ڪتاب جو نالو: غلامي
مصنف: خليل جبران
ڇپائيندڙ: ماڪ پبليـڪيـشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2002
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 02 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 856 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 518 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي.خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • پهرئين ڇاپي جي ڄاڻ
  •   انتساب
  •   سنڌ سلامت پاران :
  •   ٻه اکر
  •   مهاڳ
  •   متن

  • خدا
  • نصيحت-1
  • چريو
  • مائٽن جو موت
  • اي منهنجي دل
  • سهڻا سخن
  • جراحي
  • وڏو ڏِڻ
  • هڪڙي سال
  • غلامي
  • او ساحره
  • تنهائي ۽ گوشهء نشيني
  • تنبيهه
  • سڀ کان وڏو سمنڊ
  • چمڪندڙ لفظ
  • شاهه اردوس
  • مرغ بادنما
  • بي زبان جانور
  • نجومي
  • ٻه عالم
  • مقدس شهر
  • داناءُ بادشاهه
  • انوکي زبان
  • بلند حوصله
  • نقاد
  • معيار
  • ٻه درويش
  • انصاف
  • نصيحت-2

  • ترتيب

    پهرئين ڇاپي جي ڄاڻ

    ]سڀئي حق ۽ واسطا قائم[
    ڇپائيندڙ: عطاءُ اللھ ابڙو
    ماڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    ائڊريس: محله رحمت پور لاڙڪاڻو
    ڇپيندڙ: سردار پرنٽنگ پريس
    گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ
    پهريون ايڊيشن: جنوري 1988ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل: نظير سمون
    قيمت: 12 رپيا

    ٻئي ڇاپي جي ڄاڻ
    روشني بُڪ نمبر 86
    غلامي
    ليکڪ: خليل جبران
    سنڌيڪار: عطاءُ اللھ ابڙو
    ٻيو ايڊيشن © جون 1994ع
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: (سڪندر نقوي ”جهانيان“)
    عبدالبرادرس، ليزر ڪمپوزنگ سسٽم، حيدرآباد، سنڌ
    ڇپيندڙ: سهيل آرٽ پريس، ڪراچي
    ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.
    قيمت: 30 رپيا.

    ٽئين ڇاپي جي ڄاڻ
    بُڪ نمبر 132
    ڪتاب جو نالو: غلامي
    ليکڪ: جبران خليل جبران
    ترجمو: عطاءُ اللھ ابڙو
    ڪيليگرافي: سائره
    ڪمپوزنگ: احسان علي لغاري، ناز ڪمپوزرس.
    مئي 2002ع
    ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، سنڌ.
    قيمت: 25 رپيا.


      انتساب

    پنهنجي پياري بابي سائين
    ۽ مٺڙي امڙ جي نانءِ،
    جن جي تربيت ۽ دعائن
    مون کي هِن قابل بنايو.

    عطاءُ اللھ ابڙو


      سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (201) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”غلامي“ لبنان جي نامياري ليکڪ ۽ دانشور خليل جبران جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن جو سنڌيڪار پروفيسر عطاءُ الله ابڙو صاحب آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو ماڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران 1988ع ۾ ڇپايو ويو. ٻيو ڇاپو 1994ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري جڏهن ته ٽيون ڇاپو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.

    خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
    خليل جبران پنهنجي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ٻن زبانن ۾ ڪيو آهي: عربي ۽ انگريزي! هن لبنان، شام ۽ ٻئي عالم عرب لاءِ عربيءَ ۽ اهلِ مغرب جي لاءِ انگريزيءَ کي ذريعهء اظهار بڻايو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


      ٻه اکر

    پيدائش ۽ موت، ٻه اهڙا حادثا آهن، جن جي اڳيان انسان پاڻ کي بيوس ٿو محسوس ڪري. نه ته پيدائش جي وقت هن سان مشورو ڪيو ٿو وڃي ۽ نه مرڻ مهل اُن کان هُن جي مرضي پڇي ٿي وڃي ته هو ڪهڙيءَ جاءِ ۽ ڪهڙي ملڪ ۾ پيدا ٿيڻ يا مرڻ پسند ڪندو. چانچه انسان پيدائش وقت رڙ ڪري پنهنجي جبري آمد تي صداءِ احتجاج ڪندو آهي ۽ موت جي خوف ۾ مبتلا ٿي ڪري هن دنيا کي ڇڏي ويندو آهي.
    خليل جبران، جهموريه لبنان جي ڳوٺڙي بشريٰ ۾ 1883ع ۾ پنهنجي پهرين احتجاجي رڙ بلند ڪري هن دنيا ۾ اک کولي، ۽ انهيءَ ڏينهن ڊسمبر جي ڇهين تاريخ هئي.
    خليل جبران هونئن ته لبنان جي مقدس صنوبر جي ڇانوَ هيٺ، دلڪش ۽ پرفريب فضا ۾ اک کولي، مگر هُن جي جواني نيويارڪ جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن جي پاڇي ۾ پروان چڙهي. جبران جي ذات ۽ شخصيت متعلق گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. ڪنهن هن کي صوفي، مفڪر ۽ مذهب پرست انسان، ته ڪنهن هن کي بدعتي، بدزبان، باغي، سرڪش ۽ آزاد خيال انسان سڏيو آهي. ڪن ماڻهن ته اهو چئي ڪري هن جا ڪتاب نذر آتش ڪري ڇڏيا ته هي تمام خطرناڪ، انقلابي ۽ زهريلا آهن ۽ انهن جو وجود نئين نسل لاءِ زهر قاتل ثابت ٿيندو، مگر ٻئي طرف اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جن جون زبانون، جبران جي فڪر و نظر ۽ اندازِ بيان کي مسحور ڪُن چون ٿا ۽ هن جي جدت جي تعريف ڪندي نٿا ڍاپن. انهن جو چوڻ آهي ته جبران جي لفافي ٻولي ۾ جيڪو مٺاس ۽ مزو آهي سو ناقابل بيان آهي ۽ ان ۾ پڻ مقدس صحيفن جهڙي گهرائي ۽ گيرائي آهي.
    خليل جبران جو هڪ ڪتابThe Prophet (پيغمبر)، چاليهن ورهين تائين، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ڪتابن مان هڪ هو، جنهن جون مجموعي طور تي 15 لکن کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ پڻ دنيا جي ويهن مختلف زبانن ۾ ان جو ترجمو ڪيو ويو. ”پيغمبر“ خليل جبران جي انگريزي زبان ۾ سڀ کان اهم تخليق هئي، پر عربيءَ ۾ هن جي پهرين ناول ”ڀڳل کنٻڙاٽيون“ (The Broken Wings) کي سڀ کان بهترين تصنيف تسليم ڪيو ٿو وڃي ۽ هيءُ ”پيغمبر“ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عرصي تائين عالمي بهترين ڪتب فروشن جي فهرست ۾ شامل رهيو.
    خليل جبران قانون، مذهب ۽ زماني جي غلط ريتن رسمن جي خلاف بغاوت جو آواز بلند ڪيو ۽ هڪ اهڙي معاشري جي قيام جي پُرزور حمايت ڪئي جنهن ۾ امن ۽ آشتيءَ جو راڄ هجي، جيڪو روحاني علوم سان آراسته هجي، جتي هر طرف دائمي خوشيون ۽ شادمانيون هجن ۽ پڻ هر طرف محبت جي حڪمراني هجي.
    خليل جبران پنهنجي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ٻن زبانن ۾ ڪيو آهي: عربي ۽ انگريزي! هن لبنان، شام ۽ ٻئي عالم عرب لاءِ عربيءَ ۽ اهلِ مغرب جي لاءِ انگريزيءَ کي ذريعهء اظهار بڻايو آهي. عربي زبان ۾ لکيل سندس هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن:
    (1) دمعـﺔ وايتسامـﺔ (2) الموسيقي (3) عرائس المروج (4) الارواح امتمرده (5) الاجخته المتڪسره (6) العواصف (7) ابدائع والطرائف (8) المراڪب، ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل هيٺان ڪتاب(1) The Mad Man (2) The Fore Rennur (3) The Prophet (4) The Sand and Foam ”المجنون“، ”السابق“، ”النبي“، ”رمل و ربد“ جي عنوانن سان عربيءَ ۾ ترجما ٿيا.
    هنن ڪتابن کان علاوه خليل جبران ٻيا به ڪيترائي مضمون لکيا ۽ پنهنجين تصويرن جو البم ”الرسوم العشرون“ جي نالي سان پيش ڪيو.
    سنڌي ٻولي ۾ پڻ خليل جبران جا هيٺيان ٻه ڪتاب The Prophet ۽ The Mad Man، ”پيغمبر“ ۽ ”فيلسوف“ جي نالي سان ترجمو ٿي چڪا آهن، انهن کان علاوه ”سپون“، ”پهاڙن ۾ پڪار“، ”انسان ۽ شيطان“، ”جڏهن مون آزادي گهري“ خليل جبران جي مختلف ڪتابن مان افسانا، مضمون ۽ چونڊ ٽڪرا ڪڍي مٿين نالن وارن ڪتابن ۾ پيش ڪيا ويا آهن.
    جبران کي ننڍي هوندي کان ئي، مصوري ۽ فنونِ لطيفه سان گهري دلچسپي هوندي هئي. هن کي فنِ مصوريءَ ۾ به ڪافي مهارت حاصل هئي. سندس تصويرن جي نمائش بوسٽن ۾ ڪئي وئي. جبران فنِ مصوري جي وڏن مصورن، جهڙوڪ رودان ۽ ڪيونارڊ کان، شاعريءَ ۾ وليم بليڪ کان ۽ ادب جي ميدان ۾ نطشي کان متاثر هيو. 1908ع ۾ جبران پيرس ويو، جتي هن ”جامعه فنون“ ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن ۾ فن جي تڪميل ڪري امتيازي سند حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ئي عرصي دوران، هن جي ماءُ ڪامله ۽ ڀيڻ سلطان، ڀاءُ پطرس ۽ پيءُ خليل، هڪٻئي پيٺيان سلهه جهڙي موذي مرض جو شڪار بڻجي فوت ٿي ويا. ان کان علاوه هن جي ٻي ڀيڻ مريانا جي شادي به ان ڪري ٿي نه سگهي جو جبران گهڻي عرصي تائين مالي لحاظ کان پاڻڀرو ٿي ڪو نه سگهيو. سندس فن جي بيقدريءَ، روزگار جي تنگيءَ، ڀاتين جي لاڳيتي ۽ بي وقتي موت، جبران کي بغاوت تي مجبور ڪيو. هو پنهنجين تحريرن ۾ زندگيءَ جي تلخ تجربن، ڪُوڙين ۽ سچين حقيقتن جو نقش چٽڻ لڳو، جا ڳالهه ڪيترن کي ڪو نه وڻي. جبران يورپ جا به ڪافي شهر گهميا، آخر 1912ع ۾ آمريڪا آيو ۽ نيويارڪ ۾ رهڻ لڳو، جتي هن 1931ع ۾ وفات ڪئي. هن جو لاش سندس وصيت موجب سندس آبائي ڳوٺڙي بشريٰ ۾ دفن ڪيو ويو.

    عطاءُ الله ابڙو
    ماڪ پبلڪيشن لاڙڪاڻو


      مهاڳ

    لبنان ۽ سنڌ

    ٻي ٻوليءَ جي لکڻيءَ جو، پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي هڪڙي نيت اها به هوندي آهي ته ان لکڻيءَ ۾ اهڙن سياسي، سماجي، مذهبي، انساني يا ٻين اهڙن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪيل هوندي آهي، جي اسان جي پنهنجي ملڪ جا جيئرا جاڳندا ۽ ٻوساٽيندڙ مسئلا هوندا آهن.
    هن ڪتاب جي ”چريو“ ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پادري مذهب جي نالي ۾ وڏا جاگيردار ۽ سرمائيدار بنجي ٿا وڃن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جا ڍير ڪٺا ٿا ڪن. هو خيالي هستين جي نالي ۾ پورهيتن کي جاهل رکن ٿا ۽ هنن تي ڏمر ڪن ٿا، هنن مٿان وحشي ظلم ڪن ٿا، هنن کي وهمن ۾ ورتل، پيڙيل ۽ نپوڙيل بنائن ٿا.
    خليل جبران جي خيال موجب، پادري مڪاريءَ ۽ منافقيءَ جا مجسما آهن. پادري ۽ حڪمران، هڪٻئي جا ڀيچي ۽ مددگار ٿيندا آهن ۽ گڏجي پورهيت کي پيڙيندا ۽ چيپاٽيندا آهن. ان ڪري پاڻ پورهيتن ۽ هارين تي وڌيڪ ڏچو ٿئي ٿو. جبران پادرين جي ظلمن ۽ قهرن جا داستان لکيا آهن.
    هُو مذهبي پيشوائن جي خلاف، پنهنجي شاديءَ واري واقعي ڪري ٿيو. هُو بنيادي طرح مذهب جو مخالف نه ٿو ڏسجي، پر مذهبي پيشوائن ۽ مذهب جي نالي ۾ اٻوجهن ۽ پورهيتن کي ڦرڻ ۽ انهن تي ظلم ڪرڻ وارن جو جاني دشمن ۽ سخت مخالف ٿو ڏسجي، ۽ اهو شايد ان ڪري، جيئن پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ واري ناول ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ ۾ لکيو اٿائين ته هن جو هڪ دولتمند جي ڌيءُ سلما ڪريميءَ سان پيار هو ۽ هُن سان شادي ٿيڻ واري هئس، پر ان وچ ۾ بيروت جي وڏي پادريءَ، سلما جي ٻانهن پنهنجي ڀائٽي لاءِ گهري، ۽ سلما جي پيءُ، مرضي نه هوندي به، صرف مذهبي خوف ۽ عقيدتمنديءَ ڪري، سلما جي ٻانهن پادريءَ جي حوالي ڪئي.
    ان تي جبران پنهنجي پيار واسطي عملي طرح ڪجهه نه ڪيو ۽ اهڙي ڏاڍائيءَ ۽ نا انصافيءَ تي ڪو بغاوتي قدم ڪو نه کنيائين، جيتوڻيڪ هن جي دعويٰ هئي ته پيار انسان ۾ پهاڙ جيڏو حوصلو ۽ اڪيلي سر دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو اتساهه پيدا ڪري ٿو. هو رڳو زباني شڪايتون ڪندو رهيو ۽ مذهب جي ٺيڪدارن خلاف ڪاغذ ڪارا ڪيائين.
    مذهب طبقاتي سماج جي پيداوار آهي، ۽ جبران جو مذهبي ٺيڪدارن کي لوئڻ مان پڙهندڙ، هن جي طبقاتي شعور طرف اشارو سمجهي ٿو. هن کي طبقاتي سماج ۽ ذاتي ملڪيت جي مخالفت کي اوليت ڏيڻ کپندي هئي، ڇو ته جتي غير طبقاتي سماج هوندو ۽ ذاتي ملڪيت جي موڪل نه هوندي، اتي مذهب پاڻمرادو مٽجي ويندو.
    ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ ناول ۾ خليل جبران جو پنهنجو ڪردار، رضا تي راضي رهڻ ۽ قسمت جو لکيو سمجهي ماٺ ڪري ويهڻ وارو آهي. هن جو ڪردار، هن جي پنهنجي مذهب عيسائيت جي پيغمبر حضرت عيسيٰ جي ڪردار سان مشابهت رکي ٿو. ايئن ٿو لڳي ته هي ڄڻ بيحس، بيجان، ويچارو ۽ ڪمزور شخص هو، جنهن ۾ نه زندگيءَ جو اهڃاڻ ۽ نه زندگيءَ جو اتساه هو، نه جوش نه جولان، نه هلچل نه هنگامون، نه جاکوڙ نه جنگ، نه عمل نه چرپر، نه تنظيم نه تحريڪ، نه مقابلو نه مخالفت، برائيءَ کي خاموشي سان ڏسڻ Passive Resistance to Evil وارو ڪردار. حضرت عيسيٰ ظلم ڪرڻ وارن اڳيان ماٺ اختيار ڪئي. هن جي مٿي تي ڪنڊن جو تاج ٺاهي رکيائون، هن کي ٿنڀ سان ٻڌي منهن تي چماٽون هنيائون ۽ ڦٽڪن سان زخمي ڪيائون، هن کي صليب تي چاڙهيائون، پر هن جو هر حالت ۾ ڪاغذي بوتي جهڙو موٽ عمل رهيو. هن جي مقابلي ۾ اسلام جي پيغمبر جي ساري جيون عمل ۽ پتوڙ سان ڀرپور آهي، جنگ ۽ جاکوڙ جو عملي مثال آهي، هڪ هڪ ڏينهن تنظيم ۽ تحريڪ جو ثبوت آهي، مقابلا ۽ جنگ جا ميدان، سفر ۽ جاکوڙ جي زندگي، محنت ۽ هل هلان، گهر ٻار جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، مشورا ۽ ڪچهريون، پنهنجي مقصد ۽ نظريي خاطر هٿ پير هلائيندو رهڻ.
    هن دور جي تقاضائن لاءِ، اسان واسطي عيسائيت جي پيغمبر جي زندگي اسان لاءِ ڪا به رهنمائي مهيا ڪري نه ٿي سگهي.
    چرپر ئي ته جيون آهي.
    اسان جي ملڪ ۾ مذهب جي نالي ۾ زمينداري ۽ سرمائيداري جائز ٺهرائي، طبقاتي سماج قائم رکيو ٿو وڃي. مذهب ۽ شريعت جي اوٽ ۾ پورهيت، ننڍين قومن ۽ عورتن کي پراڻي زماني جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ٿو وڃي، سياست ۾ ٽنگ اڙائي، عوام کي سياسي اپاهج بنائن ٿا، مذهب جي نالي ۾ انقلاب ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا، ماڻهن کي اوسر جي شاهراهه وٺڻ بدران، وهم پرستيءَ جي پراڻن پيچرن جو ڏس ڏين ٿا، سائنسي سوچ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان پري رکڻ واسطي ماڻهن جي اکين تي جهالت جون پٽيون ٻڌن ٿا، عوام کي نظرياتي ساڃهه، قومي شعور ۽ سياسي سجاڳيءَ کان وانجهيل رکن ٿا. مذهبي پڳدار آمريت سان ها ۾ ها ملائي پنهنجا کيسا گرم ڪن ٿا.
    هن ڪتاب جي هڪڙي ٻي لکڻي؛ ”مائٽن جو موت“ جبران جو هڪ تاثراتي مضمون آهي. ان ۾ هو پنهنجي ديس لبنان کان ست سمنڊ پري رهي، پنهنجي وطن کي ياد ڪري ٿو. ان ۾ هن لبنان جي رهاڪن جي جيڪا گذراني حالت ۽ سياسي غلاميءَ جي ڪيفيت ڏيکاري آهي، ۽ ان باري ۾ جيڪي انديشا بيان ڪيا آهن، هن وقت لبنان جي ان کان گهڻو وڌيڪ تباهي ٿي رهي آهي.
    آمريڪي ۽ يهودي سازشن هيٺ، فلسطين کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻي پئي. هنن مان گهڻا لبنان ۽ خاص ڪري ان جي گاديءَ جي هنڌ بيروت ۾ اچي پناهگير ٿي ويٺا، پوءِ مٿين سامراجين اهڙو چڪر هلايو جو ٻارهن چوڏهن سالن کان بيروت جون گهٽيون ۽ رستا رت جون نديون ۽ تلاءَ بنجي ويا آهن. بيروت، جو دنيا جي خوبصورت ۾ خوبصورت شهرن مان هو، سو کنڊر ۽ قبرستان بنجي ويو آهي، ۽ لبناني سوچي رهيا آهن ته اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اسان جي ڌرتيءَ تي قتل، خون ۽ تباهيءَ جي راند مچائي ويئي آهي ۽ اسان کي ماريو ۽ کاريو پيو وڃي، اسان ته پنهنجي انسانيت ۽ مهمان نوازي ڏيکاري، ڌارين کي پناهه ڏني، پر اسان جي ڌرتيءَ کي جنگ جو ميدان بنايو ويو آهي، جتي جدا جدا قومن ۽ جدا جدا مذهبن ۽ جدا جدا ٻولين جا ماڻهو لڙي رهيا آهن، اسان جي جنت جهڙي ديس کي دوزخ بنايو ويو آهي ۽ اسان لبنانين کي ناس ۽ نابود ڪيو پيو وڃي، انهن ڌارين کي جي وڙهڻو آهي ته وڃي پنهنجي ديس تان وڙهن، اسان جي زمين کي ڇو داغدار بنائي رهيا آهن!
    هن وقت، جيڪي ڌاريون قومون ۽ قوتون، بيروت ۾ خونريزي، رتوڇاڻ ۽ تباهي مچائي ويٺيون آهن، سي هي آهن: سريا جون فوجون، يهودي ۽ اسرائيل جون فوجون، فلسطيني، گڏيل قومن جون امن فوجون، آمريڪا ۽ ٻين سامراجين جون فوجون.
    ڌارين هتي جي اصلوڪن رهاڪن، لبنانين، کي به هڪٻئي جو ويري بنائي ڇڏيو آهي، ۽ انهن جون هيٺيون پارٽيون ۽ ٽوليون هڪٻئي کي قتل ڪنديون رهن ٿيون ۽ هڪٻئي جي رت جون پياسيون ٿي پيون آهن، مارونائيٽ عيسائي، فلينجز، لبناني فوج، سني، شيعا، ڊروز مسلمان، ڪرسيچين مليشا.
    انهن خونريزن ۽ فسادن ڪري، ڏينهن رات جا چوويهه ئي ڪلاڪ بيروت ۾ ڌماڪا ٿيندا رهن ٿا، بم ڦاٽندا رهن ٿا، ماڻهن جون آهون ۽ دانهون ٿينديون رهن ٿيون، جايون ۽ عمارتون ڊهنديون ۽ ڍير ٿينديون رهن ٿيون، ڪڏهن باهين جا ڀڀڙ آهن ته ڪڏهن دونهين جا ڪارا ڪڪر، ماڻهو مرندا رهن ٿا، رت وهندو رهي ٿو، بک ۽ بيماريءَ جو راڄ آهي، ڪاوربار بند آهن، نه ملڪيت جي سلامتي آهي، نه عزت جي، نه روزگار جي ۽ نه حياتيءَ جي.
    ساڳي حالت سنڌ جي اچي ڌارين ڪئي آهي. ان ڪري ئي ته چيو وڃي ٿو ۽ خبردار ڪيو وڃي ٿو ته ڪراچي بيروت ٿيندو پيو وڃي.
    بيروت سميت لبنان جي هاڻوڪين حالتن ۾ خليل جبران ڪنهن کي به ياد ڪانهي. هن پنهنجن ماڻهن کي نه قومي شعور ڏنو ۽ نه طبقاتي شعور، پر سنڌ جي قومي شاعر شاهه لطيف اول ئي اسان کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته ٻاهريان، ڌُريان ئي ڌاريا آهن، اهي ڪڏهن به اسان جا سڄڻ ڪو نه ٿيندا، ان ڪري انهن کي هر حالت ۾ هتان ٽپڙ کڻائڻا آهن.
    هاڻي هن ڪتاب جي باقي لکڻين جي باري ۾ عام رايو لکندس.
    خليل جبران جي ڪهاڻيءَ يا ناول ۾ ڏسبو آهي ته هن جو هر ڪردار، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گفتگوءَ مان شاعر ۽ فيلسوف آهي، پوءِ اهو سڃو هجي يا سرمائيدار، مرد هجي يا عورت، پڙهيل هجي يا اڻپڙهيل، شهري هجي يا ڳوٺاڻو.
    هو ڪهاڻي ۽ ناول لکندي هر ڳالهه، هر چيز، ۽ هر شخص جو بيان ڪندي، خوبصورت لفظن، رنگين ٻولي، سهڻين تشبيهن، سندر جملن، ٺهڪندڙ اصطلاحن ۽ موزن مثالن ڪتب آڻڻ ۾ ايترو غرق ٿو ٿي وڃي، جو اصل ۽ ڪم جي ڳالهه ڪرڻ هن کان وسريو وڃي، ان ڪري نه رڳو ڪهاڻيءَ جي رفتار ۾ رخنو پئجيو وڃي، پر ايتري ڊيگهه ۽ پٽاڙ واري لکڻي اهڙي ٿڪائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ ٿئي ٿي، جو پڙهندڙ جي مٿي ۾ سور پئجيو وڃي. عياشيءَ جي شوق ۾ ماڻهو هن کي پڙهي ۽ برداشت ڪري سگهي ٿو، جيئن مشاعرن ۾ ”واهه، واهه“ ڪرڻ هوندو آهي.
    مون جڏهن ڪتاب ”پهاڙن ۾ پڪار“ ۾ خليل جبران جون ڪهاڻيون ترجمو ڪيون هيون، ته انهن ۾ اهڙا پٽاڙ ۽ ڊيگهه وارا ۽ غير ضروري ٽڪرا اورانگهيندو ويس، جنهنڪري اهي ڪهاڻيون پڙهڻ جهڙيون ٿي پيون.
    عام طرح خليل جبران جون لکڻيون وعظ، نصحيت، فسلفي ۽ شاعريءَ جو مڪسچر آهن.
    هي سنڌي ترجمو سادو، سلوڻو ۽ مناسب ٻوليءَ ۾ آهي.
    جيئي سنڌ.
    نجم عباسي
    13 نويمبر 1987


      متن

    خدا

    پهريون ڀيرو جڏهن منهنجا چپ ڳالهائڻ لاءِ چريا، ته مان مقدس پهاڙ تي چڙهي ڪري خدا تعاليٰ کي سڏيو:
    ”اي منهنجا پاليندڙ مان تنهنجو ٻانهون آهيان، تنهنجي رضا منهنجي لاءِ مذهبي واٽ آهي ۽ مان زندگي ڀر تنهنجو فرمانبردار رهندس.“
    مگر الله پاڪ منهنجي ان ڳالهه جو ڪو به جواب ڪو نه ڏنو ۽ هڪ سخت تيز طوفان جيان گذري منهنجي اکين اڳيان اوجهل ٿي ويو.
    • هڪ هزار سالن کان پوءِ مان ٻيهر مقدس پهاڙ تي چڙهيس ۽ خدا تعاليٰ سان مخاظب ٿيس:
    ”اي منهنجا پيدا ڪرڻ وارا! منهنجو خمير تنهنجي هٿن جو ڳوهيل آهي، تو مون کي مٽيءَ مان بڻايو ۽ پنهنجو افضل ۽ اعليٰ روح مون ۾ ڦوڪي زندگيءَ جي گرمي ۽ طاقت بخشي، منهنجي نس نس تنهنجي مقروض آهي، منهنجا مالڪ!“
    مگر خدا تعاليٰ مون کي ڪو به جواب ڪو نه ڏنو ۽ هزارين ڦڙ ڦڙائيندڙ پرن جيان منهنجي پاسي کان گذري ويو.
    • هڪ هزار سالن کان پوءِ مان وري مقدس پهاڙ تي چڙهيس ۽ ٽيون ڀيرو خدا جي حضور ۾ عرض ڪيم:
    ”اي مقدس پيءُ! مان تنهنجو لاڏلو پٽ آهيان، تو مون کي محبت ۽ شفقت سان پيدا ڪيو ۽ مان محبت ۽ عبادت سان تنهنجي حڪومت جو وارث بڻيس.“
    مگر هن ڀيري به خدا تعاليٰ ڪا ورندي ڪا نه ڏني ۽ ڏور پهاڙن تي ڇانيل ڪوهيڙي جيان منهنجي نگاهن کان لڪي ويو.
    • هڪ هزار سالن کان پوءِ هڪ دفعو وري مقدس پهاڙ تي چڙهيس ۽ چوٿون دفعو مان الله پاڪ کي عرض ڪيو:
    ”اي دانا، بِينا خدا! اي منهنجا ڪمال ۽ منهنجي محبت! مان تنهنجو ماضي آهيان ۽ تون منهنجو مستقبل! مان زمين جي اونداهين ۽ تنهنجون پاڙون آهيان ۽ تون آسمان جي روشنيءَ ۾ منهنجا گل ۽ اسان ٻئي سج جي اڳيان هڪ ئي وقت اُسرون ۽ نِسرون ٿا.“
    هاڻ خدا منهنجي طرف متوجهه ٿيو. هو مون تي جهڪيو ۽ مون سان سُس پُس ڪئي اهڙن لفظن ۾، جن جو اثر ۽ مٺاس مون کي پگهاري رهيو هيو. خدا مون کي پنهنجيءَ گهرائي ۾ ويڙهي ورتو، جهڙيءَ طرح سمنڊ پنهنجي اندر ڪِرڻ واري گهر کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندو آهي.
    ۽ جڏهن مان ماٿرين ۽ ميدانن ۾ لٿس، ته خدا اتي موجود هو.

    • 


    نصيحت-1

    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان انهيءَ سان محبت ڪريان، جنهن کان ماڻهو نفرت ڪن ٿا ۽ انهيءَ سان خلوص سان پيش اچان جنهن سان ماڻهو بُغض ۽ ڪِينو رکن ٿا. هن مون کي ڄاڻايو ته محبت چاهيندڙ جو نه، پر جنهن کي چاهيو وڃي ان لاءِ باعث امتياز آهي.
    ۽ منهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ محبت مون لاءِ هڪ ڪچي ڌاڳي مثل هئي جيڪو ڀرسان کتل ٻن ڪوڪن جي وچ ۾ ڇڪيل هيو مگر هاڻ انهيءَ هڪ گهيري جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن جي ابتدا، انتها ــــ ابتدا، جيڪا هر جيوَ کي وڪوڙي ٿي ۽ آهستي آهستي ڦهلجي رهي آهي ته جيئن اڳتي جو به ڪائنات ۾ قدم رکڻ وارو هجي ته انهيءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ پناهه ڏئي.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان انهيءَ حسن تي نظر رکان جيڪو صورت، رنگ ۽ کل جي پٺيان لڪل آهي، جنهن کي ماڻهو مڪروهه سمجهن ٿا ۽ انهيءَ کي بصيرت جي اک سان ايستائين ڏسندو رهان، جيستائينڪ ان جو حسن مون تي ظاهر نه ٿي وڃي.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ حسن کي گهٽ، وڌ ٿيندڙ شعلن جي صورت ۾ ڏسندو رهندو هوس جيڪي دونهين جي بادلن ۾ ڍڪيل هوندا آهن مگر هاڻ دونهون ڇڄي فنا ٿي ويو آهي ۽ مان صرف روشن شين کي ئي ڏسڻ لڳو آهيان.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ مون کي انهن آوازن تي ڪَن لڳائڻ سيکاريو جيڪي نه ڪنهن زبان مان نڪتا هئا ۽ نه ڪنهن نڙيءَ مان.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان ڪنن جي گهٻراهٽ جو مريض هوس. جنهن کي گوڙ-گهمسان، دانهن، فريادن کان سواءِ ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪين ايندو هو، مگر هاڻ مون کي خاموشيءَ تي ڪّن لڳائڻ اچي ويو آهي. هاڻ مان خاموشيءَ جي پکين کي زماني جا گيت ڳائيندي، فضا جون تسبيحون پڙهندي ۽ غيب رازن جو اعلان ڪندي ٻڌندو آهيان.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان اهو شراب پِيان جيڪو اڃا نه بڻايو ويو هجي، نه پيالن ۾ اوتيو ويو هجي، نه هٿن ۾ کنيو ويو هجي ۽ نه چپن تي رکيو ويو هجي.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ منهنجي اُڃ، خاڪ جي ڍير ۾ هڪ معمولي چڻنگ مثل هئي، جنهن کي مان کوهه جي ٿورڙي پاڻيءَ يا آويءَ ۾ پڪل مَٽ جي هڪ ڍڪ سان اجهائيندو هوس. مگر هاڻ منهنجو شوق، منهنجو پيالو، منهنجي اُڃ، منهنجو شراب ۽ منهنجي تنهائي منهنجو نشو ٿي وئي آهي، ان جي باوجود به مان ڍاپان نٿو ۽ نه ڪڏهن ڍاپي به سگهندس، مگر انهيءَ ڪڏهن نه به اجهامندڙ اڃ ۾ مون لاءِ هڪ لازوال مسرت آهي.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ان خوشبوءِ کي سنگهڻ سيکاريو، جيڪا نه گلن مان ڦٽندي آهي ۽ نه آتش دانن مان اڀرندي آهي.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ خوشبوءِ جو عاشق هيس جنهن کي مان باغن، شيشن ۽ عطردانن ۾ تلاش ڪندو هوس، مگر هاڻ مان اها خوشبوءِ سنگهڻ لڳو آهيان جيڪا نه دکائي ويندي آهي، نه اوتي ويندي آهي، ۽ پنهنجي سيني کي انهن پاڪ ساهن سان ڀرڻ لڳو آهيان جيڪي هن دنيا جي ڪنهن به باغ کان ناهن گذريا ۽ جنهن کي هن فضا جي ڪنهن به هوا پنهنجي ڪلهن تي ناهي کنيو.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏهن ڪو به اڻ سڃاتل آواز سڏي يا ڪوئي خطرو آواز ڏئي ته مان ”لبيڪ“ چوان.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انهيءَ سڏڻ واري جي آواز تي اٿندو هوس، جنهن کي مان سڃاڻندو هوس ۽ انهن رستن تي هلندو هوس جن بابت مون کي ڄاڻ هئي ته هي آسان آهن. مگر هاڻ ڄاڻَ مون لاءِ هڪ گاڏي بنجي وئي آهي، جنهن تي سوار ٿي مان اڻ ڄاتل منزل طرف ويندو آهيان ۽ آساني منهنجي لاءِ هڪ ڏاڪو بڻجي وئي آهي جنهن تي چڙهي ڪري مان خطري تائين پهچندو آهيان.


    چريو

    گرمين جي موسم ۾ يوحنا هر روز اَسُرَ ويل ڍورن، ڍڳن کي ڪاهيو، ڪلهي تي هّر رکيو، ڪوئل جي ڪُوڪُ، ۽ هوا جي لهرن سان کيڏندڙ پتن جي سرٻاٽ تي ڪن لڳائيو ٻنيءَ ڏانهن ويندو هو. ٻنپهرن جو انهن سرسبز فصلن جي هيٺان وهندڙ چشمي جي ڪناري ويهي خدا جو رزق کائيندو هو ۽ مانيءَ جا بچيل ڀور پکين جي لاءِ گاهه مٿان وجهي ڇڏيندو هو. جڏهن شام ٿيندي هئي ۽ لهندڙ سِج، فضا جي روشني به پاڻ سان گڏ کنيو ويندو هو، تڏهن يوحنا پنهنجي ننڍڙي گهر ڏي ورندو هو جيڪو اتر-لبنان ۾ ٻنين ۽ ڳوٺ جي پاسي ۾ هو ۽ پنهنجي پوڙهي ماءُ-پيءُ جي ڀر ۾ خاموش ويهي ڪري انهن جون ڳالهيون ٻڌندو هو، جيڪي عام طور دنيوي واقعن متعلق هونديون هيون. انهيءَ حالت ۾ هن کي آرام ۽ ننڊ جو احساس ٿيندو هو ۽ هُو سمهي پوندو هو.
    سردين ۾ هٿن سيڪڻ جي ارادي سان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، باهه جي ڀرسان ويهي رهندو هو، هوا ۽ ٻين قدرتي عنصرن جون فريادون ۽ ماتم ٻڌندو هو ۽ موسمن جي تبديلين تي غور ڪندو هو، ننڍڙيءَ دريءَ منجهان، برف سان ڇانيل وادين ۽ خزان جي شڪار ٿيل وڻن کي ڏسندو هو، ڄڻ ته فقيرن ۽ محتاجن جي هڪ ٽولي هجي جيڪا هوا جي تيز ۽ تکن جهوٽن ۽ سرديءَ جي برفاني جهنگلن جي وچ ۾ ڪنجهي رهي هجي.
    سياري جي ڊگهين راتين ۾ هو جاڳندو رهندو هو، ايتري قدر جو هن جا والدين سمهي رهندا هئا ۽ هو ڪاٺ جي الماڙي کولي انهيءَ مان ”دَورِ حاضر جو ڪتاب“ ڪڍي، ٽمڪندڙ ڏيئي کي آڏو رکي ان کي نهايت غور ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندو هو. هو بار بار پنهنجي ستل پيءُ کي هراسيل نگاهن سان ڪنڌ ورائي ڏسندو هو، جيڪو هميشه هن کي انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ کان کيس جهليندو هو، ڇاڪاڻ ته پادري سادن ۽ اٻوجهه ڳوٺاڻن کي مسيحي تعليم جي باريڪين کي سمجهڻ کان پري رکندا هئا ۽ جيڪڏهن هو انهن جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندا ته انهن کي ڪليسا جي نعمتن کان محروم ڪيو ويندو.
    اهڙيءَ طرح يوحنا جي جواني انهيءَ زمين ۾ گذري جيڪا عجائبات جو مجموعو هئي يا مسيح جي ان ڪتاب جي مطالعي ۾ جيڪو روشنيءَ ۾ روحانيت جو سرچشمو هو. هن جي خاموشي گهري غور جو نتيجو هئي. هو هميشه پنهنجي پيءُ جي گفتگو پوري ڌيان سان ٻڌندو هو مگر جواب ۾ هڪ اکر به ڪو نه ڪڇندو هو. ڪڏهن پنهنجن هڪ جيڏن دوستن سان ملڻ ٿيندو هوس ته به خاموش ويٺو رهندو هو ۽ هن جون نگاهون خلا ۾ کتل رهنديون هيون جتي شفق آسمان جي نيراڻ سان ڳلي ملي ٿي. جڏهن هو گرجا ۾ ويندو هو ته اتان غمگين واپس ورندو هو ڇاڪاڻ ته عيسائيت جي جيڪا تعليم هو اتان ٻڌي ايندو هو، اها ان تعليم کان بلڪل مختلف هئي جيڪا هو انجيل ۾ پڙهندو هو ۽ اهلِ ايمان ۽ انهن جي پيشوائن جي زندگي هن کي ان زندگيءَ جي بلڪل خلاف نظر ٿي آئي جنهن طرف مسيح پنهنجي پوئلڳن کي سڏيو هو.
    بهار جي موسم آئي، ٻنين ۽ سرسبز ميدانن تان برف رجي پاڻي ٿي وئي، انهيءَ جو ٿورو گهڻو حصو جيڪو پهاڙ جي چوٽين تي ڄميل رهجي ويو هو اهو به رجي رجي ننڍين ننڍين شاخن جي شڪل اختيار ڪري ماٿرين ۾ جمع ٿي ويو ۽ ڇولين هڻندڙ دريائن جي روپ ۾ پنهنجي گڙ گڙاهٽ سان فطرت جي بيداريءَ جو اعلان ڪرڻ لڳو. بادامن ۽ صوفن جي وڻن ۾ گل ڦٽي آيا. چنار ۽ بيد جي شاخن ۾ گونچ ڦٽڻ لڳا، ميدان ۽ ماٿريون گاهن ۽ گلن سان ڀرجي ويون، يوحنا باهه سان قربت واري زندگيءَ کان ڪڪ ٿي پيو. هن پڻ محسوس ڪيو ته ڍور ڍڳا واڙي جي تنگيءَ کان بيزار ٿي پيا آهن ۽ سرسبز چراگاهن ۾ وڃڻ چاهن ٿا، ڇو ته گاهه جو ذخيرو ختم ٿي چڪو هو ۽ جَوَن جون ٽوڪريون به ختم ٿي ويون هيون. هو آيو ۽ گابڙن کي واڙي مان ڇوڙي جهنگل طرف ڪاهي ويو. هُن جي جبي ۾ دورِ حاضر جو ڪتاب لڪل هيو، ان خوف کان، ته متان ان تي ڪنهن جي نظر نه پئجي وڃي. هلندي هلندي هو هڪ چراگاهه ۾ پهتو، جيڪو واديءَ جي ڪناري گرجا جي ٻنين جي قريب هو. انهيءَ گرجا جي قريب جيڪو پهاڙ تي هڪ جنگي قلعي وانگر قائم هيو. گابڙا هيڏي هوڏي چرڻ لڳا ۽ يوحنا هڪ وڏي پٿر کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. هو ڪڏهن واديءَ جي حسين نظارن ۾ گم ٿي ٿي ويو ته ڪڏهن انهيءَ ڪتاب جي سٽن ۾، جيڪي آسماني حڪومت جي اصولن ۽ قانونن جون ترجمان هيون.
    جنهن ڏينهن جي هيءَ ڳالهه آهي اهو ڏينهن روزن جي مهيني جي آخري ڏينهنِ مان هڪ هو، ڳوٺ جا ماڻهو جيڪي روزن جي ڪري گوشت کان محروم هئا، نهايت بيچينيءَ سان عيد جو انتظار ڪري رهيا هئا. مگر يوحنا ٻين گهڻن ئي بکايل هارين وانگر، روزي جي ڏينهن ۾ ۽ عام ڏينهن ۾ ڪوئي فرق نه سمجهندو هو. هن جي ويجهو هن جي ساري زندگي هڪ ڊگهو روزو هئي. هن جي خوراڪ هميشه کان اٽي لپ هئي جيڪا پيشانيءَ جي پگهر سان ڳوهي ويندي هئي ۽ ٿورو ميوو جنهن کي هو خون دل جي عيوض خريد ڪندو هو. اهو ئي سبب جو هن جي گوشت ۽ لذيذ کاڌن سان دلچسپي ڪا نه هئي. روزي جي تڪليفن جو اگر اثر هيو به ته هن جي جسم ۾، نه ڪي جذبات ۾. ڇا لاءِ ته اهي هن جي حافظي ۾ ابن آدم جي دردناڪ ڪهاڻي ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي انساني زندگيءَ جي انجام جا نقش چٽا ڪري ڇڏيندا هئا.
    چين چين ڪندڙ جهرڪيون يوحنا جي مٿان لامارا ڏئي رهيون هيون، ڪبوترن جا ولر اُڏامندا وڃي رهيا هئا. گل هوا جي زور تي جهومي رهيا هئا ڄڻ ته سج جي ڪرڻن سان کيڏي رهيا هجن ۽ يوحنا ڪتاب جي مطالعي ۾ غرق هيو. هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ واديءَ جي آسپاس پکڙيل ڳوٺ ۽ شهر جي بُرجين کي ڏسڻ لڳو. هن جي ڪنن ۾ فصلن جا آواز گونجڻ لڳا ۽ هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن جو روح زماني جي پرن تي سوار ٿي ڪري قديم يروشلم ۾ پهچي ويو جتي هو بازارين ۾ مسيح جي نقش قدم تي هلڻ لڳو. رستي ويندڙن کان مسيح متعلق پڇيائين ته جواب مليس:
    ـــــ ته ”هتي هُن (مسيح) انڌن کي اکيون ڏنيون، ڪوڙهين کي صحت ڏني ۽ اتي ئي ماڻهن ڪنڊن جي تاج ٺاهي، هن جي مٿي تي رکيو.“
    ــــــ ”انهيءَ ئي حال ۾ مسيح هجوم جي اڳيان واعظ ڪيو ۽ ماڻهن هن کي ٿنڀ سان ٻڌي ڪري کيس منهن تي چماٽون هنيون ۽ ڦٽڪن سان زخمي ڪيائون.“
    ــــــ ”هن سڙڪ تي هن زنا ڪندڙن کي معافي ڏني ۽ اتي ئي صليب جي بار کان ڊڄي هو زمين تي ڪري پيو.
    هڪ ڪلاڪ گذريو ۽ يوحنا، خدا سان گڏ انسان جي جسماني حيثيت تي افسوس ۽ روحاني برتريءَ تي فخر محسوس ڪندو رهيو. ايتري تائين جو منجهند ٿي وئي ۽ هو پنهنجي جاءِ تان اٿيو. هن چئني پاسي نظر ڊوڙائي، مگر پنهنجا ڍور هُن کي ڪٿي به نظر ڪو نه آيا. هو ان ميداني چراگاهه ۾ انهن جي غائب ٿيڻ تي حيران هو. هُن هيڏانهن هوڏانهن انهن کي ڳولڻ شروع ڪيو، آخرڪار هو ان رستي تي پهچي ويو جيڪو هٿ جي لڪيرن جيان ور وڪڙ کائيندو فصلن ۾ وڃي پيو. پري کان هن هڪ ماڻهوءَ کي ڏٺو جيڪو ڪارو لباس پايون هڪ باغ ۾ بيٺو هو. هو نهايت تيزيءَ سان هن ڏانهن وڌيو، جڏهن ان جي ويجهو پهتو ۽ اهو معلوم ٿيس ته هو گرجا جو پادري آهي ته سِر نِمائي نهايت ادب سان هن کي سلام ڪيو ۽ چيائين:
    ”مقدس پيءُ! توهان گابڙن کي ته هنن باغن ۾ چرندي ڪو نه ڏٺو؟“
    پادريءَ هن ڏانهن ڏٺو ۽ پنهنجيءَ نفرت کي لڪائيندي مڪروه لهجي ۾ جواب ڏنو:
    ”هائو ڏٺو اٿم ۽ اُهي هِتي آهن ـــــ اچ ته توکي ڏيکاريان!!!“
    يوحنا پادريءَ جي پٺيان هلڻ لڳو، ايتريقدر جو هو ٻئي گرجا ۾ وڃي پهتا. اتي يوحنا ڏٺو ته گابڙا رسين سان ٻڌا بيٺا آهن ۽ هڪ پادري انهن جي رکوالي ڪري رهيو آهي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڏنڊو آهي، هيڏانهن ڪنهن به گابي ٿورڙي به حرڪت ڪئي ۽ هوڏانهن هن ان کي پٺيءَ ۾ ڏنڊو ٿي هنيو. يوحنا جڏهن پنهنجن ڦرڙن کي ڪاهڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته پادريءَ هن کي جبي کان پڪڙيو ۽ گرجا جي صفي طرف منهن ڪري زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو ته ”هي آهي ڏوهي ڌنار! مون هن کي پڪڙي ورتو آهي.“
    اهو ٻڌي ننڍا وڏا پادري چئني پاسن کان نڪرڻ لڳا. سندس اڳ اڳ ۾ وڏو پادري هو جيڪو پنهنجي لباس جي ڪري ۽ چهري جي چمڪ سبب پنهنجن ساٿين ۾ معتبر ٿي لڳو. انهن سڀني يوحنا کي چئني پاسن کان گهيري ورتو، جهڙيءَ طرح فوجون پنهنجي دشمن تي ڪڙڪنديون آهن. يوحنا وڏي پادريءَ طرف ڏٺو ۽ هيڻي لهجي ۾ چوڻ لڳو:
    ”مون اهڙي ڪهڙي غلطي ڪئي آهي جو مون کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي؟ مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو آهي؟“
    وڏي پادريءَ جي غضبناڪ چهري تي سنگدليءَ جا اهڃاڻ ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ هن اهڙي لهجي ۾، جيڪو آري جي کرکراهٽ سان مشابهت رکندڙ هو، جواب ڏنو:
    ”تنهنجا ڦرڙا گرجا جو فصل کائي ويا ۽ هنن انگورن جي ولين کي خراب ڪري ڇڏيو. مون توکي ان لاءِ پڪڙيو آهي ته جيڪڏهن جانور ڪنهن شيءِ جو نقصان ڪن ته ان جو ذميدار ڌنار هوندو آهي.“
    يوحنا رحم طلب لهجي ۾ چيو: ”مقدس پيءُ! هي بي عقل جانور آهن ۽ آءٌ غريب، جنهن وٽ ٻانهن جي ٻلهه کان سواءِ ڪجهه به نه آهي! مون کي ڦرڙن کي ڪاهي وڃڻ جي اجازت ڏيو. مان واعدو ٿو ڪريان ته هاڻي ڪڏهن اهي هنن چراگاهن طرف وٺي ڪو نه ايندس.“
    وڏو پادري ڪجهه اڳتي وڌيو ۽ آسمان طرف هٿ کڻي چوڻ لڳو ته ”الله تعاليٰ اسان کي هن گرجا تي مقرر ڪيو آهي ۽ هن زمين جي سنڀال اسان جي حوالي ڪئي آهي جنهن کي مقدس يشاع منتخب ڪيو هو. ان ڪري اسان جو فرض آهي ته پنهنجي مڪمل قوت سان سڀني دروازن جي حفاظت ڪريون. هيءَ مقدس سرزمين انهيءَ باهه مثل آهي جيڪا پنهنجي قريب ايندڙ هر شيءِ کي جلائي رک جو ڍير ڪري ڇڏيندي آهي. اگر تو گرجا جي حدن کي اورانگهڻ جي ڪوشش ڪئي ته گاهه تنهنجي ڦرڙن جي پيٽ ۾ زهر بڻجي ويندو.“
    ــــــ ”پر رنڊ روڪ جو هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به رستو ڪونه آهي جو اسان پنهنجن چوپاين کي اڱڻ ۾ ٻڌي ڇڏيون جيستائين ڪِ تون پنهنجي کيسي جي هڪ هڪ پائي نه ڪڍي ظاهر ڪرين.“
    وڏي پادريءَ وڃڻ جي ارادي سان قدم وڌايو مگر يوحنا هن کي روڪي وڌو ۽ ايلاز ڪري چوڻ لڳس ته ”مقدس پيءُ! توکي انهن ڀلارن ڏينهن جو قسم جنهن ۾ مسيح کي تڪليف پهتي ۽ جنهن جي ڏک ۾ مريم ڳوڙها ڳاڙيا ته توهان مون کي منهنجا ڦرڙا ڪاهي وڃڻ ڏيو. مون سان سنگدليءَ جو رويو نه هلو. مان فقير ۽ محتاج آهيان ۽ گرجا عظيم ۽ بي نياز! هو منهنجي هن غلطيءَ کي معاف ڪري ڇڏيندو. منهنجي والدين جي ٻڍاپي تي رحم کائو.“
    وڏي پادريءَ هن طرف متوجهه ٿي ڪري ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”جاهل! گرجا توکي هڪ پائي به معاف ڪو نه ڪندي، چاهي تون فقير هجين يا مالدار! مون کي مقدس شين جو قسم نه ڏي، جو مان انهن جا راز ۽ رمزون توکان وڌيڪ ٿو ڄاڻان. جيڪڏهن تون اهو ٿو چاهين ته پنهنجن ڦرڙن کي ڪاهي وڃين، ته فصلن خراب ڪرڻ جي عيوض ۾ ٽي دينار فورا ادا ڪر!“
    يوحنا گهٽيل آواز ۾ التجا ڪئي ته؛ ”مقدس پيءُ! مون وٽ ته هڪ آڌي به ڪونه آهي. مون تي مهرباني ڪريو! منهنجيءَ محتاجيءَ تي رحم فرمايو.“
    وڏو پادري آڱرين سان پنهنجي گهاٽي ڏاڙهيءَ ۾ ڦڻي ڪندي چوڻ لڳو: ”وڃ! ۽ پنهنجي ٻنيءَ جو هڪ حصو وڪڻي ڪري ٽي دينار اسان جي خدمت ۾ حاضر ڪر! تنهنجي لاءِ بنا زمين جي هن جهان ۾ وڃڻ بهتر آهي ان جي نسبت جو تون قربانگاهه جي اڳيان پنهنجي پڪار سان يشاع جي غضب جو نشانو بڻجين ۽ آخرت ۾ انهيءَ دوزخ جي حوالي ڪيو وڃين جتي نه وسندڙ باهه ٻري رهي آهي.“
    يوحنا گهڙي کن خاموش ٿي ويو. هن جون اکيون چمڪڻ لڳيون، چهرو روشن ٿي ويس ۽ رحم طلبيءَ جا آثارَ قوت ۽ ارادي جي علامتن ۾ بدلجي ويس. هڪ اهڙي آواز ۾ جنهن ۾ جواني جي عزم سان گڏوگڏ معرفت جو نغمو به شامل هيو، هن چيو:
    ”ته ڇا فقير، گرجا جي سونَ چاندي سان ڀريل خزانن ۾ اضافي ڪرڻ خاطر پنهنجي ٻني وڪڻي ڇڏي؟ جنهن مان هو پنهنجي لاءِ ماني پيدا ڪري ٿو ۽ جيڪي هن جي زندگيءَ جو واحد سهارو آهي! ڇا اهو ئي انصاف آهي ته يشاع عظيم کان پنهنجن بکين جانورن جا گناهه معاف ڪرائڻ جي لاءِ محتاج پنهنجي محتاجيءَ ۾ اضافو ڪري ۽ مسڪين بکيو رهجي وڃي.“
    وڏي پادريءَ غرور کان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندي چيو ته ”يسوع مسيح اهو ئي فرمايو آهي ته جنهن وٽ دولت هجي بخشش ۽ عطا سان ان جي دولت ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ جنهن وٽ ڪجهه به نه هجي، ان کان جيڪي ڪجهه ان وٽ هجي، کسيو وڃي.“
    يوحنا اهي لفظ ٻڌا ۽ هن جي دل سيني ۾ تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. هن جي روح ۾ عظمت جو احساس پيدا ٿيو ۽ هن جو قد پهريان کان اوچو ٿي ويو، ڄڻ ته زمين هن جي پيرن هيٺان اڀري رهي هئي. هن پنهنجي کيسي مان انجيل ڪڍيو، جهڙيءَ طرح بچاءَ خاطر سپاهي تلوار ڪڍندو آهي ۽ بلند آواز ۾ چيائين: ”بي انصافي ڪندڙَو! توهان جو هن ڪتاب جي تعليم ۽ سبق سان کيڏو ٿا! زندگي جي شرارتن کي عام ڪرڻ خاطر هن جي مقدس شين کي اهڙيءَ طرح هٿيار بنايو ٿا! افسوس! صد افسوس توهان جي حال تي! جڏهن ابنِ آدم ٻيهر ايندو ۽ توهان جي ڪليسائن کي ڊاهي، هن جون سرون ۽ پٿر هن واديءَ ۾ اڇلي ڇڏيندو، توهان جن قربانگاهن، تصويرن ۽ مورتين کي باهه ۾ جلائي ڇڏيندو.
    ”حيف! صد حيف توهان جي قسمت تي، جڏهن مسيح جو پاڪ خون ۽ هن جي ماءُ جا پاڪ ڳوڙها سيلاب بڻجي ايندا، ۽ توهان کي جهنم جي گهراين ۾ وهائي کڻي ويندا. افسوس! صد افسوس توهان تي، اي پنهنجي لالچ جي بتن کي پوڄڻ وارَو! پنهنجي دل جي مڪروه اونداهيءَ کي ڪارن ڪپڙن ۾ لڪائڻ وارَو! توهان رات جي چرپر سان عبادت ڪيو ٿا، ليڪن توهان جو دليون پهاڙن وانگر بي جان آهن. نياز ۽ نوڙت سان قربانگاهن جي اڳيان جهڪو ٿا، ليڪن توهان جو روح خدا کان باغي آهي. توهان پنهنجي مڪروهائپ جي بنياد تي مون کي هن جڳهه تي گهيري رکيو آهي جيڪو توهان جي گناهن جي ٻوجهه هيٺ دٻيل آهي ۽ مجرم وانگر پڪڙي جهليو اٿوَ صرف معمولي اناج خاطر، جيڪو سج منهنجي ۽ توهان سڀني جي لاءِ هڪجهڙو پيدا ڪري ٿو. جڏهن مان توهان کي مسيح جو واسطو ۽ ان جي درد ۽ غم جي ڏينهن جو قسم ٿو ڏيان ته توهان منهنجو مذاق ٿا اڏايو. ڄڻ ته جيڪي ڪجهه مون چيو اهو بيوقوفيءَ ۽ جهالت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. وٺو! هي ڪتاب وٺو ۽ مون کي ڳولي ڏيکاريو ته مسيح ڪڏهن عيب ڍڪيندڙ ڪو نه هو؟ هن کي پڙهو ۽ مون کي ٻڌايو ته مسيح جي زبان مان معافي ۽ درگذر جو جملو ڪاٿي ادا ڪين ٿيو؟ ڇا هن تقرير ۾، جيڪا هُن پهاڙ تي ڪئي هئي؟ يا انهيءَ واعظ ۾ جيڪو هيڪل ۾ هڪ زانيءَ تي ظلم ڪندڙن جي اڳيان ڪيو هو؟ يا جلجله تي، جتي هن ٽنگاس مٿان پنهنجا بازو ڦهلايا هئا ته جيئن انسان ذات کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي؟ ڏسو! هنن جي گهرن ۾ بيمار درد ۽ غم جي بسترن تي ڦٿڪي رهيا آهن. هنن جي قيدگاهن ۾ مايوس انسانن جي زندگي فنا ٿي رهي آهي، هنن جي دروازن تي فقير ليلائي رهيا آهن. انهن جي رستي تي غريب سمهي رهيا آهن ۽ انهن جي قبرستانن ۾ يتيم ۽ بيواهه عورتون ڪُوڪاري رهيون آهن مگر اوهان آهيو جو سستيءَ ۽ ڪاهليءَ جي راحت سان همڪنار، زمين جي پيداوار ۽ انگور جي شراب سان نفس ۽ وات کي لذت ڏيئي رهيا آهيو! ڪڏهن توهان ڪنهن مريض جي عيادت لاءِ ناهيو ويا، ڪنهن قيديءَ جي اوهان خبر ناهي لڌي، ڪنهن بکئي کي کاڌو ناهي کارايو، ڪنهن غريب جي مدد ناهي ڪئي، ڪنهن غمگين کي دلاسو ناهي ڏنو. ڪاش! توهان انهن ئي ڳالهين تي بس ڪيو ها جيڪي توهان جي لاءِ آهن ۽ انهيءَ دولت تي شڪر ڪريو ها جيڪا توهان پنهنجين چالبازين ۽ مڪرن جي ذريعي اسان جي ابن ڏاڏن کان کسي ورتي آهي. مگر نه! توهان پنهنجا هٿ وڌايو ٿا اهڙيءَ طرح جيئن نانگ پنهنجي ڦڻ وڌائيندو آهي ۽ پوري قوت سان انهيءَ سرمائي کي دٻائي ٿا ويهو جيڪي بيوه عورتن پنهنجي هٿن سان پورهئي سان جمع ڪيو هو ۽ هاريءَ پنهنجي ٻڍاپي جي لاءِ محفوظ ڪري رکيو هو.“
    يوحنا خاموش ٿي ويو ۽ ٿوري ساهه پٽڻ بعد فخر وچان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري آهستي آهستي چوڻ لڳو: ”هتي توهان جي گهڻائي آهي ۽ مان اڪيلو. توهان کي جيئن وڻي تئين ڪريو. بگهڙ رات جي اونداهين ۾ غريب رڍ کي ڦاڙي کائي ٿو مگر هن جي رت جا داغ صبح ٿيڻ ۽ سج نڪرڻ تائين واديءَ جي پٿرن تي باقي رهجي ويندا آهن.“
    يوحنا ڳالهائي رهيو هو ۽ هن جي آواز ۾ هڪ عجيب قوت هئي، جيڪا پادرين جي جسم جي حرڪت کسي رهي هئي ۽ هنن جي روح ۾ غم ۽ غصي جا جذبا اُڀري رهيا هئا. تنگ پڃرن ۾ بکين ڪانوَن مثل اهي غصي وچان ڏڪي رهيا هئا، ڏند ڪرٽي ڪرٽي پنهنجي پيشوا جي اشاري جو انتظار ڪري رهيا هئا ته جيئن هن کي پيهي سرمو ڪري ڇڏين، ايستائين جو هن پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ۽ ان طوفان جيان خاموش ٿي ويو جيڪو ڊگهن وڻن ۽ فولادي مجسمن کي پاڙُون پٽڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي، تڏهن وڏي پادريءَ رڙ ڪري حڪم ڏنو ته ”هن بدمعاش کي پڪڙيو ۽ هن جي هٿ مان مقدس ڪتاب کسي، هن کي گرجا جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪريو! جيڪو به الله جي پيارن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي ان کي نه هت معافي آهي ۽ نه آخرت ۾!“
    پادرين گڏجي يوحنا تي هلان ڪئي، اهڙيءَ طرح جيئن وحشي جانور شڪار تي جهٽ هڻندا آهن ۽ کيس کنڀي وڃي سوڙهي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيائون. اتي هنن يوحنا کي لتن ۽ مُڪن سان اڌ مئو ڪري وڌو ۽ ڪوٺڙيءَ کي تالو لڳائي هليا ويا.
    يوحنا اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ اٿي بيٺو انهيءَ سورمي جيان، جنهن قيد ۾ پنهنجي دشمن کي هارايو هجي ۽ ان ننڍڙي روشندان مان جهاتي پائڻ لڳو جيڪو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ واديءَ جي طرف هيو. هن جو منهن ٻهڪي اٿيو ۽ هن هڪ روحاني لذت ۽ سڪون محسوس ڪيو جيڪو هن جي جذبن تي ڇانيل هو. يوحنا جو جسم ظاهري طور ته ڪوٺڙيءَ ۾ قيد هو پر هن جو روح هوا جيان آزاد. پادرين جي مار هن جي جسم کي تڪليف ته پهچائي هئي پر هن جي جذبن کي ڇهيو به ڪين هو. ماڻهو، جي انصاف پسند آهي ته ڪو به ظالم هن کي تڪليف نٿو پهچائي سگهي. حق تي هجي ته ظلم هن کي فنا نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ئي سقراط کلندي زهر جو پيالو پيتو ۽ مسڪرائيندي سنگسار ٿي ويو، پر جي اسين پنهنجي ضمير جي آواز جي مخالفت ڪنداسين ته هو اسان کي تڪليف پهچائيندو. هن سا دغا بازي ڪنداسون ته هو اسان کي ماري وجهندو.
    جيڪو ڪجهه يوحنا تي گذريو ان جو اطلاع سندس پيءُ-ماءُ کي مليو. هن جي ماءُ لٺ ٽيڪيندي گرجا گهر پهتي ۽ مها پادريءَ جا هٿ چمي سندس قدمن تي ڪري پئي ۽ سندس اکيون سانوڻ جي بوند جيان وسڻ لڳيون. هن کان پنهنجي پٽ جي لاءِ رحم ۽ ان جي جهالت جي لاءِ معافي پنڻ لڳي. پادريءَ اکيون آسمان ڏانهن کنيون، ڄڻ ته هو ٻين کان اوچو ۽ مٿانهون هجي. چوڻ لڳو: ”مان تنهنجي پٽ جي ڪاوڙ ۽ بي ادبي ۽ هن جي چريائپ کي نظر انداز ڪريان ٿو پر گرجا جي مقدس حقن جي ادائگي ضروري آهي! اسان پنهنجي مهربانيءَ سان حقير انسانن کي معاف ڪري ڇڏيون ٿا مگر يشاع عظيم انهن کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري سگهي جنهن هن جي انگورن جي ولين کي تباهه ۽ پوک کي برباد ڪري ڇڏيو هجي.“
    يوحنا جي ماءُ هن ڏي نهاريو. ڳوڙها هن جي ڳلن تان ڳڙي آيا جن تي ٻڍاپي سبب گهنج پئجي ويا هئا. هن پنهنجي ڳلي مان چانديءَ جو هار لاٿو ۽ وڏي پادريءَ کي ڏيندي چيائين: ”مقدس پيءُ، مون وٽ هن هار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪين آهي جيڪو شاديءَ واري ڏينهن منهنجي پيءُ مون کي تحفي ۾ ڏنو هو. منهنجي سڪيلڌي پٽ جي ڏوهن جي عيوض ۾ گرجا هن کي قبول ڪندو؟“
    مها پادريءَ هار وٺي کيسي ۾ رکيو ۽ ڪراڙيءَ ٿورائتي طور سندس هٿن کي چميو. مها پادريءَ چيو: ”هن زماني تي افسوس آهي جو ماڻهن ڪتاب جي معنيٰ بدلائي ڇڏي آهي، ڏوهه اولاد ٿي ڪري ۽ لوڙي پيءُ ماءُ ٿو. اي نيڪ بخت عورت! وڃ ۽ پنهنجي پاڳل پٽ جي لاءِ دعا ڪر ته الله هن جي گناهن کي معاف ڪري.“
    يوحنا بنديخاني مان نڪتو ۽ پنهنجي مال يا ڍورن ساڻ، پنهنجي ماءُ سان گڏ، جيڪا پنهنجي ڪلهن تي سالن جو ٻوجهه کنيو لٺ جي ٽيڪ تي هلي رهي هئي، آهستي آهستي روانو ٿي ويو. جهوپڙيءَ ۾ پهچي ڪري هن جانورن کي واڙيءَ ۾ هڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ دريءَ جي ڀرسان خاموش بيهي ڪري ڏينهن جي روشنيءَ جي عظمت ڏسڻ لڳو. ٿوريءَ دير بعد هن ٻڌو ته هن جو پيءُ پنهنجيءَ زال کي چئي رهيو هو ته ”ساره! تو هر ڀيري منهنجي مخالفت ڪئي، جڏهن به مون توکي چيو ته اسان جو پٽ چريو آهي، پر هاڻي مان توکي مخالفت ڪندي نٿو ڏسان، ڇو ته هن جي ان عمل منهنجي قول جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ معزز مها پادريءَ اڄ توکي ساڳي ڳالهه چئي آهي جيڪا سالن کان چوندو آيو آهيان.“
    يوحنا الهندي طرف ڏسندو رهيو جتي سورج جي روشنيءَ سان رنگين ڪڪر تري رهيا هئا.
    عيد آئي ۽ اهو عظيم الشان نئون هيڪل بنجي تيار ٿي ويو جو ”بشريٰ“ جي عمارتن ۾ ائين ٿي لڳو ڄڻ عوام جي گهرن ۾ بادشاهه جو محل. ماڻهو بيٺا هڪ پادريءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته جيئن هن جي تعظيم ڪن. جڏهن کين پادريءَ جي پهچڻ جي خبر پئي ته قطارن جي شڪل ۾ سڙڪن تا اچي ويا ۽ هن کي شهر وٺي ويا، اهڙيءَ طرح جو چئني پاسن کان پادري ۽ نوجوان ذڪر ۽ ثناخوانيءَ ۾ مست هئا، دهل وڄي رهيا هئا، گهنٽين ۽ ڇيرن جي ڇمڪار کان فضا ٻهڪي رهي هئي. جڏهن هو پنهنجي گهوڙي کان لٿو ته عالمن ۽ شهر جي اڳواڻن مرحبائي لفظن سان هن جو استقبال ڪيو. جڏهن هو نئين هيڪل ۾ پهتو ته هن ريشمي لباس اوڍيو، جواهرن جڙيل تاج مٿي تي ۽ عصا هٿ ۾ کنئي، جيڪا قيمتي پٿرن ۽ عجيب و غريب نقش و نگارن سان سينگاريل هئي. هو ٻين پادرين سان گڏ منتر الاپيندو هيڪل جو طواف ڪرڻ لڳو. هيڪل جي چئني پاسن کان قيمتي خوشبوئن جي هُٻڪار هئي ۽ بيشمار شمعون روشن هيون.
    انهيءَ وقت يوحنا ٻين ڌنارن ۽ ڪڙمين سان گڏ هڪ بلند گيلريءَ ۾ بيهي انهيءَ منظر کي غمگين نگاهن سان ڏسي رهيو هو. هن کي اهو سڀ ڪجهه ڏسندي مونجهه جو احساس ٿي رهيو هو ته هڪ پاسي چمڪدار ريشمي لباس آهن، سونا ٿانوَ، چانديءَ جا قيمتي ڌوپ دان ۽ مشعلون روشن آهن ته ٻئي طرف فقيرن ۽ مسيڪينن جو ڌڻ آهي جيڪو ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ ٻنين مان عيد جي مسرتن ۽ ڪليسا جي تعظيم ۽ تقدس جو اجتماع ڏسڻ آيو هو. هڪ پاسي عظمت، بخمل ۽ اطلس سان سجيل هئي ته ٻئي طرف غربت چتين لڳل لباس ۾ ويڙهيل! جتي هڪ طاقتور ۽ مالدار جماعت منترن جي ذريعي مذهب جي نمائش ڪري رهي آهي ۽ اتي ئي هڪ ڪمزور ۽ حقير ٽولو مسيح جي ٻيهر زندهه ٿيڻ تي دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو آهي ۽ خاموشيءَ سان دعائون گهري رهيو آهي، پنهنجي گرم ساهن جي زبان ۾، جيڪي هن جي ٽٽل دلين جي گهراين مان نڪري رهيا هئا، فضا سان سرگوشيون ڪري رهيا هئا. هتي حڪومت جا نمائندا ۽ قوم جا چڱا مڙس آهن، جن کي پنهنجي خاندان کان اها زندگي ورثي ۾ ملي آهي ۽ هوڏانهن غريب هاري جن کي فرمانبردايءَ ۽ عاجزيءَ جي عيوض اها زندگي ملي جيڪا انهيءَ ٻيڙيءَ مثل آهي جنهن جو ملاحُ موت جو فرشتو آهي، جنهن جا وَنجهه لهرن ٽوڙي وڌا آهن، جنهن جا سڙِهَه تيز ۽ تکين هوائن ڦاڙي وڌا آهن ۽ اها طوفان ۽ لهرن جي خوف ۽ غضب ۾ ڪنبي رهي آهي. هتي بي انداز ظلم آهي ۽ هوڏانهن انڌي اطاعت!
    هنن ٻنهي جو خالق ڪير آهي ۽ مخلوق ڪير؟ ڇا ظلم اهو طاقتور وڻ آهي جيڪو بيمار زمين ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي يا انڌي تقليد اها بنجر ٻني آهي جتي ڪنڊا ئي ڪنڊا ڄمندا آهن.
    هي اُهي ئي ڏکائيندڙ فڪر ۽ تڪليف ڏيندڙ خيالات هئا جن ۾ يوحنا گم هو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجو سينو دٻايو ڄن ته ساهه هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو ۽ کيس خوف ٿيڻ لڳو ته متان ڪٿي سندس ڇاتي نه ڦاٽي پئي.
    قصو ڪوتاه، تعظيم ۽ تقدس جي مجلس پوري ٿي ۽ ماڻهو وڃڻ جي ارادي سان ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت يوحنا کي ائين محسوس ٿيو ته فضا ۾ هڪ روح آهي جيڪو هن کي ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ تي اڀاري رهيو آهي. هن ميڙ ۾ هڪ طاقت آهي جيڪا هن جي روح کي تحرڪ ۾ آڻي هن کي سندس ارادي جي ابتڙ زمين ۽ آسمان جي آڏو تقرير ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آهي. هو اڳتي وڌي وڏي بالڪونيءَ ۾ آيو ۽ ڪڙڪدار آواز ۾ ماڻهن سان مخاطب ٿيو. ماڻهو هُن ڏانهن ڏسڻ لڳا ۽ هو هٿ آسمان ڏانهن کڻي چوڻ لڳو:
    ”ڏس! اي مسيح! هن زمين کي ڏس! جنهن ڪالهه پنهنجي عناصر جي چادر ڍڪي آهي. ڏس! اي امين هاري! چنهنڊار ڪنڊا هنن گُلن جو ڳلو گهُٽي رهيا آهن جن کي تو پنهنجي پيشانيءَ جي پگهر سان ريج ڏنو هو. ڏس! اي نيڪ ڌنار! خونخوارن جا چنبا هن ڪمزور رڍ جي ٻچن جون پاسريون چيري رهيا آهن، جن کي تو پنهنجن ڪلهن تي کنيو هو. ڏس! تنهنجو پاڪ رت زمين ۾ هليو ويو. تنهنجا گرم گرم ڳوڙها انسان جي دل ۾ خشڪ ٿي ويا، تنهنجا گرم ساهه، صحرائي هوائن ۾ فنا ٿي ويا ۽ هيءَ فضل جن کي تو پنهنجي پاڪ قدمن سان پاڪ ڪيو هو ميدان جنگ بڻجي ويا، جتي طاقتورن جا سُنبَ، ڪمزورن جي پاسرين کي چُور چُور ڪري رهيا آهن ۽ ظالمن جا چبنا ڪمزرون جا روح قبض ڪري رهيا آهن. هن اونداهيءَ جي چئني پاسن کان اٿندڙ بدقسمتن جي فرياد اُهي ماڻهو نٿا ٻڌن جيڪي تنهنجي نالي تي تخت تي ويٺا آهن ۽ ڏکايلن جون آهُون انهن مذهبي پيشوائن جي ڪنن تائين نٿيون پهچن جيڪي منبر تي بيهي ڪري تنهنجي تعليم کي عام ڪرڻ جا دعويدار آهن. اهي رڍ جا ٻچڙا جن کي تو ڪلمهء حيات جي تلقين لاءِ موڪليو هو، خونخوار جانورن جي شڪل اختيار ڪري پنهنجن چنبن سان انهيءَ رڍ جي ٻچڙن جي ٻانهن کي زخمي ڪري رهيا آهن، جن کي تو پنهنجي آغوش ۾ ورتو هو ۽ اهو پيغام جيڪو تو خدا جي سيني مان ڪڍي ڪري لاٿو هو، ڪتابن جي صفحن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ ان جي جڳهه هڪ خوفناڪ آواز اچي ورتي آهي جنهن جي خوف کان روح ڏڪي اٿيا آهن.
    ”اي يسوع مسيح! ماڻهن پنهنجي نالي جي عظمت لاءِ سهڻن پٿرن سان سينگاريل گرجا ۽ عبادتگاهون بڻايون آهن ۽ تنهنجي پيارن فقيرن جي جسمن کي سرد راتين ۾ اگهاڙو ڇڏي ڏنو آهي، فضا کي ڌوپ جي خوشبوئن سان مهڪائي ڇڏيو آهي ۽ اهلِ ايمان جي معدن کي تنهنجي نالي تي مانيءَ کان خالي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هنن يتيمن جي آوازن ۽ بيوهه عورتن جي فرياد ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن.
    ”اي زندهه ۽ پاينده مسيح! وري ٻيهر موٽي آءُ ۽ مذهب فروشن کي پنهنجين هيڪلن مان هڪالي ڪَڍ، ڇو ته هنن عبادتگاهن کي انهن غارن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي جن ۾ هنن جي فريب ڪارين ۽ چالبازين جا نانگ ور وڪڙ کائيندا رهن ٿا.
    ”اچ، ۽ انهن بادشاهن کان حساب وٺ جن ڪمزورن کان اهو سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي جيڪو هنن جي ۽ خدا جي ملڪيت هو. اچ ۽ اچي انگور جي انهيءَ ول کي ڏس! جنهن کي تو پنهنجي سڄي هٿ سان پوکيو هو، هن جون ٽاريون هاڻي ڪيڙا کائي ويا آهن ۽ انهن شاخن ڪِري ڪِري مسافرن جا پير زخمي ڪري وڌا آهن.
    ”اچُ ۽ انهن ماڻهن کي ڏس! جن کي تو امن ۽ سلامتي ءَ سان گڏ رهڻ جي تعليم ڏني هئي. هاڻ اهي ماڻهو مفادن جي ڪري مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿي ڪري وڙهن ۽ جهڳڙن ٿا، مارين ۽ ڪٽين ٿا، انهن جي انهيءَ جنگ جو شڪار اگر ٿيا آهن ته اهي آهن اسان جا غمگين روح، اسان جون ٽٽل دليون! عيدن ۽ تهوارن جي موقعن تي اهي همت ڪري پڪاري چون ٿيون؛ ته ’بزرگي آسمانن تي رهڻ واري خدا جي لاءِ آهي، سلامتي زمين جي لاءِ آهي ۽ مسرت انسان جي لاءِ.‘
    ”ته ڇا تنهنجي آسماني پيءُ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي ته گنهگار چَپَ ۽ ڪوڙيون زبانون، انهيءَ جو نالو وٺن؟ ڇا زمين کي سلامتيءَ جي اها ئي صورت آهي جو بدقسمت هاري طاقتور جو وات ۽ ظالم جو پيٽ ڀرڻ لاءِ زمينن ۾ پنهنجيون قوتون فنا ڪن! ۽ ڇا انساني خوشي انهيءَ کي چئبو آهي ته تقدير جا ماريل مظلوم نگاهن سان موت کي ڏسن، جهڙي طرح قيدي پنهنجي آزاد ڪرڻ واي کي ڏسندو آهي.
    ”پيارا مسيح! اها سلامتي ڇا آهي؟ ڇا اها انهن ٻارڙن جي اکين ۾ آهي جيڪي سرد ۽ اونداهن گهرن ۾ پنهنجي بکايل ماءُ جي سيني سان چنبڙيل هوندا آهن؟ يا پٿرن جي فرش تي ستل انهن مفلسن جي جسمن ۾، جيڪي انهيءَ خوراڪ جي خواهش ته ڪندا آهن پر حاصل ڪري ڪونه سگهندا آهن جيڪا گرجا جا پادري پنهنجن ٿلهن متارن سوئرن جي اڳيان وجهندا آهن.
    ”اي حسن ۽ جمال جا ديوتا مسيح! اها خوشي ڇا آهي؟ ڇا اها آهي ته امير چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض مرد جي قوت ۽ عورت جي عزت خريدي وٺي؟ يا هي ته اسان جسماني ۽ روحاني اعتبار کان، خاموشيءَ سان گڏ انهيءَ شخص جا غلام رهون، جيڪو سونَ جي چمڪاٽ، مُنڊين جي قيمتي پٿرن جي جهومر ۽ ريشمي لباسن جي چمڪ کان اسان جو اکيون چُنهجيون ڪري ڇڏينديون آهن، يا وري اهو ته اسان رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندا رهون ۽ هو پنهنجي مسلح ڪارندن کي اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن جي جسمن کي پِيهي وجهن ۽ اسان جي رت سان زمين کي ريج اچي.
    ”اي طاقتور مسيح! پنهنجو هٿ وڌاءِ ۽ اسان کي پنهنجي پناهه ۾ وٺ، جو ظالمن جا هٿ اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، يا ته موت کي موڪل جيڪو اسان کي قبر ۾ وٺي وڃي، جتي اسان تنهنجي صليب جي پاڇي، انهيءَ وقت تائين آرام سان سمهون جيستائين تون ٻيهر پيدا نه ٿئين! زندگي اسان لاءِ زندگي ناهي بلڪ هڪ عذاب آهي، دنيا هڪ اهڙي وادي آهي جنهن جي ڪنارن تي خوفناڪ بلائون آهن، وروڪڙ کائي رهيون آهن. مهينا ۽ سال به اسان لاءِ مهينا ۽ سال ناهن بلڪ تيز ترين تلوارون آهن جن کي رات اسان جي بسترن ۾ لڪايو ڇڏي ۽ صبح اسان جي مٿان ڇڪيو آڻي جهلي. جڏهن ته زندهه رهڻ جي خواهش اسان کي ٻنين ۾ وٺي ٿي وڃي.
    ”ڪرم ڪر، اي مسيح! انهن سڀني ماڻهن تي جيڪي تنهنجي ٻيهر ڄمڻ واري ڏينهن سان تنهنجي نالي جي ڪري چنبڙيل آهن، انهن جي ذلتن ۽ ڪمزورين تي رحم ڪر!“
    يوحنا آسمان طرف منهن کڻي فرياد ڪري رهيو هو ۽ ماڻهو چئني پاسن کان هن کي گهيري بيٺا هئا. انهن مان هڪڙو ٽولو ته يوحنا کي محبت ۽ پسنديدگيءَ جي نگاهن سان ڏسي رهيو هو ۽ ٻيو غضب ۽ ڪراهت ڀريل نگاهن سان.
    هڪ رڙ ڪري رهيو هو: ”هن جيڪي ڪجهه چيو! هي خدا کان اسان جي مظلومي جي فرياد ڪري رهيو هو ته اسان مظلوم آهيون!“
    ٻيو چئي رهيو هو: ”هيءُ ذليل آهي! هن جي زبان باغي روح جي ترجماني ڪري رهي آهي!“
    ٽيون نفرت ۽ بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو هو: ”اسان اڄ تائين اهڙي قسم جي بڪواس پنهنجن ابن ڏاڏن کان ناهي ٻڌي ۽ نه هاڻي ٻڌڻ چاهيون ٿا!“
    چوٿون پنهنجي پاسي واري سان ڪن ۾ سُس پس ڪري رهيو هو ته ”جڏهن مون ان جو آواز ٻڌو ته هڪ جادوئي ڌُرڙي محسوس ڪئي جنهن منهنجي سيني ۾ دل کي پريشان ڪري ڇڏيو. واقعي هن جي ڪلام ۾ هڪ عجيب قوت آهي.“ ۽ هو جواب ڏئي رهيو هو ته ”هائو! پر وڏا ماڻهو اسان جِن ضرورتن متعلق اسان کان بهتر ڄاڻن ٿا تنهنڪري انهن جي شڪايت ڪرڻ غلطي آهي.“
    انهيءَ دوران چئني طرفن کان آواز بلند ٿي ڪري مَوجن جي گڙگڙاهٽ جيان ملي رهيا هئا ۽ هوا انهن کي پريشان ڪري رهي هئي. هڪ پادري آيو ۽ يوحنا کي پڪڙي سپاهين جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو انهيءَ کي حاڪم جي حضور وٺي ويا. جڏهن هن کان سوال ڪيو ويو ته هن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، ڇو ته هن کي ياد هو ته مسيح پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارن جي اڳيان خاموشي اختيار ڪئي هئي. قصو ڪوتاهه يوحنا کي هڪ اونداهي قيدخاني ۾ وڌو ويو جتي هو پٿريلي فرش تي پنهنجين ٻانهن کي وهاڻو بڻائي آرام سان سمهي پيو.
    ٻئي ڏينهن يوحنا جو پيءُ حاڪم جي اڳيان پيش ٿيو ۽ پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي چريائپ جي تصديق ڪندي چوڻ لڳو ته سائين! مون اڪثر اڪيلائپ ۾ هن کي بيبيندي ۽ انهن عجيب و غريب شين متعلق گفتگو ڪندي ٻڌو آهي جن جي ڪا به حقيقت ناهي! هو اڪثر راتين جو جاڳندو آهي ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ لفظن ۾ خاموشيءَ سان ڳالهيون ڪندو رهندو آهي، خوفناڪ آوازن سان، جيڪي ڪَاهِن جي منترن سان مِلندا جُلندا آهن، ظلمت جي پاڇولن کي پڪاريندو رهندو آهي. سائين! توهان پاڙي جي ڇوڪرن کان پڇو! جڏهن به اهي هن جي پاسي ۾ وڃي ويٺا، اهو ئي ڏٺائون ته هن جو عقل ڪن ڏورانهن ڏيهن ۾ گم آهي، اگر ڪا به ڳالهه ڪنهن به ڪئي ته هن جواب نه ڏنو! ۽ اگر ڳالهايو ته مبُهم لفظن ۾ جنهن جو اصل گفتگوءَ سان جو به تعلق ناهي. هن جي ماءُ کان پڇو! اها تمام ماڻهن کان وڌيڪ انهيءَ حقيقت کي ڄاڻي ٿي ته هن جو پٽ عقل ۽ احساس کان بلڪل بيگانو آهي. هن ڪيئي دفعا ڏٺو آهي ته هو کتل نگاهن سان افق کي گهوري رهيو آهي ۽ هزارين دفعا ٻڌو آهي ته هو وڏي توجهه سان وڻن، نهرن، گلن ۽ ستارن جي متعلق گفتگو ڪري رهيو آهي، جهڙيءَ طرح ننڍين ننڍين شين متعلق گفتگو ڪندا آهن. ڪليسا جي پادرين کان جاچ ڪرايو! ته هو ڪالهه انهن سان وڙهي پيو. هنن جي عبادت ۽ رياضت جي توهين ڪئي ۽ انهن جي بزرگيءَ جو انڪار ڪيو. سائين! هو چريو آهي، مگر مون تي ۽ پنهنجيءَ ماءُ تي جانِ قربان ٿو ڪري. ٻڍاپي جي ڏينهن ۾ اسان کي ماني ۽ ڪپڙو ڏئي ٿو ۽ اسان جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجو پگهر وهائي ٿو. خدا واسطي، هن جي خطا معاف فرمائي اسان تي رحم کائو، هن جي چريائپ کي نظرانداز فرمائي، مامتا جون دعائون وٺو!
    يوحنا کي آزاد ڪيو ويو ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺن ۾ هن جي چريائپ جو چرچو عام ٿي ويو. ڇوڪرا هن جي ڳالهين تي چٿرون ڪرڻ لڳا ۽ ڇوڪريون همدرديءَ وچان چونديون هيون ته عالمِ انسان ۾ خدا جا ڪهڙا ڪهڙا شانَ آهن! هن جوان کي ڏسو! ڪيڏو حسين آهي، ليڪن ويچاري جو دماغ خراب آهي، هن جون اکيون ڪيڏيون حسين ۽ گهائيندڙ آهن، مگر روح بيمار ۽ ويڳاڻو اٿس.
    انهيءَ گاهه ۽ گلن سان ٽمٽار وادين ۾ يوحنا پنهنجن وهٽن جي ڀر ۾ ويٺو هو، جيڪو انسانن جي تڪليفن ۽ مصيبتن کان بيزار ٿي سرسبز چراگاهن ۾ اچي ويا هئا. هو ڳاڙهين اکين سان انهيءَ ڳوٺ ۽ آباد ٻنين کي ڏسي رهيو هو جيڪي واديءَ جي ڪنارن سان پري تائين ڦهليل هئا. گهرا ساهه کڻي هُو بار بار چئي رهيو هو:
    ”توهان گهڻا آهيو ۽ مان اڪيلو، توهان جي دل جيڪو چاهي سو مون لاءِ چئو ۽ جيڪا دل چوي سا مون سان ڪيو. بگهڙ رات جي اونداهيءَ ۾ رڍ کي ڦاڙي کائي ٿو ليڪن هن جي خون جا نشانَ صبح ٿيڻ ۽ سج نڪرڻ تائين وادي جي پٿرن تي باقي رهجي ويندا آهن.“




    مائٽن جو موت

    مائٽن جو موت

    منهنجا مائٽ مري ويا ۽ مان زندگيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل تنهائيءَ ۾ انهن تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهيان.
    منهنجا دوست موت جي ننڊ سمهي رهيا ۽ انهن کان پوءِ منهنجي زندگي دک درد جو باب بڻجي وئي.
    منهنجا مائٽ ۽ دوست زمين جو حصو بنجي ويا، ۽ منهنجي وطن جا پهاڙ رت ۽ ۽ ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويا، مگر مان هتي اهڙيءَ طرح زندگي گهاري رهيو آهيان جهڙيءَ طرح هُن زماني ۾ بسر ڪندو هوس، جڏهن منهنجا مائٽ ۽ دوست زندگيءَ جي ڪلهن تي سوار هئا ۽ منهنجي وطن جا پهاڙ سج جي روشنيءَ سان روشن هئا.
    منهنجا مائٽ بکن ۾ مري ويا ۽ جيڪو انهن مان بک وگهي ڪو نه مئو، انهيءَ کي تلوار سان ماريو ويو، ۽ مان هن ڏورانهين ڏيهه ۾ انهن ماڻهن ۾ هلي چلي رهيو آهيان جيڪي مسرت ۽ شادمانيءَ جي تصوير آهن، جيڪي پُرتڪلف کاڌا کائين ٿا ۽ بهترين مشروب پين ٿا، جيڪي شاندار بسترن تي فرحت ۽ آرام جي ننڊ سمهن ٿا، جيڪي زماني سان دل لڳي ڪن ٿا ۽ زمانو انهن سان دل لڳي ڪري ٿو.
    منهنجا مائٽ نهايت ذلت جو موت مئا، مگر مان هتي عيش ۽ سلامتيءَ جي زندگي گهاري رهيو آهيان ۽ هيءُ اهو غم جو قصو آهي جيڪو منهنجي ذهن جي اسٽيج تي کيڏيو پيو وڃي.
    جيڪڏهن مان پنهنجن بکين مائٽن سان گڏ بکيو هجان ها ۽ پنهنجي مظلوم قوم سان گڏ سور ۽ سختيون برداشت ڪيان ها ته ڏينهن جا قدم منهنجي سيني تي ايترا وزني ۽ راتيون منهنجي اکين ۾ ايتريون اونداهيون نه هجن ها، ڇاڪاڻ ته ڪو به مصيبت ۽ مجبوريءَ ۾ پنهنجن مائٽن جو ساٿ ڏيندو آهي ته هو هڪ اهڙي پوتر تسڪين محسوس ڪندو آهي جيڪا جذبهء شهادت سان ئي پيدا ٿيندي آهي، بلڪه هو پنهنجو پاڻ تي فخر ڪندو آهي ڇو ته بيگناهن سان گڏ بيگناهه ئي مرندو آهي، ليڪن مان پنهنجي بکي ۽ مظلوم قوم سان گڏ نه آهيان جيڪا موت جي جلوس سان گڏوگڏ شهادت، ڀلائيءَ ۽ بزرگيءَ طرف وڃي رهي آهي، بلڪه هت ست سمنڊ پار، سڪون جي پاڇي ۾ ۽ سلامتيءَ جي پاسي ۾ گهاري رهيو آهيان. هت مان مصيبت توڙي مصيبت جي ماريلن کان پري آهيان ۽ پنهنجي ڪنهن به شيءِ تي فخر نٿو ڪري سگهان. ايتريقدر جو پنهنجي وهايل ڳوڙهن تي به نه!
    هڪ پرديسي، جو پنهنجي وطن کان تمام گهڻو پري هجي، پنهنجي بکايل مائٽن جي ڪهڙي مدد ڪري ٿو سگهي؟
    ڪاش! مان ڄاڻان ها ته شاعر جي دانهن ۽ ماتم جو فائدو ڇا آهي؟
    ـــــ اگر مان پنهنجي وطن جي باغن ۾ پڪل ميوو هجان ها ته بکايل عورت مون کي پٽي پنهنجي پيٽ جي باهه وسائي ها.
    ـــــ اگر مان پنهنجي وطن جي فضا ۾ هڪ پکي هجان ها ته بکايل مرد مون کي شڪار ڪري منهنجي جسم جي ذريعي پنهنجي جسم کان قبر جو پاڇو پري ڪري ها!
    ـــــ اگر مان پنهنجي وطن جي زمين ۾ ڪڻڪ جو سنگ هجان ها ته بکايل ٻار مون کي ڀڃي ها ۽ منهنجن داڻن سان موت جو هٿ پنهنجي سيني کان هٽائي ها!
    مگر ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو مان پنهنجي وطن جي زمينن ۾ ڪڻڪ جو سنگ به نه آهيان ۽ نه پنهنجي وطن جي وادين ۾ پڪل ميوو ۽ اها ئي منهنجي بدقسمتي آهي. ۽ هيءَ اها ئي گونگي آزمائش آهي جيڪا منهنجي پنهنجي وجود کي رات جي پاڇولن اڳيان ذليل ۽ حقير ڪري رهي آهي.
    هيءُ اهو ئي غمناڪ واقعو آهي جنهن منهنجي زبان تي تالو لڳائي ڇڏيو آهي، منهنجي هٿن کي جڪڙي ڇڏيو آهي ۽ مان هن حال ۾ بيٺو آهيان، جو نه مون وٽ ڪو عزم ۽ ارادو آهي ۽ نه عمل!
    ***
    ماڻهو مون کي چون ٿا ته ”تنهنجي ملڪ جي تباهي دنيا جي تباهيءَ جي هڪڙي حصي کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ ۽ تنهنجي ملڪ ۾ وهايل رت ۽ ڳوڙها ڇا آهن سواءِ انهيءَ ڳوڙهن ۽ رت جي درياءَ جي چند قطرن جي، جيڪو دنيا جي وادين ۽ ميدانن ۾ ڏينهن ۽ رات ڇوليون هڻندو رهي ٿو.
    هيءُ سچ آهي! ليڪن منهنجي ملڪ جي بربادي، خاموش بربادي آهي. منهنجي ملڪ جي بربادي اهو گناهه آهي جنهن جي نتيجي ۾ نانگ ۽ ازدها جنم وٺن ٿا. منهنجي ملڪ جي بربادي انهيءَ غم مثل آهي جنهن ۾ نه گيت آهن، ۽ نه نظارا.
    اگر منهنجي قوم ظالم حاڪمن جي خلاف ڀڙڪي اٿي ها، بغاوت ۽ سرڪشيءَ جي ڏوهه ۾ مارجي وڃي ها، ته مان چوان ها ته آزاديءَ جي راهه ۾ مرڻ غلاميءَ جي پاڇي ۾ جيئڻ کان بهتر آهي ۽ جو ڪوئي به تلوار جي هٿان موت کي ڀاڪر پائي ٿو اهو حق سان گڏ غيرفاني ٿي ٿو وڃي.
    جيڪڏهن منهنجي قوم، قومن جي جنگ ۾ حصو وٺي ها ۽ هن جو هڪ، هڪ ٻچو ميدان-جنگ ۾ قربان ٿي وڃي ها ته مان چوان ها ته هيءَ هڪ تيز طوفان هو جنهن پنهنجي زور تي سُڪين توڙي ساين ٽارين کي هڪ ئي وقت ڀڃي اڇلي ڇڏيو آهي ۽ طوفاني شاخن ۾ دٻجي مرڻ ٻڍاپي جي جهوليءَ ۾ ساهه ڏيڻ کان بهتر آهي.
    اگر زمين ۾ زلزلو اچي ها جنهن جي اثر کان منهنجو ملڪ اونڌو ٿي پوي ها ۽ منهنجا رشتيدار ۽ دوست مٽيءَ ۾ دٻجي وڃن ها ته مان چوان ها ته هي مخفي قانون آهن جيڪي انساني قوتن کان مٿي، هڪ طاقت جي اثر هيٺ حرڪت ڪري رهيا آهن، ان ڪري جهالت چئبي جو اسان انهن رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    مگر منهنجا مائٽ بغاوت جي ڏوهه ۾ ناهن مئا، انهن وڙهندي جان ناهي ڏني، ۽ نه انهن جو ملڪ زلزلن جي نتيجي ۾ مسمار ٿيو آهي، پر اهي غلاميءَ جي ڀينٽ چڙهيا آهن.
    منهنجا مائٽ سوريءَ چاڙهيا ويا، جو انهن جا هٿ، سڄي، کٻي لڙڪيل هئا ۽ هنن جون اکيون فضا ۾ ڏسي رهيون هيون.
    ــــــ اهي بي زبان ماريا ويا، اهڙيءَ طرح جو هو پنهنجن دشمنن سان بزدلن وانگر محبت ۽ پنهنجن چاهيندڙن سان منڪرن وانگر نفرت به ڪري نه سگهيا.
    ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته اهي گنهگار ڪو نه هئا.
    ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته هنن ظالمن تي ظلم ڪو نه ڪيو هو.
    ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته اهي صلح پسند هئا.
    ــــــ اهي هن ڌرتيءَ تي بکيا ماريا ويا، جنهن ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نهرون وهن ٿيون.
    ــــــ اهي ان لاءِ ماريا ويا ته دوزخي بلائن انهن جي فصلن ۾ چرندڙ سڀني چوپاين ۽ انهن جو ذخيرو ڪيل سمورو اناج هڙپ ڪري ڇڏيو.
    ــــــ اهي ان خاطر ماريا ويا ڇو ته زهريلن نانگن انهن جي فضائن کي پنهنجن زهريلن ڦوڪارن سان زهريلو ڪري ڇڏيو، جيڪا چنبيلي، گلاب ۽ صنوبر جي خوشبوئن سان هٻڪاريل هئي.
    اي اهلِ شام! منهنجا ۽ توهان جا مائٽ مري ويا، مگر جيڪي انهن مان بچي ويا آهن، ٻڌايو! اسان انهن لاءِ ڇا ڪيون؟
    اسان جون آهون ۽ دانهون انهن جي اُکڙندڙ آخري ساهن کي نٿيون روڪي سگهن ۽ اسان جا ڳوڙها انهن جي شديد اُڃ کي نٿا اُجهائي سگهن.
    هاڻي ٻڌايو! اسان انهن کي بک ۽ اُڃ کان بچائڻ لاءِ ڇا ڪريون؟
    ڇا اسان شڪ ۽ گهٻرائٽ، غفلت ۽ بي پرواهيءَ جي عالم ۾ هن نازڪ ترين حادثي کان اکيون ٻوٽي، زندگيءَ جي حقير ۽ معمولي ڪمن ۾ مشغول رهون؟
    اي منهنجا شامي ڀائرو! اهو جذبو جيڪو توهان کي پنهنجي مرڻ ويجهو ڀائرن جي مدد واسطي اُڀاري ٿو، هڪ بي نظير مرتبو آهي جيڪو مون کي ڏينهن ۽ رات جي خاموشيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ جو مستحق بنائي ٿو، ۽ اهو پئسو جيڪو تون پنهنجي طرف ڊگهيريل خالي هٿن تي رکين ٿو، اهو هڪ سونهري حلقو آهي جيڪو تنهنجي انسانيت کي، انسانيت کان بالاتر ۽ وابسته ڪري ٿو.



    اي منهنجي دل

    اي منهنجي دل

    اي منهنجي دل!
    خدا جي واسطي خاموش رهه، ۽ پنهنجي محبت جي مشهوري نه ڪر ۽ ٻين ماڻهن کان پنهنجي رازن کي مخفي رک.،تڏهن تون زيادهه خوشنصيب چورائبينءَ.
    ۽ جيڪو به تنهنجا راز ٻين تي ظاهر ٿو ڪري، اهو بيوقوف ۽ چريو تصور ڪيو ٿو وڃي. خاموشي ۽ رازداري محبت جي قيدين لاءِ تمام گهڻي سٺي شيءِ آهي.
    خدا جي واسطي! اي منهنجي دل! اگر ڪو به سوال پُڇئي ته ڪهڙو حادثو ٿيو اٿئي، ته ان کي ڪو به جواب نه ڏجانءِ.
    اگر توکان پڇيو وڃي ته اها نازڪ ناري ڪير آهي؟ چئي ڇڏ، ته هو ڪنهن ٻيءَ جي محبت ۾ گرفتار آهي ۽ ڪوڙ سوڙ ايئن ظاهر ڪر ته ڄڻ، اهو ڪنهن اهميت جي لائق ئي ڪو نه آهي.
    خدا جي واسطي! اي منهنجي دل! پنهنجن جذبن کي ظاهر نه ڪر، تنهنجي بيماري تنهنجو علاج به آهي ڇو ته روحاني محبت انهيءَ پيالي مثل آهي جنهن ۾ موجود شراب بظاهر توکي شراب لڳي، مگر حقيقت ۾ ان جو جوهر ۽ روح هوندو آهي!
    خدا جي واسطي! اي منهنجي دل! پنهنجن ڏکن ۽ تڪليفن کي لڪاءِ، پوءِ ڀل (زمين) اُٿلي پوي، آسمان ڏَري پوي، ته به توکي تڪليف نه پهچندي ـــــــ تون محفوظ رهندينءَ.



    سهڻا سخن

    سهڻا سخن

    o جڏهن تون پنهنجي غم ڪنهن پاڙيسريءَ کي ٻڌائين ٿو ڄڻ ته تون دل جو هڪ ٽڪرو انهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، هاڻي اگر هو وڏي ظرف جو مالڪ آهي ته انهيءَ اعتماد لاءِ تنهنجو شڪرگذار ۽ احسانمند رهندو، پر جي ڪمينو ۽ ڪم ظرف آهي، ته پوءِ توکي نفرت ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏسندو.
    o ترقي صرف ماضيءَ جي اصلاح جو نالو نه، پر مستقبل طرف آهستگيءَ سان سلسليوار پيشقدميءَ جو نالو به آهي.
    o جڏهن ڪنهن وحشي ۽ غير مهذب شخص کي بک ستائيندي آهي، تڏهن هو وڻ مان ڪوئي ميوو پٽي کائي ٿو وٺي، پر جي بکايل شخص ڪنهن مهذب معاشري جو مهذب فرد هوندو ته هو اهو خريد ڪندو. ان به اڳ ۾ انهيءَ شخص کي خريد ڪيو هوندو. جيڪو وڻ مان پٽيندو آهي.
    o فن هڪ قدم آهي جيڪو ظاهر کان باطن ۽ ابديت جي طرف کنيو وڃي ٿو.
    o زندگي ساهه کڻي ٿي ته اسان زندهه آهيون ۽ ساهه روڪي ٿي ته مري ٿا وڃون.
    o شريف ڪير آهي؟
    o انسان خوردبين مثل آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي هيءَ دنيا تمام عظيم نظر ٿي اچي.
    o ماڻهو مون کي چون ٿا ته اگر تون ڪنهن غلام کي ستل ڏسين ته انهيءَ کي نه جاڳاءِ، ممڪن آهي ته هو آزادي جو خواب ڏسندو هجي ــــــ پر مان انهن کي چوندو آهيان ته جي اوهان ڪنهن غلام کي ستل ڏسو ته انهيءَ کي هڪدم جاڳايو ۽ آزاديءَ جو مفهوم هن کي ذهن نشين ڪرايو.
    o تضاد بياني عقل ۽ ذهانت جو سڀ کان ادنيٰ درجو آهي.
    o درياهه سمنڊ طرف ويندڙ پنهنجي رستي تي هميشه وهندو ۽ هلندو وڃي ٿو، هن کي ان ڳالهه جي ڪڏهن به پرواهه نٿي رهي ته پن چڪي جو ڦيٿو ڀڄي ٿو يا سلامت رهي ٿو.
    o تنهنجي غم يا خوشي جيتري قدر گهڻي ۽ گهري هوندي تنهنجي نظر ۾ دنيا اوتري ئي بي معنيٰ ۽ حقير هوندي.
    o علم، ٻڄ جي نشوونما ضرور ٿو ڪري مگر پاڻ پنهنجو ڪوئي ٻڄ توکي نٿو ڏئي.
    o مان پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکڻ جي خيال سان نفرت کي بطور هٿيار استعمال ڪريان ٿو. ڪاش! مان ايترو طاقتور هجان جو مون کي پنهنجي حفاظت خاطر هن قسم جي هٿيار جي ڪڏهن ضرورت ئي نه پوي ها.
    o اسان ۾ ڪجهه قاتل اهڙا به آهن جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي قتل ناهي ڪيو، ۽ اهڙا چور به آهن جن ڪڏهن به ڪا چوري ناهي ڪئي، ۽ اهڙا ڪوڙا ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارا به موجود آهن جن سڄي زندگي سواءِ سچ جي ڳالهايو ناهي.
    o خدا جي واسطي مون کي انهيءَ عقل ۽ دانائيءَ کان پري رکو جنهن ۾ ڪائي تڙپ ناهي، جيڪا ڪڏهن روئي نٿي ۽ اهڙي فلاسفر کان به جنهن ۾ مرڪ ۽ کائڻ جي نالي جي ڪنهن به شيءِ جو وجود ناهي ۽ پناهه ٿو گهران مان اهڙي وڏائيءَ کان ۽ اهڙي عظمت کان به جيڪا ٻارن جي ضد اڳيان به پنهنجو هٺ نٿي ڇڏي.
    o اميد اڌ زندگي آهي ۽ بي حسي اڌ موت.
    o جڏهن کان مون کي پتو پيو آهي ته مخمل جي گاديلي تي سمهندڙڻ جا خواب، ٺلهي زمين تي سمهندڙن جي خوابن کان مختلف نه هوندا آهن، تڏهن کان مون کي خدائي انصاف تي پورو ڀروسو ٿي ويو آهي.
    o جڏهن ڪو شخص قتل ڪري ٿو، ان کي قاتل چيو وڃي ٿو، پر جج ان کي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ٿو، ته دنيا ان کي منصف چوي ٿي.
    o اڄ مان سڀاڻي جي جنم ٿئي ٿو، خزان جي ڪُکِ مان بهار پيدا ٿئي ٿو، سڪل پن ڌرتيءَ جي هنج ۾ سمائجي ساوڪ ۽ گلن جو روپ وٺن ٿا ۽ لڙڪن جي گرميءَ سان مسڪراهٽون جاڳي پون ٿيون.
    o منهنجا دوست! ڪنهن شيءِ کي به بدشڪل نه چئو، سواءِ خوف جي، جنهن جو ماريل روح خود پاڻ کان ڊڄي.
    o تنهنجي خوشي دراصل تنهنجو غم آهي، جنهن کي بي نقاب ڪيو ويو آهي.
    o جيڪڏهن تو هر حال ۾ خوش رهڻ جو فن سکي ورتو آهي، ته خاطري ڪر، زندگيءَ جو سڀ کان وڏو فن سکي ورتو آهي.
    o ڪيترو نه انڌو آهي اهو شخص جيڪو پنهنجي کيسي سان ٻئي جي دل خريد ڪري ٿو.
    o آءٌ ئي باهه آهيان، ۽ آءٌ ئي گند جو ڍير. منهنجي باهه، منهنجي گند جي ڍير کي ساڙي ڇڏي ته آءٌ سٺي زندگي حاصل ڪندس.
    o محبت دل جي صحرا ۾ هڪ سرسبز زمين جو قلعو آهي، جتي فڪر جا قافلا نٿا پهچي سگهن.
    o غريبي ـــــ شراف-نفس جو اظهار ڪري ٿي ۽ اميري ـــــ خباثت-نفس جو غم ـــــ جذبات ۾ لطافت پيدا ڪري ٿو ۽ سرور ـــــ ان کي فاسد ڪريو ڇڏي. ان ڪري جو انسان هستيءَ ۾ واڌاري لاءِ انهن کي هميشه پنهنجو غلام ڪري سمجهندو آهي.
    o منهنجي سامهون قومن جي داستان نه چئو، مون کي اصول ۽ قانون جون ڳالهيون نه ٻڌايو، منهنجي سامهون، حڪومتن جي ڳالهه نه ڪريو، جو منهنجو وطن سڄو جهان آهي. اچو ته، انهيءَ انسانيت جي ڳالهه ڪريون، جيڪا اسان کي جنم ڏيئي ماٺ ڪري ويهي رهي آهي، ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ پنهنجن انهن ٻاڙن کي سڏي رهي آهي، جيڪي انسان مان قوم بنجي ويا آهن.
    o اي ذهانت ۽ دانائيءَ جا عظيم وجود! تون ڪائنات جي ذري ذري ۾ موجود آهين ۽ منهنجو آواز چڱيءَ طرح ٻڌي ٿو سگهين، ته تون منهنجي وجود جي اندر موجود آهين ۽ تون ڏسي ٿو سگهين ڇو ته تون سراپا بصارت آهين. منهنجي توکي التجا آهي ته براه ڪرم منهنجي روح جي گهراين ۾ پنهنجي دانائيءَ جو ٻڄ وجهي ڇڏ ته جيئن مان به تنهنجي باغ ۾ هڪ جهومندڙ نئين ٻوٽي جي مثل نئون جنم وٺي سگهان. آمين.


    جراحي

    جراحي

    منهنجيءَ هڪ هوڙ ۾ ڪِيڙو لڳي ويو هو، جنهن مون کي پريشان ڪري وڌو. ڏينهن جو ساهه مٺ ۾ ڪيو پيو هوندو هوم ۽ رات جي سڪون ۾. جڏهن ڏندن جا ماهر آرامي هوندا آهن ۽ دوا خانا بند هوندا آهن تڏهن سور کان بيچين ٿي اٿي ويهندو هوم.
    هڪ ڏينهن سور کان لاچار ٿي ڪري هڪ ڏندن جي ماهر وٽ ويم ۽ ان کي چيم: ”هن خبيث هوڙ کي ڪڍي اُڇل، ڊاڪٽر صاحب! هن مون تي ننڊ جو مزو حرام ڪري وڌو آهي ۽ منهنجين راتين کي آهه زاري ۾ بدلائي ڇڏيو آ.“
    ڊاڪٽر انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ چيائين: ”جڏهن اسان هوڙ جو علاج ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ان کي ڪڍي اُڇلڻ جهالت جي ڳالهه چئبي.“ ائين چئي ڪري هن هوڙ کي هيڏانهن هوڏانهن لوڏڻ شروع ڪيو، ۽ ان جي پاڙن کي صاف ڪري عجيب و غريب طريقن کي آزمائڻ بعد جڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته هاڻي هوڙ ۾ هڪ به جيت ناهي رهيو، تڏهن هن خالي جڳهه کي هڪ خاص قسم جي سونَ سان ڀري ڇڏيو، ۽ فخريه لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”هاڻي تنهنجي هيءَ هوڙ تندرست کان به زياده مضبوط ٿي وئي آهي.“
    مون هن جي تائيد ڪئي ۽ اشرفين سان ڀريل مُٺ، هن جي حوالي ڪري خوش خوش هليو آيم، مگر هڪڙو ئي هفتو مس گذريو ته بدبخت هوڙ ٻيهر سور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن منهنجي روح جي نغمن کي سڪرات ۾ نڪرندڙ خرخراهٽ ۽ دوزخ جي آهُن ۽ دانهن ۾ بدلائي ڇڏيو.
    مان وري هڪ ٻئي ڊاڪٽر وٽ ويس ۽ محتاط انداز ۾ کيس چيم: ”هن خطرناڪ سونَ جي هوڙ کي ڪڍي اُڇل ۽ بلڪل تڪلف نه ڪجانءِ.“ ڊاڪٽر منهنجي اُها هوڙ ڪڍي، حالانڪ سور ۽ تڪلف جي لحاظ کان مون لاءِ اها هڪ ڀيانڪ گهڙي هئي، مگر حقيقت ۾ وڏي برڪت واري.
    هوڙ ڪڍڻ کان پوءِ ڊاڪٽر چڱيءَ طرح سان جو جائزو ورتو ۽ انهيءَ کان پوءِ مون کي چيائين: ”هي توهان ڏاڍو ڀلو ڪيو. بيماريءَ هوڙ ۾ خوب پاڙ ورتي هئي ۽ ان جي ٺيڪ ٿيڻ جي ڪا به اُميد ڪا نه هئي.“
    انهيءَ رات مان ڏاڍو آرام سان سمهيم ۽ اڄ تائين سک سان آهيان ۽ هوڙ جي نڪري وڃڻ تي خدا جو شڪر بجا آڻيان ٿو.
    ***
    انساني معاشري جي وات ۾ ڪيتريون ئي ڪيڙن لڳل هوڙيون آهن. اُهي ڪيڙا هاڻي وڌي وڌي هڏي تائين پهچي چڪا آهن، مگر افسوس معاشرو تڪليف کان بچڻ لاءِ هوڙون نٿو ڪڍرائي، مگر دعا-سڳي تي ئي گذارو ٿو ڪري. هُو هنن کي مٿان کان صاف ڪرائي خالي جڳهن کي چمڪندڙ سونَ سان ڀرائي ٿو ڇڏي ۽ بس!
    ڪيترائي علاج ڪرڻ وارا، انسانيت جي هوڙن جو علاج، پُرفريب، سونن ۽ چمڪندڙ دوائن سان ڪندا آهن ۽ ڪافي مريض پنهنجو پاڻ انهن اصلاح پسند حڪيمن جي مرضيءَ جي حوالي ڪندا آهن ۽ بيماريءَ جا ڏک سهي سهي خود فريبيءَ جي عالم ۾ مري ويندا آهن.
    مگر جيڪا قوم هڪ دفعو بيمار پئجي مري ويندي آهي، اها ٻيهر زنده نٿي ٿئي ڇو ته دنيا جي سامهون پنهنجن اندروني مرضن جا سبب ۽ انهن اجتماعي دوائن جي حقيقت بيان ڪري جن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ قومون تباهيءَ ۽ برباديءَ جي اوڙاهه ۾ وڃي ڪرنديون آهن.
    شام ملڪ جي رهواسين جي وات ۾ فرسوده، ڪاريون، گنديون ۽ بدبودار هوڙون آهن. اسان جي طبيبن به گهڻو ئي چاهيو ته انهن کي صاف ڪري سندن مٿان سونَ جو پاڻي چاڙهي ڇڏين، مگر جيستائين اهي هوڙون ڪڍي اڇلايون نه وينديون تيستائين نه مرض دور ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو. ٻيو ته جنهن قوم جي هوڙ ۾ ڪيڙو لڳي ويو آهي، انهيءَ جو معدو به ڪمزور ٿي ويندو، ۽ گهڻيون ئي قومن هاضمي جي خرابيءَ سبب موت جو ٻل ٿي چڪيون آهن.
    جيڪڏهن ڪو به اهل-شام جون ڪيڙي لڳل هوڙون ڏسڻ ٿو چاهي ته انهيءَ کي مدرسن ۾ وڃڻ گهرجي، جتي مستقبل جو انسان انهن مسئلن کي رٽِڻَ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي جيڪي هو هڪٻئي کان نقل ڪندا پيا اچن.
    يا عدالت ۾ وڃڻ گهرجي، جتي ڀٽڪيل ذهانت قانوني احڪامن سان اهڙيءَ طرح کيڏي رهي آهي، جهڙيءَ طرح ٻلي، پنهنجي شڪار سان، يا اميرن جي محلاتن ۾ وڃڻ گهرجي، جتي ڏيکاءَ، ڪوڙ ۽ بناوٽ پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو آهي، يا غريبن جي جهوپڙين ۾ وڃڻ گهرجي، جتي خوف، بزدليءَ ۽ جهالت پنهنجو قبضو ڄمائي رکيو آهي، ۽ ان کان پوءِ انهن سنهين سنهين آڱرين وارن ڏندن جي ماهرن وٽ وڃڻ گهرجي، جن وٽ نازڪ اوزار ۽ نشي آور سفوف آهن، جيڪي ڪيڙن لڳل هوڙن جي سوراخن ڀرڻ، انهن جي بيمار پاڙن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا.
    جڏهن ڪو به انهن سان ڳالهه ٿو ڪري، يا انهن کان فائدو حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ته انهن کي انهن بزرگ وعظين مان ٿو لهي، جن جون زبانون فصاحت ۽ بلاغت جا گل وسائين ٿيون، جيڪي جماعتون ٺاهين ٿا، ڪانفرنسون ڪوٺائين ٿا ۽ جلسن ۾ پنهنجي شعلهء بيان تقريرن سان باهه ٻاري ڇڏين ٿا، جن جي تقريرن ۾ هڪ نغمو هوندو آهي ــــــ جنڊ جي پڙن جي مڪروه آواز کان وڌيڪ اُوچو ۽ جولاءِ جي راتين ۾ ڏيڏرن جي ٽان ٽان کان وڌيڪ دلڪش.
    مگر جڏهن ڪوئي انهن کي چوي ٿو: ”اهل-شام وارا پنهنجي زندگي جي غذا ڪيڙن لڳل هوڙن سان چٻاڙيندا آهن، تنهڪري هنن جي هر گرهه ۾ زهريلي پاڻياٺ شامل ٿي ويندي آهي جيڪا هنن جي آنڊن کي بيڪار ڪري ڇڏيندي آهي.
    تڏهن اهي جواب ڏيندا آهن ته برابر هائو! پر اسان هنن لاءِ هڪ نئين دوا ايجاد ڪري رهيا آهيون جيڪا تمام گهڻي نشي آور هوندي.
    ۽ چوڻ وارو جڏهن هيئن چوي ٿو ته ”هوڙ ڪڍرائڻ متعلق اوهان جو ڇا رايو آهي، تڏهن هو کلي ڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته پڇڻ وارو ڏندن جو شريفانه علاج ناهي سکيو.
    ۽ جڏهن ٻيهر هنن کان اهو سوال ڪيو ٿو وڃي، تڏهن هو اٿي بيهي ٿا رهن ۽ خفا ٿيندي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا ته ”هن دنيا ۾ ڪيترا نه تصور پرست رهن ٿا ۽ ڪيترا نه بي بنياد آهن انهن جا تصورَ.“


    وڏو ڏِڻ

    وڏو ڏِڻ

    شام ٿي ۽ اونداهيءَ سڄي شهر کي پنهنجيءَ چادر ۾ ويڙهي ڇڏيو. بلند ۽ عاليشان عمارتون برقي روشنيءَ سا جڳ مڳ، جڳ مڳ ڪرڻ لڳيون ۽ ماڻهو ڪرسمس جو نئون وڳو اوڍي سڙڪن تي نڪري آيا. انهن جا منهن خوشيءَ ۽ اطمينان وچان ٻهڪي رهيا هئا ۽ انهن جي وات مان شراب ۽ ڪباب جي بوءِ اچي رهي هئي. مگر مان اڪيلو، انهن سڀني هنگامن کان الڳ ويٺو انهيءَ هستيءَ متعلق سوچي رهيو هوس جنهن جي ياد ۾ هيءَ ڏينهن ملهايو پئي ويو. انهيءَ فارغ البال هستيءَ متعلق سوچي رهيو هوس جيڪو محتاج پيدا ٿيو، اڪيلو جيئرو رهيو ۽ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.
    انهيءَ ٻرندڙ شعلي متعلق سوچي رهيو هوس جنهن کي ڪائنات جي روح، شام-ملڪ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڀڙڪايو ۽ اهو هڪ ٻئي پٺيان مختلف تهذيبن مان گذري ويل زماني جي مٿان ڦيرا پائڻ لڳو هو.
    مان ڪمپني باغ پهتم، هڪ ڪاٺ جي ٺهيل بينچ تي ويهي ڪري خزان جي ساڙيل وڻن مان انهن سڙڪن کي ڏسڻ لڳم جيڪي ماڻهن سان ڀريون پيون هيون ۽ پري کان انهن آوازن کي ٻڌڻ لڳم، جيڪي ڪرسمس جي خوشين ملهائڻ وارن جي بي فڪر ۽ پُرمسرت هجوم مان اچي رهيا هئا.
    هڪ ڪلاڪ تائين پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ گم رهڻ کان پوءِ مون اک کنئي ته منهنجي سامهون بينچ تي هڪ ماڻهو ويٺو هو جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪاٺي هئي جنهن سان هو زمين تي ابتيون-سبتون ليڪون ڪڍي رهيو هو. مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو ته ”هيءُ به مون جيان اڪيلائي پسند آهي.“ انهي کان پوءِ مون هن جي چهري کي غور وچان ڏٺو. ڦاٽل، پراڻن ڪپڙن ۽ ڊگهن ڊگهن وارن جي باوجود به هو جلال ۽ وقار جو مجسمو نظر اچي رهيو هو. هن محسوس ڪري ورتو ته مان هن کي غور سان ڏسي رهيو آهيان، اهڙيءَ طرح جو هو مون طرف متوجهه ٿيو. هن پرسڪون لهجي ۾ مون کي کيڪاريو ۽ مون کيس کيڪار جو جواب ڏنو.
    ان کان پوءِ هو وري ڪاٺيءَ سان زمين تي ليڪون ڪڍڻ لڳو، ٿوريءَ دير بعد مان هن سان هم ڪلام ٿيس: ”ڇا توهان شهر ۾ اجنبي آهيو؟“
    هن وراڻيو: ”هائو- ۽ صرف هن شهر ۾ نه، پر مان هر شهر ۾ اجنبي آهيان.“
    مان کيس چيو: ”خوشيءَ جي اهڙن موقعن تي ماڻهن ۾ عام پيار ۽ همدرديءَ جا جذبات ڏسي ڪري اجنبي به پنهنجي غريب الوطنيءَ جون تڪليفون ۽ پريشانيون وساري ويهندو آهي.“
    هن وراڻيو ته ”آءٌ اڄ جي ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ اجنبي هوندو آهيان.“ اهو چئي هو فضا ۾ گهورڻ لڳو، هن جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ چپن ۾ چرپر پيدا ٿيس، ڄڻ ته فضا ۾ پنهنجي ڏورانهين ڏيهه جا اُهڃاڻ ڏسي رهيو هجي.
    مان کيس چيو: ”اهڙن موقعن تي ماڻهو هڪٻئي سان مهربانيءَ ڀريو سلوڪ ڪندا آهن. دولت وارا محتاجن جو خيال رکندا آهن. طاقت وارا هيڻن تي رحم کائيندا آهن.“
    هن وراڻيو ته هائو! ”مگر محتاج تي دولتمند جي مهرباني هڪ قسم جي خودپرستي ۽ هيڻي تي ڏاڍي جي مهرباني فخر ۽ برتريءَ جي هڪ صورت آهي.“
    مون کيس چيو: ”توهان درست ٿا فرمايو مگر هڪ ڪمزور يا محتاج کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو هو طاقتور يا دولتمند جي اندروني خواهشن جو اندازو لڳائي. بکايل، مانيءَ جا خواب ڏسندو آهي، ان متعلق ڪجهه به نه سوچيندو آهي ته اٽو ڪيئن ڳوهيو ويندو آهي يا ماني ڪيئن پچائي ويندي آهي.“
    هن وراڻيو: ”وٺڻ وارو نٿو سوچي، مگر ڏيڻ واري کي سوچڻ کپي ۽ چڱيءَ ريت سوچڻ کپي.“
    مون کي هن جي ڳالهه تي اچرج لڳو ۽ مان هن جي عجيب شخصيت ۽ پراڻي سراڻي لباس تي غور ڪرڻ لڳس. ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ مان هن ڏي ڏسي چيو ته ”توهان مون کي ضرورتمند معلوم ٿا ٿيو، اگر مان ڪجهه پئسا اوهان جي خدمت ۾ حاضر ڪيان ته قبول فرمائيندَو؟“
    هن جي لبن تي غمگين مرڪ نمودار ٿي. هن وراڻيو: ”مان ضرورتمند ضرور آهيان، مگر روپين، پئسن جو نه.“
    پڇيومانس: ”توهان ڇا ٿا چاهيو؟“
    چيائين: ”مون کي هڪ ٺڪاڻو کپي. هڪ اهڙي جڳهه کپي، جتي مان آرام ڪري سگهان.“
    مون کيس چيو: ”مون کان ڪجهه پئسا وٺو. ڪنهن هوٽل ۾ ڪرائي تي ڪمرو ملي ويندوَ.“
    هن وراڻيو: ”مان هن شهر جي هڪ هڪ سراءِ ۾ ويم مگر مون کي ڪٿي به ٺڪاڻو ڪو نه مليو. مون هڪ هڪ دروازو کڙڪايو، مگر مون کي ڪو به دوست نظر ڪو نه آيو. مان هر هڪ هوٽل ۾ ويم، مگر ڪنهن به مون کي مانيءَ جو ڳڀو ڪو نه ڏنو.“
    مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو ته هي نوجوان به عجيب آهي، ڪڏهن ته دانائن جهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري ته ڪڏهن ديوانن جهڙيون، مگر ديوانگي جا لفظ اڃا منهنجي روح جي ڪنن تائين به ڪو نه پهتو هو ته هن مون ڏي گُهوري ڏٺو ۽ اڳي کان به بلند آواز ۾ چيائين: ”هائو مان برابر چريو آهيان ۽ جيڪو به مون وانگر هوندو، اهو پنهنجي گهر کان بي گهر، پرديسي ۽ مانيءَ ڳڀي جو محتاج هوندو.“
    مون معذرت گهرڻ واري انداز ۾ کيس چيو: ”منهنجي اجائي خيال کي معاف ڪيو. مان نٿو ڄاڻان ته توهان ڪير آهيو؟ مون کي توهان جي ڳالهين تي گمان ٿي پيو هو، ڇا توهان منهنجي گهر رات گذراڻ گوارا ڪندؤ؟“
    هن وراڻيو: ”مون هزار دفعا تنهنجو دروازو کڙڪايو، مگر تو هڪ دفعو به دروازو ڪو نه کوليو.“
    مون کي هن جي چريائپ جو يقين ٿي ويو. مون کيس چيو: ”خير هاڻي اچو ته رات منهنجي گهر قيام فرمايو.“
    تڏهن مٿو مٿي کڻي وراڻيائين ”جيڪڏهن تون مون کي سڃاڻي وٺين ته مان ڪير آهيان، ته ڪڏهن به تون مون کي دعوت ڪو نه ڏئين.“
    مون کانئس پڇيو: ”توهان ڪير آهيو؟“
    گهري وهندڙ پاڻيءِ جي گڙگڙاهٽ سان ملندڙ جُلندڙ آواز ۾ هن جواب ڏنو: ”مان انقلاب آهيان، جيڪو قومن جي پائمال ڪيل شين کي ٻيهر قائم ڪري ٿو. مان اهو طوفان آهيان جيڪو زماني جي بڻايل بتن کي پاڙؤن پٽي اڇلائي ٿو. مان اهو آهيان، جيڪو زمين تي امن ۽ سلامتيءَ جي لاءِ نه، پر قتل ۽ غارتگريءَ جي لاءِ آيو هجي!“
    هو سڌو ٿي اٿي بيٺو. هن جو چهرو چمڪڻ لڳو ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ هوا ۾ بلند ڪيا. هن جي هٿ جي ترين ۾ ٽنبيل ڪوڪن جا نشان نمايان هئا. مان انهيءَ ئي وقت هن جي پيرن تي ڪري پيم ۽ دانهن ڪري چيم: ”مسيح ناصري!“
    مون هن کي چوندي ٻڌو ته ”دنيا هنن رسمن سان گڏ منهنجي نالي تي خوشيءَ جو ڏينهن ملهائي ٿي، جيڪو زماني منهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي، مگر مان اجنبي آهيان. مشرق کان مغرب تائين دربدر ڦرندو وتان ۽ ڪائي قوم ناهي جيڪا منهنجي حقيقت کان واقف نه هجي!“
    ”لومڙين جي رهڻ لاءِ چرون آهن، پکين جي رهڻ لاءِ آکيرا آهن، مگر آدم جي اولاد جي مٿي ڇانءَ لاءِ ڪا به جڳهه ناهي.“
    مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو. مگر مون کي هر طرف دونهين ۽ دونهين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪين آيو، ۽ بي انتها گهراين مان نڪرندڙ آواز کان سواءِ مون کي ٻيو ڪجهه ٻڌڻ ۾ ڪين آيو.



    هڪڙي سال

    هڪڙي سال

    ... ۽ تڏهن ان گهڙيءَ بيد مشڪ جي وڻن جي جهڳٽي مان هڪ حسين ۽ نازڪ بدن دوشيزه نڪري نروار ٿي. هن جا ڊگها ڊگها ريشمي وار زمين کي ڇُهي رهيا هئا. هوءَ آهستي آهستي هلندي انهيءَ خوابن ۾ گم نوجوان جي ويجهو اچي رڪجي وئي ۽ پوءِ هيٺ جهڪي پنهنجي بخمل جهڙن نرم ۽ نازڪ هٿن سان هن جي خوبصورت پيشانيءَ کي ڇُهيو.
    نوجوان اکيون کوليون، خماريل نيڻن سان، هيڏي هوڏي نظر وڌي ۽ اهڙيءَ طرح پاسو مٽايو جهڙيءَ طرح سج جي گرم ۽ تيز ڪرڻن هن کي ننڊ مان جاڳايو هجي. مگر جڏهن هن کي محسوس ٿيو ته اميرزادي هن جي ڀر ۾ بيٺي آهي ته هو باهڙجي اٿي بيٺو، عزت ۽ احترام خاطر گوڏن ڀر جهڪيو. هن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر لفظن ساٿ ڇڏي ڏنس، تنهن هوندي به هن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن هن جي دلي جذبات جي ترجماني ڪئي.
    دوشيزه اڳتي وڌي ڪري هن جي ڳچيءَ ۾ ڀاڪر پاتو، هن جي چپن ۽ اکين کي چميو، ۽ هن جي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن کي پي ورتو، ان بعد هن هڪ اهڙي مسحورڪُن آواز ۾ ڳالهايو جيڪو ڪوئل کان وڌيڪ رسيلو ۽ من موهيندڙ هو.
    هن چيو: ”منهنجا محبوب! تون منهنجن خوابن جي تعبير آهين. اڪيلائيءَ توڙي خيالن جي دنيا ۾ تنهنجي تصوير هميشه منهنجي نگاهن جي سامهون ۽ دل جي آئيني ۾ پئي رهي آهي. تون منهنجن ڏکن جو مرهم آهين، سچو همدرد ۽ غمخوار، جنهن کي مون کان انهيءَ وقت جدا ڪيو ويو جڏهن مون کي هن جهان ۾ اچڻ جو حڪم مليو.
    ”هاڻي توسان لڪي ملڻ آئي آهيان، منهنجا محبوب! دل ۾ ڪنهن به قسم جي خوف ۽ انديشي کي جڳهه نه ڏي. هاڻي تون منهنجين ٻانهن جي پناهه ۽ گهيري ۾ آهين. مون تنهنجي خاطر اُن شهادت ۽ عظمت کي خداحافظ چيو آهي، جيڪا هميشه کان منهنجي پيءُ کي گهيرو ڪري بيٺي آهي. آءٌ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين توسان ساٿ نڀائڻ آئي آهيان. هاڻ اسين زندگيءَ ۽ موت جو جام گڏ پيئنداسين.
    ”آءُ، منهنجا محبوب! اُٿي، هن تهذيب ۽ تمدن کي ڇڏي ڪري ڏور جهنگلن ۾ هلي رهون.“
    ــــــ ۽ اهي محبت ڀريل دليون رات جي اونداهيءَ ۾ جهنگل طرف هلي نڪتيون. انهيءَ وقت هنن جي دل ۾ نه ڪنهن امير جو خوف هو ۽ نه اونداهيءَ ۾ نچندڙ جهنگل جي ڪارن پاڇولن ۽ ڀوتن جو!


    غلامي

    غلامي

    ماڻهو زندگيءَ جو غلام آهن!
    ۽ هيءَ غلامي سندن ڏينهن کي ذلت ۽ خواريءَ جي ڪفن ۾ ويڙهي ٿي ۽ سندن راتين کي رت جي ڳوڙهن جي لهرن ۾ غرق ڪري ٿي.
    منهنجي پهرين جنم کي ست هزار سال لنگهي چڪا آهن، پر اڄ تائين مون اَمُر مڃيندڙ غلامن ۽ زنجيرن جڪڙيل قيدين کان سواءِ ڪنهن کي ڪونهي ڏٺو. مون زمين کي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين، پنهنجن قدمن سان ماپيو، زندگيءَ جي اونداهين ۽ روشنيءَ جي چؤڦير ڦيرا ڏنم، مختلف قومن ۽ نسلن کي ٽولن جي شڪلين ۾، غارن کان نڪري محلاتن ڏانهن ويندي ڏٺو، پر هيل تائين بارَ وگهي جهڪيل ڪنڌ، هٿڪڙيون پاتل ڪراين ۽ بتن آڏو ٽيڪيل گوڏن کان سواءِ مون کي ٻيو ڪجهه نظر نه آيو آهي.
    بابل کان پيرس تائين ۽ نينوا کان نيويارڪ تائين، آءٌ انسان جي ڪڍ ويس. مون پيرن جي نشانن سان گڏ ئي واريءَ تي سندس ٻيڙين جا نشان ڏٺم. ماٿرين ۽ ٻيلن کي نسلن ۽ صدين جي روڄ ۽ راڙي سان گونجندي ٻڌم.
    آءٌ شاهي محلاتن، عبادتگاهن ۽ جلسي گاهن ۾ ويس. آءٌ شاهي درٻارن، قربانگاهن جي آڏو بيٺس ۽ ڏٺم ته نوڪرُ واپاريءَ جو غلام آهي ۽ واپاري سپاهيءَ جو، سپاهي امير جو، اميرُ بادشاهه جو، بادشاهُه پادريءَ جو غلام آهي ۽ پادري بت جو ـــــ ۽ بتُ مٽيءَ جو ٺهيل آهي، جنهن کي شيطانن ڳوهي، ٺاهي، مئل کوپڙين جي ڍير تي بيهاري ڇڏيو آهي.
    آءٌ سرمائيدارن ۽ حاڪم جي ماڙين ۾ ويس ۽ فقيرن ۽ محتاجن جي جهوپڙين ۾ به! عاج جي مجسمن ۽ سونَ مان جڙيل ساز ۽ سامان سان سينگاريل اوطاق ۾ ويس ۽ مايوسيءَ ۽ موت جي پاڇن سان اٽيل ڪوٺڙين ۾ به ويس، پر هر هنڌ مون اهو ئي ڏٺو ته ٻارَ، ٿَڃ سان گڏ غلاميءَ جو زهر پي رهيا آهن. ڇوڪرا الف، ب، ٻ، سان نياز ۽ نوڙت جو سبق پڙهي رهيا آهن. ڇوڪريون بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ جو تهه چڙهيل لباس اوڍي رهيون هيون ۽ عورتون اّمُر ۽ هيڻائيءَ جي هنڌ ۾ ليٽيون کونگهرا هڻي رهيون هيون.
    آءٌ زماني سان گڏ ڪنجي جي ڪنارن کان فرات جي ڪَپرَ، تيل جي ڇوڙ، سينا جي پهاڙن، اٿينز جي ميدانن، روم جي گرجا گهرن، قسطنطنيه جي گهٽين، پيرس جي وندرگاهن ۽ لنڊن جي سهڻين عمارتن تائين ويس ۽ ڏٺم ته هر هنڌ غلامي، عظمت ۽ غُرورَ جي جلوسن سان گڏ هلي رهي آهي. ماڻهو، ان جي قربانگاهن تي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ڀيٽا ڏيئي رهيا آهن ۽ ان کي ”ديوتا“ جي نالي سان سڏي رهيا آهن. ان جي قدمن ۾ عطر ۽ شراب اوتي رهيا آهن ۽ کيس ”بادشاهه“ جو لقب ڏئي رهيا آهن. ان جي مورتين کي ڌوپ جو واس ڏيئي رهيا آهن. ۽ ان کي ”پيغمبر“ جي نالي سان منسوب ڪري رهيا آهن. ان جي آڏو ڪنڌ نوائي رهيا آهن ۽ ان کي ”قانون“ سان مشابهت ڏيئي رهيا آهن. ان جي ڪري پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. هڪٻئي جو خون وهائي رهيا آهن ۽ ان جو نالو ”وطن پرستي“ رکي رهيا آهن، ان جي آڏو ڪنڌ نوائي رهيا آهن ۽ کيس ”ڌرتيءَ تي خدا جو پاڇو“ ڪوٺي رهيا آهن. ان سان عقيدت جي جوش ۾ پنهنجن گهرن کي ساڙي ٻاري رهيا آهن. پنهنجن ماڙين کي ڊاهي رهيا آهن ۽ ان جي واٽ ۾ ”رت ۽ پُونءِ“ هڪ ڪري رهيا آهن ۽ ان کي ”سرمائي ۽ واپار“ جو نالو ڏيئي رهيا آهن.
    قصو ڪوتاهه، اها هڪ حقيقت آهي جنهن جا ڪيئي نالا آهن. هڪ جوهر آهي، جنهن جون ڪيئي صورتون آهن، پر اها اول کان آخر تائين هڪ بيماري آهي، جيڪا پاڻ سان قسم قسم جا آزار ۽ زخم کنيو ايندي آهي. انهن آزارن ۽ زخمن کي ٻار پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ وٺندا آهن. انهن جو ٻج هڪ دور ٻئي دور جي مٽيءَ ۾ وجهندو آهي ائين جيئن هڪ فصل جو ٻج ٻئي فصل ۾ وڌو ويندو آهي.
    ***
    غلاميءَ جا جيترا قسم ۽ روپ مون ڏٺا آهن، اهي تمام گهڻو عجيب ۽ غريب آهن.
    (1) انڌي غلامي: جيڪا انسان جي حال کي سندن وڏڙن جي ماضيءَ سان ڳنڍي ڇڏيندي آهي ۽ ان جي نفس کي پيرويءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڪوڙهي روحن جي لاءِ هڪ نئون جسم ۽ ڪمزور هڏين لاءِ هڪ قلعي ٿيل قبر بڻائي ڇڏيندي آهي.
    (2) گونگي غلامي: جيڪا مرد جي ڏينهن رات کي ان عورت سان جڪڙي ڇڏيندي آهي، جنهن کان هو نفرت ڪندو آهي ۽ عورت جي جسم کي ان جي مڙس جي بستري سان ڳنڍي ڇڏيندي آهي، جنهن کان هوءَ بيزار هوندي آهي. اهڙيءَ ريت انهن ٻنهي جي زندگيءَ ۾ اهو رشتو قائم ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪو پير ۽ جُتيءَ جي وچ ۾ هوندو آهي.
    (3) ٻوڙي غلامي: جيڪا فردن کي مجبور ڪندي آهي ته اهي پنهنجي ماحول جي پيروي ڪن. ان جي رنگ ۾ پاڻ کي رڱي ڇڏين ۽ ان جو لباس پائن، ان ڪري هو آوازن ۾ پڙاڏو ۽ جسمن ۾ پاڇن جي مثل ٿي ويندا آهن.
    (4) منڊي غلامي: جيڪا پورهيت انسانن جي ڪنڌ تي، اٽڪلن ۽ بهاني بازن جي چڱ مڙسيءَ جو بار رکي ٿي، ۽ باهمت انسانن جي ارادن کي ڀاڙين جي خواهش جي حوالي ڪري ٿي ڇڏي ۽ اُهي پرزن جيان ٿيو وڃن، جن کي پهريائين آڱريون ڦيرائينديون آهن ۽ پوءِ روڪي ڀڃي ڇڏينديون آهن.
    (5) اڌيڙ غلامي: جيڪا ٻارن جي روحن کي کليل فضا مان کڻي بدبختيءَ جي اهڙيءَ کڏ ۾ ڦٽو ڪندي آهي جتان ضرورت، جهالت جي ذلت، مايوسيءَ جي ڀاڪر ۾ گهر ٺاهيندي آهي ۽ اهي ٻار بدنصيبيءَ جي پاڇي ۾ پلبا، ڏوهارين جي زندگي گذاريندا، خواريءَ جي حالت ۾ مرندا آهن.
    (6) ڪوڙهي غلامي: جيڪا شين کي سندن غلط ملهه ادا ڪري خريد ڪندي آهي ۽ انهن کي ابتڙ نالن سان سڏيندي آهي؛ ان ڪري هر عيارپڻي کي چالاڪي، لٻاڙ کي علم، ڪمزوريءَ کي نرم دلي ۽ بزدليءَ کي بي نيازي چوندي آهي.
    (7) ڦڏي غلامي: جيڪا هيڻن جي زبان کي خوف کان حرڪت ڏيندي آهي؛ ان ڪري هو اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن کي پاڻ به ناهن سمجهندا. هو اهو ظاهر ڪندا آهن جيڪو سندن دلين منجهه ناهي هوندو ۽ هڪ لٽي مثل ٿي ويندا آهن، جنهن کي مجبوريءَ جا هٿ کوليندا ۽ تهه ڪندا آهن.
    (8) ڪٻڙي غلامي: جيڪا هڪ قوم کي ٻيءَ قوم جي قانونن تي هلائيندي آهي.
    (9) شماريل غلامي: جيڪا بادشاهن جا تاج شهزادن کي پارائيندي آهي.
    (10) ڪاري غلامي: جيڪا بيگناهه ڏوهارين جي اولاد کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڳنڍيندي آهي.
    ۽ غلامي پاڻ غلاميءَ جي لاءِ آهي ۽ اها اّمَر قوت آهي.
    ***
    جڏهن آءٌ قومن سان گڏ هلي هلي ٿڪجي پيس ۽ منهنجي نظر نسلن ۽ صدين کي ڏسندي ڏسندي بيزار ٿي پيئي ته پاڇن جي وادين ۾ اڪليو وڃي ويهي رهيم، جتي لنگهي ويل دَور جا پاڇا گم ٿي ويندا آهن.
    اتي مون ڏٺو ته هڪ ڪمزور پاڇو، سج تي نظرون کپائي اڪيلو وڃي رهيو هو، مون کائنس پڇيو: ”تون ڪير آهين؟ ۽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    هن جواب ڏنو: ”منهنجو نالو آزادي آهي.“
    مون وري سوال ڪيو: ”۽ تنهنجا پٽ ڪٿي آهن؟“
    چيائين: ”هڪ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ٻيو چريو ٿي مري ويو ۽ ٽيون اڃا پيدا ئي ڪونهي ٿيو.“
    ائين چئي هو ڪوهيڙي پٺيان گم ٿي ويو.



    او ساحره

    او ساحره

    او ساحره! هي تون مون کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي آهين؟ ان اڻانگي پٿريلي رستي تي، مان ڪيستائين تو سان گڏ هلان جيڪو اسان جي قدمن کي مٿاهينءَ طرف ته وٺي وڃي رهيو آهي، مگر اسان روحن کي کڏن ۾ ڌڪي رهيو آهي؟
    ماءُ سان چبنڙيل ٻار وانگر، مون تنهنجو دامن پڪڙيو ۽ تنهنجي پٺيان لڳي پيس. مون پنهنجن سڀني خوابن کي وساري ڇڏيو ۽ تنهنجي ذات ۾ جيڪو حسن آهي ان تي نگاهون ڄمائي ڇڏيم. پنهنجي مٿان ڦيرا پائيندڙ پکين جي وڳر جي پاڇن کان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيم ۽ تنهنجي جسم ۾ جيڪا مقناطيسي قوت لڪل آهي ان طرف ڇڪجي ويس.
    ٿورو ڪِي، ٿورو ترس! ته جيئن تنهنجي صورت ڏسي وٺان، هڪ گهڙي مون ڏانهن نهار، ته جيئن تنهنجي اکين مان تنهنجي سيني جا راز ڏسي وٺان ۽ تنهنجن مهانڊن مان تنهنجي روح جا راز پروڙي وٺان.
    ٿوريءَ دير لاءِ ترس، اي پَري! جو مان هلندي هلندي ٿڪجي پيو آهيان ۽ تنهنجو روح رستي جي ڀوَ کان ڏڪي اٿيو آهي. بيهه! جو اسان انهيءَ ٻه واٽي تي پهچي چڪا آهيون جتي موتُ زندگيءَ سان ڳلي ملندو آهي. هاڻ مان هڪ وک به اڳتي ڪو نه وڌندم. جيستائين منهنجو روح، تنهنجي روح جي ارادن کان، باخبر نه ٿي وڃي ۽ منهنجي دل جي خزانن کي ڏسي نه وٺي!
    ***
    منهنجي ڳالهه ٻڌ، اي ساحره! ڪلهه تائين مان هڪ آزاد پکي هيم، جنهن نهرن مٿان لامارا پئي ڏنا ۽ فضا ۾ ڦيرا پئي پاتا ۽ شام جو وڻن جي ٽارين تي ويهي رنگ برنگي ڪڪرن جي بستيءَ جي محلاتن ۽ عبادتگاهن جو نظارو پئي ڪيو، جن کي سج ٽپهريءَ جو جوڙيندو ۽ لهڻ وقت ڪيري گم ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪ منهنجي سوچ وانگر، اڪيلو مشرق کان مغرب تائين ويندو هو. زندگيءَ جي خوبين ۽ رمزن کان خوش ٿيندو هو ۽ هستيءَ جي رازن ۽ رمزن جو اندازو لڳائيندو هو. نه، بلڪ خواب وانگر، رات جي پرن هيٺيان ڊوڙندو هو ۽ دريءَ جي وٿين مان ستل حسينائن جي خواب گاهن ۾ داخل ٿي ڪري انهن جي جذباتن سان کيڏندو هو ۽ پوءِ وري نوجوانن جي پلنگن جي ڀر ۾ بيهي انهن جي خواهشن کي ڀڙڪائيندو هو ۽ ان کان پوءِ پوڙهن جي بسترن جي ڀر ۾ ويهي ڪري انهن جي سوچن جو اندازو لڳائيندو هو.
    پر اڄ جڏهن ته، ساحره مان توکان واقف ٿي چڪو آهيان ۽ تنهنجن هٿن جي چمُين مون کي زهريلو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ قيديءَ مثل ٿي پيو آهيان جيڪو زنجيرن ۾ جڪڙيل الائجي ڪاڏي وڃي رهيو هجي، بلڪ انهيءَ شرابي مثل ٿي ويو آهيان جيڪو شراب جو جام مٿي جامَ پي رهيو هجي ۽ انهن هٿن کي چُمي رهيو هجي جنهن هن جي چهري تي چماٽون هنيون هجن.
    ***
    پر ٿورو ترس، اي ساحره!
    ڏس! مون پنهنجون وڃايل قوتون واپس ورتيون آهن. انهن بندشن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪي منهنجي پيرن ۾ پيل هيون، ۽ انهيءَ پيالي کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو اٿم، جن ۾ مون اهو زهر پيتو هو، جنهن کي خوشگوار سمجهندو هوس.
    هاڻي ٻڌاءِ ته اسان ڇا ڪريون ۽ ڪهڙي رستي تي هلون؟
    آءٌ هاڻ ٻيهر آزاد ٿي چڪو آهيان. ڇا تون هاڻي مون کي پنهنجو هڪ آزاد ساٿي بنائڻ لاءِ تيار آهين، جيڪو ٽڪ ٻڌي کليل اکين سان سج کي ڏسندو ۽ پُرسڪون آڱرين سان ٻرندڙ ٽانڊن کي کڻندو هجي؟
    مون ٻيهر، پنهنجون ٻانهون کولي ورتيون آهن. ڇا تون هڪ اهڙي نوجوان سان گڏ رهندينءَ، جنهن جا ڏينهن اهڙيءَ طرح گذرندا آهن، جهڙيءَ طرح باز جا ڏينهن پهاڙن ۾ ۽ جنهن جون راتيون اهڙيءَ طرح بسر ٿينديون آهن جهڙيءَ طرح شينهن جون راتيون جهنگل ۾؟
    ڇا تون اهڙي شخص جي محبت تي گذارو ڪري سگهندينءَ، جيڪو، محبت کي ساٿي ته بنائي سگهي ٿو مگر آقا يا حڪمران نه؟
    ڇا تون، ان دل جي عشق ٿيڻ تي قناعت ڪندينءَ جيڪا خواهشمند ته ٿي سگهي ٿي، مگر فرمانبردار نه؟ ڀڙڪي ته سگهي ٿي مگر رجي نه؟
    ڇا تون روح جي اهڙن لاڙن کان خوش ٿي سگهين ٿي، جيڪي طوفانن اڳيان لڏي ته سگهن ٿا مگر پائمال نه، واچوڙن سان گڏوگڏ اٿي ته سگهن ٿا، مگر پنهنجيءَ جڳهه تان پٽجي نٿا سگهن؟
    ڇا تون مون کي پنهنجو دوست بنائڻ پسند ڪندينءَ، جيڪو نه ڪنهن کي پوڄيندو هجي ۽ نه پاڻ کي پوڄرائيندو هجي؟
    چڱو ته پوءِ هي آهي منهنجو هٿ، هن کي پنهنجي هٿ ۾ وٺ ــــــ ۽ هي آهي منهنجو جسم، هن کي پنهنجي نرم ۽ نازڪ ٻانهن ۾ ڀڪوڙ ۽ هي آهن منهنجا چپ، هنن کي هڪ لمبو، گهرو ۽ خاموش بوسو ڏي!


    تنهائي ۽ گوشهء نشيني

    تنهائي ۽ گوشهء نشيني

    زندگي تنهائيءَ جي سمنڊ ۾ موجود هڪ ٻيٽ آهي.
    زندگي هڪ ٻيٽ آهي، پهاڙيون هن جون خواهشون آهن، وڻ انهيءَ جا خواب ۽ گل انهيءَ جون ويرانيون ۽ اڪيلائپ ۽ تنهائي ان سمنڊ جي بالڪل دل ۾ واقع آهن.
    منهنجا دوست تنهنجي زندگي هڪ اهڙو ٻيٽ آهي، جيڪو ٻين ٻيٽن ۽ وڏن کنڊن جي ڀيٽ ۾ گهڻو جدا ۽ مختلف آهي. توهان ٻين ٻيٽن ڏي چاهي ڪيتريون ئي پيغام پهچائڻ واريون ٻيڙيون موڪليو، يا ڪيترائي جهاز تنهنجي ساحل تي اچي لنگر انداز ٿين، ته به تنهنجي ذات هڪ ٻيٽ ئي رهندي جيڪو پنهنجن، ڏکن، تنهائي، خوشين، ڳڻتين ۽ رازن جي پيچيده مسئلن ۾ گهريل آهي.
    منهنجا دوست! مون توکي سونَ جي ڍير تي ويٺل ڏٺو. تون انهيءَ دولت ۽ اميريءَ تي خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپين ۽ انهن اجاين خيالن ۾ مبتلا هئين ته هڪڙي سونَ جي مٺ ئي اها مخفي زنجير آهي جيڪا ٻين ماڻهن جي خيالن ۽ احساسن کي توهان جي خواهشن سان گڏ جڪڙي ٿي رکي.
    مون، توکي هڪ عظيم فاتح جي روپ ۾ ڏٺو. تون هڪ فتحمند فوج جي رهنمائي ڪندي، ڪندي دشمن جي قلعي طرف وڌي رهيو هئين ۽ پوءِ تو انهيءَ قلعي جي سِرَ سان سِرَ وڄائي شهر تي قبضو ڪري ورتو.
    تنهنجي چهري تي ٻي نظر وڌم، ته مون کي تنهنجي خزاني جي ڀت جي پريان هڪڙي اڪيلي دل ڪجهه هيئن ڌڙڪندي ۽ ڦڪندي نظر آئي جيئن سونَ ۽ جواهرن جي پڃري ۾ ڪو اڃايل، اڃ جي شدت کان تڙپي رهيو هجي ۽ پاڻيءَ جو ڪٿي نانءَ ۽ نشان به نه هجي!
    مون توکي، منهنجا دوست، عظمت ۽ شهرت جي تخت تي ويٺل ڏٺو. تون چئني طرفن کان خوشامدي ماڻهن جي گهيري ۾ ڦاٿل هئين، جيڪي تنهنجي درياء دلي ۽ سخاوت جي اجائي تعريف ڪري رهيا هئا ۽ تنهنجي عنايتن ۽ نوازشن جا قصا گهڻو وڌائي ٻڌائي رهيا هئا. اهي تنهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح هٿ ٻڌي نيازمندانه انداز ۾ بيٺا هئا، ڄڻ ڪنهن پيغمبر جي حضور ۾ بيٺا هجن، جيڪو هنن جي روحن کي ستارن ۽ سيارن جي بلندي ۽ رفعت عطا ڪري رهيو هجي. مون توکي انهن مٿان نظرون وجهندي ڏٺو. انهيءَ وقت تنهنجي چهري تي بي پناهه، خوشي، سڪون، طاقت ۽ حوصلو نظر پئي آيو ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته تون هنن لاءِ ايترو ئي اهم ۽ ضروري آهين جيترو روح هڪ جسم جي لاءِ؟
    ٻي نظر ۾ مون پڻ تنهائيءَ کي تنهنجي تخت جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، خود پنهنجيءَ تنهائيءَ جي عذاب ۾ وڪوڙيل ۽ پنهنجي ئي اڪيلي پڻ تي دانهون ڪندڙ! مون هن کي فضا ۾ هٿ ڊگهيريندي ڏٺو، جهڙيءَ طرح نظر نه ايندڙ ڀُوتن ۽ ديون کان مدد جي خيرات گهري رهي هجي. مون ڏٺو ته هن جون نگاهون ماڻهن جي مٿن ۽ ڪلهن مٿان گذرنديون ڏور افق ۾ کتل هيون جنهن ۾ اڪيلائپ ۽ کوکلائپ جو سمورو درد سمايل هو.
    منهنجا دوست! مون توکي هڪ خوبصورت نازنين سان پيار ۽ محبت جو تعلق يا ميل جول وڌائيندي ڏٺو. هن جڏهن توتي همدرديءَ ۽ محبت ڀريون نظرون وڌيون ۽ پنهنجي ممتا جي روپ ۾ نرمي ۽ پيار ڀريل لهجي ۾ توسان مخاطب ٿي، ته تون خوشيءَ وچان چريو ٿي پئين، ۽ تو هن جي هٿن تي عقيدت وچان چمين جي وسڪار لائي ڏني. تڏهن مون رازدارانه انداز ۾ چيو ته ”محبت هن جي تنهائي ۽ اڪيلائپ جو پاپ ڌوئي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هوءَ انهيءَ لافاني روح جي اندر آهي جيڪا هر انهيءَ شيءِ کي پاڻ ڏي محبت سان ڇڪيندي آهي، جنهن کي تنهائيءَ ۽ گوشهء نشينيءَ هڪ ٻئي کان الڳ ڪيو هو.
    مون جڏهن ٻيو دفعو توتي نظر وڌي، ته مون کي تنهنجي روح جي بلڪل پٺيان هڪ ٻيو روح بيٺل نظر آيو ـــــ هڪ ميرانجهڙي پاڇي مثل، جو انهيءَ عورت جي ترِيءَ تي هڪ ڳوڙهو بڻجي ڳڙي پوڻ جي بيسود ڪوشش ۾ مصروف هو.
    منهنجا دوست تنهنجي زندگي انهيءَ ويران اجڙيل رهائش گاهه مثل آهي، جنهن جي ڀرپاسي ۾ يا پري پري، تاحد نگاهه ٻي ڪا به آبادي يا ڳوٺ موجود نه آهي.
    تنهنجو باطني روح هڪ اهڙو گهر آهي جيڪو ٻين گهرن کان بلڪل الڳ ۽ جدا موجود آهي. اگر هي گهر اونداهو هوندو ته تون انهيءَ جي اونداهي پاڙيسريءَ جي ڏيئي مان اڌاري ورتل روشنيءَ سان ڪڏهن به پري نٿو ڪري سگهين ۽ جيڪڏهن هيءَ خالي آهي ته ان کي پاڙي واري جي دولت سان ٽمٽار نٿو ڪري سگهين ۽ جيڪڏهن هي گهر ڪنهن وچ رڻ پٽ ۾ ٺهيل آهي، ته تون انهيءَ کي پٽي، ڪنهن پوکيل باغ ۾ بيهاري نٿو سگهين.
    تنهنجو باطني روح، چئني طرفن کان تنهائيءَ ۽ خلوت سان وڪوڙيل آهي. اگر ائين نه هجي ها ته تون، تون نه هجين ها ۽ نه منهنجو پنهنجو ڪوئي وجود هجي ها؟
    اگر هي تنهائيءَ ۽ خلوت نه هجي ها ته مان تنهنجو آواز ٻڌي اهو سوچيان ها ته هيءَ منهنجو پنهنجو آواز آهي ۽ جيڪڏهن مان تنهنجو چهرو ڏسي نه وٺان ها ته اهوئي خيال ڪريان ها ته ڄڻ مان ڪنهن آئيني جي سامهون بيٺو آهيان ۽ هيءَ ٻي تصوير به منهنجي ئي تصوير جو عڪس آهي.


    تنبيهه

    تنبيهه

    مون زندگيءَ ۾ ست ڀيرا پنهنجي نفس کي حقير سمجهيو ۽ هن کي تنبيهه ڪئي!
    1- سڀ کان پهريائين انهي وقت جڏهن مان عظمت ۽ اقتدار خاطر اميريءَ ۽ رياست جو لباس اوڍي مجبور ۽ بيوس انسانن جي مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ مان فائدي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    2- ٻيو ڀيرو ان وقت جڏهن مان پنهنجن مخلص دوستن جي اڳيان بهانا بڻائي، پنهنجي صفائي پيش ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي مڪاريءَ ۽ عياريءَ سان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    3- ٽيون ڀيرو ان وقت جڏهن مون کي سکن ۽ ڏکن مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو تڏهن مون ڏکن جي ڀيٽ ۾ سکن کي ترجيح ڏني.
    4- چوٿون ڀيرو انهي وقت جڏهن مون ڪو گناهه جو ڪم ڪيو ۽ اهو چئي پاڻ کي تسلي ڏنم ته آخر ٻيا به ته ساڳيءَ طرح گناهه ڪن ٿا.
    5- پنجون ڀيرو ان وقت جڏهن مون پنهنجي ڪمزوريءَ ۽ خوف جي ڪري انهيءَ مصيبت کي برداشت ڪيو، جيڪا مون تي نازل ٿي، پر مون اها دعويٰ ڪئي ته اهڙيءَ طرح مان طاقت ۽ ڏاڍ جي مقابلي ۾ صبر ۽ استقامت جو بيمثال مظاهرو ڪري رهيو آهيان.
    6- ڇهون ڀيرو ان وقت منهنجو نفس مون کي حقير محسوس ٿيو ۽ مون ان کي تنبيهه ڪئي جڏهن مون پنهنجا ڪپڙا وڪڙي ويڙهي ۽ مٿي کڻي ڇڏيا ته جيئن منهنجو پلئه زندگيءَ جي گپ سان آلو نه ٿي پوي.
    7- ستون ڀيرو انهيءَ وقت جڏهن مان دعا پڙهڻ لاءِ اٿي بيٺم ۽ انهيءَ کي پنهنجي مدح و ثنا ۽ فضيلت سمجهيم.


    سڀ کان وڏو سمنڊ

    سڀ کان وڏو سمنڊ

    ڪالهه مان ۽ منهنجو روح وڏي سمنڊ ۾ وهنجڻ ۽ پنهنجي جسم تان دنياوي غلاظت ڌوئڻ وياسين. ڪناري تي پهچي ڪري اسان اڪيلائيءَ جو هڪ اهڙو پاسو تلاش ڪرڻ لڳاسين جتي ماڻهن جون نظرون اسان تي نه پون.
    اسان جڳهه جي تلاش ۾ گهمي رهيا هئاسين جو اسان هڪ ماڻهو ڏٺو جيڪو مٽيءَ جي رنگ نما هڪ پهاڙيءَ تي ويٺو هو. سندس هٿ ۾ لوڻ جو هڪ ٿيلهو هو جنهن مان هو مٺيون ڀري ڀري لوڻ سمنڊ ۾ اُڇلي رهيو هو، منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي شخص احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهي. هي صرف زندگيءَ جي پاڇولن کي ڏسي ٿو. هن جون نگاهون اسان جي اگهاڙي جسم تي نه پوڻ گهرجن، اسان کي هتان هليو وڃڻ گهرجي، اسان هن جي سامهون نٿا وهنجي سگهون.“
    اسان اها جڳهه ڇڏي ڏني ۽ اتان کان اڳتي وڌي وياسين ايتري قدر جو هڪ گهاڙيءَ ۾ پهچي وياسين. اتي اسان کي هڪ شخص سمنڊ ۾ پهاڙيءَ تي ويٺل نظر آيو. هن جي هٿ ۾ جواهرن جي جڙيل هڪ صندوقڙي هئي، جنهن مان هو مصريءَ جون ڳڙيون ڪڍي سمنڊ ۾ اڇلي رهيو هو. منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي شخص احساس برتريءَ جو شڪار آهي ۽ اهڙين ڳالهين جي ظاهر ٿيڻ جي اميد رکي ٿو جيڪي حقيقت ۾ ڪڏهن به رونما نه ٿيون ٿين. هن کان هوشيار ٿيو، هن کي اسان جو اگهاڙو جسم نه ڏسڻ گهرجي.“
    اسان اڳتي هلندا وياسين ايتري قدر جو سمنڊ جي ڪناري تائين پهچي وياسين. اتي اسان هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو مئل مڇين کي چونڊي چونڊي شفقت ۽ همدرديءَ سان گڏ انهن کي ٻيهر سمنڊ ۾ وجهي رهيو هو. منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي نرم دل انسان ضرورت کان وڌيڪ رحمدل ۽ مرده پرست آهي، جيڪو قبر جي مردن ۾ ٻيهر ساهه وجهڻ چاهي ٿو، اسان کي هن کان جلد از جلد پري ٿيڻ گهرجي.“
    اسان انهيءَ جاءِ کان به اڳتي لنگهي وياسين ۽ هڪ ٻيءَ جڳهه تي پهتاسين، جتي اسان ڏٺو ته هڪ شخص پاڻيءَ ۾ پوندڙ پنهنجي پاڇي جي چوگرد ليڪون ڪڍي رهيو هو. ويرون آيون پئي ۽ انهن لڪيرن کي مٽائي پئي ڇڏيائون، اهو ڏسي اهو شخص اهو عمل بار بار دهرائيندو پئي رهيو. منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي صوفي آهي، ۽ پنهنجن وهمن جا بت تراشي انهن کي پوڄڻ ٿو چاهي. اسان کي هن جي ڀر ۾ بيهڻ به نه گهرجي! اچ ته هلون!“
    اسان هن کي پنهنجي پٺيان ڇڏي، هڪ ٻيءَ جاءِ تي، جتي هڪ ننڍڙي گهاڙي هئي، پهتاسين. اتي هڪ ٻئي شخص کي ڏٺوسين جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تان گجي لاهي لاهي سليماني پٿر جي هڪڙي پيالي ۾ وجهي رهيو هو. منهنجي روح مون چيو ته ”هي خيال پرست آهي جيڪو ڪوريئڙي جي تار مان پنهنجي پوشاڪ تيار ڪرڻ گهري ٿو. هيءَ به اسان جي اگهاڙي جسم جي ڏسڻ جي حقدار ناهي.“
    اسان ٿورو ئي پري ويا هياسين ته اوچتو هڪ آواز اسان جي ڪنن ۾ آيو. ڪوئي چئي رهيو هو ته هي سمنڊ آهي ـــــ گهرو، ڪشادو ۽ خوفناڪ سمنڊ! جنهن طرف کان آواز آيو هو، اسان ڪنڌ ورائي ان پاسي نظر وڌي، ته ڏٺو ته، هڪ شخص سمنڊ جي طرف پُٺ ڪري بيٺو آهي، هن جي هٿ ۾ سڱ سان مشابهه هڪ سپي هئي جيڪا هن پنهنجي ڪن سان لڳائي رکي هئي ۽ پنهنجي پڙاڏي ٿيندڙ آواز ٻڌڻ لاءِ ويهي ويهي ٿي رهيو.
    منهنجي روح مون کي چيو ته ”هي ماده پرست انسان آهي جيڪو ڪائنات جي انهن شين کان به منهن موڙي ٿو وٺي جيڪي هن جي عقل ۽ سمجهه ۾ نٿيون اچن مگر انهن بيڪار ۽ معمولي ڳالهين ۾ گم آهي جن جو دامن بالڪل خالي آهي، هلو هتان کان ڀڄي هلون.“
    اسان ان کي به اتي ئي ڇڏيو ۽ هڪ ٻيءَ جڳهه آياسين. اتي هڪ شخص پهاڙين ۾ اونڌو پيو هو. هن پنهنجو منهن زمين ۾ لڪائي رکيو هو. مون پنهنجي روح کي چيو ته ”هيڏانهن اچو، هتي وهنجي ٿا وٺون، هي شخص اسان کي نٿو ڏسي سگهي.“
    منهنجي روح پنهنجي مٿي کي انڪار ۾ ڌوڻيو ۽ وراڻيو: ”نه، هزار ڀيرا نه! هي شخص جنهن کي تون ڏسي رهيو آهين، الله تعاليٰ جي بدترين مخلوق آهي. هيءَ انڪار ۽ پليتيءَ جو پتلو آهي جنهن زندگيءَ جي غمن کان منهن موڙيو آهي ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجين خوشين لاءِ پنهنجيءَ دل جا دروازا بند ڪيا آهن.“
    منهنجي روح جي مُکَ تي ڏک ۽ مايوسيءَ جا اُهڃاڻ ظاهر ٿيا ۽ هن سخت تلخي ڀريل لهجي ۾ چيو: ”اچو ته هنن ڪنارن کان پري هلون. هتي ڪا به اهڙي ڍڪيل ۽ پرسڪون جڳهه ڪو نه آهي جتي اسان وهنجي سگهون. مان نٿو چاهيان ته هوا منهنجن سونهري زلفن، سان کيڏي، هيءَ فضا منهنجي شفاف سيني تان پردو هٽائي ۽ هيءَ روشني منهنجي مقدس جسم کي اگهاڙو ڪري.“
    انهيءَ تي مون ۽ منهنجي روح انهيءَ وڏي سمنڊ کي ڇڏي ڪري هڪ ٻي ـــــ سڀ کان وڏي سمنڊ جي تلاش ۾ هلي نڪتاسين.


    چمڪندڙ لفظ

    چمڪندڙ لفظ

    ڇا راتيون اسان تي ائين ئي گذرنديون رهنديون؟ ڇا زماني جي پيرن هيٺان ائين ئي لتاڙبا رهنداسين! ڇا قومون، پنهنجن تهن ۾ اسان کي هن ئي نموني سان ويڙهنديون رهنديون، ۽ اسان جي نالي کان سواءِ، جنهن کي هو مَس بجاءِ پاڻيءَ سان ڪتابِ روزگار تي لکنديون، اسان جي ڪا به حفاظت نه ڪنديون؟
    ڇا هيءَ روشني وسامي ويندي؟
    هيءَ محبت فنا ٿي ويندي؟
    ۽ هي تمنائون مٽجي وينديون؟
    ڇا موت هر انهيءَ شيءِ کي ڪيري وجهندو جيڪي اسان بڻايون آهن؟
    ڇا هوا، هر انهيءَ ڳالهه کي منتشر ڪري ڇڏيندي، جيڪا اسان جي وات مان نڪتي آهي؟
    ۽ ڇا اونداهي، هر انهيءَ ڪم کي لڪائي ڇڏيندي، جيڪي اسان جي هٿان ٿيا آهن؟
    ڇا اها ئي ”زندگي“ آهي؟ ڇا اهو ئي ”ماضي“ هو، جيڪو اهڙيءَ طرح گذري ويو، جو هن جا نشان به اسان جي اکين کان گم ٿي ويا؟ ڇا اهو ئي ”حال“ آهي؟ جيڪو ماضيءَ جي پٺيان پٺيان ڊوڙي پيو؟ ۽ ڇا اهو ئي مستقبل آهي جيڪو ”حال“ يا ”ماضي“ بنجڻ بغير بلڪل بي معنيٰ آهي؟
    ڇا اسان جي دل جون سڀ خوشيون ۽ اسان جي روح جا سمورا غم زائل ٿي ويندا، بغير ان جي ته اسان ان جي نتيجن کان واقف ٿيون؟
    ڇا انسان ان طرح ئي رهندو، انهيءَ پاڻيءَ جي فوٽي مثل جيڪو ٿوريءَ دير جي لاءِ سمنڊ جي مٿاڇري تي ظاهر ٿئي ٿو، مگر جڏهن هوا جو جهوٽو اچي ٿو ته ڦاٽي ٿو پوي، ڄڻ ته ڪڏهن هيو ئي ڪو نه؟
    نه! پنهنجي زندگي جو قسم! ڪڏهن به نه! زندگيءَ جي حقيقت زندگي ئي آهي. اُها زندگي، جنهن جو آغاز نه ماءُ جي ڳڀيرڻ کان ٿي ٿو، ۽ نه خاتمو قبر ۾. اِهي مهينا ۽ سال انهيءَ ابدي حياتيءَ جي هڪ لحظي کان سواءِ ڪجهه به نه آهن! هيءَ دنيوي زندگي پنهنجين سڀني وابستگين سان گڏ، هڪ ننڊ آهي، انهيءَ سجاڳيءَ جي هم پلئه جنهن کي اسان ”ڀوائتو موت“ چئون ٿا، هڪ اهڙو خواب آهي، جيڪي ڪجهه اسان انهيءَ ۾ ڏسون ۽ ڪريون ٿا، اهو بقاء الاهي سان وابسته آهي.
    فضا، انهن سڀني خوشين ۽ غمن کي پنهنجي آغوش ۾ پناهه ڏئي ٿي، جيڪي اسان جي دل مان نڪرنديون آهن ۽ انهن چُميُن جي آواز کي محفوظ ڪري ٿي وٺي، جنهن جو سرچشمو محبت آهي. فرشتا ڳوڙهن جي انهن قطرن کي نگاهه ۾ رکندا آهن جن کي غم اسان جي اکين مان وهائيندو آهي، ۽ اهي نغما فضائن جي بي انتها بلندين ۾ اُڏامندڙ روحن کي ٻڌائيندا آهن، جن کي خوشي اسان جي محسوسات ۾ پيدا ڪري ٿي.
    اُتي ايندڙ زندگي ۾ اسان پنهنجي جذبات جون تمام ڌڙڪنون ڏسنداسين، اُتي اسان پنهنجي اُلوهيت کي سڃاڻينداسين جنهن کي هينئر حسرت ۽ نااميديءَ جي اثرن جي بنياد تي حقارت سان ڏسون ٿا.
    گمراهي، جنهن کي اڄ اسان ڪمزوريءَ جي نالي تي سڏيون ٿا، صبحاڻي اسان جي هستيءَ جو اهو حلقو بڻجي ظاهر ٿيندي جيڪو انساني زندگيءَ جي تڪميل لاءِ ضروري آهي.
    مشقت، جنهن کي هينئر اسان پنهنجي برداشت کان ٻاهر سمجهون ٿا، اسان سان گڏ زندهه رهندي ۽ اسان جي عظمت ۽ بزدليءَ جو سبب بڻجندي.
    تڪليف، جا اڄ، اسان جي دل جي نه چاهيندي به، سهي رهيا آهيون، صبحاڻي، اسان لاءِ فخر جو تاج هوندي.
    جان ڪيٽس! اها بلبل، مٺي آواز واري، اگر اهو ڄاڻي ته هن جا نغما، انسان جي دل ۾ هميشه، محبت، حسن ۽ جمال سان محبت جو روح ڦوڪيندا رهندا ته چئجانءِ.
    ”منهنجي قبر تي اُڪري ڇڏيو: هتي ان شخص جون هڏيون آهن، جنهن جو نالو آسمان تي چمڪندڙن لفظن ۾ لکيو ويو آهي.“



    شاهه اردوس

    شاهه اردوس

    هڪ دفعي اردوس جا سردار، شاهه اردوس جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ کيس درخواست ڪيائون ته هو پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اهڙو قانون نافذ ڪري جنهن مطابق سڀني قسمن جو شراب ۽ ٻيون نشيدار شيون عوام جي لاءِ منع قرار ڏنيون وڃن.
    پر بادشاهه هنن جي ڳالهه تي ڪو به توجهه ڪو نه ڏنو ۽ کلندو اتان هليو ويو.
    ۽ شهر جا سردار دل شڪسته ۽ مايوس ٿي اتان واپس وريا. جڏهن هو محل جي دروازي تي پهتا ته کين دربان مليو، جنهن هنن کي مايوس ڏسي محسوس ڪري ورتو ته هو ڪجهه ڏکايل آهن، ۽ هو هنن جي معاملي جي تهه تائين پهچي ويو.
    دربان کين چيو: ”حالت قابل رحم آهي، منهنجا دوستو! پر جيڪڏهن توهان بادشاهه سان اهڙيءَ حالت ۾ ملو ها، جڏهن هو نشي ۾ چُور چُور هجي ها ته توهان جي درخواست يقيناً قبول ڪري ها!“



    مرغ بادنما

    مرغ بادنما

    مرغ-بادنما، هوا کي چيو: ”تنهنجو هميشه هڪ ئي رخ ۾ هلڻ ڪيترو نه ٿڪائيندڙ آهي؟
    ”ڇا تون، منهنجي منهن کان پاسو ڪري، ڪو ٻيو رخ اختيار نٿي ڪري سگهين؟
    ”ڇو ته تون منهنجي خداداد استقامت کي پريشان ڪري ٿي ڇڏين.“
    مگر هوا، کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ فضا ۾ هڪ بلند ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيو!



    بي زبان جانور

    بي زبان جانور

    هڪ ڏينهن شام جو، جڏهن منهنجا خيالات منهنجي عقل تي غالب اچي ويا ته آءٌ گهر کان نڪتس ۽ شهر جي مختلف پاڙن مان گذرڻ لڳس. هڪ خالي جڳهه جي اڳيان پهچي ڪري، آءٌ بيهجي ويس، جنهن جون ڀتيون به ڪِري چڪيون هيون ۽ ٺلهه زمين جي طرف جهڪيل هئا. جڳهه جي حالت مان صاف ظاهر هو ته اها ڪافي عرصي کان غير آباد آهي ۽ ان مٿان ڪا تباهي نازل ٿيل آهي.
    مون ڏٺو ته هڪ ڪتو مٽيءَ جي ڍير تي ستل، ڪمزور جسم وارو، زخمن کان چُور، جنهن کي بيمارين هڏن جو پڃرو بڻائي ڇڏيو هو. هن جون نگاهون اولهه طرف لهندڙ سج ۾ کتل هيون ۽ سندس اکين مان حسرت ۽ نااميدي بکي رهي هئي، ڄڻ ته اهو ڄاڻيندو هجي ته سج انهيءَ ويران جڳهه کان، جيڪو ڪمزور جانورن کي ايذائيندڙ ڇوڪرن جي پهچ کان ڏور هجي، پنهنجي وجود جي گرمي واپس وٺڻ شروع ڪري ڏني آهي ۽ انهيءَ ڪري هو ان کي ڏک ڀريل الوداعي نگاهن سان گهوري رهيو هو.
    آءٌ آهستي، آهستي هن طرف وڌيس، پنهنجي دل جي انهيءَ خواهش سان، ته اگر مان هن جي زبان ۾ گفتگو ڪري سگهان ها ته هن جي تڪليفن تي هن کي دلاسو ڏيان ها ۽ هن مصيبت تي هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيان ها، پر جڏهن هن جي ويجهو پهتم ته هن مون کان گهٻرائجي پنهنجي باقي بچيل سچيل قوت کي گڏ ڪري اها ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجين ٽنگن جي سهاري ان جڳهه کان ڏور هليو وڃي جن کي بيمارين مفلوج ڪري ڇڏيو هو، ۽ موت هنن جي حفاظت ڪري رهيو هو، مگر هو پنهنجي جڳهه تان اٿي ئي ڪو نه سگهيو ۽ مون کي تڪڻ لڳو هڪ اهڙي نگاهه سان، جنهن ۾ رحم ۽ ڪرم طلبي جو مٺاس شامل هو، هڪ اهڙي نگاهه سان جنهن ۾ عاجزيءَ سان گڏوگڏ ملامت به موجود هئي، هڪ اهڙي نگاهه سان جيڪا بغير زبان جي پنهنجو ڏک درد بيان ڪري رهي هئي جيڪا انسان جي زبان کان وڌيل فصيح ۽ عورت جي ڳوڙهن کان وڌيڪ بليغ هئي.
    جڏهن منهنجون نگاهون، هن جي غمگين نگاهن سان مليون، تڏهن منهنجي جذبات ۾ حرڪت پيدا ٿي ۽ احساسات بيدار ٿيا. مون انهن نگاهن کي مجسم ڪيو ۽ انساني ڪلام جو روپ پهرايو، اهي نگاهون چئي رهيون هيون:
    ”مون تي جيڪي ڪجهه گذري پيو اهو ئي مون لاءِ ڪافي آهي، مون انسانن جا جيترا ظلم برداشت ڪيا آهن ۽ بيمارين جون جيتريون تڪليفون سٺيون آهن، اهي مون لاءِ تمام گهڻيون آهن! وڃ! مون تي ۽ منهنجي سڪون تي رحم کاءُ! مون کي سج جي گرميءَ مان زندگيءَ جا ڪجهه لمحا حاصل ڪرڻ ڏي! مان اولادِ آدم جي ظلم ۽ سنگدليءَ کان ڀڄي ڪري، هن مٽيءَ جي ڍير تي اچي ڪريو آهيان، جيڪا انسان جي دل کان زياده نرم آهي، هن ويرانيءَ ۾ اچي لڪو آهيان، جيڪو ڀوَ ۾ هن کان گهڻو گهٽ آهي. مون کان پري ٿيءُ! تون به زمين جي انهن واسين مان آهين، جن جا فيصلا اڌورا ۽ انصاف کان خالي هوندا آهن. مان هڪ حقير جانور آهيان، مگر مون انسان جي خدمت ڪئي آهي، هن جي گهر ۾ هڪ مخلص ۽ وفادار رهيو آهيان، هن جي رفاقت ۾ مون حفاظت ۽ چوڪيداريءَ جا فرائض سرانجام ڏنا آهن، هن جي غم ۽ خوشيءَ ۾ برابر جو شريڪ ۽ هن جي غير موجودگيءَ ۾ هن کي ياد ڪندي ۽ هن جي آمد تي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هيم. مون هن جي دسترخوان جي ٽڪرن تي قناعت ڪئي ۽ هن جي بچايل هڏين کي غنيمت سمجهيو، پر جڏهن ڪراڙو ٿي ويم، بيماريءَ منهنجي جسم ۾ پنهنجا چنبا داخل ڪري ڇڏيا، تڏهن هن مون کي پنهنجي در تان تڙي ڪڍيو، ۽ گهٽيءَ ۽ محلي جي بي رحم ڇوڪرن جو رانديڪو، بيمارين جي تيرن جو نشانو ۽ هر قسم جي غلاظت جو مرڪز بڻائي ڇڏيو.
    اي آدم جي اولاد! مان هڪ ڪمزور جانور آهيان مگر مون ۾ ۽ تنهنجن انهن گهڻن ڪمزور ڀائرن ۾ هڪ خاص نسبت آهي، جن جون قوتون جواب ڏئي وينديون آهن، تڏهن هو مانيءَ جي هڪ هڪ ٽڪر جا محتاج ٿي پوندا آهن ۽ تباهه حاليءَ جي کڏن ۾ ڪري پوندا آهن.
    مان انهن سپاهين مثل آهيان، جيڪي پنهنجي جوانيءَ ۾ پنهنجي وطن جي طرف کان وڙهندا آهن، ۽ موٽيل عمر ۾ هارپو ڪندا آهن، مگر جڏهن زندگيءَ جي خزان واري موسم شروع ٿي ويندي اٿن تڏهن هنن جا هٿ ۽ پير بيڪار ٿي پوندا آهن ۽ کين وساري ڇڏيو ويندو آهي.
    آءٌ انهيءَ عورت وانگر آهيان، جيڪا پنهنجي جوانيءَ کي، جوان دل جي تفريح لاءِ سنواريندي سينگاريندي آهي، گهر واري بڻجي ٻارن کي پالڻ لاءِ راتيون جون راتيون جاڳندي آهي، وڏي عمر جي عورت بڻجي مستقبل جا معمار تيار ڪرڻ لاءِ مصيبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪندي آهي، مگر جڏهن ڪراڙي ٿي ويندي آهي تڏهن مڪروهه شيءِ سمجهي ڪري کيس وساريو ويندو آهي.
    ”آه! اي انسان! تون ڪيڏو نه ظالم آهين، ۽ ڪيترو نه سنگدل!“
    انهيءَ جانور ـــــ ڪتي ـــــ جون نگاهون ڳالهائي رهيون هيون ۽ منهنجي دل سمجهي رهي هئي! منهنجي ذهن جو اهو عالم هو جو ڪڏهن ته انهيءَ بي زبان جانور تي رحم کائي رهيو هيم ۽ ڪڏهن پنهنجي هم نسل يعني انسان جي خوفناڪ تصور تي ڏڪي پئي اٿيم.
    جڏهن انهيءَ ڪتي پنهنجون اکيون ٻوٽيون، تڏهن مان هن کي پريشان ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ اتان کان هليو آيس.


    نجومي

    نجومي

    مون ۽ منهنجي دوست هڪ انڌي کي گرجا جي پاڇي هيٺان اڪيلو ويٺي ڏٺو. منهنجي دوست مون کي چيو: ”هيءُ اسان جي قوم جو سڀ کان وڏو ڏاهو شخص آهي.“
    مان پنهنجي دوست وٽان اٿي انڌي وٽ آيس، کيس سلام ڪيم ۽ هن جي ڀر ۾ ويهي هن سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳس. ٿوريءَ دير بعد مون هن کان پڇيو: ”سائين! توهان جي اکين جي روشني وئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟“
    هن وراڻيو: ”پٽ، مان پيدائشي انڌو آهيان!“
    مون کيس چيو: ”توهان فلسفي جي ڪهڙي مذهب جا پوئلڳ آهيو؟“
    هن جواب ۾ ٻڌايو: ”مان ستارن جي علم جو ڄاڻو ۽ نجومي آهيان.“
    ان کان پوءِ هن پنهنجي سيني تي هٿ رکيو ۽ گفتگو جاري رکندي چيائين: ”مان ان سج، چنڊ ۽ ستارن جي چال کي ڏسندو رهان ٿو.“



    ٻه عالم

    ٻه عالم

    افڪار جي قديم شهر ۾ ٻه عالم رهندا هئا. انهن مان هر هڪ، ٻئي جي علم جون غلطيون ڪڍندو هو ۽ هڪ ٻئي جي گلا ۽ غيبت ڪندو هو. پهريون عالم ڪافر هو ۽ ٻيو مومن.
    اتفاق اهڙو ٿيو جو هڪ دفعي شهر جي چوڪ تي انهن جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي وئي ۽ هنن پنهنجن پنهنجن ساٿين جي اڳيان، ديوتائن جي وجود ۽ عدم وجود تي بحث مباحثو شروع ڪيو. ڪجهه ڪلاڪن جي بحث مباحثي کان پوءِ هنن مان هر هڪ پنهنجو پنهنجو دڳ ورتو.
    انهيءَ ڏينهن شام جو ڪافر عالم گرجا ۾ ويو ۽ قربان گاهه جي اڳيان گوڏا کوڙي، جهڪي ديوتائن کان پنهنجن پوين سڀني ڪيل گناهن جي معافي ورتي ۽ ان تي ايمان آندو.
    ۽ انهيءَ مهل مومن عالم به پنهنجي مقدس ڪتابن کي شهر جي چوڪ ۾ باهه ڏئي ڇڏي ۽ ڪافر ٿي ويو.



    مقدس شهر

    مقدس شهر

    ننڍپڻ ۾ مون کي هڪ شهر بابت ٻڌايو ويو هو ته اتان جا سڀ رهاڪو مذهبي تعليم مطابق زندگي گهاري رهيا آهن. مون پنهنجيءَ دل ۾ چيو ته ”مون کي جلد کان جلد انهيءَ شهر ۾ پهچڻ گهرجي ته جيئن اتان جي مقدس برڪتن مان فائدو وٺي سگهان.“
    جيئن ته شهر گهڻو ڏور هو، تنهنڪري مون مسافريءَ جو پورو پورو بندوبست ڪيو ۽ چاليهن ڏينهن جي سفر بعد ان شهر جي قريب پهتم. ٻئي ڏينهن جڏهن شهر ۾ داخل ٿيم ته ڇا ڏسان ته هر ماڻهو اک کان ڪاڻو ۽ ٽنڊو آهي. مون کي ڏاڍي حيرت لڳي. مون پنهنجي دل ۾ چيو ته ڇا هن مقدس شهر ۾ رهڻ واري هر شخص لاءِ ضروري آهي ته اهو ڪاڻو ۽ ٽنڊو هجي.
    ان بعد مون ڏٺو ته ماڻهو مون کي به وڏي حيرت وچان ڏسي رهيا هئا. هنن کي منهنجي اکين ۽ هٿن سلامت هجڻ تي حيرت هئي.
    هو پاڻ ۾ سُس پُس ڪري رهيا هئا جو مان هنن کان پڇيو ته ”ڇا هيءُ ئي اهو مقدس شهر آهي جتي جو هر ماڻهو آسماني ڪتاب جي تعليم مطابق زندگي گذاري ٿو؟“
    هنن وراڻيو: ”هائو! هيءُ هي اهو شهر آهي!“
    ”توهان جي سڄي هٿ ۽ اک کي ڇا ٿيو آهي؟“
    هنن کي منهنجي حالت تي وڏو رحم آيو ۽ هنن منهنجي اڻڄاڻائيءَ تي رحم کائيندي چيو: ”اچ! اسان توکي ٻڌايون ٿا.“
    مان ماڻهن سان گڏوگڏ هلڻ لڳس. انهن مان هڪ شخص مون کي هيڪل ۾ وٺي ويو، جيڪو شهر جي وچ ۾ هو. جڏهن هيڪل ۾ داخل ٿيس ته مون ڏٺو ته هيڪل جي وچ ۾ بي نور اکين ۽ سڪل هٿن جو هڪ ڍير لڳل آهي. مون هنن کان انتهائي حيرت ۽ عجيب وچان پڇيو: ”توهان کي قّسم آهي پنهنجي پروردگار جو! مون کي ٻڌايو ته اهو ڪهڙو خوني حملي آور آهي، جنهن حملو ڪري توهان جا هٿ وڍرايا ۽ اکيون ڪڍرايون آهن؟“
    هجوم منهنجي اڻڄاڻائيءَ تي حيرت جو اظهار ڪندي هڪ سرد آهه ڀري. انهن مان هڪ پوڙهو شخص منهنجي ويجهو آيو ۽ مون کي چوڻ لڳو: ”پاڻ سان هيءَ حالت اسان پاڻ ئي ڪئي آهي. الله تعاليٰ، انهيءَ برائي تي اسان کي فتحياب فرمايو آهي، جيڪا اسان تي نازل ٿي وئي هئي ۽ اسان انهيءَ کي پاڙون پٽي ڇڏيو آهي.“
    انهيءَ کان پوءِ هو مون کي هڪ مٿانهين قربان گاهه طرف وٺي ويو. ماڻهو اسان جي پٺيان پٺيان هئا. قربان گاهه جي ويجهو پهچي ڪري هن پنهنجي آڱر سان هڪ آيت جي طرف اشارو ڪيو جيڪا قربان گاهه جي مٿان اُڪريل هئي ۽ مون کي ان جي پڙهڻ لاءِ چيو. لکيل هو: ”اگر تنهنجي سڄي اک توکي شڪ ۾ مبتلا ڪري ته تون انهيءَ کي ڪڍي اُڇل، ڇو ته تنهنجي لاءِ هڪ عضوي جو ضايع ٿيڻ، ان کان بهتر آهي جو تنهنجو سڄو جسم جهنم ۾ وڌو وڃي.“
    هاڻ مون هنن جو راز لڌو. مون رڙ ڪري هنن کي چيو: ”ڇا توهان ۾ ڪائي عورت يا مرد اهڙو ڪو نه آهي جنهن جون ٻئي اکيون ۽ هٿ سلامت هجن؟“
    جواب ۾ هنن ماڻهو وراڻيو: ”نه، اسان ۾ اهڙو ڪو به ڪو نه آهي، سواءِ انهن ٻارڙن جي جيڪي اڃا تائين انهيءَ عمر تائين ناهن پهتا، جو ڪتاب پڙهي انهيءَ جي حڪم تي عمل ڪري سگهن.“
    جڏهن اسان هيڪل کان نڪتاسين ته مان انهيءَ مقدس شهر کان ڀڄي نڪتس، ڇو ته مان شعور جي عمر کي پهچي چڪو هوس ۽ ڪتاب پڙهي ٿي سگهيس.



    داناءُ بادشاهه

    داناءُ بادشاهه

    ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ هڪ وڏي دٻدٻي وارو داناءُ بادشاهه هيو. هن جي شان شوڪت ۽ دٻدٻي جي ڪري ماڻهو هن کان ڊڄندا هئا ۽ هن جي دانائيءَ جي ڪري هن سان محبت ڪندا هئا.
    انهيءَ شهر جي وچ ۾ صاف ۽ مٺي پاڻي جو هڪ کوهه هو. سڄو شهر، جنهن ۾ بادشاهه ۽ سندس درٻاري به شامل هئا، ان کوهه جو پاڻي پيئندا هئا، ان لاءِ جو شهر ۾ ٻيو کوهه هو ئي ڪو نه.
    هڪ رات جي ڳالهه آهي، سڄو شهر ننڊ پيو هو ته هڪ جادوگرياڻي خاموشيءَ سان شهر ۾ آئي ۽ هڪ عجيب و غريب پاڻياٺ جا ست ڦڙا کوهه ۾ وجهي چوڻ لڳي: ”هاڻي جيڪو به هن کوهه جو پاڻي پيئندو، چريو ٿي پوندو.“
    ٻئي ڏينهن سڄي شهر وارن کوهه جو پاڻي پيتو ۽ جيئن جادوگرياڻيءَ چيو هو، تيئن چريا ٿي ويا، پر بادشاهه ۽ سندس وزير اهو پاڻي ڪو نه پيتو.
    جڏهن اها خبر شهر ۾ پهتي ته ماڻهو گهٽيءَ گهٽيءَ، پاڙي پاڙي ۾ ڦرڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا ته ”اسان جو بادشاهه ۽ وزير چريا ٿي پيا آهن. اسان جو بادشاهه ۽ وزير پنهنجو عقل وڃائي ويٺا آهن. اسان هڪ چريي بادشاهه کي پاڻ مٿان حڪومت ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، اچو ته کيس تخت تان لاهيون.“
    شام جو اهو احوال بادشاهه کي ٻڌايو ويو. هن هڪدم حڪم ڏنو ته سوني وٽي ۾، جيڪو هن کي پنهنجن ابن، ڏاڏن کان ورثي ۾ مليو هو، کوهه جو پاڻي ڀري اچن. فوراً حڪم جي تعميل ڪئي ويئي ۽ پاڻي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. بادشاهه وٽو پنهنجن چپن تي رکيو ۽ هڪ ٻه ڍڪ ڀري، وزير جي حوالي ڪيائين ۽ وزير اهو باقي بچيل پاڻي پِي ڇڏيو.“
    جڏهن شهر وارن کي اها خبر پئي ته هنن خوشيءَ جا واڄا وڄايا ته بادشاهه ۽ سندس وزير کي وڃايل عقل واپس ملي ويو آهي.



    انوکي زبان

    انوکي زبان

    منهنجي پيدائش جي ٽئين ڏينهن جي ڳالهه آهي، جو مان پنهنجي ريشمي پينگهي ۾ سُتو، هن نئين دنيا ۾ پنهنجي آسي پاسي هڪ عجيب ڏک ۽ غم وچان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.
    منهنجيءَ ماءُ، دائيءَ کان پڇيو: ”اڄ منهنجي ٻچڙي جو ڪهڙو حال آهي؟“
    هن وراڻيو: ”جي! ننڍڙو ٺيڪ ٺاڪ آهي، مان هن کي ٽي دفعا کير پياريو آهي. هن کان اڳ مون هِهڙو چنچل ٻار ڪڏهن به ناهي ڏٺو.“
    اهو ٻڌندي ئي مون کي باهه وٺي وئي ۽ مون رڙ ڪئي: ”هيءَ ڪوڙ پئي ڳالهائي. امان، هيءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. منهنجو هنڌ سخت ۽ کهرو آهي. جيڪو کير هن مون کي پياريو آهي، ان جو ذائقو ڪڙو هو ۽ هن جي ڇاتيءَ جي بدبوءِ کان منهنجو نڪ ڦاٽو ٿي. مان وڏيءَ تڪليف ۽ مصيبت ۾ ڦاٿل آهيان، امان!“
    پر نه منهنجيءَ ماءُ منهنجي زبان سمجهي ۽ نه منهنجي دائيءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ آيو. جيڪي مون چيو، جنهن زبان ۾ هنن سان ڳالهيون ڪري رهيو هوس، اها ان دنيا جي زبان هئي جتان مان آيو هوس.
    منهنجي جنم جي ايڪويهين ڏينهن ــــ ۽ انهيءَ ڏينهن مون کي يسوع مسيح جي پيروڪار بنائڻ لاءِ پادريءَ کي به گهرايو ويو هو. پادريءَ منهنجيءَ ماءُ کي چيو: ”مان توکي واڌايون ٿو ڏيان ته تنهنجو ٻارڙو پيدائشي عيسائي آهي.“
    مون حيران ٿيندي پادريءَ کي چيو: ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي، جيڪا تون چئي رهيو آهين، ته سڀ کان وڌيڪ تنهنجي ماءُ کي جيڪا هن وقت ٻئي جهان ۾ آهي، تنهنجي ڪري بدبخت هجڻ گهرجي، ڇو ته تون عيسائي مذهب تي پيدا ڪو نه ٿيو هئين.“
    پر جيڪي ڪجهه مون پادريءَ کي پنهنجيءَ زبان ۾ چيو، اهو هو سمجهي ڪو نه سگهيو.
    ستن مهينن کان پوءِ هڪ نجومي اسان وٽ آيو ۽ منهنجي چهري کي دير تائين ڏسڻ بعد منهنجيءَ ماءُ کي چوڻ لڳو: ”تنهنجو هي پٽ هڪ داناءُ رهنما ٿيندو ۽ ماڻهو هن جي پيروي ڪندا ۽ هن لاءِ فرمانبرداريءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائيندا.“
    مون وڏي آواز ۾ دانهن ڪئي: ”هيءَ اڳڪٿي غلط آهي. مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻان ٿو. مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته مان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪندس ۽ هڪ موسيقار کان سواءِ ڪجهه به نه بڻبس.“
    اهو ڏسي منهنجي حيرت جي ڪائي انتها ئي نه رهي، جو هڪ شخص به منهنجي زبان ڪا نه سمجهي.
    هن ڳالهه کي ٽيهه سال گذري چڪا آهن. منهنجي ماءُ، دائي ۽ پادري، خدا انهن سڀني جي روحن تي پنهنجي رحمت ڪري، مري چڪا آهن، مگر نجومي اڃا تائين زندهه ۽ وڏي آرام جي زندگي گذاري رهيو آهي.
    ڪالهه مون هن کي هيڪل جي سامهون ڏٺو. منهنجي هن سان سلام دعا ٿي ۽ مون کيس ٻڌايو ته مان موسيقارن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهيان.
    اهو ٻڌي هن وراڻيو: ”مون کي گهڻو اڳي پڪ هئي ته تون هڪ تمام وڏو موسيقار ٿيندين ۽ مون تنهنجي ماءُ کي تنهنجي مستقبل بابت اها خبر ٻالڪپڻي ۾ ئي ڏني هئي.“
    مون هن جي ڳالهه تي يقين ڪري ورتو، ڇو ته هاڻي مان پاڻ انهيءَ دنيا جي زبان وساري چڪو آهيان، جتان آيو هوس.



    بلند حوصله

    بلند حوصله

    ٽي شخص شراب خاني جي هڪ ميز تي ويٺا هئا. انهن مان هڪ ڪوري، ٻيو واڍو ۽ ٽيون قبرن کوٽيندڙ هو.
    ڪوريءَ پنهنجن ساٿين کي چيو: ”اڄ مون بافتي جو هڪ نهايت عمدو ڪفن ٻن دينارن ۾ وڪيو آهي، تنهنڪري اڄ دل گهريو شراب پيئنداسين.“
    انهيءَ جي جواب ۾ واڍي چيو: ”اڄ مون سڀ کان قيمتي تابوت وڪيو آهي، تنهنڪري اسان شراب سان گڏوگڏ ڪباب به کائينداسين.“
    آخر ۾ قبرون کوٽيندڙ چيو: ”اڄ مون صرف هڪ قبر کوٽي آهي، مگر قبر کوٽرائڻ وارن مون کي انهيءَ جي ٻيڻي مزدوري ڏني آهي، ان ڪري ٿوري ماکي به اڄ اسان لاءِ حلال آهي.“
    شراب خاني جي مالڪ جي گهر واريءَ انهيءَ رات هنن جي ڏاڍي خدمت ڪئي، ڇو ته هو گهڙيءَ گهڙيءَ شراب، ڪباب ۽ ماکي گهرائي رهيا هئا ۽ خوشيءَ وچان نچي رهيا هئا.
    شراب خاني جو مالڪ هر هر پنهنجي گهر واريءَ کي ڏسي ۽ مرڪي رهيو هو. هن جون اکيون جيڪي ڪجهه ڏسي رهيون هيون، سندس دل کي ان جو يقين ڪين پئي آيو ۽ يقين اچي به ته ڪيئن، هن جا ٽئي مهمان وڏي بيدرديءَ سان پئسا خرچ ڪري رهيا هئا.
    ٽيئي شرابي رات جي آخري حصي تائين شراب خاني ۾ ويٺا کائيندا، پيئندا رهيا ۽ جڏهن سندن اک ۽ پيٽ ٻئي ڀرجي ويا تڏهن ڳائيندا اتان روانا ٿي ويا.
    شراب خاني جو مالڪ ۽ سندن زال شراب خاني جي دروازي تي بيٺا هئا ۽ هنن جون اکيون پنهنجن ويندڙ مهمانن جو پيڇو ڪري رهيون هيون.
    عورت پنهنجي مڙس کي چيو: ”ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو قسمت روزانو اسان وٽ اهڙا ئي بي فڪر، شريف ۽ درياء دل ماڻهو موڪلي، اهڙي حالت ۾ اسان پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي هن گندي شراب خاني جي خدمت کان فارغ ڪري هن جي تعليم جو انتظام ڪري سگهنداسين، ته جيئن اڳتي هلي هو پادري بڻجي وڃي.



    نقاد

    نقاد

    هڪ رات جو ذڪر آهي:
    هڪ مسافر، گهوڙي سوار، ساحل طرف وڃي رهيو هو. رستي ۾ هڪ مسافرخانو ڏسي هو گهوڙي تان لهي پيو ۽ پاڻ جهڙن سمنڊ طرف سفر ڪندڙ ٻين مسافرن جيان رات ۽ انسان تي ڀروسو ڪندي، گهوڙي کي مسافرخاني جي ٻاهرين دروازي جي سامهون هڪ وڻ سان ٻڌي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ هو ٻين ماڻهن سان گڏ مسافرخاني ۾ داخل ٿي ويو.
    آڌيءَ رات جو، جڏهن مسافر خاني جو هر ماڻهو بي خبر ستو پيو هو، هڪ چور آيو ۽ مسافر جو گهوڙو چورائي ويو. ڪنهن کي به هن جي کڙڪ نه پئي.
    صبح جو مسافر جڏهن ننڊ مان اٿيو، ته هڪدم انهيءَ جاءِ تي پهتو، جتي هن پنهنجو گهوڙو ٻڌو هو، پر گهوڙو اتي ڪو نه هو.
    هيڏانهن هوڏانهن تلاش ڪرڻ بعد کيس معلوم ٿيو ته رات ڪو چور هن جو گهوڙو چورائي ويو آهي. هن کي پنهنجي گهوڙي جي چوري ٿيڻ جو ڏک ته هو، پر ان کان وڌيڪ غم کيس ان ڳالهه جو هو ته ڪي اهڙا انسان به آهن جيڪي شيطان جي ورغلائڻ تي چوري ڪري ٿا ويهن.
    جڏهن ٻين مسافرن کي هن واقعي جي خبر پئي ته هو هن جي چوڌاري جمع ٿي ويا ۽ مٿس ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.
    هڪ شخص کيس چيو: ”تون به ڪيترو نه بيوقوف آهين! پنهنجو گهوڙو طبيلي کان ٻاهر ٻڌو ئي ڇو هيئي؟“
    ٻئي چيو: ”مون کي تعجب آهي ته تو گهوڙي کي ٻڌڻ مهل، هن جي پيرن ۾ زنجير ڇو ڪو نه ٻڌو؟“
    ٽئين پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: ”گهوڙن جي پٺيءَ تي سمنڊ جو سفر ڪرڻ ئي بنيادي طور تي هڪ بيوقوفي آهي.“
    ۽ چوٿون وري هيئن چوڻ لڳو: ”منهنجو ته خيال آهي ته گهوڙا ڌاريندا ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي بيوقوف، سست ۽ ڪانئر هوندا آهن.“
    مسافر انهن نصيحت ڪندڙن جي بي مهلي نصيحتن تي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي، کين چوڻ لڳو: ”صاحبو! جڏهن منهنجو گهوڙو چوري ٿي ويو، تڏهن توهان جي ذهنن تي چڙهائي ڪري منهنجين غلطين ۽ ڪوتاهين کي ڳڻائڻ شروع ڪيو، مگر مون کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته توهان مان ڪنهن به ان شخص جي باري ۾ هڪ لفظ به ڪو نه ڳالهايو جنهن منهنجو گهوڙو چورايو آهي.“


    معيار

    معيار

    هڪ شخص پنهنجي ٻنيءَ ۾ کوٽائي ڪري رهيو هو، جو هن کي سنگ مرمر جي هڪ بيحد خوبصورت ۽ من موهيندڙ مورتي هٿ آئي. هو ان کي هڪ شخص وٽ کڻي ويو جيڪو قديم شين جو وڏو قدردان هو. هن کانئس چڱي چوکي رقم جي عوض اها مورتي خريد ڪئي جنهن کان پوءِ هنن ٻنهي پنهنجو پنهنجو دڳ ورتو.
    وڪڻڻ واو گهر ويندي دل ۾ چئي رهيو هو: ”ڪيتري نه حيثيت ۽ ڪشش آهي هن دولت ۾! سچ پچ ته مون کي وڏي حيرت آهي جو هڪ عقلمند انسان، ايتري وڏي رقم هڪ گونگي ۽ بيجان پٿر جي ٽُڪر عيوض ڪيئن ڏئي ٿو سگهي جيڪو هزارن سالن کان زمين ۾ پوريو پيو هو، جو ڪنهن جي خواب خيال ۾ به نه آيو هو!؟“
    ۽ بلڪل ان مهل خريد ڪرڻ وارو مورتيءَ کي غور سان ڏسندي دل ئي دل ۾ چئي رهيو هو: ”ڪيتري نه مقدس آهي اها سونهن جيڪا تو ۾ آهي، ۽ ڪيتري نه پياري آهي اها زندگي، جيڪا تنهنجي وجود مان بکي رهي آهي! تون ڌرتيءَ جي خاموش سيني ۾ ڪنهن اعليٰ ۽ مقدس روح جو خواب آهين، خدا جو قسم! منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انسان ههڙي لطيف ۽ قيمتي بي بها شيءِ کي بي جان ۽ برباد ٿي وڃڻ واري دولت جي عيوض ڪيئن نه وڪڻي ٿو ڇڏي.“



    ٻه درويش

    ٻه درويش

    هڪ جبل جي چوٽيءَ تي ٻه درويش رهندا هئا ۽ ڏينهن رات خدا تعالي جي عبادت ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي تان گهور پيا ٿيندا هئا. ٻنهي وٽ هڪ فڪر جو پيالو هو ۽ اهائي هنن جي ڪل ملڪيت هئي.
    هڪ ڏينهن شيطان، پوڙهي درويش کي ورغلايو.
    هو پنهنجي جوان ساٿيءَ وٽ آيو ۽ کيس چوڻ لڳو: ”اسان هڪ عرصي کان گڏ رهندا آيا آهيون، مگر هاڻي اسان جي جدائيءَ جو وقت اچي ويو آهي، تنهنڪري چاهيان ٿو ته اسان پنهنجي ملڪيت ورهايون.“
    نوجوان درويش کي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هن وراڻيو: ”مون کي قسم آهي تنهنجو، ڀاءُ، ته هيءَ جدائي منهنجيءَ دل کي صدمو پهچائي رهي آهي، پر جيڪڏهن توهان وڃڻ جو ارادو ڪري ئي ورتو آهي، ته پوءِ توهان جي مرضي!“
    ان کان پوءِ هن ٺڪر جو پيالو کنيو ۽ چيو: ”محترم ڀاءُ! اسان جي ملڪيت ڏئي وٺي به وڃي هيءُ ٺڪر جو پيالو آهي ۽ هيءُ ورهائي نٿو سگهجي، تنهنڪري منهنجي خيال ۾ هيءُ توهان ئي کڻي وڃو!“
    پوڙهو درويش ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين: ”مان توکان بيک ڪو نه ٿو پنان، ۽ نه اهڙي شيءِ قبول به ڪندس جيڪا منهنجي نه آهي. هي پيالو ضرور ورهائبو، ته جيئن اسان ٻنهي کي پنهنجو پنهنجو حصو ملي وڃي.“
    نوجوان درويش تمام نرميءَ سان چيس: ”جيڪڏهن اسان هن پيالي کي ورهايو ته هن مان توهان کي يا مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟ توهان چاهيو، ته پوءِ اچو ته اسان ڪُڻو ٿا ڪڍون.“
    پوڙهي درويش چيس: ”مان صرف اهو حصو وٺڻ چاهيان ٿو جيڪو انصاف جي مطابق مون کي ملي ٿو ۽ مان ڪڏهن به ڪُڻي تي راضي ڪو نه ٿيندس، جنهن سان انصاف جو شان گهٽجي، ۽ مون کي انصاف کان پٺي ڏيندڙ جواري ۽ منهنجي حصي کي جوا جو داءُ بڻائي، مان اڌ پيالو ئي وٺندس.“
    نوجوان درويش لاءِ هاڻ وڌيڪ بحث ۽ گفتگوءَ جي گنجائش نه رهي. هن چيس: ”منهنجا پيارا ڀاءُ! جي توهان جي اهائي مرضي آهي ۽ جيڪي ڪجهه توهان فرمايو آهي، اهوئي چاهيو ٿا ته چڱو ڀلا پيالي کي تقسيم ٿا ڪريون.“
    پوڙهي درويش جو منهن ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن رڙ ڪندي چيو: ”خدا توکي برباد ڪري! اي سست ۽ بي قدرا انسان! تون ڪيترو نه گيدي ۽ جهيڙي کان ڀڄندڙ آهين!“



    انصاف

    انصاف

    هڪ رات بادشاهه جي محل ۾ شادي هئي ۽ مهمانن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. ايتري ۾ هڪ شخص ايندڙن سان گڏ آيو ۽ بادشاهه کي ادب کي احترام سان سلام ڪيائين. موجود ماڻهن حيرت وچان ان ڏانهن ڏٺو، ڇو ته هن جي هڪ اک غائب هئي ۽ ڦٿل اک مان رت وهي رهيو هوس.
    بادشاهه کانئس پڇيو: ”هيءُ توکي ڇا ٿيو؟“
    هن شخص جواب ۾ عرض ڪيو: ”جهان پناهه! آءٌ چور آهيان. پنهنجي عادت مطابق اڄ رات اونداهيءَ کي غنيمت سمجهندي هڪ صراف جي دڪان ۾ چوري ڪرڻ ويس، مگر رستو ڀلجي پيس ۽ صراف جي بجاءِ ان جي پاڙيسريءَ ڪوريءَ جي دڪان ۾ گهڙي پيس. مان ڀڄڻ لاءِ موٽيس مگر اونداهي اهڙي ته غضب جي هئي جو هٿ نه ڏسي هٿ کي. اهڙي طرح ڪوريءَ جي آڏاڻي جي ٻاهر وڌيل ڪلي منهنجي اک ۾ لڳي ۽ مان هينئر سائين جن جي خدمت ۾ ان لاءِ حاضر ٿيو آهيان ته ڪوريءَ جي معاملي ۾ مون سان انصاف ڪيو وڃي.“
    بادشاهه سپاهي موڪلي ڪوريءَ کي گهرايو ۽ حڪم ڏنائين ته ڪوريءَ جي اک ڪڍي وڃي.
    ڪوريءَ چيو: ”جهان پناهه! توهان بلڪل صحيح فيصلو ڪيو آهي. انصاف جي گُهر به اهائي آهي ته منهنجي اک ڪڍي وڃي پر سائين جن کي منهنجو مؤدبانه عرض آهي ته مون کي پنهنجي روزگار ڪرڻ لاءِ ٻنهي اکين جي ضرورت آهي، ڇو ته جيڪو ڪپڙو مان اڻندو آهيان، ان جي ٻنهي ڪيِنُن کي انهن سان ڏسندو آهيان، البته هڪ موچي منهنجو پاڙيسري آهي جنهن کي مون جيان ٻه اکيون آهن، مگر هن کي پنهنجي ڪم لاءِ هڪ ئي اک جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سائين جن چاهين ته هن کي گهرائين ۽ انصاف جو مانُ مٿانهون ڪرڻ لاءِ هن جي هڪ اک ڪڍرائي ڇڏن.“
    بادشاهه انهيءَ وقت موچيءَ کي گهرايو ۽ جڏهن هو حاضر ٿيو، ته هن جي هڪ اک ڪڍرائي ڇڏيائين.
    ۽ اهڙيءَ طرح انصاف جي گُهر پوري ڪئي وئي.



    نصيحت-2

    نصيحت-2

    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان زماني جو اندازو پنهنجي انهيءَ چوڻيءَ سان نه ڪريان ته ”ڪلهه هيو“ ۽ ”صبحاڻي ٿيندو.“
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان ماضيءَ کي هڪ اهڙو زمانو سمجهندو هوس جيڪو ڪڏهن به واپس ڪو نه ٿو اچي ۽ مستقبل کي هڪ اهڙو وقت جنهن تائين مان ڪڏهن به پهچي ڪونه سگهندس، مگر هينئر مون ڄاڻي ورتو آهي ته موجوده پَل ئي ڪُل زمانو آهي ۽ انهيءَ ۾ ئي زماني جون اهي سڀ شيون لڌيون وڃن ٿيون، جن جي اميد ڪئي ويندي آهي، جن کي حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ جن جي جاچ پڙتال ۽ تصديق ڪئي ويندي آهي.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان جاءِ جو تعين اهو چئي نه ڪريان ته ”هِتي يا هُتي.“
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ جڏهن مان ڌرتيءَ جي ڪنهن هنڌ تي هوندو هوس تڏهن پنهنجو پاڻ کي ٻين سڀني جڳهن کان ڏور سمجهندو هوس مگر هاڻ مون ڄاڻي ورتو آهي ته جنهن جڳهه تي مان هوندو آهيان اها ئي ”ڪُل“ جڳهه آهي ۽ جيڪي فاصلو منهنجي قدمن هيٺان هوندو آهي، اهائي ڪُل مسافري آهي.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏهن ڳوٺ وارا آرامي ٿين، تڏهن آءٌ جاڳان، ۽ جڏهن اهي جاڳن تڏهن آءٌ سمهان.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ ته مان پنهنجي ننڊ ۾ انهن جا خواب ڏسندو هوس ۽ نه اهي پنهنجي بي خبريءَ ۾ منهنجن خوابن جي نگراني ڪندا هئا، مگر هاڻ جڏهن به مان، پنهنجيءَ ننڊ ۾ ٻانهون کنڊيري اڏران ٿو تڏهن اهي منهنجي نگراني ڪن ٿا ۽ جڏهن به اهي پنهنجن خوابن ۾ پرواز ڪندا آهن تڏهن مان انهن جي آزاديءَ تي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائيندو آهيان.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان تعريف سان خوش ۽ گلا ٻڌي ڏکارو نه ٿيان.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت کان اڳ جيستائين ڪو منهنجي ڪارنامن جي تعريف نه ڪندو هو يا ان مان ڪوئي عيب نه ڪڍندو هو تيستائين مان پنهنجن ڪارنامن جي قدر و قيمت کان بي خبر ۽ پريشان رهندو هوس، مگر هاڻ مون ڄاتو آهي ته ”وڻ، بهار ۾ گل ۽ گرمين ۾ ميوا ڏيندا آهن ۽ انهن کي تعريف يا خوشامد ٻڌڻ جي ڪا لالچ نه هوندي آهي. خزان ۾ انهن جا پن ڇڻي ويندا آهن ۽ سياري جي سخت سردين ۾ اهي سڙي ٺوڙها ٿي ويندا آهن، مگر تڏهن به انهن کي ٽوڪن ۽ خواريءَ جو ڪو خوف ناهي هوندو.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ۽ مون تي ثابت ڪيو ته مان نه ته ڪمزورن کان وڌيڪ آهيان ۽ نه طاقتورن کان گهٽ.
    ۽ پنهنجي نفس جي نصيحت ڪرڻ کان اڳ مان انسان کي ٻن قسمن ۾ ورهايل سمجهندو هوس: هڪ ڪمزور مرد، جن تي رحم کائيندو هوس يا نفرت ڪندو هوس، ۽ ٻيو طاقتور مرد، جن جي اڳيان آءٌ جهڪندو هوس يا جن خلاف آءٌ بغاوت ڪندو هوس. مگر هينئر مون ڄاتو آهي ته مان انفراديءَ طور انهيءَ شيءِ مان پيدا ٿيو آهيان جنهن مان ٻيا انسان اجتماعي طور پيدا ٿيا آهن. انهيءَ اعتبار سان منهنجا جزا انهن جا جزا آهن، منهنجو ضمير انهن جو ضمير، منهنجا مسئلا انهن جا مسئلا ۽ منهنجي منزل انهن جي منزل آهي. هاڻ جيڪڏهن اهي ڏوهه جو ڪو ڪم ڪن ٿا ته ڏوهي مان به سڏبس ۽ جي هو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪن ٿا ته انهيءَ تي مان به فخر ڪندس. جيڪڏهن هو اٿن ٿا ته انهن سان گڏ مان به ٿو اٿان، پر جي هو ويهن ٿا ته انهن سان گڏ آءٌ به ويهان ٿو.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي. هُن مون کي ٻڌايو ۽ سمجهايو ته جيڪو ڏيئو منهنجي هٿ ۾ آهي، اهو منهنجو ڪين آهي ۽ هيءُ جيڪي گيت مان ڳائي رهيو آهيان، اهي منهنجي اندران ناهن نڪتا.
    ۽ جيڪا به تون هيءَ روشني ڏسي رهيو آهين، اها مون مان ناهي نڪتي. آءُ صرف هڪ ڇڪيل تارن جي سارنگي آهيان ليڪن سارنگي نواز نه آهيان.
    ***
    منهنجي نفس مون کي نصيحت ڪئي.
    منهنجا ڀاءُ!
    ۽ مون کي سيکاريو، پاڙهيو.
    ۽ تنهنجي نفس به توکي نصيحت ڪئي،
    ۽ توکي سيکاريو، پاڙهيو.
    پوءِ تون ۽ مان هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهيون. اسان ٻنهي ۾ سواءِ هن جي ٻيو ڪو به فرق نه آهي، ته مان پنهنجيءَ دل جي ڳالهه چئي رهيو آهيان مگر تون پنهنجيءَ دل جي ڳالهه لڪائي رهيو آهين، ان ڪري منهنجي ڳالهه بي مزي ۽ تنهنجي ڳالهه نهايت وڻندڙ ۽ وڌيڪ اثرائتي آهي.

    •••
    (پورو ٿيو.)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340599
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ