ڪتاب جو نالو: مان هت جنم نه وٺندس
مصنف: امداد ڪانهيو
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 619 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 275 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر جو نوٽ
  • مهاڳ
  • ڪهاڻيون

  • گُنهگار
  • وڏو ظالم
  • ڪارو رومال
  • پاڻي
  • نو پرابلم
  • بي نڪو
  • وري ايندس مان
  • هيءُ ڪو عيسيٰ ته ناهي
  • شڪار
  • مان هِت جنم نه وٺندس
  • شانتي نه آهي
  • گڏهه نواز
  • اکين جا انجام
  • رهجي ويل اکيون
  • هُوءَ مري وئي
  • خالي هٿ
  • رحمان جي نگريءَ ۾ نه رهندس
  • گُذري ويل رات جي رهجي ويل لمحي ۾
  • بئڪ ٽائٽل رايو

  • ترتيب

    ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: مان هِت جنم نه وٺندس
    موضوع : ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار : امداد ڪانهيو
    تعداد : هڪ هزار
    ڇاپو پهريون : آگسٽ 2013ع
    ڇپائيندڙ : نئون نياپو اڪيڊمي،
    D-1 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    مُلهه : 150 رپيا


    ارپنا

    انهن روحن جي نانءُ
    جيڪي گناهه، ثواب،
    پاپ ۽ پُڃ کان مٿاهان آهن.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (203) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    امداد ڄڻ ڪهاڻيون لکي نٿو، پر دل جي ڪنهن وساريل، اونداهي ۽ پرانهين ڪُنڊ ۾ پيل بي ساهين ڪهاڻين کي تُڦيلي ڇنڊي ڦُوڪي اُجاري ڄڻ ساهُه وجهي عام آڏو آڻي ٿو ۽ هُو ته بس ائين ئي ڪندو رهي ٿو... ۽ ڄڻ ان کي ته بس اُها ئي ڪِرت اچي ٿي... ڇو جو سندس ڪهاڻين ۾ هميشه اُڃ، گُهر، اڻپورتا جو پاڇول ۽ حسرتن جو پوتاميل پوءِ به باقي رهندو آهي...
    هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون امداد ڪانهيو صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    نئون نياپو ته پنهنجي بُڻ ۾ ئي ڪهاڻين جا رنگ برنگي پکين جا ولر پاڻ سان ساڻ رکي ٿو ۽ جيڪا به وِک وِک هو اڳتي وڌي ٿو، اها به ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻيءَ يا ڪهاڻيڪار جي ساٿ سهڪار سان وڌي ٿو. ۽ هاڻي ته نئون نياپو به اهو چئي سگهي ٿو ته هن به چڱا چوکا ڪجاڻين جا ڪتاب پڌرا ڪري ورتا آهن ۽ اهو سلسلو اڄ به پنهنجي وِت وس آهر سُرندو هلي ٿو ۽ نڪورتا جا نئوان رنگ سنڌي ادب جي منڊل ۾ پکڙجندا ٿا وڃن.

    هي ڪتاب ؛ “مان هِت جنم نه وٺندس” به ته انهيءَ رنگين، ڳُوڙهي ۽ اُتاهين گُهر جو پرتوو ئي آهي...

    اسان جو امداد جنهن سان دوستيءَ کي ته هڪ ورهيه کان وڌ زمانو ٿي چُڪو آهي پر اڄ تائين ساڻس ساٿ سلامي رُوبرو ناهيون ٿي سگهيا، اُها تاس ۽ آس اڃان باقي آهي...

    مونکي چڱي پر ياد آهي ته ، ڪهاڻي ڊائجسٽ جي شروعاتي / ڏکين ڏهاڙن ۾ جنهن دوست اڳتي وڌي ڪهاڻي ڊائجسٽ جي وڏيءَ دل سان آجيان ۽ سهائتا ڪئي هُئي، سو به ته اهو اسان جو مٺڙو دوست امداد ئي ته هو، جنهن نه رُڳو ڪهاڻي ڊائجسٽ جي مالي سهائتا (ڪهاڻي ڊائجسٽ جا پرچا خريد ڪري) ڪئي، پر ان سان گڏ و گڏ نون ڪهاڻيڪارن کي به ڪهاڻي ڊائجسٽ سان مکا ميل ڪرايو ۽ اهو سهڪار اڄ به ثواب جاريا جيئان جاري آهي..

    امداد جي ڪهاڻين بابت مون هميشه اهو ئي سوچيو آهي، هو ته ڄڻ ڪهاڻيون لکي نٿو، پر دل جي ڪنهن وساريل، اونداهي ۽ پرانهين ڪُنڊ ۾ پيل بي ساهين ڪهاڻين کي تُڦيلي ڇنڊي ڦُوڪي اُجاري ڄڻ ساهُه وجهي عام آڏو آني ٿو ۽ هُوءَ ته بس ائين ئي ڪندو رهي ٿو... ۽ ڄڻ ان کي ته بس اُها ئي ڪِرت اچي ٿي... ڇو جو سندس ڪهاڻين ۾ هميشه اُڃ، گُهر، اڻپورتا جو پاڇول ۽ حسرتن جو پوتاميل پوءِ به باقي رهندو آهي...

    منهنجي اها وڏي خواهش هئي ته، امداد جو ڪتاب اچي جيئن نقاد ۽ پاٺڪ امداد کي هڪ هنڌ پڙهي ۽ پنهنجي راءِ جوڙي سگهن ڇو جو مون هن کي هميشه ڪهاڻين بابت ڏاڍي لُڇ پُڇ واري ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو آهي ۽ اڄ هي ڪتاب جڏهن سهڙجي سموئجي نئون نياپو کي پڌرو ڪرڻ لاءِ مليو آهي ته، ڪير شل نئون نياپو جي سرهائي اچي ڏسي...

    هونءَ به نئوان نئوان ڪهاڻيڪار اڳتي آڻڻ ۽ انهن کي ميڙي مُٺ ڪرڻ نئون نياپو جي بُنيادي ۽ پُراڻي گُهر آهي...

    ۽ هي ڪهاڻي ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪرڻ نه وساريندا.


    سنڌي انعام


    مهاڳ

    وري ايندس مان

    هڪڙا هوندا آهن دنيا جا دستور!!!.
    ۽ هڪڙا هوندا آهن دل جا دستور.
    دستور مڙوئي دستور پر دستور هوندا ضرور آهن.
    جيئن دنيا پنهنجا دستور جوڙي وٺندي آهي ائين دل به پنهنجا دستور جوڙي ڇڏيندي آهي پر جيڪا دل ڪي دستور جوڙي نه سگهندي آهي، اها دل دنيا جي دستورن تي هلندي آهي ۽ دنيا جا دستور ئي قبول ڪري سفر گهاريندي آهي!!.
    پر منهنجي دل.........
    پر منهنجي دل........... دنيا جي دستورن کان الڳ ٿلڳ ڪي پنهنجا دستور جوڙي ڇڏيا ۽ مان هميشه پنهنجي دل جي انهن دستورن هٿان مجبور ئي رهيو آهيان ۽ پنهنجي دل جي دستورن تي ئي هميشه هلندو رهيو آهيان!!.
    دل غفائن ۾ هلايو، هلي پيم مان.
    دل ڏسائن ۾ هلايو، هلي پيم مان.
    دل خلائن ۾ هلايو، هلي پيم مان.
    خواب، رُڃ، صحرا، سُڃ، سمنڊ، جاڳ، چانڊوڪيون، اوڻٽيهون، رستا راهون، پيچرا، سفر........... ۽ ڀِٽ جو پڌر!!.
    هيڏانهن هل.
    هوڏانهن هل.
    هل ته هل!!. جيڏانهن ڀي دل چيو مان هلي پيم.
    مون دل جا دستور عزيز رکيا آهن. جا ڪچهريءَ دل کي نه آئڙي اها ڪچهريءَ مان اڌ ۾ ڇڏي هليو ويم، جت ترسي پوڻ، رڪجي وڃڻ تي دل ٿي اتي مان پهڻ ٿي پيم، ڏونگر ٿي پيم، ٽڪر ٿي پيم، ٽري نه سگهيم، ڪڪر ٿي پيم، وسي نه سگهيم!!.
    الاءِ ڇو هر هر، هر هنڌ مون دل کي ئي ترجيح ڏني آهي ۽ پنهنجي دل جي دستورن تي مان خوش آهيان. ڪنڊا ڪيترا پيرن جي ترين ۾ آهن مون نه ڳڻيا آهن!!!.
    منهنجي دل پنهنجا دستور ڪڏهن جوڙيا؟؟.
    ڪهڙي پل؟؟.
    ڪهڙي لمحي؟؟.
    اها ڪهڙي گهڙي هئي جنهن مهل منهنجي دل، دنيا جا دستور ٺُڪرائي پنهنجا دستور ئي بڻايا؟؟.
    مون کي ڪا سُرت ناهي!. مون کي ڪا ياد به نه آهي ته اها گهڙيءَ، اهو پل، اهو لمحو ڪهڙو هو جو مون غم ماضيءِ دل تي اڪريل هوندي ڀي، ياد هوندي ڀي، مرڪي مرڪي پئي سدائين ڀلايو آهي ۽ هميشه ائين ئي رهيو آهيان ڄڻ ڪجهه ياد نه اٿم ۽ مان اڳتي وڌيو آهيان پر اهو ڀلائڻ، منهنجو ڄڻ خود کان نٽائڻ ئي آهي بس........
    جو ياد ته دل ۾ رهجي ئي ويندي آهي ۽ زخم دل تي اٻرندا رهندا آهن!!.
    جڏهن ڀي جنهن پل ڀي مون پنهنجي اندر ۾ پهرين ڀڃ ڊاهه ٿيندي ڏٺي هئي ان لمحي مون دنيا جا دستور ٺُڪرائي ڇڏيا ها!!!.
    مان دل جي دڳ تي لڳي پيو هئس.
    موٽ ۾ دل ڇا ڏنو؟، ڇا ورتو؟، اهو ڪنهن کان ڳُجهو هئڻ نه گهرجي جو سڀڪو ڄاڻي ٿو دل ته سودائيءَ ئي هوندي آهي ۽ سودائيءَ کان سواءِ دل ڪجهه به نه هوندي آهي!!.
    دل ئي اها هستيءَ آهي جيڪا کلندڙ وجود کي اٽڪائي، سٽڪائي، لٽڪائي ڇڏيندي آهي ۽ هستيءَ جي مستيءَ ڌُڌڙ ڌُوڙ ڪري ڇڏيندي آهي پر هستيءَ جي اها مستيءَ سانڍڻ دل جي دستورن جو ڪم آهي سو مان پنهنجي دل جي دستورن جو مُنڪر نه آهيان، مان پنهنجي اڳيان پاڻ ڪمزور رهيو آهيان، ائين چوان ته مان پنهنجي دل آڏو ئي بيوس رهيو آهيان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. دل جڏهن به ڪي نوعيتون نه مڃيون آهن ۽ دل جگر ڪنهن پيڙاءُ جو شڪار ٿيو آهي تڏهن ڪهاڻي منهنجي موٽ جو سبب بڻي آهي ۽ مان موٽي ڪهاڻي ڏي ئي وريو آهيان، مون جڏهن به دنيا جي ڪنهن دستور کان منهن موڙيو آهي تڏهن مون ڪا ڪهاڻي لکي آهي.
    ڪهاڻي مون فقط دنيا جي دستور کي ٺڪرائڻ مهل لکي آهي.
    ڪهاڻي مون فقط دل جي دستور کي مڃڻ مهل لکي آهي.
    باقي هونئن مان تنها سفر جو هيراڪ رهيو آهيان، کيتر کيتر، وک وک مان اڪيلائي سان هليو آهيان ۽ هلندو اچان ٿو ۽ هلندو ايندس.......
    مان ڪميٽڊ ليکڪ به نه آهيان ۽ ڪڏهن ڪميٽڊ ليکڪ ٿي به نه سگهندس جو هڪ ته دل جا دستور ئي اهڙا اٿم جيڪي ڪڏهن ائين ٿيڻ به نه ڏيندا ۽ ٻيو ته مان ونڊيو، ورڇيو، ورهايو پيو آهيان، جيون سمورو بي انت نموني وکريو پيو آ. ٿانيڪو ڪجهه به نه آهي، جو ڀي آهي سو سڀ اڻ ٿانيڪو ئي آهي!!.
    جيون سمورو جيئن به آهي جهڙو به آهي پر پڪ اٿم جڏهن به دل اندر ذرو به ولوڙ وريو ۽ دنيا جي ڪنهن دستور ڪڏهن به پاسو واريو ته مان ڪا ڪهاڻي لکڻ کان رهي نه سگهندم.
    هي سڀ ڪهاڻيون، هنن سڀني ڪهاڻين جا ڪردار ڪٿي نه ڪٿي سچا ضرور آهن، جن جي ڀڃ ڊاهه منهنجي اندر ۾ ٿي ڪاغذ تي لٿي آهي باقي هونئن ته مون ڪڏهن مهينن جا مهينا به نه لکيو آهي پر ڪنهن واقعي جي دل مٿان گُذرڻ مهل مان خود واقعي جو ڪردار ٿي پيو آهيان، مان مريم شاهه ٿي پيو آهيان، مان شانتي ٿي پيو آهيان، مان شميءَ، نقيءَ، عرفان، وڏي رئيسياڻي، ڪلارڪ، ڀوتار، ڊاڪٽر، مولوءَ......... سڀ جا سڀ مان ٿي پيو هان.
    ڪردار ٿي پوڻ کان پوءِ انت ۾، مون سدائين هڪ مُختصر ويهڪ ۾ ئي ڪهاڻي لکي آهي ۽ ائين ئي مون هر ڪهاڻي هر واري لکي آهي!!.
    ڪهاڻي لکندي مون محسوس ڪيو آهي ته اسان جي خوشنصيبيءَ آهي جو اسان سنڌ جي جنت ۾ ڄاوا آهيون.
    ۽ اسان جي بدنصيبيءَ آهي جو اسان اهڙي وقت ۾ ڄاوا آهيون جو بگهڙن کان وڌ اسان کي ڀئو چوڪيدارن مان آهي.
    ڪوڙ کي سچ تي سرسيءَ ۽ سچ کي ڌوڙ ٿيندي اسان جابجا ڏٺو آهي.
    اسان روح جي انيڪ المناڪ حادثن جا عيني گواهه آهيون!!.
    اسان پيڙهيل طبقي جا نچوڙيل ۽ نهوڙيل وجود آهيون، اسان عشق جي الفيءَ وارا، من جي ماتمڪدي ۾، حسرتن جا لاشا گهلڻ وارا فقير منش دل جي دستورن جا مجاور ماڻهو آهيون جيڪي فقط اٻوجهه قوم جي بيوسي جا شاهد آهن!!!.
    ڪاش اسان پنهنجي قوم جو آجپو پنهنجي اکين سان هن ئي جيون ۾ ڏسي سگهون............. پر پري پري تائين ڀاڳيا ۽ بگهڙ واڙي جي واٽ وٺيو ڳٺ جوڙ ۾ ٿا ڏسجن، سندن هنيل گهات قوم جي هر روح تي هنيل گهات آهي.
    دل جا دستور گهلي ٿا وڃن وري وري ڪنهن ٻي ڏسا ۾...... پر اندر جو اٻڙڪو ڳِهيءَ نٿو سگهجي!!. موٽ کائبي ڪهاڻي ڪتاب ڏانهن جتي مان اوهان سان مخاطب آهيان، هن ڪتاب جو نانءُ مون ته رکيو هو وري ايندس مان.
    پر انهي ئي دل جي دستور نهڪر تي سندرو ٻڌو ۽ مان منجهي بيهي رهيم پر دل سودائيءَ کي مان مڃائي نه سگهيم ۽ موٽ ۾ دل سودائيءَ مون کي ئي مڃائي ورتو.
    سو هي ڪتاب وري ايندس مان منجهان مان هت جنم نه وٺندس ٿي پيو آهي جو المناڪ حادثا روح تي گهاؤ بنجي لهن ٿا، اهي حادثا روز بروز اسان سڀن جي آس پاس ڪٿي نه ڪٿي جنم وٺندا ٿا رهن ۽ اسان گناهگارن کي ڇڏي معصومن کي سنگسار ڪري ڇڏيون ٿا ۽ ناحق ٿيندي ڏسندا رهون ٿا.
    ائين هي ڪتاب وري ايندس مان منجهان، مان هت جنم نه وٺندس بڻيو آهي ۽ هي ڪتاب مون انهن ئي ارواحن کي ارپيو آهي جن کي پنهنجي گُناهه جي خبر ڀي ناهي ۽ جيڪي ڪُن فيڪون کان تُرت ئي پوءِ تيغ ترار ٿي پيا آهن!!.
    آخر ۾ مان پنهنجي سڀني پيارن جو احسانمند آهيان جن مون بي وڙي تي ور ور پئي انيڪ وڙ ڪيا آهن، مان احسانمند آهيان پياري زيب جو جنهن هن هوڏي ۽ بي رحم وقت جي مصروف گهڙين مان ڪو وقت ڪڍي هن اسڪرپٽ کي پنهنجي مطالعي ۾ آندو ۽ اصلاحي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پنهنجي راءِ ڏني ۽ مان رکيو. مان ڪجهه سڄڻن لاءِ بنهه اجنبيءَ هيم جو محترم عزيزن سان ڪڏهن ڪا ملاقات ته نه رهي هئي پر ڪڏهن ڳالهه ٻولهه به نه رهي هئي، پهريون ڀيرو ئي تعارف ڪرائي مان دوستن جو دڳ جهلي بيهي رهيم، ڪشڪول خالي نه آيو، اهو سندن قرب آهي سو سڀنيءَ سڄڻن مون سان خوب نڀايو تنهن جا لک لائق.
    مان پنهنجي ويجهن دوستن کي به نٿو وساري سگهان جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح مون لاءِ اتساهه ئي رهيا آهن.
    نه ڪڪر، نه ڪڪري، نڪي ميگهه ملهار،
    نه وس نه واسو، نڪي ڌڻ ڌنار،
    ثابت هيا سيد چئي، ويڙهيچا منجهه ولهار،
    آئون انهن جي آڌار، پئي مُرڪان ملير ۾.
    هڪ هُوءُ هستي مُرڪي پئي هُن ملير ۾ ٻيو مان مُرڪان پيو هِن ملير ۾ ٻنهيءَ جي مُرڪ جو آڌار فقط ثابت هُيا سيد چئي جي سِٽ ۾ آ.
    اها سِٽ ڀوئنري ۽ نرگس جو نباهه آهي، پوپٽ گل کان جدا ٿي نٿو سگهي ۽ گل پوپٽ کان سواءِ جيءُ نٿو سگهي، قرب قائم آهي ڀوئنري ۽ نرگس جو ۽ اهو ازل کان ابد تائين رهڻو آ، جڏهن ڀي نرگس ڀوئنري جي ديوانگيءَ ڏسي دل جا دستور نه سمجهي سگهيا آهن تڏهن نرگس هر هر ويچار ڪيو آهي ته ڀئونرو ديوانو آهي، مجنون آهي، سودائيءَ آهي، سائيڪو آهي شايد.........
    پر نه ڀئونر کي دنيا جا دستور نه آئڙيا آهن ۽ نرگس دنيا جي دستورن کان ٻاهر نه نڪتي آ. تضاد فقط دستورن جو آ نه ته نه ئي ڀئونرو ڏوهي آ نه ئي نرگس قصور وار!!.
    سو نرگس جو ڀئونر کي ائين ڪوٺڻ بجا به آهي ۽ بجا نه به آهي ته ڀئونر جو اِهو گُمان ته ڪو نرگس ڀئونر بِنان ڪومائجي پوندي، ٽِڙڻ وسري ويندس، ٽهڪڻ، چهڪڻ ڀُلجي پوندس جي ڀئونر پتنگ ٿي پيو ۽ سج جي روشن ڪرڻن سان چمڪندڙ شمع وانگر نرگس جي هستيءَ تائين پُڄندي جلي هلي پيو ته نرگس ڪومائجي سونهن وڃائي ويهندي جو نرگس جو تعلق ڀئونر سان گهٽ موسم سان وڌيڪ آهي، نرگس ته موسم جي محتاج آهي، موسم سان ٽِڙڻ ۽ وکرڻ نرگس جو منطق آهي باقي ڀئونري جو واس وٺڻ جيڪو رب کي منظور جي ٺلهي آٿت آهي سو بجا به آهي ۽ بجا نه به آهي!!.
    موسم جي ٽين ڌُر نرگس ۽ ڀوئنري جي وچ ۾ حائل آهي پر ڪي سٻنڌ اٽوٽ هوندا آهن جن کي اکوڙي نه سگهبو آهي پر دنيا جا دستور جن لاءِ نرگس چيو جيڪو رب کي منظور.............
    دنيا جا دستور ڪيڏا ڀي مظبوط ڇو نه هُجن پر دل جي دستورن اڳيان ضعيف آهن ۽ ڀئونر پتنگ ٿيڻ کان مُڙي نٿو سگهي توڙي جو نرگس..........
    ڳالهه اڌوري جيون وانگر اڌوريءَ چڱي آ بس ڀئونر جڏهن نرگس کي آخري مِٺي ڏني ۽ ڪن ۾ چيائينس؛ “وري ايندس مان”، ائين ئي مان ڀي چوان ٿو هن ڪتاب کان پوءِ ڀي وري ايندس مان.
    ثابت هيا سيد چئي..............
    آئون انهن جي آڌار، مرڪان پئي ملير ۾.

    امداد ڪانهيو
    14 آگسٽ 2013

    تجويزن ۽ راين لاءِ

    امداد ڪانهيو
    پوسٽ آفيس 12 ميل، جوڻيجو فارم، تعلقع سنڌڙي،
    ضلع ميرپورخاص، سنڌ.
    0300-2366746، 0334-2800911، 0345-1330711،
    imdadkanhio@gmail.com


    ڪهاڻيون

    گُنهگار

    شهر ۾ ڄڻ وٺ وٺان لڳي پئي هُئي، هر جڳهه ماڻهن جا ميڙ ۽ انبوهه!، ماڻهن جو درياهه هو ڄڻ شهر ۾.......... ڇو ته سُڀاڻي عيد هُئي.
    غريب ۽ مسڪين ماڻهو فُٽ پاٿ تي لڳل جوتن واري رعايتي سيل جي اسٽالن ۽ ريڙهيءَ تي پيل اميرن جي پُراڻن جوتن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏسي رهيا ها ته ڪي وٺي رهيا ها، ڪي بي حال ويچارا واڪ تي وڪامندڙڪپڙي کي به حسرت جي نگاهه سان ڏسندا اڳتي وڌندا پئي ويا ۽ ڪنهن ڪنهن حال سارو ورتو به پئي.
    هُو ريل مان لهي ، جيئن ئي اسٽيشن مان ٻاهر نڪتوته ماڻهن جي انبوهه ۾ پاڻ کي گُم ٿيندي محسوس ڪيائين،اڳتي هليو ته کيس ياد آيو ته گهر سندس پوڙهيءَ ماءُ، وڏي ڀيڻ پِرهه ۽ ننڍو ڀاءُ جونجهار سندس اوسيئڙي ۾ هوندا. ماءُ جي مُنهن ۾ آيل گُهنج سندس بي تابي ۾ اڃان ڀي گِهرا ٿي پيا هوندا،سندس ڀيڻ عيد جي رات ڀاءُ جي اچڻ جي آس ۾ پنهجيون اکيون اوسيئڙي جي دڳ لايو ويٺي هوندي ۽ ننڍڙو جونجهار ڳوٺ جي موڙ وٽ سندس انتظار ۾ هر هر ڦرندو هوندو.
    سِڪ سندس من ۾ ڪر موڙڻ لڳي ۽ جلد کان جلد گهر پهچڻ لاءِ سندس روح ڦٿڪڻ لڳو. اڳيان مِٺائي جي دڪان تي نظر پيس ته سوچيائين ڀيڻ ۽ ننڍي ڀاءُ لاءِ مِٺائي به وٺيو وڃان، کيس ياد آيو جونجهار کي مٺائيءَ ڏاڍي وڻندي آهي ۽ هر ڀيري فرمائش به ڪندو آهي. مُرڪ سندس لبن کي ٽيڙي ڇڏيو،گهر پهچڻ جي تڪڙ ۾ هن جلد مِٺائيءَ وٺڻ ٿي چاهي، هوءَ مٺائيءَ جي دڪان ڏانهن وڌيو۽ ٻئي لمحي هڪ ڌِڪي سان پُٺ ڀر روڊ تي ڪري پيو، سندس ٿيلهو اڳتي هليو ويو، جنهن جو پٽو ٽُٽي پيو هو.
    گڏهه گاڏيءَ واري جي هڪل تي هو ماڻهن جي هُجوم ۾ واپس اچي ويو، گڏهه گاڏي وارو رڙندو اڳتي هليو ويو، هي ڪپڙا ڇنڊي اُٿيو ۽ ٿيلهو گِهلي پٽي کي ٽُٽل سِري وٽان ڪُنڍي ۾ ڇڪي ڳنڍ ڏنائين ۽ ٿيلهو وري ڪُلهي ۾ لڙڪائي مٺائيءَ جي دُڪان ۾ گهڙي پيو، جتي گهڻي رش کيس پريشان ڪرڻ لڳي، ڪائونٽر تي ٽي ڄڻا ماڻهن ۾ پورا نه پئجي رهيا ها ۽ هن کي گهر پهچڻ جي جلدي هئي، ڪا دير هو ماڻهن جي قطار ۾ اڳتي پوئتي ٿيندو رهيو ۽ نيٺ مٺائيءَ جو دٻو هٿ ۾ ڪري ڌِڪجي ٻاهر نڪتو.
    ٽانگن وارن جون هڪلون؛ “او ڀائي...... او صاحب....... او ادا ٿورو پاسي........!”، رڪشا وارن جي فٽ فٽ ۽ اوچتيون بريڪون، هر شيءَ کي ڄڻ سِر جي هجي، سُڀاڻي عيد نه هُئي ڄڻ ڪو طوفان ٿي آيو، سڀنيءَ کي ڀڄ ڀڄان.......!! هن محسوس ڪيو ڄڻ اڄ سارو جهان ليٽ آهي!!.
    هن کي مِٺائيءَ جي ڪري دير ٿي وئي هئي، اها ليٽ ڪڍڻ لاءِ بس اسٽينڊ تائين هن رڪشا ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، رڪشا واري کي اشارو ڏنائين اهو ٽِنڊڻ وانگي سندس ڀر ۾ کِسڪي آيو، هو ڪرايو طيءَ ڪري رڪشا ۾ ويهي رهيو ۽ رڪشا زرڙاٽ ڪري ڀڄڻ لڳو.
    هن جي نظر مٺائيءَ جي دٻي تي پئي ۽ سندس چپن تي خوشي جي مُرڪ تري آئي ۽ ڪئي يادون سندس ذهن ۾ جاڳي پيون، رڪشا ته شهر جي روڊن ۽ گهٽين مان ڀڄندو رهيو پر هي رڪشا ۾ موجود نه هو ڄڻ ڳوٺ هو، رڪشا واري جي ڌونڌاڙ تي هن جي خيالن جا طلسم ٽُٽي پيا، هن هڪ نظر رڪشا واري تي وِڌي پوءِ پئسا ڪڍي رڪشا واري کي ڏنائين ۽ هيٺ لٿو.
    “ڀاءُ هڪ ڳالهه ته ٻُڌاءَ؟” ، رڪشا واري چيس ۽ هي بيهي رهيو، رڪشا واري ٽوڪ واري انداز ۾ چيس؛“ڀاءُ ايترو گُم سُم لڳو پيو آهين، پوئتي دُبئي ڇڏي آيو آهين ڇا؟”
    ٿڌو ساهه ڀري چيائين؛ “دوست منهنجي دُبئي ته منهنجو گهر آهي ، جتي وڃي رهيو آهيان.”
    رڪشا وارو سندس مطلب نه سمجهي سگهيو ۽ پڇيائين؛ “گهڻو عرصو ٻاهر هُئين ڇا؟”
    هن وري اُڪير مان چيو؛ “سِڪ واري لاءِ ٻه مهينا ئي ڄڻ ڪي صديون هونديون آهن!.”
    رڪشا وارو ڳالهه نه سمجهندي مُنهن ڪوجهو ڪيو ۽ ٻِئي پل پئسا وٺي ڦرڙاٽ ڪندو اڳتي وڌي ويو ۽ هي اچي بس ۾ چڙهيو، ڪجهه دير کان پوءِ بس ٽانگن، رڪشائن، گڏهه گاڏن، موٽرسائيڪلن ۽ سائيڪل وارن کان پاڻ بچائيندي شهر مان نڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳي، عيد جو موقعو هو،سڄي بس کِچا کِچ ڀريل هئي، رش سبب ننڍن ٻارن جا رانڀاٽ ها، بس ۾ ماڻهوءَ ائين سٿيل هئا ڄڻ واپارين ٽرڪ ۾ ٻڪريون واڙي ڇڏيون هُجن!!.
    هن کي پُٺئين دروازي اڳيان ٻن واري سيٽ تي هڪ واقفڪار وٽان جگهه ملي وئي هُئي سو هي ٿيلهو پيرن ۾ ڪري ويهي رهيو هو. بس جي ڦيٿن ڦرڻ سان هن جو ذهن به ڦرڻ لڳو هو، هو خلق کان بي نياز ٿي سوچڻ لڳو، کيس ياد آيو پوڙهيءَ ماءَ جو چهرو جنهن ۾ وقت جي دز لهي آئي هئي، زندگي ڏُکن جون ڪئي ريکائون سندس مُنهن تي عيان ڪري ڇڏيون هُيون، هن کي پنهنجي ماءُ جو مُنهن ڪنهن مسيحا جو چهرو لڳو، هن کي پنهنجي ماءُ جي مٿي جا اڇا وار ياد اچي ويا تڏهن هن ٿيلهي جي زنجير کولي اندر هٿ هنيو، مينڌيءَ کي هٿ لائي پڪ ڪيائين ته پئي آهي، زنجير بند ڪري پوئتي سيٽ کي ٽيڪ ڏئي هڪ وڏو ساهه کنيائين ته کيس آرام اچڻ لڳو ۽ هن من ئي من ۾ مُرڪي ڏنو. دل ۾ خيال ڪيائين ته پِرهه کي چيڙائيندو، پرهه کائنس ٻه سال وڏي هئي پر عادتون سڀ ٻارن جهڙيون اٿس، هڪڙي ئي ڀيڻ آهي هن کي سو هن به ڪڏهن هن جي مُنهن تي ڏُک کي اچڻ نه ڏنو آهي، سوچيائين پرهه کان مينڌيءَ لڪائيندو، کيس چوندو مون کان وِسري وئي آهي، پرهه چوندي، “سُڀاڻي عيد آهي، سڀ سهيليون هٿ مينڌيءَ رتا ڪنديون ۽ مان.................؟؟”، مان چوندس بابا وسري وئي، سڀاڻي وٺي ايندس ۽ هوءَ ڪاوڙجي سُڏڪي پوندي ۽ پوءِ مان کيس مينڌيءَ ڏئي پرچائيندس ۽ چوندس، “چري ڀائرن کان ڀي ڀيڻون ڪو وسرنديون آهن ڇا!!؟؟”
    سچ پرهه جڏهن نوان ڪپڙا ۽ چوڙيون ڏسندي ته ٻهڪي پوندي ۽ واقعي منهنجي ڀيڻ پرهه جڏهن نوان ڪپڙا پهريندي ته اپسرا لڳندي، آهي به ته سڀاويڪ ۽ سٻاجهڙيءَ.............. منهنجي پرهه ته واقعي پرهه جو روپ آهي ۽ جونجهار.......!!، اهو ته ڏاڍو ارڏو ۽ هٺيل آهي، سڄو ڏينهن کيچل، ڪُڏ ڪُڏان، ڪنهن ڀي حرڪت کان مُڙي نٿو، تنهن کي به هي ڪپڙا سهڻا لڳندا ۽ هي جوگر ڏسندو ته خوش ٿي پوندو، موڙ وٽ ايندو ته ڳراٺڙي پائي کيس سيني سان لائيندس، يڪو گهر تائين هيٺ لهڻ نه ڏيندومانس، هڪ پل به ڇاتيءَ کان نه ڇنندس ۽ سُڀاڻي شهر گُهمائڻ به وٺي ويندومانس، گاڏيون موٽرون ڏسندو ته خوش ٿي پوندو، دل تي گُهمائيندس پنهنجي يار کي مان ۽ جونجهار کي رانديڪا ڀي وٺي ڏيندس، کيس بسڪيٽ، ٽافيون...............”
    بس چنگهندي چنگهندي بيٺي ته هن جي خيالن جو سلسلو ٽُٽي پيو پر هي پروڙي نه سگهيو ته ننڍا ڀيڻ ۽ ڀاءُ سندس ابي امان ڄايا آهن يا سندس ئي اولاد!!.
    هي حقيقت جي دنيا ۾ اچي ويو، جونجهار جي سِڪ سندس سينو ڦاڙڻ لڳي ۽ گهر جلدي پهچڻ لاءِ وري تڙپڻ لڳو، بس ۾ بيٺل ماڻهو هوريان هوريان لهڻ لڳا، هن ٻاهر ڏٺو ته واهه وهي پيو، هن کي پڪ پئجي وئي ته چونڪي وارا سپاهيءَ چيڪ ڪرڻ بهاني عيد اوڳاڙي ڪندا، هن ٿڌو ساهه ڀري اڳتي ڏٺو، بس ڊرائيور ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو ٻِئي پل هن جي نظر اڳئين دروازي مان چڙهندڙ هڪ سپاهيءَ تي پئي، جنهن جي وات ۾ پان ۽ اکين تي ڪارن شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي ۽ ٽوپيءَ شايد هيٺ لاهي آيو هو، سندس پوليس واري ڪاري شرٽ به پينٽ کان ٻاهر نڪتل هئي، سپاهي مُسافرن کي اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندو پوئتي وڌي رهيو هو.
    سپاهيءَ شڪاري نگاهن سان تڪيندو اچي پُٺين سيٽ تي بيٺو، ڪا گهڙي آخري لائين ۾ ويٺلن کي تڪيندو رهيو ۽ پوءِ ٽُٽل شيشي واري دريءُ مان پان ٻاهر ٿُڪي هڪ همراهه سان سخت لهجي ۾ مُخاطب ٿيو؛“نالو ڇا اٿئي؟”.
    “سائين فقير مُحمد.” ، همراهه چيس.
    “ڪارڊ ڏيکار”، سپاهيءَ چيس،
    فقير محمد کيسي مان ٻٽونءَ ڪڍيو، جنهن جو ٻاهريون ڪور بلڪل سوني رنگ وانگر چِلڪڻوهو ڄڻ ڪنهن ڪار يا موٽرسائيڪل جا ڪاغذ هجن، فقير محمد پاڻ جهڙي پنهنجي سادڙي ٻٽونءَ کي کولي ان منجهان ڪارڊ ڪڍي سپاهيءَ کي ڏنو، جيڪو ڪارڊ کي اُٿلائڻ پُٿلائڻ لڳو.
    هن جي نظر فقيرمحمد تي پئي، هن اندازو ڪيو ته فقيرمحمد پنجاهه پنجونجاهه جي لڳ ڀڳ هوندو، هن ڏٺو ته ان سپاهيءَ جي اڳيان فقير محمد جا هٿ ڏڪي رهيا ها، هوءَ بلڪل سادڙو لڳي رهيو هو ۽ سندس مٿي تي ٻڌل اڇي پٽڪي مان سندس لئونڻن جون اڇيون چُڳون ليئا پائي رهيون هُيون، سندس وڏي وکريل اڇي ۽ ڳاڙهيءَ ڏاڙهيءَ سندس فقيراڻي طبيعت جو تاثر ڏئي رهي هئي، سندس هٿ ضرور ڏڪي رهيا هئا پر چهري تي اطمينان ۽ لبن تي مُسڪراهٽ ڦُٽل هئس، هن کي الاءِ ڇو فقيرمحمد جي سادڙائپ وڻڻ لڳي.
    “نشو ڪندو آهين.........!!؟” ، سپاهيءَ فقيرمحمد کان پُڇيو.
    فقيرمحمد کلي پيو ۽ چيائين؛ “سائين!، سادڙا ماڻهو آهيون ڪوڙ ڪونهي، مڙئي ڪڏهن ڪڏهن، جي ملي ٿو ته وزم هڻي ٿا وٺون.”
    هن کي فقيرمحمد جي سچائيءَ جو انداز پسند آيو پر سپاهيءَ ڪانڊارجي پيو ڄڻ ڪا وڏي اسمگلنگ جهلي ورتي هئائين، سپاهيءَ ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو؛ “کيسي ۾ ڇا اٿئي؟؟”
    “ٻيو سائين ڪجهه به ڪونهي، سواءِ هن جي................ رستي سان هڪ دوست مليو سو اُن ذري ڏئي ڇڏي بابا!” ، فقيرمحمد ڪُوئي جي ڦونگڙي جيتري هڪ ڪاري ڳوڙهي ٻٽونءَ جي پنيءَ مان ڪڍي سپاهيءَ کي ڏيندي چيو.
    سپاهيءَ اها ڳوڙهي وٺي فقيرمحمد ڏانهن ڏٺو، جيڪو هڪ معصوم ٻار جيئان مُرڪي رهيو هو، اهڙي فرمانبردار ٻار جيئان جيڪو ڪُوڙ هڻڻ کان نٽائيندو هُجي ۽ غلطي تسليم ڪرڻ فرمانبرداري سمجهندو هجي.
    ٻئي لمحي سپاهيءَ جي زوردار ٿڦڙ فقيرمحمد جي اڇي ڳاڙهيءَ ڏاڙهيءَ واري مُنهن ۾ ٺا ٿي وئي ۽ فقير محمد جو اڇو پٽڪو پيرن ۾ ڪري پيو، بس ۾ ويٺل سڀ ماڻهو سپاهيءَ کي اچرج منجهان تڪڻ لڳا، فقيرمحمد جو چهرو ڪاوڙ منجهان ڳاڙهو ٿي ويو، ڪنهن به ڪُجهه نه ڪُڇيو، سپاهيءَ گار ڏيندي کيس وري مُڪ هڻي ڪڍي ۽ فقيرمحمد کي بس مان هيٺ لاهڻ لڳو؛ “لهه هيٺ سوئر جا.................”
    هن کان برداشت نه ٿيو، هي ٽپ ڏئي پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ سپاهيءَ کي چيائين؛ “ڪجهه حياءُ ڪر!،توکان عمر ۾ وڏو آهي، توکان ڪجهه لڪايو ته نه اٿس ۽ ڪهڙو هي وڪڻڻ لاءِ وٺيو پيو وڃي، جيڪي سرعام وڪڻن ٿا، انهن جو ته نالو ئي ڪونه ٿا وٺو.”
    “هان ته تون هن جو ساٿيءَ آهين.” ، سپاهيءَ هن جي ڳالهه ڪٽيندي هن کي چيو ۽ فقيرمحمد مان هٿ ڪڍي هن ڏانهن وڌيو ۽ ٻئي لمحي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي کِنوڻ وانگر کِنوي وئي.
    هن کي الائي ڇا ٿيو جوهن به نه ڪئي هم نه تم، ڀاڪر وجهي سپاهيءَ کي مٿان ڪري سيٽ تي سٽيائين ته سپاهيءَ کان دانهن نڪري وئي، هن ٻه ٽي ٿُڏا سپاهيءَ کي هڻي ڪڍيا، ايستائين ٻيا ڪجهه سپاهيءَ بس ۾ چڙهي آيا، تن هن کي وڪوڙي ورتو ۽ گِهلي کڻي هن کي هيٺ لاٿائون.
    فقيرمحمد جي ڪڇ ۾ پٽڪو هو ۽ بس دانهون ڪندي وڃڻ لڳي، هن ۽ فقيرمحمد تي سڀ سپاهيءَ وري پيا، جيئن ڪتل تي مکيون!!، هن جو مٿيون چپ چيرجي پيو هو، چپ ۽ نڪ مان ڳڙندڙ رت هن جي ڦاٽل ڳلي کان هيٺ دامن تي ڳاڙها ڳاڙها نشان ٺاهي رهيو هو.
    ٿاڻي جي وِرانڊي واري دريءَ جي گِرل ۾ سنگهر ٻڌل هئي ۽ سنگهر جو ٻيو سِرو هٿ ڪڙيءَ ۾ ۽ هٿ ڪڙيءَ ۾ هن جا هٿ سوگها هئا. وائرليس سيٽ ۾ مُبهم آوازڦٿڪڻ لڳو؛ “مرڪزي عيدگاهه ۾ نمازين جي حفاظت لاءِ پوليس جو جٿو موڪليو..........”
    هڪ اي ايس آءِ ۽ ڪجهه سپاهيءَ ڦٽل موبائل ۾ چڙهي روانا ٿي ويا.
    ٻاهر ڪُرسي تي وڏو مُنشي مٿي کي مينڌيءَ هڻي اُس ۾ ٺوڙهه سُڪائي رهيو هو، مينڌيءَ جو خالي پئڪيٽ مُنشي جي پيرن ۾ مروڙيو پيو هو ۽ مٺائيءَ جو خالي دٻو پريان ننڍڙا گُلر چٽي رهيا ها، ان مان مٺائي ته رات ئي سپاهين چٽي ڇڏي هئي.
    ۽ هن جي ذهن ۾ جونجهار جي ڳراٺڙيءَ، پِرهه جون يادون ۽ پوڙهي ماءُ جي اوسيئڙي واري پريشاني ڪنهن پُراڻي سي ڊي جيئان جهٽڪا ڏيڻ لڳي.

    * * * * * * * * * * * *


    وڏو ظالم

    نڪ تي هٿ رکندي چيائين؛ “آهين ته ڪهڙو ڪارو بي شڪلو.”، فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري چيومانس؛ “مون کي خوشي آهي مان سنڌ جو وارث آهيان.”
    ڀڙڪي اُٿيو ڄڻ سندس زخم تي آڱر رکي ڇڏي هُجيم، اچرج مان پُڇيائين؛ “سو ڪيئن؟؟”
    شوخيءَ مان چيومانس؛ “ڪولهيءَ ۽ ڪڇيءَ سنڌ جا اصلوڪا رهواسي آهن.”
    ڏند ڪرٽيندي چيائين؛ “تُنهنجا حق مان کائيندس!.”
    مُرڪي پيس، چيم؛ “ان کان سواءِ سڄي ڄمار تو ٻيو ڪيو به ڇا آهي؟؟ تون جابر آهين، ظالم آهين، توکي ناحق ڀانءِ پئجي ويو آهي.”
    پيٽ ڦوڪجي پيس، گنج تي هٿ گُهمائيندي چيائين؛ “تون سکڻا نعرا هڻندو رهه، تنهنجي مال متاع ۽ ڪمائي تي منهنجي اک آهي، جنهن کي مال غنيمت سمجهي مان کائيندو رهندس، ڀل تون مون کي جابر ۽ ظالم پيو چئو.”
    ٿڌو ساهه ڀري چيم؛ “تو کان وڏو ظالم ته مان آهيان.” ، ڇرڪي پيو، گُهنڊ هڻي ڏسڻ لڳو، چپن جي کُليل چمنيءَ ڳنڍجي پيس، ناسون ڦونڊجي ويس، نيٺ چئي ڏنائين؛ “نه توکان وڏو ظالم مان آهيان.”
    “نه...........!!، وڏو ظالم مان آهيان.”
    “ڪيئن تون وڏو ظالم آهين؟؟”
    “بس مان توکان وڏو ظالم آهيان.”
    چڙنديءَ چيائين؛ “اڙي بدبخت............ ڪارا شيدي، منحوس................ هي توهان کي ڇڙوڇڙ ڪنهن ڪيو آهي؟”،
    ٿِڙي جو پيو ته وِڦلڻ لڳو،کن رکي ڇاتيءَ تي هٿ هڻندي چيائين؛ “مون ڪيو آهي. اڙي هي نوڪرين تي ڪنهن جو قبضو آهي؟، منهنجو آهي، هي توهان جي شهرن ۽ ڳوٺن جا سرڪاري ٺيڪا ڪير ٿو کڻي؟ ۽ اتي جا ليبر ڪمائيندي آهي سا ڪٿان ٿي اچي؟، توکي خبر آهي ته مان مقامي ماڻهن کي ويجهو به اچڻ نه ڏيندو آهيان. اڙي ٻُڌاءِ لُوسي............. هي توهان جو پاڻي ڪنهن بند ڪيو آهي؟، هي توهان جون ٻنيون ڪير پيو ويران بڻائي؟، هي سڀ ظُلم مان ئي ته ڪيان پيو.........!!”
    هُن وڏي ظالم هُجڻ لاءِ ٺوس دليل ڏنا ته چيومانس؛ “مان سڀ ڄاڻان ٿو، بيشڪ تون سچو آهين ۽ ظالم آهين پر پوءِ به توکان وڏو ظالم مان آهيان.”
    ڪاوڙ ۾صفا ڳاڙهو ٿي ويو، حُقي جو نڙ پرتي ڦٽو ڪندي چيائين؛ ”اڙي توهان جي ڪراچي تي ڪنهن جو قبضو آهي؟، ٻُڌاءِ منهنجو آهي نه؟”
    “هائو برابر............”
    “حڪومت جي اهم عهدن تي ڪنهن جو قبضو آهي؟، منهنجو آهي نه!!؟.”
    “هائو......................”
    “توهان جو هر سال فصل ڪير کنيو وڃي؟”.
    “بيشڪ تون...........”
    “اڙي ٻُڌاءِ نپٽيا............... سدائين پير جو روپ ڌاري اچيو توکي ڪير ٺڳيو وڃي؟”،
    “برحق تون.............”
    “ٻيو ته ٺهيو اهو ٻُڌاءِ توهان جي پيرن، اوليائن هي ڀٽ شاهه، لال شهباز ۽ ٻين درگاهن تي ڪنهن جو قبضو؟”.
    “تنهنجو...................”
    ڪنڌ مٿي کڻي چيائين؛ “۽ هي تنهنجي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾جو مان زوري آباد ٿي ويو آهيان، ڪٿي چڪ چار جي نالي سان ته، ڪٿي چڪ چوڏنهن جي نالي سان، ڪٿي ڪهڙو فام ته ڪٿي ڪهڙي نالي سان...... ٻُڌاءِ تون آهين ائين منهنجي وطن ۾ آباد؟؟”
    مان هن کي ڏسندو رهيم ۽ هُوءَ ظُلم جا دليل ڏيندو رهيو، هن کن رکي چيو؛ “هت مان پاڻي وهندو آهيان ۽ تون ڏسندو آهين، هت تنهنجي وطن ۾تنهنجو پاڻي منهنجي زمين کي سيراب ڪندو آهي، مان هر سال فصل کڻندو آهيان ۽ تنهنجو فصل سڙيو وڃي، تنهنجي وطن ۾ تنهنجي ٻنيءَ منهنجي فارم سان گڏ هڪڙي ئي واٽر تي......... پوءِ؟؟، ايڏا ظُلم ڪيان ٿو مان توسان ته به نٿو مڃين!!، هاڻ ٻُڌاءِ ڪير وڏو ظالم آهي؟”
    “بيشڪ هڙئي ڳالهيون تهنجيون دُرست........!!” ، چيومانس؛ “تون طرح طرح جا ظُلم ڪندو آهين، تون وڏا توڙي ننڍا سڀ ظُلم مون سان ڪندو اچين، مُنهنجا حاڪم ۽ حُڪمران، هي ليڊر ۽ اڳواڻ سڀ تو خريد ڪري ورتا آهن، سڀ تو وٽ وڪاميل آهن، تو ڪابه گنجائش نه ڇڏي آهي پر تڏهن به توکان وڌيڪ مها ظالم مان آهيان.”
    ويڙهي ڍڳي جيئان تڪڻ لڳو ڄڻ سندس بدن تي پيٽرول هاري تيلي ڏني هُئم. کائنس برداشت نه ٿيو، اڳتي وڌي آيو، ڳلي مان جهليندي چيائين؛ “اڙي آفريڪا جا ڪارا شيدي........!!”
    “ٻُڌاءِ ڪيئن تون مون کان وڏو ظالم آهين؟؟”
    مون اطمينان سان هن کي ڏٺو ۽ ٿڌو ساهه کڻي چيومانس؛ “هي تنهنجا هٿ منهنجي ڳلي ۾ آهن، مان خاموش آهيان پر جي منهنجا هٿ ائين تنهنجي ڳلي ۾ هجن ته؟”
    رڙ ڪندي چيائين؛ “ڳالهه نه نٽاءِ پهريان منهنجي ڳالهه جو جواب ڏي.”
    “تنهنجي ئي ته ڳالهه ٻڌايان پيو توکي،” ، چيومانس؛ “ٻُڌاءِ پوءِ ڇا ڪرين ها؟؟”
    “مان ٺونشا هڻي هينئر تائين توکي ٺيڪ ڪري ڇڏيان ها.”، چيائين.
    چيم؛ “دُرست آهيان نه مان ڏس ڪيڏو وڏو ظالم آهيان مان!!.”
    نه سمجهيو ته رڙ ڪندي چيائين؛ “ڪيئن آهين وڏو ظالم تون؟، هينئر به مان توتي حاوي آهيان ڏس.”
    ظُلم جو نئون گُر ڄاڻڻ لاءِ سندس بيتابيءَ پل اپل وڌي رهي هئي ۽ هُوءَ مرڻ مارڻ لاءِ تيار هو، مون ٿڌو ساهه ڀري کيس چيو؛ “مان توکان وڏو ظالم مان آهيان.....................!!، جو مُنهجا هٿ تنهجي ڳلي ۾ نه آهن.”
    کن رکي چيومانس؛ “مان بنان احتجاج جي هر وقت تنهنجو ظُلم برداشت ڪندو رهيو آهيان ۽ هميشه خاموش رهندو آيو آهيان..............
    ...............مان ئي وڏو ظالم آهيان!!.”

    * * * * * * * * * * *


    ڪارو رومال

    ڪارو رومال

    هيل ڀي بهار جي ٻِئين هفتي ۾ آئي، شايد هر سال بهار جا پهريان ڏينهن پيڪن لاءِ مخصوص ڪيا اٿس.
    اڄ چوٿون سال اٿس وئي ۽ انهن چئن سالن ۾ صرف چار ڀيرا ئي ته آئي آهي ۽ اُهي به بهار جي پهرين ڏينهن ۾!!!.
    جڏهن اڃان مس نِم جي کُٿل ٽارين تي گهاٽا ساوا چهچ پن نڪري اچن ٿا، چوٽيون مس ڪچڙا گئونچ جهلين ٿيون، قسمين قسمين وڻ ٻوٽا ساوڪ سندو نفيس ويس اڃان مس ئي ڍڪي ٿو ته بهار ۾ تڏهن هن جي به آمد ٿئي ٿي!!!
    مان کيس تڪيندو ئي رهيس ۽ هُو اچي ڀر ۾ ويٺي، سوچڻ لڳم چار سال پهريان به ائين ئي بي حجاب هوندي هُئي ۽ اڄ به بلڪل ائين ئي لاغرض......!!.
    مون کي ماٺ ڏسي چيائين؛ “شام جا پنج ٿيا آهن.”
    چيم؛ “زندگي جا پنج ٿيا آهن.”
    “ڇا...............؟؟؟.”
    “نه نه.........”، کن رکي چيم؛ “گنج ٿيا آهن.”
    مُرڪي چيائين؛ “اڃان جيئرو آهين؟.”
    مون وٽ اهڙا ڪي به لفظ نه ها جيڪي جواب ۾ کيس چوان ها، شايد مون کان سڀ لفظ رُسي ويا ها!!، ماٺ ڏسي ڪُلهي تي ڌڪ هڻندي چيائين؛ “او ٻُڌ......... اڃان جيئين پيو؟.”
    الاءِ ڇو مُرڪ جي اُداس مِينا سُڪل چپن تي لنويءَ وئي هُيم، بس ايترو وراڻي سگهيم ته؛ “روز مري مري بس مِڙئي جيئان پيو.”
    مُنهنجي شڪايت کيس نه وڻي ته لاتعلق ٿيندي چيائين؛ “ڇو ٿو مرين؟.”
    “بس نصيب ۾ لمحي لمحي جو مرڻ مليو آ ته ڇا ڪيان؟”، چيم؛ “خير تون ٻُڌا ڪڏهن آئي آهين؟”
    “ڪالهه ئي ته.......................
    پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هڪ اونهو ساهه کنيائين ڄڻ من هلڪو ٿي پيو هجيس، نظرون منهنجي چهري تان هٽائي هيٺ فرش کي تڪڻ لڳي،
    ٽُٽل فرش کي جانچيندي چيومانس؛ “مون کي يقين آهي تنهنجو جيون ائين نه هوندو.”
    هن ڪا به ورندي نه ڏني تڏهن چيم؛ “يقينن تون منهنجي زندگي جي باري ۾ سوچي رهي آهين، اها ته بلڪل ائين ئي لڪير لڪير ٿي لڪير جي فقير ٿي وئي آهي، هنڌان هنڌان ڦاٽي ۽ اُڊڙي.............”
    هن چهرو مٿي کنيو ۽ منهنجي اکين ۾ ڏسڻ لڳي ڀائنيم منهنجي شڪايت جام بي وقتي آهي، لُٽجي وڃڻ کان پوءِ بچي پوڻ جي آس ئي ڪهڙي!!!.
    مان مُنجهيل هيم، مُنجهي پيم، هُوءَ اُداس هُئي مون کيس گهڻو نراس نه پئي ڪرڻ چاهيو................. مون کي ياد آيو اهو ڏينهن جنهن ڏينهن مون هُن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو!!. ان ڏينهن سندس ڀاڄائيءَ ملي هُئي، جنهن مُرڪي پُڇيو هو؛ “مانجهيءَ اڃان ڇڙو پيو گُهمين؟.”
    سندس ڀاڄائي کي خبر هُئي ته ڪُنوارو ئي آهيان جو هڪ ئي پاڙي ۾ رهون ٿا پر هُن اهو پڪ ڪرڻ لاءِ ئي شايد پُڇيو هو ته ڪنهن جي وارن جا ونگ پيل اٿم يا نه!!!، مون هڪ نظر هن کي ڏٺو هو ۽ شرارت مان سندس ڀاڄائي کي چيو هئم؛ “ها ڇڙو آهيان صفا ڪورو.............!!!.”، حُجائتو ته هيم ئي مان سو چئي ڏنم ۽ هي جو ڀاڄائي سان گڏ هُئي مون کي گهوريندي پر ڀرو ٿي بيٺي هُئي جو مان سندس ڀاڄائي سان ٿي ڳالهايم، ها مون اُن ئي ڏينهن کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ڀاڄائيءَ کان ڪنهن ڏينهن تي پُڇيو هيم؛ “هي ڇوڪري ڪير آهي؟.”
    چيوهيائين؛ “منهنجي نِڻان آهي.”
    “اڳي ته ڪڏهن ڪونه ڏٺو اٿمانس هتي!؟.”، پُڇڻ تي ٻُڌايو هئائين؛ “يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي ڪري پنهنجي چاچي وٽ حيدرآباد رهي ٿي، موڪلون گُذارڻ آئي آهي.”
    مان وڌيڪ پُڇي نه سگهيم نه ئي ڪُجهه ڪُڇي سگهيم، تڏهن سندس ڀاڄائي پاڻهين ئي چيو؛ “سندس چاچو کيس ڏاڍو ڀائينس ٿو، چوي ٿو دل آويز ته مُنهنجي ڌيءَ آهي.”، کن رکي چوڻ لڳي؛ “پنهجي پُٽ منصور جي نالي ڪيو وتي هِن کي.”
    مان ٻُڌي هليو ويو هيس، چار پنج ڏينهن مان ساڻس مليس ئي نه ڇو ته مان پنهجين رولاڪين ۾ گُم هئس هميشه وانگي ڪڏهن هِتي ڪڏهن هُتي ۽ ٻِيو ته مون ڪنهن اهڙي حادثي سان مُنهن اڃان ڏنو ئي نه هو جو جنهن ۾ چار اکيون ٽڪر کائي دل زخمي ڪري ويٺيون هُجن، سو مان پنهنجي جهان ۾ ئي جوڳي هئس ٻي ڪا سُرت ئي نه هُئي جو اها ملاقات عام رواجي ئي هُئي پر.................
    پر هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجو دوست اشرف وڃي رهيا هئاسين ته اچانڪ هُوءَ الاءِ ڪٿان آئي ۽ اچي سامهون بيٺي، چيائين؛ “ڪالهه ڪيڏانهن ويو هُئين؟.”
    دنگ رهجي ويس سندس اهڙي سوال تي مان ۽ اشرف حيراني مان ڪنهن پل مون کي ته ڪنهن پل هُن کي وات ڦاڙي ڏسندو رهيو، ان کان اڳي جو مان ڪجهه چوانس يڪدم چيائين؛ “ها ٻُڌاءِ ڪيڏانهن ويو هُئين ڪالهه؟؟”
    مان ڪُڇان ڪا ڀِت ڪُڇي، چپن کي واسينگ ويڙهي ويم، مان پنڊ پهڻ ٿي پيو هُئم، اشرف ته ڄڻ ڪوما ۾ ئي هليو ويو، حيرت مان اکيون کُليل ئي رهجي ويون، تڏهن هُن وري چيو؛ “ٻُڌاءِ.................... ڪالهه، ٽيون ڏينهن، چوٿون ڏينهن ڪٿي هُئين؟ هيترا سارا ڏينهن يڪا................!!”، مان پنهنجي چپن تان چُپ جو چٻرو اٿاري نه سگهيس تڏهن هُن چيو؛ “شام جو مون سان ملجانءِ....... مان انتظار ڪنديس ضرور اچجان.”
    اسان هن کي ڏسندا رهياسين ۽ هُوءَ هلي وئي، اشرف اڃان سڪتي ۾ هو ته مان ڀي ششدر هُيم، سوچن سان لڙندي جهڳڙندي ڏينهن ته گُذري ويو ۽ شام ڀي آئي پر شام جو مان وڃي نه سگهيس ته ٻئي ڏينهن هُوءَ گهر اچي وئي، امان رڌڻي ۾ هئي، ادا آفس وڃي چُڪو هو، مان ٻاهر نڪرڻ جي تيارين ۾ هئس ته ڪنن ۾آواز ٻُريو، امان سان ڪوئي مُخاطب هيو پر ٻئي لمحي هُو ڪمري ۾ هلي آئي ۽ گهورڻ لڳي!!.
    عجيب ڇوڪري آ!!، سوچيم ڪٿي ڀي وڙهيو ٿي پوي، هلان ڪريو ٿي ڏي!!، مان هُن کي ڏسي رهيو هئم ۽ سوچي رهيو هئم، نه هن ڳالهايو، نه مون ڳالهايو، پل ئي گُذريا ته اسان ٻنهيءَ جي ڳالهائڻ کان اڳ امان آئي ۽ چيائين؛ “پُٽ ويهه.”، ۽ هُو ويهي رهي، امان ويچاري اڻ پڙهيل ۽ هو يونيورسٽي جي شاگرد سو امان مون مُنجهيل پُٽ جي موڳي ماءُ هُئي پر سڀيتا سانڍيندي امان چيو هو؛ “مان چانهه ٺاهي ٿي اچان، اوهان ويهو جيسين مان چانهه کڻي اچان.”
    امان پُٺين پيرن تي موٽي وئي، امان جو نڪرڻ ۽ هُوءَ مون تي ڪڙڪي پئي؛ “ٻُڌاءِ ڪالهه ڪيڏانهن ويو هُئين؟، توکي چيو هيم شام ضرور اچجان پوءِ ڇو نه آئين؟؟؟.”
    مان خاموش جهڙي ديوار، تڏهن وري وسي پئي؛ “ٻُڌاءِ نه گونگو آهين ڇا؟، ٻُڌاءِ مون کي؟ ٻُڌاءِ...............”
    خاموشي جيڪا مان ٽوڙي نه سگهيس تڏهن کن رکي پاڻ ئي جواب ڏيڻ لڳي؛ “ها وڏو ماڻهوءَ آهين تون....... تو کي ڪهڙي پرواهه ڪنهن جي...... توکي ڪهڙي غرض ڪنهن جي..................”
    طعنا ته رواجي عورت وارا ها جو منهنجي خاموشي تي سندس جڏهن ڪو وس نه هليو ته هُوءُ بيوس ٿي پئي پر مان ٻُڏل هُئم، سوچيم ٿي، ايتري bold ڇوڪريءَ ڪتابن ۾ پڙهي ضرور هئم پر ڏٺي نه هئم ۽ سو بس وات ڦاڙي کيس رُڳو تڪي ئي رهيو هئس ۽ هو ڪي لمحا سانوڻ بڻي رهي نيٺ ساهه جائيتو ڪري مون آخر چئي ڏنومانس؛ “ڇا مون سان محبت اٿئي؟”
    مُنهنجو سڌو سوال ۽ ٻِئي پل ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو هئائين، سوچيم جيترو وسي ٿي اوترو ٿمي به ٿي، چيومانس؛ “مِس محبت ڪرڻ سئولي ته ناهي ۽ نه ئي راند ڪا.”، هن منهنجي اکين ۾ ڏٺو چيومانس؛ “رشتا رکڻ آسان آهن نِباهڻ ڏُکيا آهن.”
    ڪي پل هو چُپ رهي ۽ پوءِ چيائين؛ “اهي تجربا توکي هوندا مون کي خبر ناهي. منهنجي من جو ميت ته تون آهين، توسان ئي نِينهن آهي ۽ نِينهن منهنجو شِينهن آهي سا مون کي ڄاڻ آهي ۽ توسان نِڀائيندس ايتري به پڪ آهي.”
    سندس نيڻن جا ساگر گهرا ها، سندس سونهن سرس هُئي پر مان سوچن ۾ ٻُڏل هيم..............
    “توکان پوءِ هاڻ مون لاءِ هر شيءَ بي معنيٰ آهي.”، هُن چيو.
    چيم؛ “ڇا هڪ ڏينهن جي سوچ کي بقا هوندي آهي؟”.
    “منهنجو توسان ازلي رشتو آهي.”.
    “تو اهو اڄ ٿي سوچين!!!.”
    “تون جُڳن کان منهنجو آهين.” چيائين؛ “مون اهو سوچيو ناهي................ منهنجي دل توکي چاهيو آهي.”
    “دل ته دوکيباز آهي!!.”، چيم؛ “رِڻ ۾ رُلائيندي آهي.”
    “دل ته عبادتگاهه آهي.......... دڳ لائيندي آهي”، چيائين.
    مون هار ٿي کاڌي، “توکان وسري ويندس.”، چيم.
    چيائينءَ؛ “اهو ناممڪن آهي پنهنجو وجود وسرندو ناهي!.”، مون هار کاڌي ۽ هُوءَ کٽي وئي، چاهت ۾ اها منهنجي پهرين هار هُئي.
    گهڻا ڏينهن پوءِ هڪ ڏينهن اداس لمحن ۾ چيائين؛ “مانجهيءَ....... مون کي ڪڏهن ڀي اڪيلو نه ڇڏجانءِ.”
    “وجود تون آهين.”، چيومانس؛ “ان جو سايو مان آهيان.”
    “مانجهيءَ مان عمر ڀر توسان گڏ رهڻ ٿي چاهيان.”
    چيم؛ “رشتا ٽوڙڻ لاءِ نه ڳنڍبا آهن.”
    مُرڪي چيائين؛ “ ها پر...............”
    “ها پر ڇا دل آويز؟؟.”
    “پر.............. شروعات مون ڪئي آهي، پهريان ڇڏيندين تون مانجهيءَ.”
    ملڻ کان پوءِ ڇڏڻ، گڏجڻ کان پوءِ وڇڙڻ واري سندس ان بي وقتي ڳالهه تي مان ڪجهه تعجب ۾ پئجي ويم پر چيوهيومانس؛ “ڳنڍيو تو آ ٽوڙيندين به تون.”
    “پهريان تون............”
    “نه پهريان تون................”، چيم.
    “ٺيڪ آ ڀلا اهو ته وقت ٻُڌايندو!.”، چيائين؛ “ڪير ٿو وفادار نڪري.”.

    “شادي جو ڇا سوچيو اٿئي؟”
    سندس ان سوال تي ڇرڪ ڀري مان ڄڻ جاڳي پيم، مان هن جي ڀر ۾ هُيم، هن جي اڳيان هيم پر مان ته گُذري ويل ورهين ۾ غرق ٿي پيو هئم تڏهن هُن وري پُڇيو؛ “شادي جو ڇا سوچيو اٿئي؟”
    چيم؛ “تو اهو پر به پُڇيو هو مون کان!!.”
    “ها............. پر به اهو ئي جواب ڏنو هو تو مون کي.”
    دل سُڏڪي پئي، ڪُڇي ڪجهه نه سگهيم، هُن جو اسرار اڄ وڌي ويو هو، منهنجي اقرار جي اميد ئي نه هُئي ڪا، مون هن ڏي ڏٺو ۽ هُن اکيون مون تان هٽائي ديوارون ٿي تڪيون، منهنجو ڪمرو مون وانگر ئي وکري وکري ويو هو ۽ اڄ ته امان ڀي گهر نه هُئي ورهيه ٿيا جو وڏو ڀاءُ جدا ٿيو، امان اڄ ڀاءُ وارن ڏانهن وئي هُئي ملڻ، مون هُن جو چهرو ٿي چتايو، نهار جي سٽ سهي نه سگهي اٿي بيٺي چئي مان چانهه ٿي ٺاهي اچان ايسين سوچي وٺ ۽ مون کي ٻُڌا، مان مُرڪي پيم ۽ هوءُ رڌڻي ۾ وئي هلي، رڌڻي ڏانهن ويندي مون فرش تي سندس سينڊل جي ٽڪ ٽڪ ٻُڌي مون کي اهو ڏينهن ياد آيو جنهن ڏينهن اتفاقن هوءُ مون سان شهر جي بازار ۾ گڏجي وئي هُئي، چانهه جو چيو هيومانس انڪار نه ڪري سگهي ۽ شاهي بازار ۾ مون سان گڏ گڏ هلندي سندس سينڊل جي ٽڪ ٽڪ ڪا رڌم ٿي پيدا ڪئي.
    ان ئي ڏينهن هُن ٻُڌايو هو ته سندس چاچو کيس وٺڻ آيو هو ۽ هِن حيدرآباد وڃڻ کان انڪار ڪندي چاچي کي صاف چيو هو؛ “مان هاڻ هتي ئي رهندس”، سندس چاچي جي مٿس هڪ نه هلي ۽ هن وڌيڪ پڙهڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.
    مان حيران ٿي پيم، کيس گهڻو ئي سمجهايم پڙهائي مڪمل ڪر پر هُن جي نه کي نو ڪوٽ جا پڪا بند اچي ويا ۽ هُن پڙهڻ تان پنهنجو ارواح ئي کڻي ڇڏيو، منهنجيون سڀ سمجهاڻيون هوا ۾ هٿوراڙيون ثابت ٿيون ۽ بس هُوءُ رُڳو مُرڪن جا گُلاب تُحفي ۾ ڏيندي وئي.
    اُن ئي ڏينهن ڪيفي فراز جي ڪُنڊ واري ٽيبل کان اڳئين ٽيبل تي بيرو ٻه چانهه جا ڪوپ ۽ ڪجهه پيٽِيز رکي ويو، دل آويز منهنجي سامهون ويٺي هئي ۽ ڀر واري لائن جي پاسي واري ٽيبل جي آمهون سامهون ٻه اجنبي ويٺا هيا، سي رکي رکي اسان کي تڪي رهيا ها، تن جون نظرون جڏهن مون کي ڇڏي دل آويز کي وڌيڪ تڪڻ لڳيون، تڏهن دِل کين هڪ نظر ڏٺو ته هلڪي آواز ۾ مون کي چيائين؛ “ڇا هنن کي ڪا تڪليف آهي؟.”
    مُرڪي چيم؛ “مان ڪو طبيب ناهيان!!.”
    هن تعجب مان ڪي گهڙيون مون کي ڏٺو ته مون تائيد ڪئي؛ “ها دل............ مان ڪو نيم حڪيم به نه آهيان.”
    “شايد هنن ڪڏهن ڪا مائي نه ڏٺي آهي ڀائنيان ٿي.”، بيزاريءَ مان چيائين ته چيم؛ “ها هنن سدائين جِن ڏٺا آهن.”، هُوءَ مُرڪي پئي ۽ ديوار ڏانهن مُنهن ڪري پاسيرو ٿي ويٺي، مُنهن جو کاٻو پاسو اک کان ويندي کاڏيءَ تائين پنهنجي ڳاڙهي رئي سان ڍڪي ڇڏيائين.
    “شايد منهنجو توسان ويهڻ هنن کي وڻي نٿو.”، کن رکي چيائين.
    مُرڪي چيم؛ “تون خوبصورت آهين تو کي ڏسڻ چاهين ٿا ۽ شايد مان ڪوجهو آهيان هنن کي نه پيو وڻان!!.”
    “نه ائين ڪونهي اصل ۾ هي پنهنجي فيملي سان گڏ ائين چانهه پِيئڻ کان قاصر آهن تڏهن ئي.............”
    “تڏهن ئي مون کي تنهنجي قابل نه پيا سمجهن.”، مون سندس ڳالهه ڪٽي ورتي؛ “ڏسن پيا ته حورون ڪيئن عذاب ڏينديون آهن.”، دل آويز معنيٰ خيز نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳي پر هُوءَ چانهه پي چڪا ها، شايد اڃان ڪجهه دير ويهن ها پر اسان ٻروچ ماڻهوءَ هوٽلن تي ائين ماين کي ڪونه سهون سو کين نه وڻيو ۽ هُوءَ اٿي ويا، ڳنڀير لهجي ۾ دل آويز کي چيم؛ “دِل هڪ ڳالهه مڃيندينءَ؟؟.”
    “ها چئو..............”
    “ايتري بي باڪ نه ٿيندي ڪر.”
    “ڇو ڀلا؟؟.”
    چيم؛ “سُٺو نٿو لڳي، تنهنجي ايتري بي باڪي ۽ بنان رک رکاءَ جي ڪري..........”
    منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيائين؛ “تون مون کي ڄاڻين ٿو ۽ ها مون کي ڪنهن جي به پرواهه نه به آهي، مون کي توسان مُحبت آهي مان اِهو ڄاڻان ٿي.”
    “پر دل....................”
    “پر ٻر جي ڪا خبر ناهي مون کي، مون کي پاڻ مٽائڻ نٿو اچي.”، وري ڳالهه ڪٽي ورتائين.
    پيٽِيز جا ذرڙا چپن کي چنبڙيءَ پيا هئس ۽ ڪاري رومال سان پنهنجا چپ اُگهڻ لڳي، هٿ اڳتي وڌايم ته ڏئي ڇڏيائين، چيم؛ “ڪٿان ورتو اٿئي؟.”
    “پاڻ ئي ٺاهيو اٿم.”
    مُرڪندي مذاق ۾ چيومانس؛ “مون کي هي رومال ڪڏهن لُڙڪ اگهڻ جي ڪم ايندو!!.”، هُوءَ مون کي گهورڻ لڳي، ڄڻ ڪجهه نه سمجهي هُجي.

    چانهه جا ڪپ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي، ساڳي ٽڪ ٽڪ فرش تي گونجي وئي، ماڻهوءَ بدلجي ويندا آهن، سڀاءُ، لقاءُ ۽ حالتون بدلجي وينديون آهن ته وقت ڀي بدلجي ئي ويندو آهي نه بدلبو آهي ته عشق نه بدلبو آهي، چاهه نه بدلبو آهي ۽ يادگيريون نه بدلبيون آهن، اُهي ساز ۽ آواز، لمحا ۽ لقاءُ دل تي نقش ٿي ويندا آهن، جيون تي نقش ٿي ويندا آهن.
    هُن ويهڻ کان پوءِ مون کي پاڻ ڏي تڪيندو ڏسي وري چيو؛ “مون توکان ڪجهه پُڇيو آهي مانجهيءَ!”
    لنوائيندي چيومانس؛ “ڇڏ انهيءَ قصي کي.................. هاڻ ته اها ڳالهه پُراڻي ٿي پئي آهه.”
    “نه توکي اڄ ٻُڌائڻو ئي پوندو.”، ضد ڪندي چيائين.
    “ڇو ڀلا ضروري آهي ڇا؟؟.”
    “ها نه.............................”
    “مان زنگجي پيو آهيان دل آويز.”، چيومانس؛ “جيون ڏنگجي پيو آهي ته هر آس زنگجي ڏنگجي، دنگجي وئي آهي.”
    “نه مون کي جواب کپي اڄ.”، فيصلي تي لهي آئي هُوءَ؛ “ٻُڌاءِ ڇو نه ڪيئي اڃان؟؟”
    هُن مجبور ڪري ورتو ته مان شڪايت کان رهي نٿي سگهيس، چيم؛ “نه ڪائي منهنجي ٿي ۽ نه ئي مان ڪنهن جو ٿيس بس!.”
    مون چانهه جو ڪپ کڻي ورتو پر هُوءُ ديوار تي لڳل صليب جي پورٽريٽ کي تڪڻ لڳي، ڪا گهڙي ان کي ڏسندي رهي، محسوس ٿيم شايد درد جو ڪاٿو ٿي لڳائي پر اُمالڪ پڇيائين؛ “ماڻهن کي ٻُڌائڻ ٿو چاهين ته مون تو سان بيوفائي ڪئي آ.”
    “ماڻهن کي معلوم آهي”، چيم؛ “ماڻهن کان لڪل نه آهي ڪجهه ڀي!!.”، اهو ٻُڌي اندر اڌ ٿي پيا، هوءُ هيئنر وڍجي پئي مان گهڻو اڳ وڍجي پيس، بس هوءُ به چُپ هئي، مان ڀي چُپ هئم، مان ڪُفر جا بُت ڀڃي نه سگهيو هئس، مان خاموش رهيو هئس، مان خاموش هئس سو مان چئي به ڇا ٿي سگهيس!!.
    خِلا هُئي ڪانه، ڪمري جي ڇت هئي، مون ڪمري جي ڇت نه گهوري، مون هن جو چهرو نه ڏٺو، مون ٽُٽل فرش کي ٿي جانچيو ۽ هُن سپ سپ چانهه پئي پيتي پر چانهه جو ڪپ منهنجي هٿ ۾ رهجي ويو.
    هُن چانهه ٿي پيتي مان لهر لهر لُڙهندو ويس سوچيم مان ڪيئن نه ڇهن مهينن تائين سندس ساهه جي تند بڻيو رهيس، جي ڪيڏانهن ويندو هئس ته ڪيئن نه گهڙيءَ گهڙيءَ جو حساب وٺندي هُئي، صبح جي روانگي ۽ شام جي آمد، سڄو ريڪارڊ هُن وٽ موجود هوندو هو مُنهنجو!!!. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن مون کيس چيو هو؛ “دل آويز مان امان ۽ ادا کي تنهنجي مائٽن ڏي موڪليان هاڻ؟.”
    چيو هُئائين؛ “ڇو..........؟؟.” ۽ مان ڄڻ ڇرڪي پيو هئم.
    “مان توکي تنهنجي مائٽن کان گهُرڻ چاهيان ٿو هاڻ.............”
    مُرڪي پئي، چيائين؛ “ٿورو ترس.”، ۽ پوءِ ان ئي ملاقات پُڄاڻان وئي هُئي ته پهريون ڀيرو مهينو پورو ظاهر نه ٿي هُئي.
    مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي، ملڻ کان پوءِ ڊِگهي وڇوٽي اِها ئي پهرين هُئي، محسوس ٿيم امان کي موڪلڻ واري ڳالهه ڪري مون غلطي ڪهڙي ڪئي؟ ڇو دل آويز ائين پري رهڻ لڳي آ؟. مان ڪُجهه سمجهي نه سگهيس، مان هُن کان سواءِ تڙپيءَ رهيو هئس ڇو ته هُن ئي وڏا ڀرم آڇيا ها مون کي، اُهي ئي ڀرم ڀڄي ڀُري رهيا ها هاڻ پر هُوءُ نه ملي، مان گهران نڪتس ته ڪنهن ڏينهن گهٽيءَ ۾ ئي ملي، چيائين؛ “مانجهيءَ مان هفتي لاءِ حيدرآباد وڃي رهي آهيان.”، دل چيو ته چوانس نه وڃ پر چئي نه سگهيس ۽ هُوءَ شام جو ئي هلي وئي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه آيو، موڳي ماءُ جو مُنجهيل پُٽ هئس، دل آويز رابطي مان ڪٽجڻ کان پوءِ ائين اچانڪ حيدرآباد هلي وئي، ايندڙ هفتو ڀوائتو محسوس ٿيڻ لڳو هُئم، صدي وانگيان هفتو گذاريم پر هفتو ڊگهو ٿي پيو، ڏينهن، ڏينهن کي جنم ڏيندو آ ائين ست ڏينهن ستن مان وڌي پندرنهن ڏينهن ٿي پيا پر دل آويز جي ڪا خبر ئي نه پئي!!!.
    ڪا چريائي ڪرڻ ئي وارو هئس ته خبر پيم هُوءَ آئي آهي، ٻِن ڏينهن تائين نه ملي، سوچيم گهر ايندي پر گهر به نه آئي، رستي ۾ گس ويندي سندس ڀاڄائي ملي، پُڇيم؛ “دل آويز ڪٿي آ ڏسجي نٿي!؟”
    چيائين؛ “هيئنر ئي ته تو ڏانهن آئي آ.”
    مان سوچڻ لڳس مون ڏانهن آئي آ؟. مون ڏي ته نه آئي آهي. ڪيڏانهن وئي هوندي؟، انهن ئي خيالن ۾ گِهٽيءَ منجهان مان وڃي رهيو هئس ته دل آويز ڀر واري گهر مان نڪتي، مون کي ڏسي ڇرڪي پئي ۽ پوءِ کلندي چيائين؛ “ڪٿي گُم آهين مانجهيءَ؟.”
    مُنهن تي ڦڪاڻ لهي آئي هئم، موت جي ماٺار ڇائنجي وئي، مرندي چيم؛ “غفائن ۾ گُم آهيان اوهان ملو ئي نٿا!!.”، ٽهڪ سندس لبن جي قيد مان آزاد ٿي پيو هو، چيائين؛ “نه اهڙي ڳالهه نه آهي ڪجهه واندڪائي ئي نه هُئي.”
    “اڄ هتي................”
    ڳالهه ڪٽيندي چيائين؛ “ٿورو ڪم هو مُعين جي ڀيڻ ۾.”، پل رکي چيائين؛ “هيئنر مون کي جلدي آهي مانجهيءَ توسان مان پوءِ ملندس.”، ۽ هُوءَ هلي وئي.
    مان کيس تڪيندو ئي رهيس، سوچيو هئم کائنس پُڇندس هفتي بدران پندرنهن ڏينهن ڇو لاتئي؟، ڇا منهنجي ياد ڪونه آيئي؟. ڇا مان توکان............

    * * * * * *
    “چانهه ٿڌي ٿي وئي آهي”، مان ڇرڪي پيس جڏهن هُن چيو؛ “گرم ڪري اچان؟”
    “نه نه ٺيڪ آ........”، مون پاڻ سنڀالي ورتو ۽ ٿڌي ٿي ويل چانهه هڪ ڍُڪ ۾ ئي پي ويم. هُن پنهنجا هٿ، هٿ جون تريون ۽ هٿن جا وڌيل نُنهن ۽ آڱريون ٿي جانچيون، مون کي پنهنجي زرد وجود جو احساس هو، تڏهن هُن سڏ ڪيو؛ “مانجهيءَ.....................”
    ان کان اڳي جو مان ڪجهه جواب ڏيان کن رکي پاڻ ئي.چيائين؛ “هڪ ڳالهه مڃيندينءَ؟.”
    “ها ڇو نه.............. چئو...”
    “شادي ڪري ڇڏ.”
    چيم؛ “ڪجهه وجودن جي نصيب ۾ نامڪمل ئي رهڻ لکيل هوندو آ، اها ئي انهن جي perfection هوندي جو هُوءَ پنهنجي وجود جي وڃايل اڌ جي، تڙپ واري واسنا ۾ حياتي گهارين باقي مڪمل وجود جو پرتوو، شادي ۾ تلاش ڪرڻ اجايو آهي ۽.....”
    “۽ ڇا........؟؟”
    “۽ منهنجا خواب ڀي ته مري ويا آهن، هاڻ مان انهيءَ تصور کان به پري پري ٿو رهان دل آويز............ اهو ناممڪن آهي.”
    “نه مڃيندينءَ؟”
    “مڃڻ کان ته تو به ڪجهه نه مڃيو هو دل آويز!”، چوندي مان رُڪجي ويس، امان اچي وئي هُئي، شايد ٻاهر شام جا پاڇا به لڙي ويا ها، امان کيس کيڪاري حال احوال وٺڻ ويهي رهي، مان ساڻن گڏ ويٺل هوندي به ساڻن گڏ ويهي نه سگهيس، مان دربدر هيم، مان دربدر ئي رهيم، مان وري سوچن ۾ دربدر ٿي ڀٽڪي پيم، ياد آئي اها شام جنهن شام ۾ رياض مليو هو ۽ تنهن ٽوڪ هئني هُئي ته اندر کائجي ويو هُئم پر ڪُڇي ڪجهه به نه سگهيم جو خاموشي منهنجي تحت الشعور ۾ ئي مون کي سدا عزيز هُئي، چيائين؛ “يار مانجهيءَ اڄڪلهه تو واري دل معين جي گهر ڏاڍي ايندي ويندي آ ۽ اهو به انهي مهل جڏهن مُعين گهر هجي...........!!”، مان کيس تڪيندو رهيم ڄڻ مان سماج جي فطرت تڪيندو هُجان!!، هن کن رکي چيو؛ “ڇا توتان ناز گهٽ ٿي پيا اٿس يا دِل بي دِل ٿي پئي آ؟؟.”
    من لوڻ هو پروڻ ڪري ڇڏيائين، دل چيو وڙهي پوانس پر الاءِ ڇو کيس پٿر اکين سان بي بُت بنجي ڏسندو ئي رهيس، اُن کان اڳ جو ڪجهه ٿي پوي ها ان ڏينهن مان اتان اُٿي هليو آيس، رستي تان پئي آيس من ئي من ۾ وچڙندو..........، خالي دٻن ۽ بوتلن وانگر ٺوڪرون کائيندو.
    اُهو ڏينهن ائين ئي رُلندو رهيو هئس، سوچ ويهڻ ئي نه پئي ڏئي، دل آويز جو هفتي جو چوڻ ۽ پندرنهن ڏينهن لائڻ، اچڻ کان پوءِ يڪو مون سان نه ملڻ ۽ مُعين جي باري ۾ ٿيندڙ سندس ڳالهيون ٻُڌي هِينيانءُ ئي سڙي رک ٿي ويو، سوچيم منهنجي دِل بي دِل نه هوندي، بي وفا نه هوندي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن پاڙي جي دڪان اڳيان ويٺو هئس ته اشرف آيو جنهن چيو؛ “يار هي ڇا آهي؟؟.”
    ڇرڪي پيس، چيم؛ “ڇا ٿيو آ؟.”
    چيائين؛ “ايڏي ويساهه گهاتيءَ!!؟؟.”
    چيم؛ “ڦاٽ ته سهي........... آخر ٿيو ڇا آهي!؟.”
    “ڇا تون دل آويز سان ڪاوڙيو آهين؟؟.”
    چيم؛ “نه ته..........”
    “ته پوءِ دل آويز مُعين سان گڏ ڇو؟؟.”، ڳالهه اڌ ۾ کائي ويو، پُڇيم؛ “ڇا مُعين سان گڏ ٻُڌاءَ؟.”
    “ٺهيو يار ڪجهه نه آهي، مون ائين ئي مذاق پئي ڪيو!.”، مون کي سڀ خبر هئي پر اشرف الاءِ ڇا سوچي ڳالهه مٽائي ويو ۽ مان خيالن جي صحرا ۾ ڀٽڪندو ئي رهيس، عجيب بي چينيءَ من تي واسو ڪري وئي، مون کي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو بس رُڳو من هيو جو دُکندو پئي ويو، گهاءُ ايندا ٿي ويا بڙڇين وانگي ۽ من جي پار، پار ٿيندا ٿي ويا.
    مُعين ۽ سندس عشق مشهور ٿي چڪو هو انهن ئي ڏينهن ۾ پر دل ڪا ڳالهه مڃي ئي نه چوي جيسين نه دل آويز سان روبرو ملندم تيسين سڀ ڪوڙ آهي ڪجهه نه مڃندم سو مون کي ڪنهن جي به ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو.
    مان روز دل آويز سان ملڻ جا وجهه ڳولڻ لڳس پر دل آويز ته مون کان پري پري ئي رهڻ لڳي، جڏهن به مون تي نظر پوندي هئس ته کِسڪي ويندي هئي جهٽ، مون کي سندس اها ڪناره ڪُشي سمجهه ۾ نه آئي، هڪ ڏينهن اوچتو ئي ملي، کائنس پُڇيم؛ “دِل ڇا ٿيو اٿئي؟، ڇو مون کان ناراض آهين ڇا جو ايتريون وڇوٽيون رکڻ لڳي آهين.”
    “ناراض ۽ توکان؟، نه نه.......”، چيائين؛ “اصل ۾ فرصت ئي نه ملي، ڪجهه گهر جا ڪم.............”
    “اڳي ته ايڏا گهر جا ڪم نه ڪندي هُئين؟؟.”، سندس ڳالهه ڪٽي ورتم ته بيزاري چيائين؛ “پر هاڻ وڌي ويا آهن ۽ ڪرڻا ٿا پون.”
    “خبر ناهي ماڻهوءَ ڇا ڇا چوندا ٿا وتن.”، چيم؛ “مان چاهيان ٿو ته هاڻ جلد امان کي اوهان جي گهر موڪليان دل.”، ڇِرڪي پئي، تڪڙو چيائين؛ “نه نه........ في الحال نه مانجهيءَ.”
    “ڇو دل آويز في الحال ڇو نه؟.”
    “پهريان گهر وارن کي راضي ته ڪريان مان پوءِ.”، خبر هئم اهو بهانو آ، تڏهن چيومانس؛ “پوءِ امان کي ڪڏهن موڪليان؟.”
    پريان مُعين ٿي آيو، اُن کي جو ايندي ڏٺائين ته بس ايترو ئي چيائين؛ “پاڻهين ٻُڌائيندسانءِ”، ۽ وڃڻ لڳي، چيم؛ “دل بيهه ته.....”
    اتان ئي چيائين؛ “دير ٿي ٿئي پئي.”
    “اڳ ته ڪڏهن ائين نه چيو اٿئي.”، ڪجهه نه ڪڇيائين ته چيم؛ “بيهه ته سهي اڃان ڪجهه چوڻو اٿم.....”
    مُعين ويجهو اچي چُڪو هو سو ورندي به نه ڏنائين ۽ وئي هلي.
    ٻن ڏينهن کان پوءِ خبر پيم ته دل آويز حيدرآباد وئي آهي، اندر کي ڄڻ ڪوڙهه لڳي پيو، اڳ ته ڪڏهن به دل آويز بنان ٻُڌائڻ جي ڪيڏانهن ڪونه وئي آهي پر هينئر....................
    جذبا سڀ ڀڄي ڀُري ڀورا ڀورا ٿي ڪري پيا، وکري ويا، ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي ٽِڙي پکڙي پيا ۽ مان مات کائيندو ويس پل اپل.......................!!!.
    جنهن ڏينهن دل آويز حيدرآباد وئي هئي ته ان جي ٻئي ڏينهن مُعين به حيدرآباد نڪتو هو ۽ ان ئي شام ٽُڻڪن جا مُنهن کُلي پيا ها، مان سڀ ڪجهه ٻُڌي رهيو هئس پر ٻوڙن وانگر لامحسوس ظاهري ۽ اندر ۾ چڪناچور. ڪو چئي رهيو هو؛ “مجنون ڏانهن هيل ڏُڪار وري پيو آهي.”، ڀر واري جملو پورو ڪيو؛ “سانوڻ ور ساجن ٿو وڃي!.”، ڪنهن ته چيو؛ “ليليٰ ته وئي پيڪين گُهمڻ.”، ته ٻئي چيو؛ “اڙي نه يار....!، ليليٰ جو اصل عشق مجنون غريب سان نه آهي، ليليٰ ڌنار مجنون کي نه، ليليٰ ته مالدار مجنون کي ٿي چاهي.”، ته رهيل هڪ ڄڻي باهه ڪڍي؛ “اڙي لک لعنت هجئي مجنون.......!!، تون ته ليليٰ کي به ريجهائي نه سگهئين.”، ڪنهن COVER ڏنو؛ “ادا عشق نه پُڇي ذات، ۽ هونئن ڀي ذات تي ڏات ٿورئي آهي جو وهي سو لهي.” ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ............. ٽهڪ جيڪي مون کي خوفائتا ۽ ڀوائتا محسوس ٿيڻ لڳا ها.
    مان چاهڻ جي باوجود به ڪجهه نه ڪري سگهيو هئس، بيحد مذاق اڏايو ويو هو منهنجو، دل اندر ئي اندر انيڪ حادثن جو شڪار ٿي ڪري پئي هئي، ٻئي پل مون کي پنهنجا سارا خواب لولا لنگڙا ٿي بي ساخين تي رڙهندي محسوس ٿيا ها، منهنجو زخمي من دٻجي رهيو هو سور جي تهن هيٺان، ويران حياتيءَ مون کي تصور ۾ ڊهندي محسوس ٿيڻ لڳي.
    چند ڏينهن کان پوءِ اشرف اچي ٻُڌايو؛ “مانجهيءَ مُعين آيو اٿئي حيدرآباد مان، تون اُلڪو نه ڪر سُڀاڻي تنهنجي ليليٰ دل آويز به اچي ويندي.”، دوست جي آٿت ۾ به طنز جو خنجر ويڙهيل هو، من کي ڀنڀڙ وڪوڙي ويا پر سچ ٿيو ٻئي ڏينهن دل آويز اچي وئي ۽ ملڻ ويو مانس پر نه مِلي.
    خبرون ٻُڌندو هئس، سندس جون ۽ مُعين جون..........!!، دل ۾ ماچيس دُکي پوندا ها. دل آويز هاڻ مون کان گهڻو نٽائڻ لڳي، مان روز سندس در تان خالي اچڻ لڳس ۽ لمحي لمحي الوپ ٿيڻ لڳو هئس.
    “فاصلا جڏهن وڌڻ لڳندا آهن تڏهن حدون مقرر ڪري نه سگهبيون آهن.” ۽ پوءِ ائين فاصلا بي انتها ٿي پيا.
    مون هر هر فاصلا مِٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن وڌائڻ جي........ جڏهن به پوءِ ملي هڪ ڌاريي فرد وانگر ئي ملي ۽ مان اوپرائپ جو احساس ئي کڻي موٽيس هر واري، وڇوٽيون ايتريون ته وڌيون جو هُو هڪ ڏينهن نيٺ مُعين جي مُحبت ۾ پاڳل ڏسجڻ لڳي، سوين ٺٺولين منهنجو من ته چيريءَ ڇڏيو هو پر هن جي اڱڻ تي به پهچڻ لڳيون هيون پکين جي ولرن وانگر ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ مُعين جي شادي جا ڏينهن ٻڌجي ويا.
    سوچيم يقينن مون ۾ ئي ڪا کوٽ آهي، تڏهن ئي ته مُعين کي دل آويز پسند ڪيو، باقي مان ڇو ساڙ کاوان؟، جي هاڻي دل آويز کي مُعين وڻي ٿو ته ٺيڪ آ، مون ۾ خاميون کوڙ هونديون............ پر مون کي ته دل آويز ئي وڻي ٿي، مون کي ته دل آويز سان ئي مُحبت.......................
    “مانجهيءَ.............. جاڳين ٿو؟؟.”، هُن جي چوڙين جي کڙڪي کان پهرين امان پُڇيو.
    “ها امان................ جاڳان پيو!.”، من ملول هو، مون وراڻي ڏني امان کي پر منهنجو آواز منهنجي نِڙيءَ مان نه ڄڻ پاتال مان پيهي آيو ڇو ته نراس روح جو نراس آواز ئي نڪتو.
    “مان چانهه ٺاهي اچان؟”، امان کي مان ڄڻ ٿڪل لڳم، مُنهنجي موڳي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته سندس مان مُنجهيل پُٽ ٿڪل نه هُئس منهنجو روح چُور چُور هو!!.
    “ها امان چانهه پيار.”، مون ڪوڙي مُرڪ مُرڪندي چيو پر دل آويز سان گڏ امان ڀي منهنجي مُرڪ پروڙي ورتي جو کوکلو کلڻ ڀي پڌرو هوندو آهي.
    “ها اجهو آيس.............”، امان اٿي بيٺي پر دل آويز امان کي روڪي ورتو، مون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين؛ “مان هلان ٿي مانجهيءَ.............!.”
    مون ته خاموشي سان نڪاح ڪيو هو، نه ڳالهيم تڪيندو ئي رهيم بس!.
    “تون منهنجو چيو نه مڃيندو آهين مانجهيءَ”، ٿڌو ساهه کڻي چيائين؛ “مان هاڻ ڪڏهن به نه ايندس.”
    مُرڪي پيم، پُڇيومانس؛ “ايندڙ بهار ۾ به نه؟؟.”
    “نه..............”، هن مختصر جواب ڏنو.
    کيس چوڻ چاهيم پر الاءِ ڇو چئي نه سگهيس؛ “هميشه وڃڻ جي لاءِ ئي ته آئي آهين. ڪڏهن پيار ڪري وئي آهين، ڪڏهن ڌار ڪري وئي آهين ته ڪڏهن ڇار ڪري وئي آهين..................۽ بس رُڳو مون کان ويندي ئي رهي آهين!!.”
    هُوءَ منهنجي اڳيان بيٺي هُئي ان پل پر مون کي ياد آ مُعين جي شادي کان ڪي ڏهه کن ڏينهن پوءِ ئي مون امان کي چيو هو؛“امان مان دل آويز سان شاديءَ ڪندم.”، امان ڇِرڪي پئي هُئي، ان کان اڳ جو امان ڪو جواب ڏئي ها پاڙي واري ماسيءَ جنان جو آواز آيو هو؛ “آئي ڪو آهي گهر ۾؟؟.”
    “اچ اچ ماسيءَ اندر اچ.”، امان ئي ڀليڪار ڪئي هئس، ماسي جنان اندر هلي آئي ۽ ساهه پٽڻ کان پوءِ چيائين؛ “ادي مائي ساران جي ڌيءُ دل آويز جي شادي جو سڏ..................”
    منهنجي هٿن مان پين ڪونه ڪري هئي منهنجي هٿن مان هانءُ ڪري پيو هو جيڪو ماسي جنان نه ڏٺو هو پر امان کان لِڪي نه سگهيو هو. تنهجي شادي جا ڏينهن ٻڌجي پيا ها امان جي نِڙيءَ مان صرف ايترو نڪتو هو؛ “ماسيءَ ڪنهن سان پئي شادي ٿيس؟”
    “آئي ادي ڇوڪريءَ جو ماروٽ آهي ڇوڪرو، ڏاڍي پاڻ ۾ محبت ٿا ڪن ڇوڪرو ڇوڪريءَ ته!!.”
    مون پاڻ کي مُنتشر ٿيندي ڀائنيو ۽ امان اچرج ۾ پئجي وئي، مان سگريٽ جو ڇلا ڇلا دونهون بڻجي ان پل ارد گرد تحليل ٿي پيس، امان الاءِ ڪهڙي سوچ کان پوءِ ماسيءَ جنان کان پُڇي ئي ورتو؛ “ماسي ڇوڪريءَ به ڀلا ڇوڪري کي پسند ڪري ٿي؟”، امان جي اک مون ۾ هئي، جنهن جو مان مطلب سمجهي پئي سگهيس.
    ماسيءَ هڙ کڻندي چيو؛ “هائو اديءَ ڇوڪريءَ پاڻ ئي ته ماءُ کي چيو آهي ته ماروٽ سان شادي ڪندس.،”
    ۽ ٻئي پل منهنجي هٿن مان ڄڻ زندگي جي ڏور ڪري پئي هئي. منهنجا خواب چچرجي ڦٿڪڻ لڳا ها ۽ منهنجون سوچون عذاب جي تتل ريت ۾ ڀٽڪڻ لڳيون هيون، ڪي ڪاريهر ها جي اندر ئي اندر ڏنگي رهيا ها ۽ سمورا خواب هڪ وار ٻيهر ڪاٽا لغڙ ٿي پيا ها، گهوماٽيون منهنجي دماغ نه کاڌيون هيون، گهوماٽيون منهنجي سپنن کاڌيون هيون، خلا ۾ واچوڙا ها، واچوڙن ۾ مان هئس.............

    خاموش ڏسي وري چيائين؛ “هلان ٿي مان.”
    ڪُڇڻ ته مون لاءِ ڪُفر هو، مان به ڪُڇي ئي نه سگهيس، ماضيءَ وانگر کيس روڪڻ چاهيم پر روڪي به نه سگهيس، دل وري ڦٿڪڻ لڳي ۽ هُوءَ پُٺيرو پئي وئي، منهنجي نگاهه سندس ويندڙ وجود سان ٽڪرائي تڙپڻ لڳي ۽ هُوءَ در لنگهي وئي، “هميشه وانگيان آخري لئونڻو به نه هنيائين.”، سدائين وانگر اها آس من ۾ ڪر کڻي بيٺي ته شايد هن ڀيري بيهي هُوءَ پوئتي ڏسندي پر نه هُو ائين ئي در لنگهي وئي ۽ منهنجون نظرون در جي تاڪن کي تڪينديون ئي رهيون. ڪا مهل ائين ڏسڻ جي ڪري در جا تاڪ ڌُنڌلا لڳڻ لڳا ۽ ٻاهريون منظر ڀي ڪوهيڙي ۾ ٻُڏل ڀاسجڻ لڳو، کاٻي هٿ جي آڱوٺي ۽ ٻن آڱرين سان ٻنهيءَ اکين کي زور ڏئي سندس وڃڻ جو نهوڙيندڙ منظر وِسارڻ لڳس پر هر هر اکين ۾ هن جو وڃڻ ڦرڻ لڳو.
    مان ڪائي دير اتي ائين ئي پيو رهيم، امان جي سڏ تي جڏهن خيالن جا پکيءَ ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويا، تڏهن ڏٺم امان ماني لاءِ سڏي رهي هئي، منهنجي نظر سامهون لٽڪيل گهڙيال ۾ ڦاسي پئي جيڪو رات جي ڏهن جو هوڪو ڏئي رهيو هو، پيشانيءَ پُسيل محسوس ٿيم، کيسيءَ مان سندس ڏنل ڪارو رومال ڪڍي مُنهن خُشڪ ڪيم ۽ اُٿندي دل ۾ چيم؛ “مان تنهائي جو هيراڪ ٿي پيو آهيان، مان ايامن کان اڪيلائيءَ جو همسفر آهيان دل آويز........ ۽ مون کي پڪ آهي ته تون ايندڙ بهار ۾ منهنجا ڪمزور حال ڏسڻ ضرور ايندين.”
    * * * * * * * * * * * *


    پاڻي

    پاڻي

    ان ويل ڏاڍيءَاجڙيل حالت هُئم، بُک نساهوڪري ڇڏيو هو. اکيون ڏرا ڏنل، منهن سڪل، چپ خشڪ ۽ جسم جو سمورو ماس سڪڙجي هڏن کي چنبڙيل، وکريل چيڙهالا وار، لٽا ليڙون ليڙون۽ گدلا......... وهنجڻ ته پري جي ڳالهه آهي پيئڻ لاءِ پاڻي به مس پئي مليو..... ڪيترن ڏينهن کان گرهه به نڙيءَ کان نه لٿو هو!!!.
    ائين نه هو ته ڪجھ کائڻ لاءِ ۽ پيٽ پالڻ لاءِ ڪجھ ڪيو ئي نه هيم، “جيئڻ ڪاڻ جيڏيون ، وڏا وس ڪيام.”
    ڪيئي جتن ڪيم، وس ڪيم، حيلا هلايم ته من ڪجھ ڪمائي پيٽ ڀري سگهان، پيٽ جي دوزخ کي ٻارڻ ڏيان، ڪو پراڻو پاتل ئي سهي، کٿل ڪپڙن جو جوڙو پٺاڻ جي دڪان تان سستي اگھ تي وٺان پر ڪجھ به نه ڪري سگھيس. سڀ حيلا بيڪار، سڀ ڪوششون بي سود، سڀ جتن ٿڌن ساهن ۾ بدلجندڙ ۽ ٿڌا ساهه ڳرندڙ۽ نستي ٿيندڙ وجود اندر سرد ٿيندڙ!!
    اهڙيءَ خراب حالت ۾ مون هڪ وار پنهنجي کُٽل واپاري جي ٽجوڙي جهڙي ويران کيسي کي ڦلهوريو، پر اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا.
    سامهون ٻاڪڙا هوٽل کي حسرت سان ڏسڻ لڳس ۽ ٻئي پل خيال آيم ته شايد هوٽل ۾ ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو ملي وڃي ۽ ڪجھ کائڻ جو بلو ٿئي، سو ٻاڪڙا هوٽل اندر ڌوڪي ويس پر هوٽل اندر گھڙڻ کانپوءِ منهنجي اُن خيال کي جهڙوڪر پر لڳي ويا ۽ مُنهنجو گُمان ته گُمان ئي رهيو!!.
    هوٽل سڄو ڀريو پيو هو، ڪٿي ڀي ويهڻ جي جاءِ نه هُئي. هوٽل جي وچ ۾ بيهي سڄي ماحول جو جائزو وٺڻ لڳس ته من ڪٿي ڪو سُڃاڻو ملي........ ٻيو نه ته چانھ ڍُڪ پي بُک کي ڊيپوٽيشن تي موڪليان پر آسائتيون اکيون نراس ٿي ويون. سڀ ڌاريا مون کي نه صرف اوپرين پر عجيب نظرن سان نهاري رهيا هئا، مون سڀني جي اکين ۾ کائي وڃڻ جهڙي حوس کان سواءِ پاڻ لاءِ ڪجھ به نه ڏٺو، مون کي لڳو اهي سڀ مون کي ڳڙڪائي ويندا!!.
    مون به سڀني کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻي پيئڻ جي غرض سان اڳتي وڌيس ته ڪُنڊ ۾ هڪ ٽيبل تي هِڪ ڪُرسي خالي ڏٺم. مان سواءِ ڪُجھ سوچڻ جي اڳتي وڌي وڃي اُنهيءَ ڪُرسي تي ويهي رهيس. ڪُرسي جي اُترئين پاسي هڪ ڪارو ڪِٺ راڪاس جيڏو ويٺل شخص بُڇان جهڙين اُگهاڙين نظرن سان مون کي تڪڻ لڳو. مان پنهنجو پاڻ کي هُن جي اڳيان ڪک پن، جيتامڙو محسوس ڪرڻ لڳس. ڪارو قدآور شخص مون کي ڏسي مُڇون وٽڻ لڳو. سوچيم سندس ئي آهن وٽي يا پٽي!!، منهنجو ڇا؟.
    باقي بُک چانھ جي ڪوپ تي به ريزڪي موڪل تي وڃي سگھي ٿي ته پاڻيءَ جي ٻن گلاسن تي ننڍي موڪل تي ڇو نه ٿي وڃي سگھي!!
    مون ڪاري ڪوجھي ٽيبل پارٽنر کان لنوائيندي ٽيبل تي پيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي ڀريو. گلاس ڀرڻ کان پوءِ مون گلاس کڻڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌايو ئي مس ته سامهون ويٺل شخص گلاس تي هٿ رکي ڇڏيو. مان اچرج مان کيس ڏسڻ لڳس. هو ڪي گهڙيون مون کي جاچيندو رهيو ۽ پوءِ گلاس کڻي پاڻي پي ڇڏيائين، مون ماٺ ۾ ئي چڱائي سمجهي، خبر هيم ته هن جي هڪ گلاس پاڻي پيئڻ سان پاڻي کُٽندو ڪونه......... باقي پهريان هُو پوءِ مان ڀي پاڻي پي وٺندس!!.
    هُن ڌڙام سان گلاس ٽيبل تي وهائي ڪڍيو، مان ڇرڪي پيس ۽ هو مُرڪڻ لڳو. پنهنجا حواس جائيتا ڪري مون وري گلاس ۾ پاڻي ڀريو ۽ هن ڀيري به هُن گلاس مون کان پهرين کڻي ورتو!!.
    سوچيم ته صبر ڪرڻ وارن سان گڏ الله آهي ۽ مان صبر ڪري ويس، هُن وري ڌڙام سان گلاس ٽيبل تي ڦهڪايو، مون کان وري هلڪو ڇرڪ نڪتو.
    ڪجھ گھڙين کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي گلاس ۾ وري پاڻي ڀريم پر اڳ وانگر هِن ڀيري به هُو اڳرائي ڪري ويو ۽ مون “مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ” کي چڱو سمجهيو......... هُن وري ڌڙام سان گلاس کي ٽيبل تي هڻي ڪڍيو پر مان هن ڀيري ڪونه ڇرڪيس، مون کي خبر پئجي وئي ته هو ائين ئي ڪندو ۽ مون وري گلاس ڀريو ۽ هُن وري پيتو!!!.
    اهڙيءَ طرح مون لاڳيتا ڇهه گلاس ڀريا ۽ هوءَ انتهائي بي شرمائي سان منهنجا ڀريل اُهي ڇهه ئي گلاس پاڻي جا پي ويو ۽ خوشي منجهان خالي گلاس زور سان ٽيبل تي سٽيندو رهيو.
    انهيءَ دوران مون هُن کي ڪجھ به نه چيو، سوچڻ لڳس ته باقي جڳ ۾ هڪ گلاس جيترو پاڻي مس بچيو آهي، جيڪر هن ڀيري به گلاس مان ڀريندس ته وري به هي پي ويندو ۽ آئون ڪجهه به نه ڪري سگهندس ڇو ته مان هن راڪاس نُما آفت کي خواب ۾ به پُڄي نٿو سگهان!!.
    چار کائي ٻه هڻڻ بدران مُرڳو ڏهه ئي کائيندس............. ڪو طريقو؟؟
    ها هڪ اٽڪل آهي جيڪر هي گلاس ۾ پاڻي ڀري ته هن وانگر مان ڀريل گلاس کائنس اڳ ۾ کڻي وٺندس ۽ پوءِ تڪڙ ۾ پاڻي ڏوڪي هوٽل مان ٻاهر ڀڄي ويندس، جتي هي راڪاس مون کي نه پُڄي سگهي!!.
    مون سوچيو انهي سان مان بُک کي به چڪر ڏئي وٺندس ۽ اگر هن ڀيري به گلاس مون ڀريو ته پاڻي هِي پي ويندو ۽ هُو هوٽل وارو لالو پٺاڻ ماني نه کائڻ يا چانهه نه پيئڻ جي ڪري شايد ٺلهو پاڻي به نه ڏيندو!!.
    مان مسلسل سوچي رهيو هئم ڇا ته يزيدي رواج پئجي ويو آهي جو پيئڻ لاءِ ڇڙو پاڻي به نٿو ملي....... مان اهو سوچي رهيو هئس ته سامهون ويٺل جبل جيڏي ڍِڳ مڙس، پنهنجي ساڄي هٿ جي سِگار جهڙي ٿُلهي اشهد آنڱر مُنهنجي ساڄي اک ۾ کڻي ٽُنبي.
    منهنجيون اکيون اڳي ئي بُک جي ڪري ڏرا ڏئي ويون هيون، مٿان وري هن جي آنڱر ٽُنبڻ جي ڪري ويتر منهنجي اک اندر پيهي وئي. ساڄي اک کي کِنوڻ جو چمڪاٽ نظر آيو ۽ هڪ تجلو اک مان نڪري هوريان هوريان وسامي ٿڌو ٿي ويو، سامهون نظر ايندڙ چوڏنهن ئي طبق مون کي روشن لڳا، مٿي کي چڪر اچي ويو، ڳِيت نِڙيءَ ۾ ڦاسي پيم، اک مان پاڻي به نه نڪتو، پاڻي هجي ته نڪري ها!!.
    ڪجهه گهڙين کان پوءِ نظر لوڏا لمڪا کائيندي ڦٿڪڻ لڳي، هر شيءَ جي وچ ۾ ڳاڙهو دائرو نظر اچڻ لڳو ڄڻ سج اک ۾ لهي آيو هجي، پهريون ڀيرو رڙ ڪري راڪاس جيڏي شخص کي چيم؛ “ڇا ٿو ڪرين!؟؟”
    “او............. ته تون ڳالهائين به ٿو!”، هِن هيبتناڪ آدميءَ بيپرواهي مان چيو.
    چيم؛ “ڇا مان توکي گونگو ٿو نظر اچان؟”
    وڏي آرام سان چيائين؛ “گهٽ ۾ گھٽ هاڻي نه....!!!”
    چِڙ وٺي ويم؛ “ڇا ايتري دير تو مون کي گونگو پئي سمجهيو؟”
    “نه صرف گونگو پر ٻوڙو ۽ انڌو به!!”، هن وري به مزي سان بي پرواهيءَ مان چيو.
    پڄرندي چيومانس؛ “هي جو مون يڪا سارا ڇهه گلاس پاڻيءَ جا صحيح سلامت تُنهنجي اڳيان ڀريا ۽ هڪ ڦُڙو به هيٺ هارجڻ نه ڏنم ته ڇا تڏهن به تو کي مان انڌو لڳي رهيو هئس واهه!؟”
    “ها تڏهن به تون مون کي انڌو ئي لڳو هُئين!”، هن اطمينان سان چيو؛ “۽ ها اُهي ڇهه ئي گلاس تنهنجي سامهون مان ئي پي ويس.”
    مان ڪي گهڙيون ڪجهه به ڪُڇيس ڪين بس سندس مُنهن تڪيندو رهيس، پاڻ ڏانهن مون کي تڪيندو ڏسي هُن مُرڪيو، مون ڪاوڙ منجهان کيس چيو؛ “ظالم.......!! مُنهنجي اک ڪڍي ڇڏيئي!”.
    “اِهوئي ته مان چاهيان ٿو.......... باقي اِهو آخري ڪم رهيل آهي مُنهنجو.”
    مان ڇرڪي پيس، حيرانيءَ مان پُڇيومانس؛ “ڇا مطلب؟؟”
    “مطلب وري ڇا؟، مان تنهنجي مٿان بيٺو آهيان، هاڻ مان چاهيان ٿو تنهنجي اک ڪڍي ڇڏيان!!.”.
    هن جون ڳالهيون مون لاءِ حيران ڪندڙ هيون، ڪا به ڳالهه نٿي آئڙيم. هو منهنجي سامهون ويٺو هو ۽ چئي رهيو هو “مان تنهنجي مٿان بيٺو آهيان”، خار مان چيومانس؛ “تون منهنجي سامهون ويٺو آهين.”
    مُسڪرائي چيائين؛ “نه..........مان تنهنجي مٿان ويٺو آهيان.”
    “مٿان ويٺو آهين!!؟؟”، “پُڇيم؛ “ڪيئن؟”
    مُڇ وٽيندي چيائين؛ “تون ڏکڻ ۾ ويٺو آهين، مان اُتر ۾ ويٺو آهيان.......... سو مان تنهنجي مٿان ويٺو آهيان.”
    “ها اهو ته صحيح آهي پر تون منهنجي اک ڪڍڻ ڇو ٿو چاهين؟؟”
    ڀڀر تي هٿ هڻندي چيائين؛ “مان تنهنجو ويري جو آهيان!”، مون حيرانيءَ مان کيس ڏٺو ۽ هُن چيو؛ “مون تنهنجي زُبان وڍي ڇڏي آهي، تنهنجي ڪنن ۾ شيهو پلٽائي ڇڏيو اٿم، هاڻ تنهنجي اک ڪڍي ڇڏيندس مان.” هو جذباتي ٿي پيو، مون وات کولي زور سان کڻي “ آ ” ڪئي؛ “ڏس منهنجي زبان منهنجي وات ۾ پئي آهي!”، مان وات پٽي پنهنجي زبان لڙڪائي هُن کي ڏيکاڻ لڳم پر هُن نه مڃيو، چئي مون کي نٿي نظر اچي!!.
    “تنهنجي زبان تنهنجي وات ۾ هُجي ها ته تون اُنهيءَ مهل ئي رڙ ڪرين ها، جنهن مهل مون تنهنجا لاڳيتا ڇهه گلاس پاڻيءَ جا پيتا!!.”، هُن چيو.
    چيم؛ “اهو ته مون صبر ڪيو هو.”
    “صبر...........هونئن!!، ڪهڙو صبر؟، اها ته تنهنجي بيوسي هئي.”
    “نه منهنجي ڪا بيوسي نه هئي.......”، مون ڄڻ احتجاج ڪيو.
    “نه صرف تنهنجي بيوسي پر............. پر بيوسيءَ جي به حد....... انتها!!”، ۽ هن هڪ ڀيانڪ ٽهڪ ڏنو، جنهن سان منهنجو هانءُ ڏڪي ويو.
    منهنجو رت ٽهڪي پيو هو، پاڻ کي سامت ۾ آڻي پُڇيومانس؛ “اها ڳالهه آهي؟؟”
    چيائين؛ “ها بلڪل اها ڳالهه آهي.”
    “پوءِ ڏس!”، مون کيس چئلينج ڪيو، هو اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳو، مون جڳ ڏانهن هٿ وڌايو ته جيئن جڳ ۾ بچيل پاڻي گلاس ۾ وجهي پي وڃان ۽ کيس ثابت ڪري ڏيکاريان ته مان ڪمزور نه آهيان، بيوس ناهيان، مان لاچار ناهيان، مان پنهنجي ويري کي مُنهن ڏئي سگهان ٿو، مان پنهنجو حق وٺي سگهان ٿو!!.
    مون پنهنجي نٻل وجود جي سموري سگهه ۽ قوت گڏ ڪري ورتي ۽ مضبوط ارادن سان مون پنهنجو ٿڪل هٿ جڳ ڏانهن وڌايو، اُن کان اڳي جو منهنجو هڏائون هٿ جڳ ۾ پوي، هن ديوقامت جڳ کي ٺيلهو ڏئي ڇڏيو ۽ جڳ ٽيبل تي پاسيرو ٿي ڪري پيو، جڳ ۾ موجود بچيل سمورو پاڻي ٽيبل تي هارجي ويو، هن ٽيبل کي پاڻ ڏانهن لهوارو ڪيو، ٽيبل تان پاڻي سِيرون ڪندو، وٽ کائيندوهن جي مينڌيءَ لڳل داڦوڙن پيرن تي هارجڻ لڳو.
    هُن جي چالاڪيءَ تي مان بيوسيءَ جي عالم ۾ کيس نهارڻ لڳس، هن هڪ وڏو خوفناڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين؛ “آهين نه تون بيوس!!؟؟”
    مان آس ۽ نراس جي وچ ۾ ٽنگجي هن کي نهاريندو رهجي ويم، هن چيو؛ “تنهنجو هن پاڻيءَ تي ڪو به حق نه هو ۽ نه آهي. تو لاءِ پاڻيءَ آهي ئي ڪونه.”
    مان ڪجهه به نه ڪڇي سگهيم، هن طنزيه چيو؛ “هڪ ته پاڻي جي ڏاڍي کوٽ آهي ۽ مٿان وري تون پاڻي رُڳو زيان ئي ته ڪندو آهين ۽ اُهو به گهڻو............. هيءَ پاڻي ته منهنجو هو ۽ منهنجو آهي!!!”.
    ۽ پوءِ هن جو خوفناڪ ٽهڪ ٻريو ۽ فتح جي احساس ۾ هو لاڳيتا وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو ويو، مان اچرج مان کيس ڏسندو رهيم، هُو ٽهڪ ڏيندو رهيو پر اوچتو سندس ٽهڪ اڌ ۾ ڪپجي پيا، حد کان وڌ پيتل پاڻي سندس ڀڀر ۾ وٽ وجهي ڇڏيو هو ۽ چرين وانگر ٽهڪن ڏيڻ ۾ دوڏا ٻاهر نڪري آيس، ٻئي پل ٽيبل تي ڦهڪو اچي ڪيائين ۽ کُليل وات مان پيتل پاڻي گڙ گڙ ڪندو وهندو ويس.

    * * * * * * * * * * *


    نو پرابلم

    نو پرابلم

    اهو ڪو اوچتو عمل نه هو ۽ نه ئي ڪو حادثو!
    اها باقائده سوچيل سمجهيل حرڪت هئي ۽ منصوبابندي واري اها سموري حرڪت اصل ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. ها انهيءَ کي اتفاق به نٿو چئي سگهجي ۽ نه ئي ڪا غلطي!، انهيءَ کي غلطي سمجهڻ ته اصل بيوقوفي آهي، ها اها هڪ سوچيل حرڪت ئي هئي، شايد ويچاريل ۽ غور ڪيل.
    افسوس جو آخر ۾ اسان کي هٿ ئي ملڻا پئجي ويا، خود کي جام پشيمان ته پريشان به ٿيڻو پيو ۽ گڏ خلق جي کِل کي روڪڻ نه صرف مشڪل پر بيحد ناممڪن ٿي پيو.
    هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان ۽ منهنجو يار سونو روز هڪ ڪهاڻي لنکدا هئاسين، سونو ديني حجم جو پُٽ آهي، جيڪو اسان جو پاڙيسريءَ آهي ۽ مُنهنجو يار!!.
    منهنجي يار سوني جو اصل نالو سونا خان آهي پر جيتامڙو هئڻ ڪري سڀني سندس نانءُ به گهٽائي ڇڏيو آهي، سونا خان بجاءِ سڀڪو کيس سونو ئي سڏيندو آهي.
    انهن ڏينهن ۾ سونو ۽ مان روز هڪ نه هڪ ڪوڙي ڪهاڻي لکندا هئاسين ۽ شام جو وري هڪٻئي کي پڙهي ٻُڌائيندا هئاسين ۽ پوءِ هڪٻئي جي ڪهاڻي مان چُڪون ڪڍندا هئاسين. عينڪ کان سواءِ نظر تنقيدي ٿي نه سگهندي هئي سو سومار مواليءَ جي ڀڳل شيشي واري عينڪ جيڪا هوءَ پنهنجي سيراندي کان رکي سُمهندو هو سا چورائي ڪڏهن سونو ته ڪڏهن مان اها عينڪ پنهنجي نڪ ۽ ڪنن کي چنبڙائي تنقيدي نظر انهن ڪوڙين ڪهاڻين تي وجهندا هاسين ۽ پوءِ چُڪون دُرست ڪندي ڪندي آخر ۾ وڃي هڪٻئي جون ڪهاڻيون رد ڪندا هئاسين، اصل ٺهڻ جي ته ڪا گنجائش هُئي ئي ڪانه!.
    مان ڪيئن ٿي هن جي واهه واهه ڪري سگهيس ته سونو ڪيئن ٿي مون کي ڀلو چئي سگهيو!؟ اهو ته ڪنهن امڪان ۾ ئي نه هو ۽ نه ئي ٻنهي کي گوارا ڀي!.
    خير اهو قصو گهڻا ڏينهن ائين ئي هلندو رهيو پر اسان مطمئن ئي نه ٿي سگهياسين ۽ هڪٻئي جي چير ڦاڙ ڪندا رهياسين پر وڙهياسين ڪڏهن به ڪو نه!!.
    هڪ ڏينهن الاءِ ڇا ٿيو، منهنجي يار سوني کي الاءِ ڪهڙو ريچڪ چڙهيو، دشمن جي طبيعت الاءِ انهيءَ ڏينهن ناساز هئي يا ڪا ٻِليءَ سندس گس اڳيان مٽي وئي هئي يا ته مرڳو تقدير اسان ٻنهي تي اچي مهربان ٿي هئي جو سوني انهي ڏينهن منهنجي ڪوڙي ڪهاڻي ٻُڌڻ کان پوءِ نه صرف کيس ڪهاڻي مڃيو هو پر تعريف جا قصيدا ڳائڻ ۾ پلٽا هڻڻ لڳو هو.
    مان ته ششدر ئي ٿي پيم، سندس اهڙو حال ڏسي اصل وائڙو ئي ٿي پيس، سمجهه ۾ ئي نه آيم ته سونو ڪڏهن راڳي بڻيو آ!!.
    متيون ئي مُنجهائي ڇڏيون اڄ ته سوني صفا........ پهريان ته مون کي ڪو اعتبار نه آيو سندس ڪنهن به ڳالهه، پلٽي، دوهيڙي تي پر پوءِ سوچيم اهڙو ويل مان به نه آهيان، گذريل ڪئي سالن کان ڪوڙيون ڪهاڻيون لکندو پيو اچان، ٿي سگهي ٿو هيل هڻي وڃي هنڌ ڪيو هجيم متان ۽ هن جيتامڙي سوني جي رُڏ مغز ۾ به ڪا ڳالهه مس وڃي ويٺي هجي!!.
    منهنجي ڇاتيءَ ڇويهه مان ڇائيتاليهه انچ ٿي وئي ۽ لڙڪيل ڪنڌ سِڌو ٿي ويم، ڏٺم ته هڪ لمحي لاءِ ڄڻ سونو جيئن هيڊو ٿي پيو هجي، منهنجي مُنهن تي خوشي ڏسي سندس مُنهن دونهاٽجي ويو ڇو ته يار هو نه پنهنجو اصلي پڳ مٽ!!.
    ها سو ڄڻ ڪي ڪارا ڪوهيڙا سوني جي مُنهن تي ايندا ۽ ويندا هجن، بحرحال ڪجهه گهڙين جي خاموشي کان پوءِ سوني پڄري پنهنجي ڪهاڻي ڪڍي ۽ پڙهڻ شروع ٿي ويو، مان ڌيان ڏئي ٻُڌڻ لڳس پر خبر تنهن مهل پئي جڏهن سوني منهنجو ڪُلهو لوڏيندي چيو؛ “اڙي ڏيڏر!!، ڏي خبر منهنجي ڪهاڻي ڪيئن آهي؟.”
    کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟، مون ته ڪجهه ٻُڌو ئي نه!!، مون ته ديوار سان ڪن لڳائي ڌيان سان سوني جي ڪوڙي ڪهاڻي ٻُڌندي پئي سوچيو ته؛ “هاڻ مان وڏو ڪهاڻيڪار ٿي ويو آهيان، ها صفا وڏو ڀاري ڀرڪم ڪهاڻيڪار!!، جيئن ڪاڇو نڙگهٽ، فراق محبوب وصال يا نرگس شميم بي پرواهه، نه انهي کان وڌيڪ سُٺو گُلو گُمشده جهڙو، خريف تُوتاري جهڙو، اڙي نه نه....... انهن جهڙو نه، انهن سڀني کان وڌيڪ سُٺو ها ڪريم پالڪ جهڙو، نه انهي کان به وڌيڪ ڀلا جُنيد واشديو جهڙو نه نه ڀلا تفريق لنگهيو جهڙو يا کمون ککر جهڙو يا....... نه نه هنن سڀني کان وڌيڪ، ها هنن سڀني کان وڌيڪ سهڻو، سُٺو ۽ پُختو !!.
    مون ته اهو پئي سوچيو سو ڪهڙي راءِ ڏيان ها؟، دل ۾ خيال ڪيم، سوني کي اهو چئي پنهنجي جان ڇڏايان ته؛ “تنهنجي ڪهاڻي بنهه فرسوده آهي”، پر وري سوچيم ته سونو پُڇندو اهو ڪيئن؟ ته پوءِ ڇا چوندس؟، ۽ هونئن به ڪنهن سان بدديانتي نه ڪرڻ گهرجي، سوني منهنجي ڪهاڻي جي تعريف ڪئي آهي، مون کي به سندس ڪهاڻي جي تعريف ڪرڻ گهرجي!!.
    جيڪر نه ته هو ٻيهر ڪڏهن به منهنجي ڪنهن ڪهاڻي جي تعريف نه ڪندو، مُرڳو ڳالهه ئي ڳِچيءَ ۾ پئجي ويندي، سو دشمني نه کڻڻ گهرجي ۽ مون سوچ سمجهه کان ڪم وٺندي انهيءَ ڏينهن دل کولي سوني جي ڪوڙي ڪهاڻي جي ڪوڙي تعريف ڪئي، مان راڳي نه هئس، مون پلٽا نه هنيا، مون اُلٽا سُلٽا تعريف جا بنڊل جوڙيا ۽ سڀ جا سڀ سوني مٿان اهي ٽوڙيا.
    ۽ انهي ڏينهن کان پوءِ اسان ٻنهي ۾ هڪ اڻ چيو معاهدو ٿي پيو جيڪو بنان طيءَ ٿيل هو ٻنهي وچ ۾. اسان ان ڏينهن هڪٻئي کي نه صرف باقائده ڪهاڻيڪار طور تسليم ڪيو پر پنهنجا پنهنجا تخلص به چونڊياسين، سونو سِرڻ ٿي پيو ته مان ڏيڏر ڏائنڻ ٿي پيس، انهي خوشي ۾ سوني چانهه گُهرائي مان پاپا وٺي آيس ۽ پوءِ پهريون ڀيرو اسان گڏجي چانهه پيتي ۽ پاپا کاڌا ۽ کِلي خوش ٿياسين نه ته اسان روز هڪٻئي کي پنهنجيون ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻُڌائي ۽ اهي رد ڪري، دڙڪا دهمان ڏئي هليا ويندا هئاسين.
    اهو ڏينهن انقلابي ڏينهن هو، ان ڏينهن کان پوءِ روز سونو سِرڻ منهنجي ڪهاڻي ۽ قلم تي پلٽا هڻي ڪري پوندو هو ته مان سندس ڏات ۽ بات جي ساراهه ڪندي چنڱي دير تائين پيو ٽان ٽان ڪندو هئس، پر ماڻهوءَ..........
    ماڻهو وڏا بد ديانت آهن هن دنيا جا! ڪنهن کي سهن ئي ڪون اصل!! پنهنجي مُنهن ماڻهوءَ مون کي چوندا ها ته سونو توتي کِلون ٿو ڪري، چوي ٿو ته؛ “اهو واڱڻ مُنهون، کوهه جو ڏيڏر، انهيءَ کي ڪهڙي خبر جهان جي، سدائين لٻاڙ ٿو هڻي، ڪڏهن ٻاهر نڪتو هجي ته دنيا جي ڪا خبر هجيس، هليو آ ڏيڏر ڪهاڻيڪار ٿيڻ!!. پاڻ کي ڪو وڏو اديب ٿو سمجهي ڏيڏر ڪٿان جو...........”
    ۽ مان ماڻهن کي چوندو هئس ته؛ “اهو جيتامڙو ٽِنڊڻ!!، اهو وري ڪهڙي باغ جي موري آ؟، اچيس ٿو الف آڱوٺو ۽ پُٽ پاڻ کي سمجهي ٿو کمون ککر..........!!، اهو ڪُٻو ڪاٺ ڪُٽو به پنهنجي نظر ۾ وڏيءَ بلا ٿيو گهمي، بيوقوف آهي ڇا منهنجي اڳيان؟”.
    هڪ ڏينهن سوني سِرڻ پنهنجي تعريف ٻُڌڻ کان پوءِ جڏهن منهنجي ساراهه تي پلٽا پائي پلٽي ويو هليو ته انهيءَ مهل گُلو گُمشده مون کي چيو؛ “توهان ٻئي مُنهن تي هڪٻئي جي سُٺي تعريف ڪري وٺندا آهيو ۽ پر پُٺ گِلا پُڻ ڇو!!؟.”
    “اسان جي ٻيو ڪو تعريف نٿو ڪري ته مجبورن ٿورئي اسان هڪٻئي جي تعريف ڪريون ٿا.”، چيومانس؛ “اها ئي مفاهمت آهي، اها ئي جهموريت آهي.”
    گُلو گُمشدهه چيو؛ “مون کي ڪجهه سمجهه نٿو اچي!.”
    “اها ئي ڀلي ڳالهه آ جو توکي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي.”، چيومانس؛ “پنهنجي هاٿي جيڏي هن ننڍڙي دماغ تي وڌيڪ زور نه ڏي، ميڄالو ٻاهر نڪري ايندئي!”
    “پر ڏيڏر................”، هن احتجاج ڪيو.
    “گُمشدهه آهين، گُمشدهه رهه، مان وڌيڪ ٽان ٽان نٿو ڪرڻ چاهيان.”، ڇِڙٻ ڏيندي چيومانس؛ “پنهنجي کل مان نه نڪر، نه ئي اجايو نقاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪر!!”، کن رکي چيومانس؛ “هي وڏيون ڳالهيون آهن عالمي ليول جون، تنهنجي هاٿي جيڏي مٿي ۾ نه گهڙي سگهنديون، تون پنهنجي هيڏي وڏي مٿي ۾ موجود پنهنجو ننڍڙو دماغ شانت رک.”
    گُلو گُمشدهه مُنهن ڪوجهو ڪري ويو هليو پر اسان جي اها روز جي گڏجاڻي گهڻن کي مشڪوڪ نظر اچڻ لڳي، پاڙي جي ڪامريڊ ته ڳالهه ئي هُلائي ڇڏي ته؛ “هي صدر بُش جا خاص ايجنٽ آهن. هنن جي ڪچهريءَ ۽ ملاقات خلاف تڪڙو ايڪشن کڻڻ ئي کپي!!.”
    راڄ واري رئيس جو ڪمدار ته چوندو گُهمي؛ “مون کي سڀ خبر آ، مون کي سڀ خبر آ........!!، هي ڇورا جيڪا سازش گهڙين پيا مون کي سڀ خبر آ.”
    “اڙي ڏيڏر.......!، ڏي خبر”، سوني مون کان پُڇيو؛ “ڪمدار کي ڪهڙي خبر آ؟ ۽ پاڻ ڪهڙيءَ سازش گهڙيون پيا؟؟.”
    “يار سِرڻ!، ڪُڪڙ جا پر کُٿل چوزا............!!.”، چيم؛ “خبر ته ٻيلي مون کي به ناهي ته پاڻ ڪهڙيءَ سازش گهڙي رهيا آهيون!!.”
    هوءَ وات پٽي مون کي تڪڻ لڳو، ڪي گهڙيون مان ڀي کيس چرٻٽن وانگر ڏسندو رهيس ۽ پوءِ کن رکي رازداريءَ مان پُڇيومانس؛ “توکي خبر هُجي ته يار مون کي به ٻُڌاءِ؟.”
    چيائين؛ “ٻيلي خبر ته مون کي به ناهي!!.”
    “پوءِ ڪمدار کي خبر هوندي ان کان پڇجي؟؟.”، چيم.
    “ها ڏيڏر...........،” سوني سِرڻ چيو؛ “ڪمدار کي ته خبر هوندي هوءَ ته چوندو جو گُهمي مون کي سڀ خبر آ.”
    ۽ انهن ڏينهن ۾ راڄ جي رئيس نه صرف اسان جي منوءَ مواليءَ واري هوٽل تي ويهڻ تي پابنديءَ هڻي ڇڏي پر ڪٿي به اسان جي گڏجڻ کي قانوني ڏوهه قرار ڏنو ۽ اسان جي هڪ مان ٻن جي ميڙ ٿيڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو پر اسان به هئاسين نڪ جا پڪا، مُڙڻ وارن مان ته نه هئاسين نه........... هڪڙا ڪهاڻيڪار ۽ ٻيو ٿيون بُزدل، اهو کوڙو اسان تي لڳو ئي نٿي، نه ئي اهو اسان جي وڙ وٽان ڀي هو ۽ نه ئي وري اسان اِهو مڃڻ لاءِ تيار ڀي هُئاسين ٻيو ته وري اسان هڪٻئي جا عاشق محبوب ٿورئي هئاسين جو اسان کي ڪارو ڪاري جو به ڪو ڊپ هُجي ها.
    اسان بس نرڄائي سان ملندا رهياسين، روز واريءَ چانهه جي اڌ ڪوپ نه صرف اسان جي دوستيءَ کي مضبوط بڻايو پر دوستيءَ جو دائرو وسيع ڪندي ٻن ميمبرن مان وڌائي ٽن ميمبرن تائين پُڄائي، اسان جي مُشڪلاتن ۾ انيڪ پريشانين جو اضافو ڪري ڇڏيو.
    ٿيو هيئن جو تر جو جهونو اڌ پڙهيل خفتي شاعر استاد آڙيڪاپ اسان جي سنگت ۾ جبري طور تي اچي شامل ٿي ويو. استاد جو اصل نالو ته ڪو ٻيو هو شايد پر آڙيڪاپ جي تخلص سان مشهور آهي، چون ٿا جوانيءَ ۾ شاهه ڪاريگر هو پر اِها خبر ڪونهي ته الاءِ ڇا جو ڪاريگر هو!!، اهو چوڻ وارا چون ٿا سوني نه چيو آهي ، نه ئي مان پيو چوان، ها ته ڳالهه پئي هلي استاد آڙيڪاپ جي، سو ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن اسان جي ڪهاڻي ۽ ڪچهريءَ روز جي معمول مطابق هلي رهي هئي، گُلو گُمشده لڪي لڪي اسان کي ڏسي رهيو هو ته استاد محترم تشريف فرما ٿيو، جيڪو روز پريان تاش کيڏڻ واري منڊليءَ کان اسان کي تڪيندو هو پر اڄ اچي ٺڪاءُ ڪيائين، استاد محترم ويهڻ کان پوءِ فرمايو؛ “اوهان مون کي سڃاڻيندا هوندؤ؟”
    سوني ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، مون ڪو به جواب نه ڏنو، دل ۾ چيم؛ “هائو ٻيلي....... ڪهڙو انگلينڊ کان آيو آهين.”، ڏٺم ته استاد نظرن ۾ چئي رهيو هو؛ “وڏو ڪو بدتميز آهين!!.”، استاد ته آخر استاد هو نه، مون کي خاموش ڏسي چيائين؛ “تون شايد مون کي نٿو سُڃاڻين ته مان ڪير آهيان!!.”
    راڪاس ڪونه آهين نڪو جِن ڀوت........... اهو خيال ڪندي چيومانس؛ “سُڃاڻيان ٿو استاد..............”
    منهنجي ڳالهه کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪندي سوني کي چيائين؛ “اوهان جي ڪهاڻين جي سُس پُس روز ٻُڌندو آهيان، الاءِ ڇو دل چاهيو اوهان کي ٿوري سکيا ڏجي.”
    “اوهان شاعر آهيو.”، چيم؛ “ڪهاڻي جي سکيا ڪيئن ڏيندؤ؟.”
    استاد آڙيڪاپ هڪ گِهريءَ نگاهه مون تي وڌي ۽ ائين ڏٺائين مون کي ڄڻ منهنجو مُنهن ٺُپ نه وڻيو هُجيس، مان خاموش ٿي ويس ته چوڻ لڳو؛ “توکي خبر ناهي ته مان ڇا آهيان..............!!!.”
    دل ۾ چيم؛ “گهٽ ۾ گهٽ ايٽم بم ته ناهين نه ئي ڊينگي وائرس!!”،
    هُن ڪُرڙيون اکيون ڪري مون کي ٻيهر ڏٺو ۽ پوءِ ڳالهه شروع ڪندي چيائين؛ “گهڻا ماڪوڙي مُنهان اديب مون کان ائين وؤن ويندا آهن جيئن تر جي صوبيدار کان سوا مڻ ڪپهه جا چور!!.”، سونو مون کي تڪڻ لڳو ۽ مان استاد آڙيڪاپ جون ڳالهيون دوڏا ڦاڙي ۽ ڪن کولي ٻُڌڻ لڳو هئس ان ڏينهن.
    ان کان پوءِ ائين روز باقائدگي سان استاد اسان جي سِکيا لاءِ اچڻ لڳو ۽ منهنجي ۽ سوني جي چانهه واري روزمرهه جي بجيٽ ۾ ڪجهه واڌارو ٿي پيو، استاد ته روز گهڻو تڻو پاڻ ڳالهائي جي مان ۽ سونو ڳالهايون ته اسان جي ڳالهه اڪثر ڪٽينديءَ چوي؛ “توهان ڪالهوڪا ٻار......!!، توهان کي خبر ئي ڪهڙي؟، زماني ۾ هليا هجو ته اوهان کي ڪنهن ڳالهه جي ڪا پروڙ هجي........... اسان هي وار اڇا ٺلهو ڪاڙهي ۾ ته نه ڪيا آهن.”
    بحرحال استاد آڙيڪاپ اسان ٻنهيءَ دوستن کي بيزار ئي ڪري وڌو پر اسان هميشه پنهنجي ڳالهه تي ئي ڌيان ڏنو ڇو ته اسان کي خبر هئي ته سڀ واندا اسان کي واندو سمجهي اسان جي ادبي رستا روڪ ٿا ڪن!!.
    پوءِ جڏهن اسان جام ڪوڙيون ڪهاڻيون لکي ٻوريون ڀري ورتيون ته اسان اچانڪ سوچيو ڇو نه انهن کي ڇپرائي عوام جي اکين آڏو آڻيون!!.
    اسان ٻنهي يڪراءِ فيصلي طور پنهنجيون ڪهاڻيون هر مهيني مختلف رسالن ڏانهن موڪلڻ لڳاسين ۽ هڪٻئي اڳيان انيڪ دعوائون ڪرڻ لڳاسين.
    سونو چوڻ لڳو؛ “اڙي ڏيڏر تنهنجو ڪجهه ٿيڻو ناهي!.”، چيم؛ “ماٺ گوگڙُو تنهنجي ڪهاڻي به تو وانگر رديءَ آهي.”
    پنج سال گذري ويا پر اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن جي به ڪا ڪوڙي ڪهاڻيءَ ڪنهن به رسالي ۾ ڪانه ڇپي ۽ هر واري پنهنجي واري جو انتظار هو، ٽپال آفيس وارن سان اسان جي ايڏي ته اُٿ ويهه وڌي جو دوستيءَ دوستيءَ ۾ انهيءَ دؤران سوني کي ٽپال کاتي ۾ ٽپاليءَ جي نوڪري به ملي وئي پر اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن جي به ڪا ڪهاڻي ڪنهن رسالي ۾ نه ڇپي.
    هڪ ڏينهن مون ۽ سوني صلاح ڪئي ته ڇو نه حيدرآباد هلجي ۽ ڪا خبر چار وٺجي ۽ پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هلي ڳولجي ته نيٺ اهي پاڻ واريون ڪهاڻيون آخر وڃن ڪيڏانهن ٿيون!!؟.
    اسان پندرنهن ڏينهن منوءَ مواليءَ واري هوٽل کي الوداع چئي ڪجهه چانهه جا پئسا بچائي باقي پئسا پٽي سٽي هڪ ڏينهن حيدرآباد لاءِ نڪري ئي پياسين.
    جڏهن بس حيدرآباد اچي پهتي ۽ مسافر لهڻ لڳا ته منهنجي يار سوني وڏو هانءُ تي هٿ هڻي چيو؛ “اي حيدرآباد اداس نه ٿيءُ...........!!، تنهنجا والي وارث پهچي ويا آهن.”، مون هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ پوءِ ماڻهن جي ڀِيڙ کي جاچڻ لڳس.
    اسان بس مان لهي انهيءَ ڏينهن مِڙني رسالن جي آفيسن جا چڪر هنيا اتي اسان کي ڪٿي به پنهنجي ڪا ڪوڙي ڪهاڻيءَ ڪانه لڀيءَ، دل ۾ چيم؛ “مان ڏيڏر ناهيان مان سنڌي ڪهاڻيڪار آهيان، ۽ هي منهنجو يار سونو به ته گهٽ ناهي، فلسفو سندس مٿي ۾ لتاڙي لتاڙي ڀريل آهي، هي به ڪهاڻيڪار ئي آهي”، پر اسان کي ڪنهن مُنهن ئي نه ڏنو، اتي اسان کي ٻيا به جام ڪهاڻيڪار مليا اُهي به پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي ڳولڻ آيا ها، سڀ پريشان ۽ حيران ها، ڪنهن کي به پنهنجي ڪهاڻي ڪانه پئي لڀي، سڀڪو هِت هُت پئي ڀڳو، هر ڪنهن پنهنجي ڪهاڻي جي پارت پئي ڪئي، ايڏي وٺ وٺان ڏسي سوني جو هانءُ ڪچو ٿي پيو، ذري تي اُلٽي ڪري ڪِن ٿي ڪيو هُئائين پر وقتائتي سينيءَ ۾ تريءَ هڻيءَ مون سندس ساهه سُڌير ڪري ورتو پر اتي پوءِ به ساهه ڄڻ مُنجهيو پئي ۽ گهُٽ ٻوسٽ ۾ وڌيڪ روح نه چاهيو ته ڪا ڪهاڻي جي ڳولا ڪجي!!!.
    ۽ اسان حيدرآباد جي گهٽين ۾ نڪري آياسين، ڪنهن بُڪ اسٽال تان سوني ڪو ادبي مئگزين خريد ڪيو ۽ مون کي ٻانهن ۾ چُهنڊڙيءَ هڻندي چيائين؛ “جسٽ نو پرابلم.........!!، اڙي يار ڏيڏر...........!!، ڪو مسئلو آهي ڇا؟؟”،
    هوءَ ڄڻ پنهنجي مُنهن ٿي ڳالهاڻو، کن رکي وري چوڻ لڳو؛ “ڪو مسئلو ناهي ڏيڏر!!، انجواءِ يار، زندگي جو هر پل ماڻ.”، مون کيس هڪ نظر ڏسي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو، ڀائنيم ساڳيو وڦلڻ وارو دؤرو پيو اٿس، اجهو ٿو پلٽا هڻي سُرت وڃائي پر هن وري چُهنڊڙي هڻندي چيو؛ “اڙي يار..........!!، تون به صفا ڪو ڇسو آهين.”
    چيم؛ “ڪا پرواهه ناهي.”، ۽ هڪ ٻئي بُڪ اسٽال ڏانهن کِسڪي وياسين، مُختلف رسالا ڏسندي خبر تڏهن پئي، جڏهن بُڪ اسٽال جي مالڪ جا ٻئي هٿ منهنجي يار سوني جي ڳِچيءَ ۾ ها ۽ هو چئي رهيو هو؛ “اڙي چوري ٿو ڪرين......................”
    سونو سندس گرفت ۾ قابوءَ هوندي ڀي پنهنجي صفائي ۾ چيو؛ “ڪهڙيءَ چوريءَ؟، هي رسالو ته مون ٻئي اسٽال تان ورتو آهي.”
    “اڙي چوريءَ مٿان وري سينه زوريءَ!!.”
    “اڙي يار ڏيڏر تون ئي ٻُڌائينس ته هي رسالو پاڻ ڪٿان خريد ڪيو آهي؟”، ان کان اڳي جو مان ڪجهه ڳالهايان، هُن ٻولي مٽ بگهڙن جي قوم واري بُڪ سيلر، سوني کي هڪ اڌ تڪڙي لپاٽ وهائي ڪڍي ۽ مئگزين ڦُري ٻين رسالن سان گڏ رکي کيس ڌِڪو ڏئي فُٽ پاٿ تان هيٺ لاهي ڇڏيائين، رونشي تي مِڙي آيل ماڻهوءَ حقارت مان نهارڻ لڳا، ميڙ منجهان ڪنهن ڪروڌي چيو؛ “شرم نٿو اچئي؟، ڏينهن ڏٺي جو چوريءَ ٿو ڪرين اها به ڪتابن جي!!.”
    مان خوف منجهان ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس، صفا ششدر ٿي پيم، مان ڪجهه به نه ڪري سگهيو هُئس، مان ڪائنر هُئم، پنهنجو پاڻ کي نه صرف ڪائنر پر بُزدل ۽ بيوفا پُڻ سمجهڻ لڳس، منهنجي مُنهن تي پنج لڳي ويهه منٽ ئي وڄي ويا، سونو الاءِ ڇا سوچي رهيو هو، الاءِ اهو ته منهنجي من ۾ خوف ڀرجي ويو آهي يا مان سندس ڪابه مدد نه ڪري سگهڻ جي ندامت واري احساس ۾ ورتل آهيان.
    بحرحال هن الاءِ ڇا سمجهيو پر چُهنڊڙيءَ هڻندي چيائين؛ “اڙي يار ڏيڏر جسٽ نو پرابلم!!.”
    مان حيرانيءَ مان وات پٽي هن کي نهاريندو ئي رهجي ويم پر وري هن کن رکي پاڻ ئي چيو؛ “ڪا پرواهه آهي ڇا؟؟.”
    مون هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيم، ڄاتم ٿي دُڪان واري کي پڪ هئي سوني ڪا چوري نه ڪئي آهي پر هن...........
    مون هڪ ٿڌي آهه ڀري ۽ سونو هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو؛ “ها حيدرآباد...........!، تنهنجا وارث اچي ويا آهن..........”
    ................... ۽ ......................۽ مار کائي وڃي به رهيا آهن.”
    * * * * * * * * * * * *


    بي نڪو

    بي نڪو

    هو سڌو مون ڏانهن آيو، اچي منهنجي ڳِٿڙ مان جهليائين ۽ ٻه ٽي ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ڪي پل مون کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ساڳين قدمن تي موٽي ويو.
    مون سندس انهيءَ عمل تي ڪا به رڙ نه ڪئي، ڪا دانهن ڪا ڪُوڪ نه ڪئي، نه ڪجهه ڪُڇيس ۽ نه ئي ڪُجهه ڪيم. ڪو احتجاج، ڪو ردعمل، ڪا مزاحمت، ڪو جواب.............. ڪجهه به نه!!!.
    بس مان خاموش رهيس.
    ٻئي ڏينهن مون پاڻي پيئڻ لاءِ جڳ منجهان گلاس اڃان ڀريو ئي مس هو ته هو اچي پهتو. انهيءَ کان اڳي جو ڀريل گلاس مان پنهنجي چپن تي چاڙهيان ها، هُن سٽ ڏئي منهنجي هٿن مان گلاس ڦُريو. سندس نگاهه جڳ تي پئي ۽ جڳ ڀي کسي ورتائين، ٻه ٽي ڇنڊا مُنهن تي هڻي باقي پاڻي چمپل پاتل پنهنجن بي ڊولن پيرن تي هاري ڇڏيائين.
    منهنجي اکين ۾ ڪروڌ لهي آيو، مون نفرت ڀري نگاهه سندس وجود تي وڌي ته منهنجو ڪروڌ، منهنجي اکين مان نڪري سُڪڙجي سُسي ختم ٿي ويو.
    ڪجهه ڪرڻ کان اڳي مون سوچي ورتو هو ته هي راڪاس نُما ديو ۽ مان بُک ۾ پاهه ٿيل هڏائون پڃرو!!، سندس اڳيان جيتامڙو!!، هِن جي ته معمولي ڌونڌاڙ به سهي نه سگهندس!!.
    هو مون کي يڪسوئيءَ سان اڃان به ڏسي رهيو هو، مون ڳِيت ڏئي خُشڪ نِڙيءَ مان خُشڪ ٿُڪ پٽي زمين تي ٿُو ڪئي ۽ ڪاوڙ منجهان مُنهن ڦيري پرڀرو ٿي بيٺس پر ان عمل منجها هن کي چُوچڙيءَ وٺي وئي، هن وري سٽ ڏئي مون کي مُنهنجي ڳٿڙ مان جهليو ۽ چار پنج لپاٽون لاڳيتيون وهائي ڪڍيائين ۽ پوءِ ردعمل ڏسڻ لاءِ منهنجي مُنهن ۾ تڪڻ لڳو.
    مون ڪجهه سوچي ڪو به ردعمل نه ڪيو، مان ماٺ ڪيو ڀِت ٿيو بيٺو رهيس، مون هڪ لفظ به نه ڪُڇيو، مون وري به ڪا مزاحمت نه ڪئي، مون ڄاتو ٿي خاموش رهڻ سان ئي في الحال جان ڇُٽي ويندي پر ڪجهه ڪرڻ سان گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو، جنهن جي کائڻ جي سگهه مون ۾ نه هئي ۽ جيڪا مان ساري به نه پيو سگهان، سو مون ڪجهه به نه ڪيو، نه ڪا دانهن نه ڪُوڪ، نه سُڏڪو نه لُڙڪ، نه رڙ نه ريهه.................
    بس خاموشي...........!!.
    هو ڪي پل مون کي جاچيندو رهيو ۽ پوءِ ٺڙاڪ ٺڙاڪ ڪندو هليو ويو، مون وڏو ساهه کنيو پر اندر ۾ وڍ پئجي ويم، ياد آيو ته ڪافي وقت کان مون ڪجهه نه کاڌو آهي ۽ جي کاڌو آهي ته اُهو جيڪو هُو کارائي پيو وڃي!!.
    “باقي ٻيو ڇا کاوان؟؟”، تڪليف ۾ مون پنهنجو پاڻ سان ٿي ڳالهايو؛ “اڃان ڪجهه کائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ٿو ته هي راڪاس پهچي ٿو وڃي ۽ ڪجهه ڀي کائڻ نٿو ڏئي بلڪه پاڻ اهڙو ڪجهه کارائي ٿو وڃي جيڪو کائڻ منهنجي مجبوري ۽ بيوسي آهي......... سو نه چاهيندي به مون کي اُهو کائڻو ٿو پوي!!.”
    اٺين ڏينهن مون هن کي ڏاڍو ڳوليو، جڏهن هو مون ڪٿي به نه مليو تڏهن مس وڃي سُک جو ساهه کنيم ۽ هڪ نويڪلي جاءِ ڏسي اُتي پنهنجن پُراڻن ميرن ڪپڙن جي ڦاٽل کيسي منجهان سُڪل ماني ڪڍيم ۽ ڇڪي ڇڪي زوري اُن مان هڪ گِرهه ڀڳم، اڃان گرهه ڀڳو ئي هئم ته پٺيان ڪنهن لامارو ڏنو ٻئي پل ڏٺم ته منهنجا ٻئي هٿ خالي ها.......... نه هٿ ۾ گرهه هو ۽ نه باقي ماني!!.
    پوئتي مُڙيس ته هو بيٺو هو، سندس هٿ ۾ مون واري سُڪل ماني هئي، مان ڇرڪي پيس ۽ انتهائي بيوسي، لاچاري ۽ افسرده نگاهن سان مون کيس ڏٺو، هن بنان ڪنهن تاثر ڏيڻ جي ۽ دير ڪرڻ جي منهنجي سُڪل ماني پريان پيل ميونسپالٽيءَ واري ڪچري_دان ۾ وڃي وڌي ۽ وري مون ڏانهن لنگهي آيو، ايندي ئي بنان ڪنهن دير جي مون کي پنهنجو زرخريد غلام سمجهي ڳٿڙ مان جهلي ڪجهه لپاٽون وهائي ڪڍيائين، جيڪي مان ڳڻي نه سگهيس ڇو ته منهنجي اکين آڏو تروِرا اچي ويا، چئو طرف مون کي اوندهه ئي اوندهه نظر اچڻ لڳي ۽ دماغ ۾ زوزاٽ ٿيو ۽ مٿو ڦرڻ لڳو، مون پنهنجو پاڻ کي ڍرڪندي محسوس ڪيو۽ مون کي لڳو ته دنيا جهان جي هر شيءَ ٻُڏي گُم ٿي رهي آهي!!.
    انهيءَ حالت ۾ ڪجهه لمحن کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هر شيءَ لوڏا لمڪا پئي کائي. اُن ويل احتجاج ته پري پر مون کي پنهنجو پاڻ سنڀالڻ به تمام مُشڪل پئي لڳو. ڪا دانهن رڙ ڪرڻ بجاءِ مان پاڻ کي سهيڙڻ لڳس، اکيون کوليم ته هو منهنجي اڳيان ٿيڙون کائي رهيو هو، ڪي پل ته هو ائين ٿيڙون کائيندو رهيو ۽ پوءِ هن جا ٿيڙ گهٽجندا ويا، تان جو هو سڌو سنئون بيهي رهيو، تنهن پل مون محسوس ڪيو ته اصل ۾ هو ٿيڙون ڪونه کائي رهيو هو پر منهنجو مٿو ڦري رهيو هو!!.
    مان بي يقينيءَ جي عالم ۾ کيس ڏسي رهيو هئس ته ڪٿي هو اڃان پنهنجو پروگرام جاري ته نه رکندو..... پر نه...... هوءَ مون کي سامت ۾ ايندو ڏسي، پُٺين پيرن تي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مٿان ڏونڪا وڄائيندو هليو ويو ۽ مان گوڏن تي هٿ ڏئي هيٺ ويهي رهيس.
    مان سوچڻ لڳس ته آخر ڪيستائين مان بُک ۽ اُڃ مرندس!!؟؟
    هي راڪاس مون کي ڪجهه به کائڻ ۽ پيئڻ نه ڏيندو آخر ڪيستائين.............!!؟؟
    هي ته مون کي ڪجهه به کائڻ نه ڏيندو، هي پاڻ هضم ڪندو ويندو ۽ مان ته مُفت ۾ مري ويندس!!.
    مان سوچڻ لڳس ته مون کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي...... ڇا ڪرڻ گهرجي؟، پاڻ کان پُڇيم، جواب آيو....... بغاوت............!!!، ها مون کي بغاوت ڪرڻ گهرجي، مون کي ساڻس وڙهڻ گهرجي نه ته مان بُک ۾ پاهه ٿي مري ويندس، ختم ٿي ويندس........
    پر مان هن سان ڪيئن وڙهندس؟، هُو ته طاقت ۾ مون کان گهڻو زور آهي، منهنجا هڏ گُڏ اٽو ڪري ڇڏيندو، مون کي ته هڪڙي ئي سٽ سان نپوڙي ڇڏيندو.......... ها هوءَ مون کي مارڻ ئي ته چاهي ٿو!.
    ۽ مون بهرحال فيصلو ڪري ورتو ته مان ساڻس وڙهندس، ڀلي هو مون کان طاقتور ۽ وڌيڪ مضبوط آهي. مون کي هو ماريندو ته هونئن ئي، سو ائين بُک وِگهي مرڻ کان ته بهتر آهي ته ساڻس وڙهي مران!!.
    اِهو سوچي مان اُٿي کڙو ٿيس، انهيءَ پل مون پاڻ کي نوبنو ڀائنيو، مون پنهنجين رڳن ۾ ڄميل رت کي گرم ٿي گردش ڪندي محسوس ڪيو، مون ڏٺو منهنجين سُڪل ٻانهُن ۾ ٻل اچي ويو آهي!!.
    مان سندس ڳولا ۾ نڪرڻ وارو ئي هئس ته چاچو دينوءَ، رمون، لالو ۽ رُستم اچي پهتا. ڏٺم ته سڀني جا مُنهن لٿا پيا ها، ليڙون ليڙون ميرا ڪپڙا، چيڙهالا وار سڀن جا، مُرجهايل مُنهن، اکيون ڏرا ڏنل، سُڪل ڄڻ هڏائوان پڃرا، پاهه ٿيل سڀ ۽ پيڙهيل!!.
    مان حيرت ۾ پئجي ويس، اڃان ڪجهه ڏينهن پهريان ئي ته هي سمورا خوش باش ۽ نوبنا هئا. هنن کي هي اوچتو ڇا ٿيو!!؟؟، هنن جي زندگي ته ڏاڍي پُرسُڪون ۽ خوشحال هئي ۽ اچانڪ هنن کي ڇا ٿيو جو سڀ چيٿاڙيل ۽ چٻاڙيل پيا ڏسجن!!.
    مون کانئن تعجب مان پڇيو؛ “توهان سڀني کي هي ڇا ٿيو آهي؟، توهان جو هي حال آخر ڪنهن ڪيو آ؟”
    چاچي دينوءَ ڳِيت ڏئي پنهنجي زبان آلي ڪئي ۽ پوءِ ڪِنجهندي ڪِنجهندي چيائين؛ “پنهنجي شڪل به ته ڏس!”
    “ڇو؟ ، ڇا ٿيو آهي منهنجي شڪل کي؟”، حيرانيءَ مان پُڇيم.
    “جا اسان جي مُنهن تي رونق وسي پئي”، چيائين؛ “سا بهار تنهنجي مُنهن تي به ڏاڍا رنگ لايو بيٺي آهي!!.”
    چيم؛ “منهنجي ڪڍ ته هڪ راڪاس پئجي ويو آهي!!، ڪُجهه ڏينهن کان هُوءَ راڪاس مون کي چُرڻ ئي نٿو ڏئي ۽ نه ئي ڪُجهه ڪرڻ ٿو ڏئي!!.”
    “انهيءَ آفت ته اسان سان به ساڳيا ويل وهايا آهن.”، رمون چيو.
    چيم؛ “هن جو پاڻ سان ڪو وير آهي ڇا ؟ ”
    “ڇڙو پاڻ سان ئي آهي بس.”، سڀن گڏجي چيو،
    “ڇو ڀلا؟؟”، تعجب مان پُڇيم؛ “ڇو صرف پاڻ سان ئي وير اٿس؟”
    “بگهڙن جو ساٿاريءَ آهي انهيءَ ڪري!!.”
    “پوءِ؟”، پُڇيم.
    “پوءِ ڇا؟”
    پوءِ پاڻ کي هُن سان وڙهڻ گهُرجي.”، چيم؛ “پاڻ کي هُن سان مُنهن ڏيڻ گهُرجي.”
    “اهو ته جوکم جو ڪم آهي!”، چاچي دينوءَ چيو.
    “پاڻ کي پنهنجي بقا لاءِ جوکم کڻڻو ئي پوندو.”، چيم.
    “پاڻ هُن سان پوري نه پونداسين.”، رُستم چيو؛ “بگهڙ هُن جا ڀرجهلا آهن.”
    “ڀلي ڪُجهه به هُجي.”، چيم؛ “مان ماٺ کان مزاحمت کي ترجيح ڏيندس، مان مُفت ۾ مري وڃڻ کان پنهنجي حق لاءِ وڙهي مرڻ کي اوليت ڏيندس.”، هُوءَ سڀئي اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳا، مون چيو؛ “مان هُن سان وڙهندس......... ها مان هُن سان وڙهندس پنهنجي حق لاءِ!!.”
    “تون نِٻل ۽ ڪمزور......”، رمون رُکائي مان چيو؛ “هُوءَ بلا جيڏو.....”
    “مان هُن سان وڙهندس.”، مون ڄڻ فيصلو ڏنو.
    “هُوءَ سگهو آهي............. پاڻ سڀني کان ڳرو آهي، ماري ڇڏيندو!!.”
    “ماري ته هونئن ئي ڇڏيندو!”، چيم؛ “پوءِ ڇو نه ساڻس وِڙهي مرون؟.”
    چاچو دينوءَ، رمون، لالو ۽ رُستم هڪٻئي کي ڏسڻ لڳا ۽ انهيءَ حالت ۾ ڪجهه دير کان پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا.
    “مون فيصلو ڪري ورتو آهي ته مرڻو هونئن ئي آهي، مان بُک مري ڪونه مرندس، مان ساڻس وڙهي مرندس!!.”، ايترو چئي مون سندن مُنهن ۾ نهاريو پر هوءَ سڀئي اڃان به ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺا ها، پر مون وقت وڃائڻ نٿي چاهيو سو وڌيڪ سوچڻ ۽ کين همٿائڻ بجاءِ مان اُتان روانو ٿيس. اڃان مون ٻه ٽي قدم مس کنيا ته چاچي دينوءَ پُٺيان سڏ ڪيو، مان بيهي رهيس، هُوءَ سڀئي ٻه قدم اڳتي وڌي آيا هئا، چاچي دينوءَ چيو؛ “اسان ۽ اسان جا ٻچا هاڻي بُک ڪونه مرندا، اسان آجپي لاءِ وڙهنداسين، اسان کي نڪ پنهنجو آهي، اسان پنهنجي نڪ مان ئي ساهه کڻنداسين، پنهنجو گِرهه اسان ڪنهن کي کڻڻ ڪونه ڏينداسين، ها اسان بُک ڪونه مرنداسين، اسان هُن سان پنهنجي آجپي جي جنگ وڙهي پوءِ ئي مرنداسين.”
    “ها......... ها......... اسان پنهنجي روزي ٻئي کي ڦُرڻ ڪونه ڏينداسين، ان کان اڳي جو ڪوئي اسان کان اسان جو گِرهه کسي بي حال ڪري وجهي اسان هُن سان وڙهنداسين.”، سڀني گڏجي چيو.
    مون پاڻ جهڙن مروڙيل وجودن کي، پاڻ سان ڏسي سرهو ٿي پيس، خوشي ٿيم ته منهنجي ڳالهه سڀن جي سمجهه ۾ آئي، مان پاڻ ۾ اٿاهه طاقت محسوس ڪرڻ لڳم ۽ پوءِ ساٿي ساڻ ڪري سندس ڳولا ۾ نڪري پيم، ڳوليندي ڳوليندي شام ٿي وئي پر هو نه مليو، جڏهن شام جو بيزار ٿي واپسيءَ مهل اسان وڏيري جي اوطاق جي ڀرسان پئي لنگهياسين ته هوءَ انهيءَ ويل اُتي اسان کي ويٺل نظر آيو. انهيءَ ويل هوءَ ڏاڍو پرسڪون پئي لڳو، مون هڪ نظر پنهنجي ساٿين تي وڌي، مون کي پنهنجا ساٿيءَ جوش ۾ جليل نظر آيا ۽ پوءِ اسان سڀئي گڏجي اڳتي وڌياسين، تان جو سڀئي وڃي هُن جي مُنهن سامهون بيٺاسين.
    اسان سڀني کي گڏ ڏسي هو هِڪ پل وائڙو ٿي ويو ۽ لڳو ڄڻ سندس حواس خطا ٿي پيا هجن، توڙي جو هو اڪيلو هو، اسان سڀني کان سگهو هو!!.
    پر ڪجهه دير کان پوءِ هُو اطمينان منجهه ڏسڻ ۾ آيو، هن جي سامت ۾ اچڻ کان پوءِ مون پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏٺو، جيڪي هن جو اطمينان ڏسي وائڙا ٿيڻ لڳا، ان کان اڳي جو مان پنهنجن ساٿين کي ڪا همت ڏياريان، هن پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ ٽيبل تي پيل کاڌي جي پليٽ کڻي رمونءَ ڏي سڌي ڪيائين، رمون گهڻن ڏينهن کان وٺي ڪجهه ڪونه کاڌو هو سو کاڌو ڏسي سندس بغاوت ۾ ئي بغاوت پئجي وئي، سندس جُنون ڪمزور ٿي پيو، رمونءَ خالي پيٽ جي سٽ سهي نه سگهيو سو بنان ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ۽ اسان ڏي ڏسڻ جي کيس پنهنجو مُحسن سمجهي دير ئي نه ڪيائين، سٽ ڏئي کائنس پليٽ ڦُريائين ۽ وٺي پوئين پير ڀڳو.
    اهو اسان جي گُمان ۾ به نه هو، اسان اچرج منجهان رمونءَ کي ڀڄندي ڏسي رهيا هئاسين ته هن ڪيئن ويرم ئي ڪانه ڪئي، اسان اڃان رمونءَ جا پويان پير ڏسي ئي رهيا هُئاسين ته هُن پنهنجي کيسيءَ ۾ هٿ هڻي ڳاڙهن نوٽن جي دستي ڪڍي ۽ اُها لالوءَ ڏانهن وڌايائين. لالوءَ هڪ نظر مون کي ۽ چاچي دينوءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري جهٽ هڻي سندس هٿن مان دستي ڦُريائين ۽ هُوءُ به پوئين پيرن تي مِينهن واءُ ٿي ويو.
    اهو لقاءُ ڏسي مان جلي ويس، لالچي دوستن کي ڇڙوڇڙ ٿيندي ڏسي مون پنهنجو پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ نه پئي چاهيو، هو ته مُرڪي رهيو هو پر منهنجي اندر ۾ وڌيڪ ڪروڌ ڀرجي ويو، مان سينو ساهي سندس سامهون ٿي بيٺس، چاچو دينوءَ منهنجي ساڄي ۽ رُستم منهنجي کاٻي ڪنهن جبل جيئان اُڀا ٿي بيهي رهيا، اسان ٽنهي جي نگاهن ۾ نفرت ڏسي هوءَ ڪا گهڙيءَ سوچيندو رهيو ۽ پوءَ اوچتو چاچي دينوءَ کي مُڪ وهائي ڪڍيائين!!.
    چاچي دينوءَ کي جو اندازي کان وڌيڪ زبري مُڪ لڳي، ته چاچو ته وڃي ڦيري پائي ڍير ٿيو پر رُستم ته پنهنجن پيرن تي کڻي ائين زور رکيو ڄڻ پِڙ ۾ هو ئي ڪونه!!.
    اها حالت ڏسي مون نه ڪئي هم نه تم، سندس مُنهن ۾ ٺونشو وهائي ڪڍيم، هو ڪا دير باکڙجي پيو.
    ان کان اڳي جو هو سامت ۾ اچي منهنجا ڇتا ڇوڙي، مون ٻه هٿائي مُڪ ٺاهي سندس مٿي ۾ وهائي ڪڍي، ڦٻائتي ڌڪ سبب هُوءَ پاڻ سنڀالي نه سگهيو، سندس پير ٿڙيا ۽ هُوءَ پنهنجي وزني وجود سميت گوڏن ڀر ڌرتيءَ تي اچي ڌُو ٿي ڪريو، انهيءَ حالت ۾ کيس هڪ وڌيڪ ٺونشو وهائي ڪڍيم پر ان کان پوءِ هُن جو بي ڊولو ڳرو هٿ منهنجي ڳٿڙ ۾ پئجي ويو!!.
    هُن ٻئي هٿ سان مون کي مُنهن ۾ نڪ واري مُڪ وهائي ڪڍي، تيز روشنيءَ جو چمڪو مُنهنجي اکين مان گذري ويو’۽ لمحي لاءِ مون کي اِنڊلٺ جا ست رنگ نظر آيا، مون کي پنهنجا چپ، ڄاڙيءَ ۽ ڳلو گرم ۽ آلا لڳا پر مون همت ڪري کيس پيٽ ۾ لت وهائي ڪڍي پر هن گِهلي کڻي مون کي گهوگهو ڏنو، ٻئي پل مان زمين تي ليٽيل هئس ۽ سندس ٻئي گوڏا منهنجي هانءُ تي هئا.
    انهيءَ کان پوءِ هو مون کي تيز تيز ٿڦڙون هڻڻ لڳو، مان سندس ڳري وزن هيٺ اڳي ئي دفن ٿي چُڪو هئس، وڙهڻ ته پري ٿيو مان چُرڻ کان ئي هلاڪ ٿي پيس. هن جي بي انداز وزن جي هيٺان مون کي سمورو جهان ٻُڏندي نظر آيو ۽ لڳم ته سڀ ڪجهه ون يونٽ ٿي ويو آهي!!.
    مون انتهائي اذيت مان پنهنجيون اکيون کوليون، ڏٺم ته سڀ ڪجهه ڌُنڌلو هو، هر شيءَ تيز تيز ڦِري رهي هُئي، مون ۾ ڪو ست باقي نه رهيو هو ۽ اکيون پورجي پيم، هُوءَ شايد ٿڪجي پيو هو پر تنهن هوندي به هُوءَ مون کي پيٽ ۾ ٿُڏا، لتون، مُڪون ۽ ٺونشن جا ڌڪ رکي رکي هڻي رهيو هو، مون پورجندڙ اکيون جيئن تيئن وري کوليون، تنهن ويل ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ ڏٺم ته چاچو دينوءَ لوڏا لِمڪا کائيندو پئي آيو، سندس اُڀن هٿن ۾ ڪو ڏنڊو هو، هُن هوا ۾ ڦيرائي راڪاس جيڏي آفت کي مٿي ۾ سنڌائتو ڌڪ وهائي ڪڍيو!!.
    ڌڪ سان جبل جيڏي بلا ڦانءِ ٿي ڊهي پئي ۽ مان بي ست ٿي وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳس پر جلد ئي منهنجيون اکيون جام ڳريون ٿي پيون ۽ مان ڍِرڪي پيس.
    جڏهن مُنهنجي اک کُلي تڏهن ڪجهه به نه هو، اها وڏيري جي اوطاق به نه هُئي، ڀائنيم سرڪاري لاڪپ ۾ آهيان، چاچا دينوءَ مُنهنجي سيرانديءَ کان ويٺو هو. مون پنهنجو مُنهن ڇڪيل ڀائنيو، ٻُوٿ تي هٿ هنيم، چپن کان مٿي پٽيون ٻڌل هيون، چاچي دينوءَ مُرڪي چيو ؛ “شُڪر آهي جو نڪ ته بچيو!!.”
    ياد آيم هُن ٻئي ڌڪ مون کي ۽ چاچا دينوءَ کي نڪ وارا ئي هنيا ها!!. ڳالهائڻ مهل ڏٺم ته چاچي دينوءَ جا ٻه ٽي ڏند ڀڳل ها، مون پنهنجي نڪ تي هٿ هنيو نڪ پنهنجي جاءِ تي موجود هُيو.
    مون هڪ وڏو ساهه کنيو، چاچي ٻئي طرف اشارو ڪيو، مون اوڏانهن ڏٺو، اُهو ئي راڪاس لوهي سيخن واري در جي پرئين ڀر صوبيدار جي سامهون ڪُرسي تي سر ٻڌي ويٺو هو پر سندس مُنهن تي نڪ هو ئي ڪونه.

    * * * * * * * * * * * *


    وري ايندس مان

    وري ايندس مان

    مسلسل انتظار ۽ ڳولا جي پيڙاءُ مون کي نِستو ڪري وِڌو هو، وقت ڏٺم منجهند جا ٻه ٿي رهيا ها، ڪراچي جي صدر ۾ ماڻهن جي ڏاڍي پِيهه لڳي پئي هئي ۽ گهڻي شور دماغ جون رڳون ٿي ڦاڙيون.......... من ملول ۽ دل اداس هئم!!!.
    مون جلد ڪراچي ڇڏڻ ٿي چاهي، تاج ڪامپليڪس بس جو اڏو ڪجهه وکن تي هيو ۽ مون اُت جلد پهچڻ پئي چاهيو، ها مان بيحد بيزار ٿي ويو هئس، نوڪريءَ لاءِ ڏنل اڻ ڳڻين انٽرويوئن مون کي ٿڪائي وڌو هو ۽ مٿان گاڏين جي شور اڄ ويتر بيزار ڪري وڌو هو!!.
    مان وڏيون ٻرانگهون ڀرڻ لڳس ته جيئن جلد شور مان نڪري بس تي پُڄان پر اُن پل جنت ياد آيم جنهن چيو هو ته “ڳوٺ وڃڻ کان پهرين مون کي ضرور ٻُڌائجان.”
    مون ڄاتو ٿي هُوءَ ملڻ لاءِ زور ڀريندي ۽ خالي هٿين مون ساڻس ملڻ نٿي چاهيو، قدمن کي ڏانوڻ لڳي ويم، دل نٿي چاهيو ته جنت کي ٻُڌايان ته ڳوٺ وڃي رهيو آهيان بس چُپ چاپ نڪري وڃان ڳوٺ!!.
    مُنهنجا هٿ خالي ها، مُنهنجو جهول به خالي هو، مان مُقدر جو ماريل هئس، مان هڪ هاريل سپاهيءَ هئس، مون وٽ ڪجهه به نه هو، ها اُن ويل دل ڏاڍو چاهيو ته گُم ٿي وڃان، منهنجي سگهه ختم ٿي چڪي هئي، ڄاتم پئي ناڪامين جي پيڙاءُ ۽ جنت جو ساڳيو سوال؛ “انٽرويو ڪيئن ٿيو!؟؟”، اڄ سهي نه سگهندس.
    “انٽرويو ڪيئن ٿيو؟”، انهيءَ سوال کان مون کي بيحد چِڙ ٿي پئي هئي، زندگيءَ ۾ سوين ڀيرا مون کان پُڇيو ويل اِهو سوال مون لاءِ، طنز ۽ طعني جو ڄڻ مُتبادل ٿي پيو هو.
    “ڪيئن ٿيو انٽرويو......!!؟؟.”
    “ڇا چوندس جنت کي؟؟.”
    “اِهو ئي چوندس جيئن اڳي ٿيندو آهي ٻيو وري ڇا............!!.”
    “هتي ته انٽرويو ٿيندو ئي ناهي.”، دل ۾ چيم؛ “جُٺ ئي ٿيندي آهي!!.”
    “مون کي جلد هِتان نڪري وڃڻ گهرجي!!.”، اندر ۾ سوچ جي اُٿل؛ “نه پهريان مون کي جنت کي ٻُڌائڻ گُهرجي ته مان ڳوٺ وڃي رهيو آهيان.”
    “نه ٻُڌائيندس ته ڇا ٿيندو؟؟.”
    “ڪجهه به نه ٿيندو بس هُوءَ ڪي ڏينهن خفا رهندي!.”
    “پرچائي وٺندوسانس.......................
    “ٿي سگهي ٿو ڳالهه دل ۾ رکي.......؟.”
    “پر هُوءَ انٽرويو جو پُڇندي!!.”
    “انٽرويو جو ته امان به پُڇندي جڏهن ڳوٺ پُڄندس........!!”
    پنهنجي پاڻ کان سوال ۽ پنهنجي پاڻ کي جواب!!، بيزاريءَ وڌي ويم.................... هاڻ ته ڳوٺ وڃڻ تي به دل نٿي چوي، اندر اڌ ٿي پيو، ڇڄيءَ پيس، من مروڙجي ويم، پل ۾ جُهري پيس ڄڻ مري رهيو هُجان ڪجهه به نٿي وڻيو اُن پل!!.
    “ڪنهن ڏور ڏسا اڻ ڏٺل ماڳ ڏي نڪري وڃجي، جوڳي ٿي پئجي، اوڏانهن هليو وڃجي جت ڪوئي سُڃاڻڻ وارو نه هجي، جت ڪي به مجبوريون، ڪي به بي وسيون، ڪي به لاچاريون نه هجن!!.”
    پر ائين به ته ڪري نٿو سگهجي، دنيا جهان کان ته فرار ٿي سگهجي ٿو پر پهنجي پاڻ کان فرار حاصل ڪيئن ڪجي؟؟.
    “ها پنهنجي پاڻ کان فرار نٿو ٿي سگهجي، پاڻ کان ڪٿي به لِڪي نٿو سگهجي، سڀ سهڻو آهي، زندگي ڏُک سُکن جي سونهن جو نالو آهي!!.”
    “سُک..............!!”
    “سُک ڪهڙي بلا جو نانءُ آهي؟؟، هڪ نوڪريءَ جي ضرورت ئي گذريل يارنهن سالن ۾ انيڪ پيڙائون ۽ ڀوڳنائون ارپيون آهن!!، ڪيترن اڻ ڳڻيل انٽرويوئن ۾ اهي ماڻهوءَ......................”
    “دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون، مون کي وڌيڪ ڪجهه به نه سوچڻ گهرجي....... پر مان ته ڏينهون ڏينهن مجبورين ۽ قرضن جي ور چڙهندو وڃان!!.”
    “بس.............. بس................. وڌيڪ ڪُجهه به نه..............
    ۽ مُنهنجا قدم هوريان هوريان ڳوٺ جي لاري اڏي ڏي وڌندا ويا پر من ۾ موجود ڪِروڌ، اندر جي اداسائي ۽ نراسائيءُ کي ناڪام ڪري نه سگهيس ۽ هلندي هلندي مان فُٽ پاٿ تي بيهي رهيس، هٿ ۾ جهليل فائل ۾ موجود پنهنجن سڀني سرٽيفيڪيٽن جون فوٽو ڪاپيون چار اڌ ڪري روڊ تي هنيل وڏي ڊسٽ بِن ۾ ڦِٽيون ڪري ڇڏيم؛ “رُلي ويوعرفان ڪراچي ۾!!.”، چپن ۾ چيم ۽ اڳتي وڌي پيس تڏهن ئي ڪجهه بار من تان هلڪو ٿيندي ڀائنيم، پهنجو موبائل ڪڍي جنت کي نياپو ڪيم؛
    “Maan waapis wanji rahyo Ahiyaan Jannat!!”
    ميسيج Sent ٿي ويو ۽ مان قدم گهليندو رهيم، ٿوري ويرم ئي گُذري ته منهنجي من وانگر منهنجي موبائل ڦٿڪڻ شروع ڪيو، ڏٺم جنت جي Call هُئي، رسيو ڪيم ته پُڇيائين؛ “ڪِٿي آهين؟.”
    “صدر.............. تاج ڪامپليڪس وٽ!!.”، اداس دل جو نراس جواب چيم؛ “ڳوٺ وڃان پيو واپس.”
    “بيهه مان اچان ٿي.”
    “پر..................”،
    هڪ حُڪم جنهن جي اڳيان عرض نه اگهيو؛ “چيم نه ته بيهه.......... مان اچان پئي............. وڃجان نه.” ۽ Call ختم.
    من جي پيڙاءَ وڌي وئي، ٻريءَ پيس اندر ئي اندر ۾، جنت جي سوالن جا جواب.............!!.
    وڍجي پيس پر وڌي نه سگهيس، بيهي رهيس، مون نٿي چاهيو ته جنت بار بار منهنجي ناڪامين جا داستان ٻُڌي، فون ڪڍي ميسيج ٽائيپ ڪيم؛ “ڊيئر جنت.......!!، مان هن ڀيري به انٽرويو ۾ فيل ٿي پيو هان............ منهنجي فيل ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ نه آهي، انيڪ ڪارڻ آهن جن کي مان Short massage ۾ نٿو لکي سگهان ۽ بس مان ڳوٺ وڃان پيو، ايندڙ هفتي وري ايندس مان ۽ پوءِ ملنداسين.”
    جنت مون کان خفا هئي، ڳالهه ڳالهه تي چِڙي پوندي هئي، کيس منهنجي مُستقبل جو اونو هو ۽ ڪنهن نوڪري نه هئڻ جي ڪري سندس ناراضگي وڌڻ لڳي هئي، ڄاتم پئي انٽرويو ۾ فيل ٿيڻ جو ٻُڌي شايد ڳوٺ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڪو ضِد نه ڪري، موت جي سزا آيل ڪنهن قيديءَ سمان ڦٿڪندو رهيس، انهيءَ دوران هر هر شدت سان من ٿي چاهيو ته ڪا نوڪري ڦُري وٺان، نوڪري کي اغوا ڪري وٺان پر نوڪري ڪا شيءَ ته نه هئي جنهن کي ڦُري سگهجي، اغوا ڪري پنهنجو ڪجي ۽ اهو به مون جهڙو ڪمزور شخص!!.
    نوڪري ته لياقتن، تجربن ۽ صلاحيتن جي وڏن ٿنڀن ۽ ٿوڻين تي بيٺل هئي، پر مون وٽ لياقتن جون بيساکيون ته هُيون پر صلاحيتون هڪ عرصي کان ڀڄ ڀڄان جي دز ۾ دزجي پيون هُيون ته تجربن ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ جي ته زندگي ڀري پئي هُئي باقي ڪنهن نوڪري جي تجربي جي ڪائي ٽيڪ جيون ۾ نه هُئي، اهي ٿنڀا ۽ ٿوڻيون منهنجي پُهچ کان پري ها ۽ مان شايد بي صلاحيت هئس ۽ نوڪريون ته وکر آهن جيڪي وڪجي ته رهيون آهن پر وٺڻ منهنجي وس ڪونهن!!.
    من چاهيو ته الوپ ٿي پوان، ڀڄي وڃان، ڪيڏانهن مُنهن ڪري نڪري وڃان پر مان جنت جي انتظار ۾ بيٺو رهيس ۽ نه ڄاڻ ڪيتري دير کان پوءِ انهيءَ عذابناڪ انتظار دوران فون رڙ ڪئي، ڇرڪي پيس، سوچون هوا ٿي ويون، ڏٺم جنت جي ئي ڪال هئي، رسيو ڪيم؛ “السلام عليڪم.”
    “وعليڪم سلام................. ڳوٺ پيو وڃين؟؟.”
    “ها............!!.”، لفظ بس اٽڪي نڪتو.
    “اڄ جيڪر نه وڃين ته!؟”، پاتال مان ڄڻ آواز آيو.
    “منهنجي رهي پوڻ سان ڪو فرق نه پوندو جنت!.”، خاموشي ڄڻ انت تي پُڄڻ جي جستجو!!.
    “وري ايندس مان................. ته پوءِ ايندڙ هفتي................
    “ٺيڪ آ.”، ۽ ڳالهه جو انت.
    “ناراض آهين؟”، پُڇيم.
    “نه ته.............. انهيءَ ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ.............. تون ڳوٺان ٿي اچ ڀلي.”
    بنان مزاحمت جي راضپو، خوشي سان موڪل، مون لاءِ حيرت ۽ پريشانيءَ، بي چئي خاموشي، اڻ ڄاتل خوف جو خدشو ۽ مان بس ايترو چئي سگهيس؛ “مهرباني.”
    “Its Ok………!!”
    لفظ اوپرا ڄڻ وڇوٽيون............ وڇوٽين جو خوف، وڇوٽين جي پيڙاءُ، پهرين وِک ڀاري، ٻي وِک ان کان وڌ ڀاري، وِک وِک وزني، ڄڻ پهرين وِک جُداين ڏانهن ۽ ڄڻ هاڻ هر وِک جُداين ڏانهن!!.
    ٿوري چُپ کان پوءِ چيائين؛ “هونئن ٺيڪ ته آهين نه تون؟.”
    “ها بس هلان پيو.”
    “هلان پيو.............. ڇا مطلب؟؟.”
    “ٺيڪ آهيان بس.”
    “۽ طبيعت ڪيئن آهي؟؟.”
    “اُها به ساهه کڻي پئي اڃان....!”
    “ايڏو ملول ڇو آهين؟.”
    “تون جو گڏ نه آهين!!.”
    “مان جُدا به ته ناهيان.............!.”
    “ها...............”، هڪ ٿڌو ساهه ۽ چيم؛ “بس ٿڪل آهيان.”
    خاموشي ڪجهه گهڙين جي ۽ منهنجا اڳتي وڌندڙ قدم، جنت چيو؛ “لڳي ٿو تنهنجو مُنهن لٿل آهي عرفان.”
    “منهنجو مُنهن........!!”، چيم؛ “منهنجو مُنهن آهي ئي اهڙو جنت، بس وقت جي دز ٿورو وڌيڪ ڌوڙ ڪري ڇڏيو آ.”
    عرفان نه ڄڻ سنڌ هُجان مان.... کيس ڪهڙي خبر ته صدين کان دور دور ۾ جابر قوتون هِن وجود کي اٿلائي پُٿلائي لٿوڙي لُٽينديون رهيون آهن ۽ بگهڙ ماس پٽيندا ۽ آس ماريندا رهيا آهن!!.
    “۽ تنهنجو انٽرويو ڪيئن ٿيو؟”، ٺلهي آٿت جا دل پرکي!، چيم؛ “ڳالهه نه مٽاءِ............... لڳي ٿو ڪجهه لڪائين پئي مون کان اڄ.”، کن رکي چيم؛ “ٻُڌاءِ ڇا ڳالهه آهي جنت؟؟.”
    ڪجهه به نه پئي لڪايان مان تون انٽرويو جو ٻُڌاءِ نه.”، سندس لهجي ۾ اوپرائپ ۽ بيزاريءَ هئي جيڪا مون کان لڪي نه سگهي.
    “نه ڪجهه ته ضرور آهي جو تون بار بار............... مون کي کُٽڪو ٿي پيو آهي.”
    “ڪو کُٽڪو نه ڪر بس..................
    “ڇا بس؟؟”
    “بس تون خوش رهه.”
    “ڇا مطلب خوش رهان؟، تون ڪا مون کان ڏور ٿي وڃين؟ هان ٻُڌا جو نصيحتون پئي ٿي ڪرين اڄ؟؟.”
    “ڇڏ يار............... بحث ڇو ٿو ڪرين............... انٽرويو جو ٻُڌا نه پليز...!”
    دل وسامي ويم اڻ ڄاتل خوف ۾ ۽ چيم؛ “انٽرويو ته ائين ئي ٿيو جيئن گذريل يارنهن سالن ۾ ٿيندو رهيو آهي.”
    “ڇا مطلب؟؟.”
    “مطلب صاف ۽ ساڳيو............ انٽرويو ته ورجايو ويندڙ عمل آهي، جيڪو وري وري ورجائي مون پارن سان جُٺ ڪئي وڃي ٿي!!.”
    “معنيٰ انٽرويو اجايو آهي؟.”
    “انٽرويو ته اجايو نه آهي............”، چيم؛ “اجايا ته اسان آهيون!.”
    “پر پوءِ به...............
    “پر پوءِ به............... ڪجهه به نه.....!.”
    “معنيٰ هن انٽرويو ۾ به نوڪري جي ڪا اُميد ڪونهي!!؟.”
    “مان اُميد جي به هاڻي ڪا پڪ نٿو ڏئي سگهان.”
    “ڇو..............؟؟.”
    “بس مان درخواست ۽ انٽرويو جي مذاق ۽ ڍونگ ۾ وڌيڪ پاڻ سان ڪي جُٺيون برداشت نٿو ڪري سگهان، منهنجا سڀ سرٽيفيڪيٽ بي معنيٰ آهن، مان هاڻ وڌيڪ ذليل ٿيڻ نٿو چاهيان، مان ڌرتيءَ کيڙڻ چاهيان ٿو، مان خواب پوکڻ ڇڏي هاڻ گُلاب پوکڻ چاهيان ٿو، مون کي ڪانه ٿي گُهرجي هاڻ ڪا نوڪري....... گُلاب پوکي واپس بهار ۾ وري ايندس مان”
    “ايڏو مايوس ته نه ٿِبو آهي عرفان!.”
    “مان گُذريل يارنهن سالن جي ڀڄ ڀڄان ۽ انتظار مان ٿڪجي پيو آهيان جنت ۽ نصيحتون هاڻ مون کي چيڙائيءَ ڇِتو ڪري ٿيون وجهن.”
    “ها پر توکي ڌيرج رکڻ گُهرجي.”، کن رکي هُن چيو؛ “عرفان...... توکي ڪجهه چوڻو هُيم....”
    “ها چئو”، مون ڄاتو ٿي ڪا ڇيت سندس هانءُ ۾ آهي.
    “عرفان...................”، لفظن ۾ وچڙي پئي، منهنجي نانءُ کان اڳتي وڌي نه سگهي ته چيومانس؛ “ها ها جنت چئو........... مان ٻُڌان پيو، جيڪو ڀي چوڻو آ بي کُٽڪو چئو تون.”
    “تون ڄاڻين ٿو عرفان بابا ايستائين توکي قبول نه ڪندو جيستائين تون ڪا......
    “مان هاڻ............... تنهنجي پيءَ جي خوابن ۾ نه ايندس جنت.”، چيومانس.
    “۽ منهنجي خوابن ۾؟؟”
    “اِهو تنهنجي وس ۾ آهي پر تون اهو نه وسارجان ته مون وٽ ڪا به نوڪري نه آهي في الحال......... ۽ مان................... مان ڌرتيءَ کيڙڻ وارو آهيان!.”
    “تون مون کي پائڻ لاءِ ڪا نوڪري حاصل نٿو ڪري سگهين؟؟.”
    “مان توکي پائڻ لاءِ هن ئي دور ۾ کير جي نديءَ ته وهائي سگهان ٿو ۽ جي چوين ته آسمان تان تارا به لاهي سگهان ٿو پر هڪ نوڪري حاصل نٿو ڪري سگهان جنت!!!.”
    “ڇو...............!؟؟.”
    “ڇو جي مون کي خبر ڪونهي........... بس مان ڊهي پيو هان”، چيم؛ “مان بيوس ٿي پيو هان....... مان وڌيڪ..............
    “مان سمجهان ٿي ته هاڻ..............”، هُن ايترو چئي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني، مان سمجهي ويم، جيون ته خِزان هُيو ئي پر سرءُ جي واءُ جو پهريون جهوٽو چهرو به چُمي ويم.
    “ها ها چئو ته ڇا هاڻ؟؟.”
    “ته هاڻ عرفان................
    “مان ٻُڌڻ لاءِ تيار آهيان جنت چئو تون.”
    کن رکي هُن چئي ورتو؛ “عرفان پاڻ گڏ نٿا هلي سگهون هاڻ.”، هن پل ترسي چيو؛” “بابا منهنجو رشتو طئي ڪرڻ ٿو گُهري!.”
    “طيءَ ڪرڻ گُهري ٿو يا ڪري ورتو آهي!.”، پُڇيم.
    “ائين ئي سمجهه بس..........”، چيائين.
    لفظ جن جو مون کي انتظار هو................ هر لفظ هڪ گهاءَ.
    “عرفان ڇوڪرو انڪم ٽيڪس ۾.................!!.”، وڌيڪ ڪجهه ٻُڌي نه سگهيس، چيم؛ “ڏانوڻ قدم ٻڌي سگهن ٿا، وجود ٻڌي سگهن ٿا پر ساهه ۽ پل نه!!.”
    “ڇا مطلب.............؟؟.”، هُن تعجب مان پُڇيو ته چيم؛ “ڪُجهه نه جنت!.”، مان ڀُري پيو هئس.
    “چوڻ ڇا ٿو چاهين؟.”
    “تون ڪرڻ ڇا ٿي گُهرين؟؟.”
    “وڌيڪ انتظار منهنجي وس ۾ ناهي، بابا آخر ڪيستائين...............
    “مون توکي بيوفا ته نه چيو آهي!.”
    “پر جيڪر تون ڪا نوڪري.......................
    “مان اهڙا صرف خواب ئي ڏسي سگهان ٿو بس.”
    “مان گهر وارن آڏو مجبور آهيان عرفان....... مان توسان وڌيڪ ڪيئن نِڀايان....؟؟”
    “پاڳل انهيءَ ۾ تنهنجو ڪهڙو قصور؟؟، اِهو ته سڀ منهنجو اڀاڳ آهي، جنهن ۾ ڪجهه به ناهي، تون ڀي ناهين!!!.”
    هڪ سُڏڪو منهنجي دل جو ۽ ڪال ڊسڪنيڪٽ!، ڄڻ فون به آخري هڏڪي کئني هجي.
    منهنجون نظرون فون اسڪرين سان ٽڪرائجي ڀور ڀور ٿي ويون ۽ منهنجو من مون کي ڪراچي مان لوڌڻ لڳو، مون زندگي ۾ فقط هارايو، اڄ ته پنهنجي پاڻ کي به هارائي ڇڏيم!!.
    مان اڻ کُٽ دُکن سان لڙندو ويس، وڙهندو ويس، هلندو ويس، نه ڄاڻ ڪنهن پل بس اڏو آيو، ٽڪيٽ وٺي بس ۾ چڙهي پيس ۽ ڊرائيور جي پوئين سيٽ تي ويهي ڇا ڄڻ ڪري ئي پيس!.
    بس جڏهن رواني ٿي تڏهن الائي ڇو خيال آيم ته؛ “ڪاش هي آخري سفر ئي هجي!!.”، پر ٻئي پل امان جو پر اميد چهرو اکين اڳيان اڀري آيو، دل ڀرجي آئي ۽ مون پنهنجي پاڻ ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر لڳم ڀُرندو ٿو وڃان، ڊهندو ٿو وڃان، ڪراچي جا روڊ رستا ڄڻ مون سان گڏ ڀُرن پيا، ڊهن پيا، مان الوپ ٿيندو پيو وڃان، نيست و نابود ٿيندو پيو وڃان ۽ هانءُ سوڙهو ٿيندو ويو بس مون جلد گهر پهچڻ پئي چاهيو............!!.
    ها گهر جت انيڪ مجبوريون ۽ بيوسيون منهنجيون مُنتطر هيون ۽ ڪجهه مُحبتون به!!، ۽ انهن اڪيچار مسئلن ۽ مُحبتن سان گڏ امان جون ٻه اکيون به ته منهنجون مُنتظر هيون!!.
    توڙي جو انهن اکين ۾ آس جا ديپ ٻرندا رهن ٿا ۽ توڪل جي تُرهي انهن اجهاڻل اکين کي ساڀيائن ماڻڻ جي جُستجو ۾ گذريل ڪئي ايامن کان ننڍڙا ننڍڙا خواب سانڍي رکڻ جي توفيق بخشي آهي!!.
    ها اهي ٻه اکيون منهنجي آغوش.............، منهنجي آخري پناهگاهه!!.
    مون جلد گهر پهچڻ ٿي چاهيو بنان ڪنهن هڪ به پل وڃائڻ جي پر لڳو ته ڄڻ وقت هڪ هنڌ ڄميءَ بيهي رهيو آهي، وقت کي ڏانوڻ پئجي ويا آهن، پل ٻڌجي پيا آهن.
    ننڍڙا ماڻهوءَ، ننڍڙا خواب.............!!، ننڍڙا خواب جن جي ساڀياءَ منهنجي جُستجو.......!!.
    مان خيالن ۾ گُم هئس، بس جڏهن هڪ ٻه لوڏا کاڌا تڏهن مان صرف خيالن مان ئي نه نڪري آيس پر ڄڻ جنت جي دُنيا مان ڀي نڪري آيس!!.
    بس ٽول پلازه کي پوئتي ڇڏيندي سپر هائي وي تي ڊوڙي رهي هئي، ڪراچي ڀي پوئتي رهجي ويو هو ۽ مان پنهنجي آغوش ڏي پل پل وڌي رهيو هئس.
    مان ڳوٺ واپس وري رهيو هئس، امان کي چئي آيو هئم وري ايندس مان!!، اڄ جنت کي چئي پئي ويم وري ايندس مان ۽ هڪ ڀيرو اڳ به چئي آيو هئم وري ايندس مان، جڏهن پيدا ڪندڙ مون کي خلقي نيڪي ۽ بديءَ جو وچن وٺي چيو هو حساب ڪتاب واپسي ۾ وٺندس توکان، تڏهن ڌرتيءَ تي اچڻ کان اڳ مان چئي آيو هئس وري ايندس مان!!!.
    ڪو هندستاني فلمي گيت بس ۾ سڀن جا ڪن کائي رهيو هو ۽ ڊرائيور بس کي ڏاڍي چُستي سان ڊوڙائيندو رهيو پر جڏهن بس اڃان ڪجهه تِکي ڊوڙڻ لڳي تڏهن ڪو اطلاع من کي ورائڻ لڳو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو شايد طيءَ ٿيل آهي، شايد مان واپس وري رهيو آهيان، ڳوٺ ڏي، امان ڏي، ازل ڏي، ازل کان پوءِ جنت ڏي!!.
    اڻ چئي ڳالهه دل ۾ ڪنهن اطلاع وانگي گهر ڪندي وئي ۽ بس جي رفتار وڌندي وئي، مون کي لڳو شايد مان جنت ۽ ڪراچي سان گڏ پنهنجي گهر، پنهنجي آغوش کي ڀي پل پل ويجهو ٿيندو پيو وڃان، انهن ٻن اکين کي به انتهائي ويجهو ٿيندو پيو وڃان جن ۾ منهنجي لاءِ اُجرا سپنا جرڪندا ٿا رهن.
    هڪ لمحي دل چاهيو بس روڪي لهي پوان پر نه مان واعدو ڪري آيو هئم وري اچڻ جو، وري ايندس مان سو لهي پوڻ وارو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيم، ڪجهه ڀي نه ڪيم، ماٺ ڪري ويهي رهيم.
    ڪا آس من ۾ ڪر موڙي جاڳي ته روح بي چين ٿي پيو منهنجو ۽ شدت سان امان جو ڀاڪر ياد آيم، دنيا جي مڙني محبتن کان امان جي محبت مِٺي لڳم، ها امان جي مُحبت هر فريب ۽ لوڀ کان بالاتر هئي ۽ اُڻ تُڻ جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي................ بس مون جلد گهر پهچڻ پئي چاهيو..............
    جڏهن تِکي هارن ڇرڪ ڪڍائي ڇڏيو، تڏهن ياد آيم ڪراچي مان نڪرڻ مهل واري اها دعا جيڪا بي خيالي منجهان گُهري هئم ته؛ “ڪاش هي آخري سفر هجي!!.”
    سڀ خيال گُم ٿي ويا، اڳيان حقيقت عيان هئي، بس جي وِنڊ اسڪرين مان ٻاهر نهاريم، بس جي اڳيان کاٻي پاسي کان ڊمپر ويو پئي، جنهن کي ڪراس ڪرڻ کان پهرين بس ڊرائيور هارن ڏنو هو.
    جڏهن بس ڊمپر جي ساڄي پاسي وٽان ڊمپر کان ڪراس ڪرڻ واري هئي ته عين ان وقت ڊمپر جي ڊرائيور سواءِ پويان نهارڻ جي تيز رفتار ڊمپر کي ساڄي پاسي ئي اسان جي بس ڏانهن ئي موڙي ڇڏيو، شايد اُن کي انهيءَ طرف وڃڻو هو پر کيس خبر نه هُئي ته ڪو سندس پويان هڪ تيز رفتار بس به آهي جيڪا کيس ڪراس ڪرڻ واري آهي!!.
    اِهو منظر دل ڏڪائيندڙ هو، مان کُليل اکين سان ٻن تيز تر گاڏين جو تيز ٿيڻ وارو ٽڪر ڏسي رهيو هئم، منهنجي ڀر ۾ ويٺل مُسافر جو ڄڻ ساهه ئي سُڪي ويو، هُن زوردار رڙ ڪئي، ٻئي پل زوردار بريڪ سان مون سميت سڀنيءَ مُسافرن کان پنهنجيون پنهنجيون سيٽون ڇڏائجي ويون، چرڙاٽ سان گڏ بس گِهلجي وئي ۽ جهٽ هڪ خوفائتي ڌماڪي سڀنيءَ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، اسان ڦِرندڙ بس ۾ هيٺ مٿي ڪرندا سٿبا وياسين، جڏهن بس بولاٽيون کائي هڪ هنڌ بيهي رهي ۽ شيشن ٽُٽڻ جا آواز بند ٿيا ۽ مِٽيءَ جو طوفان اُٿيو، تڏهن سڄيءَ بس ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، شور، غُل، دونهون، ڌُوڙ، مِٽيءَ جو طوفان ۽ منهنجي من وانگر بس جو اندر سڄو اُجڙيل.............!!.
    مون پنهنجي مٿان وريل سيٽون هٽائي پري ڪيون، اُٿڻ جي ڪيم پر ڪو منهنجي مٿان چڙهندو اڳتي نڪري ويو ۽ مان اڌ اُٿيل وري ڪري پيس، پاڻ سنڀالي وري اُٿيس، محسوس ٿيم لوندڙيءَ ۾ ڪا شيءَ لڳي اٿم، مان وڌيڪ اُڀو ٿي نه سگهيم ۽ ڪريل بس ۾ گوڏن ڀر ويهي رهيس، لوهي ڏنڊي کي پڪڙيم، هلڪي ڀنواٽيءَ آئي پاڻ سنڀاليم پر ڇاتيءَ ۾ سور جي سٽ اُڀري جا سڄي وجود کي وڪوڙي وئي، اکيون ڍرڪڻ لڳيون پر زوري اکيون پٽي نهاريم، گهڻا ماڻهوءَ رت ۾ ڳاڙها ڏسڻ ۾ آيا ڪي ڦٿڪيا ٿي ته ڪي بي ست پيا ها هيٺ مٿي!!.
    بس شايد سُپر هائي وي جي کاهيءَ ۾ پئي هُئي، گهڻا مُسافر سيٽن جي هيٺيان دٻيا پيا ها، جن جو بچاءُ ٿيو هو سي بِنان ڪنهن سانگي جي نڪرندا ويا ڪريل بس مان، مون به نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، چڪر آيم ۽ ڪري پيس، اکين اڳيان انڌڪار اچي ويم، سِر ڄڻ جڳهه تي نه هئم، اکيون کولڻ باوجود بند ٿينديون ويون، زوريءَ اکيون کولي هٿ جي تريءَ نهاريم جيڪا رت ۾ ٻُڏل هئي ۽ ٻيو زوردار چڪر آيو، مان جيڪو اُٿڻ جي ڪوشش ۾، ڪريل بس اندر ڪُرسي ۾ لوهي ڏنڊي جي سهاري تي وري گوڏن ڀر ٿي بيٺو هئس سو وري وڃي هيٺ ڪريس، اکيون بند ٿي ويم، دل مان آهه نڪتي؛ “امان جون مُنهنجي نوڪري لاءِ ڪيل دُعائون خُدا ٻُڌڻ ۾ ڪيڏي دير ڪئي پر واپس ورڻ جي منهنجي دُعا ڪيڏو نه جلد خُدا...............!!.”
    مون کي پڪ ٿي وئي مان واپس وري رهيو آهيان ۽ منهنجو سوچڻ بند ٿيڻ لڳو آهي، بس ڄڻ پنهنجي آغوش ۾ وڃان پيو مان ۽ پوءِ ڪائي خبر نه پئي بس بي سُڌ ٿيڻ کان اڳ ايترو ئي چئي سگهيم وري ايندس مان.
    * * * * * * * * * * * *


    هيءُ ڪو عيسيٰ ته ناهي

    هيءُ ڪو عيسيٰ ته ناهي

    هُن ٻن وڏين ڪاٺين کي ڪوڪا هڻي پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ڳنڍيو جو اهي ٻئي ڪاٺيون انگريزيءَ جي اکر T جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳيون پر اهو صليب نه هو!!.
    مان هُن جي گرفت ۾ هئس، هن جا ڪارندا مون کي گهيريو بيٺا ها. مان زخمن ۾ چُور هئس پر ڳاٽ اُوچو هيم، هن جي ڪنهن ڪارندي سٽ ڏئي منهنجي وارن ۾ هٿ وڌو ۽ پنهنجو پورو زور لڳائي منهنجو ڪنڌ نوائڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڀائنيم وارن جون چُڳون پٽجي پيون آهن، سُور جون سٽون اُڀري آيون پر همت نه هاريم، هُو پگهرجي پيو، جڏهن سمورو زور رائيگان ويس، تڏهن مون کي مارڻ شروع ڪيائين پر پوءِ به منهنجو ڪنڌ نِوائي نه سگهيو!.
    ڪجهه پلن کان پوءِ هن جي هلڪي اشاري تي سندس لاٺڙيي ٿڌو ساهه کنيو، تنهن مان پتو پيو ته هُو ماريندي ٿڪجي پيو آهي....... پوءِ هُوءَ اڳتي وڌي آيو، مُنهنجي تن تان قميض ڇڪي لاٿائين جا ڪجهه دير پهرين هُن جي مارڻ دوران ڪُجهه هنڌن تان ڦاٽي پئي هُئي.
    ڪي پل ته هُوءَ جلاد جيئان مون کي ائين ئي گهوريندو رهيو پوءِ وري اشارو ڪيائين، سندس لاٺڙيا مون کي ورائي ويا ۽ گهِلي کڻي ان ٽِياس تي ٽنگيائون جيڪو هن منهنجي اکين اڳيان جوڙيو هو، هُوءَ سڀئي منهنجا هٿ پير مضبوطي سان جهلي بيٺا پر پوءِ به منهنجو ڪنڌ نه جُهڪيو!!.
    هُوءَ پوئتي هٽيو ۽ هڪ وڏو لوهي سُنڀو ۽ هٿوڙو کڻي آيو، مُنهنجي مٿان بيهي چيائين؛ “هي لوهي سُنڀو تنهنجي سنڌ سنڌ ۾ هڻندس.”، سندس لهجو بُڇان جهڙو ۽ مُرڪ مڪاريءَ واري هئي.
    “تون سمجهين ٿو ته منهنجا سنڌ ساڻا آهن پر ٻُڌي ڇڏ منهنجا ارادا ڪمزور ناهن.”، مون کيس گهوريءَ ڏسندي چيو؛ “مُنهنجا سنڌ ڀڃڻ سان توکي ڪجهه به نه ورندو، مُنهنجا آدرش ڌرتيءَ جي سينيءَ ۾ پيوست آهن.”
    “تنهنجن ارادن سان ڇا ٿو ٿئي؟؟، هي ڪوڪو تنهنجي هانءُ ۾ ٽُنبيندس مان!!.”، هُن چيو.
    “منهنجو هانءُ چيرڻ سان ڏهه هانءُ ٻِيا پيدا ٿيندئي، جن کي تون مُنهن ڏئي نه سگهندين!!.”
    “مان هر اُن هانءُ کي ڳولي ٻاهر ڪڍندس جيڪو تنهنجي آدرشن مان پيدا ٿيندو.”
    “تون منهنجن آدرشن ۽ ارادن اڳيان بيوس آهين، تون ڪجهه به ڪري ڪين سگهندين.”
    “مان توکي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيندس.”
    “اِها تنهنجي ڀُل آهي، تون مون کي ماري سگهين ٿو پر منهنجا آدرش نٿو ماري سگهين تون.”
    “مان تنهنجي آدرشن کي ختم ڪري ڇڏيندس، مان تباهه ڪري ڇڏيندس تُنهنجي وجود کي، تُنهنجي هستيءَ ۽ مستيءَ کي نابود ڪري ڇڏيندس مان!.”، هُن ڪروڌ مان مون کي چيو.
    مان هن کي ڏسي مُرڪيم ۽ هُوءَ چڙيءَ پيو، هڪل ڪري پنهنجن گُماشتن کي چيائين؛ “ڇِڪي ڪڍوس زُبان گهڻو ٿو ڳالهائي.”
    “تون ڪجهه به نه ڪري سگهندين مون کي.”، سندس اکين ۾ اکيون وجهي چيم؛ “منهنجون پاڙون مُهين جي دڙي جي پاتال تائين گهريون آهن، تون منهنجي زبان ڇڪي ڪڍي سگهين ٿو پر منهنجون پاڙون نه!!.”
    “مان اهو دڙو ئي تباهه ڪري ڇڏيندس.”
    “تون ڇا ڇا تباهه ڪندين؟؟”، چيم؛ “تون ڪجهه به نه ڪري سگهندين!.”
    “خاموش................!!.”، هن جي رڙ ماحول ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي ڇڏيو؛ “پٽيوس زبان ۽ ڪڍوس اکيون ته جيئن پنهنجي برباديءَ جو منظر نه ڏسي سگهي ۽ جي ڪو بيان ڪريس ته نه ٻُڌي سگهي!!.”
    “اِهو ڦٻيءَ نه سگهندئي...............
    “تو ڳالهائي پاڻ سان ظُلم ڪيو آهي، تو کي سزا ضرور ملندي.”
    “ڳالهائڻ منهنجو حق آهي.”
    “محڪومن جو ڪو حق ناهي هوندو.......... تون محڪوم آهين، توکي محڪوم ٿي رهڻو آ.”، لاپرواهيءَ مان چيائين.
    “مان محڪوم ناهيان!!.”، مون پنهنجي زخميءَ زبان سان چيو.
    “ماٺ........ محڪوم ڳالهائيندا نه آهن، صرف حُڪم جي تعميل ڪندا آهن.”
    “اهو ظُلم ۽ جِبر آ جابر.”
    “مان توکي جواب ڏيڻ جو پابند ناهيان.”
    “توکي منهنجيءَ هر ڳالهه جو جواب ڏيڻو پوندو، مان محڪوم ناهيان، محڪوم ناهيان...............”، کن رکي چيم؛ “مجبور ۽ مظلوم آهيان.............. مان.”
    “تون مجبور ناهين، مظلوم به ناهين، تون ڏوهاريءَ آهين ۽ هاڻ تنهنجي هانءُ ۾ ڪوڪو ٽُنبيندس!.”
    “تون تاريخ جي وڏي ڀُل ڪري رهيو آهين.”
    “مون کي ڊيڄارڻ تنهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.”، هُن چيو؛ “اجائي اهڙيءَ ڪا ڪوشش نه ڪر”
    “مان توکي...........
    “ڪجهه به هُجي پر تُنهنجو خاتمو مُنهنجو جياپو آهي.”، هُن منهنجي ڳالهه ڪٽي ورتي.
    مان ڪنڌ مٿي کڻيءَ بيهيءَ رهيس ۽ زور سان کيس چيم؛ “ها منهنجو سينو چيريءَ ڇڏ، منهنجو هانءُ ڪڍي ڇڏ پر پوءِ به تون مون کي مات ڏئي نه سگهندين!!!.”
    هُوءَ ٻرندڙ اکين سان اڳتي وڌيو پر انهُيءَ کان اڳي جو هُوءَ لوهيءَ سِيخ مُنهنجي سينيءَ مان پار ڪري، هُن جو خاص لاٺڙيو اڳتي وڌي آيو ۽ سندس ڪن ۾ ڪجهه ڀُڻڪي، ڪجهه چئي پوئتي وري ويو ۽ هُن اوڏي مهل ئي رڙ ڪئي؛ “هٿ ڪڍوس...............!، حراميءَ وڏو چالاڪ آهي.”
    سندس ڪارندن مان ئي ڪو اڻڄاڻائي منجهان کائنس پُڇي ويٺو؛ “ڇا ٿيو سائين؟؟، ڏوهاريءَ کي ته سزا ڏبي آهي!!.”
    “ها ڏوهاريءَ کي سزا ڏِبي آهي.”، هُن ڦٽيل نگاهه سان مون کي ڏٺو ۽ چيائين؛ “پر هي لعنتي عيسيٰ ٿيڻ ٿو چاهي!!.”
    سندس موجود ماڻهن جي ميڙ ۾ سُس پُس ڦهلجي وئي، هرڪو حيرانيءَ مان مون کي ڏسڻ لڳو تڏهن هُن هِيڻائي منجهان چيو؛ “پر هِن گُنهگار کي ڪا سزا ناهي ڏيڻي!!.”
    “پر ڇو سائين!؟.”، هڪ ٻِئي همراهه ڳالهايو.
    هُن هڪ آهه ڀري ۽ چيو؛ “ڪوڪا صرف عيسيٰ جي بدن ۾ هڻبا آهن....... هِن کي بس ائين ئي آهسته آهسته ماريندا رهو........... هي ڪو عيسيٰ ته ناهي!!.”
    * * * * * * * * * *


    شڪار

    شڪار

    بيسڪ هيلٿ يونٽ جي ڪوارٽرن تي قبضو ڪري بڻايل ٿاڻي جي آڳر تي بيٺل سفيدي جي اڪيلي وڻ جا لڳ ڀڳ سمورا پن هوا ۾ ڇڻيءَ چُڪا ها، هوائون گُذريل هفتي کان ڇُڙواڳ گهُلي رهيون هيون!!.
    هوائن طوفان پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ فِضا ۾ مِٽيءَ اڏاميءَ رهي هئي پر تنهن هوندي به گرميءَ پنهنجي پوري زور تي ئي هُئي. پوليس جمعدار صاحب ملوڪ، پنهنجي وڏي پيٽ تان سرڪاري پٽو ڍِلو ڪيو ۽ جهُونگارڻ لڳو؛ “جـــوڳــــي هـڻـي ڏي تــون ڍارو
    ڪڏهـن ايـنـدو ڪـو قُـرب وارو..............!!”
    سپاهيءَ صفا چٽ، جمعدار کي جهونگاريندي ڏٺو ته سمجهي ويو سائين صاحب ملوڪ اڄ مڙئي ڪجهه ملول آهي!!.
    دادلو سپاهيءَ صاحب جي ڀر ۾ سِرڪي آيو ۽ همدرديءَ مان پُڇيائين؛ “صاحب ڏي خبر ڀلا خير ته آهي!؟.”
    سپاهيءَ صفا چٽ، ڄاتو ٿي جمعدار صاحب اِهي ٻول تڏهن ئي جهونگاريندو آهي، جڏهن ڪا پريشاني کيس وڪوڙي ويندي آهي، جمعدار هڪ ٿڌي آهه ڀري ائين ڄڻ جيئن مواليءَ ڀريل سگريٽ منجهان ڊگهو ڪش هنيو هُجي!!.
    آهه سان گڏ جمعدار پنهنجي اندر جي نراسائيءَ پي ويو پر سپاهيءَ نه مُڙيو، ٻيهر پُڇيائين؛ “وڏا ڪر خبر ڇو ملول آهين؟.”
    جمعدار جهونگارڻ بند ڪيو ۽ چيائين؛ “يار صفا چٽ..........!، تون به ڪو صفا چٽ آهين!.”
    سپاهيءَ صاحب جو بي وڙو جواب ٻُڌي وائڙو ٿي ويو؛ “ڇو سائين؟، ڇا ٿيو وري!؟.”، تعجب مان پُڇيائين جمعدار کان، ڄڻ کائنس ڪا غلطي ٿي هُجي.
    “اڙي بابا..... ڏسين نٿو طوفان پيو ٿو لڳي........ واريءَ پئي ٿي اُڏامي!!.”
    “ها سائين جهڪ ته کڙڪائي ماريو آهي!.”، سپاهيءَ پنهنجي نقلي ڏندن کي ننڍڙي آرسي ۾ جاچيندي چيو؛ “پر پوءِ به سائين ڪجهه ته ٻُڌايو؟.”
    “اڙي بابا رُڃ ئي رُڃ آهي!، اڄ چوڏهون چنڊ آ، کيسيءَ ۾ ٽڪو به ڪونهي، پگهار ۾ به اڃان ڏهه ڏينهن پيا آهن!!.”
    پگهار ۽ سُڃائي جو ٻُڌي سپاهيءَ صفا چٽ کان به حسرت ڀري آهه نڪري وئي، هُن ننڍڙي آرسي ڪاري شرٽ جي ميري کيسيءَ ۾ رکي ۽ روئڻهارڪو ٿي چيائين؛ “وڏا دل نه لاهه.........!، مالڪ ڪا سڻائي ڪندو، ضرور ڪو بِلو ڪندو خلقيو جو اٿس!.”
    جمعدار چيو؛ “بس ڙي بابا...... ڏاڍيون موڙيون آهن هيل ته....... جهڪ جو پئي ٿي لڳي........ اِهڙيءَ لُوءُ ۾ هرڪو آراميءَ آ، ڪنهن به دنگي ٿيڻ جي ڪا به اُميد ته ڪانه ٿي ڏسجي!.”
    “وڏا ائين نا اميد ته نه ٿِبو آ.”، سِپاهيءَ صفا چٽ جمعدار صاحب ملوڪ کي آٿت ڏيندي چيو؛ “مالڪ تي ڀروسو رکبو آ سائين!.”
    “بس ڙي جانيءَ.......... تون ڇا ڄاڻين!؟.”، جمعدار پنهنجي ڪلف ٿيل مُڇن کي هٿ سان هيٺ ڍرڪائيندي چيو.
    “دل نه لاهه وڏا........... ڦاسندو ڪوته مُرغو.”، سپاهيءَ صفاچٽ صاحب کي دلداريءَ ڏيندي چيو؛ “سائين اچي ويندو ڪو شڪار!!.”
    جمعدار اندر جي اوٻر ڪڍندي بي دليو چوڻ لڳو؛ “جڏهن کِيسا خالي هوندا آهن تڏهن گهر ۾ رن کي ٻُوٿ نه وڻندو آهي ۽ ٻاهر وري..............!!.”
    هڪ ٿڌي آهه ۽ جمعدار صاحب ملوڪ وري جهونگارڻ لڳو؛
    “جــوڳــيءَ هـــڻـي ڏي تــون ڍارو................
    ڪــڏهن ايـنـدو ڪـو قـُرب وارو...............”

    * * * * * * * * * * * *
    عطائي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ ڀِينگ لڳي پئي آهي، ڊاڪٽر جو مُنهن لٿل آهي، رکي رکي در ڏانهن ڏسي ٿو ته من ڪو مريض اچي ۽ وري ڪي پل سامهون ڀِت تي لڳل تصوير کي ڏسي ٿو، جنهن ۾ صرف انساني ڍانچو ظاهر آهي!!.
    سندس ڪمپائونڊر اکيون مهٽيءَ اٿي ٿو، اوٻاسيءَ ساڻ آرس ڀڃي ٿو ۽ اندرين ڪمري ۾ وڃي سُيون، نيڊل، ايمپل، وائل ۽ چند ٻيا اوزار ڇنڊي ڦُوڪي ساڳيءَ جاءِ تي ٻِيهر سئولا ڪري وري ٻاهر بئنچ تي اچي ليٽي پئي ٿو.
    ڊاڪٽر کي مريضن جي اچڻ جو انتظار آهي، سندس اُڻ تُڻ وڌي ٿي وڃي، گُذريل ٽِن ڏينهن کان هُن جيڪي به مريض تپاسيا هئا تن مان گهڻا اوڌر وارا هئا ته ڪُجهه هلڪي ملم پٽيءَ، مٿي جي سُور ۽ بلڊ پريشر مُفت ۾ چيڪ ڪرائڻ وارا ته باقي مُفت مشوري وارا ها........!!.
    ڊاڪٽر دل ۾ چيو؛ “ڪيڏيون نه ڇِتيون موڙيون آهن......!!، توبنهن......... اڄ ڪلهه ته اخبار جا پئسه به نٿا نڪرن!!.”، ڊاڪٽر پيشانيءَ تان پگهر جون بوندون رومال سان اُگهيون ۽ ويٺل ڪرسي تي ئي ان گُمان سان آهلي پيو ته؛ “ڪاش اڄ ڪو شڪار اچي وڃي ڊرپ جو!!.”
    ڊاڪٽر پريشانيءَ مان در ڏانهن نهارڻ لڳو ۽ سندس نِرڙ جا گُهنج گهاٽا ٿي ويا.

    ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭
    مختيارڪار جي آفيس جو هيڊ ڪلارڪ ڊيوٽي ڏئي موٽيو آهي ۽ روڊ تي پريشانيءَ جي عالم ۾ بيٺو آهي ته ڪيڏي مهل بس ٿي اچي ته ڳوٺ وڃان.
    انتظار جي اذيت وڌي وڃيس ٿي، ڌر تتيءَ آهي، مِٽيءَ اُڏامي نه وسي پئي پر هُوءَ بيچينيءَ مان روڊ جي ڪناري پسار ڪري ٿو، ٿورو اڳتي وڌي وري پوئتي موٽي ٿو ۽ دل ئي دل ۾ ڪاڙهي ۽ لُوءَ کي لعنت ملامت ڪري ٿو.
    هيڊ ڪلارڪ روڊ تي ٽي چار ڀيرا ڪڍيا آهن جو اُمالڪ سندس نظر روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل رئيس ربنواز تي پئي ۽ هُوءَ ٻهڪيءَ پيو، کيس ياد آيو ته پگهار ۾ اڃان ڏهه ڏينهن آهن ۽ پوئين هفتي کان سُڃائي چوٽ چڙهيل آهي. هِن رئيس جو مُختيار ڪار کان ڪو ننڍڙو ڪم ڪرايو هو ۽ رئيس ربنواز هزار رپيا باسيا هئس پر رئيس ڪم ڪرائي کِسڪي ويو هو!!.
    هيڊ ڪلارڪ کي پنهنجي اوڌر ياد آئي ۽ سڀ ڏُک وِسري ويس، شڪار ڦاٿو اِهو سوچي انتظار جي ڀوڳناءَ به ختم ٿي ويس ۽ اُها پيڙاءُ به ڇُٽي پيس ته ٻِن ڏينهن کان کيس رشوت جو ڪو ٽڪو به نه مليو آهي.............!.
    هُن جي دل چاهيو جلدي روڊ ڪراس ڪري رئيس ربنواز کان وڃي هزار رپيا وٺي ڪٿي اڳ وانگر ٽه پِتائي رئيس اڄ به گوهي ڏئي گُم نه ٿي وڃي مس ته هٿ آيو آ..............!!.
    اِهو سوچي ڪلارڪ خوشيءَ مان جهڙپ ڏئي روڊ جي ٻِئي پاسي وڌيو ۽ اُن ئي پل هارن جو هڪ آواز آيو، اُن هارن جي تيز آواز تي ڪلارڪ بدحواس ٿي پيو، هُوءَ بي خياليءَ ۾ بِنان ڏسڻ جي روڊ تي ڪاهي پيو هو، لئنوڻو هنيائين ڪار هُئي جا هوا ۾ ترندي پئي آئي، ڪلارڪ پوئتي مُڙيو، ڪار جي ڊرائيور ٿڌو ساهه ڀري چپن ۾ چيو شُڪر ۽ ايڪسيليٽر تي پير رکي زور ڏنائين ته اسي کان پوئتيءَ موٽي سٺ تي پهتل اسپيڊ ڪانٽو وري اڳتي وڌيو پر ڪلارڪ سوچيو ڪار کان اڳ ته مان روڊ ٽِپي ئي ويندس ۽ هُن وري پوئتي گُهت هئني روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ۽ ڪار ڊرائيور وائڙو ٿي پيو ڪلارڪ جي وري واپس روڊ تي اوچتي لُوهه پائڻ تي!!.
    ڪار ڊرائيور ڪار جي هارن کي زور سان وڄايو، ڄاتائين ڪو پاڳل آهي، ايڪسيليٽر ڇڏي، ڪلچ ۽ بريڪ کي پورو دٻائي ڇڏيائين ۽ چپن ۾ ڀُڻڪيو؛ “مواليءَ مارائي ڇڏيئي!.”، گڏ ئي روڊ تي هڪ وڏو چرڙاٽ ٿيو ۽ ڪارا پٽا ٺهيءَ ويا ۽ تُرت ئي ڪلارڪ ڪرڪيٽ بال وانگر هوا ۾ اُڏاميو ۽ وڃي روڊ تي ڪِريو ۽ بيهوش ٿي ويو، ڪار ڊرائيور سوچيو؛ “شڪار ٿي ويس.”

    * * * * * * * * *
    چرڙاٽ سان گڏ عطائي ڊاڪٽر پنهنجو لٿل چشمو نڪ تي چاڙهي ڪنن سان چنبڙائي ڇڏيو ۽ کنگهار ڪري ڳلو صاف ڪيائين، ڪمپائونڊر ٽِپ ڏئي اُٿيو، سُيون وغيره ڇنڊي ڦُوڪي تڪڙيون وري سوليون ڪيائين، جمعدار صاحب ملوڪ، پنهنجي ڍري ڪيل سرڪاريءَ پٽي کي ڇِڪي کڻي ٻڌو ۽ سِپاهيءَ صفا چٽ جا ڪن اُڀا ٿي ويا................!!.
    پرئين ڀر بيٺل رئيس هيڊ ڪلارڪ کي ڪرندو ڏسي کِسڪيءَ ويو پر قُلفين وارو الهه نواز ۽ موچيءَ سُکديو ٽِپ ڏئي اٿيا ۽ روڊ تي ڪريل ڪلارڪ کي ٽنگو ٽاليءَ ڪري عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ کڻي آيا.
    جلد ئي عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ ماڻهن جو هڪ انبوهه هُيو، تِر ڇٽڻ جي به جاءِ نه بچي هُئي، هرڪو پيو پُڇي؛
    “ڪير آ؟”
    “ڪٿان جو آ؟”
    “ڪيئن آ؟”
    “بچيو يا نه؟؟.”
    ڊاڪٽر وڏي جفاڪشيءَ ۽ گِهرائي سان ڦٽيل کي تپاسيو ۽ هر ڦٽ جاچي جاچي ڏٺائين، ڪمپائونڊر ٻه سُيون هيڊ ڪلارڪ کي هڻي ڪڍيون ۽ ملم پٽيءَ شروع ڪيائينس ته ڪلارڪ اکيون ڦاڙي سڀن کي ڏسڻ لڳو، ڪنهن رڙ ڪئي؛ “هوش اچي ويس، هوش اچي ويس، خُدا بچايس، الله پناهه ڏنس..........
    هُل وڌي ويو ۽ هيڊ ڪلارڪ کان ڌڪ وسري ويا ۽ وائڙن وانگر هر ڪنهن کي تڪڻ لڳو، تڏهن ڪمپائونڊر چيس؛ “توکي آرام جي ضرورت آهي.”
    ڪلارڪ دل ۾ چيو؛ “مون کي ته هزار رپين جي ضرورت آهي!!.”، ڊاڪٽر ڄڻ سندس دل جي ڳالهه پڙهي ورتي جو مُرڪي دل ۾ چيائين؛ “اڃان توکي ڊِرپ هڻنداسين مون کي به ته پنج سئو رُپين جي ضرورت آهي..............!!.”
    ڪار ڊرائيور ڪلارڪ کي هوش ۾ ڏسي چيو؛ “شُڪر آهي خير ٿي ويو.”
    جمعدار مُرڪي چيو؛ “ها خير ئي ٿي ويو!!.”
    “ته سائين مان وڃان!؟”، ڪار واري جِند ڇڏائڻ پئي چاهي.
    “پر بابا همراهه جو زخميءَ آهي؟؟.”، جمعدار قانوني ڪاروائيءَ ڪندي چيو.
    سائين همراهه هوش ۾ آهي، هلڪيون رهڙيون اٿس، مان ملم پٽيءَ جا پئسا ڏيو وڃان ٿو!!.”، ڊرائيور ايلاز ڪيو.
    “۽ اسان کي!؟؟.”، سپاهيءَ سرٻاٽ ڪيو.
    “پر سائين توهان کي ڇو؟.”
    “بابا اسان سان به وهه نه!!.“، سِپاهيءَ اک ڀڃندي ڊرائيور کي چيو؛ “اجايو پوليس ڪيس ڇو ٿو ٺاهين!؟.”
    “پر سائين منهنجو ته قصور به نه هُيو!!.”، هُن منٿ ڪئي.
    “بابا قصور ته اسان جو به ناهي پر همراهه ته ڌڪيو اٿئي نه..........!!.”، جمعدار لڙڪي پيل پنهنجين مُڇن کي تاءُ ڏيندي مُڇن جو ڪلف سِڌو ڪيو ۽ چيائين؛ “قانوني ڪاروائي ته ٿيندي نه!”
    “نه نه سائين...........”، ڊرائيور ڊِڄي ويو ۽ کيسيءَ ۾ هٿ هڻندي چيائين؛ “هي وٺو سائين............”
    “هي ڇا؟؟، گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ته ڏي!، ڏسين نٿو ڪيڏي مهانگائي لڳي پئي آهي ۽ مٿان وري هي جهڪ.............!.”، سِپاهيءَ ٻه سئو ڏسي رڙ ڪئي.
    سپاهيءَ جي مطالبي تي ڪار وارو پريشان ٿي پيو ته جمعدار معاملي کي سمجهندي چيو؛ “ٺيڪ آ ڀلا کڻي هڪ هزار ئي ڏي.................!!.”
    “پر سائين................
    “سِپاهيءَ صفا چٽ..............!!.”، جمعدار رڙ ڪئي.
    “جي سائين........”،
    “بابا گاڏيءَ ٿاڻي ۾ ڪاهي هل.”
    “نه نه سائين هي وٺو هزار رُپيه.”، ڊرائيور ششدر ٿي پيو، اجائي چڪر ۾ پوڻ بدران هزار جو نوٽ سِپاهيءَ جي مُٺ ۾ ڏنائين، جمعدار جوابدار مان هٿ ڪڍيا، قانوني ڪاروائيءَ پوري ٿي وئي ۽ ڪار ڊرائيور عطائي ڊاڪٽر کي ملم پٽيءَ جا پنج سئو ڏئي ٿيو رمتو.
    “ڪمايو ڊاڪٽر ۽ جمعدار صاحب ملوڪ، چٽيءَ ڀري ڪار واري ۽ ڀوڳيو مون..................!!!.”، هيڊ ڪلارڪ سوچڻ لڳو؛ “سدائين ٿي شڪار ڦاسايم، اڄ ته مان ئي شڪار ٿي ويس، مون کي ته ٽڪو به نه مليو.........!!.”
    ۽ هُوءَ رئيس کي ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نِهارڻ لڳو ته ڪنهن پُڇيس؛ “ڪنهن کي ٿو ڳولين؟؟.”
    “شڪار...............!!!.”،
    بي ڌيانيءَ مان ڪلارڪ جي زُبان مان نڪري ويو....

    ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭


    مان هِت جنم نه وٺندس

    مان هِت جنم نه وٺندس

    مان ڪجهه مهينن کان پريشان هئس پر اِها پريشانيءَ گُذريل ڪجهه ڏهاڙن کان وڌي وئي هئم......... مان هر گهڙيءَ ٻُڏتر ۾ رهڻ لڳس!!.
    ڪيترين سوچن ۽ وِسوسن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، مُنهنجي اِهڙيءَ پريشانيءَ کي جيجيءَ به پروڙي ورتو، تڏهن ئي ته پُڇيائين؛ “مريم.............!!، خير ته آهي ڪجهه ڏينهن کان توکي پريشان پئي ڏِسان!؟.”
    دل ۾ آيو ته روئي پوان ۽ اهو سڀ ڪجهه کيس ٻُڌائي من جو بار هلڪو ڪري ڇڏيان پر هڪ دٻيل سُڏڪي کان سواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيس ۽ جيجيءَ حيرت منجهان مون کي ڏسندي ئي رهي!.
    ماءُ ته آخر ماءُ ٿيدي آ، ڀلا ڌيءُ جو درد ڪيئن نه ڄاڻي ها!!، شايد امان سڀ ڪجهه سمجهي وئي هُئي پر پوءِ به ڪُڇي ڪجهه به ڪين، هُن کي مون تي پورو ڀروسو جو هو ۽ مان جو هئس سندس ڌيءُ مريم.
    جيجيءَ ڄاتو ٿي مون ڪڏهن به ڏيڍيءَ کان ٻاهر پير نه رکيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪوئي غير اسان جي ڏيڍيءَ اندر ٽِپيو آهي پر هي اڻ ٿيڻيءَ آخر ڪيئن ٿي؟؟.
    ان جي جواب لاءِ امان به پريشان هئي ته مان به خوف ۾ ورتل هئس.
    امان ته ڄاتو ٿي ته مهيني ۾ سواءِ چند ڏهاڙن جي مون ته ڪڏهن ڪا نماز به قضا نه ڪئي هئي ۽ مُڪمل روزا، صوم و صلوات، تلاوت ۽ وِرد منهنجي ڪِرت آهن ۽ ڪڏهن ٻاهر جي هوا مون کي ڇُهيو به ناهي ته پوءِ آخر هي؟؟
    امان حيرت ۽ پريشانيءَ باوجود مون کان ڪوبه سوال نه ڪيو پر هُوءَ انيڪ وِسوسن ۾ وٺجي وئي جن ۾ مون پڻ پئي ڀوڳيو ته آخر هي ڇا آهي ۽ ڇا ۽ ڇو ٿي ويو؟ ۽ ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو!!؟.
    بيبيءَ مريم جو ته ٻُڌو هئم پر مان بيبيءَ مريم ته نه هئس!!، مان ته مريم بنت منصور، خُدا جي ادنيٰ ٻانهيءَ هئس.
    دل ۾ سوين وِسوسا گهر ڪري ويا ۽ ڏينهن گُذرڻ سان مون گهر جي اڱڻ تي به اچڻ ڇڏي ڏنو، پنهنجي ڪمري تائين ئي محدود ٿي رهجي ويس ۽ هر وقت هڪ گُمنام سوال جي جواب کي ڳولڻ لاءِ پئي ٿي سوچيم پر جواب نٿي مليو ۽ اذيت وارا ڏينهن ويا ٿي وڌندا.
    جڏهن منهنجي حالت مون کي گهر ڀاتين ۾ به ويهڻ جهڙو نه ڇڏيو، تڏهن روئي روئي هر وقت رب کي پئي ٻاڏايم ته؛ “اي الله.....هيءُ ڪهڙو اسرار؟؟”
    ڄاتم پئي ته جيجيءَ به گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويل اويلي پالڻهار کي پئي ستائيندي هوندي پر مان محدود ٿيندي ويس ڄڻ پنهنجي ڪمري ۾ ئي قيد ٿي رهجي ويس.
    انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڀائنيم ته اهو منهنجو وهم آهي، بيبيءَ مريم جو سوچي سوچي پاڳل ٿي پئي آهيان، ائين ٿي ئي نٿو سگهي، مان ڪو بيبيءَ مريم ته نه آهيان، مان ته مريم شاهه آهيان، مريم بنت منصور شاهه............!!.
    ها مان ته مريم بنت منصور آهيان پر جڏهن ٻيو ڀيرو اوپرو آواز آيو تڏهن پڪ ٿي ويم ته اهو منهجو پاڳلپڻو نه هو، اها حقيقت هئي، اهو اونهو اسرار سچ هُيو، ڪن لاتم پنهنجي پيٽ مان آواز آيو؛ “تون پريشان ڇو آهين مريم بنت منصور؟.”
    ششدر ٿي پيس، ڪا به وائي نه وريم، ڪُجهه به ڪُڇي نه سگهيس، آواز بند ٿي ويم، مان بيحد پريشان ٿي پيم، دل چاهيو جيجيءَ کي ٻُڌايان پر همت ڪانه ٿيم.
    ڪجهه ڏينهن گُذريا ته وري هڪ ڏينهن منجهند ڌاري ساڳيو آواز ڪنن ۾ گونجيو؛ “تون پريشان ڇو آهين مريم بنت منصور!.”
    مون چئوطرف نهاريو، ڪمري ۾ ڪوبه نه هو، مُنجهي پيس، ٻيهر آواز گونجيو؛ “مان تنهنجي اندر ۾ آهيان مريم بنت منصور!.”
    مون پنهنجي پيٽ تي هٿ ڦيريو؛ “نه.......نه........ ائين نٿو ٿي سگهي!”، مون سرٻاٽ ڪيو؛ “اهو نامُمڪن آهي!.”
    “پريشان نه ٿي مريم.............”، وري آواز آيو؛ “ڪجهه ڀي ناممڪن ناهي!.”
    “پر..................
    “مان سڀ ڄاڻان ٿو..........!”، هن وري چيو؛ “مان تو مان جنم وٺندس.”
    مان حيران ۽ پريشان ٿي پيس!!.
    مان ڪمري جون ديوارون تڪڻ لڳس تڏهن وري آواز آيم؛ “مان تو مان جنم وٺندس مريم شاهه.”
    “پر مان توکي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان.”
    “ڇو تون مون کي جنم ڏيڻ نٿي چاهين؟؟.”، آواز آيو؛ “ڇو تون ايڏو ملول آهين؟، پريشان آهين!”
    “ماڻهوءَ منهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏين ٿا......... اهي ڇا سوچيندا!.”
    “پوءِ ڇا تون مون کي جنم نه ڏيندينءَ؟؟.”
    “نه..... هرگز نه......... مان بيبيءَ مريم ناهيان جو.....!.”، مون احتجاج ڪيو؛ “مان دنيا جا انيڪ وات بند نه ڪري سگهندم.........”
    “مان ته جنم وٺندم.”
    “نه............. قطعي نه.”
    “ته پوءِ ڇا تون منهنجي جنم وٺڻ کان تُرت ئي پوءِ مون کي ماري ڇڏيندين؟.”
    “مان توکي جنم ئي نه ڏيندس.”
    “مان ته جنم وٺندس!!.”، هن چيو ۽ مان ويتر پريشان ٿي پيس، ڪو به لفظ نِڙيءَ مان نه نڪتو، ڪُجهه به ڪُڇي نه سگهيس، بُت مان سيسراٽ نڪري ويم.
    هن وري ڳالهايو؛ “مان ڄاڻان ٿو منهنجي جنم کان پوءِ تون مون کي ماري ڇڏيندين، تون منهنجو ڳلو گُهٽي ڇڏيندين يا پاڻي جي بالٽيءَ ۾ تون مون کي غوطا ڏئي منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندين پر پوءِ به مان جنم وٺندس!!.”
    “مان ڪجهه به نه ڪنديس!.”، مون چيو؛ “بس مان توکي جنم نه ڏيندس.”
    “ته ڇا تون مون کي مُنهنجي جنم وٺڻ کان اڳ مارڻ ٿي چاهين؟؟.”، سندس سوال نه هو هٿوڙو هو جيڪو منهنجي مٿي ۾ لڳو، چيم؛ “تون ڄاڻين ٿو ته مان گُناهگار ناهيان......... مون ته ڪڏهن...................
    “خبر آ مون کي تڏهن ئي ته مان تو وٽ جنم وٺڻ چاهيان پيو!.”
    “مون کي داغدار ڪرڻ لاءِ؟؟؟”.
    “نه تنهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏيڻ لاءِ.”
    “مون کي ڪنهن گواهيءَ جي ضرورت نه آهي.”، چيم؛ “بس تون جنم نه وٺ.”
    “جنم ته مان وٺندس.”، هُن چيو.
    “ڇو..............؟؟”، چيم؛ “آخر ڇو؟؟؟”، مون هن کان پُڇيو پر هُوءَ ماٺ ٿي ويو، گهڻي دير نه ڳالهاڻو تڏهن وري پڇيومانس؛ “ٻُڌاءَ مون کي، ڇو ٿو جنم وٺڻ چاهين آخر؟؟”
    “تنهنجا داغ ڌوئڻ لاءِ.”، هُن ڌيرج سان چيو.
    “منهنجا داغ ڌوئڻ لاءِ يا مون کي داغ لڳائڻ لاءِ؟؟.”، چيم.
    “نه داغ ئي ڌوئڻ لاءِ.”.
    “مون کي ڪو داغ نه آهي، مان بي داغ آهيان!.”، چيم.
    “مريم................!”، هُن چيو؛ “توکي نظر نٿا اچن داغ پر مان ڏسان پيو!.”
    “ڪٿي آهن داغ؟”، مون حيرانيءَ مان هُن کان پُڇيو.
    “ظاهري اک سان اهي داغ نه ڏسبا آهن مريم بنت منصور.”
    “توکي غيب جو علم آ؟؟.”، پُڇيم.
    “غيب جو علم علام الغيوب وٽ آ.”، هُن چيو؛ “پر اهي داغ مان ڄاڻان ٿو، ڏسان ٿو!.”
    “ڪهڙا داغ؟؟.”، چيم؛ “مان مريم شاهه بنت منصور شاهه آهيان، مان پاڪ دامن آهيان.”
    “مان پاڪ دامنيءَ جي گواهيءَ ڏيندم.”
    “منهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏيندين!؟؟.”
    “ها تنهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏيندس مان پر.........
    “پر ڇا؟؟.”
    “پر نه ڏيندس!!.”، کن رکي هُن چيو؛ “دنيا مون تي تُهمت هڻي ڇڏيندي!.”، ايترو چئي هُوءَ ماٺ ڪري ويو ۽ ڪي ڏينهن نه ڳالهاڻو، منهنجو هر پل اذيت ۾ گذرڻ لڳو، ڪيترين ئي سوچن مون کي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو پر ساهه جي تند نه ٽُٽي، تڏهن اوچتو وري هڪ ڏينهن هن جو آواز آيو؛ “مريم بِنت منصور............!.”، مان ڇرڪي پيس، هن چيو؛ “مون ڪافي سوچيو آهي مريم.....
    “ها مون به ڪافي سوچيو آهي.”، چيم.
    “مريم منهنجي ڪا به گواهيءَ هي دنيا نه مڃينديءَ!!.”
    “مان توکي جنم ڏيندم!.”، چيومانس؛ “تون منهنجي گواهيءَ ڏجان، دنيا کي مان مڃائيندم........!”
    “دنيا توکي لفظن ۽ روين سان سنگسار ڪري ڇڏينديءَ مريم!.”
    “تون منهنجي گواهيءَ ڏجان.”
    “مون کي معلوم ٿيو آ.”، هُن چيو؛ “مان هِن دنيا جي اڳيان بيوس آهيان!!.”
    “ته پوءِ!!؟؟”، مون پريشانيءَ منجهان کائنس پُڇيو.
    “ته پوءِ جيڪر مان جنم وٺندس ته توکي گند جي ڍير تي ڦِٽو ڪرڻو پوندو مون کي!!.”، مان ڪنبيءَ ويس ۽ هُوءَ ڳالهائيندو رهيو؛ “۽ رولو ڪُتا منهنجو ماس پٽي کائيندا...............!!.”
    “نه نه .......................”، مون رڙ ڪئي.
    “ها............. نه ته توکي پاڻي جي بالٽيءِ ۾ مون کي ٻوڙي مارڻو پوندو!.”.
    “نه نه............ مان ڪُجهه به نه ڪندس!!!.”.
    “ڪُجهه نه ڪُجهه ته توکي ڪرڻو ئي پوندو مريم!.”، هُن چيو؛ “پاڻي جي بالٽيءَ ۾ نه ته گند جي ڍير تي ته توکي ڦِٽو ڪرڻو ئي پوندو مون کي!!.”.
    مون پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون پر هُن جو آواز مان روڪي نه سگهيس، هُن چيو؛ “مان هِت جنم وٺڻ نٿو چاهيان مريم شاهه!.”.
    مان بُت بڻجي ويس، پٿر ٿي پيس، ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيم.
    “ها............ ها............. مان هِت جنم نه وٺندس.”، مان بيحد پريشان ٿي پيس، هُوءُ چوندو رهيو؛ “تون پريشان نه ٿي مريم شاهه.....!!، تنهنجي پاڪدامنيءَ تي ڪو اکر نه ايندو......... هِت سڀ ظُلم لاچارن سٺا آهن!.”
    مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ هُن آخري سُڏڪو ڀري چيو؛ “مان هِت جنم نه وٺندس!!.”.
    ۽ مون تڪڙو پنهنجي مُنهن تي پاڻي جو ڇنڊو هنيو اِهو ڏسڻ لاءِ ته خواب ۾ آهيان يا الاءِ جاڳ ۾ پر هُوءَ ائين گُم ٿي ويو ڄڻ منهجي پيٽ ۾ ڪڏهن هُيو ئي ڪونه.

    * * * * * * * * * * * *


    شانتي نه آهي

    شانتي نه آهي

    مون ٽيون ڍُڪ زهر جو ڀريو، ڄڻ اندر وڍجي ويم!!، زهر جي ڪؤڙاڻ سيني ۾ لهندي وئي پر مون کي شانتي نه ملي.
    اُن پل سج ٽُٻي هڻڻ وارو هُيو ۽ مان بيچينيءَ جي عالم ۾ دربدر هئس!!، مان ٿڪجي پيس، منهنجي ڀوڳنا بي انت هئي، مون پنهنجا ڳورا قدم روڪي ورتا ۽ ڪُلهي مان ٿيلهو لاهي هيٺ زمين تي ڦِٽو ڪيم، بيچينيءَ روح کي ماندو ڪرڻ لڳي ۽ مون کي ڪجهه به نٿي وڻيو، اکٽ مونجهارن جي ور چڙهي مان وکرجڻ لڳو هئس، سوچن جي پڪڙ کان آزاد ٿي نه سگهيس، هڪ ٻيو سگريٽ ڪڍي دُکايم، اندر جلي ويو پر شانتي نه مِلي!!!.
    سج لهي ويو هو، مان اسٽيشن تي انتظار ۾ پئي ڦٿڪيس، شهر ڏانهن ويندڙ آخري گاڏيءَ رستي ۾ ڪٿي رُلي وئي هئي ۽ جنهن ۾ مون کي سوار ٿي شهر ۾ وڃائجي وڃڻو هو!!.
    شهر جيڪي وڏا ٻيلا آهن، جت ڪوبه وڃائجي سگهجي ٿو، ڳوٺن جا انيڪ ماڻهوءَ شهرن ۾ وڃي وڃائجي ويا آهن ۽ وري نه مليا آهن سو هن ڀيري مون به چاهيو پئي تي شهر وڃي وڃائجي وڃان ۽ وري نه لڀان!!.
    “هُونئن به مان لڀندس ڪيئن.........!؟؟، لڀندا ته اُهي آهن جن کي ڪوئي ڳولڻ وارو هوندو آهي......... مون کي ته ڪو ڳولڻ وارو به ڪونهي!!، مان گُم نه ٿيندس، مان ته شهر ۾ دفن ٿي ويندس!!.”
    سِگريٽ جي آخريءَ ڇيڙي ٻِن آڱرين جا ڪنارا ڏنگيا، ڏنڀجي پيس، ڇرڪ نڪري ويم، اسٽيشن جي سخت کُهري فرش تي سگريٽ جو فلٽر ڦِٽو ڪيم ڄڻ پنهنجي دُکندڙ وجود کي لتاڙجڻ لاءِ ڌرتيءَ تي ڦِٽو ڪيم.
    ڪنڌ ڦيريم ريلوي ٽريڪ جي پرئين ڀر دُنيا کان بي سُڌ ٻن فقيراڻين تي نظر پئي، ميرن لٽن ۾ پُراڻي رلي وڇايو، وار کينڊيريو ٻئي شانت هُيون، هڪ ٿي شايد سگريٽ ڦوڪيو ته ٻيءَ ٿي سندس وارن منجهان ڪجهه ڳوليو.
    ٻه فقيراڻيون.............!، جن جو گهر گهاٽ ريلوي اسٽيشن جي اوٽ!!، دُنيا جهان کان آزاد........... دُنيا جهان جي جهنجهٽن کان آزاد.........!!، هر غم خوشي کان پري، پُرسڪون، شانت ۽ لاپرواهه!.
    ڪنهن ٽهڪ ڏنو، ڪنڌ ڦيري ڏٺم ڪو به نه هو ڄڻ تِرورو هو، وهم هو، ڪو گُمان هو، سُنسان اسٽيشن، ايڪڙ ٻيڪڙ آدم زاد کان علاوه ڪوبه نه هو!!، ڄڻ سڀنيءَ کي ڪا گاڏيءَ اڳ ئي کڻي وئي هُئي، ڄڻ سڀ وڃي چُڪا ها....... رهجي هڪ مان ئي ويو هئم!!.
    ٽهڪ جو وهم دل مان ڪڍي مون ٿيلهو کنيو، پٿر جي بئنچ تي اچي پاڻ کي ڦِٽو ڪيم، بيچينيءَ وڌڻ لڳي پر گاڏيءَ جي خبر نه هُئي ته ڪڏهن ايندي!
    “پاڪستان جي ريل......... سدائين مون وانگر ليٽ!!.”
    سوچن جو سلسلو وري وڪوڙي ويو؛ “هن ڀيري شهر وڃي گُم نه ٿيندس........ دفن ٿي ويندس ها دفن ٿي ويندس ائين جو ڪڏهن گس پُڇائي شانتي جو مون وٽ پُڄي به ته کيس مان نه منهنجا هڏ ئي مِلنس!.
    “پر شانتي منهنجا گس ڇو پُڇائيندي!؟؟، هن ته ڪڏهن مون سان پريم ڪيو ئي ڪونهي!!، شانتي ته نرمل کي چاهيو آهي!!، نرمل کي پوڄيو آهي هُن!!، ها نرمل جيڪو کيس مائٽن ڏنو........ سوئي سندس...........
    دل چيو روئي پوان پر روئي نه سگهيس، هي ڳوٺ جنهن ۾ مون جنم ورتو، جنهن ۾ منهنجو ٻاروتڻ گذريو، جنهن ۾ مون پرائمري جا پنج درجا پڙهيا، هي منهنجو ڳوٺ مون لاءِ اڄ ڪيڏو نه اجنبي ۽ اوپرو ٿي پيو آهي!!.
    ها هن ڳوٺ مون کان منهنجي سُڃاڻپ کسي ورتي آهي اڄ، مان لک بُرو ئي سهي پر مون هميشه شانتي کي ئي چاهيو آهي!، اڄ مان بيگانو ٿي پيو آهيان، هن ڳوٺ مون کي جنم ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏنو به نه آهي، مان وري نه موٽندس هِن ڳوٺ!، مان شهر وڃي دفن ٿي ويندس، هِن ڳوٺ ته رُڳي مون کان کسيو آهي، بابا........ امان........... سُک..........چين........... ۽.......... ۽..........
    ۽ اڄ ته شانتي به مون کان ڦُري ورتائين!!.
    منهنجيون اکيون ڀرجي آيون، سانوڻ ڪاهي پيو من ۾، مان ڀِڄندو ويس، پُسندو ويس، جت سنڌ جي وستيءَ واهڻ، گس گهيڙ، ٻنيون ٻارا سنڌوءَ جي جل ٿل پاڻي ۾ تار ها اُت منهنجي اندر ۾ به سيلاب ڪاهي پيا ها ۽ مان غرق هئس!!.
    سيلابن جي مُند آهي!!، سيلاب ڪاهي پيا آهن.
    سيلاب........ ها سيلاب منهنجي جيون ۾ آيو آ پر سيلاب ته سنڌ ۾ ڌوڪي آيو آ، وڏو سيلاب.......... تاريخ جو بدترين سيلاب!، جنهن سنڌين کان الهه تلهه ڇني ورتو آ پر هي ڪهڙي ٻوڏ آئي آ جنهن مون کان منهنجو ڳوٺ، منهنجو تر، منهنجو گهر، منهنجو سڀ ڪجهه مون کان کسي ورتو آ!، جنهن منهنجي اندر ۾ ڇِتيءَ ٻوڙ ٻوڙان ڪئي آهي، جنهن مون کان شانتي به.............
    لڳم ڄڻ روئي رهيو آهيان، مان اُٿي پيس پٿر جي بئنچ تان، پسار ڪرڻ لڳس اسٽيشن جي کُهري فرش تي پر سڪون هيو جيڪو نٿي آيو من کي!!.
    هر هر شانتي جا لفظ؛ “ڀُلائي ڇڏ ته اهو مُمڪن آهي........ تون مطلبي آهين ڪوڙو........... فريبيءَ آهين تون.............. هتان نڪري وڃ!”.
    ڳالهيون جن ڄڻ وسرڻ جو نانءُ ئي نٿي ورتو ۽ گاڏيءَ جنهن اچڻ جي ئي نٿي ڪئي، سج الوپ ٿي چُڪو هو، من الوپ ٿيڻ پئي چاهيو ۽ هوريان هوريان مان ڇِتي دُک ۾ الوپ ٿيندو پئي ويس!!.
    “پنهنجي دماغ مان اهو وهم ڪڍي ڇڏ ضمير ته ڪڏهن شانتي توکي به چاهيندي.”
    سگريٽ وري دُکي پيو پر منهنجو اندر هو جنهن وسامڻ نٿي چاهيو!، “مون کي شانتي ڏي واپس ورڻ نه گُهرجي ها............ ها مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو......... مان واپس آيس ئي ڇو؟؟”، ٽوڪ، ٺٺول........ پنهنجي پاڻ کي لعنت ملامت، سوچون پولار ۽ مان.........
    “ها مون کي واپس اچڻ نه گُهرجي ها، هن گهڙين ۾ ته هرگز نه........... جنهن ۾ شانتي دُک ۾ ورتل آهي، دربدر آهي!.”
    “پر مون ته سندس ڏُک ونڊڻ پئي چاهيا ۽ شانتي ته...........!”.
    مان ڪيئن آيس واپس؟، ڇو آيس؟، ايتري وقت کان پوءِ.......... مون کي نه اچڻ کپي ها!!، مان سوچڻ لڳس، مان شهر کان سِڌو رليف ڪئمپ ڇو پهتس؟.
    مان پنهنجن ئي بي انت سوالن جا جواب پنهنجي پاڻ کي نه ڏئي سگهيس، ٻوڏ منهنجي من ۾ اچي وئي، پر هڪ ٻي ٻوڏ پوري سنڌ ٻوڙي ورتي هُئي ۽ سڄي سنڌ رليف ڪئمپ بڻجي پئي هُئي، واهڙ واهڙ رليف ڪئمپ!!.
    ۽ هڪ رليف ڪئمپ جيڪا منهنجي ڳوٺ جي ٻاهران قائم ڪئي وئي هئي، درياءُ جي بي ضبط پاڻي سنڌ جا ڪئي ڳوٺ ٻوڙيا ها، انهن ڳوٺن ۾ منهنجو ڳوٺ به هو، ها منهنجو ڳوٺ به........ تنهن به درياءُ جي پاڻي ۾ پاڻ پُسائي درياءُ کي جيءُ ۾ جاءِ ڏني هُئي!!.
    ڳوٺ جا سڀ گهر ٻُڏي ويا، منهنجو گهر به ٻُڏي ويو ته شانتي جو گهر به ٻُڏي ويو پر منهنجو لُڙهيو ڪجهه به ڪين ها باقي شانتي جو بچيو ڪجهه به ڪين!!.
    پناهه به لُڙهي ويس ته بند تي قائم ڪئمپ ۾ اچي پناهه ورتي هئائين!.
    منهنجو ڪجهه لُڙهي به ڪيئن ها؟، مان ته ورهين کان شهر ۾ جو گُم ٿي ويو هئس!، پنهنجو سڀ ڪجهه سهيڙي شهر ۾ وڃائجي ويو هئس، سرڪاري نوڪري سان گڏ انساني خدمت جي تنظيم کولي هئم، ٻين وڏين تنظيمن کان غريبن جي نالي ڪئي فنڊ ۽ مددون ورتيون هئم، ڏاڍي ٺٺ سان زندگي گهاريم پئي، غريبن، اٻوجهن جا فوٽو ڪڍي، ننڍڙن جلسن ۾ کين سڏي خانه پوري پئي ٿي ڪيم، اخبارن ۾ وڏا ليک به لکيا هئم، ٻٽاڪون ڀي هنيون هُيم ها ٻٽاڪن جو ته صفا ماهر ٿي ويو هئس، نه صرف اٻوجهن کي دوکا پئي ٿي ڏنم پر ڪئي ادارن سان ڪئي ڪوڙ سلي غريبن جي نالي لکين روپيا ڀي وٺي کاڌا هُئم، مُنهنجي پُٺ، پناهه ۽ پئسو ڏسي عزت احترام ٿي ڪئي سڀن منهنجي!!.
    “Money is power!!”
    پر هن مهل هن سُنسان ريلوي اسٽيشن تي مان نِٻل، نِستو، ڪمزور ۽ ڀڙڀانگ بيٺو هُئم!!.
    مان وڏو محترم هئس، مان ٻين انيڪ ماڻهن لاءِ وڏو ماڻهوءَ هُئس، توڙي جو منهنجو قد بنهه ننڍو هو..........
    ٻٽاڪي هئس مان هڪ درجي جو............. ڪائنر هئس مان صفا گيديءَ......... پر دنيا ۾ منهنجو قد ڪاٺ ۽ مان مرتبو پئسي تي هو باقي نڪي منهنجي ڪرتوتن تي!
    ها سو منهنجو ڪجهه لُڙهي به ڪيئن ها سيلاب ۾؟، ڳوٺ ۾ ته فقط هيڪلو گهر ڇڏي آيو هئس سو گهر ٻُڏي ويو، گهر ۾ هيو ڪجهه به ڪين سو لُڙهي ڪيئن ها!!.
    پر شانتي ڀريي گهر مان گهڻو ڪجهه درياءُ کي ارپي ڇڏيو، بچائي سگهي ته بس سُڌير کي بچائي سگهي باقي سندس سڀ ڪجهه لُڙهي ويو، سندس گهر ٻُڏي ويو، ننڍڙي آشا گيسٽرو جي ور چڙهي کائنس رُسي وئي ۽ نرمل........ نرمل ڪچي ڀِت جي هيٺيان دٻجي پنهنجا پساهه پورا ڪيا!!.
    نرمل سندس ساٿ ڇڏي ويو........... ها اُهو نرمل جنهن جي محبت ۾ هن ساهه ٿي کنيا پر هُن جي شادي شده هوندي به مون کيس چاهيو هو ۽ کائنس محبت گُهري هئم، ها اِهو منهنجو انڌ هيو جو مان سدائين ناحق تي هريل هئس پر شانتي برهم ٿيندي مون کي چيو هو؛ “منهنجي اک سُڌير جي پيءُ کان سواءِ ڪنهن کي ڏٺو ئي ناهي!!.”
    مون وس ڪيا، جتن ڪيا، سانگ رچايم، نانگ نچايم پر وريو ڪجهه به ڪين نيٺ مان بد دِل ٿي ڳوٺ ڇڏي شهر جي غفائن ۾ اچي گُم ٿي ويس!، ڪئي ورهيه شهر ۾ انيڪ حرامپايون ڪندي مون گذاري ڇڏيا پر هيلوڪين برساتن ۾ خبر پيم ته ڳوٺ ٻُڏي ويو آهي ۽ شانتي هيڪلي پُٽ سان بند تي ڪئمپ ۾ ترسيل آهي ۽ نرمل به وٽس نه آهي!.
    پُراڻي ڇِڪ من ۾ اُڀري آيم، نرمل جو ائين اڌ ۾ ساٿ ڇڏي وڃڻ، شانتي جو بي سهارا هئڻ............ ورهين پُڄاڻان دل ۾ ٺُڪرايل چاهت......... شانتي کي منهنجي ساٿ سهاري جي ضرورت هوندي ۽ مان حسرتن کي دٻائي نه سگهيم ترت رليف ڪئمپ اچي پهتس جتي اٻوجهن سان اُهي ساڳيون جُٺ گيريون ٿي رهيون هُيون جيڪي اسان به ٿي ڪيون!.
    مان رليف ڪئمپ پهتم، اُتي شانتي ۽ اٺ سالن جو سُڌير امداد جي نالي مرياڌا کي تار تار ٿيندي ڏسي رهيا ها، مون شانتي کي وٺي وڃڻ چاهيو، سندس ڪو به نه بچيو هو پر شانتي پهريان ته مون کي سُڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو!!.
    گهڻين دليلن کان پوءِ سُڃاتائين ته سهي پر....... پر مون کي ٺُڪرائي ڇڏيائين........ ها ٻِيو ڀيرو شانتي مون کي ٺُڪرائي ڇڏيو، کيس چيم؛ “شانتي مان توکي وٺڻ آيو آهيان!؟”
    “ڪهڙي رشتي سان؟؟.”، ڏاڍي کُهرائي مان چيائين، مان ڊِڄي ويس، پريشاني منجهان چيم؛ “ڇا مطلب؟.”
    “ها ڪهڙي رشتي سان آخر وٺڻ آيو آهين؟.”
    “مان تنهنجو ڳوٺائي آهيان شانتي!.”
    هن ڪنڌ ڦيري ڇڏيو، سندس نگاهه ۾ نفرت هئي، جيڪا مون محسوس ڪئي ٿي، چيم؛ “ڏس شانتي........ مان لک بُرو سهي پر تون هِت دُکي آهين مان چاهيان ٿو ته تون..........
    “سڄو ڳوٺ دُکي آهي!.”، هُن ٽوڪيندي چيو؛ “توکي هڪ شانتي ئي دُکي نظر ڇو ٿي اچي!؟”
    “پر شانتي............
    “پر ڇا؟”، هن چِڙندي چيو؛ “هي ڳوٺ وارا ڇا هن بند تي خوشي سان ويٺا آهن!؟.”
    “تون ڀل واپس موٽي اچجان جڏهن پاڻي ڳوٺ مان........
    هن زهر ڀري نگاهه سان مون کي ڏٺو ڄڻ منهنجي نيت پڙهندي هُجي!، کن رکي چيائين؛ “مان ڳوٺ وارن کي ڇڏي ڪيڏانهن نٿي وڃي سگهان!.”
    “ته ڇا تون اهڙي عذاب ۾ رهڻ پسند ڪندين؟”، کيس چيم؛ “ڪجهه سُڌير جو ته سوچ!!.”
    “ها مان اهڙي عذاب ۾ رهڻ پسند ٿي ڪريان جنهن ۾ اڄ سموري سنڌ ورتل آهي!.”، هن فيصلائتي انداز ۾ چيو؛ “سُڌير جو فڪر تون نه ڪر ۽............. ۽ مان سنڌ ته ڇڏي نٿي سگهان!.”
    “مان سنڌ ڇڏڻ جو ته نٿو چوان!؟.”.
    جهُڪيل نگاهون کڻي مون ڏي ڏٺائين چيومانس؛ “تون شهر هل مون سان گڏ......... منهنجي گهر........ هت تون اڪيلي..............
    “مان اڪيلي ناهيان!.”، هن ذري گهٽ رڙ ڪئي؛ “سمورو ڳوٺ آهي مون سان گڏ ۽ ان کان سواءِ..............
    مان چُپ ٿي پيم ۽ پٿر اکين سان کيس ڏسڻ لڳس، هن ساعت رکي چيو؛ “ان کان سواءِ سُڌير جو پيءُ به ته هت آهي اسان سان گڏ!.”، ڏٺم سندس اکيون نم ٿي چُڪيون هيون، منهنجي پيرن هيٺيان زمين ٿي نڪتي ۽ هن جي اکين جا بند ڀڄي پيا، سُڏڪن ۾ پئجي وئي، مون کيس پرچائڻ چاهيو پر منهنجا لفظ ڇسا ۽ کوکلا ها، مان ٻٽاڪي هئس، ڪوڙو دلاسو ڏيندي چيومانس؛ “سڀ ٺيڪ ٿي ويندو...... گهٻراءِ نه شانتي...........!!، مان آهيان نه توسان گڏ.”
    “بس ڪر خدارا بس ڪر.................!!.”
    “شانتي مان ڪُوڙ نٿو ڳالهايان........... تون يقين ڪر ته...............
    “مون کي تومان اها اميد نه هُئي ته ڪو...........
    “تون غلط پئي سمجهين شانتي....... مان توکي سچي دل سان چاهيان ٿو.... دل جي انيڪ گهراين سان..............
    “ڇا............!!؟، هنن گهڙين ۾ به تون اهو چوڻ آيو آهين!؟.”
    “شانتي تون غلط پئي سمجهين مان توکي دُکي نٿو ڏسي سگهان، مان تنهنجا ڏُک ونڊڻ آيو آهيان!.”
    “بس بس........ وڌيڪ خيرخواهه ٿيڻ جي ضرورت ناهي!، تون وڃين سگهين ٿو.”
    “پر............
    “چيم نه تون وڃين سگهين ٿو.” ۽ هن منهن پرتي ڦيري ڇڏيو.
    ڪجهه گهڙيون رکي کيس چيم؛ “ڏس شانتي ٿڌي دماغ سان سوچ........ تون اجايو مون کي غلط پئي سمجهين مان ته.........
    “تون اِهڙين حالتن ۾ به پنهنجي غرض پنهنجي ڪم سان آيو آهين!”، هن رکائي مان چيو؛ “تون ڳوٺ ۽ اسان جي دُک ۾ نه آيو آهين ۽ جيڪو ماڻهوءَ مطلبي هُجي ان مان چڱائي جي ڪهڙي اميد ٿي رکي سگهجي؟؟.”
    “شانتي ڏس مان مڃان ٿو ته مون غلط انداز ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪئي آهي!”، چيومانس؛ “زندگي ۾ فقط ٻٽاڪ هنيا اٿم، حرامپاين تي مون پنهنجا ڪاروبار هلايا آهن، مون غريبن جو پيٽ ڪٽي پنهنجو پيٽ ڀريو آهي، مون رُڳي پاڻ پڏايو آهي منهنجو قد بنهه ننڍو آهي پر مان هن گهڙين ۾ فقط.......
    “تون سڌو چئو چوڻ ڇا ٿو چاهين؟.”
    “شانتي انهي سڀ هوندي به مون فقط توکي چاهيو آهي سمورين سچاين سان!.”
    “توکي خبر آهي تون چوين ڇا پيو؟؟.”، هن جي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا رنگ لهڻ ۽ چڙهڻ لڳا، چيومانس؛ “ها شانتي مان توسان پريم ڪيان ٿو، توڙي جو انيڪ ورهيه مون لوڙيو آهي پر هاڻ تون منهنجو سهارو مان تنهنجو سهارو.......
    “مون کي ڪنهن جي به سهاري جي ضرورت ناهي.”
    “پر شانتي............
    “مان نرمل جي غيرت آهيان ٻُڌي ڇڏ ضمير!!.”، هڪ نفرت واري نهار سان هن مون کي چيو؛ “تون منهنجي مدد ڪرڻ نه تون پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ آيو آهين........... تون مطلبي آهين ڪوڙو فريبي.”
    “بس بس شانتي..........بس!.”، چيم؛ “مان ته تنهنجو........
    “خاموش.........!!.”، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ انتهائي سخت لهجي ۾ مون کي چيائين؛ “بهتر اٿئي ته هتان هليو وڃ مون کي وڌيڪ نه ستاءِ مان اڳ ئي جام ستايل آهيان!.”
    “پر.................
    “ڏس مان نرمل جي عزت، نرمل جي غيرت آهيان!. تون ڀُليو آهين، جي مدد ئي ڪرڻي اٿئي ته هي ڪئمپ ڏس سڄي ڪئمپ ڪيئن پئي ٿي ڳڀي لاءِ لُڇي!!.”، کن رکي چيائين؛ “هنن سڀنيءَ ڳوٺ وارن جي مدد ڪر نه خدارا!!.”
    “شانتي مان ته توکي...........
    “مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي بس.”
    “ٻُڌ شانتي مان صرف...........
    “بڪواس بند ڪر!!.”، هن رڙ ڪئي ڄڻ رليف ڪئمپ وڄي وئي ڀر پاسي جا ماڻهوءَ ڇرڪي پيا ۽ غور سان اسان کي ڏسڻ لڳا، تڏهن هن سخت ۽ کهُري لهجي ۾ چيو؛ “مان هن اڻپوري امداد تي ڪئي ورهيه دُک ۽ بُک تي گذاري سگهان ٿي پر تو جهڙي خصيص ماڻهو سان گڏ ڪڏانهن به نٿي وڃي سگهان!!، ان کان اڳ جو ڪجهه ٿئي تون هتان نڪري وڃ لالچي انسان!.”
    مون آخري نگاهه سُڌير تي وڌي ۽ واپس مُڙيس؛ “امدادي ادارن جي پئسن تي پلجندڙ رت چوس ڍونگي درندو!.”، سرگوشي منهنجي ڪنن ۾ هٿوڙا ٿي لڳي ۽ کنيل قدم بيهي ويم؛ “مون دنيا ۾ ڌوڙ پاتي آهي!، مون بس فقط وڃايو آهي شانتي.............!!.”، مون ڪنڌ ڦيرڻ بنان کيس چيو.
    “تنهنجي مهرباني ٿيندي ضمير تون هتان هليو وڃ!.”، هن ٻئي پل ۾ چيو؛ “مون کي منهنجي دين ڌرم منهنجي ڏُک درد تي رهڻ ڏي!.”
    شانتي مون کي ٻيو ڀيرو ڌڪاري ڇڏيو، اهو به اهڙين گهڙين ۾ جڏهن مون.........
    ٿيلهو ڪُلهي ۾ هڻي مان ٿڪل قدمن سان ڪئمپ منجهان هليو آيس، انهيءَ رليف ڪئمپ مان جنهن ۾ ڪِن کي ته امداد پئي ملي ته ڪن کي ڌڪا ۽ ٿاٻا پئي مليا، جن کي ڪجهه به نه مليو، ڌِڪا ۽ ٿاٻا مليا تِن ۾ ضمير به هڪِڙو هيو!!.
    مان اسٽيشن تي هلندو آيس، سوچيندو آيس، لفظ من گهائيندا رهيا، منهنجو ڳوٺ نه ٻُڏو هو، منهنجو وجود ٻُڏو هو، ٻوڏ ۾ شانتي پنهنجو سڀ ڪجهه لوڙهايو پر ٻوڏ کان پوءِ رليف ڪئمپ ۾ مون پنهنجو سڀ ڪجهه لوڙهايو هو، مون زندگي ۾ ڪجهه به ڪين ڪمايو!!، مون پنهنجي گهڻ گهُريءَ، پنهنجا خيال خواب، پنهنجون چاهتون گُمان سڀ ٻوڏ ۾ وهائي ڇڏيم، آيو ته ڪجهه بچائڻ هئس پر واپس وريس سڀ لوڙهائي ٻوڙائي!!.
    مون وڌندڙ اونداهيءَ ۾ريلوي ٽريڪ جي پرين ڀر وري نهاريو، هڪ فقيرياڻي هلي وئي هئي ٻي اڃان ٿي سگريٽ جا سوٽا هنيا، ٿورو پرڀرو ڪن ماڻهن پتي راند ٿي کيڏي، سوٽ بوٽ وارو همراهه منهنجي ڀر مان لنگهي اڳتي هليو ويو، سڀن کي جانچيم ڪنهن جي به مُنهن تي ڪا به بيچينيءَ، ڪوبه اضطراب، ڪوبه پڇتاءُ نه هو، ڊٺو مان هئس، ڊٺي سنڌ هئي!!.
    مان دنيا جو اڀاڳو شخص آهيان، دل کي ڪو سُڪون ڪونهي، مُنهنجيون اڪيلايون اڄ وڌي ويون آهن، اڄ مان ڪُوڙ جي مڪر، فريب ۽ ڊاڙ، ٻٽاڪ جي رنگين کوکلي دنيا مان ٻاهر اچي ويو آهيان، مان حقيقت جي جهان ۾ لُڇان پيو، جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي پر شانتي نه آهي!!.
    لفظ من گهائيندا رهيا پر وقت نٿي کُٽو، شهر ڏانهن ويندڙ آخريءَ گاڏيءَ نه ڄاڻ ڪٿي گُم ٿي وئي هُئي، من ٿي چاهيو جنهن گاڏيءَ ۾ مون کي چڙهڻو آهي اُها گاڏيءَ مون مٿان چڙهي گُذري وڃي ته بهتر آهي!!.
    ڇوته مون کي گُم نه ٿيڻو آهي، مون کي ته دفن ٿي وڃڻو آهي.

    * * * * * * * * * * * *


    گڏهه نواز

    گڏهه نواز

    ڪجهه ڏينهن جي وقفي کان پوءِ وري وٽس وڃڻ ٿيو،هميشه جيئان اُڪير سان مليو ۽ سِرڪي پنهنجي ڀر ۾ جگهه ڏنائين، ٻئي پل رڙ ڪري ڪانگڙيءَ کي چانهن جي ٻِن اڌڙين جو چيائين!!.
    جڏهن کان مهانگائي وڌي آهي، چانهه وارو بِندرو ڪوپ پنج کان ڏهه ۽ ڏهه کان پندرنهن رپين تائين وڃي پُڳو آهي، تڏهن کان اسان پارن ڍينگهرن چانهن جي آڌيڪن ڪوپن جي صورت ۾ ڄڻ مهانگائيءَ جو مُتبادل ڳولي لڌو آهي!!.
    پندرنهن رپين ۾ ٻه اڌ ڪوپ هوٽل واري کان وٺي پيئڻ ۽ گد گد ٿيڻ ڄڻ اسان جو معمول آهي!، گد گد ٿيڻ مان مُراد اسان انهيءَ سودي ۾ خوش آهيون باقي ڪي گهوڙا ناهيون ته ڪي گڏهه به ناهيون، بس اسان فقط اسان آهيون ۽ انسان آهيون، جيڪي اڃان تائين ڪجهه به ناهيون!.
    ڇوته اسان مان ڪنهن کي به پُڇ ڪونهي، اسان کي بس ٻه هٿ ٻه پير، ٻه اکيون ٻه ڪن، هڪ مٿو ۽ هڪ نڪ آهي جو ڪنهن ڪم جو ناهي!!.
    آهي ته وات به ۽ وات ۾ موجود هڪ عدد زبان به........... پر وات گودو ۽ زبان گُم آهي تنهن ڪري اسان سڀئي مٿو هڻي هڻي گهڻو ڪري آخر ۾ گد گد ٿيندا آهيون ۽ اهو ڪجهه ڪندا آهيون جيڪو اسان کي ڪرڻ نه کپي ۽ اسان اهو ڪجهه قطعي نه ڪندا آهيون جو اسان کي ڪرڻ گهُرجي.
    معنيٰ اسان جو ڪجهه به ڪندا آهيون اهو سڀ نه ڪرڻ جهڙو هوندو آهي، جيئن هُوءَ پُر اسرار خواب ڏسندو آهي ۽ سوچيندو آهي انهيءَ خواب کي حقيقت ۾ ڪيئن لهجي؟؟ ۽ هُوءَ سوچي سوچي چُپ ٿي ويندو آهي، پنڊ پهڻ ٿي پوندو آهي ۽ پهرن جا پهر نه ڳالهائيندو آهي، بس سوچيندو رهندو آهي ۽ پوءِ نيٺ تنگ ٿي موبائل فون ڪڍندو آهي ۽ ميسيج ڪرڻ لڳي ويندو آهي!!.
    ۽ پوءِ ميسيج اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ هُوءَ انهن کي پڙهندو انهن جا جواب ڏيندو ويندو آهي، ڪئي پهر لنگهي ويندا آهن، هُوءَ ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو آهي ان پل هُوءَ بس ميسيجن سان ئي ڳالهائيندو آهي، نيٺ دُنيا جهان کان بي سُڌ ٿي پوندو آهي، ڊگها پاڇا ننڍا ٿي ٻي طرف وري ڊگها ٿي ويندا آهن ۽ هن کي ڪل ئي ڪانه پوندي آهي!!. هُوءَ بس اڻ ڏٺل آڱرين جا ٽائيپ ڪيل ميسيج پڙهندو ويندو آهي ۽ انهن آڱرين ۽ اکين کي جواب موڪليندو ويندو آهي، جن کي ڏسڻ جي جوت سندس من مان اچي اکين ۾ گهر ڪندي آهي!.
    اُن مهل هُوءَ اصل مجنون ۽ ميهار لڳندو آهي!، ڏور ڪنهن ماڳ تي وسندڙ، اڻ ڏٺل سُهڻيءَ، اڻ ڏٺل ليليٰ کي دل ئي دل ۾ سجدا ڪندي خوابن جي پيشانيءَ رڳڙي ڇڏيندو آهي، محبت جي ڪيل سجدن جي نشانيءَ سندس آڱرين جي ڇيڙن تي ظاهر ٿي پوندي آهي ۽ لڳاتار ميسيج ٽائيپ ڪرڻ ڪري آڱوٺي ۽ اشهد آڱر جي ڪُنڊن ۾ پيل گهُٻ هن کي محبت جي سجدن جا نشان لڳندا آهن ۽ پوءِ سندس حالت ڪنهن مجذوب جهڙيءَ ٿي پوندي آهي.
    هُوءَ جنهن کي هيترا سارا ميسيج ڪندو آهي تنهن کي پنهنجي عشق جي ابتدا ۽ سندس ماءُ کي پنهنجي محبت جي انتها سمجهندو آهي ڇو ته نه هن کي ڪڏهن ڏٺو اٿائين نه سندس ماءُ کي پر هُوءُ جڏهن ماءَ جي ڊپ کان کيس ميسيج ڪندي ڪندي اوچتو ماٺ ٿي ويندي آهي ته ڄڻ هي منزل تي پُڄندي پُڄندي رهجي ويندو آهي، انهيءَ ڪري سندس ماءُ کي پنهنجو ويري نه بس پنهنجي عشق جي انتها سمجهندو آهي!.
    ها هن ڪڏهن به کيس ڏٺو ناهي، عشق جي انڌ ۾ گُم هُوءَ بس فون تي فقط ميسيجن جا جواب موڪلي مست مجذوب ٿي پوندو آهي، مون سميت کيس به خبر ناهي ته فون جي سامهون آخر ڪهڙيءَ هستيءَ آهي!؟.
    سندس سوچڻ ۽ اڻ ڏٺل محبوب کي ميسيج ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا مصروفيت آهي ته اسان وانگر ويٺي ويٺي واندا واندا سپنا ڏسڻ!.
    اُهي ٺلها ٺوٺ سپنا هُوءَ ننڊ ۾ نه ڏسي سگهندو آهي، ننڊ ۾ ته فقط ۽ فقط هُوءَ محبوبا کي ڏسندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن محبوبا جي ماءُ کي باقي سڀ سپنا هُوءَ جاڳ ۾ پٽيل اکين سان ڏسندو آهي ۽ گُم ٿي ويندو آهي.
    عشق جي خواب ۾ وڃائجڻ کان پهرين جاڳ ۾ هڪ پُراسرار سپنو هُن اسان سان گڏ به ڏٺو هو ۽ اُن سپني ڪارڻ ورهين کان کيس ڪئي دربدريون ۽ رولاڪيون سنگت جي ساٿ ۾ ڀوڳڻيون پيون پر وريو ڪجهه به ڪين ۽ مُرڳو پُراسرار خواب سندس ٻين سڀني خوابن تي چِٿرون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳو آهي، پر هن اڃان خواب ڏسڻ جي آس نه ڇڏي آهي ۽ اسان هن سان گڏ آهيون ۽ هُوءَ اسان سان گڏ آهي.
    اصل ۾ انهيءَ هڪ پُراسرار سپني ئي اسان ٽنهيءَ کي ملايو آهي جيئن چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهه تي ڳولي لهي!!.
    ها اسان ائين هڪٻئي کي ڳولي لڌو آهي................... .هُوءَ، مان ۽ پيرل پرديسي!!.
    اسان ٽئي سنگتي اُن سپني جي سُڃ ۾ رُليا پيا آهيون ۽ جُدا ٿي نه سگهيا آهيون ڇوته اهو سپنو اسان ٽنهي جو اجتماعي سپنو آهي، انهيءَ جي ساڀيا اسان جي اجتماعي ساڀيا آهي، انهيءَ جو ڏُک اسان جو گڏيل ڏُک آهي، باقي محبوبن جا خواب اسان ڌار ڌار ڏسندا آهيون، هُن جي محبوبا حيدرآباد جي هوائن جهڙي دوشيزه آهي ته منهنجي محبوبا مون وانگر موڳي آهي ته پيرل پرديسي جي محبوبا جنت جو ڪو غلمان آهي!!.
    فرق بس اِهو آهي باقي پيرل پرديسي گهڻو ڳالهائيندو آهي، مان ڳالهائي نه سگهندو آهيان ٻُڌي سگهندو آهيان سو ٻُڌندو آهيان، سوچي به نه سگهندو آهيان جو سوچڻ سان مٿو اصل لاٽون وانگي ڦيريون پائي ڦِري پوندو آهي باقي هُوءَ ئي ڪجهه وڌيڪ سوچيندو آهي جو اها بيماريءَ ننڍپڻ جي اٿس. ويٺي ويٺي سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو آهي ۽ وري اوچتو ڳالهائڻ شروع ٿي پوندو آهي، پل ۾ پاتال پيهي ويندو آهي ته پل ۾ مٿاڇري تي تريءَ ڪک پن وانگر نروار ٿي پوندو آهي.
    اڄ هن ڪجهه سوچڻ کان سواءِ معمول جي اُبتڙ ڊگهيءَ خير عافيت ۽ حال احوال وٺي هڪ وڏو ۽ نه کُٽندڙ سبق ڏيڻ شروع ڪيو، چوڻ لڳو؛ “پاٽولي گهڻا ماڻهوءَ ادب نه پڙهندا اٿئي تنهنڪري ادب به نه ڪندا اٿئي!!.”
    مان رُڏ مغز نه هئس، مان مٽر يا هنداڻو به نه هُئس، منهنجي مغز ۾ بُهه به ڀريل نه هُئي، منهنجو مٿو صفا خالي هو پر مان منُجهي پيم، هُوءَ چوڻ لڳو؛ “ها پاٽولي گهڻا ماڻهوءَ سچ ادب نه پڙهندا اٿئي، شاعري نه پڙهندا اٿئي، ڪهاڻيون قِصا، چوڻيون پهاڪا ايتري قدر جو تاريخ به نه پڙهندا آهن........... فقط نِصاب ۽ حساب ڪتاب پڙهندا آهن، ليکو چوکو پڙهندا آهن اُهي ۽............ ۽ ٿڪي پوڻ کان پوءِ نماز پڙهندا آهن اُهي!.”
    ڀائنيم چريو ٿي پيو آهي، ڪل ٿِڙي پئي اٿس، چالو پُرزو ٿي پيو آهي، اڻ ڏٺي عشق ۽ پُر اسرار خواب جي رولاڪين پويان رُلندي يا محبوبا جي ماءُ ننڊ جي خواب ۾ ڪي دڙڪا ڏئي هانءُ وجهي وئي اٿس!،؛ “ڪجهه نه ڄاڻندا آهن اِهي...............”، چوڻ لڳو؛ “اهي گهڻا ماڻهوءَ گهڻو ڳالهائيندا آهن، گهڻو ڪمائيندا آهن، گهڻو کائيندا آهن ۽ گهڻو جيئندا آهن پر اصل ۾ اهي پل به نه جي سگهندا آهن ۽ هڪ ڊِگهي عمر ماڻڻ کان پوءِ اهي گهڻا ماڻهوءَ وڃائجي ويندا آهن، ڍير ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ مِٽيءَ ۾ مِلي مِٽيءَ سان مِٽيءَ ٿي ويندا آهن، ائين گُم ٿي ويندا آهن ڄڻ ڄاوا ئي نه هئا ڪڏهن!!.”
    لڳم سندس ڪو سپنو مري پيو آهي، يا محبوبا جي ماءُ سندس ڪنهن سپني جي مٿان چڙهي وئي اٿس، حيرانيءَ مان چيومانس؛ “ڇا ٿيو آهي توکي؟، اڄ هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين تون پيرل پرديسيءَ جهڙيون!.”
    “پاٽولي سچ ٿو چوانءِ!.”، هن منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو ۽ چوڻ لڳو؛ “ڏٺو اٿئي قبرستان جي بي نام قبرن منجهه ڪئي ماڻهوءَ سٿجي صدين تائين بنان ڪنهن نام نشان ۽ سُڃاڻپ جي بي سُڌ سُمهيا پيا هوندا آهن؟، اهڙا گهڻا ماڻهوءَ عجب ۽ حيرت کان سواءِ ڪجهه به ناهن پاٽولي........، پر ڪي ٿورا ماڻهوءَ ادب پڙهندا آهن، زندگي پڙهندا آهن، سچ پڙهندا آهن، سُونهن پڙهندا آهن، قُدرت پڙهندا آهن، فطرت پڙهندا آهن، کين دل جي ديوانگيءَ ۽ عقل جون اکيون عطا ٿيل هونديون آهن.”
    “پر ايل.پي.سي...........!”، سندس پورو نانءُ لاهوتي پرمانند چوٽيال کڻڻ بجاءِ مون رڙ ڪري سندس Short نانءُ کنيو پر هُن منهنجي ڳالهه ڪٽي ورتي ۽ چوڻ لڳو؛ “اِهي ٿورا ماڻهوءُ لوڀ لالچ پالي نه سگهندا آهن.”
    “لڳيم ٿو ڪنهن سپني کي دفنائي آيو آهين!.”، مون سندس اکين ۾ ڪنهن مُئل خواب جو وڇايل تڏو ڏسندي چيو پر هُن منهنجي ٺوڙهه تي پنهنجي آڱرين جو ٺونگو هنيو ۽ چوڻ لڳو؛“اهي ماڻهوءَ ٿورو ڪمائيندا آهن، ٿورو کائيندا آهن، ٿورو جيئندا آهن ۽ جلد اُڏاميءَ ويندا آهن!!.”، کن رکي وري چيائين؛ “ڇوته اهي پل پل کي جي ويندا آهن ۽ پوءِ صدين تائين جيئندا ويندا آهن ۽ صدين تائين جيئندا رهندا آهن، ڪڏهن به نه مرندا آهن ۽ نه مري سگهندا آهن، انهن ٿورن ماڻهن ۾ سچل، ساميءَ، بلاول، عنايت، ڀٽائي...................
    “پر لاهوتي.............
    “ها پاٽولي اهي ئي ٿورا انسان صدين تي ڀاري آهن، باقي گهڻن مان مڪليءَ جو قبرستان آهي جنهن ۾ هزارين قبرون صدين کان اڃان تائين پنهنجا پنهنجا وارث ڳولين ٿيون!!.”.
    هُن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ مون بي چينيءَ ۽ بيزاريءَ کي پاڻ مٿان کنوڻ جيئان ڪرندي ڏٺو، پيٽ ۾ مروڙ جهڙي مريض وانگر، هر هر پاسا ورائڻ لڳس، تڏهن اوچتو هن کي ڪجهه ياد آيو ۽ پنهنجو Non stop سبق اڌ ۾ ڇڏي رازداريءَ سان چيائين؛ “ٻُڌ پاٽولي هڪ اُگري خبر آئي آهي!.”.
    “اُگريءَ خبر............!!.”، حيران ٿي پيس.
    “ها اُگريءَ خبر آهي انتهائي.”، هن منهن ٺاهيندي چيو.
    “ڄاڻان ٿو!.”، چيم؛ “جاڳ جو ڏٺل ڪو سپنو رسو ڇِنائي ڀڳو هوندئي!.”.
    “اڙي ڇِتو انڪشاف اٿئي!.”، هن چيو؛ “ٻُڌندين ته صفا ڇِتو ٿي پوندين!.”.
    “انڪشاف!.”، پُڇيومانس؛ “ٻُڌاءِ ڪهڙو آهي انڪشاف؟”، مان ذري تي ٻُڏتر ۾ پئجي ويس لڳم مون وارو سنگتيءَ داناءُ مان ديوانو ٿي پيو آهي اڄ..... جو اهڙيون اُبتيون ڳالهيون ڪندي وري وجهه ڏسي هُن مون کي چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪئي، پرتي ڌڪيندي چيومانس؛ “گڏهه نه ٿيءُ ايل. پي. سي!!.”.
    “مان گهوڙو ٿيڻ پسند ڪندس ويرا!.”.
    “پوءِ راجه توکي رُپئي ۾ ئي وڪڻين ڇڏيندو ڀُوڪ.”.
    “گهوڙي کي وجهه گهاڻي ۾ تون انڪشاف ٻُڌ.................”.
    “گهاڻي ۾ گهوڙو نه گهڙندو!.”، چيم؛ “بلاول گهڙندو، تون گهڙندين ۽ مان گهڙندس!.”.
    “جذباتي نه ٿي مقاميءَ غير معروف اداڪار!.”، هن ڇنڊ پٽيندي چيو؛ “انڪشاف ٻُڌ ته اڄ کان ڪئي ورهيه اڳ وتائي فقير سچ چيو هو!.”.
    مان موڳو اڳي ئي هئس ويتر مُنجهي پيس، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، وات پٽي کيس ڏسندو رهيس، هُوءَ مُرڪي رهيو هو ۽ مان سوچڻ لڳس ته وتائي ڪهڙو سچ لاهوتي کي چيو آهي!!.
    مٿي کي اصل ڀنواٽي اچي وئي، کوپڙي بجلي جي ميٽر وانگر صفا تيز گهُمڻ واري هئي ته اوڏي مهل ياد آيم وتائي ته سڀ سچ ئي چيو آهي!!.
    پر ايل.پي.سي کي اڄ وري وتائي جو ڪهڙو سچ وڻيو آهي!؟، مٿو لاٽون وانگر گهُمي گهُمي بيهي رهيو پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيم، جڏهن ڪجهه به دماغ ۾ گهِڙي نه سگهيم تڏهن کائنس پُڇيم؛ “ڇڏ يار وتائي کي!، آرام ڪرڻ ڏي هن کي، تون ٻُڌاءِ انڪشاف ڪهڙو آهي؟”.
    “اهو ئي ته انڪشاف آهي!.”، هُن وري ٺوڙهه ۾ ٺونگو هڻندي چيو؛ “مون کي خبر پئجي وئي آهي ته وتائي سچ ئي چيو هو!، تون، مان، پيرل ۽ پاڻ جهڙا ٻيا به اهڙا ڪئي ڪجهه به کڻي ڪن پر ورندو ڪجهه به ڪين ڇو ته وتائي سچ ئي چيو هو جو.”.
    “ڇا مطلب؟”، سمجهي نه سگهيم ته پُڇيومانس.
    “مطلب پاڻ ڍينگهر آهيون ۽ پاڻ ڍينگهر ئي رهنداسين!.”.
    “ڀائنيان ٿو اڄ وري ڪيلي جي کل تان ترڪيو آهين يا تو واري مستانيءَ کي ماڻس وري دٻ ڪڍي آهي ڪا!!.”.
    “نه ويرا............ ترڪيو ناهيان ٿاٻو کاڌو اٿم.”، سندس مُنهن لهي ٻليءَ جي ٻچي جهڙو ٿي پيو.
    “ڇو وري ڪا اڌوري آس من جي ونواهه مان اٿاري اٿئي يا ڪو سپنو يتيم ٿيو اٿئي!؟.”.
    “اسان جي سپنن کي ڇاهي!.”، هن ڳنڀير ٿيندي چيو؛ “اسان جا سپنا ته آهن ئي يتيم ۽ بي سهارا پاٽولي!، جيڪي ساڀيائن لاءِ نه پر مرڻ لاءِ جنم وٺندا آهن.”.
    “پر ٿيو ڇا آهي ايل.پي.سي؟؟.”، پڇيومانس.
    “پاڻ محترم نه هئاسين، پاڻ محترم نه آهيون، پاڻ محترم نه ٿي سگهيا آهيون ۽ پاڻ ڪڏهن به محترم نه ٿي سگهنداسين پاٽولي!!.”.
    “اڄ چوين ڇا پيو تون؟؟”، صفا پريشان ٿي پيس، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيم، چيومانس؛ “ڀائو طبيعت ته ٺيڪ اٿئي؟؟.”.
    “مان سئولو آهيان ويرا........... پاڻ سچ محترم نه ٿي سگهيا آهيون بس.”.
    “پوءِ اهو ڏُک اٿئي اڄ؟.”.
    “ڏُک اِهو نه اٿم............ ڏُک ته اهو اٿم وتائي سچ ئي چيو هو!.”.
    “اوهه خُدايا........!!.”، هُن کي گِهه ڪرڻ جي عادت هُئي، بيزار ٿيندي چيومانس؛ “يار ايل.پي.سي............... سچي ڪو ايل.پي.سي آهين!!، ٻيليءَ وتايو ته وتايو هو نه آخر ڀلا رت ڇو ٿو پين!.”.
    “ها تڏهن ته چوان ٿو تون مڃ وتائي جي ڳالهه.”.
    “يار وتائي ته انيڪ سچ چيا آهن.”، چيومانس؛ “تون آخر وتائي جي ڪڍ ڇو لڳو آهين اڄ؟، آخر وتائي جي ڪهڙي سچ جي پُٺيان پيو آهين اڄ؟؟.”.
    “اوهه پاٽولي............... تون ته صفا ڪو منگهڻ آهين يار!.”، هُوءَ بيزار ٿي پيو ۽ چيائين؛ “ميڄالو نه اٿئي مغز ۾!!”.
    مان مُنهن ميسڙو ڪري کيس نهارڻ لڳم، تڏهن کن رکي هُن چيو؛ “ٻيا سچ ڇڏ وتائي جا ويرا............... ها رڳو اهو سچ ڳول جنهن ۾ سندس انڪشاف آهي!.”.
    “يار وتائي جي ته مون کي هر ڳالهه سچ لڳندي آهي.”، سندس فلسفو منُجهيل هو ۽ مان ته اڳ ئي منُجهيل هئس سو ڪجُهه به نه پئي سمجهي سگهيم، چيومانس؛ “سنئون ڳالهاءِ يار!، تنهنجون هي رُڏ مغز ڳالهيون منهنجي معصوم دماغ ۾ نٿيون گهِڙن!!.”.
    “فارسي ۾ پيو ڳالهايان؟”، هُن ڇڙٻ ڏني، مُنهنجيون اکيون چِنجهيون ٿي پيون؛ “سئولي سنڌي توکي سمجهه ۾ نٿي اچي نادان!!؟”، ۽ هن ڊگهو شوڪارو هنيو، سمجهي ويس سوچ جي ڪُن ۾ غرق ٿيڻ لڳو آهي، ان کان اڳ جو هُوءَ پهرن جا پهر سوچن ۾ ٻُڏي پوي، ڪُک وارو هڪ گهوڪو وهائي ڪڍيومانس، ڪنڌ لوڏي هوش ۾ اچي ويو؛ “يار....................!!.”، وري ايترو چئي چُپ ٿي پيو، آڱر اُڀي ڪيم، ٻئي گهوڪي جي سٽ سهڻ نه هئس جو تڪڙو چيائين؛ “يار پاڻ واري سنگتيءَ پيرل پرديسيءَ جي ڄمار چڙهي وئي اٿئي!!.”.
    مان تعجب وچان کيس گهورڻ لڳس، هن ڪجهه به نه ڪڇيو تڏهن چيومانس؛ “اڙي ڇا تي چڙهي وئي اٿس ڄمار؟؟، گهوڙي تي!؟، گڏهه تي يا ڪنهن وڻ تي!؟؟.”.
    هن هٿ جون تريون مهٽيندي چيو؛ “اڙي پاٽولي پيرل پرديسيءَ هن سال مُدي خارج ٿي پيو آهي يار!.”.
    “ڇا پيرل پرديسيءَ مُدي خارج ٿي پيو آهي!؟.”، پُڇيومانس؛ “پيرل پرديسيءَ ٿيو ڪي ڊسپوزايبل سِرنج!!.”.
    “يار تون ڀي نه صفا ڪو....”، هن بيزاريءَ مان چيو؛ “پيرل پرديسيءَ over age ٿي پيو آهي!.”
    “اوور ايج!!.”، چيومانس؛ “ڇا ٿو چئين يار!، اڃان ته پيرل ڇڙو آهي، ڪو عشق به ته نه ڪيو اٿس!!.”.
    “هاڻ هُوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهندو پاٽولي.”.
    “ڇو ڪجهه نه ڪري سگهندو؟، هُوءَ جو پاڻ سان گڏ خواب ڏسندو!.”.
    “اِهو ئي ته ڏُک اٿم هُوءَ پاڻ سان گڏ هاڻ ڪي به خواب نه ڏسندو!.”، کن رکي هن چيو؛ “پيرل جي مت مري وئي آهي پاٽولي.”.
    “مت مري وئي آهي!”، چيم؛ “ڇا مطلب دل ۾ ڌڪ لڳو اٿس يا صدمي ۾ پيرل.............
    “اڙي پيرل ڇِتو ٿي پيو آهي!.“، هن ميز تي هٿ سنوان ڪندي چيو؛ “پيرل پاڳل ٿي ويو آهي.”.
    “يار مون کي ته تو ۾ شڪ پيو لڳي!!.”.
    “نه ڀائو.............. مان سالم آهيان پر پيرل پرديسيءَ...............
    “پر پيرل کي ڇا ٿيو آهي آخر؟؟.”، مان صفا چِڙي ڇِتو ٿي پيس، چيم؛ “ٻُڌائين ٿو يا مان رڙيون ڪريان؟؟.”.
    “يار چوان ته پيو پيرل جي ڪل ٿِڙي وئي آهي ڇو ته رات مون کيس اهڙي حال ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي جو ديوانگيءَ جي حالت ۾ هُوءَ مون وٽ آيو ۽ سيٺ لوٽا رام جي پُٽ مُڇو مل کي انيڪ بي ڍنگيون گاريون ڏئي بنان سُڌ ٻُڌ جي هليو ويو.”.
    “پر مُڇو مل سندس ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟؟.”.
    “اڙي مُڇومل ڇا!، هُن ته رات رئيس زوربخش ۽ سندس ڇوري جا به لاهه ڪڍي ڇڏيا!.”.
    “اڙي......... چوين ڇا ٿو؟.”.
    “ها ادا سچ ٿو چوان پيرل ڇِتو ٿي پيو اٿئي، صفا کوپڙيءَ گهُمي وئي اٿس، دماغ جا سڀ پُرزا پنهنجي پنهنجي جگهه تان ڍِلا ٿي هِلي ويا اٿس، اصل ڏاڪي تان لهي پيو آهي همراهه.”.
    “پر ڪالهه تائين ته......................
    “اوهه منگهڻ.............. هتي ته منٽن ۾ فيصلا ٿيندا آهن!.”.
    “پر ايل.پي.سي........................
    “ويرا ڏوهه پيرل پرديسيءَ جو ناهي يار!.”.
    “پوءِ ڪنهن جو ڏوهه آهي؟.”.
    “سڀ الله جي وس آهي يار!، جنهن کي وڻيس تنهن کي نوازي!!.”.
    “اڙي الله ڪو رئيس، ڀوتار يا ڪو اسيمبلي ميمبر ته ناهي جو جنهن کي وڻيس تنهن کي نوازي!؟؟.”، احتجاجن چِڙندي چيومانس؛ “اسان به ته الله جا نيڪ ٻانها آهيون توڙي جو ڪجهه...............
    “اوهه پاٽولي تون ته صفا ڪو چِمنيءَ آهين يار!!.”، هن بيزاريءَ مان چيو؛ “پر خير ڏسجانءِ هاڻي پيرل پرديسيءَ ڪڏهن خواب به نه ڏسندو ۽ نه ئي پاڻ وانگر ڪڏهن نوڪرين جا اشتهار ميڙيندو......... هاڻ هُوءَ فقط انڪشاف ڳوليندو!!!.”.
    “ڇڏ يار تو واري رام ڪهاڻي مون لاءِ ته درد هاڻيءَ ٿي پئي آهي.”، بيزار ٿيندي چيم؛ “لڳيم ٿو پيرل پرديسيءَ وانگر مان به ڪِريڪ ٿي پوندس!!.”.
    “تو جهڙا ڍينگهر ڪريڪ ئي ٿي پون ته بهتر آهي.”.
    “او ايل.پي.سي.............!، تون پنهنجي هن ٺِيهي اندر ئي رهه، وڌيڪ اسان کي پنهنجي عقل جو آچار نه کاراءِ نه ته................
    “مان ٺِيهيءَ ۾ نه رهندس پاٽولي!.”، ڌيرج سان چيائين؛ “مان بازار ۾ رهندس بازار ۾ ويرا!!.”.
    “ته پوءِ وڃ مر بازار ۾!.”، مان صفا چِڙي ڇِتو ٿي پيس، مٿو گهُمي ويم ۽ ڪاوڙ مان وڃڻ لاءِ اٿيس پر هُن ٻانهن کان جهلي ورتو ۽ ڪن ۾ ڀُڻڪو ڪري ڪجهه چيائين. ڀائنيم مذاق ٿو ڪري پر نه هُن جي اکين ۾ ڪو سپنو نه هو، هُن جون اکيون سپنن کان خالي هيون، ها اهو ڪو ڪوڙ نه هو، هُن مون کي ڌونڌاڙيندي چيو؛ “ها ويرا پاٽولي هت ائين ئي ٿيندو آهي تنهن ڪري توهان کي به....................
    وڌيڪ سندس ڪا ڳالهه سمجهي نه سگهيم، ائين محسوس ٿيو ڄڻ مُدي خارج ٿي پيو آهيان، اوور ايج، ايڪسپائر.............
    هُن پنهنجي ٻنهي هٿن سان مون کي جنجهوڙيو؛ “پر يار مُڇومل ته پنج درجا مس پاس آهي!؟.”، انتهائي مايوسيءَ وچان کيس چيم.
    “ها جانيءَ........!!.”، هُن لاپرواهيءَ مان چيو؛ “ڀوتار وارو لاڏلو ته اٺون به فيل آهي!!.”.
    “معنيٰ پاڻ سڀئي انهيءَ نوڪري کان به وياسين؟؟.”.
    “پنهنجو خير آهي ويرا.............. پهنجا اڃان ٻه چار سال پيا آهن پر پيرل پرديسيءَ جو سوچ جيڪو ڪريڪ ٿي پيو آهي هي سڀ ڪجهه سُڻي!!.”.
    “پر يار..............
    “پر کي هڻ گولي ۽ ڪو فڪر نه ڪر بس رُڳو وتائي واري سچ کي تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر!.”.
    “وتائي جو سچ.........!!!؟؟.”.
    هُن منهنجو مغز ئي ڦيرائيءَ ڇڏيو، وائڙو ٿي پيس مان، حيرانيءَ مان پُڇيومانس؛ “ڪهڙو سچ وتائي جو؟؟.”.
    “يار اِهو ئي ته الله سائين گڏهه نواز آهي!!!.”، هُن اک هڻندي چيو؛ “اچ ته گڏهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ عمر چڙهڻ کان پهرين نوازجي وڃون!!.”
    هُوءَ مون کي ڏسي مُرڪڻ لڳو ۽ مُنهنجي ڪنن ۾ گڏهه جي هينگن جو آواز آيو، مون هڪ نظر کيس ۽ پاڻ کي ڏٺو ۽ ٻِئي پل ڇرڪي پيس.

    * * * * * * * * * * * *


    اکين جا انجام

    اکين جا انجام

    ٻار اگهور ننڊ ۾،
    پر مولوءَ جي ونيءَ جي آس اکين ۾!!!.
    آڌيءَ رات، ڦُڙ ڦُڙ اڱڻ تي، ڇپر جو ٽِمڪو، هُرکُر ۽ مولوءَ جي تانگهه!!، هُوءَ پل اڱڻ تي پل ڇپر ۾ ڇو ته اکين جي اکين کي ڏنل پڪ دل جي لاءِ وڏو ڀرمان هوندي آهي پر اڄ ڀرمان ٽُٽو ٿي، ڄڻ ڪوئي ارمان ٽُٽو ٿي!!.
    ڪوئي کڙڪو، ڪوئي شپڪو ٻُڌڻ جي حسرت پر نه دُور اونداهيءَ رات ۾ سواءِ برسات جي ڪجهه به نه.....................
    اڄ پورو چوڏهون ڏينهن هو ميِنهن وسندي، ٻنيون ٻارا، گهر پاڙا، ڳوٺ، گس، پنڌ پيچرا سڀ پاڻي پاڻي لڳا پيا ها ڇو ته گذريل چوڏنهن ڏينهن کان ميِنهن مُهڙ نه مٽايو هو، روز ڏينهن جي ٻنپهرن جو اچي ٺڪاءُ ٿي ڪيائين. لنگهه لانگاها جل ٿل ڪري سنجها ويلي پُڻ پُڻ تي وڃي ٿي بيٺو ۽ پوءِ اٻوجهن جا ڇپر، منهه پئي ساري رات ٽِم ٽِم ۾ ٽُڻڪيا!!.
    هُوءَ اڄ پِرهه ڦُٽي جو گهران نڪتو ته ساجهر ئي گهر موٽي آيو، اڃان سج ٻه ٽي ڪانا مس ئي چڙهيو هوندو پر جُهڙ ۾ خبر ڪانه ٿي پئي، هُوءَ ڇپر ۾ اچي بيٺو جيڪو رات کان وٺي هنڌان هنڌان پئي ٿي ٽِميو، هن هڪ نظر ٻارن کي ڏٺو جيڪي گذريل ٽِن ڏينهن جي بُک کان ڪِنجهن ۽ ڪڻڪن پيا.
    هن ڄاتو ٿي مِينهوڳيءَ جي مُند ۾ مزدوري ته ڪا ملڻ مُشڪل آهي ڇو ته هر ڪم برسات سبب بند آهي پر سندس گهر ۾ گذريل ٽِن ڏينهن کان چُلهه نه ٻري آهي!!.
    چُلهه ٻري به ڪيئن؟؟.
    گهر ۾ نه صرف مِينهن جو پاڻي آهي پر غُربت جي ڳوڙهن به هن جي گهر جي چُلهه ۾ ڪاهيو آهي پر غربت ته اڳي ئي هئي هينئر ته سُڃائي جي بارش ڪاهي پئي هُئي، مسلسل چوڏنهن ڏينهن جي برسات سندس روزي تي لت ڏني ۽ واندي ويهڻ ڪري سندس ٻار بُک تي اچي ويا.
    برسات کان پهرين هِن جو ڀي ڪمايو هو سو يارنهن ڏينهن مِينهن جا مس ئي تڳي سگهيو ۽ هاڻ گُذريل ٽِن ڏينهن کان هُوءُ، جوڻس، ٻار، بُک، بيوسيءَ ۽ مِينهن، کِنوڻيون، ڪڙڪاٽ ۽ ڇپر جو ٽِمڻ گڏ هُيا!!.
    پيءَ کي خالي هٿين ڏسي ڪجهه سمجهه ڀريل ٻارن جي مُنهن جو پِنو لهي ويو، هڪ ٻِن روئڻ شروع ڪيو ته ننڍڙي به دانهن ۾ پئجي وئي، اِهو سڀ هِن جي برداشت کان هاڻ مٿي ٿي پيو هو، هن خالي نگاهون کڻي ونيءَ جي مُنهن ۾ ڏٺو، سندس ڄمي پٿر ٿي ويل اُداس اکين ۾ بُک بدران هن کي ڄڻ رت نظر آيو، هن ڄاتو ٿي پيءُ کان وڌيڪ ماءُ جي دل شفيق، مهربان ۽ پاٻوهه سان ٽُٻٽار هوندي آهي ۽ ماءُ ئي پنهنجن ٻچن جي اهنجن کي، ڪنهن به حالت ۾ برداشت ڪرڻ جي سختيءَ سهي نه سگهندي آهي، هن هڪ وار وري ٻارن ڏي ڏٺو، دانهون، ڪُوڪُون، بُک ۽ مِينهن، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه!!.
    ٻنيون ٻارا جل ٿل، تر، پاڙا، تعلقا، ضلعا، آسو پاسو پاڻي ئي پاڻي!!، مزدوريءَ بند، ڪم ڪار سڀ خلاص ڄڻ زندگي راڪاس!!.
    هن ٻيهر ڪنڌ ڦيري گهر واريءَ ڏي ڏٺو، جوڻس جون نظرون سندس هٿن ۾ ۽ سندس هٿن ۾ فقط پُراڻي زنگيل ڪٽيل ننڍي ڳن واري ننڍي لُنڊي ڪُهاڙيءَ!!.
    جوڻس اکيون مٿي کنيون، هن جون نگاهون سندس نگاهن سان ٽڪرايون، هن کي لڳو ڄڻ سندس هانءُ ڦاٽي پوندو نه ته پڪ زالهنس جو هينيانءُ ڦاٽي پوندو!.
    اُن کان اڳ جو برسات جي سٽيل غريب جي جُهريل جهُوپڙي ۾ ڪو غريب هانءُ ڦاٽي پوي هُوءُ انهن ئي پيرن تي پوئتي وريو، ڪچو اڱڻ سمورو گپ چِڪ جنهن ۾ گِرچڪ گِرچڪ ڪندو هُوءُ هليو آيو گهِٽيءَ تائين.
    هيٺ گهِٽيءَ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي ۽ گهِٽيءَ جي مُهڙ ۾ پيل وٿاڻ جي ڀاڻ انهيءَ گوڏي جيڏي بيٺل پاڻي کي اهڙو رنگ بخشيو ڄڻ ڪوڪا ڪولا واري بوتل جو تلاءُ!!.
    هُن ور کنيا ۽ گهٽيءَ ۾ ڪاهي پيو، ڪُهاڙي هٿ ۾ شڙپاڪ شڙپاڪ ڪندو پاڻيءَ مان روڊ تائين ڪاهي آيو. گهر جي ڇپر مان سندس واپس ورڻ زخمي شينهن وانگر هو، جوڻس ڄاتو ٿي هاڻ هُوءَ خالي هٿين نه موٽندو ۽ اويل سويل نه ته به سانجهيءَ ٽاڻي ضرور سرلاءُ ٿيندو، اهڙيءَ سُڻڪ ٿيندي ئي هُوءَ روئندڙ ٻارن کي پرچائڻ ويٺي ۽ ٻارن کي آٿتون ڏيندي سندس اکين جا بند ڀڄي پيا.
    روڊ تي رسي هن دم پٽيو، ڪا گهڙيءَ پنهنجي مُنهن بيٺو سوچيندو رهيو ۽ پوءِ وڏيري ڀورل ڏي لنگهي ويو، عرض ڪيائين، ايلاز ڪيائين، منٿ ميڙ پر وريو ڪجهه به ڪين!!.
    هي چئي مزدوري ڏي ڪائي، وڏيري جو چوڻ ڪوئي ڪم ناهي، ٻنيون ٻارا تار لڳا پيا آهن ڪم جي مُند ئي ناهي.
    ايلاز، پِٽڪا، مِنٿون ۽ پوءِ ميارون پر سڀ ڪجهه بيڪار!، خالي هٿين وري موٽيو، گهر ڏي نه پر ڪنهن ٻي واهه.
    سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي گذري ويس نه صبح ڏٺائين نه ساهه پٽيائين، ڪائي مزدوري نه ملي، نه ڪٿان ڪنهن اوڌر جي اميد سُرهائي بڻي.
    مامي وٽ آيو ٻن ڇڙٻن ڇِني وڌس پر ڪُڇيو ڪجهه به ڪين، مامي ڀُونءَ ڀُونءَ ڪيس ڀڳو چاچي ڏي؛ “چاچا او چاچا............ منهنجا ٻچا ٽِن ڏينهن کان بُک تي ويٺا آهن!!.”
    “لنگهڻ مرو ٿا ته پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟.”، هڪ رهڙ هزار رهنڊن کي جنم ڏنو، چانهه جي ڇارڻيءَ جيئان ٽُنگ ٽُنگ ٿي پيو، من پروڻ واپس وريو، جوڻس جو رت ڳاڙيندڙ اکيون هُري آيس، ٻارن جون دانهون درد بڻجي پيس، سوچن ۾ گُم، دردن ۾ دفن، هر قدم اڳتي نه ڄڻ زمين جي تهن ۾، قبر جي اونهائين ۾!!.
    ڪنهن ٻانهن کان جهليس ته ڇرڪي پيو، يار سُڃاڻي ٿڌو ساهه ڀريائين، اکر ڪو اُڪلي نه سگهيو، دوست چيس؛ “من ملول ڇو آهين؟”.
    ڀانيائين دوست درد ٿو اُکيلي............... لڳس هينگون ڪري روئي پوندو پر نه رُنو نه، خالي هٿين خالي اکيين گُلوءَ کي ڏسڻ لڳو.
    “ٻچا پيٽ بُکيا اٿئي؟؟.”، سوال جنهن سندس دل ۾ ڌڪ هنيو پر وري به ڪُڇيو ڪجهه به ڪين!، ڪنڌ ڪي پل هيٺ ته ڪي پل آسمان ڏي ۽ مياري اکيون بادل ۾!!.
    بادل چوي ٻوڙيندس توکي، هِن جي نگاهه جو جواب؛ جِيئڻ جا جتن ڪندس مان!!.
    “من...............!!.”، گُلوءَ جو آواز ڄڻ پاتال مان ڪهيءَ ايندڙ.
    “من دل نه لاهه هي وقت به گُذري ويندو!.”.
    “گُذرڻ کان ته وقت سڄو ئي گُذري ويندو پر هي درد...........!!”، کن رکي هن چيو؛ “پر هي درد ڀي گُذري وڃي ته........ ڪاش درد دفن ڪري سگهجن ها!.”
    “ايڏو مايوس نه ٿِبو آهي!.”، آٿت ڏيندي همدردي مان گُلو چيو؛ “مٺا هي ڏينهن به گُذري ئي ويندا.”
    “ڏينهن گُذرڻ کان پهرين شال هي مِينهن گُذري وڃن!.”
    “من اڄ مِينهن اچڻ کان پهرين تون سيٺ رفيق جي پيڊهي تي وڃ!”، گُلو چيس؛ “سندس پُٽ مختيارڪار آهي ٻُڌو آ سرڪاري امداد جي ٽرڪ اچي ٿي اتي، خالي هٿين ته نه موٽندين!.”
    “سرڪاري امداد جي ٽرڪ!!.”، هن تجسس مان چيو.
    “ها من........ ڀُڻڪا واڪا ته نه ڪر!.”.
    “پر اِهو ته.............
    “بس تون وڃ اتي ٻه چار ٿيلها ورهائيندا.”.
    “ٻه چار ٿيلها؟؟.”.
    “ها من ٻيو سيٺ پاڻ ورهائيندو بعد ۾!!.”.
    مرندڙ آس جي آخري هڏڪيءَ، آخري سُڏڪو، آخري ڪرڻو ۽ وِک تِکيءَ، منزل سيٺ رفيق جي پيڊهيءَ جيڏانهن هن جا کڄندڙ تڪڙا قدم.
    مولوءَ اتي جهٽ اچي پُڳو آ پر اُت ڪچهريون، کِجڪا، چانهه بسڪيٽ ۽ بوتلون، ٽهڪن ڀوڳن جون چلولايون، سيٺ، سيٺ جو ڪامورو پُٽ ۽ سيٺ ۽ سرڪار جو ڳٺ جوڙ!.
    “ٽرڪ پيڊهي تي نه گودام تي موڪلرائين ها؟”، سيٺ جا کٽا ڏند بکيا ٿي، مولوءَ ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو.
    “گودام تي ئي موڪلي اٿم.”، ڪامورڪو ڪوڙهيءَ پيٽ جنهن اوڳرائي ڏني؛ “پُڄي به وئي هوندي.”.
    “او ڇورا..............!!.”، سيٺ جو بي ڍنگو سڏ؛ “ٻُڌ سامان خيال ۽ ڌيان سان گودام تي لهرائي وڃ.”.
    “جي سائين”، نوڪر جو با ادب جواب.
    “جي سائين جا پُٽ ڪا به لاپرواهيءَ نه ڪجانءِ!.”، بي اعتباري جي سُڻڪ؛ “اڳي ئي وٺ وٺان لڳي پئي آ، متان احتياط ڪرڻ ئي وسري وڃئي......!!.”.
    “نه سائين اڳي ڪڏهن ڀلا ائين ٿيو آهي؟؟.”، نوڪر جي وفاداريءَ واري وراڻي، پُڇ جي لوڏ ڄڻ خوشامد.
    “ها ٺيڪ آ هاڻ وڃ سِگهو ۽ جلدي جلدي ٿي وڃڻ گهرجي سڀ ڪجهه.”، ايترو چئي سيٺ هوريان ڀُڻڪو ڪيو؛ “بُک ٿي مُلڪ ۾ واڪا ڪري!.”.
    “ها سائين ها............ بي اونا رهو”، چئي سيٺ جو خاص نوڪر گودام ڏانهن ٿيو روانو.
    مولوءَ جو من ملول، دل ۾ ڪروڌ ۽ لُنڊي ڪُهاڙيءَ جو ننڍو ڳن ڪمزور هٿن ۾ سوگهو!!.
    مولوءَ کي ڪي پل سوچون ورائي ويون ته ورهائڻ لاءِ آيل امداد گودام ۾ ڇو؟؟، هُوءَ ڪي پل ڪهاڙي پڪڙيو ائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ قدم کنيائين سندس وِک گودام ڏي هئي.
    گودام وٽ گپ چِڪ ۽ سوڙاڻ هئي سو پرڀرو گودام کان روڊ تي ئي ٽرڪ بيهاري سيٺ جي نوڪر ٻه ٻِيا نوڪر ساڻ ڪري امدادي ٿيلها کڻائڻ شروع ڪيا. ڪائي گهڙيءَ سوچ جي سير ۾ لُڙهندي چڙهندي مولوءَ من ٿي ٺاريو ۽ پوءِ اوٽ ۽ اوٽن اوٽن ۾ ٽرڪ جي ويجهو ۽ پوءِ سيٺ جي هڪ گُماشتي جي ڪنڌ تان جهڙپ ڏئي هڪ ٿيلهو ڇِنڻ ۽ مولوءَ جي لُوهه.............!!!.
    پُٺيان رڙ، رانڀاٽ ۽ هڪل نه ويندي نه ويندي پر بُک ۽ بيوسيءَ جي ڀاڄ باهه کان تکيءَ، هڪ ٻِن پُٺيان ڊوڙ به پاتي پر پُڳو ڪوئي به نه، اڌ تان ئي موٽيا سڀ سهڪي سهڪي!!.
    ڪنهن ساک کئني ۽ گواهيءَ ڏني، ڪنهن سُڃاتو ۽ پڪ ڪئي.
    پر مولوءَ سانجهيءَ ويلي ولوڙيل پاڻي مان شڙپاڪ شڙپاڪ ڪندو گهر پُهتو، ڇپر ته اڃان ڀي ٽِميو ٿي پئي پر اکيون خُشڪ ٿي پيون هُيون، جوڻس مُرڪي کائنس اهو ٿيلهو ورتو، ٻارن هوڪرا ڪيا پر جهٽ ماٺ ٿي ويا، ٽِن ڏينهن جي بُک ٻارن کي وڌيڪ هُل ڪرڻ ئي نه ڏنو ۽ هن ٿڌو ساهه کنيو.
    سانجهيءَ سُرهائي ٿي ۽ رت هاڻين اکين بيوسيءَ جي آڳ اُجهائي جوت جلائي، چُلهه ٻري ته ماني به پچي پئي ۽ ٻارن کيٽو شروع ڪيو، نيٺ اڳ پوءِ جي رِيس به لڳي، آليون ڪاٺيون ۽ دُونهون پر دير سوير ڳڀو ٻارن جي وات آيو، ساهه سُڌير ٿيو، مولوءَ پهريون گِرهه ڀڳو ۽ ٻاهران اوچتي سڏ سڀن کي ڇرڪائي وڌو ڇو ته سڏ اوپرو هُيو پر مولوءَ مُرڪي اٿيو، هن جو مُرڪڻ ۽ ونيءَ ٻانهن مان جهلي بيهي رهيس، هن زال جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ ورتا ۽ سندس اکين ۾ نهارڻ لڳو.
    هٿ هٿن جي مٿان ۽ اکيون اکين ۾.
    هٿن جي هٿن کي آٿت دل جو وڏو ڀرمان هوندي آهي ۽ اکين جا انجام ڪوڙا نه هوندا آهن.
    هِن جي هٿن جي هلڪي دٻاءُ ۽ اکين جي هائو زالهنس جي دل کي ڀروسو ڏنو ۽ جوڻس پنهنجا هٿ ڍلا ڪيا ته مولوءَ جا هٿ هٿن مان ڇڏائجي ويا ۽ هي ساڳيي پاڻي مان ور کڻي ٻاهر هليو آيو.
    هي ٻاهر آيو سامهون سپاهيءَ، ڪارندا، صوبيدار ۽ سيٺ رفيق!!.
    مولوءَ سلام ورايو پر سلام دُعا نه سوال جواب ۽ پُڇائون هن جو اڳ جهلي بيهي رهيون پر مولوءَ هڪ ئي جواب ڏنو؛ “امداد واري سامان تي منهنجو حق هو، مُنهنجا ٻچا ٽِن ڏينهن کان...........................
    اقرار جُرم کان پوءِ ڪنهن جاچ جي آخر گُنجائش ئي ڪهڙيءَ؟؟
    چور ٻڌجي پيو، چور جي گرفتاري، ڀُونڊا، بُجا، ڪي مُڪون، لتون ۽ ٿُڏا، سٽڪا، ڪُٽڪا ۽ گهِل گهِلان..................
    لاڪ اپ جي گندي ڪوٺڙيءَ جنهن ۾ مولوءَ ماريل ڪُٽيل، مروڙيل ۽ منُجهيل بي سُرت ۽ بي سُڌ پيل......... ڪپڙا هنڌان هنڌان ڦاٽل، جهُريل، ليڙون ليڙون ۽ رت هاڻا.
    برسات واري انهيءَ مُند ۾ ٻِئي ڏينهن هڪ خبر ريليز ٿي؛ “ڪُهاڙي برآمد، امداد جو سامان ڦُريندڙ ڦورو گرفتار!!!.”
    ٻار اگهور ننڊ ۾ پر مولوءَ جي ونيءَ جي آس اکين ۾، بس هڪ روح تتل، ٻِيو چُلهه ٻريل باقي آڌيءَ رات ۽ ڦُڙ ڦُڙ اڱڻ تي، هر شئي پُسيل هر شئي آلي، ڀِڄيل منظر سڀ، هنڌ، وهاڻو، رلي ڀي آلي ته دل ڀي آلي ته اکيون ڀي آليون، ڇپر جو وري ٽِمڪو ۽ هُر کُر، پيڙاءُ، اذيت، لُڇ ۽ مولوءُ جي تانگهه!!.
    مولوءَ جي ونيءَ پل اڱڻ تي، پل ڇپر ۾ ڇوته هٿن جي هٿن کي ڏنل آٿت دل لاءِ وڏو ڀرمان هوندي آهي ۽ اکين جا انجام ڪُوڙا ته نه هوندا آهن!!.
    پر اڄ انجام ٻُڏا ٿي ۽ ڀرمان ٽُٽا ٿي، ڄڻ ڪي ارمان ٽُٽا ٿي!!.
    ڪوئي کڙڪو، ڪوئي شپڪو ٻُڌڻ جي حسرت................ پر نه دل اُداس، بيحد اُداس، دُور دور تائين اونداهيءَ رات ۽ رات ۾ سواءِ برسات جي ٻِيو ڪجهه به نه..............

    * * * * * * * * * * * *


    رهجي ويل اکيون

    رهجي ويل اکيون

    اُن ڏينهن شام جو جڏهن آفيس مان موٽيو هئس تڏهن ڏاڍو ٿڪل هئس، وچ ۾ ڪٿي پل به بيهڻ جو ارادو نه هئم، سڌو گهر پئي وڃڻ چاهيم پر پوءِ جڏهن مارڪيٽ وٽ پهتس ته روڊ ڪناري نظر پيم هڪ وڏيءَ رنگ برنگيءَ ڇٽيءَ تي!!.
    ڪنهن فون ڪمپنيءَ جو نمائندو مارڪيٽ واري چئونڪ تي روڊ ڪناري پنهنجي ڪمپني جي ڇٽيءَ هنيو اسپيڪر تي پنهنجي ڪمپني جي مشهوري ڪري رهيو هو، ڪي هوڪا ڏئي رهيو هو، بي انت پيڪيج به ٻُڌائي رهيو هو ته ڪي وري فائدا به ڳڻائي رهيو هو. پنهنجي ڪمپني جي ڳاڙهيءَ ٽوپيءَ (CAP) پائي ۽ انهيءَ ڪمپني جي –T شرٽ پهريل اهو نوجوان ڪنهن مداريءَ وانگر هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائڻ خاطر پنهنجو آرٽ آزمائي رهيو هو.
    مان ٿڪل ته هئس پر هميشه وانگر ڪجهه مخصوص قسم جي انوکي نمبر جي ڪشش جي ڪري غيرارادي طور اتي بيهي رهيس ۽ پيل سِمون جانچڻ لڳس، مون کي ڪو نئون نمبر گهُربل ڪونه هو پر مان بس ائين ئي اُهي سِمن جا جئڪيٽ کڻي نمبر اُٿلائي پُٿلائي ڏسڻ بيهي رهيم.
    مان مختلف نمبر ڏسي ئي رهيو هئس ته ڀر ۾ ڪنهن ٻئي جي اچي بيهڻ جو احساس ٿيو مون کي؛ “شايد ڪا زائفان آهي.........!!.”، خيال ڪيم ۽ کِسڪيءَ بيٺم، هُوءَ به ٽيبل/ڪائونٽر تي پيل سِم ڪارڊ جا جئڪيٽ کڻي نمبر جانچڻ لڳي، مون نه کيس ڌيان ڏنو ۽ نه ئي هڪ نظر ڏسڻ خاطر کيس جهاتي پاتم بس چُپ چاپ نمبرز اُٿلائي پُٿلائي ڏسندو رهيم.
    هُوءَ به ڪائي دير ائين ئي نمبرز ڏسندي رهي ۽ پوءِ سِم سميت هڪ جئڪيٽ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين؛ “هان هي وٺو، هي نمبر سُٺو اٿئو........ جيڪر وٺو ته!!.”.
    کن پل لاءِ لڳم ته هُوءَ به ڄڻ ڪا ڪمپني جي نمائنده مائيءَ آهي، سِم وٺندي ڪنڌ مٿي کڻي کيس ڏٺم ته ڄڻ اکين تان اعتبار ئي وڃائي ويٺس!!. بي يقينيءَ جي عالم ۾ ڪجهه به زبان مان ادا نه ٿي سگهيو، هڪ ڳيت اُڀري جا اڌ ۾ رهجي وئي، ٿڪل ته اڳي ئي هئس پر وجود وڌيڪ ٽُٽي چُور ٿي پيو، شام جا پل جت هر منظر سرءُ جي لپيٽ ۾ ها اُت وجود سراپجي ويو ۽ ڀائنيم نِڙيءَ سُڪي ٺوٺ ٿي پئي آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن پل ڀاري ٿي ويندا آهن ته وري ڪڏهن ڪڏهن صديون واريءَ مُٺ!!. ڪي ساعتون اسان تڙپيءَ تڙپيءَ گُذاريندا آهيون ته اُهي ساعتون صدين سمان ٿي پونديون آهن، وڇوڙن جا پل سالن تي محيط ٿي ويندا آهن ۽ ڪڏهن وري زندگيءَ جا گُذاري ڇڏيل ورهيه اسان کي منٽ پل ۾ طيءَ ڪيل ڀاسندا آهن.
    ائين پل ۾، هڪ گهڙيءَ هڪ لمحي ۾ مان اٺ سال پوئتي هليو ويس؛ “هي سِم وٺو.............. ها هي نمبر سُهڻو اٿئو!.”
    “آسيه تون............!!؟؟.”، انتها درجي جي بي يقينيءَ ۽ درد!!.
    درد جنهن ۾ گُذريل اٺ ورهين جي پيڙاءُ ۽ پيڙاءُ کي پڪ ڪرڻ لاءِ سِوا ان جي ٻيو ڪجهه ڪُڇي ئي نه سگهيس.
    “آسيه..............
    “ها عليل مان..........!!.”.
    اٺ سال پهرين به هُن مون کي منهنجي نانءُ جليل بجاءِ سدائين عليل ئي ٿي سڏيو ۽ اڄ به عليل ئي چئي يقين ڏياريائين ته هُوءَ آسيه ئي آهي!.
    سندس ائين اوچتو روڊ رستي تي ملي وڃڻ ۽ اهو به مسلسل اٺ سالن پُڄاڻان يقينن مون لاءِ ڪنهن حيرت کان گهٽ نه هو!، مون کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته کيس ڇا چوان!؟، مان غفائن ۾ وڃائجي ويس، مون کان وسري ويو ته اسان بيحد مصروف رهندڙ شهر جي مارڪيٽ واري چوڪ تي روڊ ڪناري بيٺا آهيون!!!.
    مان ته ڏسي رهيو هئس مان هِن پنهنجي شهر ۾ نه هئس، هُن جي شهر ۾ هئس، هُن جو هٿ منهنجي هٿن ۾ آهي، اسان روڊ ڪناري هلندي يونيورسٽيءَ گيٽ ڏانهن وڌيا آهيون ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو مين گيٽ گذري اندر هٿ هٿ ۾ ڏئي روڊ ڪناري اڳتي وڃي رهيا آهيون، سامهون ايندڙ ويندڙ اسان کي تعجب مان ڏسندا لنگهندا پيا وڃن، پوءِ ڀي آسيه منهنجو هٿ نٿي ڇڏي، هٿ هٿن ۾ سوگهو آهي ڄڻ ڪُنڍو ڪڙي ۾ اڙيل آهي............... امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهه............... پر آسيه چئي ٿي فارم پوءِ ٿا جمع ڪرايون اچ او هُن شيلٽر جي هيٺان دِڪي تي ٿا هلي ڪا گهڙيءَ ويهون عليل!!.
    منهنجو نالو مائٽن ته جليل رکيو هو پر هن لاءِ مان عليل هئس ۽ جڏهن به جتي به هُوءَ مون سان ملي ته مون کي سڏيائين ڀي عليل!.
    سئو ڀيرا چيومانس جليل نٿو وڻنئي ته قليل چئو باقي عليل نه.
    چئي؛ “عليل ڇو نه چوان؟.”، چيم؛ “مون کي نٿو وڻي!.”
    “نٿو وڻي ته نه وڻي مان ته عليل ئي چوندم.”
    “اڙي.............. منهنجو نالو ٿي ڦِٽائين..........
    “مان ته عليل ئي چوندم.”
    “اڙي عليل ته جام بيمار ۽ چريي کي چوندا آهن!.”
    “ها.............. پر مان ته عليل ئي چوندم.”
    “زبردستيءَ آ ڪا؟؟.”
    “ها آهي ته!؟.”
    “اوهه خُدايا................
    “اوهه عليل.................
    “پاڻ کي پهرين فُرصت ۾ فارم جمع ڪرائڻ گهُرجن آسيه نه ته پنهنجي بي ڪام اڌوري رهڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا!.”، چيومانس.
    “ڀلي بي ڪام اڌوري رهجي وڃي...........”، چيائين؛ “پر پهرين پاڻ ڪا گهڙيءَ اڄ گڏ ويهنداسين.”
    مون کي تعجب لڳو، سندس لفظ، سندس اهو ملڻ ڪجهه پُراسرار......... مان پاڻ کي واريءَ محسوس ڪرڻ لڳس، وهندو ويم، ڇڻندو ويم، ائين پئي لڳم پنهنجي مدار مان ڄڻ مان کِسڪيءَ رهيو هُجان ۽ هُوءَ مون کي سوگهو ڪندي پئي وڃي يا ڄڻ منهنجي کسڪيءَ گُم ٿي وڃڻ کان اڳ مون کي ڀرپور نموني پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏڻ پئي چاهي، مون کي لڳو ڄڻ سرءُ ويجهي آهي، رنگ سڀ ڦِڪا ٿيڻ وارا آهن توڙي جو امتحانن ۾ اڃان ڪافي وقت پيو آهي پر مان ۾ ڏنل آجياڻو شايد اڄ آهي!!.
    نبض ۾ خون ڄڻ هوريان هوريان بي حرڪت ٿي رهيو هو، سڀ ڪجهه وساميو پئي ۽ اسان بئنڪ سامهون دِڪي تي اچي ويٺا آهيون، منهنجا ٻئي هٿ آسيه پڪڙي رکيا آهن ڄڻ اِجهو ٿا منهنجا هٿ پوپٽ جان گهُت هڻي اُڏامن!!.
    “خوشبوءَ ڇو آندي اٿئي؟”، هُن منهنجي آندل ڪتاب ڏي ڏسي چيو.
    “مون کي ڀي پروين شاڪر................
    “مون کي ته وصي شاهه وڻندو آهي!.”
    “ڦوٽو سُهڻو اٿس ڇا؟.”، چيم ته مُرڪي پئي.
    “سڙين ٿو عليل!!.”.
    “رقيب جو احساس ته ٿيندو نه.”، اک هڻندي چيومانس؛ “پٿر ته ناهيان جو احساس به نه پاليان!.”.
    هن ڪافي دير ڪجهه به نه ڳالهايو نيٺ پل ڊگها ٿي وڃڻ کان پوءِ چيائين؛ “عليل................
    “هُونئن..........
    “هي تنهنجي خوشبوءَ................ عمر ڀر مون کي تنهنجي ياد ڏياريندي رهندي.”.
    منهنجي من ۾ ريل جي وِسل وڳي، ڇڪتاڻ جو ڪو سائرن وڳو، ڪا رڙ ٿي، ڪا رِيهه ٿي، اوڇنگار نه نڪتي هڪ سُڏڪو ڳلي ۾ اٽڪي ويو.
    “خوشبوءَ پروين جي آ.”، چيم؛ “اسان جون ته فقط يادون آهن!!.”، مون هٿ هٿن مان ڇڏائڻ چاهيا پر آسيه منهنجا هٿ قابوءَ ڪري ورتا ۽ ڪي پل هُوءَ مُنهنجي هٿن کي پڪڙي ڏسندي رهي، ائين لڳم ڄڻ آخري ڀيرو ٿي ڏٺائين ۽ پوءِ هُن منهنجي ساڄي هٿ جي پُٺيءَ چُمي هٿ ڇڏي ڏنا ۽ ساعتن لاءِ منهن پرتي ڪري خلا ۾ گهورڻ لڳي، مون آسمان ۾ ڏٺو ڏور غفا ۾ ڪا ڏور ڪٽجي وئي هُئي، لغڙ مختلف رُخن ۾ بنان سهاري جي گهُتن ۾ پئجي ويو هو ۽ مون کي لڳو مان ڄڻ زندگي منجهان ڪٽجي ويو آهيان. آسيه پنهنجي هٿ ۾ جهليل ٽِشو ٻه ٽُڪر ڪري ڇڏيو، هڪ اڌ مون کي ڏئي ٿڌو ساهه ڀريائين؛ “عليل هلون فارم جمع ڪرائڻ؟.”
    مون سندس اکين ۾ ڏٺو، اکين ۾ سڀ ڪجهه هو مان نه هئس، هُن ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيو، خوشبوءَ سندس شولڊر بئگ ۾ وجهندي چيم؛ “ها هلو فارم جمع ڪرايون...........!!.”.
    بئنڪ جي اڳيان ٻه قطارون آهن، هڪ ڇوڪرين جي ته ٻي ڇوڪرن جي، هڪ ۾ هُوءَ آهي، هڪ ۾ مان آهيان!!. هُوءَ وياڪل آهي، مان وڍيل آهيان، گُم سُم آهيان، وڃائجي ويو آهيان، واريءَ مُٺ وانگر وهي ويو آهيان، آسيه هر هر ڇوڪرين جي قطار مان نڪري مون کي نهاري ٿي ته مان ڀڄي فرار ته نه ويو آهيان، وڃائجي ته نه ويو آهيان، گُم ته نه ٿي پيو آهيان ۽ پڪ ڪري ٿي ته مان اڃان موجود آهيان ته وري وڃي ساڳي قطار ۾ بيهي ٿي، کُٽڪي ۾ سندس اهو نهارڻ عجيب آهي!!.
    مان ٽِشو جي ٽُڪر کي پنهنجي هٿ ۾ ڏسان ٿو ڄڻ آسيه جا هٿ منهنجي هٿن ۾ آهن!.
    “عليل..................
    “هونئن..............!؟.”، ڇرڪي پيس، اٺ سال ماضيءَ جا اُڪري حال ۾ اچي ڪريس.
    “مان هت آهيان.”، چيائين.
    “مان تنهنجي شهر آهيان.”، چيومانس.
    “مان هتي آهيان هتي!.”، چيائين؛ “هتي تنهنجي شهر ۾!!”.
    “پر تنهنجو شهر ته................
    “مون هن شهر کي پنهنجو ڪيو آهي عليل، مان هتي آهيان.”.
    “ها............. تون هتي ئي آهين!.”، کيس چيم پر هُن کي ڪهڙي خبر ته هُوءَ هت ناهي، هُن کي ته اٺ سال پهرين مان وڃائي چُڪو آهيان!!.
    “جي مان هت آهيان ته پوءِ تون ڪٿي آهين؟؟”، هن مُرڪي چيو.
    “عليل ته غفائن ۾ هوندا آهن آسيه!.”، چيومانس.
    “معنيٰ اڃان ڀي جاڳ جا سپنا ڏسندو آهين؟.”
    “سپنا ڪي اسمگلر ته ناهن جو هنن جي اچڻ تي ڪا پابنديءَ لڳائجي!.”، چيومانس.
    “داخله ممنوع جو بورڊ پنهنجي ڪنڌ ۾ ٻڌي ڇڏ.”، هن چيو؛ “ته جيئن جاڳ جا سپنا تنهنجي سوچ جي سرحد تي پرواز نه ڪن.”
    “سپنا ته سپنا آهن آسيه!!.”، چيومانس؛ “ڪنهن مومن جي ڌيءُ نه آهن جو وچ راهه ۾ ڪنهن مُلحد ڪافر کان وِڇڙي وڃن!”، منهنجي طعني هن جو ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو. ڪجهه ساعتون چُپ رهڻ کان پوءِ هُن چيو؛ “غفائن ۾ رهي رهي عليل مان قليل ٿي ويو آهين!.”
    “غفائن ۾ ئي ته آسيس آهي!.”، مُرڪي کيس چيم.
    “ڀلا ڪيڏانهن هلندين به يا هت روڊ ڪناري ئي بيٺو هوندين؟؟.”
    مون سان گڏ ته تو هلڻ ئي نه چاهيو جي هلين ها ته اڄ ساميءَ نه هجان ها اهو کيس چوڻو هُيم پر چئي نه سگهيم، گڏ هلڻ جا گس ته وڃائجي ويا ها پر کيس ڪهڙي پروڙ کيس ڪهڙي ڪل!!!.
    “سِٽي هوٽل تي ڀلا هلون؟؟.”، هُن ئي چيو.
    “ها هلو.”
    هڪ عرصي کان پوءِ هن جو وري گڏ هلڻ، هر وِک هر قدم زندگي وئي ٿي پوئتي ٿِڙندي پر هن جي هر هر ڪنهن سوال ٿي سنڀاليو مون کي ۽ مان هن سان گڏ ڪنهن عجيب ڪيفيت ۾ سِٽي هوٽل پهتس، منهنجي حالت، منهنجي ڪيفيت ڏاڍي عجيب ٿي پئي هئي، اُن پل هوٽل جو ماحول ڀي مون کي پُراسرار پئي محسوس ٿيو.
    هُوءَ سامهون ڪُرسيءَ تي خاموش ويٺي رهي، عجيب ماحول جُڙي پيو، هوٽل ۾ بيحد خاموشي هئي جا لُطف ڏيندڙ پئي لڳي، مون ڪُجهه هن سان ڳالهائڻ پئي چاهيو، ها ڪي پُڇڻ ۽ ڪجهه ڄاڻڻ پئي ٿي چاهيو آسيه کان مون!!.
    ها آسيه جي اڪابر پيءُ جو احوال وٺڻ ٿي چاهيو مون جنهن جي ڪري آسيه.............
    پر سمجهه ۾ نه پيو اچيم ته ڇا ڳالهايان!!.
    هُوءَ به مُسلسل چُپ ٿي ڀِت بڻيو ويٺي رهي ڄڻ مون وانگر ٿي سوچيائين ته آخر منهنجي ڪافرپائين جو پتو ڪيئن لڳائي، مان مُحبت ۾ سرود دُکم دُکم ٿي پيو هئم پر هُوءَ ته فرقن جي تفرقي ۾ وچڙي پئي هئي!.
    هڪ گهِري ماٺ کان پوءِ جڏهن بيرو چانهه جو آرڊر وٺي هليو ويو تڏهن چيومانس؛ “آسيه.....!”
    هُوءَ خالي نظرن سان مون کي ڏسندي رهي، ڪي پل خاموشي ڄڻ لفظن جي ڳولا................ اڻ چئي ڳالهه جي ڳولا............
    “ها چئو........”، مون کي چُپ ڏسي هُن چيو.
    مان پنهنجو پاڻ کي ويڙهي ورتو ۽ چوڻ لڳس؛ “آسيه................”، هُن مون ڏي ڏٺو، چيومانس؛ “جنهن ڏينهن پاڻ بي.ڪام فائنل جا امتحاني فارم جمع ڪرايا ها................
    “ها اُها آخري تاريخ هُئي فارم جمع ڪرائڻ جي.”
    “ها اُها آخري تاريخ هئي پنهنجي!.”، چپن ۾ چيم؛ “فارمن جي آخري تاريخ اڄ ڀي ياد اٿئي پر انهيءَ ملاقات ۾ وڇڙي وڃڻ واري اُها آخري گهڙي ياد نه اٿئي!!!.”
    “ڇا...........؟؟.”
    “ڪجهه نه.”، مو ٿڌو ساهه ڀري ورتو.
    “چئو نه عليل........
    “ها پنهنجي اُن مُلاقات کي مون نه سمجهيو هو ته ڪا اُها آخري ملاقات هوندي!.”
    “ها تو ٺيڪ ئي سمجهيو هو اِهو ته.”، آسيه چيو ۽ مون حيرانيءَ مان هن ڏي ڏٺو؛ “ها عليل..............”، هُوءَ چوڻ لڳي؛ “جي آخري ملاقات سمجهين ها ته اڄ ٿورئي پاڻ ملون ها!!.”
    “نه پر.................
    “نه پر ڇا عليل؟؟.”
    “پر اڄوڪي ملاقات ته اتفاق آهي محِظ!.”، چيم؛ “اُها ملاقات جنهن ۾ تو منهنجا هٿ ڪافي دير پڪڙي رکيا ها اُها ته آخري ملاقات ئي ثابت ٿي!.”
    “نه اُها آخري نه هئي.”، هن مُختصر چيو ته تعجب ۾ پئجي ويم.
    “آخريءَ نه هُئي!!؟؟.”
    “ها............. آخري نه هُئي عليل.”
    “آخري نه هُئي ته ڀلا هي يڪا سارا اٺ سال آسيه؟؟.”، منهنجي سوال ڄڻ هُن جي هانءُ ۾ هٿ وڌو، هُوءَ خاموش ٿي وئي، ڪجهه به نه ڪُڇيائين، مون هُن جي اکين ۾ ٿي نهارڻ چاهيو پر سندس نظرون ٽيبل تي ڄميل هُيون، پٿر اکيون برف وانگر ڄميءَ ٽيبل تي ئي رهجي ويون!!.
    مون سندس چهري کي تڪيندي پنهنجو پاڻ کي هُن ۾ وڃائي ڇڏيو، بيري ٽيبل تي چانهه رکي، ڪوپن جي کڙڪي اسان ٻنهيءَ کي ڇرڪائي وڌو ڄڻ اسان ٻئي ننڊ مان اٿيا هُجون!.
    هُن چانهه ٺاهيندي پُڇي ورتو؛ “ڪا نوڪري مليئي يا نه؟؟.”
    “نوڪري جو ڇاهي آسيه!!.”، چيم.
    هُن پنهنجو هٿ روڪي ورتو، گهُنڊ وجهندي چيائين؛ “ڇا مطلب؟؟.”
    “مطلب ته نوڪريون ملي ئي وينديون آهن.”
    “يعني انيڪ نوڪريون ٿو ڪرين!؟.”، هُن چانهه ٺاهي ورتي.
    “انيڪ ته نٿو ڪريان پر ڪجهه ڪري ڇڏي چُڪو آهيان!.”، چيم.
    “۽ اڄ ڪلهه؟؟.”
    “اڄ ڪلهه واندو نه آهيان!.”، کن رکي چيم؛ “ڪنهن فرم جي مٿي جو سور بڻيل آهيان مان.”
    “۽ شاديءَ؟”، هُن پُڇيو ۽ مان چُپ ٿي ويم، تڏهن هُن پُڇيو؛“کنڊ هڪ چمچ؟”.
    مون ڪنڌ لوڏي ها ڪئي ڳالهايم ڪجهه ڀي نه، هُن کنڊ ڪپ ۾ وجهندي چيو؛ “مون شاديءَ جو توکان پُڇيو؟؟.”
    مان چُپ رهيم هُن ڪپ وڌائي ڇڏيو ۽ سواليه نگاهن سان مون کي ڏسڻ لڳي، مون هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو؛ “تو ڪئي آ آسيه........... ڪافي آ.”
    “پر تون ڪڏهن ڪندين؟؟.”
    مان ڪجهه ڳالهائي نه سگهيس، هُوءَ ڪائي دير مون کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ چيائين؛ “شاديءَ ڇو نٿو ڪرين؟”
    “ڇو جو ڪو جواب نه هوندو آهي ڊيئر آسيه!!.”، چيم.
    “پوءِ ڪنهن سان عشق هوندئي!”
    “عشق ته سدائين رهيو آهي.”.
    “پر منهنجو مطلب آهي ڪنهن سان چڪر هوندئي.”
    “چڪر!؟؟، چڪر باز آهن ڇوڪريون!.”، چيم؛ “ڪٿي ٿيون چڪر هلڻ ڏين اسان جو ڪو!”
    “معنيٰ چڪر هلائڻ جي ڪوشش ۾ آهين؟؟.”.
    “نه مان ته چڪر ۾ اچي چڪرائجي چُڪو آهيان ۽ هاڻ..............!”.
    “۽ ڇا هاڻ؟؟”.
    “۽ اُن چڪر ۾ ئي آهيان اڃان ته!!.”
    “ڪا ته هوندي عليل؟.”
    “ها ڪا ته آهي آسيه!.”
    “ڪير آهي؟، ٻُڌا مون کي؟؟.”
    “توکي ته اُن جي خبر آهي آسيه!.”، چيم؛ “وڌيڪ ڇا ٻُڌايان توکي؟؟.”
    هُوءَ جڏهن سمجهي وئي تڏهن چيائين؛ “مان اُن جو نه پئي پُڇان، ٻي جو ٻُڌاءِ پليز؟.”
    “ٻي ڪائي ڪونهي ان کان سواءِ آسيه.”
    “ڪا ته هوندي عليل؟؟.”
    “نه ڪائي ڪونهي مون لاءِ عليل............. سڀ ڀاءُ ٿيون چون مون کي!!.”
    “توکي ڏُک ٿو ٿئي؟.”
    “ڇا جو ڏُک؟.”
    “ڇوڪريون توکي ڀاءُ ٿيون چون جو!.”
    “نه ڀاءُ ٿيڻ ۾ ڏُک ڇا جو آهي ڀلا؟؟.”
    “پوءِ ڀي..............؟؟.”
    “نه................. ضروري ناهي ته هر ڇوڪري آسيه ئي هُجي!.”
    “پر ڪا ته سُهڻيءَ صورت............
    “سُهڻيءَ صورت وارا بي وفا هوندا آهن آسيه!.”، چيم.
    “نه ائين ته ڪونهي عليل.”
    “نه ائين ئي آهي.”، چيم؛ “سُهڻيءَ صورت واري کي پنهنجي سُهڻيءَ صورت جو ڀرمان جو هوندو آهي!.”
    هُن ڪجهه ڀي نه ڳالهايو تڏهن کن رکي چيم؛ “سُهڻيءَ صورت واري لاءِ ته سئو عليل هوندا آهن، هڪ عليل ويو ته ٻيو عليل حاضر.............. تنهن ڪري عليل تي اک نه ٻُڏندي آ ڪڏهن!!.”
    “مون کي ٿو چئين؟؟.”، هُوءَ ڄڻ وٺجي پئي.
    “نه......... راءِ عامه جي ڳالهه ٿو ڪريان مان ته.”
    “راءِ عامه غلط به ٿي سگهي ٿي.”
    “چور کي clean shave هُجڻ کپي آسيه!!.”
    “ها پر سڀني سُهڻي صورت وارن کي بيوفا چوڻ ته blame ڪرڻ آهي.”
    “ها شايد.........!!.”
    “چانهه ٺري چُڪي آهي!.”
    “ها شايد ٺري چُڪي آهي...........!.”، هن سِپ سِپ چانهه ٿي پيتي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ مون کي به نهاري ٿي ورتائين!، من جو صحرا ڏاڍو تتل هُيو، مون ڀي ڪپ کڻي ورتو، ڪڏهن ڪڏهن الاءِ ڇو ڪجهه عجيب ٿي پوندو آهي، ڪي اتفاق الاءِ ڇو ٿي پوندا آهن، جن جي اسان کي ڪا توقع ئي نه هوندي آهي!!.
    وڇوڙي جا ورهيه مون يادن کي سُمهارڻ ۾ طيءَ ڪيا، خود کي آٿتون ڏئي مون پل اُڪاريا، زخم جن کي مون لُڇي نِڀايو ۽ وري اوچتو هڪ ملاقات ۾ سڀ زخم اُڊڙي پيا، اُکڙي پيا!!.
    ڪڏهن ڪڏهن اسان سان اهڙا اتفاق الاءِ ڇو ٿيندا آهن.
    “تنهنجي فرم ۾ ڪا مائيءَ ملازم آهي عليل؟؟.”، هُن ڪپ ٽيبل تي رکندي پُڇيو ۽ مان ڇرڪي پيس، سندس سوال ڄڻ کوج هُجي، ڪي گهڙيون کيس ڏسندو رهيس ۽ پوءِ چيم؛ “مائيءَ................!؟؟.”
    “ها عليل............. ڪا ملازم مائيءَ؟؟.”
    “انيڪ آهن.”، چيم.
    “نيڪ به آهن؟؟.”
    “مون لاءِ ته سڀ نيڪ ئي آهن!.”
    “ٺيڪ آ ڀلا ڪا مشهور..........”، چيائين؛ “منهنجو مطلب آهي ڪا توجه طلب؟.”
    “اسان واري فرم اخبار جو توجه طلب وارو صفحو ته نه آهي آسيه!.”، چيم؛ “۽ نه ئي اسان جي اداري ۾ڪا فلمي اداڪارا ملازم آهي.”
    “پر پوءِ به؟؟.”
    “نه ميڊم مشڪري ڀي ڪانهي اتي!.”
    “منهنجو مطلب آهي ڪائي اهڙيءَ جيڪا تنهنجي مرڪز نگاهه هجي عليل!.”.
    “سڀ ميڪ اپ ڪري ئي اچن ٿيون، سڀ مرڪز نگاهه آهن!.”، چيومانس؛ “حليمه جا ڦِڏا پير به ڏسڻ جهڙا آهن ته شگفته جو ڦاٽل نڪ ڀي عجيب آهي ته گُلشن جون ٽيڏيون اکيون.................
    “ڪنهن جي نالي گهٽ وڌ نه چئبو آهي عليل.”، آسيه چيو؛ “ڪنهن مان عيب نه ڪڍبا آهن.”
    “تو ئي ته چيو آسيه ڪا مرڪز نگاهه..............”، چيم؛ “پر توکي خبر هئڻ گهُرجي اسان پارا ماڻهوءَ Re-take کان عاري هوندا آهن.”
    “ها توهان مرد حضرات ته رهندا ئي مسجد شريف ۾ آهيو!.”، هن ٽوڪيندي چيو؛ “اهي من گهڙت فقرا ئي اوهان جي ڇسي فلسفي کي ظاهر ڪن ٿا عليل.”
    “اسان جو فلسفو ڇسو آهي؟؟.”
    “گهٽ ۾ گهٽ محبت جي باري ۾ ته اوهان ناٽڪيءَ آهيو.”
    “مان زندهه مثال تنهنجي اکين جي اڳيان آهين پوءِ ڀي؟؟.”، چيومانس؛ “ٿي سگهي ٿو ائين هُجي ڀلا.“.
    “ها پر تڏهن ڀي محبت جي معاملي ۾ اوهين ته ڍونگي ئي آهيو.”
    “ها اسين سڀ پاڪ پويتر ته نه آهيون!.”، کن رکي چيومانس؛ “ضرور اسان ۾ ڪي واپاري ڀي ته هوندا اوهان سڀن وانگر.”
    هُن گهور ڪري مون کي ڏٺو ۽ چيائين؛ “اسان سڀن مان تنهنجي مُراد؟؟.”
    “اوهان سڀ.................!”، چيم؛ “اوهان سڀ عورتون................. بلڪه............. مظلوم عورتون!!.”
    “نه وضوءَ ۾ ته هر وقت تون ئي رهندو آهين ها نه؟؟.”، آسيه چِڙندي چيو.
    “تسبيح ٽُٽي پئي آهي آسيه!.”، چيم؛ “داڻا سڀ وکري ويا آهن.”
    “پوءِ ٻُڌاءِ نه!؟.”، هن ضِد ڪندي پُڇيو؛ “ڪنهن ٻي مظلوم عورت کي تڪيندو آهين يا نه؟؟.”
    مان هن جي مُک کي تڪيندو رهيس تڏهن هُن ٻيهر پُڇيو؛ “عليل........؟؟.”
    “ڇا ٻُڌايان؟.”
    “اِهو ئي ته اڄ ڪلهه ڪنهن سان................
    “ڪوئي ڀي ناهي.”
    “نٽائين پيو مون کان يا ڳالهه کُٽائين پيو؟.”
    “نه نٽايان ٿو ۽ نه ئي ڳالهه کُٽايان پيو.”، چيومانس؛ “پر الاءِ ڇو يڪو اٺ ورهين کان عليل ئي آهيان.............. جليل ٿي نه سگهيو آهيان!!.”
    “۽ اٺ ورهيه پهرين؟؟.”، هن ائين پُڇيو ڄڻ ڪجهه به نه ڄاڻندي هُجي.
    هُن کي چڱيءَ طرح خبر هُئي ته اٺ ورهيه پهرين اسان ٻنهيءَ ڪو وقت گڏ گُذاريو هو، انيڪ راتيون گڏ جاڳندي وهاميون هُيون، ڪئي سج اُڀري لٿا ها ۽ شامون هٿ هٿن ۾ سنجها ٿي ويون هيون ۽ اڄ...............؟؟.
    “هُن سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو؟؟.”
    “نه نه جيڪر سڀ ڪجهه وساري ها ته پوءِ اڄ مون کي ڪيئن سُڃاڻي ها!!. ضرور هن کي ياد آهي پهرين ملاقات، ٻين ملاقات، ٽين ملاقات ۽ پوءِ پل پل، پهر پهر، گهڙيءَ گهڙيءَ ۽ سڀ ڪجهه!!.”
    “پر آسيه جو ائين پُڇڻ؟؟.”، پنهنجي پاڻ کان انيڪ سوال جن جا جواب نه آيا ڏيڻ مون کي.
    “عليل..............
    “هونئن..............
    “ڇا پيو سوچين؟.”
    “ڪجهه به نه!.”
    “اداس آهين؟.”
    “نه ته........!.”
    “ڪو ڏُک اٿئي؟؟.”
    “جي نه ته.”
    “تعجب آهه!!.”
    “ڇو..................؟؟.”
    “ڪاوڙ ڀي نه اٿئي؟.”
    “بلڪل نه پر ڇو؟؟.”
    “اٺ سال پهرين............. ”، هُوءَ چوندي رُڪجي وئي، مون کيس ڏٺو ۽ سندس نگاهون هيٺ ٿي پيون، ڪنهن پل هيٺ پيرن کي ٿي تڪيائين ته ڪنهن پل هٿ جي خالي ترين کي، ڄڻ ترين جي لڪيرن ۾ وڃائجي ويل لڪيرون ٿي ڳوليائين!!.
    “ڇا اٺ سال پهرين آسيه؟.”، پُڇيومانس ته هُن ڪنڌ مٿي کنيو، هڪ نگاهه وري مون کي ڏسي وري نگاهه جهُڪائي ڇڏيائين، ڪو بند هو جيڪو ساڻس نٿي ڀڳو، جنهن جي جُستجو ۾ هُوءَ نظر پئي آئي!!.
    ان کان اڳ جو مان کائنس ڪجهه پُڇان هُن چيو؛ “جليل............ سچ ته مان توکان ڏاڍي شرمنده آهيان.”
    “ائين نه چئبو آهي چريءَ.”
    “ها سچ...................
    “پر ڇو ته ڀلا؟.”، چيومانس؛ “آخر ڇو شرمنده آهين؟.”
    هُن جي نماڻي نهار مون ڏانهن اُٿي ۽ ڌيرج سان چيائين؛ “جليل توکي خبر آهي منهنجو بابا ڪڏهن ڀي...............
    “ان ۾ شرمنده نه ٿيڻ گهُرجي.”، چيومانس؛ “ضروري ناهي ته..............
    “پر مان توسان وفا ته ڪانه ڪري سگهيس جليل!!.”
    آسيه ٻيو ڀيرو منهنجو نالو ورتو............... مون کي سُٺو لڳو، چيومانس؛ “اها بي وفائي ڪانهي آسيه!.”، هن تعجب مان مون کي ڏٺو تڏهن چيومانس؛ “اها مجبوري آهي بي وفائي نه..
    “پر جليل...............
    “ها آسيه جي عبادتگاهن کي ٻُهاري ڏيندڙ هُجان ها ته توکي ائين ٿورئي پل پل ياد ڪندو رهان ها!!.”
    “ڇا مطلب جليل؟.”
    “مطلب......... تنهنجو پيءُ مون کي پرهيزگار سمجهي توکي منهنجو ڪري ڇڏي ها!.”
    “اهو توکان پُڳو ڪونه!!.”
    “سجدا دل سان ڪجن آسيه ڪنڌ وارا ڪهڙا سجدا!!.”
    “پر جي ڪنڌ جهُڪائي وٺين ها ته.............
    “ڪنڌ جهُڪائڻ اهم ته نه آهي آسيه!.”، چيومانس؛ “پر پنهنجي پاڻ سان فريب ڪيئن ڪجي؟؟.”
    منهنجي ڳالهه جو هن ڪو به جواب نه ڏنو بس هُوءَ چُپ رهي، مان ڀي چُپ ٿي ويس، مان ڇسو هئس، منهنجو ڳالهائڻ ڀي ڇسو ٿي پيو، لفظ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺا، هُوءَ ڏُکاري ٿي پئي، مون ڏُک ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، مان گُذري آيو هئس، مون گُذري وڃڻ ٿي چاهيو، هُن جي من ۾ ڇيت هُئي، ڇيت ته منهنجي من ۾ به هُئي پر مون ڇيت کي دفن ڪري ڇڏيو هو دل ۾.
    “ڪجهه ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته هر ڀيري ڪو سبب هُجي، ڪڏهن ڪڏهن بنان سبب جي ڀي ڪجهه ڪري ڇڏبو آهي!!!.”
    “جليل................!!.”،
    هوءَ اُداس ٿي پئي، هن عليل چوڻ ڇڏي ڏنو، مان ڄڻ اهو عليل رهيو نه هئس!!.
    ڪافي وقت ٻُڏڻ کان پوءِ هُن وري آواز ڏنو؛ “جليل...............!!.”، مان ڀي ڪنهن لهر ۾ لُڙهندي بچي ويس.
    “او جليل..............
    “ها چئو....”
    “بائيڪ نه اٿئي نه؟.”
    “نه.............!!.”
    “اڃان پنڌ هلين ٿو؟؟.”
    “ها ڊبل ون اٿم............. اڃان پنڌ هلان ٿو.”
    “مون کي وڃڻو آهي جليل!.”
    “وڃڻ وارن جا رستا موڙي نه سگهبا آهن آسيه!!.”، هُن خالي نظرن سان ڏٺو ته چيومانس؛ “رڪشه ڪري ٿا وٺون؟”
    “تو وٽ ڀاڙو نه هوندو!.”، پل رکي مُرڪندي چيائين؛ “عليل جو آهين اڃان!!.”
    “ها ڀاڙو ته نه اٿم!!”، چيم؛ “پر تون ته آهين!!.”
    “تون جهٽ جليل ٿي پئو ته............
    “ته ڇا؟؟.”
    “ته هاڻ پوءِ ئي توسان ملڻ ايندس مان.”
    مان مُرڪي پيم تڏهن هن چيو؛ “منهنجي Husband سان ملندين تون؟”.
    “ها ملي ته وٺندس پر................
    “پر ڇا؟؟.”
    “پر هُوءَ پُڇندئي ڪونه ته ڪير آهي عليل؟؟.”
    “هُوءَ منهنجي پڪي ڌاڳي ۾ آهي!.”، مُرڪي پئي.
    “خبر پئجي ويس نه ته مان ڪنهن جو عليل آهيان ته.............
    “ڌاڳي جي اثر مان نڪرندو ته خبر پوندس نه!!.”
    مان هن کي ڏسندو رهيم ۽ هُوءَ ڪائي دير ائين ڀوڳ ڪندي رهي پر ڀوڳن درد نه سُمهاريا تڏهن هُن وري چيو؛ “مون کي وڃڻو آهي عليل............
    مون کي خبر هئي مان ڪڏهن به جليل ٿي نه سگهندس تڏهن ته هن مون کي وري ٿي عليل سڏيو؛ “مون کي وڃڻو آهي عليل!.”
    “قدم جي ٻڌي سگهجن ها ته وڇوڙن جا وجود ئي نه هُجن ها!.”، چيم.
    آسيه چُپ ٿي وئي، ڪافي دير ماٺ ڪجهه ڀي نه ڪُڇائين، ٽُٻيءَ ۾ پئجي وئي، جڏهن واپس موٽي تڏهن نه ڄاڻ الاءِ ڪيترا غوطا کائي موٽي!!.
    “هل رڪشه ڪيون ٿا.”، چيومانس.
    ٿڌو ساهه ڀري چيائين؛ “هُوءَ تو وانگر عليل ته نه آهي!.”
    “هُن وٽ بائيڪ ته هوندي!”، اکيون اکين ۾ وجهندي چيومانس.
    خالي مُرڪ مُرڪندي چيائين؛ “هُن وٽ ڪرولا آهي عليل!.”، هُوءَ اُٿي بيٺي، مان هٿ جون تريون مهٽي ساڻس اُٿي پيس، هُن مون کي ڏسندي چيو؛ “مان هلان ٿي عليل................
    “ها توکي وڃڻ گهُرجي آسيه!!.”، چيومانس.
    هُن پنهنجو پرس سنڀاليو ۽ هڪ نظر مون کي ڏسندي چيائين؛ “چانهه جو بِل................؟؟.”
    مان هُن جي اکين مان اکيون ڪڍي نه سگهيم پر هُن نظرون چورائي ورتيون؛ “محبت کي ڪيئن نه هِن دنيا جي مول ماپن جي ٽِڪساٽ تي ٽنگي ڇڏيو اٿئي!!!.”، چيومانس؛ “بل ڏئي وٺندس مان.”
    هُن اجهاڻل اکين سان مون کي ڏٺو؛ “ها آسيه تنهنجي Husband وٽ Corrolla ڀي هوندي ته ڪاروهنوار ڀي هوندو پر تنهنجي عليل جهڙيءَ علالت نه هوندس، چريائپ نه هوندس............. چنڊ هوندس پر چڪور نه هوندس............. چاهت نه هوندس!!!”، اهو مان چئي نه سگهيم.
    مان هُن کي ڏسندو رهيم، هُن وچ ۾ وري چور نظرن سان مون کي ڏٺو؛ “منهنجو Husband منهنجو انتظار پيو ڪري!!.”، هُن پنهنجو فون ڏسندي مون کي چيو؛ “مان هلان ٿي عليل!!!.”
    هُوءَ در ڏانهن مُڙي وئي................ مون هُن کي پُٺيرو ويندي ڏٺو ۽ ڏٺم ٽيبل.............. جنهن جي شيشي تي ڪي نظرون ڪِريل هُيون، ڪِريل نظرون شيشي تي پٿر ٿي ويل، برف وانگر ڄميءَ سرد ٿي ويل.

    * * * * * * * * * * * *


    هُوءَ مري وئي

    هُوءَ مري وئي

    “هُوءَ مري وئي آهي!!.”.
    انتهائيءَ ڏُٻري ۽ ڪمزور شخص، جنهن جو بُت ڪنهن هڏائين پنڃري کان گهٽ نه هُيو، اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس ۽ مُنهن سُڪل چُوپي جهڙو هئس، اڌ اڇي مٿي واري اُن شخص چيو؛ “هُوءَ مري وئي آهي!!.”
    ساڻس ويٺل پنج ست ڄڻن سندس آواز کي ڪنايو، هڪ ٻه ڄڻا گهُنڊ وِجهي کيس ڏسڻ لڳا، سندن ڀِرون ڳُتجي ويا ۽ باقي پنهنجين کاڏين ۽ لوندڙين کي هٿ جي ٽيڪ ڏئي سوچ ۾ ٻُڏي ويا.
    “توهان کي يقين نٿو اچي!؟؟.”، هُن ڏُٻري وري چيو؛ “مان چوان پيو نه ته هُوءَ مري وئي آهي.”.
    “نه........ مُئي ناهي اڃان!!.”، ٿُلهي گينڊي جهڙي همراهه، جنهن جي ٽِڪڻ تي هڪ وار ڀي نه هو، صرف ڪياڙيءَ جي آخريءَ ڇيڙي تي، ڪنڌ کان ٿورو مٿي ڪجهه وار بچيل هئس، تنهن بندري شخص چيو؛ “توهان کيس آخري پساهن ۾ چئي سگهو ٿا!!.”.
    “آخري پساهن ۾!!؟؟.”، پينٽ شرٽ پاتل همراهه پُڇيو.
    “ها آخري پساهن ۾!.”، بِندري جواب ڏنو.
    “پر مان چوان ٿو ته هُوءَ مري چُڪي آهي.”، ڏُٻري ڄڻ رنڀ ڪئي.
    “نه هُوءَ سڪرات ۾ آهي.”، بِندرو ضِد ٻڌي بيهي رهيو ۽ پينٽ شرٽ وارو ٻِنهي کي حيرانيءَ منجهان ڏسڻ لڳو.
    “چئبو ته بيمار آهي!!.”، ننڍڙن شيشن واري عينڪ پاتل ڀائيءَ جو گهڻي دير کان چُپ ويٺو هو تنهن چيو.
    “بيمار................!!.”، بِندري چيو؛ “بيمار نه بيماري جي آخريءَ اسٽيج تي آهي.”
    “توهان آخر منهنجي ڳالهه ته اعتبار ڇو نٿا ڪريو؟؟.”، هُن نِٻل انسان ڄڻ احتجاج ڪيو؛ “مان چوان پيو نه ته هُوءَ مري چُڪي آهي.”
    سڀ چُپ ٿي ويا تڏهن هُن ساهه کڻي چيو؛ “هُن جو وجود به هاڻي باقي نه آهي.”، کن رکي هُن ڄڻ فيصلو ڏيندي چيو؛ “سندس ساهه جي آس رکڻ چريائپ آهي، کيس وري جيئرو ڏسڻ خواب آهي!!!.”
    ٻيا سڀئي حيرت مان کيس ڏسڻ لڳا، سندن اکيون کُليل ئي رهيون، گهڻي دير تائين ڪنهن به اک نه ڇِنڀيءَ، لڳاتار سوچ جي ٻوڏ ۾ سڀئي ٻُڏندا ترندا رهيا، هُنن جي ڪچهريءَ تي خاموشي جو تهه چڙهي ويو، هرڪو سوچن ۾ دفن ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن ۾ همت نه هُجي ته ڪوئي ڳالهائي!!.
    ڪوئي ڳالهائي به ته هاڻ ڇا ڳالهائي؟؟.
    هُوءَ ته مري وئي!!!.
    اڇي مٿي واري اڌڙوٽ، جنهن جي سِر جا سفيد وار گهاٽا ۽ گهُنڊيدار ها تنهن سگريٽ ڪڍي دُکايو ۽ هڪ اونهو ڪش هڻي دونهين کي ڇڏيائين ته سگريٽ جو دونهون سندس نڪ ۽ وات مان نڪري مٿي اُڏاڻو ۽ سندس سِر جي آکيري نُما وچڙيل وارن ۾ تحليل ٿي گُم ٿي ويو، هُن جڏهن ٻيو ڪش هنيو تڏهن سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه ڳالهاڻو؛ “تعجب آهي..... اڃان ڪالهه ئي ته مون کيس ڏٺو هو!!.”
    هُن نگاهه کڻي سڀن کي ڏٺو پر ورندي ڪنهن به نه ڏني تڏهن وري پاڻ ئي چوڻ لڳو؛ “يقين نٿو اچي هُوءَ ايترو جلد مري به سگهي ٿي!.”
    “ساهه تي ڪهڙو ڀروسو؟.”، ڏُٻري چيو.
    “ڇا ته سندس جوانيءَ هُئي!.”، آکيري نُما وارن واري شخص چيو؛ “سندس دؤر ته غضب جو دؤر هو، مون ته کيس اُن وقت عروج ڏي ويندي ڏٺو هو پر........
    “ها....... هُن انهيءَ وقت ڪاميابي جا مرحلا طيءَ پئي ڪيا.”، بِندري به وارو ورتو ۽ چوڻ لڳو؛ “کيس ته اڃان اڳتي وڌڻو هو جام پر........
    “پر موت کيس ماري وڌو.”، ڏُٻري، بِندري جي ڳالهه ڪٽي ورتي.
    “پر هُن جو ائين مرڻ ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي!!.”، اڇي مٿي واري چيو.
    “ائين مرڻ؟؟.”، بِندري حيرت مان پُڇيو؛ “ڇا مطلب ائين مرڻ؟؟.”
    “ها ائين اوچتو مري وڃڻ.”
    “ادا هُوءَ بيمار جو ٿي پئي هُئي.”، ڏُٻري وضاحت ڪئي؛ “لڳي ته ڪڏهن هُن کي گولي به هئي تڏهن به هُوءَ مُئي نه هُئي بچي وئي هُئي.”
    “سندس بيماري جو علاج نه ٿيو ڇا؟؟.”
    “علاج ته ٿيو پر.........”، ڏُٻرو ايترو چئي ماٺ ٿي ويو تڏهن گنجو شخص جو گهڻي دير کان ماٺ هو تنهن پُڇيو؛ “پر ڇا؟؟.”
    “پر سندس ٺيڪ طرح پرگهور لهڻ وارو به ڪوئي ڪونه هو!!.”
    “معنيٰ سندس تيمارداريءَ به نه ٿي سگهي؟.”
    “ها هُوءَ بي قدرن جي رحم و ڪرم جي نظر ٿي وئي!.”
    “سندس ڪو اوهي واهيءَ نه هو ڇا؟؟.”، سوٽيڊ بوٽيڊ پُڇيو.
    “نه نه.............”، ڏُٻري ڄڻ ريهه ڪئي؛ “اوهي واهيءَ ته انيڪ ها پر مٿس ڪنهن ڌيان ئي نه ڏنو!.”
    “نه اصل ۾ سندس پنهنجا معالج مري ويا ها ۽ هُوءَ نون معالجن جي ور چڙهي وئي........... سيکڙاٽ طبيبن سندس درد نه سُڃاتو ۽...........!!.”، گنجي چئي ساهه پٽيو ۽ ڏُٻرو کيس اکيون ٽِمڪائي ڏسڻ لڳو، پينٽ شرٽ واري پُڇيو؛“۽ ڇا؟”
    هڪ ٿڌو ساهه کڻي گنجي ٿُلهي همراهه چيو؛ “۽ هُوءَ سڀ هُن جو ڪو دارون نه ڪري سگهيا.”
    “ائين به هو پر اصل ۾ هُوءَ لاپرواهيءَ جي ور چڙهي وئي.”، ڏُٻري راءِ ڏني.
    “ها نِيم حڪيمن به تجربا ڪري کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پُڄائي ڇڏيو!.”، ٿُلهي شخص چيو، جنهن جو نڪ ڀي ٿُلهو ۽ بي ڊولو هو.
    “پر مان سمجهان ٿو ته هُن کي اڃان اڳتي وڌڻو هو پر.................
    “خير ڪجهه به هو پر هاڻ هُوءَ پاڻ ۾ نه رهي آهي!.”، ڏُٻري پينٽ شرٽ واري جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    “پر مون کي اڃان يقين نٿو اچي ته ڪو هُوءَ...................”
    “يقين به اچي ويندئي........!!.”، ڏُٻري سُڪل شخص چيو؛ “وقت سان گڏ توکي ڀي پتو پئجي ويندو ته هُوءَ نه رهي آ”.
    “ها ادا وقت وڏو ظالم آ”.، ڪنهن چيو.
    “اڙي وقت وڏو ظالم نه وقت وڏو مرهم آ”.
    “وقت بي رحم آ، هر شيءَ ڳڙڪائي ويندو ۽ هُن جو به نام نشان هاڻ ختم ٿي ويندو مُستقبل قريب ۾!!”.
    “پر حيرت آ يار!.”، سوٽيڊ همراهه تشويش ۾ هو تنهن چيو؛ “يار اڃان چند ڏينهن پهرين ئي ته مان هُن سان مليو هئس”.
    “هُوءَ اُن مهل توکي بيمار نه لڳي هُئي؟”
    “بيمار.........!!.”، هُن چيو؛ “نه بيمار ته نه هُئي هُوءَ ها باقي ڪجهه ٿڪل ته ضرور هُئي”.
    “هُوءَ ٿڪل نه هُئي.”، سُڪل چيو؛ “هُوءَ بيمار هُئي”.
    “پر خير........... مون کي الاءِ ڇو يقين نٿو اچي”.
    “توکي يقين ڪرڻو ئي پوندو ته هُوءَ....................
    “هُوءَ جوانيءَ ۾ ڪيئن ٿي مري سگهي!!؟؟.”
    “موت ته ٻاروتڻ، پيريءَ ۽ جوانيءَ نه ڏسندو آهي مُحترم سائين!”.
    “ها اُهو ته آهي پر پوءِ ڀي.............
    “پر پوءِ ڀي ڇا؟؟.”، سُڪل شخص پينٽ واري همراهه کي مڃائڻ لاءِ تيار هو، سوٽيڊ چيو؛ “پر پوءِ ڀي اِهو مُمڪن ته نه آهي”.
    “ڪجهه ڀي نامُمڪن ناهي!!.”، سُڪل ڄڻ فيصلو ڏنو.
    “پر.........!!.”، هڪ احتجاج جو اڌ ۾ رهيو ۽ سُڪل ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ “پر هُوءَ مري چُڪي آهي ۽ اسان کي هُن جو سوڳ ملهائڻ گهُرجي”.
    “ها هُن جي ياد ۾ پاڻ کي ڪو ڏِهاڙو ملهائڻ گهرجي!.”، ڪنهن چيو.
    “نه ڪا شام هُن جي نانءُ ڪرڻ گهُرجي.”، ٻيو آواز آيو.
    “جي ڀلا ڪا رات جي رهاڻ هُن جي نانءُ سان رچايون ته؟؟.”، ٽِئين پُڇيو.
    “مان ته چوان ٿو هُن جي نالي سان ڪا يادگار ڪاميٽي جوڙيون!.”، اِن چوٿين آواز سان بحث ئي ڇِڙي پيو.
    هُوءَ سڀئي سوچي سوچي ڇِتا ٿي پيا، بحث ۾ جهڳيءَ هڻي هڻي مرڻ جهڙا ٿي پيا پر ڪنهن به هڪ ڳالهه تي هُوءَ سڀئي مُتفق ٿي نه سگهيا ۽ هڪٻئي کي صلاحون ڏيندا رهيا ۽ هڪٻئي جي صلاحن ۽ مشورن مان چُڪون ۽ رولا ڪڍندا رهيا پر سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه پنهنجي کاڏيءَ کي هٿ ڏئي سڀن کان بي نياز ٿي گهِري سوچ ۾ ٻُڏو ئي رهيو پر هُوءَ لڳاتار پاڻ ۾ جهڳڙندا رهيا تان جو ڪافي وقت سندس انهيءَ پٽ کوهه ۾ گُذري ويو.
    ڪافي دير جي ڪشمڪش کان پوءِ جڏهن هُوءَ سڀ نِساها ٿي پيا ۽ واري واري سان ٿڌا شوڪارا هڻي چُپ ٿي ويا سڀئي، تڏهن ائين لڳو ڄڻ هُوءَ سڀ ڪنهن مُئي جي تڏي تي اداس ۽ افسرده ويٺا هُجن!!.
    سڀن جا مُنهن لهي ڍرڪي پيا، اکيون چنجهيون ٿي سُڪڙجي اندر پيهي ويون، نِرڙ جا گهُنڊ ۽ گهُنج وري گهِرا ٿي پين پر سوٽيڊ همراهه اڃان ڀي کاڏيءَ کي هٿ ڏئي ڪجهه سوچيو ٿي ته ڪنهن سرگوشيءَ ۾ چيو؛
    “ٻُڌو.............!!.”
    ڪنهن به ڪنڌ نه چوريو، سڀن جون صرف آواز ڏانهن اکيون ڦِريون، هُوءَ سڀئي آواز ڏانهن متوجه ٿي پيا، هُوءَ ڄڻ هُئا مُئل پر سندن دوڏا ٽِمڪيا ٿي!!.
    جنهن چيو ٻُڌو، تنهن کن رکي چيو؛ “ڪنهن جي مرڻ سان ڪوئي مري ته نه ويندو آهي!.”
    “ڇا..........؟؟.”، پينٽ واري همراهه رڙ ڪئي ۽ پوءِ آخر ۾ چپن ۾ ڀُڻڪو ڪيائين؛ “Foolish……!!”
    ٻيا سڀ ان کي اچرج منجهان ڏسڻ لڳا، ڳالهاڻو ڪوئي ڀي نه، ڪافي دير هُوءَ ائين گُم سُم ويٺا رهيا، مايوسيءَ سندس من ۾ گهر ڪري وئي، هي سڀئي هُن کي بچائي نه سگهيا، هنن جي اڳيان هُوءَ مري وئي، اِهو ڏُک ۽ ارمان سڀن کي کائڻ لڳو، سندس مُنهن تي سوڳواريءَ جون ريکائون اُڀري آيون، هُوءَ روئڻهارڪا چهرا کڻي ويٺا رهيا، سوچيندا رهيا، لوچيندا رهيا ته کين هاڻ ته ڪُجهه ڪرڻ کپي، هُوءَ سڀئي هُن جي مرڻ پُڄاڻان ڪجهه ڪرڻ پيا چاهين، جيڪو هُوءَ هُن جي حياتي ۾ ڪري نه سگهيا، هُوءَ پنهنجا پنهنجا ڄڻ پاپ ڌوئڻ پيا چاهين پر هُوءَ سڀئي ڪنهن به نتيجي تي پُڄي نه سگهيا، هُوءَ ڌڙن ۾ ورهائجي ويا، هُنن ۾ گروپ بنديءَ ٿي پئي، هڪڙا چون ته هيئن ڪريون ته ٻيا چون هُونئن ڪريون، ڪجهه ڪرڻ لاءِ هُوءَ آمهون سامهون ٿي پيا ۽ مايوس چهرن سان مُئل وجود ۾، بيمار ساهه کڻندي هُوءَ مسلسل هڪٻئي کي تڪيندا رهيا، تڏهن هڪ خوبصورت نوجوان عين اُن گهڙي سڀن کي سلام ڪري اچي سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺو، نوجوان جو چهرو خوشي مان ٻهڪيو پئي ۽ مُسڪراهٽ سندس چپن جي سِرن تان گُم نه پئي ٿي. هُوءَ هر هر مُسڪرائي پيو ته سندس چمڪندڙ موتي جهڙا ڏند تجلا ڏيڻ ٿي لڳا، نوجوان جو تر وتازه چهرو ۽ سراپا خوشي ڏسي هُوءَ سڀئي ڄڻ چِڙي پيا!!.
    نوجوان سندن غمگين چهرا ڏسي ذر ذر کانئن پُڇڻ لڳو؛ “ڳالهه ڇا آهي؟، ڇو اوهان سڀن مُنهن لاٿو آهي؟.”
    پر ڪنهن به ڪا ورندي نه ڏني، اندر ئي اندر هُوءَ سڀ اُن نوجوان تي خار کائيندا رهيا ڄڻ ڪڙهندا رهيا، جيڪي ڪجهه وڌيڪ پوڙها ها اُهي ته بند وات ۾ ڏند ڀي ڪرٽيندا رهيا پر نوجوان نه مُڙيو ۽ پُڇندو رهيو ۽ هنن سانجهيءَ چهرن کي کلائڻ جا کيڳر ڪندو رهيو پر هُوءَ سڀئي مڪ ماريو ويٺا رهيا، ڪجهه ڀي نه ڪُڇيا، جڏهن نوجوان جو اسرار حد کان وڌي ويو، تڏهن گنجي بي ڊولي ڄڻ دانهن ڪئي؛
    “هُوءَ مري وئي آهي!!!.”
    “اوهه........ اوهان سڀ تڏي تي ويٺا آهيو!؟.”، نوجوان يڪدم ڄڻ پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي؛ “آءِ.ايم.ساري............ مون کي خبر نه هُئي!.”، نوجوان معافي گهُرندي چيو ۽ هُوءَ سڀ اکيون ڦاڙي نوجوان کي ڏسڻ لڳا، نوجوان پل لاءِ ٻُڏتر ۾ پئجي ويو ۽ جلد پاڻ سنڀالي ورتائين پوءِ ڪجهه سوچيندي چيائين؛ “پر اوهان سڀ ڪرسين تي ڇو ويٺا آهيو؟؟، مُئي جي تڏي تي ته.....
    “اوهان اُٻهرا نوجوان آهيو نه!!.”، سُڪل ڳالهه ڪٽيندي چيو؛“اوهان کي زماني جي خبر ڪهڙيءَ؟”
    نوجوان جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي، هُوءَ سڀ وري سوچڻ لڳا پر نوجوان سِرڪي سوٽيڊ همراهه جي ڪن تي پنهنجا چپ آندا ۽ کائنس ڪجهه پُڇيائين.
    پينٽ شرٽ واري همراهه نوجوان کي سرٻاٽن ۾ ڪو جواب ڏنو ته نوجوان رڙ ڪئي؛ “What foolish……!!”
    هُوءَ سڀ ڇرڪي پيا ڄڻ ڪچيءَ ننڊ مان جاڳي پيا هُجن ۽ حيرت مان سڀئي نوجوان کي تڪڻ لڳا، تڏهن نوجوان وري پُڇيو؛ “ڪير ٿو چئي ته هُوءَ مري وئي آ؟؟.”
    ڪوڀي نه ڳالهاڻو، سڀ نوجوان کي تڪڻ لڳا، نوجوان اٿي بيهي رهيو، پينٽ وارو ڀائيءَ ششدر ٿي پيو، تڏهن نوجوان وري سڀني کي مخاطب ٿيو؛ “ڪير ٿو چئي هُوءَ مري وئي آ؟.”
    “مان ٿو چوان ته هُوءَ مري وئي آ.”، ننڍڙين شيشن واري عينڪ پاتل اڌڙوٽ چيو.
    “نه هُوءَ ڪانه مُئي آ.”، نوجوان ڌيرج سان چيو.
    “نه هُوءَ مري وئي آ.............!”، بِندري ڄڻ فتويٰ ڏيندي چيو؛ “مان پاڻ هُن کي اسپتال ۾ مرندي ڏسي آيو آهيان.”
    “مُحترم دوست...........!!.”، نوجوان انتهائي پُرسڪون ٿيندي چيو؛ “يقينن اوهان کي ڪوئي ڀولو ٿيو آهي.”
    “نه...... مون کي ڪوئي ڀولو نٿو ٿي سگهي!”، بِندري احتجاج ڪيو؛ “مڃان ٿو ته مان پوڙهو ٿي چُڪو آهيان پر اڃان نظر واري عينڪ استعمال ڪرڻ شروع نه ڪئي اٿم.”
    “مُحترم سائين........!.”، نوجوان وري چيو؛ “اوهان کي ضرور ڪو وهم جاڳيو آهي باقي هُوءَ نه مُئي آهي........ هُوءَ ته اڃان زنده آهي بلڪه........
    “نه هُوءَ مري وئي آهي!”، پوڙهي ضد ڪيو؛ “مون ڪو سپنو نه ڏٺو آهي”.
    “سپنن ڏسڻ جي مُند گُذري وئي!.”، نوجوان سرٻاٽ ڪندي مُرڪي پيو، سندس سُهڻا ڏند چپن جي وِٿين مان ظاهر ٿي تڏهن جرڪڻ لڳا جڏهن هُن چيو؛ “نه ائين ڪونهي هُوءَ ناهي مُئي”.
    بِندري اکيون مهٽيون، سوٽ واري همراهه جي نِرڙ جا گهُنڊ ڍِرا ٿي ڊهي ويا، نوجوان چيو؛ “نه هُوءَ نه مُئي آهي...... مان ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته هُوءَ زندهه آهي”.
    “تون گواهه آهين!؟”، ڪنهن پُڇيو؛ “اُهو ڪيئن؟؟.”
    “ڇو ته مان زندهه آهيان!!!.”، نوجوان چيو.
    سڀ حيران ٿي پيا، ٻئي ڪنهن پُڇيو؛ “معنيٰ؟؟.”
    “معنيٰ هُوءَ زندهه آهي.”
    “ڇا مطلب؟.”، گنجي شخص ڏند ڪرٽيندي نوجوان کان پُڇيو.
    “مطلب مان ۽ هُوءَ هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهيون، مان زندهه آهيان ته هُوءَ ڪيئن ٿي مري سگهي!!”.
    “نه هُوءَ مري وئي آهي!”، گنجي احتجاج ڪيو.
    نوجوان چيو؛ “نه سائين نه...........!، جيسين مان زندهه آهيان، ايسين هُوءَ مرڻي ناهي ۽....... ۽..........”، نوجوان ايترو چئي ماٺ ٿيو ته بِندري پُڇي ورتو؛ “۽ ڇا؟؟.”
    “۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ ڀي هُوءَ ته مرڻي ڪانهي!!.”
    نوجوان چيو؛ “جيسين ڌرتيءَ رهڻي آ، جيسين ٻوليءَ رهڻي آ، هُوءَ مرڻي ڪونهي ايسين هُوءَ مرڻي ڪونهي!!.”
    سڀ کُليل اکين سان حيرانيءَ مان نوجوان کي ڏسڻ لڳا، پينٽ پاتل همراهه سگريٽ ڪڍي دُکايو، بِندرو چُپ ٿي ويو، گنجي مٿي کي هٿ سان ٽيڪ ڏني ۽ نوجوان ڪي ڪارڊ کڻي اڳتي وڌايا ۽ هڪ هڪ ڪارڊ سڀن کي ڏيندي چيائين؛ “نه سائين هُوءَ نه مُئي آ، مان هُن جو مينڌرو زندهه آهيان ته منهنجي مومل ڪيئن ٿي مري سگهي!!”.
    “پر.......................
    “پر ٻر ڪجهه به نه.”، نوجوان جهوني جي ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ “سر........ ايندڙ چنڊ جي چوڏهين رات مان هُن سان لائون لهندس”.
    “پر........................
    “پر هُوءَ مُئي ناهي زندهه آهي!.”، نوجوان ٻيهر ڳالهه ڪٽي ورتي؛ “مون وانگر تر و تازه، هشاش بشاش ۽ نوجوان آهي هُوءَ..............!!، مُنهنجو ۽ سندس وهانءُ آهي، اسين اوهان جو انتظار ڪنداسين، ايندڙ چوڏهين رات چانڊوڪي ۾ اوهين ضرور ڀٽ نگريءَ اچجو اسان کي لائون ڏيڻ”.
    “پر اسين تنهنجي ڪُنوار جي ڳالهه نه پيا ڪريون اسان ته...............
    “ڇا اسان ته؟؟.”، نوجوان دهمان سان پُڇي ورتو.
    اسان ته چئي ڄڻ ڪو مڇيءَ جو ڪنڊو پوڙهي جي نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هجي ۽ هُوءَ ششدر اکين سان نوجوان کي تڪيندو رهجي ويو، نوجوان جي اکين جي جوت ڏسي کائنس سڀ لفظ وسري ويا، نوجوان هُن کي غور سان تڪيندو رهيو، تڏهن هُن پنهنجا گُم ٿي ويل ساهه جائيتا ڪندي ڄڻ ڦٿڪي چيو؛ “اسان ته سنڌيءَ ڪهاڻي جي ڳالهه پيا ڪريون!!!”.
    “مان ڀي ان جي ئي ڳالهه پيو ڪريان!!.”، نوجوان ڌيرج سان چيو؛ “هُوءَ ئي منهنجي مومل آهي ۽ مان ئي هُن مينڌرو آهيان، هُوءَ مُنهنجي سسئي آهي، مان هُن جو پُنهون آهيان، مان زندهه آهيان، هُوءَ ڪيئن ٿي مري سگهي؟؟. هُوءَ ۽ مان لائون لهنداسين، هُوءَ مُنهنجي ڪهاڻي آ ۽ مان هُن جو ڪهاڻيڪار آهيان.”
    ايترو چئي نوجوان مُرڪي وريو پوئتي ۽ هڪ خُماريل لوڏ سان ويو اڳتي وڌندو، پُٺيان هُوءَ سڀ اڳتي وڌندڙ نوجوان کي پنهنجين ٽمڪندڙ اکين سان ويندي ڏسندا رهيا.

    * * * * * * * * * * * *


    خالي هٿ

    خالي هٿ

    هُوءَ ننڍپڻ کان ئي بانسريءَ وڄائي سگهندو هو پر جڏهن مُنهن تي ڏاڙهيءَ مُڇن جي ساوڪ اُڀري آيس ۽ جواني کي پهتو، تنهن وقت سندس بانسريءَ وڄائڻ واري مهارت بي مثل ٿي پئي!!.
    بانسريءَ ۽ هُن جو ميل ڏاڍو سُندر ٿي پيو، ساز ۽ آواز ڄڻ هُن جي روح مان ڦُٽي ٿي نڪتا ۽ پوءِ هُن جڏهن به بانسريءَ وڄائي تڏهن هُن ڄڻ هڪ اڻ ڏٺي پيڙاءُ کي ٿي پيدا ڪري ڇڏيو!.
    هُن جي انهيءَ انداز کيس ٻين سڀن کان مُنفرد ڪري ڇڏيو، کيس ڏسي گهڻن کي رشڪ ٿي آيو پر بانسريءَ وڄائڻ سان به هُن وانگر سا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي.
    مان ۽ هُوءَ جت ننڍپُڻ کان جواني تائين گڏ پُڳاسين، اُتي پرائمري کان هاءِ اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج به گڏ پُڳاسين، هر سال هر ڪلاس ۾ گڏ هڪ ئي بئنچ تي ويهڻ ۽ هر شام گڏ کيڏڻ ڪُڏڻ ته معمول هو پر بانسريءَ وڄائڻ وقت هُوءَ سدائين مون کان ڌار ٿي ويندو هو، جُدا ٿي پوندو هو ڄڻ ته هُوءَ گُم ٿي پوندو هو ۽ مان روز ان ويل بيحد اداس ٿي پوندو هئس!.
    کيس گهڻو ئي چيم؛ “يار حارث مون کي به بانسريءَ وڄائڻ سيکار، منهنجو به من چاهي ٿو ته مان به اهڙي سُهڻي بانسريءَ وڄايان.”
    پر هُوءَ هميشه جواب ۾ مُرڪي پوندو هو، کيس خبر هُئي ته مان ڪڏهن به بانسريءَ وڄائي نه سگهندس تڏهن ته هُن ڪڏهن به نه ها ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن هُن مون سان نه ڪئي پر جڏهن به ٿي بانسريءَ کي ڇيڙي ڇڏيائين ته من ۾ ٿي عجيب هلچل پکيڙي ڇڏيائين!.
    هُوءَ بانسريءَ وڄائي ڇڏيندو هُو، دل ۾ درد جاڳائي ڇڏيندو هو ۽ مان اداس ٿي پوندو هئس پر پوءِ مان اُن وقت سائين منير شيخ ڊرائنگ ماستر جي مدد سان آخر ڊرائنگ ۾ وڃي پناهه ڳولي ورتي ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻ کي ڊرائنگ ۾ دفن ڪندو ويس، چاهه وڌندو ويو، مُصوري من ۾ گهر ڪندي وئي، ڦِڏيون لڪيرون سڌيون ٿينديون ويون، ساٿ هلندو رهيو، سنگ نه ٽُٽو، نِباهه هو جو بانسريءَ سان به ٿيندو رهيو، مصوري سان به هلندو رهيو ته دوستي سان به وڌندو ويو!!.
    جڏهن انٽر پاس ڪئي اسان تڏهن بانسريءَ حارث جي سرتيءَ هُئي، رنگ ۽ بُرش منهنجا دوست ها ۽ اسان سنگتي هياسين!!.
    گهر جو هڪ ڪمرو ڄڻ منهنجو ڪمرو نه هُيو پر ڪو تصوير خانو هُيو، رنگ، انيڪ قسمين قسمين بُرش، ڪي ڪينواس، ڪاغذ، شيٽون، پينسلون ۽ اهڙو ٻيو گهڻو ڪجهه ۽ باقي ڪي مڪمل تصويرون، ڪي اڌوريون تصويرون، سڀ بي ترتيب هِت هُت ٽِڙيل پکڙيل بي ڍنگائي جي انتها!!.
    اُن ڪمري ۾ منهنجون ۽ حارث جون انيڪ ڪچهريون ٿيون، حساس، سنجيده، فلسفي، ادب، تاريخ کان ويندي پيار مُحبت تي...... کِل ڀوڳ کان وٺي پنهنجين پريشانين تي ڳالهائيندا هئاسين اُن ڪمري ۾!!.
    اهو ڪمرو جو ٺاهيو ته بيٺڪ لاءِ ويو هو پر پوءِ منهنجن لڇڻن جي ڪري مون کي عطا ڪيو ويو ته جيئن منهنجو جهان هڪ پاسي ئي هُجي!!.
    انهن ئي ڏينهن ۾ حارث کي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ڪا ڪلارڪ جي سستي نوڪري ملي وئي ۽ هُوءَ بنهه گهٽ پگهار تي اها نوڪري ڪرڻ لڳو، اسان جي ملاقاتن جي سلسلي کي ٿورو ٻُنجو اچي ويو، مهيني ماسي ڪا اڌوري ملاقات ٿي ته ٿي نه ته حارث ڪلارڪي ۾ گُم ۽ مان مُصوري ۾ فنا!.
    گهڻا ڏينهن پوءِ جڏهن مان B.A جي ٻئي سال جو فارم ڀري رهيو هئس تڏهن هڪ شام حارث آيو، اُن وقت مان هڪ ٽُٽل شيشي جي، ٽُٽل ٽُڪرن جي تصوير ٺاهي رهيو هئس، هُوءَ ڪائي دير گُم سُم بيهي اُن تصوير کي ڏسندو رهيو، سندس مُنهن بنهه لٿل هو، ان ويل هُوءَ مون کي ڏاڍو اُٻاڻڪو، نِساهو، اڻ ٿانيڪو پئي لڳو، ڪُلهي ۾ هٿ وجهي هلڪو ڌونڌاڙيومانس، ڇرڪي پيو ۽ هڪ ٿڌو ساهه ڀري ڄڻ دُنيا ۾ موٽي آيو.
    اُن شام سندس ئي اصرار تي اها تصوير اڌ ۾ ڇڏي اسان گهران نڪري آياسين ۽ چُپ چاپ هلندي هلندي شهر کان ٻاهر وهندڙ شاخ جي پُل تي اچي ويٺاسين، مون ساڻس ڪجهه ڳالهائڻ پئي چاهيو پر هُن جي خاموشي منهنجي ڪنهن به لفظ جي ٽيڪم سان نه ٽُٽي!.
    شام ڏاڍي اداس هئي پرئين ڀر شهر جي ٻئي پاسي سج لٿو ٿي ۽ شاخ جي وهندڙ پاڻي پُل هيٺيان گُذرڻ مهل سُريلو سرگم ٿي پئدا ڪيو، ان ويل حارث پولار مان نظرون ڪڍي ڪي گهڙيون شاخ جي وهندڙ پاڻي کي ڏٺو ۽ پوءِ بانسريءَ جو هڪ سِرو چپن تي رکي ساز ڇيڙي ڇڏيائين.
    ڪو درد هُيو جو ويو آلاپ بنجندو، جيڪو هُن مون سان ڪڏهن به نه سليو هو ۽ اڄ فضا ۾ ائين هر ڏُک کي تحليل ڪري ڇڏيو هئائين.
    گهڻي دير کان پوءِ جڏهن هر طرف انڌاري جو گُمان ٿي چُڪو هو ۽ شهر جون روشنيون ٽِمڪڻ لڳيون هُيون تڏهن بانسريءَ تان هُن پنهنجا چپ هٽائي ڇڏيا ۽ ٻوٽيل اکيون کوليائين ته ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو هڪ انبوهه سندس بانسريءَ جي درد جي آلاپ ۾ اسان جي اڳيان سوگهو ٿيو بيٺو هو، هڪ سحر هو جيڪو مون سميت اتي موجود ڪنهن به ماڻهوءَ کان ٽُٽي نه سگهيو، گهڻا بُت مون سميت پٿر ٿي بي حرڪت ٿي ويا ها!!.
    هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ اسان شاخ جي پُل تان ماڻهن جي هُجوم مان نڪري هليا آياسين ۽ پويان رهجي ويون حارث جون انيڪ تعريفون جي ماڻهن بجا ٿي ڪيون، جن ۾ ڪو به وڌاءُ نه هو.
    واپسيءَ مهل کائنس سندس اٻاڻڪائي جو سبب پُڇيم، هڪ اداس مُرڪ کان پوءِ چيائين؛ “بس يار منهنجي بانسريءَ سان ڪنهن کي عشق ٿي پيو آهي!.”
    “بانسريءَ سان عشق؟؟.”، پُڇيومانس.
    “ها بانسريءَ سان عشق!.”، کن رکي چيائين؛ “پر تون فلرٽ چئي سگهين ٿو”.
    “پوءِ بانسريءَ ڏئي ڇڏينس!”.
    “بانسريءَ ته ڏئي ڇڏيانس پر.......... بانسريءَ جا سُر ڪيئن ڏيانس!؟”.
    “سُر سنڀالي وٺندي، آخر بانسريءَ سان عشق جو اٿس.”، چيومانس.
    “بانسريءَ کي عشق بانورن سان ٿيندو يار!.”، چيائين؛ “ڪو وقتي ڇانورن سان نه.”
    مان سندس ڳالهه سمجهي نه سگهيس ۽ ساڻس گڏ هلندي ڄڻ کائنس پوئتي رهجي ويو هئس، تڏهن هُن چيو؛ “يار اعجاز......... جنهن اسڪول ۾ مان ڪلارڪ آهيان ان اسڪول ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ فنڪشن ٿيو هو”.
    مان خاموش ئي رهيس ته هن وري پاڻ ئي ڳالهايو؛ “مون ان فنڪشن ۾ بانسريءَ وڄائي هُئي ۽.............
    “۽ ڇا؟؟.”
    “۽ ان اسڪول جي مالڪ جي ڀائٽِيءَ منهنجي بيحد تعريف ڪئي!”.
    “ڇو ٻين نه ڪئي ڇا؟؟.”، کلندي چيومانس.
    “نه يار ٻين ڀي ڪئي پر هُن بيحد ڪئي ۽ پوءِ..........
    “ڇا پوءِ؟”.
    “پوءِ هُن روز ملڻ ته معمول ئي ٺاهي ڇڏيو!.”، مان سواليه نگاهن سان هن کي ڏسڻ لڳس تڏهن هُن چيو؛ “اعجاز منهنجي ته هُن نوڪري ئي چٽ ڪرائي ڇڏي!!”.
    “ڇا مطلب نوڪري چٽ!؟”.
    “هُن جو روز ائين آفس ۾ اچي ملڻ ٺيڪ نه هو ۽ ماڻهن سندس چاچي کي مون خلاف اڪسائي ڇڏيو”.
    “پوءِ هن..............
    “پوءِ هن جو چاچو ماڻهن جي چئي ۾ اچي ويو ۽ اجايو شڪ ٿي پيس، منهنجي ڪردار تي داغ هڻي ۽ ڪئي الزام ڏئي مون کي نوڪري مان بيدخل ڪري ڇڏيائين!”.
    “ڇو تو پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه به نه چيو ڇا؟”.
    “مون کان هن صفائيءَ ورتي ئي ڪانه!، مون تي هن اعتبار ڪيو ئي ڪونه!!”.
    “ڇوڪري به ڪجهه نه چيو پنهنجي چاچي کي؟؟”.
    “پِريا ته لاتعلق ئي ٿي پئي اعجاز........... بلڪه منهنجي خلاف ٿي پئي!”.
    “خلاف ٿي پئي ڇو؟”.
    “ڀائنيان ٿو مائٽن جي ڊپ کان”.
    “تنهنجو به هن سان ڪو ته رولو هوندو؟”.
    “نه ڪو رولو نه هئم............ فقط ڳالهائڻ جي حد تائين”.
    “ته پوءِ خير آ نوڪري ٻي ڪا ملي پوندئي يار”، چيومانس؛ “هونئن ڀي گهٽ پگهار ئي ته هُئي ۽ گهٽ پگهار واري نوڪري ٻي به آسانيءَ سان ملي ئي پوندي ڪا!!”.
    “نوڪري جو ڏُک نه اٿم اعجاز!”.
    “ته پوءِ ڇوڪري جو ڏُک اٿئي؟؟”.
    “نه ڇوڪري جو به ڏُک نه اٿم.”، کن رکي چيائين؛ “ٻي همدردي ماري وڌو اٿم”.
    “ٻي همدرديءَ؟؟”، تعجب مان پُڇيومانس.
    “ها يار هڪ ٻي همدرديءَ...............!!”.
    مان خاموش ٿي ويس سمجهه ۾ نه آيم ته ٻي ڪهڙيءَ همدرديءَ حارث کي پريشان ڪيو آهي!. مان سوچيندو ئي رهيس تڏهن حارث وري ڳالهاڻو؛ “خبر اٿئي اعجاز جڏهن پِريا جي چاچي مون کي خُوب ذليل ڪري اسڪول مان ڪڍيو ۽ پريا سڀ ڪجهه ڄاڻندي ڀي مُنهنجي برخلاف ٿي پئي تڏهن وجيهه جي همدرديءَ مون کي...................!!”.
    “وجيهه.............!!.”، پُڇيومانس؛ “ڪير وجيهه؟؟”.
    “پريا جي وڏي ڀيڻ آهي وجيهه اعجاز”.
    “اها همدرديءَ توکي قبول آهي حارث؟”.
    “خبر ناهي پر.............. پر سندس همدرديءَ ۾ عجيب ڇِڪ آهي يار”.
    “پوءِ تون ڀي ڇِڪجي وڃ نه ڀلا!”، ڀوڳ ڪندي چيومانس.
    “يار مان ته اڳ ئي گهر ۾ قيد ٿي رهجي ويو آهيان، رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ ئي پريا ايڏو رُسوا ڪرايو آ جو پاڙي جي ته وات وات ۾..............
    “ايڏي ڳالهه وڌي وئي، مون کي ٻُڌايئي ڀي نه؟؟”.
    “ڪهڙيءَ شُهرت جو سبب ٻُڌايان ها يار!”.
    “۽ هاڻ؟؟.”، پُڇيومانس.
    “۽ هاڻ پريا ۽ هنن جي خاندان جي اهڙي ورتاءُ پُڄاڻان وجيهه معافي گهُري آهي پر.............
    “پر ڇا حارث؟؟.”
    “پر يار معافي گهري ڄڻ محبت آڇي اٿس!”.
    “توکي اها محبت منظور آهي حارث؟”.
    “خبر ناهي........... مان ته ڏاڍو مُضطرب آهيان يار!”.
    “پر ڪٿي پريا ئي ته نه...............
    “نه يار پريا ته ڏاڍي خود غرض آهي.”، هُن منهنجي ڳالهه ڪٽي ورتي؛ “هُوءَ ائين ڪڏهن به نه ڪندي”.
    “۽ وجيهه؟؟”.
    “وجيهه ته بيحد حساس آهي يار”.
    “حساس ماڻهوءَ جام ڏُک ڏيندا اٿئي حارث!”.
    حارث جا قدم بيهي ويا، گهوري مون کي ڏٺائين، هڪ خاموشي جا طاري ٿي وئي!. هُوءَ ڪي پل ائين خالي نظرن سان مون کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ چيائين؛ “في الحال ته اها حساس وجيهه خود پاڻ پئي انيڪ ڏُک ڏسي!”.
    مان خاموش رهيس تڏهن پاڻ چوڻ لڳو؛ “خبر اٿئي جڏهن هن جي مون کان معافي گهرڻ واري خبر پريا کي پئي تڏهن کان پريا ته وجيهه جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ٻُڌو اٿم نه صرف پريا پر پريا جي ئي چُرچ تي سموري گهر مهڻن ۽ طعنن سان وجيهه کي اٿندي ويهندي............
    مان چُپ چُپ هُن کي ٻُڌندو رهيم ۽ هُوءَ چوندو رهيو؛ “يار اعجاز وجيهه ته منهنجي ڪري ڀريي گهر ۾ اڪيلي ٿي پئي آهي، سڀن کان ڪٽجي، ڌار، الڳ ٿلڳ، تنها ۽ اداس رهڻ لڳي آهي!.”، حارث جذباتي ٿي چُڪو هو، سوچيم فطرت جا پريمي ڪيڏا حساس، نماڻا ۽ درد دل رکندڙ هوندا آهن!.
    کيس بس ايترو چيم؛ “يار تون گهڻو اڳتي نڪري چُڪو آهين........... خيال رکجان حساس ماڻهوءَ ڏُک کي تڪڙو قبول ڪري وٺندا آهن ته حساس ماڻهوءَ ڏُک ڏيندي به جهٽ ڪندا آهن!”.
    هن ڪي به ڪين ڳالهايو ۽ اسان جا قدم وڌندا ويا، جڏهن گهر پهتاسين تڏهن هن چيو؛ “اعجاز......... بانسريءَ کي به شايد عشق ٿي پيو آهي!!”.، مان مُرڪي پيس ۽ هُوءَ موڪلائي هليو ويو.
    گهڻا ڏينهن پوءِ زندگي گُم ٿي وئي، انيڪ ڪم بي انت نموني ٿيندا ويا، هڪ مشيني وهنوار هلندو رهيو، تڏهن ڪافي وقت کان پوءِ هڪ ڏينهن حارث جو فون آيو، حال احوال ورتائين، ڪِن دوستن جو پُڇيائين ۽ تصويرن جو پُڇيائين ۽ پوءِ هڪ اونهون ساهه کڻي چوڻ لڳو؛ “يار اعجاز............. هڪ ڪم ڪندين؟؟”.
    “ها ها ڇو نه!، حُڪم ڪر؟.”، چيومانس.
    “يار ڪو شاعر دوست اٿئي؟”.
    مون کي فرمان باغي ياد اچي ويو؛ “ها آهي هڪ شاعر دوست!.”، سوچيندي چيم؛ “پر يار هُوءَ ڌاڙا ته نه هڻندو آهي!”.
    “هاهاها................!.”، کلي ڏنائين، مون ڪافي وقت کان پوءِ حارث جو ٽهڪ ٻُڌو.
    “ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟.”، چيم.
    “ادا مان شاعر کان ڌاڙو هڻائڻ نٿو چاهيان.”، کن رکي چيائين؛ “مون کي ته بس هڪ غزل لکرائڻو آ”.
    “ها چوندو مانس غزل لکي ڏيندو فرمان”.
    “ته پوءِ چوينس ته هڪ اهڙو غزل...................
    ۽ ٻئي طرف کان ڪال ئي ڪٽجي وئي ڄڻ حارث ئي لاپته ٿي پيو!، اُن فون کان پوءِ وري نه ڪو فون، نه ڪڏهن ڪو ميسيج ۽ نه نياپو، نه ڏس پتو!.
    فرمان به ملي ويو، هُن ڪو غزل به لکي ڏئي ڇڏيو پر حارث وڃائجي چُڪو هو، فرمان جي غزل وارو ڪاغذ مُنهنجي کيسي ۾ رهجي رهجي پُراڻو ٿي ڦاٽي ويو!.
    مون انيڪ ڏينهن حارث جو نمبر ملايو پر حارث مون کي مليو ئي ڪونه!، هُوءَ الائي ڪهڙي پنڌ جو راهي ٿي ويو هو بس سندس آخري نياپو مليو ته؛ “وري ملون نه ملون!.”، باقي حارث جو ڪو ڏس پتو نه پيو.
    ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ ڏينهن مان پنهنجي بي ڍنگي ڪمري ۾ پنهنجي اڌوري ڇڏيل انهيءَ ساڳي ٽُٽل شيشي جي ٽُڪرن جي تصوير مڪمل ڪرڻ جو سوچي رهيو هئس جيڪا انهيءَ شام حارث جي اسرار تي اڌ ۾ ڇڏي شهر کان ٻاهر شاخ جي پُل تي اچي ويٺا هئاسين.
    تصوير ڪافي پُراڻي ٿي بلڪه هنڌان هنڌان ڦاٽي چُڪي هُئي، رنگ ڀي بي رنگ ٿي پيا هئس، مان سوچي رهيو هئم ته تصوير کي ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي ته انهيءَ پل هڪ شخص در کڙڪائي اندر هليو آيو، کيس ڏسي پل لاءِ اکيون مهٽڻيون پئجي ويون ۽ کڄندڙ بُرش بيهجي ويو، سوچڻ لڳس؛ “ٽُٽل شيشي ۽ حارث جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي!؟.”، جڏهن به ان تصوير ۾ هٿ وجهان ٿو ته حارث جو اچڻ ٿئي ٿو نه ته نه!!.
    مون کي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ته اهي مهينا مون ان تصوير کي اڌ ۾ ڇو ڇڏي ڏنو!!. جيڪڏهن مان ان تصوير تي ٿورو ٿورو ڪم ڪندو رهان ها ته گهٽ ۾ گهٽ حارث سان ميل ته ٿيندو رهي ها!.
    “هاڻ ته تون به مون کي سُڃاڻڻ کان انڪار ڪندين اعجاز!؟؟.”، مان ڇرڪي پيس جڏهن هُن ائين چيو. آواز ڄاتل هو، شڪل به ڪا اجنبي نه هُئي بس ڏاڙهيءَ بيحد وڌيل هئس پر هُوءَ ڪو مُلان نه هو!!.
    مان کيس بي يقينيءَ سان تڪڻ لڳس، حارث ايڏو ڏُٻرو ۽ ڪمزور!!.
    ڪهڙي جوڳ منهنجي يار کي جهوري وڌو؟، مان هن دونهاٽيل، ڪمزور ۽ سُڪل چهري کي ذهن ۾ اُٿلائي پُٿلائي ڄڻ حارث جي هشاش بشاش اُجري چهري کي پئي ٿي ڳوليو!.
    “ها وڏو مصور جو ٿي ويو آهين!.”، ڀڳل شيشي جي اُن پُراڻي تصوير ڏي اشارو ڪندي هُن چيو؛ “هاڻ تون به ڪيئن سُڃاڻيندين!!”.
    “حارث................!.”، مون ڄڻ دانهن ڪئي ۽ سوچن جو سمنڊ پل ۾ اڪري پيس.
    “تعجب آ.......”، هُن چيو؛ “ڪوئي آهي اڃان........ جو وڃايل وجود کي ڄاڻي ٿو........... سُڃاڻي ٿو!!”.
    مون ڇڪي ڀاڪر پاتو مانس، پنهنجي ڳلي سان لڳايو مانس، دل ڀرجي آئي، چيم؛ “پاڳل ٿي پيو آهين يا مجذوب؟؟”.
    “عشق ڪرامت، عشق امانت، عشق هئي رنگ رچيندا...............!”.
    “حارث....... او حارث منهنجا يار......!.”، حيران ٿيندي کيس چيم؛ “هي ڪهڙا پنهنجا حال ڪيا اٿئي!؟؟”.
    “عشق سمجهين سمنڊ ديان ڇوليان، عشق آڙاهه مچيندا!.”، هُن منهنجي ڪُلهي کي پنهنجي هٿ سان دٻائيندي چيو.
    “پر يار........... تون ته اڄ صفا مون کي ڪو پهتل پيو لڳين!.”، چيومانس.
    “پهچڻ جو پنڌ پري آ پيارا!”.
    “ڪهڙي دڳ وڃي پهتو آهين؟؟”.
    “مصور آهين.......... ڪي چِٽ چِٽيندي ڇا؟؟”.
    “نه پر..............
    “ياد اٿئي ڪڏهن تو کي غزل جو چيو هُيم؟.”، هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    “ها ياد آهي مون کي تو غزل جو چيو پئي”.
    “ته پوءِ ٻيون ڳالهيون ڇڏ.”، هن چيو؛ “اڄ پاڻ فقط غزل جو ڳالهيون ڪنداسين اعجاز”.
    “غزل جو ڳالهيون!!؟.”، حيران ٿي پيم مان!، سوچيم، پريا ۽ وجيهه کان پوءِ ڪهڙي غزل منهنجي دوست حارث کي درد کان ديوانگيءَ تائين پُڄائي ڇڏيو آ!.
    “ها غزل جون ڳالهيون ڪنداسين اعجاز جو وري........... ملون نه ملون!”.
    “ڇا مطلب حارث؟؟.”، پريشان ٿي پيم؛ “اڄ هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين وري ملون نه ملون؟”.
    “اعجاز اڄ ڪي ڀاشڻ نه ڏينداسين........”، هن چيو؛ “اڄ فقط ڪجهه ڳالهيون ڪنداسين، پنهنجيون ڳالهيون، وجيهه جون ڳالهيون، غزل جون ڳالهيون!!”.
    مان حيرت مان کيس ڏسندو رهيس، ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ هن چيو؛ “يار.......... ڇوڪريون ائين ڇو ڪنديون آهن؟”.
    “ڇا ڪنديون آهن؟”.
    “درد.......... دُک ڇو ڏينديون آهن!؟”.
    “اسان به ته کين غم ئي ارپيندا آهيون!”، چيم.
    “هُن کي مون سان محبت نه ڪرڻ گهُرجي ها!!”.
    “غزل کي؟؟”، پُڇيم ته هُوءَ مُرڪي پيو ۽ ٿڌو ساهه کڻي چيائين؛ “غزل ته ڪنهن سان به محبت نه ڪندي آ”.
    مان مُنجهي پيس، پُڇيم؛ “ڇا مطلب؟”.
    هن کلندي چيو؛ “غزل سان ته هرڪو محبت ڪندو آ پر غزل ڪنهن سان به محبت نه ڪندي آ”.
    “مان سمجهيم ڪونه؟.”، چيومانس؛ “ڪير غزل؟، ڪهڙي غزل؟؟”.
    “تون نه سمجهندين اعجاز!.”، هن ٿڌي آهه ڀري چيو؛ “وجيهه کي مون سان محبت نه ڪرڻ گهُرجي ها!!”.
    “پر غزل جو ٻُڌا مون کي؟”.
    “محبوب جي صورت غزل ئي ته آهي اعجاز جا دل ۾ گهر ڪري ٿي”.
    “تنهنجي دل ۾ گهر...............
    “منهنجي دل ۾ غزل وڄي ٿي تند وانگي!”.
    “حارث موٽي اچ.”، چيم؛ “مان ڪيئن ڏسان توکي هن حال ۾؟”.
    “پير لِڦون آهن، پنڌ اوکو آ يار”.
    “توکي پاڻ سنڀالڻ گهُرجي............
    “هُن کي مون سان محبت نه ڪرڻ گهُرجي ها.........!!”.
    “ڪنهن کي غزل کي؟”.
    “نه وجيهه کي!!”.
    “وجيهه کي؟؟”.
    “ها وجيهه کي اعجاز مون سان محبت نه ڪرڻ گهُرجي ها!”.
    “پر ڇو؟؟.”، چيم؛ “تو ۾ آخر بُرائي ڪهڙي هُئي جو...........”
    “مون ۾ آخر چڱائي به ڪهڙي هُئي؟”، هن چيو؛ “منهنجي ڪارڻ ئي ته تنهائيون هن جو مُقدر بڻجي ويون.............!!”.
    “روڳين کي تنهائيون ته ڀوڳڻيون پونديون آهن حارث!.”، چيم؛ “اڪيلايون ۽ اداسيون روڳين جي ئي ته ملڪيت آهي!!”.
    “ڇوڪرين کي ائين نه ڪرڻ گهُرجي!”، هُن چيو؛ “گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي نامُراد جو انتظار ته قطعي نه ڪرڻ گهُرجي!!”.
    “انتظار ته آس جي بُنياد تي ئي ڪيو ويندو آهي.”، چيم؛ “اُميد زندگي جي محبوبا جو آهي”.
    “توکي مصور نه وڪيل هئڻ گهُرجي ها!”.
    ڳالهه مٽائيندي چيومانس گهڻو اڳ مون کان غزل گهُريو هُيئي؟”
    “ها گهُريو هُيم!”.
    “ڪا خاص ڳالهه هُئي؟؟”.
    “خاص ڳالهه..............!!.”، هُوءَ پل تائين مون کي تڪيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين؛ “سڀ خاص ڳالهيون وجيهه ۾ ئي ته هُيون............ هاڻ ته وڃي يادون ئي رهيون آهن باقي!”.
    “چيو هُيم نه ته حساس ماڻهوءَ ڏُک ڏيندا آهن، وجيهه جي بي وفائي توکي جاڳ جا سپنا ڏئي وئي نه نيٺ!!”.
    “بي وفائي؟؟، مون کي وفا ماريو آهي اعجاز!”.
    “وفا؟؟”.
    “ها وفا............ اعجاز وفا......... باقي وجيهه ته بي وفا نه هُئي نه آهي”.
    مون ڏٺو ماڻهوءَ نفرت ۾ گهٽ مرندو آهي محبت ۾ ته صفا خاڪ ٿي ويندو آهي!، ڪڏهن ڪڏهن نفرت انسان تي گهٽ اثر ڪندي آهي پر محبت انسان کي مڪمل سوگهو ڪري نهوڙي ڇڏيندي آهي ۽ حارث جهڙو هوشيار ۽ اجرو انسان محبت جي مام ۾ اڄ مون قابوءَ ۽ قيد ڏٺو!.، پُڇيومانس؛ “وجيهه ئي آخري ڇوڪري آهي؟”.
    “ها وجيهه ئي پهرين ڇوڪري آهي جا مون لاءِ آخري ڇوڪري آهي.”، مُرڪي چيائين؛ “ٻيو سڀ ته..............
    “ٻيو سڀ ته ڇا؟؟”.
    “ٻيو سڀ ته رُڃ آهي سُڃ آهي اعجاز.”، هن ڏاڍي نا اميدي سان چيو ۽ مون کي سندس لهجو ٿڪائيندڙ لڳو، سندس ڪمزور چهرو ڄڻ نيرو ٿي پيو، مان چُپ ٿي ويس، سندس لهجو ۽ لقاءُ عجيب ۽ بدليل ٿي پيو هو، جڏهن هُن ٻيهر ڳالهه شروع ڪئي، ڪنڌ هيٺ هئس، زمين کي ائين گهوري رهيو هو جو اجهو ٿو زمين اندر پيهي وڃي!!.
    “اعجاز.......... يار شايد وري پاڻ ملون نه ملون!!.”، ايترو چئي هُوءَ اٿي بيٺو، ٻانهن مان جهليومانس، هڪ نظر مون کي اداس اکين سان ڏٺائين ۽ وري پوءِ پنهنجي هٿ جي ترين کي تڪڻ لڳو، ڪا گهڙيءَ خالي هٿ ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ٻانهن ڇڏائي در ڏانهن وڌيو، هن جو ڪمزور وجود ڏسي ڀائنيم اجهو ٿو ڪري پوي پر هُوءَ در وٽ پهچي بيهي رهيو، واپس مُڙندي چيائين؛ “اعجاز هڪ تصوير ٺاهيندين؟؟”.
    مان سواليه نظرن سان کيس ڏسڻ لڳس ۽ هُوءَ ڳالهائيندو رهيو؛ “ها اعجاز هڪ تصوير منهنجي لاءِ ٺاهجانءِ............. ان ڇوڪري جي جيڪا اڌ دڳ ۾ وفا جو روڳ ڏئي هلي وڃي!!”.
    مان حيرانيءَ مان ئي کيس ڏسندو رهيس، ڪجهه به ڪُڇي نه سگهيس، تڏهن هُوءَ اڳتي وڌي آيو ۽ چوڻ لڳو؛ “ٻُڌاءِ اعجاز.............. منهنجي تصوير ٺاهيندين نه؟؟”.
    اُن وقت هُوءَ بلڪل لُڙهي چُڪو هو، نِٻل ۽ بيحد ڪمزور حارث مون اڳيان هو، هڪ پيڙاءُ جي لهر وجود کي ويڙهي ويم، درد جو حارث کي کائي ويو، تنهن فڪر منهنجي روح ۾ آليءَ ڪاٺي واري آڳ دُکائي ڇڏي، اندر ۾ لُڇيس ٿي مان، ڪي ماڻهوءَ مسيحا ٿيندا آهن ۽ ڪي مسيحائن کي ئي ماري ڇڏيندا آهن!.، ڪوئي ڪنهن کي نه ماريندو آهي بس انسان ئي انسان کي ماريندو آهي!.
    ٿوري خاموشي کان پوءِ حارث چيو؛ “مُنهنجا دڳ پريا جي پنڌ ۾ نه پر وجيهه جي واٽ ۾ کُٽي ويا اعجاز!!”.
    منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نٿي آيو، مان چُپ چاپ کيس ڏسندو ئي رهيس ۽ هُوءَ چوندو رهيو؛ “سواءِ نفرت جي مون ڪجهه ڪين ڪمايو نه پنهنجي لاءِ نه وجيهه لاءِ!!.”، مان پٿر جو بُت بنجي پيو هيم، هن چيو؛ “جو جيون هو سو سارو دردناڪ هو........... هڪ محبت هُئي سابه..............
    “سا به بي وفا ٿي وئي؟؟.”، مون جلدي مان پُڇيو.
    هن جهُريل نگاهه مون تي وڌي ۽ چيائين؛ “وجيهه اڌ دڳ ۾ مون کي ڇڏي وئي اڌ دڳ ۾ وفا جو روڳ ڏئي...............
    “اڌ دڳ ۾؟؟”.
    “وجيهه................. وجيهه خودڪُشيءَ ڪري ڇڏي اعجاز!!”.
    “ڇا...............؟؟؟”.
    “ها اعجاز ها............!.”، هن پن پن ٿيندي چيو؛ “سندس مائٽن جي هٺ ڌرميءَ وجيهه کي ڳِهيءَ وئي........... هُوءَ به ضِدي هُئي جو ان ڪمري جي قيدڻ ٿي وئي، جنهن ڪمري جون ديوارون ڪوئي ٽوڙي وري جاڳي نه سگهيو آ”.
    سندس اکين جا بند ڀڄي پيا، نه ڄاڻ ڪٿان ايڏو سمنڊ اچي سندس اکين ۾ لٿو جنهن جي لاءِ منهنجو دامن ناڪافي ٿي پيو، هُوءَ روئندو رهيو، سُڏڪندو رهيو، ڄڻ ڪو معصوم ٻار هُجي!!.
    مان سوچڻ لڳس ته حارث جي تصوير ٺاهجي، حارث جي تصوير مون لاءِ ڏاڍي دُکدائڪ هُئي، مان سوچيندو رهيس ڪنهن بي وفا ڇوڪريءَ جي تصوير ڪيئن ٺاهجي جيڪا اڌ دڳ ۾ ڇڏي وفا ڪري باوفا ٿي وئي!.
    وجيهه جي وجود کي چِٽجي يا اڌ دڳ جو اسڪيچ کڻجي يا حارث جي خالي هٿن جي خالي ترين..............
    منهنجون نگاهون حارث ۾ هُيون ۽ سوچي مان تصوير کي رهيو هئس جو ڌڙام سان حارث وڃي هيٺ فرش تي ڪريو، منهنجا حواس خطا ٿي ويا، حارث جو سُڏڪڻ بند ٿي چُڪو هو، يڪدم سندس جسم ڇُهيم ۽ نبض ڏٺم جا اڃان هلي رهي هُئي، سندس نِرڙ تي پگهر ماڪ ڦُڙن وانگر اُڀري آيو ۽ هڪ اڄاتو خوف منهنجي دل ۾ گهر ڪرڻ لڳو، ائين لڳو ته ڄڻ حارث جي نبض هوريان هوريان بيهندي ٿي وڃي!!.
    مون رڙ ڪرڻ ٿي چاهي پر ڪري نه سگهيس، ڪوئي اکر زبان مان نه اُڪليو بس مون حارث کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، هُن آهسته آهسته پنهنجيون اکيون کوليون ۽ چيائين؛ “ٻُڌاءِ اعجاز............ منهنجي تصوير..........
    ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيم، اُن کان اڳي جو مان ڪجهه چوان هُن ٻيهر چيو؛ “ٻُڌاءِ منهنجي تصوير ٺاهيندي نه؟؟”.
    مان وري به ڪجهه ڪُڇي نه سگهيس تڏهن هُن چيو؛ “پريا جي گهر مونسان وڏو.................
    “ها مان تنهنجي تصوير ٺاهيندس!.”، مون سُڏڪندي حارث کي چيو.
    حارث ٿڌو ساهه کڻي چيو؛ “مون کي خبر هُئي اعجاز............ منهنجي اڌ دڳ جي تصوير تون ئي ٺاهيندين.”، هُن چيو؛ “جڏهن دُنيا جهان مون کي سُڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو تڏهن هڪ تون ئي هُئين جنهن مون کي سُڃاتو هو!!”.
    “گهٻراءِ نه حارث............ مان توسان گڏ آهيان ۽ مان تنهجي تصوير به..........
    “ها ضرور ٺاهجان پر..........!”، هُن جو آواز رڪجي ويو، منهنجي اکين جو بند ڀڄي پيو تڏهن هن چيو؛ “پر غزل وانگي جام دير نه ڪجان هن ڀيري اعجاز”.
    “مان جلد ٺاهيندس تنهنجي تصوير حارث”، ڦٿڪي پيس مان.
    “ها مان ته ٺاهي نه سگهيس!!.”، هُن اکيون ٻوٽي ڇڏيون، نبض کي هٿ لاتو مانس جا ڄڻ ڍري ٿيندي پئي وڃي، مهنجي دل جو ڌڙڪو وڌي ويو پر ٻي گهڙيءَ حارث هوريان مُنهنجو هٿ پڪڙيو ۽ هلڪو دٻاءُ ڏيندي چيائين؛ “اعجاز.............
    “مان توسان گڏ آهيان حارث.........
    “اعجاز................ عشق ڪرامت!”، منهنجون سُڪي ويل اکيون ٻيهر نم ٿي ويون تڏهن هُن وري چيو؛ “اعجاز................. عشق امانت...............
    منهنجي نِڙيءَ مان ڪو به لفظ نه نڪتو، مان هُن کي دلاسو ڀي نه پئي ڏئي سگهيس، هُوءَ ماٺ ٿي ڪا گهڙي اُڀا ساهه کڻندو رهيو ۽ پوءِ لفظ سندس زبان مان ٽِڙ پکِڙ ٿي ڪرندا ويا!!.
    ”عـشـق ڪـرامـت، عـشـق امـانـت، عـشـق هـئي رنـگ رچـيـنـدا
    عـشـق سـمـجـهـيـن سـمـنـڊ ديـان ڇـولـيان، عشق آڙاهه مچيندا
    آکي سچل............ عشق دي ذات نرالي.......... عشق........... الله نال مليندا.......

    “حارث............. حارث............... او حارث منهنجا يار!!”،
    منهنجا سڏ هوا ۾ رهجي ويا ۽ ٻئي پل ڪينواس فرش تي ڪري پيو، ڀڳل شيشي واري تصوير ڪينواس جي هيٺيان ڦاسي پئي ۽ ڪينواس ۽ تصوير فرش تي نه ڪريا ڄڻ شيشو فرش تي ڪري ذرا پُرزا ٿي ويو.


    * * * * * * * * * *


    رحمان جي نگريءَ ۾ نه رهندس

    رحمان جي نگريءَ ۾ نه رهندس

    ان ڏينهن مان پوري سال کان پوءِ ڳوٺ آيو هئس پر ٻِئي ڏينهن ئي سوچيم پئي ته سُڀاڻ واپس وڃجي!!!.
    امان جي ڀر وٺي، کيس ٻُڌايم واپس وڃڻ جو ته ناراض ٿي پئي هئي ۽ چوڻ لڳي؛ “اڃان ڪالهه ئي ته آيو آهين وري سُڀاڻ وڃين ٿو؟”.
    امان کي ڪيئن ٻُڌايان ها ته سندس پُٽ ڪهڙيءَ قيد جو بانديءَ آهي، کيس جلاوطن ڪرڻ وارو ڪو غير نه پر پنهنجو ئي آهي!!!.
    “ٻارنهن مهينن کان پوءِ آيو آهين..............!!”، امان چيو؛ “ٻه چار ڏينهن ته رهي پئو”.
    مائرون به عجيب ئي ٿينديون آهن، ٻار وقت جي وهڪرن ۾ لُڙهي چُڙيءَ جهونا ٿي ويندا آهن پر مائرن لاءِ ٻار ته سدائين ٻار ئي هوندا آهن. هر وقت هر وهيءَ ۾ اولاد، ماءُ لاءِ بس ٻار ئي هوندو آهي ۽ مائرن جا من پنهنجي ٻارن کان جُدا راس رهي نه سگهندا آهن!!.
    “امان نوڪري ئي........................”
    “پر هي ڪهڙيءَ نوڪري؟، هي ڪهڙو اچڻ؟؟.”، امان چيو؛ “گهر ڏيڍ ڏينهن جو رهڻ ۽ ٻارنهن ئي مهينا نوڪري!!”.
    مان ڪجهه به نه ڪُڇي سگهيس بس امان کي ڏسندو رهيس، جنهن نٿي چاهيو ته مان ٻئي ڏينهن واپس حيدرآباد وڃان.
    هڪ ڏينهن پهريان ڏهه ڏينهن جي موڪل تي ڳوٺ آيو هئس، موڪل کان ٻه چار ڏينهن وڌيڪ به ڳوٺ ترسي پئي سگهيس، وڌيڪ موڪل ڪرڻ سان ڪو فرق به نه پويم ها ڇو ته پويون پورو سال مون هڪ به موڪل ڪانه ڪئي هئي ۽ پابنديءَ سان نوڪري تي وڃڻ ڪري موڪل جو مسئلو نه هئم پر........
    پر مون واپس حيدرآباد وڃڻ پئي چاهيو، ها مان هڪ شام اڳ ڳوٺ پهتو هئس، اهو سڄو ڏينهن گهر گذاريو هئم ۽ ايندڙ ڏينهن حيدرآباد جي هوائن ۾ رُلي وڃڻ ٿي چاهيم!!.
    مان سال پهرين به سوين سرد لاشون ساهه ۾ سانڍي حيدرآباد وريو هئس ۽ ٻارنهن مهينا حيدرآباد ۾ گِدو چوڪ تي واقع ايگريڪلچر ڪامپليڪس جي، D-BLOCK جي هڪ فليٽ ۽ آفيس جي قبر وچ ۾ ايندي ويندي ۽ ويهندي گذاري ڇڏيا هئم، ڪئي اڻپورا ٽهڪ سنگتين ساٿين سان گڏ سنڌوءَ جي ڀر ۾ ڦٽا ڪيا هيم ته ڪئي اڌوريون مُرڪون چپن تي رهجي ويون هيم، اهي مُرڪون، اهي ٽهڪ منهنجي هيڪلائي جا واحد گواهه ها!!!.
    مون انيڪ شامون جلي گذاريون، مون انيڪ راتيون جاڳي لُڇيءَ گهاريون، مون انيڪ صبح سواءِ ڪنهن جهونڪي هوا جي تڙپيءَ پِڄريءَ گذاريا، مون موسمن جي ماتمڪدي ۾ پنهنجو جيون گهاريو، مون سرءُ ۾ پن پن پنهنجا خواب ڇاڻيا، مون اونهاري ۾ ٽِهڪيءَ ٽِهڪيءَ جبل ڏينهن ڪٽيا، سانوڻ ۾ بادلن سان گڏ برسيس، اکيون جل ٿل پر جيون ڪسارو ۽ مان اُڃارو..............
    سياري جون سرد راتيون ۽ ڊسمبر جون تِکيون هوائون، وجود ٿڙڪيا ٿي، پارو رڳن ۾ لٿو ٿي ۽ مان حيدرآباد جي روڊن تي روز آڌيءَ ويل دير دير تائين خوابن کي آٿتن جون لوليون ڏيندي ڏيندي فُٽ پاٿن جا انيڪ ڌِڪا کاڌا............
    بهار ۾ وري جڏهن ساڳيا خواب سرجيا ٿي من، تڏهن وري انهن خوابن جي آس تي موٽي آيس ڳوٺ ڏهه ڏينهن موڪل ڪري، سوچيم پندرنهن ڏينهن پُڄاڻان ورندس مان پر هڪ ڏينهن ۾ ئي................
    “مان سُڀاڻ ورندس واپس.”، ڪافي دير سوچڻ کان پوءِ مون ڄڻ فيصلو ڪري ورتو؛ “مان سُڀاڻي ئي ورندس حيدرآباد”.
    امان کي ٻُڌائي ڇڏيو هئم پر پوءِ ڀي دل ۾ ڇِيت هئي ڪا، جا چُڀنديءَ رهي!!، مون نٿي چاهيو امان ڪو ڏُک ڪري يا مان ايترو جلد واپس وڃي امان کي دُکي ڪريان پر ڳوٺ رهي مان دُک ڪيئن سهان!!.
    مون ۾ دُک سهڻ جي سهپ نه هُئي شايد تڏهين ئي ته امان کي پئي دُکي ڪيم نه ته هوند موڪل جو ڪو مسئلو نه هئم.
    رات جو ڳچ حصو سوچن ۾ ڳرندي ڳرندي گذري ويو، گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سُڪون هو، آرام هو، چين هيو جو مون کي مُيسر نه هو، اُن سڪون، اُن آرام مون کي جلاوطن ڪري ڇڏيو، سوچن ۾ وگهرندي نه ڄاڻ ڪهڙي پل نِنڊ آيم بس سُجاڳي ٿي ته صُبح جو، جنهن پل دنيا جهان پنهنجين ڪمين ڪارين ۾ مصروف هو.
    مان اٿيس، منهن ڌوئي شيو ڪيم، امان بجاءِ شميءَ چانهه کڻي آئي جا مون کي عجب سان ڏسڻ لڳي، شايد منهنجي شيو ڪرڻ سان حيراني ٿي هوندس ڇو ته مون ڪڏهن به گهر شيو ڪئي ئي نه هئي!!.
    مان گهر رهيو ئي ڪٿي هئس............ جڏهن به گهر آيو هئس ته واپس وڌيل ڏاڙهيءَ کڻي ئي حيدرآباد ڀڳو هئس پر هن ڀيري مون راحيل جي شيونگ واري سامان کي استعمال ڪيو هو.
    “ضروري آهه اڄ وڃڻ؟”، امان ايندي ئي چيو ۽ مان جُهري پيس، شميءَ هڪ نظر مون کي ڏٺو ۽ پوءِ امان کي چيائين؛ “چاچيءَ...... ڇوڪر کي پلوءَ سان ٻڌندين ڇا؟؟”.
    مان ڪي گهڙيون وڃائجي ويس، الاءِ ڇو ڪي انسان هجومن ۾ ڀي اڪيلا هوندا آهن، سندن من جون اڪيلايون، دنيا جي هجومن تي حاويءَ ٿي پونديون آهن ۽ هُوءَ هر پل گُم سُم ئي رهجي ويندا آهن.
    “نقاش......!!.”، امان چيو؛ “لازمي آهي ته اڄ ئي تون.................
    “امان هن ڀيري مان ٻارنهن مهينن کان پوءِ نه ايندس.”، امان جي نِرڙ ۾ گُهنڊ پئجي ويا، هُوءَ ڄڻ پريشان ٿي پئي، چيم؛ “امان هاڻ مان هر مهيني ايندس. حيدرآباد هتان ٻه ڪلاڪن جو ئي ته پنڌ آهي!!”.
    “تنهنجي مرضيءَ پُٽ پر...............
    “ڇڏ پر ور کي امان.”، مان امان جي سامهون ٿي بيٺم پر امان منهن پرتي ڪندي چيو؛ “ڄاڻان ٿي اهو ڪوڙ آ پر جيڪر هڪ ٻه ڏينهن.........
    “اوهه چاچيءَ...... اوهان به نه........!!.”. شميءَ چيو؛ “هن کي گهڻي محبت ڏئي هڪ ڏينهن لڳي ٿو هڏ حرام ڪندو نيٺ!!.”، مان امان کي ڏسندو رهيس، جنهن جون محبتون لازوال هيون.
    “توکي حيدرآباد ۾ تنهنجا دوست ڇا سڏيندا آهن؟.”، شميءَ ڳالهه مٽائيندي پڇيو، مون کيس ڏسي چيو؛ “نقيءَ ئي سڏيندا آهن”.
    “پر نقيءَ ته توکي مان سڏيندي اهيان!!.”، هن چيو.
    “ٻين جي مون کي نقيءَ سڏڻ تي ڪا پابندي ته ڪونهي.”، چيم؛ “تون نقيءَ چوندي آهين ته ٻيا ڀي چوندا آهن”.
    “هنن کي چئي ڇڏ هُوءَ توکي نقيءَ نه سڏين”.
    “اڙي ڪيئن جهليان هنن کي؟”، چيم؛ “هُوءَ منهنجا دوست آهن!، مون سان محبت ڪندا آهن هُوءَ سڀ ڇا سوچيندا؟”.
    “هُوءَ توسان محبت ڪندا آهن؟؟”.
    “ها تڏهين ئي ته نقيءَ سڏيندا آهن”.
    “ڄٽ آهين تون بيوقوف......................
    “ڇو...........؟؟”.
    “جيڪي توکي نه چاهيندا آهن اُهي ئي توکي نقيءَ سڏيندا آهن جيئن مان!!.”، کن رکي شميءَ چيو؛ “جيڪي توسان محبت ڪندا آهن اُهي توکي نقاش سڏيندا آهن”.
    مان هن کي ڏسندو رهيس ۽ هن سوچيندي چيو؛ “هونئن...... ها جيئن چاچيءَ!!”.
    مان ماٺ رهيس هن وضاحت ڪئي؛ “ڏس چاچيءَ توکي نقاش چوندي آهي، هر پل گهور گهور پئي ويندي آهي، ڪڏهن به هن توکي نقيءَ نه سڏيو آهي.”، امان مرڪي هلي وئي پر شميءَ ڳالهائيندي رهي؛ “معنيٰ حيدرآباد ۾ ڀي توکي ڪوئي پسند نه ڪندو آ”.
    مون حيرانيءَ مان کيس ڏٺو تڏهن هن چيو؛ “ها ها تڏهن ئي ته سڀ توکي نقيءَ سڏيندا آهن مون وانگر”.
    مون بئگ کنيو ته جيئن ضروري سامان سهيڙيان، تڏهن هن وري ڳالهايو؛ “تون اُت به ائين ئي وائڙو ۽ مُنجهيل رهندو هوندين............ها تڏهين ته....
    “شميءَ.................
    “شميءَ نه.............. شميم چئو نقيءَ.”،
    “ها.............. اُها ئي!.”، چيم؛ “مان مذاق جي موڊ ۾ ناهيان”.
    “خبر اٿم ڄٽ.”، هن چيو؛ “تو وٽ ڪنهن موڊ جي هجڻ جو ڪو ڪارج ئي ڪهڙو آخر؟؟.”، مان کيس تڪڻ لڳس ۽ هن چيو؛ “ها سچ ته چوان ٿي توکي خواب ڏسڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آ.”، مان پٿر اکين سان هن کي ڏسندو رهيس ۽ هُوءَ ڳالهائيندي رهي؛ “خوابن جو ٿڪايل آهين تنهنڪري تو وٽ موڊ جو بحران آهي نقيءَ”.
    مون ڪپڙن جا ٽي وڳا بئگ ۾ وڌا، ٻه ٻاهر رکيم، هڪ پائڻو هيم ۽ هڪ کڻڻو نه هيم، ڪي ڪاغذ سئولا ڪري بئگ ۾ رکيم، هڪ مئگزين هو جو کڻي بئگ جي ڀر ۾ سئولو ڪيم ته جيئن وڃڻ مهل وسري نه وڃي، تڏهن هن چيو؛ “مون سان ڳالهائين ڇو نٿو؟؟”.
    “ڳالهائڻ لاءِ بچيو ڪجهه ڪونهي!.”، چيم.
    “ڇا مطلب؟؟.”، پُڇيائين.
    “مان مذاق جي موڊ ۾ ناهيان شميءَ!!.”، چيم؛ “۽ تون سنجيده ڳالهائي نٿي سگهين”.
    “اڇا ڀلا “ SORRY”، هن پنهنجا ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيو؛ “ٻُڌ توکي مون وارو ڪم ياد آهي؟”.
    “ها ياد اٿم.”، ڏُک مان چيومانس؛ “اِهو ڪم به ڪو وِسرڻ جهڙو آهي ڇا!”.
    “تون ان ڪري تڪڙو واپس وڃي رهيو آهين نقيءَ؟؟”.
    “مان رحمان جي نگريءَ ۾ رهڻ نٿو چاهيان شميءَ.............”
    “اوهه ته جناب کي منهنجي ماسات تي ڪاوڙ آهي!!!”.
    “رحمان تنهنجو ماسات آهي..........”، چيومانس؛ “مان ڀي ته ڪجهه تنهنجو آهيان!”.
    “ها آهين......... ڇو نه آهين.”، شميءَ اڻ ڄاڻ ٿيندي چيو؛ “تون منهنجو سئوٽ جو آهين!”.
    “شميءَ...........”، هن مون ڏي ڏٺو چيم؛ “مان فقط تنهنجو سئوٽ آهيان؟؟”.
    “پوءِ ڇا منهنجو مُڙس آهين؟؟”.
    “اوهه شميءَ...............”، چيومانس؛ “ڏس توکي ائين نه چوڻ گهرجي!”.
    “ها نه پوءِ تون ئي چوين پيو.................”
    “پر مان ته...........”
    “نه تون ئي ٻُڌا نه پوءِ؟؟”.
    “سئوٽ سان گڏ ڇا مان تنهنجو منڱيندو..................”
    “مان فقط تنهنجي نانءُ ئي ڪيل هئس نقيءَ.”، هن چيو؛ “اُهو ڀي ڄمڻ وقت!!”.
    “پنهنجي ڳوٺن ۾ نانءُ ڪرڻ ئي ته منڱڻو هوندو آهي شميءَ؟”.
    “مان نٿي مڃان ان کي ۽ بس پليز نقيءَ...................”
    “ڇو شميءَ؟، آخر ڇو؟؟”.
    “توکي خبر آهي نقيءَ.......”، هن چيو؛ “مان ماسات رحمان کي چاهيندي آهيان، هونئن ڀي وڏا چوندا آهن لکيو پرڻيو آهي، منڱيو پرڻيو ناهي!!”.
    “پر مان تنهنجو سئوٽ تنهنجو منڱيندو آهيان شميءَ...............”
    “نه نقيءَ نه...................... پاڻ سئوٽ آهيون، پاڻ دوست آهيون بس”.
    پکين جا پر ڪيئن سڙندا آهن ان ويل پتو پيو هئم، رُڳو پر ئي نه سڙيا هئم پر ٻريءَ سارو وجود ويو هئم؛ “شميءَ.............!!.”، هن ڪڇيو ڪجهه به نه فقط نگاهون کڻي مون ڏانهن ڏٺائين، چيم؛ “جيئن تو رحمان سان محبت ڪئي آهه.................... تيئن مون توکي چاهيو آ.”، هُوءَ ڪجهه به نه ڳالهاڻي، ڪپڙن جو جوڙو کڻي واش روم ڏانهن ويندي مون کيس چيو؛ “شميءَ............... رحمان جي نگريءَ ۾ مان رهڻ نٿو چاهيان”.
    مان جڏهن ڪپڙا بدلائي ٻاهر نڪتس، هُوءَ اتي ئي ويٺي هئي، مون ڄاتو ٿي منهنجي ڏُک جي هن کي ڪا پرواهه نه هئي، هُوءَ ته رحمان جي شميم هُئي ۽ منهنجي بس شميءَ هئي، جنهن جو مان فقط نقيءَ هئس، “شام جو ويندين؟؟”، هن پُڇيو.
    “نه..............!.”، بِنان ڏسڻ جي کيس جواب ڏنم؛ “هينئر ئي وڃان ٿو”.
    “پوءِ اڇو جوڙو ڇو پاتو اٿئي؟؟”.
    “اڇو رنگ امن جي نشانيءَ آهي.”، چيومانس؛ “منهنجي ڪنهن سان ڀي جنگ ناهي!!”.
    “پر هونئن ته هميشه ڪارو وڳو ئي پائي ويندو آهين.....”
    “هاڻ وڇوڙا جو بي معنيٰ ٿي ويا آهن شميءَ.”، چيم؛ “فراق جي سياه رات جڏهن همراه آهي ته تن کي ڪاري لباس جي ضرورت ڪهڙيءَ!”.
    “اوهه نقيءَ................ تون ته آهين ئي ڄٽ”.
    “ها.............”، چيم؛ “ان لاءِ جو توکي نٿو وڻان”.
    “نه.............. ان لاءِ جو تون ڪنهن کي به نٿو وڻين.”، چيائين.
    “ڪنهن کي به ڇا مطلب؟؟”.
    “ها ڪنهن کي به نه!!”.
    “ڪنهن کي به مان مُراد؟”، چيم؛ “تنهنجي ماءُ ئي هوندي ان کي نه وڻندو هوندس”.
    “نقيءَ بد اخلاق!!.”، چوڻ لڳي؛ “آهين نه ڄٽ............. منهنجي ماءُ تنهنجي به ڪجهه ٿئي”.
    “ها چاچيءَ ٿئي منهجي ته!!.”، چيم.
    “پوءِ چاچيءَ کي گهٽ وڌ ٿو چوين؟”.
    “گهٽ وڌ ته نه پيو چوانس پر...............”
    “پر ڇا.........؟؟”.
    “پر افسوس لڳيم ٿو ته تهنجي ڪري بابا ۽ چاچا جُدا ٿي ويندا ٻئي ڀائر”.
    “توکي وڏن جو ڏک آهي نقيءَ يا پنهنجو؟؟.”، ۽ مان ڪجهه به چئي نه سگهيم هڪ ٿڌي آهه اندر ۾ ئي رهجي وئي منهنجي تڏهن چيائين؛ “نه ٿيندا جُدا بابا ۽ چاچا.......................... مريم ۽ راحيل جي شاديءَ جو ڪرائينداسين!!”.
    “مريم ڀي ته تنهنجي ڀيڻ آهي!.” چيم؛ “ڪٿي ان کي به تو وانگر رحمان جي ڀاءُ رحيم سان....................
    “شٽ اپ نقيءَ............!!.”، هن رڙ ڪئي؛ “تون ايترو به بداخلاق هوندين.......... مون سوچيو نه هو”.
    “ڇو؟، تون چوين ته صحيح آ ۽ مان چوان ته بداخلاق آهيان؟؟.”، مون ڄڻ احتجاج ڪيو.
    “اوهه نقيءَ.............. تون ته صفا..................
    “ڄاڻان ٿو سڀ.”، چيم؛ “مان ته بيوقوف، ڄٽ، بداخلاق.....
    “بس بس.......”، هن چيو؛ “ٻُڌاءِ مون واري ڪم جو ڇا سوچيو اٿئي؟”.
    ،اِهو ايڏو آسان ته نه آهي مون لاءِ شميءَ!!.”، چيم.
    “معنيٰ نه ڪندين؟.”، مان خاموش ٿي پيس سواءِ کيس ڏسڻ جي باقي ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ ڄڻ ڪجهه بچيو نه هو، تڏهن هن چيو؛ “ٻُڌاءِ نقيءَ پليز.......
    “ها ٿي ويندو تو وارو ڪم.”،کيس چوندي مون پنهنجيون اکيون بند ڪري ورتيون تڏهن هن چيو؛ “ڏس نقيءَ................. تو شاديءَ کان انڪار نه ڪيو ته...............!!”.
    “ته ڇا شميءَ؟”.
    “ته مان رحمان سان ڀڄي ويندس!!”.
    “What? ”، مان ڇرڪي پيس.
    “ها نقيءَ...........”، هن هيٺ ڏسندي چيو؛ “اسان ڪورٽ مئريج ڪري ڇڏينداسين پر جُدا نه ٿينداسين”.
    “شميءَ تون...................
    “ها نقيءَ.”، هن ڄڻ فيصلو ڪري ورتو هو، چيومانس؛ “توکي خبر آهي شميءَ تون ڇا پئي چوين؟؟”.
    “ها خبر اٿم بس اهو منهنجو فيصلو آ.”، هن ڳالهه کي ختم ڪندي چيو؛ “اسان هڪٻئيءَ کان سواءِ زنده نٿا رهي سگهون تون جي انڪار ڪندين ته گهڻيون دليون ٽُٽڻ کان بچي وينديون ۽ عزتون به، نه ته.................
    “۽ منهنجي دل شميءَ........؟؟”.
    “پليز نقيءَ................
    “ڇا پليز شميءَ ڇا؟؟”.
    “مون کي ڪونهي خبر.”، هن چيو؛“تون پنهنجي شادي کان انڪار ڪندين يا مان......................
    “توکي ڪجهه به ڪرڻ جي ضرورت نه آهي شميءَ!!.”، هٿيار ڦٽا ڪيا مون، بيوس ٿي پيس، چيومانس؛ “مان انڪار ڪري ڇڏيندس تون بس ڪنهن کي به رسوا نه ڪجان”.
    مون بئگ سنڀالي ورتو ڄڻ پرائي ديس ۾ هجان، اجنبيءَ هجان، پرديسيءَ هجان يا ڪنهن علائقي ممنوع ۾ هجان، دل ته درهم برهم ٿي وئي هئي پر عجيب پيڙاءُ ۾ اچي گرفتار ٿيس، دل جو سور سيني ۾ ٽُنگ ڪري گذري ويو پر سلي ڪنهن سان به نه سگهيس، ڀائنيان پل به هتي نه ٽِڪان، پر هجن، ڪي کنڀ هجن ته جهٽ ڀڙڪو ڏئي اُڏاميءَ وڃان، اُڏاميءَ به نٿو سگهجي، مري به نٿو سگهجي، منهنجا پر رحمان پٽي ڇڏيا، منهنجا کنڀ شميءَ کوهي خاڪ ڪري ڇڏيا، مان اُڏاميءَ نه سگهيس، مون امان سان ڪوڙو واعدو ڪيو مهيني تي موٽي اچڻ جو ۽ پنهنجون هاريل وِکون وڌايم ڪمري کان ٻاهر ته جيئن حيدرآباد جي هوائن ۾ اچي مُنتشر ٿي وڃان!!!.
    مون وِک کئني ۽ هُن سڏ ڪيو؛ “نقيءَ.......................
    ڀائنيم آخري ڀيرو منهنجو مُنهن ڏسڻ ٿي چاهي، بيهي رهيس؛ “ها چئو شميءَ”.
    جڏهن هُوءَ ڪافي دير نه ڳالهاڻي ۽ ڪمري جي پرين ڀر ڏسندي رهي، جنهن ۾ مان ڪنهن مهمان وانگر رهي واپس ٿي ويس، تڏهن چيم؛ “ها چئو شميءَ.............!!”.
    “تون ڪڏهن انڪار ڪندين نقيءَ؟”.
    خواب ڄڻ ڪي Plane ها، جيڪي دماغ جي فضا ۾ Crash ٿي پيا، حسرتون هڪٻئي مٿان ڪريون ۽ مان دٻجي ويس احساسن جي هيٺيان، انهن خيالن جي هيٺان دفن ٿي ويس جن ۾ محسوس ڪيم ته شميءَ کي منهنجو ذرو ڀي خيال نه هو.
    “شميم..............”، چيم؛ “مان حيدرآباد پهچي فون تي انڪار ڪري ڇڏيندس”.
    هن خالي نگاهن سان مون کي ڏٺو، هن وٽ مون کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو، جو ڀي هُن مون کي ڏنو هو سو سڀ مون سنڀالي ورتو هو، کيس ٻُڏتر ۾ ڏسي چيم؛ “شميءَ................ گهٻراءِ نه، مان جلد بلڪه پُڄندي ئي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيندس ۽................ ۽.............. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو”.
    مان ڪمري جي قيد مان ٻاهر نڪري آيس، ٻاهر جي هوا ڀي ڄڻ زهرآلود هئي، امان کان موڪلائي ورتم، گهر مان ڄڻ بي گهر ٿي پيس، ڳوٺ ڀي اهڙو ڏيک ڏيڻ لڳو ڄڻ جهڙو پرايو هجي يا مان ڪو ڌاريو هجان، دل مقتل گاهه نه ٿي ڪو قبرستان ٿي وئي ۽ مان من جي مُقام ۾ پنهنجي حسرتن جا لاشا سُمهاري هڪ اجنبي احساس کڻي ڳوٺ مان تڪڙو هليس ۽ رحمان جي نگريءَ مان نڪري آيس.
    ٻه سال کان به وڌيڪ وقت حيدرآباد ۾ گذري ويم پر مان پاڻ کي منتشر ڪري نه سگهيم، خوابن جا مُردا روز رات جو پاسا ورائي جاڳي پوندا ها، مون شميءَ کي وسارڻ چاهيو پر هُوءُ عبادتگاهه وانگر منهنجي من ۾ موجود رهي ۽ محبت جا منهنجي من کي کائي وئي تنهن کان پاڻ بچائي نه سگهيس، ڪوئي چهرو اهو خال ڪٿي ٿي ڀري سگهيو!!.
    هر شڪل اوپري، هر چهرو اجنبيءَ!!.
    ڪو به نه هو پنهنجو ۽ پنهنجائپ هر ڪنهن ۾ ته نه هوندي آ سو بس رولڙي ۽ وائڙائپ جي نظر ٿي وئي زندگي.
    ٻه سال کن پهرين فون تي انڪار ڪري ڇڏيو هئم گهر وارن سان ته مان شميم سان شادي نه ڪري سگهندس، سبب پڇيو هئائون، سبب ته ڪو هو ئي نه مون وٽ ۽ مان ڪو سبب گهڙي به نه سگهيس!!!.
    “نه مان شهر مان شادي ڪندم بس.”، اجايو ۽ ڇسو ڪوڙ، جنهن تي ڪنهن اعتبار ئي نه ڪيو!!.
    انيڪ ڪاوڙون، انيڪ پُڇائون، انيڪ حيلا پر مون سڀن کي مُنهن ڏئي ڇڏيو، ڪائي ڪوشش ڪارگر نه ٿي، منهنجي نه کي 9 ڪوٽ اچي ويا، سڀ مون کان ڪاوڙجي ويا، بابا منهنجو مُنهن ڏسڻ نٿي چاهيو، امان چيو ته مون سندس سپنا ماريا آهن، چاچي چيو مان آهيان ئي نالائق، ڪپوٽ، چاچيءَ چيو ٿي نقيءَ جا ته شروع کان ئي پير صحيح نه ها مان ته چوندي هئس پر ڪنهن مڃيو ئي نه!!.
    سڀ مون کي ڇنڊي ڌوڻي بيهي رهيا، مون تان ڇا گذريو، مان سڀ زهر پي چُپ رهيم، سڀن جون مان ڪاوڙون سهي ويس، سڀئي ڪاوڙجي پيا پر شميءَ خوش هئي، هُوءَ نه ڪاوڙي هئي ۽ مان ڪاوڙون، ناراضگيون سهي ٽِڪي پيس حيدرآباد پر امان جو پوءِ ڀي اسرار ته واپس اچ.
    مان ڀلا رحمان جي نگريءَ ۾ ڪيئن ٿي اچي سگهيس!، سو مان واپس نه وريس ۽ ڪئي ڏينهن آفيس جي نظر ۽ موڪلون فليٽ جي ڪمري ۾ قيد ٿي رهجي ويون منهنجيون.............. من ئي نٿي چاهيو ته فراق جي سياه رات ساڻ ڪري ڪيڏانهن نڪرجي!!!.
    سو بس مشينيءَ زندگي تي اعتبار ڪري ويهي رهيس، ڪم، غم ۽ ٻيو مان............... چُپ چپات، خاموشيءَ.......... ٽُٽل سپنا ڄڻ ٽُٽل چوڙيون، وکريل خيال ۽ اُلجهنون، بيزاريءَ ۽ بيوسيءَ..................
    اهڙي ئي عالم منجهه هڪ ڏينهن آفيس ۾ مشينيءَ وهنوار ٿي هليو جو راحيل فون ڪئي، خبر چار ورتي مانس، چئي امان ٿي ڳالهائي ۽ ساڳيون ميارون، ڏوراپا ۽ طعنا..................
    مان ڏوراپن کان مٿي چڙهي ويو هئس ڇو ته مان پنهنجا ڏوراپا ڪنهن کي به ڏئي نه سگهيو هئس، شميءَ کي به نه ڏئي سگهيو هئس، جنهن سان مون محبت ڪئي هئي، مون بچپن گذاريو هو هن سان، مون ننڍيءَ وهيءَ ۾ ننڍا سپنا پوکيا ها هن جي ساٿ جي آسري ۾ پر آسرا ڪرڻ اجايو وهنوار آهي، مون هن جو هٿ پڪڙي ٻاروتڻ طيءَ ڪيو هو پر شميءَ..................
    امان پُڇندي رهي ڪڏهن ٿو اچين ڳوٺ؟؟، پر مان گهڻي دير ڪو خاطر خواهه جواب ڏئي نه سگهيس کيس، امان جو اصرار وڌي ويو ته نيٺ بيزار ٿيندي ٽارڻ لاءِ امان کي چيم؛ “امان شميءَ جي شادي ڪرايو ته اچان ڳوٺ!!.”، مان چِڙيءَ پيو هئس شايد روز بروز ساڳين ڳالهين تي، هڪ ئي ڳالهه جي ورجاءُ تي، روز جي انهيءَ ضد تي ته ڳوٺ اچ.
    “ڪنهن سان ڪرايون شميءَ جي شادي؟”، امان ڌيرج سان چيو.
    “جنهن سان هُوءَ چاهي!.”، وري به مون بي دليو جواب ڏنو.
    “شميءَ جي شادي ته توسان ئي ڪرائينداسين نقيءَ!”.
    “تڏهين ئي ته نٿو اچان ڳوٺ.”، چيم.
    “ڇو پُٽ؟؟.”، امان چيو؛ “شميءَ تنهنجي سئوٽ آهي، تنهنجي مڱ آهي نقيءَ.............
    “پر امان...............
    “پر ڇا؟؟”
    “پر شميءَ پنهجي ماسات رحمان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي امان!!.”، چئي ويس مان؛ “اوهان هن جي شادي رحمان سان ٿيڻ ڏيو............!!”.
    “دماغ خراب ٿيو اٿئي يا پاڳل ٿيو آهين نقيءَ؟؟.”، امان چيو.
    “ها امان..... مان ٺيڪ ٿو چوان.”، چيم؛ “اوهين شميءَ جي شاديءَ رحمان سان ڪرائي ڇڏيو، هُوءُ سچ هڪٻئي کي ڏاڍو چاهين ٿا”.
    “چريو ٿيو آهين ڇا؟؟.”، امان حيرانيءَ ۽ ڪاوڙ مان چيو.
    “ان ۾ چريي ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ؟.”، چيم؛ “سچ ته چوان ٿو مان”.
    “ڪنهن تنهنجي مٿي ۾ بُهه ڀري آهي نقيءَ؟؟.”، امان چيو؛ “رحمان ته ڪڏهوڪو پرڻجي چڪو آهي ۽ تو چوين ٿو ته اسان شميءَ جي شادي رحمان سان ڪرايون!!.”، مان ڄڻ پٿر ٿي پيس، امان جي واتان رحمان جي شادي جو ٻُڌي!!.
    امان چوندي رهي؛ “معنيٰ تون چاهين ٿو ته اسان شميءَ کي ساڙي ڇڏيون؟، ٻُڌاءِ نقيءَ پرڻيل کي وري اسان پرڻايون؟؟؟”.
    مان گهڻي دير ٻُڏي ويس، ڪو به لفظ اوڳاڇي نه سگهيس، ڪجهه سمجهڻ ٿي چاهيم پر ڪجهه به سمجهي نه سگهيم، امان ڳالهائيندي رهي ته شميءَ منهجي مڱ آهي، چاچي جي ڌيءُ آهي ۽......... ۽........ ۽ سڀ ٻُڌندين به ڄڻ ڪجهه نه ٻُڌي رهيو هئس، سوچ سمجهه وارا حواس باکڙجي ويا هئم، جڏهن ڪافي دير نه ڳالهاڻس تڏهن امان چيو؛ “هيلو........ هيلو...... هيلو، نقيءَ ٻُڌي رهيو آهين نه؟؟، شميءَ فقط تنهنجي آهي ۽ تنهنجي رهندي ۽ هُوءَ تنهنجي ئي انتظار ۾ ويٺي آهي!!”.
    “امان...............!!.”، چيم؛ “رحمان ڪٿان شادي ڪئي آهي؟”.
    “پنهنجي ئي سئوٽ.......... ڀڄائي پرڻيو آهي.”، امان چيو؛ “ٻُڌاءِ ڪڏهن ٿو اچين ڳوٺ تون؟”.
    ڀڄڻ جو لفظ به عجيب هو!!، هڪ ڏينهن شميءَ ڀي چيو هو ته جيڪر مون انڪار نه ڪيو ته هُوءُ رحمان سان ڀڄي ويندي ۽ اڄ منهنجي انڪاري ٿيڻ باوجود، شميءَ کان پهرين ڪنهن ٻيءَ سان رحمان ڀڄيءَ ويو!!!.
    “هيلو.............. نقيءَ................ پُٽ...... ڪڏهن ايندين ڳوٺ؟؟”.
    “مان جلد ايندس ڳوٺ امان.”، چيم.
    “جلد ڪڏهن؟؟.”، امان ضِد ڪيو ته چيم؛ “شام جو”.
    “اڄ شام جو..........؟؟؟”.
    فون ڪال ڪٽجي وئي، رحمان شميءَ سان بيوفائي ڪري پنهنجي سئوٽ سان...........
    نه رهندس رحمان جي نگريءَ ۾ مان............. پر......... پر مان شميءَ کي به هاڻ نه رهڻ ڏيندس رحمان جي نگريءَ ۾، مان شميءَ کي هت وٺي ايندس ته جيئن هوءَ هت مون سان گڏ سنڌو ڪناري کُليل فضا ۾ آزاد ساهه کڻي سگهي ۽ دلفريب ٽهڪ ڏئي سگهي!!.
    وڃايل خوابن جون ذريون ذريون مون پل ۾ ئي ميڙي ڳولي ورتيون ۽ جهٽ ۾ سڀ سپنا وري جوڙي ورتا، ٽڪرا ٽڪرا ميڙي چونڊي وري ڪي آئينا ٺاهي ورتا مون، مون سوچي ورتو شميءَ کي هت وٺي ايندس مان پاڻ سان گڏ، هُوءَ اڪيلي هوندي جام.......... تنها وياڪل!!.
    ها شميءَ اُداس هوندي ۽.............
    مُضطرب ته اڳي ئي هئس مان پر اڌوري آس ۽ بيچينيءَ اچي دل کي سوگهو ڪيو ۽ ڪنهن ڪم تي من نه چاهيو، مون موڪل ڪري ورتي، فليٽ تي پُڄي ساڳي بئگ تيار ڪيم ۽ جهٽ ئي نڪري پيس ڳوٺ ڏي.
    بس ۾ ويٺم ته دل جو دهڪو وڌي ويم ڄڻ، ڀائنيان دل معمول کان ڪجهه وڌيڪ تکو تکو پئي ٿي ڌڙڪي، شميءَ جو تصور ايندي ئي منهنجي ڪيفيت بدلجي وئي هئي، دل جي ڌڙڪن ۾ هڪ عجيب هلچل لڳي پئي هئي، شميءَ اداس هوندي.......... هُوءَ پاڻ کي اڪيلو ڀائيندي هوندي............. هُوءُ ڏاڍي دُکي ٿي هوندي................ هن وقت ته............... مان سوچي رهيو هئس..............
    مون نٿي پئي چاهيو ته شميءُ وڌيڪ ڪو پل تنها رهي، ڪو دُک سهي، ڪنهن جي بيوفائي جو ماتم ڪري، مون هن جو هٿ پڪڙي اڏامڻ ٿي چاهيو، مون چاهيو ٿي هُوءُ هر پل مُرڪي، مان هن سان گڏ هڪ لازوال ۽ اُوچي اُڏام آڪاش جي وشال وسعتن ۾ اڏاميءُ رحمان جي نگريءَ کان دور..........
    فون جي آواز تي مان ڇرڪي پيس، خيال دونهان ٿي اڏامي ويا، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم بس حيدرآباد مان نڪري چُڪي هئي، روڊ جي ٻنهي پاسن ڏور ڏور تائين ڦهليل انبن جا باغ ها ۽ مون سان گڏ رفتار هئي جا وئي ڌوڪيندي ۽ دل جي تانگهه به ائين ئي ٿي چاهيو ته جلد پُڄان گهر ۽ شميءَ جو هٿ پڪڙي چوان ڏس شميءَ مان موٽي آيو هان................... توکان سواءِ مان ته صفا..........اڌورو......
    فون وري وڄڻ لڳو، جو ڪجهه دير پهريان وڄي بند ٿي ويو هو، رسيو ڪري چيم؛ “هيلو................
    “مان شميءَ ٿي ڳالهايان!!”.
    “ائين نه ڀي چوين ها ته ڀي سُڃاڻي وڃان ها مان”.
    “شور وڌيڪ آ سمجهه ۾ نٿو اچيم......”
    “مون سُڃاتو آ توکي!.”، چيم.
    “ٻُڌو اٿم ڳوٺ ٿو اچين....؟؟”.
    “ها شميءَ..................
    “ڇو ٿو اچين ڳوٺ؟”، کن رکي هن چيو؛ “مون سان شادي ڪرڻ ٿو اچين؟؟”.
    مان حيران ٿي پيس، سندس سوال عجيب ها، ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس، تڏهن هن چيو؛ “تنهنجو پنهنجو ڳوٺ آهي نقيءَ......... جي ائين اچڻ چاهين ته ڀلي اچ پر..............
    “پر ڇا شميءَ؟؟.”، لفظن جو پٿر ڄڻ هڪ هڏڪي سان اوڳاڇي ورتم.
    “پر مون سان شادي ڪرڻ نه اچجان!!.”، آئينا جيڪي وري جوڙيم سي سڀ وري ڊهي پٽ پئجي ويا.
    “ڇو شميءَ؟؟، ڇو آخر....................؟؟”.
    “ان سوال جو مون وٽ ڪو جواب ڪونهي پر پليز...........”
    “شميءَ مان تنهنجو سئوٽ آهيان!، تنهنجي چاچي جو پُٽ، تنهنجو منڱيندو.........................
    “پليز نقيءَ..........
    “ڏس شميءَ...........”، چيم؛ “اڃان ڀي ڪجهه نه ويو آهي............ رحمان بيوفائي ڪئي توسان ته ڇا آهي؟ مان ته آهيان نه تنهنجو............
    “ڪو به ڪنهنجو ناهي نقيءَ.”، هن چيو؛ “مرد ته سڀئي مرد ئي هوندا آهن!”.
    “پر مون ته توکي چاهيو آ شميءَ؟.”، چيم؛“اُجري چانڊوڪيءَ وانگر منهنجي من ۾ رهي آهين سدا تون!!”.
    “ڪتابي ڳالهيون دل ته وندرائي سگهن ٿيون نقيءَ پر گهاءُ نٿيون ڀري سگهن”.
    “مان تنهنجا گهاءُ ڀريندس شميءَ.”، چيم؛ “مان ته اڃان ڀي باوفا آهيان ڏس”.
    “مان ڀي ته باوفا آهيان نقيءَ!!.”، شميءَ چيو؛ “بي وفا نٿي ٿي سگهان مان”.
    “ڇا مطلب آهي تنهنجو؟؟”.
    کن رکي هن چيو؛ “رحمان بيوفا آهي نقيءَ ته ڇا؟، مان ته ناهيان، منهنجي من ۾ ٻيو ڪوئي ڀي ڪونهي ۽ مان شادي ڪرڻ ئي نٿي چاهيان”.
    “پاڳل آهين تون!.”، چيم
    “ها پاڳل ئي ته آهيان مان نقيءَ.”، چيائين؛ “ديوارن جو ڀروسو ڪيم!، مان ڪنهن جي به نه ٿي سگهندس”.
    “بيوقوف نه ٿي ڄٽ!!.”، چيم؛ “مان ڳوٺ اچي رهيو آهيان ۽ مان توکي وٺي ئي ويندم...............
    “منهنجو موڊ مذاق جو نه آهي”.
    “مان ڪو مذاق نه پيو ڪريان.” چيم؛ “مان بس ۾ آهيان ۽ سچ ڳوٺ اچي رهيو آهيان آخر تون منهنجي چاهت جو آهين”.
    “مون کي چاهت جي ضرورت ئي ناهي نقيءَ!!.”، چيائين؛ “تون بس واپس موٽي وڃ”.
    “توکي ضرورت نه آهي پر مون کي ته آهي نه!!”.
    “مان ڪنهن کي به ڪجهه ڏئي نه سگهندس تون واپس موٽي وڃ نقيءَ پليز پليز..........”
    “چريءَ آهين ڇا؟؟.” چيم؛“مان هرگز نه موٽندس، هر واري تنهنجي نه هلندي، گهڻا تو ضِد ڪري ورتا مان بس اچي رهيو آهيان”.
    “ٺيڪ آ ته پوءِ اچ.”، هن چيو؛ “هت شميءَ نه شميءَ جو توکي به لاش ملندو، مون ۾ هاڻ هونئن ڀي وڌيڪ ڪا سهپ بچي ڪانهي!!”.
    “بي عقلي جون ڳالهيون نه ڪر، مان آهيان نه مان سڀ..............
    “مان هاڻ ڪو ڏُک نه سهندم نقيءَ.”، چيائين؛ “تون شميءَ جو مُنهن ڏسڻ اچي رهيو آهين نه؟، ٺيڪ آ اچ............. مُنهنجو مُنهن ئي ڏسي واپس موٽي ويندين!!!”.
    هن فون بند ڪري ڇڏي، مان خاموش ٿي ويس. ڪا هِڏڪي ڳلي ۾ اٽڪي پيم، ڪو ڳوڙهو اک اندر اڀري، سُڪي خُشڪ ٿي ويو، ڀائنيم بس اڳتي نه پر پوئتي، پوئين پير تيزيءَ سان ڊوڙندي ٿي وڃي!!.
    نوان پر جي فُٽا ها سي وري سڙي خاڪ ٿي ويا، بهار نه آئي راس من کي، هُن ڪنهن به صورت ۾ نه اپنائڻ چاهيو ڪنهن کي پر هُن هر ڀيري مون کي ٺُڪرائي ڇڏيو، ڪو بارود، ڪو ڊائناميٽ ڦاٽو جگر ۾ ۽ ڪنهن پهاڙ وانگر وکري ويس مان، ريزه ريزه ٿي ويس پل ۾، هن جو ميسيج آيو، بي دليو فون کنيم؛ “يقين مڃ نقيءَ مان زهر کائي ڇڏيندس جي تون نه مُڙئين ته.......
    مون ڄاتو ٿي هُوءَ ضد، هٺ ۽ زبان جي پڪي آهي بيحد............... هن جا ميسيج ڪرندا رهيا موبائل تي، ميسيج جي رنگ ٽون ڄڻ ڪنهن مُلان جو آواز هئي جنهن ڄڻ مُردي جو جنازو پڙهڻ لاءِ اجازت ٿي گُهري!!!.
    انيڪ ميسيجن ۾ هڪ ئي سوال؛ “ٻُڌاءِ نقيءَ؟؟.” ۽ مان پريشان، وياڪل، وڃايل........... سڀ ڪجهه هاريل لُٽايل!!.
    اُن ڏينهن مان رحمان جي نگريءَ مان نڪري ڳوٺ ڇڏي آيو هئس ۽ اڄ مان حيدرآباد ڇڏي آيو هئس، مان نه هُن پاسي وڃي سگهيس، نه وري مان هِن پاسي رهي سگهيس، ميسيجن جو ڪڙڪو ڄڻ ڪي دهماڪا، بي دليو ئي پڙهيم؛ “ٻُڌاءِ نقيءَ؟؟”.
    “ڇا ٻُڌايان شميِءَ؟، مان ته ڄڻ دربدر ٿي ويو آهيان!!.”، ڄڻ دُک لکي موڪليم جو ٻه ڳوڙها اکين مان وهي ڳلن تان گسڪيءَ ويا ها.
    “واعدو ڪر ڳوٺ نه ايندين!؟؟.”، لُڙڪ ته آهن ئي هيڻائي جي نشاني، پر ننڍڙا قطرا نِٻل هُئڻ جو احساس ڏيارين ٿا، مان روئي نه سگهيس، نِٻل جو هئس، دل ڇيتون ڇيتون ٿي وئي، هُوءَ جو ضِد تي اڙي هئي؛ “ها مان ڳوٺ نه ايندس شميءَ................. ڪڏهن به نه!!.”، مون فون جو بٽڻ پريس ڪري ڇڏيو ۽ جواب سِرڪي گُم ٿي ويو.
    ڪجه دير کان پو هن جو ميسيج آيو؛ “پاڳل ڪيترا ڇوڪرا شهر وڃي پرڻجي ويا هڪ تون آهين جو ايتري عرصي گذارڻ جي باوجود به ڪا ڇوڪريءَ ڳولي نه سگهيو آهين!!!”.
    منهنجا چپ سُڪي ٺوٺ ٿي پيا ها ۽ من ۾ ڪو صحرا، ڪو رڻ پٽ هو، جنهن ۾ مان جليس ٿي، رُليس ٿي..............!!، “من جا محرم بازارن ۾ ناهن ملندا شميءَ.”، ٽائيپ ڪري اهو ميسيج، بنان موڪلڻ جي ئي ڊليٽ ڪري ڇڏيم پر هن جو وري ميسيج آيو؛ “هاڻ ڳوٺ اچين ته ڀاڀيءَ کي گڏ وٺيو اچجانءِ ڄٽ!!”.
    “نه ايندس........... ڪڏهن ڀي مان رحمان ۽ رحيم جي نگريءَ ۾.............!!!.”، مون رڙ ڪئي ۽ سِيٽ تي ڀر ۾ ويٺل ڀائيءَ ڊڄي ويو، هُوءَ حيرانيءَ مان مون کي ڏسڻ لڳو، ڊڄي ته مان ڀي ويو هئس جو ميسيج پڙهندي ئي هلڪي رڙ ڪري جواب ڏنو هئم ڄڻ شميءَ منهنجي سامهون هُجي!!.
    گهڻا مسافر تعجب وچان مون کي نهارڻ لڳا ۽ مان بئگ کڻي بس جي گيٽ تي هليو آيس، بس روڪرائي لهي پيم، آسمان ڏي ڏسي هڪ آرس ڀڃيم، ڄڻ آڪاش جي وشال وسعتن ۾ اڏامڻ ٿي چاهيو مون پر زوڪاٽن ڪن ٿي کاڌا، ڏٺم هِتان جون گاڏيون هوڏانهن ۽ هُتان جون گاڏيون هيڏانهن ڀڳيون ٿيون وڃن، رستو ٺهي رهيو آهي، رستو ڊهي رهيو آهي، مان ٺهي رهيو هئس، مان ڊهي رهيو آهيان!!.
    ڀڳل ۽ ٽُٽل رستي تي بدحواس ڀڄندڙ گاڏين مِٽيءَ جا طوفان اٿاري ڇڏيا آهن، ٺهندڙ رستي جي، ڊهندڙ رستي جي مان ڪناري ئي بيٺو آهيان، ڌُوڙ ۾، ڌُڌڙ ۾، ڌُنڌ ۾............ مان ڄڻ گُم ٿيندو پيو وڃان!!!.


    گُذري ويل رات جي رهجي ويل لمحي ۾

    گُذري ويل رات جي رهجي ويل لمحي ۾

    11مئي جو سج سويرڪو لهي ويو آهي ۽ اڌ ڏينهن سان گڏ هن رات جو ڳچ حصو به سوچن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي پر اڃان تاريخ ساڳي آهي 11 مئي 2013.
    تاريخ جي مٽجڻ ۾ اڃان ڪجهه دير آهي، 11 مئي کي 12 مئي ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه منٽ گُهرجن ٿا پر وڏي رئيسياڻي جام ٿڪي پئي آهي، سڄي ڏينهن جي منظرن تي سوچي سوچي ذهن ڄڻ ساڻو ٿي پيو اٿس، ٽي. وي تي مغرب کان ئي چونڊن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ من جي مونجهه مِٽائڻ لاءِ هُن دالان ۾ پيل ٽي. وي تي مختلف چينل لڳائي ڏٺا آهن پر هر چينل تي اليڪشن، اليڪشن ۽ اليڪشن!!!.
    ڀِت تي ٽنگيل گهڙيال ڏٺائين، 11 مئي گُذري ڪونهي اڃان باقي آهي!!.
    وڏي رئيسياڻي جيڪا رئيس جي وڏي ڌيءُ فرحت کان پورا ساڍا ست سال ننڍي آهي ۽ رئيس جي گهر واريءَ جي رضا الاهي کان پوءِ رئيس جي نڪاح ۾ آئي آهي، سا ڄمار ۾ ته اوڻيهه سالن جي آهي پر رئيس جي ٻيءَ ڪنهن گهرواريءَ جي نه هُجڻ ڪري وڏي رئيسياڻي آهي!!!.
    وڏي رئيسياڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀِت کي چنبڙيل گهڙيال ڏٺو آهي، ائين لڳيس ٿو جيئن گهڙيال ديوار کي چنبڙيءَ پيو آهي تيئن ئي ڄڻ گهڙيال جا ٽئي ڪانٽا شيشي جي اندر گهڙيءَ ۾ چنبڙِيءَ پيا آهن!!!.
    هُوءَ بي دِلي مان اُٿي ٿي، رموٽ کي صوفا تي اُڇلي، ٿڪل وِکون کڻندي پنهنجي بيڊ روم ۾ هلي اچي ٿي ۽ پُٺيان ٽي. وي کُليل ٿي رهجي وڃي، جنهن ۾ ميزبان مُلڪ جي مختلف تڪن جا چونڊ نتيجا ٻُڌائيندو ٿو رهي.
    رات جا ٻارنهن ٿيڻ ۾ اڃان پنج منٽ باقي آهن، وڏي رئيسياڻي پنهنجي بيڊ تي اچي ليٽي نٿي پر پُٺيان وهاڻو ٽيڪ ڏئي، ٽنگون ڊگهيري ويهي ٿي رهي، اکين مان نِنڊ ڪوهين ڏور اٿس، ننڊ جو ڪو ڇيڙو، ڪو انت ڪو سِرو هٿ وس نه اٿس، سندس دل، دماغ ڄڻ سُن ٿي پيا هُجن، هُوءَ شام ٽِپهريءَ کان انيڪ ويچارن ۾ پڄرندي رهي آهي، ٽِپهريءَ کان رات جي هن پهر تائين آنڌ مانڌ کي هُوءَ پنهنجي من مان ڪڍي نه سگهي آهي، بي سڪوني، بي چيني هُن جي حواسن تي واسو ڪري چُڪي آهي.
    ٽِپهريءَ کان وٺي وڏي رئيسياڻي انيڪ ڀيرا پاڻي پيتو هو پر روح هُيس جيڪو ڄڻ ٿر جي ڪا ڀِٽ هو ۽ اڃان تتل هو، هُن وري بيڊ روم ۾ لڳل گهڙيءَ کي نهاريو، 11 مئي گُذري چُڪي هُئي ۽ 12 مئي جا ٻارنهن لڳي ٻاويهه منٽ ٿيا ها، هن اڃان تائين ڪجهه نه کاڌو هو، سندس اکين ۾ ننڊ نه هُئي، سندس پيٽ ۾ بُک نه هُئي، پيٽ ۾ ڄڻ آڳ هُيس ۽ سندس اکين ۾ ڪِروڌ هو......... ڪِروڌ جيڪو هُن پنهنجي رڳ رڳ ۾ ٿي محسوس ڪيو.
    هُوءَ رئيس جي انتظار ۾ نه هُئي، کيس خبر آ اڄ ته اليڪشن هُئي پر رئيس ته اڪثر سڄيءَ رات گُذرڻ کان پوءِ ئي گهر ايندو آهي، اڄ دير ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي ۽ اهو ته امڪان ۾ آهي.
    هُوءَ پنهنجي بيڊ تي بي جان بُت بڻي ويٺي رهي، سندس جسم بي حرڪت پيو رهيو، بُت ۾ ڄڻ ڪو ساهه نه هُيس، بس حواس جيڪي حرڪت ۾ هُيا تِن آڌار هُوءَ اندر ۾ ڪڙهندي رهي، وڙهندي رهي، لڙندي جهڳڙندي رهي پاڻ سان ۽ ڀُرندي رهي.
    ڏينهن وارا واقعا سندس ذهن تي هر هر تري ٿي آيا، هُن جيڪي نٿي ڏسڻ چاهيو سو هر هر ٿي ڏٺائين، ذهن جو رموٽ سندس هٿ وس نه هو، نه ته جيڪر اهي منظر هُوءَ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪنٽرول ڪري وٺي ها پر اهي منظر نه چاهيندي به هُوءَ ڏسندي رهي ۽ پڄرندي رهي، اندر ئي اندر وڍجي هُوءَ ڪڙهندي رهي، ڪروڌ سندس وجود ۾ گهوماٽيون کائيندو رهيو ۽ هُوءَ مُٺيون ڀيڪوڙي سوچيندي رهي!!!
    بي خيالي ۾ وڏي رئيسياڻي جون نگاهون وري گهڙيال ڏي کڄي ويون، 12 لڳي ستونجاهه منٽ!!!.
    رات گُذرندي وڃي ٿي، وڏي رئيسياڻي پنهنجي بيڊ تي ننڊ کان ڪوهين ڏور هيڪلي ويٺي آهي، سوچون جيڪي ڏينهن کان ڪڍ لڳل اٿس تنهن جو رموٽ سندس وس ۾ ڪونهي!!!.
    بُڇان اچيس ٿي مرد تي، مرد ڪيئن نه ڪنهن بيوس تي ڪاهه ڪري ٿو!!. پاڻ کان هيڻي کي هيسائڻ ئي پنهنجي بهادري سمجهي ٿو نه ته اندر ۾ ڪيڏو بُزدل ۽ ڀاڙيو آهي اصلي....... سوچون سندس دڳ نٿيون ڇڏين، ٻُڏندي ٿي وڃي لهرن ۾........ هارين نارين، غريبن ۾ نانءَ ۽ ناماچار، رُعب، دٻدٻو، ٺٺ ٺانگر ۽ ڌارين اڳيان گيدي، ڪائنر، ڀاڄوڪڙ.........
    ڀاڄوڪڙ.....................!!!
    هُوءَ وڌيڪ سوچي نٿي سگهي. ڀاڄوڪڙ تي بيهي پوي ٿي، بيهي ڇا اٽڪي پوي ٿي.
    ڪمري ۾ نه ٿڌ آهي، نه گُهٽ آهي نه ٻوسٽ آهي، رات جي ويلي خاموشي ۾ هُن کي ڪابه خبر نٿي پوي، هُوءَ سوچيندي سوچيندي رات مان مُڙي ڏينهن ڏي هلي وڃي ٿي، ٽِپهريءَ جي وقت اڱڻ تي ويٺي آهي هُوءَ ۽ پنهنجي انهن خوابن جو سوچي رهي آهي جيڪي خواب ڏسڻ جي آس هُن پنهنجي دل ۾ شادي کان اڳ رکي هُئي!!!.
    اڻ ڏٺل خوابن جو هُن سوچيو ٿي ته اچانڪ ٻاهر گوڙ گهمسان ٿي پيو ۽ وڏي رئيسياڻي ڇرڪي پئي، ٻِئي پل ويڙهي جا ڪجهه ٻار ڊوڙندا آيا، جن جي واتان هُن ٻُڌو جهيڙو ٿي پيو، جهيڙو ٿي پيو!!.
    ٻار ته ڀڄي ويا اڳتي پر وڏي رئيسياڻي ائين بي خيالي ۾ اُٿي ماڙيءَ تي چڙهي آئي ۽ ڀِت جي وِٿي مان ٻاهر ڏسڻ لڳي، اوڀر جي ڪُنڊ ۾ اسڪول جي اڱڻ تي ڪجهه ماڻهو وڙهيا پيا آهن. ڪي ڪنهن کي لتون پيا هڻن، ڪي ڪنهن کي مُڪون پيا هڻن، ڪوئي ڪنهن کي گهِلي پيو، ڪِن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا آهن ۽ ڪِن جا مٿا ڳاڙها ته ڪِن جي ٺونٺين مان رت وهي پيو!!.
    پڌر تي پٽڪا، ٽوپيون ۽ جُتين جا پادر ايڪڙ ٻيڪڙ وکريل ڪريل ۽ مُڪون، لتون ۽ گهِل گهِلان اڃان تائين هلي پئي، پوليس جا ٻه چار سپاهيءَ کيس ماڻهن جي انهيءَ مارا ماريءَ ۾ بيوس بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪي اِهي ٻه چار پوليس وارا هن ڏٺا سي اسڪول جي ديوار کي ٽيڪ لڳايو خاموش بيٺا ها، اُنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي.
    ماڙيءَ تان تماشو ڏسندي اوچتو الاءِ ڇو کيس رئيس ياد آيو، رئيس سان پُٺين نو مهينن ۾ هُن ڪڏهن به پيار جو اظهار نه ڪيو هو پر هن ويڙهه کي ڏسي سندس نظرن نه چاهيندي به رئيس کي ٿي ڳوليو، هن کي ياد آيو رئيس ته ڪنهن به پارٽي سان گڏ نه آهي، سڀن سان ياريءَ باشي اٿس پر ڪٿي هن جهيڙي ۾ رئيس کي...........
    سندس اندر جي روايتي عورت جاڳي پئي ۽ هُوءَ بيچيني مان رئيس کي ڳولڻ لڳي، جڏهن کيس رئيس نظر نه آيو ته فڪر وڌي ويس ۽ هُوءَ ماڙيءَ تان ماڻهن ۾ رئيس جي چهري کي ڏسڻ لاءِ اتاولي ٿيڻ لڳي!!.
    اُمالڪ سندس نظر اسڪول جي پڌر کان هٽي ڏکڻ طرف ميدان تي پئي جتي ماڻهن جو هڪ وڏو انبوهه موجود هو، جيڪو پُڻ اسڪول جي پڌر ۾ وڙهندڙن کي پري کان ڏسي رهيو هو، هِن انبوهه ۾ بيٺل ماڻهن کي جانچي جانچي نهارڻ شروع ڪيو ۽ پل ۾ ئي کيس رئيس نظر اچي ويو، جيڪو ميدان ۾ موجود ماڻهن جي پهرين قطار ۾ بيٺو اسڪول جي پڌر ۾ وڙهندڙن کي ڏسي رهيو هو، هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ اُتي ئي ڇت تي ديوار کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي!!!.
    ڪئي پل لنگهي ويا هُوءَ اتي ديوار جي اوٽ ۾ ويٺي رهي، هن جي دل نه چاهيو اتان اٿي، ٿوري دير ۾ اسڪول جي پڌر مان ايندڙ گوڙ گهمسان ۾ ٺاپُر اچي وئي، هن جو خيال گوڙ گهمسان مان هٽي ويو، سوچڻ لڳي رئيس کي ائين نه هُجڻ گهُرجي، نعرا هڪ جا ووٽ ٻِئي کي.........
    “اِها منافقت آهي، مُنافقت نه ڪرڻ گهُرجي، ساڄي ڌُر سان نه ته کاٻي ڌُر سان پر چِٽو هلڻ گهرجي، دوکو ۽ مُنافقت نه..... قبلو دُرست رکجي، ٻِن ٻيڙين ۾ ته پير ڀي.......
    وڏي رئيسياڻي جي ڪنن تي ڪو آواز پيو ۽ ڇرڪي پئي، ٻِئي پل سڀ خيال ڇُٽي پيس ۽ ڇت تي اُٿي بيٺي، پيرن جي پٻن تي زور ڏئي وري ٻاهر نهارڻ لڳي ۽ اک پيس فوجي ٽرڪن تي جيڪي ڳوٺ جي موڙ مان نڪرنديون اسڪول ڏي ويندڙ روڊ تي تکيون تکيون اچي رهيون هيون، هڪ، ٻه، ٽي، چار...........
    وڏي رئيسياڻي فوجي ٽرڪون ٿي ڳڻيون، ڪجهه ٽرڪون اڳتي اسڪول جي پڌر ڏي هليون ويون، ٻه ٽرڪون ڏکڻ واري ميدان ۾ لهي پيون ۽ ٽرڪن جي بيهندي ئي ٽرڪن ۾ موجود چار ئي فوجي جيئن ئي هيٺ لٿا ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، هن ماڻهن کي ڀڄندي ڏٺو، سوچڻ لڳي فقط چار فوجي سپاهين کي ڏسي ڳوٺ جا ماڻهوءَ ڀڄن ڇو ٿا!؟؟.
    فوجي ته ڪنهن کي به ڪجهه نه پيا چون پر هي ماڻهوءَ هنن کي ڏسي وائڙا ۽ بدحواس ٿي گهرن ڏانهن ائين ڇو پيا ڀڄن ٿا؟ هنن جو ته ڪو ڏوهه نه آهي پوءِ هي ڇو آخر.......
    هي ڪجهه به سمجهي نه سگهي، ماڻهن کي فوجين کان ائين خوف ڇو؟، جڏهن ته جهيڙو ته اسڪول جي پڌر جي ماڻهن......... هي ته ميدان......... اوچتو هن جي نظر رئيس تي پئي جنهن جي لُوهه اوطاق ڏانهن هُئي.
    وڏي رئيسياڻي رئيس کي ڀڄندي ڏٺو، چار فوجين جي خوف کان رئيس کي بدحواس اوطاق ڏانهن ڊوڙندو ڏٺو، هن وائڙائپ ۾ ڊوڙندڙ رئيس جي ٽوپي ميدان ۾ ڪرندي ڏٺي، هن کي ڄڻ چڪر اچي ويو، رئيسياڻي گوڏن تي هٿ رکي ماڙيءَ جي ڇت تي ويهي رهي، ديوار کي ٽيڪ ڏنل هئس پر کيس لڳو هُوءَ بنان ڪنهن سهاري، بنان ڪنهن ٽيڪ جي آهي، مٿي ۾ ڀنواٽي محسوس ڪندي هُن بُت کي ڍرو ڇڏي ڏنو ڄڻ وکري وئي هُجي!!!.
    در جي کڙڪي تي هن جي نگاهه در ڏي کڄي وئي، جتي رئيس کي موجود ڏٺائين ۽ ٻئي پل ديوار تي ٽنگيل گهڙي ڏٺائين 3 لڳي چوونجاهه منٽ!!!.
    هُوءَ ڏينهن وارن خيالن مان موٽي آئي، وڏي رئيسياڻي سوچيو عام راتين ۾ ته رئيس 5 بجي کان اڳ گهر نه ايندو آهي، اڄ الاءِ ڇو جلدي......
    رئيس ٿاٻڙجي بيڊ روم جو در لاڪ ڪيو ۽ ٿيڙ کائي بيڊ جي پيرانديءَ کان اچي ويٺو، هن ڪو ڌيان نه ڏنو، ڄاتائين ٿي اڄ ڀي شراب پيتل هوندس سو هيءَ بُت بڻيو ويٺي رهي اکيون ڄڻ پٿرائجي ويون هئس، هن جي اکين ۾ ڏينهن وارا منظر ٿي ڦٿڪيا، ڪِروڌ ٿي من ۾ گُهميس، فوجي ٽرڪ، چار فوجي، هيڏي ساري خلق ۽ رئيس......... ڪارندا چار........ ها چار فقط......... تن کي ڏسندي ئي سڀن جي ڀاڄ....... ڪهڙو خوف هو سڀن کي؟، ڪهڙو خوف هو رئيس کي؟، رئيس جي ٽوپي...........
    هُوءَ سوچي رهي هُئي پر ڀاڄوڪڙ کا وڌيڪ سوچي نه سگهي ۽ رئيس پيرانديءَ کان اُٿي وڏي رئيسياڻي جي پيرن کان اچي ويٺو، سندس ڳاڙهيون اکيون جيڪي پل پهرين اڌ ٻوٽيل لڳي رهيون هيون سي ڄڻ سڄيون کُلي پيون هينئر، رئيس کي جام پيار اچڻ لڳو پنهنجي نوخيز ونيءَ تي، رئيس پنهنجو مُنهن ويجهو ڪري وڏي رئيسياڻي جو چهرو چُمڻ چاهيو پر رئيسياڻي پنهنجو مُنهن پرتي ڪري ورتو، شراب جي بُوءَ سندس ساهه ساڙڻ لڳي!!.
    رئيس هٿ وڌائي سندس چهرو پنهنجي طرف ڪيو، رئيس جو هٿ نه هو ٿوهر جو ٿُڙ هو، هن کي لڳو سندس مُنهن ڇِلجي پيو آهي، رئيس جي هٿ ۾ انيڪ ڏِينڀوءَ چنبڙيل ها جيڪي سندس چهري کي ڄڻ چُهٽي پيا!!.
    هِن رئيس جو هٿ پٽي پرتي ڪيو.
    “مِٺي ايڏي بيزاريءَ ڇو؟.”
    اندر ۾ بڙڇي لڳي وئي هُن جي، لفظ مِٺيءَ هن جي هانءُ ۾ ڪنهن ڪات ڪُهاڙي وانگر ٽُنبجي پيو، ڪروڌ ۽ بُڇان هُن جي رڳن مان ولوڙجي اکين ۾ لٿو ۽ ٻئي پل چهري جا تاثرات هن جي نفرت جو آئينو ٿي پيا، هُوءَ وري لفظ ڀاڄوڪڙ تي اچي بيهي رهي پر ڪُڇي ڪجهه به نه.
    رئيس ڄاتو ٿي وڏي رئيسياڻي ڪجهه به نه ڳالهائيندي، هُن ڪڏهن ڪجهه ڳالهايو به ته نه هو!، سدائين چُپ چُپات ۾ هُن پنهنجو ڪنڌ هميشه هيٺ نِوائي ڇڏيو هو، هُوءَ خاموشي مان بيڊ تان سندس ڀر مان اُٿيو ۽ پنهنجي قميض لاهي ٽنگڻي ۾ ٽنگيائين ۽ وري بيڊ جي پيرانديءَ ڏانهن لڙيو.
    بيڊ جي پيرن وٽ بيهي هُوءَ آهليل وڏي رئيسياڻي کي ڪي پل ائين ڏسندو رهيو ۽ هُوءَ جيڪا ڪنهن متوقع حادثي جي منتظر، ڄڻ پٿر اکين سان حملي آور کي ڏسندي هجي، پرکيندي هُجي سا حيران، وياڪل ۽ ششدر هئي!!.
    کن رکي رئيس اڳتي وڌي رئيسياڻي جو پير جهليو پر رئيسياڻي سٽ ڏئي پنهنجو پير ڇڏائي ورتس، کيس لڳو رئيس ساڻس ڪو حق نه بلڪه سندس ڄڻ لڄ لُٽڻ پيو چاهي!!!.
    رئيسياڻي پنهنجا ڊگهيريل ٻئي پير سوري ورتا ۽ پلٿي ماري بيڊ تي ويهي رهي، هُن نٿي چاهيو رئيس سندس روح سان گڏ اڄ سندس جسم ڀي زخمي ڪري پر رئيس جو اڄ سرس پيتل هو ۽ رئيس چاهيو ٿي گذري ويل رات جي رهجي ويل لمحي ۾ شراب جي خمار مٿان آڳ جي تپش کي رئيسياڻي جي جوڀن ڀريي وجود سان ٺاري، ٿڌو ڪري سُمهجي!!
    هُوءَ هڪ وار وري اڳتي وڌيو، بيڊ تي ٺونٺين ڀر چڙهي هن رئيسياڻي جو پلٿي ماري هيٺ دٻايل پير وري پڪڙيو، ان کان اڳ جو هوءَ وڏي رئيسياڻي کي سٽ ڏئي بيڊ تي نستو ڪري ڪيرائي، رئيسياڻي امالڪ هڪ زورائتي لت کيس ڇاتي ۾ وهائي ڪڍي!.
    جائيتي لت لڳڻ سان رئيس جي پروڻ ڇاتي وڄي وئي، ٿيڙ کائي بيڊ تان هيٺ ڪريو ۽ سُن ٿي ويو. وهيءَ اڳي ئي موٽيل هئس، مٿان شراب جي سختيءَ ۾ به سوگهو هو پر رئيسياڻي ننڍي نيٽي هُئي جنهن جي زورائتي لت سهي ڪانه سگهيو ۽ هيٺ ڪارپيٽ تي ئي ڪِري خُمار ۾ هليو ويو.
    رئيسياڻي کي ڪوبه تعجب نه لڳو ڄڻ سندس هانءُ تان ڪو وڏو بار لهي پيو. “هي ڪو حق نه پر مون سان زوري زنا ڪندو رهيو آهي. اهو حق نه آهي لڄ لُٽڻ آهي!!”.
    هُوءَ بيڊ تان لهي آئي، هڪ نظر ڪارپيٽ تي ڍير پيل رئيس تي وڌائين، دل چاهيس هڪ ٻي لت سندس وڏي اوجهري واري پيٽ ۾ وهائي ڪڍي پر بي ست سان ست آزمائڻ هُن کي مناسب نه لڳو، وڏي رئيسياڻي چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي؛ “هن ڀاڄوڪڙ ماڻهوءَ کي ڪو حق ڪونهي مون تي!، هيءَ جيڪو ٻِن وڏيرن وٽ قيد آ ۽ چار وردي وارن کان بنان ڪنهن ڏوهه جي خوف کائيندو آ ۽ ڳوٺ جي اٻوجهن کي سدائين هيسائي تپائي ٿو سو ڏاڍي جي اڳيان گيدي آ. گهر ۾ شينهن ۽ ڌارين لاءِ گدڙ آ......”
    “ها هِن ماڻهوءَ کي مون تي ڪو حق ناهي، جيڪو ڌارين اڳيان بُزدل ۽ ڀاڙيو آ ۽ پنهنجن لاءِ رئيس آ، ڀوتار آ.....!!!”، هُن نگاهه کڻي گهڙيال ۾ ڏٺو چار لڳي 59 منٽ!!!.
    هُوءَ رئيس کي اورانگهي دالان ۾ نڪري آئي، فرج کولي ٿڌي پاڻي جي بوتل ڪڍيائين، بنان ساهيءَ اڌ بوتل پاڻي پي هُن پنهنجي پوتيءَ سان پنهنجو چهرو اُگهيو ۽ چاڙهيءَ چڙهي ماڙيءَ تي هلي آئي، اوڀر واري ديوار وٽ اچي ديوار تي ئي پنهنجون ٻانهون رکي ڇڏيائين ۽ کُليل ٻانهن تي پنهنجو چهرو ڇڏي ڏنو هُن.
    ماڙيءَ تان پريان اوڀر طرف هُن ڏٺو اسڪول............... ۽ اسڪول جي پريان ساوڪ ئي ساوڪ ۽ ساوڪ ۾ صُبح جي سُهائي پکڙندي ٿي وئي.

    * * * * * * * * *


    بئڪ ٽائٽل رايو

    بئڪ ٽائٽل رايو

    ڪيترن ليکڪن ڪهاڻيءَ جي نالي ۾ بنا ڪهاڻيءَ واري ڪهاڻيءَ لکي ٻوڙ هاريو آهي، پر امداد جو شُمار نئين ٽهيءَ جي اُنهن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي موجود آهي ۽ اها دلچسپ به آهي، بنا ڪنهن لفاظيءَ ۽ هر ڀرو جي جملي بازيءَ کان سواءِ، صاف سُٿري ٻوليءَ ۾ لکندڙ هن ليکڪ جي ڪهاڻين ۾ سماجي شعور به واضح طور تي موجود آهي ته مقصديت به.
    هن ڪتاب ۾ امداد جون حقيقت نگاريءَ واريون ڪهاڻيون به موجد آهن ته علامتي ڪهاڻيون به سنڌ جي بيحد اهم مسئلن تي لکيل سندس علامتي ڪهاڻيون به پڙهندڙ کي مونجهاري ۾ مُبتلا نٿيون ڪن، جنهن ڪري اهي به ڦرهي پوريون ڪرڻ کان سواءِ اڌ ۾ نٿيون ڇڏي سگهجن.
    بيشڪ ته امداد ڪانهيو پنهنجي ٽهيءَ جو هڪ اهم ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ذڪر کان سواءِ سندس ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪارن جو ذڪر اڌورو ٿيندو.
    زيب سنڌي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428728
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ