان ڪيل آهي ۽ ٻنهي جي خاصيتن، گهٽتاين، اوڻائين وغيره تي روشني وڌي ويئي آهي. اهڙن ڪجھ پهاڪن جا مثال هتي ڏجن ٿا:
    - شيخ پُٽُ شيطان جو، نه هندوءَ جو نه مسلمان جو.
    - سيد ۽ سپاهي، تن کان رک يا الاهي.
    - ڄٽ جي دمڙي ڇني چمڙي، واڻئي جو سؤ ڪونهي ڀؤ.
    - تيليءَ جو تيلُ ٻري، مشعلچيءَ جي گانڊ سڙي.
    - شير نه ڏيکيا ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ڏيک سونارا.
    - ٻوڙو ٻُڌي ٻه دفعا، ٽيڏو پسي ٽي دفعا.

    سرڪاري عملدار
    سنڌ جي هندن ۾ عامل ۽ ڀائينبد فرقن جو بنياد ڪلهوڙن (۱۷۰۰ع کان ۱۷۸۳ع) جي زماني ۾ پيو. سرڪاري هندو عملدارن ۽ مسلمانن کي عامل سڏيو ويو ۽ واپار ڪندڙ هندُن کي ڀائيند ڪوٺيو ويو. آهستي آهستي ٻئي پنهنجي وهنوار سبب عوام ۾ مشهور ٿيندا ويا، پر ٻئي طرف پنهنجي وهنوار ۽ علحدگيءَ سبب ‘ڀائيبند’ ۽ ‘عامل’ هڪٻئي کان پري به ٿيندا ويا.
    سماج جي هر هڪ گروھ سرڪاري عملدارن بابت مختلف رايا ملن ٿا. سرڪاري عملدارن بابت الڳ الڳ قسمن جي ٿيل آزمودن مان هيٺين پهاڪن جو جنم ٿيو آهي.
    - عاملُ نه دوست، ڦڦڙ نه گوشت.
    عامل يعني سرڪاري عملدار کي پنهنجي عهدي جو فخر هوندو آهي. ان ڪري هُو پنهنجو به دوست نه هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ڦڦڙن کي به گوشت ڪري نه سمجهيو ويندو آهي. مطلب ته عالمن مان ڪڏهب به اِها اُميد نه رکجي ته هو واپي ويل دوستن وانگر وهنوار ڪري ڪنهن جي ڪم اچي سگهندا. اهڙيءَ طرح ڦڦر به ڪڏهن کاڌي جي ڪم نه ايندا آهن.
    - حَڪيمين ۽ حاڪمين شال نه ڪو تات پوي.
    بيماريءَ ۾ ڪو ڊاڪٽرن جي ورُ چڙهيو يا ڪِن سرڪاري عملدارن ۾ ڪنهن جو ڪم پيو ته سمجهي ته هو ڦاٿو. انهيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته حاڪم يعني عملدار ۽ حڪيم يعني ۾ ڊاڪٽر جو ڪنهن ڪم نه ڦاسي.
    - حاڪم جي ياري ٻه آڱر ٽاڪ، ٻي سڀُ واري.
    يعني وڏن ماڻهن جي دوستيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي. وقت پوڻ تي هوُ ڪڏهن به ڪم نه ايندا آهن.
    - عاملُ مُئو به نه اورانگهجي.

    مطلب ته جهڙيءَ ريت گهوڙي جي پُٺ وٺڻ تي هُن جي لَتَ لڳڻ جو انديشو هوندو آهي، ساڳيءَ ريت آفيسر جي خلاف وڃڻ تي نقصان ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. ڀيٽيو: ”افسر ڪئي اگاڙي اؤر گدها ڪي پڇاڙي نه آوئيڪ چاهي” (اَوَڌي) ۽ “گهوڙا ڪِي پڇاڙي حاڪم ڪي اگاڙي نا جائي ڪي.” (ڀوڄپُوري).
    - ڪاموري جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽئين تڏي. ميان؟
    - ديوان جو دم دمڙيءَ جي دال تي.
    - سيد ۽ سپاهيءَ، تن کان رکج يا الاهي.

    گڏيل ڪٽنب ۽ رشتيدارن متعلق پهاڪا
    ڪنهن به گروھ يا ذات يا جاتيءَ جي (سماجي) ۽ ثقافتي پهاڪن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ سڀني کان پهرين سماجي سرشتي کي جاچڻ، سمجهڻ نهايت ضروري ٿيندو آهي. سماجي سرشتي ۾ گڏيل ڪٽنب، رشتيدار، (جيئن ته پيءُ، ماءُ، پُٽُ، ڌيءَ، ڀيڻ، ڀاڄائي، ناٺي، چاچو، چاچي، مامو، مامي، ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني، ماسڙ، ماسي، وغيره) جهڙا گهڻيئي رشتا اچن ٿا. سماجي سرشتي جي بناوت سمجهڻ کان پوءِ سندن وچ ۾ وهنوار، مٺِ محبت، مان- مريادا، وغيره جي رنگ ڍنگ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان ئي ڪنهن گروھ يا ذات بابت اُنهيءَ سان پروڙ پوي ٿي.
    سماجي سرشتي جو ننڍي ۾ ننڍو ايڪو آهي، ڪٽنب يا پريوار. آڳاٽي دؤر ۾ ڀارتي ڪٽنب جو مطلب هڪ گڏيل ڪٽنب هو، جنهن جي معنيٰ آهي ته ڀائرن، چاچن، سؤٽن ۽ ڀائيٽن جي وچ ۾ ويجهو تعلق هئڻ ۽ هُو سڀيئي گهڻو ڪري هڪ ئي گهر ۾ يا وري گهرن جي ميڙ ۾ هڪ ئي هنڌ تي ساڳئي ڪٽنب جي ڀاتين وانگر رهندا هئا. يورپيءَ ۽ سئميٽڪ (سامي نسل) ڪٽنبن جيان هتي به ڪٽنب پيءُ جي نسل جو آهي. پيءُ ئي گهر جو مکي (وڏو) ۽ گڏيل ملڪيت جو بندوبست ڪندڙ هوندو هو. لڳ ڀڳ ڀارت جي سڀني صوبن ۾ نسل جو نالو ۽ ملڪيت جو حق پيءُ جي نالي تي هوندو آهي. پر ڏکڻ ڀارت جي ڪجھ صوبن جيئن ته ڪيرل ۾ ڪٽنب جو سرشتو ماءُ جي نالي سان هلڻ جي روايت آهي. پيءُ جي نسل واري روايت ۾ جتي ملڪيت جو حق پيءُ کان پُٽ وٽ ۽ وري ان جي پٽ وٽ ويندو آهي، ساڳيءَ طرح ماءُ جي نالي پويان نسل جي روايت ۾ ملڪيت جو حق ماءُ کان ڌيءَ وٽ ۽ پوءِ وري هُن جي ڌيءَ کي ملندو آهي. هن روايت موجب ڪٽنب جي وڏِي ماءُ هوندي آهي ۽ انهيءَ جي نالي تي ڪٽنب هلندو آهي.
    آڳاٽي ڀارت جي ڪٽنب جي ماءُ پيءُ، ٻار- ٻچا، ڏوهٽا- پوٽا، چاچا ۽ سندن ٻارن سان گڏ مرد جي پاسي جا مختلف رشتيدار به شامل هئا. هن ميڙ ۾ گود ورتل ٻار به شامل ٿي سگهندا هئا ۽ جيڪڏهن گهريلو نوڪر ۽ خدمتگار غريب نه هجن ته اُهي پڻ شامل ٿي ويندا هئا. هن کان سواءِ برهمڻ ڪٽنب ۾ انيڪ شاگردن لاءِ به جڳھ هوندي هئي جيڪي گهر جي مُکيءَ جي سايي هيٺ ڊگھي وقت تائين تعليم جو اڀياس ڪندا هئا ۽ ڪٽنب جي ڀاتين وانگر ئي سماج ۾ مانُ پائيندا هئا. اهڙيءَ طرح عام طور تي آڳاٽي دؤر جي نُهنُ- زال سماج ۾ جتي ڇوڪرين جي شادي اُنهن جي ننڍي عمر ۾ ئي ڪئي ويندي هئي، ڪٽنب ۾ گهڻن ئي ڀاتين جي هئڻ ڪري وڏو ميڙ بڻجي پوندو هو. اهڙيءَ طرح رڳو هڪ شخص کي نه بلڪ سڄي ڪٽنب کي سماجي سرشتي جو هڪ ايڪو سمجهيو ويندو، پر اهڙي ايڪي ۾ ننڍن ننڍن رشتن ناتن جي ڪا اهميت ڪا نه هوندي هئي. مثلاً پُٽ پنهنجي پيءُ جي سڀني زالن کي بنا ڪنهن فرق جي “ماتا” چوندو هو ۽ ڀائرن ۽ سؤٽن ۾ فرق چٽو نه هوندو هو. آهستي آهستي وقت گذرندي جدا جدا سببن ڪري هندُن ۾ هڪ کان وڌيڪ زالن جو رواج گهٽجندو ويو ۽ سماج ۾ ڪٽنب ۾ گهڻو فرق اچي ويو. اڄ ڪالھ جي الڳ الڳ حالتن ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي ڀاتين کي پنهنجي روزگار خاطر الڳ الڳ هنڌن تي وڃي رهڻو پوي، جنهن ڪري آڳاٽي زماني جي گڏيل ڪٽنب جي شڪل هاڻي گهٽ نظر اچي ٿي.
    ڪٽنب يا پريوار کي ٺاهڻ جا جيڪي خاص سبب آهن، اهي آهن؛ شادي ۽ جنم اِنهن ٻنهي سبب جي ڪري ڪنهن به ڪٽنب جا ڀاتي هڪ ٻئي سان مختلف رشتن ۾ ڳنڍجن ٿا. ڪٽنب جي اِنهن مختلف ڀاتين ۽ رشتن بابت چيل ويچارن کي پهاڪن ۾ سمجهائڻ لاءِ هيٺين ريت اڀياس ڪجي ٿو.

    ڪٽنب متعلق پهاڪا:
    - ڪڙم قبيلي کان شال ڪو ڪتو به ڌار نه ٿئي.
    مطلب ته پنهنجي ڪٽنب کان الڳ ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اِن ڪري اِها خواهش ڪئي ويئي آهي ته پنهنجي ڪٽنب کان ڪو به الڳ نه ٿئي.
    پنهنجي ڪٽنب سان رشتو ڦٽائڻ نه کپي، ڇو ته برادريءَ کان الڳ ٿيڻ تي ماڻهوءَ جي بڇڙي حالت ٿي ويندي آهي.
    - رت هميشه دانگي ڏي ورندو آهي.
    مطلب ته عزيزن يا مائٽن جي هڪ ٻئي سان همدردي ٿئي ٿي.
    - ڪٽنب ننڍو، سُک وڏو.
    - پرائو پنهنجو نه ٿئي، توڙي ڦُڙي ڏينس گهر.
    - جي چلھ تي سي دل تي.
    - پنهنجا نيٺ به پنهنجا.
    گڏيل ڪٽنب بابت راجسٿاني ٻوليءَ ۾ هيءُ پهاڪو ڏسو.

    ڪٽنبي زندگيءَ ۾ وهنوار متعلق پهاڪا:
    - سڄڻ هجن ساڻ، ته جهنگ اندر به سوني کاڻ.
    مطلب ته جيڪڏهن گهر جا پنهنجا ڀاتي ساڻُ هجڻ ته جهنگل ۾ به گُل و گلزار ٿي ويندا آهن.
    - گهر ويٺي گهُران، اڱڻ آئي نه سمهان.
    - پنهنجن سان وير، پراوَن سان ميڙ.
    - شريڪت ۾ مريڪت ڇا جي؟
    - ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
    - ڀِت پيئي، وٿِ پيئي.
    -
    پنهنجو گهر:
    - پنهنجو گهر هنگي ڀَر، پرائو گهر، ٿُڪ اُڇلي ڏرُ.
    - پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن آهي.
    - جهنگ جو تتو گهر ٺري، گهر جو تتو ڪٿي نه ٺري.
    - گهر ۾ گهر، ٻُڏي وڃي مر.
    - پنهنجي گهر جهڙي ڪا ٻي بادشاهي؟

    مٽ مائٽ ۽ رشتيدار:
    مٽن مائٽن بابت سنڌ ۾ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، اُنهن ۾ ٻن قسمن جا پهاڪا آهن: (۱) وقت يا اؤکي ويل پنهنجا مٽ مائٽ يا رشتيدار ئي ڪم ايندا آهن. جيئن ته، رتُ وِنگو ته به دانگيءَ ڏي وري (۲) اڄوڪي زماني ۾ اهڙو ماحول بڻيو آهي، جو مصيبت وقت پنهنجا به پراوا ٿي وڃن ٿا. مثال طور:
    - مِٽن ڇڏيون مائٽيون، سڳن ڇڏيو ساءُ، اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنهنجا پراوا ٿيا.
    - سِر تي آئي، ڪونهي ڀائي.

    هڪ ڪُٽنب جا ڀاتي:
    آڳاٽي دؤر کان وٺي ڀارتي سماج ۾ هڪ ڪٽنب گهڻو ڪري ڪنهن وڏي مرد جي هٿ هيٺ رهندو آيو آهي. اِن ڪري ڪٽنب ۾ ڏاڏي ۽ پيءُ کي مکيه درجو حاصل ٿيل آهي. پيءُ تي سڄي ڪٽنب کي سنڀالڻ ۽ پالڻ جي جوابداري آهي. اِن تي چيل آهي، “سنت اُهو جو گهاءُ سهي، پيءُ اُهو بازُ سهي”. جيستائين پيءَ حيات آهي، تيستائين ٻارُ بي فڪر آهن. اِن ڪري چيل آهي، “بابي جي بهار آهي.” پر جيئن ئي پُٽ وڏو ٿئي ٿو ۽ ڪمائڻ لائق بڻجي ٿو ته هُو چاهي ٿو ته مان پنهنجي محنت ۽ هوشياريءَ سان ڪمايان ۽ پنهنجي پيرن تي بيهان. اِن تي ڪجھ چوڻيون آهن:
    - اب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري.
    ڀارتي سماج ۾ ڪٽنب جي سرشتي ۾ پُٽ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ وڏو تفاوت اچي ويو آهي. عام طور هرڪو ماڻهو چاهي ٿو ته مون کي پٽ هجي. پٽ جي اهميت تي ڪجھ پهاڪو ڏسو:
    - پَٽُ پٽيتيءَ سندو، ڏهاڙي ٻه هٿ وڌي.
    - پُٽُ ڄائو ته مون ڄڻيو، ڌيءَ ڄائي ته تو ڄڻي.
    - پٽ وڌيو ته سونُ وڌيو، ڌيءَ وڌي ته سُئڙي لڳي.
    - کاٽائو پُٽُ ڪاڻو به ڀلو.
    - پُٽ وڻي کٽيءَ وارو، نُهن وڻي لڌيءَ واري.
    - ڌوڙ ڀُڪليو ماءُ پرين، ڌن ڀُلڪيو جوءِ پِرين، اڇي ڪپڙين سَسُ پِرين.
    ويدن واري زماني کان وٺي ڀارتي سماج ۾ اها خواهش رهندي آئي آهي ته پُٽ کي جنم ڏيڻ سان ماڻهو ‘پِتر ترڻ’ کان آزاد ٿئي ٿو. مطلب ته پُٽ پنهنجن ابن ڏاڏن کي ‘پِنڊ دان’ (وڏن پٺيان خيرات) ڪري کين مطمئن ڪري ٿو. “پُٽ ڄائي کان پوءِ پُٺِ پڌري ٿئي ٿي.” پُٽ وڏو ٿي ڪمائي پنهنجي ڪٽنب جي پالنا ۾ به مدد ڪري ٿو. اِن ڪري کيس ڄڻ ته ڪٽنب جو سهارو ليکيو ويو آهي. ٻئي طرف ڀارتي سماج ۾ ڌيءَ جي جنم کي گهڻي قدر پسند نه ڪيو ويو آهي. اُن جو ڪارڻ ڪي سماجي ڪُرسمون به آهن. اِنهن ۾ ڏيتي ليتي يا ڏاج جي رسم مکيه آهي. پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي شاديءَ ۾ ڏاج ڏيڻ لاءِ قرض کڻڻ کان به نه ٿو ڪيٻائي. اِن تي چوڻي آهي، “ابو گسي، ڌيءَ وسي”. پر ڌيءَ جي شاديءَ کان پوءِ پڻ هو پريشانين کان آجو نه ٿو ٿئي. جيڪڏهن هو پنهنجي ڌيءَ کي ڏِڻ وار (وڏن ڏهاڙن) تي ڪجھ سوکڙيون يا مِٺايون وغيره نه ٿو موڪلي ته ڌيءَ جي ساهورن ۾ گِلا ٿئي ٿي:
    - سُڃي اَبي ڄائي، ڇڄ ڇڙيندي آئي.
    - سُڃن اباڻن ڌوُڙ مرڪنِ ڌيئرون.
    اِن ڪري ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ وس پڄندي سيڻن کي يعني ڌيءَ جي ساهورن کي خوش رکڻ ڪي ڪوشش ڪن ٿا.
    - سيڻ آهن نيڻ.
    - سيڻپو، ويڻپو، ويرپو.
    اهڙيءَ حالت ۾ ماءُ پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي هميشه اها نصيحت ڏين ٿا ته تون شادي بعد ساهورن جي ڀيت تي هلُ ۽ اُنهن کي خوش رک.
    - ڌيئڙي سوڪرِ، ڏِٺئه ماءُ گهر، نُهنڙي سوڪَرِ، جا ڏٺئه سَسِ گهر.
    سلڇڻي ڇوڪري پنهنجي وس آهر اِهائي ڪوشش ڪندي آهي ته هوءَ پنهنجي سٺي هلت چلت مان ساهورن کي خوش رکي. ان سان نه فقط هُن جي، پر سندسن پيڪن جي به نيڪنامي ٿيندي.
    - نوُنهن آهي ٻن گهرن جو ڏيئو، پيڪا به ٺاري ته ساهرا به ٺاري.
    پر ڪن حالتن ۾ جڏهن ڇوڪريءَ کي پنهنجن ساهرن ۾ تڪليفون سهڻيون پون ٿيون، تڏهن هوءَ لاچار ٿي چوي ٿي.
    - ساهرُا آهُرا ٻاٻرا ڪنڊا، جو پاسو ورائي، چڀ چڀ ڪندا.
    ڌيءَ جا پيڪا مائٽ به اهو سڀ مِٺو ڪري ڀوڳين ٿا. هُو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سيڻن سان چپِ پياسين ته پوءِ جهڳڙي کان سواءِ ٻيو ڪو نتيجو نه نڪرندو.
    - جن کي ڏنيونسين ڄايون، تن سان ڪهڙا سينا ساهيون.
    - جتي وڇاياسين وار، اُتي ڪهڙا پار.
    ساهرن جي اِنهن ڏُکن سُورن کي ڌيان ۾ رکندي ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڇوڪريون اهو چاهين ٿيون ته اهڙي گهر ۾ شادي ٿئي، جتي سسُ سَهُرو نه هجن. مطلب ته ڇوڪري پاڻ ۽ سندس گهوٽ هجي.
    - ڀڳوان تنهنجو ٿورو، مڙس ڏجانئيم ڇورو.
    ان ۾ شڪ ناهي ته ڀارت جي هندو سماج ۾ ڌيءَ کي نياڻي ۽ ديويءَ جو روپ سمجهيو وڃي ٿو. ان تي چوڻيون آهن:
    - ڌيءَ گهر جي لڇمي آهي.
    - نامُراد پٽ کان ڌيءَ به چڱي.
    - پيئِيءَ ليتِيءَ ڌيءَ ڪم اچي.
    پر ان سان گڏ ماءُ پيءُ اهو به سوچين ٿا ته “ڌيئرن پرائو ڌن آهن”. يعني کين شادي ڪرائي ساهورن ۾ موڪلڻو آهي. اها خواهش ڀارتي سماج ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي هلندي پيئي آهي. “اڀي گيانَ شاڪُنتلم” ۾ ڪوي ڪاليداس ‘شڪنتلا’ لاءِ چيو آهي، “ارٿو ھِ ڪنيا پرڪِييهَ ايوَ” يعني ڌيءَ پرائو ڌن آهي، جنهن کي اسان امانت طور سنڀاليون ٿا.
    انهيءَ قديمي خواهش ۾ اڄ ڪالھ جي زماني ۾ گهڻو فرق اچي ويو آهي. هاڻي ڇوڪريون به سماج جي جدا جدا ميدانن ۾ ڇوڪرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن، نه فقط ايترو، پر ڪيترين ڳالهين ۾ اُهي مردن کان به اڳتي نڪري ويون آهن. اڄ ڪالھ جي سماج ۾ ناريءَ جو ڪردار پاڻ وڌيڪ اهم ليکيو وڃي ٿو.
    گڏيل ڪٽنب ۾ ڏيراڻيُن جي وچ ۾ سرشتو گهڻو ڪري سِڪ پريم وارو نه رهيو آهي. اِن جي جهلڪ اسان کي گهڻيُن ئي چوڻين ۾ ملي ٿيون:
    - چچلو ٻار، لڌو پُٽُ چريو يا چُتوُ.
    - پُٽُ ڪُپُٽُ پينگهي ۾ ئي پڌرو.
    - پُٽ ٿي گذار ته سگهوئي پيءُ ٿين.
    - ماڻهو ٻٽيھ لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو؟؟

    ننڍڙا ٻار
    - ننڍڙو ٻار، مُڇ جو وارُ، جيڏانهن وراءِ تيڏانهن وري.
    - ٻار ٻارتوتن ۾ ئي پڌرو.
    - ٻارُ ۽ ڪُتو، لڏپلاڻ ۾ خوش.
    - ڇوڪر ڇتيءَ ذات جا، ڀوُن ڀوُن ڪن ڀڳت ۾.
    - پيٽي پٽ ٻار گهر جي سونهن.
    - ٻار اک کان پري ٿيو ته کريو.
    - ٻار چُريو ته گهر ڦُريو.
    - ٻار ٻار ٿي ڇُٽندو.

    ڀائر
    - ڀائر ڪوٽ جا ڪُنگر، پُٽ گهر جي سُونهن، ويٺا ڪن وِروُنهن، ڏڄڻُ ڏوران ئي ڏري.
    - ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.
    - ڀائرن ڀاڱا لهڻا. توڙي هجن اڏ جا ڪانا.
    - ڀاءُ آهي ڀاءُ، پر جي ٿِئي ويري ته ڪڍي ساھُ.
    - ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.

    ناٺي (ڄاٽو، نياڻو)
    - پٽ پيٽئون، ناٺي اکِيئون.
    - شال نه ڄمي ڌيءَ، جا ڏجي پرائي پُٽ کي.
    ڀيٽيو، هيٺ ڏنل پهاڪا:
    - گهر جوانئي گڌي برابر، من آوئي جيوُن لادؤ. ٿري (راجسٿاني)

    ٻڍي جي شادي
    - پريو مڙس پئي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا، ته ماريو پوندو ڊهي.
    - مڙس پوڙهو، زال جوان.
    - تنهن کي ڄاڻج ڪک جو ڪانُ

    ناري جاتي (عورت ذات) متعلق پهاڪا:
    ڀارت جي سماج ۾ ناريءَ کي عام طور سان گهڻو مانُ ڏنو ويو آهي. پر ڪي چوڻيون اهڙيون به آهن، جن ۾ کيس ننيديو به ويو آهي. سنڌيءَ ۾ اسان کي ٻنهي قسمن جون چوڻيون ملن ٿيون.
    ماءُ
    - ماءُ سا ماءُ، ٻيو سڀ دنيا جو واءُ.
    - ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
    - ماءُ جي دل مکڻُ، اولاد جي دل ڪٺِڻُ.
    - اڻگهريو ماءُ به ٻار کي نه ڌارائي.

    ماٽيلي ماءُ
    - ماٽيلي ماءُ، اُس جو تاءُ، ڪڍي ٻارن جو ساھُ.
    - اونهاري جي لُڪ، ماٽيلي ماءُ جي مُڪ، انڌي جي ٿڪُ، جاتي لاڳي تاتي سُڪ.

    سَسُ ۽ نُنهن
    - سس ري نه ساهُرا، ساليءَ ري نه نينهن، چنڊ ري نه راتڙي، سج ري نه ڏينهن.
    - نُنهن آهي ٻن گهرن جي ڏيئو، پيڪا به ٺاري ته ساهرا به ٺاري.
    - نُنهن سڀڪو ٻئي جي ساراهي، ڌيءَ سڀ ڪو پنهنجي.
    - ڌڪُ هڻُ ڌيءَ کي ته سِکي نُهن.
    - ڀڳيءَ ٻانهن جا نه ساهُرا نه پيڪا.

    سالو ۽ سالي
    - سالا شينهن کي به پيارا آهن.
    - ڀائر کائين، ڀينرون کائين، پيئي مارئي تي چٽي.
    - سالي، آڌي گهر والي.

    زال ۽ مڙس
    - زالون ڀولڙن کي به پياريون آهن.
    - جوءِ وٺجي ته ڳولهجي وٺجي.
    - نئين ڪنوار نَوَ ڏينهن، لٿي پٿي ڏھ ڏينهن.
    - لوڪ ليکي چري کري، مڙس ليکي حُور، ڄڻي ڏنائينس پٿڙا، لهي ويس سُور.

    شادي
    - ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اُتس آئي گِلا.
    سنڌيءَ ۾ پُٽ جي شاديءَ بابت به ڪجھ پهاڪا ملن ٿا. اِنهن ۾ ڪٽنب جي وهنوار تي به ڪجھ روشني پوي ٿي:
    - پُٽ پرڻيو، معنيٰ پر نِيو.
    - پُٽ ته تيسين جيسين جوءِ نه ملي اٿس، پر ڌيءَ هميشه ڌيءَ آهي.
    - مڱيو ته اڙيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ، ماڻهو ڪريو ماٺ، مُڙس به ويو ته پئسا به ويا.
    سنڌيءَ ۾ وڏي عمر ۾ شادي ڪرڻ کي سُٺو نه ليکيو ويو آهي. ان تي ڪجھ پهاڪا هين ريت آهن:
    - اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب.
    - پيريءَ جي شادي آهي، خيراتي کوھ کوٽڻ.
    - پيريءَ جي شادي آهي، مساڻن سان شادي.
    - پريو مڙس پي نه ڪجي، وڃائجي نه وهي، ڪڻڪن ۾ لابار پوندا، ته ماريا پوندو ڊهي.
    - ميان گور لائق، بيبي سيج لائق. (گور=قبر)
    - مڙس پوڙهو، زال جوان، تنهن کي ڄاڻج ڪک جو ڪانُ.
    ڪنهن عورت جي جيڪڏهن وڏي عمر ۾ شادي ٿئي ٿي ته اُن تي هڪ چوڻي آهي:
    - سِڪي سڪي مڙس ڪيائين، ٻي جا ٻڌائين سڳي، اڳي کاڌائين ٿي لوڙھ مڇي، هاڻي لُڏڻ لڳي.
    ڪو مرد جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٿو يعني جنهن جي گهر ۾ پهاڄون آهن ته اِن ريت کي سُهڻو نه ليکيون ويو آهي. اِن تي چوڻي آهي:
    پهاڄ جي رشتي تي ڪجھ چوڻيون هن ريت آهن:
    - پراڻي پُٽ کان پهاڄ جو پُٽ ڀلو. ٽن لفظن ۾.
    سنڌيءَ سماج ۾ ڪنووٽيءَ جي رسم به موجود آهي. اِن مطابق جنهن گهر ۾ ڌيءَ جي شادي ڪجي ٿي، انهيءَ گهر مان وري پنهنجي پُٽ لاءِ ڇوڪري ورتي ويندي آهي. اِنهيءَ رسم کي ‘بدي جي رسم’ به چوندا آهن. گهڻو ڪري نيات، برادري ۾ سوڙھ هئڻ جي ڪري ماڻهو ڪنووٽيءَ جي شادي قبول ڪندا آهن. عام طور ان کي سٺو نه ليکيو ويندو آهي. ان تي چوڻي آهي.

    ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا:
    - کائي پي ڏوهٽا، ڪوٺبا ڏاڏي پوٽا.
    - ڏوهٽا وڌندي جا ويري.
    - ناناڻن جي اڳيان ڏاڏاڻا ٿا ساراهِين.
    - ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا.
    - ناني نورُي، جتي ڪٿي پُوري.
    - نه مامو مِٽ ڪري، نه مامي سُڃاڻي.

    ناري:
    ڀارتي سماج ۾ جِتي ناري کي پوڄڻ لائق ۽ ديوي سمان ليکيو ويو آهي، اُتي ٻئي طرف هُن جي گهٽتائي يا گلا ۾ به گهڻيئي چوڻيون ملن ٿيون. سنڌيءَ ۾ به اهڙيون چوڻيون گهڻيئي آهن. مثال طور:
    - عورت جو عقل ڏائي کُڙيءَ ۾، سانجهيءَ کان پوءِ اُهو به گُم.
    - زر، زمين، زن، ٽيئي جهڳڙي جو گهرُ.
    - رنُون ربُ رلايون، ته ڏاڙهيُن ڪهڙا ڏوھ؟
    - مرد رُلي کُلي، رن رُلي ته ڇُلي/ ڀُلي.
    - رن زال آهي اُٿندي به موچڙو، ويهندي به موچڙو.
    - ڪلالُ، دلالُ ۽ ڪڃري، اهي ٽيئي پئسي جا يار.
    ناريءَ بابت اِهو سوچ جو انداز ڀارتي ادب ۾ آڳاٽي دؤر کان وٺي هلندو آيو آهي. مثال طور، سنسڪرت ادب ۾ جتي عورت لاءِ چيو ويو آهي: “يتر ناريَستُ پوُجينتي، رَمَنتي تتر ديوتاھَ.” (جتي ناريءَ جي پوڄا ٿئي ٿي، اُتي ديوتائن جو نواس ٿئي ٿو.) پر ٻئي طرف اِهو به چيو ويو آهي ته ناري ئي جي سهاري آهي. هُن کي جيئڻ لاءِ هميشه ڪنهن مرد جو سهارو کپي:
    - پتا رڪشتِ ڪؤماري، ڀَريا رڪشتِ يؤوَن، پُترو رڪشتِ وار ڌڪيي، نه اِستري سواتنتريم اَرهتِ.
    ڇوڪري جڏهن ڪنواري يا اڻ پرڻيل آهي، تڏهن پيءُ سندس سنڀال ڪري ٿو ۽ جڏهن هُن جي شادي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ هُن جو مڙس سندس سنڀال ڪري ٿو. جڏهن هوءَ ٻُڍي ٿي وڃي ٿي ته پوءِ پُٽ سندس سنڀال ڪري ٿو. اِن طرح ڀارتي سماج ۾ ناريءَ کي ڪڏهن به آزادي نه ٿي ملي. هوءَ هميشه مرد جي سهاري پنهنجي زندگي گذاري ٿي.

    پاڙو ۽ پاڙيسيري:
    ڪٽنب کان پوءِ سماج ۾ پاڙي ۽ پاڙي وارن کي به گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي. اِن تي ڪجھ چوڻيون هن ريت آهن:
    - پاڙو ابو امان آهي.
    - پاڙو نبين کي به پيارو.


    ۵.۶ ڌرم ۽ زندگيءَ متعلق پهاڪا

    ۵.۶ ڌرم ۽ زندگيءَ متعلق پهاڪا

    عام لوڪن جي ڌرم (مذهب)، ايشور (پالڻهار) جي هستي ۽ زندگيءَ ۾ وهنوار متعلق گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. اِن ۾ شڪ نه آهي ته اِنهن ۾ گهڻيون مڃتائون ۽ اعتقاد (Folk beliefs) ڌرمي گرنٿن (Religious books) ۽ شاسترن ۾ بيان ڪيل فڪري رُخن کان متاثر ٿيل آهن. پر اُنهن سان گڏ لوڪن جا تجربا به اهڙن پهاڪن جو بنياد آهن. هِتي اهڙن موضوعن سان واسطو رکندر چونڊ پهاڪا ڏجن ٿا.

    ايشور يا ڌڻي سائينءَ متعلق پهاڪا:
    سڀني ٻولين ۾ ايشور يا پرماتما ڌڻي سائين جي هستيءَ ۾ ويساھ يا يقين رکندڙ پهاڪا ملن ٿا. درشن شاسترن يعني فلسفيانه ڪتابن ۾ ‘چار واڪ’ ۽ ڪن ٻين فلسفين پرماتما جي هستيءَ کي قبول نه ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح سوچ ويچار ۽ غور فڪر جي ارتقا ڪري ڪيترائي ماڻهو ناستڪ (پهريان الله جي هستي کان انڪاري) بڻيا آهن. هوُ خلقڻهار کي نه ٿا مڃين، پر پهاڪن جي دنيا ۾ سنڌيءَ ۾ ناستڪ (الله جي هستي کان انڪاري) ويچار ڌارائن وارو هڪ به پهاڪو مون کي نظر نه آيو. عام لوڪن جو اُپائڻهار ۾ مڪمل يقين آهي. هتي ڪجھ پهاڪا اِن باري ۾ پيش ڪجن ٿا:
    - ڪِوِليءَ کي ڪَڻُ، هاٿي کي مڻُ.
    - سِرِ سِرِ رزقُ سنباهي ٺاڪُر.
    - عيبن کان آجو هڪُ الله.
    - راکي رام ته ماري ڪؤن؟
    - الله ڏئي، بندو سهي.
    - ڀڳوان جڏهن ڏئي ته ڇپر ڦاڙي به ڏئي.
    - ڀڳوان جي گهر دير آهي، پر انڌير ناهي.
    - ڀڳوان جي ڀاڻي تي راضي رهجي.
    - واڳ ڌڻيءَ جي وس، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
    اِن ۾ شڪ ناهي ته پرماتما (اُپائڻهار) جي هستيءَ جو مکيه ڪارڻ انسان جي دل جي خواهش آهي. اِن ڪري ئي انسان پٿرن ۾، مورتين ۾ ۽ سڀني هنڌن تي ايشور جي هستيءَ جو انڀو (تجربو) ڪري ٿو. اِن تي هڪ سنسڪرت شلوڪ ۾ چيل آهي.
    - نَه ڪاشٺي وديتي ديوو، نه شِلايان نَ مرڻميي، ڀاوي ھِه وِديَتي ديو ستسمات ڀاوو ھِه ڪارڻم.
    مطلب ته پرماتما ڪاٺ، پٿر، مٽيءَ جي مورتيءَ ۾ نه آهي، پر اُهو انسان جي من جي ڀاونا (خواهش يا احساس) شرڌا (عقيدت) ۾ نه آهي، پر انسان جي من جي ڀاونا يعني احساس، شرڌا يعني عقيدت ۾ رهي ٿو.ا نهيءَ ويچار کي ظاهر ڪندڙ هي پهاڪو ڏسو:
    - مانَلا تَرَ ديوَ، ناهين تر دگڙ. (مراٺي)

    قسمت يا ڀاڳ ۾ ويساھ:
    سنسڪرت جي درشن گرنٿن يعني فلسفانه ڪتابن ۾ ڀاگيواد يا ڀاڳ ۾ يقين رکڻ واري نطريي کي به گهڻن مڃيو آهي. اِن جو تمام گهڻو اثر ڀارت جي سماج تي پيو آهي. پوُروَ جنمن جي ڪرمن (گذريل جنمن جو عملن) جو ڦُل انسان کي هن جنم ڀوڳڻو پوي ٿو. چوراسيءَ جو چڪر لک جوڻين (جنمن) جو چڪر آهي، جنهن مان آتما کي لنگهڻو پوي ٿو. هُو چاهي ڪيتري به ڪوشش ڪري ته به ڀاڳ يا تقدير ۾ جيڪو لکيل آهي، تنهن کي مٽائي نه سگهندو. هر ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ اِنهن ڀاونائن (احساس) وارا گهڻيئي پهاڪا ملن ٿا. هتي سنڌي پهاڪن جا ڪجھ مثال ڏسو:
    - تقدير اڳيان ڪهڙي تدبير؟
    - جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.
    - ڪنهن جي ڀاڳَ سان ڪاريس؟
    - روپ روئي، ڪرم کائي.
    - سونهن سِڪي، سَنت کائي.
    - لکيو منجھ للاٽ، قلم ڪياڙي نه وهي.
    - ڪرم هِيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي.
    - ڇا جي ڏِنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏِنگومَ ٿئي.
    - ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
    - ڀاڳ ڏئي دٻ ته دال مان رٻ.
    ڀاڳ يا مقدر ۾ اڻٽُٽ ويساھ هوندي پڻ پهاڪن ۾ انسان کي اها به صلاح ڏني ويئي آهي ته هوُ ڀاڳ تي نه ڀاڙي، پر ڪنهن به ڪن کي پورو ڪرڻ لاءِ آدم ضرور ڪري. اِن تي ڪجھ پهاڪو ڏسو.
    - آپ نه مريئي، سرڳ نه جائيي.
    - اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.

    دنيا چئن ڏينهن جو چٽڪو:
    شنڪر آچاريه جي ويدانت مَت جو ڀارتي سماج جي سوچ ويچار تي گهڻو اثر آهي. اِن موجب هن سنسار کي نَشور يعني ناسُ ٿيندڙ ليکيو ويو آهي. هيءَ دنيا مايا جو کيل آهي. اِنهن ويچارن تي ڪجھ پهاڪا هن ريت آهن:
    - ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سر سڀ ڪنهن.
    - ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھ مقام ۾.
    - واري سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
    - گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.

    ڌن دولت جي اهميت:
    سماج جو اقتصادي سرشتو جيڪڏهن مضبوط آهي ته اُهو سماج ترقي ڪندو، اُن جا ماڻهو سُکي زندگي گذاري سگهندا. اِن ڪري آڳاٽي وقت کان وٺي عوام ڌيان يا ناڻي جي هئڻ کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي، جيڪو شاهوڪار آهي، اُهو سماج ۾ طاقتور به بڻجي وڃي ٿو. غريب ۽ گهُرجائو ماڻهو سندس در تي وڃي پنهنجو هٿ ٽنگين ٿا ۽ هُن جي خوشامد به ڪن ٿا. سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين وانگر ناڻي جي اهميت بابت گهڻيئي پهڪا ملن ٿا. سماج ۾ ناڻي جي ڪيتري اهميت ۽ ضرورت آهي، اِن باري ۾ ڪجھ پهاڪا ڏسو:
    - اُٿُ به ناڻو، ويھُ به ناڻو، ناڻي بنا نرُ ويڳاڻو.
    - پير عيسيٰ، پير موسيٰ، بڙا پير پئسا.
    - شاهوڪار جو ٽِٽُ به کستوري.
    - پيءُ سندس پيهون ڪُٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا، اڳي پُڇيائون ٿي ذات پات، هاڻي پُڇن ٿا ناڻا.
    - ناڻو نر به چُتو ڪري.
    - ناڻو سو جو ڳنڍِ، واڻي سا جا ڪنٺ.
    - زر بسيار ته عشق ٺھ پھ، زر نيست ته عشق پُون پُون.
    - جيڪو ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو.
    - جيڪو ڪري ڪلدار، سو نه ڪري ڪرتار.
    - شاهوڪاري ٻار، چريو يا چُتو.
    - لڇمي، ڪُلڇڻ ڍڪڻي.
    - شاهوڪار جو سال به سڀ ڪو سڏائي.
    - غريب جو ڀيڻيوِيو به ڪو نه سڏائي.
    - دولت نهن کان ماسُ وڇوڙي.
    سڀني ڀارتي ٻولين ۾ ناڻي جي اهميت جي باري ۾ ججهي تعداد ۾ پهاڪا ملن ٿا. سنسڪرت ٻولي به اِن کان بچيل نه آهي:
    - يَسياسِتَ وِتن سَ نرھَ ڪُلِين ھَه،
    سَ پنڊِت ھهَ سَ شرُتِ مان گُڻيگيهَ ھ.
    س ايوَ وِڪتا سَ چَ درشنِييَه،
    سروي گُڻاھَه ڪانچنماشترينتي.
    مطلب ته جنهن وٽ ناڻو آهي، اُهو ماڻهو خانداني آهي، اُهو پنڊت، ويدن جو ڄاڻو ۽ گُڻوانُ آهي. اُهوئي سُٺو ڳالهائيندڙ ۽ خوبصورت آهي. سڀيئي گُڻ سون جو سهارو وٺن ٿا.
    - ٽڪا ڌرم ٽڪا ڪرم، ٽڪا هي پرم تَپَ ھ،
    يَسيه گيهي ٽڪا ناسِتَ، سَ نرھَ ٽڪٽڪايَتي.
    يعني ٽڪو ئي ڌرم آهي، ٽڪو ئي ڪرم آهي، ٽڪو ئي وڏي ۾ وڏو تپسيا (عبادت) آهي. جنهن گهر ۾ ٽڪو ناهي، اُهو ماڻهو کوکلو آهي ۽ خالي دٻي وانگر کڙ کڙ ڪندو آهي. مطلب ته ٽڪي يعني ناڻي جي بنا ماڻهوءَ جي پنهنجي سماج ۾ ڪا به اهميت نه آهي.
    ٻئي طرف زندگيءَ ۾ انسان اِهو به محسوس ڪيو آهي ته پئسو ئي سڀ ڪجھ نه آهي. اِن ڪري پئسي جي موھ ۾ ڦاسي اُن کي پنهنجو ايمان ۽ ڌرم وڃائڻ نه کپي. اهڙن ويچارن تي ڪجھ پهاڪا ڏسو:
    - مايا اچڻي وڃڻي آهي.
    - پاپ ڪِي مايا پراڇِت جايه.
    - نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.
    - ناڻو گهوريا سِرن تان، سِر گهوريا شرمن تان.

    لوڪ ۾ وهنوار ۽ اخلاقي قول:
    زندگيءَ ۾ انسان پنهنجي شخصي تجربن مان گهڻيئي ڳالهيون سِکي ٿو ته زندگي ڪيئن گذارجي، زندگيءَ ۾ ٻين سان هلٿ چلت ۽ وهنوار ڪيئن ڪجي. اِن تي گهڻيئي چوڻيون ملن ٿيون، جيڪي قولن وانگر عام آهن. اُنهن جا هتي ڪجھ مثال ڏجن ٿا:
    - انسان خطا جو گهر آهي.
    - سچ ته بيٺو نچ.
    - جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
    - ٻه ته ٻارنهن.
    - ڏاڍي جي لٺِ کي ٻه مٿا.
    - انسان ڪڏهن ڀَريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪُر ۾.
    - سج ٻه پاڇا.
    - واڻيو پنج نه سهي، پنجاھ سهي.
    - وِياجُ سُورتي گهڙو آهي.
    - ٿورئي کٽئي گهڻي برڪت.
    - قرض ڪوڙھ جو ٽِڪو آهي.
    - پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڻي لک لٽائي.
    - پَتِ نَهن ته پاڻي آهي.
    - ٻاليتو نه ماليتو.
    - جهڙو اَنُ، تهڙو منُ.
    - اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه وجهجي.
    - منُ نه ٿيو مسلمان، ڪلمو پڙهيو نه ڇا ٿيو.
    - اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا.
    - زبان شيرين، ملڪگيري.
    - ڪچيءَ ڪنا نه وريا ته پڪيءَ ڇا ورندا؟
    - سنگُ تاري ڪُسنگُ ٻوڙي.
    - نَهن سان ڇڃي ته ڪاتي ڇو هڻجي؟
    - سوڙهي سِياندريءَ وهنوار نه ڪجي.
    - صبرُ جينين جي سير، نه گُسي تِن جو.


    - ۵.۷ ٻين موضوعن تي چونڊ پهاڪا

    - ۵.۷ ٻين موضوعن تي چونڊ پهاڪا

    هتي جن مکُيه موضوعن تي پهاڪا ڏنا ويا آهن، اُنهن کان سواءِ ٻيا به گهڻي ئي ننڍا ننڍا نُڪتا آهن، جن تي پهاڪا- چوڻيون چيل آهن. هتي انهن جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.

    ٻولي ۽ سکيا
    - ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي.
    - لاڙ جو پڙهيو، سِري جو ڍڳو.
    (لاڙ يعني ڏکڻ سنڌ جو پڙهيل ماڻهو سِري يعني اُتر سنڌ جي ڍڳي جي برابر آهي.)
    - جهڙي سِٺ، تهڙيون ٽي ويهوُن.
    - مُغلن آئي فارسي وسري وڃي.
    - پَڙهي فارسي، وڪڻي کڙُ تيل، ڏسو هِي قسمت جو کيل.
    - فارسي، گهوڙي چاڙهسي.
    - عالمُ اُهو جو عامل هجي.
    يعني جيڪي پَڙهي لکي ٿو، اُن تي عمل به ڪري.
    - لکندين پڙهندين ته ٿيندين نواب، رُلندين پِنندين ته ٿيندين خراب.

    صحت يا تندرستي:
    - اکِ ڦٽُ ٻَڌڻُ، ليسُ تپُ لنگهڻُ.
    - يَڪ تندرستي، هزار نعمت.
    - اُس ڪي دمڙي ويديه نه کاوي. (طبي)
    - سگهو کائي اَنُ، اگهو کائي ڌنُ.
    - واتُ آهي اڌُ حڪيمُ.
    - وات ته آهي مُئِي، نه ته آهي پُئِي.
    - مرض اچي گهوڙي وانگر، وڃي جُوئن وانگر.
    - مَنُ دُرست، ته تنُ دُرست.
    - نيم نانَ، صحت جان.

    جيوتش يا علم نجوم ۾ يقين
    - ڄيٺو، سُک نه ويٺو.
    - ڄيٺي، سک نه ويٺي.
    (يعني ڄيٺ جي مهيني ۾ ڄاول ٻار پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻا لاها چاڙها ڏسندو آهي.)
    (مطلب ته هُو ڀٽڪندو ٿو رهي.)
    (يعني پاڻ ۾ وير ڀاءُ اڻبڻت اٿن)

    هندن جي اخلاقيات ۽ ريتون
    - ڳُڙ جيرو کائي، پُٽن ماءُ نتُ نتُ ويائي.
    - ڇِڪ مُنجهي ته سج ڏي نهارجي.
    - آگون آگون ڪري هاڻي، وار کُٿا اٿس ماڻهين گرامر؟
    - ڪُتو به ان کي ڏاڙهي ته موچڙا به اُن کي لڳن.
    - سَتي نه چڙهي ڏاگھ ته ٿئي ڪتن هاب.
    - لاکا لهرڻي لهر بحر جا سائين.
    - جَلُ پيو، پاپ ويو.
    - پيءُ ڏيکاريا شراڌ ڪر.
    - برهمڻ کي سونو ڪٽورو هٿ ۾ آهي.
    - ٻانڀڻ ٻانهن لاءِ محتاج.
    - ويئي تِٿِ ٻانڀڻ به نه واچي.

    اڳڪٿيون:
    - هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ ارڙو،
    - بِھ مڇي ۽ لوڙھ سمي ويندا سوکڙي.
    هت ڏنل پهاڪن/ چوڻين جو پس منظر گهڻو ڪري هندو ڌرم ۽ اُن جي مڃيندڙن جي باري ۾ آهي.
    - ستانوي ست ڇوڙسي، اٺانوي هٽتار،
    - نوانوي نه جاڳندا، سؤ پوي جيڪار.

    کِل مذاق ۽ چيڙائڻُ:
    هر ٻوليءَ ڪجھ اهڙيون چوڻيون ملن ٿيون، جن ۾ ڪو گهرُو مطلب نه هوندو آهي. اِنهن جو مقصد فقط ڪنهن سان کِل مسخري ڪرڻ يا ڪنهن کي چيرائڻ هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ اِن قسم جون ڪجھ چوڻيون هن ريت آهن:
    - ڪاڻا سوامي نمسڪار! چي لڙائيءَ جا ڪي ٻيا پار.
    - شيرو ٻلو شاھ جو، نه پيءُ جو نه ماءُ جو.
    - گنجو ويٺو ميٽُ ملائي، وار نه اٿس ڇا کي لائي، هٿ ڀري ٿو ڳُئيءَ کي لائي.
    - خيروپوري نيت بري، هٿ ۾ قران ڪڇ ۾ ڇُري.
    - بندرو شيطان آهي.
    - بندرو ٻَڌي سندرو ته الله به نه پُڄيس.
    - ٻٽيھ منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، جڏهن گنجو ساماڻو، تڏهن مڙني کڻي ماٺ ڪئي.
    - لوُلي ڇُٽي ڪتڻ کان نچڻ لڳس ٻار.



    ۵.۸ ادبي چوڻيون:

    ۵.۸ ادبي چوڻيون:

    عام طور پهاڪن جو جنم روزاني زندگيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ڳالھ ٻولھ جي ٻوليءَ مان ٿيندو آهي، پر اُن سان گڏ اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪن حالتن ۾ مشهور شاعرن جون ڪي تُڪون يا پد به عوام ۾ ايتري قدر مروج ٿي وڃن ٿا، جو اُهي گفتگوءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جي شڪل ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. اُنهن کي اسان ادبي يا ساهتيڪ چوڻيون سڏي سگهون ٿا. عام چوڻين کان اِهي ان ڳالھ ۾ الڳ آهن، جو اُنهن جي رچيندڙ شاعرن جي اسان کي ڄاڻ آهي. وقت گذرندي جيڪڏهن اُنهن جي رچيندڙن جي ڄاڻ نه رهي ته پوءِ اهي پڻ ٻين عام پهاڪن ۽ چوڻين جي قطار ۾ داخل ٿي ويندو. اُنهن ادبي چوڻين جا ڪجھ مثال هن ريت آهن:

    شاھ لطيف جي ڪلام مان ڪجھ تُڪون (مصرعون):
    - اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
    - اندرتون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
    - تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
    - پاڻي مٿي جهُوپڙا، مورک اُڃ مرن.
    - پراڏو سوئي سڏ، ورُ وائي جو جي لهين.
    - جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج.
    - ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
    - ڏات ناهي ذات تي، جو وهي سو لهي.
    - ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري.
    - ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
    - نِمي کَمي نهار، ڏمر وڏو ڏک.
    - مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون.
    - واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھ.

    ساميءَ جي سلوڪن مان تُڪون:
    - اَوِديا ڀُلائي، وڌو جيءَ ڀرم ۾.
    - ستگرُ جهڙو شاھُ، ڪو نه ڏٺوسين ڪاٿهِين.
    - پانجهو پاڻ رُلي، ٿو چوراسيءَ ۾ جيءَ هِي.
    - گهر ۾ رام رهي، مورک ڦولهي دھ- دِسا.
    - عشق عقل آهن، ٻئي پَرَ پکيءَ جا.

    هنديءَ جا سنت ڪَوي.
    - اجگر ڪري نه چاڪري، پنچي ڪري نه ڪام،
    - داس ملوُڪا ڪھ گئي، سب ڪري داتا رام. (ملوڪداس)
    - ڪبيرا کڙا بازار ۾ لِئي لُڪاٺي هاٿ،
    - جو گهر ڦونڪي آپنا، چلي هماري ساٿ (ڪبير)
    - پراڌين سپني سُک ناهين. (تُلسي)
    - پر ڀُتا پائِي، ڪاھِ مَدَ ناهين. (تُلسي)
    - بِن مانگي موتي مِلي، مانگي مِلي نه ڀيک. (رحيم)
    - بڙا هوُئا تو ڪيا هوُئا، جئسي پيڙ کجُور، پنٿي ڪو ڇايا نهين، ڦل لاگي اتِ دور. (رحيم)
    - گُرو گوبند دوئوُ کڙي، ڪا ڪئي لاگون پاين، بَلِهاري گُرو آپڻو، گوبند دِيو مِلايه. (ڪبير)
    - جات نهَ پوُڇؤ ساڌ ڪي، پُوڇ ليجئي گيان. (ڪبير)


    پڇاڙي:

    پڇاڙي:

    هتي سنڌي پهاڪن جو ٻوليءَ جي تخليق، شاعريءَ جي علم جي اصولن، تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان اڀياس ڪيو ويو آهي. پهاڪا عوام جي تجربن مان پيدا ٿيا آهن. اِهو تجربو به اُن قسم جو آهي، جيڪو عام روزاني وهنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪن ٿا. اِن ڪري سنڌي پهاڪن ۾ سنڌي عوام جي آزمودن جو عڪس آسانيءَ سان پسي سگهجي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ ته فقط بادشاهن ۽ شهنشاهن جي ڪارنامن جو، جنگين ۽ لڙاين جو ۽ ٻين اهم واقعن جو چِت ملي ٿو پر پهاڪن ۾ اسان کي عام ماڻهن جي زندگيءَ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. جيئن ته پهاڪا عوم جي شخصي آزمودن جي پيدائش آهن، اِن ڪري اُنهن ۾ تضاد يا تڪراري ويچار به ملن ٿا.
    پهاڪا زباني طور پيڙهي در پيڙهي هلندا آيا آهن ۽ اسان کي وراثت ۾ حاصل ٿيا آهن. اِن ڪري اِهو فطري آهي ته وقت گذرندي گهڻئي پهاڪا گم ٿي ويا هجن. هن وقت سنڌيءَ ۾ چوڻين جو جيڪو وڏي ۾ وڏو مجموعو آهي (سنڌي پهاڪا ۽ محاورا مرليڌر جيٽلي) تنهن ۾ به ڏهن هزارن کان وڌيڪ پهاڪا قلمبند ٿيل آهن. اُنهن جي اڀياس کانپوءِ به اسان کي وقت بوقت ڪي اهڙا پهاڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي اسان لاءِ نوان هوندا. اِن جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته ڪي اهڙا پهاڪا آهن، جو پرچار سنڌ جي ڪِن خاص علائقن تائين محدود آهي. ڳوٺاڻن ۾ گهڻيئي اهڙا پهاڪا ملن ٿا، جيڪي شهري سنڌين جا ٻڌل نه هوندا آهن. اِن حقيقت کي ڌيان ۾ رکندي اسين چئي سگهون ٿا ته ڪنهن به ٻوليءَ جي پهاڪن جو چاهي ڪيترو به وڏو مجموعو ڇپائجي، ته به ان کي سؤ سيڪڙو مڪمل مجموعو نه سڏي سگهبو. پر اِن ڳالھ ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته اڄڪلھ جي دؤر ۾ هر هڪ لساني سماج ۾ پهاڪن جو استعمال گهڻي قدر گهٽ ٿي ويو آهي. نوان پهاڪا به تمام گهٽ ٿا ٺهن. ممڪن آهي ته: “جئه جوان، هڪ ڪسان”. “ڇوٽا پريوار، سُکي پريوار” جهڙا ٻول جيڪي تازو هڪ نعري جي صورت ۾ پيدا ٿيا آهن، سي وقت گذرندي پهاڪا بڻجي وڃن. پر هر ٻوليءَ ۾ پهاڪن جو گهڻو تعداد اُهو آهي، جنهن جو جنم چڱو آڳاٽي دور ۾ ٿيو هو. اِن ڪري اُنهن ۾ اسان کي ڪنهن ٻوليءَ جي سماج ۽ ميدان جي آڳاٽي دور جي تصوير ملي ٿي.
    اِنهن حقيقتن کي ڌيان ۾ رکي اسان کي سنڌي ٻولي ۽ اُن جي لَهجن ۾ مرُوج پهاڪن جو وڏو مجموعو تيار ڪري ڇپائڻ گهرجي، نه ته ڀارت جي موجوده حالتن ۾ وڏي ڄمار جي سنڌين جي هلئي وڃڻ پڄاڻا اسان جا گهڻا پهاڪا به هميشه لاءِ زماني جي دز ۾ لٽجي گُم ٿي ويندا.-


    چونڊ مددي ڪتاب

    چونڊ مددي ڪتاب
    سنڌي
    - الانا، غلام علي، لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، ۱۹۷۷ع.
    - اصغر، غلام، سنڌي کٽمٺڙا (اصلاح)، حيدرآباد سنڌ ۱۹۵۶ع.
    - آڏواڻي، ڪيولرام سلامتراءِ گلشڪر، گورنمينٽ بڪ ڊيپو، ڪراچي، ۱۹۰۵ع.
    - آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند، گلقند (ٻه ڀاڱا)، حيدرآباد سنڌ، ۱۹۲۸ع.
    - آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، پهاڪن جي پيڙھ، حيدرآباد سنڌ، ۱۹۲۵ع.
    - آشا، ديا، سنڌي شعر جي تاريخ، اَنجلي پرڪاش، اُلهاس نگر، ۱۹۸۴ع.
    - ڪشناڻي، سنتداس پُنهون مل، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا موش، (ايڊيٽر: جيٽلي مرليڌر)، پي. وي ڪشناڻي ٽرسٽ، پوني، ۱۹۹۳.
    - کلناڻي، ڪوڙومل چندن مل، سنڌي پهاڪا، ڪراچي، ۱۹۸۸ع.
    - کلاڻي، لکمي، ايڊيٽر: سنڌي ڪڇي لوڪ سنسڪرتي، اِنڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آدي پُور، ڪڇ، ۱۹۹۶ع.
    - جڙياسنگهاڻي، سترام داس سائل، ماڻڪ موتي (محاورا ۽ ورجيسون)، احمد آباد، ۱۹۸۲ع.
    - جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند، سنڌي لوڪ سنسڪرتي، رهاڻ، راجسٿان سنڌي اڪيڊمي، ۱۹۹۲ع.
    - جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا: هڪ اڀياس، ڪشناڻي ٽرسٽ، پڻي، ۱۹۹۳ع
    - جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند، سنڌي ساهتيه جو اِتهاس، سنڌو سماج، دهلي ۱۹۷۲ع.
    - جيٽلي، مرليڌر ڪشنچند، ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، (سنڌي ٻوليءَ جون لپيون)، دهلي، ۱۹۹۹ع.
    - ٽالپر، الله بخش، پهاڪن جي پيڙھ، حيدرآباد سنڌ، ۱۹۶۹.
    - ڌانڌا، مورومل چيتن داس، پهاڪن جي سوغات، جئه پور، ۲۰۰۰ع.
    - ڀڳت، گهنشيام داس رامن داس، سنڌي ٻوليءَ جي سونهن (سنڌي اصلاح)، حيدرآباد سنڌ، ۱۹۱۰ع.
    - ڀارتي نارايڻ، سنڌي لوڪ گيتن ۾ سماجڪ پسمنظر، الهاس نگر، ۱۹۹۱ع.
    - مٽلاڻي، ٻلديو، (سن) سنڌي لوڪ ادب، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، ممبئي يونيورسٽي، ممبئي ۱۹۹۸ع.
    - مٽلاڻي، ٻلديو، (سن) سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي، ممبئي يونيورسٽي، ممبئي، ۲۰۰۰ع.
    - مرزا قليچ بيگ، پهاڪن جي حڪمت، حيدرآباد، ۱۹۹۲ع.
    - لالواڻي ڄيٺو، سنڌي فوڪ لور، احمد آباد، ۲۰۰۰ع.
    - لالواڻي ڄيٺو، ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب، احمد آباد، ۱۹۹۲ع.
    - سنديلو، عبدالڪريم، پهاڪن جي پاڙ، لاڙڪاڻو، سنڌ، ۱۹۶۶ع.
    - سنديلو، عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي يونيورسٽي، ڄام شورو، ۱۹۸۶ع.
    - هاٿيراماڻي، تيرٿ داس پيسومل. پهاڪن جي پاٻوھ، ممبئي، ۱۹۷۳ع.
    هندي:
    - ڪنُوري، وير وينڪٽ لڪشمي، نرسنھ راوَ، تيلگو اور هندي لوڪِيڪِتيان، ڀارتييه ڀاشا سنسٿان، ميسور، ۱۹۷۵ع.
    - گپت، اوم پرڪاش، ماورحاورا ميمانسا، بِهار راشٽِر ڀاشا پريشد، پٽنا، ۱۹۶۰ع.
    - گپت، ڪرشنانند، (سن) هندستاني ڪهاوت ڪوش (فئلنڪرت ڪوش ڪا هندي انواد، نيشنل بُڪ ٽرسٽ، نئي دهلي، ۱۹۶۸ع.
    - تيواري، ڀولاناٿ، (سن) برهد هندي محاورا ڪوش (دِوتييه سنسڪرڻ)، ساهتيه سهڪار، دهلي، ۱۹۹۳ع.
    - تيواري، ڀولاناٿ، (سن) برهد هندي لوڪوڪيت ڪوش، شبدڪار، ترڪمان گيٽ، دهلي، ۱۹۸۵ع.
    - دڪشڻامورتي، اين. ايس. هندي اور تيلگوُ ڪهاوتون ڪا تُلناتمڪ اڌيَين، مئسور، ۱۹۶۶ع.
    - نروَڻي، وِشوَناٿ دِنَڪر، ڀارتيييهَ ڪهاوت ڪوش (ٽن حصن ۾)، ترويڻي سنگم، پرڀات روڊ،پوني، ۱۹۷۸ع، ۱۹۷۹ع، ۱۹۸۳ع.
    - مشر، ڀوَنيشوَرناٿ ۽ مشر وڪرمادِيهَ، ڪهاوت ڪوش (ڀوڄپوري ڪهاوتين)، بِهار راشٽرڀاشا پريشد، پٽنا، ۱۹۶۵ع.
    - ورما جئه نارايڻ، هرياڻوي لوڪوڪتيان: شاسترييهَ وشليشڻ، آدرش ساهتيه پرڪاشن، دهلي ۱۹۷۲ع.
    - شرما، ڪرشڻچند، ڪؤروي، واڪ پڌت اور لوڪوڪت ڪوش، اِمت پرڪاشن، غازي آباد، ۱۹۷۰ع
    - ستيندر، لوڪ ساهتيه وگيان، شِولال اگروال اينڊ ڪمپني، آگرا، ۱۹۷۹ع.
    - سهل، ڪنهيالال، راجسٿاني ڪهاوتين، بنگال هندي منڊل، ڪلڪتا، ۱۹۶۰ع.
    - سهل، ڪنهيالال، راجسٿاني ڪهاوتين: ايڪ اڌيين، ڀارتييهَ ساهتيه مندر، نئي دهلي، ۱۹۸۵ع.
    اُردو:
    - آغا سڪر، يونس، اُردو ڪهاوتين اور اُن ڪي سماجي و لساني پهلو، ماڊرن پبلشنگ هائوس، نئي دهلي، ۱۹۸۸ع.
    - قمر رئيس (سن) اردو ۾ لوڪ ادب، سيمانت پرڪاشن، نئي دهلي، ۱۹۶۰ع.
    مراٺي:
    - داتي، يَشونت رامڪرشڻ اينڊ ڪروي، چنتامڻ گڻيش، مهاراشٽر، واڪسنپردايه ڪوش، (ٻن ڀاڱن ۾)، مهاراشٽر ڪوش منڊل پُڻي، ۱۹۴۲ع.
    گجراتي:
    - ڪاراڻي، دُليرايه، ڪڇي، ڪڇي ڪهيوَتو، گجرات راجيه لوڪ ساهتيه سميتي، احمد آباد ۱۹۷۶ع.
    - شاھ، آشارام دليچند، گجراتي ڪهيوَت سنگرھ، سَستون ساهتيه ورڌڪ ڪارياليهَ، ممبئي، ۱۹۵۴ع.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343855
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ