ڪتاب جو نالو: پِشو پاشا ۽ ٻيون ڪهاڻيون
مصنف: جمال ابڙو
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 30 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1109 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 441 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”پشو پاشا“ جو پهريون ڇاپو 1959ع ۾ زندگي پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، ٻيو دفعو طارق اشرف پاران 1973ع ۾ ”بدمعاش“ جي نالي سان ڇپيو پر هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀ ڪاپيون حيدرآباد ۾ ئي وڪامجي ويون. ٽيون دفعو هي ڪتاب ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي پاران 1976ع ۾ ڇپايو ويو. سنڌيڪا پاران پڻ ڇپايو ويو ۽ آخر ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • مـان مـڙد
  • بـدتـمـيز
  • پِيراڻـي
  • شـاهه جـو ڦَـر
  • بـدمـعـاش
  • مُـنـھـن ڪـارو
  • هـُو حـُر هـو ...
  • ڪـارو پـاڻـي
  • مـھـربـانـي
  • خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ
  • لاري
  • پِشـُو پـاشـا
  • پـاشـا
  • سِـيـنـڌ
  • فـرشـتـو
  • مـاءُ جـي جھـولِـي
  • لاٽ

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (202) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”پشو پاشا ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي نامياري ليکڪ جمال ابڙي جي افسانن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    ”پشو پاشا“ جو پهريون ڇاپو 1959ع ۾ زندگي پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، ٻيو دفعو طارق اشرف پاران 1973ع ۾ ”بدمعاش“ جي نالي سان ڇپيو پر هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀ ڪاپيون حيدرآباد ۾ ئي وڪامجي ويون. ٽيون دفعو هي ڪتاب ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي پاران 1976ع ۾ ڇپايو ويو. سنڌيڪا پاران پڻ ڇپايو ويو ۽ آخر ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي.
    جمال ابڙو، ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي، هن ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، هن ترقي پسند تحريڪ جي چڱن ۽ مثبت اثرن کي ضرور قبول ڪيو، پر هن ڪڏهن به ترقي پسند تحريڪ جي گهرجن کي مصنوعي انداز ۾ آڏو رکي ڪهاڻيون نه لکيون. جمال ابڙي صرف 17 ڪهاڻيون لکيون جيڪي سنڌي ادب جون شاهڪار ۽ لازوال ڪهاڻيون آهن.
    ٿورائتا آهيون سائين بدر ابڙي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com

    -----------------

    جمال ابڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو ’پشو پاشا‘ ڇو آهي؟ ’پيراڻي‘، ’شاهه جو ڦر‘، ’بدتميز‘، ’بدمعاش‘، ’ڪارو پاڻي‘، ’خميسي جو ڪوٽ‘ يا ’منهن ڪارو‘ وغيره ڇو نه آهي؟ ليکڪ پاڻ ئي لکي ٿو ته ”مون کي نه ڪتاب جو نالو وڻيو ۽ نه ٽائٽل ڪَور، پر پبلشر خرچ ڪري چڪو هو ان ڪري قبول ڪرڻو پيو.“
    پبلشر اهو نالو ڇو رکيو؟ شايد ان ڪري ته ادبي لڏي ۾ پشو پاشا ڪهاڻي سڀ کان وڌيڪ تنقيدي ڇنڊڇاڻ هيٺ آئي، ۽ ان تي تنقيدي رايا ٽِماهي مهراڻ ۾ تسلسل سان ڇپجندا رهيا، جيڪي هن ڇاپي ۾ به پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن. ڪتاب جو اهو نالو ادبي ضرورت هئي يا مارڪيٽ جي؟ اهو بحث هاڻي فضول ٿي ويو آهي. هن ڇاپي جو نالو به ساڳيو ’پشو پاشا‘ برقرار رکيو ويو آهي جو هاڻي ڪهاڻين جو هي مجموعو ان ئي نالي سان مشهور آهي. البت ٽائٽل سادو رکيو ويو آهي، جو ليکڪ پاڻ به ان سان متفق ڪونه هو ڇاڪاڻ ته پِشوءَ جو ڪردار جوشيلي سياسي ڪارڪن بدران ’دهشتگرد‘ جهڙو نظر ٿي آيو.
    هيءُ جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ڇهون ڇاپو آهي. انهن مان هڪ ڇاپو مرحوم طارق اشرف پاڪيٽ سائيز ۾ ’بدمعاش‘ جي ٽائٽل هيٺ منظر عام تي آندو هو. پشو پاشا مجموعي جو پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو مرحوم پروفيسر محسن عباسيءَ ڪيو هو جيڪو پنجابي ادبي بورڊ، لاهور طرفان 1999ع ۾ شايع ٿيو هو. ان کان سواءِ جمال صاحب جي هنن ئي ڪهاڻين جو اردو ترجمو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي طرفان 2005ع ۾ شايع ٿيو هو. اهو ترجمو ممتاز سولنگي ڪيو آهي.
    هن کانپوءِ، پشو پاشا جو ترجمو انگريزي زبان ۾ به ٿي چڪو آهي جيڪو ايڊٽنگ جي مرحلي ۾ آهي، ۽ جلد ئي پڙهندڙن جي هٿ ۾ هوندو. ڪتاب جي ٽئين ڇاپي تائين هن مجموعي ۾ ليکڪ جون ڪل تيرهن ڪهاڻيون شامل هيون. ان کان پوءِ 1992ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران چوٿون ڇاپو آيو ته ان ۾ باقي رهجي ويل ڪهاڻيون به شامل ڪيون ويون. هِن ڇاپي ۾ جمال صاحب جون لکيل سڀ ڪهاڻيون شامل آهن. ليکڪ ان کانپوءِ افسانا نه لکيا، پر پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي جيڪا پنجن ڀاڱن ۾ ڇپجي چڪي آهي.
    آئون ذاتي طرح ڄاڻان ٿو ته سواءِ چند ڪهاڻين جي، جيڪي علامتي ۽ تصوراتي (مان مڙد ۽ پِشو پاشا) آهن، باقي سڀني ڪهاڻين جا ڪردار ۽ واقعا حقيقي آهن. جمال صاحب جي آتم ڪٿا ۾ به کوڙ ساريون ڪهاڻيون ۽ واقعا آهن، ممڪن آهي ته جيڪڏهن آتم ڪٿا نه لکجي ها ته ڪي واقعا ڪهاڻيءَ جي گهاڙِيٽي ۾ اچن ها!

    بدر ابڙو


    مـان مـڙد

    مان تڏھين ننڍو جوانڙو ھجان! ڳاڙھو ڳاڙھو ڳٽول، لڱ سڊول. پاڻ کي پاڻ ڏسي خوش پيو ٿيان. تيل ڦليل ڪري وارن کي سينگاري ٻاھر نڪران، ڀانيان ته سڀڪو پيو مون کي ڏسي.
    ڪنھن ڇوڪريءَ جي مون تي نظر پيئي پڪ ٿي ويندم ته ضرور مون تي فدا ٿي ھوندي. ننڍڙي معصومڙي دل، پوءِ ته وٺي پنھنجا مٺڙا ناٽڪ ٺاھيندي. گُل جھڙي نينگريءَ کي پنھنجو ساٿي سمجھي، ڇا ڇا نه ساڻس خيالي رھاڻيون ڪندو ھوس. چرچا ڀوڳ، ٽھڪڙا، ارڏائيون، دادلن جي دنيا.
    طبيعت ۾ چِلولائي اڳيئي ھئم. ڀائيندو ھئس ته ڪي رنگ رليون، من مستيون ڪجن. روح پيو اڏامندو ھو. ڪڏھن جبلن جي چوٽيءَ تي، ڪڏھن ڪڪرن جي مٿان، ڪڏھن ڇولين جي سيني تي، ڪڏھن ته سمنڊ جي تري ۾ مرجان ڳوليندو وتندو ھوس.
    منھنجي چلولي طبيعت ۽ جوانيءَ جي رنگين نظرين مونکي ھڪ ھنڌ ٽڪاءَ ڪرڻ نه ڏنو. ملڪ ملڪ مان ٿيندو، ھڪ اھڙي ملڪ ۾ اچي نڪتس، جتي بس مون سان ڪيس ٿي ويو. منھنجي ڪچڙيءَ وھيءَ کي ڄڻ ته ڪنھن مُٺ ۾ نپوڙي، لڳڙو ڪري ڇڏيو. زندگيءَ جو نچڪو ٽپڪو جيڪو بُل پيو ڏيندو ھو، تنھن ڄڻ ته ڪرنگھو ڀڃي، ڪنھن لولو لنگڙو ڪري وڌو. حياتيءَ جو ھڳاءُ ۽ زندگي جي سرھاڻ سڀ چوسجي ويئي. اربين اٺسٺا، ڪروڙين تمنائون، ھزارين ذھني تجويزون سڀ دٻجي دفن ٿي ويئون. مون لاءِ دنيائي مري ملياميٽ ٿي ويئي.
    وچ آفريڪا جا گھاٽا اونداھا جھنگل، ڌٻڻين وارا ٻيلا، نانگ بلائون ۽ اجگر. گوريلن جھڙا شيدي، ڪارا رڏ، اڇيون عقابن جھڙيون اکيون، ڪِينئن جھڙا وار، قئي پيئي اچي. راتو رات ٻڌي کڻي قيد ڪيائون. ڊپ ۽ ڏَر کان اک نه کلي، ” ھنا-ھو!“ جا آواز نغارن جا رانڀاٽ، ڀالن جا کڙڪا، ھنيانءُ پيو ڦَرڪي.
    ننھن چوٽيءَ ننگا، ڪٽاريون ھٿن ۾. جان کڻي ڏسان ته سڀ عورتون، مرد ھڪ به نه. ھوش اڏامي ويم. عجب جھڙا آواز ٿي ڪڍيائون. ننڍڙا دڦ ٿي وڄايائون. ٿُلھي گگهي آواز ۾ ڳائي، ڳائي نچڻ لڳيون. خنجرن ۽ ڀالن سان مون کي ڌِڪا ڏينديون گھلينديون ھڪ غار ۾ آيون. اتي ڪن ڪمزور مردن کي ڏٺم، جي ٻارن جي ولرن سان، ھيڏن سارن جانورن کي، کلن سوڌو باھه ۾ پچائي رھيا ھئا. منهنجي ته کَل مان ٺڪاءُ نڪري ويا.
    اھڃاڻن مان سمجهيم ته مون کي ضرور ڪُھنديون، نيٺ اھو وقت اچي ويو. شور مچائينديون، گوڙ ڪنديون، مون کي ھڪ مندر جھڙيءَ غار ۾ وٺي آيون. اتي ڀيم جھڙي ڏائڻ مورت زائفان جو وڏو بوتو ٺھيل ھو. ان جي اڳيان ڏٺم ته رت جا گِيھا لڳا پيا ھئا. ٻه ڄڻيون نينگريون ڀُوتـڻيون، ڪٽاريون کنيون بيٺيون ھيون. ھڪ ڄڻيءَ ڳٿڙ کان جھلي، بوتي وٽ آندو. رڙ ڪري بيھوش ٿيڻ وارو ھوس ته ھڪ مَـم جھڙي ڪُراڙي ڏائڻ اچي مون کي ڳراٺڙي پاتي ۽ ھڪ ٻڪري کي ڪٽار ھڻي اتي ڪٽار ھڻي اتي ڪٺائون. پوءِ ته ناچ گاني جو ھنگامو مچي ويو.
    مون کي بعد ۾ اھو معلوم ٿيو ته اھو بوتو ماتا ديويءَ جو ھو، ساٺ سوڻ ڪري مون کي ھن ڪُراڙيءَ مَـم جي حرم ۾ داخل ڪيو ھئائون. مون کي ته ڏندڻ پئجي ويا. چيم خدايا ٻَڪر ھجان ته چڱو، ھڪ وار ڪسجي وڃا ھا، يا عمر جھنم جو عذاب ته نه ڏسان ھا. ڪئين ھن ڪُراڙي کوڳ سان عشق ڪندس!
    ان مھل پنھنجي سنڌ ديس کي ساريم. پاڙي واري رئندڙ نازنين ياد پيم، جنھن کي سٺ ورھين جي پوڙھي سان ٿي پرڻايائون. الا! جي ھينئر منھنجي روبرو ائين ٿئي، ته سڀني جا ميڄالا ڀڃي پوڙھي جو نرگھٽ پٽي، ان نازنين کي جيئندان ڏياريان. ويچاري شاديءَ جي ڦَنڊر ٿي، مون وانگر ڪُسجڻ لاءِ تيار ٿي هوندي، ڪنوار ٿيڻ لاءِ نه. ائين ڀا+نيم ته ان نازنين کي به نڪاح وقت اھڙائي ڀوائتا جھنگلي، اگھاڙا نرلڄا انسان نچندا ۽ واڄٽ ڪندا نظر آيا ھوندا.
    گهڙي نه گذري ته ڏندري ڏائڻ مون کي وٺي پنھنجي ڀونگڙي ڏي ويئي. ڪاري رڏ، چپ پيا لڙڪنس، ھڪ بڇڙي ۽ ڀوائتي، ٻيو اگھاڙي، سڄي گھنج گھنج. منجھائنس ڌپ ٿي آئي. چپن جو ڊول ٺاھي، پيلا ڏند ڪڍي کڻي چمي ڏنائين. لِڦ جهڙي لِڳڙي بدن ۾ کڻي جھليائين. مون سان ڇاڇا نه ڪيائين. ڪپڙا ڦاڙيائين، لِڱ ڦاڙيائين، دل ڦاڙيائين، ڇِيھون ڇِيھون ڪيائين.
    ٻڌو ھئم ته ’وقت‘ ڦَٽ جو ملم آھي. پر ھت ته ويران وير وَڌ ھئي. جڏھن منھنجي جوانيءَ کي اڀاري نه سگھي، تڏھن موچڙو کنيائين. ھڻ جو لٺ ته رت ۾ ڳاڙھو. نه ڌڻي نه سائين، پنھنجا ڇڏي، وڃي پراون ۾ پيو ھوس.
    ھار مڃي لڄي ٿيڻ بدران، اٽلو مون تي ٺڪر ڀڃڻ لڳي. چي،”ھھڙو تھڙو، گھر سان سچو نه آھي، ضرور ڪٿي اک اڙي ھوندس.“ مون واري سَس ۽ ساليون به اچيون چنبا ھڻن ۽ ڀونڊا گھروڙي ڏين. چي،” ڪاريءَ تي پير پيو سون، جو پنھنجي وسن جھڙي مومل جو ھِن نڀاڳي سان پلئه اٽڪايوسين!“
    منھنجي زال کي صلاح ڏنائون ته ڪُھينس، پر ھن پوڙهيءَ کوڳ جو مڙئي ڪو مون تي ھرک ھارجي ويو ھو، سا آنا ڪانا ڪرڻ لڳي. نيٺ مون واري سالي تيار ٿي ته مان ٿي ڪُھانس.
    ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳيم ھيءَ ٽياڪڙ ڪير، پر ھوءَ چوي غيرت جو سوال آھي. مون کي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. پنھنجي پياري ديس ۾ مون ائين ڪڏھن نه سوچيو ھئو ته زائفن کي به غيرت ٿيندي آھي، ۽ ھُو به مڙسن کي ڪارو ڪري ماري سگھن ٿيون.
    ھڪ رات وجھه وٺي کڙي کنيم. نو عمر بلڙو، اڻڄاڻ، پتو نه پوي ته ڪاڏي وڃان. مٿان وري بادشاھي زائفن جي، جتي جيڪا مليم، سا کڻيو قابو ڪريم. ڄڻ ته مان انسان نه، پر بي جان ڪسرت گاھه ھئس. منھنجي جسم جو ذرو ذرو لُٻي ڇڏيائون. پاڻ کان بڇان اچڻ لڳم.
    ٽڪن تي وڪامجڻ لڳس. مٿان وري قھر اھو ٿيو، جو معاملو برداريءَ ۾ پيش ٿيو. اوڙي پاڙي جون سردارڻيون پڳڙ ٻڌي گڏ ٿيون. مون کي موچڙا ھڻي اصلوڪيءَ زال جي حوالي ڪيائون.
    خدا خدا ڪري منھنجي گھر واري، جا ھونئين قبر جي ڪنڌيءَ تي ھئي، مري پئي. مون لک شڪرانا بجا آندا. پر اچي ٻيو ممڻ متو. سندس ننڍيون وڏيون وارثاڻيون اچي اٽڪيون ته ھن جوان تي حق منھنجو آھي. ڄڻ ته مان ڪا ملھه ڳڌي وستو ھئس. نيٺ مون کي به ورھائي کنيائون، جنھن ساليءَ جي حصي ۾ آئون آيس، تنھن مون کي وڪڻڻ چاھيو، پر مون کي ڪو وٺي ڪونه! پوڙھيون پوڙھيون جي پاڻ چار چار مڙس رکيو ويٺيون آھن، سي به کڻيو نڪ چِٻو ڪن، چي ” ڪنوارو ٿو روئي آھي، نه مائي نه، ڪير وٺندو!“
    مون کي ته باھه وٺي وئي، پاڻ ڪھڙيون ڪنواريون ھيون. ھار سينگار ڪريو لوفرن وانگر ويچارن شريف گھر ويٺل لڄاڙن ڇوڪرن کي خراب به ڪن، ۽ مٿان چون ته ھيءُ ڇورو خراب آھي، اسين نه وٺنديوسين! پوءِ به سڀڪو پيءُ، ڏاڙهي ٽنگيون پيو اھڙين لوفرياڻين کي منٿون ڪري ته اسان جو نينگر قبوليو. منھنجو شان ھيءَ به عزتي برداشت ڪري نه سگھيو. ڪو ويچارو معصوم نينگر ھڪ وار ڀُلجي پيو ته عمر لاءِ ڇٽو! پاڻ ڀيري ٻٽاڪ پيون ھڻنديون ته اسان سان ھيترا ڪي ھيترا ڇوڪرا ٺھيل آھن. ڀلا جي ھڪ ھڪ کي سريت ھوندا ته ڪھڙو ڇوڪر بچيل ھوندو؟ ڪَن به پاڻ ته پڏرن به پاڻ! ڪھڙو نه ملڪ جو انڌو رواج ھو. جھنگلي ڪنھن جاءِ جا، مونکي ته ھن ملڪ جي ماڻھن تي جُوجڪيون ٿي آيون. چيم ته چُوچڙي ڏيئي کڻي ساڙيان! منھنجو مٺڙو ملڪ ... مان چپ ٿي ويس. منھنجا لِڱ ڪانڊراجي ويا. ھن جھنگلي ملڪ جون زائفون ته ھيئن چونديون ھيون ته اسان ٻَنِي آھيون ۽ اسان کي حق آھي ته پنھنجي پسند جو سٺو ۽ سھڻو ٻِج وٺون. منھنجي ملڪ جي مَـڙدن کي ڪھڙو عذر ھو؟ منھنجو ڪنڌ ھيٺ ٿي ويو!
    ھڪ منڊڙيءَ گابو ڏئي مون کي خريد ڪيو. کيس سَڱ نٿي مليو. سدائين مون کي چوندي ھئي ته، ”ڏس ته مان ڪھڙي نه پھلوان آھيان ... مون ھيئن ڪيو، مون ھونئن ڪيو!“ مون کي به ھمت نه ٿئي جو کڻي چوانس ته ڪَسيرو به ڪونه لھين، يا کڻي سندس وِڏ جو ذڪر ڇيڙيان. پاڻ ڀيري مون کي اٿي ويٺي پئي لوئيندي ھئي، چي، ڪو کر نه اٿيئي، ڪو لڇڻ ئي نه اٿئي! ڄڻ ته مون کي نڪا دل ھئي، نڪا پنھنجي عزت.
    ٻيھر ڀڳس. ساڳي ڪار، جنھن جي ھٿ چڙھان، سو چار ڏينھن رھائي وڪڻيو ڇڏيم. انڌير ننگري ھئي. ڌڪا ٿاٻا کائيندو، ڍورن وانگر وِڪامندو اچي ھڪ نئين قبيلي ۾ نڪتس. اتي جي سردارڻ جان تان چڱيري ننڍي نيٽي ھئي. ھن کي مان وڻي ويس. کڻي نڪاح ۾ آندائين. مان نه رلي رلي ٿَڪو ھئس، بغاوت ۽ ڪشمڪش ڇڙھيون ھڻي مري ويئي. مٿي ڇانوَ ڪري ويھي رھيس.
    ھوريان ھوريان منھنجي به دل ساڻس ٻجھي ويئي. ھيترين سارين ڪارين ڀوتڻين ۾ ھوءَ مور ھئي. مون کيس خوش رکڻ جي ھر ڪا ڪوشش ڪئي، ڪين گھٽايم. ماني پچائڻ، ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ، پاڻي ڀرڻ، جوءِ جا پگھر ھاڻا سِنگھن لڳل ڪپڙا ڌوئڻ، رات جو کيس زور ڏيڻ. سڄو ڏينهن هڏ هڻندو هوس. تڏهن به هُوءَ مهڻو ڏيئي ڪڍندي هئي، چي ”گھر ويٺي کائو!“ اندر ۾ وَڍ پئجي ويندا ھئم. پيار جو اھو قدر ڏسي روئي ويھندو ھوس.
    ڪڏھن کڻي ناز ڪيم ته مون کي به شڪار تي وٺي ساڻ ھل! ته نٽائي ڇڏيندي، مورڳو ڇڙٻ ڏيئي ڪڍندي. بس! ان مھل دل ٽڪر ٿيندي ھئم. ڀلا ڪيئن سمجھان ته ھن جو پيار سچو ھو.
    پاڻ ڀيري ڳالھين ڪندي، ڳالھه ڪندي، ”فلاڻو ته ڏس ڪھڙو نه ٺاھوڪو جوان آھي!“ ڪڏھن وري پنھنجي ننڍي ھوندي جي عشق جو ذڪر ڪندي ھئي. ھاءِ الله! نٿي ڄاتائين ته منھنجي پيار ڀريءَ دل تي ڪيڏا نه زخم ٿي ڪيائين. مان گگدام ڀلا ڇا ٿي چئي سگھيس! منھنجي جذبن جو وٽس ڪسيرو به قدر ڪونه ھو. جنسي مُـڱ ٿي ڏريائين. ساڙ ۾ پڄرندي مون به ھڪ لڱا چئي ڏنو مانس ته ،” تنھنجي فلاڻي ساھيڙي ڪھڙي نه ٺاھوڪڙي آھي! “ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي ويئي، لٺ کڻي اچي ورتائينم. ڏاڍا ويڻ ڪڍيائين ۽ ڍيڪ ڏنائين. روئي، روئي کڻي چپ ڪيم. ڪيئن نه پنھنجي ملڪ ۾ اسين مڪمل آزاديءَ سان زالن جي زخمن تي ائين لوڻ ٻُرڪيندا ھئاسين.
    سال گذري ويا، ڪئين ٻار ڄاوم. کٿو نٿي پڳس. ڏينھن جو ھڏ هڻڻ، رات جو اوجاڳو ٻارن جو روڄ ۽ راڙو. مٿان بيگم صاحبه جو مزاج رکو ٿيڻ لڳو. ڳالھه ڳالھه تي چِڙڻ، کھرو ڳالھائڻ، گھر ڇڏي وڃڻ، مان ته منجھي پيس. تيئن ڪم تي زور رکيم. وقتي زال جي دل وٺڻ جا جتن ڪيان ته ٽوڪ ھڻيم. چي ”ھن عمر ۾ نخرا!“ ڄڻ ته پاڻ مون کان ننڍي ھئي.
    پتو تڏھن پيو جڏھن ھڪ ننڍي نيٽي نينگر سان شادي ڪري آئي. بس اھا رات مون لاءِ قيامت ھئي. ماندو ماندو پي ٿيس. اکين آڏو منھنجي دل گُھري زال ٻئي سان سيج تي ويٺي آھي!
    مٿان ٿي ڪِريس. پاڻي وجھي ٿي ڏندڻ ڀَڳائون ۽ سھرا به ڳائيندا ٿي آيا. ھُجي ھا پنھنجو ملڪ ته سيج تي گلن بجاءِ ٻه لاشا ھجن ھا!
    ڏينھن اھو ٿيو، مان نئين نينگر جو مُلھه ڳڌو نوڪر ٿي پيس. ھئو ته ھڪ ٿڦڙ جو کاڄ، پر منھنجو اندر کاڌو پيو ھو، روح ۽ جذبن کي ڪنڍا لڳل ھئم، ھٿ سان سينگار ڪرائي وڃي کيس زال اڳيان ويھاريندو هوس.
    منھنجي ٻارن لاءِ به آزار مچي ويو، سارو ڏينھن موچڙن ۾. کين ڌارئي ھٿان ڪُٽبو ڏسي ھنيانءُ پيو گھٽبو ھئم، ڇوڪرا نوڪر بڻجي ويا. ڇوريون پاڻ زوريون لوفرن وانگر رُلنديون ٿي وتيون. مان به اچي پوڙھو ٿيس. ٿُڪ لعنت پئي وسيم. ھيڻا ھَڏ، ڪم نه اچيم ته ٽُڪر نه مليم. ڇوريون ٻه ٻه مُـڙس ڪري ھليون ويون، مون کان پڇيائون به ڪونه. باقي ويچارا ٻه ڇوڪرا، منھنجي حال تي ڳوڙھا ڳاڙي بس ڪيو ويھن. چيم ته ڪنھن چڱي ھنڌ سندن سَڱ ڪيان، پر منھنجي زال کڻي اکيون ڦوٽاريون. چي، ”مان سردار، اھو منھنجي شان وٽان آھي، جو مان نينگرن کي اٿاريان!“ منھنجا ته تاڪ لڳي ويا. رت جو ڍُڪ ڀري ماٺ ڪري ويٺس.
    منھنجو وڏو ڇوڪر ته جواني کائي ويو. اچي پريا پيس. ننڍي ته ھڪ ڏينھن روئي اچي ڳراٽڙي پاتم. دل جو حال ڪري ڏنائينم ته فلاڻِي مون کي ڇڪي پيئي. مون به کيس ڀڄائي ڪڍيو. منھنجي زال اچي ڪاوڙي ته منھنجو نڪ وڍجي ويو. مون کي پئي کِل اچي ته ڇوڪرو جواڻ جماڻ، وڃي شادي ڪيائين، ھن پوڙهيءَ رن جو ڪھڙو نڪ وڍيو! چڱو ڪيائين، وڃي گھر ٺاھيائين. ھا البت، اسان جي ملڪ جي ڪا ڇوڪري ڀڄي وڃي ته ... واقعي نڪ ڪپجي وڃي... مان ڪياڙي کنھڻ لڳس.
    ھڪ ڏيھن منھنجو وڏو نينگر رئندو اچي پيرن کي چنبڙيم. چي ”ابا سيگھه ڪر ڀڄ! امڙ کي خبر پئجي ويئي آھي ته تو ادي کي ڀَڄايو آھي. ڪھاڙي کنيو ٿي اچيئي!“ منھنجو من جھڄي پيو. پُٽڙي کي نرڙ تي چمي ڏيئي کائنس ھميشه لاءِ جدا ٿيس.
    پوڙھو کک ٿي ويو آھيان، ستر سالن جو. چمڙو پيو لڙڪيم. ڳل پيھي ويا اٿم، ڀرون اڇا، در در جون ٺوڪرون کائيندو وتان. پنھنجي اولاد کان جدا. ڳوڙھا به سُڪي ويا اٿم. پيشانيءَ تي ھٿ رکيو، لٺ کنيو دور دور ڪنھن کي پيو ڳولھيان. پاروٿو ساروٿو پِن جو ٽُڪر ڪڏھن ميلم ڪڏھن نه ... اھو آھي پڇاڙيءَ ۾ حال. ٽُڪر ڳڀي لاءِ دڙڪا، ٿاٻا ۽ ڌڪا. جنھن ٻار پيدا ڪيا ۽ پاليا؛ جنھن سڄي عمر پيار ۽ خلوص سان خدمت ڪئي؛ جنھن پنھنجي سونھن ۽ عصمت ڏني؛ جنھن ڏک سک ۾ ڳوڙھا ڳاڙي صبر ۽ شڪر ڪيو؛ جنھن پنھنجو خون انساني گُلڙن کي پياريو؛ ڇا ان لاءِ سندس پنھنجي ملڪ ۾ ۽ پنھنجي جيون ساٿيءَ وٽ به جاءِ ڪانھي! ... ملڪ جي مٽيءَ جو ذرو ذرو سندس خدمت ڪري ته به ھن جي ڳڻن جو بار لاھي نه سگھي.
    ملڪ جو خيال ايندي، منھنجي دماغ ۾ جوالا ڦاٽي پيو. نه نه! منھنجو مٺڙو ملڪ اھڙو ڳڻ چور نه آھي، ستر ورھين ۾ ضرور مَـٽيو ھوندو. ڪو جھنگلي ڀوتن جو ملڪ نه آھي. منھنجي جي ملڪ جي مڻيادار ماڻھن ضرور ڪوپن وانگر ڪنڌ به ڪپائي پنهنجين گگدام مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جا نير ٽوڙيا ھوندا. پر جي نه، ته ... منھنجون پوڙھيون نسون ڦُنڊ جي پيون. ھزارن ڪوھن تان ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھيس! نشتر ھڻي رت ڪڍيم. رت جي ڌار سان ھيءُ پيغام لکيم. ”جي توھان تائين پھچي وڃي ته پوڙهي جي رت جو قدر ڪجو! مڙس ٿجو! “


    بـدتـمـيز

    مان مئجسٽريٽ آھيان. پئسي وارو آھيان، مڇيءَ ماني وارو ۽ ڪجهه ھلنديءَ پڄينديءَ وارو. منھنجي ڪِڪڙي بيمار ٿي پيئي. سج پئي لٿو، ڀڄندو ڊاڪٽر ڏي ويس.
    ڊاڪٽر صاحب جي ڪمائيءَ جي سيزن، موسم ھئي، کُٿو نه ٿي پڳو. نرڙ ۾ گُهنج، چِڙيو چِڙيو ٿي ويو. مريض پڇ پڇ تي، ھي دڙڪن تي. مون کي ڏسي مشڪيو، ”اچو سائين!“. دلداري ڏيئي چيائين،”اجھو ٿا ھلون!“. تڪڙ ڪانه ھئي، ويھي رھيس. چيو مانس، ”ڀلي ڪم اُڪلائي وٺ! “
    ھڪ ڍڳي گاڏي چِيڪٽ ڪري اچي بيٺي. پلال جي تيلن تي، کٿل ۽ گريءَ رليءَ ۾ بيمار ٻيڻو ٿيو پيو ھو. جوڻس ٽيڪ ڏيئي وٺي آيس. اڌڙوٽ عمر جو، کڏون پئجي ويون هئس.
    اتر پئي لڳو پر ھن جي قميص کي ٻِيڙا ڪونه ھئا. ماس ڪوريل پاسيريون، مٿان انساني ’چمڙو ‘ ... سيءُ جو بچاءُ ... الله سائينءَ جي عنايت جو کليل اظھار.
    ڏاڍي لوڇ پوڇ ھئس، زبان تارونءَ سان پئي لڳس، ” ڊاڪٽر صاحب باھه! “ڊاڪٽر به ڏانھنس ڪجهه ڌيان ڏنو. ”سوڍا پيءُ! “ مائيءَ مڙس ڏانھن ڏٺو، مڙس زال ڏانھن. گھڻو ئي ڪجهه ان گهڙيءَ ۾ نظرن سان ڳالھايائون. مائيءَ کي جيئن نه ڪو سخاوت جو غلبو اچي وڃي، ” ڊاڪٽر، مٺي سوڍا پئي؟“ ڊاڪٽر ھو ڪم ۾ رڌل، چيائين، ” ھائو!“ مائيءَ پنھنجي وڏي گَگهي جي ننڍڙي کيسي مان ٻه ٽي آنا ڪڍي تريءَ ۾ جھليا.
    مائيءَ جي ڪڇ تي، بيمار جي ولي عھد، خالي چولڙي ۾، ھونگڙون ڏيندي، پيشاب ڪري ڏنو. ڦينگون ٿي ويون. ٻار به رنو، ڊاڪٽر به خفي ٿيو. مائيءَ ٻاھر وڃي چولو نپوڙيو ... مٺي سوڍا رھجي ويئي. ڪنھن نه ورجائي.
    مريض ڪُنڊ ۾ ڊٺو پيو ھو. اڻڀي ڏاڙھي، اڻڀا وار، اکيون پيٺل، وحشت ڀريل منھن جي روءِ دونھاٽيل. ڄڻ ته حياتيءَ ھٿ پير ھڻي دنگ ڪيو ھو. موت جي ھڏائين پڃري جا ٿڌا چنبا ڄڻ ته وڌندا، وڏا ٿيندا، ھن جي ڪمزور جسم کي وڪوڙيندا، نپوڙيندا ٿي ويا ... سندس ننڍڙو پٽ ريڙھيون پائيندو، سڌو اچي ٿي نڪ کان جھليائينس. ماڻس کڻي ٿي پري ڪيس.
    ڊاڪٽر سندس پيٽ کي لُئاڙيندي چيو، ” ڇا ٿيو آھي؟“
    ” ڏھون ڏينھن ٿيو آ، ھنيانءَ ۾ چڪ ...“ چپ چٻاڙيندي، مٺ ڀڪوڙيندي، انتھائي ايذاءُ جو اظھار ڪندي، مريض چيو، ” اھڙي ڪا دوا ڏي، ھنيانءُ ٺري پوي!“
    ” سُئي ھڻان، سُئي ھڻان؟“. ڊاڪٽر واپاري انداز ۾ چيو، ” چار روپيا لڳندا“.
    بيمار ۽ سندس زال وري ھڪ ٻئي کي ڏٺو. ٻئي چپ رھيا. ڊاڪٽر کي جواب ملي ويو.
    نسخو لکڻ شروع ڪيائين، عينڪ جي مٿان نھاريندي پڇيائين، ” گھڻن ڏينھن جي دوا کپي، ستن ڏينھن جي ڪيان؟“ ڊاڪٽر، گَگهي واري ننڍڙي کيسي جي ٻاڙائي چڱيءَ طرح تاڙي ويو ھو.
    ” چئن ڏينھن جي ڪرينس!“ مريض پاڻ چيو. ڊاڪٽر نسخي تي ڪجهه تِرڪيو ۽ ڪمپائونڊر ڏانھن اماڻيائين.
    مائيءَ دوا ورتي، پيسا ڳڻي، وري ڳڻيائين. کليل ھٿ کڻي ڪمپائونڊر ڏانھن ڪيائين. ذري گھٽ ھڙئي پئسا ميڙي ويس. مائيءَ جي منھن تي اعتراض، پوءِ منٿ ۽ آخر ۾ روئڻ جھڙا اھڃاڻ اچي ويا. سئي نه لڳي ته به ... ...
    ”ڊاڪٽر، کائي ڇا؟“
    ”کير، ڪشمش، نارنگيءَ جي رس.“
    مائي ويچاري چپ ٿي ويئي، ” ڊاڪٽر ڀَت کائي!“
    ڊاڪٽر باھه ٿي ويو، ” جيڪي وڻيس سو کائي. توھان نه مڙندؤ، مري ته مري پر ڀَت ضرور کائو!“
    مائيءَ مڙس کي ٽيڪ ڏني؛ سَـھڪندو، ڪِنجهندو وڃي پلال تي ڪريو. سئي ڪانه لڳي، ۽ کائڻ لاءِ ڪنگڻيءَ جا داڻا پاڻيءَ ۾ ٽچڪندا نظر آيا.
    گاڏي چِيڪٽ ڪندي رواني ٿي. مٺيءَ سوڍا ۽ نارنگيءَ جي رس کان پري. مائيءَ جو سرتاج، ابھم جو پيءُ، ھن ننڍڙي نظام شمسيءَ جو مرڪز، اوندھه ۾ غائب ٿيندو ويو.
    ڊاڪٽر مون سان گڏجي ھليو. ننڍڙيءَ کي تپاسيائين، اڌمنو ڪلال ويٺو. سُئي ھنيائين، دوائون ڏنائين، دوائون لکيائين ۽ پوءِ ٻاھر نڪتو.
    مان ساڻس گڏجي ٽانگي تائين آيس، ڏھين روپين جو نوٽ کڻي ھٿ ۾ ڏنومانس. کِلي واپس ڪيائين، ”واھه صاحب، مان اھڙو بدتميز آھيان!“
    ٽانگو روانو ٿي ويو. ڦيٿا ڦِرندا ويا، سنبن جي ٽاپ ٽاپ، ٽانگي جي کڙکڙ ۽ ...بيل گاڏيءَ جا چِيڪٽ ملي ھڪ ٿي ويا ... ”بدتميز ... بدتميز ... بدتميز ...“


    پِيراڻـي

    ٽَڪر تان بِروھين جي لَڏ ٿي لٿي. سياري جي شروعات ھئي، جابلو پَٽن تان خشڪ ھوا سنھڙيون پٿريون گھليون ٿي ويئي. ٻه ٽي ڏاند ھئا، جن تي سامان لڏيل ھو. ھڪ اُٺ جنھن تي بانس جون لٺيون ۽ ڏنڊا سنڌ ۾ وڪري لاءِ کنيل ھئا. پٺيان ٻه ڪتا پڇ لوڏيندا ڀڳا ٿي آيا. مَـڙدن جا پير اگھاڙا، سٿڻون ڦاٽل ۽ لُنڊيون. مٿن ۾ عاليشان ٽڪڙن وارا ڀرت ڀريل ميرا ۽ گندا ٽوپ. وڏا وار، خشڪ، اڻڀا ۽ چِيڙھه پيل. زائفن کي سھڻي کٿل ڀرت سان ڊگھا گَگها. ڏاندن تي وڏا ٻورا رکيل، جن ۾ ڏاس جا وٽيل رسا پيل. ننڍڙا ٻار ڏاندن تي چڙھيل، مائٽن کي سنھا لڪڻ ھٿ ۾ جن سان ڏاندن کي ھڪليندا ٿي آيا ۽ سريلو ”ھي- ھون“ جو آواز پئي ڪيائون. شڪلين جا سھڻا ۽ شاندار، بدن جي بيھڪ ٺاھوڪي.
    ھڪڙي ھنڌ مانجهاندو ڪيائون. گودڙيءَ مان سُڪل مانين جا ٽڪر سڀني کي ملي ويا. ٻئي بُجڪي مان سڪل ڏڌ جا اڇا ٽڪر ڪڍي، پاڻيءَ جي جَمن ۾ وڌائون ۽ سڀني ٻه ٽي ڍڪ ڀريا. ننڍڙي نون سالن جي پيراڻيءَ چيو، ”سنڌ ۾ شيون کوڙ ۽ سٺيون سٺيون!“ پڻس ٽوپ لاھي جُونئن ھاڻو مٿو کنھيو. ماڻس خفي ٿي ڏانھس نھاريو. ٻين ٻارن جي آڏو مٺين مٺين شين جون خيالي قطارون گھمي ويون.
    سنڌ ۾ پَلال جي جھوپڙين ۾ ويٺا، پَلال تي سمھيا ۽ پَلال جا جو تا ٺاھي پاتائون. بانس جون لٺيون ۽ ڏاسن جا رسا وِڪيائون. ڪڍيون ڪيائون ۽ ڪيڻون ڪڍيائون.
    سيارو گذريو ۽ موٽڻ جا سانباھا ٿيا. ٻارڙن کي شيون ڪونه مليون.
    وڃڻ کان اڳ ۾ پيراڻيءَ جي پيءُ زال جي منھن ۾ ڏٺو. سندن اڳيان سڃ ۽ بک ڦِري ويئي. جوڻس ھيسجي پيراڻيءَ جي چولڙي کي ڏٺو، جو اڃان ھاڻي ڌوئي وڌو ھئائين. سندس خاموش بيوس اکين ۾ انڪار ڪين ھو!
    پيراڻيءَ جو پيءُ ڀر واري ڳوٺ ۾ آيو. ”سلاماليڪ!“ ڪيائين، ”ادو ڪو ’سنگ‘ کپي؟“ پيءُ جو مطلب ڌيءَ کي وڪڻڻ جو ھو. سنڌ ۾ سَڱن جي اڻاٺ. ڪيترن جا پڙ باسيل ھئا. ’شل بادشاھه پِير سڀ جي پُڄائي!‘ لالوءَ جي پيءُ پٽ ڏي ڏٺو، مڇن جي ساول. آواز گگهو، ڏاڙھيءَ جا ڇڊا ڇڊا کنڀ به نڪتا ھئس. ٻه ٽي ڄڻا بروھيءَ سان گڏجي ويا.
    بروھين جا ڪتا سنڌين کي ڏسي ڇتا ٿي پيا. ھوءَ ھا مچائي ڏنائون. پيراڻي پٺيءَ اگھاڙي ڄُنڊا کليل، ڀڄي وڃي ماءُ جي چولي کي جھليائين. لالوءَ جي پيءُ کيس ھٿ لاءِ ڏٺو.
    پيراڻيءَ جي پيءُ پڪائي ڪندي چيو، ”ڊُبرو (ڏٻري) ناھي!“ ڪتن ڀونڪ نه ڇڏي. ڳوٺ جي ٻاھرئين رستي تائين ڀونڪندا ڊوڙندا آيا، کين ٻاهر ڪڍي پُڇ لوڏڻ لڳا ۽ بدن کي ڌُوڻي ٽِڙي پکڙِي ويا. ھنن پنھنجو فرض پورو ڪيو.
    ڳوٺ جي ٻاھران ’سٺ‘ روپين تي فيصلو ٿيو. اڄ بروھين پنھنجا تڏا پٽيا. مڏي ويڙھجي سيڙهجي، ڏاندن تي پئجي ويئي. ٻارڙن ڳوٺ جون ڳالھيون ٿي ڪيون. ٽَڪر جون ۽ ٽَڪر جي ٻيرن جون. لالوءَ جو ڳوٺ واٽ تي ھو. پيراڻيءَ جي ماءُ پيراڻيءَ سان بلڪل لڳي ٿي ھلي. پڻس به کيس اڱر ڏني ھئي.
    ”ابا ھاڻي ڳوٺ ٿا ھلون!“ پڻس ڪنڌ سان ھائو ڪئي. سندس اندر کاڌو پيو ھو. ماڻس محسوس ڪيو ته ڪا وڏي شيء سندس ڇاتيءَ ۾ اٽڪي بيٺي آھي، جا ٻاھر نڪرڻ لاءِ اُڌ ما پئي کائي. لالوءَ وارا اڳيئي بيٺا ھئا. ماڻس مشين وانگر سٽ ڏيئي پيراڻيءَ کي کڻي ورتو ۽ ڇاتيءَ سان چنبڙايو. ماءُ ۽ ڌيءُ جون دليون ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳيون. ماڻھو مڙي ويا. پڻس ڏڪندڙ ھٿن سان پيراڻيءَ جي ٻانھن کي ڇڏايو. ماءُ جو ھنيانءُ ڦِسي پيو، آنڊا وڍجي پيا، دل دانھن ڪئي، ”اڙي، منهنجو پيراڻي ننڍڙو!“ ڇوڪريءَ هيانءُ ڦاڙي دانهن ڪئي. پکي ڀڙڪو ڏيئي اڏاميا.
    پَٽ ۾ پيل پيراڻيءَ کي لالوءَ جي پيءُ جھليو. پيراڻيءَ جي پيءُ جي نڪ ۽ اکين جو پاڻي سندس ڏاڙھيءَ مان ٿي ٽميو ۽ ڦٿڪندڙ زال کي جهليائين. لَڏ رواني ٿي، پيرڻيءَ اوٻاسين ۾ ”ابا ۽ اما“ پوڪاريو. ماڻس کي گھليندا ويا ۽ پري کان آواز ايندو رھيو، ”او جي خدا، منھنجو پيراڻي ننڍڙو! ... او ٽڪر کي باھه لڳي ... ، سنڌ وسي ... ، منھنجو پيراڻي ننڍڙو!“ ھن وار پئي پٽيا.
    ڦٿڪندڙ پيراڻيءَ کي گھر کڻي ويا. ھن بُل پئي کاڌا، ڇڙھيون ٿي ھنيون، ڀڳي ڀڳي ٿي ويئي. لالو ڊوڙيندو شيون وٺي آيو. زور سان سندس وات ۾ مصري وڌائون جا اجھڪي سان نڪري آئي. ٻاراڻيءَ ڪچيءَ نڙيءَ مان گگهو آواز اچڻ لڳو، اوٻاسين ۽ سُڏڪن ۾ ڀڳل، ٽٽل،” ابا...، امان...“ ٿي نڪتس. ڪنھن کيس سڏ نه ڏنو. لالوءَ کي باھه وٺي ويئي، ڪاتي کڻي آيو. اکيون ڦوٽاري چيائين، ” بس ڪر نه ته ڪُـھندوسانءِ“.
    مٽي ۾ پيل پيراڻيءَ سڄي رھيل طاقت سان چيخ ڪئي ... ... مائي ڀاڳل پنھنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو. ٻڪريءَ ڪن اُڀا ڪري ٻيڪاٽ ڪيو ۽ ڦَـر کي چٽڻ لڳي.
    پيراڻي اڄ به جيئري آھي، سندس ھڪ پُٽ پوليس وارو آھي ۽ ٻيو جيل ۾ آھي.


    شـاهه جـو ڦَـر

    مريم ڏاڍي وڻندڙ ھئي. سڀ کي چوندي ھئي،” ماما!“ پنجن ڇھن سالن جي ٻارڙي ھئي. وار ڪڪا، گلابي رنگ، ۽ ننڍڙيون ٻانھون اھڙيون گول ۽ وڻندڙ جو ڇا ڳالھه ڪجي، پير اگھاڙا، مٿو اگھاڙو، سنھڙي پوتي ڳچيءَ ۾ وجھيون پيئي ڊوڙندي، کلندي ۽ کڙڪندي ھئي، جھڙو فونو. ڪنھن کان نه ڊڄندي ھئي. ڊوڙِندي ڊوڙندي ڪنھن کي پٺيءَ ۾ مڪ ھڻي ويندي. وٺي ٽھڪڙا ڏيندي. سڄي پاڙي لاءِ وندر ھئي. سڀ کيس چيڙائيندا ھئا، چوندس، ” ممڙ ي!“ ھوءَ وري وات چٻو ڪري، اکيون ٿرڏائي، چيلھه تي ھٿ رکي، چوندي، ” ممڙا!“
    دوڪان ڄڻ ڳوٺ جي اوطاق ھو، جيڪو ڪم کان واندو ٿيو، سو اچي دوڪان تي وھندو ھو. ڪو صندل تي، ڪو کٽ تي، ڪو ٻير جي ھٺيان پٽ تي. ڪنھن کي چِٻي لوهي ڪرسي ھٿ ايندي، ته ڪو سِر ھيٺان ڪري ويھي رھندو. پوڙھا حقي تي، ته ننڍڙا ٻيڙين تي پيا کنگھندا ۽ کانگھارا اڇليندا. ڪي گھڻي ڪم جا نِپوڙيل، ته ڪي ڳڻتين جا ڳاريل. ڪنھن جو رت چوسيل ۽ رڳون ڦونڊيل ۽ ڪي وري اڻپوريءَ خوراڪ جي ڪري ڪٻاٽيل. ڪنھن جا ڀِرون پورالن وانگر مٿي ڇڪيل ھوندا. ڪو ڪاوڙيو ايندو، ڪو بيگر وھي آيو ھوندو، ته ڪنھن تي تازي پوليس جي سمن آئي ھوندي. ڪي بنا ڳالھه جي پيا کِلندا ۽ ٽوڪون ڪندا، ۽ ڪي ھِيسيل ڪُوئي وانگر اکيون پيا مِچڪائيندا، ڪي ته نفرت مان ڪنڌ پاسيرو ڪيو، پُٺيرا ويٺا ھوندا، ڄڻ ته جيڪي ٿئي پيو تنھن سان واسطو ئي ڪونه اٿن.
    مَـمڙي سڀني لاءِ بنا پئسي ناٽڪ ھئي. ڪنھن موڙھل جي منھن ۾ جُوھه وجھي وٺي ٽھڪ ڏيندي. ڪڏھن ڪنھن ڪاوڙِيل جي ڪلھن تي ٽپو ڏيئي وٺي لوڏيندي. ڪڏھن لِڪي لِڪي ڪنھن جو نڪ کڻي جھلندي. سڀ ڏند ٽيڙي وٺي کلندا، ممڙي وٺي ڀڄندي. جنھن سان حرڪت ڪئي ھوندائين، تنھن جو ھوريان ھوريان پاسو اچي وٺندي چي، ” ماما پئسو ڏي!“ جي پئسو نه ھوندن ته به پنھنجي کنڌي کيس شيء وٺي ڏيندا.
    سندين وڏين دلين تان ڄڻ ته ڪو ڳورو بار ممڙي پنھنجي ننڍڙن ھٿن سان ريڙھي کڻي پري ڪندي ھئي. ممڙي ھار اصل نه مڃيندي ھئي. جي ڪو پئسو نه ڏيندس ته چوندي،” ماما جونءِ ڪڍانءِ !“ پوءِ ته پنھنجن ننڍڙن نھن سان وار پٽي ڪڍنديس. ڪو دڙڪو ڏيندس ته ويچارا ڪڍندي، خالي ھٿن سان الرون ڪندي، پڇاڙيءَ روئي به وھندي. جنھن وقت چَپ ٻاھر ڪڍي، ھٿ اک تي رکي سُڏڪا ڀريندي ھئي ته ڳوٺاڻن جي رُکي، ٺوٺ زندگيءَ جي سموري محبت گڏ ٿي اُڇلون ڏيندي ھئي. ممڙيءَ کي بي اختيار جھلي، ھوا ۾ جھپي کڻي ھيٺ رکندس. ممڙي شرمائجي، مشڪندي ۽ پرچائيندڙ کي ھوريان ٿڦ ھڻي ڪڍندي. اھو سندس فتح جو اظھار ھو.
    پيءُ لاءِ ته بي بھا خزانو ھئي. ماٺ ڪيو ويٺو مشڪندو ۽ خوش ٿيندو ھو. ٻين جي چوڻ تي پيءُ کي به چيڙائيندي ھئي. کيس ڌڪ ھڻندي، نڪ پٽيندي ۽ ويچارا ڪڍندي ھئي. جي پِڻس ڪاوڙجي شوڪي نھاريندس ته ڊوڙي وڃي ڪنڌ ۾ کيس چنبڙندي ھئي. سندس ھار مڃڻ جي اھا خاص نشاني ھئي. پيءُ کي به چوندي، ” ماما“!
    پيرل شاھه ڪو شھر جو چڱو مڙس ڪونه ھو پر سڀ کيس سائين پيرل شاھه چوندا ھئا، سيد جو سڏائيندو ھو! ڳوٺ جي پرئي مڙس کي ته ڪو ليکيندو ئي ڪونه ھو. ھُـو غريب پنھنجي مٿي کنھڻ ۾ پورو ھو. پيرل شاھه کي ڄڻ سرڪار دو جھان وٽان سرٽيفڪيٽ مليل ھو ته تون افضل ۽ اعليٰ آھين. بوکڙو مُلاا به سندس ھٿ چمندي ڏاڙھي پيا ڏڪائيندا ھئا. عام رواجي ماڻھو ته سندس موچڙي سٽيا ھئا. سڀني جو ڪم ھو کيس’ پيرين پوڻ‘ . سندس ڇڊي ۽ بي ڊولي ڏاڙھي کاڏيءَ طرف وريل ھوندي ھئي. سدائين سُرمو پائي تيل ھڻي نڪرندو ھو. ڪنڌ مٿي جھلي، پولھه ٻاھر ڪڍي، ٻانھن جي لوڏ سان پاڻ کي ڌڪيندو ھلندو ھو. سپاٽي جي کُڙي پير سان ٺڪاءُ ڪندي ايندي ھئس. ڪنڌ مٿي ھوندو ھوس پر اکيون نور وانگر ڦِرنديون اينديون ھئس ته ڪو مون تي کلي ته ڪونه ٿو.
    شاھه لنگهندو ھو ته ممڙي به ماٺ ٿي ويندي ھئي. سندس وڃڻ کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري، پير مٽيءَ سان گسائي، ٻانھن کي پوئتي سَٽي، ڌُڏڪ ڌُڏڪ ڪري ھلي ڏيکاريندي ھئي. جي شاھه ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسندو ھو ته منھن ڦيرائي وات تي ھٿ رکي کِل کي روڪيندي ھئي. ان وقت سندس شرارت ڏسڻ وٽان ھئي.
    اڄ ممڙيءَ ويچاريءَ کي پئسو ڪو نه مليو ھو. پريان پيرل شاھه پئي آيو، پھريائين ته ھيسجي وئي پر پوءِ ٻانھن سڌي ڪري، ننڍڙو ھٿ وڌائي، ڪنڌ لاڙي، ايلاز سان چيائين، ” ماما پئسو ڏي!“
    شاھه کي ڄڻ ته ٿاٻو اچي ويو! ٻانھون لوڏيائين، مٿو لوڏيائين، ڪنڌ اڃا به مٿڀرو ڪيائين. ” ماما! “ شاھه کي گِڦ وھڻ لڳي، باھه ٿي ويو، ” ڪتي جي ڌيءَ ... تنھنجي ته ...“ ممڙي ھار مڃڻ تي ھريل ئي ڪونه ھئي. ھڪدم ٺونشو ٺاھي، ھيٺئين چپ کي چڪ ھڻي، اکيون ڦوٽاري بيھي رھي. چيائين، ” ممڙا!“
    پر اڄ سندس مقابلو ڪنھن ٻئي جانور سان ھو. بگھڙ واري رومڙ ڪيو سڌو ھليو آيو، ” امتڻ ٿي اھلبيت کي مامو ڪري؟“ ھڪ ئي لت سان ممڙي ليٿڙيون پائيندي ويئي. کانئس ھڪ دانھن نڪتي، ” شائين!“ شاھه سڄو ڪاوڙ ۾ پئي ڏڪيو. چئن ڄڻن ٿي جھليس. چي، ” ... اھلبيت کي مامو! ... اھلبيت کي مامو!“ جيئن ٿي شاھه ان تي غور ڪيو، تيئن ٿي کيس اھا گار وڏي نظر آئي.
    پيءُ پنھنجي ڌيءُ جي مٿان ويٺو رھيو. ممڙيءَ اکيون کولي پيءُ کي دانھن ڏني، ”ماما ... شائين ... پيشو!“ پڻس ممڙيءَ جي مٿي تي ھٿ رکيو. سندس وار وار کڙو ٿي ويو. ھن اصل نه رنو. سندس بدن مان چڻگون ٿي نڪتيون. ھن جون ناسوُن ڦوٽارجي ويون، مُـڪون ڀيڙجي ويون، ڏند ڏندن سان ملي ويا، اکيون ھڪ ھنڌ کپي ويون. ويون ننڍيون ٿينديون، ويون ننڍيون ٿينديون ڄڻ ته ڪات ھئا ۽ چيائين ”شاھه جو ڦر!“


    بـدمـعـاش

    ھُـو وڏو بدمعاش ھو. پھرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو ھن جي ڏائي ھٿ جا کيل ھئا. چپٽين ۾ ڏوھه ڪري وٺندو ھو. حرام جو قياس پويس. خار ۾ چپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. ھڪ ڀرون ھيٺ، اک چنجھيل، ٻيو ڀرون مٿي، ڏند ڏند سان مليل، ناسون ڦوٽاريو، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيو بيٺو ھوندو. بس بس ڪري وٺي حملو ڪندو. آنڊا ٻاھر.
    ڏائڻ جھڙي ڪھاڙي ڪلھي تي کنيو، شينھن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو ھو. شل نه ڪير کيس للڪاري! ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جھلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين ٻه، ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگھه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪھاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
    چيلھه سنھي، ڇاتي ويڪري، ڪلھا اُڀا، مڇن کي تاءُ ڏيو، اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾ مست ٿيو وتندو. ڪنھن تي فلڪ نه آڻيندو. ننڍي کان ئي نود ھو. پڻس ڪُٽي ھڏ گڏ ڀڃي رکندو ھوس، حرام جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون مڪون، چنبا، گھل گھلان. ھجيس ماءُ ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪيائين. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه، ڀانئيندو ته پيءُ جي ڏاڙھي پٽي رکي، پر ڏڍو ھوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏانائين. پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪُٽيو ھليو ويندو.
    ٻارن جا ماءُ پيءُ رڙيون ڪندا ايندا. ھٿ ايندن ته ڪُٽي رکندس. پنھنجو ٿورو ئي ھئن! نه ته به پڻس کي دانھن ڏيندا. پڻس پاڻ مان ئي ڪڪ! سڀ سُور ساڙَ ھن مان ئي ڪڍندو ھو. ڏوھه ٻين جا مار ھن تي، ” ڪو انھين تي ڪونه آيو ھو.“ اھڙو ساڙ ٿيندو ھوس، اھڙو ساڙ ٿيندو ھوس ... ڏاڍو ساڙيندو ھوس.
    چوندو ھو، ”بيھه وڏو ٿيان!“
    ڪيئن نه واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي ھٿ لاتو ھئائين! واڻئي چماٽ وھائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو ھنيس. پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس.
    ”ڀيڻسان سُوئر!“ ننڍو ھو، سُور پي ويو.
    ڇورو ڇِنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو. ان لپ ڪانه جو شيء وٺي. ٻيا ٻار جھول ڀريو، چوس چوس ڪيو، گُگهڙا وٺيو، پيا پورائيندا ھئا. ھيءُ اڪيلو مٿي تي ٻانھن رکيو، اکيون ڦاڙيون، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو جنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان. دل چوندي ھيس ته ھٿ لائي ڏسان. پر ڪير ٿو ڪنھن کي ھٿ لائڻ ڏئي! نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي پونديس. وٺي ھڪ پاسي ڀڄندو. ڪنڊ ۾ منھن ڪري، ڀت تي لڪا پائيندي. پيو چَپ ڪڍندو ۽ سِنگھه اگھندو.
    سِڪي سِڪي رانديڪو چورايائين. سانڍيو پيو سانڍيندو ھوس، لڪي لڪي راند ڪندو ھوس. ننڍڙو ڪافور جو گُڏڙو، وڏين اکين سان، ڄڻ ته ڀاءُ ھوس. ڪيئن نه پڻس کسي ورتس! سڏڪا ڀريندي، مار کائيندي کائيندي، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي پيرن ھيٺان چيڀاٽجي ويو، ھن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به ھنيس. ان ڏينھن ڏاڍو رنو، ڀڳل گڏڙو کڻي پنھنجي منھن وري به رنو. ٽُڪرڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙھي، پاري ۾ وجھي ڇڏيائين. ڏينھن اھو، وري نه رُنو.
    پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو ھوس. ڀلا لِڱن جو ڪھڙو ٽُڪر ھوس، جنھن تي پڻس جا پادر نه وسيا ھئا. وڏو ٿيو ته لٺ کڻي کنيائين، چي، ”متان آيو آھين! “پِڻس سمجھي ويو، وري نه ڪُڇيو. ٻين ماڻھن سان ته ازلي وير ھوس. ڀلا ڪير ساڻس چڱيان ھليو ھو! اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون، ساھه ساھه سان نفرت ڦوڪون ڏيئي نڪرندي ھيس. ماڻھن کي ماريندي، ڦُريندي، چيچلائيندي ڪجھه خيال نه ٿيندو ھوس. ساڻس ڪو گھٽايو ھئائون! نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گھٽجي، نه وڌي. کيس ھڪ ڪتو ھو، گلر ڪري پاليو ھئائين، اھو مئو ته روئي ويٺو.
    ھڪ وار جهلجي پيو. گـھلي آيس ٿاڻي تي، اڃا ڪچو ھو ڊڄي ويو، چي، ”الله سائين ھي ڀيرو ڇڏاءِ ته توبھه ڪيم! “ پر جڏھن کيس مرچ وڌائون ۽ مُـٽ پياريائونس، تڏھن ڊپ لھي ويس. اھوئي ھڪ ڀرون ھيٺ، اک چنجھي، ٻيو ڀرون مٿي. پوءِ ڪئين ڀيرا جهليو، لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نھاري ته ساھه سُڪيو وڃي. جـھڙي تـھڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس. چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جھليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس، ” مال موٽاءِ!“ . وٺي آيس گھر، ڀيڻس کي اگھاڙو ڪيائون، چي، ”وار پٽينس!“
    ڪيس مان ڇُٽي نڪتو. ڀيڻ جي منھن به نه چڙھيو. چڱي مڙس کي ماريائين، اھي پوليس جا آفيسر ماريائين؛ روپوش ٿي ويو. ڪھڙو روپوش ! اتي ئي ھو، پر پوليس کان ڏاڍو ھو، ڏھڪاءُ وجھي ڇڏيائين.
    ماڻھو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏھن ماڻھن جي ڳچيءَ مان رت ٺِينڍيون ڪري وھندو هو، جڏھن ڪپيل نڙگھٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا ھئا، جڏھن وڍيل رڳن مان رت ڇاٽون ڪري نڪرندو ھو، ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙھيون ھڻندا، بُل کائيندا ھئا تڏھن ھُـو بيھي ڏسندو ھو. ھڪ ڀرون ھيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجھي.
    ڄڃون ڦريائين، گھوٽ ڪنورا ماريائين؛ نوٽن جون ڍِڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيھي ڏٺائين. ھڪڙو ڀرون ھيٺ، ٻيو مٿي، اک چنجھي.
    ھڪ دوست تي ڪاوڙيو، ھڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس، ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪُوڪون ڪيائين. اٺ پھر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي فاتح پڙھيائين. مڇون ھيٺ لڙڪي آيس. رت ڀريل ڪھاڙي کڻي، خون واريءَ جاءِ تي پُوري ڇڏيائين، ڄڻ ته پنھنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين.
    ... ۽ پوءِ ... جھلجي پيو، ھڪ ڪيس نه بڻيس. سو ڏھين ۾ ڏنائونس. اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني، موبل ۾ رڌل دال. چرس، ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جھيڙا، سڀ ٻِٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪتي واري ڪار. ھُـو گڏھه وانگر وھندو رھيو گُهنڊ ھنيو، چپ چاپ ڪنڌ ھيٺ ڪيو پيو ڳـھندو ھو. ڏينھن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاھر، پٿر ڀڃندي، ھرو ڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وھائي ڪڍيس. ھن ڪنڌ ڦيري، ڀِرون ڇڪي، ڏانھنس ڏٺو. جمعدا صاحب تي زھر چڙھي ويو. گارين جو ڌوڙيو لاهي ڏنائين. چي،” ڏسين ڇا ٿو؟“ ھن جون ٻئي اکيون چنجھيون ٿي ويون. ڏند ڪُرٽجي ويس. وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏيئي ڪَڙ ڪي پيو. جمعدار جي ٻانھن ڪڍي وڌائين. ھنگامو مچي ويو. قيدين جي ٻيگھي متي. سپاھين جون بندوقون ڇڏائجي ويون. ھُـو ڀڄي ويو.
    ھن وڃي پنھنجي ڪھاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين ڄڻ ته انساني مٿن جا گيھا ٿي ڳڻيائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گُهنجيو ۽ اک چنجھي ٿي. ڌڪار مان مشڪيو. ڪھاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين، سندس ڦَـر جي تِک کي آڱوٺي سان جاچيائين. نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوھين کي ڪٺائين. گھر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن. باھه جون لاٽون ... ڏسندو ڏسندو ھليو ويو. وري وري ڏسندو، نه خوشي نه خار. اھا ئي اک چنجھي، واڇ لڙيل، ڀرون ھيٺ مٿي. پچڪ ڪري کڻي ٿڪ اڇليندو.
    ھڪ لڱا ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙو ھنيائين، سڄي گھر کي کڻي مٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي ھيسيل ۽ چُپ. ھي ڳاٺ اوچو ڪيو، ڀرون تاڻيون، پئي آيو ۽ ويو. اڱڻ ۾ ھلندي پير ھيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار ماءُ جي ڪڇ تان دانھن ڪئي، ”ڪِنو حلامي!“ ھن مُـڙي ڏٺو. ماءُ جھٽڪو ڏيئي ٻار جي وات تي ھٿ ڏنو، کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائين. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگھو ڪيائين. اکيون کڻي ھن ڏانھن نھاريائين. ڇا ته ھو ماءُ جي اکين ۾! ھُـو پنڊ پاھڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين، ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين، ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن نه ٻارڙو ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون ورايو، ڇپ ھنيو پيو ھو. ھُـو ڏسندو رھيو.
    ھن جا ڇِڪيل ڀرون ھوريان ھوريان سڌ ۾ اچي ويا. ھن جُهـڪي ڀڳل رانديڪو کنيو، ٽُڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي ھٿن ۾ ڏنائين.
    انھيءَ ئي ڌاڙي ۾ ھو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪُو ٿيا. مائيءَ شاھدي ڏني، ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي. ھُـو ماٺ ھو. صاف ماٺ. سندس ڀرون سڌ ۾ ھئا. اکيون ھڪ ڪريون ھيس. ڄڻ ته پري پري پي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندس ڀاڪر کي ... ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رھي ا ھئا. ” ڪنو ... حلامي ...“
    کيس سنتر جيل تي موڪليو ويو. لولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو ھو، ھن کيس چوکنڀو ٻڌايو. کيس اگھاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگھائي. ھن کي اونڌو ڪري سنتر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. سندس ڏنڊ ڪڍي ويئي. رت وھي ھليو، چيائون ته سوري ھيس. لولي جيلر کيس ٿڏو ھنيو، چيائين، ” بدمعاش!“


    مُـنـھـن ڪـارو

    دين محمد جو منھن ڪارو ٿيل ھو. اڌ مٿو ڪوڙيل، مڇون پَٽيل، ڏاڙھي مروٽيل، چَڳون وڍيل، ھِيسيل اکيون ٻاھر ڦوٽاريل، منھن سڄيل، ڪپڙا چيھاڙيون. لڱن تي مار جا ڊٻڙ. پُٺي ڌڙڳ ڌڙڳ. ڏنن تي رت جا ڦڙا، چمڙي رھڙيل ۽ ڇليل. بس سڄو کنڀيل ھو. سنھو، ھڙٻاٺيون کٿل ڳيري وانگر، چھرو ڀيانڪ، اکيون ٻاھر، ڳل اندر، وات ڦاٽل، ھر ھر سُڪل زبان سان چپ پئي آلا ڪيائين.
    سندس بُت اندان ۽ ٻاھران ھڪ جھڙو چيھاڙيون ٿيل ھو. ڳچيءَ ۾ اڃا به پادرن جي ڪَنڍي پيل ھئي. ڪنھن ڀٽڪندڙ روح وانگر اچي سامھون بيٺو. جھڙو ڀوت. لڱن مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا. ھيبت وٺي ويم.
    ٽپ ڏيئي اٿي بيٺس. سپاٽو ھٿ نه اچيم، رڙ نڪري پيم، ” اڙي دينو، تون!“ ڄڻ ته پڪ ئي نٿي آيم. دينوءَ دانھن ڪئي، ” سائين منھنجو ٻچڙو!“. کيس اجھڪو اچي ويو. سندس ڏکويل اکين ۾ سورن جا سٿ اڀري آيا ... ۽ پوءِ گهم ۽ پاڻي. نڪ جو ٽمڻ، کاڏيءَ جو لڏڻ، چپن جو سسڻ ۽ وڌڻ، ڪائنات ٿي ڌڏي. منھنجا لڱ ٿي ڦڙڪيا. دينوءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھن کڻي ورايم. چيومانس ته ”دينو شھر ھل ته ھلي فرياد ڪريون!“
    دينوءَ جو ساھه سُڪي ويو. اکيون ڊپ پچان ٻاهر نڪري آيس. وٺي ڪنڌ سان نه! نه! ڪيائين. چي، ” پوليس ته گڏھه تي چاڙھيو اٿم!“ مون کان ڌرڙي نڪري ويئي. ڄڻ ته وڄ ڪري، ”پوليس! وچ شھر ۾! ويھين صدي! ... دينو ڇتو ته ڪونه ٿيو آھين؟ متان ڪَل ٿِڙي اٿئي! “
    دينوءَ مون ڏي رڳو نھاريو. چي، ” سائين مان دين محمد آھيان!“ ڄڻ ته ياد ٿي ڏياريائين. مون چتائي کيس ڏٺو. ھُـو واقعي دين محمد ھو. نرڙ تي سجدن جو ڪارو نشان، ڀيڏيون گٺل، پير ڦٽل، نيڪ نمازي، نه ڪنھن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. مون کي جلوو اچي ويو. ڇو سندس سونھاريءَ کي پَٽيو ويو؟ ڇو سندس نمازي نشان تي تئو مليو ويو؟ ڇو سندس انساني وقار کي چيڀاٽيو ويو؟ ڇو سندس عزت کي لتاڙيو ويو؟ مون دينوءَ جي انساني جسم کي ڏٺو. مون ان ’احسن تقويم‘ کي ڏٺو، جنھن کي ڌوڙ ۾ ڌونڌاڙيو ويو ھو، جنھن کي گڏھه تي چاڙھيو ويو، جنھن کي ’اسفل سافلين‘ بنايو ويو ھو. ھُـو ننھن کان چوٽيءَ تائين چِٿيل، لُٻيل ۽ ڀيليل ھو. ھن کان رکي رکي ڇرڪ تي نڪتا. ھن ڪُوڪون ٿي ڪيون. جيئن ڪا کنڀيل سرڻ اجڙيل ڇانگن تان زيلون ڪندي ھجي.
    بدن مان سيسراٽ نڪري ٿي ويا. لڱن جا اڪيچار وار، ھزارن سوالن جون نشانون بڻجي، اڀا ٿي بيٺا. ڇو؟ ڪنھن ؟ ڪيئن؟
    دينوءَ سڏڪا ڀريا. چي، ”سائين ڊمب ماڻھن جا ھئا! “ منھنجي نظرن جي سامھون ماڻھن جا ميڙ ڦِري ويا. شھري ماڻھو، پڙهيل ماڻھو، امت-رسول. ھنبوڇيون ھڻندا، شور مچائيندا، ڍولڪيون وڄائيندا، چونڪن ۽ گھٽين مان ڦرندا، پوليس سرپرستيءَ ۾، گڏھه تي چڙھيل دينوءَ تان کِلون ڪندا، ھُوڪرا ڏيندا، پٿريون چُٽيندا، ٿُڪون ھڻندا، لعنتون ڪندا ٿي آيا. دينوءَ تي، دين محمد تي، ماڻھوءَ تي، ماڻھوءَ جي ٻچڙي تي، انسان تي، آدم جي اولاد تي! گڏھه پُڇ مٿي ڪري ھِينگ ڏني. ڏند شيڪي، ڳاٽ اوچو ڪري، مٿي نھاريائين. ڄڻ ته آسمان جا ويچارا ڪڍيائين ... دينوءَ جو ڪنڌ ھيٺ، رتو رت لاش بڻيو ٿي ويو. انسانيت جو لاش گڏھه جي ڪلھن تي، گڏھه پستيون ٿي ھنيون، ماڻھن ٽھڪ ٿي ڏنا.
    منھنجا ڏند ڀڪوڙجي ويا، منھنجون مٺيون ڀڪوڙجي ويون. وڃي دينوءَ جي ڀرسان بيٺس. ڀانيم ته کڻي ڀاڪر پايانس. اکر نه اُڪليم. چيومانس، ”دينو تون شھر وئين ڇو؟“
    ”سائين مُجاور گھلي ويا!“
    ”مجاور؟“
    ”سائين مون مٺل پير جو پَڙ لاٿو!“
    مون کان دانھن نڪري ويئي، ”دينو!“
    دينو سڄو سائو ٿي ويو. منھنجي منھن کي ڏٺائين. وٺي ڀڳو. مون سَٽ ڏيئي کيس جھلي ورتو. دينوءَ کان دانھن نڪري ويئي، ”الاڙي“! ٻانھن کڻي منھن کي ڏنائين. ڄڻ ته مان کيس چماٽ ھڻي رھيو ھوس.
    ” سائين پَڙ ريشمي ھو، او، جيڪو اترادي وڏيري وڌو ھو!“ دينو سڄو ٿڙڪڻ لڳو. ڄڻ ته ريشمي پَڙ کي ياد ڪري، وري چوريءَ تي سنڀريو ھو.
    مون کي ياد آيو، اڃا ٽيون ڏينھن، پِير تي اھو پڙ وڌو ويو ھو. مسين مسين وڏيري جي مراد پُني ھئي. ورھين کان پوءِ پير سائينءَ ماڙ ڪري پنجن ڌيئن مٿان کيس پٽ ڏنو ھو. پِير ڏنو، ملڪيت جو وارث. وڏيرو، وڏي ٺاٺ ۽ اڊمبر سان ريل جو گاڏو ڀرائي، ٻارين ٻچين اچي نڪتو ھو، منڊل لڳي ويا. دھلن جو زيپٽ، شرنائن جي ڌم، ڌمالون ۽ کڳيون، سھرا ۽ راڳ. وڏيرو وڏي چوڄ ۽ ھيج مان پئي ھليو. دل کولي خرچ ڪيائين. ٻڪريون ٿي ڪُٺيون، ڪڃريون ٿي نچيون. گهور به گهور ھئي! وڏيري جي ڳِٽن ۽ ڏاڙھيءَ تان، ڪڃري ڏھين ڏھين جا نوٽ، پَٽيو کنيو ٿي ويئي. ڀنگ جي گهرڙ گھوٽ، چرس جا سُوٽا. موالين جا ٽوٽڪا، فقيرن جو ڌمچر، لٽ لڳي پئي هئي. زائفن جا سھرا، يارن جا مُڇن تي ھٿ، قبي ۾ اونداھه ۽ ڳاھٽ، گس گسان لڳي پيئي ھئي. ديڳيون پئي لٿيون ۽ چڙهيون. ڪتن به اُلٽيون ڪيون. پڙ ته نه ھو! جرڪا پي ڪيائين. ريشمي، بخملي، زريدار. دينو ھاڻي لُڇڻ لڳو. وٺي ليلڙاٽ ڪيائين، چي، ”سائين مون کي ڇڏ. منھنجو ٻچڙو الائي ڪيئن ٿيو!“
    ” اڙي ڪير، گلاب؟ ڇا ٿيو اٿس“ مون کي دينوءَ جو ٽن سالن جو گلاب جھڙو معصومڙو ياد پيو. الھه ڏنو، اسين کيس گلاب ڪري سڏيندا ھئاسين. ڪپھه جو ٽوپ مٿي ۾ وجھون، چولڙو پايو، ڪاٺيءَ کي گهوڙو ڪيو، ڊوڙيندو وتندو ھو. منھنجي اوچتي ھمدرديءَ تي دينوءَ جو ڦٿڪڻ بند ٿي ويو. ھيڏو سارو مڙس، چَپ کڻي ڪڍيائين. اکيون به عجب آھن. سُوريءَ تي سڪيون وڃن، ھمدرديءَ سان ڇُلڪيو پون. ويچاري انسان جو ٻاھريون ڏکو، ھمدرديءَ جي ھٿڙن سان پرڻ ٿيو پئي. پوءِ ته ٿورائتو ٿي دلڙي کڻيو ٻاھر ڪڍي.
    دينوءَ سان به ساڳي ڪار ٿي. ٽمندي ٽمندي چيائين، ته ”سائين ڪالھاڪون ٻَڙ ٻُٽ پيو آھي. چون ٿا ته خناق اٿس. سرڪاري ڊاڪٽر سُيون ٿو گھري. ٻه ويھون لڳنديون!“
    ڳالھه ٻڌي منھنجا ڪپاٽ کُلي ويا. دينوءَ پنھنجي ڏاڙھي گلاب جي خوشبوءَ لاءِ پَٽائي ھئي. دين محمد پنھنجو منھن ڪارو الھه ڏني کي بچائڻ لاءِ ڪرايو ھو. انسان پنھنجي عزت، ڦل کي سانڍڻ لاءِ لٽائي ھئي. دينوءَ پاڻ کي رتورت زنجير- حيات جي ڪڙين کي ڳنڍڻ لاءِ ڪرايو ھو. ھُـن، پادرن جي ڪَنڍي، انسان جي ازلي فرض، قانون-پيدائش کي قائم رکڻ لاءِ پاتي ھئي. ھُـن ڦِٽ لعنت ۽ ٿُڪون، ماءُ جي ھنج کي ڀريل ۽ ڀرپور رکڻ لاءِ سٺيون ھيون. مبارڪ ھئا دينوءَ جا ھٿ، جن سوَن معصومن جي رت ۾ ٻوڙيل پڙ کي لاھي، وھم، جھل ۽ ظلم کي نانگو ڪيو ھو. سندس پاڪ ھٿ اتي وڃي کپيا ھئا جتي صدين جي بي جان ھڏن تي جاندارن جو رت ھاريو ويو. پر مشڪندڙ مکڙين لاءِ تتو پاڻي نه ھو. جتي تتي پاڻ کي پٽ پٽيھر ۾ ويڙھيو ٿي ويو، پر ٽڙندڙ غنچن کي ولھه ۾ ساڙيو ٿي ويو. بانس ۽ ڌپ کي کنڊيڙيو ٿي ويو، پر گلاب جي سرھاڻ کي ٻوساٽيو ٿي ويو. مئل کي جيئاريو ٿي ويو، ۽ جيئري کي ماريو ٿي ويو. الله مارئي کي اٿاريو ٿي ويو، الھه ڏني کي ليٽايو ٿي ويو. پٿر کي پوڄيو ٿي ويو، روح کي ڪُٺو ٿي ويو. گابي کان رنڀون ڪرايون ٿي ويون ۽ لات ۽ منات کي کڙو ڪيو ٿي ويو. مبارڪ ھئا دينوءَ جا ھٿ جن سڀ کان پھريان اھو پليتائيءَ جو پڙ لاٿو ھو. دينوءَ جا ھٿ جن سڀ کان پھريان اھو پليتائيءَ جوپڙ لاٿو ھو. دينوءَ جي ھٿن پٺيان سوين ۽ ھزارين، لکين ۽ ڪروڙين ھٿ کڄندا نظر آيا. جي ھوائن کي چيريندا، فضائن کي وڍيندا، زمينن کي کوليندا، آسمانن کي ڦاڙيندا، لڪل خدائن کي گھليندا، سندس ڀانڊو ڦوڙيندا، سندس چنبا ٽوڙيندا ويا، اھي ڪوڙا ۽ ھٿرادو خدا جن صدين کان پتلين جو ناچ ٿي کيڏيو، دين محمد جي ھٿن کانئن واڳون کسي وتيون.
    مون دين محمد جي رتو رت جسم ڏانھن ڏٺو. سندس ڀالي ڀولي منھن ڏانھن ڏٺو ۽ سندس لڪل قوتن جو اندازو لڳايو. کيس ھڪ ئي اون ھئي. گلاب جي ۽ گلاب جي سرھاڻ جي.
    منھنجي دل، دينوءَ جي دل سان گڏ لڙھڻ لڳي. دل ۾ دھڪو ٿيو. کڻي دينوءَ جي ھٿ جھليم. ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون، ساھه روڪجي ويو، گھڙي کن ھڪ ٻئي کي ڏٺوسون. چُپ چاپ سھڪندا، وسوسا ويڙھائيندا، ڪنڌيءَ اندر ٿيا سون. ڇوڪر ماءُ جي ھنج ۾ اوٻاسيون ٿي ڏنيون. ماڻس کان رڙ نڪري ويئي، ” گلاب پيءُ!“ ٻارڙي وٺي دانھن ڪئي، ”ابا!“ دينوءَ دانھن ڪئي، ”منھنجا ابا!“ پوءِ ته حشر مچي ويو. ماءُ پيءُ ٻاڪارڻ لڳا. دين محمد دانھون ڪيون. ڪتي رومڙ ڪئي. ھوا گھوگھٽ لائي ڏنا. نم پن ڇاڻي نانگي ٿي بيٺي. ماءُ وار ڇوڙي ڇڏيا. گلاب ڪومائجي ويو. الله ڏنو لُٽجي ويو، ماءُ لٽجي ويئي، دين محمد لٽجي ويو.
    پري وڻن جي وچ ۾، قبي جي اندر، پٿرن مٿان ڏيئن جي جھومر ۾ قيمتي پڙ تجلا ڏيئي رھيو ھو. سنھا سنھا تجلا! ڄڻ ته سُيون ھيون، خناق جون سيون! ٻاھر موالين جا ٽڪڙا پئي پيا. پِير ڏني جي ڄم ٿي، الله ڏني جي موت تي. سلفين جا دگاڙا ٿي لڳا، پيرسائين مٺل جا دنبھا ٿي ھنيائون. دين محمد جا نالا وٺي لعنتون ٿي موڪليائون.


    هـُو حـُر هـو ...

    هُو حـُر هو. مشهور حر، خيرُو خاصخيلي. سندس رت نئون هو. پير صاحب پاڳاري کي انگريزن قيد ڪيو. حرن ۾ ڪُھرام مچي ويو. خيري جي رڳن ۾ جنسي باهه ٿي ٻري. سندس بدن ۾ ڄڻ ته پيٽرول پئي وهيو، صرف چڻگ جي ضرورت هئي، جا لڳي چُڪي هئي. سندس گهر ۾ ماءُ ۽ ننڍڙي ڀيڻ هئي. انهن به کيس چيو ته ”وڃي فقيرن سان مِل!“
    سنڌ سُونھاري جھنم جو ٽڪرو بڻجي وئي. ريلُون ڪِريون، ڌاڙا لڳا، خون مٿان خون، مٿان اچي ملٽري ڪَڙڪي. باهه تي گاسليٽ پيو.
    خيري جو واهڻي منهن ڦِري هيبتناڪ ٿي پيو. اکيو ڳاڙهيون، ”ڀيڄ پاڳارا!“ چوندي منجهائن رت ٿي ٽِميو. خشڪ چپن خُون ٿي گهريو.
    ڪيئين مقابلا ٿيا. گولين جا مينھن ٿي وسيا. ڳوٺن کي باهيون ڏنيون ويون. ملٽريءَ جا مڪڙ اچي لٿا. ملڪيتون ۽ لڄون لُٽيون ويون.
    خيري جي ننڍڙيءَ ڀيڻ کان پُڇيو ويو، ”ڀاڻين ڪٿي؟“ مضبوط جواب آيو، ”ادو مري ويو!“ کيس زوم مان چماٽ لڳي، ۽ وڃي ڦَھڪو ڪيائين. ماڻس کي ماريو ويو. پوڙهيءَ نٿي ڏَسيو ته سندس پُٽ ڪٿي هو. سندس اگهاڙي جسم مان گوليءَ کي پار ڪيو ويو.
    لوڙها ڀرجي ويا، زائفون ۽ ٻار - ملٽري جوان، هندو سک، مٿن پھريدار هئا. اڻ پرڻيلون مائرون مائرون بڻجي ويون. اخلاق جون ڪمزور جو ٿيون!!
    پير سائينءَ جي ڦاسيءَ جو احوال آيو.
    ائين ڪو ٿيڻو هو؟ ڪنھن کي اعتبار ڪونه آيو، چي، ”اهي سڀ انگريزن جون چالبازيون آهن.“
    فقير ڪي ماٺ ڪرڻ وارا هئا؟
    خليفن کين ٻڌايو هو ته پير سائين سندن جنازي نماز به پڙهي ويو هو! ”انگريزن جو تڏو پَٽينداسون، جاسوسن جا سر لُڻنداسون!“
    ڪيئي گرفتار ٿيا، ڪيئي ماريا ويا.
    مُلڪ ۾ هيبت ڇانئجي وئي. حيدرآباد مان ملٽر حُر وٺيو پئي وئي.
    ”اڙي هي ته ماڻھو آهن!“ هڪ هراس مان چيو. ڪيترا ئي شينھن مڙس مارجي ويا. سردارن مان هڪ خيرو نه جهليو. تحريڪ ڪُچلجي وئي، ۽ هاڻي هُـو رهزن ٿي پيا. شل نه ڪنهن جي پويان پون! بُڻ ئي ناس ڪري ڇڏيندس. نياپا هلندا هئا، ”فلاڻيءَ رات تنهنجا مهمان آهيون، بس ٻار به نه ڇڏيندس!“
    سال لنگهي ويا، خيري مُلڪ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو. ڪِيس ۽ ڪَلُور ڪري ڇڏيائين. وڏيرا وڙا گهر ويٺي ڏڪندا هئا. پوليس جو نڪ ۾ دم اچي ويو. خونن پٺيان خون- ڌاڙي پٺيان ڌاڙا! اڪيلي سر پوليس جي دستن سان مقابلا ڪندي نڪري ويندو هو. ظاهر ظھور نعرو هڻي گهيري ۾ ڪاهي پوندو هو، ۽ پوليس هٽي کيس جاءِ ڏيندي هئي. چون ٿا ته گولي کيس اثر ئي ڪونه ڪندي هئي.
    ... ۽ آزادي آئي. انگريزن بسترا گول ڪيا. پاڪستان ٿيو، ۽ اسلامي راڄ آيو. عجيب تبديلي هئي. سڀني ٻُڌو ٿي، ۽ مڃيو ٿي، سمجهه گُم هئي.
    پنهنجي حڪومت جو آواز دل ۽ دماغ ۾ گهر ڪندو ٿي ويو، خيري کي به ٿڌائي اچي وئي. خون ڌاڙا بند ڪيائين. خُونين کي ڇنڊ ڪڍڻ لڳو پر مجال جو خيري جو رعب گهٽجي! اڃا سندس حڪم هلندو هو. ڏهن هزارن جي چِٺي ويندي ، ته پُورا ڏهه کيس گهر ويٺي ملندا.
    شادي ڪيائين، هڪ ڳوٺاڻي حسينه سان. راڄن کي سڏُ ڏنائين. سڄي تَر جي ماڻھن سڏ ڀريو، باقاعدي ڪاڄ ٿيا. پوليس کي خبر هئي، پر ڪير پگهارن تي سر ڏيندو! شادي خير سان گذري.
    هن دلير مڙس ۾ وڏي تبديلي آئي ... ’فرسٽ ڪلاس‘ گاڏو رِزرو ٿيو. هڪ بارعب شخص ڪراچيءَ ڏانهن سفر ڪندو نظر نه آيو. ڪير چوندو هُـو مشھور ڌاڙيل خيرو خاصخيلي هو! وڏن وڪيلن سان سندس ملاقات ٿي، ”ڇا پيش پوڻ سببان سندس ڏوهه معاف ٿي سگهيا ٿي؟“
    ”خوني ۽ معافي؟“ پوڙهن قانو دانن پنهنجي ٿَڪل منھن ۾ گُهنج آڻي چيو.
    ”قانون ۾ اهڙي ڪا به گنجائش ڪانھي.
    قاعدو ڦِري نٿو سگهي. خدا توبه قبول ڪري سگهي ٿو، سرڪار نه.
    اڄ خيري تي گهيرو هو. بندوق، بم، مشين گنون ۽ اسٽين گنون- چاليهه ملٽرءَ جا جوان، هوا.ي فير ڪري خيري کي اطلاع ڏنو ويو. ڄڻ ته سُتل شينهن جاڳيو. گولين جا مينھن وسي ويا. خيري حسينه جي منھن تي محبت جي آخري مھر هنئي ... گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ۽ بم جو جواب بم سان. حسينه مُشڪندي کيس ڳوليون ڏيندي رهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ مقابلو هليو ... ۽ هڪ آخري بم خيري جي بدن سان ٽڪر کاڌو ... حسينه گنڀير ٿي وئي ۽ ڇهن مهينن جي ولي عھد زور سان زمين تي ڇڙهيون هنيون.
    هڪ پوليس آفيسر خيري جو احوال ٻُڌايو، ”پَٽ کان ڏيڍ فُٽ مٿي ويڪري ڇاتي، سيني تي گولين جا ٻه پَٽا، رائفل ڪُلھي ۾، بغل ۾ پستول، قد پُورو پُنو، بدن مضبوط، سنھڙيون وٽيل مڇون، ۽ گهنڊيءَ تي ڏاڙهي، رنگ جو ڳاڙهو، نھايت شاندار همت جو مجسمو، مردانگيءَ منجائس اُڇلون ٿي ڏنيون. هزارن سندس منھن ڏٺو، اخبارن ۾ سڀ احوال آيو- ملڪ ٺري پيو.
    پوليس کِلي کِلي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون. مون کي الائي ڇو افسوس ٿيو.


    ڪـارو پـاڻـي

    مان ننڍو ھوندو ھوس. امان ڳالھه ڪندي ھئي ته اڳي ڪارو پاڻي ايندو ھو. ڪشمور کان ڪڙڪاٽ ڪندو ايندو ھو. ماڻھو، جانور، نانگ، اڳيان ڀڄندا ايندا ھئا. ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪندو، اوڏڪا گھر ڊاھيندو، زمينون ٻوڙيندو، ڪاھيندو ايندو ھو. مِرون، بگھڙ، نانگ، ڪتا ماڻھن سان گڏ دڙن تي اچي ڳاھٽ ٿيندا ھئا. بک کان ماڻھو کبڙن جا پَن کائيندا ھئا. پيٽ اُڀامي ايندو ھئن، وات مان اڇي گجي وھندي ھئن ۽ مري ويندا ھئا. شھرن جا ڊاڪٽر وري کين چريندا ھئا. مان ڊپ کان اکيون کڻي بند ڪوندو ھوس. ڪشمور کي ھڪ ڀوائتو غار سمجھندو ھوس، جنھن مان ھڪ وڏي ڪاري ڪاري بلا، ڏند کڙڪائيندي، چينگھاٽ ڪندي، ڦوڪون ڏيندي نڪرندي ھئي، ۽ ماڻھو جيتامڙن وانگر ٿڙندا ٿاٻڙندا لڪندا وتندا ھئا. مان اٿي گھر جو ڪَڙو اندران بند ڪري ايندو ھوس.
    پوڙھو سومر به اھائي ڳالھه ڪندو ھو. سڄو ڏينھن حقو ٽيڪيو ويٺو ھوندو ھو. نه ھئس ٻار نه ٻچو، نه زال نه زنب، نه گھڻو ڳالھائيندو ھو، نه شڪايت ڪندو ھو. رڳو نڙ سان ڪڏھن ڪڏھن ڪڪڙ کي ڌڪ ھڻندو ھو، ۽ ڪڏھن ڪانون کي ھڪليندو ھو. پَٽڪو لاھي ڪانڀ ڪڍي، ڇنل کٽ تي ويٺو کنگھندو ھو . سندس اڇي مٿي، اڇي ڏاڙھيءَ ۽ اڇين مُڇن جي وچ ۾ ننڍڙيون گُهنجيل اکيون ٽم ٽم ڪنديون رھنديون ھيون. ڀاڻس جي گھران مانيءَ ڳڀو ايندو ھوس. اڻڀي چانورن جي مانيءَ کي ڏڪندڙن ھٿن سان ڀوري، وات ۾ وجھي، مٿان کڻي لسيءَ جو ڍڪ ڀريندو ھو- ڄڻ ته ڦَڪيءَ کي ڳيت ڏنائين.
    ڏاڍيون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو- اڳين لڙائيءَ جون، جرمن جون، انور پاشا جون ۽ ٻوڏ جون. مان پڇندو ھو سانس ته، ”نانا ٻوڏ ڪڏھن ايندي؟“ چوندو ھو ته، ” ابا خير گھر! “
    ٻار سڀ مري ويا ھئس. عرس ننڍو ڀاءُ ھوس. ڪڏھن نه ننڍي ڀاءُ کان ڪجھه گھريائين! ويلو ٽري وڃيس ته به گُهر نه ڪندو. عرس پيو زال کي ڪَن مھٽ ڪندو ھو ته، ” ادي جو خيال رکجانءِ !“ پوڙھو سومر، دنيا کان بي نياز، ويٺو رنگ ڏسندو ھو. ھٿ ٽنگڻ کان عار ھوس. ڪانچ ليڙون ليڙون ٿي وڃيس، چادر ڦاٽي وڃيس، تپ سيڪاٽي رکيس، اصل ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍندو. ڪڏھن نه ڪجھه طلبيائين، ڪڏھن نه ڪجھه ڀاءُ سان حال اوريائين.
    بيمار ٿيندو ھو ته رلي ويڙھيو پيو ڪِنجھندو ۽ ڪڻڪندو ھو. جي چئبو ھوس ته، ” نانا تون ته خوش آھين!“ ته ڏک ٿيندو ھوس، کڻي ماٺ ڪندو ھو. جي چئبو ته، ” نانا مار! توکي ته ڏاڍو تپ آھي! “ ته دعائون ڪندو ھو. حياتيءَ جي ھيڏي ساري لمبي سفر کان پوءِ، بس انھيءَ کي ھمدردي سمجھيو ھئائين. آڙاھه تپ ۾ ڀائيندو ھو ته مٿن کان ڪو اُلڪي ۾ ويٺو آھي. اعتبار نه ھوندي رليءَ کان منھن ٻاھر ڪڍي، آسروَند اکين سان نھاريندو ھو. ڪنھن کي به نه ڏسي، گهوماٽجي منھن کڻي اندر ڪندو ھو. سندس وڏي مضبوط دل ان وقت جنسي ڦاٽندي ھئي. ڪيڏي نه ڪُنئرائي ھئي ھن جي وڏيءَ دل ۾! ڪڏھن ڏک نه ڪڍيائين، ڪڏھن نه حال ونڊيائين!
    ھڪ ڏينھن ننڍڙي ڀائٽيس، لُچائي ڪري، متل چلم جي ٽوپيءَ ۾ کڻي پاڻيءَ جو ٽِڀو ليٽايو. سومر بيوس ٿي کيس نڙ وھائي ڪڍيو. پوءِ ته ڇوڪر وٺي چَپ ڪڍيو. سومر جي دل کي جَهٻي اچي ويئي. لٺ کي وٺي اٿڻ جي ڪيائين- جيئن رئندڙ ٻار کي ڇاتيءَ سان لاءِ ھيانءُ ٺاري. پر ائين ڪري ئي ڪري، تنھن کان اڳ ڇوڪر جي ماءُ وٺي ڪڙڪو ڪيو، چي، ” ڏائڻ ماريو، ھھڙو تھڙو نه مري ٿو، نه منجو ٿو ڇڏي ! ابھم کي اولو سولو ھڻندي قياس ئي نٿو پويس .... ھجيس پنھنجو ته آنڊن کي ڄر به اچيس!“
    مائي وئي سومر کي جِهير ڏيندي ۽ لوڻ ٻُرڪيندي. وئي سندس دل کي ويڻن جي کانڀاڻيءَ سان چُٽيندي. ويچاري سومر کان لٺ ئي ڇڏائجي وئي. ڏڪندو ڏڪندو ويھي رھيو. ان ڏينھن سندس دنيا اوندھه ٿي وئي. ڪنڌ ڦيرائي لڪي لڪي، نڪ مان وھندڙ ڳوڙھا آڱر سان اگھي ڇنڊي ڇڏيائين، نيٺ لٺ کڻي اٿيو. ڪنڌيءَ کي ٽيڪ ڏيندو، گھر ڇڏي نڪري ويو. مقام ۾ وڃي پنھنجي زال ۽ ٻچڙن جي وچ ۾ ويٺو ۽ دل کولي رنائين.
    شام جو عرس گھر آيو. جوڻس ماني آڻي اڳيان رکيس. گرھه ڀڃي وات ۾ وڌائين. ڀاءُ کي نه ڏسي، پڇيائين. ڳالھه ٻڌي، ڳيت ڏيئي نه سگھيو. ماني ڇڏي اٿي کڙو ٿيو. زال کي چڱي ڇنڊ ڪيائين. ڀاءُ کي ڳولي وڃي لڌائين. پَٽڪو لاھي وڃي پيرن تي رکيائينس. ڀاڄائيس به رئو لاھي بخشايس. ٻئي ڀائر ھڪ ٻئي کي چُـھٽي پيا. پيار سندس ڇاتين مان رُوڻ ڪري ڦٽي نڪتو. ھڪ ٻئي کي آٿت ۽ آڌر ڏيندا اچي گھر ٿائينڪا ٿيا.
    ٻوڏ ٻيھر آئي. بيگار ڀڳو. مون پاڻ ڏٺو گھر گھر کان جدا ٿي ويو. مائٽ وڇڙي ويا. چون ٿا ته پاڻي موٽر کان به تکو ٿي آيو. ڪوھه پنڌ تي سندس ڪڙڪاٽ ٿي ٻڌو. ماڻھن ۾ ٻاڪر-ڪٽو ھو. سرڪار ۽ وڏيرن، ماڻھن کان بند ٻڌايا. اسان جي ڳوٺ جا ماڻھو به ويا. تَر جو وڏيرو ونگار وٺي ويو. ويچارا رات ڏينھن وھيا. اوجاڳو ۽ بک، ٻچن جو اُلڪو ۽ اڻتڻ ڪوڏرون ھڻي ھڻي شل ٿي پيا، پر قدرت جي ھن تخريبي طاقت اڳيان، ويھين صديءَ جي مشيني دور ۾، انسان جون ڪمزور ٻانھون، براج جي ھن بي انداز پاڻيءَ کي روڪي نه سگھيون. ڪچا بند ڀُري پيا.
    روڪيل پاڻي مست ھاٿي جيان زنجير ٽوڙي انڌا ڌنڌ ڪاھي پيو. مزورن ويچارن جا ڇھه ڇڄي پيا، حوصلا خطا ٿي وين، اڳيان پاڻي. پٺيان پاڻي، وٺي ڀڳا. ٻچڙن کي ٻاھر ڪڍڻو ھئن. وڏيرن ته اڳيئي وڃي شھر وسايا ھئا. مزوريءَ جا پئسا به انھن کي ڦٻيا. تڙ تڪڙ ۾ ٻارڙن ۽ زالن کي، دڙن ۽ ڪڙن تي ڪڍيائون. پاڻي ويو وڌندو. جھٽ گوڏي جيڏو ٿي ويو. چار ڄڻا موٽي ڳوٽ آيا. سنھا سنھا ٽپڙ مٿن تي رکي موٽيا. پاڻي مڙس تار ٿي ويو. تري جند ڇڏيائون. مڏيون وڃائي سر سلامت کڻي موٽيا. واھه جي ڪڙ سان ڪئمپون لڳي ويون. اھا ڪاٺي نه ھجي جو کڻي دونھي دکائجي. ڪُني ڪانه چڙھي. بکايل ٻارن ڌمچر مچائي ڏنو. مائرون ويچاريون ماٺ، ملول ۽ ھيسيل. سڀ ساھورا اچي ھڪ ھنڌ ڳاھٽ ٿيا. مال جي ڍڪ پئي پيئي. چوڌاري پاڻيءَ ئي پاڻي ھو.
    ماڻھو ويچارا دربدر ۽ بي گهر ٿي ويا. سرڪار تقاويون ڏنيون. وڏيرن شھرن ۾ ويٺي ئي ڳوٺاڻن جو حصو ورتو. ڪامورن ڪمدارن جاوا ڪيا. سندن ٻيگهي مچي ويئي. ويا ڏکويلن کي ڏکائيندا، ۽ مئلن کي ماريندا.
    ٻوڏ راڱا ڪري ڇڏيا. گھر گھر کان جدا ٿي ويو، مٽ مائٽ وڇڙي ويا، ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. ڪو ڪنھن جو نه رھيو. پوڙھي سومر کي به اڃا ڪي ڏينھن جيئڻو ھو. پيريءَ ۾ اباڻا اجھا ڇڏي، وڃي ڏولاون ۾ پيو. ڀاڻس ٻچڙا وٺيو، لڏيو ٿي ويو. سومر جي وک ئي نه کڄي. سندس دل ڳوٺ جي ڪنڊن ۽ ڪکن ۾ اٽڪي پيئي. وري وري مڙي، پنھنجي ڪکن ڏانھن پئي نھاريائين. مٽن مائٽن کان موڪلائيندي ھنيانءُ ڦسي پيس، ڄڻ ته وڃڻ ڪاڻ ٿي ويو. گهر ۽ گهٽيون، جت چولڙو پائي، اگهاڙو ئي اگهاڙو، رانديون ڪيون ھئائين، جهنگ ۽ لَيون، جت لوڙائو ڳائيندي، مينهو چاريون هئائين؛ ٻنيون ۽ ٻارا، جت جوانيءَ جا امنگ ۽ پگهر ھاري ساوا ساوا ٻوٽا پيدا ڪيائين، ۽ اھي کبڙ ۽ ڄاريون جن ھيٺيان سندس عائشه ۽ ٽي معصوم پوريل ھئا. سڀ کيس سڏ ڪرڻ لڳا. ڪيڏي نه آس ھيس ته سندس پوڙھي ٿڪل مٽي عائشه جي پاسي ۾ پوندي؛ ٻچڙن جي وچ ۾ ٿَڪ ئي لھي ويندا؛ سالن جي ڏکي ۽ ڊگهي جدائي پوري ٿيندي! سومر وري بيھي رھيو، سندس جسم جو ذرو ذرو ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ ڳوهجي وڃڻ لاءِ آتو هو. سندس اڇو مٿو، اڇي ڏاڙھي ۽ اڇا ڀِرون کنڊڙ ونڊڙ ٿي، وائڙن وانگر اڏامي التجائون ڪري رھيا ھئا. سندس دل ۾ چريائپ واري ڪوڪ اٿي - ڄڻ ته ڪَل ٿِڙي وئي ھئي. ڀانيائين ته ٽٻيون ھڻي، اندران ئي اندران، وڃي عائشه جي قبر کر جهليان؛ وڃي ڪو ٿائينڪو ٿيان؛ وڃي آرام وٺان! .... ڀاڻس کڻي ٻانھن کان جھليس. سومر گھلبو ويو. سندس قدم قدم ڳوٺ جي مٽيءَ سان چنبڙندو ٿي ويو. ڄڻ ته ڪاغذ جا ٻه پتا کَونر سان چنبڙيل ھئا؛ زوريءَ ڌار ڪرڻ ۾ چِچرجي، ڦاٽِي ليڙون ليڙون ٿي ويا.
    مھيني کن کان پوءِ ڏاتر ڏنو مليو. ڳالھه ڪيائين ته سومر مري ويو!
    ”ڇا ٿيس ؟“ چي، ” ڪارو منھن آ عرس جو ... ويچاري کي سِڪائي ماريائين! ايمان کان ئي نڪري ويو، مانيءَ ٽڪر جيڪي ٻار بچائن سو به لڪائي رکي، حياءُ نه پويس جو ڳڀو کڻي ڀاءُ کي ڏئي! ويچاري چار پنج ڏينھن اَن نه ڏٺو، بُکون ڪڍي مئو! “ ڏاتر ڏني شد مد سان ڳالھه ڪئي؛ چي،”پوئين ڏينھن پوڙھي سومر پاڻ اٿي وڃي کاري ھيٺان پاروٿو ٽڪر کنيو، عرس جي زال سٽ ڏيئي کسي ورتس! عرس بيٺي ڏٺو. ويچارو .... وڏو ڀاءُ محتاج ٿي مئو ... ھڏا ئي رلي ويس! “
    اسان عرس کان پڇيو. سندس پيٽ خود پٺيءَ سان لڳو پيو ھو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون ھيس، منھن تي وحشت. ڄڻ ته ڪڻو نه چکيو ھئائين. ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيائين. سندس اکين مان پاڻي ٿي ويو ... ڏسندڙن جي اکين مان پاڻ ٿي ويو ... ٻڌندڙن جي اکين مان پاڻي ٿي ويو. پاڻي کٽو ته رت وھڻ لڳو. نارا ھئا، نيسارا ھئا- نديون ٿي ويا. اڏون ۽ ڍڪيون ٽپي ويا. بند ۽ ڪوٽ ڊاهي، ٻوڙي وڌائون. گنبذن ۽ مُنارن جا بنياد نڪري ويا. ھيٺاھيون، مٿاھيون ھڪ ٿي ويون. زمين ٺري ڳڱ ٿي پئي. ھيءَ ٽين ٻوڏ ھئي ... ڳاڙھو پاڻي!


    مـھـربـانـي

    هڪ ڏينھن شام جو اسين چار يار ٺاڪ ڦاڪ ڪري، ٺھي ٺُڪي ڪاليج مان ٿيندا، ايلفيءَ ۾ گهمڻ وياسون. ڪارا چشما، ڪاريون پتلونون. اڇا بوٽ ۽ شينھن گهوڙي واريون قميصون، وارن جا موڙ مٿي تي لُڏندا پئي آيا. ڪنھن کي به مَٽ ثاني ڪونه ٿي سمجهيو سين. ڊاڙ ٺڪاءَ هڻندا، آئي وئي تي ٽوڪون ڪندا، ٽھه ٽھه ڪندا ٿي ويا سون. زمين تي پير ئي نه ٿي ٽڪيو. ڌرتي کي ڌوڏيندي، آسمان تائين پهچندي اچي ايلفيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪيوسين.
    گهڻيئي اسان جهڙا شريف زادا اتي ڊيل وانگر پئي ٽِليا. ٽانءَ ۽ ڦُونڊ ۾ هڪ ٻئي جي ڪپڙن ۽ وارن تي رشڪ کائيندا، هڪ دوڪان کان ٻئي هنڌ اچي ڪارنر تي بيٺاسون. اچي ڳالهين ۾ ڇٽياسون. ٽائين، ڪوٽن، جئڪيٽن ۽ ڪَٽنگ جي ذڪرن کي ولوڙي، اچي موٽرن تي پياسون. قيصر، ڪيڊلڪ، بيوڪ ڪانه ڇڏي سون. پنجونجاهه، ڇاونجاهه جي ماڊل تي اچي بحث ڇِڙيو. وڏي دلچسپيءَ سان پنهنجي علم جو اظھار ڪيوسين. اچي هڪ ٻئي سان اٽڪيا سون. چي، ” هل ڙي ٻُـڌُو! توکي ڪهڙي خبر. مان اڃا هاڻي هڪ آمريڪن رسالي ۾ ڇاونجاهه جي ڪيڊلڪ جو اشتھار ڏِسيو ٿو اچان!“ گهڻو ئي ڦنڊياسون ۽ ڦوڪياسون، اُڀامياسون ۽ سُڄياسون. نيٺ ناچ گهرن ۽ ڪلبن جو ذڪر نڪتو، ”هاءِ ڙي آمريڪا! لائيف اتي آهي. پر يار هي ’پال رابسين‘ ڇا آهي؟ ڪنهن فلم جو نالو ٿو ڀانئجي. پوءِ ڀلا آمريڪا ۾ ان تي بندش ڇو وڌي اٿن؟“ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ تي ويچار ڪرڻ مناسب نه ڄاتوسين.
    ”سئنيمائن ۾ رکيو ڇا آهي؟“ نفرت کان نَڪ چِٻو ڪيوسين. ”ٿرڊ ڪلاس ماڻهو اچيو گڏ ٿين. مخصوص سوسائٽي هئڻ کپي، ڊريس جي پابندي هئڻ کپي.“ مون انهن ڳالهين تي زور ڏنو. ڊانس ڪئبري، لمي گور ۽ ميٽرو پول جي ڳالهين ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڳڻتيءَ اچي ورتو. رَمڀا سَنڀا، فاڪس ٽراٽ جا نالا کنياسون. حقيقت ۾ اسان کي پُورو قدم کڻڻ خيرڪو ايندو هو، پر تڏهن به اهڙي ڀُوڪپائي ڪيئن ظاهر ڪبي؟ پوءِ ته ليڊي پارٽنر جي ڳالهه نڪتي. آها! عورتن جو ڇا ڇا ذڪر نه ڪيوسين. سندن انگ انگ کي ياد ڪيوسين. مائن ڀينرن کي ته عزت ڏيندا هئاسون ، پر هر ڪا عورت ماءُ َ ٿورو ئي هئي! بس، بوري بازار وڃڻ جو خيال ٿيو.
    کوڙ ساريون عورتون، ننڍيون وڏيون ٻارڙن کي ساڻ ڪيون گهرن ۽ ٻچن لاءِ ضرورت آهر خريداريءَ ۾ رڌل هيون. پئي دوڪانن تي چڙهيون ۽ لٿيون. چِچ مِچ ڪنديون، ٽھڪڙا ڏينديون ٿي ويون. ڪمبخت ڪيڏيون نه دلفريب آهن! ڪنهن موهڻيءَ سان اکيون ملائي، منهنجي دل ۾ هڪ افسانو ٺھي ٿي ويو، جنهن جو ’هيرو‘ مان ٿي بڻيس ۽ ’هيروئڻ‘ ان پدمڻيءَ کي ٿي ڪيم. پر هي بي وقوف ڪيڏيون نه بيقدر آهن، کنگهن به ڪونه. مئنرليس! يورپ ۽ آمريڪا جون ڪيڏيون نه فضيلت ڀريون آهن، ضرور اينڪريج (encourage) ڪنديون.
    اسان جو هڪ دوست ڏاڍو فار وَرڊ آهي. جهٽ ۾ ڪُلھو گسائي، کڻي ٻٽون کولي، دڪان واري کي چيو ڏي، ”اسين ته هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“ پر يار عورتون به اهڙيون مڪريل آهن، جو خدا پُڄين! ڄڻ ته وڏيون شريف زاديون آهن. اهڙيون آهن ته گهر مان سينگار ڪري نڪرن ڇو ٿيون؟ سينگار ته اسان به ڪيو هو، مان ڪياڙي کنھڻ لڳس. خير تڏهن به مڙد، مڙد آهي. پاڪستان ڪونه سڌري. هاءِ ڙي يورپ ۽ آمريڪا! يار ڏاڍي فاسٽ لائف آهي اتي. هر ڪو سمارٽ آهي. هتي ته رڳو ٻوگهلا ۽ ٻُـڌُو اچي ڦاٿا آهن. مسلمان ته ائين ئي دقيانوسي آهي.
    مان دوستن کي وٺي ڪرستان محلي ڏي ويس، پر يار هتي جو ڇوڪريون ته اکيون ڦوٽارڻ ۽ کتيون ٻُـڌائڻ لڳيون. چي، ” مائينڊ يوئر اون بزنيس!“ هونھه! بيوقوف ڇسيون، ڀلا اسان ۾ ڪهڙي گهٽ هئي؟ پڙهيل ڳڙهيل ، شريف خاندان جا اَپٽُـو ڊيٽ اڃا ڪو ڦاهو کپين؟ هونھه! منهنجو معيار انهن کان گهڻو مٿي آهي. اسين پڙهيل آهيون، ڄاڻُـو آهيون، پارکو آهيون، منهنجا مائٽ جاگيردار آهن، وزير آهن، سِي ايس پي آفيسر آهن. سيڪريٽري آهن ۽ سفير آهن. مان به جلد ئي هنن جهنگلي ماڻهن مان نڪري، ٻاهرين ملڪن ۾ سرڪاري آفيسر ٿي ويندس. اسين اوچي ڳاٽ سينڍون وڄائيندا، پنهنجي شخصيت ۾ گم سم، ٻين تي نفرت کائيندا، وري اچي ايلفيءَ ۾ نڪتاسون.
    اسين ڪيترو نه اوچا ۽ مٿانھان هئاسون ٻين ماڻهن کان! جاهل، بدتميز، گدلا. غليظ هڻي اسان جي ملڪ جي صحت خراب ڪري ڇڏي اٿن، سدائين بيمار، ڪم ڪرڻ کان ٻَرو پيو چڙهندن. بڪواسي، جهڳڙالو، جهنگلي ڪنهن جاءِ جا! شڪر جو پاڻ ۾ ئي ڄُنڊا پَٽ لڳي پئي اٿن، نه ته هڻي اسان جي سڌريل سوسائٽيءَ کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏين. اسان جي حڪومت، جيڪا اسان کي ولايت موڪلي، ۽ واپار جو پرمٽون ڏئي ٿي، تنهن جا هُـو ته تختا ڪڍي ڇڏين. گونڊا، لوفر، ڇيڻن ڄاوا، ڇيڻن ۾ نپنا، گڏهه، سڀني کي واڙي ڍڪ ۾ ڏيئي ڇڏجي. بلڊي سوائينس!
    ڏسو ته سھي، اسان جون مٿن ڪيتريون نه مھربانيون آهن. ڪارخانا کولي کين ڪم سان نه لڳايون ته هوند مري ڳري وڃن. کين هارِي ڪري نه رکون ته تباهه ٿي وڃن. اسان لاءِ هاري ۽ مزور ڪو کُٽا آهن! جيستائين اهي ڪمبخت بکيا آهن، تيستائين هاري مزور کوڙ. هڙتال ڪري ٿا اسان کي ڊيڄارين! اسان کي ڇاهي اسين پڇاڙي ڪارخانا بند ڪري پنھنجو سرمايو کڻي ولايت ۾ وڃي وهنداسين. هن ملڪ سان اسان جو ڪو نڪاح ته ڪونھي، اها اسان جي مٿن ڪيڏي مھرباني آهي، جو هـھڙي ملڪ ۾ پنهنجا قيمتي دماغ ۽ پيسا لڳائي کين جيئرو رکي رهيا آهيون. مرضي پوي ته کين جيلن ۾ بند ڪري گوليون هلائي سندن بُڻ ٻچو ناس ڪري ڇڏيون. اسان جا سائنسدان زهري گئس ۽ ايٽم بم پيدا ڪري چڪا آهن. اها اسان جي مھرباني نه آهي جو اسان اهڙا اوزار ڪم نٿا آڻيون! جڏهن مٿن رڳو گوليون پئي هليون ته ڪيئن نه ٿي ڀڳا، وڏا آيا آهن رستم جا پُٽَ ! هليا آهن حق وٺڻ. گيدي!
    مون سان سڀ دوست شامل راءِ هئا. اسان سندن گيدپڻي تي وڏا ٽھڪ ڏيئي کِلياسين. دل ۾ آيم ته اهڙو ڪو ڍور منهنجي سامھون اچي ته مـنڍي مروڙي رکانس. جلد پنهنجن ڪپڙن ۽ پنهنجي پوزيشن جو خيال آيم. انهن گندن کي هٿ لائڻ به بيعزتي! ڪير انهن سان ميل جول رکندو؟ ماڻھوءَ جي ته بُـوءِ ڪونھين.
    اسان جون نظرون وڃي هڪ فقيرياڻيءَ تي پيئون. جِست جو وڏو وٽو هٿ ۾ کنيون، اگهاڙو ٻار ڪڇ تي لڙڪايو، ڊوڙي ڊوڙي پئي آئي ويئي جو اڳ ورتائين. وار اَڻڀا، لِڱ ميرا، ڪپڙا ڦاٽل، پَڙو کٿل. هئي ننڍي نيٽي! منهنجا دوست چَپ چَٽڻ لڳا. ميري چولي، کير لڳڻ سبب سڻڀي ۽ گري ٿي پئي هئي. جهوني پُراڻي چولي، کير ڏيندڙ ڇاتيءَ جي شدت اڳيان بي وس ۽ مجبور ٿي لڳي. ڪٿان ٿيون اهي نڀاڳيون ايترو کير آڻين؟ سو به بُک تي! اسان جي سڌريل عورتن وٽ ته سدائين کير جي ٻاڙائي- ”جو کير گهڻو ڏي، سو ته ڀلو چئبو، مـينھن به پيار سان ڪيئن نه کير کڻي لاهيندي آهي.“ اهو خيال ايندي ئي مان البت منجهي پيس. کير ڪھڙي نه چڱي شئ آهي. هي عورتون ڪيئن نه رَت کي ڦيري کير ڪريو ڇڏين. حياتي ڏيندڙ کير! نر ته بيڪار آهي. رڳو چَري کائي وتي سانَ وانگر زيان ڪندو. مان جلد ئي پاڻ سنڀالي ويس. هي پينو ۽ مفلس ته جانورن کان به پري آهن. ماڻھوءَ جا ته ڦَـر ئي ناهن. شيطان جا ڇاڙتا!
    اها ميري گدلي فقيرياڻي ڦيرو ڏيئي، اچي اسان جي اڳيان بيٺي، ”بابُـو صاحب پيسو!“ مار پويس چڱي ٺاهوڪڙي هئي! آواز ته ڪھڙو هئس! سانوري پر سندس وڏيون ڪاريون اکيون ڏاڍيون وڻندڙ هيون. پِنبڙ ته غضب جا هئس. ڪيئن نه پئي انهن کي هيٺ مٿي ڪيائين.
    جواني سندس انگ انگ ۾ پئي ڦٿڪي، سندس ميرا لِڱ ڪيڏا نه چڱا هئا. وات ۾ پاڻي ڀرجي ٿي آيو. سندس ٻار مون کي اصل نه وڻيو. ڪِنو گدلو. ڌٻي جھڙي شڪل، چَپ ڊُولا، اکيون چِنجهيون، نڪ بينو، سنگهه پئي وهيس. ڪِيچڙ ۾ پيدا ٿيل ڪينئون! مون کي ڏاڍي بُڇان آئي. موڳو، ڇسو، گڏهه جو اولاد ضرور پيءَ تي ويو هوندو. بلڊي سُوائين! مون نظرون ماڻس تي وڌيون.
    اسان جي فار وَرڊ دوست کانئس سوال ڪيو،
    ”تون پِنين ڇو ٿي؟“
    ”ڇا ڪجي صاحب؟“ هن سڌو سولو جواب ڏنو.
    ”تنهنجو مڙس ڪٿي آهي؟“
    ”منهنجي شادي ڪانه ٿي آهي. بابُـو صاحب، پيسو!“
    اسان جي اکين ۾ شرارت ڀرجي آئي. سڀ مُشڪڻ لڳاسين، ”پوءِ تو هي پُٽ ڪٿان آندو؟“
    هن ڪنڌ لاڙي نماڻين اکين سان اسان ڏي نهاريو، ”اها اوهان صاحبن جي مھرباني آهي، بابُـو صاحب!“
    اسان کي ڄڻ ته ڪنهن ٿـڦـڙ هڻي ڪڍي، ڪپڙا لاهي وڌا، ننگو ڪري ڇڏيو. مٿي ۾ ڦيريون اچڻ لڳيون ته اسين به بدبو دار گند ۾ سرڪندڙ ڪينئان هئاسون، سُرهاڻ مان بي خبر، انڌا، ٻوڙا، جـھل جا ابا!


    خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ

    مان تن ڏينھن نماز پڙھندو ھوس. تھه سيارو ھوندو ھو، ھنڌ ۾ ويٺي ئي سئيٽر پائيندو ھوس. مٿان مفلر، ڪوٽ ۽ اوورڪوٽ. ٺِڪر جي ڪونئري کي اڌ تائين ڪلر لڳو پيو ھوندو ھو. پاڻي اھڙو جو اصل پارو، ٿڌيءَ ھوا جا سوسٽ بدن کي ڄڻ ته چيريندا ٿي ويا. ڪٻڙو ٿي، ڏڪندو ٿڙڪندو، مسجد ڏي ويندو ھوس. ھيترين تڪليفن کان پوءِ خدا کي البت پنھنجو ڪري سمجھندو ھوس. ڀائيندو ھئس ته بي نمازي ڪھڙا نه بيڪار آھن. در کولي ٻاھر نڪرندو ھوس ته ٿڌ جو طوفان منھنجو فخر زوريءَ مون کان کسي ويندو ھو. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٿڌ کان سواءَ ٻيو ڪجھه به نه ھوندو ھو.
    ننڍڙو يارهن سالن جو خميسو اڳيئي مال وٺيو، ٻوڙن ۾ بيٺو ھوندو ھو. کيس قميص ڪانه ھئي، پر ھڪ ٿڳڙين نڪتل گرم ڪوٽ پيو ھئس. ڪاري گوڏ ۽ مٿي تي ميرو ڪپھه جو ٽوپ. مٽر به ماڪ سان ڇانيا پيا ھوند ھئا. ٻئي ھٿ ڪڇن ۾ وجھي، پيرن اگھاڙو پاڻ کان ڊگھي لٺ کنيون، سوڙھو ٿيو بيٺو ھوندو ھو. سندس کاڏي کڙڪندي ھئي. مونکي ڏسي دانھن ڪندو ھو، ”ھا مـُلان! “ ھُـو مون کي چيڙائيندو ھو، مان تڪڙو وڌي ويندو ھئس ۽ ھو پٺيان چوندو رھندو ھو، ” مـُلان! ... مـُلان، او ... مـُلان!“ مان اوور ڪوٽ جي ڪالرن کي ٺاھيندو الله ڏي ويندو ھئس ۽ ھو ڍورن ڏي. مان وڃي شڪر ادائي ڪندو ھئس ۽ پنھنجي صحت ۽ خوشحاليءَ جي دعا گھرندو ھئس. ھو فصل جي سنڀال ڪندو ھو ۽ ڀيل ڪرائيندو ھو، ته سڙي نه وڃي.
    ”ھا مـُلان! “ ھُن سُر سان لانڍ ڪري چيو. اوندھه ۾ سندس ڪارن چپن مان اڇا چمڪڻا ڏند ظاھر ٿيا ۽ ھو ٽھه ٽھه ڪري کلڻ لڳو. ”بيھه ته سھي، تنھنجي خبر ٿو وٺان!“ مون ائين چئي پير وڌايو ۽ زور سان زمين تي ھنيو. ھو ڇرڪ ڀري وٺي ڀڳو. ٽپا ڏيندو، مٽر لتاڙيندو، يڪ ساھيءَ ٽيھارو گام ڀڄي ويو. مـُڙي مون ڏي نھاريائين. وٺي ٽھڪ ڏنائين، ”آ ته خبر پوي! “ پوءِ ته ” مـُلان ، مـُلان “! ڪري وڌيڪ چيڙايائين.
    ھڪ ڏينھن نيٺ مون کيس ٿڦ ھڻي ڪڍي. پھريائين ته وائڙو ٿي ويو، سمجھه ئي نه پيس ته ڇو ائين ٿيو. سندس کاڏي ٿورو جنبش ۾ آئي، چَپ ٻاھر نڪتا ۽ .... ھـُو ڏاڍو رنو .... پئي سڏڪا ڀريائين. مون کيس اڳي به وڙھندو ڏٺو ھو. کيس ڪو ماريندو ھو ته ھي به گاريون ڏيندو ھو، بُجا ڏيندو ھو ۽ پري ڀڄي پٿر ھڻندو ھو. ماءُ ۽ ڀاءُ کي به پٿر ھڻندو ھو. مون کي نڪي گاريون ڏنائين، نڪي ڀڄي ويو. بيٺو رھيو ۽ رئندو رھيو. مـُلان الله اڪبر چيو. مان نماز پڙھي موٽيس ته به پئي رنو. مون گھڙي کن بيھي کيس ڏٺو. ھن ٺونٺ آڏو ڏيئي پنھنجو مـُنھن لڪائي ڇڏيو. منھنجي دل ۾ ٿي ته جيڪر مون سان به وڙھي، ڀڄي ۽ پٿر ھڻي!
    ٻئي ڏينھن وري ساڳي ڪار. ٻاھر نڪتس ۽ خميس رڙ ڪئي، ”آ مـُلان! “ ۽ وٺي ڀڳو. خبر نه آھي ھن کي مـُلان کان اھڙي نفرت ڇو ھئي. پھر سج ڌاري مان خميسي جي گھر وٽان لنگھيس. ڇنل کٽ تي اس ۾ پراڻيءَ رليءَ ھيٺيان ويڙھيو سيڙهيو پيو ھو. ماڻس ڇيڻا ڪڍندي چيو، ”مال وٺي موٽيو آھي ته ٻيڻو ٿي ڪِريو آھي، ٽُڪر به نه کاڌائين. مھيني کان ٻيئڙ ٿو اچيس، مـُلان نورل کان ٻَڌايو به ھو مانس!“ مون به رلي مٿي کڻي ڏٺو. انھيءَ ڦاٽل ڪوٽ ۾ پيرين اگھاڙو خميسو پيو ھو. سندس ڪارو رنگ اڃا به ڪاراٽجي ويو ھو. اکيون ڳاڙھيون ۽ مغز باھه. سندس کليل وات مان گجي ٿي وھي. اکيون ڦري ويون ھئس ۽ سندس اڇا سھڻا ڏند ڀوائتا ٿي لڳا. مون دانھن ڪئي، ماڻس ڀڄندي آئي.
    پڻس کي گھرايو ويو اسپتال ڇھه ميل پري ھئي. ڊاڪٽر خرچي به وٺندو ھو، ڇوڪر گهڙين جو مھمان ھو. مون پنھنجو ڪوٽ لاھي مٿانئس وڌو. ڪيڏي نه ھمدردي!
    خميسي کي مـُلان وھنجاريو، ميرو ڪوٽ لاھي نئون ڪپڙو ويڙھيو. مون عطر به آندو. سندس ننڍڙا ڏند اڃا به ٿڌ جي شڪايت ڪري رھيا ھئا. کيس سڌو سنئون کٽ سمھاريو ويو. سڀني قطار ٻڌي ۽ مـُلان اللھ اڪبر چيو.
    مون وارو ڪوٽ مـُلان کنيو.
    ٻئي ڏينھن خميسي جو ننڍڙو ڀاءُ مھر وٺيو بيٺو ھو. کيس اھو ئي خميسي وارو ڪوٽ پيل ھو.


    لاري

    شل نه ڪنھن کي لاريءَ جو سفر پلئه پوي. ھڪ گرمي ٻيو گُهٽ! مٿان وري ماڻھن جي پيھه پيھان! دانھون پئي پيون. ”او لاريءَ وارا! يار ھَل ساھه ٿو نڪري!“ ماڻھوءَ مٿان ماڻھو، پگھر پئي وھيو. لاريءَ جي ڇت تي به ماڻھو ھئا. صوبيدار صاحب اڃا ڪونه آيو ھو. خدا خدا ڪري ھـُو صاحب تشريف فرما ٿيو ۽ ماڻھن جي پيٽ ۾ ساھه پيو. لاري ھلي. ڪجھه ھوا لڳي، لوڏن تي ڪجھه خلاصائي به ٿي. باقي مٽيءَ جا به ڪڪر ھئا. ناسون ئي ڀرجي ويون.
    اڳئين خاني ۾ وھڻ به ڏاڍو شرف وارو آھي. پويان خانا گھٽ درجي وارن لاءِ آھن. سڀڪو پيو چاھي ته مان اڳي ھجان. پوءِ کڻي پيٽرول جي دٻي تي ويھجي. جي ڪنھن واقفڪار کي اڳيان جاءِ ملي ويئي ته پٺيان ويٺل جو ڪنڌ شرم کان ھيٺ ٿيو وڃي. ڪو ته ڦڪائي کان چوندو ته، ” ڇا ڪجي يار! مڙيئي مسافري ته ڪرڻي آھي تون ته ٿئين زور.“ ائين شرم کي پرچايو ڇڏين. غريب ته پاڻھي وڃي پٺيان ويھن.
    آفيسر ته ھڪ چوري، ٻيو سينه زوري، اڳيان جاءِ نه ملين ته مشير نامو ٺاھين. ڀاڙو ته سندن سالا به ڪونه ڏين.
    لاريون پراڻيون، رستا آلو نور. ائين پيون لڏن جيئن ڪجاوا. پاسا پيا ڀڄن. آنڊا وات ۾ اچيو وڃن. چِيڪلي واري چين چين به ھلي اچي. ھيٺائين ۽ مٿانھينءَ تي ائين پئي لُڏي ۽ لمي جيئن ڍڪي زئفان. اڌ ڊزن معتبر بيگر ۾ کنيو ھلي، باقي بيمار سيمار، زئفون ۽ ٻار ڇڏيندي ھلي. پيٽ ڀريائي، پاسينگر ٽيڻا، ڀاڙا ٻيڻا. لارين وارا ڍئجي پيا آھن. ماڻھن کي سھولتون ڏين ڇو؟ رھائي پکائي وارا آھن. ڪَڙي ڪاموري سان رسائي اٿن، باقي ڪاڻ ڪنھن جي ڪڍن؟
    اسان جو پھريون پگهر ويو سڪي. جهولي اچي ورايو، جنسي باھه ٿي ٻري. ڄڻ ته کوري مان ڄَر ٿي نڪتي. ڪَن ٿي سڙيا. خشڪيءَ اچي کنيو. چمڙي ٿي ٽِڙڪي، پاڻيءَ لاءِ ساھه ٿي نڪتو، ڳيت نه آئي. نڙي ۾ ڄڻ ته کڙا ۽ ڀتر ٿي کڙڪيا. جهاڪن ۽ جهوٻن آنڊا اکيڙي وڌا.
    خبر تڏھن پئي، جو لاري چيڪٽ ڪري بيھي رھي. شل نه ڪنھن سان اھڙي ٿئي، پنچر ٿي چڪو ھو. سو به سڃ ۾. ھڪ جهولي جو لڳاتار حملو، ٻيو ڪلر جي تپش! توبه، الله ڏئي بندو سھي. وڻ نه ٽڻ. ڪانوَ جي ٿي اک نڪتي. جهولو به سمنڊ جي لھرن وانگر پوٺي تان ڪڙڪاٽ ڪندو ٿي آيو. ”سرڪار ويچاريءَ جو ڪھڙو ڏوھه!“ لوڪل بورڊ جي ھڪ ميمبر صاحب چيو، ”وڻن جو خرچ به منظور ٿيل آھي، ۽ پھريدار به رکيل آھن.“ اسان کي پنھنجي بورڊ کان شڪايت ڪانھي. ھنن ته پنھنجي فرض ادائي ڪري ڇڏي ھئي! باقي رھي اسان سان تعدي، سا ته اسان جي اعمالن جي شامت ھئي! پر يار جي ٿا ھٿ پير ھڻي ڪو ممڻ مچايون ته موچڙا ٿا کائون. چي، ”اوھين ته ڪي ڦڏئي آھيو!“ چڱو سائين، پر اھي الزام به ڪيستائين؟ موچڙا به ڪيستائين؟ نيٺ ته ديڳ تپندي. نيٺ ته اسان جو وارو به ايندو. نيٺ ته ڪاري ڏاند جا مالڪ به ايندا. ٽيھئي راتيون ڪو چور جون ڪونه آھن. اوھان جي به اوڻٽيھين آھي. دکي دکي نيٺ ٻري. رجهي رجهي نيٺ ٻڙڪي. ھلڪي سلڪي ٻاڦ به جبل ڦاڙيون وجھي.
    جهولي لڱن ۾ چوچڙي وجھي ڇڏي. سج جنسي ساڙيو ٿي. نڪا اوٽ نڪو اجھو. لاريءَ جي پاڇي ۾ سوڙھا ٿياسون. ڪن ته ويچارن ھڪ ٻئي کي ئي ٿي اوٽ بنايو. شڪر جو ڪڙيو ويجهو ھو. پاڻي پي پيٽ ٿي ڦاٽو، پر اڃ لھي ئي نه. مس وڃي ڦَٽيل پير جي ملم پٽي ٿي، ۽ اسان جي اميدن جو مرڪز نعرو ھڻي اڳتي وڌيو. ھڪ گرمي، ٻيو پاڻي جو اوٻر، ساھه جون نليون ڪم ئي نه ڪن. ھوا ڄڻ ته آڪسيجن ھئي ڪانه. ملڪ پاڻي ئي پاڻي، کارو ڪلر اٺو پاڻي. ڳوٺ جھڙا ٻيٽ، زمينن جو ته منھن ئي ڪارو ٿي ويو ھو. رڳو ڪي ڪي ٽڪر رتل ھئا، باقي سڀ ٻاڙو. ڪَنگ ڳچيون ڪڍيو ويٺا ھئا. سيڪ ته نه ھو! بس سيلاب ھو، ڪُميون پي رستي تي آيون، ويون. ابا خبر تڏھن پئي جڏھن ھڪ ٻارڙو، ڪُوڻيون ھٿ ۾ ڪيو، رستي جي ھن ڀر ڀڳو. لاري به سرڙاٽ ڪندي ٿي ويئي. بريڪ ته مورڳو ھئس ئي ڪونه. پتو تڏھن پيو جو شپڪو ٿيو. ابھم ويچارو اڏامندو، بولاٽيون کائيندو، وڃي پاڻي ۾ ڪريو. لاريءَ وارو لاپرواھيءَ سان ڌوڪيندو ويو. ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونه ھو. صوبيدار ڏٺو ته ٻوھڻي ٿي وڃي، سو ڪچيون گاريون ڏيئي لاريءَ کي موٽايائين. ٻارڙو صفا ٻَڙھه ٻُٽ پيو ھو. پر سرڪار کي ان جو الڪو ڪونه ھو. مئو ته سودو ھٿئون سڻڀو ٿيندو. ڇا جي اسپتال، ڇا جو علاج! باقي مشير نامي جي وٺ وٺان ٿي ويئي. گار جي رئي پي پئي. لاريءَ وارن سان ڪَن ڦـُسڙاٽ به ھلي آئي. مشيرن کان زوريءَ صحيحون ورتيون ويون. سڀ ڪو ڊڄي چوي، ”ڪورٽن جا رولڙا ڪي سُٿرا ته ڪونه آهن، پوليس سان ڦِٽائڻ به چڳو نه آهي“ ڪُوڙيون سچيون صحيحون ڏنيون ويون، ڪلاڪ لڳي ويا. ٻارڙو پيو رھيو. سندس ماءُ پيءُ اچي ويا. ويچارن ڪِيھون ٿي ڪيون. گاريون انھن کي به مليون. دڙڪا، دھمان، ڏاڙھي پٽ. ويچارن صوبيدارن کي پلاند وڌا، چي، ”اسان کي ٿاڻي تي نه رول، اسپتال ۾ ٿاٻا نه کاراءِ، اسين غريب ٻچڙيوال، ڊاڪٽرن ۽ ڪمپائونڊرن کي منھن ڏيڻ جي سگهه ڪانه اٿئون. ھَـڙ به ڦُرايون، ڦڪي به ڪانه ملي. اسان جي ٻچي جو لاش نه رولاءِ، بچي پيو ته واھه واھه، نه ته کَٽي اسان جي قسمت! ڪورٽن جا ڀاڙا خرچ ڪٿان آڻينداسون؟ ششدار ۽ نائڪ جو وات مٺو ڪرائڻ جي وسعت ڪانه اٿئون. ماجريٽ جي به ڏائڻ لڳا ويٺا آھن. اسين مِشڪين ڏتڙجي وينداسون، ابو ٿيءُ! “ وڏيرو وچ ۾ پيو، انھيءَ سان به ڪَن ڦـُسڙاٽ ٿي. ريڙھه پيڙھه ٿي. نيٺ صوبيدار صاحب آنا ڪاني ڪندي، ٻئي ڌريون ڦـُري، اچي لاريءَ ۾ جاءِ نشين ٿيو. الٽو ٿورو به مٿان ٿڦيائين.
    لاريون ڀڳل، رستا ڦِٽل، نه وڻ نه ٽڻ، مٿان مڏيءَ ڪاتيءَ سان ڪوس، ھڪ ننڍي نيٽي کان رھيو نه ٿيو. چي، ” يار وزير وڙا پنھنجا ته به ھھڙو ويل!“ ھڪ ڳوٺاڻي سندس ھٿ کي وٺي زور ڏنو. چي، ”زور آوار! ڀانڊو ئي نه ڦوڙ. وڏيرا، وزير واپاري، ڳالھه مڙيئي ڳنڍي پئي اٿئي! “ ائين چئي کڻي اک ڀڳائين.
    ڳوٺاڻا تھه تائين پھچي رھيا ھئا. لچائيءَ جا بخيا تيزي سان اڊيڙي رھيا ھئا. سڀني کي وات ۾ مڱ، ”گونگو پاڻي نيٺ ٻوڙي!“ مان مشڪي ويٺس. سج لھڻ وارو ھو، اچي ھڪ ڳوٺڙي کي اوڏو ٿياسون. ڪتا به ڪافي دلير ٿا ٿين. ھاٿيءَ جيڏيءَ لاريءَ تي ٽٽي پيا. ڪِن ته منھن ۾ چڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪيس. شابس ھجي ڪتن کي ڀونڪي ڀونڪي ڪيڏو نه سبق ٿي ڏنائون! ننڍڙا ٻارڙا آواز ڪندا، اُڪير مان ڀڄندا آيا. ڪي اگھاڙا، ڪي رڳي چولڙن ۾، ڀرسان اچي مٿن تي ھٿ رکي بيھي رھيا، ڪي وري چولڙن جي پلون کي ھيٺ مٿي ڪري لوڏڻ لڳا. مردن ۽ زائفن ڪم ڪرڻ کڻي بند ڪيو. ڪِن ته ويٺي ئي ڪر کڻي نھاريو. پوڙھين، مٿي ڏي ھٿ ورائي، رئي کي اڳڀرو ڪيو. ننڍين، نظرون چورائي پي نھاريو. ڪي ته بيباڪ ٿي، دوناليون سامھون ڪري، بم جھلي بيٺيون رھيون. ڇا جي ھٻڪ، ڇا جو حجاب! ڪير ٿو ڪنھن کي سڃاڻي. ھت حياتيءَ جا اھڃاڻ جهلڪي ڏيئي رھيا ھئا. مٽيءَ مان ۽ ٻوٽن مان، سرھاڻ ٿي آئي، انھن قديم سنڌين جي، جي ھزار سالن کان مھراڻ جي ماٿريءَ ۾ لوڙائو ڳائيندا، نڙ وڄائيندا، ڌمال ھڻندا، ’ھو جمالو‘ نچندا، ڳاڙھي ڳئون پاليندا ٿي آيا. صدين کان ھنن پي اپايو ۽ نپايو. کين سڀ گُر ياد ھئا. جهار جهرڪي، سُوئر سھي، ڦورو لٽيري کي ڄاڻندا سڃاڻندا ھئا. وٽن کانڀاڻيون ھيون، ڏَڦا ھئا، ڪھاڙيون ھيون. ساوا ساوا کيت ھيج مان پي ل ڏيا ۽ لميا. مخلوق جو خالق اڳيان لاڏ ۽ ناز! ڳوٺاڻن جي ڪاميابيءَ جي پڪي ۽ پختي نشاني! ھُـو ته پشتان پشت اپائيندڙ ھئا. ڀلا ڪير ھوندو جو اپائيندڙ کي مِٽائيندو؟ اجايو کل خراب ڪندو، مٿو ڦوڙيندو. ھي ته آب حيات جا چشما ھئا، جتان سڀني سرڪون ٿي ڀريون. جي انھن کي سڪائيندا سي پاڻ نرھه ٿيندا. ھو ته خالق آھن. مخلوق وارا محنت جا مالڪ! انھن کي ڪپڻ وارو ڳاٽي ڀر ڪرندو، مڻڪو ٽٽي پوندس، چپ لڙڪي ايندس. وڻ جون پاڙون آھن.
    اتر جي گُهٽ ۽ ھوا بنھه بند. ھڪ مٽي ٻيو پگھر. بدن ۾ ڪسمرو ۽ چِڪ چِڪ. لاري بيٺي ته ھلڻ جو نانءُ نه وٺي. مٿان مڇرن جو حملو، اصل روڙي کڻي رک. ڳوٺاڻن پاڻيءَ جا وٽا ڀري ڀري پيا رھيا. مڇرن کي ته ٽاري نٿي سگھيا. لاريءَ ڪري گذاري. انڌ جي گھوڙي تي سوار، اکيون ٻوٽي، بوجھه کڻندي، حرام سٿيندي، پرائو پگھر ڪڍندي، ڌوڙ اڏائيندي، انڌيءَ مک وانگر، واءُ مٿي ۾، وڃي ٻوھي ۾ پئي. پنھنجي ئي بار ھيٺ ڪنجھڻ لڳي. سڀ ڪنھن کي ساڙ، اندر ۾ اڌما، اکين ۾ الا. سندس ئي اٿاريل ڌوڙ، باھه جو ڀڀڙ بڻجي کيس وڪوڙي ويئي. دريون بند ٿي ويس، متيون منجھي ويس. پوءِ ته ڇتي ٿي پئي. تيئن وٺي تک ڪيائين. ويئي چٿيندي ۽ چڀيندي، ڀڀڙ ويو وڌندو. سندس ڊگھي رسي، تيزيءَ سان ننڍي ٿيندي وئي.
    گگھه اونداھي، حال بڇڙا، منھن ۾ ڌوڙ ، لڱ لڱ ٿي ڏکيو، پر اچي گهر ڀيڙا ٿياسين ته ڏاکڙا ئي لھي ويا. صبر جو ڦل مٺو! رضا ٿي راضي.
    ... پر سڀاڻي ساڳي لاري ۾ موٽڻو ھئم. منھنجو ته ھنيون کاڄي ويو. باھه وٺي ويم. ڀانيم ته انھيءَ ’صبر‘ ۽ ’رضا‘ کي ڳٿڙ کان وٺي وڍي ڪُٽي، چُورڻ ڪري، کڙين ھيٺيان چيڀاٽي ڇڏيان. رڳن ۾ چوچڙيون ٿي دکيون. لٽا لاھي، لنگوٽ ٻڌي، ميٽ ٿڦي کوھه تي آيس. نار ڦيٿي وانگر ٿي ڦريو. خالي لوٽيون ٻڏي ٻڏي، ڀرتو ٿي ٿئي نڪتيون. حرام جو ھمت ھارين، مالھه ۾ ٻڌجي، پاڻ ۾ گڏجي قرب سان اڳتي وڌيون. ٽمٽار ٿي، طاقت وٺي، مٿي اڀريون. ھڪ ئي ناليءَ ۾ کڻي پنھنجون سڀ قوتون وڌائون. اوجل شفاف پاڻي، اڳتي وڌي سڄي کيڙيءَ تي ڇانئجي ويو. ڀينڊ ۽ ڦوڙ ڳري پھت ٿي ويا. لس ئي لس ٿي وئي. وٺي گل ڦل ٽڙيا، چوڌاري سڳنڌ ۽ سرھاڻ ٿي وئي. سڀني لاءِ ھڪ جھڙي، ھڪ جيتري!


    پِشـُو پـاشـا

    رياست جي عدالت عاليه جون شوخ ۽ ڪرڙيون ڀتيون، شھر کان پري ٽڪريءَ جي ڀرسان اڏول ٿيون بيٺيون ھيون. عمارت جون ڊگھيون پٿريليون ڀتيون، ويڪرا چپٿرا منارا ۽ وڏا شاھي در، ٺھرائيندڙ جي ارادن ۽ منصوبن جو پورو پورو نقشو چٽي رھيا ھئا. ٽڪريءَ جي اوچائي، عمارت جي بي رخي ۽ وچ واري پوٺي جي رکائي ڄڻ ته پاڻ ۾ ٻٽ ٿي، ڄاڻي واڻي ھن انصاف جي گھر کي عام بستيءَ کان ڇني ڌار ڪري رھيون ھيون. ويتر ڪارو لوھي ڪڙن وارو غير ملڪي جهنگلو ڄڻ ته مڪون الاري دڙڪا ڏيئي رھيو ھو.
    ھن عدالت عاليه ۾ ملڪ جي قانون جي ڀڃ گھڙ ڪري چِٻي، چِٿي، فتوائون ثابت ڪيون وينديون ھيون. ھت قانون جي تشريح ٿيندي ھوئي. قانون کي وٽ- وڪڙ ۽ وَر ڏنا ويندا ھئا. اھي چٻيل، چٿيل ۽ مروٽيل سروٽيل قانون معصوم شھرين جي مٿان پنجوڙ وانگر اڇلايا ويندا ھئا. لوھي جھنگلي ۾ جڪڙيل ۽ پٿر جي ديوارين ۾ بند ٿيل دماغن جا گول مول جملا ڳوٺڙن، ماٿرين ۽ چراگاھن جي کليل ھوائن ۾ ڏنڊي جي زور سان ھلايا ويندا ھئا. عدالت عاليه جي چوٽين مان اھي قانونن جا زنجيرن جي نڪري، وڃي ملڪ جي سرحدن ۾ کپندا ھئا ۽ سڄو ملڪ زنجيرين جي ڪڙن ۾ جڪڙجي لوھه ٿي ويندو ھو.
    اڄوڪي ڏينھن عدالت عاليه جي ٻاھران حشام ماڻھن جا اچي گڏ ٿيا ھئا. ڊگھين ڏاڙھين ۽ ڊگھن وارن وارا ٽاڪرو جوان، ڄڻ ته الائي ڪٿان اچي ڪڙڪيا ھئا. گرم ھوا ۽ لَڪ جي ڪري سڀني جون ٻُٽون ٻڌل ھيون. سندن اکيون ڳاڙھيون ۽ سندن زبانون خاموش ھيون. سندن اندر ۾ اڌما ھئا. ڪوسي جھولي ور ور ڪري عدالت عاليه جي ڀتين سان ٽَڪر پئي کاڌا.
    ان ڏينھن”جا بلو شينھن “تي ڪيس ھلڻو ھو. سچ پچ به شينھن جھڙو مڙس ھو. ڊگھو ۽ قداور، لڱ مروڙ، رڪ جھڙو چيڙھالو. سندس ڏاڙھي، مٿي ۽ مڇن جا وار ڪڪا ھئا. سندس سڄي بدن تي ڀُوري بَجِ ھئي. مائٽن سندس نالو ” پِشـُو “ رکيو ھو، پر جابلو ماڻھو کيس ” پِشـُو پاشا“ ڪري سڏيندا ھئا. سندس ڇاتي ويڪري، ٻانهون مضبوط ۽ ڳچي مضبوط ۽ ڳچي ڀريل هئي؛ ٽنگون جهڙا پيل پاوا، سندس ڪارين اکين مان شوخي، ضد، ارڏائي، صاف گوئي ۽ لاپرواھي ظاھر ظھور ڇُلڪي رھيون ھيون.
    عدالت ۾ غير معمولي چرپر ھئي. سپاھين جي اچ وڃ، ھٿيارن جي ڇڻ ڇڻ، قانون دانن جا ڪارا جبا ۽ اڇا ڪالر- ڀوتن وانگر اچ وڃ لڳي پيئي ھئي. پوليس عملدار، شاھدن کي وري وري سمجھائي ۽ سيکاري رھيا ھئا. عدالت جي ڀتين جي اوٽ ۾ سڀني جي سامھون کليو کلايو، دڙڪن ۽ دٻاون جي ڌم ۽ اکرن جي ڀڃ ڊاھه ٿي رھي ھئي. ڏٺو وائٺو ثابتيون ٺاھيون ۽ بنايون ٿي ويون. قانون جا رکپال قانون کي مروڙي ۽ گُهٽي رھيا ھئا. ائين ٿي ڏٺو ته عدالتي مشينريءَ جي ھڙني پرزن انصاف کي ڪھڻ لاءِ ٻڌي ڪئي ھئي.
    جج صاحب واري ٿلھي تي، وڏي گنبذ ھيٺيان، ھڪ وڏي اڌ گول ميز رکيل ھئي. ان جي پٺيان ھڪ ڊگھي، ٽيڪ واري ڪرسي، جنھن جي مٿان فضليت ماب جو فوٽو ٽنگيل ھو. ميز تي وڏن وڏن ٿلھن ڪتابن جون ڍِڳيون ۽ ڀر وارن ڪٻٽن ۾ اڪيچار ڪتابن جون قطارون ھيون. اوچتو چوبدار ”خبردار“ پڪاريو- ۽ ھڪ ننڍڙو سنھڙو جج ھڪ ننڍڙي بند دروازي مان نڪري، وڃي ڪرسي ۾ پيو، ڄڻ ته ڪرسي ۽ ميز سندس بدن کي ڳڙڪائي ويون ھيون، ۽ ڪتابن کڻي ڳٿڙ کان جھليو ھئس. ھن اکيون مچڪائي، ھيڏي ھوڏي نھاريو، ڪجھه ڪاغذ اٿلايا ۽ ” پِشـُو “ کي مخاطب ٿيو، ” ڇا، توسان ناحق آھي؟ ڇا ڦاسايو ويو آھي؟“ پِشـُوءَ کي ڄڻ ته باھه وٺي ويئي. ٽپو ڏيئي اٿيو- چي،“ ناحق آھي توسان، ڦاٿل آھين تون! “جج صاحب کان ڌرڙي نڪري ويئي، ڄڻ ته سندس راز فاش ٿي پيو ھو. وائڙو ٿي جوابدار ڏانھن ڏٺائين، ڪتابن ڏانه ڏٺائين، فضيلت ماب جي فوٽوءَ ڏانهن ڏٺائين، عدالت جي ڊگھين ديوارين ڏانھن ڏٺائين، ۽ ان ننڍڙي دروازي ڏانھن ڏٺائين جتان پاڻ ڪُئي وانگر نڪتو ھو.
    پِشـُوءَ جي اھا ننڍي ھوندي کان ئي عادت ھئي، جيڪي چئبو ھوس، سو وري ڦھڪائي ڏيندو ھو ۽ وري ان جي ابتڙ ڪري ڏيکاريندو. ننڍي ھوندي کيس چوندا ھئا، ”تون شڪر گنج واري چوٽيءَ تي اصل ڪونه چڙھي سگھندين!“ بس پِشـُو چڻنگ ٿي ويندو- چي، ”تون ڪونه چڙھي سگھندين!“ پوءِ ته سڀني جي ڏٺي، ڇلانگ ڏيندو، ريڙھيون پائيندو، لٽڪندو، وڃي چوٽيءَ تي پھچھندو ھو. وري سھڪندو لھندو، لھڻ سان لُوھه ڪيو، ان ماڻھوءَ تي ڪاھيو ايندو. ڀائيندو ته کيس دسي، ڪيرائي، گُهٽا ڏيئي، چوي ته ”ڏٺئه! تون ڪونه چڙھي سگھندين!“
    سندس اٿڻ ويھڻ، کائڻ پھرڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ سڀ کھرو ھو. جيڪي آيس، منھن تي وھائي ڏيندو. مڙڻ وارو مڙس ئي نه ھو. ھڪ دفعي، ھتو تتو، رئيس گل خان جي اوطاق وٽان لنگھيو. اُڃ کان ساھه ٿي ويس. نه ڪيائين ھم نه تم، سڌو وڃي رئيس جو گلاس کنيائين. سڀني گھڻو ئي ”متان! متان“! ڪيس، پر ھيءُ يار ٻه ٽي گلاس چاڙھي ويو. اتي ئي گلاس اونڌو ڪري چيائين ته”ادا ڇو، ڪو چُھڙي جو گلاس ھو ڇا؟“
    پِشـُو قدرت جي ھڪ اڻ گھڙيل تخليق ھو. ننڍي ھوندي کان ئي ڇيڳرو، الڙ ۽ ارڏو ھوندو ھو. ھو پھاڙن ۾ ڄائو ۽ پھاڙن ۾ پليو، بس پھاڙ ھئا، پٿر ھئا، ۽ پِشـُو ھو. اُڀا اُڀا جيئرا جاڳندا پَـھڻ. رڍون ۽ پِشـُو به ڄڻ ته چرندڙ پرندڙ پھڻ ھئو. پھڻن جي پيٽ مان نڪتل تازا ٻچڙا! پھڻن جي اوٽ ۾ ۽ پھڻن جي مٿان وتندا ھئا ڊوڙيندا ۽ ٽپندا. ائين ٿي معلوم ٿيو ته پھڻ، پِشـُو ۽ رڍون ھڪ ئي شئ ھئا، ھڪ ئي ھوا ھئي، ھڪ ئي زمين، ۽ ھڪ ئي پاڻي- جنھن ھزارن ورھين کان ھن ماٿريءَ ۾ ماڻھو، مال ۽ اَن پئي پيدا ڪيا.
    پِشـُو ائين وڌيو جيئن ڪو خشڪ جابلو ٻوٽو پٿرن مان ڦاٽي نڪتو ھجي. ڳاڙھو پٿريلو رنگ، ڀورا جھنڊولا وار. گليليءَ سان وتندو ھو پٿر چُٽيندو ۽ ٻٽير ماريندو، ھڪ جيڏن سان وڙھندو ليٽندو، ليٿڙندو ڀڄندو ۽ ڊوڙيندو. ڏسندي ڏسندي، جوان ٿي ويو ته به جھڙو ٻار!
    پِشـُوءَ جي ذري ذري مان زندگيءَ جا آثار پيا ٽپڪندا ھئا. اصل ماٺ ڪري نه وھندو. ڪنھن کي چَڪ، ڪنھن کي چھنڊڙي، ڪنھن کي رھڙ، ڪنھن کي چھڙ. پيو اڇلون ڏيندو ۽ ڇلڪندو. سندس اکيون پيون چمڪنديون ھيون. پورھئي مان مزو پيو ايندو ھوس.
    رحمدل به ھڪڙوئي ھو. پاڻ ڏي مھڙ ھونديس، ته جھٽ پشيمان ٿيندو. ھڪ ڏينھن ماءُ کي گھٽ وڌ ڳالھيائين. پوءِ ته ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو. سڄو ڏينھن گھر نه آيو. وتيو لَڪن ۽ ٽَڪرن ۾ ھلندو. لڙيءَ اڌ رات جو گھر آيو. ماڻس اوسيڙي ۾ چلھه تي ويٺي ھئي. چلم ٺري ويئي ھئي. پِشـُو ماٺ ماٺ ۾ چلم تيار ڪري، نڙ آڻي ماءُ کي ڏنو ۽ ڀر ۾ ويھي رھيس. ماڻس سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي ۽ پِشـُو سندس پاسي ۾ سمھي پيو.
    پِشـُوءَ پيار به ڪيو. رئيس جي نياڻيءَ گلناز سان. اکيون چار ٿي ويس. سندس لڱن ۾ سيسراٽ پئجي ويا. ڳلن ۾ ڪوساڻ ۽ وار وار ۾ لَھس. بت بنجي ويو. زندگيءَ وھڪرو جو سندس لڱن ۾ پيو سرڪندو ھو، يڪا يڪ بند ٿي ويو. ھن جي طبعيت جو وٺ پڪڙ وارو طوفان ويڙھجي سيڙجي، ننڍڙو ٿي، وڃي ڪنھن ڪنڊ ۾ لڪو. ڏينھن جا ڏينھن، اڪيلو ئي اڪيلو، بستي کان ٻاھر سڪل وڻن ھيٺيان خشڪ گاھه لتاڙيندو وتيو. سياري جون ٿڌيون ھوائون ۽ اجڙيل کيت کيس ھمدرد ۽ ھم خيال معلوم ٿيا.
    ھڪ ئي ڌڪ سان جبلن جي چوٽين کان ٿيندو، تارن جي دنيا ۾ اڏامڻ لڳو. ڄڻ ته ڪو ازل جو آواز کيس اڃا به اڳڀرو سڏي رھيو ھو. ماٿري ۽ نھر ۽ کيت ۽ خود پِشـُو سڀ ھيٺ پٿرن ۾ ئي اٽڪيا رھيا. پر سندس ٻيو ڪجھه ھوائن ۽ آسمانن ۾، ستارن کان ٿيندو، مٿي ئي مٿي، اڏامندڙ رابيل وانگر، حسن جي طرف، بنا اٽڪ، لس ئي لس، ترندو ويو. پِشـُوءَ جي ھن اڏند کٽوليءَ کي سندس سنگتين ڇڪي ھيٺ آڻي، حقيقت جي ڪنڊن سان زمين جي تھه تي جڪڙي ڇڏيو. کيس ٻه ٽي ٿڦون وھائي ڪڍيائون. چي، ”گندي اوڍي وڃي گھر ويھه! “ پِشـُوءَ جا نشا ئي ٽٽي ويا. ڳھر لھي ويس. ڪاوڙ مان وڏيون وڏيون ٻرانگھون ڀريندو، اچي رئيس جي حويليءَ وٽ نڪتو. وجھه وٺي گلناز جون ٻئي ٻانھون کڻي جھليائين. چي، ”تون منھنجي آھين.گلناز جون پياسي اکيون، ڊگھا ڊگھا ساھه ۽ ڍرو ڍرو بدن، پِشـُوءَ جي ھر سوال جو وڻندڙ جواب ھئا. پِشـُوءَ جي آسماني پيار واري اڏامندڙ رابيل پويان پير ڪيا. سندس سڳنڌ ھوا ٿيندي وئي. سندس نرم ۽ نازڪ پکڙا ڪومائجي ڇڻندا ويا. باقي سڪل ڏانڊي اچي پٿرن ۾ پيئي، جنھن کي وقت جي ڳوري ۽ کھري چڪيءَ پيھي ماري دنيا جي ذرن ۾ ڳوھي ۽ ڳاري ڇڏيو. پِشـُوءَ جي پٿريلي طبيعت وري اوج تي اچي ويئي. گلناز وٽان موٽي، ڪنهن جون ٻانهون مروٽيائين، ڪنهن کي جهلي ڌونڌاڙيائين ۽ ڪنھن کي ڪلھي تي کڻي ڦيريون پارايائين. پنھنجي سنگت سان وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي کليو، سندس ھڪ ھڪ ٽھڪ سان ڄڻ ته غم جو ھڪ ڄميل ٽڪرو اندر مان نڪري، ڦھڪو ڪري، وڃي ٿي پٽ تي پيو. رئيس جي، شروع کان وٺي، پِشـُوءَ سان ڪانه پيئي ھئي. پِشـُو ھر وقت پيو پنھنجين سنھڙين ڀورين مڇن کي وٽيندو ھو. رئيس کي ڏاڍا جڪ ايندا ھئا. چي، ”ڀاڙي. بيڪار، تون ڪھڙي لاٽ جو پٽ آھين، جو وتين ٿو مڇون وٽيندو! “پِشـُو ڀڙڪو ڏيئي اٿيو، چي، ”ڀاڙي آھين تون! بيڪار آھين تون! “ پوءِ ته ھنگامو مچي ويو. پِشـُوءَ تي چڙھي ويا. پِشـُو به ٻن چئن کي سٽيندو ڪٽيندو نڪري ويو.
    رئيس ھاڻي ڦوڪون ڏيڻ ۽ ڏنگ ھڻڻ لڳو. ڪنھن کي ٻَڌائڻ، ڪنھن کي مارائڻ ۽ ڪنھن کي لڏائڻ، آزار مچي ويو. صدين جي بيٺل سماجڪ پاڻيءَ ۾ رئيس جي ٿاڦوڙن ڌپ مچائي ڏني. پِشـُوءَ پنھنجي ساٿين کي انھيءَ ڍونڍ کان ڪڍي ٻاھر ڪيو. چي ”ھڏ ھڻون اسين، پٺيءَ اگھاڙي رھون اسين ؛ پوءِ به اسين ڪميڻا ۽ رئيس چڱو مڙس؟ چڱا مڙس اسين آھيون، رئيس ناھي! “ پِشـُو نه ڊڄڻو ھو، نه سست. رئيس جيستائين سنڀري ئي سنڀري، تيستائين پِشـُوءَ ڪيترائي اڙٻنگ جوان پنھنجي پاسي ڪري ورتا. نئون خون ۽ نوان امنگ! چي، ”کيت اسان جا آھن، ڪاريز اسان جا آھن. اسين سڀ ڪجھه آھيون. اسان جي آڏو ڪو نه اچي! “
    رئيس باھه ٿي ويو. پوڙھا پوڙھا وائڙا ٿي ويا. ھٿ ٺوڪي پئنچات گڏ ٿي. مـُلا فتوا ڏني. چي، ”اوھين ڪافر آھيو. توھان جي جنازي نماز جائز ناھي. توھان کي غسل ڏيڻ روا ناھي!“ نوجوان سڀ اٿي کڙا ٿيا، چي، ”ڪافر تون آھين، غسل تو کي نه ايندو!“ وڏيرڪي پئنچات پَتن جي ماڙيءَ وانگر ڊھي، وڃي پَٽ پيئي.
    رئيس باھه ٻاري ڏني. اناج کڄي ويا. گھر سڙي ويا. کيت اجاڙ ٿي ويا. مائون ۽ ٿيندڙ مائرون ٿڌيءَ ڇانو مان ڪڍي، لُڪ ۽ لوءَ جي حوالي ڪيون ويون. بس ائين ئي ”نظام حيات“ کي اکوڙيندڙ، پنھنجي اکوڙڻ جو سامان پيدا ڪيو. انڌا ڌنڌ، تڪڙو تڪڙو- وڏي بي چينيءَ سان. پوڙھن پِشـُوءَ کي ٺاھه لاءِ سمجاھيو. پِشـُو خفي ٿي، ٻئي ھٿ کڻي کوليا، چي، ”اڃا به ٿا چئو ته رئيس چڱو مڙس آھي؟ ڪنھن سان ٺاھه ڪجي! ڇا تي ٺاھه ڪجي!“
    پِشـُوءَ حڪومت جو سھارو وٺڻ چاھيو. سوچيائين ته ڪا انڌير ننگري ته ڪانھي! نيٺ به ته ملڪ ۾ قانون آھي. کيس اميد جو ڪرڻو نظر آيو. ھن شھر وڃڻ جي پڪ ڪئي.
    پِشـُو پھريائين سڌو لالي محمد دين وٽ ويو. ھـُو حاجي ھو ۽ حافظ ھو. ڳوٺ وارن کان پيشگيءَ تي اناج ۽ مکڻ وٺندو ھو. پِشـُو کانئس قرض گھريو، پر لالو صفا چڙي ويو. چي، ”اوھين لاھي پائي بي حياءَ ٿي بيٺا آھيو. نه ننڍ وڏائيءَ جو ادب، نه چڱي مڙس جو لحاظ. رڳو ڏنڊي جي زور تي ليڪو لنگھي ويا آھيو. ڪير اوھان چورن ڌاڙيلن کي پئسو ڏيندو!“ پِشـُوءَ جا تاڪ لڳي ويا. اندر ئي سڙي ويس. ڏند ڪرٽي، لوڙھه کڻي اڀي ڪيائين. چيائين ته ”چور! ڌاڙيل! بي حياءَ، تون جڏھن ھتي آيو ھئين تڏھن تو وٽ ڇا ھو؟ “ لالو ڏڪڻ لڳو. جھٽ ڏھين ڏھين جا ٻه نوٽ ڪڍي کڻي پِشـُوءَ جي ھٿ ۾ ڏنائين. پِشـُوءَ نوٽن کي مروڙي سروڙي کڻي لالي جي منھن ۾ ھنيو، ۽ پويان پير ڪيائين. سوچيائين ته ھن ڪم ۾ پئسا پنھنجن کان ئي وٺبا، نه ٻين کان. ھڪدم ٻه چار رڍون ڪاھي شھر روانو ٿيو.
    پِشـُو اتي پھتو جتي گند جا ڍير، ڪارخانا ۽ دونھان، شور ۽ غل لڳو پيو ھو. گھٽيون ۽ رستا ايترا، جو پتو ئي نه پوي ته ڪٿان آيا ۽ ڪاڏي ويا. نه وري ڪو پورو ڏس ئي ڏئي. ھر ڪو پنھنجي شخصيت ۾ ئي وچڙيو پيو ھو. سڀڪو وٺ پڪڙ ۽ ڀڃ ڀڄان ۾ پورو. ائين ٿي ڏٺو ته ڪنھن وڏي مڪار ۽ چالاڪ کيڏاريءَ، ڪنھن خاص ۽ ناپاڪ مطلب ڪاڻ، ھن سڄي شھر کي، انجڻ وانگر ٿي ھلايو، جنھن انجڻ جا پرزا ۽ ڪلون، ھي موڳا ۽ بي جان ماڻھو ھئا. انجڻ جي رٽ ۽ کٽ کٽ ۾ ڦري، جڏھن ھي انساني نٽ ۽ بولٽ طاقت ڇڏي، گرگهلا ٿي پئي ويا، ته مشين جي تيز رفتارمان ٽٽي، زور سان وڃي ٿي پٽ تي ڦھڪو ڪيائون. جتي چِٻا ٿي ڪٽجي ڪنا ٿي پئي ويا ... پِشـُو اچي ھڪ نام ڪٺئي ليڊر وٽ نڪتو. کاڌيءَ جا ڪپڙا، کاڌيءَ جي صدري، ڪاري عينڪ ۽ لڪڻ ھٿ ۾، فرينچ ڪٽ ڏاڙھي، ڄڻ ته سرٽيفڪٽ تي مھر. مٿان ڪڇ ۾ ٿيلھو، ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ. ڪمرو سھڻو سينگاريل ۽ درتي ٽانگو ھڪيو حاضر. پِشـُوءَ ڀانيو ڪنھن غلط ھنڌ اچي نڪتو آھيان. اڃا اڳڀرو وڌيو ته ليڊر صاحب واڪو ڪري کيس ٻاھر ترسڻ لاءِ چيو. نيٺ کيس اندر گھريائين. حال احوال وٺي، کيس لمبو ليڪچر ڏنائين. چي، ”ميمبر ٿيو. شاخ قائم ڪيو. چندو گڏ ڪيو. ننڍن کاتيدارن سان ٺھي ھلو. ڏسو نه، اوھين سڃا آھيو، اڻ ڄاڻ آھيو، بکيا آھيو، بي وس آھيو... “ ۽ الائي ڇا ڇا چئي ويو. پِشـُو ڪجھه نه سمجھي سگھيو. نيٺ ليڊر صاحب کيس دلداري ڏيئي، ٻاھر ترسايو. چي، ”درخواست لکائي وٺ. مڙيئي چڱي ٿيندي!“ پِشـُو اڃا ٻاھر ئي ويٺو ھو، ته رئيس گل خان اچي ٺڪاءُ ڪيو. بنا ھٽڪ سڌو اندر ھليو ويو. ليڊر صاحب کيس کلي کيڪر ڪئي. ياراڻا ٽھڪ ڏنائون. رئيس سئو روپيه چندو ڏنو، جو ليڊر صاحب جي صدريءَ ۾ غائب ٿي ويو. پِشـُو سٽ ڏيئي اٿيو، ڏند ئي ڀڪوڙجي ويس. چيائين، ”ڀاڙي! سڃو! بکيو! بي ايمان! “
    پِشـُو ھڪ وڪيل وٽ ويو. وڪيل صاحب ننڍو نيٽو جوانڙو ھو. پئي مشڪيو. چي، ”يار اسين ته پيٽ جا پوڄاري آھيون. اميرن مان ٽڪا ڪونه وٽينداسون. اڻ پڙھيل ۽ اٻوجھه ئي اسان جو شڪار آھن. ھي گلم ۽ غاليچا سڀ ٺڳيءَ جو ٺاھه اٿئي. ملڪ جي قائدي موجب تنھنجي ڪابه مدد ڪانه ٿي سگھندي. في ڏين ته ڪوڙو ڪيس ٺاھي ڏيانءِ. پوءِ کٽي تنھنجي قسمت. اوھان جي مصيبت، اسان جي ڪمائي. ٻي مدد مون وٽ ڪانه اٿئي. نڪو مان واندو آھيان!“ ڪيڏي نه مڪاري ھئي ھن جي صاف گوئيءَ ۾! خود فريبيءَ جي انتھا! جھل جو ڇيھه! پِشـُو چپ چاپ اٿي کڙو ٿيو.
    بي دليو، ڍرڪندو، رِڙھندو اچي ھڪ ٻئي وڪيل وٽ نڪتو. وڪيل صاحب اڌيڙ عمر جو ھو. سندس ڪٻٽن ۾ قانون جي ڪتابن کان وڌيڪ مارڪس ۽ لينن جا ڪتاب ھئا، فلسفي ۽ ادب جي ڪتابن جي ڍير. ھن جا ڀرون البت مٿڀرو ڇڪيل ھئا. سندس نرڙ ۾ ھر ھر گھنج پئي پيا. سندس مٿو اڌ تائين گنجو ھو.ھو سنھو سڪڙو ھو.
    ڳالھايائين ٿي، ته نظرون ھيٺ ٿي ڪيائين. ھر ھر ھٿ پئي مھٽائين. اندر جي اڻ تڻ ماس ئي ڪوري ويئي ھيس. سندس ٿڪل ۽ گھنجيل اکيون نااميديءَ، بيوسيءَ ۽ موجھاري جا دٻا ھئا. پِشـُوءَ جي ڳالھه ٻڌي، ڄڻ ته خفي ٿي ويو. ڊگھيون سنھيون ٻانھون ڪري ميز تي رکيائين. ٻنھي هٿن کي موڙي، واڇن کي ھيٺ ڀرو ڍرڪائي، کڻي سوال ڪيائين، ”پوءِ ڇا ڪجي؟ “ گھڙي کن وات کليل ئي ڇڏي ڏنائين. ” پوءِ گھڻو ئي ڪجھه چئي ويو. چي، ” اوھين اڻ پڙھيل آھيو، اڻ ڄاڻ آھيو، ڪجھه نٿا ڪيو. پڙھڻ کان سواءِ ڇا ٿيندو؟ اوھين ناسمجھه آھيو. اوھان تي ظلم ٿيندو رھندو، امير جو غريب تي، ڏاڍي جو ھيڻي تي. ھيءُ قاعدو آھي. اوھين مظلوم آھيو، چريا آهيو، ھيڻا آھيو ... “ پِشـُو، ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. سندس اکين ۾ شرارت ڀرجي آئي. ٻئي تريون ميز تي کوڙي، ديو وانگر وڪيل صاحب جي مٿان ٿي بيٺو. وڪيل صاحب ھيسجي ڪرسيءَ ۾ جھڪي ويو. اکيون مچڪائي پِشـُوءَ ڏانھن ڏٺائين. پِشـُو ساڻس اکيون ملائي چيو ته، ” چريو آھين تون! ھيڻو آھين تون! ظلم آھي توسان! “اديب صاحب جي ٺوڙھه ۾ ڄڻ ته ڪنھن مترڪا ھڻي ڪڍيا، ھڪ... ٻه... ٽي. ھـُو ڪرسيءَ ۾ ڍرڪندو ويو . ڪنڌ لوڏي لوڏي ڪتابن کي ڏٺائين. ڏانڊيءَ جھڙين رڳن ۽ سڄيل ٻانھن ڏانھن ڏٺائين، ڄڻ ته خاطري ٿي ڪيائين. پوءِ اڃا به ڪرسيءَ ۾ جُهڪي ويو.
    پِشـُوءَ کي ڏاڍي بڇان آئي. ھيانوَ تي تور ٿي پيس، ڄڻ ته الٽي پئي آيس. گھڙيءَ کن لاءِ دل شڪستو ٿي پيو. خيال ڪيائين ته ھيءُ ليڊر، وڪيل ۽ آفيسر سڀ رئيس سان ملت آھن. دانھن ڪنھن کي ڏبي ؟ سوچيائين ته، ” ٻين تي ڀاڙي اسين ته پاڻ تي ظلم پيا ڪيون. ظالم اسين پاڻ آھيون ... “پِشـُو اھو سوچي ڏاڍو خوش ٿيو. ڄڻ ته ڪو سچو ھيرو لڌو ھئائين. سندس دماغ تڪڙو تڪڙو ڪم ڪرڻ لڳو. ” ھي رئيس ۽ ليڊر ته رحم جوڳا آھن، پنھنجي کڏ پاڻ پيا کوٽين. “پِشـُو سوچيندي، سوچيندي، شھر جي ٻاھرئين حصي ۾ اچي نڪتو، جتي رڳو ڪارخانا ھئا. ھن شور ٻڌو، ڏٺائين ته ھزارين غريب اٿي کڙا ٿيا ھئا، سندس ھٿن ۾ جھنڊا ھئا، مترڪا ھئا ۽ پانا. ھـُو نعرا ھڻي رھيا ھئا. سندس اڳواڻ ھڪ ٿڳڙي پوش ھو، ھُو بلند آواز سان چئي رھيو ھو، ” ھنن ڪَلن جو ساھه اسين آھيون، ھنن ڪارخانن جو روح اسين آھيون؛ اسان جو پگھر موتي ٿو ٺاھي. اسان جو پورھيو املھه جنس آھي. موڙي آھي، سرمايو آھي. اسان جي گڏيل طاقت اڻ کٽ آھي، جا ڪِن ڪچري ۽ اڻ پوريءَ ورھاست کي لوڙھي ۽ ٻوڙي ڇڏيندي ... ! “
    پِشـُوءَ جي ڇاتي ڦوڪجي ويئي. سندس نسون ڦنڊجي ويون. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. ڄڻ ته ڪو نئون ٿڌو نوراني ڪرڻو سندس بدن ۾ پيھندو جذب ٿيندو ويو. پِشـُو اتي ڏينھن جا ڏينھن رھي پيو. نين اميدن ۽ نون امنگن سان ٽمٽار ٿي، ھو ڳوٺ ڏانھن واپس وريو.
    پويون سج پٿرن، کيتن ۽ ڳوٺن کي ڳاڙھو ڪري رھيو ھو. پِشـُو ھڪ ڇپ تي چڙھي بيٺو. ڳوٺاڻن جا ڊنب سندس چوگرد بيٺا ھئا. پِشـُوءَ جو وار وار کڙو ھو. چوڌاري ڦري ڏٺائين. سندس ھٿ ۾ لٺ ھئي. وٺي جو ان زور ڏنائين، ته اڌ مان ڀڄي پيئي. ڄڻ ته اڏوھي کاڌل پراڻو نظام ٽڙڪو ڏيئي ٽٽي پيو. پِشـُوءَ ٻئي مٺيون مٿي کنيون، ” ڇا اوھين ھيڻا آھيو، چريا آھيو، بکيا آھيو، بيڪار آھيو؟ ياد رکو اوھين انسان آھيو! اوھان درياھه موڙي ڇڏيا. اوھان ٽَڪر ٽاڪي ڇڏيا. اوھان پٿرن مان ان پيدا ڪيو. اوھان ٺوٺ زمين کي اکيڙي، کانئس زوريءَ گل ۽ ٻوٽا ڄڻايا. اوھان جبلن جي پيٽ مان پاڻي ڊوھي ڪڍيو. اوھان جنھن تي وار ڪيو، تنھن ڪنڌ نوايو. فرشتن اوھان کي سجدو ڪيو. قدرت اوھان جي ٻانھي آھي. اوھان پورھيت آھيو، پيدا ڪندڙ آھيو. پورھيو بادشاھه آھي. اٿو ته اسين واڳون وٺون. اُٿو ته ونڊ ورڇ ڪريون. اچو ته سڀني کي خوشحال ڪريون، اچو ته ٺار ۽ ٿڌڪار ڪريون، اچو ته اَن ۽ ميوي جا انبار لڳايون، اچو ته مائرن ۽ ٻچن کي بي اونو ڪريون، اچو ته انسانيت جي واڌاري جي دڳ کي صاف ڪيون، ڪنڊا ۽ ڪرڙ پٽي اڇلايون. اسان جي آڏو ڪو نه ايندو. جيڪو ايندو ڪک پن ٿي ويندو، لڙھي ويندو. اسين ڪڏھن نه ھٽنداسون. اسين ڪڏھن نه مرنداسون. ڇو ته اسين ماڻھو آھيون، پورھيت آھيون! “
    ڳوٺاڻن ۾ سيءُ پئجي ويو، سندن رت ۾ وِلولو ھو. پِشـُوءَ جو ھڪ ھڪ جملو سندن بدن ۾ نئين نئين خون جي پچڪاري ھڻي رھيو ھو. ڪيترائي اڙٻنگ جوان اچي پِشـُوءَ جا ٻانھن ٻيلي ٿيا. پِشـُوءَ جي آڏو راھون کلي پيون. ھيءَ نئين چڻنگ واچوڙي وانگر وچڙندي وئي. جابلو جوانن جا جٿا پِشـُوءَ سان ملندا ويا. غارن ۽ چرن ۾ ھٿيارن جي جهنڪار لڳي ويئي.
    ھڪ اونداھيءَ رات جو، ڊگھي ۽ ور وڪڙ غار ۾ ساٿين صلاحون ڪيون. منجھائن ھڪ الڙ جوان ھو، جنھن کي مس مڇن جي ساول ۽ ڏاڙھيءَ جي ريھه لٿي ھئي. سندس ھٿ ۾ گراٺ ڦر واري چمڪندڙ ڪھاڙي ھئي. ڪنڌ ھيٺ ڪيو، ھڪ ڀتيءَ ڪاٺيءَ جون ڇيتيون پئي لاٿائين. ٽيڏيءَ اک سان نھاري چيائين ته ”دير ڇاجي آھي؟ رئيس جي سسي...! “ ائين چئي ڪاٺي ڪپي ٻه اڌ ڪيائين. چي، ” گهر ۽ گدام رڳو ھڪ تيليءَ جو کاڄ آھن. “ سڀني وٺي واھه واھه ڪئي. پِشـُوءَ جي نرالي طبعيت کي اھا ڳالھه اصل نه وڻي. چھڙ ڏيئي سڀني کي چپ ڪرايائين. ڪڙڪو ڪري چيائين ته ، ”ڇا اسين به رئيس آھيون، جو کيت ساڙيون ۽ ماڻھو ماريون؟ اسين نه خوني آھيون، نه ڌاڙيل آھيون. ڇو پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻون؟ “
    پِشـُو آرام سان ماڻھو گڏ ڪندو رھيو ۽ طاقت وٺندو رھيو. کين سمجھائيندو ۽ سيکاريندو رھيو. جدا جدا ماٿرين جا جوان پِشـُوءَ وٽ ايندا رھيا ۽ نوان امنگ ۽ نوان خيال کڻي پکڙندا رھيا.
    گلناز ڀانيو ته پِشـُو بس سندس ئي پوڄا ڪندو، پر ويچاري تڙپندي رھي. ڏينھن جو اميد ۽ رات جو انتظار. ھن پِشـُوءَ تي حق ٿي ڀانيو. ھن ئي ته پِشـُوءَ جي ٺوٺ دل ۾ پيار پيدا ڪيو ھو! ھن نٿي ڄاتو ته اھو پيار وڌي ھڪ چشمو بڻجي چڪو ھو، جنھن مان ڪيترن ئي اجڙيل غنچن سرڪيون ٿي ڀريون. ويچاري نياپا موڪلي موڪلي ٿڪجي پيئي. پِشـُوءَ نه اچڻو ھو، سو نه آيو. کيس پِشـُوءَ جا اکر ياد پيا. ” نازو، اچ ته دنيا کي پيار ڪرڻ سيکاريون! “اھي اکر سندس ڪنن ۾ وڄڻ لڳا، ” نازو اچ ته دنيا کي پيار ڪرڻ سيکاريون! نازو بيتاب ٿي، اٿي. واقعي ضرورت ھئي دنيا کي پيار سيکارڻ جي! ھوءَ وڃي پِشـُوءَ ۽ سندس ساٿين سان ملي.
    پِشـُو ۽ نازو، عورتون ۽ مرد، اتساھه ۽ امنگ سان، ماٿرين ۽ گھرن کي گلزار ڪرڻ لڳا. گڏجي اپائڻ لڳا ۽ گڏجي کپائڻ لڳا. وڏيرپ ۽ وڏائي واءُ ٿي ويئي. پورھيتن جي پئنچات اڳتي وڌڻ لڳي. پئنچاتي دڪان ۽ پئنچاتي اسڪول کلي ويا. ڪٻٽي ۽ ڪشتي، ملھه ۽ ونجھوٽيءَ جا مقابلا ٿيڻ لڳا. سندن چھرا چمڪڻ لڳا ٻارڙا کلڻ ۽ کيڏڻ لڳا. سادن سودن ماڻھن جي ھڪ سادي سودي اڏاوت کڙي ٿي ويئي. پورھيتن وڏي اتساھه سان ھيءَ اڏاوت جوڙي ھئي، جنھن ۾ ٿڌيون ھيرون ٿي لڳيون ۽ کنڊون ۽ کير ٿي ورھايا. ھنن پنھنجن شخصي نفعن کي ڪٽي، ڌمڪ ھڻي، ھن اڏاوت جي پيڙھه کي پڪو ۽ پختو ڪيو ھو. ان جو گارو، پگھر ۽ پيار سان ٺاھيو ھو. انساني محبت ۽ ٻَڌيءَ جي ھن سادي ۽ سھڻي ڪوٽ سان رئيسن گهڻا ٽڪر ھنيا، پر ڳوٺاڻا پنھنجي ھن تخليق جي بچاءَ ۾ سر ڏيڻ لاءِ تيار هئا. سچ ته تخليق مئي ته خالق مئو. نقش مُئو ته نقاش جي ڇا ڪندو؟ گهر ڊٺو ته سرون ۽ سروٽا ڪيئن رھندا. رھي ڇا ڪندا.
    حيوانيت ڦٿڪڻ ۽ ڇڙيون ھڻڻ لڳي. وڏيرن ۽ وياج خورن، نانگن ۽ سانڊن وانگر ڳوٺاڻن جي ٻڌل ڪوٽ ۾ ڏرڙ ۽ کوٻڙا کوٽڻ گھريا، پر پِشـُو ۽ پئنچات سندن ڏند ٽوڙي ڇڏيا ۽ چنبا ڀڃي وڌا. ڀلا ڪير پنھنجي بھشت مان نڪري پرائي دوزخ ۾ ويندو! رئيسن ھٿ پير ھلائي ڇيھه ڪيو، ۽ نيٺ وڃي شھرن ۾ پناھه ورتائون. پِشـُوءَ جي طاقت ويئي وڌندي ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ويا سندس پيار ڀرئي پيغام جي لپيٽ ۾ ايندا. ماٿريون سبز ۽ سايون ٿي ويون. اناج ۽ ميوا جام ٿي ويا. پيار ۽ امن جون ھيرون ٿي لڳيون. انسانيت ٽڙندي رھي.
    اخبارن وڏيون وڏيون سرخيون ڏنيون. ماڻھن ’جابلو شينھن‘ جا ڪارناما وڏي دلچسپيءَ سان پڙھيا. اديب ۽ عوامي ليڊر کيس ھيرو سڏڻ لڳا. رئيسن، سيٺين ۽ سندن حڪومتي ٻالڪن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. چي، ”پِشـُو باغي آھي، چور آھي، ڌاڙيل آھي، ڪافر آھي!“ رياست جو جاسوسي کاتو وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويو. ائين اچي مڙيا، جيئن مکيون ڍونڍ تي. نوس نوس شروع ٿي ويئي. ھر خوشبوءَ کي خطرناڪ سڏيو ويو. ڪوڙيون رپورٽون موڪليون ويون. ويچارا رپيو روز کڻندڙ سپاھي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھيا، ڇا ٿي ڏسي سگھيا. ڪاغذي رپورٽن جي ڍِڳين مان ھڪ وڏي خيالي بدبدو ٺاھي، منھن بنائي، فوجي ڪارروائيءَ جو حڪم ڪيو ويو. مڪار ۽ ڪانئر نوابن پيار ۽ محبت جي ڪوٽ کي ڪيرڻ لاءِ ڀائرن کي ڀائرن سان ويڙھايو. پنھنجا پنھنجن سان ٽڪريا. وطن جا فوجي ڀائر ھڪ ھم وطن ڳوٺاڻي تي پلٽجي پيا. بي ضمير اخبارن وري به وڏيون سرخيون ڏنيون ۽ فوجي ڪارنامن جي ساراھه ڪئي.
    پِشـُو بي خبر نه ھو. ھن کيت ۽ گھر ساڙائڻ نٿي گھريا. ھو کيتن جو ۽ ڦلن جو، مائرن جو ۽ سندن ٻچن جو رکپال ھو. ھن ڳوٺ وڃي مٿي لاھن تي ٻڌايا ۽ پوءِ پنھنجا ساٿي وٺي اڳڀرو وڃي لڪ جھلي بيٺو. رات جو وڳڙو، ڪاري ٻاٽ اونداهه ، پھاڙ ۽ پھڻ، پِشـُو ۽ ڳوٺاڻا، صدين جا ساٿي ۽ پراڻا حال ڀائي، ھڪ ٻئي جو ڏڍ ۽ اجھو ٿي ھڪ ئي دشمن جي مقابلي لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا. جبلن ۽ ماٿرين جا اپايل جوان، رائيفلون کڻي پھڻن کي ڍال بنائي ڇپي ويھي رھيا.
    آڌيءَ رات جو رياستي فوج اچي لانگھائو ٿي. جابلو جوانن ڌوڙيو لائي ڏنو. انسانيت ۽ حيوانيت جو ٽڪر ٿيڻو ھو سو ٿي ويو. صدين جا خشڪ پٿر رنڱجي لعل ٿي ويا. فوج ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو. ھو ڀڳڙن وانگر ڀُڄڻ لڳا. انسانيت اڏول، بلند ۽ مٿاھين رھي. خريد ڪيل جسم، جسم جي ئي بچاءَ ۾ محو رھيا. لڪي ڇپي، پھڻن کي آڏ بنائي، سر جو سانگو رکي جوابي حملو ڪري ڏنائون. ڇتي ويڙھه ڇڙي ويئي. فوجي بم پٿرن کي پٿون ڪري رھيا ھئا. گولين جي بوڇاڙ ۽ دونھين جا ڪڪر ھئا.
    ڳوٺاڻي نازو، پاڻيءَ جي کلي ۽ بارود جو ٿيلھو کنيو، پٿرن ۽ پھڻن تي ڊوڙندي ٿي رھي. ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ، ھر ھر ڦري پِشـُوءَ وٽ ٿي آئي ۽ وري ڪنھن زخميل جي دانھن تي ڀڳي ٿي ويئي. گولين جي مينھن ۾ سندس ھمت ۽ ھمدردي، سادگي ۽ سونھن، پيار ۽ فرض، کنوڻ وانگر تجلا ڏيئي رھيا ھئا.
    گهمسان جي لڙائي ھلي رھي ھئي. پويون پھر ٿي چڪو ھو. پورھيت پورھيتن سان وڙھي رھيا ھئا. مزورن جو ٺاھيل بارود مزورن کي ساڙي رھيو ھو. سندن مشترڪ دشمن، ڪارو ۽ ڪوجھو، وڏين ڏاٺن وارو، شيطان مثل، دونھي جي ڪڪرن ۾، کڳيون ھڻي رھيو ھو. نٿي ڄاتائين ته کارائيندڙ ۽ ڍڪائيندڙ ھٿ کي، نانگ وانگر ڏنگي رھيو ھو.
    پِشـُوءَ پنھنجو بارود خلاص ٿيندو ڏٺو. ھن پنھنجا مُٺ جيترا ماڻھو مرندا ڏٺا. کيس کيت بچائڻا ھئا. مائرون ۽ آئندي جون اميدون بچائڻيون ھيون. انسانيت جو جھنڊو اوچو رکڻو ھو. نئون نياپو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻو ھو. انسانيت جا پيغمبر سلامت رکڻا ھئا ۽ جنگ جاري رکڻي ھئي. سڀ ڳالھيون ڳڻي، ھن ھٽڻ جو حڪم ڏنو. رڳو ٿورڙا ساٿي پري پري ڪري بيھاريائين، جي رائفلون ڇوڙيندا رھيا. جيئن دشمن دوکي ۾ رھي. ٻيا ساٿي، خاموشيءَ سان زخمين کي کڻندا، غارن ۽ چُرن ڏانھن روانا ٿي ويا. ھاڻي اٺ نو جانباز وڃي بچيا. پِشـُو اشارن سان ھڪ ھڪ کي واپس موڪليندو رھيو. نيٺ وڃي ٽي ڄڻا رھيا. پِشـُو، نازو ۽ سندن ھڪ ويجھو دوست شيرل. ٽيئي ساٿي لاڳيتو جدا جدا ھنڌن تان گوليون ڇوڙيندا رھيا. رات، دونھون ۽ بارود جي باهه ! ٿڪ، زخم ۽ اُڃ ! پِشـُو، نازو ۽ شيرل وڙهندا رهيا ۽ هٽندا رهيا. اوچتو بارود ڦاٽو، چمڪاٽ ٿيو ۽ پِشُو بولاٽي کائي ڪريو. نازو ۽ شيرل ڀڄندا ويا. سندن گوليون ڇُٽڻ بند ٿي ويون. فوجي سپاهي زور ۽ شور سان وڌڻ لڳا. پِشـُوءَ جي زخمن مان رت ٺينڍيون ڪري وھڻ لڳو. نازو وائڙن وانگر ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳي. آڱرين سان وھندڙ رت کي روڪڻ لڳي. وقت تيزيءَ سان سُسي رھيو ھو. پِشـُو ٽيڪون ڏيئي اٿي ويٺو. ھن آخرين نياپو ڏنو. چي، ”جنگ جاري رکجو، ڪارخاني وارن سان ضرور ملجو، فوجن ۾ پنھنجو پيغام موڪلجو!“ فوجي سپاھي مٿي چڙھي رھيا ھئا. باهه جو درياھه وھي رھيو ھو. پِشـُوءَ نستن ھٿن سان بندوق کڻي پٿر جي ٽيڪ تي رکي. ھو مشڪيو. چي، ”نازو تون وڃ!“ نازوءَ جي زبان بند ۽ نڙي خشڪ ھئي. سندس اکيون ڦاٿل ۽ چپ ٿورا کيل ھئا. ھوءَ پئي سھڪي. ڪنڌ سان تڪڙو تڪڙو نھ، نه ڪيائين. پِشـُوءَ رائفل کڻي ٺڪاءُ ڪيو. چي، ”مان به اچان ٿو!“ ھو وري مشڪيو ۽ شيرل کي آڱر سان اشارو ڪيائين. شيرل، نازوءَ کي ڪرائيءَ کان جھلي، مٿي جبلن جي چوٽيءَ ڏانھن ڀڳو. پِشـُوءَ جي روح کي جھٻي اچي وئي. ڀانيائين ته سڏ ڪري نازوءَ کي پنھنجي پاسي ۾ ويھاري. نازو پٿرن تي گھلبي ۽ رھڙبي ويئي. سندس ڪنڌ پٺتي ھو، ۽ اکيون پِشـُوءَ ۾ ھيون. وڃي چوٽيءَ تي پھتا. پِشـُو پھڻ جي اوٽ ۾ گولي ڇوڙي رھيو ھو. فوج کيس وڪوڙي ويئي ھئي. سپاھي مٿس چڙھي ويا. نازوءَ ھنيانءُ ڦاڙي دانھن ڪئي . . . . پِشـُو! . . . . ڄڻ ته آسمان ڏري پيو، جبل ڦاٽي پيا ۽ مائرن ڪيھون ڪيون. نازو سٽ ڏيئي پوئتي ڀڳي. پر شيرل جو مڙداڻو ھٿ کيس جبل جي ٻئي پاسي گھلي ويو. ڪنھن اونھي کوھه ۾ پِشـُوءَ کان ڌار، اوندھه ۽ انڌڪار ۾. پٿرن ۽ پھڻن، گلن ۽ ٻوٽن، مائرن ۽ ٻچن ھڪ گنڀير ۽ خاموش ماتم ڪيو. سون پگهرندو رھيو ۽ مَٺُ اڀامندو رھيو. فوج دمبھو ھنيو، يا علي! زخميل پِشـُوءَ کي ڪنداقن سان ڪُٽيو ويو. گهٽيل ۽ ٻوساٽيل پِشـُوءَ پنھنجي آخرين چال کيڏي. چي، ”منھنجا سڀ ساٿي مارجي ويا!“ فوج پنھنجي فتح تي ناز ڪندي، دڦ وڄائيندي، پِشـُوءَ کي گرفتار ڪري موٽڻ لڳي. وڏا وڏا ڀيانڪ پربت ھزارن ۽ ڪروڙن سالن جي باھه ۽ ٻاڦ کي وڌيڪ سانڍي نه سگھيا. ڏند ڪرٽي اکيون ڦوٽاري فوجي دڦ ۽ دمبھي جي ھر ھڪ آواز جو جواب وڏي سڏ، زور زور سان چار چار، پنج پنج دفعا ڏيڻ لڳا. غوغاءُ مچائي ڏنائون. سندن گجگوڙ ماٿرين ۽ غارن ۾ ڳوٺن ۽ بستين ۾ زلزلا پيدا ڪري وڌا.
    رياستي فوج زلزلن کان بي خبر، ٽانءِ ڦونڊ ۾ ڀرجي، وڏي ٺاٺ ۽ اڊمبر سان اچي شھر پھتي. اخبارن وري به وڏيون وڏيون سرخيون ڏنيون. فوج ۾ انعام ورھايا. پِشـُوءَ جي جسم کي قابو ڪري. ڄاتو ٿي ويو ته سندس لڳايل چڻنگ اجھامي ويندي. پر اھا ته لٻاڙ ھئي، لاف ھئي، خود فريبي ھئي. چريائي ھئي. بس کرکڻي ٿيل سماج جي ڌڏندڙ ٿوڻيءَ کي چار ڏينھن جيئندان مليو. اڄ نه ڪِري سڀان ڪِري!
    پِشـُوءَ کي ڦاسائڻ لاءِ خاص جج ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا. ڪيني جو ناٽڪ ھلي پورو ٿيو. ڪارن جبن وارن پنھنجون تقريرون ڪيون. جج صاحب وڏي ڪرسيءَ ۾ ڪٽھڙي جي پٺيان وڏين ڊگھين ڀتين جي وچ ۾ ويٺو ھو. سندس چوڌاري ڪتابن جون ٿھيون ھيون. چوبدار سندس مٿان بيٺو ھو. ھو اکيون مچائيندو رھيو. ھن گھوريندڙ ڪتابن ڏانھن ڏٺو، ڪارن جبن وارن ڏانھن ڏٺو، پوليس ڏانھن ڏٺو، ۽ ڪورٽ جي ڊگھن وڏن ساڳ جي درن ڏانھن ڏٺو، ھن مجرم وانگر اکيون جھڪايون ۽ فتوا ڏني.
    ”تون ڏوھي آھين. توکي ڦاسي ڏني ويندي!“
    پِشـُو ذرو به نه لڏيو. شينھن جھڙو مڙس اٿي بيھي رھيو. ڏاڍي ٿڌائيءَ ۽ وڏي يقين سان چيائين ته ”ڏوھي تون آھين، ڦاسي توکي ايندي، مان ڪڏھين نه مرندس!“

    ٻاھران وڏي زور سان نعرو لڳو، ” پِشـُو پاشا زنده باد!“ عدالت عاليه جو لوھي جهنگلو ڄڻ ته ٽڙڪو ڪري ٽٽي پيو. سندس وڏو شاھي گنبذ ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽي پيو. ان جي چوٽيءَ مان نڪرندڙ ڪڙا ۽ زنجير ڇڄي مٽيءَ ۾ ملي ويا. انساني جوش جو اڀرندڙ سمنڊ وڏا ڪر کڻي، ٽڪر ھڻندو، عدالت عاليه جي کنڊرن مٿان ورائجي ويو.
    ڦاسي گھاٽ مان سوين ۽ ھزارين پِشـُو اڏامندا نظر آيا. سندن سر تريءَ تي ھئا. سندن ڪپڙا رڱجي لعل ٿي ويا ھئا. ويا گڏ ٿيندا. ڪارخانن ۾، فوجن ۾، کيتن ۽ جبلن جي ماٿرين ۾ ۽ غارن ۾. سندن ھٿيارن جي جھڻڪار ۽ نازوءَ جا الاپ ھوائن ۾ واچوڙا پيدا ڪري رھيا ھئا. تکا ۽ تيز واچوڙا ، جن ھر ڀُتيءَ اڏاوت کي اکوڙي ٿي وڌو؛ وڏا ۽ اوچا واچوڙا، جن زمين جي ذرن کي آسمانن تائين پھچايو.


    پـاشـا

    روز صبح سان گُگهوءَ جو ڀَوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو ، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. گَري ۽ تيل ھاڻي فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو ھو. سڄو ڏينھن ھڏ ھڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو ڪنڊن ۾ ڪِريا پيا ھوندا ھئا. ننڊ ئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ ھئي! گُگهوءَ جو بي وقتو ۽ بي ھودو حڪم کين اڌ ننڊ مان اٿاريندو ھو. اکيون مھٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا ھئا. بس ڄڻ ته ڪُئا ٻِرن مان نڪتا. اوندھه، پوسلو ۽ ٿڌ- ڪُرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گھٽيءَ مان گڙڪندا ايندا ھئا. پيا ھڪ ٻئي جي مٿان ڊھندا ۽ ٿاٻڙندا ھئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀِتيون لاپرواھيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون ھونديون هيون. مزور ويندا ھئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن ھيٺيان پئي چِڪ چِڪ ڪندي ھئي. گوڙ ۽ شور ويندو ھو وڌندو. ڦِٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. لوھي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو ھو زور وٺندو. دونھي جا ڪڪر اٿندا وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇائنجي ويندا ھئا.
    پاشا به اتي ئي رھندو ھو. سندس سڄو بدن شوخ گُهنڊيدار وارن سان ڀريو پيو ھوندو ھو. سندس ٿلھن وڏن ڀرن ھيٺيان ننڍڙيون اکيون پيون چمڪنديون ھيون. ھن جي شڪي نگاھن مان نفرت پئي اُڇلون ڏيندي ھئي. اکيون اھڙيون تيز جو ڄڻ ته ڪِرڻا پيا نڪرندا ھئس. کاڏِي ۽ چَپ مٿي ڪري، ٻوٿ بڇڙو بڻائي، حقارت مان ٿُڪ کڻي اڇليندو ھو ۽ چوندو، ”ڪُتي جو ڦر!“
    ھـُو راٺوڙ لڳو پيو ھو. ٽنگون ڄڻ ته ٿنڀا، ٻانھون وڏيون ۽ وار ٿلھا. ڪاريگر به واھه جو ھو. سڄو ڏينھن پيو وھندو. شوخ ۽ ڪَڙڪ. سڀني کان ڏاڍو ھو. مالڪن کي به کُتيون ٻڌائيندو ھو. ڊِٺ ھڻندو ته ڪم کان جواب! پيسي جي وٽس جهٽ ٻاڙائي ٿيو وڃي. پوءِ خار ۾ ھٿ پيو مھٽيندو ۽ پيو ھيٺ مٿي ٿيندو.
    ڪنھن کي ڪو نه وڻندو ھو. سڀ کانئس ڇرڪندا ھئا، جي کڻي ڪو خار باز جوان سامھون ٿيس، ته عمر لاءِ سبق سکي ويندو ھو. موڪلن ۾ ته ضرور ڪنھن نه ڪنھن سان وڙھي ويھندو. ھڻي ھڏ گڏ ڀڃي رکندس. ٻَڌي ڪري، ٽولا ٺاھي ساڻس وڙھندا ھئا. پاشا کي به جيڪي سٽ ۾ آيو، کڻي بيھي رھندو. وڏو شاھي پٿر يا لوھو ڏنڊو مٿي ڪري، ٽنگون ڦاڙي، اُڀو ٿي بيھي رھندو. وارن سان سَٿيل، مروٽيل سروٽيل ٻانھون، ٿلهي بي ڊولي ڏاڙهي، وڏو اُڀو منهن. ڍڳي وانگر ويڙهه لاءِ هر وقت تيار، ڦوڪون پيو ڏيندو. گِڦ پيئي وھنديس. نظر اھڙي تيز ڄڻ ته ڪو جھنگلي جانور ڇِتو ٿيو کائڻ لاءِ تيار بيٺو آھي. اوچتو وٺي رانڀاٽ ڪندو، ٿُڪ اڇليندو ۽ چوندو، ”ڪُتي جا ڦر!“ سندس وڏا پِيلا ڏند کڙڪندا، ڏاڙھيءَ مان ظاھر ٿي پوندا ھئا. ازغيبي ڀؤ ڇانئجي ويندو. سڀ وٺي ڀڄندا. پري بيھي کيس گاريون ڏيندا. سندس نڙيءَ مان گڙ گڙ جو آواز نڪرندو. زور سان کڻي ٿُڪ ڦِٽي ڪندو ۽ چوندو، ”ڪتي جا ڦر!“ سندس اکيون پيون ٻرنديون ھيون. ڏنڊو مٿي جھلي، اڳتي وڌندو ۽ ڀڪوڙيل چَپن ۾ چوندو، ڪير آھي جو اڄ مرندو؟ ڀلا ڪھڙو سر تان تتو ھوندو! سڀ ٽڙي پکڙي ويندا.
    ھـُو اصل ڪو نه ڳالھائيندو ھو. پوليس لاءِ، ڪامورن لاءِ، ڪارخاني وارن لاءِ - بس وٽس اھو ئي ھڪڙو جملو ھو، ”ڪتي جا ڦر!“ زال کي به چوندو ھو ته، ”ڪتي جي ڌيءُ! ڏسين نه ٿي منھنجي سٿڻ ڦاٽي پئي آھي!“
    کيس ھڪڙو چوڏھن سال جو پٽ ھو. وارن کان وٺي، کڻي مٿي ڪندو ھوس. پٽس به ھڪ ڏينھن سٽ ڏيئي، ھٿوڙو کڻي بيھي رھيو. چي، ”اڳتي وڌندين ته خير نه ھوندءِ!“ پاشا دنگ ٿي ويو. چُپ ڀڪوڙي، اکيون چنجھيون ڪري، ھوريان وک کنيائين. پٽس به ھٿوڙو تيار ڪري چيو ته، ”متان آيو آھين، مون گھڻو ئي سَٺو آھي. ھاڻي نه ڇڏيندو سانءِ!“ پاشا بيھي رھيو، رِڇ جھڙا ھٿ کڻي پٺيان ڪيائين. پاسيريون اکيون ڪري پٽ کي ڏنائين. ساھه روڪي بيھي رھيو. نرڙ ۾ گُهنج وجھي ڪنڌ لوڏيائين، ڄڻ ته ڪا ڳالهه سمجھي ويو! وٺي ٽھڪ ڏنائين، چي، ”واقعي تون ڪُتي جو ڦـر آھين!“
    انھيءَ ڏينھن زال کي چيائين ته، ”مون کان ھاڻي پائي به نه گھرجانءِ. پُٽھين تو کي پاڻھي پاليندو!“
    جوڻس ويچاري چئي ويٺي ته، ”باقي تون سو سڀئي پئسا نشي ۾ وڃائيندين!“
    ”ڪُتي جي ڌيءُ، مان کڻي يار کي ڏيان، تنھنجو ڇا؟“
    پاشا ڪا به يار ڪانه رکي، پر پُٽ جو ڪڏھين به اونو ڪو نه ڪيائين، مرڻ گھڙيءَ تائين کانئس ڪجهه پڇيائين، نه ساڻس ڳالھايائين.
    کيس ھڪڙو ئي دوست ھو. سندس وڏو ڪتو! پاشا جھڙو ئي بي ڊولو ۽ شوخ. ساڻس گڏجي ڪارخاني ڏي ويندو ھو ۽ سڄو ڏينھن در تي سندس انتظار ڪندو ھو. شام جو اُٿي، ڪَـرَ ڀڃي، اکيون پيو مِچڪائيندو، جيستائين پاشا ٻاھر نڪري. چُپ چاپ پاشا جي پٺيان لڳي پوندو. پاشا نه ڪڏھين گار ڏني، نَڪو ڌڪ ھنيو ۽ نه وري ڪڏھين مٿانئس پيار جو ھٿ گھمايائين. ٻئي خاموش ھئا ۽ ھڪ ٻئي جي طبيعتن کان چڱيءَ طرح واقف.
    موڪل جي ڏينھن پاشا وتندو ھو ڌِڪا کائيندو، ماٺ ميٺ ۾ ھڪ گُتي کان ٻئي تائين. پنھنجي ليکي ايندڙ ويندڙ جي منھن کي پيو جاچيندو. ڄڻ ته ڪنھن کي ڳولي پيو. ڪُتو به سندس پٺيان ٿلھو وارن وارو پڇ لٽڪائيندو، سَھڪندو، نوسيندو ايندو ھو. ماڻھو نفرت مان چوندا ھئا ته ”ٻئي ڪتا !“
    پاشا، شام جو نشي ۾ ٽاٽ ٿي، ٿڪجي ٽٽجي، اچي مانيءَ تي ڪِرندو. ڪتي کي به پنھنجي ٿانوَ مان گڏ کارائيندو. ويندو ھو گرهه ڳڙڪائيندو، ھڻي ڏاڙھي مڇون ڀري ڇڏيندو. جوڻس، جي ذرو به دير ڪئي ته ٿانوَ کڻي اُڇليندو. چُري پُري، سولو ٿي، ڦاٽل سوٽ جي کيسي مان دارونءَ جي بوتل ڪڍي، کڻي اڳيان رکندو. ٽنگون ٽيڙي، ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، اکيون بند ڪري، وٺي راڳ شروع ڪندو. سندس ٿلھو ۽ گَگهو آواز مٿي ۾ سُور وجهي ڇڏيندو. بي سُرا ۽ بي وقت آواز سندس منجھيل ڏاڙھيءَ ۾ پيا اٽڪندا ھئا. سندس ڳتيل ڏاڙھيءَ مان مانيءَ جا ڀور ڇنڊجي وڃي پري پوندا. ٿلھين ۽ کھرين آڱرين سان ڏاڙھيءَ کي ڇنڊ ڪو ڏيئي، وري کڻي راڳ شروع ڪندو. سندس راڳ جا اکر اصل سمجهه ۾ نه ايندا ھئا، ڄڻ ته سياري ۾ گدڙن جون اونايون. ڪـتو به سندس ڀرسان اکيون بند ڪيو پيو ڍڪر کائيندو ھو. پاشا جي اوچتي ۽ ڏاڍي آواز تي وٺي زور سان پڇ لوڏيندو. بس، جيستائين بوتل داورن ھوندو، تيستائين سندس راڳ پيو ھلندو، ۽ پوءِ ويندو ھو ڍرڪندو. ٻئي ڄڻا اتي ئي سمھي پوندا. پاشا جو موت تِلي ڦاٽڻ ڪري ٿيو. سڄا سارا پنج ڏينھن پئي ھنڌ ۾ لڇيو. منھن ڪاراٽجي ويس. اکيون بند، ڏند پيو ڪرٽيندو ھو. ڪڏھن ته مٺيون ڀڪوڙي، زال کي چوندو ھو ته، ”ڪجهه سنکيو ڏينم. زھر ڏينم، ڪتي جي ڌيءُ !“
    ڊاڪٽر مٿائنس پلستر رکيو. چي، ”آپريشن ٿيندي، کيس اڄ جو اڄ اسپتال ۾ آڻيو!“ پاشا ٻڌي ورتو. چيائين ته، ”اسپتال ۾ يا توسان گڏ جھنم ۾!“ وٺي ڏند ڪُرٽيائين، چي، ”تون اُلڪو نه ڪر، مان پاڻھي مري ويندس!“ ڪنڌ ڦيرائي چيائين، ”ڪتي جو ڦر!“ ڊاڪٽر ھليو ويو. جوڻس کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. کيس آپريشن لاءِ منٿ ڪيائين، پر پاشا ھنڌ مان ئي ٺونشو ڪڍي ڏيکاريس. چي، ”مان چڱو ڀلو ٿيس ته توسان وڌيڪ تعدي ٿيندي!“
    صبح جو پاشا مري ويو. ٺيڪ انھيءَ وقت جڏهن گُگهو وڳو ! ھـُو سفيد ڪفن ۾ سڌو سنئون پيو ھو. سندس وات کُليل ھو ۽ نرڙ ۾ اڃا به بي آراميءَ وارو شور ۽ گُهنج لڳا پيا ھئا. سندس جنازو کنيو ويو. ھن جي جنازي سان گڏ سندس زال ھئي، پٽ، سندس ڪتو ۽ ڳوٺ جا ٻه چار پينو فقير ۽ ھڪ پراڻو چور ۽ شرابي جنھن کي ڪارخاني مان نيڪالي ملي ھئي. سندس زال ماٺ ھئي. پٽس اصل ڪو نه رنو. جنھن جنازي نماز کي ڏٺو بيھي رھيو. چي، ”جوڻس جي جند ڇٽي. جھڙو ھو، اھڙو ڪتو ٿي مئو!“
    پاشا کي قبر داخل ڪيو ويو. سڀ ھليا ويا. سندس ڪتو بيٺو رھيو. تازي نڪتل مٽيءَ تي ويھي رھيو. خاموشيءَ سان قبر کي پئي سنگھائين. ڪنڌ مٿي ڪري ڪُوڪر ڪيائين. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ڪتي کي به ڪنھن ماري وڌو!
    (اصل، مئڪسم گورڪيءَ جو، روسي زبان ۾ لکيل، انگريزي ترجمي تان سنڌي ۾ ورتل)


    سِـيـنـڌ

    کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش گھر ٻاھران مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي.
    اتي ئي سندس ڀاءُ ٻاھر ھو، ابي ڄائو، امڙ جي رت مان ٺھيل ۽ کير تي تاتيل. جنھن لاءِ ننڍي ھوندي کان ”الله ڏيندو ادل کي . . .“ ڳايو ھئائين. بي غيرت ڀاءُ جنھن ’غيرت‘ مان ڀيڻ ماري ھئي، ھٿڪڙين ھوندي ائين ڳاٽ جهليو بيٺو ھئو، ڄڻ ڪوٽ کٽيو ھئائين.
    امڙ ھئي، جنھن جي رازدار ساٿڻ اڄ ڪھاڙيون جهلي، چاقن سان چِيرجي رھي ھئي. جنھن ڌيءَ جون ڪچيون ڦڪيون ساھه ۾ سانڍيون ھيون. جنھن ور ور ڏيئي کيس سمجھايو ھو ۽ سمجھيو ھو. سندس ڊڦ پيرو مڙس، جو پٻن تي ٿيڙ کائيندو، لؤڻا ڦيريندو ھلندو ھو، ڳالھائيندو ھو ته گِگ وھندي ھئس. ور ور ڪري لاش گهر ڏي ٿي ڏٺائين. رڙ پئي پيس، ’الا ! منھنجي سھڻي پنج ھزار لھندي ھئي.“
    ڍڳن جو جوڙو، ٻه جريب زمين ۽ عورت جي جند، اھا پنجوڙ جنھن ۾ نچڻي ٽپڻي تيرھن سال جي پدمڻيءَ ڄم کان موت تائين گوگهجي وئي. لِڪ لڪوٽي، ليٽ ڪبوتر، گهڻ گهڻ گهٽو ۽ ڳيچ سھرا سڀ ان پنجوڙ جي ساھه نِپوڙ، سوڙھه ۽ گهٽ ۾ گهٽجي گم ٿي ويا.” الله ڏيندو ادل کي !“ ... ۽ الله ادل کي ڍڳا ۽ ٻه جريب ڏئي ڇڏيا ۽ اديءَ جي جند مڙس جو حق ٿي وئي، مُلھه ڳِڌو حق.
    شاديءَ جا جوڙا، ھٿن کي ميندي، چانديءَ جي ٻانھين، خوشيءَ مان ھر ھر ماءُ کي چنبڙي ٿي پئي. ٻاراڻي ٽھي، شاديءَ کي ائين ٿي ڀانيائين ڄڻڪ گُڏي گُڏيءَ جو وھانءُ. مڙس کي ائين ٿي سمجهائين جيئن سندس ڀاء ُ يا پيءُ ۽ جڏھن وڃي ساڻس ستي ته آڌيءَ کان پوءِ ماڻھن سندس ڪِيڪون ٻڌيون ۽ چماٽن جا ڦھڪا.
    ٿڪل ٿڪل، پيلي، زندگي ائين ٿي وئي جيئين آرھڙ جون ٻُٽون. ھر صبح ۾ سانجهيءَ جي گُهٽ ھئي ۽ ھر سانجھيءَ ۾ صبح جو سُور ھو. نار جي لوٽي ھئي، ڳچيءَ ۾ رسو، کوھه ۾ گهوتا ۽ رات جو رينگٽ، ٻي ھزارين جي ٻانھي، سانجڻ، ٻھاري، دال، کار، گاھه، رونبو، زور ۽ زوري. سندس زنانو حسن نه ڄائو نه مئو، نه اسريو نه اڀريو.
    جڏھن ٻن سالن کان پوءِ ماءُ وٽ آئي ته ھنيانؤ ڦِسي پيس. پار ڪڍي رني. ”ادا!“ چئي ڀاڻس کي چنبڙي پئي. ڀاءُ ۽ مڙس جي فرق جو شدت سان احساس ٿيس. ٻارڙن جون ٽوليون ڏسي ٻٽا ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳي.
    اباڻي گهر سندس ٻوساٽيل روح کي آٿت، سندس جسم کي آرام ڏنو. جنھن گهر جي ڇپر ڇني ڪنڌيءَ ڪوٽ سان ٻالڪپڻو چنبڙيو پيو ھو تنھن سان پاڻ به چنبڙي پئي. روح رلي ويس، ميخ لڳي ويس. ائين ئي محسوس ڪيائين ته وري ڳائي، ”نم جي نموري پڪي، الله ڏيندو ابي کي، سو وجھندو ڌيئن کي، چنڊ ڏٺو کير مٺو!“ سندس دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ھلڪڙو آرس ڀڃڻ جي تمنا، نحيف کنوڻ وانگر اِنگڙ وِنگڙ اُڀري گُم ٿي وئي.
    ڪارونڀار ڪڪرن ۾، ھلڪڙي ھير سندس سنھڙي چولي کي سندس سيني مٿان گسڪائي رھي ھئي. عجيب انوکي ڪيفيت چولي منجھان، سيني منجھان، سندس دل ۾ سمائجي وئي. مينھن وسيو، ھوءَ بيٺي رھي. ٻارڙن جا ٽولا ڳائڻ لڳا، ”اکريءَ ۾ ڪڪڙو، مينھن آيو تڪڙو!“ چولو ساڻس چُـھٽي ويو. ھن محسوس ڪيو ڄڻ ته ھوءَ پاڻ ڪڪڙو آھي ۽ مينھن سندس جسم سان وڪوڙيو وڃي، جنھن جي گستاخ آلاڻ کيس وَڏ ڦُـڙي جي بشارت ڏني.
    اگھاڙن پٺن سان، سندس ھم عمر جوڙ ۽ جيس ميھار، مينھن بڻجي کيس وڪوڙي ويو. سندس چَپ کليل رھجي ويا. خبر تڏھن پيس جڏھن ميھار اچي ھٿ کان ورتس، ڇرڪ ڀري ڀڄي وئي.
    سندس جنسي جذبو، عين عورتپڻو، حيات جو موجب، قدر جو عجيب ۽ مٺو ڪرشمو جو وحشانيت جي ڄَـرُ ساڙيو ھو، سو پيار جي مينھن ۾ سائو ٿيو. جنھن کي چماٽن ۽ ڪيڪن ڊيڄاري دٻي دساڙي ٿڌو ڪيو ھو، تنھن کي ھٿ جي گرمائش جياري ڇڏيو. ڳلن ۾ تؤ، تَـنَ ۾ تونس، آگمجي رني. چڻگ ھئي جا جلڻ ۽ جلائڻ لاءِ نسنگ نروار ھئي.
    لوڪ لڄا، ادي جي عزت، دل جي دل ۾، ساڳيو ميھار جڏھن اڇا ڪپڙا اوڍي، وارن کي ڦڻي ڏيئي، اکين ۾ سرمو وجهي اچي لنگهندو ھو ته اکيون ھيٺ ڪري ڇڏيندي ھئي ۽ پوتي ڇڪي مٿو ڍڪيندي ھئي. بس ميھار لاءِ اھو ڪافي نياپو ھو. ھن جو من به ٽِڙي پوندو ھو ته هڪ مرد محض سندس لاءِ سينگار ڪري. سندس اکيون ھڪ ٽِڪ دور افق جي پريان وڃي کُپنديون ھيون. پنھنجيءَ باھه ۾ ڀسم ٿيڻ لڳي. جيئن روڪيائين تيئن ڀڀڙ ھئا. وري جو ڳنڍڙي مليس، خالي باڪس ۾ سُرخي، ڪجل، مصريءَ جي تَـڙ، رک جي چپٽي، ميٽ جو ذرو ته کڙي تپي آيس. ويھڻ وِھهُ ٿي آيس.
    ماءُ سان سليائين. عورت جو عورت سان سلڻ ڄڻ خالق ۽ مخلوق جو ازلي راز سلڻ ۽ سمجهڻ. ماڻس چنبا ھڻي ڪڍيس. ويڻن سان وڍيائينس، نيٺ ٻِٽ ٿي بيٺس. ڌيءُ ۽ ماءُ جو ميلاپ، ڇا نه ٿي ڄاتائون! ڇا نه ٿي سمجھيائون! حياتيءَ جي سُڪي سرءَ ۾ پَنَ ڇاڻيندي ڪڏھن ڪا سُرور جي گهڙي گهاري ھئائون، سا به ڪھاڙين جي پاڇي ۾، گهڙيءَ جي معراج لاءِ ڪنڌ ڪپائڻ، ٽھڪڙا ٽاڪوڙا، ڄڻ ته جيڪي ڏنائون ٿي تنھن کان وڌ ورتائون ٿي.
    ميھار سان ملڻ وئي ته ھِيرون ھئس ھنج ۾، ڌرتي ھندورو ھئي؛ گل ٽڙيل ھئس دل ۾. سڳند ھئس ساھه ۾. سُڌ ٻُڌ پرائي ٿي چڪي ھئي. سندس سڄي ڪائنات پرائي ھئي. وٽس پھتي ته پاڻي ٿي پئي. ھٿ وڌائينس ته هٽي بيھي رهي. ڏيڻ آئي هئي، ڏيئي نه سگهي. واسطا وڌائين، پلؤ پاتائينس، ھٿ لائڻ نه ڏنائينس.
    موٽي اچي ماءُ کي ليلڙاٽ ڪيائين، ”پلؤ آجا ڪرائينم!“ امڙ کي ٻاڏايائين. جڳ کي دانھن ڏنائين، ٻارڪاريائين، چڱن مٺن جا در کڙڪايائين. جنھن سندس جسم کي نپوڙيو ھو تنھن سان جسم ڪيئن ملائي! مٺوءَ کي ڇڏي ڏينڀوءَ کان ڪيئن ڏنگائي. ڏنگ ۽ ڏنڀ ھئس ڏاج ۾، نڪاح جي . . . سان، يا نڪاح ٽٽي يا ڪنڌ ٽٽي.
    جتي ٻنيءَ ۽ ونيءَ تي سر ڏجن ٿا، اتي نينگرين جو سودو به ٿئي ٿو. اَملھه جو مُلھه ٿئي ٿو. ھتي نينگرين جو نيلام، ست قرآن، ڪوڏين جي دام، اتي ڪير ڏئي طلاق! ڊڦ پيرو چوي، ”ڪُھي وجھو نڪاح نه ڇڏيان، ڀلي عمر کائي وڃي، ٻني ۽ وني ڪنھن ڇڏي آ !“ ٻه ٻه ھٿ پيو اڏامي. ڪوٽ جي آڙ ۾ بيغيرت جي نگاھه لڄ تي نه، لڄ جي قيمت تي. دڙڪا ، دھمان، ڏنگايون ڏاڍ، بي فرمان- ۽ ھيڏانھن ڪچي تند، نياڻي نينگري، سَرءَ جي ساڙيل سڪل پيلي وَل. جنھن جي من ۾ پھريون ڀيرو پيار جي رس ڀري ھئي. اڏول، پنھنجي حق تي قائم، سائي ٿيڻ جو حق، گُلن جي ڪڍڻ جو حق. ڪچيءَ تند ۾ حق ڇڪڻ جي ايڏي قوت ! پر ايجاب ۽ قبول جو ڌاڳو ٻن ھزارن روپين ۾ ٿلھي موٽي سنگهر ٿي چڪو ھو.
    نياڻي نينگري ڪچي تند، پر جڏھن سندس نحيف تنتن ۾ عورتپڻي جي آفاقي حق گھرڻ جي برقي قوت پھتي ته وڄ بڻجي وئي. چمڪا، چڻنگون ۽ ٽانڊا جن سندس مڙس جي اڌاري مردانگيءَ کي ڪنبائي ڇڏيو. ھو طلاق ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھن لاءِ رڳو ٻه اکر چوڻ جي دير ھئي، پر جنھن کان عورتپڻي جو حق کسيو ٿي ويو، جنھن جان جي بازي لڳائي ھئي، جيڪا اھڙو ئي انسان ھئي جھڙو مڙس، جا پاڻ مظلوم ھئي، سا بس فقيرياڻين وانگر خيرات جي محتاج ھئي. سندس لفظ ۽ ارادي کي ڪو وزن ڪو نه ھو. ڇا ته توازن ھئو ! نڪاح ٻن ڌرين جي ھڪجھڙي قبوليت ھئي، ھڪ ٽوڙي سگھيو ٿي ان کي ٽاڪئين ٺڪر وانگر ۽ ٻئي لاءِ ڳَٽ ھو ڳچيءَ جو.
    نقصان ڪنھن کي ٿي ٿيو. بازاري اگهه ڪنھن جو ٿي ڪريو. جسماني باغ ڪنھن جو لٽيو ويو ته به معاوضي جي گهر مڙس ڪئي ڪئي ۽ سڄي دنيا سندس انھيءَ حق جي تائيد ڪئي. اھو حق ايڏو ته ڪو اٽل ھو جو سندس ماءُ ۽ ڀاءُ به ھارجي ويا. قبوليت جو ڌاڳو رپين جي بار ھيٺ سوگهي سنگهر ٿي ويو. باغ جو، گلستان جو، ميوو ڏيندڙ شجر جو، ٺيڪو عمر ڀر ٻن ھزارن ۾ ! ڀيڻ جنھن ڀاءُ کان نماڻين نظرن سان صدقو گھريو، اکئين آب جاري ھو. پر سندس نير، نيئر کي ٽوڙي ڪو نه سگھيا. ڀاءُ به فيصلو ڏنو ته، ”رن ڪميڻيءَ کي ڄُنڊن کان گھلي مڙس کي ڏيو!“ جنھن ٻه ھزار مِٺا ڪيا سو مڙس مان وارو بڻيو ۽ جنھن جي جسم جذبن ۽ جان جو نيلام ٿيو سو ڪميڻو.
    اھا آخري رات ھئي، ڇيھه نا اميديءَ سندس حِس ۽ حواس سلب ڪري ڇڏيا ھئا. جڏھن ميھار اشارو ڏنس ته چار آڱريون کڻي سينڌ تي رکيائين. سندس روح ۽ جسم ھڪ قلب بڻجي ويا. جنھن کي اوڏو اچڻ نه ڏنو ھئائين، تنھن سان موڪلاڻيءَ جو انجام ٻڌائين. جسم ۽ روح جي آرتي کڻي پيار جي قربان گاھه ڏانھن وڌي ته ڀاڻس ڏسي ورتس. ڪھاڙي کڻي وريو ته ويچاريءَ جي جيئڻ جي سموري تمنا اجهڪو ڏئي موٽي آئي. پوتي لاھي ڀاءُ جي پيرن کي چنبڙي وئي، ”ادا منھنجا، مون کي نه مار!“ ماڻس به ڀڳي، وڃي قرآن کڻي آئي، ”ابا! ھي وسيلو ٿئي.“ مڙسس به رڙ ڪئي، ”جھڙي آ منھنجي آ، مون کي ڪاري به قبول، متان منھنجيءَ کي ماريو اٿئي!“
    ”چُپ ڪر ڪميڻا ڪاري آ!“
    ”ھل ڙي معتبر! تو گهڻيون ڪاريون ڪيون آھن؟“
    تيسين ماڻس به قرآن آڻي آڏو جهليس. ماءُ کي ڌڪو ڏئي پري ٿيلھيائين، لت ڀيڻ جي ڪلھي تي ڏيئي سندس مٿو ڇڏائي پري ڪيائين. ڪھاڙي کڄي ھيٺ ٿي. ڊپ ۾ ويچاريءَ ھٿ آڏو ڏنو. اول چار آڱريون پوءِ ڪنڌ. ماءُ ۽ قرآن رتو رت! ڀاءُ ۽ ماءُ گڏجي نياڻيءَ جو اڳٺ کولي سٿڻ لاٿي ڀاءُ دنبھو ھنيو.
    اسپتال جو لاش گهر، ڪپيل چوٽي، چاقن جي چر چر، ڀنگي، ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگي ڇاتي، ادي، ڀيڻ، نياڻي، ست قرآن.


    فـرشـتـو

    مان اسلام آباد ۾ ھئس. ھونئن ته ھر جِيو جنتر، پسون پکڻ، اسلام آباد ۾ آھي ئي، پر مان اسلام آباد ويو ھئس ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ رھيل ھئس. ٿڌو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، رنگين ٽي وي، ڦولدار پڙدا، فون، گھنٽيءَ تي چانھه حاضر. ٽيئي وقت مفت مانيون. سٺا سھڻا دوست. آرام ئي آرام. ڪم ڪو به نه، سواءِ تقريرون ٻڌڻ جي.
    ليٽئي پيٽئي، اوچتو منھنجي طبيعت غير ٿي وئي لوڇ پوڇ اندر ۾ آنڌ مانڌ، دل تي بار، بوجهه ، مونجهه ۽ ڦٿڪو. ساهه ٿي نڪتو. ڀرپو ناشاد، جو ھاڻي ليٽي پيٽي نفيس شيخ ٿي پيو آھي، کي فون ڪيم. پنھنجي سٻاجھي ساليءَ سان گڏ ڊوڙندو آيو. گھٻرائجي ويو. مڙس مڇڏو آھي سو ھڪدم وريو. چي ، ”ڏاھي کي وٺيون ٿو اچان!“ اسين ماڻھو ڊاڪٽر کي ڏاھو چئون.
    گھڙي دير ۾ آيو. چئي، ”قاسمي صاحب اچي ٿو!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ننڍي ھوندي تاريخ جي ڪتابن ۾ محمد بن قاسم جي تصوير ڏٺي ھئم. اگھاڙي ترار ھٿ ۾، لوھو ٽوپ، گھوڙي تي سوار جنھن جون ٻئي ٽنگون مٿي ھوا ۾. ائين ڪندي ھـُو صاحب اچي ويو. ڏاڍو پيارو ماڻھو. نديم ٿي چيائون يا نادم. پر نادم وڌيڪ ٿي لڳو. چڱي طرح سان ڏٺائين حال احوال ٻُڌائين. چيائين، ”ادبي دٻاء ُ وڌي ويو آھي!“
    چيم، ” ڊاڪٽر صاحب توھان جو مطلب آھي ته خون جو دٻاءُ وڌيل آھي. پر مان ته سالن کان خون جي گھٽ دٻاءُ جو شڪار رھيو آھيان، بس خاموش چپ ئي چپ آھيان!“ مِٺي مرڪ سان چيائين، ”خون جو دٻاءُ نه، ادبي دٻاءُ وڌيل آھي!“
    مون کي اطمينان نه ٿيو. چيم، ” اھو، وري ڪو نئون ايڊس جھڙو مرض نڪتو آھي ڇا؟“
    ”نه نه، پاڪستان ۾ ھيءَ بيماري اڄڪلھه عام آھي!“ ڪجهه ترسي چيائين، ”ان جو علاج آھي، لکو نه ٿا ته ڳالھايو، خوب ڳالھايو، زور زور سان ڳالھايو!“
    چيم، ”مان تقرير باز ناھيان!“ گنڀير ٿي اٿي کڙو ٿيو ۽ ويو ھليو. ويندي ويندي پرڀوءَ کي چيائين، ”پاڻھي ڦاٽندو!“ پرڀوءُ جو منھن سُسي ويو. چيائين، ”اسلام آباد جو وڏو ڊاڪٽر ٿو آڻيان!“
    ٿوري دير ۾ شور متو ته وڏو ڊاڪٽر اچي ويو. ھڪ وڏو جگادري قسم جو ڊاڪٽر اندر آيو. نھن کان چوٽيءَ تائين اڇو جبو، جھڙو فرشتو، کلندو مشڪندو آيو. اچڻ سان ڳراٽڙي پاتائين. مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪيائين. آٿت اطمينان ڏنائين ته خير خيريت آھي چوڌاري امن امان، مٺ محبت ۽ موسم خوشگوار آھي. چيائين، ”اٿو کِلو ڳالھايو، ھتي ھرڪا آزادي آھي، ھر حاجت پوري ٿيندي آھي!“
    مون سيني ۽ گلي تي ھٿ ڦيرايا ۽ مٿي جي وارن کي ڇِڪي ڪيفيت بيان ڪئي. چيائين، ” سٺو گھر، موٽر ڪار، وظيفو وغيره ميسر ٿي سگھي ٿو!“ چيم، ” الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آھي!“
    ”ڪھڙا ڪتاب پڙھندا آھيو؟“
    ”تاريخ، ادب، فلسفو، سياست . . . “
    ”گندا ڪتاب ساڙي ڇڏيو. قرآن پڙھو!“.
    ”ڪيئي دفعا معنيٰ سان ۽ باتفسير پڙھيو اٿم!“
    ”الله الله ڪيو، نماز پڙھو!“
    ”پنج ئي وقت باقاعدگيءَ سان پڙھندو آھيان، بلڪه شب خيز آھيان!“
    ”حج تي موڪلي سگھجي ٿو!“
    ”ڪيو اٿم!“
    ”سير ڪيو ... سوات، ڪاغان زيارت وڃو!“
    ”ھندوستان پاڪستان بلڪ ٻاھريان ملڪ به گھمي ڏٺا اٿم، روس به ويو آھيان!“
    ڊاڪٽر صاحب جو موڊ خراب ٿي ويو. چيائين، ” وڏي ڪا گڙ ٻڙ آھي، چڱيءَ طرح معائنو ڪرڻو پوندو!“ ائين چئي ٻئي ھٿ مٿي کنيائين. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. ھٿ نه پر چنبا ھئس ۽ ھيٺيان وردي پيل ھيس. مون کان زور سان چيخ نڪتي،
    ”عزرائيل!“


    مـاءُ جـي جھـولِـي

    اسين مڙوئي پراڻين خيالن وارا آھيون. بيگم صاحب ته نون سالن جي عمر کان پڙدو ڪيو ۽ در کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ ڪانه نڪتي. سنڌي وچولي طبقي جي ڪلچر ۾ رچيل. اخلاقيات کي آسماني مذھبي درجو. مجال جو ڪو ھان! ڇا؟ يا ڇو؟ چوي. جيءُ! ۽ حاضر! پئي پوندي. حجاب اھڙو جو زبان بند اکيون ھيٺ. شاديءَ کان پوءِ سڄو سارو مھينو خود مون کي اکيون کولي ڪو نه ڏٺائين.
    ھڪ ويري ٻاھر اڱڻ ۾ مان دوستن سان ويٺو ھئس. جيپ اچي اندرئين دروازي وٽ بيٺي. بيگم صاحب لھي ئي نه. اٿي ويس. برقعي ۾ ويڙھيل پر لھي ئي ڪانه! چئي، ”ماڻھو ويٺا آھن ڪيئن لھان؟“ مان کيس سرڪار سڏيان چيم، ”سرڪار مان اوٽ ڪري ٿو بيھان. توھان اڳيان ٿي لنگھي وڃو!“ اندر ٿيا سون ته پگھر ۾ شل پريشان ڪرسيءَ ۾ اھلي پئي. پڇيم، ”سرڪار خير!“ ائين چئي مون کي لڳو ڄڻ ڪپڙا ئي ڪو نه ھئم. ڪراچيءَ ۾ ته سڀڪو سُڌري ٿو وڃي. چِلمن جي پٺيان بيھڻ وارا ۽ ڪنيز جي معرفت ”ڪهه دو!“ چوڻ وارا ٽئسٽ ۽ راڪ اينڊ رول ۾ ٿڙڪندا ڏٺاسون. پر اسان سنڌ وارن جي مٽيءَ ۽ ڪلچر سان اھڙي ڪا وابستگي آھي جو ڇڄي به نه ٿا ڇڄون. پرنس ڪريم آغا خان ۽ بيگم آغا خان گورنر طرفان ڊنر جي دعوت اسان کي به ملي. شوق ۽ اشتياق ھوندي به ڪو نه وياسون. سرڪار جو خيال ھو ته ”ھيترن سارن مڙدن ۾ گھٻراھٽ ٿيندي ۽ مزو نه ايندو.“
    وري اچو صفائيءَ تي. صفائي سٿرائي اھڙي جو مک پئي ترڪندي. فرش پيا ڌوپندا ۽ اگھبا. ٻار اھڙا جھڙا گلڙا. ميرائي گدلائي اصلي نه. گند ڪچري يا رڳو مئل ڪاڪروچ تي نظر پئي ته دل پئي ڪچي ٿيندي ۽ آت اجهڪا ايندا.
    اسان وٽ بنگلي ۾ ٻه سرونٽ ڪوارٽر آھن. ھڪ ڏينھن ھڪ مائي ٻارن جو ٽولو وٺي اندر ھلي آئي. ”او بيگم صاحب غريب ٻچڙوال ھان! نڪي نڪي ٻچي ھِن، بُک پي مرندي ھِن، سارا ڪم ڪرسان!“ ھڪ مائي پاڻ گدلي ميري، ٻيو ٻار ڪارا ڪلوٽا، ميرا سِنگهر. بيگم صاحب کڻي نڪ تي ڪپڙو ڏنو. ھڏي مان چيائين، ”نڪر ٻاھر!“ مائي ”ھاءِ الله!“ چئي جيڪي سو پلٿي ماري ويھي رھي، ”ڪٿي جاوان ڪي ڪران! جهنگل ٻيل جھڙا شھر، رُل ويسان، مرويسان! معصوم ٻچان نون ويک!“ بيگم صاحب ڪرڀ ۽ ڪراھت مان نھاري اٿي آئي. مان وچ ۾ پيس، ”سرڪار، ڏکن ماري، ٻچن واري آھي، پئي ھوندي ڪوارٽر ۾ ... ماني الله جي آھي. بچو سچو ٽُڪر ڀور پيا کائيندا!“
    ” پر ھي منھنجي سامھون نه ايندا! گھر ۾ اندر به نه گهڙندا!“ مائيءَ ھڪدم عملي مظاھرو ڪندي ٻارڙن کي ڪُٽي ٻاھر ڪڍيو. بيگم صاحب شوخ ٿي چيو، ”تون به نه ايندينءَ، ٻاھر باغ ۾ ايوان ۾ صفائي ڪندي ڪر!“ مائي ۽ ٻار نڪري ويا ته چيائين، ”اڃا بانس پئي اچي!“ اٿي خوشبوءُ دار فلٽ ھنيائين، ” پڪ ڀنگياڻي آھي!“
    مھينا گذري ويا. ڪراچيءَ کي الائي ڪھڙي نظر لڳي وئي. ھت ته بھاري، ڀنگي، بنگالي سڀ خوش رھندا ھئا. ھي ھنگاما ڪنھن آندا. گوڙ، فساد، بم، باھيون، قتل، نفرتن جا ديو، ڪلفتن ۽ ڪدورتن جا ڪارونڀار ڪٿان ڪر کڻي، چنبا ڪڍي گرڻ، ڀونڪڻ ۽ ڏاڙھڻ لڳا ھئا. مان آفيس کان گهر ڪار ۾ ھوندي به ڊنل ۽ ھيسيل ھئس. گهر ڀرسان پھتس ته ڇڪا ڇٽي ويا. گيٽ جي ٻاھران ڪيئي گندا گدلا ماڻھو گهيرو ٺاھيو بيٺا ھئا. ڌاڙيل، مُڇر، وڏا وار منجهيل چيڙهه ڀريل، نيزا، لٺيون، ڏنڊا. وچ تي ھڪ ننڍڙو ميرو ڪچيلو، چِپين ڀريل، سِنگهر ٻار بيٺو ھو. اندران اوزار آيو، ”او ويرا ! نِڪا اي، معصوم اي!“ ڄڻ ته باهه تي گاسليٽ پيو. لٺيون اڀيون ٿيون ۽ ڪنھن رڙ ڪئي، ”سپ ٽار....!“ ائين ٺَڪاءُ ڏيئي لوھي در کليو. ھڪ بيگم صاحب، مٿو اگھاڙو، پير اگھاڙا، سَٽ ڏيئي نڪتي ۽ وڃي ٻار کي ڪڇ ۾ کنيائين. ٺيٺ سڌيءَ ۾ چيائين، ”شير شاهه جو شِڪرو گھر جا ڪُڪڙ ماري، حياءُ نٿو اچيو!“ ماڻھن کي اعتبار نه آيو، ”ھي تنھنجو ٻار آھي؟ تون ھن جي ماءُ آھين؟“
    ”ڇو؟ مان ماءُ نه ٿي لڳان!“ مون کي به داءُ تي لڳايائين. چي، ’ھي فلاڻي جو گھر آھي،. شرم ڪيو!‘ اتي مان به ماڻھن کي ڌڪي اندر ٿيس. عجيب تشڪ ر ۽ اطمينان سان مرڪندي سندس ٻانھن ۾ ھٿ وڌم، چيم، ”سرڪار اندر ھلو!“
    ڏٺم ته ٻار کي ڇاتي سان چنبڙائي ڇڏيو ھئائين. چيم، ”سرڪار ڀنگياڻيءَ جو ٻار!“
    ”ڀنگياڻي ھجي ڪه پنجاپڻ، پناھگير ... ماءُ جي جھولي ته خالي ٿئي ھا نه؟“ مون ڏٺو سندس اکين ۾ لڙڪ ھئا ۽ مائيءَ جا ڳوڙھا ته اڻ ڳڻيا اڻ جهليا پي وھيا. مون باغ جي مٽي کڻي چيو، ”سنڌ جي مٽيءَ کي سلام، سنڌوءَ جي مٽيالي پاڻيءَ کي سلام، گهوگهاري ۽ گَٽگھڙ جي سڳداسين کي سلام!“


    لاٽ

    اکين مان وھندڙ نشو، ڪارا ھڙٻاٽيون لِڱ، ڦڏيون ٽَنگون، چِٻو مـُنھن ۽ گُهڻون آواز، بڇان وٺيو وڃي. ھيءَ ڪاري ٺوٺ جھڙي زندگي، تو به !
    جڏھن انھي ساڳيءَ دونھاٽيل ۽ ڪاراٽيل انسان جي ڀونگيءَ اڳيان روز شام جو، ٽن مارنگن وچ ۾ باهه جي لاٽ ڏسبي ھئي ته ائين محسوس ڪبو ھو، ڄڻ نج زندگيءَ جي لاٽ جرڪي اٿي. ان زندگيءَ جي لاٽ کي جرڪائڻ لاءِ ھـُن ڇا ڇا نه ڪيو ھو.
    لاڙ جي ڏِير ۽ پَنِ مان ڀريل تلاوَن ۾ تڙڳندي، ھي به ڄڻ ھڪ ڪارو ڪُم پيدا ٿي پيو ھو. ساوا، ڪني پاڻيءَ جا ڀريل تلاوَ تن ۾ زندگيءَ جو ھيءُ ڦھلاءُ! ڄڻ ڪوڻيسر جو نسرجڻ. ننڍڙو ئي ھو ته پڪي رستي تان لارين جي تيز رفتاريءَ سندس ذھن کي مائٽاڻي ذھن تي فوقيت ڏئي ڇڏي. ڪاني جي گهوڙي رتي سوار ٿي، وات سان ڊون! ... ڊون! ... ڪري ٻاتيلي ٻولي ۾ سُر سان چوندو، ”جاڻي دوس!‟ ... ۽ زندگي ’جاڻي دوس‛ جو مظھر بڻجي وئي.
    ھو ڪُنڍيون ۽ ڄار ڇڏي ڪلينر ٿيو. خاڪي پراڻي سوٽ جا وٽيل پاچا، ھِپ تي چتي لڳل، ٻِيڙيءَ جو اڌڙ وات ۾، ھينڊل ھڻي ھن زندگيءَ ۾ ”جاڻي دوس!‟ جو نعرو شروع ڪيو ۽ سندس رڳ رڳ ۾ ڪاميابي ۽ اميد جو ترورو چمڪي ويو. بنا پگهار، صرف پيٽ تي، استاد کي زور ڏيندي، لاريءَ جي ڇِت تي سمھندي، نٽھڻ اُس ۽ وڍيندڙ پاري ۾، لاريءَ جي در تي لڙڪندي لڙڪندي ھن کي سٽيئرنگ جھلڻ اچي ويو ۽ خود استاد بنجي ويو. ڇا ته زندگيءَ جي برق ڊوڙي ھئي، ھن جي ڪاٺ جھڙن ھڏن ۾! استاد بڻجڻ سان گَڏو گڏ ’جاڻي دوس‛ جو نعرو ٻين جي ھٿ لڳي ويو. جڏھن ڌڌڙ جي طوفانن ۾ ٻِيڙيءَ جي خوراڪ تي، سندس ڦِڦڙ دق سان کنئون کنئون ڪرڻ لڳا، تڏھن دنيا ئي مٽجڻ لڳي. سندس ٻالڪو شيرو، جو سؤ سؤ دفعا کيس ’استاد! استاد!‛ چوندو ھو، سو به چوي ته، ”استاد آرام ڪر! ... ڪميڻو رڳو مطلبي، منھنجا ٻچا وري پڻس پاليندو!‟ يارن چيس، ”ھٻڇ نه ڪر، پئسا ڪم نه ايندءِ ! ... باقي ھي ڪم ايندا!‟ ۽ سندس منھن تي زھر آلود مرڪ اچي ويندي ھئي ... ۽ وڏي ڪشادي دل سان چوندو ھو، ”جاڻي دوس!‟ ائين چوڻ سان ڄڻ ته سڀني مخالف قوتن کي معاف ۽ مات ڪري ڇڏيندو ھو. سندس پنھنجي زندگيءَ لاءِ تڙپ ٻين جي تڙپ ڏسڻ کان انڌي ھئي ۽ پنھنجي مات ڏسڻ کان قطعي انڪاري.
    پوءِ جڏھن سندس ڳِل پيھي ويا، ڀريل ٻانھون ڏانڊين جھڙيون ٿي ويون، دم گُهٽجڻ لڳو، تڏھن ھن سمجهيو ته علاج ڪرڻو ئي پوندو ... ۽ ويچاري ڇا ڇا نه ڪيو ... چڪاس، فوٽو، سئي. پھرئين ڏينھن پنجاهه رپيا ڏئي موٽيو ته ھٿ ۾ نسخي وارو خالي پنو. ھڪ واري دل لاھي ويٺو، پر زال ۽ ٻارڙن جون ٻوليون ٻُڌي سندس زندگيءَ لاءِ پيار تازو ٿي ويو.
    ٻئي ڏينھن جڏھن نسخي موجب دوائن جون مجموعي قيمتون ٻڌائين ته سُن ٿي ويو. ڪا گھڙي ته بازار ۾ بُت بڻيو بيٺو رھيو. سندس اکيون ٻُوٽبيون ويون، منھن گنڀير ٿيندو ويو ۽ ھوريان ھوريان سندس وجود تي انسانيت جي لاٽ تجلا ڏيڻ لڳي، چيائين، ”جاڻي دوس!‟ اھا تياڳ ۽ قربانيءَ جي ’جاڻي دوس‛ ھئي.
    بنا علاج سندس زندگي لاريءَ جي تيل سان گڏو گڏ ٻرڻ لڳي. چِتايائونس، ”ميان حياتي آڏو پئسو ڪجهه ناھي ... ٻچن جو اجهو آسرو به تون!‟ پر ھـُو انھن سڀني کان سياڻو ٿي چڪو ھو، ’زندگيءَ کي زندگيءَ جو تيل کتو ٿي. يا کيس ٻرڻو ھئو يا ٻارن کي!‛.
    جڏھن کيس بيڪار سمجھي جواب ڏنو ويو ته ھن لارين، مسترين، استادن، ڪلينرن جي سموري برادريءَ کي پري کان ڏٺو. اھا ئي گھما گھمي، تيزي، وٺ وٺان ۽ ’جاڻي دوس‛ ... پاڻ ھڪ ڪٽيل، گرگهلو ٿيل، اڇليل نَٽُ ھو پنھنجي سموري گرگهلائي کڻي اچي چُلھه تي ويٺو.
    ساران جا ھڪ ڊليور (ڊرائيور) جي سکي ستابي زال ھئي. ٻه ٻچا جن نائلان جي چڍي ۽ بُشرٽ پائي ڏٺي ھئي، سي گهر جي سُئي ڌاڳي سميت سلامت ھئا. ھي سڄو مانڊاڻ جو پاڻ بنايو ھئائين. ان ۾ کيس حيات ۽ زندگي، زندگي ۽ حيات جو ڌنڌلو جلوو نظر آيو. حيات جي زنجير ۽ سندس جند جي گرگهلي ٿيل ڪَڙي جنھن ڪَڙيءَ جي جاءِ تي نئين پختي لوھي ڪَڙي پوڻي ھئي. سندس ھيڻن ھڏن ھي نئون سَڏ ٻُڌو. ڄندڙي ڄرڪڻ لڳي، تن مان تاؤ آيو. سندس ساهه جي سگهه ڏسڻ وٽان ھئي. ھن انقلاب جو نعرو ھنيو. ڇا ته نعرو ھو، ”مَربو پر پورھيو ڪبو!‟ ھـُو ڊرائيور مان ھاري ٿي ويو. چڍي بشرٽ مان گوڏ ٿي وئي ۽ ساران گاهه جون پٺارڪون ڍوئڻ لڳي. عجيب منظر ھو، انساني ھمت ۽ محنت جو، زندگيءَ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، حيات کي قائم رکڻ لاءِ، صدين کان ساڳيو.
    دق ورتل ھيڻن ھڏن پگھر وَھايو. زمين پنھنجي مادري شفقت سان ڇاتي ڇلھيارائي رت جي خوراڪ پھچائي، سج پنھنجي پوري قوت سان ھڏي جھڙي ٻج ۾ ساهه ڀريو ۽ ڀلاري مھراڻ پنھنجي رڳ کولي پاڻي پھچايو. ڇا ته قوتون ڪٺيون ٿيون ھيون! حيات ۽ زندگيءَ جي اوسر ۽ اوڀر واسطي. ڪڻي مان ڪاسو ۽ ڪاسي مان انبار ٿيو. ساران ۽ ھن اھڙو آنند محسوس ڪيو ڄڻ ھنن ٽيون ٻچو تخليق ڪيو ھو. ڌرتي، سج، سنڌو ۽ ساران جي مڙس کان سواءِ ِ ٻيو به ھڪ پيدا ٿيو جو انبار جو انبار کڻي، ٻه ڳوڻيون ڇڏي ويو. ساران مڙس کي چوڪو ڏنيون، ”وڏيرن کي ڪجهه چئو، منٿ ڪرين!‟ ھـُو خاموش رھيو. گهڙيءَ لاءِ خيال آيس ته ’جيئن وڏيرو پٺيرو پيو وڃي، ڪياڙيءَ واري لٺ وھائي ڪڍانس!‛ ... ’ڪيڏو نه بيھودو خيال! مان جيل ۾، ٻچا بکن ۾ ...‟ ۽ وري به ھـُو غيرت جو ذخيرو سلامت سنڀاري واپس وريو.
    پنھنجا پکا ڦٽا ڪري، ڪرڻا ئي پيس، اچي جَـرَ جي پيٽ مان رزق جي تلاش ڪيائين. شفاف پاڻيءَ ۾ چرندڙ متاري مڇي، فطرت جو انعام، لاڙ جي بُکئي ۽ ڏکئي عوام لاءِ! پکي، بدڪون ۽ تتر ھن ويچاري پورھيت لاءِ ھي به چند ڏينھن جو چٽڪو. مڇي ٺيڪيدار ڦري رکي ڇڏي ۽ ڦاسايل بدڪون شڪار جي محافظ ضبط ڪيون. جڏھن کيس چيلهه ۾ رسو وجهي ڪورٽ وٺيون ٿي ويا ته ڀر واري ڍنڍ ۾ سوين پکي بندوقن سان ڍير ڪيا پي ويا.
    ھڪ ڏينھن جيل ڪاٽي، اوسيئڙي ۾ ويٺل ساران وٽ موٽي آيو. بدن نٻل، ساهه نپوڙيل، رڳو پساهه پيو کڻي. ساران جي ھٿ ۾ ھٿ ڏنائين. ڄڻ ته پورھئي، اميد ۽ محنت جي امانت سپرد ڪيائينس. ساران جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. اھا چمڪ جنھن جي تحت انساني عزم جي قوت ھوندي آھي.
    ڇا ڪمزور جِيو، ڇا آفتون ۽ ڇا مقابلو! ھر وقت اميد جي ڏياٽي ھٿ ۾ اڳڀرو. زندگي لوڇ پوڇ ۽ ڳولهه جو ڪُن! نا اميديءَ جو دونھون ۽ ڪوھيڙو ور ور ڪيو ويڙھيو وڃي ۽ ھي بار بار خالي ھٿن سان دونھين ۽ ڪوھيڙي جا ڪڪر دور ڪيو ڇڏي. ڇا ته زور ھو ڪمزور ھٿن ۾، ”جڏھن ھٿ ھٿن ۾ ملندا تڏھن اھي دونھان ۽ ڪوھيڙا، ھميشه ھميشه لاءِ لھي ويندا!‟ ھن سوچيو.
    ڀر ۾ ٺھندڙ رستي تي مٽيءَ جو ڪم پئي ھليو. لاڙ ملڪ ۾ جِت چوري ۽ ڀنگ جي عام ۽ کلم کلا بازار لڳندي ھئي، اتي چند غيرتمند انسان تغاريون ڍوئي مزدوري ڪري رھيا ھئا. ساران ۽ ھُُو ساڻن شامل ٿي ويا. ڪوڏر جي ھڻ ھڻان، تغاري جي ڍوء ِ ڍوئان، مڙس شَل ٿي رھيا ھئا. ٺيڪيدار صاحب کٽ تي ويھي، حقي جي گڙ گڙ ۾، ”شاباس! شاباس!‟ جي اھم سخاوت نڇاور ڪري رھيو ھو.
    ھڪ شام جو تغاري کڻي ڍوئيندي ڍوئيندي ھـُو مري ويو. مزورن ڪم کڻي بند ڪيو. کڻي کيس ڀونگيءَ ڀيڙو ڪيائون.
    سندس لاش ڄڻ خاموش نياپو ڏئي رھيو ھو، ته، ”مون حياتيءَ جو مقصد ڄاتو ۽ پاتو ... جو ڪجهه تو ۾ بھترين آھي، ان کي اُجار ۽ سڀ خرچي ڇڏ !‟ زندگيءَ جي ڳجهارت جي ڪيڏي نه سولي ڀڃڻي. ڄم کان موت تائين ھڪ واٽ ھڪ ڇلانگ، ٻيو سڀ، ”جاڻي دوس!‟
    صبح جا حيات آفرين ڪرڻا، گاهه جي ھر تيلي کي پورو راشن ڏيندا، گمنام انسان جي قبر کي منور ڪندا، تلاوَ جي پيٽ کي قوت جا ڀنڊار ڏيندا، ھلندا ويا. اھو ئي ڪيچڙ ڀريل تلاؤ، جتي اڌ صدي اڳ ھڪ ڪمزور ميرانجھڙو ڪوڻيسر اڀريو ھو. اڄ اُتي ٻه سفيد ڪنول کڙيا بيٺا ھئا.

    .


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340598
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ