ڪتاب جو نالو: مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر
مصنف: ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري / حافظ ابوالاديب سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1332 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 21 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ:
مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو، هِي ڪتاب ”مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر” سندس شخصيت تي متعلق هڪ بهترين ڪتاب آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري ۽ سنڌيڪار حافظ ابوالاديب سنڌي صاحب آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • پبلشر نوٽ
  • مظلوم مُصلح ۽ انقلابي شخصيت
  • مهاڳ
  • تقريظ
  • پيش لفظ
  • دارالعلوم ديوبند

  • هندستان ۾ اسلامي عظمت جو جيئرو جاڳندو يادگار
  • دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد
  • مدرسن کي قائم ڪرڻ جي همه گير تحريڪ
  • دارالعلوم ديوبند جا اثر
  • علمي خدمتون
  • علمي ۽ تحقيقي ادارن جو قيام
  • سياسي خدمتون
  • ملڪي ۽ غير ملڪي تحريڪون
  • ادبي ۽ لساني خدمتون
  • دارالعلوم ديوبند جي قائم ڪرڻ جو اعليٰ مقصد

  • قاسمي دور ۽ عهد محمودي تي هڪ سرسري نظر
  • دارالعلوم جا بانيڪار
  • دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو اعليٰ مقصد
  • ديوبندي جماعت ۽ ان جو سلسلو
  • هڪ سوچيل سمجهيل رٿا
  • حقيقت جو اعتراف
  • تدريس جو وسيع نظام ۽ ان جو مقصد
  • دارالعلوم ديوبند جي سياسي سفر جي شروعات

  • محمودي دور
  • عهدِ محموديءَ جو چار خاصيتون
  • جمعيت الانصار جو قيام
  • جمعيت الانصار جا مول متا
  • برطانوي سرڪار جي ڳڻتي
  • حضرت شيخ الهند جي عظمت
  • حقاني عمل ۽ ان جو نتيجو
  • باب ٽيون: مولانا سنڌيءَ خلاف اٿاريل الزام ۽ پسمنظر جا واقعا ۽ شخصيتون

  • دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد
  • ١. مسئله تبليغ
  • ٢. هندو مسلم اتحاد
  • ٣.جديد ۽ قديم واري وٿي
  • ٤. مولانا محمد علي جوهر جي عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ
  • ٥.هڪ ٻيو مسئلو
  • اختلافن جو نتيجو
  • باب چوٿون مولانا سنڌي جي تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جا اصل سبب

  • ديوبند مان نيڪالي
  • باب پںجون : شمس العلماءَ حافظ محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند ڪجهه تاريخي دستاويزن جي آئيني ۾

  • ڪجهه تاريخي دستاويزن جي آئيني ۾
  • سپاسنامو
  • سپاس نامو ۽ يويي حڪومت جو نوٽ
  • سپاسنامي ۽ يوپي حڪومت جي نوٽ تي ڪرمنل انٽيليجنس آفيس جو نوٽ
  • هوم ڊيپارٽمنٽ گورنمينٽ آف انڊيا جي سيڪريٽري ڏانهن يوپي گورنمينٽ جي سيڪريٽري جي خفيه خط و ڪتابت
  • مولانا محمود حسن جي باري ۾ سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي خفيه رپورٽ جيڪا هوم ڊيپارٽمنٽ کي موڪلي ويئي.
  • سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي حڪومت هند لاءِ خفيه انفارميشن
  • پنجاب جي اندروني سياسي صورتحال
  • ڪجهه بزرگ شخصيتون ريشمي خطوط سازش ڪيس جي آئيني ۾

  • شخصيتون
  • (1) حضرت مولانا محمودالحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي
  • (2)مولانا حبيب الرحمان عثماني (نائب مهتمم دارالعلوم ديوبند)،
  • (3)شمس العلماء مولانا محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند)
  • *(4)(مولانا شبير احمد عثماني مدرس دارالعلوم ديوبند)
  • باب ستون : ريشمي خطن وارا سازشي

  • (سڊيشن ڪميٽي 1918ع جي رپورٽ جي روشني ۾)
  • (چوڏهين باب جو آخري حصو)
  • (پندرهون باب)
  • (ضميمو پهريون)
  • (ضميمو ٻيون)
  • ضميمو ٽيون
  • ضميمو چوٿون
  • ضميمو پنجون
  • ضميمو ڇهون
  • ضميمو ستون
  • ضميمو اٺون

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر
    286
    سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    ٽيون ڇاپو: 2011ع
    ڪتاب جو نالو : مولانا عبيدالله سنڌي ۽ سندس ڪجهه همعصر
    ليکڪ: ڊاڪٽر ابوسليمان شاهه جهانپوري
    سنڌيڪار: حافظ ابوالاديب سنڌي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 150/= رپيا
    “Molana Ubaidullah Sindhi Aen Sandas Kujh Hamasar”
    (History/Critics)
    By: Dr. Abu Salman Shah Jahanpuri
    Translated by: Hafiz Abul Adeeb Sindhi
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.org
    Email:sindhica_academy@yahoo.com
    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-3431115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،
    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400 


    پبلشر نوٽ

    مولانا عبيدالله سنڌي هڪ عظيم انقلابي عالم ۽ مفڪر جي حثيت ۾ عالمي مڃتا رکي ٿو. خاص ڪري ننڍي کنڊ جا انقلاب ۽ آزادي جا متوالا، ترقي پسند طبقا ۽ انسان دوست حلقا جيڪو احترام ۽ عقيدت مولانا سنڌيءَ سان رکن ٿا سو قابل رشڪ آهي. پر ساڳي وقت قدامت پرستيءَ سرمائيداريت ۽ سامراج جا ڪجهه دلال طبقا، هُن سان جيڪو بغض ۽ دشمني رکن ٿا سا به بيحد ڪرڀائتي ۽ سخت بدبودار آهي.
    مولانا سنڌيءَ سان انهيءَ دشمنيءَ جو آغاز دارالعلوم ديوبند کان ٿيو، جتي هو پنهنجي استاد شيخ الهند مولانا محمودالحسن وٽ پڙهيو. دارالعلوم ديوبند جو بنياد مولانا محمد قاسم نانوتوي رکيو هو ۽ پنهنجو پهريون شاگرد مولانا محمود الحسن کي بڻايائين. هن اداري جو مقصد قرآن حڪيم جي ٻڌايل انقلابي بنيادن تي هڪ جماعت تيار ڪري ننڍي کنڊ مان سامراجي اقتدار جو خاتمو آڻڻ هو ته جيئن امام شاهه ولي الله جي جماعت جي تسلسل ۾ سرمائيداريت مخالف اسلامي اقتدار کي مضبوط تعليمي بنياد فراهم ٿي سگهن. انهيءَ ڪري ان وقت برصغير ۾ رائج فقهي بنيادن تي استوار درس نظامي جي بجاءِ قرآن و حديث جي بنيادن تي استوار ڪورس جي تشڪيل سان ان جو آغاز ڪيو ويو.
    بدقسمتيءَ سان وڏين اسلامي ملڪن ۾ نسب پرستيءَ جي داخل ٿيڻ سان اتي اسلامي تحريڪن جي روح جي جيئن پائمالي ٿي آهي، تيئن هتي به ساڳي وارتا پيش آئي ۽ مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جي وفات کانپوءِ ان جو پٽ مولانا محمد احمد ان جو مهتمم بڻيو. جنهن انگريز دوست روين جي ڪري انهن کان شمس العلماءِ جو خطاب به حاصل ڪري ورتو. ان صاحب نه صرف دارالعلوم جي قيام جي مقصدن کان انحراف ڪيو بلڪ اتي انگريز عملدارن کي استقباليه به ڏنا. مولانا عبيدالله سنڌي جي سامراج دشمني پڌري هئي، انهيءَ ڪري مولانا عبيدالله سنڌي کي اتي مؤثر استاد ۽ حضرت شيخ الهند جي دست راست جي طور تي قبول ڪرڻ ممڪن نه هو، انهيءَ ڪري مولانا سنڌي تي اسلام مخالف نظرين جا الزام هڻي ان لاءِ ديوبند جي ڌرتيءَ کي تپائي ٽامو بڻايو ويو. آخرڪار حضرت شيخ الهند حضرت سنڌيءَ جي خداداد علمي صلاحيتن جو فائدو برصغير جي عالمن ۽ فاضلن کي پهچائڻ جي لاءِ کيس نظارة المعارف جي نالي سان ادارو قائم ڪري ڏنو، جتي هُن هندستان جا ذهين عالم ۽ قائد پيدا ڪري ڏيکاريا. جنهن ڏينهن مولانا سنڌي دارالعلوم ڇڏيو ان ڏينهن کان دارالعلوم ديوبند جو ولي اللّهي انقلابي جماعت جي مرڪز هئڻ جو اهومقام کسجي چڪو هو، جيڪو ان جماعت جا ماڻهو بعد ۾ به ڪيترن عشرن تائين محسوس ڪندا ۽ ڀوڳيندا رهيا،تان جو حصرت مولانا حسين احمد مدنيءَ جي فرزند مولانا اسعد مدنيءَ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ دارالعلوم ديوبند کي ان قدامت پرست سامراج نواز ٽولي جي قبضي کان خالي ڪرائي،ان جو انتظام ”جماعت شيخ الهند“ جي نمائنده تنظيم جمعيت علماءِ هند کي واپس ڪرايو. پر ان ٽولي پنهنجي اخراج کي دل سان قبول نه ڪيو ۽ دارالعلوم ديوبند جي مقابلي ۾ ان جي سامهون ئي پنهنجو دارالعلوم جوڙي بيهاريو.
    هي ڪتاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ان دور وارن همعصرن جي مهربانين ۽ ڪارستانين کي وائکو ڪري ٿو. اسان کي اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌ جي عالمن ۽ ساڃهه وندن ديني حلقن کي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪندو ته ديوبند جماعت شاهه ولي الله جي فڪر ۽ تحريڪ جي تسلسل ۾ ”جماعت شيخ الهند“ ننڍي کنڊ جي جيد عالمن جي تنظيم جمعيت علماءِ هند جي شڪل اختيار هئي ۽ ان جماعت برصغير ۾ اسلامي اقتدار جي قيام لاءِ سرگرم ڪوششون ڪيون ۽ ان جي آزادي لاءِ ريشمي رومال تحريڪ هلائي انگريز اقتدار جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. ان جي مقابلي ۾ انگريزن نه صرف مولانا نانوتويءَ جي پٽ کي استعمال ڪيو پر”جماعت ٿانويءَ“ کي ان جو ساٿاريءَ بڻائي جماعت شيخ الهند جا ترا ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون. ايستائين جو تحريڪ ريشمي رومال جي راز فاش ٿيڻ کان وٺي انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ عالمن ۽ انقلابين جا نالا به جماعت ٿانويءَ جي سرڪردن انگريزن کي ڏنا، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي برصغير ۾ چونڊي چونڊي عالمن کي ڦاسيون ڏنيون ويون يا وري کين مالٽا ۽ انڊيمان جي جيلن ۾ موڪليو ويو. تحريڪ ريشمي رومال جي نتيجي ۾ جڏهن انگريزن جو هند ۾ اقتدار ڪمزور ٿيو ته انهن هتان ويندي ويندي هند جي مسلمان سرمائيدارن، نوابن “جماعت ٿانوي” جي مولوين ۽ محمد علي جناح جي اشتراڪ سان پنهنجي وفادار فوج کي هي ملڪ پنهنجي ڪالونيءَ جي طور تي امانتو ڪري حوالي ڪيو، جيڪو انهن سڀني ٽولن جي ڳٺ جوڙ سان هينئر به سامراج نوازيءَ جو ساڳيو ڪردار ادا ڪندو پيو اچي.
    سنڌ جا مولوي تاريخي طور تي خداپرست انسان دوست فڪر جي پوئواريءَ ۾ ”جماعت شيخ الهند“ جو اهم حصو رهيا ۽ انهن حضرت شيخ الهند سان گڏجي ريشمي رومال تحريڪ جي سنڌ، بلوچستان ۽ مڪران ڪمانڊ سنڀالي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ حضرت مولانا تاج محمد امروٽي جي جماعت جي سرواڻ حضرت حمادالله هاليجوي، حضرت محمد شاهه امروٽي، حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جماعت جي سرواڻ شيخ الحديث حافظ محمد اسماعيل، جماعت شيخ الهند جي فڪر ۽ انهن جي انقلابي واٽ سان پنهنجي نسبت قائم رکي. مولانا غلام غوث هزاروي پاڪستان ۾ ”جماعت شيخ الهند“ جي آخري وڏي علامت هو. پاڪستان سطح تي ان کانپوءِ هينئر رڳي جماعت ٿانويت ئي باقي رهي آهي ۽ سنڌ جا هاڻوڪا مولوي اهو احساس ۽ شعور به وڃائي چڪا آهن ته ”جماعت شيخ الهند“ ۽ ”جماعت ٿانوي“ ٻه الڳ جماعتون آهن ۽ آهستي آهستي هو هاڻي جماعت ٿانويءَ جا پوئلڳي طرف سرندا پيا وڃن.
    هي ڪتاب ”جماعت شيخ الهند“ سان ”جماعت ٿانوي“ جي ٽڪراءَ ۽ غداري جي هڪ اهم گوشي تي لکيل آهي پر جيڪڏهن جماعت ٿانويءَ جي انهن سڀني غدارين کي منظر عام تي آندو وڃي جيڪي تحريڪ ريشمي رومال جي سي آءِ ڊي رپورٽن جي صورت ۾ انڊيا آفيس لائبرري رڪارڊ لنڊن ۾ محفوظ آهن ته انهيءَ سان حقيقتون اڃان به وڌيڪ پڌريون ٿي سامهون اينديون.

    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    مظلوم مُصلح ۽ انقلابي شخصيت

    مظلوم مُصلح ۽ انقلابي شخصيت

    مختلف قومن، قبيلن ۽ زمين جي جدا جدا خطن ۾ رسول ۽ پيغمبر ته ايندا رهيا آهن جن سختيون ۽ ڏک برداشت ڪري، نهايت ثابت قدمي سان، خدا جي پيغام کي انسانن تائين پهچايو ۽ ماڻهن کي سٺن گڻن سان پئي سنواريو ۽ سينگاريو. مگر هن پوئين امت ۾ ختم نبوت جي ڪري نون پيغمبرن جو اچڻ ته بند ٿي ويو آهي مگر ”سنت الله“ مطابق مجدد، مصلح، قومن کي جاڳائيندڙ رهبر، قرآن جي پيغام کي جياريندڙ، هلاڪت جي نتيجن کان آگاه ڪندڙ مفڪر ۽ قرآن جي فلسفي ۽ فڪر مطابق جهاد، آزادي ۽ استحصالي طبقن کي للڪاريندڙ اڳواڻ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ پيدا ٿيندا رهيا آهن. جن صاحب عظمت انسانن کي اهڙي سعادت ۽ خوش بختي سان نوازيو ويندو آهي. انهن جي چونڊ ”مالڪ الملڪ“ پاڻ ڪندو آهي. انهن لاءِ وسيلا مهيا ڪندو آهي ۽ انهن ۾ جذبا، حوصلا ۽ غير معمولي ذهني، فڪري ۽ عملي گڻ وديعت ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب اهڙا انسان ڌرتي تي حيرت انگيز ڪارناما سر انجام ڏيندا آهن. اهي شخص لومة لائم (ملامت ڪندڙ جي ملامت) کان خوفزده نه ٿيندا آهن. اهي مخالفن جي طعنن تنڪن، چٿرن ۽ ڪوڙن الزامن کي هڪڙي اڏامندڙ ڪک جي حيثيت به نه ڏيندا آهن. اهي ڪم عقلن جي فتوى بازين، مڪارين ۽ بد ڪرداريءَ کي سندن منهن تي ماريندا آهن. هنن کي مقصد سان عشق ۽ لگن هوندي آهي. هو مثبت ڪارنامن لاءِ سڀني کي نظر انداز ڪري اڳتي ۽ هميشه اڳتي وڌندا رهندا آهن. اهي ماڻهو هر وقت متحرڪ رهندا آهن. ڌرتي تي پيغمبري مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ تبديلي جي مشن هنن جو هدف هوندو آهي. اهڙا ماڻهو سڌا سنوان، صاف سٿرا، عجز ۽ انڪساري جا مجسما، دنيا ۽ دنيا پرستن کان پري ۽ گھڻو پري گذاريندا آهن. هنن جي ياري ۽ سنگت غريبن، مسڪينن ۽ نظرياتي دوستن سان هوندي آهي. اهي پنهنجي سنگت ۾ ويهندي پاڻ کي خوش قسمت سمجھندا آهن. دولت پرستن سان ڪنهن وقت به آمنو سامنو ٿيندو اٿن ته هو ان کي ٻوجھه محسوس ڪندا آهن. سون چانديءَ جون ڏيٽيون ۽ مٽيءَ جون ٺڪريون هنن لاءِ هڪ جهڙي حيثيت رکنديون آهن. اهي ڄائي ڄمندي سليم فطرت جا مالڪ هوندا آهن. انهن تي ”حظيرة القدس“ جو پاڇو جلوه گر هوندو آهي. اهڙيون مقدس شخصيتون هن امت ۾ پيدا ٿينديون رهيون آهن. انهن تي پيغمبر اسلام ﷺ جو عڪس جمال ۽ جلال ڇانيل هوندو آهي.
    قرآن مجيد ۾ اهڙن انسانن کي چئن گروهن ۾ ورهايو ويو آهي:
    وَمَنْ يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسُولَ فَأُولَٰئِكَ مَعَ الَّذِينَ أَنْعَمَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ مِنَ النَّبِيِّينَ وَالصِّدِّيقِينَ وَالشُّهَدَاءِ وَالصَّالِحِينَ وَحَسُنَ أُولَٰئِكَ رَفِيقًا ﴿النساء: ٦٩﴾
    ترجمو: ۽ جيڪي الله ۽ رسول جي تابعداري ڪندا سي انهن سان گڏ ٿيندا جن تي الله نعمت ڪئي آهي، (جيڪي) نبي، صديق، شهيد ۽ صالح (آهن) ۽ اهي چڱا رفيق آهن.
    نبين ۽ صديقن جو دؤر گذري چڪو باقي پويان ٻه گروه هن امت ۾ ڪثرت سان پيدا ٿيا ۽ اهي ئي هن ڌرتي جو سينگار رهيا آهن. اسان هن مضمون ۾ پوئين گروه ”صالحين“ مان جنهن روشن شخصيت جي پرچار ڪرڻ چاهيون ٿا اها آهي اسان جي ممدوح شخصيت ؛ ”مظلوم مصلح، انقلابي رهبر، مفڪر اسلام، قرآني علوم ۾ غوطه زن، متحرڪ انسان، مجاهد في سبيل الله ۽ مهاجر الي الله مولانا عبيدالله سنڌي ؓ“
    هيءَ اها شخصيت آهي جنهن کي الله تعالى، امت مسلمه جي زوال جي دور ۾ چونڊيو. الله جي ذات، اسلامي انقلاب، حريت ۽ تبديليءَ جي چڻنگ کي ڀنڀٽ بنائڻ جي لاءِ هڪ ٻي قوم ۾ جنم و‎ٺندڙ ٻار کي خصوصي صلاحيتن سان نوازي، امت کي پنهنجي احسان سان نوازي ڇڏيو.

    شخصيت جو ننڍپڻ
    سيالڪوٽ (پنجاب) جي ڊسڪا شهر جي ڀرسان هڪ ڳوٺ چيانوالي ۾، 7 مارچ سنه 1872ع ۾ هڪ سعيد روح ظاهر ٿيو. پيدا ٿيڻ وقت اها صورتحال هئي جو سندس پيءُ ”رام سنگهه“ سک مذهب سان تعلق رکندو هو. ٻار جو نالو بوٽا سنگهه رکيو ويو. ٻار جي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ سندس پيءُ وفات ڪري چڪو هو. ڏاڏو پرورش ڪندو رهيو، جيڪو ٻن سالن کان پوءِ هو به ٻي جهان ڏانهن راهي ٿيو. ڏاڏاڻ ۾ ڪوبه سنڀاليندڙ نه رهيو ته هن يتيم ٻار، بيوه ماءُ ۽ سندس هڪ وڏي ڀيڻ جنهن جو نالو جيوڻي هيو، انهن جي سنڀال ۽ شفقت جو هٿ سندن ناني جو رهيو. پر اهوسهارو به وڌيڪ جٽادار نه ٿي سگھيو. ڇهن سالن جي عمر ۾ نانو به الوداع ڪري ويو. هاڻي سندس ٻه ماما باقي بچيا جن محبت سان هن کي سيني سان لڳايو. ناناڻ راجن پور ضلعي جي شهر ڄام پور ۾ رهندا هئا. ڇهن سالن جي عمر ۾ بوٽا سنگهه، ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاءِ داخل ٿيو. ست جماعتون انهيءَ اسڪول ۾ پوريون ٿيون. هاڻي هو ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ وڃڻ وارو ئي هيو ته قضا ۽ قدر جو فيصلو ظاهر ٿيڻ جو وقت اچي ويجھو ٿيو. اسلام جي صداقت ۽ توحيد جو پيغام هن جي دل تي دستڪ ڏيڻ لاءِ پهچڻ وارو هيو.
    سليم فطرت ٻارُ پنهنجي ڪهاڻي پاڻ هن طرح بيان ٿو ڪري:
    ”1884ع (12 سالن جي عمر) ۾ مون کي اسڪول جي هڪ ساٿي جيڪو آريه سماجي هيو ان هڪ ڪتاب ”تحفة الهند“ پڙهڻ لاءِ ڏنو. ڪتاب جو مطالعو غور ۽ فڪر سان ڪيم ۽ مضمونن کي دل ۾ هنڊائيندو ويس تان ته پوري ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ منهنجي دل ۾ اسلام جي سچائي تي يقين ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ئي ڪجھه هندو دوست جيڪي تحفة الهند پڙهي چڪا هئا، انهن جي ذريعي مولانا محمد اسماعيل شهيد رح جو لکيل ڪتاب ”تقوية الايمان“ مليو. انهيءَ ڪتاب جي مطالعي سان توحيد جي حقيقت چٽي طرح سامهون اچي وئي ۽ شرڪ کان پوري طرح نفرت ٿي وئي. پوءِ هڪ ڪتاب ”احوال الآخرة“ جي پڙهڻ سان نماز پوري طرح سکي ويس. پوءِ مان ”تحفة الهند“ جي مصنف جي نالي پٺيان پنهنجو نالو ”عبيد الله“ پاڻ لاءِ تجويز ڪيم.“

    پالڻهار جي طرف سفر
    ڪتابن جي پڙهڻ کان پوءِ قلب سليم ۾ جذبن جو طوفان شروع ٿي ويو. اهي جذبا ويهڻ نه پيا ڏين. هڪ مسلمان ساٿي عبدالقادر جي ساٿ سان ۽ هڪ مدرسي جي شاگرد جي رفاقت سان هميشه لاءِ پنهنجي گھر کان، والده کان، وڏي ڀيڻ کان جدا ٿي ڪنهن مسلم سوسائٽي ۾ رهڻ جو فيصلو ٿي ويو. اهو مُبارڪ ڏينهن 15 آگسٽ 1887ع جو هيو. اڄ عيبد الله پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کان موڪلائڻ کان سواءِ گھر مان وڃي رهيو هو.
    ماءُ ۽ ڀيڻ ستل هيون. انهن تي ننڍ جي حالت ۾ ئي آخري نظر وجھندي، گھر جي ديوارن تي نگاه وجھندي، مگر نهايت باوقار انداز سان ڪنهن ڏک، غم يا افسوس جي ڪيفيت کان سواءِ هڪ نئين سفر لاءِ راهي ٿيو.
    عبيدالله مشرڪانه ماحول ۾ رهي نه ٿي سگھيو. هن کي پنهنجي حقيقي محبوب جو وصال تڙپائي رهيو هو. هو آزادانه ان جي عبادت ڪرڻ لاءِ بي تاب هو. هو جنهن محبوب لاءِ قرباني ڏئي رهيو هو، اها محبت ۽ چاهت هنن رشتن ۽ حسب نسب کان گھڻو بلند ۽ عظيم هئي. هو سفر الي الله لاءِ هاڻي هڪ لمحي جي تاخير به نه پيو ڪري سگھي. جلوه جمال جي پسڻ کان پوءِ عبيد الله سفر عشق لاءِ دنيا جي ظاهري چاهتن کي ڇڏڻ ۾ پاڻ کي ” إِنِّي مُهَاجِرٌ إِلَىٰ رَبِّي “ جي بلند مقام تي محسوس پيو ڪري. چنانچه پنهنجن جن ساٿين سان گڏجي عشق جي پهرين منزل ضلع مظفر ڳڙهه جي ڳوٺ ڪوٽله رحم شاھ پهتو. 29 آگسٽ 1887ع ”سنت طُهر“ جي ادائگي ٿي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ معلوم ٿيو ته مائٽ تلاش ۾ آهن ته پوءِ اهو قافلو سنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو. اهڙي طرح سفر عشق جي ٻي منزل ڀرچونڊي شريف ۾ ٿي. ڀرچونڊي (ڏهرڪي) ۾ ان وقت هڪ عظيم روحاني شخصيت سيد العارفين، حافظ الملت والدين حضرت حافظ محمد صديق ؓ جي شخصيت جلوه افروز هئي جيڪا مرجع علماء ۽ عوام هئي. عبيد الله جيڪو عشق الاهي ۾ پچي پختو ٿي چڪو هو. اهڙي باڪمال ۽ مثالي شخصيت جي فيوضات جي پالوٽ ۾ روحاني مدارج جلد ئي ڪاميابي سان پار ڪيا. ٽن چئن مهينن جي صحبت ۾ اسلامي معاشره جي ماحول ۾ رهڻ سان هو اخلاق حسنه جو مجسمو بڻجي ويو. عجز انڪسار، سادگي، شرافت، ديانت ۽ معرفت رباني سان سندس قلب معمور ٿي ويو.
    هڪ دفعي مجلس ۾ ماڻهن جي سامهون حضرت سيد العارفين رحمة الله عليه اظهار فرمايو ته:
    ”عبيدالله فقط الله تعالى جي رضامندي خاطر اخلاص ۽ سچائي سان پنهنجو گھر، پنهنجا مائٽ تان ته ماءُ ۽ ڀيڻ کي به ڇڏي هت اسان وٽ پهتو آهي ۽ اسان کي پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ بڻايو آهي. هاڻي اسان ئي هن جا پيءُ ۽ ماءُ آهيون.“
    عبيدالله تي انهن لفظن جو ايترو ته گهرو اثر ٿيو جو هو جنهن سموري دنيا وطن ۽ حسب نسب کي ڇڏي هت پهتو هو ته هڪدم چئي ڏنائين ته حضرت سيد العارفين واقعي منهنجو ديني پيءُ آهي ۽ مان هاڻي سنڌ کي پنهنجو وطن قرار ڏيان ٿو ۽ پاڻ کي ”عبيد الله سنڌي“ چوائڻ ۾ اعزاز سمجھان ٿو.

    سنڌ سان وفاداري
    عبيدالله سنڌي جي زندگي جو اهو پهلو به عام انسانن لاءِ هڪ بصيرت ۽ سبق جي حيثيت رکي ٿو ته هو هت چند مهينا گذارڻ کان پوءِ علم جي تلاش ۾ سنڌ کي ڇڏي ديوبند، ڪانپور، دهلي، گنگوه ۽ وچ هندستان هليو ويو.
    هن جڏهن پنهنجو وطن ڇڏيو ته هاڻي هو ڪٿي به وڃي ٿي سگھيو. هو ڪنهن به جڳهه رهي ٿي سگھيو. پنهنجي علم ۽ فضل جي سرمايي سان جنهن طرف به هو نڪري وڃي ها ته هن جو بهترين استقبال ٿئي ها. هو هر جڳهه پنهنجا مداح ۽ معتقد پيدا ڪري، ان علائقي کي پنهنجو وطن قرار ڏئي ٿي سگھيو. مگر آفرين آهي ”عبيدالله سنڌي“ کي جيڪو وفا شعار نڪتو. هڪ دفعي جيڪو هٿ هن پنهنجي مربي ۽ محسن کي ڏنو ته وري ان جي ڇڏائڻ جو تصور به نه ڪيائين.
    جنهن جي شفقت ۽ محبت جي پاڇي ۾ هُن چند مهينا گذاريا ته وري ان چوکٽ تان پير پوئتي نه ڪيائين. هو سموري عمر ان دروازي کي ياد رکندو آيو. ان درگاھ سان، ان جي اولاد سان، ان جي جانشينن سان، ان جي ڳوٺ سان، ان جي شهر سان، ان جي صوبي سان محبت جو رشتو قائم رهيو. سنڌي هجڻ تي فخر محسوس ڪندو رهيو. سنڌي زبان سکيائين، سنڌي ڪلچر اختيار ڪيائين. هتان جو وضع قطع ۽ لباس کي پاڻ لاءِ لازم ڪيائين. سنڌي معاشرت ۾ پاڻ کي رنڱي ڇڏيائين. تعليم پوري ڪري سڌو پنهنجي اختيار ڪيل وطن ڏانهن وريو. انهيءَ پنهنجي ديني پيءُ جي دولت ڪده تي حاضري ڏنائين. ڄڻ ته هو پنهنجي گھر موٽي آيو آهي. هن پوءِ سنڌ کي تعليم ۽ تدريس جو مرڪز بڻايو. سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر وقت سوچيندو رهيو. سنڌ جي مزاج ، تهذيب ۽ معاشرت جو هميشه نمائندو رهيو. سنڌ ۾ تعليم کي فروغ ڏنائين. سنڌ کي پنهنجي انقلابي فڪر ۽ اسلامي فلسفي سان مالا مال ڪري ڇڏيائين. سنڌ ۾ علم جي تحقيق جا مرڪز قائم ڪيائين. سندس هميشه خواهش رهي ته سنڌ سندس سياسي مرڪز رهي ۽ ان جي فڪر ۽ فلسفي جي آماجگاه بڻجي وڃي. هن جا سمورا تجربا سنڌ ۾ ٿيندا رهن. هن جا گھرا دوست،سڄڻ، ساٿي، همدرد ۽ مٿس جان فدا ڪندڙ فداڪار به سنڌ ۾ پيدا ٿيا ۽ جن پوري عمر ساڻس نڀاھ ڪيو. پر حضرت سنڌي ؓ وفا شعار جو اهڙو عظيم ڪردار پيش ڪيو جو ڪوبه انسان هن کي ”بي وفائي“ جو طعنو نٿو ڏئي سگھي تان ته عبيد الله سنڌي کي سنڌ سان اهڙي محبت هئي جهڙي هن جي لازوال محبت اسلام سان هئي. اسلام ۽ سنڌ سان محبت ۽ انهن ٻنهي شين سان نسبت ۾ هن کي ڪوبه تضاد نظر ۾ نه ايندو هو.

    علم جي تلاش ۾
    متحرڪ شخصيت هڪ جڳهه پڙاءُ نه ڪندي آهي. هن جي سامهون نيون راهون ۽ نيون منزلون هونديون آهن. هاڻي عبيد الله سنڌي ؓ جي سامهون ”الراسخ في العلم“ بنجڻ جي منزل هئي. حضرت سيد العارفين ؓ هن نئين منزل جي راهي کي الوداع ڪرڻ وقت اها دعا ڪئي هئي ته ”الله تعالى عبيدالله سنڌي کي ڪنهن راسخ عالمِ دين سان واسطو پيدا ڪري“ . دعا قبول ٿي وئي . عبيدالله سنڌي ؓ، هندستان جي صف اول جي هڪ عظيم استاد، تجربي ڪار ماهر علوم اسلاميه حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن ؓ جي خدمت ۾ پهتو.
    آڪٽوبر1888ع ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ داخلا ملي ويو. ابتدائي ڪتاب مختلف استادن کان پڙهيائون. ڪجھه وقت لاءِ ڪانپور ۾ مولانا احمد حسن ڪانپوري وٽان فيض ورتائون. رام پور ۾ مدرسه عاليه ۾ مولانا ناظر الدين کان به ڪجھه ڪتاب پڙهيائون. 1888ع ۾ ٻيهر ديوبند ۾ آيا. حضرت شيخ الهند ؓ کان حديث جا ڪتاب پڙهيائون. سنن ابودائود، مولانا رشيد احمد گنگوهي ؓ کان پڙهيائون. ان کان علاوه دهلي ۾ استاد الڪل مولانا نذير حسين محدث دهلوي کان بخاري ۽ ترمذي جا سبق ورتائون. 1890ع ۾ سڀني علمن جي فراغت سندن بي پناه ذهانت، محنت، لگن ۽ عشق سان گڏ سندن ڪرامت پڻ هئي.

    سنڌ ڏانهن واپسي
    جنوري 1891ع ۾ ديوبند کان سڌو ڀرچونڊي شريف واپس موٽيا. هت پهچڻ کان بعد کين هڪ المناڪ الميي سان واسطو پيو، جو سندن روحاني پيءُ، عظيم محسن ۽ مربي، حضرت حافظ محمد صديق رحمت الله عليه جن فقط ڏھ ڏينهن اڳ رحلت فرمائي چڪا هئا.
    مولانا سنڌي ؓ جن ڪجھه ڏينهن هت ترسڻ بعد حضرت سيد العارفين ؓ جي خليفه مجاز مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي ؓ جن جي دعوت ۽ اصرار تي امروٽ شريف روانا ٿيا. حضرت امروٽي رح جن به پنهنجي مرشد جي مطابق مولانا سنڌي ؓ تي محبت ۽ شفقت جو هٿ رکيو. نهايت عزت ۽ احترام سان نوازيائين.
    مولانا سنڌي ؓ جي شادي سکر جي هڪ معزز خاندان ۾ محمد عظيم خان يوسفزئي جي ڌيءَ سان ڪرائي وئي. هڪ دارالعلوم قائم ٿيو، جنهن ۾ مولانا سنڌي ؓ تدريس جو ڪم جاري رکيو. سندس والده جيڪا اڃا به پنهنجي پراڻي مذهب تي قائم هئي، ان کي ڄامپور مان گھرائي امروٽ شريف ۾ مستقل طرح رهائش ڏني وئي. ان کان علاوه هڪ شاندار لائبريري به قائم ڪئي وئي ۽ هڪ رسالو ”هدايت الاخوان“ به جاري ڪيو ويو ۽ پريس به لڳائي وئي. اهڙي طرح مولانا سنڌي ؓ کي آزدي سان ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿيا.

    مدرسه دار الرشاد
    راشدي خاندان جي هڪ شاخ ”صاحب العلم“ (جھنڊي وارا) سعيد آباد سنڌ جي ويجھو هڪ ڳوٺ پير جھنڊي ۾ آباد هئا. ان وقت سيد ابوتراب پير رشد الله صاحبِ علم الرابع ؓ جن مولانا سنڌي ؓ کي دعوت ڏنائون ته هو هت اچي هڪ وڏو دارالعلوم قائم ڪن ۽ آزاد خود مختيار ٿي ڪم کي هلائين. مالي معاونت جو فريضو اسان سنڀاليندا رهنداسون. مولانا سنڌي ؓ معاونت جي اهڙي مخلصانه دعوت کي قبول ڪري پير جھنڊي کي پنهنجي علم ۽ تحقيق جو مرڪز بڻايو. آڪٽوبر 1901ع ۾ مولانا سنڌي ؓ جي سرپرستي ۽ اهتمام هيٺ دارالعلوم پنهنجو ڪم شروع ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي هي دارالعلوم علم ۽ تحقيق جو مرجع ٿي ويو. جيد علماء دين هن علمي مرڪز ۾ رکيا ويا. هن دارالعلوم جي خصوصي ڳالهه هڪ عظيم الشان لائبريري هئي جنهن مان سنڌ ۽ هنڌ جا مستند علماءِ دين استفادو ڪندا هئا.
    هن مرڪز ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن ؓ، حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله دهلوي ؓ، مولانا سيد حسين احمد مدني ؓ، مولانا اعزاز علي ؓ، مولانا قاري محمد طيب ؓ، مولانا اشرف علي ٿانوي ؓ، ۽ امام سنڌ مولانا تاج محمود امروٽي ؓ تشريف فرما ٿيا آهن.
    مدرسه دارالرشاد جي قيام سان سنڌ ۾ علم جي لاٽ ٻري وئي، جنهن جي روشني سڀني کي منور ڪري ڇڏيو. هتان جا فارغ ٿيندڙ علم ۽ فضيلت جا امام بڻجي ويا. تان ته هن مدرسي کي ”ام المدارس“ چيو ويو.
    هتان جيڪي علم جي زيور سان سينگارجي ويا انهن ۾ خاص طرح مشهور مفسر قرآن مولانا احمد علي لاهوري ؓ، مولانا اميد علي جيڪب آبادي ؓ، پير سيد احسان الله شاھ راشدي ؓ، پير سيد ضياء الدين ؓ، صاحب العلم مولانا سيد عبدالله سربازي ؓ، مولانا عبدالله لغاري ؓ، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ؓ، مولانا عزيز الله قاضي ؓ ، مولانا محمد اڪرم هالائي ؓ، مولانا مفتي عبدالقادر سنڌي ؓ، ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ ؓ، مولانا حڪيم محمد معاذ نواب شاهي ؓ، مولانا غلام مصطفى قاسمي ؓ، مولانا محمد صادق کڏي وارا ؓ، مولانا دين محمد وفائي ؓ، مولانا عبدالحق رباني ؓ، مولانا نور محمد سجاولي ؓ وغيره شامل آهن.
    جمعيت الانصار
    دارالعلوم ديوبند جو قيام، 1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هڪ نئين جدوجهد، هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان ڪاوش ۽ آزادي هند جي انقلابي تحريڪ لاءِ هڪ هدف ۽ افراد سازي جي پروگرام لاءِ هڪ تحريڪ جي قيام جو نصب العين آهي.
    دارالعلوم جي قائم ڪندڙ حضرت نانوتوي ؓ، حضرت رشيد احمد گنگوهي ؓ ۽ ٻين شخصيتن جو فقط اهوئي هدف هو ته انبياءِ ۽ مرسلين (عليهم السلام) جي نقش قدم تي هلندي طاغوتي قوتن جي مزاحمت ڪندي، انهن جي خلاف جهاد جا مرحلا طئي ڪندي، هندستاني باشندن کي غلامي مان نجات ڏياري وڃي. دارالعلوم جي قيم جو هدف آزادي وطن لاءِ هڪ مرڪز جو قيام هو. ان لاءِ جيڪا شخصيت دارالعلوم جي قائم ڪندڙ حضرات پيدا ڪئي ۽ ان عظيم مقصد جي مڪمل ڪرڻ لاءِ جنهن جي قيادت هموار ڪئي وئي ۽ جنهن جي خاص سکيا ۽ رهنمائي ڪئي وئي اها هئي حضرت شيخ الهند حضرت مولانا محمود حسن ؓ جي شخصيت !
    حضرت شيخ ؓ هر وقت فرمائيندا هئا ته هي دارالعلوم فقط تعليم ۽ تدريس لاءِ ناهي بلڪ جهاد جو مرڪز آهي. هتي انقلابي شخصيتون پيدا ٿيڻ گھرجن، جيڪي پنهنجي وطن ۽ عالمِ اسلام ۾ جهاد لاءِ قيادت فراهم ڪن. حضرت شيخ الهند ؓ کي ان دوران جيڪي طلبه مليا، حاصل ٿيا ۽ جن جي تربيت ڪيائون انهن ۾ سندن حياتي ۾ جيڪو سڀني کان منفرد ۽ نمايان شخص ان عظيم مقصد لاءِ ميسر ٿيو ۽ جنهن تي سندن ڪامل اعتماد هو اهو شخص هو امام انقلاب حضرت مولانا عبيد الله سنڌي ؓ. هن شخص پنهنجي ذهانت، علم، تحقيق، تجربي ۽ دور انديش گھري سوچ ۽ فڪر سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو هر ميدان ۾ اهل ۽ لائق آهي. سنڌ ۾ علم فلسفي ۽ تحقيق جو جيڪو مرڪز مولانا سنڌي ؓ قائم ڪيو، ان کي ڏسندي حضرت شيخ الهند ؓ کي يقين ٿي ويو ته جهاد ۽ انقلاب لاءِ جيڪا مطلوب شخصيت منهنجي آرزو ۾ آهي، اها فقط مولانا سنڌي ؓ آهن. ان ڪري حضرت شيخ الهند ؓ، مولانا سنڌي ؓ کي حڪم ڏنو ته هو ديوبند اچن ۽ جمعيت انصار جي نظم کي سنڀالين. چنانچه لاڳيتو چار سال کن ان تحريڪ جا منتظم رهيا ۽ دارالعلوم جي سابقين کي ان جي نصب العين جي طرف رهنمائي ڪندا رهيا.
    مولانا سنڌي ؓ جمعيت انصار جي ذريعي انقلابي روح بيدار ڪيو. دارالعلوم جي بنيادي هدف کي اجاگر ڪيو. انقلابي درس، پيغام ۽ مضمونن جي ذريعي، هڪ هلچل شروع ٿي وئي، جيڪا دارالعلوم جي انتظاميه کي پسند نه هئي. اختلاف جو دور اتان شروع ٿي وڃي ٿو. هي ڪتاب جيڪو اوهان جي معلومات لاءِ پڌرو ڪيو ويو آهي، اهو ڪتاب دارالعلوم ديوبند جي انهن اڻ وڻندڙ واقعات جي تاريخ تان پردو کڻي ٿو ۽ اوهان کي ٻڌائي ٿو ته سامراجي دور ۾ ڪهڙي طرح ارباب اهتمام سامراج پرست بڻجي ويا هئا. سامراج سان چند ٽڪن تي ياري رکي ڪجھه عهدا، ڪجھه القاب ۽ ڪجھه رعايتون حاصل ڪري دارالعلوم جي مقصد قيام سان غداري ڪيائون ۽ دارالعلوم جي اصل رهبر ۽ قائد حضرت شيخ الهند ؓ سان بي وفائي ڪيائون ۽ سامراج سان ٺاھ ڪري، انهن سامراجي مقصدن کي پوري ڪرڻ خاطر، دارالعلوم جي هڪ عظيم محسن ۽ مربي حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓ کي دارالعلوم ديوبند کان دربدر ڪري ڇڏيائون. اهڙي طرح جمعيت انصار چار سالن تائين انقلابي ڪاوشون ڪرڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي. حضرت شيخ الهند ؓ، مولانا سنڌي ؓ کي حڪم ڏنو ته هنن ڪم عقلن ۽ اڻ ڄاڻ مولوين سان الجھڻ نه گھرجي اوهان ديوبند ڇڏي دهلي منتقل ٿي وڃو اتي هڪ ادارو ”نظارة المعارف القرآنيه“ جي نالي سان قائم ڪري انقلابي ڪم جو آغاز ڪريو.
    ان دوران جڏهن مولانا سنڌي ؓ کي ديوبند مان اخراج جو شنيع عمل ٿي رهيو هو ته مٿس ڪفر ۽ ضلالت جون فتوائون به مڙهيون ويون.
    مولانا عبيدالله سنڌي ؓ کي دارالعلوم ديوبند مان ڪڍي ڇڏڻ، جمعيت انصار مان زوري هٽائڻ ۽ پوءِ مٿس فتوائون مڙهڻ جو بنيادي سبب ته اهو هو ته هو انگريز سامراج سان ٽڪراءُ چاهي ٿو. ان سامراج سان لڙڻ ۽ جھيڙو ڪرڻ گھري ٿو ۽ ملڪ جي عوام کي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيڻ هن جو هدف آهي. جنهن جي تائيد ۽ نصرت لاءِ هندستان جو ان وقت جو استاذ العلماء ۽ آزادي جو رهبر حضرت مولانا محمود حسن ؓ به ساڻس گڏ هو. پر افسوسناڪ صورتحال اها هئي ته سلف صالحين پٺيان ڪي خَلف اهڙا پيدا ٿيندا آهن جيڪي اڳين بزرگن جي ڪارنامن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. ٿيو ائين ته دارالعلوم جي اهتمام تي حضرت مولانا قاسم العلوم و الخيرات محمد قاسم نانوتوي ؓ جو فرزند مولانا محمد احمد صاحب مقرر ٿيو. ان انگريز سامراج سان چند دنوي مراعات تي لڪل معاهدا ڪيا ۽ دارالعلوم کي انگريز دشمني کان پري رکڻ لاءِ اقدامات ڪيا. ان جي جواب ۾ انگريز سامراج کيس ڪئي رعايتون ڏنيون جن ۾ ”شمس العلماء“ جو خطاب ڏيڻ پڻ هو. ان کان پوءِ انگريز سرڪار جو اهم نمائندو يوپي جو گورنر سر جيمس مسٽن کي دعوت ڏئي دارالعلوم ۾ گھرايو ويو، ان کي سندس احسانن تي سپاس نامون پيش ڪيو ويو. ان جي اهڙي عزت ۽ آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ڄڻ ته ڪا عالم اسلام جي شخصيت دارالعلوم ۾ آيل هجي. واپسي ۾ دارالعلوم جو مهتمم ۽ حضرت نانوتوي ؓ جو فرزند، سامراجي نمائندي کي رخصت ڪرڻ لاءِ ديوبند کان دهلي تائين گڏ آيو ۽ اسٽيشن تي صاحب بهادر کي سوار ڪري هٿ لوڏي رخصت ڪيائين. ان سموري ڪارگذاري ۾ حضرت شيخ الهند ؓ جن ديوبند ۾ هجڻ باوجود ڪنهن به مجلس ۾ شريڪ نه ٿيا. سندن بائيڪاٽ جاري رهيو !
    اهو هيو اصل سبب جنهن ڪري مولانا عبيدالله سنڌي ؓ کي سامراج دشمني سبب سامراجي گماشتين دارالعلوم ۽ جمعيت انصار کان بي دخل ڪري ڇڏيو.
    سندن ان عمل تي ديوبند جي انتظاميه کي انگريز سامراج شاباشي به ڏني ته هنن تخريبڪارن کي دارالعلوم کان الڳ ڪيو آهي. جيئن ان جو تفصيل اوهان کي انگريزن جي دستاويزن ۾ هن ڪتاب ۾ اوهان کي ملندو.
    سامراجي مقصدن کي پوري ڪرڻ خاطر مولانا سنڌي ؓ تي جيڪي فتوائون لڳايون ويون ۽ جن تي اڪابر ديوبندي حضرات دستخط ڪيا، جن ۾ شيخ الحديث مولانا سيد انور شاھ ڪشميري ؓ، مفسر قرآن مولانا شبير احمد عثماني ؓ، مولانا محمد احمد (مهتمم دارالعلوم) مولانا حبيب الرحمان عثماني (نائب مهتمم) به شامل آهن. انهن مسئلن جي حيثيت ڪهڙي هئي، ڇا اهي مسئلا اهڙا هئا جن تي فتوى بازي جو طوفان برپا ڪري ٿو سگھجي يا فتوى بازي تقوى جي بجاءِ ذاتي مفادن جي خاطر لڳائي وئي تان ته هڪ عظيم مصلح ۽ متحرڪ انسان کان ڪنهن به طرح جان ڇڏائي وڃي. اهو المناڪ لمحو مولانا سنڌي ؓ تي ڪيئن گذريو هوندو جڏهن هڪ شخص، جنهن وطن، مذهب ۽ مٽ مائٽ، توحيد الاهي جي عشق ۾ ڇڏي ”سفر الي الله“ اختيار ڪيو، جنهن هڪ عظيم مادر علمي ۾ اسلام کي پرايو ۽ سمجھيو ۽ اڄ اتي هو جهاد في سبيل الله ۾ مشغول آهي. ان انقلابي شخصيت کي اتان جبري طرح ڏيهه نيڪالي ڏني پئي وڃي. ” فَاعْتَبِرُوا يَا أُولِي الْأَبْصَارِ“ (دل جون اکيون رکندڙ انسانو ! تاريخ جي واقعن مان سبق حاصل ڪريو.)

    پهريون الزام
    مولانا سنڌي ؓ دارالعلوم ديوبند ۾ هڪ مجلس ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڪفار ۽ مشرڪين خلود في النار جي عذاب جا ان وقت مستحق ٿيندا جڏهن انهن تي خدائي حجت پوري ٿي وڃي. امت مسلمه تي ”شهداء عليٰ الناس“ جي ذميواري جيڪا وڌي وئي آهي، ان”شهادت حق“ جو جيستائين حق ادا نٿو ڪيو وڃي ته الله تعالى ڪهڙي طرح ڪنهن قوم کي ”عذابِ اليم“ ۾ هميشه لاءِ داخل ڪندو.
    ان سوال جو جواب تحقيق سان ڏنو وڃي. دليلن سان سمجھايو وڃي يا فتوى بازي جو توپون کوليون وڃن ۽ مولانا سنڌي ؓ کي قرآن جو منڪر چيو وڃي ۽ کيس ڪفر جهڙي قبيح الزام سان داغدار ڪيو وڃي. سامراجي عالمن کي ته تحقيق سان ڪهڙو واسطو؟ هنن کي ته سامراجي خدمت سر انجام ڏيئي مولانا سنڌي کي نيڪالي ڏيڻي هئي !
    قرآن مجيد اهڙن نا خلف اولاد لاءِ هن طرح آگاه فرمايو آهي ته:
    فَخَلَفَ مِنْ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ وَرِثُوا الْكِتَابَ يَأْخُذُونَ عَرَضَ هَٰذَا الْأَدْنَىٰ وَيَقُولُونَ سَيُغْفَرُ لَنَا وَإِنْ يَأْتِهِمْ عَرَضٌ مِثْلُهُ يَأْخُذُوهُ أَلَمْ يُؤْخَذْ عَلَيْهِمْ مِيثَاقُ الْكِتَابِ أَنْ لَا يَقُولُوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الْحَقَّ وَدَرَسُوا مَا فِيهِ وَالدَّارُ الْآخِرَةُ خَيْرٌ لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ أَفَلَا تَعْقِلُونَ ﴿الأعراف: ١٦٩﴾
    ترجمو: پوءِ نيڪو ڪارن جي جاءِ تي نا اهل جانشين ٿيا. اهي ئي ڪتاب جا وارث بڻيا. انهن دين کي وڪڻي حقير دنيا جي سامان کي پاڻ لاءِ پسند ڪيائون. چوڻ لڳا ته ان دين فروشي جي اسان کي معافي ملي ويندي. هنن کي اڃان به وڌيڪ دنيا جو متاع ملي وڃي ته ان کي وٺڻ ۾ دير نه ڪندا. ڇا انهن کان خدا جي ڪتاب ۾ اهو پڪو واعدو نه ورتو ويو هو ته هو الله تعالى جي معاملي ۾ حق ۽ سچ کانسوءِ ڪابه ڳالهه نه ڪندا. ڇا انهن ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو سبق نه پڙهيو هو. جيڪي متقي آهن انهن لاءِ ته آخرت جو گھر فاني دنيا جي خواهشن کان وڌيڪ بهتر آهي. ڇا ايتري ڳالهه به انهن کي سمجھه ۾ نٿي اچي.
    هڪ ٻي آيت ڪريمه ۾ هن طرح آهي:
    فَخَلَفَ مِنْ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ أَضَاعُوا الصَّلَاةَ وَاتَّبَعُوا الشَّهَوَاتِ فَسَوْفَ يَلْقَوْنَ غَيًّا ﴿مريم: ٥٩﴾
    ترجمو: نيڪو ڪارن کان پوءِ اهڙا جانشين مقرر ٿيا جن عبادت جي نظام کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ نفس جي سڌن پٺيان پئجي ويا. جلد ئي انهن جي سرڪشي انهن جي آڏو اچي ويندي.

    مولانا سنڌي ؓ تي الزامن بابت قرآن جون گواهيون:
    ”حجت الٰهي جي پوري ٿيڻ کان اڳ عذاب نٿو ٿي سگھي“
    1. وَلَوْ أَنَّا أَهْلَكْنَاهُمْ بِعَذَابٍ مِنْ قَبْلِهِ لَقَالُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ مِنْ قَبْلِ أَنْ نَذِلَّ وَنَخْزَىٰ ﴿طه: ١٣٤﴾
    ترجمو: جيڪڏهن حجت الٰهي پوري ٿيڻ کان اڳ اسان ڪنهن قوم کي عذاب ذريعي هلاڪ ڪري ڇڏيون ته اها قوم ضرور ائين چئي سگھي ٿي ته يا الله ! ان کان اڳ جو اسان عذاب ذريعي ذليل ۽ خوار ٿيون تون اسان ڏي پيغمبر ڇو نه موڪليو؟ پوءِ اسان ان پيغمبر جي چوڻ تي هلون ها ۽ عذاب کان بچي وڃون ها.
    2. وَلَوْلَا أَنْ تُصِيبَهُمْ مُصِيبَةٌ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيهِمْ فَيَقُولُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ وَنَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ ﴿القصص: ٤٧﴾
    ترجمو: جيڪڏهن رسول جي طرفان حجت پوري ڪرڻ کان اڳ انهن جي عدم ايمان يا ڪڌن ڪرتوتن سبب ڪا مصيبت موڪليون ها ته اهي ضرور چون ها ته اي اسان جا رب ڇو توهان اسان ڏي رسول نه موڪليو ته اسان ان جو اتباع ڪيون ها ۽ ان تي ايمان آڻڻ وارن مان ٿي وڃون ها.
    3. وَمَا أَرْسَلْنَا مِنْ رَسُولٍ إِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ ﴿ابراهيم: ٤﴾
    ترجمو: اسان جي هدايت پهچائڻ جو دستور اهو رهيو آهي ته جنهن قوم ڏانهن جيڪو رسول موڪليندا آهيون ته اهو ان قوم جي زبان ڳالهائيندڙن منجھان هوندو آهي. اهو ان ڪري ته اهو رسول نهايت چٽي طرح خدا جو پيغام انهن تائين پهچائي.
    ”رسول جي ذميواري اها براه راست هئي ۽ هن امت ۾ اها ذميواري امت مسلمه تي لاڳو ٿيل آهي ته دنيا جي سمورن قومن کي سندن ٻولين ۾ قرآن مجيد جي پيغام کي چٽي طرح پهچائين تان ته شهادت حق مڪمل ٿي وڃي ۽ قيامت ڏينهن اهي قومون قرآن مجيد جي پيغام نه پهچڻ جو خدا وٽ ڪوبه عذر ڪري نه سگھن.“
    4. وَمَا أَرْسَلْنَا مِنْ رَسُولٍ إِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ فَيُضِلُّ اللَّهُ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ يَشَاءُ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ ﴿ابراهيم: ٤﴾
    ترجمو: اسان دنيا جي مختلف قومن ڏانهن رسولن کي ان ڪري موڪليندا رهيا آهيون ته اهي انسانن کي خدا جي نعمتن کان آگاه ڪن ۽ عذاب جهنم کان خبردار ڪندا رهن. انهن کي ان ڪري موڪليو ويو ته انهن جي هدايت پهچائڻ بعد انهن قومن وٽ ڪا به حجت باقي نه رهي جيڪا خدا تعالى جي آڏو پيش ڪري سگھن. يعني هو اها ڳالهه چئي نه سگھن ته اسان کي حق جي واٽ ڪنهن به نه ڏيکاري هئي. خدا تعالى جي سڀني فيصلن ۾ قوت ۽ ڏاهپ رکيل آهي.
    5. ذَٰلِكَ أَنْ لَمْ يَكُنْ رَبُّكَ مُهْلِكَ الْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا غَافِلُونَ ﴿الأنعام: ١٣١﴾
    ترجمو: پيغمبرن جو قومن ڏانهن اچڻ ۽ توحيد جي دعوت ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته الله تعالى جو اهو طريقو ناهي ته هو ناانصافي سان ڳوٺن، علائقن ۽ قومن کي هلاڪ ڪندو رهي، اهڙي حالت ۾ جو اهي انسان حق واري واٽ کان بالڪل بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ هجن.
    6. إِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ () عَلَىٰ صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ () تَنْزِيلَ الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ () لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَا أُنْذِرَ آبَاؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُونَ () ﴿يس: ٣تا ۶﴾
    ترجمو: اي پيغمبر ! اوهان سچن رسولن مان آهيو. اوهان سڌي واٽ تي قائم آهيو. هي ڪتاب هڪ غالب هستي ۽ رحم ڪندڙ ذات جي طرفان اوهان ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي تان ته ان ڪتاب جي ذريعي توهان اهڙي قوم کي خدا جي عذاب کا خبردار ڪريو جنهن قوم جي ابن ڏاڏن کي ڪنهن پيغمبر ذريعي عذاب الٰهي کان واقف نه ڪيو ويو هو ان ڪري اهي انسان بي خبر رهجي ويا.
    ڄڻ ته الله تعالى انهن جي بي خبري کي تسليم ڪري ٿو ۽ انهن کي اڻ ڄاڻ قرار ڏئي ٿو. ان ڪري ئي اهي ڪنهن عذاب جو مستحق نه ٿيندا. حضرت سيدنا محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جا والدين سڳور به انهن ”غافلون“ ۾ شامل هئا. ان ڪري قيامت ڏينهن عذاب جا حقدار نه ٿيندا. ته پوءِ اهڙيون قومون جن تي حجت الٰهي پوري نه ٿي آهي ۽ شهادت حق انهن تائين نه پهتي آهي ته اهڙين قومن کي ”خلود في النار“ جي مسئلي تي ويچار ڪري سگھجي ٿو ۽ ان تي توقف ڪرڻ مناسب آهي. حضرت مولانا سنڌي ؓ جي ان موقف تي دارالعلوم ديوبند ۾ ڇو هيجان برپا ڪيوويو ۽ عظيم مصلح سان اهڙو رويو ۽ برتاءُ ڇو ٿيو. هڪ طرف اصل سبب ته مٿي ڄاڻايو ويو آهي پر معلوم ٿئي ٿو ته قرآن مجيد جي اهڙين وضاحتن ۽ چٽين حقيقتن جي طرف انهن جي نگاه ئي نه وئي هئي ۽ اهي رجوع الي القرآن جي فڪر ۽ فلسفي کان ڄڻ بي ڄاڻ هئا.
    ٻيو هڪ الزام اهو به عائد ڪيو ويو ته مولانا سنڌي ؓ ٻين قومن جي طرز رهائش کي اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ چيائون ته: ”مَنۡ تَشَبّهَ بِقَوۡمٍ فَهُوَ مِنۡهُمۡ“ مولانا سنڌي ؓ فرمائيندو هو ته اڄ جي دؤر ۾ پنهنجن جي علائقي جي ٻولين کان سواءِ ٻيون بين الاقوامي ٻوليون سکيون وڃن ۽ خاص طرح انگريزي ٻولي سکڻ لازمي آهي. ان ڪري مدرسن جي درس ۾ انگريزي پڙهائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ان طرح پردي ۽ تصوير جي مسئلن تي اجايو زور نه ڏنو وڃي. هڪ دور مان ڏسي رهيو آهيان ته عورتون ۽ مرد هڪ سواري ۾ گڏ سفر ڪندا ۽ هڪ عمارت ۾ جدا جدا ڪمرن ۾ گڏ رهندا.
    حضرت مولانا سنڌي ؓ پنهنجي بصيرت سان ڏسي رهيو هو ته هڪ جهاز ۾، هڪ ڪوچ ۾، هڪ ٽرين ۾، هڪ موٽر ۾ عورتون ۽ مرد گڏ سفر ڪندا. هڪ عمارت جي مختلف فليٽن ۾ مختلف مرد ۽ عورتون هڪ ئي ڏاڪڻ ۽ هڪ ئي لفٽ ۾ گڏ ايندا ويندا.
    ڪميونزم جي نظريي لاءِ سندن چوڻ هو ته انهيءَ غير فطري ۽ مذهب دشمن نظريي جي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسلامي معيشيت، خود ڪفالت ۽ غريبن، مسڪينن جي برتري، اجرت کي حصي داري ڏيڻ، زمين جي انفرادي ملڪيت کي ٻنجو ڏيڻ لازمي ڪم آهن. جيڪڏهن توهان اسلام جي آزادي ۽ انسان پروري جو انتظام نه ڪندا ، اسلام کي عوام دوست ۽ خير خواهي واري دين جي حيثيت سان پيش نه ڪندا ته پوءِ دنيا ۾ لادينيت جو مقابلو فقط لفظي جنگ سان نٿا ڪري سگھون.
    مولانا سنڌي ؓ جي انهن نظرين، عالمن ۽ گھٽ پڙهيل دانشورن کي پريشان ڪري ڇڏيو. ان وقت سندس زندگي ۾ ئي انهن ڪم بخت ماڻهن ڪجھه نه گھٽايو ۽ پوءِ هاڻي تائين به اهڙا اٻوجھه ۽ جاهل ماڻهو مولانا سنڌي ؓ جو تعاقب جاري رکيو اچن ۽ بي تڪي تنقيدي تيرن جو وسڪارو ڪندا پيا رهن. مولانا سنڌي ؓ ان وقت به اهڙن نقادن ۽ ڪوڙن الزامن ڏيندڙن کي ڪابه اهميت نه ڏني ۽ هاڻي به انهن کي اهميت ملڻ نه گھرجي.
    اڄ جي ضرورت آهي ته مولانا سنڌي ؓ جي قرآني فڪر ۽ فلسفي کي اجاگر ڪيو وڃي ۽ ان مثبت ڪم کي اڳتي وڌايو وڃي. مولانا سنڌي ؓ، دهلي ۾ معارف واري اداري ۾ به وڌيڪ ٽڪي نه سگھيو ۽ جلد ئي حضرت شيخ الهند ؓ جي مشوري سان بين الاقوامي سياسي مشن جي تڪميل لاءِ هندستان کان ڪابل روانو ٿي ويو. ها‎ڻي عالم اسلام ۽ دنيا جي قومن ۽ نظرين جو مطالعو، انهن جو تجزيو ۽ پنهنجن جي لاءِ راهون تلاش ڪرڻ جو مرحلو سامهون هيو. ان سان گڏ هندستان جي رهاڪن کي آزادي جهڙي نعمت سان پڻ همڪنار ڪرڻ جو جذبو ۽ جدوجهد مقصدن ۾ شامل هئي.
    ان دؤر ۾ ڪابل، روس، ترڪي ۾ ڪجھه وقت گذارڻ کان پوءِ مولانا سنڌي ؓ سعودي عرب کي مستقل مرڪز بڻايو. اهو دور سندس فڪر ۽ فلسفي جي معراج جو دؤر هو. دنيا جي عالمن، محدثن، فقيهن، دانشورن، سياسي ليڊرن ۽ حڪومتن جي سربراهن سان سندس ملاقاتون ۽ مسئلن جا تجزيا پيش نظر رهيا. نيٺ اهو وقت وري موٽي آيو ته مولانا سنڌي ؓ پنهنجي پياري وطن سنڌ جي سر زمين تي قدم رکي ۽ سنڌ ۾ پنهنجي مشن جي منصوبه بندي ڪري. چنانچه 1939ع ۾ الله بخش سومري جي وزارت جي دؤر ۾ ڪياماڙي (ڪراچي) ۾ سامونڊي جهاز ذريعي سندن مبارڪ قدم سنڌ جي ڌرتي تي پيا.
    هت اچڻ بعد حياتي جي پوين پنجن ڇهن سالن ۾ مولانا سنڌي ؓ وڏي جاکوڙ ڪئي. سموري هندستان جو دورو ڪيو. اجلاسن، ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ عام جلسن کي خطاب ڪيو. ڪئي خطبا ڏنائون، ڪيتريون تحريرون ۽ مقالا لکيائون. سندن مقصد انسانن کي سجاڳ ڪرڻ، انهن کي انقلابي جذبن ۽ راهن کان واقف ڪرڻ، انهن کي اسلام جي ايندڙ غلبي لاءِ ”حزب الله“ جي قيام جي دعوت ڏيڻ ۽ انسان ذات کي قرآن جي فڪر ڏانهن رجوع ڪرڻ هدف رهيو. هن ڪيئي ادارا ٺاهيا، ڪيترا مرڪز وجود ۾ آندا. ڪيترن قديم ۽ جديد ماڻهن جي تربيت ڪيائون، انهن کي ايندڙ انقلاب لاءِ تيار ڪيائون. هيءَ انقلابي شخصيت، متحرڪ انسان ۽ مظلوم مصلح، 21 آگسٽ 1944ع تي عالمِ اسلام، عالم انسانيت ۽ سنڌ ڌرتي کي وڇوڙي جو داغ ڏئي هميشه لاءِ حظيرة القدس جي سفر ڏانهن روانو ٿي ويو.
    اِنَّا لِلهِ وَ اِنَّا اِلَيۡهِ رَاجِعُوۡنِ ط
    يَا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ () ارْجِعِي إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَرْضِيَّةً () فَادْخُلِي فِي عِبَادِي () وَادْخُلِي جَنَّتِي()

    استدراڪ
    دارالعلوم ديوبند ۾ ڪي اهڙا ماڻهو جيڪي اهم عهدن تي فائز ٿي، دارالعلوم جي مقصدن کان انحراف ڪيو ته اها نه دارالعلوم جي تعليم جي گھٽتائي هئي نه ئي ان مسلڪ تي ڪو اعتراض ڪري سگھجي ٿو. ان دارالعلوم ۽ ان مسلڪ سوين مجاهد، جرئتمند رهبر ۽ ڪفر جي مزاحمت ڪندڙ مجاهد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ به ميدان ڪار زار ۾ حقيقي اسلام جا نمائندا بڻجي جدوجهد ۾ مصروف آهن. ڪي ٿورا غلط ڪار ماڻهو هر جڳهه تي ظاهر ٿيندا آهن. انهن جو فيصلو خدا وٽ آهي. حضرت پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي ؓ جن جا هاڻوڪا جانشين ڪهڙو ڪردار پيا نڀاهين؟ حضرت سوئي شريف ؓ جا مجاور ڪهڙي حد تائين پهتل آهن؟ جنيد وقت، سيد العارفين حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي ؓ جا نمائندا ڪهڙي فڪر تي هلي رهيا آهن؟ حضرت شاھ ڪريم بلڙي وارا ؓ، حضرت مخدوم لنواري وارا ؓ ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؓ جا سجاده نشين ڪهڙي علم ۽ فڪر تي موجود آهن؟ هر اداري ۽ هر شخصيت جي خلف ۾ اهو انحراف هلندو پيو اچي.

    مولانا سليمان طاهر انڍڙ


    مهاڳ

    مهاڳ

    حضرت شاهه ولي الله ؓ هڪ اهڙي گهڻ پاسائين شخصيت آهي جو هندستان جون لڳ ڀڳ سڀئي ديني ڌريون کيس پنهنجو فڪري امام ۽ مرشد ڪري مڃينديون آهن. پر انهن سڀني ڌرين مان هڪ ڌر ۽ ٽولي شاهه صاحب جي پيش ڪيل فڪر موجب عملي طور هڪ سٺي سماج جوڙڻ لاءِ وڌيڪ جاکوڙيو آهي، سا ديو بندي جماعت آهي. ظلم ۽ ناانصافي جي خاتمي ۽ عدل ۽ انصاف ڀريي هڪ سٺي سماج قائم ڪرڻ لاءِ اها جماعت پهرين تلوارن ذريعي شاملي واري محاذ تي جهاد ڪري چڪي هئي پر 1857ع جي جنگ آزادي جي ناڪامي کان پوءِ جي بدليل حالتن کي نظر ۾ رکي هنن پنهنجي طريقه ڪار ۾ حڪمت ۽ مصلحت تحت ٿوري ڦيرگهير ڪري ساڳئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحريڪ کي هڪ نئون رخ ڏنو. يعني تلوار بجاءِ علم ۽ قلم وسيلي عوام ۾ شعور، سجاڳي ۽ آزادي جي جذبن کي بيدار ڪري هڪ اهڙو انقلاب آندو وڃي جنهن جي وسيلي بديسي حڪومت ختم ڪري ان جي جاءِ تي شاهه ولي الله صاحب جي ڏنل اصولن مطابق هڪ سٺو، انسان دوست ۽ صحتمند سماجي نظام جي واري حڪومت جوڙي وڃي. دارالعلوم ديوبند کي ان فڪري تحريڪ لاءِ هڪ هيڊڪوارٽر طور قائم ڪيو ويو هو. پر جڏهن سندس بانيڪار بزرگ هڪ هڪ ٿي الله کي پيارا ٿي ويا ته انهن جا ئي ڪجهه نسلي پونئر پنهنجي وڏڙن جي ڪئي ڪمائي تي پاڻي ڦيري اهي ئي انگريزن جا وڃي ساٿاري ٿي بيٺا جن خلاف سندن وڏا شامليءَ جي محاذ تي وڙهي چڪا هئا.
    1910ع ڌاري دارالعلوم ديوبند سان لاڳاپيل سمورو ساٿ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو. هڪ ڌر وڏڙن جو انقلابي فڪر کڻي حضرت شيخ الهند جي قيادت ۾ پنهنجي مقصد يعني غيرن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي هئي، ته ٻي ڌر دارالعلوم ديوبند جي مک باني حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي ؓ جي فرزند ۽ دارالعلوم جي مهتمم شمس العلماء حافظ محمد احمد صاحب جي هدايتن هيٺ برطانيه پرست بنجي چڪي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت سندن ڪابه سياسي پارٽي نه هئي پر اڳتي هلي هو انگريزن کان سَر جا لقب حاصل ڪندڙ ٻين نوابن ۽ بهادرن وانگر مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ويا. ياد رهي ته مسلم ليگ جي مسلم قوم ۽ مسلم مملڪت وارو تصور اقبال کان به اڳ ۾ مسلم قوميت جي باني علامه جمال الدين افغاني ڏنو هو. جيئن هن پنهنجي اخبار ”حبل المتين“ ۾ هندستان کي هندو ۽ مسلم مملڪتن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. ٻئي پاسي جمال الدين افغاني بابت تاريخ ۾ اهڙا حوالا به ملن ٿا ته هو يهودين جي عالمي تنظيم ”فري مسين تحريڪ“ جو ڪارندو ۽ ايجنٽ هو. ان مان اسان کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ ملي ٿي ته ”مسلم قوميت“ جو اصل امڙ ابو ڪير آهن ۽ هنن ان کي ڪهڙي مقصد لاءِ پالي پوسي وڏو ڪيو هو. تنهن ڪري هندستان جي آزادي واري تحريڪ جي پوري سفر ۾ انهيءَ لڏي ان تحريڪ کي صحيح واٽ تي هلڻ نه ڏنو نيٺ ملڪ کي غيرمنطقي طور تي ورهائي عالمي سامراج جي لاءِ ڀاڙيتو ڪردار ادا ڪرڻ جو ايسٽ ايشيائي مرڪز بڻايو، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين هو وڏي بيدرديءَ سان ڀيلي رهيا آهن.
    دارالعلوم ديوبند ۾ انهن جيڪو غيرن جي دلالي وارو ڌنڌو شروع ڪيو ويو هو، ان جو ان تحريڪ سان بالواسطه يا بلاواسطه تعلق ضرور هو. انگريزن پنهنجي طويل الميعاد پاليسيءَ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ديوبند جي غدارن وسيلي پهرئين ته دارالعلوم ديوبند کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حضرت شيخ الهند جي قيادت ۽ شخصيت سبب جڏهن کين ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي تڏهن دارالعلوم ديوبند کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڊاڀيل ۾ هڪ ٻيو ادارو قائم ڪرايو ۽ جمعيت علماء هند جي مقابلي ۾ 1945ع ڌاري جمعيت علماءِ اسلام جي نالي سان هڪ سياسي جماعت قائم ڪرائي، جنهن جو مقصد قائداعظم جي تقسيم واري منصوبي کي سگهه عطا ڪرڻ هو. مولانا شبير احمد عثماني ان وقت نواب حيدرآباد دکن جي عثمانيه يونيورسٽي جي اسلاميه شعبي جو چيئرمين هو، حيدرآباد دکن مولانا عثمانيءَ جي بانهن قائد اعظم حوالي ڪئي هئي ۽ ان ئي جميعت علماءِ اسلام جي قيادت سنڀالي هئي. افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته ان وقت جي جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت، ديوبند ۾ مولانا محمد علي جوهر جي آجيان ۽ عزت افزائي کي ته اسلام دشمني ۽ ڪفر ڪوٺي حضرت سنڌيءَ تي فتوائون جاري پئي ڪيون پر پاڻ جڏهن مولانا جوهر کان دينداريءَ توڙي ڪردار ۾ هزارين درجا هيٺ جناح ۽ آغا خان جهڙن ماڻهن جا ٻانهن ٻيلي ٿي انهن لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا تڏهن نه ته اسلام جي ڍانچي کي ڪا ٺوڪر لڳي نه ئي سندن ديندار پيشانين ۾ ڪي گهنج پيا.
    اڳي اسان کي اهو سوچي عجب ٿيندو هو ته جمعيت علماءِ اسلام هڪڙي پاسي شاهه ولي الله ؓ کي پنهنجو فڪري امام مڃي ٿي ته ٻئي پاسي سندس قيادت جميعت علماءِ هند جي هڪ قومي جوڙجڪ واري جي سياسي نقطئه نظر ۽ اقتصادي برابريءَ جي پروگرام جهڙن مامرن ۾ شاهه ولي الله جي مخالف ڇو آهي. پر ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جي ايندڙ ڪتاب ۽ منجهس پيش ڪيل دستاويزن جي مطالعي مان اها پروڙ پوي ٿي ته هيءَ پنهنجي پراڻي تشڪيلي نوعيت ۽ جوڙجڪ سبب ايئن ڪرڻ تي مجبور آهي.
    ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو ان وقت دينداريءَ جي ٽيڪ ۽ سگهه عالمي سامراج جي ڪارندن جي ان منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي جنهن جو جيئرو جاڳندو نتيجو هي پاڪستان آهي جيڪو پنهنجي پيدائش جي پهرئين ڏينهن کان ئي عالمي سامراج جو آله ڪار ۽ ايجنٽ ٿي رهندو آيو آهي.
    ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جي هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو هي مهاڳ لکندي اهو سوال به ستائيندو رهيو آهي ته هنن عالمن سڳورن بابت اهڙي نموني لکندي ڪٿي پنهنجي قيامت نه ڪاري ڪري وجهون. پر وري سوچيان ٿو ته اهي ماڻهو ڪهڙي رعايت يا رک رکاءَ جا حقدار آهن جن پنهنجي بزرگي ۽ تقدس جو ناجائز فائدو وٺندي آزادي جي تحريڪ تي راتاهو هڻي ان جا وچ سفر ۾ تختا ڪڍي ڇڏيا. هي ته بنگال جي مير جعفر ۽ ميسور جي مير صادق کان به وڌيڪ ڏوهاري آهن، جو هنن ته رڳو غداري ڪئي پر هنن ته غداري سان گڏوگڏ خلق خدا سان هڪ وڏي ويساهه گهاتي پڻ ڪئي آهي.
    هندستان جي بابري مسجد شهيد ٿي وڃڻ کان پوءِ اسان کي انهن نيشنلسٽ عالمن جي مؤقف جي سچائي جي وڌيڪ پڪ ٿي ٿئي، جن مسلم طاقت کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ نٿي گهريو. اڄ کڻي جنهن سان به ڪجهه ڳالهاءِ ته اهو ٺهه پهه چئي ڏيندو آهي ته هندستان جي مسلمانن کي نٿا ڏسو ته ڪيئن نه پيا پادر کائين، پر ايترو سوچڻ جو حوصلو ڪنهن ۾ به ڪونهي ته اها مسلم ليگ ئي هئي جنهن مسلم طاقت کي وچان ترار هڻي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ملڪ متحد هجي ها ته اڄ کان مسلمان مجموعي طور تي وڌيڪ طاقتور هجن ها. سنڌ، پنجاب، سرحد، بنگال ۽ بلوچستان جيڪي مکيه مسلم طاقتون هيون سي سڀيئي مسلم حقوق جي پٺ هجن ها ته هندن کي ايتري جرئت ئي نه ٿئي ها جو هو ايئن ڪري سگهن. پر مسلم ليگ اهو سڄو ڌنڌو ڪري اڄ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.
    اهڙي ڀيانڪ ماحول ۾ مسلمانن جا اهي هڙئي نالي ماتر ليڊر ته مسلمانن جو سڀ سرمايو ۽ سڀيئي ملي ادارا دارالعلوم ديوبند، جامعه مليه، علي ڳڙهه يونيورسٽي، عثمانيه ڪاليج ۽ ٻيون ڪيتريون ئي انجمنون وغيره سڀ اتي ڇڏي ڀڄي آيا، تڏهن اتي حضرت شيخ الهند جا شاگرد ۽ معتقد مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد پارا صاحب عزيمت انسان هئا جن اتي جي رهيل سهيل مسلمانن جي سارسنڀال لڌي ۽ مسلم سرمائي کي سنڀاليو. ان ريت انهن عالمن مسلم، مسلم جي ڍنڍوري پٽڻ بنان ئي مسلمانن جي ايتري خدمت ۽ تحفظ ڪيو جو مسلم مؤمن جي تسبيح پڙهڻ وارا هن ”خدائي مملڪت“ ۾ به اڄ ڏينهن تائين نه ڪري سگهيا آهن. جناح صاحب جو اهو خيال هو ته مضبوط پاڪستان اتي جي مسلمانن جي حفاظت جي ضمانت آهي. پر اها ڳالهه به غلط ثابت ٿي چڪي آهي جو پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ايشيا ۾ جيترو مسلمانن جو قتل عام ٿيو آهي، سو تاريخ جو ڀيانڪ تعداد اهي. ٽيهه لک بنگالين جي قتل کان وٺي پنج لک بلوچن ۽ چاليهن لک پٺاڻن جو قتل عام اهي سڀ هن پياري ملڪ جي حڪمت عملين ۽ پاکيسين جو ئي نتيجو آهن.
    سال 1993ع ۾ شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر علامه سائين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن وٽ پڙهڻ دوران ماهوار ”الولي“ 1991ع جا اهي شمارا منهنجي نظر مان گذريا جن ۾ ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جن دارالعلوم ديوبند مان مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي نيڪالي واري موضوع تي تفصيل سان بحث ڪيو هو. منهنجو ان وقت کان ئي اهو ارادو هو ته انهن تاريخي دستاويزن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪريان پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب انهيءَ موضوع تي وڌيڪ شهادتن ۽ واڌارن سان ”مولانا عبیداللھ سندھی اور ان کے چند معاصر“ نالي سان هڪ مڪمل ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو. تنهن ڪري ان ڪتاب جو ئي ترجمو ڪرڻ مناسب سمجهيم. طبعي سستي ۽ غيرعلمي ماحول سبب ان ڪم ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت لڳي ويو پر نيٺ الله پاڪ جي فضل ۽ مهرباني سان اهو ترجمو مڪمل ڪيم.
    ترجمي جي کيتر ۾ منهنجي هيءَ پهرئين ڪاوش آهي. آءٌ ان کي صحيح نموني ڪيترو نڀائي سگهيو آهيان اهو ته پڙهڻ وارا ۽ اهل علم پروڙي سگهندا، البته ان ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا فني ڪوتاهي ڏسن ته ان جي درستگي ڪري هن عاجز کي اطلاع ڪن ته سندن وڏي مهرباني ٿيندي.

    حافظ ابوالاديب سنڌي
    فاضل شاهه ولي الله اڪيڊمي
    حيدرآباد سنڌ


    تقريظ

    تقريظ

    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓ بنا ڪنهن ٻاهرئين دٻاءَ ۽ اثر جي، خالص خدائي توفيق سان، ذاتي مطالعي جي بنياد تي سک مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪيو هو. سندس ڀاڳ ڀڙايو جو کيس شروع ۾ ئي قادري سلسلي جي مشهور سنڌي بزرگ حضرت حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي ضلع سکر) جي سرپرستي نصيب ٿي ويئي جنهن کيس پنهنجو پٽيلو ڪري پاليو. •
    حضرت حافظ صاحب کان پوءِ سندس ٻن ڀلوڙ روحاني فرزندن حضرت ميان غلام محمد دين پوري ۽ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي جن پنهنجي مرشد وانگر مولانا جي ڀرپور نموني سرپرستي ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ کيس ديوبند جي حاضري ۽ اتي تعليم پرائڻ جي سعادت نصيب ٿي جتي ان وقت حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن جن جي عظيم شخصيت موجود هئي ۽ وٽانئس هڪڙو پورو جڳ جهان لاڀ پرائي رهيو هو مولانا سنڌي حضرت شيخ الهند جي استاد ۽ مرشد مولانا رشيد احمد گنگوهي کان به گنگوهه وڃي ڪري ڪافي وقت تائين فيض پرايو هو.
    قدرت کيس غيرمعمولي صلاحيتن سان نوازيو هو. ذهانت ۽ ذڪاوت ۾ سندس ڪو جواب نه هو ۽ وري سندس عملي جوش ۽ جذبو به اهڙو هو جو سندس همعصر عالمن مان ورلي ڪو سندس گرد راهه کي پهچي سگهيو هوندو. سندس استاد محترم ڪيترائي ذميواري وارا ڪم سندس حوالي ڪيا ۽ هو سدائين پنهنجي استاد جي اعتماد تي پورو پورو لٿو. جمعيت الانصار کي جوڙڻ ۽ وڌائڻ، دهلي ۾ نظارة المعارف قائم ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪابل ڪهي وڃڻ، اسان جي دعويٰ جو دليل آهن ڇو ته اهي پنهنجي نموني جون انتهائي اهم ذميواريون هيون جن لاءِ هيڏي سڄي خلق مان حضرت شيخ الهند جي نظرِ انتخاب وڃي مولانا سنڌي تي بيٺي. سندس اهائي دل جي روشني ۽ ڏاهپ ان لاءِ مصيبت بنجي ويئي. (الا! ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن) تنهن ڪري سندس ڪن ساٿين علمي مسئلن جي آڙ وٺي کيس تڪفير جي تيرن سان رتورت ڪري ڇڏيو. نيٺ کيس ديوبند ڇڏڻو پيو. ديوبند جي تاريخ جو هي تمام اونداهو باب آهي. ديوبند، جيڪو هڪ عظيم الشان علمي ادارو هو، جيڪو هڪ سگهاري علمي تحريڪ جو مرڪز هو. اهڙي علمي تحريڪ، جنهن جو مقصد مسلمانن جي علمي ورثي جي حفاظت سان گڏوگڏ اهڙن مجاهدن کي تيار ڪرڻ هو جيڪي انگريزي ڌاڪ ۽ دٻدٻي جو هن ملڪ مان جنازو ڪڍي سگهن. هر ديانتدار مؤرخ ان ڳالهه جو ضرور اقراري هوندو ته ان عظيم علمي تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن مان هڪ وڏي حصي پنهنجي بنيادي مقصدن جي حاصلات لاءِ تمام مٿاهين درجي جون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. بس سمجهو ته هنن پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو. پر پوءِ به ڪي ڳڻ ڳڻيا ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي پنهنجي ڪن مصلحتن سبب انهن عظيم مقصدن کي هضم نه ڪري سگهيا ۽ ان سلسلي ۾ تمام ڪڌو ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ ڪڌي ڪردار جو هڪڙو حصو مولانا سنڌي خلاف سندن رويو ۽ طرزعمل به آهي جنهن سان نه رڳو مولانا سنڌيءَ مصيبتون سر تي سٺيون پر حضرت شيخ الهند به گهڻو پريشان رهيو.
    اڄ ان مامري جو ڪوبه ڪردار جيئرو نه آهي، سڀ پنهنجي پالڻهار وٽ پهچي چڪا آهن. پر ديوبند جي تاريخ کان ان دور کي ڌار نٿو ڪري سگهجي. ضرورت هئي ته ڪو ڏاهو ڏات ڌڻي ان سڄي مامري تي تحقيقي نظر وجهي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري انهن پردن هيٺ پيل سڀني رازن کي عوام آڏو آڻي تان ته حقيقتون الم نشرح ٿي وڃن. سو اسان جي فاضل محقق ڊاڪٽر ابو سلمان صاحب جيئن ٻيا ڪيترائي علمي ۽ تاريخي ڪم ڪيا آهن، تيئن هن معاملي تي به ڌيان ڏيئي وڏي محنت سان سمورو مواد گڏ ڪري ان انڌاري باب کي روشن ۽ واضح ڪري نئين ٽهيءَ آڏو آڻي رکيو اٿس. هن تحرير مان ڪن ماڻهن جي ناراضگي يقيني آهي پر تاريخ بهرحال تاريخ آهي ان سان ناراض ٿيڻ مناسب نه آهي. هونئن به اسين ۽ اسان جا وڏا معصوم ڪونه هئا. شال الله انهن جي روحن کي سڪون نصيب ڪري ۽ اسان کي سنئين واٽ تي هلڻ جي هدايت ڏئي. آمين

    محمد سعيدالرحمان علوي


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ؓ (ف 1944ع دين پور) ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ مولانا مرحوم جي خلاف اٿاريل فتنن بابت جيڪو ڪتاب ترتيب هيٺ هو ۽ جنهن جو شروعاتي مسودو ماهوار الولي (حيدرآباد) ۾ ڇپيو به هو سو گهڻي ڪجهه ڦيرگهير ۽ واڌارن سان پريس ۾ پهچي چڪو آهي، هاڻ ان جي شايع ٿيڻ ۾ بظاهر ڪابه رنڊڪ نه آهي. تحقيق ڪندي ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪجهه وڌيڪ حقيقتون به پڌريون ٿيون آهن. حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني ؓ (ف 1957ع ديوبند) جن بزرگن جي سياسي نقطه نظر ۽ فتوائن کي رد ڪيو هو، جن کي صحيح سياسي سمجهه کان ڪورو قرار ڏنو هو جن جي ايمان ۾ شڪ ڏيکاريو هو يا جن بزرگن جي بيانن کي ڪوڙو چيو هو ته اها ڪا ڪاوڙ يا ٺلهي جوش جذبي جي ڳالهه نه هئي، بلڪ حضرت جن جي مشاهدي، صحيح سوچ ۽ فڪر تي ٻڌل هڪ واقعي جو اظهار هو، جيڪو حضرت جن جي زبان تي تري آيو هو ۽ فارسي پهاڪي ”قلندر ھر چو گوید دید گوید“ موجب حضرت جن جا شڪ شبها بلڪل ٺيڪ هئا. ٻئي پاسي مون اسلامي تاريخ جي مهان ڏاهي حضرت مولانا سيد محمد ميان نورالله مرقده (ف 1975ع دهلي) جن جا مختصر سياسي ليک، ڪتابڙا، رسالا ۽ کوڙسارا مضمون جيڪي وقت بوقت اخبارن ۾ ڇپبا رهيا پر مرتب نه ٿي سگهيا هئا، تن کي پنهنجي ڄاڻ موجب سڀني کي يا گهڻي ڀاڳي کي مرتب ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي مطالعي مان ۽ پڻ ٻين بنيادي ڪتابن جي ڳوڙهي اڀياس سان اندازو ٿيو ته پاڻ جن بزرگن جي سياسي سوچ ۽ قد ڪاٺ جي قيمت زيرو قرار ڏني هئي، اها به اصل حقيقت کان تمام وڌيڪ هئي. مطالعو ڪندي حضرت ٿانويءَ ؓ (ف 1943ع تهانه بهون) ۽ حضرت عثماني ؓ (ف 1949ع بهاولپور) کان سواءِ مولوي محمد طاهر (ف 1952ع ڪراچي)، مولانا شبير علي ٿانوي (ف 1968ع ڪراچي)، مفتي محمد شفيع (ف 1976ع ڪراچي) ڪجهه ٻين بزرگن جي سيرت ۽ سياسي فڪر بابت ڄاڻ جو هڪ ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي. پهرين ٻن بزرگ ۽ آخري بزرگن جي باري ۾ بحث کي رڳو سندن سياسي فڪر ۽ خدمت تائين محدود ڪيو آهي، ڇو ته ديني اصلاحي ۽ علمي ۽ حديث و تفسير ۽ درس و افتاء ۾ سندن ڪيل خدمتون ڪنهن کان لڪيل نه آهن ۽ پڻ بحث مباحثي کان مٿاهيون آهن. مون ڪوشش ڪئي آهي ته ڪابه ڳالهه پنهنجي طرفان نه چوان، بلڪ ڪنهن جي ايمان جي سلامتيءَ بابت ڪو شڪ شبهو يا اخلاق ۽ ايمانداري بابت ڪو انديشو يا سندن سياسي سوچ جي پختگي بابت، حضرت شيخ الاسلام مولانا محمد ميان يا ڪن ٻين علم وارن ۽ قلم ڌڻين جيڪي ڪجهه لکيو آهي بس ان کي بيان ڪري ان جي ثابتي فراهم ڪئي ويئي آهي.


    دارالعلوم ديوبند

    هندستان ۾ اسلامي عظمت جو جيئرو جاڳندو يادگار

    جڏهن دارالعلوم ديوبند جو نالو زبان تي اچي ٿو ته خيال جو دائرو رڳو هڪ مدرسي تائين محدود نٿو رهي. دارالعلوم، معقول ۽ منقول جي رڳو هڪ رسمي ۽ روايتي درسگاهه ناهي بلڪ اهو ڪيترن ئي علمي، سياسي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تحريڪن جو مجموعو آهي. هي هندستان جي ڌرتيءَ تي پوکيل اهو ڀلارو وڻ آهي، جنهن جون پاڙون پاتال ۾ آهن ته ٽار فضا ۾ پري پري تائين پکڙيل آهن. جنهن جي ڇانو، واٽ ويندڙن لاءِ سک ۽ سڪون جو وسيلو بنجي ٿي ۽ ان جو مٺو ميوو ملت اسلاميه جي معنوي ذوق کي تسڪين ڏئي ٿو. هي تاريخ جي ڪيترين ئي لاهين چاڙهين مان لنگهيو آهي. کيس زندگيءَ ۾ ڪئين ڪٺن مرحلا پڻ پيش آيا. دشمن ته ٿيا دشمن، تن ته هن جي وجود کي ميسارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي، پر پنهنجن جي نادانين به هن جي خصوصيتن کي ختم ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. پر پوءِ به ان ڀلاري وڻ جي گهاٽي ڇانو نه نادانن کي ڌڪاريو نه پراون کي پري ڪيو. ان جي تعليم ۽ تربيت جي ميون مان سڀني وات مٺو ڪيو. ان جي اڳيئن توڙي پوين عالمن جي خدمت واري خوبي بنان ڪنهن مذهبي متڀيد جي عام پالوٽ هئي. ان جا پهريان اڳواڻ اعليٰ انساني ڳڻن ۽ اسلامي ڪردار جو نمونو هئا. ان جا وچ وارا ۽ پويان عالم به هر ميدان ۾ پنهنجي وڏڙن جي ريت کي ڀليءَ ڀت نڀاهيندا پئي آيا ۽ ان جا وڏڙا ته هر ميدان ۾ مرد مٿيرئي هيا پر ان جي پوين جي سيرتن جي سونهن، سندرتا ۽ قرباني وارن جذبن به قوم کي ڪٺن مرحلن ۾ عزم ۽ حوصلو بخشيو ۽ همت کي بلند رکڻ ۾ مدد ڪئي. الله پاڪ کين ايمان ۾ پختگي، عقيدن ۾ صحت، نظر ۾ بلندي، علم ۾ ڪمال، دل ۽ دماغ ۾ ڪشادگي، سيرت ۾ اعتدال ۽ استقامت ۽ دين ۽ دنيا ۾ توازن جهڙن کوڙسارين خوبين سان نوازي ڇڏيو هو. منجهائن هر هڪ سهڻي سيرت جو نمونو، سراپا اخلاق جو پيڪر ۽ ايثار جو نمونو هو. اهي ملائڪ ته ڪونه هئا، پر اهڙا نيڪ طبيعت هئا جو ملائڪ به انهن تي رشڪ ڪن. منجهائن ڪوبه معصوم ته ڪونه هو، پر نيڪ نفسي، وچٿرائي، پرهيزگاري، دينداري ۽ تقويٰ جهڙين خوبين ۽ خاصيتن سان سندن زندگيون اهڙيون ته سينگاريل هيون جو اهي پنهنجو مثال پاڻ هئا. علم ۽ فن جي انيڪ ميدانن ۾ قومي ۽ ديني خدمتن جي مختلف دائرن ۾ ٻين ڌرمن ۽ فرقن ۾ به ڪيئي يادگار ماڻهو پيدا ٿيا پر مجموعي حيثيت سان ڪنهن هڪ جماعت جي مڪتب فڪر ۾ هر زماني ۾ علم ۽ عمل وارين خوبين جي ايڏي اتاهين درجي تي ايترو وڏو انقلاب ڪٿي به نه لڀندو. هي هڪ شاندار سوني زنجير آهي جنهن جي هر ڪڙي اڳئين ڪڙي کان وڌيڪ مانائتي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو تعليم ۽ تربيت جو هڪ اهڙو سانچو هو جنهن جا کوٽا به ٻين جي کرن کان اتم نڪتا. ان جي اڏاوت ۽ بيهڪ به اهڙي هئي جنهن ڪيترن کي سرور سان سرشار ڪري ڇڏيو. هندستان جي ڌرتيءَ تي ان جو وجود اسلامي عظمت جو جيئرو جاڳندو هڪ مقدس يادگار آهي. اهو هڪ عظيم ڪَڪَرُ آهي جنهن نه رڳو مسلمانن جي روحاني فصلن کي ريج ڪيو پر پنهنجي پنهنجي پهچ آهر غيرمسلم سماج به ان مان لاڀ پرايو آهي ۽ ان جي پالوٽ هندستان جي حدن کي پار ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي ڏورانهن ملڪن ۽ سندن شهرن ڳوٺن کي مالامال ڪري ڇڏيو. هي هڪ اهڙو وهڪرو ۽ واهڙ هو جنهن جي ساڃاهه ۽ پروڙ ڪنهن کي هئي يا نه پر هن جو فيض سڀني لاءِ عام هيو. ان ملت جي مڙني فصلن کي جهومائي ڇڏيو. ان جي وجود جو خمير، صبر و توڪل، سچائي، خداپرستي واري مٽي مان کنيو ويو هو. تنهن ڪري الله وٽ هو مقبول رهيو ۽ ماڻهن وٽ سدائين محترم ۽ مرڪزي مقام وارو رهيو. تاريخ جا سال، مهينا ٿا ڳڻجن ته ان کي 130 سالن کان به وڌيڪ گذري ويا آهن. ان جو پايو 1866ع ۾ پيو هو. تڏهن کان وٺي اڄ تائين هندو پاڪ جي مذهبي ۽ سياسي تاريخ ۾ هو مسلمانن جي شان ۽ عظمت جي اهڃاڻ طور ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهي. ان هيڏي عرصي ۾ مٿس ڪئين واچوڙا آيا، پر ان جي اجگر جيڏي جسم سان ٽڪرائجي ڇيهون ڇيهون ٿي ويا. زماني جي ڀڃ ڊاهه دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو. انقلاب جي لهرن هندستان کي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. ان پس منظر ۾ ڪن اياڻن اهو سمجهيو هو ته اسلامي عظمت جو اهو مينار انهن حالتن ۾ پنهنجو وجود سنڀالي نه سگهندو، پر دنيا ڏٺو ته حادثن وقت سر پنهنجو رستو بدلائي ڇڏيو، خطرا ۽ خدشا ٺلها وهم ثابت ٿيا، سندس هستي وڌيڪ اتاهين ٿيندي ويئي ۽ ان جي اهميت هيڪاري وڌي ويئي. سندس زندگيءَ جي هر نئين ڦٽندڙ باک اڳي کان وڌيڪ روشن ثابت ٿي. 1947ع جي ڌماڪي کان پوءِ به جيڪڏهن ايشيا ۾ مسلمانن جي تهذيب، ثقافت جو ٻهڪندڙ نقش يا ڪو يادگار اهڙو مرڪز جنهن جو هر ذرو شاندار، جنهن جو هر فيصلو وقتائتو ۽ جنهن جو خود وجود فخر جوڳو هجي سو فقط دارالعلوم ديوبند آهي. سندس وجود خدائي مرضي جو اظهار آهي. تنهن ڪري تبديلين ۽ سماجن جي ڀڃ ڊاهه جو مٿس ڪوئي اثر نه ٿيو. دارالعلوم، نه رڳو تاريخ جو هڪ جرڪڻو باب آهي، پر براعظم جي مسلمانن جي ديني، علمي، سياسي ۽ تهذيبي، تاريخ جي هڪ چمڪڻي چٽ جو پڻ نالو آهي. جيڪڏهن دارالعلوم ديوبند جي تاريخ کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ته جيڪر براعظم جي مسلمانن جي ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جو بي بها خزانو اکين کان اوجهل ٿي وڃي، ديني خدمتون نه هجڻ جي برابر وڃي ٿين ۽ ملڪ جي آزادي، ملت جي سربلندي، اسلامي ثقافت جي بحالي واري جاکوڙ جي تاريخ ۾ هڪ طبقي جي گداگري ۽ هڪ جماعت جي منٿ ميڙ واري پاليسي ۽ هڪڙي ٽولي جي غدارين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو بچي. مطلب ته دارالعلوم ديوبند هڪ اهڙو چشمو هو، جنهن ملت جي اميدن جي آبياري ڪري ان کي سر سبز بنائي ڇڏيو. هن علم و عمل جي هر ميدان ۾ اسلامي ملت جي دماغن کي صحيح سوچ ۽ فڪر ڏنو ۽ ان جي دلين کي جذبن سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو. ان مسلمانن آڏو زندگي جي هر واٽ وائکي ڪئي ۽ پنهنجي تابناڪ سيرت جي سوجهري سان مڙئي اوندها پيچرا پڌرا ڪري ڏنا. جي ڪنهن مسلمان گهرن ته اڄ جي نين حالتن ۾ به بنا ڪنهن هٻڪ ۽ هُڊ کُڊ جي پوري اعتماد سان زندگي جو سفر طئي ڪري منزل ماڻي سگهن ٿا.


    دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد

    دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد
    دارالعلوم ديوبند جي خدمتن جا ڪيئن روشن رخ ۽ جڳ مڳ جهتون آهن. هن اداري ديني علمن جي تعليم ۽ اشاعت جو جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، ان جو اندازو رڳو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪوبه اهڙو علائقو ناهي جتي مسلمان هجن ۽ سندن سيرت ۽ عقيدي تي دارالعلوم ديوبند جي تربيت جي ڇاپ نه هجي. عام خلق جي خيال ۾ دارالعلوم ديوبند جي قائم ڪرڻ جو مقصد رڳو ديني تعليم هو. جيڪڏهن رڳو اهوئي مقصد هجي ها ته به مسلمانن جي علمي ۽ عملي زندگي جو ڪهڙو رخ، ذهني ۽ فڪري تربيت جو ڪهڙو اصول، اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جو ڪهڙو ڪم، اخلاق ۽ سيرت جي سڌاري جو ڪهڙو منصوبو، دين ۽ دنيا جي ڀلائي جو ڪهڙو ميدان، فرد ۽ ملت جي ڀلائي جو ڪهڙو نصب العين آهي، جيڪو ان مقصد هيٺ نه آيو آهي. پر پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن جو زورائتو خيال هجي ته تاريخي حوالن ۽ ثبوتن سان دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد ۽ وڌيڪ خاصيتون بيان ڪيون وڃن ته پڪ ڪري ڇڏڻ گهرجي. ان جو وجود هندستان ۾ مسلمانن جي وڃايل وقار کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هندستان ۾ اسلامي ملت، قائم دائم رکڻ لاءِ هڪ مرڪز ۽ فڪري نظام لاءِ هڪ بنيادي نقطي جي حيثيت رکي ٿو. مولانا مناظر احسن گيلاني ؓ دارالعلوم کي قائم ڪرڻ جي پس منظر ۽ مقصدن بابت پنهنجي ڪتاب ”سوانح قاسمي“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هتي مختصر نموني ڪجهه ٽڪرا پيش ڪجن ٿا.
    1- پس منظر بابت پاڻ لکن ٿا:
    جنهن وقت شاملي جي ميدان مان هو پاڻ (حضرت قاسم نانوتوي ؓ) ۽ ان جا ساٿي بظاهر ناڪام واپس ٿيا هئا ته يقيناً سندن واپسي قرآن جي آيت مُتَحَّرِّفَالِقَتالِِ۔۔۔اِلٰی فِئَتھِ (سورة انفال) ترجمو: ”جنگ لاءِ ئي ٿرڪي وڃڻ، يا ڪنهن ٽولي سان ملڻ لاءِ“ ٿي سگهي ٿي ۽ يقيناً ان لاءِ ئي هئي.
    (سوانح قاسمي (ج 2 ص 23-222)
    2- مقصد جي باري ۾ پاڻ لکن ٿا:
    1857ع واري هلچل جي ناڪامي کان پوءِ جنگ جي نون محاذن ۽ ميدانن جي تياري ۾ سندن (حضرت نانوتوي ؓ) جو دماغ مصروف ٿي ويو ۽ دارالعلوم جو تعليمي نظام ان لائحه عمل جو سڀني کان وڌيڪ نمايان، مرڪزي ۽ بنيادي عنصر هو. (حوالو ساڳيو ص 223)
    3- حضرت مولانا محمد ميان ؓ جن لکيو آهي ته:
    جڏهن حاجي رفيع الدين صاحب مڪي پاڪ ۾ حضرت حاجي امدادالله ؓ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته اسان ديوبند ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو آهي ان لاءِ دعا ڪريو ته پاڻ چيائون سبحان الله. اوهان چئو ٿا ته مدرسو اسان قائم ڪيو آهي اها خبر ڪانه اٿو ته ڪيتريون پيشانيون اسر ويلي سر بسجود ٿي ٻاڏائينديون رهيون آهن ته ياالله هندستان ۾ اسلام جي بقا ۽ دين جي حفاظت جو ڪو ذريعو پيدا فرماءِ.
    (علماء حق اور ان کے مجاھدانھ کارنامے ج 1 ص 71)
    4- مولانا مناظر احسن گيلاني صاحب جن لکيو آهي ته:
    جڏهن پاڻ هڪ ڀيري حضرت شيخ الهند ؓ کان پڇيو ته سياست جي حوالي سان سائين جن جو مؤقف ۽ مسلڪ ڪهڙو آهي؟ ته حضرت جن تي هڪ خاص ڪيفيت طاري ٿي ويئي. فرمايائون: ”ڇا حضرت الاستاذ حضرت نانوتوي هن مدرسي کي رڳو پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيو هو؟ مدرسو منهنجي اڳيان قائم ٿيو هو. جيتريقدر مون کي ڄاڻ آهي ته 1857ع واري هلچل ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هي ادارو ان لاءِ قائم ڪيو ويو ته ڪو اهڙو مرڪز هجي جنهن وسيلي ماڻهن کي تيار ڪجي ته جيئن 1857ع جي ناڪامي جو تدارڪ ۽ پورائو ڪري سگهجي.“
    (سوانح قاسمي ج2، ص 226)
    مولانا گيلاني ان کي دارالعلوم جي بنيادي خصوصيت قرار ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته ديوبند جي مدرسي جي هيءَ اهائي بنيادي خصوصيت آهي، جنهن مدرسي جي پوري ڪارونهوار ۾ ويندي تعليم ۾ به اهڙيون آزادي پسند خصوصيتون پيدا ڪيون جو هي مدرسو ديني، مذهبي، ڀرم ۽ غيرت جو نه رڳو هندگير پر عالمگير ادارو بنجي ويو. ان جي فارغ التحصيل عالمن جو هڪ خاص مڪتب فڪر اڀري آيو ۽ ان مان لاڀ پرائيندڙ هڪ خاص قسم جو اهڙو مليل جليل مرڪب نصب العين کڻي ٻاهر نڪتا، جنهن ۾ سڀني تي ڇانئجي وڃڻ جي وڏي قوت موجود هئي.
    هاڻي ته دارالعلوم جي انهن رخصت پسند دوستن به ان حقيقت کي مڃي ورتو آهي، جن جا وڏا سياست جي نالي ٻڌڻ سان ئي ڪنن تي هٿ ڏيندا هئا. اصل ۾ اها ڳالهه حضرت شيخ الهند يا ڪنهن استاد جي دل ۾ لڪيل ڪانه هئي، بلڪ غير درسي طور ڳالهين ۾ حضرت جن جي ذهن مان نڪري شاگردن جي زبانن تائين پهچي چڪي هئي. تان جو 1905ع جي شروع ۾ جڏهن سرجيمس ڊگس لاٽوش، دارالعلوم ڏسڻ لاءِ ديوبند ۾ آيو، استادن سان مليو ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي تڏهن هن دارالعلوم جي تعليم جي غرض غايت بابت پڇيو ۽ کانئن سندن زندگي جو مقصد پڇيو ته انهن جواب ۾ چيو، ”اسان جو نصب العين دين کي قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪرڻ آهي.“ (بحواله تاريخ دارالعلوم ديوبند از محبوب رضوي ڪراچي ج1، ص 209)
    1915ع ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته مدرسي جو مقصد رڳو ۽ رڳو مذهبي تعليم جي آزادي آهي سياست سان ان جو ڪوئي لاڳاپو ناهي يا وري اڄ ڪير پڇي ته دارالعلوم ديوبند جي قائم ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو هو ته ان جي اياڻپ تي اچرج ۽ اڻڄاڻائي تي افسوس ٿو ٿئي ته آخر ڳالهائڻ جو اهو ڪهڙو انداز آهي ۽ ان سوال جي پڇڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي وڌيڪ ضد آهي، ان ڳالهه تي ته ان جي خدمتن جي هر رخ کي تصنيف تاليف جي چالو طريقي موجب ڌار ڌار وائکو ڪيو وڃي، ته ان جي خصوصيتن جي مختلف رخن ڏانهن، هن ڪتاب ۾ جيتري گنجائش آهي. ان کي آڏو رکي ڪجهه ضروري اشارا ۽ عنوان ڏيئي سگهجن ٿا.


    مدرسن کي قائم ڪرڻ جي همه گير تحريڪ

    مدرسن کي قائم ڪرڻ جي همه گير تحريڪ
    دارالعلوم ديوبند، ملت جي چند خيرخواهن جن مقصدن لاءِ قائم ڪيو هو، سي مقصد سهارنپور جي هڪ گم نام ڳوٺ ۾ رڳو هڪڙي مدرسي قائم ڪرڻ سان پورا ٿي نٿي سگهيا. تنهن ڪري ضرورت هن ڳالهه جي هئي ته ان جذبي کي عام ڪيو وڃي ۽ پوري ملڪ ۾ ديني مدرسن جو هڪ ڄار وڇايو وڃي. سو دارالعلوم جي بانيڪارن ديني تعليم جو هڪ اهڙو جذبو پيدا ڪيو جو ان زماني ۾ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪئين مدرسا کوليا ويا. 1296هه (1879ع) ۾ مدرسه قاسميه مراد آباد جو پايو پيو، جيڪو عام طور ”مدرسه شاهي مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي. ان جو بنياد حضرت قاسم العلوم حجة الاسلام مولانا محمد قاسم نانوتوي، خود پنهنجي هٿن سان پاڻ رکيو هو. ٻن ٽن سالن کانپوءِ حضرت قاسم العلوم جي چوڻ تي ئي جامعه عربيه اسلاميه جي نالي سان امروهه ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ويو. نگينه (يو- پي) ۾ 1292هه کان ئي هڪ مڪتب قائم هو. حضرت حجة الاسلام جي مشوري سان ان کي ترقي ڏ يئي اسلامي علوم جو هڪ بهترين درسگاهه بنايو ويو ۽ حضرت جن جي نالي پٺيان ان جو نالو ”مدرسه عربيه قاسميه“ رکيو ويو. ”مظاهر العلوم“ سهارنپور جو پايو 1896ع ۾ پيو. ان جي شروعات ۽ بنياد ۾ به دارالعلوم جي بانيڪارن جي دوستن ۽ پونئيرن جو هٿ هو ۽ ان جا مقصد به ساڳيا دارالعلوم ديوبند وارا قرار ڏنا ويا. دارالعلوم ديوبند جي بانيڪارن جي دوستن ۽ شاهه محمد اسحاق، حضرت مولانا عبدالحي ۽ شاهه اسماعيل شهيد جي شاگردن مان ئي مولانا سخاوت علي جونپوري، جونپور ۾ گذريل صدي جي آخر ڌاري مدرسه قرآنيه قائم ڪيو. مدرسن کولڻ جو هي سلسلو دارالعلوم ديوبند جي قائم ٿيڻ سان ئي شروع ٿي ويو، پوري ملڪ ۾ ڪيترائي مدرسا قائم ٿي ويا. پر ان وقت اهو عمل باغ لڳائڻ وارو عمل هو، ميوي جي حاصلات وارو وقت اڃان پرڀرو هو جنهن جي شروعات حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي واري وقت ۾ ٿئي ٿي. حضرت جن جي زماني ۾ سندن شاگردن جي ڪوشش سان براعظم، هند و پاڪ جو چپو چپو ديني علمن جي سوجهري سان ٻهڪي پيو. قومي تحريڪن ۽ آزادي جي هلچل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويو. سندن ڪوششن سان ملت جي ٿڪل ٽٽل فردن ۾ هڪ نئين سگهه سامائجڻ لڳي ۽ منجهن خاص نموني جو نظم ضبط قائم ٿي ويو. ايئن دارالعلوم جو فيض ڏينهون ڏينهن عام ٿيندو ويو. 1895ع ۾ حضرت رشيد احمد گنگوهي ؓ جي خليفي حافظ محمد صالح، مولانا فضل احمد منشي رحمة الله ۽ ٻين ساٿين رائيپور ضلع جالندهر ۾ ”مدرسه رشيديه“ جي نالي سان هڪ مدرسو کوليو ۽ 1905ع ۾ ”مدرسه نعمانيه“ جي نالي سان امرتسر ۾ ان ئي سلسلي جو هڪ مدرسو قائم ڪيو. دهلي جو مشهور ديني درسگاهه ”مدرسه امينيه“ به حضرت شيخ الهند جي شاگرد مولانا امين الدين قائم ڪيو هئو ۽ سندن ٻئي ناليواري شاگرد حضرت مفتي ڪفايت الله صاحب جي محنتن ان کي ايشيا جي چند مشهور ديني ادارن جي صف ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ حضرت شيخ الهند جي نامور شاگرد مولانا عبيدالله سنڌي ؓ پير جهنڊي (ضلع حيدرآباد) ۾ ”دارالارشاد“ جي نالي سان 1901ع ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ پوءِ 1912ع ۾ وري ساڳئي نالي سان نواب شاهه سنڌ ۾ به هڪ مدرسو کوليو. ان کان گهڻو اڳ 1884ع مولوي عبدالله صاحب ڪراچي جي کڏي محلي ۾ هڪ مدرسو کوليو هو، ان جو نيڪ فرزند مولانا محمد صادق صاحب جن، جيڪو پڻ حضرت شيخ الهند جي مک شاگردن مان هو ۽ جنهن سنڌ ۾ اسلامي علمن جي واڌ ويجهه، تبليغ اسلام، بدعت ۽ گمراهين کي ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، تنهن جي محنت ۾ مدرسه مظهرالعلوم جي نالي سان مشهور ٿيو. لاهور ۾ حضرت شيخ الهند جي خاص شاگرد مولانا احمد علي لاهوري، جيڪو قرآني علمن جي وڏي ڄاڻ رکڻ سبب شيخ التفسير جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان 1921ع ۾ ”مدرسه قاسم العلوم“ جو بنياد رکيو. 1350هه (1932ع) ۾ ڊاڀيل (سورت) جامعه اسلاميه جي نالي سان مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا شبير احمد عثماني جي ڪوششن سان هڪ اسلامي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن ٿوري ئي وقت ۾ ديني ۽ علمي دنيا ۾ پنهنجو پير ڄمايو. حضرت شيخ الهند جي شاگردن مان اهي ٻئي بزرگ ڪنهن تعارف جا محتاج نه آهن. 1327هه (1909ع) ۾ سرائي مير ضلع اعظم ڳڙهه ۾ ملت جا ڪجهه گهڻ گهرا جيڪي اڳ ۾ هڪ انجمنِ اصلاح قائم ڪري چڪا هئا، تن هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو جنهن جو سنگ بنياد حضرت شيخ الهند جي شاگرد مولانا سيد ميان اصغر حسين ديوبندي صاحب جن رکيو. 1924ع ۾ گجرات جي ضلع کيڙ ۾ آنند نالي علائقي ۾ حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله صاحب مدرسه عربيه تعليم الاسلام جي نالي سان هڪ مدرسي جو بنياد وڌو جنهن گجرات جي علائقي ۾ ديني علمن جي اشاعت ۽ تبليغ اسلام ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. 1913ع ۾ حضرت شيخ الهند جي صلاح ۽ مشوري سان مولانا عبيدالله سنڌي دهلي ۾ مدرسه نظارة المعارف القرآنيه جي نالي سان هڪ مدرسو قائم ڪيو. توڙي جو هي هڪ ننڍڙو مدرسو هو جنهن ۾ ٻه ٽي استاد قرآن حديث جو درس ڏيندا هئا ۽ شاگردن جي هڪ خاص جماعت جيڪا علي ڳڙهه جي پڙهيل هئي سا مولانا سنڌيءَ جي نگراني هيٺ هئي، پر انگريزي حڪومت تي ان ننڍڙي اداري جهڙي طرح ڏڪڻي طاري ڪري ڇڏي تنهن جو ڪجهه اندازو ڪتاب ”تحريڪ شيخ الهند“ جي مطالعي مان ٿئي ٿو. 1350هه (1932ع) ۾ غازي پور ۾ دين اسلام جي هڏ ڏوکين هٿان هڪ مدرسو ”مدرسه دينيه اسلاميه“ نالي سان قائم ٿيو. ان جو تعليمي نظام ساڳيو ديوبند وارو هو ۽ سندس پورو تعليمي عمل شروع کان وٺي اڄ تائين ديوبند جي فاضلن جي هٿ ۾ رهيو آهي. غازي پور جو مشهور مدرسو ”مدرسه چشمه رحمت“ 1869ع ۾ قائم ٿيو. توڙي جو انهن جي پايي وجهندڙن جو تعلق علماء فرنگي محلي وارن سان هو پر شروعات کان پوءِ مدرسو سدائين علماء ديوبند جي محنتن ۽ خدمتن جو ٿورائتو رهيو آهي. جونپور جي قصبه صبر حد جي مثالي درسگاهه ”مدرسه فاروقيه“ جو تعليمي ۽ اصلاحي روح اهوئي آهي جيڪو دارالعلوم ديوبند جي تعليمي ۽ تربيتي نظام ۾ جاري ۽ ساري آهي. پٽنه جو مشهور مدرسو ”مدرسه اسلاميه شمس الهديٰ“ جو قيام 1912ع ۾ ٿيو ۽ ان جي به ترقي ۽ واڌويجهه دارالعلوم ديوبند جي فاضلن هٿان ٿي. ان سلسلي ۾ ”جامعه مليه نواڪالي“ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. اها به دارالعلوم ديوبند جي ئي هڪڙي شاخ آهي. ان جا امتحان ۽ نگراني سڌوسنئون دارالعلوم ديوبند طرفان ٿيندي آهي. اهو سمورو زمانو حضرت شيخ الهند ۽ سندس شاگردن جو دور آهي.
    پر اها تحريڪ ان کان پوءِ ختم ڪانه ٿي آهي، بلڪ گذريل 25-30 سال جي عرصي ۾ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڪجهه اهڙن ديني مدرسن جو بنياد پيو، جن کي ڳڻڻ کان سواءِ هي مضمون اڌورو رهجي ويندو. انهن مدرسن ۾ ”جامعه اشرفيه“ لاهور (1947ع)، جامعه رشيديه ساهيوال 1947ع، دارالعلوم خيرالمدارس ملتان 1947ع، دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ 1947ع، دارالعلوم اسلاميه ٽنڊو الهه يار 1947ع، دارالعلوم ڪراچي 1950ع، جامعه اشرفيه پشاور 1953ع، جامعه مدينه لاهور 1955ع ۽ مدرسه عربيه اسلاميه بنوري ٽائون ڪراچي 1955ع خاص طور ڳڻڻ جوڳا آهن. پر ان سوني زنجير جون هي آخري ڪڙيون نه آهن. انهن مدرسن کان پوءِ به ڪئين مدرسا پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ۽ هندستان ۽ بنگلاديش جي ڏورانهن علائقن ۾ قائم ٿيا آهن.
    هي سڀ ادارا براعظم ۾ اسلامي علمن جي درس تدريس، اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت، ملڪ جي آزادي جي جدوجهد ۽ اسلامي علوم و فنون جي واڌويجهه جي تاريخ ۾ نمايان جاءِ والارين ٿا. هي سمورا مدرسا توڙي جو پنهنجي جدا جدا سڃاڻپ ۽ اثر رسوخ رکن ٿا، پر هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ اسلامي تعليم ۽ تربيت واري سرشتي ۾ دارالعلوم ديوبند ۽ هنن ادارن جو پاڻ ۾ اهو تعلق آهي جيڪو فلڪي نظام ۾ سج ۽ ٻين سيارن جو آهي. هنن سٽن پڙهڻ سان دارالعلوم جي فيض واري دائري جو جيڪو تصور ذهن ۾ اڀري ٿو سو حقيقت جي مقابلي ۾ گهڻو گهٽ آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اڃان ان موضوع تي ڪو ڪم ٿيو ئي ناهي ۽ نه وري ڪا اهڙي سنجيده ڪوشش ڪئي ويئي جنهن سان دارالعلوم ديوبند جي فائدي ۽ فيضن جو پورو اندازو ٿي سگهي. هي ته دارالعلوم ديوبند جي سلسلي جا ڪجهه چونڊ مدرسا هئا، پر جيڪڏهن صوبائي ۽ علائقائي سطح تي جائزو ورتو وڃي ته ان لاءِ رڳو هڪڙو مضمون ناڪافي آهي. ان لاءِ ته پورو ڪتاب گهربل آهي. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش جو اهو ڪهڙو علائقو آهي، جتي دارالعلوم ديوبند جي سلسلي جو ڪو ننڍو يا وڏو مدرسو نه آهي؟ هندستان جي مک مدرسن جي هڪڙي مختصر فهرست غلام رسول مرتب ڪئي آهي. ٻي فهرست جيڪا بهادر ۽ اڙيسا جي مدرسن جي آهي، سا پروفيسر عبدالمنان مرتب ڪئي آهي. گجرات جي باڪمال ۽ نيڪ عالمن جي ديني خدمتن جو هڪ جائزو حضرت مفتي ڪفايت الله صاحب جن ورتو آهي. اهڙي نموني مالابار جي مرڪزي درسگاهن بابت معلومات محمد اسلم صاحب جن هٿيڪي ڪئي آهي. (انهن مضمونن لاءِ البلاغ بمبئي جو تعليمي نمبر ڏسڻ گهرجي) پاڪستان جي عربي مدرسن جو هڪ تفصيلي جائزو حافظ نذر احمد مرتب ڪيو آهي. ”علم و آگهي“ جي ٻن ٿلهن نمبرن (برصغير پاڪ و هند جا علمي، ادبي ۽ تعليمي ادارا جلد پهريون ۽ ٻيو )۾ ديوبندي مڪتبه فڪر جي کوڙ سارن تعليمي، علمي ۽ ادبي ادارن ۽ انجمنن جا حالات سهيڙ يا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ”برگ گلا“ ڪراچي جو تعليمي پاليسي نمبر به پڙهڻ وٽان آهن. انهن ڪتابن ۽ رسالن ۾ مدرسن جي تاريخ ۽ انهن جي بانيڪارن جي حالت پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته دارالعلوم ديوبند جي فيض ۽ سندس ننڍن وڏن جي محنتن جو دائرو ڪيڏو نه وسيع آهي.


    دارالعلوم ديوبند جا اثر

    دارالعلوم ديوبند جا اثر
    نئين ۽ پراڻي تهذيب جي متڀيد جو مسئلو برصغير جي مسلمانن جي مذهبي زندگي جو مک مسئلو رهيو آهي. ديوبند کي قدامت پرست ۽ علي ڳڙهه کي نو نواز ڪوٺيو ويو. ان وٿي کي ميٽڻ لاءِ ڪيترن ئي قوم جي هڏ ڏوکين ڪوشسون ڪيون، پر عجب جهڙي ڳالهه اها آهي جو نواڻ سان نوازيل ماڻهن رڳو الزام مڙهيا پر پراڻ پرستن ان فاصلي کي گهٽائڻ لاءِ حقيقي ڪوششون ڪيون، جنهن جو هڪڙو مثال ”ندوة العلماء لکنو“ آهي، جنهن جي اڳواڻن ۽ بانين ۾ ديوبندي سلسلي جا بزرگ اڳڀرا رهيا آهن. حضرت شيخ الهند، ديوبند ۽ علي ڳڙهه جي وچئين وٿي کي گهٽائڻ لاءِ تمام سنجيده ڪوشش ڪئي. علي ڳڙهه جي پڙهيل شاگردن لاءِ خاص نصاب مرتب ڪرايو ۽ دارالعلوم جي فاضلن کي علي ڳڙهه وڃي نون علمن سکڻ لاءِ همٿايو. دهلي ۾ مدرسه ”نظارة المعارف القرآنيه“ قائم ٿيو، جنهن جي سرپرستن ۾ حڪيم اجمل خان مرحوم سان گڏ نواب وقارالملڪ کي برابر ڀاڱي ڀائيوار بڻايو. پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گهڻو بيمار هوندي به حضرت شيخ الهند علي ڳڙهه جو سفر ڪيو پنهنجي ۽ وفات کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ”جامعه مليه دهلي“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. زندگي جي پوين پساهن تائين هو ڪوشش ۾ لڳو رهيو ته علي ڳڙهه جو اونداهو اندر ايمان جي روشني سان ٻهڪي پوي، پر انهن سڀني ساڃهه وند سچاين جي صلي ۽ بدلي ۾ علي ڳڙهه جي سوکڙين حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿين، شاگردن، فداڪارن مولانا سنڌي وغيره جي جاسوسي ڪئي، انهن لاءِ ڏڦير پيدا ڪيا، قيد بند ڏيکارايا، جاسوسي جي عيوض گورنمينٽ کان عهدا، خطاب ۽ سندون حاصل ڪيون. اهڙي نموني دارالعلوم جي اڳواڻن ۽ ملت جي گهڻ گهرن جي سڀني محنتن تي پاڻي ڦيرڻ جي ڪوشش ڪئي. تانجو انهن بزرگن جي سماجي قدڪاٺ کي گهٽائڻ ۽ بدنام ڪرڻ لاءِ مٿين ٺٺول ۽ مسخريون ڪيون، الزام ۽ تهمتون مڙهيون ۽ انهن جي مارڻ کان به نه مڙيا. علي ڳڙهه ۽ ديوبند جي اها ئي ڇڪ ڇڪان هئي جنهن اڳتي هلي مسلم ليگ ۽ جمعيت علماءِ هند جي جهڳڙي جي صورت اختيار ڪئي. انهن ڪڙن تجربن کان پوءِ به ان دور جا عالم سڳورا مسلمانن جي ايڪي ۽ ٻڌي، نون ۽ پراڻن جي ميلاپ کان نااميد نه ٿيا، پر مسلم ليگ جي چڱن چوکن جا جيڪي پرڪار رهيا تن جو اظهار مولانا شبير احمد عثماني ؓ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. جيڪو خواجه عبدالوحيد مرحوم کانئن ورتو هيو ۽ مولانا جي حياتيءَ ۾ ئي لاهور جي سه روزه اخبار زمزم ۾ ڇپائي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ علي ڳڙهه، ديوبند کي ڪڏهن به مڃتا نه ڏني پر ملت جي خيرخواهي ۽ اسلامي اخلاق ۽ سيرت جي سلسلي ۾ ديوبند جي اخلاص ۽ عمل جو وهڪرو ايڏو ته زورآور رهيو جو علي ڳڙهه به ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. علي ڳڙهه جي ڄميل ۽ انگريز پرست ماحول مان جيڪي سو ڪجهه آزادي جا ڪوڏيا ۽ ملت جا گهڻگهرا ماڻهو نڪتا جن علي ڳڙهه جي پيشاني تان ڪارنهن جي ٽڪي ميٽڻ جي ڪوشش ڪئي. توڙي جو پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب نه ٿيا، پر پوءِ به پنهنجي سچائي، ايمانداري جي ڌاڪ ماڻهن جي دلين ۾ وهاري ويا. انهن ۾ مولانا محمد علي جوهر، شوڪت علي، تصدق احمد خان شيرواني، حسرت موهاني، مولانا ظفر علي خان، مهدي افادي، مولانا حميدالدين فراهي، اقبال سهيل، عبدالمجيد خواجه، طفيل احمد منگلوري، قاضي عبدالغفار، ڊاڪٽر سيد محمود، ڊاڪٽر ذاڪر حسين، شيخ عبدالله (ڪشميري) ۽ ٻيا به ڪجهه اهڙائي درويش آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان حضرت شيخ الهند کان متاثر ۽ سندن سدا ملوڪ سيرت جا گهائل هئا ۽ ان لاڳاپي جي ڪري ئي هنن قومي خدمت کي پنهنجي زندگي جو مقصد مڃيو. علي ڳڙهه ۾ سر سيد جي پنيڙات پاليسيءَ جي مخالفت ۾ جيڪو جذبو جاڳيو ان ۾ ديوبند جو اثر سڀني کان وڌيڪ نمايان هو. توڙي جو ديوبند جي بزرگن ڪڏهن به علي ڳڙهه جي مخالفت ۾ نه ڪڏهن کلي تقريرون ڪيون نه ماڻهن جي جذبن کي ڦوڪون ڏيئي ڀڙڪايو ۽ نه محمد علي وانگر علي ڳڙهه کي اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني. پر ديوبند جو پنهنجو هڪ باڪمال ڪردار هو، جنهن علي ڳڙهه وارن جي اکين کي کولي ڇڏيو هو. هن جي سيرت پنهنجو ڪم ڪري رهي هئي، جنهن جو اثر هوريان هوريان پکڙجي رهيو هو. علي ڳڙهه کان سواءِ ملڪ جا ٻيا به سياسي، ديني ۽ ثقافتي ادارا ديوبند کان متاٿر ٿيا. نواب وقارالملڪ ظاهر آهي ته علي ڳڙهه جي پيداوار ڪونه هو. حڪيم اجمل خان جو لاڳاپو به هڪ ٻئي دائري سان هو. ڊاڪٽر انصاري، (مختار احمد) جو ميدان به ٻيو هو ۽ هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو. علامه اقبال جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت جو سانچو ٻئي مٽي مان جڙيل هو ۽ بعد ۾ به سندس شخصيت ۽ فن فڪر جي واڌ ويجهه جي ٻي دنيا هئي. ابوالڪلام آزاد جو شروعاتي ماحول ٻيو هو. سندس پيءُ هڪ ٻئي فڪر سان لاڳاپيل هو. حالي ۽ شبلي به ڌار دنيائن جا ڌڻي هئا اڪبر اله آبادي جي به هڪ پنهنجي طبيعت هئي. پر حضرت شيخ الهند جي شخصيت ۽ ديوبند جي ڪردار کان سڀ متاثر هئا. سندن سيرت ۽ صورت ۾ اهڙي ڇڪ هئي جو جنهن هڪ ڀيرو کيس ڏٺو سو مٿس موهت ٿي پيو. ديوبند جا اثرات، نه رڳو ملڪي شخصيتن ۽ ادارن تي پيا هئا پر پرڏيهي ملڪن جا اڳواڻ ۽ ادارا به ان کان متاثر هئا. سفرنامه اسير مالٽا، نقش حيات، تحريڪ شيخ الهند- ريشمي رومال تحريڪ، مولانا عبيدالله سنڌهي جون لکڻيون، اقبال شيدائي جي سرگزشت ظفر حسن جي آپ بيتي وغيره جي پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته دارالعلوم ديوبند جي ملي سياسي تحريڪ کان افغانستان، ترڪي ۽ حجاز جا ڪيترائي مکيه اڳواڻ متاثر هئا. دارالعلوم ديوبند جا اثرات ڪن مکيه علمي گهراڻن تي به پيا هئا. ان سلسلي ۾ پنجاب جو غزنوي خاندان ۽ يو پي جي ڪن اهل حديث عالمن کي ڳڻي سگهجي ٿو. اهل حديث عالم خاص ڪري غزنوي خاندان پنهنجي هڪ مستقل علمي، تعليمي ۽ تهذيبي روايت رکن ٿا. انهن جي فڪري خدمتن جو درجو اتم آهي. اهي دين ۽ ملت جي خدمت جي حوالي سان پنهنجو هڪ شاندار تاريخي ڪردار رکن ٿا. اهڙي نموني لڌيانه جو علمي گهراڻو، جنهن جي پونئيرن ۾ مفتي محمد نعيم ۽ مولانا حبيب الرحمان جهڙا مڻيادار مڙس گذريا آهن. دائره شاهه اجمل (اله آباد) فرنگي محل (لکنؤ) ۽ بدايون رام پور، اجمير وغيره جهڙن تصوف ۽ علم وارن گهراڻن جي تعليم ۽ تدريس جي پڇاڙڪي دور جي بزرگن جا حالات اسان اڳيان آهن. اهي سڀ حضرت شيخ الهند جي فڪر جي سهائن ۽ حضرت جن جي شخصيت جي عظمت ۽ جلال کي مڃيندڙ هئا. مولانا ابوالڪلام آزاد، پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ پنهنجي مستقل حيثيت جو مالڪ هو. هو پنهنجي زندگي ۽ فڪر جي تعمير ۾ پنهنجي پيءُ جي فڪري ۽ علمي شخصيت جو ٿورائتو نه هو. بيشڪ هن پنهنجي پيءُ جي سيرت مان ڪجهه ٻهڪندڙ گڻ اپنايا هئا. پر دارالعلوم ديوبند جي خدمتن ۽ حضرت شيخ الهند جي سيرت ۽ ان جي ڪردار جو مٿس گهرو اثر هو. ويهين صدي جي هڪ مهان شخصيت علامه سيد سليمان ندوي هو، ان کي ”ندوة العلماء لکنؤ“ جو هڪ ڏاهو فرزند چوڻ گهرجي، مولانا اشرف علي ٿانوي جو مريد ۽ خليفه مجاز هو. اهو حضرت ٿانويءَ جو فيـض نظر هو يا مڪتب ديوبند جي ڪرامت، جو ان بيعت جي سلسلي کان پوءِ سندس خيالن ۾ وڏو انقلاب اچي ويو. روحاني معراج کي ثابت ڪرڻ لاءِ وٽس عقلي ۽ منطقي دليلن جي کوٽ ڪانه هئي. هو روايتن جو سهارو به وٺي پئي سگهيو، ڪن صحابين عالمن ۽ ڏاهن جي اختلافن جي مدد سان به پنهنجي موقف کي سگهارو بنائي پئي سگهيو. پر ان جي سلڇڻي روح ۽ سچي دل انهن بنيادن تي پنهنجي فڪر جي اڏاوت ڪرڻ کي مناسب نه سمجهيو ۽ ان مسلڪ کي ئي ورتو، جيڏانهن حضرت ٿانوي جي فڪر سندس رهنمائي ڪئي. جيڪو علماء ديوبند جو مسلڪ هو ان سلسلي ۾ مولانا عبدالباري ندوي ۽ مولانا عبدالماجد دريا آبادي جو نالو به اچي ٿو جو انهن جي عقيدتن ۽ ارادن جو ناتو هميشه علماء ديوبند سان لاڳاپيل رهيو. موجوده شخصيتن ۾ مولانا ابوالحسن علي ندوي به هڪ شاهڪار شخصت جو مالڪ آهي. ان جو تعلق رائي بريلي جي هڪ تاريخي علمي گهراڻي سان آهي. هو پاڻ دعوت هدايت جي سلسلي جي هڪ مکيه شخصيت آهي. ان جي خاندان ۾ علم ۽ دين، اخلاق ۽ تصوف مان ڪهڙو خزانو گهٽ هو جو ٻين جو محتاج بنجي پر علماء ديوبند سان سندس عقيدت هڪ کليل حقيقت آهي. خاص ڪري قرآني علمن ۾ ان ئي مڪتبه فڪر جي هڪ عالم شيخ التفسير مولانا احمد علي لاهوري جي تعليم تربيت جي مٿس گهري ڇاپ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.


    علمي خدمتون

    علمي خدمتون
    علمي خدمتن جي ميدان ۾ به دارالعلوم ديوبند ۽ سندس فرزندن رڳو ڪم ناهي ڪيو پر ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. هي علمي خدمتون ڌار ڌار شخصي طور به ڪيون ويون ته منظم علمي ادارن جي صورت ۾ به ظاهر ٿيون. دارالعلوم ديوبند وڏي درجي جا قلمڪار، مصنف، شاعر، صحافي ۽ مختلف علمن ۽ فنن جا ماهر پيدا ڪيا آهن. قرآن پاڪ جي مفسرن ۽ ترجمي ڪندڙن ۾ سڀ کان پهرين نالو حضرت شيخ الهند جو اچي ٿو. سندن شاگردن ۾ ڪيئي بزرگ اهڙا گذريا آهن جن جو شمار انتهائي اهم درجي جي مفسرين ۾ ٿئي ٿو. انهن ۾ مولانا شبير احمد عثماني، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا اشرف علي ٿانوي خاص طور ڳڻي سگهجن ٿا. ٿانوي سلسلي جي بزرگ مفتي محمد شفيع معارف القرآن جي نالي سان ۽ ڪن ٻين بزرگن تفسيري لٽريچر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو وڏو واڌارو ڪيو آهي. مولانا عبدالماجد دريا آبادي جو شمار به ان ئي علمي خانقاهه وارن ۾ ڪرڻ گهرجي، ان جو هڪ پنهنجو تفسيري انداز آهي. مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي هڪ باڪمال شخصيت جو مالڪ هو. ان قرآني دعوت ۽ تفسير جو هڪ خاص ميدان هٿ ڪيو ۽ قصص القرآن جي نالي سان پنهنجي يادگار ڇڏي ويو. ان ئي اسلوب ۽ انداز کي منهنجي محترم مخدوم حضرت مولانا شريف احمد صاحب جن پسند ڪيو ۽ ”تذڪرة الانبياء“ ۽ ”قصص الاولياء“ ٻن حصن ۾ سائين جن ئي لکيو آهي. حضرت لاهوري کان پوءِ سندن خاص خليفي مولانا قاضي زاهد الحسيني پنهنجي قرآني درسن جي مدد سان قرآن ڏي وارڻ واري دعوت کي پاڪستان جي اتر اولهه واري علائقي جي شهرن توڙي ڳوٺن تائين پکيڙڻ جي ڀرپور محنت ڪئي ان ۾ گهڻو ڪامياب به ٿيو. موجوده دور جي بزرگن ۾ حضرت صوفي مولانا عبدالحميد سواتي صاحب جن جون قرآني خدمتون ۽ تفسيري ڪاوشون پنهنجي عظمت ۽ پکيڙ سبب ان ڳالهه جون حقدار آهن ته مٿس خاص تحقيقي نظر وڌي وڃي. حضرت صوفي صاحب، شاهه ولي الله ۽ علماء ديوبند جي علم ۽ تفسير جون خاصيتون ۽ خوبيون پنهنجي تفسيري درسن ۾ هٿيڪيون ڪري ڇڏيون آهن. سائين جن جي ذات اڄڪلهه هڪ تفسيري مڪتبه فڪر جي بانيڪار جهڙي آهي. هي سڀئي مفسر پنهنجي ڌار ڌار تفسيري خاصيتن جي بنياد تي مفسرين جي لڏي ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿا. وري مولانا سنڌي ؓ پنهنجي هڪ خاص اجتهادي فڪر ۽ تفسيري انداز جي بنياد تي ڄڻ ته هڪ مستقل تفسيري باغيچي جو بانيڪار بنجي ويو آهي. ان کان سواءِ عام قلم ڌڻين ۾ مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي، شيخ الاسلام حضرت مولانا حسين احمد مدني، حضرت مفتي ڪفايت الله، مولانا مناظر احسن گيلاني، مولانا ثناءُالله امرتسري، مولانا اشرف علي ٿانوي، مولانا سيد محمد ميان ديوبندي وغيره جهڙا اهل علم ۽ قلمڪار به آهن جن پنهنجي فڪر ۽ تحقيق سان اردو ٻوليءَ جي ديني تاريخي ۽ سياسي لٽريچر ۾ هڪ وڏو واڌارو آندو آهي.
    صحافين ۾ مولانا شائق احمد عثماني (ايڊيٽر ”عصر جديد“ ڪلڪته) مولانا محمد عثمان فارقليط (ايڊيٽر الجمعيت دهلي) ۽ شاعرن ۾ مولانا تاجور نجيب آبادي جهڙو ناميارو شاعر ۽ صحافي گذريو آهي.
    امت جي سڌارڪن ۾ مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا اشرف علي ٿانوي؛ محققن، مفڪرن ۽ رسول الله ﷺ جي عظمت جي محافظن ۾ مولانا انور شاهه ڪشميري جهڙي اڻ لڀ شخصيت ٿي گذري آهي. مولانا احمد سعيد دهلوي، مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي ناميارا خطيب ٿي گذريا آهن. قاري محمد طيب صاحب جن جو شمار به برصغير جي چوٽيءَ جي خطيبن ۾ ٿئي ٿو.
    علمي ۽ مجلاتي صحافت جي ميدان ۾ ته ديوبند جي خدمتن جو گراف انتهائي اُتم ۽ اوتاهون رهيو آهي. ”الرشيد“، ”القاسم“ ۽ ”دارالعلوم“ جهڙا رسالا ته ديوبند مان ئي صادر ٿيا پر ان جي فرزندن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اردو، عربي وغيره ۾ رسالا ڪڍيا جن جي فهرست مرتب ڪرڻ ڏانهن اڃان شايد ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي. ديوبند جي خدمت جو اهو هڪ اهم رخ آهي. رسالن ۽ جريدن جي مدد سان وقت جي اهم ديني، معاشي، سياسي، مسئلن بابت انتهائي قيمتي مواد فراهم ٿيو. اتاهين درجي جا علمي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالا لکيا ويا، تهذيب ۽ ثقافت کان سواءِ نئين دور جي بيشمار نون مسئلن تي پر مغز مضمونن جو ذخيرو هٿ آيو.
    اڄ به هندستان، پاڪستان ۾ جيڪڏهن قداور علمي تحقيقي ۽ ديني رسالن جي فهرست تيار ڪئي وڃي ته ”برهان“_ دهلي، ”الحق“، اڪوڙه خٽڪ، ”بينات“ ۽ ”البلاغ“، ڪراچي، ”الرشيد“ ۽ ”انوار مدينه“، لاهور، ”الفاروق“ جيڪو اردو عربي، انگريزي ۽ سنڌي چئن ٻولين ۾ ڪراچي کان نڪري ٿو ۽ “نصرت، العلوم“_ گوجرانواله جا نالا سرفهرست هوندا.


    علمي ۽ تحقيقي ادارن جو قيام

    علمي ۽ تحقيقي ادارن جو قيام
    دارالعلوم ديوبند ۾ ۽ ان کان ٻاهر ان جي فرزندن وقت ۽ حالتن جي مطابق وڏي درجي وارا علمي ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪيا آهن ۽ هاڻي لڳ ڀڳ سڀني ديني مدرسن ۾ تحقيق ۽ تصنيف ۽ تاليف جا مستقل شعبا قائم ٿي چڪا آهن.
    دارالعلوم جي کوڙساري خصوصيتن مان هڪ هي خصوصيت به آهي ته ان جا پڙهيل اهڙي ذهني فڪري تربيت سان سينگاريل هوندا آهن جو ڪنهن راهه تي رڳو مقلدانه ڊوڙ ڊڪ نه آهن ڪندا پر وقت ۽ حالتن جي مطابق پنهنجو گس پاڻ ٺاهيندا آهن. اهوئي سبب آهي جو وقت جي گهرج موجب ادارا قائم ٿيندا ويا، رسالا ۽ ڪتاب به جاري ٿيندا ويا، ان جي فرزندن علم ۽ عمل جي مختلف ميدانن ۾ ملت جي خدمتن جون پاڻ واٽون ٺاهيون ۽ ورتيون آهن.
    دارالعلوم ۾ تصنيف ۽ تاليف جي شخصي خدمتن کان سواءِ ڪيتريون ئي اڪيڊميون پڻ وجود ۾ آيون جن ۾ ”مجلس معارف القرآن“، ”شيخ الهند اڪيڊمي“۽ دارالعلوم کان ٻاهر ”ندوة المصنفين“ (دهلي) دارالعلوم ديوبند جي فرزندن جو ڪارنامو آهي. مجلس علمي (ڊاڀيل هاڻ ڪراچي) ان ئي سلسلي جي ذوق رکڻ وارن قائم ڪئي آهي. انجمن خدام الدين لاهور آهي ۽ بيت الحڪمة جي نالي سان مولانا عبيدالله سنڌي هڪ ادارو قائم ڪيو هو، جنهن جو مرڪز دهلي هو ۽ ان جون شاخون ڪراچي پير جهنڊو خانپور ۽ لاهور ۾ قائم ڪيائين ان جي نگراني ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ٿيا.
    ڪراچي ۾ مولانا حسين احمد مدني جي ياد ۾ مجلس يادگار شيخ الاسلام ڪم ڪري رهي آهي. مولانا قاري شريف احمد صاحب ان جو صدر آهي. ان کان سواءِ ڪيترائي تبليغي ۽ اشاعتي ادارا آهن جن جو انگ سو کان به مٿي آهي.
    حضرت مولانا سيد محمد ميان پنهنجي سر هڪ اڪيڊمي آهي. ان جيڪو همه گير تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪيو آهي سو ڪيترن ئي ادارن جي ڪم کان به مٿڀرو آهي. اوهين جڏهن به جمعيت علماءِ هند جو نالو وٺندؤ ته ان جي تصنيف ۽ تاليف واري شعبي جي حوالي سان سندس ئي پاڻمرادو نالو ذهن تي تري ايندو. ان بزرگ نه رڳو نظري ۽ عملي اساسي موضوعن تي لکيو آهي پر سيرت، تعليم، فقه، فتويٰ ۽ لساني موضوعن کان ويندي افسانوي ادب به تخليق ڪيو آهي. نه ان جو قلم ٿڪيو ۽ نه وٽس موضوعن جو دائرو سوڙهو هو. سراسري حيثيت سان علمي ۽ ديني تصنيف ۽ تدوين ۾ ته دارالعلوم جي فرزندن کي هڪ خاص حيثيت حاصل هئي. پر ٻين علمن ۽ فنن جي مختلف ميدانن ۾ به انهن کي خاص مقام مليل هو. قرآن جي مختلف علمن، حديث جي مختلف ميدانن ۽ فقه ۾ توڙي نقلي علمن وغيره ۾ مقلدانه ۽ ميڙ چونڊ جي بنيادتي نه پر مجتهدانه بصيرت جي بنياد تي به سندن هڪ خصوصي حيثيت سڀني ديني توڙي علمي حلقن ۾ مڃي وئي آهي. اهو امتياز نه رڳو دارالعلوم جي تاريخ ۾ ملي ٿو پر اڄ تائين به انهن جو اهو شان ۽ شوڪت قائم ۽ دائم آهي.


    سياسي خدمتون

    سياسي خدمتون
    دارالعلوم ديوبند جي وڏڙن هر وقت ۽ لڳاتار مسلمانن جي ڀلي ۽ سندن بقا لاءِ هلايل تحريڪن ۽ ملڪ جي آزادي ۽ ترقي جي هر هلچل ۾ اڳتي وڌي حصو ورتو. مسلمانن جي مفاد جو مسئلو هجي توڙي ٻين ديس واسين جي خيرخواهي جو سوال، انهن قوم ۽ ملڪ جي ڀلائي ۽ خدمت ۾ ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان پوئتي نه رکيو. ملڪ جي آزادي واري تحريڪ ۾ هو ڪنهن ٻي جماعت جا ٻڌا ٻانها نه هئا بلڪ ڀلائي ۽ جهاد جي تحريڪن ۾ انهن بزرگن ملڪ ۾ سڀني ديس واسين جي ڪاميابي لاءِ جيڪو نصب العين جوڙيو هو، ان طرف برابر وڌندا رهيا. ان سلسلي ۾ پنهنجن پراون سان اتحاد ۽ اختلاف جا مرحلا به پيش ايندا رهيا، پر انهن نه ڪنهن تي ڀاڙيو ۽ نه ڪنهن جو انتظار ڪيو. انهن سڀني ڳالهين کان بي نياز ٿي اڳتي وڌندا رهيا.


    ملڪي ۽ غير ملڪي تحريڪون

    ملڪي ۽ غير ملڪي تحريڪون
    دارالعلوم جا بزرگ فڪر ۽ عقيدي، علم ۽ تهذيب جي روايتن ۾ جن درويشن سان لاڳاپيل هئا ۽ پوءِ پنهنجي تعليم ۽ تربيت سان جيڪي ساڃهه وند ۽ سياڻا انسان پنهنجي علمي ۽ عملي روايتن جا وارث ۽ امين ڇڏي ويا آهن، انهن وٽ هڪ دردمند دل ۽ سچو روح هو، جو جڏهن سندن وطن ۾ يا ٻاهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن جي ڦرلٽ ٿي يا ڪنهن جا حق ڦٻايا ويا يا ڪنهن جي آزادي تي راتاهو لڳو ٿي ته اهي تڙپي ٿي پيا. سندن ڪارنامن تي تاريخ شاهد آهي. دارالعلوم جي بزرگن جي خدمتن جو دائرو وطني تحريڪن کان وٺي غيرملڪي تحريڪن تائين پکڙيل آهي. وطن جي جنگِ آزاديءَ واري شروعاتي زماني کان وٺي ڪري اڄ تائين جيڪي به ملي ۽ قومي تحريڪون برپا ٿيون، دارالعلوم جي اڳين کان وٺي پوئين تائين سڀني ان ۾ حصو ورتو. تحريڪ اصلاح و جهاد (1831ع)، جنگ آزادي (1857ع)، ريشمي رومال تحريڪ (1917ع)، ستيه گر جي تحريڪ (1919ع)، تحريڪ خلافت ۽ ترڪ موالات (24-1919ع)، تحريڪ هجرت (1920ع)، نمڪ سازي تحريڪ ۽ تحريڪ سول نافرماني (1930ع)، انفرادي ستيه گر جي تحريڪ (41-1940ع) ۽ هندستان خالي ڪريو تحريڪ (1942ع) وغيره ۾ وقت، جان ۽ مال جي قرباني سان هنن مثال قائم ڪري ڏيکاريا.
    ملڪ جي آزادي کان پوءِ هندستان جا مسلمان زورائتي امتحان ۾ ڦاٿل هئا. سندن زندگي جو پورو ڪاروهنوار ڊانواڊول ٿي ويو ۽ معيشت تباهه ٿي وئي. کين سخت فرقه وارانه تعصب اچي وڪوڙيو هو. اغوا، قتل ۽ ڦرمار جي بازار گرم ٿي وئي هئي ۽ هو چوڌاري خطرن جي گهيري ۾ هئا پر دارالعلوم جي بزرگن عوام، حڪومت ۽ دستور مخالف دشمنن قوتن جو هر مورچي تي مقابلو ڪيو. نيٺ مسلمانن جي وچ سفر ۾ ڦاٿل ٻيڙي کي ڪنڌي ڪناري پهچايو. ان وقت هندستان ۾ مسلمان جن مسئلن ۾ ڦاٿل هئا اهڙائي مسئلا پاڪستان ۾ به اقليتن سان اٽڪيل هئا. ديوبند جي بزرگن ٻنهي جاين تي حالتن جو مقابلو ڪيو. سورن سٽيل انسانن جي خدمت جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃايو. هندستان ۾مسلمانن کي تعليمي نظام، مقبرن، مسجدن ۽ ٻين مقدس جاين ۽ تاريخي آثارن جي حفاظت، اوقاف واري سرشتي کي بچائڻ لاءِ دستور سازي، ڇڏيل ۽ اڻ ڇڏيل ملڪيتن تي ڪسٽوڊين ۽ ٻيا ناجائز قبضا ڪرڻ وارا، پاڪستان مان واپس ويندڙن جي مسئلن جي منجهيل صورتحال، تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي جي بچاءَ حفاظت جهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پيو هو ته پاڪستان ۾ به فرقه پرستي، تنگ نظري، عداوت ۽ دشمني جا لڳ ڀڳ ساڳئي نموني جا مسئلا ماڻهن آڏو هئا. هتي به ڦرمار چوٽ چڙهيل هئي، اغوا خونريزي جي واقعن ماڻهن جو سک ڦٽائي ڇڏيو هو. تنهن کان سواءِ جمهوريت جي بقا، دستور سازي، اسلامي نظام جي قيام لاءِ جاکوڙ، مسلمانن جي سڌاري لاءِ سٺن ڳڻن جي آبياري، باطل فرقن جي هٿ چراند ۽ غير اسلامي تحريڪن جو منهن ڪڍڻ جهڙا مسئلا ڪر کنيو بيٺا هئا. دارالعلوم ديوبند واري مڪتبه فڪر جي عالمن ۽ عوام حالتن جي سڌاري لاءِ هر محاذ تي جنگ جوٽي.
    ديوبند جي اڪابرن دنيا جي ٻين ملڪن جي آزادي ۽ انهن جي حفاظت لاءِ چالو تحريڪن ۾ به حصو ورتو. افغانستان، ترڪي، بلقان، حجاز، فلسطين، قبرص، مراڪش ۽ طرابلس مطلب ته ايشيا آفريڪا ۽ يورپ کان وٺي ڏور اوڀر وارن ملڪن تائين آزادي جي جنگين ۽ اتي جي عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ استحصال خلاف جڏهن به ڪا جنگ ڇڙي يا تحريڪ هلي ته ديوبند جي ننڍن توڙي وڏن هڙان ۽ وڙان ان ۾ حصو ورتو ۽ هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف اٿندڙ آواز ۽ مظلومن جي مدد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي ۽ وقتي حالتن جي حساب سان انهن سڀني تحريڪن ۽ مسئلن ۾ سچي دين جي هدايتن موجب ماڻهن جي رهنمائي ڪئي ۽ گس ڏيکاريو.
    1237هه- 1909ع ۾ جمعيت الانصار ۽ 1919ع ۾ جمعيت علماءِ هند جي قائم ڪرڻ سان علماءِ ديوبند جي هڪ جماعت ملڪ جي آزادي لاءِ هلندڙ جاکوڙ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو. ان آزادي جي راهه ۾ هر طرح جون قربانيون ڏنيون، قيد و بند جون سختيون سٺائون، مال ملڪيت جو جوکو کنيائون ۽ گذر سفر جي ٻين اهم وسيلن، نوڪري ۽ واپار کي ان راهه ۾ قربان ڪيائون.
    ان جماعت جي رڳو هڪ هڪ ماڻهوءَ ايترو وقت قيد ڪاٽيو ۽ نقصان سر تي کنيو آهي جو مسلم ليگ جي سڀني اڳواڻن گڏجي به نه ايترو قيد ڪاٽيو هوندو ۽ نه وري ايترو نقصان سٺو هوندو. رڳو هڪ شخص مولانا عبيدالله سنڌي لڳ ڀڳ 24 سال جلاوطني واري زندگي جا سور سٺا آهن. هن ننڍڙي مضمون ۾ سڄي ديوبندي جماعت جي جنگ آزادي ۾ ڪٽيل قيد جو تفصيل ته نٿو سمائجي سگهجي، البته وقت جي عظيم مجاهد ۽ جماعت جي اڳواڻ شيخ الهند مولانا سيد حسين احمد مدني کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. پاڻ مالٽا ۾ تقريباً ساڍا ٽي سال (ڊسمبر 1916ع کان جون 1920ع) تائين، بغاوت واري مقدمي ۾ تقريباً ٻه سال (سيپٽمبر 1921ع کان سيپٽمبر 1923ع) تائين، سول نافرماني دوران ڏيڍ هفتو، (1932ع) ۽ هندستان خالي ڪريو تحريڪ ۾ تقريباً سوا ٻه سال (جون 1942ع کان اگسٽ 1944ع) تائين سراسري طور تقريباً اٺ سال قيد جي زندگي گذاري ڇڏي. سائين جن کان سواءِ مفتي ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد دهلوي، مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، مولانا سيد محمد ميان ۽ جمعيت علماءِ هند سان لاڳاپيل سوين اڳواڻن هزارين ڪارڪنن پنهنجي زندگي جا ڪيترا سال قيد بند جي ڪوٺين ۾ ڪٽيا هئا، سو بيان حد حساب کان ٻاهر آهي. حقيقت اها آهي ته جمعيت علماءِ هند ۽ دارالعلوم ديوبند جي اڄ تائين ڪابه اهڙي تاريخ مرتب ناهي ٿي جنهن مان خبر پوي ته انهن ٻنهي ادارن سان لاڳاپيل صوبائي سطح کان وٺي ڳوٺن تائين ڪٿي ڪٿي، ڪيترن ماڻهن، ڪن ڪن تحريڪن جي سلسلي ۾ ڪيتريون سزائون ڪٽيون آهن ۽ جان مال جون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. گڏوگڏ واپار نوڪري ۽ معيشت وغيره جي تباهي جي ڪهڙين ڪهڙين آزمائشن مان گذريا هئا.
    دارالعلوم ديوبند پنهنجي آڪهه مان آزادي پسند مجاهدن جي هڪ اهڙي جماعت پيدا ڪئي جنهن جو گذريل ٻن صدين جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. ان جماعت ۾ حاجي امدادالله مهاجر مڪي آهي. مولانا رشيد احمد گنگوهي ۽ حجة الاسلام مولانا محمد قاسم نانوتوي آهي. ان جماعت ۾ حضرت شيخ الهند جي سدا ملوڪ شخصيت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني جن جهڙا مرد مجاهد ۽ اسلام جو فدائي مولانا عزير گل به نمايان آهي. امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جن آهن، فقيهه الامت مولانا ڪفايت الله جن آهن، مجاهد في سبيل الله مولانا محمد ميان منصور انصاري جن آهن ۽ سچ جي ساٿاري مولانا محمد صادق کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي عزيمت جا ڌڻي آهن.
    ان زنجير جون پويون ڪڙيون به پهرين ڪڙين کان ڪجهه گهٽ شاندار نه هيون. انهن مان هڪ ڪڙي مجاهد ملت مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي جن جي سيرت ۾ سمائجي سدا امر بنجي وئي آهي. حضرت سيوهاروي جن جي سدابهار شخصيت ڄڻ مينهن جو آخري قطرو هئي، جنهن ملت جي اميد واري ٻوٽي کي باغ بهار بنائي ڇڏيو. ان هندستان ۾ مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت لاءِ جهڙيءَ طرح جاکوڙيو سو هميشه يادگار رهندو. حضرت مولانا محمد ميان صاحب جن جو اصل ميدان ته تصنيف ۽ تاليف هو، پر هو عملي سياست ۾ به ڪنهن کان پوئتي نه رهيو ۽ ڪيترائي ڀيرا قيد و بند جا درد ڏٺائين. انهن بزرگن پڄاڻان به جيڪڏهن مسلمان ملت جو وجود باقي ۽ انهن جي رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي ته اسان کي يقين ڪرڻ کپي ته دارالعلوم جي پونئيرن ۾ اهڙيون اڻ لڀ ۽ صاحب عزيمت شخصيتون ضرور پيدا ٿينديون جيڪي ملت جي ٻيڙي کي جهالت ۽ غلاميءَ ڪن مان ڪڍنديون ۽ ان جا مسافر من گهري مراد ماڻيندا. موجوده دور ۾ حضرت اميرالهند مولانا سيد اسعد مدني جي ذات اونداهين ۾ روشني ۽ مايوسين ۾ اميد جو هڪ ڪرڻو آهي. هندستاني مسلمانن جي اميدن جو اجهو سائين جن جي ئي ذات آهي. گذريل چوٿائي صدي جي تاريخ اسان جي آڏو آهي. حضرت موصوف جن جي سوچ ۽ لوچ فڪر ۽ فراصت ۽ حوصله مند اڳواڻي مسلمانن کي ڪن ڏکين لڪن ۽ مشڪل حالتن مان اُڪاري پار ڪيو آهي ۽ نه رڳو مسلمانن جي رهنمائي ڪئي آهي پر پوري هندستاني قوم کي اتحاد ۽ ترقي عزت ۽ وقار سان جيئڻ جو ڍنگ سيکاري ڇڏيو آهي.


    ادبي ۽ لساني خدمتون

    ادبي ۽ لساني خدمتون
    اردو ٻولي جي حوالي سان به ديوبندي عالمن جي خدمتن جو قد ڪاٺ انتهائي اوچو رهيو آهي. اردو کي سليس بنائڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري ٻولي سان ٺهڪائڻ ۽ ان کي هڪ علمي ٻولي جي درجي ڏيڻ ۾ سر سيد جي خدمتن جو نغارو اهڙو ته وڏي ڌاڪ سان وڄايو ويو آهي جو ماڻهو اهوئي سمجهي ويهي رهيا آهن ته ان تحريڪ جو سرواڻ سر سيد ئي آهي. انهن اياڻن کي اها خبر ئي نه آهي ته تاريخ جي شاهدي ان جي ابتڙ آهي. سر سيد جي ڄمڻ جو سال 1817ع آهي، حضرت شاهه رفيع الدين جي وفات جو سال به اهوئي آهي. شاهه عبدالقادر جي وفات ان کان ٽي سال اڳ يعني 1814ع ۾ ٿي چڪي هئي.
    قرآن پاڪ جي ترجمي جي حوالي سان حضرت شاهه ولي الله دهلوي جي انهن ٻنهي پٽن جون خدمتون انتهائي اهم جاءِ والارين ٿيون. شاهه رفيع الدين جي ترجمي جي سٺائي ۽ حضرت شاهه عبدالقادر جي ترجمي جي روانگي ۽ بامحاوره ٽڪسالي زبان ۾ هجڻ جي شاهدي سرسيد پاڻ به ڏني آهي. سڀني تاريخدانن ويندي باباءِ اردو مولوي عبدالحق به انهن ٻنهي بزرگن جي ترجمي جي ادبي ۽ لسانياتي خوبين جو اقرار ڪيو آهي. بيشڪ هي ٻئي بزرگ دارالعلوم کان اڳ جا آهن تنهن ڪري انهن جي خدمتن کي دارالعلوم جي خدمتن ۾ نٿو ڳڻي سگهجي. پر هي اهي اڪابر هئا جن جي علمي ورثي جو سڀ کان وڏو حصو دارالعلوم جي بزرگن کي نصيب ٿيو هو.
    انهن صاحبن کان پوءِ مولانا عبدالحي ۽ شاهه اسماعيل جن جو دور اچي ٿو. هي زمانو سرسيد جي ٻالڪپڻ جو هو، انهن ٻنهي بزرگن جي خدمتن جو چرچو عام هو ۽ دهلي جي ٽڪسالي ۽ بامحاوره اردو ۾ شاهه اسماعيل شهيد جو شاندار ڪتاب تقوية الايمان منظرعام تي اچي چڪو هو. سر سيد به حضرت شاهه صاحب جي تقريري نڪتن مان پنهنجو خالي جهول ڀريو آهي. بيشڪ حضرت شاهه صاحب به دارالعلوم جي بانين مان ڪونه هو پر پوءِ به سندس ميراث ۽ سيرتي ڪردار جا ڌڻي ته دارالعلوم ديوبند جا شاهڪار هئا نه ڪي سر سيد احمد خان ان جو وارث ٿيو هو. هيءَ پڌري پٽ ڳالهه آهي ته حضرت قاسم العلوم مولانا محمد قاسم نانوتوي، وقت جو قطب حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهي جن ته دارالعلوم ديوبند جي بانين مان آهن. جڏهن انهن بزرگن وقت جي چالو بامحاوره ۽ آسان عام فهم اردو ۾ پنهنجا ڪيترائي ڪتاب لکي ڇڏيا هئا، تڏهن علي ڳڙهه ڪاليج جو بانيڪار سر سيد احمد خان اڃان صهبائي مرحوم وٽ مقفيٰ ۽ مسجع ٻولي لکڻ جي سکيا وٺي رهيو هو.
    حضرت قاسم العلوم جي تصنيف؛ ”رساله حجة الاسلام“، ”تقرير دلپذير“، ”مجموعه رسائل قاسم العلوم“ (مجموعه رسائل) وغيره، حضرت حاجي امدادالله جون تصنيفون؛ ”غذائي روح“، ”ضياء القلوب“، ”تحفة العشاق“، ”فيصله هفت مسائل“ ۽ مولانا رشيد احمد گنگوهي جون سڀئي تصنيفون خاص ڪري سر سيد جي وقت جون آهن. اهي ئي بزرگ دارالعلوم ديوبند جا اڏڻهار هئا. سندن تصنيفن ۾ ادبي خوبين ۽ لسانياتي خاصيتن ڏي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. پر سندن اهميت ان حيثيت کان گهڻي اڳتي آهي. جيڪا عام طور سمجهي وڃي ٿي. دارالعلوم ديوبند جي اڪابرن جي ادبي ۽ لساني خدمتن جو دور تڏهن کان شروع ٿيو هو جڏهن سر سيد اڃان عدم جي پردي پويان هو. انهن جي خدمتن جو سلسلو ان وقت به جاري هو جنهن وقت سر سيد جا اڃان کِيرا ڏند به ڪونه ڀڳا هئا. هو ان وقت به پنهنجي قلم وسيلي علم ۽ ادب جون خدمتون ڪري رهيا هئا جڏهن سر سيد اڃان صهبائي مرحوم جي رحم ڪرم تي هو ۽ هي مٿير مرد ان وقت به انهن خدمتن ۾ لڳا رهيا جڏهن سر سيد انگريزي حڪومت جون برڪتون ۽ برٽش حڪومت کي سگهاري بنائڻ لاءِ ”پنهنجي مدد پاڻ“ جهڙا مضمون لکي هٿ پير هڻي رهيو هو ۽ ديوبند جي اها خدمت ان وقت به جاري ساري هئي جڏهن اردو ادب جي پنجن ئي پاين ۾ ڏڦيڙ پيو ۽ پوءِ هوريان هوريان ٽڙ پکڙ ٿي ويا هئا. سر سيد ويچارو هي دنيا ڇڏي ويو ۽ ان جو ڪوبه جانشين پيدا نه ٿي سگهيو.
    نذير احمد شبلي، محمد حسين آزاد وغيره جو پنهنجو پنهنجو دائرو هو. انهن سر سيد جي تحريڪ ڏي منهن ورائي ڏٺو به ڪونه ته ڪهڙي حال ۾ آهي. حالي برابر پنهنجي وفاداري ۾ پڪو پختو رهيو پر سندن پوين ادب ۾ پنهنجون پنهنجون واٽون ورتيون. بهرحال سرسيد اردو ٻولي ۽ ادب جي جيڪا وڏي خدمت ڪئي ان کان بلڪل انڪار نه آهي پر سچي ڳالهه اها آهي ته ان ميدان ۾ به اڳواڻي جي پڳ دارالعلوم ديوبند ۽ ان جي بزرگن جي سر تي سونهي ٿي.
    فقط
    ڊاڪٽر ابو سلمان شاهه جهانپوري



    باب پهريون


    دارالعلوم ديوبند جي قائم ڪرڻ جو اعليٰ مقصد

    قاسمي دور ۽ عهد محمودي تي هڪ سرسري نظر

    قاسمي دور: ولي اللهي تحريڪ جو نئون دور
    شاهه ولي الله دهلوي جي تحريڪ کي نئين سر اڀارڻ جي شروعات دارالعلوم ديوبند جي قائم ڪرڻ سان ٿي هئي. ولي اللهي تحريڪ تدوين افڪار، تنظيمي جوڙجڪ، انقلابي تيارين ۽ حالتن کي بدلائڻ وارن مرحلن مان گذري چڪي هئي. 1857ع واري انقلابي جدوجهد جي ناڪام ٿيڻ بعد ضروري ٿي پيو هو ته ڪو نئون مرڪز ڳولجي جيڪو دهلي واري مرڪز جي مقابلي ۾ وڌيڪ محفوظ هجي. ان لاءِ ديوبند (ضلع سهارنپور) واري ڳوٺ جي چونڊ ڪئي وئي ۽ نين حالتن ۾ انقلابي فڪر جي حفاظت، ڪارڪنن جي تعليم ۽ تربيت ۽ جماعت جي جوڙجڪ جو بندوبست ڪيو ويو.


    دارالعلوم جا بانيڪار

    دارالعلوم جا بانيڪار
    دارالعلوم جي بانين ۾ ڪافي بزرگ شامل هئا پر ان جي قائم ڪرڻ جو جيڪو جامع تصور حضرت قاسم العلوم مولانا محمد قاسم نانوتوي وٽ هو سو ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ذهن ۾ نه هو.
    دارالعلوم ۾ دوستن جي تعليم ۽ تربيت ۽ انقلابي خيالن جي اشاعت ۽ جماعت جي تنظيم جا سمورا ڪم دارالعلوم جي ٻن بزرگن مولانا محمد قاسم نانوتوي ۽ شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي جي وقتن ۾ ورهايل آهن. حضرت قاسم العلوم جا ڪارناما منصوبه بندي، انقلابي مرڪز جو قيام، ڇڙوڇڙ سماجي طاقتن کي سهيڙڻ کان سواءِ تعليم ۽ تربيت وارن دائرن تائين پکڙيل آهن ته حضرت شيخ الهند جي ڪارنامن جو دائرو وري لائق ۽ باصلاحيت سنگت جي تعليم ۽ تربيت کان وٺي ڪري ملت جي قوتن کي متحد ڪرڻ، قوم جي فردن کي سهيڙڻ سان گڏوگڏ انقلابي فڪر ۽ عمل جي سمورين جزين ڪلين کي سنڀالڻ تائين پکڙيل آهن.


    دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو اعليٰ مقصد

    دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو اعليٰ مقصد
    دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد رڳو هڪ ديني درسگاهه جو قيام نه هو بلڪ اسلام کي نئين سر اڀارڻ ۽ ملت جي جياپي جي هڪ جامع تحريڪ هئي. ان ۾ ديني ۽ اسلامي علوم و فنون جي تعليم به ڏني ويندي هئي ته مسلمانن جي ذهني ۽ فڪري اوسر ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف ريتن رسمن جو سڌارو به مقصد هو. اسلام جي تبليغ ۽ ان جي اشاعت هن تحريڪ جو هڪڙو رخ هو ته اسلامي زندگي جو قيام ۽ ملڪ جي آزادي به حاصل ڪرڻ ان جي مقصدن جو ٻيو پاسو هو.


    ديوبندي جماعت ۽ ان جو سلسلو

    ديوبندي جماعت ۽ ان جو سلسلو
    دارالعلوم جيڪا جماعت تيار ڪئي ان ۾ مختلف صلاحيتن وارا ماڻهو شامل هئا. ظاهر ۾ کڻي هو ڌار ڌار ميدانن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا پر اندر ئي اندر انهن ۾ هڪ فڪري اتحاد موجود هو. يعني جماعت جون سڀ طاقتون ورهاست واري اصول هيٺ ڪم ڪري رهيون هيون ۽ ان کان اڳتي وڌي ڪري ملڪ جي ٻين اهڙين مذهبي، سياسي جماعتن ۽ ماڻهن سان بهتر لاڳاپا جوڙيا ويا هئا جن جو بنيادي طور تي دارالعلوم جي مذهبي ۽ سياسي مڪتبه فڪر سان تعلق ته نه هو پر ولي اللهي سلسلي جي بزرگن سان عقيدت يا ديني، سياسي ۽ قومي مقصدن ۾ ڪنهن حدتائين اتفاق ضرور رکيائون ٿي. البته اهو ڪم احتياط ۽ رازداري سان هلندو هو تان جو دارالعلوم جي انهن ماڻهن کي به خبر نه هئي جيڪي سياسي ذوق نه رکندا هئا. دارالعلوم ديوبند اسلامي علومن جي پڙهائي، تصنيف تاليف کان سواءِ غلط روايتن ۽ رسمن جي سڌاري لاءِ عظيم الشان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پر ان کان سواءِ سندس خدمتن جو دائرو ملڪ جي آزادي، انگريز سامراج کان عوام جي نجات، برطانوي لٽيرن کان پنهنجي ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ، قومي ۽ سياسي شعور جي تربيت ڪرڻ، قوم ۽ وطن جي ڀلائي ۽ ترقي سان گڏوگڏ سماجي ۽ سياست جي سڀني ميدانن۽ عوامي زندگي جي سڀني پهلوئن تائين پکڙيل آهي.


    هڪ سوچيل سمجهيل رٿا

    هڪ سوچيل سمجهيل رٿا
    دارالعلوم جي مانجهي مردن سياسي زندگي جي مقصدن ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمتن واري ميدان کي رڳو اتفاقي يا حادثي طور اختيار نه ڪيو هو، پر جيئن ملڪ جي ڪن ٻين ادارن جا ماڻهو حالتن جي وهڪري يا ڪنهن سياسي تحريڪ يا شخصيت کان متاثر ٿي ڪري سياسي ميدان ۾ آيا هئا، تنهن ڪري سياسي، سماجي خدمت ۽ برطانوي سامراج کان آزادي دارالعلوم جي بنيادي مقصدن ۾ شامل هئي. دارالعلوم جي بنيادي مقصدن جو اهو رخ ايترو ته واضح ۽ روشن آهي جو ان تي لکڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي، پر پوءِ به هن موضوع تي اهميت ان ڳالهه جي گهر ٿي ڪري ته ان مقصد کي خصوصي طور تي نمايان ۽ پڌرو ڪيو وڃي. مولانا مناظر احسن گيلاني دارالعلوم جي قيام جو پسمنظر بيان ڪندي لکي ٿو ته:
    ”جنهن وقت شاملي جي ميدان کان هو پاڻ يعني حضرت نانوتوي ۽ ان جا ٻيا ساٿي بظاهر ناڪام واپس ٿيا هئا ته يقيناً سندن واپسي قرآن پاڪ جي آيت ”متحرفا لقتال او متحيزا الي فئة“ يعني جنگ جي لاءِ ئي پاسيرو ٿي وڃڻ يا ڪنهن ٽولي سان ملڻ وڃڻ لاءِ ٿي سگهي ٿي ۽ يقيناً ان لاءِ ئي هئي.“
    (سوانح قاسمي ج2، ص 23-222)
    اڳتي هلي ڪري دارالعلوم جي قيام کي ”جنگ جون نئون محاذ ۽ نئين ميدان جي تياري“ جو عنوان ڏيئي مولانا لکي ٿو ته:
    ”1857ع واري هلچل جي ناڪامي کانپوءِ جنگ جي نون محاذن ۽ ميدانن جي تياري ۾ سندن ”حضرت نانوتوي جو) دماغ مصروف ٿي ويو ۽ دارالعلوم جو تعليمي نظام ان لائحه عمل جو سڀ کان وڌيڪ نمايان مرڪزي ۽ بنيادي عنصر هو.“
    (حوالو ساڳيو ص 223)
    مولانا محمد ميان صاحب هڪ روايت نقل ڪئي آهي ته دارالعلوم جي قيام کان پوءِ ان ئي جماعت جي هڪ بزرگ حاجي رفيع الدين صاحب جيڪو دارالعلوم جو ٻيو مهتمم ۽ حضرت شاهه عبدالغني ؓ جو خليفو هو، تنهن حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي کي عرض ڪيو ته اسان ديوبند ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو آهي ان لاءِ دعا فرمايو. تنهن تي حضرت مهاجر مڪي فرمايو ته:
    ”سبحان الله! اوهان چئو ٿا ته مدرسو اسان قائم ڪيو آهي. اها خبر ڪونه اَٿوَ ته ڪيتريون پيشانيون اسر ويلي سربسجود ٿي ٻاڏائينديون رهيون آهن ته... اي الله! هندستان ۾ اسلام جي بقا ۽ دين جي حفاظت جو ڪو ذريعو پيدا فرماءِ.“
    (علماء حق اور ان کے مجاھدانہ کارنامے، حصھ اول ص 71(
    مولانا گيلاني ”سوانح قاسمي“ ۾ ان تي لکي ٿو ته:
    ”ان جو مطلب ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته شاملي جي ميدان کان موٽڻ بعد سوچڻ وارن نه ته مايوس ٿي ڪري سوچڻ ڇڏي ڏنو نڪوئي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا، بلڪ اسلام جي بقا ۽ علم دين جي حفاظت واري نصب العين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انهن جا دماغ ته فڪرمند رهيا ئي ٿي پر سندن دليون به ڪائنات جي مرڪزي طاقت سان لنئون لڳايو ڪنهن ”غيبي لطيفي“ جي پڌري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيون هيون.“ (سوانح تاسي ج 2 ص 224)
    ان نئين محاذ جي قائم ٿيڻ جي ڪهاڻي ۾ مولانا گيلاني مرحوم لاءِ الله ڄاڻي ڪهڙي لذت ۽ مٺاس رکيل هئي جو هو ”سوانح قاسمي“ جي وڏي سائز وارن صفحن ۾ صفحي 222 کان 235 تائين بلڪ ان کان به اڳتي ان موضوع کي کنيو هليو ويو آهي. ان بيان جا چونڊ ٽڪرا هتي نقل ڪيا وڃن ٿا ته جيئن دارالعلم جي قائم ڪرڻ جي سببن يا مقصدن جو اهو پهلو پڙهندڙن جي ذهنن ۾ خصوصي طورتي پڪو ۽ پختو ٿي بيهي ته دارالعلوم جو قيام رڳو هڪ درسگاهه قائم ڪرڻ جو مامرو نه هو بلڪ ملڪ جي آزادي، ملت اسلاميه کي قائم ڪرڻ واري تحريڪ ۽ هندستاني تاريخ جي نئين دور جو هڪ عظيم الشان واقعو هو. مولانا لکي ٿو ته:
    1- مطلب ته واپس ورڻ وارو جڏهن وريو هو ته ڪنهن نئين محاذ جي ئي قائم ڪرڻ ۽ ان جماعت سان پنهنجن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ئي وريو هو، جنهن جي گڏيل اتحاد کي درهم برهم ڪري اها تمنا رکي ويئي هئي ته ان ريت انهيءَ جماعت کي هميشه لاءِ برباد ڪيو ويندو. (ايضاً ص 225)
    2- سچ اهوئي آهي ته 1857ع جي ڦڙڦوٽ واري هنگامي دٻجي وڃڻ کان پوءِ ڏسڻ وارن ان (حضرت نانوتوي) کي جيڪي ڪجهه ڪندي پئي ڏٺو سو سڀ ان لاءِ ۽ سندس ورندڙ ساٿين لاءِ ڏٺل وائٺل ۽ طئي ٿيل طريقه ڪار هو. پنهنجي پنهنجي وقت تي ان جا فيصلا عملي شڪل وٺندا پئي ويا. جيڪڏهن الله جو موت وارو اٽل قانون هندستاني مسلمانن ۾ ان بزرگ جي وجود کي ڪجهه وڌيڪ وقت لاءِ مهلت ڏئي ها ته ڪر ڏسڻ وارا پاڻهي ڏسي وٺن ها ته اهو شخص ڇا ڇا نه ڪري ٿو ڏيکاري.
    (ايضاً ص 26-225)
    3- مدرسي جي قائم ڪرڻ جي حدتائين هو پاڻ ۽ سندس سنگت پنهنجي رٿيل منصوبي سان گڏوگڏ نئين محاذ جي کولڻ لاءِ رڳو صالح ۽ سڄاڻ ذهنن جي ڳولا ۾ لڳي رهي. ديني تعليم جو جامع سرشتو جنهن ۾ عصري گهرجن جي پورائي جو به بندوبست ٿيل هجي ان رٿيل منصوبي جو بنيادي جزو هو، پر بيهڪ جي حساب سان هڙ موڙي اهائي ڳالهه هئي ته ان نئين محاذ جو اهڙو نئون ڍانچو ڪٿي قائم ڪيو وڃي. (ايضاً ص)
    4- ان نئين محاذ جي باني حضرت نانوتوي جا ديوبند وارن سان ويجهي رشتيداري وارا مائٽاڻا لاڳاپا ابن ڏاڏن کان قائم هئا.
    5- اهو نئون محاذ جيڪو حضرت نانوتوي شاملي جي ميدان کان واپس ورڻ بعد کولڻ گهريو ٿي ان جا اندروني راز و نياز ۽ مقصد کڻي ڪهڙا به هجن پر ان جو ظاهري ڍانچو اهوئي هو ته مسلمانن جي ديني زندگيءَ جي حفاظت لاءِ ديني تعليم جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي جنهن وسيلي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ممڪن حدتائين ديني علم جا علمبردار پکيڙي ڇڏجن. ان نئين تعليمي نظام بابت عرض ڪري چڪو آهيان ته اسان جي پراڻن عالمن جو آزاد ۽ ڇڙوڇڙ طريقو سيدنا الامام الڪبير وٽ بلڪل ناڪافي هو. پنهنجي ان اصولي نقطه نظر سبب پاڻ ديني تعليم جو هڪ اهڙو اجتماعي نظام قائم ڪرڻ گهريو ٿي جيڪو وس آهر تعليم جي عصري گهرجن کي پاڻ ۾ سموئڻ ۽ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. (ايضاً ص223)
    ۽ هاڻ ان حقيقت کي خود شمس العلماء حافظ محمد احمد جي فرزند مرحوم قاري محمد طيب صاحب به مڃي ورتو آهي ته دارالعلوم جي مقصدن جو دائرو پڙهڻ پڙهائڻ جهڙن عام مقصدن کان مٿاهون به هو ته گهڻو وسيع پڻ. قاري صاحب جو پنهنجو بيان آهي ته ان تي وڌيڪ ڪنهن تبصري جي ضرورت نه آهي جيئن قاري صاحب لکي ٿو:
    ”عام خلق ايئن سمجهندي رهي آهي ته مدرسي جي باني بزرگن جو تصور رڳو پڙهڻ پڙهائڻ تائين محدود هو تانجو مدرسي جي عمارت جي سنگ بنياد رکڻ تائين به اهائي سوچ هئي. جڏهن ته مدرسي کي قائم ٿئي اٺ نو سال گذري چڪا هئا. اهو وسيع ۽ عالمگير نصب العين عام ماڻهن جي ذهنن ۾ نه هو جيڪو حضرت قاسم العلوم نانوتوي ۽ سندس جهادي ساٿين جي دلين ۾ ولي اللهي ۽ امداد اللهي فيضن ۽ غيبي اشارن سان موجزن هو. شاملي واري جهاد کان پوءِ ته اهي مقصد اڃان به وڌيڪ طاقت ۽ عزيمت سان اُڀري آيا هئا جن جوسرچشمو حاجي امداد الله ۽ سرواڻ حضرت قاسم العلوم و الخيرات هو. ان ولي اللهي ۽ امداد اللهي تصور ۾ ٻاهران تعليم جو پردو هو پر اندر ئي اندر ان تعليمي لائن وسيلي دين جي سربلندي ۽ مسلمانن جي عالمگير عزت ۽ مان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جهڙا اجتماعي جذبات لڪيل هئا. ان حقيقت کي پڌرو ڪندي مولانا مناظر احسن گيلاني پنهنجي هڪ مضمون ”دارالعلوم میں بیتے ہوئے دن“ جيڪو ماهوار ”دارالعلوم“ ۾ ڇپيل آهي. تنهن ۾ حضرت شيخ الهند جو هي قول نقل ڪيو آهي:
    ”ڇا حضرت الاستاذ (حضرت نانوتوي) هن مدرسي کي رڳو پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيو هو؟ مدرسو منهنجي سامهون قائم ٿيو هو. جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته 1857ع واري هلچل ناڪام ٿيڻ بعد هي ادارو ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته ڪو اهڙو مرڪز ٺاهجي جنهن وسيلي ماڻهن کي ايترو تيار ڪيو وڃي جو 1857ع واري ناڪامي جو تدارڪ ۽ پورائو ڪري سگهجي.“
    مولانا گيلاني حضرت شيخ الهند جي ان قول تي پنهنجي طرفان هي معلوماتي واڌارو ڪري ٿو:
    • تنهن ڪري استاد صاحب مدرسي جي ميدان ۾ سپاهه گري جي فن سيکارڻ جو پڻ بندوبست ڪيو هو ته جيئن شاگردن ۾ علم سان گڏوگڏ فوجي روح پڻ پيدا ٿئي.
    • قضا جو شعبو به قائم ڪيو هئائون ته جيئن منجهن شرعي حڪمن جاري ڪرڻ جي عادت به پوي.
    • ترڪن جي مدد لاءِ ڪوششن ڪرڻ سان گڏوگڏ ترڪي بادشاهه لاءِ قصيدا به لکيائون ته جيئن اسلامي خلافت جي مرڪز سان مدرسي جي شاگردن جو لاڳاپو قائم رهي.
    • انگريزي راڄ کان پوءِ اهڙين اجتماعي پارٽين جي تائيد ۽ پٺڀرائي به ڪيائون ٿي جيڪي انگريزن کان ملڪي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون ويون هيون.
    حضرت استاد جي وفات کان پوءِ سندس علمي جاءِ نشين حضرت شيخ الهند انهن قومي مقصدن کي اڳتي وڌايو ۽ پوءِ سندس شاگردن هن تعليمي سرشتي کي مضبوط ڪيو پر اجتماعي خدمتن کان ڪڏهن به غافل نه رهيا بلڪ آزاديءَ وارين تحريڪن جي اڳواڻي ڪندا رهيا. انهن جا وڏڙا جيڪڏهن شاملي جي ميدان ۾ انگريزن سان منهن مقابل ٿي وڙهيا هئا ته سندن علمي اولاد انهن ئي انگريزن جو قيد و بند ۽ جيل خانن ۾ مقابلو ڪري رهيو هو ۽ اڄ به حق جي ڳالهه چوڻ ۾ اڳيان اڳيان ئي آهن.
    (بحواله مقدمه تاريخ دارالعلوم ديوبند ص 43 کان 45 اشاعت ڪراچي)


    حقيقت جو اعتراف

    حقيقت جو اعتراف
    شمس العلماءَ حافظ محمد احمد جي فرزند محترم قاري محمد طيب مرحوم جو هي بيان ان ڳالهه جو کليو کلايو اقرار آهي ته، 1913ع ۾ دارالعلوم ديوبند ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون هيون ۽ حضرت شيخ الهند جي مقابلي شمس العلماء مرحوم جيڪو رويو ۽ انگريز پرستانه پاليسي اپنائي هئي اها بلڪل غلط هئي ۽ مدرسي جي قائم ڪرڻ وارن مقصدن بابت حضرت شيخ الهند جو مؤقف ئي صحيح هو. اهڙي طرح جنهن حقيقت کي 1913ع ۾ ڪوڙو چيو ويو هو، پورن 64 سالن کان پوءِ سندس ئي پٽ ان حقيقت کي سچ تسليم ڪري ورتو. جيتوڻيڪ ان (پٽ) به پنهنجي زماني جي اهم واقعن کي پنهنجي مقدمي ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ”مختصر تاريخ دارالعلوم ديوبند“ ۾ انهن اهم واقعن تي اصل حقيقت جو پاڇو پوڻ به نه ڏنو اٿس ۽ سيد محبوب رضويءَ کي به جامع ”تاريخ دارالعلوم“ ۾ جمعيت الانصار قائم ڪرڻ ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تذڪري ۾ اهڙي انداز فڪر اپنائڻ بلڪ انهن ئي جملن ورجائڻ لاءِ چيو اٿس جيڪي هن پاڻ ”مختصر تاريخ“ ۾ لکيا هئا. پر تاريخ نيٺ ان حقيقت کي مڃائي ورتو.
    ڀلا ڪٿي يو پي جي گورنر سرجيمس مسٽن جي خدمت ۾ سپاسنامو پيش ڪري ان ۾ هي فرمائڻ ته:
    اسان جو هڪڙو رڳو هڪڙو ئي مقصد آهي ۽ اهو آهي مذهبي آزادي جي حفاظت ۽ رڳو مذهبي آزادي جي حفاظت. ان کان اڳتي وڌي ڪري ڪنهن سياسي تحريڪ کي رد ڪرڻ يا قبول ڪرڻ اسان جي پراڻي، پڪي پختي ۽ نه بدلجندڙ نظريي کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن حڪومت اسلام ۽ ان جي عقيدن ۽ روايتن کي ۽ اسان جي ”حقيقي ليڊر“ کي سچ پچ به عزت ڏئي ٿي ته ان جو هن سان شڪريو ادا نه ڪرڻ يا پنهنجي عمل سان ان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ حد درجي جي ”ناشڪري“ ۽ ”معصيت“ آهي ۽ ڪٿي انهيءَ شمس العلماءَ جي فرزند سڳوري قاري محمد طيب صاحب جو هي اقرار ته حضرت شيخ الهند انهن قومي مقصدن کي اڳتي وڌايو ۽ پوءِ سندس شاگردن اجتماعي خدمتون سرانجام ڏنيون. آزادي جي سڀني تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ انگريزن جي مقابلي ۾ قيد و بند جي زندگي اختيار ڪري سچ ڳالهه چوڻ ۾ اڳيان اڳيان ئي رهيا وغيره وغيره.
    بيشڪ دارالعلوم ۾ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو پر حضرت قاسم نانوتوي جي آڪهه پٽن پوٽن نه بلڪ سندس شاگردن ۽ علمي جانشين حضرت شيخ الهند ۽ سندس شاگردن مولانا عبيدالله سنڌي ۽ حضرت مولانا حسين احمد مدني وغيره ۽ ان کان پوءِ مولانا مدني جي اولاد خاص ڪري مولانا سيد اسعد مدني جيڪو شمس العلماءَ ۽ سندس آڪهه جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندو رهيو آهي. بهرحال جڏهن نئين محاذ جي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پئي ويو ته ڪيترن ئي علائقن جا نالا ذهن ۾ آيا هئا. پر هي سعادت ته الله پاڪ اصل کان ئي ديوبند جي قسمت ۾ لکي ڇڏي هئي مولانا سيد محمد ميان، حاجي امداد الله مهاجر مڪي جا هي لفظ نقل فرمايا آهن ته:
    ”هي ديوبند جي قسمت آهي جو ان جي بي بها دولت کي اها زمين ڦٻائي ويئي.“ (بحوالھ علمائے حق اور ان کے مجاھدانھ کارنامے ص 71 حصھ اول)


    تدريس جو وسيع نظام ۽ ان جو مقصد

    تدريس جو وسيع نظام ۽ ان جو مقصد
    ديوبند جي عالي دماغ ۽ سڄاڻ بانيڪارن کي ان ڳالهه جي پوري پڪ هئي ته سڄي ملڪ جي اجتماعي زندگي ۽ اتحاد لاءِ رڳو ديوبند جو هڪڙو انقلابي مرڪز ڪافي نه ٿي سگهندو. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ شهرن ۾ اهڙا محاذ ۽ مرڪز کوليا وڃن جيڪي ڪم ته پنهنجي پنهنجي سر ڪن پر سندن فڪري لاڳاپو ديوبند جي انقلابي مرڪز سان ضرور ڳنڍيل هجي تانجو بقول مولانا گيلاني مرحوم جي ديوبند ۾ ان نئين محاذ جي بنياد رکڻ کان سواءِ ديوبند کان ٻاهر به مراد آباد، نگينه، ٿانه ڀون، امروهه ۽ سهارنپور ۾ ان جون شاخون سيدنا الامام الڪبير جي پروگرام موجب کلنديون ويون. اهي مرڪز ته دارالعلوم ديوبند جي قائم ٿيڻ کان پوءِ تڪڙو ئي کلي ويا پر پوءِ هي تحريڪ اهڙي ته اچي پکڙي جو ملڪ جو ڪو اهڙو حصو نه هو جنهن ۾ مدرسو هجي پر ان جو لاڳاپو دارالعلوم ديوبند سان نه هجي يا ڪا مسجد هجي جنهن ۾ حضرت نانوتويءَ سان عقيدت ۽ حضرت شيخ الهند سان شاگردي وارو ناتو رکندڙ امام يا خطيب نه هجي ۽ اتي ننڍو توڙي وڏو پڙهائي جو مڪتب نه هجي. خاڪسار (ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري) هڪ مضمون ۾ (جيڪو پوري جو پورو تاريخ دارالعلوم ديوبند از محبوب رضوي ڪراچي ايڊيشن ۾ شامل آهي) ان موضوع تي اظهار خيال ڪيو آهي جنهن ۾ ديوبند جي سياسي خدمتن ۽ قومي ۽ ملي زندگي جي شخصيتن سان گڏوگڏ مختلف تحريڪن تي پوندڙ اثرن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، تنهن ڪري هتي انهن ڳالهين کي ورجائڻ جي ضرورت نه آهي.


    باب ٻيون


    دارالعلوم ديوبند جي سياسي سفر جي شروعات

    محمودي دور

    حضرت شيخ الهند آڏو دارالعلوم جا تعليمي ۽ سياسي ٻئي پهلو هئا. دارالعلوم جي قائم ٿيڻ واري زماني سان سندس تعلق ويجهڙائي وارو هو. سندس پيءُ مولانا ذوالفقار علي دارالعلوم جي جوڙجڪ، تعمير ۽ ترقي جي سڀني مرحلن ۾ مولانا محمد قاسم سان گڏ رهيو هو. حضرت شيخ الهند دارالعلوم جو پهريون شاگرد هو. گهر ۾ توڙي ٻاهر سندس تعليم ۽ تربيت جي نگراني ولي اللهي جماعت جي ڪارڪنن ڪئي هئي. تنهن ڪري هو دارالعلوم جي قائم ڪرڻ ۽ ان جي مول متن کان ڪنهن جي ٻڌائڻ بنان اڳ ئي واقف هو. هو پنهنجي ان ڄاڻ لاءِ ڪنهن اخبار يا ڪتاب جي مطالعي جو محتاج نه هو. هن جي اها ڄاڻ ڪنهن پراسپيڪٽس يا ڪنهن دستاويزي مطالعي تي ٻڌل ڪانه هئي. بلڪ شاملي جي محاذ تان موٽندڙ ۽ قومي ملي مقصدن لاءِ ”نئون محاذ“ کوليندڙ جماعت جي محفلن ۽ راز و نياز وارين جي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين مان حاصل ٿيل هئي. حضرت شيخ الهند جي تعليم ۽ تربيت اهڙي ئي ماحول ۾ ٿي هئي ۽ دارالعلوم جي بانيڪار جماعت ڪئي هئي. پاڻ ان جماعت جي نامور ڪارڪنن جو شاگرد ۽ مريد هو. انهيءَ جماعت جي بزرگن کيس قرآن ۽ حديث جا درس ڏنا هئا ۽ ان جماعت ئي کيس شريعت ۽ طريقت جو رمزون سمجهايون هيون. انهيءَ جماعت ئي کيس قومي، ملي ۽ سياست جي رازن ۽ نڪتن کان واقف ڪيو هو. حضرت شيخ الهند کي هڪ ئي وقت مولانا رشيد احمد گنگوهي، حضرت حاجي امداد الله مهاجر مڪي ۽ حضرت قاسم العلوم مولانا محمد قاسم نانوتوي سان بيعت ۽ خلافت جي خلعت به حاصل هئي ۽ انتهائي فخر جوڳي ڳالهه ته اها آهي جو حضرت شيخ الهند انهن ٽنهي بزرگن جو نه رڳو ”مريد“ پر ”مراد“ پڻ هو. حضرت قاسم العلوم سندس تعليم ۽ تربيت تي خصوصي توجهه سان محنت ڪئي هئي. حضرت شيخ الهند حضرت قاسم العلوم جو تربيت يافته ۽ تيار ڪيل هو ۽ کيس انهن بزرگن جو اعتماد پڻ حاصل هو. مولانا قاري طيب صاحب به کيس حضرت قاسم العلوم جو علمي جاءِ نشين مڃي چڪو آهي. هو سائين جن جو مزاج شناس ۽ لڪيل رازن جو امين هو. دارالعلوم جي بانيڪارن ۽ شروعاتي مخلص ڪارڪنن جي سلسلي ۾ جن بزرگن جا نالا اچن ٿا، حضرت شيخ الهند پاڻ اهي هستيون ڏٺيون هيون ۽ انهن کان علمي ۽ روحاني فيض ورتو هو ۽ انهن جي صحبت مان گهڻو ڪجهه پرايو هو.
    حضرت شيخ الهند، ديوبند جي عظمت جو داستان اسان پوين وانگر ڪتابن ۾ ڪونه پڙهيو هو بلڪ ان جي عظمت جو نقشو سندس اکين اڳيان اجاگر ٿيو هو ۽ پاڻ به ته ان کي عظيم تر بنائڻ ۾ حصيدار رهيو هو. پوءِ تاريخ اهو وقت به ڏٺو جڏهن هو حضرت قاسم العلوم جو علمي جاءِ نشين ۽ سندس جماعت جو رهنما ٿيو ۽ دارالعلوم ۾ کيس مرڪزي مقام حاصل ٿيو. دارالعلوم جي صدارت ۽ اجتماعي زندگي لاءِ انهن بزرگن جو بلند ڪيل جهنڊو سندس هٿ ۾ هو، جنهن کي حضرت شيخ الهند پوري همت ۽ قوت سان سڄي ڄمار مٿانهون رکندو آيو.


    عهدِ محموديءَ جو چار خاصيتون

    عهدِ محموديءَ جو چار خاصيتون
    حضرت شيخ الهند جي انهن چئن خاصيتن کي تاريخ وساري نه سگهندي.
    1- حضرت شيخ الهند جي شخصيت ۽ سندس ديني ۽ اجتماعي خدمتن سبب دارالعلوم جي تاريخ جو نئون دور شروع ٿئي ٿو.
    2- حضرت شيخ الهند مولانا محمد قاسم جي نه رڳو سياسي تحريڪ کي اڳتي وڌايو پر سندس علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي به عزت بخشي ۽ ان جي علمي فيض ۽ تعليمي منصوبي کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو.
    3- حضرت شيخ الهند، قاسمي جماعت کي منظم ڪيو ۽ مٿس عمل ۽ انقلاب جو دروازو کولي ان کي هڪ بين الاقوامي تحريڪ بنائي ڇڏيو.
    4- حضرت شيخ الهند، هندستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ان تحريڪ جي پروگرامن کي پکيڙيو ۽ مسلمانن جي ان ملي تحريڪ کي پوري هندستان جي قومي انقلابي تحريڪ جو حصو بنائي ڇڏيو.


    جمعيت الانصار جو قيام

    جمعيت الانصار جو قيام
    تعليم ۽ تربيت واري مرحلي دوران ته ڪافي زماني تائين اها ڳالهه لڪيل رهي پر پوءِ آهستي آهستي سياسي نظرين کي پکيڙڻ ۽ جماعت کي منظم ڪرڻ دوران اهو راز کلندو ويو ته انهن سياسي ڪمن جو مرڪز ۽ انقلاب جو سرچشمو دارالعلوم ديوبند ۽ اهڙي قسم جي تعليم ۽ تربيت جو سڀني کان وڏو استاد ۽ اڳواڻ دارالعلوم جو صدر مدرس مولانا محمود الحسن آهي. ڪيتري زماني تائين ته سندس اهو ڪم ايڏي ته رازداريءَ سان سهڻي ريت هلندو رهيو جو خود دارالعلوم جي ڪارڪنن کي به ان جي خبر پئجي نه سگهي هئي. دارالعلوم جي مک باني مولانا محمد قاسم نانوتوي صاحب جو اهو قول ته، ”اسان دارالعلوم جي اصل مقصد تي پڙهڻ پڙهائڻ جو پردو وجهي ڇڏيو آهي.“ هر ماڻهوءَ جي زبان تي ته هو پر سو مقصد هو ڪهڙو؟ ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني اڳتي وڌي رهيو هو؟ اها خبر ڪنهن کي ڪانه هئي. حالانڪ اهو ڪم ايتري حدتائين ٿي چڪو هو جو ڪيترن ئي باصلاحيت ماڻهن جي سياسي تربيت مڪمل ٿي چڪي هئي. ملڪ جي سياسي انقلابي شخصيتن ۽ جماعتن سان لاڳاپا قائم ٿي چڪا هئا ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ديني ۽ انقلابي مرڪزن سان سياسي رابطا بحال ٿي چڪا هئا. دارالعلوم جا ڪيترائي فارغ التحصيل ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سياسي ڪم ڪري رهيا هئا. پر سال 1910ع ۾ جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ کان پوءِ جڏهن هي راز هوريان هوريان کلڻ لڳو ته، نه رڳو ٻاهرين خلق پر خود دارالعلوم جا به ڪي ماڻهو حيران ٿيڻ سان گڏوگڏ هارجي پڻ ويا. حضرت مولانا عبدالرحيم رائپوري جن جو حضرت شيخ الهند ۽ دارالعلوم سان تمام ويجهو تعلق هو، پر ان کي به اها خبر ڪانه هئي ته حضرت استاد پنهنجي خاص خاص شاگردن ۽ مريدن کان جهاد جي بيعت وٺن ٿا، سو جڏهن کيس خبر پئي ته کين ڏاڍي حيرت ٿي.


    جمعيت الانصار جا مول متا

    جمعيت الانصار جا مول متا
    1909ع ۾ حضرت شيخ الهند، مولانا عبيدالله سنڌي کي دارالعلوم ديوبند گهرايو ۽ جمعيت الانصار جي پليٽ فارم تان دارالعلوم جي پراڻن شاگردن کي منظم ڪرڻ جو ڪم ان جي حوالي ڪيو. جمعيت الانصار جا مول متا ان ئي زماني ۾ رسالي ”القاسم“ ۾ ۽ هڪ ڪتابڙي جي شڪل ۾ ڇپجي چڪا هئا، جن جو ذڪر ”تذڪره شيخ الهند“ از مفتي عزيزالرحمان ۾ تفصيل سان ۽ ٻين ڪتابن ۾ پڻ موجود آهي پر اسان هتي ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ تان جمعيت الانصار جي انهن ئي مقصدن تي روشني وجهون ٿا.
    جمعيت الانصار مولوي عبيدالله جي نظامت هيٺ ڇهن ستن ميمبرن تي ٻڌل ورڪنگ ڪميٽي سان قائم ٿي، هيءَ تنظيم ديوبند ۾ تعليم حاصل ڪيل مولوين جي انجمن طور قائم ٿي آهي تانته:
    1- مدرسي جو انتظام سنڀالي ۽ ان کي بهتر بنائي.
    2- مدرسي جي لاءِ ڏوڪڙ پيسي جو بندوبست ڪري.
    3- ديوبند ۾ جن عقيدن جي تعليم ڏني وڃي ٿي انهن جي تبليغ ڪري ۽ انهن کي وڌائي عام ڪري.
    4- ٻين علائقن ۾ به اهڙا مدرسا قائم ڪري.
    5- سڀني مدرسن کي جمعيت الانصار جي ماتحت ڪري.
    6- ديوبند جي فارغ التحصيل مولين کي اهڙن سڀني مدرسن ۾ موڪليو وڃي.(بحواله ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ مرتب مولانا محمد ميان ص 35-234)
    جمعيت الانصار جو قيام مجلس منتظمه جي منظوري سان عمل ۾ آيو. ان ڪري ان جي قيام جي ۽ سندس مول متن جي منظوري به ان ڏني هئي. ان جي ئي فيصلي موجب مولانا حبيب الرحمان عثماني ”نائب مهتمم دارالعلوم“ کي ان جو صدر ۽ مولانا عبيدالله سنڌي کي ناظم بنايو ويو هو ۽ مولانا ابو احمد آف چڪوال ضلع جهلم کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو هو. پر ان جو ڪرتا ڌرتا ۽ باني حضرت شيخ الهند هو. مولانا سنڌي حضرت شيخ الهند جي هدايتن مطابق ئي ڪم ڪندو رهيو، کيس حضرت شيخ الهند جو قرب ۽ اعتماد حاصل هو.


    برطانوي سرڪار جي ڳڻتي

    برطانوي سرڪار جي ڳڻتي
    جمعيت الانصار جي مول متن ۾ بظاهر ڪو به اهڙو نڪتو شامل نه هو جنهن مان ان جي ڪن سياسي ارادن جو پڌراءُ ٿيندو هجي. 1910ع ۾ مراد آباد واري ان جي پهرئين اجلاس ۾ جيڪي تجويزون پاس ڪيون ويون هيون انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته جمعيت الانصار ڪاليجن جي ”اولڊ بوائز ايسوسيشنز“ کان بلڪل نرالي هئي. ان جي ڪم ڪار جو دائرو به انهن کان گهڻو ڪشادو هو ۽ سندس ڪارڪنن انهن جي ورڪرن کان گهڻو مٿانهان هئا. انگريزن جي بدظن ٿيڻ لاءِ ڪنهن ملڪي تنظيم جو سندن سرپرستي کان سواءِ آزادانه طور قائم ٿيڻ ئي ڪافي هو. مسلمانن جي سڌاري لاءِ سندن تنظيم ۽ نون پراڻن تعليم يافته نوجوانن جي سياسي تربيت ڪرڻ مدرسن جو قائم ڪرڻ، اسلامي مبلغ تيار ڪرڻ جهڙا ارادا ته حڪومت جي بدظني ۽ شڪ کي پڪ ۾ بدلائڻ لاءِ ڪافي هئا. تنهن ڪري حڪومت ان وقت ئي چوڪس ٿي ويئي. مولانا احمد حسن امروهوي کان ان بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي ۽ حضرت شيخ الهند جي آمدنيءَ تي ٽيڪس لڳايو ويو. ياد رهي ته ان وقت حضرت دارالعلوم مان صرف 50 روپيا پگهار وٺندو هو. 
    جمعيت جي قائم ٿئي اڃان ٿورو ئي وقت گذريو هو ته حڪومت کي پڪ ٿي ويئي ته جمعيت الانصار جا رڳو اهي مقصد نه آهن جن جو اعلان ڪيو ويو آهي يا ان جي اجلاس ۾ پاس ڪيل تجويزن مان پڌرا ٿين ٿا بلڪ جمعيت الانصار مسلمانن کي حڪومت خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ جوڙي ويئي آهي ۽ ان انجمن جي پردي ۾ مسلمانن کي منظم ڪيو پيو وڃي. جيئن ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ ۾ ان تي روشني وڌي ويئي آهي:
    • تڪڙو ئي مولوي عبيدالله انگريزي پڙهيل نوجوانن کي طالب علم جي حيثيت ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو پوءِ اها انجمن اڌو گابري سياسي تنظيم بنجي ويئي.
    • جڏهن بلقان جي جنگ شروع ٿي ۽ ديوبند جي ذمه دارن ترڪي جي مالي مدد ڪرڻ جي فتويٰ ڏني ته اوچتو ئي اوچتو جمعيت الانصار پنهنجي اصلي رنگ ۾ اچي حد درجي جي ڪٽر جماعت بنجي ويئي.
    • مولوي، شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو مبلغ بنائي موڪليا ويا ۽ ترڪيءَ جي مدد لاءِ هلال احمر فنڊ ۾ وڏيون وڏيون رقمون گڏ ڪيون ويون.
    • غيرملڪي سامان جي بائيڪاٽ جي وڏي زورشور سان تبليغ ڪئي ويئي.
    • ان جي شاخ ”قاسم المعارف“ ڪلڪتي شهر ۾ ڏاڍي سرگرميءَ سان حصو ورتو. تنهن تي مدرسي جي عملي مان سنجيده ماڻهو هوشيار ٿي ويا ۽ اهڙا ختلاف پيدا ٿيا جو عبيدالله کي 1913ع ۾ استعيفا ڏيڻي پئي.
    ان ئي ڪتاب ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ ۾ حضرت شيخ الهند بابت لکيل آهي ته:
    • ان جو گهر اسلامي جهاد جي سازشين جو ٿاڪ ۽ ڳڙهه هو. هن سرحد پار قبائلي ماڻهن کي جهاد تي ڀڙڪائڻ لاءِ سيف الرحمان، فضل الرحمان ۽ فضل محمود کي اوڏانهن موڪليو.
    • هندستان ۾ اتحاد اسلامي جي سازش ۾ مولانا ”محمود الحسن“ جي شخصيت جو قائدانه ۽ مرڪزي ڪردار هو.


    حضرت شيخ الهند جي عظمت

    حضرت شيخ الهند جي عظمت
    حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن جن جي شخصيت جو خمير قوم ۽ ملت جي همدردي ۽ خيرخواهيءَ واري مٽي مان ڳوهيو ويو هو جنهن ديوبند جي اسلامي مدرسي ۾ ملت لاءِ قرباني ۽ خيرخواهي جو سبق حضرت قاسم العلوم والخيرات مولانا محمد قاسم نانوتوي وٽ پڙهيو هو ۽ جڏهن سندس ڄمار ستر سال هئي تڏهن کيس حرم جي پاڙي مان گرفتار ڪري قوم سان محبت ڪرڻ واري ڏوهه ۾ پورا ٽي سال مالٽا ۾ باندي بنايو ويو. مولانا آزاد ان بابت لکيو آهي:
    ”مولانا مرحوم هندستان ۾ گذريل دور جي عالمن جو آخري يادگار هو. سندس زندگي هن محرومي واري دور ۾ حقاني عالمن جي ڳڻن ۽ فضيلتن جو بهترين نمونو هئي. ان جو آخري زمانو جن سهڻن ڪمن ۾ گذريو سو علماء هند جي تاريخ ۾ هميشه يادگار رهندو. ستر سالن جي عمر ۾ جڏهن ان جو قدڪاٺ سندس دل جيان پنهنجي پالڻهار آڏو جهڪي ويو هو تڏهن بلڪل حرم جي پاڙي مان کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ پورن ٽن سالن تائين مالٽا جي ٻيٽ ۾ نظربند رهيو. هيءَ مصيبت کيس رڳو ان ڪري سر تي سهڻي پيئي جو اسلام ۽ ملت اسلام جي تباهي ۽ بربادي تي سندس خداپرست دل صبر ڪري نه سگهي. هن سچ جي ويرين جي سڌن ۽ مطالبن مڃڻ کان مڙس ماڻهو ٿي انڪار ڪيو. حقيقت ۾ ان اڳين حقاني عالمن جي سنت کي زندهه ڪري هندستاني عالمن لاءِ پنهنجو سهڻو ۽ يادگار طريقو ڇڏي ويو.“ (خطبه صدارت جميعت علماءِ هند لاهور)


    حقاني عمل ۽ ان جو نتيجو

    حقاني عمل ۽ ان جو نتيجو
    حضرت قاسم العلوم فڪر جي آزادي ۽ عزيمت جو جيڪو ٻج ڇٽي ويو هو، حضرت شيخ الهند ان ڀلاري فصل جي آبياري ڪئي ۽ ان جي واڌويجهه ۽ حفاظت وارن ڪمن ۾ پنهنجا ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا. انهن ئي محنتن جو نتيجو آهي جو سندس وفات ڪئي پاءُ صدي مس گذري ته برصغير آزاد ٿي ويو ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کان وسندي وچ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر آفريڪا تائين ڪيترائي غلام ملڪ هوريان هوريان آزاد ٿيندا ويا ۽ جنهن سامراج جي حڪومت ۾ سج لهندو ئي ڪونه هو سا سوڙهي ٿيندي وڃي زمين جي هڪ ننڍڙي ٽڪري تي بيٺي. منهنجي خيال ۾ دارالعلوم ديوبند جو محمودي دور ڪو الڳ دور نه، بلڪ قاسمي دور جو ئي اختتام ۽ تڪمله آهي.


    باب ٽيون: مولانا سنڌيءَ خلاف اٿاريل الزام ۽ پسمنظر جا واقعا ۽ شخصيتون

    دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو مقصد

    ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته دارالعلوم جي قائم ڪرڻ جو هڪڙو مقصد اهو هو ته 1857ع ۾ مسلمانن جي ناڪامي جو تدارڪ ۽ پورائو ڪيو وڃي. پر جيئن ته مٿي گذري چڪو آهي ته دارالعلوم جي ان مقصد تي پڙهڻ پڙهائڻ ۽ تعليم جو پردو وڌيو ويو هو. حضرت مولانا قاسم نانوتوي ۽ ان کان پوءِ سندس علمي فڪري جانشين مولانا محمودالحسن تمام احتياط ۽ پوري رازداري سان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهستي آهستي اڳتي وڌندو رهيو. حضرت شيخ الهند تحريڪ کي وڌائڻ، جماعت کي منظم ڪرڻ ۽ انقلاب لاءِ عملي ميدان ۾ پير رکيو. مولانا عبيدالله سنڌي، حضرت شيخ الهند جو ٻانهن ٻيلي ۽ تمام ڪارائتو سياسي ڪارڪن هو. هو ديوبند ۾ جماعت جي تنظيم، سياسي تعليم ۽ تبليغ کان سواءِ سنڌ ۽ سرحد جي انقلابي ماڻهن ۽ ملڪ جي نئين تعليم پڙهيل نوجوانن سان ميل جول ۽ ملاقاتن جهڙا سڀ ڪم سنڀاليندو رهيو. انهن سڀني ڪمن ۾ کيس حضرت شيخ الهند جو مشورو ۽ رهنمائي حاصل هئي.
    جڏهن دارالعلوم جي مهتممن ڏٺو ته اهي ديوبند ۾ ويهي ڪري برطانوي سرڪار خلاف بغاوت جي هڪ خطرناڪ تحريڪ هلائي رهيا آهن، جنهن کي انگريز ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪري سگهندو ۽ ان جي ناراضگي سان يقيناً سندن خانداني مفادن کي ڇيهو رسندو ته انهن هن سياسي تحريڪ جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ جيئن ته بقول مولانا مفتي عزيز الرحمان جي ته، هو حضرت شيخ الهند جو ته ڪجهه بگاڙي نٿي سگهيا تنهن ڪري ”نزله برعضو ضعيف“ جي چوڻي موجب مولانا سنڌيءَ کي پنهنجي مخالفت جو نشانو بنايائون. ان لاءِ هنن هي حربا هلايا:
    • سندس ساٿين مولانا شبير احمد عثماني، مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا غلام رسول خان هزاروي کي ان خلاف برغلائي ان کان ڌار ڪيائون.
    • ڪجهه مسئلن بابت مولانا عبيدالله جي علمي ۽ تحقيقي نقطه نظر ۽ ڪجهه ٻين معاملن کي به تنقيد جو نشانو بنايو ويو.
    • دارالعلوم جي عام فضا کي مولانا سنڌي خلاف هموار ڪيو ويو ۽ سندس ساٿين کي ساڻس ويڙهايو ويو.
    ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا اٿاريا ويا اهي هي هئا:
    (الف) غيرمسلمن ۾ سري کان تبليغ جو نه پهچڻ يا ڪماحقه نه پهچڻ واري صورت ۾ انهن کان پڇاڻي يا معافي ۽ ڇوٽڪاري جو عقيدو.
    (ب) هندو مسلم اتحاد سان ديني مصلحتن کي ڇيهي رسڻ وارو مسئلو
    (ج) نئين تعليم پڙهيل ماڻهن کي عزت ۽ مان ڏيڻ سان نيچريت ۽ بي ديني کي وڌائڻ ۽ ان عمل سان ديوبند جي سڃاڻپ کي مجروح ڪرڻ جو الزام.
    (د) دارالعلوم ديوبند ۾ مولانا محمد علي جي آجيان ڪرڻ وارو واقعو. توڙي جو هي اختلاف جو مستقل يا اصولي اختلاف ته ڪونه هو ۽ نڪوئي ان سان مولانا سنڌيءَ جو ڪو تعلق ۽ لاڳاپو ئي هو پر ان کي خاص اهميت ڏني ويئي ۽ ان واقعي کي مولانا سنڌيءَ خلاف هڪ حربي طور استعمال ڪيو ويو.
    (ه) هڪ ٻيو مسئلو جنهن جو تفصيل ايندڙ صفحن ۾ پنهنجي جاءِ تي ايندو.
    انهن مسئلن ۽ واقعن جي حقيقت ڇا هئي؟ ڇا مولانا سنڌيءَ و اقعي ڪو اهڙو عقيدو پنهنجي طرفان گهڙيو هو جيڪو ڪفر هجي ۽ ان جي مڃڻ وارو واجب القتل هجي؟ ۽ ڇا ان سچ پچ به ڪي اهڙا ڌنڌا ڪيا هئا جن سان علي ڳڙهه جي نيچرين يا جديد تعليم يافته بي دينن کي ڪا طاقت ملي ٿي ۽ جنهن سان ديوبند جي عزت مٽيءَ ۾ ملي ويئي هئي؟ ۽ ڇا واقعي مولانا محمد علي جي آجيان ۽ آڌرڀاءُ سان دارالعلوم جي عزت ۽ تقدس ڇيهون ڇيهون ٿي ويو هو؟ ايندڙ سٽن ۾ انهن مسئلن ۽ سوالن تي ڌار ڌار موضوع وار بحث ڪيو ويندو.


    ١. مسئله تبليغ

    ١. مسئله تبليغ
    خالص مذهبي حوالي سان رڳو تبليغ جوئي مسئلو هو. ان بابت مولانا سنڌي جو خيال هو ته اسلام جي دعوت
    (الف) حڪمت، ڏاهپ ۽
    (ب) سٺي نصيحت سان مشروط آهي.
    (ج) بحث ۽ تڪرار جي ضرورت پوي ته اهو به سياڻپ سان ڪجي. وعظ نصيحت ۾ اها شيءِ به شامل آهي ته تبليغ جي دعوت ٻڌندڙن جي ٻولي ۾ ڏني وڃي ۽ انهن جي ذهني ۽ علمي حيثيت موجب تفصيلي يا اجمالي دليل يا مثال کان ڪم ورتو وڃي ۽ انهن جي دل، دماغ ۽ فڪري جذبات کي اڀاريو وڃي ته انهن جي نفسيات کي به نظر ۾ رکي پوءِ انهن کي دعوت ڏجي. انهن جي عادتن، طور طريقن، ريتن رسمن، سندن تاريخ ۽ تهذيب کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته انهن سڀني شين جي انساني ذهن تي اهڙي ته ڌاڪ ويٺل هوندي آهي جو انهن جي حدبندين کي ٽوڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ان کان سواءِ ٻڌندڙن سان پوري دردمندي ۽ سچي همدرديءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي. اهي مسلمانن جا اسلامي ۽ شرعي فرض آهن. جيڪڏهن هو اهي فرض پورا نٿا ڪن ته ڄڻ هنن حجت پوري ناهي ڪئي. قرآن پاڪ ڪنهن جبل يا بيجان شيءِ تي نازل نه ٿيو هو. اسلام جو داعي عليه الصلاة والسلام به هڏ، چم ۽ سوچ سمجهه جو مالڪ هڪ انسان هو. پاڻ سڳورن ۾ تمام سهڻا ۽ لطيف انساني جذبات موجود هئا. هو انسانيت جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. قرآن حڪيم ٻڌندڙن جي ٻولي ۽ سندن لوڪ ادب جي سهڻي معياري نموني تي نازل ٿيو هو. پاڻ سڳورن ڏاهپ جي سڀني گهرجن جو خيال رکيو ٿي ۽ سٺي نصيحت جا سڀ شرط پورا ڪيا هئا ته پوءِ حجت به پوري ٿي ويئي هئي. جناب نبي ڪريم ﷺ عملي طور عربستان ۾ ۽ اصولي طور پوري عالم انسانيت ۾ حجت پوري ڪري ڇڏي هئي، کانئن پوءِ سندن وارثن يعني عالمن سڳورن کي پوري دنيا جي قومن، ڌار ڌار ملڪن ۾ انهن جي ٻولين جي سهڻي ۾ سهڻي انداز سان وقت جي گهرجن ۽ اتان جي سماجي حالتن ۽ تاريخي تهذيبي ريتن رسمن جي پسمنظر کي ذهن ۾ رکي عوام جي ذهني ۽ فڪري صلاحيتن مطابق اجمال ۽ تفصيل سان دليل ۽ مثال واري نموني کي اپنائي تعليم ۽ تبليغ جي ذريعي حجت پوري ڪرڻي آهي.
    اسلام جي وڏي داعي عليه الصلاة والسلام جي نبوت وارين خصوصيتن ۾ هيءَ ڳالهه شامل آهي ته:
    (1) قرآن حڪيم جي تعليم ڏيڻ
    (2) الله جي نشانين ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ يعني الله جي سڃاڻپ جي تعليم ڏيڻ
    (3) ڏاهپ ۽ حڪمت جون ڳالهيون سيکارڻ
    (4) دلين جي پاڪائي ۽ اندر اجارڻ. ذهني فڪر کي روشن ڪرڻ، جذبن ۽ خيالن کي پاڪ ڪرڻ ۽ اندر ۾ سعادت ۽ صلح پسندي جو ٻج ڇٽڻ.
    (5) خلق کي جهالت مان ڪڍي علم جي روشني ۾ آڻڻ. اهي ڳالهيون ٻڌائڻ جيڪي انهن لاءِ نيون ۽ نامعلوم هجن. ان ۾ آخرت ۾ غيب جون ڳالهيون، عمل جون خاصيتون ۽ انهن جي نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائڻ وغيره سڀ شامل آهن.
    دعوت ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ اهي سڀ ڳالهيون امت محمديه جي عالمن جي فرضن ۾ شامل آهن. هاڻي جيڪڏهن هو پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا ۽ انسانيت جي ڪنهن طبقي يا قوم کي اسلام جي دعوت کان محروم رکن ٿا ته انهيءَ ڳالهه ۾ ته شڪ ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ دعوت کان محروم انهن ماڻهن کي بخشي ڇڏيندو يا نه؟ اها ڳالهه الله جي علم ۾ آهي ۽ هو پنهنجي فيصلي موجب انهن سان ڪهڙو به ورتاءُ ڪري سگهي ٿو. ڇو ته الله پاڪ قادر مطلق آهي سو انهن مان جن جن کي جهڙي درجي جي تبليغ پهتي هوندي يا نه پهتي هوندي الله پاڪ کين بخشي ڇڏڻ يا پڇاڻي ڪرڻ بابت انهن سان اهڙي درجي ۽ نموني جو معاملو فرمائيندو. پر ان ڳالهه ۾ ته ڪو به شڪ شبهو نه آهي ته هن امت جا عالم سڳورا اسلام جي دعوت ۽ تبليغ ۾ ڪوتاهي ۽ اکٻوٽ ڪرڻ جا ضرور ڏوهاري ٿيندا ۽ اها به پڪ آهي ته الله پاڪ عالمن جي بي عملي جي سزا دعوت کان محروم ماڻهن کي نه ڏيندو. حڪمت ۽ سهڻي نصيحت جون سڀ گهرجون پوريون ڪرڻ وقت جي داعي حضرات جو ڪم آهي ۽ حق جي قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌڻ وارن جي دلين جا دروازا کولڻ جو ظاهري طور سڀ انتظام ڪرڻ به اسلام جي مبلغن جو فرض آهي. اهي سڀئي ڪم انهن جي اسلامي ۽ شرعي فرضن ۾ داخل آهن. جيڪڏهن انهن سٺي نموني حجت پوري ڪئي ته پوءِ سندن فرض ادا ٿي ويو. پر جي حجت پوري ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي رهجي ويئي ته پوءِ هو پهرئين پنهنجي ڪئي لاءِ جوابدار هوندا. مخاطبين کان حق جي قبول نه ڪرڻ جي پڇا پوءِ ٿيندي. حق جي قبول ڪرڻ لاءِ دلين جا دروازا واقعي کولڻ يا نه کولڻ، اهو الله جو ڪم آهي. مبلغ ان ڳالهه جو ذميوار نه آهي ته ماڻهن حق ڇو ڪونه قبوليو پر انهن تائين حق جي ڳالهه ٺيڪ ٺيڪ نموني پهچائڻ لاءِ بهرحال اهي ئي جوابدار آهن. اسلام جي دعوت ۽ حق جي تبليغ پوري نموني پهچائڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ماڻهو اسلام قبول نٿا ڪن ته پوءِ هو اسلامي اصطلاح ۾ ”ڪافر“ آهن. پر جن قومن ۾ وعظ ۽ نصيحت جي شرطن سان دعوت ڏني ئي نه ويئي آهي ته انهن تي ”انڪار“ يا ”ڪفر“ جو اطلاق نٿو ٿي سگهي. هيءَ ڳالهه الله جي انصاف کان بنهه پري آهي ته الله پاڪ انهن کان ان ”ڪفر“ جي پڇا ڳاڇا ڪري جنهن ۾ هنن کي پنهنجي اختياري فيصلي ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو هجي ۽ مٿن معاملي جا ٻئي پهلو پڌرا ئي نه ٿيا هجن. هي چوڻ ته قرآن پاڪ نازل ٿي چڪو آهي ۽ بحر و بر تي الله پاڪ جي حجت پوري ٿي ويئي آهي. تنهن ڪري هر انسان، اسلام کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ ۾ پنهنجي سر پاڻ جوابدار آهي عقل کان انتهائي پري جي ڳالهه آهي. هن جڳ جهان ۾ اڄ به ڪيتريون اهڙيون قومون آهن جن تائين علم ۽ تهذيب جي روشني ناهي پهتي. هو جهنگن، بيابانن ۽ جبلن ۾ تهذيب ۽ سڌريل زندگيءَ کان بلڪل پري پنهنجي مخصوص ماحول ۾ فطري زندگي گذاري رهيون آهن. خود هندستان ۽ پاڪستان جي جهنگلن ۽ جبلن ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي قومون آباد آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين علم ۽ تهذيب جي روشني کان محروم ۽ تهذيب ۽ اخلاق جي نالي کان اڻواقف آهن. انهن کان سندن ”ڪفر“ جي پڇاڻي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ها! البت تبليغ ۽ حڪمت ۽ وعظ جي مڙني شرطن سميت پهچائڻ مسلمان علماءِ دين جي فرضن ۾ شامل آهي. انهن کان سندن ڪوتاهي جي پڇا ڳاڇا ضرور ٿيندي. مسلمان خاص ڪري علماءِ حضرات پنهنجي بي عملي ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ سبب اهڙين قومن کي ”ڪفر“ جو الزام نٿا ڏيئي سگهن.
    جيتريقدر دعوت ۽ تبليغ ڪرڻ جو سوال آهي ته اها هندستان جي سڌريل قومن ۾ به حڪمت ۽ موعظت جي سڀني شرطن سميت نه ٿي آهي. اسلام جي حقانيت ثابت ڪرڻ ۽ باطل فرقن جي رد ڪرڻ ۾ ڪجهه لٽريچر ڇپائي ڇڏڻ يا گهٽين ۽ بازارن ۾ مناظرا ڪرائي ڪنهن مذهبي مبلغ کي شڪست ڏيڻ هڪ وڏي عملي ميدان جو هڪ ننڍڙو عمل آهي. توڙي جو ڪنهن حدتائين ان عمل جي به اهميت آهي پر دنيا جي قومن ۾ تبليغ واري فرض جي شرعي طور ادائيگي تمام پري جي ڳالهه آهي. جيستائين اسلام جي دعوت و تبليغ جي حق ادا ڪرڻ جو تعلق آهي ته سچي ڳالهه اها آهي ته صحابه جي دور کان پوءِ ان تي ڌيان ئي ڪونه ڏنو ويو. ملڪ فتح ڪيا ويا، قومن تي غلبو حاصل ڪيو ويو، مسلمانن جون حڪومتون جڙيون پر اسلام جي تبليغ ۽ دعوت جو حق نه ملڪن فتح ڪرڻ کان اڳ ادا ڪيو ويو نه پوءِ ان تي ڌيان ڏنو ويو.
    بيشڪ صوفي بزرگن پنهنجي انداز سان اسلام جي اشاعت ۾ حصو ورتو پر انهن جي ڪوششن ۽ تحريڪن کي به مسلمان حاڪمن ۽ فاتحن کان ڪو سهڪار نه مليو بلڪ ڪڏهن ته اڃا انهن کي مسلمان حاڪمن جا ظلم سهڻا پيا هئا.
    مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم تبليغ واري معاملي ۾ جيڪڏهن اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو ته بلڪل صحيح ڪيو هو، پر ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جنهن ماحول ۾ مولانا رهيل هو اتي ان مسئلي کي ڇيڙڻ جي ضرورت بلڪل نه هئي ۽ ان آڏو جيڪي وڏا سياسي مقصد ۽ ڪم هئا تن کي ان بحث مان نه ڪو فائدو پهچي سگهيو ٿي نه ئي پهتو بلڪ سندس ڪمن ۾ پاڻ ڪجهه رڪاوٽون پيدا ٿي پيون.
    مولانا ابوالڪلام آزاد کي جڏهن مولانا سنڌيءَ جي خيالن ۽ انهن تي ٿيندڙ بحث ۽ اختلاف جي خبر پيئي ته پاڻ چيائون مسئلو ايئن آهي پر ان کي ڇيڙڻ جي ضرورت ڪانه هئي. حضرت شيخ الهند جي تاثرات مان به مولانا سنڌي جي ترديد بجاءِ تائيد معلوم ٿئي ٿي. مولانا مناظر احسن گيلاني لکي ٿو ته:
    ”حضرت شيخ الهند فرمايو، ”انفرادي نموني هي ڳالهه ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي تائين تبليغ ٿي آهي ان کي الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو ۽ پڇاڻو به اهوئي پنهنجي علم موجب ڪندو انهيءَ جو تفصيلي علم الله کي ئي آهي، اسان لاءِ مجموعي طور ايتري ڳالهه ڪافي آهي ته جنهن کي جنهن حدتائين تبليغ ٿي آهي ان کان ان حد تائين پڇاڻو به ٿيندو. ڌار ڌار فردن بابت انسان لاءِ هي ٻڌائڻ ناممڪن آهي ته ڪنهن فرد کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي ۽ جڏهن تبليغ جي درجن جو تفصيلي علم اسان وٽ نه آهي ته پوءِ پڇاڻي جو تفصيل به اسان ڪيئن ٿا ڪري سگهون.“
    (ماهنامه دارالعلوم ديوبند ص 41 جمادي الثاني 1372هه)
    مولانا گيلانيءَ حضرت جن جي ان تقرير کي پوري پني ۽ حرف آخر قرار ڏنو آهي. پاڻ حضرت جن جي جواب ڏيڻ واري انداز کي به بيان ڪري ڇڏيو آهي. فرمائين ٿا:
    ”بظاهر ايئن لڳي رهيو هو ته مسجد جي جلسي وارين تقريرن جون خبرون چارون حضرت جن تائين پهچي چڪيون هيون، جن کان پاڻ گهڻو متاثر هئا. معمول جي ابتڙ حضرت جن ٿورو پاڻ کي سنڀالي متوجهه ٿيا ۽ ان مسئلي بابت هڪ اهڙي پوري پني تقرير ڪئي جيڪا بندي وٽ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿي.“
    مولانا گيلاني مرحوم ان مسئلي بابت پنهنجي هڪ اهم ڪتاب ”الدين القيم“ ۾ حضرت شيخ الهند جي درس ترمذي واري انهيءَ صحبت جي حوالي سان ”مسئله تبليغ ۽ مواخذه“ جو عنوان ڏيئي ڪري حضرت مجدد الف ثاني جي ڪتاب ”افادات و ڪشف“ ۽ قرآني تفسير جي روشني ۾ هڪ جامع بحث ڪيو آهي ۽ ان ۾ ”حضرت شيخ الهند جو تحقيقي بيان“ جي سري هيٺ بزرگن جي انهن ئي افادات مان دليل پڻ ورتو آهي. پاڻ لکن ٿا:
    حضرت مجدد جو ارشاد آهي: ”حضرت حق سبحانھ تعالیٰ بکمال رافت و رحمت خود بندھ رابھ مجرد عقل کھ مجال خطا و غلط دروے بسیارست بے آنکھ ابلاغ مبین بھ توسط انبیاء علیھ الصلوات والتسلیمات فرمایند درآتش مخلد ساز و عذاب گرفتار سازد۔“
    يعني الله پاڪ پنهنجي بي انتها رحمت ۽ مهرباني سببان بندن کي رڳو سندن عقل جي حوالي نٿو ڪري بلڪ ان ئي رحمت ۽ ٻاجهه جي گهر آهي ته پيغمبرن جي ذريعي انهن کي پوري پوري تبليغ ٿيڻ بنان ڪنهن کي به ابدي آڙاهه ۾ نه اڇلائي. حضرت مجدد وڌيڪ لکن ٿا ته پوري هوش حواس سان جن ماڻهن تائين پيغمبرن جي تعليم صحيح نموني ناهي پهتي يعني واضح نموني تبليغ نه ٿي آهي انهن بابت جيئن اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته اهي جهنم جو ابدي عذاب ڀوڳيندا تيئن بالفاظ مجدد ”گراں است حکم کردن اورا باوجود شرڪ بخلود جنت“ يعني جن ماڻهن کي پوريءَ ريت تبليغ نه ٿي آهي انهن بابت اهو فيصلو ڪرڻ به ڏکيو آهي ته اهي ابدي جنت جا مزا ماڻيندا.

    حضرت شيخ الهند جو تحقيقي بيان
    ان فيصلي جي مونجهاري جي حوالي سان مولانا گيلاني حضرت مجدد الف ثاني جي هڪ ڪشف جو ذڪر به ڪيو آهي پر جيئن ته عقيدن جي باب ۾ ڪشف کي قطعي دليل جي حيثيت حاصل نه آهي، تنهن ڪري مولانا گيلاني شيخ الهند جي بيان کي ئي ”تحقيقي“ قرار ڏيندي ان کي ئي هن منجهيل مسئلي جو آخري حل ۽ ڀروسي جوڳو فيصلو قرار ڏنو آهي ۽ لکيو اٿس ته ان مسئلي ۾ آخري ڳالهه جا ڪري سگهجي ٿي سا اهائي آهي جيڪا حضرت شيخ الهند بيان فرمائي آهي. هاڻي توهان پاڻ مولانا گيلانيءَ جو پورو بيان پڙهي ڏسو، پاڻ لکن ٿا:
    شايد ترمذي جو سبق هلي رهيو هو سبق پڙهڻ وارن ۾ هڪ مستانو• به موجود هو تنهن هڪڙي خاص سبب جي ڪري جنهن جو لاڳاپو هڪ وقتي مسئلي سان هو ڪجهه اهڙي نموني جو سوال ڪيو. جواب ۾ حضرت استاد جن جيڪا ڳالهه بيان فرمائي تنهن مهل ته ان جي قدر ۽ قيمت جو ايترو اندازو نه هو پر جڏهن مستي جا ڪجهه نوان ميدان پارڪيا سين تڏهن وري اها ڳالهه ياد آئي ۽ اها ئي ڳالهه هن فقير وٽ ان منجهيل مسئلي جو آخري حل آهي. پاڻ فرمايائون:
    تبليغ جي درجن ۾ فرق آهي هڪ تبليغ ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق کي نصيب ٿي هڪڙي تبليغ عام صحابن کي ٿي پوءِ اهڙي ئي نموني تابعين تبع تابعين کان ٿيندي ٿيندي اڄ اسان جهڙن تائين پهتي آهي. بيشڪ اسان تائين به تبليغ پهتي پر جهڙي تبليغ ابوبڪر و عمر جهڙن صحابن کي پهتي، اسان تائين پهتل تبليغ ان درجي جي نه آهي. وري جن انڪار ڪيو انهن ۾ هڪڙو انڪار ابوجهل جو آهي ۽ هڪڙو انڪار فرض ڪريو هندستان جي ڪنهن ڳوٺڙي جي ڌنار جو آهي. ظاهر آهي ته تبليغ جي حوالي سان ٻنهي جو درجو ساڳيو نه آهي ته هي پهريون مقدمو ٿيو. ٻيو مقدمو هي آهي ته الله جي پڪڙ جا درجا به ڌار ڌار آهن يعني جنهن کي جهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي ان کان پڇاڻو به ان جهڙو ٿيندو.
    حضرت استاد جن وڌيڪ فرمايو ته بس اهو قانون ياد رکڻ گهرجي ته جنهن کي جنهن درجي جي تبليغ ٿي هوندي ان کان الله جو پڇاڻو به ان درجي جو ٿيندو ۽ سندس پڪڙ به ان حساب سان ٿيندي. هي ته هڪ ڪليو قانون ٿيو. پر جزين تي ان ڪليي قانون کي ڪيئن لاڳو ڪيو وڃي يعني شخصي طور هي ٻڌائڻ ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي ۽ ان جو پڇاڻو ڪهڙي درجي جو ٿيندو؟ ظاهر آهي ٻنهي ”تبليغ ۽ پڇاڻي“ جا درجا اڻ ڳڻيا آهن ۽ انهن جو پورو علم الله وٽ ئي آهي ۽ ان جوئي علم فيصلي لاءِ ڪافي آهي. اسان کي رڳو ايترو مڃڻو آهي ته جهڙي تبليغ هوندي پڪڙ ۽ پڇاڻو به اهڙو ئي ٿيندو. ايئن به بلڪل ٿي سگهي ٿو ته هڪڙو ماڻهو يورپ ۾ هجي پر هن پنهنجي ڳولا ڦولا سان پنهنجي تبليغ جو درجو وڌائي ڇڏيو هجي. هڪ ٻيو ماڻهو مسلمانن ۾ رهندي به جهالت ۽ غفلت سبب تبليغ کان محروم رهجي ويو هجي جيئن هندستان ۾ ڪيترين ئي هندو قومن جو حال آهي، تنهن ڪري آخري فيصلو ته الله ئي ڪري سگهي ٿو ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي. هائو، اسين رڳو ايترو ڄاڻو ٿا ته تبليغ جي جنهن درجي تي پهچي ڪري هن انڪار ڪيو آهي کانئس پڇاڻو به ان درجي جو ڪيو ويندو.
    ان بيان کان پوءِ مولانا گيلاني انتهائي ذميواريءَ سان هي به وضاحت ڪري ٿو ڇڏي ته:
    ظاهر آهي ته هي واقعو لڳ ڀڳ اٺاويهه اوڻٽيهه سال اڳ جو آهي، تنهن ڪري هوبهو سائين جن جا لفظ ته آءٌ ادا ڪري نه سگهيو آهيان پر انشاءَ الله مفهوم اهوئي آهي. مون سان گڏ ان سبق پڙهڻ وارا ساٿي جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن حصي ۾ هوندا ته اهي ان جي شاهدي ڏيندا.
    پڇاڙي ۾ مولانا گيلاني حضرت شيخ الهند جي ڏنل جواب بابت پنهنجي پختي يقين جو وڌيڪ اظهار به ڪري ڇڏيو آهي. مولانا لکي ٿو:
    ”کڻي ڇا به ٿئي پر اها ڳالهه يقيني طور پڪي ٺڪي ۽ پختي آهي. ان سلسلي ۾ جيڪا آخري ڳالهه ڪري سگهجي ٿي سا اها ئي ٿي سگهي جا حضرت مجدد جي ڳالهه مون کي پوءِ ملي. سورة الفاتحه جي ٽن ٽولن واري تفسير • ڏانهن ڌيان به پوءِ ويو. افسوس ان ڳالهه جو ٿيو ته اهي شيون ان وقت موجود هجن ها ته حضرت استاد جن کان ڪجهه وڌيڪ پرائڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ها. پر شاگرديءَ واري زماني ۾ ڄاڻ ئي ڪهڙي هوندي آهي. اها به غنيمت ٿي جو سائين جن کان سوال ڪيم ۽ جواب به ڪنهن نموني دماغ ۾ محفوظ رهيو جيڪو الحمدلله اڄ ڪم آيو. مسلمانن ۾ اڄڪلهه هڪڙو وڏو طبقو اهڙو پيدا ٿيو آهي جن جي دلين ۾ اهو سوال اٿندو آهي. انشاءَ الله حضرت استاد جو اهو جواب انهن کي مطمئن ڪري ڇڏيندو.
    يقين ڪرڻ گهرجي ته مولانا سنڌي مرحوم پنهنجي پياري استاد حضرت شيخ الهند جي مرضيءَ خلاف ۽ ان کان اڳتي هڪ حرف به نه چيو هوندو ۽ جيڪڏهن حضرت شيخ الهند جو اهو بيان ان مسئلي ۾ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ مڪتبه فڪر ۾ مولانا سنڌي جو فڪر به حرف آخر جي ئي حيثيت رکي ٿو ۽ حضرت انور شاهه ڪشميري جي معذرت ۽ پنهنجي غلط فهمي جي اقرار يقيني طور اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مولانا سنڌيءَ جو مسلڪ ۽ موقف ئي سچو ۽ صحيح هو. مولانا ڪشميري کي جيئن ئي خبر پيئي ته مولانا سنڌي ڪابل کان روس ۽ ترڪي کان پوءِ حجاز پهچي ويو آهي ته هڪ وسيلي کانئن معافي گهري هئي. ان سلسلي ۾ جيڪا روايت اسان آڏو آهي سان ڪيترن ئي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ آيل آهي پر جنهن صحيح روايت جو سال سميت سندس بنيادي ماخذ مان حوالو ڏنو وڃي ٿو سا ”البرهان“ ۾ مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي 1945ع ۾ بيان ڪئي آهي. مولانا لکي ٿو:
    1928ع ۾ جڏهن مولانا سنڌي حجاز ۾ ترسيل هو تڏهن اسان جو دوست مولانا حفظ الرحمان صاحب سيوهاروي حج تي وڃي رهيو هو ۽ حضرت الاستاذ مولانا سيد محمد انور شاهه صاحب جي خدمت ۾ موڪلائڻ لاءِ حاضر ٿيو ته حضرت شاهه صاحب روئڻ هارڪو ٿي انتهائي ڏکويل آواز ۾ فرمايو ادا! مڪي ۾ مولانا عبيدالله صاحب کي منهنجا گهڻا گهڻا سلام چئجو ۽ نياپو به ڏجوس ته اوهان جي ديوبند ۾ رهڻ واري وقت ۾ آءٌ اوهان لاءِ تڪليف جو سبب بنيو هوس، ان وقت مون کي اصل حالتن جي خبر نه هئي هاڻي جڏهن اصل حقيقت جي خبر پيئي آهي تڏهن ڏاڍو لڄي ۽ پشيمان ٿيو آهيان. هاڻي آءٌ اوهان کي پڪ ٿو ڏياريان ته منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ ڪابه ميراڻ نه آهي ۽ اميد ٿو ڪريان ته اوهان به منهنجي لاءِ پنهنجي دل ۾ ڪابه خلش ۽ چڀن نه رکندا.
    (بحواله البرهان دهلي اپريل 1645ع ص 95)
    حضرت مولانا ڪشميري جن جو روئڻ، نير وهائيندي معافي گهرڻ ۽ پنهنجي طرفان تڪليف ڏيڻ جي اقرار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان وقت مولانا سنڌيءَ خلاف ڀڙڪايل هنگامي ۽ فتويٰ بازيءَ جي اصل پسمنظر کان اڻڄاڻ هجڻ ۽ پنهنجي غلطي مڃيندي اصل حقيقت کلڻ کان پوءِ لڄي ۽ پشيمان ٿيڻ ۽ اڳتي مولانا سنڌي لاءِ دل صاف رکڻ وارو عمل مولانا سنڌي جي فڪري دامن کي گمراهي جي داغ کان ته پاڪ ڪري ٿو ڇڏي پر خود حضرت ڪشميري جي سيرت ۽ اخلاقي عظمت جو اهڃاڻ ۽ ثبوت پڻ آهي. افسوس جو ان هنگامي ۾ شريڪ ٻين ساٿين کي اهڙي توفيق نصيب نه ٿي!!
    جيڪڏهن مسئلو ڪنهن درجي ۾ هو به سهي ته به هڪ علمي مسئلو هو. اسلام جي بنيادي عقيدن سان ان جو ڪو واسطو نه هو. ان مسئلي ۾ مخالف ڌر جي خيال کي ئي کڻي صحيح مڃجي تڏهن به ان کي ڪفر ۽ اسلام جي ڪسوٽي قرار نٿو ڏيئي سگهجي. هي ڳالهه انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ زيادتي واري هئي ته مولانا سنڌي مرحوم کي واجب القتل قرار ڏنو وڃي ۽ رڳو ان بنياد تي کيس ديوبند مان نيڪالي ڏني وڃي. پر ايئن هو ڪٿي؟ ان معاملي کي ته رڳو مولانا سنڌيءَ کي ديوبند مان ڪڍڻ لاءِ بهانو بنايو ويو هو. اصل حقيقت ته ڪا ٻي ئي هئي.
    مفتي عزيزالرحمان بجنوري صاحب لکي ٿو ته:
    پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هي سڀ علمي اختلاف هئا ته ڇا اهي اختلاف اهڙا هئا جن جي ڪري هڪڙي سرگرم ڪارڪن کي وڃائي ڇڏجي؟ ڇا اهي حالتون رڳو مولانا سنڌيءَ جون پيدا ڪيل هيون؟ جيڪڏهن ٿورو غور ڪري ڏسجي ته اصل تحريڪ جو پرچارڪ حضرت شيخ الهند هو پر ان سان ٽڪر ڪير کائي. حقيقت هيءَ آهي ته جمعيت الانصار جي پروگرام ۽ ان جي تجويز سان جتي انگريز هنگ ترڪان ۾ اچي ويا هئا اتي دارالعلوم جي مهتممن جي ڇڙواڳ حڪومت کي به زوردار ٺوڪر پئي لڳي. جنهن لاءِ هنن اهو طريقو اپنايو ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي علمي ۽ مذهبي الزام مڙهي ان کي دارالعلوم کان ڌار ڪري ڇڏجي.
    (بحواله ”تذڪره شيخ الهند“ ص 175)
    ان مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اهو سچ پچ به ڪو علمي مسئلو نه هو بلڪ مولانا سنڌي کي ديوبند مان ڪڍڻ لاءِ رڳو هڪڙي کيڏ کيڏي ويئي. اهوئي مفتي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:
    دارالعلوم جي مهتممن مولانا سنڌي جي انهن سرگرمين کي پاڻ لاءِ ۽ دارالعلوم لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهيو ٿي ۽ هو ان خطري کي پنهنجي سر کڻڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئا تنهن ڪري هنن مولانا سنڌيءَ خلاف ٻه ٽي مسئلا اٿاريا هئا تان ته کيس دارالعلوم ديوبند مان اهو چئي ڪري ڪڍيو وڃي ته هو بزرگن جي مسلڪ تان ڦري ويو آهي يا ڀٽڪي ويو آهي ۽ سندس نظريا ۽ خيال گمراهه ڪندڙ آهن. تنهن ڪري اهڙي ماڻهو جو دارالعلوم ۾ رهڻ شاگردن لاءِ هاڃيڪار آهي. اهڙيءَ ريت مدرسي جي مهتممن ڪجهه مسئلا پيدا ڪري مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا شبير احمد عثماني کي مولانا عبيدالله سنڌي سان ويڙهائي وڌو ۽ ديوبند ۾ انهن ٽنهي بزرگن ۾ مناظرو ٿيو جيڪو حقيقت ۾ مولانا کي ڪڍڻ لاءِ رڳو هڪ بهانو هو. تنهن ڪري مولانا سنڌي خلاف هڙ ٻونگ مچائي پوري ملڪ ۾ سندس پوزيشن کي مجروح ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. (بحواله تذڪره شيخ الهند ص 174)
    حضرت شيخ الاسلام مولانا سيد حسين احمد مدنيءَ مهتممن بابت گهڻي حسن ظن کان ڪم ورتو آهي. پر پوءِ به کيس مڃڻو پئجي ويو آهي ته مولانا سنڌي ۽ دارالعلوم جي ٻين عالمن ۾ اختلاف هٿرادو طور پيدا ڪيا ويا هئا حقيقت ۾ ڪو به مسئلو نه هو. مولانا مدني جو پورو بيان پڙهو پاڻ لکن ٿا ته:
    حقيقت هيءَ هئي ته دارالعلوم ديوبند جي مهتممن اڳيان دارالعلوم جي بقا ۽ حفاظت جو مسئلو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو هو. 1857ع جي واقعن ۾ ان کان پوءِ واري انگريزن جي پاليسي انهن اڳيان هئي. مولانا سنڌيءَ جي سرگرمين کي هنن نه رڳو دارالعلوم ديوبند لاءِ پر عام مسلمانن لاءِ به نقصانڪار سمجهيو ٿي ۽ پنهنجي پر ۾ ضروري سمجهيائون ٿي ته مولانا سنڌي جو هن مرڪز سان ڪو لاڳاپو نه رهي. ان زماني ۾ وري اتفاق سان ڪجهه علمي مسئلن ۾ مولانا سنڌي ۽ دارالعلوم جي ٻين عالمن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيو. ان اختلاف کي بنياد بنائي مولانا سنڌيءَ کي دارالعلوم ديوبند مان ڪڍيو ويو. جيئن رولٽ ڪميٽي رپورٽ ۾ ان ڏي اشارو موجود آهي.• جيتوڻيڪ انهيءَ اختلاف دارالعلوم جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن کي مولانا سنڌي کان پري ڪري ڇڏيو هو پر حضرت شيخ الهند سان مولانا سنڌي جي لاڳاپن ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو لڪ ڇپ ۾ اچ وڃ جاري رهي. رات جو اونداهين ۾ ديوبند کان ٻاهر ملاقاتيون ٿينديون رهيون ۽ ضروري ڳالهيون ٻولهيون طئي ٿينديون رهيون. (نقش حيات ص 151)
    حضرت مدنيءَ جن ”نقش حيات“ ۾ ئي هڪڙي جاءِ تي حاشيي ۾ انهن مسئلن کي ”مسائل مختلفه فيها“ جي نالي سان لکيو اٿن. تنهن ڪري انهيءَ معاملي ۾ مهتممن سان وڌ ۾ وڌ جيڪا رعايت ڪري سگهجي ٿي سا اها ئي ڪري سگهجي ٿي ته انهن مسئلن کي اختلافي مسئلا قرار ڏيئي ڪري انهن کي اختلاف ڪرڻ جو حق ڏجي، پر هتي به مهتممن جي زيادتي اها آهي جو انهن مسئلن ۾ مولانا سنڌيءَ کي اختلاف راءِ جي حق ڏيڻ بدران مرڳو سندس تضليل ۽ تڪفير ڪرائي. جيڪڏهن مسئلا واقعي به اختلافي مسئلا هئا ته پوءِ انهن ۾ اختلاف گمراهي ۽ ڪفر ڪيئن ٿيو؟ تنهن ڪري حضرت شيخ الاسلام ان تضليل، تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جي اصل سبب ڏي به اشارو ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ لکن ٿا ته:
    ڪجهه اختلافي ديني مسئلا وچ ۾ آندا ويا ۽ مولانا سنڌي کان ٻن اهم همعصر عالمن کي بدظن ڪيو ويو ۽ اختلاف جي ڪري ئي مولانا سنڌي کي ديوبند مان نيڪالي ڏني ويئي. انهن مان هڪڙي بزرگ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ ان مولانا سنڌي کان معافي ورتي. بهرحال مولانا جي نيڪال جو اصل سبب اهو معاملو آهي جنهن لاءِ يوپي جو گورنر مسٽن دارالعلوم ديوبند ويو هو ۽ مهتمم کي شمس العلماء جو خطاب ڏنو هو.
    (بحواله نقش حيات حصه 2 ص 244)
    حضرت شيخ الاسلام جو اهو حاشيو رولٽ ڪميٽي جي ان فقري تي آهي ته:
    عبيدالله گهريو ٿي ته ديوبند جي مشهور معروف مدرسي جي فارغ التحصيل مولوين جي مدد سان سڄي هندستان ۾ برطانيه خلاف هڪ عالمگير اسلامي تحريڪ هلائي پر مهتمم ۽ شوريٰ جي ميمبرن ان کي ۽ ان جي ڪجهه ساٿين کي مدرسي مان ڪڍي ان تجويز کي اتي اڌ ۾ ئي ختم ڪري ڇڏيو. (نقش حيات ص 240)
    جيڪڏهن واقعي به ڪو اسلامي مسئلو هجي ها يا دارالعلوم کي ڇيهي رسڻ جو ڊپ هجي ها ته اهو هن نموني به سهڻي ريت نبري پئي سگهيو ته اهو سڄو مامرو حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ديني مسئلي جي حيثيت ۾ حضرت جن جو هڪ اشارو ئي مولانا سنڌيءَ جي رجوع لاءِ ڪافي ٿي وڃي ها ۽ جيتري قدر دارالعلوم ديوبند کي ڇيهي رسڻ وارو سوال آهي ته حضرت شيخ الهند به مدرسي جو ڪو دشمن ته ڪو نه هو اهو مدرسي جي حفاظت سان گڏوگڏ تحريڪ هلائڻ جي به ڪا صورت ڪڍي وٺي ها. مولانا سنڌي کي روڪي ڇڏن يا سندس جدوجهد کي ڪن حدن ۾ پابند ڪري ڇڏي ها يا جيئن پوءِ ڪيائون جو ان جو مرڪز بدلائي ڇڏي ها. پر لڳي ٿو ته مهتممن ماڳهين حضرت شيخ الهند کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ مولانا سنڌي خلاف محاذ قائم ڪري ڇڏيو هو ۽ حضرت شيخ الهند جي ئي ڪن شاگردن کي مولانا خلاف استعمال ڪيو ۽ ان جي احتساب لاءِ ڪنهن اهڙي ڏينهن جو انتظار ڪيو جنهن ڏينهن حضرت شيخ الهند ديوبند ۾ نه هجي. مولانا جي ڪن خيالن کي ڪافراڻا خيال سڏي کيس واجب القتل قرار ڏنائون. جڏهن ته مولانا سنڌي انهن خيالن کان رجوع ڪيو هو، توبه به ڪئي پر ان جي توبه قبول ٿي، نه ئي ان جي رجوع کي قبوليو ويو. هنن مولانا سنڌيءَ کي نه رڳو مدرسي مان نيڪالي ڏني پر ان تي پوري ديوبند جي سرزمين سوڙهي ڪري ڇڏيائون ۽ کيس ديوبند مان نڪري وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مدرسي جي مهتممن رڳو ان تي به بس نه ڪئي پر حضرت شيخ الهند جي خلاف پڻ سازشن جو ڄار وڇائي ڇڏيائون ۽ ان جي سرگرمين جي جاسوسي ڪري حڪومت کي ان جي معلومات ڏيندا رهيا. حڪومت کي حضرت شيخ الهند جي گرفتاري جي صلاح ڏنائون. شمس العلماء مولانا محمد احمد ”مهمتمم دارالعلوم ديوبند“ جاسوسي لاٰءِ بذات خود دهلي تائين حضرت شيخ الهند سان گڏ سفر ڪيو ۽ پنهنجي مريد ڊاڪٽر انصاري جي زال وسيلي جاسوسي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ۽ حضرت جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه جي موضوع ۽ تفصيلات معلوم ڪرڻ جو ان کي وسيلو بنايو. عبدالاحد نالي هڪ همراهه کي جاسوسي لاءِ حضرت شيخ الهند سان گڏ حجاز موڪليو ويو. جڏهن اهو واپس آيو ته ان کان مليل معلومات ضلع سهارنپور جي ڪليڪٽر ذريعي يوپي جي گورنر تائين پهچائي وئي. ديوبند جي حالتن ۽ حضرت شيخ الهند جي ڪمن ڪارين ۽ سرگرمين بابت ماهوار رپورٽون ڏنيون ويون ۽ تمام ڦڙتائيءَ سان انگريزن جي وفاداري وارا ڪم هڪ هڪ ڪري پورا ڪيا ويا ۽ انهن خدمتن جي بدلي ۾ ئي شمس العلماء جي خطاب ماڻڻ سان گڏوگڏ روڪڙي انعام، جاگيرون ۽ ماهوارا وظيفا حاصل ڪيا ويا ۽ جڏهن محسوس ڪيو ويو ته انهن انعامن ۽ اعزازن هوندي دارالعلوم ديوبند جي مهتممي وارو منصب خطري ۾ پئجي ويندو ۽ دارالعلوم جي خاموش ردعمل کي منهن ڏيڻ به ڏکيو ٿيندو ته رياست حيدرآباد (دکن) ۾ مفتي اعظم جي عهدي تي فائز ڪيو ويو. برطانوي مفادن جي حفاظت ۽ چوڪيداريءَ وارا هي سڀ ڌندا حضرت قاسم العلوم نانوتوي جي قائم ڪيل دارالعلوم يا ان ”نئين محاذ“ ۾ ڪيا ويا جيڪو حضرت نانوتوي شاملي جي جهاد واري ناڪامي جي پورائي لاءِ قائم ڪيو هو. هي ڌنڌا نه رڳو 1909ع کان 1915ع تائين حضرت شيخ الهند جي ڏينهن ۾ ڪيا ويا پر شيخ الاسلام مولانا مدنيءَ جي زماني تائين به پوري باقاعدگي سان ٿيندا رهيا. نه رڳو ايترو پر دارالعلوم کي ملڪ جي آزاديءَ واري هلچل کان الڳ ٿلڳ رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ آزادي واري جدوجهد ۾ وقت بوقت رڪاوٽون پڻ وڌيون ويون. مالٽا جي قيدين جي آزادي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ به مهتممن پنهنجي رويي سان گهڻو مايوس ڪيو. جڏهن آزادي پسند جماعتن مالٽا جي قيدين جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائي ۽ ڊاڪٽر انصاري، پنهنجي سيڪريٽري عبداعلي خان رامپوري کي دارالعلوم جي سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ياداشت تي دستخط ڪرائڻ لاءِ موڪليو ته نه رڳو ٽال مٽول کان ڪم ورتو ويو پر پوري هفتي جو انتظار ڪرائڻ بعد خان صاحب کي مايوس موٽائي ڇڏيو. اهو به چيو وڃي ٿو ته ان سلسلي ۾ مهتمم صاحب پاڻ هڪ وفد وٺي ڪري هز آنر گورنر يوپي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿين جي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو هو. پر ڇا انهن جي چاپلوس ۽ خوشامدي طبيعتن کان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته انهن واقعي به حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪيو هوندو؟
    انهن خوشامدي زبانن تي اهڙي وقت ۾ جيڪا ڳالهه اچي سگهي هوندي سابه هن کان وڌيڪ نه هوندي ته حضور! سياسي جماعتون، مذهبي انجمنون، ديني ادارا، عوام هندو توڙي مسلمان سڀ محمود الحسن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. صوبي جي ليجسليٽو اسيمبلي وائسراءِ هند جي ڪونسل ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن. خود دارالعلوم ۾ بيچيني وڌي رهي آهي ۽ حضور جي وفادارن لاءِ مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. تنهن ڪري ان جي قيد نظربندي تي حضور جن همدرديءَ سان غور فرمائين. شايد هيئن به چيو هوندائون ته الله پاڪ عظيم جنگ اول ۾ برطانيه کي سوڀ نصيب ڪئي آهي. ترڪي کي سندس مٿي ڦريائي جي سزا ملي آهي ۽ کيس ڇيهون ڇيهون ڪري ڪيترن ئي معاهدن ۾ جڪڙي سوگهو ڪيو ويو آهي. هاڻي جڏهن خود ترڪي جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي تڏهن ان جا حمايتي ۽ همدرد محمودالحسن جهڙا ماڻهو عظيم تر برطانيه جو ڇا ٿا بگاڙي سگهن. سائين جن جي بخت ۽ بادشاهي اڳيان هنن جي حيثيت ئي ڪهڙي آهي.
    جيئن ته عرض ڪري چڪو آهيان ته حضرت شيخ الهند آڏو اهو مسئلو رکيو وڃي ها ته ديني مسئلي جي حيثيت ۾ حضرت شيخ الهند جو هڪڙو اشارو ئي مولانا سنڌيءَ جي رجوع لاءِ ڪافي هو پر خود مهتممن کي به پڪ هئي ته اصل مسئلو اهو ناهي جيڪو ماڻهن کي مولانا سنڌيءَ خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ هو بيان ڪري رهيا آهن. کين پڪ سان اهو به اندازو هوندو ته حضرت شيخ الهند جي راءِ به مولانا سنڌيءَ جي راءِ کان گهڻو مختلف نه هوندي، تنهن ڪري اهو مسئلو حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ به پيش نه ڪيو ويو. مولانا مناظر احسن گيلاني لکيو آهي ته سبق دوران ان سلسلي ۾ پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ حضرت شيخ الهند هڪ پوري پني ۽ جامع تقرير ڪئي هئي جنهن مان سڀ مطمئن ٿي ويا هئا ته مولانا سنڌي به حضرت استاد جي ارشادن کان ضرور مطمئن ٿي وڃي ها پر لڳي ٿو ته اهڙي ڪابه ڪوشش نه ڪئي ويئي هئي. هونئن به جتي عام روايت اها هجي ته دارالافتاء مان جاري ٿيندڙ سڀني فتوائن تي صدر المدرسين ۽ شيخ الحديث جي به صحيح ٿيندي هجي اتي دارالعلوم جي هڪ فاضل ۽ خود صدر المدرسين ۽ شيخ الحديث جي هڪ لائق شاگرد تي ڪفر جي فتويٰ ڏني وڃي ۽ هڪ نالي واري استاد کي بيخبر رکيو وڃي!! هي سڀ تڏهن ٿئي ها جڏهن سچ پچ به دارالعلوم جي بقا ۽ حفاظت جو يا ڪو علمي مسئلو هجي ها پر هتي ته معاملو ئي ڪجهه ٻيو هو ۽ اڳواٽ ئي طئي ڪيو ويو هو ته عبيدالله سنڌي کي هر صورت ۾ ديوبند مان ڪڍڻو آهي. مولانا اسعد مدني لکيو آهي ته:
    ”جيڪڏهن عقيدي ۽ دينداريءَ جي ڳالهه هجي ها ته حضرت شيخ الهند (جيڪو شيخ الحديث سڀني جو استاد ۽ حضرت نانوتوي جو جانشين ۽ سندس علمي ۽ فڪري امانتن جو صحيح امين هو) کي ضرور شريڪ ڪيو وڃي ها. ان جو بس هڪڙو اشارو ئي مولانا سنڌي جي رجوع لاءِ ڪافي هجي ها پر هي علمي بحث مباحثو مڙيئي ڏيکارڻ لاءِ رڳو هڪرو ڍونگ هو اصل ۾ سازش ته انگريزن جي هئي.“
    (بحواله ایک خود ساختھ داستان حقائق کے آئینے میں ص 14-15)
    وري ان کان اڳتي مولانا اسعد مدني لکي ٿو ته:
    ”سچي ڳالهه اها آهي ته مولانا سنڌي سان مهتممن جيڪي ڪجهه ڪيو سو ان اڻ ڪئي ڏوهه جي سزا هئي جنهن جو چسڪو ان ۾ خود حضرت شيخ الهند پيدا ڪيو هو. يعني ”انگريز دشمني“ جنهن کي مهتمم حضرات هڪڙي منٽ لاءِ به برداشت نٿي ڪري سگهيا. پر سڌوسنئون ان مسئلي تي قدم کڻڻ ۾ ڪيئي خطرا هئا. سڀ کان وڏو خطرو ته خود حضرت شيخ الهند جي ذات گرامي هئي. تنهن ڪري هڪ علمي مسئلي جي آڙ وٺي حضرت سنڌي مظلوم کي هٽايو ويو.“ (ايضاً ص 15-16)
    جيڪڏهن مسئلو واقعي مولانا سنڌي جي غلط عقيدي ۽ ديوبند جي مسلڪ مشرب کان ڦري وڃڻ يا ان کي ڇڏي ڏيڻ جو هجي ها ته باوجود هن جي ته حضرت شيخ الهند سان مشورو نه ڪيو ويو هو پر پوءِ به جڏهن حضرت شيخ الهند کي اها سڄي حقيقت معلوم ٿئي ها ته پاڻ حضرت سنڌي سان ڳالهائين ها ۽ ان کي پنهنجي غلط خيالن کان رجوع ۽ توبه به ڪرائين ها. پوءِ جيڪڏهن مولانا سنڌي ايئن نه ڪري ها ته حضرت شيخ الهند جي ايماني غيرت اهو ڪيئن برداشت ڪري ها جو اهڙي ماڻهو سان هو ميل جول محبت ۽ حمايت جو تعلق رکي. پر ان جي ابتڙ حضرت شيخ الهند جي رويي مان ته هي پڌرو ٿيو ته پاڻ مولانا سنڌي کان نه پر مولانا انور شاهه ڪشميري کان منهن ڦيرائي بيزاري جو اظهار ڪيائون جيڪو مولانا سنڌي سان اڻبڻت ۾ اڳڀرن همراهن مان هو. مولانا اسعد مدني لکي ٿو ته:
    ”ان ڌنڌي سان حضرت شيخ الهند کي ڪيتري تڪليف پهتي هئي ان جو اندازو هن واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ان (احتسابي ۽ نيڪالي واري) ڪاروائي کان پوءِ جڏهن مولانا انور شاهه ڪشميري (جنهن کان مولانا سنڌيءَ جي ڪفر واري فتويٰ تي صحيح ورتي ويئي هئي.) حضرت شيخ الهند جي محفل ۾ پهتو ته پاڻ ان کان منهن ڦيرائي ڇڏيائون. نيٺ آزي نيازي کان پوءِ کانئس راضي ٿيا. جيڪڏهن هي ڪاروائي سچ پچ به شرعي نقطه نگاهه جي موافق هئي ۽ دين جي هڪ اهم گهرج پوري ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي هئي ته پوءِ ان حضرت شيخ الهند جي ناراضگي جي ڪهڙي توجيح ٿيندي؟“ (ايضاً ص 16)
    مولانا سنڌيءَ جي احتساب ڪرڻ ۽ کيس سوڙهي ڪرڻ لاءِ باقاعده هڪ احتسابي محڪمو قائم ڪيو ويو. هيءُ شعبو دارالعلوم جي نظام جو ڪو حصو ڪونه هو پر اهو مولانا شبير احمد عثماني جو جوڙيل هو. ظاهر آهي ته ان ۾ شمس العلماء مولانا محمد احمد، مهتمم دارالعلوم ديوبند جو اشارو به ضرور شامل هوندو. نائب مهتمم، حبيب الرحمان عثماني ته مولانا شبير احمد عثماني جو وڏو ڀاءُ هو، ان جي اجازت ۽ مشوري سان ئي هي شعبو قائم ڪيو ويو هوندو ۽ سندس هڪ ڀاءُ عزيزالرحمان دارالعلوم جو سڀني کان وڏو مفتي هو، سو احتسابي محڪمي جي جوڙڻ ۾ ان جي مشوري کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگهجي. مولانا مناظر احسن گيلاني لکي ٿو ته:
    دارالعلوم ديوبند ۾ اسان جن انتهائي نامور عالمن جهڙوڪ علامه انور شاهه ڪشميري ۽ شيخ الاسلام شبير احمد عثماني وارن پنهنجو هڪ احتسابي محڪمو قائم ڪيو هو، ان اڳيان مولانا سنڌيءَ کي هڪ ڏوهاري جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو.
    دارالشوريٰ ۾ هڪ جلسو ٿيو. تقرير ۽ احتساب ڪرڻ وارن ۾ مولانا انور شاهه ڪشميري، مولانا شبير احمد عثماني، (ديوبندي) فلسفي ۽ منطق جو استاد مولانا غلام رسول خان هزاروي هئا. امين ۽ جج جي حيثيت ۾ مدرسي جا مهتمم ۽ دارالعلوم جو مفتي، ٻڌندڙن ۾ مدرسي جا استاد ۽ تماشائين جي حيثيت ۾ دارالعلوم جا شاگرد هئا اختلافي مسئلو غيرمسلمن ۾ تبليغ وارو هو.
    مولانا مناظر احسن گيلاني وڌيڪ لکي ٿو ته:
    مولانا عبيدالله سنڌي اٿي بيهي ڪري هي فرمايو ته قرآن پاڪ جي آيت مبارڪ ”آيت“ (تان ته ڊيڄاريا آءٌ توهان کي ۽ جن تائين ڳالهه پهتي) مان آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اولاد آدم مان جن ماڻهن تائين قرآن پاڪ جو پيغام ناهي پهتو انهن کان اسلام جي قبول نه ڪرڻ بابت پڇاڻو نه ٿيندو.
    تبليغ جي باب ۾ مولانا گيلاني حضرت سنڌي مرحوم جو هڪ ٻيو جملو به نقل ڪيو آهي اهو هيءُ ته مولانا سنڌي فرمايو ته اڄڪلهه يورپ جي غيرمسلمن ۾ دين جي تبليغ صحيح نموني ناهي پهتي تنهن ڪري جيڪڏهن انهن جا اخلاق سٺا هوندا ته اهي ڇوٽڪاري جا حقدار آهن.
    مولانا سنڌي جي انهن خيالن تي جيڪو ردعمل ٿيو اهو به حضرت گيلاني بيان ڪري ڇڏيو آهي. اسان هتي ٽنهي بزرگن جو ردعمل ڌار ڌار بيان ڪريون ٿا.
    (1) مولانا شبير احمد عثماني ديوبندي
    مولانا شبير احمد عثماني اهو ٻڌي ڪري ڪاوڙ ۾ اچي ويو، هن اهڙن خيالن تي تنقيد ڪئي. ان جي تقرير ياد نه رهي.
    (2) مولانا غلام رسول خان هزاروي 1919- 1854ع ديوبند
    ان (مولانا عثماني) کان پوءِ مولانا غلام رسول خان صاحب تقرير ڪئي. جنهن مان سندس هي فقرو مون کي چٽي طرح ياد آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي توڙي جو اسان جي جماعت جو هڪ فرد آهي پر (جنهن نموني) جڏهن ڪو عضوو سڙي ويندو آهي ته (ان کي) ڪٽي ڇڏبو آهي اهڙي ريت هن کي به جماعت کان ڌار ڪيو ويو آهي.
    (3) مولانا انور شاهه ڪشميري
    ان جي ردعمل بابت مولانا گيلاني لکي ٿو: مولانا انور شاهه ڪشميري کي ان ڳالهه ٻڌڻ سان ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿيندي چيائين ته زمين آسمان تي تبليغ ٿي چڪي آهي ۽ اهي سڀ ڪافر جهنمي آهن. جيڪڏهن تنهنجو به اهوئي عقيدو آهي ته پوءِ تنهنجي جاءِ به جهنم ۾ آهي.
    ساڳين بيان جي سلسلي ۾ مولانا گيلاني لکي ٿو ته:
    مدرسي جي مهتمم ۽ نائب مهتمم کي ڀڙڪايائين ته عبيدالله جو عقيدو خراب آهي جو چوي ٿو ته موجوده ڪافر ڇوٽڪاري جا حقدار آهن، پوءِ عام مولوين ۽ شاگردن جو هڪ جلسو ڪوٺائي مولانا سنڌي کي به ان ۾ گهرايو ويو ۽ کيس چيو ويو ته تو ڪفر جو ڪلمو چيو آهي هاڻ توبه ڪري ايمان نئون ڪر. مولانا سنڌي جڏهن ڏٺو ته جماعت ڪاوڙيل آهي ته پاڻ فرمايائون جيڪڏهن ايئن ئي آهي ته پوءِ آءٌ آمنت بالله پڙهي ٿو ڇڏيان ۽ گڏوگڏ ڪلمه شهادت پڙهي ٻڌايائون.
    احتسابي محڪمي جي ڪاروائي اسان اڳيان آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته احتساب لاءِ اهڙو ڏينهن مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند ۾ موجود نه هجن. ان ڪارروائي تي هڪ نظر وجهڻ سان هي به معلوم ٿي وڃي ٿو ته:
    (1) هي جلسو احتساب لاءِ نه پر ڪيل فيصلي جي اعلان لاءِ جلسو هو. فيصلو اڳ ۾ ئي ڪيو ويو هو هاڻي رڳو دارالعلوم جي راءِ عامه کي مولانا سنڌيءَ خلاف تيار ڪرڻ لاءِ هي ڊرامو رچايو ويو.
    (2) مولانا سنڌي مرحوم توبه ڪئي، ايمان نئون ڪيو ۽ ڪلمو شهادت پڙهي ٻڌايائين، پر فيصلو پوءِ به ان جي خلاف ئي ڪيو ويو ۽ زبان سان کڻي ڪونه چيائون پر پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ڇڏيائون ته سندن خيال ۾ مولانا جو ايمان تازو ڪرڻ ۽ ”اقرار باللسان“ رڳو دٻاءَ سبب هو، ان کي ”تصديق بالقلب“ قرار نٿو ڏيئي سگهجي. تنهن ڪري مولانا سنڌيءَ کي ڪافر قرار ڏنو ويو. منصفن ۽ ججن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ دارالافتاء جي مهر سان ان کي مضبوط بنايو ويو.
    (3) جيئن اڳ ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته احتساب لاءِ اهڙو ڏينهن رٿيو ويو جنهن ڏينهن خبر پين ته حضرت شيخ الهند گنگوهه وڃي رهيا آهن ته تڙتڪڙ ۾ اجلاس گهرائي بلڪل انگريزي عدالتن وانگر طئي ٿيل منصوبي موجب مقدمي جو فيصلو ٻڌايو ويو. بقول رشيد احمد صديقي جي ته شيطان حق تي ۽ ملائڪ ناحق تي هو. مولانا سنڌي کي به اندازو ٿي ويو هو ته ههڙي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ جمعيت الانصار جو ڪم هلائي نه سگهندو، تنهن ڪري هن جمعيت الانصار جي نظامت تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. استعيفا جي عبارت مان به اهوئي اندازو ٿئي ٿو ته اختلاف اڃان ختم نه ٿيا هئا ۽ مولانا سنڌي جي توبه قبول نه ٿي هئي. مولانا سنڌي جي هي استعيفا يا تاريخي خط جيڪو هن جمعيت الانصار جي صدر مولانا حبيب الرحمان عثماني نائب مهتمم کي لکيو هو ان جون شروعاتي سٽون هي آهن:
    ”عرض هي آهي ته انتظاميه واري جلسي جا سڀ ميمبر جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي ته مون بابت سٺا خيال نٿا رکن جيڪڏهن کڻي جامعة القاسميه جي حدتائين معاملن کي ختم به ڪيو وڃي ۽ آئون پنهنجي برات به ثابت ڪري وڃان ته به سڪون ۽ اتفاق سان ڪم هلائڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري آءٌ جمعيت الانصار جي خدمت تان استعيفا پيش ڪريان ٿو.“
    مولانا سنڌي جو هي خط 11 مئي 1913ع جو يادگار آهي.
    تبليغ جو مسئلو جيڪي ڪجهه ۽ جيئن به هو بهرحال مولانا گيلاني جي بيان مان اندازو ٿئي ٿو ته احتسابي محڪمي جي ڪاروائي ۽ فيصلي کان پوءِ به ذهن صاف ۽ دليون مطمئن ڪونه ٿيون هيون. مولانا لکي ٿو ته:
    مجلس ختم ٿي ويئي پر ان جو منهنجي دل تي گهرو اثر هو، شايد ٻئي ڏينهن يا هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ حضرت شيخ الهند وٽ ترمذي شريف جي سبق ۾ هن الله لوڪي فقير همت ڪري هي مسئلو ڇيڙيو ته هن وقت تبليغ واري سوال تي جيڪو اختلاف ٿي پيو آهي حضرت جن ان بابت ڇا ٿا فرمائين، ظاهري صورتحال مان ايئن لڳي رهيو هو ته مسجد واري جلسي جي تقريرن جون خبرون چارون حضرت جن تائين پهچي چڪيون هيون جن کان پاڻ گهڻو متاثر به هئا.
    مولانا مناظر احسن گيلاني لکي ٿو ته پاڻ هڪ اهڙي صاف سٿري ۽ روان تقرير ۾ اهو مسئلو بيان فرمايائون جيڪو بندي وٽ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو. سندن تقرير جا آخري لفظ هي آهن:
    ”مطلب ته انفرادي نموني هي ڳالهه ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي؟ ان کي الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو ۽ پڇاڻو به اهوئي پنهنجي علم موجب ڪندو. شخصن کي مقرر ڪري ماڻهو لاءِ اهو ٻڌائڻ ناممڪن آهي ته ڪنهن کي ڪهڙي درجي جي تبليغ ٿي آهي. پوءِ جڏهن تبليغ جي درجن جو تفصيلي علم اسان وٽ نه آهي ته پڇاڻي جو تفصيل به اسان ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟“
    مولانا گيلاني جي چوڻ موجب حضرت جن جي ان تقرير جو ڏاڍو چوٻول هليو ۽ ان مان جنهن غلط فهمي پيدا ٿيڻ جو امڪان هو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ جلسو به گهرايو ويو. ان بيان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته:
    (1) حضرت شيخ الهند جو خيال مولانا سنڌي جي خيالن سان موافق هو يا گهٽ ۾ گهٽ مخالف ته بلڪل ڪونه هو ۽ حضرت شيخ الهند مهتممن ۽ سندن ساٿارين جي روين سان ته بلڪل متفق نه هو.
    (2) ان ڳالهه جو يقين حضرت جن جي ان رويي مان ڀلي ڀت ٿي وڃي ٿو جيڪو پاڻ حضرت انور شاهه ڪشميري سان ناراضگي واري صورت ۾ ڪيو هو. جنهن جو ذڪر هن ئي مضمون ۾ مولانا اسعد مدني جي حوالي سان گذري چڪو آهي.
    (3) خود حضرت علامه انور شاهه ڪشميري جو پڇتائڻ ۽ معافي وٺڻ، معذرت ڪرڻ ان ڳالهه جو چٽي نموني اعلان آهي ته اهو سڄو ڊرامو جيڪو مهتممن ۽ عثماني خاندان جي ڪن فردن جي اشاري تي رچايو ويو هو ۽ حضرت علامه انور شاهه ڪشميري به ان غلط فهمي جو شڪار ٿي ويو.
    (4) وري مولانا سنڌي جي ڪفر واري فتويٰ کي (فتاويٰ دارالعلوم) ۾ شامل نه ڪرڻ واري ڳالهه به ٻڌائي ويئي آهي ته اصل ۾ اها فتويٰ غلط هئي. اهڙي نموني دارالعلوم جي ٻڌي ڇوڙي جي مالڪن ۽ علمي ڌرين طرفان به مولانا سنڌيءَ جي سچائي ۽ سندس حق تي هجڻ ثابت ٿي وڃي ٿو.
    (5) ان کان پوءِ تاريخ دارالعلوم ديوبند ۾ کين ديوبند جي ناميارن فرزندن ۾ ڳڻڻ ۽ سندس ذڪر ڪيل غلط يا باطل عقيدن جو ذرو به ذڪر نه ڪرڻ به ان ڳالهه ڏي اشارو ڪري ٿو ته ڊرامي جو وقت گذري چڪو آهي، تنهن ڪري هاڻي چهري تان ميڪ اپ صاف ڪري ڇڏڻ گهرجي.
    هاڻي جڏهن ثابت ٿي ويو آهي ته مولانا سنڌيءَ جي تضليل ۽ تڪفير جو سبب تبليغ بابت مولانا سنڌي جا خيال نه هئا ته پوءِ حقيقت ڪهڙي هئي؟ ان مسئلي تي هن ڪتاب جي چوٿين باب ۾ روشني وڌي ويندي.
    ان سلسلي ۾ دارالعلوم ۾ جيڪا به ڪارروائي ٿي هئي سا مهتممن جي اشاري سان ۽ بلڪل سندن مرضي موجب ٿي هئي، پر هو اڃان به مطمئن ۽ آرامي ڪونه ٿيا هئا. تنهن ڪري دارالعلوم جي نائب مهتمم مولانا حبيب الرحمان عثماني هڪڙي ڏينهن مولانا مناظر احسن گيلاني کي جيڪو ان وقت دارالعلوم جو شاگرد هو تنهن کي گهرائي چيو ته:•
    تون حضرت شيخ الهند سان ملي ڪري معلوم ڪر ته سياسيات ۾ حضرت جن جو سچ پچ به ڪهڙو موقف ۽ مسلڪ آهي.
    چنانچه مولانا گيلاني حضرت جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي پڇيو هو. پاڻ لکي ٿو ته:
    مهتممن جو هي پيغام ٻڌندي ئي مون ڏٺو ته حضرت جن تي هڪ خاص ڪيفيت طاري ٿي ويئي ۽ ارشاد فرمايائون ته ڇا حضرت الاستاذ (مولانا نانوتوي) هن مدرسي کي رڳو پڙهڻ پڙهائڻ لاءِ قائم ڪيو هو؟ مدرسو منهنجي سامهون قائم ٿيو هو جيتريقدر مون کي ڄاڻ آهي ته 1857ع واري هلچل جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هي ادارو ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته ڪو اهڙو مرڪز ٺاهجي جنهن وسيلي ماڻهن کي ايترو تيار ڪجي جو 1857ع واري ناڪامي جو تدارڪ ۽ پورائي ڪئي وڃي. رڳو پڙهڻ پڙهائڻ ۽ درس تدريس جن جو مقصد ۽ نصب العين آهي انهن جي واٽ ۾ آءٌ رڪاوٽ نه بڻجندس پر البته پنهنجي لاءِ ته مون اها واٽ ئي چونڊي آهي جنهن لاءِ حضرت الاستاذ منهنجي اڳيان هن دارالعلوم جو هي نظام قائم ڪيو هو. (بحواله سوانح قاسمي ج 2، ص 226)
    مولانا گيلاني مرحوم به ان ڳالهه کي ئي دارالعلوم جي ”بنيادي خصوصيت“ تسليم ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:
    مدرسي ديوبند جي اها بنيادي خصوصيت هئي جنهن مدرسي جي پوري ڪاروهنوار ويندي تعليم ۾ به اهڙيون آزادي پسند خصوصيتون پيدا ڪيون جو ديني ۽ مذهبي جوش ۽ غيرت جو هي نه رڳو هندگير پر عالمگير يونيورسٽي ۽ اقامتي ادارو بنجي ويو. ان جي فاضلن جو هڪ خاص مڪتبه فڪر پڌرو ٿيو ۽ ان جا شاگرد هڪ اهڙو مليل جليل نصب العين کڻي ٻاهر نڪتا جنهن ۾ سڀني تي ڇانئجي وڃڻ جي طاقت موجود هئي. ظاهر آهي اها ”بنيادي ۽ اساسي خصوصيت“ حضرت شيخ الهند کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي اڳيان نه هئي ۽ نه ئي ان وقت جي حالتن کي سامهون رکندي هر هڪ کان ايڏي ڊگهي نظر جي اميد ڪري سگهبي هئي.
    (ايضاً ص 27- 226)
    ان سلسلي ۾ مولانا گيلاني وڌيڪ لکي ٿو ته:
    ان کان پوءِ به ڌار ڌار واٽون ٿي ويون. هڪڙي واٽ پڙهڻ پڙهائڻ ۽ دين جي اشاعت جي، ٻي واٽ اها ئي جيڪا حضرت شيخ الهند جن اختيار ڪئي هئي ۽ ان مسلڪ تي هلندي ئي پنهنجي مالڪ سان وڃي مليا.
    ڀانيان ٿو ته پاڻ اهو به فرمايو هئائون ته خدائي فرض جيتري قدر ادا ٿي سگهيا ادا ڪندو رهيس هاڻ آخري ڪم اهوئي آهي جنهن کي پنهنجي حد تائين ڪندو رهندس ۽ پاڻ اهو ڪم ڪري ويو. خاڪسار حضرت جن کان جيڪي ڪجهه ٻڌو سو انهن ماڻهن تائين پهچايو جن نياپي پهچائڻ جو اهو مطالبو ڪيو هو.
    (بحواله مضمون دارالعلوم دیوبند میں بیتے ہوئے دن، ماھنامھ دارالعلوم جمادی الثانی 1372هه ص 42)
    هاڻي ته تاريخ دارالعلوم ديوبند جي مقدمي ۾ مولانا قاري محمد طيب مرحوم مولانا گيلاني جي ان ئي روايت جو حوالو ڏيئي ڪري دارالعلوم جي نصب العين ۽ سندس مقصدن جي جامعيت ۽ همه گيري جي ان رخ کي به تسليم ڪيو آهي ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ۽ سندس لائق شاگرد امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي خدمتن جو اعتراف به ڪري ڇڏيو آهي.

    استدراڪ
    هي بحث نه رڳو پوري ٿيڻ تي هو پر ماهوار ”الولي“ حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپجي به چڪو هو ته مولانا اخلاق حسين قاسمي صاحب جن جو ڪتاب .”محاسن موضح القرآن“ نظر مان گذريو. مولانا موصوف صاحب شاهه ولي الله دهلويءَ جي حوالي سان بلڪل اها ڳالهه لکي آهي جيڪا ڳالهه جڏهن مولانا سنڌي مرحوم ڪئي هئي ته مٿس ڪفر جي فتويٰ لڳائي ويئي هئي. شاهه عبدالقادر دهلوي جي ترجمه قرآن جي محرڪ سببن جي سلسلي ۾ مولانا قاسمي لکي ٿو ته:
    ”شاهه عبدالقادر صاحب جن جو والد محترم پنهنجي مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾ لکي چڪو هو ته ڪنهن غير مسلم قوم کي حجت پوري ڪرڻ جي حدتائين تبليغ ڪرڻ مسلمانن جي ذميواري آهي ۽ ان جو بهتر طريقو اهو آهي ته اهڙي قوم کي سندن ٻوليءَ ۾ اسلامي اصولن جي سمجهاڻي ڏني وڃي تان ته اهي سمجهي سگهن جيڪڏهن کين ان درجي جي تبليغ نه ٿي سگهي ته پوءِ اها قوم ”اصحاب الاعراف“ جي حيثيت ۾ هوندي.“
    (بحواله: حجة الله البالغه، باب طبقات الامة ج1، ص 117)
    سندس وڏي ڀاءُ شاهه عبدالعزيز صاحب به پنهنجي فتويٰ ۾ ان مسئلي تي روشني وڌي آهي ۽ ٻڌايو اٿن ته مسلمانن جي ذميواري آهي ته اهي هر قوم کي سندن ٻوليءَ ۾ خدا جو پيغام سمجهائين. زباني طور، توڙي لکت ۾ سمجهائڻ گڏوگڏ پنهنجن سهڻن اخلاقن کي دليل طور انهن آڏو رکن. اهڙي نموني ڪفر ۽ اسلام جي فرق کي چٽو ڪري ڏيکارين ۽ جيڪڏهن ڪنهن قوم آڏو اهڙي نموني حجت پوري ناهي ڪئي ويئي ته اها قوم اصحاب فترت مان هوندي. ”حکم او حکم اھل فترۃ بود علی اختلاف المذاھب“
    (بحواله: فتاويٰ عزيزي ص 140 ۽ محاسن موضح القرآن ص 78-79)
    مولانا قاسمي جي ان تحرير سبب حجة الله البالغه ۽ فتاويٰ عزيزيه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. حجة الله البالغه سامهون رکيو ان کي ڏٺم ته بلڪل اهائي ڳالهه سامهون آئي. شاهه صاحب لکن ٿا ته:
    اصحاب اليمين کان پوءِ انهن ماڻهن جو درجو آهي جن کي اصحاب الاعراف چيو وڃي ٿو انهن جا به ٻه قسم آهن. هڪڙو قسم ته انهن ماڻهن جو آهي جن جو مزاج صحيح ۽ طبيعت سلڇڻي آهي پر انهن کي اسلامي دعوت جي ڪا خبر پئجي نه سگهي. يا خبر ته پيئي پر اڌوري قسم جي جو مٿن حجت پوري نه ٿي سگهي جنهن ڪري ان سان سندن دلين مان وهم ۽ شڪ ختم نه ٿي سگهيا تنهن ڪري انهن ماڻهن کي جي ڪچن ڪمن ۽ بڇڙاين ۾ ڪا رغبت نه آهي ته الله ڏانهن به سندن ڌيان ٿي نه سگهيو آهي نه هاڪاري نموني سان نه ناڪاري نموني سان، هي ماڻهو گهڻو تڻو پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ دنياوي ڌنڌن ۾ لڳا رهيا. پوءِ اهڙا ماڻهو جڏهن مرندا ته اهي هڪ ڪوري ۽ سادي حالت ۾ هوندا نه انهن کي عذاب ٿيندو نه ثواب تانجو انهن جي بهيمتي ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ مٿن ملڪي قوت جا ڪجهه ڪرڻا چمڪندا.
    ٻئي قسم جا ماڻهو اهي آهن جن ۾ عقل گهٽ آهي جيئن ٻار، ٻانها ۽ مستاني قسم جا ماڻهو جن بابت عام ماڻهن جو خيال اهو هوندو آهي ته هنن کي ڪابه پرواهه نه آهي هو جيڪر سماجي رسمن ۾ پابند نه هجن ته جيڪر بلڪل چريا ۽ بي عقل بنجي وڃن، اهڙن ماڻهن جي مؤمن بنجڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جيترو رسول الله ﷺ جن هڪ ڪاري ٻانهي لاءِ ڪافي سمجهيو هو جڏهن سائين جن ان کان پڇيو هو ته الله ڪٿي آهي ته آسمان ڏي آڱر کڻي اشارو ڪيو. اهڙن ماڻهن لاءِ اهوئي گهربل هوندو آهي ته هو مسلمانن سان مشابه رهن تان ته ڪلمي ۾ اختلاف نه رهي.
    وري انهيءَ وقت مولانا سنڌي مرحوم جو ڪتاب ”رساله محموديه“ نظر مان گذريو ان ۾ به اهائي ڳالهه لڳ ڀڳ ساڳين لفظن سان ”بدور بازعه“ جي حوالي سان لکيل آهي. جيڪي ماڻهو مرڻ کان پوءِ اعراف ۾ ويندا اهي به ڪيترن ئي قسمن جا آهن.
    (الف) اهي ماڻهو جن کي حق جي دعوت مورڳو پهتي ئي ڪونه جيئن ڏورانهن علائقن ۾ جبلن جي چوٽين تي رهندڙ ماڻهو پر شرط اهو آهي ته انهن ماڻهن ڪڏهن شرڪ نه ڪيو هجي ۽ نه الله پاڪ جي وجود جو انڪار ڪيو هجي ۽ نه ڪنهن نبي جي امت ۾ شريڪ ٿيا هجن انهن ماڻهن جي حالت حيوانن جهڙي آهي. جيڪي الله ڏانهن متوجه ڪونه هوندا آهن نه اقرار واري صورت ۾ نه انڪار واري صورت ۾، هو رڳو هڪ معاشي زندگي گهارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اهڙا ماڻهو اعراف ۾ ويندا.
    (ب) يا انهن کي دين اسلام جو پيغام پهتو هجي پر اهو پيغام سندن جهالت کي ختم نه ڪري سگهيو هجي، مثال طور اهي ماڻهو جن کي تبليغ اهڙي ٻولي ۾ ڪئي ويئي جا هو سمجهي نٿا سگهن يا هو انهن دليلن کي ئي سمجهي نه سگهيا يا سندن ذهني ساخت ۽ تربيت اهڙي آهي جو هو ڳوڙهي ويچار ۽ گهري غور فڪر کان ڪم نٿا وٺن. سندن علم جي ڄاڻ ايتري ئي آهي ته مسلمان هڪ قوم آهن جن جا پٽڪا ههڙا ٿيندا آهن ۽ قميصون ههڙيون پائيندا آهن ۽ اهي فلاڻيون فلاڻيون شيون کائيندا آهن ۽ فلاڻيون شيون ڪونه کائيندا آهن يا اهي هڪ اهڙي قوم آهن جن جون اسان سان ملڪي جنگيون ٿينديون آهن. تنهن ڪري اسان کي به ساڻن وڙهڻو پوندو آهي. انهن سڀني ڳالهين سان گڏوگڏ منجهن اها ڳالهه به هجي ته هو الله سان ڪنهن کي شريڪ نٿا مڃين اهڙن ماڻهن جي عام حالت جانورن جهڙي هوندي آهي توڙي جو سندن مزاج سراسري طور صحيح هوندو آهي.
    (ج) اهي ماڻهو جن جو عقل ڪسو آهي جيئن ٻار، چريا، گهٽ عقل وارا، آلا ڀولا، هاري ناري ۽ ٻانها وغيره جيڪي حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ اهي جهڙوڪر پالڻهار کي نڪو ٿا سڃاڻي سگهن نڪوئي سندس ٻانهپ ڪري سگهن ٿا، سندن حالت پاڻي جهڙي آهي جيڪو پنهنجي پٽڙي هجڻ سبب ڪوبه چٽ يا ليڪو قبول نٿو ڪري. انهن ماڻهن مان رڳو ايتري اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهي مسلمانن سان هڪجهڙائي پيدا ڪن.
    اڃان به جيڪي دوست وڌيڪ کوجنا جا شوقين هجن سي حجة الله البالغه، البدور البازغه ۽ فتاويٰ عزيزي ڏي رجوع ڪن. اسان آڏو مولانا سنڌي جي تحرير يا تقرير ته نه آهي جنهن مان خبر پوي ته مولانا ڪهڙي موقعي تي ڪهڙي سياق سباق کي ڏسي ڪهڙن لفظن ۾ پنهنجو خيال پڌرو ڪيو هوندو پر ايتري پڪ آهي ته پاڻ جيڪي ڪجهه چيو هوندائون سو امام ولي الله دهلوي جي فڪري دائري کان ٻاهر ڪونه هوندو. ان ڪري ئي سندن استاد حضرت شيخ الهند جو بيان جيڪو مولانا مناظر احسن گيلاني نقل ڪيو آهي ان مان مولانا سنڌي جي فڪر ۽ خيال جي تائيد ۽ توثيق پڌري ٿئي ٿي. نه ڪ ترديد ٿي پڌري ٿئي. والله اعلم بالصواب.
    ان ئي سلسلي ۾ ڪنهن جاءِ تي مولانا ابوالڪلام آزاد جو بيان يا ان سان لاڳاپيل ڪا روايت نظر مان گذري آهي ته مولانا کي جڏهن ان جهڳڙي جي خبر پئي ته پاڻ فرمايائون ته ڳالهه اها ئي صحيح آهي جيڪا مولانا عبيدالله ڪئي پر ان ڳالهه کي ڇيڙڻ جو هي موقعو ڪونه هو جو سندس ڪم ٻيو آهي. پر جيڪا صورتحال ۽ اصلي پسمنظر سامهون آيو آهي ان مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مولانا سنڌي ان ڳالهه کي نه به ڇيڙي ها ته به کيس ديوبند مان ڪڍڻ لاءِ ڪو ٻيو بهانو ڳولي هٿ ڪيو وڃي ها. (هڪ بهانو مس ڀڃان تان ٺڪ بهانو ٻي طرح)


    ٢. هندو مسلم اتحاد

    ٢. هندو مسلم اتحاد
    ٻيو مسئلو جيڪو مولانا سنڌي تي لڳايل الزامن ۾ سرفهرست آهي ۽ جنهن جي ڪري مولانا خلاف ڌمچر مچايو ويو ۽ ان جي تضليل، تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جو سبب بنيو سو هندو مسلم اتحاد جي باري ۾ آهي. هندو مسلم اتحاد لاءِ مولانا جون وڏيون ڪوششون رهيون آهن. هندستان ۾ هندو مسلم اتحاد هڪ اهم مسئلو رهيو آهي. ان مسئلي جا ٻه پهلو آهن:
    (1) 1947ع کان اڳ ملڪ جي آزادي لاءِ ۽ 1947ع کان پوءِ ملڪ جي عام ترقي لاءِ هندو مسلم اتحاد جي اهميت ۽ ضرورت
    (2) عام سماجي ۽ تمدني زندگي لاءِ هندو مسلم اتحاد جي اهميت
    انگريزن پنهنجي اقتدار جي شاهي محلات جو بنياد ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي اصول تي رکيو هو تنهن ڪري هنن هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهايو. ان لاءِ هنن تاريخي، سماجي، تهذيبي ۽ مذهبي اختلافن کي هوا ڏيئي جهڳڙن کي وڌايو ۽ هندستان ۾ ٻن حليف قومن بجاءِ ٻن ويڙهاڪ ۽ مخالف قومن جي واڌويجهه لاءِ هنن هر حربو استعمال ڪيو. هندن کي هندن سان مسلمانن کي مسلمانن سان ويڙهايو، هلڪي ۽ ڪمزور طبيعت وارن عالمن کي استعمال ڪري ڪجهه علمي ۽ فڪري مسئلن کي اڀاري عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪيو، هڪڙي فرقي کي ٻئي فرقي خلاف منظم ۽ مضبوط ڪيو، مختلف فرقن ۽ سماجي طبقن جو پاڻ ۾ ٽڪرائي وڌو. انهن چالن سان جيڪي حالتون پيدا ٿيون تن جي مدد سان هنن پنهنجي حڪومت کي سگهارو بنايو. اسان جي بزرگن شروع کان ئي انگريزن جي ڊپلوميسي کي سمجهي ورتو هو ۽ اهي گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن نتيجي تي پهتا هئا ته انگريزي راڄ کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ عوام ۾ هر لحاظ کان هر سطح تي اتفاق ۽ اتحاد جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ هنن ڪوششون به ڪيون.
    اوڻهين صدي جي شروع ۾ جڏهن شاهه اسماعيل شهيد اسلامي حڪومت کي نئين سر جيارڻ لاءِ جدوجهد واري تحريڪ شروع ڪئي هئي ته ان ۾ هندن جي سهڪار جي ضرورت جو احساس ان سوچيل سمجهيل فيصلي جو نتيجو هو ۽ 1857ع ۾ هندن سان گڏجي آزادي جي جنگ جوٽڻ ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي پوءِ شيخ الهند جڏهن ان وادي ۾ پير پاتو ته کيس پهرئين ڏينهن کان ئي خبر هئي ته انگريزي راڄ کان آزادي وارو خواب تيستائين پورو نه ٿي سگهندو جيستائين ملڪ جون سڀ قومون اختلاف بجاءِ اتحاد پيدا نٿيون ڪن. حضرت شيخ الهند کان پوءِ حضرت شيخ الاسلام مولانا سيد حسين احمد مدني ۽ ديوبند جي انقلابين ۽ ملڪ جي سڀني آزادي پسند مسلمانن مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبيدالله سنڌي جي سياست جو بنياد به ان اصول تي ٻڌل هو ته هندو مسلم اختلاف پيدا ڪري ڪنهن ٽئين طاقت ”انگريز سامراج“ کي مضبوط ۽ سگهاري ٿيڻ جو وجهه نه ڏنو وڃي.
    حقيقت هي آهي ته سياست جي ان اصول جو بنياد حڪيم الهند حضرت شاهه ولي الله دهلويءَ ئي وڌو هو. اسلام جي هن عظيم فلسفي پهريون ڀيرو معاشري جي تشڪيل ۾ مسلم غيرمسلم واري نقطه نظر بجاءِ عام انساني نقطه نظر سان بحث ڪيو آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته هڪ سٺي سماجي زندگي، جنهن ۾ ماڻهن کي سندن بنيادي ضرورتن جي پورائي کان پوءِ به ايترو وقت ملي جو هو پنهنجي ٻارن ٻچن جي سٺي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ پنهنجي روحاني ترقي لاءِ به وقت ڪڍي سگهن، اهو هر انسان جو بنيادي حق آهي نه ڪه ڪنهن خاص قوم مسلمان يا غيرمسلمان جو. انسانيت جي مڪمل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته، ”رفاهيت ناقصه“ ۽ ”رفاهيت بالغه“ جي جاءِ تي ”رفاهيت متوسطه“ کي پيدا ڪيو وڃي. هيءَ ڳالهه به ان ئي ٻڌائي آهي ته جهڙي نموني ”رفاهيت ناقصه“ حيواني زندگي کي پيدا ڪري ٿي ساڳئي نموني ”رفاهيت بالغه“ غير اخلاقي زندگي جو بنياد بنبي آهي ۽ اها نه رڳو مسلمانن جي اخلاقي تباهي جو ڪارڻ هوندي آهي پر ان سان سڄو سماج انساني قدرن کان محروم ٿي ڪري اهڙو ته تباهه ٿي ويندو آهي جو ان کان وڌيڪ ڪنهن ٻي تباهي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
    هندستان ۾ صدين کان جاري مسلمانن جي شاهاڻي ۽ جاگيرداري نظام مسلمانن جي سيرت ۽ اخلاق ۾ خرابيون پيدا ڪري ڇڏيون هيون. وري غيرمسلمن جي اميرن کي ڇڏي باقي خلق ”رفاهيت ناقصه“ ۾ ڦاسي ڪري حيواني زندگي جي اهڙي حدتائين ڪري چڪي هئي جو منجهن اخلاق ۽ مهذب زندگي جي ڪا نشاني ئي ڪانه بچي هئي. اها عوام توڙي جو پاڻ هڪ طاقت هئي پر سندن سردار کين ڪنهن اوزار وانگر پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندا رهندا هئا، خود انهن کي ڪا پروڙ ئي ڪانه هئي ته کين ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، غلط صحيح، سٺي بڇڙي سان هنن جو ڪو واسطو ئي ڪونه هو. ساڳئين نموني مسلمانن ۾ به هڪ اهڙو طبقو پيدا ٿي پيو هو جنهن کي سندن اڳواڻ پهرئين پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري پوءِ پڇندا به ڪونه هئا. نيٺ سندن ضرورتون کين مجبور ڪنديون هيون هو ٻيهر وري پنهنجي پهرئين فتح ڪيل بادشاهه جي جهنڊي هيٺ بيهي ڪري پوئين فاتح خلاف جنگ ڪن ۽ ان کي سوڀارو بنائين. جنگ جي جائز يا ناجائز، حق يا ناحق واري سوال سان سندن ڪوبه واسطو ڪونه هوندو هو. عام انساني مفادن جو خيال ته پري رهيو پر انهن کي رڳو مسلمانن جي اجتماعي مفاد جو اونو به ڪونه هوندو هو. پنهنجي سوچ سمجهه ۽ فيصلي ڪرڻ واري حق تان ڄڻڪ هٿ کڻي ويا هئا.
    انهن حالتن کي پرکڻ کان پوءِ شاهه ولي الله دهلوي ان نتيجي تي پهتو هو ته هاڻي هندستان ۾ هڪ سياسي انقلاب ضروري ٿي پيو آهي ۽ انقلاب جو هڪ اصول اهو به آهي ته سياسي انقلاب سان گڏوگڏ سماجي انقلاب به اڻٽر هوندو آهي. تنهن ڪري سياسي انقلاب اچڻ کان پوءِ ضروري ٿي پوندو ته امير ۽ جاگيردار طبقو ذليل ۽ خوار ٿي ڪري ”اذله“ ۾ ڳڻجڻ لڳي ۽ سماج جا پيڙهيل طبقا اڳتي اچي ڪري عزت وارا يعني ”اعزه“ بنجي وڃن. شاهه ولي الله دهلوي جي سياسي بصيرت کيس اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته ملڪ جي هن چالو سماج جي تباهي اڻٽر آهي، هاڻ رڳو تجديد ۽ نواڻ واريون ڪوششون ڪارگر نه ٿينديون، تنهن ڪري هن ”فڪ کل نظام“ جي دعوت ڏني. بيشڪ انساني قدرن کي قائم ڪرڻ يا نئين سماج ۽ نئين هندستان جي تعمير ڏي سندس مومناڻي فراست ۽ اسلامي تعليمات ۾ سندس (مجتهدانه بصيرت) ان جي رهنمائي ڪئي هئي ۽ ان جي جوڙيل اصولن ۽ اسلامي فلسفي ۽ اخلاقيات ۾ ڪو ٽڪراءُ به ڪونه هو پر ان جي تدبر ۽ بصيرت مٿس اها ڳالهه به چٽي ڪري ڇڏي هئي ته ملڪ ۾ ايندڙ سياسي سماجي نظام جو ڍانچو شايد اهو نه هجي جيڪو اڳ ۾ هو جنهن کي مسلمانن جون نظرون ”اسلامي“ سمجهڻ جو دوکو کائينديون رهيون آهن.
    شاهه ولي الله دهلوي هندستان جو اهو پهريون فلسفي ۽ ڏاهو هو جنهن سماج جي اهڙي انساني اخلاقي جوڙجڪ ڏي ڌيان ڇڪرايو جنهن ۾ فرد انسان هجن، نه ڪه مسلمان يا غيرمسلمان. ديوبند جا بزرگ ان حقيقت جا سڀني کان وڌيڪ واقف هئا تنهن ڪري انهن شروع کان ئي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگي ۾ مسلمان ۽ غيرمسلمان واري متڀيد کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اهي مسلمانن جي ديني، اجتماعي ۽ تهذيبي زندگي ۽ مفادن جي ننڍڙي حصي کي به ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا پر ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي زندگي ۾ ڪنهن اهڙي رويي کي اپنائڻ لاءِ به تيار نه ٿيا جنهن جو نقصان ملڪ جي سماجي زندگي کي ۽ فائدو ملڪ جي ٽئين ڦورو طاقت کي پهچي ٿي سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته سندن انداز فڪر ۾ ڪنهن جاءِ تي ڪا گهٽتائي ۽ جهول به رهجي ويو هجي پر نه رڳو انهن جو پر سندن بزرگن جو به اهوئي طريقو رهيو هو ته هو پنهنجي انداز فڪر ۾ مخلص ۽ سچا هئا.
    هندستان ۾ غيرمسلمن سان اتحاد نه رڳو هڪڙي سياسي ضرورت هئي پر مسلمانن جي بهترين اجتماعي ۽ اقتصادي مفادن جي گهرج به اهائي هئي ۽ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ ته ضروري هو ته غيرمسلمن سان ويڙهه ۽ جهيڙي بجاءِ اتحاد ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ بجاءِ هر طرح امن امان هجي. اتحاد ۽ امن امان جي صورت ۾ ئي مسلمان پنهنجو ڪاروبار به وڌائي سگهيا ٿي ته ٻني ٻاري کي به ترقي ڏيئي ٿي سگهيا ۽ معاشي وسيلن جي ڊوڙ ڊڪ ۾ حصو وٺي پنهنجي اقتصاديات کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري ٿي سگهيا ۽ ان تي ئي سندن ملي، معاشرتي، تهذيبي، تعليمي سرگرمين جو دارومدار هو. امن ۽ اتحاد کان سواءِ تمدني زندگي جي آرام ۽ سکن ڀريل گهريلو زندگي جي خوشين جا فائدا وٺي نٿي سگهيا ۽ اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت جا بهترين موقعا ۽ وجهه به ان صورت ۾ ئي حاصل ٿي سگهيا ٿي. هن ملڪ ۾ هندو مسلمان صدين کان گڏ رهندا پئي آيا. انهن ۾ هزارين اختلاف ٿيا ۽ جهيڙا جهٽا به ٿيندا رهيا آهن، اڳتي به ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. پر سدائين لاءِ ڏڦيڙ ۽ ويڙهه جهيڙي واري صورت جو هجڻ نه مسلمانن جي فائدي ۾ هو نه هندن جي فائدي ۾. ملڪ ۾ رهندڙ قومن سان ايڪو ۽ امن ماضيءَ ۾ به مسلمانن جي ضرورت هئي ته حال ۾ به سندن ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته مستقبل ۾ به هوندي. هو امن ۽ اتحاد جي ضرورت کان ڪن لاٽار نٿا ڪري سگهن. اڄ جڏهن هو اخلاقي، دينداري، علم ۽ پرهيزگاري جهڙن اعليٰ انساني ڳڻن کان پرڀرا ٿي ويا آهن تڏهن به سندن ديني توڙي دنيوي ڪاميابي ۽ ڀلائي جو رستو امن ۽ ايڪي جي فضا ۾ ئي مقرر ڪري سگهجي ٿو. هندستان ۾ مسلمان پنهنجي دنياوي زندگي جي ٻئي ڪنهن به پهلوءَ کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا پر امن ۽ ايڪي جي ضرورت جا هو ڪڏهن به انڪاري نٿا ٿي سگهن. پر ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ويهين صديءَ جي هندستان ۾ ڪجهه اهڙا به هندو آهن جيڪي سمجهن ٿا ته مسلمانن کي طاقت وسيلي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙا مسلمان به کوڙ ملندا جيڪي سمجهن ٿا ته کين غلام بنائي سگهجي ٿو. حالانڪ هاڻي وٽن نه حڪومت آهي نه ڪرسي، نه ئي اقتصادي ۽ معاشي خوشحالي کين حاصل آهي. انهن جي اجتماعي ملي زندگي جي طاقت ڀورا ڀورا ٿي ويئي آهي. تان جو هاڻي هو اخلاقي، دينداري، علم ۽ پرهيزگاري جهڙن انساني قدرن کان اوپرا ٿي ويا آهن. تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو مسلمان يا مسلمانن جي ڪا جماعت سمجهي ٿي ته هو ايئن ڪري سگهي ٿي ته ان جي ارادن جي پرواز ۽ بلندي کي سلام ته ڪري سگهجي ٿو پر عملي دنيا ۾ سندن اهڙين سڌن جي ڇا حيثيت آهي؟ اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي.
    بهرحال ان وقت حالتون اهي هيون جو مسلمانن ۽ هندن ۾ هڪ اهڙي ڌر پيدا ٿي چڪي هئي جيڪا پنهنجي ڀورڙائي ۽ مذهبي جوش سبب ٻنهي قومن جي اختلافن کي هٿي ڏيئي ڪري فتنو ۽ ڏڦيڙ پکيڙي رهي هئي ۽ انگريز ڊپلوميسي وٽ هڪ پتلو بنجي ويئي هئي. وڏي شرم جي ڳالهه ته اها هئي جو ان ڌنڌي لاءِ مذهب جو نالو استعمال ڪيو ويو هو. مولانا عبيدالله سنڌي، حضرت شيخ الهند جي هدايتن موجب مولانا محمد علي جوهر جي مدد سان هندو مسلم اتحاد جي تحريڪ شروع ڪئي هئي. اها ڳالهه دارالعلوم ديوبند جي مهتممن ۽ عثماني خاندان جي صاحبزادن کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي پر ان جو سڀ کان وڌيڪ ڏکارو پاسو اهو آهي جو اهي همراهه ان ميدان ۾ پنهنجي سوچ سمجهه وارا ۽ صاحب فڪر نه هئا ته هونئن ئي ڪونه هئا جو کڻي ان کي نظرياتي اختلاف چئجي پر اهي سنئون سڌو انگريزن جا ايجنٽ بنجي ويا هئا.


    ٣.جديد ۽ قديم واري وٿي

    ٣.جديد ۽ قديم واري وٿي
    مسلم هندستان ۾ هڪڙو ئي نظام ۽ نصاب تعليم هلندڙ هو. شاگرد ان کان فارغ ٿي ڪري پنهنجي پنهنجي شوق موجب انتظاميه، عدليه، واپار، زراعت، ڪاريگري، تصنيف ۽ تاليف، درس و تدريس، دعوت و تبليغ، ملڪي، مذهبي، ديني ۽ قومي خدمتن لاءِ ميدانن جي چونڊ ڪندا هئا. هر شخص لاءِ پنهنجي همت، صلاحيت ۽ شوق موجب ڪاميابي جو واٽون کليل هونديون هيون. نئين پراڻي جو ڪو فرق ڪونه هو، سر سيد، نذير احمد، حالي، محسن الملڪ، وقار الملڪ ۽ ٻين سڀني هڪڙو نصاب پڙهيو ۽ پنهنجي پنهنجي شوق موجب قومي ۽ ملڪي زندگي ۾ مٿاهون درجو حاصل ڪيو. انگريزن لاءِ هي نصاب تعليم اوپرو ۽ سندن مفادن خلاف هو. پوءِ هنن آهستي آهستي نصاب تعليم ۾ جيڪي تبديليون ڪيون انهن ملڪ کي ٻن حصن ۽ طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪڙو طبقو رجعت پرست، تنگ نظر ۽ زندگي بابت محدود تصور رکڻ واري نالي سان مشهور ٿيو ته ٻيو وري روشن خيال ۽ ترقي پسند جي نالي سان سڏيو ويو. ڪجهه ماڻهو قدامت پرست هئا ۽ پنهنجي پراڻي نظام کي سيني سان لڳايو بيٺا هئا ۽ ڪجهه نوان هئا جيڪي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهيا هئا. پهرئين لاءِ آهستي آهستي حڪومت طرفان معاشي ذريعن جا دربند ٿيندا ويا ۽ ٻئي لاءِ گذر معاش جون واٽون کلنديون ويون. انهن ٻنهي ۾ نه رڳو نظرياتي اختلاف ٿي پيو پر معاشي حوالي سان پاڻ ٻه طبقا وجود ۾ اچي چڪا هئا ۽ ٻنهي جي سماجي حيثيت ۾ به زمين آسمان جو فرق پيدا ٿي ويو هو. پهريان مذهبي ۽ ديندار سڏيا ويا ته ٻيا دنيادار بلڪ بيدين جي لقب سان مشهور ٿي ويا. حالانڪ نه پهريان سڀ ديندار هئا نه پويان سڀ دنيادار ۽ بي دين هئا پر ان ڌڙابندي جي ڪري ٿيو هئين جو مسلمانن جي گڏيل طاقت ٻن مخالف بلڪ ويڙهاڪ ڌرين ۾ ورهائجي ويئي هئي. ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مطمئن هيون ۽ مسلمانن جي گڏيل طاقت جي ورهائجڻ ۽ تباهه ٿي وڃڻ جو ڪنهن کي ڪو اونو ۽ احساس نه هو. پر اڃان دنيا قوم جي سچن همدرد ماڻهن کان خالي نه ٿي هئي.حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن انهن ئي دردمندن مان هو. ملت جي بهترين صلاحيتن ۽ طاقت جي ورهائجڻ تي سندس اکيون هميشه هنجون هارينديون هيون. هن گهريو ٿي ته قوم جا اهي ٻئي طبقا قومي، اجتماعي ۽ ملي زندگي ۾ هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي بنجي وڃن، سندن قوتون ۽ صلاحيتون ملت جي بهترين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ٿين ته جيئن سندن ويڙهه جهيڙي مان ڦورو انگريز ڪنهن به قسم جو فائدو حاصل نه ڪري سگهي. حضرت شيخ الهند ان نئين تعليم پڙهيل طبقي ڏي هٿ ڊگهيريو. ان کي پاڻ سان ملائڻ ۽ سندن وچ ۾ پيل وٿي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مسلم يونيورسٽي جي اڳواڻ صاحبزاده آفتاب احمد خان کي دارالعلوم اچڻ جي دعوت ڏني. سندن ڪوشش سان هڪڙو معاهدو طئي ٿيو ته دارالعلوم جا شاگرد علي ڳڙهه ويندا ۽ اتي هڪ مقرر وقت ۾ انگريزي جو هڪ خصوصي نصاب پڙهي پورو ڪندا ۽ علي ڳڙهه جا فارغ ديوبند ايندا ۽ هڪ مقرر وقت ۾ عربي ٻولي، اسلاميات ۽ قرآن پاڪ جو هڪ خصوصي نصاب پڙهي پورو ڪندا. توڙي جو ان معاهدي هيٺ ديوبند ۾ جيڪو پهريون شاگرد انيس احمد آيو سو سي آءِ ڊي جو ڇاڙتو هو ۽ ان جي ڪري جيڪي ڏکايون پيش آيون ۽ ان پنهنجي خدمتن جو جيڪو معاوضو حاصل ڪيو سو هڪ ڌار موضوع آهي. پر ان هڪڙي شخص جي ڌنڌن سبب عليڳڙهه کي ڏوهه نٿو ڏيئي سگهجي. عليڳڙهه جي هڪڙي شاگرد جيڪڏهن انگريزن لاءِ جاسوسي وارو ڪم ڪيو هو ته دارالعلوم جو مڻيادار مهتمم صاحب ان کان به وڌيڪ گهٽيا ۽ بيهودي نموني جاسوسي ۽ رپورٽنگ وسيلي اهي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو. سي آءِ ڊي واري نوڪري کي ڪنهن به حرام نه چيو هو. سو انيس احمد جي منصبي فرضن ۾ شامل هو ته هو ديوبند ۽ اتي جي بزرگن جي سرگرمين کان پنهنجي حڪومت کي واقف ۽ خبردار ڪري تنهن ڪري ان لاءِ ته هي ڏوهه جو ڪم نه هو.
    حڪيم الامت مولانا اشرف علي ٿانوي جو ڀاءُ مولوي مظهر علي به سي آءِ ڊي جي محڪمي ۾ ملازم هو، جيڪڏهن اها نوڪري حرام هجي ها ته حڪيم الامت حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي صاحب ان کي اها نوڪري ڪرڻ ڇو ڏئي ها، پاڻ ان جي حرام هجڻ جي فتويٰ ڏيئي ڇڏن هئا. جڏهن نوڪري حرام نه هئي ته پوءِ نوڪري فرضن کي ذميداري ۽ ديانتداري سان ادا ڪرڻ به شرعي روءِ سان فرض هو، مولوي مظهر علي به ديوبند ۽ سهارنپور جي انهيءَ ماحول ۽ انهيءَ زماني ۾ پنهنجا منصبي فرض ادا ڪيا هئا. ان ته پنهنجي ڀاءُ حضرت ٿانويءَ جي ذريعي دارالعلوم ۽ حضرت شيخ الهند بابت گهڻي ئي لڪيل معلومات مان پورو پورو فائدو حاصل ڪيو هو. ديوبند جي بزرگن کي ان ڳالهه جو ڏک ضرور هو پر هنن به سي آءِ ڊي جي نوڪري کي حرام نه چيو هو. انيس احمد ۽ مولوي مظهر علي ٿانوي جي نوڪري ۽ سندن جاسوسيءَ وارين سرگرمين لاءِ ته مون هڪ جواز پيدا ڪري ڇڏيو پر شمس العلماء حافظ محمد احمد جي لڪ ڇپ ۾ معلومات پهچائڻ وارن ڪرتوتن جو ڪهڙو جواز هو؟ ان جي منصبي فرضن ۾ اها ڳالهه شامل ته نه هئي. هو دارالعلوم جي پگهار تي دارالعلوم ۾ ويهي ڪري اندر ئي اندر انگريزن لاءِ جاسوسي وارا ڌنڌا ڪندو رهي! ان شرمناڪ اخلاقي، قومي ۽ ملي ڏوهه ڪيو هو. ڏوهه به ايڏو وڏو جو قاسمي، عثماني يا فاروقي ۽ ٿانوي خاندان جو يا ڪراچي۽ لاهور جي ڪنهن به دارالعلوم يا جامعه جو ڪو مفتي اڄ به ان جي جائز هجڻ جي فتويٰ نٿو ڏيئي سگهي. اسان کي اها ڳالهه به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته عليڳڙهه ۽ ديوبند واري معاهدي مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا ٽئين طاقت گهات هڻي تنهن موقعي مان فائدو حاصل ڪيو باقي ان معاهدي جي ناڪامي وارو نقصان مسلمانن جي حصي ۾ آيو. بهرحال عليڳڙهه ۽ ديوبند جو هي معاهدو حضرت شيخ الهند جي بصيرت، قومي همدردي ۽ بلند خيالي تي شاهدي ڏيئي رهيو آهي. تنهن کان پوءِ 1920ع ۾ ترڪِ موالات واري تحريڪ جي ڏينهن ۾ نيشنل يونيورسٽي (جامعه مليه اسلاميه) جي افتتاح ڪرڻ وقت حضرت شيخ الهند جيڪا تقرير ڪئي هئي ان ۾ ته ڄڻڪ پاڻ پنهنجي ڏکاري دل جا ٽڪرا ڪاغذ تي پکيڙي ڇڏيا هئا. اها تقرير سندن قومي همدردي جو هڪ وڏو ثبوت آهي.
    انگريزن هندستان ۾ جيڪو تعليمي نظام جاري ڪيو هو ۽ ان جا جيڪي اگرا نتيجا اڳيان آيا هئا ۽ ملت اسلاميه جي گڏيل طاقت جهڙي نموني ٻن مخالف ۽ ويڙهاڪ ڌرين ۾ ورهائجي ويئي هئي ان ۾ انگريزن جي خوشيءَ جو گهڻو ڪجهه سامان هو پر حضرت شيخ الهند ۽ قوم جا ٻيا هڏ ڏوکي جيڪي قديم ۽ جديد تعليم پڙهيل ٻنهي ڌرين ۾ موجود هئا سي ان ورهاست ۾ جدائي تي اوترو ئي ڏکويل هئا.
    مولانا عبيدالله سنڌي، حضرت شيخ الهند جي صلاح ۽ حڪم سان ان فرق ۽ جدائي کي ختم ڪرڻ ۽ ٻنهي ڌرين ۾ پيدا ڪيل ان وٿي کي ختم ڪرڻ گهريو ٿي. جمعيت الانصار جي پروگرام موجب عليڳڙهه جي پڙهيل نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جو جهڙي نموني بندوبست ڪيو ويو ۽ انهن لاءِ جيئن مناسب وظيفن جو اهتمام ڪيو ويو هو ۽ کين جهڙي ريت قوم جو قيمتي سرمايو سمجهي انهن جي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڪيو پئي ويو تنهن کي ڪي دل جليا عالم ۽ ديوبند جا مهتمم گهڻو بڇڙو سمجهي رهيا هئا. تنهن ڪري اهو عنصر به مولانا سنڌي جي مخالفت ۾ تيزي جو سبب بنيو هو ۽ پوءِ جوش ۽ ڪاوڙ ۾ اچي مهتممن ان سڄي نظام کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو. ان مخالفت ۾ انگريزن کي خوش ڪرڻ وارو جذبو کڻي نه هجي ۽ ان جو سبب سندن دينداري وارو جذبو ئي ڇو نه هجي پر جنهن مخالفت جو نشانو مولانا سنڌي کي بنايو ويو هو ان جو فائدو انگريز سرڪار جي حصي ۾ ئي آيو هو. هاڻي جيڪڏهن ان ۾ انگريزي حڪومت کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي وفاداري ۽ خدمت ڪرڻ وارو جذبو به شامل هو ۽ پڪ سان ايئن ئي هو ۽ انهن ڌنڌن لاءِ حڪومت جو سهارو به هو ته پوءِ سچ پچ به اها وڏي شرم جي ڳالهه آهي. ان معاملي ۾ مدرسي جي مهتممن ۽ سندن ساٿاري ديوبند جي عثماني خاندان ۽ ٿانه ڀون جي فاروقي خاندان ۽ ٻين عالمن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.


    ٤. مولانا محمد علي جوهر جي عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ

    ٤. مولانا محمد علي جوهر جي عزت افزائي ۽ آڌرڀاءُ
    مولانا محمد علي جوهر عليڳڙهه جي تعليم پرايل ان نسل مان آهي جنهن سر سيد جون صحبتون پرايون هيون. مولانا محمد علي رامپوري پنهنجي قومي جذبي، آزادي پسندي، ملي غيرت، ديني حميت، سچ چوڻ جي تڙپ، بهادري وغيره ۾ غيرمعمولي صلاحيتن ۽ خوبين جو مالڪ هو. هن عليڳڙهه جي انگريز پرستي ۽ سامراج دوستي واري ماحول ۾ تعليم پرائي هئي پر سندس فطرت جي نيڪ بختي ان جي رهنمائي ڪئي ۽ ڀاڳڀريائي کيس اڳتي آندو. هن کليل اکين سان زماني جي ڦيرن گهيرن ۽ هندستان جي بدلجندڙ حالتن کي ڏٺو تنهن ڪري هو حريت نوازي ۽ سامراج دشمني واري واٽ تي نڪري پيو.
    حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ته ان جي علم، جذبه جهاد ۽ حريت پروريءَ کان ايڏو ته متاثر ٿيو جو سدائين لاءِ حضرت جي فدائين ۽ مريدن ۾ شامل ٿي ويو. هواڏنهن حضرت شيخ الهند کي به اهڙن ئي نوجوانن جي گهرج ۽ ڳولا هئي. حضرت جن سندس آزادي واري جذبي کي واکاڻيو ۽ جهاد واري ذوق جي تربيت ڪئي ۽ مٿس قومي ۽ ملي رنگ کي پڪو پختو ڪري ڇڏيو. حضرت شيخ الهند سندس صلاحيتن جو قائل ۽ مڃيندڙ هو توڙي جو ڪيترائي نوان پڙهيل ڪڙهيل همراهه قوم جي اميدن تي پورا نه لٿا هئا. پر حضرت شيخ الهند کي اميد هئي ته ان ڦلهيار ۾ ڪا چڻنگ ضرور لڪيل آهي جنهن جي سوجهري سان هڪڙي ڏينهن قوم جي قسمت ضرور چمڪي پوندي. حضرت جن جي موتي سڃاڻ اک اهو هڪ نه بلڪ ڪيترائي اهڙا آبدار موتي ڳولي هٿ ڪيا هئا ۽ پنهنجي ڪيميائي نظر جي اثر سان انهن کي قوم ۽ ملت جي آسمان تي چمڪندڙ ستارا بنائي ڇڏيو. ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، تصدق احمد خان شيرواني، عبدالمجيد خواجه، حسرت موهاني، شوڪت علي، محمد علي، ظفر علي خان، مولانا حميد الدين فراهي ۽ مظهر الحق وغيره اهڙا ئي موتي هئا جن تي قوم ۽ ملت کي فخر آهي. هي سڀ اهي ماڻهو آهن جن نئين تعليم لاءِ اٿندڙ تحريڪ جي وچ واري زماني ۾ هوش سنڀاليو هو ۽ عليڳڙهه جي استعمار پرستانه ۽ انگريز دوستانه تحريڪ جو ٿورو گهڻو اثر قبوليو هو. پر انهن مان مولانا محمد علي پنهنجي علمي ۽ عملي صلاحيتن، قومي جوش ۽ جذبي ۽ فڪري آزادي ۾ هڪ خاص ذوق، سيرت ۽ شخصيت جو مالڪ هو.
    اها تحقيق ڪرڻ هن وقت اسان جو موضوع نه آهي ته مولانا محمد علي جي سعادت مندي ۽ خوشبختيءَ کيس حضرت شيخ الهند جي خدمت ۾ کڻي آئي يا حضرت جن جي سرڪڻ ڦاهي ان اوچي اڏام واري شاهين کي پنهنجي بصيرت واري نظر جو قيدي ۽ قومي ملي خيرخواهيءَ واري جذبي جو عاشق بنائي ڇڏيو هو. پر هيءَ حقيقت اسان جي نظر هيٺ ۽ دلچسپيءَ جو موضوع آهي ته مولانا محمد علي حضرت شيخ الهند سان ارادت ۽ عقيدت رکي ٿو. وري پاڻ حضرت جن سندس صلاحيتن جا قدردان هئا ۽ کيس ان جي علمي قابليت ۽ عملي سگهه ۽ حريت پسندي واري جذبي ۾ آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ جي روشن مستقبل لاءِ بهترين اميدون اٽڪيل هيون. تنهن ڪري پاڻ ان جي سيرت واري سهڻي جوهر جي تربيت فرمائين ٿا، ان جي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڪن ٿا ۽ هڪڙي موقعي تي پنهنجي مٿي تان پڳ لاهي مولانا محمد علي جي مٿي تي ٻڌي ٿا ڇڏين. ننڍ نوازيءَ ۽ نئين پڙهيل نوجوان جي عزت جو هي هڪ اهڙو مثال آهي جيڪو علماءَ جي طبقي ۾ نه هئڻ جي برابر آهي. حضرت شيخ الهند جي ان ڪم ڪرڻ سان ديوبند جي عالمن ۾ هڪ ٿرٿلو ۽ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. انهن وٽ اهو ڪم ڄڻ ته عالمن جي عزت کي مٽي ۾ ملائڻ برابر هو. هو ان ڳالهه جو تصور به نٿي ڪري سگهيا ته هڪڙي ڏينهن دارالعلوم جي مک باني حضرت قاسم العلوم مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جو لائق شاگرد مولانا محمودالحسن مدرسة العلوم عليڳڙهه جي مک باني سر سيد احمد خان جي هڪ شاگرد ۽ نئين تعليم پڙهيل نوجوان محمد علي جي مٿي تي پنهنجي پڳ لاهي رکندو. افسوس! هي درويش سوچ ۽ همت جي جن هيٺاهين ۾ هئا اتان هو حضرت شيخ الهند جي فڪر، اوچائي، همت جي بلندي، نظر جي وسعت ۽ جوهر شناسي جو اندازو ڪري ئي نٿي سگهيا. توڙي جو حضرت جن جي ان عمل جو مولانا عبيدالله سنڌي جي مشوري ۽ صلاح سان ڪوبه لاڳاپو نه هو. مولانا سنڌي ان وقت دارالعلوم ۾ هو به ڪونه ۽ حضرت شيخ الهند جي ارادي ۽ پروگرام جي کيس خبر به ڪانه هئي. پر ”نزله برعضو ضعيف“ وانگر هنن همراهن ڪاوڙ وري مولانا سنڌي تي ڇنڊي. سندس چارج شيٽ ۾ هڪ اڻ ڪيل ڏوهه جو به واڌارو ڪري ڇڏيو جو هن دارالعلوم جي پاڪ عالمن جي عزت عليڳڙهه جي بي دين ۽ نيچرين جي پيرن هيٺ ڳاهه بنائي ڇڏي آهي. کين ان وقت شرم نٿي آيو جڏهن يوپي جي گورنر جي خدمت ۾ سپاسناما پيش ڪري، دارالعلوم جي ڪتب خاني ۾ ويهي چاپلوسي وارا جذبا پيش ڪندي قاسمي غيرت ۽ ديني ۽ ملي حميت کي پاڻ تين وال ڪري رهيا هئا ۽ انگريز گورنر اها ڳالهه سوچي ته، برصغير جي وڏي ۾ وڏي باغي ۽ انگريز دشمن اداري جي اعليٰ انتظاميه اڄ ان جي اڳيان هٿ ٻڌيو حاضر بيٺي آهي، مٿن هڪ ڌڪار واري نظر وجهي پنهنجي ڪاميابين ۽ هنن جي ذلالتن تي مُرڪي رهيو هو. شرم جهڙي ڳالهه ته اها هئي جيڪا ديوبند جي سرزمين تي دارالعلوم جهڙي اسلامي ۽ ديني مرڪز ۾ ڪئي ويئي هئي ۽ يوپي جو سيڪريٽري حڪومت هند جي سيڪريٽري کي هي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته هز آنر (گورنر يوپي سرجيمس مسٽن) پهرئين جنوري 1915ع تي ڪاليج (دارالعلوم) جو دورو ڪيو ۽ باوجود هن جي جو محمد علي ۽ دهليءَ جا ٻيا هڙتالي (ايجي ٽيٽر) جلسي ۾ موجود هئا پر هز آنر جي شاندار آجيان ڪئي ويئي.
    دارالعلوم جي سڀني فردن جي موجودگيءَ ۾ رسمي (خيرمقدمي ۽ شڪريي ادائي) تقريرن جو تبادلو ٿيو ۽ ان کان پوءِ دارالعلوم جي ڪتب خاني جي مٺڙي ماحول ۾ دل کولي آزادانه طور خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اهڙي طرح هڪ ٻئي سان سنگت وارا سٺا لاڳاپا قائم ڪيا ويا.
    ڪاليج جي پرنسپال (مهتمم دارالعلوم ديوبند) کي وائسرائي هند پاران شمس العلماء جي خطاب ڏيڻ ۽ مهتمم پاران بلڪل غيرمتوقع طور پيش ڪيل سپاسنامي سان هي لاڳاپو ويتر مضبوط ٿيا آهن. ليفٽيننٽ گورنر جو خيال آهي ان مان دور رس ۽ اطمينان جوڳا نتيجا نڪرندا.
    واضح رهي ته هي سر جيمس مسٽن اهو گورنر آهي جنهن ڪانپور جي مڇي مارڪيٽ واري مسجد جي هڪڙي حصي کي پوليس جي بندوق جي پاڇي ۾ ڊهرائي اڇلائي ڇڏيو ۽ مسلمانن جي ڪنهن درخواست ۽ عرض کي اک هيٺ ئي نه آندو. ان جي مسلم دشمني تي مولانا محمد علي سان سندس ڪيل خط ڪتابت شاهد آهي. مولانا محمد علي پنهنجي اخبار ”همدرد“ ۽ ”ڪامريڊ“ ۾ ان تي وڏي وٺ پڪڙ ڪندي ان مسلم دشمني تي مقالا به لکي چڪو هو. هوڏانهن خود دارالعلوم مولانا محمد قاسم نانوتوي جو فرزند شمس العلماء مولانا محمد احمد ۽ ديوبند جي نامياري خاندان جو مٿير مرد مولانا حبيب الرحمان عثماني بن مولانا فضل الرحمان عثماني پنهنجي ٻنهي ڀائرن سڳورن مولانا مفتي عزيزالرحمان ۽ علامه شبير احمد عثماني سان گڏ دارالعلوم جي ڪتب خانه جي اڪيلاين ۾ انگريز گورنر سان راز و نياز ۾ مصروف ۽ سرجيمس مسٽن جي معرفت دنيا جي سڀ کان وڏي سامراج ۽ قوم ۽ وطن جي دشمن حڪومت سان لاڳاپا مضبوط ڪري رهيا هئا. مولانا محمد علي انهن راز نياز وارين ڪچهرين ۾ ته شريڪ ڪونه هو پر جڏهن عام جلسي ۾ آجياڻي واري تقرير ذريعي انگريز گورنر جو شڪريو ۽ ٿورا مڃيا ويا تڏهن حيرت ۽ عجب وچان ديوبند جي قاسمي ۽ عثماني خاندان جي صاحبزادن جي بداخلاقي ۽ سيرت جي پستي جو نظارو ڪري رهيو هو ۽ زبان حال سان هينئن چئي رهيو هو ته:
    ياالله! ديوبند جي سرزمين تي اسلامي ۽ ملي غيرت جي نيلامي ۽ قومي حميت جي بربادي جو ههڙو دردناڪ منظر ڏسڻ به شايد قسمت ۾ لکيل هو.
    مولانا محمد علي جي ڇڙواڳ زبان کان اسان کي به شڪايت آهي. قومي زندگي ۾ سندس فڪر جي غلطي ۽ سندس ڪن روين سان نقصان به پهتو آهي پر ان جي دل سچي، جذبا صاف سٿرا ۽ سندس سامراج دشمني هر شڪ شائبي کان مٿاهين آهي.
    حضرت شيخ الهند مولانا مرحوم جي ان سيرت کان ئي متاثر ٿي ڪري پنهنجي پڳ کيس پارائي هئي. هو عالم دين نه هو ۽ نه ئي ديني حيثيت سان سندس عزت ڪئي ويئي هئي پر ان کان ملڪ ۽ ملت جي خدمت وارو ڪم و ٺڻو هو جنهن جو هو هر نموني اهل ۽ لائق هو.


    ٥.هڪ ٻيو مسئلو

    ٥.هڪ ٻيو مسئلو
    البت هڪ ٻيو مسئلو به آهي جيڪو مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪافر قرار ڏيڻ ۽ ديوبند مان نڪالي ڏيڻ جو سبب بنايو ويو هو، ان مسئلي ڏانهن خود مولانا سنڌي جن اقبال شيدائي ڏانهن لکيل خط ۾ اشارو ڪيو آهي. مولانا جن فرمائين ٿا:
    ”اوهان کي ڄاڻ نه آهي ته آءٌ مولانا نورالدين مرحوم جي خدمت ۾ ڪيئن حاضر ٿيس. اوهان مولانا محمد علي لاهوري ۽ مولانا صدرالدين کان پڇي سگهو ٿا ته مولانا مرحوم مون بابت ڪهڙا خيال رکندو هو. ان جي دعائن کي آءٌ پنهنجي ڇوٽڪاري جو وسيلو سمجهان ٿو رڳو ان سبب جي ڪري ئي منهنجا ديوبند ۽ ڪشميري دوست مون کي ڪافر ڪوٺڻ کان به نه مڙيا پر منهنجي محبت ان پارٽي سان گهٽ ناهي ٿي.“ (ڏسو صفحو 102)
    مولانا سنڌي جن مرزا غلام احمد قادياني جي دعوائن کي بلڪل ڪا اهميت نه ڏيندا هئا، پاڻ ان کي غلط ۽ باطل ڀائيندا هئا ۽ سندس دعوائن کي مڃڻ وارن پوئلڳن کي ڇٽي طرح غلط سمجهندا هئا. مولانا سنڌي جا اهي خيال اقبال شيدائي ڏانهن لکيل سندس خطن ۽ ”افادات و ملفوظات“ (مرتب محمد سرور) ۾ موجود آهن پر ان وقت تائين قادياني مسئلو اڃان رڳو فڪري ۽ نظري مسئلو هو، ان مسئلي جي ڪري مسلم سماج ۾ جيڪي مونجهارا حڪيم نورالدين جي خلافت کان پوءِ مرزا بشير احمد جي دور ۾ پيدا ٿيا اهي ان وقت پڌرا ڪونه ٿيا هئا تنهن ڪري عام طور تي ان مسئلي بابت مسلمانن جي جذبات ۾ اها تيزي پيدا ڪانه ٿي هئي جيڪا پوءِ پيدا ٿي آهي. البت ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته قاديانيت جي مسئلي بابت علماءِ ديوبند جو موقف شروع کان ئي اهو رهيو آهي ته مرزا غلام احمد ۽ ان جا پوئلڳ نه رڳو گمراهه ۽ غلط عقيدي وارا آهن پر اهي اسلام جي دائري کان به ٻاهر آهن. مولانا سنڌي ان فتويٰ سان ان حدتائين متفق آهن ته قادياني گمراهه ۽ غلط عقيدي وارا آهن. تنهن ڪري سندس ان عقيدي جي بنياد تي ان جي خلاف باهه ٻاري ويئي ته ان تي عجب ڪرڻ نه گهرجي پر جن دوستن مولانا سنڌي خلاف اهو حربو هلايو هو انهن جو ۽ سندن وڏن جو طرز عمل پوءِ بلڪل بدلجي ويو. هو ديوبند ۾ مولانا سنڌيءَ کي اهو برداشت ڪري نه سگهيا پر تحريڪ پاڪستان جي زماني ۾ نه رڳو قرآن جي هڪ آيت ۾ تاويل ڪندڙن کي برداشت ڪيو ويو پر اهڙن ماڻهن جي اڳواڻي تي به ايمان آندو ويو جيڪي پوري قرآن کي تحريف ڪيل ۽ اڌورو مڃيندا هئا، جيڪي ان جي آخري هدايت هجڻ جا به انڪاري هئا، جيڪي رسالت واري عقيدي تي امامت واري عقيدي کي ترجيح ڏيندڙ هئا بلڪ ڪي ته مورڳو توحيد ۽ رسالت جا به انڪاري هئا، اهي نه مسلمانن جي ڪلمي ۾ شريڪ هئا ۽ نه نماز روزي ۾ ۽ نه زڪوات جي عقيدي ۾ مسلمانن سان متفق هئا. انهن جي عقيدن ۽ عبادتن جو پوري جو پورو نظام ڌار هو. انهن جون مسجدون ۽ مدرسا ڌار هئا، اعليٰ تعليم جي درجن ۾ ته سندن دينيات جو نصاب هونئن ئي ڌار هو پر شروعاتي درجن ۾ به انهن پنهنجو نصاب جدا ڪري ڇڏيو هو تان جو عبادتن ۽ عقيدن ۾ ڌار ٿي وڃڻ کان پوءِ اخلاق ۽ معاملات وارو نظام جيڪو پڻ دينيات جي نصاب جو هڪ حصو آهي ان کي به ڌار ڪرايائون جنهن کي ڪنهن مسلمان استاد کان پڙهائڻ لاءِ به آماده نه ٿي ٿيا. جيڪي بزرگ ديوبند جي سرزمين تي مولانا سنڌيءَ کي هڪ طالب علم جي حيثيت سان به برداشت ڪري نه سگهيا تن ساڳين قاديانين، آغاخانين، اسماعيلين، بهائين، ملحدن، ڪميونسٽن، الله ۽ سندس رسول جي دشمنن ۽ بي دين بدڪردارن جي قيادت تي نه رڳو ايمان آڻي انهن جي عظمت جاڳڻ ڳايا پر پوري پاڪستان ۾ عام مسلمانن تي انهن اقليت وارن ماڻهن جي حڪومت مسلط ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون. هي زماني جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو پاڪستان ۾ قاديانين کي غيرمسلم قرار ڏيڻ جي تحريڪ هلي ته قاديانين کي جيڪو ڦڪڙڦاڙ وڪيل صفائي (مولانا عبدالماجد دريا آبادي) مليو سو سهارنپور جي ان ئي تصوف جي خانقاهه جو معتقد ۽ مريد هو جنهن جا ننڍا توڙي وڏا مولانا سنڌي کي ديوبند مان ڪڍائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرا هئا. مولانا دريا آبادي، مولانا شبير احمد عثماني جو پڳ مٽ يار ۽ قاري محمد طيب صاحب مهتمم دارالعلوم ديوبند جو ساراهيل هو. هن نه رڳو اهو ته قاديانين کي اسلام جي دائري کان ٻاهر نٿي سمجهيو پر انهن کي سچو مسلمان پڻ مڃيو ٿي، هن نه رڳو مسلمانن طرفان هلايل قادياني مخالف تحريڪ کي غلط قرار ڏنو ۽ انهن تي ڇتي تنقيد ڪئي پر پاڪستان جي مڙني گڏيل سوچ ۽ سندن دستور ساز اسيمبلي جي متفقه فيصلي تي به تنقيد ڪئي هئي. ان کان پوءِ به مولانا عبدالماجد دريا آبادي ان خانقاهه جي علم ۽ تصوف وارن وٽ مسلمان هو ته پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم جي مسلمان هجڻ قرآن ۽ اسلام جي خادم هجڻ ۾ ڪير ٿو شڪ ڪري سگهي.
    جيڪڏهن سر سيد احمد خان طرفان جنت، دوزخ ملائڪ جن شيطان وغيره جي خارجي وجود جي انڪار ڪرڻ، حورن ۽ غلمانن تي ٺٺول ڪرڻ قرآن پاڪ جي آيتن ۾ انتهائي بيباڪي سان من ماني تاويل ڪرڻ تان جو مرزا غلام احمد قادياني کان به وڌيڪ گمراهه عقيدن رکڻ جي باوجود به جيڪڏهن ديوبند جي عثماني خاندان ۽ سهارنپور جي ٿانوي خاندان ۽ شمس العلماء محمد احمد جي پونئيرن سر سيد احمد خان ۽ ان جي پوئلڳن کي ڪافر ڪونهي ڪوٺيو ۽ عليڳڙهه جي مڪتب فڪر جي شخصيتن سان انتهائي سچا ۽ محبت وارا لاڳاپا قائم ڪيا هئا. پوءِ رڳو ان جي ڪري ته مولانا سنڌي جا ڪن قاديانين سان لاڳاپا ها يا هو سندن علم جو معترف هو ته کيس ديوبند مان نيڪالي ڏيارڻ يا ڪافر ڪوٺڻ وارو عمل وري ڪهڙي منهن سان ٿي ڪيائون؟ قادياني جماعت جي ڪن ماڻهن جي باري ۾ جيڪي خيال مولانا سنڌي مرحوم جا هئا سي ڪي نوان ڪين هئا بلڪ وقت جي ڪيترن ڏاهن جهڙوڪ شبلي، اقبال، محمد علي، ابوالڪلام ۽ سليمان ندوي وغيره جا به اهي خيال هئا. هو سندن دعوائن ۽ عقيدن ۾ کين گمراهه سمجهندا هئا پر حڪيم نورالدين ڀيروي کي وڏو عالم، مولوي محمد علي لاهوري کي قرآن جو مفسر، خواجه ڪمال الدين کي اسلام جو مبلغ به سمجهندا هئا ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني انهن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا به هئا. تنهن ڪري مولانا سنڌي کي ڪافر قرار ڏيڻ جو اصلي سبب مولانا جن جا انهن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ نه هو. عثماني ۽ ٿانوي مڪتبه فڪر جي پوئين دور جو بزرگ مولانا عبدالماجد دريا آبادي ته قاديانين کي ڪافر به ڪونه چوندو هو ته هن جن بزرگن کان فيض پرايو هو سي وري مولانا سنڌي کي انهن سان تعلقات رکڻ جو الزام ڪيئن ٿي ڏيئي سگهيا. تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مولانا سنڌي جي ڪشميري ۽ ديوبندي دوست (مولانا انور شاهه ڪشميري ۽ مولانا شبير احمد عثماني) کيس ڪافر ڪوٺڻ ۾ بلڪل سنجيده نه هوندا پر جيئن ته مولانا سنڌي مرحوم پاڻ اهو سبب لکيو آهي تنهن ڪري اسان کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته هنن ان ڳالهه کي بنياد بنائي نه رڳو مولانا سنڌي خلاف دشمني جي باهه ڀڙڪائي هوندي پر ان کي ڪافر ڪوٺڻ به رڳو هڪڙو بهانو هو جيڪو ديوبند مان سندس نيڪالي لاءِ گهڙيو ويو هو. اصل سبب سياسي اختلاف ۽ انگريزن خلاف برپا ڪيل حضرت شيخ الهند جي تحريڪ هئي جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي هڪ سرگرم شخص هو.


    اختلافن جو نتيجو

    اختلافن جو نتيجو
    بهرحال انهن اختلافن جو نتيجو اهو نڪتو جو مسلمانن جي اجتماعي مفادن لاءِ قوم ۽ وطن جي آزادي جي هڪ عظيم الشان تحريڪ ختم ٿي ويئي. قومي ۽ ملي جنگ جو هڪ اهم محاذ تباهه ٿي ويو. ديوبند جي بهترين دماغن ۽ وڏين ذهني ۽ فڪري صلاحيتن ۽ انقلابي عنصرن کي اهڙو ته ڇڙوڇڙ ڪيو ويو جو اڄ مُني صديءَ کان به وڌيڪ وقت گذري ويو آهي ته به علم ۽ عمل جون ٻه بهترين ڌارائون گڏ نه ٿي سگهيون آهن ۽ قوم، وطن، دين ۽ ملت کي انهن گڏيل صلاحيتن مان جيڪو فائدو پهچڻو هو سو نه پهتو بلڪ ديوبند جي ان انقلابي تحريڪ کان قاسمي، عثماني، فاروقي (ٿانوي) خاندانن جي جدا ٿي وڃڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان ئي نيچريت ۽ بي ديني کي ٽيڪ ۽ هٿي ملي جنهن جي الزام ۾ مولانا سنڌي کي ديوبند مان نيڪالي ڏني ويئي هئي.
    جن بزرگن حضرت شيخ الهند جي انقلابي قيادت ۽ سياست جو انڪار ڪيو تن پاڻ ۽ انهن جي آڪهه آغا خاني ۽ اسماعيلي شخصيتن (آغا خان ۽ جناح) کي پنهنجي مٿي جي موڙ بڻايو ۽ انهن جي مفادن ۽ مقصدن کي نه رڳو فائدو پهچايو پر انهن جي حڪومت لاءِ قانوني ۽ شرعي جواز پيدا ڪري انهن کي ايترو ته سگهارو بنائي ڇڏيو جو اڄ جيڪڏهن ملڪ جون سڀ اسلامي طاقتون گڏجي به انهن جو مقابلو ۽ تدارڪ ڪرڻ چاهين ته به ممڪن نظر نٿو اچي.
    توڙي جو حضرت شيخ الهند جي قيادت کان انڪار ڪرڻ هڪ سياسي مسئلو هو پر جيئن ته ان انڪار جو بڻ بنياد چند شخصيتن ۽ خاندانن جي نجي ۽ محدود هلڪڙن مفادن تي رکيل هو تنهن ڪري نه رڳو ملي اجتماعي تحريڪ کي نقصان پهتو پر ديوبند جي ديني مڪتبه فڪر ۾ به اختلافن جي هڪ اهڙي لهر ۽ وٿي پيدا ٿي پئي جنهن مان ديوبند جي دشمنن هميشه فائدو حاصل ڪيو ۽ ان جو نقصان سدائين ديوبند وارن جي ڪنڌ ۾ پوندو رهيو آهي.
    **


    باب چوٿون مولانا سنڌي جي تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جا اصل سبب

    ديوبند مان نيڪالي

    هي سوال اڃا تائين اڌورو رهيل آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي کي ديوبند مان ڪڍڻ جا اصل سبب ڪهڙا هئا؟
    (1) جيتري قدر تبليغ واري مسئلي جو تعلق آهي ته مٿي معلوم ٿي چڪو ته هي ايڏو وڏو مسئلو نه هو جو دارالعلوم جي هڪ نامياري ۽ باصلاحيت فرزند کي سندس مادر علمي کان ڌار ڪيو وڃي ۽ ان تي ڪفر جي فتويٰ به لڳائي وڃي. جڏهن ته حضرت شيخ الهند جو موقف به اهوئي هو پاڻ ان مسئلي بابت جيڪي ڪجهه فرمايو هو ان سان ڪنهن کي به اختلاف نه هو. مولانا مناظر احسن گيلاني ته ان کي ان باب ۾ حرف آخر قرار ڏنو آهي ۽ مولانا انور شاهه ڪشميريءَ، مولانا سنڌي جي خيالن بابت جيڪو رويو اپنايو هو ان کي غلط فهمي تسليم ڪري کانئس معافي ورتي هئي.
    (2) هندو مسلم اتحاد واري مسئلي ۾ به قومي مفادن جي بنياد تي ان جي ڪنهن خاص رخ سان، طريقه ڪار سان، اتحاد جي دائري سان يا انداز فڪر ۾ ڪنهن خامي جي بنياد تي اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو پر ان جي بنياد تي ديوبند مان مولانا سنڌيءَ جي نيڪالي ۽ تضليل ۽ تڪفير جي فتويٰ جو ڪوبه جواز نه هو.
    (3) نئين تعليم پڙهيل همراهن سان ميل جول جو مسئلو به ايترو اهم ڪونه هو جو مولانا سنڌي کي ديوبند مان ڪڍيو وڃي ۽ سندس ان عمل کي ضلالت ۽ ڪفر چيو وڃي، جڏهن ته ساڳئي مڪتبه فڪر جا ماڻهو نئين تعليم پرايل ماڻهن جي پاڻ ڏانهن رجوع کي پنهنجي بزرگي جو دليل سمجهندا رهيا آهن. هاڻي ته انهن جي بي ديني ۽ نيچريت جي افسانن جو چوٻول ختم ٿي ويو آهي. اڄڪلهه ته دين دنيا جي ڪنهن به مسئلي ۾ نئين تعليم پرايل همراهن کي واٽ وڃايل، گس تان ٿڙيل ته چئي سگهجي ٿو پر انهن کي ڪافر ڪوٺي نٿو سگهجي پوءِ ان ماڻهو جي ڪفر جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيڪو رڳو ان باب ۾ سياسي، سماجي يا اجتماعي مسئلي ۾ اختلاف رکندو هجي.
    (4) حضرت شيخ الهند طرفان پنهنجي پڳ مولانا محمد علي جي مٿي تي رکڻ وارو معاملو کڻي ڪيترو ئي نامناسب ۽ بي محل مڃيو وڃي ۽ کڻي ان عمل کي ديوبند جي عزت کي مٽي ۾ ملائڻ برابر ڇو نه مڃيو وڃي ۽ کڻي ان عمل جو سبب مولانا سنڌي کي ئي سمجهيو وڃي پر پوءِ به ان بنياد تي کيس ڪافر ڪوٺڻ ته بلڪل عقل جي ابتڙ آهي، نه ئي ان جي نيڪالي لاءِ معقول سبب ٿي سگهي ٿو. انهن سڀني مسئلن ۾ وڏو مسئلو تبليغ وارو هو پر پوءِ به ان جي حيثيت اهڙي نه هئي جو ان بنياد تي ڪفر ته پري رهيو پر رڳو فسق ۽ ضلالت جو الزام به لڳايو وڃي. ٻين مسئلن جو تعلق ته اجتماعي، سياسي ۽ سماجي زندگي سان هو، انهن جو ڪرڻ، نه ڪرڻ ملي مفادن تي مدار رکي ٿو. اسلامي عقيدن سان انهن جو ڪوبه واسطو نه هو۽ نه انهن جي ايتري اهميت هئي جو ان سان مولانا سنڌي جي ڪفر ۽ ايمان جو فيصلو ڪيو وڃي. وري به ته هي سڀ ڪم حضرت جن جي اشاري ۽ صلاح سان ٿي رهيا هئا انهن جو اصل ذميوار به حضرت شيخ الهند هو نه مولانا سنڌي.
    مفتي عزيزالرحمان صاحب انهن ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو ته:
    ”پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هي سڀ علمي اختلاف هئا ته به ڇا اهي اختلاف اهڙا هئا جن جي ڪري هڪڙي سرگرم ڪارڪن کي وڃائي ڇڏجي؟ ڇا اهي حالتون رڳو مولانا سنڌي جون پيدا ڪيل هيون؟ جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اصل ۾ تحريڪ جو وڏو پرچارڪ ته حضرت شيخ الهند هو پر حضرت شيخ الهند سان ٽڪر ڪير کائي؟“
    جيئن ته پهرئين عرض ڪيو ويو آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي جي مخالفت ۽ ان جي تضليل ۽ تڪفير ۽ ديوبند مان نيڪالي جا اصل سبب ٻيا هئا. ان سلسلي ۾ هاڻي ڪنهن وڌيڪ بحث جي ضرورت نه آهي رڳو انهن بيانن نقل ڪرڻ تي بس ڪئي وڃي ٿي جيڪي سڌي سنئين تحقيقي معلومات ۽ سي آءِ ڊي گورنمينٽ جي لڪيل رپورٽن تي ٻڌل آهن.
    (1) سڊيشن ڪميٽي جي رپورٽ ۾ آهي ته: عبيدالله سک مان مسلمان ٿيو آهي. گڏيل قومن (يو پي) جي ضلع سهارنپور جي مذهبي مدرسي (درالعلوم) ديوبند ۾ ان مولوي جي تعليم ورتي. اتي هن پنهنجي جنگي (انقلابي) ۽ برطانيه دشمن خيالن سان مدرسي جي عملي جي خاص ماڻهن ۽ ڪجهه شاگردن کي متاثر ڪيو. سڀني کان اهم شخصيت جنهن تي هن پنهنجو اثر وڌو سو محمود حسن هو جيڪو ان مدرسي ۾ گهڻي وقت کان هيڊ مولوي (صدر مدرس) رهي چڪو آهي. عبيدالله گهريو ٿي ته ديوبند جي مشهور مدرسي جي پڙهيل مولوين جي سهڪار سان پوري هندستان ۾ هڪ عام اسلامي جوش ۽ مسلمانن ۾ برطانيه مخالف هڪ تحريڪ برپا ڪري ڇڏي. پر ان جي تجويزن آڏو مدرسي جو مهتمم ۽ انجمن جا ماڻهو رڪاوٽ بنجي ويا انهن هن کي ۽ سندس ڪجهه ساٿين کي مدرسي جي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو.
    (بحواله علماء حق اور ان کے مجاھدانھ کارنامے حصھ اول ص 165 مراد آباد 1946)
    ان رپورٽ ۾ مولانا سنڌي جو ڏوهه برطانيه دشمني ۽ انقلاب پکيڙڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن ۽ شاگردن کي متاثر ڪرڻ، پوءِ مدرسه جي پڙهيل مولوين (جمعيت الانصار) جي سهڪار سان پوري هندستان ۾ عام انقلابي هلچل ۽ مسلمانن ۾ برطانيه دشمن تحريڪ هلائڻ بيان ڪيو ويو آهي ۽ مدرسه (دارالعلوم) جي مهتمم ۽ انجمن (جمعيت الانصار) جي ڪجهه ماڻهن (مولانا شبير احمد عثماني وغيرهم) جو ڪارنامو ان تحريڪ ۾ (رڪاوٽ بنجڻ) ۽ مولانا سنڌي کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏڻ بيان ڪيو ويو آهي. هتي هي وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي ته مولانا سنڌي مدرسي جو ملازم نه هو جمعيت الانصار جي ڪم ڪار ڪرڻ جي سلسلي ۾ کيس وظيفو ملندو هو جيڪو سندس نظامت تان استعفا ڏيڻ کان پوءِ بند ٿي ويو. هتي ان طرف اشارو آهي.
    (2) نقش حيات از مولانا سيد حسين احمد مدني اشاعت ڪراچي. نقش حيات حضرت مدني عليه الرحمة جو پنهنجو لکيل آهي. 1953ع ۾ هندستان مان ڇپيو هو منهنجي اڳيان ڪراچي واري اشاعت آهي ان ۾ ڪيترين جاين تي ان مسئلي بابت اشارا ملن ٿا. هڪ جڳهه تي فرمائين ٿا ته:
    (الف) هنن ”مهتممن“ مولانا سنڌيءَ جي سرگرمين کي نه رڳو دارالعلوم لاءِ پر عام مسلمانن لاءِ به هاڃيڪار سمجهو ٿي ۽ پنهنجي خيال موجب ضروري سمجهيائون ته مولانا سنڌيءَ جو تعلق ان مرڪز سان نه رهي. اتفاق سان ان زماني ۾ ڪجهه علمي مسئلن ۾ مولانا سنڌي ۽ دارالعلوم جي ٻين عالمن ۾ ”اختلاف پيدا ڪرايو ويو،“ انهيءَ اختلاف کي بنياد بنائي مولانا سنڌيءَ کي دارالعلوم مان ڪڍيو ويو جيئن رولٽ ڪميٽي ۾ ان طرف اشارو موجود آهي. ان اختلاف توڙي جو دارالعلوم جي استادن ۽ عام شاگردن کي مولانا سنڌي کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو پر حضرت شيخ الهند قدس الله سره العزيز سان لاڳاپن ۾ ڪوبه فرق نه آيو هو ۽ لڪ ڇپ ۾ اچ وڃ ٿيندي رهي. رات جي اونداهين ۾ ديوبند کان ٻاهر ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ ضروري ڳالهيون طئي ٿينديون رهيون.
    (حصه 2 ص 150)
    حضرت شيخ الاسلام جي ان بيان ۾ هي جملو خاص ڌيان جو حقدار آهي ته ”اختلاف پيدا ڪرايو ويو“ ان جو سبب اهي ئي مولانا سنڌيءَ جو سامراج دشمن ۽ انقلابي سرگرميون هيون.
    (ب) ٻئي جڳهه تي لکن ٿا ته: بهرحال اصل سبب اهو مامرو آهي جنهن جي بنياد تي يوپي جو گورنر سر جيمز مسٽن ديوبند آيو ۽ دارالعلوم ۾ وڃي ڪري مهتمم صاحب کي شمس العلماء جو خطاب ڏنائين.
    ان بيان مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته مولانا سنڌيءَ کي دارالعلوم کان ڌار ڪرڻ وارو عمل خود برطانوي حڪومت جي اشاري تي ٿيو هو. (بحواله ایک خود ساختھ داستان حقائق کے آئینے میں ص 7)
    (3) ”تذڪره شيخ الهند“ از مفتي عزيزالرحمان بجنوري 1965ع، هي هڪ اهم تصنيف آهي جنهن ۾ مفتي صاحب تفصيل سان بحث ڪيو آهي.
    (الف) جمعيت الانصار جي هيءَ تنظيم جيتوڻيڪ بلڪل مذهبي تحريڪ هئي پر جيئن ته حضرت شيخ الهند ملڪ ۾ هڪ سنجيده ۽ سهڻو سماج تيار ڪري رهيو هو، خاص ان مقصد لاءِ ته اڳتي هلي ڪري جڏهن هندستان تي ٻاهران ڪا چڙهائي ڪئي وڃي ته ملڪ اندر هڪ اهڙي جماعت جو هجڻ ضروري آهي جيڪا ان انقلاب کي مقامي سهڪار ڏيئي ڪامياب بنائي ۽ هڪڙي اشاري سان آمريڪا وانگر راتو رات حڪومت جو ڍانچو بدلائي ڇڏي. ان لاءِ ضروري هو ته ملڪ ۾ صالح ۽ لائق ماڻهن جي گهڻائي هجي پر افسوس جو اهڙي نموني جي پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جو هي منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو. مرڳو حڪومت جي بدظني ۽ پنهنجن جي خوشامدي ۽ چاپلوسي واري پاليسي سان گڏوگڏ ٻين حرام پاين ۾ به واڌارو ايندو ويو.
    (ص 173)
    (ب) دارالعلوم جي مهتممن مولانا سنڌي جي انهن سرگرمين کي پاڻ لاءِ ۽ دارالعلوم لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهيو ٿي ۽ هو پنهنجي سر ان خطري کي سر تي کڻڻ لاءِ بلڪل تيار نه هئا تنهن ڪري هنن مولانا سنڌيءَ خلاف ڪجهه مسئلا اٿاريا تانته کيس دارالعلوم مان اهو چئي ڪري ڪڍيو وڃي ته هو بزرگن جي مسلڪ کان ڦري ويو آهي يا گمراهه ٿي ويو آهي يا سندس نظريا گمراهه ڪندڙ آهن، تنهن ڪري اهڙي ماڻهو کي دارالعلوم جي چوديواري ۾ رکڻ شاگردن لاءِ هاڃيڪار آهي.
    (ج) اهڙيءَ طرح مهتممن ڪجهه مسئلا اٿاريا ۽ مولانا ڪشميري (انورشاهه) ۽ علامه عثماني (شبير احمد) کي مولانا سنڌيءَ سان ٽڪرائي وڌائون ۽ ديوبند ۾ انهن ٽنهي بزرگن وچ ۾ مناظرو ٿيو، جيڪو حقيقت ۾ مولانا سنڌي کي ڪڍڻ لاءِ رڳو هڪ بهانو هو. چنانچه مولانا سنڌي خلاف هڪڙو دمچر مچائي سندس ساک کي ملڪ ۾ مجروح ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي.
    (ص 174)
    (د) جمعيت الانصار جي پروگرام ۽ تجويزن سان جتي انگريز هنگ ترڪان ۾ اچي ويا هئا اتي دارالعلوم جي مهتممن جي اقتدار واري ڪرسي کي به زورائتي ٺوڪر پئي لڳي جنهن لاءِ هنن اهو طريقو اپنايو ته علامه سنڌي تي علمي ۽ مذهبي الزام مڙهي کيس ڌار ڪيو وڃي. (ص176)
    انهن چند حوالن مان مولانا سنڌي جي ڏوهه ۽ ديوبند مان سندس نيڪالي جو حقيقي ۽ سچو پسمنظر ۽ مهتممن جي ڪارنامن ۽ ڪرتون جا سڀ پهلو سامهون اچي وڃن ٿا.
    (4) ”تحريڪ شيخ الهند“ از مولانا محمد ميان دهلوي 1975ع
    هي ڪتاب اصل ۾ ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ جا اهي دستاويز آهن جيڪي انڊيا آفيس لائبريري لنڊن ۾ محفوظ آهن انهن کي حاصل ڪري ترتيب ڏيئي ڇپايو ويو آهي. ان ۾ تمام تفصيل سان جمعيت الانصار ۽ ان جا مول متا ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ حضرت شيخ الهند جي ڪمن ڪارين جو تذڪرو آيل آهي. حقيقت ۾ هي سڄو ڪتاب ۽ ان جا سمورا دستاويز حضرت شيخ الهند ۽ مولانا سنڌي جي سياسي انقلابي تحريڪ جي وضاحتن تي ٻڌل آهن.
    (الف) ان ۾ جمعيت الانصار ۽ ان جي جوڙجڪ بابت لکيل آهي. عبيدالله سنڌيءَ جي نظامت هيٺ ڇهن ستن ممبرن تي ٻڌل ورڪنگ ڪميٽي واري هي انجمن 1910ع ۾ قائم ٿي. اها انجمن مدرسه ديوبند ۾ پڙهيل مولوين ”طلباء قديم“ جي انجمن طور قائم ڪئي ويئي، ان جو مقصد هي هو ته:
    • مدرسي ديوبند جو انتظام سنڀالي ۽ ان کي بهتر بنائي.
    • مدرسي جي لاءِ رقم جو انتظام ڪري.
    • ديوبند ۾ جن عقيدن جي تعليم ڏني وڃي ٿي انهن جي تبليغ ڪري ۽ انهن جي واڌويجهه ڪري.
    • ٻين جاين تي پڻ اهڙا مدرسا قائم ڪري.
    تجويز اها هئي ته سمورن اسلامي مدرسن کي جمعيت الانصار جي ماتحت ڪيو وڃي ۽ ديوبند جي فارغ التحصيل مولوين کي انهن مدرسن ۾ مقرر ڪري ان جا قائدا قانون باقاعدي مرتب ڪيا ويا هئا. ان جا ساليانه جلسا مراد آباد ۽ ميرٺ ۾ ٿيا هئا ته جيئن جمعيت الانصار جي مقصدن جي تبليغ ۾ ترقي ۽ واڌارو ڪري سگهجي. لاهور جي صوفي مسجد جي مولوي ابو احمد نائب ناظم جي حيثيت سان 1911ع ۾ ڪجهه مهينا ڪم ڪيو هو.
    (ص 232)
    (ب) جمعيت الانصار ۾ پيدا ٿيل اختلاف ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ءَ جي دارالعلوم ديوبند مان نيڪالي بابت ان ۾ هي وضاحتون آهن:
    • شروع ۾ ديوبند واري مدرسي جي سڄي انتظامي مجلس جمعيت الانصار جي حق ۾ هئي.
    • تڪڙو ئي ”مولوي“ عبيدالله انگريزي پڙهيل نوجوانن کي طالب علم جي حيثيت ۾ وٺڻ شروع ڪيو ۽ ان سان جمعيت جي حيثيت سياسي نموني واري ٿي ويئي.
    • جڏهن بلقان جي جنگ لڳي ۽ ديوبند جي ذميوار ماڻهن ترڪي جي مدد ڪرڻ جي فتويٰ ڏني ته اوچتو ئي اوچتو جمعيت الانصار پنهنجي اصلي رنگ ۾ اچي ويئي ۽ حد درجي جي ڪٽر ۽ متعصب جماعت بنجي ويئي.
    • مولوي، شاگرد ۽ ٻيا عام ماڻهو مبلغ بنائي ڪري موڪليا ويا ۽ ترڪي جي مدد لاءِ هلال احمر جي فنڊ ۾ وڏيون وڏيون رقمون گڏ ٿيڻ لڳيون.
    • غيرملڪي سامان جي بائيڪاٽ جي تبليغ وڏي زور شور سان ڪئي ويئي.
    • ان جي ڪلڪتي واري شاخ ”قاسم المعارف“ چندي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي سرگرمي ڏيکاري.
    • ان تي مدرسي جي عملي جا سنجيده ماڻهو هوشيار ٿي ويا ۽ اهڙا اختلاف پيدا ٿيا جو عبيدالله کي 1913ع ۾ استعيفا ڏيڻي پئي.
    • پوءِ تڪڙو ئي ان انجمن جو وجود ختم ٿي ويو.
    (ج) هڪڙي ٻئي جاءِ تي لکيل آهي ته:
    • مدرسي جي ساک کي باقي رکڻ لاءِ مجلس منتظمه فيصلو ڪيو ته عبيدالله کي انيس احمد ۽ ٻين ساٿين سميت مدرسي مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي.
    • مولانا محمودالحسن ان فيصلي کي پسند نه ڪيو.
    (5) ”ایک خودساختھ داستان حقائق کے آئینے میں“ مولانا اسعد مدني
    مولانا قاري محمد طيب صاحب، مولانا اسعد مدني جي هڪ تقرير جي وضاحتن سان اختلاف ڪندي اٺن پنن وارو هڪ ڪتابڙو ”ایک خودساختھ داستان کی حقیقت“ جي نالي سان ڇپرايو هو. ان ۾ مولانا سنڌيءَ مرحوم جي دارالعلوم مان نيڪالي واري معاملي ۾ پنهنجي پيءُ مرحوم شمس العلماء مولانا محمد احمد جو نه رڳو بچاءُ ڪيو آهي پر آزادي واري جنگ ۾ سندس رهنمائي جو پڻ تذڪرو ڪيو آهي. ان جي جواب ۾ مولانا اسعد مدني ديوبند مان مولانا سنڌي جي نيڪالي واري سوال تي بحث ڪيو آهي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ قاري طيب صاحب جي مغالطات کي ختم ڪيو آهي. ان ڪتابڙي جا ڪجهه حوالا هن مضمون ۾ مٿي نقل ٿي چڪا آهن ان ڪري تڪرار جي ضرورت نه آهي باقي رڳو هڪڙو ٽڪڙو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. مولانا سيد اسعد مدني لکي ٿو ته:
    حضرت شيخ الاسلام (مولانا حسين احمد مدني) مولانا مناظر احسن گيلاني ۽ انگريز حڪومت جي سي آءِ ڊي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته مولانا عبيدالله سنڌي جي ديوبند مان نيڪالي ۽ جمعيت الانصار جي توڙ ڦوڙ رڳو ان بنياد تي ٿي ته مولانا سنڌيءَ مهمتمن جي خيال جي ابتڙ ان جو رخ انگريز سرڪار جي مخالفت ڏي موڙي ڇڏيو ۽ سچ پچ به حضرت شيخ الهند وٽ جمعيت الانصار جي قائم ڪرڻ جو مقصد به اهوئي هو.
    (بحواله ”ایک خود ساختھ داستان حقائق کے آئینے میں“ ص 9 از مولانا اسعد مدني ديوبند 1401هه)


    باب پںجون : شمس العلماءَ حافظ محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند ڪجهه تاريخي دستاويزن جي آئيني ۾

    ڪجهه تاريخي دستاويزن جي آئيني ۾

    ايندڙ پنن ۾ جيڪي دستاويز پيش ڪيا پيا وڃن اهي محترم شان محمد جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”دي انڊين مسلمز اي ڊاڪيو منٽري رڪارڊ 1900ع کان 1947ع انٽر سٽ ان ورلڊ وار“ دهلي 1982ع جي پنجين جلد تان ورتل آهن. ان جلد ۾ ڏنل سڀ دستاويز پهرئين عالمي لڙائي جي زماني 1914ع کان 1918ع جي باري ۾ آهن. هتي رڳو اهي دستاويز ڏنا ٿا وڃن جن جو تعلق حضرت شيخ الهند جي تحريڪ بابت شمس العلماء حافظ محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند جي رويي ۽ سندس سرگرمين سان آهي. هي سڀ دستاويز اصل ۾ انگريزي ٻولي ۾ مرتب ڪيا ويا هئا پوءِ انهن جو اردو ترجمو ڪيو ويو آهي. پر انهن ۾ هڪڙو دستاويز (سپاسنامو) جيڪو يوپي جي گورنر سر جيمس مسٽن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو اهو اصل اردو ۾ هو. ان جو انگريزي ترجمو گورنر جي دفتر يا يوپي گورنمينٽ جي سيڪريٽريٽ جي ڪنهن ماڻهو ڪيو هوندو. سپاانامي جو هي ترجمو يوپي حڪومت جي سيڪريٽري پنهنجي تبصري سان حڪومت هند کي موڪليو هو ۽ ان تي ڪرمنل انٽيلي جنس پنهنجو ردعمل به ڏيکاريو هو. جيئن ته اصل اردو وارو سپاسنامو هٿ نه آيو آهي ان ڪري سندس انگريزي ترجمي تان وري اردو ۾ آندو ويو آهي. ترجمي جي ان ڦيرگهير اٿل پٿل سان سندس مطلبن ۾ فرق نه پيو آهي. ان جو مفهوم يقيناً ساڳيو ئي رهيو آهي پر سندس ٻولي ۽ لهجي جي ذميواري سپاسنامي پيش ڪرڻ وارن تي نٿي وجهي سگهجي. سپاسنامي ۾ هنن ڪهڙي معنيٰ جي ادائگي لاءِ ڪهڙا لفظ ڪتب آندا هئا؟ ان بابت يقين سان ڪابه ڳالهه نٿي چئي سگهجي سپاسنامي ۾ قرآن پاڪ جي ڪجهه آيتن جا حوالا پڻ آيل آهن ترجمي جي لفظن ۾ معنيٰ جي مدد سان انهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي پر ٿي سگهي ٿو ته اصل سپاسنامي ۾ ان ئي مفهوم واريون ڪي ٻيون آيتون ڏنل هجن. انهن دستاويزن پڙهڻ بنان مولانا سنڌي خلاف ڀنڊي ٻارڻ، ڪافر ڪوٺڻ، ديوبند مان نيڪالي ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمودالحسن ۽ سندس تحريڪ خلاف دارالعلوم جي مهمتممن جي ڪرتوتن ۽ انگريز پرستانه روين جو يقين ئي نٿو ڪري سگهجي. سڀني همراهن خاص ڪري شمس العلماء مولانا محمد احمد جو صحيح سياسي ۽ قومي ڪردار انهن دستاويزن پڙهڻ بنان معلوم ئي نٿو ڪري سگهجي.
    جيڪي دستاويز هتي پيش ڪيا پيا وڃن ڪتاب ۾ انهن جا نمبر 11- 21- 22- 24- 25 ۽ 26 آهن. پر هتي انهن جي ترتيب سندن لکجڻ ۽ ٽپال واري تاريخ جي اعتبار سان رکي ويئي آهي.


    سپاسنامو

    صوبه يوپي جي گورنر سرجيمس مسٽن جي خدمت ۾
    ديو بند جي مولوين طرفان
    27 سيپٽمبر 1915ع
    اسين (جن کي بنا وڌاء جي سڀني راهي رسائي وارن، ريا کان پاڪ ۽ الله لوڪي رواداري رکڻ وارن جو ترجمان چئي سگهجي ٿو.) نمائندا آهيون هندستان ۾ قائم واحد اسلامي مرڪز دارالعلوم ديوبند جا جنهن جو ڪو مثال ڪونهي ۽ اسين باوجود هر نموني جي تخريبي ڪوششن ۽ بدبختانه ڪاررواين جي نهايت ثابت قدمي ۽ پختگي سان ان جي پراڻي پاليسي کي هلائي رهيا آهيون.
    يوئر آنر جي خدمت ۾ ۽ ان جي واسطي سان هندستان جي حڪمران هز ايڪسي لينسي وائسرائي جي خدمت ۾ مولانا محمد احمد مهتمم دارالعلوم (ديوبند) کي شمس العلماء جو خطاب ۽ خصوصي سند نوازڻ تي جيڪو عالمن جي عزت افزائي ۽ شاهاڻي عطائن جي روايت جو هڪ نمونو آهي تنهن تي شڪر ادا ڪرڻ ۽ سچائي سان پنهنجي دلي جذبن جو اظهار ڪريون ٿا. حڪومت جي ان عمل مان نه رڳو اهو ثابت ٿئي ٿو ته هو انهن مسلمان اڳواڻن ۽ ليڊرن جي عزت ڪري ٿي جيڪي ان جا لائق آهن پر آزاديءَ جي دعويدارن جي ان سوال جو جواب به ملي وڃي ٿو ته ڇا اعزاز سچ پچ اهل ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا؟ هي صحيح آهي ۽ اسان به ان حقيقت کي مڃون ٿا ته مادي ۽ دنياوي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ نه ته اسان جو فطري لاڙو آهي نڪي اسان جي ديني فرضن ۾ شامل آهي. پر خدا جي مرضيءَ مطابق اسان جا هي حڪمران جيڪڏهن اسان کي ڪو اعزاز ڏين ته اسان اهو ڇو نه قبول ڪريون جيڪڏهن اسان ايئن نه ڪريون (يعني اعزاز جو قدر ۽ ان تي شڪر جو اظهار نه ڪريون) ته شل الله معاف ڪري ۽ ڄڻڪ اسان شڪر گذاري ۽ ٿورن مڃڻ وارن ان فرض کان منهن موڙيو جنهن جي اسان جي پاڪ مذهب اسان کي تعليم ڏني آهي ۽ ان ۾ غفلت ڪرڻ سبب اسان حڪومت جي نظر ۾ الله ۽ رسول جي اڳيان۽ سڀني اخلاقي اصولن آڏو خوار ۽ ذليل ٿينداسين. اسان اهڙي عمل کي وڏي اخلاقي ڪمزوري ۽ هڪڙي لحاظ کان گناهه سمجهون ٿا انهن مسلمانن لاءِ جيڪي هنن آيتن تي ايمان رکن ٿا.
    (1) اي پيغمبر! چئي ڏي ته هر ڳالهه الله جي طرفان آهي.
    (2) ان جي حڪم بنان هڪ پن به نٿو چري سگهي.
    (3) جن الله جي اڳيان جهڪڻ کي نشان ۽ شعار بنائي ڇڏيو آهي.
    ۽ اسان ان پراڻي چوڻي کي سچو مڃيون ٿا ته جيڪي ڪجهه دوست کان ايندو اهو سٺو هوندو آهي ۽ ڪنهن شاهاڻي سوکڙي ۽ ڪنهن مٿاهين مرتبي واري اعزاز وٺڻ کان انڪار ڪرڻ يا ان کي شايان شان نموني قبول نه ڪرڻ بي شڪري آهي. اهي ئي سبب هئا جو اسان دارالعلوم جا ٻه ٽي گهڻ گهرا يوئر آنر جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون. اسان جي حيثيت رڳو ٻن ٽن ماڻهن جي نه آهي بلڪ اسين عزت واري جماعت جا نمائندا ۽ ترجمان آهيون جيڪي هڪ (حقيقي فرض) ادا ڪرڻ آيا آهيون. اسان کي اميد آهي ته يوئر آنر پڻ اسان جي لافاني شڪريي جو احساس رکن ٿا تڏهن ته اسان کي منهن ڏيکارڻ جي مهرباني فرمائي اٿن.
    يوئر آنر! اسان جو هي طبقو (جيڪو دنياوي لحاظ کان معمولي ۽ بکيو ڀانگ آهي) ان ڳالهه کان پوري ريت باخبر نه آهي ته شڪريي ادا ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو وڌيڪ مناسب آهي. پر اسان کي اهو طريقو پسند نه آهي ته هر ضلعي جي مسلمانن پاران خط پٽ، ٽيلي گرام يا قراردادون ۽ ٺهراءَ روانا ڪري سڄي هندستان ۾ ڌوم مچائي ڇڏيون. تنهن ڪري اسان اميد ٿا رکون ته يوئر آنر دارالعلوم جي چند خدمتگارن جي ڪمزور آواز کي ”جيڪو اتحاد جي مضبوط بنيادن سبب پوري فرقي ۽ حقيقت ۾ سڀني اعتدال پسند ماڻهن جو آواز آهي.“ ظاهري شان شوڪت ۽ هڙٻونگ واري نموني شڪريي ادا ڪرڻ واري عمل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ باعزت ۽ موثر ڄاڻندا.
    يوئر آنر! اسان جي هن ننڍڙي وفد ۾ نه ته ڪو جاگيردار آهي نڪوئي ڪو رئيس وغيره. هي وفد ظاهري رک رکاءَ کان به پاسيرو آهي. پر پوءِ به اهو چوڻ اجايو نه ٿيندو ته يوئر آنر جي دور حڪومت جو فيضان آهي ۽ شمس العلماء مولانا محمد احمد جي اهتمام طفيلي اسان جهڙن بوريه نشين ماڻهن کي به اها سعادت نصيب ٿي جو خواري واري انڌاري اوڙاهه مان نڪري ڪري شاهاڻي دربار ۾ شڪر وارن جذبن پيش ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو. اصل ۾ اهو نتيجو آهي دارالعلوم جي وڌندڙ افاديت ۽ اثر رسوخ جو.
    يوئر آنر! توڙي جو اڄ اسان هڪ خاص ”احسان“ ۽ ”عنايت“ جي شڪريي ادا ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيا آهيون جيڪو نه رڳو مئنيجر (مهتمم) پر اسان واري پوري لڏي تي ڪيو ويو آهي ان سان گڏوگڏ اسان آڏو دارالعلوم تي اوهان جو ڪيل نوازشون به آهن جيڪي مهتمم صاحب وقت بوقت ٻڌائيندو رهندو آهي. ان نظر ڪرم سبب مسلم عوام ۾ دارالعلوم جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ ان سان اسان جي ان پاليسي کي سگهه ۽ هٿي ملندي جنهن جي واکاڻ يورپ جا وڏا وڏا آفيسر ڪندا رهيا آهن.
    يوئر آنر! اسان الله آڏو شڪر جو سجدو ٿا ادا ڪريون جو اسان تي اسان جي فرقي وارن جو وڏو اعتماد آهي. ان جو ثبوت ۽ شاهدي دارالعلوم جي آمدني جا وڌندڙ ذريعا ڏيئي سگهجن ٿا يا دارالعلوم ۾ ڏنل تعليم جا اثرات پڻ.
    جيتري قدر اسان جي وس ۾ آهي اسان پنهنجي طبقي جي مذهبي، روحاني ترقي ۽ ڀلي لاءِ پنهنجين ذميوارين پوري ڪرڻ کان ته منهن نٿا موڙيون پر ٿي سگهي ٿو ته ڪي اندروني حالتن کان اڻواقف ماڻهو دارالعلوم جي تقدس ۽ مرتبي کي ڏسي ڪري اسان جي ڪن ڪمن ڪارين کان شڪ شبهي جو شڪار ٿيندا هجن. پر جيئن ئي ڳالهه ٻولهه وسيلي يا خط و ڪتابت وسيلي کين حقيقتن کان واقف ڪيو ويندو آهي ته پوءِ هو پوري نموني مطمئن ٿي ويندا آهن
    اسان جو هڪڙو رڳو هڪڙو ئي مقصد آهي، اهو آهي مذهبي آزادي جي حفاظت ۽ رڳو مذهبي آزادي جي حفاظت. ان کان وڌي ڪري ڪنهن سياسي تحريڪ کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ اسان جي پڪي پختي ۽ نه بدلجندڙ نظريي کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن حڪومت اسلام ۽ سندس عقيدن ۽ رسمن کي ۽ اسان جي ”حقيقي ليڊر“ کي سچ پچ به عزت ڏئي ٿي ته دل ۽ زبان سان ان جو شڪريو ادا نه ڪرڻ يا پنهنجي ڪنهن عمل سان ان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ انتهائي ناشڪري ۽ گناهه آهي.
    يوئر آنر! اسان پنهنجي اڪيلي ۽ چٽي پاليسي ٻڌائي ڇڏي آهي. هن وقت شمس العلماء مولانا محمد احمد ان پاليسيءَ کي هلائي رهيا آهن. اسان کي يقين آهي ته سندس خاندان جي مٿاهين مرتبي ۽ شخصي اثرن جي ڪري سندس شاگرد ان پاليسيءَ تي پختگي سان قائم رهندا.
    پڇاڙي ۾ اسان يوئر آنر جي ڌيان ۽ وقت جي زيان تي معذرت ڪريون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر گرم جوشي سان يوئر آنر جو شڪريو ادا ڪريون ٿا جيڪو صوبي جو اولوالعزم حڪمران ۽ دارالعلوم جو گهڻ گهرو آهي. اسان هن يقين ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته يوئر آنر! ٿورڙي تڪليف ڪري اسان جي هنن تڪڙن پرخلوص ۽ شڪر سان ٽمٽار جذبن کي هز ايڪسي لينس وائسراءِ بهادر جي خدمت ۾ پهچائي ڇڏيندا. اسان يوئر آنر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعاگو آهيون.


    سپاس نامو ۽ يويي حڪومت جو نوٽ

    سپاس نامو ۽ يويي حڪومت جو نوٽ
    يوپي حڪومت ان سپاس نامي سان گڏ 27 سيپٽمبر 1915ع تي هڪ نوٽ به موڪليو هو جنهن جو ذڪر 28 سيپٽمبر 1915 واري خط ۾ آيو آهي، 27 سيپٽمبر وارو حڪومت جو اهو نوٽ ته هٿ اچي نه سگهيو آهي پر البته سپاسنامي ۽ يوپي حڪومت جي نوٽ ڪرمنل انٽيليجنس جيڪو تبصرو ڪيو آهي اهو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.


    سپاسنامي ۽ يوپي حڪومت جي نوٽ تي ڪرمنل انٽيليجنس آفيس جو نوٽ

    سپاسنامي ۽ يوپي حڪومت جي نوٽ تي ڪرمنل انٽيليجنس آفيس جو نوٽ
    (1) منهنجي خيال ۾ سرجيمس مسٽن انهن مولوين کي هي ٻڌائيندو ته هز ايڪسي لينسي سندن پيش ڪيل سپاسنامو وڏي خوشيءَ سان پڙهيو آهي.
    (2) آءٌ سپاسنامي شايع ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رهيو آهيان. ديوبند جي هي اسپرٽ فيصله ڪن آهي ۽ ان ڳالهه جو ڏس ڏي ٿي ته هندستان جي مسلمانن ۾ اها اسپرٽ وڌي رهي آهي پر مولوين جي ان سپاسنامي کي پاپائي عظيم جي ارشادات عاليه جو درجو نٿو ڏيئي سگهجي. هي ديوبند جي رڳو هڪڙي حلقي جو ترجمان آهي. البته حڪومت جي هيءَ فطري ضرورت آهي ته اها پنهنجي سڃاڻپ هن جهڙن وفادارن وسيلي ڪرائي پر تمام محتاط رويي سان تان ته مسلمان، حڪومت ۾ گهٽ ۾ گهٽ مداخلت ڪري سگهن ۽ اها يقيناً عقلمندي واري پاليسي هوندي.
    (3) منهنجي خيال ۾ هندوستاني مسلمانن ۾ حڪومت خلاف خطرناڪ ڇوليون لڪيل رهيون آهن ۽ اڃان به آهن. اسان جي هي سڌ ۽ تمنا جائز آهي ته جنگ ۾ اسان کي نمايان ۽ يادگار ڪاميابي ملي تان ته جيڪي ماڻهو ان اڻ تڻ ۾ ڦاٿل آهن ته هندستان ۾ برطانيه اسلام جو مقابلو ڪري سگهندو يا نه؟ انهن جي ذهنن تان شڪ شبها پري ٿي وڃن.
    (4) جيمس مسٽن جي خط جي پيراگراف (6) مان اندازو ٿئي ٿو ته ديوبند جي انهن مولوين جي راهي رسائي جو اندازو سندن حيثيت کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي. ڇو ته انهن کي مڪي جي مولوين ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جيڪي پاڻ اسلام ازم لاءِ همدردي جا جذبا رکن ٿا ۽ مذهبي جنوني آهن.
    (5) هن ڳالهه کي آءٌ پسند ڪريان ٿو ته سپاسنامو ضرور شايع ٿئي پر حڪومت پاران نه. پوئين تجربي مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت پاران اهو ڪم ڪرڻ جوش جنون ۽ جهڳڙي کي هوا ڏيڻ برابر ٿيندو.



    يوپي حڪومت جي سيڪريٽري جو خط حڪومت هند جي سيڪريٽري ڏانهن محمود الحسن ديوبندي جي باري ۾
    28 آڪٽوبر 1915ع
    پنهنجي ڊي- او نمبر 1570 لکيل 27 سيپٽمبر 1915 جي حوالي سان عرض آهي ته:
    (1) حڪومت هند جي انهيءَ ڳالهه ٻولهه جي نتيجن سان ضرور دلچسپي هوندي جيڪا هز آنر ليفٽيننٽ گونر (صوبه يوپي) شمس العلماء مولوي محمد احمد (ديوبند) وچ ۾ 27 سيپٽمبر تي ٿي هئي. هو (شمس العلماء) ان ڏينهن پنجن مولوين سان گڏجي رسمي طور ملاقات ڪرڻ ۽ خطاب عطا ٿيڻ تي شڪريي ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي وفاداري جو يقين ڏيارڻ آيو هو. انهن مان هڪڙي مولوي سپاسنامو پڙهيو جنهن جو انگريزي ترجمو هن رپورٽ سان گڏيل آهي. ان تي هيٺين سٽن وسيلي تفصيلي روشني وجهجي ٿي.
    (2) سپاسنامي سان گڏوگڏ ان مولوي هز آنر جي خدمت ۾ هڪ پمفليٽ به پيش ڪيو جنهن ۾ اخبار زميندار (لاهور) جا ڪجهه ٽڪرا لکيل هئا. ان پمفليٽ ۾ مولوي محمد احمد (مهتمم دارالعلوم) کي حڪومت طرفان ڏنل (شمس العلماءَ) واري دنياوي اعزاز قبول ڪرڻ تي (پيسي جو پٽ) چئي ڪري گار ڏني ويئي هئي جنهن جو جواب ديوبند جي مولوي شبير احمد (عثماني) طرفان ڏنو ويو هو. اهو به هز آنر جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. انهن سڀني جو خيال آهي ته اهو پمفليٽ الهلال (ڪلڪتي) جي ايڊيٽر مولوي ابوالڪلام آزاد جو لکيل آهي. جيئن ته ان طرفان ڪوبه جواب الجواب نه آيو آهي ان ڪري هي سمجهن ٿا ته هو ڪو جواب ڏيئي نه سگهيو آهي.
    (3) سڀني مولوين جي وڃڻ کان پوءِ شمس العلماء (اڪيلائي) ۾ ٻڌايو ته:
    (الف) هن سهارنپور جي مئجسٽريٽ کي مولوي محمود الحسن بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي.
    (ب) ان هي به ٻڌايو ته مولوي (محمود حسن) ۽ ان جا ساٿي 18 سيپٽمبر تي بحري جهاز ذريعي روانا ٿي ويا آهن ۽ هاڻي هو (مولوي محمد احمد) انهن جي جاسوسي ڪندو جيڪو هڪ اڻانگو مرحلو آهي.
    (ج) هن جو خيال آهي ته مولوي محمود الحسن شريف مدينه جي معرفت انور پاشا سان ملاقات ڪندو ۽ ان جي مدد سان سرحد تي گڙٻڙ کي هٿي ڏيندو.
    (4) شمس العلماء صاحب، دهلي گروپ بابت تفصيلي معلومات ڏني. دهلي گروپ کي سک مان نئين مسلمان ٿيندڙ شاگرد عبيدالله سنڌيءَ جي مدد حاصل آهي، هن ٻڌايو ته:
    (الف) محمود الحسن بمبئي ويندي جڏهن دهلي پهتو ته ان جو وڏو استقبال ڪيو ويو.
    (ب) استقبال ڪرڻ وارن ۾ ڊاڪٽر (مختار احمد) انصاري اڳڀرو هو. هو مولوي (محمود الحسن) کي پنهنجي موٽر ۾ وهاري پنهنجي گهر وٺي ويو.
    (ج) شمس العلماء ان جو پاڻ پيڇو ڪونه ڪيو پر پوءِ به بيگم انصاريءَ سان مليو جيڪا سندس مريدياڻي هئي، ان کان هن پڇا ڳاڇا ڪئي ته:
    (1) ان مائي کيس ٻڌايو ته ڊاڪٽر انصاريءَ، مولوي محمود الحسن کي هڪ وڏي رقم ڏني آهي.
    (2) ان مائي انهن (ڊاڪٽر انصاري ۽ مولوي محمود الحسن) جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي ان ۾ مديني ۽ انور پاشا جا نالا آيا هئا.
    (د) ڊاڪٽر انصاري جو ڀاءُ (حڪيم عبدالرزاق) محمود الحسن کي رخصت ڪرڻ لاءِ بمبئي تائين ويو.
    (5) شمس العلماءَ جو بيان آهي ته:
    (الف) عبيدالله جي شرارت وارين حرڪتن جو مرڪز دهلي جي فتحپوري مسجد آهي ۽ جيڪا هڪ نئين سوسائٽي ”نظارة المعارف القرانيه“ جو مرڪز پڻ آهي.
    (ب) ان سوسائٽي جو ناظم عبيدالله آهي.
    (ج) هي ادارو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين بغاوت سان ڀريل آهي.
    (د) بدقسمتي سان عبيدالله کي ڀوپال مان ٻه سؤ روپيا ماهوار ملندا آهن جيڪي هن جي همت افزائي جو سبب آهن.
    (ه) شمس العلماء جو زورائتو مطالبو آهي ته دهلي کي عبيدالله جي وجود کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ان کي واپس سنڌ موڪليو وڃي.
    (6) هاڻي آءٌ سپاسنامي جي ڪجهه حصن ڏانهن اوهان جو ڌيان ڇڪائيندس جو هي سپاسنامو هڪ غيرمعمولي نموني جو دستاويز آهي. هز آنر (گورنر يوپي) جو خيال آهي ته هندستاني حڪومت کي ان سان خاص دلچسپي هوندي.
    • هي سپاسنامو ان ڪاليج جي ميمبرن پاران پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي شهرت عالمگير آهي.
    • جيڪو اسلامي دنيا ۾ پنهنجي مذهبي تقدس ۽ علمي خدمتن جي ڪري عزت وارو سمجهيو وڃي ٿو.
    • ان اداري ۾ تعليم پرائڻ لاءِ وچ ايشيا، ايران، عرب، مصر ويندي چين جا طالب علم به ايندا آهن، ان جي ديني تعليم جا اثر انهن سڀني علائقن تائين پکڙيل آهن.
    • ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته سڀني مسلمانن تي ان جو اثر ٻين سڀني کان وڌيڪ آهي.
    • انهن مولوين ليفٽيننٽ گورنر کي چيو آهي ته ان سپاسنامي کي جيئن وڻي ڀلي تيئن استعمال ڪريو ۽ ان جي شايع ڪرڻ جو جيڪو به مناسب طريقو سمجهيو تيئن ان کي شايع ڪري ڇڏيو.
    • هي هڪ اهڙو پڌرنامو آهي جنهن جو وڏو وزن آهي.
    • ان وسيلي نوجوان مسلمانن جي ان باغيانه پروپئگنڊا جي ترديد ٿي وڃي ٿي ته حڪومت کان خطاب حاصل ڪرڻ بي فائدو ۽ بيعزتي جو سبب آهي.
    • ان سپاسنامي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جيستائين مسلمانن کي ديني فرضن جي ادا ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي ته ان جي عيوض حڪومت جي مقدس وفادارن تي ڪهڙا ڪهڙا فرض ۽ ڪم لاڳو ٿين ٿا.
    • مٿين ٻنهي ڳالهين جي حوالي سان هي هڪ قيمتي دستاويز ۽ رڪارڊ آهي جيڪو پراڻ پرست مسلمانن جي رجحان جي ترجماني ڪري ٿو.
    • ان سپاسنامي جي قدر ۽ قيمت هن ڳالهه جي ڪري هيڪاري وڌي وڃي ٿي ته ديوبند ڪاليج جي وفاداري کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي مخالف برطانيه پاڻ اسلام ازم واري رجحان پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
    • هي هڪ ميني فيسٽو آهي جنهن کي ضرورت آهر مناسب نموني ڪتب آڻڻ گهرجي.
    • ان سان انهن سڀني مذهبي نموني جي دليلن جي نفي ٿي وڃي ٿي جن تي باغيانه خيال رکڻ وارا غير وفادار ڀاڙين ٿا.
    • سر جيمس مسٽن رٿ ڏني آهي ته قاعدي موجب ان جو واپسي اطلاع به ڏنو وڃي ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته حڪومت وٽ اها ڪهڙي صورت آهي جنهن موجب هن کي شايع ۽ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
    • هي صوبائي سطح جي حيثيت کان ڪيترو ئي وڌيڪ اهميت رکڻ وارو دستاويز آهي.
    • ليفٽيننٽ گورنر کي ڄاڻ آهي ته حڪومت طرفان ديني ڌرين کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش هميشه سنجيده ۽ گهڻو ڪري احتياط واري هوندي آهي پر هن وقت صورتحال اهڙي آهي جو ديوبند جي مولوين جو خود اهڙو قدم وقتائتو آهي.
    • تقريباً هڪ سال اڳ هز آنر کي انهن ذريعن اطلاع ڏنو هو ته ڪاليج ۾ گڙٻڙ ٿي رهي آهي ان ڪري پاڻ ڪاليج ۾ اچڻ فرمائين. پر ان وقت هز آنر ان رٿ کي اهو چئي ڪري رد ڪري ڇڏيو ته پرنسپل ۽ اسٽاف پاران باضابطه دعوت ڏيڻ کان سواءِ هو اچي نٿو سگهي.
    • ان کان پوءِ هز آنر پهرئين مارچ 1915ع تي ڪاليج جو دورو ڪيو باوجود هن جي ته محمد علي ۽ دهليءَ جا ٻيا تحريڪي ورڪر جلسي ۾ موجود هئا پوءِ به هز آنر جو شاندار استقبال ڪيو ويو.
    • ڪاليج جي سمورن فردن جي موجودگي ۾ رسمي ۽ خيرمقدمي تقريرن جو تبادلو ٿيو.
    • ان کان پوءِ ڪاليج جي لائبريري جي سٺي ماحول ۾ دل کولي آزادانه نموني سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اهڙي نموني هڪ ٻئي سان دوستي جا بهتر لاڳاپا قائم ٿيا.
    • پرنسپل (محمد احمد) کي وائسراءِ طرفان شمس العلماء جو خطاب ڏيڻ ۽ سندن طرفان بلڪل اوچتي نموني پيش ڪيل سپاسنامي سان هي لاڳاپا هيڪاري وڌيڪ مضبوط ٿيا. ليفٽيننٽ گورنر جو خيال آهي ته ان جا نتيجا دور رس ۽ اطمينان جوڳا هوندا.


    هوم ڊيپارٽمنٽ گورنمينٽ آف انڊيا جي سيڪريٽري ڏانهن يوپي گورنمينٽ جي سيڪريٽري جي خفيه خط و ڪتابت

    هوم ڊيپارٽمنٽ گورنمينٽ آف انڊيا جي سيڪريٽري ڏانهن يوپي گورنمينٽ جي سيڪريٽري جي خفيه خط و ڪتابت
    9 جنوري 1916ع
    بحواله: ڊي- او 1939 مرقومه 18 ڊسمبر 1915ع

    آءٌ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته حڪومت (بمبئي) کي تار ڪئي ويئي آهي ته:
    • محمود الحسن ۽ خليل احمد انداز موجب ان بحري جهاز ۾ آهن جيڪو ڪويت کان 10 جنوري 1916ع بمبئي پهچي رهيو آهي.
    • بمبئي جي حڪومت کي خبردار ڪيو ويو آهي ته اترئين هندستان جي مسلمانن جي گهڻائي انهن ٻنهي جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي. ان موقعي تي انهن ٻنهي جي گرفتاري يا نظربندي مسلمانن ۾ ڳڻتي ۽ بي آرامي جو سبب بنجي سگهي ٿي. بمبئي حڪومت ان صورتحال کان بچڻ گهري ٿي ۽ هي رٿ پيش ڪئي اٿس ته انهن ماڻهن جي پهچڻ تي سندن سختيءَ سان جهڙتي ۽ جانچ پڙتال ڪئي وڃي. پوءِ جيڪڏهن ڪا اعتراض جوڳي شيءِ هٿ نه اچي ته به انهن تي سخت چوڪسي رکجي ۽ انهن جو جيڏانهن وڃڻ جو خيال هجي اوڏانهن اڳواٽ تار وسيلي خبردار ڪيو وڃي.
    • توهان پنهنجي ڊي- او 4974 مرقومه 13 ڊسمبر 1915ع ۾ خطرو ڏيکاريو آهي ته محمودالحسن سرحد ڏانهن هليو ويندو تنهن ڪري هز آنر بمبئي حڪومت کي تار ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سندس رٿيل نموني سان ان جي سختيءَ سان تلاشي ورتي وڃي ۽ پوءِ انڊيا آرڊيننس جي ڀڃڪڙيءَ جي الزام ۾ ان کي پوليس جي تحويل ۾ الهه آباد پهچايو وڃي.
    • تجويز ڪيو ٿو وڃي ته حڪومت جي حڪمن موجب ضروري ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ آئنده ڪاروائي جو مدار سندس تلاشيءَ جي نتيجي تي ٻڌل هوندو ۽ الهه آباد ۾ پڇاڳاڇا ڪئي ويندي.
    • الهه آباد ۾ محمود الحسن ۽ خليل احمد کي في الحال سول جيل ۾ رکيو ويندو.
    (گورنمينٽ آف انڊيا هوم ڊيپارٽمنٽ، پوليٽيڪل ڊ پازٽ پروسيڊنگز جنوري 1916 ص 40 نمبر47)


    مولانا محمود حسن جي باري ۾ سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي خفيه رپورٽ جيڪا هوم ڊيپارٽمنٽ کي موڪلي ويئي.

    مولانا محمود حسن جي باري ۾ سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي خفيه رپورٽ جيڪا هوم ڊيپارٽمنٽ کي موڪلي ويئي.
    (1) ديوبند جي شمس العلماء مولوي محمد احمد ڪالهه هي اطلاع ڏنو آهي ته:
    • هيڊماسٽر (شيخ الهند و صدرالمدرسين) جو خط پهتو آهي ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان (مولانا محمود الحسن) مديني ۾ انور پاشا سان ملاقات ڪئي آهي ۽ معاملا طئي ٿيندي ئي هو ديوبند موٽي ايندو. ان جا مقصد هي آهن:
    (الف)پنهنجي ايجنٽن وسيلي سرحد تي گڙٻڙ پيدا ڪرڻ
    (ب) هندستان ۾ انگريزن خلاف نفرت پکيڙڻ
    (2) ان (شمس العلماء) ٻڌايو آهي ته:
    • استنبول ۽ هندستان جي غير وفادار مسلمانن ۾ بحر احمر مان ويندڙ بحري جهازن ذريعي ڪافي خط و ڪتابت ٿي چڪي آهي.
    • بلغاريه جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ۽ غيرمتوقع طور تي سرو يا جي ايترو جلدي ڀاڄ کائڻ سبب غيروفادار ماڻهن جا حوصلا گهڻو وڌي ويا آهن.
    (3) هن اهو به ٻڌايو ته ڊاڪٽر انصاري ۽ سندس مائٽ (ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق) پنهنجي سنگت ساٿ ۾ اها ڳالهه پکيڙي رهيو آهي ته:
    (الف) هو (شمس العلماء) حڪومت کي اطلاع پڄائي رهيو آهي.
    (ب) ليفٽيننٽ گورنر کي هيڊماستر (صدر مدرس مولانا محمود الحسن) جي نظربنديءَ جي سفارش ڪئي هئائين جنهن کي وائسراءِ رد ڪري ڇڏيو.
    (4) هيڊماستر (صدر مدرس) ايترو اثر رسوخ ڪيئن حاصل ڪيو آهي؟ ان جي جواب ۾ هن (شمس العلماء) ٻڌايو ته:
    (الف) سندس عمر (70 سال) ۽ ان جي پرهيزگاري ۽ بزرگي.
    (ب) ان جي ڏاهپ ۽ تقدس
    (ج) ۽ هي ته هو شمس العلماء جي پيءُ مولانا محمد قاسم نانوتوي جو مکيه شاگرد آهي. شمس العلماء جو پيءُ به هڪ وڏو مولوي هو جنهن پنجاهه سال اڳ دارالعلوم جو بنياد رکيو هو.
    (د) ۽ ان جو دارالعلوم سان گهرو لاڳاپو. (بقول ان جي ته پوري هندستان ۾ هي پنهنجي نموني جو اڪيلو ادارو آهي.)
    (5) ان (شمس العلماء) جو بيان آهي ته هي تکيءَ طبيعت وارو ۽ غيرصلح پسند آهي.


    سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي حڪومت هند لاءِ خفيه انفارميشن

    سهارنپور جي ڪلڪيٽر جي حڪومت هند لاءِ خفيه انفارميشن

    (1) شمس العلماء محمد احمد اطلاع ڏنو آهي ته:
    • هيڊماستر (صدر مدرس) اڃان تائين عرب کان واپس نه آيو آهي.
    • ڊاڪٽر انصاريءَ جو ڀاءُ عبدالرزاق ڪڏهن ڪڏهن مطلوب الرحمان سان ديوبند ۾ ملڻ ايندو آهي.
    • هي همراهه (مطلوب الرحمان) به هيڊماستر (صدر مدرس) سان گڏجي عربستان ويو هو ۽ لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ موٽي آيو آهي.
    • هي ٻئي (عبدالرزاق ۽ مطلوب الرحمان) بلقان ۾ جرمني جي سوڀن کي وڌائي ڪري پيش ڪري رهيا آهن ۽ ايئن پيا چوندا ڦرن ته جنگ جو فيصلو هندستان ۾ ٿيندو. هندستان ۾ حفاظتي انتظامن جي جيڪا کوٽ آهي ان تي عبدالرزاق چٿرون ڪندو رهندو آهي.
    (2) شمس العلماءَ وڌيڪ ٻڌايو آهي ته:
    • ان (شمس العلماءَ) جو پنهنجو موڪليل ماڻهو عبدالاحد ڪشميري (جنهن کي هن مولانا محمودالحسن سان سندس سرگرمين جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو) گذريل مهيني مطلوب الرحمان سان گڏجي هندستان موٽي آيو آهي.
    • هن (عبدالاحد ڪشميري) ٻڌايو آهي ته هيڊماستر (صدر مدرس مولانا محمود الحسن) جون انور پاشا سان (جيڪو استنبول طرفان خليفي جو نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي) هڪڙي هفتي تائين ملاقاتون جاري رهيون.
    • ان اهو به ٻڌايو ته چاليهه پنجاهه هزار فوجي ترڪن جي اڳواڻي ۾ مڪي جي ويجهو گڏ ٿيا ۽ طائف جي رستي اڀرندي روانا ٿيا آهن تان ته استنبول ۾ اسان جي فوجن جي مواصلاتي نظام کي ڪٽي ڇڏين. منهنجي خيال ۾ طائف مڪي کان ٻن منزلن جي فاصلي تي ٽڪرين تي ٻڌل هڪ شهر آهي.
    (بحواله گورنمينٽ آف انڊيا هوم ڊيپارٽمينٽ پوليٽيڪل ڊپازٽ پروسيڊنگز جنوري 1916ع نمبر 47)
    پندرهن روزه رپورٽ 18 جنوري 1916ع تائين


    پنجاب جي اندروني سياسي صورتحال

    يوپي جنگ جي حوالي سان 16 جنوري 1916تائين.

    پنجاب جي موجوده سياسي صورتحال ۾ بظاهر ڪابه تبديلي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. پر عام طور تي ماڻهن ۾ بي آرامي پيدا ٿي آهي. چالو حالتن بابت چوٻول هلي رهيا آهن. بلقان، ايران ۽ افغانستان جي تازن واقعن کي ترڪي جا محمدن اتحادي برطانيه جي شان شوڪت جي ابتڙ سمجهي رهيا آهن. توڙي جو برطانيه مخالف سوچ کلي ڪري پڌري ناهي ٿي پر مسلمان ويڙهاڪن لاءِ ترڪي مان آيل امداد جون ڳالهيون عام آهن. افغانستان ۾ ترڪ جرمن ايجنٽن جون سرگرميون ۽ سرحدي قبيلن ۾ باغيانه صورتحال بابت اٿيل افواهن پنجاب جي هندن کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي. راولپنڊي ڊويزن جي ڪمشنر خبر ڏني آهي ته هندو ٿرٿلي ۾ آهن توڙي جو اڃان سندن خلاف ڪا اهڙي خاص ڳالهه ڏسڻ ۾ ڪانه آئي آهي، پر ڪابل ۾ پيدا ٿيل صورتحال ۽ پکيڙيل خيال جتي ڪٿي ويچار هيٺ آهن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن پهچ وارن هندن کي کلي ڪري ڳالهائڻ جي موڪل ملي ته ڪجهه حالتن ۾ هڪ سٺي تبديلي اچي سگهي ٿي. هو حڪومت کان اهو مطالبو ڪندا ته مسلمانن تي اجايو ڀروسو نه ڪيو وڃي. هن (ڪمشنر راولپنڊي) اهو به ٻڌايو آهي ته هنن حالتن ۾ مسلمان به ڪو گهڻو خوش نه آهن. جالنڌر ڊويزن جا هندو ته خاص طور تي پريشان آهن. ڪمشنر اهو به ٻڌايو آهي ته صورتحال ۾ تازي تبديلي ايران ۾ گڙٻڙ ۽ جرمني پاران پٺاڻن کي ڀڙڪائڻ وارين ڪوششن، جنگ جا جيڪي موقعا پيدا ڪيا آهن تن جي ڪري هندو گهڻو پريشان ۽ هراسيل آهن. هو هاڻي اهو سمجهڻ لڳا آهن ته سندن مفادن جو بچاءُ ان ڳالهه ۾ آهي ته هو حڪومت جا ٻانهن ٻيلي بنجي وڃن. لکيا پڙهيا مسلمان به ان ڳالهه تي مطمئن آهن ته ترڪي بلقان وار گهوٽالي مان نڪري ويو آهي. ضلع شاهه پور جتي مسلمان گهڻائي ۾ آهن سي سمجهن ٿا ته ميسوپو ٽيميا عراق جون حالتون سازگار نه آهن. قصور ضلع لاهور جا مسلمان جيڪي گهڻو ڪري لاقانونيت جا عادي آهن سي به غيرمطمئن آهن. سندن خيال آهي ته يورپين کي جيتري قدر دفاعي جنگ لاءِ طاقت گهربل آهي سان وٽن ڪانه آهي. ڪابل ۾ آيل ترڪ جرمن وفد• بابت به ڪيتريون ئي افواهون هلي رهيون آهن. انهن مان هڪ هي به آهي ته ڪابل جي امير کوڙسارين سوکڙين سان گڏ اها تلوار به ورتي آهي جيڪا ترڪيءَ جي سلطان سان سهڪار ڪرڻ واري عزم جي نشاني آهي.



    باب ڇهون


    ڪجهه بزرگ شخصيتون ريشمي خطوط سازش ڪيس جي آئيني ۾

    شخصيتون

    ريشمي خطوط سازش ڪيس جي ڪيترن ئي دفعن ۾ حضرت شيخ الهند ۽ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي اسلام دوستي ۽ حريت نوازي واري ڏوهه جو ذڪر آيو آهي ۽ پوءِ سازش ڪيس سان لاڳاپيل ماڻهن جي ڊائريڪٽري ۾ ٻنهي بزرگن جو تذڪرو آيو آهي. هتي ان استغاثي جا ڪجهه لاڳاپيل دفعا ۽ تذڪري جا اهي چونڊ جملا جيڪي 1915ع تائين وارين حالتن ۽ فڪري رجحانن تي روشني وجهن ٿا، مرتب ڪيا ويا آهن ان کان سواءِ انهيءَ مضمون ۾ جن ٻين بزرگن جو ذڪر آيو آهي انهن بابت ريشمي خطوط سازش ڪيس جي ڊائريڪٽري مان سي- آءِ- ڊي جي راين ۽ ٻي ضروري معلومات کي مرتب ڪيو ويو آهي.


    (1) حضرت مولانا محمودالحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي

    (1) حضرت مولانا محمودالحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي
    (الف) ريشمي خطوط سازش ڪيس جو استغاثو •
    سازشين شروع کان ئي سمجهي ڇڏيو هو ته عوام ۾ زياده تعصب ۽ تشدد پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن ۾ تبليغ لاءِ مشنري تيار ڪيا وڃن ۽ اهي ماڻهو هجن به مولوي طبقي مان جيئن اسان ڏٺو آهي ته سازش جي ڪرتا ڌرتا مولوي عبيدالله ديوبند ۾ مولوين جي هڪ مکيه مدرسي کي استعمال ڪيو تان ته هينئن چئي سگهجي ته سازش جي شروعات ديوبند مان ٿي آهي. عبيدالله جيڪو نئون مسلمان سک هو ان جو مذهبي جنون دنگ تي پهتل هو. ان پاڻ به ديوبند ۾ تعليم پرائي هئي.
    6-مدرسي ۾ عبيدالله سنڌيءَ جو اثر تيزي سان وڌڻ لڳو. ان مدرسي جي استادن، شاگردن ۽ گهڻن ماڻهن ۾ پنهنجا بغاوت وارا خيال ڀري ڇڏيا آهن. هن مولانا محمود الحسن کي اڳ ۾ ئي پنهنجو هم خيال بنائي ڇڏيو هو. پر مدرسي جي انتظاميه مدرسي کي پيش ايندڙ خطرن جو اندازو ڪري ويئي تنهن ڪري عبيدالله کي مدرسي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن (مولانا سنڌيءَ) مولانا (محمود الحسن) کي سندس علمي درجي سبب ۽ پڻ ديني علمن جي ڄاڻو ۽ رهنما هجڻ سبب جيڪا شهرت حاصل هئي ان جي ڪري کيس ان سازش جو علامتي اڳواڻ بنائي ڇڏيو.
    7-عبيدالله جو منصوبو هو ته مدرسي کي پنهنجي ڪم جو مرڪز بنائي ڪري اتحاد اسلامي ۽ برطانيه دشمني واري پنهنجي تحريڪ کي انهن سوين مولوين جي مدد سان پوري هندستان ۾ پکيڙي ڇڏي جيڪي ديوبند جي مدرسي مان تعليم پرائي مذهب اسلام جي تبليغ لاءِ پري هندستان ۾ پکڙيل هئا.
    8-عبيدالله انگريزي پڙهيل ماڻهن جهڙوڪ انيس احمد بي- اي خواجه عبدالحي ۽ قاضي ضياءُ الدين بي- اي کي مدرسي ۾ داخل ڪيو. انهن ماڻهن کي جمعيت الانصار جي فنڊ مان وظيفا ڏنا ويندا هئا. مولوي مرتضيٰ حسن اسان کي ٻڌايو ته عبيدالله جمعيت الانصار ۾ هڪ خفيه جماعت ٺاهي هئي. هي هڪ قسم جو اندروني جٿو هو جنهن جا مقصد ۽ مول متا پڌرا نه ڪيا ويا هئا پر خواري جي حدتائين اعتراض جوڳا هئا. تنهن ڪري مدرسي جي اڳواڻ (شمس العلماء حافظ محمد احمد) وجهه وٺي مولوي عبيدالله کي گهرايو ۽ کيس جٺ ڪئي.
    13- برطانوي حڪومت سان (مولانا محمودالحسن) جي ان ناراضگي تي (جيڪا ترڪي ۽ بلقان جي جنگين ۽ ڪانپور واري مسجد جي ٺاهڻ سبب پيدا ٿي هئي) اها ڪڙاڻ ۽ ڪاوڙ اڃان اٽل ۾ آهي جيڪا مولانا (محمود الحسن) جي احساسن ۾ شمس العلماء حافظ محمد احمد مهتمم ۽ مولانا حبيب الرحمان نائب مهتمم جي رويي سبب پيدا ٿي هئي. هي ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته مولانا محمود حسن جي شخصي عظمت جي ڪري عوام ۾ جيڪا سندس پذيرائي آهي تنهن جي ڪري مدرسي ۾ سندن اثر رسوخ گهٽ آهي. هي ماڻهو پنهنجي پر ۾ ايئن سمجهندا رهيا آهن ته مولانا محمودالحسن مهتممن جي سنجيده ۽ دوستاڻن مشورن کان محروم ٿي ڪري مولانا عبيدالله ۽ ابوالڪلام آزاد جهڙن ماڻهن جي هاڃيڪار اثر هيٺ اچي ويو آهي.
    14- مدرسي جي ساک کي باقي رکڻ لاءِ مجلس منتظمه فيصلو ڪيو آهي ته عبيدالله کي سندس ساٿين انيس احمد وغيره سميت مدرسي مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. مولانا (محمودالحسن) ان فيصلي کي پسند نه ڪيو هو. اڳ ۾ ئي مهتمم جي ان ڳالهه تي ناراض هو ته هن مولوي محمد ميان کي بنا ڪنهن ڏوهه جي کيس ٻڌائڻ بنان مدرسي مان ڪڍي ڇڏيو جيڪو هن (محمودالحسن) جي شان جي خلاف هو. مولانا محمد ميان کي ديوبند ان لاءِ گهرايو ويو هو ته هو ڪجهه ڪمن ۾ مولانا (محمودالحسن) جي مدد ڪري پر پوءِ هي انتهائي سرگرم سازشي بنجي ويو.
    15- ديوبند مان عبيدالله جي نيڪالي جو اهو مطلب نه هو ته اتي هن جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو هو. ڇو ته اسان ڏسون ٿا ته مولانا (محمودالحسن) جي بيٺڪ سيپٽمبر 1915ع تائين جيسن مولانا حجاز روانو نه ٿيو هو سازشين جو اڏو بني رهي، عبيدالله ۽ ٻيا ماڻهو صلاح مشوري لاءِ اتي ايندا رهندا هئا.

    (ب) سازش سان لاڳاپيل ڊائريڪٽري
    (1) ريشمي خطوط سازش ڪيس سان لاڳاپيل ڊائريڪٽري ۾ مولانا محمودالحسن جو ذڪر تفصيل سان آيو آهي ان جا چند جملا هي آهن:
    مولانا محمودالحسن ديوبند جو صدر مدرس بزرگي ۽ تقدس جي ڪري مشهور آهي. ان جي مريدن ۾ چڱا چوکا مسلمان اڳواڻ به آهن. عبيدالله جي اثر ۾ اچڻ جي ڪري ان جي خيالن ۾ ڦيرو اچي ويو. ديوبند ۾ ان جو گهر اسلامي اتحاد جي سازشين جو اڏو هو. هن سرحد پار قبائلين کي جهاد تي ڀڙڪائڻ لاءِ سيف الرحمان، فضل الاهي ۽ فضل محمود وغيره کي اوڏانهن موڪليو. هندستاني اسلامي اتحاد واري سازش ۾ مولانا جي قائدانه شخصيت ۽ ان جي اڳواڻي تمام اهم آهي.
    مٿين ذڪر ڪيل ڊائريڪٽري ۾ مولانا عبيدالله سنڌي بابت 1915ع جي ڪارگذارين جي حوالي هي معلومات ڏنل آهي.
    عبيدالله پهرئين سک هو ان جو اصل نالو بوٽا سنگ هو. ميان والي ضلع سيال ڪوٽ جو رهڻ وارو آهي. شروعاتي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪري ورتو هئائين. ابتدائي تعليم سنڌ ۾ ورتي اٿس پوءِ ديوبند جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ هن ٻارنهن سال سنڌ ۾ گذاريا جتي پير جهنڊي ۽ نواب شاهه ۾ مدرسو کوليائين. 1910ع ۾ واپس ديوبند آيو جتي پارٽي جمعيت الانصار قائم ڪيائين. بلقان واري جنگ ۾ هلال احمر فنڊ لاءِ پيسا گڏ ڪرڻ ۽ بديسي مال جي بائيڪاٽ جي تبليغ ڪرڻ سبب اهميت ۽ مشهوري حاصل ڪيائين. تنهن بعد هو دهلي ۾ رهيو جتي هن ”نظارة المعارف القرآنيه“ قائم ڪيو جنهن جو اڃان تائين هو ناظم آهي. هو مولانا ابوالڪلام آزاد، قاضي ضياءُالدين، مولوي (ابو محمد) احمد چڪوالي، حسرت موهاني، محمد علي ڪامريڊ، شوڪت علي، مولوي عبدالرحمان عرف مولوي بشير، مولوي غلام محمد (دينپور) مولوي عبدالقدس (دين پور) شيخ عبدالرحيم (حيدرآباد سنڌ) وغيره جو ساٿي رهيو آهي. مولانا محمود الحسن جو پڪو مريد آهي. هن مولانا (محمودالحسن) تي اثر وڌو نيٺ هن ان کي اتحاد اسلامي جو وڏو مبلغ بنائي ڇڏيو. هو ديوبند جي خفيه مشورن ۽ صلاحن ۾ شريڪ هوندو هو.


    (2)مولانا حبيب الرحمان عثماني (نائب مهتمم دارالعلوم ديوبند)،

    (2)مولانا حبيب الرحمان عثماني (نائب مهتمم دارالعلوم ديوبند)،
    مولانا فضل الرحمان جو پٽ، مولانا عزيزالرحمان (مفتي دارالعلوم) ۽ مولانا شبير احمد عثماني (مدرس دارالعلوم) جو وڏو ڀاءُ. ان جو ذڪر ”ريشمي خطوط سازش ڪيس“ ۾ شمس العلماءَ محمد احمد سان گڏ ڪيترا ڀيرا آيو آهي. حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ جي مخالفت ۽ انگريز پرستيءَ ۾ ٻئي بزرگ هم خيال هئا. سازش ڪيس جي ڊائريڪٽري ۾ ان بابت لکيل آهي ته،
    حبيب الرحمان نائب مهتمم مدرسه ديوبند عبيدالله ۽ محمودالحسن جي اسڪيمن ۾ شامل نه ٿيو. ان کي وفادار سمجهي سگهجي ٿو.


    (3)شمس العلماء مولانا محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند)

    (3)شمس العلماء مولانا محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند)
    شمس العلماء حضرت قاسم العلوم والخيرات مولانا محمد قاسم نانوتوي جو فرزند ۽ دارالعلوم ديوبند جو مهتمم حضرت شيخ الهند جي سياسي تحريڪ جو زبردست مخالف هو. ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ ان جو انگريزن جي وفادار جي حيثيت سان ڪافي ڀيرا ذڪر آيو آهي. سازش ڪيس جي لاڳاپيل ڊائريڪٽري ۾ مدرسه جي ضمن ۾ ان بابت لکيل آهي ته،
    مدرسه ديوبند جو پرنسيپل شمس العلماء حافظ محمد احمد آهي جيڪو ان مدرسي جي مرحوم باني (مولانا محمد قاسم) جو فرزند آهي وفادار ۽ شريف ماڻهو آهي.
    (پوين صفحن ۾ محمد احمد جي عنوان هيٺ هيئن سڃاڻپ ڪرايل آهي.)
    شمس العلماء حافظ محمد احمد پٽ قاسم (نانوتوي) باني مدرسه ديوبند، هي مدرسه جو مهتمم آهي ۽ وفادار آهي.


    *(4)(مولانا شبير احمد عثماني مدرس دارالعلوم ديوبند)

    *(4)(مولانا شبير احمد عثماني مدرس دارالعلوم ديوبند)
    مولانا بابت سازش ڪيس جي ڊائريڪٽري ۾ خاص طور تي هي جملا لکيل آهن.
    مطلوب الرحمان جو ڀاءُ آهي ۽ ديوبند جي مدرسي ۾ استاد آهي. سندس ٻيا ٻه ڀائر حبيب الرحمان ۽ مفتي عزيزالرحمان به مدرسي جي عملي ۾ شامل آهن. هو وڏو فاضل مولوي آهي. پهرئين (مولانا) عبيدالله جو دوست هو، پر پوءِ ان جو ڪٽر دشمن بنجي ويو. ديوبند مان ان جي نيڪالي جو خاص ذميوار اهوئي آهي.


    باب ستون : ريشمي خطن وارا سازشي

    (سڊيشن ڪميٽي 1918ع جي رپورٽ جي روشني ۾)

    حضرت شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني جي هٿ اکر لکيل ڪتاب (نقش حيات) جي هڪڙي حوالي ۾ سڊيشن ڪميٽي (1918ع) جي رپورٽ جو ذڪر آيو آهي، ان جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو نقل به ڪيو اٿن. هتي ان رپورٽ جون لاڳاپيل شقون (164 کان 166) تائين پوريون لکيون وڃن ٿيون. انهن جي پڙهڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي برطانوي حڪومت جي نظر ۾ ڪيڏا نه خطرناڪ شخص هئا ۽ حڪومت اترئين هندستان مان سندن اثرن کي ميسارڻ لاءِ ڇو آئي هئي ۽ هي به خبر پوي ٿي ته شمس العلماء حافظ محمد احمد ۽ مولانا حبيب الرحمان عثماني وارن جو ڪارنامو برطانوي حڪومت جي مفادن جي نقطه نظر سان ڪيڏو نه ساراهه جوڳو هو.
    پر هي ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي جو حڪومت حافظ محمد احمد کي ته هر نموني سان نوازيو پر مولانا حبيب الرحمان نائب مهتمم جي عظيم الشان خدمتن جي مڃتا ۾ رڳو حيدرآباد واري نوڪري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏنو. جڏهن ته نائب مهتمم جو خدمتون به مهتمم جي خدمتن کان گهٽ بنهه ڪين هيون. دارالعلوم ۾ مولانا سنڌي خلاف جيڪي سازشي ڪرتوت ڪيا ويا انهن جي پوري پلاننگ ۽ منصوبه بندي حضرت نائب مهتمم ئي ته ڪئي هئي. (ا. س. ش)


    (چوڏهين باب جو آخري حصو)

    (چوڏهين باب جو آخري حصو)
    (ريشمي خطن وارا سازشي)

    164- مجاهدن جا گهڻگهرا ٿورا آهن، انهن جو حال احوال ڏيڻ به هن خط ڪتابت واري سلسلي جي هڪ ضروري ڪڙي آهي. اُهي ماڻهو جن کي اڳتي اسان ”ريشمي خطن وارا سازشي“ لکنداسين سي هندستاني مسلمانن جي مدد سان انهن سازشن کي ڪامياب ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. آگسٽ (1916ع) ۾ ان سازش جو راز کليو جيڪا سرڪاري ڪاغذن ۾ ”ريشمي خطن واري سازش“ جي نالي سان سڏجي ٿي. هيءَ هڪ اهڙي رٿا هئي جيڪا هندستان ۾ ئي تيار ڪئي ويئي هئي. ان جو مقصد هي هو ته اتر اولهه سرحدن کان هندستان تي هڪ حملو ٿئي هوڏانهن ملڪ اندر وري مسلمان بغاوت ڪري اٿن ته جيئن برطانوي سلطنت کي تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي. ان رٿا تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي سگهاري بنائڻ لاءِ هڪڙي شخص مولوي عبيدالله پنهنجن ٽن ساٿين عبدالله، فتح محمد ۽ محمد علي کي ساڻ ڪري آگسٽ (1915ع) ۾ اتر اولهائين سرحدن کي پار ڪيو. عبيدالله سک مان مسلمان ٿيو آهي ۽ گڏيل صوبن (يو- پي) جي ضلع سهارنپور ۾ مسلمانن جي مذهبي مدرسه ديوبند ۾ هن مولوي جي تعليم پرائي آهي. اتي هن پنهنجي جنگي ۽ برطانيه مخالف خيالن سان مدرسي جي عملي مان ڪن ماڻهن ۽ ڪجهه شاگردن کي متاثر ڪيو ۽ سڀني کان اهم شخصيت جنهن تي هن پنهنجو اثر وڌو سو مولانا محمود حسن صاحب آهي جيڪو مدرسي جو گهڻي وقت کان هيڊ مولوي ٿي رهيو آهي. عبيدالله گهريو ٿي ته ديوبند جي مشهور مدرسي جي فارغ التحصيل مولوين جي مدد سان سڄي هندستان ۾ برطانيه مخالف ۽ اسلامي جوش جذبي جي تحريڪ هلائي پر ان رٿا آڏو مدرسي جو مهتمم ۽ انجمن جا ڪجهه ماڻهو آڏ بنجي پيا. انهن هن کي سندس ڪجهه ساٿين سميت مدرسي جي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڳالهه جو به ثبوت ملي ويو آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن مصيبتن ۾ ڦاٿو رهيو پر پوءِ به هو مولانا محمود الحسن وٽ ايندو ويندو رهيو. مولانا جي جاءِ تي لڪيل اجلاس ٿيندا رهيا ۽ اها به خبر ملي آهي ته سرحد پار کان به ڪي ماڻهو اتي ايندا هئا. (18 سيپٽمبر 1915ع) تي محمود الحسن به هڪ شخص محمد ميان ۽ ڪجهه دوستن سميت عبيدالله وانگر ملڪ ڇڏي ويو پر هو اترين علائقن ڏي وڃڻ بجاءِ عرب جي صوبه حجاز ۾ رهڻ لاءِ روانو ٿيو.
    عبيدالله ملڪ مان نڪرڻ کان اڳ دهلي ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو ۽ ٻه اهڙا ڪتاب ڇپرايا جن ۾ هندستاني مسلمانن کي جنگي ۽ مذهبي جوش جذبي جو سبق ڏنل هو ۽ کين جهاد واري اتاهين فرض ادا ڪرڻ لاءِ اڀاريو ويو. ان شخص جو پنهنجن دوستن سميت جن ۾ مولانا محمودالحسن به آهي عام مقصد اهو هو ته هندستان تي مسلمان حڪومتن طرفان هڪ زوردار حملو ڪرايو وڃي ۽ ملڪ اندر موجود مسلمانن جي بغاوت سان ان حملي کي وڌيڪ طاقتور بنايو وڃي.
    هاڻي اسان انهن ڪوششن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي انهن ماڻهن پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. عبيدالله ۽ سندس دوست اڳ ۾ سرحد جي مذهبي جيالن وٽ ويا ۽ ان کان پوءِ ڪابل پهتا هو اتي ترڪ جرمن وفد جي ميمبرن سان مليا ۽ انهن سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ سندن ديوبندي دوست محمد ميان انصاري به ساڻن اچي مليو. هي شخص مولانا محمود الحسن سان گڏجي عربستان ويو هو ۽ (1916ع) ۾ هو جهاد وارو فرمان کڻي واپس آيو. جيڪو حجاز جي ترڪي فوجي حاڪم غالب پاشا مولانا محمود الحسن کي ڏنو. رستي ۾ محمد ميان ان تحرير، ”جيڪا غالب نامي جي نالي سان مشهور آهي“ جا نقل هندستان ۽ سرحدي قومن ۾ ورهائيندو آيو هو.
    عبيدالله ۽ سندس سازشي ساٿين هڪ رٿا اها به تيار ڪئي هئي ته جڏهن برطانوي راڄ کي ميساريو ويندو تڏهن هندستان ۾ هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي ويندي. هڪ شخص نالي مهندر پرتاب ان جو صدر ٿيو. هي شخص هڪ کاڌي پيتي هندو گهراڻي جو خود خيال وهمي طبيعت جو ماڻهو آهي. 1916ع ۾ کيس سوئيزرلينڊ ۽ فرانس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ويزا ملي ته هو سڌو جنيوا ويو اتي هو هرديال سان مليو ۽ هرديال هن جي ڪونسل سان سڃاڻپ ڪرائي ان کان پوءِ هو برلن هليو ويو.
    (عبيدالله جي هڪ سٺي دوست مهندر پرتاب لاءِ لکيو آهي ته رٿائن تيار ڪرڻ ۾ انتهائي تيز ۽ غيرمعمولي ماڻهو هو ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هو ڪنهن وڏي بادشاهي جو ڌڻي هجي پر ڪم ڪرڻ وقت بالڪل موڳو هوندو هو، محنت ڪرڻ کان نٽائيندو هو.) اتان کان (برلن کان) هن کي ڪنهن خاص مشن لاءِ موڪليو ويو ڇو ته جرمن ماڻهن تي هن پنهنجي شخصيت جو وڌائي چڙهائي اثر وڌو. عارضي حڪومت ۾ عبيدالله پاڻ هندستان جو وزير ٿيڻ وارو هو ۽ وري ڪرشنا ورما جو دوست ۽ آمريڪن غدار پارٽي جو ميمبر برڪت الله جنهن برلن کان ڪابل جو سفر ڪيو هو، سو عارضي حڪومت ۾ وزيراعظم ٿيڻ وارو هو. هي شخص ڀوپال رياست جي هڪڙي ملازم جو پٽ هو. انگلستان، آمريڪا ۽ جاپان مان ٿي آيو هو. هي شخص ٽوڪيو ۾ هندستاني ٻولي جو پروفيسر مقرر ٿيو اتي هن برطانيه جي خلاف هڪ نهايت تکي اخبار ”اسلامڪ فريٽر نٽي“ ڪڍي هئي اڳتي هلي ان اخبار کي جاپاني حاڪمن بند ڪري ڇڏيو ۽ تنهن بعد کيس ان عهدي تان به هٽايو ويو. پوءِ هو آمريڪا هليو ويو جتي پنهنجي غداري دوستن سان وڃي مليو.
    اهي جرمني مان جيڪي مقصد کڻي افغانستان ۾ آيا هئا، سي جڏهن انهن ۾ ناڪام رهيا ته (1916ع) ۾ واپس هليا ويا مگر هندستاني اتي ئي رهيا.
    عارضي حڪومت وارن روسي ترڪستان جي حاڪم ۽ زار روس کي خط لکيا. جن ۾ هنن لکيو ته روس کي گهرجي ته عظيم برطانيه جي اتحاد تان هٿ کڻي وڃي ۽ هندستان مان برطانوي راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ هلندڙ تحريڪن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿئي. انهن خطن تي مهندر پرتاب جون صحيحون ٿيل هيون. نيٺ اهي خط برطانيه جي ورچڙهي ويا، روسي شهنشاهه جي نالي جيڪو خط هو سو سون جي پتري تي لکيل هو، جنهن جو عڪسي فوٽو اسان کي ڏيکاريو ويو آهي.
    عارضي حڪومت، ترڪي حڪومت سان اتحاد ڪرڻ جي به صلاح ڪئي هئي ۽ ان مقصد لاءِ عبيدالله پنهنجي پراڻي دوست مولانا محمود الحسن کي خط لکيو. ان خط سان گڏوگڏ مولانا محمد ميان انصاري 8 رمضان مطابق 9 جولاءِ 1916ع تي به هڪ خط لکي ان سان گڏ بند ڪري حيدرآباد سنڌ جي شيخ عبدالرحيم ڏي هڪ نوٽ لکي موڪليو. اهو شخص اڄڪلهه روپوش آهي. شيخ عبدالرحيم کي ان نوٽ ذريعي هدايت ڪيل هئي ته هو اهي خط ڀروسي جوڳي حاجي هٿان مولانا محمود حسن کي پهچائي. اهي خط هيڊي ريشمي ڪپڙي تي تمام سٺن اکرن ۾ صفائي سان لکيل هئا. محمد ميان جي خط ۾ هي ڳالهيون لکيل هيون.
    جرمن ۽ ترڪ وفد جو اچڻ ۽ جرمنين جو واپس هليو وڃڻ ۽ ترڪن جو بي فائدو رهي پوڻ، غالب نامي جي اشاعت، عارضي حڪومت جي رٿا ۽ خدائي فوج جي رٿيل ترتيب ۽ بيهڪ. ان فوج بابت اها تجويز هئي ته ان لاءِ هندستان مان رنگ روٽ ڀرتي ڪيا ويندا ۽ مسلمان حاڪمن ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ڪيو ويندو. محمود حسن انهن سڀني مامرن کي عثماني سلطنت تائين پهچائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. عبيدالله جي خط ۾ خدائي فوج جو هڪ نقشو هو ان فوج جو هيڊڪوارٽر مدينو ۽ جنرل انچيف محمود الحسن ٿيڻ وارو هو. ٻيا هيڊڪوارٽر مقامي جرنيلن جي هٿ هيٺ قسطنطنيه، تهران ۽ ڪابل ۾ قائم ٿيڻا هئا. ڪابل ۾ خود عبيدالله جرنيل مقرر ٿيڻ وارو هو. ان نقشي ۾ 3- سرپرست 12 فيلڊ مارشلن ۽ ٻين کوڙسارن وڏن فوجي آفيسرن جا نالا هئا. لاهور جي ڀڳل شاگردن مان هڪ ميجر جنرل هڪ ڪرنل ۽ ڇهه ليفٽيننٽ ڪرنل ٿيڻا هئا. جيڪي ماڻهو انهن وڏن عهدن لاءِ چونڊيا ويا هئا تن مان گهڻا اهڙا هئا جن سان ان مقرري بابت صلاح مشورو ڪونه ڪيو ويو هو، پر ريشمي خطن مان جيڪي خبرون مليون آهن تن مان ڪن جو تدارڪ ضروري هو، سو ڪيو ويو.
    ڊسمبر 1916ع ۾ محمود الحسن ۽ ان جا چار ساٿي حڪومت برطانيه کي هٿ اچي ويا. اهي هن وقت جنگي قيدي آهن ۽ سلطنت برطانيه جي ڪنهن علائقي ۾ نظربند آهن. غالب پاشا جنهن غالب نامي تي صحيح ڪئي هئي سو به اڄڪلهه جنگي قيدي آهي ۽ هن اها ڳالهه مڃي آهي ته برابر مون ان ڪاغذ تي صحيح ڪئي هئي جيڪو محمود الحسن واري ڌر منهنجي سامهون پيش ڪيو هو. ان جي ضروري حصن جو ترجمو هي آهي.
    ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جا مسلمان هر قسم جي هٿيارن سان ليس ٿي ڪري الله جي راهه ۾ جهاد لاءِ اٿي پيا آهن. خدائي قادر قيوم جو شڪر آهي جو ترڪي فوج ۽ مجاهدين اسلام دشمنن تي زور ٿي ويا آهن. تنهن جي ڪري اي مسلمانو! ان ظالم عيسائي حڪومت تي حملو ڪري ڏيو، جنهن جي قيد ۾ توهان پيل آهيو. بلڪل تڪڙو پنهنجن پڪن ارادن سان پنهنجي مڙني ڪوششن کي دشمن جي ماري ڇڏڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ انهن سان نفرت ۽ دشمني ظاهر ڪريو! اوهان کي هي ڄاڻڻ گهرجي ته مولوي محمود الحسن (جيڪو پهرئين هندستان جي مدرسي ديوبند ۾ هو) اسان وٽ آيو ۽ اسان سان مشورو ڪيائين اسان ان خيال ۾ سندس تائيد ڪئي ۽ کيس ضروري هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن اهو توهان وٽ اچي ته اوهان ان تي ڀروسو ڪجو ۽ هڙان وڙان جيڪا به شيءِ هو گهري ان سان سندس مدد ڪجو.

    (نتيجو)
    165- هن باب ۾ جيڪي واقعا لکيا ويا آهن انهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪي ڳڻ ڳڻيا مذهبي مجنون مسلمان، هندستان ۾ بغاوت پکيڙڻ لاءِ ڪيڏو نه آتا آهن ۽ پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ هنن برطانيه مخالف دشمنن سان اتحاد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن. جنگ ڀڙڪائڻ لاءِ سندن طريقو اهو آهي ته پهرئين ڳجهه ڳوهه ۾ سازشون ۽ رٿائون تيار ڪن ٿا ۽ پوءِ کلي ڪري ڏڦيڙ مچائن. ڪڏهن اهي رنگ روٽ ڀرتي پيا ڪن ته ڪڏهن چندا گڏ پيا ڪن ۽ ڪڏهن باغين ڏانهن پيسا پيا موڪلين ته ڪڏهن وري پاڻ پيا اتي وڃن سدائين بغاوت لاءِ نصيحتون پيا ڪن. انهن جي نقصان کان بچڻ لاءِ عام مسلمانن جي وفاداري ۽ سرڪار جي ڏهڪاءَ ۽ دٻدٻي جو اثر اهي ئي ٻه ذريعا ٿي سگهن ٿا.


    (پندرهون باب)

    (پندرهون باب)
    انهن سڀني سازشن جي جوڙجڪ ۽ ناڪامي
    166- هيستائين اسان انهن سڀني سازشن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڇڏي آهي جيڪي انقلابي تحريڪ سان لاڳاپيل هيون. بمبئي ۾ هي ماڻهو نج برهمڻ ۽ گهڻو تڻو چت پون آهن. بنگال ۾ سازشي ماڻهو وچولي ڪلاس جا نوجوان آهن. سندن صوبي ۾ انهن جي جوڙيل سازشن سبب خونريزي ۽ ڦرلٽ جو هڪڙو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بهار اڙيسا گڏيل صوبا (يو-پي) وچ وارا صوبا (C. P) ۽ مدراس ۾ انهن سازشن اڃان پاڙون پختيون نه ڪيون آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن ڏوهه ۽ بدامني جو سبب بنبيون آهن. پنجاب ۾ آمريڪا کان واپس وريل ماڻهو بغاوت ۽ خونريزي ڪرڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن.
    انهن ڪيترائي ڏوهه ڪيا آهن. 1915ع جي بغاوت واري سازش به انهن جي ڪري ٿي هئي. برهما ۾ به زورشور سان بغاوت جون تياريون ٿي رهيون هيون پر ان جا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. پڇاڙي ۾ مسلمانن جي هڪڙي سازش جو راز کليو جيڪا ڪجهه مذهبي جيالن تائين محدود هئي ۽ سندن ارادو هي هو ته ٻاهرين ملڪن جي مدد سان برطانوي سلطنت کي ميساري ڇڏين. هي سڀ سازشون هڪڙي مقصد لاءِ ڪيون ويون هيون ته هندستان مان برطانوي راڄ جي تڏا ويڙهه ڪئي وڃي. ڪڏهن ته اهي پنهنجي مٿي ڪٿي ڌار ڌار رهيا ته ڪڏهن وري انهن کي هڪ ٻئي سان جوڙيو ويو. ڪڏهن جرمن اثر سان انهن کي سگهارو بنايو ويو، پر هندستان جي وفادارن جي مدد سان انهن سڀني مصيبتن جو ڪامياب مقابلو ڪيو ويو. پر اها ڳالهه حيرت يا اچرج جهڙي نه آهي ته اهڙيون سازشون جيڪي انتهائي حوصلي ۽ احتياط سان ڪيون ويون تن بابت حڪومت سخت ۽ غيرمعمولي قانون بنائڻ تي مجبور ٿي هجي. ايندڙ باب ۾ اسين ٻڌائينداسين ته امن واري وقت جا ٺاهيل قانون قاعدا سازش سبب پيدا ٿيل ههڙين سخت حالتن ۾ ناڪام ڇو رهندا آهن.
    نوٽ:
    پوين پنن ۾ جنهن سڊيشن ڪميشن جو ذڪر آيو آهي اها گورنمينٽ آف انڊيا جي هوم ڊيپارٽمينٽ جي هڪ ٺهراءَ نمبر 28810 بتاريخ 4 ڊسمبر 1917ع دهلي موجب قائم ڪئي ويئي هئي. ان جي قائم ڪرڻ جا ٻه مقصد بيان ڪيا ويا آهن:
    (1) هي ڪميشن هندستان جي سياسي ۽ انقلابي تحريڪ سان لاڳاپيل ڏوهاري سازشن جي اصليت ۽ پکيڙ بابت ڇنڊڇاڻ ڪري هڪ رپورٽ ترتيب ڏيندي.
    (2) اهڙين سازشن کي وائکي ڪرڻ لاءِ جيڪي ڏکايون سامهون اچن ٿيون تن تي ڳوڙهو ويچار ڪندي ۽ جي ضرورت پئي ته مناسب قانون جوڙڻ لاءِ پنهنجو رايو ڏيندي ته جيئن سرڪار اهڙين سازشن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي سگهي. ان ڪميٽي جي صدارت لاءِ سرڪار هز ميجسٽي جي هاءِ ڪورٽ آف جسٽس جي کنگز بينچ ڊويزن جي جسٽس ايس- اي- ٽي رولٽ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، ان ڪميٽي جا رڪن هي همراهه هئا.
    (1) سرباسل اسڪاٽ ڪي- ٽي چيف جسٽس بمبئي
    (2) ديوان بهادر سي- وي ڪمار سوامي شاستري جج هاءِ ڪورٽ مدراس
    (3) سرور ني- لووٽ ڪي- سي- ايس- آئي ميمبر بورڊ آف ريوينيو
    گڏيل صوبا يو- پي
    (4) مسٽر پرواش چندر متر وڪيل هاءِ ڪورٽ ڪلڪته ۽ ايڊيشنل ليجس ليٽو ڪونسل بنگال
    ان ڪميٽي جي سيڪريٽري جا فرض مسٽر جي- ڊي- وي. هاج آئي- سي- ايس بنگال ادا ڪيا.
    جنوري 1918ع ۾ ان ڪميٽي پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ چند مهينن ۾ ئي پنهنجو ڪم پورو ڪري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي سفارش موجب فروري 1919ع تي ليجسليٽو ڪونسل ۾ هڪ بل پيش ڪيو ويو جنهن کي پوءِ پاس ڪيو ويو. اهو بل ۽ قانون رولٽ ايڪٽ جي نالي سان مشهور ٿيو. مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سڊيشن ڪميٽي قائم ڪرڻ، مليل حقيقتن مان نتيجا ڪڍڻ، قانون جوڙڻ ۽ لاڳو ڪرڻ وارن سڀني ڪمن جي پس منظر ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جي انقلابي ڪوششن جو وڏو هٿ هو ۽ هتان وطن جي آزادي واري تاريخ جو هڪ نئون دور شروع ٿئي ٿو ۽ ان دور جي رهنمائي ۾ به حضرت شيخ الهند جي انقلابي جماعت جو حصو سڀني کان وڌيڪ هو.


    (ضميمو پهريون)

    (ضميمو پهريون)

    غالب نامه

    سڊيشن ڪميٽي جي رپورٽ ۾ نمبر 164 جي پڇاڙي ۾ غالب نامي جي ڪن حصن جو ترجمو ڏنو ويو آهي. پر هي ترجمو پهرئين انگريزيءَ ۾ پوءِ ان انگريزي تان وري اردو ۾ ترجمو ٿيو. وري به ان جي تلخيص ڪندي هو ٻولي ۽ صحيح مطلب بيان ڪرڻ کان گهڻو پرڀرو ٿي ويو هو. تنهن ڪري هتي غالب نامي جو مڪمل اردو ترجمو مولانا محمد ميان جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”تحريڪ شيخ الهند“ مان کڻي هتي شامل ڪيو وڃي ٿو. غالب نامي جو ترجمو اصل عربي ۽ ترڪي تحرير موجب هن ريت آهي.

    حجاز شريف جي گورنر غالب پاشا جي فرمان جو نقل
    قائم مقام (نمائنده) اعليٰ حضرت خليفه رسول رب العالمين اميرالمؤمنين دام اقباله
    هي ڳالهه ڪنهن کان به لڪيل نه آهي ته عالمي جنگ گذريل هڪ سال کان ترڪي جي اسلامي حڪومت ڏانهن ڪر کنيو بيٺي آهي، روس، فرانس ۽ انگريز (اسلام جا دشمن) عثماني سلطنت جي ملڪن تي بري ۽ بحري حملا ڪري رهيا آهن. ان صورتحال کي سامهون رکندي حضرت اميرالمؤمنين خليفة المسلمين رڳو الله پاڪ جي مدد ۽ خاتم الانبياء عليه الصلواة والسلام جي روحاني طاقت تي ڀروسو ڪندي مقدس جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي جواب ۾ ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي مسلمانن لبيڪ چيو آهي. سي هر قسم جي هٿيارن سان ليس ٿي ميدان جنگ ۾ ڪُڏي ڪاهي پيا آهن. الله جو شڪر آهي جو ترڪي فوج ۽ مجاهدن جو انگ دشمنن جي انگ کان وڌي ويو آهي ۽ انهن دشمنن جي طاقت کي ماري ٽوڙي، اخلاقي نموني ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. چنانچه روسين جي فوج جو هڪ وڏو حصو قفقازيه ۾ تباهه ڪيو ويو آهي ۽ هڪ لک برطانوي ۽ فرانسيسي فوج ۽ جنگي جهاز دره دانيال ۽ ٻين هندن تي ڀينگ ڪيا ويا آهن. ترڪن، جرمنن ۽ آسٽريلين اوڀر ۾ روسين کي ۽ اولهه ۾ فرانسين ۽ بلجيڪين کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. روسي ۽ فرانسي علائقي جي ٽئين حصي تي ۽ سڄي بيلجيم تي قبضي ڪرڻ کان سواءِ لکين رائفلن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سامان تي به قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هزارين فوجين کي قيدي بنايو ويو آهي. هاڻي بلغاريه به مرڪزي طاقتن سان گڏجي جنگ ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ ان سربيا جي علائقي ۾ اندر گهڙي اتان جي ماڻهن کي زورائتي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. تنهن ڪري منهنجو هي پيغام منهنجي سلامن سان گڏ انهن مسلمانن تائين پهچايو وڃي جيڪي انهن حڪومتن جي غلامي ۾ آهن ته هاڻي حڪومتون مڪمل نموني شڪست کائي ويون آهن ۽ هاڻي بلڪل لاچار نڌڻڪيون ٿي ويون آهن ۽ هاڻي مسلمانن آڏو جنهن طاقت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي سو رڳو خيال آهي.
    مسلمانو! اڄ اوهان جي ڇوٽڪاري جو ڏينهن آهي تنهن ڪري پنهنجي غلامي، خواري ۽ گهٽتائي تي راضي نه رهجو! بي شڪ آزادي، ڪاميابي، سوڀ ۽ مدد اوهان سان گڏ آهي. هاڻي غفلت جي ننڊ مان جاڳو ۽ گڏجي سڏجي پنهنجي اندر تنظيم ۽ اتحاد پيدا ڪريو. پنهنجي صفن کي سڌو رکو ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن شين سان هٿيار بند ڪريو جيڪي اوهان کي ضروري ۽ ڪافي هجن ۽ پوءِ ان ظالم ۽ ڏاڍ واري عيسائي حڪومت جي خلاف اٿي پئو جنهن جي غلامي جو ڪمزور ڳٽ اوهان جي ڳچي ۾ پيل آهي. ان غلامي جي زنجير کي پنهنجي مذهب جي طاقت ۽ دين جي تيز ڌار سان ڪٽي ڇڏيو، اهڙي طرح پنهنجي وجود ۽ انساني آجپي وارن حقن کي حاصل ڪري وٺو. اسين انشاءَ الله تڪڙو ئي پوري سوڀ ۽ ڪاميابي کان پوءِ ڪو ٺاهه ڪنداسين ته ان ۾ توهان جي حقن جي پوريءَ ريت حفاظت ۽ بچاءُ ڪنداسين. تنهن ڪري هاڻي دير نه ڪريو ۽ پڪي پهه ۽ ارادي سان دشمن جي نڙگهٽ تي لت ڏيئي کيس موت جي منهن ۾ پهچائي ڇڏيو ۽ ان سان دشمني ۽ ڌڪار جو مظاهرو ڪريو اسين اوهان ڏي ڀروسي ۽ اعتماد جي نظر سان ڏسون ٿا تنهن ڪري هي وجهه نه وڃايو، دل متان هاريو ۽ مٿاهين پالڻهار کان دلي مرادن پوري ٿيڻ جي اميد رکو.
    اوهان کي هي به ڄاڻڻ گهرجي ته مولانا محمود الحسن (جيڪو اڳ ۾ ديوبند هندستان جي مدرسي ۾ هو.) اسان وٽ آيو، اسان سان صلاح ڪيائين. اسان ان بابت ساڻس متفق آهيون ۽ ان کي ضروري هدايتون به ڏنيون آهن ان تي ڀروسو ڪجو! جيڪڏهن هو توهان وٽ اچي ته هڙان وڙان مطلب ته جيڪا شيءِ گهري ان سان سندس سهڪار ڪجو.
    (دستخط غالب پاشا والي حجاز)


    (ضميمو ٻيون)

    (ضميمو ٻيون)

    هڪ هٿ گهڙيو داستان سچائين جي سوجهري ۾

    مجروح ہورہی ہیں وفاداریاں تو کیا
    کیسے ہر ایک بات پہ کہہ دوں بجا کہا۔
    ڪجهه ڏينهن اڳ دارالعلوم ديوبند جي اهتمام واري دفتر پاران حضرت مولانا قاري محمد طيب (مدظله) مهتمم دارالعلوم ديوبند جو هڪ اٺن پنن وارو ڪتابڙو ”ایک خود ساختھ داستان کی حقیقت“ جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي. ڪن ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته هن کان اڳ ۾ اهو رسالو ماهنامه دارالعلوم ۾ به ڇپجي چڪو آهي. ان ڪتابڙي ۾ حضرت مهتمم صاحب احقر جي هڪ تقرير جي ڪن ٽڪرن تي تنقيد ڪرڻ فرمائي آهي. اها تقرير 9 شوال 1400هه تي ديوبند ۾ ”کل هند مؤتمر ابنائے قديم“ دارالعلوم ديوبند جي اجلاس وقت ڪئي ويئي هئي. جيئن ته هي اجلاس عالمي مؤتمر جي طرفان ٿي رهيو هو. جيڪا دارالعلوم ديوبند جي پراڻن شاگردن جي آزاد تنظيم آهي. تنهن ڪري موقعي جي مناسبت سان دارالعلوم جي شاگردن جي پهرين تنظيم ”جمعيت الانصار“ جو ذڪر به ان ۾ اچي ويو. جيڪا مولانا عبيدالله سنڌي ؓ جي نظامت هيٺ 1327هه مطابق سال 1909ع ۾ قائم ٿي هئي. جنهن مولانا سنڌيءَ مرحوم جي سچائي، محنت ۽ ڍنگائتي نموني ڪم ڪرڻ سبب ٿورڙن ڏينهن ۾خاصي موچاري مقبوليت ۽ مشهوري ماڻي هئي پر بدقسمتي سان دارالعلوم جي ٻڌي ڇوڙي وارا ان کي سهي نه سگهيا ۽ تنظيم جي ڪرتا ڌرتا حضرت مولانا عبيدالله سنڌي کي مختلف حيلن بهانن ۽ ٽل ٽيڪڙن سان دارالعلوم کان ڌار ڪري ان وڌڻ ويجهڻ واري تنظيم کي دٻائي ڇڏيو.
    هونئن ته اپريل 1980ع کان ئي ڪيترن ئي هٿ ٺوڪين پرچن، اڻ ڳڻيل چوپڙين ۽ لڳاتار بيانن وسيلي يقين ۽ تصور کان پرڀرا بهتان ۽ بازاري ٻوليءَ ۾ تهمتن وارين تحريرن جو سلسلو جاري آهي جن تي دارالعلوم جو بيحد و حساب پئسو هاريو پيو وڃي. مولانا محمد سالم (مهتمم صاحب جو پٽ) جي اڳواڻي ۾ ڪن مفاد پرستن جو ٽولو ايترو ته هيٺ لهي آيو آهي جو سڄو هندستان اهو تماشو ڏسي رهيو آهي ۽ وري مهتمم صاحب جي ناٺي جي نگراني ۾ هلندڙ دهلي وارو دفتر به مهينن کان اهي ئي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. پر هتي ترديدي مضمون سڌوسنئون حضرت مهتمم صاحب جي نالي سان سندس دفتر مان شايع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هن حقير کي مُئلن کي گاريون ڏيڻ وارو، طعنا ڏيڻ وارو، دارالعلوم جو دشمن، قصا گهڙڻ وارو، بهتان مڙهڻ وارو، افسانه نگار، تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ وارو ۽ نفس پرست جهڙا لقب ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ ان مضمون ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون هيون جن جي تاريخ جي روشني ۾ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تمام ضروري آهي تانته اهي سچايون نکري نروار ٿي بيهن جن تي هن مضمون ۾ پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
    ان مضمون ۾ منهنجي تقرير جو جيڪو حوالو پنجن سٽن ۾ نقل ڪيو ويو آهي سو ڪيتري قدر صحيح ۽ سچو آهي ان ڳالهه کي اتي ئي ڇڏيون ٿا. رڳو ان هٿ گهڙي خلاصي کي سامهون رکي ڪري جيڪي اعتراض جوڙيا ويا آهن ۽ تقرير ۾ بيان ڪيل واقعن کي تاويلن جي ٿلهن پردن هيٺ لڪائڻ جي جهڙي نموني ڪوشش ڪئي ويئي آهي، فقط ان جو جائزو وٺندا هلون ٿا. ان مضمون ۾ چيو ويو آهي ته مولانا اسعد پنهنجي تقرير ۾ مولانا سنڌي کي جمعيت الانصار جو باني سڏيو آهي ان کي رد ڏيندي هيئن لکي ٿو:
    ”هي دعويٰ ان حدتائين مڃڻ جوڳي آهي ته مؤتمر الانصار جي سوچ پهرين پهرين مولانا سنڌيءَ جي دماغ ۾ آئي پر ان حدتائين غلط آهي ته جمعيت مولانا سنڌيءَ جوڙي هئي. جمعيت انهن ئي بزرگن حضرت شيخ الهند، حضرت مولانا محمد احمد صاحب، حضرت مولانا حبيب الرحمان عثماني رحمهم الله جن مولانا سنڌي جي صلاح ڏيڻ کان پوءِ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري جوڙي هئي.“ (داستان کي حقيقت ص 4-5)
    پهرئين ڳالهه اها آهي ته هي تقرير جون ڳالهيون آهن، ٿي سگهي ٿو ته احقر جمعيت الانصار جو باني حضرت شيخ الهند کي چيو هجي يا ماڳهين ڪنهن جو به نالو نه ورتو هجي. تقريرن ۾ ته اهي گهٽ وڌايون ٿينديون رهنديون آهن جن تي وٺ پڪڙ به ڪانه ڪبي آهي. وري لکت ۾ نه هجڻ ڪري اڳتي لاءِ انهن جو ڪو رڪارڊ به نه هوندو آهي. پر ان هوندي به جيڪڏهن ايئن ڪرڻ پڪڙ جوڳو ڏوهه آهي ته انتهائي ادب سان عرض ڪندس ته:
    ایں گنا ہیست کہ در شہر شمانیز کنند
    ٿورو ”مختصر تاريخ دارالعلوم“ جو مطالعو ته ڪري ڏسو، حضرت مهتمم صاحب مولانا سنڌي مرحوم جي زندگي جا حالات بيان ڪندي لکن ٿا:
    دارالعلوم ۾ پاڻ (مولانا سنڌي) جمعيت الانصار قائم ڪئي جنهن جا ٻه وڏا وڏا جلسا مراد آباد ۽ ميرٺ ۾ ٿيا. پاڻ دارالعلوم کي علمي ڍنگ سان ملي تحريڪ جو مرڪز بنائڻ ٿي گهريو جنهن جو پهريون نقش جمعيت الانصار هو.
    سوال اهو آهي ته جنهن ڳالهه کي مهتمم صاحب لڳ ڀڳ سترهه ارڙهه سال اڳ تاريخي انداز ۾ لکي چڪو آهي. اڄ ان ئي ڳالهه کي ايڏي زورشور سان رد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آڏو اچي ويئي. متان ان بيان مان فاضلن لاءِ تنظيم جوڙڻ وارو فطري حق ته ثابت نٿو ٿئي جيڪو مهتمم صاحب ڪنهن قيمت تي کين ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي؟
    حضرت مولانا عبيدالله سنڌي کي دارالعلوم ديوبند مان ڇو ڪڍيو ويو؟ ان جو سبب بيان ڪندي هيئن لکن ٿا:
    ان (مولانا عبيدالله سنڌي) کي ڌار ڪرڻ، جمعيت الانصار کي ختم ڪرڻ جي ڪري بلڪل نه هو پر سوچ ويچار ۾ فرق ۽ ڪجهه فروعي اختلافن جي بنياد تي هو جيڪي دارالعلوم جي سڄي سنگت کي پريشان ڪري رهيا هئا. (ص 46)
    مولانا سنڌي مرحوم کي دارالعلوم مان ڪڍڻ وارو اڻوڻندڙ واقعو جنهن زماني ۾ ٿيو هو تڏهن مهتمم صاحب سندس چوڻ موجب اڃان ننڍڙو هو، علمي ڳالهين ٻولهين کي سمجهي نه سگهندو هو. ان جي ابتڙ مولانا مناظر احسن گيلاني مرحوم جنهن کي پاڻ مهتمم صاحب ان ئي رسالي ۾ حضرت شيخ الهند جي خاص شاگردن ۾ ڳڻيو آهي. (ص 7) سو ان وقت دارالعلوم ۾ دوري حديث جو شاگرد هو جيڪو مهتمم صاحبان وٽ به ڀروسي جوڳو ۽ ان قصي جو اکين ڏٺو شاهد پڻ. تنهن ان سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي سو مهتمم صاحب جي تحقيق جي ابتڙ آهي. پاڻ لکي ٿو:
    ٻي ڳالهه جنهن کي ان سلسلي جي ڪڙي سمجهڻ گهرجي يعني مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مدرسي وارن جي ڇڪتاڻ پوءِ به هلندي رهي ۽ اهو مسئلو به چٽو ٿيندو ويو ته حضرت شيخ الهند ۽ مولوي عبيدالله ٻنهي جي سوچ مدرسي جي ٻڌي ڇوڙي وارن جي سوچ کان ڌار ٿيندي پئي وڃي. تبليغ وارو مسئلو ته خير هڪ علمي مسئلو هو پر اصل ۾ انهن ٻنهي ڌرين ۾ حقيقي اختلاف سياسي طريقي ڪار بابت هو.
    (ماهنامه دارالعلوم ص 42 جمادي الثاني 1372هه)
    مهتمم صاحب ڪن فروعي مسئلن کي ان ڌار ٿيڻ جو سبب ٿو ڪوٺي. جڏهن ته ان مامري جو اکين ڏٺو شاهد مولانا گيلاني جي زباني اجهو هينئر توهان ٻڌو ته علمي مسئلو ته مڙيئي وچ ۾ اٽڪايل هو ان جو اصل سبب سياسي طريقي ڪار هو. وري مزي جي ڳالهه ته اها آهي جو حضرت شيخ الهند ان قصي ۾ نه رڳو مولانا سنڌي سان گڏ پر ان ۾ قومي سياست جو جذبو پيدا ڪرڻ وارو به پاڻ حضرت شيخ الهند آهي پر چوڻي آهي ته ”نزلو هميشه ضعيف عضوي تي ڪِرندو آهي“ تنهن ڪري غريب مظلوم مولانا سنڌي کي ان جو نشانو بنايو ويو ۽ کين پنهنجي مادر علمي جي پاڇي کان به هميشه لاءِ پري ڪيو ويو تانجو مولانا سنڌي کي دهلي ۾ پناهه وٺڻي پئي.پر حضرت شيخ الهند تي سڌوسنئون آڱر کڻڻ جي ڪنهن ۾ به سگهه ڪانه هئي.
    حضرت شيخ الاسلام قدس سره ان سلسلي ۾ هڪ نرالو انڪشاف ڪيو آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ته مولانا سنڌي مرحوم کي خود برطانوي حڪومت جي اشاري تي دارالعلوم کان ڌار ڪيو ويو هو. ان ئي ڪارنامي جي بنياد تي ان وقت جي مهتمم صاحب کي شمس العلماء جو خطاب ڏنو ويو. حضرت شيخ الاسلام جن لکن ٿا:
    بهرحال اصلي سبب اهو مامرو آهي جنهن جي بنياد تي سرجيمز مسٽن، گورنر يوپي ديوبند ۾ ويو هو ۽ مهتمم صاحب کي شمس العلماء جو خطاب عطا ڪيو. (نقش حيات ص 240 ج 2 حاشيه)
    ان جي وڌيڪ تصديق لنڊن مان حاصل ٿيل ريشمي خطوط سازش ڪيس سان لاڳاپيل ريڪارڊ مان به ٿئي ٿي. حڪومت برطانيه جو سي- آءِ- ڊي، جمعيت الانصار بابت ڏنل رپورٽ ۾ لکي ٿو ته:
    شروع ۾ ديوبند جي مدرسي جي سڄي مجلس منتظمه جمعيت الانصار جي حق ۾ هئي. جلد ئي عبيدالله انگريزي پڙهيل نوجوانن کي شاگرد ڪري رکڻ شروع ڪيو. ان تي اداري جي اڌوگابري سياسي شڪل ٿي ويئي. جڏهن بلقان جي جنگ شروع ٿي ۽ ديوبند جي ذميوار ماڻهن ترڪي جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ فتويٰ جاري ڪئي ته اوچتو ئي اوچتو جمعيت الانصار پنهنجي اصلي روپ ۾ اچي وئي ۽ انگريز جي خلاف تمام ڪٽر دشمن سياسي جماعت بنجي ويئي. مولوي، شاگرد ۽ ٻين ماڻهن کي مبلغ بنائي موڪليو ويو ۽ ترڪي جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ هلال احمر جي فنڊ ۾ وڏيون وڏيون رقمون گڏ ٿيڻ لڳيون. پرڏيهي سامان جي بائيڪاٽ لاءِ وڏي زورشور سان تبليغ ڪئي ويئي. ان جي هڪڙي شاخ ”قاسم المعارف“ ڪلڪتي شهر ۾ وڏي تيزيءَ سان چندو گڏ ڪيو ان تي مدرسي جا ڪجهه سياڻا ماڻهو هوشيار ٿي ويا ۽ انهن اهڙا اختلاف پيدا ڪري وڌا جو عبيدالله کي 1913ع ۾ استعيفا ڏ يڻي پئي ۽ پوءِ تڪڙو ئي ان اداري جو وجود به ختم ٿي ويو (ریشمی خطوط سازش کیس کون کیا ہے ص 69)
    هڪ ٻي جاءِ تي مولانا عبيدالله مرحوم ۽ جمعيت الانصار جي حڪومت مخالف سرگرمين جي تفصيلي رپورٽ لکڻ کان پوءِ اهو ئي سي- آءِ- ڊي لکي ٿو:
    مدرسي جي نيڪ ناميءَ کي باقي رکڻ لاءِ مجلس منتظمه فيصلو ڪيو ته عبيدالله کي انيس احمد ۽ سندس ساٿين سميت مدرسي مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. مولانا (شيخ الهند) اهو فيصلو پسند نه ڪيو.
    انهن چٽين ثابتين هوندي به مهتمم صاحب جو ضد ان ڳالهه تي آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي مرحوم کي (نعوذبالله) ارتدادي عقيدي وارو چئي ڪري مدرسي مان سندس نيڪالي واري ڳالهه کي (به ان سان ڳنڍي) تنظيم ۽ سياسي سرگرمين کان ڪٽي ڇڏجي. جڏهن ته حضرت شيخ الاسلام ۽ مولانا گيلاني ۽ حڪومت جو سي- آءِ- ڊي ٽئي ان ڳالهه تي متفق آهن. مولانا سنڌيءَ جي مدرسي مان نيڪالي ۽ جمعيت الانصار جي ڀڃ ڊاهه رڳو ان بنياد تي هئي ته مولانا سنڌي مرحوم مهتممن جي برخلاف جمعيت الانصار جي سرگرمين جو رخ انگريز سرڪار جي مخالفت ڏانهن موڙي ڇڏيو هو ۽ سچ پچ به حضرت شيخ الهند وٽ جمعيت الانصار جي جوڙڻ جو مقصد به اهوئي هو.
    هاڻي ٻڌايو وڃي ته مدرسي وارا پراڻن شاگردن جي تنظيم جا ڪيترا حامي ۽ شوقين هئا، انهن تنظيم جوڙي ڪڏهن؟ جيڪڏهن اتفاق سان ٺهي ويئي هوندي ته به ان کي باقي وقت ڏنو هوندائون؟
    پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، هن وقت عالمي مؤتمر کي ئي ڏسي وٺو ته اهي ئي مهتمم سڳورا ان جي مخالفت ۾ ڪهڙي نه بيهودي نموني هٿياربند ٿي ميدان ۾ لهي پيا آهن ۽ پنهنجن ئي پراڻن شاگردن کي خوار خراب ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نه جتن ڪري رهيا آهن. تانجو مسلڪ مشرب کي پٺيرو رکي مودودين سان لئون لڳائي پئي وڃي. وري حيرت جي ڳالهه ته اها آهي جو ان پڌري پٽ مڃيل ڳالهين ڏي هن فقير رڳو اشارو ڪيو آهي ته مهتمم صاحب ايڏو تپي باهه ٿي ويو آهي جو کيس سابّ الموتيٰ (مئلن کي گاريون ڏيندڙ) ۽ داستان ساز وغيره بنائي ڇڏيو. پر ساڳين ڳالهين کي اڄ کان لڳ ڀڳ 28- 29 سال اڳ مولانا گيلاني نه رڳو زباني پر انهن کي قلمبند ڪري، مهتمم صاحب جي ئي نگراني هيٺ شايع ٿيندڙ رسالي ماهنامه دارالعلوم ۾ ڇپائي به ڇڏيو ته به مهتمم صاحب نه ته مولانا گيلاني صاحب تي ڏمريو نه ئي وري ڪنهن ترديدي مضمون لکڻ جي ضرورت محسوس ڪيائين. آخر اهو فرق ڇو؟ متان مولانا گيلاني خلاف ترديدي مضمون لکڻ ۾ اهو ڊپ ته ڪونه هو جو جيڪڏهن ان کي ڇيڙبو ته ڪيترائي ٻوٿ ٻڌل راز کلي پوندا.
    اڳتي هلي ڪري پنهنجي ساڳئين دعويٰ کي سگهاري بنائڻ لاءِ هٿ پير هڻندي لکن ٿا:
    ”وري ان مسلڪ جي فرق کي ايڏو گهرائي سان محسوس ڪري مولانا سنڌي کي دارالعلوم مان ڌار ڪرڻ وارو پڪو ارادو اصل ۾ حضرت باني اعظم حضرت مولانا قاسم نانوتوي صاحب ؓ جي ان بنيادي اصول تي ٻڌل هو جيڪو سندس اٺن اصلن مان هڪ مکيه اصول آهي، جيڪي پاڻ دارالعلوم ۽ ٻين ديني مدرسن لاءِ جوڙيا هئا. حضرت اقدس لکن ٿا ته هي ڳالهه تمام ضروري آهي ته مدرسي جا استاد هم مسلڪ هجن ۽ زماني جي عام، عالمن وانگر خود خيال ۽ ٻين جي پٽڪن لاهڻ وارا نه هجن. الله نه ڪري جيڪڏهن اهڙو وقت آيو ته مدرسي جو خير نه آهي.“ (داستان کي حقيقت ص7)
    هاءِ! اڄ به مودودين سان قرب ونڊڻ وقت به ته ان اصول جو خيال رکيو وڃي ها ۽ مودوديت نواز ڪارڪن رکي ڪري دارالعلوم جي مسلڪ کي تين وال نه ڪيو وڃي ها. بزرگن جو اصول اکين تي پر ڇا اها ڳالهه صحيح آهي ته مولانا عبيدالله مرحوم ديوبندي مسلڪ مشرب جو پابند نه هو تنهن ڪري مٿين اصول جي روشني ۾ ان کي نيڪالي ڏني وئي؟ نه، بلڪل نه دارالعلوم مان کيس ڪڍڻ جو اصل سبب سندس برٽش حڪومت مخالف پاليسي هئي، جنهن کي اسين گذريل سٽن ۾ سگهارن دليلن سان تفصيلي نموني ثابت ڪري چڪا آهيون. باقي رهيو مولانا سنڌي جي مسلڪ ۽ مشرب جو سوال ته ان جي لاءِ حضرت شيخ الاسلام مولانا وابونا سيد حسين احمد مدني قدس سره جي تحرير ڏسو:
    ”جن ماڻهن کيس (مولانا سنڌي کي) 1326هه يا ان کان پوءِ واري زماني ۾ ڏٺو آهي اهي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته مولانا صاحب گهڻو تڻو ماٺ ۾ رهندا هئا. اجائي لٻاڙ ۽ بي فائدي ڪمن کان ڪوهين ڏور ۽ ذڪر فڪر سان گڏ علمي ڪمن ۾ رڌل ۽ پنهنجن وڏڙن ۽ عالمن سان وفادار، عقيدتمند ۽ ادب ڪرڻ وارا هوندا هئا. سندن هر چرپر ۽ سڪون مان، هر ڳالهه ۽ عمل مان سنجيدگي ۽ سياڻپ ٽپڪندي هئي. سندن زندگي جي ڪل موڙي قرآن پاڪ جي خدمت، حديث ۽ فقه جي ڪتابن جي اشاعت ۽ تعليم هئي. مٿن ڏوڪڙ پيسي ۽ ٺٺ ٺانگر جو ڪوبه اثر نه هو .پيسي کي ته هو ٺڪري نه پر ڦولڻي وانگر سمجهندا هئا. دنياوي لئي ۽ خلق ۾ پاڻ کي مقدس ڪري پيش ڪرڻ کي اجايو ۽ واهيات ڪم سمجهندا هئا. شاهوڪارن ۽ اميرن سان لاڳاپا ته پري رهيا پر مورڳو ساڻن نفرت ڪندا هئا، غريبن، فقيرن شاگردن ۽ الله وارن سان کيس وڏي محبت هوندي هئي. ڏينهن رات خلق جي عقيدن ۽ عملن کي سڌارڻ سنوارڻ لاءِ جاکوڙيندا هئا ۽ مسلمانن جي ترقي لاءِ تڙپ ۽ مسلمان امت کي مغرب جي زهريلي تعليم ۽ بي ديني جي وبائي جراثيمن کان بچائڻ سندن نصب العين هو. (ذاتي ڊائري: مولانا عبيدالله سنڌي ص 43)
    مٿين عبارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهي وڃو، اجائي لٻاڙ ۽ بي فائدي ڌنڌن کان بچڻ وارو، ذڪر فڪر ۽ علمي ڪمن ۾ رڌل رهندڙ، عبادت ۽ نيڪ ڪمن جو ڪوڏيو، ديني بزرگن ۽ امت جي عالمن جو وفادار ۽ عقيدتمند، ڏاهپ ۽ سياڻپ جو مجسمو، ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله جي خدمت واري ڪل موڙي جو مالڪ، ڏوڪڙ پيسي ۽ دنياوي لئي ۽ ٺٺ ٺانگر کان بي پرواهه مست الست، اميرن ۽ هوند وارن کان پاسيرو، فقيرن، شاگردن ۽ الله وارن جو عاشق، نيڪ ڪمن ۽ عقيدن جي سڌاري لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ اهڙا ٻيا سٺا گڻ ڪنهن جا ڳڻايا پيا وڃن؟ اهي سڀيئي سٺيون عادتون ۽ گڻ انهيءَ مظلوم حضرت سنڌي جا ئي ته آهن جنهن کي ڌاريان ته خير هونئن ئي دشمن سمجهندا رهيا پر پنهنجن به مرتد ۽ واجب القتل چئي ڪري پنهنجي چوياري مان ڪڍي ڇڏيو.
    زاھد تنگ نظر نے مجھے کافر جانا
    اور کافر یہ سمجھتا ہے مسلمان ہوں میں
    ڀلا انهن عادتن ۽ وصفن هوندي آخر هو ديوبندي مسلڪ ۽ مشرب کان ڦريل ڪيئن ٿيو ؟ڇا ديوبندي مسلڪ ۽ مشرب انهن ڳڻن کان ڌار ٻي ڪا شيءِ آهي؟
    وري حضرت نانوتوي جن جو مٿيون اصول ته مدرسي جي استادن لاءِ آهي، مولانا سنڌي مدرسي ۾ استاد ٿورئي هو، هو ته پراڻن شاگردن جي تنظيم جو ناظم هو جنهن کي بدقسمتي سان مهتممن پنهنجن اختيارن جي شڪنجي ۾ جڪڙي ڇڏيو هو. تنهن ڪري هو ان اصول هيٺ آيو ئي ڪٿي ٿي پر پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ ڇڪي تاڻي ان اصول کي ان تي لاڳو ڪيو پيو وڃي. اڳتي بطور بنياد ٻڌڻ ۽ ذهنن ۾ اٿندڙ ڪنهن اعتراض کي هٽائڻ لاءِ ارشاد ٿو ٿئي:
    رهي اها ڳالهه ته حضرت شيخ الهند جن ان اختلافي سوچ ويچار هوندي به مولانا سنڌي کي پاڻ سان ڳنڍي ڇو رکيو ۽ ان جي مسلڪ ۽ مشرب جي اختلاف کي ڪيئن سٺو؟ سو الله پناهه ڏي ان لاءِ ڪونه هو ته ڪو حضرت شيخ الهند مهتممن جي مخالفت يا مقابلي لاءِ ايئن ڪيو هو. جيئن اڄڪلهه مشهور ڪيو پيو وڃي، پر رڳو ان لاءِ هو ته حضرت شيخ الهند جيڪو ڪم مولانا سنڌي کان وٺڻ گهريو ٿي ان ڪم کي صحيح نموني ڪرڻ جي صلاحيت منجهن سڀني کان وڌيڪ محسوس فرمائي.
    (داستان کي حقيقت ص 8)
    انهيءَ جي ڪري ته موصوف کي سَٺو ڪونه ويو. جيڪڏهن عقيدي ۽ دين اسلام جو سوال هجي ها ته ان معاملي ۾ حضرت شيخ الهند جيڪو شيخ الحديث، استاذ الڪل ۽ حضرت نانوتوي جو جانشين ۽ سندس امانتن جو صحيح امين هو ان کي ضرور ڀاڱي ڀائيوار بنايو وڃي ها ۽ ان جو هڪڙو اشارو ئي مولانا سنڌي کي پنهنجي موقف تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪافي هجي ها. پر هي علمي بحث مباحثو ته رڳو ڏيکاءَ لاءِ هو. اصل سازش ته انگريزن جي هئي.
    ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو حضرت مهتمم اڳ پوءِ ان مسئلي کي به چٽو ڪري ڇڏي ها ته حضرت شيخ الهند قدس سره مولانا سنڌي سان جيڪو پيار محبت ۽ مدد واري هلت هليو ٿي، ڇا ڪنهن خراب عقيدي واري ۽ واجب القتل مرتد سان هڪ ديني اڳواڻ جو اهڙو برتاءُ شرعي روءِ سان جائز ۽ روا آهي؟ ڪافر مشرڪ ۽ مرتد جي حڪمن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي تنهن ڪري قومي تحريڪن ۾ غيرمسلمن کي شامل ڪرڻ وارو مثال به نٿو ڏيئي سگهجي. حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو مهتمم هيڏي وڏي اونهي علم رکندي به هڪ چٽي چٽي حقيقت کي لڪائڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نه ٺوڪرون ۽ ٿاٻا کائي رهيو آهي.
    سچي ڳالهه ته اهائي آهي ته مولانا سنڌيءَ سان مهتممن جيڪي ڪجهه ڪيو سو ان اڻ ڪيئي ڏوهه جي سزا آهي جنهن جي سُرڪي کيس خود حضرت شيخ الهند پياري هئي يعني انگريز دشمني واري سرڪ. جنهن کي مهتمم سڳورا هڪ منٽ لاءِ به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. هاڻي جيڪڏهن سڌوسنئون اها ڳالهه آڏو ڏيئي مهتمم سڳورا ڪو قدم کڻن يا ته سندن لاءِ ان طرز عمل ۾ ڪيئي خطرا هئا ۽ سڀ کان وڏو خطرو ته حضرت شيخ الهند جي شخصيت هئي. تنهن ڪري هڪ علمي مسئلو پيدا ڪري ان جي آڙ ۾ حضرت سنڌي مظلوم کي هٽايو ويو. ان سڄي ڌنڌي مان حضرت شيخ الهند کي ڪيڏي تڪليف پهتي هئي، ان کان پاڻ ڪيترو متاثر ٿيا هئا ان جو ڪجهه اندازو هن واقعي مان ٿي سگهي ٿو ته ان ڪاروائي پوري ٿيڻ کان پوءِ حضرت مولانا انور شاهه ڪشميري جنهن مولانا سنڌي تي نڪتل ڪفر جي فتويٰ تي صحيح ڪئي هئي سو جڏهن حضرت شيخ الهند جي ڪچهري ۾ پهتو ته حضرت جن ان کان منهن ڦيري ڇڏيو. پوءِ وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ حضرت جن ان کان راضي ٿيا. جيڪڏهن هيءَ ڪاروائي سچ پچ به شريعت جي مطابق هئي ۽ دين جي هڪ اهم گهرج کي پوري ڪرڻ لاءِ هئي ته پوءِ ان کان حضرت شيخ الهند جي ناراضگي جي ڪهڙي توجيهه ٿيندي؟ وري اهوئي مولانا انور شاهه ڪشميري جيڪو حضرت مهتمم جي چوڻ موجب ان سڄي ڪاروائي ۾ اڳڀرو هو ۽ حضرت سنڌي سان گهڻو ڪري پيو بحث مباحثو ڪندو هو. تنهن کي پوءِ جڏهن پنهنجي ڀل ۽ غلطي جو احساس ٿيو ته حجاز ڏانهن مولانا سنڌي جي نالي هڪڙو نياپو موڪلي معافي گهريائين. شاهه صاحب جو معافي نامو پڙهي ڏسو.
    ديوبند ۾ رهڻ دوران غلط فهمي جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ تڪليف جو سبب بنيو هوس. هاڻي منهنجي دل ۾ توهان لاءِ ڪوبه اهنج ڪونهي اميد ته اوهين به مون کي معاف ڪرڻ فرمائيندا. (نقش حيات ج 2، ص 144)
    جيڪڏهن هي شرعي مسئلو هو ته ان کي غلط فهمي ڇو ٿو ڪوٺيو وڃي ۽ ان تي معافي گهرڻ ۽ معذرت ڪرڻ جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ مرڳو لفظ (غلط فهمي) اصل راز ۽ حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو آهي. اهو هيئن ته مهتممن جون راهون حضرت شيخ الهند ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي راهه کان ڌار هيون. پهرين ڌر گهريو ٿي ته حضرت نانوتوي جي مشن ۽ مقصد جي ابتڙ دارالعلوم جا استاد ۽ ڪارڪن قومي سياست کان ڪٽجي پنهنجي سرگرمين کي رڳو پڙهڻ پڙهائڻ ۽ درس تدريس تائين محدود رکن تان ته انگريز جي ڏمر کان بچيا رهن ۽ گڏوگڏ انهن جي قرب ۽ عنايتن جا حقدار بنجي سگهن. جڏهن ته حضرت شيخ الهند ۽ سندس پاليل پوسيل مولانا سنڌي جن قومي سياست کان ڌار رهڻ کي دارالعلوم جي مقصدن ۽ نصب العين کان منهن موڙڻ برابر ٿي سمجهيو. مولانا گيلاني نقل ڪري ٿو.
    هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو جو مولانا حبيب الرحمان عثماني صاحب هن فقير کي ياد فرمايو ۽ چيو ته تون حضرت شيخ الهند سان ملي ڪري معلوم ڪر ته واقعي سياست ۾ حضرت جن جو مسلڪ ۽ موقف ڪهڙو آهي؟ ڀانيان ٿو ته اڳين نماز کان پوءِ جو وقت هو مسجد جي اڱڻ ۾ هڪ ڪمرو هوندو هو جنهن ۾ حضرت شيخ الهند پنهنجي زندگي جو پڇاڙڪو ڪم يعني قرآن پاڪ جي ترجمي جو ڪم ڪندو هو. هي فقير ته ان ئي اڱڻ جو رهاڪو هو. نماز کان پوءِ سائين جن ان ئي تصنيف ۽ ترجمي واري ڪمري ۾ ويا. اڪيلائي هئي سو موقعو ڏسي فقير به پٺيان پٺيان ان ڪمري ۾ حاضر ٿي ڪري چيو سائين ڪجهه عرض ڪرڻو آهي. معمول جيان مرڪندي فرمايائون اچ ڇا ٿو چوڻ گهرئين. آءٌ به ويهي رهيس ۽ جيڪو نياپو منهنجي حوالي ڪيو ويو هو سو سائين جن جي سامهون بيان ڪيم پاڻ ٻڌندا رهيا جڏهن آءٌ پنهنجي ڳالهه پوري ڪري چڪس ته ڏٺم ته سائين جن تي هڪ خاص ڪيفيت طاري ٿي ويئي آهي ۽ پنهنجي استاد ۽ ديوبند مدرسي جي باني مولانا محمد قاسم نانوتوي ؓ، جنهن کي پاڻ ”حضرت الاستاد“ جي لقب سان ياد ڪندا هئا ان جو نالو وٺي فرمائڻ لڳا ته ڇا حضرت الاستاذ هن مدرسي کي رڳو درس تدريس ۽ تعليم وتعلم جي لاءِ قائم ڪيو آهي؟ مدرسو منهنجي سامهون قائم ٿيو هو، جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته 1857ع جي هل چل ناڪام ٿيڻ کان پوءِ اهو ارادو ڪيو ويو ته ڪو اهڙو مرڪز قائم ڪيو وڃي جنهن جي مدد سان ماڻهن کي تيار ڪيو وڃي. تانته 1857ع جي ناڪامي جو پورائو ڪري سگهجي. پڇاڙي ۾ فرمايائون ته پڙهڻ پڙهائڻ جن جو نصب العين آهي آءٌ انهن جي واٽ ۾ آڏ ڪونه بڻجهندس پر خود پنهنجي لاءِ ته ان ئي واٽ کي چونڊيو اٿم جنهن جي لاءِ منهنجي خيال مطابق حضرت الاستاذ دارالعلوم جي جوڙجڪ ڪئي هئي. (بحواله: ماهنامه دارالعلوم جمادي الثاني 1372هه ص 42)
    ان کان سواءِ دارالعلوم جي چوياري ۾ حضرت نانوتوي جي اها چوڻي به عام هوندي هئي ته ”فقير پنهنجي مشن کي تعليم واري پردي ۾ لڪائي ڇڏيو آهي.“ سو اهو سوچ ويچار جو فرق جنهن جو مظلوم مولانا سنڌي شڪار ٿيو هو اڄ جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڀلي چوندو وتي پر تاريخ جن سچاين کي پنهنجي سيني ۾ سموئي ڇڏيو انهن کي ميٽي ڇڏڻ ناممڪن آهي ۽ نه وري محرم 1362هه مطابق فيبروري 1943ع تي لکيل مولانا گيلاني جي خط سان 1332هه مطابق 1913ع جي واقعن (جمعيت الانصار تان مولانا جي برطرفي ۽ ديوبند مان نيڪالي) جي حقيقت تي پردو وجهي سگهجي ٿو. ڇو ته خود مولانا گيلاني (جنهن جو سهارو وٺي ڪري مرحوم مظلوم سنڌيءَ کي نعوذبالله واجب القتل مرتد سمجهيو پيو وڃي) پوري صورتحال کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. مظلوم مولانا سنڌي کي الله پناهه ڏي خراب عقيدي وارو ۽ واجب القتل ثابت ڪرڻ لاءِ بيهودي ڪوشش ڪرڻ کان لکيو ويو آهي ته
    ٻي تهمت اها هنئي وئي آهي ته مهتممن قومي خودمختياري يا هندستان جي آزادي ۾ ڪڏهن ڪوبه حصو نه ورتو جهڙوڪر اهي برطانوي حڪومت جا پوڄاري ۽ ان جا پگهار وارا هئا سو پهرين تهمت کان وڌيڪ واهيات ۽ بيهودي آهي. (داستان کي حقيقت ص 11)
    منهنجي جنهن تقرير تي هيڏي سڄي قلمي واويلا ٿي رهي آهي ۽ جنهن کي بهانو بنائي هن فقير کي قسمين قسمين لقبن سان نوازيو پيو وڃي ٿي سگهي ٿو ان جو ريڪارڊ اڄ به ديوبند ۾ ڪن ماڻهن وٽ هٿيڪو هجي ان کي ٻيهر ٻڌي سگهجي ٿو ان ۾ ڪٿي به هي جملا ڪونه ملندا جن کي منهنجي طرف منسوب ڪري هي مهربانيون ڪيون پيون وڃن.
    وہ بات سارے فسانے میں جس کا ذکر نہ تھا
    وہ بات ان کو بہت ناگوار گذری ہے
    پر جڏهن پاڻ انهن پراڻن قصن کي ڇيڙيو اٿن ته پوءِ اصل سچاين کي پڌري ڪرڻ لاءِ بهرحال ڪجهه لکڻو ئي پوندو. دعويٰ اها ڪئي پئي وڃي ته
    سچي پچي حقيقت هي آهي ته انهن (مدرسي جي مهتممن) نه رڳو جنگ آزادي ۾ حصو ورتو هو پر ٻين کي به ان ۾ حصه دار بنايو ويو هو. (داستان کي حقيقت ص 11)
    اها دعويٰ حقيقت سان ڪيتري قدر ٺهڪي بيهي ٿي؟ ان کي پرکڻ لاءِ پري وڃڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. حڪومت برطانيه جنهن جي خلاف اها جنگ جوٽي ويئي هئي مهتممن لاءِ انهن جو تاثر ۽ خيال ڪهڙو هو ۽ حڪومت جو ساڻن ورتاءُ ۽ هلت ڪهڙي هئي ؟ بس ان ڳالهه کي سامهون آڻيو ته پاڻهي سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پنهنجي اصلي رنگ روپ سان نکري نروار ٿي ويندا. ڏسو ريشمي خطوط سازش ڪيس جو تعارفي حصو (ڊائريڪٽري) جنهن ۾ برطانوي حڪومت جي سي- آءِ- ڊي حضرت مولانا حافظ محمد احمد صاحب مهتمم دارالعلوم جو تعارفي نوٽ هيئن لکيو آهي.
    محمد احمد صاحب شمس العلماء پٽ محمد قاسم باني مدرسه ديوبند. هي مدرسي جو مهتمم يا پرنسپل آهي ۽ حڪومت جا وفادار آهن. (کون کیا ہے؟ ص 62)
    هڪ ٻي جاءِ تي هيئن سڃاڻپ ڪرائي اٿس.
    مدرسي جو پرنسپل شمس العلماء مولوي حافظ محمد احمد جيڪو ان اداري جي باني مرحوم جو پٽ آهي، وفادار ۽ شريف آهي. (کون کیا ہے ص 53)
    حڪومت جي نوازش جو ٻيو دليل به ڏسو، مهتممن وٽ ڀروسي جوڳو مولانا مناظر احسن گيلاني مرحوم لکي ٿو:
    الله الله! اهو ڪيڏو نه ڏکيو ۽ ڪڙو وقت هو جڏهن برطانوي حڪومت پاران حضرت مفتي محمد احمد صاحب لاءِ مدرسي ۾ هي فرمان آيو ته حڪومت موڪي علائقي ۾ سرسبز ۽ آباد زمين جي هڪ وڏي جاگير اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري ٿي. ٿي سگهي ٿو حڪومت جي اها بخشيل جاگير سوين ايڪڙ يا چوڪڙين ۾ هجي.مشوري واري ان مجلس جنهن ۾ حڪومت جو اهو فرمان غور ويچار لاءِ پيش ڪيو ويو هو هن فقير کي به سڏائي شريڪ ڪيو ويو هو. ڳالهه هلي ته اها جاگير قبول ڪئي وڃي يا نه. ان تي گهڻي دير تائين بحث هلندو رهيو پڇاڙي ۾ نيٺ اهو طئه ٿيو ته جاگير قبول ڪرڻ جي صورت ۾ حافظ محمد احمد صاحب کي مدرسي جي مهتممي تان هٿ کڻڻو پوندو.
    (بحواله ماهنامه دارالعلوم شوال 1372هه)
    جيئن ته ان برطانوي بخشش کي قبول ڪرڻ جي صورت دارالعلوم جو اقتدار ۽ اهتمام هٿن مان هليو ٿي ويو جيئن سندس ڪچهري جو ساٿي مولانا گيلاني ٻڌائي رهيو آهي. ان ڪري هڪڙو وفد حڪومت کي ان نازڪ صورتحال کان آگاهه ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. نيٺ حڪومت هڪ اهڙي سٺي واٽ ڪڍي ڏني جو شاهي بخشش مان به لاڀ ملندو رهي ۽ دارالعلوم واري اقتدار ۽ اهتمام کي به ڪولهر لوڏو نه اچي. سو هيئن جو حڪومت جي اشاري تي حيدرآباد جي نظام، مهتمم صاحب کي مفتي اعظم جو عهدو آڇي وظيفي جي نالي ۾ خاصي موچاري رقم جاري ڪري ڇڏي جيڪا اڄڪلهه جي پيسن ۾ ويهارو هزارن کان به وڌيڪ هوندي. وري گهر جي هر ماڻهو لاءِ پنجاهه پنجاهه روپين جو وظيفو ڌار جاري ڪيو ويو اهو سلسلو 1341هه تائين جاري رهيو. مولانا حبيب الرحمان عثماني نائب مهتمم بابت به حڪومت جو اهوئي تاثر هو جيڪو مهتمم صاحب بابت هو. سي- آءِ- ڊي پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو:
    حبيب الرحمان مولوي نائب مهتمم مدرسه ديوبند مولانا عبيدالله ۽ مولانا محمود حسن جي اسڪيمن ۾ شامل نه آهي، ان کي وفادار سمجهي سگهجي ٿو. (کون کیا ہے ص 53)
    انهن سڀني ثابتين ۽ شاهدين مان روشن ڏينهن جيان هي ڳالهه پڌري ٿي ويئي آهي ته هڪڙي طرف حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿي هر قسم جا ڏک ڏاکڙا سهي حڪومت برطانيه سان حق خود اختياري ۽ آزادي جي جنگ لڙي رهيا هئا ته ٻئي طرف مهتمم سڳورا حڪومت سان وفاداري ڏيکارڻ لاءِ گورنر جون دعوتون ڪري ان جي واکاڻ ۽ ساراهه ۾ قصيدا ۽ آجياڻا ڏيئي رهيا هئا ۽ ان جي بدلي ۾ خطاب ۽ بخششون حاصل ڪري رهيا هئا. پوءِ به دعويٰ اها پئي ڪئي وڃي ته هنن (مهتممن) نه رڳو جنگ آزادي ۾ حصو ورتو پر ٻين کي به حصه دار بنايو.
    آخر هيترين سارين تاريخي شاهدين هوندي ڪير ان کوکلي دعويٰ کي سچو سمجهندو؟ ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو مهتمم صاحب تاريخ جي ان دٻيل ڦٽ کي ٻيهر نه ڦولهاري ها! الله ڄاڻي ٿو ته جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي سو دل تي پٿر رکي ڪري لکيو ويو آهي ۽ بنهه مجبور ڪرڻ تي. نه ته اپريل 1980ع کان مهتمم جو دفتر ۽ دفتر رابطه دهلي اندر ئي اندر منهنجي خلاف جيڪا مهم هلائي رهيا آهن مون ان ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو پر هاڻي جڏهن ذميوارانه نموني خود حضرت مهتمم صاحب ان ڀلاري ڪم ۾ پنهنجي سر پاڻ شريڪ ٿي ويو آهي ته هاڻي ماٺ ڪرڻ معنيٰ ڏوهه باسڻ جي برابر سمجهي ويندي تنهن ڪري اصلي صحيح صورتحال کي سامهون آڻڻ لاءِ نه گهرندي به هي اڻوڻندڙ فرض پورو ڪرڻو پئجي ويو.
    لگے گی چوٹ بربط پر تونالے پھوٹ نکلیں گے
    اگر یہ بھی گراں گزرے تو کوئی زخمہ زن کیوں ہو۔

    (مولانا سيد) اسعد مدني غفرله
    صدر عالمي مؤتمر و جمعيت علماءِ هند
    صفر سنه 1401هه


    ضميمو ٽيون

    ضميمو ٽيون

    ديوبند واري واقعي جي وضاحت
    ۽ مليل اعزاز جي پيرائتي حقيقت

    حڪومت هندستان جي سيڪريٽري ڏانهن يو پي سرڪار جي سيڪريٽري پاران 28 آڪٽوبر 1915 تي مولانا محمودالحسن بابت لکيل خط ۾ مولانا محمد احمد مرحوم جي ان سپاسنامي جو ذڪر آهي جيڪو سندس طرفان ۽ سندس اڳواڻي ۾ ئي هڪ پنج رڪني وفد کيس شمس العلماء جي خطاب ملڻ واري خوشيءَ جي موقعي تي شڪراني طور پيش ڪيو هو. ان خط جي ٻئي پيراگراف ۾ چيو ويو آهي ته سپاسنامي سان گڏ (سپاسنامي پڙهڻ واري مولوي) هڪڙو پمفليٽ به هز آنر جي خدمت ۾ پيش ڪيو هو جنهن ۾ اخبار زميندار (لاهور) جا ڪجهه ٽڪرا به نقل ڪيل هئا. ان پمفليٽ ۾ مولوي محمد احمد مهتمم دارالعلوم کي حڪومت پاران مليل شمس العلماء واري دنياوي اعزاز قبول ڪرڻ تي (پيسي جو پوڄاري) چئي ڪري جهڙوڪر گار ڏني ويئي هئي. ان جو جواب مولوي شبير احمد عثماني طرفان ڏنو ويو هو. اهو به هز آنر جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو هو. انهن سڀني جو خيال آهي ته اهو پمفليٽ ”الهلال“ ڪلڪته جي ايڊيٽر مولوي ابوالڪلام آزاد جو لکيل آهي. جيئن ته ان جي طرفان ڪوبه جواب الجواب نه آيو تنهن ڪري هنن سمجهيو ته کائنس ان جو جواب پهچي نه سگهيو آهي. ان پيراگراف ۾ زميندار جي جنهن مضمون ۽ ان تي ٻڌل جنهن پمفليٽ جو ذڪر آيو آهي سو مضمون يا پمفليٽ ته ملي نه سگهيو آهي. البته مولانا شبير احمد عثماني جيڪو جوابي مضمون لکيو هو اهو حاضر آهي. اهو مضمون ”القاسم“ ديوبند بابت 10 رمضان 1333هه مطابق آگسٽ 1915ع ۾ ڇپيو هو. (صفحي 1 کان 17 تائين) ان مان زميندار جي بيان ڪيل مضمون جي مطلب ۽ مفهوم جو اندازو ٿي وڃي ٿو ۽ پڻ ان مان هي به خبر پوي ٿي ته:
    (1) اخبار زميندار جو بيان ڪيل مضمون اصل ۾ (همدرد دهلي) جي هڪ ليڊنگ آرٽيڪل کي بنياد بنائي ڪري لکيو ويو هو ۽ زميندار جي 13 جولائي 1915ع واري اشاعت ۾ ڇپيو هو.
    (2) هي مضمون حقيقت نگار جي قلمي نالي سان ڇپيو هو. همراهن جو خيال آهي ته ان جو ليکڪ مولانا ابوالڪلام آزاد آهي اها ڳالهه صحيح به ٿي سگهي ٿي پر اهو رڳو هڪ انومان آهي.
    (3) وفد جي ميمبرن جي خيال ۾ مولانا شبير احمد عثماني جو مضمون ان جو مسڪت جواب آهي. ابوالڪلام آزاد ان جو جواب ڏيئي نه سگهيو آهي. پر اهو رڳو سندن وهم آهي. مون کي ته ان مضمون ۾ ڪابه سگهه ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. مولانا محمد احمد جي بچاءَ ۾ قلم کي گهڻو ڊوڙايو ويو آهي پر اصل اعتراض جو اهو بنيادي نڪتو ته هي اعزاز کيس سرڪار لاءِ لڪيل خدمتن (جاسوسي) جي بدلي ۾ ڏنو ويو آهي، ان جي جواب ۾ هڪ لفظ به نه لکيو ويو آهي.
    (4) مضمون جو اهو پاسو ته هيڪاري ڪسو آهي ته مولانا محمد احمد ڪو اهڙو ڪم ڪونه ڪيو آهي جيڪو ان کان اڳ ۾ ڪيو نه ويو هجي ۽ ان جا ڪجهه مثال به ڏنا ويا آهن.
    (5) مولانا محمد قاسم نانوتوي واري وقت کان وٺي ڪري مولانا رشيد احمد گنگوهي جي وقت 1905ع تائين وارين حالتن جي سختي ۽ 1915ع جي حالتن واري فرق کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڪٿي 1905ع تائين حالتن جو ڏهڪاءُ ۽ جبر ۽ ڪٿي 1916ع کان پوءِ واريون حالتون. جڏهن آزادي جي تحريڪ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويئي هئي ۽ قاسمي تحريڪ پنهنجي شروعاتي مرحلي مان نڪري چڪي هئي. هاڻي ان جي لوڪ کان لڪائي پالنا ڪرڻ جي ضرورت نه هئي بلڪ وقت اچي ويو هو ته ان کي زماني سان دوبدو نظرون ملائڻ سيکاريو وڃي. پر قاسمي ۽ عثماني خاندان جا شهزادا آجپي لاءِ مچندڙ ان مچ جي گرميءَ کي محسوس ئي ڪونه ڪري رهيا هئا جيڪو حضرت قاسم العلوم والخيرات جي لائق شاگرد مولانا محمود حسن جي سيني ۾ ڀڙڪي رهيو هو ۽ جنهن مچ سندس ڪن خاص شاگردن ۽ دهلي، ڪلڪتي جي ڪجهه ڏاهن جي دلين کي به دکائي ڇڏيو هو.
    هاءِ! افسوس جو اهي صاحبزادا 1915ع ۾ به بديسي سرڪار لاءِ جاسوسي ۽ لڪ ڇپ وارا ڌنڌا ڪري رهيا هئا. تانجو اهي حضرت قاسم العلوم جي لائق شاگرد ۽ علمي فڪري جانشين سان گڏوگڏ انقلابي تحريڪن ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائيندڙ ڪارڪنن کي سندن فڪري ۽ انقلابي مرڪز کان پاسيرو ڪري کين دشمنن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هٿ ڌوئي پٺيان پيل هئا.
    (6) انگريز سرڪار جي ڇاڙتن ۽ مسلمان اميرن يا والي رياست ڀوپال جي خدمت ۾ سپاسنامي پيش ڪرڻ کي پاڻ ۾ ڀيٽ ڏيڻ ته بلڪل غلط آهي.
    (7) دفاعي تحرير ۾ تنقيد ڪندڙ يا مضمون لکندڙ کي ڪنهن مشهور داستان ساز يا ڪوڙي مؤرخ سان تشبيهه ڏيڻ ۽ ان طرف آڱر کڻڻ اعتراض جو ڪو معقول جواب نه هوندو آهي. اهڙين لکڻين کي علمي ڏاهپ جي ابتڙ سمجهيو ويندو آهي.
    (8) زميندار (لاهور) جي حقيقت نگار جو اشارو هن طرف هو ته مولانا محمد احمد کي جيڪو خطاب مليو آهي سو سندس علمي خدمتن جي مڃتا ۾ نه، پر سندس سرڪاري خدمتن جي عيوض ۾ ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه ان وقت ته رڳو مهتمم صاحب جي ڌنڌن ڏسڻ وارن ڪن خاص واسطيدار ماڻهن جي علم ۾ هئي. مهتمم صاحب جون اهي خدمتون جيڪي هن جمعيت الانصار جي انقلابي تحريڪ کي ختم ڪري انگريز سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪيون هيون تن لڪيل ڌنڌن جا تفصل سي آءِ- ڊي جي فائلن ۾ لڪيل هئا. پر هاڻي ته سڀئي راز ۽ سڀني جا وکا پڌرا ٿي چڪا آهن. تن مان چڱي پر پروڙي سگهجي ٿو ته اصل ۾ شمس العلماء جو خطاب کيس انهن ئي خدمتن جي ڪري ڏنو ويو هو ۽ جڏهن مولانا محمد احمد کان پوءِ 1925ع ۾ مولانا حبيب الرحمان عثماني کي حيدرآباد دکن ۾ مفتي واري عهدي تي فائز ڪيو ويو ته اهو به سندس انهن خدمتن جو بدلو هو جيڪي هن حضرت مهتمم صاحب سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪري سر انجام ڏنيون هيون.
    هن درديلي داستان کي ڪيترو ڊگهو ڪجي ۽ ان جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي ان جي پرک لاءِ هي ڪتاب ۽ منجهس آيل سرڪاري رپورٽون، ضميما، تحريڪ شيخ الهند ۽ ان جا دستاويز (ترتيب مولانا محمد ميان) دي انڊين مسلمز اي ڊاڪيومينٽري ريڪارڊ (ترتيب شان محمد) تحريڪ ريشمي رومال اور سندهه (ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهان پوري) وغيره. انهن صاحبزادن ۽ شهزادن جي بي بصيرتي ۽ ان کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ تي سچار شاهد آهن. هاڻي توهان مولانا شبير احمد عثماني جو مضمون پڙهو. (ا. س. ش)

    اعزاز ڏيڻ جي حقيقت
    هن تحرير ۾ اسان جي ڳالهه جو منهن مهاڙ ان نالي لڪيل حقيقت نگار ڏانهن آهي جنهن پنهنجي دل ۾ دکندڙ باهه کان يا اڄڪلهه جي هٿ ٺوڪي ۽ ڏيکاءَ واري سياسي حريت پروري هٿان مجبور ٿي ڪري اخبار زميندار جي صفحن ۾ مٿيئن عنوان سان اخبار همدرد جي هڪڙي ليڊنگ آرٽيڪل جو رد ڏيندي پنهنجو عقلي ۽ اخلاقي فرض نباهيو آهي. کڻي ظاهري نموني هو خاص طور تي اسان سان مخاطب نه آهي پر جيئن ته حقيقت نگار جي اخلاقي ۽ عقلي فرضن موجب هر ڳالهه کي ڇنڊي ڇاڻي سندس اصلي حقيقت موجب مڃڻ گهرجي ۽ اسان جي وري مذهبي فرضن موجب (النصح لڪل مسلم) واري قاعدي موجب ڪنهن به ڳالهه جي اصلي ۽ صحيح حقيقت کي چٽو ڪرڻ گهرجي تانته جيڪي ماڻهو سچ جا ڳولائو آهن (جن جو وجود بدقسمتي سان اڄڪلهه نه هجڻ جي برابر آهي) تن کي سندن پاڪ مقصد ۾ مدد ڏيڻ گهرجي. بس انهيءَ جي ڪري اسان هنن ڪجهه سٽن لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي ۽ اڃان به جي مناسب لڳو ته انهن ۾ ڪجهه واڌارو ڪري سگهجي ٿو. زميندار جو اهو پرچو گهڻو ڳولا کان پوءِ ملي سگهيو آهي. پر پوءِ غنيمت آهي جو 12 جون واري ”همدرد“ جي تصحيح ته زميندار جي 13 جولاءِ واري پرچي ۾ ڇپي آهي. پر اسان ان جي ڀيٽ ۾ رڳو اڌ مهيني جي وقفي سان زميندار جي مضمون تي هڪ سچائي واري تنقيد لکي ڪري پريس حوالي ڪري رهيا آهيون.
    توڙي جون ضرورتون ۽ مجبوريون ڪيترن ئي اڻوڻندڙ ڪمن کي به مباح (جائز) بنائي ڇڏينديون آهن. جيئن اسان جو هي مضمون به انهن مان هڪ آهي. جيڪو آءٌ ڇپجڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان پر هڪڙو اسان کي ڏاڍو ڏک آهي جو اسان کي پنهنجا ڪيترائي سٺا ۽ ضروري ڪم ڇڏي ڪري هڪ اهڙي اڻوڻندڙ ۽ بي فائدي بحث ۾ اچڻو پيو آهي جيڪو هيڪاري هن اسلامي ڀائپي واري رسي کي سوگهي جهلڻ لاءِ اٿندڙ ڇولي وقت وڌيڪ گهٽيا درجي جو ٿي پيو آهي. پر پوءِ به حقيقت نگار واري قلم جي تيک ۽ تيزي اسان کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هيءَ به حقيقت آهي ته هڪڙي قسم جي سوال جواب ۾ ڳالهيون وڌي وڏيون ٿي وينديون آهن. جيئن همدرد جي 15-20 سٽن جي مقابلي ۾ زميندار کي چئن کان به وڌيڪ پنهنجا اداراتي ڪالم ڦٽائڻا پيا آهن. تنهن هوندي به آءٌ ان خيال سان مسلم جماعت ۾ اهڙيون کوٽيون ۽ ڪسيون ڳالهيون جيترو ٿي سگهي گهٽ ٿين، پنهنجي هن مضمون کي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. سڀ کان پهريائين مناسب آهي ته اسين همدرد ۾ ڇپيل ليک جو تت ۽ نچوڙ خود حقيقت نگار جي لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏيون جيڪو هن ريت آهي.
    (1) جهڙي نموني هندستاني خادمن جي سرموڙ، آزادي پسندن جي استاد ۽ وقت جي جوڌن جيالن جي اڳواڻ مسٽر گانڌيءَ کي پنهنجي پوري قومپرستي ۽ آزادي پسند هوندي به خطاب ملڻ اچرج جهڙي ڳالهه آهي. بنهه ايئن اها ڳالهه به عجب جهڙي آهي جو مولانا محمد احمد (مهتمم دارالعلوم ديوبند) کي شمس العلماء جو خطاب مليو.
    (2) گهڻو ڪري خطاب يا منصب ڏيڻ ۾ هيستائين جيڪو طريقو رهيو آهي. (يعني عام طور تي انهن ماڻهن کي خطاب ڏنو ويندو آهي جيڪي وڏن مقصدن لاءِ ظاهر ظهور يا لڪ ڇپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي چڪا هجن يا منجهائن اهڙين خدمتن جي اميد هجي.) ان حوالي سان مولانا موصوف کي جيڪو شمس العلماء جو خطاب مليو آهي اهو حيرت وارو يا گهٽ ۾ گهٽ اميد جي ابتڙ آهي.
    (3) ان ڪري جو مولانا جي آزاد شخصيت ۽ بي ڊپي سچائي جو ڏيک سهارنپوري واري جلسي ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي.
    (4) مولانا صاحب جي اتاهين شخصيت کي نه ڪڏهن اڳ ۾ خطاب جي ضرورت هئي (نه خدانخواسته) وري ڪڏهن ٿيندي.
    باب ورنگ و خال و خط۔ چھ حاجت روئے زیبارا۔
    انهن مٿين ڳالهين مان پهرئين ڳالهه تي جيئن ئي حقيقت نگار جي نظر پيئي ته کيس اندر ۾ آنڌ مانڌ اچي وڪوڙيو ۽ ڪاوڙ ۾ صفا سيٽجي همدرد جي ايڊيٽر تي ڇوهه ڇنڊڻ شروع ڪري ڏنا ته مشهور وطن پرست مسٽر گانڌي ۽ مدرسه ديوبند جي پگهاردار مهتمم ٻنهي کي ساڳين قطار ۾ بيهارڻ جو آخر توکي حق ڪهڙو هو. ڇو ته پوئين همراهه ڪڏهن به قومي ايثار ۽ فداڪاري واري جذبي جو مظاهرو نه ڪيو آهي، ان جي ابتڙ مسٽر گانڌي جيڪي ڪجهه ڪيو آهي سو سچائي ۽ وطن پرستي جي تاريخ ۾ امر ٿي ويو آهي.
    بيشڪ حقيقت نگار وانگر اسان کي به اهوئي احساس ڏنگيندو رهيو آهي ته هڪڙي مذهبي ٻيلي جي شينهن ۽ هڪ آزاد سياسي پهلوان کي هڪڙي ئي آکاڙي ۾ ڇو لاٿو ويو آهي؟ يا وري ڪنهن سنئين سڌي روشن ضمير خدا پرست انسان کي هڪڙي اصطلاحي وطن پرست سان ساڳي صف ۾ بيهارڻ غلط آهي.
    صلاح کار کجا ومن خراب کجا - بہ بین تفاوت رہ از کجا ست تابکجا
    چہ نسبت است برندے صلاح وتقوی را- سماع وعظ کجا نغمہ رباب کجا
    پر اسين ڄاڻون ٿا ته همدرد جي معزز ايڊيٽر تي اهڙي ڪنهن به صف بندي جو الزام ڏيڻ اجايو آهي. جنهن ۾ هن مسٽر گانڌي ۽ مولانا کي آمهون سامهون بيهاريو هجي. همدرد جي هيٺين لفظن مان ته (ديوبند جي هڪ ڪنڊائتي بزرگ ”مهتمم دارالعلوم الاسلاميه“ کي اڻ گهريو ”شمس العلماءَ“ جو خطاب ڏيڻ ايئن اميد جي ابتڙ ۽ تعجب وارو پرائز آهي جيئن مسٽر گانڌي کي جنوبي آفريڪا ۾ ڪيل خدمتن جي عيوض هندستان ۾ خطاب ڏيڻ) آءٌ نٿو سمجهان ته ڪهڙي بڻ بڻياد تي ٻنهي جي ڪارنامن جي ڀيٽا ۽ سندن درجن کي برابر سمجهڻ جو نتيجو ڪڍيو ويو آهي. خود همدرد ٻنهي جي خدمتن ڏي اشارو ڪندي هر هڪ جي نوعيت کي پنهنجي مختصر لفظن ۾ چٽو ڪري رهيو آهي پر توهان آهيو جو نڪي ٻڌو ٿا نڪي سمجهو ٿا.
    اوهان کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته دارالعلوم ديوبند جي اهتمام جي ذميواري مولانا محمد احمد کي ماڻهن ۾ مٿڀرو بنائي ٿي، سو ڪو معمولي مڪتب يا انجمن ڪونهي. هو هندستان جي مسلمانن جي سڀ کان وڏي درسگاهه ۽ سڀني کان وڏو مذهبي يادگار آهي. جنهن جا بانيڪار، جنهن جا شاگرد، جنهن جا استاد، جنهن جو تعليمي نصاب، جنهن جو سمورو عملو پنهنجي اندر نج مذهبي روح رکي ٿو. هن هميشه ماٺ ميٺ ۾ امن امان واري اڻ بدلجندڙ ۽ انتهائي ٺوس رفتار سان مذهبي تعليم کي عام ڪيو آهي ۽ سچن اسلامي جذبن کي عام توڙي خاص ماڻهن تائين چؤطرف پکيڙي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي آواز تي ڪن ڏيندڙن کي ان وقت به جڏهن هندستان ۾ مسلمانن جا نامي گرامي اڳواڻ ڪانگريس جي مقصدن ۾ شريڪ ٿيڻ کي گمراهي ۽ چريائپ پڻ چوندا هئا ۽ جڏهن قرآن پاڪ مان کوڙسارين سخت مفهوم وارين آيتن کي لفظي ۽ معنوي نموني ڪڍي ڇڏڻ لاءِ قراردادون پيش ڪيون پئي ويون، تڏهن به هي ادارو انهيءَ قرآن ۽ انهيءَ حديث جي سڀني حصن جي بنان ڪنهن گهٽ وڌاءَ جي آزاداڻي نموني تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ اڄ جي هن زماني ۾ به اهائي ساڳي تعليم ڏيئي رهيو آهي. جڏهن مسلم ليگ ۽ ڪانگريس کي گڏائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن ۽ اڄ جڏهن اهي ڀڙڪيلا تقرير باز مولوي جن کي ڏهه ويهه سال اڳ مذهبي مجنون، چريا ۽ تنگ نظر چيو ويندو هو، تن کي هاڻي وري ڪمزور، ڀاڙيا، خوشامدي ۽ مصلحت پسند مشهور ڪيو پيو وڃي. رات ڏينهن جي ڦيرين گهيرين کي ڏسو ۽ تمام غور سان ڏسو ته هڪ اها حالت هئي جڏهن دارالعلوم کي بغاوت پسند ۽ امن امان ۾ ڏڦيڙ وجهڻ وارو ۽ ملڪ و ملت لاءِ هاڃيڪار سمجهيو ويندو هو. تانجو هڪڙي ڇپيل اشتهار ۾ ته ”گورنمينٽ ڌيان ڏي“ جي عنوان سان هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي ته سرحد، ڪابل ۽ ٻين جاين تي جتي مسلمان عيسائين سان جنگ ڪن ٿا انهن سڀني لاءِ رسد ۽ توانائي ديوبند وارو مدرسو تيار ڪري رهيو آهي ۽ اڄ وري هي حالت آهي جو انهن ئي اسٽيم تيار ڪرڻ وارن کي (اسين ثابت ڪنداسين ته هو اڄ به پنهنجي وڏڙن جي واٽ تي هلي رهيا آهن.) خوشامدي، دين ويڪائو ۽ اهڙا ٻيا لقب ڏنا پيا وڃن، پر توهان ياد رکو ته جهڙي نموني دارالعلوم وارن جا پير پهرئين حملن ۾ ڪونه ٿڙيا هئا تهڙي نموني هن ٻئي مرحلي وارا حملا ۽ جهٽڪا به کين ڌوڏي نٿا سگهن.
    (عنقا شکار کس نھ شود دام باز چین کھ آنجا ہمیشھ بار بدستست دام را)
    جيڪي ماڻهو دارالعلوم جي تاريخ جي ڪجهه ڳوڙهي ڄاڻ رکن ٿا تن کي چڱي ريت خبر آهي ته ڌار ڌار طبيعت جي ماڻهن ڪهڙي ڪهڙي نموني دارالعلوم کي قوم ۾ خوار ڪرڻ يا حڪومت کي ان کان بدظن ڪرڻ وارين هاڃيڪار سرگرمين جو ڄار پکيڙيو ۽ باوجود هن جي ته مولانا محمد احمد صاحب جهڙي قدآور شخصيت دارالعلوم جي پراڻي پاليسي کي هٿيڪو ڪري رکڻ لاءِ (جيڪو هڪ ذميوار ۽ بهادر مهتمم جو سڀ کان وڏو فرض آهي) پنهنجي بلند خياليءَ سبب ڏک ڏاکڙا سهي به ڪهڙي نه صبر ۽ سهپ جو ثبوت ڏنو آهي ۽ ڪيڏي نه ڏاهپ ۽ سمجهداريءَ سان مدرسي جي مڙني ماڻهن کي پاڻ ۾ سلهاڙي ڳنڍي ان تعليمي فيض ۽ دين کي عام ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ جاکوڙ ڪئي جيڪو مدرسي جي بانيڪارن جو ارادو ۽ منصوبو هو. جن جو بيان هن اخباري ڪالمن ۾ سمائجي نٿو سگهي، جيڪڏهن توهان کي انهن حقيقتن جي پرک ۽ پروڙ پئجي وڃي ته ڪر اوهان آڏو اها حقيقت به کلي وڃي ته اوهان دارالعلوم يا مولانا محمد احمد بابت جيڪي ڪجهه ٺلهي دٻ ڌڪي سان لکي رهيا آهيو ان ۾ اصل سچائي جو ڪيترو حصو آهي.
    (خواہی کہ روشنت شود احوال سرعشق۔ از شمع پرس قصھ زباد صبام پرس۔)
    آءٌ مڃان ٿو ته مولانا محمد احمد صاحب مسٽر گانڌيءَ جهڙي فداڪاري، وطن پرستي ۽ قرباني جو ڪو ثبوت ڪونهي ڏنو پر منهنجي خيال ۾ اها مولانا جي گهٽتائي نه، بلڪ ساراهه آهي. جو هو به مدرسي جي پراڻن اڳواڻن جيان انهن لفظن جي نئين اصطلاحي معنيٰ کان بي خبر آهي. مدرسي جو مهتمم هوندي به پگهار نه وٺڻ (جيڪو شايد اوهان وٽ قرباني جو وڏو درجو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسلامي تاريخ ۾ پگهار وٺڻ وارن خلفاءِ راشدين کي به اوهان ان درجي کان محروم ڪري ڇڏيو.) بيشڪ مدرسي جي پنجاهه ساله برڪت ڀري تاريخ ان سلسلي ۾ مولانا محمد احمد جي ڪابه رهنمائي نه ڪئي آهي. پر شايد اوهان کي اها خبر ناهي ته ڪجهه مهينن کان حضرت مولانا محمود الحسن صاحب پگهار ڇڏي ڪري مسلمانن لاءِ جنهن سهڻي روايت جو بڻ بڻياد وڌو آهي سا مولانا محمد احمد جي ستن اٺن سالن جي صلاح مشوري سان ئي قائم ٿي آهي. جنهن جي پهرئين ڪڙي حضرت قبله محمود الحسن صاحب پاران 35 سالن جي لڳاتار ارادي ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار پگهار ڇڏي ڏيڻ آهي ۽ ان جو ٻيو مثال اهو هوندو جنهن تي عمل ڪرڻ جي فڪر ۾ مولانا محمد احمد لڳو پيو آهي. (توڙي جو مون کي خبر نه آهي ته ايئن ڪرڻ جي صورت ۾ مولانا محمد احمد صاحب مدرسي جي مهمان خانه جو خرچ جيڪو لڳ ڀڳ چاليهه روپيا ماهوار ٿيندو ۽ جنهن لاءِ مولانا کي مريدن وٽان نذرانه ڪونه ٿا ملن، سو پنهنجي ذمي رهڻ ڏيندو يا نه.)
    ان موقعي تي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته حيدرآباد واري عهدي جو مدرسي جي مهتمميءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ حقيقت نگار جي غلط فهمي پيدا ڪندڙ هيٺين لفظن جي جواب ۾ ته ”هن کي مدرسي جي صدقي حيدرآباد مان وظيفو ٿو ملي“ رڳو هن حقيقت کي بيان ڪرڻ ئي ڪافي آهي ته هندستان جي عظيم شخصيت جو وارث ۽ لائقي پٽ حافظ محمد احمد 1308هه کان وٺي حيدرآباد جو عهديدار آهي. جڏهن ته هن کي مهتمم 1313هه ۾ بنايو ويو هو، سو جيڪڏهن هاڻ کيس ڪا ترقي ملي آهي ته اها به انهن ئي بنياد تي ملي هوندي جنهن بنياد تي اڳ ۾ کيس اهو عهدو مليو هو.
    ها! باقي ايترو فرق ضرور پيو آهي جو مولانا صاحب جي سٺن ڪوششن سان مدرسي جو چندو جيڪو اڳي رڳو هڪ سؤ روپيا هو سو هاڻي پنج سو روپيا ٿي ويو آهي. ”وَسَیَصِیۡرُ مُضَاعَفاً اِنۡشَاءَاللھُ الۡعَزِیزُ“
    حقيقت نگار جي ان اڻڄاڻائي تي جيئن اسان کي ڏک آهي، تيئن سندس ان هلڪڙائي تي به هزار ڀيرا عجب ٿو ٿئي ته ”جيڪڏهن مولانا محمد احمد پگهار وٺڻ ڇڏي ڏي ها ته پوءِ گانڌي ۽ گوڪلي جي جاءِ تي حضرت جنيد ۽ شبلي قطار ۾ آڻي بيهاريو ها ته به اسان کي ڪو اعتراض نه هجي ها.“ آءٌ پڇان ٿو ته ڇا سچ پڇ به تو وٽ گانڌي ۽ گوکلي جو درجو ايڏو اتاهون آهي جو مولانا محمد احمد کي انهن جي قطار ۾ بيهارڻ سان تون تپي باهه ٿيو وڃين. پر جنيد ۽ شبليءَ جي درجن ۽ سڀني ڪمالن جي تو وٽ قدر ۽ قيمت رڳو ايتري ئي آهي جو پنجاهه سٺ روپيا ماهوار پگهار ڇڏي ڏيڻ وارو سندن بزرگيءَ ۽ پرهيزگاري واري مسند تي ويهڻ جهڙو ٿيو وڃي، سچي ڳالهه ته اها آهي جو،
    مشکل عشق نھ در حوصلھ دانش ما است
    حل این نکتھ بدیں فکر خطا نتوان کرد
    اصل ڳالهه اها آهي ته فضيلتن ۽ درجن جي صف بندي توهان پوريءَ ريت سمجهي ئي ناهي. نه ته ڪو اوهين هر هڪ کي سندس ئي جنس ڪمال جي قطار ۾ بيهارڻ گهرو ها. ڏسو نه صحابه ڪرام ۾ الحمدلله هڪ ٻئي کان مٿي ۽ اتم انسان موجود هئا پر زهد ۽ فقر ۾ ابوذر کي، امانت ۾ ابو عبيده کي، اتباع سنت ۾ ابن عمر کي، ديني سمجهه ۽ سڃاهه ۾ ابن مسعود کي، تاويل ۽ تفسير ۾ ابن عباس کي، ٻاجهه ۽ پاٻوهه ۾ ابوبڪر کي، ديني حميت ۽ سختي ۾ فاروق اعظم کي، حيا ۽ حلم ۾ عثمان غني کي ۽ فيصلن نبيرڻ ۾ حضرت علي کي جماعت جو امام سمجهيو ويو آهي. هاڻي فرض ڪريو ته مولانا محمد احمد صاحب ۾ اوهان جو مقرر ڪيل ايثار ۽ وطن پرستيءَ وارو جذبو موجود هجي ها ته ڇا سندس انهن ٻين فضيلتن کان اکٻوٽ ڪجي جن ۾ هو مٿڀرو ۽ نشانبر آهي ۽ جن جا اهڃاڻ هندستان جي سموري اسلامي برادري جي اڪيلي مرڪز دارالعلوم ديوبند جي گذريل ويهه ساله تاريخ ۾ محفوظ ٿي چڪا آهن.
    ٻئي مامري بابت اسان حقيقت نگار کان رڳو ايترو پڇڻ ٿا گهرون ته خطاب ڏيڻ جي سلسلي ۾ حڪومت جو طريقه ڪار اوهان ٻڌايو آهي ته (عام طور انهن ماڻهن کي خطاب ڏنو ويندو آهي جن ڪن وڏن مقصدن لاءِ کلي يا لڪي ڪري خدمتون ڪيون هجن يا منجهائن اهڙين خدمتن جي اميد هجي.) توڙي جو اوهان وڏن مقصدن کي چٽو نه ڪيو آهي شايد ان مهل اوهان جي حريت ۽ سرفروشيءَ واري جذبي تي مصلحت ڇانئجي ويئي هئي، پر ڪهڙي به نموني جيڪڏهن واقعي اها حقيقت آهي ته پوءِ حضرت عبدالحي ؓ ۽ مولانا عبدالحق صاحب خيرآبادي مرحوم (جن کي خطاب ملڻ جا اوهان به اقراري آهيو.) ان عام قانون ۾ داخل هئا يا نه؟ ۽ جن بنيادن تي اوهان جي خيال ۾ ڪو ماڻهو خطاب جو حقدار ٿئي ٿو. ان حوالي سان مٿين ٻنهي بزرگن کي خطاب ڏيڻ اچرج جهڙو عمل هو يا نه؟ جيڪڏهن انهن کي خطاب ملڻ اميد جي ابتڙ هو ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو حرج ٿي پيو جو اوهان جي خيال ۾ جيڪا غلطي حڪومت ٻه ڀيرا اڳ ۾ ڪري چڪي هئي سا مولانا محمد احمد جي سلسلي ۾ ٻيهر به ڪري وڌائين. اوهان وڏو زور لڳائي اهو ثابت ڪرڻ گهريو آهي ته مولانا محمد احمد کي خطاب ملڻ وارو عمل سرجيمس مسٽن جي ديوبند اچڻ سان لاڳاپيل آهي. ٿي سگهي ٿو ايئن به هجي پر مولانا محمد احمد کي 1905ع ۾ سرجيمس لاٽوس جي ديوبند اچڻ مان اهو تجربو ٿي ويو هو ته، ”ڪنهن ليفٽيننٽ گورنر جي ديوبند اچڻ جو هروڀرو اهو مطلب نه آهي ته مهتمم کي خطاب به ملي.“ ان حساب سان مولانا جو ان قسم جي نيت ۽ خيال کان خالي ذهن هجڻ پڌري پٽ پيل حقيقت آهي. 6 جنوري 1905ع تي اوهان جي لفظن ۾ ”دارالعلماء والمتوڪلين ۾ (سرجيمس لاٽوس) جو شاهي انداز ۾ اچڻ“، مولانا محمد احمد صاحب جي سرگرمي، وچ وارن همراهن جي ڀڄ ڊڪ ۽ سڀني سنهن ٿلهن ڪمن جي جانچ پڙتال، مدرسي ۾ عقيدت سان آجياڻي جا انتظام، ٻن قطارن ۾ لڳاتار جهنڊيون، تماشائين جا انبوهه، عاجزاڻا عرض ۽ مليل جوابن تي وهه واهه وغيره جيڪي ڪجهه ڏٺو ويو سو ان کان بلڪل گهٽ نه هو، جيڪو توهان ۽ اوهان جي زهري ۽ سالم پهرئين مارچ 1915ع تي ڏٺو. هاڻي حيرت آهي ان ڳالهه تي ته ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نه ڪنهن ان تي تنقيد ڪئي نه وري ڪنهن ڪا اڳڪٿي ڪئي.
    اوهين جيڪڏهن پنهنجي زهري ۽ سالم کان پڇندؤ ته اوهان کي اها به خبر پئجي ويندي ته 1905ع ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان ۾ وقت جي قطب حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهي جي ڪرامت هئي ۽ ان کان به وڌي ڪري حضرت ؓ ۽ اوهان وارا زهري سالم پاڻ سڀني انتظامن ۾ حصيدار هئا. پوءِ اڳ ۾ اهڙي مثال قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ مولانا محمد احمد صاحب کي ڪهڙو حق هو جو هو پاڻ کي پنهنجي استاد ۽ مرشد مولانا گنگوهي کان به وڌيڪ پاڪ پوتر ۽ ديندار ثابت ڪري ۽ جيڪڏهن ايئن ڪري به ها ته به کيس ڪير مڃي ها.
    حقيقت نگار همدرد جي ايڊيٽر کي (جيڪو پاڻ جلسي ۾ شريڪ هو) ٿو چئي ته ”جن ماڻهن مارچ واري جلسي جو رنگ ڍنگ ڏٺو هو انهن تنهن ڏينهن صبح سوير ئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو هو جيڪو توهان پهرئين جون تي ڏٺو هو.“ پر آءٌ وڌيڪ خوش ٿيان ها جيڪڏهن هيئن چئو ها ته ”ڏسڻ وارن 1905ع جي شروع ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو هو جيڪو ٻين پهرئين جون 1915ع تي ڏٺو. بلڪ ان کان به جيڪڏهن ٿورو ڊگهي نظر ڪري ڏسجي ته هيئن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته مولانا محمد احمد جي ان ڪم جو بڻ بڻياد دارالعلوم جو پراڻو مهتمم حضرت مولانا رفيع الدين صاحب پنهنجي وقت ۾ وجهي چڪو هو جڏهن سندس وقت ۾ سهارنپور جي ڪليڪٽر آرڊرن صاحب کي مدرسي گهرايو ويو هو ۽ خاص طور تي صدر مدرس صاحب جي حديث پڙهائڻ واري جاءِ تي ان جي ميز ڪرسي لڳائي ويئي. سپاسنامو پيش ٿيو ۽ مهتمم صاحب مدرسي جي ميمبرن سان گڏ باادب بيٺو رهيو. هي اهو زمانو آهي جڏهن مولانا محمد احمد صاحب اڃان رڳو شروعاتي درجي جو استاد هو ۽ ڪنهن به انتظام يا اهتمام ۾ سندس عمل دخل نه هو (توڙي جو نتيجي جي حوالي سان اهو سڄو سبق کيس پڙهايو پئي ويو.) حضرت مولانا محمد قاسم واري سونهاري وقت ۾ ليفٽيننٽ گورنر جو سيڪريٽري صاحب مدرسي ۾ آيو ۽ ان جي وزٽ نوٽ جو ترجمو ”بشارت“ جي عنوان سان مدرسي پاران ڇپايو ويو ۽ حضرت مولانا طرفان ان تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو.•
    هي سڀ مامرا مسلمانن جي اکين اڳيان گذريا هئا ۽ رسالن ۾ ڇپجي ڪري عوام ۾ مشهور ٿي چڪا هئا. وري دارالعلوم ۾ جن ڳالهين جي ريت حضرت مولانا محمد قاسم، حضرت مولانا رشيد احمد، حضرت مولانا رفيع الدين، حضرت مولانا محمد يعقوب قدس الله اسرار هم جن وجهي ويا هئا اڄ اهڙي قسم جي واقعي تي مولانا حافظ محمد احمد کي ڇو پيو ننديو وڃي ۽ انهن مقدس ماڻهن کي ڇو ٿي تڪليف ڏني وڃي ته هو پنهنجي قبرن مان اٿي اچي پنهنجي لائق پونيرن ۽ پنهنجي نيڪ نشانيءَ جي حال کي ڏسن. مولانا محمد احمد صاحب ته ڏونڪي جي چوٽ تي چئي سگهي ٿو ته:
    وَاتَّبۡعۡتُ مَلَّۃَ آبَائِی اِبۡرَاھِیۡمَ وَ اِسۡحَاقَ وَیَعۡقُوۡبَ
    (صوفیاں جملھ حریفند و نظر باز ولے، زیں میاں حافظ دل سوختھ بدنام افتاد)
    دل گهري ٿي ته هتي نموني ڏيکارڻ لاءِ 1905ع جي آجياڻي ۽ تقرير جا ڪجهه ٽڪرا جن کي بقول حقيقت نگار جي ”نوڙت نياز جي عقيدت پيش ڪرڻ ۾ ڪجهه دخل هجي“ نقل ڪري ڇڏيان تانته پڙهندڙ انهن کي ڳوڙهي ويچار سان پڙهي ڪري پروڙين ته هن زماني جي نزاڪتن کي سامهون رکندي مولانا محمد احمد جي نياز نوڙت حضرت مولانا رشيد احمد ؓ جي نياز نوڙت کان واقعي به ڪجهه اڳڀري ۽ وڌيڪ آهي؟
    1905 جي آجياڻي جا هي جملا پڙهي ڏسو:
    مسلمانن کي چالو علمن پڙهائڻ سان گڏوگڏ کين اتم ۽ اعليٰ اصولن، صبر، قناعت، سچائي، ثابت قدمي، توڪل، ديانتداري، ٻانهپ، وقت جي حاڪم جي فرمانبرداري جي تعليم ڏني وڃي ٿي پر اهڙي نموني سان جو اهي لڇڻ منجهن پڪا پختا ٿي ڪري اٽوٽ انگ ۽ سندن طبيعت بنجي وڃن ٿا. جيڪو شاگرد هن مدرسي ۾ پوري تعليم پڙهي نڪتو آهي اهو پنهنجي علمي ۽ اخلاقي حوالي سان اهڙو اڳواڻ هوندو آهي جو جتي به وڃي ٿو اتي مذهبي تعليم سان گڏوگڏ انهن اخلاقن کي به پکيڙي ٿو ڇڏي. هي ان تعليم جو اثر آهي جو هتان جو پڙهيل، مذهب جو پڪو پابند هوندي، بلڪ اڳواڻ هوندي به پنهنجي پنهنجي سرڪار سان وفاداريءَ ۾ اهڙو پڪو پختو هوندو آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهڙي سياسي بکيڙي ۾ نه پيو آهي جنهن مان ذري به حڪومت مخالف بوءِ ايندي هجي، اهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي آهي.
    وري ٻئي هنڌ لکيل آهي ته:
    هي جيڪو عرض ڪيو ويو آهي سو مدرسي جي حالتن جو نچوڙ آهي. پر هي جيڪي ڪجهه ٿيو يا اڳتي هلي ٿيندو. يا مدرسي جيڪا ڪجهه ترقي ڪئي آهي يا ڪندو سو سڀ اسان جي مهربان سرڪار جي انصاف وارن پاڪيزه اصولن جو نتيجو آهي. الي آخرة
    ساڳئين مفهوم کي 1915ع جي آجياڻي ۾ وري هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    جناب عالي: دارالعلوم جي اصولن ۾ هي جزو به لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته دارالعلوم جا ڪارڪن، استاد، شاگرد، هر قسم جي جهگڙالو مامرن ۽ سياسي بکيڙن (جن جو مذهب سان لاڳاپو بنهه گهٽ هوندو آهي.) پاسيرا رهن ۽ پنهنجي هڪڙي ئي مقصد (مڪمل مذهبي تعليم) سان ڪنهن مقصد يا مفاد کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪن. وري ڪجهه سٽن کان پوءِ لکيل آهي ته:
    غيرضروري سياسي ۽ نامناسب ملڪي معاملن ۾ حصو وٺڻ هڪ ته خود تعليمي عمل لاءِ هاڃيڪار آهي ٻيو ته خود قوم ۽ ملڪ لاءِ به فائدي جي ڀيٽ ۾ نقصانڪار وڌيڪ آهي ۽ کڻي جو ڪنهن به علمي اٽالي جو اهڙن جاين مونجهارن ۾ پوڻ بظاهر فائدي وارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته به ان جي پڇاڙي نقصانڪار هوندي آهي. ڇو ته پاليسين ۾ گهڻو ڪري ڦيرگهير ٿيندي رهندي آهي ۽ خيال سدائين بدلبا رهندا آهن. تنهن ڪري هي غلط نه ٿيندو ته مذهبي لڏي لاءِ پنهنجي نه بدلجندڙ سياست ۽ عزت کي باقي رکڻ سندس سڀ کان اهم نصب العين آهي. هي ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به اهو ڪونه ٻڌو ويو آهي ته هن دارالعلوم جي فيض پرايل ماڻهوءَ ڪنهن نامناسب جهڳڙي يا سياسي مامري ۾ حصو ورتو هجي. حالانڪ هنن پنهنجي استادن جي پيروي ڪندي ڪنهن به وقت نج مذهبي معاملن ۾ اکٻوٽ ڪرڻ يا سچ ڳالهائڻ ۽ سچ ٻڌڻ کان پر ڀري رهڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي هوندي ۽ سدائين پنهنجي نصب العين کي بدلائڻ کان پاڻ فنا ڪري ڇڏڻ بهتر سمجهيو آهي.
    وري لکيل آهي ته:
    جناب عالي: دارالعلوم پنهنجي مٿين پڪن اصولن کي سدائين پنهنجو نصب العين بنائي هينئر تائين پنهنجي وچٿري، ماٺار ڀريل ۽ نه ڌڏندڙ رفتار ۾ سرڪار سڳوري سان انتهائي سچائي ۽ صدق دل سان تمام وفاداري واري نموني هليو آهي. هن سرڪار جي تابعداري ۽ سندس حڪمن جي بجا آوري کي لازمي قرار ڏ نو آهي. دارالعلوم ۽ سندس ڪارڪن ڪڏهن به سرڪار لاءِ مونجهارن وڌائڻ جو نه سبب بنيا آهن ۽ نه وري ڪو اهڙو قدم کنيو جنهن ۾ سچ ۽ حقيقت جي ابتڙ ڪا ڳالهه عوام يا سرڪار سامهون پيش ٿي هجي. هن هر موڙ تي پنهنجي وچٿرائي ۽ ماٺار کي سامهون رکي اها ڪوشش ڪئي آهي ته هو سرڪار کي پنهنجي وفاداريءَ جو اهڙي نموني يقين ڏياري جو سندس اندر جو ضمير به مٿس ڦٽڪار نه ڪري بلڪ جيڪا ڳالهه چوي سا پنهنجي خدا ۽ مذهب جو حڪم سمجهي چوي.
    وري لکيو اٿن ته:
    اها تمام ناشڪري ٿيندي جو اسين صدق دل سان اهو اقرار نه ڪريون ته دارالعلوم جو هي اوجون ۽ بهارون سرڪار سڳوري ۽ مقامي حاڪمن جي مهربانين جو نتيجو ۽ ثمر آهن.
    انهن مٿين نقل ڪيل ٽڪرن پڙهڻ کان پوءِ توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته جيڪا ڳالهه جنهن صفائي سان ڏهه سال اڳ ۾ چئي ويئي هئي ان کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه اڄ ڏهن سالن کان پوءِ به ڪانه چئي ويئي آهي. وري جيئن ان جي جواب ۾ جهڙي نموني جو واعدو هز آنر سر جيمس لاٽوس هنن لفطن ۾ ڪيو هو ته ”مون کي مدرسو ياد رهندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن مدد جي گهرج ٿي ته اها مدد به ڏيندس.“ لڳ ڀڳ ان جهڙو واعدو سر جيمس مسٽن به پنهنجي تقرير جي هنن جملن ۾ فرمايو آهي:
    ”اي منهنجا دوستو! آءٌ پاڻ ته اهو نٿو چئي سگهان ته آءٌ ڪنهن دنيوي طريقي سان اوهان جي مدد ڪرڻ گهران ٿو ڇو جو ٿي سگهي ٿو ته (منهنجو اهو چوڻ) توهان کي ڏکيو لڳي، پر اوهين پاڻ چڱي نموني ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن اوهان پاران ڪڏهن به ڪنهن امداد جي خواهش ڪئي ويئي ته آءٌ مڪمل نموني کليل دل سان ان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهندس.“
    هيستائين ته اسان حقيقت نگار جي ڄاڻ تي جيڪي ڪجهه تبصرو ڪيو آهي سو اصولي ۽ ڪلي نموني جو آهي. اهڙي نموني جون غلط بيانيون يا واڌاءَ واريون ڳالهيون جيڪي حقيقت نگار ڪيون آهن (جيئن اسٽيشن کان مدرسي تائين ٻه طرفيون جهنڊيون کوڙڻ يا اهو چوڻ ته زوردار تاڙيون وڄائيون ويون جو انهن آڏو علي ڳڙهه اسٽريچي هال به ڦڪو پئي لڳو. يا عالمن ۽ فقيهن تي اهڙو ته وجد ۽ مستي ڇائنجي ويئي جو پنجاهه سالن کان منجهيل تشبه واري معاملي جو مونجهارو پاڻهي پاڻ ختم ٿي ويو.) تن لاءِ ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي ته جيڪڏهن سچ پچ به پنهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ جي بنياد تي اهي ڳالهيون لکيون ويون آهن ته جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن جو مشاهدو ان کي ڪوڙو ڪري ٿو۔ پر جيڪڏهن پاڻ سڌوسنئون جلسي جي ڪاروائي ناهي ڏٺي ته معاف ڪجو اوهان جا اهي زهري جي درجي وارا راوي جن جي وسيلي اوهان کي اهي ڳالهيون هٿ آيون آهن سي جابر جعفيء کان به وڌيڪ ڪوڙا آهن. (ولا تقف مالیس لک بہ علم ان السمع والبصر والفؤاد لکل اولائک کان عنہ مسئولا)
    حقيقت اها آهي ته 1905ع ۾ سرجيمس لاٽوس پاڻ ۽ ان جي ساڄي کاٻي بيٺل ماڻهن (سوائي مهتمم ۽ دارالعلوم جي ميمبرن جي) ڪجهه تاڙيون وڄايون هيون ۽ هن ڀيري سر جيمس مسٽن جي اچڻ وقت هز آنر پاڻ ۽ ان جي ساڄي پاسي وارن ماڻهن جن ۾ گهڻو تڻو عالم سڳورا ۽ دارالعلوم جي انتظام وارا هئا تن ۾ شاگردن هڪ ڀيرو به تاڙي ڪانه وڄائي. ها! باقي کاٻي پاسي وارا ماڻهو جن ۾ گهڻائي شهر جي هندن جي هئي تن تقرير جي پڄاڻي تي تاڙيون وڄايون هيون. ان حساب سان جيڪڏهن حقيقت نگار کي 1905ع واري واقعي جي صحيح ڄاڻ هجي ها ته کيس ايئن چوڻ گهربو هو ته 1905ع ۾ تشبه واري ڳنڍ جيڪا ڪجهه ڍري ٿي ويئي هئي سا عالمن سڳورن 1915ع ۾ وري ڇڪي ڇڏي آهي. انهن پڌري پٽ پيل ڳالهين کي نه ڄاڻڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو ڀورڙو حقيقت نگار بنجڻ جي دعويٰ ڪري ته ڄاڻ وارن وٽ رڳو اها ڳالهه ئي چرچو ۽ ڀوڳ بنجي وڃي ٿي.
    مولانا محمد احمد جيڪي ڪجه ڪيو سو نيڪ نيتي ۽ همت سان ڪيو ۽ پنهنجي وڏڙن جي عملي اصولن موجب ڪيو. دارالعلوم جي تحفظ ۽ بقا لاءِ ڪيو ۽ اهو ڪم ڪيو جيڪو هن نازڪ وقت ۾ دارالعلوم جي هڪ هڏ ڏوکي کي ڪرڻ گهرجي. پر ان تي به جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندس ٿورن مڃڻ بجاءِ روشن سج تي ڌوڙ اڇلائي ان کي ميرو ڪرڻ گهري ته تنهن کي ياد رکي ڇڏڻ گهرجي ته مولانا محمد احمد صاحب کي پنهنجي ساڏ، ساڌ جي ڪا پرواهه نه آهي. رڳو سندس اصلي محبوب ۽ حقيقي مطلوب جي رضا جوئي ۾ فرق نه اچي. سندس مسلڪ آهي ته:
    زباد شاھ و گدا فارغم بحمداللھ گدائی خاک در دوست بادشاھ من است
    غرض زمسجد و میخانھ ام و صال شما است، جزاین خیال ندارم خدا گواھ من است
    ان سلسلي ۾ حقيقت نگار جي ان خوشفهمي جو ذڪر ڪرڻ به مزيدار ٿيندو ته عالي جناب نواب احمد سعيد صاحب، رئيس ڇتاري کي (جيڪو هڪ روايتي خطاب ماڻيندڙ خاندان مان آهي) جيڪو نواب جو خطاب مليو سو به ان اچ وڃ ۽ ڀڄ ڊڪ جي وسيلي مليو آهي جيڪا نواب صاحب سر جيمس مسٽن جي ديوبند اچڻ جي سلسلي ۾ ڪئي هئي. آءٌ ان بابت اوهان کي رڳو ايترو ٻڌائڻ ٿو گهران ته دارالعلوم جي جنهن تعلق جو هندستاني سرڪار جي زير حڪومت هجڻ جي حيثيت سان ساڻس صاف رکڻ ضروري آهي، ان جي جانچ پرتال ڪرڻ شروع کان ئي نواب صاحب جي خاندان جي خاصيت رهي آهي. 1905ع ۾ به سر جيمس لاٽوس کي دارالعلوم جي وزٽ ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سڀني سنهين ٿلهين ڳالهين ۽ معاملن کي سلجهائڻ وارو به انهيءَ خاندان جو هڪ اهم ماڻهو عالي جناب يوسف علي خان مرحوم هو.
    پوءِ جيڪڏهن دارالعلوم جي هڪ اهم خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ نواب احمد سعيد خان پنهنجي مرحوم چاچي جي ۽ نواب عبدالصمد خان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي پيروي ڪئي ته اسين ڪهڙي دليل سان سندن انهيءَ ڪم کي خطاب حاصل ڪرڻ واري نيت خواه مخواهه محمول ڪريون ۽ جيڪڏهن انهيءَ خدمت جي بدلي ۾ کين الله پاڪ ثواب سان گڏوگڏ خطاب ڏياري ڇڏيو (جيڪو بظاهر دنيوي نقطه نظر کان هڪڙي عزت واري رئيس لاءِ وڏي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو) ته هي پاڻ ثبوت آهي ان ڳالهه جو ته دارالعلوم جون برڪتون پنهنجي خادمن کي ثواب سان گڏوگڏ دنيا ۾ به مالامال ڪريو ڇڏي.
    ٽيون مامرو يعني سهارنپور واري جلسي جي اصليت، جيڪا اوهان زهري عن سالم عذابيه جي سند سان بيان ڪئي آهي ان لاءِ آءٌ هن چوڻ ۾ مجبور آهيان ته روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ ماڻهن جي پرک ڪرڻ جو فن تمام ڏکيو فن آهي. تنهن ڪري ان جي رازن ۽ رمزن تائين حقيقت نگار جي پهچ نه ٿي سگهي آهي. کيس ماڻهن جي پرک ڪندي اهو قائدو نه وسارڻ گهرجي ته همعصر ماڻهن جي محبت يا دشمني گهڻو ڪري جرم ۽ تعديل کي بي اثر بڻائي ڇڏيندي آهي. تنهن کان سواءِ حقيقت نگار جو فرض هو ته پنهنجو نالو ظاهر ڪري ها، ڇو ته جن ماڻهن کي هن زهري ۽ سالم جي برابر سمجهيو آهي، مڃيوسين ته اهي اهڙائي آهن. پر خود حقيقت نگار جو اسان وٽ مجهول هجڻ روايت کي مشڪوڪ بنائڻ لاءِ ڪافي آهي. حديث پاڪ ۾ آيو آهي ته شيطان الله جي ڪلام ٻڌڻ لاءِ آسمانن تي چڙهي ويندا آهن ۽ جيڪا اڌوگابري ڪا ڳالهه اتان جهٽيندا آهن تنهن سان سؤ ڪوڙ گڏي پنهنجي تابعدارن کي وڃي ٻڌائيندا آهن. هاڻي اتي ڏسو ته ان روايت جو ماخذ ۽ مرڪز ڪيڏو نه صاف سٿرو آهي، پر خود سندن واسطي ان خبر کي ڪيڏو گند ۽ بي اعتبار بڻائي ڇڏيو آهي. پوءِ اسان وٽ ان يقين ڪرڻ لاءِ ڪهڙو بڻ بڻياد آهي ته اوهان جي زهري کان روايت ڪرڻ وارا به مالڪ جهڙا اڇا اجرا انسان آهن. اصل حقيقت جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جنهن جي سند تي اوهان هروڀرو ايترو زور ڏنو آهي بلڪل آسان ڪم هو. اخبار مشرق گورکپور ۾ ان واقعي جي مختصر نموني پيرائتي حقيقت خود مهتمم صاحب جي طرفان ظاهر ڪئي ويئي هئي.
    بيشڪ ٿي سگهي ٿو ته حضرت مهتمم صاحب سهارنپور واري جلسي ۾ هڪڙي وقت جي حاڪم آڏو جيڪا تقرير ڪئي (جنهن ۾ هن ترڪي سان پنهنجي همدردي ڄاڻائي اسلامي ڀائپي جو زوردار لهجي ۾ اظهار ڪيو. ان جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف ۽ ان جي سک کي پنهنجو سک چيو) ان ڳالهه ۾ هو ڀلي پوري هندستان ۾ اڪيلو نه هجي، پر ان ڀريي جلسي ۾ جتي عام طور هرڪو حڪومت جو حد کان وڌيڪ خيرخواهه بنجي ترڪن کان پنهنجي لاتعلقي جا اعلان ڪري حاڪمن کي خوش ڪري رهيو هو اتي جناب مهتمم صاحب جن اهڙي آزادانه نموني سچائي جي اظهار ڪرڻ ۾ ضرور منفرد هو.
    چوٿون مامرو جنهن ۾ حقيقت نگار خطاب قبول ڪرڻ مان اهو دليل ورتو آهي ته ”مولانا محمد احمد کي بيشڪ خطاب جي گهرج ۽ سڌ هئي“ حالانڪ هڪڙي عالم دين جي سڀ کان وڌيڪ عزت انقطاع يعني خلق کان ڪٽجي رهڻ ۾ آهي. بلڪ ديني عالم هجڻ لاءِ سڀ کان وڏو شرط ئي اهو آهي ته ان جو ظاهري ڌنڌن سان ڪهڙو ڪم؟ خدا جي قدرت ته ڏسو جو عالمن تي رهبانيت، تنگ خيالي ۽ ڪنڊائتي ٿي وهڻ جو الزام لڳائڻ وارا اڄ کين انقطاع ۽ ظاهري طور طريقن کان ڌار رهڻ جي نصيحت ڪري رهيا آهن. توهان جي ان نصيحت کي مولانا محمد احمد گهڻو ڪري تمام ٿورائتي نموني ٻڌو هوندو (توڙي جو اوهان جو خطاب قبول ڪرڻ مان خطاب جي سڌائتي هجڻ وارو دليل وٺڻ غلط هوندو.)
    هي بلڪل صحيح آهي ته هڪڙي ديني عالم جي اصل عزت دنيا کان ڌار رهڻ ۾ ئي آهي ۽ عالمن جا جيڪي قصا توهان احياءُ العلوم وغيره ۾ پڙهيا آهن، اهي به سڀ صحيح آهن. پر مولانا محمد احمد صاحب نه رڳو هڪ ديني عالم آهي، پر هو دارالعلوم جو مهتمم به ته آهي. ان کان سواءِ اوهان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته مولانا جامي قدس سره جڏهن پنهنجي مرشد شيخ عبدالله احرار جا شاهاڻا ڏسي چيو ته: ”نہ مرد آنست کہ دنیا دوست دارد“، ته حضرت ان جي جواب ۾ هيئن چيو: ”اگر دار د برائے دوست دارد“ اڄ به ديوبند مان مذهبي تقشف جون اهي ئي تنوارون ٻرنديون رهن ٿيون ۽ انشاءَالله سدائين ٻرنديون رهنديون ۽ نئين طريقي تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ اهي ئي فتوائون نڪرنديون رهنديون، جيڪي اڳ ۾ به نڪرنديون رهيون آهن. پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اهڙن اعتراضن کان ڊڄي ڪري دارالعلوم جي مفادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏبو يا ان جي وڌندڙ لاڳاپن کي گهٽائي سوڙهو ڪري ڇڏبو. دارالعلوم ۾ اهڙا ماڻهو به آيا جن درياهه ۾ مانگر مڇ سان وير رکڻ جون صلاحون ڏنيون، هنن سرڪار جي رعيت هوندي به دارالعلوم جي چوديواري ۾ ان سان بائيڪاٽ ڪرڻ جي تحريڪ هلائي ۽ ان جي ميمبرن کي ڪانگريس وغيره ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني، پر اهڙي قسم جي سڀني مڪاري وارين ڪوششن کي دارالعلوم جي مهتمم ۽ ان جي بي لوث مسلڪ رکڻ وارن ڪارڪنن بلڪل ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته هي مضمون جيڪو زميندار ۾ هاڻ ڇپيو آهي سو به اهڙن ڌنڌن ڪرڻ وارن همراهن جي آواز جو پڙاڏو هجي.
    چڱيءَ ريت ياد رکو ته اسين نه باغي آهيون، نه ئي وري اسان کي وفاداريءَ جا جلاب ٿيا آهن. ها! خدا جي پسند ڪيل ڪمن ۽ پنهنجي وڏڙن جي واٽ تي هلڻ لاءِ الحمدالله دل و جان سان تيار آهيون ۽ الله پاڪ جي مدد سان هر امتحان ۾ پنهنجي ثابت قدم رهڻ جا اميدوار آهيون جنهن ۾ اها ڳالهه پري ناهي جو وڏن وڏن مٿير مڙسن جا پير ان مهل ترڪي وڃن.
    (اذا اشتبکت دموع فی خدود، تبین من بکیٰ ممن تباکا)
    ترجمو: جنهن مهل لڙڪن جو قطارون ڳلن تان گڙنديون ان مهل خبر پوندي ته رنو ڪير آهي ۽ روئڻ جو ڍنگ ڪنهن ڪيو آهي.)
    پڇاڙي ۾ آءٌ هڪڙو ٻيو عرض ڪري اوهان کان موڪل وٺندس ته اوهان جناب حاجي محمد عابد صاحب مرحوم جي پرهيزگاري (پگهار ڇڏڻ) ۽ آزادانه نموني (بيگم ڀوپال آڏو سپاسنامو نه پڙهڻ) کي ڏاڍو ساراهيو آهي. حالانڪه حضرت حاجي صاحب مرحوم جيڪڏهن پگهار نه وٺندو هو ته پنهنجي ڌاڳن ڦيڻن جي ڌنڌي سبب هو مدرسي جي ڪمن کي به وقت بنهه ٿورو ڏيندو هو. ان جي ڪري ئي اڳوڻن مهتممن جي ابتڙ کيس مناسب پگهار تي هڪ نائب رکڻو پوندو هو. ان سپاسنامو جيڪڏهن بيگم صاحبه جي سامهون پيش نه ڪيو ته اهوئي سپاسنامو حضرت قبله مولانا محمود الحسن صاحب دامت برڪاتهم کيس پڙهي ٻڌايو. حضرت مولانا رفيع الدين صاحب، نواب بشيرالدوله، مرحوم سابق مدارالهمام حيدراباد دکن کي آجياڻو ڏنو. حضرت مولانا محمد يعقوب صاحب مالير ڪوٽله جي نواب وٽ چندي لاءِ پاڻ ويو ۽ خود حضرت مولانا محمد قاسم صاحب ديوان محمد ياسين مرحوم کي حضرت شاهه عبدالغني دهلويءَ جو خط ڏيئي خان بهادر نواب ڪلب علي مرحوم ڏي موڪليو. پوءِ جيڪڏهن انهن مقدس بزرگن، خدا پناهه ڏي، غيرالله آڏو ڪنڌ جهڪايو ٿي ته اڪيلي حاجي عابد جو هڪڙو مثال، رئيسن سان لاڳاپن رکڻ ۽ مولانا محمد قاسم جي لکيل ان اصول کان ”مهتمم ۽ مدرسي جي ڪارڪنن جو سڀ کان وڏو فرض آهي ته هو چندي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪن.“ ڪيئن ٿو بي نياز بنائي سگهي؟ حالانڪه اوهان به ڏٺو ته حضرت حاجي صاحب مرحوم جي طريقه ڪار مان دارالعلوم ڪهڙيون ترقيون ڪيون ۽ هنن بزرگن جي واٽ تي هلڻ مان ڪهڙيون. الراقم شبير احمد عثماني 13 رمضان 1333هه .


    ضميمو چوٿون

    ضميمو چوٿون


    مولانا عبيدالله صاحب جي جمعيت الانصار
    جي نظامت کان عليحدگي

    1331هه ۾ آسمان کان زمين جي تختي تي جن واچوڙن جو گهيرو ٿيو انهن جو گهڻو حصو ترڪي سلطنت جي حصي ۾ آيو. ان کي بدنصيبي سمجهجي يا خوشقسمتي، بدبختي چئجي يا نيڪ بختي، غفلت ۽ مستيءَ جو نتيجو چئجي يا سمجهه ۽ ڏاهپ جو شروعاتي ڏاڪو، دنيا جهان ۾ جيڪي صبح شام جون رنگينيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون اهي پاڻهي پاڻ نٿيون اسرن پر پالڻهار جي قدرت ۽ حڪمت جو درياءُ ڇوليون هڻي ٿو پوءِ ڪو ٻڏي وڃي ٿو ته ڪو تري نڪري ٿو اچي. انهن قدرتي ڇولين کان درسگاهون به اثر وٺن ٿيون. علي ڳڙهه ڪاليج مان نواب وقارالملڪ جي برطرفي، بدوة العلماء کان حضرت شبلي جي عليحدگي ۽ جمعيت الانصار جي نظامت کان مولوي عبيدالله صاحب جي برطرفي، هي سڀ سال 1331هه جون نيون سوکڙيون آهن. مٿئين انقلاب جون هي سڀ تصويرون اخباري ڪالمن ۾ ڇپجي دنيا آڏو اچي چڪيون آهن. پر جمعيت الانصار جي ناظم وارو مامرو اڃا تائين اخباري دنيا ۾ تفصيل سان پڌرو ناهي ٿيو. رڳو هڪڙو ڀيرو دهلي جي اخبار ”رفيق“ ۾ حضرت ناظم پنهنجي استعيفا شايع ڪرائي هئي. نظارة المعارف جي قائم ٿيڻ بابت به اخبارن جا ڪجهه مضمون نظر مان گذريا هئا، جنهن مان وڌ ۾ وڌ ايتري خبر پيئي ته حضرت ناظم جمعيت کان ڌار ٿي چڪو آهي.
    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جمعيت الانصار يا دارالعلوم ديوبند، حضرت ناظم جي عليحدگي جو تفصيل سان اعلان ڇو ڪو نه ڪيو آهي؟ ڇا ان مامري جي لڪ ڇپ ڪنهن مصلحت جي ڪري آهي؟
    بيشڪ اعلان جي ضرورت هئي پر جيئن ته حضرت ناظم پاڻ ”رفيق“ اخبار ۾ پنهنجي تفصيلي استعيفا ڇپائي ڇڏي هئي ان ڪري اسان تڪڙ ۽ اڳرائي مناسب نه سمجهي. حضرت ناظم جي مختصر ۽ مجمل استعيفا، توڙي جو اڻ واقف ماڻهن کي صحيح صورتحال سمجهائڻ کان قاصر آهي، ته به جمعيت الانصار کان سندس عليحدگي کي ته پڌرو ڪري رهي هئي ۽ سمجهدار ماڻهن ته حضرت ناظم جي انهن خصوصيتن ۽ درجن کي جيڪي کيس دارالعلوم ديوبند ۾ حاصل هئا ۽ دارالعلوم ديوبند لاءِ سندس ان عقيدت کي جيڪا پاڻ دنيا جي سڀني درسگاهن جي ڀيٽ ۾ دارالعلوم لاءِ رکندا هئا ۽ ديوبند جي بزرگن جي سرپرستي ۽ نوازشن کي ڏسي ڪري مختصر ۽ مجمل استعيفا مان به گهڻو سمجهي ويا هئا. مرزا غالب جي چوڻي موجب ته:
    (بے خودی بے سبب نہیں غالب۔ کچھ تو ہے جس کی پردہ داری ہے)
    سو اجمالي نموني حقيقت تائين پهچڻ سولو ٿي پيو. وري تفصيل بيان ڪرڻ واري وقت ۾ ڳالهه کي اجمال ۾ رکڻ به سڀني کي مطمئن ڪري ڇڏيو ۽ ديوبند جي بزرگن کان پڇڻ جي کين اجازت نه ڏني ۽ جيڪڏهن اڃان به ڪنهن کي پڇڻ جي گهرج محسوس ٿي ته تبليغ واري واقعي کان پوءِ سڀيئي شڪ ۽ وهم پاڻهي پري ٿي ويا. باقي اسان ڇپيل اعلان شايع ڇو نه ڪيو، سو ان لاءِ ته انتظامي مجلس جي ميمبرن جا ڪجهه مطالبا حضرت ناظم آڏو رکيل هئا. انهن جي صحيح جواب ۽ پورائي کان سواءِ ان مسئلي کي بحث هيٺ آڻڻ جي ضرورت ان صورت ۾ محسوس نه ڪئي ويئي جو جمعيت الانصار جي ميمبرن ۽ ٻين عام مسلمانن تي اهو مسئلو ايترو ته چٽو ٿي ويو هو جو وڌيڪ ڪنهن سوال جواب جي ضرورت ئي باقي نه رهي. هونئن به ڪن مامرن کي انڌ اوندهه مان ڪڍڻ سولو ڪم نه هوندو آهي. مطالبن جي جواب ۾ حضرت ناظم جو ماٺ ۾ رهڻ ۽ جمعيت جي ميمبرن پاران پڇا ڳاڇا، ان ڳالهه تي اڀاري ٿي ته حضرت ناظم جي استعيفا کي ميمبرن جي رٿ موجب القاسم ۾ ڇا پيو وڃي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن وڌيڪ تفصيل جي ضرورت باقي سمجهي ويئي ته پوءِ مطالبن جي جواب جي انتظار ڪرڻ بنان ڪنهن ٻئي پرچي ۾ ڪن ٻين واقعن جي حقيقي تصوير پيش ڪئي ويندي، تانته ڏسندڙ انهن حقيقتن کي ڏسڻ کان پوءِ حيرت سان انهن کي سمجهي سگهن.

    جمعيت الانصار جي سابق ناظم مولوي عبيدالله جي استعيفا جو نقل
    بسم الله الرحمان الرحيم الحمدلله وسلام علي عباده الذين اصطفيٰ
    اما بعد... خدمت ۾ جناب مولانا امير جمعيت الانصار دامت برڪاتهم... مسنون سلامن پڄاڻان عرض هي آهي ته انتظامي مجلس جا سمورا ميمبر جيتري قدر آءٌ ڄاڻان ٿو ته مون بابت سٺا خيال نٿا رکن توڙي جو جامعة القاسمية جي حد تائين معاملن جو نبيرو ٿي به وڃي ۽ آءٌ پنهنجي برات ثابت ڪريان ته به ايڪي ۽ ٻڌي سان ڪم هلائڻ ڏکيو آهي. تنهن ڪري آءٌ جمعيت الانصار جي خدمت تان استعيفا ڏيان ٿو ۽ ان کان پوءِ منهنجو جمعيت الانصار جي ڪنهن به شعبي سان ڪوبه لاڳاپو نه رهندو ۽ پنهنجن مامرن جو ذاتي حيثيت سان پاڻ ذميوار رهندس.
    جناب عالي: جيترو جلد ٿي سگهي استعيفا منظور ڪري اعلان ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ فرمائيندا تانته مون کي پنهنجي منهن مهاڙ ڪم ڪرڻ سولو ٿي پوي. والسلام.
    حضرت ناظم جي استعيفا جمعيت جي سرپرست ۽ امير مولانا حبيب الرحمان صاحب جي خدمت ۾ 4 جمادي الثاني 1331 هجري مطابق 11 مئي 1913ع تي پيش ڪئي ويئي ان کان پوءِ پاڻ پنجاب هليا ويا.
    حضرت ناظم پاڻ چوي ٿو ته ”انتظامي مجلس جا سڀيئي ميمبر مون بابت سٺا خيال نٿا رکن.“ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انتظامي مجلس جا سڀيئي ميمبر حضرت ناظم جي سفارش سان ئي رکيا ويا هئا. حضرت ناظم کي انهن تي ايترو ڀروسو هو جو پنهنجي واڳ انهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي ۽ انهن جي سچائي ۽ ڏاهپ جو بار بار ذڪر ڪندو هو ۽ هي اهي ئي ميمبر آهن جن شروع کان وٺي حضرت ناظم جي نظامت جي ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ سندن ڪابه لکت پيش نٿي ڪري سگهجي، نڪوئي ڪنهن تقرير جو حوالو ڏيئي سگهجي ٿو. ٻيو ته نظامت جي مدي پوري ٿي وڃڻ هوندي به هنن ڪڏهن ناظم جي نظامت واري هلندڙ گاڏي آڏو ڪابه روڪ ٽوڪ نه وڌي ۽ حضرت ناظم سان گڏجي قاعدي قانون موجب ڪم ڪندا رهيا. اڄ تن سڀني جو گڏجي سڏجي حضرت ناظم بابت سٺا خيال نه رکڻ هڪ اهڙي مجمل ڳالهه آهي، جنهن جي وضاحت جي ضرورت هئي. پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ ۽ ميمبرن جي ڏوهاري هجڻ جا ثبوت ڏيڻ (جيئن استعيفا ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي) ڇا ايڏي وڏي عهديدارن لاءِ ضروري نه هو؟ جامعة القاسميه ۾ معاملن جي نيبرجي وڃڻ کان پوءِ به حضرت ناظم طرفان اتفاق سان ڪم جو نه هلڻ به هڪ پرولي آهي. ڇو ته حضرت ناطم کي، الجامعة القاسميه بابت انتظامي مجلس جي ميمبرن پاران منهن موڙڻ وارو خيال دل ۾ نه آڻڻ گهرجي ها جو واقعن ۽ حقيقتن حضرت ناظم جي آڏو سڀ ثابتيون پيش ڪري ڇڏيون آهن ۽ (ببین تفاوت رھ از کجا تابکجا است) واري بيت جي معنيٰ سمجهائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. انتظامي مجلس جا ميمبر جمعيت الانصار واري کيت جا ڌڻي يا موروثي هاري نه هئا جو حضرت ناظم کي انهن جي هٽائڻ لاءِ ڪن مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ها انهن جي وقتي رڪنيت ۽ ميمبر شپ حضرت ناظم جي دائمي نظامت جو مقابلو نٿي ڪري سگهي. مڄاڻ اها ڪهڙي مصيبت اچي ڪڙڪي جو ڪجهه مهينن لاءِ به صبر نه ٿي سگهيو ۽ جمعيت کي نازڪ وقت ۾ ڇڏي ويو جيڪو سندس بلند خيالي، حوصلمندي، روشن خيالي، تحمل، وقار ۽ اوچي اڏام جي شايان شان نه آهي. استعيفا جو آخري جملو (تانته منهنجو پنهنجي منهن مهاڙ ڪم ڪرڻ سولو ٿي سگهي) شايد استعيفا جي اصل راز ڏانهن اشارو ڪري ٿو. حضرت امير هي استعيفا انتظامي مجلس ڏانهن موڪلي ڏني انتظامي مجلس ان تي جيڪا تجويز ڏني سا هي آهي:
    (7 رجب 1331هه مطابق 12 جون 1913ع تي انتظامي مجلس جي ٿيل اجلاس جي روئيداد جو نقل)
    اجلاس ۾ هيٺيان ميمبر شريڪ ٿيا.
    (1)مولانا سيد محمد انور شاهه
    (2) مولانا سيد مرتضيٰ حسين صاحب
    (3) مولانا شبير احمد عثماني صاحب
    (4) مولانا ڪفايت الله صاحب
    (5) مولوي عبدالسميع صاحب
    (6) مولوي رياض الدين صاحب
    (7) مولوي سراج احمد صاحب نائب ناظم جمعيت الانصار.

    روئداد 1
    اجلاس ۾ مولوي عبيدالله صاحب جي استعيفا پيش ٿي. مولانا عبيدالله صاحب پنهنجي استعيفا جو سبب هي بيان ڪيو آهي ته انتظامي مجلس جا ميمبر سندس بابت سٺا خيال نٿا رکن ۽ هي به ته صفائي ثبوت واري صورت ۾ به ڪم هلائڻ مشڪل سمجهن ٿا. ان بابت سوچ ويچار کان پوءِ هي طئي ٿيو ته سچ پچ به انتظامي مجلس جا ميمبر هيٺين سببن جي ڪري ناظم صاحب سان اختلاف رکن ٿا.
    (1) جمعيت جو پوين حسابن جي صحيح نموني وضاحت ناهي ٿي، کوڙساريون رقمون اهڙيون آهن جن جو ڪاغذن ۾ ڪو صحيح مد ڏيکاريل نه آهي. اهڙين رقمن جي هڪڙي فهرست نائب ناظم مولوي سراج احمد مرتب ڪري پيش ڪئي ٿي پر پيش ڪرڻ مهل اها فهرست مولانا عبيدالله وٺي ورتي ته پهرئين پاڻ ڏسي پوءِ پيش ڪندو. هاڻي جڏهن ان فهرست کي ڏٺو ويو آهي ته ناظم صاحب پينسل سان ان تي ڪجهه لکي ڇڏيو آهي. سو قاعدي قانون جي ابتڙ ۽ اڌورو آهي جنهن مان ڪنهن به ڳالهه جي خبر ڪانه ٿي پوي. انهيءَ ڪري انتظامي مجلس جي ميمبرن کي ناظم صاحب سان لازمي طور اختلاف ڪرڻ گهرجي ۽ آهي.
    (2) جمعيت الانصار جي مڃيل اصولن جي ابتڙ کانئس ڪي اهڙا ڪم ٿيا آهن جن سان مدرسي جي پراڻي ساک کي ڌچڪو رسيو آهي. جڏهن ته جمعيت الانصار جو نصب العين ئي اهو هو ته ديوبند جي پراڻي اثر ۽ ساک جي واڌويجهه ۽ ان جي تعليم جي پکيڙ ڪئي ويندي.
    (3) جمعيت الانصار جي مڃيل اصولن جي برخلاف مولانا موصوف ڪيئي اهڙا ڪم ڪيا آهن جن جو هو ڪوبه صحيح جواب نه ڏيئي سگهيو آهي. مثال طور خزاني مان ميمبرن جي تحريري موڪل کان سواءِ ڏوڪڙ پيسو کڻڻ وغيره.
    (4) جمعيت الانصار هن وقت به ڪيترن سون روپين جي قرضي آهي. ان قرض جو گهڻيون رقمون اهڙيون آهن، جيڪي غيرقانوني ڪمن لاءِ مولانا پنهنجي خيال سان پاڻ کنيون آهن. رڳو ناظم هجڻ جي ڪري جمعيت الانصار جي حساب ڪتاب ۾ لکيون ويون آهن نه ته اصل ۾ انهن رقمن جون ذميوار ناظم صاحب پاڻ آهي.
    (5) ۽ پڻ هي ڳالهه به ڏسڻ جهڙي آهي ته جمعيت جهڙن ماڻهن مان مرڪب آهي ۽ جن سان مرڪب رهڻ بنان جمعيت جو وضعي مفهوم باقي نه رهي سگهندو، انهن جي نه رڳو عملن سان پر انهن جي عقيدن سان به مولانا عبيدالله صاحب پاران ڪيترا ڀيرا اختلاف پڌرو ٿيو آهي جن جي اڳ ۾ بلڪل ڄاڻ نه هئي ۽ اڃان تائين به ڪيترن ميمبرن کي سڌي سنئين نموني خبر نه آهي. انهن جي تفصيلي خبر ضرورت پوڻ وقت انهن ميمبرن کان معلوم ٿي سگهي ٿي جن کي گهڻو تڻو مولوي صاحب سان ديني مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جا موقعا مليا آهن.
    (6) جمعيت جي اهم معاملن بابت سندس اکٻوٽ ۽ سستي ۽ پنهنجي نجي راءِ تي سندس گذريل ضد کي ڏسي ڪري اسين به کيس سندس ئي لفظن ۾ هي چئي سگهون ٿا ته جامعة القاسميه جي حدتائين نبيرو ٿي به وڃي ۽ آءٌ پنهنجي صفائي به پيش ڪري وٺان ته به اتفاق سان ڪم هلائڻ مشڪل آهي. توڙي جو اسان وٽ ۽ هن وٽ ان مشڪل هجڻ جا سبب ڌار ڌار آهن.
    لهذا مٿين ذڪر ڪيل سببن جي ڪري مولانا موصوف جي استعيفا اڄ بتاريخ 7 رجب 1331هه جمعي جي ڏينهن منظور ڪئي وڃي ٿي. پر انتظاميه جو هي اجلاس ضروري ٿو سمجهي ته:
    (1) مولانا عبيدالله کان جمعيت الانصار جي ڪاغذن ۾ لکيل رقمن جي تفصيل پيش ڪرڻ وارو مطالبو جاري رکيو وڃي ۽ سندس به اخلاقي ۽ منصبي فرض آهي ته هو جلد کان جلد گهربل تفصيل جمعيت جي دفتر ۾ پيش ڪري ۽ جن رقمن جو تفصيل مولوي صاحب جي ذمي سمجهيو وڃي ٿو تن لاءِ مولوي صاحب کي گهرجي ته اڳوڻي نائب ناطم جي دفتر واري سيڪريٽري کان ان جا تفصيل وٺي پيش ڪري.
    (2) آئنده نظامت لاءِ هي طئي ٿيو آهي ته جيستائين ڪنهن نئين ماڻهو کي مقرر ڪجي تيستائين مولوي سراج احمد نائب ناظم يا قائم مقام ناظم جي حيثيت ۾ نظامت جو ڪاروهنوار سنڀاليندو.
    (3) هي به سوال پيش ٿيو ته اڳتي لاءِ جمعيت الانصار کي قائم رکڻ جي ڪهڙي صورت هوندي؟ ان لاءِ بنيادي طور اها ڳالهه ته طئي ٿي ويئي ته جمعيت الانصار ساڳئي نموني قائم رهندي البته ميمبرن ۽ انتظامي قائدن ۽ قانونن تي نظرثاني ڪبي ۽ ان ۾ جيڪا گهٽ وڌائي ڪرڻي هوندي ان بابت هڪ رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي تانته ان حساب سان عملي ڪمن جي جوڙڪ ڪري سگهجي.
    (4) مولوي عبيدالله صاحب جو 3 مئي وارو لکيل خط، جنهن ۾ هن قاسم المعارف سنڌ کي هلائڻ يا بند ڪري ڇڏڻ بابت پڇيو آهي، سو به پيش ٿيو. ان لاءِ اهو طئي ٿيو آهي ته مولوي صاحب کي لکيو وڃي ته هو قاسم المعارف سنڌ جي تفصيلي ڪاروائي جمعيت الانصار جي دفتر ۾ موڪلي ڏئي ۽ پڻ آمدني ۽ روانگي جو پيرائتو حساب ڪتاب روانو ڪري، ان کي ڏسي ڪري پوءِ ان جي هلائڻ يا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهبو.
    روئداد پڙهي ڪري سندس هر هر جملي سان اتفاق ڪريان ٿو. ان تي ستن ميمبرن جو صحيحون ٿيل آهن. (البت هڪڙو ڪجهه اختلافي نوٽ به هن ريت آهي.)
    مٿئين مضمون سان پورو اتفاق ڪريان ٿو ها نمبر 3 ۽ نمبر 5 سان پنهنجي ذاتي سمجهه موجب پوري ريت متفق نه آهيان پر ٻين ميمبرن جي راءِ کي پنهنجي اڌوري راءِ کان مٿاهون سمجهان ٿو.
    محمد سهول غفرله مدرس دارالعلوم ديوبند، حضرت ناظم اڃا تائين پڇيل سوالن ۽ مطالبن جو ڪوبه جواب نه ڏنو آهي. لاچار ٿي سندس عليحدگي جو اعلان شايع ڪيو وڃي ٿو. حسابي ڪاروائي ۽ مخالفت جي سببن جو تفصيل انشاءَالله پوءِ شايع ڪيو ويندو.
    خاڪسار سراج احمد
    قائم مقام ناظم ۽ جمعيت الانصار دارالعلوم ديوبند جي انتظامي مجلس جا ٻيا ميمبر
    (بحواله: القاسم، ترجمان دارالعلوم ديوبند صفر 1332هه مطابق ڊسمبر 1913ع ص 3 کان 8)


    ضميمو پنجون

    ضميمو پنجون

    سرجيمس مسٽن جي تقرير

    (جيڪو جناب سرجيمس اسڪار جي مسٽن صاحب بهادر ڪي، سي، ايس، آئي، ليفٽيننٽ گورنر گڏيل صوبا (يو پي) بمقام مدرسه ديوبند بتاريخ پهرئين مارچ 1915ع ارشاد فرمايو)

    مدرسه ديوبند جا متولي، مولوي، علماءَ حضرات!
    ڪيترن سالن کان منهنجي اها سڌ ۽ تمنا هئي ته آءٌ هتي اچي ڪري پنهنجي اکين سان هن مدرسي کي ڏسان تانته ان جي علم وارن استادن سان ڏيٺ ويٺ ۽ ڪچهريءَ جو مون کي موقعو ملي منهنجي ان آرزو ۽ سڌ جا ڪيترائي سبب آهن.
    پهريون ته اهڙا عالم سڳورا جيڪي ڪنهن دنيوي لوڀ لالچ کان سواءِ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ رڌل رهندا آهن تن جي عزت ۽ احترام هر لکيي پڙهيي ماڻهو جي دل ۾ ويٺل هوندي آهي. ٻيو ته هنن صوبن جي رهاڪن جو اهو فخر ۽ لئه، جيڪو کين هن مدرسي جي ڪري حاصل آهي جنهن جي مشهوري پوري ايشيا ۽ اسلامي يورپ ۾ پکڙيل آهي ۽ هڪ ٻيو وڏو سبب جنهن لاءِ آءٌ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان ۽ ان کي آئون قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو سو اهو ته اوهين انتهائي مضبوطيءَ ۽ ثابت قدمي سان رڳو ۽ رڳو درس تدريس ۾ رڌل رهندا آهيو ۽ سياسي بکيڙن يعني ملڪي انتظام بابت ڪنهن به اهڙي ڳالهه ٻولهه، بحث مباحثي يا اهڙن ڌنڌن کان بلڪل پاسو ڪندا آهيو جن سان ملڪ جي حاڪمن لاءِ مونجهارن پيدا ٿيڻ جو ڊپ هجي.
    پوءِ جڏهن مون کي منهنجي مان واري دوست نواب بهادر عبدالصمد خان وسيلي توهان جي ان خواهش جي خبر ملي ته آءٌ مدرسي اچان ته مون کي ڏاڍي دلي خوشي ٿي ۽ اها خوشي ان آجياڻي واري تقرير ۾ آيل عقل واريون ڳالهيون ٻڌي ڪري ويتر وڌي ويئي جيڪا اوهان منهنجي خدمت ۾ پيش ڪئي آهي. آءٌ صدق دل سان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان اهڙي محبت ۽ پنهنجائپ وارو ورتاءُ ڪيو ۽ پنهنجو مشهور معروف مدرسو مونکي ڏيکاريو ۽ اوهان پنهنجي ڪم ڪار ۽ ان جي اصلي مقصدن معلوم ڪرڻ جو به مونکي موقعو ڏنو.
    اڄڪلهه دنيا جي ماڻهن جو لاڙو گهڻو ڪري ٽن گهٽيا ڳالهين ڏانهن آهي. پهرئين هي ته ماڻهو آخرت واري دائمي آرام ۽ راحت جي يادگيري ڪرڻ کان سواءِ رات ڏينهن ڌن دنيا ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ پنهنجي خالق اڪبر پاران بهتر ۽ وڏن مقصدن لاءِ مليل عقل ۽ سمجهه رڳو ان هلڪڙي ڪم تي کپائي ٿا ڇڏين. ٻي ڳالهه ته ماڻهو رڳو ظاهري سونهن سينگار ۽ ٺٺ ٺانگر جا ڪوڏيا ٿي پيا آهن. روحاني ترقي ۽ برڪت جيڪا اصل موڙي آهي تنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪونه ٿا ڪن. ٽئين ڳالهه هي ته ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ تعصب وارو ورتاءُ ڪندا آهن ۽ پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا وڌائيندا آهن. بجاءِ هن ڳالهه جي ته مذهبي تعليم ۽ نصيحت مان هي سبق پرائين ته الله پاڪ جي نظر ۾ سندس سڀ ٻانها هڪجهڙا ۽ سڀني کي هڪ ٻئي سان ميٺ محبت سان رهڻ گهرجي ۽ هن چوڻي تي عمل ڪرڻ گهرجي.
    (شنا سند بیگانہ را ہمچو خویش،
    رہ آشتی رابگیرند پیش)
    اوهان پنهنجي ايڊريس جي هن جملي ۾ (جيڪو سڀني کان وڌيڪ وزنائتو آهي) لکيو آهي ته اوهين انهن ٽنهي گهٽيا درجي وارن ڪمن کان پرهيز ڪريو ٿا ۽ مون کي پوري پڪ آهي ته اوهين پنهنجي شاگردن کي به اهڙي تعليم ۽ تربيت ڏيندا هوندا جيڪا دنيا ۽ آخرت ٻنهي جهانن ۾ راحت ۽ آرام جو سبب بنبي.
    اي منهنجا دوستو! ۽ آءٌ اوهان کي دوست رڳو اخلاقي يا رسمي طور نٿو ڪوٺيان پر سچ پچ ته آءٌ انڊيا جي مسلمانن جو گهڻگهرو ۽ سچو دوست آهيان. هيءَ ڳالهه منهنجي لاءِ تمام خوشيءَ جو سبب بني آهي جو آءٌ اڄ هتي سڀني سان مليو آهيان ۽ اوهان کي ان پڪ ڏيارڻ جو مون کي موقعو مليو آهي ته سرڪار اوهان جي ۽ اوهان جي مدرسي جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي. توڙي جو اوهان جي قوم تي تڪليف ۽ مايوسي جو زمانو گذري رهيو آهي. پر اوهان انهيءَ کي سدائين عقل واري نصيحت جي روشني ڏيکاريندا رهندا آهيو ۽ سڄي مذهبي تعليم وسيلي هنن ڏکين گهڙين ۾ کين آٿت ۽ تسلي ڏيندا رهندا آهيو. اهڙي نموني انهن جي پريشانين ۾ گهٽتائي اچي ٿي ۽ اوهان جي سرڪار جيڪا سچي دل سان انهن جي خيرخواهه آهي اوهان جي ٿورائتي رهندي. اصل ۾ پنهنجي قوم جي مدد ڪرڻ سان اوهان اسان جي به مدد ڪريو ٿا ۽ اسان سان ساٿ نڀائڻ سبب اوهان اسان جي دل ۾ پنهنجي قوم جو اعتماد ۽ ڀرم قائم ڪريو ٿا.
    اي منهنجا دوستو! آءٌ پاڻ ته اهو نٿو چئي سگهان ته آءٌ ڪنهن دنيوي طريقي سان اوهان جي مدد ڪرڻ گهران ٿو جو ٿي سگهي ٿو ته (منهنجو اهو چوڻ) اوهان کي ڏکيو لڳي پر اوهين پاڻ چڱي نموني ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن اوهان پاران ڪڏهن به ڪنهن امداد جي خواهش ڪئي ويئي ته آءٌ مڪمل نموني کليل دل سان ان کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهندس. اڄ ته آءٌ رڳو ايترو چئي سگهان ٿو ته آءٌ اوهان جي مهمان نوازي لاءِ گهڻو شڪرگذار آهيان ۽ منهنجي دل ۾ اوهان جي ڪم لاءِ تمام گهڻي عظمت ۽ عزت آهي. الله جي حضور ۾ دعاگو آهيان ته شل اوهان کي هر قسم جي ديني توڙي دنيوي معاملن ۾ ترقي نصيب ٿئي. آمين.
    (بحواله ماهوار (القاسم) ديوبند بابت جمادي الاول 1333هه ص 6 کان 8)


    ضميمو ڇهون

    ضميمو ڇهون

    افڪار مسٽس

    ڏات ڌڻي سيد اڪبر حسين صاحب پينشنر حج جا اهي بيت جيڪي هن هز آنر لفيٽيننٽ گورنر بهادر جي دارالعلوم اچڻ واري موقعي تي لکي ڪري دارالعلوم جي مهتمم صاحب ڏانهن موڪليا هئا.

    ہز آنر حضرت مسٹن نے بے حد مہربانی کی
    ہماری ہی زباں میں آپ نے گوھر فشانی کی
    ثنائے عالمان دیوبند اس طرح فرمائی
    ہوئی روح اس سے شاداں مدرسے کے نیک بانی کی
    یہ فرمایا کی خالص مذھبی تعلیم ہوتی ہے
    نہیں ہے فکر کچھ پولٹیکل ریشہ روانی کی
    طریق انسب یہی ہے اسے دارالعلوم عالی کو
    ہوا تک لگ نہیں سکتی اس کو بدگمانی کی
    حیات چند روزہ کی فکر اس وقت ہے سب کو
    بہت کم فکر رکھتے ہیں حیات جاودانی کی
    فقط لذات جسمانی کا شیدا یہ زمانہ ہے
    خبران کو نہیں ہے روح کے راز نہانی کی
    ضروری ہے کہ پیدا ہوں یہاں ذی علم ایسے ہے
    کہ جو کچھ روشنی پھیلائیں عقبیٰ کے معانی کی
    دلی راحت مسلمانوں نے اس ارشاد سے پائی
    دوا ان کو میسر آئی ہے دینی ناتوانی کی
    ہز آنر کی ادائے شکر میں سب دل سے ہیں شامل
    زبانیں دے رہی ہیں داد ان کی حق بیانی کی
    یہ گو مشکل ہے حاکم لوکہ وہ درویش بن جائے
    بہت دشوار پیچیدہ ہے منزل حکمرانی کی
    مگر ہے صاف ظاہر حامی مذھب میں ہز آنر
    حقیقت منکشف ان پر بھی ہے دنیائی فانی کی
    (ماھنامہ القاسم دیوبند جمادی الثانی 1331ھ ص 16)


    ضميمو ستون

    ضميمو ستون

    مولانا حبيب الرحمان عثماني
    وفات 6 ڊسمبر 1929ع

    برطانوي سامراج جي خدمت ڪرڻ جي بدلي ۾ حضرت مولانا محمد احمد صاحب جي خدمت ۾ رياست حيدرآباد دکن جي مفتي جو جيڪو عهدو پيش ڪيو ويو هو جنهن تي حافظ صاحب چار سال 1923ع کان 1926ع تائين خدمتون مڪمل ڪري جڏهن واپس آيو ته ان تي هاڻي مولانا حبيب الرحمان عثماني صاحب کي رکيو ويو. حافظ صاحب جو جيڪو سوني ٽڪسال جهڙو ڪارنامو هو ان جي چٽسالي ۽ منصوبه بندي ۾ حضرت عثماني صاحب جي ذهانت ئي سمايل هئي. تنهن ڪري ان جو به حق هو ته کيس به نوازيو وڃي. هاڻي ان کي نوازڻ جو وارو ۽ وقت اچي ويو هو. چنانچه ان عهدي کي سونهن بخشڻ لاءِ 22 جمادي الاول 1344هه مطابق 7 ڊسمبر 1926ع تي حضرت عثماني وڏي ٺاٺ باٺ سان ديوبند کان دهلي ۽ 23 جمادي الاول مطابق 8 ڊسمبر جي رات دهلي کان حيدرآباد روانو ٿي ويو. القاسم ديوبند جي شماري جمادي الثاني 1344هه جي ادارتي صفحن ۾ حضرت عثماني جي اعزاز ۽ روانگي جي روائيداد ڇپيل آهي. سا پڙهي ڏسو.
    (دارالعلوم ديوبند جو مهتمم جيڪو حيدرآباد دکن جو مفتي ٿيو آهي)
    مخدوم العلماء حضرت مولانا حافظ محمد احمد (صدر مهتمم دارالعلوم ديوبند) صاحب جن رياست دکن جي شهر يار اعليٰ حضرت جي خوشنودي لاءِ سندس حڪم جي بجا آوري ڪندي حيدرآباد جي وڏي عدالت ۾ فتويٰ واري اسلامي خدمت جا چار سال چڱي ريت پورا ڪيا. توڙي جو موڪلن ۽ ضروري ڪمن سانگي ڪڏهن ڪڏهن ديوبند به ايندا رهيا ٿي پر پڪي رهائش حيدرآباد ۾ ئي هين. توڙي جو بيماري ۽ ڪمزوري اڳي کان ئي هين پر چوٿين سال بيمارين سبب ڪمزوري وڌي ويئي تنهن ڪري سرڪار وڏي کان موڪل گهريائون ۽ سائين جن به چڱي نموني قدرداني ڪندي شاهاڻي ڀلاوڻين سان مناسب ۽ معقول منصب (پروٽوڪول) ڏيئي ڪري تمام وڏي عزت سان موڪلايو. حضرت جن جي وڃڻ بعد ان وڏي ديني ۽ علمي عهدي لاءِ رياست حيدرآباد دکن جي بادشاهه سلامت (خلدالله ملڪه) جي فيضن ڀري نظر حضرت مولانا حبيب الرحمان عثماني (ثاني مهتمم دارالعلوم ديوبند) تي وڃي پيئي ۽ بنا ڪنهن ڪوشش ۽ گُهرَ جي اوچتو ئي اوچتو کين ڍنگائتي نموني درخواست ڪري ان عهدي تي فائز ڪري ڇڏيو. هيترن سارن عالمن مان جنهن خوبي جي بنياد تي حضور پرنور جيڪا چونڊ ڪئي سا سائين جن جي وسيع نظر ۽ پوري ڏاهپ جو ڏس ڏئي ٿي. توڙي جو اها چونڊ دارالعلوم ديوبند ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ شڪراني جهڙي ڳالهه ۽ اڻ ملهيو اعزاز آهي ۽ خوشي جو سبب آهي، پر جيئن ته مولانا عثماني مدضلهم دارالعلوم جي اهتمام ۽ انتظام جو روح روان هو تنهن ڪري سندن جدائي (کڻي عارضي آهي) دارالعلوم جي وڏڙن کي ڏاڍي ڏکي لڳي. هيڪاري ان ڪري جو حضرت صدر مهتمم (مسلمه الله) پنهنجي ڪمزوري ۽ بيمارين سبب اهتمام ڏي پورو ڌيان ۽ توجهه نٿو ڏيئي سگهي. پر وري بادشاهه سلامت جي انهن اڇائن ۽ قدردانيءَ کان منهن موڙڻ به هڪڙي قسم جي ناشڪري ٿيندي. تنهن ڪري سندن وڃڻ ئي وڌيڪ مناسب معلوم ٿيو ۽ دارالعلوم جو انتظام اڳي جيان وري حضرت صدر مهتمم صاحب جي سرپرستي حوالي ڪيو ويو. (شل الله ان کي مڪمل ۽ تڪڙي شفا عطا ڪري.)
    حضرت مولانا حبيب الرحمان صاحب جن ديوبند مان روانو ٿيڻ کان اڳ دارالعلوم جي عالمن استادن ۽ لاڳاپيل ماڻهن جي ميڙ کي هڪ نصيحت ڀريو خطاب ڪيو جنهن ۾ دارالعلوم سان پنهنجي پراڻي بلڪ تمام پراڻي لاڳاپي جو اظهار ڪيو ۽ ان عارضي ۽ ظاهري جدائي تي ڏک جو اظهار ڪندي مٿن رقت طاري ٿي ويئي جنهن سبب سڀيئي ويٺل به هنجون هاري ويٺا. تمام ضبط کان ڪم وٺي ڪري پاڻ تقرير کي جاري رکيو ۽ فرمايو ته دارالعلوم منهنجي لاءِ ساهه جيان آهي. هي سائين جن جي عاجزي انڪساري آهي اصل ۾ اهي ادبي قائدي موجب (صنعت قلب) جو استعمال آهي نه ته حقيقت ۾ خود پاڻ مدرسي جو روح ۽ جان آهن ۽ اسين جيڪڏهن حضرت ابن عباس رضه جي هڪ روايت کي سامهون رکون ته ٻنهي مهتمم صاحبن کي مدرسي جي جسم لاءِ به روح چئي سگهون ٿا هڪڙو سيلاني ۽ ٻيو مقامي.
    فسلمهم الله تعاليٰ وبقاهم (فقير راقم)
    دارالعلوم جا ننڍا وڏا ۽ شهر جا عزتدار ماڻهو سائين جن کي اسٽيشن تائين اماڻڻ لاءِ حاضر هئا ۽ هڪڙو وڏو جٿو دهلي تائين مشايعت (موڪلاڻي) لاءِ گڏ رهيو جن ۾ خود حضرت مولانا حافظ محمد احمد صاحب (صدر مهتمم) پنهنجي ڪمزوري ۽ بيماري هوندي به دلي لڳاءُ ۽ محبت سبب آخري موڪلاڻي تائين شريڪ رهيو. 22 جمادي الاول جي رات حضرت مولانا دهلي کان حيدرآباد روانو ٿيو ۽ سڀني موجود ماڻهن دکندڙ دل ۽ آلين اکين سان کين الوداع چيو.
    (نستودع الله دينه و امابته و خواتيم اعماله)
    دارالعلوم لاءِ حضرت عثماني جي ڪيل وڏين خدمتن جي مڃتا ۽ دارالعلوم جي عالمن ۽ شاگردن سان سندن ٻاجهه ڀريي سلوڪ کي ٻڌائڻ لاءِ هڪ وڏي دفتر ۽ ڊگهي وقت جي ضرورت آهي. هن مهل اسين پنهنجي ڳالهه کي هن دعا تي ختم ٿا ڪريون ته شال الله پاڪ کين عزت ۽ احترام سان راهي ۽ مقرر ڪيل وقت تائين حضور سلطان پاران سونپيل ديني خدمتن کي سهڻي نموني ڪاميابي سان پوري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ هن عارضي جدائي کان پوءِ پنهنجي پونئيرن ۽ دوستن کي پنهنجي ملاقات ۽ زيارت سان نوازڻ جو وقت ۽ دارالعلوم جي ترقي ۽ بقا لاءِ جاکوڙڻ جو موقعو عطا فرمائي ۽ اسين پنهنجي مضطربانه گستاخي تي سائين جن کان معافي جي اميد ڪري هي ٻه ٽي بيت پڙهون ٿا ته:

    بسفر رفتنت مبارکباد سلامت روی وباز آئی
    مابگوئیم آ تو گوئی نے آئی آئی مگر بہ ناز آئی
    فضل حق لطف شاہ یار تو باد از دکن شاد و سر فراز آئی


    ضميمو اٺون

    ضميمو اٺون

    مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو دارالعلوم ديوبند مان اخراج
    پس منظر جون ڪجهه حقيقتون ۽ واقعا

    (قاضي عبدالغفار اردو صحافت ۽ علم ادب جي تاريخ جي هڪ اهم شخصيت رهيو آهي. هُو پنهنجي حق پرستانه صحافت، بيباڪي ۽ جرائتمندانه قلمي جهاد سبب مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا حسين احمد مدني جي ويجهن ساٿين ۾ شامل رهيو. هُن ڪلڪتي مان روزانه “جمهور” اخبار جاري ڪئي جيڪا ڊسمبر 1917ع کان سيپٽمبر 1918ع تائين جاري رهي. هُن پنهنجي ادارين ۾ ٻين کوڙ سارن موضوعن سان گڏ مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي دارالعلوم ديوبند مان اخراج جي پس منظر بابت پڻ قلم کنيو ۽ اهم واقعن ۽ حقيقتن جو پردو فاش ڪيو. سندس نياڻي محترمه پروفيسر عابده سميع الدين صاحبه اُهي سڀ اداريا سهيڙي هڪ ڪتاب (اخبار “جمهور” برطانوی آمریت سے ٹکرائو – تجزیہ و انتخاب) جي صورت ۾ شايع ڪيا. هيءُ ڪتاب 1995ع ۾ هندستان ۾ شايع ٿيو ۽ محترم ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري صاحب جي ٿورن سان مون کي استفادي لاءِ مليو، جنهن مان ڪجهه اهم حصا جيڪي هن ڪتاب جي موضوع سان واسطو رکن ٿا ترجمو ڪري هيٺ ڏجن ٿا. -سنڌيڪار)

    1909ع ۾ دستاربندي جي جلسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، سنڌ مان شمس العلماءِ حافظ احمد ۽ مولوي حبيب الرحمان جي دعوت تي ديوبند آيو. انهيءَ وقت جميعت الانصار (اولڊ بوائز مدرسو ديوبند) جو بنياد پيو ۽ انهن ٻنهي جي راءِ سان مولانا عبيدالله سنڌي انجمن جو ناظم (سيڪريٽري) مقرر ٿيو. جميعت الانصار جي سالياني جلسن ۽ تحريڪن سان انهن ٻنهي صاحبن (حافظ احمد ۽ حبيب الرحمان) کي ايتري ته همدردي هئي جو هو ان جي ڪارروائين ۾ ڪافي حصو وٺندا هئا. انجمن جو صدر دفتر دارالعلوم ديوبند هيو ۽ ڪو معمولي ڪم به شمس العلماءُ حافظ احمد يا مولوي حبيب الرحمان صاحب جي منظوري کانسواءِ نه ٿي سگهندو هو. مولانا عبيدالله سنڌي اڪثر سالياني جلسن جي موقعي تي ديوبند ايندو هو يا سال جي وچ ۾ ٻن چئن هفتن لاءِ ديوبند ۾ قيام ڪندو هو ۽ باقي سال جو اڪثر حصو مدرسي ڳوٺ پير جهنڊي (ضلعو حيدرآباد سنڌ) جي درسي خدمتن ۾ گذاريندو هو. سندس غيرموجودگي ۾ جمعيت الانصار جا اصلي ڪارڪن مولوي حبيب الرحمان ۽ شمس العلماءُ محمد احمد صاحب هيا. ايستائين جو مولانا عبيدالله کان اصرار ڪيو ويو ته هُو سنڌ ڇڏي ديوبند ۾ ئي رهي پون، ڇاڪاڻ ته سندن عدم موجودگي ۾ جميعت ضرورت آهر ڪم نٿي ڪري سگهي ۽ اڪثر مذهبي تحريڪون عملي جامي کان خالي رهن ٿيون. جڏهن شمس العلماءُ حافظ احمد صاحب ۽ مولوي حبيب الرحمان جو اصرار وڌي ويو ته غالباً 1911ع کان مولانا عبيدالله سنڌي صاحب ديوبند ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي ۽ اها مستقل رهائش ئي هڪ تباهه ڪندڙ اختلاف جو سبب بڻي.
    اهو اختلاف ظاهر ڪرڻ کان اڳ اسان اهو به ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته انهن اڻ وڻندڙ واقعن جي اظهار تي اسان کي مولانا عبيدالله سنڌي جي همدرديءَ مجبور ناهي ڪيو پر اسان کي اصلي همدردي انصاف ۽ حق سان آهي ۽ ان کان به وڌيڪ هن دارالعلوم (ديوبند) سان همدردي آهي، جنهن جي مدرس اعليٰ (حضرت شيخ الهند رحه) ۽ ڪجهه ٻين فردن تي بغاوت جو الزام لاڳو ڪيو ويو. ان صورت ۾ جيڪڏهن حقيقت کي پڌرو نه ڪيو ويو ته حڪومتي عملدار سدائين تجسس ڀرين نظرن سان ڏسندا ۽ ان جي مدرس اعليٰ يا خاص بااثر ڪارڪنن جون سموريون مذهبي تحريڪون شڪ شبهي جي نظرن سان ڏٺيون وينديون، پوءِ نجات جي شڪل اِها ٿيندي ته دارالعلوم جا ڪارڪن حڪومتي عملدارن جي هٿن جا رانديڪا بڻجي پوندا. جيڪڏهن جمعيته الانصار جون خالص مذهبي تحريڪون حڪومت جي نظر ۾ پان اسلامزم جو ڀوائتو خطرو ثابت ڪري سگهجن ٿيون ۽ ان جي ناظم مولانا عبيدالله سنڌي کي هڪ خوفناڪ بغاوت جو باني قرار ڏئي سگهجي ٿو ته ان جي ڪهڙي ذميواري آهي ته اڳتي ان قسم جون تحريڪون يا خود دارالعلوم ديوبند جو وجود حڪومتي عملدارن وٽ خوفناڪ بغاوت جو سرچشمو ثابت نه ٿيندو. تنهن ڪري جن اسلام جي دشمنن تقدس جو چغو پائي گورنمينٽ کي دوکو ڏنو آهي، انهن خود دارالعلوم جي پيڙهه ۾ سرنگون وڇائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جي دل ۾ ايمان جي نور جو هڪ ذرو به آهي ته ان جو فرض آهي ته هُو دارالعلوم کي تباهي کان بچائي گورنمينٽ کي جيڪو فريب ذاتي بغض سبب ڏنو ويو آهي ان کان حڪومت کي بچائي. تنهن ڪري اسان جيڪو ڪجهه لکڻ گهرون ٿا اهو مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان همدردي نه پر خود دارالعلوم سان همدردي آهي يا حڪومت سان همدردي آهي ته اُها ان فريب کان محفوظ رهي، جنهن جو انجام خطرناڪ آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته دارالعلوم جي تعليمي ۽ مالي انتظام ۾سخت خرابيون آهن ۽ هڪ عرصي کان اُهي خرابيون اخبارن جي صفحن تي اچي چڪيون آهن. هاڻوڪي مهتمم جي زماني ۾ پنج سؤ رپين جي غبن جو واقعو پيش آيو ۽ چيو وڃي ٿو ته اهو واقعو حضرت مولانا گنگوهي رحه آڏو پيش ٿيو. باقاعده ثبوت ورتا ويا ۽ چيو وڃي ٿو ته مولانا گنگوهي صاحب مهتمم صاحب کي عهدي کان هٽائي ڇڏيو هو پر خود حضرت مولانا محمود حسن صاحب (شيخ الهند) کيس استادزادو سمجهي سندس لاءِ سفارش ڪئي ۽ کيس بحال رکيو ويو. اهو واقعو ان زماني ۾ خود مدرسي مجلس انتظاميا جي هڪ ميمبر پاران “پيسه” اخبار ۽ ٻين اسلامي رسالن ۾ شايع ڪرايو ويو هو، جنهن جو انجام اهو ٿيو جو اهو ميمبر هٽايو ويو. لاهورجي اخبار “الصباح” مطابق انهن سمورن واقعن جي فيصلي لاءِ مولوي انور شاهه صاحب کي مقرر ڪيو ويو هو پر بعد ۾ خبر پئي ته مهتم ان ديوبند پاران مولوي صاحب موصوف جي شادي ڪرائي سندس 70، 80 رپيا پگهار مقرر ڪري کيس دارالعلوم جو مدرس اول بڻايو ويو. ان کان پوءِ مولوي انور شاهه صاحب سندن پارٽيءَ جو ميمبر آهي.
    اهڙي قسم جي (مالي ۽ انتظامي نوعيت جي) شڪايتن جو هڪ ڊگهو دفتر آهي، جنهن ڏانهن اشارو ڪرڻ به اسلام ۽ امت جي عالمن جا عيب اگهاڙڻ آهي ۽ پردي پوشي ڪرڻ بزرگن جو هڪ خاص شان آهي، انهيءَ ڪري ئي حضرت شيخ الهند انهن شڪايتن جو سڌارو نهايت خاموشيءَ سان ڪرڻ گهريو. شيخ الهند جو خيال هو ته جيڪڏهن شمس العلماءِ حافظ احمد کي هٽايو ويو ته خواهه مخواهه اختلاف جي صورت پيدا ٿيندي ۽ مدرسي جو نقصان ٿيندو. ان خيال سان خود مولانا (شيخ الهند) مولوي حبيب الرحمان صاحب کي نائب مهتمم بڻايو ته جيئن حافظ صاحب جو شاگردن سان ڪوبه واسطو نه رهي. ان لاءِ اها وضاحت ڪئي وئي ته وڏن معاملن جو انتظام حافظ احمد صاحب سنڀاليندو ۽ جزوي معاملن جو تعلق مولوي حبيب الرحمان صاحب سان رهندو پر پڇاڙيءَ اُها تدبير به ڪارائتي ثابت نه ٿي. ايستائين جو مولوي حبيب الرحمان پنهنجي خاص غرضن ۽ فائدن ڪري شمس العلماءِ صاحب سان گڏجي ويو ۽ شيخ الهند جو جيڪو مقصد هيو اهو ختم ٿي ويو.
    پوءِ مولوي حبيب الرحمان صاحب “مدرسي ديوبند جي طرفان” ڄاڻائي هڪ ماهوار رسالو “القاسم” ڪڍيو ۽ هڪ ذاتي پريس “مطبع قاسمي” جي نالي سان قائم ڪئي. اهي ٻئي شيون مولوي صاحب موصوف جون ذاتي ملڪيت هيون پر ظاهر اِهو ڪيو ويو ته اهي ٻئي شيون مدرسي جي ملڪيت آهن. ايستائين جو شروعاتي زماني ۾ پريس جي عملي جو بل پڻ مدرسي جي خزاني مان ادا ٿيندو هو ۽ اهو چيو ويندو هو ته اِهو پئسو قرض طور ورتو ٿو وڃي. انهيءَ وچ ۾ مولوي حبيب الرحمان صاحب رسالي القاسم جو دفتر ٺهرايو ۽ ان ۾ به مدرسي جو پئسو خرچ ٿيو. مطلب ته انهيءَ قسم جا ڪيترائي معاملا هئا، جيڪي مدرسي ديوبند جو انتظام هلائيندڙن جي مقدس چؤديواري ۾ هلي رهيا هئا. جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي سنڌ مان اچي ديوبند ۾ رهيو ته کيس انهن سڀني احوالن جي خبر پئي. اهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته هڪ نو مسلم عالم (جيڪو فطرتاً خاص گڻ ۽ خداداد صلاحيتن جو مالڪ هيو) انهن سڀني خامين کي ڏسي خاموش رهي، تنهن ڪري هُن انفرادي ذميوارين کي نڀائڻ سان گڏوگڏ هوريان هوريان مدرسي جي سڌاري ڏانهن وک وڌائي. انهيءَ دوران مٿي ڄاڻايل شڪايتون حضرت مولانا محمود حسن صاحب تائين هڪ هڪ ڪري پهتيون ۽ انهن سڀني شڪايتن جو وسيلو ديوبند جي انتظاميا جي نظر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا هئا ته اسان جي ڀيٽ ۾ شيخ الهند فقط مولانا عبيدالله سنڌيءَ تي ئي ڀروسو ڪري سگهي ٿو. انهن شڪايتن جي گهڻائيءَ سبب حضرت مولانا محمود حسن صاحب مدرسي جي تعليمي ۽ مالي معاملن ۾ دخل ڏيڻ شروع ڪيو، جيڪا ڳالهه شمس العلماءِ ۽ سندس ساٿين جي ظلمن ۽ آپيشاهي لاءِ پهريون خطرو هئي.
    جيڪي ديوبند جي حالتن کان واقف آهن،اُهي ڄاڻن ٿا ته ديوبند مدرسي جا مهتمم هڪ عرصي کان استادن، خرچن ۽ تعليم جي شعبي کي هلائڻ ۾ مڪمل طور خودمختيار آهن ۽ انتظامي ڪاميٽي رڳو نالي ماتر آهي، سمورا ميمبر ٻن ٽن سالن کانپوءِ وڃي ڪڏهن گڏ ٿيندا آهن، پوءِ به حساب ڪتاب جو پڇاڻو نه ٿيندو آهي. سوين وڏيون وڏيون رقمون آهن، جن جي جزئيات جو تفصيل ڪڏهن به نه ڏٺو ويندو آهي، انهن سمورين خامين جو سڌارو مولانا عبيدالله سنڌي جي نظر ۾ هيو. هن هڪ “مجلس قاسميه” (ادارو) قائم ڪئي، جنهن جا ڏهه ميمبر هئا ۽ مدرسي ديوبند کي پڻ ان جي ماتحت ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت مدرسو آمر مهتممن جي مضبوط چنبي مان سؤلائي سان نڪري سگهي پيو ۽ مدرسي جي انتظام ۾ هڪ خاص جمهوريت قائم ٿي وڃي ها. مجلس قاسميه جا مقصد ۽ اختيار ڇپرايا ويا ۽ ان جون ڪاپيون اڃا به جمعيته الانصار جي ميمبرن وٽ موجود آهن. ان نظام کي مولانا محمود حسن گهڻو پسند فرمايو ۽ انهن جي ڪري مولانا اشرف علي ٿانوي، شاهه عبدالرحيم رائيپوري جن پڻ پسند ۽ منظور ڪيو. مدرسي جي انهن اڪابر ميمبرن جي منظوريءَ کانپوءِ اهو نظام ڪجهه سالن کانپوءِ مدرسي ۾ لاڳو ٿي وڃي ها ۽ مدرسي جي مهتممن جي ڪم جي باقاعدي نگراني شروع ڪئي وڃي ها.
    انهيءَ زماني ۾ حضرت مولانا محمود حسن صاحب جن ٽن ماڻهن کي مقرر ڪيو ته هو مدرسي جا جديد قاعدا ۽ ضابطا مرتب ڪري مجلس انتظاميا آڏو پيش ڪن، پوءِ مدرسي جي هڪ تجربيڪار ميمبر هڪ مسودو جوڙي موڪليو به هيو ۽ ان ۾ مهتمم صاحب جي مٿان هڪ ٻيو عهدو مقرر ڪيو ويو ته جيئن هر قسم جي خودمختياريءَ جي روڪٿام ٿي وڃي ۽ جيتريون به اندروني خاميون دارالعلوم ۾ تباهي آڻي رهيون آهن، اُهي دور ٿي وڃن. گهڻو ڪري اهو 1913ع جو زمانو هيو جڏهن مدرسي ۾ سڌارا غور هيٺ هيا ۽ مدرسي جا مهتمم پنهنجي خودمختياري ۽ خاص فائدن ۽ غرضن جي موت جو سنيهو ٻڌڻ واراهئا جو مدرسي جي مصلحن يعني مولانا عبيدالله سنڌي ۽ حضرت مولانا محمود حسن جي خلاف سازش شروع ٿي.
    دارالعلوم ديوبند کي ظلم جي سگهارن هٿن مان ڇڏائڻ، تعليمي خرابين کي دور ڪرڻ، مالي انتظام درست رکڻ، ناجائز خرچن کان دارالعلوم جي آمدني کي محفوظ ڪرڻ، ايستائين جو دارالعلوم جي هر شعبي کي آمريت ۽ بي لغاميءَ جي قبضي مان ڪڍي هڪ قسم جي جمهوريت جي ماتحت رکڻ اصلاح جو پهريون ٻج هيو، جنهن دارالعلوم ديوبند کي سازشن جو گهر بڻائي ڇڏيو ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خلاف هڪ پارٽي ٺاهي وئي، جنهن جي چرپر جون ڏوريون مولوي حبيب الرحمان صاحب جي هٿن ۾ هيون. جيڪي ماڻهو شمس العلماءِ حافظ احمد صاحب جي فطرت ۽ مولوي حبيب الرحمان جي کياست ۽ مڪر کان واقف آهن انهن لاءِ اهي حالتون ٿورو به حيرت جوڳيون نه آهن. ان کان اڳ دارالعلوم جي انتظاميه جي جن ميمبرن مهتممن جي درٻار خلاف نڪته چيني ڪئي، انهن کي انتظاميا مان ڪڍيو ويو، جن ۾ خليفو احمد حسن ۽ هڪ ٻيو ميمبر شامل آهن. انهن جو ڏوهه فقط اهو هو ته انهن مدرسي جي ڪجهه شين کي مهتمم صاحب جي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ تي سخت اعتراض ڪيو هو پر مولانا عبيدالله سنڌي جون تجويزون معقول هيون، ان کانسواءِ شيخ الهند حضرت مولانا محمود حسن صاحب جو پڻ ان راءِ تي اتفاق هيو ۽ مولانا جي ڪري دارالعلوم جي ٻين سرپرستن شاهه عبدالرحيم رائيپوري ۽ مولانا اشرف علي ٿانوي صاحب پڻ سڌاري جي رٿ کي پسند ڪيو هو، تنهن ڪري مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي ديوبند کان علحده ڪرڻ سؤلو ڪونه هيو. تنهن ڪري ديوبند جي مهتممن هڪ حيرت انگيز سازش جو ڄار وڇايو.
    سڀ کان پهريائين سردهنه ضلع ميرٺ مان هڪ مولوي کي گهرائي کيس جمعيت الانصار جو نائب ناظم مقرر ڪيو، جنهن جو فرض هيءَ هو ته هُو هر ڳالهه ۾ جمعيت الانصار جي ناظم مولانا عبيدالله سنڌي جي مخالفت ڪري . وري مولوي مرتضيٰ حسن چاندپوري ۽ جمعيت الانصار جي ڪجهه ٻين ميمبرن جي حوالي هي خدمتون هيون ته مولانا عبيدالله سنڌي جي ڪنهن به تحريڪ ۽ رٿ کي منظور ٿيڻ نه ڏين. هوڏانهن مولانا عبيدالله سنڌي جي عقيدن بابت غلط افواهه پڻ پکيڙيا ويا ته هُو اسان جي مسلڪ جي خلاف آهي. تڪميل جي درجي جي شاگردن کي مولانا عبيدالله سنڌي قرآن شريف پڙهائيندو هو. هڪ موقعي تي جڏهن هُن هبوط آدم عليه السلام جي واقعي بابت تقرير ڪئي ته مدرسي ۾ مشهور ڪيو ويو ته هيءَ تقرير ته اها ئي آهي جيڪا سر سيد پنهنجي تفسير ۾ لکي آهي. وري ٻئي پاسي انهن اسلام جي دشمنن اهو به مشهور ڪيو ته عبيدالله جو واسطو خفيه پوليس سان آهي ۽ سندس مقصد ئي اهو آهي ته هُو مدرسي کي تباهه ڪري. مطلب ته ديوبند مدرسي جا مهتمم مدرسي تي قابض هئا ۽ جمعيته الانصار جا اڪثر انتظامي ميمبر مدرسي جا استاد هئا، جن جو اٿڻ ويهڻ مهتمم جي ننڍي اشاري تي ٿيندو هو، تنهن ڪري نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه حق پسند ماڻهن کانسواءِ ديوبند جي اڪثريت مولانا عبيدالله سنڌي جي خلاف ٿي وئي. آخرڪار تنگ ٿي مولانا عبيدالله سنڌي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ جمعيت الانصار جي تڪميل جي درجي جي طرز تي دهليءَ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جنهن جو نالو “نظارة المعارف” هيو.
    جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي دهلي ۾ هيو ته ان ڳالهه جي لڳاتار ڪوشش ڪندو رهيو ته ان مدرسي جو الحاق دارالعلوم ديوبند سان ٿي وڃي ۽ ديوبند جي مهتممن سان صلح ڪجي، ان مقصد سان ديوبند ويندو رهندو هو. ديوبند جي خدائن کي ايتري بغض ۽ ڪينو هو جو هُو ان تي ڪنهن به ريت راضي نه ٿيا ۽ سدائين اهو چيائون ته توهان جا مذهبي عقيدا اسان جي خلاف آهن، تنهن ڪري اسان گڏجي نٿا سگهون. غيرمسلمن جو خلود في النار ٿيندو يا نه اهو مسئلو جهيڙي جو سبب ٻڌايو ويندو هو. ايستائين جو مولوي عبيدالله سنڌيءَ خلاف ڪفر جي فتويٰ تيار ڪئي وئي. ديوبند جا سڀ مُدرس صحيحون ڪرڻ لاءِ تيار هئا پر مولانا محمود حسن صاحب صحيح نه ڪئي ۽ جيئن ته ديوبند جماعت ۾ مذهبي لحاظ کان حضرت مولانا شيخ الهند جي صحيح ئي مستند ٿي پئي سگهي، تنهن ڪري پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ مولانا عبيدالله خلاف ڪفر جي فتويٰ تي صحيح نه ڪئي ، تنهن ڪري ان رٿ ۾ مولانا جي مخالفت سبب ديوبند جي مهتممن کي سخت مايوسي ٿي. آخر وڏي جدوجهد کانپوءِ فيصلي جي اها صورت بيٺي ته مولانا عبيدالله سنڌي ديوبند ۾ اچي عام ميڙ ۾ ان مسئلي بابت پنهنجي عقيدي جو اظهار ڪري. جيڪڏهن اسان جي مطابق هوندو ته اسان ٺاهه ڪنداسين، اهو مصالحت وارو جلسو گهڻو ڪري مولانا حسين احمد مدني جي ڪوشش سان منعقد ٿيو هو، جيڪو تازو مديني منوره کان ديوبند آيو هو ۽ هينئر مالٽا ۾ قيد آهي. پوءِ عصر جي نماز کانپوءِ مدرسي جي مسجد ۾ سمورا شاگرد، استاد ۽ ٻيا ملازم گڏ ٿيا. مولانا عبيدالله سنڌي دهليءَ مان اچي پنهنجي عقيدي جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي لاڏلي مهتمم جنهن تڪبر واري طريقي سان مولانا عبيدالله سنڌي کي جهڻڪيو هو ان جي ڪيفيت اهي ئي ماڻهو ڄاڻين ٿا جيڪي ان ميڙ ۾ شريڪ هئا. آخرڪار سليم الفطرت ۽ صلح پسند مولانا عبيدالله سنڌي صاحب انهن ئي لفظن ۾ پنهنجي عقيدي جو اعلان ڪيو، جيڪي لفظ ديوبند جا مهتمم کانئس چورائڻ گهرن پيا، پر ان کان پوءِ به ڪيني پسند طبيعتن صلح نه ڪيو ۽ نيچري هجڻ جو الزام مولانا عبيدالله تي لڳايو. ان کانسواءِ دهلي ۾ هڪ معزز صاحب جي رهائشگاهه تي اسلام جي اشاعت بابت هندستان جي ڪجهه مخصوص معززين ۽ اهل علم ماڻهن جو هڪ جلسو ٿيو. ان ۾ شرڪت لاءِ دعوت موجب ديوبند مان مولوي حبيب الرحمان پڻ دهلي ۾ آيو. جلسي ۾ مولوي عبيدالله سنڌي صاحب پڻ شريڪ هيو. مولوي حبيب الرحمان بنا ڪنهن سبب جي ڳالهه ٻولهه دوران مولانا عبيدالله سنڌي تي حملو ڪيو ته ڏسو هيءُ اسان جي مسلڪ جي خلاف هيو تنهن ڪري اسان کيس ڪڍي ڇڏيو. اتفاق سان مولانا عبيدالله سنڌي جي کيسي ۾ حضرت مولانا محمود حسن جو خط هيو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي عقيدن ۽ سندس قائم ڪيل مدرسي جي ساراهه هئي. اهو خط مولانا عبيدالله سنڌي سمورن ماڻهن آڏو پيش ڪيو ته پوءِ مولوي حبيب الرحمان شرم جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هيو. ڇاڪاڻ ته ظاهر آهي ته ديوبند جماعت ۾ شيخ الهند جنهن جي مذهبي عقيدن جي تائيد ڪري ان کي ڪافر ڪير ٿو بڻائي سگهي. مطلب ته اهي ئي سبب هئا، جنهن ڪري ديوبند جي مهتممن جي ڪاوڙ جي باهه مولانا عبيدالله سنڌي سان گڏ حضرت مولانا محمود حسن تي پڻ وسڻ لڳي ۽ هينئر ديوبند جي مهتمن نيني تال ڏانهن پناهه جا هٿ وڌايا آهن.
    شيخ الهند خلاف ديوبند جي خود سر مهتممن جي ڪاوڙ جي باهه کين رڳو ان ڪري مشتعل نه ڪيو ته شيخ الهند مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو ساٿ ڏنو، پر مٿي ڄاڻايل اُهي سمورا سبب هئا، جن مولانا عبيدالله سان گڏ شيخ الهند کي پڻ انهن ماڻهن جو دشمن بڻائي ڇڏيو. فرق فقط ايترو هو ته ديوبند جي پيروڪارن جي عام عقيدتگاهه شيخ الهند جي ذات هئي، تنهن ڪري ديوبند جي مهتممن شيخ الهند جي مخالفت پردي پويان ڪئي پر مولانا عبيدالله سنڌي جي مخالفت منظرعام تي ظاهر ٿي پئي. آخر ۾ ته نوبت اتي وڃي پهتي هئي جو لڳ ڀڳ هڪ سال تائين ديوبند جي مهتممن ۽ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن صاحب جي وچ ۾ گفتگو ۽ مشاورت پڻ بند هئي.
    (قاضي عبدالغفار، روزانه ”جمهور“ ڪلڪتو، پهرين آگسٽ 1918ع، 2 آگسٽ 1918ع ۽ 4 آگسٽ 1918ع جي ادارين تان ورتل) سنڌيڪار: ثناءُ الله سومرو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567621
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216113
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ