ڪتاب جو نالو: ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا
مصنف: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 02 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1122 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 333 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سمورا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران :
  •   ٻه اکر
  • انتساب
  • سادا اکر
  • ٻن لفظن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

  • پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جو زيب ۽ زينت
  • 1. اتاولو، باولو. )اردو، چوڻي(
  • 3. ان، ايمان (چوڻي، سنڌ)
  • 4. انب، ڏنڀ )لاڙي، چوڻي(
  • 6. انڌو، اونڌو (سرو، چوڻي)
  • 7. انسان، نسيان (چوڻي، پنجابي)
  • 8. انُ، نور (چوڻي، سنڌ)
  • 9. بسياري، خواري (چوڻي، فارسي)
  • 10. بکيو، ڏکيو. )لاڙي، پھاڪو/ چوڻي(
  • 12. بندو، گندو (سرو، چوڻي)
  • 13. ٻاجھر؛ ساجھر. (سنڌ، چوڻي)
  • 15. ٻج: نج. (سنڌ، چوڻي)
  • 17. ڀاڙي، ڀاڙيو (سرو، چوڻي)
  • 18. ڀاڙي، ڀڄڻو (سرو، چوڻي)
  • 19. ٺاري، کائجي. (سرو، چوڻي)
  • 21. پلو، تپلو. (ٿري، چوڻي)
  • 23. ججھا، جونجھار. (سنڌ، چوڻي)
  • 24. جواني، ديواني (اردو، چوڻي)
  • 25. جواني، مستاني (اردو، چوڻي)
  • 26. جوھي، ڊوھي (سنڌ، چوڻي)
  • 28. چاڪر، چياڪر (اترادي، چوڻي)
  • 29. چٻيو، ڦٻيو (سنڌ، چوڻي)
  • 30. حجامڙو، حرامڙو. (چوڻي، اترادي)
  • 31. حجتي، لعنتي (چوڻي، عربي)
  • 32. حرڪت، برڪت (اترادي، پهاڪو)
  • 33. دادو، جادو (سرو، چوڻي)
  • 35. ڌرتي، سرتي (سرو، چوڻي)
  • 36. ڌرتي، ماتا (هندي، چوڻي)
  • 37. ڏنو، ٻنو (اترادي، پهاڪو)
  • 38. ڏوريندڙ، ڏسندڙ (اترادي، چوڻي)
  • 39. ڏئي، پڇتاءِ (اترادي، چوڻي)
  • 40. ڏي، ڏر (پهاڪو،لاڙ)
  • 41. ڏيرپو، ويرپو (چوڻي، سنڌ)
  • 42. ڏيرياڻي، ويرياڻي (چوڻي سرائڪي)
  • 43. ڏيند، لهند (چوڻي، لاڙ)
  • 44. ڏينهن شينهن (چوڻي، اتر)
  • 45. ڊگهو، بيوقوف (چوڻي، انگريزي)
  • 46. راھيندڙ، لڻندڙ (چوڻي، سنڌ)
  • 47. رتائي، ٽِپتائي (چوڻي، سرو)
  • 48. زال، سنڀال (چوڻي، سنڌ)
  • 49. زنا، فنا (سنڌ، چوڻي)
  • 50. ساڪرو، آڪرو (چوڻي، لاڙ)
  • 51. سنجهو، ڏنجهو (چوڻي، سنڌ)
  • 52. سول، ڪول (چوڻي، سنڌ)
  • 55. شادي، تعدي (چوڻي، سنڌ)
  • 56. شامي، حرامي (چوڻي، اتر)
  • 57. ضامنگيري، تاوڻگيري (سرو، چوڻي)
  • 58. عرض، مرض (سرو، چوڻي)
  • 60. عشق، انڌو (چوڻي، سنڌ)
  • 61. ڦِريا، ڦُريا. (چوڻي، سنڌ)
  • 62. قرض، مرض (چوڻي، سنڌ)
  • 63. ڪامورو؛ ماڪوڙو. (سرو، چوڻي)
  • 64. ڪڇي، ڦاڙجي (سرو، چوڻي)
  • 65. ڪرند، پسند (چوڻي، لاڙ)
  • 66. کرندڙ، کاريندڙ (چوڻي، سرائڪي)
  • 67. کير، پير (چوڻي، سنڌ)
  • 68. گاسو، خاصو (پهاڪو، سنڌ)
  • 69. گئو، ماتا (چوڻي، هندي)
  • 70. ڳولهيندڙ، لهندڙ. (پهاڪو، فارسي)
  • 71. گهر، گهرانءِ. (پهاڪو، سنڌي)
  • 72. گهڙيا، اڪريا (پهاڪو سنڌي)
  • 73. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)
  • 74. لالچي، لانتي (چوڻي، سنڌ)
  • 76. لچائي، بادشاهي (پهاڪو، سنڌي)
  • 77. لوچيندڙ، لھندڙ. (چوڻي، سنڌ)
  • 78. ليکو، چوکو )چوڻي ،سنڌ(
  • 79. ماچي، ناچي (چوڻي، لاڙ)
  • 80. مار، سنوار(چوڻي، انگريزي)
  • 81. مالڪ، مالڪي. (چوڻي، سنڌ)
  • 82. مال، لال (چوڻي، ٿر)
  • 86. مُڙيا، جُڙيا. (چوڻي، سنڌ)
  • 87. ميڙيندڙ، مٺا. (چوڻي، سنڌ)
  • 89. نوندين، لھندين. (چوڻي، سنڌ)
  • 90. نياڻي، نماڻي. (چوڻي، سنڌ)
  • 91. وارا، ڄمارا. (چوڻي، سنڌ)
  • 92. وار، ڍارا. (سرو، چوڻي)
  • 93. وارا، ڦيرا. (سرو، چوڻي)
  • 94. وارا، نيارا. (سرو، چوڻي)
  • 95. وڏو، جڏو. (چوڻي، سنڌ)
  • 96. ويجهي، ڪوجهي. (پھاڪو، سنڌ)
  • 97. ويڙها، جهيڙا. (چوڻي، سنڌ)
  • 98. هاٿي، ساٿي. (پھاڪو، اردو)
  • 99. هجتي، لعنتي (چوڻي، سنڌ)
  • 100. ھَريو، ڀَريو. (چوڻي، زرعي)
  • 102. هنر، نر (چوڻي، سنڌ)
  • هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

  • سنڌي زبان جي حيثيت
  • 1. اشتداقي، نه خالي. (فارسي، چوڻي)
  • 2. انڌو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
  • 3. انڌو، اڻ سھو (ساهتي، چوڻي)
  • 4. انڌو، اڻ سونھون (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
  • 5. بکيو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
  • 6- بي حيائي، بادشاهي (سنڌ، پھاڪو)
  • 7- بيمار، بي ميار (سنڌ، چوڻي)
  • 8- ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي، چوڻي)
  • 9- پڇندڙ، نه منجهندڙ. (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
  • 10- جستجو، لا تقنطوا (نصيحت، چوڻي)
  • 11- ڄٽھو، نه وسھو (سنڌ، پھاڪو)
  • 12- چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)
  • 13- چرسي، نه مرسي (سرائڪي، چوڻي)
  • 14- چرند، نه مرند (لاڙ، چوڻي)
  • 15- چُوڻو، نه اُوڻو (سنڌ، چوڻي)
  • 16- ڏجي، نه پچارجي (نصيحت، چوڻي)
  • 17- ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)
  • 18- ڏُهجي، نه ڪھجي. (واپاري، پھاڪو)
  • 19- ڊگهو، بي وقوف (سنڌ، چوڻي)
  • 20- زاني، نه مالي (فارسي، چوڻي)
  • 21- سپھو، نه وسھو. (لاڙ، پھاڪو)
  • 22- سڌڙيا، نه وڌڙيا (سنڌ، پھاڪو)
  • 23- سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)
  • 24- صوفي، لا ڪوفي (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
  • 25- طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)
  • 25- قرض، بي غرض (سرو، چوڻي)
  • 27- قوت، لا يمُوت . (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
  • 28- ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)
  • 29- ڪوفي، لا يوفي . (عربي، چوڻي)
  • 30- گمان، بي ايمان (لاڙ، چوڻي)
  • 31- گهوٽ، اڻ موٽ . (سنڌ، چوڻي)
  • ٽن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

  • پھاڪو ڇاکي ٿو چئجي؟
  • 1- آپگهات، مھا پاپ (هندي، چوڻي)
  • 2- آمون، ڏهه گامون (لاڙ، زرعي، چوڻي)
  • 3- آنڊي ۾ ٽانڊو (هندي، پھاڪو)
  • 4- اُٺا، مڙيئي ڀلا. (ٿر، چوڻي)
  • 5- اُٺي، بُھه چُٽي. (هندي، پھاڪو)
  • 6- اسي، مت کسي (ساهتي، چوڻي)
  • 7- اصفھان، نصف جھان (فارسي، چوڻي)
  • 8- اڳي، سو تڳي (سرو، چوڻي/ پھاڪو)
  • 9- انڌي، ملتان لڌو (سنڌ پھاڪو)
  • -10 انسان، اکر بس (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
  • 11- انسان، اونڌي کوپري (ساهتي، چوڻي)
  • 12- ايمان، آهي مھمان (سنڌ، چوڻي)
  • 13- بڊو، اکين ڪڍو (هندي، چوڻي)
  • 14- بڊو، بکن ڪڍو (هوندي، چوڻي)
  • 15- بڊو، ڏيڻين ڍڍو (هندي، ٿر، چوڻي)
  • 16- بيٺل پاڻي، ٻوڙي (سرو، پھاڪو)
  • 17- بيک کي ٽيڪ (ساهتي، پھاڪو)
  • 18- بي وڙو، لوڪ تڙيو (سرو، چوڻي)
  • 19- ٻار، ٻاڪرو ڦر (ساهتي، چوڻي)
  • 20- ٻه ته ٻارنھن (سنڌ، پھاڪو)
  • 21- ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو (هندي، چوڻي)
  • 22- ڀاڻ، سدا جواڻ (زرعي، چوڻي)
  • 23- ڀائرن ڀاڱا لھڻا (ساهتي، چوڻي)
  • 24- ڀڳين، ڪھڙا سيڻ؟ (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
  • 25- تڪبر، ڪنڌ ڀر (نصيحت، چوڻي)
  • 26- تندرستي، هزار نعمت (فارسي، پھاڪو)
  • 27- ٿورو سڃاڻڻ گهرجي (ساهتي، چوڻي)
  • 28- پڇن، سي پسن (سرو، چوڻي)
  • 29- پڇن، سي وير (سرو، چوڻي)
  • 30- پدرم، سلطان بود (فارسي، پھاڪو)
  • 31-پنجن ۾ پرميشور (هندي، پھاڪو)
  • 32- پوهه، کلن کوهه (هندي، چوڻي)
  • 33- پوهه، لاڻا لوهه (ٿر، چوڻي)
  • 34- پھريون ملھه، کستوري (واپاري، چوڻي/پھاڪو)
  • 35- پسئو، پرين آهي (ساهتي، چوڻي)
  • 36- پيءُ پٽ، ليکو (ساهتي، چوڻي)
  • 37- جاڳ، لڳئي ڀاڳ (سرو، چوڻي)
  • 38- جان ته جھان (طبي، چوڻي)
  • 39- جان ته جوان (طبي، چوڻي)
  • 40- ڄاڻ ته جواڻ (طبي، چوڻي)
  • 41- جڙيءَ کي جس (سنڌي، پھاڪو)
  • 42- جگر، نيٺ جگر (سرو، چوڻي)
  • 43- جماعت ۾ ڪرامت (لاڙ، چوڻي)
  • 44- جواريءَ، ميٺي هار (سرو، پھاڪو)
  • 45- جواهر پرکي جوهري (سنڌ، پھاڪو)
  • 46- جوڳي رمتا ڀلا (هندي، پھاڪو)
  • 47- جيسوءَ کي تيسو (هندي، چوڻي/ پھاڪو)
  • 48- جيءَ ته جھان (طبي، چوڻي)
  • 49- ڄاٽا، ابتا ڏاٽا (سنڌ، چوڻي)
  • 50- ڄاٽو، ڌونئرو مٺو (سنڌ، چوڻي)
  • 51- ڄايا، کلڻ آيا (سرو، پھاڪو)
  • 52- ڄيٺ، اکين ميٺ (هندي، چوڻي)
  • 53- جهنگ، آهي ننگ (هندي، چوڻي)
  • 54- جهنگ، پنھنجا رنگ (هندي، پھاڪو)
  • 55- چِٽ، ڪڍي ٽِٽ (ساهتي، چوڻي)
  • 56- چيٽ، لڱن ميٺ (هندي، ٿر، چوڻي)
  • 57- ڇورو، پاڻ زورو (ساهتي، چوڻي)
  • 58- حال، پريان نال (سنڌ، چوڻي)
  • 59- حرڪت ۾ برڪت (سنڌ، پھاڪو)
  • 60- حڪومت، فيل مست (سنڌ، چوڻي)
  • 61- خفي سان نفعو (سرو، چوڻي)
  • 62- خوشخطي، اڌ علم (فارسي، چوڻي)
  • 63- دال، ٻچڙي پال (سنڌ، پھاڪو)
  • 64- دام، ڪري ڪام (هندي، پھاڪو)
  • 65- دستيءَ کي مستي (سرو، پھاڪو)
  • 66- ڌاري، وجهي گهاري (سنڌ، چوڻي)
  • 67- ڌرمي، ٿيا ڀرمي (هندي، پھاڪو)
  • 68- ڌن بسيار، واپار (هندي، واپاري، چوڻي)
  • 69- ڌيئون، آهن ڊڀوريون (ساهتي، چوڻي)
  • 70- ڏاڍو، سو گابو (سنڌ، پھاڪو)
  • 71- ڏٺا، منھن مٺا (ساهتي، چوڻي)
  • 72- ڏنو، ٻنو آهي (سنڌي، چوڻي)
  • 73- ڏنو، پنڌ ڇنو (ساهتي، چوڻي)
  • 74- ڊڄي، سو مري (سرو، چوڻي)
  • 75- ڏينھن، آهي شينھن (سنڌ، چوڻي)
  • 76- ڍڳو، آرڙو ڀلو (لاڙ، چوڻي)
  • 77- رات، پنھنجي تات (سنڌ، چوڻي)
  • 78- رت، راڻو آ (سنڌ، چوڻي)
  • 79- رڌي پڪي، يا نصيب (سنڌ، پھاڪو)
  • 80- رڙهندي، روان باشد (سرو، چوڻي)
  • 81- رکڻ، آهي رک (واپاري، چوڻي)
  • 82- زن، جهيڙي جوڀن (سنڌ، چوڻي)
  • 83- زندگي بي بندگي، شرمندگي (فارسي، چوڻي)
  • 84- زور آڏو زاري (ساهتي، چوڻي)
  • 85- سار، پاڻيءَ تار (لاڙ، زرعي، چوڻي)
  • 86- ساري، ست مڙسي (زرعي، چوڻي)
  • 87- سڄڻ، ٽُردي ڀلي (سرو، چوڻي)
  • 88- سِر سِر ڪلا (هندي، پھاڪو)
  • 89- سرڪار، اونڌي ڪوپري (سرو، چوڻي)
  • 90- سفر، آهي سقر (سرو، چوڻي)
  • 91- سفر، وسيله ظفر (فارسي، چوڻي)
  • 92- سنتوکي، براهمڻو سـُکي (هندي، چوڻي)
  • 94- سنڌيءَ سنڌو آهي (ساهتي، چوڻي)
  • 95- سنسار، مھا ڄار (هندي، چوڻي)
  • 96- سنگ جو پرسنگ (هندي، چوڻي)
  • 97- سوال ويچارو آهي (سنڌ، چوڻي)
  • 98- سوڀون، سر گهرن (سنڌ، پھاڪو)
  • 99- سوئا پالڪ، چوڪا (لاڙ، چوڻي)
  • 100- سيڻ، آهن نيڻ (سرو، چوڻي)
  • 101- سيڻپو، ويڻپو، ويرپو (سنڌ، چوڻي)
  • 102- شادي، خانه آبادي (فارسي، چوڻي)
  • 103- شاهه واپاري، جوڳي (واپاري، چوڻي)
  • 104- طمع، بڇڙائي ڪرائي (سنڌ، چوڻي)
  • 105- طمع، بڇڙو ٽول (سنڌ، چوڻي)
  • 106- عادت، عضوو آهي (سنڌ، چوڻي)
  • 107- عرض، آهي مرض (سرو، چوڻي)
  • 108- عقل بنان اوندهه (ساهتي، چوڻي)
  • 109- عقل، کائي غم (سرو، پھاڪو)
  • 110- علم، قوت آهي (سنڌ، چوڻي)
  • 111- غرض، گولي آهي (لاڙ، چوڻي)
  • 112- غلط العلم، صحيح (عربي، چوڻي)
  • 113- فڪر، آزاد آهي (اشتراڪي، چوڻي)
  • 114- ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ (فارسي، پھاڪو)
  • 115- ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇڻ (سرو، پھاڪو)
  • 116- ڪرسيءَ کي سلام (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
  • 117- ڪلام، ڪنڌ ڀر (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
  • 118- ڪلجڳ، ڪر جڳ (هندي، چوڻي)
  • 120- ڪماليت کي زواليت (فارسي ، چوڻي)
  • 121- ڪنڊيارو، ويٺو رو (ساهتي، چوڻي)
  • 122- کلندڙ تان خير (ساهتي، چوڻي)
  • 123- کيتي، سر سيتي (زرعي، پھاڪو)
  • 124- گوني، سدا اونھي (لاڙ، چوڻي)
  • 125- لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو (سرو، چوڻي)
  • 126- لالچ، بري بلا (سنڌي، چوڻي)
  • 127- لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي (هندي، چوڻي)
  • 128- لنب، مکڻ چنب (ٿر، زرعي، چوڻي)
  • 129- مار، آهي ڏاتار (لاڙ، چوڻي)
  • 130- مانگهه، ڇوڙا ڏاگهه (هندي، چوڻي)
  • 131- مائٽي، آهي رت (سنڌي، چوڻي)
  • 132- مايا، آهي ڇلڻي (هندي، چوڻي)
  • 133- مڙس ته رتي (سنڌ، چوڻي)
  • 135- ململ ته سنڌڻ (سنڌ، چوڻي)
  • 136- مِني، ڪوڀ ڪني (هندي، پھاڪو)
  • 137- ميوو، مندائتو ڀلو (سنڌ، پھاڪو)
  • 138- ناڻو، بڻائي راڻو (هندي، چوڻي)
  • 139- ناڻو، رتا وڇوڙي (سنڌي، چوڻي)
  • 140- نـٿان، سدائين پرباش (سرو، پھاڪو)
  • 141- نِمي، سو ڳورو (سنڌ، پھاڪو)
  • 142- نياڻي، ست قرآن (سنڌ، چوڻي)
  • 143- ويائي، آهي ڪھائي (ساهتي، چوڻي)
  • 143- ويري، وڍيا ڀلا (سرو، چوڻي)
  • 144- هٺ، مارائيندڙ آهي (سرو، چوڻي)
  • 145- هر ميران رعيت (فارسي، پھاڪو)
  • 146- هستيءَ کي مستي (سرو، چوڻي)
  • 148- هنر، نر آهي (سنڌي، چوڻي)
  • 149- هير، ڇني پير (ساهتي، چوڻي، پھاڪو)
  • مددي ڪتاب:

  • ترتيب

    سمورا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا
    موضوع : چوڻيون ۽ پهاڪا
    تاليف : انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    پهريون ڇاپو : اپريل 2002
    ٻيون ڇاپو : اپريل 2005
    ڪمپوزنگ : انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (199) ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


      ٻه اکر

    مون وارو سنگتي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، شروع ۾ ڪهاڻيڪار هو. پوءِ هن سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ ئي وڏين ڪهاڻين کي ڳولي لڌو. “ماهوار ڪينجهر” هن کي ان سلسلي ۾ همٿايو ۽ ان جي پهاڪن ۽ چوڻين سان لاڳاپيل مضمونن کي لاڳيتو ڇاپيو ۽ اڃا تائين ڇاپيندو پيو رهي، جنهن ڪري وهاب جا ڪيترائي قيمتي مضمون، ڪينجهر جي زينت بنجي پڙهندڙن تائين پهچي چڪا آهن، ۽ ڏينهون ڏينهن هن جي انهن تحقيقي مضمونن کي اسان جي ادب جي پڙهندڙن ۾ وڏي اهميت ملي رهي آهي ۽ هن جو نالو کيتر ۾ پنهنجي جاءِ والاريندو پيو وڃي.
    اسان جي بدقسمتي اها آهي جو اسان وٽان محنت ۽ جُهد واري ڪم سان لڳاءُ گهٽبو پيو وڃي. حالانڪ ان ڳالهه جي وڏي ضرورت آهي ته اسان وٽ پيدا ٿيل قلمڪار ان پاسي ڌيان ڏين ته ادب جا ڪيترائي پاسا خالي پيا آهن جن تي وڏو ڪارگر ڪم ٿي سگهي ٿو.
    ”ماهوار ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيل انهن مضمونن مان ”ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا“ گڏي ڪتابي صورت ۾ آڻي رهيا آهيون. ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان پوءِ يقيناً هيءُ ڪتاب محققن/ڄاڻن ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ دوستن لاءِ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو.
    ان سلسلي ۾ وهاب جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ترتيب هيٺ آهن، جن کي ادارو چاپي پڙهندڙن تائين آڻڻ جي هڪڙي جامع اسڪيم تيار ڪري چڪو آهي.


    ناز سنائي
    حيدرآباد، سنڌ. ٢١ مارچ، ٢٠٠٢


    انتساب

    مان پنهنجي هيءَ سادي ڪاوش محترم محمد رمضان سهتو جي نالي منسوب ڪيان ٿو.



    انجنيئر عبدالوهاب سهتو


    سادا اکر

    منهنجو عبدالوهاب سان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به واسطو ڪونه پيو آهي. ڪڏهن کڻي اتفاق سان مکاميلو ٿيو هجي سو به نه. البت ناز سنائيءَ هي ڪتابڙو ڏنو ۽ ھجت طور چيو ته عبدالوهاب جي هن ڪتاب تي چند لفظ لکان. آ مصروف هوندي به ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيس ۽ ڪتاب کي نظر مان ڪڍيم. وهاب صاحب جي هن ڪتاب ۾ “ٻن لفظن جي جوڙي تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون”، “هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون” ۽ “ٽن لفظن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون” شامل ڪيون ويون آهن. هن صاحب ان ڏس ۾ ڇپيل ڪتابن مان، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو “سنڌي پهاڪا ۽ محاورا”، الطاف شيخ جو “رٺي آهي گهوٽ سان (پهاڪا ۽ چوڻيون)”، تيرٿداس پيسومل جو “پهاڪن جي پاٻوهه”، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جو “پهاڪن جي پاڙ”، “جوهر نثر”، ع. ق شيخ جو “تاريخ اندلس”، الهه بچايو سمون جو “لاڙ جو سير”، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ جو “سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو” ڪتابن مان مدد پڻ ورتي آهي. اصل ۾ انهن مان “ٻن لفظن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون” ناز واري ڪينجهر رسالي جي 53 (مارچ 1997ع)، “ٽن لفظن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون” نمبر 73 (آگسٽ 2001ع) ۽ “هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي پهاڪا ۽ چوڻيون” نمبر 70 (مئي 2001ع) ۾ شايع ٿي، پڙهندڙن جي اڀياس ۾ اچي چڪا آهن. هاڻي انهن ٽنهي مضمونن کي گڏي ڪري “ننڍڙي روپ وارا پهاڪا ۽ چوڻيون” عنوان ڏيئي، ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي، جيڪا مضمونن کي محفوظ صورت ۾ آڻڻ جي سهڻي ڪوشش آهي.
    پهاڪن وغيره جو ادبي سفر “گل شڪر” کان شروع ٿيل ٿو ڏسجي. ان بعد ان سفر جو ڪاروان مختلف منزلون ڪندو اچي عبدالوهاب سهتي جي “ننڍڙي روپ وارا پهاڪا ۽ چوڻيون” تي پهتو آهي. انهيءَ سفر جا سنگ ميل پهاڪن جي پيڙهه، گلقند، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، سنڌي سونهون، کٽمٺڙا، اصطلاحن جي اصليت، سنڌي پهاڪا ۽ محاورا، توڙي پهاڪن جي پاڙ آهن.
    عبدالوهاب، پهاڪا ۽ چوڻيون ڏيندي انهن مان ڪيترن جو پس منظر به ڏيندو ويو آهي. هو ساڳئي وقت انهن پهاڪن ۽ چوڻين سان گڏ ٻيا پهاڪا ۽ چوڻيون به ڏيندو ويو آهي. ائين ڪري هن ادبي لحاظ کان سهڻي معلومات ڪٺي ڪري ڏني آهي، حالانڪ اها رمز ڪا نئين ڪانهي. ڪاڪي ڀيرومل جو “پهاڪن جي پيڙهه” جيڪو 1917ع ۾ شايع ٿيو، تنهن به اهائي واٽ ورتي آهي.
    هڪ ڳالهه جيڪا هن سڄي پورهئي ۾ کٽڪي ٿي، سا هيءَ آهي جو پهاڪو ۽ چوڻيءَ ۾ جيڪو فرق آهي، سو نروار نه ڪيو اٿس. ان ڪري اها خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڏنل پهاڪي يا چوڻيءَ کي پهاڪو سمجهي ڏنو ويو آهي يا چوڻي. ادبي لحاظ کان اها اوڻائي دور ٿيڻ گهرجي. ائين آهي ته اها اوڻائي رڳو هن ڪتاب ۾ ڪانهي پر اهڙن اڪثر ڪتابن ۾ نظر اچي ٿي.
    ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عبدالوهاب سهتو هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يا ان طرز جو ٻيو ڪتاب پڻ ڏيڻ ٿو گهري. اهو ان ڪري ٿو چئجي جو ان ڏس ۾ هن جا اهڙا ٻيا مضمون پڻ “ڪينجهر” جي زينت بڻيل آهن. دعا آهي ته عبدالوهاب جي قلم جو زور، ڏينهون ڏينهن وڌ هجي ۽ سنڌ وارا انهيءَ مان وڌ ۾ وڌ، لاڀ پرائيندا رهن.

    عبدالقيوم صائب
    18 جنوري 2002ع
    حيدرآباد سنڌ


    ٻن لفظن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

    پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جو زيب ۽ زينت

    پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جو زيب ۽ زينت آهن. انهن جو سٽاءُ اهڙو ته پرڪشش ۽ دلپذير ٿئي ٿو جو جملي کي زيبائتي ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. موقعي جي نسبت سان استعمال ٿيل پهاڪا ۽ چوڻيون، هڪدم دل تي تمام گهڻو اثرانداز ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙ کي جهٽ ياد ٿيو وڃن. دل کي عجيب قسم جو سرور بخشڻ سان گڏوگڏ، مٿس عجيب ڪيفيت اڪيري ٿا وڃن. ڇاڪاڻ ته اهي چوڻيءَ جي چوڻي ۽ نصيحت جي نصيحت هوندا آهن.
    اهو عام مروج گفتو، جملو يا ٽوڻو، جيڪو عوام ۾ مقبول ۽ مروج هجي، عوام جو پنهنجو هجي. عوام جي زبان ۾ هجي، جنهن ۾ ڪنهن شاعر جي پهڳڻ يا سگهڙ جو نالو نه هجي ۽ نه تخلص هجي ۽ جيڪو زماني کان وٺي عوام ۾ سيني به سيني هلندو آيو هجي، تنهن کي پهاڪو يا چوڻي چئبو آهي. اهو پنهنجي هيٺين خاصيتن جي ڪري، ڪوزي ۾ بند درياهه جي مثل هوندو آهي.
    o ٿور - اکرائي يا ننڍڙو روپ.
    o ويچارن جي گهرائي.
    o لوڪ يعني عوام ۾ انهيءَ جو پرچار.
    دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن جو گهڻو ڪري ننڍڙو روپ هوندو آهي. اهي ڪنهن لساني سماج ۾ مروج استعمال هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن پهاڪو وڏو هوندو ته اهو ڪنهن مقرر روپ ۾ ماڻهن کي ياد نه رهندو. ان ڪري انهيءَ جي ڦهلاءَ ۽ پرچار ۾ به رڪاوٽ پوندي رهندي. انهيءَ ڪري ٿور-اکرائي يا اختصار، پهاڪي جي هڪ مکيه وصف آهي. سنڌيءَ ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙا جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ، ٻه لفظ ضرور استعمال ٿيل آهن. اها به حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ تي مشتمل پهاڪو نظر نه ٿو اچي. اهي جملا ضرور آهن پر اهي پهاڪا نه آهن. مثال طور اچ! کاءُ! واهه! شاباس! هيڏانهن وغيره. اهي پنهنجي مفهوم مان مڪمل جملا آهن. نموني طور هتي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال پيش ڪجن ٿا، جيڪي ٻن لفظن تي مشتمل آهن. وضاحت لاءِ هم معنى پهاڪا به ڀراء طور هيٺان ڏنا ويا آهن.


    1. اتاولو، باولو. )اردو، چوڻي(

    1. اتاولو، باولو. )اردو، چوڻي(
    2. اٺو، مٺو. )ھندي، چوڻي(
    اَٺو: اٺون مھينو پيٽ.
    مَٺو: ڏکيو، اھنجو، نڀاڳو
    ھندن منجھ، ڪنوار جو پھريون سوانجو يا ويم ھميشھ پيڪا ڪرائيندا آھن. سندس کاڌِ خوراڪ جو خرچ ڀريندا آھن. باقي ٻيو خرچ ساھرا ڀريندا آھن.
    ٿري ھندن ۾، ھريجنن وٽ به ڪنوار کي پھرئين پيٽ تي مائٽ گھر وٺي ايندا آھن. جڏھن ستون مھينو ھلندو آھي، تڏھن ڪنوار جو ڀا، ساھرن کان موڪل وٺي، کيس گھر وٺي ايندو آھي. اٺين )۽ ڪن جاين تي ڇھين( ۾ ڪونه ڪوٺين. ڇو ته اٺون )۽ ڇھون( مھينو نڀاڳو سمجھن ۽ چون؛ “اٺو، مٺو” يا چون؛ “اٺو ۽ ڇٺو، آھن مٺو.” پو وري نائين مھيني ۾ وٺي ويندا آھن. جيڪڏھن گھڻو وقت ٽڪائڻو ھوندو اٿن ته پنجين مھيني تي به وٺي ويندا آھن.
    )ڏسو؛ بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر؛ رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ، ص ٩، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، سال ٢٠٠٣ ڇاپو ٻيو.(


    3. ان، ايمان (چوڻي، سنڌ)

    3. ان، ايمان (چوڻي، سنڌ)
    ان يا ماني کائڻ سان قرار جي ننڊ اچي ٿي. نشو به اٿس ته طاقت به. دماغ به صحيح ڪم ڪري ٿو ته ماڻهو ماڻهپي ۾ به رهي ٿو. سڪون ۾ رهڻ ئي ايمان ۾ رهڻ جي علامت آهي.
    o انّهٰ، ايمانهٰ
    o ان ته ايمان، بک ته بي ايمان.


    4. انب، ڏنڀ )لاڙي، چوڻي(

    4. انب، ڏنڀ )لاڙي، چوڻي(

    5. انڌو، انوماني. (سرو، چوڻي)
    اکين جو انڌو هجي يا اندر جو انڌو هجي. ان جو مثال، انومانيءَ /گمانيءَ جهڙو آهي. سندس دل ۾ جيڪو به انومان ويٺو، ان تي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهندو، پوءِ نتيجو، ڀلي ڇا به نڪري.


    6. انڌو، اونڌو (سرو، چوڻي)

    6. انڌو، اونڌو (سرو، چوڻي)
    انڌ جي گهوڙي تي سوار ماڻهوءَ جا ڪم، سدائين انڌا هوندا آهن. جيڪو به ڪم ڪندو، اونڌو ڪندو. يا سندس ڪيل ڪم مان نتيجا ابتا/ اونڌا پيا نڪرندا آهن. اکين جي انڌائپ ته هڪ معذوري آهي پر اندر جي انڌائپ کي، علم جي روشنائيءَ سان دور ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي.


    7. انسان، نسيان (چوڻي، پنجابي)

    7. انسان، نسيان (چوڻي، پنجابي)
    نسيان، ڀل ڪندڙ. نسئ عربيءَ ۾ وساري ڇڏڻ کي، پنجابيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ کي چئبو آهي. انسان خاڪ جو پتلو آهي، کانئس ڀل چُڪ ۽ خطا اوس ٿيڻي آهي.
    o انسان ته نسيان.
    o انسان، اونڌي کوپڙي.
    o انسان خاڪ، پاڻي پاڪ.
    o انسان، ڪاري مٿي جو مالڪ آهي.


    8. انُ، نور (چوڻي، سنڌ)

    8. انُ، نور (چوڻي، سنڌ)
    ان يا روزيءَ کي به اڄ ڏينهن تائين، نور ڀٽاري جي حيثيت آهي. اڄ به ٻهراڙيءَ جا جاهل ماڻهو، ماني کائيندي ڪنهن ڳالهه جي سچائي لاءِ قسم کڻندا آهن ته مانيءَ تي هٿ رکي وري اکين تي رکندا آهن ۽ چوندا آهن، “هي روزي آهي ۽ نور ڀٽارو آهي، ان جو قسم ته .........”
    o ان سان ايمان جي روشني نصيب ٿئي ٿي.


    9. بسياري، خواري (چوڻي، فارسي)

    گهڻو کائڻ يا هٻڇ ڪرڻ، بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا. گهڻي کائڻ سان بي برڪتائي ٿئي ٿي. هوش و حواس گم ٿين ٿا ۽ ماڻهو وڦلڻ لڳي ٿو. صحت به خراب ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڊاڪٽرن وٽ گهڻو ڌن لٽائڻو پوندو آهي ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن ڪنگلو ٿيندو ويندو آهي.
    o گهڻي هٻچ، گهڻو فساد.


    10. بکيو، ڏکيو. )لاڙي، پھاڪو/ چوڻي(

    10. بکيو، ڏکيو. )لاڙي، پھاڪو/ چوڻي(

    11. بندرو، شيطان (عربي، چوڻي)
    بندرو ماڻهو جيترو مٿي هوندو آهي، اوترو هيٺ هوندو آهي. ان جو جسم ايترو نه هلندو آهي جيترو دماغ هلندو اٿس.
    o کل قصير شيطان الا علي (عربي قول)
    (حضرت علي رضه کان علاوه هڙ بندرا شيطان آهن) (عربي چوڻي)
    انگريزي ۾ پڻ چوڻي آهي
    o بندرو ٻڌي سندرو ته ڪير به نه پڄيس.
    o بندرو ٻڌي سندرو ته شيطان به نه پڄيس.


    12. بندو، گندو (سرو، چوڻي)

    12. بندو، گندو (سرو، چوڻي)
    انسان، مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي. مٽي به کڙڪندڙ ۽ ڪني ٿيل. ان ڪري سندس هرعمل ۾ ريا، ڪوتاهيءَ ۽ سستيءَ جي آميزش رهڻ، فطري مجبوري آهي. چڱو ڀلو وڳو پائڻ کان پوءِ، لاهڻ وقت به بدبودار ٿيو وڃي، سٺو سڦرو، خوشبودار کاڌو کائڻ کان پوءِ، پيٽ ۾ غلاظت جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو. چڱو فعل ڪرڻ کان پوءِ، ان ۾ به رياڪاري رهجيو وڃي. انسان کي رياءَ/ تڪبر/ وڏائيءَ جهڙن عملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.


    13. ٻاجھر؛ ساجھر. (سنڌ، چوڻي)

    13. ٻاجھر؛ ساجھر. (سنڌ، چوڻي)

    14. ٻار، بادشاهه (سنڌ، چوڻي)
    بادشاهه پنهنجي هر حڪم جي تعميل چاهيندو آهي. ٻار به پنهنجي هر حڪم جي تعميل چاهيندو آهي. بادشاهه هر حڪم ڏيڻ کان پوءِ، نتيجن تي نظر نه ڪندو آهي. ٻار به پيءُ جي ڪمائيءَ وغيره کي خاطر ۾ نه آڻيندي وڏيون فرمائشون ڪندو آهي. ٻئي ضد تي چڙهڻ کان پوءِ لهندا ناهن، پوءِ ڀلي ڇا به ٿي پوي.


    15. ٻج: نج. (سنڌ، چوڻي)

    15. ٻج: نج. (سنڌ، چوڻي)

    16. ٻسر، ٻسٽ. (سنڌ، چوڻي)
    ٻِسَر: اھو ٻار جنھن جو پي ھڪ نسل مان ۽ ما ٻئي نسل مان ھجن.
    ٻِسَٽ: ٻئي پاسا ڀڃندڙ، ڌوپار، اڻ ٽر. ڪنھنجي چئي ۾ نه. جنھجو پير مرشد نه ھجي.


    17. ڀاڙي، ڀاڙيو (سرو، چوڻي)

    17. ڀاڙي، ڀاڙيو (سرو، چوڻي)
    ڀاڙي: بزدل، ڊڄڻو. ڀاڙيو؛ ڀاڙيت، ڀاڙِ يا ڀاڙي تي پلجندڙ.


    18. ڀاڙي، ڀڄڻو (سرو، چوڻي)

    18. ڀاڙي، ڀڄڻو (سرو، چوڻي)
    ڀاڙي؛ ڊڄڻو/ ڀاڙ کائڻ وارو. ڊڄڻي ۽ ڀاڙ کائڻ واري وٽ ڪوبه مستقل دليل نه هوندو آهي. جنهن ڪري حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندا آهن. ڪنهن به معاملي کي سلجهائڻ لاءِ اکيون اکين ۾ کپائي مضبوطيءَ سان هٿ وجهي بيهي پير کوڙي نه سگهندا آهن. ڀڄڻ ۾ ئي عافيت سمجهندا آهن.


    19. ٺاري، کائجي. (سرو، چوڻي)

    19. ٺاري، کائجي. (سرو، چوڻي)

    20. پڇڙي، بڇڙي (چوڻي، سنڌ)
    هر شيءِ جي پڇاڙي خراب ٿيندي آهي، چاهي اها ميلي جي هجي، دوستيءَ جي هجي يا واٽر ڪورس جي پڇڙي هجي. پڇڙيءَ ۾ هر شيءِ گهٽ پهچندي آهي، جنهن سبب ويڙهاند ۽ گونهاندي ٿي پوندي آهي.
    o نانوائيءَ جي اڳياڙي، ڪاسائيءَ جي پڇاڙي ڀلي.


    21. پلو، تپلو. (ٿري، چوڻي)

    21. پلو، تپلو. (ٿري، چوڻي)

    22. پنهنجي، سهنجي. (چوڻي، سنڌ)
    ڏکئي وقت، پنهنجي شيءِ سولائيءَ سان هٿ اچي ۽ سڪون سان وقتائتي استعمال ڪري سگهجي. پرائي ۽ ڌاري شيءِ، ڏکي ۽ نخرن سان هٿ اچي. اڌو گابري استعمال ڪري سگهجي. پنهنجائپ جي مٽيءَ جو معاملو حل ڪرڻ سنهنجو هوندو آهي. ڌاريائپ جي مٽي نڀائڻ، ڏکي هوندي آهي.
    o پنهنجا پنهنجا آهن، يا پنهنجا وري به پنهنجا آهن.
    o پنهنجا، سهنجا.
    o پنهنجائپ ۾ ليکا نه ڪبا آهن.
    o پنهنجو، پنهنجو آهي. پنهنجو وري به پنهنجو آهي.
    o پنهنجو ماري ڇانوَ ۾ اڇلي، پرائو ماري اس ۾ اڇلي.
    o پنهنجي ٿئي سنهنجي، ڌاري وجهي گهاري.
    o پنهنجيءَ ۾ هٿ، پرائيءَ ۾ اکيون.


    23. ججھا، جونجھار. (سنڌ، چوڻي)

    23. ججھا، جونجھار. (سنڌ، چوڻي)
    ججھا: گھڻا
    جونجھار: وڏي طاقت وارا، بھادر.
    رڳو گھڻن ماڻھن جي ھڪ ھنڌ مڙڻ يا ڪٺي ٿيڻ ۾ طاقت ناھي. بلڪ ڪنھن ڪم يا مھم کي سر ڪرڻ لا، گھڻن ماڻھن جو يڪ را ٿيڻ طاقت وارو آھي.
    کاٽي کڻڻي ھجي، ڏلھا ڍوئڻا ھجن، بار ڊوھڻو ھجي، اليڪشن کٽڻي ھجي يا ڪو وڏو پراجيڪٽ تيار ڪرڻو ھجي، سمورا ڪم ھڪڙي ڄڻي جي ڪرڻ کان وڏا آھن. ھڪڙو ڄڻو، اڪيلي سر، منجھانئن ڪو ھڪ ڪم نه شروع ڪري سگھندو ۽ نه ئي پورو ڪري سگھندو. بلڪ ٻين کي يڪ را ڪرڻ ۽ کانئن مدد وٺڻ سان ممڪن ٿي سگھي ٿو. گھڻن جي ڪٺي ٿيڻ يا ٽيم(Team) جوڙڻ سان، ايڏا وڏا ڪم نبري سگھندا آھن. جن کي پو به منظم ادارو سنڀالي، تڏھن صحيح نموني سان لاڀائتا ٿيندا آھن.
    o گھڻن کنئي، ڇپر کڄي.
    o گھڻا ڄڻ ديون جا پٽ.
    o ٻڌي ۾ طاقت آھي.


    24. جواني، ديواني (اردو، چوڻي)

    24. جواني، ديواني (اردو، چوڻي)
    جوانيءَ جي جولان کي ديوانگي ۽ عشق جي تانگهه ٿيندي آهي. جوانيءَ ۾ طاقت گهڻي ٿيندي آهي. گهڻي طاقت سبب ماڻهو انڌ جي گهوڙي تي سوار هوندو آهي ۽ مست اٺ وانگر بي نام منزل جو راهي هوندو آهي.
    o جواني ۽ مايا، پور ۾ پور.


    25. جواني، مستاني (اردو، چوڻي)

    25. جواني، مستاني (اردو، چوڻي)
    جوانيءَ ۾ هرڪو مست ٿيو گهمندو آهي. ننڍي وڏي جي ڪاڻ نه ڪڍندو آهي.


    26. جوھي، ڊوھي (سنڌ، چوڻي)

    26. جوھي، ڊوھي (سنڌ، چوڻي)


    27. جيئندا، ميلا (سنڌ، چوڻي)
    ماڻهو جيئرو آهي ته ملاقات پئي ٿيندي. مري ويو ته رب کي پرتو. قيامت ڏيهاڙي ملاقات يانصيب. مطلب ته زندگي آهي ته ميل ملاقات پئي ٿيندي. مئي پڄاڻان ملاقات ٿئي الائي نه.
    o جيئرن جو جهان.
    o جيئندا، ملندا. يا جيئندا هڪ ڏينهن ملندا.
    o حيات باقي، يار اوطاقي.
    o يار سلامت، ملاقات باقي.


    28. چاڪر، چياڪر (اترادي، چوڻي)

    28. چاڪر، چياڪر (اترادي، چوڻي)
    مالڪ کي اهو نوڪر وڻندو، جيڪو فرمانبردار هوندو. جيڪو چيو نه مڃيندو، سو مالڪ کي پتي تي به نه پوندو. مالڪ جلد موڪل وٺائيندس. ڇاڪاڻ ته جيڪي پيسا ڀريندا آهن، سي پگهر ضرور ڪڍندا آهن.
    o چاڪريءَ ۾ آڪڙ ڇاجي؟
    o نوڪر ڪي تي نخرا ڪي؟
    o نوڪريءَ جي پاڙ زبان ۾.


    29. چٻيو، ڦٻيو (سنڌ، چوڻي)

    29. چٻيو، ڦٻيو (سنڌ، چوڻي)
    دنيا ۾ ماڻهوءَ جو نصيب اهو آهي، جيڪو کاڌائين ۽ چوڙيائين. باقي مال ٻين جو آهي. ان کان وڌيڪ مال جي لاءِ نه لالچ ڪري، نه هوس ڪري. حرام به نصيب ۾ هوندو ته ملندو. باقي پاڻ کي گهڻي جي لالچ ۾ خوار خراب نه ڪجي ته بهتر.
    o جو چٻيو، سو ڦبيو.


    30. حجامڙو، حرامڙو. (چوڻي، اترادي)

    30. حجامڙو، حرامڙو. (چوڻي، اترادي)
    حجم جي زبان ۽ قئنچي، هڪ ئي اسپيڊ سان هلنديون آهن. گهڻي ۾ گهڻيون خبرون وٽانئس ئي ملي سگهنديون آهن. چڱن ڀلن جا مٿا ۽ ڏاڙهيون ڪوڙڻ به کيس ئي نصيب ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سڪيءَ پاڪيءَ سان مٿو ڪوڙيو وڃي.
    o حجم ۽ پاڪي، چڳ نه بچندي باقي.


    31. حجتي، لعنتي (چوڻي، عربي)

    31. حجتي، لعنتي (چوڻي، عربي)
    پهرين پهرين دليل بازي شيطان ڪئي. کيس حڪم مليو؛ “آدم کي سجدو ڪر!” ته نه ڪيائين. الٽو سوال جواب ڪرڻ لڳو. چوڻ لڳو: “انا خير منه خلقتني من نار و خلقته من طين: مان باهه جي پيدائش آهيان، اهو مٽيءَ مان ٺهيو آهي!” (القرآن) مان کيس سجدو نه ڪندس. خدا تعالى مٿس انهيءَ حجت / دليل بازي سبب، سڄيءَ عمر لاءِ لعنت وجهي ڇڏي؛ “فاخرج ان عليڪ لعنتي الى يوم الدين: ٽري وڃ! تون ڏينهن قيامت تائين لعنتي (تڙيل) آهين.” حجت ڪرڻ سان ماڻهو، رحمت ۽ شفقت کان محروم پري ٿي ويندو آهي.


    32. حرڪت، برڪت (اترادي، پهاڪو)

    32. حرڪت، برڪت (اترادي، پهاڪو)
    چُرڻ پُرڻ يا گهمڻ گهتڻ/ گهمڻ ڦرڻ سان روزي رزق ۽ اولاد ۾ برڪت پوندي آهي. چُرڻ پُرڻ واري شيءِ جيڪڏهن تعداد ۽ وزن ۾ نه وڌندي ته ڪم از ڪم، سلامت ضروري رهندي آهي.
    o استعمال (حرڪت) ۾ رهندڙ دروازي جي انجيسن کي ڪڏهن به اڏوهي نه ٿي کائي. (چيني چوڻي)
    o حرڪت ۾ برڪت ۾ آهي.
    o گهر ۾ امن کي اڏوهي لڳي سگهي ٿي، پر دروازي جي هٿئي کي هرگز نه. (چوڻي، جپاني)


    33. دادو، جادو (سرو، چوڻي)

    33. دادو، جادو (سرو، چوڻي)

    34. دونھون، سونھون (سرو، چوڻي)
    دونھون: باھ منجھان نڪرندڙ ڪارو دونھون.
    سونھون: رھبر، راھنما، پيشوا، اڳواڻ
    o دونھان، سونھان آھن.


    35. ڌرتي، سرتي (سرو، چوڻي)

    35. ڌرتي، سرتي (سرو، چوڻي)
    سرتي؛ سک ڏک جي ساٿياڻي. ڌرتيءَ جو مثال به ان ساٿياڻي/ سنگتياڻي جهڙو آهي، جيڪا ڏک سک ۾ ساٿ ڏئي، غم غلط ڪري ٿي. انسان کي پيدا به مٽيءَ مان ڪيو ويو آهي ته سندس جياپو به ڌرتيءَ جي شين تي رکيو ويو آهي. کيس ماري وري به ان ۾ موٽايو ويندو. قيامت ڏينهن، اتان ئي کيس جيئرو ڪيو ويندو. انسان جو ان سان ناتو ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو. ان ڪري کيس ڌرتيءَ وانگر وڇايل، قرباني ڏيندڙ ۽ ساٿ نڀائيندڙ ٿي رهڻ گهرجي.


    36. ڌرتي، ماتا (هندي، چوڻي)

    36. ڌرتي، ماتا (هندي، چوڻي)
    هندن جي عقيدي مطابق، انسان جون سموريون ضرورتون ڌرتيءَ مان پوريون ٿين ٿيون، جنهن سبب ڌرتي به ماءُ جو درجو رکي ٿي. انسان ان جي ڇاتيءَ تي ائين پلجي ٿو، جيئن ماءُ جي ڇاتيءَ تي.


    37. ڏنو، ٻنو (اترادي، پهاڪو)

    37. ڏنو، ٻنو (اترادي، پهاڪو)
    ڏنو؛ الله جي راهه ۾ ڏنل خير. ٻنو؛ جهلو، بچاءُ، وهندڙ شيءِ لاءِ بند، جهنگ يا ٻنيءَ مان هلڻ لاءِ مٿاهين پيچري وانگر آهي.
    جيڪو الله جي راهه ۾ خير خيراتون ڪري ٿو، تنهن لاءِ اهي خير خيراتون، ايندڙ مصيبت کان جهل ۽ روڪ ثابت ٿين ٿيون.
    o ڏنو ٻنو آهي.
    o ڏنو، ٿئي نه ڪنو.


    38. ڏوريندڙ، ڏسندڙ (اترادي، چوڻي)

    38. ڏوريندڙ، ڏسندڙ (اترادي، چوڻي)

    o ڏورين، سي ڏسن.


    39. ڏئي، پڇتاءِ (اترادي، چوڻي)

    39. ڏئي، پڇتاءِ (اترادي، چوڻي)
    ڏيڻ؛ نيڪي ڪرڻ. اڄڪلهه ٻين سان نيڪي ڪري پنهنجي دل ۾ روڳ پالڻو آهي. ڇو جو چڱائي ڪري انتظار ڪرڻو ٿو پوي ته اها چڱائي ڪڏهن ٿي ڳچيءَ پوي.
    o چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن پادر.
    o چڱائي ڪرڻ، آهي چگهائي ڪرڻ.


    40. ڏي، ڏر (پهاڪو،لاڙ)

    40. ڏي، ڏر (پهاڪو،لاڙ)
    الله جي نالي تي ڏي، پر ڏيڻ وقت، دل جي رياءَ کان ڊڄ. ڇو جو رياءُ ڪرڻ واري جي ڪابه عبادت، چڱائي يا نيڪي قبول نه ٿي پوي.
    o ڏي به ڏر به.
    o ڪت به ڪنب به، اڳيان توريندڙ تکا،
    اگهئي ته پاءُ، نه ته مڻن کي موٽ ٿئي.


    41. ڏيرپو، ويرپو (چوڻي، سنڌ)

    41. ڏيرپو، ويرپو (چوڻي، سنڌ)
    مڙس جي ڀاءُ کي ڏير ۽ ان جي زال کي ڏيرياڻي چئبو آهي. ٻن ڏيرياڻين جي وچ واري رشتي کي ڏيرپو چئبو آهي. ڏيرپي ۾ هڪ ٻئي سان وير، ساڙ ۽ هڪ ٻئي کي ويڻ ڏنا ويندا آهن. اهو هڪ فطري عمل آهي. انهيءَ کان ڪوبه گهر وانجهو ناهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته شايد اڄ سڄي انسانيت هڪ ئي آدم جي اولاد هئڻ سبب، هڪ ئي ڇت هيٺ رهي ها ۽ ڪس ڪثر کائي وقت گذاري ها ۽ موجوده ترقيءَ جو تصور نه هجي ها. تڏهن ته ڀٽائيءَ به چيو آهي.
    o ڏيرن ڪونهي ڏوهه، امر ائين لکيو (شاهه)


    42. ڏيرياڻي، ويرياڻي (چوڻي سرائڪي)

    42. ڏيرياڻي، ويرياڻي (چوڻي سرائڪي)
    ڏيرياڻين جي وچ ۾ وير هڪ فطري عمل آهي، جيڪو هن دنيا جي آبادڪاريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ رکيو ويو آهي. انهن جي جهيڙن سبب ئي ڀائر هڪ گهر مان نڪري گهڻا گهر ٺاهن ٿا.
    o ڏيرياڻيون، توڙ جون ويرياڻيون.
    o ڀيڻ نه ڪجي ڏيرياڻي، متان ٿي پوي ويرياڻي.
    o کھ پيو ڏيرپو، جنهن وڃايو ڀيڻپو.


    43. ڏيند، لهند (چوڻي، لاڙ)

    43. ڏيند، لهند (چوڻي، لاڙ)
    قرض موٽائي ڏيڻ سان قرض جو بار سر تان لهندو آهي. جيڪڏهن نه ڏبو ته بار نه لهندو. ان ڪري قرض موٽائڻ ۾ دير نه ڪجي.
    o ڏيند، لهند، ڪرند پسند.


    44. ڏينهن شينهن (چوڻي، اتر)

    44. ڏينهن شينهن (چوڻي، اتر)
    ڏينهن جي مشابهت شينهن سان آهي. شينهن جهنگ جو بادشاهه ۽ ڦاڙيندڙ جانور آهي، تيئن ڏينهن جي روشني، هر ڍڪيل شيءِ کي ڦاڙي، مٿانئس راڄ ڪري ٿي. ڏينهن جي وقت، هر ڪو ماڻهو بيپرواهه آهي.
    o ڏينهن، رات جو ڊپ ڪڍيو ڇڏي.


    45. ڊگهو، بيوقوف (چوڻي، انگريزي)

    45. ڊگهو، بيوقوف (چوڻي، انگريزي)
    ڊگها ماڻهو ته ڇا پر جانور به بيوقوف هوندا آهن. جيئن اٺ ڊگهو آهي ۽ بيوقوف هئڻ جي علامت آهي. بيوقوف ماڻهوءَ کي اوڳو اٺ ڪوٺيندا آهن.
    o کل طويل احمق الا عمر (عربي قول)
    o سمورا قدآور ۽ ڊگها، سواءِ حضرت عمرؓ جي، بيوقوف آهن. (عربي چوڻي)
    o انگريزيءَ ۾ پڻ ائين چوڻي آهي: (Longest is foolest)


    46. راھيندڙ، لڻندڙ (چوڻي، سنڌ)

    46. راھيندڙ، لڻندڙ (چوڻي، سنڌ)

    o راھيندين، لڻندين.


    47. رتائي، ٽِپتائي (چوڻي، سرو)

    47. رتائي، ٽِپتائي (چوڻي، سرو)

    o رتوديرو، رت جو ديرو.


    48. زال، سنڀال (چوڻي، سنڌ)

    48. زال، سنڀال (چوڻي، سنڌ)
    هن چوڻيءَ جا ٻه مطلب ٿي سگهن ٿا.
    1. زال سان گهر جي سنڀال آهي. جنهن کي زال ناهي، تنهن جو گهر ئي کلواڙو آهي. ڇوجو ڇڙهن جو ڪوئي جهان ڪونهي. مرد ٻاهر جي ڪمائيءَ لاءِ هوندو آهي. گهرواري، گهر ٻار جي سنڀال لاءِ هوندي آهي.
    2. زال، سنڀال سان آهي. سنڀال نه ڪبس ته راهئون رد ٿي ويندي. مرد رلندو ته کلندو، زال رلندي ته ڀلندي. پنهنجا ته ٻئي جهان وڃائيندي پر مڙس ۽ اولاد جا به رڇ رلائيندي.
    o زال ته سنڀال.
    o زال چڱي چال، ڀلي ڀاڙئي مڙس کان.
    o زال هجي ته اکيون هجن.


    49. زنا، فنا (سنڌ، چوڻي)

    49. زنا، فنا (سنڌ، چوڻي)
    زنا، هڪ برو فعل آهي. مرد جو عورت سان، عورت جو مرد سان ميلاپ هڪ فطري عمل آهي. جيڪڏهن شرعي حدن اندر آهي ته تمام ڀلو ڪم آهي. ان سان حالات سڌرن ٿا. اولاد ۽ ڪمائيءَ ۾ برڪت پوي ٿي. زندگي سڪون واري گذري ٿي. جيڪڏهن اهو فعل، غير شرعي حدن ۾ ڪبو ۽ حد کان ٻاهر نڪري وڃبو ته پئسي/ جان/ اخلاق وغيره، مڙني جو زيان/ نقصان ٿيندو. ڇو جو زنا آسانيءَ سان نه ٿي سگهندي آهي. ان لاءِ الائي ڪيترا پاپڙ ويلڻا پوندا آهن. الائي ڪيترا خرچ ڪرڻا پوندا آهن. تڏهن وڃي ڪو چاڙهو ٿيندو آهي. تنهن ۾ به سڪون ٽڪي جو نه هوندو آهي.


    50. ساڪرو، آڪرو (چوڻي، لاڙ)

    50. ساڪرو، آڪرو (چوڻي، لاڙ)
    ساڪرو يا ساڪرائي، اٺ جو هڪ بڻ آهي، جيڪو ميرپور ساڪري جي طرف ٿئي. انگ ڪارو ٿيندو اٿس ۽ لسڻ اڇو ٿيندو اٿس. قد جو ڇوٽو، هلڻ جو ڇوهو آهي. هلڻ جي ڇوهائيءَ ۾ آڪرو ايندو آهي.


    51. سنجهو، ڏنجهو (چوڻي، سنڌ)

    51. سنجهو، ڏنجهو (چوڻي، سنڌ)
    ڪم ڪار شروع ڪرڻ لاءِ صبح جو وقت ڀلو ٿئي ٿو. ڇو جو صبح جو شروع ڪيل ڪم، شام تائين اڪلائجي وڃي ٿو. جڏهن ته سانجهيءَ جي وقت شروع ڪيل ڪم، نه نبيرو کائي، نه ئي جلد يا هڪ وهڪ ۾ اڪلائي سگهجي.
    o سنجهي جي مئي کي ڪيترو روئبو (پهاڪو، ميرپور ماٿيلو)


    52. سول، ڪول (چوڻي، سنڌ)

    52. سول، ڪول (چوڻي، سنڌ)


    53. سھتا، مھتا (چوڻي، سنڌ)

    54. سيڻپو، ويڻپو (چوڻي، سنڌ)
    زال جو پيءُ ماءُ، مڙس جي پيءُ ماءُ جا سيڻ ٿين. ٻنهي جي وچ ۾، سندن جي اولاد جي جهِڻ بڻ سبب ڏوراپا وغيره جاڳن. جن جي ڪري هڪ ٻئي کي ويڻ ڏين.
    o سيڻپو، ويڻپو، ويرپو.


    55. شادي، تعدي (چوڻي، سنڌ)

    55. شادي، تعدي (چوڻي، سنڌ)
    شاديءَ وقت ٿيندڙ سنگهٽ، جهنجهٽ، تڪليف ده هوندا آهن. ڪي ته وري شادي کان پوءِ به پيا پاڻ کي قيد بند ۾ سمجهندا آهن. انهيءَ ڪري اهڙي قسم جا ماڻهو هر وقت هيئن چوندا رهندا آهن؛
    o زال زحمت، ٻار ٻرو، وس پڄئي ته گهم ڇڙو.
    o شادي آ تعدي.
    o شادي ڪر ته به آزار، نه ڪر ته به آزار، تنهن کان ڪجي ڇو نه؟


    56. شامي، حرامي (چوڻي، اتر)

    56. شامي، حرامي (چوڻي، اتر)
    شام ملڪ جي رهندڙ کي شامي چئبو آهي. ان جي نالي سان گول ڪباب به ٺهندا آهن، جيڪي هرڪو کائيندو آهي پر کين چڱو نه چوندو آهي.


    57. ضامنگيري، تاوڻگيري (سرو، چوڻي)

    57. ضامنگيري، تاوڻگيري (سرو، چوڻي)

    o ڪشيي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوا.


    58. عرض، مرض (سرو، چوڻي)

    58. عرض، مرض (سرو، چوڻي)

    59. عزت، ڊڄي (سرو، چوڻي)
    ڪنڊيارو ۾ چمن هندوءَ جي نالي سان بازار آهي. وڏو سيٺيو هيو. هڪ دفعي ڪنهن معاملي ۾ صوبيدار ٿاڻي تي گهرايس. جڏهن پهتو ته بيٺي پير، صوبيدار ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويس. جڏهن صوبيدار جو پارو لٿو ته کيس ويهڻ لاءِ اشارو ڪيائين. جڏهن سيٺ ڪرسيءَ تي نه ويٺو ته صوبيدار پاڻ اٿيو. ڏسي ته، ديوان جي ڌوتيءَ مان تيڪ وهي اچي کڙيءَ وٽ، چاکڙيءَ ۾ جمع ٿي آهي. اهو ڏسي پڇيائينس: “ديوان! هي ڇاهي؟!”
    “سائين! اِجت ڊڄي!” چمن هٿ ٻڌي عرض ڪيس: “عزت، ڊڄي!”
    o عزت وارو ماڻهو، ڊڄڻ سبب ئي غلط ڪم نه ڪندو آهي. بي عزتي ماڻهوءَ وٽ نه عزت، نه ننگ ۽ نه ئي ان جي وڃڻ جو ڊپ. تنهن ڪري ننگ ڌڙنگ نچندو ۽ ڪڌا ڪم ڪندو آهي.
    o عزت پئي لڪي، نانگو پيو نچي.


    60. عشق، انڌو (چوڻي، سنڌ)

    60. عشق، انڌو (چوڻي، سنڌ)
    عاشق کي دنيا جا عيش ۽ عشرتون نظر نه اينديون آهن. محبوب کان سواءِ دنيا ۾ کيس ڪا شيءِ نظر نه ايندي آهي. تڏهن ڀٽائيءَ سڳوري فرمايو آهي:
    o عشق نانگ اپر، خبر کاڌن کي پوي. (شاهه، يمن ڪلياڻ)
    o عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي. (شاهه)
    o عشق نه آهي راند، جيئن کيلين ڳڀرو. (شاهه)


    61. ڦِريا، ڦُريا. (چوڻي، سنڌ)

    61. ڦِريا، ڦُريا. (چوڻي، سنڌ)
    جيڪي حق جي راهه تان ڦري ويا، تن ڄڻ ٻئي جهان ڦُرايا. مستقل مزاجي، ارادي سان استقامت، ماڻهوءَ کي ڪامياب ڪري، منزل تي رسائي ٿي. محنت ۽ اورچائيءَ کان گهٻرائڻ نه گهرجي.
    o جي ڦِريا، سي ڦُريا.


    62. قرض، مرض (چوڻي، سنڌ)

    62. قرض، مرض (چوڻي، سنڌ)
    جيئن مرض يا بيماريءَ ۾ ماڻهوءَ جو جسم ۽ پئسا ڳرندا آهن، تيئن قرض ۾ به ننڊ حرام هوندي آهي ۽ وياج مٿان وياج چڙهندو ويندو آهي ۽ سندس معيشت، پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر ختم ٿي ويندي آهي. ماڻهو هڪ ڏينهن ڪنگلو ٿي ويندو آهي. اهي ٻئي، ماڻهوءَ کي اندران ۽ ٻاهران، ڳاريندا ۽ کائيندا رهن ٿا.
    o قرض اهڙو کڻ، جو وري ڏئي سگهجي.
    o قرض ڌاران لوڻ ۽ پاڻي به چڱا آهن.
    o قرض آهي، ڪوڙهه جو ٽڪو.
    o قرض وڏو مرض آهي.


    63. ڪامورو؛ ماڪوڙو. (سرو، چوڻي)

    63. ڪامورو؛ ماڪوڙو. (سرو، چوڻي)

    o ڪامورو، ڪچي پنڊي.


    64. ڪڇي، ڦاڙجي (سرو، چوڻي)

    64. ڪڇي، ڦاڙجي (سرو، چوڻي)

    o سوڙ آھر، پير ڊگھاڙجن.
    o وت آھر، ڪم ڪجي.


    65. ڪرند، پسند (چوڻي، لاڙ)

    65. ڪرند، پسند (چوڻي، لاڙ)
    جيڪو ماڻهو، ڏوهه جا ڪم ڪندو، سو اوس انهن جو ڪيتو لوڙيندو. جيڪو چڱائي ڪندو، سو چڱائيءَ جو مزو پسندو. جيڪو برائي ڪندو، سو برائيءَ جي سزا ڀوڳيندو.
    o ڪندو، ڀريندو.
    o ڪندو، ڀوڳيندو.
    o ڪندو، لوڙيندو.
    o جو ڪري، سو ڀري.
    o جو ڪمائي، سو کائي.
    o جو کيڙي، سو کائي.
    o ڪرند، پسند. ڏيند، لهند.


    66. کرندڙ، کاريندڙ (چوڻي، سرائڪي)

    66. کرندڙ، کاريندڙ (چوڻي، سرائڪي)

    o جو آپ کري، سو ڏوجھان نون به کاري.


    67. کير، پير (چوڻي، سنڌ)

    67. کير، پير (چوڻي، سنڌ)
    هر ماڻهوءَ کي ڄمڻ شرط پهرين خوراڪ کير جي ملي ٿي. کير مڪمل خوراڪ آهي، جيڪو هڪ ئي وقت اڃ به لاهي ته بک به ماري ٿو. نبي اڪرم ﷺ جن، جڏهن کير پيئڻ فرمائيندا هئا، تڏهن ان ۾ برڪت لاءِ پڻ دعا فرمائيندا هئا.
    سنڌ ۾ انهيءَ سبب ڪري، کير جي عزت پير جيتري ڪئي ويندي آهي. جاهل ماڻهو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ کير جو به قسم کڻندا آهن. جيئن؛ “هي کير آهي. انهيءَ جو قسم .......... وغيره!”


    68. گاسو، خاصو (پهاڪو، سنڌ)

    68. گاسو، خاصو (پهاڪو، سنڌ)
    گاسو: گسڻ يا سنگت ۾ ڪس کائڻ. ڪس کائڻ هونئن به چڱو خاصو جگر گردي جو ڪم آهي. اهو فقط صاحبِ دل ماڻهو ئي کائي سگهندا آهن. سنگت ۾ گسڻ يا ڪس کائڻ وارو ئي خاص ٿيندو آهي.


    69. گئو، ماتا (چوڻي، هندي)

    69. گئو، ماتا (چوڻي، هندي)
    هندو ڌرم ۾ ڳئونءَ کي ماءُ جهڙي حيثيت آهي. ماءُ جو کير جنهن کي ڀانءِ نه پوي، تنهن کي ڳئون جو کير ڏيندا آهن. ڇو جو اهو جلد هضم ٿيندڙ ۽ هلڪو ٿيندو آهي. خدا تعالى ڳئون جي کير ۾ به ماءُ جي ٿڃ جهڙو اثر رکيو آهي. ڳائو گوشت گهڻو طاقت وارو آهي. جڏهن ته مکڻ ۽ لسي به فائديمند ۽ ڀرتي نه ڪندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي جو هندو گانءِ جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ان کي ڪهڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ماءُ ڪري پوڄيندا آهن.
    o گانءِ، ماتا.
    o ڳئون ماتا.


    70. ڳولهيندڙ، لهندڙ. (پهاڪو، فارسي)

    70. ڳولهيندڙ، لهندڙ. (پهاڪو، فارسي)
    جيڪو ماڻهو ڪنهن منزل/ شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو يا محنت ڪري ٿو، سو نيٺ ڪامياب ٿئي ٿو. خدا جي رحمت مان نااميد نه ٿجي ۽ مسلسل محنت ڪجي. خدا تعالى محنت ڪندڙ لاءِ رستو آسان ڪري ٿو ۽ مٿس بند دروازا به کولي ٿو.
    o جوينده، يابنده (چوڻي، فارسي)
    o من جد وجد (عربي)
    o جستجو، لا تقنطوا (قول، عربي)
    o جو ڳولهيندو، سو لهندو (پهاڪو، سنڌي)


    71. گهر، گهرانءِ. (پهاڪو، سنڌي)

    71. گهر، گهرانءِ. (پهاڪو، سنڌي)
    اهو هڪ فطري عمل آهي ته هڪڙو ماڻهو، ٻئي کي چڱيءَ دل سان ياد ڪندو ته اڳلو به کيس چڱيءَ دل سان ياد ڪندو. ڪير ڪنهن سان نفرت ڪندو ته اڳلو به ساڻس نفرت ئي ڪندو. محبت جي بدلي محبت ۽ نفرت جي بدلي نفرت ئي ملندي آهي. گهرڻ ڀائئڻ يا عقيدت ۽ احترام وغيره سان، اڳلو به گهرندو ڀانئيندو آهي.
    o تون گهر منهنجي ڄائي کي، مان گهران تنهنجي کٽ جي پائي کي.
    o فااذڪروني اذڪرڪم (القرآن) پوءِ مون کي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.
    o گهر ته گهرانءِ.


    72. گهڙيا، اڪريا (پهاڪو سنڌي)

    72. گهڙيا، اڪريا (پهاڪو سنڌي)
    ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي لاءِ، سندرو ٻڌڻ ماڻهوءَ جو ڪم آهي، کيس پار اڪارڻ خدا جو ڪم آهي. جيڪي ماڻهو سندرو ٻڌي، ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا آهن، ڪاميابي تن جا قدم چمندي آهي.
    o گهڙيا، چڙهيا
    o گهڙيو، اڪريو
    o گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿئي. (شاهه، سسئي)


    73. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)

    73. لاڙ، ساڙ (چوڻي، لاڙ)
    لاڙ ۾، پاڻيءَ جي لاٿ سبب، کڏن، کوٻن ۾ پاڻي رنڊجي بيهي رهي، جنهن تي مڇر جام ٿين. ماڻهو مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ دونهيون ڪن. جنهن ڪري ماحول تي دونهين جي گهُٽ ۽ اثر ٿئي. پاڻي به، ماڻهن سان گڏ مال پئي ۽ گندو ڪري. هوائن تي ڪک ڪاڄر به اڏامي اچي بيٺل پاڻيءَ ۾ پون. مڇرن سبب، پاڻي پيئڻ جي ڪري، پيٽ جون بيماريون ٿين. سرءَ جي هوا منهن ساڙ، مٿان مڇرن جي مار، دونهون ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف. انهن جملي تڪليفن سبب لاڙ کي ساڙ سڏيو ويندو آهي.
    o لاڙ آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار.
    اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري.
    o لاڙ آھي ساڙ، تنھنجو ڪيان ڪھڙو وستار،
    پاڻيءَ ۾ آھن پونئرا، جو پيئي سو بيمار،
    بديڻو آھي بڇڙو، رکي رب ستار،
    ٻيئڙ ٽيئڙ جو ڦھڪو ڏاڍو، ھيانچي جو آزار،
    ٽنڊو باگو بڇڙو، آھي بديڻي جو يار،
    ڪن کي سور لڱن ۾، ڪن جو ڪڙھي ڪاپار.
    (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، سنڌ جو سيلاني، ص 114 تان کنيل)


    74. لالچي، لانتي (چوڻي، سنڌ)

    74. لالچي، لانتي (چوڻي، سنڌ)


    75. لڄارو، بکارو (چوڻي، سنڌ)


    76. لچائي، بادشاهي (پهاڪو، سنڌي)

    76. لچائي، بادشاهي (پهاڪو، سنڌي)
    بي شرم ۽ لچ ماڻهو، هرهڪ کان ڏاڍو هوندو آهي. بادشاهه به هرهڪ کان ڏاڍو هوندو آهي. انهيءَ ڪري، بي حياءَ کي بادشاهه سڏيو ويندو آهي. جڏهن بي حيا ماڻهو ڪنهن کي تنگ ڪندو آهي ته ساڻس ڪير به ڪُڇي نه سگهندو آهي. جنهن کي تنگ ڪندو آهي، سو نه ڪڇڻ جو عذر اهو پيش ڪندو آهي: “فلاڻو ته ادا بادشاهه آهي، ان سان ڪير ڪڇي!”
    o بي حيائي، بادشاهي.
    o بي لڄو، ڪتو به چڱو نه.


    77. لوچيندڙ، لھندڙ. (چوڻي، سنڌ)

    77. لوچيندڙ، لھندڙ. (چوڻي، سنڌ)
    دنيا ۾ ھٿ پير ھڻڻ کانسواءِ، ڪا به مراد حاصل نه ٿي ٿئي.
    o لوچين سي لھن لعل کي، لطيف چئي.


    78. ليکو، چوکو )چوڻي ،سنڌ(

    78. ليکو، چوکو )چوڻي ،سنڌ(
    هي ٻٽولفظ پڻ آهي. جيڪو ورجيس جي طورتي ڪتب به ايندو آهي، هتي پهاڪي طور ڏنووڃي ٿو. دوستيءَ۾حساب سڌو رکجي، سنگت ساٿ ۾ حساب ڪتاب چوکو رکڻ سان ڦوٽ نه پوندي آهي.
    o ليکو آچوکو، چوکي آ پريت


    79. ماچي، ناچي (چوڻي، لاڙ)

    79. ماچي، ناچي (چوڻي، لاڙ)
    ٽرڙو ۽ هلڪڙو ماڻهو، جڏهن کائي پي ماچ ڪندو آهي، تڏهن دڙيون ٽپندو آهي ۽ ناچ ڪندو آهي. ڪم عقل ماڻهوءَ کي دولت يا طاقت هٿ اچي ته پوءِ غريب-مارڪندو آهي.
    o مينهن کائي هوريان هلي، رڍ کائي ٺينگ ڏئي.
    o کاچي ته ماچي، ماچي ته ناچي


    80. مار، سنوار(چوڻي، انگريزي)

    80. مار، سنوار(چوڻي، انگريزي)
    استاد جيڪڏهن شاگرد کي اک نه ڏيکاريندو ته شاگرد اُڌرندو ويندو ۽ پڙهندو ڪونه. استاد جي مار شاگرد کي سنواري سگهي ٿي.
    o استاد جي مار سنوار آهي.
    o سٻر سوٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.
    o لڪڙيءَ جو صرفو ڪبو ته ٻار کريو.
    o Spare the rod, Spoil the child


    81. مالڪ، مالڪي. (چوڻي، سنڌ)

    81. مالڪ، مالڪي. (چوڻي، سنڌ)
    هر شيءِ جي سنڀال جيتري مالڪ ڪندو آهي، اوتري نوڪر نه ڪري سگهندا آهن. نوڪر کي فقط پنھنجي پگهار سان سروڪار آهي. جڏهن ته مالڪ کي مال جي سمورين گهٽ وڌاين جو اونو آهي. جيئن اڪثر ماستر شاگردن کي، دڙڪا ڏيندا آهن؛ ”ڇورا پڙهو نه پڙهو، آڱوٺي تي چڙهو. اسان جو آهي پھرينءَ تي پگهار کڙو!“، مطلب ته سندن دل پگهار ۾ ۽ اک گهڙيال ۾ رهندي آهي. ڪڏهن ٿو ٽائيم پورو ٿئي ۽ ڪڏهن ٿا پئسا ملن.
    o مالڪ ته مالڪي.
    o ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.


    82. مال، لال (چوڻي، ٿر)

    82. مال، لال (چوڻي، ٿر)


    83. مايا، ڌوتي. (چوڻي، ھندي)


    84. مايا، ڏائڻ. (چوڻي، سنڌ)


    85. محبتي، محنتي. (چوڻي، سنڌ)

    o محنتي، محبتي.


    86. مُڙيا، جُڙيا. (چوڻي، سنڌ)

    86. مُڙيا، جُڙيا. (چوڻي، سنڌ)
    ڪنھن به اڻائي معاملي ۾، جنھن ۾ جان کي خطرو هجي، هٿ نه وجهجي. جيڪڏهن ڪو ضد تي چڙهي، ڪُڏي پوندو ته ڇيھو رسندس. اهڙي طرح جيڪو ضد تان لھي، مڙي ويندو سو ئي فائدي ۾ ويندو، بخشڻ ۽ صبر ڪرڻ وارو ئي دنيا ۾ سرهو ٿو رهي.
    o جو مڙيو، سو جڙيو.
    o جن ڇڏي دعوى، سي ٿيا سدا ساوا.


    87. ميڙيندڙ، مٺا. (چوڻي، سنڌ)

    87. ميڙيندڙ، مٺا. (چوڻي، سنڌ)


    88. نوڪري، ٽوڪري. (چوڻي، سنڌ)
    نوڪري ڪرڻ سان عزت وڌي نه ٿي. ان ۾ هر حڪم مڃڻو ٿو پوي. پنھنجي دل جي مرضي نه ٿي هلي. جيئن گند جي ٽوڪري مٿي تي رکڻ سان ڪنڌ ازخود هيٺ ٿي ويندو آهي، تيئن نوڪريءَ ۾ به ڪنڌ هميشه جهڪيل ئي هوندو آهي .
    o نوڪري، ڪن جي ٽوڪري.
    o نوڪري، گند جي ٽوڪري.
    o نوڪري، گونھن جي ٽوڪري.
    o اتم کيتي، وڌنت واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار


    89. نوندين، لھندين. (چوڻي، سنڌ)

    89. نوندين، لھندين. (چوڻي، سنڌ)
    نوڻ؛ جهڪڻ، هيٺانھين ڪرڻ يا محنت ڪرڻ. جيڪو محنت ڪندو ۽ ٻين سان نوڙت وارو رستو هلندو، سو نيٺ ڪامياب ٿيندو. نوڙت سان دشمن کي به پنھنجو ڪري سگهجي ٿو. آڏ وڏائي ڪرڻ واري کي پنھنجا به ڇڏي ويندا آهن.
    o نوڙت سان مرتبو وڌي ٿو. تڪبر سان گهٽجي ٿو.
    o نَمُ، ٿيئي ڪم.


    90. نياڻي، نماڻي. (چوڻي، سنڌ)

    90. نياڻي، نماڻي. (چوڻي، سنڌ)
    جيڪو ڪڇي نه سگهي، تنھن کي نماڻو چئبو آهي. نياڻي، ڪڇي نه سگهڻ جي علامت آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪن معاملن کي نبيرڻ لاءِ، ڪي ماڻھو نياڻي ميڙ ڪري ايندا آهن. جنھن جو مطلب هوندو آهي ته اسان جي ڪڇڻ جي واٽ ناهي. سندن نياڻي ميڙ ڪرڻ کانپوءِ، معاملو هڪ دم رفع دفع ڪيو ويندو آهي. ڇو جو ازي مڃي، جهڳڙو ٽٽو.
    o نياڻي، آهي نماڻي.
    o نياڻي، ست قرآن.


    91. وارا، ڄمارا. (چوڻي، سنڌ)

    91. وارا، ڄمارا. (چوڻي، سنڌ)
    جھڙو ورتاءُ ڪبو، اڳلو به اهڙو ئي ڪندو. چڱائي ڪبي ته پاڻ سان به چڱائي ٿيندي، برائي ڪبي ته پاڻ سان به برائي ٿيندي.
    o جتيءَ کي به وارو آهي.


    92. وار، ڍارا. (سرو، چوڻي)

    92. وار، ڍارا. (سرو، چوڻي)
    وارو يا موقعو؛ ڍاري يا ڪُڻي وانگر آهي. پُکي/ ڪُڻي ۾ آيل شيءِ وانگر وارا به هوندا آهن. کين هٿان نه وڃائجي.


    93. وارا، ڦيرا. (سرو، چوڻي)

    93. وارا، ڦيرا. (سرو، چوڻي)
    وارو يا موقعو، ڦير يا تبديلي جي نشاني به آهي. جڏهن قسمت ڦيرو کائي ته منجهانئس ڀرپور فائدو وٺجي.


    94. وارا، نيارا. (سرو، چوڻي)

    94. وارا، نيارا. (سرو، چوڻي)
    وارو يا موقعو نئين شيءِ وانگر آهي. نئين هٿ آيل شيءِ مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي.


    95. وڏو، جڏو. (چوڻي، سنڌ)

    95. وڏو، جڏو. (چوڻي، سنڌ)
    جڏو ماڻھو، زور بار وارو ڪم ٻين کان ڪرائيندو آهي. گهر جو وڏو، پيءُ يا ڀاءُ به زور وارو ڪم ننڍن کان ڪرائيندو آهي. پاڻ کٽ تي ويٺو هوندو آهي. انھيءَ سبب ڪري وڏي کي به جڏهن ڪوٺيو ويندو آهي.


    96. ويجهي، ڪوجهي. (پھاڪو، سنڌ)

    96. ويجهي، ڪوجهي. (پھاڪو، سنڌ)
    هر شيءِ پري کان ئي خوبصورت لڳندي آهي، ويجهو اچڻ کان پوءِ، سندس سوين عيب ظاهر ٿي پوندا آهن.
    o دور ڪي ڍول سھاني بجتي هين.
    o گهر جو پير، چلهه جو مارنگ.
    o گهر جي مرغي، دال برابر.
    o گهر جو ڀانڀڻ بئل برابر.
    o مکي، گهر جو دُکي.
    o ويجها، ڪوجها.
    o ويجهو، ڪوجهو.


    97. ويڙها، جهيڙا. (چوڻي، سنڌ)

    97. ويڙها، جهيڙا. (چوڻي، سنڌ)
    جيڪي ماڻھو ويڙهن جي صورت ۾ گهر اڏي ويھن ٿا، تن ۾ ٿوري گهڻي ويجهڙائپ ته رهي ٿي، پر منجهن جهيڙا جام ٿين ٿا. جيڪي ماڻھو پنھنجي گهر جو ٻنڀو الڳ ٺاهي ويھن ٿا، تن کي ٿوري گهڻي اڪيلائپ ته محسوس ٿئي ٿي پر ٻين سان سندن جهيڙا گهٽ ٿا ٿين.
    o ويڙهو، جهيڙو.


    98. هاٿي، ساٿي. (پھاڪو، اردو)

    98. هاٿي، ساٿي. (پھاڪو، اردو)
    وقت تي هٿ واري ملڪيت ئي ڪم ايندي آهي. دوست يار، مٽ عزيز، سڀ جتي جان ڇڏائي ڀڄي ويندا، اتي پنھنجي هٿ وس واري ملڪيت ئي ڪم ايندي آهي.
    o جيڪا هٿ ۾ آهي، سا ئي ساٿ نڀائيندي.
    o پنھنجيءَ ۾ هٿ، پرائي ۾ اکيون.
    o جو هاٿي، سو ساٿي.


    99. هجتي، لعنتي (چوڻي، سنڌ)

    99. هجتي، لعنتي (چوڻي، سنڌ)
    هجائتو ماڻھو، وقت مصلحت به نه ڏسندو آهي. ڳالھائيندو ته اڻ سوچيو (Blunt) ڳالھائيندو. سوچي سمجهي (Sharp) نه ڳالھائيندو آهي. انھيءَ سبب ڪري کانئس نفرت ۽ ڌڪار پيدا ٿيندي آهي ۽ پري ٿيندو ويندو آهي.
    o هجائتي ڪتي، حُجري ۾ هنگي.


    100. ھَريو، ڀَريو. (چوڻي، زرعي)

    100. ھَريو، ڀَريو. (چوڻي، زرعي)


    101. ھِريو، ڦَريو. (چوڻي، سنڌ)


    102. هنر، نر (چوڻي، سنڌ)

    102. هنر، نر (چوڻي، سنڌ)
    هنر بمشابه ڪمائيندڙ جي آهي ۽ نر به ڪمائڻ جي علامت ۽ نقصان نفعي جو ذميوار آهي. اهو ئي سبب آهي جو هنر واري کي نر چيو ويو آهي.
    o بي هنر، بيڪار.
    o هنر وارو ڪٿي به ڌاريو ناهي.
    o هنر وارو نر آهي، بي هنر کر آهي.
    o هنر واري جو هنر، بي هنر جي جند.


    هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

    سنڌي زبان جي حيثيت

    سنڌي زبان جي حيثيت، بين الاقوامي ٻولين جھڙي آهي. منجهس علم ادب وارين سمورين خوبين/ خصوصيتن سان گڏوگڏ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي لفظن/ محاورن کي هضم ڪرڻ ۽ سندن نعم البدل ڄڻڻ جي به وڏي سگهه موجود آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن علمن کي سمائڻ ۽ سميٽڻ جو به گڻ اٿس. انھيءَ سان گڏوگڏ، وٽس پنھنجو به وسيع لوڪ ادب سرجيل آهي ۽ ان جي ڄڻڻ/ سنڀالڻ جون به گوناگون خوبيون اٿس.
    لوڪ ادب جي شاخن منجهان هڪ شاخ ”پھاڪا ۽ چوڻيون“ آهي، جيڪا وڏي اهميت جي حامل هوندي آهي، وڏي ۽ ويڪري تاڃي پيٽي سان اُڄيل آهي. منجهس بي انتھا وسعت به آهي ۽ ڪيترن ئي رنگن/ گلن جي جڙاوت به مٿس ٿيل آهي.
    رنگن جي اهڙي ئي هڪ ٽڪسالي، پھاڪن/ چوڻين جو انتھائي ننڍڙو روپ آهي. سنڌي زبان ۾ ايترا ته ننڍڙي روپ وارا پھاڪا آهن، جن جو ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.
    مثال طور:
    - آساني، مسلماني.
    - گهڙيا، چڙهيا.
    - ڳوليندڙ، لھندڙ.
    - ڏي، ڏر . وغيره
    مٿي پيش ڪيل مثال وارين چوڻين/ پھاڪن بابت، اڳيئي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون. هتي فقط اهڙن پھاڪن/ چوڻين بابت ڄاڻ ڏجي ٿي، جيڪي پڻ انتھائي ننڍڙو روپ رکندي، هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل آهن.
    هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون، بظاهر ته ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس وانگر نظر ايندا آهن. دراصل ائين هوندا ناهن. ٻنھي ۾ فرق آهي. پھاڪو پنھنجي اندروني معنى ۾ سبق آموز نقطو رکندي هڪ مڪمل جملو هوندو آهي. جڏهن ته ورجيس به پنھنجي ظاهري معنى کان سواءِ اندرين معنى رکندي آهي پر مڪمل جملو نه هوندي آهي.
    ظاهري طرح، هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪن/ چوڻين جھڙي نظر ايندڙ ورجيس کي، پھاڪي کان الڳ ڪرڻ جي فقط اها ئي هڪ ڪسوٽي آهي.
    ناڪاري ٻٽن لفظن تي مشتمل ورجيس جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    - نه ٻن ۾، نه ٽن ۾
    - نه رن، نه روڳڙي
    - نه ڏهڻ جو، نه ڪھڻ جو
    - نه گهر جو، نه گهاٽ جو
    - نه اٽو، نه لٽو
    - نه امڻا، نه گمڻا
    - نه امان، نه گمان ، وغيره .
    مٿي ڏنل ورجيسون (Phrases) مڪمل جملو ناهن. جملي جو جُز آهن. جملي جو جز هوندي به منجهن نقطو سمايل آهي ۽ ٻيءَ معنى ۾ استعمال هيٺ اچن ٿيون. ان ڪري کين ورجيس سڏجي ٿو. کين پھاڪو نه ٿو سڏجي.
    هاڻي اچون ٿا، انھن پھاڪن ۽ چوڻين تي، جيڪي هاڪاري ۽ ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي وسيع ميدان مان، نموني طور هڪ مُٺ ڀري، پڙهندڙ آڏو پيش ڪجي ٿي.


    1. اشتداقي، نه خالي. (فارسي، چوڻي)

    1. اشتداقي، نه خالي. (فارسي، چوڻي)
    اشتداقي/ صبح سان سوير ننڊ مان اٿندڙ، ڪڏهن به جسماني/ مالي طور تي خالي/ خلاص نه ٿيندو.
    سوير اٿڻ، صحت لاءِ ته سٺو آهي ته پر بخت لاءِ به ڀلو آهي. جيڪو صبح سان سوير سمهي پوي ٿو، ان جو بخت به سوير ئي سمهي پوي ٿو. هر ڌنڌي وارو، جيڪڏهن صبح مردان جو اٿي، ڌڻيءَ کي ٻاڏائي ڌنڌي تي نه چڙهندو ته بخت به نه ورندس. ان لاءِ ضروري آهي ته پھرين ڌنڌي ۾ نر ٻھڻي ڪري، ان کانپوءِ ڀلي آرام ڪري .
    مطلب :
    1-1 اشتداقي، نه خالي. زاني، نه مالي. (فارسي)
    2-1 صبح جا سائين، ٻيڙا ٻني لائين.
    3-1 صبح جي ناري، نه ڏيندءِ ڏک نه بيماري،
    ڏيار ڪي هزاري، چڙهي ڪيون هسواري.
    4-1 صبح جو نر ٻھڻي، وڃي رن روئڻي.


    2. انڌو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)

    2. انڌو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
    انڌو؛ اکين کان وڏو/ نابين هئڻ سبب، هر معاملي ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو آهي. اکين ۽ هٿن جا اشارا ڏسي نه سگهندو آهي. ان ڪري شڪي مزاج هوندو آهي. هر ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ وارو، نه ڪنھن تي اعتبار/ پت ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪنھن کي سڄڻ سمجهندو آهي. هر ڪنھن کي دشمن سمجهي، نه مٿس ويساه رکندو آهي ۽ نه ئي ايمان رکندو آهي. ڪيڏو به مٽ مائٽ سچو ۽ سڄڻ هجيس، پر پنھنجي شڪي مزاج سبب، کيس دشمن پيو ڄاڻندو آهي ۽ ڪنھن به ڳالهه تي اعتبار گهٽ ايندو اٿس.
    انڌو، چاهي ظاهري اک جي لحاظ کان انڌو هجي يا باطني اک جي لحاظ کان، ٻنھي طرح سان شڪي مزاج، بدگمان ۽ بي ايمان هوندو آهي. ٻين ۾ شڪ ڪرڻ سبب، ساڻن ڪيل ورتا/ معاملي/ واسطيداريءَ ۾ بدگمانيءَ/ بي ايمانيءَ ۾ وڌي وڻ ٿي ويندو آهي ۽ هرڪو کيس بي ايمان پيو سڏيندو آهي.
    مطلب:
    1-2 انڌو، اونڌو.
    2-2 انڌو، انوماني
    3-2 انڌو، بدگمان


    3. انڌو، اڻ سھو (ساهتي، چوڻي)

    3. انڌو، اڻ سھو (ساهتي، چوڻي)
    انڌو، ظاهري/ باطني اک کان وڏو هئڻ سبب، شڪي مزاج/ بي ايمان هوندو آهي. جنھن ڪري ڪنھن جو ڪک پيو به ڪين سھندو آهي. ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي رسندو ۽ الجهندو، چڙندو ۽ جهيڙو پيو ڪندو آهي.
    خار مان بدلو به اهڙو ته بري نموني پاڙيندو آهي جو الامان والحفيظ. اهڙو ته اوٽائتو ڌڪ هڻندو، جو اڳلي جو سر ئي چٽ. هونئن به انڌي جو ڌڪ، چئي بس ڪر. ماري يا کاري. انڌي جو ٻک به خراب. پرائيءَ شيءِ تي جلد قبضو ڪري وٺندو. اکين سان نه ڏسڻ ڪري، نه شرم ايندس ۽ نه حياءُ. پورو بي حياءُ ٿي بيھي رهندو ۽ سندس انھيءَ روش ڪري، هرڪو ساڻس نفرت ڪندو آهي.
    مطلب:
    وقت تي بي حيا ٿي پوڻ/ انڌو ٿي پوڻ، نه سھائپ جي نشاني آهي.
    ڀيٽيو: سپھو، نه وسھو.


    4. انڌو، اڻ سونھون (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)

    4. انڌو، اڻ سونھون (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
    پرديسي/ مسافر، ڪيڏو به چالاڪ، هوشيار ۽ هٿيارن سان ليس هجي، تيستائين منزل ماڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، جيستائين سونھون نه هوندو يا سونھون ساڻ نه کڻندو. ان جي برعڪس پيادو مسافر، سونھون هئڻ سبب، جلد منزل تي پھچي ٿو. جڏهن ته اڻ سونھون، سواريءَ هوندي ڀٽڪي وڃي ٿو ۽ منزل تي ئي نه ٿو رسي .
    انڌو/ اڻ ڄاڻ/ بيوقوف به پنھنجي اندر ۾ اڻ سونھين وانگر آهي. يا ائين کڻي چئجي ته کيس ڪوبه سونھون ناهي.
    جيئن ڪوبه اڻ واقف، سونھي/ رهبر/ گائيڊ کانسواءِ، منزل تي رسڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، تيئن انڌو به اڻ سونھين/ بنا رهبر وانگر، منزل رسيد نه ٿيندو. انھيءَ ڪري انڌي جي حيثيت، بنا رهبر/ بنا اڳواڻ/ بنا پيشوا/ بنا مرشد واري مسافر/ پانڌيئڙي جھڙي آهي.
    مطلب:
    1-4 جي گهر ڌياڻي انڌي هوندي ته گهر جا ٿانءَ ٿپا سڀ ڀڃي ڇڏيندي.
    2-4 انڌن ملتان لڌو آهي . (ابتو)


    5. بکيو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)

    5. بکيو، بي ايمان (ساهتي، چوڻي)
    بک/ غربت/ اڻ هوند، ماڻھوءَ کي پريشان ڪري ٿي. جنھن سبب انسان آپي کان ٻاهر نڪريو وڃي. بک سبب بڇڙا ڪم ڪندي به دير نه ٿو ڪري. جڏهن ته ايمان واري ماڻھوءَ کي اهي ڪم نه ڪرڻ گهرجن.
    ايمان وارو ماڻھو، جن ڪمن کي برو/ بڇڙو پيو سمجهندو، بکيو ماڻھو تن کي، پيٽ/ غرض خاطر، چڱو سمجهي پيو ڪندو. جيڪي برايون/ بدڪاريون دنيا ۾ موجود آهن، سي سموريون بک/ سڃائيءَ سبب آهن. جيڪڏهن مڙني جو پيٽ ڀريل هجي، ته نه ئي ڪا برائي ٿئي ۽ نه ئي ڪا ترقي ٿئي. سڀني جا غرض بک جي ربط سان سلھاڙيل آهن ۽ ائين ئي حل ٿين ٿا.
    انھيءَ ننڍڙي آزمائش مان دل وارا پار پئجيو وڃن. جڏهن ته بکيا/ سڃا ماڻھو بي ايماني ڪندي دير به نه ٿا ڪن.
    مطلب:
    1-5 بکيو، ڏکيو
    2-5 هڪڙا بکيا، ٻيو نالا ڏکيا
    3-5 بندو، گندو
    4-5 غريبيءَ کي سؤ عيب
    5-5 سڃا پني پيھن، روئي رنڌين، خارن مان کائين
    6-5 بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري
    7-5 رڍ بڇڙي ٿئي بک کان
    8-5 رڍ کان پڇيائون ؛ ”بڇڙي ڇو ٿي آهين“؟ چي؛ ”بک کان!“
    9-5 غريب برو فعل ڪرائي، سڀڪو چوندو؛”بک بي حال ڪيو اٿس!“ امير ڪرائي ته ڪير به نه ٽوکيندس. هٿائين هرڪو چوندو؛ ”امير ماڻھو آهي، عيش ٿو ڪري!“
    10-5 ان، ايمان (ابتو)


    6- بي حيائي، بادشاهي (سنڌ، پھاڪو)

    6- بي حيائي، بادشاهي (سنڌ، پھاڪو)
    بي حياءُ/ بي حجاب ماڻھو، پنھنجي مڙني حرڪتن ۾، بادشاهه وانگر آهي. نه کيس ڪير ٽوڪي سگهندو آهي ۽ نه ئي ڪنھن جي روڪ ٽوڪ ۾ ايندو آهي. هر ڪم پنھنجي مريءَ سان ڪندو آهي ۽ ٻين کي زوريءَ مڃرائيندو آهي. بادشاهن جا به اهي ئ يڪم آهن. جيڪو جيءَ ۾ اچين، سو مڃرائين. ان تي عمل پيرا نه ٿيڻ واري کي سزا به ڏيارين. حڪم جي تعميل ۾ ٿوري به ڪوتاهي برداشت نه ڪن.
    مطلب:
    1-6 شينھن شير خدا جو، وڻيس ته ٻچو ڏئي، وڻيس ته بيدو ڏئي.
    2-6 ٻار، بادشاهه آهي.


    7- بيمار، بي ميار (سنڌ، چوڻي)

    7- بيمار، بي ميار (سنڌ، چوڻي)
    بيمار/ عذر وارو/ معذور/ لاچار ماڻھو، جيڪڏهن ڪن ڪمن ۾ ڪمي/ ڪوتاهي ڪري ته مٿس ڪابه ميار/ ڏوراپو نه ايندو. ڇو جو ميار ان تي ايندي آهي، جنھن جي نيت ۾ خلل هوندو آهي. بيمار ماڻھوءَ جي ڪوتاهي، سندس نيت جي خرابيءَ سبب ناهي، بلڪ جسماني بيماريءَ/ خرابيءَ سبب آهي. هو انھيءَ تي وس وارو ناهي. بي وس ماڻھوءَ وٽ جائز عذر آهي. اهو ٻڌڻ جوڳو ۽ معاف ڪرڻ جوڳو آهي.
    ان جي برعڪس، تندرست ماڻھو، ڪنھن ڪم ۾ ڪوتاهي ڪري ته وٽس ڪوبه جسماني عذر ناهي. سندس عذر ان ڪري نه ٻڌبو جو سندس نيت ۾ خلل ٿي سگه يٿو. ان جي برعڪس بيمار/ معذور جي نيت ۾ ڪوئي شڪ/ خلل نه ٿو ٿي سگهي. عذر سبب مٿس ڪا ميار ناهي.
    مطلب:
    1-7 لاچار کي آچار ڪونھي
    2-7 لاچار کي ڪھڙو آچار
    3-7 لاچار کي سڀ روا آهي
    4-7 لاچاري، بڇڙي بلا آهي
    5-7 بي وس بار، اٺن به ڇڏيا آهن.


    8- ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي، چوڻي)

    8- ٻاليتو، نه ماليتو. (هندي، چوڻي)
    ٻاليتي ؛ ٻارن واري/ وَڏَ آڪھي وٽ، پويان کائڻ وارا گهڻا هوندا آهن. وٽس ڀلي ڪيتري به گهڻي ڪمائي/ ميڙا چونڊي ڇونه هجي. پر جلد ئي کائي کپائي ويندو ۽ بچت/ پاڇي ڪين رهندس.
    ڪتاب گلشڪر ۾، ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ هڪڙو مثال ڏنو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
    هڪڙي اشراف ماڻھوءَ، هڪڙي سکيي ستابي کان قرض طور ڪجهه رقم گهري، جيڪا اڳلي نه ڏنس. ٻنھي جي ڄاڻوءَ سکيي کي چيو؛ ”گهرڻ وارو رڄ اشراف آهي. ورتل پئسا ڪين کائيندو. جيئن ئي ٿيندس، موٽائي ڏيندو. هن وقت کيس ضرورت آهي. وقت ۾ سندس مھل ڪرڻ گهرجي!“
    سکيي دليل ڏيندي کيس چيو؛”ادا! اڳلو بيشڪ اشراف آهي، ٿيندي ته بلڪل موٽائي ڏيندس. پر ٿيندس ڪيئن؟ پويان کائڻ واري وڏي آڪھه اٿس. سا ماڪڙ وانگر سموري ڪمائي کائي چٽ ڪندي ويندس. بچت ته ٿيندس ئي ڪانه. سو قرض موٽائيندو ڪٿان؟“
    مطلب:
    1-8 هِل جي آکيري ۾ ماس ڪيڏانھن آيو؟
    2-8 ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير
    3-8 شرابيءَ وٽ مال نه مِڙندو
    4-8 زاني، نه مالي
    - ڀيٽو؛ سوالي، نه خالي.


    9- پڇندڙ، نه منجهندڙ. (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)

    9- پڇندڙ، نه منجهندڙ. (سنڌ، پھاڪو/ چوڻي)
    ڪو به انسان، ماءُ جي پيٽان سکي نه آيو آهي. هر ڪو دنيا ۾ ڏسي ڏسي ۽ پڇي پڇي هلي ٿو. جيڪو ماڻھو، پڇي پڇي پوءِ ڪم ڪري ٿو، سو ڪنھن به ڪم ۾ منجهي نه ٿو.
    علم ڇھن حواسن؛ ڇھڻ، چکڻ، سنگهڻ، ڏسڻ، ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ سان وڌي ٿو. اڻ ڏٺي ڏيھه ۾ پھچڻ يا ان کي ڳولڻ، اکين/ ڏسڻ کان سواءِ ممڪن ته نه آهي. تنھن هوندي به استاد/ رهبر جي ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن رهنمائي حاصل نه ڪبي ته انڌي وانگر ٿاڦوڙا هڻن ۾ وقت وڃائي ڇڏبو ۽ منزل مُور هٿ نه ايندي.
    زماني جون ضرورتون/ گردشون، ماڻھوءَ کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، هڪ ماحول کان ٻئي ماحول ۾ رلائينديون رهن ٿيون. رلڻ گهمڻ سان دماغ کلي ٿو ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو.
    اُٺ ڪتابن جو پڙهڻ واري، جيڪڏهن گهميو ڦريو ناهي ته وٽس ايترو يقين ناهي، جيترو گهٽ پڙهيل گهمندڙ وٽ آهي. گهمڻ سان تجربا/مشاهدا ٿين ٿا، جيڪي ڪتابي علم ۾ حاصل نه ٿا ٿين. ڪتاب ۾ اهو علم آهي، جيڪو لکيل آهي. وڌ نه گهٽ. سمجهه ۾ اچي يا نه. جڏهن ته پڇڻ/ گهمڻ ۾ اهو علم آهي، جنھن جي ضرورت آهي/ جنھن ۾ دلچسپي آهي/ جنھن لاءِ تانگهه آهي. گهرج واريءَ شيءِ جو علم، يقين سان گڏ حاصل ٿئي ٿو. ڪتابي علم وسريو وڃي. رلي پني حاصل ڪيل معلومات، دل تي اُڪرجيو وڃي. اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ وارو ماڻھو، ڪٿي به منجهي نه ٿو.
    مطلب:
    1-9 پڇڻا نه منجهڻا، منجهڻا ته مرڻا
    2-9 پڇائيندي پڇائيندي، انڌن ملتان لڌو هو
    3-9 پڇي پڇي، هرڪو واٽ لھي ٿو
    4-9 جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي
    5-9 زمانو آهي ڊکڻ، پيو ٿو ماڻھوءَ کي گهڙي ۽ ٺاهي
    6-9 گهڻي پڇ پڇ، بيزار ڪندي آهي (ابتو)
    7-9 جيترو پڇڻ، اوترو منجهڻ (ابتو)
    8-9 جيترو پڇندين، اوترو منجهندي (ابتو)
    9-9 سؤ رستا، سؤ مشڪلاتون پيش ڪن ٿا (ابتو)


    10- جستجو، لا تقنطوا (نصيحت، چوڻي)

    10- جستجو، لا تقنطوا (نصيحت، چوڻي)
    جستجو/محنت/ڳولا ڪرڻ، تمام اوکو ڪم آهي. خاص ڪري نئين ۽ اڻ ڏٺل ڏيھه/ ميدان ۾ ته اڃا اوکو آهي. توڪل جو ترهو ٻڌي/ خدا ۾ آسرو ۽ اميد رکي، محنت ڪرڻ وارا ئي ڪامياب ٿين ٿا/ منزل ماڻين ٿا. محنت ته چور جي به خدا تعالى ڪونه ٿو وڃائي. ان کي به ڀرپور موقعو ملي ٿو، جنھن ۾ هو پنھنجي خواهش/ دل تي ڪم ڪري ٿو. گند جي ڍير تان ڪاغذ ميڙيندڙ کي به محنت جو مُلھه/معاوضو/ ڦل مليو وڃي ٿو.
    تنھنڪري هر ماڻھوءَ تي واجب آهي ته اڻ ٿڪ محنت ڪري. معاوضي جي لالچ ۾ منجهي نه بيھي. محنت مان بيزار نه ٿيڻ گهرجيس. معاوضي ۽ منزل، ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جي اميد، خدا ۾ رکي. خدا ۾ اميد نه رکڻ ناشڪري آهي. ناشڪري، ڪفر آهي. نااميدي به وڏو گناهه ۽ ڪفر آهي. خدا تعالى مان نااميد نه ٿيڻ گهرجي.
    هاڻي سمجهه ۾ آيو ته ماڻھوءَ کي ٻه ڪم ڪرڻا آهن؛ هڪ محنت، ٻيو خدا ۾ اميد. کيس ٻه ڪم ناهن ڪرڻا؛ هڪ سُستي، ٻيو نااميدي.
    مطلب:
    1-10 جاسين جيءُ، تاسين سک
    2-10 تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانھي ويل ويھڻ جي


    11- ڄٽھو، نه وسھو (سنڌ، پھاڪو)

    11- ڄٽھو، نه وسھو (سنڌ، پھاڪو)
    ڄٽ؛ اڻ پڙهيو/ جاهل، هندو، مسلمانن کي ڄٽ ڪوٺيندا هيا ۽ مٿن ويسھ ڪونه ڪندا هيا.
    ڄٽ/ جاهل ماڻھو، موقعي مھل جي نزاڪت نه سمجهندو آهي. کيس پنھنجو مطلب عزيز هوندو آهي. مطلب خاطر، رشتا ناتا ٽوڙيندي دير ئي نه ڪندو آهي. هر وقت ساڻس، مصلحت آميز رويو رکڻ گهرجي.
    ڄٽھو، نه وسھو، وسھو ته مُسھو.
    ڀيٽيو: سپھو، نه وسهو.


    12- چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)

    12- چرس، بي ترس (سرو، چوڻي)
    نشيدار شيون جھڙوڪ: چرس، ڀنگ، شراب، آڦيم، ڏوڏي ۽ هيروئن وغيره واپارائڻ سان ماڻھو دنيا وما فيها کان غافل ٿيو وڃي. ان غفلت سبب، ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ جھڙا رشتا ته وسريو وڃن پر مٺڙي مالڪ ۽ پنھنجي پياري جان بابت به سُڌ نه ٿي رهي. سمجهه ۾ آيو ته نشو، انسان جو ازلي دشمن آهي.
    نشو جڏهن عادت وانگر عضوو ٿي ويندو آهي ته ان کي ڪٽي ڦٽو ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻھوءَ جي ڇا ڪيفيت هوندي؟ جان ڇڏائڻ چاهي ته ڇڏائي نه سگهي. رشتا ناتا اڳ ٽـُٽي ويس. پنھنجو پاڻ ۽ حال تباهه ٿي ويس. اهڙو ماڻھو، جڏهن ڏوٻر لاهي، عام سامھون ايندو آهي ته مٿس ڪنھن کي به ڪھل/ ترس نه ايندو آهي. جيڪو پنھنجي حالت بدلڻ لاءِ تيار ناهي، ان جي حالت ته مالڪ به نه ٿو بدلي.
    نشو، نشئيءَ کي هڏ حرام ڪريو ڇڏي. هڏ حرام ٿيڻ بعد، ماڻھو عزت ۽ غيرت کان ڪريل ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. غيرت/ عزت کان ڪريل ڪم، جيڪو ڪرائي، تنھن کان وڌيڪ ڪو دشمن نه ٿو ٿي سگهي. ان کان وڌيڪ ڪو بي رحم نه ٿو ٿي سگهي.
    جنھن شيءِ جي استعمال کان پوءِ، جان جو خيال نه رهي، ننگ ناموس جو احترام نه رهي، خد اجو خوف نه رهي. ان کان وڌيڪ ڪو ظالم/ بي ترس ٿي سگهي ٿو؟
    1-12 ڀنگئي دي جوءِ سدا سھاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي،
    ڪئفي دي جوءِ ايوين آکي؛ ”ماريا هت نه هووي.“
    2-12 ڀنگئي جي زال لاڏ ڪري، آفيمي جي روئي،
    چرسيءَ جي ائين چوي، ”ماريو هت نه هووي!“
    3-12 چرسي نه مرسي، مرسي ته ڏون ٽراءِ گهن مرسي. (ابتو)
    4-12 پيئون ٿا چرس، گهمئون ٿا عرش. (ابتو)
    5-12 نشو ٿو سُرڪي، محبوب ٿو مُرڪي،
    ملو ٿو ڪُرڪي، ڄڻ پڻس جي ٿا پيئون. (ابتو)


    13- چرسي، نه مرسي (سرائڪي، چوڻي)

    13- چرسي، نه مرسي (سرائڪي، چوڻي)
    جيڪو چرندو، سو نه مرندو.
    چَرڻ/ کاڌ خوراڪ ملڻ سان، هر شيءِ زنده رهي ٿي. ٻيءَ صورت ۾ مريو وڃي.
    - ڀيٽيو؛ چرند، نه مرند.
    غلط العام ۾، اها چوڻي، پنھنجي مطلب آهر موالي هيئن استعمال ڪندا آهن .
    چرسي، نه مرسي. (چرس پيئڻ وارو نه مرندو)
    مرسي ته ڏون ٽراءِ گهن مرسي. (مرندو ته ٻه ٽي ساڻ گهلي مرندو)
    اها ته حقيقت آهي ته چرس پيئڻ وارو، گهڻن کي گهلي مرندو. باقي رهيو سوال؛ چرس پيئڻ سان نه مرندو، سو غلط آهي. ڇو جو جيڪي چرس نه ٿا پيئن ته پوءِ انھن کي ته موالين کان اڳ مرڻ کپي. پر ائين آهي ڪو نه.
    ان جي برعڪس، چرس/ڀنگ/آفيم/هيروئن پيئڻ وارو ماڻھو، وقت کان اڳ فنا ٿيو وڃي. سندس حياتي ٿوري ٿيو وڃي. خاص ڪري شاديءَ کان پوءِ ڇھه مھينا به گارنٽي نه اٿس.
    اها موالين جي اجائي هام آهي. موالين تي ميار به ناهي. پيا ناليءَ ۾ هوندا آهن، نعرا هڻندا آهن؛ پيئون ٿا چرس گهمئون ٿا عرش.


    14- چرند، نه مرند (لاڙ، چوڻي)

    14- چرند، نه مرند (لاڙ، چوڻي)
    هر ساهدار جي زنده رهڻ جو دارومدار کاڌو کائڻ تي آهي جيڪو نه ٿو کائي سو وقت کان اڳ مريو وڃي.
    موت ۽ حياتي مقرر آهن. ائين به ناهي ته جيڪي دنيا ۾ موت ٿيا آهن، سي کاڌي نه ملڻ جي ڪري ٿيا آهن. البته گهڻو کائي، ڦاٽي مرڻ سبب به ٿيا هوندا. جڏهن ته حياتي، هڪ مقرر مدت تائين لاءِ آهي.
    کائڻ سان، نه مرڻ ڳنڍيو ويو آهي، پيئڻ سان نه. سو ڇو؟ ان لاءِ هيٺ بحث ڪجي ٿو .
    پاڻيءَ/ پيئڻ بابت چيو ويو آهي. 1- جتي پاڻي، تتي پاڻ، 2-پاڻيءَ منجهه پساهه، 3-هر ساهدار کي، پاڻيءَ منجهان زنده ڪيو ويو آهي.
    پوءِ چرند، نه مرند ڇو؟ پيئند، جيئند يا پيئند، نه مرند، ڇونه؟
    ان لاءِ به هڪ منطقي دليل آهي. لوڪ ادب ۾ هڪ ڳجهارت مشھور آهي، ”بري ٻڪري شاهه جي کائي ته جيئي، پيئي ته مري؟ ٻڌايو ڇا آهي؟“
    ان ڳجهارت جي ڀڃڻي آهي؛ باهه، باهه جو کاڄ/ کاڌو/ خوراڪ آهي ڪاٺيون/ ٻارڻ. ٻارڻ پوندس، زنده رهندي. نه پوندس ته مرندي. ان جي برعڪس، پاڻي ان جو دشمن آهي. اهو پيس ته مرندي .
    سمجهه ۾ آيو ته پيئڻ سان موت ٿي سگهي ٿو. کائڻ سان نه. هر شيءِ کي زنده رکڻ لاءِ، مقرر کاڄ جو ملڻ ضروري آهي. مضمون کي زنده رکڻ لاءِ، بحث ۽ لفظن جو ذخيرو ضروري آهي. جهيڙي کي زنده رکڻ لاءِ گار جو هجڻ ضروري آهي. ايمان کي زنده رکڻ لاءِ ڪلمي تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. انھن کي مات ڪرن لاءِ فقط پاڻي ڦيرڻ جي ضرورت آهي.
    ان کان علاوه ٻيو بحث آهي؛ چرند، نه مرند ڇو؟ چرند، جيئند ڇو نه؟
    اهو ان ڪري جو زندگي مقرر مدت لاءِ آهي. ان جو کائڻ سان تعلق ناهي. باقي مرڻ جو تعلق، نه کائڻ سان آهي. ان ڪري ائين چيو ويو آهي.
    - ڀيٽيو؛ قُوت، لا يموت.
    مطلب:
    1-14 جي لوچين، سي لھن
    2-14 جي چرن، سي نه مرن


    15- چُوڻو، نه اُوڻو (سنڌ، چوڻي)

    15- چُوڻو، نه اُوڻو (سنڌ، چوڻي)
    چرڻو؛ کاڌ خوراڪ، لوڀ طور وڌل داڻو
    اوڻو؛ اڻ پورو، کٽل
    دنيا جي تختي تي، انسان پوءِ ٿو اچي، پھرين سندس کاڌ خوراڪ جو بندوبست ٿو ٿئي. ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ آهي ته دن جي ذريعي کيس کاڌو ملي ٿو. جڏهن پيٽ مان ٻاهر اچي ٿو ته سندس اهو ذريعو ختم ٿئي ٿو. ان سان گڏ، هڪدم کيس، سندس طبيعت، مزاج آهر، ماءُ جي سيني مان به ذريعي کولي ڏنا ٿا وڃن. ٻارنھن مھينن بعد، جڏهن کانئس ٿڃ ڇڏرائي ٿي وڃي ته اهي ٻئي دروازا به بند ٿي ٿا وڃن. جڏهن ٻئي دروازا بند ٿين ٿا تڏهن مٿس سوين دروازا کلن ٿا.
    بک جي وگهئي، دنيا ۾ ڪير به نه مئو آهي. اعمالن جي شامت سبب، قحط جي صورت ۾ عذابِ الاهي نازل ٿئي، سا ٻي ڳالهه آهي باقي روزي نه ملڻ ڪري ڪير به نه مئو آهي. روزيءَ جو ذمور رزاق تي آهي. هر هڪ کي ڏئي ٿو. ڪِوِليءَ کي ڪڻ، هاٿيءَ کي مڻ. ڪير کيس رب مڃي يا نه، پر هو پنھنجي واعدي مطابق ڏئي پيو. ڏمرجي ته به ڏئي ٿو. سندس خزاني ۾ ڪائي کوٽ ناهي.
    مڙني جھانن جو خالق ۽ پالڻھار، پاڻ آهي. نه سندس ۾ ڪو عيب آهي ۽ نه ئي سندس جوڙ ۾. مخلوق کي پيدا ڪري ۽ انھن لاءِ رزق نه خلقي! اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي! ائين ممڪن ئي ناهي. انسان، بي بس آهي، پاڻ بي بس ناهي. انسان پنھنجي مھمان لاءِ هڻي ماري پورت ڪري ٿو. خدا/ مالڪ، ڪيئن نه ڪندو؟ پنھنجي بندن کي بک وگهئي موت ڪيئن ڏيندو؟ ناممڪن آهي. پاڻ اهڙي ته ڇا؟ هر نقص کان پاڪ آهي. بي عيب ذات آهي سندس خزانا ڀرپور آهن. انسانن تي ضرورت آهر کلن ٿا. هڪدم نه ٿا کلن. ضرورت آهر، انسان جي دسترس ۾ اچن ٿا. جيئن گهرج/فقط ضرورت آهي، انسان منجهانئن ڀرپور فائدو وٺي سگهي.
    مطلب:
    1-15 ٻڍي نه ٿئي ٻني، جهونو نه ٿيو سج،
    ٻنيءَ مٿان ٻچ، هاريندڙ هليا ويا.
    2-15 ڏت نه کُٽو، ڏوٿي کٽا.
    3-15 ٻڍي ٿئي نه ٻني، جهونو ٿئي نه هر
    4-15 جر ۾ مڇي جام، کائڻ وارا ٿورا
    5-15 جنھن جو رزق پريشان، تنھن جي دل پريشان
    6-15 جنھن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو
    7-15 جنھن چھنچ ڏني آهي، سو چوڻو به ڏيندو.


    16- ڏجي، نه پچارجي (نصيحت، چوڻي)

    16- ڏجي، نه پچارجي (نصيحت، چوڻي)
    الله جي نالي ڏيڻ، پاڻ تي ٿورو ڪرڻ، ائين ڪرڻ وارو، مالڪ حقيقيءَ/ جھانن جي پالڻڳار سان واپار ٿو ڪري. ايڏي وڏي ڪارساز سان ڪيل واپار ئي اصل واپار آهي. ان ۾ ئي وڏو فائدو رکيل آهي.
    جڏهن ڪارساز جي نالي تي، ڪابه شيءِ ڪنھن گهرجائوءَ کي ڏجي، ته پوءِ ساڻس پچار نه ڪجي. ڇو جو سودو مالڪ الملڪ سان آهي، گهرجائوءَ سان نه. جيڪڏهن گهرجائوءَ وٽ بدلو هجي ها ته تنھنجو ٿورو ڇو کڻي ها! توکان خيرات ڇو وٺي ها! توکان خيرات ته اڻھوند سبب ورتي هئائين. هاڻي ساڻس پچار ڪرڻ ٺھي ڪين ٿو. جنھن وٽ اڳي ئي ڪين هئي، سو هاڻي ڇا ڏيندو؟ ڪين وئي ڪين ڏي، اڳيان ڪين به ڏنس ڪين.
    جيڪو موٽائي ڏئي نه سگهي، تنھن سان پچار ڪرڻ، دل آزارڻ برابر آهي. ڪنھن جي دل آزارڻ کان بھتر آهي ته خيرات ئي نه ڪجي. ڇو جو دل آزارڻ، نه ڏيڻ کان وڌيڪ خراب آهي. نه ڏيڻ جو هڪڙو سور سھڻ جوڳو آهي، دل آزاريءَ وارو سور سھڻ جھڙو ئي ناهي.
    1-16 ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.


    17- ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)

    17- ڏنو، نه ڪنو (نصيحت، چوڻي/ پھاڪو)
    الله جي نالي تي ڏنل، رائگان نه ٿو وڃي. بشرطيڪه منجهس رياءُ/ڏيکاءُ نه ڪيو وڃي. خدا جي راهه ۾ ڏنل جي بدلي، ڏهه دنيا ستر آخرت ۾ ملن ٿا.
    ڪتابن ۾ آيو آهي ۽ بزرگن کان ٻڌيو ويو آهي ته هڪ دفعي حضرت علي رضه جن کي بي بي فاطمه سانئڻ رضي الله تعالى عنھا جن، بازار مان ڏاڙهون آڻڻ لاءِ چيو. حضرت علي رضه سائين جن بازار ويا. ڏاڙهون خريد ڪيائون. واپسيءَ تي هڪڙي گهرجائوءَ ڏاڙهونءَ جي صدا هنئي، ڏاڙهون کيس ڏئي ڇڏيائون.
    گهر پھچڻ تي بيبي سانئڻ رضه جن ڏاڙهون آڻڻ بابت پڇيو ته کين حقيقت ڪري ٻڌايائون. بي بي سانئڻ رضه جن، الله تعالى جي نالي ڏاڙهون ڏيڻ جي ڪري خوش ٿيون ۽ صبر شڪر ڪيائون.
    ڪجهه وقت کان پوءِ در تي آواز آيو. حضرت علي رضه جن ٻاهر آيا. هڪ ماڻھو ڏاڙهن جو ٽوڪرو، مٿي تي جهليو بيٺو هيو ۽ چيائين؛ ”هيءُ ڏاڙهون توهان لاءِ آيا آهن“. حضرت علي رضه جن کانئس ڏاڙھن جو ٽوڪرو وٺي ڏاڙهون ڳڻيا ته نَوَ ٿيا.
    پاڻ رضه جن ڏاڙهون آڻيندڙ کي چيو؛ ”هي ڏاڙهون ڪنھن ٻئي جا هوندا، اسان لاءِ نه هوندا. ڇو جو اسان لاءِ هجن ها ته پورا ڏهه هجن ها. خدا جو واعدو، ڏهه دنيا ستر آخرت جو آهي. پراوا ڏارھون اسان کي نه کپن.“
    ڏاڙهون آڻيندڙ، لڪايل ڏاڙهون، ٽوڪريءَ ۾ شامل ڪندي چيو؛ ”اوهان لاءِ بلڪل ڏهه مليا هيا. هڪ مون پنھنجي لاءِ لڪايو هيو.“
    1-17 ڏنو، پنڌ ڇنو.
    2-17 خدا تعالى ڪنھن جو ڏنو ضايع نه ٿو ڪري.
    3-17 ڏنو پٽ ڇٽ يجو، ٻئي ذات جا فرحتي.
    4-17 ڏهه دنيا، ستر آخرت آهي.
    5-17 ڏنو، ٻنو.
    6-17 ڏنو، ٿئي نه ڪنو. پوک ڪڻو، ٿئي گهڻو
    7-17 ڏنو، پنڌن ۾ ڇنو (ابتو)


    18- ڏُهجي، نه ڪھجي. (واپاري، پھاڪو)

    18- ڏُهجي، نه ڪھجي. (واپاري، پھاڪو)
    کير ڏيندڙ مينھن/ گانءِ مان اصل فائدو وٺڻ آهي، کيس ڏهڻ، ڏهبو رهبو ته ڏيھاڙي پيو فائدو پوندو. سال تي ڦر ڦروٽو ان کان علاوه پيو ملندو. ڏهاڙيءَ جو خرچ نڪرندو ۽ سال جي آخر ۾ درپيش وڏو خرچ، ڦر مان پيو ٿيندو.
    ان جي برعڪس، ڪھبو ته گوشت هڪ ڏينھن ۾ کائي کپائي ڇڏبو. پوءِ فقط هٿ پيا هڻبا. دڪان/ زمين به ائين آهن. محنت ڪري گهر جو خرچ ڪڍبو ته سدائين لاءِ. جيڪڏهن جهاٽڪو ڪبو ته هڪ دفعو ڪري سگهبو.
    دوست يار، مٽ مائٽ جو معاملو به ائين آهي. سپت ڪري ساڻن ڏيتي ليتي ڪبي ته سدائين پيو منجهانئن کائبو. ڪُپت يا کوٽ ڪري هڪ ئي ڏينھن، خيانت سان کين ٺڳبو ته اهو هڪ دفعو ئي ڦري سگهبو. اڳتي لاءِ، اڳلا به هوشيار ٿي ويندا. آئنده لاءِ منجهن، ٽڪي جي به اميد نه رکي سگهبي.
    سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه ڳھجي. منجهانئس ضرورت آهر، اهڙي نموني فائدو وڄجي جو کيس نقصان به نه پوي ۽ پنھنجو به ڪم ٿي وڃي.
    مطلب:
    1-18 واپار ۾ نفعو ٿورو ٿورو ڪري کائجي.
    2-18 کير ڏيندڙ گانءِ کي ڪير ذبح ڪندو؟
    3-18 ڪـُھڻ کان ڏحڻ چڱو
    4-18 ڪـُھڻ آهي هڪ دفعو، ڏهڻ آهي سدائين.
    5-18 ڪـُھبو هڪ دفعو، ڏهبو ڏهاڙي.
    6-18 ڏهبو ڏهاڙي آ، ڪُھبو هڪ ڏينھن آهي.
    7-18 چور، هڪ ڏينھن کائيندو آهي.
    8-18 سچڻ ڏئي سڄي ٻانھن، سڄي نه ڳھجي.


    19- ڊگهو، بي وقوف (سنڌ، چوڻي)

    19- ڊگهو، بي وقوف (سنڌ، چوڻي)
    جھڙيءَ طرح طاقت جو تعلق قدبت سان ناهي، تھڙيءَ طرح عقل جو به تعلق، قد ڪاٺ سان ناهي. نحيف ۽ نٻل، ڪمزور ۽ ڪوتاه قد، عقل ۾ اڪابر ٿي سگهن ٿا. طاقتور ۽ جانٺا جوان، عقل ۾ گهٽ به ٿي سگهن ٿا.
    اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڏنڊا مشٽنڊا، پيٽ خاطر مزوريون پيا ڪندا آهن. ڪمزور ۽ نحيف، هڪ ٽيليفون وسيلي، زبان ۽ حرفت، چالاڪيءَ ۽ عقل سان، ڪروڙن جا ڪاروبار پيا ڪندا آهن.
    جيڪڏهن عقل ۽ حسن جو تعلق قد-ڪاٺ سان هجي ها ته دنيا ۾ بندرن جو جيئڻ محال هجي ها. قدرت واري جي پنھنجي ورڇ آهي. هڪڙن جو جسماني قد وڏو ڪيائين ته ٻين جو عقلي قد وڏو ڪيائين. هڪڙن کي مان ڏنائين ته دولت نه ڏنائين. هڪڙن کي دولت ڏنائين ته دنيا ۾ خوار به ڪيائين.
    بھرحال اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڊگهي قد روارن کي عقل جي مار، سبيل آيل هوندي آهي. ان جي برعڪس، ڇوٽي قد وارا جيترا زمين تي نظر ايندا آهن، اوترا ئي اندر هوندا آهن. قد ۾ ڪوتاهه، عقل ۾ پُر هوندا آهن.
    مطلب:
    1-19 ڪل طويل احمق اِلا عمر رضه (عربي)
    2-19 Tallest, Foolest
    3-19 بندرو، شيطان (ابتو)
    4-19 ڇوٽا، اتنا کوٽا، لمبا اتنا بيوقوف (اردو)


    20- زاني، نه مالي (فارسي، چوڻي)

    20- زاني، نه مالي (فارسي، چوڻي)
    زانيءَ وٽ، ڪنھن به قسم جو مال نه ٿو بچي. جسماني طور ۽ مالي طرح خلاص ٿيو وڃي. زنا ڪرڻ آسان فعل ناهي. ان لاءِ پھرين ماحول سازگار ڪرڻو ٿو پوي. جيڪو مفت ۾ نه ٿو ٿئي. ان لاءِ وڏا پاپڙ ويلڻا ٿا پون. غلط/اوباش قسم جي ماڻھن سان ياري رکڻي ٿي پوي. انھن پويان ملڪيت لٽائڻي ٿي پوي. خلق خواري الڳ. اڳيان جيڪا عورت، پنھنجا ڪرم ڪٽائڻ لاءِ، پيءُ ماءُ جي ڪوڙي، مڙس جي گَهرَ جي چانئٺ لتاڙي نڪري ٿي، سا به سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ نه پر لٽڻ لاءِ نڪري ٿي .
    زانيءَ کي شڙاب ۽ جوئا جي مرحلن مان به گذرڻو پوي ٿو. زنا جو در مٿس ائين نه ٿو پٽجي. پر گهڻو ڪجهه لٽائڻ کان پوءِ پٽجي ٿو.
    پرائي ننگ ۾ نگھه وجهڻ واري جي ننگ ۾ به آخر هٿ پون ٿا. زانيءَ جو، هڪ ڏينھن اکين آڏو گهر لٽجي ٿو. سندس نفس پتو ٻڏي وڃي ٿو. زنا تي لٽائڻ بعد، آيل سڃائي کيس هڏ حرام ۽ بيغيرت بڻايو ڇڏي. تنھن ڪري کيس پنھنجي گهر لٽجڻ تي غيرت به نه ايندي آهي. حالات واقعات اهڙا ٿي پوندا اٿس جو مجبوراً کيس اکيون ٻوٽڻيون ئي پونديون آهن.
    مطلب:
    1-20 زنا، فنا
    2-20 جت زنا، ات فنا
    3-20 زاني مرد زاني عورت سان ۽ زاني عورت زاني مرد سان شادي ڪندي.


    21- سپھو، نه وسھو. (لاڙ، پھاڪو)

    21- سپھو، نه وسھو. (لاڙ، پھاڪو)
    سپ: نانگ/ بلا/سانڊو/وڇون/ پيئڻ بلا وغيره، موذي جانور آهن. نه پنھنجو گهر ٺاهيندا آهن، نه ٻئي کي سک سان سمھڻ/ ويھڻ ڏيندا آهن. پرائي ٻِر ۾ رهندا آهن. پنھنجي ٻِر نه کوٽيندا آهن. رولاڪ آهن. رلندا وتندا آهن. آئي وئي کي ڏنگڻ کان ڪين رهندا آهن. ڪک/پن/پٿر، جيڪو به سامھون آيو، ان کي سُنگهندا ضرور.
    مٿن ويسھ ڪرڻ بيعقلي آهي. نانگ جي ٻچي کي ڀلي کير پيارجي پر ڏنگيندو ضرور. جنھن مٿن ويسھه ڪيو. سو مُئو. ڇو جو وَسَ پڄندي سندن طبيعت ۾ اڻ سھڻائپ ڏاڍي آهي. وير ضرور رکن/پاڙن.
    مطلب:
    1-21 سپھو، نه وسھو، وسھو ته مسھو.
    2-21 نانگ کي کير پيارڻ مان ڇا فائدو؟
    3-21 گهڻائي مُنڊ مُنڊايا پر نانگڻ ڏنگڻ/وير نه ڇڏيو.
    4-21 سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري
    5-21 سنھا ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا،
    اُنھن سندي جهڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري. (شاهه)


    22- سڌڙيا، نه وڌڙيا (سنڌ، پھاڪو)

    22- سڌڙيا، نه وڌڙيا (سنڌ، پھاڪو)
    سڌڙيا، عشق جون سڌون ڪندڙ، ڪڏهن به نه وڌندا/ ترقي نه ڪندا.
    سڌ ڪرڻ چڱي ڳالهه آهي پر ان لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ اشد ضروري آهي. عشق جي منزل سڌون ڪرڻ سان ڪين ماڻي سگهبي.
    عشق يا محبت اهڙا جذبا آهن، جن لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لائي ميدان ۾ ڪُڏي پوڻو آهي. ان لاءِ سولايون جاچڻيون ناهن. جڏهن عشق جي درياه ۾ ٻڏڻو ئي آهي ته پوءِ سولا گهيڙ نه پڇجن. البته جتي سمجهجي ته عشق جو عميق سمنڊ اونھو آهي، اتي ئي غوطا ڏجن. اتان ئي املهه/ماڻڪ ملندا. اتي ئي منزل ملندي. مان ملندو، نام بلند ٿيندو.
    ان جي برعڪس، گيديءَ/ڊڄڻي/سڌڙيي/ڇسي کي، عشق جي هام/ڊاڙ هڻن نه گهرجي. عشق، گيدي/ڪانئرن جو ڪم ناهي. ڳڀرن/جوانن جي راند آهي. جنھن ۾ سرڌڙ جي بازي لائي، جان وڃائي دوام حاصل ٿو ڪجي. اصل حياتي ان کي ملي، جيڪو جيئڻ کان اڳ جيئي ويو.
    مطلب:
    1-22 سڌڙيا، نه وڌڙيا. عملي، اڏريا.
    2-22 سڌن جون سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ . (شاهه)
    3-22 مصيبت ۾ هجڻ، مصيبت جي ڊپ کان بھتر آهي .
    4-22 جا جر جاٽون نه ڏئي، جا ڏيئا نه موهي،
    سا سڌون ڪوه ڪري، محب ملڻ جون. (شاهه)
    5-22 عشق ناهي راند، جيئن ڳڀرو کيلين،
    سسي نيزي پاند، اڇل ته اَڌَ ٿئي. (شاهه)


    23- سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)

    23- سوالي، نه خالي .(سنڌ، چوڻي)
    جھانن جي پالڻھار، مڙني مخلوقاتن کي خلقڻ سان گڏوگڏ، سندن ضروريات جي شين کي به ضرورت آهر خلقيو آهي. هر مخلوق کي گهربل شيءِ، وقت سر هڪي حاضر مليو وڃي. البته ملڻ جو طريقه ڪار، مڙني لاءِ مختلف آهي.
    ڪن کي وڏيءَ محنت کانپوءِ، گهربل شيءِ ملي ٿي. ڪن کي دماغ لڙائڻ کان پوءِ هڙ حاصل ٿئي ٿي. ڪنھن کي اشاري سان مليو وڃي. ڪنھن کي سوال ڪرڻو پوي ٿو. ڪن کي کنگهڻ کُڙڪڻ کانپوءِ ملي.
    دنيا وارن جي در تي سوال ڪرڻ واري کي ڪڏهن دان ملي ته ڪڏهن ڇڙٻ. مالڪ مھربان جو واحد در آهي، جيڪو سدائين، هر مخلوق لاءِ بنا ڪنھن امتياز جي کليل آهي ۽ هر ڪو منجهانئس مستفيض رهيو آهي.
    عاجزي ۽ نئڙت، بندي جو ڪم آهي، خدا ان کان بي نياز آهي. خدا عاجزيءَ کان پاڪ آهي. سندس خزاني ۾، عاجزيءَ کان سواءِ، ڪنھن به شيءِ جي ڪمي/ کوٽ ناهي. نه ڏيندي ٿڪو آهي ۽ نه خزاني ۾ ڪمي آئي اٿس. ازل کان بي حساب/ بي انداز ڏيندو اچي ٿو ۽ ابد تائين ڏيندو رهندو. سندس در تان ڪوبه هٿين خالي نه موٽيو آهي. ڏمربو آهي ته به ڏيندو آهي.
    حاتم طائيءَ جي سخاوت مشھور آهي، اڄ سندس سخاوت مان ڪير به مستفيض نه ٿو ٿئي. خدا جي واحد هستي آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين آهي ۽ هر گهڙي، هر ساعت، هر مخلوق کي رزق پھچائي رهيو آهي. کانئس ئي سوال ڪرڻ گهرجي .
    مطلب:
    1-23 پوريل در نه پن متان پنئي ئي پوري نه پوئي،
    سو ئي در پِن، جِت پينارا پُر ٿين. (شاهه)
    2-23 پوريل در نه پن، متان پنئي پوري نه پوئي،
    سو ئي نالو ڳنھه، جيڪو ڏئي نه پچاري.
    3-23 رب ڏئي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي .
    4-23 ڏئي رب، دلو راءِ ڇا ڏيندو؟
    5-23 ڏئي مٿئون، ڪنھن جي هٿئون
    6-23 نه هڙئون نه هنجئون، رب جي گنجئون
    7-23 پرچي ته پل ڀري، ڏمرجي ته به ڏئي. (شاهه)
    ڀيٽيو ؛ اشتداقي، نه خالي.


    24- صوفي، لا ڪوفي (عربي، چوڻي/ پھاڪو)

    24- صوفي، لا ڪوفي (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
    صوفي؛ صوف يا اصحاب الصفہ مان نڪتل آهي. اهي اصحابي سڳورا جن پيغمبر عليہ السلام جي وقت ۾، پنھنجا مٽ عزيز، دين خاطر ڇڏي اسلام قبوليو، سي هڪ صفي ۾ رهندا هئا ۽ دين جي تعليم حاصل ڪندا هيا. تمام سادي زندگي گذاريندي، اسلام جا اصول سکي، مٿن عملن ڪندا هيا ۽ کين جياريندا هيا. انھن دين کي دنيا تي ترجيح ڏني.
    جڏهن ڪوفين / ڪوفي جا رهاڪن، خط لکي حضرت امام حسين رضه کي مدد ڪرڻ لاءِ آڇون ڏيندا رهيا. وقت اچڻ تي پاڻ ڪڍائي ويا. اڄ به جيڪو منافقانه رويو رکي يا دنيا کي دين تي ترجيح ڏئي، ان جو مثال ڪوفين سان ڏيندا آهن .
    ڀيٽيو ؛ ڪوفي، لايوفي.


    25- طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)

    25- طامع، نه قانع (سنڌ، چوڻي)
    دنيا جي طمع ۽ لالچ، حرص ۽ هوس، سَڌَ ۽ تانگهه رکڻ وارو طامع آهي. طامع جي من ۾، دنيا جي محبت جو ڀوت سوار هوندو آهي. لالچ ۽ لوڀ، حاصل ڪرڻ لاءِ هر ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪندي به دير نه ڪندو آهي .
    بڇڙائيءَ جي رستي سان آيل مال، وڏي پڪائي ڪرڻ جي باوجود، بري رستي تي بريءَ طرح/ بي تحاشا خرچ ٿي ويندو آهي ۽ وڃي ڪاريءَ وارا ڪک رهندا آهن. وڏيءَ ڪوشش/جدوجھد جي باوجود انھيءَ ڪمائيءَ تي قناعت نه ڪري سگهبي آهي.
    قناعت، محنت سان ڪمايل ڪمائيءَ تي، شڪر ۽ صبر ڪرڻ سان ڪري سگهبي آهي. لالچ ۽ حرس سان آندل شيءِ يا ملڪيت، بي برڪتي رهي ٿي. بي صبريءَ يا ناشريءَ سان جلد کپيو وڃي ٿي.
    مطلب:
    1-25 طمع، آڻي انسان لاءِ برائي ۽ بدي.
    2-25 طمع، بڇڙائي ڪري.
    3-25 طمع، بڇڙو ٽول .
    4-25 طمع، بري بلا .
    5-25 طمع ڀريوتس، ڀريو ڀرجي ڪين ڪي.
    6-25 طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
    تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
    7-25 طمع، آبرو وڃائي ٿي.
    8-25 طمع ۾ حرف ٽي، ٽئي خالي
    9-25 طمع ۽ تڪڙ، ڇا لڳي؟
    10-25 لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.


    25- قرض، بي غرض (سرو، چوڻي)

    25- قرض، بي غرض (سرو، چوڻي)
    هڪ مريد، پنھنجي مرشد کي چيو؛ ”مون کي ماڻھو، ايترو ته وڪوڙي ٿا وڃن، جو اصل عبادت لاءِ وقت ڪين ٿو بچي. انھن کان جات لاءِ ڪو رستو ٻڌايو؟!“
    ”تمام سولو آهي.“ مرشد مريد کي ٻڌايو؛ ”پاڻ وٽ آيل شاهوڪارن کان قرض طور رقم گهرو ۽ گهرجائو/ غريبن کي قرض طور رقم ڏيو“.
    مريد ائين ڪيو. وٽس ماڻھن اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. شاهوڪارن قرض گهرڻ جي ڀَوَ کان ۽ گهرجائن قرض موٽائڻ جي ڀَوَ کان.
    قرض، هرهڪ کي آدم بيزار بنايو ڇڏي. جڏهن ماڻھو، ماڻھن مان بيزار ٿي وڃي ته پوءِ کيس رشتن ناتن، مٽن مائٽن، ننڍن وڏن جو ڪوبه خيال نه ٿو رهي. انھيءَ سبب ڪري ٻين جي غرض/ ڪاڻ نه ٿو ڪڍي. نتيجي طور ٻيا به سندس ڪاڻ/ غرض نه ٿا ڪڍن ۽ بي غرض ٿيو وڃن.
    مطلب:
    1-26 قرض کڻندڙ جي، زمانو غرض نه ٿو ڪڍي.
    2-26 دولت مند اهو آهي، جنھن کي ڪوبه قرض ڏيڻو ناهي. (اٽالين)
    3-26 قرض جا ڪوٽ کني، چوٽ چاڙهيائين چلھا،
    ڄاڃي ماڃي کائي هليا، اتس آئي گلا.
    4-26 قرض کڻي ڪنگڻ نه پائجن.
    5-26 قرض ڌاران، لوڻ ۽ پاڻي به چڱا آهن.
    6-26 قرض، مرض.
    7-26 قرض، قرب جي قئنچي.
    8-26 قرض، ڪوڙهه جو ٽڪو.


    27- قوت، لا يمُوت . (عربي، چوڻي/ پھاڪو)

    27- قوت، لا يمُوت . (عربي، چوڻي/ پھاڪو)
    قُوت؛ گهربل خوراڪ/ کاڌو، جنھن کي به ملندو، تنھن تي موت نه ايندو. جڏهن گهربل کاڌو کٽندس، تڏهن ڏينھن به کٽندس.
    ڀيٽيو ؛ چرسي، نه مرسي.


    28- ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)

    28- ڪري، نه ڀري! (لاڙ، چوڻي/ پھاڪو)
    جھڙو ورتاءُ، ٻين سان ڪبو، تھڙو پاڻ سان ٿيندو. ٻين سان چڱائي ڪبي، پاڻ سان ٿيندي. ٻين کي ٺڳبو، پاڻ سان ٺڳي ٿيندي. ٻين سان جٺ ڪبي، پاڻ سان جُٺ ٿيندي.
    دنيا جو ڪُليو قانون آهي؛ هر ڪا ٻڪري پنھنجي پائي ٽنگبي. پُٽ جي قبر ۾ پيءُ نه پوندو. پيءُ جي قبر ۾ پٽ نه پوندو. هر ڪو پنھنجي قبر پاڻ ڀريندو. پيءُ ڪندو، پيءُ ڀريندو، پُٽ ڪندو، پٽ ڀريندو .
    پرائي باهه ۾ ڪير نه پوندو آهي، هرڪو پنھنجيءَ ۾ پوندو آهي. جيڪو ڏوهه ڪندو، ڏنڊ به سوئي ڀريندو. ائين به قطعي ناهي ته ڏوهه ڪري ۽ ڏنڊ نه ڀري! ظلم ڪري ۽ ڪيتو نه لوڙي! اهو ماءُ جو لال ئي ناهي، جيڪو ظلم/ زيادتي ڪري ۽ سزا نه ڀري/ لوڙي .
    مطلب:
    1-28 ڪرند، پسند. ڏيند، لھند .
    2-28 جيڪو ڪري، سو ڀري .
    3-28 جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي .
    4-28 جـَوَ پوکي، جوئر ڪين لڻبي .
    5-28 ڪانڊيرا پوکي، ڪڻڪ ڪين لڻبي .
    6-28 اتيئي ڪر، اتيئي لوڙ.


    29- ڪوفي، لا يوفي . (عربي، چوڻي)

    29- ڪوفي، لا يوفي . (عربي، چوڻي)
    ڪوفين لاءِ مشھور آهي ته لکيت ۾ واعدو ڪري، ڦري ويا. جيڪو واعدو وفا نه ڪري، تنھن مان ٻي ڪھڙي وفا ٿيندي .
    مطلب: آزمائي کي آزمائي، ڌوڙ منھن ۾ پائي .
    ڀيٽيو ؛ صوفي، لا ڪوفي.


    30- گمان، بي ايمان (لاڙ، چوڻي)

    30- گمان، بي ايمان (لاڙ، چوڻي)
    ڪڏهن ڪڏهن اصل حقيقت، ظاهر اک سان ڏسڻ کان پوءِ به نه کُلندي آهي. ان جي برعڪس، شڪ/گمان/وهم سان ته نتيجا الائي ڪيترا اگرا نڪرندا آهن. ان ڪري شڪ/گمان کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
    گمان/شڪ ڪرڻ وارو، ٻين تي اعتماد نه ڪندو آهي ۽ نتيجي طور ٻين سان ڦٽائيندو وتندو آهي. موٽ ۾ هرڪو کيس بي ايمان پيو سمجهندو آهي.
    مطلب:
    1-30 اک ڏٺيءَ ڳالهه تي به ويچارجي .
    2-30 ڪي گمان، وڏا گناهه آهن . (قرآن)
    ڀيٽيو ؛ انڌو، بي ايمان.


    31- گهوٽ، اڻ موٽ . (سنڌ، چوڻي)

    31- گهوٽ، اڻ موٽ . (سنڌ، چوڻي)
    گهوٽ اهو آهي، جيڪو منزل جي وني ماڻي. منزل کان اڳي موٽندڙ گهوٽ نه ٿيندو آهي. سوريءَ کي به سيج سمجهي مٿي چڙهندو آهي. سوريءَ/سيج تان موٽڻ، ان لاءِ مھڻو/ طعنو/تذليل هوندا آهن. مانَ لاءِ مرندا آهن. گيدين وانگر نانَ لاءِ نه وڙهندا آهن .
    مطلب: گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏهن قابو منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.

    32- مورو، نه ٿورو . (سنڌ، چوڻي)
    مورو: ضلعي نوشھرو فيروز جو مسھور تاريخي شھر، راوڙ واري قديم شاهراهه تي، درياءِ سنڌ جي کاٻي ڪپ تي، دادو شھر جي سامھون واقع آهي ۽ کيس تاريخي حيثيت حاصل آهي .
    مورو، هڪ لوڪ گيت آهي. جنھن جا ٻول آهن؛ ”مورو ناهي ٿورو، سڄڻ مورو ويٺي ڏيان“.



    ٽن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

    پھاڪو ڇاکي ٿو چئجي؟

    پھاڪو ڇاکي ٿو چئجي؟ ان کي ڪيئن پرکجي؟ هر ماڻھو اهو ڄاڻڻ ضرور چاهيندو آهي. ان لاءِ محققن هيٺيون ڪسوٽيون مقرر ڪيون آهن. جيڪڏهن پھاڪو سڏائيندڙ جملو، انھن ڪسوٽين تي پورو ٺھڪي اچي ٿو ته ان کي پھاڪو مڃبو. ٻيءَ صورت ۾ ان کي رد ڪري ڇڏبو.
    1- منجهس ڪونه ڪو نقطو سمايل هجي .
    2- مڪمل جملو هجي . (جنھن ۾ فاعل، فعل ۽ مفعول سمورا موجود هجن).
    3- عوام ۾ مقبول/معروف/مشھور هجي. (عام ماڻھو ان جو مفھوم سمجهي).
    4- روپ تمام ننڍڙو هجيس. (جهٽ ياد رکڻ جھڙو هجي)
    ننڍڙي روپ واري شيءِ، سمجهڻ/سمجهائڻ/ياد رکڻ سولي آهي. ان جي حيثيت گوليءَ واري آهي. جيڪا ڏسڻ ۾ ننڍڙي آهي پر کُلم وڏا ڪندي آهي.
    سڌريل ٻوليءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته منجهس بي انتھا پھاڪا/چوڻيون جام هجن. دنيا جي سڌريل ٻولين منجهان سنڌي ٻولي به هڪ آهي. منجهس ڪيترائي ننڍڙي روپ وارا پھاڪا/ چوڻيون آهن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪيترائي ننڍڙي روپ وارا، جامع مطلب ۽ وڏي اهميت جا حامل پھاڪا/ چوڻيون آهن. جيئن ٻن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون. هاڪاري، ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون. انھن بابت، اڳي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون. هتي فقط انھن پھاڪن/چوڻين بابت آگاهي ڏجي ٿي، جيڪي مڪمل جملو هوندي، پاڻ ۾ نقطو سمائيندي، عوام ۾ مشھور رهڻ جي باوجود، ٽن لفظن تي مشمل آهن.


    1- آپگهات، مھا پاپ (هندي، چوڻي)

    1- آپگهات، مھا پاپ (هندي، چوڻي)
    آپگهات يا خود-ڪشي ڪرڻ، هر مذهب ۾ وڏو گناهه آهي. خود-ڪشي ڪندڙ، پنھنجي سر جو به سڄڻ ناهي. جيڪو پاڻ تي رحم نه ٿو کائي. سو ٻين تي ڪھڙو رحم ڪندو؟ جڏهن پاڻ کي ماري وڌائين ته پوءِ کيس، انھيءَ گناهه کان توبھه ڪرڻ جو به موقعو نه ٿو ملي. ان ڪري هر مذهب، انھيءَ فعل کي ننديو آهي.
    - آپگهاتي، مھا پاپي .
    - آتم گهاتي، مھا پاپي.


    2- آمون، ڏهه گامون (لاڙ، زرعي، چوڻي)

    2- آمون، ڏهه گامون (لاڙ، زرعي، چوڻي)
    آمو/ انب جو وڻ، تڏهن گهڻو ڦر ڏيندو آهي، جڏهن هر وڻ هڪٻئي کان ڏهه قدم پري هوندو آهي. ويجها وڻ گهٽ ڦر ڏيندا آهن. پري وارا وڻ تعداد ۾ گهٽ هئڻ سبب، مجموعي طور تي، اپت گهٽ ڏيندا آهن. ڏهن قدمن تي رکيل وڻ، طاقتور/ ڦلائتا ۽ ڪاگر رهن ٿا. ڪم خرچ، بالانشين وانگرEconomical رهن ٿا.
    1-2 ڇڊي پوک، ٿلھا سنگ. گهاٽي پوک، سنھا سنگ.
    2-2 مفاصلو ٿورو، معاوضو گهڻو.
    3-2 وقت ٿورو، ڪم گهڻو .
    4-2 ڏينھن ننڍو، پنڌ ڊگهو .
    5-2 ڀونءِ ٿوري، ڀاڙو گهڻو .
    6-2 ڄمار ٿوري، ڌنڌو وڏو .


    3- آنڊي ۾ ٽانڊو (هندي، پھاڪو)

    3- آنڊي ۾ ٽانڊو (هندي، پھاڪو)
    پيٽ ڄڻيي اولاد لاءِ، ماءُ جا آنڊا بيقرار هوندا آهن. پٽ ڀلي نافرمان هجي پر ماءُ پيءُ مٿس ڪوسو واءُ نه سھندا. هر وقت پيا ان لاءِ ڪُڙهندا ۽ پاڻ پتوڙيندا ته جيئن کيس ڪجهه نه ٿئي .


    4- اُٺا، مڙيئي ڀلا. (ٿر، چوڻي)

    4- اُٺا، مڙيئي ڀلا. (ٿر، چوڻي)
    اُٺو؛ وسيو. مينھن جو وسڻ، ٿر وارن لاءِ مڙيئي رحمت وارو آهي. مندائتو مينھن ته ڪارائتو آهي پر اڻ مندائتو به اڪارت ناهي. اڻ مندائتي مينھن مان فصل خراب ٿيو ته ٻيءَ مند وارو فصل طاقتور ٿيندو. ان کان علاوه ٿر جي واريءَ کي سانڍڻ لاءِ پاڻ ته کپي ئي. ڇو جو پاڻيءَ کان سواءِ جياپو ڪھڙو آهي؟!


    5- اُٺي، بُھه چُٽي. (هندي، پھاڪو)

    5- اُٺي، بُھه چُٽي. (هندي، پھاڪو)
    هڪ دفعي هڪ واپاريءَ جو بھه، گدام جي ٻاهران پيل هيو، پاڻ ڪم سانگي ٻاهر ويل هيو. اتان موٽڻ وارو هيو جو برسات پئجي وئي، پوءِ بُـھ جي ڳڻتيءَ اچي ورايس، دل ۾ هورا کورا هيس؛ بُھه ڀِڄي ويو هوندو. نوڪرن گدام ۾ اندر ڪيو هوندو الائي نه! گاري جو راڳو به ڪونه ڏياريومانس!
    انھن ڳڻتين ۽ مونجهارن ۾ ڳرندو، برسات ۾ پسندو، گدام وٽ پھتو. ڏٺائين ته بُھُه اڃا ٻاهر پيو آهي. پر مٿس مينھن جو پاڻي نظر نه آيس. حيرت منجهان نوڪر کان پڇيائين؛ ”برسات اُٺي ته بُھه تي نه پئي ڇا؟“
    ”برسات ته بُهَه تي به پئي هئي پر .....“ نوڪرن ٻڌايس، ”اُٺي، بُھهَ چٺي“
    مطلب:
    1-5 برسات پيئي، بُھه چُھي ويو.
    2-5 ٿر ۾ جيتري برسات پوي، واري ڇُھيو وڃي.


    6- اسي، مت کسي (ساهتي، چوڻي)

    6- اسي، مت کسي (ساهتي، چوڻي)
    جڏهن ماڻھوءَ جي عمر چاليھه ٿيندي آهي ته سندس عقل مڪمل ٿيندو آهي. جڏهن ستر کان ٽپي هلندو آهي ته عقل ۾ ڪـَتر پوندي اٿس. اهڙيءَ طرح جڏهن عمر اسي سال ٿيندس ته عقل پوريءَ طرح کسجي ويندو اٿس.
    - عمر چاليھه، عقل پوي ٿالھيءَ .
    - عمر ٻاهتر، پوي عقل ۾ ڪتر.


    7- اصفھان، نصف جھان (فارسي، چوڻي)

    7- اصفھان، نصف جھان (فارسي، چوڻي)
    اصفھان، ايران جو مشھور شھر، جيڪو پنھنجي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيڻ بعد ترقي ڪرن لڳو. انھيءَ ترقي ڌاران، دنيا ۾ مشھور بڻجي ويو. انڳيءَ جي حيثيت، گهمڻ وارن/ سياحن جي نظر ۾ اڌ جھان گهمڻ جيتري آهي.


    8- اڳي، سو تڳي (سرو، چوڻي/ پھاڪو)

    8- اڳي، سو تڳي (سرو، چوڻي/ پھاڪو)
    جيڪي، جنھن معاملي ۾ اڳي پھتا، تن ان مان ڀرپور فائدو ورتو. نام به ڪمايائون، دام به ڪمايائون، جيڪي پوءِ ۾ پھتا، تن کي اوترو فائدو نه پھتو.
    - اڳي پاڻي، پوين چڪ .


    9- انڌي، ملتان لڌو (سنڌ پھاڪو)

    9- انڌي، ملتان لڌو (سنڌ پھاڪو)
    پڇي پڇي، انڌو به واٽ لھي ٿو. ايستائين جو پڇائيندي پڇائيندي، هڪڙي انڌي ته وڃي ملتان به لڌو.
    دنيا جي تختي تي، ڪوبه ماءُ جي پيٽان سکي نه آيو آهي. سڀڪو ٻين کي ڏسي يا کانئن پڇي/ سمجهي، پنھنجي عقل جي گهوڙي کي ڊوڙائيندو، اڳتي ترقي ڪري ٿو. جيڪو جستوجو ڪري ٿو، سو منزل کي پھچي ٿو. پوءِ ڀلي انڌي وانگر معذور ڇونه هجي .
    - ٻڌي ٻڌي، انڌو به وا وٺي ٿو .
    - پڇڻا، نه منجهڻا.


    -10 انسان، اکر بس (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)

    -10 انسان، اکر بس (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
    انسان اهو آهي، جيڪو اکر وارو هجي. واعدو ڪري ته نڀائي. ڳالهه ڪري ته تڪي توري ۽ پٿر تي ليڪ. زبان تان ڦري نه. جيڪڏهن ٿورو به ٿڙي ته هڪ اکر سان راهه راست تي اچي وڃي. ان جي برعڪس، جو اشارو ئي نه سمجهي، سو انسان ئي ناهي.
    - انسان لاءِ اکر/اشارو ڪافي آهي.
    - ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.


    11- انسان، اونڌي کوپري (ساهتي، چوڻي)

    11- انسان، اونڌي کوپري (ساهتي، چوڻي)
    انسان، مٽيءَ مان ٺھيل آهي. ٿورو مال ملڪيت هٿ ايندس ته پيو ڦڙڪيون هڻندو. ٻئي تي مُڇَ ئي نه ڇنڊيندو. پنھنجي اوقات وسري ويندس. حالانڪ وٽس نه دولت پنھنجي ذاتي آهي ۽نه عقل. نه عمر پنھنجي ذاتي اٿس، نه سرير. سڀ کيس عطا ٿيل آهي. پوءِ ڇا تي ٿو بانور ڪري؟ کانئس اهي سموريون نعمتون، هڪ ڏينھن کسيون وينديون.
    - انسان، نسيان.
    - بندو، ڀلو پيو اهي.
    - بندو، بي ايمان.
    - انسان ڀُلن جو آستان .


    12- ايمان، آهي مھمان (سنڌ، چوڻي)

    12- ايمان، آهي مھمان (سنڌ، چوڻي)
    ايمان ۽ مھمان، ٻئي هڪجھڙا آهن. ٻئي وڏ ڀاڳين وٽ ايندا/ ٽڪندا آهن. جيڪو خاطر تواضع نه ڪندن، تنھن کان رُسي ويندا آهن. هڪ دفعو جنھن کان رُسي ويا، تنھن جي در تي ٻيھر نه ايندا آهن .
    پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي به، ٻنھي کي خوش رکجي. ايمان کانسواءِ ماڻھو ڪنھن ڪم جو ڪونھي. جنھن جي در تي ڪوبه مھمان لڙي نه اچي، اهو انسان ئي ناهي.
    - ايمان کانسواءِ انسان، پاڻيءَ کانسواءِ سلو.


    13- بڊو، اکين ڪڍو (هندي، چوڻي)

    13- بڊو، اکين ڪڍو (هندي، چوڻي)
    هندي ڇھون مھينو، جيڪو آگسٽ ڌاري ايندو آهي. منجهس گرمي ۽ گهٽ ٿئي ٿي، جنھن سبب اکين تي به اثر پون ٿا.
    - بڊو آهي روپ وارو مھينو.
    - بڊو، بدڪاريءَ جي سٿڻ.
    - بڊو، بڊ بلاءِ، تنھن کان ساوڻ ڀلو.
    - بڊو پنو، ٻانڀڻ چاڙهيو ڪنو.
    - بڊو پنو، ڪانون رنو.


    14- بڊو، بکن ڪڍو (هوندي، چوڻي)

    14- بڊو، بکن ڪڍو (هوندي، چوڻي)
    بڊي جي مھيني ۾ ڪي گاه وغيره به نه ٿين. جنھن ڪري مال متاع بک مري ٿو ۽ کير به سڪائي وڃي ٿو. مٿان وري ٻانڀڻ، ڪانون وغيره لاءِ شيراڌن ڪڍائين، جنھن سببان گهر ڌڻين جو خرچ به وڌيو وڃي. نتيجي طور پڪائي/ڪنجو سائپ ڪرڻي ٿي پوي.


    15- بڊو، ڏيڻين ڍڍو (هندي، ٿر، چوڻي)

    15- بڊو، ڏيڻين ڍڍو (هندي، ٿر، چوڻي)
    بڊي جي مھيني ۾ هڪ ته گاه نه ٿين ٻيو چوماسي جي هوائن سبب تراي/ٽوڀن جو پاڻي به سُڪي وڃي، جنھن سبب مارو ماڻھو، مال متاع سميت اڃ ۽ بک مرن. ٿرين جو گذران ٿڻ تي آهي. کير گيھه نه ٿئي ته پوءِ ان ڪٿان وٺي کائين؟! جنھن ڪري کين ڍوڍي ڳڀو به نه ملندو آهي.


    16- بيٺل پاڻي، ٻوڙي (سرو، پھاڪو)

    16- بيٺل پاڻي، ٻوڙي (سرو، پھاڪو)
    وهندڙ پاڻي، هر شيءِ کي ڦيرائي، ڪناري تي سٽيندو آهي. جڏهن ته بيٺل پاڻيءَ جو داٻ Static Pressure گهٽ هئڻ سبب، منجهس پيل شئ جي ترڻ جي سگهه Buoyancy گهٽجي ويندي آهي. نتيجي طور، ٿوري وزن واري شيءِ به منجهس ٻڏي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح گهٽ ڳالھائو ماڻھوءَ کان به خيال ڪجي. منجهانئس ڪافي نقصان رسي سگهي ٿو.
    - گونگو پاڻي، ٻوڙي (ساهتي)


    17- بيک کي ٽيڪ (ساهتي، پھاڪو)

    17- بيک کي ٽيڪ (ساهتي، پھاڪو)
    بيک: مڪر ڪرڻ واري جي پاسخاطري ٿئي ٿي. جنھن جي پاسخاطري ٿيندي آهي، سو ئي بيک ڪندو آهي. جنھن کي ٽيڪ هوندي، سو ئي بيک ڪندو آهي. يا جنھن کي بيک ڏانءُ ايندا آهن، تنھن کي ئي پاسخاطريءَ جي ٽيڪ نصيب ٿيندي آهي. بيکر ماڻھوءَ کان ڀؤ ڪجي.
    عورت، بيک/مڪر کي هٿيار طور استعمال ڪندي آهي. سندس مڪر کي عظيم مڪر سڏيو ويو آهي. نه ڄاڻي ته به اٺ مڪرن جو ڄاڻي. اهو ئي سبب آهي جو هر معاملي ۾، مرد سندس ئي طرف کڻندو آهي.


    18- بي وڙو، لوڪ تڙيو (سرو، چوڻي)

    18- بي وڙو، لوڪ تڙيو (سرو، چوڻي)
    جيڪو ٻين سان سٺي وڙ/ اخلاق سان پيش نه ٿو اچي، تنھن کي ٻيا به ٿوڪاري ڦٽو ٿا ڪن. وڙ/ چڱائي ڪرڻ، اهل دل ماڻھن جو ڪم آهي. اهل دل، دل تي جبر ڪري، برائي ڪرڻ وارن سان چڱائي ڪن ٿا ۽ دشمنن جي دلين ۾ به جاءِ بنائي وٺن ٿا. ان جي برعڪس بي دل/بزدل/ڪانئر/مطلب پرست ماڻھو، پنھنجي لالچ/ هوس سبب، دوستن کي به دشمن بنايو ڇڏين ۽ آخر ڪتي وارو موت مريو وڃي .


    19- ٻار، ٻاڪرو ڦر (ساهتي، چوڻي)

    19- ٻار، ٻاڪرو ڦر (ساهتي، چوڻي)
    ٻار ۽ ٻاڪرو ڦر، حڪرتن ۾ هڪجھڙا آهن. ٺينگ ٽپا ڏيڻ، وڻن/ ڀتين تي نرا ڏئي چڙهڻ، هر شيءِ ۾ هٿ/ وات وجهي ٽٽولڻ، ٻنھي جي عادت آهي. انگريزيءَ ۾ ٻنھي کي Kid سڏيو ويندو آهي. ٻنھي کي ڇڏي ڏجي ته چرندا وتن. تڏهن ساڳائيندا. مٿن نظر رکڻ سان، ڪين وڌندا، پوءِ ڀلي ڪيڏو به چارجين.
    - ٻاڪرو ڦر ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار.
    - ٻار ۽ ٻاڪرو ڦر، ڪنھن جي به جهل پل ۾ نه ايندا آهن.


    20- ٻه ته ٻارنھن (سنڌ، پھاڪو)

    20- ٻه ته ٻارنھن (سنڌ، پھاڪو)
    اڪيلو ماڻھو، بي بس/ ڪنھن نه ڪم جو نه ڪار جو. بھشت ۾ به بيزار. ٻه ڄڻا ملن ته ڪم جو اڪلاءُ ٿئي/ ترقي ٿئي/ واڌ ويجهه ٿئي/ زندگيءَ ۾ رواني اچي. ٻنھي گڏ ٿيلن جي حيثيت، ٻارنھن ڄڻن واري آهي.
    - گهڻن کنئي، ڇپر کڄي.
    - گهڻا، ڄڻ پٽ الک جا. (هندي)
    - گهڻن سان خد اجي مدد به شامل هوندي آهي.


    21- ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو (هندي، چوڻي)

    21- ٻڍاپو، ٻيو ٻالپو (هندي، چوڻي)
    ننڍڙو ٻار ڄمڻ وقت، معذور، ڪمزور، بي بس ۽ ٻين جو محتاج هوندو آهي. خاص طور تي ماءُ جو. اهڙيءَ طرح ڪراڙو ماڻھو به ضعف. ڪمزوريءَ ۽ بي بسيءَ سبب ٻين جو محتاج هوندو آهي. خاص طور تي زال جو شيڪسپيئر به زندگيءَ کي ستن طبقن ۾ ورهائيندي ٻڍاپي کي ٻيو ٻالپو سڏيو آهي.
    - ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار .
    - ننڍڙي نه مري مايڙي، ٻڍي نه مري جوءِ .


    22- ڀاڻ، سدا جواڻ (زرعي، چوڻي)

    22- ڀاڻ، سدا جواڻ (زرعي، چوڻي)
    فصل کڻن کان پوءِ، زمين ساڻي ٿيو پوي. ان کي سگهارو ۽ استعداد لائق بنائڻ لاءِ، سندس سيوا ضروري آهي. جنھن لاءِ هر ڏيڻ/ سانھر گهمائڻ/ ريج ڪرڻ ۽ ڀاڻ ڏيڻ ضروري آهي. ماهيي/ وٿاڻ جي ڀاڻ تي زمين جي ڄڻ جواني ٻيھر نکري اچي ٿي. جيئن جوانيءَ جو اولاد طاقت وارو/ مضبوط هڏن سان ڄمندو آهي، تيئن ڀاڻ پيل زمين جو فصل به طاقت وارو ۽ سڦلائتو رهندو آهي.


    23- ڀائرن ڀاڱا لھڻا (ساهتي، چوڻي)

    23- ڀائرن ڀاڱا لھڻا (ساهتي، چوڻي)
    ڀاءُ، هونئن ته سر قربان ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو آهي، پر پنھنجي ڀائيواريءَ جي حصي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ماءُ پيءُ جي طرفان ڇڏيل ملڪيت جو جوڳو حصو وٺڻ لاءِ هر وقت ڏنڊو کنيو پيو ڦرندو آهي. ننڍ وڏائيءَ جو به خيال نه ڪندو آهي.
    سمجهه ۾ آيو ته حق، ڀاءُ به ڇڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻيا ڪيئن ڇڏيندا؟ ڀائيواري ڪرڻ سولي، نڀائڻ اولي. ڀائيواريءَ جا معاملا وڏي احتياط سان نڀندا آهن. جاني به جدا فدا ٿي ويندا آهن.
    - اشتراڪيت جي ديڳ ڌڻي تپائي .
    - ڀائيواري، ڀاءُ/ زال سان به چڱي ناهي.
    - ڀائيوارن ڀاڱا لھڻا، توڙ يهجن اڏ جا ڪانا.
    - ٻه ڀائر، ٽيون ليکو .
    ڀيٽيو ؛ پيءُ پٽ، ليکو .


    24- ڀڳين، ڪھڙا سيڻ؟ (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)

    24- ڀڳين، ڪھڙا سيڻ؟ (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
    جيڪا عورت، مٽن مائٽن جي مرضيءَ خلاف، ڪنھنس ان ڀڄي نڪتي، ان جو ڪنھن سان به رشتو قائم نه ٿو رهي. جنھن رت جو رشتو ٽوڙيو، ان لاءِ دنيا ۾ باقي رشتا نه ٿا جڙيا رهن. انھيءَ سبب جي ڪري، پاڻ ته سڄي زندگي عذاب ۾ گذاري ٿي، پر سندس اولاد به سک سان نه ٿو رهي. انھن سان به ڪير رشتو نه ٿو ڳنڍي. جنھن عورت جي گهر ۾ ننھن/ نياڻو نه آيا، تنھن وٽ ڪھڙا سيڻ ايندا؟ ڀڳل عورت جا سيڻ نه هوندا آهن. جيڪڏهن هوندا ته پوءِ اهي به اهڙا ئي هوندا.
    - ڀڳل ٻانھن جا، نه ساهرا نه پيڪا.
    - ڀڳيءَ تي ڀئي نه هوندي آهي.
    - ميھار مينھن مان نڪتو، وڇن ڪھڙي پارت .


    25- تڪبر، ڪنڌ ڀر (نصيحت، چوڻي)

    25- تڪبر، ڪنڌ ڀر (نصيحت، چوڻي)
    تڪبر، آڪڙ/ غرور/ هٺ/ وڏائي انسان کي نه ٿي سونھي. وڏائي، خدا جي چادر آهي، ان کان علاوه ٻيو ڪير اها چادر اوڍيندو ته ڄڻ ساڻس همسري ڪرڻ ٿو چاهي. خدا تعالى وڏائي/ همسري ڪرڻ واري کي پسند نه ٿو فرمائي. جيڪڏهن ڪنھن وڏائي ڪئي ته کيس هن دنيا جي ته ندامت ڪرمن ۾ آهي پر آخرت جي خواري به کڻني پوندس.
    - هٺ جو گهر، هيٺ .
    - نمي نھار جي، کمي کائجي .


    26- تندرستي، هزار نعمت (فارسي، پھاڪو)

    26- تندرستي، هزار نعمت (فارسي، پھاڪو)
    ٿورو/ احسان ذري پرزي جو به سڃاڻڻ گهرجي. پرائو ٿورڙو/ ننڍڙو احسان ياد به رکڻ گهرجي ۽ لاهڻ جي به ڪوشش ڪجي ته بھتر آهي. جنھن وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺجي، ان جو به خير گهرجي. ان سان به چڱائي ڪجي. ان کي ڀاڻ نه ڏجي ته کيس پاڙان به نه وڍجي.


    27- ٿورو سڃاڻڻ گهرجي (ساهتي، چوڻي)

    27- ٿورو سڃاڻڻ گهرجي (ساهتي، چوڻي)
    ٿورو/ احسان ذري پرزي جو به سڃاڻڻ گهرجي. پرائو ٿورڙو/ ننڍڙو احسان ياد به رکڻ گهرجي ۽ لاهڻ جي ڪوشش ڪجي ته بھتر آهي. جنھن وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺجي، ان جو به خير گهرجي. ان سان به چڱائي ڪجي. ان کي ڀاڻ نه ڏجي ته کيس پاڙان به نه وڍجي.


    28- پڇن، سي پسن (سرو، چوڻي)

    28- پڇن، سي پسن (سرو، چوڻي)
    منزل تي رسڻ لاءِ، رستن بابت پڇائون ڪرڻ وارو ئي، ڪاميابي ماڻي ٿو. جيڪو هَٿُ هَٿَ تي رکي ويھي رهي ٿو ۽ پڇا ڪرڻ واري تڪليف به نه ٿو ڪري، سو ڪڏهن به منزل کي اکين سان نه ٿو پسي. عشق جي منزل به ان کي راس اچي ٿي، جيڪو توڪل جو طرهو ٻڌي، بنا حجاب جي منزل بابت پڇائون ڪري ٿو .


    29- پڇن، سي وير (سرو، چوڻي)

    29- پڇن، سي وير (سرو، چوڻي)
    محبوب جي حال بابت، اهو پڇندو، جيڪو دلير/ بھادر هوندو. سر تريءَ تي رکي، عشق جي منزل لاءِ پنڌ ڪندڙ دلير ئي منزل رسيد ٿيندا آهن. محبوب جو جلوو، اهي ئي پسندا آهن. محبوب جي ناموس کي برقرار رکڻ وارا، اهي ئي پڇائو ڪندڙ وير/ عاشق هوندا آهن.


    30- پدرم، سلطان بود (فارسي، پھاڪو)

    30- پدرم، سلطان بود (فارسي، پھاڪو)
    جيڪو وڏن جي ڪئي ڪمائيءَ تي ٽَـڏَي ۽ پاڻ ڪجهه به نه ڪري، اهڙي ماڻھوءَ لاءِ ٽوڪ طور ائين چيو ويندو آهي.


    31-پنجن ۾ پرميشور (هندي، پھاڪو)

    31-پنجن ۾ پرميشور (هندي، پھاڪو)
    پنج: پنچ/ پئنچ گڏجي ڪنھن معاملي تي صلاح مشورو ڪن ته ان ۾ ئي خير برڪت هوندي آهي. خدا تعالى وڏن جي صلاح مشوري ۾ ئي، مصلحت رکي آهي. ننڍا ڀلي ڪيڏا نه پڙهيل ۽ هوشيار ڇونه هجن، وڏڙا ڀلي ڪيڏا اياڻا/اڻ پڙهيا ۽ اٻوجهه ڇونه هجن پر وري به ننڍن کي وڏن جو ادب ڪرڻ لاءِ حڪم آيل آهي. انھيءَ ۾ ئي حڪمت آهي، مصلحت آهي. برڪت آهي، پنھنجي پر ڪرڻ ۾ ڪا مصلحت/ چڱائي ڪانھي .
    - پئنچن ۾ پرميشور .


    32- پوهه، کلن کوهه (هندي، چوڻي)

    32- پوهه، کلن کوهه (هندي، چوڻي)
    هندي ڏهون مھينو، ڊسمبر ۽ جنوريءَ ڌاران اچي. منجهس سيءَ/پارا جام پون. ڪم ڪار واري ماڻھوءَ جا هٿ، پاري ۾ کلن سميت کوهجي پون. کوهه مان مراد، کوهجڻ آهن. مطلب گهڻي سرديءَ/ پاري سبب چمڙي کوهجي/ ٽرڙ ٿي وڃي ٿي .


    33- پوهه، لاڻا لوهه (ٿر، چوڻي)

    33- پوهه، لاڻا لوهه (ٿر، چوڻي)
    پوهه جي مھيني ۾ اڏي ته ٿڌ ۽ پارا پوندا آهن جو گاهه به سڪي سڙي ويندا آهن. هر شيءِ لوهه/ سُڪَ ٿيو وڃي. اٺ جي کائڻ جو گاهه آهي لاڻو، جيڪو لوهه وانگر سخت/ بيڪار ٿيو وڃي. مطلب ته پوهه مھيني ۾ سخت سيءَ/ پارا پوندا آهن .
    - پوه نه ڳڌئي ٻڪري، مانگهه ڳڌئي نه ڏاند.
    - پڇي وت ڪريندو ٻڪري تي وت ڪريندو ڏاند.
    - پوهن رڌي، مانگهن کاڌي .
    - پوه، هڪ کاءُ ٻي جهوءِ .


    34- پھريون ملھه، کستوري (واپاري، چوڻي/پھاڪو)

    34- پھريون ملھه، کستوري (واپاري، چوڻي/پھاڪو)
    واپاري دنيا ۾ هر شيءِ جو ملهه اهو آهي، جيڪو پھرينءَ سٽ ڪٿيو وڃي. اٿندي ئي جيڪو اگهه پوي ٿو، ان کان گهٽ ڪڏهن به نه ٿو ٿئي. سٺو اگهه آهي ته آخر تائين برقرار رهندو. خراب اگهه ڪيائين ته آخر تائين ڪونه چڙهندو. مارڪيٽ ۾ شيءِ آڻڻ يا Introduce ڪرڻ کان اڳي، ان تي تحقيق ڪجي. بعد ۾ مارڪيٽ ۾ آڻجي.
    - پھرين ڌيءَ، پٽ برابر .
    - پاڇاٽي پٽ کان، آڳاٽي ڌيءَ ڀلي .
    - ور ته پھريون ور، ٻيو آهي ڪارنھن جو ٺِڪر .


    35- پسئو، پرين آهي (ساهتي، چوڻي)

    35- پسئو، پرين آهي (ساهتي، چوڻي)
    پئسي ۽ پرينءَ کي ڪير به پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. نه ئي وري مٿن ٻئي جي نگهه برداشت ڪرن لاءِ تيار هوندو آهي. هرڪو کين سانڍڻ لاءِ وس ڪندو آهي. پئسي کي ته وڌائڻ لاءِ رات ڏينھن ڪوشش به ڪندو آهي .


    36- پيءُ پٽ، ليکو (ساهتي، چوڻي)

    36- پيءُ پٽ، ليکو (ساهتي، چوڻي)
    دوستي/ياري/ مٽي تڏهن برقرار رهنديون، جڏهن آداب مِلحوظ رکندي، ڪس ڪسر کائيندي، ليکو/حساب ڪتاب سڌو رکبو. جيڪڏهن ليکي ۾ ٿورو به رولو/ ڦير ڦار هوندو ته سنگت/ مٽي مائٽيءَ ۾ ڦوٽ/ڏار پئجي ويندي. حساب ڪتاب سڌو هوندو ته پراوا به پنھنجا ٿي پوندا. حساب ڪتاب ٽيڙو هوندو ته ڀائر به کنا کيڙا ٿي ويندا. ايستائين جو پيءُ ماءُ کي به پتي تي نه پئبو. پيءُ ماءُ کي به اهو پٽ وڻندو، جيڪو ڀلي ڪاڻو هجي پر کاٽو هجي .
    - ٻه ڀائر، ٽيون ليکو .
    - ليکو آ چوکو، چوکو آ پريت .


    37- جاڳ، لڳئي ڀاڳ (سرو، چوڻي)

    37- جاڳ، لڳئي ڀاڳ (سرو، چوڻي)
    ڀاڳ جو تعلق نه حسن سان، نه محنت سان، نه قد ڪاٺ سان، نه ذات پات سان آهي. ان جو تعلق قسمت سان آهي. قسمت ان جي ڀلي ٿيندي، جيڪو محنت ڪندو. هٿُ هٿَ تي رکي ويھڻ واري جو ڀاڳ به سمھي پوي ٿو. خدا تعالى به ڪنھن قوم جي حالت تيستائين نه ٿو بدلائي، جيستائين اها قوم پنھنجي حالت نه ٿي بدلي. تبديلي چاهڻ واري کي، سجاڳي اچڻ کان پوءِ ئي ڀاڳ لڳندو آهي .
    - ڌن/ ڀاڳ آهي ڇتو ڪتو، جنھن کي کائي .
    - جاڳندن وڇون، ستن ڪوهان .
    - اشتداقي، نه خالي .
    - صبح جي ناري، نه ڏيندءِ ڏک نه بيماري .
    - آڻ هزاري، چڙهي ڪيون هسواري .


    38- جان ته جھان (طبي، چوڻي)

    38- جان ته جھان (طبي، چوڻي)
    هن جھان جو هجڻ، ڪنھن جي به جان هجڻ سان منسلڪ ناهي. هرهڪ جان جو تعلق، هن دنيا سان ضرور آهي. جھان جي هجڻ سان، جان جي حيثيت آهي. ٻيءَ صورت ۾ جڏهن ماڻھو جيئرو آهي ته جھان به آهي. مئي پڄاڻا، مري وئي سڄي دنيا.
    - مئي پڄاڻان، سج اڀري نه اڀري .
    - مئي پڄاڻان سج اڀري نه ته ٻي جهاني .


    39- جان ته جوان (طبي، چوڻي)

    39- جان ته جوان (طبي، چوڻي)
    جان/سرير/ جسم هجي ته سگهو/ جوان هجي. ڪراڙي/ ٻڍي سرير مان ڪھڙو فائدو؟ نه پنھنجي ڪم اچي سگهي، نه ٻين جي. هٿائين ٻين جو محتاج رهي ٿو. ٻين جو محتاج رهڻ به آهي ٻين کي بت مان بيزار ڪرڻ. جنھن سرير مان سڀڪو بيزار هجي. ان مان ڪھڙو فائدو ؟


    40- ڄاڻ ته جواڻ (طبي، چوڻي)

    40- ڄاڻ ته جواڻ (طبي، چوڻي)
    طب جي دنيا ۾ جاڻ جي لاءِ چيو ويو آهي ته طاقت/ گرمي بخشي ٿي. جنھن سان جوانيءَ وارا مزا ماڻي سگهجن ٿا. جاڻ سرديءَ ۾ واپرائي ويندي آهي. جواني ۽ تازگي واپس اچيو وڃي.
    - سرير سگهو، سنسار سگهو .


    41- جڙيءَ کي جس (سنڌي، پھاڪو)

    41- جڙيءَ کي جس (سنڌي، پھاڪو)
    دنيا جي تختي تي، هر انسان آيو ته اڪيلو ۽ هٿين خالي آهي پر کيس رهڻو ٻين سان گڏجي ۽ ڀريل هٿن سان آهي. هر ڏکئي وقت ۾ صبر ڪري، ٻين سان ٺھي هلڻ، چڱو ڪم ته آهي پر ڏکيو به ڏاڍو آهي. اهڙو ڏکيو ڪم ڪرڻ واري ماڻھوءَ کي جس/ شابس هئڻ گهرجي .


    42- جگر، نيٺ جگر (سرو، چوڻي)

    42- جگر، نيٺ جگر (سرو، چوڻي)
    جگر ؛ مٽ/ عزيز/ رت جو رشتيدار، ڪڏهن به بي وفا نه ٿيندو. وقتي ناراض ٿيندو پر پاسو نه ڇڏيندو. ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ چنبڙيو ضرور ايندو. ڌارئي وانگر ڌڪ هنيو، دور نه هليو ويندو. ڪٿي به هوندو، هر وقت پيو ياد ڪندو/ رهندو. ماريندو ته به ڇانءَ ۾ رکندو، اس ۾ نه اڇليندو.
    - پنھنجو ماري ته به ڇانءَ ۾ اڇلي .
    - پنھنجو آخر وري به پنھنجو آهي .
    ڀيٽيو : ڌاري، وجهي گهاري .


    43- جماعت ۾ ڪرامت (لاڙ، چوڻي)

    43- جماعت ۾ ڪرامت (لاڙ، چوڻي)
    اڪيلو ماڻھو، شيطان جو گهر آهي. پنھنجي اڪيلي/ نويڪلي جھنم ۾ ٿو رهي. جنت کان دور، ذهني طرح بي سڪون رهي ٿو. ان جي برعڪس گڏجي رهڻ واري کي آٿت ملي ٿو. ذهني سڪون رهيس ٿو. غم ورهائجي وڃنس ٿا. ڪم سؤلا ٿي پونس ٿا. ٻين کي ڪم اچڻ جي ڪري، مالڪ مٿس مھربان ٿيو پوي. جيئري جنت مليس ٿي. اڻ ٿيڻا ڪم ٿي پونس ٿا. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ڪرامت ؟
    - اڪيلو چڻو، ڪھڙا بٺ ڀريندو .
    - اڪيلو ماڻھو، جنت ۾ بيزار .
    - جيڪڏهن چاهين ته ڪامياب ٿيان ته جماعت سان همرنگ ٿي .


    44- جواريءَ، ميٺي هار (سرو، پھاڪو)

    44- جواريءَ، ميٺي هار (سرو، پھاڪو)
    جواريءَ کي جوئا تي اڪسائڻ ۾، وڏي ۾ وڏو هٿ کَٽَ جو آهي. کٽي نه ته کيڏي ڇو؟ کٽندو تڏهن، جڏهن اڳلو هارائيندو! اڳلو به ڪنھن اميد تي هارائيندو آهي. اميد اها ته؛ مور به موٽائيندس ۽ ٻيڻا ڪري کٽندس به ٻيڻا ڪري کٽڻ جي خوشيءَ/ جواز تحت، هارائڻ کيس مٺو لڳندو آهي. جيئن شڪاري پکي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙڪيءَ ۾ داڻو ڇٽيندو آهي، تيئن هارائيندڙ جواري به هار کي چُوڻي طور سمجهندو آهي .
    - جواري کٽيندو ڀلو .
    - هارڻ وار يجو اڌ منھن ڪارو، کٽڻ واري جو سڄو .


    45- جواهر پرکي جوهري (سنڌ، پھاڪو)

    45- جواهر پرکي جوهري (سنڌ، پھاڪو)
    شيءِ جو قدر، قدران ئي ڄاڻندو آهي، يا اهو ڄاڻي سگهندو، جنھن منجهانئس جوڳو فائدو ورتو هوندو. جنھن فائدو/ مزو ورتو ئي ناهي، ان کي ڪھڙو قدر/ ڪھڪاءُ. ڪسوٽي رکندڙ ئي ڪسوٽي هني سون/ روپي/ چانديءَ/ موتيءَ جو مُلهه ڪٿي سگهندو آهي .
    - شيشه گر ڇا ڄاڻي قدر جواهر جو .
    - عالم جو قدر عالم يا طالب العلم ڄاڻي .
    - جواهر پرکي جوهري، ٻيو پرکي پاتشاه (هندي)
    - جواهر پرکي جوهري، ٻئي جي ڇا مجال؟ (ساهتي)


    46- جوڳي رمتا ڀلا (هندي، پھاڪو)

    46- جوڳي رمتا ڀلا (هندي، پھاڪو)
    صاف شفاف پاڻي، جيڪو گهڻين ئي شين جي گندگيءَ کي ڌوئي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي، سو به بيٺي ڌپ ڪري ويندو آهي. جوڳي/ ساڌو/ فقير/ درويش به تڏهن ڀلو/ فائديمند لڳندو آهي، جڏهن هلندو رهي. هڪ هنڌ ٽڪي نه بيھي. جيڪڏهن هڪ هنڌ اٽڪي بيھي رهيو ته بيٺل پاڻيءَ وانگر ڌپ ڪري ويندو. منجهانئس درويشيءَ واري خوشبوءِ/ صفت ويندي رهندي.
    - پاني بھتا ڀلا، ساڌو رمتا ڀلا .


    47- جيسوءَ کي تيسو (هندي، چوڻي/ پھاڪو)

    47- جيسوءَ کي تيسو (هندي، چوڻي/ پھاڪو)
    دنيا ۾ ماڻھو، جيئن ٻين سان ورتاءُ ڪري ٿو، موٽ ۾ ٻيا به ساڻس تيئن ورتاءُ ڪن ٿا. چڱي هلڻ واري سان، دنيا چڱو هلي ٿي. بري هلڻ واري سان هرڪو برو هلي ٿو. ٻين سان ڀلائي ڪبي ته هرڪو ڀلائي ڪندو. منجهيل ڪم به سلجهندا هلندا.
    - جيسي ڪو تيسا ملا، سنت ڪو ڀيل ،
    لوها کا گيا گهن، ڇوري ڪو ليگئي چيل.
    - جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي،
    اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي بتائي.


    48- جيءَ ته جھان (طبي، چوڻي)

    48- جيءَ ته جھان (طبي، چوڻي)
    جھان جون خوشيون ان کي محسوس ٿين ٿيون، جنھن کي اندر جي خوشي حاصل آهي. جنھن کي اندر جي خوشي ميسر ناهي، تنھن کي ٻاهر جي خوشيءَ جو سواد حاصل ناهي. جيءُ/جان/صحت هجڻ سان، جھان جي موجودگيءَ جو احساس بيدار ٿئي ٿو. پنھنجي جان وڃڻ کان پوءِ، ٻيءَ جھانيءَ جو احساس مريو وڃي .
    - جيءُ خوش، جھان خوش.
    - مئي پڄاڻا، مري ويئي دنيا.
    - مئي پڄاڻان، سج ئي نه ٿو اڀري .
    ڀيٽيو ؛ جان ته جوان .


    49- ڄاٽا، ابتا ڏاٽا (سنڌ، چوڻي)

    49- ڄاٽا، ابتا ڏاٽا (سنڌ، چوڻي)
    ڄاٽو/ نياڻو، جيڪڏهن سڃو آهي ته ابتي ڏاٽي وانگر پيو وڍيندو. پاڻ سنڌو نه چوندو ته زال جي معرفت پيو مال ڇڪيندو ۽ هڪيون پٽيندو. ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پيو ساهرن کي تنگ ڪندو. مال نه مليس ته زال کي پيو ماريندو. جنھن سان وري به نياڻيءَ جا پيءُ ماءُ پيا ڏکاربا.


    50- ڄاٽو، ڌونئرو مٺو (سنڌ، چوڻي)

    50- ڄاٽو، ڌونئرو مٺو (سنڌ، چوڻي)
    ڄاٽو ؛ ڄاول/ نياڻو. جيڪڏهن ڌونئرو ڄمي پوي ته به مٺو، جيڪڏهن ڏڪر جي دور ۾ چڱو نياڻو ملي پوي ته به ڀلو. جيڪڏهن نياڻو ڌونئري وانگر اڦرڪيل/ کٽو/ڦوڪيل آهي ته به مٺو پيو لڳندو آهي. سھرو ۽ سس، نياڻيءَ جي ڪري، کيس اکين ۾ پيا جايون ڏيندا. ڪھڙو به اينٿرو ڄاٽو/ نياڻو هوندو، ته به کين پيو وڻندو ۽ ٻيا طرفداري ڪندس.
    - پٽ پيٽئون، ناٺي نيڻئون .


    51- ڄايا، کلڻ آيا (سرو، پھاڪو)

    51- ڄايا، کلڻ آيا (سرو، پھاڪو)
    پيٽان ڄاول يا هٿان نڪتل عمل کي ڄايو سڏبو آهي. جيڪڏهن ڄڻيو اولاد/ عمل، بد هوندو ته راڄ کلائيندو. جيڪڏهن ڄڻيو اولاد/عمل نيڪ هوندو ته راڄن ۾ عزت/ ناموس وڌائيندو. انسان ڪيڏو به محتاط رهي، پر سندس جسم مان نڪتل هر شيءِ/ عمل ۾ غلاظت رهجي ئي ويندي آهي، جنھن سبب مٿس کل/ ٺٺول به ٿيندي آهي .


    52- ڄيٺ، اکين ميٺ (هندي، چوڻي)

    52- ڄيٺ، اکين ميٺ (هندي، چوڻي)
    ڄيٺ: هندي ٽيون مھينو. جون جي پڇڙيءَ کان شروع ٿئي. هن مھيني جي آخر ۽ جولاءِ جي شروع کان چوماسي جون هوائون شروع ٿينديون آهن. اهي هوائون موسمي برساتون آڻينديون آهن. جن جي اثر ڪري، لڪون ٿڌڙي هير ۾ بدلجي وينديون آهن. جنھن جي ڪري اکيون ڳھر ڳھهيل هونديون آهن. ننڊ تمام گهڻي ايندي آهي. انھيءَ مھيني ۾ انب تمام زور مٺا ٿيندا آهن. اکين ۽ لڱن کي هوائون ٺاري وجهنديون آهن .
    - ڄيٺ، انبن ميٺ .
    - ڄيٺ، لڱن ميٺ .


    53- جهنگ، آهي ننگ (هندي، چوڻي)

    53- جهنگ، آهي ننگ (هندي، چوڻي)
    اڪيلي رهڻ کان، ماڻھن جي جهنگ ۾ رهڻ بھتر آهي، مڙيئي وقت گذري ويندو. هڪڙن کان ڏک ملندا ته ٻين کان مرهم ملي ويندو. هڪڙا پوتي/پلو/پٽڪو لاهيندا ته ٻيا ننگ رکندا/ ڍڪيندا. جيڪڏهن لڄن جا لٽيرا آيا ته ننگ پال به اچي ميدان ماريندا. بھرحال انھيءَ جهنگ ۾ رشتن ناتن جو اهڙو ته ربط ۽ تاڃي پيٽو اڄيل آهي جو ڪير به ڪنھن سان بي واجبي/ کينس ڪري، سک سان ويھي نه سگهندو. اهڙي جرئت ڪرڻ واري کي سر تان هٿ کڻڻو پوندو .


    54- جهنگ، پنھنجا رنگ (هندي، پھاڪو)

    54- جهنگ، پنھنجا رنگ (هندي، پھاڪو)
    جانورن جي جهنگ جا ته پنھنجا رنگ آهن پر ماڻھن واري جهنگ جا به عجيب رنگ/ ڍنگ آهن. منجهس اهڙي ته رنگيني رکيل آهي جو ڪير به اتان ڀڄڻ نه چاهيندو. مجبور ڪبس ته به اها رنگين دنيا ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. دنيا کي دورنگي سڏيو ويو آهي. لڳي ٿو ته ڪسر نفسيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. اصل ۾ دنيا جا الائي ڪيترا رنگ آهن، الائي ڪيترا روپ اٿس.


    55- چِٽ، ڪڍي ٽِٽ (ساهتي، چوڻي)

    55- چِٽ، ڪڍي ٽِٽ (ساهتي، چوڻي)
    چِٽ، اونھاري جي آخر ۾، سيپٽمبر آڪٽوبر ڌاران ٿيندي آهي منجهس رات ٿڌي، ڏينھن تکو ٿيندو آهي. ڏينھن ۽ رات جي تڪڙي ڦرندڙ گرمي پد سبب، بيماريون منھن ڪڍنديون آهن. ماڻھو حڪمين/ طبيبن/ڊاڪٽر جي ور چڙهي ويندو آهي. رات جو ٻاهر سمھن سان مڇر پٽيندا آهن ته اندر گرمي ٿيندي آهي. رات جي پوئين پھر ۾، ٻاهر سمھڻ واري ٿڌ سبب ليس يا زڪام ٿيو وڃي. اندر پکو هلائي سمهه ته به مڇر نه مڙن. ڏينھن تي تک، رات جو ٿڌ، ڏينھون پگهارا، راتون پارا. چڱو ڀلو به بيمار ٿيو پوي.
    - چٽ، نه ڪنھن جي مِٽ .


    56- چيٽ، لڱن ميٺ (هندي، ٿر، چوڻي)

    56- چيٽ، لڱن ميٺ (هندي، ٿر، چوڻي)
    چيٽ ؛ هندي پھريون مھينو، مئي ڌاران ايندو آهي. بھار جي پڇڙي هوندي آهي. انبن پچڻ جي مند هوندي آهي. پوربي هوائن جي ڪري، صبح جو ٿڌڙي هير گهلندي آهي. لڱ ل ٺري پوندو آهي. هر مڇي پيٽ سان هوندي آهي. انگريزيءَ جا اهي مھينا، جن ۾ (آر) اکر نه اچي، تن ۾ مڇي آنا/ ٻچا ڏيندي آهي ۽ کائڻ ۾ لذت نه هوندي اٿس .
    - چيٽ، ننڍي وڏي پيٽ .
    - چيٽ آهي پيٽ، ڪتي نر فصل .


    57- ڇورو، پاڻ زورو (ساهتي، چوڻي)

    57- ڇورو، پاڻ زورو (ساهتي، چوڻي)
    اهو ٻار جنھن جو پيءُ يا ماءُ يا ٻئي مري ويا آهن، تنھن کي ڇورو سڏبو آهي. يتيم/ ڇورا ٻار، احساس محروميءَ جو شڪار هوندا آهن. ڪنھن جي به غرض/ ڪاڻ نه ڪڍندا آهن. پنھنجي مرضيءَ سان اٿندا ويھندا آهن. نه ننڍو هوندو اٿن نه وڏو. پنھنجي وِت/ وس/ طاقت کان ٻاهر پيا ڪم ڪندا آهن. نه ڪنھن جي جهل ۾ هوندا آهن، نه ڪنھن جي پل ۾، دنيا جا گهڻا تڻا انقلاب، يتيم ٻارن جي هٿارئون آيا آهن. يتيم، جسماني/ دماغي/زباني/نفسياتي طور تي سڀني کان ڏاڍو/ زور هوندو آهي. سندس آهه عرش ڏڪائي وجهندي آهي.


    58- حال، پريان نال (سنڌ، چوڻي)

    58- حال، پريان نال (سنڌ، چوڻي)
    دوستن/ پرين/ دل گهرين کان اصلي/ حقيقي حال نه لڪائجي. سندن سامھون، دل جو حال کولي رکجي. پنھنجي عيبن تي ڪوڙ/ ٺڳيءَ/ دوکي/ دولاب جا پردا نه چاڙهجن. حال محرم/پرينءَ جي نظرن ۾، پردا ڪيرائي وجهندا آهن. دل گهرين آڏو، دل جي گهراين سان پيش ڪيل، عيب صواب/ ڪمي ڪوتاهي لڪيو به وڃي، اصلاح به ٿيو وڃي ۽ کانئن آٿت به مليو وڃي.
    - پرين سان حال، دشمن سان شان .
    - منھنجي ٻلي، مون سان ڪري ميائون (ابتو)


    59- حرڪت ۾ برڪت (سنڌ، پھاڪو)

    59- حرڪت ۾ برڪت (سنڌ، پھاڪو)
    دنيا ۾ جيڪا به ترقي/واڌ/ برڪت پئي آهي، سا حرڪت جي مھربانيءَ سان ٿي آهي. ڪابه تحريڪ/ انقلاب بنا حرڪت/ تحريڪ جي وجود ۾ نه آيو آهي. انسان بذات خود به، حرڪت کان پوءِ معرض وجود ۾ آيو آهي. حرڪت جا ٻه قسم آهن. هڪ ڪارائتي ۽ ٻي بي ڪار/ نقصانڪار. ٻنھي ۾ برڪت پوندي آهي. ان لاءِ بھتر آهي ته بي ڪار جي ڀيٽ ۾ ڪارائتي حرڪت اختيار ڪرڻ گهرجي. ڇو جو حرڪتي ماڻھو، ٻين جي نظر ۾ چڙهي ويندو آهي .


    60- حڪومت، فيل مست (سنڌ، چوڻي)

    60- حڪومت، فيل مست (سنڌ، چوڻي)
    فيل/ هاٿي وزنائتو ۽ طاقت وارو جانور آهي. وزن به ججهو کڻي سگهندو آهي. جنگين ۾ ڪم ايندو هيو. دشمنن جي لشڪر کي تھس نھس ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو هيو. جڏهن هاٿي مست ٿيندو هيو ته پوءِ وٺ جو ته هوندو ئي نه هيو. حڪومت جو مثال به ان فيل مست هاٿيءَ جھڙو آهي. ساڻس مھاڏو اٽڪائڻ، سر وڃائڻ برابر آهي .


    61- خفي سان نفعو (سرو، چوڻي)

    61- خفي سان نفعو (سرو، چوڻي)
    خفو/تڪليف/محنت ڪرڻ سان ئي مانُ ملي ٿو. قدر ٿئي ٿو. ڪمائي ٿئي ٿي. نفعا/منافعا ملن ٿا. خفو نه ڪرڻ وارو، آخر ۾ خفي ٿئي ٿو. ڪير به سندس مددگار نه ٿو ٿئي. آخر وڏي جھول جي زندگي گذار ٿو.
    - خفي ۾ نفعو .


    62- خوشخطي، اڌ علم (فارسي، چوڻي)

    62- خوشخطي، اڌ علم (فارسي، چوڻي)
    وڌيڪ علم، اهو حاصل ڪري سگهندو، جيڪو اکرن جو علم ڄاڻي ٿو. مطلب ته لکي پڙهي ڄاڻي ٿو. جيڪو لکڻ/ پڙهڻ کان عاري آهي، سو علم ڪين حاصل ڪري سگهندو. هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي ته علم حاصل ڪرڻ جو دروازو، اکرن جو علم آهي. اکر، پڙهي ڄاڻڻ وارو، لکي به ڄاڻندو آهي. جنھن جا هٿ اکر جيترا سھنا هوندا، اوترو ئي اهو شوق سان لکڻ پڙهڻ سان وچڙندو. سٺن اکرن جي شوق ۾ ڪيترائي علوم لکي، انھن بابت ڄاڻ حاصل ڪري ويندو. پڙهڻ جي ڀيٽ ۾، لکڻ سان وڌيڪ علم حاصل ٿئي ٿو ۽ پڪو ٿئي ٿو. سٺن اکرن وارو، اڌ علم حاصل ڪرڻ وارو آهي.
    - اکر، اڌ علم آهن .


    63- دال، ٻچڙي پال (سنڌ، پھاڪو)

    63- دال، ٻچڙي پال (سنڌ، پھاڪو)
    دال، عرف عام ۾ سستي ڀاڄي آهي. جڏهن درياه مٿان بند نه ٻڌا ويا هيا، تڏهن ڪچي جو علائقو جام ٻڏندو هيو. ٻوڏ سبب چڻا ۽ مٽر جام ٿيندا هيا. وافر مقدار ۾ هئڻ سبب چڻو/ مٽر سستو هوندو هيو. غريب غربو، سال لاءِ گهر ۾ دال لپ هٿيڪي ڪري رکندو هيو. مال متاع سميت پيو پيٽ گذر ڪندو هيو. دال کائڻ سبب، مال سگهارو هوندو هيو ۽ منجهس کير مکڻ جام ٿيندو هيو. مارو ماڻھو دال تي پليل جانورن جي کير مکڻ تي، پلجي مھوڙ ٿي پوندا هيا.


    64- دام، ڪري ڪام (هندي، پھاڪو)

    64- دام، ڪري ڪام (هندي، پھاڪو)
    دام : اگهه، ڪوڙڪي، هندو واپارين جي چوڻي آهي. سندن خيال آهي ته سمورا ڪم، اگهه يا پئسو ٿو ڪري جيڪڏهن قوت خريد نه هوندي ته ڪابه شيءِ خريد ڪري نه سگهبي. ان شيءِ مان ملندڙ فائدي مان بهره ور تڏهن ٿي سگهبو، جڏهن اها شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ، دام هوندو/ دمڙي هوندو.
    ڀيٽيو : ڌن بسيار، واپار .


    65- دستيءَ کي مستي (سرو، پھاڪو)

    65- دستيءَ کي مستي (سرو، پھاڪو)
    دستي، نون نوٽن جي گڊيءَ کي دستي سڏبو آهي. اها جنھن جي به کيسي ۾ پوي، تنھن ۾ نئين رَتُ/ نئين جواني/ نئين رُتِ/ نئون روح پئجي ويندو آهي. ان آيل نواڻ سبب، مست ٿي پوندو آهي ۽ ڪنھن جي جهل پل ۾ نه هوندو آهي جيڪو جيءَ ۾ ايندو اٿس، سو ڪري گذرندو آهي.


    66- ڌاري، وجهي گهاري (سنڌ، چوڻي)

    66- ڌاري، وجهي گهاري (سنڌ، چوڻي)
    ڌارين سان مٽي ڪري، ڌاري عورت گهر ۾ آڻبي ته پنھنجن کان پري وڃي پئبو. ڇو جو ڌاري عورت جي خواهش هوندي ته مڙس کي پنھنجو ڪيان ۽ پنھنجو راڄ هجي. جتي سندس پيڪا آسانيءَ سان اچي وڃي سگهن. سھوليتون وٺي سگهن. اها ڳالهه مرد ۽ ان جي مائٽن کي نه وڻندي ۽ نه ئي سھي سگهندا. نتيجي ۾ فتنو ۽ ڦوٽ پوندي. ان جي برعڪس پنھنجن مان شادي ڪبي ته اها عورت هرحال ۾ پئي گذاريندي. ڏک ۾ توڙ ي خوشيءَ ۾ ويٺي هوندي. ڌاريءَ وانگر، ڇني ڌار ڪرڻ وارا ترڪتال نه ڪندي .
    - پنھنجي، سھنجي .
    - ڳوٺ جي ڪتي، موٽي اچي ڏر کڻندي .
    - ڌاريءَ جو پير ڪاريءَ تي .


    67- ڌرمي، ٿيا ڀرمي (هندي، پھاڪو)

    67- ڌرمي، ٿيا ڀرمي (هندي، پھاڪو)
    وهمن ۾ گهڻو ڪري اهي وچڙندا آهن، جيڪي پاڻ کي ڌرمي سمجهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن برائيءَ ۾ اهو ڦاسندو آهي، جيڪو ان برائيءَ جي خلاف جھاد ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح مذهبي غلط رسمن خلاف مھم هلائڻ وارا، پنھنجي منزل تي رسڻ کان اڳي، ٻين غلط رسمن ۾ اڙجي ويندا آهن. وهم/ گمان ۾ ڦاسجي ويندا آهن. اڪثر وهم/ گمان، گناهه هوندا آهن ۽ گمراهين ۾ گھلي ويندا آهن.


    68- ڌن بسيار، واپار (هندي، واپاري، چوڻي)

    68- ڌن بسيار، واپار (هندي، واپاري، چوڻي)
    جڏهن ڌن گهڻو هجي ته واپار ڪجي. ٿوري ڌن سان واپار نه ڪجي. ٿوري ڌن واري کي محنت مزوري ڪرڻ گهرجي. ان سان ئي سندس سٺو گذران ٿيندو. ٿورو پئسو پاڇي ڪري رکڻ گهرجيس. پاڇي ڪرڻ بجاءِ سيڙائندو ويندو ته ڏاڍي تنگي/ تڪليف ٿينس. ڇو جو پئسو پئسي کي ڪمائيندو آهي. گهڻو پئسو محنت سان نه پر پئسن ۽ حرفت سان ڪمائبو آهي. گهڻا پئسا ٿورن کي ڪمائيندا آهن. ٿورا گهڻن کي نه .
    - زر بسيار، واپار .


    69- ڌيئون، آهن ڊڀوريون (ساهتي، چوڻي)

    69- ڌيئون، آهن ڊڀوريون (ساهتي، چوڻي)
    ڊڀ ۽ ڌيئر جلد وڌندا آهن. جلدي اسرندا، نسرندا ۽ ڦرندا آهن. جلد ڀُتا به ٿي ويندا آهن. تنھنڪري ضروري آهي ته نياڻي جلدي اٿارجي. ويھارڻ سان جلد فنا ٿي ويندي. نه پاڻ ۾ جوت رهندس، نه وقت سر اولاد ڄڻي سگهندي. نه مڙس جي دل وٺي سگهندي، نه گهر ڪري سگهندي. نه آخري وقت چڱو گذرندس.


    70- ڏاڍو، سو گابو (سنڌ، پھاڪو)

    70- ڏاڍو، سو گابو (سنڌ، پھاڪو)
    ڏاڍي/زور آور/طاقتور/مڙس ماڻھوءَ جي ڀيٽ گابي ان ڏني ويندي آهي. هندو مذهب ۾ گابي جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. انھن جي تصوير ۾ گابو، هر ڪاهڻ، زمين سنوارڻ، ڳاهه ڳاهڻ وغيره جي ڪم اچي ٿو. جنھن ڪري کائڻ لاءِ ڪجهه ملي ٿو .
    اهڙيءَ طرح ڏاڍو مڙس به ڪن جي لاءِ روزي/ رزق ۽ دفاع وغيره جي ڪم اچي ٿو. ان ڪري ان جي حيثيت به گابي جھڙي آهي .
    - ڀلي ڄايو گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو (هندي)


    71- ڏٺا، منھن مٺا (ساهتي، چوڻي)

    71- ڏٺا، منھن مٺا (ساهتي، چوڻي)
    جن ماڻھن کي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ڏسبو آهي تن کي ٻيھر ڏسڻ لاءِ دل گهرندي آهي. انھن سان اُنسيت پيدا ٿي پوندي آهي. جڏهن ٻيھر سامھون ايندا آهن ته ساڻن ڳالھائڻ لاءِ به دل گهرندي آهي. تجسس سان بيھي کين ڏسبو آهي. دل ۾ هنڍائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. نيٺ اهو به سوچي وٺبو آهي ته ساڻن ڪاٿي ملاقات ٿيل آهي .
    - ڏٺا، مٺا ٿيندا آهن .
    - ڏٺا، مٺا آهن .


    72- ڏنو، ٻنو آهي (سنڌي، چوڻي)

    72- ڏنو، ٻنو آهي (سنڌي، چوڻي)
    الله جي نالي تي ڏنل خير خيراتون، ايندڙ مصيبت لاءِ بند/روڪ/ٻنو آهن. انھيءَ ڪري هر ڪنھن کي جڳائي ته ان مالڪ جي نالي تي هر وقت خير خيراتون/صدقات/چڱايون ڪندو رهي .


    73- ڏنو، پنڌ ڇنو (ساهتي، چوڻي)

    73- ڏنو، پنڌ ڇنو (ساهتي، چوڻي)
    قرض موٽائي ڏيڻ، ائين آهي جيئن اڳلي جو وري وري اچڻ، ڇني ڇڏڻ. ٻين لفطن ۾هيئن به آهي ته اڳلي کي قرض ڏيڻ معنى چڻ وڃن جو رستو ڇنڻ. ان کان علاوه هيئن به چيو ويندو آهي ؛ ڏنو، پنڌن ڇنو. جنھن قرض ڏنو، سو موٽائي وٺڻ جي ڪري، پنڌن ۾ ڇڄي مئو .


    74- ڊڄي، سو مري (سرو، چوڻي)

    74- ڊڄي، سو مري (سرو، چوڻي)
    منزل جا مزا اهي ماڻيندا آهن، جيڪي سر تريءَ تي رکي دليريءَ سان ڌوڪيندا ايندا آهن ۽ آڏو آيل هر رڪاروٽ کي ڪيرائيندا آهن. جيڪي ڊڄي ويھي رهندا آهن، سي منزل تي هرگز ڪين پھچندا آهن. رستي ۾ ئي مري/ فوت ٿي ويندا آهن .
    - جو ڊر گيا وه مر گيا.


    75- ڏينھن، آهي شينھن (سنڌ، چوڻي)

    75- ڏينھن، آهي شينھن (سنڌ، چوڻي)
    ڏينھن جو ڪيل ڪم، جهٽ نبريو/ مڪمل ٿيو وڃي. هرڪو دليريءَ سان منجهس هٿ وجهي، وقت اندر ڪالائي ڇڏي ٿو. ان جي برعڪس رات جو، نه ڪم نبري ۽ نه ئي پورو ٿئي ٿو.جيڪڏهن ٿئي به ٿو ته وڏين تڪليفون رسڻ ۽ وڏن خرچن ڪرڻ کان پوءِ ٿئي ٿو.


    76- ڍڳو، آرڙو ڀلو (لاڙ، چوڻي)

    76- ڍڳو، آرڙو ڀلو (لاڙ، چوڻي)
    ڍڳو اهو ڀلو آهي، جيڪو ساريال زمين ۾ هر ڪاهي سگهي. ساريال زمين آلي هوندي آهي. آلي زمين، نرم هئڻ سبب هر ڪاهڻ ۾ ڏکي هوندي آهي. نرم زمين تي، گهوٻن واري هر سميت، ڇڪي هلڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. جھڙي تھڙي ڍڳي جو ڪم ناهي. آرڙو ڍڳو ئي، اهڙو هر ڪاهي سگهي ٿو .


    77- رات، پنھنجي تات (سنڌ، چوڻي)

    77- رات، پنھنجي تات (سنڌ، چوڻي)
    گهڻا تڻا ڪم ڏينھن جو ٿيندا آهن. رات جي وقت آڙام ئي ڪبو آهي. ان هوندي به رات جي اونداهيءَ ۾، ڪي اهڙا ڪم به ڪري سگهبا آهن، جيڪي ڏينھن جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ مشڪل هوندا آهن. رات به ڏکين معاملن کي پالي تاتي، پروان چاڙهائي ٿي .
    - رات، آهي تات .
    - رات کي پنھنجي تات .


    78- رت، راڻو آ (سنڌ، چوڻي)

    78- رت، راڻو آ (سنڌ، چوڻي)
    رت ؛ مٽ مائٽ وقت تي ڪم اچي. راڻو/ حاڪم به وقت تي ئي ڪم ايندا آهن. ٻنھي جي حيثيت هڪ جھڙي آهي.
    ٿر ۾ مارو ماڻھو، مال تي گذران ڪن. ان ڪري اهي مال کي رت سان تشبيھه ڏيندا آهن. پنھنجي مال کي راڻو سمجهن. ان جي ساٿ کي اصل ساٿ سمجهن.
    - رت جي رتي، اَن جو پھاڙ (ٿر).
    - رت، رت آ .


    79- رڌي پڪي، يا نصيب (سنڌ، پھاڪو)

    79- رڌي پڪي، يا نصيب (سنڌ، پھاڪو)
    دني اجي تختي تي هر انسان، ڏيھاڙي الائي ڪھڙيون سٽون سٽي ٿو. انھن کي عملي جامو به پھرائي ٿو. اهي کيس رات تڏهن اچن ٿيون، جڏهن نصيب ناهي ته چپن تان کير کڄيو وڃي. لکيل آهي ته الائي ڪٿان اڏامي وڃي به ٻه ڪڻا کائي ٿو .
    - سڀ ڪجهه، نصيب جي بازي آهي .


    80- رڙهندي، روان باشد (سرو، چوڻي)

    80- رڙهندي، روان باشد (سرو، چوڻي)
    رڙهندي/ هلندي زندگي گذارڻ، حياتيءَ جي نشاني آهي. جنھن شيءِ ۾ رواني ناهي، اها مرده جي برابر آهي. هڪ هنڌ ٽڪ هڻي بيھڻ بيھڻ سان خواهشون فوت ٿيو وڃن. زندگي بي مزي ٿيو وڃي. پاڻ ته پنھنجي جان مان بيزار ٿئي پر ٻيا به منجهانئس بيزار ٿي وڃن.


    81- رکڻ، آهي رک (واپاري، چوڻي)

    81- رکڻ، آهي رک (واپاري، چوڻي)
    دڪاندار کي دڪان جو مال/ وکر/ سيڌو، رکڻ نه گهرجي. رکڻ سان رک/ڪيري/ڌوڙ ٿيو وڃ. ٿوري نفعي تي جلدي جلدي مال نيڪال ڪرڻ سان ساک وڌي ٿي ۽ برڪت پوي ٿي. گهڻي نفعي جي لالچ ۾ مال رڪجيو وڃي، ساک/ پت خراب ٿيو وڃي. دڪان ۾ نه برڪت پوي نه نفعو حاصل ٿئي ٿو. رکئي مال جي ماهيت ڳريو وڃي، قيمت مريو وڃي.


    82- زن، جهيڙي جوڀن (سنڌ، چوڻي)

    82- زن، جهيڙي جوڀن (سنڌ، چوڻي)
    زن/ عورت، مرد لاءِ ڪشش رکندڙ ٿئي ٿي. ان جو مـُکڙو پسڻ لاءِ الائي ڪيتريون جنگيون لڳيون آهن. خونريزيون ٿيون آهن. دنيا جو رنگ ۽ بوءِ، عورت جي رعنائيءَ ۽ حسن جي ڪري آهي. جيڪڏهن تباهي ۽ فتنو به آيو آهي ته اهو به سندس حسن ۽ رعنائيءَ جي ڪري آيو آهي.
    - زن ۽ زمين، هڪجھڙا آهن .
    - زن، زمين ۽ زر، تينون قضيي ڪي گهر .


    83- زندگي بي بندگي، شرمندگي (فارسي، چوڻي)

    83- زندگي بي بندگي، شرمندگي (فارسي، چوڻي)
    انسان کي هيءَ زندگي، ان لاءِ ڏني وئي آهي ته جيئن خدا جي بندگي ڪري. جنھن هن حياتيءَ کي ٻين اجاين ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيو، تنھن ڄڻ وڏو نقصان ڪيو. کيس آخرت ۾ وڏا هٿ هڻڻا پوندا. آخرت ته ڇا پر هن حياتيءَ ۾ ئي کيس شرمندگي/ندامت اڳيان ايندي ۽ سواءِ افسوس جا هٿ مھٽڻ جي، کيس ڪي به ڪين ورندو. بھتر انسان اهو آهي، جيڪو خد اجي بندگي ڪندي، حياتي چڱي نموني گذاري ۽ ندامت کان بچي.


    84- زور آڏو زاري (ساهتي، چوڻي)

    84- زور آڏو زاري (ساهتي، چوڻي)
    زور آور سان سينو ساهڻ، آهي جبل سان مٿو ٽڪرائڻ. جبل سان مٿو ٽڪرائبو ته مٿو ئي ڏرندو، جبل کي ڪجهه نه ٿيندو. بھتر ائين آهي ته زور آڏو زري ڪري ڀڄي وڃجي. ساڻس ٽڪر نه کائجي .
    - زور آور جو ستين ويھين سؤ، ڏهين ويھين هزار .


    85- سار، پاڻيءَ تار (لاڙ، زرعي، چوڻي)

    85- سار، پاڻيءَ تار (لاڙ، زرعي، چوڻي)
    ساريءَ جو فصل، تڏهن سٺو ٿيندو، جڏهن زمين ۾ پاڻي ايترو اچي جو ساريءَ جو سلو ٻڏي وڃي. تار پاڻيءَ ۾ سارين جو فصل ٿيندو آهي. گهٽ پاڻيءَ تي ساري نه ٿيندي .


    86- ساري، ست مڙسي (زرعي، چوڻي)

    86- ساري، ست مڙسي (زرعي، چوڻي)
    ساريءَ جي ٻيجاري پوکڻ/ رونبي ڪرڻ/ زمين ٺاهڻ/لابري ڪرڻ وغيره لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ان لاءِ ڪم از ڪم، ستن مڙسن جي محنت درڪار آهي. جنھن کان پوءِ ئي ساريءَ جو فصل پچي تيار ٿيندو آهي.


    87- سڄڻ، ٽُردي ڀلي (سرو، چوڻي)

    87- سڄڻ، ٽُردي ڀلي (سرو، چوڻي)
    هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪرڻ ۾ عزت ناهي (اڳلا بيزار ٿي وڃن ٿا. ان جي برعڪس هلندڙ/ روان رهندڙ جو هرڪو قدر ڪري ٿو. هڪ هنڌ بيھڻ وارو پاڻي به ڌپ ڪري ويندو آهي. ساڳين دوستن کي ڦٽڻ/ پٽڻ وارو به دوستن کي بيزار ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سندس نظرن ۾ ڪري پوندو آهي.
    - جوڳي رمتا ڀلا .
    - پاني بھتا ڀلا .


    88- سِر سِر ڪلا (هندي، پھاڪو)

    88- سِر سِر ڪلا (هندي، پھاڪو)
    هر ماڻھو دنيا جي تختي تي زندگي گذارڻ لاءِ ڪانه ڪا ڪلا/هنر/ڌندو اپنائي/اختيار ڪري ٿو. جيڪو هنر جنھن جي طبيعت تي ٺھڪي اچي ٿو، اهو انھيءَ هنر ذريعي پنھنجي ماحول مان معيشت ڪمائي ٿو. هر ماڻھوءَ لاءِ طبيعت، ماحول، جاگرافيءَ جي حساب سان ڪونه ڪو مقرر هنر/ڌنڌو آهي. اهو سڃاتو ئي انھيءَ ڌنڌي سببان ويندو آهي .


    89- سرڪار، اونڌي ڪوپري (سرو، چوڻي)

    89- سرڪار، اونڌي ڪوپري (سرو، چوڻي)
    پئسي جي بل بوتي تي، سرڪار تمام وڏيون رٿائون شروع ڪندي آهي، جيڪي ٻيو ڪير ڪري نه سگهندو آهي. جيڪڏهن عام حياتيءَ ۾ ڪو ايڏيون وڏيون رٿائون رٿي ته هرڪو سندس عقل تي ويھي کلي. ان جي برعڪس اهڙا اجايا سجايا ڪم سرڪار کي سونھن ٿا. ڀلي منجهانئن ڪوبه کڙ تيل نه نڪري. اهو ئي سبب آهي جو سرڪار کي اونڌي ڪوپريءَ سان تشبيھه ڏني وئي آهي .


    90- سفر، آهي سقر (سرو، چوڻي)

    90- سفر، آهي سقر (سرو، چوڻي)
    سقر ؛ دوزخ/ جھنم کي دوزخ سان به تشبيھه ڏيندا آهن. اهو ماڻھوءَ جي مزاج تي منحصر آهي ته اهو سفر منجهه ڪھڙي ڪيفيت اختيار ڪري ٿو. ڪي ماڻھو سفر مان مزو وٺندا آهن. ڪن لاءِ جان جوکم ۾ وجهڻ جھڙو ڪم هوندو آهي. البته سفر، تڪليف وارو، هر حال ۾ آهي ئي. گهر جھڙو سڪون ناهيس. اهو ئي سبب آهي جو سفر ڪرڻ واري کي، گهر ۾ ويٺل جي ڀيٽ ۾ چڱو خاصو مليو وڃي. جنھن تان چوندا آهن؛ سفر، وسيله ظفر.


    91- سفر، وسيله ظفر (فارسي، چوڻي)

    91- سفر، وسيله ظفر (فارسي، چوڻي)
    ظفر/نصيب/ڀاڳ/روزي/روزگار به سفر ڪرڻ جي مابدولت ميسر ٿئي ٿو. جيڪي ماڻھو جتي ڄاوا ۽ اتي مري ويا، تن ڪين جھڙي ترقي ڪئي. ان جي برعڪس، جن گهر ٻار ڇڏيو، تن جو ڀاڳ کليو. کين روزگار مليو. روزي ڪشادي ٿين. ڪشاده حال رهيا.
    - يا اجل ڊوڙائي ٿو يا رزق .


    92- سنتوکي، براهمڻو سـُکي (هندي، چوڻي)

    92- سنتوکي، براهمڻو سـُکي (هندي، چوڻي)
    هندن ۾ چار قومي تصور آهي. چار ئي قومون، چئن طبقن ۾ ورهايل آهن. 1. برهمڻ، 2.کتري، 3. وئش ۽ 4. شودر. مڙني مان مٿانھون درجو برهمڻ کي مليل آهي. جڏهن ته نيچ ۽ ڪريل درجو شودر کي مليل آهي. وڏي درجي ملڻ سبب برهمڻ اوچي ذات آهي. ايستائين جو سنتو کي/ سنت ٿيڻ/بزرگ ٿيڻ/مھراج ٿيڻ به کين ئي جڳائي. هندن جي عقيدي مطابق، مھراج ٿيڻ/بزرگي حاصل ڪرڻ، برهمڻ کانسواءِ ڪنھن قوم واري کي نه جڳائي.
    93- سنپت، آهي برڪت (هندي، ٿر، چوڻي)
    جيڪڏهن ڪنھن گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ سنپت/ مٺ محبت سان رهندا ته ان گهر ۾ تمام گهني برڪت پوندي. مٺ محبت وري گهر ۾ ڪٿان به کاٽ نه لڳندو آهي. جنھن ڪري ٿوري کٽئي، گهني برڪت هوندي آهي.


    94- سنڌيءَ سنڌو آهي (ساهتي، چوڻي)

    94- سنڌيءَ سنڌو آهي (ساهتي، چوڻي)
    سؤٽ/ماسات/پڦاٽ/ ماروٽ وغيره، رت جا رشتيدار آهن. عزيز ۽ هڏ ڏوکي به ٿي سگهن ٿا. پر ڪڏهن به ملڪيت جا وارث نه ٿا ٿي سگهن. ملڪيت/ترڪو جڏهن ورهائبو ته شرعي حدن ۾ اندر رهندي، کين ڪجهه به نه ملندو. مال، وارثن کي ملندو. شرعي حدون/ سنڌا مقرر ٿيل آهن. ڪنھن کي به حد اورانگهڻ جي اجازت ناهي.
    - ٻه ڀائر، ٽيون ليکو .


    95- سنسار، مھا ڄار (هندي، چوڻي)

    95- سنسار، مھا ڄار (هندي، چوڻي)
    سنسار، هڪ وڏي ڄار مثل آهي، جنھن اندر ننڍي وڏي مڇي، پنھنجي حال سارو ڦاٿل آهي. اهڙيءَ طرح، هن سنسار جي تاڃي پيٽي اندر، انسان به زمان ۽ مڪان جي حساب سان قيد آهي. منجهن هڪ ٻئي سان خاص قسم جو ربط/تعلق اُڄيل آهي. جنھن تحت زندگي گهارين ٿا. هڪ ٻئي مان فائدا حاصل ڪن ٿا. هڪٻئي جي ڪم اچن ٿا. هڪٻئي وٽ ڪم ڪار جي حساب سان ڦاسن ٿا. هڪ ٻئي کي ڦاسائي، پنھنجا مطلب ماڻين ٿا.
    - سماج، مايا جال


    96- سنگ جو پرسنگ (هندي، چوڻي)

    96- سنگ جو پرسنگ (هندي، چوڻي)
    ماڻھو، ماحول مان متاثر ٿئي ٿو. متاثر ٿي، اٿڻ ويھن، ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ کائڻ پيئڻ سکي ٿو. سٺي ماحول ۽ سٺي سنگت ۾ رهڻ وارو سٺا اخلاق/آداب سکي. ماڻھن ۾ مڃتا/ مان ماڻي ٿو. برن جي سنگت/صحبت ۾ رهڻ وارو، برا اخلاق، بريون عادتون ڌاري ٿو ۽ جڳ جھان ۾ بدناموسي ڪمائي ٿو.
    - ڪارو ٻڌجي ڪمري سان، رنگ نه مٽي عادت/اوساڻ ضرور مٽائي.
    - جھڙي صحبت، تھڙو اثر .
    - تخم تاثير، صحبت اثر .


    97- سوال ويچارو آهي (سنڌ، چوڻي)

    97- سوال ويچارو آهي (سنڌ، چوڻي)
    دل ۾ يا زبان سان ڪيل سوال، تمام برو آهي. ان سان چھري جي رونق مريو وڃي. ويچاري صورت بنائڻ کان سواءِ سوال نه ڪري سگهبو آهي. ان کان پوءِ به اڳلي جي مرض يآهي ته ڪم ڪري يا نه. ڪمُ ڪمَ جي ماڳ، ڇڙٻون متان ڏئي. هيٺانھين ي اويچاري صورت بنائي، ڪيل سوال سان، اندر جو انسان ۽ مانُ مريادا مريو وڃن ٿا .


    98- سوڀون، سر گهرن (سنڌ، پھاڪو)

    98- سوڀون، سر گهرن (سنڌ، پھاڪو)
    سوڀ/ فتح، پاڻمرادو حاصل نه ٿيندي آهي، ان لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. جنگين سان منھن ڏيڻو پوندو آهي. مورچن ۾ ويھي، جان جوکم ۾ وجهڻي پوندي آهي. تمام گهڻين جانين جي قرباني به ڏيڻي پوندي آهي. تنھن کانپوءِ ئي وڃي سوڀ/ فتح ماڻبي آهي. گيدي/ ڪانئر/ سر جو سانگ رکڻ وارا ماڻھو، ڪڏهن به سوڀارا نه ٿيندا آهن .


    99- سوئا پالڪ، چوڪا (لاڙ، چوڻي)

    99- سوئا پالڪ، چوڪا (لاڙ، چوڻي)
    هڪ دفعي، وکري وڪڻن وارو گهورڙيون، سبزي کپائڻ جو هوڪو ڏيندو پئي ويو ؛ ”سوئا پالڪ چوڪا“، هڪڙي بزرگ سندس هوڪو ٻڌو ته اُٿي ويٺو ۽ مريدن کان پڇيائين، ”اوهان سمجهو ته اهو گهورڙيو، ڪھڙو پيغام ڏئي رهيو هيو“.
    ”سائين!“ مريدن مرشد کي ٻڌايو؛”اهو ته پالڪ، سوئا ۽ چوڪن کپائڻ جو هوڪو ڏئي رهيو هيو“.
    ”توهان صحيح ٿا چئو!“ مرشد کين سمجهائيندي چيو؛”دراصل اهو چئي رهيو هيو، گهڙي پلڪ جيڪو ستو، سو غلطيءَ تي آهي.“
    مطلب: تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانھي ويل وھڻ جي.
    متان ٿئي اونداه، پير نه پھين پرينءَ جو.


    100- سيڻ، آهن نيڻ (سرو، چوڻي)

    100- سيڻ، آهن نيڻ (سرو، چوڻي)
    جنھن سان مٽي ڪئي وڃي، سو سيڻ آهي. ڌيءُ يا پٽ جو سس سھرو، سيڻ ٿين. اهي رشتي ۾، انھيءَ مِٽيءَ بعد اچن ٿا. ضروري ناهي ته رت جا رشتيدار به هجن. نه ئي وري پيٽ ڄڻيو اولاد آهن. بلڪ اکين سان ڏسي، پسند ڪري، ساڻن مٽي ڪجي ٿي. ان ڪري سندن حيثيت اکين جھڙي آهي. اکين اکين ۾ جاءِ ڏبي ته مٽي هلندي. ورنه جا جتي، سا تِتي .
    - پٽ پيٽئون، ناٺي نيڻئون .


    101- سيڻپو، ويڻپو، ويرپو (سنڌ، چوڻي)

    101- سيڻپو، ويڻپو، ويرپو (سنڌ، چوڻي)
    سيڻ ٿيڻ سان ويڻ ملن ٿا. ويڻ ڏيڻ/ وٺڻ کانپوءِ، وير پيدا ٿئي ٿو. جنھن سان واقفيت ئي ناهي، تنھن سان نه دوستي آهي ۽ نه دشمني آهي. دشمني، پيدا ئي دوستيءَ/واقفيت/مٽيءَ/ لڳ لاڳاپي کان پوءِ ٿيندي آهي. جڏهن مٽيءَ مائٽيءَ جو تعلق پيدا ٿيندو آهي، تڏهن ئي وير/دشمنيون پيدا ٿيندا آهن.
    - ساهرا، آئرا، ٻاٻرا ڪنڊا، هر هر چُڀ چُڀ ڪندا .


    102- شادي، خانه آبادي (فارسي، چوڻي)

    102- شادي، خانه آبادي (فارسي، چوڻي)
    مرد/ عورت جو گهر، شادي ڪرڻ کانپوءِ ئي آباد ٿئي ٿو. اولاد ٿئي ٿو. ان جي پالنا پولنا جا مسئلا پيدا ٿين ٿا. شادين مرادين جھڙا منڊل ٿين ٿا. انھن مڙني ڪاڄن سان منھن ڏيڻ لاءِ زال مڙس کي مٿا کٿا ڏيڻا پون ٿا. ان جي برعڪس، غير شادي شده ماڻھوءَ جي زندگي غير فطري آهي. غير فطري زندگيءَ ۾ نه ذهني آسودگي آهي ۽ نه جسماني قرار. رڳو غير آبادي ۽ بربادي آهي .
    - وانڍا، ڪنھن نه سانڍيا .
    - ڇڙهن جو ڪوئي جھان ڪونھي .


    103- شاهه واپاري، جوڳي (واپاري، چوڻي)

    103- شاهه واپاري، جوڳي (واپاري، چوڻي)
    واپار، پيٽ پالڻ لاءِ اختيار ڪيل ڌنڌن مان هڪ ڌنڌو آهي. جيڪو کيني ٻاڙيءَ، نوڪري ڪرڻ ۽ پنڻ وارن ڌنڌن کان وڌيڪ وڌندڙ/ ترقي ڪندڙ/برڪت وارو آهي. پر اهو به حد اندر. حد کان ٻاهر واپار ڪندڙ ماڻھوءَ جا حال وري بهپينو ماڻھن ۽ جوڳين جھڙا هوندا آهن. هوندي مال، برا حال ڪيو وتندا آهن. اهڙو واپاري قرض کڻي واپار وڌائيندو آهي ۽ وياجيرو ڏئي، پاڻ کي برن حالن ۾ اڇلائيندو آهي. قرض لاهي نه سگهندو آهي. گَرَي ڪتي وانگر بت پيو پٽيندو آهي. صبر ۽ شڪر نه هوندو اٿس .


    104- طمع، بڇڙائي ڪرائي (سنڌ، چوڻي)

    104- طمع، بڇڙائي ڪرائي (سنڌ، چوڻي)
    طمع؛ لالچ/ لوڀ/حرص/هوس اهڙي بيماري آهي، جيڪا بيمانو/بيعزتو/بيغرت ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿي. حالانڪ حياتي گذارڻ لاءِ ماڻھوءَ کي پيٽ لاءِ ويلي تي هڪ ڊڳڙي کپي، نه ڪ ڳوڻ ان جي کپي. هڪ ئي وقت پائڻ لاءِ هڪ جوڙو کپي، نه ڪه ڏهه جوڙا کپن. سمھڻ لاءِ هڪ ئي وقت هڪ کٽ/ ڪمرو گهرجي، نه ڪه ڏهه کٽون/ڪمرا گهرجن. تنھن هوندي به جيڪو ميڙ ميڙان جي ڪڍ هجي، تنھن کي ڪير سمجهائي؟ ميڙيندڙ مُٺا. طامع/ لالچي، بڇڙائيءَ وارا ڪُڌا ڪم ڪندا.


    105- طمع، بڇڙو ٽول (سنڌ، چوڻي)

    105- طمع، بڇڙو ٽول (سنڌ، چوڻي)
    ٽول/ٿانءُ/ظرف، چڱو هوندو ته منجهس پوندڙ شيءِ به چڱيءَ حالت ۾ رهندي. خراب هوندو ته منجهس پوندڙ شيءِ به خراب ماهيت جي ٿي پوندي.
    جنھن به ماڻھوءَ ۾ طمع/ لالچ گهر ڪري وڃي ٿي، ان جي حالت به گندي ٿانءَ وانگر آهي. ان مان نڪرندڙ هر فعل به بدبودار/ گندو ٿي نڪري ٿو. اهڙي ماڻھوءَ جي عبادت مان به رياءَ/مڪاري/عياريءَ/ٻيائيءَ جي ڌپ پئي ايندي.
    - طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان،
    تنين کي آڻي، حورون ڏيندا هنج ۾.
    -طمع ۽ تڪڙ ڇا لڳي .
    - طامع، نه قانع .


    106- عادت، عضوو آهي (سنڌ، چوڻي)

    106- عادت، عضوو آهي (سنڌ، چوڻي)
    پيل عادت، مور نه نڪرندي آهي. جيئن عضوو، جان کان جدا ڪرڻ ڏکيو آهي، تيئن عادت جدا ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي آهي. ان ڪري بھتر آهي ته بريون عادتون پاڻ ۾ نه وجهجن. اهي اڳتي هلي، پاڻ کان جعدا، ڏاڍيون ڏکيون ٿينديون. جڏهن ته سٺين عادتن کي اپنائڻ وارو جتي ڪٿي عزت ۽ مانُ لھي ٿو ۽ برين عادتن وارو جتي ڪٿي بي مانو ٿئي ٿو.
    - وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي .
    - هير واري جي هير، ٽنگ ڀڳي به نه نڪري .
    - عادت نه ڇڏي عادتي، علت مور نه جاءِ،
    اٺ پئي ڪڻڪ ۾، جواسا چڻ چڻ کاءِ!
    - اڻ هيريا نه هير، متان هرني،
    ڀڃ نه هير هرين جي، متان وڙهني.


    107- عرض، آهي مرض (سرو، چوڻي)

    107- عرض، آهي مرض (سرو، چوڻي)
    عرض ڪرڻ واري جي مريادا مريو وڃي. خدا کان سواءِ، ٻئي جي آڏو سوال/ عرض نه ڪجي. نه ويچارو ٿجي، نه هٿ ٽنگجي. خدا کان سواءِ، ڪير ڏئي به نه سگهندو. هٿائين خوار خراب ڪندو. ان جي برعڪس خدا تعالى ڏيندڙ به آهي، ڏيئ نه پچاريندڙ به آهي ته ڍَڪَ ڍڪيندڙ به آهي.
    جنھن ماڻھوءَ کي پنڻ/ عرض ڪرڻ جي عادت پئي، سا موذي/لاعلاج مرض وانگر کيس چنبڙي پوندي. ان جو ڪوبه علاج/ تدارڪ ڏکيو آهي. ان کان مـُھڙ ۾ ئي پرهيز ڪجي .
    - عرض بي عرض .


    108- عقل بنان اوندهه (ساهتي، چوڻي)

    108- عقل بنان اوندهه (ساهتي، چوڻي)
    عقل ۽ علم، روشنيءَ جي مثل آهن. جِھل ۽ بي علمي، اوندهه مثل آهن. جڏهن عقل/ روشني نه هوندي ته ماڻھو لاعلميءَ تحت اونڌا ڪم پيو ڪندو. پاڻ کي نقصان ڏئي به ڪونه سمجهندو ته نقصان ڪيو اٿم.


    109- عقل، کائي غم (سرو، پھاڪو)

    109- عقل، کائي غم (سرو، پھاڪو)
    عقل وارو ماڻھو، هر معاملي ۾ فڪرمند هوندو آهي. جنھن سبب هر وقت ڳڻتيءَ/پريشانيءَ/غم ۾ غرق هوندو آهي. عقل واري کي، پنھجي پاڻ کي پيل نقصان کان وڌيڪ، پرائو غم/ فڪر سحيهه چنبڙيل هوندو آهي.
    - عقلمند، سد اروئي .
    - بي عقل جي بلا دور .


    110- علم، قوت آهي (سنڌ، چوڻي)

    110- علم، قوت آهي (سنڌ، چوڻي)
    جيڪي ڪم ٻانھن جي ٻل تي به نه ٿي سگهن، سي عقل جي ذريءَ سان حل ٿيو وڃن. علم ۾ حڪمت/ دانائي آهي. جنھن سان ماڻھو، ڳالهه جا ڪمزور پاسا تاڙي وڃي ٿو ۽ پاڻ کي ان جي مقابلي ۾ مضبوط ڪندي، ان سان مھاڏو اٽڪائي ٿو .
    - علم، انسان جي ٽين اک آهي .
    - علم، روشني آهي .


    111- غرض، گولي آهي (لاڙ، چوڻي)

    111- غرض، گولي آهي (لاڙ، چوڻي)
    جڏهن ٻئي ۾ غرض پوندي آهي ته منجهانئس اها پوري ٿيڻ لاءِ حيلا هلايا ويندا آهن .
    اڳلي جي ٽنڊوالي/ آڳي پيڇي/ سنھي ڪرڻي پوندي آهي. اهي سمورا فعل گولي/ غلام/ٻانھي/نوڪر جا آهن. سمجهه ۾ آيو ته غرض، غلامي ڪرائي ٿي .
    - پنھنجي ٿوري، پؤ گڏهه کي پيري .
    - پنھنجي گتيءَ، گڏهه کي به بابو ڪوٺجي .


    112- غلط العلم، صحيح (عربي، چوڻي)

    112- غلط العلم، صحيح (عربي، چوڻي)
    جيڪا ڳالهه عوام ۾ پکڙجي عام ٿي وئي آهي، سا ڀلي غلط مفھوم سان پکڙي جي پر کيس صحيح تسليم ڪيو ويندو. مطلب ته جنھن شيءِ جو مفھوم ماڻھن ۾ جيئن آهي، تيئن صحيح سمجهبو. پوءِ ڀلي اهو مفھوم غلط ڇونه هجي .
    - غلط العوام، صحيح .


    113- فڪر، آزاد آهي (اشتراڪي، چوڻي)

    113- فڪر، آزاد آهي (اشتراڪي، چوڻي)
    ڪنھن جي فڪر/ سوچ تي، ڪڏهن به پھرو نه ٿو ويھاري سگهجي. فڪر تي، ماڻھوءَ جو پنھنجو وس به ڪين هلندو آهي. خيالات، ذهن جي پردي تي پاڻ مرادو ڊوڙندا رهندا آهن. انھن کي ڪا جَهلَ پَلَ نه هوندي آهي. جاڳ ۾ يا ننڊ ۾. ذهن ڪم ڪندو رهندو آهي. مٿس خيالن جا ريلا پيا هلندا آهن. جاڳ ۾ سوچن جا، ننڊ ۾ خواب جا .


    114- ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ (فارسي، پھاڪو)

    114- ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ (فارسي، پھاڪو)
    جزئيات ملي، ڪُل ٺاهيندا آهن. قطرا ملي، ڍُڪ ٺاهيندا آهن. ڍُڪَ ملي دُٻو ٺاهيندا آهن. دُٻا ملي ڍنڍون/ ڍورا درياه/ سمنڊ ٺاهيندا آهن. جبلن تان رِجي، پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪري درياهن جا مُنھن بنجندڙ برف، اصل ۾ قطرن جي صورت ۾ ڪڪرن مان وسندي آهي. اها ڄمي ڄمي، گليشيئر ٺھندا آهن. جڏهن گليشيئر گرميءَ سبب رجي يا وزن جي وڌڻ سبب ٽٽي هلندا آهن ته وڏا درياهي وهڪرا ڦٽي نڪرندا آهن. زمينن کي سيراب ڪندي، سيلاب آڻيندي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آهن .
    ملڪيت به رپيو رپيو ٿي، ڪٺي ٿيندي آهي ۽ ڪروڙها/ اربھا رپيا ٿيندي آهي. بھتر آهي ته ٿوريءَ ڪمائيءَ تي چڱيءَ طرح ڌيان ڏيڻ گهرجي.


    115- ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇڻ (سرو، پھاڪو)

    115- ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇڻ (سرو، پھاڪو)
    هر وڻ جي، هر ڪاٺيءَ جو پنھنجو رنگ/روپ/ سواد آهي. اهڙيءَ طرح، هر ماڻھوءَ جي به پنھنجي پنھنجي طبيعت ۽ لڇڻ آهي. جھڙيءَ طرح ضروري ناهي ته سموري جهنگ جون ڪاٺيون هڪجھڙيون هجن، تھڙيءَ طرح اهو به ضروري ناهي ته هڪ ئي ذات/قبيلي/قوم/ڪٽنب جي ماڻھن جي طبيعت/اخلاق/اٿڻي ويھڻي هڪجھڙي هجي. سمورا وڻ/ ماڻھو مٽيءَ مان جڙيا آهن. هر هنڌ جي مٽي هڪ ٻئي کان مختلف آهي. ان جي ڪري منجهانئس پيد اٿيندڙ/ جڙندڙ، هر شيءِ جي ماهيت/ڪيفيت/ طبيعت به مختلف آهي .
    - ڪلي ڪلي ڀاڳ، ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ لڇڻ .


    116- ڪرسيءَ کي سلام (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)

    116- ڪرسيءَ کي سلام (سنڌ، چوڻي/ پھاڪو)
    ڪرسي ؛ حڪمرانيءَ جي علامت آهي. جنھن کي حڪومت جون واڳون هٿ ۾ آهن، سو اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي. وڻيس ته فائدو ڏئي خوش ڪري يا وڻيس ته نقصان ڏئي ڇيھي ۾ وجهي. ان ڪري هرڪو ساڻس هيٺانھينءَ واري هلت هلندو آهي. اجايو سجايو پيو کيس سلام ڪندو آهي. خيري صلي به پيو خوشامد ڪندو اٿس.
    مطلب: ڏاڍي کي سڀڪو سائين ميان پيو ڪري .


    117- ڪلام، ڪنڌ ڀر (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)

    117- ڪلام، ڪنڌ ڀر (ساهتي، چوڻي/ پھاڪو)
    ڪلام ڪرڻ/ مان ڪرڻ/ تڪبر ڪرڻ وارو، سدائين نقصان ۾ پوي ٿو. کيس ايڏو ته نقصان پوي ٿو جو، ان جو ازالو ڪرڻ به ڏکيو ٿيو وڃي. ان ڪري وڏائي ڪرڻ، انسان کي نه جڳائي. وڏائي، خد اجي چادر آهي. ان ۾ جيڪو به ايندو، نيست و نابود ٿي ويندو.
    ڀيٽيو ؛ تڪبر، ڪنڌ ڀر .


    118- ڪلجڳ، ڪر جڳ (هندي، چوڻي)

    118- ڪلجڳ، ڪر جڳ (هندي، چوڻي)
    ڪلجڳ، هيءَ دنيا، جنھن ۾ اسين هاڻي رهون ٿا. هن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ڪجي ٿو، ان جو بدلو هتي ئي مليو وڃي. جيڪڏهن برا ڪم ڪبا ته هتي ئي سزا ملندي. نيڪ ڪم ڪبا ته هتي ئي سک ملندو. انسان پنھنجي ڪرمن جو ڪيتو هتي لوڙي ٿو. اهو آهي هندن جو عقيدو. مسلمانن جي عقيدي مطابق؛ ڏهن دنيا، ستر آخرت آهي. ڪيل ڪم جي سزا ته ساڳي پر جزا، دنيا ۾ ڏهوڻي ۽ آخرت ۾ ستر دفعا آهي. ان کان وڌي به سگهي ٿي.
    هر مذهب جي عقيد مطابق، انسان کي اعمالن جي جزا/ سزا ملڻي ضرور آهي. بھتر آهي ته عمل چڱا ڪجن. ٻين کي نه رنجائجي. رنج کڻڻ چڱو ڪم ناهي. رنجايل واتان نڪتل آهه، عرش، ڏڪائي وجهي ٿي. جڏهن ته مظلوم تي ڪيل رح، ٻئي جھان سنواري ٿو .
    - هتي ڪر، هتي لوڙ .
    - ڪلجڳ، هٿ جڳ .


    120- ڪماليت کي زواليت (فارسي ، چوڻي)

    120- ڪماليت کي زواليت (فارسي ، چوڻي)
    هر شيءِ کي اوج ملڻو آهي. ڌنڌي/ ڪمائيءَ/عھدي/حڪومت/جوانيءَ کي ڪمال ميسر ٿيڻو آهي. ان بعد اها شيءِ وري اصل ڏانھن موٽ کائيندي آهي. ترقيءَ مان تنزل/پستيءَ ڏانھن ڊوڙ پائيندي آهي. انھيءَ موت کي زوال سڏبو آهي. جيڪو هر شيءَ تي اچڻو آهي .
    - ڪمال زوال است .
    - As you go higher, so higher you slip


    121- ڪنڊيارو، ويٺو رو (ساهتي، چوڻي)

    121- ڪنڊيارو، ويٺو رو (ساهتي، چوڻي)
    ڪنڊيارو، ساهتي پرڳڻي جو، درياءِ سنڌ جي کاٻي ڪناري تي، ڳائي ڀاڻ ۽ چيڪي مٽيءَ جي وڏي دڙي تي مٿي، ڪنڊين واري علائقي ۾ اڏيل شھر. نوشھرو فيروز ضلعي جي واپاري اهميت واري هن شھر بابت، اتان جي رهاڪن جو اهو رايو آهي .
    - بٺورو، بيٺو رو .
    121- ڪوري، مت ٿوري (ساهتي، چوڻي)
    آڳاٽي دور ۾ آڏاڻن تي ڪپڙو اڻندڙ، ڪوري سڏبا هيا. سندن عقل/مت، دنيا جي ٻين معاملن ۾ گهٽ هوندي هئي. هڪ دفعي ڪورين جي هڪ ڇوڪري منھن جي ٿوڻيءَ کي ڀاڪر پايون بيٺي هئي جو کيس سندس ڀاءُ ڦلن جو ٻڪ هٿن ۾ اچي ڏنو. هاڻي ڇوڪري اتان ڦلا وات ۾ نه پئي وجهي سگهي. ڇو جو هٿ کولڻ سان ڦلا پئي هاريس. ڇوڪريءَ دانھون ڪرڻ شروع ڪيون. مڙئي ڪوري اچي مڙيا ۽ ڇوڪريءَ کي آجو ڪرڻ لاءِ مٿو ٽيڪي سوچڻ لڳا. آخر صلاح اها بيھاريائون ته منھن جي ڇت نڪري ۽ اتان ٿوڻي اڀي کڄي نڪر يوڃي ته پوءِ ڇوڪري آزاد ٿي ويندي. جڏهن منھه ڊاهڻ بيٺا ته رونشي تي هڪڙو پاڙيسري به آيو. پڇڻ تي کيس سڄي ماجرا معلوم ٿي. تنھن تي ڇوڪريءَ جي آڏو آيو ۽ جهول جهلي کانئس ڦلا ورتائين. جنھن تي ڇوڪريءَ جا هٿ آزاد ٿيا ۽ پاڻ به آزاد ٿي وئي .


    122- کلندڙ تان خير (ساهتي، چوڻي)

    122- کلندڙ تان خير (ساهتي، چوڻي)
    ٻين جي مٿان کلڻ نه گهرجي. اهڙي آزمائش پنھنجي مٿان به اچي سگهي ٿي. جيڪو ٻين جي مٿان کلندو/ٺٺوليون ڪندو، هڪ ڏينھن ٻيا به مٿس کلندا/ چٿرونڪندا. ٻين کي تڪليف ۾ ڏسي صبر ڪجي ۽ انھن لاءِ خير گهرجي ته جيئن تڪليف وقت، پاڻ لاءِ به خير گهريو وڃي .


    123- کيتي، سر سيتي (زرعي، پھاڪو)

    123- کيتي، سر سيتي (زرعي، پھاڪو)
    محنت کانسواءِ ڪوبه ڪم نه ٿو ٿئي. خاص طور تي پوکي راهي، محنت کان سواءِ پاڻ ارپڻ کان سواءِ نه ٿا ٿين. اڪٿر ڏٺو ويو آهي ته جنھن زميندار جُوءِ ڇڏي آهي، تنھن کي به زمين مان اَنَ-لَپَ نصيب نه ٿي آهي. ٻاهران ويھي نه زمين جي سنڀالي ٿي سگهندي آهي ۽ نه دڪان وغيره جي. نوڪر ڪمائي ڪين کارائيندا آهن. زمين/دڪان/ڌنڌي ۾ جيستائين ماڻھو پاڻ نه سيڙبو، تيستائين منجهانئس تيلو/ڌيلو به نه ملندو.
    - جو کيڙي، سو کائي .


    124- گوني، سدا اونھي (لاڙ، چوڻي)

    124- گوني، سدا اونھي (لاڙ، چوڻي)
    ڦليلي ڦاٽ، درياءِ سنڌ مان حيدرآباد وٽان نڪرندو آهي. ڳاهيجا واه کان مٿي کيس ڦلييل سڏبو آهي ۽ هيٺ گوني سڏبو آهي. هيءُ واه ٽنڊي سب ڊويزن کي سيراب ڪندو آهي. اونھي هلڻ سبب، منجهس ٻيڙيون هلنديون هيون. هاڻي ته زماني ج گردش سبب، ڪافي ڦيرڦار آئي اٿس.


    125- لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو (سرو، چوڻي)

    125- لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو (سرو، چوڻي)
    لاڙڪاڻو، آبھوا/ واپار جي لحاظ کان تمام چڱو شھر آهي. درياءِ سنڌ کي ويجهو هئڻ سبب جر جو پاڻي مٺو اٿس. تاريخي لحاظ کان به ممتاز حيثيت رکي ٿو. گهاڙ واه جي مٿان اڏيل هن شھر جو ، درياءَ رستي واپار هلندڙ هيو ۽ پاڻ مشھور درياهي بندر هيو. ان کان علاوه موهن جي دڙي جي ڪري به کيس اهميت حاصل آهي .
    - هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو .


    126- لالچ، بري بلا (سنڌي، چوڻي)

    126- لالچ، بري بلا (سنڌي، چوڻي)
    لالچي ماڻھوءَ جو اندر وارو انسان مريو وڃي. شرم/ حياءَ نالي ڪابه شيءِ وٽس ڪين ٿي رهي. عزت غيرت جو تقدس، کانئس ڇڏايو وڃي. سندس وات/ پيٽ، سندس نڪ جي مٿان ٿيو وڃي. هر وقت پيٽ سان سوچيندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس حيثيت، پيٽ ۾ پيل غلاظت/ پرائي بلا جھڙي ٿيو وڃي.
    - لالچ، لعنت آهي .


    127- لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي (هندي، چوڻي)

    127- لڇمي، ڪلڇڻ ڍڪڻي (هندي، چوڻي)
    لڇميءَ/ دولت سان الائي ڪيترا عيب ڍڪجيو وڃن. اهي ڪم، جيڪي سڃو ماڻھو ڪري ٿو، تن کي نفرت جي نگاهه کان ڏٺو وڃي ٿو. ان جي برعڪس ساڳيا ڪم امير ماڻھو ڪري ته انھن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. اهو ڪمال انھيءَ دولت جو آهي، جيڪا سندس عيبن تي پردو چاڙهيو بيٺي آهي .
    - لڇمي ماتا! نمسڪار .
    - مايا کي نمسڪار .


    128- لنب، مکڻ چنب (ٿر، زرعي، چوڻي)

    128- لنب، مکڻ چنب (ٿر، زرعي، چوڻي)
    لنب ؛ ٿري گاه جو قسم، جيڪو طاقت وارو ٿئي. مال ڀٽارو کائي ته کير جام ٿئيس. کير به اهڙو گهاٽو جو ڪلي کير منجهان پاءُ مکڻ نڪري. اهو ئي سبب آهي جو ٿري ڌراڙ، مال کي اُها جوءِ ڳولي ڳولي چاريندا آهن، جتي لنب جام هجي .


    129- مار، آهي ڏاتار (لاڙ، چوڻي)

    129- مار، آهي ڏاتار (لاڙ، چوڻي)
    اولاد/ زيردست کي جيستائين مھميز نه ڏبي، تيستائين سڌرندو نه. جيڪڏهن پاسخاطري ڪبي، مار موچڙو نه ڏبو ته ٻار کري، ارن مان نڪري ويندو ۽ کيس ڌَتِ ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان لءِ ضروري آهي ته ٻار کي اک ۾ رکجي ته جيئن اڌرڻ کان بچي پوي. جڏهن ٻار سڌرندو ته لامحاله زندگي به سندس سڌرندي. ٻين لاءِ به فائديمند ٿيندو. زندگيءَ جو سنوارجڻ ۽ سڌرڻ، ڏيھن جي ڏاتار طرفان آهي .
    - مار، سنوار آهي .
    - عرشان چار ڪتابان لٿيان، پنجوا لٿا ڏنڊا،
    ڪتابان اوه نه ڪيتا، جھڙا ڪيتا ڏنڊا.


    130- مانگهه، ڇوڙا ڏاگهه (هندي، چوڻي)

    130- مانگهه، ڇوڙا ڏاگهه (هندي، چوڻي)
    مانگهه ؛ هندي يارهون مھينو، جيڪو 15 جنوريءَ کان 15 فيبروريءَ تائين هلندو آهي. منجهس سخت پارا پون. اٺ به مست ٿين ۽ مستيءَ ۾ ڇوڙايون وتن/ وڃن.


    131- مائٽي، آهي رت (سنڌي، چوڻي)

    131- مائٽي، آهي رت (سنڌي، چوڻي)
    اصل مائٽي آهي، رت جي رشتيداري. شاديءَ وغيره کانپوءِ جڙيل مائٽي به مائٽي ئي آهي پر ان ۾ ايترو جُهٻو نه ايندو آهي، جيترو رت واري رشتيداريءَ ۾ ايندو آهي. مائٽ/ ماءُ پيءُ ڪاوڙبا ته ڪُھندا ڪونه. جڏهن ته رشتيداريءَ واريءَ مٽيءَ ۾ ايڏو ڪھڪاءُ نه ايندو آهي.
    - رت، دانگيءَ تي وريو پوي .
    - رت کي باهه لڳندي آهي .
    - پنھنجو ماري، ڇانءَ ۾ اڇلي،
    ڌاريو ماري، اس ۾ اڇلي .


    132- مايا، آهي ڇلڻي (هندي، چوڻي)

    132- مايا، آهي ڇلڻي (هندي، چوڻي)
    مايا/ڌن/دولت، ڀنڀلائيندڙ/راه کان هٽائيندڙ/پليندڙ آهي. ان جي محبت، ٻئي جھان وڃائي ٿي. مٽ مائٽ ڇڏيو وڃن. آخر ۾ پاڻ به ساٿ ڇڏيو وڃي. ڪنھن سان به وفا نه ٿي ڪري. اچي به تيزيءَ سان، وڃي به تيزيءَ سان. ڪٿي به ٽڪاءُ نه اٿس. بي ڀروسي شيءِ آهي. کانئس ڀڄڻ/ڊڄڻ گهرجي .
    - دولت اچي ته ڪنڌ ڀڃي، وڃي ته چيلهه ڀڃي .
    - مايا، ڌوتي/ ڏائڻ آهي .


    133- مڙس ته رتي (سنڌ، چوڻي)

    133- مڙس ته رتي (سنڌ، چوڻي)
    مڙس ماڻھو اهو آهي، جنھن ۾ غريت هجي. سير نه هجيس ته رتي هجيس. غيرت/رڏي/ارڏائپ، مڙس جي نشاني آهي. جنھن مرد ۾ اهي خوبيون ناهن، اهو گيدي/ ڀاڙيو/ ڇسو ۽ بيڪار آهي.
    - مڙس ته ضد/رڏي/وير/همت .
    - مڙس ته ڦـڏو، نه ته جڏي جو جڏو.
    134- مڪو، آ پڪو (سرو، چوڻي)
    مڪي شريف جا رهواسي، عقيدي ۾ ڏاڍا پڪا هيا/آهن. جڏهن شرڪ/ڪفر تي هيا ته به پڪا هيا. منجهن منافقي يا ٽيڙي ويڙي نه هئي. جڏهن ايمان آندائون، ته به پڪا هيا، منجھهن منافقي يا ٽيڙي ويڙي ڪانه هئي. اڄ به مڪي کان موٽندڙ حاجين کان پڇبو ته ٻڌائيندا؛ مڪي ۾ جلال آهي. مديني ۾ جمال آهي. مڪي جا ماڻھو مزاج ۾ سخت ۽ مديني جا ماڻھو مزاج ۾ منٺڙا آهن .


    135- ململ ته سنڌڻ (سنڌ، چوڻي)

    135- ململ ته سنڌڻ (سنڌ، چوڻي)
    آڳاٽي زماني ۾ سنڌ ملڪ جي ٺھيل ململ (ڪپڙي جو قسم)، جڳ مشھور هئي. سڄي دنيا ۾ وڪامندي هئي ۽ شوق سان زيب تن ڪئي ويندي هئي. يوناني ته ململ کي چوندا ئي Sindon هئا. عرب کيس سُندس سڏيندا هئا.


    136- مِني، ڪوڀ ڪني (هندي، پھاڪو)

    136- مِني، ڪوڀ ڪني (هندي، پھاڪو)
    مِني ؛ نڪ ويٺل ۽ ننڍي قد واري ڇوڪري. عيب ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا صورت جا ٻيا سيرت جا. عيب ڪھڙو به هجي، مڙئي خراب آهي. جڏهن ته سيرت جو عيب مڙني عيبن کان خراب آهي. صورت جو عيب، ڌن دولت سان لڪيو وڃي. جڏهن ته ڪنواري ڇوڪريءَ جو بيني نڪ ۽ هلڪي قد وارو عيب، ڌندولت سان به نه لڪي سگهندو آهي. ڪنيءَ مڇيءَ وانگر پئي ٿـڏبي آهي.


    137- ميوو، مندائتو ڀلو (سنڌ، پھاڪو)

    137- ميوو، مندائتو ڀلو (سنڌ، پھاڪو)
    ميوو/ ڦل/ نتيجو/ موٽ وقتائتي وڻندي آهي. ڪنھن ساه چڱائي ڪجي ۽ اهو ڪم پئي/ وقت سر موٽ ڏئي ته وڻندو. جيڪڏهن ويلي وئي کان پوءِ پيو ورنائيندو ۽ وهلور ويندو ته ڪونه وڻندو. اهڙيءَ طرح ميويدار وڻ جو ڦل به تازو ۽ پنھنجي مند وارو، وڻندڙ، خوشبودار، فرحت بخش ۽ قوت بخش هوندو آهي. جڏهن ته ارهاڙيءَ وارو ميوو بي مزي، بي طاقت، ڪينئارو، ڪوڙو، ڪسارو، ڪمزور ۽ غير فرحت بخش رهندو آهي. اولاد به ائين آهي. جوانيءَ ۾ ڄاول اولاد طاقت وارو ۽ پيريءَ ۾ ڪم ايندڙ هوندو آهي. پيريءَ ۾ ڄاول اولاد ڪمزور ۽ ڪم نه ايندڙ ٿيندو آهي.


    138- ناڻو، بڻائي راڻو (هندي، چوڻي)

    138- ناڻو، بڻائي راڻو (هندي، چوڻي)
    ناڻي سان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. غلط ڪم به صحيح ٿي سگهي ٿو. ڪاوڙيل ماڻھو پرچائي سگهجن ٿا. پئسي سان سونھن/صحت/آسائش آهي. ماڻھو ٻين جي محتاجيءَ کان بچيو پوي. ٻيا سندس ڳيجهو ٿيو پون.


    139- ناڻو، رتا وڇوڙي (سنڌي، چوڻي)

    139- ناڻو، رتا وڇوڙي (سنڌي، چوڻي)
    ڌن/ دولت ۾ چمڪو آهي. هر ڪنھن جي خواهش هوندي آهي ته دولت کيس ملي رات اچي. جڏهن هڪ شيءِ جا اميدوار گهڻا ٿيندا آهن ته پاڻ ۾ وڙهندا آهن. اها شيءِ به نخرا الڳ ڪندي آهي. اميدوار، ڀلي پاڻ ۾ جگري دوست هجن يا رت جا ڀئر هجن، پر وڙهندا ضرور .
    دولت مان جتي گهڻا فائدا آهن، اتي وڏا نقصان به آهن. جاني جدا ٿيو وڃن، ڀائر به کنا کيڙا ٿيو وڃن.
    ناڻي جي اچڻ سان وڏائي اچي ٿي. ماڻھو آسائش پسند/سھل پسند ۽ سست ٿئي ٿو. ٻئي ڪنھن جي نه غرض ڪڍي ٿو نه مٿس فلڪ آڻي ٿو. نتيجي طور ٻين جي اک جو ڪنڊو ٿيو پوي. دنيا ۾ سڃا/ محتاج گهڻا آهن. لالچ ۾ اچي سندس ڪم لاهيو ڇڏين.
    ان ڪري ضروري آهي ته ڌن/دولت جمع ڪري نه رکجي. غريبن/ محتاجن ۾ ونڊ يورهائي کائجي. ونڊ يورهائي کائڻ ۾ سک آهي. ناڻي مٿان نانگ بڻجي ويھڻ ۾ وڏا نقصان آهن. ماڻھو دوستن کان ڪٽجي وڃي ٿو. رت جي رشتيدارن کان به ٽُٽيو وڃي .
    - ناڻو، نينھن ٽوڙي .


    140- نـٿان، سدائين پرباش (سرو، پھاڪو)

    140- نـٿان، سدائين پرباش (سرو، پھاڪو)
    نـٿان؛ بدقماش عورت، پنھنجي بدچاليءَ سبب آل جال ڪمائيندي آهي ۽ الائي ڪيترن وڏن گهراڻن جي ماڻھن سان سندس تعلقات هوندا آهن. جنھن ڪري سندس گهڻي آؤ ڀڳت ٿيندي آهي. مفت جي مليل مال تي، هر وقت پرباش گذاريندي آهي .


    141- نِمي، سو ڳورو (سنڌ، پھاڪو)

    141- نِمي، سو ڳورو (سنڌ، پھاڪو)
    جھڙيءَ طرح تارازيءَ جو نِميل پـُڙ ڳورو هوندو آهي، اهڙيءَ طرح هيٺانھين/ نوڙت ڪرڻ وارو ماڻھو به وزندار ٿيندو آهي. وڏائي ڪرڻ وارو ماڻھو، هلڪڙو/ٽرڙو/ڇسو ٿيندو آهي. مصلحتاً ٻيا سندس عزت ڪندا آهن. دلي طرح سمورا کانئس خائف/ متنفر هوندا آهن. ڪنھن ڪچھريءَ ۾ نانگ گهڙي اچي ته اٿي بيھبو آهي. ائين سندس اچڻ تي به هرڪو اٿي بيھندو آهي. نانگ خاطر اٿڻ، عزت وٽان ناهي، ڊپ سبب آهي. اهڙيءَ طرح ظالم ماڻھوءَ لاءِ اٿڻ، دل سان نه پر ڊپ کان آهي .


    142- نياڻي، ست قرآن (سنڌ، چوڻي)

    142- نياڻي، ست قرآن (سنڌ، چوڻي)
    نياڻي، نماڻائپ جي نشاني آهي، نماڻائپ، نه ڪڇڻ جي علامت آهي، جنھن نه ڪڇيو، تنھن گهڻو ڪڇيو. نياڻي، در لنگهي اچي ته کيس نه موٽائبو آهي. جنھن در آيل نياڻي موٽائي، تنھن ست دفعا قرآن کي موٽايو. سنڌ ۾ نياڻي موٽائڻ کي ايڏو وڏو عيب سمجهيو ويندو آهي.
    - نياڻي، آهي نماڻي .


    143- ويائي، آهي ڪھائي (ساهتي، چوڻي)

    143- ويائي، آهي ڪھائي (ساهتي، چوڻي)
    ويامڻ واري عورت جو مثال ڪٺل وانگر آهي. ويم ۾ به عورت کان جگر جو ٽڪرو جسماني طرح الڳ ٿئي ٿو. کانئس نفاس جو وڏو رت اڙهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته مٿانئس وڏو بار هلڪو ٿيو وڃي ۽ فرحت اچيو وڃيس. ويم جي سورن جي نافت به نافت هوندي آهي. اها ماءُ کي شاباس آهي جا برداشت ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ويم ۾ فوت ٿيل عورت کي شھيدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، بنا پڇا جنت ۾ ويندي .


    143- ويري، وڍيا ڀلا (سرو، چوڻي)

    143- ويري، وڍيا ڀلا (سرو، چوڻي)
    دشمني/ وير، ڪک جو به خراب آهي. ان ۾ ماڻھو سڄو ڏينھن پيو ڪُڙهندو/ڳرندو/ پسرندو/ جُهرندو آهي. اندر ۾ پوندڙ وڍ، ظاهري ڌڪن/ موچڙن کان تمام وڏا آهنب. سياڻا ماڻھو، هميشه وير/ڪروڌ/ ڪر ڪر کان ونءُ پيا ويندا آهن. ڇو جو ڪروڌ ٺڪرن جو پاڻي سڪايو ڇڏي .
    - باهه جو بَــرَ ڏي منھن .
    - ويري ۽ پنڌ، وڍيا ڀلا .
    -سڄڻ سؤ به گهٽ، دشمن هڪ به گهڻو.


    144- هٺ، مارائيندڙ آهي (سرو، چوڻي)

    144- هٺ، مارائيندڙ آهي (سرو، چوڻي)
    هٺ/ وڏائي ڪرڻ وارو، ٻين جي نظرن ۾ آخر ڪري پوي ٿو. گهڻن جي دل آزاري ڪرڻ سبب مڙيئي سندس مخالف ٿيو پون. گڏجي سندس خلاف محاذ کڙو ڪرڻ بعد، کيس ڍيري ڪري رکن ٿا. جنھن به دنيا جي تختي تي وڏائي/ تڪبر/ آڪڙ ڏيکاري، سو نيٺ فنا ٿي ويو. فرعون ۽ نمرود جھڙا متڪبر، جن جو قرآن شريف ۾ به ذڪر آهي، تن جو اڄ دنيا ۾ نالو نشان ئي ڪونھي .
    ڀيٽيو ؛ ڪلام، ڪنڌ ڀر .


    145- هر ميران رعيت (فارسي، پھاڪو)

    145- هر ميران رعيت (فارسي، پھاڪو)
    هر ماڻھو، امير/سردار وانگر آهي. وٽس، هر امير/سردار وانگر رعيت آهي. هر امير کي پنھنجي رعيت سان تعلق آهي. هر رعيت کي پنھنجي امير جي ماتحت هلڻو آهي. پيءُ گهر جو وڏو يا امير آهي. سندس اولاد ۽ گهر واريون، سندس رعيت مثل آهن. کانئس سندس رعيت بابت پڇا ٿيندي. انھن جو ذمو سندس ڪلھن تي آهي .


    146- هستيءَ کي مستي (سرو، چوڻي)

    146- هستيءَ کي مستي (سرو، چوڻي)
    هستي/ وجود/طاقت سان ڪيترا ڪم سرانجام ڏيئي سگهجن ٿا. وڏي ۾ وڏا ڪارناما، حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ حاڪمن ئي ڏنا آهن. فقط پاور ۽ طاقت جي هستيءَ سبب. جيڪڏهن کين حڪمراني هٿ هيٺ نه هجي ها ته شايد اهڙا ڪارناما سرانجام نه ڏيئي سگهن ها. پنھنجي هستي برقرار رکڻ لاءِ، اهڙو اقتدار يا هستي هٿ ڪرڻ ضروري آهي. جيڪا مسلسل محنت/ جدوجھد کان پوءِ هٿ ايندي آهي. جڏهن هٿ ايندي آهي ته ماڻھو ان جي نشي ۾ مست ٿي پوندو آهي .


    148- هنر، نر آهي (سنڌي، چوڻي)

    148- هنر، نر آهي (سنڌي، چوڻي)
    نر، ڪيترين مادين کي ڦرائڻ لاءِ هوندو آهي. جيڪڏهن نر نه هجي ته ماديون ڍُڪيون نه ٿين. نر سان نسل جي افزائش آهي. اهڙيءَ طرح هنر سان به ڪيترن جو پيٽ پلجي ٿو. هنر ذريعي آيل پئسن سنا ڪيترائي معاشي/ معاشرت/ثقافتي/تمدني مسئلا حل ٿين ٿا. زندگيءَ ۾ آسائش حاصل ٿئي ٿي.


    149- هير، ڇني پير (ساهتي، چوڻي، پھاڪو)

    149- هير، ڇني پير (ساهتي، چوڻي، پھاڪو)
    عادت، عضوي مثل آهي. جيڪا نه نڪري، نه ڪرندي آهي. ڀلي کڻي ڪاٺ ۾ وڃڻو پوي يا ٿاڻي ۾ سچُو کائڻا پون، پر ڪرنو ائين آهي جيئن عادت/ هير پيل آهي. ڀلي مٽ مائٽ مائٽي ڇني وڃن، دوست احباب تعلقات ٽوڙي/ ڇني وڃن پر عادت کان مـُڙڻو ناهي .
    - هير، ڪٽائي پير .


    مددي ڪتاب:

    مددي ڪتاب:
    1- جيٽلي ڊاڪٽر مرليڌر سنڌي پھاڪا ۽ محاورا، هڪ اڀياس، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو جنوري 1996ع.
    2- الطاف شيخ، رٺي آهي گهوٽ سان (پھاڪا ۽ چوڻيون) نيو فيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، سنڌ ڇاپو سال فيبروري 1966ع.
    3- تيرٿ داس، پيسومل، پھاڪن جي پاٻوهه، پتمبرداس ساهيج رام بمبئي ڇاپو 1973ع .
    4- سينديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم، پھاڪن جي پاڙ،م سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ ڇاپو 1989ع.
    5- جوهر نثر، سبق نائون، ٻالڪ صفحو 34 .
    6- عق شيخ تاريخ اندلس سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ .
    7- سمون، الھبچايو يار محمد، لاڙ جو سير-سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حيدرآباد ڇاپو 1991ع.
    8- خادم، ڊاڪٽر داد محمد بروهي، سب خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو ۽ پي ايڇ ڊيءَ لاءِ پيش ڪيل ٿيسز سنڌي يونيورسٽي ڄام شورو 1993ع .


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343872
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ