ڪتاب جو نالو: جـلاوطـن نـنـڊون
مصنف: مصطفيٰ آڪاش
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 30 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 657 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 277 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
مصطفيٰ آڪاش جي سموري ڪويتا فني ۽ فڪري فريم ۾ موهيندڙ منظرنامو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ کان موسيقيت تائين ۽ تشبيهن کان استعارن تائين، نئين ٽهيءَ جي نواڻ رکندڙ کيپ جو رهيل خزانو دريافت ٿيل ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي خوشحال دور ۾، مصطفيٰ آڪاش جي جلاوطن ننڊون جي موجودگي، پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ الڳ سڃاڻ ۽ حسناڪيءَ جو سفر آهي. (سعيد سومرو)
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران:
  • مهاڳ:
  • پنهنجي پاران:
  • شاعر جي باري ۾ تاثرات
  • غزل

  • ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،
  • چيٽ هو، چنڊ هو، چلولايون هيون،
  • رات ڀــٽـــــّـن تي ملياسين، مان، ڀـٽـائي.
  • مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،
  • ڇير ڇولين جي ٿو ٺاهي سمنڊ تي،
  • ان کان اڳ پاڻ پنهنجي جو ورسي ٿيون،
  • سار جا سي چڙا جيئن وڄڻ ٿا لڳن،
  • روشني وکريل سهاني چنڊ جي،
  • نانءُ تُنهنجي جي تلاوت ٿي وئي،
  • روح ڀوڳيا عذاب چاهت جا،
  • سورن ساڻي! عيد مبارڪ!
  • گهر، گهٽيون ۽ تَن پُسيا برسات ۾،
  • جدا ٿيڻ تنهنجو عذاب هو جانان!
  • ڏِيئن وانگر جلائين يا اُجهائين تون ته مرضي ٿئه،
  • سندءِ رَاهون نهاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هِن،
  • هوا رخ مٽايا، پرين ياد آيا،
  • هلي پيو پيارُ ڀي پنهنجو، سکي! سنسار وانگي هو،
  • نوان دوست مليا ڪينجهر ڪناري،
  • اوهان کي ڏسون ٿا ته ڪجهه جِي وڃون ٿا،
  • صنم! کوڙ تنهنجون ادائون مليون هن،
  • رات ڀر لڇندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو،
  • زندگيءَ کي نه سمجهو تو!
  • بس، اڄوڪي شام منهنجي نانءُ ڪر،
  • اوهان چهرو ڍڪيو آهي،
  • وڇوڙي جا ڏئي صدما، هليو هُن پار وئين آخر!
  • پنڌ پرين ڏي ڪرڻا پوندا،
  • ڪچا رستا، ڪچو واهڻ ۽ ڀر ۾ واهه هو وهندڙ،
  • هي حياتي، نانءُ تنهنجي لُٽائجي ڇا!
  • ڌرتي کي ڳڙڪايو تو،
  • تو ڏنا جي گهاءَ، سي ساريان پيو،
  • اچي ڪر ڪا سُرن ورکا، ته جيئن هي جيءُ جهومي پئي،
  • تڪيان راهه پيارا!
  • قرارَ آهن نه آٿتون آهن پرين!
  • ساهه صدقو تو مٿان آ مون ڪيو،
  • ڏِيي جان ٻارجن لمحا،
  • اڳواڻ ڄمن اهڙا، ڪا راهه ڏسن شايد!
  • ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
  • وڻن جي ڇانءُ ۾ ڇمڪو هُيو ڪن اُپسرائن جو،
  • نه ئي چيٽ آيا نه ئي گُل ٽڙيا ڪي،
  • هي وکريل صدائون تون ميڙي نه سگهندينءَ،
  • مهراڻ جي ڪنڌين جئن تنهنجون حسين ٻانهون،
  • معصوماڻيون نظرون تنهنجون،
  • سمنڊ ڇولين جيان ڇيڳري ڇوڪري،
  • ڪو ڪو چهرو ڌيان جهٽي پيو،
  • بس نظر جو پرين هڪڙو ٻيو جام ٿئي،
  • بم هئا، گوليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!
  • پير ننگي گهمون ڳوٺ جي جهول ۾،
  • دوستيءَ جو مانُ رکجو،
  • حق جي تار وڳي آ، هُو هُو!
  • مينديءَ رتن هٿن کي منهن تي رکي کِلي ٿي،
  • روز تنهنجون ڪن پڇائون سانوري او بانوري!
  • سگريٽ جيئن سڙيو آ،
  • ڇلڪندڙ نازڪ گهڙَن ۾ گم ٿيو،
  • آواز اٿن ٿا پيا هر ڏاڍ کي ڏاريندا،
  • ڏيئا روشنين جا اجهايا وڃن ٿا،
  • نه سمجهي سگهياسين اشارن جيان،
  • نه پير هي پساربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪُ ڪو،
  • تنهنجو نانءُ اچاريو آهي،
  • اڙي دل بي چئي! ڪيڏو حشر برپا ڪرين ٿي پئي!
  • هوءَ جڏهن کلندي نهاري ٿي ڇڏي،
  • آءٌ ٽُٽندو رهيس ورڇ ٿيندي رهي،
  • چنڊ اڀريا جڏهن کان ڀتين ۾ وري،
  • نيڻ پنهنجا رکيم نيڻ ڪارن مٿان،
  • دوست جيڪر ملن ، شام جي چانهه تي،
  • ڀر ۾ جنهن جي مِتوا ناهي،
  • پِيئاريو جِيئاريو ڪي پيار جون وٽيون ڀري،
  • چوسٽا

  • چوسٽا
  • بيت/وايون

  • بيت/وايون
  • نظم/نثري نظم

  • يادون
  • با با جي نالي
  • ننڍڙي اميد جي نانءُ
  • ڏاتار جي نانءُ
  • روڪ اهي هٿ روڪ
  • ڪجهه لمحن جو ساٿ
  • نرالو روپ
  • توکان سوا زندهه رهڻ هاڻي ممڪن ئي ناهي
  • ڪهڙي سال جو انتظار ڪجي!؟
  • قسمت جو نصاب
  • بي وفا
  • بادل به نيڻن جيان ٽميا
  • صرف هڪڙي گل جي مُرڪڻ لاءِ
  • رُٺل آڪاش
  •   اثاثن جي سام
  • آس ۽ احساس
  •   بي جان ڪري وئين
  • سج جي ڇانوَ ۾ ڏٺل خواب
  • اسڪرپٽ
  •   اوندهه جو خواب
  • پيار جو ڀرم
  • ايترو پري هليو وئين!
  • تبديلي
  • تنهنجو مزاج
  • اُڃ جا چوسيل چَپَ
  • شيلف تان گم ٿي ويل ڪتاب
  • سگريٽ
  • گم ٿيل ماڻهو جو سفرنامو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر نوي (90) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”جلاوطن ننڊون“ خوبصورت شاعر مصطفى آڪاش جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. مصطفى آڪاش نوجوان شاعر آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ ڪافي پختگي آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. اسين ٿورائتا آهيون مصطفى آڪاش جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@hotmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پنهنجي پياري امڙ،
    بابا سائين
    ڀاءُ مرتضيٰ نوناري،
    ڀائرن،
    دوستن
    ۽ محبوب جي نانءُ


    اداري پاران:

    مصطفيٰ آڪاش ــ (جنم: 1 جنوري 1988ع) نئين ٽهيءَ جي انهن اڀرندڙ ڏات ڏاهن منجھان آهي، جن جي تخليق جي رستي ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرت واسين جي رومانسي رنگن جا ريشمي رومال، ڪنهن ڏاهيءَ ڇوڪريءَ جي ڀنڀن وارن وانگر سليقي سان سجايل پيا آهن.
    مصطفيٰ آڪاش، پنهنجي بي پناهه جذبن جي جوان ٻيڙيءَ اڳيان ڪنهن هڪ صنف جو بندُ ٻڌڻ بدران، کيس جديد ۽ قديم خوبصورت شاعراڻن صنفن جي وسيع وهڪري جي رواني ۾ روان ڪري، ”جلاوطن ننڊون“ جھڙو پهريون ۽ سو به ايترو پختو مجموعو پيش ڪندي، پاڻ کي پنهنجن ڪيترن همعصر ڪويسرن کان تخليقي سڃاڻپ ۾ سرس سگھارو ٿي رهيو آهي.
    مصطفيٰ آڪاش جي سموري ڪويتا فني ۽ فڪري فريم ۾ موهيندڙ منظرنامو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ کان موسيقيت تائين ۽ تشبيهن کان استعارن تائين، نئين ٽهيءَ جي نواڻ رکندڙ کيپ جو رهيل خزانو دريافت ٿيل ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي خوشحال دور ۾، مصطفيٰ آڪاش جي جلاوطن ننڊون جي موجودگي، پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ الڳ سڃاڻ ۽ حسناڪيءَ جو سفر آهي.
    مصطفيٰ آڪاش پنهنجي مجموعي شاعراڻي معيار ۾ هڪ ترقي پسند شاعر جو روح رکندڙ ڏاتار آهي، جيڪو هن سوشل ميڊيا جي زماني ۾، پنهنجي اندر جي انيڪ آسمانن تي پکڙيل سمورين سوچن جي ستارن سان روشن، پنهنجي ڪويتا جي ڪاروان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو ساهس رکي ٿو.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsommro4@yahoo. Com


    مهاڳ:

    من جي تار وڳي آ

    جيءُ جڙيو توساڻ جڏهن کان،
    پاڻ ۾ ناهيان پاڻ تڏهن کان.

    انهن ٻن سِٽن جو سٽاءُ، لفظن جي جڙاءُ سان آهي، جيڪو حيرت انگيز حد تائين متوازن آهي. ساڻ/پاڻ، ۽ جڏهن/تڏهن جا ٻِٽا قافيا، ۽ ”جيءُ جُڙيو (توساڻ) جڏهن (کان)“ جي تجنيس، انهن سِٽن کي سُر جي لڙيءَ ۾ پوئي ٿي ڇڏي. انهيءَ نظم ”يادون“ جون هي سٽون به اهم آهن :
    واري ناهيان مُٺ مان نڪران،
    ڪک پن ناهيان واءُ ۾ وکران.
    آهيان ڪائي ليڪ پٿر تي،
    جيڪا ڪنهن کان ڪا نه ٿي مِٽجي.

    ساڳئي وقت انهن سِٽن کي هڪ معنيٰ پڻ آهي.
    ”يادون“ نظم :
    لاڙ، اُتر ۽ ڪاڇو آهيان،
    ڀٽ ڌڻيءَ جو پاڇو آهيان.

    کان شروع ٿي ، سکيءَ جي سارَ کان ٿيندو، ڳوٺ جي يادن تائين هليو ٿو وڃي. ڳوٺ جتان ناني ۽ ماءُ جا سڏڙا اڄ به انهيءَ ڪردار جي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا، ۽ ائين ان ڪردار کي ڳوٺ جي هر شيءِ، هر منظر ۽ ماڻهو ياد اچن ٿا. مصطفيٰ ”آڪاش“ ڳوٺ جو ذڪر پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي :
    ڳوٺ ۾ گهر ڪچا ها، ڌڌڙ هئي، مگر،
    امن هو، خير هو ، سڀ سڻايون هيون.

    ’ هو ‘، ’هيون ‘، ’ها‘ ۽ ’هئي‘ لفظ ماضيءَ جي حوالي سان ئي آيا آهن. مطلب ته هاڻي ، حال ۾ ڳوٺ ’امن، خير ۽ سڻائيءَ‘ کان وانجهيل آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ جو، انهيءَ شعر ۾ ، احوال موجود آهي. ان غزل جي مطلع ۽ هڪ شعر :
    چيٽ هو، چنڊ هو، چلولايون هيون،
    مُرڪ هئي، ٽهڪ ها، ڪتڪتايون هيون.

    جي مشعالن جيان پئي ٻريون ميڙ ۾،
    منهنجي محبوب جون هٿ ڪرايون هيون.

    توڙي جو مصطفيٰ ”آڪاش“ جي شاعري ۾ رومانوي رنگ ڪجهه سرس ئي آهي ۽ ان سان لاڳاپيل عڪس ۽ اولڙا به هن جي شاعري ۾ پکڙيا پيا آهن ، جيئن جُدائي، دُوري، هجر جون وڏيون راتيون، ڳوڙها، دُکي دل، اڪيلائي، ڏک ڏوراپا، منٿون آزيون :
    پويتر پيار هو پنهنجو، سڀئي احساس ها ڪومل،
    انهيءَ شيشي جي رشتي ۾ ، وجهي ڪي ڏار وئين آخر!

    غزل جي صنف نازڪ به عشقيه موضوع لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهي وڃي ٿي۽ عشق هڪ ذاتي تجربو آهي، نه ڪي تلقيدي، عشق ۾ ناڪامي ئي اُن جي ڪاميابي چئي وڃي ٿي. عشق جي معنيٰ ئي آهي درد. پريت جو ارٿ آهي پيڙا. اهڙي پيڙا جنهن تان هر راحت گهوري سگهجي ٿي :
    عشق ۾ راحت ڪهڙي طلبيون،
    درد هميشه سهڻا پوندا!

    شاعريءَ سان رشتو ”شيشي جي رشتي“ جهڙو ئي آهي. صاف، شفاف ۽ سانتيڪو ۽ اهو شاعر جي ساڃاهه تي آهي ته هُو ان رشتي کي ڪيئن ٿو نڀائي. ڇاڪاڻ ته ٿوري به غير ذميواريءَ سان اُن ۾ ڏار پئجي سگهي ٿو. انهيءَ سانت ۾ جيڪي سُر لڪل آهن، اُنهن کي سُر لهر ۾ تبديل ڪرڻ شاعر جو ڪم آهي ۽ انهيءَ تحرڪ کي، چرپر کي ان شيشي ۾ منمــــڪس ڪرڻو آهي. ۽ اهو نازڪ ڪم لفظن وسيلي ئي ڪرڻو آهي، انڪري شاعر جي بنيادي ذميواري، جيئن ٽي ايس ايليٽ چيو آهي ، وري به ٻوليءَ ڏانهن ئي آهي ؛
    جڏهن ڀي ٽڙيا گل، اُڃايل زمين تي،
    اسان گيت ڳايا، پرين ياد آيا.

    ته ڇا جڏهن گل مُرجهائجن ٿا، تڏهن پرين ياد نه ٿا اچن؟ ائين به ناهي. شاعريءَ جي پنهنجي موسم به هوندي آهي. پرين وسرندا ئي ناهن ته ياد ڪيئن ايندا! شاعر هر موسم ۾ گيت ڳائي ٿو ؛
    ٽڙيو هو گل جيان جيڪو، انهيءَ تي شام آئي آ،
    اسان جو من آ مُرجهايل ، لڀائين تون ته مرضي ٿئه.

    هڪ شاعر کي فطرتاََ شاعر هئڻ کپي ۽ اُهو شاعر ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي. اُن کي دريافت ڪرڻو پوندو آهي، بلڪه اُهو دريافت ٿي ويندو آهي.
    مون کي ڪير به پنهنجي لکـئي تي لکڻ لاءِ چوندو آهي ته آءٌ ’نه ‘ ڪري نه سگهندو آهيان، خاص ڪري نون دوستن جي لـکـئي تي. پوءِ اُهو’ لکيو ‘ نثر ۾ هجي يا نظم ۾ ، آءٌ اُن تي لکڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي راءِ ۾ ، ڪير به پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو ته اُهو پنهنجي ٻولي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ تنهنڪري اُن جي آجيان ڪرڻ کپي، اُن صورت ۾ ، اهو لازمي آهي ته اُهو ’لکيو ‘ اهڙو هئڻ گهرجي ، جيڪو لکڻ تي آڀاري.
    ساڳئي وقت، جيئن لکڻ آڳ لهرائڻ نه آهي ، تيئن اُن تي لکڻ به آڳ لهرائڻ نه آهي. آءٌ ڪوشش ڪندو آهيان ته متن ۾ جتي به درستيءَ جي گنجائش آهي ته اُها درست ڪجي، ايستائين جو صورتخطي به دُرست ڪجي، مثلاََ شاعريءَ ۾ هڪ لفظ ڪتب آيو آهي ، پر اُن جي صورتخطي صحيح نه آهي، ته پوءِ اُن جي معنيٰ به نه رهندي. ڪڏهن ڪڏهن ان ڏس ۾ ڊڪشنري به ڏسڻي پوندي آهي، يا ڪنهن کان پُڇي پڪ ڪرڻي پوندي آهي، جيئن هڪ لفظ آهي ”انابي“ ، اهڙو ڪو به لفظ نه آهي، اصل ۾ لفظ ”عُنابي“ آهي، معنيٰ ڳاڙهو، لال، سُرخ.
    ان ريت منهنجو ڪم وڌي ويندو آهي.
    اهو صحيح آهي ته مسلسل لکڻ، پڙهڻ ۽ تجربي سان گهڻين ڳالهين جي پروڙ پئجي ٿي وڃي، مثلاََ اهو ته ڪهڙا لفظ گڏي لکڻا آهن ۽ ڪهڙا ڌارَ. الف /و /ي - وارا اُچاري قافيا ٺيڪ آهن، پر تُز لفظ وانگر تُز قافيي جي وڌيڪ اهميت آهي، ساڳئي غزل ۾ تذڪيري ۽ تانيثي صيغي آڻڻ کان به بچڻ گهرجي.
    مصطفيٰ ” آڪاش“ کي سورنهن مهينا لکندي ٿيا آهن. ان ٿوري عرصي ۾ هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، انهيءَ کي ابتدائي ڪوشش ئي چئي سگهجي ٿو ۽ هن سٺو ئي لکيو آهي. ان مجموعي کان پوءِ هو ڇا ٿو تخليق ڪري، ان جو انتظار رهندو. مون کي اُميد آهي ته هو وڌيڪ محنت ۽ رياضت کان ڪم وٺندو. هن وٽ خيال به آهي، ٻولي به آهي ۽ وزن بحر جي جوڳي ڄاڻ آهي ۽ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هن کي پوري ڏيان ۽ گيان سان اڳتي وڌڻو آهي ؛
    من جي تار وڳي آ، هُو هُو!
    تنهنجي سار لڳي آ، هُو هُو!
    ’مون‘ مان مس مس نڪتو آهيان،
    ’تون‘ جي تند وڳي آ، هُو هُو!

    سُر، ماترڪ ڇند، بحر وزن، meter ان لاءِ آهي ته جيئن شعر ۾ رڌم ، لئي ۽ آهنگ پيدا ٿي سگهي، اهو سدائين ياد رکڻ گهرجي ته شعر سنگيت جي ڪُک مان جنم ورتو آهي. پر سنڌي شاعري عروضي دور کان پنهنجي اصل روايت کان پري ٿيندي وئي، جيڪا خالص سُر جي روايت هُئي. ڪافي گو شاعرن انهيءَ روايت کي قائم رکيو ۽ انهن عروض کي به سُر جي قالب ۾ پلٽيو. سچل سرمست انهيءَ سُريلي روايت Lyrical Tradition جو سڀ کان پهريون ۽ وڏو شاعر آهي ۽ هُن وٽ عروض جو واهپو انهيءَ روايت سان جُڙيل آهي ؛
    آهي انهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو،
    ويٺو وٺي اَهيان هت ، ڪامل قرار تنهنجو.

    (سچل سرمست جو رسالو. ص-383 )
    انڪري شاعر کي پنهنجي اڀياس کي لوڪ ڪلاسيڪل دور تائين کڻي وڃڻ کپي، ائين هو پنهنجي جَڙن سان جُڙي سگهي ٿو، ٻوليءَ جي قدامت کان واقف ٿي سگهي ٿو. مصطفيٰ ”آڪاش“ واري ٽهيءَ سان ڪيترائي مسئلا آهن، جن کي شروع ۾ ئي پروڙڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سٺين ڳالهين جي تقليد ڪرڻ يا اثر قبولڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. پر ان جو مطلب اهو قطعي نه آهي ته ” آوازون، ڪلاسون، قدرون“ جهڙا جمع وارا صيغا ڪتب آڻجن. ڌارين ٻوليءَ جي ميڊيا ۽ ڌارئين ميڊيم ۾ تعليم پرائڻ جو اثر ٻوليءَ تي به پيو آهي، پر شاعريءَ ۾ ان کي نه ورتائڻ گهرجي. ان ريت شاعري جيئن ته ذات جو اظهار آهي ۽ ان جو لاڳاپو جذبات سان به آهي:
    پل ”آڪاش“ پٿر جهڙا هي،
    ڇنڊي، ڇڙي، پوءِ ڏرڻا پوندا.

    آڪاش کي، هڪ شاعر کي اها ڄاڻ آهي ته ’ڇنڊ ‘، ’ڇڙ ‘ ۽ ’ڏر‘ نه رڳو مختلف لفظ آهن، پر مختلف عمل به آهن. اهو روزمرهه جو هڪ مشاهدو به آهي، پر ان کي شاعريءَ ۾ ورتائڻ جي اهميت آهي، ”آڪاش“ جو مٿيون شعر ان جو مثال آهي. اهو شعر پڙهي مون کي لاکيڻي لطيف جي هيءَ سٽ هانوَ تي هُري آئي آهي:
    جنڊي پائي جان ۾، ويٺي ڏک ڏري (شاهه)
    پل جيڪي پٿر جهڙا آهن، ”آڪاش“ انهن کي ڇنڊي، ڇڙي پوءِ ڏرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو اصول، پوري زندگيءَ سان لاڳو آهي ۽ شاعريءَ سان به. هڪ شاعر جڏهن موضوع جي چونڊ ڪري ٿو ، ان تي لکي ٿو، مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو، ته انهيءَ پوري مرحلي ۾ کيس محتاط رهڻ کپي. لکڻ مهل به ۽ لکڻ کان پوءِ به.
    مهاڳ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون؟ ڪهڙيون نه ٿيون ڪري سگھجن؟ جيڪي ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون، اُهي ڪهڙن لفظن ۽ لهجي ۾ ڪري سگهجن ٿيون؟ اهو هڪ مسئلو رهيو آهي منهنجي لاءِ، منهنجي راءِ ۾ مهاڳ ۾ تعريفي ۽ تعارفي جملا هوندا آهن، گھڻيون ڳالهيون شاعر ۽ منهنجي وچ ۾ ئي هونديون آهن، آءٌ اسڪرپٽ تي اهڙا نوٽس لکندو آهيان يا فون تي يا روبرو شاعر سان ڪري وٺندو آهيان.
    مصطفيٰ ’آڪاش‘ جي هن مجموعي ۾ بيت به آهن، نثري شاعري به آهي. بيت لوڪ ۽ ڪلاسيڪل صنف آهي، ته نثري شاعري موجوده دور جي. ۽ هر صنف وانگر انهن جون گھرجون به مختلف آهن ۽ اهي گھرجون ۽ لوازمات نڀائڻا به پوندا آهن. وائي ۽ چوسٽو به هن مجموعي ۾ آهي، انهن سان به ساڳيا اصول لاڳو آهن:
    رياض بنا اڄ ڪلهه، آ راڳ بڻيو رينگهٽ،
    ماڻهن جا جهرمٽ، ناچ نچن پيا ٿاپ تي.

    ان هڪڙي بيت جي ٻن سٽن جي چئن پدن جي سورنهن لفظن کي، جيڪڏهن پوري سسٽم تي لاڳو ڪجي، يعني راڳ، ادب، شاعري، سماج، ڌرم، مذهب، سياست ... هر هنڌ ’’وهي نه وهي، وٺ رينگھٽ کي‘‘ آهي. رياض، تپسيا، محنت لاءِ ڪنهن وٽ وقت ئي نه آهي. سکيا وارو مرحلو، موجود ئي نه آهي. رياض جي معنيٰ آهي مشق. شاعريءَ ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي ”مشقِ سخن“. ڪهڙو به فن هجي، سُر سنگيت هجي، شعر شاعري هجي، مصوري هجي، مورت سازي هجي ــــــــــ انهن سڀني لاءِ رياض ۽ مشق ضروري آهي، پرلازمي ڳالهه اها آهي ته سُر فطرت ۾ هجي. اها ڳالهه شاعريءَ جي حوالي سان به صحيح آهي. شاعري جيڪڏهن فطرت ۾ نه آهي، ته پوءِ هر شيءَ، هر رياضت ۽ تپسيا وئرٿ آهي. راڳ به تڏهن روح جي راحت بڻجي ٿو، جڏهن اُهو روح مان ڦٽي نڪري:
    تو وٽ گل گلاب جا، مون وٽ خالي هنج،
    ڪهڙو ڪجي رنج، ڀورل! پنهنجي ڀاڳ جو.

    بيت سنڌين جي سڀاءَ وٽان آهي. سگھڙن وٽ به بيت جي روايت آهي. ايستائين جو عام سنڌي ماڻهو به پنهنجو روزمره جي ڳالهه ٻولهه ۾، جيڪي منظوم پهاڪا/چوڻيون ڏيندو آهي، اُهي به گھڻو ڪري بيت جي فارم ۾ هونديون آهن. اوساري ۾ شاهه سائينءَ جا بيت ئي ڏنا ويندا آهن. پر سڀني وصفين سهڻو بيت چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    بيت ماترڪ ڇند تي آڌارڪ آهي، جيڪو سُر جو سرشتو آهي. مون کي خبر نه آهي ته مصطفيٰ ’آڪاش‘ کي ماترڪ ڇند جي ڪيتري ڄاڻ آهي؟ يا هن به ڪجهه دوستن وانگر ’عروض‘ جي ”فعلن فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع“ وزن تي بيت چيو آهي! هن کي ڪلاسيڪل بيت، خاص ڪري شاهه سائينءَ جي بيت جو اڀياس ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جھمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ جو ’ڇند سڳنڌ‘ جو به اڀياس ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جا ان ڏس ۾ ٽه ــ ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل ليک به پڙهڻ کپن.
    گيدي موذي مرض ۾، چُڙي چُڙي م مئو،
    ڪاتيءَ ٿي ته پئو، ڪانئر جي ڪنهن ڪنڌ تي.

    ”چڙي چُڙي م مئو“ مان ”چُڙي چُڙي نه مرو/مر“ واري معنيٰ نه ٿي نڪري. ٻيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ”گيدي“ کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي، جيڪو ”موذي مرض“ ۾ ورتل آهي. ٽيون ته اهو گيدي وري ”ڪانئر“ (ڪانئر ۽ گيدي ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن) جي ”ڪنهن“ ڪنڌ تي ”ڪاتيءَ ٿي ته پئو“ (لفظن جي عجيب ترڪيب آهي) مان ته لڳي ٿو ”ڪانئر“ جا الاهي ڪنڌ آهن!
    ”آڪاش“ جا ٻه ـــ سٽا بيت آهن. جن ۾ هن مختلف موضوع پيٽيا آهن. بهرحال، اها سٺي ڳالهه آهي ته هن جو بيت جھڙي صنف ڏانهن به لاڙو آهي:
    چاهت ساڻ چميم، ڳل تي ڪرندر چڳ،
    ٺري پئي رڳ رڳ، بَٺيءَ جهڙي بُت جي.

    اعرابن جو به خيال رکڻ گھرجي، نه ته رڌم، ڇند، وزن ۾ فرق پئي ٿو.
    ”آڪاش“ جا جيڪي شعر مون ليڪيا آهن، انهن مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو:
    دل لڳي ٿي ميڻ جي آهي ٺهيل،
    راهه ۾ مان ٻئي اکيون ٻاريان پيو.

    درد جو سيلاب آهي چوطرف،
    دل ڪري ٻيڙي ڏسو تاريان پيو.

    ميڙ ۾ هوندي به مان توکان سوا،
    هيڪلائيءَ جون گهڙيون گهاريان پيو.

    هي وکريل صدائون تون ميڙي نه سگهندينءَ
    ڇڏي ڏي اسان کي سهيڙي نه سگهندينءَ.

    پنهنجن جو تون قاتل آن،
    ڌارين ساڻ نڀايو تو!

    هو ساڄي مان کاٻي، جدا ٿا رهون،
    اسان ٻئي نديءَ جي ڪنارن جيان.

    ”آڪاش“ کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته هُن کي سڀ کان پهريان پنهنجي ڪيريئر تي، جنهن ۾ خود هڪ شاعر وارو ڪيريئر به اچي ٿو وڃي، ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ ان ڏس ۾ خود سندس نظم ”بابا جي نالي“ هڪ اهم نظم آهي؛
    پاڻ فاقا ڪڍي منهنجو لقمو بڻيو،
    منهنجي جيون جو هر هنڌ اُڌمو بڻيو،
    اُڃَ ۾ گهر سڄي لاءِ چشمو بڻيو.

    ۽ ان نظم جي آخري بند تي آءٌ پنهنجي ڳالهه پڄايان ٿو ؛

    شال بابا! مان تنهنجو سهارو ٿيان،
    تنهنجي خدمت ڪيان تو ئي پارو ٿيان،
    هر اونهاري مٿان تو سيارو ٿيان،
    هر سياري مٿان تو اونهارو ٿيان،
    تنهنجي ٻڍڙن هٿن کي مان چمندو رهان،
    تنهنجي نقشِ قدم تي مان هلندو رهان.
    جي نه بابا! اوهان جو هجي ساٿ ها،
    ڏينهن ڀي ڄڻ اسان لئه هجيِ رات ها،
    پر تو بابا اسان کي ڏنيون روشنيون،
    تنهنجي دم سان اسان هي لڌيون هن اکيون !


    امداد حسيني
    ڪراچي- سنڌ
    17.08.2013


    پنهنجي پاران:

    وِکـريل سوچـون ۽ مـان


    ڪو جيڪڏهن پُڇڻ چاهي ته ”زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪِٿي ڪنهن اهڙي مونجهاري جي ور چڙهين!؟ جتي تنهنجي عقل تنهنجو ساٿ نه ڏنو هجي ۽ تون اڄ سوڌو پاڻ کي ان مونجهاري جي ئي ور چڙهيل ڀائيندو هجين!؟ “ ته منهنجو جواب هيءَ هوندو ته ”آءٌ پنهنجي تخليقن منجهان ڪڏهن به مطمئن نه رهيو آهيان، انهيءَ عدم اطمينان سبب اڄ به آءُ پاڻ کي هڪ مستقل مونجهاري ۾ ڦاٿل سمجهان ٿو، شايد ئي آءٌ پنهنجي حيات ۾ هن مونجهاري منجهان پنهنجي جند آجي ڪرائي سگهان.“
    شاعري سرجڻ ۽ شاعريءَ سان انصاف ٻه جدا موضوع آهن. شاعري ته مون بي سمجهه ننڍڙن ٻارڙن کي به ڪندي ڏٺو آهي. ڪيترائي ٻار پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ اهڙا کوڙ هم آواز لفظ اچاري ٿا ڇڏين جيڪي قافياگيريءَ جو اعليٰ مثال هجن ٿا. سچ ته آءٌ پنهنجي سموري تخيل کي اهڙي ئي قافيا گيريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿو سمجهان. هونئن ته ادب جون سڀ صنفون انتهائي حساس ۽ محنت طلب آهن پر شاعري جهڙي بيحد نرم ۽ نفيس ادب سان نڀاءُ لاءِ نه رڳو مطالعو ۽ مشاهدو گهرجي پر ڏات ۽ ڏانءُ سان گڏ سوچ جي ڪئنواس تي اڀري ايندڙ فڪر کي پيش ڪرڻ جو انوکو انداز پڻ هجڻ گهرجي. شاعريءَ جو انفراديت ڏانهن پنڌ تڏهن ئي ممڪن هجي ٿو، جڏهن تخليقڪار فن ۽ فڪر کي آڏو رکندي ، اڻ ڇهيل موضوعن کي پنهنجي ذاتي ترتيب هيٺ آڻي اظهاري سگهندو هجي. مون به شاعر ٿيڻ جي خفت ۾ هڪ کان وڌيڪ نوان تجربا ڪري ڏٺا ته جيئن سنڌي ساهت ۾ منفرد مقام ماڻي سگهجي، پر افسوس جو آءٌ هن مهل تائين الڳ ٿلڳ حيثيت ماڻڻ ته ٺهيو پر شاعريءَ جي ’ش‘ کي به ڪو نه سمجهي سگهيو آهيان!
    آءٌ، اوهان آڏو شاعريءَ جو ڪو ڪتاب يا مجموعو نه رکي رهيو آهيان، آءٌ ته فقط اندر جي اونهائين منجهان اٿندڙ پنهنجا درد ۽ وارتائون سنگت اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان، سي به بي ترتيب ۽ ٽٽل ڦٽل ... مون شعر ۾ سادگي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سادگيءَ هڪ اهڙو لازوال حُسن جيڪو ڪڏهن به مدي خارج ٿي اڇلڻو نه ٿو پوي. منهنجي شاعري جو سؤ مان اسِي سيڪڙو رومانويت تي مشتمل آهي، جڏهن ته 20 سيڪڙو ڌرتيءَ جي درد سان لاڳاپيل آهي. مختلف وقتن تي سرجندڙ شاعريءَ ۾ ڪڏهن رومانويت مزاحمت مٿان غالب ٿيندي رهي ته ڪڏهن وري مزاحمت رومانويت جي اثر هيٺ رهي.
    پڙهندڙن جي اڻ مئي محبتن مونکان ايترو ڪجهه لکرايو جو اڄ آءٌ پنهنجي لکڻين کي ڪتاب جي صورت ۾ ان اميد سان پيش ڪري رهيو آهيان ته اڳ وانگر جوڳي مڃتا پلئه پوندي. هن ڪتابي ڏس ۾ آءٌ اڪيلو ڪوششن ۾ ڪونه هيس پر منهنجا سمورا ادب دوست ساٿي مون سان منهنجي پاڇي جيئن گڏ رهيا ۽ آهن.جنهن ۾ سائين مفتون ڪورائي کان ويندي ارم محبوب، رخسانه پريت،سعيد سومرو، غوث پيرزادو، جعفر جاني،گل بهار باغائي،جميل سومرو، مبارڪ لاشاري،نثارٻانڀڻ،مٺل جسڪاڻي، وسيم آڪاش سيتائي، سائين نثار احمد ناز، پريم پتافي، امر کهاوڙ، آغا جان آغا، سائين مٺل جسڪاڻي،ڊاڪٽر خادم منگي،ثاقب ابڙو، غلام مصطفيٰ سولنگي، شاهانه علي ميراڻي،نظر پياسي،علي بخش منصور،شمشاد خاصخيلي،نور جهان نرمل،محمد اڪبر نوناري بيوس سجاد گاڏهي،خادم بالادي، ناليواروقانوندان عبدالغني بجاراڻي،علي حسن ملڪ،اسد مراد کوسو،غلام ياسين، اشفاق احمد ۽ مُبين احمد ميراڻي تائين ۽ اهي دوست جن جا نالا منهنجي ناقص ذهن تان ٿڙي ويا آهن، منهنجا مددگار ۽ ڀرجهلا رهيا. هتي آءٌ ان شخصيت جو به ذڪر ضرور ڪندس جن جي شخصي قدوقامت ۽ محبت جي ڪري مون کي اتساهه مليو جيڪو منهنجو پيارو ڀاءُ مير مرتضيٰ نوناري آهي. آءٌ انهن جو نه رڳو خالي ٿورائتو آهيان پر جيسيتائين هن سسيءَ ۾ سگهه آهي ته آءٌ انهن دوستن جا احسان آلاپيندو رهندس.
    وقت جي جديد شاعر، اديب، ليکڪ، ڏاهي ۽ نقاد سائين امداد حسيني جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان جن منهنجي اسرار تي منهنجي تخليقن کي نظر مان ڪڍي ان تي روح سان لکيو، جيڪو مهاڳ جي صورت ۾ هن ڪتاب ۾ شامل آهي .
    زندگي ساٿ ڏنو ته مستقبل ۾ به سٺي شاعري سرجڻ جون ڪوششون جاري رکبيون ۽ وقت بوقت ڪتابي شڪل ۾ اوهان سان ونڊ ڪبي رهبي. اميد ته منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش کي پنهنجي وسيع نظر جو حصو ضرور بڻائيندا.


    مصطفي آڪاش
    ڪنڌڪوٽ - ڪشمور

    Cell: 03337307898
    03003669754


    شاعر جي باري ۾ تاثرات

    سنڌ ڌرتي اُها خوشنصيب زمين آهي جنهن انيڪ ڏات ڌڻين ۽ تخليقار ذهنن کي وجود ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو خمير ڏنو آهي، جن جي ڏات جا ڏيئا فهم رکندڙن جي ڏهرن ۾ ٻَري رهيا آهن، سنڌ جي اُنهن مڙني شاعرن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۽ سورن کي شاعريءَ جي رليءَ ۾ سبيو آهي، بلڪل ساڳئي انداز ۾ مصطفيٰ آڪاش پڻ ڌرتيءَ سان پيار جي معاملي ۾ عاشق شاعر آهي، هُن پنهنجي انفرادي ڏکن ۽ محرومين کي پوري ديس جي درد وانگر محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ اجتماعيت جو اهڙو انداز پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت بي پناه سنجيدگي ۽ سراپا حسن سمايل آهي، اهو وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو ته آڪاش جي شاعري هن دور جي سنڌي شاعريءَ جو مٿيون مسند آهي، سندس غزل، بيت ۽ نثري نظم ذاتي تجربن تي ٻڌل ڳوڙهيون تحريرون ۽ خيالن جي مِصري لڳندا آهن، ان شاعري جا لفظ آڪاش مصطفيٰ جي گوناگون ادبي مصروفيتن سان گڏ سندس، پيار، اوسيئڙي، اڪيلائي، پيڙا، نڀاءُ ۽ ڏات مينهن بڻجي اوڙڪون ڪري وسڻ وارا اعليٰ معيار جا تجربا، مشاهدا ۽ احساسن سمفنيون ٿي سامهون اچن ٿيون، جن ۾ استعارا ۽ تشبيهون روح ۽ جسم جي تاڃي پيٽي جيان لڳندا آهن، هُن تفصيلي انداز ۾ انهن ڪيفيتن تي لکيو آهي ته لفظ معنيٰ جي تسبيح ڪيئن ٿا پڙهن، حساسيت ۽ نازڪپڻو اکرن جو ويس ڪيئن ٿو پهري، ڪاڳر جي زمين تي لفظن جا شاهڪار مقبرا ڪيئن ٿا اَڏجن. اڪثر پڙهندڙن جي راءِ آهي ته آڪاش جي رومانٽڪ ۽ مستقل قدرن واري شاعريءَ کي اهميت اُن ڪري به حاصل آهي ته سنڌ جو هر نوجوان سندس خيالن جي اُڏام سان گڏ ٻوليءَ جي مٺاس کي پنهنجي روح ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي ڳڙندي محسوس ڪري ٿو، فيس بڪ تي سندس ڏنل ڏات جي بوندن تي مختلف پڙهندڙن جا ايندڙ رايا کيس هڪ اعليٰ مسند تي ويهارڻ جي لاءِ ڪافي آهن، هر پڙهندڙ کي سندس تشبيهون ۽ استعارا ۽ خيالن جا ميلا پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏين ٿا، حساس ذهنن کي اُڏام جا نوان گس ۽ پيچرا جوڙجي ملن ٿا


    - نثار ٻانڀڻ

    ----------------------

    مصطفى آڪاش صحتمند سوچ رکندڙ نوجوان شاعر آهي. کيس موجوده وقت جي جديد سائنسي سهوليتن جهڙوڪ موبائيل ۽ انٽرنيٽ تائين سُٺي پهچ حاصل آهي. ان ڪري مون سندس شاعري پهرين فيس بوڪ تي پڙهي، پوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ نيٺ کيس روبرو ٻُڌڻ جو به موقعو نصيب ٿيو. مصطفى جهڙو شڪل صورت ۾، ملڻ ڳالهائڻ ۾ خوبرو آهي، شاعري پڙهڻ وقت به اهڙو ئي وڻندڙ شخصيت جو ڌڻي آهي.
    سمجهان ٿو ته مصطفى جي شاعري، اسان جي موجودهه ماحول جي عڪاسي ڪري ٿي. منجهس اسان جي آس پاس جا منظر، پسمنظر موجود آهن. هن جي شاعري ۾ ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي گهرج پوري ڪندڙ موضوع شامل آهن.
    مصطفى شاعري جي ڪنهن هڪ اڌ صنف تائين محدود نه آهي. هن پابند شاعري به ڪئي آهي، ته آزاد نظم، نثري نظم به لکيا اٿس، بلڪ ائين چئجي ته جنهن خيال مصطفى کان جيئن قلمبند ٿيڻ چاهيو، هن، ان کي ان نسبت واري صنف ۾ لکيو ۽ ان سان نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي.
    ”جلاوطن ننڊون“ سندس پُڻيٺي جو مجموعو آهي، پر هن ۾ آڪاش تائين اڏام رکندڙ شاعري، نه وسرندڙ، ۽ وري وري پڙهڻ جهڙي شاعري شامل آهي.


    - مٺل جسڪاڻي

    ----------------------
    آئون مصطفيٰ آڪاش جي شاعري کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ، پر شاعري به ڀلا ڪا پڙهڻ جي شيءِ آهي! نه ، شاعري ته احساسن جي راڳڻي آهي، شاعري ته بي چين روحن جي وياڪلتا جو سڏڪو آهي يا وري سمبارا جي پيرن جي پيڙ- شاعري پڙهي نه ٿي سگهجي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿي. آءٌ مصطفيٰ جي شعر کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته منهنجو احساس پکين جي آوازن جهڙي لئي سان هم ڪلام ٿئي ٿو. بارش ۽ مٽي جي ميلاپ مان جنم وٺندڙ خوشبوءَ جو احساس جاڳي ٿو پئي. عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جي هڪ باترتيب هجوم سان شناسائي ٿئي ٿي. جنهن جي وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
    شاعري ته آهي ئي خود زندگي جي وضاحت.، وضاحت جون ڀلا ڪهڙيون وضاحتون ڪبيون. سوين عڪس عڪسن، احساسن ۽ ڪيفيتن جو ميڙ آهي مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾. ڪو نقاد چئي سگهي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه ته اڳ ۾ به ورجائبو رهيو آهي ته پوءِ آڪاش جي شاعري ۾ نئون ڇا آهي ؟ ان سوال جو روايتي جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته آڪاش جي پيشڪش جو انداز يعني اسلوب نئون آهي پر آئون نئين اسلوب تي اڪتفا ان ڪري به نه ٿو ڪريان جو مصطفيٰ آڪاش جي شاعري ۾ مون کي وڏي خوبي سندس شعرن ۾ آيل سواليه ۽ عجب جون نشانيون محسوس ٿين ٿيون. مون کي سندس شعرن ۾ معصوم ٻار جو تجسس نمايان نظر اچي ٿو، معصوميت جو اهو تجسس جيڪو ڏسڻ، چکڻ، ڇُهڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ چاهي ٿو. سکڻ جي اها تڙپ مصطفيٰ آڪاش کي گهڻو اڳتي وٺي ويندي - شال هُو ان تجسس کي ماٺو ٿيڻ نه ڏي ..
    - جعفر جاني


    ----------------------
    ادب جي آبياري انساني تهذيب ۽ سڌاري جي اهم نشاني ۽ مهذبپڻي جي روايت آهي. جڏهن دنيا مقتل گاهه ٿي وڃي، منافقيون سماج کي وڪوڙي وڃن، ادارا سمورا کوکلا ٿي وڃن ۽ ماڻهن جو ڪنهن به نظام تي ڀروسو قائم نه رهي تڏهن ادب ۽ اديب جو رستو سندس دلجوءِ جو سبب هوندو آهي. مصطفيٰ آڪاش جي شاعري جي هي وک “جلاوطن ننڊون” پڻ اهڙي علامت آهي، ڇوته کيس احساس آهي ته
    لاش پويان لاش ملندا ٿا رهن،
    اڄ ته مقتل گاهه رياست ٿي وئي.
    انهي بيگانگي ۽ ويڳاڻپ ۾ نفيس ترين صنف شاعري ذريعي سماج ۽ انسان جي اندر جي اڌمن جو اظهار اميد جي نشاني ۽ نئين سورج جا ڪرڻا آهن. مصطفيٰ جي شاعري ۾ صرف سندس ننڊون جلاوطن نه آهن پر هو هر جلاوطن ننڊ جي پيڙا جو داعي آهي. سندس شاعري انفراديت ۾ اجتماعيت ۽ جز ۾ ڪل ۽ ڪل ۾ جز وانگر آهي. سندس رنگارنگي اظهار جدوجهد جي نشاني آهي. سندس شاعري جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهي، جيڪو کيس ڪافي اڳتي وٺي ويندو آهي. کيس مقتل گاهه واري رياست ۾ ننڊن جو بچاءُ ڪرڻ گهرجي ۽ جلاوطني هوندي به پنهنجي ماڳ ۽ منزل تان نه هٽڻ گهرجي. اسان جون نيڪ آشائون هميشه گڏ آهن ۽ کيس اهڙي سهڻي ڪتاب جون واڌايون هجن.


    - مبارڪ علي لاشاري

    ----------------------
    مون جو چيو ميندي کيت کي ، اٿي ڦٽي پئو،
    مون کي ڪيئي سئو ، رتا گهرجن هٿڙا.

    شيخ اياز جو هي ڪرشمه ساز بيت ارداس هئي يا حڪم ! پر ڏسندي ڏسندي سوَن جي بجاءِ هزارين ميندي رتا هٿڙا اڄ پُسي سان ڪڪوريل ڪِرڙن جيئن وک وک تي ، هولي ڏڻ تي هاريل رنگن جئان ڌرتي کي لال گلال رنگن سان منور ڪري رهيا آهن . منجهن سونهن سڳنڌ جا انوکا ، اڻ مِٽ ، تجليدار جهان نظر اچڻ لڳا آهن . انهن روشن رنگن کي سرجڻ ۾ اسان جي نئين ٽهيءَ جي سرجڻهارن ۾ هڪ نئون آواز مصطفيٰ آڪاش جو به شامل ٿي ، اسان جي سماعتن ۽ بصارتن کي لطف جا ڇڄ ڀري ارپڻ لڳو آهي ، ڪنڌ ڪوٽ جي گرم موسمن ۾ جنم وٺندڙ مصطفي آڪاش پنهنجي سڀاءُ توڙي شاعراڻن احساسن ۾ بنهه منفرد، ٿڌي گهڙي جهڙي طبع رکندڙ هي دوست ٿڌن مٺن احساسن سان ٽمٽار املتاس جي وڻ جيان ڀاسندو آهي.

    - مفتون ڪورائي


    ----------------------
    مصطفي آڪاش ـــ رنگن ۽ اوجاڳن جو شاعر

    شاعر عام ماڻهوءَ کان اُتم هوندا آهن، ڇو ته جئين شاعر سوچي ٿو، لکي ٿو، تئن عام ماڻهو سوچي يا لکي نٿو سگھي. شاعر جنهن ڪرب مان گذري سوچي ۽ لکي ٿو ۽ وري لفظن کي تاڃي پيٽي وانگر اُڻي وزن بحر ۽ رڌم ۾ پورو آڻي جيڪا آفاقي ڳالهه ڪري ٿو، اُها عام ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني بڻجي ٿي. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جو بنيادي موضوع وري به زندگي آهي ۽ جيڪا شاعري الهام ٿي لهي سچ پچ ته اها دنيا جا سمورا رنگ ۽ سمورا احساس ڇيڙي وجھي ٿي. اسان جو پيارو ساٿي مصطفي آڪاش اڃان عمر جي ان حد تائين پهتو آهي، جنهن کي جوانيءَ ۾ سموري دنيا رنگين لڳندي آهي ۽ وري ان عمر ۾ عشق جھڙو واءُ لڳي ته دنيا اڃان به ست رنگي ڀاسندي آهي. ان ست رنگي دنيا جومسافر مصطفي آڪاش به ڏک سک، روئڻ پرچڻ، لڙڪ مرڪ ۽ محبوب جي ماڻن جھڙا تجربا رکي ٿو، جيڪي سندس شاعريءَ ۾ پسي سگھجن ٿا.
    شاعر بنيادي طور عاشق مزاج، حسن پرست ۽ پيار ڪندڙ هوندو آهي، انڪري کيس زندگيءَ ۾ جيڪي به ڏک، درد ۽ رسوايون ملن ٿيون، اهو ئي سندس شاعريءَ جو وچور هوندو آهي. مصطفي آڪاش جي سموري شاعري پڙهي اهو محسوس ڪري سگھجي ٿو ته هو به انهن وارتائن مان گذري آيو آهي. سندس شعري مجموعو ”جلاوطن ننڊون“ انهن احساسن تي ٻڌل مجموعو آهي جيڪي هر ماڻهوءَ جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو،ڇو ته مصطفي آڪاش رڳو پنهنجي ئي تجربن کي شاعريءَ ۾ قيد ناهي ڪيو پر هن جي ارگرد جي زندگيءَ به سندس شاعريءَ جو محرڪ بڻي آهي. اهوئي سبب آهي جو مصطفي آڪاش هڪ سٺو ۽ متحرڪ شاعر ٿي اُڀري پنهنجي ٽهيءَ جي گھڻن شاعرن کي پوئتي ڇڏي اڳتي نڪري آيو آهي ۽ پنهنجي ڊڪشن سان الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي.


    - غلام مصطفيٰ سولنگي
    حيدرآباد
    23-09-2013



    ----------------------


    مصطفيٰ آڪاش نئين ٽهيءَ جو نڪور آواز آهي،جنهن مختصر وقت ۾ پنهنجي تخليقي اظهار ذريعي گهڻن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي،نه رڳو ڌيان ڇڪرايو آهي پر ڪافي مڃتا جون مالهائون به ماڻيون اٿس.آڪاش جي شاعريءَ جا رنگ انڊلٺي احساس جي حاصلات جي پنڌ ۾ پختا ٿي رهيا آهن،جن کي هو پنهنجي سوچ جي سندرتا ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ سڦل دڳ جو راهي بڻيل آهي.
    آڪاش جي شاعري داخليت جي پهرين منزل کان خارجيت جي سفر تي سهڙڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن وٽ جتي ذاتي درد جا عڪس بي چين دلين تي آٿٿ جي بارش ٿي لهن ٿا، اتي هن وٽ سماجڪ موضوئن جا به چڀندڙ احساس سچيت هئڻ جي عڪاسي ڪن ٿا.ان سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي اجتماعي سجاڳيءَ لئه باشعور ذهن جي جاڳرتائي عمل جو ردعمل هن جي تخليق کي سگهه ڏئي رهيو آهي.
    آڪاش ۾ جتي تخليقي گڻ آهن اتي هو انساني گڻن جا وکر وهائيندو رهي ٿو،۽ ڪوي اميد آهي ته هن جي ڏات جو احساساتي وکربه پئي پراڻو نه ٿيندو،۽ هن جي ذات ۽ ڏات جي روشني اوندهه ۾ ڏيئي جي لاٽ مان للاٽ بڻجي سوجهري جو ڦهلاءُ وسيع ڪندي،۽ هي آڪاش مڃتا جون ڦول مالهائون پائيندو رهندو،پر هڪڙو ننڍڙو عرض ته؛” هئڻ جو حال ماضي نه ڪري.“


    - گل بهار باغائي



    ----------------------

    ”جلاوطن ننڊون“ رڳو ڪو مصطفيٰ آڪاش جي شعري مجموعي جو نالو ناهي، پر هن ۾ ته ان ڳڀرو شاعر جي سموري شخصيت ساهه کڻندي نظر اچي ٿي. هن جي سموري شاعري ڄڻ ته اداسيءَ جو گيت آهي جيڪو ٻڌندي ٻڌندي اکين جا ڇپر ٽمي پون ٿا. وڏين اکين واري هن سهڻي شاعرزندگيءَ جي سمنڊ ڪناري، ڪڏهن ساڀيان ۾ ته ڪڏهن حقيقت ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي هن سان گڏ پسار پئي ڪئي آهي ته ڪڏهن بهار جي مند ۾ به خزان جي ڇڻيل پتن تي هن جي پيرن جي آهٽ کي محسوس ڪيو اٿائين ۽ ڪنن ۾ هن جو آواز گونجندي محسوس ڪيو اٿائين. ها وڇوڙا عذاب ٿي اسان جي مٿان لهندا آهن ۽ جدائين مان ڦٽي نڪتل درد کي ڪي ماڻهو اظهار به ڪري سگهندا آهن، جن مان مصطفيٰ آڪاش به هڪ آهي. مصطفيٰ آڪاش سان منهنجي ڪا دوستي ناهي نه وري ساڻس ڪي ايتريون ملاقاتون آهن، بس فيس بوڪ تي هڪ ٻئي سان روح ريجهائيندا رهيا آهيون، نه مونکي سندس پسند ۽ نا پسند جي خبر آهي نه وري مان کي اها خبر آهي ته هو ڪهڙا سياسي ويچار رکندو آهي، ها باقي مان سندس شاعري پڙهي هميشه اداس ٿي ويندو آهيان، هن جو تخيل فطرت جي رنگن سان ٻهڪندي نظر ايندو آهي، هن جي ٻولي ماکيءَ جي لار جهڙي ۽ سوچون اٿاهه سمنڊ جيان نظر پئي آيون آهن. هن جي ٻولي ايڏي ته مٺي ۽ ماٺيڻي آهي جو سندس نثري نظمن تي به ڪڏهن ڪڏهن غزل جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي، هو جيڪو پنهنجي غزلن ۾ انتهائي حسين آهي اوتروئي پنهنجي نثري نظمن ۾ به چوڏهين جي چنڊ جهڙو چٽو ۽ ڪاڪ تي ڪاهي ايندڙ راڻي جهڙو ارڏو نظر اچي ٿو. هڪ نثري نظم ۾ هو پنهنجي محبوبه سان مخاطب ٿيندي پنهنجي ڀرپور رومانوي حس سان نظر اچي ٿو:” رابيل جي پنکڙين جهڙن چپڙن تي زور ڏيندي ! بار بار اهو چوندي رهينءَ“ سموري سٽ ۾ لفظن جي جڙاوت، مشاهدو، بيساختگي ۽ جماليات اها دعويٰ ڪندي نظر اچن ٿيون ته هي شاعر سنڌ جي فطرت مان جنم وٺي نڪتو آهي، ۽ سندس حال روشن آهي ۽ مسقبل تابناڪ آهي...

    - غوث پيرزادو




    ----------------------

    دل جو در کڙڪائيندڙ شاعر


    زندگي گذارڻ لاءِ ڇا گهرجي...؟
    اڌ ويهاڻو ...!
    ٻه محبوب اکيون .....!
    ۽ پنهنجي حصي جو پيار!
    حَسن جي ٻڌايل ان فلسفي سان، مون شروع ۾ ڏاڍو اختلاف رکيو هو، پر نيٺ ان سچ کي قبولڻو ئي پيو ، ڇو ته اهو اڌ ويهاڻو، ٻه محبوب اکيون ۽ حصي جو پيار ئي ته آهي، جنهن جي بدلي زندگي اسان کي ڇا ڇا نه ٿي آڇي؟ هيڏي ساري ڪائنات جي ڪينواس تي پکڙيل اڻ کُٽ رنگ، احساس بنا تصور، دک درد ۽ گهڻو ڪجهه ...
    مان نه ٿي ڄاڻان ته مصطفي ”آڪاش“ جي هي شاعري ان فلسفي تي ڪيترو يقين رکي ٿي، پر جڏهن سندس سهڻا احساس ۽ انوکا نظم پڙهيم ته لڳو، ته هن نوجوان جا خواب به ته ان ئي فلسفي جي پوئيواري ڪن پيا. اسان جا خواب ۽ احساس انهن ۾ ئي ته اٽڪيل آهن.
    ڪنڌڪوٽ سان تعلق رکندڙ هن سهڻي شاعر پنهنجي مَن ۾ هڪ ٻه نه ، پر لڳي ايئن ٿو ڄڻ ڪيئي موسمَ سنڀالي رکيا هجن جن جي جهلڪ هن جي روپلي شاعري پڙهندي نه رڳو محسوس ٿئي ٿي پر ڄڻ روح ۾ به لهيو اچي. عمر جون 24 بهارون ڏسندڙاسان جي هن سهڻي شاعر مصطفيٰ ”آڪاش“ بقول تي ادبي دنيا ۾ آئي اڃا ٿورو عرصو ٿيو آهي، پر جڏهن شاعري پڙهڻ جو وجهه مليو ته پاڻ کان سوال ڪيم ته ڇا پاڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائڻ يا ڪاميابي جا جهنڊا کوڙڻ لاءِ عمر ۽ سالن جي محتاجي ضروري آهي؟
    هرگز هرگز نه... ڇو ته ڪا به ڏات هڪ الهامي تحفي مثل آهي، ڪا به عمر ان جي محتاج نه آهي ۽ ڳالهه جڏهن ادب جي حوالي سان ڪيون ته به اهو ضروري نه آهي ته پختيون يا چڱيون تخليقون رڳو سينيئرز ئي لکي سگهن ٿا، لکڻيون يا شاعري ته نون لکندڙن جي به ڇرڪايو ڇڏي.
    ”جلاوطن ننڊون“ مصطفيٰ آڪاش جي شاعري جو پهريون مجموعو پڙهي پڪ ٿي ٿئي ته هي ڪتاب هر اُن پڙهندڙن جي دل جو در کڙڪائڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو جنهن ۾ پيار ۽ احساس جي سمجهڻي سگهه آهي.
    مصطفيٰ آڪاش جي هن مجموعي ۾ شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي جنهن ۾ غزل، نثري نظم، نظم، وايون، چوسٽا، بيت هُن جي جُدا جُدا دلي ڪيفيتين ۽ موڊز جي ترجماني ڪن ٿا. اها حقيقت آهي ته هر انسان جي اندر جي دنيا ۽ احساسات هڪ ٻئي کان الڳ انداز ۾ هجن ٿا، پوءِ اُهي احساس ڏک جا هجن يا خوشي، خوف، ڪروڌ، ڪاوڙ يا حيرتن جا اهو شاعر تي دارومدار رکي ٿو . لفظن جي آڻت ۽ دل جي سچائي تي ته هو پنهنجي پڙهندڙ کي ڪيئن ۽ ڪيتريقدر Communicate ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
    جڏهن مصطفيٰ آڪاش جي شاعري پڙهي پوري ڪيم ته دل ساک ڏني ته هي نوجوان شاعر پڻ سنڌي شاعري جي آسمان تي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان هڪ نئين ستاري جيان جهرمر لاهي ڏيندو . مون کي شاعري ۾ غزل کان وڌيڪ نثر ۽ نظم وڻندا آهن پر عجيب اتفاق چئبو ته مصطفيٰ آڪاش جي غزل وارو ڀاڱو پڻ بهترين آهي . جن ۾ هن نه رڳو نفيس جذبن ۽ احساسن کي ئي نه پر ماحول ۽ حالتن کي پڻ نظر ۾ رکندي انهن تي سچائي سان قلم کنيو آهي. مثال طور سندس هڪ غزل مان ؛
    ڌرتي کي ڳڙڪايو تو
    هر گل کي مُرجهايو تو

    پنهنجن جو تون قاتل آن
    ڌارين ساڻ نڀايو تو

    ان انداز جا ٻيا به غزل جنهن ۾ ڌرتي سان پيار، ڪوڙهيل سماج ۾ ٿيندڙ اُٿل پٿل، ڀڇ ڊاهه، ظلم ۽ ناانصافين تي تي نظر رکي لکيا ويا آهن.
    منهنجي ڪجهه ڏينهن پهريان اک سهڻين سٽن تي پئي جنهن ۾ سچائي واضح ظاهر هئي،
    “Painting is poetry that is seen rather than felt, & poetry is painting that is felt rather than seen”
    ڪيڏي نه سچائي آهي انهن سٽن ۾ جيڪر ڪو شاعر پنهنجي احساسن جي پينٽنگ، پنهنجي پڙهندڙن کي محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته باقي ان کي ٻيو ڇا گهرجي .!
    مصطفيٰ آڪاش جي شاعري اهڙن ڳڻن کان وانجهيل نه آهي، سندس شاعري ۾ ماڪ ڦڙن جهڙي خوبصورتي ۽ تازگي آهي. اها تازگي جنهن کي محسوس ڪرڻ سان هڪ نئين صبح ٿيڻ جو احساس جاڳندو آهي.


    ارم محبوب

    22 آگسٽ 2013
    حيدرآباد


    غزل

    ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،

    ڪنهن قبر تي اڄ به تنها، شام جو،
    ٿا رڙن نيڻن جا سپنا، شام جو.

    مرڪ جي روشن گهٽين ۾ ساڻ ها،
    گم ٿيا غم ايندي رشتا، شام جو.
    تنهنجي گهرَ جي ٻاهران بيٺا رهيا،
    ديدَ جا ڌُنڌلا ٻه رستا، شام جو.
    تن گُلن جا لاش ٿو کـڻـندو وتان،
    تو جي چـوٽيءَ مان ڪڍيا ها، شام جو.
    مان انهن جي ئي سهاري ٿو جِيئان،
    جي وچن تو پاڻ ورتا، شام جو.
    وقت تي ’آڪاش‘ ڪا ناهي ميار،
    شام کي ئي خواب پرتا، شام جو.


    چيٽ هو، چنڊ هو، چلولايون هيون،

    چيٽ هو، چنڊ هو، چلولايون هيون،
    مُرڪ هئي، ٽهڪ ها، ڪتڪتايون هيون.

    جي مشعالن جيان پئي ٻريون ميڙ ۾،
    منهنجي محبوب جون هٿ ڪرايون هيون.

    ڳوٺ ۾ گهر ڪچا ها ڌُڌڙ هئي مگر،
    امن هو، خير هو، سڀ سڻايون هيون.

    ڪنهن جي اتهاس جون ڪنهن جي احساس جون،
    مَن ۾ يادون هزارين سجايون هيون.

    ڪلهه سمندر ڪناري نُما شام جو،
    چيلهه ۾ پاڻ ٻانهون ورايون هُيون.

    من چڪوري جيان عرش تي هو اُڏيو،
    تو جي ڪوئل ٿي ٻوليون ٻرايون هيون.

    رات ’آڪاش‘ آهي رُنو ڏات سان،
    ڇو ته مَن ۾ ڪي کٽڪيون جدايون هيون.


    رات ڀــٽـــــّـن تي ملياسين، مان، ڀـٽـائي.

    رات ڀــٽـــــّـن تي ملياسين، مان، ڀـٽـائي.
    بيت ڪي تولئه چياسين، مان، ڀـٽـائي.

    مونهه مُــونــن ۾ هـڻي پل لاءِ ئي،
    ڪائناتون ڪي رُلياسين، مان، ڀٽائي.

    تن سڄو تنبور جيئن وڄندو رهيو،
    وجد ٿي ور ور وڳاسين، مان، ڀٽائي.

    ات رڳو ويراڳ جون وايون ٻُريون،
    جت اسر ڌاري هياسين، مان، ڀٽائي.

    سونهن ، فطرت جي ازل جي آڳ کي،
    رات ڀر ڳائي ٿڪاسين ، مان، ڀٽائي.

    باک جي تاري ڏٺو حيرت منجھان،
    مڌ بنا ساجن ڏٺاسين، مان، ڀٽائي.


    مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،

    مسافتن سان جو هم سخن ٿيون،
    ننڊون اکين مان جلاوطن ٿيون.

    گلاب سان گڏ ڏنائون جيڪي،
    ڪنڊن جون نوڪون اڃا چُڀن ٿيون.

    وري وڇوڙن کنيا مٿي ڪر،
    ته خواهشون سڀ وري دفن ٿيون.

    جوان دل جون حسين آسون،
    اوهان جي دم سان جوان رهن ٿيون.

    شهر جون شامون ۽ سمنڊ، ساحل،
    گهٽيون به تنهنجو سکي! پُڇن ٿيون.

    ادب جي دنيا ڪٺور ٿي پئي.
    حساس سوچون سندم ڪفن ٿيون.

    سُڪون سارا ڦٽي وڃن ٿا.
    اوهان جون يادون جڏهن اچن ٿيون.


    ڇير ڇولين جي ٿو ٺاهي سمنڊ تي،

    ڇير ڇولين جي ٿو ٺاهي سمنڊ تي،
    ٿڪ ٿو رولاڪ لاهي سمنڊ تي.

    روز واريءَ تي اڏي ٿو گهر نوان،
    ڇا الائي، ڇا ٿو چاهي سمنڊ تي.

    خوبصورت ٻيا گهڻا منظرَ مگر،
    مورڻيءَ جو رقص ناهي سمنڊ تي.

    ڏور جا ڌنڌلاڻ آهي آب جي،
    من غفائن ڏي ٿو ڪاهي سمنڊ تي.

    زندگيءَ جو آخري پورو حصو،
    هو گذاريو ڪنهن ته ڏاهي سمنڊ تي.

    مان رڳو ’آڪاش‘ ناهيان هڪ فقط،
    چنڊ ڀي بيچين آهي سمنڊ تي.


    ان کان اڳ پاڻ پنهنجي جو ورسي ٿيون،

    ان کان اڳ پاڻ پنهنجي جو ورسي ٿيون،
    آءُ ڌرتي ٿيون آءُ ڌرتي ٿيون.

    پنهنجي ذاتي انائن کي پُٺتي ڌڪي،
    ديس واسين جي من جي ڪا مرضي ٿيون.

    صبح تاريخ ۾ پاڻ مُردن جيان،
    اِينءَ نه ٿي جو مقامن ۾ ڀرتي ٿيون.

    هر امان ڀيڻ جا ڀرجهلا ٿي رهون،
    هر ننڍي ٻار لئه پاڻ جيجي ٿيون.

    آجپي جا کڻي خواب گهر گهر پڄون،
    مات جي ڀئو مٿان هاڻ سرسي ٿيون.

    جيڪا ’آڪاش‘ ويريءَ ۾ کُپجي وڃي،
    تيز اهڙي تکي يار بڙڇي ٿيون.


    سار جا سي چڙا جيئن وڄڻ ٿا لڳن،

    سار جا سي چڙا جيئن وڄڻ ٿا لڳن،
    نيڻ نهٺا گهڻا پر رُئڻ ٿا لڳن.

    ٻور جئن جئن نمون ٿيون جهلينديون وڃن،
    پور پنهنجي پرينءَ جا پچڻ ٿا لڳن.

    ساهه ٿورو ڪٿي شل نه گهُٽجي ڪڏهن،
    ماڻهو ڪو راش سمجهي لٽڻ ٿا لڳن.

    سادگيءَ سان رهون ٿا جي سنگت اڳيان،
    شينهن وانگر مٿان سي گجڻ ٿا لڳن.

    ايڏيون وسڪار جي مند يادون نه ڏي،
    نيڻ ٽم ٽم ڪري هي وسڻ ٿا لڳن.

    ڪيئن ’آڪاش‘ ان تائين پهچي ڀلا،
    عشق جا ڀي اتي پر سڙڻ ٿا لڳن.


    روشني وکريل سهاني چنڊ جي،

    روشني وکريل سهاني چنڊ جي،
    مون ڏٺي آهي جواني چنڊ جي.

    ڏند موتيءَ کير جي ڌارا اکيون،
    پڪ سان آهي نشاني چنڊ جي.

    روح کي روشن رکي ٿو رات ڀر،
    هي به آهي مهرباني چنڊ جي.

    تون به جيڪر ها پَسين او بانورا!
    مون چُمي آهي پيشاني چنڊ جي.

    ٻئي نه ڪنهن منظر اکين کي موهيو،
    دل رڳو پڳلي آ جاني چنڊ جي.

    پيار مان هن ڪوٺ جو مون کي ڏني،
    مون قبولي ميزباني چنڊ جي.

    رات ڀر ’آڪاش‘ ڇِت تان تو ڏٺي،
    خوبصورت سا رواني چنڊ جي.


    نانءُ تُنهنجي جي تلاوت ٿي وئي،

    نانءُ تُنهنجي جي تلاوت ٿي وئي،
    روح منهنجي جي رياضت ٿي وئي.

    لاش پويان لاش ملندا ٿا رهن،
    اڄ ته مقتل گاهه رياست ٿي وئي.

    ماءُ جيجل جا چميا ٿم پير اڄ،
    مٿڀري منهنجي عبادت ٿي وئي.

    گند جي ڀي ڍير کان زياده گندي،
    هاءِ! اڄ ڪلهه جي سياست ٿي وئي.

    سچّ لٽڪايو ويو چونڪ تي،
    ڪوڙ جي هرجا حمايت ٿي وئي.

    درس وٺندا ٿا رهن قتلام جو،
    ڪيڏي سستي آ هدايت ٿي وئي!

    سي سڄو جيون ملامت ۾ رهيا،
    محب جي جن کان شڪايت ٿي وئي.

    روپ ڌاري عيد جو ويٺا اچي،
    مهرباني آ نهايت ٿي وئي.

    جيئن سندر مون ڏٺو چهرو هيو،
    تيئن حاصل ڪا ولايت ٿي وئي.

    رات پوئين پهر ها پويان پساه،
    ”هُو هلي آيو، عنايت ٿي وئي“.

    نانگ کي چٿجي جئين آڪاش تئين،
    من مروڙڻ جي روايت ٿي وئي!


    روح ڀوڳيا عذاب چاهت جا،

    روح ڀوڳيا عذاب چاهت جا،
    پوءِ به پوکيم گلاب چاهت جا.

    جوش جوڀن سڄو ئي ڳيهي ويا،
    سونهن ساگر سراب چاهت جا.

    نيڻ نيڻن ۾ نينهن ٿي اٽڪيا،
    خواب خوابن ۾ خواب چاهت جا.

    آهي ممڪن متان پو پيار ملَئِي،
    بند ڪر سڀ ڪتاب چاهت جا.

    ايڏا آخر اَجر ڪبا ڪاڏي؟
    کوڙ آهن ثواب، چاهت جا.

    جيئن ’آڪاش‘ پيو مُنجهي جڳ ۾،
    عشق آندا جواب چاهت جا.


    سورن ساڻي! عيد مبارڪ!

    سورن ساڻي! عيد مبارڪ!
    کُورن کاڻِي، عيد مبارڪ!

    سور سُتا ها مس، جاڳي پئي-
    پيڙ پراڻي، عيد مبارڪ!

    ڳِــلي مِلي جي گــَلـو ڪپي ويا،
    تن به اماڻي، عيد مبارڪ!

    سنڌ ٻُڏي، ناهي حاڪم جي-
    اک ۾ پاڻي، عيد مبارڪ!

    يا ته ستل ها، يا ته مئل ها،
    جنهن نه وراڻي، عيد مبارڪ!

    ڪچن سچن ڏانهن اماڻي،
    ڪوڙ ٻچاڻي، عيد مبارڪ!

    سُندر، سُهڻِي او ’آڪاش‘ جي-
    روح جي راڻي، عيد مبارڪ!


    گهر، گهٽيون ۽ تَن پُسيا برسات ۾،

    گهر، گهٽيون ۽ تَن پُسيا برسات ۾،
    ٿر جا تاسا مَن پُسيا برسات ۾.

    هڪ اڪيلو وڻ صدين کان هو سُڪل،
    اُن جا سارا پَن پُسيا برسات ۾.

    نيڻ ريگستان جيئن جي ها تَتل،
    وارياسا بَن پُسيا برسات ۾.

    روڊ تي ڪيئي بدن نچندا رهيا،
    ڇن ڇنا ڇن ڇَن پُسيا برسات ۾.

    تو بنا بارش رُئاري آ وڌو،
    دل سندا دامن پُسيا برسات ۾.

    اُڃ اُجهي ’آڪاش‘ اکڙين جي تڏهن،
    شام جو ساجن پُسيا برسات ۾.


    جدا ٿيڻ تنهنجو عذاب هو جانان!

    جدا ٿيڻ تنهنجو عذاب هو جانان!
    ستم اهوئي بي حساب هو جانان!

    ڪئين وساريان مان اهي وصل جا پل،
    سنڀار تنهنجي ئي ثواب هو جانان!

    رکيو اسان هو پيار جو ڀرم ورنه،
    نڍال مــنـــڙو بي حجاب هو جانان!

    ستم ظرف دنيا ستم ڪرڻ ڄاڻي،
    جُدا مگر دل جو نصاب هو جانان!

    فڪر ذڪر تنهنجو ڪيم جتي هر دم،
    غزل ۾ سو ئي آب تاب هو جانان!

    ٻڏل رهيو ’آڪاش‘ تنهنجي نيڻن ۾،
    ڪڏهن نه ٻيو چکيو شراب هو جانان!


    ڏِيئن وانگر جلائين يا اُجهائين تون ته مرضي ٿئه،

    ڏِيئن وانگر جلائين يا اُجهائين تون ته مرضي ٿئه،
    رکي گلدان ۾ جيڪر سجائين تون ته مرضي ٿئه.

    اسيريءَ کي قبوليوسين، هجن زنجير زلفن جا،
    اڃا اکڙين جي گهونگهٽ ۾ لِڪائين تون ته مرضي ٿئه.

    ٽڙيو هو گل جيان جيڪو، انهيءَ تي شام آئي آ،
    اسان جو من آ مرجهايل، لڀائين تون ته مرضي ٿئه.

    اسان توکي ڏسون ٿا پيا، خيالن جي خدائيءَ ۾،
    ڀلي هِن چنڊَ چهري کي، لڪائين تون ته مرضي ٿئه.

    اوهان جو نانءُ پوکيل آ، اسان جي دل جي ڌرتيءَ تي،
    انهيءَ کي هِجر جي هَـرَ سان، مٽائين تون ته مرضي ٿئه.

    صدين کان ساٿ سرهي لئه، رُليو ’آڪاش‘ تنهنجي لئه،
    اڃا ڀي جي سندس دل کي رُلائين تون ته مرضي ٿئه.


    سندءِ رَاهون نهاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هِن،

    سندءِ رَاهون نهاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هِن،
    رڳو توکي پڪاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هِن.

    وَيس بي حال ٿي مِٺڙا! بنا تنهنجي سَهاري جي،
    اڪيلو وقت ٽاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هن.

    ڇڏيو آ ساٿ ٽانڊاڻن هِنن تاريڪ رَاهُن ۾،
    اُماوس رات گهاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هن.

    سندءِ وڇڙڻ جو غم مون لئه نه هوگهٽ مَوت ماريءَ کان،
    ڏٽن تي دِل ڌتاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هن.

    بنا احساس دِلڙيءَ ۾ ويون بي نُور ٿي اکڙيون،
    ڏکن کي لڙڪ پـياريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هن.

    اکين تي هَٿ رکي پنهنجي چَيئه، آڪاش ايندس مان.
    ڏِين جان آس ٻاريندي، ويا ٿي ڏينهن ڏاڍا هن!


    هوا رخ مٽايا، پرين ياد آيا،

    هوا رخ مٽايا، پرين ياد آيا،
    اکين نير آيا، پرين ياد آيا.

    جڏهن ڀي ٽڙيا گل اُڃايل زمين تي،
    اسان گيت ڳايا، پرين ياد آيا.

    گھڙيون وصل جون ڪينَ وسري سگهيون هن،
    سڀئي پل سجايا، پرين ياد آيا.

    اماوس گهڙي قهر وانگي ڪِري پئي،
    ته ڏيئا جلايا، پرين ياد آيا.

    رڳو وهم ۽ وسوسا ئي ڦُــٽن ٿا،
    اجايا سجايا، پرين ياد آيا.

    وسيا هيل ڀي مِينهن پر مهر وارا-
    نه ڪڪرن وسايا، پرين ياد آيا.


    هلي پيو پيارُ ڀي پنهنجو، سکي! سنسار وانگي هو،

    هلي پيو پيارُ ڀي پنهنجو، سکي! سنسار وانگي هو،
    ڪَڙي سان جنهن ڪڙو لپٽيو، اهو لوهار وانگي هو.

    چَڙا چورِي رهيو هو ڪو، گَهڙو مون ڀي کنيو آخر،
    پــرانهون پارُ هو مون لئه، سڄو ميهار وانگي هو.

    اثر لفظن منجهان ايندو، مسيحائي پئي هلندي،
    غزل منهنجو اوهان جي ئي، مٺي گفتار وانگي هو.

    اوهان کان پوءِ جڏهن بوندون نِمي ڌرتي چُمڻ آيون،
    سڄو ماحول مهڪيل ڀي، نه ڪنهن هٻڪار وانگي هو.

    اُڏامي واءُ سان پهتس سڏايو سونهن جاتي ڀي،
    ’’پراڻو ڳوٺ هو ليڪن پرين جي پار وانگي هو.‘‘

    سڀئي توکان گُهرن ٿا ڏات ڪا پالوٽ ڪر پنهنجي،
    جهلي ’آڪاش‘ ڀي جهولي، لڳو پينار وانگي هو.


    نوان دوست مليا ڪينجهر ڪناري،

    نوان دوست مليا ڪينجهر ڪناري،
    سوين سور سليا ڪينجهر ڪناري.

    اسان جا ها ڳوڙها لهرن ۾ شامل،
    ڪنول ها جي کليا ڪينجهر ڪناري.

    هُيو دل جو آخر ڀي ڏوهه ڪهڙو!
    سچا خواب جليا ڪينجهر ڪناري.

    سندءِ ياد آئي ڪيڏو رُنس مان،
    جڏهن ڪي ٻه مليا ڪينجهر ڪناري.

    نه ڄاڻان ڪڏهن تون ’آڪاش‘ ايندين،
    غزل گيت هُليا ڪينجهر ڪناري.


    اوهان کي ڏسون ٿا ته ڪجهه جِي وڃون ٿا،

    اوهان کي ڏسون ٿا ته ڪجهه جِي وڃون ٿا،
    غمن جي ڪناري تي خوش ٿي وڃون ٿا.

    اوهان جي اکين جو اهو ڪرشمو آ،
    مُڙي ٿا نهاريو ته مهڪي وڃون ٿا.

    ڀنا نيڻ اگھندي ۽ سڏڪن کي روڪي،
    اوهان جي گهٽيءَ مان ته گذري وڃون ٿا.

    مــقدّر جي تاري جيان گردشن ۾،
    اوهان کان به ڪنهن پل ته وسري وڃون ٿا.

    هي غمگين دليون وڃن ٿيون ملي ايئن،
    جو راهن ۾ اڪثر ئي گڏجي وڃون ٿا.

    اي ’آڪاش‘! خاموش خاموش آهيون،
    سوين غم گڏائي مَڙئي پِي وڃون ٿا.


    صنم! کوڙ تنهنجون ادائون مليون هن،

    صنم! کوڙ تنهنجون ادائون مليون هن،
    وفائون مليون ڪجهه جفائون مليون هن.

    محبت ۾ جيڪي مليا درد توکان،
    اکين تي رکيون جي سزائون مليون هن.

    هٿين خالي تنهنجي اڱڻ تان ورياسين،
    رڳو لڙڪ سڏڪا عطائون مليون هن.

    خدا کي وساري ڇڏيو عشق ۾ آ،
    سڄڻ مئه پِـيئـڻ سان ئي لائون مليون هن.

    ٿي قربان پنهنجون بهارون ويون سڀ،
    هي ’آڪاش‘ نِـٽـهـڻ خـزائون مليون هن.


    رات ڀر لڇندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو،

    رات ڀر لڇندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو،
    هر گهڙي پڇندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو.

    ڪيئن اُوجهل ٿي ويو، نيڻ، دل روئندا ڇڏي،
    هر ڪڪر ڏسندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو.

    ماٺ، اوندهه، بي وسي، سوچ جو صحرا ڊگهو،
    ديپ جان جلندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو.

    بي رحم آهي هوا، قياس ناهي ڪو ڪيو،
    گوڙ ٿي گجندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو.

    من چڪورو من اندر، انتها ئي هو اداس،
    روڳ ۾ رُلندو رهيو، چنڊ بن آڪاش هو.


    زندگيءَ کي نه سمجهو تو!

    زندگيءَ کي نه سمجهو تو!
    بندگيءَ کي نه سمجهو تو!

    من صدين کان هيو صحرا،
    تشنگيءَ کي نه سمجهو تو!

    نينهن جو ڇا نشو هوندو؟
    ميڪشيءَ کي نه سمجهو تو!

    ڇو کليس مان روئڻ کان پوءِ؟
    ان خوشيءَ کي نه سمجهو تو!

    رات ’آڪاش‘ جي ڪهڙي،
    چاندنيءَ کي نه سمجهو تو!


    بس، اڄوڪي شام منهنجي نانءُ ڪر،

    بس، اڄوڪي شام منهنجي نانءُ ڪر،
    ۽ اکين جا جام منهنجي نانءُ ڪر.

    پيار ۾ جيڪو ملي، سو آ اُجر،
    تون ڀلي الزام منهنجي نانءُ ڪر.

    تيز طوفانن پٽيا پاڙون هي وڻ،
    ڪا ته سائي لام منهنجي نانءُ ڪر.

    اڄ اُڏامڻ ڏي ولر پڻڇين سندا،
    اڄ سمورا دام منهنجي نانءُ ڪر.

    مسڪرائڻ آ قهر تنهنجو مٺا!
    پر مِهر جي مام منهنجي نانءُ ڪر.

    تو سوا ’آڪاش‘ ڪيئن مان هِت رهان؟
    هي ڪڏهن پيغام منهنجي نانءُ ڪر.


    اوهان چهرو ڍڪيو آهي،

    اوهان چهرو ڍڪيو آهي،
    اسان سَنکيـو ڦِـڪيو آهي!

    اسان ڏوهي نه هاسين پوءِ،
    زمانو ڇو بڪيو آهي!

    اسان کي دوستن هر هر،
    ڦريو آهي، ڌڪيو آهي!

    هُيو جنهن هٿّ ۾ خنجر،
    اهو هٿ ئي ڏڪيو آهي.

    تڪيندا چنڊ هِن ماڻهو،
    اسان توڏي تڪيو آهي.

    هلي ’آڪاش‘ کان پڇجي،
    زمانو ڪيئن ٿڪيو آهي!


    وڇوڙي جا ڏئي صدما، هليو هُن پار وئين آخر!

    وڇوڙي جا ڏئي صدما، هليو هُن پار وئين آخر!
    ڪيو مون ڏوهه ڪهڙو هو، ڪري ڇو ڌار وئين آخر!

    نئين تصوير ڀي تنهنجي مڙهائي من ۾ سانڍي مون،
    مگر ناتو ڇني ڇالئه، هيئين جا هار وئين آخر!

    سوا تنهنجي نٿيون گذرن، اُداسيءَ جون وڏيون راتيون،
    ائين اکڙين منجهان ڪهڙا وهائي نار وئين آخر!

    سجايو خواب هو هڪڙو، مگر تعبير ئي اُلٽي،
    سڀئي اقرار لوڙهي وئين، رکي انڪار وئين آخر!

    اسان کي هيل اوجاڳا پلئه پيا هن، نڀايون ٿا،
    ڀري اکيون اسان جون هي، ڪري ٽمٽار وئين آخر!

    پويتر پيار هو پنهنجو، سڀئي احساس ها ڪومل،
    انهيءَ شيشي جي رشتي ۾، وجهي ڪي ڏار وئين آخر!

    وري ’آڪاش‘ کي ڏيئي وئين تحفو اڪيلائي،
    رڳو دردن جو ئي نوحو، ٻڌائي يار وئين آخر!


    پنڌ پرين ڏي ڪرڻا پوندا،

    پنڌ پرين ڏي ڪرڻا پوندا،
    نيڻ سفر ۾ رکڻا پوندا.

    عشق ۾ راحت ڪهڙي طلبيون،
    درد هميشه سهڻا پوندا.

    دُوري دل کي جهوريو آهي،
    سُور نه ٻئي سان سلڻا پوندا.

    جنهن وٽ قياس نه آهي ڪوئي،
    عرض انهيءَ کي ڪرڻا پوندا.

    چاهت ڏوهه ته ناهي پوءِ ڀي،
    ڏنڊ برابر ڀرڻا پوندا.

    پل ’آڪاش‘ پٿر جهڙا هِي،
    ڇنڊي ڇڙي پوءِ ڏرڻا پوندا.


    ڪچا رستا، ڪچو واهڻ ۽ ڀر ۾ واهه هو وهندڙ،

    ڪچا رستا، ڪچو واهڻ ۽ ڀر ۾ واهه هو وهندڙ،
    ڪڏهن هي ڳوٺ پنهنجو، دلربا سهڻو به لڳندو هو.

    پلن ۾ زندگي جي ڪشمڪش، دنوي ضرورت ڀي،
    ڪو پيارو ساهه جهڙو ۽ ڪڏهن ڪوڙو به لڳندو هو!

    ڀريل هُون چنڊ جي چانڊاڻ سان جنهن جون ڪڏهن راتيون،
    ڪڏهن روشن ڪڏهن زلفن گهٽا جهڙو به لڳندو هو.

    فصل ۾ آب هوندو هو، سنڌو سيراب هوندو هو،
    اڌورو پيٽ بنجر هو، ڪڏهن پورو به لڳندو هو.

    صبح جو چؤطرف ڇم ڇم سندو آواز جاڳيو ٿي،
    ڪڏهن ڪاٿي، ڪڏهن ڀر ۾ صفا پنهنجو به لڳندو هو.

    اڪيلائيءَ ۾ يادن سان، ٻنيءَ جي وچ اندر ويهڻ،
    ٻڌم ڪي ٽهڪڙا خوشبو، سڄڻ سُرهو به لڳندو هو.

    ڀريل هو سوز سڪ سان ڳوٺ منهنجي ’مصطفيٰ‘ جو ڀي،
    چُنيءَ ۾ چنڊُ ڪو ويڙهيل ڪڏهن چهرو به لڳندو هو.


    هي حياتي، نانءُ تنهنجي لُٽائجي ڇا!

    هي حياتي، نانءُ تنهنجي لُٽائجي ڇا!
    لوڪ کي کولي قصو هي ٻڌائجي ڇا!

    پيار تنهنجو هو پويتر اُٿاهه دل ۾،
    هر گهڙي ظاهر رهيو ٿي، لڪائجي ڇا!

    غير ڏي تنهنجون کڄيون ٿي وِکون وري جو،
    انگ سارو اڳ جليو پَي، جلائجي ڇا!

    پيار جو ناحق قتل ٿيو اکين جي آڏو،
    جسم مرده ٿي ويو هو، ڪُسائجي ڇا!

    پيار تي ’آڪاش‘ خنجر هينئي هٿن سان،
    وار تنهن کان ڪنڌ پنهنجو بچائجي ڇا!


    ڌرتي کي ڳڙڪايو تو،

    ڌرتي کي ڳڙڪايو تو،
    هر گل کي مُرجهايو تو!

    پنهنجن جو تون قاتل آن،
    ڌارين ساڻ نڀايو تو!

    تو وير وڌو آهه اسان سان!
    ڪيڏو آهي اُچايو تو!

    ٿي انڌو اڄ لالچ ۾،
    پنهنجو ڪُڙم لڄايو تو!

    ڌرتي آ مُنهنجي غيرت،
    ڀـــڀـــڙ کي ڀڙڪايو تو!

    هي سنڌ سلامت رهندي،
    پر پنهنجو نَڪُ ڪپايو تو!


    تو ڏنا جي گهاءَ، سي ساريان پيو،

    تو ڏنا جي گهاءَ، سي ساريان پيو،
    لڙڪ رڪجن ئي نٿا، هاريان پيو.

    دل لَڳي ٿي ميڻ جي آهي ٺهيل،
    راهه ۾ مان ٻئي اکيون ٻاريان پيو.

    درد جو سيلاب آهي چؤطرف،
    دل ڪري ٻيڙي ڏسو! تاريان پيو.

    حوصلو آهي هٿوڙو دوستو!
    ڏاڍ جا ڏونگر سڀئي ڏاريان پيو.

    خواهشن جي ڇو ڀلا رِڻ ۾ رُلان؟
    ڇو اجايو پاڻ کي ڳاريان پيو!

    جوش سان گڏ هوش گهرجي پاڻ کي،
    ها ڪڏهن ٻاريان ڪڏهن ٺاريان پيو.

    ميڙ ۾ هوندي به مان توکان سوا،
    هيڪلائيءَ جون گهڙيون گهاريان پيو.


    اچي ڪر ڪا سُرن ورکا، ته جيئن هي جيءُ جهومي پئي،

    اچي ڪر ڪا سُرن ورکا، ته جيئن هي جيءُ جهومي پئي،
    ملي اڄ روح کي راحت، سڄو ماحول مُرڪي چئي.

    اوهان جي رُوپ کي ڏسجي، نگاهن کان نه اوجهل ٿئي،
    حياتي بس ائين ڪٽجي، رڳو جيئون اوهان جي لئي.

    وڳا هي ساز بدليون موسمون سنگيت جي سامهون،
    جتي هو عشق آدم جو، اُتي دارون نه هُئي ڪا مئي.

    پڙهيا مون بيت ۽ وايون رڳو تعريف تنهنجيءَ ۾،
    تنوارن ۾ اسان جو من، ڏسو سُر تال ها ۽ لئي.

    چڙا چوريم پرانهين پار پهچڻ لئه ڏسي هرڪو،
    اڃا ڀي لوڪ سهڻيءَ کي ڏسي خوش ٿئي ڀلي پيو ٿئي.

    گلابن مست ٿي ڳايو جڏهن ’آڪاش‘ لهرن ۾،
    اسان کي چين پر آيو نه هو سائين اوهان جي وَئي.


    تڪيان راهه پيارا!

    تڪيان راهه پيارا!
    سڪي ساهه پيارا!

    اندر ۾ ٻري ٿو،
    ڪو آڙاهه پيارا!

    نه پلجي نه جهلجي،
    چريو چاهه پيارا!

    سهي ڪينَ سگهبو،
    نه ڪڍ لاهه پيارا!

    بهارن کي ڀيلي،
    نه ڏي باهه پيارا!

    اکين جو دلين جو،
    ڪيون ٺاهه پيارا!


    قرارَ آهن نه آٿتون آهن پرين!

    قرارَ آهن نه آٿتون آهن پرين!
    نه تون نه ڪي هاڻ راحتون آهن پرين!

    گهڙي گهڙي تو ڪئي نڇاور دلبري،
    اڳي جيان اڄ نه چاهتون آهن پرين!

    سجود ۾ نيڻ ٿا مٺا تولئه رهن،
    عجيب ساڳيون ئي عادتون آهن پرين!

    سڄي خوشي تو مٿان ڪئي قربان آ،
    سي عشق جون سڀ علامتون آهن پرين!

    پُڪار هر پنڌ ۾ مُئي ’آڪاش‘ جي،
    غريب دل جون شهادتون آهن پرين!


    ساهه صدقو تو مٿان آ مون ڪيو،

    ساهه صدقو تو مٿان آ مون ڪيو،
    زندگيءَ جو ڀي اهو مقصد هيو.

    ها ڪڏهن ڪوسي نه ٿي موسم مٺي!
    مون هوائن کي چيو، تولئه چيو.

    هر گهڙي آ فائدو ئي فائدو،
    عشق ۾ ناهي ڪڏهن گهاٽو پيو.

    سمنڊ جو ڪاٿو لڳائي ٿو سگهان،
    پيار تولئه پر مٺي! آ اڻميو.

    اڄ نفعي نقصان جي پئي آ خبر،
    هو ويو آهي ته ڄڻ سڀ ڪجهه ويو.


    ڏِيي جان ٻارجن لمحا،

    ڏِيي جان ٻارجن لمحا،
    ڏکن جا سارجن لمحا.

    ٻڏل دل جا ملي سهڻي!
    وري ڪي تارجن لمحا.

    بچي ڇا ٿو حياتيءَ ۾،
    ڇڏي جي مارجن لمحا.

    وڇوٽين جا سڀئي هاڻي،
    اکين سان هارجن لمحا.

    پڄاڻان او پرين تنهنجي،
    زهر ڪئن گهارجن لمحا.


    اڳواڻ ڄمن اهڙا، ڪا راهه ڏسن شايد!

    اڳواڻ ڄمن اهڙا، ڪا راهه ڏسن شايد!
    هن ديس جي زخمن تي، مرهم ڪو رکن شايد!

    هر پنڌ تي پڄران ٿو، هر گام تي ڪُسجان ٿو،
    آٿت جا مٿن من تي، من مينهن وسن شايد!

    هر رات جو نيڻن ۾، هوءَ خواب اُڻيندي آ،
    سپنا ته سوين آهن، ساڀيان به ٿين شايد!

    ناياب وڃن ٿيندا پيرون به وڻن ۾ اڄ،
    ڪجهه ڏينهن پکي هاڻي شاخن تي لُڏن شايد!

    ڪجهه لفظ تڪي توري تولئه ته لکان ٿو پيو،
    ماڻهن جي اکين ۾ سي، ٿي خار چُڀن شايد!

    تحفي ۾ سکي تولئه رابيل رکيا آهن،
    هر سال سُڪا سارا هي هيل هُڳن شايد!

    هر پيار پتر هُن جو هو پيار کان خالي ڄڻ،
    هر ورق کي اُٿلايم اظهار هُجن شايد!

    هي مُند کڻي آئي مون لئه ته نراسائي،
    آئنده بهارن جا پيغام هُجن شايد!

    اجرڪ جي چُني اوڍي ’آڪاش‘ ملڻ آئي،
    خوش ايڏو ٿيس، ڌرتيءَ تي پير کُپن شايد.


    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،

    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
    تون ئي تون او منهنجا سائين!

    منهنجا سارا پنڌ اوهان ڏي،
    تون ڀي جيڪر وک وڌائين.

    نينڍ اکين جي سمجهان ٿو مان،
    منهنجي لاءِ ڪجل ٿي پائين.

    انگ انگوري نيڻ عُنابي،
    ڄڻ ته شراب ۾ وهنتل آهين.

    ناز انداز نرالا تنهنجا،
    توڙي مُرڪين يا شرمائين.

    ڀورو تن چانڊوڪي ڀاسي،
    ڪارو ويس جڏهن ٿو پائين.

    آءُ ڪڏهن ڪنڌڪوٽ اچي ڏس،
    منهنجي گهر جي آڳر تائين.

    دوزخ جنت ٿي پوندي آ،
    جئن ’آڪاش‘ کي ڳل ٿو لائين.


    وڻن جي ڇانءُ ۾ ڇمڪو هُيو ڪن اُپسرائن جو،

    وڻن جي ڇانءُ ۾ ڇمڪو هُيو ڪن اُپسرائن جو،
    ذڪر ڪهڙو پڇو ٿا دوستو! تن جي ادائن جو!

    ڏندن ۾ آڱريون آهن، اڃا تائين هٿيڪو هان،
    ڏنگيل آهيان حسينن جي ڇُڙيل وارن گهٽائن جو.

    اڃا شروعات ٿي آهي، اڃا سانوڻ ته اڳتي آ،
    اڳيئي راڳ مون سمجهيو اُنهن ايندڙ فضائن جو.

    اسان جي شاعريءَ کي سڀ اسان کان پوءِ پيا پڙهجو،
    پڙاڏو ٿي متان گونجو تخيل جي صدائن جو.

    اسان هيراڪ اذيت جا ڪنداسين ڇانورن کي ڇا،
    اسانجي زندگيءَ تي هي اثر آهي دعائن جو.

    پُڄي ’آڪاش‘ تي جيڪر ستارا مان ڀي لاهيان ها،
    ملي پئي ها اسان کي ڀي صِلو شايد وفائن جو.


    نه ئي چيٽ آيا نه ئي گُل ٽڙيا ڪي،

    نه ئي چيٽ آيا نه ئي گُل ٽڙيا ڪي،
    نڪي کيت من جي اڱڻ تي کِڙيا ڪي.

    پکين جا به آکيرا خالي اسان جيئن،
    چٻن جا ڪٽڪ ها چوڌاري مڙيا ڪي.

    رقيبن جي رنجش ته فطري هئي پر،
    اسان تي انهن جا به واٺا چڙيا ڪي.

    سچو عشق آهي سمونڊن کان گهرو،
    وري ڪينَ موٽيا جي ان ۾ گهڙيا ڪي.

    پراڻن مٽن مان هُوءَ پياري هلي وئي،
    ڪيئن ضبط ۾ ها گهڻو پئي ٿڙيا ڪي.

    هَو ’آڪاش‘ تي چنڊ تارن جي لئي ۾،
    اُتي ڀي سکيءَ جا ئي سرگم ڇڙيا ڪي.


    هي وکريل صدائون تون ميڙي نه سگهندينءَ،

    هي وکريل صدائون تون ميڙي نه سگهندينءَ،
    ڇڏي ڏي اسان کي سهيڙي نه سگهندينءَ.

    اهي راڳ جيڪي گُهري ٿو چريو من،
    صدين تائين شايد تون ڇيڙي نه سگهندينءَ.

    مڃان ٿو هزارين ٿيا مدهوش هوندا،
    اي جامِ نساءَ مونکي ٿيڙي نه سگهندينءَ.

    ڀلي وار پنهنجا هوا ۾ ڇڏي ڏي،
    نظر ٿي جي ڪافر ته جهيڙي نه سگهندينءَ.

    اسان جي رناسين اهو ياد رکجانءِ،
    ٽهڪ زندگي ڀر پکيڙي نه سگهندينءَ.

    هي ’آڪاش‘ اڄ موج مستيءَ ۾ آهي،
    مِٽي تي ته تارن کي کيڙي نه سگهندينءَ.


    مهراڻ جي ڪنڌين جئن تنهنجون حسين ٻانهون،

    مهراڻ جي ڪنڌين جئن تنهنجون حسين ٻانهون،
    وارن جا سياهه بادل ڄڻ ڪي نِمن جون ڇانئون.

    تنهنجي اکين منجهان مان چانڊوڪيون کڻي ڪجهه،
    چوڏهين جي چنڊ جهڙيون جوڙيان پيو ڪلائون.

    توڻي گُهٽيو لڪايو نروار پو به ٿينديون،
    ڪاٿي لڪي سگهن ٿيون هي عشق جون ادائون.

    دنيا کي حسن ساڳيا ايذاءُ پئي ڏنا پر،
    مون لاءِ هڪ هيون بس سڀ کان الڳ سزائون.

    ڪا ميڙ منٿ ظالم منهنجي مڃي نه هڪڙي،
    ساريون ٿڏي ڇڏيائين بيوس جون التجائون.

    پنهنجا هجن پراوا ’آڪاش‘ هي سڀن لئه،
    اڄ ڀي اڀا ڪري هٿ گهرندو رهي دعائون.


    معصوماڻيون نظرون تنهنجون،

    معصوماڻيون نظرون تنهنجون،
    ماکيءَ هاڻيون خبرون تنهنجون.

    مومل وانگر روز ڪُهن ٿيون،
    تارن ۾ هي تبرون تنهنجون.

    بي قدرن کي جيءَ ۾ جايون،
    ۽ پنهنجن تي اُلرون تنهنجون.

    جنهن ۾ ڦاٿيون ڦٿڪي مئو ڄڻ،
    وارن جون هي سنگهرون تنهنجون.

    عشق! اڃا ڀي قائم آهن،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ تي قبرون تنهنجون.

    هر طبقو آ تابع تنهنجو،
    هر آڪاش تي زبرون تنهنجون.


    سمنڊ ڇولين جيان ڇيڳري ڇوڪري،

    سمنڊ ڇولين جيان ڇيڳري ڇوڪري،
    ڪونج ــ ٽولين جيان ڇيڳري ڇوڪري.

    هر سمي روح جڳ جو رڱيندي وتي،
    رنگ هولين جيان ڇيڳري ڇوڪري.

    آءُ سيني کي اڄ حُسن جي تيغ سان،
    چير گولين جيان ڇيڳري ڇوڪري.

    ڄڻ ڪو تاڙو تنواري پَيو ٿر مٿان،
    مور ــ ٻولين جيان ڇيڳري ڇوڪري.

    من ڳهيلو نگاهن ۾ جڪڙي وئي،
    هٿ ڪڙولين جيان ڇيڳري ڇوڪري.

    مان به آڪاش هُن کي نه سمجهي سگهيس،
    هئي پرولين جيان ڇيڳري ڇوڪري.


    ڪو ڪو چهرو ڌيان جهٽي پيو،

    ڪو ڪو چهرو ڌيان جهٽي پيو،
    ماڻهن جا ايمان جهٽي پيو.

    هڪڙو ڄاڻو شخص اکين سان،
    احساسن جي تانَ جهٽي پيو.

    حُسن رڳو هڪ منهنجو من ڇا،
    پورو ئي ته جهان جهٽي پيو.

    ماڻهن هن ڏي سئو سئو اڇليا،
    دل سان ديد جا ڪانَ جهٽي پيو.

    پئسو ڪيڏو يار ڪنو آ،
    آدرشي انسان جهٽي پيو.

    ڪو ’آڪاش‘ اڃا تائين ڀي،
    هر ويلي هي جان جهٽي ٿو.


    بس نظر جو پرين هڪڙو ٻيو جام ٿئي،

    بس نظر جو پرين هڪڙو ٻيو جام ٿئي،
    منهنجي جيون سندي پو ڀلي شام ٿئي.

    جن جي ٻانهن ۾ جيئڻ جي حسرت اٿم،
    شال تن کي به الڪو ۽ الهام ٿئي.

    تنهنجي ناموس تي ڪا نه آڱر کڄي،
    نانءُ منهنجو ٿيئي ٿو ته بدنام ٿئي.

    عشق اوتيون اندر ۾ سوين رنگتون،
    فيض اهڙو سڀن کي ملي، عام ٿئي.

    دل، پلڻ جي وڃي آهي ويجهو پڳو،
    مان چوان ٿو ته جيڪر هي ناڪام ٿئي.

    هاڻ ’آڪاش‘ کي ڪو به ڄاڻي نه ٿو،
    اهڙو جيئري ته ڪنهن جو نه انجام ٿئي.


    بم هئا، گوليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!

    بم هئا، گوليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!
    رَتَ جون هوليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!

    شهر سارو ٽامڻي هو، آڳ هئي، دونهون هيو،
    خوف جون ڇوليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!

    قتل، اغوا ۽ ڦُرون هر چونڪ تي ڌاڙا هُئا،
    لوفرن ٽوليون هيون ڪو امن جو نالو نه هو!

    قاعدو قانون هو، پر هو فقط بي ڏوهه لئه،
    عدل جون ٻوليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!

    ڪاغذن جون ڪاروايون کوڙ هون سڀ ڪوڙ هو،
    سکڻِيون ڳالهيون هيون ڪو امن جو نالو نه هو!

    حڪمرانن مافيائون هن عوامي دور ۾ ،
    هٿ وٺي پاليون هيون، ڪو امن جو نالو نه هو!


    پير ننگي گهمون ڳوٺ جي جهول ۾،

    پير ننگي گهمون ڳوٺ جي جهول ۾،
    آ ته جهومون جهلون ڳوٺ جي جهول ۾.

    عاشقن جي حريفن ۾ ڦڙڦوٽ پئي،
    ڪا خبر ٿي هُلون ڳوٺ جي جهول ۾.

    ڪنهن ڪُراڙي جي سهڪار سان هڪ دفعو،
    آءُ ٻيهر ملون ڳوٺ جي جهول ۾.

    ڀاءُ سارنگ اٿو سوٽ ياسين سان،
    ٽهڪ ڏيئي کلون ڳوٺ جي جهول ۾.

    آءُ ننڍپڻ ڏي ٻيهر ٿا موٽي هلون،
    آءُ گڏجي رُلون ڳوٺ جي جهول ۾.

    سڀُ اڃايل گهِٽيون ، گهاٽ سيراب ٿين ،
    هَل! دريا ٿي ڇُلون ڳوٺ جي جهول ۾.

    چنڊ تارن سان گڏ پورو آڪاش آ،
    پاڻ تن سان جلون ڳوٺ جي جهول ۾.


    دوستيءَ جو مانُ رکجو،

    دوستيءَ جو مانُ رکجو،
    دل لڳيءَ جو مانُ رکجو!

    مون جلائي آهي جيڪا،
    ان بتيءَ جو مان رکجو.

    جنهن گهٽيءَ مان هوءَ گذري،
    ان گهٽيءَ جو مان رکجو.

    ۽ مقدس پيار واري،
    هر چٺيءَ جو مان رکجو.

    مرڪ جا تحفا ڏيئي پيا،
    دل سڙيءَ جو مان رکجو.

    جا ڪري محبوب خود ئي،
    ان ڪٽيءَ جو مان رکجو.

    ماءُ پوڙهي پيءَ جي هر-
    هڪ خوشيءَ جو مان رکجو.

    سنڌ ۽ آڪاش جي ير،
    هن مٽيءَ جو مان رکجو.


    حق جي تار وڳي آ، هُو هُو!

    حق جي تار وڳي آ، هُو هُو!
    تنهنجي سار لڳي آ، هُو هُو!

    سچ کي سچ پچ سمجهيو آهيان،
    باقي يار ٺڳي آ، هُو هُو!

    مٽي ڪُولي مٽي چيڪي،
    مٽي منجهه مڳي آ، هُو هُو!

    وحدت وارو جام چکي ڏس،
    ٻيو هر جام جهَڳي آ، هُو هُو!

    هڪڙي واٽ حقيقت واري،
    دنيا چار دڳي آ، هُو هُو!

    منهنجي من جي هوڏي هيئيت،
    ڏاتر پاڻ ڀڳي آ، هُو هُو!

    ’مون‘ مان مس مس نڪتو آهيان،
    ’تون‘ جي تند وڳي آ، هُو هُو!

    هن ’آڪاش‘ عدم مان هڪدم،
    هر شيءِ هاڻ تڳي آ، هُو هُو!


    مينديءَ رتن هٿن کي منهن تي رکي کِلي ٿي،

    مينديءَ رتن هٿن کي منهن تي رکي کِلي ٿي،
    تنهن وقت دل جي ڌرتي ڪنهن پينگهه جيئن لُڏي ٿي.

    مرڪن جي مئڪدي مان چپڙن تي جام آڻي،
    مدهوش ٿي ڏسي ٿي، ڏاڍو سکي وڻي ٿي.

    هر شام روپ ان جو، هر صبح نور ان جو،
    سج ـــ روشني به ان کان ڪرڻا پِني پُڄي ٿي.

    نو خيز سڀ نگاهون من ۾ کُپي وڃن ٿيون،
    ۽ سونهن هن بشر جي سڀ ڪجهه جهٽي وٺي ٿي.

    مرڪي ته عشق اُٿلون کائِي اُٿي چپن مان،
    آتش نگاه هن جي باهيون بڇي ڇڏي ٿي.

    رابيل روح پنهنجو هر آڳ مان اُڪاري،
    خوابن ۾ ئي سهي پر ’آڪاش‘ وٽ اچي ٿي.


    روز تنهنجون ڪن پڇائون سانوري او بانوري!

    روز تنهنجون ڪن پڇائون سانوري او بانوري!
    ڄام شوري جون هوائون، سانوري او بانوري!

    شام پرکيون، رات ڄاتيون تون نٿي سمجهين سگهين،
    هي اکين جون التجائون سانوري او بانوري!

    خواب پگهريا پئي اکين مان نير جي صورت جڏهن،
    سي هيون منهنجون وفائون، سانوري او بانوري!

    هِن جنم ۽ هُن جنم ۾ تون ئي مون سان گڏ هجين،
    شال اگهجن هي دعائون، سانوري او بانوري!

    سانوڻين ۾ سار کي روڪيون ته آخر ڪيئن ڀلا!
    خيال ۾ تنهنجون ادائون، سانوري او بانوري!

    تو بنا ٿيون جيءَ جهورن موسمون ’آڪاش‘ سڀ،
    ٻوجهه آهن هي فضائون، سانوري او بانوري!


    سگريٽ جيئن سڙيو آ،

    سگريٽ جيئن سڙيو آ،
    ايڏو اندر ڪڙهيو آ.

    ڪاڳر پيو آ جرڪي،
    ڪنهن جي اکين پڙهيو آ.

    ڪيڏو نه خوبصورت،
    آدم، خدا گهڙيو آ.

    رهندو اهو امر جو،
    ڌرتيءَ جي لئه لڙيو آ.

    اونده ۾ ٽمڪي ليکڪ،
    خالي هٿين وڙهيو آ.

    هي ساهه هر قدم تي،
    سولي سدا چڙهيو آ.

    ڌرتيءَ جو ڌيان اڏري،
    ’آڪاش‘ ۾ اڙيو آ.


    ڇلڪندڙ نازڪ گهڙَن ۾ گم ٿيو،

    ڇلڪندڙ نازڪ گهڙَن ۾ گم ٿيو،
    ڌيان گوريءَ جي بدن ۾ گم ٿيو.

    سونهن جا نقشا چِٽي پيو چاه سان،
    من مصور منظرن ۾ گم ٿيو.

    هن چتائي جو ڏٺو چهرو حسين،
    خوبصورت ٻن چپن ۾ گم ٿيو.

    چند جهڙين آڱرين ۾ مست ٿي،
    ڪو ڳهيلو آ ڇلن ۾ گم ٿيو.

    حسن تي هي من مئو مشتاق ٿي،
    ماڻڪين جي پوپٽن ۾ گم ٿيو.

    رات هي ’آڪاش‘ سارو ئي وجود،
    تلخ ماضي ۽ خطن ۾ گم ٿيو.


    آواز اٿن ٿا پيا هر ڏاڍ کي ڏاريندا،

    آواز اٿن ٿا پيا هر ڏاڍ کي ڏاريندا،
    ڌرتي جو تتل سينو هي نيٺ ته ٺاريندا.

    هن قوم جي ٻيڙي، جا ڪنهن ڪُن ۾ ڦاٿل آ،
    ان ناوَ کي هي ناکا درياهه مان تاريندا.

    مايوس ٿيو آن ڇو، ڇو هانءُ اٿئي هاريو،
    ڌرتيءَ جا جوان ڏسجان هر سمنڊ اُڪاريندا.

    هي لال اڇو پرچم اڀ تي به جهُلي پوندو،
    هي سوچ جون ڏيئاٽيون هر ڳوٺ ۾ ٻاريندا.

    آڪاش اسين سنڌي سرڪش ۽ هـٺيلا سڀ،
    سڀ ڏاڍ جي ڪڪرن کي ڦوڪن سان اڏاريندا.


    ڏيئا روشنين جا اجهايا وڃن ٿا،

    ڏيئا روشنين جا اجهايا وڃن ٿا،
    پکي پار ٻئي ڇو اڏايا وڃن ٿا.

    نديون، واهه، ڍنڍون ۽ ڍورا هتان جا،
    وري سازشن سان ڦٻايا وڃن پيا.

    ڪو قانون ڪونهي تڏهن ئي ته ماڻهو،
    گرهه جيئن اڄ ڪلهه چٻايا وڃن ٿا.

    هلي آ ته هيڻن جو آواز بڻجون،
    هتي روز سنڌي ستايا وڃن ٿا.

    سي آواز هڪ ڏينهن ٻڌندي هي دنيا،
    جي آواز زوريءَ دٻايا وڃن ٿا.


    نه سمجهي سگهياسين اشارن جيان،

    نه سمجهي سگهياسين اشارن جيان،
    پيا دوست هڪليون ڌنارن جيان.

    صفا گم وئين ٿي او منهنجا پرين!
    نئين زندگيءَ جي شمارن جيان.

    هو ساڄي مان کاٻي، جدا ٿا رهون،
    اسان ٻئي نديءَ جي ڪنارن جيان.

    نشيلي نگاهن منجهان اڻ ڳڻيا،
    ڏنا مَٽ موکي متارن جيان.

    وڏي تو ۾ آڪڙ ڏسان ٿو سکي!
    پجارو ۾ ويٺل ڀتارن جيان!

    ثقافت جي رنگن ۾ جرڪي پئي،
    سڄي سنڌ منهنجي ستارن جيان.


    نه پير هي پساربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪُ ڪو،

    نه پير هي پساربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪُ ڪو،
    سمونڊ سڀ اُڪاربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ ڪو.

    مٽيءَ ۾ سوچ لوچ جون ته چاندنيون ڀري ڀري،
    مٽيءَ مان سج اُڀاربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ ڪو.

    سموري ديس جي دنگن تي جوٽڻيون ڪي جوٽبيون،
    هي سِڙه خود سنڀاربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ ڪو.

    جفاڪشين سان جُوءِ کي به جنتن سمان ڪبو،
    لُٽيل شهر سنواربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ ڪو.

    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سنڌ جي جو گهُگهه هي انڌير آ،
    انهن ۾ ديپ ٻاربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ ڪو.

    هي ڪنگ سڀ هتان تڙي سڀاڻ آسمان تي،
    اڇا پکي اڏاربا، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ ڪو.


    تنهنجو نانءُ اچاريو آهي،

    تنهنجو نانءُ اچاريو آهي،
    ڄڻ ڪو جيءُ جياريو آهي.

    مال مڏي ۽ سنگت ساري،
    سڀ ڪجهه توتان واريو آهي.

    سڀني سيرَ ۾ اُڇليو ٻُوڙيو،
    ڪنهن نه اسان کي تاريو آهي.

    عمر سڄي مون ساڻ گذاري،
    هاڻ چوي ٿو ڌاريو آهي.

    نيٺ ته آخر روشن ٿيندو،
    ڏيئو آس جو ٻاريو آهي.

    تنهنجي مُنهن تي مرڪ ڏسي مون،
    هينئر موت کي ٽاريو آهي.

    نيڻن تي مون هٿ رکي اڄ،
    مس مس هينئڙو ٺاريو آهي.

    پيار بنا ’آڪاش‘ اڌورو،
    اڻــپــورائـيءَ ماريو آهي.


    اڙي دل بي چئي! ڪيڏو حشر برپا ڪرين ٿي پئي!

    اڙي دل بي چئي! ڪيڏو حشر برپا ڪرين ٿي پئي!
    نه جيڪو پهچ ۾ منهنجي، اهو ئي گُل گُهرين ٿي پئي.

    سمندر سونهن جو ڇلڪي، ازل کان عشق پيو جهومي،
    پرائي دهل تي تون ڇو بڻي ناچو نچين ٿي پئي.

    نديءَ جي ٻن ڪپن جهڙا، اهي چپ خوبصورت ٻئي،
    شڪر ڪر جو حياتيءَ ۾ انهن کي تون چمين ٿي پئي.

    انهن وارن ڪُنڍن ڪارن ڪيا قتلام ها ڪيئي،
    سکي پو ڀي اڃا تون چيلهه تائين سي ڇڏين ٿي پئي.

    اسان جاڙن ڀرونئن جا اڃا قيدي، مٺي! پت ڪر،
    ڀلا ڇالاءِ ماڻهن کان، اسان بابت پڇين ٿي پئي.

    ڪئي مون ڇوڙ آ تو ۾، ٿيو آهيان مان ضم تو ۾،
    اسر ڌاري ڪري سڏڙا، اڃا ڪنهن کي سڏين ٿي پئي.

    ڪري ٽڪساز تو مون کي، سجايو رات ڪاڪل ۾،
    بڻي اڄ ايئن اڻ سونهين اچانڪ تون وڃين ٿي پئي.

    نگاهن جا تکا نشتر کتا آهن جگر جي ڀر،
    مٿان ٽانڊا به نيڻن تي ستمگر ٻيا رکين ٿي پئي.

    وڏي ’آڪاش‘ دل ڌاري اوهان سان پيچ پاتو آ،
    مڃڻ بدران انهيءَ جي هن سچائي تي کلين ٿي پئي.


    هوءَ جڏهن کلندي نهاري ٿي ڇڏي،

    هوءَ جڏهن کلندي نهاري ٿي ڇڏي،
    شاعريءَ جا نيڻ ٺاري ٿي ڇڏي.

    ايئن اڪيلي شهر ۾ ايندي نه ڪر،
    سونهن تنهنجي باهِه ٻاري ٿي ڇڏي.

    ناوَ قربت جي ڪُنن ۾ وئي ٻُڏي،
    ڪا محبت، ڪٿ ڪناري ٿي ڇڏي.

    مون ڇڏيون جيڪي اڌوريون محبتون،
    دل چري ، ساريون سنڀاري ٿي ڇڏي.

    شام ڌاري سج جي ڪرڻن جيان،
    ديد جا دامن پَٿاري ٿي ڇڏي.

    سانجهه هر ڪا ٿي ڏسي آڪاش ڏانهن،
    ماڪ صبح ڪا پياري ٿي ڇڏي.


    آءٌ ٽُٽندو رهيس ورڇ ٿيندي رهي،

    آءٌ ٽُٽندو رهيس ورڇ ٿيندي رهي،
    زندگي، زندگيءَ کي وڍيندي رهي.

    ڦول تنهنجي نظر جا سجايم جڏهن،
    ساري دنيا اکين کي پَٽيندي رهي.

    پاڻ سوچن ۾ گم ٿي وياسون مگر،
    ڪائي حسرت ٻنهي ڏي تڪيندي رهي.

    ڪا نڌر ٻارڙي ڏاڍي مايوس ٿي،
    ڏڻ حياتيءَ جا آهي ڳڻيندي رهي.

    من پرينءَ تائين احساس پهچي وڃن،
    سور پنهنجا هوا سان سليندي رهي.

    من جو ڪشڪول خالي هو خالي رهيو،
    منهنجي سامهون محبت ونڊيندي رهي.

    نيٺ پرتِي وڃي پاڻ محبوب سان،
    پاڻ کي پاڻ ڏاڍو جهَليندي رهي.

    ڳالهه هڪڙي ذهن کي هو ڌوڏي ڇڏيو،
    ياد هر هر جو آئي ڏنڀيندي رهي.

    هن زماني کي سادي نه سمجهي سگهي،
    هٿ خالي اياڻي مليندي رهي.

    روڳ هُئي هر گهڙي پر گذاري ويس،
    سوچ اونده جا رستا مَٽِيندي رهي.

    سانوري پِيڙ پنهنجي اکين ۾ رکي،
    درد بيحد اندر ۾ ڪَٽيندي رهي.

    ڪا به خواهش نه هُئي توڙي آڪاش جي،
    پوءِ به چنتا اندر کي وڍيندي رهي.


    چنڊ اڀريا جڏهن کان ڀتين ۾ وري،

    چنڊ اڀريا جڏهن کان ڀتين ۾ وري،
    ديد اٽڪي اسان جي درين ۾ وري.

    نيڻ جاڳيا ته روشن شهر ٿي پيو،
    خيال ڦاٿا وڃي دل لڳين ۾ وري.

    هي رُکيون رقص ٿي موج ۾ جهومنديون،
    آڻ منهنجا تصور اکين ۾ وري.

    پيار کي پاپ سمجهي ڪُٺائون هتي،
    لاش اڇلي هليا ويا کجين ۾ وري.

    آءٌ آڪاش شاعر، نه مرندس ڪڏهن،
    آءٌ اُڀري پيو ايندس ڪَتين ۾ وري.


    نيڻ پنهنجا رکيم نيڻ ڪارن مٿان،

    نيڻ پنهنجا رکيم نيڻ ڪارن مٿان،
    ننڊ آئي اکين جي ڪنارن مٿان.

    ڪنهن جنونڻ ڀڳيون رات انگڙائيون،
    ڪنهن ڪيا ٿئي اشارا اشارن مٿان.

    جي رکو ٿا ڪو اختيار آڻي ڏيو،
    آءٌ سمهنديس پرين اڄ ستارن مٿان.

    ڦيٽ هُئي مُند سرءُ ۾ ساري مگر،
    پوءِ به الزام آيا بهارن مٿان.

    ڪنهن اويلي مسافر آ دستڪ ڏني،
    دل جي هيسيل ۽ ٻوٽيل ديارن مٿان.

    هاڻ اُجلت نه آڪاش ڪائي ڪبي،
    پير رکبا فقط چونڊ چارن مٿان.


    دوست جيڪر ملن ، شام جي چانهه تي،

    دوست جيڪر ملن ، شام جي چانهه تي،
    ٽهڪ ويهي ڏجن، شام جي چانهه تي.

    وقت حالات تي تبصرا ڪي ڪري،
    هانــوَ هلڪا ڪجن، شام جي چانهه تي.

    کوڙ ڳالهيون ڪجن ڪي پراڻيون وري،
    سلسلا جوڙجن، شام جي چانهه تي.

    يار ! مصروف هوندين گهڻو ، جي اچين،
    اڄ ڪچهرا ٿين، شام جي چانهه تي.

    گهر جو آڳر، ڪُراڙي امان ۽ ابو،
    ٻار ڀي ٿا مِڙن، شام جي چانهه تي.


    ڀر ۾ جنهن جي مِتوا ناهي،

    ڀر ۾ جنهن جي مِتوا ناهي،
    تَنهن جي ڪا ڀي دنيا ناهي!

    نيڻ نشيلا مَڌ جا پيالا،
    تو وٽ سجني ڇا ڇا ناهي!

    پاڻ اصل کان، تاسا آهيون،
    برسي ڪائي برکا ناهي.

    مُند وَري آ ميلاپن جي،
    محبوبن کي چنتا ناهي.

    ڇم ڇم ڇم ڇم ڇير وڳي آ،
    سا ري گا ما پا ڌا ناهي؟

    ڌرتي تو کي ماءُ ٿو سمجهان،
    ٻي ڪا منهنجي ماتا ناهي.

    خوشبو خوشبو جيون تنهنجو،
    تو وٽ سُڃ ۽ صحرا ناهي.

    رهندو درد اَيامن تائين،
    شايد ڪو به مسيحا ناهي.

    دل جي ڌرتي ڌڌڪا دهڪا،
    وِڄ ڪندي ڇا؟ واڪا ناهي.

    جيون جي هن صحرائن ۾،
    ”ڪير آهي جو تنها ناهي.“

    هُن جا هٿڙا، مهنديءَ رتڙا،
    منهنجي مَن تي ورکا ناهي.

    محبت آ، ’آڪاش‘ جي ٻولي،
    پنهنجي ٻي ڪا ڀاشا ناهي.


    پِيئاريو جِيئاريو ڪي پيار جون وٽيون ڀري،

    پِيئاريو جِيئاريو ڪي پيار جون وٽيون ڀري،
    گلاب ديد مان ڏيو، خمار جون وٽيون ڀري.

    پرينءَ جي حسن کان سوا ڪو راڳ ٻيو نه ڇيڙجو،
    ڏيو ڏيو ڀري ڏيو سِــــتَــار جون وٽيون ڀري.

    پلئو ۾ پل جدائيءَ جا ٻڌي جي هوءَ هلي وئي،
    پيئان پيو انهن منجهان ئي سار جون وٽيون ڀري.

    جيئڻ جي آرزو نه آ جيئان ته ڇو جيئان اڃان،
    مران ته پو متان اچي مزار جون وٽيون ڀري.

    هوءَ رات راز ۾ هئي، ڏنائين ’مصطفيٰ‘ وري،
    اکين بجا چپن منجهان نهار جون وٽيون ڀري.


    چوسٽا

    چوسٽا

    ڏنل پيار جو غم وساري نه سگهندس،
    مگر لڙڪ ڀي هاڻ هاري نه سگهندس.
    اڪيلو اڪيلو سفر زندگي جو،
    سوا يار تنهنجي گذاري نه سگهندس.

    ===

    اکين ۾ آيل نَمي تي لکبو،
    اي جان! تنهنجي ڪمي تي لکبو.
    هي شب ۽ شب جون انڌيون اونهايون،
    لُٽيل پهر جي ڪمي تي لکبو.


    ===


    نقاب هڪڙو جمال ڪيئي،
    ڪيا اکين ها ڪمال ڪيئي.
    پٺيان سکيءَ جي ٿي چنڊ آيو،
    جنم وٺي ويا سوال ڪيئي.


    ===


    ڌيان توڏي جڏهن رجوع ٿيا،
    اکين جون پنبڙيون جهڪيون رڪوع ٿيا.
    نهار تنهنجي سان چنڊ اُڀريا،
    ٻئي ازل کان جي ها طلوع ٿيا.


    ===


    ڄمار ساري عذاب ڏاڍا سهي سهي دل ٿڪي پئي آ،
    نه ساٿ ڪوئي سدائين تنها رهي رهي دل ٿڪي پئي آ.
    نه ڇانوَ ڪائي نه ڇانورو ڪو سراب سامهون نه آب ڪوئي ،
    ڪنڊن ۽ ڪاون جا پنڌ جهاڳي ڪهي ڪهي دل ٿڪي پئي آ.


    ===


    سو ساحل ۽ ساحل تي پيرن جا نقشا اڃا ياد آهن،
    ڪڍيا تو ها آڱر سان واريءَ تي ليڪا اڃا ياد آهن.
    کڻي ٻُڪ ۾ پاڻي پٺي تي هڻڻ پو ۽ کلائڻ،
    سي اُڇلون، مذاقون، سکي تنهنجا نخرا اڃا ياد آهن.


    ===


    المنظر جا ڪيئي منظر لونءِ لونءِ کي جهومائن ٿا پيا،
    بارش جا وسڪارا تاسي روح کي يار ڀچائين ٿا پيا.
    هيڏي ساري گرمي کانپوءِ مس مس ڪڪرن قرب ڪيا اڄ،
    ڌرتي امبر گڏجي سندر ڊيوٽ ۾ گيت ڪي ڳائن پيا.

    ===


    ڪو ته هجي جو من جي ٿر تي بارش جي وسڪار ٿئي،
    جيون جي هن ريت تتل تي ٿڌڙو ٿڌڙو پيار ٿئي.
    تاڪ ڌنا ڌَن تال لڳائي ڇيڙي سنڌي موسيقي،
    سارنگ جا آلاپ ڏئي ڪو ميگهه ٿئي ملهار ٿئي.


    ===


    سارن ۾ اڄ پنبڙيون جل ٿل،
    رات جون ڪاريون اکڙيون جل ٿل.
    الا آلا جهوپا من جا،
    يادن جون سڀ وستيون جل ٿل.

    ===


    درد جو پنڌ نبري نه نبريو ڪڏهن،
    سک ته ڀلجي به دل مان نه گذريو ڪڏهن.
    ساهه اڱرن جيان آهي ٻرندو رهيو،
    اندر آوي رهيو هي نه ٺريو ڪڏهن.


    ===


    چوان ٿو زندگيءَ جي اڄ پڄاڻي ٿي ته بهتر آ،
    سکي جي ياد ماضيءَ جي ڪهاڻي ٿي ته بهتر آ.
    سوا هڪ شاعريءَ جي ٻيو اسان وٽ ڇا رکيو آهي،
    حويلين جي وڃي هوءَ راڄ راڻي ٿي ته بهتر آ.


    ===

    لڪي تاريڪ راتين ۾ اڃا تائين هو رُئندي آ،
    وهاڻن ساڻ ڀاڪين ۾ اڃا تائين هو رُئندي آ.
    نشانيون پيار پهرين جون اکين ۾ سج جيئن پڌريون،
    ڀري محفل ۽ ساٿين ۾ اڃا تائين هو رُئندي آ.

    ===


    هٿ هٿن تي رکو من ڪو ساهس ملي،
    چپ چپن تي رکو من ڪو ساهس ملي.
    جون جي سج جيان مان سڙيو هان سکي،
    ڳل ڳلن تي رکو من ڪو ساهس ملي.


    ===


    مُرڪ جي موٽ ۾ چنڊ کلندو رهيو،
    رات جي اوٽ ۾ چنڊ کلندو رهيو.
    ٽهڪ ڏيئي جو ڪولهڻ ملي اوڏ سان،
    اوڏڪي ڪوٽ ۾ چنڊ کلندو رهيو.

    ===

    نه احسان ڪنهن جا ورائي سگهياسين،
    رڳو پاڻ ٿورن کي ڳائي سگهياسين.
    تتيءَ ۾ به حاضر ٿڌيءَ ۾ به حاضر،
    ڪٿي پاڻ يارو لنوائي سگهياسين.

    ===


    ڪارو ڪرتوت آ شهر جي زندگي،
    ڄڻ ته بيروت آ شهر جي زندگي.
    ڦوڪ هلڪي سان ماڻهو اڏامي وڃي،
    اهڙي مضبوط آ شهر جي زندگي.

    ===

    اٿو رندو! کڻو پيالا، کليا اکڙين جا مئخانا،
    شرابي اڄ نگاهن مان ڀريو ديدن جا پئمانا.
    هتي جيڪو به ايندو آ، نظر سان مست ٿيندو آ،
    اڃايل روز ٿا ڍاپن، اچن ٿا روز ديوانا.


    ===


    خوشين جو شال سال ٿي ڪو هيل من وصال ٿي،
    محبتن جو سلسلو ڪو پُـــــر جيان بحال ٿي.
    ڳلي ڳلي نگر نگر ڪي گيت سنڌ جا ٻُرن،
    ۽ هو جمالي تي نچون ڪو رقص ٿي ڌمال ٿي.


    ===

    حرامي ٻار کي ڪهڙي خبر ڌرتيءَ جي حُرمت جي،
    پناهگيرو! مٽي آهي مقدس سنڌ جنت جي.
    اڙي بي دين دهشتگرد! تون هندو نه تون مسلم،
    نه توکي ڄاڻ ڪا آهي امان سانئڻ جي عظمت جي.


    ===

    صبا خوشبو کڻي آئي، سڄو ماحول واسي وئي،
    بدن رابيل جو آڇي هي آتا جهول واسي وئي.
    غزل ڌيري ڪو جهونگاري چميائين شاعري منهنجي،
    لٿي ڪلهه شام لکڻيءَ جي، سمورا ٻول واسي وئي.

    ===

    سنڌ جي سهڻي نانءُ جيان رهه،
    بڙ جي گهاٽي ڇانءُ جيان رهه.
    دنيا زهر يا امرت اوتي،
    تون ته نڪوري ٿانءُ جيان رهه.

    ===

    گذري ويندا ڏينهن قهر جا،
    نيٺ ته پٽبا ٿڪ سفر جا.
    اونداهين کي مات ڏبي ۽،
    وٺبا آخر ساٿ سحر جا.


    ===

    پاڻي اونهو تانگهو آهي،
    ڏاڍو پنڌ اڙانگو آهي.
    دانهون ڪري ٿو درد گهُرائي،
    من ڀي ڄڻ ڪو ٻانگو آهي.


    ===


    پنهنجي ڌار ڪهاڻي آهي،
    جنهن جي ڪا نه پڄاڻي آهي.
    گهاٽي وڻ جي ڇانوَ اسان ڏي،
    نٽهڻ اُسَ اماڻي آهي.


    ===


    سمونڊ جيڏي وشال دنيا،
    ڪشادي پنهنجي ڪمال دنيا.
    اسان فقيريءَ جي چونڊ ڪِئي آ،
    هي پاڻ پنهنجي سنڀال دنيا.

    ===

    خيال جا موتي ڪريا ڪاغذ مٿان،
    ڪئي قطارون، قافلا ڪاغذ مٿان.
    پوپٽن جي پنک جهڙا ڪئين حَسين،
    مون تخيل پئي چِٽيا ڪاغذ مٿان.

    ===

    مڪتبِ عشق ۾ پڙهيو آهيان،
    ڏينهن ۽ رات پئي ڪڙهيو آهيان.
    حج روزو نماز ۽ تسبيح،
    هي به چاڙهيون سڀئي چڙهيو آهيان.

    ===

    پير هر سال پنهنجا ڀري ٿي وڃي،
    درد بي درد دل ۾ ڌري ٿي وڃي.
    ڪو نه ڪو نانءُ ڏيئي جفا کي وري،
    يادگيرين کي تازو ڪري ٿي وڃين.


    ===


    ويٺي ويٺي مان اڪيلو ڏور نڪري ٿو وڃان،
    سمنڊ سارا چنڊ تارا اُڀ اُڪري ٿو وڃان.
    وڄ وراڪا آفتون ۽ زلزلو هيءَ زندگي،
    هر مصيبت مان اڪيلو پاڻ گذري ٿو وڃان.

    ===

    ڇو نه ڪائي ٻانهن سيراندي نه ٿي،
    شال! ڪنهن جي دل ڪٿي باندي نه ٿي.
    تير پويان تير اڇليو دوستو!
    دل اڀاڳي زخم کان واندي نه ٿي.

    ===

    ٽوپيان ويٺي دل سودائي،
    ماءُ! ڏکن جي مند نه ڪائي.
    واءُ جي جهوٽي وانگر منهنجي،
    ڀر مان گذري وئي سرهائي.

    ===

    سَٺو ڪو بي جا قهر نٿو ٿئي،
    نظر نظر جو سفر نٿو ٿئي.
    سکيءَ جو من جي گهٽيءَ مان ڀُلجي،
    ڪڏهن به ڪوئي گذر نٿو ٿئي.


    بيت/وايون

    بيت/وايون

    اوندهه ، انڌوڪار کي
    ڏيئي موت ۽ مات
    ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

    ٽاڪج اکين چاندنيون
    رڙهي نه ٿي جي رات
    ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

    ڪوتا ڪوتا ڪويءَ جي
    ڄڻ ڪي اُڀا ڪات
    ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

    ماڻهوءَ موت اٽل
    باقي بچندي بات
    ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

    **



    مينهوڳيءَ جي مند ۾
    کنوڻين جيئن کجيا
    پَٽن مٿي ڇيلڙا

    ساوا گاهه ڏسي
    ور ور ٿئي وريا
    پَٽن مٿي ڇيلڙا

    لڪ لتاڙي ، لاٽ ڪئي
    چوٽين تي چڙهيا
    پَٽن مٿي ڇيلڙا

    وهٽن ڳم ، ڳنڍير پئي
    چندن جيئن چريا
    پَٽن مٿي ڇيلڙا

    گج گج گوڙ ۽ گاج ۾
    ٿڻين کير ڀريا
    پَٽن مٿي ڇيلڙا
    **




    شهرن_سٽيو آهِيان
    ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

    ٿڪل نيڻ ننڊاکڙا
    ٻه ٽي پل ساهِيان
    ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

    سوچون سرها گل ٿين
    ڳاهه وري ڪي ڳاهِيان
    ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

    امان ! تو لئه چانهه پيو
    رڌڻي ۾ ٺاهِيان
    ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

    ڳاڙها گل گلاب جا
    راهن ۾ راهِيان
    ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

    **


    اونداهيءَ جي بُت جو، چيريو ٿم سينو،
    وڄندو سازينو، اُڀري اُڀري آڳ مان.

    ڦول منجهان جا مڌ، چوسي آهي مون،
    چاهيندين ايئن تون، اوتڻ من ۾ موهه کي.

    هيسيل هانءُ کڻي، جيئندين ڪيسين جيءُ،
    مڌ جا پيالا پيءَ، نيڻين نينهن ڀري.

    ڦهليو رات وري، کير جهڙو سوجهرو،
    وکريو مرڪ ذرو، محبوبن جي ٽهڪ مان.

    ٻانهون ٻيئي عاج جون، چانديءَ جا پنڙا،
    ڇريل هي ڪپڙا، پرتوو ڄڻ ڪنهن چنڊ جو.

    کين منجهه اڙيا، ناسي ڀورا نيڻ،
    منهنجو من هي ميڻ، پگهريو هڪڙي پل ۾.

    چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جئن، چوڙيون ٿيون چمڪن،
    من ۾ وڍ پون، چمجي ڪيئن چانڊاڻ کي.

    هي جا تند تپي پئي، ٻارڻ ٻاريندي،
    مِرون ماريندي، چونڊي چونڊي ڏيهه مان.

    گيدي موذي مرض ۾، چُڙي چُڙي م مئو،
    ڪاتيءَ ٿي ته پئو، ڪانئر جي ڪنهن ڪنڌ تي.

    چاهت ساڻ چميم، ڳل تي ڪرندر چڳ،
    ٺري پئي رڳ رڳ، بَٺيءَ جهڙي بُت جي.

    لهرون لهرون لوڏ، ڪجرا ڪجرا نيڻ،
    اک مَٽايا سيڻ، وِسڪي وِسڪي سونهن تي.

    ڇِتيون ڇوليون سمنڊ جون، ڇوريءَ جو جوڀن،
    تارُو هڪڙو من، نيٺ تري ويو تار مان.

    اوڀر پاسي پئِي ٻُري، اولهه جي آذان،
    باندي هي انسان، آزاديءَ جو آسوند.

    پاڇا پاڇا زندگي، پاڇِي پنهنجو پيار،
    ساهن جِي اپٽار، جوڙيا عڪس عجيب جا.

    گيتن منجهه گُڙيا، گهِنڊ جيان ڪي گهاءَ،
    سارا ڊپ ۽ ڊاءَ، رات لُڙهي ويا رقص ۾.

    سندر سونهن سڄي، چُنريءَ منجهه چِٽي،
    باقي ساٿ مِٽي، ڀانيان تنهنجي ڀر ۾.

    ڪلهن مٿي ڪانڌ جي، ڪاڪل جيئن ڪِريا،
    ڀنوَر پئي ڀِريا، منهنجي نيڻ نهار جا.

    آس جي آڳنڌ تي، ڪجهه گونچ ڦُٽا آهن،
    ڄڻ رات ٽُٽا آهن، تارا ڪتيون اڀ مان.

    رياض بنا اڄ ڪلهه، آ راڳ بڻيو رينگهٽ،
    ماڻهن جا جهرمٽ، ناچ نچن پيا ٿاپ تي.

    تو وٽ گل گلاب جا، مون وٽ خالي هنج،
    ڪهڙو ڪجي رنج، ڀورل! پنهنجي ڀاڳ جو.

    ڪنهن سان سلجن ساٿيو! اونها اونها راز،
    ساهن جا هي ساز، ماٺا ٿيندا ٿا وڃن.

    اڀ تي پاڇا پرت جا، جهُومي پيو آڪاش،
    پر مان زنده لاش، ڪيئن پسان ڪي روشنيون .

    ****


    نظم/نثري نظم

    يادون

    لاڙ اتر ۽ ڪاڇو آهيون
    ڀِٽ ڌڻيءَ جو پاڇو آهيون
    تون خوشبو مان واس سڳيءَ جو
    رکجان ساٿي ڀرم لڳيءَ جو
    منهنجو مقصد، حاصل آهين
    رڳ رڳ ۾ تون شامل آهين
    جيءَ جڙيو توساڻ جڏهن کان
    پاڻ ۾ ناهيان پاڻ تڏهن کان
    جاٿي ڪاٿي تنهنجا منظر
    تنهنجي سار سکي ٿِي اڻ ٽر
    واري ناهيان مٺ مان نڪران
    ڪک پن ناهيان واءُ ۾ وکران
    آهيان ڪائي ليڪ پٿر تي
    جيڪا ڪنهن کان ڪاٿي مِٽجي
    ٻُڌ سکي! هڪ ڳالهه چوانءِ؟
    هر هر ڀاڪر پائيندي آ
    ڳوٺ جي ياد ستائيندي آ
    ماکيون ڳڙ مکڻ ۽ چلڙا
    هاءِ هاءِ، ناني، ماءُ جا سڏڙا
    لوڙها، واٽر، وڻ ۽ وڏڙا
    چوڙيون، هٿ، منڊيون ۽ ڇلڙا
    چار آنن ۾ ٻه ٻه پلڙا
    سار اها ٿي ماري سائنڻ!
    يادون ڪير وساري سائنڻ!


    با با جي نالي

    مان ڄميس هن خوشيءَ ۾ ڌمــــــالون هنيون
    منهنجي ڪچڙي بدن تي جنهن شالون رکيون
    پيار مان جنهن کنيو ۽ چـــميو ٿي مـــون کي
    پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪئن هن ڀريو ٿي مـون کي
    ٿورو وڏڙو ٿيس گـــهر ۾ هــن وٽ پڙهـــيس
    پوءِ اسڪول ڀي هــن ســان گڏجـي ويس
    هن ڪتابن ســـان منهنجي ذهـن کي گهڙيو
    مون ســبق شـوق سان دل لـــڳائي پڙهيو

    اڄ مان جو ڀي آهيان –
    پنهنجي بابا جي محنت ڪري آهيان.

    پاڻ فـــاقــــا ڪــــــڍي منهنــجو لقمو بڻيو
    ڄڻ وفـــــائن جو بابــا مجـــسمو بـــــڻيـــو
    منهـــنجي جيـــون جو هر هـنڌ اڌمـو بڻيو
    اُڃَ ۾ گـــــهر ســـڄي لاءِ چشـــــمـو بڻــيو
    خـــواب جيڪي ڏٺم تن جـــــي تعـبير ٿيو
    آئيندي جــــــي ابو ئــــي ته تصـــــوير ٿيو
    منهنجي ســـهڻي مقدر جي تحــــرير ٿيو
    منهنجي من ۾ ڪو ڪعبو پئي تعمير ٿيو
    اڄ مان پيرن تي بيٺـــــو اَهيان فخر ســان.

    اڄ مان جو ڀي آهيان –
    پنهنجي بابا جي محنت ڪري آهيان.

    شــــــال بابا مان تنهنــــــجو سهارو ٿيــان
    تنهنجي خدمت ڪيان تو ئي پـارو ٿيــان
    هر اونـــــهاري مـــــٿان تو ســــــيارو ٿيــان
    هر سيـــــاري مــــٿان تو اونهــــارو ٿيـــــان
    تنهنجي ٻڍڙن هٿن کي مان چمندو رهان
    تنهنجي نقشِ قدم تي مان هلندو رهــان
    جي نه بابا اوهان جو هـــجي ساٿ هــــا
    ڏينهن ڀي هي اسان لئه هــجي رات هـا
    پر تو بابا اســـان کي ڏنـــيون روشــنيون
    تنهنجي دم سان اسان هي لڌيون هن اکيون.

    اڄ مان جو ڀي آهيان –
    پنهنجي بابا جي محنت ڪري آهيان.


    ننڍڙي اميد جي نانءُ

    گلن جي پنکڙين جهڙي
    اميدن ڦُلجهڙين جهڙي
    مون تولئه جنم ڏڻ تي اڄ
    سڄو سنسار آندو آ
    مون تولئه پيار آندو آ.
    هي چوٿون جنم ڏڻ تنهنجو
    مبارڪ اي امي توکي
    سوين شل جنم ڏڻ اهڙا
    تون ماڻيندي رهين مومل!
    خوشين جا عيد جهڙا ڏڻ
    تون آڻيندي رهين مومل!
    اکين جي ماڻڪين جا هي
    ٻيئي بئلون (baloon) ۽ دل جو
    مون تولئه مُونُ (moon) آندو آ
    اهي تحفا ٻئي ننڍڙا
    امي توکي مان ارپيان ٿو.
    امي توکي مان ارپيان ٿو.
    **


    ڏاتار جي نانءُ

    اکر احساس جي اڀ تي،
    ستارن جيئن ستل آهن.
    ڳاڙهيرا لفظ لامن تي،
    گلابن جيئن ڦٽل آهن.
    تخيل جرڪندڙ ڄڻ ڪو،
    نديءَ تي چنڊ جو پاڇو،
    لڳي ٿو نظم هر هڪ ايئن،
    هجي ڄڻ لاڙ ۽ ڪاڇو.
    سٽون ڄڻ ڄام شوري جون،
    هوائون روڊ تي جهومن،
    ڪي موضوع مختصر جامع،
    پيا رستا خواب ڏي نڪرن.
    نثر گهُگهه ٻاٽ جي منهن تي،
    ڪنهن گهِري ننڊ وانگي آ.
    ٿڌو اظهار اندر جو
    به برکا منڊ وانگي آ.
    سموريون خارجي ڳالهيون،
    سمورا داخلي قصا
    اَڌاريل آڳ جيئن آهن
    ها ديپڪ راڳ جيئن آهن
    گرم احساس جي سگريءَ
    ٻري پئي من جي ڪمري ۾
    اٿل کاڌي آ سورج ڪر
    جهڙوڪر رات وڳڙي ۾
    قسم آ سنڌ ڌرتيءَ جو
    اوهان جي ڏات لکڻي ڄڻ
    ڪا مُوکي مَٽ پئي اُپٽي
    نديءَ نيري خيالن جي
    اکين آڏو ٿي پئي اُڀري.
    ڪروڙين ڪائناتن جا
    سمايل عڪس ڪي آهن
    سمبارا جا ڪلاسيڪل
    انهن ۾ رقص ڪي آهن
    سوين مهراڻ جون ڇوليون
    نڪوري نينهن جون ٻوليون
    اهي ڇوليون اهي ٻوليون
    پيون هر دؤر ۾ ورنديون
    پيون هر دؤر ۾ ٻُرنديون.
    **


    روڪ اهي هٿ روڪ

    اي وحشي!
    روڪ اهي هٿ روڪ
    ڪٽجي ويندين
    پٽجي ويندين
    مٽجي ويندين
    هي جي نياڻيون
    ڪيڏيون سياڻيون
    هر ڪا ست قرآن
    تن سان ناحق
    ڪِيس ڪرين ٿو
    روز ڪُهين نادان!
    پيار تي بندش پوڻي ناهي
    پيار نه آهي ڏوهه
    تنهنجو من آهي دانگي جهڙو
    جاتي پلجي ڊوهه
    پوتيءَ جي لڄ تو وٽ ناهي
    پٽڪا تو وٽ ڌوڙ
    لڄ نه تو وٽ ليڙ نه تو وٽ
    تو وٽ ڪوڙ ئي ڪوڙ
    قاتل سڏبين
    جاهل سڏبين
    غافل سڏبين تون
    لاهه کڻي تون هيڏن سارن
    تعذيرن جو طوق
    روڪ اهي هٿ روڪ ...


    ڪجهه لمحن جو ساٿ

    نيڻن کي سجدن ۾
    جهڪائي رکيل
    تنهنجي اها ياد
    نه وسرندي آهي
    رابيل جي پنکڙين جهڙن چپڙن تي
    زور ڏيندي !
    مرڪندي اهو چوندي رهينءَ
    ’خاموش ٿي آڪاش ماريندي سانءِ‘
    نه چاهيندي به
    گهڻو ڪجهه ڏيئي وئينءَ
    منهنجي زندگي جي جُملي کي
    هڪ لمحي جو
    فل اسٽاپ ڏيئي وئينءَ.


    نرالو روپ

    پَنَ ڇَڻَ رُتِ جو
    پير سوري اچڻ به
    مون لئه ڄڻ ته
    بهار هوندي آهي
    ڇڻيل پنن تي
    تنهنجي گهمڻ جو آواز
    اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجندو آهي
    ايئن لڳندو اٿم ڄڻ هر موسم
    تنهنجي سونهن جو نرالو روپ آهي
    ۽ دل تي وکون کڻندڙ
    تنهنجي يادن جا ڇهاءَ
    تو جيان خوبصورت تنهنجا انداز
    مون سان ڀاڪرين هجن..!


    توکان سوا زندهه رهڻ هاڻي ممڪن ئي ناهي

    تنهنجي چاهت ساهه بڻجي
    رڳن ۾ ڊوڙي رهي آهي
    توسوا، مان ايئن آهيان
    ڄڻ سائي وڻ جي لام ڪپي
    بي ساهه بڻائي وئي هجي
    تو سوا
    سچ ته
    زندهه رهڻ ممڪن ئي ناهي ..


    ڪهڙي سال جو انتظار ڪجي!؟

    ڳچ سالن کان
    تنهنجي جدائي کي
    ڪاڳر جي تَنَ تي
    اوتيندي اوتيندي
    زندگي جي سٽ ۾
    ڪنهن فل اسٽاپ جيان بيٺو رهيس

    پر مَنُ هر سال
    ايئن چئي چپ رهيو
    ته ڪنهن نه ڪنهن سال
    اهي پيچرا اُٿي
    تنهنجي پيرن وٽ ختم ٿيندا


    قسمت جو نصاب

    ننڍپڻ کان جوانيءَ جو سفر
    ڪيڏو نه خوبصورت هيو!
    جواني ۾ پير رکندي ئي
    ڪهڙو گناهه ٿيو
    جسم کي ڪَٽي
    روح ڇڪي ڪڍيو ويو

    جي ايئن ئي ٽٽڻو هو
    ڇو ڄمڻ کان اڳ ئي
    روحن کي ملايو ويو هو؟
    پر مان سوچان ٿو
    ڪهڙي غيرت جي آڌار
    محبت جي اُجري ڪَٿا
    رت سان لکي
    وقت جي سفاڪ ظالمن
    ايڏا ڪلور ڪيا؟

    ڇا اهو سڀ ڪجهه
    اسان جي قسمت جي نصاب ۾ لکيل هو!؟


    بي وفا

    منظرن جي سفر جو هڪ سفر
    سمنڊ ڪناري پيار جي پهرين ملاقات
    ڇولين جي ڪنارن سان ميلاپ تي
    ٻنهي جو طويل بحث
    تو چيو ته ’سمنڊ جيترو گهرو آ
    ايترو بي وفا به آهي
    ڪنارن سان ٽڪرائڻ مجبوري اٿس.‘

    مون ڪو نه مڃيو
    تون پاڻ کي وفا جو مجسمو
    ٿي پيش ڪيو.
    پر اڄ ڀي سمنڊ ۾
    اها مستي
    ساڳي گجگوڙ. ثابت قدمي
    ۽ رهجي ويل يادن جي خوشبو مهڪي پئي
    ۽
    تون مون ساڻ ناهين!

    ڪيئن سوال ڪريان ته
    بي وفا ڪير ٿيو ...؟


    بادل به نيڻن جيان ٽميا

    ڪجهه ڏينهن کان مان
    تنهائي جي ڇِڳل کٽ تي
    تنهنجي سهڻن خوابن جي
    وڇايل گلن جي پيچري تي رُلان پيو
    انهن لمحن ۾ اکيون منهنجون
    اوسيئڙي جي پاڻيءَ سان سيڪجن پيون
    دوريءَ جي دردن جا سڀ دروازا
    سڏڪن جو ويس پائي
    کُلي پيا آهن ڄڻ!
    اکين ايترو پاڻي ڏنو
    جو پنبڙين جا سڀ پردا
    جل ٿل ٿي پيا.
    جيڪي اڳ
    ٿر جي اُڃ وانگر
    ڦٽيا پيا ها سالن کان!
    گهري سوچ ۾ ويس ايئن لهي
    جيئن شام جو سج -
    تيز سوالن جي هوائن جا جهولا جاڳي پيا آهن
    ڇا ؟ منهنجي دردن جو ڪو مالڪ نه آهي
    جيڪو مون تي نهار جو آڱريون
    پل کن لاءِ رکي!
    من ڪو ساهس ملي پوي
    درد جي پنڌ کي
    اهي درد هر دفعي
    مون وٽ ئي پنهنجا پکڙا اڏين ٿا
    مون ته دنيا کان لڪي
    تاريڪ راتين ۾
    اندر جي مُندن کي لاهڻ لئه
    پنڌ ۾ پير وڌا آهن
    بلڪل ساڳي طرح
    جيئن بادل به سج کي رُسائي
    سڏڪن جا سڀ تعارف ڏيندا آهن
    بلڪل
    تنهنجو نه هجڻ
    ڄڻ دردن جو تعارف آهي!!


    صرف هڪڙي گل جي مُرڪڻ لاءِ

    انتظاري جو عالم رهيو
    سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ
    ڏينهن، هفتا، مهينا
    برهه جي آڙاهه ۾ گذريا
    اگر سڏڪن کي ڳڻيو وڃي
    ته ڇا ٻڌائي سگهندين
    منهنجي سڏڪن
    منهنجي تڙپڻ جو
    تو وٽ ڪو علاج آهي؟
    دنيا ته توکي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو
    پوري سال جي درد ن جو
    هڪ ڏينهن ۾ علاج
    ۽ مان سنڌو ڪناري موت سان کيڏان پيو
    صرف هڪڙي مسڪراهٽ لاءِ ....!


    رُٺل آڪاش

    باک ٿيندي ئي
    مدهوشي مان هوش آيو
    ۽ لال اکڙين پاڻي کان پوءِ
    رت پئي ڇڏيو
    آرسي اڳيان پاڻ کي ڏٺم
    هڪ آهه ڀريندي سوچيم
    آڪاش ڪالهه به رٺل هو
    جواني تي پنهنجي تپش جا
    ڪرڻا ڪيرايا هُيئين
    آڪاش اڄ به پرتل ناهي جو
    دنيا جي زخمن تي
    پاڻي پيو ڦيري .....


      اثاثن جي سام

    منهنجي پيار جي ڏيئي - لاٽ
    تو وٽ امانت آهي
    جيئن تنهنجو حيا ۾ مسڪرائڻ.
    جيئن تنهنجي چهري جي نرمائپ تي
    پاڻي جون ڪجهه رهجي ويل بوندون
    جيئن اکين ۾ آيل نَمي
    جڏهن ڪجهه گهڙين لئه
    ڌار ٿيڻ جا لمحا ويڙهيندا آهيون.
    سڀ تو وٽ منهنجون امانتون آهن
    جانان!
    جي مان سماج جي
    رهزنن جي ور چڙهي وڃان
    ۽ تنهنجي اکين ۾ هميشه نَمي ٿي رهي پوان
    تڏهن تون انهن مڙني ڪيفيتن کي
    منهنجي ڌرتي ماءُ حوالي ڪجانءِ
    مون سان گڏ پنهنجي هجڻ جي احساس جيان
    ۽ جي ڪجهه پلن جي زندگي
    سهيڙي سگھين ته پوءِ
    اهو سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ وٽ رکجانءِ
    قيمتي اثاثن جيان!


    آس ۽ احساس

    هڪ آس ۽ احساس آهي
    پيار تنهنجو

    آس جي آڱر وٺي ٿو هلي
    ۽ احساسن جا ڀاڪر
    تو ڏانهن پنڌ پڄائين ٿا !


      بي جان ڪري وئين

    زماني سان هلڻ لئه
    هر شيءِ جو خيال رکيم پئي
    بي ساخته
    هر فرض نڀايم پئي
    توکي پائڻ لئه جيڪي عمل ڪيم
    جيڪي ڏينهن تو بنا ڪٽيم
    جن تنهائين ۾
    کڻي هٿ دعائون گهريم
    پر اڄ جڏهن
    تو غيرن جيان نهاريو
    بي ساخته فنا ٿي ويا
    فرض سارا
    ڄڻ سڀ دعائون
    بي جان ڪري وئين
    بي جان ڪري وئين ....


    سج جي ڇانوَ ۾ ڏٺل خواب

    تون ڪڏهن انهن واهڻن ۾ گُهمين آهين!؟
    ڪجهه گهڙيون گهاري ڏس
    توکي هڪ نئين ڪائنات ملندي!
    مون اڄ اهڙي خواب جي مُند ۾
    پنهنجا پير رکيا
    ايئن پيو ڀانيان ڄڻ
    تنهنجي پوتيءَ جو پلئه
    اکين تي رکيو هجيم!
    اُن خواب جي اوٽ ۾
    تنهنجي گهر جي گهٽيءَ مان لنگهه ٿيو
    اوچتو ئي تنهنجي در تي
    منهنجون اُٻاڻڪيون اکيون
    پردي بڻجي بيٺيون
    عجب سڪتو طاري ٿي ويو هجي
    ڪا به چر پر نه رهي انهن ۾
    جڏهن اکين جون پنبڙيون
    جهڪي رڪوع ۾ ويون
    ته تنهنجي پيرن جي چُمين تي وڃي پيون
    ڄڻ منزل ملي وئي هُجين
    تڏهن هو عقيدت ۾ اچي
    هڪ ڊگهي سجدي ۾ هليون ويون
    ايئن لڳو ڄڻ تنهنجي وجود جي
    هجڻ جو سرمو پائي رهيون هيون!
    اهو خواب
    منهنجي عبادت
    جنهن جون انيڪ نيڪيون
    منهنجي جسم ۾ عطر جيان مهڪن پيون!
    اهو ته خواب هو پرين!
    جي حقيقت هجي ته پوءِ .......


    اسڪرپٽ

    حاصلات کان لاحاصلات تائين
    هجڻ کان نه هجڻ تائين
    آئون وجود کان خالي وجود آهيان
    جنهن جي ڀوڳنا!
    وجود جو ڪو به دعويدار نه ٿو سمجهي سگهي
    منهنجي پيار جي ڏند ڪَٿا
    ايندڙ نسلن کي تون ئي ٻڌائيندين
    ان ڪري!
    منهنجي هجڻ ۽ نه هجڻ جو نقطو
    تو کي ئي طئي ڪرڻو آهي
    مون توکي محبت جي لوڪ ڪهاڻي ۾ جنميو
    پر تو!
    منهنجي زندگي کي
    اداس جزيرن ۾ پيل بي ساهي خاموشي جيان
    بڻائي ڇڏيو
    منهنجي تقدير جي ڏور کي ڦيرائڻ لئه
    قدرت منهنجا سڀ اختيار تو کي ڏئي ڇڏيا آهن
    ان ڪري آئون وس ۾ ناهيان
    ڪڏهن مون کي ايترو ويجهو آڻين ٿي
    جو دوئي جو سڀ حقيقتون خاڪ ٿي وڃن ٿيون
    ۽ ڪڏهن ايترو پري اُڇلي ڇڏين ٿي
    جو آئون تنهنجي وجود جي مدار مان نڪري
    واپسي لئه ڪشش ثقل وڃائي ويهان ٿو
    بس منهنجي هڪڙي گذارش آهي
    تون پنهنجي اسڪرپٽ کي فل اسٽاپ ڏي
    جيئن آئون پاڻ کي جيئاري سگهان
    ڇو ته مرده ڪردارن سان
    اسڪرپٽس جا ڪلائمڪس ڏاڍا بي معنيٰ ٿيندا آهن..


      اوندهه جو خواب

    منهنجي تخليق ۾
    ڪيترائي آڪاش
    ڪيترائي چنڊ ۽ ستارا
    منهنجي خيال کي
    ڪيتريون ئي ڌرتيون
    منهنجي تصور کي
    ڪيتريون ئي ڪائناتون
    او وقت جا جلاد
    تنهنجو پنجوڙ ڏاڍو ننڍو
    تون چمڙي وانگر
    اوندهه جو عادي
    منهنجي لفظن جي روشني
    تنهنجو ضد آهي
    تون منهنجي تخليق جي تقدس کي
    ڇا ماپيندين؟
    او جسمن جي وڍ ٽُڪ جا خواب ڏسندڙ!
    منهنجي لفظن کي هڏ ناهن
    جو انهن کي قيد ڪري سگهين تون !


    پيار جو ڀرم

    منهنجي ڇڙواڳ دل جي هٿ ۾
    پنهنجي دل جون واڳون ڏيئي
    ڄڻ صدين جو سُرور
    ارپي ڇڏيو هجئي.
    ۽ مونکي ٻَڌو ٻانهو بڻايو هجي!
    هڪ ناڪام ڪوشش
    اڄ وري ڪري ڏٺي
    توکان ڏور وڃڻ جي
    ڪجهه پَلَنِ جي لاءِ اکيون ٻوٽڻ جي!
    پر تنهنجي پريت جا ڏانوَڻ
    مَنَ جي پيرن مان نڪرڻ جو نانءُ ئي نه ٿا وٺن
    ۽ تنهنجي مڪمل هجڻ جا لامارا
    دل جي ديوارن تي پورٽريٽ جيان لڳل آهن ڄڻ !
    آئون ٿڪجي پيس
    هروڀرو جي ڪوشش ۾!
    هاڻ پاڻ کان هڪ سُونهُن ورتو اٿم ته
    تنهنجي پيار جو ابد تائين
    ڀرم رکندس
    توکي تو جيان
    تو تائين ئي تيئن چاهيندو رهندس
    جيئن هڪ مومن ايمان کي چاهي.


    ايترو پري هليو وئين!

    سڏڪندي سڏڪندي
    تنهنجي پٺيان هلندي هلندي
    پاڻ کي وڃائي ويٺس
    ڪوسي واءُ ۾
    زرد پنن جي جهرمراهٽ
    کن کن جو آواز
    ڄڻ ته سمنڊ ڪناري
    جهونگاريل تنهنجا گيت پئي لڳا
    پاڻ کي سهيڙيندي
    ايترو ڏور هليو ويس
    جو هاڻ توکي ڳولڻ بنا
    پاڻ کي ٿو پيو ڳوليان
    اڄ به جڏهن ڏور ڪنهن واهڻ ۾
    سُرن جي ورکا ٿيندي
    ته مان هڪ نئون جنم وٺي
    تنهنجي سُرن ڳولڻ واسطي
    ساڳين پيچرن تي
    هلي پوندس
    ڄڻ اهي سُرن جون سفينيون
    منهنجو روح بڻجي
    مون کي جيوندان ڏينديون.


    تبديلي

    اي پير! اي مير!
    اسان اوهان جا
    ساڳيا نوڪر
    ابن ڏاڏن کان ٻڌا ٻانها
    نه کپي نه کپي اسان کي
    ڪا به تبديلي نه کپي
    سماجي ماڻهو ، ٽي وي
    گڏجاڻيون، جلسا جلوس
    اسان جي قسمت
    تبديل نه ڪري سگهندا
    دنيا سان اسان جو ڇا ؟
    ته هو ڪِٿي پهتي آهي
    هيءُ ٿيندو
    هونءَ ٿيندو
    انقلاب پنهنجا پير سوريا آهن
    اڙي بابا!
    اسان هن حال ۾ صفا
    سڪون سان، قرار سان
    ٻه ڳڀا ماني وٺون ٿا!
    غيرت لئه عورت
    ڪڙڪ چانهه وارو هوٽل
    ٻيو ڪجهه نه کپي ...!
    اڙي اندر جا ماڻهو!
    اسان کي خبر آهي
    تون مري کپي ويو آهين
    ڪڏهن به زندهه نه ٿيندين
    ڇو ته اسين موروثي غلام آهيون
    ۽ پنهنجو ضمير کپائي ڇڏيو آهي
    اسان کي تنگ نه ڪيو،
    اسان جو فڪر به ڇڏيو
    ساڳيا لاٽو ساڳيا چُگهه
    ايندڙ نسل به اسان جو
    مانُ رکندو
    ان سلسلي
    کي انهيءَ جوش سان
    روان دوان رکندي
    دنيا سامهون سنڌي قوم جو
    عملي ۽ سرعام خطاب
    اي پير! اي مير!
    تون فڪر نه ڪجانءِ


    تنهنجو مزاج

    تون خوشين جي لمحن
    کي هميشه قيد ڪندي،
    ۽ هر سال ڪو نالو ڏئي
    يادگيرن جي اسڪرين پلي کي
    هميشه تازو رکندي آهين
    پر مان ته ڏکن جا ڏينهن به
    ناهيان ملهائيندو.
    ڇو ته هر دفعي انهن ۾ نواڻ
    ۽ جدت هوندي آهي
    بلڪل ائين جيئن
    تنهنجو مزاج هجي ٿو..!


    اُڃ جا چوسيل چَپَ

    جيون جي تتل صحرا تي
    سالن کان ڀٽڪيو آهيان
    نه ڪا ڇانوَ منهنجي بدن جي ڍال بڻي
    ۽ نه ئي ٿڌي چانڊوڪيءَ
    روح تائين پهچڻ جو سفر شروع ڪيو.
    سج پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان
    جسم ۾ گهر ڪري ويهي رهيو
    پر منهنجي دل ۽ جهيڻي جسم
    آڪاش کان پنهنجي اُڃ اُجهائڻ لئه
    ڪڪرن جي مِهر ناهي گهُري
    نه ئي بادلن کي ڪو ڏوراپو ڏنو اٿس
    مورن جي کنڀن جهڙا تنهنجا خيال
    جڏهن ڪوسي واءُ جيان
    منهنجي ٿڪل بدن مٿان
    اچي وارو ڪن ٿا
    تڏهن منهنجي دل مان
    بي ساخته اُڃ جو آواز ٿو نڪري
    هڪ ڊگھي رڙ
    ۽ پيڙا جي دز اُٿي ٿي
    مون کي ٿر جي سونهن جي اُڃ آهي
    جيڪا منهنجي
    اندر جي لينڊ اسڪيپ جو اُهڃاڻ آهي
    اُها اُڃَ گهڙي کن لئه
    سالن کان ڀٽڪيل جسم ۾
    هڪ ڊگهي اوسيئڙي ۾ رهندڙ اکڙين کي
    ايذائن پيون
    هاڻ ته اُڃ جا چَپَ
    ماروئڙن جو اهو ٿر ڏسڻ گهرن ٿا
    جيڪو تشنگيءَ چوسيو آهي
    ۽
    جنهن کي ڏسڻ سان
    منهنجي بدن جي اکڙين جي اُڃ
    ڪجهه پلن لاءِ ئي سهي
    وسامي ويندي!


    شيلف تان گم ٿي ويل ڪتاب

    منھنجو اکيون
    تو ۾ رھجي ويون آھن.
    منھنجي يادگيريون جا اھي پل
    جيڪي مون توکي ارپيندي گذاريا
    اھي به تو ۾ رھجي ويا آھن
    منھنجو پھريون پيار،
    يونيورسٽي وڃڻ لاءِ
    تڪڙ تڪڙ ۾ ابتي سبتي شرٽ پائڻ
    ۽ چشمو ڳولڻ واري سموري جستجو
    کي سانڍيندڙ ڀوڳنائون
    منھنجون حاصلاتون
    ۽ منھنجي آس نراس جا
    ناسي نيرا پل کڻي
    گم ٿي ويندڙ ڪتاب!
    تون ڪٿي آھين!


    سگريٽ

    پرينءَ جي وڇوڙي جو سور
    منهنجي روح جي سمندر اندر
    ڪڙهي ٿو پيو
    مان چاهيندي به ان کي
    برف نٿو ڪري سگهان
    طبيبن جون ڦڪيون
    درد جو سبب بڻجن پيون!
    مون طبيبن سامهون
    پنهنجي جُهريل دل کولي رکي!
    ’مونکي سگريٽ ڇڏڻ جي پابنديءَ ۾
    نه آڻيو،
    مون کان ڪجهه گهڙين جي شفا
    نه ڦريو..
    پرين جي وڇوڙي جي سور سان
    ڪجهه گهڙين جي لاءِ
    سگريٽ کي جنگ ڪرڻ ڏيو
    مان ڄاڻان ٿو!
    اهو منهنجي ساهه جي پيچرن تي چڙهي
    دل جي ڀتين تي
    سولائيءَ سان رسي مٿن پردو وجهي ٿو
    ڪجهه گهڙين جو سڪون
    ۽ شفا جون آڱريون ڦيري ٿو،
    پر پوءِ به
    جي ان مان سڪون جا گھنڊ
    ڪجهه گهڙين کان مٿي نه وڄن
    ته به هو
    منهنجي درد جيان
    مون سان گڏ آهي
    هو سالن کان
    هُن جي يادن جيان
    منهنجي گهڻو ويجهو آهي
    اهو زهر
    اندر جي زهر کان زياده ناهي
    انهي ٻنهي زهرن جي جنگ
    حيات تائين رهڻ ڏيو!
    مون کي سگريٽ سان گڏ سڙڻ ڏيو.


    گم ٿيل ماڻهو جو سفرنامو

    پنهنجي ئي حق لاء
    ويڙهه ڪرڻ جو سبق
    مون پنهنجي قديمي لوڪ ڪهاڻي ۾ ٻڏو آهي.
    مون وقت جي ڪن ۾ هڪ ڊگهي رڙ ڪئي ته،
    بگهڙن جي اکين مان،،،،،،،
    تهذيب جا سمورا دعويدار،
    منهنجي زبان تي ڏامر هارڻ لڳا.
    مون جڏهن ،،،،،،،،،
    پنهنجي هجڻ جو ادراڪ گهريو،ته
    تو پنهنجي طنزيه ٽهڪن ۾ ،
    مونکي اڏاري ڇڏيو.
    ۽ مان واچوڙن جيان،
    ڪنهن به ماهيت جو نه رهيس،
    سائنس کان وٺي،
    انساني حقن جي ڪتابن تائين ،
    اڄ مون کي ٻڌايو وڃي ٿو ته،
    واچوڙن جي ڪابه ماهيت نه هوندي آهي ،
    ان ڪري انهن جا ڪي به حق نه ٿيندا آهن.
    تنهنجا ٽهڪ ،
    منهنجي حياتي جو ،
    ڪيڏو نه الميو ثابت ٿيا آهن ،
    آئون وجود هوندي به
    پنهنجي شناخت وڃائي ويٺس


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 348057
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143503
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ