ڪتاب جو نالو: سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)
مصنف: سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: تعليم
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 05 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2324 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 978 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • سبقن تي نوٽ

  • 1 قومي جذبو ۽ قومي اخلاق
  • 2. ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون
  • 3. شاهه جو شعر ۽ شاعري
  • 4. پاڪستاني قوميت جو مقصد
  • 5. پورهيتن جو ڏينهن
  • 6. سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب
  • 7. ڪوهستاني ڪچهري
  • 8. ڪامياب زندگيءَ جو ڪارگر قائدو
  • 9. دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
  • 10. مصطفى جي الوداعي نصيحت
  • 11. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي
  • 12. عام سنڌي شاعري
  • 13. تمدن جي ماهيت
  • 14. علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا
  • شاعرن تي نوٽ

  • ”شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو“
  • ”حضرت خواجه محمد زمان لنواري“
  • ”خليفو گل محمد گل“
  • ”حضرت سچل سرمست“ رحه
  • ”مير عبدالحسين خان سانگي“
  • فقير قادر بخش ”بيدل“
  • ”مرزا قليچ بيگ“
  • ”سيد ثابت علي شاهه“
  • ”حمل فقير“
  • ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ رحه
  • ”سرويچ سجاولي“
  • ”حافظ محمد ”احسن“
  • ”نياز همايوني“
  • ”شيخ عبدالحليم ”جوش“
  • اشتقاق

  • اشتقاق ڇا آهي؟
  • 72 لفظن جا اشتقاق
  • شخصيتن تي تي نوٽ

  • ”علامه آءِ. آءِ قاضي“
  • ”ڊاڪٽر هوت چند گُربخشاڻي“
  • ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“
  • ”مولانا دين محمد وفائي“
  • ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“
  • ”ڊاڪٽر محمّد دائود پوٽو“
  • ”قاضي قادن“
  • اصطلاح

  • اصطلاح ڇا آهي؟
  • 92. چونڊ اصطلاح
  • مضمون

  • ”قومي اتحاد“
  • ”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي“
  • ”تتي ٿڌي ڪاهه ...........“
  • ”هڪ سج، ٻه پاڇا“
  • ”ڪمپيوٽر“
  • ”قومي تعمير ۾ شاگردن جو حصو“
  • ”هنئين هوند مئي، پر ٻڏي جا ٻِيڻا ٿيا“
  • دورن جو جائزو

  • سنڌي ادب جو مختصر جائزو
  • 1 . سومرن جو دور (1051_1351)
  • 2 . سمن جو دور
  • 3 . ڪلهوڙن جو دور
  • 4 . ميرن/ٽالپرن جو دور (1843ع _ 1782ع)
  • 5. انگريزن جو دور
  • 6. موجوده دور (1947ع کان 2000 تائين)
  • عــــام شاعري

  • قصيدو
  • مـــــــــولــــــــود
  • مــــــــــــــــــــــــــداح
  • مــــــــــــــــرثيــه
  • رباعي
  • شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون

  • تعارف
  • عروض
  • تشبيهه
  • استعارو:
  • تجنيس يا خطي حرفي:
  • ڪنايو:
  • قافيو:
  • رديف:
  • مطلع:
  • مقطع:
  • وزن:
  • بحر:
  • تجنيس تام:
  • تجنيس ناقص:
  • تجنيس مرڪب:
  • مثنوي:
  • مثمن:
  • مسدس:
  • فصاحت:
  • بلاغت:
  • سلاست:
  • جدت:
  • گنان:
  • علم بديع:
  • بيت:
  • ڪافي:
  • وائي:
  • تخلص:
  • غزل:
  • اشتقاق:
  • نظم:
  • منظر نگاري:
  • مصرع:
  • نثر:
  • ڏوهيڙو (دوهو) :
  • تصوف:
  • مناجات:
  • بيتن جون سمجھاڻيون

  • شاهه عبدالڪريم (1623_1538)
  • شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (1690_1752)
  • حضرت خواجه محمد زمان رحه (1813ع _ 1874ع)
  • حضرت سچل سرمست رحه
  • حمل فقير (1225ع_1296ع)
  • مرزا قليچ بيگ (1853ع _1929ع)
  • شيخ عبداالله عبدالواسع ”عبد“ (1910ع_1983ع)
  • حڪيم نياز همايوني
  • فقير قادر بخش ”بيدل“
  • ناول جو حصو

  • جهان آراءِ
  • ڪردار ”جهان آرا “
  • ڪردار ”جهان خان“
  • ڪردار ”لطيف مالهي“
  • ڪردار ”حامد“
  • ڪردار ”عابد“
  • گرامرجوحصو

  • مختصر تعارف

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٽيتاليهون (43) ڪتاب سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاءِ (نوٽس) شاگردن لاء پيش ڪجي ٿو.

    هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سبقن تي نوٽ

    1 قومي جذبو ۽ قومي اخلاق

    1 قومي جذبو ۽ قومي اخلاق

    حڪيم محمد فتح سيوهاڻي


    هن مضمون ۾ ليکڪ قومن جي عروج تي، قومي جذبي ۽ قومي اخلاق جي ڪردار کي مختلف پهلوئن سان بيان ڪيو آهي.
    حڪيم صاحب فرمائي ٿو ته اهڙو نڪ نرڄو ۽ نرالو انسان مشڪل سان ملندو جنهن کي مٽي مائٽي جو جذبو نه هجي ڇو ته اها انسان جي پيدائشي خاصيت آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڪنهن عزيز کي مشڪل ۾ ڏسندو آهي ته پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي به ان جي مشڪل دور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي يا ان جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف محسوس ڪندو آهي. ساڳئيءَ طرح جڏهن گهڻيون قومون محبت ۽ ٻڌيءَ جي ناتن ۾ ڳنڍجي وڃن ٿيون ته انهن ۾ به اهو ساڳيو جذبوپيدا ٿي وڃي ٿو. يعني سڀئي قومون گڏجي هڪ قوم ٿيو پون. انهن گڏيل قومن جي گلدستي ۾ اها ئي مائٽي واري خوشبوءِ پيدا ٿي وڃي ٿي.
    قوميت ۽ قومي جذبي واري قوم تي ڪو ڌاريو حاڪم نه بڻجي سگھندو آهي.حڪيم صاحب ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته قوميت ۽ قومي جذبو قومن لاءِ هڪ وڏي عزت ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ محڪم قلعو آهي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته جڏهن قوم مان قومي جوش ۽ جذبو فنا ٿي يا گھٽجي ويو ته اها قوم غلام بڻجي ويندي. ان لاءِ لازم آهي ته قوميت ۽ قومي جذبي کي ناس ٿيڻ کان بچائجي.
    جڏهن ڪا قوم ٻئي قوم جي حڪومت هيٺ رهي، عيش ۽ آرام ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي، تڏهن ان جو مقصد صرف دولت ڪمائڻ ۽ محلاتون اڏائڻ رهجي وڃي ٿو ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري ته انهن مان قوميت ۽ قومي جذبو ختم ٿي وڃي ٿو۽ هو غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح اها قوم زنده لاش وانگر زمين تي گھمندي نظر اچي ٿي. انهن جو اولاد وڏن جي غلاميءَ سببان بزدل رهي ٿو. مرد زالن وانگر ۽ زالون جنازن وانگر ٿيو پون.
    انهيءَ لاءِ لازم آهي ته عيش ۽ آرام کي ترڪ ڪجي ڇو ته عيش عشرت قومي جذبي لاءِ اهڙو قاتل زهر آهي جيڪو انسانن کي پنهنجي انساني ۽ قومي حقن کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري انسان نه صرف جسماني طور پر روحاني طور پڻ تباهه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو.
    سٺا اخلاق ۽ سٺيون عادتون انسانيت جون نشانيون آهن، جنهن ۾ اهي خوبيون ناهن اهو وحشي ۽ حيوان سڏجي ٿو. ڇو ته انسان اهو آهي جيڪو نيڪ لاڙن ڏانهن سوچي. نيڪ اخلاق حڪومت ڪرڻ ۽ انتظام هلائڻ لاءِ ضروري آهن. ڇو ته الله تعالى جنهن قوم کي حڪومت ڏيڻ گهري ٿو ته پهرين ان جي عادتن ۽ لڇڻن کي سنواري ٿو۽ جڏهن ڪنهن قوم کان حڪومت کسيندو آهي ته ان جي اخلاقي حالت خراب ٿيو وڃي ۽ الله تعالى پنهنجي مهرباني جي ڇانو انهن تان هٽائي ڇڏي ٿو. جيڪڏهن مٿيون ڄاڻايل خوبيون ۽ خاميون ڪنهن قوم ۾ نظر اچن ته پڪ ڄاڻو ته حڪومت تبديل پئي ٿئي ڇو ته اهو خدا جو قانون آهي.


    2. ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون

    2. ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون

    حڪيم محمد فتح سيوهاڻي


    هي مضمون حڪيم محمد فتح سيوهاڻي جي ڪتاب ”آفتاب ادب“ مان ورتو ويو آهي.
    پهريان سمجھڻ گهرجي ته ته ٻولي ڇا آهي؟ ٻولي اهڙي تلفظي ۽معنى دار آوازن کي چئبو آهي جو هڪ ڳالهائي ته هم زبان سندس مطلب پوري طرح سمجھي سگھي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڳالهائي ۽ هم زبان سندس مطلب نه سمجهي ته اها ٻولي صرف ڳالهائڻ واري لاءِ آهي، پر عام ٻولي نه آهي. عام ٻولي اها آهي جيڪا ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي، ڳوٺاڻو ڳالهائي ته شهري سمجهي، پڙهيل ڳالهائي ته اڻ پڙهيل سمجهي. مطلب ته عام ٻولي اها آهي جيڪا هرڪو سمجهي سگهي ته ان کي نج ٻولي چئبو آهي.
    ادبي ٻولي جو درجو عام ٻوليءَ کان بالا ۽ برتر آهي ان کي ”ادبي يا ساهتيه“ سڏبو آهي. جيڪا ٻولي اُن درجي تي پهچي گلزار بنجيو پوي. مطلب ته اهو باغ خوبين ۽ خاصيتن جي ڪري چمڪيو پوي.
    ادبي ٻوليءَ ۾ ادب زبان جو زيور آهي۽ ساهت ٻوليءَ جو سينگار، ادب ڪمال جو ڪلام آهي ته ساهت ٻوليءَ جوساهه آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون آهن جن مان ڪي ادبي ته ڪي جهنگلي آهن. جھنگلي ٻولين ۾ ادب ۽ ساهت جو ذخيرو نه هوندو آهي. پر ادبي ٻوليءَ ۾ اهو ذخيرو تمام گھڻو هوندو آهي.
    ڪي ادبي ٻوليءَ جون لياقتون هيٺ ڏجن ٿيون. انهن لياقتن جي ڪسوٽيءَ تي ٻوليءَ کي پرکڻ سان ئي ادبي هجڻ يا نه هجڻ جي خبر پوي ٿي.
    1. سريلا آواز
    ادبي ٻولي جي لفظن ۽ حرفن جا آواز بد آواز جانورن جهڙا نه هجن بلڪه سريلا ۽ سوادي هجن.
    2. فصاحت ۽ بلاغت
    ادبي زبان ۾ محاورا، ڪنايا، اصطلاح، تشبيهون، مثال ۽ پهاڪا گھڻا هوندا آهن.
    3. هر شيءِ جا نالا ۽ هر معنى لاءِ لفظ
    ادبي ٻوليءَ ۾ هر شيءِ جا نالا ۽ معنى وارا لفظ هئڻ گھرجن نه ته ٻين ٻولين مان لفظ وٺي پورائو ڪجي.
    4. لفظ جون گھڻيون معنائون
    ادبي زبان ۾ اها به خاصيت آهي ته ان ۾ هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون هجن.
    5. هم قافيه ۽ تُڪ ڀائي لفظ
    ادبي زبان ۾ هم قافيه ۽ تُڪ ڀائي لفظ ۽ تجنيس حرفي وارا لفظ ان جي خوبين ۾ شامل آهن.
    6. ٻين ٻولين جا اکر جذب ڪرڻ
    ادبي زبان ڌارين ٻولين جا لفظ پنهنجا لفظ ڪري وٺندي آهي. توڙي جو هن وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي پر ساهت وڌائڻ لاءِ بنا هٻڪ جي مدد وٺڻ ۾ عيب نه سمجھندي آهي.
    7. ٻين ٻولين کي لفظ ڏيڻ
    جهڙي طرح ادبي ٻولي ٻين ٻولين جا لفظ وٺي ٿي تهڙي طرح پنهنجا لفظ ڏيڻ ۾ ڪنجوسي به نه ڪندي آهي.
    8. سائنسي اصطلاح
    جهڙي طرح دنيا ترقي پئي ڪري تهڙي طرح روز سائنس جون ايجادون پيون ٿين ۽ انهن جا نالا پڻ ادبي ٻولي شامل ڪري ٿي.
    9. انسائڪلوپيڊيا تيار ڪرڻ
    ادبي زبان ۾ علمن ۽ هنرن جو ذخيرو تيار ڪري سگھجي ٿو.
    10. گرامر موجود هئڻ
    ادبي زبان ۾ صَرف ۽ نَحو جا قاعدا جانچبا ته گھڻا ملندا، جن کي ترتيب ڏئي عملي صورت ۾ آڻي سگھجي ٿو.


    3. شاهه جو شعر ۽ شاعري

    3. شاهه جو شعر ۽ شاعري
    ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

    هي مضمون ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ مان ورتو ويو آهي. جنهن ۾ هو شاهه ڀٽائي جي ذات ۽ سندس شاعري جو تذڪرو ڪري ٿو.
    هو لکي ٿو ته سنڌ ۾ شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي ڇو ته جيستائين حسن ۽ حق، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهن، تيستائين شعر جو ميدان گرم رهندو ڇو ته شعر نيڪ نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي اُمنگن جو ترجمان آهي.
    اوهان سچل، سامي، بيدل، بيڪس، يوسف ۽ صادق جا نالا ضرور ٻڌا هوندا، هر هڪ جي ڪمال ۾ پنهنجي پنهنجي لذت آهي پر شاهه لطيف جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هر دل عزيز شاعر اڃا پيدا نه ٿيو آهي. نه آئينده ٿيندو، ڇو ته سندس شاعراڻي ”خستوري جي خوشبوءِ سڀ ولات واسي ڇڏي آهي.“شاهه جي شاعري ۾ تصوّف گھرائي ۾ آهي، سليس به آهي ته جديد به آهي. شاهه سائين جو قول آهي ته
    جي تو بيتَ ڀانئيا، ســــــي آيتون آهين،
    نِيو مَن لائين، پِريان سندي پـــــــار ڏي.

    ڪنهن به شاعر جي بزرگي ايتري قدر قبول ڪئي ويندي جيتري قدر ان ۾ جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قوّت هوندي آهي. جمال جا ڪيترائي قسم آهن. مثلاً طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني پر حقيقت ۾ سڀني جو مول هڪ ئي آهي. شاعريءَ جي حالت ۾ پهريون اثر حسن جي مشاهدي ڪري پيدا ٿيو آهي ۽ شاعر محبوب جي صورت ۾ گم ٿي پنهنجي شخصيت کي وساري ڇڏي ٿو.
    هڪ اعلى ۽ ڪامل شاعر جي هڪ اها صنف آهي ته هو پنهنجي شعر ۾ خاص قسم جون ترڪيبون استعمال ڪندو آهي ۽ شعرن ۾ اصطلاح، پهاڪا ۽ تشبيهون وجھي شعر جو حسن وڌائيندو آهي. اهڙي طرح سان ڪجھ خاصيتون هيٺ بيان ڪجن ٿيون.
    1. فصاحت:
    فصيح ڪلام اهو آهي جنهن ۾ هرهڪ لفظ اهڙو ڪم آندو وڃي جنهن جي اُچار ۾ ڪا اٽڪ نه ٿئي.
    2. بلاغت:
    اها آهي ته شاعر جو ڪلام وقت ۽ حالت مطابق هجي. انسان ۾ طرح طرح جا جذبا ٿين ٿا. ڪڏهن غم ۽ غصّو، ته ڪڏهن کِلَ ۽ خوشي وغيره. هڪ سٺي شاعر ۾ انهن سڀني حالتن کي بهتر نموني پيش ڪرڻ جو گُر هجي.
    3. سلاست:
    سلاست جي معنى آهي ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن، جيڪي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا. استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون صنفون ڪلامي، ساديون هجن جيئن هر ڪو سمجهي سگهي.

    4. جدّت:
    جدت مان مراد شاعر اهڙا مضمون کڻي جن تي ڪنهن طبع آزمائي نه ڪئي هجي پر جيڪڏهن ڪئي هجي ته ايئن محسوس نه ٿئي ته ڪو نقل ڪيو اٿس.
    ڊاڪٽر گر بخشاڻي اِهي خاصيتون بيان ڪري وري شاهه لطيف جي شاعري طرف نظر ڪري ٿو ته اُهي سڀ خاصيتون شاهه جي شاعريءَ ۾ وڏي درجي ۾ ملن ٿيون. جڏهن ته ٻين رواجي شاعرن جي ڪلام ۾ رڳو حسن جون هاڪون ، عشق جون صدائون يا رڳو تصوف ۽ وحدانيت جي واکاڻ آهي. اهو حال نه رڳو سنڌي شاعرن جو آهي پر ڏکڻ ايشيا جي شاعرن جو پڻ ساڳيو حال آهي.
    آخر ۾ ليکڪ چوي ٿو ته شاهه جي ذات باڪمال آهي. شاعرن جي صف ۾ ڏسبو ته شاهه ”شاهه شاعرن جوشهنشاهه“ نظر ايندو. صوفين ۾ ڏسبو ته فاني في الله آهي ۽ جيڪڏهن عاشقن ۾ ڏسبو ته عاشقن جو سردار نظر اچي ٿو، ڇو ته سندس ڪماليت جو دامن تمام وسيع آهي.


    4. پاڪستاني قوميت جو مقصد

    4. پاڪستاني قوميت جو مقصد
    مترجم علي نواز جتوئي

    هي مضمون پاڪستان جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي تقرير تان ترجمو ڪري پيش ڪيو ويو آهي. پاڻ قومي درد رکندڙ باهمت انسان هو. سندس تقريرون پاڪستاني قوم لاءِ پيغام جي حيثيت رکن ٿيون.
    شهيد ملت جي خيال مطابق ” پاڪستاني قوميت هڪ اهڙي گڏيل نظام کي چئجي ٿو جنهن جو بنياد عدل ۽ انصاف، ڀائپي ۽ برادري جي اصولن تي ٻڌل هجي.“
    الله تعالى انسان کي اشرف المخلوقات ڪري خلقيو آهي، انهيءَ لاءِ ته دنيا ۾ هو باعزت زندگي گذاري. اها قوم جيڪا انصاف کي هٿان نه ڇڏيندي يقيناً وڏي مان مرتبي واري ليکبي.
    پاڪستان به ان ڪري وجود ۾ آيو ته جيئن اسين انصاف مساوات ۽ انساني اخوت کي قائم ڪري سگھون. اسان جي اها جدوجهد ڪامياب ٿي چڪي آهي. هاڻي اسان جو فرض آهي ته انهيءَ تخيل کي عملي جامو پهرايون ۽ الله تعالى جي وحدانيت ۾ يقين رکڻ ۽ اسلامي قانونن جي پابندي ڪرڻ سان زندگي جي سفر کي هڪ طرف آسان بڻائي سگھجي ٿو ته ٻئي طرف نفس جي پاڪائي، جسماني صفائي لاءِ راهه هموار ڪري سگھجي ٿي. اهو سڀ ٻڌيءَ سان قائم ڪري سگھجي ٿو. ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيع ڏيڻ گھرجي. ڇو ته هاڻي غلاميءَ واري زندگي ختم ٿي چڪي آهي. بس جنگ ۽ خون جي عالمگير بيماري جي دوا انساني اخوت ۽ سماجي ڀائپي ۾ رکيل آهي.
    لياقت علي خان تقرير جي ٻئي حصي ۾ انهن ماڻهن کي مبارڪباد ڏئي ٿو، جن پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، جو اهي ئي مستقبل جا معمار آهن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته مسلمان قوم پختو عزم رکندڙ قوم آهي. کين انگريزن کان پوءِ هندن جو خطروهڪ دٻاءَ جي صورت جيان ذهن تي سوار ٿيو پر هو ان امتحان ۾ به پاس ٿيا. اسان جي روايتي زندگيءَ ۾ اها ڳالهه داخل آهي ته عالمن،فاضلن، مفڪرن ۽ معلمن جي عزت ڪئي وڃي، پر غلامي واري دور ۾ اسڪول توڙي يونيورسٽيون انهيءَ خصوصيت کان محروم هيون. نتيجو اهو نڪتو جو اسان جا استاد خواه شاگرد سالم ذهنيت کان اڪثر ڪورا هئا. اميد ته ايندڙ وقت علمي ادارا پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي نه ڪندا ۽ پاڪستان جي بقا لاءِ جدوجھد ڪندا.


    5. پورهيتن جو ڏينهن

    5. پورهيتن جو ڏينهن
    (رشيد ڀٽي)

    سڄي دنيا ۾ 1_مئي جي ڏينهن کي ”پورهيتن جو ڏينهن“ ڪري ملهايو ويندو آهي. 1886ع ۾ آمريڪا جي مزدورن ۽ پورهيتن دنيا ۾ سرمائيدارن ۽ نفعي خورن خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو ۽ ان ڏينهن سج اڀرڻ سان ئي لکين مزدور شڪاگو ۽ ٻين شهرن جي گھٽين ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجا حق گھري رهيا هئا. هنن جي مکيه گھر اها هئي ته ”هو 16 يا 18 ڪلاڪن بجاءِ رڳو اٺ ڪلاڪ روز ڪم ڪندا“.
    اهڙي ڳالهه سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن کي ڏکي لڳي،جنهن ڪري سندن حقن کي نظر انداز ڪري سندن جاين تي ٻيا مزدور کنيا ويا. ان حالت مزدورن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ جو احساس ڏياريو۽ مزدور جماعتن (TRADE UNIONS) جو بنياد پيو. ڪارخانا به ڏينهون ڏينهن بند ٿيڻ لڳا ۽ مزدورن کي حق ڏيڻ بدران گولي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڏسندي ڏسندي شهر جي رستن تي رت جون ناليون وهڻ لڳيون. اهڙو وڏو قيس ڏسي به پورهيت پنهنجي مطالبن تان نه هٽيا ۽ انهن مزدورن جا رت رڱيل ڪپڙا جھنڊن جي صورت ۾ شاهي رستن تي عام ڏسڻ ۾ آيا. جن سرمائيدارن جي سينن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا. هنن ڀانئيو ٿي ته رت جا ريج ڪري حق جي آواز کي دٻائي وٺنداسين. پر اها سندن ڀُل هئي. حق کي نه اڳ ڪو دٻائي سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪو دٻائي سگھندو. هو مانجهي مڙس به ڊڄڻ وارا نه هئا، ڇو جو سرمائيدارن جو سرمايو هي مزدور هئا. هو پنهنجو رت ساڙي لکين ميٽرڪ ٽن ڪوئلو کاڻين مان کوٽي ڪڍن ٿا. پر وٽس ايترو ڪوئلو ناهي جو هو ٻه ڏينهن پنهنجي چلهه ٻاري سگھي. هو هڏ ٿڪائي هزارين ميٽر ڪپڙو اُڻي ٿو، پر بُتَ تي پهرڻ لاءِ کيس ڪپڙو نٿو نصيب ٿئي. اهي ناانصافيون آخر مزدور ڪيستائين سهي؟ آخرڪار شڪاگو جي شهيدن جي رت رنگ لاتو۽ دنيا کي اٺن ڪلاڪن واري اصول کي مڃڻو پيو.
    اڄُ به سڄي دنيا جا مزدور هر سال 1_مئي تي انهن شهيدن کي سلام ڪري پنهنجي هلچل ۾ نئين جان وجھندا آهن. بيشڪ ايثار ۽ قرباني کانسواءِ انساني رواداري ۽ سلوڪ هرگز حاصل نٿو ٿي سگھي. غير برابري ۽ بي انصافي جو خاتمو تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن اسين متحد رهنداسين. اهو ئي اسلام جو درس آهي.


    6. سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب

    . سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب
    (ڊاڪٽر دائود پوٽو)

    هي سبق مختلف مضمونن جو مجموعوآهي، جيڪو شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي ڪتاب ”سرها گُلَ“ ۽ ”مهراڻ“ رسالي تان ورتو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب پراڻن روايتن ۽ رسمن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو خوشحال، صحتمند ۽ آسودا هئا. پنهنجي وڏن ڏينهن تي ميل ملاکڙا، ڪشتيون، ڪسرتون ۽ عجيب و غريب ڪرتب ڏيکاري سورهيائي جي ساک ڏيندا هئا. انهن جي ڪچهرين ۾ سياڻن جا نسخا، پهاڪا، چوڻيون ۽ سگھڙن جا قول ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. انهن جو ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان انتها جو عشق هيو. اڳئين ۽ هاڻوڪي ماحول ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. اڄ اسان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي وساري ويٺا آهيون ۽ ٻين جي پويان ڪاهي پيا آهيون جنهن ڪري اسان کان خوشيون موڪلائي ويون آهن.
    جتي هنج هئا، ات ڪاون ڪانگيرا ڪيا
    ويچارا ”وليداد“ چئي، ولر ڪـــــــــــــري ويا،
    اچــــــــــــــــــــي آل پيا، انــــــــــهـــن اوطاقن ۾

    اسان جو ديس آريه ۽ اسلامي تهذيبن جو مرڪز هو. هتان جا ماڻهو جڳ کي وحدانيت جو سبق سيکاريندا هئا. هينئر مغربي تهذيب اسان تي غالب اچي وئي آهي. رڳو شيڪسپيئر ۽ شبليءَ جا شيدائي ٿي، پراوَن دهلن تي نچي رهيا آهيون.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي تمام جھوني زبان آهي، جنهن جو سڌو سنئون واسطو پراڪرت ٻوليءَ جي ”وراچڊا“ نالي شاخ سان وڃي ٿئي ٿو، پر جڏهن مسلمان سنڌ ۾ آيا ته اهو جھونو رسم الخط ختم ٿي ويو ۽ سنڌي_عربي رسم الخط رائج ٿي ويو. 15 هين صديءَ تائين عربي ۽ فارسي ادب حاوي رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي پنهنجو قديم ادب اونڌاهو نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ سنڌي شاعريءَ جي شروعات 16هين صدي عيسوي کان شروع ٿئي ٿي. جيڪي هالا ڪنڊيءَ جي بزرگ مخدوم احمد ڀٽيءَ حيدرآباد ۾ هڪ سماع جي محفل ۾ ڳايا هئا. جڏهن ته سنڌي شاعريءَ ۾ لاکيڻي لطيف جي شخصيت سج جي حيثيت رکي ٿي ۽ کيس عظيم شاعرن ۾ سر فهرست لکجي ٿو. سندس ڪلام هزارين رنگن واري هيري مثل آهي، ڪٿي صوفيانه رنگ آهي ته ڪٿي روحاني، ڪٿي ناصحانه، ته ڪٿي رومانوي عشقيه. پر انهن سڀني ۾ شاعر جي دل پنهنجي خالق جي قول سان هم آواز آهي، جنهن ڏانهن واپس ورڻو آهي. شاهه صاحب جي دور ۾ سنڌ تي ڪلهوڙا حاڪم هئا. اهو ئي سبب آهي جو اهو دور سنڌي ادب جو سنهري دور ليکيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن دور ۾ عروضي شاعريءَ جا تمام سٺا شاعر پيدا ٿيا.
    ان کانپوءِ ٽالپرن جو دور آيو، جنهن ۾ سچل سرمست جهڙو هفت زبان شاعر ملي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌي شاعري جا موضوع وسيع آهن، پر شاهه لطيف جي درجي کانپوءِ تمام گھڻو پري آهي. ميرن (ٽالپرن) جي صاحبي کانپوءِ انگريزن جو راڄ رهيو، جنهن ۾ سنڌيءَ ۽ فارسيءَ شاعري جي صنفن جو رواج پيو. تنهن هوندي به شاعر پنهنجو چڱو ڪلام ڇڏي ويا.
    ڊاڪٽر صاحب نثر کي پڻ ذڪر هيٺ آندو آهي. سندس راءِ آهي ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، شاهه ڪريم رحه ۽ خواجه محمد زمان لنواري جي تعليمات ان ڏس ۾ اوليت رکي ٿي. پر مرزا قليچ بيگ جا ”خورشيد“ ۽ ”زينت“ ناول سندي ادب لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ان کانسواءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قاضي هدايت الله ۽ ڊاڪٽر گر بخشاڻي جون خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. ان سان گڏوگڏ ڀيرومل جي طرز تحرير ۾ هندو_مسلم جي گڏيل تاثر جو دلچسپ ميلاپ نظر اچي ٿو.
    ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي اديبن جهڙوڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته ان جي وسيلي نثر اڃا به سگهارو بنجندو.


    7. ڪوهستاني ڪچهري

    . ڪوهستاني ڪچهري
    (الهه بچايو سمون)

    هيءُ مضمون الهه بچائي سمي جي ڪتاب ”سير ڪوهستان“ تان کڻي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن مضمون ۾ ليکڪ اهو تاثر ڏنو آهي ته هُن ڪوهستان ۾ سگھڙن جي ڪچهري ۾ حاضر رهڻ کانپوء اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. پر ايئن ڪونهي. هن ڪوهستاني ڪچهري بابت معلومات وٺي پوءِ هن کي قلم بند ڪيو آهي.
    هن سبق ۾ ڪوهستان جي ڪلچر ۽ ثقافت جو چٽو پٽو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. ڪوهستان جي سير جي دوران مضمون نگار ڪوهستان جو تفصيلي جائزو وٺي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ڪوهستاني ماڻهو سڄي ڏينهن جي محنت ۽ جفاڪشي کان واندا ٿي شام جو پنهنجي آستانن ڏانهن موٽن ٿا، تڏهن زندگيءَ جي تلخين کي وسارڻ لاءِ وندر جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. انهي ڪري هو شام جو ڳڀي ٽڪر جي فڪر لاهڻ کانپوءِ ڳوٺ جي ڪنهن اوطاق يا اوتاري تي گڏ ٿين ٿا ۽ پوءِ ويهي هڪ ٻئي سان اندر اوري پنهنجا ڏک سور پاڻ ۾ ونڊين ۽ ورڇين ٿا.
    مضمون نگار ڪوهستان جي سگھڙن جي ڪچهري کان تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن تفصيلي طور وينجھارن جا فن ۽ شه پاره سٺي نموني پيش ڪري انهن سگھڙن جي ذهني صلاحيتن جو عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ليکڪ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ته سياري جي موسم ۾ مچ جي چوڌاري هڪ وڏي ڪچهري مچي ويندي آهي. ڏسندي ڏسندي سٻاجھڙن سانگين جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويندو آهي. مضمون نگار اها ڳالهه به واضح ڪئي آهي ته ڏسڻ ۾ سٻاجھڙا ۽ سادڙا، سانگي ميرڙا مارو آهن، پر سندن سينن ۾ فن ۽ ثقافت جا خزانا ڀريل آهن. جڏهن هو ڪچهريءَ ۾ ويهي فن جو مظاهرو ڪندي، هڪٻئي سان ڏي وٺ ڪن ٿا، تڏهن ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪنهن مُشڪ جي مٽ جي ڍڪڻي لاهي ڇڏي آهي. اهي سادڙا سانگي، سادڙن ۽ مٺڙن لفظن ۾ بيان ڪن ٿا، ته ٻڌندڙن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. هو دنگ رهجي وڃن ٿا. هنر، سينگار، ڏور، نڙ بيت ۽ مڱڻهار فقير پنهنجو فن پيش ڪن ٿا. انهيءَ فن ۾ موتين جي مالها هوندي آهي.
    مضمون جي لکندڙ مثال طور اتي پيش ڪيل فن جا نادر نمونا، ٽڪرا، ڪن سگهڙن جا نالا پڻ چٽيا آهن. اهو پڻ ٻڌايو اٿس ته هن ڪچهري ۾ ڪو به تڪلف تواضع ڪونهي. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ويٺو خاموشي سان ٻڌندو رهندو آهي. جڏهن ڪو همراه پنهنجو فن پورو ڪندو ته پوءِ ٻيو وري پنهنجي فن جو جادو ڪچهري تي جاڳائيندو.
    بحرحال سگھڙن جي ڪچهري لاڙ ۾ ٿئي يا ڪاڇي ۾. وچولي ۾ ٿئي يا اتر ۾، ڪراچي ۾ ٿئي يا ڪوهستان ۾. اسان جي سنڌ، سنڌي ٻولي جو ثقافتي ۽ ڪلاسيڪي ورثو آهي. انڪري اسان کي ان تي ناز ڪرڻ گھرجي. انهي سلسلي ۾ ڪراچي ٽي وي وارا ” ڪچهري پروگرام“ ۾ سنڌ جي سگھڙن کي متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون ڪن ٿا. پر انهي پروگرام کي موثر بنائڻ لاءِ ڪن اپائن جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن توجھ نه ڏنو ويو ته پوءِ هي پروگرام پنهنجي افاديت وڃائي ويهندو. جيڪو قومي ورثي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.


    8. ڪامياب زندگيءَ جو ڪارگر قائدو

    8. ڪامياب زندگيءَ جو ڪارگر قائدو
    (علامه آءِ. آءِ قاضي)

    هيءُ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي جڳ مشهور ڏاهي، دانشور ۽ تعليم جي وڏي ڄاڻو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي باني، وائيس چانسلر علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي فڪري نچوڙ جو حصو آهي. هن مضمون ۾ زندگيءَ کي ڪامياب بنائڻ جا طريقا تمام سهڻي نموني بيان ڪيل آهن.
    علامه صاحب هن مضمون ۾ انسان کي ڪامياب زندگي گذارڻ جا اصول ۽ قائدا ٻڌائڻ سان گڏ انسان کي هڪ باضابطه زندگي گذارڻ جي هدايت ڪئي آهي. جيڪڏهن غور، سوچ ۽ ويچار سان سوچبو ته قاضي صاحب جون ٻڌايل ڳالهيون ساديون ۽ سوليون هوندي به وڏي اهميت جي حامل آهن. جيڪڏهن انسان انهن تي عمل ڪري ته ڪنهن حد تائين پنهنجي زندگيءَ کي ڪامياب بڻائي سگھي ٿو.
    قاضي صاحب پنهنجي زندگي کي پابندي ۽ ضابطي هيٺ بهتر ڪرڻ لاءِ حضرت آدم عليه السلام جو مثال ڏيندي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حضرت آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا کي وڻ جي ويجھي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ پابندي ڪرڻ جو خاص مقصد، پنهنجي خواهشن کي ضابطي ۾ رکڻ جو گڻ سيکارڻو هو. اهڙي طرح جيڪڏهن اسين پنهنجي خواهشن کي ڪنٽرول ۾ رکنداسين ته زندگي ضرور سولي ٿي پوندي. انهي لاءِ تقوى کي پنهنجو اصول بنائڻو پوندو ته جيئن چڱي ۽ سٺي ڳالهه کي سمجھي سگھون.
    آخر ۾ قاضي صاحب زندگي کي وڌيڪ بااصول بنائڻ لاءِ فرض شناسي تي تمام گھڻو زور ڏنو آهي ۽ سختي سان انهن ماڻهن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي پنهنجي فرض کان غافل آهن.
    قاضي صاحب فرمائي ٿو ته زندگي ۾ جوابداريون اچن ٿيون. اهي اهم هجن يا معمولي ، انهن کي بجا آڻڻ لاءِ ذميواري محسوس ڪرڻ گھرجي. عهدو عدنى هجي يا اعلى. هر صورت ۾ پاڻ کي پنهنجي حوالي ڪيل ذميوارين جو صحيح نموني احساس ٿيڻ گھرجي. اهڙي طرح اهو اصول سمجھڻ گھرجي.
    انهيءَ ڪري اسان سڀني کي گھرجي ته قاضي صاحب جيڪي اسان کي اصولي ڳالهيون سمجھايون آهن ، انهن تي عمل ڪرڻ گھرجي. اسان کي گھرجي ته احساس ذميداري محسوس ڪريون . فرض ٿيل ڊيوٽي کي مقرر ڪيل وقت تي ۽ سهڻي نموني سر انجام ڏيڻ جا عادي ٿي وڃون. اهڙي طرح اسان باضابطه، با اصول ڪامياب زندگي گذاري پاڻ ۾ سک ۽ سڪون سان رهنداسين ۽ ٻين کي به اطمينان بخش معاشروقائم ڪرڻ لاءِ آماده ڪري سگھنداسين.


    9. دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي

    . دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
    (علامه آءِ. آءِ قاضي)

    هي مضمون علامه آءِ. آءِ قاضي جي لکيل ”شاهه جي رسالي“ جي تشريح جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪا قاضي ضاحب انگريزي ۾ لکي آهي.
    هن مضمون ۾ قاضي صاحب انهن بين الاقوامي قدرن کي نظر ۾ رکي مقرر ڪيل انهن معيارن جي پرکا ڪندي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي سنڌي زبان جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.
    قاضَي صاحب ڪافي بحث ڪندي ٻڌايو آهي ته اسان مسلمان قوم پرست آهيون ۽ خود قرآن جي روشنيءَ ۾ دين کي قومي نظرئي ۾ تبديل ڪيو آهي. قاضي صاحب اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته قوم پرستي واري جذبي ۽ قومي نظرئي پيداٿيڻ کانپوءِ اسان کي ”تنهنجو“ ۽ ”منهنجو“ واري جذبي ۾ وچٿري حقيقت کان منهن نه موڙڻ گھرجي. پر حقيقت پسندي ۽ سچائيءَ سان مقرر ڪيل قدرن جي ڪسوٽي تي پنهنجن توڙي پرَاوَن شاعرن جي پرک ڪجي. ڪو به شخص يا قوم پنهنجي شاعرن، عالمن يا شخصيتن تي فخر ڪري ته ان ۾ ڪو به عيب ڪونهي. پر حقيقت کي چمڪائڻ خاطر ٻين جي گھٽتائي نه ڪرڻ گھرجي.
    پهريون معيار:
    اڄ کان هڪ صدي اڳ ڪارلائييل نظم ڇڏي نثر اختيار ڪيو۽ وڌيڪ چيائين ته ” جيڪڏهن ڪو نظم ڳائي نٿو سگھي ته ان کي شعر چوڻ مناسب ناهي“. هونءَ به راڳ جي وصف بيان ڪندي ان کي ”آوازن جي تنظيم“ چيو ويو آهي. اهڙي طرح هڪ عرب مصنف وري شعر جي وصف بيان ڪندي ان کي ” لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪوٺيو آهي.
    اهڙي طرح مٿئين دليل تي شاهه سائينءَ جي ڪلام جي پرکا ڪبي ته سندس ڪلام ۾ بي ساختي رواني اهڙي ته موجود آهي جو سندس ڪلام آساني سان ڳائي سگھجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه سائينءَ جو ڪلام پڙهڻ کان وڌيڪ ڳايو وڃي ٿو. ڪيترائي ماڻهو شاهه سائين جي ڪلام کي سمجھن به ڪونه ٿا پر ڳائن ضرور ٿا. تنهن جو مطلب ته شاهه صاحب انهي معيار تي هر طرح ۽ مڪمل طور پورو آهي.
    ٻيو معيار:
    نقادن جي راءِ آهي ته بين الاقوامي شعر اهو آهي جنهن کي جيڪڏهن تبديل ڪجي ته ان جي پهرين نزاڪت برقرار نه رهي سگھندي. مطلب ته اهو اهڙو مڪمل هجي جو انهي ۾ ترميم جي گنجائش نه هجي.
    هن معيار تي ڪو شاعر ورلي ملندو. خود شيڪسپئر جي ڪلام ۾ به ترميم جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان کي تبديل ڪيو ويو. پر شاهه صاحب جو ڪلام انهي ترميم يا اصلاح کان بلڪل مٿي آهي. جيڪڏهن شاهه صاحب جي شعر مان هڪ به لفظ مٽايو وڃي ته ان جو سمورو ترنم ۽ توازن بگڙي ويندو.
    شاهه صاحب جي شاعري جو هر هڪ لفظ، سٽ ۽ اکر کي هڪ وڏي اهميت حاصل آهي. انهن جو مٽائڻ ڪا مذاق ناهي، جيڪو ممڪن ٿي سگھي.
    ٽيون معيار:
    زبانن جو استعمال جنهن سان شاعر پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو، يورپين شاعرن کانسواء شيڪسپيئر جي ڪنهن شعر، ڪنهن ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ڪونه ڪئي. پر شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا صرف صوبائي ليکي ويندي هئي ان ۾ حيران ڪندڙ وسعت پيدا ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي شاعري کي مٿي بيان ڪيل معيار تي بيهاري ڏيکاريو آهي. شاهه صاحب هن ٻوليءَ کي ايترو ته وسيع بنايو جو اڄ به سندس فڪر ۽ ٻولي کي سمجھڻ ۽ سندس پرواز کي پهچڻ لاءِ وڏا وڏا ٻولي دان پنهنجون ذهني صلاحيتون صرف ڪري رهيا آهن
    مٿي بيان ڪيل معيار ترقي يافته قومن جا تجويز ڪيل آهن ۽ انهن جي ڪسوٽي تي پرک ڪرڻ کانپوءِ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي چئي سگھجي ٿو ته سواءِ لطيف سائين جي دنيا جو ڪوبه شاعر انهن معيارن تي پورو ڪونه آيو آهي. تنهن ڪري اسان سنڌين کي فخر ڪرڻ گھرجي. فخر سان گڏ ناز به ڪرڻ گھرجي. ڇو ته هن ڌرتيءَ تي ڪيئي شاعر حضرات پيدا ٿيا پر شاهه جو ثاني ڪو به نه ٿيو آهي. اسان کي اها اميد ڪرڻ گھرجي ته هن لاثاني شاعر جومٽُ نه ٿيندو ۽ سندس لافاني شعر ۽ ڪلام پوري دنيا ۾ ڳائبو. جيڪو هر هڪ جي ڪن ۾ گونجڻ لڳندو.


    10. مصطفى جي الوداعي نصيحت

    . مصطفى جي الوداعي نصيحت
    (عثمان علي انصاري)

    هي مضمون ڪتاب ” ادبي انتخاب“ تان ورتل آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ محترم عثمان علي انصاريءَ جو لکيل آهي.
    مصطفى محبوب پنهنجي وقت جو ڏاهو، عقل ۽ فهم جو صاحب ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي ديس کان ٻارهن سال پري پرديس ۾ رهيو هو. جڏهن هو پنهنجي وطن ڏانهن واپس ٿي وريو تڏهن شهر جي رهواسين ساڻس موڪلاڻيءَ جي ملاقات ڪئي. هن آيل شهر واسين کي ڏاهپ جا نڪتا ڏسيا. هن جيڪا الوداعي نصيحت ڪئي انهي جو تفصيل هن سبق ۾ ڏنل آهي.
    1. محبت
    محبت مطعلق مصطفى چيو ” محبت توهان کي پاڻ وٽ ايئن گڏ ڪندي، جيئن هڪ ڪڙمي پنهنجي ٻارِ ۾ فصل گڏ ڪندو آهي. پوءِ اوهان کي گھرجي ته توهان ان کي ڳڻتين جي ڳَاهَه ۾ ڳاهي، بُههُ ۽ مٽي جدا ڪري، جُدائي واري جنڊ ۾ پيهي، اڇو اٽو ڪري، پريت جو پاڻي وجھي، ڳوهي برهه جي باهه ۾ پچائي،ان لائق ڪريو جيئن اوهان پنهنجي محبوب جي مهماني لائق بنائيندا آهيو“.
    2. اولاد
    اولاد بابت مصطفى چيو ته ” ٻارن کي اوهان پنهنجا خيال نه ڏيو، ڇو ته قدرت کان هو پنهنجا خيال وٺي آيا آهن، جي بلڪل نوان آهن. هنن کي پاڻ جهڙو نه بڻايو، ڇو ته ارتقا جو اصول آهي ته دنيا ترقي ڪندي رهي ٿي. ”مستقبل کي ماضيءَ جو انتظار ڪو نه ٿيندو آهي“.
    3. خيرات
    خيرات بابت مصطفى چيو ته ” خيرات سائل کي ڏيڻ چڱي آهي. پر سوال کان اڳ ڏيڻ بهتر آهي. حقيقي سخي اهو آهي جيڪوسائل کي ڳوليندو وتي“.
    4. محنت
    محنت بابت مصطفى چيو ته ”محنت جو بهترين ذريعومحبت آهي. ڇو ته حياتي امنگ کانسواءِ بي معنى، عمل ۽ عقل کانسواءِ انڌي آ، عقل محنت کانسواءِ خالي دهل ۽ محنت، محنت کانسواءِ عذاب آهي“.

    5. ڏک ۽ سک
    هن بابت چيائين ته ”جڏهن پردي ۾ آهي ته ڏک آهي ۽ جڏهن بي نقاب ٿئي ته اهو سڀ سک بڻجي ٿو. ڏک وجود ۾ جيترو اونهو ويندو، اوترو ئي وڌيڪ خوشي لاءِ جاءِ پيدا ڪندو. بانسري هڪ مٺو ۽ آلاپ ڏيندڙ آواز آهي، اها پهريائين تيز اوزار سان پاڻ ڪورائي ٿي. ڀٽائي صاحب ڏکن ۽ سکن کي لازم ۽ ملزوم سڏيو آهي. هن چيو ته ” ڏکن سکن جي سونهن، گھوريا ڏک سکن ريءَ“.

    6. گھر
    گھرن بابت مصطفى چيو ته ” وڏين ۽ ڊگھين ديوارن وارا گھر، جن ۾ عيش ۽ عشرت جو سامان موجود آهي، اهي انسان کي ڪاهل ۽ سست بنائي، همت ۽ جوان مرديءَ واري جرئت ختم ڪريو ڇڏين. ان ڪري گھر اهڙا هجن جيئن اکين جي بچاءَ لاءِ قدرت اوهان کي ڇپر ڏنا آهن.
    7. جزا ۽ سزا
    هن بابت بزرگ چيو ته ” جڏهن اوهان جو روح غير حاضر آهي، تڏهن اوهان بي رهبر آهيو ۽ ٻين جو ڏوهه ڪريو ٿا، جيڪو پاڻ سان ظلم برابر آهي“.
    8. دوستي
    هن مطعلق مصطفى چيو ته ” دوست اوهان جي ضرورتن جو پيار ڀريو جواب آهي. دوستي هڪ اهڙو فصل آهي، جيڪو محبت سان پوکبو آهي ۽ شڪر سان ئي لڻبو آهي. دوستي فقط دوستيءَ لاءِ ڪجو. مطلب واري دوستي هڪ ڄار وانگر آهي جنهن ۾ شڪاري ۽ شڪار ٻئي ڦاسن ٿا.
    9. قوم ۽ قوميت
    هن مطعلق مصطفى چيو ته ” افسوس کائو! انهيءَ قوم کان، جيڪا جابر کي هيرو ۽ ظالم کي سخي ٿي سمجھي. افسوس کائو! انهيءَ قوم کان جنهن جون دانهون فقط پنهنجن جي ئي جنازن تي ٻڌڻ ۾ ٿيون اچن. افسوس کائو! انهيءَ قوم تي، جنهن جا اڳواڻ شيطان کان گھٽ ناهن. افسوس کائو! انهيءَ قوم تي، جيڪا برباديءَ تي فخر ڪري ٿي، جنهن جا فيلسوف مداري ۽ جنهن جا هنرمند نقال آهن، جنهن جا مدبر ٻوڙا ۽ گونگا هجن ۽ جنهن جا نوجوان پينگھن کان لهڻ نٿا چاهين“. افسوس کائو! انهيءَ قوم تي جيڪا ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي آهي ۽ سندس هر هڪ ٽڪر پاڻ کي جدا پوري قوم ئي سمجھي ٿو.
    آخر ۾ هڪ عابد وراڻيو ته ”مذهب جي باري ۾ به ڪجھ ٻڌايو“؟
    هن وراڻيو ته” هن وقت تائين مذهب کانسواءِ ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهايو اٿم ڇا؟
    اهو ئي مذهب آهي جيڪو سڀ ڪجھ ٻڌائي ٿو.
    محترم انصاري صاحب، مصطفى جي الوداعي نصيحت کي مذهبي رنگ ۾ پيش ڪري پاڻ کي ملهايو آهي. جيڪڏهن ان مضمون کي دل جي گھرائين سان پڙهبو ته مستقبل روشن نظر ايندو. ڏک. سکن ۾ تبديل ٿيندا. هر انسان جي دل ۾ قوم پرستي پيدا ٿيندي. قومي جذبي سان گڏخوفِ خدا به حاوي ٿيندو.


    11. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي

    . سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول نويسي
    (عبدالقيوم صائب)
    هي مضمون عبدالقيوم صائب جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ناول نويسيءَ تي بحث ڪيو آهي. ناول انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي ”نئين يا عجيب شيءِ“. ناول سنڌي ۾ انگريزي ادب ذريعي داخل ٿيو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجو اصطلاحي نالو پڻ کڻي آيو. اڄُ ڏينهن تائين اديبن کي انجي جاءِ تي ٻيو نالو استعمال ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي.
    ادب ۾ ناول انهيءَ قصي کي چئجي ٿو،جنهن ۾ ڪنهن خاص نقطهءِ نظر سان زندگيءَ جو حقيقي ۽ سچو روپ پيش ڪيو ويو هجي. ناول ۽ قصي ۾ اهو فرق آهي ته پراڻن قصن ۽ داستانن ۾ گھڻو ڪري مافوق الفطرت شين کي اهميت ڏني ويندي آهي، پر ناول انساني زندگي جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ انساني زندگي جي روزمره جي واقعن جي عڪاسي ڪري ٿو. ناول جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهو يورپ جي علمي سجاڳي ۽ سرمائيداري دور جي پيداوار آهي.
    ناول جيئن ته زندگي جي حقيقتن ۽ واقعن کي اڳيان رکي اڳتي وڌيو آهي، تنهن ڪري ان جو ميدان تمام وسيع آهي، جيتري زندگي. ناول جا هونئن ته گھڻائي قسم آهن. پر انجا ٻه قسم وڌيڪ اهميت جاڳا آهن.
    1 . رومانوي ناول
    2 . نفسياتي ناول
    رومانوي داستانن ۾ واقعن تي گھڻو زور ڏنو ويو آهي ۽ ان مان وندر، سڌاري يا کِل خوشي پيدا ڪرڻ جو ڪم نٿو ورتو وڃي ۽ نه ئي انهن ۾ حاضر مسئلن تي ڪو بحث ٿئي ٿو، بلڪه ان جو لاڙو هر انهيءَ پاسي رهي ٿو، جتي جتي تخيل جي اُڏام وڌيڪ بلند ۽ اعلى ٿي سگھي ان جي ڀيٽ ۾ نفسياتي ناول ۾ ڳوڙهي ويچار کي ايتري آزادي نٿي ملي ۽ ان ۾ حقيقت نگاري وڌيڪ هوندي آهي. سندس عمل جو دائرو معاشرت، سيرت ۽ ڪردار تائين محدود هوندو آهي.
    جهڙي طرح ناول ۽ داستان ۾ فرق آهي تهڙي طرح ناول ۽ افساني ۾ به بنيادي ۽ فني فرق آهي. ناول انساني حياتي جي مڙني حالتن جو مڪمل جائزو پيش ڪري ٿو. پر افسانو ڪنهن هڪڙي پهلو جي تصوير پيش ڪري ٿو. ناول ۾ مرڪزي پلاٽ سان گڏوگڏ ضمني پلاٽ پڻ ٿيندا آهن. جڏهن ته افساني ۾ فقط هڪ پلاٽ هوندو آهي. حاصل مقصد ته ناول کي جيڪو وسيع ميدان ۽ ماحول مليل آهي سو افساني کي نصيب ڪونهي.
    ناول جا مکيه عنصر هي آهن.
    1 . قصو
    2 . پلاٽ
    3. ڪرداري نگاري
    4. ماحول ۽ منظر نگاري
    5. جذبات نگاري
    6. گفتگو يا مڪالمه
    7. ٻولي ۽ بيان
    8.نقطهءِ نظر
    9. فنڪاري
    قصي کانسواءِ ناول کي ناول نه چئي سگھبو. پلاٽ کي پڻ ناول جي عنصرن ۾ اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته ڪامياب ناول ان کي چئبو آهي، جنهن جو پلاٽ مڪمل هجي. ايئن ئي ناول کي ڪردار نگاريءَ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ماحول ۽ منظر نگاريءَ کي به ناول ۾ وڏو عمل دخل آهي. ڪامياب ناول نگاري جي اها پڻ نشاني آهي ته هو جذبات نگاري تي پڻ ڌيان ڏئي. ناول ۾ مڪالمه اهڙا صاف ۽ موزون هجن جو هر هڪ ڪردار صاف ۽ الڳ نظر اچي ۽ ٻولي اهڙي ڪم آڻجي جيڪا سليس ۽ بامحاوره هجي. ناول نگاري پڻ هڪ فن آهي ۽ انجا اصول اهڙا هجن جو پڙهندڙن تي بار نه پوي.
    ليکڪ ناول جي مختصر تاريخ بيان ڪندي چوي ٿو ته سندي ٻولي جو پهريون ناول ”راسيلاس“ آهي جيڪو ساڌونولراءِ ۽ منشي اڌا رام گڏجي لکيو هو. جيڪو 1870ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو. اصل ۾ اهو ڊاڪٽر جانسن انگريزي ۾ لکيو هو، ان کانپوءِ 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ “دلارام” ناول لکيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ناول ليکيو وڃي ٿو ۽ 1890ع ۾ ٻيو ناول “زينت” لکيو ويو. جنهن ۾ ٻارن جي پرورش ۽ صحت ۽ اصول ٻڌايا ويا آهن.


    12. عام سنڌي شاعري

    . عام سنڌي شاعري
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)

    هيءُ مضمون ٻوليءَ جي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. هي سندس ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهي، جنهن ۾ لس ٻيلي جي سگھڙن جو احوال ڏنل آهي.
    ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته شعر ۾ حڪمت ۽ دانائي سمايل آهي. ڊاڪٽر صاحب حضرت عمر ﷦ جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس نظر ۾ ”عام شاعري به قوم جو مڪمل دفتر آهي“. انهيءَ حوالي سان هن سبق ۾ به ٻڌايو ويو آهي ته ” اسان جي عام شاعري به اسان جي سنڌي قوم جو مڪمل دفتر آهي“.
    عام سنڌي شاعري به انهيءَ شاعري کي چئجي ٿو جيڪا اسان جا سگھڙ ٿوري علم هوندي بنا ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي مشاهدي جي قوت سان عام فهم ۽ آسان لفظن ۾ چوندا هجن، جنهن کي سڀ ڪو ماڻهو آسانيءَ سان سمجھي سگھي. عام شاعري هر قوم جو عام دفتر هوندو آهي. جنهن ۾ قوم جو اخلاق، عادتن، ريتن ۽ رسمن، طور طريقن، تاريخ، فلسفي، سمجھ ۽ عقل جو سرمايو سهيڙيل هوندو آهي. پر افسوس جو اظهار ڪندي شاعر چوي ٿو ته ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هن عام شاعري کي فضول ۽ بيڪار سمجھي ان طرف ڪوبه توجه ڪو نه ٿا ڏين. پر لفاظي شاعريءَ کي سڀ ڪجھه سمجھي ان تي هرک هاري ويهن.
    عام شاعري کي فن جي استادن سموهي ۽ سينگاري سهڻو بڻايو آهي. هن شاعريءَ کي متن ۽ لغوي معنى سان ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. دوهو، وائي ۽ ڪافي. معنوي لحاظ کان پرولي، ڳجھارت ۽ هنر چيو ويندو آهي.
    ڏورڏهس ۽ سينگار:
    ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته خليفي گل محمد موزون شاعريءَ کي عام محاوري ۽ اصطلاح ۾ سمائڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي موزون شاعري جا گس ۽ پيچرا ڌار ڌار ٿيندي پنهنجو الڳ رخ اختيار ڪري ويا. جنهن ڪري موضوع شاعري ۽ عام شاعري ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو. عام شاعري تمام سادي آهي. بنا ڪنهن ٺڪ ٺوڪ ۽ جڙاءَ جي شاعر کي جيڪي سادا ۽ سلوڻا لفظ ملن ٿا، سي ايئن ئي کڻي رکي ٿو. اهي لفظ هٿرادو تضع کان آزاد هوندا آهن. جهڙي آهي سادي زبان اهڙو آهي ڪلام. ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ ۾ اصلي لفظن جو ذخيرو موجود هوندو آهي. ايئن کڻي چئجي ته ٻهراڙيءَ جي ٻولي، لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جي ڀرپور کاڻ آهي ته ان ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو، عام سنڌي شاعري اصل ۾ سنڌ جي زندگيءَ جي عڪاس هوندي آهي. عام شاعري هيرن جو هار آهي. ان ڪري سندس سوچن جي سٽاءَ ۾ لوهه سان سون، موتين سان گڏ عام پٿر ۽ هيرن سان گڏ ڪوڏو به نظر ايندو. هن جي نظر تيز ۽ ذهن سالم آهي. هو پنهنجي ڏيهه جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پوري ڄاڻ رکي ٿو. هن کي وڻن ٽڻن، گاهن، ٻوٽن، گسن رستن، تارن ستارن، اُڀ زمين،پکين ۽ جانورن جي پوري ڄاڻ آهي. جيتوڻيڪ هن جي خيالن جو پرواز شهري ماڻهوءَ کان گھٽ آهي. پر تجربي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس مشاهدي جي نظر تمام تيز آهي.
    عروضي شاعري کي به ڪنهن به قيمت ۾ رد نٿو ڪري سگھجي بشرطيڪ ان جو نالو به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن، ريتن رسمن، قوم ۽ سماج سان هجي. باقي شاعر جيڪڏهن رڳو فني فڪر ۾ اچي ڌرتيءَ سان ناتو ٽوڙي ويهندو ته ان شاعريءَ جو مثال ان عورت جهڙو هوندو جنهن کي پنهنجو حسن نه هجي پر صرف ميڪ اپ تي هلندي هجي.


    13. تمدن جي ماهيت

    . تمدن جي ماهيت
    (ڪريم بخش چنا)

    هي مضمون ڪريم بخش چنا جو لکيل آهي،جيڪو سندس ڪتاب ”تاريخ تمدنِ اسلام“ تان ورتو ويو آهي. هن مضمون ۾ ليکڪ لکيو آهي ته تمدن عربي ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو ”مدينه“ ۽ ”مدن“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي”شهر“ ۽ تمدني جي معنى آهي ” شهري زندگي گذارڻ“. تمدن اسان جي ”انس“ واري خصلت جي پيدائش. تمدن جي خصلت هر انسان ۾ فطري طور موجود هوندي آهي. تمدن انساني فطرت جي هيٺين ٽن اصولن تي مشتمل آهي.
    * پنهنجو بچاءَ ڪرڻ
    * هم جنس سان جماعت ۾ رهڻ
    * اولاد جي پيدائش ۽ پرورش ڪري ،انساني نسل کي بقا ڏيڻ
    حقيقت اِها آهي ته پکي پُکڻ ۽ جيت جڻا به گڏجي رهن ٿا. انهن کي هڪ ٻئي لاءِ احساس ۽ پيار آهي. اهڙي طرح انسان ۾ اها خصلت وڏي حد تائين آهي. تمدني زندگيءَ ۾رهڻ ڪري هر هڪ انسان کي پنهنجي پاڙيسرين، شهرين ۽ ملڪي ماڻهن جي حقن جو خيال رکڻو پوي ٿو. جنهن ڪري انسان پنهنجي زندگي کي پر لطف بڻائي سگھي ٿو. تمدني زندگيءَ ۾ جيڪي فرد پنهنجون ذميواريون پوريون نٿا ڪن،تن کي قوم جي طرفان سزا ڏني وڃي ٿي. ايئن ئي قوم جي خوشحاليءَ لاءِ اُپاءَ وٺڻ خاطرانساني جماعتن ۾ حڪومتن جو بنياد پيو. دنيا جي ابتدا کان وٺي حڪومتي سرشتا مختلف پئي رهيا آهن. ڪن ملڪن ۾ شخصي يا جبري حڪومت آهي، ته ڪن ۾ جمهوري يا عوامي حڪومت آهي.
    مطلب ته تمدن کي ٺاهڻ ۾ ڪروڙين ماڻهن جون ڪوششون سوَن سالن تائين جاري رهيون. هر هڪ قوم کي پنهنجون پنهنجون تاريخي ۽ مذهبي روايتون، طبعي ضرورتون ۽ روحاني تمنائون آهن. جن جي پورائي لاءِ انفرادي ۽ اجتمائي نموني پنهنجين سمورين صلاحيتن سان ڪوشش ڪري ٿي ۽ مختلف قسمن جون سياسي، مذهبي ۽ سماجي جماعتون ۽ ادارا مختلف فنن جا طور طريقا، مختلف قسمن جا رواج، خيال ۽ عقيدا ايجاد ڪري ٿي. انهن سڀني معاملن کي گڏي ان قوم جو تمدن چئي سگھجي ٿو. تهذيب ۽ تمدن ۾ اهو فرق آهي تمدن سڄي قوم جي رسمن، رواجن ۽ ادارن کي چئجي ٿو ۽ تهذيب فقط هڪ شخص جي رسمن، عادتن، خيالن. قولن ۽ ڌنڌن کي چئجي ٿو. يا ايئن کڻي چئجي ته تهذيب هڪ فرد سان لاڳاپيل هوندي آهي ۽ تمدن جو واسطوپوري قوم سان هوندو آهي.


    14. علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا

    . علم ادب جي ترقيءَ جا طريقا

    هي مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڏاهي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي تقرير تان ڪوريل آهي. هي چند جملا ڪنهن ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ڪنهن تقرير ۾ چيا آهن.
    هن مضمون ۾ قاضي صاحب علم ۽ ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ پنهنجي اعلى ڄاڻ جي خزاني مان تجويزون ۽ طريقا ڏسيا آهن. قاضي صاحب علم ۽ ادب جي سونهن سنوار لاء فڪر، حافظي، تاديب، تهذيب تاريخ ۽ سوانح نگاري نظرئي سان سچائي کي ضروري ٻڌايو آهي.
    فڪر:
    فڪر ئي حقيقت ۾ علم و ادب جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي، جنهن سان مضمون ۽ تاثير ۾ تاثر ٿئي ٿو. جيتري فڪر ۾ گھرائي ۽ پختگي هوندي اوترو مضبوطيءَ سان خيال پيش ڪري سگھبو. فڪر تي پختگي ۽ مضبوطي لاءِ وري يادگيري ۽ حافظي جو وڏو عمل دخل آهي. ليکڪ جو حافظو جيترو تيز هوندو، اوترو ئي هو مطالعي ۽ مشاهدي مان پرائي ۽ حاصل ڪري سگھندو.
    تاديب ۽ تهذيب:
    تهذيب ”ذهب“ لفظ مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب ”سنوارڻ يا سڌارڻ“ آهي. مهذب جو مطلب ٿيو ”سڌريل“. قاضي صاحب چوي ٿو ته ادب جي حقيقي معنى آهي ”تهذيب لطافت ياشائستگي“. انهي ڪري جهڙي طرح ٻنيءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ کانسواءِ ٻج ڇٽڻ مان سٺو فائدو نٿو وٺي سگھجي، تهڙي طرح تعليم تربيت سان گڏ ادب لاءِ تهذيب ۽ سائستگي به ضروري آهي. تهذيب ۽ تاديب به ساڳئي ئي مطلب ۾ مقصد وارا لفط آهن، جيڪي ادب جي سوز ۽ سنوار لاءِ ضروري آهن.
    تاريخ:
    علم کي وڌائڻ جو ڏس ڏيندي قاضي صاحب ٻڌائي ٿو ته تاريخ کي محفوظ ڪرڻ سان وڏو علمي ۽ ادبي خزانو هٿيڪو ٿي سگھي ٿو. مثال طور قاضي صاحب وتائي فقير جا ٻه قول پيش ڪندي ٻڌايو اهي ته اهڙي قسم جا واقعا ۽ ڳالهيون اسان جي ادب ۽ تهذيب جو نه رڳو حصو آهن. نه رڳو ادب ۽ تهذيب پر تواريخ جو اهم حصو آهن. جن کي محفوظ ڪري اسان پنهنجي تواريخ هٿ ڪرڻ سان گڏ علم ۽ ادب جي هڪ وڏي ذخيري کي يڪجاءِ ڪري سگھون ٿا.
    سوانح نگاري:
    قاضي صاحب ٻڌائي ٿو ته هڪ غريب هاري ناري کان وٺي ويندي وڏي سوچ ۽ فهم واري اڪابر جي زندگي پنهنجي جاءِ تي هڪ سٺي ڪهاڻي آهي. جيڪڏهن هر ڪو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي سچائيءَ سان قلمبند ڪري ته هوند ڪيئي ڪتاب جڙي پون. اهڙي طرح سوانح عمريون ۽ آتم ڪهاڻيون (ڪٿاهون) گڏ ڪري اسان ادب جي خزاني کي ڀرپور ڪري سگھون ٿا.
    سڀني تجويزن، مشورن ۽ طريقن بيان ڪرڻ کانپوءِ قاضي صاحب سچائيءَ تي گھڻو زور ڏنو آهي. مقصد سان سچائيءَ لاءِ ۽ سچائي جو معيار بلند ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. نه صرف علم ۽ ادب جي ڪاميابي پر زندگيءَ جي هر موڙ تي سچائي جو معيار بلند ڪري ڪاميابيون ماڻي سگھجن ٿيون.


    شاعرن تي نوٽ

    ”شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو“

    (1538ع_ 1623ع)
    شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو 1538ع ۾ سيد لال محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو. سندن وڏن جو مشڪن مٽياري هو. پوءِ اتان لڏي بُلڙي کي آباد ڪيائون. پاڻ شاهه لطيف جو پڙ ڏاڏو ۽ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ مشهور اهل الله مخدوم نوح جي صحبت ۾ ڳچ عرصو گذاريائون. ڪن تذڪره نويسن اهو پڻ لکيو آهي ته شاهه ڪريم روحاني فيض سيد ابراهيم شاهه بهاري کان ورتو. جيڪو سنڌ ۾ آيو هو. سندس زندگي ۾ خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو. جواني کان پيري تائين پاڻ ڪيترائي سير سفر ڪيا اٿن. جن ۾ لاڙ، وچولو ۽ سري کان سواءِ دهلي، دکن ۽ گجرات جهڙا شهر شامل آهن.
    شاهه صاحب هڪ پرهيزگار ۽ متقي بزرگ هو. پاڻ تصوف جي ايثار ۽ سمجھاڻي لاءِ ڪو اهڙو رستو نه ڳوليائون جيڪو عام ماڻهن جي سمجھ کان ٻاهر هجي. ان پنهنجي گفتگو ۾ مريدن کي ڪي نقطا وقت بوقت چيا ۽ ڪي بيت پڻ چيا آهن، جيڪي ڪتاب “بيان العارفين و تنبيهه الغافلين” ۾ ڏنل آهن. جيڪو مريد ميان محمد رضا مير دريائي ٺٽويءَ سندس وفات کان ڇهه سال پوءِ تصنيف ڪيو. سندس فڪر جو سرچشمو قرآن کان وٺي رومي تائين ملي ٿو. پاڻ 88 سالن جي عمر ۾ 1623ع ۾ وفات ڪيائون.


    ”حضرت خواجه محمد زمان لنواري“

    حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان سنڌ جي ناميارن بزرگن مان هئا. سندن طريقو نقشبندي هو. پاڻ بدين ضلعي جي لنواري ڳوٺ جا رهاڪو هئا. سندن حياتيءَ جو احوال ڪتاب “مرغوب احباب” ۾ بيان ٿيل آهي. سندن ولادت 1713ع ۾ ٿي. پاڻ ڄمندي ڄام هئا. سڄو ڏينهن عبادتِ الاهيءَ ۽ فيض ڏيڻ ۾ گذاريندا هئا. سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي دور ۾ سندس مريد ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو هو پر جيئن ته نقشبندي طريقي ۾ راڳ جي ممانعت آهي، ان ڪري شاهه صاحب سندن مريد نه ٿي سگھيو. باقي کانئس ايترو متاثر ٿيو جوسندس شان ۾ چوندو هوته:
    مون سي ڏٺا ماءِ، جن ڏٺو پـــــــــــــــرينءَ کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگھان ڳالهڙي.
    خواجه صاحب ادب، منطق، حڪمت، فلسفي ۽ فقه جو ڪمال حاصل ڪندي عربي، فارسي، سنڌي زبان ۾ بي تڪلف ۽ پخته شعر چيا آهن. خاص ڪري ڪافي ۾ خاص مهارت حاصل آهي. هن وقت تائين سندس 85 سنڌي بيت مليا آهن جيڪي حقيقي معرفت جو سر چشم آهن. خواجه صاحب جي هن بيت ۾ اعلى شاعري جي تصوير ظاهر ٿئي ٿي.
    جنين ڏٺو پاڻ کي، تنين ڏٺو سپرين،
    غلط ايءُ گمان، عـــارف پسي آرسي.
    هن علم فنون جي ڪامل درويش 1774ع ۾ وفات ڪئي، سندن قبر لنواري شريف ۾ آهي، جيڪا عام و خاص لاءِ زيارت گاهه بڻيل آهي.


    ”خليفو گل محمد گل“

    خليفو گل محمد گل هالن پراڻن جي ساوڻي اخوندن مان هو. پاڻ سن 1226هجري (1808ع) ۾ ڄائو. پاڻ فارسي عربيءَ جو چڱو ڄاڻو هو. سندس وڏا پيرسائين پاڳاري جا خليفا ۽ مريد هئا. والد جي وفات کانپوءِ خلافت جي پڳ گل محمد تي آئي. پير سائين پاڳاري وٽ سڀني مريدن کان وڌيڪ عزت هوندي هئي. خليفو گل محمد گل اعلى درجي جو عروضي شاعر هو. “گل” تخلص طور ڪم آڻيندو هو. پاڻ سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌي الف_ب جي قافين تي ديوان تيار ڪيو. جيڪو “ديوانِ گل” جي نالي سان مشهور آهي. سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. جهڙوڪ علم عروض جي جدا جدا ارڪانن ۽ بحرن ۾ سنڌي نظم جوڙڻ نج سنڌي لفط ڪم آڻڻ.
    جدا جدا ڌنڌن ۽ هنرن کي شاعرانه نظر سان چڪاسي ان مان اخلاقي ۽ روحاني سبق وٺڻ. غزل جو خاص مضمون حسن ۽ عشق آهي پر گل تصَوف سان گڏ معاشي ۽ معاشرتي ڳالهين کي به غزل جي زينت بڻايو


    ”حضرت سچل سرمست“ رحه

    حضرت سچل سرمست ڳوٺ “درازا” ضلع خيرپور ۾ ڄائو. سندس اصل نالو ميان عبدالوهاب هو. سندس مائٽ سچ ڳالهائڻ ڪري کيس “سچو” ۽ “سچيڏنو” ڪري سڏيندا هئا. سندن پيءُ ميان صلاح الدين فاروقي کانپوءِ سندن چاچي ميان عبدالحق جي تربيت هيٺ رهيو ۽ روحاني فيض پرايائين.
    سچل سائين قرآن شريف جو حافظ عربي و فارسيءَ جو عالم پڻ هيو. هڪ روايت موجب حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪنهن ڪم سانگي درازن ۾ آيو، تڏهن سچل سرمست اڃا ٻالڪ هو، شاهه صاحب ڏسي کيس چيو ته “ هي ڇوڪر اسان جي چاڙهيل ڪني جو ڍڪڻ لاهيندو”. اڳتي هلي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي ۽ سچل سرمست “هفت زبان” شاعر سڏجڻ لڳو، ڇو ته پاڻ هڪ ئي وقت سنڌي، عربي، سرائيڪي، پنجابي، هندي، اُردو ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين.
    سچل سائينءَ جو ڪلام بيباڪيءَ جو آئينو آهي. پاڻ اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ته خدا تعالي انسان کي پنهنجي نور مان پيدا ڪيو آهي. انسان جيستائين حق جي طلب نٿو رکي، ايسيتائين اهو گمراهيءَ جي گردش مان ٻاهر نٿو نڪري سگھي. قرب ۽ محبت جي ڪا به حد مقرر ناهي. ڇو ته انسان جڏهن قرب جي تانگھ ۾ پوي ٿو، تڏهن پاڻ کي مرڪز جي چوڌاري گھمندي محسوس ڪري ٿو.
    پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پنهون پڻ پاڻ،
    اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيون پاڻ کي.

    سچل صاحب جي شاعري ۾ حق جي پيروي لاءِ هدايت ملي ٿي. جيڪي راز اڳ وارن شاعرن پردي ۾ رکيا، سچل سائين تن کي عيان ڪيو. پاڻ 1829ع ۾ وصال ڪيائون. سندس مزار درازا ۾ آهي.


    ”مير عبدالحسين خان سانگي“

    مير عبدالحسين خان سانگي ٽالپرن جي دور جي آخري حڪمران مير نصير خان جو پوٽو ۽ مير عباس علي خان جو فرزند هو. مير عباس علي خان ڪلڪتي جي هزاري باغ ۾ اسيري دوران هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان کيس عبدالحسين خان سانگي 1850ع ۾ ڄائو. ڇهن سالن جو مس ٿيو ته سندن والد انتقال ڪري ويو. پوءِ سندس چاچي مير حسن علي خان سندس پرورش ڪئي.سن 1859ع ۾ انگريزن جي قيد مان آزاد ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو ۽ حيدرآباد ۾ ئي آخوند عبدالعزيز ۽ احمد سانوڻيءَ کان تعليم پرايائين. سرڪار وٽان کيس اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽيءَ جو عهدو مليو. پاڻ 12 جون 1924ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس وصيت مطابق شاهه لطيف جي ڀرسان ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو ويو.
    سانگيءَ کي شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هو. جوانيءَ ۾ سندس شاعري ڏاڍي ترقي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. جن کي مختصر بيان ڪجي ٿو. مثلاً هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيتريون ئي نيون تمثيلون ڪم آنديون، سندس ڪلام ۾ حسن ۽ عشق جون ڳالهيون سڌوسنئون بيان ٿيل آهن. سندس ڪلام ۾ انگريزي لفظ به ڪتب آيل آهن. ان کانسواءِ هن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن جا نالا به ڪم آندا آهن. مطلب ته سانگيءَ جو شعر وطنيت جي جذبن سان ڀرپور آهي. منجھس جدت ۽ اسلوب بيان ۾ نواڻ آهي. پاڻ سنڌي غزل جو اڳواڻ آهي. هن هڪ طرف سنڌي غزل کي زندگيءَ جي مختلف احساسن ۽ امنگن جي اظهار جو ذريعو بڻايو ته ٻئي طرف سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي.


    فقير قادر بخش ”بيدل“

    فقير قادر بخش “بيدل” انگريزن جي ابتدائي دور جو صوفي شاعر آهي. سندس والد جو نالو ميان محمد حسن قريشي هو. پاڻ 1814ع (1230هه) تي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو عبداالقادر هو پر سيد عبداالقادرجيلاني جي عقيدت ۾ مٽائي قادربخش رکيو ۽ “بيدل” تخلص طور ڪم آندائين. ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪافي علم حاصل ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي مٽيون ڀريندو رهيو، جتان فيض حاصل ٿيندي ئي سچل سرمست جي درگاهه تي پهتو. وڌيڪ فيض وٺندي ئي روهڙي روانو ٿيو ۽ شاعري جي شروعات ڪيائين. ڪيترين ئي زبانن ۾ شاعري ڪيائين. سنڌي ڪافيون نهايت اعلى درجي جون چيون اٿس. جيڪي نه صرف فني لحاظ کان پختيون آهن پر مقصد جي لحاظ کان به اهميت جوڳيون آهن. جن ۾ روحاني راز سمايل آهي.
    پاڻ 18 مئي 1872ع ۾ راه رباني ورتائين.


    ”مرزا قليچ بيگ“

    مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي ضلع حيدرآباد ۾ 7 آڪٽوبر 1853ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو فريدون بيگ هو. پاڻ ابتدائي تعليم آخوند شفيع محمد کان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ عربي، فارسي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايلفنسٽن ڪاليج بمبئي مان بي_اي جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد موٽي آيو ۽ مختيارڪار جي عهدي تي فائز ٿي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان 1909ع ۾ رٽائر ٿيو. دورانِ نوڪري توڙي رٽائر ڪرڻ بعد به سندس مشغلو پڙهڻ ۽ لکڻ رهيو. پاڻ هڪ ئي وقت شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ترجمي نگار، ڊرامه نگار ۽ تاريخدان هو. انهن خوبين عيوض کيس ”شمس العلماءَ“ ۽ “خانبهادر” جو لقب مليو. سندس ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو آهي. جيڪي انگريزي، پارسي، عربي ۽ اردو زبانن مان ترجمو ٿيل آهن. سندس قلم جي رفتار کي اڃا تائين ڪو پهچي ناهي سگھيو. جنهن دور ۾ سنڌي نثر جي گھڻي اڻاٺ هئي، ان دور ۾ هي واحد سنڌي اديب هو، جنهن انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ قلم کنيو ۽ ناٽڪ نويس، سوانح نگاري، سوانح عمري جهڙين صفتن کي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو.
    پاڻ 67 سالن جي عمر ۾ 3 جولائي 1929ع ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويا.


    ”سيد ثابت علي شاهه“

    سيد ثابت علي شاهه 1740ع ڌاري ڄائو. ميرن جي دور حڪومت ۾ ميرن جي حمايت ڪري ميرن جي ويجھو ٿيو. جيئن ته پاڻ شيعه مسلڪ سان واسطو رکندو هو ۽ مجلسون وغيرو پڙهندو هو. پر انهن مجلسن ۾ پراڻا اُردو ۽ پنجاپي مرثيه پڙهندو هو. انهن ڏينهن ۾ سيوهڻ ۾ پير اسد الله سجاده نشين هو. ان کي پٽ ڄائو ته سيد ثابت علي شاهه ان تي مبارڪبادي قصيدو ٺاهيو، جو پير صاحب کي ڏاڍو وڻيو ۽ کيس گھرائي پاڻ وٽ رکيو ۽ سڄو سال مجلسون پڙهندو رهيو. انهي دوران کيس سنڌي زبان ۾ مرثيه چوڻ جو خيال ٿيو ۽ پهريون مرثيو
    اي خدا جا لاڏلا، سردار سرور ياحسين.
    چئي شهرت ماڻي. اهڙي طرح مرثيه کي عروج تي پهچائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. اڄ ڏينهن تائين ان صنف ۾ سندس ڪو مٽ ٿي ناهي سگھيو، توڙي جو سندس مرثين ۾ فارسي ۽ عربي ٻولي استعمال ٿيل آهي. تنهن هوندي به نهايت مزيدار ۽ رنگين آهن. منجھس فصاحت ۽ بلاغت جهڙيون خوبيون نمايان آهن.
    پاڻ 27 سالن جي عمر ۾ 3 جولائي 1810ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪيائون.


    ”حمل فقير“

    حمل فقير ذات جو لغاري بلوچ هو ۽ سيرڪاڻي قبيلي منجھان هو. پاڻ ڳوٺ مير خان لغاري ضلع خيرپور ۾ 1225هه بمطابق 1890ع ڌاري رحيم خان لغاري ضلع خيرپور ۾ 1225هه بمطابق 1809ع ۾ رحيم خان لغاري جي گھر ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ ديره غازي خان کان لڏي اچي خير پور ۾ ويٺا هئا ۽ بعد ۾ نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ مير خان لغاري ۾ اچي رهڻ لڳا.
    پاڻ جيتوڻيڪ سرائيڪي هو، پر سنڌي زبان تي ڪافي لاڀ حاصل ڪيو هئائين. پنهنجي خوش طبعي ۽ علمي لياقت جي ڪري تمام گھڻو مشهور ٿي ويو. پاڻ لنواري وارن جو مريد هو ۽ ٽالپرن جي دور جو عوامي شاعر هو. سندس ڪلام ايترو ته مشهور آهي جو عام و خاص ماڻهوسندس بيت جھونگاريندا رهن ٿا.
    حمل فقير جي ڪتابن ۾ “ ڪلياتِ حمل” ته سڪ جي داستانن سان ڀريل آهي ڇو ته سڪ جو دل جي گھرائيءَ سان گهاٽو تعلق آهي. ان کانسواءِ سندس ڪليات جي يارهن داستانن ۾ دوستن ۽ يارن جي بيوفائي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. حمل فقير طبيعت جو تمام سادو هو، پاڻ هميشه سائو پهراڻ ۽ سائي پڳ ٻڌندو هو. آخر 71 ورهين جي عمر ۾ 2 صفر 1296هه بمطابق 1880ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آرامگاهه ساڳي ڳوٺ جي ڀرسان ابراهيم شاهه واري مقام ۾ آهي، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي.


    ”حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ رحه

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي شاهه ڪريم ، لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت کانپوءِ بيت جو باڪمال شاعر آهي. پاڻ 1689ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو حبيب شاهه هو. شاهه صاحب کي شروع کان ئي سير ۽ سفر جو شوق هو. انهيءَ ڪري پاڻ نه صرف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھميو پر سنڌ کان ٻاهر پڻ ويو.
    شاهه صاحب جي شعر ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهن، جيڪي دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر ۾ هئڻ گھرجن. شاهه صاحب جي عظمت جو اعتراف نه صرف ڏيهي اديبن ڪيو آهي پر غير ملڪي اديب، مفڪر ۽ نقاد سندس فڪر جي گھرائي کي تسليم ڪن ٿا. سنڌي زبان جي لفظن جي استعمال جي لحاظ کان شاهه صاحب سند جي حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري سنڌي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي ترجمان آهي.
    شاهه صاحب بيت جي صنف ۾ نه صرف پختگي آندي پر ان جي نئين سر تعمير پڻ ڪئي. جنهن کي بار بار پڙهڻ سان خيالات جي بلندي جا نوان نوان نقطا نظر ايندا ڇو ته سندس گرفت نه صرف روحاني فيض تائين مشتمل آهي پر ساڳي وقت پاڻ انساني فطرت جو به ڄاڻو نظر اچي ٿو.
    شاهه صاحب 63 سالن جي عمر ۾ 1752ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري ۾ آهي. جتي هر سال 14 صفر تي ميلو لڳندو آهي.


    ”سرويچ سجاولي“

    محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو ”سرويچ سجاولي“ 14 مارچ 1937ع ۾ سجاول جي ڀرسان ڳوٺ ابراهيم تارڙي ضلع ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشهور شاعر مولوي احمد ملاح کان متاثر ٿي 1959ع ۾ شاعريءَ جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ هن وقت سنڌ جي بهترين شاعرن جي لسٽ ۾ آهي. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي.سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي اها آهي ته سندس شعر بلڪل سادي ۽ سولي زبان ۾ آهي . يا ايئن کڻي چئجي ته پاڻ شاعري ۾ ڳوٺاڻي زندگي جي سچي پچي تصوير پيش ڪئي آهي. پاڻ هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي غزل، گيت، بيت، ڪافي ۽ نظم وغيره تي عبور حاصل ڪيو اٿس. سندس انداز بيان ۾ هڪ طرف سيلاب بي پناهه واري رواني آهي ته ٻئي طرف من موهيندڙ لفظ ۽ دلڪش ترڪيبن جو جادو سمايل آهي. کيس سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين محبت آهي.


    ”حافظ محمد ”احسن“

    حافظ محمد احسن ڪنهن به رسمي تعريف جو محتاج ناهي. سندس نالو محمد لقب حافظ ۽ تخلص ”احسن“ آهي. سندس والد جو نالو جمعه خان چنه هو. پاڻ 12 اپريل 1900ع ۾ ڳوٺ ملڪاڻي ضلع دادو ۾ ڄائو. پنجن سالن جي عمر ۾ مولانا غلام محمد ملڪاڻي جي نظر ڪيميا جي اثر کان مستفيض ٿيو. جن وٽان ظاهري توڙي باطني علم حاصل ڪيائين. ڪتابن جي وسيع مطالعي کانپوءِ منجهس تصنيف ۽ تاليف، شعر گوئي ۽ مقاله نگاري جو شوق ذوق پيدا ٿيو. 1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو کوليائين. پاڻ شاعريءَ جو آغاز 1921ع ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم جمعه خان غريب جي صحبت سان ڪيو. سندس ڪلام جي سادگي، رواني ۽ پختگي، سندس فن جو نمايان معيار آهي. پاڻ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي غزل، قصيدو، رباعي، مثنوي ۽ وائي تي عبور حاصل ڪيو. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندي رهي آهي. سندس نظم جي ڪتابن ۾ ديوان ِاحسن ، مظاهر مصطفوي. گلدستهءِ احسن، لطيفي لات وغيره شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته نثر ۾ ترغيب العلم، سچن تي ستم، شاهه جو پيغام، مخدوم بلال، قصص الانبياء شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ 18 جون 1986ع ۾ وفات ڪري ويو.


    ”نياز همايوني“

    نياز همايوني جو شمار سنڌ جي انهن قومي شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن ورهاڱي کان اڳ آزادي جي هلچل ۾ حصو ورتو.سندس جنم 1930ع ۾ ڳوٺ همايون ضلع سکر ۾ ٿيو. مختلف درسگاهن مان تعليم ۽ تربيت مڪمل ڪري علم طب ڏانهن رجوع ٿيو. اتان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ڪجھ طبي ادارن ۾ اُستاد پڻ رهيو. سندس شاعريءَ ۾ اصليت جو عنصر گھڻي تعداد ۾ ملي ٿو.سندس انقلابي ۽ قومي شاعري ۾ وقت جي ڳالهه ۽ زندگيءَ جو درد دُهرايل آهي، جنهن ڪري ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هن لافاني شاعر جو تذڪرو ٿيندو رهي ٿو.
    نياز همايوني پنهنجي فن جي انفراديت ۽ فن جي اسلوب جي جدت سبب سنڌي ادب ۾ اهم مقام حاصل ڪيو آهي. کيس نظم جو بادشاهه چئجي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته سندس طويل نظمن ۾ ڪٿي به ڪو ابهام يا لچڪ نٿو نظر اچي. اهو ئي ڪارڻ جو سندس هر شعر دلين ۾ گھاءُ ڪري وجھي ٿو. جذبات جي فراواني هن عظيم شاعر جو ڏاج آهي. افسوس اهو آهي جو سندس ڪو به مجموعي ڪلام اڃا تائين شايع نه ٿي سگھيو آهي.


    ”شيخ عبدالحليم ”جوش“

    شيخ عبدالحليم جوش 01 مارچ 1932ع ۾ ڄائو.سندس والد جو نالو شيخ عبدالله عبد آهي. ادبي ذوق ورثي ۾ مليس، جنهن ڪري ڪراچي جي نوان آباد جي علائقي جي هڪ سنڌي اسڪول ۾ هميشه ادبي ۽ علمي سرگرميون رهيون اٿس. اسڪول جي تعليم جي دور ۾ شاعري سان سندس دلچسپي پيدا ٿي. پاڻ مشاعرن ۾ پڻ ويندو هو. 1947ع ۾ ميرپور خاص پڙهڻ کانپوءِ 1948ع ۾ ڪراچي موٽي آيو ۽ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. ان وقت ”بزم ادب نظامي ۽ محفلِ احباب“ ۾ باقاعدي شعر پڙهڻ شروع ڪيائين ۽ استادن جي همٿ افزائي سان سندس طبيعت شاعريءَ ڏانهن پوري طرح رجوع ٿي. جنهن ڪري پاڻ سائنس ڇڏي آرٽس پڙهڻ شروع ڪيائين. شاعري جي اصلاح پنهنجي والد کان ورتائين. جوش بنيادي طور غزل جو شاعر آهي. پر سندس فن ۾ قلندرانه بيباڪي نظر اچي ٿي. سندس بيان جي سلاست ۽ خيال جي جدت نظر اچي ٿي. پاڻ ڪجھ وقت محڪمهءِ اطلاعات ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي طور ڪم ڪري چڪو آهي.


    اشتقاق

    اشتقاق ڇا آهي؟

    اشتقاق بنيادي طرح عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي “چيرڻ ، ڀڃَڻ، ٽڪڙا ڪرڻ يا بنيادي ڌاتو ڪڍڻ” عام اصطلاح ۾ اشتقاق جي معني آهي ڪنهن لفظ جو بُڻ بنياد يا جڻُ جانچڻ لاءِ ان کي چيري ان جي تهه تائين پهچڻ. اسان جي ٻولي عربي ، فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين جي پيداوار آهي. ان ڪري مختلف ٻولين جا لفظ جڏهن شامل ٿي چڪا آهن ته انهن کي صاف ڇاڻي علحيده ڪرڻ کي اشتقاق چئبو آهي.


    72 لفظن جا اشتقاق

    1 . رســــــــــم الخط
    رسم : نمونو +ال: جو + خط : لکڻ جي صورت (لکڻ جو نمونو)

    2 . همـــــــــــــــــــــدرد
    هم: ساڳيو +درد: تڪليف (ساڳيو درد رکڻ وارو)

    3. بيــــــــــــــــــــوس
    بي : کانسواءِ + وس : طاقت : مجبور (طاقت کانسواءِ) درچار

    4. عظيــــــــــم الشان
    عظيم : وڏو +ال : جو + شان : عزت (وڏي عزت وارو)

    5. طاقــــــــــــتــــــــــــور
    طاقت : همٿ + ور : وارو (پهلــــــــــــــوان)

    6. تنـــــــــــدرســــــــت
    تن : جسم +درست: صحيح (چڱو ڀلو)

    7. دارُالــــــــــــــــــــفنـاء
    دار: گھر +ال : جو + فنا : ختم (ختم ٿيڻ واري دنيا)

    8. گلســـــــــــــــتان
    گل : گل + آستان : گھر ( باغيچو)

    9. ناول نـــــــــــويس
    ناول : ناول + نويس : لکندڙ (ناول لکندڙ)

    10. مهاراجــــــــــــــــــــا
    مها : وڏو + راجا: راجا (وڏو راجا)

    11. سُـــــــــــــــر خـــــــــــرو
    سرخ : ڳاڙهو + رو : منهن ڪامياب (ڳاڙهي منهن وارو)

    12. خـــوشـــــــــــــــــــبوءِ
    خوش : سٺو + بوءِ : واس (سٺي بوءِ وارو)

    13. پيشــــن گوئي
    پيشن : اڳواٽ + گوئي : چوڻ (اڳڪٿي ڪرڻ)

    14. لاطــــــــــــمع
    لا : نه + طمع : لالچ (ڪابه لالچ نه رکڻ)

    15. سنگــــــــتراش
    سنگ : پٿر + تراش : گھڙڻ (پٿر گهڙيندڙ)

    16. کٽراڳ
    کٽ : خراب + راڳ : سُر (خراب راڳُ، گوڙ شور)

    17. شـــــــــبـــــــــــــــنم
    شب : رات + نم : آلاڻ (ماڪَ جا ڦڙا)

    18. گاســـــــــــليٽ
    گئس : تيل + لائيٽ : روشني ( تيل جي روشني، ٻارڻ جو ايندهن)

    19. دستــــــــــــگير
    دست : هٿ + گرفتن : وٺڻ (هٿ وٺندڙ، مدد ڪندڙ)

    20. اُم الخيــــــــــــــر
    اُم : ماءَ + ال : جو، جي + خير : ڀلائي ( ڀلائي جي ماءُ)

    21. مــــــــنــصف
    مُ : ماڻهو + نصف : انصاف ڪرڻ وارو (انصاف ڪندڙ ماڻهو)

    22. جــــــــــهان آرا
    جهان : دنيا +آراستن+ سينگارڻ (دنيا جو سينگاريندڙ)

    23. نــــــــــــــــرڄو
    نر : سواءِ + تڄا : شرم (بي شرم)

    24. مخــــــــــــــدوم
    خدم : چاڪري ڪئي وئي ( جنهن جي خدمت ڪئي وڃي)

    25. مهمان نـــــــــــــــــواز
    مهه : چنڊ + مان : عزت + نواز : نوازيل ( عزت سان نوازيل)

    26. ســـــــــــــنـــــــــــگدل
    سنگ : پٿر + دل :دل (سخت دل)

    27. ســــــــــــــــــر تاج
    سر : مٿو + تاج : ڇَٽ (وڏو ماڻهو يا اڳواڻ، ورُ يا مڙس)

    28. سُـــــــــــگھـــــــــــــــڙ
    سُ : سُٺو + گھڙ : ٺاهيندڙ (سُٺو ٺاهيندڙ)

    29. خـــــــــــــــــانه بــــدوش
    خانه : گھر + بدوش : ڪلهي تي (سدائين لڏ پلاڻ ۾ رهڻ)

    30. اُجھـــــــــــــــــــــــــــاڳ
    ا : نه + جھاڳڻ : پار ڪرڻ (جيڪو ٽپي نه سگھي)

    31. ڳجھــــــــــــــــــــــارت
    ڳجھه : راز + ارت : مطلب (راز واري ڳالهه، پرولي)

    32. ســـــــــــــــــــــــر ڪش
    سر : مٿو + ڪش : ڇڪيندڙ (باغي ، خوني)

    33. دارُالامـــــــــــــــــــــــــان
    دار : گھر + ال : جو + امان : پناهه (امن جي جاءِ)

    34.جهانــــــــــــــــــــــــــــــــگير
    جھان : دنيا + گير : وٺڻ (دنيا تي قبضو ڪندڙ)

    35. ڪـــــــــــــــوهيارو
    ڪوهه : جبل + يارو : وارو (جابلو ماڻهو)

    36. سَــــــــــــــــپُـــــــــــــــــوت
    س : چڱو + پتر : پُٽ (سلَڇڻو ٻار)

    37. بد مــــــــــــــــــــعاش
    بد : خراب + معاش : گذر (خراب زندگي گذاريندڙ)

    38. بــــــــــختــــــــــــــــاور
    بخت : ڀاڱ + آور : اچڻ ( نصيب وارو)

    39.اڻـــــــــــــــــــــــهــــــــــــــوند
    ا : نه + هوند : هجڻ (سُڃائي)

    40. ڪمهــــــــــــــــــــــلو
    ڪ : خراب + مهل : وقت (بي وقتائتو)

    41. مــــــــــــــــهـــــــــــــــــــراڻ
    مهر : ٻاجھ + آڻ : پيدا ڪرڻ (ٻاجھ ڪر ، درياء جو نالو)

    42. خــــــــــــــــــــــورشيد
    خور : وڏي + شيد : روشني (وڏي روشني)

    43. غمـــــــــــــــــــگين
    غم : ڏُک +گين : ڀريل (ڏک سان ڀريل)

    44. شـــــــــــبِ برآت
    شب : رات + برات : ڇوٽڪارو (نجات جي جاءِ)

    45. ذوالفـــــــــــــــــــقار
    ذو : ٻه + ال : جو + فقر : چيرڻ (ٻن منهن واري تلوار)

    46. خـــــــــــــــــوردبيني
    خورد : ننڍو + بيني : ڏسڻ ( ننڍي شيءِ کي وڏو ڪري ڏسڻ)

    47. سُــــــــــــــــــــڳــــــــند
    سُ : چڱي + ڱند : خوشبوء ( سٺي خوشبوء)

    48. شـــــــــــــــــــــــاگرد
    شا : شاهه +گرد : چوڌاري (اُستاد جي چوڌاري ويهڻ)

    49. نــــــــــــــــــــــالائق
    نا : نه + لائق : جوڳو ( جيڪو ڪم جوڳو نه هجي)

    50. بـــــــــــــيــــــــــــجا
    بي : سواء + جا : سبب ( بنا سببب جي)

    51. بي اختـــــــــــــــــــــــــيار
    بي : سواء + اختيار : وَس (جنهن جو وس نه هجي)

    52. ڪَـــــــــــــــــــجَـــــــــــــــــــر
    ڪَ : خراب + جر : پاڻي (خراب پاڻي)

    53. پــــــــــــــــــــــــــــاڻياري
    پاڻي : پاڻي + ياري : واري (پاڻي ڀرڻ واري)

    54. بــــــــــــــي انت
    بي : سواءِ + انت : پڇاڙي (ختم نه ٿيندڙ)

    55. پــــــــــــــابـــــــــــــندي
    پا : پير + بندي : ٻڌڻ (ٻڌل هجڻ)

    56. رهنـــــــــــــــــــــــما
    راهه : واٽ + نما : ڏيکاريندڙ (رستو ڏيکاريندڙ)

    57. مهتــــــــــــــــــــــــاب
    ماهه : چنڊ + تاب : تکو (تکي چمڪ وارو)

    58. لـــــــــــــــــــــــوهار
    لوهه : لوهه (ڌاتو) + آر : ڪم (لوهه جو ڪم ڪندڙ)

    59.نــــــــــــــــــــــگھداشت
    نگاهه : نظر + داشت : رکڻ (سنڀالڻ وارو)

    60. ابوالـــــــــــــفضل
    ابو : پيءُ + ال : جو + فضل : نيڪ (سُٺن لڇڻن وارو)

    61. تخــــــــــــــــــتگاهه
    تخت : حڪومت + گاهه : جاءِ (گاديءَ جو هنڌ)

    62. گوهر افشان
    گوهر : موتي + افشان : چمڪندڙ ( چمڪدار موتي)

    63. بيت المال
    بيت : گھر + ال :جو + مال : دولت (دولت جي جاءِ)

    64. پيغمبر
    پيغام : نياپو + بردن : آڻيندڙ (نياپو آڻيندڙ)

    65. انگوڇو
    انگ : بدن + اڇَ : ٻڌڻ (گوڏ ٻڌڻ وارو ڪپڙو)

    66. بي بهـــــــــــــــــا
    بي : سواء + بها : قيمت (تمام گهڻي قيمت وارو)

    67. چالبــــــــــــــــــــــاز
    چال : طريقو + باز : وارو (دوکيباز

    68. آبپاشي
    آب : پاڻي + پاشي: ڏيڻ (پاڻي ڏيڻ)

    69. آمدرفت
    آمد : اچڻ + رفت : وڃڻ (اچ وڃ)

    70. عبادتگاهه
    عبادت : بندگي + گاهه : جاءِ (عبادت جي جاء)

    71. رهــــــــــــــــــــــبر
    راهه : رستو + بردن : ڏيکارڻ وارو (سڌو رستو ڏيکاريندڙ)

    72. بــــــــــــــــيدل
    بي : سواءِ + دل : دل (بي سهارو)


    شخصيتن تي تي نوٽ

    ”علامه آءِ. آءِ قاضي“

    علامه آءِ. آءِ قاضي جو اصل نالو امام علي قاضي هو. پاڻ 1886ع ۾ ضلعي دادو جي علمي ڳوٺ “پاٽ” ۾ ڄائو. 1905ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري 1910ع ۾ لنڊن مان بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. انهيءَ عرصي ۾ مختلف علمن جو ذاتي طور مطالعو ڪيائين. ڪجھ عرصي کانپوءِ خيرپور ميرس ۾ ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿيو. سندس شادي جرمني ۾ “ايلسا” سان ٿي. جيڪا پڻ اعلى اديب، مصور ۽ قابل عورت هئي. سندس پهرين ملاقات لنڊن ۾ ريل گاڏيءَ ۾ ٿي هئي. علامه صاحب جي شرافت کان متاثر ٿي ساڻس زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري ويٺي.
    1919ع ۾ علامه صاحب سنڌ ۾ مستقل طور رهڻ آيو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. پوءِ حيدرآباد م سب جج ٿيو، پر عدالتي معاملن ۾ رياستن اختيارن جي مداخلت سبب استعيفى ڏئي لنڊن هليو ويو ۽ اتي اسلامي تبليغ لاءِ مرڪز کوليائين. 1924ع ۾ لنڊن مان موٽي اچڻ کانپوءِ جناح ڪورٽس ڪراچي جي مسجد ۾ پيش امام ٿيو ۽ جمعي جي ڏينهن علمي خطبو ڏيندو هو. علامه صاحب جو مطالعو تمام وسيع هو. پاڻ هڪ ئي وقت مذهب، سائنس، فلسفي، ادب شاعري، آرٽ، تاريخ ۽ تصوت تي گھري نظر رکندا هئا. سندس ذڪر ۽ فڪر جو محور ”قرآن شريف“ هو. قرآن پاڪ کانپوءِ سندس وڏي ۾ وڏو ماخذ ”شاهه جو رسالو“ هو.
    علامه صاحب جو زنده ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي جو قيام هو. پاڻ تن ڏينهن ۾ لنڊن ترسيل هئا جتان کيس گھرائي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻايو ويو. ان وقت سندس عمر 65 سال هئي. سندس دور ۾ ڪاپي ۽ سفارش جو نالو ئي نه هو. انتظاميه طرفان يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪندو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا جي دور ۾ اهڙي مداخلت تي استعيفى ڏئي ڇڏيائين.
    علامه صاحب پنهنجي رفيق حيات جي وفات بعد اڪيلو ٿي ويو ۽ ٺيڪ هڪ سال بعد 13 اپريل 1968ع ۾ سنڌو درياء تي چهل قدمي ڪندي، سنڌو جي لهرن ۾ لڙهي پنهنجي قيمتي جان کي سنڌو جي پوتر پاڻي جي حوالي ڪري سهڻي ۽ ميهار جي روايت قائم ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ آهي.


    ”ڊاڪٽر هوت چند گُربخشاڻي“

    ڊاڪٽر هوت چند گُربخشاڻي 8 مارچ 1884ع ۾تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ 1900ع م ڊي_جي DEYRUM JETHEMAL) ( سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1905ع ۾ بي_اي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم_اي ڪري ساڳي ڪاليج ۾ انگريزي ۽ فارسي جو اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. آخر ۾ پرنسپال ٿي ساڳي ڪاليج ۾ رهيو. 1928ع ۾ لنڊن ۾ وڃي رهيو ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شاعري ۾ تصوف جي موضوع تي مقالو لکيائين. جنهن تي کيس ڊاڪٽريءَ جي سند ملي. جيتوڻيڪ ادب ۾ سندس تصنيفون تمام گھٽ آهن پر جيڪي موجود آهن سي تحقيقات جي لحاظ کان اهميت جوڳيون آهن. هن جيڪي ڪتاب لکيا تن ۾ شاهه جو رسالو، مقدمه لطيفي، روح رهاڻ، نورجهان ۽ لنواري جا لال شامل آهن.
    ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1947ع تي پر لوڪ پڌرايو.


    ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي“

    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1882ع م سيوهڻ م ڄائو. سندس والد جو نالو ميان محي الدين هو، جيڪو وڏو عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جڏهن پنجن سالن جو ٿيو ته مائٽن کيس مدرسي ۾ داخل ڪرايو. جتان عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ وڌيڪ عربي جي تعليم وٺڻ لاءِ ضلعي دادو جي ڳوٺ سيتا ۾ ويو. 1321هه ۾ تعليم پوري ڪري سيوهڻ جي جامع مسجد ۾ اسلامي مدرسو کوليائين. سندس ناموري ٻڌي ڪيترائي شاگرد اچي سندس مدرسي ۾ داخل ٿيا. ان قابليت کي ڏسي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ عربي ۽ فارسي جو استاد مقرر ٿيو ۽ مذهبي توڙي ادبي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. پاڻ تاريخ، ادب، حديث، تفسير، شعر ۽ شاعري ۾ ماهر هو. سندس نثر ۾ لکيل ڪتاب “داستانِ قوم حيات النبي ﷺ” ۽ “ڪمال ۽ زوال” تمام گھڻو مشهور آهن.
    حڪيم صاحب بلند پايي جو صحافي پڻ هو ۽ 1925ع ۾ “الجامع” رسالو جاري ڪرايائين. جنهن ۾ مسلم قوم جي حالت تي تمام گھڻا مضمون لکيائين. خاص طور تي مسلمانن کي جديد علوم جو شوق ڏيارڻ سان گڏ مذهبي تعليم طرف به راغب ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيائين. ڪراچي ۾ رهڻ دوران پاڻ ڪچهري روڊ تي پنهنجو دواخانو کوليائين ۽ حياتي جو باقي وقت اتي ئي گذاريائين.هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.


    ”مولانا دين محمد وفائي“

    مولانا دين محمد وفائي 27 رمضان المبارڪ 1311هه سندس اباڻي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو خليفو گل محمد ڀٽي هو. اڃا عربي جي تعليم ختم ئي مس ڪيائين ته مولانا ابو الفيض ”سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي“ ۾ داخلا وٺي ڏنس. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ راڻيپور ۾ وڃي رهيو ۽ درس وتدريس جو ڪم جاري رکيائين.
    گھڻي مشغولي هوندي به وفائي صاحب ڪيترائي مذهبي، علمي ۽ ادبي ڪتاب تصنيف ڪيا پر ترجمو پڻ ڪيائين. تصنيف ٿيل ڪتابن ۾ تاريخِ مصطفى ﷺ، حيدرِ قرار، قانونِ جنّت، غوثِ اعظم، نَوَ مسلم هندو نياڻيون، راحت الروح، مقصدِ زندگي، قرآني صداقت، هندو ڌرم، قرباني ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو وغيره شامل آهن. جڏهن ته ترجمو ڪيل ڪتابن ۾ توحيدِ اسلام، تقويته الايمان جو ترجمو، القام الباري، تجريد البخاري، جو پنجن جلدن ۾ ترجمو ۽ فتوح الغيب شامل آهن. ان کانسواءِ وفائي صاحب جا بيشمار مقالا ۽ مضمون ماهوار توحيد ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيل آهن، جن جو موضوع اسلام، سياست ۽ اخلاق آهن. پاڻ وڏو اهلِ قلم ۽ عالم هئڻ سان گڏ مسلمانن جي معاشي سماجي ۽ تعليمي سڌارڪ شخص هو.


    ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“

    ڊاڪٽر نبي بخش ولد علي محمد خان لغاري بلوچ علمي، تعليمي، ادبي ۽ثقافتي خدمتن جي سلسلي ۾ متعارف شخصيت آهي. سنڌي لوڪ ادب ۽ لغت، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي شاعري تي سندس تحقيق بلند معيار تي پهتل آهي. پاڻ ڳوٺ جعفر خان لغاري ضلع سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. جڏهن ته مئٽرڪ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز مان ڪري بي_ اي بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙهه مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. جتان 1943ع ۾ ايم_اي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو.ساڳي سال ايل_ايل_بي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1946ع ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت روانو ٿيو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي مان ايجوڪيشن ۾ ايم_ اي ۽ ڊاڪٽري جي اعلى ڊگري حاصل ڪيائين. 1949ع ۾ پاڪستان موٽي آيو ۽ ڪجهه وقت وزارتِ داخلا جي انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ ڊويزن ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي طور ڪم ڪيائين. انکانپوءِ مشرقِ وسطى ۾ تعليمات ۽اطلاعاتِ عامه جون ذميداريون ڏنيون ويون پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ۽ تربيت کي اهميت ڏني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صدر شعبهءِ تعليم طور پهريون پروفيسر مقرر ٿيو.
    هڪ محقق ۽ عالم، دانشور ۽ مبصر جي حيثيت ۾ يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جو اعتراف ڪندي حڪومتِ پاڪستان کيس “تمغهءِ پاڪستان” جو اعزاز ڏنو آهي.


    ”ڊاڪٽر محمّد دائود پوٽو“

    ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو 1896ع ۾ ڳوٺ ٽلٽي ضلع دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي گھر ۾ حاصل ڪري لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ 1915ع ۾ نوشهرو فيروز جي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. ان بعد بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان نمايان ڪاميابي سان حاصل ڪيائين. بعد ۾ 1921ع ۾ بي_اي جو امتحان فارسيءَ ۾ پهرين نمبر ۾ پاس ڪيائين. 1924ع ۾ اعلى تعليم لاءِ انگلينڊ ويو ۽ 1927ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پي_ايڇ_ڊي ڪيائين. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو ”عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر“. انگريزي زبان ۾ لکيل هن مقالي کانسواءِ عربي، فارسي ۽ انگريزي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. تاريخ، معصومي ۽ چچ نامو جا فارسي متن ايڊٽ ڪيائين. سنڌيءَ ۾ درسي ڪتابن کانسواء شاهه ڪريم جو ڪلام، منهنجي آتم ڪهاڻي، ڪلامِ گرهوڙي، منهاج العاشقين ۽ ڊاڪٽر گُر بخشاڻي سان گڏ شاهه جو رسالو پڻ لکيائين.
    سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو پاڻ چڱو پتوڙيو. هو سنڌي ادبي بورڊ جي بانين مان هڪ هو ۽ مهراڻ رسالي جي جاري ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ڊاڪٽر صاحب جي تحرير ۾ جيڪا خوبي آهي ان جو اندازو هن اقتباس (ٽڪري) مان لڳائي سگھجي ٿو.
    “ هي دنيا هڪ حيرت ناڪ هستي آهي. ساعت ساعت سانڊي جيان سوين رنگ بدلائي ٿي. گھڙي گھڙي نوان روپ مٽائي ٿي. سڪندر ۽ دارا پنهنجا وارا وڄائي ويا، نقارا ۽ نشان ڇڏي ويا. مصر ۽ يونان، روم ۽ ايران جو قديم بادشاهيون به انهيءَ لهر ۾ لڙهي ويون”.
    علامه صاحب سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۽ اسماعيل ڪاليج بمبئيءَ ۾ عربيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. پاڻ 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت مطابق کيس ڀٽ شاهه جي روضي وٽ دفن ڪيو ويو.


    ”قاضي قادن“

    قاضي قادن 889هه مطابق 1484ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو قاضي ابو سعيد هو. پاڻ سمن جي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻ حديث، تفسير ۽ فقه جو مڃيل عالم پڻ هو. ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي دور ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو. شاهه حسن ارغون جي دور ۾ پڻ قاضي رهيو ۽ ويهن سالن بعد استعفى ڏئي مديني منوره هليو ويو ۽ 1551ع ۾ وفات ڪيائين.
    قاضي صاحب جا ست بيت شاهه ڪريم جي ڪتاب “بيان العارفين” مان مليا آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ راڻيلا ڳوٺ ۾ دادو پنٿي ڀڳتن جي مڙهي مان هڪ وڏو ذخيرو مليو آهي، جنهن ۾ قاضي صاحب جا 100 کان وڌيڪ بيت آهن. سندس ڪلام فڪر ۽ فلسفي جي ڪري ذهن تي اثر ڪرڻ وارو ۽ فڪر جي دعوت ڏيڻ وارو ڪلام آهي.
    اکر ٻيا وسار الف اڳيون ئي ياد ڪـــــر،
    سو تون ڏيئو ٻار، جو نه اجهامي ڪڏهن.


    اصطلاح

    اصطلاح ڇا آهي؟

    اصطلاح عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ موافقت يا موزونيت”. عام تور تي اصطلاح ان کي چئبو آهي جنهن جي ظاهري پرهڻي هڪ معلوم ٿئي ته وري سوچ ويچار ڪرڻ سان ٻيو مقصد حاصل ٿئي.
    اسان جي سنڌي ٻولي ۾ اهڙي قسم جا تمام گھڻا جملا موجود آهن، جن کي اسان جي وڏڙن، سياڻن، صالحن ۽ درويشن زماني جي آزمودن کي ڏسندي چيا آهن. اصطلاح جي ترڪيب موجب هر حال ۾ اصطلاح جو آخري اکر مصدر يعني جنهن جي آخر ۾ “ڻ” هجڻ ضروري آهي. اصطلاحن جا لفظ پورا هوندا آهن، انهن ۾ گھٽ وڌ ڪرڻ جي گنجائش نه هوندي آهي.


    92. چونڊ اصطلاح

    اصطلاح معنى جملا

    1 . اکين تي پردا چڙهڻ:

    2. اکيون ٻرڻ

    3. آرسيءَ ۾ منهن وجھڻ

    4. اک ڏيکارڻ

    5. اک کي ڇوڏو ٻڌڻ

    6. اٽو ٻڌي پٺيان لڳڻ

    7. اٽي ۾ لوڻ هئڻ

    8. اک نه ٻُڏڻ

    9. اُس ۾ اڇا وار ڪرڻ

    10. اک لڳڻ

    11. حوصلا خطا ٿيڻ

    12. چورن متان مور هئڻ

    13. اُڀ ڦاڙڻ

    14. اُڀ ۾ تڪڻ

    15. اکيون ٺرڻ

    16. اوجھڙ ۾ اٽڪڻ

    17. اوڙاهه ۾ ڪرڻ

    18. بصر ڇلڻ

    19. اَڪَ ڪارا ڪرڻ

    20. ٻوٽو ٻارڻ

    21. ٻاڦ ٻاهر ڪڍڻ

    22. ٻاٿون کائڻ

    23. ٻيڙو ٻوڙڻ

    24. ٻين تي ڀاڙڻ


    25. ٻرن ۾ هٿ وجھڻ

    26. ٻانهن ٻيلي ٿيڻ


    27. ٻانهن ۾ پيرو ٻڌڻ

    28. ٻڪر ٻُوساٽ ڪرڻ

    29. پويون پساهه هئڻ

    30. پاڻي ڦيري ڇڏڻ

    31. پهه پچائڻ

    32. پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ

    33. پاڙ پٽڻ

    34. پلر پيئڻ

    35. پرائي ماڙي ڏسي پنهنجي ڀونگي ڍاهڻ

    36. پوئتي هٽڻ

    37. پُٺ ورائي ڏسڻ

    38. پٽيون پڙهائڻ

    39. پِڙ ڪڍي بيهڻ


    40. پير نه کوڙڻ

    41. پنهنجو مٽ پاڻ هئڻ

    42. پاند ڳچي پائڻ

    43. ڀاڻ ٿيڻ

    44. ڀڀڙ ٻارڻ

    45. ڀت سان منهن لڳڻ

    46. ڀيڄ ڀڃڻ

    47. تند تنوارڻ

    48. تريون مهٽڻ

    49. تڏو سرهو ڪرڻ

    50. پاڻي ولوڙڻ

    51. ٻانهون ڊگھيون هئڻ

    52. دل لاهڻ

    53. ٺپيءَ ۾ پئجي وڃڻ

    54. تڏو کڻڻ

    55. ڏاڙهي ڏيڻ

    56. ويساهه آڻڻ

    57.حال حبيبان پيش ڪرڻ

    58. ڦاٽ کائڻ

    59. رت ٽهڪڻ

    60. ڏند ڪرٽڻ

    61. ڪڻي گھٽ ڪاسو هئڻ

    62. ڍڪر کائڻ

    63. جاوا ڪرڻ

    64. غافل رهڻ

    65. خطا کائڻ

    66. ڀيرو ڀڃڻ

    67. زندگي زهر ٿيڻ

    68. ڏند ڏيڻ

    69. اکين ۾ جاءِ ڏيڻ

    70. سرهو ٿيڻ

    71. اک ۾ رکڻ

    72. اڳرائي ڪرڻ

    73. باهه ٿي وڃڻ

    74. آڏو اچڻ

    75. ٺوڪرون کائڻ

    76. آڱرين جا زور لاهڻ

    77. ٻيڙو تارڻ

    78. ڀت سان مٿو هڻڻ

    79. باهه لڳڻ

    80. ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ


    81. سِٽَ سٽڻ

    82. نوڙي مان نانگ ٺاهڻ

    83. نابري وارڻ

    84. ميان مٺو سڏائڻ

    85. مونن ۾ منهن پائڻ

    86. لڱ ڪاندارجڻ

    87. ڪنڊا ڪڍڻ

    88. ڪاڻ ڪڍڻ

    89. قضا اچڻ

    90. قطع ڪرڻ

    91. طاق لڳڻ

    92. رڍن اڳيان رباب وڄائڻ

    تڪبر سبب بي حياء ٿيڻ

    جوش ۾ اچڻ

    پاڻ ۾ جھاتي پائڻ

    سختي ڪرڻ/ رعب ڪرڻ
    اُميد رکڻ

    ڪاهي پوڻ

    تمام گھٽ هئڻ

    گھٽ سمجھڻ

    اجائي عمر گذارڻ

    ننڊ اچڻ

    وايون بتال ٿي وڃڻ

    استاد جو استاد هئڻ

    دانهون ڪرڻ، ٻٽاڪون هڻڻ
    الله ۾ آسرو ڪرڻ

    خوش ٿيڻ

    مصيبت ۾ ڦاسڻ

    اونهي کڏ ۾ پوڻ

    عيب جوئي ڪرڻ

    سوڀ کٽڻ

    ڪارنامو سرانجام ڏيڻ
    سڌارو آڻڻ
    راز ظاهر ڪرڻ

    ڌڪا کائڻ. بيڪار گھمڻ

    تباهه ڪرڻ

    پرائي آسري لڳڻ


    خوفناڪ ڪم ڪرڻ

    همدرد ٿيڻ


    پابند ٿيڻ

    زبردستي ڪرڻ

    سڪرات هئڻ
    موت جي ويجھو هئڻ
    ضايع ڪرڻ

    منصوبا ٺاهڻ

    پنهنجو پاڻ نقصان ڪرڻ


    نابود ڪرڻ

    برسات جو پاڻي پيئڻ

    ريس ڪرڻ


    بزدل هئڻ

    اصليت جانچڻ

    سبق سيکارڻ، سيکت ڏيڻ
    ضد ڪرڻ،صاف انڪار ڪرڻ

    شڪست کائڻ

    ثاني نه هئڻ

    منٿ ڪرڻ

    ڳري وڃڻ، ختم ٿي وڃڻ

    جھيڙو وڌائڻ

    پشيمان ٿيڻ

    پرڀات ڦٽڻ، صبح ٿيڻ

    ياد ڪرڻ

    افسوس ڪرڻ

    آڌر ڀاءُ ڪرڻ

    اجائي ڪوشش ڪرڻ

    پهچ وارو هجڻ

    مايوس ٿيڻ

    گھڻي ويچار ۾ اچي وڃڻ
    نابود ڪرڻ

    واعدو ڪرڻ

    اعتبار ڪرڻ

    هوندي آهر خدمت ڪرڻ

    راز ظاهر ٿيڻ

    ڪاوڙ اچڻ

    جوش ۾ اچڻ
    سخت کار کائڻ
    ذري گھٽ پورو هئڻ

    ڳڻتي ۾ هئڻ

    موجون ماڻڻ، مزا وٺڻ

    بي خبر هئڻ

    نقصان پوڻ

    اچڻ وڃڻ ختم ڪرڻ

    حياتي سورن ۾ هئڻ

    جھڳڙو ڪرڻ

    سچائي سان آجيان ڪرڻ

    خوش ٿيڻ

    نظر ۾ رکڻ

    زيادتي ڪرڻ

    سخت ڪاوڙجڻ

    بدلو وٺڻ

    صدمو پسڻ

    پوري طاقت لڳائڻ

    مشڪل ۾ مدد ڪرڻ

    ڏاڍي سان مقابلو ڪرڻ

    ساڙ وٺي وڃڻ

    سخت سزا ڏيڻ


    منصوبو ٺاهڻ

    ٿوري ڳالهه کي وڏو ڪرڻ
    انڪار ڪرڻ

    پاڻ کي معتبر ٺاهڻ

    غور ۽ فڪر ۾ پوڻ

    خوف کان ڏڪڻ

    پڇتائڻ

    محتاج هئڻ

    تقدير ۾ لکيل هجڻ

    ناتا ٽوڙڻ

    وايون بتال ٿي وڃڻ

    جاهل اڳيان عقل جون ڳالهيون ڪرڻ

    دولت جي نشي انسان جي اکين تي پڙدا چاڙهي ڇڏيا آهن.
    احمد جون اکيون ڪاوڙ مهل ٻرنديون آهن.

    هميشه آرسيءَ ۾ منهن وجھي پوءِ ٻين جا عيب ڪڍجن.
    وقت جي حاڪم کي، راشي آفيسرن کي اک ڏيکارڻ گھرجي.
    تون اک کي ڇوڏو ٻڌ، انشاء الله تنهنجو ڪم ٿي ويندو.
    جيڪو ماڻهو اٽو ٻڌي ڪنهن ڪم جي پويان هوندو، يقيناً ڪامياب ٿيندو.
    1965ع واري جنگ ۾ اسان جي قوت اٽي ۾ لوڻ برابر هئي.
    تنهنجي ته مون ڏي اک ئي نٿي ٻڏي.

    وڏن جي تجربن مان فائدو وٺجي ڇو ته انهن اُس ۾ اڇا وار نه ڪيا آهن.
    گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي منهنجي اک لڳي وئي.
    هن جي موت جي خبر ٻڌي منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا.
    اڄ جا ٻار چورن مٿان مور آهن.

    هٿ ۾ اٿس ڪجهه به نه ، اجايو پيو اڀ ڦاڙي.
    غريب ماڻهو اوکي ويل اڀ ۾ تڪڻ لڳندا آهن.
    ڪافي وقت کانپوءِ توکي اڱڻ تي ڏسي اکيون ٺرن ٿيون.
    سياست م وڃڻ ڄڻ ته اوجھڙ ۾ اٽڪڻ آهي.

    جهالت اوڙاهه ۾ ڪرڻ برابر آهي.

    گھڻا ماڻهو منهن تي مشابهت رکي پر پٺ ويٺا بصر ڇليندا آهن.
    جيڪو اڪ ڪارا ڪري اهو نوڪريءَ جا وارا ڪري.
    جيڪي وقت کي اهميت نٿا ڏين سي ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندا.
    سچو دوست اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي دوست لاءِ ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍي.
    جيڪو علم حاصل نٿو ڪري اهو ٻاٿون کائي ٿو.
    ڪم ته ڪم جي ماڳ پر هڻي ڪم جو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيائين.
    ٻين تي ڀاڙڻ وارا ماڻهو ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگھندا آهن.

    سرن تان آسرو لاهي پوءِ نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجھو.
    ملڪ جي ترقي لاءِ هڪ ٻئي جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ گھرجي.

    مان هن جو ضامن پئي هروڀرو پنهنجي ٻانهن ۾ پيرو ٻڌڻ گھرجي.
    وڏيرو، هاريءَ سان ٻڪر ٻوسات ڪري سڄو فصل کڻي ويو.
    شڪر ٿيو جو پير مرد جي پوئين پساهه مهل اولاد موجود هو.
    هن منهنجي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.

    هير پارس کان بدلو وٺڻ لاءِ ويهي پهه پچايا.

    ماڻهو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي دانهون ڪن ٿا.

    معاشري کي بهتر بنائڻ لاءِ براين جي پاڙ پٽڻ گھرجي.
    ٿر جا ماڻهو ميهوڱيءَ جي مند ۾ پلر پيئندا آهن.
    پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڍاهڻ گھرجي.

    ايران جي دٻدٻي سبب آمريڪا پوئتي هٽي وئي.
    ڪوبه پنهنجي پٺ ورائي نٿو ڏسي.

    اڄ مسلمان آمريڪا کي پٽيون پڙهائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهن.
    مون هن کي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو پڙ ڪڍي بيهي رهيو.

    آمريڪا ايران ۾ اڃا تائين پير نه کوڙي سگھيو آهي.
    مرزا قليچ بيگ ادب جي هر شعبي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
    مون پاند ڳچي پائي هن کي راضي ڪيو.

    جھموري نظام سرمائيدارن کي ڀاڻ ڪري ڇڏيو آهي.
    تو کي ڪهڙو ڪم آهي رڳو وتين ٿو ڀڀڙ ٻارين.
    جيڪو وڏن جي ڳالهه نه مڃيندو، تنهن جو وڃي ڀت سان منهن لڳندو.
    سڄڻ سٻاجھوڀيڄ ڀڃي گھر آيو.

    نيڪ ٻانها پنهنجي رب جي تند تنوارڻ ۾ مشغول هوندا آهن.
    وقت جو قدر نه ڪيوَ ته تريون مهٽڻيون پونديون.
    سنڌي پنهنجي تڏي کي سرهو ڪرڻ سبب دنيا ۾ مشهور آهن.
    جيڪو پاڻي ٿو ولوڙي اهو پنهنجو وقت ٿو وڃائي.
    جنهن جو به ٻانهون خدا ڊگھيون ڪري اهو هيڻن جو همراهه ٿئي.
    دنيا ۾ دغا ڏسي سچا ماڻهو دل لاهي ويٺا آهن.
    وڏيري جي بدتميزي جو طوفان ڏسي غريب ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.
    حڪومت سچائي ڪري ته دهشتگرديءَ جو تڏو هڪ ڏينهن ۾ کڻائي ڇڏي.
    جنهن کي ڏاڙهي ڏجي اها پاڙجي.

    مان توتي اعتماد ڪريان ٿو ته توکي به مونتي ويساهه آڻڻ گھرجي.
    جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.

    دانش ڦاٽ کاڌو ته ڪتاب منهنجو آهي.

    دشمن جا ٽهڪ ٻڌي منهنجو رت ويو ٽهڪي.
    خير ته آهي ڇو پيو ڏند ڪرٽين.

    مان شڪار تي نشانو ورتو پر ڪڻي گھٽ ڪاسو ٿي ويو.
    اهڙو ڪهڙو قانون آهي ته هڪڙو ويٺو ڍڪر کائي هڪڙو ويٺو ٻڪر کائي.
    هن صديءَ جا انسان رڳو جاوا ڪري ٿا ڄاڻن.
    گناهن ۾ غرق ٿي قيامت کان ڇو غافل آهين.
    جيڪو غلط ڪم جي شروعات ڪري ٿو سو خطا کائي ٿو.
    وڃين ٿو ته وڃ پر ڀيرو نه ڀڃجانءِ.

    مهانگائي سبب غريب جي زندگي زهر ٿي وئي آهي.
    ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڏند ڏيڻ چڱي ڳالهه ناهي.
    سگھو اچ سپرين اکين جاءِ ڏيانءِ.

    سڄڻن آئي ساهه، ٿو سرهو ٿئي سدا.

    تون پرواهه نه ڪر مان کيس اک ۾ رکيو ٿو اچان.
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.

    ڏاڍو ڪجھ ڪري ته ماٺ، هيڻو ڪري ته باهه تي ٿا وڃو، ڇو؟
    هن جي دل ۾ ٻيائي، جو کيس نيت آڏو آئي.

    جو ٺوڪرون کائي به نه سکي، اهو ڪهڙو انسان چئبو.
    اهو اهڙو ڦاٿو اهي جو آڳرين جا زور لاهي ته به نه چٽي.
    نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.

    جيڪو ڀت سان مٿو ٿو هڻي سو پنهنجو نقصان پاڻ ٿو ڪري.
    حاسد کي ٻين جو فائدو ڏسي باهه لڳي وئي.

    جنهن کي سج جي روشني روشن نه ڪري تنهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڪهڙو روشن ڪبو.
    بنو نصير قبيلي پاڻ سڳورن صه کي مارڻ جي سٽ سٽي.
    تون اجايو ٿو پيو نوڙي کي نانگ بنائين.

    هو پڙهڻ کان بلڪل نابري وارو ويٺو آهي.

    هو هرو ڀرو ٿو پا ڻ کي ميان مٺو سڏائي.

    ڇو مونن ۾ منهن پائي ويٺا آهيو، اٿي ڪا همٿ ڪر.
    نانگ کي ڏسي ان جا لڱ ڪاندارجي ويا.

    اڄ اهو ڪم نه ڪر جو سڀاڻي ڪنڊا ڪڍڻا پون.
    ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، آئون ڪاڻون ڪڍان ڪن جون.
    ڪڏهن به قضا پڇي نه ايندي آهي.

    پنهنجن سان تعلقات قطع نه ڪرڻ گھرجن.

    علي جي فيل ٿي وڃڻ تي احمد کي طاق لڳي ويو.
    رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.


    مضمون

    ”قومي اتحاد“

    اتحاد جي معنى آهي ”پاڻ ۾ متحد ۽ گڏ ٿي زندگي گذارڻ“. اتحاد جو لفظ جيترو مختصر آهي اوترو ئي جامع آهي ۽ معنى جي لحاظ کان تمام وسيع آهي. انفرادي قوت، سماجي قوت، ايماني قوت، اقتصادي قوت ۽ سائنسي قوت، انهيءَ وانگر سڀني قوتن ۾ يڪجهتي هجي ته اتحاد مڪمل ٿئي ٿو. فڪر ۽ ڪردار يا قول ۽ فعل ۾ ڪنهن به قسم جو تضاد نه هجي. قومي اتحاد جو مطلب آهي ته پوري قوم اتحاد ۾ هجي، ايتري قدر جو هڪ قوم جي سڀني فردن جي عقيدن ۽ نظرين ۾ به يڪجهتي هجي، ڇو ته چوڻي آهي ته قوم هڪ سمنڊ آهي ۽ ماڻهو ان جا قطرا آهن. جيڪڏهن انهن ۾ اختلاف آهي ته انهن کي قطرا چئبو، جيڪڏهن انهن ۾ اتحاد آهي ته اهو سمنڊ بنجي ويندو. اختلاف براءِ اختلاف نه هجڻ گھرجي پر اختلاف براءِ اصلاح هئڻ گھرجي.
    تاريخ شاهد آهي ته اڄ تائين ڪنهن قوم ترقي ڪئي آهي ته ان جو بنيادي نقطو اتحاد ۽ اتفاق رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ وڏا سائنسدان هجن، عالم ۽ فاضل هجن، زميني،هوائي ۽ سامونڊي قوتون هجن ۽ انهن ۾ اتفاق بجاءِ نفاق هجي ته اهي سڀ قوتون ۽ صلاحيتون پنهنجي ئي ملڪ جي لاءِ بربادي جو ڪارڻ بنجن ٿيون ۽ نااتفاقي ۽ پاڻ ۾ عداوت جيڪا اتحاد جو ضد آهي پاڻ ۾ زيان ڪاري، بدبختي ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ملڪ لاءِ ترقي جي بجاءِ تنزلي جو ڪارڻ بنجي ٿي. ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ آبادڪارن، صنعت ڪارن، دانشورن ۽ قانوندانن جو هڪ نقطهء نظر هئڻ گھرجي. ٻين لفظن ۾ ملڪي مفاد يا اجتمائي محاذ تي ملڪ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. ڇو ته قومون فردن سان آهن ۽ فردن جو ڪردار قوم جو ڪردار آهي. جيئن علامه اقبال فرمايو آهي ته:

    فرد قائم ربط ملت سے ہی تنہائی کچھ نہیں،
    موج ہی دریا میں بیرون دریا کچھ نہیں۔


    ”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي“

    سنڌيءَ ۾ چوڻيون آهن ته “ٻه ته ٻارهن”، ”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي“ ۽ ”جهجھن کنئي، ڇپر کڄي.“ انهن سڀني چوڻين مان ٻڌيءَ جي اهميت اجاگر ٿئي ٿي. ڇو ته دنيا جا بيشمار ڪم هڪٻئي تي آڌار رکن ٿا يا هڪٻئي جي آسري تي دنيا تڳي ٿي. الله پاڪ پنهنجي پاڪ ڪتاب قرآن پاڪ ۾ واضع چئي ڇڏي آهي ته:
    وَاَعتَصمُوا بِحَبلِ اللهِ جَمِيعاً وَلَا تَفَرَّقُوا
    ترجمو: “الله جي رسي کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾ نفاق پيدا نه ڪريو”.

    ان مان صاف ظاهر آهي جنهن قوم ۾ ٻڌي ۽ اتفاق آهي اها قوم ترقي ڪندي رهندي. اهڙو ئي مثال ماکي جي مک جو آهي، جيڪو انسان ذات لاءِ قابلِ عبرت آهي. انهن جي پاڻ ۾ ٻڌي هئڻ سبب ماکي جهڙي سٺي ۽ بي بها شيءِ ملي پوي ٿي.
    تاريخ جي ورقن مان ڪيترائي اهڙا واقعا ملن ٿا جن مان ٻڌيءَ جي اهميت اُجاگر ٿئي ٿي. اهڙو ئي واقعو اسان جي قوم جو آهي. جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي متحد ڪري هڪ آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ اهو صرف مسلمانن جي ٻڌيءَ جو سبب هو.
    سنڌ جو سداحيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پکين جي پريت جو مثال ڏئي ٻڌيءَ جي اهميت کي نمايان ڪري ٿو.
    وَڳر ڪَيو وَتن، پرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
    پسو پَکيئڙن ماڻهان ميٺ گھڻو.

    اسان عام زندگيءَ ۾ ڏسون ته خبر پوي ٿي ته پٿر گڏجي جبل ٺاهين ٿا. پن ۽ ٽاريون گڏجي وڻ ٺاهين ٿا. پتين ۽ پنکڙين جو ميلاپ گڏجي گل ٺاهي ٿو. سرن ۽ گاري جو ميلاپ جڳهه ٺاهي ٿو ۽ خود اسان جا عضوا گڏجي هڪ جسم ٺاهين ٿا. ان مان ثابت ٿي ويو ته هر شيءِ جو دارومدار ٻڌيءَ تي آهي. اگر ٻڌي نه هجي ته هوند دنيا جو نظام ئي نه هلي ڇو ته ٻڌيءَ ۾ ئي برڪت آهي. جتي ٻڌي جي بجاءِ نفاق ۽ انتشار آهي، اُتي ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڏاوڏا ممڻ متل آهن. اهي ترقي جي بلندين تي پهچڻ بدران تنزلي جي اونهي اوڙاهه ۾ ڦاٿل آهن.اڄ دنيا مان امن و امان جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته اسان مان ٻڌي ختم ٿي وئي آهي. اسان فرقه بندي، تعصب، صوبه پرستي ۽ رنگ نسل جي دام ۾ پاڻ کي ڦاسائي ڇڏيو آهي.
    اڄ به جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي نفرتن جي پاڙ پٽيون ۽ ٻڌيءَ جو دامن پڪڙيون ته دنيا ۾ هڪ عظيم قوم جي حيثيت ماڻي سگھون ٿا. ٻڏي سڀ کان پهريائين گھر ۾ ڪرڻ گھرجي. ان کان سواءِ ان جو دائرو ڳوٺ، شهر، صوبي، ملڪ ۽ دنيا تائين وڌائڻ گھرجي. اهو ئي انسانيت جو اصل مقصد آهي ۽ اهو ئي اسلام جو سبق آهي.


    ”تتي ٿڌي ڪاهه ...........“

    هيءَ سٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيت مان ورتل آهي جنهن جو مقصد آهي ته سردي توڙي گرمي ۾ محنت جي دامن کي هٿان ناهي ڇڏڻو ۽ اجايو وقت ناهي وڃائڻو ڇو ته محنت اهو گڻ آهي جنهن جي وسيلي انسان وڏي ڪمال جي درجي تي پهچي ٿو ۽ دنيا توڙي آخرت ۾ ناموس حاصل ڪري ٿو. تاريخ جي ڪتابن ۾ انهن ماڻهن جا نالا سنهري اکرن ۾ لکيا وڃن ٿا، جن محنت ڪئي آهي . ماڻهو هنرمند هجي يا ڪاريگر، سڀني لاءِ محنت جو هئڻ ضروري آهي. چيو وڃي ٿو ته “جي لوچين سي لهن” معنى جيڪي محنت ڪن ٿا سي ئي ڪاميابي ماڻين ٿا.
    اَلڪَاسِبُ حبِيبُ الله
    هن حديث جي روشني ءَ ۾ اهو ماڻهو الله پاڪ کي پياروآهي، جيڪو محنتي آهي.
    جڏهن ته شاهه صاحب هيئن بيان فرمايو آهي:
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
    مطلب ته هيءَ مختصر زندگي محنت سان ئي سونهين ٿي. هي دنيا هڪ پل جو کيل آهي، تنهن ڪري ڏينهن رات محنت ڪر.ايئن نه ٿئي جو وقت هٿان نڪري وڃي ۽ تون پڇتائيندو رهجي وڃين.
    محنت مان مراد اها آهي ته جنهن لاءِ خداوند پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته:
    وَمَا خَلَقتُ الجِنَّ والاِنسَ الَّا لِيَعبُدُون
    يعني: مون انسانن ۽ جنن کي صرف عبادت لاءِ خلقيو آهي.
    عبادت اسان جي زندگيءَ جو عين مقصد آهي. ڏينهن توڙي رات ان خدا جي عبادت ۾ گذارڻو آهي، جنهن جي قبضي قدرت ۾ هي سارو جهان آهي.الله تعالى آڌي رات انسان کان سوال ٿو ڪري ”ته گھر بندا! جو گھرڻو اٿئي“ پر انسان ان وقت غفلت جي ننڊ ۾ اگھور هوندو آهي. شاهه صاحب ان غافل انسان کي بيدار ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ايئن نه ٿئي جو تون پنهنجو مقصد وساري قيامت جي ڏينهن پڇتاءَ جي پاند ۾ اٽڪيل رهين. ڇو ته دنيا آخرت جي کيتي آهي. ان مان مراد آهي ته جيڪو دنيا ۾ پوکيندو سو ئي آخرت ۾ لڻندو. اگر تون خدا سان ناتو رکندين ته ڪاميابي تو ساڻ آهي. پر جيڪڏهن تون نفس جو غلام بڻجندين پوءِ يقينًا ناڪامي ڏسندين ۽ خدا جي ديدار کان محروم رهندين، ڇو ته ويل وقت وري واپس نٿو اچي سگھي. هي ڌن دولت، مال سڀ هتي ئي رهجي ويندا. اڳتي صرف نيڪي ڪم ايندي. اها نيڪي ۽ ڪاميابي صرف خدا تعالى ۽ رسول ﷺ جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۾ آهي. اگر اسان انهن جي پيروي نٿا ڪريون ته پوءِ پرينءَ جو پير لهڻ (محبوب سان ملڻ) مشڪل آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته انسان ڏينهن رات ان جستجو ۾ رهي ته مالڪ حقيقيءَ جي ديدار جو مزووٺندو. جيڪو ستي حاصل ٿي نٿو سگھي. ان ڪري شاهه صاحب هن بيت ۾ سبق ڏئي ويو ته:
    سُتــــــــــــــــا اُٿي جَاڳ، نند نه ڪــــــــــــــجي ايتري،
    تو جو ساڻيهه ڀانئيو، سو مانجھاندي جو ماڳ،
    سلطـــــــــــــــــاني سُهاڳ، نندون ڪندي نه مـــــلي.


    ”هڪ سج، ٻه پاڇا“

    اها سنڌي جي جھوني چوڻي آهي ته جنهن جو مطلب آهي ته ”انسان ڪڏهن به هڪ حال ۾ نٿو رهي“. جهڙي طرح سج ڪڏهن تيز تکو آهي ته ڪڏهن وري تمام ڍرو آهي. تهڙي طرح انسان به ڪڏهن چاڙهه تي آهي ته ڪڏهن لاهه آهي. يعني ڪڏهن امير آهي ته ڪڏهن غريب آهي.
    دنيا ۾ اهڙا هزارين مثال آهن ته ڪي ماڻهو غلام مان بادشاهه بڻيا آهن ته ڪي وري بادشاهه مان فقير بڻيا آهن. اهي سڀ قسمت جون ڳالهيون، جن وٽ ڪالهه کائڻ لاءِ سڪل ٽڪر به نه هئا، اڄ اهي سڻڀا طعام پيا کائن ۽ ڪالهه جن جي دسترخوان تي ست ست طعام سجيل هئا، اڄ اهي رُکي ٽڪر لاءِ محتاج آهن. مطلب ته وقت سدائين هڪجهڙو ناهي هوندو.
    هن دنيا ۾ هر شيءِ کي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو آهي، جيستائين انسان جيئرو آهي تيسيتائين هو پنهنجي زندگي کي سکيو رکڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو. ڪي سخت محنت ڪري ڪاميابي ماڻڻ جا خواهشمند آهن ته ڪي وري قسمت تي ڀاڙي ويهڻ جا قائل آهن. محنت وارا سک جو ساهه کڻن ٿا، جڏهن ته ڪاهل ماڻهو پريشان رهن ٿا.
    دنيا جي لاهن چاڙهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪفايت شعاري کانسواءِ ڪو به چارو ناهي.ان ڪري اها چوڻي مشهور آهي ته “ اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي”. يعني ايندڙ وقت لاءِ ڪجهه بچائي رکڻ جو نالو سياڻپ آهي. سياڻن جو چوڻ آهي ته هميشه سنڀالي قدم کڻجي ۽ وچٿري هلت هلجي ڇو ته جو سوڙ آهر پير نٿو ڊگھيري آئي ويل لاءِ ڪجھ به بچائي نٿو سگھي ۽ ضرورت وقت پريشان رهي ٿو، اهي زندگيءَ ۾ ذلت ۽ رسوائي کانسوءِ ٻيو ڪجھ به حاصل نٿا ڪري سگھن. ان لاءِ ضروري آهي ته آمدني مان ڪجھ نه ڪجھ ضرور بچائي رکجي ته جيئن ڪنهن اچانڪ حادثي يا بيماريءَ جي صورت ۾ ٻئي جي اڳيان محتاج ٿيڻ بدران پنهنجي مان پنهنجو ڪري سگھي. ڇو ته عزت پسند ۽ خوددار ٿي رهڻ انساني شرف ۾ داخل ٿيل آهي.


    ”ڪمپيوٽر“

    انساني تاريخ گواهه آهي ته وقت سان گڏ انسان جا خيال تبديل ٿيندا رهيا آهن. هو پنهنجي زندگي جي آسائشن لاءِ وقت بوقت نيون ايجادون ڪندو رهيو آهي. اهڙين ايجادن مان ڪمپيوٽر جي ايجاد پڻ هڪ آهي. هي ايجاد ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ منظر عام تي آئي. جنهن ايندي شرط دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ۽ اڄ سڄي دنيا ڪمپيوٽر کي پنهنجي لاءِ لازمي جزو سمجھي ٿي.
    ڪمپيوٽر جو مکيه گڻ ياداشت ۽ تيز رفتاري آهي. ان کانسواءِ رياضي جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ جي سگھ رکي ٿو. پر ان جي وڏي ۾ وڏي خامي اها آهي ته هو پنهنجي مرضي مطابق ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگھي بلڪه ان لاءِ انسان جي ڏنل هدايتن جو محتاج آهي. انسان پنهنجي هدايت ڪاري جي وسيلي خاطر خواه نتيجا حاصل ڪري سگھي ٿو. ماهرن جي خيال مطابق انساني دماغ به هڪ ننڍڙو ڪمپيوٽر آهي جيڪو عمل ۽ رد عمل جي هڪ پيچيده سلسلي تي ٺهيل آهي.
    ڪمپيوٽر ڪيترن ئي قسمن جا آهن. مختلف ڪمن لاءِ مختلف ڪمپيوٽر استعمال ٿين ٿا. پاڪستان ۾ ڪمپيوٽر 1964ع کان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت تقريباً هر اداري ۾ ڪمپيوٽر عام ٿي چڪو آهي. هي دنيا جي واحد ايجاد آهي جيڪا ٿوري عرصي اندر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇانئجي وئي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي طرف گامزن آهي.


    ”قومي تعمير ۾ شاگردن جو حصو“

    قوم، فرد، تعمير ۽ ترقي اهڙا الفاظ آهن جيڪي ڪڏهن به هڪٻئي کان ڌار نٿا ٿي سگھن. آڳاٽي زماني جا ڪٽنب، پاڙا. رسم ۽ رواج جي لحاظ کان ماڻهن جا ٽولا ۽ ميڙ ”قوم“ سڏبا آيا آهن. موجوده دور ۾ قوم لاءِ مختلف نظريا آهن. پر حاصل مقصد ساڳيو آهي. مثلًا چيو وڃي ٿو ته قوم اها آهي جيڪا ساڳي ملڪ ۾ رهندڙ يا ساڳي زبان ڳالهائيندڙ هجي.
    هن مضمون کي سمجھڻ لاءِ ”شاگرد“ بابت وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته عام طور تي شاگرد ان کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ سکڻ وارو هجي. حقيقت ۾ اها شاگرد جي وصف اڻپوري آهي. ڇاڪاڻ ته انسان جي سکيا ته ڄمڻ کان شروع ٿئي ٿي ۽ مرڻ تائين جاري رهي ٿي. اسڪول خواهه ڪاليج ۾ شاگردن کي صرف سکيا جي قسمن کان آگاهي ڏني وڃي ٿي، پر مڪمل سکيا عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ بعد شروع ٿئي ٿي.
    يوناني عالمن ۽ شاگردن جي دور کي ”فلسفي دور“ چيو وڃي ٿو. جيئن سقراط، سياست، انساني حقن جي ڄاڻ ۽ انساني آزادي جي اصولن جي علم سان روشناس ڪرايو ۽ يوناني تهذيب ۽ تمندن کي آسمان جي بلندين تائين پهچايو. ايئن ئي انساني فلسفي شروع ٿيڻ سان عرب شاگردن روحانيت، ادب، اخلاق، سياست ۽ عدالت کي روشناس ڪرائي دنيا جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. اڄ مغربي تهذيب مغربي شاگردن جي هٿان دنيا تي مسلط ٿي رهي آهي. طب، مشينري، هٿيار سازي ۽ سياست وغيره ۾ شاگردن جو وڏو حصو رهيو آهي. موجوده دور ۾ شاگردن کي اهو چيو وڃي ٿوته اوهان تعليم حاصل ڪريو ۽ ملڪي انتظام جي ڪمن ۾ دخل نه ڏيو. اهو ان ڪري ته هو اول پنهنجي فن ۾ ڪمال حاصل ڪري بعد ۾ تعميري ڪمن ۾ حصو وٺي. چوڻي آهي ته “ نيم حڪيم، خطره جان”. ايئن نه ٿئي ته هڪ ئي وقت ٻه ڪم کڻي ۽ ٻنهي کي سهڻي نموني نه نڀائي سگھي پر باوجود ان جي اڄ جو شاگرد غريبن جي مدد ڪرڻ، قومي تعمير لاءِ چندو گڏ ڪرڻ، ٻوڏ، بيمارين يا قدرتي آفتن سبب جيڪڏهن ڪٿي نقصان ٿئي ٿو ته شاگرد قومي جوش جو بيحد ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ پنهنجن وڏن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪي تعمير ۾ حصو وٺي ٿو. انکان سواءِ آدمشماريءَ جو جو سلسلو هجي يا اليڪشن جو يا زراعت جو ڪم هجي يا ڪنهن ٻئي شعبي جو مطلب اسان جو شاگرد قومي تعمير لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو. ايئن چوڻ ۾ حرج نه ٿيندو ته دنيا جي سموري تعمير ڪنهن ٻئي نه پر شاگرد ئي ڪئي آهي.


    ”هنئين هوند مئي، پر ٻڏي جا ٻِيڻا ٿيا“

    هي سٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سهڻي مان ورتل آهي جنهن ۾ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :
    ته ڪر ڪيئن سئي؟ جي سير نه گھڙي سهڻي،
    هِت حيـــــــــــــــاتي ڏينهڙا، هـــــــڏ هَن تان نه هئي،
    چُڪي تنهن چــــــــري ڪئي، جو ڏِنس ان ڏهي،
    سهــــــــــــــــڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي،
    هنئين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻــــــــــــــــــــا ٿيا.
    جي سهڻي سير ۾ نه گھڙي ها ته سندس نالو ڪيئن ٻڌڻ ۾ اچي ها . هن دنيا ۾ هو هميشه حيات نه هجي ها. کيس ميهار محبت جي سرڪي پياري تنهن کيس مست ڪري ڇڏيو، مرڻي ته هونئن ئي هئي پر ٻڏي فنا ٿيڻ ڪري ٻئي جهان موچارا ٿيس.
    حقيقت به اها آهي ته انسان جي حياتي چند ڏينهن آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن کيس ضرور موت جو مزو چکڻو آهي، پوء ڇو نه اهڙو ڪم ڪجي جو مئي کانپوءِ به فائديمند ثابت ٿئي. يعني مري وڃڻ کان پوءِ ان جو ٻيڻو اجر ملي. اهو عمل آهي محبت جي درياءَ ۾ سرجو سانگو لاهي ٽپي پئجي، درياءَ جي ڪنن گجگوڙن کان ڪڏهن به نه ڊڄجي ۽ محبت جي درياءَ ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏجي. اهي ئي ماڻهو مرڻ کانپوءِ امر ٿي وڃن ٿا.
    مرڻو ته آهي ئي آهي پر اگر پنهنجي ڌرتي جي مٿان جان جو نذرانو ڏئي شهادت جو درجو وٺجي ته هميشه نالو زنده رهندو. ڇو ته شهيد مرندا ناهن. اهو ئي سبب آهي جو وطن تان جان فدا ڪندڙ اڄ به تاريخ جي ڪتابن ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. انهن ۾ ميجر عزيز ڀٽي، دولهه درياء خان، هوش محمد، دودو سومرو، محترمه بينظير ڀٽو وغيره سي سڀ شهادت سبب امر بڻجي چڪا آهن. پر آخرت ۾ انهن لاءِ ٻيڻو اجر آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي وطن جي محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪري ٿا ڇڏين سي امر بڻجي ٿا وڃن. يعني جان جي قربانيءَ جو ٻيڻو اجر ملي ٿو.

    هنئين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻــــــــــــــــــــا ٿيا.


    دورن جو جائزو

    سنڌي ادب جو مختصر جائزو

    سنڌي ادب جي تاريخ عربن جي سنڌ ۾ اچڻ کان وٺي ڳڻي وڃي ٿي. ان کان اڳ تاريخ ۾ ڪو ادبي اهڄاڻ هٿ نه اچي سگھيو آهي. عربن جي اچڻ سان سنڌ ۾ به عربن جون رسمون، رواج ۽ تهذيب قائم ٿي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب تي به لازمي اثر پيو. عربن کان اڳ سنڌ ۾ هتي جي مقامي ٻولي رائج هئي. جنهن جو ثبوت راجا ڏاهر جي سندس ڀاءَ ڏهرسين سان خط و ڪتابت آهي. عربن جي دور ۾ سنڌ ۾ اسلام جي پکيڙ ٿي. قرآن پاڪ جو سنڌي ۾ ترجمو عربن جي زماني جو وڏو ڪارنامو آهي. سنڌ جي تاريخ جو پهريون ڪتاب “ چچ نامون” عرف فتح نامو چيو وڃي ٿو. پر غلام محمد لاکي جي تحقيق موجب سنڌ جو پهريون ڪتاب “منهاج الدين والملڪ” آهي. عربن جي دور۾ سنڌ جا ڏاها، عالم، فاضل، اديب، دانشور، محقق ۽ سائنسدان سنڌ کان عربستان موڪليا ويا ته جيئن سندن علم ۽ڏاهپ سان عرب معاشري کي فيض ملي سگھي.
    سومري خاندان جا حاڪم مقامي نسل جا هئا. انهن جي ٻولي سنڌي هئي، انهيءَ ڪري سنڌي ٻولي جي نشونما ان دور ۾ ٿي. سمن جي دور تائين سنڌي شاعري عام ٿي چڪي هئي. هن حڪومت جو خاتمو921هه ۾ ٿيو.
    ارغونن ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ دفتري ٻولي فارسي ٿي پر سنڌي ارتقا به جاري رهي.
    ڪلهوڙن جو دور سنڌي ادب جو سنهري دور هو. خود ميان سرفراز ڪلهوڙو بلند پايه شاعر هو. هن دور ۾ ئي سنڌي تختي ٺهي.
    ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ مذهبي رنگ ڀريو ويو. انڪري سنڌي ادب کي اڃا به وڌيڪ ترقي ملي.
    انگريزن جي دور۾ سنڌي ادب کي هر صنف ۾ ترقي ملي. انهن مقامي ٻولي کي تمام گھڻي اهميت ڏني .درسي ڪتاب، پرڏيهي ادب جو ترجمو ڪرڻ ۽ شاهه صاحب جي رسالي کي جرمني ۾ شايع ڪرڻ جهڙا بهتر ڪم ڪيا ويا.


    1 . سومرن جو دور (1051_1351)

    سومرن جو دور سنڌي ادب جو بنيادي پٿر آهي. هن دور ۾ سنڌ جي رومانوي داستانن، رزميه واقعن، سخي سردارن جي ڪارنامن ۽ واقعاتي بيتن جو بنياد پيو. اهي ڳالهيون اڳتي هلي سنڌي ادب جي تاڃي پيٽو بنيون. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ ئي سنڌي زبان ۾ ادبي زبان جون سموريون صلاحيتون موجود هيون. هيٺ ادبي جائزي جو نچوڙ پيش ڪجي ٿو.
    1. هن دور ۾ سنڌ جا رومانوي داستان مثلاً: عمر ماروي، سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار،سيف الملوڪ، سورٺ راءِ ڏياج ۽ مورڙو مانگر مڇ ملن ٿا. اهي داستان سنڌي ٻوليءَ جو بنياد هئا.
    2. رزميه واقعن، مقامي ڳالهين ۽ عام قصن ڪهاڻين تي مبني ڪهاڻيون ۽ داستان رائج ٿيا، جيڪي نثري داستانن ۽ آکاڻين جو بنياد پيا.
    3. قصن ۽ واقعن ذريعي سنڌي بيت ”ڳاهه“ جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. هي ابتداعي نوعيت جا بيت آهن، جيڪي ڳالهين ۽ واقعن جي وچ تي اچن ٿا ۽ موقعي توڙي محل کي وڌيڪ موثر بنائين ٿا.
    4. هنَ دور ۾ واقعاتي ۽ بياني بيت پڻ ملن ٿا ته مدحيه (ساراهه ۾ چيل) ۽ هجويه ( ملامت ڦٽڪار وارا) بيت به ملن ٿا.
    5. هن دور جي مشهور لڙاين بابت جيڪي بيت ملن ٿا اهي رزميه (جنگي) شاعريء جو سهڻو نمونو پيش ڪن ٿا.
    6. اسماعيلي مبلغن جي ڪلام ۾ تبليغي نوعيت جا شعر ملن ٿا. جن ۾ اسلامي اصولن سان گڏ اخلاقي هدايتون ۽ دنيا جي بي ثابتي جو ذڪر به نظر اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته روحانيت ۽ تصوف جو مضمون هن دور ۾ سنڌي شاعريء ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
    7. فني لحاظ کان گھڻي قدر بيت يا ڳاهه هندي ڇند وديا جي صنف ”دوها ڇند“ موجب ملن ٿا. دوها ڇند ۾ هر بيت ۾ ٻه سٽون ٿين ۽ قافيو هر مصرع ۾ پويان اچي.
    8. ڪي بيت سورٺا ڇند موجب به مليا آهن. اهڙن بيتن ۾ به ٻه سٽون ٿين ٿيون پر قافيو ٻنهي سٽن جي وچ تي اچي ٿو.
    9. هي بيت دوها سورٺا ميل وارا آهن. اهڙن بيتن جي ٻن سٽن مان هڪ دوها ڇند جي ته ٻئي سورٺ ڇند جي آهي.
    10. ٿورڙا بيت ٽن سٽن وارا به مليا آهن. جهڙوڪ: پير پٺي جي روايت جي سلسلي ۾ آيل بيت ڍوري راءِ لاءِ هجويه بيت، جيڪو بهاولپور گزيٽيئر جي حوالي سان مليو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي بيت ان ئي زماني ۾ ٽن سٽن تائين پهچي چڪو هو. اهو ٽن سٽن وارن بيتن ۾ هڪ سٽ دوها يا سورٺا ڇند واري، ٻي سٽ دوها ڇند واري ۽ ٽين سٽ سورٺا ڇند واري آهي يعني ٻن کان وڌيڪ سٽن جي حالت ۾ بيت جي پوئين سٽ جي وچ تي قافيو آڻڻ جي روايت ان وقت ئي موجود هئي، اها اڳتي هلي سنڌي بيت جي مستقل فني روايت بڻجي وئي.
    11. اسماعيلي مبلغن جا چيل گنان ”وائي“ يا ابتداعي نوعيت جي ڪافيءَ جي سٽاءَ جي نشاندهي ڪن ٿا، جن ۾ پهرين مصرع ”ٿل“ ۽ وراڻي جو ڪم ڏئي ٿو.
    12. ان کانسواءِ نيم عشقيه قصا پڻ ملن ٿا.جن جو سومرن جي دور حڪومت سان تعلق آهي.جن ۾ دمڻ سونارو، مل محمود، مهر ناز۽ خدا دوست شامل آهن. هن دور جا رزميه داستان، سومرن ۽ گجرات جون لڙائيون، دودي ۽ چنيسر جي ويڙهه، ڄام حالي ۽ هُمير سومري جا واقعا ملن ٿا. ان کانسوءِ لوڪ ادب به هن دور ۾ سرجيو مثلاً ڳام، ڳيچ، واقعاتي بيت، بياني بيت، بياني بيت، لوڪ داستان ۽ رزميه شاعري وغيره چئي وئي. ان کانسواءِ اسماعيل مبلغن “گنان“ به هن دور ۾ چيا. هن دور جي شاعرن ۾ سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، پير صدرالدين، سيد نور الدين شاهه جا نالا سر فهرست آهن.


    2 . سمن جو دور

    سمن جو دور پڻ سنڌي ادب جو تعميري دور هو. هن دور جو جيڪو ادبي ذخيرو مليو آهي، ان تي هن کان اڳ بحث ڪيو ويو آهي. هيٺ ان ادبي ذخيري جو مجموعي جائزو پيش ڪجي ٿو.
    1. منڍ ۾ لساني خصوصيتون ۽ ادبي روايتون ساڳيون سومرن واري دور واريون رهيون، يعني سخا ۽ سورهيائي جا قصا ڳايا ويا، جن جي وچ تي ڳاهون به هونديون هيون. انهن کانسواءِ واقعاتي ۽ بياني بيت پڻ چيا ويا.
    2. رومانوي قصا پڻ ڳايا ويا، جن ۾ مقالماتي بيت آندا ويا. اهو رواج پوءِ به قائم رهيو.
    3. هن دور ۾ دهليءَ جي حڪمرانن سنڌ تي حملا ڪيا، جنهن ڪري ماڻهن ۾ وطن کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزاد رکڻ جو جذبو پيدا ٿيو. انهيءَ جذبي جي عالمن ۽ بزرگن به همت افزائي ڪئي. مخدوم بلاول کي انهيء ڪري شهيد ڪيو ويو. انهيءَ جذبي سبب ٺٽي جي رهاڪن ۾ هڪ فقرو مشهور ٿي ويو جنهن کي قومي نعرو يا جنگي رجز چئي سگھجي ٿو.
    4. هن دور ۾ سرڪاري زبان فارسي هئي. فارسيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو آغاز ٿيو ۽ سنڌ بلند پايه شاعر پيدا ڪيا. ان کانسواءِ ان دور ۾ اسلامي علمن ۽ فنن به وڏي ترقي ڪئي. ڪيترائي جيد عالم پيدا ٿيا. جهڙوڪ قاضي قادن، حماد جمالي، شيخ عيسى لنگوٽي، شيخ جھنڊو پاتڻي، ڄام نندو، مخدوم بلال، ملا عبدالرحمان عرف ملا لٽر وغيره.
    5. سنڌي ٻولي ۾ ڪاٺياواڙ، ڪڇ، گجرات،لسٻيلي، قلات، مڪران، سبي، ڀاڳناڙي، لاسي، جدگالي، ٿري محاورا وجود ۾ آيا.
    6. عوام کانسواءِ حڪمرانن جي به مادري زبان سنڌي هئي. انکانسواءِ حڪمران ڀٽن ۽ ڀانن جي به سرپرستي ڪندا هئا، انهيءَ ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ سنڌي قصن جو عام چرچو ٿيو.
    7. سنڌ جي صوفي بزرگن به سنڌي شعر جي سرپرستي ڪئي. هنن پنهنجا خيال ويچار ۽ تصوف جا مسئلا سنڌي بيتن جي صورت ۾ بيان ڪيا.
    8. هن دور ۾ بيتن کانسواءِ اهڙا فقرا به ملن ٿا جيڪي تُڪ بندي ۾ آهن. جهڙوڪ: درويش نوح هوٿياڻيءَ جو چيل فقرو ٺٽي وارن ۾ مشهور جنگي نعرو ۽ شاهه مراد شيرازيءَ جو چيل دعائيه فقرو.
    9. هن دور جا جيڪي بيت مليا آهن انهن مان ڪي اڳڪٿي جي نوعيت جا آهن، ڪن ۾ خوشحاليءَ جي تمنا آهي ۽ ڪن ۾ وري معمائي انداز آهي.
    10. هن دور جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ان وقت جي سياسي ماحول، سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، مذهبي تحريڪن جي اثر ۽ ماحول جي عڪاسيءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا. شيخ حماد، درويش نوح هوٿياڻي ۽ ماموئي فقيرن جي بيتن ۾ سياسي ماحول جو عڪس نظر اچي ٿو. ماموئي فقير جي بيتن مان سنڌ جي دريائن، هاڪڙي ۽ پراڻ جي وهڻ جي ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي. اروڙ جي ٻنڌ جو ثبوت ملي ٿو ۽ پاڻيءَ جي پيداوار جهڙوڪ: بهه، مڇي ۽ لوڙهه جو ذڪر اچي ٿو. يعني اهي بيت سنڌ جي شهرن دريائن جي بيهڪ، واپار ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي نشاندهي ڪن ٿا.
    11. قاضي قادن جي بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ مدرسن ۾ ڪهڙي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ مدرسن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. اسماعيلي مبغلن جي بيتن مان مذهبي تحريڪن جي تعليم جي خبر پوي ٿي.
    12. قاضي قادن، اسحاق آهنگر ۽ ماموئي فقيرن جي بيتن مان سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڇڄ جي ذريعي اُنَ صاف ڪرڻ، درياءَ جي ليث، مڇي، لوڙهه ۽ بهن جو واپرائڻ ۽ ڳوٺاڻن رستن تي ۽ پيچرن تي ڪنڊن جي موجودگيءَ کي بيتن ذريعي ظاهر ڪيو ويو.
    13. هن دور ۾ سنڌي دوهوفني سٽاءَ جي لحاظ کان تڪميلي صورت کي پهتو. دوهي ۽ سورٺي فني بناوت موجب بيت چيا ويا ته دوهي ۽ سورٺ جي ميل سان ڪامياب فني تجربا به ڪيا ويا. نه فقط ايترو پر ٽن سٽن وارا به ڪيترائي بيت چيا ويا. خاص طرح سان نئون ۽ ڪامياب تجربو هي ٿيو ته بيت ۾ پوئين سٽ سورٺي واري آندي وئي.
    14. تمثيلي شعر جو پختو پايو پيو. ڪجھه بيت سسئي جي داستان موجب تمثيلي انداز جا مليا آهن. جن ۾ تصوف جا راز سمجھايل آهن. هڪ بيت مورڙي ۽ مڇ جي قصي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ان ۾ به تصوف جو مسئلو سمجھايل آهي. مشهور قصن ۽ داستانن کانسواءِ ٻين تشبيهن ۽ تمثيلن ذريعي مقصد کي واضع ڪيو ويو. يعني هن دور ۾ روحانيت ۽ تصوف جو مضمون تشبيهن ۽ تمثيلن ذريعي بيان ڪيو ويو. جنهن ڪري بيت ۾ وڌيڪ رنگيني دلڪشي ۽ تنوع پيدا ٿيو. تشبيهون ۽ تمثيلون ماحول مان ئي کنيون ويون.
    15. صوفين جي سماع جن محفلن ۾ به سنڌي بيت پڙهيا ويا. اهي محفلون سنڌي بيت جي اوسر جي سلسلي ۾ اهم ذريعو بڻيون ۽ سنڌي بيت عام ۽ مشهور مقبول ٿيو.
    16. سنڌي بيت ۾ عشقيه ۽ فراقيه مضمون داخل ٿيو، جنهن ڪري بيت ۾ وڌيڪ دلڪشي ۽ اثر انگيزي آئي.
    17. نظم کانسواءِ نثر ۾ به سمن سردارن جي سخاوت ۽ بهادريءَ جا بيان ٿيڻ لڳا ۽ داستان گوئي، باقائده فن جي صورت اختيار ڪئي.
    18. الف اشباع وارو قافيو پهريون ڀيرو سمن جي دور ۾ 1486ع ۾ پير مراد شيرازي ٺٽوي جي چيل دعائيه فقري ” او ڀاتي! رب ڏي وڏي ڄمارا“ ۾ ملي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن قسم جي نظم جو رواج ان زماني ۾ موجود هيو. البت هن قسم جي ڪلهوڙن جي دور ۾ وڏي ترقي ڪئي.
    19. ان دور جي شاعريءَ ۾ گرامر جي لحاظ کان ڪيئي ڳالهيون دلچسپ آهن. قاضي قادن جي هڪ بيت ۾ ” جوڳايوس“،” مون کي جاڳايو“ جي معنى ۾ ڪم آيو آهي. حالانڪه اڄ ايئن چوڻ درست نه ٿيندو. اڄ جي محاوري موجب جاڳايوس جي معنى ٿيندي ” هن کي جاڳايو“. مون کي جاڳايو جي معنى ۾ ”جاڳايوم“ استعمال ٿيندو. اهڙي طرح ان دور ۾ ضميري پڇاڙين جو عام رواج هو. جهڙوڪ: ٿيوس، لڌوم، ٿيام، وريام، پڙهيوم وغيره.
    20. اسحاق آهنگر جي بيت ۾ ”ڪرن“ استعمال آهي. اڄوڪي معياري محاوري ۾ ”ڪن“ ڪم اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ فعل ”ڪن“ ۾ ”ر“ جو استعمال عام هو. جيڪب آباد جي ڪن حصن ۾ اڄ تائين ”ڪن“ جي بدران ”ڪرن“ جو لفظ استعمال ٿئي ٿو.
    مٿئين تجزئي مان معلوم ٿيندو ته سنڌي بيت سمن جي دور تائين ارتقائي منزلون طئي ڪري فني پختگي حاصل ڪئي. بيت جي فني اوسر تي نظر وجھجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت بيت جيڪي فني روايتون اختيار ڪري چڪو هو اهي اڄ تائين هليون اچن. البت پوئين زماني ۾ بيت جي سٽن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. بيت جي پوئين سٽ جي وچ تي قافيه آڻڻ جي روايت، بيت جي مستقل فني روايت جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. ان وقت جيڪي معنوي ۽ تمثيلي خصوصيتون اختيار ڪئي هيون، اهي اڄ به ساڳيو. هليون اچن.


    3 . ڪلهوڙن جو دور

    ڪلهوڙن جي دور جي شاعري جو تذڪرو مٿي اچي چڪو آهي. هت هيٺ ان دور جي سنڌي شاعريءَ جي ارتقا جو تجزيو پيش ڪجي ٿو. ان مان معلوم ٿيندو ته ڪلهوڙن جو دور سنڌي شاعريءَ جو سنهري دور هو، جنهن ۾ سنڌي شاعري هر لحاظ کان وڌي ، ويجھي، اسري، اڀري ۽ بلند مقام تائين پهتي.
    1. هن دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر پيدا ٿيو. جنهن سنڌي شاعريءَ کي فڪر جي گھرائي ۽ وسعت بخشي ۽ فني پختگي عنايت ڪئي. کائنس پوء اڄ تائين سوين شاعرن سندن تتبع ڪئي آهي. پر ڪو به ساڻس برميچي نه سگھيو آهي.
    2. بيت، فني لحاظ کان ارتقائي منزلون طئي ڪري، فني پختگي ۽ وسعت حاصل ڪئي. سندس سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي سلسلي ۾ شاهه عنايت رضوي راه گھڙي ۽ شاهه لطيف کيس انهيءَ راهه تان وٺي عروج تي پهچايو. هن دور کان اڳ جيتوڻيڪ چئن مصرعن تائين بيت لکيا ويا هئا، پر هن دور ۾ اڃا به وڌيڪ تجربا ٿيا ۽ بيت ۾ وڏي خوبي ۽ خوبصورتي پيدا ڪئي وئي. نه فقط ايترو، پر گھڻين مصرعن تي مشتمل ڊگها ۽ پختا بيت پڻ لکيا ويا، جن کي ڪبت چيو وڃي ٿو. اهي ڪبت خاص طرح سان مخدوم ابوالحسن، محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم ضياء الدين وغيره جي مذهبي ڪتابن ۾ ملن ٿا. مضمونن جي لحاظ کان بيت ۾ تصوف جا مسئلا به جماليات جي رنگ ۾ رڱي دلڪش ۽ رنگين ڪري پيش ڪيا ويا. هن دور جي بيتن ۾ حسن و عشق جو ذڪر، هجر ۽ وصال جو بيان دلگداز انداز ۾ ملي ٿو. نه فقط ايترو پر محبوب جي هار سينگار جي تعريف ۾ هندي شاعريءَ جي اثر هيٺ ”سينگار“ جي نالي سان هڪ نئين صنف وجود ۾ آئي. شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به سينگار جا بيت ملن ٿا. پر سينگار جا اوائلي ۽ خاص شاعر جلال کٽي ۽ صابر موچي آهن. ان کانپوءِ سينگار جا ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا پر ”جلال کٽي“ جي درجي کي ڪو به پهچي نٿو سگهيو.
    3. تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن دور کان اڳ سنڌ ۾ ڪافيءَ جي نالي سان شاعريءَ جي هڪ صنف موجود هئي، جيڪا سنڌ ۾ مقبول هئي ۽ ڳائي ويندي هئي، پر قديم زماني جي ڪافي جو اسان کي ڪو به نمونو نه مليو آهي. پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وڏي معاصر، شاهه عنايت رضوي جي رسالي ۾ راڳداريءَ لاءِ هڪ صنف ملي ٿي، جنهن کي وائي چيو ويو آهي. شاهه صاحب وائيءَ کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ پراثر بنايو آهي. ساڳي ئي دور ۾ مٿي اتر ۾ به اسان کي ميان صاحب ڏني فاروقي ۽ خليل لاشاريءَ جي شعر ۾ ساڳي قسم جو ڪلام ملي ٿو. جنهن کي ڪافي جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ان مان ظاهر آهي ته مٿي اتر ۾ ساڳئي صنف کي ”ڪافي“ ۽ هيٺ لاڙ ۾ ”وائي“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اڳتي هلي هن قسم جي شاعري تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ اتر توڙي لاڙ ۾ گھڻو ڪري هڪ ئي نالي سان ڪافي مشهور ٿي پر فني لحاظ کان سندن پختو بنياد هن دور ۾ ئي پيو. انهيءَ بنيادي عمارت تي پوءِ جي شاعرن سهڻي عمارت اڏي، ان ۾ رنگ روپ ڀريا ۽ ڪافيءَ کي وڌيڪ رنگين ۽ دلڪش بنايو. خاص ڪري حصرت سچل سرمست ان دلڪشي، رنگيني، اثر انگيزي ۽ پختگي پيدا ڪري ، کيس عروج تي پهچايو.
    4. الف شباع وارو نظم جنهن ۾ هر مصرع جي پويان الف لڳائي قافيو بنايو ويندو آهي. اهڙو نظم پهريائين پير محمد لکويءَ جو ملي ٿو. ان کانپوءِ هن دور ۾ مخدوم ابوالحسن مڪمل مذهبي ڪتاب ”مقدمه الصلٰوت“ الف اشباع ۾ لکي سنڌي ادب ۾ وڏو واڌارو ڪيو. کانئس پوءِ محمد هاشم ٺٽوي ، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالخالق، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم غلام محمد بگائي ۽ ٻين ڪيترائي ڪتاب لکيا. ڪن اديبن جو چوڻ آهي ته هي نظم نه آهي پر قديم نثر جو نمونو آهي. حقيقت ۾ اهو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ جيتوڻيڪ گھڻو ڪري مذهبي مضمون ادا ٿيندو رهيو آهي، تڏهن به انهن ڪتابن ۾ اهڙا سهڻا بيت ملن ٿا، جنهن ۾ شريعت آهي ۽ شاعر جا جذبات ۽ احساسات پڻ بيان ٿيل آهن. ان کانپوءِ هن نظم ۾ اها به خوبي آهي جو هڪ خاص لهجي سان جھونگاري سگھجي ٿو. انکانسوءِ سندس هڪ خاص وزن ٿئي ٿو، جنهن جو مدار ماترائن جي هڪ الحان تي هوندو آهي، جنهن ۾ داڻي ڪڻي۽ وڌجڻ ۽ گھٽجڻ جي گنجائش رهي ٿي.
    5. . هن دور ۾ مخدوم ابوالحسن مڪمل سنڌي صورتخطي تيار ڪئي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي اکرن کان سواءِ ٺيٺ سنڌي آوازن لاءِ نيون صورتون مقرر ڪيائين. ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ ممڪن ٿي پيو. خود مخدوم ابوالحسن صاحب به ان ۾ مڪمل ڪتاب لکيو ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ڪيترائي ڪتاب لکيا.
    6. مڪمل سنڌي ڪتاب لکڻ جو رواج هن دور ۾ پيو. اهڙي قسم جو پهريون ڪتاب مخدوم ابوالحسن جو ”مقدمه الصلٰوت“ آهي. ان کان پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين ڪيترائي ڪتاب لکيا. انهن کانسواءِ خالص سنڌي شاعري جي مجموعن لکڻ جو رواج به هن ئي دور ۾ پيو ۽ ڪيترائي اهڙا مجموعا تيار ٿيا. اهڙن مجموعن کي ”رسالو“ سڏيو ويو. شاهه عبداللطيف جو رسالو ان جو يادگار آهي.
    7. مخدوم غلام محمد بگائي ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي تمام طويل نظم لکيا، جن کي ”ڪلمات“ جي نالي سان سڏيو ويو. اڳتي هلي هن قسم جي شاعراڻي اسلوب تي ٻين گھڻن طبع آزمائي ڪئي پر انجو بنياد هن دور ۾ پيو.
    8. مولود جي صنف جو بنياد هن دور ۾ پيو. مخدوم غلام محمد بگائي ۽ مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هن قسم جي شعر جا بنيادي شاعر آهن. سڀ کان پهريائين انهن بزرگن جا ئي مولود ملن ٿا. ان کانپوءِ ڪيترن ئي شاعرن مولود چيا ۽ مولود جي صنف وڏي ترقي ڪئي.
    9. سنڌي مدحون، مناقبا ۽ معجزا به سڀ کان پهرين هن دور ۾ ملن ٿا. معجزن ۽ مناقبن جو پهريون شاعر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي معلوم ٿيو آهي.سندس ڪتاب ”قوت العاشقين“ ۾ حضور ڪريم ﷺ جن جا معجزا منظوم ٿيل آهن ۽ هن ۾ مناقبا به بيان ٿيل آهن. مدح جو اوائلي شاعر جمن چارڻ آهي . ان کانپوء مخدوم غلام محمد بگائي ۽ ميان سرفراز مدح جا بينظير شاعر آهن.
    10. واقعاتي ۽ رزميه شاعري هن دور ۾ ملي ٿي. مخدوم غلام محمد بگائي ، مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي شهادت جو واقعو منظوم ڪيو، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي قسم جو شاهڪار آهي. جمن چارڻ، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبدالله خان جي وچ ۾ لڳل لڙائي جو رزميه داستان منظوم ڪيو. انهن کانسوءِ فطرت نگاري ۽ منظر نگاري جا پڻ سهڻا مثال هن دور ۾ موجود آهن.
    11. سنڌي عروضي شاعري ءَ جو بنياد به هن دور ۾ پيو. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي پهريون شاعر آهي، جنهن جا ڪيترائي مولود علم عروض جي وزن موجب آهن. ميان سرفراز جي مدح ۾ علم عروض جو اثر ڪار فرما آهي.
    12. غزل جا اهڃاڻ به هن دور ۾ ملن ٿا. نور محمد خسته، مرزا تقي، حافظ عالي ۽ ميان ڇتن جي غزلن جا نمونا مليا آهن، جن جي زبان سهڻي ۽ سلوڻي آهي.


    4 . ميرن/ٽالپرن جو دور (1843ع _ 1782ع)

    ميرن جي دور ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي ترقي ٿي. هيٺ ان دور جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
    1. هن دور جي شاعرن جي شعر ۾ فارسي ۽ عربي لفظ گھڻا ملن ٿا. سيد ثابت علي شاهه ان سسلسلي م سڀ کان وڌيڪ اڳرو آهي. هن فارسي ترڪيبن جا خوبصورت مثال پيش ڪيا آهن.
    2. هن دور ۾ غزل وڌيڪ ترقي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن جي غزل جا نمونا مليا آهن. انهن ۾ حضرت سچل سرمست، سيد ثابت علي شاهه، خليفو ڪرم الله، مير نصير خان ۽ مير حسن علي خان جا نالا قابل ذڪر آهن.
    3. علم عروض جي ٻين صنفن جهڙوڪ: مرثيه، مسدس، مخمس، مثنوي، رباعي ۽ سلام جو رواج پيو.
    4. هن دور ۾ منظوم قصي گوئيءَ جو رواج پيو. ان سلسلي ۾ حفيظ تيوني جو ”مومل راڻو“ ۽ خليفي عبدالله جو ”ليلى مجنون“ شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
    5. هن دور ۾ ڪافيءَ جي وڏي پختگي آئي ۽ منجھس دلڪشي ۽ رنگيني پيدا ٿي . ڪافيءَ کي عروج تي پهچائڻ وارو حضرت سچل سرمست آهي.
    6. هن دور ۾ گھڙوليءَ جو پڻ نمونو مليو آهي. هن ۾ هر بند کانپوءِ وراڻي ايندي آهي. جنهن ۾ ”گهڙولي ڀرڻ ٿي وڃان“ لفظ هوندا آهن. هن قسم جو نمونو سڀ کان پهرين سچل سرمست جي ڪلام ۾ مليو آهي.
    7. جھولڻو بيت جو نمونو به آهي ته ڪافيءَ جو قسم به آهي. هن قسم جا بيت ۽ ڪافيون سڀ کان پهريان سچل سرمست جي رسالي ۾ ملن ٿا.
    8. ٽيهه اکريءَ جو رواج ڪجھ قدر اڳ به هو. پر هن صنف جا خاص ۽ بلند پايه شاعر هن دور ۾ ٿي گزريا. انهن مان حمل خان لغاري، ملان صاحبڏنو، خليفو نبي بخش لغاري ۽ آخوند محمد بچل ”انور“ جا نالا قابل ذڪر آهن.
    9. الف اشباع جي نظم ۾ به ڪجھ ڪتاب لکيا ويا. ان قسم جو شعر هنن شاعرن چيو: سيد خير شاهه، مير محمد اشرف، مولوي ولي محمد وغيره.
    10. مولود جي صنف هن دور ۾ وڏي ترقي آهي. ڪيترن ئي شاعرن مولود چيا، جن مان فتح فقير، خليفو ڪرم الله، پير محمد اشرف ۽ ملان صاحبڏني جا نالا قابل ذڪر آهن.
    11. مداح ۽ مناجات به وڏي ترقي ڪئي. ڪيترن ئي شاعرن مداحون، مناجاتون ۽ معجزا چيا، جن مان ملان صاحبڏنو، صدر الدين چارڻ، حمل خان لغاري، فتح فقير ۽ آخوند محمد بچل جا نالا قابل ذڪر آهن.
    12. مناقبا به هن دور ۾ ملن ٿا. هن قسم جي نظم ۾ اصحابن ۽ اوليائن جي تعريف ڪئي ويندي آهي. پير محمد اشرف هن قسم جي شاعريءَ جو بلند پايا شاعر آهي.
    13. معجزا به هن دور ۾ ملن ٿا. هن قسم جي نظم ۾ پاڻ سڳورنﷺ جا معجزا بيان ڪيا ويندا آهن. سيد خير شاهه هن قسم جي شاعريءَ جو بلند پايا شاعر آهي.
    14. هجو گوئي جو رواج به هن دور ۾ پيو. سيد خير شاهه ۽ سيد ثابت علي شاهه هڪٻئي جون هجوون لکيون.
    15. هن دور ۾ رزميه شاعريءَ جا پڻ سٺا نمونا ملن ٿا. هن قسم جا مثال خليفي نبي بخش جي ”سر ڪيڏاري“ ، سيد حيدر شاهه جي ”جنگ نامه“ ۽ سيد ثابت علي شاهه جي ”مرثين“ ۾ ملن ٿا.
    16. هن دور ۾ خليفو نبي بخش پهريون شاعر آهي جنهن سر ڪيڏاري کي قومي شاعريءَ جي اظهار جو ذريعو بڻايو. سندس ڪيڏاري ۾ قومي جوش ۽ جذبو آهي ۽ سنڌ جي سُورِمن جي ساراهه آهي.
    17. هن دور ۾ هندو ساعرن جو شعر پڻ ملي ٿو. ساميءَ جي سلوڪن سان گڏ دلپت ۽ سندس گرو آسرداس ”آسو“ جو شعر پڻ ملي ٿو.
    18. هن دور ۾ پهريون ڀيرو نثر جا ابتداعي نمونا ملن ٿا. پهريون نثر آهي آخوند عزيز الله خان جو قرآن شريف جو تحت اللفظ ترجمو.
    ڪلهوڙن جو آخري حڪمران ميان عبدالنبي ڪلهوڙو ۽ ٽالپر سردار مير فتح علي خان جي وچ ۾ هالاڻيءَ جي ميدان ۾ تمام وڏي جنگ لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪلهوڙن کي شڪست آئي. سنڌ جي مملڪت ٽالپرن جي دور جي حوالي ٿي.
    ٽالپر به ڪلهوڙن وانگي مقامي نسل جا هئا. تنهن ڪري هن دور ۾ به سنڌي ادب ۽ زبان کي ڪافي ترقي ملي ۽ خود ٽالپر به علم دوست هئا. کين شاعريءَ سان بي حد دلچسپي هئي ۽ شاعرن جو قدر ڪندا هئا.


    5. انگريزن جو دور

    1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگ ۾ ميرن کي شڪست ڏئي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي جو نئون باب شروع ٿيو ۽ فارسيءَ بدران سنڌي ٻوليءَ کي دفتري زبان ۽ ذريعه تعليم بڻايو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ نئين صورتخطي بڻائي وئي. جنهن تحت سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جون راهون کليون ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپجڻ لڳا.
    هن دور ۾ ناول، ڊراما، افسانا ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون جنهن ۾ معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي موضوع بڻايو ويو ۽ فرضي قصا رقم ڪيا ويا. ان سان گڏو گڏ نظم جي صنفن ۾ نواڻ آئي ۽ ڏور، هنر، سينگار، لولي، مورو ۽ واقعاتي بيت پيش ٿيڻ لڳا ۽ ان سان گڏو گڏ ڪافي، غزل، مرثيو ۽ مولود جهڙين صنفن کي پڻ ترقي وٺرائي وئي. هن دور جا نامياره شاعر مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل، مصري شاهه، غلام محمد نظاماڻي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، حافظ محمد احسن وغيره ملن ٿا.
    پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ عوام ۾ نوان امنگ ۽ ولوله پيدا ٿيا ۽ ڪافي سياسي سجاڳي پڻ آئي تنهن ڪري ليکڪن سماج جي اصلاح سان گڏ سياسي مقصدن کي سامهون رکي لکڻ شروع ڪيو. مطلب ته هن دور ۾ سنڌي ادب جي تمام گھڻي اوسر ٿي.


    6. موجوده دور (1947ع کان 2000 تائين)

    1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. لڏ پلاڻ ٿي. هندو هليا ويا ۽ هندوستاني سنڌ ۾ آيا. هندو اديب وطن جا وڻ چڏي ويا، جن مان پراڻن ليکڪن جو ٿورن سالن ۾ ديهانت ٿيو. ڄيٺمل پراسرا 1948ع ۾، ڪاڪي ڀيرو مل 1953ع ۾، ۽ لالچند امر ڏني مل 1954ع ۾ وفات ڪئي. اهڙي طرح سنڌي زبان ۽ ادب جا ٻه ماڳ ۽ مڪان ٿي ويا. هڪ سنڌ ۾ ٻيو هند ۾. ٻنهي هندن تي اديب وقت جي نئين تقاضائن کان متاثر ٿيا ۽ سنڌي ادب هڪ نئين شروعات اختيار ڪئي. هينئر حسن و عشق، گل و بلبل جو بيان گھٽجي ويو ۽ معاشي ۽ معاشرتي موضوعن انهن جي جاءِ ورتي.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ڪجھ قدر ماٺائي اچي وئي، پر پوءِ جلد ئي اديبن پاڻ سنڀاليو ۽ زبان ۽ ادب جي ترقي جي سلسلي ۾ پاڻ پتوڙيائون. ان شروعاتي دور ۾ حاجي محمود ”خادم“ مرحوم (اديب سنڌ) جاري رکندو آيو، جنهن عروضي شاعريءَ جي وڏي خدمت ڪئي.
    ان کانسواء پنهنجي صدارت هيٺ هلندڙ هن رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ لوڪ ادب، سنڌي لغت ۽ سنڌي ثقافت بابت به معياري مضامين ڏنائين. رسالي کي هلائڻ سان گڏ ”خادم“ مرحوم هر سال وڏي پيماني تي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ اديبي ڪانفرنسون به منعقد ڪرائيندو آيو، جن سنڌي زبان ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    مرڪزي حڪومت طرفان 1950ع ۾ ماهنامه ”نئين زندگي“ جاري ٿيو، جنهن ادب جي هر صنف بابت قيمتي مواد مهيا ڪيو. ان بعد 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وجود ۾ آيو، جنهن سنڌي ادب ، تاريخ ۽ لغت ڏانهن جوڳو ڌيان ڏنو. 1955ع ۾ بورڊ جي طرفان ٽماهي ”مهراڻ“ جاري ٿيو، جنهن تحقيقي ادب طرف به ڌيان ڏنو ته، جديد ادب کي به فروغ ڏنو ۽ اڃا تائين هي رسالو جاري آهي. محترم عبدالرزاق ”راز“ جي ڪوشش سان 1952ع ۾ ”حبيب پبليڪيشن“ جي نالي اشاعتي ادارو قائم ٿيو، جنهن جديد ادب بابت معياري ڪتاب شايع ڪيا.
    هن ئي دور ۾ نوجوان اديبن ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ڪئي، جنهن 1956ع ۾ ”سنڌ سنگت“ جي صورت اختيار ڪئي. سنگت جي ڪار گذارين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ محترم اياز قادريءَ شروع ۾ وڏو ڪم ڪيو. جلد ئي مختلف شهرن ۾ سنگت جون ڪيتريون ئي شاخون قائم ٿي ويون. ان بعد وقت بوقت ڪيتريون ئي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا قائم ٿيا آهن. جن پنهنجي وت ۽ وس آهرخدمت پئي ڪئي آهي. رسالا به ڪيترائي جاري ٿيا، جن مان ڪيترائي هينئر بند ٿي ويا آهن. ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ سه ماهي ”مهراڻ“ کانسواء روح رهاڻ، ڳوٺ سڌار، مارئي، اديون، لطيف، تقاضا، روح ادب، اسان جي منزل، سارنگ، شعلو، پارس سکر، سنڌي ڊائجيسٽ، سنڌي ساهت، ناري، لطيف ڊائجيسٽ، ساڻيهه، برسات وغيره سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هينئر اڪثر اهي رسالا بند ٿي ويا آهن. انهن مان فقط ”نئين زندگي“ ”مهراڻ“ اڃا تائين اشاعت جاري رکيو اچن. هن وقت نوان رسالا جهڙوڪ: پارس، ساڃهه، نئين زندگي، پيغام، سارس، پرک، نئون، نياپو، ڪينجھر ادب ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا ۽ ڪتابي سلسلا زبان ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن.
    ادبي رجحان:
    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب نئون رخ اختيار ڪيو آهي، نون شاعرن تقليدي شاعري ترڪ ڪري، شاعري کي هڪ نئون رنگ ۽ روپ ڏنو آهي. شاعريء جي مضمون ۾ به جدت ۽ مقصديت پيدا ڪئي وئي ته فني سٽا ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا آهن.
    قديم سنڌ جي شاعري جي صنفن بيت، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ نئون رنگ روپ ڀريو ويو آهي. غزل ۽ نظم ۾ نوان تجربا ڪري، انهن کي سنڌي شاعري جي مزاج سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ روايت رنگ ۾ نظم ۽ غزل لکڻ وارا به موجود آهن. جن پنهنجي فڪر ۽ فن ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن کانسواءَ هندي شاعري جي صنف گيت تي پڻ ڪيترن ئي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. اهڙي طرح مغربي صنفن ۾، جهڙوڪ: آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، جاپاني صنف هائيڪو ۽ پنجاپي صنف ماهيا ۾ به سنڌي شاعرن پنهنجا جذبات ۽ احساسات بيان ڪيا آهن، ته هن دور ۾ نثري نظم پڻ لکيا ويا آهن.
    زبان جي لحاظ کان نيٺ سنڌي لفظن، تشبيهن ۽ تمثيلن تي زور ڏنو ويو آهي. مضمونن جي لحاظ کان معاشري جو حقيقت پسندانه تجزيو ڪري، ان تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ سرمائيدارانه نظام جي ظلم ۽ ڏاڍ کي نمايان ڪيو ويو آهي. سنڌ، سنڌي زبان ،ادب ۽ ثقافت سان جيڪي زيادتون ٿيون، انهن جي ردعمل ۾ ادب ۾ وطن دوستي ۽ وطن پرستي جي مضمون وڏي اهميت اختيار ڪئي آهي. ڪن اديبن ۽ شاعرن بين الاقوامي مسئلن تي پڻ لکيو آهي پر سنڌ کي محور ۽ مرڪز جي حيثيت حاصل آهي. سنڌ سان پيار ۽ محبت جو اظهار اڄ به شاعر ۽ اديب جو بنيادي مضمون ٿي ويو آهي.
    1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سرڪار ۽ عوامي سطح تي ڪيترائي ادبي ادارا قائم ڪيا ويا. سرڪار سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي نالي ادارا قائم ڪيا. جڏهن ته عوامي سطح تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي سوسائٽي ۽ ٻيا ڪيترائي ادبي ادارا قائم ٿيا.
    موجوده دور ۾ ناول تمام گھٽ لکجي ٿو، تنهن هوندي به ڪجھ نه ڪجھ ڪم ان صنف تي ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هن دور ۾ ڪهاڻي فن جون ارتقائي منزلون طئي ڪري پڪي ۽ پختي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. موجوده دور جي ڪهاڻي ڪارن ۾ امر جليل، جمال ابڙو، اياز قادري، نجم عباسي، حميد سنڌي ، نسيم کرل، نورالهدى شاهه ۽ مهتاب محبوب جا نالا سرِ فهرست آهن. جڏهن ته هن دور ۾ نثر ۾ سفر نامي کي اهميت رهي آهي. خاص ڪري الطاف شيخ جا سفر نامه سنڌي ادب لاءِ وسيع مواد فراهم ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ محمد عرس عرساڻي، ڊاڪٽر جبا ر جوڻيجو ، عنايت بلوچ ۽ فهميده حسين وغيره سفر نامه لکيا آهن. موجوده دور ۾ تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان ۾ قابلِ قدر ترقي ٿي آهي.
    موجوده دور ۾ تقريبًا هر صنف تي طبع آزمائي ٿي آهي. خاص طور تي غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل ۽ آزاد نظم وغيره تي نئين ٽهي جا سڀئي شاعر طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. خاص طور تي امداد حسيني، اياز گل ، ادل سومرو، شمشير الحيدري، احمد خان مدهوش ۽ راشد مورائي وغيره جا نالا اهميت جوڳا آهن.


    عــــام شاعري

    قصيدو

    قصيدو عربي ٻولي جي لفظ “قصد” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ”ارادو ڪرڻ“. اصطلاحي معنى ۾ قصيدو شاعريءَ جي اها صنف آهي جنهن ۾ ماڻهن جي شجاعت، سخاوت ۽ انسان دوستيءَ جي تعريف ڪئي وڃي. شاعري جي هن صنف ۾ ضروري نه آهي ته شاعر آخري بند م پنهنجو نالو استعمال ڪري. هن ۾ پهرين بيت جون ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. باقي بيتن جي پوئين مصرع ۽ پهرين مصرع جو قافيو ساڳيو هوندو آهي. هن صنف جو بنياد انگريزن جي دور حڪومت ۾ پيو. هن صنف جو پهريون شاعر مير حسن علي خان ٽالپر آهي. ان کانسواءِ محمد قاسم هالاڻي، مرزا قليچ بيگ، محمد هاشم مخلص، سليم ڳاڙهوي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل وغيره شامل آهن.

    شراب آهي نشو ان جي شڪايت ٻڌجي چوڌاري،
    ڪريو پرهيز ان کان دوســـــــــتو ڏيکاريو بيزاري.

    انهيءَ نيڪي جي پابندي ۾ سڀ مذهب ٿيا شامل،
    مڙئي هندو، مسلمان ۽ ڪرسچن ڪـــــــن مددگاري.

    ڪرڻ پرهيز پهرين خاص نشي کان ٿــــيو واجــــب،
    اچي جنهن کان ٿي آدم ذات تي ذاتـــــي نگونساري


    مـــــــــولــــــــود

    مولود عربي ٻولي جي لفظ “ ولد” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ”نئون ڄاول ٻار“. شاعري جي هن صنف ۾ حضرت محمد ﷺ جن ولادت تي خوشي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ سندس ثناء ۽ صفت، مديني پاڪ جي زيارت لاءِ اڪير، پنجتن پاڪ جي ساراهه وغيره ڪرڻ جهڙا موضوع شامل آهن.
    مولود جي فني سٽاء وائي ۽ ڪافي جهڙي هوندي آهي.مولود ۾ ٿل کانسوءِ چار پنج بند هوندا آهن. مولود جي صنف جا شاعر عبدالرُئوف ڀٽي، شاهه عنايت رضوي، پير محمد راشد، فيض محمد سومرو، خليفو ڪرم الله قابل ذڪر آهن.

    اچي ويرَ، ڌي سُڌيــــــــــــــــــــــر مِٺا، مير موچارا،
    سُڻي آهَه، ڪجــــــــــــــان ڪاهَه، مٺا ميرَ موچارا،
    قبَر قيام، اندر ڄام، مٺا ماڙ ڪــــــــــجانءِ ڪا،
    اتي گھوٽ، ڪجان موٽ، مٺا مير موچــــــــارا،
    مصري شاهه، چئي سياهه ڪامل قلب اجاريو،
    ڪيان تعريف تو شريف مٺا مــــــــــــــيرَ موچارا.


    مــــــــــــــــــــــــــداح

    سنڌي شاعري جي مقبول ۽ عام صنف مداح آهي. مداح عربي ٻولي جي لفظ “مدح” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ”ساراهه يا تعريف ڪرڻ“. اها تعريف ڀلي ڪنهن بادشاهه جي هجي يا ڪنهن دوست جي پر سنڌي ۾ مداح ان شعر کي چيو ويندو آهي.جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ، اصحاب سڳورن، ولين ۽ درويشن سان دلي محبت ۽ عقيدت بيان ٿيل هجي. اڪثر طور هن صنف ۾ مدد لاءِ سوال ڪيل هوندو آهي.
    فني نظم جي سٽاءَ کان ڊگھي نظم جو قسم آهي. مضمون جي لحاظ کان انهن کي الڳ ڪري سگھجي. ڪيتريون ئي مداحون الف اشباع جي نظم ۾ لکيل آهن. مداح جي شروعات ڪلهوڙن جي دور ۾ ٿي. جمن چارڻ مداح جو پهريون شاعر آهي. ان کانسواءِ مخدوم غلام محمد، ميان سرفراز ڪلهوڙو، حمل خان لغاري، همت علي شاهه، مصري فقير، غلام حيدر شر، آخوند لطف الله وغيره هن صنف جا شاعر آهن.


    مــــــــــــــــرثيــه

    مرثيه عربي ٻولي جي لفظ “ رثى” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي ڪنهن عزيز ، دوست جي وفات جو واقعو ڏک ڀريل لفظن ۾ ملي. اصطلاحي معنى ۾ مرثيه شعر جي اها صنف اهي جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن جو واقعو ڌک ڀريل لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو. هيءَ صنف عربيءَ جي شاعره خنساء ايجاد ڪئي. ان کانسواء شاهه عبداالطيف هن صنف کي سر ڪيڏارو ۾ ڳايو. بعد ۾ هن صنف کي ٽالپرن جي دور ۾ ترقي ملي، پر هن کي مڪمل فني خوبين سان سيد ثابت علي شاهه سينگاريو.

    ڇا چوان قاسم جو تڙپڻ، ڇا چوان اڪــــــــــــــــبر جو موت،
    ڇا چوان عباس ڪيئن ٿيو، ڪيئن لکان اصغر جو موت،
    ههڙو مارو ڪڏهن نه ٿيو، يڪـــــجاءِ هم لشڪر جو موت
    تا قيامت ڪين وســــــــــــــــــــــــري هي شهه سرور جو موت


    رباعي

    رباعي عروضي شاعري جي صنف آهي. رباعي لفظ “ربع”مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “چار”. اصطلاحي معنى ۾ اهو شعر جيڪو چئن مصرعن تي مشتمل هجي. رباعي جي پهرين، ٻئين ۽ چوٿين مصرع هم قافيه هونديون آهن. جڏهن ته ٽئين مصرع بنا قافيه هوندي آهي. رباعي جو وزن مقرر ڪيل هوندو آهي. مفهوم جي لحاظ کان رباعي جو ميدان بلڪل تنگ آهي، ڇاڪاڻ ته شاعر کي سڄو مفهوم چئن سٽن ۾ پيش ڪرڻو هوندو آهي. سنڌي شاعرن صوفيانه، فلسفانه خيال، اخلاقي مضمون ۽ بيباڪ خيالن کي رباعي جو مضمون بڻايو آهي.
    رباعي جي صنف جا شاعر مخدوم طالب المولى، مرزا قليچ بيگ، حافظ محمد احسن، امداد حسيني، محسن ٽکڙائي، شيخ اياز وغيره شامل آهن.
    استاد بخاري

    اميدن جي شمع کي جـــــــــــــــــــلايون ويٺا،
    پروانا خيــــــــــــــــالن جا پچــــــــــــــايون ويٺا،
    توڙي جو ڪري تيـــل ڇڏيون ٿا رت کي،
    محفـــــــــل ته بحر حال مـــــــــــــــچايون ويٺا.


    شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون

    تعارف

    شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جيڪو هر ملڪ ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق ترتيب ڏنل هوندو آهي. اسان جي سنڌي شاعرن وٽ شاعري جي وزن جا عام طور تي ٻه سرشتا رائج آهن. هڪ آهي عربي فارسي ” علم عروض“ ۽ ٻيو آهي هندي ” ڇندو ديا“ ۽ موسيقيءَ جو وزن.
    هر ٻوليءَ جي لفظي ۽ صوتي جوڙ جڪ جون تقاضائون ئي شاعر کي مجبور ڪنديون آهن ته هو شعر جو ڪهڙو علم ۽ قاعدو پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪري. اسان سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اها هندي ڇند توڙي فارسي علم عروض، ٻنهي تي رچي وئي آهي ۽ اڄ به رچي وڃي ٿي. اسان هتي شعري اصطلاحن ۽ شاعري جي ڪجھه صنفن جو ذڪر ڪنداسين.


    عروض

    هيءُ هڪ اهڙي قسم جو علم آهي جنهن کي سمجھڻ سان موزون شاعري ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن علم کي سمجھڻ سان بحر ۽ وزن جي خبر پوي ٿي. عروض معنى “بلندي” . شاعريءَ جي هن نموني جي ابتدا عرب جي سر زمين کان شروع ٿي. هن جو موجد مڪي شريف جو خليل ابن احمد هو. جنهن شاعري لاءِ ڪجهه اصول ۽ قانون ٺاهيا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته عرب پنهنجي خيمي کي جيڪا وچين ڪاٺي ڏيندا آهن، جنهن تي سڄو بار هوندو آهي ان کي عروض چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ اهڙي شاعري عربن جي اچڻ کانپوءِ تڏهن رائج ٿي جڏهن سنڌ ۾ عربي ٻولي لازمي ڪئي وئي. اهڙي طرح سنڌ جي شاعرن عربيءَ جو اثر وٺندي سنڌي شاعري پڻ عروضي قانون موجب ڪرڻ لڳا.


    تشبيهه

    تشبيهه لفظ ”شبيهه“ مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي صورت يا شڪل. عام طرح سان ڪنهن به هڪ شيءِ جي ٻئي شيءِ سان مشابهت ڏيکارڻ کي تشبيهه چئبو آهي.
    مثال: قادر هاٿيءَ جهڙو قدآور آهي، موسى کي شينهن جهڙو جيرو آهي.
    مٿئين مثال ۾ قادر کي هاٿيءَ سان ۽ موسى کي شينهن سان تشبيهه ڏني وئي آهي.


    استعارو:

    استعارو جي لغوي معنى آهي “اُڌارو وٺڻ”. استعارو به تشبيهه جي ڪافي ويجھڙائي کان ملندڙ معنى رکي ٿو. استعاري ۽ تشبيهه ۾ فرق صرف ايترو آهي ته تشبيهه ڪنهن سٺي شيءِ سان ڀيٽ ڪرڻ کي چئبو آهي. جڏهن ته استعارو سهڻي شيءِ جهڙو لڳڻ کي چئبو آهي.
    مثال: قادر شينهن آهي، جڏهن ته موسى گدڙ آهي.
    مٿئين مثال ۾ قادر لاءِ شينهن لفظ جي معنى ۽ موسى لاءِ گدڙ لفظ جي معنى اوڌاري ورتي وئي آهي.


    تجنيس يا خطي حرفي:

    تجنيس حرفي جي معنى ساڳيا لفظ يا هڪ جهڙا اکر. عروضي شاعريءَ جو هي جزو لفظي ڪاريگري جو بهترين گڻ آهي. جنهن سان شعر جي سٽَ يا سڄو شعر هم آوازلفظن سان سينگارجي وڃي ٿو.
    اول الله عليم، اعـــــــــــــــلى عالم جو ڌڻي،
    قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم،
    والي واحد وحده رازق رب رحــــــــــــــــــــيم،
    سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حـــڪيم،
    ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جـهان جي.


    ڪنايو:

    عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ”رمز يا اشاري ۾ بيان ڪرڻ“. يعني اشارن ۾ اهڙا لفظ ڳالهايا وڃن جو ان جون ٻه معناعون نڪرن. لفظ جي اصلي معنى هڪڙي هجي پر ان مان ڪنهن ٻئي شيءِ ڏانهن اشارو ٿيل هجي ته ان کي ڪنايو چئبو آهي.
    مثال:
    ڪيترين عورتن گڏجي ڪنوار کي موڙو ڏنو.


    قافيو:

    قافيو انهن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو ”قُفا“ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”پٺيان هلڻ“. قافيه وارا الفاظ آواز ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، پر سندن تلفظ مختلف هوندو آهي.
    مثال:
    چاهت کان انڪاري ماڻهو
    جذبن تي بمبــــــاري ماڻهو
    ديس ۾ وڪڻي ايندا آهن،
    اهڙا ڀي واپــــــــاري ماڻهو.
    مٿئين مثال ۾ انڪاري، بمباري ۽ واپاري قافيا آهن.


    رديف:

    رديف جي معنى آهي “ٻيلهه سوار ٿيڻ يا جوڙيوال ٿيڻ”. اصلاحي معنى ۾ اهو لفظ جيڪو بند جي آخر ۾ ساڳيو ورجايو ويندو آهي.
    مثال:
    شهر شهر تنهنجي جون گھٽيون وسرن نٿيون،
    ۽ ڀت تي ٻريل بتـــــــــــــــيون وســـــــــــــرن نٿيون،
    مون گھڻـــــــــــــــي ئي ڪوشش ڪئي آهي مگر،
    تو لکــــــــــــــــيون جيڪي چٺيون وسرن نٿـــيون.
    مٿئين مثال ۾ ”وسرن نٿيون“ رديف آهي.


    مطلع:

    هي لفظ عربي زبان جي فعل اطلع مان ورتل آهي، جنهن کي لغوي معنى آهي “ظاهرٿيڻ”. اصطلاحي زبان ۾ هر نظمي صنف جي شروعاتي ٻن سٽن کي مطلع چئبو آهي.


    مقطع:

    هي لفظ قطع مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “پورو ٿيڻ”. اصطلاحي معنى ۾ شعر جي هر صنف جي آخري سٽن کي مقطع چئبو آهي. اڪثر شاعر پنهنجو تخلص استعمال ڪندو آهي.


    وزن:

    عروضي شاعري جو خاص جزو جنهن جي موجب هر سٽ کي پوري ماپ سان لکيو ويندو آهي.


    بحر:

    بحر جي معنى آهي “ سمنڊ”. شاعري ۾ بحر سمنڊ جي وسعت جهڙو ڪم ڏئي ٿي. هي. اصطلاحي معنى موجب هي اهو ماپو آهي، جنهن جي ذريعي شعر جو وزن پورو بيهاريو ويندو آهي.


    تجنيس تام:

    تام معنى “پورو”. ڪلام ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ اهڙا اچن جن جو لکڻ پڙهڻ هڪجهڙو هجي پر معنى مختلف هجي.
    مثال:
    جتن ڪر جتن جو، آيا ڪــــــــي ايندا،
    وٺي پنــهون پاڻ سان وٽان تو ويندا،
    دم نه دميندا، سدا ويندا ساڻيهه ڏي،

    1 . جتن: ڪوشش ڪرڻ، پاڻ پتوڙڻ، 2. جتن: جت ذات


    تجنيس ناقص:

    هن کي ” تجنيس معرف “ پڻ چئبو آهي. هن جي صورت به تجنيس تام جهڙي هوندي آهي. پر اچار ۾ زبر يا زير وغيره جو فرق هوندو آهي.
    مثال:
    وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ،
    ڏيرن وڏو وَرُ ڪيو.
    1 . وَرَ : مڙس 2. وَرُ: وڪڙ (خرابي) 3. وَرُ : وڪڙُ


    تجنيس مرڪب:

    شعر ۾ هڪ مرڪب ۽ ٻئي مفرد لفظ کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ واري صنف کي تجنيس مرڪب چئبو آهي
    جا هڙ اندر جي، سا هڙ ڏني ساهه کـــــــــــي،
    سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي سا هڙ ســـاهڙ ري
    سا هڙ ميڙ سميع ته سا هڙ ڇڏي ساهه جي.


    مثنوي:

    لفظ مثنوي “تشنيه” مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي “ٻه” يا “جوڙو”. اصطلاحي معنى ۾ بيتن جي ان طويل سلسلي کي مثنوي چئجي ٿو جنهن ۾ ڪا ڪهاڻي، واقعو يا داستان، بيان ٿيل هجي. مثنوي ۾ لاتعداد بيت هوندا آهن. هر هڪ بيت ٻن مصرعن تي مشتمل هوندو آهي. ٻئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. هر هڪ بيت جو رديف ۽ قافيو الڳ هوندو آهي. پر ڪهاڻي ايئن تسلسل سان هوندي آهي. جيئن زنجير جون ڪڙيون پاڻ ۾ مليل هونديون آهن.
    مثال:
    محمد هر دو عالم جو شهنشاهه،
    محمد راز ربــــــــــــــاني جو آگاهه،
    محمد صاحبِ لــــــــــــــــولاڪ آهي،
    محمد مالــــــــــڪ افــــــــلاڪ آهي.


    مثمن:

    مثمن عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ اٺ سٽون”. سٽاءَ جي لحاظ کان شروعاتي ڇهه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجن ٿيون ۽ آخري ٻه سٽون وراڻي جو پوئلڳ هجن ٿيون. هن ۾ قومي، اخلاقي ۽ عشقيه انداز بيان ٿيل آهي.

    مثال:
    سدا جي ذات ظاهر ڪندو اســــــــــرار مان آهـــــــــــــيان،
    جي غفلت ۾ رهن تن کي ڪندو هوشيار مان آهيان،
    نشو سڀ ننڊ جو ناهي ڪندو بيــــــــــــــــدار مان آهيان،
    رهي جو سست تنهن کان سدا بيزار مـــــــــــــان آهيان،
    رکي محبت جيڪو دل انهيءَ جو يار مان آهــــــــــيان،
    سندس نور ايمان کي ڪندو نــــــــــــــــروار مان آهيان،
    ڪڍي نقاش فطرت منهنجي ڇا تصويــــــــر اي شاعر،
    ڏسي تصوير سان ڪو نظم ڪر تحـــــــــرير اي شاعر


    مسدس:

    هي پڻ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “ڇهه ڪنڊو”. علم عروض جي قاعدن موجب هي شاعري جي اها صنف آهي جيڪا ڇهن سٽن تي مشتمل هجي.عام طور تي سندس جوڙ جڪ شروعاتي چار سٽون پاڻ م هم قافيه ۽ پويون ٻه سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجڻ لازمي آهن. هن ۾ هر قسم جا مضمون شامل هجن ٿا. جيئن وطن جي حب، قومي اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون وغيره.
    مثال:
    اسان انسان اڄ بلڪل صفا مٽجي چڪــــــــــــــــا آهيون،
    حرس و حوس جي ديو کان لٽـــــــــــــــــجي چڪا آهيون،
    تعصب قوميت جي قيـــــــــــــد کان ڪٽجي چڪا آهيون،
    سبب هي آهي شريعت کان جڏهن هٽجي چڪا آهيون،
    تڏهن ڪـــــــــــــينو اسان ۾ تــــــــــــڏهن دل ۾ ڪدورت آ،
    خدا جي نيــــــــــڪ بندن جي زمـــــــــــــــاني ۾ ضرورت آ.


    فصاحت:

    اهو ڪلام جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جو انهن جي اُچار سان زبان ۾ ڪنهن به قسم جي اٽڪ محسوس نه ٿئي، تنهن کي فصيح ڪلام چئبو آهي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن پر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ ازتيار ڪيل هجي. پر اهو جيڪڏهن نمونو ڪڏهن ڪڏهن اختيار ڪيل هوندو ته ان ڪلام کي فصيح ڪلام نه چئبو.


    بلاغت:

    هن مان مراد شاعر جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي. انسان ۾ قسمين قسمين جذبا پيدا ٿين ٿا. ڪڏهن غم واري ڪيفيت آهي ته ڪڏهن خوشي واري، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي وارا جذبا ته ڪڏهن عشق ۽ محبت جا، ڪڏهن ڪاوڙ ڪڏهن کل، ڪڏهن بيقراري. شاعر انهن سڀني ڪيفيتن کي اهڙي صفائي ۽ چٽائيءَ سان مختصر پر معنى خيز لفظن ۾ بيان ڪري جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان ان طرف ٿي وڃي.


    سلاست:

    سلاست مان مراد شاعر جي ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جيڪي روزانو استعمال ٿيندا هجن. شاعر استعارا، تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنفون اهڙيون ساديون استعمال ڪري جو ماڻهو يڪدم سمجھي وڃن ۽ پنهنجي قابليت آهر لطف حاصل ڪري سگھن ۽ ان ڪلام جي سلاست ۽ سادگي ڏسي ماڻهو پاڻ چوڻ لڳي ته اهڙي شاعري آئون به ڪري سگھان ٿو.


    جدت:

    جدت جو مطلب اهو آهي ته شاعر پنهنجي ڪلام ۾ نواڻ آڻي. اهڙي مضمون تي شاعري نه ڪري جنهن تي اڳ ۾ ئي ڪنهن شاعر طبع آزمائي ڪئي هجي يا ڪنهن طبع آزمائي ڪئي به هجي ته ان کي اهڙي نموني ادا ڪري جو ايئن محسوس نه ٿئي ته ڪٿان ڪو نقل ڪيو اٿس. شاعر پنهنجو مطلب اهڙن نون طريقن سان بيان ڪري جو پڙهندڙن جو ڌيان ٽٽي نه سگھي. سندس لفظن ۽ جملن جو اهڙو اثر هجي جو ڀانئجي ته اهي لفظ ۽ جملا سندس اندر مان اڌما ڏئي نڪتا آهن.


    گنان:

    گنان لفظ سنسڪرت جي لفظ “گيان” مان ورتل آهي جنهن جي معنى ڄاڻ ۽ علم آهي. ٻين لفظن ۾ اهو علم جو عبادت، رياضت جي نتيجي ۾ حاصل ٿئي. اصطلاحي معنى ۾ گنان شعر جو اهو قسم آهي جنهن ۾ اسماعيلي مبلغن ماڻهن کي تعليم ڏني.
    سومرن جي دور حڪومت ۾ اسلام جي جدا جدا فرقن جا داعي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا . جن ۾ اسماعيلي فرقي جا مبلغ به هئا، جن ۾ سيد نور الدين، پوءِ شمس الدين ، پوءِ پير شهاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين 1201ع ۾ سنڌ ۾ آيا. هنن سنڌي ٻولي سکي ماڻهن کي اسلامي اصول سمجھائڻ لاءِ گنان لکيا.
    فني سٽاءَ جي لحاظ کان گنان مسلسل ڊگھا نظم به آهن ته ننڍا به آهن.
    اٿي الله گهرين نه بندا،تون ستين سڄي رات،
    نــــــــڪا جوڙي جيوت جي، نڪـــــــو ثمر ساٿ
    هن بند ۾ پير صدرالدين الله جي بندگي ڪرڻ جي نصيحت ڪئي آهي. مضمون جي لحاظ کان گنان ۾ مذهبي تعليم، امامت، روحانيت، اخلاقيات، فنا جا، بقا جا مسئلا بيان ڪيل آهن.


    علم بديع:

    علم بديع عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي “نئين ايجاد”. اصطلاحي زبان ۾ سنڌي طرز تحرير (نظم ۽ نثر) کي پرڪشش ،خوبصورت، دلڪش، رنگين ۽ پر اثر بنائڻ لاءِ معناعن مان نهايت ڪاريگريءَ کان ڪم وٺڻ کي علم بديع چئبو آهي.


    بيت:

    بيت سنڌي شاعري جي قديم ۽ مقبول صنف آهي. سنڌي شاعري ۾ بيت سڀ کان اول ڳاهه جي صورت ۾ ملن ٿا. اهي، قصن، ڪهاڻين ۽ رومانوي داستانن جي وچ ۾ ملن ٿا. جن جي شروعات سومرن جي دورِ حڪومت ۾ ٿي.
    ابتدائي زماني ۾ بيت ٻن سٽن تي مشتمل هئا.
    اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
    اندر تون اجار، پنا پڙهنــــــــدين ڪيترا.

    پر اڳتي هلي ٽن چئن سٽن وارا بيت پڻ ٺهڻ لڳا، جيئن شيخ اياز جو هي بيت آهي.
    آيو آڌيءَ رات جو، پريــــنءَ جو پڙ لاءُ،
    چڪڻ لڳو چنڊ جو، گھرو گھرو گھاءُ
    صدين جو سوداءُ، جاڳي اٿيو جيءَ ۾.
    شاعري جي هن خوبصورت ۽ قديم صنف جا شاعر قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ شيخ اياز جهڙا ملن ٿا.

    موجوده دور ۾ بيت کي نئون رنگ ڏنو ويو آهي. بيت ۾ تاريخي ۽ مقامي واقعا ، سياسي، معاشي حالتون بيان ٿيل آهن. انهن شاعرن ۾ استاد بخاري، راشد مورائي، ادل سومرو، تاجل بيوس، مخدوم امين فهيم وغيره شامل آهن.


    ڪافي:

    ڪافي عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ڪفى“ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ”پورو هجڻ“.
    سنڌي شاعري جي مشهور۽ عام صنف ”ڪافي“ آهي. سنڌ ۾ ڪافي جي شروعات ڪڏهن ٿي، ان لاءِ مختلف رايا ملن ٿا.
    ڪن محققن جو خيال آهي ته ڪافي تمام قديم صنف آهي پر اهو اڻ تصديق نظريو آهي. 10 صدي هجريءَ ۾ ڪافي جي موجودگي جي ثابتي ملي ٿي. هن وقت تائين جيڪا تحقيق ٿي آهي ان مطابق ٻه نظريا سامهون آيا آهن. ڪي محقق چون ٿا ته ڪافي ۽ وائي هڪ ئي صنف آهي. ته ڪي چون ٿا ته هي ٻئي الڳ صنفون آهن. هڪ عالم جو رايو آهي ته لفظ ڪافي جي مادي اشتقاق ”ڪفو“ آهي. جنهن جي معنى ”ساهمي جا ٻئي پڙ برابر“. ان ڪري اصلاحي معنى ۾ اهو نظم جنهن ۾ هر مصرع جون حرڪات، سڪنات ۽ وزن هڪجيترو ۽ هم وزن هوندو آهي
    .
    جيئن ته هي ديسي شاعريءَ جي صنف آهي ان ۾ رسم رواج، عشق، محبت، صدا، التجا، وڇوڙي جو ورلاپ ۽ درد جون دانهو. وغيره جهڙا موضوع اچي وڃن ٿا. شاهه نصير، خوش خير محمد، بيڪس، غلام شاهه راشدي، سچل سرمست، بيدل فقير، خليل لاشاري ۽ مصري شاهه وغيره ڪافيءَ جا شاعر آهن.
    بيدل جي ڪافيءَ جو نمونو:
    جو ئــــــــــــــي آهيان سو ئي آهـــــــــــيان، ڀول نه ڪـــــــــــو ڀائيان،
    1 . ويس لبيس دين ڪفر جا، ڪي ئي لاهيان، ڪي ئي پايان،
    2. مومـــــــــــل واري ويس ورن ۾، گھــــــــــــوٽ هزارين گھايا،
    3. هن مــــــــظــــــــــهر ۾ ڪاڻ بهاني، بيـــــــــــــــــدل نانءَ سڏايان.


    وائي:

    وائي لفظ پراڪرت جي “وايا” ۽ سنسڪرت جي لفظ “وارتا” مان جڙي آهي. ٻنهي جي معنى آهي ”ڳالهه“. ڪن محققن ان کي ڪافي به سڏيو آهي.

    وائي جا بند گھڻو ڪري هڪ مصرع تي مشتمل ٿين ٿا. شاهه لطيف رحه ۽ شاهه عنايت وائي ۾ ڏيڍ مصرح به آندي آهي. ٿل کان پوءِ جيڪا به سٽ اچي ٿي، ان کانپوءِ واري آيل اڌ سٽ سڄي وائي ۾ ورجايل هوندي آهي.
    جيئن:
    آءٌ ٻارو چل اچ، پنهل ڄام پـــــــــــــــــــرچ،
    موٽ وڇوڙو ٿو ماري.
    قولن ڪوڙي آهيان، صاحب وڻي سچ،
    پسن جنهن پناري..................................
    موٽ وڇوڙو ٿو ماري.

    ڪن محققن جو خيال آهي ته وائي شاهه لطيف جي ايجاد ڪيل صنف آهي. انهيءَ دور ۾ شاهه عنايت، روحل فقير، سچل سرمست ۽ بيدل جون وايون مشهور ٿيون. جڏهن ته جديد دور ۾ تنوير عباسي، نياز همايوني، شيخ اياز ۽ امداد حسيني جون وايون مشهور آهن.


    تخلص:

    خاص قسم جو نالو يا لقب جيڪو هڪ شاعر شاعري جي دنيا ۾ پنهنجي لکيل نظم عوام ۾ ڄاڻائي. هي عام طور تي مقطع ۾ لکيو ويندو آهي.
    مثال طور: عبداللطيف، اياز، سانگي، اداسي وغيره


    غزل:

    غزل عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي لغوي معنى آهي ”عورت جي حسن جي تعريف ڪرڻ“. اصطلاحي معنى ۾ غزل شعرن جي ان مجموعي کي چئبو آهي، جنهن ۾ محبوب جي حسن ۽ رعنائي، آرائش ۽ زيبائش جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. موجوده دور ۾ هر قسم جو مَضمون غزل ۾ آندو وڃي ٿو. محبوب جو حسن، اخلاقي، تهذيبي، معاشي ۽ معاشرتي مضمون غزل جي زينت بنجن ٿا.
    فني سٽاء جي لحاظ کان غزل ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج ۽ وڌ ۾ وڌ ٻارهن شعر هوندا آهن. غزل جي پهرين شعر کي “مطلع” ۽ آخري شعر کي “مقطع” چئبو آهي. مطلع جون ٻئي مصرحون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. باقي ٻين شعرن جون مصرعون پهرين شعر سان هم قافيه ٿينديون آهن.
    سنڌي غزل جو پهريون شاعر نور محمّد خسته هو. جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو شاعر آهي.پر ٽالپرن جي دور ۾ غزل جي صنف ترقي ڪئي. خود ڪيترائي ٽالپر حڪمران شاعر هئا. اعلى درجي جو شاعر سچل سرمست رحه ملي ٿو. جنهن ”ديوان آشڪار“ فارسي غزل لکيا. ان سان گڏ سنڌي غزل پڻ ملن ٿا.


    اشتقاق:

    اشتقاق لفظ ”شق“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي”چيرڻ“
    ڪنهن به لفظ جو بنياد ظاهر ڪرڻ کي اشتقاق چئبو آهي.


    نظم:

    هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي هن جي معنى آهي ”ضابطو ۽ پابندي“.


    منظر نگاري:

    هيءَ شاعريءَ جي فن جي هڪ خاص صنف آهي. هن ۾ شعر ڪنهن حقيقت يا واقعي جي نظاري جي ماحول پٽاندر فطري طور بيان ڪري ته ان کي منظر نگاري چئبو آهي.


    مصرع:

    هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ”دروازي جو طاق“. ڪنهن به شعر جي هڪڙي سٽ کي مصرع چئبو آهي.


    نثر:

    سنڌي ٻوليءَ ۾ ادب جو ٻيو قسم نثر آهي. انجو مطلب آهي ته نظم کان علاوه باقي روانيءَ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکن وارو ادب ، اسان جيڪي ڳالهه ٻولهه يا لکپڙهه ڪريون ٿا، انهيءَ کي نثر چئبو آهي.
    نثر ٻن قسمن جو هوندو آهي.
    (1) سادو نثر (2) اوچو نثر


    ڏوهيڙو (دوهو) :

    سنڌي شاعريءَ جو هڪ قديم فن آهي. ڏوهيڙو اهڙي شعر کي چوندا آهن جنهن ۾ علم عروض موجب رديف ۽ قافيه جي پابنديءَ جي بندش نه آهي. البته وزن جو لحاظ رکڻ ضروري آهي.
    مثال:
    ساري رات سبحان، جاڳي جن يــــــاد ڪيو،
    تنهن جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،
    ڪوڙئين ڪن سلام، آڳ اچيـــــــو ان جي.

    جي پڇڻا سي نه منجھڻا، جي پڇن سي ويرَ،
    جو لکن منجھ مائروئن سو مکڻ منجھ کير.


    تصوف:

    هي صوفي فقيرن جو طريقو آهي، هن کي عربي ۾ ”وحدت الوجود“ ، هنديءَ ۾ ”وحدانيت“ ، فارسيءَ ۾ ”همه اوست“ سنڌيءَ ۾ ”سڀ ۾ سائين“ چئبو آهي. صوفي بزرگن کي هر شيءِ ۽ هر هنڌ محبوب حقيقي جو جلوو پسڻ ۾ ايندو آهي. سندن هر فعل ۽ هر عمل ۾ قدرت جو ڪرشمو ڪار فرما نظر ايندو آهي. شاهه لطيف، سچل، سامي صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.


    مناجات:

    هيءَ شعر جي اها صنف آهي جا گھڻو ڪري ٻن سٽن تي مشتمل هوندي آهي۽ ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هونديون آهن. مناجات ۾ خالقِ اڪبر کان نهايت عجز ۽ انڪساريءَ سان دعا گھريل هوندي آهي. هن ۾ سوءِ ان جي (دعا) ٻيو ڪو به موضوع استعمال نٿو ڪري سگھجي.


    بيتن جون سمجھاڻيون

    شاهه عبدالڪريم (1623_1538)

    (1)
    مُورک مُور نه ٻُجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪَن،
    ڪٽر جنين اکــــين ۾، سي ڪيئن پرين پَسَنِ؟
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو فرمائي ٿو ته نادان ۽ بي سمجھ انسان ڪڏهن به اها ڳالهه نه سمجھندا آهن ۽ نه وري محبوب حقيقي جي جلوي جو مشاهدو ڪري سگھندا. ڀلي انهن کي مختلف طريقن سان سمجھائجي تڏهن به نه سمجھندا. ڇاڪاڻ ته انهن جي اکين تي پردو آهي. اُهي پنهنجي محبوب کي ڪيئن ٿا پروڙي سگھن.

    (2)
    پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکـــــــــڙيون،
    جَرُ ڪَجَرُ جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پَسَنِ
    سمجھاڻي: جيڪڏهن محبوب جي محبت ۾ تون روئي ڌوئي اکيون صاف نه ڪندين ته ديدار نه ڪري سگھندين. جنهن جي اکين ۾ ٻيائيءَ جو ڪنو پاڻي ۽ ڪن ڪچرو پيو آهي، سي حقيقي محبوب جو جلوو ڪيئن ڏسي سگھندا.

    (3)
    سَڄَڻُ ساعت هڪڙي، جي ٿئي اکيئيون ڌار،
    ته ڪر سڀِ ڄــــــــمار، ڏٺــوســـــــــين نه ڪڏهن.
    سمجھاڻي: شاهه ڪريم هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته محبوب جيڪڏهن هڪڙي گھڙي به نظر کان پري رهي ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته اها جدائي جي گھڙي وڏي عرصي جو وڇوڙو آهي. جا گھڙي الله پاڪ جي ذڪر کان غفلت ۾ گذري ٿي ته ڄڻ سڄي عمر جي عبادت نامڪمل ٿئي ٿي ۽ افسوس ٿئي ٿو
    (4)
    هينيون نه حاضُرِ جَنِ، پرين نه اکڙين ۾،
    ٺَلهَا ڍنڍا سکڻا، هئــــــين جاڙ جِيئَــــــــــنِ
    سمجھاڻي:اهي طالب جن جي دل محبوب جي طرف مائل نه آهي يعني عبادت به دنيا جي شين م اٽڪيل آهي ۽ محبوب کي اکين سان نٿا ڏسن، اهي خالي ۽ ڍانڍي (ڏار پيل) دلي وانگر آهن جيڪو ظاهر ۾ ته صحيح آهي پر ڪم جهڙو نه آهي. انهن انسانن جي زندگي بي مقصد آهي جيڪي ضرورت وقت ڍانڍي مٽ وانگر ڦريو وڃن.
    (5)
    مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪـــــــري،
    اکڙيون تو هي، مڇـــــڻ وهي وِســـــــــهي.
    سمجھاڻي: هي دنيا فاني آهي ۽ هن دنيا جي فريبن ۾ ڦاسي اصل مقصد انسانيت کي هٿن مان نه ڇڏڻ گھرجي. حقيقت ۾ ظاهري آسائشون ۽ لذتون فاني آهن. دنيا اُڃ جو مثال آهي جنهن جو اصل وجود ڪو به ناهي. ان ڪري اصل حقيقت کي سمجھڻ لاءِ اندر جي اک کان ڪم وٺُ. متان تون هن فاني دنيا ۾ اکيون اڙائياعتبار ڪري ويهي رهين.

    (6)
    ڌڪين ڌاتِ پئو، هيئڙو لوههَ سنداڻ جيئن،
    سنڀاري کي سڄڻين ورڇي تان نه وِئــــــــــو.
    سمجھاڻي: پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ ڏک ۽ تڪليفون ايئن لڳن ٿيون جيئن لوهار ڌاتوءَ کي سنداڻ تي رکي ڪُٽيندو آهي. محبوب جي طرفان اسان جي دل تي ڪيترائي ڀيرا چوٽون لڳيون آهن. پر سنداڻ ڪڏهن بيزار ٿي لوهار سان شڪايت نه ڪئي آهي ۽ عشق ۾ آيل تڪليفن کي دل خوشي سان قبول ڪري ٿي.
    (7)
    جي جاڳندي مَنَ ۾، ستي پڻ سيئي،
    مَن پريان نيئي، پڳهــــــــيو پاڻ ڳَري.
    سمجھاڻي: مون کي پنهنجو محبوب جاڳ توڙي ننڊ ۾ ياد آهي ۽ ٻيڙي جي رسي وانگر ٻڌي قابو ڪري پاڻ ڏي ڇڪي رهيو آهي. ان ڪري محبوب کان جدائي ممڪن ئي نه آهي. آئون هن جي ياد ۾ هر وقت مصروف آهيان.
    (8)
    پاڻياري سِرِ ٻَهڙو، جر تي پکي جيئن،
    اسان سڄڻ تيئن، رهيـــو آهي روح ۾.
    سمجھاڻي: جيئن پاڻي ڀريندڙ عورت جي مٿي تي ٻه دلا هڪٻئي مٿان ايئن رکيل هوندا آهن جو انهن ۾ وٿي نه هوندي آهي، جيئن آبي پکي پاڻيءُ ۾ ترندو آهي ته پاڻي ۽ پکي هڪ ٻئي سان مليل هوندا آهن. بلڪل اهڙي طرح مون ۾ محبوب سمايل آهي ۽ مان محبوب ۾ سمايل آهيان ۽ اسان جي رڳ رڳ ۽ روح پاڻ ۾ سمايل آهن.
    (9)
    وَرُ سان سُڃي ويڙِ، جتي سڄڻُ هيــــڪڙو،
    سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪُوڙ ڪُماڙوئين.
    سمجھاڻي: هڪ الله لوڪ انسان کي اها جاءِ نه ٿي وڻي جتي انسان ته گھڻا هجن پر سڀ دغاباز ۽ دولاب سان ڀريل هجن. اهو نااهل ماڻهن وارو ماڳ مٽائي ڇڏ. مون لاءِ ويرانو بهتر آهي. جتي صرف اڪيلوالله هجي.
    (10)
    ڇاڇر ڇڳيرن، گھور نه اچي گھاتوئيــن،
    اکيون انين سنديون، کڏا ڪرئون پُڇَنِ.
    سمجھاڻِي: شاعر ماڻهن جي اجائي زندگي گذارڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته اهي ماڻهو جيڪي تانگھي پاڻي ۾ تڙڳي رهيا آهن. انهن کي ٽوٻن جيان اونهي سمنڊ جي ڪا به خبر ناهي. هنن جو اکيون صرف تري ۾ پيل پاڻيءَ جون لاهيون چاڙهيون جانچي رهيون آهن.
    (11)
    هنجهه تتيئين هوءِ، اونهـــي ۾ اوڙاهه جو،
    اي ڪانيرو ڪوءِ، ڇاڇرِ ۾ ڇيرون ڪري.
    سمجھاڻي: هنجه پکي پنهنجو کاڌو انهي پاڻيءَ مان ڳولي ٿو. پر ان جي برعڪس ڪانيرو جيڪو ڪارو ۽ گندو پکي آهي، اهو به آبي پکي آهي پر ان جي خوراڪ مردا جانور آهن. جيڪي مٿاڇري تي نظر اچن ٿا. شاعر هن بيت ۾ ڪانيرو کي دنيادار انسان سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ هنج مان مراد اهو انسان آهي جنهن جي نظر گھرائي تي آهي. ڪانيرو دنيا کي سڀ ڪجھ سمجھي ٿو ۽ کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ لامارا ڏئي ٿو جيڪو انسانيت جي ابتڙ آهي.


    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (1690_1752)

    سُرُ يمن ڪلياڻ
    (1)
    تون حبيب، تُون طبيب، تُون درد جي دوا،
    جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انـــــــواع،
    صاحب! ڏيج شفا ميــــــــــــان! مريضن کي.
    سمجھاڻي:شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُرُ يمن ڪلياڻ جي هن بيت م پنهنجي خالق مالڪ ۽ پالڻهار سان مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو ته اي الله! تون ئي منهنجو دوست آهين، تون ئي منهنجو ويڄ ۽ منهنجي مرضن جو علاج آهين، منهنجي اندر ۾ دغا، فريب، ڪوڙ، دوکو، حرام خوري ۽ خود غرضي وغيره انيڪ قسمن جون پيڙائون آهن. اي صاحب! تون ئي انهن مرضن ۾ ڦاٿل مريضن کي ڇوٽڪارو ڏي.
    (2)
    تُون حبيب، تون طبيب،تون درد جـــــــــون دارون
    دوا آهِنِ دل کي، تنهنجـــــــون تنــــــــــــــــــــــــوارون ،
    ڪريان ٿي ڪارون، جيئن ٻُڪي ٻئنئون نه ٿئي.
    سمجھاڻي: اي رب ! تون ئي منهنجو دوست ۽ حڪيم آهين. تون ئي تڪليفن جي دوا آهين. هن دنيا جا حڪيم منهنجي مرض کي نه سمجھي سگھيا آهن ڇو ته تنهنجو ذڪر ۽ تنهنجي يادگيري منهنجي بيماريءَ جو علاج آهي. ان لاء منهنجي پڪار اها آهي ته منهنجي هن بيماريءَ جو علاج دنيا جي هن حڪيمن کان نه پر تنهنجي هٿن سان ٿئي ٿو. منهنجي هن بيماريءَ کي دور ڪرڻ لاء منهنجي نفس کي ايترو سرڪش نه ڪجانءِ، جو توسان آئون ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪريان.
    (3)
    تون حبيب، تون طبيب، تُنهـــــــــــــــــــــم ڊٺن ڊڀُ،
    تون ڏيين، تون لاهيين تون، تنهم هــــادي، رب،
    آهِم اِيءٌ عجب، جِن وارئو ويڄ ويهـــــــــــــاريين،
    سمجھاڻي: اي الله تون منهنجو سڄڻ ۽ محبوب آهين. تون ئي حڪيم ۽ بي سهارن جو سهارو آهين. تون ئي آزمائڻ لاءِ تڪليفون ڏئين ٿو ۽ وري انهن کان آجو ڪرين ٿو. شاهه سائين آخري سٽ ۾ تعجب کائي چوي ٿو ته اي مالڪ! مون کي انهيءَ تي عبرت آهي ته جڏهن تون زبردست حڪيم آهين ته تو هن دنيا ۾ حڪيم ڇو ويهاريا آهن؟ جو اسان جي دلين ۾ ايڏا وسوسا ٿو وجھين جو تنهنجي هوندي اسان دنيا جي حڪيمن کان علاج ڪرايون پر اصل شفا ته تنهنجي هٿ ۾ آهي. تون ئي هن بيماريءَ کان نجات نصيب فرماءِ.


    (4)
    تون حبيب، تون طبيب، تــــــــــــُون دارون کي دردن،
    تون ڏيين، تون لاهيين، ڏاتر کي ڏکنــــــــــــــــــــــــــــــدن،
    تڏهن ڦڪيون فرق ڪَن، جڏهن امر ڪرهو ان کي.
    سمجھاڻي: ياالله! تون منهنجو دوست ۽ حڪيم آهين. منهنجي تڪليفن جو علاج به تون ئي آهين. اي ڏاتار! تون ئي ڏک ڏيڻ وارو آهين ۽ انهن کي دور ڪرڻ به تون ئي ڄاڻين ٿو. هي ڊاڪٽر دوائون ته ڏين ٿا پر ٺيڪ ڪرڻ جي سگھ کان محروم آهن. ان لاءِ چون ٿا ته دوائون تڏهن اثر ڪنديون جڏهن انهن دوائن کي الله پاڪ جو حڪم ٿيندو. ڇاڪاڻ ته تون ئي ڪائنات جو خالق، مالڪ ۽ قادر آهين. هر شيءِ تنهنجي حڪم جي تابع آهي.



    سُرُ يمن ڪلياڻ
    (1)
    پچ پتنگن کي، سندن کامـــــــــڻ خبرون،
    آڻئو وجھن آڳ ۾. جِي پنهنــــــجو جي،
    جيئري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا.
    سمجھاڻي: شاهه صاحب فرمائي ٿو ته جيڪڏهن توهان خدا جا سچا عاشق آهيو ۽ خدا تعالى جي قرب حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهيو ته تڪليفون برداشت ڪريو. پتنگن کان پڇو ته جلبو ڪيئن آهي؟ اهي پنهنجي جسم کي باهه ۾ اڇلائن ٿا ڇو ته انهن کي جيئري ئي عشق جون نائڪون لڳل آهن ۽ اهي عشق جي راهه ۾ تڪليفن کان بي نياز هوندا آهن.
    (2)
    پتنگ چايين پاڻ کي، ته اچي آڳُ اُجھاءِ!
    پچڻ گھڻا پچائيا، تون پچـــــــڻ کي پچاءِ،
    واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عـــــام کي.
    سمجھاڻي: جيڪڏهن اي انسان! تون پاڻ کي سچو طالب سڏائين ٿو ته باهه کي پاڻ ۾ جذب ڪر. مطلب ته تون پنهنجو پاڻ کي خدا جي وجود ۾ فنا ڪري ڇڏ. ان آتش (پچڻ) گھڻن کي جلائي ڇڏيو آهي. پر تون خود ان آتش کي جلاءِ. جڏهن تون ان منزل ۾ ڪامياب ٿي وڃين ته پوءِ اهو راز ڪنهن کي به نه ٻڌاءِ ڇو ته ماڻهو بي سمجھ آهن.
    (3)
    پتنگ چايين پاڻ کي، ته ڄيري پؤ ڄاڻي،
    تان تان تاڻج تَوَ ڏي، جان آڳ نه اُجھاڻي،
    وسههُ وهاڻي ،آڳ نه ڏجي عــــــــــــــام کي.
    سمجھاڻي: جيڪڏهن تون پاڻ کي عاشق سڏائين ٿو ته محبت جي مچ جي تپش کان آگاهه رهه يا قرباني ڏيڻ لاء تيار رهه. جيستائين باهه وسامي نه وڃي. مطلب ته تون باهه کي پاڻ ۾ ڀسم ڪر پنهنجو ۽ محبوب جو وجود هڪ ٿي وڃي، پوءِ اها خبر ماڻهن کي نه پوڻ ڏي.
    (4)
    پتنگ چايين پاڻ کي، ته پسي مچ مَ موٽ،
    سَهائي سپرين جي، گھـــــڙ ته ٿيين گھوٽ،
    اڃا تون اَروٽ! کوري خبر نه لهــــــــــــــــــــين.
    سمجھاڻي: جيڪڏهن تون پاڻ کي عاشق سمجھين ٿو ته باهه ڏسي پوئتي نه موٽ. پر انهيءَ باهه جي شعلن ۾ ٽپي محبوب جي اڳيان سرخرو ٿي ۽ حقيقي منزل ماڻ. تون اڃا ڪچو سيکڙاٽ آهين. کوري ۾ جلڻ جي خبر تو کي نه آهي.
    (5)
    پتنگن پهه ڪئو، مڙئا مٿـــــــــــي مَڄ،
    پسي لهس نه لچئا، سڙيا مٿي سَچَ،
    ســـــــندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
    سمجھاڻي: پتنگا ارادو ڪري اچي جان نثاريءَ لاءِ تيار ٿي اچي بيٺا ۽ اهي باهه جي تو ۽ تاب کي ڏسي پوئتي نه هٽيا بلڪه سچ جي مٿان ساهه صدقي ڪري ويچارن پنهنجون ڪيئي سسيون قربان ڪري ڇڏيون.
    (6)
    چڙهئو چڪاسن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيـــــــا،
    وهسن واڙي ڦُلَ جنءَ، محبتي مچ لاءِ،
    آڻي پاڻ اَڙاءِ، کڻي کـــــــــــــــوري وچَ ۾.
    سمجھاڻي: پتنگن جي اها فطرت آهي ته جتي باهه ڏسن اتي هليا ايندا آهن. شاهه صاحب هن بيت ۾ عاشقن کي چوي ٿو ته پنهنجي اندر ۾ اها فطرت پيدا ڪريو ته جتي به توهان جو محبوب (الله) آهي اتي پهچي وڃو. آڙاهه کي واڙيءَ جي گلن مثل سمجھي ان ۾ ٽپي پئو ۽ پاڻ کي محبوب جي هستيءَ سان گڏ ڪري پنهنجو وجود ڀسم ڪري ڇڏ.

    سُرُ کنڀاٽ
    (1)
    چوڏهينءَ چنڊ! تون اُڀرين سهسين ڪري سينگار،
    پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪريين هزار،
    جهڙو تــــــــــون سڀ ڄمار،تهڙو دم دوست جـــــــــو،
    سمجھاڻي: شاهه صاحب سر کنڀاٽ جي هن بيت ۾ چوڏهين جي چنڊ سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته اي چوڏهينءَ جا چنڊ! تون سوين سينگار ڪري نڪرين ٿو ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ چانديءَ جو گولو هجين پر پوءِ به منهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ جي ذري برابر به ناهين. تنهنجي سڄي عمر جي سونهن منهنجي محبوب جي هڪ پل جي سوجھري ۾ آهي.
    (2)
    سهسين سڄن اُڀري، چوراسي چنــــــــڊن،
    با الله، ري پرين، سڀ اونڌاهي ڀانئيان.
    سمجھاڻي:شاهه صاحب پنهنجي محبوب جي حسن کي ساراهيندي چوي ٿو ته سوين سج ۽ سوين چنڊ گڏجي هن دنيا کي روشن ڪرڻ لاءِ نڪرن تڏهن به منهنجي محبوب حضرت محمد ﷺ جي هڪ جلوي جي برابر نٿا ٿي سگھن. جيڪڏهن منهنجي محبوب جي جلوي جو نور نه هجي ته هر طرف اونداهي آهي.
    (3)
    چنڊ! چٽائي تنهنــــــــــــــــجي، سياهيءَ ۾ سور،
    لايان لال لـــــــــــــــڱن کي، چندن ڀري ٻــــــــــور،
    ڪوماڻو ڪپور، مون وانجھائيدي پرينءَ کي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاهه صاحب چنڊ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته اي چنڊ! تنهنجي روشني مونکي محبوب جي جدائيءَ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿي ڏئي. آئون پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ لڱن کي ڪافور هڻي خوشگوار ڪيو ويٺو آهيان. مون محبوب جو ايترو انتظار ڪيو آهي جو اها لڱن تان خوشبوءِ به اڏامي وئي آهي. تون وري مون کي پنهنجو حسن ٿو ڏيکارين. مون کي نفرت آهي ان خوبصورتيءَ سان جيڪا محبوب جي جدائيءَ ۾ سامهون اچي.
    (4)
    چنڊ! چئين حق، جي وڙهين جي وچرين،
    ٻه اکيون ٽئو نڪ، تو ۾ ناهي پرينءَ جو.
    سمجھاڻي: شاهه صاحب هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته اي چنڊ! اگر تون ناراض ٿئين، وڙهين يا بيزار ٿئين پر ڳالهه حق ۽ سچ ٿو ڪريان ته منهنجي محبوب جي هڪ به وصف تو ۾ ناهي. جيڪي خوبيون منهنجي محبوب ۾ آهن تو ۾ انهن جي کوٽ آهي.


    (5)
    چنڊ! چئين سچ، جي مــَــــــــــــــــــــــٺي مور نه ڀائيين،
    ڪڏهن اڀرين سنـــــــــــــــــــــــــهڙو، ڪڏهين اڀرين ڳچ،
    منهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهــي پيشاني پرينءَ جي.
    سمجھاڻي: اي چنڊ! اگر ناراض نه ٿئين ته تو کي هڪڙي ڳالهه چوان، تنهنجي حسن ۾ استقامت ۽ پائيداري ناهي، تون ڪڏهن سنهڙو ٿو اڀرين ته ڪڏهن ٿلهو. جيڪا روشني ۽ حسن تنهنجي منهن ۾ آهي اها روشني ۽ حسن منهنجي محبوب جي تر جي برابر به ناهي.
    (6)
    کڻي نيڻ خـــــــمار مان، جا ڪيائين ناز نظر،
    سورج شاخون جھڪيون، ڪــــــو ماڻو قمر،
    تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکينــــــــــــــــدي دلبر،
    جَھڪو ٿيو جوهَرُ، جانب جي جـــــمال سين.

    سمجھاڻي: شاهه صاحب هن بيت ۾ حضور ﷺ جن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ هن دنيا تي ناز جي نظر وڌي ۽ تشريف فرما ٿيا ته سج جا ڪرڻا گھٽ ٿي ويا ۽ چنڊ جي چانڊوڪي جھڪي ٿي وئي. حضور ﷺ جن کي ڏسندي ئي تارن ۽ ڪتين پنهنجين روشنين کي ئي جھڪو ڪري ڇڏيو ۽ ادب سان پيش اچي پيا.

    ليلا چنيسر
    (1)
    ليلا حيلا ڇَڏِ، جي تون سوڀي سکيين،
    پائي پانـــــــد ڳيچيءَ ۾، پاڻ غريبي گڏ،
    سمجھاڻي: اي سهڻي ليلا! جيڪڏهن توکي خطا معاف ڪرائڻي آهي ته حيلا ۽ بهانا ڇڏ. غلطيءَ تي پردو وجھڻ لاءِ ان تي دليل بازي نه ڪر. پر منٿ ميڙ ڪر ۽ هيٺاهين ٿيءُ ۽ ٻاڏائيندي رهه ته توکي هرگز نه چوندو ته هتان هلي وڃ.
    (2)
    جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي، ته روئي ريجھائج،
    ليــــــــــــــــلا! ليــــــــــــــــــــــلائج، اٿئي ماڳ منٿ جو
    هَڏ نه چندءِ لڏِ، جي ڪارون آيڻين ڪانـــــــڌ کـــي
    سمجھاڻي: اي ليلا! تون پنهنجي ور کي دانهون، ڪوڪون ڪري روئي پرچاءِ، منٿ، ميڙ ۽ نوڙت ڪر ڇو ته هي ئي جهان معافي گھرڻ جو اٿئي.
    (3)
    جي ليـــــلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو.
    سمجھاڻي: اي ليلا! جيڪڏهن منٿن سان به پرينءَ کي حاصل نه ڪري سگھين تڌهن به منٿون ڪندي رهه، نااميد نه ٿي ڇو ته محبوب جي محبت ۽ ٻاجھ تمام گھڻي آهي.
    (4)
    سڀيئي سُهــــــــــــــــــــاڳِڻِيون، سڀني ڳِچيءَ هار،
    پَسَڻَ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار
    ڍول تنين جي ڍار، هيٺــــــــــــــــاهيون هلن جي.
    سمجھاڻي: پنهنجي ورن واريون عورتون پنهنجي ڳچيءَ ۾ هار پائي پنهنجي پرينءَ کي پسڻ لاء سوين سينگار ڪن ٿيون. تنهنجي محبوب کي ماڻڻ لاءِ هيٺاهين ڪن ٿيون. اي ليلا! تون به ايئن ڪر. اهو ئي رستو اختيار ڪر ته جيئن توکي به پنهنجي پرينءَ جو قرب حاصل ٿئي.


    حضرت خواجه محمد زمان رحه (1813ع _ 1874ع)

    (1)
    سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناهه،
    جنين لڌي راهه، وِهن تنين وِههُ ٿِئو.
    سمجھاڻي: حضرت خواجه محمّد زمان فرمائي ٿو ته جن پنهنجي محبوب جو ديدار ڪيو تن لاءِ هاڻي ڪنهن ٻئي ڏي ڏسڻ گناهه آهي.جن ماڻهن حق ۽ سچ جي راهه هٿ ڪئي تن لاءِ ماڻهپ کانسواءِ ماٺ ڪري ويهڻ زهر جهڙو ٿو لڳي.
    (2)
    لڳو واءُ وصال، جنين ساعت هيڪڙي،
    تن سان لڌي لعلَ، جنهن لئه جڳ خلقيو.
    سمجھاڻي: جن کي هڪ پل لاءِ به محبوب سان ملڻ نصيب ٿيو آهي ايئن سمجھن ٿا ته هن دنيا ۾ اچڻ جا ڪُلي مقصد پورا ٿي چڪا. هتي حضور پاڪ ﷺ ڏانهن اشارو ڪيل آهي ته جن ماڻهن حضور پاڪ ﷺ جن جو ديدار ڪيو تن کي ڄڻ ته لعل ملي ويو. اهو لعل جنهن لاءِ هيءَ دنيا خلقي وئي آهي.
    (3)
    عارف ۽ عشّاق، پسڻ گھرن پرينءَ جو،
    جنت جا مشـــــتاق، اڃا اوراهـــــــــــان ٿئا.
    سمجھاڻي: عاشق ۽ عارف صرف محبوب جي مشاهدي ۽ ديدار جي طلب رکندا آهن. جنت جي خواهشمندي رکندڙ ان جي مقابلي ۾ تمام گھڻو پٺتي پيل آهن. ڇو ته اهي پنهنجي عبادت ۽ تقوى جو اجورو جنت جي صورت ۾ طلب ڪن ٿا. پر عارف ۽ عاشق رڳو خدا جي ذات جي مشاهدي ماڻڻ جا خواهشمند هوندا آهن.

    (4)
    تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسيءَ جو،
    ماڻئو تن مليرَ، جن جُسو مــــــــــــــــــال مبــــــــاح جو.
    سمجھاڻي: ايستائين تون پنهنجي پاڻ کي فقير نٿو چورائي سگھين جيستائين تون پنهنجي جان بچائڻ جو اونو رکين ٿو. فقير اهو آهي جيڪو پنهنجي محبوب کي ماڻڻ لاءِ سر ساهه ۽ مال متاع صدقو ڪري. مطلب ته خدا کي ماڻڻ لاءِ ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه ڪري ۽ سڀ ڪجھ راهه حق ۾ قربان ڪري ڇڏي.
    (5)
    نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظــــــــــران ڏورِ،
    وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾.
    سمجھاڻي: اي خدا ! منهنجون توکي جسماني اکيون ته نٿيون ڏسي سگھن پر تون منهنجي دل جي اک کان پري ناهين. تون ته اسان جي ساهه جي رڳ کان به ويجھو آهين. آئون توکان ان لاءِ ڊڄان ٿو ته تون هر جاءِ اسان کي ڏسين ٿو. پر اسان تو کي نٿا ڏسي سگھون.
    (6)
    ڇڏيان هي جهان، هُو پڻ گھوري گھوريان،
    پلڪ پريان ساڻُ، جي مون سري جيڏيون.
    سمجھاڻي: جيڪڏهن محبوب حقيقي جو ديدار ٿي پوي ته ٻئي جهان ان تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جي محبوب جي هڪ گھڙيءَ جي زيارت ٿي پوي ته مان پنهنجي دنيا ۽ آخرت صدقو ڪري ڇڏيان.
    (7)
    سِڪَ روحاني ساميين، جسمي جاهــــــلن،
    ٻگھن مڇي من، پارس پسن ڪين ڪي.
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ صوفي ۽ جاهل انسان جي وچ۾ فرق ٻڌايل آهي. صوفي جي سڪ ۽ سوچ روحاني هجي ٿي. جڏهن ته جاهل صرف جسم لاءِ سوچي ٿو. جيئن ٻگھ کي صرف پيٽ جو خيال هوندو آهي ۽ مڇين جو شڪار ڪرڻ جي خواهش هوندي اٿس. ان کي اها خبر ناهي ته پارس ڪيترو نه قيمتي آهي. اُهي ٻگھ جاهل انسان ڪڏهن به پارس حاصل نٿا ڪري سگھن.
    (8)
    پلپل پوءِ پچار، مــــــــــــُلڪ ۾ ميــــــــثاق جي،
    ڪک پن ڪَنِ اقرار، اسين ٻانها، تون ڏڻي.
    سمجھاڻي: شاعر هن بيت ۾ يومِ ميثاق ( روحن جي خلقجڻ واري ڏينهن) جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته جڏهن خدا ڪائنات ۽ خلق خلقي ۽ روحن کي پيدا ڪيو ته هڪ سوال ڪيو هو. ”الست بِرَبِّڪم“ يعني: ڇا مان توهان جو رب آهيان؟ تڏهن سڀني چيو ” قالو بلى“ بيشڪ تون اسان جو رب آهين. ان جو پڙاڏو اڃا گونججي پيو ۽ ڪک پن خدا جي ساراهه ڪن ٿا ته اسين تنهنجا ٻانها ۽ نوڪر آهيون ۽ تون اسان جو مالڪ آهين.

    (9)
    پريان جي پچار ۾، اچـــــــــــــــــي جن آرام،
    دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.
    سمجھاڻي: عارفن ۽ عاشقن کي پنهنجي محبوب (الله) جي ذڪر ۾ آرام اچي ٿو. ڇو ته خدا جي ياد ۾ ئي دلي سڪون آهي. انهن عارفن کي هي دنيا قيد مثل لڳي ٿي. هر وقت موت جا طلبگار آهن ته جيئن وڃي محبوب جو ديدار ڪن.
    (10)
    ماهيت مينهن نه پوءِ، قلزم اندر قطري،
    مگر وڃي سو، جڳ ڇڏي جـــــــــــا لار ۾
    سمجھاڻي: مينهن جي هر قطري ۾ موتي پيدا ڪرڻ جي خوبي نه هوندي آهي. پر صرف ان قطري ۾ موتي پيدا ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري جون خوبيو ڇڏي تري ۾ وڃي ڪنهن سپ جي وات ۾ پوي ٿو.، جيڪا پڻ سمنڊ جي تري ۾ وات کولي مينهن جي قطري جي ڳولا ۾ آهي.
    يعني خدا جي نور جو اثر هر انسان تي نٿو ٿئي مگر ان جو اثر ان انسان تي ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪري ٿو. يعني ترڪ دنيا ٿئي ٿو. ڇو ته توحيد جي ماهيت هر حال سان ٿي سگھندي آهي. رڳو توحيد جو علم توحيد نه آهي.
    (11)
    اکــــــــــــر پڙهه عــــشق جو، ڪَنزُ قَدوري ڇڏ،
    چڙهه تنين جي مڏُ، جي سُتي ڏِين شراب جي.
    سمجھاڻي: اگر تون محبوب حقيقي جو ديدار ڪرڻ چاهين ٿو ته عشق جو اکر پڙهه ۽ ڪنز قدوري (فقه جا ڪتاب) پڙهڻ ڇڏي ڏي ڇو ته ان سان بحث مباحثي ۾ ڦاسي پوندي ۽ حقيقت حاصل ڪري نه سگھندين ۽ انهن جي صحبت ۾ رهه. جيڪي توکي خدا جي عشق واري شراب جي سُتي پيارين يعني: عشقِ الاهي طرف وٺي هلن.
    (12)
    سُتِي اُنَ شراب، جن سري سي سون ٿيا،
    سُمـــــــهڻ تن ثواب، ڪَتَڻ تن ڪـــــــــيميا.
    سمجھاڻي: جنهن کي حقيقي مالڪ جو ديدار نصيب ٿئي ٿو سي سڄا سون ٿي ويا ۽ دنيا جون راحتون هلي ويون. اگر هو ننڊ ۾ آهن ته انهن جي ننڊ به هڪ عبادت. اگر هو مخلوق سان نيڪي ڪن ته سندن اهو عمل ڪيميائي ٿي پوي ٿو.
    (13)
    صوفين صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تڏهن تن ٿيـــــــو، جيري پسڻ پـــــــــرينءَ جو.
    سمجھاڻي: جيڪي پنهنجو پاڻ اندر صاف ڪري ۽ نفساني خواهشن کان آجا ٿي رب جي عبادت ۾ مشغول رهيا تن کي ئي حقيقي مالڪ جو ديدار هن دنيا ۾ نصيب ٿي ويندو.

    (14)
    پاڻــــــــــــي لــــــــهر پســــڻ ۾، برابر ٿيـــــــــــــا،
    ڪي اُتي ئي اڙيا، ڪي لنگھي مقصد مڙيا.
    سمجھاڻي: جيئن درياء جو پاڻي ۽ لهر گڏ آهن تيئن ئي خالق به بندي سان گڏ آهي. صوفي ازم مطابق انسان نوراني سمنڊ جو هڪ ڦڙو آهي. جن اها حقيقت نه سمجھي اهي ڀٽڪي ويا ۽ جن اها حقيقت ڄاڻي ورتي سي ڪامياب ٿي ويا.
    (15)
    ڪي جيري جنت ۾، ڪي مئي مس مڙَنِ،
    مثل ڪين ڪَرِنِ،پسئو جلوو پريان جـــــــو.
    سمجھاڻي: جيڪي عارف دنيا ۾ عبادت گذار رهن ٿا سي جيئري ئي جنت ماڻين ٿا. پر عالم جيڪي سڄي عمر ڪتابن ۾ وڃائي مرڻ کانپوءِ مس وڃي جنت ماڻين ٿا. عارف جيئري ئي محبوب جو جلوو پسي وٺن ٿا ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ان ۾ شريڪ نه ٿا ڪن.
    (16)
    ڇڏيو جن ڀنڀور، ڇير تن کي ڇاڙڪي،
    هم غم لٿن هوَر، وڃي ڪيچ قراريون.
    سمجھاڻي: شاعر هن بيت ۾ ڀنڀور کي هن دنيا سان ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو ته جن هن دنيا کي ترڪ ڪيو انهن مٿان سڀ ڏک لهي ويا ۽ وڃي ڪيچ (جنت) پهتا يا جن پاڻ کي فنا ڪيو سي خدا جي عالم ارواح جي سير جو مزو پيا ماڻين. جيئن سسئي پاڻ کي فنا ڪري ڀنڀور کي ڇڏي جبل ج هاڳي ڪيچ مڪران اچي پهتي. تيئن انسان به پاڻ کي اگر خدا جي حوالي ڪري ته سڀ خوف ۽ اوسيئڙا ختم ٿي وڃن ٿا.


    حضرت سچل سرمست رحه

    (1)
    اُٿي ويا اوٺار، کڻــــــــي ساٿ ســــــــــــويل جو؛
    هاڻـــــــــــي اديــــــــــون آئيا، ڏورڻ مون ڏونگار؛
    ٻيا ڀي هوتَ هزار، منهنجو پيچُ پنهونءَ سان.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست رحه سسئيءَ جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته اهي اُٺن وارا منهنجا ڏير صبح سوير ئي منهنجي پنهونءَ کي مونکان پري کڻي ويا. جتي منهنجو ڪير به ناهي ۽ هاڻي مونکي پنهونءَ جي تلاش ۾ ڪيترائي جبل جاڳڻا پوندا. هونئن ته هوت هزارين آهن پر منهنجو رشتو صرف منهنجي پنهونءَ سان آهي. (2)
    منهنجو پيچُ پنهونءَ سان ازل لاڪون آهه؛
    هــــــــــــاڻ ويهڻ ڇـــــــاهه، ڀينر هن ڀنڀور ۾.
    سمجھاڻي:هن بيت ۾ سچل سائين فرمائي ٿو ته سسئي پنهونءَ کان وڇڙڻ کانپوء پنهنجي ڏک جو اظهار ظاهر ڪندي چوي ٿي ته منهنجو واسطو شروع کان وٺي ئي پنهونءَ سان رهيو آهي ۽ هاڻ جيڪڏهن پنهون ئي ڀنڀور ۾ نه رهيو ته ته پوءِ مان ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪنديس.
    (3)
    ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، پنهونءَ پڄاڻاءُ،
    سوز چکايو ساءُ، ويهڻ مـــــــون وِههُ ٿيو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته پنهونءَ جي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪندس. ان جي وڃڻ کانپوءِ منهنجو واسطو ڏکن سان ٿي ويو آهي. ان ڪري هاڻي ڀنڀور ۾ ويهڻ زهر ٿو لڳي.
    (4)
    ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، پڄاڻان پرين؛
    وارُ نه سي ويهن، جنين مٿي مامـــــــــرو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر سسئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته پنهونءَ جي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪندس. وڏيڪ چوي ٿي ته جن کي عشق جي چوٽ لڳي سي پرينءَ کانسواءِ هڪ گھڙي نه نٿا رهي سگھن.
    (5)
    شال نه وسرين تون، لوڪ سڀوئي وسري،
    مطلبِ اهو مون، جو پاڻئون پري نه ڪرين.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي پنهونءَ کي چوي ٿي ته ڀلي مونکان سڄي دنيا وڇڙي وڃي پر اي پنهل! شل تون نه وسرين. منهنجو مطلب اهو آهي ته تون مون کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا نه ڪر.
    (6)
    وَرَ مَ وساريج، هيءُ تان سندَيو، آههِ؛
    وڃي ڪيچ وڻن ۾، هي سڌر ساريج؛
    تيتر مَ ماريج، جيتر توکي نه مڙان.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي پنهونءَ سان التجا ڪندي چوي ٿي ته اي پنهون! مون کي تون نه وسارجان ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي ئي آسري تي آهيان ۽ ڪيچ جي باغن ۾ وڃي ته مون کي ياد ڪجانءِ. ان کان پوءِ سسئي پنهنجي رب سان مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته اي خدا! مونکي ايستائين نه مارجانءِ جيسيتائين مان پنهونءَ سان نه ملان.
    (7)
    ساري شهر ڀنڀور جي، چڏي لــــــــوڪ لذت،
    توريءَ ڏئي ڪو نه ڪو، ماڻهوءَ عام عزت،
    ٿئي ساههُ صحتَ، جي ٻيهر ٻـــــاروچا اچين.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي ڏک ظاهر ڪندي چوي ٿي ته پنهونءَ جي ڀنڀور مان هلي وڃڻ کانپوءِ مون کي ڀنڀور جي ڪابه شيءِ مزو نٿي ڏئي. ڀنڀور ۾ ڪو به ماڻهومونکي عزت جي نگاهه سان نٿو ڏسي. اي پيارا پنهل! اگر تون ٻيهر اچين ته جسم ۾ ساهه پئجي وڃي.
    (8)
    ڪيو ڪميڻيءَ ڪچُ، جو سُتي سويلي رهي؛
    انهيءَ جي افسوس سين، ڪــيو محبت مچُ؛
    پُنهونءَ ڄامَ پــــــــــــرچُ، نامـــــــيا نماڻيءَ سان.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي افسوس ڪندي چوي ٿي ته مون کان غلطي ٿي وئي جو مان جلد ئي سمهي پيس. اها غلطي مون کي وڏيڪ تڙپائي ٿي. اي پنهنجا سردار پنهون! مون نماڻي جي انهيءَ غلطيءَ کي وساري مونسان راضي ٿي وڃ.
    (9)
    ٿيون هن هٿاءُ، ڪيئي مورائون مـنديـــــــــــــون؛
    پنهـــــــــون ڏسي پاڻ ڏي، آســـــڻ منهنــــــــــجي آءُ،
    سانول توريءَ ساءُ، اچي ماڻهن ڪين ڀنڀور جي.
    سمجھاڻي:هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته جيئن ته منهنجي هٿان ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون. اي پنهون! اهي سڀ وساري منهنجي گھر (ماڳ) موٽي اچ. ڇو جو تو کان سواءِ مون کي ڀنڀور جا ماڻهو نٿا وڻن.
    (10)
    پنــــــــــهون پنـــــــهون ٿي ڪـــــــــــــــريان، آءَ پنهون پاڻ؛
    اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين نه پروڙيـــــــم پاڻ کــــــي،
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته مون اجايو پئي پنهونءَ کي ياد ڪيو. پنهون پنهون ڪري مان پاڻ ئي پنهون ٿي وئي آهيان ۽ غفلت سبب مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي نه سگھيس.
    (11)
    جان پروڙيــــــــــــــم پاڻ کي، تان آءُ پنهــــــون آهيان؛
    ڪنهين طرف ڪاهيان، جو طرف مڙئي، ”تم“ ٿيا.
    سمجھاڻي: سسئي چوي ٿي ته جڏهن پنهنجو پاڻ کي پروڙيم ته ڄاتم ته پنهون آئون پاڻ آهيان. انهيءَ ڪري پنهونءَ کي ڳولڻ ۽ آواز ڏيڻ اجايو آهي. دل اندران سندس آواز ٻڌي جدائي جا سڀ ڏک ۽ وهم دور ٿي وڃن ٿا ۽ جنهن به طرف ويس انهيءَ طرف تون ئي تون هئين.
    (12)
    پيهي پروڙيوم، تان پنهون پان ئي آهيان؛
    پاڻ ئي منجھان پاڻ کي، هيءُ پڙ لاءُ پيوم؛
    صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته جڏهن مون پنهنجو پاڻ کي پرکيم ته معلوم ٿيو ته آئون پاڻ پنهون آهيان. اهو منهنجي اندر مان آواز آيو ۽ جڏهن ان آواز کي دل جي ڪنن سان ٻڌم ۽ ان تي غور و فڪر ڪيم ته تڏهن سڀ شڪ ۽ گمان ختم ٿي ويا ۽ مون پنههنجو پاڻ کي صحيح سڃاتو ته مان ئي پنهون آهيان.

    سارنگ
    (1)
    مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛
    بجلي بادل سان، آهي جيئـــــن سُپرم.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته اي منهنجا سپرين (الله) تون مون ۾ آهين ۽ مان تو ۾ آهيان. اسان ٻئي هڪٻئي ۾ ايئن سمايل آهيون جيئن بادل سان گڏ بجلي هوندي آهي.
    (2)
    سارنگ سدا ساٺ، سرتيون ساٺڻ آئيون،
    ڦـــــــيريو راڳـــــــــــن ٺاٺَ، وِڄُنُ ويس ڪيا.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سائين برسات جي نظارن جي عڪاسي ڪندي فرمائي ٿو ته اُڀ ۾ ڪارا ڪڪر اڀري آيا آهن ۽ سرتيون خوشيءَ مان ويس وڳا پهري اهو منظر ڏسي رهيو آهن ۽ کنوڻيون چمڪاٽ ڪري رهيون آهن.
    (3)
    پورب سندي پار جا، ڪــــــڪر پارونڀار،
    وڄـــــــــــن ۽ وڄـــڻ سان، چڙهن ٿا چوڏار؛
    اُڀي کـــــــي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار؛
    ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سندي مهر جا.
    سمجھاڻي: اڄ اوڀر طرف ڪارن ڪڪرن سان اونداهي ٿي وئي آهي. بجلي جي چمڪاٽ سان اهي ڪارا ڪڪر چئني طرفن کان گھاٽا ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جي مٿئين حصي ۾ وسڻ کانپوءِ ٻين علائقن ۾ مينهن وسايو اٿن، برسات سبب الله پاڪ جي مهرباني ٿي آهي ۽ مارو ڏاڍا سرها ٿيا آهن.
    (4)
    ٻهه ٻهه ڪـــــــــندا آيا، ٻيـــــــــهر ٻـــــــــڪر وال،
    ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان، ويا ٽــــــهي مال؛
    آهُن ۾ اچي وئي، چونگن سنــــــدي چــــــــــــال؛
    مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺـــــــــــــا جـــــــــــــــــــالَ؛
    پلر سان پُسي پِيــــــــــا، پنــــــــهوارن پــــــــــلال؛
    جھري پيون جھوپين، جھـــــــــــــانگيڙن اَجھال،
    نگــــــــــو ڪــــــــــــج نه نڌر کي، نماڻن ننگپالَ،
    جن جــــــا ههڙا حالَ،تن پروڙ پت رکيج تون!
    سمجھاڻي: هن بيت م سچل سائين فرمائي ٿو ته مينهن پوڻ کانپوءِ هاڻي ٻڪڙاڙ به خوش ٿيندا ميدان ۾ ان اميد سان نڪري آيا آهن. ڪڪرن جي گجگوڙ کان سندن مال ڇرڪي ٽڙي پکڙي ويو آهي ۽ انهن جي ٽپن ڏيڻ سان لوهي زنجيرن ۽ چڙن جا آواز اچي رهيا آهن. مندائتي مينهن ڏاڍا مزا ڪري ڇڏيا آهن ۽ مينهن تمام گھڻو وٺو آهي، غريب ماڻهن جون جھوپڙيون جيڪي پلال سان ڍڪيل آهن، سي به پسي ويون، جھانگين جا اجھا به ڊهي پيا آهن. اي لڄ رکندڙ! تون هنن بي سهارا ماڻهن جي عزت رک!
    (5)
    مهر سنــــــــدا مينهن، شاهه وســــــــــــــائين شَل!
    جھريل منهنجي جھوپڙي، بنا جھــــــــــلي جھل؛
    ڪاهل تي ڪهل ڪندين شال ڪريـــــــم تون!
    سمجھاڻي: سچل سرمست ”سارنگ“ جي هن بيت ۾ الله پاڪ جي درٻار ۾ التجا ٿو ڪري ته اهي رحمت (مهر) جا مينهن سدائين وسائيندو رهين. منهنجي هيءَ جھوپڙي (گھر) ڪنهن سهاري کانسواء فقط تنهنجي ئي سهاري تي بيٺل آهي. اي منهنجا رب! مون کي اميد آهي ته مون ڪمزور تي تون پنهنجي مهربانيءَ سان رحم ڪندين.
    (6)
    راتا ڪو ريهن سان، رڻ ڪيائــــــــــين ريــــــــــج؛
    پٽن مٿان پلٽيون، هيـــــرون منجھان هيــــــــــــج؛
    برن ۾ بـــــــــــــهار ڪئي، گــــلزاريءَ جي گيج؛
    ”سچل“ سارنگ سيج، سونهين ساوڪ وچ ۾.
    سمجھاڻي: رات کان وٺي گجگوڙ واري برسات وسي رهي آهي. برسات سبب وارياسا علائقا پلر جي پاڻيءَ سان ڀرجي رهيا آهن ۽ سڪل زمين سائي ٿي وئي آهي. بر پٽن ۾ گلن جي گلزاري لڳي وئي آهي. اي سچل! سارنگ جي اهڙي پر لطف موسم ۾ کٽ وجھي ويهجي ته اها سيج تمام سهڻي لڳندي.
    (7)
    عـــــــــــــــالم کي آگــــــــــاهه، سارنگ ڪندو آئـــــيو؛
    گرڙ جيئن گوڙيون ڪري، ڪاهيون اچي ڪاهه؛
    وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اچي ٺــــــــــــــــــــــاهه؛
    وسايائين وڏ ڦـــــــڙو، واٽن تــــــــــــــــــي واهه واهه؛
    گلزاريون ۽ گـــــــــــــــــــــــاهه، پٽن تــــــــــي پڌرا ٿيا.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، مندائتو مينهن گرڙ پکي جيان دانهون ۽ رڙيون ڪندو، سڄي خلق کي آگاهه ڪندو آيو آهي. واءَ سان اهڙو ٺهيو پيو اچي جو ڄڻ انهن جي پاڻ ۾ پريت آهي. اچڻ سان وڏ ڦڙو وسايو اٿس جنهن جي ڪري پنڌ پيچرن جي ٻنهي پاسن کان ميدانن تي گل ۽ گاهه ڦٽي، گلزاريون ٿي ويون آهن.
    (8)
    اڄ پڻ پورب پاڻ ڏي، ڪـــــــــڪر ڪڪوريا؛
    سارنگ سُرَ سُرائتا، ساجـــــــــھري ســــــــوريا؛
    سر منڊل ۽ سارنگيون، چنگ چڱا چـــوريا؛
    اُڀ اُتي اوريا، طَبَل تاريون تيج ســـــــــــــــان.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، اڄ وري اڀرندي پاسي ڏانهن ڪڪرن پنهنجو رنگ بدلائڻ شروع ڪيو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ مندائتي مينهن سجھندي ئي سريلا سر ڪڍڻ شروع ڪيا آهن. ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ آسمان تي سُرَ منڊل، سارنگيون، چنگ، طبل ۽ تارون وڏي واڪي وڄي رهيون آهن.
    (9)
    وسي پيو وڏ ڦڙو، ڀِنِيوُن ڀٽَ ڀريــــــــــــــــــون؛
    ڀٽاريون ڀٽن تان، وٿـــــــــــــاڻين وريــــــــــــــون؛
    کيرن جون کريون، چاڏيين ڏنئون چاهه مان.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، مندائتي مينهن وسڻ سان ڀٽون ۽ ڀريون، دڪيون ۽ دڙا سڀئي پسي پيا آهن. انهن ڀٽن تي اڀري آيل گاهه پٺو کائي، چوپايو مال موٽي وٿاڻن تي آيو آهي، جنهن ڪري ڀٽارين چاهه مان کير جون چاڏيو ڀري ڏنيون آهن.

    (10)
    والي وسائيج دردمنديءَ جـــــــو ديس؛
    پرين مون پرديس، اُٺي ايندم اوڏڙا!
    سمجھاڻي: اي منهنجا مولا! مون غريب جي ديس ۾ پنهنجي رحمت جي برسات وساءِ ڇاڪاڻ ته منهنجا مائٽ خشڪ ساليءَ جي ڪري پرديس هليا ويا آهن سي وسڪاري جي ڪري واپس موٽي ايندا ۽ اچي مون سان ملندا.
    (11)
    سارنگ ساري رات،رڻن مٿي ريــــــــــــــــــــــــج ڪيا؛
    پکــــــــــــــــــين پـــــــــــرڙا سوئيا، پــــرهه ڦٽيءَ پرڀات؛
    پٽن تـــــــــــــــي پڌرا ٿـــــــــــــيا، گُل ڦُل ڀـــــــاتون ڀات؛
    وائي سڀ ڪنهن وات، ”سچل“ سارنگ ساٺ جي.
    سمجھاڻي: مينهن سڄي رات وسيو آهي ۽ ميدان پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن. صبح جو سوير جڏهن مينهن بند ٿيو ته پکي جيڪي برسات ۾ آلا ٿي ويا هئا سي کنڀ سڪائڻ لاءِ ٻاهر نڪري پيا. انهيءَ برسات سبب سڪل زمين به سائي ٿي وئي ۽ قسمين قسمين گل نڪري آيا. اي سچل! هر زبان تي اها ڳالهه آهي ته واه جو مولا ڪرم ڪري مينهن وسايو آهي.
    (12)
    سارنگ صبح آئيو، گوڙون ڪري گاج؛
    هاري هليا هاج، ڪڙمين هر ڪلهي ڪيا.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته صبح ساڻ مندائتو مينهن ڀرجي آيو آهي ۽ گجگوڙ سان وسي رهيو آهي ۽ پنهنجي زمينن تي قدرتي ريج ڏسي، هاري پنهنجي ڪلهن تي هر رکي زمينن تي ڪم ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آهن.

    (13)
    هڪ وسڻ، ٻيو وڄڻ، ٽيون لهي پيو سيءُ؛
    جھوري وڌئي جھوپيون، ڇن وڌائي ڇيءُ؛
    رنن جو رڻ ۾ واءُ وسيـــــــــــــــــــــــــــــلو ٿيءُ،
    حال جنين جو هيءُ، تن پرور رک پناهه ۾.
    سمجھاڻي: اڄ اهڙي ته موسم آهي هڪ طرف مينهن وسي رهيو آهي ۽ کنوڻن جا آواز اچي رهيا آهن ۽ ٽيون وري سيءُ کلي پيو آهي. برسات ڪکايون جھوپڙيون ڍاهي ڇڏيون آهن. اي الله! اسان مسڪينن جو واهر ۽ وسيلو ٿي. اسان جي حالت بي وسيءَ واري آهي، تون اسان کي پنهنجي پناهه ۾ رک.
    (14)
    اڄ پڻ پور پار ڏي، ڪڪرن ڪڍيا ڪوڙ؛
    ضبح ويل سويل جو، سارنگ لاٿي سوڙ؛
    وڄن واڄا واهه ڪيا، مينگھ ٻڌا اڄ موڙ؛
    لوڪان لاٿي لوڙ، مولا پنهنجي مهر سان.
    سمجھاڻي: اڄ وري اوڀر پار کان ڪڪرن ڪارا ويس ڪيا آهن. صبح جي وقت زوردار بارش شروع ٿي وئي آهي. کنوڻين جي گوڙ ڄڻ ته گھوٽ وانگر سهرا ٻڌا آهن. الله پاڪ پنهنجي ٻاجھ سان سڀ ڏک ۽ ڏولاوا لاهي ڇڏيا آهن.
    (15)
    اُتران اوري ڪــــــئي چمڪڻي چمڪــــــــــاٽ،
    اُتان ڪيائين اوچتي لــــــــــــس ٻيلي تي لاٽ؛
    منڊل ٿيا مڪــــــــــــران تي، گوڙن جا گڙگاٽ؛
    ڪـــڪرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ؛
    وري ورتــئون واٽ، ”سچل“ سائي سنڌ جي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، اتر طرف کان ويجھو چمڪندڙن ڪڪرن چمڪاٽ ڪيو ۽ اتان پوءِ اهي اوچتولسٻيلي تي آيا ۽ اتي مينهن وسائي، مڪران تي منڊل ڪيائون، وري ڪيچ تان ٿيندا سدا سائي سنڌ تي مينهن وسايائون.
    (16)
    ”سچل“ سائي سنڌ جي، وري ورتائون واٽ؛
    جھڙ ڦل جھــــــــلي آئي، جھٽڪو ڏئي جھاٽ؛
    وسي پيا وڏ ڦــــــــــــــــــڙا، گھيڙ پُسائي گھاٽ؛
    لاٿي اُڃ اُساٽ، ســـــــــــــــارنگ سنگھارن جي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته وري ڪڪرن سنڌ مٿان اهڙو ته وسڪارو ڪيو جو وڏ ڦڙي سمورا پنڌ ۽ پيچرا پسائي ڇڏيا ۽ مارو ماڻهن جي اڃ اُساٽ لاهي ڇڏي.

    (17)
    سارنگ آيو صبر ۾ ، بوندن ڪئي بس؛
    رنگا رنگي رس، قــــــزح ڪڍي نيل تي.
    سمجھاڻي: تيزي۽ کانپوءِ مينهن ماٺيڻو ٿيو آهي ۽ بوندا باري بند ٿي وئي آهي ۽ آسمان ۾ رنگ برنگي اندلٺ نروار ٿي آهي جنهن نيري اسمان تي پنهنجا رنگ ظاهر ڪيا ۽ انهيءَ نظاري ڏسڻ وارن کي موهي وڌو آهي.


    حمل فقير (1225ع_1296ع)

    سڪ
    (1)
    سانڊيم سدائي، سڪ توهــــــــــــــــان جي ســــــــاهه ۾،
    انــــــــــدر ۾ اڌما ڏئي، سا ڪــــل نه ڪنهن ڪــــــائي،
    ”حــــــــمــــــــل“ چئي هيءَ دل تو، گھورن سان گھائي،
    جالئون اوهان لائي، سا ڪنهن دم وسري ڪينڪي
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر حمل فقير پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته اي محبوب! تنهنجي سڪ هميشه جي لاء منهنجي ساهه ۾ سمائجي وئي آهي. جيڪا اندران اڌما ڏئي نڪري ٿي ۽ ان جي ڪنهن کي به خبر ناهي. هتي حمل پنهنجو تخلص استعمال ڪندي چوي ٿو ته تنهنجي نظرن منهنجي نظرن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪا محبت مون ۾ تنهنجي لاءِ آهي ان کي آئون ڪڏهن به نٿو وساري سگھان ۽ اها محبت هميشه قائم رهندي.
    (2)
    سڪندي ٿيڙيم سال، تو ســـڪ نه لاٿي ســـــــپرين!
    اَٺ ئي پهر اندر ۾آ تنهنجي ســـــــــڪ سنڀــــــــــــــــال،
    اچين هوند ”حمل“ چئي ، ڪري ڀلايون ڀـــــــــــــــال،
    ته مِلڪ مڏيون سڀ مال، سر سوڌو صدقو ڪيان.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ حمل چوي ٿو ته اي محبوب! تنهنجي سڪ ۾ مون کي سوين سال ٿي ويا آهن. پر اڃا تائين منهنجي اها سڪ نه لٿي آهي. ايتري قدر جو رات ڏينهن مون کي تنهنجي ئي سڪ آهي. حمل تخلص استعمال ڪندي چوي ٿو ته اگر تون هڪ ڀيرو مهربانيون ڪري مون ڏي اچين ته مان پنهنجي سڀ ملڪيت جان سميت تو تان قربان ڪري ڇڏيان.
    (3)
    سڪ مڙئي سور، سور به سرجيا ســــــــــڪ مون،
    صبــــــــر ســــــــــڪ وڃــــــــائيو، ماٺ نه اچي مور،
    دانهون درد فراق جون، ڏيهه ٻجـــــھن ٿيون ڏُور،
    ”حمل“! هي ڪلور، ساجـــــــن سڻـــي ڪين ڪي!
    سمجھاڻي: حمل پنهنجي محبوب ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو ته تنهنجي سڪ سور بڻجي ويو آهي ۽ اهي سور به سڪ مان ئي پيدا ٿيا آهن. انهيءَ سڪ مونکان صبر کسي ورتو آهي ۽ مون کي هاڻي ماٺ ڪري ويهڻ نٿو اچي. تنهنجي جدائي جو دانهون پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. افسوس اهو آهي جو اهي دانهون سڄي لوڪ کي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پر هڪ تون ئي نٿو ٻڌين.
    (4)
    ساجـــــــــــــــــــن تنهنجي سڪ جي، آهه انــــــــــــــدر ۾ اڻ تـــــــــــڻ،
    ڦـــــــــــــــوڙائي فـــــــــــــراق جـــــــــــا، ٿا چــــــــــــاڪ ڪرن چُڻ چُڻ،
    هيڪر حـــــــــــــــال حمــــــــــــــــل جو، ســـــــــــاجن تــــــان سڻ سڻ،
    تنهنجون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳڻ، ڪنهن دم وسرن ڪـــــــين ڪي.
    سمجھاڻي: شاعر چوي ٿو ته تنهنجي سڪ منهنجي اندر ۾ ڪيترائي وسوسا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ تنهنجي جدائي وارا زخم مون کي ڪيتريون ئي تڪليفون پهچائن ٿا. اي محبوب! حمل جو هڪ ڀيرو ته حال ٻڌ ڇو ته تنهنجون محبت ڀريون ڳالهيون ڪڏهن به وسري نٿيون سگھن.
    (5)
    ساجن تنهنجي سڪ، ڪيا اندر آکـــــــــــــــيرا،
    راتيان ڏينهان روح ۾، ڪيا وهمن واهــيرا،
    اچين هوند ”حمل“ چئي، ڏينهان ڏهه ڀيــــــرا،
    تان جان جگر جيرا، توکي دوست دعا ڪرن.
    سمجھاڻي: اي محبوب! تنهنجي سڪ منهنجي دل ۾ گھر ڪري وئي آهي ۽ رات ڏينهن منهنجي دل ۾ تنهنجا ئي وسوسا آهن. حمل جي خواهش آهي ته مون ڏي ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا اچ ته منهنجو سر ساهه، جان جگر توکي دعا ڪندا رهن.
    (6)
    سورن سَوَ هزار، لکڻ ليـــــــــکو ناهه ڪـــــــــــــــــــــــــــو،
    وهمن وڌي وڻ ڪيـــــا، ڏکــــــــــــــــن مڪــــــــــــــــــا ڏار،
    دعا ڪريو تان دوست اچي، ”حمــــــــــل“ چئي هيڪار،
    تان ساجن تئون سو وار، صدقو ساهه سِسِي ڪريان.
    سمجھاڻي: هن ۾ حمل چوي ٿو ته سورن جو تعداد سون کان وڌي هزارن تائين وڃي پهتو آهي. ان جو ڪو به ليکو نٿو ڪري سگھي. دلبر جي دور هئڻ جي ڪري وسوسا وڻ ٿي چڪا آهن ۽ انهن وڻن وري ڏکن جا ڏار ڪڍي ڇڏيا آهن. حمل وڌيڪ چوي ٿو ته اي دوستو! دعا ڪريو ته منهنجو محبوب هڪ دفعو اچي ته ان تان سو ڀيرا پنهنجو ساهه قربان ڪريان.
    (7)
    ساجن سدائي، جيئرو هئيـــــــــــــــــن جـــــهــــــــــــان ۾،
    مونکي تو منهنجا پرين، ڪا لئون ڳجھي لائــــــي،
    انـــــــدر آڳ عشق جي، تو دلـــــــــــــــبــــــــــــــــر دُکائي،
    ”حــــــمـــــــــل“ چئي هن حال جي، ڪل پوئي ڪائي،
    تان جانــــي جدائي، هوند مونسان موٽي نه ڪرين.
    سمجھاڻي: حمل پنهنجي محبوب کي دعا ڪندي چوي ٿو ته اي محبوب! سال تون هميشه زنده هجين ۽ تون منهنجي اندر ۾ ڳجھ ۾ جيڪا محبت پيدا ڪئي آهي ۽ هاڻي انهيءَ محبت جي تپش منهنجي اندر ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. اي محبوب! اگر توکي منهنجي حال جي خبر پئجي وڃي ته تون ڪڏهن به مون کان جدا نه ٿئين.
    (8)
    ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه،
    سانڍڻ سڪ سڄڻ جي، مشـــــــــــڪل آهــــــــــــــــي محال،
    انـــــــدر ۾ اڌما ڏئي، ويسند ناهـــــــــي هـــــــــــــــــــــڪ وال،
    ”حـــــــــــــمــــــل“ هيءُ حوال، ڪنهن پر پهچي پرينءَ کي.
    سمجھاڻي: منهنجا پرين! مان ڇا ڪريان ڪنهن سان پنهنجي اندر جو حال اوريان، هاڻي مونسان سڪ نٿي سانڍجي ۽ اها اڌما ڏئي ٻاهر نڪرڻ جي پئي ڪري. هڪ گھڙي به فرصت ناهي. اي حمل شل منهنجي هن حال جي خبر منهنجي دلبر وٽ پهچي.
    (9)
    ڪاڻ ڪنين جي ڪـــــــــــــــــــــاڻ، آئون ڪاڻون ڪڍان ڪن جون،
    نه ته ڪير ڪاڻ ڪــــــيـــــــــــــــراسين، ڪير ڪڍي هوند ڪــــــــاڻ،
    اسين پاڻ اتامرا، ڪـــــــــــــــڍون ڪـــــــــنهـــــــــن جي ڪـــــــــــــــاڻ،
    پر ”حمل“ سر هي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪـــــن جون.
    سمجھاڻي: حمل چوي ٿو ته محبوب جي ويجھو رهندڙن جي محتاجي کڻان ٿو. منٿون ڪريان ٿو ورنه منهنجي ذاتي صفت اها ناهي ته ڪنهن جي محتاجي ڪريان. اسان ته پاڻ آڪڙ ڪندڙ ۽ وڏائي پسند آهيون. ڪنهن جي ڪاڻ ڇو ڪڍون؟ حمل تخلص استعمال ڪندي چوي ٿو ته پنهنجي پرينءَ جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن جا محتاج بڻجون ٿا.


    مرزا قليچ بيگ (1853ع _1929ع)

    غزل
    (1)
    مشڪل ۾ پئو ته آسان، مشڪل به ٿي پوي ٿو،
    پاڻـــــيءَ اندر ٽپڻ سان دريــــــــاءَ جو ڊپ لهي ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ مرزا قليچ بيگ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن مشڪل کي مشڪل سمجھبو ته مشڪل لڳندو پر جيڪڏهن آسان سمجھبو ته آسان ٿي ويندو. جيستائين پاڻي کان ٻاهر رهبو ته ڊپ ٿيندو پر پاڻي ۾ لهڻ کانپوءِ ڊپ لهي ويندو.
    (2)
    بدبوء کلن رڱڻ جي، گندن ڪمن ڪرڻ جي،
    خوشبوءِ ٿي بدلجي، ماڻهو جڏهـــــــن هري ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته جيئن کلن رڱڻ جو ڪم بدبودار آهي تيئن گندا ڪم به بدبودار ٿين ٿا. پر جيڪي ماڻهو انهن ڪمن تي هري وڃن ٿا تن لاءِ اها گندگي پڻ خوشبوء بڻجي وڃي ٿي.
    (3)
    آفيم سنکيو ۽ ٻيا، جي زهــــــــــــــــر قاتل آهن،
    عادت سان ماڻهو تن جو، ڳنڍو ڳهي وڃي ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته ڪو ماڻهو آفيم، سنکيو يا ڪنهن ٻئي نشي ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته اهي نشا زهر قاتل آهن پر عادت هئڻ سبب اهي نشا به ماڻهو ڳنڍو ڪري کائي وڃن ٿا.
    (4)
    ڊوڙن، نچن، رسيءَ تي، ليٽن، هڻن ٿا بازيون،
    ٻِئي جو مٿو ڦري ٿو ۽ هو مٿان ڪـــــــــري ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو رسين تي نچن ۽ ليٽن ٿا سي انهيءَ ڪم ۾ مهارت رکن ٿا پر ٻيا ماڻهو انهن جي ڪرتبن کي ڏسن ٿا ته انهن جو مٿو ڦري ٿو.
    (5)
    گھوڙا ٻه گڏ ڊوڙائي، بيهي پٺن تي تن جي،
    هڪلڻ لغام ڌاران، چهبڪ به هو هــــــڻي ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته بازيگر ٻن گھوڙن جي پٺين تي بيهي انهن کي ڊوڙائي ٿو ۽ انهن گھوڙن کي بغير لغام جي هلائي چهبڪ به هڻي ٿو.
    (6)
    سڀڪو هنر يا حرفت آهي اول ۾ مشڪــــــــــل،
    ورزش کان ڏکيو ڪم ڀي، آخر ڏکيو ٿئي ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته هر هنر يا ڪاريگري شروع ۾ ڏکيا ڪم لڳن ٿا پر ڪوشش ڪرڻ سان ورزش کان ڏکيا ڪم به سولا ٿي وڃن ٿا.
    (7)
    دل ۽ دماغ جا ڪم، عضون کان گھٽ نه آهن،
    هو ڪرامت ان کي، يــــــــا معجزو چــــــــوي ٿو.
    سمجھاڻي: دل ۽ دماغ جا ڪم جسم جي ٻين عضون کان گھٽ ناهن. ماڻهو ان کي ڪرامت يا معجزو چون ٿا حالانڪه انهن جو ڪم به انساني عضون ۾ شمار ٿئي ٿو.
    (8)
    انسان روح آهي ۽ روح ٿيو خــــــــدائي،
    قوت خدائي ان کي، جئن دل چوي ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته حقيقت ۾ انسان روح سان آهي ۽ روح خدا جي ذات جي اصليت آهي. ان ۾ خدا جي طاقت سمايل آهي. اها طاقت جيئن چوي ٿي انسان تيئن ڪري ٿو.
    (9)
    ڪي ناهي جو ان لئي، ممڪن هجي يا آسان،
    نائب خليفو ان کي، پنهنجو خدا سڏي ٿــــــــــو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته انسان لاءِ ڪو به ڪم ڏکيو نه آهي ڇو ته خدا انسان کي پنهنجو نائب (خليفو) سڏيو آهي.
    (10)
    سجدو تڏهن ته ان کي، اصلئون ڪيو ملائڪ،
    موٽي به نيٺ حق سان، ماڻهو وڃي ملـــــــــــي ٿو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته انسان جو مقام ڏسجي ته شروع ۾ ئي الله ملائڪن انهن کي سجدو ڪرايو وري به اوڏانهن ئي کيس موٽي مالڪ حقيقي سان ملڻو آهي.
    (11)
    پنهنجو شرف تون ذاتي، ڏس ڌيان سان، قليچا،
    هل رستو سو هميشه، هت توکي جو ٺهي ٿـــــــــو.
    سمجھاڻي:هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي چڱي طرح ڏس ۽ مرتبو سڃاڻ ۽ اهڙي چال هل جنهن سان تنهنجي عزت وڌي.


    شيخ عبداالله عبدالواسع ”عبد“ (1910ع_1983ع)

    قادر جي قدرت
    (1)
    هي آسمان هي بلندي تي نيلگون چـــــــــادر،
    ها ماهه ومهر جنهين تي مدارِ شام و سحر
    سمجھاڻِي: هن بيت ۾ شاعر قادر جي قدرت جون نشانيون بيان ڪندي چوي ٿو ته هي آسمان جيڪو ڌرتيءَ مٿان ڇت بڻجو بيٺو آهي. ان جي بلندي تي نيري رنگ جي چادر ڍڪيل آهي ۽ ان تي سج ۽ چنڊ جي روشني نمودار ٿئي ٿي. خود انهيءُ نظام سان صبح ۽ شام جي جو تعلق آهي.
    (2)
    هي صبح جنهنجي ڏجي جُوي نور سان تشبيهه،
    هي شام جنهنجي ڏجي زلف حور ســـان تشبيهه.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته هي صبح جو نظام نور جي وهندڙ ندي جي مثل آهي ۽ شام جو وقت حور جي ڪارن وارن سان ڀيٽجي ٿو. اهي ٻئي نظارا الله پاڪ پنهنجي قدرت سان خلقيا آهن.
    (3)
    شفقِ جي خون شهيـــــــــدِ ادايِءِ شيرين جــــــــــو،
    هي ابر دونهن ڪنهين دل کيل ۽ غمگين جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته سج جي لهڻ وقت جيڪا شفق جي ڳاڙهاڻ ظاهر ٿئي ٿي سا پرين جي شهادت جي خون جو رنگ آهي ۽ هي ڪارو ڪڪر ڪنهن ڏکويل دل جي دونهين جي تصوير آهي.
    (4)
    هي برق جـــــــــا ٿي تجليءِ حسن جي تنـــــــــوير،
    هي مينهن عاشق گريان جي حال جي تصوير.
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر فرمائي ٿو ته آسمان ۾ جيڪا کنوڻ چمڪندي آهي اها به حسن جي تجلي جي روشني آهي ۽ مينهن وري عشق جي ڦٽيل جي پنهنجي حال تي ڳوڙهن ڳاڙهڻ جي تصوير آهي.
    (5)
    زمين هي، قدر ٿيو جنهن جو آسمان کان بلند،
    جلي ٿو چرخ چهارم به جنهن تي مثل سپند..
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر چوي ٿو ته آسمان توڙي جو بلند آهي پر زمين جو رتبو ان کان وڌيڪ آهي.ان شان کي ڏسي چوٿون آسمان به گاهه جيان سڙي رهيو آهي.
    (6)
    هـــــي سبزه زار زمين تي، زمر دين چادر،
    هي آبشار، هي چانديءَ جو چشمئه ڪوثر.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته هيءَ زمين جنهن تي ساوڪ اهي ۽ سائي چادر وڇايل آهي، ان ۾ جيڪا رونق آهي ۽ جبلن مان وهندڙ آبشارن جو پاڻي چاندي جيان صاف آهي اهو جيئن ته آبِ ڪوثر آهي.

    (7)
    هي برف سان ڍڪيل چوٽيون ڪوهســـــارن جون،
    هي تن تي رانديون شعاعن جون، ماهه پارن جون.
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر چوي ٿو ته هن ڌرتي تي برف سان ڀريل چوٽيون ۽ انهن تي پوندڙ سج جا ڪرڻا ڌڻيء جي وڏائي جا اهڃاڻ آهن.
    (8)
    هوا هي ڏئي ٿي ٻهاري جا مرغزارن ۾،
    هي روشني جا نظر ٿي اچي ستارن ۾
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته هي هوا جيڪا باغن مان گذري ٿي ۽ رات جو آسمان ۾ نظر ايندڙ ستارن جي روشني الله پاڪ جي قدرت جو هڪ دلڪش منظر آهن.
    (9)
    نسيم صبح، هي مستي جو عاشقن کي پيام،
    هواءِ شام، هي ڪنهن شوخ جو حسيـــن خرام.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته صبح جي وقت لڳندڙ ٿڌڙي هير ڄڻ عاشقن کي مستيءَ جو پيغام ڏئي ٿي ۽ شام جي وقت جي هوا ڄڻ ڪنهن دلربا نازنين جي ناز و ادا آهي.
    (10)
    هي نرم نرم صدا، شاعرِ عزل خوان جي،
    هي مست ناز ادا، ساقيءِ بــــــــــهاران جي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته غزل پڙهندڙ شاعر جو هي نرم ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ آواز. ساقي جي مست ۽ ناز و ادا جي دلربا جيان آهي.
    (11)
    سڀئي هي قدرتِ قادر کي آشڪار ٿا ڪن،
    اسان کي پنهنجي ڌڻيءَ ڏي وٺي ٿا هــــــلن.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اهي سمورا نظارا، ڏيک ۽ جلوا الله پاڪ جي قدرت کي ظاهر ڪن ٿا. اسان کي ان ۾ قدرت جا چٽا دليل نظر اچن ٿا. جنهن ڪري اسين پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ ۾ اڳتي وڌون ٿا ۽ پنهنجي مالڪ ڏانهن رجوع ڪرين ٿا.




    شرط
    (1)
    مسلمان! جيڪي ڪجھ تون چاهين، سو برابر ٿي پوي،
    چيز بد تر به چوڻ تنهنجي سان بهـــــــــتر ٿي پـــــــــــــــــــــوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! جيڪڏهن تنهنجو ڪامل ايمان آهي ته جيڪو ڪجھه تون چاهين سو ٿي سگھي ٿو ايتري قدر جو تنهنجي چوڻ سان خراب شيءِ به سٺي ٿي پوي ٿي.
    (2)
    خاڪ کي مٺ ۾ رکين جي ته اها زر ٿي پوي،
    سنگريزه جي کڻين هٿ ۾ ته گـــــوهر ٿي پوي.
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تون پنهنجي دين تي ثابت قدم رهين ته تنهنجي مٺ ۾ رکيل خاڪ به سوني ٿي پوندي ۽ اگر هٿ ۾ پٿريون کڻندين ته اهي ناياب موتي ٿي پوندا.
    (3)
    لوهه اڻ گھڙئي تي ڦيرائين جي هٿ تون پنهنجا،
    بااليقين لوهه جو سو ٽڪرو به زيور ٿي پـــــــوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تو ۾ عزم ۽ استقامت جي اهڙي ته قدرت آهي جيڪڏهن تون اڻ گھڙيل لوهه تي هٿ ڦيرائين ته اهو لوهه به زيور ٿي سگھي ٿو.
    (4)
    تنهنجو الطاف جي غمخواري ڪري ساڻ اياز،
    ته سو هم قسمتِ محمود و سڪندر ٿي پـــوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته جيڪڏهن تون اياز جهڙي غلام جي مٿان پنهنجي شفقت جو هٿ رکين ته انجو نصيب بدلجي سگھي ٿو ۽ سندس بخت، محمود ۽ سڪندر جيان ٿي سگھي ٿو.

    (5)
    ذره هيچ تي پرتوَ فگني جي تون ڪــــــــرين،
    ته سو ذرو به اُڏي شمس جو همسر ٿي پوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته اي مسلمان! تون پنهنجي عظمت کي ڏس تون جيڪڏهن ڪنهن ڪمتر کان شيءِ تي نظر ڪرين ته اها شيءِ اڏامي وڃين سج جي برابر ٿيندي.
    (6)
    جي وڃين نڪري تون ڪنهن جھنگ يا ويرانيءَ ۾،
    ته سو ويرانو عدن باغ جو هــــــــــڪ گھر ٿي پـــــوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته اي مسلمان! جيڪڏهن تون جھنگ يا ويراني هليو وڃين ته اهو ويرانو جنت جو باغ بڻجي وڃي. پر شرط اهو آهي ته خلوص ۽ سچائي سان محنت ڪري.


    (7)
    تيز طوفان ۾ جي روشن جي ڪرين تون ڪو چراغ،
    ته جھــــــــــــــڪو ان جي اڳيان ماهِ مــــــــــنوّر ٿي پــــــوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تون اها هستي آهين جو جيڪڏهن تون طوفان ۾ ڏيئو ٻارين ان جي اڳيان چمڪندڙ چنڊ جي چانڊاڻ به جھڪي ٿي پوي.
    (8)
    هي زميــــــــــن ڇا ۽ انهيءَ تي رهڻ وارا ڇا،
    تنهنجو تابع ته قمر، شمس ۽ اختر ٿي پوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تنهنجي ايڏي ته عظمت آهي جو فقط نه زمين پر زمين تي رهندڙ مخلوق تنهنجي تابع ٿي سگھي ٿي. هي سج ، چنڊ ۽ تارا تنهنجا فرمانبردار ٿي سگھن ٿا.
    (9)
    الغرض تنهنجو ارادو جيڪي چاهي سو ٿئي،
    تنهنجا الفاظ چون جيڪي سو اڪثر ٿي پوي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تون اها هستي آهين جو جنهن ڳالهه جو ارادو ڪندين ته اها ٿي پوندي ۽ جيڪي لفظ پنهنجي وات مان چوندين اهي ٿي پوندا.
    (10)
    ها مگر شرط اهو آهه ته واپار ڪــــــــــــرين،
    ديس پرديس گھمين، دفع هي ادبار ڪرين.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿي ته اي مسلمان! تون پنهنجي تقدير بدلائي سگھين ٿوپر شرط اهو آهي ته تون واپار ڪرين ۽ ڏيهه ڏيهه گھمي پنهنجي بدنصيبي ختم ڪر


    حڪيم نياز همايوني

    وطن جو ترانو
    (1)
    آباد رک خدايا! هـــــــــــــــي گلستان اسان جو،
    اُجڙي نه بادِ صرصر، کان بوستان اسان جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر حڪيم نياز همايوني الله پاڪ کي التجا ڪندي چوي ٿو ته اي منهنجا مولا! اسان جي وطن کي آباد رک ۽ تيز هوائن کان اسان جي وطن کي محفوظ رک.
    (2)
    نازان رهن ٿا جنهن تي، شاهه و غدا هميشه،
    آهي سو ملڪ بيشڪ، جنت سمان اسان جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته هي وطن اهڙو آهي جنهن ۾ بادشاهه ۽ فقير سڀئي ناز ڪن ٿا. بيشڪ اسان جو هي وطن بهشت جهڙو آهي.
    (3)
    اوج و ڪمال اسان جو، دنيا ڏسي رهي آ،
    آهي بلند سڀ کان، نام و نشان اسان جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اسين اها قوم آهيون جو اسان جي بلندي،ترقي ۽ ڪمال دنيا ڏسي رهي آهي. اسان جي سڃاڻپ ۽ نالو سڀني مٿانهون آهي.
    (4)
    مشڪل کي منهن ڏيڻ ۾، همت شڪن نه آهيون،
    اي آسمان! بلاشڪ، وٺ امتحـــــــــــــــــان اسان جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي آسمان! تون چاهي اسان کان ڪيڏو به امتحان وٺ. اسان ۾ همت ۽ جذبو آهي. اسان مشڪل کان مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ ڄاڻون ٿا. اسين بي همت ناهيون.
    (5)
    جھولي هي سبز جھنڊو، جاه و حشم سان هر دم،
    پاڇي ۾ ان جي پلجي، پير و جــــــــــوان اسان جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اسان جي پاڪ وطن جو پرچم سدائين شان و شوڪت سان ڦڙڪندو رهي ۽ ان جي سائي ۾ اسان جا بزرگ ۽ جوان سک جو ساهه کڻن.
    (6)
    اڄڪلهه ”نياز“ ان ۾، سڀ ڪجھ ڏسون پسون ٿا،
    آهي وطن اسان لئه، گويا جهـــــــــــــــان اســـــــــــان جو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي نياز! اڄ ڪلهه اسين جيڪي ڪجھ آهيون اهو وطن جي ڪري آهيو. اسان جو وطن ڄڻ اسان لاء هڪ دنيا آهي جنهن ۾ اسان گھمون ڦرون ٿا. ڏسوئون ۽ وائسون ٿا.


    فقير قادر بخش ”بيدل“

    (سسئي)
    هڪ ڏُکي، ٻيو ڏوکري، تيون تَتُسُ ڏينهن،
    محبت سندو مينهن، ويچاري وسائـــــــــــيو!
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر قادر بخش بيدل سسئي جي حالت بيان ڪندي چوي ٿو ته هوءَ پنهونءَ جي ڳولا ۾ ڏونگري ڏوريندي رهي ٿي. ان وقت هوءَ محبوب جي وڇوڙي جي ماريل ۽ ڏکويل ته اڳ ئي هجي ٻيو وري پٿريلي زمين تي اچي ڏينهن تتس، تنهن ويچاريءَ کي هيڪاري پريشان ڪري ڇڏيو پر هن همت نه هاري ۽ پرينء جي وڇوڙي ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي اڳتي وڌندي هلي.

    (نوري)
    نوريءَ نُور نِسهَرو، مُول نه مُهـــــــــــــــــــــــــاڻي،
    هِت هُت آهي انهيء سان، ڄامُ سمُـــــو ساڻي،
    هُوءَ جا اگھاڻي، تنهن مهاڻي مانُ لـــــــــــــــڌو.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر ڄام تماچي ۽ نوري جو عشقيه داستان بيان ڪندي چوي ٿو ته توڙي جو نوري اصل ۾ مهاڻي هئي پر هن ۾ اعلى اخلاقي گڻ هئا جو تماچي نظر ۾ نسورو نور هئي ان ڪري ڄام تماچي سان جٿ ڪٿ ساڻ هئي. ان مهاڻي پنهنجي سهڻي صورت ۽ سيرت سبب ايڏو ته مان لڏو جو ڄام سمي جي پُٽ جي راڻي بڻي.

    (سناسي)
    ڪُن کون اڳي ڪاٿهين، هو سناسيءَ جو سير،
    نڪو ڪرسي عرش هو، نڪو زبر زيـــــــــــــر،
    نڪو پرينءَ پير، نڪا بوءِ بشر جـــــــــــــــــــــــــــي.
    سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته جڏهن قادر مطلق اڃا ڪُن جي امر سان هي ڪائنات ته خلقي هئي تڏهن ڪنهن به شيءِ جي ڪا خبر نه هئي. نه ڪو عرش ڪرسي (آسمان) هئي نه هيٺاهين هئي ۽ نه مٿاهين هئي نه محبوب جو پتو هو نه وري ڪنهن بشر جي ڪا بوءِ هئي.

    (ماروي)
    مَليرئون مون ڏي مُڪــــــــــــــــا، سرتين سنيها،
    وساري ويهي رهينءَ قــــــــــــــــول ڪيئي ڪيها،
    پرين، پري ها، نه ته ويجھا وســــرن ڪين ڪي.
    سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر مارئي جي زباني چوي ٿو ته مون ڏي ملير مان منهنجي سرتين (ساهيڙين) جا نياپا آيا آهن. انهن مون ڏي ڏوراپا موڪليا آهن ته عمر سومري جي ماڙين ۽ محلن ۾ رهي اسان کي وساري ڇڏيو آهي. تو جيڪي قول ڪيا هئا سي سڀ وساري ويهي رهين آهين. منهنجا پرين مون کان پري هئا نه ته جيڪر ويجھا هجن ها ته مون کان ڪونه وسرن ها.


    ناول جو حصو

    جهان آراءِ

    جهان آرا جي فني اصولن جي روشني ۾ تنقيدي نوٽ
    يا
    جهان آرا ناول جي خوبين ۽ خاميــــــــن تي تنقيدي نوٽ

    جهان آرا ناول، جيڪو پهريون ڀيرو 1931ع ۾ ڇپيو، محترم عبداررزاق عبدالسلام جو لکيل آهي. هن ناول کي فني نڪتي نگاهه سان هڪ ڪامياب ناول چئي نٿو سگھجي، ڇاڪاڻ ته ناول نويس لاءِ جيڪي اصول ۽ پابنديون هونديون آهن، انهن جي روشنيءَ ۾ هي ناول نه پر هڪ قصو يا ڏند ڪٿا آهي. ناول جو مرڪزي خيال معاشري جي سڌاري يا اخلاق تي ٻڌل هوندو آهي، پر فاضل مصنف انهيءَ ڳالهه ڏانهن پورو توجه نه ڏنو آهي. اخلاقي سبق ته ڪنهن حد تائين چڱا ڏنا ويا آهن، پر ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال فقيرن جي پوجا ۽ انهن ۾ انڌو اعتقاد رکڻ بابت آهي. ايتري قدر، جو والدين جي ڏک ۽ سور، ناراضگي ۽ تڪليفن جو خيال نه ڪندي، درويش جي چوڻ تي حامد ۽ عابد والدين جي اجازت کانسواءِ کين وڇوڙيجو غم ڏيئي، پرديس هلايا وڃن ٿا ۽ اهڙو اطلاح والدين کي جلد نٿا موڪلين. ناول ۾ مصنف کي وقت، جاءِ، قوم ۽ مذهب جو خيال رکي، ناول جي ڪرادرن جي تهذيب، تمدن، رهڻي ڪهڻي، لباس ٻولي وغيره به انهن نموني جي پيش ڪرڻي پوندي آهي، پر هن ناول جي مصنف کان اهڙيون ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون آهن. مثلاً: حامد ”دالان“ ۾ ويهي اخبار پڙهي رهيو آهي. هوڏانهن وري آکاڻي جي وجود اخباري دور کان اڳ پيو نظر اچي.
    ناول نويسي ۾ ڪردار نگاري هڪ اهم فن آهي، جنهن لاء ڪيترن ئي ڳالهين جو خيال رکڻو پوي ٿو. پر ناول نويس هتي ڪردارن سان سخت ناانصافي ڪئي آهي. جن ڪردارن کي پنهنجي خيال مطابق ساراهيو اٿس، وري انهن ئي ڪردارن کان اهڙا ڪم به ڪرايا اٿس جو پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن لاءِ عزت نٿي رهي.
    ناول لکڻ وقت ناول نويسي کي ناول جي سڀني ڪردارن مان ڪي مکيه ڪردار وڌيڪ اجاگر ڪرنا هوندا آهن، جن جي ڪردار سان ئي ناول جي ڪهاڻيءَ جي اوسر ٿيندي رهي ٿي، پر مصنف هن ناول ۾ ڪنهن به ڪردار کي مکيه ڪري ظاهر نه ڪيو آهي. ناول تي جهان آرا نالو رکي، هيڪاري مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو اٿس. مکيه ڪردار ته جهان آرا آهي پر جهان آرا جو ذڪر ناول جي اٺن بابن کانپوءِ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو ڪردار ناول مان ڪڍيو وڃي ته به ناول اڌورو نه لڳندو.
    جهان آرا جي ڪردار مان مصنف عورتن کي وفادار ۽ مردن کي بيوفا ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ ثابتيون ڏئي پنهنجي خيال کي مضبوط بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته ناول نويس جهان آرا جي وفائي جي ڪا به ثابتي پيش نه ڪري سگھيو اهي، رڳو ايترو ته هن تي عشق جو ڀوت نون ورهين جي عمر ۾ سوار ٿيڻ ڪري اها بيمار ٿي پوي ٿي ۽ نيٺ مري پوي ٿي. انهيءَ مان عورت جي وفاداريءَ جي ڪابه ثابتي نٿي ملي ۽ نه وري جهان خان جي بيوفائي جو ڪو معقول ٿبوت پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان ثآبت ٿئي ٿو ته ناول نويس، ڪردارن سان انصاف نه ڪري سگھيو آهي.
    هڪ ناول نويس لاءِ اها ڳالهه به ضروري هوندي آهي ته منظر نگاري اهڙي ته سهڻي انداز ۾ ڪري، جيئن پڙهندڙن کي پاڻ کي انهيءَ جاءِ تي سمجھي، انهيءَ اصول کي مصنف ڪنهن حد تائين نڀايو آهي. محلاتن باغن، محفلن ۽ ڪچهرين جو ذڪر به دلڪش انداز ۾ ڪيو ويو آهي.
    ناول ۾ ڪنهن ڪنهن جاء تي مثال طور مڪالمي ۾ ڪو نظم يا بيت ڪم آڻي سگھجي ٿو، پر اهو به مختصر طور تي، پر مصنف هت سڄا سارا غزل ڪم آڻي، ناول کي اجايو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . ان کان سواءِ هن ناول ۾ خاص خامي اها آهي ته هي نئين نسل کي اهو سبق ڏئي ٿو ته والدين جي حقن کي درگذر ڪندي دولت ۽ عهدن ماڻڻ لاءِ الله پاڪ جي ذات کان منهن موڙي فقيرن ۽ درويشن جي پويان لڳي، ته دنيا جو فائدو حاصل ٿيندو. مطلب ته نئين نسل کي فقير پرستي، خود غرضي ۽ لالچ جو سبق ڏنو ويو آهي.
    ناول جي اصولن موجب، ناول جي ڪهاڻي مافوق الفطرت هئڻ گھرجي. پر هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون فطرت کان بعيد آهن. مثآل طور: فقيرن جو غائب ٿيڻ وري نون ورهين جي ڇوڪريءَ کي عشق جي چوٽ لڳڻ جهڙيون ڳالهيون غير فطري آهن، ان ڪري هي ناول نه پر هڪ قصو آهي. انهن سڀني ڪمزورين باوجود ناول ۾ ڪيتريون ئي خوبيون به نظر اچن ٿيون. پلاٽ ۽ ڪهاڻي وڻندڙ آهي. ان کان سواءِ ناول جي سڀ کان وڏي خوبي اها به آهي ته هن ۾ منظر نگاري ۽ سيرت نگاري اهڙي ته وڻندڙ انداز ۾ ڪئي وئي آهي، جو پڙهندڙ ايئن محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته ڄڻ بيان ڪيل منظر هن جي اکين آڏو آهي.
    مطلب ته هن ناول ۾ خاميون گھڻيون ۽ خوبيون گھٽ آهن، ڇاڪاڻ ته ناول جي فن پٽاندڙ گھٽ مواد ڏنو ويو آهي. ان کانسوءِ غير ضروري ۽ غير فطري ڳالهيون گھڻيون نظر اچن ٿيون، پر تنهن هوندي به هيءُ هڪ وڻندڙءَ ۽ دلچسپ ناول آهي. ٿي سگھي ٿو ته هي ناول پنهنجي دور ۾ هڪ اهم ناول ليکيو ويندو هجي.


    ڪردار ”جهان آرا “

    جهان آر، لطيف مالهيءَ جي اها بدنصيب ڌيءَ آهي، جنهن جي شخصيت ۽ ڪردار کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ هي ناول لکيو ويو آهي. هن ناول کي لکندي ناول نويس، جهان آرا جي سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” جهان آرا، ڄمندي ڄام هئي. بس ايئن کڻي چئجي جهڙو چنڊ جو ٽڪڙو هئي. قدرت کيس حسن ته ڏنو هو پر مقدر کائنس رٺل هو. هن جي دل بادشاهه جي پٽ جهان خان کي چاهيو، پر اها ڳالهه سندس نصيب کي نه وڻي.“
    جهان آرا انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي ڄمي ٿي، جنهن ڏينهن تي شهزادو جهان خان ڄمي پيدا ٿيو هو. جيئن ته جهان خان ۽ جهان آرا هم عمر هئا، تنهن ڪري بادشاهه جي حڪم تي لطيف مالهي پنهنجي ڌيءَ کي محلات ۾ شهزادي سان راند روند ڪرڻ لاء موڪليندو هو. اهڙي طرح جهان آرا ننڍپڻ جا ڪيترائي ورهيه جهان خان سان راند روند ڪندي توڙي مڪتب ۾ علم پرائيندي گڏجي گذاريا ۽ جيئن ئي ڪجھ سمجھدار ٿي ته هن جي دل ۾ جهان خان لاءِ محبت پيدا ٿي، پر سندس پيءُ نون ورهين جي عمر ۾ ئي کيس پردي ۾ ويهاري ڇڏيو. اها ڳالهه جيتوڻيڪ جھان آرا کي نه وڻي، پر حيا ۽ ادب جي دامن کي هٿان نه چڏيائين ۽ پنهنجي پيءَ جي هر حڪم کي مڃيندي صبر سان جدائي جا سور سهندي، پنهنجي اندر جو احوال ڪنهن سان به نه سليائين. وقت گذرندو ويو سندس دل گھريو دوست جهان خان کيس وساريندو ويو، پر جهان آرا پنهنجي معصوم محبت کي دل ۾ سانڍيندي رهي. ايتري قدر جو محبت جي مچ سندس حال هيڻو ڪري ڇڏيو.
    لطيف مالهي پنهنجي نياڻيءَ جو حال ڏسي، سندس گھڻا ئي علاج ڪرايا پر عشق جي باهه کي وسائڻ لاء سُتين ڦڪين ڪو به فرق نه ڪيو ۽ عشق جي اوڙاهه جا اولڙا وڌندا ويا. ويتر جو پنهنجي دل واري دوست جي شاديءَ جو ٻڌائين ته سندس اندر ۾ دردن جو دونهون دکڻ لڳو.۽ انهي درد جي دونهين کيس ٿوري ئي وقت ۾ کيس جلائي رک ڪري ڇڏيو ۽ آخري پساهه سان پنهنجي محبوب جو نالوزبان تي آندائين.
    مطلب ته، ناول نويس جهان آرا جي روپ ۾ هڪ بلند اخلاق سنڌي نينگريءَ جو ڪردار اسان جي آڏو رکيو آهي، جيڪا مائٽن جي عزت ۽ مان مٿان پنهنجي محبت قربان ڪندي ، سر صدقو ڪري ڇڏي ٿي، پر پنهنجي پيءَ کي ٻين جي آڏو ڪنڌ جھڪائڻ تي مجبور نٿي ڪري.


    ڪردار ”جهان خان“

    جهان خان، ناول جو ٻيو مکيه ڪردار آهي، جيڪو هڪ درويش جي دعا سان ڄمي ٿو ۽ کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو وڃي ٿو. حامد ۽ عابد سندس تربيت ۽ تعليم لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙين ٿا.
    جيئن ته جهان آرا ، شهزادي جي هم عمر هئي، انهيءَ ڪري بادشاهه جي حڪم سان لطيف مالهي پنهنجي نياڻي کي جهان خان سان گڏ راند روند ڪرڻ لاءِ محلات ۾ موڪلي ٿو، جتي اهي ٻئي گڏ راند روند سان گڏ مڪتب ۾ تعليم به وڏي چاهه سان حاصل ڪن ٿا. انهيءَ دوران منجھن پيار ۽ پريت وارو جذبو وڌندو رهيو. اها ڳالهه لطيف مالهيءَ کي نه وڻي ۽ هن غيرت وچان پنهنجي نياڻيءَ کي نون ورهين جي عمر ۾ پردي ۾ ويهاري ڇڏيو.
    جهان آرا جي پردي ۾ قيد ۽ بند ٿيڻ تي جهان خان کي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو ۽ ڪيترن ئي ورهين جي محبت کي هڪ پل ۾ وسارڻ سندس وس کان ٻاهر هو، پر ٻالڪپڻي سبب بيوس ۽ مجبور هو. جيڪر سندس وس ۾ هجي ها ته ايئن هر گز ٿيڻ نه ڏئي ها، پر جيئن ته انسان پنهنجي فطرت تي ٻڌل هوندو آهي، انهي پٽاندڙ وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ جهان خان به جهان آرا کي وساريندو ويو. ايتري قدر جو سندس دل جي دفتر تان جهان آراء جو نالو هميشه لاءِ مٽجي وڃي ٿو ۽ هي پنهنجي شاهاڻي شان ۾ غرق ٿي، وقت جون گھڙيون گھاريندي جواني جي موجن ۾ مگن ٿي شادي ڪري، بادشاهي مشغولين ۾ مشغول ٿي ويو. انهيءَ پوري عرصي دوران جهان خان پنهنجي ننڍپڻ جي محبت کي ڪڏهن به نه ساريو. ايتري قدر جو جڏهن جهان آرا پويان پساءَ کڻي رهي هئي، تڏهن به سندس سار سنڀال نه لڌائين، پر انهيءَ جي برعڪس جهان آرا سندس محبت کي سيني ۾ سانڍيندي ساهه ڏئي ڇڏي ٿي. پر جهان خان پنهنجي شان ۽ شادمانين ۾ غرق رهي، هڪ بيوفا شهزادي جو پورو پورو ڪردار ادا ڪري ٿو. جهان آراءَ جي موت تي به سندس اکين مان ڏک جو ڳوڙهو نٿو ڳڙي. انهيءَ ريت مرد فطري سخت دلي ۽ خود غرضيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو.
    مطلب ته ناول نويس، جھان خان جي ڪردار کي ناول ۾ صحيح ۽ درست ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته فطري طرح مرد، عورت جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت دل ۽ خود غرض ٿئي ٿو.


    ڪردار ”لطيف مالهي“

    لطيف مالهي، ناول جو اهڙو مکيه ڪردار آهي، جيڪو جھان آرا جو پيءُ ۽ بادشاهه سلامت جي باغ جو مالهي پڻ آهي. بادشاهه جو مالهي هوندي به، هو هڪ جھوپڙي ۾ رهي ٿو، شاهي خاندان جي خدمت ۾ رهندي به، پنهنجي اصليت ۽ حيثيت کي نٿو وساري، پاڻ غريب ضرور آهي پر غيرت ۽ مردانگيءَ جو کليل ثبوت آهي، جو سندس نياڻي جي بادشاهه جي پٽ جهان خان سان گڏ شاهي محلات ۾ رهڻ يا ان سان گڏ علم پرائڻ تي فخر ڪرڻ بدران سندس دل اڌما کائيندي رهي ٿي.
    لطيف مالهي جيئن ئي باغ ۾ گلن جي نگھباني ڪندو هو، تيئن پنهنجي عزت ۽ عيال جي سنڀال پڻ ڪندو هو. سندس اندر گلن جيان پاڪ ۽ صاف هوندو هو. سندس عقل، ڏاهپ ۽ سيني جي سچائيءَ کان بادشاهه توڙي عابد ۽ حامد ڏاڍو متاثر هوندا هئا.
    لطيف مالهيءَ کي جڏهن پنهنجي نياڻي جهان آرا جي محبت جي خبر پوي ٿي ته هو خوش ٿيڻ بدران پنهنجي نياڻيءَ کي هميشه جي لاءِ پنهنجي غربت ۽ غيرت جي پردي ۾ ويڙهي ويهاري ڇڏي ٿو ۽ جڏهن جھان خان جي شادي ڪرڻ تي جھان آرا جي دل ٽُٽِي پوي ٿي ته اهڙي حادثي تي پنهجي نياڻي جي سورن کي صبر سان سيني ۾ سانڍيندي ڳوڙهو نٿو ڳاري ۽ رب جي رضا تي راضي رهي ٿو.
    ناول ۾ لطيف مالهي جي ڪرادر کي تمام گھڻو اجاگر ڪيو ويو آهي. هو هڪ غريب انسان آهي ۽ هڪ جھوپڙيءَ ۾ رهندي به پنهنجي غيرت ۽ عزت کي برقرار رکي ٿو. ساڳي وقت لطيف مالهيءَ جو هڪ اهڙو سچو ۽ سهڻو ڪردار آهي، جيڪو غريب هوندي به، پاڻ کي دنيا جي دردن کان آجو رکي ٿو۽ حلال روزي ڪمائي پنهنجي خوشحال زندگيءَ تي فخر ڪندو رهي ٿو.
    مطلب ته، ناول نويس هن ڪردار کي آڏو رکي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سچي خوشي ڪا دنيا جي دولت تي دارومدار نٿي رکي، پر حقيقي خوشي اصل محنت، همت، ايمانداري ۽ نيڪي، شرافت ۽ حلال جي ڪمائيءَ ۾ آهي.


    ڪردار ”حامد“

    حامد، زاهد جو ننڍو پٽ ۽ عابد جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هو ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين ۽ سلڇڻو انسان هو. اڃا ڏهن ورهين جو هو ته سندس عقيدتمندي هڪ درويش سان ٿئي ٿي ۽ پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪيترائي سال درويش جي خدمت ڪندو رهي ٿو. جڏهن پنڌرهن ورهين جو ٿيو ته انهيءَ درويش جي چوڻ تي پڙهڻ ڇڏي سندس خدمت ۾ رهي ڪري، هن ڪيتروئي تاريخ توڙي علم و ادب ۽ منطق جو علم حاصل ڪيو ۽ آخر ڪار هڪ ڏينهن ان درويش جي چوڻ تي لڳي، مائٽن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ئي درويش سان گڏجي رونق آباد هليو وڃي ٿو. انهيءَ شهر ۾ پهچڻ کانپوءِ اهو درويش هن کي اڪيلو ڇڏي اوچتو گم ٿي وڃي ٿو، اهڙي حالت ۾ حامد ڏاڍو پريشان ٿئي ٿو، پر پوءِ همت ڪري اتان جي وزير اعظم سان ملي ٿو. وزير اعظم هن جي ذهانت کي ڏسندي پنهنجو منشي مقرر ڪري ٿو ۽ پوءِ بادشاهه جي مهربانين سان پهرين نائب وزير ۽ آخر ۾ وزير اعظم جي وفات کانپوءِ پاڻ وزير اعظم بڻجي ٿو ۽ پنهنجي ڏاهپ سان حڪومت جو ڪم ڪار اهڙي ته سهڻي نموني هلائي ٿو جو رعيت ۽ بادشاهه تمام گھڻو خوش ٿين ٿا، خاص ڪري بادشاهه سندس صلاحيتن کي ڏسي تمام گھڻو مهربان ٿئيس ٿو.
    ڪجھ وقت کانپوءِ سندس ملاقات ساڳي ئي درويش سان ٿئي ٿي، جيڪو کيس رونق آباد وٺي آيوهو. حامد درويش سان ملي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ کيس بادشاهه سلامت ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جتي درويش بادشاهه کي پٽ جي اولاد ٿيڻ لاءِ دعا ڪري ٿو. وري ڪجھ وقت کان پوءِ حامد جي ملاقات سندس وڏي ڀاءُ عابد سان ٿئي ٿي، جيڪو هن جي ڳولا ۾ هت پهچي ٿو ۽ پوء ٻئي ڀائر بادشاهه جي خدمت ۾ رهن ٿا. وري ڪجھ وقت کانپوءِ پنهنجي مائٽن کي پاڻ ڏانهن وٺي اچن ٿا.
    ناول ۾ حامد جو ڪردار هڪ باصلاحيت، ذهين ۽ شريف انسان جو ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي ذهانت ، ايمانداري ۽ محنت سان ترقي ڪندو بادشاهه جو وڏو وزير بڻجي ٿو. انهيءَ ڪردار مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته محنت، ذهانت ۽ ايمانداري اهڙا انساني عمل اهن، جن جي ڪري انسان پنهنجي منزل ماڻي سگھي ٿو.


    ڪردار ”عابد“

    عابد، جهان ارا ناول جو مکيه ڪردار آهي، هي زاهد جو وڏو پٽ ۽ حامد جو وڏو ڀاءُ آهي. هي به هڪ ٻئي درويش جي صحبت ۾ اچي مائٽن کي ٻڌائڻ کانسواءِ پنهنجي ڀاءُ حامد جي ڳولا ۾ نڪري ٿو ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن مان پڇندو ۽ رلندو، آخر ڪار رونق آباد پهچي ٿو. جتي سندس ننڍو ڀاءُ حامد، بادشاهه سلامت جي وزير خاص جي حيثيت سان رهي ٿو. عابد پنڌن جو ٿڪايل ڪجھ آرام ڪرڻ جي خيال سان حامد جي در تي ويهي رهي ٿو، جتي سندس ڀاءُ حامد کيس سڃاڻي وٺي ٿو، ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته آئون تنهنجو ننڍو ڀاءُ آهيان. انهيءَ اوچتي ميلاپ ۽ ملاقات تي ٻئي ڀائر ڏاڍا خوش ٿين ٿا. ۽ پوءِ حامد هن کي بادشاهه سلامت سان ملاقات لاءِ درٻار ۾ وٺي وڃي ٿو. انهيءَ ڏينهن تي بادشاهه سلامت کي پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ سڄي شهر کي سينگاريو وڃي ٿو. عابد ۽ حامد انهيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ ٿي بادشاهه کي پٽ جون مبارڪون ڏين ٿا. جنهن تي بادشاهه کين پوشاڪون عطا ڪري ٿو ۽ عابد سان پڻ ملي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت عابد جي اخلاق ۽ دانائي کان به ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو.
    عابد بااخلاق ۽ محبت ڀريو انسان هئڻ سبب ٿوري وقت ۾ سڀني کي ڏاڍو متاثر ڪري ٿو. هي ايتري قدر سڪ ڀريو سچو انسان آهي جو لطيف جهڙي غريب مالهي سان به ڏاڍي همدردي ڪري ٿو. جڏهن لطيف مالهيءَ کي ڌي ڄمي ٿي ته ان جو نالو جهان آرا پڻ عابد ئي رکي ٿو.
    عابد ڪيترائي ڏينهن حامد وٽ رهڻ کانپوء پنهنجي مائٽن کي خط لکي ٿو، جنهن ۾ حامد جي ملڻ ۽ سندس رتبي متعلق سڀني ڳالهين جو پورو احوال ڄاڻائي ٿو . انهيءَ وقت کيس ساڳي ئي درويش جو خيال اچي ٿو جنهن سان گڏجي هي پنهنجي گھران نڪري ٿو ۽ آخرڪار درويش کي ڳولي بادشاهه جي خدمت ۾ وٺي اچي ٿو، جتي بادشاه ان درويش کي سڃاڻي ٿو، ته هي منهنجو وڇڙيل ڀاءُ آهي، جيڪو فقيري اختيار ڪري گھڻو وقت اڳ هتان هليو ويو هو، جنهن کانپوءِ بادشاهه جي چوڻ تي ٻئي ڀائر وڃي پنهنجي مائٽن کي پاڻ وٽ وٺي اچن ٿا ۽ آرام ۽ سڪون جي زندگي بصر ڪن ٿا.
    مطلب ته ناول نويس، عابد جي ڪردار کي به چڱو اڀاريو آهي ۽ سندس علم ۽ عقل، محبت ۽ مروت، خلوص ۽ اخلاق جي واکاڻ ڪئي آهي. حقيقت ۾ اهي خوبيون انسان کي انسانيت جو درجو عطا ڪن ٿيون.


    گرامرجوحصو

    مختصر تعارف

    1 . اسم:
    اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “نالو”. ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.
    مثال:
    اڪبر، ڪرسي، اسڪول، لکت، اميري، هوشياري وغيره وغيره

    2. ضمير:
    ضمير معنى “عيوضي”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي.
    مثال:
    مان، تون، توهان، اوهان، هِن، هُن وغيره.

    3. صفت:
    صفت معنى ساراهه. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گڻ ، او گُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي.
    مثال:
    سٺو، هوشيار، جڏو، چالاڪ، ننڍو، وڏو، اٺ، نُوُ، ڪجھ، گھٽ، وڌ، ٿورو، گھڻو وغيره.

    4. فعل:
    فعل معنى “ڪم”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو، ضمير جو ڪم يا عمل ظاهر ڪن ته ان کي فعل چئبو آهي.
    مثال:
    آيو، ويو، لکيو، پڙهيو، ڪيو، ماريو وغيره.
    5. ظرف:
    ظرف معنى ”ٿانءُ“. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي صفت، فعل يا ٻئي ظرف سان شامل ٿي ان جي ريت قدر، انداز، هاڪار ۽ ناڪار ۽ وقت ظاهر ڪن تن کي ظرف چئبو آهي.
    مثال:
    آهستي، ڪالهه، جيڏانهن، تيڏانهن، اڄ، سڀاڻي،تيز، هائو، نه هيٺ، مٿي وغيره.
    6. حرف جر:
    جر معنى “ڪشش يا ڇڪ”. اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ اسم يا ضمير جي پٺيان ڪم اچن. ان جو تعلق جملي جي پوئين اسم يا ضمير سان ڏيکاريندا آهن
    .مثال: جو، جا، جون، سان، جي، کي، ۾ وغيره.

    7. حرف جملو:
    اهڙا لفظ جيڪي ٻن لفظن، ٻن جملن يا جملي جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ ملائن ته انهن کي حرف جملو چئبو آهي.
    مثال: مگر، ته، البته، اگر، پر، به، پڻ، يا، اگرچه وغيره.

    8. حرف ندا:
    ندا جي معنى “سڏ يا دانهن”. اهڙا لفظ جن مان ڏک، خوشي، دل جا اڌما، حيرت،عجب،ڌڪاء، احساسات ۽ جذبات جو اظهار ڪري سگھجي ته ان کي حرف ندا چئبو آهي.
    مثال:
    او، ڙي، افسوس، واهه واهه، گھوڙا ڙي وغيره.
    شال، مار



    اسم جا قسم
    اسم جا ٻه قسم آهن.
    1 . اسم ذات 2. اسم صفات
    1 . اسم ذات:
    اهڙيون شيون جن کي محسوس ڪري سگھجي پر انهن جو جسماني وجود نه هجي ته اهڙين شين جي نالن کي اسم ذات چئبو آهي.
    مثال: الله پاڪ، خوشبو، اميري، غريبي، قسمت وغيره.
    2. اسم صفات:
    اهڙيون شيون جن جو وجود هجي ۽ جسماني طور نظر به اچن ته ان کي اسم صفات چئبو آهي.
    مثال: ڪرسي، چاڪ، ڪاپي، ماڻهو، وڻ وغيره.

    اسم صفات جا قسم
    اسم صفات جا ٻه قسم آهن.
    (1لف) . اسم عام: هڪ قسم جي لاتعداد شين کي اسم عام چئبو آهي
    مثال: اسڪول، سپاهي، شاگرد وغيره

    (ب) اسم خاص: اهڙو خاص نالو جيڪو ڪنهن شيءِ، جاندار، يا جاءِ کي سڃاڻڻ لاءِ لکيو وڃي. ان کي اسم خاص چئبو آهي.
    مثال: تاج محل، لال مسجد، دي سٽي گرامر اسڪول وغيره.
    نوٽ: اسم عام جي ننڍڙي صورت کي اسم تصغير چوندا آهن.
    مثال: کٽ مان کٽڙي
    ڪتاب مان ڪتابڙي
    صندوق مان صندوقڙي وغيره

    ضمير جا قسم
    1 . ضمير خالص: اهڙا ضمير جيڪي صرف انسان ذات لاءِ ڪم ايندا آهن.
    مثال: مان، تون ، هو، هن، اُهي وغيره

    ضمير خالص جا قسم
    (الف) . ضمير متڪلم: اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائيندڙ پنهنجي لاءِ استعمال ڪري.
    مثال: آءٌ، مان، اسان وغيره.

    (ب) ضمير حاضر: اهڙا ضمير جيڪي ڪو مخاطب پنهنجي مخاطب لاءِ استعمال ڪري.
    مثال: توهان، تون وغيره.

    (ج) ضمير غائب: اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائيندڙ ان لاءِ استعمال ڪري جيڪو گفتگو ۾ شامل نه هجي.
    مثال: هو، اهي، انهن وغيره.

    2. ضمير اشارو: اهڙا ضمير جيڪي ڪنهن شيءِ ڏانهن اشارو ڪن تن کي ضمير اشارو چئبو آهي.
    مثال: هيءَ، هوءَ، اهو، اهي، هن وغيره.

    3. ضمير استفهام: استفهام معنى آهي سوال ڪرڻ يا پچا ڪرڻ. اهڙا لفظ جيڪي سوال پڇڻ لا ءِ ڪم اچن تن کي ضمير استفهام چئبو آهي.
    مثال: ڇا، ڇو، ڪڏهن، ڪنهن وغيره.

    4. ضمير مشترڪ: مشترڪ معنى “شريڪ ٿيڻ”. اهڙا ضمير جيڪي اسمن ۽ ضمير خالص سان خالصاً ۽ ٻين ضميرن سان عمومًا گڏ استعمال ٿين ته انهن کي ضمير مشترڪ چئبو آهي.
    مثال: پاڻ، خود، پاڻ ئي پاڻ وغيره

    5. ضمير مبهم: اهڙا ضمير جن جي باري ۾ خبر نه پئجي سگھي ته ڪهڙي اسم جي بدران ڪم آيل آهن ته اهڙن ضميرن کي ضمير مبهم چئبو آهي.
    مثال: ڪو، ڪا، ڪي وغيره
    6. ضمير موصول: موصول معنى “وصول ڪندڙ، ڳنڍيندڙ”. اهڙا ضمير جيڪي اسم جي بدران ڪم اچي هڪ جملي ۾ اسم جو تعلق يا جملي جي حصي جو تعلق ٻئي جملي يا ٻئي حصي سان حاضر ڪن.
    مثال: جيڪو، جيڪي، جنهن وغيره.
    7. ضمير جواب موصول: اهڙا ضمير جيڪي ضمير موصول جي جواب ۾ ڪم اچن ۽ پنهنجو تعلق جملي جي پهرين حصي سان ظاهر ڪن تن کي ضمير جواب موصول چئبو آهي.
    مثال: سو، سا، سي، تنهن، تن وغيره.

    فعل جا قسم

    1 . فعل معاون: معاون : مددگار
    اهڙا مددي فعل جيڪي هر قسم جي فعل جي مدد ڪن ۽ ان جي غير موجودگيءَ ۾ جملا پنهنجي خصوصيت وڃائي ويهن.
    مثال: مون وٽ ڪجهه ڪتاب آهن.
    آهن، آهي، هوندا، هونديون، ٿيندو وغيره

    2. فعل لازم:
    اهڙا فعل جيڪي اهڙا ڪم ۽ خصوصيتون ڏيکارين جن جو لاڳاپو فاعل سان هوندو آهي ۽ هن ۾ مفعول نه هوندو آهي.
    مثال: مان کيڏان ٿي. هوا لڳي ٿي.

    3. فعل معتدي:
    هي اهڙا فعل آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته فاعل ڪم ڪن ٿا ۽ ان ڪم جو اثر ڪنهن ٻئي تي ٿئي ٿو. (هن ۾ فاعل مفعول ۽ فعل چٽا ۽ واضع هوندا آهن)
    مثال: مان راند کيڏان ٿي.

    فعل متعدي جا قسم
    (الف) متعدي معروف: اهڙا فعل جن ۾ فاعل ۽ مفعول واضع هوندا آهن.
    مثال: حنا ڪهاڻي لکي ٿي.

    (ب) فعل متعدي مجهول: هن فعل ۾ فاعل لڪيل نه هوندو آهي ۽ مفعول فاعل جي جاءِ وٺندو آهي.
    مثال: انب پٽيا وڃن ٿا.

    (ج) متعدي معروف باالواسط: فعل جي هن قسم ۾ فاعل پاڻ ڪم نه ڪندو آهي پر ٻئي کان ڪرائيندو آهي.
    مثال: ارباب گھر ٺهرائي ٿو.

    4. فعل اڪرترڪ:
    اهڙا فعل جن ۾ فاعل بلڪل نه هوندا آهن ۽ گھڻو ڪري حقيقي ۽ قدرتي يا فطرتي فعل هوندا آهن.
    مثال: ساهه کڻجي ٿو. خوشبوء اچي ٿي.
    ماني کارائبي. سڀاڻي ملبو.

    ظرف جا قسم

    1 . ظرف زمان:
    اهڙا ظرف جيڪي وقت جي معنى ڏيکارين
    مثال: اڄ، سڀاڻي، سال بسال، ڪالهه وغيره
    2. ظرف مڪان:
    اهڙا ظرف جن مان اسم جي جاءِ جي خبر پوي.
    مثال: هيٺ، مٿي، اڳيان پويان، ٻاهر، اندر وغيره.
    3. ظرف تميز:
    اهڙا ظرف جيڪي ريت، قدر، طريقو، هاڪار ۽ ناڪار ظاهر ڪن.
    مثال: مسَ مسَ، جيئن تيئن، هرو ڀرو، هائو، نه نه وغيره.

    صفت جا درجا

    1 . صفت خالص:
    اهڙيون صفتون جيڪي صرف ”مطلق اسم“ جو گڻ، اوَ گڻ، انداز يا مقدار وغيره ٻڌائين.
    ( هن ۾ ڪنهن ٻئي اسم سان ڀيٽ نه ڏيکاريل هوندي آهي).
    مثال: هير هوشيار ڇوڪري آهي. ٽي وي خراب آهي.

    2. صفت تفصيل:
    هيءَ صفت هڪ اسم يا ضمير جي ٻئي اسم يا ضمير سان ڀيٽ ٿيڻ ڪرڻ وقت ڪم ايندي آهي.
    مثال: دلنواز، راشد کان وڌيڪ ڊگھو آهي.

    3. صفت مبالغو:
    هڪ اسم جي ڀيٽ ساڳي جنس جي گھڻين شين سان ڪئي وڃي ته ان کي صفت مبالغو چئبو آهي.
    مثال: بشرى سڀني ڇوڪرين کان هوشيار آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465557
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186490
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ