ڪتاب جو نالو: درد جون آيتون
مصنف: سعيد ميمڻ
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 30 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1338 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 563 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”درد جون آيتون“ نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي. سعيد ميمڻ پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ ڪيترائي دل کي وڻندڙ رنگ سمائي جڏهن اظهار جا آلاپ آڇي ٿو، تڏهن روح مان درد جون ڪيفيتون اکين ۾ جُهڙالا ڪري سارنگ جا سانگ رَچائي ڇڏين ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • سعيد، هڪ البيلو شاعر
  • شاعر پاران
  • موهن ۽ عاقل جو سنگم
  • درد جون آيتون

  • بڻيو طُور- سينا اَسان جو هِنيون،
  • منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي!
  • غزل
  • مان ڏسي رهيو آهيان
  • سمنڊ جي ڪناري تي اڄ اياز سوچي ٿو
  • غزل
  • وائي
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • پنجڪڙو
  • چؤسٽو
  • بيت
  • غزل
  • گيت
  • وائي
  • غزل
  • بيت
  • سُر سانورو جوڳيءَ مان ڪجهه بيت
  • بيت
  • گيت
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • نظم
  • وائي
  • وائي
  • غزل
  • غزل
  • وائي
  • غزل
  • غزل
  • گيت
  • آزاد نظم
  • بيت
  • دوهو
  • وائي
  • چئوسٽا
  • بيت
  • غزل
  • وائي
  • غزل
  • پنجڪڙا
  • غزل
  • غزل
  • غزل
  • بيت
  • هائيڪا
  • پنجڪڙا
  • پنجڪڙو نظم
  • غزل
  • ڀٽائيءَ کي ڀيٽا
  • امام حُسين عه جي ياد ۾
  • بيت
  • هَستي آئي آ هِتي، ڪهڙي مقصد سان،
  • وايون

  • پــائـي تـنـهـنـجـي پـريـت
  • ڪــــر نه اوســيـئــڙا!ڪـنـهن جا اوجـيئڙا
  • تنهنجا پنڌ پري
  • تنهنجي گهر مٿان ڪيسين مان بيهان
  • بيٺو آءٌ ڏسان
  • ڪپ تي ڇاههِ ملاح!
  • تنهنجو خواب ڏسي
  • پو به ڪوسو لڳوتنهنجو آلو بدن
  • چـﺂسٽا
  • رايا

  • بخشل باغي
  • نثار کوکر
  • ستار سُندر
  • تاجل بيوس

  • ترتيب

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : درد جون آيتون
    موضوع : شاعري
    شاعر : سعيد ميمڻ
    ايڊيشن : پهريون
    سال : فيبروري 2009ع
    تعداد : 1000 هزار
    ٽائٽل : آفتاب سرهيو
    لي آئوٽ : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : الرزاق ڪمپيوٽر ڪمپوزرس حيدرآباد
    ڇپائيندڙ ؛ سِپ پبليڪيشن نوابشاهه
    قيمت : 150 روپيه





    All Rights Reserved

    Name of Book DARD JOOn AAYATOOn
    Subject Poetry
    Poet Saed Memon
    Edition 1st
    Year Fabruray 2009
    Quantity 1000
    Publisher Sipp Publication Nawabshah
    Price 150/=


    ارپنا

    فطرت جي سُندرتا
    سان نوازيل
    پنهنجي ڳوٺ
    عاقل جي نانءِ
    جنهن جي جهوليءَ ۾
    جيڪڏهن جنم نه وٺان ها
    ته شايد شاعر ڀي نه هُجان ها.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (200) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”درد جون آيتون“ نامياري شاعر سعيد ميمڻ جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    سعيد ميمڻ پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ ڪيترائي دل کي وڻندڙ رنگ سمائي جڏهن اظهار جا آلاپ آڇي ٿو، تڏهن روح مان درد جون ڪيفيتون اکين ۾ جُهڙالا ڪري سارنگ جا سانگ رَچائي ڇڏين ٿيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    جديد سنڌي شاعريءَ جي ڀلوڙ شاعر سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جو چوٿون شعري مجموعو ”درد جون آيتون“ آڻيندي انتهائي گهڻي سَرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ جو سنڌي شاعريءَ جي دامن ۾ ٽڙندڙ هِن شاعري جو ون ۽ واس پنهنجو آهي، جنهن ۾ ڪيئي تخيل جا رنگين خُمار من کي مخمور ڪري ڇڏين ٿا.
    سعيد ميمڻ پنهنجي شاعراڻي لهجي ۾ ڪيترائي دل کي وڻندڙ رنگ سمائي جڏهن اظهار جا آلاپ آڇي ٿو، تڏهن روح مان درد جون ڪيفيتون اکين ۾ جُهڙالا ڪري سارنگ جا سانگ رَچائي ڇڏين ٿيون.
    سِپ پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر سَتون ”درد جون آيتون“ اداري ۽ سڄي سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهڙو اعزاز، جنهن جو تعلق احساسن ۽ درد جي ريشمي رنگين رومال سان سَنٻنڌ رکي ٿو. سعيد ميمڻ جي هيءَ شاعري اڄ جي نوجوان ٽهيءَ لاءِ مشعلِ راهه جو مقام رکي ٿي، جنهن جي روشنيءَ ۾ سعيد ميمڻ جا نماڻا نيڻ جنمن جي اوجاڳن سان اوسيئڙن جا نفيس سويئٽر اُڻي رهيا آهن؛ جن خوابن جا ڌاڳو-ڌاڳو ٽاڪا سرد آهون ڀري خاموش سُڏڪي رهيا آهن.
    سعيد ميمڻ شاعريءَ جي هر رُخ کان هڪ پَڪو پُختو شاعر آهي، جنهن کي سنڌي شاعريءَ جي منظر ۽ پَس منظر جو ڀرپور شعور آهي. اُن شعور جون ڏياٽيون سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جي حسين ۽ معصوم چهري تي جلوا افروز آهن.
    ادارو ستار سُندر جي سهڪار جي ٿورن مڃڻ سان گڏ جديد سنڌي شاعريءَ جي سرواڻ، خوبصورت شاعر ۽ پياري دوست آسي زمينيءَ جا خاص ٿورا، جنهن هِن ڪتاب جا اهم ۽ بنيادي مرحلا پنهنجو قيمتي وقت ڏئي طئي ڪيا؛ ۽ پنهنجو کوڙ سارو وقت ۽ توانائيون صرف ڪري اسان کي مانُ بخشيو.

    - ادارو
    03003217411Cell #


    مهاڳ

    سِٽون ڄڻ ته صُراحيون!

    ڪن سوالن جو هر دؤر جوابده رهندو پئي آيو آهي. توڙي جو هر دؤر وٽ پنهنجن ڏاهن جي موجودگيءَ باعث، ڏاهپ جي بي حساب سگهه موجود رهي آهي، پر پوءِ به اهڙن سوالن جو صليب هر دؤر کي پنهنجن ڪُلهن تي کڻڻو پيو آهي. ان جو هڪ اهم سبب زمان و مڪان جي لچڪدار ماهيت آهي ۽ اها لچڪ ئي اهڙي خوبي آهي، جنهن زمان و مڪان کي آفاقي قدرن جي مالڪي بخشي آهي؛ نتيجي طور زمان و مڪان جي اهڙي متنوع ۽ متبدل ماهيت، هر دؤر کي پنهنجا نوان سوال ۽ للڪارون (Challenges) ارپي، کيس جهنجهوڙي، جهوري، پنهنجي حيثيت مڃائيندي رهي آهي.
    انهن سوالن ۾ خالق (شاعر) ڇاهي؟ ۽ سندس تخليق (شاعري) ڇاهي؟ هر دؤر جا اهم سوال آهن. توڙي جو اسم شاعر ۽ ان جي صفت شاعري ٻئي بيڪ وقت تخليقون آهن ۽ ٻنهيءَ جا خالق الڳ الڳ آهن. هڪ انسان بحيثيت شاعر ۽ ٻيو مطلق شعور........ حق، سچ يا اڃا به اڳتي جو به کيس نانءُ ڏيو؛ پر پنهنجي بنيادي اڪائيءَ يا وحدت ۾ ٻنهي تخليقن جو خالق هڪ ئي آهي-مطلق شعور! هتي اسان جو موضوعِ بحث زندگي/شخص بطور شاعر جو خالق نه، پر ان مها تخليقڪار جي انتهائي پيچيده تخليق انسان/ شخص بطور شاعر جي شخصيت ۽ ان جي تخليق يا صفت شاعري آهي....... شاعري آهي ”درد جون آيتون“ ۽ شاعر آهي سعيد ميمڻ!
    شاعريءَ متعلق ڪنهن پرڏيهي ڏاهي خوب چيو آهي ته اهو عمل، شعور جو لاشعور کان تحت الشعور وٽان واپسيءَ، يا شعور ڏانهن لاشعوريءَ طور سفر جو ڪارنامو آهي..... ۽ بيشڪ آهي به ته ايئين!
    شعور جا به عجيب کيڏ آهن! عجيب انداز ۽ مزاج جو مالڪ آهي شعور! پنهنجي ”هئڻ“ يا موجودگيءَ جو ”احساس“ انتهائي انوکن روپن ۾ ڏياري ٿو، جنهن جو هڪ اڻ سِڌو رُوپ شاعري آهي. اَڻ سِڌو ان ڪري جو، سڌيءَ طرح اهو ڏاڍو شرير ۽ شاطر العمل ٿئي ٿو. شعور اگر جنون سان ناتو جوڙي وجهي ته ڏاڍو ڀيانڪ ثابت ٿئي ٿو، پر ان جي ابتڙ اگر جنون، شعور سان شاملِ حال ٿي وڃي ته کيس اهڙي معصوميت عطا ڪري ٿو ڇڏي، جيڪا شاعر جو شان بڻجيو پئي ۽ جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ،”شاعري جُز وَ اَست از پيغمبري!“ اقبال ان فرق کي تمام سهڻي پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي:
    اک جنون ہے کہ باشعور بہی ہے،
    اک جنون ہے کہ باشعور نہین۔
    - ۽ شاعري ان پوئين جنون جي عطا آهي-هڪ اهڙي ڪيفيت جو ڪارنامو جنهن ۾ شعور نه، پر جنون ڪارفرمان هوندو آهي؛ ۽ اهو جنون ئي آهي جيڪو وڏا وڏا ڪم لاشعوري طور سرانجام ڏيئي ويندو آهي، جنهن جو ان صاحبِ جنون کي شعور بعد ۾ تڏهن حاصل ٿيندو آهي، جڏهن اهو ان جنوني ڪيفيت مان ٻاهر نڪري چڪو هوندو آهي.
    حضرت موسيٰ ڪوههِ طُور تي شعوري طور خدا کي درخواست ڪندو رهيو: ”رَب ارنِي!“ يا رب! مون کي پنهنجو جلوو پساءِ! پر بار بار ساڳيو جواب ملندو رهيس: ”لن تراني!“ تون مون کي نه ڏسي سگهندين! ليڪن ساڳيو سوال جڏهن وجداني ڪيفيت اندر غارِ حرا ۾ گونجي ٿو، تڏهن اهڙي جنونِ عشق کي معراج ميسر ٿي ٿو پئي! شاعري پڻ ماوراءِ شعور، جنونِ عشق واري وجداني قوتِ عمل جو ثمر و معراج آهي.
    قاضي قادن کان شاهه ڪريم تائين ۽ شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين اسان جي سنڌ سونهاري، اهڙا ڪيئي حاملِ جنون و عشق ۽ صاحبِ جنون عاشق پيدا ڪيا آهن، جن ان عطا جي عيوض سنڌي ٻوليءَ کي شاعريءَ جو بي بها خزانو بخشيو آهي؛ ۽ اهو سنڌ جي مٽيءَ جو ڪمال آهي يا فطرت جي سوغات، جو اهو ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ سلسلو سدا قائم و دائم آهي؛ جيڪو اسان کي اياز کان پوءِ به اهڙا ڪيئي انمول موتي مهيا ڪندو پئي رهيو آهي - ۽ اهڙن ئي موتيءَ داڻن مان هڪ داڻو سعيد ميمڻ به آهي. سعيد جي شاعريءَ پڙهندي، اسان کي اوَس شيخ اياز جي ياد اچي ٿي؛ جنهن چيو:
    اڃا رُڃَ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
    متان ايئن سمجهين، مئا مور سارا!
    يا
    ”..... گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ،
    تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان......“
    - سعيد جي شاعري بيشڪ اها ئي گونجار آهي. سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ جي گلشن جو اهو مور آهي، جنهن جي شاعريءَ جا ٻول _ ٽهوڪا عاقل (لاڙڪاڻي) مان گونجار ڪري اُڀرن ٿا ته سموري سنڌ تي ان جو سحر طاري ٿي وڃي ٿو. مون کي اهو چوندي ڪوبه وڌاءُ نٿو محسوس ٿئي ته سعيد جي شاعري، اڄ جي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري شاعراڻي فضا ۾ مثلِ بادِ صبا ٿي اڀري آهي، جنهن جي ڇُهاءُ سندس هر پڙهندڙ جو من مهڪائيو آهي.
    اڄ جي پروفيشنل جيلسيءَ جي هن دؤر ۾، جتي افسوس جو اسان جا سينئرز پنهنجي جونيئرز کي همٿائڻ ته پري جي ڳالهه، کين محض پڙهڻ به پنهنجي لائق نٿا ڄاڻن، اتي سعيد ميمڻ، کين پنهنجي حيثيت محسوس ڪرائيندي نئين ٽهيءَ ڏانهن متوجه ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها نه رڳو سعيد جي ڪاميابي آهي، پر نئين ٽهيءَ تي سندس احسان پڻ آهي. اهڙيءَ طرح اهو به سچ آهي ته هُن، ڪيترن ئي وڏن نالي چڙهيل شاعرن جي نالي مٿان کلي عام منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو آهي؛ جيڪي اڄ سندس ڇڙو حوالو پڙهي ڇرڪي ٿا پون، ۽ اها سعيد جي شاعريءَ جي وڏي سوڀ آهي.
    سعيد پنهنجي تخليقي سفر دؤران ”نيڻ سفر ۾“ کان ٿيندو، ”ڪاري بَر ۾ چنڊ“ تائين پهچندي، رستي ۾ جتي پنهنجي قافلي جي کوڙ سارن هڪجيڏن کان اڳتي نڪري ويو آهي، اتي هو وڏن جگادر نام ڪٺين اميرانِ ڪاروان کي به پوئتي ڇڏي وڃي پرتي نڪتو آهي - ۽ ايئين ڪَوِتا نگر جي ڪيترن ئي پنڊتن ۽ پروهتن کي يقينن مٿس لٿل ”درد جي آيتن“ کي پڙهي، پنهنجي ڪم مايگيءَ جي احساسن جي انگاس تي ٽنگجڻ جو سُور ستائيندو.
    اهو اسان جي اڄ جي سياسي توڙي ساهتيه - سنسار جو هڪ وڏو الميو آهي، جو هرڪو پنهنجي خيالي دنيا ۾ ”پنهنجي مُنهن ميان مِٺو“ يا هر ڏِسا ۾ پنهنجي ڏيڍ - سِري مسيت جو پيش امام يا مڙهيءَ جو مَهاگُرو بڻيو ويٺو آهي! ليڪن کين ياد رکڻ گهرجي ته وقت، جيڪو ضِلِ الاهي آهي، اهو سڀ کان وڏو منصف آهي. کين ڀل ته پنهنجين ڳرين ۽ ٿُلهين پوٿين تي اڀمان هجي، پر سعيد تي لٿل هيءُ درد جو ننڍڙو صحيفو ضرور سندن ڪوڙين دعوائن جا ڪوٽ ڪيريندو، ۽ ثابت ڪندو ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي؟
    سعيد ميمڻ جو زيرِ نظر مجموعو ”درد جون آيتون“ سندس ٻين شعري مجموعن کان جتي اصنافِ سخن جي اظافي - جِن ۾ خاص طور بيت ڌيان طلب آهن - جي ڪري الڳ ٿلڳ آهي، اُتي سندس فني توڙي فڪري اوسر پڻ کيس ٻين کان الڳ مقام عطا ڪري ٿي. سعيد پنهنجي ٻين صنفن وانگر بيت ۾ پڻ خارجي مشاهدن کي داخليت جي ڀرپور رنگ ۾ رچيو آهي. خاص طور موجوده دؤر جون ڏنل نفسياتي اذيتون ۽ غيريقينيءَ واري ڪيفيت، سندس هرهڪ صنفِ سُخن جي موضوع کي حقيقي رنگ بخشي ٿي؛ جنهن ذريعي هو قاريءَ کي پنهنجو هم خيال بڻائي وٺي ٿو، ڇو ته اهي به ساڳئي دؤر جي پيڙائن مان گذري رهيا آهن- ليکڪ ۽ پاٺڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اهڙي ذهني هم-آهنگيءَ سندس شاعريءَ جي سُندرتا ۽ سڦلتا جو اهڃاڻ آهي:
    مون کان کِل نڪري وئي، ڏٺم جيئن هُن کي،
    گڏهه ڪرسيءَ تي، ويٺو هو آفيس ۾! (بيت)
    يا
    فائيلن مان مُنهن ڪڍي، مون کي چنبڙي پيا،
    کيسا کائي ويا، ڪُتا هُن آفيس جا! (بيت)
    ناڪام رياستي انتظاميه ۽ بيوروڪريسيءَ کي هن کان وڌيڪ ڪهڙيءَ ريت اگهاڙو ڪري سگهجي ٿو؟ طبقاتي نظام جي هاڃن مان هڪ هاڃو اهو به آهي ته اُن ۾ اهليت پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿي، ۽ گهوڙو ۽ گڏهه ٻيئي برابر، بلڪه ڪن حالتن ۾ ته گهوڙي تي گڏهه کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، ۽ نتيجي ۾ هر طرف مايوسي ۽ احساسِ محروميءَ جو عفريت يا راڪاس، نوجوانن جي ذهن توڙي جسم کي کوکلو ڪري، ڪٿي خودڪش ته ڪٿي ذهني مريضن جي انگ ۾ مسلسل اضافو آڻيندو رهي ٿو. ملڪي تاريخ گواهه آهي ته هر فوجي توڙي عوامي آمرانه دؤرِ حڪومت ماڻهن کي ويڳاڻپ، غيريقيني، عدم اعتماد ۽ نفسياتي مُونجهارن ۾ وڪوڙي زندگيون مشڪل بڻايون آهن. خودڪشين ۽ قبائلي جهيڙن کان وٺي شخصي بي راهه روي، اهي سڀ اُن نالي ماتر آزاديءَ جي طفيل ڏاڍ ۽ ڏمر جون سوغاتون ئي ته آهن! اهڙي ماحول ۾ ڀوڳنائن جي ور چڙهيل هڪ باشعور شهريءَ لاءِ فقط ٻه ئي رستا وڃي بچن ٿا: هڪ ته اعلانِ بغاوت ڪري رياستي ڪارندن هٿان مارجڻ يا پنهنجو پاڻ ئي بي روح زندگيءَ کان پاند آجو ڪرڻ، ۽ ٻيو ته شريمان “ٽرئنڪيولائيزرس“ وٽ شرن وٺڻ! پهريون تڪڙو ۽ باعزت موت، فرارِ زندگيءَ يا احتجاج جو قسم آهي، ته ٻيو قدرِ گهٽ باعزت ۽ ڌيمي حالت ۾ موت، فرارِ زندگي يا احتجاج؛ ۽ اهڙين حالتن جي متاثرين ۾ وڏو حلقو حساس دل تخليقڪارن جو ئي آهي-

    دوستن جون دليون صاف ناهن حبيب!
    ڪير ايندو اوهان جي سکر ڏي پرين؟ (غزل جو بند)

    مٿئين شعر ۾ به ساڳين خارجي حالتن جي نشاندهي ڪيل آهي، جتي هر ماڻهو سعيد جان ڇرڪيل آهي ته حبيب جان اُن جو حدف؛ ۽ اتي هر شهر سکر جان بي يقينيءَ ۽ بي اعتماديءَ جي ٽياس جو اهڃاڻ! اهڙيءَ طرح هيٺيان شعر پڻ ساڳين احساسن جي ڀرپور نمائندگي ڪن ٿا:
    زندگي هئي ٻڌل زنجير ۾،
    موت آيو، نجات آئي آ. (غزل جو شعر)

    تنهنجو خالق! ڀرم ته رکڻو آ!
    زندگيءَ سان مڙئي گذارا هن! (غزل جو شعر)

    موت ڪستو جهليو،
    مـون حــيـاتـي ڏنــي. (غزل جو شعر)

    سعيد! پاڇو ئي ساڻ هو پنهنجو،
    پاڻ سان ئي ڪٺي هليا هئاسين! (غزل جو شعر)
    غزل ۽ سعيد ايئن آهن جيئن آجر ۽ اجير، مالڪ ۽ مزدور! غزل سعيد جي مزدوري ڪري ٿو. غزل سندس حڪم جو بندو آهي. مجال آهي جو ساڻس اڙِي ڪري! اها ٻي ڳالهه آهي ته ڏاڍو مهانگو مزدور آهي! مزدوريءَ طور هو کانئس ڪهڙو اُجورو طلبيندو هوندو؟ ان جو اندازو فقط سعيد پاڻ يا سندس همرڪاب حساس دل تخليقڪار ئي ڪري سگهن ٿا.
    غزل کان علاوه سعيد تقريباَ سمورين مروجه اهم شعري صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. زيرِ نظر مجموعي ۾ هُن جتي گيت، وائي ۽ بيت جهڙين قديم ڪلاسيڪي صنفن تي پنهنجي مخصوص اسلوب تحت مشقِ سُخن ڪئي آهي، اُتي هُن جديد صنفن نظم، پنجڪڙي، آزاد نظم، چؤسٽي ۽ ٻه - سٽي سان به خوب نڀايو آهي. بلڪه صنفن متعلق ايستائين به چوڻ ۾ مون کي ڪو وڌاءُ نٿو لڳي ته هر شعري صنف، سعيد جي آڱرين جي ڇهاءُ لاءِ واجهائيندي نظر اچي ٿي.
    سعيد پنهنجي نظمن ۾ نهايت انوکا ۽ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا آهن. اهڙو هڪ سندس نظم ”مان ڏِسي رهيو آهيان“ آهي، جنهن ۾ هُن نظم ۽ غزل جي امتزاج جو انوکو مثال قائم ڪيو آهي. ”سمنڊ جي ڪناري تي، اڄ اياز سوچي ٿو....“ پڻ پنهنجي نوعيت جو نرالو نظم آهي. هتي هو ڪن ڳالهين ۾ اياز وٽ پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرائي ٿو، جنهن جو کيس حق حاصل آهي، توڙي جو ان تي بحث جي ڪافي گنجائش موجود آهي. اهڙو ئي هڪ احتجاج هو پنهنجي خالق سان به ڪري ٿو پر اُن ۾ نماڻائي، نهٺائي ۽ ويچارگيءَ جا احساس شامل آهن:
    مان تنهنجي تخليق تي، ڪهڙي راءِ ڏيان؟
    خالق! هيءَ دنيا، مون کي اڻ پوري لڳي! (بيت)
    سعيد ميمڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هرهنڌ، هر موضوع تي بيباڪيءَ ۽ دليرانه انداز ۾ فرسوده سماجي قدرن، حالتن تي طنز ۽ سياسي، سماجي ٺيڪيدارن جي منافقانه روين تي زوردار وار ڪندي هرگز نٿو ڪيٻائي؛ اها به سندس بطور شاعر هڪ اظافي خوبي آهي:
    قوم ڏسندي نه سا ڪاميابي ڪڏهن!
    جنهن جي اڳواڻ ۾ بي ضميري رهي! (غزل جو شعر)
    بطور شاعر، جتي هُن جي عقابي نگاهه پنهنجي پوري سماجي شعور سان، آسپاس تي ڄميل نظر اچي ٿي، اُتي هو پنهنجي ماضيءَ جي روايتن کان به ناتو نٿو ڇني. سنڌ ڌرتيءَ جي ساڃاهه ۽ سڃاڻپ، تصوف جو رنگ پڻ هن جي شاعرِيءَ ۾ جابجا نظر اچي ٿو ۽ سو به ڏاڍي جديد ۽ سگهاري رنگ ۾..... ڀٽائيءَ کي هو ”بابا“ چئي مخاطب ٿئي ٿو ته، سائين جي.ايم.سيد جي وحدة الوجودي صوفياڻي رويي، توڙي سندس قومي خدمتن جي عيوض کيس ياد ڪري ٿو. هيٺيون شعر سندس صوفياڻي رويي جو نه صرف ساکي آهي، پر اسان سمورن لاءِ سوچن جا سوين دروازا کولي ٿو ڇڏي!
    ڏٺو خدا کي اکين سان مون پنهنجي پاڙي ۾،
    نه ڪنهن مسيت، ڪَليسا، نه ڪنهن شِوالي ۾. (غزل جو شعر)
    سعيد ميمڻ پاڻ به پنهنجي مزاج ۾ مون کي مُنهنجو همزاد ۽ صوفي منش لڳندو آهي. ساڻس پهرئين ملاقات ڪافي عرصو اڳ سکر شهر ۾ محترم ادل سومرو پاران ڪرايل نثري نظم جي پهرئين مشاعري جي موقعي تي ٿي هئي، ۽ ان کان پوءِ اسان جون ملاقاتون صرف پنهنجين لکڻين وسيلي ئي ٿينديون رهيون. تن ڏينهن اڃا کيس رڳو مُڇن جي ساوڪ ئي هئي، پر وري جڏهن ٻيهر ملياسين تڏهن مون ڏٺو ته وقت سندس وارن تي چانديءَ جي پاڻيءَ جي ورکا ڪري ڇڏي هئي.......... واهه! فڪر سونو، وار چاندي! ڏاڍو وڻيو، ۽ مٿان وري جڏهن پنهنجي زيرِنظر شعري مجموعي کي ڇپرائڻ ۽ مون کان مهاڳ لکرائڻ جي ڳالهه ڪيائين، تڏهن مون کي خوشيءَ سان گڏ، منهنجو ان هستيءَ ۾ ويتر ايمان پختو ٿي ويو، جنهن جا بي شمار نالا آهن.
    سچ ته سعيد ميمڻ تي لکندي مون کي پنهنجي شاعر هجڻ تي عجيب خوشي محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جو اظهار لفظن ۾ مشڪل آهي. جنهن شخص کي مون سدائين برملا پاڻ کان وڏو شاعر ڄاتو هجي ۽ جنهن کان خود مون کي پنهنجي ڪمزور شاعريءَ لاءِ اتساهه ۽ سگهه حاصل ڪرڻ خاطر ڪجهه لکرائڻ جي چاهنا هجي، ان تي آءٌ ڪا راءِ ڏيان، اهو ڪم مون لاءِ ڪيڏو اوکو عمل هوندو، ان کي شايد ڪو به نه ڄاڻي سگهي.
    سعيد! آئون تنهنجي شاعريءَ تي لکڻ جو حق ادا نٿو ڪري سگهان، اها حيقيقت آهي بس، تنهنجي حڪم عدوليءَ جو ڏوهه نٿي ڪري سگهيس، تنهن ڪري اهو ٿورڙو ڪجهه لکي پاڻ کي خوشنصيبن جي لسٽ ۾ لکرائيو اٿم شال قبول پوي!
    ”مان تنهنجي تخليق تي، ڪهڙي راءِ ڏيان؟“
    تنهنجون دردنِ آيتون، اڙي سعيد ميان!
    سِٽون ڄڻ ته صراحيون، اوتيو مَڌ پيان،
    ويٺو ساڻ ونڊيان، گڏجيو شاههرح ۽ شيخرح سان.

    - آسي زميني


    سعيد، هڪ البيلو شاعر

    ”درد جون آيتون“ زميني مقدس صحيفا لکندڙ لاءِ ”سعادتون“ ئي هونديون آهن، جن تي اسان عقيدت ڀريا هٿ اڪثر ڪري وضوءَ ڪري رکندا آهيون. ”سانورو يا جوڳي....؟ هو ڇا به هجي... پر دل جو هو نهايت سادو، سٻاجهو ۽ جلدي اعتبار ڪندڙ آهي... هو ڪنهن اُٻاڻڪي ٻار وانگي لڳندو آهي.
    هُن جو مونسان اڳ جو تعارف رڳو هڪ اهڙي سنڌي لکندڙ شاعر جو هئو، جيڪو ڪنهن ”بيماري“ سبب اسان ڏي واجهائيندڙ ۽ ڏسندڙ ”تيماردار“ جي ڳولها ۾ هجي. مون هُن جو هڪ شعر نه بلڪه صرف ڪجهه شعر پڙهيا هئا، جن کي آڏو رکي سڀ اهڙو لکجي ويو جو اڄ ڪتاب جو ليکڪ ”سعيد ميمڻ“ مونکي ٿو چئي ته ، ”منهنجي ڪتاب تي لِک.... ڇا به لِک.... پر لِک ضرور....!“ پر مون لاءِ ٺهي جُڙي لکڻ انتهائي ڏُکيو آ- پر تڏهن به جهڙو حال آهي، حاضر آ!
    زندگيءَ ۾ الائي ڪيترا دفعا مان پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي وڏڙي اڱڻ تي لڳل کجيءَ هيٺان پَل گهاريا آهن پر هاڻي رڳو هي نه، بلڪه جتي به کجين جا وڻ ڏسندي آهيان، اُتي ”سعيد“ جا اهي پل مونکي اچانڪ کجيءَ جي اوٽ مان سج يا چَنڊ کي پَسندي ۽ ڏِسندي اکين تي تري ايندا آهن؛ جن ۾ هُن کان ڪائي ”حسينا“ وِڇڙي ويئي - پر ويندي ويندي هِن کي وڇوڙي جي روڳ ۾ جوڳ ڏيئي، اسان کي ”تخليق“ جو هڪ نئون جهان، نئون زمانو ۽ سانورو سعيد ڏيئي ويئي... جنهن لاءِ ”سعيد“ کي ”هُن جو“ ٿورائتو هُئڻ گهرجي، جڏهن هُن پاڻ ان لاءِ چئي به ڏنو ته هو، ”جيڪا سمنڊ به آ سراب به آ...!“
    هو وري ياد ڇو پيو آهي؟
    ڪين دل کان اڃان ڀُليو هوندو.
    شاعر، جنهن لاءِ جيمسپر مين چيو آهي ته ”شاعر ۽ شهنشاهه“ روز روز پيدا نه ٿيندا آهن؛ سو ”سعيد“ جهڙا به شاعر روز ناهن پيدا ٿيندا. ”منهنجي جيءَ کي امان ڏي“ جي ”دعا“ ڇا ته خوبصورت لفظن جو حسين امتزاج آهي! بلڪه نماز پڙهڻ کانپوءِ اگر اوهان ڪا ”دعا“ وساري ويهو ته، هي لفظ پڙهي ”رب“ جي بارگاه ۾ اماڻي ڇڏيندا ته، ”دعا“ پنهنجي ”دشا“ ڪڏهن نه وساريندي- جيئن:
    منهنجي چـﺂطرف رڳي رات آ،
    مون لاءِ روشني منهنجي ڏات آ.
    مونکي روشنيءَ جا جهان ڏي،
    منهنجي جيءَ کي امان ڏي!
    دعائون ۽ پرارٿنائون سڀن جون ساڳيون هونديون آهن، بس گهرڻ جو انداز مختلف هوندو آ. سماج ۾ ٿيندڙ انياءَ ۽ ظلم کان ڀلا سعيد منهن ڪيئن ٿو موڙي سگهي!؟ هو رهي ئي اهڙي ضلعي ۾ ٿو جيڪو سخت پاري ۾ به شعلن ۽ باه جيئان ٻرندو رهي ٿو. ”سنڌ“، جنهن ۾ ”نيلاميءَ“ جا بينر ۽ ڪارڊ کڻي، ماڻهو پنهنجو واڪ ڏئي ٿو، تنهن تي سعيد جون هي سٽون ڪنهن ”چماٽ“ کان گهٽ ناهن ته-
    ”ننگ غربت جا نيلام ٿيندا رهيا،
    واڪ ڏيندي ۽ وٺندي اميري رهي.“
    اولاد جي سڀاءُ ۽ رويي تي مليل”والدين“ کي... تحفو اولاد جو به.... هِنن سٽن ۾ ڪنهن آئيني کان گهٽ ناهي ته-
    هٿ ڇڏائي وئي جنهن کان اولاد ڀي،
    سو سهارو تلاشيندي پيري رهي.
    سندس شاعري، انساني فطرت ۽ عادت جي اُها عڪاسي آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو (جي چاهي ته) پنهنجو پاڻ ڏسي ۽ سمجهي به سگهي ٿو. محبت ۾ ”معيار“ ڏيڻ ته سعيد شايد سکيو ئي ناهي. پر تڏهن به، ڪا معيار”معيار“ نه هئڻ جي باوجود پنهنجي لاءِ وڏو درد ۽ ڏوراپو پڻ هوندي آ. هٿ ۾ هٿ ڏيئي جنهن سان جيوَن ٿو گهارڻ ماڻهو چاهي، ان کان سموري زندگي ڌار رهي گذارڻ - ڪمال آ...! هجر جو وصال سان ڀلا ڪهڙو تعلق؟ ”فراق“ جو درس مون لاءِ ساهه کڻڻ وانگي آ ۽ وصل مون لاءِ ”موت“ جيئان آهي. انهيءَ کي ڄاڻيندڙ ئي دراصل بقا ۽ فنا جي فلسفي کي سمجهي سگهن ٿا - باقي نيڻن ۾ سپنا ته تيستائين هوندا، جيسين ڪائنات ۾ ذري به ”جوت“ رهندي. ساڀيائون ماڻڻ وارا هڪ جڳهه تي ويهي رهندا آهن، پر سپنا لهندڙ هر جڳهه تي ٿَڪَ به ڪونه ڀڃندا آهن؛ پوءِ ڀل سعيد هيئن ئي چوندو رهي ته...
    ”اسان جيڪي نيڻن ۾ سپنا سجايا،
    نه تِن ماڻي ساڀيا، ڏٺا سي اجايا.
    شاعريءَ جو سفر اڙانگو آهي، هر ڀوڳنا ۽ وارتا ”ماءُ جي ڪُک ۾ ٻار“ جيئان آهي، جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ايذائيندڙ به آهي پر.. ”تخليق“ اولاد جيئان ئي مِٺي ۽ پياري به آ.. ۽ ”اولاد“ اميد ۽ نراسائيءَ جو هڪ پاڇو به آ-جنهن جو اندازو سعيد جي شاعريءَ ۾ به سرس نظر ٿو اچي، تڏهن ته هو نه چاهيندي به هيءُ شعر لکي ويٺو ته:
    ”سعيد عمر وڃائي ڇڏيسين شعرن ۾،
    پئي مهانگي اسانکي هي ف ۽ ن جي ڳولا (فن)
    هِن ڪتاب جو ”ڪُلُ“ هڪ پل ۾ اوهان کي ”سُر سانوري جوڳيءَ“ جو گيڙو رتل روپ پَسائي ٿو ڇڏي. سندس اِهو ”سُر“ اوهانکي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سائين ۽ ساميءَ جي ”سفر“ سان گڏ گڏ هلڻ تي مجبور ڪري ٿو. اوهان گهڙيءَ ۾ سمنڊ، جبل ۽ صحرا جا راهي ٿي پئو ٿا، جتي ”سعيد“ سڀن سان گڏ، وڏي ميڙ ۾ به جڳهه والاري چُڪو آهي.”سٽ“ ”سٽ“ هِن سُر جي، اوهانکي ”لاهوت“ جو سفر ئي محسوس ٿيندي ۽ اوهان ”سعيد“ سان هِنن سِٽن آڌار، گڏ هلي ٿا پئو قافلي ۾ -
    ”مونن مٿان مُنهن رکي، ڪيسين واجهايون،
    سعيد وڃن ٿا قافلا، پاڻ به اُٿ ڪاهيون،
    سانده ويٺا هِيون، هن لئه ڇو هيئن واٽ ۾؟
    ”سعيد“ هڪ ئي وقت غزل، وائي، بيت ۽ گيت جو البيلو شاعر آ جنهن ۾ ”موسيقيت“ کي به اوهان محسوس ڪندئو ته اوهان کيس پڙهندي پڙهندي ”تو رمتا جوڳي“ جو پڙاڏو به ٻُڌي سگهو ٿا؛ جيڪو دراصل سعيد سانوري جي اُها سڃاڻپ آهي، جنهن تي ”اڄ“ ڪڇڻ کان ۽ ڪجهه چوڻ کان لاچار آ پر ”سڀاڻي“ اِهو ”جوڳي“ هر وات تي ۽ هر دل تي هوندو . ڪو گيت، غزل ، وائي ۽ پنهنجي ئي چيل ”سُر“ جي پڙلاءُ ۾، جنهن جو ”آلاپ“ ڪو.... جوڳي.... يا فقير جهر جهنگ ۾ پيو جهونگاريندو... ۽ وجد مان پيو ڳائيندو:
    سادگيءَ ڦند ڪوئي نه سکيو ڪڏهن،
    سعيد! ساڳي اسان جي فقيري رهي.
    تڏهن به سعيد کي هڪ التجا ته پاڻ پنهنجي هِن شعر کي پاڻ تي ”حاوي“ ڪندي، سدائين لفظن جا ماڻڪ ڪتابن جي صورت ۾ پڙهندڙن کي ارپيندو رهي-
    ”ڪو نئون عشق ٿو سڏي دل کي،
    سعيد! ماضيءَ سڏي جهليو هوندو.“
    ”عشق“ پراڻي شراب جيئان هوندو آهي.... ان لاءِ ”وکر سو وهاءِ“ جو... هيءُ.... پنڌ.... سعيد کي ڪنڌ مٿي کڻي ڪرڻو پوندو. باقي رهيون ”دعائون“! سو، اسان جا هٿ سندس لاءِ ”دربارِ حبيب ۾“ کڄيل هئا ۽ سدائين کڄيل رهندا... باقي مٽيءَ جو سفر...؟؟؟ سڀ ڪنهن جو.... هٿئين خالي.... تو چواڻي....
    ساڻ نه آهن سٿ، ساٿي سڀ ڇَڏي ويا،
    ڇاڇا ڏنئه زندگي، ڪهڙِي ڪريون ڪَٿ،
    کڻي خالي هَٿ، موٽياسين مٽيءَ ۾.
    سعيد جي سموري شاعري پنجابيءَ جي هن شعر جيئان آ، جنهن ۾ کنڊ ۽ زهر ٻئي مليل ۽ رچيل به آهن... ۽ ڌار ڌار به آهن:
    ميري خيال اندر اوه شاعر، شاعر هُندا:
    کهنڊ کهنڊ نُون، زهر نُون زهر آکههِ.


    - فوزيه بانو
    نوشهروفيروز، سنڌ.


    شاعر پاران

    اها ڳالهه اسين سڀئي ڄاڻون ٿا ته شعر جي عمارت ٻن شين سان تعمير ٿئي ٿي، هڪ شاعر جي داخلي تجربن سان جن کي، تخيل جي مدد سان شاعر ظهور ۾ آڻي ٿو ۽ ٻي شاعراڻي ٽيڪنڪ يا صناعي، جنهن سان هو پنهنجي شاعراڻي تخيل کي ڪا موزون شڪل ڏئي ٿو.
    ترتيب ۽ توازن فن لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. انهن ٻنهي عنصرن کانسواءِ شاعر جو اظهار اثرائتو نٿو رهي. ڪلاسيڪي شاعري، جيڪا گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ به نوبني ۽ اثرائتي لڳندي آهي، ان جو سبب به اهو ئي آهي ته منجهس ترتيب، توازن ۽ لافاني تخيل موجود هوندو آهي.
    شاعريءَ ۾ ترتيب ۽ توازن سان گڏوگڏ خيال جي وسعت ۽ زندگيءَ جي بنيادي موضوعن (جيڪي سڀني انسانن جي داخليت جي عڪاسي ڪندڙ هجن) جي اهم حيثيت هوندي آهي، ڇو ته جيڪڏهن شاعريءَ ۾ انسان جي بنيادي جذبن جو سگهارو اظهار نه هوندو ۽ شاعري صرف اڇاتري ڪيفيتن جي عڪاسي هوندي، ته اهڙي شاعري دائميت جو درجو حاصل ڪري نه سگهندي؛ جيئن جيڪس مارٽين (Jaques Maritain) پنهنجي ڪتاب (The Creative Intuition in art and poetry) ۾ لکيو آهي ته ”شاعري محض شعر گوئي نه آهي، پر ان کان وڌيڪ عمومي ۽ ابتدائي عمل، يعني شين جي باطني وجود ۽ انساني انا جي باطني وجود وچ ۾ لاڳاپو يا انسيت.“
    اها حقيقت آهي ته شاعري انسان جي نفيس احساسن جو خوبصورت اظهار آهي. شاعر جي رنگين تخيل سان ڪائنات جي هر منظر ۾ عجيب جاذبيت، سحر ۽ سونهن سمائجي وڃي ٿي. اهي حقيقتون، واقعا يا منظر جن تي روز مره جي زندگيءَ ۾ اسان جي نظر اڇاتري گذري وڃي ٿي، اُهي جڏهن ڪنهن سٺي شاعر جي سهڻي ۽ ادراڪ ڀرئي اظهار ۾ ظاهر ٿين ٿا، تڏهن اهي اسان جي من تي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏين ٿا ۽ اسان کي اهو احساس ٿئي ٿو، ته اسان انهن شين/منظرن کي ڪيئن نه سطحي نظرن سان ڏسي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو! حقيقت ۾ هر منظر ۾ ڪا نه ڪا معنيٰ، مفهوم ۽ رمز ڀريا اشارا لڪل هوندا آهن.
    پنهنجي شاعريءَ متعلق ڪجهه لکڻ کان پهرين فرانسيسي نقاد پال ڪلائوديل (Paul Claudel) جي فنڪار لاءِ ڪيل نصيحت جو ذڪر ڪندس. هو چوي ٿو ته ”جيڪو فنڪار پنهنجي فن جي طرف توجهه ڏياري سو رَسيءَ تي هلندڙ ان ڪرتب ڪار جيان آهي جيڪو، ڏسڻ وارن کي پنهنجي پيرن جي طرف متوجهه ڪندو هجي. فن جون مقدس دوشيزائون زور زبردستيءَ کان گهٻرائينديون آهن.........“ سو ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندي مان پنهنجي شاعريءَ متعلق وضاحتون ڪرڻ بدران اها جيئن آهي تيئن توهان آڏو رکڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه متاثر ڪرڻ جهڙا جزا هوندا ته اهي توهان جي حساس دلين تي ضرور اثر ڇڏيندا. باقي هڪڙي ڳالهه چوندس ته شاعريءَ جون سڀئي صنفون لکڻ باوجود مون غزل کي پنهنجي اظهار جو ڀرپور وسيلو سمجهيو آهي.
    منهنجي شاعريءَ تي ڪهڙن شاعرن جو اثر آهي. ان بابت مان راجرڪيلوئس (Roger caillous) کان اُڌارا لفظ وٺي چوندس ته، ”مون ڪنهن جي تقليد نه ڪئي آهي. مون ڪمزوريءَ وچان شاندار ۽ رعب انگيز شعر چوڻ جي خواهش آڏو سر نه جهڪايو آهي. منهنجا قانون، منهنجا اصول، منهنجو مزاج انهن سڀني جو سرچشمون منهنجي پنهنجي طبيعت آهي، پر مون ڪڏهن به پنهنجي چوڌاري موجود ڪائنات کان جدا هئڻ جي نمائش ناهي ڪئي ۽ ٻين شاعرن ۽ ٻين انسانن کان ڄاڻي واڻي پاڻ کي جدا نه ڪيو آهي. مون سوچيو آهي ته منهنجي لاءِ پنهنجي خلوص ۽ خودمختياريءَ جي اظهار لاءِ اهو ئي بهترين طريقو آهي، ته خاموشيءَ سان جيڪي مونکي لکڻو آهي لکندو هلان.......
    سائين تاجل بيوس مونکان ڪڏهن پڇيو هو ته ”سعيد! توکي شاعريءَ لاءِ انسپائريشن ڪيئن ملندي آهي؟“ مون چيو هو ته مونکي حُسن يا خوبصورت نظارن ڏسڻ سان شاعريءَ لاءِ انسپائريشن ملندي آهي. پنهنجي ڳوٺ عاقل ۾ سرنهن جي ڦولار، رابيل ۽ گلاب جي گلن جا ٻارا، زيتونن جا باغ ۽ انهن ۾ وهندڙ واهيون ۽ واها، ڪڻڪ ۽ سارين جا جهومندڙ فصل، صبح سمي نيرڙي پاڻيءَ ۾ مرڪندڙ ڪنول جا گل، سانجهيءَ جو لهندڙ سج، عاقل جي پراڻي قبرستان جون اُداس قبرون ۽ قبرن ڀرسان نِمُنِ، سنجهين ۽ ڪنڊين جي وڻن مٿان ويٺل اڪيلا پکي، نيري آڪاس ۾ اڇن ڪبوترن جا اُڏامندڙ ولر، سانجهيءَ جو سنڌوءَ ڪناري مهاڻن جا ميرانجهڙا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون، چوڏهينءَ رات سنڌوءَ جون مست ڇوليون... اُنهن سڀني منظرن مان مونکي انسپائريشن ملندي آهي.
    هتي مونکي روبن اسڪيلٽن جي ڪتاب The Poetic Pattern جون اهي سِٽون الائي ڇو ياد ٿيون اچن جن ۾ هن چيو آهي، ”فطرت جي انهن مظهرن کي، جن کي عام ماڻهو انسان کان غير متعلق سمجهندا آهن، شاعري انهن کي انساني تشخص بخشيندي آهي، شاعريءَ ۾ وڻ، گل، بادل، دريا، پهاڙ سڀ انساني صفتن سان نوازجي ويندا آهن.“
    شاعريءَ ۾ مونکي علامتي اظهار بيحد پسند هوندو آهي. ڇو ته منهنجي خيال ۾ اهڙو اظهار ئي هر دﺂر ۾ شاعر کي زنده رکي ٿو. جيئن نقاد David Daiches جو چوڻ آهي ته ”علامتي شاعريءَ جي خصوصيت اها هوندي آهي، جو ان جو بار بار مطالعو ڪرڻ سان ان شاعريءَ جي لفظن ۾ معنائن جو اضافو ٿيندو رهندو آهي.“ علامتي اظهار ئي شاعريءَ جي تاثر کي ڀرپور بڻائيندو آهي ۽ اُن ۾ گهرائي ۽ اظهار ۾ وسعتون پيدا ڪندو آهي.
    اهو فيصلو ته نقاد ۽ اوهان پڙهندڙ ئي ڪري سگهو ٿا ته منهنجو شاعريءَ ۾ الڳ اسلوب آهي يا نه؟ مون شاعريءَ ۾ نوان رجحان ۽ نيون راهون جوڙيون آهن يا نه؟ منهنجي شاعري جديد دﺂر جي تقاضائن سان مطابقت رکي ٿي يا نه؟ پر مان ايترو ضرور چوندس ته مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ مون فن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي، پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟ اها ٻي ڳالهه آهي.
    جڏهن به مون ڪجهه لکيو آهي ته اها تخليق ڪيترن ئي مرحلن مان گذري پوءِ ئي ڇپجڻ لاءِ ويندي آهي، جڏهن مان اهو محسوس ڪندو آهيان ته اها پنهنجي ”مڪمل“ هئڻ جو احساس ڏياري ٿي پوءِ...! مون شاعريءَ کي صرف محبوبا جي حسن تائين محدود ناهي رکيو پر ڪوشش ڪئي اٿم ته ڌرتيءَ جي هر منظر ۽ انسانن جي مڙني ڪيفيتن جو اظهار ڪري سگهان.
    ”درد جون آيتون“ ۾ مون ڪجهه بيت به شامل ڪيا آهن، گهڻا بيت مون وٽ پيا آهن جيڪي بعد ۾ ترتيب ڏئي ڇپائبا. بيت لاءِ مان چوندس ته بيت شاهه لطيف جي شاعراڻي ڇهاءَ سان فن جي بلندين تي پهچي ويو. شاهه لطيف جا بيت واقعي به آيتون آهين، سندس لفظن جو جَڙاءُ ۽ سِٽ سِٽ ۾ تجنيس حرفيءَ جو ڪمال ٻئي ڪنهن به شاعر ۾ اهڙو نٿو ملي.
    لطيف کانپوءِ شيخ اياز سنڌي بيت کي نوان رنگ ۽ انوکا ڍنگ ڏئي نئين زندگي ڏني. سندس شعري مجموعي ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ ۾ ڇپيل بيت جيءَ ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اياز ته اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعريءَ جو مزاج بدلائي ڇڏيو. اياز نه صرف پنهنجي همعصرن کي متاثر ڪيو پر ان کان پوءِ هر ايندڙ ٽهي اياز جي شاعريءَ کان متاثر ٿيندي رهي آهي. اياز کان پوءِ تاجل بيوس مونکي بيت جو سگهارو شاعر لڳندو آهي. تاجل بيوس، جيڪو اسان کان تازو ئي وڇڙي ويو! هن جي شاعريءَ ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ سنڌ جي ڪلچر جا انوکا عڪس ملن ٿا.
    مونکي پاڻ متعلق ڪابه خوش فهمي ناهي ته مان به ڪو وڏو شاعر آهيان، مان اڃا پاڻ کي سيکڙاٽ شاعر ئي سمجهان ٿو. اوهان کي منهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي نقص ۽ خاميون نظر اينديون، پر اها ڳالهه مان ضرور چوندس ته مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو سچائيءَ سان لکيو آهي.
    هر برٽ ايلس (Herbert Ales) چواڻي ته ”جيڪي ڪجهه دُنيا ۾ ٿي سگهي ٿو سو بيان ڪري سگهجي ٿو پر، ضرورت رڳو اهڙي ماڻهوءَ جي آهي جو ان کي بيان ڪرڻ ڄاڻندو هجي.“ سو مان ”اهو بيان ڪرڻ“ تي دسترس نٿو رکان پر، انساني جذبن ۽ ڪيفيتن جي سچائيءَ ڀرئي اظهار جي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم.
    هي موقعو ته ناهي پر حياتي الائي مهلت ڏئي الائي نه، مان ڪجهه اعتراف ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
    هڪ اهو ته ”کجين واري شهر“ ۾ هُن سان ملاقات ٿيڻ منهنجي زندگيءَ جو هڪ وڏو حادثو هو، جنهن سان مان جنون جي حدن تائين وڃي پهتو هوس؛ ۽ ديوانگيءَ جون حَدون اورانگهيندي وڃي ڊپريشن جي ڌٻڻ ۾ ڪريس. ڪافي عرصو ڊپريشن ۾ رهيس، ان مان ته آخر نڪري آيس پر دل ۽ دماغ ٻئي ڌَڪيِ ڪري موٽيس. دل کي هاءِ بلڊ پريشر نصيب ٿيو ۽ دماغ کي تڪليف سبب جسماني جهٽڪا اچڻ لڳا، جنهن ڪري هٿ ڏڪڻ لڳندا آهن ۽ هٿن ۾ موجود شيون ڪري پونديون آهن. اها تڪليف اڃا ڀوڳيان پيو.
    ٻي ڳالهه اها ته جڏهن منهنجي مٿان جنون طاري هيو تڏهن جنهن کي چاهيو هيم، ان جو نالو بي تحاشا منهنجي شاعريءَ ۾ اچڻ لڳو هو، جنهن سان هُن کي ڏاڍي تڪليف پهتي هوندي؛ ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جي هُوءَ پس منظر ۾ هلي ويئي. مونکي پنهنجي ان غلطيءَ جو احساس ڏاڍي اذيت ڏيندو آهي. ڪاش! هوءَ مونکي معاف ڪري سگهي. ڪتاب جي نالي ”درد جون آيتون“ جي حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته چار پنج سال اڳ هي ٻه سِٽون مونکان خواب ۾ جڙيون هيون:
    بڻيو طور سينا اسان جو هينئو،
    اسان تي لٿيون درد جون آيتون.
    مون ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ اهي ٻه سٽون لکي ڇڏيون پر ڪڏهن انهن کي وڌائي غزل ڪرڻ جو خيال ئي نه آيو. جڏهن هيءُ ڪتاب سهيڙڻ ويٺس ته الائي ڇو اُهي ٻه سِٽون بار بار منهنجي ذهن ۾ اچڻ لڳيون. نيٺ مون انهن ئي سٽن مان ڪتاب جو نالو ”درد جون آيتون“ چونڊيو. توهان کي خبر هوندي ته ”آيت“ جي لغوي معنيٰ آهي ”نشاني“ جيئن ته منهنجي شاعريءَ ۾ ”درد“ جو ذڪر ڪجهه سَوايو آهي، سو مونکي اهو نالو ئي مناسب لڳو.
    مان ڏاڍو ٿورائتو آهيان پنهنجن پيارن دوستن ستار سُندر ۽ بخشل باغيءَ جو، جيڪي عاقل اچي هن ڪتاب جو مسودو کڻي ويا ۽ ڇپائيءَ جو بار پاڻ مٿان کنيائون.
    ٿورا دلبر دوست آسي زمينيءَ جا، جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. منهنجي اها دلي خواهش هئي ته آسي مهاڳ لکي، ڇو ته هو منهنجو هم عصر ۽ هم مزاج آهي.
    مانواري نثار کوکر ۽ مانواري فوزيه بانو جا به لکين ٿورا، جن تاثر لکي مان بخشيو.
    آخر ۾ اها ڳالهه وري به چوندس ته منهنجا شاعراڻا تجربا ۽ محسوسات، جيڪڏهن اوهانکي پنهنجا لڳن ٿا ۽ انهن ۾ توهان جي جذبن جو اظهار آهي، ته مان پڪ سمجهندس ته منهنجون ڪوتائون سڦل آهن.



    - سعيد ميمڻ


    موهن ۽ عاقل جو سنگم

    سانجهيءَ پڄاڻان عاقل ڳوٺ جون تاريخي گهٽيون توڙي جو اڄ موهن جي دڙي جي ور وڪڙ پيچرن جيان ويران ڀاسن ٿيون، ۽ ڳوٺ جون مشهور اهم شخصيتون اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ کان لاچار آهن، پر زيتونن جي وچ باغن ۽ سنڌوءَ ڪپ تي قائم هيءُ ڳوٺ اڄ سعيد ميمڻ جي ڳوٺ سان مشهور آهي. ايئن جيئن عاقل ۾ سعيد جو گهر ”دانش جو گهر“ سان سڃاتو وڃي ٿو، تيئن هي ڳوٺ به ”سعيد جو ڳوٺ“ جي سڃاڻپ ڌاري چُڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعيد جي ڪوتائن ۾ عاقل جي نانوَ جي خوشبوءِ ڪجهه سرس ئي نظر ايندي، ۽ پاڻ هيءُ چوٿون شعري مجموعو عاقل کي ارپي سرهائي محسوس ڪري ٿو.
    ”درد جون آيتون“ ۾ سندس اهي رچنائون شامل آهن، جيڪي ڪجهه ته منظرِعام تي آيل آهن ۽ ڪُجهه نڪور ته ڪي وري مٽيءَ جي دز چڙهيل اهي لازوال رچنائون آهن، جن کان هو پاڻ به بي خبر هو- بلڪل پنهنجي بي ترتيب زندگيءَ جيان! سعيد جون انيڪ ڪوتائون مون هڪ رات سندس گهر جي پراڻن ۽ ڦاٽل ڪتابن جي وچ مان ايئن کوٽي ڪڍيون هيون، جيئن موئن جي دڙي مان ڪنهن تاريخي ۽ ناياب مورتيون ۽ سونيون سرون ڪڍيون هجن.
    ”درد جون آيتون“ ۾ اهي الهامي آواز آهن، جيڪي هو بيساخته پَنن تي پٿاريندو ويو آهي. مون سندس اکين ۾ درد جون اُهي آيتون لهندي ڏٺيون آهن، جيڪي هڪ پوڙهي پاڙيسري ٽيگور جي ٽيگور نه هجڻ جو شڪ ڀائيندي اکين ۾ ڏٺيون هيون ۽ جيڪي زرينا، سنڌ جي مهان ڪوي ۽ پنهنجي ور شيخ اياز جي اکين ۾ لهندي پَسيون هيون. سعيد جي اکين جون سموريون چلولايون ۽ دردن جا پهاڙ ڪرندي هنن اکين پسيا آهن، پر سندس زخمن تي پها رَکڻ جي سگهه مون سميت اڃا ڪنهن به نه ساري آهي.
    بڻيو طور سينا، اسان جو هنيون،
    اسان تي لٿيون، درد جون آيتون.
    ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سعيد جي شاعري، اکين جو رستو چيري هينئين سان هنڊائڻ جي ڀرپور سگهه رکي ٿي. هن وَٽ لفظن ڳولا ناهي پر لفظ خود سندس متلاشي رهن ٿا. هو لفاظيءَ کي خيال جو موت سمجهي ٿو. سادن، سلوڻن ۽ معنيٰ خيز لفظن سان ڀريل سندس ڪوتائن جا رنگ هر اها اک پَسي ٿي، جنهن اندر محبت جي مايا هر رُخ کان روشن آهي. هو ڪاڪ ڪنڌيءَ جو اهو ناکئو آهي، جيڪو گجگوڙ گهٽائن ۾ لفظن جي لهرن سان مومل کي مينڌري ۽ مينڌري کي مومل سان ملائي سرهو ٿيندو آهي. سندس هڪ مقبول غزل، جيڪو هو ڪنهن به مجموعي ۾ شامل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو هو ۽ اهڙين لکيل رچنائن تي هو هاڻي پڇتاءُ ڏيکاري ٿو، پر منهنجي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جي گهڻي اصرار تي، هو نيٺ هن مجموعي ۾ اهو غزل شامل ڪرڻ تي رضامند ٿيو. هي غزل سندس اندر جو اهو آئينو آهي، جنهن جا ڌنڌلا ڌنڌلا عڪس هو پاڻ به پَسي ٿو ۽ اسان سڀني کي به پَسائي ٿو، مطلع سميت ٻه بند:
    هر شعر حسينا جو، هر بات حسينا جي،
    هر ڏينهن حسينا جو، هر رات حسينا جي.

    آواز ڪيو هَلڪو، هر ڳالهه چئي هوريان،
    سوچيوسين متان ڀڙڪي، جذبات حسينا جي.

    وڃ چَنڊ! ستارن سان، رَستي ۾ اُجالا ڪر،
    اڄ رات هتان ويندي، بارات حسينا جي.
    سعيد جي سموري زندگي ڄڻ ته سندس ڪوتائن ۾ قيد هجي، ايئن تڏهن ٿو ڀاسي جڏهن سعيد جا غزل، بيت، وايون، نظم ۽ پنجڪڙا پنهنجي انفراديت سان هڪ اهڙي رستي ڏانهن نيو ٿا وڃن، جتي ڪي ڊگهي سفر جا مسافر گهاٽي وڻ جو ڇانورو ڏسي ٿڪ ڀڃڻ لڳن. اکيون اڻ ڄاڻائيءَ ۾ زمين جي اهڙي ڪنڊ تي ٽِڪ ٻڌي بيهن ٿيون، جتي چنڊ ستارن جي جهرمٽ ۾ پنهنجي هُجڻ جو احساس پُختو ٿيڻ لڳي، ۽ بار بار ڪنڌ ورائي ڏسڻ سان به اندر جي اُڃ نه اُجهامي سگهي. ايئن ئي سعيد جون سِٽون ڪو به پڙهندڙ هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ بار بار پڙهڻ چاهيندو. اهڙي خوبي هر شاعر جو مقدر ڪٿي ٿي بڻجي سگهي. داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو جنجهه اسان کي اهڙيون سوکڙيون ڏيڻ لاءِ آتو نظر اچي ٿو، پر اُن اڄ سعيد کي اهڙي هنڌ رسايو آهي، جتي کيس شايد مڃتا جا موتي ته ملي سگهن ٿا پر پاڻ اهو ڪجهه حاصل ڪرڻ کان قاصر آهي، جنهن سان زندگيءَ کي معنيٰ يا مفهوم ملي سگهي:
    ڦٿڪي ٿي تاريخ، اونداهي پاتال ۾،
    هن جي ڪائي چيخ، پٿر ڪين ٻڌي سگهيا.
    لطيفي رنگ جو پوئلڳ پٿريلي زمين تي پير پِٿون ڪري، جتي هو پنهنجي ماڳ کان بي خبر ٿي چچريل اميدن جا ڏيئا روشن ڪندي اڃا به اڳتي، اڃا به اڳتي جو ورد پچاريندي وڌندو ٿو رهي، کيس شايد اها ڪل ناهي رهي ته هو پنهنجي پويان اهڙا نقش ڇڏيندو ٿو وڃي، جن کي ڏِسي منزل جا مُتلاشي پنهنجو رَستو مَٽي روشن صبح جو خواب ڏسڻ لڳن ٿا. توڙي جو هو پاڻ سان ٿيندڙ وارتائن کي رومانوي روپ ڏيندي هڪ ڊگهو ۽ ٿڌو ساهه ڀريندي ڀٽائيءَ آڏو دانهيندي به نظر اچي ٿو:
    بابا ڀٽائيءَ ! مون کي سنڌ ماري ڇَڏيو.
    يا وري سندس هڪ وائيءَ ۾ مايوسيءَ جا ڪِرڻا ڪُجهه هن طرح پاڻ پَسائن ٿا:
    ڪنهن به هڪ ماڳ جا،
    ٿيا نه هيراڪ، وو،
    نيڻ رولاڪ، وو.
    من، جهڳو ويو سڙي،
    ٿا ڏِسن خاڪ، وو،
    نيڻ رولاڪ، وو.
    شاعريءَ جي هر صنف سان نڀاءُ اهو ثابت ڪري ٿو ته سعيد سنڌ جو اهو ٻهڳڻو ڪوي آهي، جيڪو هر رستو ڄاڻيندي به منزل کان اڻڄاڻ آهي. کيس ٻين جي ڀيٽ ۾ الائي ڇو اها مڃتا نه ملي سگهي آهي، جنهن جو هو حق رکي ٿو. سندس حق ڦٻائڻ وارا ٻيا نه پر اُهي همعصر آهن، جيڪي سندس هيڻي وجود مٿان حاوي ٿيندي وقت جي وير ۾ گهڻو اڳتي نڪري چُڪا آهن، ۽ هو سج - مکيءَ جيان پاڻ مرادو ٽِڙڻ جون اميدون سارڻ تي مجبور آهي؛ ۽ سندس اندر جو جوڙ صليب جي صورت ڌاري، جيءَ کي جهورڻ لڳو آهي. اهڙو ئي اظهار هو هڪ جيءَ جهوريندڙ نظم ۾ به ڪري ٿو:
    جيءَ منهنجي ۾ هئي
    جوڙ جي نشاني (+) جا
    جوڙ جي نشاني سا
    ٿي پئي صليب آهي
    جنهن تي جيءُ لٽڪيل آ.
    موهن ۽ عاقل جو سنگم سعيد ميمڻ، شعور ۽ تحت الشعور جون ڪيفيتون اهڙيءَ طرح بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو، جن کي پڙهندي پڙهندي بي ساخته هڪ ساهيءَ ۾ پڙهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. پوءِ اهي ڪيفيتون ڪنهن حسينا جي سونهن جا جلوا پَسائين يا مڙني رنگينين کي ساهه سان سانڀائڻ جون سارون ڏيارين. اوسيئڙي جي اڻکٽ سلسلن ڏانهن راغب ڪن يا وري پاڻ کي پاڻ سان آشنا ڪرائڻ لاءِ اُتساهين. هونئن به سندس شاعريءَ جو محور فقط محبت تي ئي محيط ناهي پر هو اسان کي اسان جي ڪرم جي سڃاڻپ سان گڏ، اکين ۾ گهر ڪري ويندڙ اهي منظر به ڏيکاري ٿي، جن کان چاهيندي به مُنهن موڙي نه ٿو سگهجي. جهڙيءَ طرح پاڻ وڻائڻ کيس پسند ناهي اهڙِيءَ طرح سندس سانوري دل ۾ به جڳهه ٺاهڻ مشڪل ناهي. سندس من موهن جي پَڪين ۽ ٿلهين ديوارن جيان مضبوط آهي، ته عاقل جي ڪَچين ڀتين جيان ٿورڙي وَسڪاري سان ڀُري به پوي ٿو. خدا کيس وڌيڪ ڀُرڻ کان بچائي ۽ هو اسان کي اسان جو اهو ماضي موٽائي ڏي، جنهن ۾ هو ”درد جون آيتون“ جهڙا لازوال ڪتاب ارپڻ لاءِ آتو رهيو آهي.

    - ساجد سنڌي
    حيدرآباد
    پهرين جنوري ٻه هزار نَوَ


    درد جون آيتون

    بڻيو طُور- سينا اَسان جو هِنيون،

    بڻيو طُور- سينا اَسان جو هِنيون،
    اسان تي لٿيون درد جون آيتون.


    منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي!

    منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي
    ڪٿي جيءُ منهنجو هي شانت آ
    هي ته بي وسيءَ جي سانت آ
    منهنجي درد کي ڪا زبانَ ڏي
    منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي!

    منهنجي چـﺂطرف رڳي رات آ
    مون لئه روشني منهنجي ڏات آ
    مونکي روشنين جا جهانَ ڏي
    منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي!

    نه ڪو ماڳ مونکي ملي پَيو
    سدا جيءُ منهنجو رُلي پَيو
    مونکي منزلن جا نشانَ ڏي
    منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي
    منهنجي جيءَ کي ڪا امانَ ڏي!


    غزل

    هر شعر حسينا جو، هر بات حسينا جي،
    هر ڏينهن حسينا جو، هر رات حسينا جي.

    ويسر نه گهڻي آهي، هر چيز وساري آ،
    پر ساههَ ۾ سانڍي آ، سوغات حسينا جي.

    آواز ڪيو هلڪو، هر ڳالهه چئي هوريان،
    سوچيوسين متان ڀڙڪي، جذبات حسينا جي.

    وڃ چنڊ! ستارن سان، رستي ۾ اُجالا ڪر،
    اڄ رات هُتان ويندي، بارات حسينا جي.

    هر مرڪ مِهرَ هُن جي، هي لڙڪ عطا هُن جي،
    برسي جا اکين مان سا، برسات حسينا جي.

    ڪوئي ته مليو هُن کي، ٻانهن ۾ سنڀاليس جنهن،
    شل ’سعيد‘ رهي بهتر، حالات حسينا جي.


    مان ڏسي رهيو آهيان

    مان ڏسي رهيوآهيان
    هُوءَ پنهنجي ڪمري ۾
    شام جو پريشان آ
    هٿ ٻيئي مهٽي ٿي
    چِڙ ۾ چوي ٿي پئي:
    ”سعيد کي وساريان ڪيئن؟
    هو ويو آ ڳنڍجي اِيئن
    وڻ سان جڙون هن جيئن
    مان ڪريان ته ڇا ڪريان؟
    هي جي منهنجون ٻانهون هِن
    سي نه هن جون راهون هن
    هي ته هارَ هن ڪنهن جا
    ڪيئن اِهي ڏيان هُن کي
    هي امانتون آهن
    ان جون جنهن کي چاهيان ٿي.

    ”سعيد ڪو چريو آهي
    چئي ٿو: ”مان مهين وارو
    ساڳيو سنگتراش آهيان
    منهنجي نرتڪي آن تون!
    هي جي جُوڻ جون ڳالهيون
    هنُ جي آڏو سچ آهن
    ڪيترو چريو آهي!
    مان نه کيس چاهيان ٿي
    بار بار چيو آ مون
    هو اڃا نٿو سمجهي!!“
    هوُءَ اچي ٿي ٽيبل ڏي
    جنهن مٿان پنا پيا هِن
    هوءَ پني کي سوري ٿي
    ۽ کڻي قلم ڳاڙهو
    هُوءَ غزل لکي ٿي پئي:

    ”تنهنجي ڪَوِتا جي مان ڪُٺل آهيان،
    پو به توکان ته مان رُٺل آهيان.

    تون نه مونکي تلاش ڪر ڪاٿي،
    ڄاڻي واڻي توکان لِڪل آهيان.

    ڪيترو ڏَس ته مونکي روڪيندين؟
    مان چريا! سمنڊ جي اُٿل آهيان.

    منهنجو نازڪ بدن آ ڇا ٿي پيو،
    حوصلي ۾ ته مان اَٽل آهيان.

    تنهنجي عينڪ ۾ عڪس بيٺو آ،
    مان ته توکان پري وَيَل آهيان.“


    سمنڊ جي ڪناري تي اڄ اياز سوچي ٿو

    هو ڪراڙو بيٺو آ
    لٺ جي سهاري تي
    سمنڊ جي ڪناري تي
    وارَ ٿا اُڏن هُن جا
    آههِ واءُ تيزيءَ ۾
    شام جو سَمو آهي
    سج ٻڏي ٿو پاڻيءَ ۾
    ديد هيٺ ڌرتيءَ ۾
    ذهن سوچ گـهريءَ ۾-
    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو:

    ”طئه ڪري سفر ڪيڏو
    مان هتي پُڳو آهيان؟
    سامهوُن پَيا آهن
    پير هُو ڀٽائيءَ جا
    مون سَدا ڪيا آهن
    سَير گڏ ڀٽائيءَ سان
    ڄڻ ته مون چيا آهن
    بيت گڏ ڀٽائيءَ سان
    ٿو ڏسان چِٽائيءَ سان
    اڄ به مان اڳيان هن کي
    ڪيئن پر سڏيان هن کي
    ڪڍ ٿو وڃان هن جي
    پاڻ ئي نهاريندو
    ۽ سڏي وهاريندو
    اڄ به پاڻ سان مونکي
    ۽ وري نوازيندو
    پنهنجي ڄاڻ سان مونکي
    پاڻ سان وٺي ويندو
    ڍنڍ جي نظاري تي-
    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو:

    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو:
    ”شاعريءَ جي رستي ۾
    پوئتي ڇڏي آيس
    مان خيام ۽ جامي
    گيت جيڪي مون جوڙيا
    تنهن کي ڇا پروڙيندا
    هي نقاد ۽ عامي؟
    سڀ منهنجي نظرن ۾
    ”همعصر“ تِڇَ آهن
    هو نقاد ڪهڙو آ؟
    اُن پکيءَ جهڙو آ
    جيڪو پنهنجي فطرت ۾
    ڏينهن کي نه ڏسندو آ
    رات جو هو اڏندو آ
    ۽ ڀتين سان لڳندو آ
    ديد ڪا نه پوندي ٿس
    چنڊ يا ستاري تي-
    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو.

    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو:
    ”قوم سان وچن پنهنجو
    ڪاش مان نڀايان ها!
    سنڌ-ديس جي دڳ تان
    وک نه مان هٽايان ها
    هُن جوان پوڙهي* کان
    هٿ نه ايئن ڇڏايان ها
    حڪمران جي هٿ سان
    هٿ نه اِيئن ملايان ها
    سچ جي وڪالت سان
    وقت جي عدالت ۾
    *جوان پوڙهو – سائين جي.ايم. سيد
    ڪوڙ کي مان ڪيريان ها
    ڪين ڪنڌ ڦيريان ها
    ڏاڍَ جي اشاري تي-
    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو.

    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو:
    ”رات ٿي وئي آهي
    دور دور تارن سان
    آسمان جاڳي ٿو
    ڄڻ ته ڪو ڪهاڻين سان
    داستان جاڳي ٿو
    چنڊ واري صورت ۾
    ڪو نشان جاڳي ٿو
    ڄڻ ته آهه ڪو هُن ۾
    هي گمان جاڳي ٿو
    ڇو زمان جاڳي ٿو؟
    ڇو مڪان جاڳي ٿو؟
    نيٺ ڪنهن جي اوسيئڙي
    هي جهان جاڳي ٿو؟
    آ سڄي سِرشٽي هيءَ
    رَبّ جي سهاري تي-“
    سمنڊ جي ڪناري تي
    اڄ اياز سوچي ٿو.


    غزل

    تنهنجو تحفو هي زنگيل زنجيري رهي،
    عشق ڪاٿي اُهو يادگيري رهي.

    قوم ڏسندي نه سا ڪاميابي ڪڏهن،
    جنهن جي اڳواڻ ۾ بي ضميري رهي.

    ننگ غربت جا نيلام ٿيندا رهيا،
    واڪُ ڏيندي ۽ وٺندي اميري رهي.

    ناهه ساڳي جنوني طبيعت اُها،
    دل جي ڌڙڪن به آ هاڻ ڌيري رهي.

    هٿ ڇڏائي وئي جنهن کان اولاد ڀي،
    ڪو سهارو تلاشيندي پيري رهي.

    سادگيءَ ڦند ڪوئي نه سکيو ڪڏهن،
    ’سعيد‘ ساڳي اسان جي فقيري رهي.


    وائي

    ارپڻ پيار- پَتيون
    روشن راههَ وَتيون
    سرتيون! ساجن ٿو اَچي.
    ٻري پونديس ٻاٽَ ۾
    ٿيندا نيڻ بتيون
    سرتيون! ساجن ٿو اَچي.
    وارَ اُڏن ٿا واءُ ۾
    مهڪان ٿي سَکيون!
    سرتيون! ساجن ٿو اَچي.
    گهوڙي چاڙهي عشق جي
    ويندو ساڻ وتيون
    سرتيون! ساجن ٿو اَچي.
    ڏاڍو آهه شرارتي
    هڻندو هُو ته اکيون
    سرتيون! ساجن ٿو اَچي.
    سرتيون! ساجن ٿو اَچي.


    غزل

    هونئن هرڪو هتي مليو هوندو،
    روح هڪ شخص لئه رُليو هوندو.

    من اَسان کان وڃائجي ويو آ،
    تنهنجي نيڻن ۾ دڳ ڀُليو هوندو.

    توکي ڄاڻا اڪيلو، ڀوڳيندين،
    ڏک نه ڪنهن ساڻ تو سليو هوندو.

    ڪيترا دوست ها، وَيا ڪاڏي؟
    پاڻ هر ڪنهن پرين! پَليو هوندو.

    هو وري ياد ڇو پيو آهي؟
    ڪين دل کان اڃا ڀُليو هوندو.

    ڪو نئون عشق ٿو سڏي دل کي،
    ’سعيد‘ ماضيءَ سڏي جهليو هوندو.


    غزل

    تنهنجي پويان صدين کان نِڪتي هان،
    ڪو پتو ناهه ڪاٿي پهتي هان.

    تو ڇُهيو هو پرين! بدن منهنجو،
    ياد آيو ته اڄ به مَهڪي هان.

    ڪاٿي ڦاسايو عشق جي ڄاريءَ،
    ڏِس ته ڪيڏو مڇيءَ جان ڦٿڪي هان.

    تنهنجون جهلڪُون جتي نظر آيون،
    تن سرابن ۾ آءٌ سَهڪي هان.


    غزل

    پاڻ رستن ۾ ئي رُليا هئاسين،
    اهڙا ماڻڪ جي بي مُلهيا هئاسين.

    ٽهڪ ڪنهن جا ٻڌم ته ياد پَيو،
    ها، اَسان ڀي ايئين کِليا هئاسين.

    ننڊ پنهنجي نصيب ۾ ڪِٿِ آ؟
    ڪي گهڙيون رات آهِليا هئاسين.

    زورَ وارا ڪري وَيا زاري،
    عشق وارا ڪٿي جَهليا هئاسين.

    ’سعيد‘ پاڇو ئي ساڻ هو پنهنجو،
    پاڻ سان ئي ڪٺي هليا هئاسين.


    پنجڪڙو

    تون هلين ٿي هَٿُ جو هَٿَ ۾ ڏئي
    ڄڻ قدم هي ڪهڪشان تي ٿا پَوَن
    چنڊ تارا پيرَ ٿا منهنجا چُمن
    ڄڻ ملي مونکي خدائي آ وَئي
    تون هلين ٿي هَٿُ جو هَٿَ ۾ ڏئي.


    چؤسٽو

    سدائين شعر ستارن جان روشني ڏيندا
    وَيو هُو ڏات جو توکي هي آسمانُ ڏئي
    قبر ۾ ڪابه نه هوندس پرين! پشيماني
    ’سعيد‘ عمر گذاري، قلم کي مانُ ڏئي.


    بيت

    ڊَپُ آ هر شهريءَ، وِکَ وِکَ تي آ حادثو،
    ڪهڙي آ هيءَ زندگي، دنيا ڪهڙي هيءَ،
    ڪرچيون ڪرچيون جيءَ، شيشن واري شهر ۾!


    ڏاڍا درد چکي، موٽيا پنهنجي ماڳ ڏي،
    وڇوڙي جي مُندَ ۾، سُورن ساڻ سَکي!
    وَيا هَنج پکي، اُڏامي آڪاش ڏي.


    واتُ ٻَڌائون، ڪُڇيو ئي ڪاٿي اَسان؟
    غربت جي گهاڻي اندر، پيڙي ماريائون،
    ماري ٻڌائون، پَٽڪو پوءِ ”عظيم“ جو!


    ماهيت ڇاهه وجود جي، آخر مان ڇاهيان؟
    آهيان ۽ ناهيان، آءٌ انهيءَ جي وچ ۾!


    تِرَ تان ترڪي ٿا پَون، ڪيئي جُنگ جوانَ،
    تن جا نام نشانَ، نٿو ڪو به لَهِي سگهي.


    متان ڀُلجي تون وٺين، وڏائيءَ جي واٽَ،
    ڪيئي اونچا ڳاٽَ، پَل ۾ وقتُ لُڻي وَيو.


    اچين جي اڄ رات، لاهيان سڀ لباسَ مان،
    برسي پَئهُ او سانورا! بڻجي تون برسات،
    جيسين ٿئي پرڀات، پُسوُن ٻيئي پيارَ مان.


    غزل

    رات جو نيڻ ٻئي ڀِنا هوندا،
    ڪي اوهان لئه پرين رُنا هوندا.

    مان به ويندس مٽيءَ ۾ گم ٿي،
    ۽ هَوائن ۾ سڀ پَنا هُوندا.

    منهنجي سامهون رڳو انڌيرو آ،
    تنهنجي سامهون ته آئِنا هوندا.

    جو مليس دادُ ان کي ياد ڪندو،
    هن کي اڄ ڀي اُهي ڏَنا هوندا.

    ’سعيد‘ هوندو اڳي جيان تنها،
    ۽ اُهي ڳوٺ جا ٻَنا هوندا.


    گيت

    ڪَيو دل نه ماندي، اَڃا پنڌ پيو آ،
    اُجالن جا پانڌي، اڃا پنڌ پِيو آ.

    ٻري پئو، ٻري پئو، متان ڪو وسامي،
    ڏسو ڏور کان هُوءَ مِٽي ٿي اُڏامي،
    اَچي پيئي آنڌي، اڃا پنڌ پِيو آ،
    اُجالن جا پانڌي! اڃا پنڌ پِيو آ.

    ڇُلي پئو، ڇُلي پئو، ٿي ڇوليون سنڌوءَ جون،
    ملي پئو، ملي پئو، ٿي ڇوليون سنڌوءَ جون،
    مڙو ڪين مانجهي! اڃا پنڌ پيو آ،
    اُجالن جا پانڌي! اڃا پنڌ پيو آ.

    نه ايئن پاڻ پوريو سڙيل ٻِج وانگر،
    کڻي ڳاٽ گهوريو نئين سِج وانگر،
    ٿيو ڪين سانجهي، اَڃا پنڌ پِيو آ،
    اُجالن جا پانڌي! اڃا پنڌ پِيو آ.

    اُڏو آسماني هَوائن ۾ آجا،
    ڇو آهيو پَيا هِينئن پِڃري ۾ ڦاٿا،
    ٿِيو ڪِين باندي، اڃا پنڌ پِيو آ،
    اُجالن جا پانڌي! اڃا پنڌ پِيو آ.

    ڪيو دل نه ماندي، اڃا پنڌ پِيو آ،
    اُجالن جا پانڌي! اڃا پنڌ پِيو آ.


    وائي

    تنهنجي گهرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ سَکي!
    چوڏهينءَ ڇوليون کيرَ جون
    مان ڪَپرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ سَکي!
    هُو اڱڻ ۾ سُتل آ ادل*
    ۽ سکرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ سَکي!
    پير ناريءَ جا واريءَ تي
    رات ٿَرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ سَکي!
    چـﺂطرف ماٺ آ موت جي
    هڪ قبرَ جي مٿان-
    چنڊ بيهي رهيو آ سَکي!
    ***


    * ادل سومرو


    غزل

    نه ڪو ئي لوڀ، نه لالچ، نه خون جي ڳولا،
    سموري عمر رهي آ سڪون جي ڳولا.

    الائي ڇو نه ٿا جاڳن اُهي گرم جذبا،
    ڪٿي ڪريون اسان هاڻي جُنون جي ڳولا.

    مقام ۾ نه لڌي قبر سا ڪٿي مونکي،
    ڪريان ته ڪاٿي ڪريان تنهن قبر زبون جي ڳولا؟

    ڪٿي ملي ئي نٿو اغوا ٿي وَيو شايد،
    ڪري عوام ٿو اڄڪلهه قانون جي ڳولا.

    ’سعيد‘ عمر وڃائي ڇڏيسين شعرن ۾،
    پئي مهانگي اسانکي ’ف‘ ۽ ’ن‘ جي ڳولا.
    ***


    بيت

    ناهي ڪو آغازُ، نه ئي ڪنهن جو انتُ آ،
    نِت نتِ پيو ٿو واٽ ۾، روپ مٽائي رازُ،
    ’سعيد‘ تري ٿو واءُ ۾، اُن جو ئي آوازُ،
    ساڳيو آهي سازُ، سُرَ ۽ سرگم ڪيترا!

    ***

    نيري اُڀ جي هيٺ آ، گــهرو سمنڊ اَجهاڳُ،
    ڪهڙو ڪنهن جو ماڳُ، سڀئي ڇولين وِچ ۾.


    سُر سانورو جوڳيءَ مان ڪجهه بيت

    جوڳي ڪالهه سمونڊ تي، مليو هو مونکي،
    پنهنجو مُنهن ويٺو هيو، رکي مونن تي،
    ويندڙ ڇولين کي، ساندهه ڏسندو پئي رهيو.
    ***
    جوڳي ڪالهه سمونڊ تي، ڏٺو هو مون يارَ،
    ٻانهون سيني تي ٻڌل، هيس هيٺ نهارَ،
    هن جي ڀرسان ٻارَ، ريتيءَ تي کيڏيا پئي.
    ***
    جوڳي ڪالهه سمونڊ تي، ڏٺم سانجهيءَ ويرَ،
    ڄڻ ڪنهن جا ڳولي پَيو، واريءَ تي هُو پيرَ،
    جوڙا ڪن پِيا سَيرَ، سُندر سُرَمئي شامَ هئي.
    ***
    جوڳي ڪالهه سمونڊ تي، ڏٺم اَڪيلو،
    پيرَ اُگهاڙا ريت تي، سانجهيءَ جو ويلو،
    هڪڙو بَتيلو، جوڳيءَ ڏانهن اچي پَيو.
    ***
    توکي ڏيکاري وَيا، سندا پُورب پنڌ،
    غربت ۾ گهاري وَيا، ڪين نِوايئون ڪنڌ،
    سدا چمڪين سِنڌ، جوڳي جوت ڇڏي وَيا.
    ***


    بيت

    تازو ڄاول ٻار ڪنهن، اڇليو گند مٿان،
    پِيلو ٿي وِيو چنڊ جو، چهرو خوف وچان،
    ڪاري بادل سان، چهرو چنڊ ڍڪي ڇڏيو.
    ***

    ڀٽڪيس پئي مان ڀونءِ تي، گم ٿيل ٻار جيان،
    دنيا هئي ڏاڍي وڏي، گهر نه لڌو مونکان،
    ٿڪجي موٽيس پوئتي، سوچيم ننڊ ڪيان،
    سوري پيار منجهان، موت سمهاريو هنجَ ۾.
    ***

    تولئه وقت سمونڊ ۾، لڙهندا آياسين،
    ڪين ڪناري تي ملئين، نيڻ رلاياسين،
    آيا ها تفريح لئه، تن سان ويٺاسين،
    تن کي ٿڌڙي ريت تي، بيت ٻڌاياسين،
    ڳاڙهو سج ٻڏي ويو، آخر اُٿياسين،
    کڻي موٽياسين، ساڳيا اوسيئڙا اَسين.
    ***

    ڪَوِتا، آئون، ماٺ ۽ -ڪاغذ مٿان نِب،
    آڌيءَ منهنجي ڳوٺ جا، سانتيڪا گهَرَ سَڀ،
    مٿان نيرو اُڀ، ڄڻ گوتم جو گيان آ.
    ***

    سياڻي ٿي ساڃاهه، ناتو ڇِنَ مَ نينهن جو،
    جهاڳي جُڳ آيو اَٿئه، جوڳي تنهنجي لاءِ،
    هئه هئه ڪندينءَ هاءِ، هُو جي رڻ راهي ٿيو.
    ***
    ادب ساڻ لطيف جي، اڳيان هو آيو،
    نوراني نظرون کڻي، مرشد واجهايو،
    اکيون کڻي اُڀَ ڏي، سيد فرمايو:
    ”راڻي جي رهاڻ مان، ڪو آديسي آيو،
    چوڏهينءَ ماههَ چنڊ جيان، ڪِيو ساميءَ سهائو،
    لٿو اونداهو، جوڳيءَ سندي جوت سان.“
    ***
    سپنو شاهه لطيف جو، ساڀيان ٿي آيو،
    جوڳي تن جي جُوءِ ۾، چاڻ کڻي چايو،
    مُوڙهن موٽايو، هن کي پنهنجي ديس مان.
    ***
    جوڳيءَ جهوري جيءَ ۾، اکين ۾ آلاڻ،
    ڪارا ڪڪر اُڀ ۾، آنڌيءَ جا اهڃاڻ،
    رڻ ۾ سَٿَ نه ساڻ، وڃي پَيو هيکلو.
    ***
    ”مونکي اَجائي، تن ڏي تو هو موڪليو،
    سانگي تنهنجا ڪين ها، سُڃَ نظر آئي،
    بابا ڀٽائي! مونکي سنڌ ماري ڇڏيو!“
    ***


    گيت

    مان ۽ منهنجو مَنُ
    وَڃئون ٿا
    مان ۽ منهنجو مَنُ

    نگريءَ نگريءَ نينهن رُلايو
    ڪاٿي مَنَ کي چين نه آيو
    لڙڪن سان جو آهي پُسايو
    ساڻ کڻي دامنُ
    وڃئون ٿا
    مان ۽ منهنجو مَنُ

    ڪونه سفر ۾ ساٿي پاتو
    ساڻ رهيو بس پنهنجو پاڇو
    ڪهڙا ليکا، ڪهڙو ڪاٿو؟
    جاليون ڪيئن جيونُ؟
    وڃئون ٿا
    مان ۽ منهنجو مَن
    وڃئون ٿا
    مان ۽ منهنجو مَنُ
    ***


    وائي

    رُڃَ ڏي وِيا وٺي
    نيڻ رولاڪَ، وو!
    نيڻ رولاڪ، وو!
    ڀٽڪندا ئي رهيا
    ڇو منجهند ٽاڪ، وو!
    نيڻ رولاڪ، وو!
    ڪنهن به هڪ ماڳ جا
    ٿيا نه هيراڪ، وو!
    نيڻ رولاڪ، وو!
    مَن جهڳو وِيو سڙي
    ٿا ڏسن خاڪَ، وو!
    نيڻ رولاڪ، وو!
    نيڻ رولاڪ، وو!
    ***


    وائي

    سپنا سانڍي رک هي
    تـوکــي ڪــم ايــنـدا
    ڏُک جي موسم ۾ ميان!
    منهنجا آلا نيڻ ٻئي
    تــوکــي ڳـــولــيــنــدا
    ڏُک جي موسم ۾ ميان!
    خاموشيءَ جي هنج ۾
    جــــذبـــا روئـــيـــنــدا
    ڏُک جي موسم ۾ ميان!
    منهنجي دل کي حوصلا
    آٿــت ڪــا ڏيـــنـــدا
    ڏُک جي موسم ۾ ميان!
    اميدن جا ٻِج هن
    ســيــاڻــا پــوکــيــنـدا
    ڏُک جي موسم ۾ ميان!
    ڏُک جي موسم ۾ ميان!
    ***


    وائي

    ڪارنهن ڏِسُ اُڏندي
    سڙيل وستيءَ مان
    رکَ اُڏامي ٿي!
    موٽي ڏِس ته سَهي
    تنهنجي ماضيءَ مان
    رکَ اُڏامي ٿي!
    اکيون کولي ڏِسُ
    اڄ ڪراچيءَ مان
    رکَ اُڏامي ٿي!
    ناهن ڪارا لفظ
    ’سعيد‘ جي جيءَ مان
    رکَ اُڏامي ٿي!
    ***


    نظم

    جيءَ ۾ هئي منهنجي
    جوڙ جي نشاني (+) جا
    جوڙ جي نشاني سا
    ٿي پئي صليب آهي
    جنهن تي جيءُ لٽڪيل آ.


    وائي

    واريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    هرڪاهيندي
    هاريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    ڪڪر اُڇلي
    ٻاريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    پن وهنجن ٿا
    ٽاريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    اندر ڪڪڙيون
    کاريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    شيشا بند ۽
    لاريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    نرم بدن تي
    ناريءَ مٿان-
    مينهن جي ڪَڻ ڪَڻ!
    ***


    وائي

    ويران بَن، اڌ رات جو-
    ٿي روشني ٻرندي رهي.
    ڌرتي پئي آ ننڊ، ٿا
    تارا ڏسن اڌ رات جو-
    ٿي روشني ٻرندي رهي.
    گڏ چنڊ سان ڪينجهر ۾ ٿا
    تارا لهن اڌ رات جو-
    ٿي روشني ٻرندي رهي.
    چمڪي رهيو آ روڊ ڀي
    گڏ ٿا هلن اڌ رات جو-
    ٿي روشني ٻرندي رهي.
    ٿو چنڊ جاري مان ڏسي
    هن جو بدن اڌ رات جو-
    ٿي روشني ٻرندي رهي.
    ***


    غزل

    جِيوَن! تنهنجي پويان پويان، ڪاٿي پهتاسين؟
    اوندهه جو آ جهنگل اڳيان، ڪاٿي پهتاسين؟

    ”سورج ديس“ جا پانڌي، آهن رستو ڀُلجي وِيا!
    هاڻ پڇن ٿا هُو هڪ ٻئي کان، ”ڪاٿي پهتاسين؟“

    شهر اسان مان رَتُ ڪڍي وِيو، ڳوٺ نه موٽياسين،
    هاءِ نڀاڳي پئسي پٺيان، ڪاٿي پهتاسين؟

    صدين تائين ننڊ پَيا ها، ڇرڪ ڀري جاڳيا،
    پڇيائون: ”تاريخ! اَسان هان، ڪاٿي پهتاسين؟“

    پاڻ هَوا سان نڪتا هئاسين تنهنجي ڳولا ۾،
    گم ٿي وِياسين مٽيءَ هيٺان، ڪاٿي پهتاسين؟
    ***


    غزل

    غزل

    لفظ شاعر سان ڪٺي پهتا اُتي،
    پر هئا ماڻهو سڀئي ٻوڙا اُتي.

    تنهنجي پيرن کان وتيون پئي جن چُميون،
    سي پَيا توکي سَڏن رستا اُتي.

    پَرُ جِتي مون زندگي نچندي ڏٺي،
    اڄ رڳو چُرندي ڏِٺم پاڇا اُتي.

    نيڻ تن جا ڪُجهه ڏسن ئي ڪين پيا،
    مون ڏِٺا ماڻهو ها پٿر جا اُتي.

    شهر ڳوٺن ڏانهن ٿا وڌندا وڃن،
    نيٺ جوڙيندا وڃي محلا اُتي.

    ڳوٺ مان آيس هليو هيکل ’سعيد‘
    پر ڇڏي آيس پٺيان ڇاڇا اُتي.
    ***


    وائي

    وائي

    اَڇا اَڇا ڪنگ
    نيري نيري اُڀَ ڏي!
    مرڪي ڄڻ ته ڏسن پَيا
    سونا سونا سنگ-
    نيري نيري اُڀَ ڏي!
    ٽولا ٽولا هُو پکي
    اکر ڪڏهن انگ-
    نيري نيري اُڀَ ڏي!
    ڪاريون ڪاريون ڪڪريون
    مينهون بِنا ونگ-
    نيري نيري اُڀَ ڏي!
    مصور بُرش ڀڃي ڇڏيو
    هاريا سارا رنگ-
    نيري نيري اُڀَ ڏي!
    ***


    غزل

    غزل

    ڪيترا آيس لتاڙي پيچرا،
    پوءِ ڀي ناهن کُٽا ڙي پيچرا.

    روڊ ڪاري ديوَ جهڙو ٿو لڳي،
    جو ويو آهي چَٻاڙي پيچرا.

    سُنب گهوڙن* جا هُيا ڪيڏا تکا،
    سنڌ جا معصوم ها ڙي پيچرا.

    سوبه هاڻي ڪونه ٿو ڳوليو لڀي،
    جو هليو اڳواٽ تاڙي پيچرا.

    ڇو وڍيندا ٿا وڃو وَڻ ايترا،
    پو ڇڏيندو سِجُ ساڙي پيچرا.

    رات ٿي وئي ’سعيد‘ پر موٽيو نه آ،
    کيس وِيا ڪيڏانهن لاڙي پيچرا.
    ***

    *ماضيءَ ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪندڙ گهوڙا


    غزل

    غزل

    درد جاڳي پَيو، نيڻ ڀرجي وَيا،
    رات جو ماڪ ۾، خواب ڌوپي پَيا.

    هي جُڳن جو سفر جو کُٽي ئي نٿو،
    مان مُڙي ٿو ڏِسان دوست ڪاڏي وَيا؟

    هو ڪنارو ڇڏي سمنڊ ڏي ٿو وڃي،
    هن کي ڇولين منجهان ڪنهن ته سڏڙا ڪَيا!

    اي ستارا! اچو گيت منهنجا ٻُڌو،
    جي مون آهن پرينءَ چنڊ جي لئه چَيا.

    ’سعيد‘ جي قبر تي رات جو روشني،
    هو ڏِسو! هو ڏسو! ڏات ٻاريا ڏيا.
    ***


    گيت

    گيت

    لهر لهر جي تال تي نچندي
    گيت نديءَ جي پار وڃن ٿا.
    اوڀر کان هو ايندڙ پنڇي
    هيٺ ڏِسن ٿا اُڏندي اُڏندي
    گيت نديءَ جي پار وڃن ٿا.
    ڇولين جون ٿيون ڇاتيون ڇلڪن
    ڇوليءَ ڇوليءَ کي هو ڇهندي
    گيت نديءَ جي پار وڃن ٿا.
    ڦڙ ڦڙ، ڦڙ ڦڙ مينهن وسي ٿو
    شاعر سان گڏ مينهن ۾ پُسندي
    گيت نديءَ جي پار وڃن ٿا.
    گيت نديءَ جي پار وڃن ٿا!
    ***


    آزاد نظم

    آزاد نظم
    سالن کان پوءِ

    سالن کان پوءِ اڄ آيو هان
    آءٌ پڙهائڻ ٻارن کي هِت
    هيءُ ڪلاس اُهو ئي آهي
    جنهن ۾ پاڻ پڙهي وِيو آهيان
    پنجون درجو......!
    ديوارون به اُهي ئي آهن
    جيڪي پوڙهيون ٿي وِيون آهن
    مون ڏي اِيئن پيون واجهائن
    ڄڻ ته پڇن ٿيون:
    ”سعيد ڪٿي هِن سنگتي تنهنجا؟
    جيڪي توسان گڏ پڙهندا ها،
    روز صبح جو گهنڊ سڏي ٿو
    پر هُو هاڻي ڪين اچن ٿا!
    تن کي چَهءُ ته گُسائن ڇو ٿا؟“
    اکين ۾ آلاڻ ٿئي ٿي
    آءٌ اُٿان ٿو
    در وٽ بيهي
    عينڪ لاهي
    نيڻ اُگهان ٿو.
    ***


    بيت

    بيت

    تارن هيٺان رات جو، پٿر تي عيسيٰ،*
    پيشانيءَ تي روشني، اکين ۾ ڏيئا،
    لاڳيتا ليئا، عيسيٰ ڏي آڪاش مان!
    ***

    بيهي ڏاڍي غور سان، پڙهي ٿو سارا،
    شهرن جي هر ڀِتَ تي، نفرت جا نعرا،
    سوچي ٿو پيارا، ”انسانيت ڪاڏي وئي!“
    ***

    ڪنهن نه ڌماڪن ۾ ٻُڌيون، ٻارن جون چِيخُون،
    اکيون شاعر جون، لڙڪن سان ڀرجي وَيون.
    ***





    * عيسيٰ – حضرت عيسيٰ


    دوهو

    دوهو

    مٽي پڇي ٿي هاريءَ کان: ”وِيا ڏاندَ ڀٽارا ڪاڏي؟
    ورهيه ٿيا جو هاڻ ٻنيءَ ۾، ڏاند نه ٿو ڪو ٽاڏي!؟“
    ***



    بڻيو طور سينا اَسان جو هينئون،
    اَسان تي لٿيون درد جون آيتون!

    ***

    هڪ فرشتي خدا کي ٻڌايو اَچي:
    ”سائين جنت منجهان ’سعيد‘ نڪري وَيو!


    وائي

    وائي

    پنهنجي ازلي پيار جا
    گيت پيو سِرجي-
    ڪُٽيا ۾ جُهونو ڪَوي.
    چنڊ ڇٽي ٿو روشني
    واري ٿي جرڪي-
    ڪُٽيا ۾ جُهونو ڪَوي.
    آلين اکين ۾ ڪوئي
    سپنو ٿو جهلڪي-
    ڪُٽيا ۾ جُهونو ڪَوي.
    ڀرسان سنڌو ٿو وهي
    ساري ٿو ڪنهن کي-
    ڪُٽيا ۾ جُهونو ڪَوي.
    ***


    چئوسٽا

    چئوسٽا

    اکيون ڪنهن اَڄاتي سفر تي اُٿيون،
    سڄي سِرشٽيءَ ۾ نه ڪاٿي ٽِڪيون.
    وڏو ڪائناتي سفر طئه ڪري،
    اکيون ڪنهن جي چهري جي تِرَتي ٽِڪيون.
    ***
    مان اُهو سانورو مصور هان،
    تون اُها نِرتڪي آن موهن جي.
    هي ته آ اُڃَ آتمائن جي،
    پيار ناهي پياس پَل کَن جي.
    ***
    نانءُ هُن جو کنيهءِ سڀن آڏو،
    هاڻ ويٺو پَيو ٿو پَڇتائين
    هُوءَ ڪيڏي نه ڪاوڙي هوندي،
    ’سعيد‘ پٽ! ٻار آن اڃا تائين!
    ***
    مَنَ ته مَنَ سان ملي وَيو آهي
    تَنَ جي تَنَ کان ڀَلا ڇو دوري ٿئي؟
    چنڊ جهڙي بدن تان لاهه ڪَڪَرَ!
    آرزو جسم جي به پُوري ٿئي.
    ***


    بيت

    بيت

    دائم رهبو ڪِٿ، آهيون سڀئي عارضي،
    ڀُرڻو آهي ڀونءِ ۾، ڀُتي آ هيءَ ڀِتِ،
    ساڳي نيري ڇِتِ، رهندي ڌرتيءَ جي مٿان.
    ***
    ساڻ نه آهن سٿ، ساٿي سڀ ڇڏي ويا،
    ڇاڇا ڏنئه زندگي! ڪهڙي ڪريون ڪَٿ،
    کڻي خالي هٿ، موٽياسين مِٽيءَ ڏي.
    ***
    اونداهي پاتال ۾، هيٺ ڪِري پيو آ،
    جاني تون سوچين متان، ’سعيد‘ جُهري پيو آ،
    هُو ته ٻري پيو آ، تيلي ڏئي هر زخم کي.
    ***
    اونداهي پاتال ۾، خاموشي آهي،
    ڪيڏارو ڳائي، ٽوڙيان ٿو مان ماٺ کي.
    ***
    کنڊر موهن-شهر جا، چوڏس خاموشي،
    ٿڌڙي مٽيءَ تي وَئي، هن کي ننڊ وٺي،
    ڏسي ٿو جوڳي، سپنا سورج-ديس جا.
    ***
    ڳنڍڙيءَ منجهه ٻَڌان پَيو، ميڙي سڀ صفحا،
    آئيندي جي شهر جي، ٽرين وڃي ٿي جا،
    اُن ۾ سڀ پنهنجا، شعر اُماڻي ٿو ڇَڏيان.


    غزل

    غزل

    لڳو آ سيڪ ڀتين کي، زمين آلِي آ،
    جتي گذاري حياتي، سا جاءِ خالي آ.

    اڃا به خوشبو اوهانجي سا ڏيوِڍيءَ ۾ آ،
    اڃا به پنهنجي اکين ۾ اُهائي لالي آ.

    دريءَ مان ديد نظارو ڏسي رهي آهي،
    هوا ۾ خوشبو آ، موسم پرين! جهڙالي آ.

    اسان جو دين به پنهنجو، ڌرم به پنهنجو آ،
    اَسان جو جيءُ آ ڪعبو، خدا خيالي آ.

    جنين سان عشق تنين سان ئي دشمني آهي،
    اوهان جي نينهن سندي ريت هيءَ نرالي آ.

    چمي به ڪين سگهياهُون، جنين کي چاهيو آ،
    ’سعيد‘ عشق اسان جو رڳو حوالي آ.
    ***

    جن جي خاطر رهياسين صديون منتظر،
    ڇو اسان کان اهي ساعتون ٿا وٺو؟
    ***


    وائي

    وائي

    پـــيــــر پــــريـــــنءَ پـــــائــــن
    پيون ٿيون واجهائن-
    ڳليون منهنجي ڳوٺ جون.
    مٽي مهڪي صبح جو
    بادل ڀڄائن-
    ڳليون منهنجي ڳوٺ جون.
    چنڊ مٿان چمڪي پيو
    تارا واجهائن-
    ڳليون منهنجي ڳوٺ جون.
    ڀِتيون ڀُرنديون ٿيون وڃن
    ويڳاڻيون آهن-
    ڳليون منهنجي ڳوٺ جون.
    ’سعيد‘ ڪري سج سوجهرو
    ڪرڻا جرڪائن-
    ڳليون منهنجي ڳوٺ جون.
    ***


    غزل

    غزل

    رکي ڇڏ پاڻ وٽ دولت، اَسان لئه ڏات ڪافي آ،
    آ ڀَر ۾ سونهن جي ديوي ۽ چوڏهينءَ رات ڪافي آ.

    اُڏياسين عشق ۾ تنهنجي، ڪري پياسين بلنديءَ تان،
    اُٿڻ جي سگهه ئي ناهي، ملي جا مات، ڪافي آ.

    نه اچجان هاڻ تون ٻيهر، اسان جي جيءَ جي ويجهو،
    نه گُهرجي ساٿ ڪو تنهنجو، اڪيلي ذات ڪافي آ.

    وسيو ناهيان مان دل کولي، اَڃا ساري ڀِڳي ناهين،
    ٻه ٽي ڪَڻيون پَسي چئين ٿي ته هيءَ برسات ڪافي آ.

    اچي ڏس رات ڪاريءَ ۾، اَسان جون آڱريون روشن،
    اُٿن ٿا گيت شعلا ٿي، ٻري ٿي ڏات ڪافي آ.
    ***


    پنجڪڙا

    پنجڪڙا

    آءٌ تنهنجي آتما جو اَڌُ هان
    جاچ پنهنجي روح کي جڳ ۾ ڀلي
    پاڻ ئي مون ڏي پرين! ايندين هلي
    آخري ڇيڙو مان تنهنجي حد هان
    آءٌ تنهنجي آتما جو اڌ هان
    ***
    مرڪزي نُڪتو آن تون منهنجو مِٺي!
    تو مٿان مان پيار جي پلڪار هان
    دائرا ٻاهر ڀلي ڪيڏا ڪڍان
    ڪين سگهندس آءٌ توکان ڌار ٿي
    مرڪزي نُڪتو آن تون منهنجو مِٺي!
    ***
    ڪوئي ڪاٿي هيو، ڪوئي ڪاٿي سَکي!
    شهر جي شور ۾ آءٌ رلندو رهيس
    ماڳ ئي ڪونه هو پو به هلندو رهيس
    پريت پنهنجي پڄاڻيءَ نه پهچي سگهي
    ڪوئي ڪاٿي هيو، ڪوئي ڪاٿي سَکي!
    ***


    غزل

    غزل

    رات سياري جي سيءُ ڪمري ۾،
    ها جلايون ٿا جيءُ ڪمري ۾.

    سارو ڪمرو سُڳنڌ ٿي وِيو آ،
    ڪير آيو ها هيءُ ڪمري ۾؟

    جوت جهيڻي، اداس تنهائي،
    ساز، سُر ۽ رفيع* ڪمري ۾.

    تنهنجي تصوير منهنجي سامهون آ،
    ڪٿ وٿيون هن وسيع ڪمري ۾؟

    ڪا به ٺڪ ٺڪ نه ٿيندي اڄ دَرَ تي،
    ’سعيد‘ ٿانئيڪو ٿيءُ ڪمري ۾!
    ***
    * رفيع – انڊيا جو مهان راڳي.


    غزل

    غزل

    رات سپنن کي ڇو ٿو جاڳائي؟
    دل جو در ڪير ٿو هي کڙڪائي؟

    وقت تي تون نه آئين جِيوَن ۾،
    وقت کي ڪير هاڻ موٽائي؟

    هاڻ گهر ۾ رهي ٿي خاموشي،
    ڪوئي ناهي رهيو جو ڳالهائي!

    دل جون تارون ڇِڙي پَيون آهن،
    هُوءَ منهنجو غزل پئي ڳائي!

    سانورو ڇوڪرو يَڪو اُس ۾:
    نيري در ڏي پَيو ٿو واجهائي!

    عشق جي راند ڀي ڏٺي کيڏي:
    ’سعيد‘ موٽياسين پاڻ هارائي!
    ***


    غزل

    غزل

    صدين جي سوچ ڇڏ تون، لمحن جي جيءُ جاني!
    چُٽڪو آ چار گهڙيون، ڪي پَل آ زندگاني!

    شاوَر مان روشنيءَ جون، ڇاٽُون ڇَڻي رهيون هِن،
    ٿو انگُ انگُ چمڪي، وهنجي پئي جواني!

    تو ۾ فنا ٿياسون، تو ۾ بقا ملي آ،
    اي عشق! تو عطا ڪئي، هيءَ عمر جاوداني.

    واڙين ٿو شعرَ ڇالئه، سياست آ هڪڙو پڃرو،
    آزاد ڇڏ هوا ۾، بادَل هي آسماني.

    پهرين تون مار ”مان“ کي شاعر! اَنا ڇڏي ڏي!
    تون ٺاهه پنهنجو رستو، ناهين لطيف ثاني.

    ڪنهن لاءِ ڪپ تي بيٺو، تون ’سعيد‘ منتظر آن،
    هر شيءِ لُڙهي وڃي ٿي، رُڪڻي نه آ رَوانِي.
    ***


    بيت

    بيت

    هي آ عاقل ڳوٺ جو، جُهونو قبرستان،
    آئون نِمُ جي ڇانوَ ۾، ويٺو هان ويران،
    ڪونه لڌو نِيشان، مونکان هن جي قبر جو.
    ***

    وِهَندا هئاسين پاڻ ٻئي، هڪڙي بئنچ مٿان،
    ساريان ٿو اسڪول جا، ڏينهن اُهي اڄ مان،
    اچن ٿيون اَڳِيان، ننڍپڻ جون سڀ حَرڪتون.
    ***

    کيسي ۾ رکيا هئم، تنهنجا قلم کڻي!
    ڪِئن تون ٿَڦَ هڻي، مونکان سڀ کسي وَئين.
    ***

    اکيون ڌار عقاب جون، رکجان هيٺ نيهارَ!
    عجب عجب اسرارَ، ايندا تنهنجي سامُهون.
    ***

    اکيون ڌار عقاب جون، اونچي رک پرواز!
    اِيٿرِ ۾ تَرُ ايئن تون، جيئن نه اُٿن آواز!
    سُڻائيندءِ ساز، موسيقي آڪاش جي.
    ***
    اکيون ڌارِ عقاب جون، ڀڙڪو ڏئي اُڏام!
    ڪونهي هن آڪاش جو، ڪاٿي اختتام!
    تارا گرهه تمام، ڇڏج پَرَنِ جي پوئتان!
    ***

    اُڏريو پئي آڪاش ڏي، دونهون ڌرتيءَ تان،
    سياڻا ڪين اُٿي سگهيا، گــهرين سوچن مان،
    پنهنجين سوچن سان، ويٺي سڀ سڙي وَيا.
    ***

    وچڙي آ هر ذهن کي، سوچ جراثيمي،
    ڪُرسين تي آهن پيا، ويڄ ته آرامي،
    ٿيندو ماتامي، آئيندو هن دؤر تي.
    ***

    منهنجي مَن اندر، غارِ حِرا جي ٻاٽَ هُئي،
    اُڀري آيو اوچتو، سورج منهنجي گهر،
    کوليون مون اُن ڀر، اکيون روشن ٿي وَيون.
    ***
    چـﺂڏس چُپ چُپات، آهي قبرستانَ ۾،
    ڳاڙها گل قبرن مٿان، خوشبو، چوڏهينءَ رات،
    هر هر چنڊ پائي پَيو، جهڳٽن منجهان جهات،
    ڪير ڪري ڪا بات، مٽيءَ جي ماٺارَ مان؟
    ***
    پنهنجا پنهنجا دائرا، پنهنجو پنهنجو ماڳ،
    جِيوَن سمنڊ اَجهاڳ، ڪُنن ڪاٿو ناهه ڪو!
    ***

    اکيون ٿو پُوريان، صحرا آهي سامهون،
    ڄڻ ڪو ازلي پنڌ آ، پيو ٿو مان ڏوريان،
    اکيون ٿو کوليان، چوڌاري ديوار آ!
    ***

    عينڪ پائي سچ جي، جيڪي ڏٺوسون،
    سو جي کين ڏَسِيُون، مارن وِچ بازار ۾!
    ***

    عينڪ پائي سچ جي، جيئن ٿو آءٌ ڏِسان،
    ماڻهو ڌڻ جِيئان، ڪوئي ڪاهيو ٿو وڃي.
    ***

    ’سعيد‘ سُري آ اورتي، ويجهو ڏِس جاچي!
    ايئن نه زماني کي، بيهي ڏِس شيشي منجهان.
    ***

    مونکان کِل نڪري وئي، ڏٺم جيئن هن کي،
    گڏهُه ڪرسيءَ تي، ويٺو هو آفيس ۾.
    ***

    مونکان پئسينجر اُهو، ’سعيد‘ نه آ وسريو،
    جو بازارِ حُسن مان، رڪشا ۾ ويٺو،
    چِيائين: ”مان ڳوليان پيو، ”پاڪيزه محلو“،
    ڏٺو آهي تو؟ مونکي اوڏهين هل وٺي!“
    ***

    رڪشا ٻيڙي ٿو لڳي، روڊ سمونڊ جِيان،
    لڙهندو لهرن سان، ڪاڏي آءٌ وڃان پيو؟
    ***

    ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏکَ ڏِسن“،
    اکيون انهيءَ سِٽ کان، اڳتي ڪين پڙهَن،
    نه ٿيون ڪجهه ڏِسن، آڏو پاڻي آ رڳو.
    ***

    ڪالهه مليو بازار ۾، هو ڪجهه ويڳاڻو،
    ’سعيد‘ ڳوٺاڻو، ڦاٿو آ ڄڻ شهر ۾!
    ***

    آئي ڳاڙهي ويس ۾، ڪَوِتا حسينا،
    ڪمرو خوشبو ٿي وَيو، چمڪيا آئينا،
    جاڳيا سازينا، ’سعيد‘ سندس آواز تي.
    ***

    نچڻيءَ ڪنڌ ڍَريو، جوڙي هٿ نياز سان،
    طبلي جي آواز تي، ڇيرين ڇرڪ ڀَريو،
    يڪدم جسم ڇِڙيو، لونءَ لونءَ انگ انگ ناچ ۾.
    ***

    بيهي ڀت جي ڇانوَ ۾، ساهي پٽي ٿو،
    پوڙهو ڪچيءَ ڀت ڏي، گُهوري ڏسي ٿو،
    ڪاڏي وڃي ٿو، ڪِوِلين جو هي قافلو؟
    ***

    چانڊوڪي آئي هلي، چنڊ جي ڀاڪُرَ ۾،
    نيري ساگر ۾، گڏجي ٻئي وهنجن پيا.
    ***

    ڏسي ٿو آڪاش ڏي، يوسف کوهه منجهان،
    بيٺو آهي ماٺ ۾، پوڙهو چنڊ مٿان،
    پَيو آهي اَڃان، يوسف ڪاري کوهه ۾!
    ***

    دروازي کي بند ڪري، بلب وسايائين،
    چنڊَ بدن تان نيرڙا، بادَلَ لاٿائين،
    ۽ پوءِ ارپيائين، جوڀن چوڏهينءَ رات جو.
    ***


    خالي ڪمري جي اندر، جِهرڪي جو آئي،
    منهنجي تنهائي، مُرڪي پئي اُن کي ڏسي.
    ***

    ڏِسان پَيو سامهوُن، دَرَ وٽ بيهي آنءُ،
    سنجهيءَ مٿان ڪانءُ، پُسي پَيو مينهن ۾.
    ***

    اڳتي هلندي ٿي وڃي، اونداهيءَ مان ديد،َ
    هڪڙو خواب ’سعيد‘، نيڻن منجهه ٻَري پيو.
    ***

    اڳتي ديد هلي وَئي، اورانگهي تارا،
    حد نه آ پيارا، لاحد آهي سِرشٽي.
    ***


    هائيڪا

    هائيڪا

    پکين جي قطارَ
    اڱڻ مٿان ڏسندي وَئي
    تنهنجا کُليل وارَ

    حبيب ساجد مان
    شام لبِ مهراڻ تي
    تنها روحن جيان

    شعر ڇولين جيان
    سکر واري پُل تي
    حبيب ساجد سان

    شعر پَيا پڙهبا
    اَسان مرده قوم جي
    قبرن جا ڪَتبا


    * حبيب ساجد -منهنجو شاعر دوست
    ديري مٿان چنڊ
    چانڊوڪيءَ ۾ ٿي لڳي
    سوني هر هڪ ٻنڊَ

    نلڪي جي هيٺان
    وهنجي ٿي هُوءَ ڇوڪري
    سنهڙي پوتيءَ سان

    پوڙهو ۽ ڪوٺي
    ڌُنڌلو چَهرو دِيد ۾
    ٻريل ميڻ بتي

    ڊرائيور ۽ رڪشا
    لهن چڙهن ٿا واٽَ ۾
    پئسينجر پاڇا

    دايَن وارو دَرُ
    اُنَ جي بِلڪل سامهُون
    ’سعيد‘ جو ٿئي گهر

    چوڏهينءَ رات اڱڻ
    چمڪي ٿو چانڊاڻ ۾
    * بيد مشڪ جو وڻ
    * ڳوٺ عقل ۾ منهنجو گهر
    منهنجي گهر ۾ بيٺل بيدمشڪ جو وڻ (سعيد)


    پنجڪڙا

    پنجڪڙا

    رات اوسيئڙي ۾ بيٺي آ
    هوءَ آڳر ۾ ويسَ ڳاڙهي ۾
    سامهون ڏيئو ٻري ٿو جاري ۾
    ”چنڊ“ لئه سيئڙي ۾ بيٺي آ
    رات اوسِيئڙي ۾ بيٺي آ

    ***

    ڪوئي ڪرڻو اچي نه کڙڪيءَ مان
    ”زندگي“ رات جو مري ويئي
    بستري منجهه آ ٺري ويئي
    ڪين تپندي ڪنهين به گرميءَ سان
    ڪوئي ڪرڻو اچي نه کڙڪيءَ مان

    ***


    پنجڪڙو نظم

    پنجڪڙو نظم

    مان ڏسان ٿو پيو

    مان ڏسان ٿو پَيو مَن جي شيشي منجهان:
    نيڻ، نڪ، تِـرُ ۽ رخسارَ چمڪن پيا
    چاندنيءَ ۾ سندس وارَ چمڪن پيا
    آ اڱڻ ۾ سُتل، چنڊ چهري مٿان
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    هورڙيان هورڙيان لڱ پُسائي پَئي
    وهنجندي گيت منهنجو ڪو ڳائي پئي
    رنگ شاوَر منجهان ٿا ڇَڻن هُن مٿان
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    هرکڻي ٿي پئي، هر رکي ٿي پئي
    منهنجي تصوير هر هر ڏسي ٿي پئي
    ۽ رکي ٿي ڇڏي چپ ان جي مٿان
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    الوداعي نظر سان ڏسي ٿي پئي
    ”مارئي هاسٽل“ کي ڇڏي ٿي پئي
    هُوءَ اُگهي ٿي اکيون پنهنجي پوتيءَ سان
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    رات ويلي اڱڻ منهنجو مهڪي پيو
    تنهنجو چهرو نظر منجهه چمڪي پيو
    نيڻ منهنجا ٻئي تنهنجي ”تِرَ“ جي مٿان
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    نيري دَرَ اوٽ ۾ ڏيوڍيءَ ۾ ٻَئي
    ”الوداع“ چَئي جڏهن مون وڃڻ جي ڪئي
    نيڻ ڀرجي وَيا تنهنجا پاڻيءَ سان
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    ڪوئي ڀاتي نه هو رات جو منهنجي گهر
    هيکلو مان سُتل هوس ڪمري اندر
    آئي ڪمري اندر کولي در هورڙيان
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.


    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    منهنجي نڪ کي وٺي هُن لوڏيو هُيو
    ڇرڪ سان مان تڏهن هوس جاڳي پيو
    هوءَ ويئي هلي مون وٽان اَسر سان
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    هُو خماريل اکيون، هلڪي لالي منجهن
    ڇا ته ڇلڪي پَيو، کِير جهڙو بدن
    واڱڻائي وڳو، جسم ڀوري مٿان
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    بستري ۾ سڄي رات سرهاڻ هئي،
    انگ انگ ۾ جوانيءَ جي گرماڻ هئي،
    سر رکي هئي سُتي منهنجي سيني مٿان،
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    شام ويلي هليا پئي ٻئي ماٺ ۾،
    ڄامشوري جي ٿڌڙي هوا ساٿ ۾،
    چپ ۾ ويٺا اچي ٻن قبرن مٿان،
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منهنجا.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منهجان:
    آ اڇي ويس ۾، پرس ناسي اَٿس
    اڄ الائي ڇو منهن تي اُداسي اَٿس
    لان ۾ چُپ ۾ ويٺي آ سرتيءَ سان
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان:
    اتفاقاً چڙهي منهنجي رڪشا ۾ ڪلهه،
    هر مسافر جيان ساڻ هئي چندَ پَل،
    ۽ لهي ويئي هُوءَ پنهنجي گهر جي اڳيان،
    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منجهان.

    مان ڏسان ٿو پَيو من جي شيشي منهنجان:
    ٻارَ ننڍڙا سڀيئي سُٺا ٿا لڳن،
    سڀ سليٽن تي سامهون ڏسي ٿا لکن،
    مان لکان ٿو اکر بورڊ تي چاڪ سان،
    مان ڏسان ٿو پيو من جي شيشي منجهان.
    ***


    غزل

    غزل

    منهنجي گهر ۾ برات آئي آ،
    چنڊ تارن سان رات آئي آ.

    ڪنهن نه ڪنهن ڪُنڊ ۾ ڪريل هوندا،
    مُنڍ ۾ جن کي مات آئي آ.

    تو جو اڇلي ڇڏيو انڌيري ۾،
    مون ڏي ڏياٽين سان ڏات آ.

    پاڻ ۾ مان نٿو سگهان ماپي،
    جيءَ ۾ ڪائنات آئي آ.

    زندگي هئي ٻڌل زنجيرن ۾،
    موت آيو نجات آئي آ.

    وقت بيهي رهيو آ هڪ پَل ۾،
    ڀل ۾ تنهنجي جو بات آئي آ.
    ***


    ڀٽائيءَ کي ڀيٽا

    ڀٽائيءَ کي ڀيٽا

    ايڏو ويڳاڻو، آهي اڄ لطيف ڇو؟
    اکيون هيٺ زمين ۾، منهن لڙڪن هاڻو،
    ڪهڙو ڳاراڻو، هن کي ڳاري ٿو پَيو؟
    ***
    اکيون هيٺ زمين ۾، شاهه ڀٽائيءَ جون،
    ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳ ڏي، وڃن ٿيون ڪِوليون،
    ڄڻ سمجهائن ٿيون، هڪ سفر آ زندگي.
    ***

    اکيون هيٺ زمين ۾، واچوڙا ويچارَ،
    وِکري وِيا هن واءُ ۾، هن جا ڀَنڀا وارَ،
    سانجهيءَ ڪنهن جي سارَ، کيس اُڏايو ٿي وڃي.
    ***

    اکيون هيٺ زمين ۾، پگهريل پيشاني،
    اکين ڏٺا اوچتو، منظر لافاني،
    رمزون روحاني، کُليون شاهه لطيف تي.
    ***

    اکيون ڳاڙهي اُڀ ۾، سانجهيءَ ڪنهن جي سارَ،
    ’سعيد‘ وڃي ٿي سامُهون، ڪونجن جي قطارَ،
    ڪُونجن ساڻ نِهارَ، ڇو ٿي ڀٽڪي شاهه جي!
    ***

    اکيون ڳاڙهيون اُڀ ۾، روح اندر راڙو،
    ”ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اُگهاڙو“،
    ڪوئي اُماڙو، جلائي ٿو جيءَ کي.
    ***

    ”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏِسن“
    اکيون انهيءَ سِٽ کان، اڳتي ڪيئن پڙهن،
    نه ٿيون ڪجهه ڏِسن، آڏو پاڻي آ رڳو.
    ***

    اٽڪيون سُورج سان، اکيون ڳاڙهي اُڀ ۾،
    ڄڻ ته وڃي ٿو پُوربو، ڀٽن جي هيٺان،
    آهن سج مٿان، اکيون شاهه لطيف جون.
    ***

    چوڏهينءَ جو چمڪن پيون، ڀٽُون واريءَ جون،
    ڪهڙي چنڊ جي پوئتان، نڪتيون هِن نظرون،
    ڀِٽ ڀِٽ ڀٽڪن ٿيون، اکيون شاهه لطيف جون.
    ***
    ڏسي شاهه لطيف ٿو، کڻي نيڻ مٿي،
    تارا آهن بيت ڄڻ، وکريل امبر تي،
    ڀرسان آ جن جي، چهرو چنڊ پرينءَ جو.
    ***

    رات لتاڙي فاصلا، مليس جيئن هُن سان،
    اکيون شاهه لطيف جون، چمڪيون ڏيئن جيان،
    مُرڪيو چنڊ مٿان، رِڻ ۾ ٿي وئي روشني.
    ***

    رڻ ۾ ٿي وئي روشني، چمڪي پئي واري،
    بيتن ڦهلائي ڇڏي، خوشبوءِ چوڌاري،
    رات اِها ساري، هئي ڄڻ سُندر خواب جيان.
    ***

    اڻ ڄاتي هن ماڳ ڏي، پيو ٿو مَن ڇڪي،
    هاڻي منهنجو هينئڙو، نه ٿو هِت ٽڪي،
    چيم ڀٽائيءَ کي، ”مون کي ساڻ وٺي هلو!“
    ***

    مرڪي شاهه چيو: ”اِها، روشن رکجان لاٽ!
    اوکي آ هيءَ واٽ، سُونهوُن ٿيندءِ سوجهرو!“
    ***

    اچي صبح سويرَ، ويٺو ڪپ ڪراڙ تي،
    ٿڌڙي پاڻيءَ جي اندر، ٻوڙيئين ٻئي پيرَ،
    سارَ سُري تنهن وير، ڪنهن رابيلي چيچ جي.
    ***
    اڇي بَــرَ منجهان، قلم ڪَهندو ٿو وڃي،
    لفظن جو آ قافلو، قلم جي پويان،
    ڪيئن مان هٿ کڻان، ڪيئن بيهاريان قافلو؟
    ***

    نڪري پاڻيءَ مان، ڀٽڪيا پئي ڌرتيءَ مَٿي،
    هي مسافرَ ڪير ها، آيا ها ڇاڪان،
    گذري رستن تان، مٽيءَ منجهه لَهي وَيا.
    ***

    تو چيو: ”هَٿ ته ڏي، تنهنجو ڀاڳُ ڏسان!“
    ۽ پوءِ هَٿُ ڏٺئه پئي، ڏاڍي ڌيان وِچان،
    ۽ تو هٿ مٿان، پنهنجا چپ رکي ڇڏيا.
    ***

    پنهنجو ڪجهه ٻاريو، سُورج ساٿ ڇڏي ويو،
    ٻاري پنهنجون آڱريون، رستو ڏيکاريو،
    ايئن نه بيهاريو، اونداهيءَ ۾ قافلو.
    ***

    رستي ۾ ويهي رهيو، ٿَڪُ ڀڃڻ جي ڪان،
    هن کي ننڊ وٺي وئي، گهاٽي وڻ هيٺان،
    ۽ هُو ننڊ منجهان، ٻِيهر ڪِين اُٿي سَگهيو.
    ***
    خوشبو ڪنهن جي ياد جي ، آيس واءُ منجهان،
    هُن جا نيڻ پُسي وَيا، پَلَ ۾ پاڻيءَ سان،
    ۽ هُو ڇَٻَرَ مٿان، ٻُوٽي نيڻ سُمهي پَيو.
    ***

    هيل ته ڪنڊا ئي ڦُـٽا، ذهني ڀُونءِ منجهان،
    سوچ ڪنڊن ۾ وئي مَري، ڀٽڪي گلڙن ڪان،
    رهجي وِيا پويان، ڳاڙها پيرا رت جا!
    ***

    رڪشا ۾ پوءِ چَڙهيو، چِيائين: ”تيز هلاءِ!
    قبرستان پڄاءِ! ڏاڍي ٿي وئي ديرَ آ.“
    ***

    هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾، ڪوريئڙو آهي،
    جيڪو خيالي ڄار ٿو، جِيوَن جو ٺاهي،
    ڇڏن ٿيون ڊاهي، اُن کي ڳُجِهيُون آڱريون.
    ***

    مون ته بڻائِي تو اڳيان، آئينو ديوارَ،
    ڪجهه نه ڏٺو تو يارَ، اکيون پٿر جون هيئه!
    ***

    ڦٿڪي ٿي تاريخ، اونداهي پاتال ۾،
    هن جي ڪائي چيخَ، پَٿرَ ڪِين ٻُڌي سگهيا.
    ***

    دنيا جي جنجال ۾، ايڏو اُلجهي وِيُس،
    سانڍي ڪين سگهيس، پياري تنهنجي ياد کي.
    ***

    تنهنجي مان تخليق تي، ڪهڙي راءِ ڏيان؟
    خالق! هيءَ دنيا، مونکي اڻپوري لڳي.
    ***

    پاڻ وڃون ٿا پُوربا، واريءَ جي هيٺان،
    واءُ! نياپو ٿا ڏيون، سانڍي تون رکجان!
    پانڌين کي چئجان: ”متان ماڳ وِساريو!“
    ***

    آئون هِتڙي پاڻ کي، ڌاريو ٿو ڀانيان،
    آيو ڄڻ آهيان، ڀلجي تنهنجي ديس ۾.
    ***

    پردا لاهي رات جو، ڳاڙهو گل ٽڙيو،
    چانڊوڪي مهڪي پئي، مَهڪيو جهنگُ سڄو،
    مونکي ايئن لڳو، ڄڻ هو چنڊ خمارَ ۾!
    ***


    هُن کي هئي جا گودڙي، تنهن ۾ خواب هُيا،
    خواب ڪڍي هُن سنڌ ۾، سڀني کي ارپيا،
    نذراني ۾ ڪيترا، هن کي لڙڪ مليا،
    پوءِ وٺي آگيا*، ويو هو جوڳي سانورو.
    ***

    ٻِيهر گهمنداسين وَري، پاڻ ڪناري سان،
    هاڻي ڇڏ ته وڃان، مونکي سمنڊ سڏي پَيو.
    ***

    وقت-نديءَ ۾ ڪيترو، ڳوليان ماضيءَ کي،
    ڪاهيان ڪشتيءَ کي، آئيندي جي پارَ ڏي.
    ***

    آءٌ فنا جي هنج ۾، پِيو هُس ’سعيد‘ سُمهي،
    ’جِيوَن‘ جاڳايو اچي، ’قدرت‘ چِيو چُميِ:
    ”دنيا، آءُ گهمي، وڃ تون گڏجي ’وقت‘ سان!“
    ***

    هن کي گهري ننڊ مان، ”قدرت“ جاڳايو،
    ”ڏات“، ”قلم“، ”ڪاغذ“ ڏئي، سڀ ڪجهه سمجهايو،
    ”وقت“ وٺي آيو، شاعر کي ڌرتيءَ مٿي.
    ***
    *آگيا – اجازت


    امام حُسين عه جي ياد ۾

    امام حُسين عه جي ياد ۾

    هيٺ چتائي ڏٺو، خيمن مٿان چنڊَ،
    ڄڻ ڪو گـهرو راز هو، سانڍيو ساري منڊَ،
    ٻارَ پَيا ها نِنڊَ، هئي ڪا سوچ حسين کي.
    ***

    آڌيءَ رات حُسين ٿو، ويٺو ويچاري:
    ”ڪارا پربت ڪُوڙ جا، همت سان ڏاري،
    ايندس اُڀاري، آئون سورج سچ جو“
    ***

    آئون سورج سچ جو، بڻجي آيو هان،
    ڌرتي! مان ڄاڻان، توکي گـُهرجي روشني.
    ***

    وڃي مير حُسين ٿو، هلندو واريءَ تان،
    پيرن جا نِيشانَ ٿا، چَمڪن ايئن پويان،
    ڄڻ هُو پونيَنِ ڪان، چنڊَ ڇڏيندو ٿو وڃي.
    ***


    بيت

    بيت

    منهنجي مَنَ جي باغ ۾، آهن گل ٽڙيا،
    مهڪي پئي آ زندگي، مهڪيا سڀ سپنا،
    ليڪن منهنجي دؤر جي، بي حِس آههِ هَوا،
    جيڪا هر ڏِسا، خوشبو ڦهلائي نه ٿي!
    ***

    اَسان سيلاني، آياسين ڌرتيءَ تي
    گهارياسين ڪجهه ڏينهڙا، توسان گڏ جاني!
    ڪوتا نيشاني، توکي ڏيئي ٿا وَڃون!
    ***

    مون جو ڌرتيءَ تان، ڏٺو پئي آڪاش ڏي،
    منهنجي ديدَ هلي وئي، اڳتي تارن کان،
    ڪنهن کي ڪيئن ڏسِيان، تڏهين مون ڇا ڇا ڏٺو؟
    ***

    آئيني جي سامهون، وارَ سنواري ٿي،
    هر هر پنهنجي حسن ڏي، هُوءَ نهاري ٿي،
    مُرڪيِ ماري ٿي، ناري پنهنجو پاڻ کي.
    ***



    هن جي نرم ڇُهاوَ سان، ويئي ننڊ ٽَري،
    سنهڙي نيري ويس ۾، آئي اِيئن سُري،
    پِيا ٻئي نيڻ ٺري، جوڀن ڪَوِتا جو ڏسي.
    ***

    عاقل! تنهنجي هنج ۾، مان ٿو خوابَ رکان،
    تن جو خيال ڪجان، جيسين بڻجن ساڀيان.
    ***

    هلندي آءٌ ڏسان پَيو، سائيڊ شيشي مان،
    رڪشا جي پويان، سڀ ڪجهه رهندو ٿو وڃي.
    ***

    اکين ۾ سانڍيان، آئون ساري سرشٽي،
    اندر منجهه پَسان، ساري هن مانڊاڻ کي.
    ***

    نپجي ٿو هڪ راز، خاموشيءَ جي هنج ۾،
    ’سعيد‘ انهيءَ جو گونجندو، چوڌاري آواز،
    ٿيندو نئون آغاز، انساني تاريخ ۾.
    ***


    آءٌ لکان ٿو رت سان، ڪاري ڪاڳر تي،
    اونداهي تَــرَ کي، روشن ڪيان ٿو رات جو.
    ***

    ساڙي ڪَوِتائون، لوڙهيا رکَ سمونڊ ۾،
    لهرون لهرون ٿي وڃن، پنهنجون پيڙائون،
    پاڻ به پو آئون، لهرن هيٺ لِڪي وڃان.
    ***

    اڇليان ٿو آئون، بابا!* بيت ڪِراڙَ ۾،
    انڌن، ٻوڙن جي اڳيان، آندم ڪَوِتائُون،
    ڪِين سمجهيائون، مرشد! منهنجي شاعري.
    ***

    مان هان موهن جو دڙو، مٽيءَ جا انبارَ،
    اکين ۾ آثارَ، آهن هڪڙي خواب جا.
    ***




    * بابا - ڀٽائيءَ کي پيار مان ”بابا“ چوندو آهيان.


    هَستي آئي آ هِتي، ڪهڙي مقصد سان،

    هَستي آئي آ هِتي، ڪهڙي مقصد سان،
    آخر ڇاجي ڪان، آيس آءٌ وجود ۾.
    ***

    جو آ قيدي وقت جو، ناهيان سو انسانُ،
    پنهنجو آءٌ زمان هان، پنهنجو آءٌ مڪانُ،
    ٿيندين تون حيران، منهنجي دنيا ۾ اچي.
    ***

    بادل ورتو روپ هو، پوڙهي ماڻهوءَ جو،
    جيڪو ڪاري جُهڙ طرف، وَيو پئي هلندو،
    ڏٺم پَلَ کان پو، پوڙهو ڪين لڀي سگهيو.
    ***

    ٽڪرا ٽڪرا جَڏ ڪيم، هئي جا منهنجي ”مان“،
    ٽڪرو ٽڪرو ٿي پيو، هڪڙي مڪمل مان،
    انهن سڀني مان، ’مان‘ کي ڪونه ڪڍي سگهيو.
    ***

    مون جو موهن شهر ۾، آلِي سِرَ مٿان،
    تنهنجو نانءُ لکيو هُيو، پنهنجي آڱر سان،
    مٽيءَ جي هيٺان، مونسان گڏ گم ٿي وَيو.
    ***
    ڀٽڪيس پئي مان ڀُونءِ تي، گُم ٿيل ٻار جيان،
    دنيا هئي ڏاڍي وڏي، گهر نه لڌو مونکان،
    ٿڪجي موٽيس پوئتي، سوچيم ننڊ ڪيان،
    سوري پيار منجهان، موت سمهاريو هنج ۾.
    ***

    واٽو آهن وِيهه ٿيون، آهي بي چيني،
    آسي زميني!* ڪاڏي ڪاهيون قافلو؟
    ***

    سانجهيءَ عاقل، بند تي، اڪيلو ناهيان،
    مينهُون جيئن موٽن پَيو، هڪٻئي جي پويان،
    يادُن جو تن جيان، ڪڍ اچي ٿو قافلو.
    ***

    فائيلن مان منهن ڪڍي، مونکي چنبڙي پيا،
    کيسا کائي وِيا، ڪُتا هِنَ آفيس جا.
    ***

    ڏسندي تنهنجو تِـــر، ڀونرا ٿي پيون ماڻڪيون،
    چهرو آڻ ته سامهُون، مُرڪي مون ڏي مُڙ،
    سيني ڏي تون سُرُ، تو مان واسُ وَٺان پرينِءَ!
    ***
    * آسي زميني- منهنجو هم عصر شاعر دوست.

    ساندهه هِنَ سَرابَ ۾، ڪيسين ڀٽڪي هانءُ،
    سَڌَنِ پويان ڊوڙندي، سَهڪِي پيو هان آنءُ،
    ڪاٿي آهي ڇانءُ، گوتم! تنهنجي بَڙ جي؟
    ***

    سوري پنهنجي ساهه ڏي، ڳل نه لاتوسين،
    ساجن پنهنجي سامُهوُن، عڪسُ ئي پاتوسين،
    پئي واجهايوسين، شيشي جي ديوارَ مان.
    ***

    الميه ڊرامو زندگي، مشڪرا ڪردارَ،
    اِيئن لڳي ٿو ڪين آ، ڪو به هدايت ڪار،
    بور ادا ڪاري ڏسي، ٿي پيو هان بيزار،
    پو به ڏسان پيو يارَ! شيشي جي ديوارَ مان.
    ***

    رات ڏٺي مون خواب ۾، ڪَوِتا حسينا،
    هٿن ۾ ڇمڪيس پئي، نِيرا نگينا،
    اَکڙيون آئينا، جن ۾ چنڊ جي روشني.
    ***
    هُوءَ حسينا خواب هئي، خوابن ۾ آئي،
    ساڻ آ تنهائي، ساڀيائن جي سُڃَ ۾.
    ***

    عرشي اونچائي، گهُوري نيڻ نِميَ پـَيا،
    ڪاري چادر رات جي، صوفيءَ سِرڪائي،
    هيٺ نظر آئي، نيري اُڀَ جي روشني.
    ***

    نيري اُڀَ تي روشني، هيٺان ڌرتيءَ ڌنڌُ،
    آڌيءَ هڪڙي گهر جو، چمڪي ٿو آڳنڌُ،
    هيٺ نِوايو ڪنڌ، ’سعيد‘ لکي ٿو شاعري.
    ***

    جهاڳيوسين جِيوَن، هڪڙي گل جي عشق ۾،
    ڪاراٽيو جهولَنِ، رَنگ اسان جو راهه ۾.
    ***

    سارُون تنهنجون مان، باک ڦٽيءَ جو باغ ۾،
    ڪوهيڙي پويان، ڌُنڌلو گُلُ گلابَ جو.
    ***

    ماڻهو سَڀُ، زمين تي، ڪِوليُون ئِي آهنِ،
    کَنڊُ ذَري ٿَن واتَ ۾، اڳَتي ٿا ڪاهِنِ،
    سا ٿا پهچائِنِ، پنهنجي پنهنجي ٻِــرَ ۾.
    ***


    ڀٽڪايو راهُن، ٿڪجي پياسين پنڌ ۾،
    وَنيءَ جي ٻانهن، مونکي ’سعيد‘ سنڀالِيو.
    ***

    ڪريو ٿا پَوِن، لُڙڪ رسالي جي مَٿان،
    دل کي لفظ لطيف جا، لوڙهيو ٿا وَڃن،
    ”ديسي سيڻ ڪَجنِ، پرديسي ڪهڙا پرين!“
    ***

    لهرن سمجهايُس گهڻو، ڪِين پَيو سمجهي،
    ساندهه ڳوليندو رَهيو، هڪڙِي ڇوليءَ کي،
    هيڏي سمنڊ اَجهاڳ ۾، ڪنهن کان هُوءَ لڀي؟
    نيٺ جُنونيءَ کي، ڪارا ڪُنَ ڳِهِي وَيا!
    ***

    هڪڙي ڇوليءَ جي پُٺيان، بي خود نڪري پيو،
    روڪَ هئي جا وقت جِي، تنهن کان ڀي نه رُڪَيو،
    نيٺ وڃي گم ٿِيو، اندر ڪاري سمنڊ ۾.
    ***

    آءٌ ڏسان ٿو خواب ۾، شهر آ شيشي جو،
    آهن عڪس رڳو، رهواسي هنِ شهر جا!
    ***


    جِيوَن ڄڻ ته لڳي پَيو، واريءَ وارو پَنڌُ،
    ڪَاٿي ڪِين ملي سَگهيو، ڇانوَ ڀَريو ڪو هَنڌُ،
    سفر آهي سُڃَ ۾ ، ساڻو ساڻو سَنڌُ،
    موڙِ نه پو ڀي ڪَنڌُ، هلڻو آ هر حالَ ۾.
    ***

    آيو آهه ڪَهي، سَرتيون! منهنجو سانورو،
    نيڻ ڏسي چَمڪي پَيا، چنڊ ته منهنجو هي،
    مَهڪي رات پئي، آندئيِن گُل رابيل جا.
    ***


    وايون

    پــائـي تـنـهـنـجـي پـريـت

    پــائـي تـنـهـنـجـي پـريـت
    لُــــنءَ لُـــنءَ آ سنـگـيـت
    ساز وڄن ٿا ساههَ ۾.
    خوشبو خوشبو کيت هِي،
    سانجهيءَ ساريم مِيت-
    ساز وڄن ٿا ساههَ ۾.
    آءُ ته گڏجي ڳائيون
    اڻــــــپــــورو آ گِــــيـــت-
    ساز وڄن ٿا ساههَ ۾.
    تارون پنهنجي جيءَ جون
    ٽـوڙ نه تـون اِن رِيـت-
    ساز وڄن ٿا ساههَ ۾.
    ساز وڄن ٿا ساههَ ۾.


    ڪــــر نه اوســيـئــڙا!ڪـنـهن جا اوجـيئڙا

    ڪــــر نه اوســيـئــڙا!
    ڪـنـهن جا اوجـيئڙا!
    جِيوَن هيکل جهاڳجي.
    ساڻ نه هلندءِ سُڃَ ۾
    ڪــوئي جـوڳـيـئـڙا!
    جِيوَن هيکل جهاڳجي.
    کجين واري شهر ۾
    جـــاچ نـه جـانيـئـڙا!
    جِيوَن هيکل جهاڳجي.
    پاتا آهن عشق ۾
    اکــيــن اوســيـئــڙا!
    جِيوَن هيکل جهاڳجي.
    نينهن نظر ۾ ڇا مليو
    مــارايــئـه هــيــنـئـڙا!
    جِيوَن هيکل جهاڳجي.


    تنهنجا پنڌ پري

    تنهنجا پنڌ پري
    ڏاڍا سَڏ ڪري
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾.

    پهتو ڪين طبيب ڪو
    دارونءَ ريءَ اَڙي!
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾.

    هُونءَ به ڪهڙو ماڳ هو
    جنهن ڏي جيءُ وري!
    پاڻ مئاسين پنڌ ۾.


    تنهنجي گهر مٿان ڪيسين مان بيهان

    تنهنجي گهر مٿان
    ڪيسين مان بيهان
    آئون بادل اُڀ جو.

    ڀٽڪان ٿو نيراڻ ۾
    هڪڙي ڪڪريءَ ڪان
    آئون بادل اُڀ جو.

    تو تي راڻي رات جي
    آڌيءَ ويل وسان
    آئون بادل اُڀ جو.

    ناهي ٺوس وجود ڪو
    پل پل ٿو مٽجان
    آئون بادل اُڀ جو.

    وکري ويندس واءُ ۾
    عشق نه ڪر مونسان
    آئون بادل اُڀ جو.
    آئون بادل اُڀ جو.


    بيٺو آءٌ ڏسان

    بيٺو آءٌ ڏسان
    ڪارو سمنڊ اڳيان
    سامهون ٻيڙا ٿا وڃن.
    ويٺو آهيان ريت تي
    آئينءَ ڪِين اڃان
    سامهون ٻيڙا ٿا وڃن.
    وَيا پير وڃائبا
    پاڻيءَ جي پويان
    سامهون ٻيڙا ٿا وڃن.
    ڇوليون ڇلڪن کيرَ جون
    چمڪي چنڊ پَريان
    سامهون ٻيڙا ٿا وڃن.
    ٻانهون لوڏن ٿا ٻئي
    ڪئن مان ’سعيد‘ ڏسان
    سامهون ٻيڙا ٿا وڃن.
    سامهون ٻيڙا ٿا وڃن.


    ڪپ تي ڇاههِ ملاح!

    -ڪپ تي ڇاههِ ملاح!
    ڪشتي ڪاههِ ملاح!
    ڪاهِيُون گـهري سمنڊ ڏي!
    ڪنهن کي پنهنجو ڪوٺجي؟
    ڪوئي ناههِ ملاح!
    ڪاهِيُون گـهري سمنڊ ڏي!
    شعلا آهن شهر ۾
    ڀڙڪي باههِ ملاح!
    ڪاهِيُون گـهري سمنڊ ڏي!
    اُکڙي ويندو واءُ ۾
    سڙهه کي ساههِ ملاح!
    ڪاهِيُون گـهري سمنڊ ڏي!
    ڪنهن سان عشق ڪَيو هُيو
    دل تان لاههِ ملاح!
    ڪاهِيُون گـهري سمنڊ ڏي!
    ڪاهِيُون گـهري سمنڊ ڏي!


    تنهنجو خواب ڏسي

    تنهنجو خواب ڏسي
    آڌيءَ رات سکي!
    اکيون آليون ٿي وَيون!
    ڪاڏي هو اڏري وَيا
    موٽيا ڪين پکي!
    اکيون آليون ٿي وَيون!
    اچي تنهائيءَ ۾
    تنهنجي سارَ ٻکِي-
    اکيون آليون ٿي وَيون!
    رڻ ۾ تو رولي ڇڏيو
    او ڙي، هرڻ-اکي!
    اکيون آليون ٿي وَيون!
    ڪري پياسين روڊ تي
    دل تي هَٿُ رکي-
    اکيون آليون ٿي وَيون!
    اکيون آليون ٿي وَيون!


    پو به ڪوسو لڳوتنهنجو آلو بدن

    پو به ڪوسو لڳو
    تنهنجو آلو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.
    آســمـــانــي وڳـــــو
    ۽ جهڙالو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.
    انڊلٺ ٿي لڳين
    آ اُجالو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.
    تنهنجي تِرَ ۾ اکيون
    ٿي وِيو آلو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.
    وارَ چُمندا رهيا
    چِيڙهيالو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.
    مان پُڄاري پُسِيَلُ
    ۽ شِوالو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.
    بادلن پئي ڏٺو
    هُو نِرالو بدن-
    سانوڻيءَ مينهن ۾.


    چـﺂسٽا

    ڏينهن جي زندگي آ ذلت جيان
    ڇُڇڪرون، شور، موڙ ۽ رستا
    رات جي زندگي آ جنت جيان
    چنڊ، تارا، سڳنڌ ۽ ڪَوِتا.

    ***

    باهه هُن تي، ڇنڀي ٿي دانش کي
    اڄ به ڏاڍي چِڙي پَئِي آهي
    سعيد آيو نه آ اڃا تائين
    هن جي ماني ٺري وئي آهي.







    
    
    غزل

    جِي گهِليو گهڻو، تنهنجي تَرَ ڏي پرين!
    پيرَ پهتا نه پر، تنهنجي گهرَ ڏي پرين!

    لاڙ مان جي اسان ڏي لڙي پئو ڪڏهن،
    ڳوٺ آهي اسان جو اُتر ڏي پرين!

    دوستن جون دليون صاف ناهن حبيب!
    ڪير ايندو اوهانجي سکر ڏي پرين!

    هي جهليو آ اسان جهول تنهنجي اڳيان،
    پيار جا گل ڏيئن يا پٿر ڏي پرين!

    پاڻ کي دوست! ڳوليا لڀن ڪين ٿا،
    ڪير توکي اسان جي خبر ڏي پرين!

    تو به پنهنجي اباڻي اجهي کي ڇڏيو،
    ها اسان ڀي وڃون ٿا قبر ڏي پرين!
    ***
    * حبيب – حبيب ساجد






    
    
    غزل

    مان به ساڳيو نه هان، تون به ساڳي نه آن،
    هاڻ موٽائجي پنهنجو ماضي ڪٿان.

    ها، جَلادي آ سياست هتان جي پرين!
    داغ ڳاڙها ته ڏس، هن جي چادر مٿان!

    ڪنهن ڪئي دشمني، ڪنهن ڪڍيا پير هي،
    ڪنهن جو نالو کڻان، دوستن جي اڳيان.

    منهنجي تنهائيءَ مونکان کسين ڇو پَئي،
    گڏ گذاري نه سگهندينءَ ڪڏهن هن جيان.

    ڄامشوري ۾ هاڻي نه آهي پرين،
    ’سعيد‘ اوڏهين وڃون هاڻ ڪنهن لئه اسان؟
    ***









    
    
    وائي

    لڙڪ ڀرجيو اچن
    پيون ٿيون پلڪون پُسن-
    نيڻ آلا ٻئي رات جو.
    ڳوٺ سارو ستل سانت ۾
    تو لئي ٿا تَڪن-
    نيڻ آلا ٻئي رات جو.
    وِيو آ سارو وِهاڻو پُسي،
    ڪين ٿا هي سُڪَن-
    نيڻ آلا ٻئي رات جو.
    ’سعيد‘ ناهي چِٽي چاندني
    چنڊ ڌنڌلو ڏسن-
    نيڻ آلا ٻئي رات جو.
    ***




    
    
    غزل

    ڏنو نه ساٿ سکيءَ هونئن ڪنهن حوالي ۾،
    رکيائين نينهن جو ناتو سو صرف نالي ۾.

    انڌيري رات ۾ جنهن کي قريب پاتوسين،
    اکيون ڏسي نه سگهيون چهرو سو اُجالي ۾.

    اسان جي پريت پنن ۾ ئي پُورجي ويئي،
    رهيو هو عشق صحافت جيان رسالي ۾.

    ڏٺو خدا کي اکين سان مون پنهنجي پاڙي ۾،
    نه ڪنهن مَسيت، ڪَليسا، نه ڪنهن شِوالي ۾.

    شرير ٻارُ هو لڳندو، ڳنڀير ٿي وِيو آ،
    هي ڪيئن آيو آ ڦيرو، ’سعيد‘ لالي ۾!
    ***






    
    
    وائي

    ڪين پِريَنِ پُڇيو
    ۽ نه ڪنهن سان ڪُڇيو-
    عمر ڪاٽي اَسان سانت ۾.
    پير تو وٽ پُڄن ها پرين!
    تو ڪٿي هو سَڏيو؟
    عمر ڪاٽي اَسان سانت ۾.
    دل جي ديوارَ سان سِرُ هڻي
    خواهشن پئي پِٽيو-
    عمر ڪاٽي اَسان سانت ۾.
    ’سعيد‘ ٻوڙن سندي جُوءِ ۾
    واتُ پنهنجو سِبيو-
    عمر ڪاٽي اَسان سانت ۾.
    عمر ڪاٽي اَسان سانت ۾.
    ***


    
    
    بيت

    شيشا عينڪ جا اُگهي، جڏهن ڀي جاچو،
    ڪڏهن نه ڪوئي همسفر، پاسي ۾ پاتو،
    پنهنجو ئي پاڇو، سعيد اسان سان ساڻ هو.
    ***

    شيشا عينڪ جا اُگهي، ڏِسان ٿو اڳتي،
    اڃا آ پرتي، رستو منهنجي ماڳ جو.
    ***

    اُڏريو پئي آڪاش ڏي، دوُنهون ڌرتيءَ تان،
    سياڻا ڪين اُٿي سگهيا، گهريُن سوچن مان،
    پنهنجين سوچن سان، ويٺي سڀ سَڙي وَيا.
    ***








    
    
    وائي

    سج سامهون هلو
    ڪاهيو قافلو-
    ڇو نهاريو، پيا پوئـتي؟
    سِرَ مٿان ڇوليون ۽ اسان
    سانت ۾ ساحلو!
    ڇو نهاريو پيا پوئتي؟
    لاش منهنجو نه اُٿندو وري
    ها وڃو قاتلو!
    ڇو نهاريو پيا پوئتي؟
    موت کان پوبه آ زندگي!
    موت آ مرحلو-
    ڇو نهاريو پيا پوئتي؟
    ڇو نهاريو پيا پوئتي؟
    ***


    
    
    (سُر مومل راڻو _ بيت)

    مومل! تنهنجي ڪاڪ ڏي، کنيون جن وِکُون،
    ثابت تَن مان ڪِين ڪو، موٽيو ڏٺو مون،
    آهن تنين جوُن، بَٺن پاسي بُٺيون.
    ***

    تو پڄاڻان هي، سارا جارا جوت ري،
    ڏيئو، بتي ۽ نه ڪا، چمڪائي چمني،
    راڻا! هِن تو رِي، ڪارا ڪمرا ڪاڪ جا.
    ***

    ڪارا ڪمرا ڪاڪ جا، گُگهه ۾ کٽولا،
    ڏيئا، بتيون، چِمنيون، وِسي وِيا گولا،
    تو ري او ڍولا! رهي ناهي روشني!
    ***

    ڪارا ڪمرا ڪاڪ جا، ۽ هيءَ خاموشي،
    سُس پُس ڪنهن سرتيءَ جي، نه ڪا سرگوشي،
    هُئي جِت هنبوشي، ڀُڻڪو ناهي اُت ڪو!
    ***

    ڪارا ڪمرا ڪاڪ جا، اونداهو دالان،
    آهي مومل سامهُون، نه ڪو شمعدان،
    وَيو ٿي ويرانُ، ڪاڪ محل او مينڌرا!
    ***

    اوندهه ۾ نيڻن، ڪاٽيون ڪاريون راتيون،
    سُهائيءَ ۾ سامهُون، دِيد ڪَري درشن،
    راڻا! ڪر روشن، ڪارا ڪمرا ڪاڪ جا.
    ***

    رنگ برنگي ويسڙا، سانجهيءَ ۽ سرتيون،
    ٽاريءَ ٽاريءَ ٽهڪڙا، گلڙن ۾ مُرڪُون،
    پوپٽ پڪڙن ٿيون، ڪاڪ محل جي باغ ۾.
    ***

    ڪاڪ محل جي باغ ۾، راڻا رهاڻيون،
    وسرن ڪيئن سي مينڌرا، قربن ڪهاڻيون،
    تو مون جي ماڻيون، راتيون مَهڪن مَنَ ۾.
    ***

    چاهت وارا چنگ، نه سي ساڳيون سانجهيون،
    نه سي ساڳيون سرتيون، نه سي ساڳيا سنگ،
    رهيا ناهن رنگ، ڪاڪ محل جي باغ ۾.
    ***

    نيڻن منجهه خمارَ، ڪاڪ محل جي باغ ۾،
    ڇَٻَرَ مٿان شام جو، سرتين ساڻ پَسارَ،
    سانجهيءَ وکريل وارَ، جوڀن-خوشبو واءُ ۾.
    ***

    ڪاڪ محل جي باغ ۾، اُڀَ مٿان بادَل،
    گذريون سُرهيون سانجهيون، توسان او سوڍل،
    ساريم جنهن مَهَلَ، اکيون آليون ٿي وَيون.
    ***

    آهيان اڪيلي، هيڏي هن محلات ۾،
    ڪائي ٻانهي ڪين آ، نه ڪا سهيلي،
    مران ٿي آئيلي! ڪاڪ محل جي ڪُنڊ ۾.
    ***

    آهن پويان پَل، مينڌرا! محلات ۾،
    ڪرهو ڪاهي ڪاڪ ڏي، سِگهو آ سوڍَل،
    مري ٿي مومل، ڪاڪ محل جي ڪُنڊ ۾.
    ***

    سانجهي پُسيل پنبڻيُون، مُومل ڳل آلا،
    رُئندي آلي ٿي وَئي، گلڙن جي مالها،
    جيءَ ۾ جُهڙالا، ڪڪر نه ڪوئي ڪاڪ تي.
    ***
    
    
    غزل

    تارن جي پرين! بارات ۾ آ،
    او چنڊ! اَسان جي رات ۾ آ.

    ٿو مَنَ مان جهيڻو روڄ اچي،
    اڄ دل ته وڏي سڪرات ۾ آ.

    هر واٽ ٻڏي وئي پاڻيءَ ۾،
    اڄ زور وڏو برسات ۾ آ.

    ٽاريءَ تي اڪيلو آ ڇا ٿيو؟
    ڇڏ ماٺ پکي! تون لات ۾ آ.

    جِيوَن ۾ نه توکي پاتوسين،
    ٿي ڏور نه منهنجي ڏات ۾ آ.

    ميڙي نه سگهيو پنهنجا ٽڪرا،
    ڪيڏو نه ٽـُٽي ويو مات ۾ آ.
    ***
    
    
    غزل

    پاڻ ارپي ڇڏيوسين ڇولين کي،
    پنهنجا ڪهڙا پرين! ڪنارا هِن؟

    ها اَسان جي اکين ۾ اوندهه آ،
    هونئن ته روشن سڀئي نظارا هِن.

    جنهنکي ڄاتو هيوسين دريا دل،
    ڪين ڄاتئين ته ڪي اڃارا هِن.

    جن جي نيڻن کي تو چميو آهي،
    پاڻ کان ڀي اسان کي پيارا هِن.

    هڪ ستارو ٽُـٽو ته ڇا ٿي پيو،
    نيري اُڀ ۾ سوين ستارا هِن.

    تنهنجو خالق! ڀرم ته رکڻو آ،
    زندگيءَ سان مڙئي گذارا هِن.
    ***





    
    
    وائي

    اونداهيءَ ۾ ڪو-
    اکيون ڳولي ٿو.
    انڌين ڀتين تي
    رکي هٿ انڌو-
    اکيون ڳولي ٿو.
    در پٺيان گهوري
    ڪنهن جون آئينو-
    اکيون ڳولي ٿو.
    سڀُ لتاڙي وِيس
    رستي منجهه صفحو-
    اکيون ڳولي ٿو.
    ***





    
    
    وائي

    سِرُون چمڪي پيون
    کوههَ جي اندر-
    چنڊُ لهي آيو.
    آڳر ۾ ”دانش“
    ڄڻ آ منهنجي گهر-
    چنڊُ لهي آيو.
    لهرن ڪنڌ کنيا
    پاڻيءَ ۾ جنهن پَر-
    چنڊُ لهي آيو.
    نيري ساگر ۾
    تارا مڇيءَ دَر -
    چنڊُ لهي آيو.
    ***

    * دانش – منهنجو پُٽ




    
    
    غزل

    هيءَ خوشبو ڀني،
    واءُ کي ڪنهن ڏني؟

    ڏِسُ ته ڪيڏي اَڇي،
    چنڊ جي آ وَني!

    چُپ ڪنارا هُيا،
    ۽ ندي پئي رُني!

    موت ڪستو جهليو،
    مون حياتي ڏني!

    دَرَ جي ٻيڪڙ منجهان!
    ٿي ڏسي روشني!
    ***






    
    
    پاڻيءَ ۾ ڪو ڀينڊ ڪريو،
    چوڙين وانگر لهرون نڪتيون!

    ***

    تارا ٿا ڏين پهرو،
    ۽ سج سمهڻ ويو آ!

    ***












    
    
    پنجڪڙو

    ڳاڙهي تنبوءَ مان هُو نڪري
    سِجُ، وڃي ٿو ڪوٺيءَ اندر
    ٿيندو صبح ته ايندو ٻاهر
    اوڀر واري دَرَ مان گذري
    ڳاڙهي تنبوءَ مان هو نڪري.
    ***











    
    
    دوهو

    وري نه ڪوئي مسيحا، وڃائي سِر پنهنجو،
    صليب وارو آ لاڪيٽ تنهنجي ڇاتيءَ تي.
    ***





    
    
    هائيڪو

    پاڻيءَ جو تلاءُ
    ڪِوِليءَ ٿاڦوڙا هنيا
    گِهِلي ويس واءُ.
    ***












    
    
    پنجڪڙو

    وڃي ٿو گَس وٺي ڪوئي
    پَيون ظاهر ٿين ڌُنڌليون
    پَريان چوٽيون پهاڙن جُون
    هليو آ ڏَس وٺي ڪوئي
    وڃي ٿو گَس وٺي ڪوئي.
    ***








    
    
    وائي

    نظر وڇڙي نظارن کان
    اَسان اڄ نيڻ ٻوٽياسي.
    اڙي ڪَوِتا! اڙي ڪَوِتا!
    سنڀالي پاڻ کي رکجان-
    اَسان اڄ نيڻ ٻوٽياسي.
    ڪناري تي پُڄي لهرن
    چيو پاڻيءَ کي هوريان-
    اَسان اڄ نيڻ ٻوٽياسي.
    نه ڏسباسين اسان ڪاٿي
    وڃون ٿا اڄ مٽيءَ هيٺان-
    اَسان اڄ نيڻ ٻوٽياسي.
    اَسان اڄ نيڻ ٻوٽياسي.
    ***



    
    
    وائي

    هانءُ پهاڙي، جذبن-جهرڻا
    چنچل چنچل اُڌمن-ڌارون
    چانڊوڪيءَ ۾ ساٿ پرينءَ جو.
    ڪوسا ڪوسا جذبا جاڳيا
    ڇِڙي پَيون هِن دل جون تارون
    چانڊوڪيءَ ۾ ساٿ پرينءَ جو.
    شَرَمَ سمورا ڪپڙا لاٿا
    کَڄِيوُن جوڀن ڏانهن نِهارُون
    چانڊوڪيءَ ۾ ساٿ پرينءَ جو.
    رڳ رڳ منجهه رچي وئي خوشبوءِ
    ڇا ته بدن ۾ ٿس مهڪارون
    چانڊوڪيءَ ۾ ساٿ پرينءَ جو.
    چانڊوڪيءَ ۾ ساٿ پرينءَ جو.
    ***



    
    
    وائي

    اي ڏات! رڌم تي ساٿ ڏجان
    ٿو جِيوَن منهنجو رقص ڪري.
    هي لهرون ڌڙ ڌڙ ڌڙڪن ٿيون
    مَنُ چاهي ٿو مان سمنڊ ٿيان
    ٿو جِيوَن منهنجو رقص ڪري.
    ڪي درد هينئين ۾ ڦٿڪن ٿا
    اچ دردن کي ڪجهه چين ڏيان
    ٿو جِيوَن منهنجو رقص ڪري.
    جي گيت اندر ۾ ڇلڪن ٿا
    سي گيت الاپن ۾ اوتيان
    ٿو جِيوَن منهنجو رقص ڪري.
    هن نيري نيري واديءَ ڏي
    آڪاش سڏي ٿو مان اُڏران
    ٿو جِيوَن منهنجو رقص ڪري.
    ٿو جِيوَن منهنجو رقص ڪري.
    ***



    
    
    غزل

    اَسان جيڪي نيڻن ۾ سپنا سجايا،
    نه تن ماڻي ساڀيا ڏٺاسين اَجايا.

    اکين جي اڳيان هئي رڳو واٽ پنهنجي،
    نه ڄاتوسين ڪنهن ڪنهن ها ڪنڊا وِڇايا؟

    اوهان ڏي ميارون نه آهن اسان جون،
    اَسان ڀي ته پنهنجا نه وعدا نڀايا.

    اکين ۾ تريَس پئي جوانيءَ جون يادُون،
    ڪٻٽ مان ڪراڙي ڪڍي خط جلايا.

    محبت اسان جي هئي خود فريبي،
    تڏهن ’سعيد‘ سمجهيو اَڇا وارَ آيا.
    ***





    
    
    وائي

    هر ٽڪاڻو ڇڏيو
    لاڙڪاڻو ڇڏيو-
    پاڻ جوڳي ڪَهي ٿا وَڃون!
    هاڻ اچبو نظر ڪينڪي
    ها پڇاڻو ڇڏيو!
    پاڻ جوڳي ڪَهي ٿا وَڃون!
    ٿي سڏي ديد هُوءَ دارَ ڏي
    او سياڻو ڇڏيو!
    پاڻ جوڳي ڪَهي ٿا وَڃون!
    موڪلاڻي ڪريو مرڪندي
    هي رُساڻو ڇڏيو!
    پاڻ جوڳي ڪَهي ٿا وَڃون!
    ***
    
    
    بيت
    ساڻ نه آهن سٿ، ساٿي سڀ ڇڏي ويا،
    ڇا ڇا ڏنئه زندگي، ڪهڙي ڪريون ڪَٿَ،
    کڻي خالي هَٿ، موٽياسين مٽيءَ ڏي.
    ***

    سنڌوءَ ڪپ تي شام جو، سامهون ڪَرِ نهارَ،
    سڀ ڪجهه لُڙهندو ٿو وڃي، ڪير ڌِڪي ٿو يارَ،
    پِرين، پَلَ ۽ پيارَ، ڦوٽا سڀ درياءَ ۾.
    ***

    سنڌوءَ ڪپ تي شام جو، سامهون ڪر نهارَ،
    ڪيڏي سهڻي ٿي لڳي، ڪشتين جي قطارَ،
    ڪشتين ڀرسان ٻارَ، پاڻيءَ ۾ تڙڳن پَيا.
    ***

    سنڌوءَ ڪپ تي شام جو، مونکي ڪارو ويسُ،
    ڪشتيون ڪاهي قرب جون، دلبر موٽو ديس،
    پرين! ايئن پرديس، ڇو ٿا لاهيو ڏينهنڙا!
    ***

    اسان جا نالا، ڀت تي ڄڻ ته لکيا ويا،
    مٿان بارش جو پئي، ٿي ويا سڀ آلا،
    سارا حوالا، آخر ’سعيد‘ ڊهي وَيا!
    ***
    
    رايا


    رايا

    بخشل باغي

    سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعريءَ جي منفرد لهجي وارو شاعر آهي. هن جو شاعراڻو اظهار سماعتن ۾ سمائجي ويندڙ ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ آهي. خيالن جي نرالائپ ۽ فڪري گهرائي هن جي شاعريءَ جا اهم گُڻ آهن. سندس شاعراڻي ٻولي ڏاڍي معصوم ۽ دل آويز آهي. جنهن کي داخلي ۽ خارجي پيڙائن جو ويس اوڍائي جڏهن ڪاڳر تي اوتي ٿو. ته درد جي جوت شاعريءَ جي نيڻن ۾ ڪر موڙي جاڳي پوي ٿي. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي گرفت رکندڙ سعيد ميمڻ ڪويتا جي ڪاڪ جو سانورو ۽ سلوڻو ڪوي آهي. هن جي خيال جي خاصيت هن جي شاعري کي سونا پر هڻي ڇڏيا آهن. رتبي جي اعتبار کان هو وچين طبقي جو فرد آهي، پر شاعراڻي جهان ۾ هو پنهنجي شاعراڻي سلطنت جو اڪيلو شهزادو آهي، اهڙو شهزادو جنهن کي قدرت ڏات جهڙي لافاني بادشاهي عطا ڪئي آهي. سعيد ميمڻ ”نيڻ سفر ۾، ”ڪاري بر ۾ چنڊ“، ”خواب – چارا“ جهڙن شاندار شاعريءَ جي ڪتابن کانپوءِ اڄ وري ”درد جون آيتون“ اسان لاءِ آنديون آهن. اهي آيتون جيڪي ڀٽائي ۽ اياز جي حسين شاعراڻي تسلسل جو دل ربا نمونو آهن. بظاهر ته اهي ”درد جون آيتون“ شاعراڻي معراج جو معجزو آهن پر اهي ”درد جون آيتون“ شاعر سعيد مميڻ جي زندگيءَ جي هڪ اهڙِي دور جو گيان آهن، جنهن دور ۾ ڪوبه انسان پنهنجي داخلي دنيا ۾ هڪ اهڙي ٽوڙ، ڦوڙ مان گذرندو آهي، جو سندس احساس، حساسيت جو ويس ڍڪي اکين مان پلٽجي سندس وجود کي ڪچي گهڙي جيئن وهائڻ لڳندا آهن. پر شاعريءَ جو مضبوط بند ان وهڪري کي روڪي پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏيندو آحي.

    بخشل باغي


    نثار کوکر

    بي حِسي ۽ گُهٽ ٻوسٽ واري دور ۾ چون ٿا ته تخليقڪارن جو ساهه منجهندو ۽ هانءُ ڪُرندو آحي. اهي ان گهُٽ ٻوسٽ واري ماحول کان نفرت جو اظهار پنهنجي آرٽ، شاعريءَ ۽ ڪهاڻين ۾ ڪندا آهن. پر لاڙڪاڻي ڀرسان سنڌوءَ ڪناري عاقل ڳوٺ ۾ هڪ شاعر پاڻ ان سماجي بيحسي ۽ گهُٽ ٻوسٽ جو اهڙو ته شڪار ٿي ويو، جو شاعري سندس هٿن مان ورهين کان ايئن ڪري پئي آهي، جيئن سندس نظم جي هڪ سٽ آهي ته ”خدا جي هٿن مان ها ڪريا سڀيئي، اسان جي ڪهاڻيءَ جا صفحا سڀيئي“ سعيد ميمڻ پنهنجو جنون ۽ جواني سنڌي شاعريءَ کي ارپي ڇڏي. هن خوبصورت فطرتي رنگن وارا ”پنجڪڙا“ لکي شاعريءَ ۾ موچارو اضافو ڪيو. هن شاعر بڻجي زندگي گذارڻ جا خواب ڏٺا پر غلامي ۽ روزمره جي تذليل واري سنڌي معاشري ۾ هو پنهنجي خواب جي ساڀيان ماڻي ڪونه سگهيو. سعيد جڏهن جنون ۾ اچي ڪيئي نظم لکيا ته شيخ اياز جهڙي شاعريءَ جي معتبر نالي به ڪر کڻي کيس ڏسڻ شروع ڪيو. سعيد پنهنجي پوري نسل جي ترجماني ڪري ٿو.

    - نثار کوکر


    ستار سُندر

    سنڌي شاعريءَ جي جهان ۾ آئون جڏهن پنهنجي شاعراڻي ننڍڙي ڄمار مطابق نظر وجهان ٿو ۽ سوچيان ٿو ته ازل کان هن وقت تائين ڪيترائي شاعر پنهنجي ڏات جون ڏياٽيون جلائي مختلف رنگن جون روشنيون ڪري ويا. هن ايڪهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ريشمي پيچري تي ڪيترائي شاعر پنهنجو نالو ڳڻائڻ لاءِ قلم جو پورهيو ڪري رهيا آهن، انهن ۾ سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعري جو اهم شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ مان مون جيان ٻيا به کوڙ سارا شاعر اتساهه وٺندا رهن ٿا. سعيد ميمڻ نه رڳو شاعريءَ ۾ پر شخصي حوالي کان به منهنجو آئيڊيل رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو سعيد ميمڻ سنڌي شاعري جي جهان ۾ اڪيلو ئي سعيد ميمڻ آهي. جيڪو لاڙڪاڻي جي هڪ نوگو ايريا ڳوٺ عاقل ۾ رهي ٿو. جنهن ڏانهن ويندي کوڙ سارين بڪتربند گاڏين جي ۽ هٿيارن جي سامهون گذرڻو پوندو. اهڙي علائقي ۾ رهندي هڪ حساس شاعر ڀوڳڻ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي. اهڙي ماحول ۾ جيڪا ڀوڳنا اڄ سعيد ميمڻ ڀوڳي رهيو آهي. اها سعيد جي هن ڪتاب ”درد جون آيتون“ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي.

    - ستار سُندر


    تاجل بيوس

    • شاعري لاشعور ۽ تحت الشعور جو شعور ڏانهن سفر جو نالو آهي.
    • شاعري روح مان رچي نڪرندڙ نغمو آهي، جيڪو اظهار ۽ لفظن جي صورت ٿو اختيار ڪري.
    • سعيد جي شاعريءَ جا ڪيئي محرڪ آهن، پر سندس بنيادي ۽ طاقتور محرڪ سُونهن يا جماليات آهي.
    • سعيد جي شاعري پڙهندي چوڻو ٿو پوي ته سندس هر شعر روح مان نڪرندڙ هڪ نغمو آهي، جو ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦهلجي، تنهنجي ۽ منهنجي اندر جو آواز بڻجي ٿو وڃي.
    • سعيد ڪائناتي ذهن رکندڙ تخليقڪار آهي، جو بي جان ۽ عام ڳالهائجندڙ ماڻهوءَ جي لفظن ۾ ساهه ڦوڪي، کين پرواز جي طاقت ٿو ڏئي.
    • هي شاعري آ يا سعيد ميمڻ تي زميني صحيفا لٿا آهن!
    • مونکي ايئن ٿو لڳي ڄڻ باک ڦٽي آهي، پکي پکڻ عاقل جي وڻن ۽ وڻڪار ۾ مٺڙا مٺڙا گيت ڳائي رهيا آهن، ۽ سعيد ميمڻ زميني صحيفن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ جي گهر گهر ورکا ڪري رهيو آهي.
    • شاعري لاشعور ۽ تحت الشعور جو شعور ڏانهن سفر جو نالو آهي. شاعري روح مان رچي نڪرندڙ نغمو آهي، جيڪو اظهار ۽ لفظن جي صورت ٿو اختيار ڪري. سعيد جي شاعريءَ جا ڪيئي محرڪ آهن، پر سندس بنيادي ۽ طاقتور محرڪ سُونهن يا جماليات آهي. سعيد جي شاعري پڙهندي چوڻو ٿو پوي ته سندس هر شعر روح مان نڪرندڙ هڪ نغمو آهي، جو ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦهلجي، تنهنجي ۽ منهنجي اندر جو آواز بڻجي ٿو وڃي. سعيد ڪائناتي ذهن رکندڙ تخليقڪار آهي، جو بي جان ۽ عام ڳالهائجندڙ ماڻهوءَ جي لفظن ۾ ساهه ڦوڪي، کين پرواز جي طاقت ٿو ڏئي. هي شاعري آ يا سعيد ميمڻ تي زميني صحيفا لٿا آهن!مونکي ايئن ٿو لڳي ڄڻ باک ڦٽي آهي، پکي پکڻ عاقل جي وڻن ۽ وڻڪار ۾ مٺڙا مٺڙا گيت ڳائي رهيا آهن، ۽ سعيد ميمڻ زميني صحيفن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ جي گهر گهر ورکا ڪري رهيو آهي.


    - تاجل بيوس


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 477
    ڪتابن جو مشاهدو: 425953
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 173281
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ