ڪتاب جو نالو: سنڌي سماج جو جائزو
مصنف: عبدالواحد آريسر
ڇپائيندڙ: ڀنڀور اشاعت گھر
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1269 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 823 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ، مختلف نظريا، طبقاتي نظام ۽ گهڻو ڪجهه آهي هن ڪتاب ۾.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • جائزو
  • مارڪس کان اڳ وارا رايا:
  • مارڪسي تجزيو
  • مارڪس کان پوءِ جا تجزيا
  • سنڌي سماج
  • زميندار
  • وچولو جُزو Middle Class
  • ھيٺيون طبقو
  • ھاري
  • ڌنار
  • ميربحر
  • عورت
  • سنڌي ٻار
  • اديبن بابت ليئو ٽالسٽاءِ چيو

  • ارپنا

    ماتر ڀومي سنڌ
    جي انھن گمنام انسانن جي نالي، جي سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جي باوجود خودساخته تاريخ جي صفحن ۾ پنھنجو نالو ڳڻائي نه سگھيا.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (131) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. عبد الواحد آريسر جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي سماج جو جائزو“ 1985ع ۾ ڀنڀور اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپيو هو.
    اسان ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. سائين شاهنواز سومرو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي سنڌي ڪتابن جي ڪمپوزنگ وارو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس ڪاوشون ساراهه لائق آهن جو ڪمپيوٽر تي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سدائين جاکوڙيندا رهيا آهن.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    جائزو

    سنھا ڀانءِ مَ سَپ، سُڪا جنين پيٽ؛
    تنين جي جھپيٽَ، جُنگن کي جوکو ٿئي.
    (شاھ)

    مارڪس چيو ته:
    ”جيڪا قوم ٻيءَ قوم کي غلام بڻائي ٿي،
    سا پاڻ ڪڏھن به آزاد، ٿي نٿي سگھي.“

    لينن چيو:
    ”جيڪو ماڻھو قومي ظلم ۽ نابرابريءَ خلاف لڙائي نٿو
    ڪري، سو مارڪس جي انقلابي تعليم جو سچو
    پوئلڳ ته ٺھيو، پر سکڻو جمھوريت پسند به ڪونھي.“

    کاھوڙي کِجن، پَسيو پورھيت ويسرا؛
    ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رُڃن منجھ رھن؛
    ڪامل آھي تن؛ مون پِريان جي ڳالھڙي.
    (شاھ)



    لفظ ” طبقي “ جو عام استعمال اڻويھينءَ صديءَ ۾ ٿيڻ لڳو، جنھن کي اڳي سماجي ڌڙا چيو ويندو ھو، خاص طور تي ارڙھينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ يورپ جي صنعتي ۽ سياسي انقلابن ان لفظ جي جوڙجڪي مفھوم (Structure) کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو، جاگيرداري دؤر وارن طبقن واري تصور جي اھميت گھٽجندي وئي. انھن جي جڳھ شھري ڪارخانن، واپار، صنعت، سرمائيداريءَ ۾ ڪم ڪندڙ شھري پورھيت طبقي ورتي. ان جي تعمير ۾ موڙي سيڙائيندڙ سرمائيداري جي حوالي سان يا پنھنجي پورھئي جو، پگھار جي صورت ۾ معاوضو وٺندڙ پورھيت جي حوالي سان اقتصاديات جو وڏو عمل دخل آھي. اُن تصور کي ارڙھينءَ صديءَ جي آخر ۾، جيتوڻيڪ پراڻن قسمن جا ھُنر اڃان رائج ھئا، تڏھن ئي ڪافي ليکڪن تسليم ڪيو.
    ان تصور جا بنيادي اھڃاڻ اسڪاٽلئنڊ جا تاريخدان ۽ سماجي فيلسوف جان ملر (John Muller) جي مضمون ”چٽن طبقن جي ابتدا (1771ع) ۽ اُتر آمريڪا جي فيڊرلسٽ سماج (Federalist Society) جنھن ۾ جاگيردارانه ورثو موجود ئي نه ھو، ۾ ملن ٿا. اڳـتي ھلي جيمس ميڊيسن (James Medicine) مٿي بيان ڪيل فيڊرلسٽ سماج (Federalist Society) ۾ پيداواري قوتن ۽ پيدائش جي ورھاست تفصيلي طور بيان ڪندي، مختلف طبقن جو ذڪر ڪيو آھي، ۽ ٻڌايو آھي ته انھن طبقن جو ھڪ ٻئي ڏانھن مفادن جي بنياد تي ۽ سياسي طرح به دشمنيءَ وارو لاڙو ھو. جنھن کي اڳـتي ھلي مارڪس پڻ محسوس ڪيو ۽ چيائين ته: ”اھو رڳو منھنجو ڪم نه آھي ته مون جديد سماج ۾ طبقن جي موجودگي ڳولي لڌي آھي ۽ پڻ انھن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳولي لڌي آھي. پر مون کان گھڻو اڳي بورجوازي تاريخدانن طبقن جي ارتقا ۽ منجھن موجود ڇڪتاڻ بيان ڪئي آھي. خاص طور تي بورجوازي اقتصاديات دانن ڍانچا بيان ڪندي، انھن ڏانھن اڻ چِٽا اشارا ڪيا آھن.“
    ( جي- وي- ڊي ميئر ڏانھن خط 5- مارچ 1952ع )
    جيتوڻيڪ طبقن جو اقتصاديات جي بنياد تي تصور تسليم ٿي چڪو آھي، پر پوءِ به سماجي طبقن جي اھا تعريف ڏيندي ڪافي اعتراض اُٿن ٿا. خاص طور تي چيو وڃي ٿو ته ان قسم جي تصور کي ڪنھن خاص مخصوص ۽ محدود معنيٰ ۾ ته استعمال ڪري سگھجي ٿو، پر وسيع طور تي استعمال ڪرڻ سان اھو تصور ڪيترن ھَنڌن تي جيئن جو تيئن ٺھڪي نٿو اچي. اھو مونجھارو اُن ڪري به پيدا ٿئي ٿو جو سماجي طبقن جي ان تصور کي جاگيرداري دؤر کان اڳ وارن سماجن ۾ موجود طبقن تي ٺھڪايو وڃي ٿو جن سماجن ۾ اھي طبقا ڪابه ھڪ صورت اختيار ڪري نه سگھيا، پر مختلف ھنڌن تي مختلف ڏسڻ ۾ ٿي آيا. پر خود ميڊيسن ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته ”اُھي ماڻھو جن وٽ ملڪيت آھي ۽ اُھي ماڻھو جيڪي ھَٿين خالي آھن، سي سماج ۾ بلڪل واضح ۽ چِٽا طبقا پنھنجي طبقاتي مفادن سان اُڀري اچن ٿا. اھي قوتون جيڪي قرضي آھن سي مٿي بيان ڪيل طبقن ۾ ساڳيءَ طرح فِٽ ٿي وڃن ٿيون. سُڌريل قومن ۾ زمين جا مفاد ۽ ڪارخانن جي پيداوار جا مفاد وڌي ۽ ٻين مختلف طبقن ۾ ورھائجي بيھن ٿا، جن جون سوچون ۽ جذبا پڻ پنھنجي طبقي وارا آھن.“ ساڳيءَ طرح مارڪس ۽ اينجلس ڪميونسٽ مينيوفيسٽو ۾ لکيو آھي ته: ”آزاد ماڻھو ۽ غلام ماڻھو، محب وطن ۽ غدار، آقا ۽ نوڪر، ٽرانسپورٽر ۽ مسافر چِٽا طبقا آھن ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ ۾ مصروف آھن. جديد سماجي تجزيا ٻُڌائين ٿا ته اھو طبقاتي تفاوت دشمنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري ۽ اندر ئي اندر سماج کي ٻن واضح ڌُرين، بورجوازي ۽ پرولتاريه ۾ ورھائين ٿا.“
    انسانن جي چڱائيءَ لاءِ سڀ نٿا سوچين، ان لاءِ صرف اُھا سوچيندڙن کي ئي ان جي معاوضي طور قربانيون ڏيڻيون آھن، اھي قربانيون ڏيندڙ پيداواري قوت جي لحاظ کان ساڳيا مفاد رکندڙ اڪثريتي عوام ئي آھن. ان معنيٰ ۾ ڪوبه سماج طبقن کان خالي نه آھي، خود انقلاب جو برپا ٿيڻ ئي طبقاتي ڇڪتاڻ جو نتيجو ھوندو آھي، مارڪس تاريخ جو ڳُوڙھو ڇيد ڪري ڏٺو ته ان جو ھر اصول ڪنھن نه ڪنھن سماجي طبقي جي اقتصادي آرگنائيزيشن جي نمائندگي ڪري رھيو آھي. جيئن غلامي خاندانيءَ مان، امير طبقي مان، جاگيرداري زمين جي مالڪاڻن حَقن مان، سرمائيداري مُوڙيءَ جي سيڙائيندڙ طبقي ھٿان ۽ سوشلزم مزدور ھٿان. اھڙي طرح ھر دور ۾ وقت جي تقاصا مطابق اُڀرندڙ طبقي جي طبقاتي ڇڪتاڻ پرائي طبقي جي تسلط کي ھٽائي ان جي جڳھ پئي ورتي آھي ۽ جيستائين سماجن جو وجود باقي آھي، تيستائين اِئين ٿيندو رھندو. اھڙيءَ طرح سرمائيداريءَ جو مزدورن جي جدوجھد ھٿان خاتمو ٿي، پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ جو دور ايندو، جيڪو ڪميونزم ڏانھن وٺي ھلندو، جيڪا انسان جي آخري منزل آھي.
    مختصرن مارڪس سموريءَ تاريخ کي طبقاتي ڇڪتاڻ جي نڪته نگاھ سان ڏِسي ٿو، جيڪا ڇڪتاڻ قابص ۽ قبضي ھيٺ آيل جي وچ ۾ آھي، جيڪا ڇڪتاڻ استحصالي قوتن ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙ قوتن جي وچ ۾ آھي. جيڪا ڇڪتاڻ حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ ٿيندڙ آھي. سرمائيداري اڄ پنھنجي بچاءَ ۽ بقاءَ لاءِ بلڪل اِئين وڙھندڙ آھي، جيئن ڪلھ جاگيرداري پنھنجي بچاءَ ۽ بقاءَ لاءِ وڙھي ھئي. پر اُن جو انت اچڻ يقيني آھي. اھي مُدي خارج سڪرات ۾ مبتلا ادارا بلڪل سڪرات ۾ مبتلا ماڻھوءَ وانگر آھن، جيڪو وقت جي پيش قدميءَ کي روڪي نٿو سگھي.
    مارڪس مطابق، ڏوھن ۾ واڌ ٿيڻ جو سبب پڻ طبقاتي سماج آھي. ڇاڪاڻ ته ان سماج ۾ پيداواري قوتن (مزدورن ۽ ھارين) جي رت ۽ ست جي پورھئي مان ٿيل پيداوار جيئن ته استحصالي قوتن (مٿئين طبقي) جي وَر چڙھيو وڃي. ۽ جيئن ته انھن پيداوري قوتن جي رھڻ ڪَھڻ ۽ گذران جي ذريعي تي ٿيندڙ ان استحصالي عمل جو ئي اھو نتيجو آھي ته انھن پيداوري قوتن (مزدورن ۽ ھارين) ۾ بيگانگيت پيدا ٿيندي آھي، جنھن جي اثر ۾ ھو ڏوھاري ٿي اڀرندا آھن. اھو پڻ انھيءَ نظام جو دين آھي ته اُن ۾ بي روزگاريءَ سببان ڪافي خود ڪشين جا واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آھن. ان کان علاوه مٿين استحصالي طبقن کي، اُھو طبقاتي سماج، ڪنھن به سماجي قانون جي جڪڙ ۾ نه آڻيندو آھي. پر انھن قانونن جو اطلاق صرف غريبن (ھيٺئين طبقي) تي ئي ٿيندو آھي ۽ اُن قانوني ٻِه اکيائي سببان ھيٺئين طبقي ۾ انتقامي ڪاروائيءَ جو جذبو اُڀرندو آھي ۽ ھو ڏوھ ڪرڻ تي آماده ٿيندا آھن. اُن قسم جي ڏوھن جو گھڻي تعداد ۾ ٿيڻ خاص طور تي مزدور عورتن، ناجائز نوڪرين، ٻارڙن جي مزدوري ۽ ٻارن جي صحيح پالنا نه ٿيڻ ڪري ٿئي ٿو.
    جيتوڻيڪ مارڪس ۽ ساڻس اختلاف رکندڙن پنھنجي پنھنجي نڪته نگاھ کي واضح چِٽو تفصيلي ۽ وسيع معنيٰ ۾ ڪري پئي پيش ڪيو آھي، پر مارڪسي نڪته نگاھ وارن ليکڪن جون لکيتون مضبوط دليلن جي بنياد تي ھئڻ ڪري، اقتصاديات، سياست توڙي فلاسافيءَ جي ميدانن ۾ پنھنجو وجود تسليم ڪرائينديون رھيون آھن. مارڪسي نڪته نگاھ جي تمام پوءِ واري ليکڪ ھنگريءَ جي فيلسوف ۽ نقاد جارجي ليوڪاڪس (George Lucockus) پنھنجا ڪافي مضمون ڪَٺا ڪري 1953ع ۾ ھڪ موضوع ”تاريخ ۽ طبقاتي شعور“ ھيٺ ڇَپائي پڌرو ڪيو، جنھن ۾ ھن جو تمام گھڻو زور طبقاتي شعور تي رھيو. جنھن کي بيان ڪندي ھن ھڪ نئون فريق متعارف ڪرايو، جيڪو ھو ”انقلابي دانشور“ جنھن جو اُن طبقاتي شعور جي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ٻُڌايو ويو آھي.
    جيستائين سماجي طبقن بابت جن مرتب ۽ جامد اصولن جو تعلق آھي ته اُن قسم جا اصول چِٽي ۽ صاف نموني ۾ 19 صديءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جڏھن جديد سائنس خاص طور تي سماجيات ترقي ڪئي. جيتوڻيڪ اِئين به نه آھي ته اُن کان اڳ جي ليکڪن کي اھا خبر نه ھئي ته سماج اندر رھندڙ طبقن ۾ اڻ برابريون موجود آھن، پر ھنن انھن اڻ برابرين لاءِ ڪوبه ٺھيل ٺڪيل اصول نه ڏنو صرف افلاطون ۽ ارسطوءَ ڪي خيالي سماجي نظام ڏنا جن ۾ طبقا به موجود ھئا، ۽ انھن جي حڪومت ھلائڻ جا طريقا به ڏَسيا ۽ سمجھيو ته اِئين ڪرڻ سان سماجن اندر ڪوبه طبقاتي تضاد نه رھندو. افلاطون مطابق سماج ۾ ٽي طبقا ھئڻ کپن؛ مالڪ، ڪم ڪار ھلائيندڙ ۽ مزدور- جن ۾ پيدا ٿيندڙ ھر تضاد مالڪ جي مرضيءَ مطابق حل ٿيڻ کپندو ھو، ته وري ارسطوءَ واري خيالي سماج ۾ پڻ ٽي طبقا ھئڻ کپندا ھئا، تمام شاھوڪار، تمام غريب ۽ وچولا- ھن جي چوڻ مطابق ته اُن نظام لاءِ اھڙو سياسي سرشتو ھجي جنھن تي وچئين طبقي جي بالادستي ھجي.


    مارڪس کان اڳ وارا رايا:

    سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ اھو اڻ برابريءَ جو انديشو ذھنن ۾ رکندي بورجوازين طرفان ارسطوءَ جي ڏنل اصولن تي بحث ٿيڻ لڳا جن ۾ برطانيه جا ٻه فيلسوف نمايان حيثيت ۾ رھيا: ھڪڙو ٿوماس ھوبس(Thomas Hobbs) ۽ ٻيو جان لاڪ (John Lock) جن ۾ ھوبس مطابق اقتصادي مارڪيٽن ۾ واڌارو آندو وڃي جن رستي ماڻھوءَ ماڻھوءَ ۾، ڪنھن حد تائين برابري اچي ويندي. پر جي پوءِ به ڪا جنگي ڇڪتاڻ جي صورت اچي وڃي ته اُن کي ھڪ زوردار حڪومت مداخلت ڪري دٻائي. جڏھن ته لاڪ، مالڪ ۽ مزدور جي وچ ۾ اقتصادي تفاوت کي فطري محسوس ڪري ٿو. ھڪ فرينچ سياسي فيلسوف جين جيڪسن روسو، پنھنجي ھڪ مضمون ”اڻ برابريءَ جي شروعات (1755ع)“ ۾ چٽو فرق ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ھڪڙيون اڻ برابريون اُھي آھن جيڪي فطرتي طور تي، انسان جي پيدائش سان گڏوگڏ وجود ۾ آيون آھن ته ٻيون اڻ برابريون اُھي آھن، جيڪي مخصوص سماجي نظامن جي ترتيب ڏنل ڍانچي سببان وجود ۾ آيون آھن، پر پوءِ به ھو سماج کي فردن جو مجموعو ڪري تصور ڪري ٿو، نڪي طبقن جي مجموعي طور. ان کان پوءِ جنھن فيلسوف جي ڏنل اصول ۾ طبقا (ھيٺيون ۽ مٿيون) ڪنھن حد تائين چِٽا ملن ٿا، سو آھي ميڊيسن، جنھن جي ڏنل اصول مان ڪي خاص ڳالھيون اڳتي ھلي مارڪس پنھنجي طرفان ڏنل اصول ۾ ڪم آنديون.
    اھڙا ٻيا ليکڪ جن ارڙھين ۽ اُڻويھين صدي عيسويءَ ۾ سماجي طبقن واري موضوع تي ڪارگر ڪم ڪيو ۽ ڪي اُصول تجويز ڪيا، تن ۾ اسڪاٽلئينڊ جي فيلسوفن آدم فرگوسن (Adam Ferguson) ۽ مُلر Muller)) مشھور آھن. جن اھو پڻ اشارو ڏنو آھي ته ملڪي سياست تي اقتصادي نڪته نگاھ کان سماجي طبقن جو وڏو اثر آھي. اُن خيال کي فرينچ سماجي ڄاڻو سائنٽ سائمن (Saint Simon) 1827ع ۾ وڌيڪ واضح نموني ۾ بيان ڪيو. ايتري تائين ھن چيو ته ڪنھن ملڪ ۾ حڪومت ھلائيندڙن جي ڪردار ۽ حڪومتي نظام تي سماجي نظام جو اثر ھوندو آھي. جاگيرداري نظام جي ٽُٽڻ سان ۽ سرمائيداري نظام جي شروع ٿيڻ سان، حڪومت ھلائيندڙن جو ڪردار ۽ خود حڪومتي نظام، ان تبديليءَ جي اثر سان پيدا ٿيندڙ ھوندو آھي. سائنٽ سائمن جي ڪجھ پوئلڳن جي 1824ع وارين لکڻين ۾ پرو لتاريه واري اصول ڏانھن اڻ چٽا اشارا ملن ٿا. جنھن کان پوءِ ھڪ مشھور سماجيات جي ماھر ۽ اصولن جي قانوندان لارزوون اسٽين (Larzwoon Stein) 1842ع ۾ پنھنجي لکڻين رستي پرولتاريه جي اصول کي جديد سماجن جي سياست جو مکيه محرڪ ڪري پيش ڪيو آھي. ھن جي انھن اصولن جو، مارڪس طرفان ڏنل اصول تي سڌو سنئون اثر آھي. ھڪ اصولدان آدم سمٿ (Adam Smith) سياسي اقتصاديات بيان ڪندي طبقن ۽ انھن جي سياست تي اثر واري ڪردار جو ذڪر ” قومن جي ملڪيت (1876ع) “ ۾ ڪيو آھي. جنھن کي وري برطانيه جي مشھور اقتصاديات جي ماھر ڊيوڊ رڪارڊو (David Ricardo) (1837ع) ۾ ٿوري ردوبدل سان بيان ڪيو آھي.


    مارڪسي تجزيو

    مارڪس جو طبقات جي باري ۾ ڏنل اصول. جيڪو اڳين سڀني اصولن کان وزندار، منطقي ۽ عملي لڳي ٿو، تنھن لاءِ جيئن ته مارڪس خود مٿي ھڪ ھنڌ بيان ڪري آيو آھي ته اھا صرف سندس ذات جي ڪوشش جو نتيجو نه پر ماضيءَ ۾ ان موضوع تي ڪم ڪندڙن جي جاکوڙن جو پڻ اُن ۾ عمل دخل آھي. پر پوءِ به ان کي اُن اصول واري شڪل ۾ مارڪس ئي آندو، جنھن ۾ ھن چيو ته: ”(1) سماج ۾ طبقن جي وجود جو دارومدار پيداوار جي ترقيءَ واري مخصوص تاريخي دؤر تي آھي. (2) طبقاتي ڇڪتاڻ جو منطقي نتيجو پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ جي صورت ۾ نڪرڻو آھي. (3) اُھا ڊڪٽيٽرشپ پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ذريعو آھي، جنھن سان طبقا ختم ٿيندا ۽ غير طبقاتي سماج وجود ۾ ايندو“
    مارڪس مطابق سماجي نظامن جي وچ ۾ فرق ظاھر ڪندڙ قوت انھن سماجن جي مُوڊ آف پراڊڪشن (Mode of Production) ئي آھي (يعني ان ۾ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ ڪم ايندڙ اوزار). ھر موڊ آف پراڊڪشن پاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو طبقاتي نظام رکي ٿيو، جنھن ۾ ھڪ طبقو سموري پيداواري مرحلن تي قابض ۽ حڪم ڏيندڙ ھوندو آھي. جڏھن ته ٻيو طبقو يا ٻيا طبقا اُن قابض طبقي لاءِ پيداوار ڪندا آھن ۽ اُن جي ھر خدمت ڪرڻ لاءِ ٻَڌا رھندا آھن. سماج ۾ موجود اُنھن طبقن جو ھڪ ٻئي ڏانھن مخالفانه رويو ھوندو آھي، ڇو ته اُنھن جا پاڻ ۾ پيداوار جي ورڇ تي چِٽا ۽ واضح تضاد ھوندا آھن. ڪن خاص موقعن تي جڏھن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقيءَ سببان موڊ آف پراڊڪشن ۾ تبديلي ايندي آھي ته مزدور جي حيثيت پڻ تبديل ٿي ويندي آھي ۽ اھو مزدور، مدي خارج سماجي نظام کي بحال رکندڙن سان جھيڙي ۾ اچي ويندو آھي. ڪنھن به نظام جو قابض طبقو نه رڳو پيداواري مادياتي حيثيت تي قابض رھندو آھي، پر خيالن ۽ سوچن جي سَرجڻ تي پڻ قابض رھندو آھي، ان ڪري ھو ھڪ خاص قسم جي ثقافتي لاڙي ۽ قابض سياسي اصولن کي پڪو ۽ پُختو ڪرڻ چاھيندو آھي. جنھن مخصوص سياسي نظام رستي ھو سمورن سماجي ادارن تي پنھنجي بالادستي قائم رکي سگھندو آھي. مذھب، خود طبقاتي ڏاڍ ۽ ظلم مان خيالي ڇوٽڪاري جو ذريعو آھي جنھن رستي انسان پنھنجي سموري پِيڙا ۽ ڀوڳنا جو حَل ڪنھن جدوجھد رستي حاصل ڪرڻ بجاءِ، اُن جو معاوضو ڪنھن ايندڙ خيالي دنيا ۾ ملڻ جو چئي ۽ پيڙيل طبقي کي پيڙيندڙن جي خلاف ھڪ گڏيل، جائز ۽ حقيقي انسان دوست – جدوجھد کان ھٽائي گويا اُن ھلندڙ ويڙھ ۾ پيڙيندڙ استحصالي قوتن جو، شعوري يا لاشعوري ساٿ ڏئي وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ سماج ۾ رھندڙ اُھو طبقو جيڪو پيداواري قوت ھئڻ سان گڏوگڏ تعداد ۾ پڻ وڌندڙ ھوندو آھي ته اثردار پڻ ھوندو آھي. سو اُن ھالُو چالو مُوڊ آف پراڊڪشن کي تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھندو آھي. اُن عمل دوران نوان سياسي نظريا ۽ نيون جدوجھد جون حڪمت عمليون تيار ڪندو آھي.
    مارڪس مطابق سندس ڏنل ' طبقن بابت اصول سندس سمورن سماجي اصولن جو مکيه ۽ مرڪزي نقطو آھي، ڇو ته اُھي طبقا ئي ھوندا آھن جيڪي ڪنھن مملڪت، ڪنھن مخصوص موڊ آف پراڊڪشن رستي ڪي مخصوص سماجي نظام بحال ڪرايو ايندا آھن. جيئن آفيسر شاھي انتظاميه مٿئين ڪلاس جي، قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي ھٿيار طور ڪتب ايندي آھي. آفيسر شاھي سماجي طبقن جي وچ ۾ ھڪ اھڙو گروھ آھي، جيڪو حڪومتي انتظاميه جي ھٿـئي طور ڪتب اچي پنھنجي زوردار وجود جو تصور مڃائيندي آھي. سرمائيدار حڪومتن ۾ آفيسر شاھي اُھو ھڪ نِچوڙ آھي، جنھن سان استحصالي قوتون عوام جي استحصال ۽ ڦرلٽ واري نظام کي مضبوط ڪنديون آھن. جتي جتي سماج اندر ننڍن طبقن جي ھڪ ٻئي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي ويندي، تِتي تِتي آفيسر شاھي پنھنجي ظالمانه ۽ وحشي پڻي واري صورت ۾ اُڀري ايندي. ان ڪري ئي مارڪس جو چوڻ آھي ته سرمائيدار سماجن ۾ موجود آفيسر شاھيءَ جي رويي ۽ ڪردار مان اھا خبر پئجي سگھندي آھي ته اتي جي سماج ۾ اندر طبقاتي ڇڪتاڻ ڪيتري قدر فعال آھي. اُن مان جان ڇڏائڻ لاءِ مارڪس وٽ حَل سوشلزم آھي. ھو چوي ٿو ته ”سرمائيداري نظام کي ٽوڙي، عوام جو سوشلزم وارو راڄ قائم ڪرڻ سان طبقاتي ويڇا مِٽبا ويندا ۽ آفيسر شاھيءَ جو دَم ٽُٽندو ويندو ۽ آئينده جي ڪميونسٽ سماج اندر ڪوبه طبقو نه رھندو ۽ اُن صورت ۾ موجوده استحصالي ڦندو يعني ملڪيت ۽ ان جي ڪارندا آفيسر شاھيءَ جو خاتمو ايندو.“ جنھن صورت ۾ آفيسر شاھيءَ جي وجود جي بقا لاءِ استحصال ڪندڙ ۽ استحصال جو شِڪار ٿيندڙ طبقن جو ھئڻ لازمي آھي، ان صورت ۾ ڪميونسٽ سماج جيئن ته انھن ٻنھين براين کان پاڪ آھي، تنھن ڪري ان ۾ استحصالي قوتن جي مھري طور ڪتب ايندڙ آفيسر شاھيءَ لاءِ ڪابه جڳھ ڪانه ھوندي.


    مارڪس کان پوءِ جا تجزيا

    مارڪس کان پوءِ ھر تجزيه نگار جي اِھا ڪوشش پئي رھي آھي ته مارڪسي نظرئي جون کوٽون پوريون ڪري، مارڪسي نظرئي جي جديد حالتن پٽاندڙ تشريح ڪري يا مارڪس جي ڀيٽ ۾، جديد سرمائيداري سماج ۾ موجود طبقن جي باري ۾، ڪو نئون نظريو پيش ڪري. اُن ڏَس ۾ جرمن فيلسوف ميڪس ويب (Max Webb) جون ڪيل ڪوششون وساري نٿيون سگھجن. ھن جي نڪته نگاه مطابق ته: ”سرمائيداريءَ جي وجود ۾ اچڻ جو ڪارڻ ڪجھ: خيالن جي عمل دخل ڪري ٿئي ٿو. پر گھڻو اثر اقتصادي ورتاءَ خلاف اُٿيل احتجاج جو ٿئي ٿو ۽ ڪجھ اثر بورجوازين جي اقتصادي مفادن جي دٻاءَ جو ٿئي ٿو.“
    اُنھن تجزين کان پوءِ جيڪا ڳالھ نھايت ئي اھميت ڏيڻ جھڙي آھي سا آھي ته مختلف طبقن ۾ موجود وصفون (Qualities) ۽ اُنھن وصفن جي بنياد تي انھن ۾ فرق. جنھن موضوع تي انھن مختلف مڪتبه فڪر جي سائنسدانن ۽ فيلسوفن جو گھڻي ڀاڱي اتفاق رھيو آھي ته جديد سرمائيداري سماج ۾ موجود مکيه مختلف طبقا ھڪ ٻئي کان وصفن جي معاملي ۾ به مختلف آھن، اھڙي خاص وِٿي يا فرق چِٽيءَ طرح مٿئين، وچئين ۽ ھيٺئين طبقي ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.
    جيتوڻيڪ مغربي ملڪن جي صنعتي سماجي نظامن ۾ رھندڙ سائنسدانن ۽ فيلسوفن ھيٺئين طبقي جو ذڪر ڪندي ھاريءَ کي گھٽ بيان ڪيو آھي، پر اُھي (ھاري) خود ڪافي اھميت لھڻن ٿا. ڇو ته ڪافي يورپي سماجن ۾ اڃان تائين ھارين جو جوڳو تعداد موجود آھي ۽ خاص ڪري اُڀرندي يورپ جي سوشلسٽ ملڪن ۾ ته ھاريءَ جي وضاحت کان سواءِ ھوند سماجي تجزيو اڻپورو لڳندو. ماضي قريب ۾ ھارين ان لاءِ به پنھنجي اھميت مڃائي آھي، جو ڪافي ترقي پذير ملڪن ۾ ھارين جي مدد سان ھلايل جدوجھدن، ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. روشن خيال سماجي سوچيندڙ ته ٽينءَ دنيا جي ملڪن ۾ مکيه انقلابي ڪردار ادا ڪندڙ قوت طور ھارين کي پيش ڪري رھيا آھن.
    جيئن ته مٿي بيان ڪيل طبقن جي وضاحت ۾ خاص اھميت واري ڳالھ جيڪا ڏسڻ ۾ ايندي سا آھي سماج ۾ موجود مختلف تضاد. جيئن محڪوم ۽ سامراج جي وچ ۾ تضاد، پرولتاريه ۽ بورجوازي طبقي جي وچ ۾ تضاد، ھڪ طرف ھاري ۽ ھيٺئين وچين طبقي ۽ ٻئي طرف بورجوازي طبقي جي وچ ۾ تضاد، مختلف رجعت پسند حڪمران گروھن جي وچ ۾ تضاد موجود آھي وغيره وغيره. ھنن تضادن جي باري ۾ ھڪ رويو اختيار نٿو ڪري سگھجي، ڇو ته ھر ھڪ تضاد جي پنھنجي پنھنجي الڳ خاصيت آھي. وڌيڪ ته ھر تضاد جي ٻنھين پھلوئن بابت ھڪ ئي نموني جو رويو اختيار ڪري نٿو سگھجي، ڇو ته ھڪ ئي تضاد جي ھر پھلوءَ ۾ پنھنجون پنھنجون خاصيتون موجود آھن. ھونءَ ته جيئن اسان مٿي چئي آيا آھيون ته مکيه تضاد طبقاتي تضاد آ ھي. پر اُھو به ڪو ٺھيل ٺڪيل فارمولا يا صحيفو نه آھي، جو جيئن جو تيئن فِٽ ڪري ڇڏجي پر اھو خود حالتن پٽاندڙ، مختلف قومن ۾ مختلف وقتن تي مختلف ٿي سگھي ٿو. مثال طور سرمائيداري سماج ۾ ٻه متضاد قوتون موجود آھن.: پرولتاريه ۽ بورجوا انھن جي وچ ۾ موجود تضاد، مکيه تضاد ھوندو آھي. ٻيا تضاد، مثال طور رھيل جاگيردار طبقو ۽ بورجوازي طبقي جي وچ ۾ تضاد، ھاري- بورجوازي ۽ ننڍي بورجوازي طبقي ۾ موجود تضاد، آزاد سرمائيدارن ۽ ھڪ ھٽي سرمائيدارن جي وچ ۾ تضاد، اھي سمورا مکيه تضاد حل ڪرڻ سان خودبخود حَل ٿي وڃن ٿا.
    چين جھڙي بيٺڪي ملڪ ۾ (جيڪو جپان جي قبضي دوران، سنڌ جي موجود حالت سان ڪافي حد تائين ھڪجھڙائي رکي ٿو.) مکيه تضاد ۽ غير مکيه تضادن جي وچ م لاڳاپو ھڪ پيچيده تصوير پيدا ڪري ٿو. ان لاءِ مائوءَ جو اُن وقت جي چيني سماج بابت مکيه تضاد جي لحاظ کان مؤقف ھو ته: ”جڏھن سامراج ڪنھن اھڙي مُلڪ جي خلاف ظالمانه جنگ شروع ڪري ٿو ته ڪجھ غدارن کي ڇڏي انھيءَ جا سمورن الڳ الڳ قسمن جا طبقا سامراج جي خلاف قومي جنگ ۾ عارضي طور تي متحد ٿي سگھن ٿا. اھڙي وقت ۾ سامراج ۽ انھيءَ (محڪوم) ملڪ جي وچ ۾ تضاد، مکيه تضاد بڻجي ٿو. جڏھن ته ملڪ جي اندر مختلف طبقن جي وچ ۾ سمورا تضاد (جن ۾ ھي مکيه تضاد يعني جاگيردارانه نظام ۽ عوام جي وچ ۾ تضاد به شامل آھي) عارضي طور تي ٻئي قسم جي ۽ ھيٺئين حيثيت اختيار ڪن ٿا. چين ۾ 1800ع جي آفيم واري جنگ، 1894ع چين – جپان جنگ ۽ 1900ع جي اي ھو توان جنگ ۾ اھوئي ٿيو ھو. ۽ موجوده چين – جپان جنگ ۾ به اھوئي ٿي رھيو آھي.“
    اُن نڪته نگاھ کان اسان ڏسنداسون ته اڄ جي سنڌ جي ھن سماجي گھوٽالي جو حَل جاچڻ لاءِ جيڪڏھن ڏسبو ته ان جي اڳيان به آزادي حاصل ڪرڻ وارو يعني سامراج ۽ بيٺڪيت جي وچ ۾ ھئڻ وارو ساڳيو ”مکيه تضاد“ جي حيثيت ۾ نظر ايندو. تڏھن اسان لاءِ به اُھو واحد صحيح انقلابي رستو يعني ” قومي آزاديءَ جي جدوجھد ھلائڻ جي تحريڪ “ وارو وڃي رھيو آھي. ته اسان به اھو پنھنجو فرض سمجھون ٿا ته ھِن خطي ۾ انقلابي ڪم ڪندڙن توڙي اھڙي قسم جو چاھ رکندڙن کي عرض ڪريون ته ھو به پنھنجون اُھي انانيتون ڇڏي. انقلابي ڏاھپ جي ڏسيل ھِن سِڌي سنواٽي گَس تي اچي اسان سان ھَٿُ ھَٿَ ۾ ڏئي اڳتي وڌن، جنھن ۾ ئي سندن انقلابيت ۽ ترقي پسنديءَ جو راز آھي. اُن لاءِ لينن جو چوڻ آھي ته ”مارڪس جي انقلابي تعليم جا پوئلڳ جيڪڏھن جمھوريت ۽ پورھيت طبقي سان غداري ڪرڻ نٿا چاھين ته پوءِ سندن لازمي فرض آھي ته ھو قومي سوال جي ھڪ خاص گھُرَ جي ضرور حمايت ڪن. اُھا گھُرَ آھي قومن طرفان پنھنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جي حَق جي گھُرَ. يعني سياسي علحدگيءَ جي گھُرَ“ يا ”قومي خوداختياريءَ جي معنيٰ آھي ته اھي قومون ڌارين قومن کان سياسي طور الڳ ٿي، پنھنجون خودمختيار حڪومتون ٺاھين.“ يا ”ھر ڪنھن مظلوم قوم جي قوم پرستيءَ ۾ ھڪڙو عام جمھوري مواد ھوندو آھي، جيڪو ظلم جي خلاف ڪتب ايندو آھي. اسين اُن مواد جي بنا شرط شروط جي تائيد ڪريون ٿا.“
    جيئن ته قوم ۽ سندس تھذيب ۽ ثقافت جڙڻ لاءِ مخصوص جاگرافيائي، سماجي ۽ تاريخي عناصر ۽ انھن جو سالھا سالن جو ميل – جول ضروري ھوندو آھي. قومون اُن ورثي کي پنھنجي تشخص جو ضامن سمجھنديون آھن. پر جڏھن ڪي قومون ٻاھران کان اچي انھن ملڪي قومن جي تھذيب ۽ ثقافت سان ھٿ چراند ڪنديون آھن، تڏھن انھن اصلوڪين قومن ۽ انھن ٻاھران آيل قومن ۾ تضاد پيدا ٿيندا آھن. جيئن الھندي يورپ ۽ آمريڪا جي حملي آور ملڪن ۽ ٽين دنيا جي ڏُتڙيل ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل تضاد آھن. اھي تضاد نه رڳو جديد سامراج جي وجود ۾ اچڻ ڪري ۽ سِڌي ٽَڪر ۾ اچڻ ڪري پيدا ٿيا آھن، پر انھن حملي آوارن ۽ محڪوم ملڪن جي ماڻھن جي گڏ رھندي، ھڪ ٻئي سان ٻه – اکيائيءَ واري ورتاءُ سبب به اھي تضاد وڌيا آھن. جيئن آفريڪا ۾ ٻاھران آيل سفيد اقليت ۽ اتان جي اصلوڪي ڪاري اڪثريت جو ھڪ ٻئي سان ورتاءُ آھي. يا يھودي آباديءَ ۽ فلسطينين جي آباديءَ جو پاڻ ۾ آھي. يا پنجاب جي قابض آباديءَ ۽ سنڌ جي محڪوم آباديءَ جو پاڻ ۾ آھي. انھن تضادن جو بنياد اقتصاديات ۽ سياست کان علاوه جن اھم ڳالھين تي آھي، سي آھن ٻولي ۽ ڪلچر. ھونءَ به تاريخي طور تي اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته اُھي يورپي ملڪ جيڪي ٻوليءَ ۽ تاريخي روايتن جي بنياد تي وجود ۾ آيا، انھن ۾ دائميت ۽ ترقيءَ جا رجحان رھيا؛ ۽ جيڪي ملڪ مذھب جي بنياد تي يا ڪنھن وقت ڪنھن ھڪ ئي ملڪ جون بيٺڪون ھئڻ جي بنياد تي وجود ۾ آيا، سي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي گھوٽالن جو شڪار ٿيندا رھيا. سوشلسٽ روسي قيادت ان ڳالھ کان باخبر ھئڻ ڪري 1903ع ۾ روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو صحيح بنياد رکڻ وقت، اُن پارٽي ڪانگريس پنھنجي پروگرام جي قلم - 9 ۾ گھُر ڪئي ته ”روس جي غلام قومن کي پنھنجي سياسي مستقبل جي پاڻ فيصلي ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي.“ انھيءَ فقري جي خلاف مھا روسي ذھنيت رکندڙ روسي سوشلسٽن زبردست اعتراض ڪيا ۽ اھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قومي مسئلي کي اھميت ڏيڻ انقلاب دشمني آھي. انھيءَ ڪري 1922ع جي پڇاڙيءَ ۾ لينن جي ھدايت تي اسٽالن پنھنجو جڳ مشھور مقالو ” مارڪسزم ۽ قومي سوال “ لکيو. جنھن ۾ قومي حَقن ۽ قومي جدوجھد تي انقلابي نقطه نگاھ کان روشني وِڌي. لينن پڻ 1923ع ۾ قومي جدوجھد جي مسئلي تي پنھنجي مشھور مقالن جو سلسلو شروع ڪيو.
    اھڙيءَ ريت ٽين انٽرنيشنل جي ٻي ڪانگريس پڻ انھيءَ نتيجي تي پھتي ھئي ته ايشيا ۽ آفريڪا ۾ قومي جدوجھد لازمي طرح وچئين طبقي جي سرمائيدار جمھوري جدوجھد ھوندي، يا اھا پورھيتن جي اڳواڻيءَ ھيٺ سڀني وطن – دوست طبقن ۽ فَردن جي گڏيل محاذ جي وسيلي ھلائي ويندي. آفريڪا جي انگولا، موزمبيق، گني ۽ ٻين تمام پوئتي پيل علائقن جي ھٿياربند قومي جدوجھدن اڃا به ھڪ وِک اڳتي ھلي اھا ڳالھ ثابت ڪري ڏيکاري آھي ته قومي جدوجھد اھڙن ملڪن ۾ به ھلائي سگھجي ٿي، جتي ڪو خاص صنعتي مزدور طبقو ناھي. اھڙين خاص حالتن ۾ ھڪڙيءَ ننڍيءَ قوم جا پورھيت – ھاري، جيڪڏھن دنيا جي پورھيت انقلابي نظرئي سان ھٿياربند ڪيا وڃن ۽ انقلابي پورھيت حڪمت عمليءَ ۽ چالُن کان ڪم وٺن ۽ جنگ جي اصولن مطابق ھٿياربند عوامي جدوجھد ھلائين ته اُھي به قومي آزاديءَ جي واسطي سان، سوشلسٽ انقلاب جي منزل تي رَسي سگھن ٿا.
    قومي آزاديءَ لاءِ ھلائيندڙ تحريڪن وارين تنظيمن ۾ جيئن ته مختلف طبقن جا ماڻھو اچن ٿا، ھر ماڻھوءَ جي سوچ تي ڪنھن نه ڪنھن طبقي جي سوچ جو غلبو ھوندو آھي. سندن ذھنن ۾ ان جي ابتڙ خيال به ھوندا آھن. اُنھن ٻنھي اُبتڙ خيالن جي وچ ۾ جنگ ھلندي رھندي آھي. ممڪن آھي ته ھڪڙي ماڻھوءَ جي ذھن تي ڪئين سال ھڪڙي طبقي جا خيال ۽ سَچ حاوي ھجن، پر پوءِ به سندس سوچ ۾ وري ڦيرو اچي ۽ سندس ذھن تي اُن جي مخالف سوچ يا ٻئي ڪنھن طبقي جا خيال ڇانئجي وڃن. اُھي دشمن طبقن جا خيال عوام مان زبردست ۽ ڊگھي ويڙھ کان پوءِ ئي ڪمزور ڪري سگھجن ٿا. انھن کي بنھ تڙي ڪڍڻ ۽ سندن پاڙون پَٽي ڇڏڻ لاءِ ته سڄيءَ عمر جي لاڳيتي جدوجھد درڪار آھي. تنھن کان سواءِ عوام جي فائدي وارن، پراڻن خيالن ۽ نَون خيالن جي وچ م صحيح خيالن ۽ غلط خيالن جي وچ ۾ فرق ۽ ٽَڪر ٿئي ٿو. دشمن طبقن جي خيالن ۽ پراڻن خيالن کي ڪڍي؛ سندن جاءِ تي عوام – دوست صحيح ۽ نَون خيالن کي رائج ڪرڻ لاءِ به نظرياتي بحث مباحثو ۽ ڇڪتاڻ لازمي آھي. تنھن کان سواءِ اسانجا قومي، طبقاتي ۽ سامراجي دشمن آھن، جي ھر وقت اُن تاڙ ۾ رھن ٿا ته ڪيئن ھِن تنظيم جو تختو اونڌو ڪريون. اُن لاءِ به لازمي آھي ته پنھنجي قومي سماج جو طبقاتي تجزيو ڪجي. تحريڪن ۽ تنظيمن جي ڀلائي، مضبوطي ۽ ترقيءَ لاءِ اُن قسم جي تجزئي جي اھميت ۽ ضرورت اسان کي مارڪس کان ورثي طور ملي ٿي، جيڪا مارڪس، سينٽ سائمن جي ٿيورين ۽ يوٽوپيائي سوشلزم مان سمجھي. ان کي فرينچ تاريخدانن، خاص ڪري ايڊولف ٿاير (Edolf Thigher) ۽ فرينڪوز گزاٽ gzot) (Francoze1789ع ۾، فرينچ انقلاب جي تاريخ لکندي ڄاڻايو آھي. پر اُن کي جيڪا اھميت مارڪس ڏني سا اڳين ۾ ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ايتري حد تائين جو مارڪس کي چوڻو پيو ته ”موجوده انسانذات جي ھر قسم جي تاريخ ان جي طبقاتي ڇڪتاڻ جي تاريخ آھي.“ مارڪس جو چوڻ آھي ته يورپي صنعتي دؤر جي سرمائيداري نظام ۾ وڏا ۽ مکيه ٻه طبقا آھن. باقي ٻيا طبقا انھن جي ڀيٽ ۾ ايترا طاقتور ۽ پائيدار نه آھن. انھن ٻن طبقن جي فردن جي پاڻ ۾ ڪابه فردي ڪاوڙ يا مخالفت ڪانه آھي. پر انھن جا مجموعي طبقاتي مفاد پاڻ ۾ ٽڪرائجن ٿا ۽ اُھو ٽڪراءُ ھڪ جنگي ڇڪتاڻ جي صورت اختيار ڪري ٿو، جنھنجي نتيجي ۾ پيداواري قوتون استحصالي قوتن جي مٿان فاتح ٿين ٿيون.“ اڳتي ھلي مارڪس چوي ٿو ته ”ڪنھن طبقاتي مملڪت جي بورزجوازي سماج ۾ موجود طبقا ھڪ ٻئي ڏانھن دشمنيءَ وارا لاڙا رکندا آھن. پر اسين چاھيون ٿا ته ان سڄيءَ وارتا جو ڪو اھڙو حَل ھجي، جنھن رستي گروھي مفاد حَل ئي تڏھين ٿين، جڏھن مجموعي مفاد جو حل ڪجي يعني – سوشلزم رستي.“
    لينن جي صحيح ڪميونسٽ پارٽي بالشويڪس ۽ روس جي پاپولسٽس (جن ۾ پليخانوف به اچي وڃي ٿو) ۾ پڻ مکيه فرق اھو ڏسڻ ۾ ايندو ته لينن طرفان ان وقت جي روسي سماج جو تجزيو صحيح ڏسڻ ۾ ايندو. جڏھن ته پاپولسٽس طرفان ڪيل اُن وقت جي روسي سماج جو تجزيو صحيح نظر نه ايندو، جنھن جي نتيجي طور پاپولسٽس پنھنجو وجود عمل رستي مڃائي نه سگھيا. جڏھن ته لينن نه رڳو پنھنجي پارٽيءَ جو وجود تسليم ڪرائي سگھيو، پر اُن کي فتحياب پڻ بڻائي ڏيکاريو. اُن قسم جي تجزئي جي اھميت، افاديت ۽ ضرورت، جھڙن چٽن لفظن ۾ مائوءَ بيان ڪئي آھي، سا بلڪل رھنمائي ڪندڙ آھي، چئي ٿو ته، ”جيڪڏھن قومي تحريڪ دوران پارٽي پنھنجي قومي سماج ۾ موجود طبقاتي سوچن ۽ لاڙن کان باخبر نه ھوندي ۽ انقلاب دشمن، بڇڙن ماڻھن ۽ ھر قسم جي جِنن ديون کي منھن ڪڍڻ جي اجازت ڏني ويئي. اسان جا ڪارڪن انھن سڀني ڳالھين تي ماٺ ڪري ويھي رھيا، ڪيترائي ڪارڪن دشمن ۽ اسان ۾ فرق به وِساري ويٺا، دشمن جا ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ٻانھن ٻيلي ٿي پيا ۽ دشمن کين، کاري، ڇڙوڇڙ ۽ ڀاڙِي ڪري ڇڏيو؛ جيڪڏھن اسان جا ڪارڪن ڇِڪي ٻاھر ڪڍيا ويا يا جيڪڏھن دشمن يا ان جو دلال اسان جي صِفن ۾ گھڙي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اسان جا ڪيترائي مزدور، ھاري ۽ دانشور دشمن جي نرم ۽ سخت اٽڪل آڏو بي وس ٿي ويا ته اھڙي حالت ۾ گھڻو وقت نه لڳندو جڏھن ..... مارڪسي لينني پارٽي بلاشڪ ھڪ ترميم پسند پارٽيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي.“ ھونءَ به انقلابي سائنس جو مکيه اصول آھي ته ”دشمن کي سڃاڻي ۽ پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو ته توھان شڪست جي خطري کان بي پرواھ ٿي سوين جنگيون وڙھي سگھو ٿا“ يا ”ٻنھي طرفن جي ٻڌندئو ته توھان کي روشني ملندي، صرف ھڪ طرف جي ٻڌندئو ته اونداھيءَ ۾ رھندئو.“


    سنڌي سماج

    جيئن مختلف حالتن آھر مکيه تضاد مختلف ٿين ٿا ته اُنھن جي حَل لاءِ ساٿي ۽ مددگار به مختلف ٿيندا رھن ٿا. ان لاءِ اھو لازمي آھي ته مکيه تضاد کي نظر ۾ رکي ۽ سماجي طبقن جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ انھن جي نفسيات، مزاجن ۽ مفادن جي حوالي سان اھو طئه ڪيو وڃي ته ھنن مخصوص حالتن تحت بنيل ھن مکيه تضاد جي حَل لاءِ سنڌي سماج جي ھنن طبقن (جن جي نفسيات ۽ مزاج به بيان ڪيل آھي) مان ڪير اسان جا ساٿي ۽ ھمدرد ٿي سگھن ٿا، ته جيئن سندن ڪردار آھر ساڻن رويو رکيو وڃي. ان قسم جي تجزئي جي ڪافي وقت کان اسان جي ڪارڪنن طرفان زوردار تقاضا ڪئي پئي ويئي آھي. اُن کي نظر ۾ رکندي ان قسم جو، ”سنڌي سماج جو طبقاتي جائزو“ جي عنوان سان، اسان جي قوم جي مختلف عنصرن جو اقتصادي پس منظر ۾ طبقاتي جائزو پيش ڪيو پيو وڃي، جنھن ۾ انتھائي ڪوشش ڪئي ويئي آھي ته اُن قسم جي تجزين جي تاڃي پيٽي ۾ جيڪي ڪجھ ڏيڻ کپي سو ڏنو وڃي. بھرحال اھو اسان جي پڙھندڙ دوستن، ساٿين ۽ ڪارڪنن جو فرض آھي ته ان مواد کي ڳُوڙھائيءَ سان پڙھن، سنڌي سماج ۾ وڃي انھن طبقن کي اکين سان ڏِسن ۽ عملي طور تي پرک ڪن ته انھن سان ھن تجزئي ۾ ڪيترو نباھ ڪيو ويو آھي. مڃون ٿا ته ڪي فارمولائي ۽ لڪير جا فقير انقلابي دوست اھو ضرور محسوس ڪندا ته ھي نوان طبقاتي فرق ۽ ماڳھين نوان طبقا ڪِٿان آيا. پر جيڪڏھن ھو ٿڌيءَ دل سان مارڪسي فلسفي جو حالتن آھر اطلاق ڪرڻ ۽ پنھنجي مخصوص حالتن آھر انجي تشريح ۽ عمل ڪرڻ جا خواھان ۽ صحيح ترقي پسند ۽ انقلابي ساٿي ھوندا ته انھن جو فرض ٿيندو ته عمليءَ طور تي وڃي ۽ ان تجزئي ۾ ڏنل طبقن ۽ انھن جي تجزئي مطابق انھن جو عملي مطالعو ڪن- ان ھوندي به جيڪڏھن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي سگھي ته اُن جي وضاحت پڇي سگھن ٿا ۽ ان جي اڃان به سليس ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ ڪي تعميري تنقيدي رايا ڏئي رھنمائي پڻ ڪري سگھن ٿا.
    سنڌ بنيادي طرح ھڪ زرعي ملڪ آھي ۽ ھن ويھين صديءَ جي پڇاڙيءَ واري دؤر ۾ به ھتي جو پيداواري طريقو جاگيرداراڻو آھي- اُھو ھن معنيٰ ۾ ته ھتي جيتوڻيڪ زراعت ۾ ڪي قدر مشين آئي آھي ۽ جن علائقن ۾ ڪيلو ۽ ڪمند پيدا ٿئي ٿو، اُتي ڏھاڙيءَ تي مزدور ڪم ڪن ٿا پر اُن سڀ ڪجھ ھوندي به ھاريءَ جو وجود سراسري طور موجود آھي. بٽائيءَ وارو طريقو ئي 'معاوضي جو واحد طريقو ' چالو آھي. مشين ھاريءَ کي وڏي پئماني تي بي دخل نه ڪيو آھي ۽ نه وري ٽريڪٽر ۽ ٿريشر اچڻ سان ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ھاريءَ جي اھميت ئي گھٽجي سگھي آھي، سموريءَ سنڌ ۾ جاگيرداري دؤر جا قدر- پنھنجي اؤج ۽ عروج تي بي رحماني طريقي سان برقرار آھن. جيڪو ٿورو گھڻو زرعي مزدور آھي، سو ڪُل وقتي نه آھي، پر موسمي آھي ۽ اُن ۾ جيڪي خصوصيتون ۽ خاصيتون آھن، سندس سوچ ۽ فِڪر جا جيڪي لاڙا آھن، اُھي ھڪ صنعتي پورھيت بدران نِج ھاريءَ وارا آھن. سنڌ جي اندرين علائقن ۾ بيروزگاري پيدا ٿيڻ سان جيڪي بيروزگار شھرن جو رُخ اختيار ڪن ٿا، تن کي ڪارخانن ۾ داخل ٿيڻ جا تمام گھٽ ۽ بنھ نه جھڙا موقعا ملن ٿا، نتيجي طور اھي بيروزگار ڏوھاري بڻجن ٿا يا ڏيساور موڪليندڙ ايجنسين جي وَر چڙھن ٿا، جيڪي وچ اوڀر جي ڪِن ملڪن ۾ انتھائي ذلت واري زندگي گذارڻ کان پوءِ ڪجھ مُوڙي ڪمائي واپس اچن ٿا، ته اُھا مُوڙي دڪانداري يا ڪنھن ننڍڙي ڪارخاني ۾ گڏيل سيڙپ واري رِٿا مطابق سيڙائڻ بدران وري زمين ٽڪري خريد ڪرڻ ۾ خرچ ڪن ٿا. وڏي ڳالھ ھيءَ آھي ته زراعت ۾ صنعت اچڻ سان زمين جي قيمت ۽ اھميت وڌي ويندي آھي ۽ اُھا پيداوار يا خرچ واري نقطي نظر سان صنعتي يونٽ جي حيثيت اختيار ڪري ويندي آھي. پر ھتي سنڌ ۾ اسان ڏسون ٿا ته سواءِ ھڪ ٻن ضلعن جي باقي سموري سنڌ ۾ زرعي زمين جي قيمت ڪا خاص ڪانه وَڌي آھي، البت ڪِن جاين تي اھا بنھ گھٽجي ويئي آھي.
    سنڌ ۾ جاگيردارانه زراعت جا سمورا اخلاقي ۽ تھذيبي قدر موجود آھن- مثال طور: ڀَت ڀوت، شاديون غميون، ڪُڪڙن، ڪتن، ۽ رِڇن جون ويڙھيون، ڏاندن جو گويون، اوطاقون ۽ اوتارا، شادين ۽ غمين جا ساٺ سوڻ، سڀ جاگيردارانه سماجي نظام جي پيداوار آھن. ھاڻي جڏھن اسان اھو معلوم ڪري ورتو آھي ته اسان جو سماجي سرشتو سموري جو سمورو جاگيردارانه طريقئه پيداوار تي ٻڌل آھي ته پوءِ اسان کي اھو ڏِسڻو پوندو ته سنڌي سماج جا اھم تشڪيلي جزا ۽ ترڪيبي ڀاڱا ڪھڙا آھن ۽ انھن جي ھن سنڌي سماج ۾ ڪھڙي حيثيت ۽ اھميت آھي؟ اھي ڪيتري قدر قوت ۽ طاقت رکن ٿا ۽ ڪيترا سماجي تبديلي ۽ قوم کي آزاديءَ جي عمل ۾ ڪارائتا ۽ اثرائتا ثابت ٿي سگھن ٿا يا واقعي اُھي بيڪار آھن.
    جيستائين اسان سمجھي سگھيا آھيون ته سنڌي سماج جا تشڪيلي جزا ۽ ترڪيبي جُزا ھي آھن.


    زميندار

    زميندار، ھر اُنھيءَ ماڻھوءَ کي چئي سگھجي ٿو جيڪو ھڪ سؤ ايڪڙ زرعي زمين کان مٿي زمين پنھنجي قبضي ۾ رکي ٿو. سنڌي سماج جي ھن حصي کي سنڌي سماج ۾ تاريخ جي ھڪ ڊگھي عرصي کان وٺي خاص اھميت ۽ بالادستي حاصل رھي آھي. سنڌ جي سموري سياسي، اقتصادي ۽ معاشي طاقت ھن گروھ پنھنجي مرضيءَ ۽ منشا موجب پئي استعمال ڪئي آھي. ھي طبقو انگريزن پنھنجي مفاد لاءِ ”مالڪاڻا حَق“ ڏيئي پيدا ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي سرشتي ۾ ھِن طبقي کي سموري سنڌي سماج جي ٻَڌي ڇوڙيءَ جو مالڪ ۽ مختيار بڻايو. نتيجي طور انگريزن جيڪي اميدون ۽ آسرا پنھنجي ھن لاڏلي اولاد ۾ رکيا ھئا، سي ھي طبقو انتھائي صالح ۽ فرمانبردار اولاد وانگر پورا ڪندو آيو. ھن کي ھر دور ۾ سنڌي سماج تي پنھنجو سياسي، اقتصادي ۽ معاشي غلبو برقرار رکڻ لاءِ سرڪار جي طاقت جي ڇَٽيءَ جي ضرورت پوندي رھي آھي پوءِ اُھا سرڪار پنھنجي ھجي يا پرائي، ڇو ته سنڌي سماج ۾ ڪنھن به سرڪاري مشنريءَ جي ڇَٽيءَ کان سواءِ ھيءُ حقير ۽ ننڍڙو گروھ ڪنھن به صورت ۾ پنھنجو سياسي، اقتصادي ۽ معاشي غلبو برقرار رکي نٿو سگھي. ان ڪري ھي طبقو ھر دور ۾ ھر حڪومت (ديسي توڙي بديسيءَ) جو وفادار چمچو ۽ دلال رھندو پئي رھيو آھي ۽ جبر ۽ ڏاڍ جي قوتن سان گڏجي سنڌي عوام جي ڦرلٽ ۽ سياسي ھيڻائيءَ کي ھيڪاري زور وٺائيندو پئي رھيو آھي. پر جيئن ته ھيءُ طبقو بنيادي طرح سُست، عياش، بي ڍنگو، جاھل ۽ فَني قوتن کان محروم آھي، اُن ڪري ھِن نين نين سائنسي ۽ فني قوتن کان ڪم وٺي، سنڌ جي زراعت ۾ ڪو به واڌارو نه ڪيو پر الٽو زمينون وڪڻي، مقاطعن تي ڏيئي، فصل لھڻ کان اڳ فصل ۽ زرعي جنسون وڪڻي پنھنجي عياشيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندو رھيو آھي. ھيءُ طبقو سنڌي معاشري جي ڪنگالپڻي جو وڏو سبب آھي. ھيءُ طبقو نه رڳو سنڌي ھاريءَ، پورھيت ۽ ڌنار جي ڦرلٽ ٿو ڪري، پر سماجي طرح سماجي ڏوھن، ڌاڙن، خونريزين ۽ چورين ۾ ملوث آھي ۽ خود ڪرائي ٿو. ھيءُ طبقو سرڪاري مشنريءَ جي مقامي شاخن ۾ رشوت، بي ايماني ۽ بدانتظامي پيدا ڪري انھيءَ مشنريءَ کي پنھنجي مرضيءَ منشا مطابق ٿو ھلائي. مقامي سرڪاري مشنريءَ ۾ ڊي سي، ايس پي، ميڊيڪل آفيسر، سرجن ۽ انھن کان ھيٺ اي- سي، مختيار ڪار، صوبيدار، آرميءَ جا ننڍا آفيسر ۽ پوليس جا ننڍا عملدار اچي وڃن ٿا. جن سڀني جي آڌار تي ھو پنھنجو سماجي ۽ سياسي اثر ۽ اقتدار برقرار رکندو آھي. ھن طبقي ان کان اڳتي قدم وڌائي ڪڏھن سوچيو به نه آھي. ھِن صنعتي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ، ڪارخانن لڳائڻ ۽ ٻھراڙيءَ جي عوام کي ڪارخانن سان لاڳو ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي لنوايو آھي. ڇو ته ھن کي خبر آھي ته ھاريءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ آسان آھي ۽ مزدور ڪڏھن به سولائيءَ سان قبضي ۾ ڪونه ايندو- اُھو ھاري ئي آھي جنھن جي آڌار تي ھو آسانيءَ سان پيڙھي به پيڙھي اسيمبلي ۽ وزارت تائين پھچندو رھيو آھي. ھڪ پاسي اُھا صورتحال آھي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ ٻاھران آيل سرمائيدار، سموري اقتصادي ۽ معاشي وسيلن، واپار، ڪارخانن، ٺِيڪن، کاڻين، مارڪيٽن ۽ اڏاوتي صنعت جو مالڪ آھي. انھن سڀني ادارن ۾ ھو ”افرادي قوت“ به ٻاھران گھرائي استعمال ڪري ٿو. اُھو سرمائيدار، مارڪيٽن ۽ درآمدي- برآمدي واپار تي قبضي وسيلي سنڌ جي زرعي جنس جي قيمت به مقرر ڪري ٿو ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق پاڻي به موجود ڪري ڏئي ٿو، ۽ وري تيار مال، ڀاڻ، پاڻي ۽ محصول جو اگھ مقرر ڪري ٿو. اھڙي طريقي سان سموري سنڌ جھڙوڪر ٻن ٽن وڏن شھرن لاءِ ڪچو مال پيدا ڪندڙ ۽ تيار مال کَپائيندڙ منڊي (مارڪيٽ) آھي- ۽ زميندار جا مفاد، اتي اچي سرمائيدار جي مفاد سان ٽَڪر کائين ٿا، پر زميندار يا جاگيردار ۾ نه اُھو شعور آھي نه اُھا ھمٿ ۽ رِٿابندي، جنھن جي ذريعي ھو پنھنجي مفادن لاءِ پاڻ کان طاقتور ڌُر سان مُھاڏو اٽڪائي ۽ کيس شڪست ڏئي پنھنجو ڌاڪو ڄمائي. اھوئي سبب آھي جو ھو سرمائيدار جي اڳيان آڻ مڃي ويٺو آھي. ھونءَ به جاگيردارانه اخلاقيات ۾ اُھا ڳالھ داخل آھي ته اُنھيءَ اخلاقي قدر وارا ماڻھو، پاڻ کان ڪمزور جي مقابلي ۾ متحد ھوندا آھن، پر پاڻ کان بالاتر ۽ سگھاري طاقت جي مقابلي ۾ ٻَڌي ڪرڻ بدران ھڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪندا آھن، ۽ ھڪ ٻئي کي مارائڻ ۾ پنھنجي پراڻن ويرن، ڪِينن ۽ دشمنين جي تسڪين محسوس ڪندا آھن. برصغير تي انگريزي قبضي وقت ديسي راجائن، مھاراجائن، نوابن، والين، سلطانن، ميرن ۽ پِيرن جو ڪردار انھيءَ ڳالھ جو ثبوت آھي ته جاگيردارانه اخلاقيات ۾ رٿابندي، گڏيل سوچ ۽ طبقاتي مفادن لاءِ مشترڪ جنگ ھِن طبقي کان پڄڻي نه آھي، غير ملڪي سرمائيدار سان سنڌي زميندار جو ٻيو ٽَڪر ۽ جنگ آھي سياسي ميدان ۾- سنڌي عوام جي گھڻائي جيئن ته ٻھراڙين ۾ رھي ٿي، ۽ ٻھراڙين تي زميندار جو ڪنٽرول آھي، ان ڪري سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي زميندار گھڻائيءَ ۾ پھچيو وڃي ۽ انڌي منڊي قانون سازيءَ جو ڪم ۽ اختيار وري به زميندار وٽ رھي ٿو. غير سنڌي سرمائيدار کي اھا ڳالھ ڏاڍي ڏکي لڳي ٿي ته ھن ويھين صديءَ ۾ شھري بورجوازي ۽ پرولتاري طبقي تي جاگيردار طبقي جي حاڪميت ھلندي رھي. ان ڪري غير سنڌي سرمائيدار جي ھر ممڪن ڪوشش اھا رھندي پئي آئي آھي ته ڪنھن به طريقي سان جاگيردار کي اسيمبليءَ مان بي دخل ڪيو وڃي. پاڪستان ۾ فوجي حڪومتن جي اچڻ ۽ چونڊيل حڪومت جي برطرفيءَ جو مکيه سبب اھوئي آھي، خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ته نِج جاگيردارانه حڪومت ھئي. ان ۾ وزير اعظم کان وٺي پارٽيءَ جي صوبائي صدر تائين سمورا ليڊر، خاص ۽ پڪا پختا زميندار ۽ وڏيرا ھئا. اھوئي سبب آھي جو اُنھيءَ حڪومت، ملڪ ۾ سرمائيدارن کي ڪمزور ڪرڻ جي ھر ممڪن نموني ڪوشش ڪئي. ان ڀيٽ ۾ وڏيرا شاھي نه رڳو سماجي طرح مضبوط رھي، پر اُن جي ھٿ ۾ مڪمل سياسي ۽ انتظامي طاقت به ڪئي ٿي ويئي. پي- اين- اي (قومي اتحاد) جي تحريڪ ڪھڙي به رنگَ ۽ روپ ۾ ھئي، کڻي سندس نعرا ڪھڙا به ھئا، پر حقيقت ۾ اُھا جاگيردارن جي حڪومتي بالادستيءَ خلاف سرمائيدارن ۽ نجي سرمائيداريءَ جي بحالي ۽ بالادستيءَ جي ڪوشش ھئي. جيڪا ھونءَ به ڪامياب ٿيڻي ھئي. ڇوته سرمائيداريءَ جي مقابلي ۾ جاگيرداري جٽاءُ ڪري ئي نٿي سگھي. پر ھِتي ھڪ وڌيڪ عنصر يعني فوجي جرنيلن جي ھمدردي، سرمائيداريءَ جي بحاليءَ واري جدوجھد سان ھئي. نتيجي طور جاگيردارن جي حڪومت ختم ٿي وئي. جاگيرداريءَ جي ڀيٽ ۾ سرمائيداريءَ جي سوڀ موضوعي طرح ھڪ ترقي پسند عمل ۽ سماجي اوسر ۾ اڳتي وڌندڙ لھر آھي، پر اُھا ان صورت ۾ جڏھن جاگيردار ۽ سرمائيدار ھڪ ئي قوم ۽ ھڪ ئي لِساني، ثقافتي ۽ تاريخي وحدت سان واسطو رکندا ھجن. پر ھِتي جيئن ته اِئين نه آھي، اُن ڪري جاگيردارن جي خلاف سرمائيدارن جي ھر جدوجھد ۽ ھر حملي جو اثر سنئون سِڌو سندس عوام تي پوي ٿو. جنھن ۾ گھڻائي زراعت سان لاڳاپيل آھي. ۽ اِھو نه رڳو معاشي ۽ ثقافتي طرح گھُٽ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪري ٿو، پر سياسي طرح به پاڻ کي محڪوم محسوس ڪري ٿو، ڇو ته کانئس ووٽ جو حَق به کسيو ويو ھوندو آھي. ان ڪري ھو سرمائيدارن، زميندارن جي ٽَڪر کي ھڪ نئين نظر سان ڏِسي ٿو. جيئن مٿي چيو ويو آھي ته سرمائيدارن جي ھر حملي جو اثر سنڌي عوام تي پوي ٿو، ان ڪري سنڌي عوام، سرمائيدار، (جيڪو لِساني، ثقافتي ۽ تاريخي وحدت جو حصو نه آھي) جي سڀني قدمن کي سنڌي عوام جي خلاف سمجھي، مسئلي جي ”قومي اھميت“ سمجھڻ لڳي ٿو ۽ اُن کي قومي طرح ئي حل ڪرڻ گھري ٿو. ڇو ته ھو سمجھي ٿو ته جاگيردار، ايتري عرصي گذرڻ جي باوجود مسئلي کي يا ته قومي رنگ ڏئي نه سگھيو آھي يا جي ڏنو اٿس ته اُن کي ”قومي حَل“ تائين ڪنھن به صورت ۾ وٺي وڃڻ نٿو چاھي، ڇو ته ”قومي حل“ واري صورت ۾ جاگيردار مٿان بچاءَ ۽ تحفظ واري اُھا طاقتور ڇٽي نه رھندي جيڪا چارلس نيپيئر کان وٺي جنرل ضياءَ الحق تائين ھِن کي تحفظ ڏيندي آئي آھي. تنھن ڪري ”قومي مسئلي“ کي جاگيردارن جي رحم ڪرم تي ڇڏي نٿو سگھجي. نه وري اُھو مسئلو جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ٽَڪر تائين (جيڪو صرف قانون ساز- اسيمبليءَ تائين موجود آھي) محدود آھي. پر ھي مسئلو ۽ تصادم، ھڪ قوم جي خود اختياريءَ واري حقَ ۽ آزاديءَ سان فيصلن ڪرڻ واري اختيار لاءِ ھاڃيڪار آھي ۽ ”قومي وجود“ لاءِ موت ۽ زندگيءَ جي حيثيت رکي ٿو.


    وچولو جُزو Middle Class

    وچولو طبقو يا مڊل ڪلاس، ڪنھن به قوم جو ھڪ متحرڪ ۽ باعمل طبقو ھوندو آھي، جيڪو سياسي سرگرمين، ثقافتي ھلچل ۽ معاشي ميدان ۾ نيون نيون راھون پيدا ڪرڻ ۽ جامد (بيٺل) معاشري کي سلوڻو بڻائڻ لاءِ سدائين متحرڪ رھندو آھي. ھن طبقي جي ھڪڙي خاص خصوصيت آھي ”نقالي ڪرڻ“ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾، رھڻي ڪھڻيءَ يا کاڌي پيتي جي شين جي تعميرات جي سلسلي ۾ ھو سدائين مٿئين طبقي يا حاڪم قوت ڏانھن واجھائيندو آھي. پر ان سان گڏ اھو طبقو مٿئين طبقي يا حاڪم قوت جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي مايوسين ۽ محرومين جو شڪار وڌيڪ سمجھندو آھي ۽ اُھا مايوسي ۽ محرومي ئي ھوندي آھي، جيڪا کين سياسي شعور جي لَھر، سرگرمي ۽ نظرين ڏانھن ڇڪي کيس سماجي تبديليءَ واري عمل ۾ ھڪ حد تائين سرگرم بڻائيندي آھي ۽ اُھو عمل ممڪن آھي ته ”آزاديءَ“ جي حاصلات تي ختم ٿي وڃي.
    اسان دنيا جي تاريخ ۾ ھاڻوڪي دور جي آزاديءَ جي ھلچلن ۾، ھندوستان، ڪينيا، صوماليا، زمبابوي، مصر وغيره ۾ انھيءَ طبقي جي سرگرمين، جولانين ۽ سرفروشين جا داستان پڙھي ۽ ڏسي سگھون ٿا. ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جي وچولي طبقي جي قربانين ۽ ڪوششن جو داستان ڪو گھٽ رنگين ۽ مجاھداڻو نه آھي. اھوئي سبب آھي جو مھاتما گانڌيءَ کي چوڻو پيو ته ”آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ انھن صوبن مان سر فھرست آھي، جن تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪري سگھجي ٿو.“
    سنڌ جو اھو وچولو طبقو مذھبي ھاڃيڪارين جو شڪار ٿي ويو ڇو ته اھو زياده تر سنڌي ھندن تي مشتمل ھو ۽ 1947ع جي ورھاڱي کان پوءِ مذھبي نفرت جو شڪار ٿي سنڌ مان ھليو ويو. ان جي لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي سرزمين ”متحرڪ وچولي سنڌي طبقي“ کان ذري گھٽ محروم رھجي وئي ۽ اُھو خال اڃان تائين ڀرجي نه سگھيو آھي. اڄ سنڌ جو وچولو طبقو ھِنن جُزن تي مشتمل آھي: پڙھيل لکيل نوڪرين وارا ڪلارڪ، انجنيئر، ڊاڪٽر، ليڪچرار، استاد، اديب، شاگرد، ننڍا دڪاندار ۽ سئو ايڪڙ کان گھٽ زمين جا مالڪ آبادگار- اُھو طبقو يا اُن طبقي ۾ شامل قوتن جو سنئون سڌو ٽَڪر ڌارين ماڻھن سان آھي. اھو ھِن ڪري جو اھو طبقو پڙھيل لکيل ھجڻ، يا معلومات جي وڌيڪ وسيلن ھئڻ ۽ ڌارين ماڻھن سان رات ڏينھن لھ وچڙ ۾ رھڻ ڪري، وڌيڪ مايوسين ۽ محرومين جو شڪار آھي، پر انھيءَ مايوسيءَ ۽ محروميءَ جي باوجود وٽس ڪا چِٽي ۽ واضح سياسي سوچ ۽ نظرياتي پڪي پختي سوچيل سمجھيل واٽ نه آھي. جنھن جو نتيجو اُھو آھي جو ھيءُ طبقو بلڪل منتشر ۽ ٽڙيل پکڙيل آھي. ھن طبقي ۾ موجود مختلف مذھبي گروھن ۾ مذھبي تعصب موجود آھي، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن فسادن جي صورت ۾ ظاھر ٿيندو رھي ٿو. وچولي طبقي جو ھندو مذھب سان واسطو رکندڙ عنصر، حڪومتي ادارن جي جبر جي خوف ۾ مبتلا آھي ۽ کيس ڊپ آھي ته وري 1947ع جھڙيون حالتون نه پيدا ٿي پون ۽ کيس سنڌ جا وڻ نه ڇڏڻا پون. مسلمان مذھب سان واسطو رکندڙ، وچئين طبقي جي نقاليءَ واري عياشيءَ ۾ گرفتار، عوام ڏانھن حقارت وارو رويو رکندڙ ذھنيت جي ڪري عوام سان لاڳاپو پيدا ڪري نه سگھيا آھن. ھتي عوام سان لاڳاپن پيدا ڪرڻ ۾ وچولي طبقي جي خاص ”اَنا“ رڪاوٽ بڻيل آھي. ان ڪري اڄ ڏينھن تائين انھيءَ طبقي سماجي تبديليءَ لاءِ ڪا مجاھدانه واٽ وٺڻ بدران آسانيءَ واري آسان قومي خدمت جي واٽ ورتي آھي. ٻھراڙيءَ جو آبادگار، شھري دڪاندار ۽ پڙھيل لکيل حصي کان ڪَٽيل آھي. ھو پنھنجي زمين ٽڪري جي آڌر تي پاڻ کي ھارين ۽ عام پورھيتن کان مٿي سجھي ٿو. واھڻڪي ذھنيت سبب ”شھري بابو“ ۽ دڪاندار جي سامھون پاڻ کي گھٽ علم ۽ عقل جو مالڪ محسوس ڪري، ھنن سان رلي ملي نٿو سگھي. انھيءَ جو ٽَڪر وري گڙنگ زميندار سان پاڻيءَ جي مسئلي تي ھوندو آھي. سندس ھٿ ۾ گھڻو ڪري درخواست ھوندي آھي ۽ ڪورٽن جا چڪر سندس مقدر بڻيل ھوندا آھن. ڪورٽن، آفيسن ۽ دڪانن تي ساڻس ٿيندڙ ورتاءُ جي نتيجي ۾ سوچيندو آھي ته انھن جاين تي جيڪڏھن منھنجي ٻولي ڳالھائيندڙ ھجن ھا ته جيڪر منھنجا پئون ٻارھن ٿي پون ھا. ٻھراڙيءَ ۾ اھو حصو، پنھنجي اولاد کي پاڙھڻ ۽ پنھنجي پڙھندڙ اولاد جي آڌار تي خوبصورت خواب ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ پوءِ جڏھن سندس پڙھيل پُٽ آفيسر ٿي نه سگھندو آھي تڏھن سندس ”قومپرستي“ ھيڪاري وڌيڪ سخت ۽ جارحانه ٿي ويندي آھي. شاگردن وارو حصو اڄ جي سنڌي سماج ۾ وڌيڪ باشعور، باھمٿ، ڪنھن حد تائين صحيح سوچ يا صحيح واٽ تي آھي، پر اُھو به وچئين طبقي جي مخصوص بيماريءَ – آءٌ پڻي (انا) ۾ مبتلا آھي ۽ سمجھي ٿو ته سموري قومي مسئلي جو حل مون وٽ آھي. آءٌ اڪيلي سير پنھنجي بھادريءَ ۽ سرفروشي ۽، ڏاھپ ۽ دانائيءَ سان اُن کي حَل ڪري سگھان ٿو. اھا سندس بنيادي غلطي، عام ماڻھن، ٻين تنظيمن ۽ سموري سياسي ماحول ڏانھن سندس لاڙي ۽ رويي کي مقرر ڪري ٿي ته ھِن کي عوام تي ڀروسو نه آھي. کيس سياسي قوتن جي ساٿ تي اعتماد نه آھي ۽ سياسي ماحول کي ھِن سنجيدگيءَ سان نه سمجھيو آھي. ان ڪري ھن کي عام ماڻھن، ٻين تنظيمن ۽ سياسي ماحول ڏانھن پنھنجي لاڙي ۾ تبديلي پيدا ڪرڻي پوندي.


    ھيٺيون طبقو

    ھاڻي اسان سنڌ ۾ ھيٺئين طبقي جي حيثيت، اھميت، قوت ۽ ڪردار تي نظر وجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
    ھيءَ حقيقت آھي ته دنيا جي جن انقلابي رھنمائن پنھنجن پنھنجن ملڪن ۽ سموري دنيا جي تمام وڏي حصي ۾ ڪامياب انقلابن ۽ انقلابي قوتن جي ڪامياب رھنمائي ڪئي آھي، تن سڀني متفق ۽ يڪراءِ تاريخي تجربن ۽ تاريخ جي مادي تعمير جي روشنيءَ ۾ اُھا ڳالھ مادي دنيا ۾ سج وانگر روشن ڪري ڇڏي آھي ته انقلابي قوت اصل ۾ ھيٺيون طبقو ئي آھي جيڪو پنھنجي سرفروشي ۽ ثابت قدميءَ سان نه رڳو انقلاب برپا ڪري سگھي ٿو پر اُن کي مضبوط ۽ مستحڪم به بڻائي اڳتي وڌائي سموري دنيا ۾ انقلاب جي ڪامياب رھنمائي ڪري سگھي ٿو ڇو ته اُن طبقي کي ئي غلام سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ جبر، ڦرلٽ ۽ ذلت جي اوڙاھن ۾ ڪِرڻو پوي ٿو ۽ اھوئي طبقو آھي جيڪو سماج جي جياپي لاءِ سڀ ڪجھ پيدا ڪرڻ جي باوجود پاڻ، پالھو ۽ سُڃو ٿو رھي ۽ اُھو جڏھن ويڙھ شروع ڪري ٿو، اُن وقت کيس يقين ھوندو آھي ته ھن جنگ ۾ وٽس ھارائڻ لاءِ ڪابه شيءِ ناھي پر کَٽڻ لاءِ سمورا رياستي وسيلا ۽ اقتدار آھي- اھو انھيءَ جنگ ۾ وڃائيندو صرف ذلت، بُک، بيروزگاري ۽ پنھنجي نيچ ۽ ڪِين جھڙي حيثيت آھي، اُن ڪري ھو وڌيڪ جانداري، بھادري ۽ ثابت قدميءَ سان وڙھي سوڀ حاصل ڪندو آھي ۽ اُن سوڀ کي باقي رکڻ لاءِ ان کان به وڌيڪ جدوجھد، چوڪس ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺندو آھي ڇو ته اُھا عزت، اھا سوڀ، اھو وقار ۽ اھو غريب ۽ ذليل ماڻھوءَ جو اقتدار تي قبضو، کيس انسان ذات جي سموري لکيل تاريخ ۾ پھريون ڀيرو حاصل ٿيو ھوندو آھي. اُھو تاريخ جي ويجھڙائيءَ واري دور ۾ ٿيو آھي ۽ گھڻو ڪري مزدور، پورھيت طبقي جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو آھي.
    منھنجي خيال ۾ مزدور جو ترجمو پورھيت صحيح ناھي، پر پوءِ به استعمال ٿي رھيو آھي. ان ڪري مون به استعمال ڪيو آھي. ڇو ته پرولتاريا جو اردو وارن ترجمو ڪيو آھي. مزدور ۽ اھو پرولتاريا ھڪ خاص تاريخي دور جي پيداوار آھي، جڏھن ته پورھيت ھر دور ۾ رھيو آھي، ۽ انھيءَ پرولتاريا انقلاب جي رھنمائي به گھڻو ڪري صنعتي ملڪن ڪئي آھي. سنڌ جي صورتحال جو جيستائين تعلق آھي ته ان باري ۾ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ھيٺئين طبقي ۾ سماج جا ڪھڙا جزا شامل آھن ۽ اُھي ھن خطي ۾ ڪيتري قدر انقلابي، آزاديءَ جي جنگ ۾ مؤثر ۽ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. منھنجي خيال ۾ سنڌ اندر ھيٺئين يا پڇڙيل طبقي ۾ ھيٺيان جُزا شامل آھن.
    مزدور: (1) پاڪستان جي سموري صنعتي ڍانچي جو گھڻو ڪري 75 سيڪڙو حصو سنڌ ۾ آھي، جنھن ۾ لکين مزدور ڪم ڪن ٿا. انقلاب جي ڪلاسيڪل ٿيوريءَ مطابق اھو ايڏو مؤثر حصو آھي ۽ ايڏي وڏي طاقتور افرادي ۽ انقلابي قوت آھي، جيڪا سنڌ جي انقلاب کي تمام تيزي، ڦڙتائي ۽ ڏاھپ سان نه صرف پنھنجي منزل تي پھچائي سگھي ٿي پر ان کي مضبوط ۽ مستحڪم به بڻائي سگھي ٿي ۽ اسان لئي رئان جي لفظن ۾ ڏاڍا خوش قسمت ھجون جو اسانجي انقلاب جي شروعات ۾ ئي پرولتاريا موجود ھجي. پر ايڏي وڏي مزدورن جي تعداد جي باوجود اسان ويٽ نامين وانگر خوش قسمت ناھيون ڇو ته ھِتي ڪارخانن جو مالڪ به غير سنڌي آھي ته پورھيت جو ايڏو وڏو تعداد به غير قومي ۽ بديسي آھي، جيڪو سنڌ ۾ صرف معاشي مفادن جي ڦرلٽ ۾ سرمائيدار سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيو ويٺو آھي، جنھن کي سنڌ جي سياسي جدوجھد يا قومي آزاديءَ سان نه صرف ھمدردي ناھي پر الٽو ان سان دشمني آھي- اھو سنڌ جي ڪارخاني جو پاڻ مالڪ ٿيڻ ته چاھي ٿو پر اُھو ڪارخانو بديسي سرمائيدار کان ڦري مقامي مزدور جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ ڏيڻ لاءِ قطعي تيار ڪونھي. ڪارخاني جو قبصو سنڌي مزدور جي حوالي ڪرڻ ته تمام پري جي ڳالھ آھي پر اھو سنڌي مزدور کي ڪارخاني ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ تيار ناھي. بندرگاھن وغيره تي جن کي (غير سنڌين) پڪيون نوڪريون آھن، سي جڏھن وڌيڪ ڪمائيءَ لاءِ عرب عمارتن ڏانھن وڃن ٿا تڏھن پنھنجون نوڪريون به بديسي ماڻھن کي گھرائي انھن کي ٺيڪن تي ڏيو وڃن ٿا، جن مان پنھنجو حصو پتي دبئي ۽ قطر ۾ ويھي کڻندا رھن ٿا. انھن مزدورن مان اُھا توقع ۽ اُميد قطعي رکي نٿي سگھجي ته اھي ڪي سنڌ جي آزادي واري انقلاب جي جدوجھد ۾ ھٿ ونڊائي به سگھن ٿا. دنيا جي تاريخ ۾ جن به ملڪن ۾ آزاديءَ جون جنگيون وڙھيون ويون آھن تن ۾ ھڪ ته ايڏي وڏي تعداد ۾ غير ملڪي مزدور موجود ئي ڪين ھو پر جيڪو به ھو تنھن پنھنجي ھم قوم قابض ٽولي جو ساٿ ڏنو آھي. آزاديءَ جي مجاھدن جي خلاف ٺھندڙ رضاڪار فورسز ۾ ڀرتيءَ ٿي آزاديءَ جي تحريڪن جي خلاف وڙھيا آھن، پوءِ اھا ويڙھ ويٽ نام ۾ ھلي ھجي يا الجزائر ۾، گني بسائو ۾ ھجي يا بنگلا ديش ۾. ان ڪري انھيءَ ڌارئي مزدور کي آزاديءَ جي جنگ جي قوتن ۾ شمار ڪري نه ٿو سگھجي. باقي سنڌي مزدور جيڪو ڪارخانن ۾ باقائدي ڪم ڪندو ھجي سو اٽي ۾ لوڻ برابر آھي ۽ اُن حيثيت ۾ ئي نه آھي جو آزاديءَ جي جنگ ۾ صحيح نظرياتي تنظيمي سوچ جي جھنڊي کي کڻي ڪو رھنمائيءَ وارو مؤثر ڪردار ادا ڪري سگھي. اھو ان ڪري نه ته ڪو سنڌي مزدور ۾ اُھا صلاحيت نه آھي يا ھو اصلي ڪمزور ۽ نِٻل آھي پر ڳالھ آھي معروضي حالتن جي. معروضي حالتون اھڙي موڙ تي پھچي چڪيون آھن، جو سنڌي مزدور انھي تعداد، قوت ۽ شعور کي حاصل ڪري ئي نٿو سگھي ۽ جيستائين اھي معروضي حالتون موجود آھن اُن وقت تائين اھا حالت برقرار رھندي. سنڌ ۾ صنعتي مزدور صرف اُن صورت ۾ انقلابي قوت ۽ پوزيشن اختيار ڪري سگھي ٿو جڏھن اھي معروضي حالتون تبديل ٿين ۽ اُھي ان وقت تبديل ٿينديون جڏھن غير ملڪي مزدور جي جاءِ سنڌي مزدور وٺندو ۽ اھو ان وقت ٿيندو جڏھن غير ملڪي ۽ غير قومي قبضو ختم ٿيندو. ھن وقت سنڌي مزدور پنھنجي تعداد قوت ۽ حيثيت آھر صرف مددي طاقت سان به ڪنھن حد تائين ثابت ٿي سگھي ٿو.
    (2) سنڌ ۾ مزدورن جو ھڪ ٻيو به قِسم آھي، اھو آھي موسمي يا سيزنل، جيڪو ڪپھ ٽاڻن جي ڪارخانن، شگر ملن، بيوريج ملز، سارين جي سيلرن ۽ برف جي ننڍڙن ڪارخانن ۾ ڪم ڪري ٿو. اھو صرف ھڪ موسم ۾ اچي ٿو ۽ بنا ڪنھن تنظيم، جماعت يا حَق طلبيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪري وري پنھنجي ماڳ تي موٽي وڃي ٿو. اھي ادارا ھڪ ته تمام ننڍڙا ھوندا آھن جن ۾ وڌ ۾ وڌ جيڪڏھن ڪنھن ڪارخاني ۾ مزدور ھوندا ته ھڪ سؤ جي لڳ ڀڳ مس ٿيندا، ٻيو ته انھن ۾ ڪم ڪندڙ مزدور انھن سڀني سھولتن ۽ ذريعن کان محروم ھوندا آھن جيڪي جديد صنعتي مزدور کي حاصل آھن. ان ڪري انھن جي بنيادي سوچ ۽ سمجھ اُھا ساڳي ٻھراڙيءَ واري ھاري جي ھوندي آھي ۽ ٿوري تعداد ۾ ھئڻ ڪري منجھن پيش قدميءَ وارو جذبو بنھ نه ھئڻ برابر ھوندو آھي. پر پوءِ به انھن ۾ صنعتي مزدور جي ڀيٽ ۾ احساس محرومي وڌيڪ ھوندي آھي. ڇو ته اھي سال جو ڪافي حصو بيروزگار رھن ٿا. جڏھن ته وڏي صنعتي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي مزدور ۾ ڌارئي مزدور، انتظاميا ۽ ڌارين رياستي مشنري جي موجودگيءَ ڪري نيشنلزم جو جذبو سوشلزم کان وڌيڪ ھوندو آھي پر اُھو نيشنلزم ايترو پڪو پختو نه ھوندو آھي جيڪو آزاديءَ جو جھنڊو کڻڻ لاءِ مجبور ڪري. اھو ان ڪري به جو اڄ جي صنعتي دور ھاريءَ جي رَت سَت مان صنعتي مزدور کي ڪافي رعايتون ڏنيون آھن. علاج جون سھولتون، رھائش جي آسائش، تعليم جو انتظام، معزور ٿيڻ جي حالت ۾ معاوضو، رٽائرمينٽ جي حالت ۾ پينشن، مرڻ جي حالت ۾ عيوضو. اھي سڀ اھڙيون رعايتون آھن جن اڄوڪي مزدورن کي ذري گھٽ مصلحت پسند بڻائي وڌو آھي ۽ انقلابي ھلچل يا آزادي جي تحريڪ ۾ گھٽ حصو وٺن ٿا. انجي ابتڙ سيزنل مزدور کي انھن رعايتن مان ڪابه رعايت حاصل نه آھي. ان ڪري انھيءَ ۾ وڌيڪ پڪي ۽ پختي قوم پرستي جي لاڙن پيدا ٿيڻ جا امڪان آھن. پر پوءِ به اھو ايتري ٿوري تعداد ۾ آھي جو ان تي پورو دارو مدار رکي نٿو سگھجي. البته انجي قوت پوري قومي تحريڪ لاءِ اثرائتي ٿي سگھي ٿي.


    ھاري

    (3) ھاري: سنڌي قوم جي گھڻائيءَ وارو حصو آھي، سموري غلام دنيا جي ھارين وانگر سنڌي ھاري ھن دنيا جو معاشي توڙي ثقافتي ۽ سياسي طرح غير منظم پس مانده ۽ ڪِريل حصو آھي. اھو گھڻو ڪري سنڌي ٻھراڙيءَ جي معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ روحاني زندگيءَ جي انتھائي ڪھڪائيندڙ حالت جي متحرڪ تصوير آھي. سموري سنڌ جي سخت ۽ شديد ذلت آميز ۽ ڪراھت جوڳي غلاميءَ جو جيڪڏھن مشاھدو ڪرڻو آھي ته اھو سنڌي ھاريءَ کي ڏسي ڪري سگھجي ٿو. انھيءَ ھاريءَ جا به ڪيترائي قسم آھن، جن مان مکيه ٻه آھن.
    (الف) سرڙيو ھاري: ھي اُھو ھاري آھي جنھن کي پنھنجي ڪابه شيءِ نه ھوندي آھي. ڏاندن جو جوڙو، ھلٽ، زمين وغيره سڀ زميندار جا ھوندا آھن. ھاري زميندار کان پنج يا ڏھ ھزار قرض کڻي وڏيري جي زمين تي اُن جي ڏاندن ۽ ھلٽ ٻج ڀاڻ وغيره جي ذريعي صرف پنھنجي محنت خرچ ڪندو آھي ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي پيدائش جي چوٿين حصي جو مالڪ ٿيندو آھي. کيس جيئن ته محنت ڪرڻ (پوکڻ) لاءِ محدود زمين جو ٽُڪرو ڏنو ويندو آھي، ان ڪري سندس ملڪيت وارو چوٿون حصو جيڪو تمام ٿورو ٿيندو آھي سو به وڏيرو قرض ۾ کڻي ويندو آھي ۽ حساب ڪتاب کان پوءِ خبر پوندي آھي ته ھاري جيڪڏھن پنج ھزار قرض کنيو آھي ته سال پوري ٿيڻ تي اھو ڏھ ھزار ٿي چڪو ھوندو آھي. جيڪا زمين ھو پوکيندو آھي ان تي سندس ڪوبه قانوني حق نه ھوندو آھي. خسري وغيره ۾ ھڪ خاني ۾ به سندس نالو نه ھوندو آھي. ان ڪري وڏيرو جنھن وقت چاھي اُن کي ٻنيءَ تان بي دخل ڪري سگھي ٿو. پر عام طور وڏيرا قرضي ھارين کي بي دخل ناھن ڪندا، پر سندن قرض ۾ ٻين وڏيرن وٽ وڪرو ڪندا آھن ۽ اُھي نوان وڏيرا قيدين وانگر ڀڄي وڃڻ جي ڊپ کان ھارين کي ڪِن جاين تي رات جو زنجيرن ۾ ٻڌي قابو ڪندا آھن. ان کان سواءِ قرض کڻي بيھندو ته ھڪ ھاري آھي پر زميندار وٽ گروي پورو خاندان ھوندو آھي. ننڍڙي ٻار کان وٺي مرد عورتون سڀ ان زمين ٽُڪري تي محنت ڪندا آھن پوءِ به کين ھڙ حاصل ڪجھ نه ٿيندو آھي. جيڪڏھن سندس سالياني پيدائش جو سراسري ڪاٿو لڳايو وڃي ته في ماڻھو چار آنا روزانو جي حساب سان سندن تاريخ ڪانه ٿي ڇُٽي. ڪيترن ڪاغذي قانونن ۽ مارشل لا ضابطن جي جاري ٿيڻ جي باوجود اڄ سوڌو ھاري ڀاڻ، ٻِج، ڇيڙ ۽ وڏيرن جو گھرو ڪم ڪار لازمي طرح ڪن ٿا. ٻي صورت ۾ مٿن ڳرا ڏَنڊ ۽ چَٽيون وڌيون وينديون آھن. ان سڀ جي باوجود ھاريءَ جي زندگي، صحت ۽ عزت نفس لاءِ ڪو قانون ناھي. سندس ڪم جو وقت مقرر نه آھي. اُھو گھر جي سمورن ڀاتين سميت رات ڏينھن جا چوويھ ئي ڪلاڪ ڪم ڪندو آھي، مرڻ، بيمار ٿيڻ، معزور ٿيڻ، نانگن ۽ بلائن کان ڏنگجڻ واري صورت ۾ پاڪستان جي سرڪار ھاريءَ جي معاملي ۾ اِئين بي پرواھ آھي جيئن رنڊي بستري تان گراھڪ اُٿارڻ کان پوءِ بي پرواھ ٿي ويندي آھي.
    اھڙين حالتن سنڌ جي ھاريءَ کي زندگيءَ جي ولولي ۽ ڪنھن رومان انگيز مستقبل جي خواب ڏِسڻ کان قطعي محروم ڪري ڇڏيو آھيئ سنڌ جو اھو ڪنڌار ۽ ڪونڌر شھپريل ڳوٺاڻو توھان کي صرف ڪتابن ۽ تاريخي ناولن ۾ نظر ايندو باقي زندگيءَ ۾ سنڌ جو اھو تاريخي ھيرو زندگيءَ جي چمڪ دمڪ ۽ رونق کان خالي، بيمار ۽ احساس ڪمتريءَ جو شڪار- جنسي مريض ۽ نشي جو عادي نظر ايندو. سنڌ جي انھيءَ ھاري جي حالت اڄ اُھا آھي جيڪا گانڌي فلم ۾ چنپارن جي ھارين جي نظر اچي ٿي يا شڪاگو جي تاريخي جدوجھد کان اڳ ڪارخاني جي مزدور جي ھوندي ھئي.
    ”ب“ پنھنجي جوڙي ۽ ھلٽ وارو ھاري به سنڌ ۾ عام جام آھي. اھو پنھنجي جوڙي ھلٽ اڌ ڀاڻ ٻِج جي عيوضي ڪنھن زميندار کان ٻنيءَ ٽُڪر وٺي آباد ڪندو آھي. سنڌ جا خاص ڪري اھي ضلعا جتي زمينداري نظام جو گھاڻو پوري قوت سان گھمندو ٿو رھي، اُتي اھو ھاري به ساڳين اُنھن حالتن جو شڪار آھي جن جو شڪار سرڙيو ھاري آھي. جيڪا زمين ھو پوکي ٿو تنھن تي ھِن کي ڪوبه قانوني حَق نه آھي سواءِ انجي ته ڪاغذي طرح ھو پيدائش جي اڌ جو مالڪ آھي. پر پيدائش جو اھو اڌ به دوائن، ڀاڻ، ٻِج، ٽريڪٽر جي کڙ ۽ ٿريشر جي ڳاھ ۽ وائر جي بلٽ جي حوالي ٿي ويندو آھي. عام طور نسبتي طرح انجي سطح ڪجھ مٿاھين ھوندي آھي ان ڪري وڏيرا اھڙي ھاريءَ کي زمين ٽُڪر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آھن يا اھڙا ور وڪڙ ڏيندا آھن جو ھو وڏيري وٽ محتاج ھوندو آھي. ان ڪري تاريخي طرح سنڌ جي معروضي حالتن ۾ ھاريءَ ۾ پنھنجي حالت جي تبديليءَ لاءِ بغاوت جا عنصر موجود آھن. پر جيئن ته ھاريءَ جي جيڪا بنيادي ڪمزوري آھي يعني ڇڙوڇڙ رھڻ، پري پري ھجڻ. اھا شيءِ منجھن ٻَڌي ۽ تنظيم جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي پر پوءِ به سنڌ جي وڏي ۾ وڏي انقلابي قوت ۽ آزاديءَ جي سرفروش مجاھد تنظيم ھاري ئي ٿي سگھن ٿا. عام طرح چيو اُھو ويندو آھي ته ھاريءَ جو سنئون سِڌو ٽَڪر وڏيري سان آھي ان ڪري ھو ڌارئين جي خلاف جدوجھد نه ڪندو.
    اُھو مفروضو اُن ڳالھ تي ٻَڌل آھي ته اسان ھاريءَ کي ان لائق سمجھون ئي نٿا ته ھن جي دوربين اک وڏيرڪي نظام کي ٽيڪو ڏيندڙ ٿنڀن ۽ ٿوڻين کي ڏِسي ئي نه ٿي. ھاريءَ کي نه صرف وڏيري جي معاشي استحصال جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو پر ھِن کي زندگي جي ھر موڙ تي ذھني ۽ شخصي طرح مجروح ٿيڻو پوي ٿو. شھر جي ھر رستي، ھر چوراھي، ھر ڪورٽ ۽ ھر ٿاڻي تي ھر بازار ۽ ھر دڪان تي ھن جي عزت نفس کي مجروح ٿيڻو پوي ٿو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ جيڪو جاگيردار (مقامي) ۽ سرمائيدار غير قومي جو اقتدار لاءِ ٽَڪر ھلي رھيو آھي ان ۾ سنڌ جي وڏيري ۽ ننڍي آبادگار ھاريءَ جي ذھن کي غير مقامي ماڻھن جي باري ۾ تعليم پنھنجي مطلب لاءِ ڏني آھي.
    قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ھاريءَ جي مؤثر ڪردار لاءِ ھيءَ ڳالھ به محرڪ جذبو آھي ته ھن جي وھڻائيءَ ذھنيت ۾ مزدور جي ڀيٽ ۾ کوکلي بين الاقواميت گھٽ ھوندي آھي، جنھن ڪري کيس عالمي نوعيت جا نعرا ھڻندڙ جعلساز جماعتون گھٽ گمراھ ڪري سگھنديون. اھوئي سبب آھي جو فينن جھڙي دانشور کي اُھو مڃڻو پيو ته قبائلي ۽ نيم قبائلي غلام سماجن ۾ آزاديءَ جي طاقتور فوج ھاري آھن نه ڪي مزدور، جيڪي ھن دور ۾ رعايت يافته طبقي واري حيثيت اختيار ڪري ويا آھن. اھوئي سبب آھي جو سنڌ جون ھاري تنظيمون جڏھن پنھنجو اصلي دڳ ڇڏي وڃي پنجابين ۽ پناھگيرن جون پڇ لٽڪائو بڻيون آھن ته نه صرف ھارين ۾ پنھنجو اثر وڃائي ويٺيون آھن پر اھي فتحون به برقرار رکي نه سگھيون آھن جيڪي ' سنڌ ھاري ڪاميٽي ' پنھنجي مرحوم رھنما جي اڳواڻيءَ ۾ حاصل ڪيون ھيون. باقي ھڪ ڳالھ آھي ته ھاري اڃان تائين وڏيري، مير ۽ پير جي اثر ھيٺ آھي ان ڪري سندن چوڻ يا تحريڪ ڏيڻ کانسواءِ ھو ميدان ۾ نه ايندو، اھو صرف ان صورت ۾ آھي جو قومي آزاديءَ لاءِ ڪا ھمه گير طاقتور عوامي سطح جي تحريڪ ۽ تنظيم اڃان کُليل سياسي ميدان تي نه آئي آھي ۽ جڏھن به اھڙو ڪو مرحلو آيو ته ھارين جي ھيءَ اٿاھ قوت ۽ بي پناھ سيلاب ھر رڪاوٽ ۽ رنڊڪ کي ڪَک پَن وانگر وھائي ويندو. حالتون ٻڌائين ٿيون ته ھن خطي جي حڪمران ٽولن جون جاگيردار ۽ سرمائيدار نواز پاليسيون اڃان به حالتون ھارين جي خلاف ڪنديون وينديون ۽ ھوڏانھن بيروزگار ٿيندڙ ھارين لاءِ ڪارخانن جا دروازا ھميشہ بند رھندا. اھڙي صورت ۾ سنڌ جي محب وطن ننڍي آبادگار ۽ پڙھيل لکيل وچولي ڪلاس جو فرض آھي ته اھي نه صرف پنھنجو تاريخي فرض ادا ڪن پر سنڌ جي انھيءَ عظيم انقلابي قوت ۽ آزادي جي جنگ جي سرفروش مجاھد فوج کي منظم ۽ متحرڪ ڪن. ھاريءَ کي ھڪ ڳالھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته وڏيرا شاھيءَ جي ديوَ کان سندن جان اُن وقت تائين آزاد نه ٿيندي جيستائين ان طوطي کي چيڀاٽي ماريو نه وڃي جنھن انھيءَ وڏيرا شاھيءَ جو ساھ پيل آھي ۽ اھو طوطو پنجاب آھي جنھن تي آمريڪا سرڪار ۽ ان جي اتحادين جو سخت پھرو آھي. پر دنيا ۾ مشرقي جرمني کان وٺي تلنگانه تائين اھڙا ڪئين ڪَن ڦاڙ جوڳي ۽ انقلابي ڏاھا موجود آھن جيڪي سنڌ جي انھيءَ ھاريءَ کي اھڙا ڏَس پتا ڏيئي سگھن ٿا جن جي ذريعي اُھو طوطو ايترن پھرن ھوندي به مري سگھي ٿو. ھڪ ٻي ڳالھ به سنڌ جي ھاريءَ کي سمجھڻ گھرجي ته دنيا جون اُھي انقلابي خانقاھون ڏس پتا ۽ گُر ھن عالمي صورتحال ۾ صرف قومي آزاديءَ جي جنگ وڙھندڙ قوتن کي موجود ڪري ڏين ٿيون. جيئن بنگال ۽ نميبيا وغيره کي. ڇو ته محدود پيماني جي طبقاتي ويڙھ ۾ ڀارت ۽ مشرقي يورپي بلاڪ جون پاليسيون ھڪ ٻئي سان ٽڪراءَ واريون ھونديون نه ھڪ جھڙائيءَ واريون ۽ نه وري سوويت يونين ھن خطي ۾ ڪنھن نئين افغانستان کي جنم ڏيندو، جنھن جي پٺ ڀرائي ڀارت، يوگوسلاويا ۽ رومانيا جھڙا ملڪ به ڪري نه سگھن. پر نمبيا ۽ فلسطين اھڙيون جنگيون آھن جن تي گھڻي ڀاڱي انھن سڀني قوتن جون پاليسيون ھڪ جھڙيون آھن. ڇو ته اھي قومن جي باوقار مانائتي طريقي جي جياپي جون جنگيون آھن، جيڪي عالمي سطح تي سامراج ۽ سامراج نواز قوتن کي عوام جي سامھون اگھاڙو ڪن ٿيون.


    ڌنار

    (4) ڌنار:- ٿر ۽ ڪوھستان ۾ لکين ماڻھو آھن جن جو گذران مال پالڻ ۽ مال ڌارڻ تي آھي. انھن جي زندگي جديد دنيا جي ھر سھوليت کان وانجھيل آھي. انھن جي سموري ملڪيت زندگيءَ جي سموري پونجي اھوئي مال آھي. اتي سواءِ برسات جي موسم جي، نه زمين تي تڪرار آھي نه وڏيري ھاريءَ جو تضاد آھي. اُھي اڄ ڏينھن تائين اُن پراسرار ۽ خوشگوارماضيءَ ۾ گذارين ٿا جنھن ماضيءَ ۾ سندن قبيلن جا سردار سنڌ جا حاڪم ھئا ۽ سنڌ جي ڏيھ ۾ ڪو به رائر نه ھو. سنڌ ساز ۽ سُر جي سر زمين ھئي. راڄن ۽ ڀاڳن سان ڀاڻا ۽ ڀِٽون آباد ھيون. سنڌ جا چانڊاڻا ۽ مانڊاڻا محبت ۽ پيار جي پرولين سان ڀرپور ھئا. کين سواءِ وقتي جنگين جي تڪليف جي، ڪابه تڪليف نه ھئي. پر ھاڻي آھستي آھستي سندن اُھي خواب ٽُٽي رھيا آھن، ڪجھ مال ڏُڪارن جو شڪار ٿيو ۽ باقي پنجابين پٺاڻن جي ڪڙھائي گوشت جي نظر ٿي رھيو آھي، مھانگائي ۽ ڪيترين بيمارين سبب مال کَپي رھيو آھي ۽ اُن ڪري بيروزگاري وڌي رھي آھي. خاص ڪري ٿَر جي علائقي ۾ پاڪستان جي تقدس ۽ بچاءَ جي نالي ۾ پنجاب مان ايندڙ رينجرز فورس ۽ ٻين مختلف ايجنسين، انھن ماڻھن جي لاءِ پُر امن زندگيءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن. انھن جا ته پنجابي فورسز سان چِٽا پِٽا تضاد آھن. انھن کي سندن شاندار ماضي، تاريخ ۽ حب الوطني جي آڌار تي اُٿاري ۽ متحرڪ ڪري سگھجي ٿو. انھيءَ شرط سان ته سندن مستقبل محفوظ رھندو ۽ آزاد سنڌ ۾ کين متبادل روزگار جا ذريعا موجود ڪري ڏنا ويندا. ڇو ته جيڪا ڪڙھائي گوشت جي رفتار آھي ۽ جنھن طريقي سان وڌندڙ شھري آباديءَ جي صحت مند غذا لاءِ گوشت جو پورائو ڪيو پيو وڃي، سو سنڌ مان چوپايو مال ختم ڪري ڇڏيندو. ان سلسلي ۾ مالدار ماڻھن جون (ڀاڳيا جماعتون) ٺھرائي کين قومي تحريڪ سان ملائي سگھجي ٿو.


    ميربحر

    (5) ميربحر:- ملاح، مھاڻا، سنڌ جي قديم ذات آھي، جنھن جو گذران صرف دريائن، ڍَنڍن ۽ ڍورن ۽ سامونڊي ڪنارن تان مڇي مارڻ تي آھي. سنڌي سماج جو اُھو جزو مھاراجا ڏاھر کان به اڳ ۾ سنڌ جي انھن ھنڌن تي آباد ھو ۽ مختلف موقعن تي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڏي پيماني تي ويڙھاند ڪندو آيو آھي. خاص طرح مغل دور ۾ ھمايون جي حملي کان وٺي اعظم خان جي گورنريءَ تائين سنڌ جي انھيءَ ذات جيڪا جدوجھد ڪئي آھي تَنھنجي ھڪ جھلڪ تاريخ مظھر شاھجھاني ۽ تاريخ طاھريءَ ۾ ملي ٿي. انھن وٽ تاريخ جي ھر دور ۾ گھر تڙ ۽ ذاتي ملڪيت جي حالت ۾ ھيءُ سامان ھو. ھڪ ٻه ٻيڙيون، رَڇَ، ڪُڙھيون، ڪنڍيون وغيره. اھوئي سامان اڄ به وٽن موجود آھي پر اڳئين دور ۾ انھن شين جي ذريعي ھو جيڪو پورھيو ڪندا ھئا سو سندن ذاتي ملڪيت ھوندو ھو. ھو ڍنڍن، ڍورن، دريائن ۽ سامونڊي ڪِنارن جا بادشاھ ليکيا ويندا ھئا. پر اڄ اُھي فقير آھن ڇو ته سندن گذران جي وسيلن تي ٻين جو قبضو ۽ ڪنٽرول آھي. سنڌ جي انھيءَ حصي جو به ھن دور ۾ سنئون سڌو حڪمران ٽولن ۽ انھن جي ڇاڙتن سان تضاد ۽ ٽڪر آھي. انھيءَ تضاد ۽ ٽَڪر کي به سنڌ جي آزاديءَ لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو. اُن حصي وٽ به ويڙھ دوران وڃائڻ لاءِ ڪا شيءِ ناھي پر کَٽڻ لاءِ گھڻو ڪجھ آھي. انھن حِصن کان سواءِ خانه بدوش قبيلا آھن. جھڙوڪر: گرگلا، باگڙي، رنڊيون، ڪوچڙا، ڪبوترا، گوورايا، جوڳي وغيره. اُھي عنصرَ سنڌ جي ھيٺئين طبقي سان تعلق رکن ٿا ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪنھن حد تائين ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. پر اُھو سڀ ڪجھ سنڌ جي سڄاڻ وچولي طبقي ۽ ھاريءَ جي سھڪار سان ٿي سگھي ٿو ۽ وچولو طبقو مزدور طبقي جي اڻاٺ واري صورت ۾ ھڪ حد تائين رھنمائي وارو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.


    عورت

    دنيا جي سماجي توڙي سياسي انقلابن ۽ اُٿل پٿل ۾، سماج جي ھڪ اھم ۽ ڪارائتي عنصر يا جُزي جي ان سماجي يا سياسي انقلابن يا اٿلن پٿلن ۾ شموليت يا ڀاڱي ڀائيواريءَ کان سواءِ ھوند دنيا جو ڪوبه سماجي توڙي سياسي عمل مڪمل نه ٿي سگھي ھا. اُھو حصو يا سماجي عنصر آھي – عورت، جيڪو سموري دنيا جي سماجن جو، ڪميت ۽ ڪيفيت جي لحاظ کان، اڌ ته ڪٿي ڪٿي مَردن کان به وڌيڪ ڳاڻيٽي ۾ ھوندو آھي. اسان دنيا جي قومي تحريڪن يا ساميوادي سرشتي جي اڏاوت ۾ ان حصي جي شاندار ۽ بھادريءَ واري ڪردار کي جوڳي اھميت ڏيڻ کان سواءِ، ڪنھن به سماجي ڇنڊ ڇاڻ کي پوريءَ طرح سمجي نٿا سگھون. ھن ڪائنات ۾ انسان جي عظيم ۽ ڊگھي جاکوڙ، جنھن نه رڳو انسان جي مادي ۽ فطري بلندين کي جنم ڏنو آھي، پر ڪائنات جي تسخير ۽ فطرت جي سوڀ ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. تنھن انساني قافلي کي ڪاميابين سان ھمڪنار ڪرڻ ۽ منزل مقصود تائين پھچائڻ ۾ عورت جي ڀرپور ڪردار سان سمورن جديد انقلابن جي تاريخ جا صفحا ڀريا پيا آھن. انھيءَ سلسلي ۾ الجزائر، فلسطين، ويٽنام، ڪمبوڊيا، بنگلا ديش، ڀارت، ڪيوبا، موزمبيق، گني بساؤ، انگولا ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جا مثال، انقلابي جدوجھد ۾ عورت جي مؤثر ۽ ڀرپور ڪردار جا روشن مثال آھن. ڪمبوڊيا ۾ ته لون نول حڪومت عوامي جدوجھد دوران ڪمبوڊيا جي گاديءَ واري شھر نام پنھ تي قبضو به عورتن جي ڇاپامار دستي ڪيو ھو. سموريءَ دنيا جي انھن انقلابي تحريڪن کي ڏسندي، اسان سنڌ ۾ به عورتن جي ڀرپور شرڪت ۽ سھڪار کان سواءِ ڪنھن عوامي سوڀ جي اُميد ڪري نٿا سگھون. پر ھن وقت سنڌ جي عورت جي جيڪا حالت آھي، اُن کي ڏسندي ائين ٿو محسوس ٿئي سنڌي عوام جي اُھا گھڻائي اڃان تائين نه رڳو سماجي اُٿل پُٿل جي جدوجھد ۾ شريڪ نه ٿي آھي، پر ھوءَ اُن کي پوريءَ ريت سمجھي به ناھي سگھي. ٻيءَ دنيا وانگر سنڌ ۾ آباديءَ جو اڌ حصو عورتن تي ٻڌل آھي. اھي عورتون سنڌي سماج ۾ اڪثر اڇوتن ۽ غلامن واري زندگي گذاري رھيون آھن. سنڌي عورت تي محنت جو جيڪو بار آھي ان تي اڳتي ھلي گفتگو ڪبي، پر ھِتي پھرين اھو ٻُڌائڻ ضروري آھي ته سنڌي سماج ۾ (ھر غلام سماج ۾ پڻ) عورت ڪيترين ئي غلامين ۾ جڪڙيل ۽ تعليم جي اڻاٺ ڪري اھا ڪيترن وھمن ۽ وِسوسن ۾ گھيريل آھي.
    جيڪڏھن موجوده سنڌي سماج جو جائزو وٺي ڏسبو ته اُن ۾ موجود عورتن کي مکيه ٽن حصن ۾ ورھايل ڏسبو. پھريون حصو انھن عورتن جو آھي جيڪي وڏن گھراڻن ۽ خاندانن سان واسطو رکن ٿيون، جيڪي ڄايون ھِندورن ۾، پَليون ھندورن ۾، پر مَرن به پَٽ جي ڳاڙھن ھندورن ۾ ٿيون. انھن کي حويلين ۾ وِھندي ورھيه گذريو وڃن، کين کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي ۽ ڳھ ڳٺي جي ڪابه کوٽ نه ھوندي آھي. رڳو ڪوٽ کان ٻاھر نڪرڻ يا شادي ٿيڻ جو فِڪر ھوندو اٿن. اھي گھڻو ڪري غريب عورتن لاءِ جلاد، بي رحم ۽ قاتل مڙسن، ڀائرن ۽ پيئرن جھڙيون ھونديون آھن. منجھائن گھڻيون مختلف قسمن جي ذھني ۽ نفسياتي بيمارين جو شڪار ھونديون آھن، جن ۾ انساني، قومي يا ماڻھپي جو گُڻ ڳوليو به نه لڀندو آھي. اھي سنڌ جي عورتاڻي سماج جو بيڪار حصو ۽ فالج ۾ ورتل عضوو آھن. انھن مان جيڪڏھن ڪا ھڪ اڌ پڙھي ڳڙھي حويليءَ ۽ ڪوٽ مان ٻاھر نڪري آئي به کڻي، تڏھن به سندس دماغ ۾ وڏ ماڻھپي وارو جِن واسو ڪيو ويٺو ھوندو آھي، ۽ جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان اھڙي عورت سياست ۾ آئي ته اھا عام ورڪر عورتن جي سطح تي ھڪ جھڙائيءَ وارو رويو نه رکندي، پر کين پرس کڻڻ واريون نوڪرياڻيون ڪري ھلائيندي. عورتن جي انھيءَ حصي مان ڪنھن به سياسي عمل ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي توقع نٿي ڪري سگھجي.
    سنڌي عورت جي سماجي طرح ٻئي حصي ۾ اُھي عورتون اچي وڃن ٿيون جيڪي شھرن ۾ رھن ٿيون، نوڪريون ڪن ٿيون يا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھن ٿيون يا ننڍن ننڍن دڪاندارن جي گھرن سان لاڳاپيل آھن. اُھي سنڌي عورتن جو اھو حصو آھن جن جو جسماني طرح لاڳاپو ٻھراڙين کان ٽُٽو نه آھي، پر ذھني ۽ سماجي طرح انھن جو لاڳاپو پنھنجين ٻھراڙين کان بلڪل ڪَٽجي چڪو ھوندو آھي. انھن عورتن جو ذھني لاڙو ذري گھٽ وچولي درجي وارن مَردن جھڙو ھوندو آھي. ھنن ۾ معيار زندگي بلند ڪرڻ ۽ وڏ گھراڻين عورتن جي درجي تي پھچڻ لاءِ ڊُڪ ڊوڙ لڳي پئي ھوندي آھي ۽ منجھن انفراديت پسندي ۽ انفرادي خوشي ۽ خوشحاليءَ جا ھاڃيڪار لاڙا موجود ھوندا آھن، پر جيئن ته انھن عورتن جي زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ڌارين سان مَرد جي ڀيٽ ۾ گھٽ واسطو پوي ٿو، انھيءَ ڪري شديد قسم جي قوم پرستيءَ جا لاڙا منجھس نه ھئڻ جي برابر ھوندا آھن. انھن مان جيڪي ڪجھ وڌيڪ پڙھيل ڳڙھيل ۽ سوشل ھونديون آھن سي به ذھني مونجھاري جو شڪار ھونديون آھن. ھڪ طرف منجھن مبھم قوم پرستي ھوندي آھي ته ٻئي طرف اُھي آقا قوم جي عورتن جي نقاليءَ ۾ عورت جي آزاديءَ جا نعرا ھڻنديون آھن، پر کين اھا خبر نه ھوندي آھي ته آقا ۽ آزاد قوم جي عورتن جي آزاديءَ جو مفھوم ئي ھوندو آ گھڻ طرفيءَ غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ، جيڪا ھن کي عذاب ۽ عقوبت جي گھاڻي ۾ پِيڙي رھي آھي. اسان جي ان سوشل عورت جو آزاديءَ جا نعرا ھڻڻ وقت سڀ کان وڌيڪ زور پردي جي مخالفت ۽ حويلين جي تالي ٽوڙڻ تي ھوندو آھي، جڏھن ته پردي مان آزادي ۽ حويليءَ جي تالي کولڻ جو مسئلو سنڌ جي عورت جي ھڪ سيڪڙو جو به نه آھي. سنڌ جي نوي سيڪڙو عورت کي نه حويلي مليل آھي، نه مٿي ڍَڪڻ لاءِ سالم پوتي ئي موجود ھوندي اٿس. سماجي تبديليءَ جي جدوجھد ۾ انھيءَ عورت جي ذميواري سڀ کان اھم آھي ۽ ٻھراڙيءَ جي اڪثريت جي شعور ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ متحرڪ حصي جي حيثيت ۾ عمل جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ کين انساني قدرن جي اعليٰ گُڻن ۽ خوبين سان مالا مال ڪرڻ جو علم پھچائڻ اُن عورت جي ذميواري آھي، جيڪا ھن کي کڻڻ گھرجي ۽ کيس مُدي خارج قدرن جي پابندي ڇڏي انھن ميٽنگن، گڏجاڻين ۽ جلسن جلوسن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي، جيئن سندس انفراديت پسندي ۽ عدم تحفظ وارو موذي مرض ختم ٿئي ۽ منجھس انسانن جي ٻڌي، قرب ۽ پنھنجائپ واري طاقت جو شعور وَڌي ويجھي ۽ ايترو طاقتور ٿئي جو اُھا ليليٰ خالد، اشرف دھقاني، جميلا بوپاشا ۽ شھيد بختاور بڻجي وڃي. انھيءَ عورت جو اھو فرض تاريخ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو ھن کي دير يا سوير ادا ڪرڻو ئي پوندو، ٻي صورت ۾ سندس اھا انفراديت پسندي ۽ ڪلچرڊ ھئڻ واري انانيت کيس سموري سنڌي عوام کان ڪَٽي ڇڏيندي. اڄ جيڪا کيس ڪلچرڊ مڙس ۽ آئيڊيل شاديءَ جي تلاش آھي، سا صرف سنڌڻ عورت جي گھڻائيءَ سان پاڻ کي شريڪ ڪرڻ، انھن سان گڏجڻ، ملڻ ۽ سماجي جوڙجڪ ۾ عظيم تبديليءَ جي نيٺ سوڀ ماڻيندڙ جدوجھد ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سان ئي پوري ٿي سگھي ٿي.
    ان کان پوءِ اچي ٿو سنڌي عورت جو اُھو حصو جنھن ۾ سنڌي عورت (ھيئين طبقي جي) انسان نه پر وڪري جي جنس آھي، جنھن جي خريد ۽ فروخت ٿئي ٿي ۽ اُن وڪري کان پوءِ اھا ھميشہ لاءِ خريد ڪندڙ جي ملڪيت بڻجي ويندي آھي. جيڪا مڙس جي مري وڃڻ کان پوءِ به ساھرن جي ملڪيت ھوندي آھي. جيڪڏھن وڻين ته مري ويندڙ مڙس جي ڪنھن ڀاءُ يا سؤٽ سان پرڻائي ڇڏين يا گھر جي ٻانھي ڪري ھلائين، ان کان سواءِ اھا سدائين مڙس جي ٻانھي ٿي رھندي آھي. مڙس وري ڪنھن وڏيري يا ڀوتار جو غلام يا ٻانھون ھوندو آھي، اھو ڀوتار وري ڪنھن پِير، مير ۽ سيد جو ٻانھون ھوندو آھي، اھو پير، مير ۽ سيد به ڪنھن ٻاھرين قوت ۽ حاڪميت جو غلام ۽ ٻانھون ھوندو آھي. انھن سڀني تھ در تھ غلامين جو بار ۽ وزن اُن عورت تي پوندو آھي جيڪا ھيٺئين درجي جي سماجي فرد جي قبضي ۾ ھوندي آھي، جتي اھا جيون ساٿي نه پر پئسي تي آندل يا بَدي ۾ ورتل ھوندي آھي جتي رات ڏينھن مڙس جي ظالمانه روش ۽ موچڙي مار جي ڪري ھن ۾ ڪابه سَرھي سوچ، بلند خيالي ۽ سماج ۾ پنھنجي ڀرپور حِصي ۽ ڪردار ادا ڪرڻ کان ذري گھٽ سنڍ بڻجي ويندي آھي. ھن جو ملڪ، حڪومت، عوام، ثقافتي سرگرميون سڀ اُھو گھر ۽ کيت ھوندو آھي، جتي ھن جي محدود، مفلوج ۽ ڪِرڀ واري پيڙا سان ڀرپور دنيا ھوندي آھي. جيئن ته اھا عورت ھميشہ خوف ۽ حراس واري ماحول ۾ رھندي آھي، ان ڪري اھا انھيءَ قسم جا نفسياتي لاڙا پنھنجي اولاد ۾ ورثي طور منتقل ڪندي رھندي آھي ۽ جنسيات ۾ خوف، حراس ۽ ايذاءَ واري ماحول ۾ رھڻ ڪري ڪمزور ۽ ذھني طرح مفلوج اولاد ڄڻيندي آھي. جيئن گھر جي ماحول، ڏيتي ليتيءَ ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بي اختيار ۽ مجبور ھوندي آھي، تيئن جنسي عمل ۾ پڻ سندس مرضيءَ کي نظر ۾ گھٽ رکيو ويندو آھي. ان ڪري اھا جسماني ۽ ذھني سگھ جلد وڃائي ويھندي آھي ۽ وقت کان اڳ پِيريءَ يا موت جو شڪار ٿي ويندي آھي. سنڌ جي اھا عورت جيڪا تھ در تھ غلامين ۾ جڪڙيل آھي، ان کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به رسيس يا موڪل نه ملندي آھي. ھن جو وقت صبح کان سانجھيءَ تائين ڪنھن بي زبان ڍور جيان وَھڻ ۽ ڳَھڻ ۾ گذرندو اٿس. جنھن ۾ گھر جي سموري ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻارن جي پالنا، مال جي سار سنڀال لھڻ ۽ مڙس، ڀاءُ ۽ پيءُ سان کيتي ٻاڙيءَ جي ڪم ۾ ٻانھن ٻيلي رھڻ. انھيءَ سموري ڪم جو سلسلو ھر روز ھلندو آھي، سندس ڪھڙي به حالت ھجي، کيس اھو ڪم روزانو ڪرڻو پوندو آھي، پوءِ کڻي پيٽ سان ھجي يا ٻار ئي ڄاول ھجيس. ان ايتري مصروفيت ۾ به ھوءَ کڻ ٽوپو ھڻندي آھي. رلھيون سبندي آھي. ڏاج ڏيوڻ لاءِ گج ۽ چولا ڀريندي آھي. انھيءَ سموري ڳاٽي ڀڳي محنت جو معاوضو کيس رڳو ماني ۽ لسي ملندو آھي، جيڪا غذا اڄ جي سُڌريل دور جي ذري گھٽ غذا ئي نه آھي. انھيءَ ماحول ۽ حالتن ۾ ھِن تان موچڙو لھندو ئي نه آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪاري ڪري ماري ويندي آھي ته ڪڏھن پلاند ۾ کڄي ويندي آھي. اھا سنڌي عورت جيڪا سموري سنڌي عورت جو نوي سيڪڙو ھوندي آھي، سا رسمي ۽ رواجي تعليم کان به وانجھيل ھوندي آھي، ڇو ته ھڪ غلام سماج ۾ ڌارئي آقا جي غلامي، پير، مير۽ وڏيري جي غلامي ۽ مذھبي وھمن جي غلامي- غلام ماڻھن لاءِ علم جا دروازا کوليندي ئي نه آھي ۽ پنھنجي وسيع ۽ گھڻ طرفي مذھبي پروپئگنڊا وسيلي عورتن جي تعليم کي عورت جي فحاشيءَ جي سَنَدَ سمجھيو ويندو آھي. ان ڪري سنڌ جي ٻھراڙين جي اسڪولن جا دروازا سنڌي نياڻين لاءِ ھميشہ بند ھوندا آھن، جيڪي صرف ڪنھن وڏي سماجي شعوري تبديليءَ سان ئي کُلي سگھن ٿا.
    حقيقت ۾ اُھا سنڌ جي عورت ئي آھي جيڪا ڪنھن سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ زورائتو حصو وٺي سگھي ٿي ۽ سماجي انقلاب، جن دوزخ جھڙين سختين مان گذرندو آھي تن کي ھمٿ ۽ حوصلي سان منھن ڏيئي سگھي ٿي، پر اُن لاءِ ضروري آھي ته منجھس سماجي تبديليءَ جو شعور پيدا ڪيو وڃي. ان شعور پيدا ٿيڻ سان اھا سنڌي عورت اھوئي ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي، جيڪو ھُن حُر تحريڪ ۾ ادا ڪيو ھو. پر اصلي شيءِ ھيءَ آھي ته سنڌي عورت ۾ اھو سماجي شعور پيدا ڪيئن ٿئي؟ آءٌ سمجان ٿو ته سنڌي عورت ۾ اھو شعور ۽ ساڃاھ ٻن طريقن سان ضرور ايندي. ھڪ اھو ته جڏھن سنڌ جو ھاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي، باشعور دانشورن جي نظرياتي رھنمائيءَ ۾ سماجي تبديليءَ لاءِ اڳتي وڌيو ته ان وقت نه رڳو سندس ذھني تبديلي ٿيندي، پر ھو نفسياتي مونجھارن ۽ معاشي مجبورين ۾ وڪوڙيل انسان جي بدران ھڪ نئون ۽ نڪور انسان بڻجي ويندو، جنھن جو اثر پنھنجي گھر جي سموري ماحول جي ثقافتي ۽ اخلاقي جامد (ھڪ ھنڌ بيٺل) قدرن تي پوندو ۽ انھن ۾ تبديلي ايندي. اھو پنھنجي زال کي ملڪيت يا ٻانھي نه پر با عزت انسان ۽ زندگيءَ جو محبت ڪندڙ ساٿي سمجھندو ۽ زندگيءَ جي جنگاھ ۾ پاڻ سان شريڪ ڪندو. ٻيو طريقو آھي ته سنڌ جي دانشور عورتن ۽ شاگردياڻين طرفان ٻھراڙيءَ ۾ عورتن جا علمي ۽ تھذيبي ورڪشاپ، ميلا، گڏجاڻيون، ڊراما وغيره ڪري انھن ۾ سماجي سُرت ۽ مجاھد عورتن جون تصويري ڪھاڻيون. چُرندڙ ڦرندڙ تصويرن ۽ ڳالھائيندڙ ڪيسٽن وسيلي انھن تائين پھچائڻ. پر ان لاءِ ضروري آھي ته سنڌي دانشور عورت ۽ شاگردياڻي پنھنجي مخصوص خول مان نڪري! پر انھن ٻنھي طريقن مان پھريون طريقو وڌيڪ ڪارائتو ۽ ٺوس آھي.
    مطلب ته سنڌي سماج ۾ عورت جي انھيءَ حيثيت ۾ وري به تباھين ۽ جھڳڙن جو ڪارڻ ۽ قبائلي رتوڇاڻ جو سبب سنڌ جي اھا عورت آھي جنھن جو واسطو ٻھراڙيءَ جي غريب ۽ لولي لوڻ لاءِ محتاج عوامي حصي سان آھي. اھا گونگي گانءِ چَٽين، ڏنڊن ۽ فيصلن ڦڙن ۾ پئسي يا جنس واري حيثيت ۾ منتقل ٿيندي رھندي آھي. جتي ھن جي حالت غلاميءَ واري دؤر جي ٻانھيءَ واري وڃي بيھندي آھي. سندس زبان کي سدائين لاءِ تالا لڳي ويندا آھن ۽ جسم تي چھبڪن جو وسڪارو ھوندو آھي. پر ھن جي ان قربانيءَ (جيڪا ظاھر ڳالھ ته خود اختياري نه ھوندي آھي پر ڪاليءَ سامھون انسان ڪُھڻ واري ھوندي آھي.) مان سنڌي قبيلن، راڄن ۽ مختلف ذاتين جي ڪڏھن ڪڏھن جھيڙن جھڳڙن ۽ فسادن جو اڻ کُٽ سلسلو رڪجي ويندو آھي ۽ صلح صفائيءَ جون تازيون ھوائون گھُلڻ لڳنديون آھن. پوءِ اھا قرباني ھن دؤر ۾ انسان جي سڀ کان وڏي توھين ۽ عورت جي انساني حيثيت کي بلڪل ختم ڪري کيس موڙيءَ واري حيثيت ڏيندڙ ٿي پوندي آھي، ڇو ته اھڙن ڏَنڊن، چَٽين ۽ فيصلن ۾ ڪڏھن ڪٿي ڪو ڇوڪرو يا مَرد به ڏنو ويو آھي يا ڏِنو ويندو؟ ويجھڙائيءَ جي تاريخ ۾ صرف ٻه مثال مَردن جي يرغمال طور ڏيڻ جا ملن ٿا – ھڪ نور محمد ڪلھوڙي طرفان نادر شاھ کي پنھنجا ٻه ڇوڪرا ڏيڻ ۽ ٻيو ھڪ مندر کي بچائڻ لاءِ ٽيپو سلطان طرفان انگريزن کي پنھنجا ٻه شھزادا ڏيڻ. پر ھونئن عام طور چَٽين، ڏَنڊن ۽ عيوضن ۾ کڄي وڃڻ عام سنڌي ٻھراڙيءَ جي عورت جو مقدر آھي. اھائي عام سنڌي ٻھراڙيءَ جي عورت آھي، جنھن جي سياسي ۽ سماجي شعور جي سطح مٿاھين ڪرڻ کان سواءِ ھن خطي ۾ ڪابه سماجي ۽ سياسي اُٿل پُٿل اچي نٿي سگھي. ان ڪري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن کي گھرجي ته اھي نھايت محنت ۽ جاکوڙ سان سنڌي عام ٻھراڙيءَ جي عورت جي سياسي ۽ سماجي شعور جي سطح مٿاھين ڪرڻ لاءِ مختلف اُپائن تي غور ڪن.


    سنڌي ٻار

    ٻار انساني سماج جو ھڪ اھو ڪليدي ۽ اھم عنصر آھي، جيڪو تھذيبي زندگيءَ جو بنياد ۽ ھر نئين ايجاد جو محرڪ رھيو آھي.
    ڪنھن سماجي ڏاھي جو چوڻ آھي ته ”توھان پنھنجي ٻار کي پائڻ لاءِ ڪپڙا، کائڻ لاءِ غذا ۽ رھڻ لاءِ گھر ته مھيا ڪري سگھو ٿا، پر کيس پنھنجا خيال ھرگز نٿا ڏئي سگھو! ڇو ته ھن نئين زماني ۾ اَک کولي آھي، ھو نئين ماحول ۽ نئين دؤر جو انسان آھي، ھن جا خيال توھان جي خيالن کان مختلف ھوندا.“
    وِيھين صدي جيئن ته انقلاب، آزادي، قرباني ۽ جدوجھد جي صديءَ طور گذري رھي آھي. ھن صديءَ ۾ دنيا جا عظيم انقلاب به برپا ٿيا آھن ۽ دنيا جي نقشي تي اڻ ڳڻين قومن، قومي آزاديءَ جي جدوجھدن وسيلي، سندس مٿان زوريءَ مڙھيل غلامانه دور جو خاتمو آڻي، عزت ڀري زندگي ۽ شانائتي قومي وقار سان گڏ عالمي ساميوادي انقلاب ۽ باقي مانده غلام قومن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪنديون رھن ٿيون.
    انھن عظيم انقلابن توڙي قومي آزاديءَ جي جدوجھدن ۾ ٻارڙن انقلاب ۾ پاڻ تي عائد ٿيل حصو جھڙي طرح نباھيو آھي، جيڪي ڪاميابيون ۽ ڪارناما ھنن ھٿان سرانجام ٿيا آھن اھي توقع کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ آھن.
    اھڙي طرح سنڌ جو نماڻو ۽ ارڏو ٻالڪ به پنھنجي مخصوص سماجي حالتن تحت تاريخي ۽ روايتي طور توڙي موجوده حالتن جي تقاضائن نسبت پِڙَ مٿي پرزا ٿيندڙ پنھنجي جوپ جوانن سان برابر جو شريڪ آھي.
    جيئن ته سنڌ جي ترقيءَ کي ڄاڻي واڻي پٺتي رھايو ويو آھي، ھتي جي سموري آمدني جيڪا چئن صوبن جي گڏيل بجيٽ جو وڏو حصو ادا ڪري ٿي. ان کي اسان تي قبضو ۽ حاڪميت قائم رکڻ واري اداري (يعني فوج) تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري سنڌي ٻالڪ تعليم کان وانجھيل ھڪ طرف رھي ٿو ٻئي طرف سندس معصوم خواھشات جي بي تدارڪي ۽ وندر ورونھن جي ذريعن ۽ وسيلن جو نه ھئڻ جي برابر واري عمل ڪري اصولي نشونما غير تسلي بخش، ذھني ۽ نفسياتي طرح ملول ۽ مونجھارن جو شڪار رھڻ جي باوجود منجھس ناموافق سماج خلاف بغاوت جون چِٽيون نشانيون ملن ٿيون جن کي چِٽو، تيز ۽ باعمل ڪرڻ، تحريڪي ڪارڪنن جو ڪم آھي. اسان جيڪڏھن سنڌي سماج ۾ باريڪ بينيءَ سان نھارينداسون ته اسان کي سنڌي ٻارڙن جي پالنا واري ماحول جو اثر قبوليندي ۽ ان پٽاندر سندس طبيعتي رجحانن جو ٺھڻ ۽ ذھنيت جي ترتيب ٿيڻ نظر ايندو.
    جيئن ته طبقاتي طرح ھر طبقي جي ماحول ۾ اکيون کوليندڙ ٻار ان مخصوص طبقاتي ماحول مان پرورش، سِکيا ۽ اثرات کڻي اڪثر ڪري ساڳيءَ ئي ذھنيت جي ترجماني ڪندڙ بڻجي اسرندو آھي. ان لاءِ مٿئين طبقي جي ماحول سان واسطو رکندڙ ٻار گھڻو ڪري نوڪرن ۽ ٻانھين جي ڪَڇن تي کڄي پلجي ٿو ته منجھس حاڪميت ۽ وڏائيءَ وارا لاڙا شروع کان سرجڻ سان گڏوگڏ وڌندا ويجھندا رھن ٿا. ھو نوڪرن، نوڪرياڻين کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه ڄاڻي- ان ماحول جي ٻار کي اسڪول، ڪاليج ۽ عام سماجي زندگيءَ جي سِکيا به ڪا گھربل تبديلي نه آڻي سگھندي آھي. ڇو ته انھن ساڳين ادارن ۾ ھوندي جيڪي ماڻھوءَ کي مڪمل انسان بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندا آھن. ھي پاڻ کي اتي به گھڻو پاسائتو رکندا آھن ۽ ٻين مان اُھا توقع رکندا آھن ته جھڙوڪر سڀئي سندن حُڪمن جي بجا آوري ۽ رعب تاب سھڻ لاءِ خلقيا ويا ھجن. اِئين نه ھئڻ جي صورت ۾ نتيجاً ھي سڀني کان ڪَٽيل، اڪيلا ڪنھن به قسم جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ تنظيمي سرگرمين کان بنھ ڏور، رڳو سندس وس ميسر سھوليتن، ڪار، ٽيپ رڪارڊر، روم ۽ جنسي لٽريچر جي آڙاھ ۾ پناھ ورتل نظر ايندا. ذري ذري تي چِڙندا، منطق جا دشمن، اعتقادن ۽ نوڙت ڪرڻ جي رجحانن جا پرستار- ٺلھي وڏائيءَ ۾ وڪوڙيل، انسان جي شڪل ۾ انسان دشمن درندا جانور بڻجي رھندا آھن، جن مان ڪنھن به قسم جي چڱائيءَ جي اميد رکي نه سگھبي آھي، صرف سندن حال تي رحم ئي کائي سگھبو آھي.
    اھڙي طرح وچئين طبقي سان لاڳاپيل ٻار ٻِٽي ذھني ڪشمڪش، جيڪا ھڪ طرف وڏي طبقي جي ٻارن کي ميسر آسائشن جي چمڪ ته وري سندس اھليتن جي تڪميل جيڪا کيس سنس طبقي ۾ فِٽ ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻ جو پورائو ڪري ۽ ٻئي طرف سندس نظر ۾ موجود ناموافق سماج، جنھن کي ڊاھي نئين در تعمير ڪرڻ جا خواب! جيڪي شيون گڏجي سندس سوچ ۽ عمل کي تحرڪ ۾ آڻين ٿيون ۽ عملي زندگيءَ ۾ ھي ٻار بيباڪ ۽ وڌيڪ سرگرم رھي ٿو. سنڌ ۾ ٻارن جي سطح تي ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمون ڪم ڪنديون رھن ٿيون. جيڪي جاڳرتا، ٻَڌي ۽ جدوجھد جي ڏياٽيءَ کي روشن رکيو اچن. اھي سموريون انھيءَ وچئين طبقي جي ٻار جي توسط سان ئي قائم آھن. ۽ اڳتي به وقت، حالتن ۽ آزمائش ۾ ھي ٻار اڃان به وڌيڪ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. پر سندس ماحول ريساري طبيعت ۽ سماجي بي وسي کيس آھستي آھستي سھل پسند، حقيقتن کان نٽائي خوبصورت ماحول جا خواب ڏسندڙ، عملي طرح سنڍ، ذھني طرح ڪُند، ڊاڙي ٻٽاڪي، ڳالھير، شوباز ۽ نيٺ ڪنھن رعبدار ڪاموري ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪندڙ بڻائي وجھي ٿي. ان لاءِ ضروري آھي ته اھڙي تنظيم ھجي جيڪا سندس شروعاتي شوق ۽ چاھ جو فائدو وٺندي سندس نظرياتي تربيت ڪري ۽ کيس سندس اباڻي ڏاڏاڻي ماحول مان مليل قنوطي ۽ مايوس ڪندڙ، بي عمل ۽ ڇَسو بڻائيندڙ خصلتن کان آجو ڪري ۽ صحيح معنيٰ ۾ قومي درد ۽ مجموعي عوامي مفادن جو پرستار بڻائي، ته جيئن ھو تاحيات جدوجھد ۾ اڻٿَڪ ڪردار ۽ ثابت قدميءَ وارو رول ادا ڪري سگھي. جنھن طريقي سان اسان پاڻ وٽ بھترين ڪارڪن جا اڻ کُٽ جٿا ٺاھي، وڌائي ويجھائي قومي دشمن مان جان ڇڏائي سگھون ٿا. پر اھو سڀ ڪجھ نظرياتي تربيت ڏيندڙ ڪارڪنن تي منحصر آھي ته ھو ڪيتري قدر ٻارن جي نفسيات کان واقف ٿي ۽ بتدريج سندن نظرياتي شخصيت جي تعمير ڪن ٿا.
    ان کان پوءِ آھي اُھا ٻاراڻي ٽولي جيڪا انسان ذات جي عام طرح ۽ سنڌي سماج جي خاص طرح اُن حصي سان تعلق رکندڙ ھوندي آھي، جيڪو اُپائيندڙ، خلقيندڙ، تيار ۽ پيدا ڪندڙ ته پاڻ ھوندو آھي، پر مروِج سماج ۾ سندس پيدا ڪيل شين تي سندس اختيار ۽ ان جي استعمال جو حَق کيس اڻ لکو ۽ نه ھئڻ برابر ھوندو آھي. پيدائش جي اُن عمل ۾ سخت ۽ سِر ٽوڙ محنت جي باوجود کيس حاصل اھو ڪجھ ٿيندو آھي جنھن سان ھو مَس وڃي جي سگھندو ھجي، يعني اڻ پوري ۽ غير متوازن غذا، رھائش لاءِ عارضي گھر (اُھا جاءِ جنھن تي سندس مستقل حَق نه ھجي) ۽ سردي گرميءَ کان غير محفوظ اَجھو ۽ اوڍڻ لاءِ اُترن (ٻين جا لاٿل ڪپڙا). ان ماحول ۾ سرجندڙ ٻار تعليم ۽ تفريح جھڙين بنيادي انساني ضرورتن کان وانجھيل ۽ نا آشنا ھوندو آھي، سندس ماحول ۾ رونما ٿيندڙ واقعا جھڙوڪ:- سندن والدين تي مقامي انتظاميه طرفان مارون ڪُٽون، جُٺيون ۽ بي عزتيون- ڪوڙن ڪيسن ۾ ڪورٽن جون حاضريون ۽ جيلن جون سزائون، آفيسرن طرفان ڏنڊ، چَٽيون، بيگرون، قبيلائي جھيڙا جھڳڙا ۽ غيرت جي منحوس نالي ۾ سندن ڀائرن، ڀينرن ۽ مائرن جو قتل ٿيڻ، جھڙا واقعا سندن ڪچي ذھن تي تمام شدت سان اثر انداز ٿين ٿا ۽ رد عمل ۾ ھي خود ارڏو ۽ اھنڊ ٿي اُڀري ٿو. سندن ذھن ۾ ھمتم مُڙسي ۽ سختيون سَھڻ جا لاڙا پروان چڙھن ٿا. ھي ھر اُن ڳالھ کي ھيچ سمجھندو آھي جنھن مان سُستي، ڪاھلي ۽ ڀاڙيائپ جو تاثر ملندو ھجي. ٺلھي ھئڻ ۽ ٺلھ تي رھڻ ڪري کيس اھا اون ئي نه ھوندي آھي ته متان ڪا سرڪار ڏَمرجي پوي ۽ ملڪيت ضبط ٿي وڃي. ھن لاءِ جھڙو جيل ۾ ھئڻ تھڙو ٻاھر ھئڻ ھوندو آھي، ھو پنھنجي سڄڻ، ساٿيءَ ۽ وفادار لاءِ سِر جي قرباني ڏيندي به نه گُسندو آھي. پر ويريءَ جي جڳھن کي باھيون ڏيندڙ، کانئس نفرت ڪندڙ ۽ ان جو جاني دشمن ھوندو آھي. ھو وَچن جو پڪو، ھيرا ڦيريءَ کان آجو، ٿوريءَ ٿَڪيءَ تي راضي، بُک ڏک جو ڏاڍو، ھيٺ به سُمھي ڄاڻي، نه سيءَ جو اُلڪو، نه گرميءَ کان ڊڄ، گَس ته وٺڻ ئي نه سِکيو ھوندو آھي، جھنگ جھر، کوٻا کڏا ڀانئه ته روڊ سمجھيو پيو ھلي، جي ”غرض ڪڍجي ته پاڻ جھڙي ۽ قرب واري جي“ ”ٽيڙيءَ واري کي پاڻ سؤ ڪوھ پري ٻُڌون“ لاشعوري طور تي انقلابي خاصيتن سان مالا مال، ڏانوَ جھڙو، مڙس ماڻھو، اندر جي ڦرھي ڪوري جي ڪوري؛ جو چاھِ سو مٿائنس لِک، جو چاھِ سو چَٽ، ڳالھ جو گُرُ سمجھيائين ته توڙ ڪندو ڀل ته سمجھائيندڙ ڀاڙيو ٿي بيھي رھي. پر ھو چوندو، ”مَھلون مُڙسن تي اينديون آھن.“ ”ٻَنين ۽ ونين تي سِر به ڏيئي ڇڏبا ته سودو سَستو آھي،“ ”پنھنجا ڪَک ڪو ڇڏبا“ ”جتي اسان جا ابا ڏاڏا دفن ٿيل آھن، اُن ماڳ تي مَٿا وڍائبا.“ ”اچين ته مُڙس ٿي آءُ نه ته گھر ۾ وڃي چُوڙيون پائي ويھ.“ ”ونين ۽ وطن وئي ڪھڙيون پَڳون ٻَڌبيون ۽ ڪھڙا پيئبا کِير؟“
    اُھي اھڙا املھ ماڻڪ ۽ موتي وينجھارن جي کوٽ سبب مٽيءَ ۾ گڏيا پيا آھن، ڪوبه انھن جو مُلھ ڪَٿڻ وارو نه آھي، ڪوبه سخنوار اھڙو نه رھيو آھي جيڪو انھن اصل قوت جي سر چشمن جي سار لھي. ”وڏي وَٿ ھيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.“ اسان جيئن مٿي چئي آيا آھيون ته انھن ٻارڙن جي لڪل خاصيتن، تخليقي قوتن ۽ بھادرانا وصفن کي ظاھر ڪرڻ ۽ ڪم ۾ آڻڻ لاءِ عملي بڻائڻ ۽ صحيح رُخ وٺائڻ جو ڪم جيئن ته ٻارڙن جي تنظيمن جو ئي ھوندو آھي، پر اھڙين تنظيمن جي اڪثر ميمبرشپ ۽ حيثيت وچئين طبقي جي احساس ڪمتريءَ ورتل ٻارڙن جي ھٿن ۾ ھوندي آھي، جيڪي پنھنجي ڪم جو دائرو اسڪول تائين محدود رکندا آھن. ڄڻ ته ھنن جي دنيا اسڪول کان شروع ٿي ۽ اسڪول تي ئي ختم ٿي وڃي ٿي. ڄڻ ته اسڪولن کان ٻاھر (مجبورين ۽ بي وسين سببان) گھمندڙ ٻارڙا شاگردن جھڙو ساھ نٿا رکن. ھن سماج ۾ اھي چُرندڙ پُرندڙ گَٽرن جا ڄڻ ته ڪيڙا آھن، جِن کان نفرت ڪرڻ ۾ فضيلت آھي. اُن سان ٻِٽو نقصان رسندو آھي. ھڪ طرف ته اُھي وچئين طبقي جي نفسيات رکندڙ ٻارڙا جيڪي تنظيمن جي ميمبريءَ ۽ قيادت تي ڇانيل ھوندا آھن، سي طبقاتي طور تي مليل تحفي، مفاد پرستيءَ ڪري تنظيم جي ڪاز سان سچائي، نظرياتي ڄاڻ، مسلسل جدوجھد ۾ ثابت قدميءَ ۽ قربانيءَ جي رجحان پيدا ڪرڻ بجاءِ تنظيم جي پليٽ فارم تان، رَھائي، واقفيت ۽ ذاتي شھرت ۽ شخصيت جي چمڪائڻ وارا اصل مقصد حاصل ڪري جدوجھد ھلندي تنطيم کي ڌوڪو ڏئي ۽ پنھنجي موروثي جڳھ آفيسر شاھيءَ جا پرزا بڻجي ويندا آھن. ۽ ٻين ڪارڪنن کي به مايوس ڪري، ٿيڙي، ڀنڀلائي ۽ تَرا ڪڍي ويندا آھن؛ ته ٻئي طرف جيڪا اصل قوت، صحيح، سالم ۽ سريح کيپ يعني ھيٺئين طبقي جا ڌِڪاريل، نفرتن جا شڪار مسڪين ٻارڙا جيڪي اُن تنظيم ۾ اچي ۽ ان جي مقصدن کي پنھنجي مرڻ جيئڻ جو مسئلو سمجھي ان جا بانڪا ۽ بيباڪ ڪارڪن ٿي ان کي اڳتي وٺي ھلن ٿا ۽ سڄيون سڄيون زندگيون اُن جدوجھد جي نذر ڪري ڇڏين ھا، سي نفرتن جي نگاھ سان ڏِٺا ويا، ڪِين جھڙا سمجھيا ويا. ٺٺولين لائق ۽ مھڻي ھاب بڻايا ويا، جنھن سبب اھي ان تنظيم ۾ نه اچي سگھيا ۽ تنظيم ٻِٽي تعطل جو شڪار بڻجي وئي. پر اسان جيئن مٿي چئي آيا آھيون ته انھن ٻارڙن جي تنظيمن ۾ ايندڙ وچئين طبقي جي ٻاڙرن جون پَڪن پُختن، تحريڪي ڪارڪنن طرفان نظرياتي تربيتون ٿين ته جيئن اُھي پنھنجي طبقاتي غلاظتن کان جان آجي ڪري پاڻ کي تنظيم سان تاحيات واڳي ڇڏين. اھوئي عمل انھن کي انھن انھن ھيٺئين طبقي جي بظاھر ڪوجھن پر اصل ۾ انتھا پيارن ٻارڙن جي ويجھو آڻڻ ۾ ھٻڪ محسوس نه ڪرائيندو، اھڙيءَ طرح وچئين طبقي جي چند ذھني طرح پُختن ۽ نظرياتي طرح ھٿياربند ٻارڙن ۽ تمام گھڻي تعداد ۾ انھن ھيٺئين طبقي جي ٻارڙن تي مشتمل تنظيم ٺھي ئي قومي آزاديءَ جي جدوجھد جو آئيندو روشن ۽ منزل اوڏڙي ڪري سگھندي.


    اديبن بابت ليئو ٽالسٽاءِ چيو

    جڏھن به عوام، مذھبي يا سياسي طور تي غلام ھجي ته اتان جي اديب جو فرض آھي ته اُھي شيون سرجي جيڪي سندس مجبور ۽ محڪوم عوام منجھان ڦُٽي نڪرن. خاص ڪري عيسائيت ۾ اھو تاثر عام ڏٺو ويندو آھي ته اُھا ان ادب کي ڦھلجڻ ۾ مدد ڪري ٿي، جيڪو بائيبل جي تشريح ھجي يا عيسائيت کي ڦھلجڻ ۾ مدد ڪري. جڏھن به ڪا قوم اخلاقي طور يا مذھبي طور يا سياسي طور غلام ھوندي آھي، ته اتي حاڪم ٽولن جي فن ڏانھن روَش اھا ھوندي آھي ته ھو ھر پليٽ فارم تان پنھنجي پارسائي ۽ وڏائي، عزت ۽ احترام جو ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ان صورت ۾ غلام قوم جي اڪثر ادب ۽ خصوصن تاريخ ۾ ڌارين جي ھٿ چراند جا اثرات موجود ھوندا آھن.
    (ليئو ٽالسٽاءِ)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259690
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386683
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ