ڪتاب جو نالو: اپسرائن جي شهر استنبول ۾
مصنف: امتياز منگي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1086 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 365 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”اپسرائن جي شهر استنبول ۾“ ترڪيءَ جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ امتياز منگي آهي. هي ڪتاب 2010ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. انور فگار هَڪڙو لکي ٿو ”محترم امتياز منگي صاحب جي گهري سوچ ۽ سنجيدگيءَ وارو رويو متاثر ڪندڙ آهي. هو جڏهن ترڪيءَ ۽ سنڌ جي تعلقات ۽ لاڳاپن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسي ٿو، تڏهن وقت ۽ حالتن جي تجزيي سان گڏ اڳ ۽ پوءِ جي نتيجن کي نظر ۾ رکي، جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو، سا بيشڪ قبوليت جوڳي چئي سگهجي ٿي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا
  • شاهه سائين ترڪيءَ/ استنبول کي هن طرح ياد فرمايو آهي:
  • پيش لفظ
  • هڪ خوبصورت شهر جو سفرنامو
  • متن

  • ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي
  • دوري جو مقصد
  • ISTANBUL THROUGH MY EYES
  • استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر
  • هوٽل ۾ آمد
  • مڪاني ادارا
  • ترڪيءَ جي جاگرافيڪل بيهڪ
  • جديد دور جي ترڪي
  • ترڪيءَ جو نوجوان نسل
  • ترڪي، يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟
  • قبرص جو مسئلو
  • ترڪيءَ ۾ فوجي ۽ سول ڇڪتاڻ
  • اسرائيل خلاف سخت موقف
  • ترڪ ۽ ترڪي دستر خوان
  • ناشتي جي ميز تي
  • جرمن ڦوهارو
  • سلطان احمد مسجد المعروف نيري مسجد
  • تاپ ڪاپي ميوزيم
  • تيمور لنگ
  • خلافت عثمانيه جو زوال
  • خلافت تحريڪ
  • رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو
  • هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي
  • ترڪ موسيقي
  • هينڊ ڊلڪيلڪ (HANDE DALKILIC)
  • اورحان پامڪ
  • اورحان ويلي ڪانڪ ORHAN VELI KANIK
  • ناظم حڪمت
  • حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت
  • ايشيا وارو استنبول
  • هڪ سريلو فقير
  • مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ
  • نئين مسجد
  • ٽريننگ جو ڏهاڙو
  • خبردار
  • (A JOINT TRIP TO ISTANBUL)
  • پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع
  • سلطان محمد فاتح ثاني
  • روايتن جا امين، ترڪ
  • جيني سري ( JANISSARY) فوج
  • منيا ترڪ باغ
  • پائري لوٽي جي پر فضا ٽڪري
  • پاڪستاني فلم مس استنبول
  • آزياد- لوٽيءَ جو عشق
  • پائري لوٽي جي سوانح عمري
  • ايمينونو
  • اسپائيس بازار
  • ڪامليڪا جي ٽڪري
  • تقسيم بازار
  • نه وسرندڙ واقعو
  • استنبول مان واپسي
  • راڪي RAKI يورپ ۽ وچ اوڀر جو تيز شراب
  • واپس وطن ۾
  • استنبول جي سفر لاءِ ڪجهه مشورا
  • REFERENCES:

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (194) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اپسرائن جي شهر استنبول ۾“ ترڪيءَ جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ امتياز منگي آهي. هي ڪتاب 2010ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.

    انور فگار هَڪڙو لکي ٿو ”محترم امتياز منگي صاحب جي گهري سوچ ۽ سنجيدگيءَ وارو رويو متاثر ڪندڙ آهي. هو جڏهن ترڪيءَ ۽ سنڌ جي تعلقات ۽ لاڳاپن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسي ٿو، تڏهن وقت ۽ حالتن جي تجزيي سان گڏ اڳ ۽ پوءِ جي نتيجن کي نظر ۾ رکي، جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو، سا بيشڪ قبوليت جوڳي چئي سگهجي ٿي.“

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا

    پراڻي شڪارپور جي نالي
    جتان جي ڍڪ بازار جو سڪو
    استنبول جي Covered Markets، گرانڊ بازار
    ۽ اسپائيس بازار ۾ معتبر ليکبو هو
    جتان جي رابيل جي پاڻي سان تر ٿيل گهٽيون
    استنبول جي گله لاله گلين کان وڌيڪ هٻڪار ڏيندڙ هيون
    باسفورس جهڙو باوقار سنڌ واه ۽
    ناظم حڪمت جهڙي قلندر شاعر
    شيخ اياز نالي


    شاهه سائين ترڪيءَ/ استنبول کي هن طرح ياد فرمايو آهي:

    شاهه سائين ترڪيءَ/ استنبول کي هن طرح ياد فرمايو آهي:

    موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
    وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
    ڪي اُٿِي ويئِيُون استنبول ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
    ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
    ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
    ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
    ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
    ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
    ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
    سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
    دوسَت! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين

    (شاهه)


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    محترم امتياز منگي صاحب جو هي سفر نامو ”اپسرائن جي شهر استنبول ۾ يا ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي“ پڙهي، سندس صلاحيتن جو کُليءَ دل سان اعتراف ڪرڻو ٿو پوي. نظم هجي يا نثر، انهن جي هر هڪ صنف (Form) جنهن احساس ۽ ادراڪ جي متقاضي هوندي آهي، تنهن جي ساڃاهه سان گهرج پوري ڪرڻ ئي فني قابليت ليکبي آهي. اهڙيءَ فني قابليت ئي فڪر جا رخ روشن ڪري، ان کي پُر اثر ۽ جاذب بڻائي ٿي. ڪنهن به صنف جي فني جوڙجڪ کي ليڪ پائي محدود ڪري نٿو سگهجي. اها آرٽ جي حدن ۽ سرحدن وانگر لامحدود آهي. سفرنامي جي صنف به هڪ اهڙي صنف آهي.
    هڪ سياح جڏهن پنهنجي ملڪ ۽ ماحول جي جاگرافيائي ۽ سماجي حدن مان نڪري، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ داخل ٿئي ٿو. تڏهن ان ۾ موجود شين کي عجب ۽ پاٻوهه مان ڏسي، پنهنجي ملڪي شين سان ڀيٽي، جيڪي مثبت ۽ منفي نتيجا حاصل ڪري ٿو، تن کي قلمبند ڪري سفرنامو چيو وڃي ٿو.
    حقيقت ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ ۽ اتي رهڻ سهڻ جي هر گهڙي، پنهنجي ملڪ سان تقابلي تناظر جي گهڙي محسوس ٿيندي آهي. انسان جو داخلي ۽ خارجي مشاهدو ڪسوٽيءَ جو ڪم ڏيئي، پرکي پيو نتيجا نروار ڪندو آهي، جن کي خبرداريءَ ۽ اهميت سارو قلمبند ڪرڻ سان هڪ بهترين سفرنامو وجود وٺي سگهي ٿو. سفرنامي جي مقبوليت جو دارومدار ليکڪ جي اسلوب تي پڻ منحصر آهي، جنهن کي به پنهنجو انفرادي اسلوب ۽ سهڻو ڍنگ حاصل هوندو، اهوئي پنهنجي تحرير کي خوبصورت بڻائي سگهندو.
    دراصل هر هڪ تحرير ليکڪ جي روح جي تڪميل آهي ۽ ان جي خوبصورتي ليکڪ جي جيءَ جي جماليات آهي، جا لکت کي اجرو ۽ پختو ڪري، مور جي پَرَ جهڙو ٿي بڻائي. هن سفرنامي پڙهندي به مون کي ليکڪ جي اندر جي حسن ۽ معصوميت کي محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. سندس اهو حسن يا معصوميت ڪو يڪطرفا نه آهن، پر گهڻ طرفا آهن. سندس ذوق هن جي گهڻن موضوعن جي مطالعي، مشاهدي، ذوق ۽ شوق، گهرائيءَ ۽ اتاهينءَ يعني بلند پروازيءَ مان ليئڙا پيو پائي. مان سمجهان ٿو ته امتياز صاحب جيترو به وقت ترڪيءَ يا استنبول ۾ رهيو آهي، اتي گهميو- ڦريو ۽ اٿيو- ويٺو آهي، اهو سمورو وقت هو پريزنٽ مائينڊ رهيو آهي، جا هڪ انسان ۽ خاص طور تي ليکڪ لاءِ وڏي ڳالهه آهي. اهو ڪهڙو انسان آهي، يا اهو ڪهڙو ليکڪ آهي، جيڪو هڪ لحظو به هڪ ٽاريءَ کان ٻي ٽاريءَ تي نه ٽپيو هجي!؟ اها سوچڻ جي ڳالهه آهي. منهنجو مقصد آرٽ جي حوالي سان مبهم ضرور آهي، پر مشڪوڪ نه.
    استنبول جي معلومات گهڻن حوالن کان اهڙي اهم ۽ مستند پيش ڪيل آهي، جهڙو گزيٽيئر. ان معلومات ۾ تقابلو به ڪٿي لڀائيندڙ لڳي ٿو. جيئن بلو مسجد جي ذڪر ۾ چوي ٿو ته، ”مسجد اندران ڪشادي هئي ۽ ڇت تي چٽسالي ٿيل هيس، جيئن ڪلهوڙا دور جون سنڌ ۾ ٺهيل مسجدون آهن.“ يا ٻئي هنڌ لکيو اٿائين ته، هڪ دفعو گهمندي گهمندي تمام پري نڪري ويس، شهر جي هڪ حصي ۾ شڪارپور جي ڪنهن ڳتيل آباديءَ واري محلي وانگر ڪاٺ جون خوبصورت عمارتون هيون.“
    ڪن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ اهڙي ڪيل آهي، جهڙي ڪو اسڪالر ڪري، جڏهن اهڙن مسئلن جي نتيجن تي نظر ڌرجي ٿي، تڏهن سفرنامو گويا هڪ مقالو پيو محسوس ٿئي. جيئن هڪ عنوان جو مثال پيش ڪري، ان جي تفصيلي مطالعي لاءِ متن ڏانهن رجوع ٿيڻ جي گذارش ڪندس، ڇاڪاڻ ته هتي اهو تفصيل پيش ڪري ئي ڪونه سگهبو. اهو عنوان آهي:
    ”ترڪي، يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟“
    ان عنوان جي مُڪمُڪاتي ان جملي ۾ آهي ته، ”ترڪي يورپ جو Gate Way آهي، پر هن کي قبرض جو روايتي حريف ۽ هڪ مسلمان ملڪ هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.“
    محترم امتياز منگي صاحب جي گهري سوچ ۽ سنجيدگيءَ وارو رويو متاثر ڪندڙ آهي. هو جڏهن ترڪيءَ ۽ سنڌ جي تعلقات ۽ لاڳاپن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسي ٿو، تڏهن وقت ۽ حالتن جي تجزيي سان گڏ اڳ ۽ پوءِ جي نتيجن کي نظر ۾ رکي، جيڪا راءِ قائم ڪري ٿو، سا بيشڪ قبوليت جوڳي چئي سگهجي ٿي. جيئن خلافت تحريڪ تي خيال آرائي ڪندي پنهنجو رايو ڏئي ٿو ته، ”تاريخ شاهد آهي ته مسلمانن جي خلافت تحريڪ سياسي فائدي بجاءِ مذهبي جوش و خروش تي مبني هئي، جڏهن ته هندو ان مان سياسي فائدا ڳولهي رهيا هئا، جيڪي خلافت تحريڪ مان ملڻ مشڪل هئا. تنهن ڪري جڏهن ڪنهن موڙ تي خلافت تحريڪ ڪامياب ٿيڻ واري هئي، ته گانڌيءَ تحريڪ ختم ڪري مسلمانن کي صدمو ڏنو، اها گانڌيءَ جي وڏي قلابازي هئي. هتي مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، ڊاڪٽر حڪيم اجمل خان، مسلمانن بجاءِ گانڌيءَ ۽ ڪانگريس جي حمايت ڪئي. هتي ئي پاڪستان جو بنياد پيو هو. خلافت تحريڪ جهڙي عوامي تحريڪ جو مثال برصغير جي تاريخ ۾ نٿو ملي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ تحريڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پر ان هندستان جي سياست ۾ مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.“ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ”خلافت تحريڪ“ ڪن سنجيده نوجوانن ۾ سوچ ۽ بحث جو موضوع رهيو آهي، ان جي سياسي فائدن حاصل نه ٿيڻ ۽ سنڌين جو اتي وڃي ڀٽڪڻ ڏاڍو عجيب پئي لڳو. ان ڪري مخالفت ۾ رايا ظاهر ٿيڻ لڳا، مگر ان تحريڪ تي امتياز صاحب جي سوچ ۽ نتيجو به هڪ اهميت جوڳو رايو ضرور آهي.
    ترڪيءَ جي مشهور مزاح نگار ملا نصرالدين جو ذڪر پڙهي، پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو، جو اسان ”مولوي محمد عظيم اينڊ سنس تاجر ڪتب شڪارپور“ پاران ملا نصرالدين جا ٽوٽڪا ڪتابي صورت ۾ ڇپايل وٺي پڙهندا هئاسون. اهي ڪتاب ورهاڱي کان اڳ شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش پوڪرداس ٿانورداس جا ڇپايل هئا. هاڻي ته نه رهيو پوڪرداس نه رهيو مولوي محمد عظيم. ٻارن کي ڪير ملا نصرالدين پڙهائي! اهڙيءَ طرح ترڪيءَ جي مشهور شاعرن اورحان ويلي ڪانڪ ۽ ناظم حڪمت جو ذڪر ۽ انتخاب پڻ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ناظم حڪمت جي شاعريءَ جي چونڊ احسان احمد بدوي ترجمو ڪري شايع ڪرائي آهي. ان کان علاوه پڻ ”نئين زندگي“ ۽ ڪن ٻين رسالن ۾ ان جا ڪجهه سنڌي ترجما ڇپيل آهن.
    اهڙيءَ طرح هينڊ ڊلڪيلڪ جو ذڪر ڇيڙي، جيڪو ڪجهه موسيقيءَ تي تبصرو ڪيو ويو آهي، اهو اهڙو ته خوبصورت آهي، جو ان ۾ مختلف سازن، فنڪارن، رقاصائن ۽ موسيقارن جي ڪارنامن کي واضح ڪري، اسان کي پڻ انهن مان لطف اندوز ٿيڻ ڏانهن راغب ڪيو ويو آهي. امتياز صاحب جي اهڙي ذوق کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو. هتي ان مان اقتباس نه ڏيڻ جو مقصد به تجسس قائم رکڻ ئي آهي ته جيئن پڙهندڙ ۾ تهائين وڌيڪ چاهه پيدا ٿئي.
    سفرنامي ۾ نوجوانن لاءِ به ڪي خاص عنوان آهن، جيئن ’حرم‘، ’خبردار! ۽ ’نه وسرندڙ واقعو‘- جن کي پڙهڻ سان ڪتاب مان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندي. اهڙين ڳالهين ڪري به سفرناما نوجوان شوق سان پڙهندا آهن. امتياز صاحب جا جيڏا موضوع پرڪشش آهن، تيڏا بيان پڻ دلڪش. هن نهايت ايمانداريءَ سان، محنت ۽ محبت سان جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو سندس ذوق جو چٽو ثبوت آهي. هر هڪ عنوان ۾ گهربل ڄاڻ پيش ڪرڻ لاءِ هن ڪيترن ڪتابن جي مطالعي سان گڏ انٽرنيٽ تان پڻ معلومات حاصل ڪري، جديديت جون به سڀئي تقاضائون پوريون ڪيون آهن، جن مان اسان کي به سبق وٺڻ کپي ته ڪنهن به موضوع تي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا وسيلا استعمال ڪري، مستند لکتون پيش ڪري، پنهنجي علمي ۽ ادبي ساک پيدا ڪري، ان کي وڌائيندا رهون.
    امتياز صاحب جو اصلوب ۽ لکڻ جو ڍنگ به وڻڻدڙ آهي، مواد جي ترتيب لفظن جو وقتائتو استعمال سندس سهڻي سليقي جا ثبوت آهن. هڪ اندازي مطابق اوڻونجاهه- پنجاهه عنوانن تي مشتمل هي سفرنامو هر حوالي سان نه رڳو سنڌي سفرنامن جي تاريخ ۾ اهميت جوڳي جاءِ والاريندو، پر سنڌي نثر جي تاريخ به ان کي ڪڏهن فراموش ڪري نه سگهندي.

    انور فگار هَڪڙو
    ڄامشورو
    ۳-آگسٽ ۲۰۱۰ع


    هڪ خوبصورت شهر جو سفرنامو

    هڪ خوبصورت شهر جو سفرنامو

    اڄ ايران ۽ ترڪي اسان کي يورپ جهڙو لڳي ٿو پر يقين ڪريو سٺ جي ڏهي تائين اسان جو پاڪستان انهن ٻنهي ملڪن کان ترقي ۽ خوشحالي جي لحاظ کان جي مٿانهون نه هو ته برابر ضرور هو. ۱۹۶۵ع ڌاري پاڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ گڏجي علائقائي ترقي لاءِ پاڻ ۾ RCD نالي هڪ يونين ٺاهي، جيئن هڪ ٻئي جي ملڪن جا ماڻهو بنا ڪنهن پاسپورٽ ۽ ويزا جي گهمڻ ڦرڻ، واپار وڙي ۽ تعليم لاءِ ايندا ويندا رهن. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ڪوئيٽا کان ريل يا بس رستي ايران جو بارڊر ٽپي زاهدان پهتا ٿي، جتان پوءِ ايران جا مختلف شهر گهمندا تبريز پهتا ٿي، جيڪو ايران جو شهر ترڪي جي بارڊر وٽ آهي. تبريز مان بس، ٽئڪسي يا ٽرين رستي ترڪي جو بارڊر ٽپي انقره ۽ استنبول جهڙا شهر گهمي آيا ٿي. ڪنهن به پاڪستانيءَ، ايران يا ترڪيءَ ۾ رهي پوڻ نٿي چاهيو. آخر هو اتي رهي به ڇو؟ جڏهن هو پنهنجي ملڪ ۾ خوش هو، کيس روزگار هو ۽ پاڪستان ۾ کائڻ پيئڻ جي هر شيءِ سستي هئي. وڏي ڳالهه امن امان هو. سبي جو شهر هجي يا جيڪب آباد، هر غريب غربو سڪون جي ننڊ ستو ٿي. اڄ ايران ۽ ترڪي جهڙا ملڪ جيڪي اسان کان پٺٽي هئا، سي اڳيان وڌي ويا آهن. امتياز منگي صاحب پنهنجي ترڪي جي هن سفرنامي ۾ ترڪي جي ترقي بابت تفصيلي ڳالهيون لکيون آهن.
    مصر وانگر ترڪي به ٻن کنڊن ۾ اچي ٿو. مصر ملڪ جو ڪجهه حصو ايشيا ۾ آهي ته ڪجهه آفريڪا ۾. ترڪيءَ جو به ڪجهه حصو ايشيا ۾ آهي ته باقي حصو يورپ کنڊ ۾ آهي، بلڪ جتي ايشيا ۽ يورپ کنڊ ملن ٿا اتي ترڪيءَ جو تاريخي شهر ۽ بندرگاهه استنبول آهي. اسان کي مصر کان وڌيڪ ترڪي ويجهو پوي ٿو. مصر جو آفريڪا وارو حصو صوماليا، اٿوپيا ۽ سوڊان بعد اچي ٿو ۽ ايشيا وارو حصو يمن، سعودي عرب ۽ اردن کانپوءِ اچي ٿو. هوڏانهن ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فقط ايران آهي. ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي هئي ان کان سال اڳ اسان ڪجهه دوستن ترڪي گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو پر آخري وقت تي آئون وڃي نه سگهيس. منهنجا دوست ڏهه ڏينهن بعد ايران ۽ ترڪي جو چڪر هڻي ڪوئيٽا موٽي آيا جتان پوءِ ڪراچيءَ پهتا. مون کي ترڪي ۽ ايران نه وڃڻ جو ڪو خاص ڏک نه ٿيو جو منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته ڪجهه مهينن بعد ڄاڻ ته جهاز تي چڙهيس ۽ پوءِ ايران ۽ ترڪي گهمبو رهبو. پر عجيب اتفاق آهي جو ۶۰ سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿي ويس پر منهنجو جهاز ايران نه ويو. بعد ۾ ۶۳ کن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي خرچ تي ايران وڃي ڏٺم. باقي ترڪي نه فقط پهرين سال وڃڻ جو موقعو مليو پر خبر ناهي ڪيترا دفعا پوءِ به استنبول (ترڪي) وڃڻو پيو. روس، رومانيا ۽ بلغاريا جي بندرگاهن ۾ ويندي به ترڪيءَ ۾ ترسڻو پيو ٿي جو مٿين ملڪن جي بندرگاهه ۾ ويندي يا موٽندي باسفورس سمنڊ جي حصي مان لنگهڻو پوي ٿو. باسفورس سمنڊ جي سنهي پٽي آهي جيڪا بحر اسود (Black Sea) کي ڀؤنچ سمنڊ (Mediteranean) سان ملائي ٿي. باسفورس ايشيا ۽ يورپ کنڊ کي جدا ڪري ٿو جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي استنبول جو شهر آهي يعني نه فقط ترڪي ملڪ پر سندس بندرگاهه استنبول ٻن کنڊن ۾ آهي. استنبول جيڪو ڪنهن زماني ۾ رومن سلطنت جو مرڪز رهيو ۽ قسطنطنيه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ان جو احوال هن سفرنامي جي ليکڪ امتياز منگي صاحب بيحد دلچسپ انداز ۾ احوال لکيو آهي. ڪتاب جا ڪيترائي باب استنبول بابت آهن جيئن ته ”استنبول يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر“ ،Istanbul-Through my Eyes، ايشيا وارو استنبول، A Joint trip to Istanbul وغيره استنبول (جنهن کي ماضي ۾ Constantinopole ۽ بائزنتم ۽ ٻين ڪيترن نالن سان سڏيو ويو ٿي) ترڪي جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي. ترڪيءَ جي گاديءَ جو هنڌ جيتوڻيڪ انقره (Ankara) آهن پر پکيڙ توڙي آدم شماري ۾ استنبول وڏو آهي. ان کان علاوه استنبول يورپ ۾ ٻيو نمبر ۽ دنيا ۾ چوٿون نمبر وڏو شهر چيو وڃي ٿو ۽ سندس آدم شماري ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي. استنبول شهر باسفورس سامونڊي درگاهه جي ڪپرن تي ائين آهي جيئن روهڙي سکر.
    باسفورس کي ”استنبول ڳچي سمنڊ“ به سڏجي ٿو جيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي وچ مان لنگهندڙ سوڙهي سمنڊ کي ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) سڏجي ٿو. ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ ته سوڙهو آهي ۽ جهازن جي ڪراسنگ وقت خبردار رهڻو پوي ٿو ته متان هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي نه وڃن يا وچ کان پري ٿيڻ تي ڪناري ڏي تانگهي پاڻي واري گپ ۾ ڦاسي نه پون پر سائين هي باسفورس وارو ڳچي سمنڊ ڏاڍو سوڙهو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن Low Tide ۾ ته هڪ هڪ ٿي جهاز لنگهي ٿو. ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ کي چيني سمنڊ سان ملائي ٿو. اهڙي طرح هي باسفورس (سامونڊي درياهه جي پٽي) بحر اسود (Black Sea) کي ايجين (Aegean) سمنڊ سان ملائي ٿي. ايجين سمنڊ ميڊيٽرينين سمنڊ جو هڪ حصو آهي جيئن اسان وارو عربي سمنڊ، ايراني نار يا خليج بنگال هندي وڏي سمنڊ (Indian Occean) جا حصا آهن.
    باسفورس، دنيا جو خوبصورت سمنڊ مڃيو وڃي ٿو. ڇو جو اهو هڪ سوڙهي درياهه مثال آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي يورپ جهڙو سهڻو شهر استنبول اڏيل آهي. ذرا تصور ڪريو اسان جڏهن هالا، سعيد آباد، سڪرنڊ جهڙي ڪنهن ڳوٺ جي بس اسٽاپ واري هوٽل تي ويهي چانهه پيون ٿا ۽ چانهه پيئندي ايندڙ ويندڙ بسين، ٽرڪن ۽ ڪارن کي ايندو ويندو ڏسون ٿا ته ڪيڏو نه خوش ٿيون ٿا ۽ هيڏانهن استنبول ۾ سمنڊ جي ڪناري وارين هوٽلن ۾ ماڻهو ويهي بسين ۽ ڪارن بدران اوچين عمارتن جهڙا سهڻا جهاز ۽ ٻيڙيون ڏسن ٿا. بحر اسود سمنڊ ۾ روس، بلغاريا ۽ رومانيا جا ڪيترا ئي ننڍا وڏا بندرگاهه آهن. انهن ڏي ايندڙ ويندڙ جهاز ۽ ترڪي جا جهاز هتان هن سوڙهي سمنڊ (باسفورس) مان لنگهن ٿا.
    سمنڊ جي هن حصي (باسفورس) جي اهميت ڏسي، ۳۳۰ ۾ روم جي شهنشاهه ”ڪانسٽنٽائين دي گريٽ“ هتي ڪانسٽنٽينوپل نالي شهر اڏرايو جيڪو پوءِ مشرقي رومن سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ليکيو ويو. بعد ۾ ۱۴۳۳ع ۾ عثمانيه سلطنت جو هن شهر تي قبضو ٿيو ۽ مٿس استنبول نالو رکيو ويو. استنبول جي ٻن حصن ڏي اچ وڃ لاءِ فيريون (وڏيون پئسينجر ٻيڙيون) هلن ٿيون. ۱۹۷۳ ۾ هن سمنڊ جي پَٽيءَ مٿان پهرين پل ٺاهي وئي جيڪا اٽڪل هڪ ڪلوميٽر ٿيندي. هن پل کي باسفورس پل سڏين ٿا ۽ ٻي پل جنهن جو نالو فتح سلطان محمد پُل رکيو ويو آهي اها ۱۹۸۸ ۾ مڪمل ٿي ۽ هاڻ ته جنهن وقت وڻي ان وقت بس، ڪار يا ريل ذريعي يورپ پاسي واري استنبول کان ايشيا پاسي واري استنبول ۾ اچي وڃي سگهجي ٿو جيئن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون يا پينانگ ۽ بٽرورٿ پل ٺهڻ بعد اچي وڃي سگهجي ٿو. انهن ٻڻ پلين کان علاوه هڪ عدد زمين دوز ٽنل سمنڊ هيٺان ٺهي رهيو آهي. بهرحال هي سڀ ڳالهيون سائين امتياز منگي جو سفرنامو ”اپسرائن جي شھر استنبول ۾“ پڙهي ياد اچي ويون. امتياز جي سنڌي ڏاڍي سٺي آهي. هن جا جاڳو، عبرت، عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به ڪالم ايندا رهن ٿا. هن جي لکڻيءَ ۾ روانگي آهي. ان سان گڏ امتياز جو ڳُوڙهو اڀياس Observation Power به قابل تعريف آهي. هن پنهنجي سفر جون ڪيتريون ئي ڳالهيون پنهنجي انداز سان نوٽ ڪري اسان پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ معلومات لاءِ لکيون آهن. امتياز سنڌ يونيورسٽي مان فزڪس ۾ B.Sc آنرس ۽ لا ڪرڻ بعد سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪئي. هن وقت هو ڪشمور ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر آهي. هو HRDN (هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ) جو ميمبر پڻ آهي جنهن اداري طرفان هن جو استنبول وڃڻ ٿيو. اھا HRDN هڪ غير سرڪاري پاڪستاني بين الاقوامي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد فلاح ۽ بهبود، سرڪاري ۽ خانگي ملازمن توڙي سماجي ڪارڪنن کي واسطيدار ادارن ۾ ٽريننگ ذريعي فعال ۽ ڪارآمد بڻائڻ، رفريشر ڪورس، جديد ڪمپيوٽر سافٽ ويئرز ۽ انٽرنيٽ جي استعمال وغيره ۾ ڀڙ ڪرڻ آهي.
    امتياز پنهنجي استنبول جي سفرنامي ۾ نه فقط ”ٻن کنڊن واري شهر“ بابت بلڪ سڄي ملڪ ترڪيءَ تي پڻ لکيو آهي. اسان پاڪستان جي رهاڪن لاءِ هيءُ سفرنامو نه فقط دلچسپي ۽ وندر پئدا ڪري ٿو پر معلومات پڻ.”ترڪيءَ جو نوجوان نسل“، ”ترڪي يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟“ ۽ ”قبرص جو مسئلو“ جهڙا باب اسان جي نوجوان شاگرد کي معلومات سان گڏ سوچ ۽ ويچار جي خوراڪ پڻ مهيا ڪن ٿا.
    امتياز منگي صاحب هن پنهنجي سفرنامي ۾ استنبول جي نيري مسجد، ”تاپ ڪاپي“ ميوزيم ۽ استنبول شهر جي ٻين ڪيترين اهم ۽ تاريخي شين جو پڻ تفصيلي احوال لکيو آهي. اسان جي ماڻهن جو ترڪيءَ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ گهمڻ جي شوقينن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هن قسم جا سفرناما ضرور پڙهن. ساڳي وقت امتياز لاءِ اها ئي دعا آهي ته هو اڃا ننڍي عمر جو آهي، کيس ٻاهر وڃڻ جا ٻيا به ڪيترا ئي موقعا ملندا رهندا ۽ اميد آهي ته هر دفعي پڙهندڙن لاءِ هن کان به ٿلهو سفرنامو پيش ڪندا رهندا.

    الطاف شيخ
    ڪراچي ۱۶ جولاءِ ۲۰۱۰


    متن

    ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي

    ٻن کنڊن واري شهر ۾ هڪ سنڌي

    استنبول، جنهن لاءِ ِهڪ فرانسيسي مدبر ۽ شاعر الفونس ڊي لامرتن Alphonse-De-Lamar tineبلڪل صحيح چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دنيا تي فقط هڪ نظر ئي وجهڻي آهي سو صرف استنبول کي ئي ڏسي.
    If one had but a single glance to give the world, one should gaze on Istanbul.
    اڳوڻو قسطنطنيه ۽ هاڻوڪو استنبول، ماضي جي بدترين جنگي محاذ سان گڏو گڏ، فن تعمير جي شاهڪار عمارتن ۽ روح پرور مسجدن جو شهر. مذهبي فتوحات وسيلي فتنا ڦهلائيندڙ قابض هن بدنصيب ماٿري کي پنهنجو نالو، نظام ۽ دين ڏئي هڪليندا رهيا. ڪڏهن هو رومين جي صليب تي لٽڪيل رهيو، ڪڏهن يزيد هٿان ٻي ڪربلا ٿيڻ کان بچي ويو، ڪڏهن تيمور لنگ جي منحوس منڊڪ جي ٽڪ ٽڪ تي هتان جي رعايا جو هيانءُ کاڄندو رهيو ته، ڪڏهن سلطان محمد فاتح جي تسبيح سان هن جا سور سنجرندا رهيا. هميشه کان حملن جو نشانو بڻجندڙ هي ساحلي شهر، اجڙندو ۽ وري وري جڙندو رهيو. چيٽ جي ميلي ۾(Airgun) ايئرگن جي نشاني تي رکيل ٻن رنگين ڦوڪڻن جيان، ٻن کنڊن جي هنج ۾ ستل گول مٽول ۽ معصوم استنبول جنهن کي شوٽ ڪرڻ لاءِ تماشبينن جون لائينون لڳل رهيون، آخرڪار ڪمال اتا ترڪ جي طفيل شڪاري نشانن کان پاند بچائي نڪتو. اتاترڪ، استنبول جا صدين کان رت سان ريٽيل رستا، گلن سان سجائي ڇڏيا. اڄ جي استنبول انهن سمورن سورن کان بي نياز ٿي، هڪ دفعو ٻيهر سک جو ساه کنيو آهي. کيس ۲۰۱۰ جو يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر جو خطاب ملڻ کان پوءِ نيپولين بونا پارٽ جا هي لفظ ٺهڪي اچن ٿا ته، ”جيڪڏهن ڌرتي هڪ رياست هجي ها ته قسطنطنيه ئي هن جي گاديءَ جو هنڌ هجي ها.“
    If the earth were a single State; Constantinople would be its Capital.
    پوءِ اهڙي منفرد راڄڌانيءَ کي ڪير ڏسڻ نه چاهيندو. جتي مختلف دورن جي تاريخ، رنج و علم، احساس، ارمان، لڱ ڪانڊاريندڙ حادثن ۽ مسلم-رومي حڪمرانين جي سرشتن جا سڀ اهڃاڻ قيد هجن. جتي جديد يورپ جو عڪس به آهي، ته قديم سرگوشين جا اُهڃاڻ به آهن. ڪافي وقت کان اهڙي ئي پراسرار شهر ڏسڻ جي خواهش ته هئي، پر نيچ نوڪريءَ جون پابنديون، دنياداري، گهرو مسئلا، هم خيال دوستن جو گڏجڻ، فراغت ۽ موڪل جو ملڻ، ويزا لڳڻ ۽ پئسن خرچ ڪرڻ لاءِ دل ٻڌڻ، سو هڪ سسئي سوَ سور وارو معامرو هيو. اسلام آباد جي هڪ اين جي او، هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ (HRDN)، منهنجا سڀ ڪم سڻاوا ڪري ڇڏيا. ڇو ته سندن شيڊيول ۾ ارڙهين کان چوويهين اپريل ۲۰۰۹ ۾ استنبول جي ٽريننگ رکيل هئي. استنبول ڏسڻ لاءِ رجسٽريشن فارم، ويزا فارم، پاسپورٽ، بينڪ ڊرافٽ وغيره انهن جي حوالي ڪيم. ان ڏينهن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي جڏهن سٽي مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ صبح صبح جو ڪمپيوٽر ۾ نيٽ کولڻ سانconfirmation ۽Travel Plan جا اي ميل موصول ٿيا. جڏهن صفا پڪ ٿي ته سفر جون تياريون شروع ڪيم. مون کي ٿورن ڏينهن ۾ سموريون تياريون مڪمل ڪرڻيون هيون. اصل مسئلو ته ايڪس پاڪستان موڪل حاصل ڪرڻ هو. ان بعد هلڪي ڦلڪي شاپنگ به ڪئي. اسان جي اسلام آباد مان ارڙهين اپريل ۲۰۰۹ تي فلائيٽ هئي. بهرحال ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان ڪري اڀري سڀري تياري مڪمل ڪيم ته اپريل جو ڏهاڙو به اچي مٿان پيو. ڪراچي ايئرپورٽ تائين وسيم عباسي ۽ حسن زرداري ڊراپ ۽ الوداع ڪرڻ آيا. جناح ٽرمينل مان ٿيندو جهاز رستي اسلام آباد ايئرپورٽ پهچي (HRDN) سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪيم. هتي ٽڪيٽ، پاسپورٽ ۽ ٻيو ضروري مواد ڏنو ويو. ٻڌايو ويو ته اسان کي رات جي آخري پهر ۾ نڪرڻو آهي. لاڙڪاڻي جي دوست الله رکيو سانگي کي فون ڪيم، جنهن اچي ريسٽ هائوس مان کڻي، اسلام آباد جو هڪ تفصيلي چڪر لڳرايو. موٽي اچي خبر پئي ته سواءِ اسلام آباد جي دوستن جي ٻيا ساٿي اچي چڪا هئا ۽ هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئا. مان به هڪ پلنگ پڪڙي آيل سنگت سان رسمن ملي، جلدي سمهڻ جي تياري شروع ڪئي، پر ڪمري ۾ ترسيل اڻ سڃاتل دوستن جي اچ وڃ، ۽ متل ٻيگهي، وقفي وقفي سان درن جا چيڪٽ ۽ بوٽن جا کڙڪا، بلبن جو ٻرڻ اجهامڻ آرام ۾ رخنو ٿي وڌو. ٿوري ننڊ مس ٿي آئي ته ڪنهن نه ڪنهن جي موبائل جي رباب جي پشتوRing tones تي سجاڳي پئي ٿي. زندگيءَ ۾ ايندڙ خاص موقعن بابت به عجيب و غريب خدشا، خوش فهميون، ڊپ ۽ اميدون هونديون آهن چاهي انسان زندگي جي ڪهڙي به حصي ۾ هجي. جيئن جيئن وقت ويجهو ٿيندو ويندو، تيئن تيئن اڻ تڻ ۽ بيقراري وڌندي ويندي، بلڪل ائين، جيئن ننڍپڻ ۾ عيد الاضحيٰ. اف! ڪيڏي نه ظالم رات هوندي هئي. نه تياريون کٽن نه ميهڙ جي ميندي سان لکيل ”عيد مبارڪ“ رنگ ڪڍي. سڄي رات مائٽن طرفان ملندڙ متوقع خرچي جوڙ ٿيندي، ڪنهن سان ڪنڊ پاسي ۾ ملڻ جون سوچون سمهڻ نه ڏينديون. سينيما ۾ ايڪشن فلم تي رش ته ضرور هوندي؟ ٽڪيٽ لاءَ جڳاڙ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن پنهنجي باٽا جي بوٽ، ڪپڙن جي سلائي، ڪاري عينڪ ۽ ڊسڪو واچ جهڙي ڊزائن ڪنهن ٻي وٽ به هوندي ته مزو ڪرڪرو ٿي ويندو؟ مسلسل پاسا ورائيندي ننڊ کي جاڳائيندو رهيم ۽ منتشر خيالن کي نيپوڙيندي نيپوڙيندي نيٺ اک مس لڳي ته اوچتو بلب ٻريا ۽ چوڪيدار هر ڪنهن جا پير لوڏيندي وين اچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ چيائين ته اڌ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي نڪرڻو آهي. برش ڪري، تيار ٿي سامان پيڪ ڪري وين ۾ لوڊ ڪري ايئرپورٽ لاءِ نڪتاسين. وين اسلام آباد جي ويران ۽ زرد لائيٽن وارن رستن تي زور زور سان ڊڪڻ لڳي.اسلام آباد مان هلندڙ ساٿين کي رستن تان pick ڪندا ايئرپورٽ پهتاسين. هتڙي باقي دوست اڳ ئي موجود هئا. پنهنجي شخصي ۽ سامان جي چڪاس بعد لائونج ۾ اچي ويٺاسين. ڪافي سڃاڻو دوست اچي مليا ۽ چاءِ پي گپ شپ پئي ڪئي سين ته جهاز جو اعلان ٿيو. مون پينٽ جي کيسي مان گهروارن ۽ دوستن کان موڪلائڻ لاءِ موبائل ڪڍي.


    دوري جو مقصد

    دوري جو مقصد
    اسان هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽورڪ (HRDN) جي معرفت يارهين سالياني سير (Annual Trainers’ Retreat)جي سلسلي ۾ استنبول وڃي رهيا هئاسين. جن جو مان ميمبر آهيان. هيءَ هڪ غيرسرڪاري پاڪستاني بين الاقوامي تنظيم آهي، جنهن جو صدر دفتر اسلام آباد ۾ آهي.هنن جو مقصد فلاح ۽ بهبود، سرڪاري ۽ خانگي ملازمن توڙي سماجي ڪارڪنن کي واسطيدار ادارن ۾ ٽريننگ ذريعي فعال ۽ ڪار آمد بڻائڻ، رفريشر ڪورس، جديد ڪمپيوٽر سافٽويئرز انٽرنيٽ جو استعمال وغيره ۾ ڀڙ ڪرڻ آهي. ان سان گڏوگڏ آفت سٽيل علائقن ۾ امداد ۽ بحالي به سندن ترجيحات ۾ شامل آهي. هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽ-ورڪ هن کان اڳ ڏهه ساليانا سير منعقد ڪري چڪي آهي. جن ۾ مصر،دبئي، مليشيا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. سندن ويب سائيٽ www.hrdn.net آهي. اسان جي ٽيم ۾ ڪُل ۵۳ ڄڻا شامل هيا، جن مان ست عورتون پڻ هيون.اسان جوگروپ ليڊر رومي سعيد حيات آهي، جيڪو هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جو سربراه پڻ آهي. هيومن ريسورس ڊپوليمنٽ نيٽورڪ (HRDN) سالم هڪ دفعو پنهنجن ميمبر لاء هن قسم جو پرڏيهي پروگرام رکندي آهي ان لاءِ ته جيئن سِڄو سال اندرون ملڪ نوڪريءَ جي گهما گهمي، آفيسن جي يڪسانيت واري معمول ۽ بي آرامي واري شيڊيول کي وقتي طور ترڪ ڪري، ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي کليل ماحول ۾گڏجي. ٻين لفظن ۾ هيءَ ساليانوويڪيشن يا موڪلون ملهائڻ جو هفتو هوندو آهي ته زندگيءَ ۾ تازگي جو جهونڪو به اهڙيءَ ڪيفيت هر ماڻهو خاص ڪري ملازم پنهنجي زندگيءَ ۾ اڪثر تڏهن محسوس ڪندو آهي جڏهن هو صبح جو تيار ٿي، دفتر وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري، ريزگي موڪل جي درخواست موڪلي يا ته موبائل بند ڪري ۽ فون جو رسيور لاهي سمهي رهندو آهي يا نڪري پوندو آهي شهر کان پري، عارضي ذهني ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ. ائڊورڊ ڊالبرگ Edward Dahlberg ان ڪيفيت جي ڇا ته ترجماني ڪئي آهي ته جڏهن ڪو محسوس ڪري ته سندس زندگي جو ڪو ملهه ۽ مقدار نه رهيو آهي ته هو يا ته خودڪشي ڪري يا سفر لاءِ نڪري پوي.
    When one realizes that his life is worthless; he either commits suicide or travel.
    مون آخري دفعو موبائل تي پنهنجي شريڪِ حيات ، يارن لال ڏنو ۽ منظور سيال کي الوداع چئي، موبائل بند ڪري ڇڏيو. هينئر اسان جهاز ۾ ويهي چڪا آهيون. مون گلف ايئر جي جهاز جي دريءَ مان پنهنجي ڌرتيءَ تي آخري نگاهه وڌي. صبح جا آثار نموندار ٿيڻ شروع ٿيا هئا. منهن سجيل سج اکيون مهٽيندي اٿيو هيو. اڃان سندن لال هو. رن وي تي پيلي روشني وڌندي ٿي وئي جيڪا رات روڊن تي هئي. جهاز ۾ ايئر هوسٽس طرفان سفر جي دعا ۽ اشارن ئي اشارن ۾ ناگهاني حادثن جي روايتي هدايتن بعد جهاز جي اسپيڊ تيز ٿيندي وئي ۽ جهاز هوا ۾ اٿيو. راتوڪيءَ ويڌن ڪري اوجاڳيل اکيون زوري ٻوٽجڻ لڳيون، سو سيٽ سولي ڪري سمهي رهيم. لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي منجهيل مسافريءَ بعد نيٺ جهاز جهڙ جهاڳي مٿي چڙهيو. اعلان ٿيو ته اسان بحرين لهڻ وارا آهيون، سندرا ٻڌو. بحرين ۾ اسانجو هوٽل اول ۾، هڪ رات جو stayهيو. رات گذاري صبح جو ڏهين بجي واپس استنبول لاءِ اڏام شروع ڪئي. چئن ڪلاڪن جي ڊگهي سفر بعد اسان استنبول مٿان اچي وياسين. جهاز جي عملي هوشيار ڪيو. مان استنبول جي اوچين عمارتن، ڪاٽيجز ۽ ولاز جي ڳاڙهين ڇتين، ڪشادين مسجدن جي اوچن مينارن ۽ قبن، سڌن رستن، سر سبز شاهرائن ۽ باغن جو بَغور جائزو وٺي رهيو هيس ته جهاز اڍنگي نموني سان هيٺ ٽٻي هنئي. ”شايد هتي برفباري گهڻي ٿيندي آهي!“ منهنجي اڳيان واري سيٽ تي ويٺل پٺاڻ دوست، جيڪو پڻ ڳاڙهين ڇتين کي چتائي ڏسي رهيو هيو، چپن ۾ ڀڻڪيو. هاڻي ته جيڪب آباد ۽ سبي ۾ به ڳاڙهين ڇتين جو رواج آهي. ”خان صاحب جتي ۵۲ ڊگري گرميءَ جو پد آهي ان مردود گرميءَ کان ته دوزخ جي باهه به پناه گهرندي!“ مون هڪدم ترديدي بيان جاري ڪندي چيو. ”هي ڪو برفاني شهر ٿو لڳي.“ اسان جي گروپ جي تمام پيرسن ميمبر به ڳالهايو. ”برفاني رڇ کي پنهنجا علائقا پري کان نظر ايندا آهن.“ منهنجي پاسي واري شرارتي دوست آهستي چيو ۽ مان هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو. جهاز لهڻ سان منهنجي ڪنن تي دٻاءُ وڌندو ٿي ويو. هڪ زوردار ڳيت ڏنم ته ڪجهه فرحت محسوس ٿي. جهاز جي Runway سان ٽڪرائڻ جو کڙڪو ٿيو. رفتار گهٽبي پئي وئي ۽ آخرڪار جهاز ڪول پير ٿيندي بلڪل بيهي رهيو. اسان دستي سامان لاهي جهاز مان لٿاسين. اسان آڏو بين الاقوامي اتاترڪ هوائي اڏو هيو. مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جو نالو منهنجي لاءِ ان ڪري به مانوس آهي جو منهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪمال اتاترڪ ميموريل ٽاورآهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ کڙو ڪيو ويو هيو. ٽرمينل تي پهچڻ ۽ اميگريشن جي رسمي رولڙي بعد، اسان لگيج کڻي ٻاهر نڪري آياسين. ايئرپورٽ جيان پارڪنگ تي پڻ يورپي سياحن جو انگ وڌيل هيو. هڪ مخصوص مستيءَ سان منڊلائيندڙ يورپي ڇوڪريون، سوئيٽر چيلهه سان چهٽيل، چشما وارن ۾ چنبڙيل، وات ۾ چيونگم، هٿن ۾ ڊجيٽل ڪئمرا يا موبائل، ڪلهي ۾ وڏا پرس۽ ڳؤرا بئگ گهلينديون نظر پئي آيون. اسان جي بس مان سموري اچ وڃ تي نظر هئي. اُن کان هر گستاخ نظر سندن اڀريل حصن جي حرڪت تي ٽڪ هڻي بيٺي هئي. اوچتو گائيڊ ۽ ائڊوانس پارٽي اسان جي وندر ۽ اهم سرگرمي ۾ هن رنگ ۾ ڀنگ ملائي ڇڏي. هنن ايندي ڀليڪار چيو. اسان به کين کلي کيڪاريو. انهن اسان جي قيام، طعام، شيڊيول ۾ شامل مکيه ماڳن، موسم جي بي اعتباريءَ، احتياط، رستن، ٻوليءَ، پبلڪ ٽرانسپورٽ، شاپنگ جي اصولن، ڪرنسي، بازاري وايومنڊل، بارگيننگ ۽ شهر متعلق هر ضروري آگاهي ڏني. هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽ-ورڪ پاران استنبول موڪليل ائڊوانس پارٽي اسان جي لاءِ سڀ بندوبست ڪري ڇڏيا هئا. هوٽلReservation ، ٽوئرسٽ بس ۽ گائيڊ، اسان جي اچڻ کان اڳ، engage ڪري ڇڏيا هئائون. مون به گائيڊ سان هيلو هاءِ ڪئي ۽ کانئس ڪافي معلومات ورتم.


    ISTANBUL THROUGH MY EYES

    ISTANBUL THROUGH MY EYES

    استنبول جي باري ۾ منهنجي ابتدائي ناقص ڄاڻ موجب هي شهر باسفورس جي سوڙهي پاڻي جي لنگهه Straits ۽ قدرتي بندرگاه جنهن جو دلچسپ نالو سونو سڱ (Golden Horn) آهي، جي ڪپر تي آباد آهي. سندس پراڻو نالو قسطنطنيه (Constantinople) هو. ڪڏهن هن کي بائزينٽيم Byzantium پڻ پڪاريو ويو هئو. استنبول تاريخ عالم جو اهو واحد خطو، جيڪو ٻن کنڊن تي پکڙيل آهي، هي ٽن عظيم سلطنتن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جنهن ۾ ۳۹۵-۳۳۰ هجري تائين رومي سلطنت جي گادي، ۳۹۵ کان ۱۴۵۳ تائين بازنطيني سلطنت جي گادي ۽ ۱۴۵۳ کان ۱۹۲۳ تائين سلطنت عثمانيه(Ottoman Empire) جي گادي جو هنڌ رهيو. پر هاڻوڪو شهر نئين دور جي تقاضائن موجب تمامmodern ٿي ويو آهي. پراڻن عمارتن سان لاڳيتيون فلڪ بوس پلازا اوهان کي هر دور جو هڳاءُ ڏياريندا. مون استنبول جي باري ۾هوٽل جي ڪمري ۾ رکيل هڪ پراڻي رسالي ۾ پڙهيو ته؛
    “Istanbul not only offers the opulent footprints of the Ottomans, but also the remains of the Byzantine and the Roman empires. Modern Istanbul is a mistress of reinvention, and new restaurants, shops, clubs and galleries open all the time”.
    ”استنبول مان نه صرف عثمانين جا آسائشي پيرا کڄن ٿا پران سان گڏو گڏ بائزنٽائن ۽ رومن اهڃاڻ به موجود آهن. جديد استنبول نئين روپ ۽ رنگ ۾ ملبوس هڪ محبوبا آهي جتي نت نوان ريستوران، دڪان، ڪلبون ۽ گئلريز هر وقت کليل رهن ٿا“.
    ۱۹۲۳ع ۾ ترڪي جڏهن سمورا پراڻا لڳ لاڳاپا ۽ نظام ٽوڙي هڪ جمهوري رياست بڻيو ته استنبول جي جاءِ تي انقره کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. جڏهن ته خلافت عثمانيه تحت استنبول جي جاگرافيڪل بيهڪ سبب سعودي عرب به سندس سرپرستيءَ ۾ هوندو هئو. هتي ڏنل حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته استنبول واقعي به هڪ شهر باڪمال ۽ منفرد خطو رهيو آهي، جنهن جو نه صرف ترڪي جي سياسي، سماجي۽ تعليمي اوسر ۾ وڏو اهم ڪردار رهيو آهي، پرهو مذاهب عالم جو پڻ ڳڙه رهيو آهي. جهڙي نموني فيلڊ مارشل ايوب خان ڪراچيءَ بدران اسلام آباد کي گادي جو هنڌ بڻائڻ سان ڪراچي جي قد ڪاٺ تي ڪو به فرق نه پيو اهڙيءَ طرح استنبول کي گادي واري درجي کان محروم ڪرڻ سان سندس قدرو قيمت تي ذري برابر فرق به نه پيو.
    سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire)جي پهرين سلطان محمد فاتح سندس نالو قسطنتنيه مان مٽائي اسلامبول رکيو، جيڪو مختلف اچار ۽ شڪليون مٽائيندو استنبول بڻجي ويو. پيار مان کيس شهرن جي راڻي(Vasileousa Polis) ، باب مملڪت، پادرين جو شهر، شهر خلافت، چشم دنيا، تخت سلاطين پڻ پڪاريو ويو. هن شهر جي اندر تهذيبن ۽ قومن جي قسمت جا فيصلا ٿيا، جن دنيا جي سياست جا رخ تبديل ڪري ڇڏيا. هڪ هزار سالن تائين رومن امپائر جو تخت رهيو، دنيا جو ڪو ٻيو شهر ايڏي مان مرتبي اهميت وارو نه رهيو هوندو. هن کي خزانن جو شهر به ڪوٺيو ويو، ڇو ته آفريڪا، ايشيا ۽ سموري يورپ مان خزانا هن شهر ۾ آندا ويندا هئا. خبر ناهي ته سطح تي ڪهڙا خزانا لٽيا هوندا ۽ زمين اندر اڃا امانت ۾ ڇا ڇا دفن هوندو؟ هتي دنيا جا ناياب مجسما ۽ فن پارا جمع ڪيا ويندا هئا. شهر جي باشندن وٽ دولت جا اڻکٽ خزانا هوندا هيا.
    استنبول صوبي جي حيثيت ۾ اوڻيتاليهن ضلعن تي مشتمل آهي، جنهن مان ستاويهه ته رڳو استنبول شهر جا آهن. رياست جو سربراه گورنر ۽ انتَظامي ڍانچي جو واڳون استنبول ميٽروپوليٽن ميونسپالٽي وٽ آهن جنهن کي ميئريا ناظم سنڀاليندو آهي. ڪل ايراضي ارڙهن سؤ ايڪٽيهه ڪلوميٽر ۽ ۷۰۶.۹ اسڪوائر ميل اٿس. يونيسڪو ۱۹۸۵ع ۾ استنبول شهر جا ڪجهه حصا عالمي ورثي واري لسٽ ۾ شامل ڪيا. لاکيڻي لطيف سر سارنگ ۾ استنبول جو ذڪر ڪيو ته، علامه اقبال پڻ بانگ درا ۾ کيس انمول بڻائي ڇڏيو. ترڪي جو سڪو ترڪش ليرا آهي ۽ پاڪستاني ۵۳ روپين جي برابر آهي. ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ انقرا آهي. سندس قومي جهنڊو ڳاڙهو آهي جنهن تي چنڊ ستارو آهي. استنبول شهر گرميءَ جي موسم ۾ موافق ۽ سياري ۾ سَخت ٿڌو هجي ٿو ۽ ان سان گڏ برفباري پڻ ٿئي ٿي. سال جو گرم ترين مهينو جون ۽ ٿڌو جنوري جو آهي.


    استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر

    استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر

    استنبول کي ۲۰۱۰ع جو يورپي ثقافتي گاديءَ جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي .هن سان گڏ ٽي ٻيا شهر به شامل آهن. هي اعزاز جتي ڪنهن به شهر لاٰءِ باعث افتخار بڻجي سگهي ٿو ته ساڳي وقت هڪ وڏي ذميواري به آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪو شهر پاڻ کي ۽ پنهنجي ثقافتي ميراث کي سهڻي نموني سان باقي دنيا جي سامهون پيش ڪري نه سگهيو ته هي اعزاز الٽو شرمندگيءَ جو باعث به ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ هڪ ڪلچرل ڪيپيٽل ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي . هي سموريون ڳالهيون يارهين ڊسمبر ۲۰۰۹ع ۾ هلٽن هوٽل منجهه رکيل هڪ افتتاحي تقريب ۾ طئي ٿيون. جتي ميزبان ڪجهه هيئن چيو: ”استنبول شهر هڪ الڳ تاثير رکي ٿو. هي خاص ۽ منتخب ماڻهن جو شهر آهي ۽ ڪنهن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو اڃان ڪهڙا ڪهڙا ناول، ڊراما، اوپيرا ۽ گهڻو ڪجهه تخليق ڪري سگهن ٿا“ ڪنهن کي خبر ته هتي ڪهڙيون فلمون ٺهنديون؟
    اڄ جي دور ۾ پوري دنيا جا شهر هڪ ٻئي تي سبقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن ۽ ثقافتي گاديءَ جو اعزاز شهرن کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جو هڪ وڏو وسيلو آهي. گهڻو وقت اڳ ترڪي جي هڪ ننڍي گروپ هن اعزاز لاءِ ڪوششون ڪيون، جن برسلز پهچي يورپي يونين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون، جن هن شهرکي ”يورپي گادي“ جو درجو ڏياريو.
    يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر ڇا آهي؟ يورپي يونين هڪ سال لاءِ يورپ جو ڪوبه هڪ شهر چونڊيندي آهي، ته جيئن ان شهرکي موقعو ڏجي ته پنهنجي ثقافتي صلاحيتن، تهذيب تمدن جو مظاهرو ڪري. هن کان اڳ جن ملڪن کي يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر جو خطاب مليو آهي، سي هي آهن.
    ۱۹۸۵ ۾ اٿينس (يونان)، ۱۹۸۶ ۾ فلورينس (اٽلي)، ۱۹۸۷ ۾ ايمسٽرڊم (هالينڊ)، ۱۹۸۸ ۾ برلن (جرمني)، ۱۹۸۹ ۾ فرانس (پئرس)، ۱۹۹۰ ۾ گلاسگو (اسڪاٽلينڊ)، ۱۹۹۱ ۾ ڊبلن (آئرلينڊ)، ۱۹۹۲ ۾ ميڊرڊ (اسپين) ۱۹۹۳ ۾ آنٽورپ (بيلجيم)، ۱۹۹۴ ۾ لزبن (پرتگال)، ۱۹۹۵ ۾ (لگزمبرگ)، ۱۹۹۶ ۾ ڪوپن هيگن (ڊينمارڪ)، ۱۹۹۷ ۾ ٿيسالونڪي (يونان)، ۱۹۹۸ ۾ اسٽاڪ هوم (سويڊن)، ۱۹۹۹ ۾ ويمار (جرمني)، ۲۰۰۰ ۾ اويگنن (فرانس)، برجن (ناروي)، بولوگنا (اٽلي)، برسلز (بيلجيم)، هيلسنڪي (فنلينڊ)، ڪراڪو (پولينڊ)، رڪياوڪ (آئيس لئنڊ)، پراگ (چيڪ ريپبلڪ)، سنتياگو ڊي ڪمپوسٽيلا (اسپين)، ۲۰۰۱ ۾ پورٽو (پرتگال)۽ روٽرڊم (هالينڊ)، ۲۰۰۲ ۾ بروگس (بيلجيم) سالامانڪا (اسپين)، ۲۰۰۳ ۾ گراز (آسٽريا)، ۲۰۰۴ ۾ جينوئا (اٽلي) ۽ للي (فرانس)، ۲۰۰۵ ۾ ڪارڪ (آئرلينڊ)، ۲۰۰۶ ۾ پترس (يونان)، ۲۰۰۷ ۾ (لگزمبرگ)، سبيو (رومانيه)، ۲۰۰۸ ۾ لورپول (انگلينڊ)، ۲۰۰۹ ۾ لنز (آسٽريا)، ولنيس (لٿوانيا)، ۲۰۱۰ ۾ استنبول (ترڪي)، ايسن (جرمني)۽ پيڪ (هنگري)،۲۰۱۹ع تائين خطابن جي ورڇ ٿي چڪي آهي.
    ۲۰۱۱ ۾ ترڪو (فنلينڊ) ۽ ٽالن (ايسٽونيا)، ۲۰۱۹ع ۾ اٽليءَ کي چونڊيو ويو آهي.


    هوٽل ۾ آمد

    هوٽل ۾ آمد
    مان بس ۾ گائيڊ سان مغز ماري ڪندو رهيس ۽ هو صبر سان منهنجي هر اڍنگي سوال جا جواب ڏيڻ لاءِ جتن ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن سوال پڇي بس ٻاهران ڪا عمارت ڏسي اوڏاهن ڌيان ڇڪجڻ ڪري سندس عربي اسٽائيل انگريزي جي جواب ورجائڻ لاءِ زور ڀريندو رهيس. اسان جي بس هڪ مصروف شاهراه لتاڙيندي Aspen Hotel جي در تي بريڪ هنئي، جيڪو ضلعي Aksaray ۾ واقع آهي. هتي ئي اسان جي قيام جو بندوبست ٿيل هيو. هي هوٽل استنبول جي يورپ واري حصي ۾ آهي. سياحن لاءِ هي علائقو اڪساري، مثالي ۽ تصوراتي چئي سگهجي ٿو. هوٽل ۾ بسترا لاهي Check in ڪرائيسون. سفر جي ٿڪ ۽ اوجاڳي ڪري سڄي سنگت هوٽل جي Reception Lobby تي ئي ڊهي پئي. مان به هڪ صوفي تي سڌو ٿي ويهي رهيم. ڪاغذي ڪاروائي پوري ٿيڻ بعد ڪائونٽر تي اچڻ لاءِ گهرايو ويو. اسان قطار ٺاهي پاسپورٽ جمع ڪرايا ۽ بوڪ ٿيل ڪمرن جون ڪارڊ نما چاٻيون حاصل ڪيونسون. ھوٽل تمام آرامده آهي، جنهن ۾ ڪل ۶۳ ڪمرا آهن. انهن سان گڏ ڪانفرنس هال، ٻه ڊسڪو بار، جڪوزي Jacuzzi ۽ هيئر ڊريسر جي سهولت به اٿس. گهڻي ڀاڱي اسان جا ڪمرا بوڪ ٿيل هئا. لفٽ ذريعي سامان کڻي ڪمري ۾ اچي ويم. ڪمري جو نمبر ڳولهي سامهون بيهي ڪارڊ نما چاٻي ڪڍي در چوڌاريTM Counter جهڙو نشان ڳولهڻ لڳس. در تي وائڙو ڏسي ملڪ جاويد ڪارڊ وٺي در کولڻ ۾ مدد ڪئي. اندر داخل ٿي روزمره جي استعمال جو سامان بئگ مان ٻاهر ڪڍي رکيو. واش روم مان هٿ منهن ڌوئي موبائل چارج تي لڳائي، بئڊ تي آهلڻ ساڻ ننڊ اچي وئي. ڪافي دير بعد اوچتو فون جي زوردار گهنٽيءَ تي سجاڳي ٿي. کنيم ته افتخار هو. چيائين: ”سمهڻ آيو آهين ڇا؟ هل جلدي تيار ٿي ته هلي شهر جو چڪر لڳايون. روزمره جو سامان وٺون، ڪرنسي به چينج ڪرايون ۽ ڪنهن سٺيءَ جڳهه تي ماني به کائون.“ افتخار منهنجو پشاور جو NRSP جو دوست هيو، جيڪو بحرين جي هوٽل ۾ منهنجو روم پارٽنر هيو. چيومانس:
    ”ديوانن کي ڇيڙيو ڇو ٿا، بيگانن جي بستيءَ ۾
    رهڻ ڏيو اي دنيا وارو، مستن کي سر مستيءَ ۾!“
    ”توهان شهر مان ٿي اچو ۽ منهنجي لاءِ شوروو ۽ ڪوڪ وٺي اچجو!“ مون اوٻاسي ڏيندي نٽايو. دراصل ٿڪاوٽ بيزاري ڏئي ڇڏي هئي ۽ مس مس ته سڪون جي ننڊ اکين جي اڱڻ تي آئي هئي. هي يار به ڇڏڻ وارو ڪو نه هئو ۽ بار بار پئي زور ڀريائين سو منهنجي ننڊ به ڦٽي چڪي هئي. هن جي بيحد اسرار تي منهن تي ڇنڊو هڻي، ڦڻي ڏئي هيٺ لهي آيم. استنبول بابت نقشو ۽ هڪ ٽريول گائيڊ هوٽل مان ئي وٺي ڇڏيم. ڪائونٽر تي موجود ملازم ان سان گڏ هوٽل جو ڪارڊ پڻ ڏنو، جنهن منجهه ٽيليفون نمبر ۽ ايڊريس لکيل هئي. مٿئون صلاح ڏنائين ته؛ ”شهر جي ڪنهن حصي ۾ ڀلجي وڃڻ جي صورت ۾ يا ته فون ڪري پڇي وٺجو يا ٽيڪسيءَ واري کي ڪارڊ ڏيکاري هوٽل تي واپس اچجو، ڇو ته هتڙي انگريزي ايتري عام ناهي.“ روينيو کاتي جو ملازم هجڻ ڪري نئين علائقي جي جاچ پڙتال ۽ ان بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ جنبي ويس. هونءَ به جاچ جوچ ضروري آهي. مون هتي شهر جي باري ۾ ڪافي معلومات ڪٺي ڪئي هئي ۽ اڪثر ڪئمرا کڻي اڪيلو ئي نڪري پوندو هيس. هڪ ڀيرو گهمندي گهمندي تمام پري نڪري ويس. شهر جي هڪ حصي ۾ شڪارپور جي ڪنهن ڳتيل آبادي واري محلي وانگر ڪاٺ جون خوبصورت عمارتون نظر آيون ۽ ڏسندي ڏسندي اهڙيءَ جگهه تي پهتس جتي گهٽي بند هئي. واپس ٿيم. موٽندي رستا ياد نه رهيا، ڇو ته سڀ ننڍا وڏا رستا هڪ جهڙا هئا ۽ مين روڊ جي تلاش ۾ به ناڪام رهيس. مقامي ٻولي به نه اچي ۽ انگريزي سا به منهنجي ڪو سمجهڻ لاءِ تيار نه هجي. بس پوءِ ڀٽڪي ڀٽڪي هڪ ٽيڪسي پڪڙي ۽ هوٽل جو ڪارڊ ڏيکاري اچي ٿانيڪو ٿيس. منهنجي اڪيلي نڪرڻ کي ڪجهه دوست شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ڇو جو منهنجا عام معمول وارا اوقات پنهنجا هئا. سوير نه سمهڻ ۽ صبح جو سوير ئي جاڳي پوڻ منهنجي عادت هو. سنگت جي اعتراض تي تنگ ٿي جواب ڏيندو هيم؛ ”يار مان آزاد مسافر آهيان! ڪا ڪلينڪ ناهيان جنهن جا کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا وقت مقرر ٿيل هجن“. اسان جو هوٽل شهر جي ڪاروباري حصي ۾ آهي ۽ پسگردائي وارا مارڪيٽ، ڪلبون، بار، هوٽل دير تائين کليل هوندا هئا. هتي چؤطرف ڪمرشل ڪاروهنوار زور تي هو ۽ رهائشي علائقا پري هئا.
    استنبول جي موجوده آبادي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ آهي. ٻهراڙين مان لڏ پلاڻ ڪري هر سال پنج لک وڌيڪ ماڻهو اچي رهائش اختيار ٿا ڪن. ۱۹۸۰کان ۲۰۰۵ تائين پنجويهه سالن دوران، ان جي آبادي ٽيڻي ٿي وئي آهي. ستر سيڪڙو کان به وڌيڪ آبادي استنبول جي يورپي حصي ۾، جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو ايشيائي پاسو وسايون ويٺي آهي. ملڪ جي ٻين حصن ۾ بيروزگاريءَ ڪري به ماڻهو استنبول جو رخ ڪن ٿا. شروع شروع ۾ آبادي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌندي رهي آهي. آباديءَ جا انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا.

    سال آبادي
    330 عيسوي 40،000
    440 عيسوي 400،000
    530 عيسوي 550،000
    545 عيسوي 350،000
    715 عيسوي 300،000
    950 عيسوي 400،000
    1200 عيسوي 150،000
    1453 عيسوي 36،000
    1477 عيسوي ،75،000
    1566 عيسوي 600،000
    1817 عيسوي 500،000
    1860 عيسوي 715،000
    1885 عيسوي 873،570
    1890 عيسوي 874،000
    1897 عيسوي 1،059،000
    1901 عيسوي 942،900
    1914 عيسوي 909،978
    آڪٽوبر 1927 680،857
    آڪٽوبر 1935 741،148
    آڪٽوبر1940 793،949
    آڪٽوبر 1945 860،558
    آڪٽوبر 1950 983،041
    آڪٽوبر 1955 1،268،771
    آڪٽوبر 1960 1،466،535
    آڪٽوبر 1965 1،742،978
    آڪٽوبر 1970 2،132،407
    آڪٽوبر 1975 2،547،364
    آڪٽوبر 1980 2،772،708
    آڪٽوبر 1985 5،475،982
    آڪٽوبر 1990 6،620،241
    نومبر 1997 8،260،438
    آڪٽوبر 2000 8،803،468
    جنوري 2005 9،797،536
    جنوري 2006 10،034،830


    مٿين ڊيٽا يا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ۱۴۵۳ ۾ استنبول جي فتح وقت آبادي ڏيڍ لک مان گهٽجي ڇٽيهن هزارن کي پهتي هئي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته نج مذهبي غير مسلم آبادين جي لڏ پلاڻ ڪري گهڻي ڀاڱي ٻارهن آنا شهر ته خالي ٿي ويو هوندو. ضرور ڪي امن پسند، مذهب کا بيزار forward قسم جي ماڻهن ۽ دولتمند مسلمان خاندان به انهن ئي ڏينهن ۾ ڀڄي جان بچائي هوندي. ڪن جي ڪيفيت بلڪل ائين هوندي جيئن پاڻ وٽ اپر سنڌ مان هندن جي هندستان جي ورها ڱي يا آزاديءَ وقت، ڌرتي کي آخري سجدو ڏئي جسماني طور هليو وڃڻ. جن جي ذهنن ۾ اڄ به اباڻا فلم جا ريل ۽ ڪنن ۾ ٺارو شاه جي ماسٽر چندر جي وڇوڙي جي گيتن جي گونجار هوندي. ڪن وري يارن دوستن ۽ خانداني دٻاءَ ۾اچي اباڻا ڪک ڇڏيا هوندا. ڪي نوجوان نياڻين، ڀينرن ۽ زالن جي عزت بچائڻ خاطر به ڀڳا هوندا؟ انهن ڏينهن ۾ ڍڪ بازارون، منڊيون ۽ معيشيت ته تباه ٿي وئي هوندي؟ پئسو نڪري ويو هوندو.بچيو سچيو وري مال غنيمت ۾ شامل ڪري خزانا ڀريا ويا هوندا. فوجين ڦر لٽ به ڪئي هوندي؟ اهوضرور پڙهيو هيم ته استنبول جي نئين سر تعمير لاءِ سلطان فاتح پنهنجي رهائش کان شروعات ڪندي استنبول يونيورسٽي، مسجدون ۽ محلات جوڙائي هڪ نئين استنبول جو بنياد وڌو. پرRehabilitation تباه ڪاري يا متاثر حصن جي مرمت تمام وقت ورتو هوندو.
    جيسيتائين وڌندڙ آباديءَ ۽ سهولتن جو سوال آهي ته اهو ته پوريءَ دنيا جو مسئلو آهي. ٻهراڙين ۾ سهولتن جي فقدان ڪري اتان جي آبادي جي لڏ پلاڻ ڪري وڏا شهر ڏينهون ڏينهن urbanization شهربندي جو شڪار ٿيندا ٿا وڃن. انهن منجهان نوڪري پيشه ۽ مڇي ماني لائق ڪٽنب ته فليٽ يا گهر وٺي رهائش شروع ڪن ٿا پر گهڻي قدر لڏي ايندڙ خاندانن جي اڪثريت غريب هجڻ سبب شهر جي پسگردائي، واهن جي ڪپرن تي پکا اڏي ڪچيون آبادين ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهن ٿا. مالوند ماڻهو پاڻ سان گڏ گهوڙا، ڪتا، کير ڏيندڙ جانور به ضرور آڻن. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميونسپالٽيون يا شهري رٿابنديءَ جا ادارا انهن کي وسائڻ ۾ ڪيترو سنجيده آهن! يا ته انهن کي ڪنهن پلاننگ سان آباد ڪري، روزمره جي زندگيءَ جون سڀ سهولتون ڏئي مان ڏجي يا في الحال نظرانداز ڪندي هلائيندو رهجين ۽ جڏهن سرڪار جو دٻاءُ پوي، ڪنهن اسڪيم لاءِ زمين جي ضرورت پوي يا ڪو اعتراض اٿي يا ڪو سرڪار جو دادلو بلڊر ڀڳڙن مٺ ۾ سا ڳي زمين کڻت ڪرائي اچي ته انهن غريب آبادين کي حدد خلي ڄاڻائي، هڪ آپريشن ذريعي مسمار ڪيو وڃي؟ اسان جي پيري ملڪ جي صوبي سنڌ ۾ وسندين جي regularization جو ٻٽو معيار آهي. هتي ڪيئي دفعا سروي ۽ ماپن باوجود صدين کان رهندڙ خاندانن کي ڳوٺ آباد تحت مالڪاڻا حق نه ٿا ڏنا وڃن. باقي وڏن شهرن يا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن ۾ ڪچيون آباديون قائم ڪرڻ جو ڪم ڌڙاڌڙ شروع آهي.


    مڪاني ادارا

    مڪاني ادارا

    استنبول جي ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽي ايترو ته جانفشاني ۽Commitment سان ڪم ڪري ٿي جنهن جو جواب ناهي. شهر جي ٽائون پلاننگ، صحت صفائي، سول ڊفينس، روشنيءَ جا انتظام، ترقياتي منصوبا، سينيٽيشن، ڊرينيج، سيوريج جو سرشتو ۽ ٻيا انتَظام مڪمل ظابطي ۾ آهن. روڊ ڪشادا ۽ فوٽ پاٿن تي انڪروچمينٽ نالي ماترآهي. نيون وسنديون نهايت ئي ترتيب ۽ شهري رٿابنديءَ جي اصولن تحت تعمير ٿيل آهن. ڀل کڻي مرگلا هل جهڙي Camlica Hill هجي يا پائري لوٽي Pierre Loti جي ٽڪري، ملڪ جي ناميارن عمارتن جي ماڊلن وارومنياترڪ باغ هجي يا پئنوراما ۱۴۵۳ جو ميوزيم (جن جو اڳتي ذڪر ايندو)، ماڻهن کي سهولتن سان گڏ تفريح فراهم ڪرڻ واري هيءَ بلديه، مون کي هڪ مڪمل صداقت تي ٻڌل ادارو لڳو جيڪو سونپيل ڪم تي سچو هيو. انهن وٽ اهي عذر ناهن ته ٽڪريون ٽوئرزم وارا سنڀاليندا آهن ۽ تاريخي عمارتون آثار قديمه وارن جو مٿي جو سور آهي. سندن لڳاءَ ۽ تخليقون ڏسي احساس پئي ٿيو ته اسان جي ملڪ جون ميونسپالٽيون صرف اوڳاڙيون ڪرڻ، قيمتي پلاٽ ليز ڪرڻ، مين هول کليل ڇڏي معصوم جانيون ضايع ڪرڻ، بلڊرن سان ساز باز ٿي اڏجندڙ اسڪيمن ۾ سهولتن جو فقدان پئدا ڪرڻ، تجاوزات يا قبضا خوري کي هٿي ڏيڻ ۽ گندگي وڌائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. تعميري ڪم ۾ تنقيد سندن بهترين مشغلو آهي، جڏهن ته استنبول جي بلديه سهولتن جا نوانtrends جوڙي شهر کي سنواري ۽ سينگاري ڇڏيو آهي. شهر ۾ صفائي، وڻڪاري ۽ باغباني ايتري جو طبعيت هلڪي ٿي وڃي. هر شاهراه تي (Tulip) گل لاله جون اڻکٽ قطارون اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪنديون نظر اينديون.
    ائسپن هوٽل مان نڪرندي کٻو رستو وٺي، اسان مکيه مارڪيٽ جي شاهراهه تي آيا آهيون، ٿورڙو ئي اڳيان ٽرام Tram) ( جو ٽرمينل نظر آيو، جتان ٽرام ڊبل روڊن جي وچ ۾ پئي ڊوڙي. سڀني ترقي يافته ملڪن جيان استنبول شهر منجهه ٽرام جو نيٽورڪ موجود آهي. تيز رفتار، صاف سٿريون ٽرامن مناسب ڪرائي تي، اهم جڳهن تي پنهنجا اسٽاپ قائم ڪيا آهن. هر اسٽيشن تي پهچڻ کان اڳ ۾ ٽرام اندر لڳل اسپيڪر سسٽم تي ايندڙ اسٽيشن جو نالو پڪاريو ويندو ته جيئن پيسينجر تياري ڪري سگهن. استنبول ۾ ٽرام سروس ۱۹۶۶ع ۾ ڪجهه سببن جي ڪري رو ڪي ويئي هئي، پر ۱۹۹۰ع ۾ وري بحال ڪئي ويئي هئي. مزي جي ڳالهه اها به آهي ته هتي ۱۸۷۲ع ۾ گهوڙا ٽرام به هلندڙ هئي، جيڪا گهوڙا ڇڪيندا هئا، جنهن کي ۱۹۱۲ع ۾ بند ڪري، ان جي جاءِ تي اليڪٽرڪ ٽرام شروع ڪئي ويئي هئي.
    پنجاب جي شهر فيصل آباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گنگاپور ۾ هن جديد دور ۾ گهوڙا ريل گاڏي هلندي آهي، جنهن ۾ ڏهن کان پندرهن مسافرن جي چڙهڻ جي گنجائش آهي. سر گنگا رام هڪ مشهور انجينيئر هو جنهن لاهور ميوزيم، ايچيسنAitcheson) ) ڪاليج، مايو آرٽس اسڪول، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور پوسٽ آفيس جون ڊزائينون تخليق ڪيون. هي گهوڙا ريل گاڏي، ريل جي پٽڙي تي هلندي آهي ۽ سوارين کي بچيانه ريلوي اسٽيشن تائين پهچائيندي آهي. بلديه هيءَ سروس سترهن سالن کان پوءِ بحال ڪئي آهي. هي علائقو چار سؤ سال پراڻو آهي. جڙان معنيٰ پاڙون سو ٻڌائن ٿا ته هتي هڪ کوهه هوندو هو، جنهن مٿان بيد جو وڻ هوندو هو. انڪري سندس نالو اهو مشهور ٿي ويو. هتي ٽي ڪلوميٽر پٽڙي ۱۹۰۳ع ۾ وڇائي وئي، پر ۱۹۹۳ع ۾ چور خان پٽڙي چورائي ويا جنهن ڪري آمد رفت بند ٿي وئي. زمين تي وڇايل پٽڙيون جڙن کان اکاڙڻ تمام آسان ڪم آهي. مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن اخبارن ۾ ڳوٺن کي بجلي پهچائڻ لاءِ هوا ۾ لڳايل تارون به چوري ٿي وينديون آهن. ريل گاڏين جا بلب ۽ ٽونٽيون غائب ٿيڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، بغير ٽڪيٽ سفر ڪرڻ معتبري آهي، پر سرڪاري ٽرانسپورٽ جي بسن ۾ ويهي جيسيتائين سيٽن هيٺان لڳل فوم نه ڪتربو تيسيتائين سڪون نه ملندو. سبب؟ سرڪاري مال آهي.
    سو اچون ٿا ٽرام طرف ته ان منجهه ويهڻ ته پري بيهڻ جي جڳهه به ورلي ملندي. هتي پيادل گهمڻ عام آهي. فوٽ پاٿن تي مرد، عورتون، پڪا پوڙها تڪڙا تڪڙا ٻرانگهون پائيندا پيا نظر ايندا. پريمي جوڙا ڌيمي رفتار ۽ هڪ ٻئي جي ڀاڪرن منجهه نظر آيا ۽ فحش اشارن واري ۲۹۴ پي پي سي قلم جي ڀڃڪڙي عام جام آهي. جنهن تي پوليس يا ماجسٽريٽ ڪوcognizance ڪو نه ٿا وٺن. ترڪش پوليس به جڏهن سر عام اهي ڏوهه ڏسندي هوندي ته جڪون ضرور کائيندي هوندي، ته هڪ دل سڙي ڪباب ٿي، ٻيو حاصل ڪجهه نه ٿئي. پوليس لاءِ ڪمائي جو اصل کانچو ته روڊ ئي آهي، اهو به ماڻهن حوالي. پبلڪ پليس، باغن ۽ تفريح وارن ما ڳن تي Deep kissing ڪرڻ ۾ ڪو به عارمحسوس نه پئي ڪيائون. مان سنگت کي ٽرام تي چڙهڻ بجاءِ پيادل هلڻ جي صلاح ڏني ته جيئن شهر جي رونقن ۽ سرگرمين کي ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهون. جيئن جيئن شام ٿيندي وئي، روشنيون، چهل پهل ۽ چرپر وڌندي وئي. فاسٽ فوڊ، ڪافي هائوس، سبز چاءِ ۽ شاورمي جي دوڪانن تي شور شرابو وڌندو ويو. شاهراهن تي لڳل مختلف ڪمپنين جي سائين بورڊن جي سرچ لائيٽن ۽ دوڪانن تي آويزان روشن بورڊن عجيب رنگ پکيڙي ڇڏيا هئا. بي مقصد ڀٽڪڻ وارن ۽ ڪنهن خاص مقصد لاءِ نڪتل مشڪوڪ ماڻهن جو تعداد وڌندو ٿي ويو. انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ ۾ گهوريندڙ نگاهون وڌيڪ تيز ٿينديون ويون. هينئر سج لهي چڪو آهي، مون سان گڏ نڪتل پٺاڻ دوستن استنبول يونيورسٽي اڳيان واري مسجد جو رخ ڪيو ڇو ته آذانن جو آواز گونججي رهيو هيو. جيسيتائين نماز تان موٽن، ان وچ ۾ مان استنبول يونيورسٽي ۽ ڀر پاسي جون عمارتن جا فوٽو ڪڍندي هڪ اوائلي عمارت آڏو اچي ويس، جيڪا پري کان ڪا سرڪاري رهائش گاه پئي نظري. سندس مکيہ لنگهه واريون لائيٽون روشن هيون. در ڀرسان ڪو ترڪي زبان ۾ پلاڪ آويزان هو. شايد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو بنگلو هوندو يا سنڌيالاجي جهڙو ڪو ميوزيم. مان حسب عادت پاڻ ئي اندازو لڳائي ڇڏيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته ڪو چوڪيدار نظر اچي. وري حسب عادت پاڻ ئي اندازو لڳايم ته پٺاڻ چوڪيدار هوندو، جيڪو نماز تي ويو هوندو. هر ڪامياب سودائيءَ جيان اندازا لڳائڻ اڪثر منهنجي واندڪائيءَ جي وندر رهي آهي. جيئن حيدرآباد اسٽيشن تي شاليمار ايڪسپريس جو انتظار ڪندي مان سندس ٽي ڪلاڪ ليٽ هجڻ جو اندازو لڳائي، ذهني طور پاڻ کي تيار رکندو آهيان. اهو ڄاڻيندي به ته اها ڪراچي کان هلندي آهي. سرڪاري گهر جي ڄاري لڳل ونگن واري در مان اندر جهاتي پاتم. ڪاريڊور تي ڪاٺيءَ جون آرام ڪرسيون، ننڍيون ننڍيون ٽيبلون رکيل هيون ۽ ڪمرن جا ڊگها در بند هئا. هڪ در مٿان گهڙيال لڳل هو. سرڪاري عمارتن جا گهڙيال به ڄڻ پگهاردار ملازم هوندا آهن. آفيس واري وقت ڪم ڪري باقي وقت ستل رهن ٿا. دوستن ڏاڍي دير ڪئي. مونکي اوچتو خيال آيو ته کسڪي ته نه ويا؟ مان مسجد ۾ اندر اچي ويم. اندران تلاوت جو پڙاڏو چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. آسرو ٿيو ته نماز هلي رهي آهي. مان مسجد جي اڱڻ ۾ وضو ڪرڻ واري گول چبوتري جي هڪ دڪي تي ويهي نماز ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. چؤطرف نگاهه ڪيم، استنبول جون مسجدون آرڪيٽيڪچر جو عاليشان نمونو آهن. پٿر جي مضبوط اڏاوت، اوچا منارا ۽ اندر بلبن جون قطارون ڄڻ ڪتين جا قافلا. ڪارپيٽ نهايت نرم ۽ نفيس آهن. هونئن به پاڪستان سميت پوريءَ دنيا ۾ استنبول جا ڪارپيٽ ۽ قالين تمام اعليٰ معيار جا ليکيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ پٺاڻ اڪثر روڊ جي خالي حصن ۾ نوي سيڪڙو استنبول جا ڪارپيٽ، ديوارن تي لڳائڻ لاءِ پرنٽيڊ قالين کپائيندا آهن. حاجي سڳورا جڏهن سعودي عرب مان موٽندا آهن ته تسبيح چين جي ۽ مصلو ترڪيءَ جو هوندو. نماز ختم ٿي. هتي نمازين جو انگ خطرناڪ حد تائين گهٽ پئي لڳو. انهن منجهان به گهڻي قدر دڪاندار ٽائيپ پئي لڳا. نوجوانن ۾ مذهبي رجحان بنهه نظر ڪو نه آيو. جيتوڻيڪ هتي مسجدن جو ڪل تعداد ٻه هزار نو سؤ چوئيتاليهه ۲۹۴۴ آهي. مون کي ڪٿي به نئين مسجد ٺهيل يا ٺهندي نظر ڪو نه آئي. مسجدن مان اذانن کانسواءِ لائوڊ اسپيڪرن تي ڪو به گمشدگيءَ جو اعلان، تبليغ يا تلاوت، ميلاد وغيره جو ڪڏهن اعلان ڪو نه ٻڌم.


    ترڪيءَ جي جاگرافيڪل بيهڪ

    ترڪيءَ جي جاگرافيڪل بيهڪ
    ترڪيءَ جون حدون اٺن ملڪن سان ملن ٿيون. اتراولهندي بلغاريه، اتراوڀرندي جارجيه، اولهه ۾ يونان، اوڀر ۾ آرمينيا، آزربائيجان ۽ ايران ۽ ڏاکڻي اوڀر ۾ عراق ۽شام اٿس. دنگئي ملڪن سان سندس مفاصلو هيٺ ڏجي ٿو.
    پاڙيسري ملڪ مفاصلو ڪلوميٽرن ۾
    ايران 499
    عراق 352
    بلغاريه 240
    شام 822
    جارجيا 252
    يونان 206
    آذربائيجان 09
    آرمينيا 268
    بدليل دور ۽ منهن مٽايل موسمون به ڪڏهن ڪڏهن بدعنوان ٿي پونديون آهن. اڪثر و بيشتر صلحناما، ٺڳي جا ٺاهه، زبردستي مڙهيل فيصلا، راڄوڻيون، سمجهوتا گهڻن نعمتن کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. عالمي ڳٺ جوڙ کان وٺي ضلعي جوڙ توڙ تائين جاگرافي سان جڳاڙ عام (practice)رهي آهي. مون پنهنجي سفر جي شروعات ۾ ئي لکيو آهي ته استنبول هميشه کان (Sandwich) ٿيندو رهيو آهي . تمام اوائلي دورن کان يونانين ۽ فارسين وچ ۾ جنگين جو سبب رهيو. پهرين صدي قبل مسيح ۾ هي رومين جي قبضي ۾ آيو. انهن جي حاڪم قسطنطنيه پهريون ۳۲۴ ۾ پنهنجي نالي سان هي شهر وسايو ۽ رومي سلطنت جي گادي بڻايو. رومي سلطنت جي ورهاڱي بعد هي اوڀرندي رومي سلطنت، جنهن کي بازنطين چيو ويو جي گادي بڻايو ويو. مسلمانن جي آڳاٽين فتحن موجوده ترڪيءَ جي مشرقي حصن تي والار قائم رکي، جنگ ملازڪرد (Battle of Manazikert) ۾ رومين تي سلجوڪين جي فتح ڪافي معاملو سڌو ڪري ڇڏيو. سلجوڪين جي زوال بعدترڪيءَ جي سياسي منَظرنامي تي عثماني اڀريا جن اسلامي تاريخ جي عَظيم رياست ”سلطنته عثمانيه“ جوڙي. سلطنته عثمانيه ۶۳۱ع سالن تائين قائم دائم رهي، جنهن سان وچ يورپ ۾ اسلام پکڙيو. زوال جي دور کانپوءِ ”سلطنت عثمانيه“ پهرين جنگ عظيم ۾ جرمني جو ساٿ ڏنو. جنگ کانپوءِ واري معاهدي Treaty of sevres مطابق فاتح اتحادي قوتن سلطنته عثمانيه جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيا. پهرين جنگ عظيم بعد ”سلطنت عثمانيه“ ۽ اتحادي فوجن وچ ۾ هن معاهدي تي ڏهين آگسٽ ۱۹۲۰ع تي عثماني سلطنت صحيون به ڪيون، پر ترڪيِءَ جي جمهوري تحريڪ ان کي نه قبوليو. مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي قيادت ۾ ان تحريڪ جنگ آزاديءَ جو اعلان ڪيو. قسطنطنيه مان سلطنت مٽائيءَ کيس جمهوري رياست بڻايو ويو. ان معاهدي کي سلطنت عثمانيه کي تاريخ جي بدترين شڪست چئجي، جيڪو اپريل ۱۹۲۰ع ۾ اتحادين جي وچ ۾ سان ريمو ڪانفرنس San Remo Conferenceکانپوءِ ٿيل فيصلن جي هڪ ڪڙي هو. ان معاهدي تحت سعودي عرب وارو حجاز ۽ آرمينيا کي آزاد ملڪ قرار ڏنو ويو.


    جديد دور جي ترڪي

    جديد دور جي ترڪي

    جيڪڏهن جديد ترڪيءَ تي سياسي نگاهه وجهبي ته معلوم ٿيندو ته ۱۹۲۳ع ۾ ترڪي جو ابو مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ سلطنتن ۽ خلافتن جو مڪمل خاتمو آڻي، ريپبليڪن پيپلز پارٽيءَ ذريعي اقتدار ۾ آيو. هي ترڪيءَ جون نئون جنم هو. ترڪي ۱۹۴۵ع ۾ اقوام متحده جو ميمبر ٿيو ۽ ۱۹۵۲ع ۾ NATO ۾ آيو.يورپ ڏي گهڻو مائل هجڻ ڪري هي ملڪ NATO کانسواءِ OECD, WEOG, OSCE جهڙن آرگنائيزيشنس ۾ ميمبر آهي. باقي يورپي يونين ۾ شموليت لاٰءِ ڪوششون جاري اٿن، جنهن منجهه رڪاوٽن ۽ تحفظات جو اڳتي ذڪر ايندو. ريپبليڪن پيپلز پارٽي ۲۲ مئي ۱۹۵۰ع تائين اقتدار تي حاوي رهي، سندن بعد ڊيموڪريٽڪ پارٽي پڻ ڏهن سالن تائين ڌاڪو ڄمايو. پر فوجي حڪومت ۲۸ مئي ۱۹۶۰ع ۾ عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، پنهنجا انڌا قانون نافذ ڪري ڇڏيا. ۲۰ نومبر ۱۹۶۱ع تي وري به مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي پارٽي اقتدار ۾ اچي ملڪ سنڀاليو ۽ عصمت انونو Ismet Inonu ٽيون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم ٿيو، تنهن بعد مختلف دورن ۾ هيءَ پارٽي ٽي چار دفعه وارو وڄائي ويئي. فوجي هڪ دفعو اقتدار جو مزو وٺڻ بعد ڪٿي ٿي چپ رهي سگهيا. ۶۰ واري ڏهاڪي کان پوءِ هو وري بيرڪن مان ٻاهر نڪري، چار دفعه وزير اعظم رهندڙ سليمان ڊيمرل (Suleyman Demirel) جي حڪومت جو ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع تي تختو اونڌو ڪري قبضو ڪيو ۽ ۱۳ ڊسمبر ۱۹۸۳ع تائين هن جنت جهڙي ملڪ ۾ جمهوريت جو جنازو ڪڍيو ويو. ترڪيءَ جو موجوده وزير اعظم ريسيپ طيب اردوگن جيڪو استنبولين آهي ۽ ان کان اڳ استنبول جو ميئر پڻ رهي چڪو آهي. سندس تاريخ ساز پاليسين بابت اڳتي تفصيلي ڳالهيون ڪبيون. هن کان اڳ بولينٽ اسيوٽ (Bulent Ecevit) پڻ پنج دفعا وزير اعظم هجڻ جو اعزاز رکي چڪو هو، جيڪو استنبول سان واسطو رکندو هو. ۲۰۰۶ع ۾ سندس وفات بعد اها ڳالهه منظر عام تي آئي ته سياست کانسواءِ اهل ذوق هيو. هو اعليٰ پائي جو شاعر پڻ هو ۽ سندس سموري زندگي علم و ادب سان سلهاڙيل رهي. جيڪڏهن سندس سندس خاندان کي جاچبو ته سندس پيءُ يونيورسٽيءَ ۾ قانون جو پروفيسر هيو ۽ ماءُ هڪ مشهور آرٽسٽ هئي. بولينٽ اسيوٽ ۱۹۷۴ع، ۱۹۷۷ع، ۷۹-۱۹۷۸ع ۽ ۲۰۰۲-۱۹۹۹ع ترڪيءَ جو وزير اعظم رهيو. استنبول ڄائي تانسو سلر Tansu ciller پڻ ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۵ع تائين ترڪيءَ جي وزير اعظم رهي، جيڪا اقتصاديات ۾ PhD هئي. هوءَ ترڪيءَ جي پهرين عورت وزير اعظم هئي.
    ترڪيءَ جي اها تاريخ رهي آهي ته جيترو اسلام جي حامين کي ڪچلجي ٿو، اهي ايترو ئي ڀڙڪو ڏئي اڀرن ٿا. ۱۹۹۵ع جي عام چونڊن ۾ پهريون دفعو خدمت پارٽي(Welfare Party) سڀني کان وڏي پارٽيءَ طور اڀري ۽ اسلامي نظريو رکندڙ نجم الدين اربڪان(Necmettin Erbakan) کي وزير اعظم بڻايو ويو. هن جي باري ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هو فزڪس جو پروفيسر هيو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين جرمني ۾ هڪ سائنسدان طور ڪم ڪندو رهيو. هي ڪٽر مسلمان سائنسدان پنهنجن مذهبي سوچ ڪري سلامتي ڪائونسل سان سدائين ا ختلاف رکندو رهيو. سلامتي ڪائونسل جي دٻاءَ ۽ دهمان ۾ نه ايندي، هن ۱۹۹۷ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعفي ڏئي ڇڏي. هن سان دشمنيءَ طور هن تي سياست ۾ بهرو و ٺڻ تي پابندي مڙهي وئي. هن سياسي وٺ سٺ جو وڏو فائدو بلند ايجوت (Bulent Ecevit)کي پيو، جنهن کي بعد ۾ وزير اعظم بڻايو ويو. بلند ايجوت (Bulent Ecevit) جي باري ۾ وري ٻي گالهه ٻڌائيندو هلان ته هي نهايت ئي غريب خاندان سان واسطو رکندو هيو ۽ پيشي جي لحاظ کان هڪ صحافي هيو. هي به ۱۹۲۵ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿيو. هن کي لکڻ پڙهڻ سان بي تحاشا پيار هيو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنself-made ليڊر، ايليٽ(T.S.Eliott) ۽ ٽئگور جي لکڻين جو ترڪي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو هيو، پنجين نومبر ٻه هزار ڇهه ۾ ڇهه مهينا مسلسل ڪوما ۾ رهندڙ هي باذوق سياستدان انقره ۾ گذاري ويو.
    سياستدانن جي ذاتي زندگي، تعليمي قابليت، گڻن ۽ صلاحيتن جي باري ۾مختصر ان ڪري به ٻڌايان پيو ته سياسي بصيرت سان گڏوگڏ ترڪي جا ليڊر ڪيترا نه کرا، مخلص، پڙهيل لکيل، پيشه-ور، سڄاڻ ۽ باشعور آهن. ترڪي جي ڀيٽ ۾ اسرندڙ ملڪن ۾ مخصوص خاندان سياست جي راند ۾ رڌل نظر ايندا. اهي سياسي خاندان ٿڌن ملڪن جي پکين وانگر ڏاڍا نازڪ ۽ نفيس آهن. ٿوري به هوا پنهنجي طبعيت جي برعڪس گهلندي ڏسندا ته گذريل گورنمينٽ تي الزام تراشي ڪري حڪومتي پارٽي جي حق ۾ ٻه بيان ڏئي احتساب کان آجا ٿي ويندا يا معاملو اڃا به سڌو نه ٿيو ته هڪدم هجرت تحريڪ هلائي عرب ملڪن يا يورپ ۾ ”ولر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾“. ٻاهرين ملڪن ۾ علاج سندن بهترين مشغلو آهي. اقتدار ۾ نه هوندا ته پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون پيا ڪندا، شادين غمين ۾ ٻٽ هوندا، هر ڳالهه ۽ امور ۾ صرف پنهنجي اولاد کي فوقيت ڏيندا. عوام ۽ نوڪر شاهي ته ڪچو خام مال آهن. اهي ته ٻارڻ (fuel)آهن جن کي ٻاري ائٽمي توانائي حاصل ڪجي. ويچارو عوام. جن وٽ متبادل رستو آهي ئي ڪو نه. جنهن کي ٽڪيٽ ملي اهو ئي سندن محبوب ليڊر آهي. جيڪو رهجي ويو اهو وساريل باب. ڪو ريل ۾ ڪو جيل ۾. اهل سمجهندي به ووٽ جي حقدار کي ٿڏي ڇڏڻ اسان جي فطرت، بيلٽ باڪس ۾ وڌل، آسري جو وڪوڙيل ووٽ جيڪو واعدا خلافي جي ور چڙهي ويندو. ووٽ جي امانت ۾ خيانت جي ڏينهن ۾ باقي بچيل چند ڏينهن اميدوارن جا چڪر مٿان چڪر، حويلين ۽ عاليشان بنگلن جا کليل ڌوڪيباز در، بينرن، پمفليٽ، وال پوسٽر جي وبا، ڪارنر ميٽنگن ۾ وفا نه ٿيندڙ وچن. ڪرائي جي گاڏين تي، ايڪو سائونڊ تي جهمريون. ڀوتارن جي شان ۾ وڄندڙ ڪيسيٽون، سياسي نٽ کٽ نينگرين جا نخرا. هي آهي اليڪشن جو زمانو ياElection Campaign جنهن ۾ نوڪرين، پروموشنز، ٺيڪن، قرضن لاءِ آسائتا نوجوان جن جا ڳلا نعرا هڻي هڻي ويهجي ويا آهن.


    قرض وڏو مرض آهي

    ٻارهين مئي ٻه هزار ۾ ترڪيءَ جي سابق چيف جسٽس احمد نجدت سيزر (Ahmet Necdet Sezer) کي پارليامينٽ ملڪ جو ڏهون صدر چونڊيو. ستن سالن تائين صدر رهندڙ هن قانوني ماهربعد ۾ موجوده صدر عبدالله گل کي صدارت جون واڳون سونپيون. جسٽس احمد نجدت سيزر جي اچڻ سان اقتصادي اصلاحات لاءِ وڏا منصوبا جوڙيا ويا، پر بجاءِ اڳتي وڌڻ جي ترڪي معاشي بحرانن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ٿي ويو. جيئن جيئن حالتون سنگين ٿينديون ويون، تيئن تيئن ترڪش ليرا جي قيمت ۾ چاليهه سيڪڙو لاٿ آئي. هاڻي ته ملڪ هي ڪو معجزو ئي بچائي سگهي پيو. معاشي بدحالي مان نڪرڻ لاءِ ۽ حالتن کي قابو ڪرڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي سابق نائب صدر ڪمال درويش کي مارچ ۲۰۰۱ع ۾ وزير اقتصاديات جو کاتو ڏنو ويو. ڪمال درويش هيٺين سطح تائين معاشي استحڪام ۾ حڪومت جو هٿ ونڊائڻ ۾ مئي ٻه هزار هڪ تائين مجموعي طور تي عالمي مالياتي فنڊ (IMF) کان ڏه ارب ڊالرن جي قرض جو بندوبست ڪيو. فيبروري ۲۰۰۲ع ۾ عالمي مالياتي فنڊ (IMF) وڌيڪ نو ارب ڊالرن جا قرض منظور ڪندي، سال اڌ ۾ ڪجهه قسطن تي مشتمل وڌيڪ پنج ارب ڊالرن جو دلاسو به ڏنو ان شرط تي ته ترڪي پنهنجا معاشي سڌارا انهن جي مشوري جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪندو. حڪومتي ڇڪتاڻ هلندي رهي۽ ترڪي جو معصوم پکيءَ جهڙو روح عالمي مالياتي فنڊ (IMF) جي پڃري ۾ قيد ٿي ويو. عالمي مالياتي فنڊ (IMF) جا قهري شرط، پابنديون خاص ڪري سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ ٻيا نام نهاد سياسي سڌارا عمل ۾ نه اچي سگهيا ۽ انهن جي تڪميل ۾ دير ٿيندي رهي. مخالف ڌر جي جماعتن ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي دٻاءَ ڪري ترڪ اسيمبليءَ کي مقرر مدت کان ارڙهن مهينا اڳ ٽي نومبر ٻه هزار به ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪرڻو پيو. ساڳي وقت نظم و ضبط ۾ ڪمزوري، بدعنوانين سبب ادارن جو ويهجي وڃڻ، مالي گهپلن ۽ ڪرپشن ڪري سڪيولر طبقن جي ساک متاثر ٿيڻ لڳي. انهن حالتن جي برعڪس مقامي بلدياتي چونڊن ۾ سوڀ حاصل ڪندڙ اسلام پسند قوتون تمام ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪري رهيون هيون. اهوئي سبب آهي جو خدمت پارٽي (Welfare Party) ڇڏيندڙ هڪ ڌڙو عدل ۽ ترقي پارٽي(Justice & Development Party) نمايان ٿي اڀري. اهي مسلسل ٻه چونڊون کٽي هڪ ڀرپور قوت طوراڀريا. ٻه هزار ٻه ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۷ع عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ عدل ۽ ترقي پارٽي(Justice & Development Party) پوين چونڊن ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪئي.
    هڪ طرف ته ترڪن جو نئون نسل اسلام ۽ مذهبي خيالن کان گهڻو پري ۽ ٻي طرف سرڪار ۽ سياستدانن جي روش بلڪل ابتڙ آهي. مذهب سان لڳاءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته يورپي ملڪ هجڻ باوجود موجوده صدر عبدالله گل ۽ وزير اعظم رسيپ يا رجب طيب اردغان جون گهر-واريون مٿي تي رئو پائينديون آهن. سندن پاليسيون نج اسلامي آهن. ۲۰۰۲ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ عدل ۽ ترقي پارٽي جي اڳواڻ رجب طيب اردغان کي ۱۹۹۸ع ۾ پنهنجي هڪ تقرير ۾ کليل لفظن ۾ اسلام جي بالادستي جي حمايت ۾ ڳالهائڻ تي چونڊن ۾ بهرو وٺڻ تي پابندي مڙهي وئي ۽ کيس نااهل قرار ڏنو ويو. ان جي ڪري ئي سندس نائب ۽ هاڻوڪي صدر عبدالله گل کي وزير اعظم بڻايو ويو. تاهم بعد ۾ هڪ آئيني ترميم ذريعي مٿانئس لڳل پابندي لاٿي وئي ۽ سزا کي پڻ ختم ڪيو ويو. بعد ۾ عدل ۽ ترقي پارٽي جي اڳواڻ رجب طيب اردغان کي مٿي آڻڻ لاءِ ضمني چونڊون ڪرايون ويون، جن ۾ ڪامياب ٿي رجب طيب اردغان پارليامينٽ جو رڪن بڻيو. هاڻوڪي صدر عبدالله گل پوءِ وزارت عظميٰ کان فارغ ڪيو ويو، جنهن کي پهرين دور ۾ وزير خارجه ۽ بعد ۾ صدر بڻايو ويو. عدل ۽ ترقي پارٽي پنهنجي پهرين دور اقتدار ۾ عراق جي جنگ ۾ پنهنجا فوجي دستا ته موڪليا، پر سندس پارليامينٽ آمريڪا جي اتحادي ملڪن جي فوجن کي ترڪيءَ مان گذرڻ جي اجازت ڪو نه ڏني.


    ترڪيءَ جو نوجوان نسل

    ترڪيءَ جو نوجوان نسل

    ٿورو تبصرو ترڪي جي نئين نسل تي. مان بار بار چئي چڪو آهيان ته هڪ نظر سان ته استنبول ڪنهن به صورت ۾ ايشيا جو حصو نه پيو ڀائنجي. نوجوان طبقو يورپ طرف گهڻو مائل آهي. سندن اٿڻي ويهڻي، عادتون، رهڻي ڪهڻي، فيشن يورپي اسٽائل جون آهن. وارن ۽ ڏاڙهي جي ڪٽائي به عجيب و غريب، خشڪ سنهري وار. عجيب چال، پينٽون اڊڙيل، ٽي شرٽون اڌ اندر اڌ ٻاهرجن تي لاپرواهي، بهادري، جواني جي مستي جا جملا، وڏا سن گلاسز، ٻانهن ۾ ڪڙا ۽ ڌاڳا ۽ ڊگها نوڪدار بوٽ. فلمن، موبائل -انٽرنيٽ- ڪيبل نيٽورڪ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا منجهن آگاهيءَ سان گڏوگڏ سندن ٽور ضرور بگاڙي ڇڏي آهي، پر پوءِ به پنهنجي ثقافت کان باغي هيءَ جنريشن تمام فضيلت واري ۽ ذهين آهي. هتڙي سگريٽ نوشي عام جام آهي، خصوصاً نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون عام جڳهن تي سگريٽن جا سوٽا هڻندا ٿا وتن. سگريٽن جي قيمت به گهڻي آهي. ڪار چيزنگ يا موٽر سائيڪل تي ريس ڪندي ڪو به نه ٽڪريو. اسان کي ڪٿي به مذهبي تبليغ ڪندي ڪو نظر ڪونه آيو ۽ نه ئي ڪو نوجوان ملن جو ٽولو اٽڪيو جنهن نماز لاءِ زور ڀريو هجي. ٽين ايجرز ترڪش جو يورپي ٽوئرسٽ ڇوڪرين کي ڏسندي ئي چال ئي ڦريو وڃي ۽ ڪنهن مهل ته چهٽيل محبوبائن تان به ڌيان هٽايو ڇڏين. ان کانسواءِ ترڪ نوجوان هوٽلنگ ۽ راند روند ۾ به اڳڀرا لڳا. نيٽ ڪيفي تي به خالي ڪيبن نه ملندي ۽ انتظار ۾ هوندا ته ڪير ٿو نڪري. موبائل تي ڳالهائڻ جا ڪوڏيا ۽ طبعيت ۾ تمام ماٺيڻا. هر هنڌ لائين ٺاهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندا. تڪڙ ته سندن طبعيت ۾ ئي ناهي. سواري دوران ڪو وڏيءَ عمر وارو ڏسندا ته ان جي داخل ٿيندي ئي سيٽ ڇڏي ڏيندا ۽ هٿ ڏئي ان کي ويهاريندا. جيڪڏهن ڪاٿي ڪنهن جي ڪا شيءِ وسري ويندي ته پويان رڙيون ڪندا ۽ ڊڪي ڊڪي پهچي وساريل چيزون واپس ڪندا. زندگيءَ جو هر لطف وٺڻ ڪو هنن کان سکي. لوئسا مئي الڪوٽ ان ئي ڪيفيت تي ڪجهه سٽون چيون هيون، جيڪي مون کي بيحد پسند آهن ۽ منهنجي ڊائريءَ جي پهرين پني تي لکيل آهن.
    ”جڏهن مون وٽ جواني هئي تڏهن پئسو ڪونه هئو، هاڻي جڏهن پئسو آيو ته وقت ڪونهي ۽ جڏهن وقت ملندو ته زندگي جو لطف ماڻڻ لاءِ صحت سالم نه هوندي“.


    ترڪي، يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟

    ترڪي، يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟

    هاڻي موٽئون ٿا حقيقت طرف ته جڏهن استنبول يورپ ۾ آهي ته پوءِ يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟؟ ڇا اها يورپي يونين جي مسلم امه سان ٻه اکيائي چئبي يا ڪا مجبوري. ڪهڙو سبب آهي جو يورپي يونين کيس قبول ڪرڻ کان انڪاري آهي؟ مون ڪجهه ٻين دوستن سان به ان تي بحث ڪيو ۽ هوٽل ۾ پراڻن رسالن مان ڄاڻ ورتي.
    مکيا سبب اهي آهن ته ترڪيءَ جو تمام ٿورو حصو يورپ ۾ آهي ۽ باقي سمورو ايشيا ۾، ان گهڻائيءَ ۽ ٿورائيءَ جي فرق ترڪيءَ جي يورپي يونين ۾ شموليت کي مشڪل ڪري وڌو آهي. ٻيو، ته اهو ٺيڪ آهي ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر ته يورپ ۾ آهي پر اهو به ڏسڻو آهي ته ترڪيءَ جو گاديءَ جو هنڌ انقره مڪمل طور ايشيا ۾ آهي. اهي به چوٻول آهن ته قبرص ترڪي جو سخت مخالف آهي، جيڪو يورپي يونين جو سگهارو ميمبر آهي. جيئن قيام پاڪستان بعد افغانستان اقوام متحده ۾ پاڪستان جي شموليت جي مخالفت ڪئي .ترڪيءَ جو وڏو ڏوه اهو به آهي ته هو هڪ مسلمان ملڪ آهي جنهن جي تهذيب ۽ تمدن يورپي يونين جي ملڪن سان ملندڙ جلندڙ ڪونه آهي ۽ ۹۹ سيڪڙو مسلم آبادي آهي. پر منهنجوذاتي خيال اهو آهي ته ترڪي هڪ سڪيولر رياست آهي، جنهن منجهه ٻين مذهبن لاءِ پڻ عزت ۽ احترام آهي، پوءِ ڇو سندس شموليت تي اعتراض واريل آهي. خدشو اهو به آهي ته ترڪي جي آبادي جيڪا ۷۰ ملين آهي، يورپي يونين جي طاقت جو توازن بگاڙي سگهي ٿي. هن وقت ته جرمني ئي گهڻيءَ آباديءَ وارو ملڪ ليکجي ٿو، جنهن جي آبادي ۸۲ ملين آهي. مطلب ته ترڪي جي شامل ٿيڻ مان کيس ٻيو وڏو آبادي واري ملڪ جو درجو ملي ويندو. جنهن تناسب سان ترڪي جي آبادي وڌي رهي آهي پوءِ ته جرمني کي پوئتي ڪرڻ جو مسئلو ئي نه رهندو. ترڪي يورپ جو Gateway آهي، پر هن کي قبرص جو روايتي حريف ۽ هڪ مسلمان ملڪ هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي . ان ڏس ۾ نيٽ تي هيٺيان ڪتاب موجود آهن.
    1. Turkey & the EU: an awkward candidate for EU membership?
    2. The EU & Turkey, a glittering prize or a millstone?
    3. Harmonizing foreign policy: Turkey, the EU and the Middle East ‎


    قبرص جو مسئلو

    قبرص جو مسئلو

    جولاءِ ۱۹۷۴ ۾ قبرص ۾ ترڪ مسلمانن تي عيسائي يوناني آبادي جي وڌندڙ بي واجبين ۽ ظلمن جي نتيجي ۾ هڪ ٻي رياست اترادي قبرص Turkish Republic of Northern Cyprus جو قيام ناگذير ٿي پيو. اترادي قبرص کي ترڪيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ تسليم ڪونه ڪيو آهي ۽ اقوام متحدهه پڻ ان کي ملڪ تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي. هي ملڪ ۱۵ نومبر۱۹۸۳ ۾ وجود ۾ آيو. سندس آبادي ڪل ۲۶۵۰۰۰ آهي. سموري آبادي ترڪي ٻولي ڳالهائيندڙ آهي. ترڪ جمهوري اترادي قبرص ۾ نڪوسيا جو اتراهون حصو به شامل آهي. نڪوسيا قبرص جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
    اصل ۾ جنهن رياست جو بنياد ئي تڪرار، ڦڏي ۽ ڪروڌ تي ٻڌل هجي ته اها آخر ڪيسيتائين هلندي؟ ۱۹۶۰ع ۾ جڏهن جمهوري قبرص جو قيام عمل ۾ آيو ته مقامي آباديءَ جي پرزور اسرار باوجود برطانيه، قبرص جي يونان سان الحاق کي رد ڪندي، کيس آزاد مملڪت جو درجو ڏنو. ان وقت هن خليج ۾ رهندڙ ترڪ ۽ قبرصي قومن کي گڏ ويهاريو ويو. ٻنهي ڌرين لاءِ حڪومتي ايوانن ۽ نوڪرين ۾ تناسب جوڙيو ويو.آئين موجب ايوان نمائندگان ۾ سترسيڪڙو يوناني قبرصي ۽ ٽيهه سيڪڙو ترڪ قبرصي هوندا، ٻين معاملن ۾ به ساڳيو تناسب رهندو. ڊسمبر ۱۹۶۳ع ۾ قبرص جي جمهوري رياست جو بت ڪري پيو جڏهن ترڪ قبرصين ان ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو.ان انڪار تڏهن شدت ا ختيار ڪئي جڏهن ملڪ جي آئين ۾ ترميم لاءِ تيرهن تجويزون پيش ٿيون.ايڪويهين ڊسمبر ۱۹۶۳ع ۾ ترڪ قبرصين ۽ وزارت دا خلا جي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن وچ ۾ جهڙپ ٿي پئي.جنهن جي نتيجي ٻه ترڪ قبرصي ۽ هڪ يوناني قبرصي پوليس وارو مري ويا جنهن سان ٻن قومن وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي. ترڪ قبرصي علائقن ۾ قتل و غارت، ڦرلٽ ۽ و ٺ سٺ شروع ٿي. ترڪ قبرصين سان ايتري ته ويڌن ڪئي وئي جو هو پنهنجي ڌرتيءَ تي مهاجر بڻجي ڪئمپن ۾ رهڻ لڳا. حڪومت ته کين ٻئي درجي جو شهري به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ترڪي اهڙي مشڪل دور ۾ کين بدستور کاڌو، لٽو، دوائون امداد طور ڏيڻ لڳي. ڪئيمپن ۾ رهندڙ ڪٽنبن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وئي سندن ڪو به اوهي واهي نه رهيو. پندرهين جولاءِ ۱۹۷۴ع ۾ يونان جي فوجي دستن قبرص تي حملو ڪري قبضو ڪري ڇڏيو. صدر ميڪاريوس (Makarios) کي هٽائي، سندس جاءِ تي نڪوس سئمپسن (Nikos Sampson)کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو. ترڪي حڪومت ان ڏاڍائي جي کليل لفظن ۾ مخالفت ڪئي ۽ ان کي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪو ٺيو. ترڪي حڪومت ٻاڪاريندي رهي پر انهن جي نه ته ڪنهن ٻڌي ۽ نه ڪنهن حمايت ڪئي. آخرڪار ويهين جنوري ۱۹۷۴ع تي ترڪي قبرص تي حملو ڪري ڇڏيو ڇو ته هاڻي قبرصي ترڪن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو هو. هڪدم ترڪي فوجن قبرص جي ستٽيهه سيڪڙو حصي کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو، جتي يوناني قبرصن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. ترڪي جو هي حملو ايترو ته ڀرپور ۽ جارحانه هيو، جو ان ۾ لکين يوناني قبرصي لڏي ويا ۽ هزارين گم ٿي ويا. رياست اترادي قبرص Turkish republic of Northern Cyprus جي معيشيت جو مدار وڻج واپار، سياحت ۽ معياري تعليم آهي، جڏهن ته زراعت جون ننڍ يون ننڍ يون صنعتون پڻ موجود آهن. بحرحال هي هيون چند حقيقتون جيڪي ترڪيءَ جي يورپي يونين ۾ شموليت ۾ حائل آهن.


    ترڪيءَ ۾ فوجي ۽ سول ڇڪتاڻ

    ترڪيءَ ۾ فوجي ۽ سول ڇڪتاڻ

    اسرندڙ ملڪن ۾ حڪومتن ۾ فوج جو وڏو ڪردار ۽ عمل د خل رهيو آهي، جتي فوجي ڊڪٽيٽر ڪو نه ڪو بهانو بڻائي مارشل لا يا ايمرجنسي لا ڳو ڪريو ڇڏين. جتان جا نازڪ ۽ نفيس سياستدان ڊوڙ جي عالمي مقابلن جا مڃيل کلاڙي هوندا آهن. هنن لاءِ احتساب ۽ هٿياربند قوتن جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ ۽ لٽيل دولت خرچ ڪرڻ واسطي موزون جڳهه پرڏيهه آهي. هتي هوcomfortable هوندا آهن. پويان حڪومت ۽ سرڪاري ادارن ۾ مشين گنون فٽ ڪري فنڊن کي نشانو بڻائي، سرڪاري گاڏين جو ڪٻاڙو ڪري، صبح جو ملازمن جي جهڙتيءَ بعد فوجي اٽالا ريسٽ هائوس ۾ سڪون جي زندگي گذاريندا آهن. رهيو عوام سو آزار ۾ ۽ موزون وقت جي انتظار ۾.
    ترڪيءَ شايد ان مسئلي جو حل ڪڍي ورتو آهي. ترڪيءَ ۾ موجوده جمهوري حڪومت جي نئين قانونسازي موجب فوج جي عملدارن تي عام عدالتن ۾ ڪيس هلي سگهندو. ڊاڪٽر بيڪر سنار Dr.Bekir Cinar جي تجزيي موجب ترڪي هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي غير يقينيءَ جو شڪار ٿيڻ لڳي آهي. ڪمال اتا ترڪ واري جديد ترڪيءَ کي داخلي سياسي ڪشمڪش ۽ فوج جي ڪردار سبب ڪيترائي خطرا لاحق ٿي ويا آهن. جيتوڻيڪ ترڪيءَ ۾ جمهوري عمل پختو ٿي رهيو آهي ۽ فوج جي سياست ۾ مداخلت ڪمزور ٿي رهي آهي، تنهن هوندي به اهي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته ڪٿي ڪنهن فوجي بغاوت ڪري، ترڪيءَ جي مثالي جمهوريت کي نظر نه لڳي ۽ اهڙا خدشا ان ڪري به ظاهر ڪيا پيا وڃن، ڇاڪاڻ ته تازو موجوده جسٽس ۽ ڊيولپمينٽ پارٽي جي حڪومت خلاف هڪ ڪرنل پاران ڪيل ناڪام فوجي بغاوت جي نتيجي ۾ ترڪي اندر هڪ نئون قانون لاڳو ڪري، ترڪي جي عام عدالتن ۾ فوجي اهلڪارن تي به ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سول عدالتن جو فوجين خلاف ٻڌڻين جو حق رکي سگهڻ، سڄي دنيا جي ڇانوڻين ۽ بيرڪن ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙي رٿ بعد ترڪيءَ جي فوج جيتوڻيڪ ٿرٿلي ۾ اچي وئي آهي، انهن جي خاموشيءَ کي هڪ ايندڙ طوفان تصور ڪيو پيو وڃي. ترڪيءَ ۾ اهڙي قانونسازيءَ بعد فوج جي سياسي ڪردار تي هلندڙ بحث هڪ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. يورپ ۾ هن وقت اهي چوٻول آهن ته سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ فوج جي سياست ۾ مداخلت کي ڪا مدد يا جواز نه ملڻ گهرجي. فوج صرف ملڪن جي دفائي ضرورتن ۽ ٻاهرين حملن جي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري. اهڙي بحث کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پوري دنيا جا دفاعي ماهر مختلف حوالن سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ته هاڻي فوج کي جمهوري ڄار اندر رهڻ کپي. اهو خيال عام آهي ته فوج جو سويلين جي ڪنٽرول ۾ رهڻ گهرجي، پر اهم سوال اهو آهي ته هٿين خالي عوام هٿياربندن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي ويهي سگهندو؟ اهو چئي سگهجي ٿو ته ترڪيءَ ۾ سول فوجي لاڳاپن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ موجود آهي، سا دراصل اختيارن جي ويڙهه آهي ۽ هرڪو پنهنجي آئيني ۽ قانوني حدون اورانگهڻ چاهي ٿو. ترڪي يورپ ۾ آهي ۽ ترڪيءَ جا معاملا دنيا جي ٻين ملڪن کان ان ڪري به مختلف آهن، ته ان کي يورپي يونين ۾ شموليت لاءِ جمهوري عمل کي چست ۽ فوج جي ڪردار کي سست ڪرڻو پوندو ان ڪري ته برطانيه ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ فوج جمهوري حڪومت جي ماتحت آهي، اهو مسئلو صرف ڪمزور جمهوري ملڪن سان آهي، جتي فوج هر اداري تي حاوي آهي ۽ هر فيصلو انهن جي مرضيءَ سان ٿئي ٿو.
    شايد ترڪيءَ ۾ به جمهوريت جو سج پوري آب تاب سان ڪون اڀريو آهي. ترڪيءَ جي فوجي سربراه الڪر باسبق کي موجوده حڪومت صرف عسڪري خدمتن تائين محدود ڪرڻ چاهي ٿي ۽ هڪ اڌ فوجي بغاوت کي پڻ وقتائتي انداز ۾ ڪچليو ويو آهي. ترڪيءَ جي جمهوري پارليامينٽ مجبوراً اهو فيصلو ڏنو ته عام عدالت کي فوجين خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي جو اختيار ڏجي. هاڻي اهو ڏسجي ته موجوده حڪومتي جماعت جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽي بندوق وارن کي بيوس ۽ نهتو ٿي ڪري يا وري اُلٽو پاڻ سياسي بيچينيءَ جو شڪار ٿي ويندي؟ ٻڌڻ ۾ اهو به اچي ٿو ته هڪ ڪرنل جنهن جو نالو دُغان سسڪ آهي، تنهن هڪ خطرناڪ قسم جو پلان جوڙيو هو، جنهن جو نالو The plan to combat Islamic fundamentalism رکيو اٿس. ترڪيءَ جي فوجي جاچ موجب اهو دستاويز جڙتو آهي، پر حقيقت ڇا آهي ان جي ٻاڦور پئجي ويئي. ڪمال اتاترڪ جي پارٽي ريپبليڪن پيپلز پارٽي جيڪا هن وقت مخالف بينچن تي ويهي ٿي پڻ فوج خلاف قانون سازيءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، پر بعد ۾ ان تان ڦري ويئي. هتي اها به عام راءِ آهي ته فوج ضرورت کان تمام زياده آهي، جنهن تي بجيٽ جو ۵ سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو. انگن اکرن موجب ٽوٽل فوج ۱۱ لک ٿيندي. ۲۶ جون ۲۰۰۹ع ترڪيءَ جي فوج لاءِ قيامت جو ڏينهن هيو، جنهن ڏينهن پارليامينٽ مسلح افواج جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. پارليامينٽ جو اهو به چوڻ هو ته جڏهن ملٽري ڪورٽون جڙنديون آهن ته اهي سول ماڻهن خلاف مقدما درج ڪنديون آهن ته پوءِ سول عدالتون ڏوهاري فوجين خلاف ڇو نٿيون ڪيس داخل ڪري سگهن؟ فوجي عدالتون ته صرف محڪماتي ڪاروايون ڪرڻ جي لاءِ آهن، جن مان فوجين کي سزائون ملنديون آهن. ان فيصلي جي روشنيءَ ۾ هڪ سرڪاري وڪيل حاضر سروس ڪرنل کي گرفتار ڪري ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ آندو. ترڪيءَ جي فوج جو پراڻو ڪردار ڪنهن کان ڳجهو آهي. انهن ئي ته مقبول عوامي اڳواڻ ۽ وزير اعظم عدنان ميندرس (Adnan Mendres) کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان ڦاهي ڏني هئي. ٻنهي ڦاسين ۾ هڪ شئي هڪجهڙي آهي ته ٻنهي سياستدانن جي قتل جا ذميوار فوجي جرنيل هئا. بحرحال ترڪيءَ جي عوامي حڪومت نج انتظامي معاملن ۾ ٽنگ اٽڪائيندڙ فوج کي اصليت تي آڻي هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي.
    ترڪيءَ جي ماڻهن جو هڪ وڏو انگ جيڪو ڪمال اتا ترڪ جي آزاد ۽ وچٿري خيالن جو حامي آهي، انهن جو خيال آهي ته وزير اعّظم طيب اردغان جي حڪومت ترڪيءَ کي بنياد پرستي ڏانهن و ٺي وڃي رهي آهي. اهو فوج جي بچاءَ جي لاءِ پڻ هڪ وڏي چيلينج آهي. گذريل ستن سالن کان جڏهن کان جسٽس ۽ ڊيولپمينٽ پارٽي يعني عدل ۽ ترقيءَ واري پارٽي حڪومت ۾ رهي آهي، تڏهن کان اها جنرلن کان ارڏائي ۽ بي نيازي کسيندي رهي آهي. قومي سڪيورٽي ڪائونسل جنهن ذريعي فوج ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسيون پنهنجي مرضيءَ سان جوڙائيندي آهي، ان جو ڪردار هاڻي صرف هڪ صلاحڪار وارو رهيو آهي. ناڪام فوجي بغاوتن رٿائن جو سلسلو جيئن ئي راز نه رهندي ميڊيا تائين پهتو هيو ته ان سان حڪمران پارٽي جي وقار ۾ اضافو ٿيو.
    ٻاويهين فبروري ۲۰۰۹ع تي انقره مان خبرون مليون آهن ته ترڪي پوليس لڳ ڀڳ پنجاه فوجي ڪمانڊرن کي گرفتار ڪيو آهي، مٿانئن الزام آهي ته انهن موجوده اسلامي لاڙو رکندڙIslamic oriented Government خلاف هڪ خطرناڪ منصوبو جوڙيو ته جيئن انهن جو تختو اونڌو ڪجي انهن مبينه طور مسجدن ۾ بم نصب ڪري ملڪ ۾ دهشت ۽ ڏهڪاءَ پيدا ڪرڻ جو پلان رٿيو هيو، ته جيئن حالتن جي ناڪامي جو عذر ڄاڻائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري اقتدار تي قبضو ڪجي. فوجي حڪومت قائم ڪجي. هڪ خابرو اداريCNN-Turk Television اها خبر هلائي آهي ته گرفتار ڪيل فوجي آفيسرن ۾ ڪجهه اعلي اعزازن وارا ۽ Elite class ”پاشا“ سان تعلق رکن ٿا، هي خطاب کين خلافت عثمانيه دور جو مليل آهي انهن پنهنجو وقار وڃائيندي هيءَ گندي حرڪت ڪئي. نائب وزير اعظم بولينٽ ايرنڪ(Bulent Arinc) پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته
    “We could not even dream about things that we see happening now. Things will get better when those who were never accountable for their deeds begain to account for them. ”
    اسان ته خواب ۾ به نه پيا سوچي سگهون ته ايئن به ڪو ٿيندو. انشاءَ لله هر شئي پنهنجي معمول تي اچي ويندي. اهي جن جو ڪڏهن به احتساب نه ٿيو هو انهن سان ٻه پاڻي ٿيندا. جيڪي ڪم ڪيا اٿن. هن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو فوج پنهنجي منافقين کان نه ٿي مڙي، پر هي ۱۹۶۱ع واري ترڪي ناهي، جڏهن انهن جاقومي اڳواڻ مارايا ويا هئا. هينئر رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ڪتاب ٿيندو. تاهم وزير اعظم طيب اردغان جيڪو اسپين جي دوري تي هيو جتي مٿائنس جوتو اڇلايو ويو هيو، تنهن انهن گرفتارين جي ترديد ڪئي آهي ۽ ميڊرڊ مان بيان جاري ڪيو آهي، ته هو ان واقعي بابت ڪجهه به نه چوندو، ڇو ته معاملو عدالت ۾ اچي ويو آهي. ترڪي پوليس اٺن شهرن ۾ ڇاپا هڻي، ملوث فوجي ڪمانڊرن کي گرفتار ڪيو آهي .باغي فوجن تي اهو به الزام آهي ته انهن پنهنجي ملڪ جي ويڙهاڪ جهازن تي بمباري ڪري الزام يونان تي مڙهي، ٻنهي ۾ ڪشيدگي پئدا ڪري پاڻ فائدو و ٺڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. تمام گهڻا وڏن عهدن وارا ملٽري آفيسر ڪڪڙن وانگر چاوڙين ۾ واڙيا ويا آهن، جن ۾ سابق ڊپٽي جنرل چيف عرغن سيگن (Ergin Saygun)، سابق ايئرفورس ڊپٽي جنرل ابراهيم فرطنا( Ibrahim Firtina) ۽ نيوي چيف ايڊمن عزدن آرنيڪ (Ozden Ornek) شامل آهن. ۽ ٻيا ايڊمرل ۽ جنرل به جيل جي هوا پيا کائن.


    اسرائيل خلاف سخت موقف

    اسرائيل خلاف سخت موقف

    اهو ترڪي ئي آهي جنهن اٺين جون ۲۰۱۰ع تي استنبول ۾ اسرائيل جي امدادي قافلي تي حملي خلاف ايڪويهه ملڪن جي سربراهن تي مشتمل هڪ ايشيائي تعاون جي ڪانفرنس(Summit of Conference on Interaction and Confidence Building Measures in Asia) ڪوٺائي. هن ڪانفرنس ۾ ترڪي کانسواءِ روس، افغانستان، شام، ايران ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن عالمي سامونڊي حدن ۾ ايڪٽيهه مئي تي بحري ٻيڙن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ان زيادتي جي بين الاقوامي جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ ايراني صدر محمود احمدي نزاد، شام جي صدر بشارالاسد، افغاني صدر حامد ڪرزئي، روسي وزير اعظم ولادي مير پيوٽن، فلسطيني ڪي محمود شرڪت ڪئي. ترڪ صدر عبدالله گل چيو ته هن واقعي بعد اسرائيل پنهنجي پاڻ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وزير اعظم طيب اردوغن چيو ته غزا جي ناڪا بندي ختم ڪرڻ بنا مشرق وسطيٰ ۾ امن قائم نه ٿيندو. روسي وزير اعظم ولادي مير پيوٽن به سا ڳو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته عالمي قانون جي ڀڃڪڙي تشويشناڪ آهي. هن چيو ته هن معاملي کي اقوام متحده ۾ اٿاريو ويندو.

    ترڪي يا ڪڪڙ

    ترڪي ملڪ سان گڏ هڪ پکيءَ جو نالو پڻ آهي. اوهان چڙيا گهرن ۾ هي عجيب قسم جي ڪڪڙ ضرور ڏ ٺي هوندي، جنهن جي پڇ جي جڳهه تي چيني هٿ پکي ٽائيپ گول حصو هوندو آهي.


    ترڪ ۽ ترڪي دستر خوان

    ترڪ ۽ ترڪي دستر خوان
    ترڪن لاءِ اسڪارلاٽوس وزنٽيوس (Skarlatos Vizantios) پنهنجي ڪتاب بائزنطينو ترڪيڪا (Byzantino Turcica) ۾ لکي ٿو ته ترڪ گهڻو ڪري سهڻا، ڊگها۽ ڀريل بت وارا ٿين ٿا.سندن چهري مان شرافت جهلڪندي نظر ايندي ۽ ڪارين ڀروئن هيٺان سندن تيز اکيون چمڪنديون آهن. اهي توري تڪي ڳالهائيندا، ترڪ موسيقي، گلن، خوشبوئن، مٺاڻ ۽ قهوي سان پيار ڪن ٿا. جانور به انهن جي مهربانيءَ ۽ فياضيءَ کان محروم نه ٿا رهن. جتي ڪوئي بي زبان تي تشدد ڪندو نظر ايندو هي اتي بيهي رهندا ۽ ڪاوڙ مان چئي ڏيندا ”ڇا تون اهڙي زندگي پئدا ڪري سگهين ٿو؟“ هي اقتباس ۱۸۵۲ع جو آهي پر موجوده دور ۾ ان جي وصف ٻي به ٿي سگهي ٿي. هرملڪ ۽ هر شخص جو نقطه نگاه ان جي تجربي تي منحصر هوندو آهي. پاڪستان انهن جو دوست ملڪ آهي ته اسان جي پنهنجي راءِ آهي پر صدين تائين سندن ماتحت رهندڙ عرب سڳورن جو پنهنجو خيال هوندو. قبرص وارا ترڪن کي الڳangle سان ڏسندا هوندا ۽ هنگري يا بلغاريه واسي جن ترڪن جون تلوارون هلندي ڏ ٺيون آهن، اهي کين ڪهڙو نالو ڏيندا هوندا؟ برطانيه وارن جا ترڪن سان ناتا هميشه سٺا رهيا آهن، اهي ترڪن کي ”مشرقي انگريز (The Englishmen of the Orient) ڪو ٺيندا آهن. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته هن وقت ترڪن جا مهانڊا هڪ جهڙا نه رهيا آهن. ڪي ته typical قسم جا ترڪ لڳندا ۽ ڪي نج يورپي نيريون اکيون، ڀورا وار، ڳاڙهي چمڙي. گائيڊ اهو به ٻڌايو ته ترڪي جا ڪجهه ڳو ٺ حسن جي لحاظ کان مشهور هيا جتان وڏي مقدار ۾ عورتون حرم لاءِ چونڊبو هيو. هتي تاتاري نمونا به موجود هوندا هيا ۽ چچين اکين ۽ منهن جي هڏين نڪتل ترڪمان به ملندا.پر سڏبا سڀئي ترڪ.مون استنبول جي ڪنڊ ڪڙڇ کان و ٺي Miss World جي مقابلن تائين ترڪي ءَ جون بادامي اکين ۽ ڪارن وارن واريون ڇوڪريون ڏ ٺيون آهن. تمام سنهڙيون ، پاءُ گلن ۾ ترڻ واريون، سوچيان ٿو ته ايترن لذيذ کاڌن جي ملڪ واريون ڇوڪريون ۽ ايڏيون slim. ترڪ معاشري ۾ خاندان بنيادي عنصر آهي. هتي قهوه خانن ۾ پڪا پوڙها ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا نظر ايندا. بازارن، باغن يا رستي ويندي ترڪ خاندان پاڻ ۾ ملي ويندا ته ڳل ملائي مٺي وٺي هڪ ٻي کي کيڪاريندا. عورتون به ساڳي نموني ملنديون. آخر ۾ هڪ ٻئي جي ننڍن ٻارن کي پيار ڪندا.
    خبر ناهي اهڙا مصالحا آهن، پچائڻ جي ترڪيب اٿن، ڪراڪريءَ جو ڪمال آهي، سروس جي ٽيڪنڪ يا هٿن ۾ لذت، ترڪي کاڌا اهڙا ته مزيدار آهن، جو آڱريون چٽيندا رهجي ويندؤ. هتڙي ايندڙ سياحن جو وزن هڪدم وڌي ويندو. هتي وچولي درجي جي هوٽلن ۾ ماني جو بل ۱۰ کان ۱۵ ليرا تائين پئي آيو. پاڪستاني لحاظ کان هڪ ويلو ستن کان اٺ سؤ تائين، تمام مهانگو لڳو. هتي اها سهولت ضرور آهي ته کاڌو حلال آهي. پر پاڻي هميشھ منرل پيئجي ۽ عام پاڻي ڪٿي به نه پيئجي يا ڪولڊ ڊرنڪ وٺي ڇڏجي. هتي سڀ هوٽل صاف سٿرا آهن، ڪٿي به مکيون نظر نه اينديون. اسٽاف به نهايت فّضيلت ڀريو اٿن. ڀاڄيءَ ۾ لوڻ مرچ موافق ۽ تاثير ٿڌو اٿن. خاص ڪري هتان جو شورمو (Shawarma)بهترين آهي. شروع شروع ۾ بحرين ۾ دوست اعجاز پنهنجي گهر ۾ شورمو کارايو هيو ۽ مٿان ڪڙڪ چانهه پيئاري هئي. چڪن رول جيان شورمي ۾ ٽماٽا، بصر، مرغي ۽ سائو مصالحو ڀريل هوندو آهي. ترڪيءَ ۾ اچي اها خبر پئي ته شورمو اصل ۾ ترڪيءَ جي Product آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ڦرڻ يا (Turning) لاهور کانپوءِ مون کي استنبول جي طعامن ۾ سواد مليو.
    گهڻي ديرٿي وئي آهي. واپسيءَ تي رستي مان جنرل اسٽور تان ڪجهه رهيل سامان ورتو ۽ يادگيري سان ساڳيا رستا وٺي Hotel Aspen پهتاسين. ڪائونٽر تان ڪنجيون و ٺي هڪ ٻئي کي شب بخير چئي پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ سُمهي پياسين.


    ناشتي جي ميز تي

    ناشتي جي ميز تي

    صبح جو سوائين ستين وڳي سجاڳي ٿي. منهنجي اوائلي سيڪو فاء واچ ٽي ڪلاڪ پوئتي هئي ۽ چار پئي وڄايائين. ٽائيم کي ترڪي جي معياري وقت موجب صحيح ڪري تاريخ ڏٺم. اڄ اپريل جي ويهين تاريخ هئي ۽ ڏينهن سومر جو. برش ڪري، ڪپڙا مٽائي ناشتي لاءِ ڇت تي وڃڻ لاءِ لفٽ دٻايم، پر دير تائين در نه کليو. ڪنهن فلور تي ڦاسي ته نه پئي؟ بيزاريءَ وچان ڏاڪڻ ذريعي مٿي وڃي هال ۾ داخل ٿيم. هي هال بهترين ترتيب ۽ سليقي سان ٺهيل هيو. Buffet سسٽم منجهه ٽيبل جنهن تي مختلف قسمن جون ڊشز، ڪافي، چاءِ، جوسز، فروٽ ۽ گهڻو ڪجهه لڳل هيو. چئو طرف نوجوان يورپي سندرين جي اٽالن پاڪستاني وفد کي پاڳل ڪري ڇڏيو. سندن دلفريب نخرا ماحول کيidealistic بڻائي رهيا هئا. سندن آلن وارن مان Shampoo جي هڳاء، ۽ ڪلهن تي ڪريل وارن مان ٽمندڙ قطرا جرسي جي ٽي شرٽ ۾ جذب ٿيندا پئي ويا. ڪنهن جلترنگ جيان سس پس، تاڙا ملائڻ، ناشتو ته نه هليو پراکين جو ڍئو ٿي ويو. هال بلڪل شفاف شيشن سان ڍڪيل هيو جنهن تي شو خ رنگن جا پڙدا لڙڪيل هئا. اوچائيءَ تان چئني طرفن جي استنبول جي اوچين عمارتن، سڌن رستن تي ڊڪندڙ ٽريفڪ ۽ مسجدن جا مينار پئي نظرآيا. ان سان لاڳا پيل هڪ کليل حصو، جنهن تي سن باٿ وٺڻ لاءِ بينچون رکيل هيون. مون پليٽ ۾ ڏهي، سبزي ۽ سلائيز ورتا، جيڪا منهنجي خوراڪ آهي ۽ چاءِ جو ڪپ ڀري هڪ خالي ٽيبل تي ويهي رهيس. مون چاءِ جو پهريون ڍڪ مس ڀريو ته چار پنج يورپي ڇوڪريون منهنجي ٽيبل تي Excuse me چئي لاپرواهي سان اچي ويهي رهيون، مون اٿي انهن کي اخلاقن رستو ڏنو. هنن مونسان ڪجھه ڪون ڳالهايو ۽ منهنجي اڳيان گسي ويهي رهيون. هنن پاڻ ۾ کل ڀوڳ پئي ڪئي. سندن جسماني ساخت ۽ انتهائي گوريءَ رنگت کين مرڪز نگاه بڻائي ڇڏيو. مان به هيڏي هوڏي ڏسڻ بهاني انهن کي scan ڪرڻ جي پوري ڪوشش ۾ هيس جيڪو اسان پاڪستانين جو قومي فريضو آهي. هڪ مرحلي تي هنن مون کان کنڊ جي ائڊريس پڇي. منهنجي ته شگر لو ٿي وئي ۽ ڏڪندي پنهنجي اڳيان رکيل پيالي سرڪائي انهن ڏي ڪيم. منهنجي ڀر۾ ويٺل ڇوڪري جيڪا انهن سڀني ۾ سيبتي پئي لڳي، تنهن ٽيبل تي استنبول جو نقشو کولڻ لاءِ ٻانهون ڦهلايون.آهستي آهستي نقشي جي مختلف هنڌن تي هٿ رکنديون ٽيبل کي ول جيان وڪوڙي ويون. منهنجي نڙي سڪي ٺوٺ ٿي وئي، پا ڻيءَ جو ڍڪ ڀري نڙي آلي ڪيم. مون پنهنجي حق ۾ اهو بهتر سمجهيو ته ٽيبل ڇڏي ڀڄي وڃان. سامهون واري ٽيبل تي ويٺل گجرانوالا جو قاضي مون کي ڏسي آڱوٺي سان فتح جو نشان ڏيکاريو ته موجن ۾ آهين ۽ منهنجي حالت اڌ ته تيز خوشبوئن ۽ باقي ڀريل جسمن جي هڳاءُ خراب ڪئي. مان ڪرسي ڇڏي هلڻ لڳس. ڪمري ۾ واپس اچي Jaguar پائي تيار ٿي هيٺ پهتم.
    گروپ کي ٻڌايو ويو ته اڄ نيري مسجد ۽ ڪجهه ٻيون دلچسپ جڳهيون ڏسبيون، جنهن لاءِ ٽرام ذريعي هلبو، جيڪا walking distance تي آهي. اسان پنڌ پنڌ ٽرام جي اسٽاپ تي پهتاسين، ٽوڪن ورتو. پليٽ فارم تي انتظار پئي ڪيو، ته اوچتو هڪ تيز رفتار ٽرام اچي بيٺي ۽ سندس در کلي ويا ڪافي ماڻهو لٿا ۽ ڪافي چڙهيا. آئون رهجي ويس ۽ در بند ٿي ويا. پر شڪر جو گائيڊ به مون سان گڏ رهجي ويو. ڏاڍي کل پئي آئي ته ٻيا دوست بغير گائيڊ جي الائي ڪٿي وڃي نڪرندا ۽ جيتري تڪڙ ڪيائون اوترو انتظار ڪرڻو پوندن. منهنجي اها پراڻي عادت رهي آهي ته وٺ وٺان مهل پوئتي رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پوءِ شادي هجي يا شغل. اڪثر شادين مان بکيو موٽڻ تي گهرواري جي تنقيد ۽ ٻارن جي کل تي لڄي ٿيندو آهيان. سا ڳي حالت فوٽو ڪڍرائڻ مهل به ٿيندي اٿم. هيومن رسورسز ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جڏهن چنار هٽس بوربن ۾ ٽريننگ رکي هئي، ته ان جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب وقت جيڪي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، انهن ۾ گروپ فوٽو به پيوند ڪيل هيوپر اتفاق سان منهنجو فوٽو نه آيو. جڏهن مون کان گروپ فوٽو مان غير حاضر رهڻ جو پڇيو ويو ته ٻڌايم ته مان موجود ضرور هيم، پر منهنجي اڳيان بيٺل دوستن پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ مون کي لڪائي ڇڏيائون. منهنجي ان جواب تي سجاد مون کي sorry چيو ۽ چيائين ته هنن ۽ فوٽو ڪڍندڙ جو به فرض هو ته سڀني جو منهن اچڻ کي يقيني بڻائين ها. هتي وقفي وقفي سان ٽرام اچن ٿيون، اسان ٻي ٽرام ۾ چڙهياسين ۽ ٽرام جون ٽي اسٽيشنون ڇڏي لهي پياسين. هتي اسان جا تڪڙا دوست پڻ انتظار ۾ بيٺل نظر آيا. اسان جو قافلو نيريءَ مسجد طرف روانو ٿيو. رستي تي اسان گروپ ڦوٽو ڪڍرايو جيڪو جرمن ڦوهاري اڳيان نڪتو.


    جرمن ڦوهارو

    جرمن ڦوهارو

    انيڪ خوشبوئن، ٿڌڙين هوائن ۽ گهاٽي ڇٻر جي وچ ۾ موجود هي قبو ڄڻ ته ڪنهن ڪوه قاف جي پريءَ جو آستان لڳندو هجي. خوبصورتيءَ جي علامت بڻيل هي چبوترو سياحن لاءِ تاريخي حيثيت ۽ فرحت ڏيندڙ ۽ مقامي نوجوانن لاءِ Lovers Spot جي لحاظ کان مشهور آهي. هڪ نظر ۾ ڄامشوري جي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا جي آخري آرام گاهه محسوس ٿيندو. هي عجيب ڦوهارو آهي، جيڪو مٿان بند آهي. هي ڦوهارو جرمنيءَ جي حاڪم ولهم ٻيوGerman Emperor Wihelm-II جي ۱۸۹۸ع ۾ استنبول جي ٻئي دوري جي يادگار طور کڙو ڪيو ويو.
    هيءَ ڦوهارو جرمنيءَ ۾ ٺاهيو ويو ۽ ٽڪرن ٽڪرن ۾ ٽرانسپورٽ ڪري ۱۹۰۰ع ۾ هن هنڌ جوڙي کڙ و ڪيو ويو. هي ڦوهارو وقت جي سلطان عبدالحامد کي تحفي طور ڏنو ويو هيو ڇالاءِ ته ولهم ٻيو ترڪيءَ جي سلطان عبدالحامد جي مهمان نوازيءَ کان تمام متاثر ٿيو هئو. تحفي سان گڏوگڏ هي ٻن حاڪمن جي خوشگوار ناتن جو نشان آهي هن چبوتري کي اٺ ڪالم يا ٺلهه آهن، جڏهن ته ڇت اندران اڪريل گولڊن ڊزائن اٿس. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل اٿس. جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي ڪجهه ساعتون سڪون وٺڻو آهي ته گلن جي جهرمٽ ۾ جرمن ڦوهاري وٽ ويهي ڊگها ساه کڻي. مان يقين سان ٿو چوان ته سندس ٿڪاوٽ دور ٿي ويندي ۽ هو تازه دم ٿي ويندو. ڦوهاري جو سڀ کان وڌيڪ پرڪشش سندس قبو Dome آهي، جيڪو سائي رنگ جو آهي. ڦوهاري مان پاڻي نڪرندي نظر ڪونه آيو.


    سلطان احمد مسجد المعروف نيري مسجد

    سلطان احمد مسجد المعروف نيري مسجد

    گروپ فوٽو بعد اسان عظيم الشان نيري مسجد سامهون اچي پهتاسين. هڪ نَظر وجهڻ سان سندس نقشو اهڙو ته لاثاني لڳو، جو اوهان مدتن تائين ان کي وساري نه سگهندؤ. هونءَ ته هيءَ مسجد نيري مسجد جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي ته هن مسجد جو نالو سلطان احمد مسجد پڻ آهي، جنهن هيءَ جوڙائي هئي. مسجد جا ڇهه مينار آهن جڏهن اڏاوت پوري ٿيڻ تي سلطان احمد کي مينارن متعلق خبر پئي ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي وي،و ڇو ته انهن ڏينهن ۾ صرف مسجد حرام(مڪي پاڪ جي مسجد جيڪا حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي دور جي ٺهيل آهي) جي مينارن جو تعداد ڇهه هيو. جيئن ته مسجد جڙي راس ٿي چڪي هئي، ان ڪري ان مسئلي جو حل اهو ڪڍيو ويو ته هن مسجد جي مينارن ۾ تبديليءَ بجاءِ مسجد حرام ۾ هڪ مينار جو اضافو ڪيو ويو ۽ انهن جو ڪل انگ ست بيهاريو ويو. مسجد جي مرڪزي ڪمري تي ڪيئي گنبذ آهن، جن جي وچ ۾ هڪ مرڪزي گنبذ آهي جنهن جو قطر ۳۳ ميٽر ۽ بلندي ٽيتاليهه ميٽر آهي. مسجد ۾ شيشي جون ٻه سئو کان وڌيڪ دريون آهن ته جيئن قدرتي روشني ۽ هوا جو گذر رهي. رنگين شيشا اٽليءَ جي شهر وينس مان سلطان کي تحفي طور مليا، جيڪي ٽٽي پيا، انهن جي جگهه تي نوان شيشا فٽ ڪيا ويا آهن. مسجد اندر پنهنجي وقت جي مشهور خطاط سيد قاسم غباري جي قرآن مجيد جي خطاطي ٿيل هئي بلڪل ائين جيئن پاڪستان ۾ صادقين جا فنپارا آهن . مسجد جي طرز تعمير جي خاص ڳالهه اها آهي ته جمع جي نماز جي موقعي تي جڏهن امام خطبو ڏيڻ لاءِ اٿي ٿو ته مسجد جي هر ڪنڊ کان کيس آسانيءَ سان ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو. هن مسجد جي هر مينار تي ٽي ڇاڄا آهن جتان بيهي موذن پنجن وقتن جون آذانون ڏيندا هئا. اڄڪلهه اسپيڪر سسٽم ذريعي آذانون ڏجن ٿيون، جيڪي قديم شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ٻڌيون وڃن ٿيون. سج لٿي جي نماز تي هن مسجد ۾ مقامي باشندن ۽ سياحن جو وڏو انگ بارگاهه الاهيءَ ۾ سربسجود ٿئي ٿو. رات جو بلبن جون قطارون هن جي جاه وجلال ۾ اضافو ڪن ٿيون جيڪي ڇت ۾ لڙڪيل آهن. اڳ ۾ لڳل فانوس سون ۽ هيرن جواهرن سان سينگاريل هوندا هئا، جيڪي بعد ۾ يا ته هٽايا ويا يا ميوزيم ۾ رکيا ويا. يورپين سندس نالو Blue Mosqueان ڪري رکيو، جو درين جي اڌ حصي تائين ڀتين تي بلو ۽ اڇيون ٽائيلز لڳل آهن. شروع ۾ مسجد جي اڏاوت ۱۶۰۹ع ۾ آرڪيٽيڪچر صيدفڪار محمد آغاSedefkar Mehmet Agha جي نگرانيءَ ۾ شروع ٿي، جيڪا ۱۶۱۶ع ۾ مڪمل ٿي. مسجد جو افتتاح خود سلطان احمد ڪيو. مسجد اندرهڪ ڏيئو پڻ پاڻ ئي روشن ڪيو هيائين، جنهن جو ٻارڻ اڳتي هلي روايت بڻجي وئي. هيو استنبول ۾ جوتا مسجدن جي ٻاهر ڪونه رکيا ويندا آهن، پر پلاسٽڪ جي مختلف ٿيلهين جون مشينون لڳل آهن ۽ ٽشو پيپر جيان ڪوبه شاپر کي ڇڪي پنهنجو بوٽ ان ۾ کڻي مسجد جي زيارت ڪري سگهي ٿو. مسجد اندر پوءِ مرضي آهي ته هو ماڻهو ڪنهن سولي جڳهه تي شاپر رکي نماز پڙهي يا زيارت ڪري.
    مسجد اندران تمام ڪشادي هئي ۽ ڇت تي چٽسالي ٿيل هيس، جيئن ڪلهوڙا دور جون سنڌ ۾ ٺهيل مسجدون آهن. مسجد اندر ڪن عورتن ته Scarf مٿي تي رکيا هئا. باقي ڪافي ٽوئرسٽ عورتون Jeans ۾ لاپرواهيءَ سان گهمندي ڦرندي نظر آيون. مسجد جو اندروني ماحول نهايت ئي پرسڪون هيو. ڪجهه مقامي ماڻهن ته نماز پئي پڙهي ۽ ڪن هلڪي آواز سان قرآئت پيئي ڪئي، باقي ۹۰ سيڪڙو صرف مسجد گهمڻ ئي آيا هئا. فرش ڪارپيٽ سان ڍڪيل آهن، جيڪي مخير ماڻهن طرفان ڏنا ويندا آهن. ميري ٿيڻ يا فاٽي پوڻ جي صورت ۾matched ڪارپيٽ هڪدم مٽايا وڃن ٿا. مسجد سان لاڳاپيل مدرسا، بازارون، ڦوهارا ڏسڻ وٽان آهن. مسجد جو ٻاهريون صحن تمام ڪشادو آهي، پر فرش تي لڳل ماربل مختلف جڳهن کان ٽٽل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ناهموار پڻ آهي.
    پوپ بنيڊ ڪٽ (Pope Benedict XVI) ٽيهه نومبر ۲۰۰۶ع تي بلو مسجد ۾ آيو هيو. هتي هو جوتا لاهي، ٻن منٽن لاءِ اکيون ٻوٽي خاموش بيٺو رهيو. هن جي هڪ پاسي استنبول جو مفتي ۽ ٻي پاسي بلو مسجد جو امام هيو. هتان ٿي هو مڪي پاڪ ويو هيو، جتي هن خاموش عبادت ڪئي هئي.


    تاپ ڪاپي ميوزيم

    تاپ ڪاپي ميوزيم

    نيري مسجد بعد اسان کي Topkapi محل/ ميوزيم ڏسڻو هيو جيڪو اڏاوت، تاريخي بيهڪ، رهائشي، انتظامي توڙي مذهبي لحاظ کان اهم هيو. هي محل سلطانن جي سرڪاري رهاشگاهه هيو. محل کي سلطنت جي زوال بعد ميوزيم جو درجو ڏنو ويو ۽ ان ۾ موجود ناياب شيون ۽ نوادرات کي نمائش لاءِ رکي ميوزيم بڻايو ويو هيو. اسان جو قافلو پيرين پنڌ سندس مک دروازي طرف پهتو. هن محل کي ڏسڻ جي ٽڪيٽ ۲۰ ليرا آهي جيڪا پاڪستاني حساب سان هڪ هزار سٺ روپيه بيهندي. هتڙي ٻاهرينِ ۽ مقامي ماڻهن جي ڏاڍي رش آهي. مون انٽري ٽڪيٽ ورتي ۽ سنگت سميت مک دروازي مان داخل ٿي، محل جي ايوان ۾ اچي پهتاسين.
    Wonderful................. هڪ نئون جهان، هڪ سنهرو دور يا ڪو پرستان. هي محل ته خواب ۾ به قسمت وارن کي شل نظر اچي. ستر واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ٻاراڻي سائنسي ڊراما سيريل ۾، ٽيليفون بوٿ نموني هڪ شفاف ٽائيم مشين ڏيکاري ويندي هئي، جنهن ۾ پويان سال enter ڪري گذريل وقتن ۾ وڃي سگهبو هو. تاپڪاپي ۾ اندر داخل ٿيڻ سان ائين لڳندو ڄڻ ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا ۾ داخل ٿيو هجي. مان حيرت وچان محلات جي نقش و نگار جو جائزو وٺندي اهو به وساري ويٺس ته باقي سنگت مون کان اڳتي نڪري وئي هئي ۽ مان بلڪل اڪيلو، ڄڻ انصاف لاءِ. سلطان جي درٻار ۾ سين بيٺو هجان؟ ڪي پاسا اوسا ته اهڙا ڄڻ انگريزي ڀوائتين فلمن ۾Vampire يا رت چوسيندڙ بلائن جي بستي. ڪن هنڌن تي وري ائين محسوس ٿيندو ڄڻ آدمخورن جا ڦٽل آستان. باقي ڪافي حصا صاف سٿرا جن جي هر شئي ترتيب سان رکيل.
    هي محل ڪنهن دؤر ۾ سلطانن جو انتظامي مرڪز رهيو هيو. ۱۴۵۳ع ۾ جڏهن استنبول فتح ٿيو. ان وقت سلطان گرانڊ بازار (استنبول جي مشهور بازار) ڀرسان، هڪ ننڍي گهرڙي ۾ رهائش پذير ٿيو هو، جيڪو بايزيد Bayezid سڏرائيندو هو. بعد ۾ ۷۸-۱۴۷۵ع دوران هي محل ٺهي راس ٿيو ۽ سلطان ان ۾ منتقل ٿيو. پر سندس مرمت جو ڪم ان بعد به وقتن فوقتن ٿيندو رهيو ۽ محل جي خوبصورتي ڏيهان ڏينهن مشهور ٿي. محل ڏسڻ سان گذريل دورن جي ڪاريگرن جو ڪمال فن، پلاننگ سان جوڙيل عمارتن ۽ سلطانن جي ذوق ۽ اعلي سوچ کي داد ڏيڻ تي دل ٿي چيو. محلاتن ۾ هڪ حصي ۾ اسلامي نوادرات، پياري پيغمبرؐ ۽ خليفن جون تلوارون، هجر اسود مبارڪ جي ڪيسنگ، خانه ڪعبه جو سون سان جڙيل نيسارو، سندس قلف ڪنجيون نهايت ترتيب سان سجايا ويا آهن. ان کان سواءِ حضرت اويس قرنيءَ جي ٽوپي، حضرت ابراهيم عليه السلام جوپيالو، حضرت يوسف عليه السلام جو پهراڻ، حضرت موسيٰ عليه السلام جي لٺ ۽ شيشي جي شوڪيس ۾ رسول الله ؐ جي قدمن جا نشان، سندن ڏند مبارڪ، ٺپو ۽ جنگين ۾ ڦڙڪايل جهنڊا پڻ موجود آهن.
    محل اندر سلطانن جي اولاد جي تعليم ۽ تربيت لاءِ پڻ هڪ حصو نظر آيو ۽ سلطان جي آفيس پڻ ڏٺي سين، جتي انتظامي جوڙجڪ، ڪچهريون، صلاح ثواب ۽ فيصلا ٿيندا هئا. ڪجهه حصن تي جوڙيل بلاڪن ٻاهران ٻنهي پاسن کان ڀتين ۾ پاڻي جون نلڪيون لڳل هيون ۽ سندن منهن به چڱو خاصو وڏو هو. گائيڊ جنهن جو نالو اوڪتائي هيو ۽ مون کيس چغتائي پئي سڏيو، جي ڀرسان وڃي پڇيومانس ڏي ته خبر ڀلا مکيه آفيسن ٻاهران پاڻي جي وڏين ٽانڪين لڳائڻ جي ڪهڙي تُڪ هئي. منهنجي سوال جي جواب ۾ گائيڊ هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو. هن ٻڌايو ته جڏهن سلطان ڪابه خفيا گڏجاڻي رکندو هو يا ڪنهن سان ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ چاهيندا هيا، جيڪا ڪو ٻيو نه ٻڌي ته هڪدم پاڻي جي ٽانڪين جا منهن کوليا ويندا هئا. پاڻي جي شور ۽ گوڙ گهمسان تي ٻاهران بيٺل رعايا توڙي اندر اچي ويل ٿيندڙ خفيه يا ڳجهيون ڳالهيون ٻڌي نه سگهندا هيا ۽ جڏهن ڳالهه ختم ٿي ويندي هئي ته هڪ پاڻي بند ڪيو ويندو هيو، جنهن مان ظاهر ٿيندو هو ته هاڻي سلطان فارغ آهي. هي هڪ قسم جو حساس اداري وارو ڪم هيو، جنهن جو مقصد سائونڊ پروف ماحول پئدا ڪري حڪومت جي خفيه فيصلن کي ڳجهو رکڻ هيو.هن محل جي پکيڙ ۱۷۳ ايڪڙن تي آهي ۽ چوڌاري ڏنل ڪوٽ جي ڊيگهه پنجن ڪلوميٽرن تائين ٿيندي. ترڪيءَ ۽ سعودي عرب جي مسجدن جي باري ۾ هڪ ويبسائيٽ جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ته خانه ڪعبه ۽ مسجد نبوي کان سواءِ تاپڪاپي ۽ بلو مسجد کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي اسلامي زيارتن جون (3D three dimensional) تصويرون آهن. مون کي جڏهن به استنبول ياد ايندو آهي ته اها ويبسائيٽ www.3DMekanlar.com ڏسندو آهيان. حيدرآباد ۾ نوڪريءَ دوران ڪنهن ٻاهرين وفد کي هيرآباد ۾ ميرن ۽ صحافي ڪالونيءَ ۾ ڪلهوڙن جا مقبرا ڏيکارڻ لاءِ و ٺي ويو هيس. وفد جي ميمبر مون کان سوال ڪيو ته ڇا ڳالهه آهي جو جديد مشينون، بي انداز بجيٽ ۽ انجينيئرنگ جي مهارت باوجود پراڻيون عمارتون اڄ به شاهڪار آهن؟ مون کلي وراڻيو ته هي عمارتون ڪميشن بنا جوڙايل آهن، تڏهن اڃا تائين سلامت آهن.


    حرم

    تاپڪاپي ۾ عورتن جي مخصوص حصي کي حرم سڏيو ويندو هيو. مردن کي هن حصي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هن زنانخاني جو ڪنٽرول ۽ انتظام راڻي ماءَ جي هٿ وس هوندو هو. ٻڌايو ويو ته هتي ڏاڏي پوٽين کان علاوه مختلف ملڪن ۽ نسلن جون پٽ راڻيون ۽ ٻيون بلا جون حسين عورتون رهنديون هيون، جيڪي سلطانن جي هڪ نگاه جون منتظر هونديون هيون، جن مان ڪجھه نڪاح ۾ ورتل، ڪجهه سنگتياڻيون، ڪي تحفن ۾ مليل، ڪجھه فتوحات وقت هٿ ڪيل ۽ ڪجهه مخصوص دلبريءَ لاءِ ترسايل هيون. ڪنهن هنڌ پڙهيو هيم ته عورتن جي هن جزيري ۾ موجود حور پرين سان سلطان سلامت حياتي ۾ مشڪل سان ڪو هڪ دفعو ئي انصاف ڪري سگهيو هيو. ته سوال اهو آهي ته پوءِ بقايا حياتي اهي sex symbol سندريون ڪهڙي ذهني ۽ بدني ڪيفيت مان گذرنديون هونديون؟ سندن ڪشش ۽ جنسي ڇڪ مان سندن ارد گرد منڊلائيندڙ ڪاري نسل جا خدمتگار، نوڪر چاڪر ۽ سڊول بدن وارا محافظ ڪيترو محفوظ رهيا هوندا؟ باغن ۾ جهولا جهوليندڙ ۽ گلن جي جهڳٽن ڀرسان هوائن مان لطف اندوز ٿيندڙ قيدي حسينائن جي دلين ۾ ڪهڙي قسم جون حسرتون جنم و ٺنديون هونديون. عين ممڪن آهي ته امداد حسيني جي شعر وانگي،
    ”لڪي ۽ ڇپي شام ويلي ٻه پاڇا انهن وڻن جي ڇانون ۾ ملندا ته هوندا؟“
    رات جي سناٽي ۾ ڪٿي ته سنجوڳ ٿيندو هوندو ۽ اڃايل اساٽيل دلين ڪٿي ته هڻي هنڌ ڪيو هوندو؟ شديد خواهش جي نپوڙ جي انهن حويلي جي رازن جي ڪنهن کي خبر هوندي؟ ڪير پڪڙيو هوندو، ڪير ڦٻي ويو هوندو؟ ڪنهن ته وٿين مان هڪ اک سان جهاتي وجهي پاڻي سان کيڏندڙ ڪنهن اڪيلي من چلي جون حرڪتون ڏ ٺيون هونديون؟ حرم اندر ۰۸ تمام وڏا حمام، ۴۶ غسلخانه، ۽ چار سئو ڪمرا هئا. مون ترڪيءَ جي ڪتابن ۽ انٽرنيٽ تي ڪافي اهڙيون حرم جون خيالي پينٽگس paintings ڏٺيون، جن ۾ الف نانگيون عورتون حرم جي swimming pools اندر ۽ چوڌاري بيٺل نظر آيون. ان کان علاوه سيج پلنگن تي پڻ سونهن راڻيون ڪپڙن کان بي نياز ستل نّظر آيون. مان سوچيام ٿو، ته سواءِ نڪاح جي نام نهاد رشتي ۾ قيد چند راڻين کان سواءِ باقي ناجائز ۽ زبردستي واڙيل ناريون به ڪنهن دور ۾ ڪنهن کان و ڇڙيون هونديون، سندن مداح ۽ پريمي پتو پڇائيندا پڇائيندا تاپڪاپي جي ديو قامت ديوارن ٻاهران آيا هوندا ۽ دربانن هٿان شديد تذليل بعد اڇلايا ويا هوندا. ڪي آسرو لاهي ويٺا هوندا ۽ ڪي يادن جي سهاري هوندا، ته پوءِ ڇا تاپڪاپي ۾ باندي بڻيل عورت پٿر جي پوتر مورتي بڻجي وئي هوندي ۽ ڪنهن کي ڪجهه به ياد نه هوندو؟
    مون انٽرنيٽ تي گوگل بوڪ جي ويبسائيٽ تي حرم بابت هڪ ڪتاب پڙهيو هو، جنهن جو نالو Dance, sex and gender: (Signs of identity, dominance, defiance and desire) هو، جيڪو لين حنا Judith Lynne Hannaجو لکيل هو. هي ڪتاب شڪاگو يونيورسٽي پريس جو ڇپايل هو. هن ۾ ليکڪ ۵۹ صفحي تي حرم جي ڪارگذارين تي لکي ٿو :
    At the Topkapi Harem, concubines danced for the Sultan and for each other. Norman Penzer (۱۹۵۲) suggests that many of the women may have been lovers. When the dance was part of religious ceremony, women themselves barred men from seeing it. In the Harem the dance became an art performed by women largely for their own sex in seclusion, only this time the seclusion was enforced by men. Female dancers from outside the Harem were brought into entertain the men and Harem women, who learned some new dances or techniques from these strangers.
    مسٽر جي اي ڪڊن (J.A.Cuddon) پنهنجي ڪتاب ”استنبول“ ۾ حرم جي باري ۾ لکي ٿو ته
    ”حرم پنهنجي پيچيده رسمن، آدابن سان گڏ و گڏ هڪ انتهائي منظم سلطنت آهي. خود سلطان کي به انهن رسمن ۽ آدابن جو پابند رهڻو پوندو هو. حرم تي هر لحاظ کان سلطان جي ماءُ جي حڪمراني هوندي هئي. هتي ڪنيزن جون مختلف درجاcategories هئا، انهن مان ڪجهه ته چونڊ ذريعي ”خاص“ ليکبيون هيون، باقي ٻيون ”عام“. ڪي ڪي خاص ئي سلطان جي بستري جي زينت بڻبيون هيون.جيڪا داشته پنهنجي حسن ۽ ادائن سان سلطان کي پنهنجو ڪندي هئي ان کي منظور نظر چيو ويندو هو. ان کي خاص مراعتون، نوڪرياڻيون، رهڻ لاءِ ڪشادو سجايل ڪمرو ۽ ٻيون سهولتون ملنديون هيون. جڏهن سلطان جو سڏ ٿيندو هو ته ان کي تياري جي هڪ ڊگهي ۽ ڏکيي مرحلي مان گذرڻو پوندو هو. جڏهن اها سلطان وٽ رات رهي ايندي هئي، ته ان کي ”اقبال“ پڪاريو ويندو هو. شاهي خواب گاه ۾ ان جي آمد کي خفيه رکيو ويندو هو. شاهي عشرت گاه ۾ مختلف قسمن جا قوت بخشيندڙ مشروب، خشڪ ميوو، مڌم روشنيون ۽ هر اهو بندوبست ڪيو ويندو هو جيڪو سلطان جي رات کي يادگار بڻائي.
    جي، اي ڪڊن وڌيڪ لکي ٿو: ۱۵۹۹ع ۾ مراد جي حرم ۾ ٻارهن سئو عورتون موجود هونديون هيون.تاهم اها خبر نه پئجي سگهي ته انهن منجهان ڪيتريون، ڪيترا دفعا ”اقبال“ هجڻ جو اعزاز ماڻي سگهيون. راڻيءَ ماءُ جي ڪابينا ۾ ڪو حمامن جو نگران، ڪو لباسن جو ڪاريگر، ڪو ٽيبل تي کاڌا سجائڻ جو ماهر ته ڪو قهوه ۽ چاءِ جو استاد، ڪو مولوي ته ڪو شين جي ترتيب جو ڊزائينر. حبشي گارڊ يا خواجه سرا سلطان جي امڙ جو سڄو هٿ هوندو هو. ڪارن خواجا سرائن سان گڏوگڏ ڀورا خواجا سرا به هوندا هئا. ڪارا خواجا سرا صرف حرمن تائين محدود هوندا هئا پر ڀورا ڪرتا ڌرتا هوندا هئا. اهي سلطانن جا خاص چمچا ۽ محل جي اسڪول جا انچارج هوندا هئا. انهن وٽ اهم عهدا هوندا هئا. رياست جي معاملن ۾ انهن جو عمل دخل هوندو هئو. اشتقاقي اعتبار کان ”خواجا سرا“ جو مطلب آهي خواب گاه جو خادم. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته مرداني عضوي جي محرومي جي شروعات مصر کان سزا طور ٿي هئي. باقي ماڻهن يوناني نامرد ماڻهن جو سراغ لڳايو هو جن کي گهريلو ڪنوارين ڇوڪرين جي تحفظ لاءِ مقرر ڪيو ويندو هو. جي اي ڪڊن لکي ٿو ته ڪجهه ته اهڙا به هوندا جيڪي پئدائشي کدڙا هوندا آهن ڪن کي کدڙو ڪيو ويندو آهي پر ڪجهه اهڙا به ملن ٿا جيڪي خداوند ڪريم جي خوشنودي لاءِ پاڻ کي کدڙو ڪري ڇڏيندا آهن. مذهبي مفروظن جي اعتبار کان کدڙا فقير ولي هوندا آهن ۽ سڌا جنت ۾ داخل ڪيا ويندا. ڪجهه مذهب ائين به چون ٿا ته ان وقت تائين ڪو پادري نه ٿو بڻجي سگهي جيسيتائين اهو پاڻ کي خصي نه ٿو ڪري. لوسيان پنهنجي ڪتاب (Dialogue of Eunuchs) ۾ شام جي بادشاه جي درباري نوجوان جو قصو بيان ڪري ٿو ته جنهن کي ملڪه عاليه سان هڪ ڊگهي سفر تي وڃڻ جو شرف حاصل ٿيو. ظاهر آهي هڪ پوڙهو بادشاه جيڪو دوائن جي زور تي صحبت ڪري راڻي کي بيزار ڪندو هوندو، جي جاءِ تي هڪ نوجوان همسفر، ويجهڙائي جا موقعا، ڏک سک جا احوال، گهمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، جا ڳ ۽ ننڊ هڪ هنڌ، ڪجهه نه ڪجهه ته ٿيندو؟ جي ڪا غلطي ٿي ته انجام اهڙو جو ڪو به غلام اهڙي غلطي جو تصور به نه ڪري سگهي. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان نوجوان پنهنجي نفس کي ڪٽي هڪ پيٽي ۾ بند ڪري بادشاه آڏو پيش ڪيو.اخبارن ۾ اڄ به قصا عام جام آهن ته فلاڻي ڳو ٺ جي هڪ نوجوان پسند جي شادي نه ٿيڻ تي پاڻ کي خصي ڪري ڇڏيو.
    حرم جي زندگي هلي هلي تمام بور ۽ بي رونق ٿيندي ويندي هئي.اتي نواڻ نالي ماتر هوندي هئي. شديد بوريت ڪڏهن ڪڏهن وڏين غلطين کي جنم ڏيندي هئي. ان صورت ۾ ڪارو حبشي محافظ پڪڙجي پوندڙ کي ماليءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو جيڪو انهن کي ٻورين ۾ پٿرن سان گڏ بند ڪري سبي ڇڏيندو هو. ۽ پوءِ انهن ٻورين کي باسفورس ۾ ٻوڙيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته سلطان جو به سا ڳين سا ڳين چهرن مان پيٽ ڀرجي ويندو هو. سترهين صدي ۾ سلطان ابراهيم سموري حرم جي عورتن کي لوڙهائي ڇڏيو هو. هي تقريبا هڪ هزار عورتن کي ٻوڙي مارڻ جو سانحو هو. هڪ دفعي هڪ ٽوٻي باسفورس ۾ ٺيڪ ان جڳهه تي غوطو لڳايو ته هن تري ۾ ڇا ڏٺو ته ڪافي ٻوريون اُڀيون بيٺل هيون ۽ سندن مٿيان حصا لڏي لمي رهيا هيا. مڇين جي چڪن ۽ پٽڻ ڪري ڪجهه ٻوريون ڪن حصن تان ڪٽيل هيون ۽ عورتن جا سجيل چهرا چٽا نظر اڃي رهيا هئا. ٽوٻي کي اهو خوفناڪ منظر ڏسي، شايد پوري زندگي ننڊ ۾ اهي جهومندڙ لاش ئي لاش نظر آيا هوندا. ٻورين ۾ سبيل عورتن جي پيرن واري حصي کي پٿر ٻڌڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري، اهي دل ڏاريندڙ منظر پيش ڪري رهيون هيون. سلطان ابراهيم بدڪاري جي بلندين يا پستين تي پهچي چڪو هو. جڏهن هو جنسي ديوانگيءَ ڪري کوکلو ٿي ويو ته هن ايتريون ته شهواني دوائون استعمال ڪيون جو هو ديوانگيءَ ۽ حوس جي آخري حدن کي ڇهڻ لڳو هڪ دفعي هن هڪ حيرتناڪ عياشي جي حرڪت ڪئي، هن سمورين ٻانهين کي ننگو ڪري ويجهو ويجهو بيهاري ڇڏيو ۽ انهن جي وچ ۾ گهڙي سوڙه ۾ ننگن جسمن جي گرمي جو سرور و ٺندو رهيو. جيئن ٻڪرين ۾ ڪو جهور پڪو ڪاهي پيو هجي پر سواءِ ٻڙڪڻ جي ڪو ٻوٽو نه ٻاري.
    هتي هڪ انتظامي بلاڪAdministration Block پڻ آهي، جنهن جي باري ۾ جي اي ڪڊن پنهنجي ڪتاب ”استنبول“ ۾ وڌيڪ لکي ٿو: ”مودي خانو يا اسٽور جتي هاڻي حرم سرا جي ڊائريڪٽر جا دفتر آهن، هتي هر شيءِ ذخيرو ٿيندي هئي، زهر کان وٺي آچار مربي تائين ۽ خاص ڪري جنسي سگهه وڌائڻ واريون دوائون. اهو به ممڪن آهي ته دواخانو هن سان لڳو لڳ هجي.
    سترهين صديءَ جي پهرين نصف حصي ۾ مائيڪل باويئر آف لينگڊاڪ ٻڌايو هو ته محل ۾ ارڙهن تيل ٺاهيندڙ هوندا هئا، جن جي مدد ۾ ٽي سئو ڇوڪرا هر وقت حاضر هوندا هئا. انهن ۾ چار ماهر هوندا هئا، جن جو درجو ٻين کان مٿي هوندو هو جن کي ”مقدم“ چوندا هئا. انهن جا ڪمرا ڪشادا هوندا هئا، جتي جهجي مقدار ۾ تيل، شربت، ملم، عرق، جسم جي مخصوص حصن جا جلد اثر ڪندڙ تيل، موجود هوندا هئا. هتي چار وڏا ڪمرا هوندا هئا جيڪي دوائن سان سٿيل هوندا هئا. ان جي هيٺان باغ جي ڀر ۾ به ٻيا ڪمرا هوندا هئا جتي مختلف شين جو عرق ڪڍيو ويندو هو. مائيڪل باويئر آف لينگڊاڪ وڌيڪ لکي ٿو:
    مگر انهن سڀني ٿانون ۾ انهن معجونن جي وچ ۾ اهڙي ڪابه دوا موجود نه هئي، جيڪا شهزادن لاءِ هجي هو هڪ عمده جملي ۾ سندن جذبن جي دٻجڻ جو ذڪر ڪري ٿو: ”اهي سندن تفريح تي مسلط هئا، انهن جي شخصيت جي لاءِ شايان شان سرگرمين ۾ خلل انداز هئا ۽ انهن کي اٻاڻڪو، اداس ۽ پريشان رکندا هئا، جنهن جي ڪري اهي پنهنجي غلامن جا غلام بڻيل هئا. هو پنهنجو وجود وساري انهن ۾ سمائجي ويندا هئا.
    جتي مقدم ۽ مالشي ۽ سندن غلام پنهنجي آقا کي شهوت جي تسڪين لاءِ دوائن جا انبار لڳائي ڇڏين ۽ پنهنجي مالڪ جي شباب ۽ جوانيءَ لاءِ کدڙن جي پاشاب تائين هر شئي مهيا ڪري ڏين، اتي خادمن، خزانچين،اردلين، بورچين، ڌوٻين ۽ حجمن جي ته ڀيڻي ئي نه هوندي
    جيل ته جيل هوندو آهي. پوءِ جنسي حوس مارڻ لاءِ سلطانن جو تعمير ڪرايل هي جنت نما جيل هجي يا سنڌ جي ڪا حويلي، جتي مرشد مريداڻين جي عصمت لٽڻ لاءِ آتا هوندا آهن. حرم ۾ جتي هزارن جي تعداد ۾ عورت ذات هوندي، سا به وڻ وڻ جي ڪاٺي، اتڙي نوڪ جهوڪ، چٽا ڀيٽي، اختلافات، تکيون مٺيون ڳالهيون، جهيڙا جهٽا ۽ تڪرار ڪيترا نه تيز ۽ خّطرناڪ هوندا؟ ملڪي، غير ملڪي، شرعي، مذهبي ۽ نج انتظامي معاملن حل ڪرڻ جا ماهر، تلواربازي جا جادوگراهي تيزترين سلطان، زبان دراز زالن جي ذهني دٻاءَ جو سبب بڻجندڙ مسئلن، طعنن ترڪن، مهڻن ۽ الرن کان ڪيئن آجا هوندا؟ ڪنهن ڪنهن کي ورنائيندا هوندا ۽ ڪنهن کي چپ ڪرائي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿيندا هوندا. ڪنهن سان اکيون ملائيندا هوندا ۽ ڪنهن کي اک ڏيکاريندا هوندا. هن قسم جي شاهي محلن کان وٺي عربن جي عياشگاهن تائين، شهنشاه ايران جي شاه خرچيءَ کان وٺي برونائيءَ جي سون ۾ طورجندڙ ملڪائن تائين مسلم ملڪن اندر موجود اهي ما ڳ عام و خاص لاءِ کولي اسان کي سندن اخلاق جي اورانگهيل حدن ۽ ذهنيت بابت ته ٻڌايو وڃي ٿو پر هاڻوڪي وقت جي اسرندڙ ۽ غريب ملڪن جي حڪمرانن ۽ صدور جا ايوان lavish رهڻي ڪهڻي ۽ extravagant عادتون، مهانگيون سواريون، قيمتي لباس ۽ تم تراق به ته ڪڏهن ماضيءَ جو قصو بڻجي ويندا. ڪجهه صدين بعد جڏهن اهي به عام و خاص لاءِ کوليا ويندا ته يقينن انهن کي گهمڻ بعد اسان جو ايندڙ نسل عجب مان چوندو ته اسان جا اڳوڻا حاڪم ڪيڏا نه غيرمهذب هيا............
    هونئن ته سموري تاپڪاپي جو چپو چپو ڪيمرا جي اک سان قيد ڪرڻ تي دل چوندي، پرڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ موزون جڳهه افتار پويلين آهي. هتڙي سلطان، رمَضان مهيني جي سرمئي شامن ۾ افتاري ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سلطان خوشگوار موڊ ۾ هلڪيون فلڪيون تقريبون پڻ منعقد ڪرائيندا هئا، جتي انعامن و اڪرامن جي محفلن منجهه سونن سڪن، هيرن لال جواهرن جا مينهن وسندا هئا. هن جگهه تان محل جي چوڌاري هڪ وسيع و عريض سمنڊ نظر آيو ۽ جنهن جي ڪناري تي آبادي پڻ ڪشش ڏ ياريندڙ هئي. پويلين جي وچ ۾ هڪ اوچو ڦوهارو آهي. جنهن مان نڪرندڙ پاڻيءَ ڦڙا تيز هوا تي سياحن تي شاور ٿي وسن ٿا. تاپڪاپي اندر plantation ۽ بي مثال باغيچن ان جي سونهن کي نکاري ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته تاپڪاپي فن تعميرات جو فن پارو يا Masterpiece آهي، جنهن جي دروديوار تي عثمانيه سلطنت جا نقش چٽيل آهن.
    مان هڪ باغيچي ۾ رکيل بينچ تي ويهي ڪجهه دير لاءِ اکيون ٻوٽيان ٿو. اهو ڪهڙو ته زبردست دور هوندو جڏهن بنو اُميه، عباسي ۽ فاطمي دورن کانپوءِ خلافت عثمانيه مسلم اُمه لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي اُڀري هوندي. عام انسانن کان عّظيم ترالله جي پيغمبر جي رحلت، چئن يارن جي چوياريءَ بعد امير معاويه جي اولاد يزيد ڪربلا ۾ ڪيس ڪري اسلامي دنيا جو نام نهاد اڳواڻ بڻيو هوندو ۽ ظلم، تشدد ۽ اقرباپروريءَ جا اڻکٽ سلسلا شروع ٿيا هوندا، جيڪي مروان تي ختم ٿيا هوندا ۽ تنهن بعد پنجن صدين تائين عباسي بغداد ۾ عروج تي هوندا.
    ترڪي جو ڪيس بلڪل مختلف آهي، ڇو ته ترڪي ۾ عباسي دور ۾ ئي سلجوقي ترڪن پنهنجي الڳ رياست قائم ڪري ورتي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ رومين، سلجوقي ترڪن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بهادر ترڪ کين سڀ ملهون ماري سوڀارا ٿيا.وقت جي سلطان بعد ۾ سليمان خان کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. سليمان خان جي وفات بعد سندس پٽ ارتغرل خان (Artaghral Khan)سندس جان نشين هيو، جنهن کي ان ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. ارتغرل خان جي وفات بعد سندس پٽ عثمان خان ۱۲۸۸ عيسوي ۾ تخت تي ويٺو. اهڙيءَ طرح سلجوقي سلطانن جي حڪومت جو سلسلو هلندو رهيو.سلطان غياث الدين ڪيخسرو (Sultan Ghiasuddin Kaikhusro) ڪمانڊر ان چيف عثمان خان جي شجائت، ذهانت ۽ بهادري کان تمام مرغوب هيو، ان ڪري هن پنهنجي ڌيءُ جو سڱ عثمان خان کي ڏنو. سلطان غياث الدين ڪيخسرو ۱۲۹۹عيسوي ۾ گذاري ويو، کيس پٽ جو اولاد ڪون هيو، ان ڪري سندس نياڻو عثمان خان تخت تي ويٺو.سلطان عثمان خان پنهنجي ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ سان حڪومت ڪندو رهيو. هتان کان ئي خلافت عثمانيه جي باظابطه شروعات ٿئي ٿي. سلطان عثمان خان ان وقت جي مسلم دشمن قوتن جهڙوڪ رومين ۽ ٻين سان مهاڏو اٽڪايو. سلطان عثمان خان ۱۳۶۶ عيسوي ۾ وفات ڪئي. ۱۳۸۹ عيسوي ۾ سلطان بايزيد يلدرام جي سلطنت ۾ يورپ جا ڪيئي حصا جيئن يونان، آسٽريا ۽ هنگري قبضي ۾ هيٺ آيا.


    تيمور لنگ

    تيمور لنگ

    بدنامه زمانه، وحشي صفت فاتح تيمور لنگ پڻ ترڪيءَ کي ٽانڊا ڏنا. رومين ڪنهن وقت تيمور لنگ کي سلطانن سان ويڙهائڻ جو سوچيو، ڇوته هو پاڻ مقابلو ڪرڻ جو ست نٿي ساري سگهيا.انهن ڏينهن ۾ تيمور لنگ دمشق، دهليءَ کانپوءِ يورپ جو ٻيڙو ٻوڙڻ لڳو هو. معمولي شڪل شبيهه وارو، هڪ ڄنگهه کان منڊو، پهريائين ته پنهنجي قبيلي جو سردار ٿيو ۽ هڪ ويڙهاڪن جو لشڪر تيار ڪيائين. بعد ۾ هو غليظ ذهنيت کڻي دنيا کي فتح ڪرڻ نڪتو. هن بلخ فتح ڪرڻ بعد ايران، عراق مان ٿيندو، او ڀر ترڪيءَ تي ڪاهه ڪئي. هو ۱۳۹۸ع ۾ دهليءَ ۾ آيو. هن ثمرقند کي پنهنجو هيڊڪواٽر بڻايو. ۱۴۰۱ عيسوي ۾ هن بغداد کي کنڊر بڻائيندي اسفحان ۽ افغانستان ۾ تباهي مچائي. هي غليظ ذهنيت وارو معذور، تمام سفاڪ ۽ بي رحم هيو. ايسيتائين جو سندس آبائي ملڪ روس جي رڪارڊ ۾ هن جو تذڪرو چڱن لفظن ۾ ڪون ڏنل آهي. هينئر ازبڪستان ۾ هن کي ڪجهه عزت جو مقام ڏياريو ويو آهي.
    امير تيمور لنگ تبريز رستي ترڪيءَ ۾ دا خل ٿيو هو. سلطان بايزيد يلدرام کي جڏهن ان ڪاهه جي خبر پئي، ته ان وقت هو مشرقي يورپ جي محاذ تي مصروف هو. پر خطري محسوس ڪندي هو برسا موٽي آيو ۽ ۱۴۰۲ع ۾ هن فوجي طاقت سهيڙڻ شروع ڪئي، ته جيئن تيمور لنگ جو مقابلو ڪري سگهي. هن بهادر، ماهر جنگجو بٽالين کي جنگ ۾ دفاع لاءِ چتاءَ ڏئي ڇڏيو. هن پاڙيسري ملڪن مان به عسڪري مدد حاصل ڪئي هن سان ترڪن کان سواءِ، يورپي فتح ڪيل علائقن جا سپاهي به هر وقت ساڻ رهڻ لڳا. سلطان فتح ڪرڻ جو عادي هو . کيس فوج تي مڪمل اعتماد هو. هو over confident ۽ انهن تي گهڻو ڀاڙيندڙ هو. غرور۽ تڪبر ڪري هن جو مٿو گهڻو خراب هو، ان ڪري مستيءَ ۾ تيمورلنگ تي اک ڪانه ٿي ٻڏس. هو عيش و عشرت محفلن سجائڻ ۾ محو هو. هي سڪون ۽ آرام جي اگهور ننڊ ۾ ستل هو ۽ ٻئي طرف تيمور لنگ ا ڳتي وڌندو ٿي آيو. سلطان کي وڏي خوش فهمي هئي ته هن وٽ بري فوج جا اهڙا دستا آهن جو هن بيوقوف منڊي جون وايون بتال ڪري ڇڏيندا. هن برسا ڇڏي انقره اڳيان درياهه پار ڪري پنهنجي پيش قدمي روڪي ڇڏي. هن کي سٺ ميلن جيradius اندر تيمورلنگ جي موجودگيءَ جو اطلاع ملي چڪو هو، ان کانسواءِ هن جاسوس پڻ پکيڙي ڇڏيا هئا. هاڻي هو آخري معرڪي جو انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان ابتي ڳڻپ ۾ مصروف هو. هوڏاهن تيمورلنگ ان جاءِ تان هڪ جهلڪ ڏيکاري جو غائب ٿيو ته وري ظاهر نه ٿيو. هتي سلطان کي محسوس ٿيو ته هن جو مقابلو ڪنهن سڌي سنئين بهادر نه، پر هڪ چالاڪ ۽ عيار قسم جي ماڻهو سان آهي. هاڻي سلطان جي جنگي تجربي جي ابتڙ ڳالهيون نروار ٿيڻ لڳيون. سلطان پنهنجي هڪ هوشيار پٽ سليمان کي هڪ دستي سميت ان علائقي ڏانهن اماڻيو ته ڏسي اچي ته تيمور لنگ ڪاڏي غائب ٿي ويو آهي. شهزادي سليمان پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته تيمور لنگ چال کيڏندي، هتان کسڪي ويو آهي ۽ هينئر سندس ر خ انقره طرف آهي. جنگين جي پروٽوڪال کان قلابازي کائيندي، تيمور لنگ محاذ مٽائي سلطان لاءِ نيون مشڪلاتون برپا ڪري رهيو هو. تيمورلنگ اهو به سوچيو ته سڌي طرح ميداني جنگ ۾ کيس فتح ڪونه ملندي، ان ڪري هو درياهي ڪپر وٺندو اڳتي وڌندو ٿي ويو. ٻئي طرف سلطان جو لشڪر هو، جيڪي ماحول کي سمجهي نه پئي سگهيا. تيمور لنگ وري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ فوجن کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. هتي هن پنهنجي فوج سان مشاورت شروع ڪئي. هن ٻڌايو ته هاڻي هنن وٽ ٻه رستا آهن، هڪ ته هتي پناهه و ٺي آرام ڪجي ۽ گهوڙن کي پاڻي ۽ داڻو کارائجي يا وري تباهيون برپا ڪندا اڳتي وڌندا هلؤن ته جيئن ترڪ فوج اسان جو پيڇو ڪري. ترڪ صرف ميداني جنگين جا ماهرآهن، گهڻو پنڌ ڪرائبن ته نيٺ ڪاٿي ٿڪبا. هتي تيمور لنگ اعلان ڪيو ته هو انقره تي چڙهائي ڪندو، پر هن رستو ئي ٽيون ورتو. هن جي خوشي جي انتها نه رهي جڏهن هن کي اهو ٻڌايو ويو ته انقره ئي هن وقت سلطانن جو سڀ ڪجهه آهي. هن پنهنجي لشڪر جي رفتار تيز ڪري ڇڏي ۽ صرف ٽن ڏينهن ۾ سؤ ميلن جون مفاصلو طئي ڪري انقره پهچي ويو. هن شاطر دماغ واري جنگجو ٺڳ انقره ويجهو پهچي سانت واري حالت اختيار ڪئي ۽ حملو ڪرڻ ٺيڪ ڪونه سمجهيائين، بعد ۾ هن جي ذهن ۾ هڪ چال آئي ۽ قدم روڪي هڪ بهترين جڳهه جي چونڊ ڪندي، ان جي چوطرف هڪ کاهي کوٽائڻ شروع ڪري ڇڏيائين. جنهن رستي کان سلطان جو لشڪر اچڻو هو، ان طرف کان درياهه ۾ گند اڇلائي لٽيندو رهيو. جڏهن سلطان جو ٿڪل لشڪر جن کي سموري رستي ۾ تباهي کان سواءِ ڪجهه به نه مليو هو سو پاڻي به بند ٿيندو ڏسي بلڪل همٿ هاري ويٺو. جڏهن انقره ڏانهن ٿي ويا ته به پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ کين تاتارين کي ڪراس ڪرڻو پيو پوي. ترڪن جي لشڪر ۾ هاڻي وڙهڻ جو ست نه رهيو هيو. هوڏاهن تيمورلنگ جو لشڪر چاڪ چوبند هو. ظاهري طور تيمورلنگ پنهنجين چالبازين سان بغير تلوار هلائڻ جي جنگ کٽي چڪو هو. ميدان ڇڏي ڀڄڻ سلطان جي غيرت ۽ شان جي خلاف هو. ترڪ سپاهي اُڃ ۽ بک کان بيحال هئا ۽ تيمور لنگ انهن کي پنهنجي مرضي جي ميدان ۾ بيهاري ڇڏيو هو. عثمانيه لشڪر اڳتي وڌيو، تاتاري سندن وار لاءِ منتظر هئا.هي تاتارين جي کٽيل جنگ هئي جنهن ۾ تيمور لنگ گهوڙي تي چڙهڻ به مناسب نه سمجهيو. هي هڪ قسم جي ڪربلا واقعي جي نئين جهلڪ هئي، جنهن ۾ هڪ طرف اُڃيا ۽ بُکيا ترڪ هئا ۽ ٻي طرف هشاس بشاش تاتاري. جنگ جو طبل وڳو، ڏسندي ئي ڏسندي فوجين جون منڍيون ائين زمين تي ڪرڻ لڳيون ڄڻ ڪنهن انساني منڍين جي وڻ کي ڌوڻو ڏنو ويو هجي.ترڪي لشڪر جي حالت زار ڏسي تيموري لشڪر جا حوصلا اڃان به بلند ٿي ويا. رت سان درياهه ريٽجي ويا، هرطرف نعرن، سسڪين ۽ ڪوڪن، الرن کان پوءِ گهري سانت ٿي وئي.جنگ جو فيصلو ٿي چڪو هو. هاڻي سلطان به ڪک پن ٿيڻ لڳو، پر هڪ تيموريءَ ان کي سڃاڻي ورتو ۽ هڪدم تلوار سان سندس گهوڙي جي هڪ ٽنگ ڪٽي ڇڏيائين. سلطان پڪڙجي پيو. تاريخ گواه آهي ته جڏهن سلطان کي تيمور لنگ جي حضور ۾ پيش ڪيو ويو ته ان وقت هو شطرنج کيڏي رهيو هو. جڏهن هن سلطان جو ٻڌو ته خيمي جي در تائين وڌي آيو ۽ ان جو استقبال ڪيائين. بعد ۾ هن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو ۽ فخر مان چيائين: ”خدا دنيا جي حڪومت هن لنگڙي کي بخشي آهي“. تيمورلنگ سلطان کي هڪ پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. هن ظالم فاتح، سلطان بايزيد يلدرام کي شڪست بعد کيس قيد جو عذاب ڏنو ۽ نفيس سلطان بايزيد يلدرام اُتي ئي مري ويو.
    منهنجو ذهن اهو سوچي تيمور لنگ کي داد ڏيڻ ٿو چاهي، ته سرزمين ترڪي، جيڪا هتان جي مڃيل فوج جي Home pitch هئي. هنن کي جابلو، سامونڊي، خشڪ، نروار يا ڳجها رستا گهپ اونداهي ۾ به چٽا نظر ايندا هئا اهي ڪيئن ڀٽڪجي ويا؟ ڇو انهن جي مت مارجي وئي؟ ٻئي طرف هڪ ٻاهريون لشڪر، جيڪو پوري طرح سان رستن مان سونهون به نه هو، نه ان وقت ڪو جديد (G.I.S SYSTEM) مروج هو ۽ نه ئي ڪو سيٽلائيٽ جي رهنمائي. پوءِ ڪيئن هنن ترڪن جو گهيروتنگ ڪري کين مات ڏني؟ واقعي جنگ هڪ آرٽ آهي. جيڪا وڙهي ته ميدان ۾ ٿي وڃي، پر ان جي رٿابندي ذهن ٿو ڪري ذهن ئي جنگ کٽي ٿو.
    ۱۴۵۱عيسوي ۾ جڏهن سلطان محمد ٻيو اقتدار ۾ آيو ته ان لاءِ وڏي ۾ وڏو خطرو رومن شهنشاهيت ۽ سندن عيسائيت جو پرچار هيو. سلطان محمد ٻئي جي اچڻ سان رومين جو هيانءُ ڇڄي پيو. هر دور ۾ سلطنت عثمانيه رومين لاءِ اک ۾ ڪنڊو رهي هئي. هنن ڏکيي وقت کي منهن ڏيڻ لاءِ ثمر ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو. ان لاءِ رومين پنهنجن ڀرپاسي جي عيسائي رياستن مان جنگي ٻيڙا ۽ ٻيو اسلح ميڙڻ شروع ڪيو. آهستي آهستي هنن بندرگاهن کي مظبوط زنجير جو ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. سندن ناپاڪ ارادن جي مسلمانن کي خبر پئجي وئي. رومين جي چالبازيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مظبوط جوڙجڪ ڪرڻي هئي، ڇو ته جديد اوزارن سان ليس جنگي ٻيڙا ۽ چاڙهيل ڪڙي کي بي اثر بڻائڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻو هيو. ان لاءِ چئوطرف کان سروي ڪرائي وئي ۽ مشاورت ڪئي وئي. بندرگاهه پويان ڏهه ميل جابلو قطار هئي . هي اڪيلو رستو هيو جنهن وسيلي ان آفت کي منهن ڏئي سگهجي پيو. سامونڊي جنگين جي تاريخ ۾ڪٿي به اهڙو شاندار مثال نه ٿو ملي. مسلمانن انهن جبلن وچ ۾ وڏا وڏا تختا رکي، انهن کي تيل سان سلپري ڪري ڇڏيو. هاڻي ٻيڙن کي انهن تختن تان ٽپائي، گولڊن هارن ۾ لاٿو ويو. رومي ان قسم جي رٿابنديءَ حملي جو سوچي به نه پئي سگهيا. اهڙيءَ طرح زميني حملا به نهايت ڏاهپ سان ڪيا ويا ۽ قسطنتنيه قبضي ۾ اچي ويو . تاريخ گواهه آهي ته فتح بعد دشمنن تي ڪابه سختي ڪونه ڪئي وئي ۽ تمام هلڪو هٿ رکيو ويو. لارڊ بشپ جيڪو انهن ڏينهن ۾ عيسائين جو روحاني پيشوا هئو تنهن کي به کلي عام اجازت ڏني وئي ته هو پنهنجي پرچار جاري رکي. اهو واضح فرق هيو تيمورلنگ ۽ سلطانن ۾. عيسائيت جو قبلو قسطنتنيه هاڻي هڪ مسلم وسندي بڻجي ويو هيو ۽ مدني سرڪار جي پيشن گوئيءَ موجب سلطان کي جيئري جنت جي بشارت ملي چڪي هئي.


    خلافت عثمانيه جو زوال

    خلافت عثمانيه جو زوال

    عاليشان تاپڪاپيءَ جا بنياد کوکلا ڪرڻ ۾ سلطانن جو وڏو عمل د خل آهي ڪوتاهي ۽ غفلت ايتري جو عوام ستل سلطانن آڏو جائز گهرجن ۽ ناانصافين خلاف ٻاڪاري ٻاڪاري هپاڻجي هليو وڃي، پر ورنائڻ وارو ڪو به ڪونه هجي .۱۵۶۶ عيسوي ۾ سلطان سليمان جي مرڻ بعد ڪنهن به ٻوٽو ڪونه ٻاريو. محلاتن جي عياشگاهن ۽ حمامن ۾ محبوبائن جي آغوش ۾ ستل حڪمرانن کي ٻاهرين دنيا جي خبروٺڻ جي فرصت ئي ڪونه هئي. سلطان سليمان جي مرڻ بعد ساڍا ٽي صديون اهو بي هوده ۽ بڇڙو سلسلو قائم رهيو. هاڻي عوام جي صبر جو پيالو ٽمٽار ٿي چڪو هئو.اندروني ۽ بيروني دٻاءُ ڪري حالتون بد کان بد تر ٿينديون پئي ويون ۽ توازن برقرار رکڻ ناممڪن نظر اچڻ لڳو. اولهه جي طاقتن مسلمانن جي اهڙيءَ ڪمزوريءَ جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ سازشون سٽي هنگري ۽ ٻين علائقن کي خلافت عثمانيه مان کسڪائڻ جا منصوبا شروع ڪري ڇڏيائون. آهستي آهستي خلافت عثمانيه جي زوال جا آثار چٽا نظر اچڻ لڳا، پرحڪمران پوءِ به نه جا ڳيا. تاپڪاپي ستل رهيا ۽ ان جا باسي آرام ۾ رهيا. عوامي مسئلن کان وانجهيل وزير مشير واهه واهه ڪري پنهنجي نوڪري پڪي ڪندا رهيا.عدم توجهه، لاعلمي ، نظر اندازي، هڏ حرامي، ڪاهلي ۽ نڪمائي تاپڪاپيءَ جو نصيب بڻجي وئي.اسلامي اصولن جي پاسدار هن عظيم خلافت عثمانيه جا واڳ ڌڻي، جن جو قبلو صرف عورتون رهيو هيو، سي انسانيت جو ليڪو ئي لتاڙي ويا. سندن ٽهل ٽڪور ۾ هزارين غلام ۽ ٻانهيون، شاهي حڪيم، بورچي مقرر ٿيل هئا. سلطانن کان هاڻي ته ملڪ جون گهٽيون ۽ محلا به وسري چڪا هئا. داد فرياد لاءِ ايندر سوالين جا نالا، ذات پات ۽ اتو پتو پڇي، سلطان گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويندا هئا، ڄڻ سندن ياداشت گم ٿي وئي هجي.
    هت هڪ دلچسپ واقعوٻڌائيندو هلان ته ۲۰۰۷ جي عام چونڊن وقت مان مختيارڪار تنگواڻي هيس جيڪو ڪنڌڪوٽ تعلقي کي ٽوڙي نئون تعلقو قائم ڪيو ويو هيو. پولنگ اسٽيشن جي مقرر ڪرڻ جي سلسلي ۾ مان، ايڊيشنل سيشن جج جيڪب آباد (جيڪو رٽرننگ آفيسر به هو) ۽ پوليس هڪ ڏورانهين پولنگ اسٽيشن ڏسڻ پئي وياسين، جنهن تي مخالف ڌر اعتراض واريو هيو. اسان سان ٻنهي اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن جا نمائندا به گڏ هئا، انهن مان هڪ اميدوار جو احمق پٽ ۽ ٻيو مقابلي ۾ لٿل آزاد اميدوار جو نمائندو، هڪ مڪار ماستر هيو. ماستر واري ڌر جو چوڻ هو ته جنهن پولنگ اسٽيشن تي گذريل اليڪشن ٿي هئي اهو هنڌ ئي وڌيڪ موزون آهي، جنهن کي تبديل نه ڪجي، جڏهن ته وڏيري جي پٽ جو خيال هو ته گذريل اليڪشن ۾ ان پولنگ تي ڌانڌلي ٿي هئي، تنهن ڪري ان ئي تڪ جي هڪ ٻئي اسڪول ۾ پولنگ قائم ڪئي وڃي ته انصاف جي بهتري ٿيندي. اسان جي سرڪاري گاڏيون پهريائين گذريل پولنگ اسٽيشن واري هنڌ ڏي هلڻ شروع ڪيو. جيئن ته ڪچا رستا هئا ۽ مٽي تمام گهڻي ان ڪري مان پنهنجي جيپ ڇڏي ماستر واري ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ ويهي رهيس، جيڪا ايئرڪنڊيشنڊ هئي ۽ ڪارا شيشا بند هيس. هتي ماستر ٻروچڪيءَ ۾ موبائل تي سرگوشي ۾ ڪنهن کي هدايتون ڏنيون ته، اسان اچون ٿا، توهان جج آڏو گوڙ ڪجو ته سا ڳي پولنگ بحال رکجي ڇو ته تر ۾ ڪيترائي قبائلي تڪرار هلن ٿا ۽ خونريزيءَ جو انديشو آهي. خير اسان ماستر جي من پسند پولنگ ڏسي، جٿو ڪري بيٺلن جي ڳالهه ٻڌي، اڻ ٻڌي ڪري، وڏيري جي پٽ جي تجويز ڪيل جڳهه ڏانهن روانا ٿياسي. هتي رستو بلڪل خراب هو. چڱو سفر ڪري اسان هڪ آبادي ٽپي، هڪ عمارت سامهون اچي بيٺاسين. پر هي ڇا؟ عمارت کي نه در نه دريون نه ڇت نه پاڻي. چوڌاري پلال پيو هو. هيءَ ڪيئن پولنگ اسٽيشين بڻجي سگهندي. جج صاحب ڪاوڙ مان وڏيري جي پٽ ڏي منهن ڪري گجيو. سائين ٻه چار سال ا ڳ ته عمارت جو افتتاح بابا جاني خود ڪيو هيو، پوءِ جي خبر ناهي. وڏيري جي پٽ غلطي تسليم ڪندي، بي تڪو جواب ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. بابا اليڪشن جي ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندا آهيو، توهان کي ڪهڙي خبر ته ڪير جڙيو ڪير ڊهيو، ڪير مئو ڪير بچيو. جج صاحب ڪاوڙ ضبظ ڪندي چيو. هتي ماستر به ڦڙڪي هنئين ته سائينءَ جن بلڪل صحيح ٿا فرمائن. ان تي جج صاحب ماستر ڏي منهن ڪري چيو سياستدان ته رهن يا نه رهن، تون ته تعليم کاتي جو آهين تو کي به ته خبر ڪونه هئي ته ڪاٿي ڪاٿي تباهي ڪيون ويٺا آهيو ؟ هتي جج صاحب مون کي پنهنجي لينڊڪروزر گاڏيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو. رستي ۾ افسوس ڪندي چيائين، يار حشر ڏسو عوامي نمائندن جو، ڪا خبر ئي ڪونهين! اليڪشن جي موسم ۾ ظاهر ٿا ٿين. ڇا وڏيري کي عوام سان کي پٺي ڏيڻ ۽ طوطا چشمي تي نااهل ڪري سگهجي ٿو؟ مون سوال ڪيو. جج مصلحتن چپ ٿي ويو. اليڪشن ۾ وڏيري کٽيو ۽ ماستر واريءَ ڌر هارايو.
    ترڪيءَ جا سلطان به تنگواڻيءَ جي سياستدانن جيان عوام جو اتو پتو وساري ويٺا هئا. ٻئي طرف يورپي طاقتن جو وڌندڙ تناسب، فوجي ڦهلاءُ، واسطيداري، معاشي برتري، خوشحالي ۽ ٻڌي به خلافت عثمانيه جي زوال جو سبب بڻي. اهڙي بگاڙ واريءَ حالت، سلسليوار تباهيءَ ۾ عوام نفسياتي طور پريشان، ويڳاڻو ۽ مايوس ٿي ويو. وائڙو عوام جنهن جو قبلو اوچتو ڦري ويو هجي. هن وقت حالتون سواليه نشان بڻجي ويون. اوجا ڳيل حڪمران کي ڏينهن جي روشني ۾ عوام جا مسئلا ڌنڌلا ڌنڌلا نطر اچڻ لڳا، جوهو غرور ۽ تڪبر جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي، عوام کان ڪٽجي تمام پري نڪري چڪا هئا. سندن درباري خوشامدڙيا کين حالتون ڏنڊي هيٺ ٻڌائي، سندن تعريف ڪري خوش ڪندا رهيا. اهڙن خودثنا حاڪمن جي دربارن ۾ صرف واه واه جو ورد ٿيڻ لڳو .. مصيبت اڪيلي ڪونه ايندي آهي هوڏاهن ڪريملن جي لڙائي به شروع ٿي وئي. زيرڪنٽرول بچيل علائقا هاڻي آزاديءَ جو مطالبو ڪندا رهيا، ڇو ته اولهه جي عيسائي طاقتن سندن پٺي ٺپي هئي. هاڻي خلافت عثمانيه لاءِ بي بنياد واويلا، بدنامي ۽ ڪوڙن جو ڦهلاءَ شروع ٿيو ۽ اولهه جي عيسائي طاقتن ان کي ورجائي ورجائي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    Hundred times, it becomes the truth Tell a lie
    ڪوڙ ايترو ورجايو جو سچ ٿي پوي
    اولهه جي عيسائي طاقتن جي پروپئگنڊا ته اجهو ٿي اک ڇنڀ ۾ خلافت عثمانيه جي تباهي اچي. خلافت عثمانيه آخري پساهه پئي کڻي، اجهو ٿو خلافت عثمانيه جو انت اچي. سسٽم جو طبعي موت اچي چڪو آهي، اهي لڳاتار ڪوڙَ مٿان ڪوڙَ ٻڌي سچ جو گمان ٿيڻ لڳو. عوام ڄڻ ته ڪا آخري خوشخبري ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيندو ٿي ويو. فوج ته اهڙن موقعن جي تلاش ۾ هوندي آهي. ترڪيءَ جي فوج اسلام دشمن قوتن سان سر ۾ سر ملايو. فوجي حساس ادارن پڻ ملڪ ۾ خلافت عثمانيه جي زوال جون بي بنياد واويلا ڪري باهه تي تيل وارو ڪم ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ترڪيءَ ۾ خلافت عثمانيه لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جهڙي صورتحال اچي وئي.عوام کي روڊن تي نڪري اچڻ ۽ خلافت عثمانيه جي ناڪامي خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ اڪسايو ويو.اهڙي بغاوت ۽ هنگامي بازي ڏسي حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون. فوجن ملي ڀڳت ۾ ڪامياب وئي. ۱۹۰۸ع ۾ سولونيڪا جي هڪ فوجي ڪمانڊر سلطان عبدالحميد جي سڌي سنئين مخالفت ڪئي. ٻين فوجين به هم آواز ٿي سندس قدم جي حمايت ڪئي ۽ عوام سان گڏ فوج به روڊن تي احتجاج ڪندي پريڊ شروع ڪئي. هاڻي سلطان ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿيا. تاپڪاپيءَ جا ڀاري برج لڏڻ لڳا. هاڻي سلطانن تي پارليامينٽ جوڙڻ ۽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو ٿي ويو. سلطانن جا سڀ رستا روڪيا ويا. سازشي گروپن ۱۹۰۹ع ۾ سلطان جي هڪ ڀاءُ، سلطان محمد خامس (Sultan Muhammad Khamis) کي سلطان جي منصب تي ويهاري ڇڏيو. هي سلطان باغي گروپن جو ايجنٽ هيو، ۽ انهن جي هٿن ۾ کيڏڻ لڳو. هن کان پهريون خطرناڪ ڪم اهو ورتو ويو، جو ترڪي ٻولي جي جگهه تي عربي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو دجو ڏنو ويو، جيڪو عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ هيو. ۱۹۱۲ع ۾ ترڪن تي بلقان جنگ مڙهي وئي جنهن ۾ کين لاتلافي نقصان پيو. ان دوران ترڪي فوجي چيف انور پاشاکي ملڪ جي ازسرنو تعمير لاءَ چيو ويو. انهن ڏينهن ۾مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ فرشتو بڻجي ملڪ کي تباهي کان بچائي ورتو. اها هئي تاپڪاپي جي ڪهاڻي.


    خلافت تحريڪ

    خلافت تحريڪ

    خلافت تحريڪ (۱۹۲۴-۱۹۱۹ع) مسلمانن جي هڪ سياسي جدوجهد جي تحريڪ هئي. پنجين جولاءِ ۱۹۱۹ع ۾ خلافت جي مسئلي تي عوامي کي منظم ڪرڻ ۽ لائحه عمل تيار ڪرڻ لاءِ ممبئي ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. سندس آفيس لکنئو ۾ قائم ڪئي وئي. خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر سيٺ ڇوٽاڻي ۽ سيڪريٽري حاجي صديق کتري چونڊيا ويا. خلافت تحريڪ جا وڏا مقصد هيٺيان هئا.
    1. ترڪيءَ جي خلافت برقرار رکي وڃي
    2. مقامات مقدصه ترڪيءَ جي تحويل ۾ رهن
    3. سلطنت ترڪيءَ کي تقسيم نه ڪيو وڃي
    خلافت ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مسلمان انگريزن جي جشن فتح ۾ شريڪ نه ٿيندا. جيڪڏهن انهن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اهي حڪومت سان سهڪار نه ڪندا. هن اجلاس ۾ هندن کي پڻ تعاون جي اپيل ڪئي وئي. ڊسمبر ۱۹۱۹ع ۾ ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جي اجلاس امرتسر ۾ ٿيو، جتي گانڌي هندو مسلم اتحاد تي زور ڏنو. مولانا محمد علي جوهر ۽ سندس ڀاءُ مولانا شوڪت علي سان ٻيا مسلم ا ڳواڻ ۽ عالم جهڙوڪ، مولانا ابوالڪلام آزاد، حسرت موهاني، شيخ شوڪت علي صديقي، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، ڊاڪٽر حڪيم اجمل خان ۽ رئيس المهاجرين بئريسٽرجان محمد جوڻيجو ٻانهن ٻيلي ٿيا. ۱۹۲۰ع ۾ مولانا محمد علي جوهر جي قيادت ۾ هڪ وفد برطانيه، اٽلي ۽ فرانس جي دوري تي روانو ٿيو ته جيئن برطانيه ۽ ان جي اتحادين کي سندن واعدا ياد ڏيارجن.برطانيه پهچي وزير اعظم ڊيوڊ لائيڊ جارج David Lloyd George) ( سان مليا، ليڪن ان جي سکڻي جواب ته ”آسٽريليا ۽ جرمنيءَ سان خطرناڪ انصاف ٿي چڪو آهي ته پوءِ ترڪي ڪيئن بچي سگهندو؟“ ٻڌي سخت مايوس ٿيا ۽ ان بعد اٽلي ۽ فرانس جي دوري تي نڪتا پر ڪٿي به کين دلداري نه ملي.هي وفد اڃا برطانيه ۾ هيو ته ترڪيءَ تي سيوري جو معاهدو مسلط ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ترڪيءَ کان سمورا ٻاهريان قبضا ڇڏرايا ويا.ترڪيءَ تي هوائي فوج رکڻ جي پابندي مڙهي وئي. وفد خلافت جي ناڪام واپسيءَ ۽ سيوري جي معاهدي جي ذلت آميز شرطن جي خلاف، خلافت ڪاميٽي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ گانڌيءَ کي پنهنجو رهنما مقرر ڪري ڇڏيو. اهم الٽيميٽم هي رکيا ويا هيا.
    1. حڪومت جا ڏنل خطاب واپس ڪيا وڃن
    2. ڪائونسلن جي رڪنيت کان استعفي ڏني وڃي
    3. سرڪاري نوڪرين کان علحدگي اختيار ڪئي وڃي
    4. تعليمي ادارا سرڪاري امداد و ٺڻ بند ڪن
    5. مقدما سرڪاري عدالتن بجاءِ ٻين عدالتن ۾ پيش ڪيا وڃن
    6. انگريزي مال جو بائڪاٽ ڪيو وڃي


    رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو

    رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد جوڻيجو

    خلافت عثمانيه سان يڪطرفه عشق جو علمبردار بئريسٽرجان محمد جوڻيجو، جنهن اهڙو سفر اختيار ڪيو، جنهن جي منزل نه ته اقتدار حاصل ڪرڻ هو ۽ نه ئي ناماچاري جو شوق. پنهنجي ڌن ۾ مست هي مسافر هليو هو ڪنهن نظام کي بچائڻ. هجرت جي فتويٰ جاري ٿي وئي، جنهن تي هزارين مسلمان ٻار ٻچا ڇڏي روان دوان هئا. هيءَ تحريڪ افغانستان جي عدم تعاون ڪري ناڪام ٿي وئي.سنڌ مان خلافت عثمانيه جي بچائڻ لاءِ بئريسٽرجان محمد جوڻيجو سر اڏيءَ تي کڻي نڪتو.
    سسٽم يا نظام ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. جيڪڏهن تاريخ ۾ ڪنهن سسٽم لاءِ سچ جو آواز بلند ڪندي جان ڏني، ته اهو بئريسٽر جان محمد جوڻيجو هو. خلافت عثمانيه سان مسلمانن جي عزت ۽ آبرو پوروڇوٽ هئي. اهو سسٽم جنهن سان يورپ ۾ مسلمانن جي عزت ٿي سو، خوار ٿي رهيو هو. اجمير جي خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار اندر دفن ٿيل لاڙڪاڻي جي ان بيباڪ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي سلطنت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاٰءِ اوڻويهين جولاءِ ۱۹۲۰ع ۾ ست سئو پنجاهه مهاجرن جو قافلو وٺي ڪابل لاءِ ريل ذريعي روانو ٿيو.۱۸۸۶ع ۾ لاڙڪاڻي کان صرف ٻارهن ڪلوميٽر پري هڪ ننڍي ڳو ٺ ڌامراهه ۾ جنم وٺندڙ هن نوجوان۱۹۲۱ع ۾ هندستان ۾ وفات ڪئي. هڪ عظيم مقَصد لاءَ مرندڙ هن مجاهد کي هڪ نظام سان والهانه عقيدت هئي، اها نه ته ترڪن کي خبر آهي ۽ نه اجمير جي هوائن کي، جتي هو ابدي ننڊ ستل آهي ته سندن قافلو ڪيئن لٽيو ويو، ڪنهن لٽيو ۽ هن جو هيانءُ ڪيئن ڦاٽو. لاڙڪاڻي جي ليجنڊ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي گهر طرف ويندڙ گهٽيءَ کي رئيس المهاجرين بئريسٽرجان محمد جوڻيجو جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. هيءَگهٽي بئريسٽرجان محمد جوڻيجو جي جلال آباد واري بيگار ڪيمپ ۾ افغانين جي ڪيل زيادتين کان اڻ واقف آهي. جڏهن به سنڌيالاجي وڃو ته اتي آويزان رئيس المهاجرين بئريسٽرجان محمد جوڻيجو جي تَصويرڏسڻ نه وسارجو. شيخ اياز مطابق:
    ڪڏهن اڦٽ مران ته پو ٻه چار لڙڪ هارجو
    ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو ته ڪيرماڳ ۾ مئو
    جڏهن به سانوڻيون اچن ڇمر الوٽ ٿي نچن
    جڏهن به ڀٽ ڀٽ تي گهٽا گجي گجي وسي
    جڏهن به مور ٽور ۾ ڏسو نه ڪنهن به هور ۾
    جڏهن به روجهه ريجهه ۾ ڏسو اٻوجهه ريجهه ۾
    تڏهن نه هيءٌ وسارجو ته ڪير سڃ ۾ ستو
    تاريخ شاهد آهي ته مسلمانن جي خلافت تحريڪ سياسي فائدي بجاءِ مذهبي جوش و خروش تي مبني هئي. جڏهن ته هندو ان مان سياسي فائدا ڳولهي رهيا هيا، جيڪي خلافت تحريڪ مان ملڻ مشڪل هئا، تنهن ڪري جڏهن ڪنهن موڙ تي خلافت تحريڪ ڪامياب ٿيڻ واري هئي ته گانڌي تحريڪ ختم ڪري مسلمانن کي صدمو ڏنو. اها گانڌيءَ جي وڏي قلابازي هئي. هتي مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري، حڪيم اجمل خان مسلمانن بجاءِ گانڌي ۽ ڪانگريس جي حمايت ڪئي. ۽ اهڙيءَ طرح ئي پاڪستان جو بنياد پيو هو. خلافت تحريڪ جهڙيءَ عوامي تحريڪ جو مثال برصغير جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي . ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي تحريڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي پر ان هندستان جي سياست ۽ مسلمانن جي سجا ڳي پئدا ڪئي. هن تحريڪ مسلمانن تي هيٺيان گهرا نقش ڇڏيا.
    1. مسلمانن جي مايوسي
    2. هندو مسلم اتحاد جو خاتمو
    3. سياسي شعور جي بيداري
    4. پرجوش قيادت جو اُڀرڻ
    5. عالمن ۽ شاگردن جو سياست ۾ دا خل ٿيڻ
    6. گانڌيءَ جي قيادت
    7. داخلي مسئلن طرف توجهه


    هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي

    هيءَ ريڊيو استنبول جي سروس آهي

    تاپڪاپيءَ اندر هڪ ريسٽورينٽ پڻ آهي، جنهن جا کاڌا ڏاڍا لذيذ آهن. هتي مان ساهي پٽڻ لاءِ ٿوري دير بينچ تي ويهي رهيم. هتي هڪ پوڙهو مسخروJoker هر ايندڙ ويندڙ سان مذاق پيو ڪري، سندس هٿ ۾ ريديو جي ايريل هئي ۽ هر مزاحيه گفتگو ڪنهن بريڪنگ نيوز وانگر پئي آلاپيائين ۽ پاڻ کي استنبول ريڊيو پئي چيائين. ان وقت منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن هن هڪ نهايت ئي بزرگ جوڙي کي ڏسي انگريزيءَ ۾ چيو، هينئر هڪ نئون شادي شده جوڙو هني مون لاءِ تاپڪاپيءَ جي دوري تي آيل آهي مان سندن آجيان ڪيان ٿو. سڀ هڪدم ان ضعيف جوڙي ڏانهن متوجه ٿيا. پوڙهي ڪنوار ته شرم وچان مڙس جي سيني ۾ ڪنڌ لڪايو ۽ پوڙهي مڙس خوش ٿي کيس خرچي ڏني. مون به هن هردلعزيز شخص ٿي ٻه ليرا خرچي ڏني. ملان نصرالدين ترڪيءَ جو قومي مسخرو آهي، جنهن جا ٽوٽڪا ڏيهان ڏيهه مشهور آهن. هن مسخري جي حرڪتن کي ڏسي محسوس ٿيو ته مزاح ترڪيءَ مان اڃان ويو ناهي.
    ڇو نه بادشاهه مان اوهان کي ملان نصير جو هڪ ٽوٽڪو به ٻڌائيندو هلان:
    هينئر تمام گهڻي بک لڳي هئي، ڇو ته صبح ناشتي واري روئداد ته ٻڌائي چڪو آهيان. ٻيا دوست پڻ چهرن مان بکيا لڳي رهيا هئا. گائيڊ اوڪتائي چيو: جڏهن ڪوبه ٻاهران آيل وزيٽر hungry هوندو آهي ته اهو بکايل هوندو آهي ۽ اهو اجايا ۽ بي تڪا سوال ڪري بيزار ڪندو آهي، ان ڪري مانجهاندو ڪيو ته توهان جي فضول سوالن کان بچي سگهجي. سڀني جا قدم مانيءَ جو ٻڌي رڪجي ويا، ڇو ته گهمي گهمي بک به لڳي هئي ۽ ڪٿي ويهڻ جو موڊ به هيو. تاپڪاپي جي ريسٽورنٽ ۾ ڪابه ٽيبل خالي ڪونه هئي. مان جيسيتائين واش روم مان ٿي آيس، تيسيتائين دوست هڪ ٽيبل تي ويهي چڪا هئا. هتي مون چانور ۽ دال ورتا ۽ هڪ پاڻيءَ جي ننڍيNestle جي بوتل، بل ۱۳ ليرا آيو. ماني کائڻ بعد فريش ٿي وياسين. تاپڪاپي کان ٻاهر نڪري هڪ اهم شاهراهه وٺي، ائسپن هوٽل جو رخ ڪيوسين. رفتار سڀني جي سست هئي، ڇو ته سڀني گهڻي ماني کاڌي هئي. اسان رستي تي دڪانن جو جائزو وٺندا پئي وياسين، مختلف شين جي قيمت به پئي چڪائي ۽ پنهنجي ملڪ جي شين سان ڀيٽ پئي ڪري ۽ ڪٿي ڪٿي خريداري به پئي ڪئي سين. اسان جو گروپ ٽولن ٽولن ۾ ورهائجي ويو پر رستو ته سڌو هو. هڪ ٻي کي تاڙ ۾ رکندا، هوٽل پهتاسين. مون رستي ۾ ڪتابن جي ڪيبن تان ڪجهه ڪتاب، فيشن مئگزين ۽ هڪ انگريزي اخبار ورتي. آواره گهمڻ جو به هڪ پنهنجو لطف آهي. مون هڪ سنهيءَ گهٽيءَ واريءَ بازار مان موبائل جو ڪارڊ، ٻارن لاءِ رانديڪا ورتا جن ۾ اسپائيڊرمين، دجال جي اک ۽ انساني ڍانچي جا چاٻين جا ڇلا ڏاڍا مزيدار هئا. هوٽل ۾ ڪافي دير آرام ڪيم. شام جو ڪمري ۾ ڪافي پيئڻ بعد ٽي وي آن ڪيم. چينل گهڻي قدر ترڪي ۾ هئا. رموٽ ڪنٽرول سان ٻه سو چينل ڦيرائيندو ويم. موسيقي جي پروگرامن جا چينل زبردست آهن. اسٽيج تي براء راست پروگرامن جي گانن جون ڌنيونُ ۽ رڌم ٻڌڻ شرط جهومڻ تي دل پئي چئي. ٽي وي جون اينڪرس ۽ اداڪارائون انتهائي حسين هيون. هتڙي گلوڪاره سائبل ڪن تمام گهڻي مقبول آهي بلا جي حسين ۽ بهترين رقاصه. پئرس هلٽن جون بيلي ڊانسو ن بلي بلي ۽ عربي ڌنون تمام Melodious آهن. جيڪي وقفي وقفي سان نشر پئي ٿيون. باقي انڊيا واري چينل اسٽار پلس اسٽائيل گهريلو ڊراما سيريل ۽ مزاحيه شو ترڪي زبان ۾ هجڻ ڪري سمجهه ۾ ڪونه پئي آيا.حالات حاضره جا پروگرام نالي ماتر ڏسڻ ۾ آيا، يا ڪيبل تي سيٽ ٿيل ڪونه هيا.
    رات جي ماني کائڻ لاءِ نڪتاسين، اسان جي هوٽل ڀرسان هڪ مشهور ريسٽورينٽ آهي، جتي ترڪيءَ جا روايتي ۽ ثقافتي کاڌا جيئن گرم گرم ڪباب، شامي، شورمو، چڪن ٻوٽي ۽ نان ملندا آهن. هر آئٽم آرڊر تي تيار ڪري ۲۰ منٽن ۾ اچيو وڃي. هي هڪ ننڍو ريسٽورينٽ آهي ۽ رش تمام گهڻي اٿس. هتي پهچي مون Menu گهرايو ۽ چڪن ٻوٽي، ڪباب ۽ نان جو آرڊر ڏنو. نهايت ذائقيدار tasty ماني هئي. مان شايد گهڻي کائي ويو هيس. بعد ۾ هڪ سپر مارڪيٽ تان بسڪيٽ، سگريٽ، ٽافيون، چاڪليٽ ۽ خشڪ ميوي جا پاڪيٽ ورتاسين. هتي بيئر وغيره تمام معياري پيو ملي. پوليس موبائلون چوڪن تي بيٺل ۽ پوليس رستن تي گشت ڪندي نَظر آئي. امن امان جي صورتحال بهتر پئي نّظر آئي. رات جو نائين بجي کان پوءِ اوهان کي چوڪن ۽ مکيه رستن تي اهڙا ماڻهو ضرور ملندا جيڪي Can I help you? (ڇا مان توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو؟) چئي پنجاهه کان سٺ ليرا عيوض هر ملڪ جي ڇوڪرين جي آڇ ڪندا ۽ عام چونڊ لاءِ ڀر پاسي جي ڪنهن نائيٽ ڪلب ۽ خاص ورائٽيءَ لاءِ خصوصاً تقسيم بازار ۾ وٺي وڃن ٿا. پربظاهر هوٽلن ۾ اهڙي ڪابه گندگي نظر ڪونه آئي يا ٿي سگهي ٿو ته اهو قانون صرف ننڍن هوٽلن لاءِ هجي. جيئن بحرين جي هوٽل اول ۾، پاڪستان کان ايندي اسان کي ۲۴ ڪلاڪن جو اسٽي ڪرايو ويو ۽ بحرين ۾ ته اهو ڪم هوٽلن ۾ آساني سان پئي ٿيو. لفٽ ۾، ڪائونٽر تي يا گيٽ ڀرسان ڇوڪريءَ سرگوشين ۾ پنهنجي قيمت، وقت ۽ خصوصيتون پئي ٻڌايون. بحرين جي ڊسڪو بار ۾ عربن کانپوءِ انڊين ڪلاڪار به ڪافي مليو وڃن. حيدرآباد جي هڪ دوست اعجاز اسان کي هڪ ڀارتي بار ۾ ميوزڪ جو هڪ لائيو پروگرام پڻ ڏيکاريو هيو جيڪو آشا ڀونسلي جي نالي سان منصوب هيو جنهن ۾ نوجوان گلوڪارن مهارت ۽ سريلي آواز ۾ ڪشور ڪمار، محمد رفيع جا سدابهار گانا پئي ڳايا ۽ ساڻن گڏ خوبصورت رقاصائن ڌنن تي ڊانس پئي ڪئي. سازندا ايتررا ته ماهر هئا جو هر گيت جي آ خر ۾ جڏهن ڊرم جي cymbal يا ٿالهي تي اسٽڪ سان هٽ پيا ڪن ته موجود آڊينس اٿي بيهي تاڙيون ٿي وڄايون. انهن کي هر گيت جون ڌنيون چپٽين تي ياد هيون ۽ جهر مر لائيٽن واري ڊانسنگ فلور تي رقاصه ڇوڪريون، جن جي جسم جو ٿڙڪڻ ۽ اڀار ڄڻ ته اسان جي وحشي روحن کي آ ٿت ڏيندا هجن. منهنجون آڱريون ٽيبل تي چرڻ لڳيون. ظالم بلومنگ آرڪيسٽرا ڌارئي ملڪ ۾ به چين وڃائي ڇڏيو.ويهه سال اڳ پيٽ خاطر پيانو تان کنيل آڱريون اڄ به بيچين آهن. الياس سانگيءَ جو وڄايل ڊرم ا ڄ به منهنجي دل ۾ڌڙڪي ٿو. رياض سومرو جوڪشش ٽي وي تي آواز ٻڌي اکيون آليون ٿيو وڃن. شاهد سومرو جون نسواني حرڪتون ۽ وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ، محبوب لاشاري جي مووي رڪارڊنگ ۽ ايوب گاد جي ماهرانه صلاحون ڪٿي وسرنديون. اهي شامون به عجيب هيون جڏهن مامو اعجاز ڀٽي اڪبر سومرو کي بيجو باورا جا گانا ٻڌائڻ لاءِ اسرار ڪندوهيو ۽ فتح عباس بدويءَ سارنگا تيري ياد مين ڳائي محفل جو موڊ بدلائي ڇڏيندو هيو.الطاف ڀٽيءَ سان رسڻ پرچڻ ۽ نيٺ ڪاڪي ملان جي شولن تي جنگبندي.


    ترڪ موسيقي

    ترڪ موسيقي

    ترڪي موسيقي جون پاڙون سلجوقين کان عثمانيه حرم تائين ڦهليل آهن. ساڳي وقت جيني سري بينڊ دنيا جي قديم فوجي بينڊ جي درجي تي رهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر ا ڳتي ڪندم. حرم ۾ موسيقار ۽ رقاصائون سازن سميت هر وقت موجود رهندا هئا. اڪثر محفلن ۾ بيلي ڊانس ٿيندي هئي. مڌ جي مستيءَ ۾ نقابن ۽ حجابن ۾ شرميليون نچڻيون آرس ڀڃي جڏهن سلطانن جا خالي پئمانا ڀرينديون هيون ان وقت موسيقي جو آواز لهرون پئدا ڪندو هو ۽ بي خوديءَ ۾ سلطان جهومڻ لڳندا هئا. انهن محبوبڙين کان علاوه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مشهور رقاصائون پڻ حرم ۾ فن جو مظاهرو ڪنديون هيون. ان وقت حرم جي ڪمرن مان انتظار ۾ ويٺل سندن زالن جي اندر ۾ ڪهڙي آنڌ مانڌ متل هوندي، سا ڳالهه سڀڪو پاڻ سمجهي. ”رقص ۾ هي سارا جهان، ڌوم هي يي آج ڪهان، آئيگا وه شهخوبا“ڇا گذرندي هوندي انهن تڙپندڙ دلين تي؛ جڏهن پوڙها سلطان هنن جي آغوش ۾ ڪرندا هوندا.
    ترڪي جون مشهور ڳائڻيون حرم کان سواءِ شهر جي شادين مرادين، شاهي تقريبن ۽ موقعن تي رقص جون محفلون مچائينديون هيون.ان کان سوا ءِ روما(Roma) ترڪي جو هڪ موسيقار نسل هوندو هو. هيءَ رومن ماڻهن جي هڪ ذات هئي، جيڪي خانه بدوش ٽائيپ هوندا هئا. سندن انداز مان مليل جليل خوشبو ايندي هئي. هي عوامي رقص جا وڏا ماهر هوندا هئا. جتي وڃي رهندا هيا اتي ميلا لڳائي ڇڏيندا هيا. باقي جينيسري بينڊ دنيا جي قديم فوجي بينڊ ليکبي آهي. سندن عسڪري موسيقيءَ جا آلاپ، هم آوازي، مرداڻا جذباتي قسم جا ڪورس، ٽرمپيٽ ۽ ڊرمس جو آواز عجيب جوش ۽ احترام پئدا ڪندا هيا. دنيا جي وڏي موسيقار موزارٽ(Wolfgang Amadeus Mozart) جڏهن ((Sonata in A Major لکيوته ان ۾ترڪش مارچ جو انگ ڏيندي، ان منجهه جينيسري فوج جو ڪورس (گهڻن آوازن جو آلاپ) ڏنو. اڄ به اوهان کي جيڪڏهن فوجن جو پير ۾ پير ڏئي مارچ ڪرڻ ٻڌڻو آهي ته موزارٽ جون ترڪش مارچ ٻڌو. پيانو تي وجد جي انداز ۾ وڄايل اها ڌن اوهان جي طبعيت ۾ جوش ڏياري ڇڏيندي. جهڙي نموني سان اسان جي لوڪ فنڪار جي ڌمال ڳائڻ وقت مٿس وجداني ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي، اهڙيءَ طرح موزارٽ جي طلسماتي آڱرين ۾ ترڪش مارچ و ڄائڻ وقت مستيءَ واري ڪيفيت سمايل هوندي آهي. پوري يورپ ۾ ترڪي بينڊ جو ڌاڪو ڄميل هوندو هيو. سندن مارچ يا پريڊ ۾ بوٽن جي رڌم ۽ ڳورا آواز هڪ قسم جي فوجي بالادستيءَ ڏهڪاءُ پيش ڪندا هيا.
    ترڪيءَ ۾ موسيقي جي تعليم نصاب ۾ شامل آهي. پرائمريءَ ۾ اسيمبلي ۽ بيتن جي صورت ۾ ۽ هاءِ اسڪولن ۾ ڳائڻ وڄائڻ جا ڪلاس ورتا وڃن ٿا. هر اسڪول جي پنهنجي اسڪول بينڊ هوندي آهي. اسڪول جي ڊرامن ۽ تقريبن ۾ پڻ اها بينڊ اهم ليکبي آهي. پريڊ ۾ پڻ سا ڳي بينڊ قومي ترانا وڄائيندي آهي. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ ته (Musicology) شعبا آهن، جتي موسيقي جي مختلف شعبن تي تحقيق ٿيندي آهي . عام موڪلن جي ڏينهن ۾ مزو لڳو پيو هوندو آهي. روڊن رستن تي رونق ۽ چهل پهل هوندي آهي. قومي ڏينهن تي قومي گيت ڳائي ڌرتيءَ کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي. تاهم ويسٽرن ميوزڪ گهڻي عام آهي.


    هينڊ ڊلڪيلڪ (HANDE DALKILIC)

    هينڊ ڊلڪيلڪ (HANDE DALKILIC)

    جڏهن اوهان ترڪيءَ جي جديد موسيقي جي باري ۾ سوچيو ٿا، ته ان وقت اوهان جي ذهن ۾ هڪدم سان عدنان سميع جي رنگ ۾ پيانو جي سرن سان کيڏندڙ باڪمال ۽ خوبصورت ڇوڪري هينڊ ڊلڪيلڪ اچي ٿي. هي پيانسٽ ڇوڪري صوفي خيالن جي پيروڪار آهي ۽ سندس سنهڙين آڱرين ۽ ماٺيڻي طبعيت ۾ جادو آهي. استنبول ۽ انقره جي رنگين ماحول ۾ مختلف پروگرامن (Recital)۾ هينڊ ڊلڪيلڪ جون وڄايل ڌنيون ٻڌي، ڀر ۾ ويٺل محبوبا جي ڪلهي تي رکيل هٿ جي آڱرين ۾ جنبش اچي وڃي ٿي. هينڊ ڊلڪيلڪ، ياسمين ڊلڪيلڪ جي وڏي ڀيڻ آهي، جيڪا عورتن جي تيراڪيءَ جي عالمي چيمپيئن آهي. جيڪڏهن غور سان ٻڌندؤ ته اوهان کي هن ڇٽيهه ساله هينڊ ڊلڪيلڪ جي ادائگيءَ مان ماضيءَ جي ڌن (Come September) جي خوشبو ايندي هن جا ڪنسرٽ ٽي وي تي اچن ٿا. مان رات جو ڪمري جا بلب وسائي، ،درين تان پردا هٽائي، ٽي وي تي ميوزڪ چينل لڳائي، هينڊ ڊلڪيلڪ جو پيانو ٻڌندو آهيان ڪمال جو پيانو وڄائيندي آهي. نئين ٽهيءَ ۾ هوءَ واحد پليئر آهي، جيڪا قديم ساز پيانو سان ساٿ نڀائيندي ٿي اچي. ترڪي جتي نئون نسل يورپ جي گٽارن جي Distortion۾ گم آهي، ۾ اتي پاپ موسيقي بدران ڪلاسيڪل راڳداريءَ طرف مائل هيءَ حسين فنڪاره ترڪي جي قديم ڪلاسيڪل انگ کي زنده رکيو پئي اچي. پوريءَ دنيا ۾ هن Soloist پرفارمنس ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي آهي جو ا ڄڪلهه هر هنڌ ترڪي ڌنين جي گونج آهي. هوءَ فبروري ۲۰۰۹ ع ۾ پاڪستان به آئي هئي ۽ لاهور، ڪراچيءَ ۾ مختلف هنڌن تي پرفارم ڪيائين.
    هوءَ انقرا ۾ ۱۹۷۴ع ۾ پئدا ٿي، جتي هن ابتدائي موسيقيءَ جي تعليم، پروفيسر گهردل ڪرامنوگلو(Prof. Guherdal Karamanoglu Cakırsoy) کان حاصل ڪئي. بعد ۾ هوءَ بلڪنت يونيورسٽي جي موسيقي جي فيڪلٽي Bilkent University Faculty of Music and Performing Arts ۾ آئي. هتي هن پروفيسر ايرسن اوني Prof. Ersin Onay کان ڊاڪٽريٽ تائين تعليم ورتي، جيئن ته ا ڳ ۾ ئي ذهين هئي، ان ڪري با ضابطه تعليم هن جي موسيقي جي حسن کي نکاري ڇڏيو. هن پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات ۲۰۰۰ع ۾ هڪ البم سان ڪئي. هن سي ڊيءَ ۾ هن جون شاهڪار ڌنون هيون. ترڪيءَ جي عظيم موسيقار سيمل ريسٽ ري Cemal Resit Rey's جي سئو ساله جشن centennial جي تقريب واري موقعي تي هن عقيدت وچان پيانو تي هڪ ڌن "Variations on an Istanbul Song" برسا اسٽيٽ سمفني آرڪيسٽرا جي ساٿ سان رڪارڊ ڪرائي، جيڪا سينٽرل بئنڪ آف ترڪي آڪٽوبر ۲۰۰۴ع ۾ رليز ڪئي. هينڊ ڊلڪيلڪ موسيقي جي تمام اهم ميڙن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي، جن ۾ هيٺيان سرفهرست آهن.
    1) The ۳۴th International Sofia Music Festival
    2) International Cartage Festival in Tunisia ۲۰۰۲
    3) The ۱۸th and ۲۲nd International Ankara Music Festival
    4) The ۵th Antalya Piano Festival
    5) ۹th International Bellapais Festival in North Cyprus and D-Marin Turgut Reis
    6) ۵th International Music Festival
    پنهنجي ملڪ کانسواءِ هينڊ ڊلڪيلڪ بلغاريه، مصر، برطانيه، اٿوپيا، فرانس، جرمنيءَ، اسرائيل، اٽلي، ڪينيا، پولينڊ، رومانيه، سائوٿ آفريڪا، سوٽزرلينڊ، قبرص، يوڪرين ۽ پاڪستان ۾ پرفارم ڪري چڪي آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تان پڻ سندس شو نشر ٿين ٿا. هن وقت هوءَ بلڪنت يونيورسٽي جي موسيقي جي فيڪلٽيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي. پيانو ڪنسرٽ ۾ هينڊ دلڪ بلڪ جڏهن پنهنجا هٿ سرن تي ڦيرائي ٿي ته ٻڌندڙ جون سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. سر ۽ لئي جي هيءَ ملڪه جڏهن پيانو جي اڇن ڪارن سرن تي ڌن جو آ خري CHORD هڻي داد و ٺڻ لاءِ نازڪ ٻانهون مٿي کڻي ٿي، ته جڳن کان ساڳيون طرزون ۽ ڌنيون دهرائڻ وارن دقيانوسي استاد ن جا اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون ٿا. جيئن سلطان، حسين عورتن کي تاپڪاپي ۾ قيد ڪندا هئا، ايئن ئي موسيقيءَ حسينا کي چند استاد گهراڻن يرغمال ڪري ڇڏي هيئي، پر نئين پيڙهيءَ جي باصلاحيت نوجوانن انهن fossil بڻيل موسيقيءَ جي ٺيڪيدارن کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو آهي.
    جديد موسيقي ۾ مونکي جيڪا وڌ کان وڌ پاپ سنگر وڻي اها سراپ سيپاز (Serap Sapaz) هئي. ڳائڻ سان گڏ رقص خاص ڪري پبلڪ کي جهومائڻ ۾ سندس جواب ناهي. ترڪش چينل تي سندس هڪ ترڪ گانو جنهن جا لفظ ته سمجهي ڪون ٿي سگهيم پر ان جي ڌن ايتري ته پياري هئي جو اوهان جون آڱريون پاڻ ئي حرڪت ۾ اچي وينديون.
    ساز کي جيڪو سڃاڻيندو اهوئي وڄائيندو. بينجو کي بلاول بيلجيم سڃاڻيندو. شهنائيءَ جي درد جي خبر استاد بسم الله خان کي ئي هوندي، طبلي جي ماترن ۽ تالن جو توازن ذاڪر حسين کان وڌ ڪير ڄاڻندو، ستار جي مستي روي شنڪر جي دل جي ڌڙڪن ڌڙڪندي هوندي ۽ سپرانو سيڪسافون ڪيني جي (Kenny G)جي ڦوڪ جو محتاج هوندو. هينڊ ڊلڪيلڪ خشڪ ۽ ٺوس ساز پيانو مان پيار جا ٻول ٻُرائي، ترڪيءَ جي روايتي سازن ۽ ميلوڊيز کي پوئتي ڌڪي ڇڏيوآهي. تارن وارن سازن مان بينجو منهنجو پسنديده ساز آهي ڇو ته منهنجو والد صاحب بينجو و ڄائيندو هيو. ننڍپڻ ۾ ڪچي اڱڻ تي بينجي جي تارن جي Striking تمام پسند هوندي هئي. مان ماما اعجاز احمد ڀٽيءَ کان گهڻو متاثر هيم جيڪو پڙهيل ڪڙهيل ۽ ٻيلي کاتي ۾ ڊي ايف او هوندو هو. هو هر فن مولا هوندو هو بيڊمنٽن جو زبردست رانديگر، انگريزي دان ۽ ڪيترا ئي ساز وڄائي ڄاڻيندو هيو. اڪثر محفل ۾ ڪوهياري،(Come September) جو ٽائيٽل سانگ ۽ انڊين فلمن جون سدابهار ڌنون ڏاڍيءَ مهارت سان و ڄائيندو هيو، سندس آڱريون بينجي تي بجليءَ جي لهه جيان تڙپنديون هيون. شايد سازن و ڄائڻ ۾ مهارت ۽ رواني هر ڪنهن جي نصيب ۾ نه ايندي آهي. هربينجو وڄائيندڙ بلاول بيلجيم ناهي ٿيندو.
    ڳالهيون کلندي ماڻهوءَ جو من الاءِ جي ڪٿان کان ڪٿي ٿو پهچي. خيال اڏند کٽولي تي کڻي ماضي جي دنيا ۾ وڃي ٿا پهچائين. سو هاڻ پاڻ وري موٽ ٿا کائون ترڪي طرف ته اسان رات جي مانيءَ بعد واپس هوٽل پهتاسين ۽ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ پهچي، پنهنجن پيارن سان ڳوٺ ڳالهائي، کين سڄي ڏينهن جي مصروفيتن کان آگاهه ڪيوسين ۽ کانئن ڳوٺ جو حال احوال ورتوسي. ترڪيءَ جي نمبر جي موبائل Sim به مون جيان ڪافي دوستن ورتي هئي، جيڪا ۲۵ ليرا ۾ ملي هئي. ترڪيءَ مان پاڪستان موبائل تي ڳالهائڻ جو خرچ تمام گهڻو پيئي آيو، بهتر اهو سمجهيوسين ته گهر وارن ۽ دوست يارن کي گذارش ڪجي ته شام جي وقت اسان کان پاڻ ئي ڪال ڪري حال احوال وٺن. اسان جي آڇ بري طرح ناڪام ويئي ۽ ٻي ڏينهن جڏهن سمورا دوست گڏياسين ته سڀني جي گڏيل شڪايت اها هئي ته ڪوئي به ڪنجوس ترڪيءَ جي نمبر تي ڪونه ٿو ڳالهائي. هتي ان کان علاوه ٽيليفون بوٿن تي ڳالهائڻ جي سهولت پڻ موجود آهي ۽ ان منجهه استعمال ٿيندڙ ڪارڊ جي قيمت جو ڪاٿو لڳايوسين ته موبائل کان ڪافي سستو پئي لڳو، تنهن بعد اهو فيصلو ڪيوسين ته پاڪستان جي وقت موجب ڪو ٽائم سيٽ ڪري، بوٿ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪجي. هتي استنبول يونيورسٽيءَ ٻاهران ڪافي بوٿ آهن، جتان ڪڏهن ڪڏهن ڪال ڪندا هياسين. استنبول يونيورسٽي جو هيءُ ڪيمپس ۱۴۵۳ ۾ وجود ۾ آيو. سندن مقصد آهي ملڪ لاءِ اعليٰ تعليم يافته دماغ/فرد تيار رڪڻ. استنبول يونيورسٽي جي عملي جو انگ ڇهه هزار آهي. انڊر گريجوئيٽ سٺ هزار انڊر پوسٽ گريجوئيٽ اٺ هزار آهن. هونئن ته فيڪلٽيز ۱۷ ۽ ڪيمپس پنج آهن، پر مکيه ڪيمپس هيءَ ئي آهي.
    استنبول يونيورسٽي ۾ رومن ۽ بائزنٽائن دور جا آثار پڻ موجود آهن. مين گيٽ نهايت اوچائي تي آهي، ان جو ڦوٽو ۵۰۰ ليرا جي نوٽ تي پڻ ڇاپيو ويو هو. يونيورسٽيءَ سان گڏ ڪپڙن جي هڪ تمام پراڻي بازار آهي. پڙهڻ لکڻ واريءَ ڳالهه هلندي. ياد پيو ته استنبول جي هڪ ناولسٽ اورحان پامڪ جنهن کي نوبل پرائيز ملي چڪو آهي. ان جا ٻه ناول هڪ ”ڪارو ڪتاب“ ۽ ٻيو ”برف“ ورتا اٿم. ڪتابن جي باري ۾ ٻڌائڻ کان اڳ ليکڪ جي باري ۾ ٻڌائيندو هلان ڇو ته هو تمام تڪراري قسم جو ليکڪ رهيو آهي.


    اورحان پامڪ

    اورحان پامڪ

    اورحان پامڪ استنبول ۾ جون ۱۹۵۲ع ۾ ڄائو. هي بنيادي طور هڪ افسانه نگار آهي. ترڪيءَ جو هي پهريون خوش نصيب آهي، جنهن کي ۲۰۰۶ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو. هن پهرين مارچ ۱۹۸۲ع تي هڪ تاريخدان ڇوڪريءَ ايلن (Alyin Turegun) سان شادي ڪئي جنهن مان ۱۹۹۱ع ۾ هن کي هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو رويا Ruya رکيو ويو، ترڪيءَ ۾ جنهن جي معنيٰ آهي ”سپنو“، پر هي شادي گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ ۲۰۰۱ع ۾ سندن وچ ۾ طلاق ٿي وئي. ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۰۶ع تي سويڊش اڪيڊميءَ هن لاءِ نوبل پرائز جو اعلان ڪيو. ستين ڊسمبر ۲۰۰۶ع تي هن سويڊش اڪيڊميءَ اسٽاڪ هوم ۾ نوبل ليڪچر ڏنو، جيڪو هن جي مادري ٻولي ترڪي ۾ هيو، جنهن جو عنوان هو ”بابا جي بئگ“ My Fathers Suitcase، ان ۾ هن اولهه ۽ اوڀر جي تهذيبن جي ڀيٽ/اُپٽار ڪئي. پامڪ پنهنجن افسانن۽ ناولن ۾ او ڀر جي لازوال صوفيانه روايتن جي اُپٽار ڪئي آهي. اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ پل اڏڻ جي ڪوشش ڪندڙ هن تڪراري ناولسٽ جي ڪتابن جو پنجٽيهه زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن جي ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    1. يادون هڪ شهر استنبول جون ( Istanbul, memories of a city)
    2. ڪارو ڪتاب (The black book)
    3. سفيد محل (The white castle)
    4. منهنجو نالو ڳاڙهو آهي ( My name is red)
    5. نئين زندگي (The new life)
    6. برف (Snow)
    پامڪ اسلامي دنيا جو اهو پهريون اديب آهي، جنهن ايران پاران گستا خ رسول سلمان رشدي کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جي مذمت ڪئي هئي. ترڪن جو خيال آهي ته هي ايوارڊ هڪ سياسي رشوت هيو. اورحان پامڪ کي پنهنجي ملڪ خلاف ڳالهائڻ ڪري، جون ۲۰۰۵ع ۾، ترڪيءَ جي آئين جي آرٽيڪل ۳۰۱ تحت سزا ٻڌائي وئي، جنهن موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو ترڪ هوندي به چٽيءَ ريت ترڪيءَ ۽ ان جي اسيمبليءَ جي توهين ڪندو، سو سزا لائق هوندو، جيڪا ڇهن مهينن کان ٽن سالن تائين ٿي سگهي ٿي.
    “A Person who being a Turk explicitly insults the Republic of Turkish. Grand National Assembly shall be punished by imprisonment of between six months to ۳ years”.
    پامڪ مٿان چار مهينا پهريان هڪ انٽرويو ڏيڻ جي نتيجي ۾ مٿين قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو الزام مڙهيو ويو ۽ کيس ڏوهه جو ڏوهي ڄاڻندي سزا ڏني وئي. ڪيس ته هليو ۽ هلندو رهيو، پر پوءِ به هن جرمنيءَ ۾ تقرير دوران ساڳيا لفظ دهرايا ته ”مان وڏي واڪ چوان ٿو ته پهرين جنگ عظيم دوران ڏهه لک آرمينائي ۽ ٽيهه هزار ڪرد ترڪيءَ ۾ ماريا ويا آهن“. ۲۹ ڊسمبر ۲۰۰۵ع تي ترڪيءَ جي سرڪاري وڪيلن پامڪ خلاف لڳايل الزام واپس وٺي ڇڏيا. هن قسم جي چوپچا بعد ترڪيءَ جي يورپي يونين ۾ ميمبري پڻ متاثر ٿي. ساڳي وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل هڪ بيان جاري ڪيو ته آرٽيڪل ۳۰۱ ختم ڪري پامڪ سميت ڇهن ٻين کي بري ڪيو وڃي. اپريل ۲۰۰۶ع ۾ بي بي سيءَ جي Hard talk پروگرام ۾ پامڪ ڪجهه ٻي ڳالهه ڪري ورتي، ته هن جي قتل عام بابت راءِ ترڪيءَ ۾ اظهار جي آزاديءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هئي، نه ڪي خود قتل عام لاءِ. بهرحال ترڪن جي راءِ موجب َ هي دانشور سنجيده ۽ مخلص ڪونه آهي . اورحان پامڪ جو ڪتاب ”برف“ هن پنهنجي نياڻي رويا کي ارپيو آهي. هن جو انگريزي ترجمو مارن فريلي (Maureen Freely) ڪيو آهي، جيڪو نيويارڪ مان ڇپيل آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”ڪارو ڪتاب“جو انگريزي ترجمو به مارن فريلي ڪيو آهي، جيڪو ترڪيءَ مان ڇپيل آهي. هي ڪتاب هن پنهنجي طلاق ڏنل زال ايلن (Alyin Turegun) کي ارپيو آهي.


    اورحان ويلي ڪانڪ ORHAN VELI KANIK

    اورحان ويلي ڪانڪ ORHAN VELI KANIK

    استنبول اهڙي ئي نالي سان مشابهت رکندڙ هڪ ٻئي اورحان کي به جنم ڏنوآهي، جيڪوهڪ منفرد شاعر هو. سندس پورو نالو اورحان ويلي ڪانڪ (۱۳ April ۱۹۱۴ – ۱۴ November ۱۹۵۰) هو. سندس پيءُ تمام وڏو موسيقار ۽ صدارتي بينڊ (The Presidential Symphony Orchestra)جو ميوزڪ ڪنڊڪٽر هو. ويلي ڪانڪ جي رڳ رڳ ۾ سر۽ لئي سمايل هئي. هي استنبول يونيورسٽي مان فلسفي جي تعليم اڌ ۾ ڇڏي، سرڪاري نوڪري ۾ دا خل ٿيو. هن شروعات ۾ پوسٽل کاتي ۽ پوءِ تعليم کاتي ۾ مترجم طور نوڪري ڪئي. سرڪاري نوڪري هن جي مزاج مطابق ڪون هئي تنهن ڪري هن استعفا ڏئي ڇڏي ۽ بعد ۾ هو freelanceمترجم ۽ صحافي ٿيو. اڪثر شراب ۾ ڌت رهندو هو ۽ ڏاڍو مزيدار قسم جو ماڻهو هو. ڪڏهن ڪڏهن طنزومزاح جي پردي ۾ زبردست شاعري ڪري و ٺندو هو. سندس موت ڦوه جواني ۾ ڇٽيهه سالن جي عمر ۾ برين هيمرج ڪري ٿيو هو، پر ان کان اڳ ۾ هو نشي جي حالت ۾ هڪ گٽر ۾ ڪري پيو هو ۽ بستري داخل هو. سندس شاعري بندشن کان آزاد ۽ لفظ لفظ کتل هوندو هو. هن جو آواز، انداز، ترنم ۽ تلفظ تمام بهترين هوندو هو. لفظن جي گهرائي ۽ پرجوش ادائگي ڪو هن کان سکي. هن جديد شاعري جي قدرن ۽ معيارن کي پراثر ڀائيندي آزاد نظم تي طبع آزمائي ڪئي. هن جي شاعري سڀني حلقن ۾ يڪسان مقبول آهي. هتي استنبول تي لکيل سندس هڪ شعر ڏيان ٿو جنهن جو عنوان آهي”مان استنبول کي ٻڌي رهيو آهيان“.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
    At first there is a gentle breeze
    And the leaves on the trees
    Softly sway;
    Out there, far away,
    The bells of the water-carriers, unceasingly ring;
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed;
    Then suddently birds fly,
    Flocks of birds, hihg up, with a hue and cry,
    While the nets are drawn in the fishing grounds
    And a woman's feet begin to dabble in the water.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
    Still giddy from the revelries of the past,
    A seaside mansion with dingy boathouses is fast sleep.
    Amid the din and drone of southern winds, reposed,
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
    A pretty girl walks by on the pavement;
    Four-letter words, whistles and songs, rude remarks;
    Something falls out of her hands
    It is a rose, I think.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed:
    A bird flutters around your skirt;
    On your brow, is there sweat? Or not? I know.
    Are your lips wet? Or not? I know.
    A silver moon rises beyond the pine trees;
    I can sense it all in your heart's throbbing.
    I'm listening to Istanbul, intent, my eyes closed.
    مان اکيون ٻوٽي
    استنبول کي ٻڌي رهيو آهيان
    پهريان ته نرم و نازڪ هير گهلي ٿي
    وڻ جا پن پري ٿي وڃن ٿا
    ڏور گهڻو ڏور
    مسلسل گهنڊڻيون و ڄن ٿيون
    مان اکيون ٻوٽي
    استنبول کي ٻڌي رهيو آهيان
    اوچتو پکي ڦڙڪو ڏين ٿا
    ولرهل مچائي اوچائي تي اڏري هليا وڃن ٿا


    ناظم حڪمت

    ناظم حڪمت
    ترڪيءَ جي سارن شاعرن مان جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو ترڪيءَ جي سڃاڻپ بڻيو ته اُهو ناظم حڪمت آهي. جيئري ته هن جي شهريت ختم ڪري کيس جلاوطن ڪيو ويو. شيخ اياز، فيض احمد فيض ۽ پئبلو نرودا جهڙي هن باغي شاعر کي مرڻ بعد ترڪيءَ شهريت واپس ڪئي وئي. ڇا جلاوطنيءَ جي زندگي ۾ اڪيلائيءَ ۾ جهري مرندڙ ملڪي شهريت قبول ڪري سگهي ٿو.سا ڳالهه ترڪيءَ جي حڪمرانن کان ڪير پڇي. ڀلا ماسڪو مان موت جي سرٽيفڪيٽ ملڻ بعد، ترڪيءَ مان سندس لاش کي مستقل شهريت جو ڊوميسائيل بحال ڪرڻ سان ڪو سندس روح راحت محسوس ڪئي هوندي. اهو سڀ ڪجهه هڪ عظيم شاعر جي روح سان مذاق ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ناظم حڪمت جي وارثن ۽ انساني حقن جي تنظيمن اهو اعزاز مدي خارج سمجهي واپس حڪومت جي منهن ۾ ڇو نه هنيو؟ اهو اعزاز ته ميدان حشر جي زينت ٿي سگهي ٿو، جتي نيڪ اعمالن جي ڪتاب ۾ آبرو جي بحاليءَ جي ترميم لاءِ رٿ ذريعي پيش ڪجي ها. ناظم حڪمت ته پنهنجي هيٺين نظم جيان آزاد ٿي چڪو هو.
    توهان پنهنجي اکين جوڌيان
    ۽ پنهنجي هٿن جو چمڪندڙ پورهيو،
    ضايع ڪري رهيا آهيو-
    ۽ ماني ڳڀي لاءِ پئسن کي مروڙي رهيا آهيو،
    جن مان اوهان کي ڪو خاص ذائقو نه ملندو.
    اوهان ٻين لاءِ غلام بڻائڻ جي لاءِ آزاد آهيو-
    اوهان اميرن کي وڌيڪ امير بڻائڻ جي لاءِ آزاد آهيو-
    جنهن گهڙي اوهان ڄاوا هئا،
    انهن اوهان جي چوڌاري ملون لڳايون هيون-
    جيڪي ڪوڙ گهڙينديون هيون-
    اهڙا ڪوڙ جيڪي اوهان کي ساري عمر ياد رهندا-
    توهان پنهنجي زندگي جي آزاد لمحن ۾ سوچيندا رهندا
    اوهان پنهنجي عبادت خاني ڏانهن آ ڱر کنئي
    آزاديءَ سان، آزاد ضمير سان
    توهان پنهنجي وطن سان پيار ٿا ڪريو
    جيڪو توهان جي دل جي ويجهو آهي
    جيڪو اوهان جي لاءِ ڏاڍو قيمتي آهي
    اهي ان کي آمريڪا کان به بهتر سمجهي سگهن ٿا
    ۽ توهان پڻِ-
    اوهان پنهنجي عظيم آزاديءَ سان
    اوهان کي اها پڻ آزادي آهي ته
    اوهان ڪنهن ٻئي جي لاءِ هوائي اڏو بڻجو
    اوهان اها دعوي ڪري سگهو ٿا ته
    هر ڪنهن کي جيئڻ جو حق آهي
    نه ڪنهن اوزار وانگر نه ڪنهن عدد وانگر
    يا ڪنهن ڳنڍيندڙ شئي وانگر
    پر هڪ انسان وانگر
    تنهن ڪري اهي ڪنهن موڙ تي
    اوهان کي هٿ ڪڙيون پارائن ٿا
    اوهان گرفتار ٿيڻ جي لاءِ آزاد آهيو
    اوهان جيل وڃڻ لاءِ آزاد آهيو
    ۽ ايستائين جو اوهان
    ڦاهيءَ چڙهڻ لاءِ به آزاد آهيو. You waste the attention of your eyes,
    the glittering labour of your hands,
    and knead the dough enough for dozens of loaves
    of which you’ll taste not a morsel;
    you are free to slave for others–
    you are free to make the rich richer.
    The moment you’re born
    they plant around you
    mills that grind lies
    lies to last you a lifetime.
    You keep thinking in your great freedom
    a finger on your temple
    free to have a free conscience.
    Your head bent as if half-cut from the nape,
    your arms long, hanging,
    your saunter about in your great freedom:
    you’re free
    with the freedom of being unemployed.
    You love your country
    as the nearest, most precious thing to you.
    But one day, for example,
    they may endorse it over to America,
    and you, too, with your great freedom–
    you have the freedom to become an air-base.
    You may proclaim that one must live
    not as a tool, a number or a link
    but as a human being–
    then at once they handcuff your wrists.
    You are free to be arrested, imprisoned
    and even hanged.
    There’s neither an iron, wooden
    nor a tulle curtain
    in your life;
    there’s no need to choose freedom:
    you are free.
    But this kind of freedom
    is a sad affair under the stars.
    ترڪيءَ ناظم حڪمت (۱۹۶۳-۱۹۰۲ع) کي مارڪسي نظريي جو پوئلڳ هجڻ جي سزا ڏني. هي واحد شاعر هيو، جنهن کليل لفظن ۾ آمريڪا جي داداگيرين کي ننديو. هي سترهن سال جيلن ۾ رهيو. سندس پي خارجه کاتي ۾ ملازم هيو، جنهن ٻڏل پراجيڪٽن ۾ پئسا لڳائي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن هن استنبول ۾ ڌنڌو شروع ڪيو ته سندس ڏيوالو نڪري ويو. هو ۱۹۰۹ع ۾ خارجه کاتي ۾ ترجمان مقرر ٿيو. آخر ۾ هو سينما جو مئنيجر ٿيو ۽ ۱۹۳۲ ۾ گذاري ويو. ناظم حڪمت استنبول ۾ پڙهيو ۽ بعد ۾ بحري جنگ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان خراب صحت ڪري ڪڍيو ويو. هن ماسڪو يونيوريٽي ۾ سوشيالاجي ۽ اقتصاديات پڙهيو ۽ ۱۹۲۰ع ۾ ترڪش ڪميونسٽ پارٽي جوائن ڪئي.۱۹۲۸ع ۾ هي ترڪيءَ موٽيو ۽ اخبارن، رسالن۾ لکڻ شروع ڪيائين. ان سان گڏ فلم اسڪرپٽ ۽ ڊراما پڻ لکيائين. کيس جيل موڪليو ويو پر ۱۹۳۵ع ۾ کيس معافي ڏني وئي. ۱۹۳۸ع ۾ وري کيس اٺاويهه سال چار مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو ۽ هي مختلف جيلن۾ رهيو.هتي هن ٻي شادي ڪئي. ۱۹۵۰ع ۾ بين الاقوامي دٻاءَ، احتجاجن تحت هن کي آزاد ڪيو ويو ۽ هي ٻيڙيءَ رستي ملڪ مان ڀڄي جان بچائي ويو. هن جي شهريت رد ڪئي وئي ۽ هن سوويت يونين ۾ پناه ورتي. هتي هن جي ملاقات امن جي نوبل پرائز يافته شاعر پئبولو نرودا سان ٿي. بعد ۾ هي صوفيه، وارسا ويو پر پوءِ هن ماسڪو ۾ مستقل رهائش ا ختيار ڪئي. دل جي عارضي ۽ ڊاڪٽرن جي منع باوجود هن آفريڪا، چين ۽ ڪيوبا جو سفر ڪيو ۽ ڪافي عرصو پئرس، روم ۽ پراگ ۾ گذاريو. هن ماسڪو ۾ ٽين شادي ڪئي، جتي ۳ جون ۱۹۶۳ع هن وفات ڪئي. کيس هتي ئي دفنايو ويو.
    ڊراما نويس جي حيثيت ۾ هن ٿيٽر جي دنيا ۾ کلبلي مچائي ڇڏي.مارڪس نظريي مان متاثر ڊرامن هن کي سوويت يونين ۽ ٻين ڪميونسٽ ۽ سوشلٽ ملڪن ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو. ۱۹۳۲ع ۾ مڊل ڪلاس فيملي جي منافقت ۽ لالچ تي لکيل سندس هڪ ”ڊرامي فوتيءَ جو گهر“ The House of the Deceased تمام گهڻي شهرت ماڻي.
    سندس هي شعر پنهنجي نوعيت جو ڪيڏو نه بهترين شعر آهي:
    اي منهنجا معالج
    تون ڇاٿو سمجهين
    منهنجي بيماري جو سبب
    سگريٽ نوشي ۽ اوجاڳا آهن
    ته،
    نا انصافي جي پيرن سان
    چٿجندڙ دنيا جي درد
    مونکي عليل ڪري ڇڏيو آهي


    حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت

    حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت

    اڄ اپريل جي ۲۱ تاريخ آهي. حسب معمول ناشتو ڪري ڪمري ۾ پهتم ۽ ڪلهه تائين ورتل سامان بيگ ۾ سٿيم. هتي هوٽلن جو ماحول تمام پر امن ۽ تحفظ وارو آهي. ڪمرن اندر چوريءَ چڪاريءَ جو ڪوبه انديشو ڪونه آهي، تنهن ڪري قيمتي سامان به جيڪڏهن ڪمري اندر وساري ٿي ويو ته واپسيءَ تي اهو محفوظ حالت ۾ ٿي مليو. باوجود ان جي ته ڪمري جي صفائي به ٿيل هوندي هئي، واش روم ۾ ٽوال شيمپو، لوشن وغيره به بدلائي رکيل هوندا هئا ۽ ميرا ڪپڙا پڻ ويڙهي سيڙهي ڪٻٽن ۾ ترتيب سان رکيا ويندا هئا. صفائيءَ لاءِ آسماني رنگ جي يونيفارم ۾ نوجوان ڇوڪريون مقرر ڪيل آهن، جيڪي ڏسڻ يا لنگهڻ وقت مهذب نموني سلام ڪنديون هيون. مان انهن منجهه هڪ ٻي شئي محسوس ڪئي ته اهي هرو ڀرو لنگهندڙ کان مفاصلو رکي شرافت جو نماءُ نه ڪنديون، پر مردن جيان پر وقار نموني آرام سان گذري وينديون. جيڪڏهن ڪنهن کٽل شئي جي طلب ڪبي ته sorry چئي، ٽراليءَ مان هڪدم کڻي، ڪمري ۾ ٺيڪ جڳهه تي رکي ڇڏينديون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتان جوLabour Class ڪيترو نه فضيلت وارو آهي. مان تيار ٿي، ڪمرو لاڪ ڪري، لفٽ طرف رخ ڪيو ته هميشه جيان روشني ڦهلجي وئي. هتي هوٽل جي گهٽين ۾ لائيٽ خودڪار آهي. جيڪڏهن ڪوبه لنگهندو ته ڇت جون لائيٽون پاڻ ئي ٻرڻ لڳنديون ۽ گذري وڃڻ بعد بند ٿي وڃن ٿيون. مان لفٽ رستي هيٺ آيم. جيئن ته ۵۳ دوستن جا مختلف گروپ ٺهيل هئا ۽ هرڪو ٽولا ٽولا ٿي ويٺو هو. ٻڌ سڌ بعد مون ان گروپ کي چونڊيو، جيڪو حضرت ايوب انصاريءَ جي مزار تي وڃي رهيو هو. ان سان گڏ اهي ڪافي صحابين جا نالا پڻ کڻي رهيا هئا، جيڪي استنبول ۾ مدفون آهن. گروپ جي سڀني ميمبرن طئي ڪيل وقت تي هوٽل ڇڏي پنهنجي پنهنجي پسند جي ماڳ ڏانهن رخ ڪيو. گروپ ۾ ڪجهه اهڙا به دوست شامل ٿيا، جن سڀ ڏينهن صرف شاپنگ پئي ڪئي ۽ گهمڻ لاءِ صرف بازارون پئي جهٽيون. مان انهن مان هڪ کان پڇيو ته ڇا اوهان جو استنبول اڳ ڏ ٺل آهي؟ چيائون نه. ته پوءِ توهان کي ڪڏهن تاريخي جڳهه تي ڪون ڏ ٺو آهي. هوندا ڪاٿي آهيو. چيائون استنبول ۾. مون سندن ا اسان جو گروپ حسب معمول ٽرام جي اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳو. رستي تي ڪنهن صلاح ڏني ته ٽيڪسي جو ڀاڙو ته معلوم ڪريون هڪ ٽيڪسيءَ واري اسان کي ۱۰ ليرا ڪرايو چيو جيڪو پاڪستاني لحاظ سان سا ڍا پنج سئو پئي ٿيو. اسان سوچيو چار ڄڻا آهيون، هونئن به هر هڪ تي ٻه ترڪش ليرا جي حساب سان اٺ ليرا خرچ ايندو ۽ پوءِ به رستن تي پڇ پڇان جي خواري، سو ٽيڪسيءَ ۾ هلجي، ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي اسان ٿوري مسافري بعد هڪ ڪشادي چوڪ تي پهتاسين، ان جي سڄي پاسي حضرت ايوب انصاري جي مزار ڏسندي ڊرائيور بريڪ هنئي، ڪرايو ڏئي اڳتي وڌياسين. مزار جي احاطي ۾ داخل ٿيندي ئي سوين ڪبوترن هڪ وڏي ڦڙڪي سان اسان سان ٽڪرائجي هيڏانهن هوڏانهن اُڏاڻا. هتي مزار لڳ ابو ايوب مسجد آهي جتي اسان جا فوٽو ڪڍياسي ۽ ايندڙ ويندڙ کان پنهنجا فوٽو به ڪڍرايا. هتي ترڪ ماڻهن ۾ اها خاصيت آهي ته جيڪڏهن ڪو فوٽوءَ لاءِ ڪئمرا اک تي رکندو ته هڪدم بيهي رهندا ۽ تيسيتائين ا ڳيان نه لنگهندا جيستائين فوٽو بعد ڪئمرا اک تان نه ٿي لهي.اسان ا خلاقن Thank you پئي ڪئي سي ۽ هنن مرڪي ڪنڌ پئي ڌوڻيو. مسجد ٻاهران شيڊ لڳل آهن، جتي زائرين ڪافي وقت سج جو تڙڪو و ٺڻ لاءِ ويٺل آهن. انهن مان ڪي ا خبار پيا پڙهن ته ڪي چاءِ پيا پيئن. مسجد جي اَڱڻ ۾ هڪ اوائلي وڻ آهي، جيڪو پئنوراما ميوزيم ۾ پڻ نمايان هو. اسان جوتا ٿيلهي ۾ کڻي روزي جي ننڍي در مان اندر داخل ٿياسين. اندر چانديءَ جي ڄاريءَ ۾ محمد جو ميزبان اسان آڏو هو ۽ اسان جي بلڪل پويان کاٻي پاسي، حضرت محمد صلي الله عليہ وآلھٖ وسلم جو Foot Print ڀت ۾ آويزان ٿيل هو. مقبرو اندران ايترو ڪشادو ڪونه آهي . روزي اندر هڪ بند دروازو پڻ هيو جيڪو پتل جو پئي لڳو ۽ تمام زبردست هئو. مون سان گڏ آيل دوست سيپارو کڻي ڪنڊ ۾ دور ڪرڻ لڳا. دعا بعد اسان مسجد کان ٿيندا ٻاهر نڪري آياسي. چوڌاري هڪ وڏو قبرستان آهي. پٿر جي قبرن تي اُڀيون پڳون آهن يا پٿر جون تختيون. قبرستان ۾ تمام صفائي آهي ۽ سڪون پڻ. حضرت ايوب انصاريءَ جو اصل نالو خالد بن زيد آهي. سندس واسطو مديني پاڪ جي قبيله بنو خزرج سان آهي. هي مرد مومن شروع ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪو هو ۽ هن کي ئي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلھٖ وسلم جي ميزبانيءَ جو شرف حاصل ٿيو. نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلھٖ وسلم جي پنهنجي خواهش موجب هو سڀني جنگين ۾ ساڻس گڏ رهيو. حضرت علي ڪرم الله وجھ کيس مدينه منوره جو گورنر پڻ مقرر ڪيو هيو.منحوس يزيد جڏهن قستنطنيه تي حملو ڪيو ته ان وقت به حضرت ايوب انصاري ان سان گڏ هيا ۽ اتي ئي تمام بيمار ٿي پيا ته يزيد سندن طبيعت پڇڻ آيو. حضرت ايوب انصاري پنهنجي هڪ خواهش ظاهر ڪئي ته جڏهن هو مري وڃي ته سندس لاش کي گهوڙي تي رکي دشمن جي زمين ۾ جيترو اڳتي کڻي وڃڻ ممڪن هجي اوترو کڻي وڃجي ۽ اتي ئي دفن ڪري ڇڏجي. جڏهن سندن وصال ٿيو ته يزيد ان وصيت تي عمل ڪندي، تمام پري قستنطنيه جي هڪ اوچي ديوار جي ڀر ۾ کيس دفن ڪرائي ڇڏيو. جڏهن سلطان محمد فاتح استنبول فتح ڪيو ته ان کي حضرت ايوب انصاري جي قبر جي تلاش هئي. کيس خواب ۾ هن جگهه جي بشارت ٿي، بعد ۾ اُن جڳهه تي جامع مسجد ابو ايوب اڏرائي وئي.
    هن مسجد جي صحن جي بلڪل اڳيان واري پاسي هڪ ٻه اهڙا به دڪان هئا، جن تي هر شيءِ جو ملهه ساڳيو هو. ڪائونٽر تي نوجوان ڇوڪريون گم سم ويٺيون هيون، جتان اسان ڪافي سارا رانديڪا ۽ ٻيون ننڍيون سوکڙيون ورتيون. اسان اتي ئي هڪ هوٽل ۾ چاءِ پيتي، جيڪا تمام ڪڙڪ ۽ ذائقي ۾ بهترين هئي. اسان ابو ايوب مسجد جي قبرستان طرف کلندڙ در مان گذري ٻاهر آياسين. هي هڪ سيمنٽ جو ٺهيل ڪشادو رستو هيو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پراڻيون قبرون هيون. قبرن جي سيرانديءَ کان ڪن تي پڳ ته ڪن تي ٻه ٽي فٽ اوچي تختي هئي. قبرون پڪيون ۽ چوطرف صفائي ٿيل هئي. مختلف پڪن رستن مان گذرندا اسان ٻاهر نڪري آياسي. هتي هڪ بازار هئي جتي تسبيحون، منڊيون، اسڪارف، مصلا، سنگ مرمر جا آيتن وار نمائشي ٽيبل شوپيس، چاٻين جا ڇلا، ڇوڪرين جا ڪنگڻ، بريسليٽ، ڦڻيون، اسلامي ۽ دعائن جا ڪتاب، مختلف نمونن جو نماز لاءِ ٽوپيون ۽ ڏسي ڪنهن ميلي جو گمان پئي ٿيو. قيمتون اسان جي سوچ کان گهڻيون سستيون هيون. منهنجي دوستن ته ايترو سامان ورتو جو ٿيلهيون ڀرجي وين. هن بازار ڀرسان چونو پلستر ٿيل پراڻيون رهاشي جايون هيون.


    ايشيا وارو استنبول

    ايشيا وارو استنبول

    اسان زيارت ۽ شاپنگ بعد ٽرام ۾ چڙهي پياسين. ڪافي اڳتي هلي محسوس ٿيو ته اسان شايد غلط رستي ڏانهن پيا وڌون. اسان جي گروپ جو هوشيار ميمبر به هڪ نهايت خوبصورت ڇوڪريءَ سان گڏ سيٽ ملڻ تي خاموش بت بڻيو ويٺو هو، نه ته هر رستو اهو ئي ٻڌائيندو هو. اسان ان کي زبردستيءَ اٿاري ٽرام مان هڪ نامعلوم اسٽيشن تي لهي پياسين. هتي استنبول کي چوڌاري ڏنل پراڻي ديوار جا آثار هيا ۽ مکيه دروازو پڻ، جنهي کي سٽي وال پئي چيائون. هيءَ اها ديوار هئي، جيڪا فتح َوقت توب جي گولن سان ڪيرائي وئي هئي. هي ديوقامت ديوارون شهرچوڌاري تحفَظ لاءِ جوڙايون ويون هيون. حيدرآباد جي قلعي کان وٺي استنبول جون ديوارون هينئر تحفَظ بجاءِ هر وقت عدم تحفَظ جو احساس ڏيارين ٿيون. يونيسڪو کان وٺي آ ثار قديمه تائين مڙني وٽ انهن جون لسٽون ته موجود آهن، باقي مڙئي خير آهي. اسان ديوار جي اندران وارا حصا گهمي ڦري جلدي موٽي آياسين. ڇو ته يڪراءِ ٿي اهو فيصلو ڪيوسون ته هاڻي ايشيا وارو استنبول ٿا گهمون. هاڻي اسان کي هڪ وسيع روڊ پار ڪرڻو هو، جنهن لاءِ پيادل هلڻ وارن واريءَ پل طرف وڌياسين.


    هڪ سريلو فقير

    هڪ سريلو فقير

    اسان ڀٽڪيل مسافر جيئن جيئن ڏس پتو پڇائيندا، هڪ فلاءِ اوور جون ڏاڪڻيون مٿي چڙهندا پئي وياسون ته هڪ سريلي ساز جو آواز ويجهو محسوس ٿيندو ٿي ويو. جڏهن ڏاڪڻ چڙهي سڌا ٿياسين ته سامهون پل جي پاسي سان هڪ فقير تي نظر پئي، سندس سيني سان اڪارڊين (Accordion) چهٽيل هئي ۽ هو پنهنجي ڌن ۾ مگن هو. ڪو country song هوندو، پر رڌم ۾ پئي وڄايائين. هن جي پاسي ۾ هڪ تيرهن چوڏهن سالن جي معصوم ڇوڪري هٿ ۾ پلاسٽڪ جو شفاف گلاس کڻي، ايندڙ ويندڙ ڏانهن التجا واريون نظرون ڌري رهي هئي. نٽهڻ اُسَ ۾ به سيءَ ۾ به ٿڙڪي رهي هئي. سندس ڪاري جيڪيٽ جا ڪالر مٿي هئا. پل ڪراس ڪندڙ راهگير، سندس گلاس ۾ خيرات طور ڪجهه سڪا پئي وڌا ۽ اڪارڊين پليئر فقير جيڪو شايد انڌو هو، سڪن جي کڙڪي تي chord هڻي، اڪارڊين جي ڌنوڻ کي ڇڪي سندن مهرباني پئي مڃي. مان کيسي ۾ موجود سمورا سڪا ڪڍي گلاس ۾ وجهي ڇڏيا ۽ هن موسيقار جي آڱرين ڏي تڪڻ لڳم. سندس آڱريون octaves تي ترڻ لڳيون. مان بيهي رهيم. اڪارڊين جو آواز به ائين آهي ڄڻ ڪنهن دم جي مريض ابهم ٻار کي اوچتو nebolizer ملي وئي هجي. مان ساه جي لرزش کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن هو ڌن کي ختم ڪرڻ لڳو ته سائونڊ fade out ٿيندو ٿيندو هوائن ۾ هليو ويو. اوچتو ڌن مٽجي وئي، شايد ڪنهن واٽهڙوءَ جي فرمائش تي. هاڻي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ بنجارن جي بستي جي ڪنهن ميلي ۾ بيٺو هجان.” اڇا هوگا ايڪ شيشي ڪا گلاس تم ڀي اٺالو. ڪتنا انتظار ڪرايا هي“ ا ڳتي نڪري ويل دوستن مان هڪ واپس ٿي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو. Sorry يار. مان شرمندو ٿي هنن سان هلڻ شروع ڪيم.
    اسان جي هٿ ۾ ٽريول نقشو آهي ۽ تلاش آهي هڪ عدد ٽرام اسٽيشن جي . نقشي جي نشانن جي مدد سان ۽ پڇائيندي پڇائيندي اڳتي وڌندا پئي وياسين. پري کان ٽرام اسٽيشن نظر آئي. اسان ٽوڪن وٺي هوشيار دوست کي پارت ڪئي ته جيڪڏهن شرافت سان ويهين ته ٺيڪ آهي، نه ته لهي پوئون؟ ان نهايت ئي محتاط دوست پنهنجي ڀرسان ويٺل مسافر کان سنئون سڌو رستو پڇيو.جنهن ٻڌايو ته Ferry Service بهتر آهي. اسان کي صلاح سٺي لڳي ۽ ان جي ٻڌايل Stop تي لهي، بندر طرف پنڌ شروع ڪيوسين. ٽوڪن وٺي هڪ ڪشادي Lounge ۾ Ferryجي انتظار لاءِ ويهي رهياسين. Commuter Ferries جي شروعات۱۸۳۷ع ۾ ڪئي وئي، جيڪي ڪوئلن تي هيون. ڪجهه لمحن کانپوءِ گهنٽي وڳي ۽ اسان شيشي جي دروازي ڀرسان اچي وياسين. اسان سان گڏ نوجوانن جو ڪافي وڏو انگ هيو، ڪجهه يورپي ڇوڪريون پڻ وڏا وڏا پرس ڪلهن ۾ گيٽ طرف وڌيون. اسان سڀ داخل ٿي هڪدم جهاز جي ڇت تي چڙهي وياسين ته جيئن سمنڊ جو نظارو ڪيون. هتي سرد هوا عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. چوطرف نهار ڪئيسين ته پري پري آباديون، پليون ۽ بحري جهاز نهايت خوبصورت منظر ڏئي رهيا هئا. جهاز اندر جهٽڪن تي نوجوان جوڙا لمڪا ڏئي پاڻ کي هڪ ٻئي مٿان اڇلي رهيا هئا. هتي اسان جي هڪ دوست حسرت وچان چيو: ”ڪاش ڪو هجي ها، جيڪو مون کي به ائين پيار مان لوڏي ۽ جهومائي ها!“ مون جواب ڏنو مانس ته مان جوآهيان. اجازت کپي باقي توکي کڻي سمنڊ ۾ اهڙو ڌڪو ڏينداسين جو ترو وڃي وٺندين. هتي ڪي ٻيڙيءَ جو پاسو وٺي سگريٽ جي ڊگهن ڪشن مان لطف اندوز پئي ٿيا، ڪن شرارتي جوڙن ٻانهون کولي ٽائيٽينڪ فلم جي ٽائيٽل وارو گانو پئي گنگنايو. ڪن نوجوان پريمي جوڙا جذبات تي ڪنٽرول نه ڪندي نازيب حرڪتون پئي ڪيون.
    ان قسم جي شرارتن تي چوطرف ويٺل مسافرن جي چهرن تي ڪابه حيرانگي يا ڪاوڙ محسوس ڪونه پئي ٿي، جو اهو هتي ائين روز جو معمول آهي. ان تي هڪ لطيفو ياد ٿو اچيم، سو ڇو نه پڙهندڙن سان به شيئر ڪجي، ته ٻڌو،”ڪو همراهه پاڪستان مان الازهر يونيورسٽي (مصر) ۾ اسلامي علوم پڙهڻ ويو، جڏهن واپس موٽيو ته دوستن پڇيس ته ڏي ته خبر اُتي ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به نظر آيئي. تنهن تي همراهه چيو: ها ير، ٿيو هيئن ته مون سان هڪ مصري ڪلاس ميٽ ڏاڍي فري ٿي وئي، هڪ ڏينهن مون تي چيائين، ته هاڻ منهنجي سالگرهه آهي ۽ تون منهنجو پيارو دوست آهين، آءٌ چاهيان ٿي ته سالگرهه توسان گڏ سيلبريٽ ڪريان. مون به کڻي هامي ڀري، جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو ته خبر پئي ته هن اهڙو بندوبست قاهره جي هڪ عاليشان هوٽل جي ڪمري ۾ ڪري رکيو آهي. اُتي وڃڻ تي پتو پيو ته سندس سالگرهه واري ڏينهن لاءِ آءٌ ئي اڪيلو مهمان آهيان سو جڏهن سالگرهه جي تقريب شروع ڪيائين ته اول روم جو دروازو لاڪ ڪيائين ۽ ڊيڪ چالو ڪري مست مست ڌنون وڄايائين. ان بعد جوش ۾ ڀرجي وئي مون کي اُٿڻ لاءِ اشارو ڪري گڏجي ڊانس لاءِ چيائين. ڊانس ڪندي ڪندي اوچتو کڻي منهنجي ڪوٽ جا بٽڻ کوليائين، هيئن اسان جي ملڪ ۾ ته ڪونه ٿيندو آهي، مان سوچڻ لڳس.
    همراهه تڪڙو پڇيس پوءِ ڇا ٿيو.
    چيائين پوءِ ته ان منهنجا سمورا ڪپڙا هڪ هڪ ڪري کڻي لاٿا- ۽ اهو ئي، همراهه ماٺ ٿي ويو، ته پڇندڙ چيو، پوءِ ڇا ٿيو؟
    همراهه چيو پوءِ ادا هم نه ڪيئن تم رن پنهنجا ڪپڙا به کڻا لاٿا، اهو چئي همراهه وري ماٺ ٿي ويو.
    پڇندڙ جو تجسس ويتر وڌي ويو سو کائنس پڇيائين ڀلا پوءِ ڇا ٿيو؟
    همراهه منهن ميسوڻو ڪندي وراڻيو، بس ادا پوءِ اهو ٿيو جيڪو هت به ٿيندو آهي. ايئن پئي لڳو ڄڻ اها ڪا عام رواجي حرڪت هجي. ٻيڙيءَ ۾ ڪجهه پوڙهن جوڙن ته لهرن جي جهٽڪن تي توازن برقرار نه هجڻ ڪري سيٽ کي زور سان پئي سنڀاليو يا هر هر لڪڻ کي مضبوطي مان پئي پڪڙيو. هڪ Walker ۾ ويٺل گڏي جهڙي بيبي اکيون ٽم ٽم ڪري هيڏاهن هوڏاهن نظرون ڦيرائي رهي هئي . مان هيٺ اوڪڙو ويهي ان گڏي کي جو پتڪڙو هٿ پڪڙي kiss ڪيم، ته هن ڪپهه جهڙو نرم هٿ پاڻ ڏانهن ڇڪيو. مان پنهنجي جڳهه ورتي. ڪينئن هئي بيبي جي ماءُ. منهنجي دوستن هم آواز ٿي پڇيو؟ مان ڏاڍو لڄي ٿيم ۽ کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته منهنجي دل صرف ان معصوم پري ڏي ئي سٽ کاڌي هئي. منهنجي ڌيءُ دعا به ستڙي ڄائي هئي ۽ ان وانگر ڪمزور ۽ نازڪ هوندي هئي. اوهان جي ذهنيت گندي آهي. پر سندس ماءَ به گهٽ ڪونه هئي، جيڪا تنهنجي ويجهو اچي ويٺي هئي. وڏو استاد آهين. هن دفعي توکي بخشيون ٿا ٻيهر اهڙي حرڪت ڪرين ته اسان کي به به ڀائيوار رکجانءِ! اها هڪ وارننگ هئي.
    ڪائونٽر تان مسافرن چانهه، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ سگريٽ پئي ورتا. فيريءَ جو هيءَ سفر تمام سٺو هيو. ايتري ۾ اسان ٻئي ڪناري جي ويجهو ٿيڻ لڳاسين ۽ ڪجهه تڪڙن مسافرن اڳ ۾ ئي در جو رخ ڪيو. جهاز لامارو ڏيندو لنگر انداز ٿيو ۽ اسان هيٺ لهي ايشيا ۾ ڪيديڪواءِ Kadikoy جي علائقي ۾ پهچي وياسين، جنهن کي بائزنٽائن جي بنياد وقت ” انڌن جي ڌرتي“ پڪاريو ويندو هئو. بندرگاهه تمام مصروف ۽ ڪشادو هيو. چوڌاري نگاهه ڪرڻ سان سوين سال پراڻيون عمارتون نظر آيون. ڪناري تي اسان کي هڪ مجسمو نظر آيو، جنهن ۾ ڪمال اتا ترڪ کي ٻن اسڪولي ٻارن کي ڪجهه تلقين ڪندي ڏيکاريو ويو هو. هي مجسمو بلڪل سون جو پئي لڳو ۽ تمام خوبصورت هو. ٻارڙن جي حوالي سان ته ڪمال اتا ترڪ بي اولاد هيو. هن ست نياڻيون ۽ هڪ ڇوڪرو هنج ورتيون.


    مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ

    مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ

    ڪمال اتاترڪ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، پوءِ به ورجائيندو هلان ته هو ۱۸۸۱ع ۾ سئلونيڪا ۾ پئدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو علي رَضا آفندي هيو. ۱۸۸۸ع ۾ هو پرائمري اسڪول ۾ هيو ته هن جو والد وفات ڪري ويو. هي ڪجهه وقت رپلاRapla ۾ پنهنجي چاچي وٽ رهيو. بعد ۾ هو فوجي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ۾۱۸۸۹ع هو Monastir Military Senior High School مان تعليم پرائي استنبول آيو. ۱۹۰۲ع ۾ هو ليفٽيننٽ ٿيو ۽ ۱۹۰۵ع ۾ ڪپتان. ۱۹۰۷ع ۾ هن کيAdjutant Major جو درجو مليو. ڪمال اتا ترڪ خلافت جو سخت مخالف هو ۽ آزاد خيال هو. وقت جو خليفو عبدالمجيد هن جو جاني دشمن هو. هن گهڻن کي ڪمال اتا ترڪ جي سوپاري ڏني، پر هر دفعي هو بچي ويو. هن فتويٰ ڏياري کيس باغي ۽ گمراهه مسلمان قرار ڏنو. جڏهن ڪمال اتا ترڪ، ترڪي کي اندروني ۽ بيروني دشمنن مان نجات ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائي، ته ان وقت حالت اها هئي، جو نه رستا هئا، نه فوجي سازو سامان. پراڻين رائيفلن تي گذارو ڪيترو هلي ها. نه ته ملڪ ۾ ڪو ڍنگ جو ڪارخانو هو، نه آمد رفت جا ذريعا. جڏهن ڪمال اتا ترڪ اقتدار ۾ آيو ته ان وقت ملڪ ۾ نوي سيڪڙو ماڻهو اڻپڙهيل هئا ۽ ا ڄ پنجاسي سيڪڙو پڙهيل آهن. هن محسوس ڪيو ته عربي رسم الخط ترڪيءَ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي. هن ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ڪانفرنس ڪو ٺائي ۽ انهن کان سوال ڪيو ته عوام کي لاطيني ابجد ۾ ترڪي سيکارڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ لسانيات جي ماهرن وراڻيو: پندرهن سال. ان تي ڪمال اتا ترڪ چيو ته ”مان توهان کي ڇهه مهينا ڏيان ٿو. ڇهن مهينن کانپوءِ ترڪيءَ جون سموريون اخبار لاطيني اکرن ۾ ڇپيا. ماڻهو حيران ٿي ويا ته ايترو جلدي ايڏو وڏو ڪم ڪيئن ٿي ويو. ٻئي طرف عالم سڳورن ڪمال اتا ترڪ خلاف ”ڪافر“ جي فتوي جاري ڪري ڇڏي. انهن واويلا ڪئي ته ڪمال اتا ترڪ خدا ۽ ان جي رسول جي زبان سان هٿ چراند ڪئي آهي . ان جي برعڪس ڪمال اتا ترڪ ڇا ڪيو، جو صدارتي سڪيورٽي ۽ پروٽوڪول کان بغير، چاڪ ۽ بورڊ کڻي انهن آبادين ۾، جتي جتي مذهبي جنوني رهندا هئا هليو ويندو هو ۽ وڻ هيٺان بورڊ رکي ماڻهن کي قائل ڪندو هو ته لاطيني رسم الخط ۾ ترڪي زبان ڪيئن پڙهجي. سندس ٻاريل ڏيئو ا ڄ به قائم ۽ دائم آهي.
    کيس ٽرڪش گرانڊ نيشنل اسيمبليءَ اتا ترڪ جو خطاب ڏنو. هن کي ترتيبوار ۲۴ اپريل۱۹۲۰ع ۽ ۱۳ آگسٽ ۱۹۲۳ع تي هائوس جو اسپيڪر ۽ ۲۹ آڪٽوبر ۱۹۲۳ع ۾ جڏهن ترڪي جمهوري رياست بڻيو ته کيس لوڪ راڄ صدر بڻايو. هو مسلسل چار دفعا ترڪيءَ جو صدر رهيو. هن ۲۹ جنوري ۱۹۲۳ع ۾ لَطيف حانم سان شادي ڪئي. جيڪا گهڻو وقت نه هلي. هن۱۹۳۷ع ۾ پنهنجا فارم اسٽيٽ ٽريزري کي ڏنا، ملڪيتون انقره ۽ برسا جي ميونسپالٽين ۽ نج موروثي ملڪيتون ڀينرين ۽ نپايل اولاد کي ڏنائين. هن عَظيم ليڊر کي موسيقي، ڪتاب، گهوڙي سواريءَ ۽ رقص سان لڳاءُ هيو. هن پهنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي . هو خوش لباس رهندو هيو ۽ فرانسيسي ۽ جرمن زبان روانيءَ سان ڳالهائيندو هيو. ۱۰ نومبر ۱۹۳۸ع اهو نڀاڳو وار هيو، جنهن ڏينهن استنبول جي دولامباچي محل ۾ هي تاريخ ساز هستي جيري جي بيماري ۾ وفات ڪري وئي. کيس انقرهه ۾ دفن ڪيو ويو. يقينن هي سچو سپوت امر آهي. سندس ملڪ جا ماڻهون کيس ڪنهن وليءَ جيان پوڄن ٿا.
    مون مجسمي جي ڏاڪڻ تي ويٺل هڪ ننڍي ڇوڪريءَ کان گاڏر ساڏڙ انگريزيءَ ۾ ڪجهه سوال ڪيا. جواب ۾ هو خاموشيءَ سان صرف منهنجي منهن کي تڪيندي رهي. شايد هتي انگريزي ايتري عام ڪونه آهي. عام بازارن ۾ پڻ ترڪي ٻوليءَ کان علاوه عربي گهڻي ڳالهائيندي ٻڌڻ ۾ آئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ٻڌائيندي ڪنهن به ترڪي ماڻهو جي منهن تي عجيب رونق پئي محسوس ٿي، جنهن مان اندازو لڳو ته هنن کي اسان جي ملڪ سان ڪا خاص انسيت آهي. روڊ ڪراس ڪري بازار ۾ گهڙي پياسين. بازار تمام مهنگي هئي ان بازار ۾ گهما گهمي ڪونه هئي، هتي بازار جا رستا ويڪرا ۽ انهن پويان پراڻيون بلڊنگون هيون. باقي کاڌو هڪ هوٽل ۾ نهايت سستو ۽ سٺي ءَڪوالٽي وارو مليو. هتي بوٽ پالش لاءِ سينگاريل مخصوص ٽيبلون هيون. جن تي گولڊن ڊزائن جو ڪم ٿيل هو. اڃان هن هنڌان گهمڻ مان دل ڪانه ڀري هئي، پر ڇا ڪجي سج لهڻ وارو هو ۽ مون سان گڏ دوستن نئين مسجد طرف رخ رکيو، مون کي به مجبورن سندن پويان پويان هلڻو پيو.


    نئين مسجد

    نئين مسجد

    هي نئين مسجد New Mosque آهي ۽ سندس ننڍي در تي (Eminonu ۱۵۹۷-۱۶۶۳) Yenicamii لکيل هيو، جنهن منجهان اسان داخل ٿي اندر آياسين. ييني مسجد، نئين مسجد يا وليد سلطان مسجد استنبول جي ايمينونو ضلعي ۾ آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن مسجد جو پراڻو نالو نئين راڻي ماءُ مسجد هو، ڇا لاءِ ته راڻي ماءُ مسجد اڳي ئي هئي، ان ڪري سندس نالي پٺيان ’نئين‘ لفظ جو اضافو ڪيو ويو. هن مسجد استنبول جي مڙني مسجدن کان ٺهڻ ۾ جهجهو وقت ورتو. آرڪيٽيڪٽ دائود پاشا يا آَغا هن مسجد جو ڪم صفيه سلطان جي چوڻ تي شروع ڪيو هو، جيڪا سلطان مراد ٽئين جي گهرواري هئي. مسجد جي اڏاوت جو ڪم ڪجهه عرصي لاءِ روڪيو ويو هو، ڇو ته آرڪيٽيڪٽ ان وچ ۾ گذاري ويو. مسجد جو ڪم ۱۶۰۵ع کان ۱۶۶۱ع تائين ان ڪري رڪيل هو، جو پئسن جي کوٽ هئي ۽ ٻي وجهه ته اها سمنڊ سان بلڪل مليل هئي، جنهن ڪري ڪافي مشڪلاتون پيش پئي آيون، بهرحال ڪجهه انجينئرن ان جي تعمير جاري رکي. ظاهري طور مسجد جا ٻه مينار آهن ۽ پنج در اٿس ۽ هڪ عاليشان قسم جو ڦوهارو پڻ لڳل اٿس. ان مسجد جي محرابن جي چوٽيءَ تي سون جهڙي نوڪدار شيءِ آويزان آهي. پري کان ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته مسجد تي ڇاهٺ ۶۶ قبا آهن ۽ ننڍڙا قبا جيڪي مصر جي احرامن جيان ڪنڊائتا پيا لڳن. مرڪزي قبو ڇٽيهه ميٽر اوچو ۽ چئن ننڍن ننڍن قبن جي ٽيڪ تي بيٺل آهي. اها خصوصيت جيڪا هن مسجد کي استنبول جي ٻين شاهي مسجدن کان ممتاز ڪري ٿي سا آهي هن جو صحن، جنهن جي چوڌاري چوويهه قبا آهن. ڪشمور جي تنگواڻي تعلقي ۾ مون هڪ اوائلي مسجد ۾ قبن جي اهڙي ڊزائن ڏٺي هئي. اندروني ساخت کي ڏسبو ته مسجد نيرين، ساين ۽ سفيد ٽائيلن سان سينگاريل آهي. هنن ٽائيلن جو معيار استنبول جي ٻين مسجدن کان گهٽ آهي.
    جيئن ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي، ان ڪري اسان هاڻي تڪڙا تڪڙا ساڳي رستي سان واپس ٿيڻ لڳاسين. ڪجهه دير بعد اسان هوٽل پهتاسين، ڇاڪاڻ ته ٻي ڏينهن جي تياري به ڪرڻي هئي، ڇو ته HRDN پاران سڀاڻي Training رکيل هئي. مون ڪافي گهرائڻ لاءِ انٽرڪام تي ڪچن جو نمبر هنيو ۽ فرج مان پاڻي ڪڍي پيتم. جيسيتائين چاءِ اچي مان ڊجيٽل ڪيمرا کولي ڦوٽو ڏسڻ لڳم. هي ڇا پراڻا ڦوٽو ڪاڏي ويا؟ پوءِ ياد پيو ته ڪيمرا جو پهريون ميموري ڪارڊ فل ٿي چڪو هيو ۽ مون نئون ڪارڊ وڌو هيو. ايتري ۾ چاءِ به اچي وئي. هوٽل جي ڪافي ۾ بنهه مزو ڪونه هو ته طبعيت ۾ به.پردو هٽائي هوٽل جي دري کوليام ته هيٺ گاڏين جي لائين نظر آئي. دوڪانن ۽ فاسٽ فوڊ جي هوٽلن تي ٻارن ۽ عورتن جي رش لڳل هئي. مان موبائل ۾ پنهنجي پٽن صارم، حمدان ڌيءُ دعا ۽ گهرواريءَ جا، حيدرآباد جي سندباد پلي لينڊ وارا نڪتل ڦوٽو ڏسان ٿو. موبائل تي اتفاق سان گهران رنگ اچي ٿي. سڀني سان ڳالهايان ٿو ۽ موڊ صحيح ٿي وڃي ٿو.


    ٽريننگ جو ڏهاڙو

    ٽريننگ جو ڏهاڙو

    BUILDING THE CAPACITIES, VISION TO CHANGE, POWER TO ACT
    ٻاويهين اپريل جي صبح سوير اٿيم، ڇو ته نائين وڳي هوٽل جي Basement تهه خاني ۾ ٽريننگ رکيل هئي. ناشتو ڪري ٽريننگ واري هنڌ پهتم. نالي ۽ ڦوٽوءَ وارو ڪارڊ، شيڊيول، پينسل، رسالا ۽ مواد وٺي اندر داخل ٿيم. مقرر وقت تي پروگرام شروع ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ ڀليڪارڪئي وئي. دوستن جو تعارف ۽ بعد ۾ استنبول شهر ۾ HRDN جي دوري تي مختصر تقرير ڪئي وئي بعد ۾ مقررن طرفان مختلف موضوعن تي ليڪچر ۽ خيالن جي ڏي وٺ ۽ سوال جوابن جو سلسلو ٿيو ۽ چانهه جي وقفي کانپوءِ هڪ سادي پر پروقار تقريب ۾ سڀني کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ساڳي ڏينهن HRDN ۾ مانجهاندي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هيو، سو آخري فلور تي اچي ماني کاڌيسين.
    ڪانفرنس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا هڪٻئي سان تمام گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. قائد اعظم محمد علي جناح به پاڪستان کي ترڪيءَ وانگر جديد ۽ سڪيولر ڏسڻ پيئي چاهيو. ترڪيءَ ۾ قائد اعظم کي نهايت احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انقراه ۾ هڪ اهم شاهراه ان جي نالي سان منسوب آهي. اهڙيءَ طرح اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچيءَ ۽ پشاور ۾ ڪمال اتاترڪ جي نالي سان شاهراهون منسوب آهن. ساڳي وقت لاڙڪاڻي ۾ هڪ عظيم الشان اتاترڪ ميموريل. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي مضبوطي ۽ اقتصادي حالتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۱۹۶۴ع ۾Regional Cooperation for Development جو قيام عمل ۾ آيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان مان ڪنهن به قسم جو لاڀ حاصل ڪونه ٿيو. ۱۲ سالن جي مڪمل ناڪاميءَ کان پوءِ ۲۲ اپريل ۱۹۷۶ع ۾ ٽنهي ملڪن جا سربراه ازمير ۾ مليا ته جيئن ۱۹۶۴ع واري پڌرنامي ۾ ڪجهه ترميمون ڪري سگهجن. هن صلح نامي تي ۱۹۷۷ع ۾ صحيحون ڪيون ويون، پر خبر ناهي ڇو ڪجهه حاصل ٿي نه سگهيو. جنوري ۱۹۸۵ع ۾ ساڳين ٽنهي ملڪن هڪ نئين تنظيم جوڙي ورتي، جنهن جو نالو اڪانامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن رکيو ويو. تازو اسلام آباد کان استنبول تائين هڪ بين الاقوامي ڪنٽينر ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو ويو ته جيئن ترڪي ۽ ايران سان وڻج واپار ۾ واڌ ٿئي. نومبر ۲۰۰۹ع ۾ ترڪيءَ جي وزير اعظم طيب اردوگن پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن ۾ کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهڙيءَ طرح ترڪيءَ جي وزير اعظم طيب اردوگن گڏيل پارليامينٽ کي پڻ خطاب ڪيو ۽ ٻنهي ملڪ ۾ خيالن جي هم آهنگي ڏٺي وئي. ساڳي وقت سعودي عرب ۾ کيس اعليٰ ترين ايوارڊ(King Faisal Prize for service to Islam) سان نوازيو ويو آهي.
    سيمينار ختم ٿيو ته سڀ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ڏانهن روانا ٿيا. ڪافي ليڪچرمٿان مٿان گذري ويا ۽ ڪي مزاق جي ور چڙهي ويا. هتي ٻارهين جي (Annual Trainers’ Retreat) ووٽنگ به ڪرائي وئي. چين جا ووٽ وڌي ويا هئا. سندس عنوان يا ٿيم بابت رايا پڻ ورتا ويا. جڏهن مون کان رايو ورتو ويو ته مان ڀوڳن ڀوڳن ۾ افغانستان چونڊيو. جنهن تي وڏو گوڙ ٿيو. سڀني مون کي مخاطب ٿيندي چيو: ”ڇو پنهنجي ۽ ٻين جي جان جي پويان پيو آهين.“ عجيب ڳالهه ٻڌايان ته استنبول مان موٽي اچڻ بعد ترت ئي ڪابل چيپٽر۾ هڪ مختصر ٽريننگ لڳائي وئي. مون افغانستان جي مخالف دوستن کان فون ڪري پڇيو ته شهادت جو جام پيئڻ واري ٽريننگ ۾ ڪير ڪير ٿو وڃي؟جنهن جي سندن ورهائڻ جي آ خري تقريب بهشت ۾ ٿيندي.
    مان ڪمري تي اچي ويس. بتيون وسائي پردا ڏئي، ڪافي دير تائين سمهيو رهيس.اڄ مون تمام گهڻي ننڊ ڪئي آهي، اکين ۾ اڃا تائين ڏينهن جي ننڊ جو خمار آهي. ڏينهن جي ننڊ جو به پنهنجو سرور آهي.آرس ڀڃي اٿيم. تيار ٿي ڪمرو لاڪ ڪري هيٺ لهي آيم هيٺ هوٽل مان جڏهن ٻاهر نهار ڪيم ته بارش وسي رهي هئي ۽ سردي، به ڏند پئي کڙڪائي. موسم سان مزاق سٺو ناهي، مان واپس ڪمري ۾ اچي ڪوٽ اندران سئيٽر پائي هيٺ لٿم. سردي سان سنگت ۾ بارش ملي ۽ هوا به سندن سر سان سر ملايو، سو مون کڻي بچاءَ خاطر ٻاهران ته گرم ڪپڙا پهريا، پر ساه مان ٻاڦ پئي نڪتي. مون کي ڪافيءَ جي ٻاڙ لڳي، پر ڪير ٿو اهڙيءَ موسم ۾ ٻاهر نڪري. هوٽل جي ڪافيءَ ۾ صفا سواد ڪونهي. مون جيان گروپ جا ڪجهه رولاڪ ان بارش جو مزو وٺڻ لاءِ هيٺ لٿا ۽ مون کي به اڪيلو ڏسي گڏ هلڻ لاءِ چيائون. فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته وڃان يا نه ؟ڇو ته شهر ۾ نڪري به ڪنهن بند جڳهه تي ئي ويهڻو پوندو، پراهو سوچي ته سوير ننڊ به نه ايندي، سو نڪري پئجي. اسان روڊ تي ڇا نڪتاسين مينهن به پلٽجي پيو ۽ هوا........... توبهه ايڏي سرد جو گرم ڪپڙا پارو ٿي ويا. مان دوستن جي ڳالهه تي يقين ڪونه پيو ڪيان ته ڪو هتي ايترو سيءُ هوندو، پر اپريل ۾ هيءَ حالت ڏسي ته پريشان ٿي وياسين. عينڪ به هر هر بارش جي قطرن سان ڌنڌلي ٿيندي پئي وئي. هڪدم ٽرام ۾ چڙهي ان بازار ڏانهن رخ ڪيوسين، جيڪا دوستن چواڻي ته ڪجهه سستي آهي. اها بازار ٽرام جي آخري اسٽاپ تي ٻڌائي پئي وئي. اهو به سوچيو سين ته تيسيتائين بارش جو زور به ٽٽي پوندو. مون دوست کي چيو ته استنبول جي باڙا ماڪيٽ ته نه ٿا وٺي هلو. دوستن ٻڌايو ته هيءَ بازار سستي نه، پر Whole Sale مارڪيٽ آهي، ڪا هٿيارن ۽ منشيات جي مارڪيٽ نه آهي. ٽرام جي ڀنل ۽ ڌنڌلن شيشن مان اسان سرمئي آسمان مان کليل ڪڻين جو شاور ، دوڪانن جي شيڊ هيٺان ڦاٿل ماڻهن جي بيقراري، پيراشوٽ جا اوور ڪوٽ پهريل پوليس جي زميداري جو جائزو و ٺي رهيا هياسين، ته ٽرام جي اسپيڪرآخري اسٽاپ جو ٻڌايو. اسان در جي ڀرسان اچي وياسين. ٻاهر لهي ڪير؟ بارش ته هتي به جان ڪون ڇڏي! بازار ۽ ٽرام جي اسٽاپ وچ ۾ ڪافي پنڌ هيو ۽ هڪ فلاء اوور پڻ ڪراس ڪرڻو هيو. پوري رستي تي ڪوبه انتظار گاهه، ڪينوپي يا شيڊ وغيره نظر ڪونه آيو، جتي بيهي بارش جي بند ٿيڻ جو انتظار ڪري سگهجي. بس پوءِ ته ڊڪون پائڻ شروع ڪيونسون ۽ هڪ شاپنگ مال ۾ پناهه ورتيسون. بعد ۾ مينهن جو ر خ ڏسي، اهو پاسو ورتوسون، جتي مينهن جو پاڻي مار ڪري نه سگهي. بازار ۾ گارمينٽس جا تمام وڏا وڏا دڪان هيا. ڪپڙي ۽ سلائيءَ جو معيار به تمام سٺو. اڳ ۾ گهمي ويل دوستن چيو: هڪ نئين بازار ٿورڙو اڳتي آهي، جتي ورائٽي سٺي آهي. مون دوستن کي ڪافيءَ جي فرمائش ڪئي ۽ ائين چئي دوڪانن مٿان بورڊ پڙهي هڪ ڪيفي ۾ ٽپي پياسين. هتي ست ليرا ۾ ڪافي اهڙي سٺي ملي جو ڪرنٽ ڪڍي ڇڏيائين. هتي جو ويٽر عرب هيو پر ڪراچي گهمي آيو هيو ۽ ڏاڍا تعريف پئي ڪيائين. ڪافي پيئڻ جو منهنجي دوستن کي هڪ ٻيو به Advantage مليو، جو مون سندن نماز پڙهڻ تي پهريون ڀيرو اعتراض نه ڪيو ۽ مان به سج لٿي جي نماز پڙهي. جنهن مسجد ۾ نماز پڙهيسين سا بند ۽ گرم هئي. ان ۾ تمام نرم قالين وڇايل هيو ۽ مسجد جي نکن تي ڪاٺي جي اسٽينڊ تي تسبيحون ٽنگي رکيون ويون هيون. مان سلام ورائڻ کانپوءِ پيش امام سان هٿ ملايو هن پاٻوهه مان ڀاڪر پاتو. مان مسجد ۾ نهاريو ته ڪٿي به تنهنجا دوست نظر نه آيا. جڏهن ٻاهر نڪري واجهايم ته اهي قهر جهڙي ٿڌ ۾ مسجد جي ڪاريڊور ۾ نماز پڙهي. پڇڻ تي ٻڌايائون ته هيءَ مسجد شايد ڪنهن مخصوص فرقي جي آهي، انهن سان نماز جائز نه آهي. مون کي ڏاڍو برو لڳو، پر چپ رهيم، جو ڳالهايان ها ته کين باهه لڳي وڃي ها. مان رستي تي دوستن کي صرف ايترو چيو ته َ توهان سان نمازپڙهڻ جائز نه آهي. ٻاهر نڪري اسان ڪارڊ و ٺي بوٿن تان گهر ڳالهايو.ابر ڪرم اڄ ايترو وسيو آهي ته پرديسي گهر ڪيئن پهچندا؟ اڃا ته اسان جي ملڪ وانگر لائيٽ ڪونه وئي آهي، نه ته اوندهه ۾ ته رات مسجد ۾ گذارڻي پوي ها.. اسان جي گروپ جا ڪجهه ٻيا دوست پڻ هتي خريداري ڪندي نظر آيا. هتي ڪپڙن کان علاوه ٻيون شيون تمام مهانگيون پئي مليون. مون هڪ عينڪ جي فريم جي قيمت معلوم ڪئي، جيڪا پاڪستان جي ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ هئي.ٻارڙن جا ڪپڙا خريد ڪرڻ مهل اهو مشڪل پئي لڳو ته سائيز ڪهڙي اٿن. ميڊيم، سمال يا لارج ته لکيل ڪونه هيو، پر انچن ۾ به نشاندهي ٿيل ڪونه هئي. منهنجي گروپ جي هڪ دوست جيڪو اڳ ۾ به هتان خريداري ڪري ويو هيو، ان پاڻ سان گڏ پلاسٽڪ اسڪيل جي پٽي گڏ آندي هئي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ درزين جي ڳچيءَ ۾ هوندي آهي. مون به ان دوست کان اها اسڪيل وٺي پوءِ شاپنگ ڪئي. بارش شاپنگ ڪرڻ نه ڏني. اسان کي واپس هوٽل پهچڻو هيو ۽ بازار کان ٽرام جي اسٽيشن تائين ڳپل پنڌ به ڪرڻو هيو. هڪ پل مٿان گذري نيٺ اسان ماڳ تي پهتاسين. ٽرام معمول کان وڌيڪ رش هئي.
    سفر جو اختتام ٿيو. ڳورن قدمن سان هيٺ لٿاسين. اسان جي هڪ دوست کي شايد سيءَ سٽيو هو ۽ چپ چپ هيو. مون صلاح ڏني مانس ته هوٽل جي تهه خاني ( Basement) ۾ هڪ هنڌ آهي، جتي ٻاف ڏين ٿا ۽ وٽن ڳجهن اشارن سان ٿڌا شوڪارا ڀرائڻ جا جديد اوزار به آهن، بلڪه ٻيو به گهڻو ڪجهه ميسر آهي، ان ڪري جيڪڏهن چاهيو ته توهان کي اوڏانهن کڻي هلون واس و ٺندؤ، ته ٺيڪ ٿي ويندئو. دراصل HRDN جي ڪانفرنس واري ڏينهن مون اها جڳهه ڏٺي هئي، جنهن اندر Jacuzzi جو انتظام ٿيل آهي. پاري واري ٿڌ ۾ ٿڪل جسمن لاءِ هي هنڌ نعمت کان گهٽ ڪونه هو. جيئن ته ائسپن هوٽل وڃي رات جي مانيءَ لاءِ واپس اچڻو هو، ڪونه ان ڪري رستي تي اسان ماني کاڌي ۽ جڏهن نگاهون مٿي کنيونسين ته شيشن اندران تيز روشنين ۾ ڇوڪرين جي حرڪت نظر آئي. ترڪيءَ ۾ ڪجهه بازارن ۾ دوڪانن مٿان ننگين عورتن جا مجسما نماءَ لاءِ رکيا ويندا آهن، پر هي پلاسٽڪ نه پر elastic وارا نرم مجسما هيا. اڌ اگهاڙا ڀورا جسم ۽ ويڪريون شڪاري ڇاتيون، جتي سڀ احتجاج ختم ڪري ڌرڻو هڻڻ تي دل چوي. تنگ ڪپڙن ۾ کليل دل واريون دادليون. منتظر آهن ته ڪير ٿو سنهي ڏاڪڻ چڙهي انهن جي آغوش ۾ اچي. هو ڏسو، اوچتو ٽيڪسيءَ مان لهندڙ هڪ ٻيو تجلا ڏيندڙ چهرو ڏٺوسين، ائين وڪڙ ڏئي مٿي هلي وئي جيئن ميڻ بتيءَ جو ونگڙ وارو دونهون. ڪن واٽهڙو ڇوڪرين ڪيبن تان سگريٽ وٺندي، ڪنهن سنهيءَ گهٽيءَ جو پاسو پئي ورتو ۽ ڪنهن پرواني سان ڪنڊ ۾ سيٽنگ پئي ڪيائين. ڪي گول مٽول رشين اهڙيون ڄڻ برف جا نرم گولا. هي اپسرائن جو ٿاڪ آهي. شهر جو هي حصو ڏينهن جو وسايل ٽانڊن جو ڏيک ڏيندو، جيڪي راتين جو عاشقن جي ڦوڪن تي ڀڙڪو ڏئي ٻرن ٿا. نائٽ ڪلبن ۽ ڊسڪو بار ۾ ترت سروس آهي. هتڙي رشين علائقن جون ڇوڪريون گهڻيون ملنديون. انتهائي گورا بي داغ چهرا، ايتريون ازغيبي ڄڻ اڻ ويساه جوڳيون لوڪ ڪهاڻيون، جڏهن قريب اينديون ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ڪو برفاني ڇپ هيٺان دفن ٿي ويو هجي. داخل ٿيندي ئي ڏوري جيان ويڙهي ويندڙ ماحول. َquick service ۽ ويهڻ سان سلاد ۽ سنئڪس جون پليٽون رکيون وينديون ۽ ڊرنڪ لاءِ پڇيو ويندو. انهن ڪلبن ۾ فرش ۽ ڇت ۾ مڌم لائٽن وچ ۾ ڇوڪرين جا ٽولا ويسٽرن موسيقيءَ جي رڌم تي تال تي تال ملائندي نظر اينديون. جيستائين ڪوئي گراهڪ انهن کي سڏي پنهنجي ڀرسان ڪنهن مقصد لاءِ ڪونه ٿو ويهاري، تيستائين هو الوٽ رهن ٿيون. ڪي ته هروڀرو به پاسي ۾ ويهي حال احوال و ٺنديون، ڄڻ ڳوٺ جو ماڻهو ملي ويو هجين. ڪن ۾ سرگوشيون ڪري پيون دل وندرائينديون. موسيقي جي تيز پڙاڏن ۾ اوهان کي جڏهن وڏا واڪا به ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندا، ان صورت ۾ هيءَ سس پس، سا به رشين انگريزي، ظاهر آهي مٿان ئي گذرڻي آهي. بس ڪنڌن جي ڌوڻ ڌوڻان هئي باقي آيل ڇا ٿا چاهن ۽ هي ڇا لاءِ هتي آيون آهن. مقصدن تي سوديبازي آهي. اوهان جي ٽيبل تي ڇوڪريون ڏسندي ئي ترڪيءَ جو ڊگهي ڏانڊيءَ وارو گل لاله(Tulip) محبوب جي نظر ڪرڻ لاءِ پليٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙي ماحول مان ڪير اٿڻ جي دل ٻڌندو. جڏهن وقت گذرڻ سان نوان نوان پاڇا ائين اڳيان گذري ويندا ڄڻ Catwalkجيان ڪو فيشن شو هجي. هڪ روڊ تي ته پوري لائين سان دوڪانن مٿان ڊسڪو بار آهن.شوقينن جا اٽالا علائقي جو گهيرو تنگ ڪيون بيٺا هئا، ڪي شايد هيراڪ ۽ ايندڙ ويندڙ هئا، ڪي سڀ ڪجهه لٽائي لڙکڙائيندا هيٺ لهي رهيا هئا ۽ ڪي سهارن ذريعي نچندا جهومندا واپس وڃي رهيا هئا.
    قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا
    ڪري ويو ڪير بارش مئي، خمار آلود ٿيا زمانا


    خبردار

    خبردار

    استنبول جي ڪنهن به نائيٽ ڪلب ۾ وڃڻ کانپوءِ هڪ شئي کان خبردار رهجي. جڏهن ڪلب ۾ داخل ٿبو ته ويهڻ سان اوهان جي ٽيبل تي ڪا نه ڪا ڇوڪري ويجهو اچي ڪمپني ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ڪائونٽر ويجهو منتظر ويٽر هڪدم پهچي ڊگهي ڏانڊيءَ وارو گل لا له ٽري ۾ اوهان کي پيش ڪندو ۽ ظاهر آهي اخلاقاً اوهان پنهنجي پاسي ۾ تمام مفاصلا ختم ڪري حاوي ٿيندڙ حسينه کان ڊرنڪ جو ضرور پڇندؤ؟ ويٽر جلد ئي سلاد ۽ چاڪليٽ سميت ٻه پئگ آڻي اوهان جي سامهون رکندو. گلاس کڙڪائڻ بعد سرور ۽ سرود ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهندو، نه ئي گلاسن جي ڳڻپ ڪري سگهبي. جيڪڏهن اوهان ان طرفان گهڻن پئسن جي تقاضا جي سٽ سهي نه سگهندئو ته ظاهر آهي هو اوهان جي ڪن ۾ باءِ چئي ڪا ٻي ٽيبل ڳولهيندي. هر تماشائي بارگيننگ ڪري پسند جي شئي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ھربو هلائيندو. Choice جي ڪوشش ۾ گلاسن جو انگ وڌندو رهندو. جڏهن بل ڏيڻ جو وقت ايندو ته اوهان مٿان عشق جو سوار ڀوت پناهه گهرندو، ڇو ٿه ويٺي ويٺي هر موالڻ محبوبا انتهائي مهانگي وسڪي گهرائيندي ويندي ۽ گلاس تي گلاس خالي ڪندي ويندي. ٻه سئو ڊالرن کي جهجهو ڀائيندي آفر ٺڪرائيندڙ مجبور عاشق، جڏهن هر ڇوڪريءَ جي وسڪيءَ جو بل ڏيڍ سئو ڊالز کان به وڌيڪ ايندو ته اوهان انتهائي خراب پوزيشن ۾ اچي سگهو ٿا، تنهن ڪري ٿورو پنهنجي کيسي کي خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. صرف پري کان ئي نظارو ڪجي ته بهتر رهندو. اسان به هڪ دفعو دل جون صدائون دٻائي پنهنجي هوٽل موٽيا هئا سين ڇو ته اسان عرب نه پر هڪ يتيم ملڪ جا رهواسي هياسين.


    (A JOINT TRIP TO ISTANBUL)

    (A JOINT TRIP TO ISTANBUL)

    اڄ ۲۳ اپريل هئي. اسان جو استنبول ۾ آخري ڏهاڙو. سڀاڻي يارهين وڳي اسان کي هوٽل ڇڏڻو هو. اڄوڪو ڏينهن اسان مڙني ميمبرن کي گڏجي گذارڻو هيو. هونئن ته ايترن ڏينهن ۾ سڀ هڪ ٻئي کي سڃاڻي ويا هياسين، ڪن سان اڳ جي واقفيت هئي، ته ڪي هتڙي گهرا ٿيا هئا ۽ ڪي صرف چهرن مان سڃاتل هئا. روز نوان ننڍا گروپ ٺاهي گهمڻ سان به نون چهرن سان گڏجي هلڻ جو موقعو مليو پئي، پراڄ اجتماعي دورو هيو جنهن ۾ هرهڪ سان دل کولي ملڻ جو موقعو مليو هيو. ا ڄ ته هر ڪنهن جا مهانڊا ئي مٽيل هئا. هرڪو هشاش بشاش ۽ خوش پوش ٿي آيو هو. ڇوڪريون ته ايئن ٺهي سنڀري آيون هيون ڄڻ فيشن شو هجي. سوير ئي ناشتي جي ٽيبل تي اچي وياسين. ايڊوانس پارٽيءَ سان ويهي پروگرام طئي ڪيوسين. ناشتو ڪري ڪمري ۾ واپس آيس، ڪئميرا، نقشا، ٽريول گائيڊ ۽ منرل واٽر جي بوتل کڻي هوٽل جي Lobby ۾ اچي ويس، جتي ٻيا دوست اڳ ئي پهچي چڪا هئا. بس ۽ گائيڊ پڻ اچي چڪا هئا. سڄو گروپ ننڍن ٻارڙن جيان خوش خوش بس ۾ سوار ٿيو. اڄ بس ۾ مائيڪ تي ٻڌايو ويو ته مقرره شيڊيول تحت اسان کي، هڪ پئنوراما ميوزيم، هڪ تاريخي ماڊل وارو باغ، ڪيبل ڪار ۽ ٻه عدد ٽڪريون ڏسڻ نصيب ٿينديون. باقي وقت تي منحصر آهي جيڪو ٽائيم بچيو ته متفقه راءِ سان ڪو ويجهو ماڳ پڻ ڏسي وٺبو. بس اسٽارٽ ٿي روڊ تي ترڻ لڳي ۽ اسان درين مان اوچين عمارتن، مصروف شاهراهن ۽ تاريخي جڳهن ۽ واٽهڙن جو نظارو ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. پاسن اوسن ۾ ڪاٿي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پلازا ته ڪاٿي وري ننڍا باغيچا. هتي سيمنٽ بدران اينويڪريٽ جي سرن سان اڏيل رستا آهن. ننڍن ننڍن سرن جون گول ۽ سڌيون ڊزائينون پراڻي اسٽائيل جون آهن. هيءَ موسم ڇاڪاڻ ته گهمڻ جي آهي، تنهن ڪري هر طرف سياح ئي سياح هئا.


    پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع

    پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع

    اسان جي پهرين منزل پئنوراما ۱۴۵۳ع جو ميوزيم هئو. بس هڪ ڪشادي باغ مان گذرندي هڪ عمارت ڀرسان بريڪ هنيو. سڀ هيٺ لٿاسين، ان هدايت سان ته هڪ ڪلاڪ ۾ هن ئي غلط جڳهه تي واپس اچڻو آهي. ۱۴۵۳ع Panorama نالي جي اعتبار سان ته تاريخي ميوزيم ئي چئبو پر گهڙڻ سان معلوم ٿيو ته هن عمارت ۾ ڪنهن فلم جيان استنبول جي فتح جي منظرنامي جي عڪاسيءَ لاءِ ڄڻ ڪو فلم جو سيٽ لڳايو ويو هجي. اسان ٽڪيٽ وٺي گول ڏاڪڻ تان آخري طبقي تي آياسين. Oh my God اسان ته غلط جڳهه تي اچي ويا سي. هي ميوزيم ته جنگ جو ميدان آهي، باهه جا اُلا گولن جو وسڪارو، تلوارن جا تيز آواز، زخمين جون سسڪيون ۽ حملا آورن جون اُلرون ۽ گهوڙن جا آواز، الله اڪبر جي نعرن جا پڙاڏا وغيره. واقعي هي ميوزيم ڪمال آهي، جتي اچڻ سان گهڙيءَ پلڪ لاءِ اوهان پاڻ کي جنگي ميدان ۾ محسوس ڪندا. هو ته ڏسو وڏن گولن سان سٽي ديوار جا ڪافي حصا ٽٽي چڪا آهن. ڀت ڪرڻ جو آواز بلڪل چٽو ٿيندو ٿو وڃي. هاڻي ڇا ٿيندو. ڪجهه زرهون، ڪٽيل سِسيون، جنگي اوائلي اسلح ۽ گولا ته بلڪل پيرن ۾ پيئي محسوس ٿيا. ۱۴۵۳ Panorama قائم ڪري دراصل اوهان کي اکين سان قسطنتنيه فتح ڪرڻ وارو منظر فلمبندي ذريعي ڏيکارڻ آهي. جنهن مان مراد اها آهي ته سال ۱۴۵۳ع ۾ بائزنٽائن Byzantine حڪومتن جو زوال ۽ تڏا ويڙهه ۽ ديو قامت ديوار جنهن تي کين ناز هيو، ڪنهن اوڏڪي ڪچي ڀت جيان ڀُري پئي ۽ ڏيکاريل منظر ۾ فاتح شهر ۾ داخل ٿي، پنهنجو تسلط قائم ڪيو. گائيڊ ٻڌايو ته افسوس جو فوج جو وڏو انگ ۽ خصوصن بحري فوج يورپي سمنڊ ۾ محلاتن چوڌاري صرف بائزنٽائن جي ٽهل ٽڪور ۾ مشغول هئي. باقي سلطان محمد ڪمانڊر جنهن بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ حمله آورن تي کنوڻ جيان ڪڙڪيو، تنهن کي استنبول جو هوشو شيدي چئي سگهجي ٿو. ميوزيم جو سائونڊ سسٽم۽ روشني بلڪل ا صلي پئي محسوس ٿيا.
    هتي پنج سئو پنجاهه سال پراڻي فتح مهل استنبول جي زميني حقيقتن جو منظرآهي، جڏهن سلطان محمد ٻئي گجگوڙ ڪندي سوڀ حاصل ڪئي. هتي اندر دا خل ٿيڻ سان گهڙي پلڪ لاءِ خوف ۾ مبتلا ٿي ويندئو. اوهان کي سلطان محمد ٻئي جي لشڪر جي نعرن جو پڙاڏو ”الله اڪبر“ ۽ فوجي بينڊ تي جذباتي ڌنون پري کان ٻڌڻ ۾ اينديون. ٿورو تصويرن ۽ پينٽنگس ڏانهن واجهايو جيڪي ڏسڻ سان اوهان کي ۳Dيعني dimensions three جو اثر ملندو. ڇت پڻ آسمان جو ڏيک ڏئي ٿي. وڏي ڳالهه ته تصويرن جي ڪا به حد ڪونه آهي . ڪاٿي به اهو محسوس ڪون ٿيندو ته تصوير ڪٿان جڙيل آهي. جيتوڻيڪ هڪ بند جگهه تي بيهندي اوهان هڪ کليل ميدان ۾ محسوس ڪندا. هن پئنوراما جو منصوبو استنبول جي ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽيءَ شروع ڪيو جنهن ۾ اٺن مشهور ترين آرٽسٽن جي مدد حاصل ڪئي وئي، پر تخليق هن پراجيڪٽ جي ڪوآرڊينيٽر حاصم وطندس جي هئي جيڪو آرٽسٽ سان گڏ ڪارٽونسٽ پڻ آهي . مددگار آرٽسٽن ۾ ياسر، زينالو، آڪسن ليگڪا، احمد ڪايا، حسن ايڇ ڊنسر ، مراد ايفي ۽ عطيلا تنڪا شامل آهن. پوري دنيا ۾ هن طرح جا ڪل ۳۰ پينوراما سينٽر آهن، جيڪي تاريخي واقعات ترجيحاً جنگين جو منظرنامو پيش ڪن ٿا. تن مان نيپولين جو ماسڪو ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻيا مشهور آهن، پر پنهنجي نوعيت جو هي ميوزيم حقيقت جي قريب تر آهي ۽ توهان هڪ خوفناڪ ۽ غير محفوظ ميدان وچ ۾، پاڻ کي جنگ جو حصو محسوس ڪندا. ڪنهن وقت ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ اسان ٽيليويزن منجهه ڪا تحريڪ آزاديءَ جي سيريل ڏسي رهيا هجون. يا سراج ميمڻ جو سنڌي ناول” پڙائو سوئي سڏ“ پڙهي رهيا هجون. ان طرز تي مون هڪ اردو جو پراڻو ناول”استنبول“ به پڙهيو هيو، جيڪو محمد سعيد جو لکيل هيو ۽ لاهور مان ڇپيل هيو. ڇا ته لکڻ جو ڏانو هيس. حرف آغاز ۾ لکي ٿو:
    ”استنبول تي پهرين يلغار ڪرڻ واري لشڪر جي قيادت ميزبان رسول الله حضرت ايوب انصاريءَ جهڙي جليل القدر صحابي ڪئي. بلاخرسلطنت عثمانيه جي نوجوان سلطان محمد ثانيءَ کي هيءَ سعادت نصيب ٿي. فوجي نقطه نگاهه کان هي فتح هڪ ملڪ جي گادي تي قبضو ڪرڻ لاءِ نه هئي، پرهن فتح ۾ دراصل فلسفه زندگي جي فتح شامل هئي جنهن کي اسلام جون اڀرندڙ قوتون ساه ۾ سانڍي اڳتي وڌي رهيون هيون“.


    سلطان محمد فاتح ثاني

    سلطان محمد فاتح ثاني

    محمد ثاني المعروف فاتح صرف ۲۱ سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ قسطنتنيه فتح ڪري، بازنطيني سلطنت جون پاڙون پٽيون. هن عظيم الشان فتح کانپوءِ هن پنهنجي نالي اڳيال قيصر جو واڌارو ڪري ڇڏيو.(ترڪي زبان ۾ محمد جي جاءِ تي محمت لکندا ۽ پڙهندا آهن ۽ ث جي جاءَ تي ٽ لکندا ۽ پڙهندا آهن، جيئن عثمانيه کي اوٽومن پڪاريندا آهن) مذهبي اعتبار کان هن حضرت محمد صلي الله عليہ وآلھٖ وسلم جي خواهش جي تڪميل ڪئي، ڇو ته آ خري رسول صلي الله عليہ وآلھٖ وسلم پنهنجي زندگي ۾ قسطنتنيه جي فتح جو اظهار ڪندي، ان جي فاتح کي جنت جي بشارت ڏني هئي . فتح قسطنتنيه جي خوشخبري هڪ حديث ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ پاڻ سڳورا فرمائن ٿا: ”توهان قسطنتنيه ضرور فتح ڪندو. اهو فاتح به ڇا باڪمال هوندو ۽ سندس فوج به ڇا باڪمال هوندي“. قسطنتنيه فتح ڪري محمد ثاني اسلام جي اهم هستين ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري ڇڏيو. محمد ثاني ٽيهه مارچ ۱۴۳۲ع ۾ ادرنه ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ان وقت سلطنت عثمانيه جو گاديءَ جو هنڌ هيو. سندس والد مراد ثاني ۽ امڙ جو نالو هما خاتون هيو. محمد ثاني قسطنتنيه ۽ اناطوليه فتح ڪرڻ بعد يورپ جو ر خ ڪيو. هن سابق رومي سلطنت کي، سلطنت عثمانيه جي جهنڊي هيٺ آڻڻ پئي چاهيو. ۱۴۸۰ع ۾ هن اٽليءَ تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ پهرين مرحلي ۾ اوٽرانٽو (OTRANTO) فتح ڪيو، پر البانيه ۾ سڪندر بيگ جي بغاوت فوجن جي رابطن جي ٽٽڻ ڪري اوٽرانٽو ۱۴۸۱ع ۾ مسلمانن کان کسجي ويو. ٻئي طرف محمد ثاني بلقان جون ننڍيون وڏيون رياستون فتح ڪيون ۽ مشرقي يورپ ۾ بلغراد تائين پهتو، پر خاطر خواه ڪاميابي حاصل ڪونه ٿي. چوڻ جو مقصد ته فتح سان گڏوگڏ شڪستون به هلنديون آيون.
    سلطان محمد فاتح جنگي جوڌو هجڻ سان گڏوگڏ علم ۽ هنر جي به سرپرستي ڪندو آيو. فتح قسطنتنيه بعد هن اٽليءَ جي مصورن ۽ يونان جي دانشورن کي پنهنجي دربار جو حصو بڻايو. مسلمان سائنسدان ۽ هنرن جا ڄاڻوگر پڻ سندس درٻار ۾ اڳ کان موجود هئا. استنبول جي يونيورسٽي سندس ٺاهيل آهي. ان کان سواءِ مسجدون، واه کوٽائڻ ۽ ٻيا گهڻا عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيائين. ٻيو ته ٺهيو تاپڪاپي جهڙو فن پاروهن هن ٺهرايو. هو ست زبانون ڳالهائي ڄڻندو هو، جن ۾ ترڪيءَ کان علاوه عربي، فارسي، يوناني، لاطيني وغيره شامل آهن. سندس تصوير هزار روپئي واري ترڪش ليرا جي نوٽ تي۱۹۸۶ع کان ۱۹۹۲ع تي ڇاپي وئي. سندس دور رواداريءَ ۽ برداشت جو دور ليکيو وڃي ٿو. هو دشمنن سان به چڱيءَ ريت هلندو هو. هو حيرت انگيز قابليت ۽ سلطنت جي انتظام ۾ ڏاهو هو. هن پهريون دفعو سلطنت عثمانيه جا قانون مرتب ڪيا. سلطان محمد فاتح ترڪن جو اڪبر بادشاهه ۽ شير شاه هو. چند ڪريل روايتون ۽ ڪارا قانون پڻ سندس جوڙيل هئا، جيئن جڏهن ڪو سلطان تخت تي ويهي، ته اهو پنهنجي ڏنگن ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏي. سلطان محمد فاتح اها روايت وجهڻ مهل اها وضاحت justification ڏني ته سلطان جي فوتگيءَ کان پوءِ سندس پٽن ۾ بادشاهت تي جهڳڙا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ جيڪو ڏا ڍو سو گابو واري مثال تحت تخت تي ويهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان رسا ڪشي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مرن ٿا ۽ خونريزيءَ جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ان لاءِ رستو صاف ڪرڻ ۽smooth قسم جي حڪومت ڪرڻ لاءِ، اهو ضروري هيو. سياست ۾ ڀائر ۽ پيارا ڪهائڻ جو قانون، صرف ترڪيءَ ۾ قانوني شڪل وٺي ويو، پر پوري دنيا ۾ اڄ به اقتدار خاطر، انتهائي ويجهن ۽ رت جي رشتن جو قتل عام ڪٿي نه ٿو ٿئي؟ جديد سياست جي ابي. اٽليءَ جي نڪولو ميڪاولي (Nicholo Machiavelli) جو جڳ مشهور ڪتاب ”پرنس“ جيڪو ۱۵۱۳ع ۾ لکيو ويو هو (جيڪو منهنجي دوست امجد لغاري جو پسنديده ڪتاب آهي ۽ ان جو سنڌي ترجمو ”شهزادي“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي) سو پڙهڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ته سلطان ثانيءَ جي پاليسين جي پوئواري ۾ لکيو ويو هجي. حالانڪ اهو سلطان محمد فاتح جي مرڻ کان ٻٽيهه سال پوءِ جو لکيل آهي. نڪول ميڪاوليءَ پرنس جي هڪ باب (نفرت ۽ عداوت کان پاڻ کي ڪيئن بچائجي) ۾ ترڪ سلطانن لاءِ لکي ٿو.
    ”پر هاڻي سواءِ سلطان ۽ ترڪ بادشاه جي، ٻين حڪمرانن لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته اهي سپاهين جي ڀيٽ ۾ عام رعايا کي مطمئن رکن، ڇاڪاڻ ته هاڻي عوام سپاهين کان وڌيڪ ملڪ جي تحفظ ۽ نظم ۽ نسق ۾ هٿ ونڊائي سگهي ٿو. آءُ انهيءَ زمري ۾ ترڪ بادشاه کي نه آڻيندس، ڇاڪاڻ ته هو ٻارهن هزار پيادل ۽ پندرهن هزار گهوڙي سوار فوج هميشه پاڻ وٽ موجود رکي ٿو ۽ ملڪ جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ مڪمل طور تي پنهنجي انهن سپاهين تي ڀاڙي ٿو، جنهن ڪري هن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو انهن کي پنهنجو دوست بڻائي رکڻ واسطي ٻين ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏي.“
    سلطان جي بادشاهت جو به سا ڳو حال آهي. ملڪ جو انتظام مڪمل طور تي فوجين جي هٿ وس آهي، جنهن ڪري مٿس لازم آهي ته هو عام رعايا جي مقابلي ۾ فوج سان ٺاه ۾ رهي. هتي هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ کپي ته سلطان جي حڪومت ٻين حڪمرانن جي حڪومتن کان مختلف ۽ عيسائي پادرين جي حڪومت جهڙي آهي. ان قسمن جي حڪومتن کي نه ته موروثي چئي سگهجي ٿو نه نيون، ڇاڪاڻ ته ان ۾ فوجي حڪمرانن جا پٽ ۽ پڙ پوٽا سندس وارث ٿي نه ٿا سگهن ۽ حڪومت ڪرڻ جو اختيار صرف ان کي ئي آهي، جنهن کي اختيار رکندڙ رڪن چونڊين، جيئن ته اهو هڪڙو پراڻو نظام آهي. تنهن ڪري ان کي هڪ نئين حڪومت چئي نه ٿو سگهجي.
    ان کان علاوه هتي اهي ڏکيائون ۽ مونجهارا به هوندا آهن، جيڪي هڪ نئين حڪومت ۾ پئدا ٿين ٿا. حڪمران ضرور نئون هوندو آهي، پر ملڪ جا قاعدا قانون لڳاتار پراڻا هوندا آهن، جنهن ڪري اتي جو عوام نئين حڪمران کي موروثي بادشاهه جي حيثيت ۾ قبول ڪري و ٺندو آهي.
    پر، هاڻي وري اصل موضوع تي ايندي، آءُ ائين چوندس ته جيڪو شخص منهنجي بيان ڪيل دليلن جو مطالعو ڪندو ته کيس معلوم ٿيندو ته انهن شهنشاهن جي برباديءَ جو ڪارڻ نفرت هئي يا وري بدنامي. انهن مان ڪن هڪ طريقي تي عمل ڪيو ته ڪن وري ٻيو طريقو ا ختيار ڪيو. بهرحال انهن ٻنهي اصولن تي عمل ڪرڻ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ڪن شهنشاهن جي پڄاڻي سرهي ٿي ته ڪن جي نهايت خراب.
    سلطان محمد فاتح جي فطرت ۾ فرعونيت ۽ سختي حد درجي جي هئي. هو مخالفت اصل برداشت ڪري نه سگهندو هو. بغير ڪنهن جاچ جوچ جي چڱا ڀلا ماڻهو مارائي ويهندو هو. سزائون ڏيڻ مهل سوچيندو ڪون هو ۽ ڪنن جو ڪچو هو. صلاحڪار ته گهڻا ئي هيس، پر هلائيندو پنهنجي مرضي هو. هي سلطان ٽين مئي ۱۴۸۱ع ۾ اوچتو وفات ڪري ويو. سندس موت بابت چيو وڃي ٿو ته کيس پٽ بايزيد ثاني زهر ڏئي مارايو هو. مرڻ وقت سندس عمر ۵۱ سال هئي. کيس فاتح مسجد جي ڀر ۾ دفنايو ويو. باسفورس تي اڏيل پل سندس نالي سان منصوب آهي.سندس مرڻ بعد هن جو پٽ بايزيد ثاني تخت نشين ٿيو، جنهن ٽيهه سال حڪومت ڪئي.
    برنارد ليوئس Bernard Lewis پنهنجي ڪتاب Istanbul and the Civilization of the Ottoman Empire ۾ لکي ٿو ته ـ
    ”ا ڱاري جو ڏينهن ۽ مئي ۱۴۵۳ع جي اوڻٽيهه تاريخ، اسر ويل فوج جو وڏو انگ قسطنتنيه جي عظيم ديوار ٻاهران حملي لاءِ خيمه زن ٿئي ٿو. حملا ته ا ڳ به ٿيندا رهيا آهن پر اولهه ۽ او ڀر جي مدا خلت تي اڪثر ٽري ويندا آهن، پر هي نوجوان ته قهر بڻجي آيو آهي. اوچتو يونانين جون رڙيون بلند ٿين ٿيون: ”شهر تي قبضو ٿي ويو آهي“. ڪجهه ڪلاڪن بعد سلطان محمد فاتح گهوڙي تي سوار شهر ۾ هڪ گيٽ، جنهن کي هاڻي تاپڪاپي سڏجي ٿو مان جينيسري گارڊ ۽ اميرن سان پاڻ داخل ٿئي ٿو“.
    هن ئي ڪتاب ۾ هڪ ٻي هنڌ صفحي ۲۶ ۽ ۲۷ تي هڪ غير ملڪي شخص جنهن جو نالو، جيڪومو (Giacomo de Langusto) آهي، سو سلطان سان مليو. هو حد درجي تائين سلطان مان متاثر ٿيو ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار هيٺيئن ريت ٿو ڪري:
    A young man of ۲۶, well complexioned, large in body rather than middling height, noble in arms, of an aspect inspiring fear rather than reverence, sparing of laughter, a pursuer of knowledge, gifted with princely liberality, stubborn in purpose, bold in all things, as avid of fame as Alexander of Macedon. Everyday he has Roman and other histories read to him chronicles of the popes, the emperors, the Kings of France, the Lombard’s, he speaks three languages, Turkish, Greek and Slavonic. Diligently he seeks information on the position of Italy, the seat of the Pope, of the Emperor, and how many kingdoms there are in Europe, of which he has a map showing the states and provinces. Nothing gives him greater satisfaction and pleasure than to study the state of the World and the science of war. A shrewd explorer of affairs, he burns with the desire to rule. It is with such a man that we Christians have to deal. He is vigilant, able to endure fatigue, cold, heart, thirst and hunger. Now he says, times have changed, so that he would go from the East to the West, as the Westerners had gone to the East. The Empire of the World, he says, must be one faith and one Kingdom. To make this unity, there is no place in the World more worthy than Constantinople.
    اسان پئنوراما ۱۴۵۳ع مان تمام گهڻو متاثر ٿياسين. مقرر ڪيل وقت گذري چڪو هو ۽ اسان کي گرائونڊ فلور ۾ هڪ Shop مان تاريخي ڪئلينڊرس، بيج، گفٽس ۽ ٻيون شيون پڻ خريد ڪرڻيون هيون، ان ڪري هيٺ لهي آياسين. هتي ميوزيم متعلق معلومات جو بروشر ۽ سي ڊي ، ڪجهه پوسٽ ڪارڊ ۽ تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه شيون وٺي ٻاهر نڪري آياسين. بس تيار هئي ۽ سڀ ان ۾ چڙهي ويٺاسين. بس ۾ داخل ٿيڻ تي اڳ ۾ ويٺل دوستن دير جا ڏوراپا ڏنا. بس هلڻ شروع ڪيو. ٽوئرسٽ بس ۾ سائونڊ سسٽم لڳل آهي، جنهن جي مائڪرو فون ذريعي اسان جي گائيڊ ڪنهن ماڳ تي پهچڻ کان اڳ ۾ ان جي تاريخي اهميت متعلق پئي ٻڌايو ۽ واپسيءَ ۾ رستي جي ٻنهي پاسن کان نظر ايندڙ اهم جڳهن ۽ تاريخي عمارتن بابت ڄاڻ ٿي ڏنائين. هن ايندڙ ماڳ متعلق پڻ پئي ٻڌايو ته جيئن گروپ کي ايڊوانس ۾ ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي.


    روايتن جا امين، ترڪ

    روايتن جا امين، ترڪ

    ترڪ پنهنجي تهذيب تمدن ۽ روايتن سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. استنبول ۾ تاريخي عمارتون ڊاهڻ سنگين ڏوهه آهي، ڀلي اهي آثار اسلام جا هجن يا ان کان به آ ڳاٽا. جڏهن سلطان محمد فاتح ثاني قسطنتنيه فتح ڪيو ته هڪ ڏينهن گهمندي ڏ ٺائين ته هڪ شخص صوفيه جي سامهون وارو چبوترو ڊاهي رهيو هيو ته پاڻ سخت تيش ۾ اچي ويو ۽ ڊاهيندڙ شخص کي سئو سچو پتر هڻايائين. پوءِ اهو فرمان جاري ڪري ڇڏيائون ته هن مرڪزي ڪليسا کي مسجد ڪيو وڃي. سلطان محمد فاتح کي اهو به احساس هيو ته استنبول جو انتظام قائم رکڻ لاءِ يوناني آباديءَ جو تعاون حاصل ڪرڻ ضروري آهي. هن هڪ راهب جارج سڪوليريس(George Scuolarius) کي يوناني آرٿوڊڪس ڪليسا جو سنڀاليندڙ مقرر ڪري ڇڏيو. هي نظام ملت جو آغاز هيو، حڪومت جي طور طريقن سان هن نظام کي يگانگيءَ جو درجو حاصل ٿيو.
    اسان جي ذهن ۾ جڏهن ترڪ اچن ٿا ته اهوئي تصور اسان جي سامهون رهي ٿو، جيڪو اسان جي ذهن ۾ موجود آهي، يعني انهن جا حرم آهن، جن ۾ خوبصورت ڪنيزون رهن ٿيون. دسترخانن تي تمام شاندار۽ سوادي کاڌا رکيا وڃن ٿا. نوش ڪندڙ تمام نرم صوفن تي ٽيڪ ڏئي ويهن ٿا ۽ نقاب پوش رقاصائون نازڪ هٿن سان قهوو پيش ڪن ٿيون. رباب جون تارن کي ڇيڙي، طبلن جي تال تي محفل جهومي ٿي. پر وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ڪتاب ”ترڪي جي سرزمين ۽ رهواسي“The land and people of Turkey ۾ لکي ٿو ته اهي عياشيءَ جون بريون عادتون ترڪن ۾ نه هونديون هيون، پر انهن ۾ بازنطينين مان منتقل ٿيون. بازنطينين کي لاتعداد زالون هونديون هيون، تن مان هڪ پٽ راڻي ۽ باقي داشتائون ڪري رکندا هئا. هرڪنهن عورت لاءِ الڳ الڳ ڪمرا هوندا هئا. پنهنجي زبان ۾ اهي ان کي زنانگاه (Gynacaeum) چوندا هئا. اهي نقاب ڪونه لڳائينديون هيون، باقي غير مردن کان پردو ڪنديون هيون. اها سختي ان ڪري به ڪئي ويندي هئي ته جيئن اهي عورتون ڪنهن مرد سان جسماني رشتو نه جوڙين. يونانين جي آرٿوڊڪس عقيدي موجب شهنشاه زمين تي مسيح ۽ نائب آهن ۽ انهن جو ادب ۽ احترام ديوتا سمجهي ڪجي، اگر ڪوئي انهن جي حضور ۾ پيش ٿيندو هيو ته گوڏن ڀر گسڪي ايندو هيو، انهن جا پير چمندو هيو۽ گيسي ڪندو واپس ٿيندو هيو. عثماني سلطانن ۾ پڻ اهي گندگيون منتقل ٿيون. ڌارئي ثقافت، چٽخيدار کاڌا، لباس، آداب ۽ عادتون، زبان ۽ لهجا قومن ۾ جلدي منتقل ٿيندا آهن. خاص ڪري نئون نسل پنهنجن روايتن کان باغي ۽ ڌاريءَ ثقافت طرف هونئن به گهڻو مائل هوندو آهي.
    عثماني نظم ۽ نسق جا ڪجهه اهڙا ادارا جوڙيا ويا هيا جيڪي قابل سلطانن جي سرڪردگيءَ ۾ تمام سٺو ڪم سر انجام ڏيندا هئا. ان زماني ۾ غير ملڪين جي وڏي انگ جو نظم و ضبط ڪجهه ترڪن جي نگرانيءَ ۾ ٿيندو هيو. ائين سمجهو ته اهو ان وقت جو پروٽوڪول کاتو هيو، جيڪو پاڪستان وانگر روينيو وارا خوش اصلوبيءَ سان سر انجام ڏيندا هئا. قسطنتنيه جا حڪمران ٻين حڪومتن جيئن وينس ۽ جنيوا جي جمهوريتن جي تاجرن کي خاص حق ڏيندا هئا. شهر ۾ انهن جو هڪ خاص محلو هوندو هيو، جتي انهن جو جهنڊو ڦڙڪندو هيو. ۱۵۲۱ عيسوي ۾ عثمانين پڻ اهو طريقو شروع ڪري ڏنو ۽ وينس وارن کي جيڪي حق حاصل هوندا هئا، اهي هڪ خاص معاهدي تحت هئا. ان جون ٽيهه شقون هونديون هيون. سليمان عاليشان به اهڙو ئي معاهدو ۱۵۳۶ع ۾ فرانس سان ڪيو. انگلستان وارن کي ان ڳالهه تي مٺيان لڳي ته مسيحي قومون مسلمانن جي بغل ۾ ڪيئن لڪيون آهن؟ هي مراعتون ترڪن لاءِ خوشگوار ثابت ٿيون ڇو ته تجارت، وڻج واپار تمام وڌي ويو. ترڪن کي تجارت کان نفرت هئي. اهي ٻين کي اهو ڪم سونپي پاڻ کي اُتم ۽ تجارت کي نيچ سمجهڻ لڳا. رعايت جي هر معاهدي جا لفظ هي هوندا هئا: سلطان محمد فاتح ثاني پنهنجي فياضيءَ، وڏائيءَ ۽ مهرباني طور فلاڻي ڪافر بادشاه کي هيءَ رعايت بخشي ته جيئن اهي هميشه محڪوم رهن. جن شهرين کي رعايت جون سهولتون ملي وينديون هيون، اهي عثماني ڍل، ٽيڪس ۽ ٻيا لوازمات نه پياريندا هئا ۽ عثماني قانونن جا پابند به نه هئا. اهي پنهنجي ملڪ جي قانون تي هلندا هئا ۽ پنهنجي ئي ملڪ جا ٽيڪس ادا ڪندا هئا. کين صرف پنهنجي ملڪ جا سفير گرفتار ڪري سگهندا هئا. باقي عثماني پوليس انهن کي گهرائي به سگهندي هئي ۽ انهن کي سندن گهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ دا خل ٿيڻ جو به حق حاصل هوندو هئو. جيسيتائين مسيحي قوتون ڪمزور هيون ۽ ترڪيءَ جي طاقت عروج تي هئي، ته هي نظام ڏاڍو عمدي نموني سان هلندو رهيو، مگر جڏهن حالتن رخ مٽايو ته اهو مصيبت جو باعث بڻيو. اڻويهين صديءَ استنبول ۾ فراڊي وڪيل، دغاباز ۽ مشڪوڪ ماڻهو، مجرم، ڀاڳيلا، ٺڳ ۽ فريبي ايترا هئا، جيترا ٻين شهرن ۾ نه هوندا، جيڪي ماڻهو پنهنجي ملڪن جا نامي گرامي ۽ چٽيل ڌوکيباز هئا، اهي قانون جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ قسطنتنيه پهچي ويندا هئا ۽ اُتي کين پناه ملي ويندي هئي. سلطانن جا خزانا خالي ٿيڻ لڳا هئا ۽ اهي انهن بدنام زمانا ماڻهن کان وياج تي قرض و ٺڻ لاءِ مجبور هئا، جيڪي سندن جتيءَ برابر هوندا هئا. شرم جي ڳالهه اها به هئي ته انهن عيارن ۽ وياج خورن کي ڪوئي ڪجهه چئي به نه سگهندو هو. روس سلطنت عثمانيه لاءِ ”يورپ جو مرضيل مرد“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا. بلاشبه ڪجهه چڱن سلطانن، اصلاح پسند وزيرن حالتون سڌارڻ چاهيون، پر قدامت پسند عنصر حاوي ٿي ويا هئا. عام هاري طبقو حڪومتي حالتن کان ناواقف، پنهنجيءَ ۾ پورو ۽ الڳ ٿلڳ هيو، جن جي حالت اسلام جي اڳ واريءَ حالت کان به ابتر هئي. تيل ته ترن مان ئي نڪرندو آهي، ڍلن جو بار به انهن غريبن تي هيو. اها حالت ڏسي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ترڪن جهڙي حقيقت پسند، سٺي منتظم ۽ بهادر قوم ايترو ڪِري ڪيئن پئي؟ محمد فاتح، جناديوس کي انتظام هلائيندڙ ڪامورو مقرر ڪيو ته هو يوناني معاملن جي نگراني ڪري، پر ڪنهن حد ۾ رهندي. ٻين لفظن ۾ يونانين کي پنهنجا معاملا پاڻ حل ڪرڻ جي لاءِ خودمختيار بڻايو ويو. يهودي ۽ عيسائي اهل ڪتاب هئا ۽ اهي مختلف قومن جا هئا. جڏهن انهن ۾ ڪو به جهڳڙو ٿيندو هئو ته سندن ملت جو وڏو ماجسٽريٽ اهو فيصلو نبيريندو هو، توڙي جو غيرمسلم قومن کي ڪنهن نه ڪنهن فرقي سان سلهاڙيل هجڻ ڪري عام شهريءَ جي ڀيٽ ۾ برتري حاصل هوندي هئي، پر تنهن هوندي به انهن کي هٿيار کڻڻ ۽ عثماني فوجن ۾ ٽپڻ جي اجازت نه هئي پر پوءِ به شروع شروع ۾ کين ان نظام مان گهڻا فائدا هئا. جيئن ته سلطنت جي تجارتي ڪاروبار تي اهي حاوي هئا، ان ڪري مجبوراً به ترڪ ساڻن چڱو ورتاءُ رکندا هئا. اهڙا مثال به موجود آهن ته سلطان سلامت ڪنهن ڏوهاريءَ کي سندن ماجسٽريٽ جي سزا کان بچائڻ لاءِ سفارش ۽ مداخلت ڪئي هوندي.
    ان جو مثال مان ائين به ڏئي سگهان ٿو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان و ٺي اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جا عهديدار ڪيئن نه سرڪار جي هر فيصلي ۾ حائل ٿيندا آهن. جڏهن پورچوگيز جهازران واسڪو ڊيگاما سامونڊي رستن جي کوجنا ۾ انڊيا جي بندرگاه تي پهتو هو، ته انهن جو وڏو مقصد واپار هيو. جڏهن انگلستان جي واپارين ملڪه ايلزبيٿ کان اجازت و ٺي، پورب ملڪن جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ڪئي ته مغلن کي سبز باغ ڏيکاري، پورچوگيزن جا تڏا پٽرايائون. جيڪڏهن اوهان کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي چالبازين کي ڏسڻو آهي ته عامر خان جي فلم ”منگل پانڊي“ ڏسو.
    اچون ٿا هاڻي چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريءَ جي اره زورائيءَ طرف ته جڏهن ضلعي سطح تي عام واهپي وارن شين جي اگهن جي گڏجاڻي هوندي ته اگهن وڌائڻ لاءِ سرڪار کي هڙتال جي ڌمڪي ڏيندا. مارڪيٽ ڪاميٽي جي انسپيڪٽرن کي سرڪاري ٽيڪس نه ڏيندا. نئين سبزي منڊي ۽ مارڪيٽ ڪاميٽيءَ ۾ پلاٽ ته الاٽ ڪرائيندا، پر انتظاميه پاران ڌنڌا ۽ دوڪان منتقل ڪرڻ جي زور تي هڪدم روڊن تي نڪري ايندا. ڌونهان ڌار پريس ڪانفرنسون ٿينديون. بازار مان کنڊ، اٽو گم ڪري، من پسند ريٽن جي تقاضا ڪندا. کير جي وڪري لاءِ ڊيري ملڪ جي ڪارخانن سان DEAL ڪندا. ڀاڻ جون ٽرڪون گدامن ۾ لهرائي دوڪانن کي ٻهاري ڏئي ڇڏيندا. فوڊ ڊپارٽمينٽ سان ملي بارداني جو بحران پئدا ڪندا. معمولي ڦڏي فساد ۽ معمولي چوريءَ چڪاريءَ جي صورت ۾ پوليس جي نااهلي، بد امنيءَ تي جلوس ڪڍي نعري بازي ڪندا ۽ سرڪاري ملازمن جي هٽائڻ ۽ سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪندا. رمضان ۾ فروٽ اڻلڀ ٿي ويندو، کير ۽ پاڻي جي گهاٽائي هڪ ٿي ويندي. ڇاپي جي نتيجي ۾ مٿائنس تذليل، ڪرپشن، چوريءَ، ڏاڍاين ۽ رشوت جا الزام هڻي، کيس معطل ڪرائي ڇڏيندا.گٽر بند ڪرائي ميونسپالٽيءَ تي ڇوهه ڇنڊيندا. ترڪيءَ ۾ به اهڙو ئي سماج دشمن واپاري طبقو اڀري آيو، جيڪي غير مسلم هئا. ڪنهن به ملڪ ۾ هميشه اقليت ۾ ٻڌي هوندي آهي. ترڪيءَ ۾ به اهڙيءَ ٻڌي ۽ ايڪي ڪري مفتوح قومن پاڻ کي متحد ڪيو ۽ جڏهن سلطنت عثمانيه ڪمزور ٿي ته انهن خلاف بغاوت ڪرڻ سولي رهي.


    جيني سري ( JANISSARY) فوج

    جيني سري ( JANISSARY) فوج
    ترڪيءَ ۾ سلطان جي محافظن جو هڪ خاص فوجي جٿو هيو، جنهن ۾ يهودي هوندا هئا. هي اهي يهوي هئا، جيڪي جنگين ۾ گرفتار ٿيندا هئا ۽ اسلام قبول ڪري ڇڏيندا هئا. ان فوج کي جيني سري (Janissary) ڪوٺيندا هئا. روايت موجب سلطان کي مال غنيمت مان پنجون حصو ذاتي استعمال لاءِ ملندو هيو. انهن قيدين مان باڊي بلڊر ۽ مظبوظ قيدين کي سلطان جي فوج لاءِ رکيو ويندو هيو. جڏهن جنگي قيدين جو انگ گهٽجي ويو ته سلطنت عثمانيه انهن جان نثارن جي جبري ڀرتي شروع ڪئي، جيڪا تاريخ جي بد ترين جبري ڀرتي هئي. وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ڪتاب ”ترڪي جي سرزمين ۽ رهواسي“ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڀرتي ڪرڻ وارن فوجي آفيسرن جا ٽولا ٻهراڙين ۾ ويندا هئا، اتان اٺ کان ٻارهن سالن جي ڇوڪرن مان چونڊ ڪري کين استنبول کڻي ايندا هئا، جتي هڪ خاص تقريب ۾ کين ڪلمو ڀرائي مسلمان ڪيو ويندو هيو. معصوم نينگرن کي خبر نه هوندي هئي ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ تنهن بعد اهي سلطنت جي ملڪيت بڻجي ويندا هئا. کين شاديءَ جي اجازت نه هوندي هئي. انهن کي سخت جفاڪشيءَ جي تربيت ڏني ويندي هئي ۽ اهي فوجي نظم و ضبط جا بي زبان بت بڻجي ويندا هئا. پنهنجي آفيسرن جي حڪمن جي بغير ڪنهن سوچ جي بجا آوري ڪندا هئا. انهن خدمتن جي صلي ۾ کين شاهي دربار ۾ يا فوج ۾ اوچي درجي تي پهچايو ويندو هيو. سلطاني تخت يا عثمانيه خاندان جي مخصوص عهدن کي ڇڏي، هر سٺي ۽ دٻدٻي واري عهدي تي سندن تقرري ٿيڻ لڳي هئي. اهي آهستي آهستي ترقيءَ ۾ پراڻن مسلمانن کي به پوئتي ڇڏي ويا. انهن فائدن جيني سري گروپ کي اهڙو ته مرتبي وارو درجو ڏنو، جو مسلمان به ان فورس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڪندا هئا. لڙائين ۾ به جيني سري دفاع جو آخري مورچو هوندو هئا. هتي هڪ فرانسيسي حملي جي روئداد ٻڌائڻ وڌيڪ مناسب ٿيندي:
    فرانسيسين ترڪيءَ جي وڏي بٽالين تي حملو ڪري ڏنو. اهي ترڪ فوجن کي ماريندا ماريندا چئن دفاعي مورچن کان به ا ڳتي وڌي ويا. جڏهن اهي هڪ ننڍيءَ ٽڪريءَ تي پهتا ته انهن کي فتح جو احساس ٿيڻ لڳو پر ڇهه هزار جيني سري فوج جي چاڪو چوبند دستن کي ڏسي وايون بتال ٿي وين ۽ مٿن ايترو ته حراس ڇائمجي ويو جو اهي هٿيار فٽا ڪري ڀڄي ويا.
    هڪ ٻيو واقعو ٻڌو: هڪ دفعي جيني سري فوج ڪجهه قيدين کي هڪ شهر مان ٻي شهر و ٺي وڃي رهيا هئا. ٿورو اڳتي هلي انهن کي احساس ٿيو ته ڪجهه ضروري سامان ته اهي پوئتي وساري آيا آهن. انهن تلوار اڀي ڪئي ۽ قيدين کي خبرداي ڪيائون ته اسان ٿوري دير ۾ واپس اچون ٿا، ڪير به جيڪڏهن پنهنجي جگهه تان هٽيو ته ان کي افٽ ماري ڇڏينداسي. موٽڻ تي ڏ ٺائون ته صرف هڪ قيدي ڀڄي ويو هو، باقي سڀ جا سڀ پنهنجن جائن تي ويٺا رهيا.
    انهن واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيني سري فوج جو ڪيترو نالو ويٺل هيو. جيني سري فوج به طاقت جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي، پاڻ کي ضايع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ايسيتائين جو اهي پنهنجي محسن سلطانن جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا. ۱۸۲۶ع ۾ انهن سلطانن خلاف ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪيا، پر اهو انهن جو آخري مظاهرو ثابت ٿيو.نئون سلطان محمود ثاني انهن کي سبق سيکارڻ جي مڪمل تياري ڪري چڪو هو. هن هڪ خفيه فوج ٺاهي، جيڪا جيني سرين کان به ٻه وکون اڳتي هئي، يعني سير تي سوا سير. ان تربيت يافتي گروپ کين گوليءَ سان نه، پر باريڪن تي توبن سان حملو ڪري اڏائي ڇڏيو، اهڙيءَ طرح جيني سرين جو باب هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. اوڻٽيهين مئي ۱۹۵۳ع ۾ ترڪي ۾ هڪ تمام وڏو جشن ملهايو ويوجنهن مهل قسطنتنيه تي قبضي کي پنج سئو سال پورا ٿيا هئا. ان ڏينهن استنبول جي هر ماڻهوءَ سلطانن يا جيني سري جو لباس پهريو هئو. اهڙي نموني عظمت ۽ برتري جي دور جي ياد تازي ڪئي وئي.
    اقتدار جي حوس انڌو ڪري ڇڏيندي آهي. اهو جملو ته عام رواجي آهي، جو ٻڌي ٻڌي اثر وڃائي ويٺو آهي. پر آهي سؤ سيڪڙو سچو. سون ان طرح ترڪيءَ ۾ سلطان جڏهن تخت تي ويهندا هئا ته پنهنجي ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيندا هئا ته جيئن تخت نشينيءَ جو حق خطرن کان محفوظ رهي. جڏهن انهن کي اهڙي پاڦوڙ پوندي هئي، ته سندن وراثت لوڏن ۾ آهي ته اهي ابن ڏاڏن جو طريقو اختيار ڪندي، کين قيد ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن ڪو سلطان مرڻ جي ويجهو هوندو يا مري چڪو هوندو ته سندن سمورن پٽن کي ڪنهن پري واري علائقي جي ڪنهن فارم هائوس جهڙي محل ۾ و ٺي وڃبو هئو. هتي صرف ان پٽ کي ٻاهر ويهاري، جنهن کي تخت تي ويهارڻو هوندو هئو، باقي وارثن کي قيد ڪيو ويندو هئو، جتي انهن جي باقي زندگي گذرندي هئي. ها اتفاق سان سلطان کي ڪو وارث نه هجڻ جي صورت ۾، ڪنهن جي لاٽري کلي ته پوءِ کيس قيد مان ڪڍي سلطان بڻائي ڇڏيندا هئا. جيڪو ماڻهو مدتن تائين وما فيها کان بي خبر، هڪ بند محلات ۾ عورتن سان رهي رهي ناڪارا ٿي ويو هوندو، جنهن کي صرف پٽن پئدا ڪرڻ جي طريقن جي خبر هوندي، اهو جڏهن تخت سلطانيءَ تي براجمان ٿيندو هوندو ته اهو ڇا ڪري سگهندو هوندو؟ افسوس جو خلافت عثمانيه جي زوال کانپوءِ جڏهن اهي نظربند بادشاهي ٻار مستقل طور آزاد ٿيا هوندا ته اهڙيءَ آزاديءَ جو انهن کي ڪهڙو فائدو مليو هوندو؟
    ۱۹۰۶ع ۾ پيڙهيل ترڪش عوام جي لاءِ اميد جو ڏيئو روشن ٿيو، ڇو ته جڏهن وقت جي سلطان عبدالحميد ثانيءَ جو ۱۸۷۶ع ۾ حڪمراني جو آغاز ٿيو هيو ته ان واعدو ڪيو هيو ته ملڪ ۾ دستوري حڪومت قائم ڪندو. سلطان عبدالحميد ثاني کي روشن خياليءَ ۽ سادگيءَ ڪري ڏاڍي شهرت ملي هئي. جڏهن ان پير پختا ڪيا ته پنهنجي واعدي تان ڦري ويو. هن ڪيترن ئي وفادار مشيرن کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ٽيهن سالن تائين ڏنڊي جي زور تي حڪمراني ڪئيائين. هن خبرگيري ڪرڻ لاءِ جاسوس مقرر ڪيا هيا ۽ انهن جاسوس جي نگرانيءَ لاءِ وري ٻيا ڳجها ادارا ٺاهيا هيائين. سلطان عبدالحميد ثاني ڏاڍو سودائي ۽ وهمي هوندو هئو. جڏهن هن جي سامهون کاڌو رکيو ويندو هيو ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن کي کارائي، تصديق ڪندو هئو ته ان ۾ زهر ته ناهي. هو پنهجي سياسي حريفن ۽ مخالف اڳواڻن کي ملاقات تي گهرائي پاڻ وٽ بند ڪرائي ڇڏيندو هيو. ۱۹۰۶ع ۾ اولهه پسند فوجي غدارن بغاوت ڪري، هن ملڪ ۾ دستوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. بلاخر ۱۹۰۹ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
    هاڻ ترڪيءَ جي سلطانن جوگهڻو ذڪر ٿيو. مون سان گڏ اوهان به ٻڌي ٿڪا هوندؤ ته بس ۾ چڙهڻ سان اسان جي گروپ ليڊر سر رومي حيات اها آفر ڏني ته جيڪڏهن ڪو ميمبر گاڏيءَ جي لائوڊ اسپيڪر تي ڪا به پرفارمنس ڏيڻ چاهي ته ڀلي اچي. ان آفر سان ڪجهه شرارتي نوجوانن اندر جي اُڌمن کي گانن جو روپ ڏنو. ڪن دوستن انڊيا جا سدابهار گانا ڳائي زبردست داد وصول ڪيو خاص. ڪري مانسهره جو ”پاسبان“ جو دوست صاحبزاده جواد الفيَضي، جنهن مناڊي جا ڳايل سدا بهار گانا ٻڌائي محفل جو موڊ ئي تبديل ڪري ڇڏيو.


    منيا ترڪ باغ

    منيا ترڪ باغ
    تاڙين ۽ واه واه بعد هاڻي گروپ منيا ترڪ Minia Turk پارڪ پهتو. باغ ٻاهران استنبول ميٽروپوليٽن ميونسپالٽي جو بورڊ لڳل هو. ٽڪيٽ ڪائونٽر عاليشان قسم جو هيو. گائيڊ ٿورو پريشان پيو لڳي ته متان اسان کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي، الائي ڇو؟ بهرحال ڪجهه دير بعد مسئلو حل ٿي ويو ۽ اسان اندر اچي وياسين. هي باغ نه پر هڪ ننڍڙو ترڪي آهي جتي تاريخ جا مختلف دؤر ۽ ماڳ مڪان منجمند ٿيل آهن. ٽڪيٽ ۱۰ ليرا اٿس. باغ ۾ داخل ٿيڻ سان اوچين عمارتن جا پتڪڙا ماڊل ڏسي، ننڍن ٻارن جيان خوش ٿيندا رهياسين ۽ حيرت وچان هيٺ ويهي غور سان سندن جائزو وٺڻ شروع ڪيو.
    زبردست! ڇا ته ماڊل بڻايا ويا آهن، محلاتون هجن يا مزار، مسجدن جا نمونا هجن يا مدرسن جا ماڊل، ڦوهارا هجن يا پلون، هي باغ بلڪل ائين پئي لڳو، جيئن مٿاهين کان جهاز مان هيٺ ترڪي ڏسي رهيا هجون. ماڊل عمارتن ۾ ننڍڙا ماڻهو، پلين هيٺيان شفاف پاڻي، بدڪون ۽ رستي جي ٻنهي پاسن کان عظيم الشان عمارتن جون قطارون، اسان پنهنجا قدم به ٻارن جيان آهستي آهستي کڻندي اڳتي وڌندا پئي وياسون. ڪمال آهي. فوٽو ڪڍو ته محسوس ئي نه ٿيندو ته ڪا واقعي اصلي جڳهه آهي يا ماڊل. ان ماڊلن جي دنيا ۾ ترڪيءَ جي ابي ڪمال اتاترڪ جي گهر جو ماڊل پڻ ڏٺوسون، جتي هو پيدا ٿيو. هي گهر ۱۸۷۰ع ۾ ٿيسا لونڪي (Thessaloniki) ۾ اڏيو ويو. هتي اسان کان گائيڊ وسري ويو، ڇو ته هر ماڊل اڳيان معلومات ڏيندڙ مشين لڳل هئي، جنهن سان ٽڪيٽ گسائڻ سان ان ماڊل جي مڪمل تاريخ، جاگرافي متعلقCommentary پئي ٻڌي. انگريزيءَ ۾ ان معلومات ته مزو ئي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. هتي هڪ جگهه تي کليل فوٽو اسٽوڊيو هيو، جتي شاهي تخت رکيل هئو. هتي گهمڻ لاءِ آيل ڪٽنبن پنهنجا فوٽو شاهي لباس ۾ پئي ڪڍرايا ۽ اوڻٽيهين مئي ۱۹۵۳ع ۾ ترڪي ۾ ملهايل جشن جو ورجاءُ پئي ڪيو جنهن مهل قسطنتنيه تي قبضي کي پنج سئو سالن پورا ٿيڻ تي استنبول جي هر ماڻهوءَ سلطانن يا جيني سري جو لباس پهريو هئو. هتي ڪٽنب جي وڏي سلطان جو لباس، ماءُ راڻيءَ جو ۽ ٻارن شهزادن ۽ شهزادين جو روپ ڌاريو ۽ فوٽوءَ ۾ مختلف اندازن ۾ پاڻ کي تاپڪاپي ۾ پئي تصور ڪيو. ترڪيءَ جي ڳاڙهن ڳٽول ڳلن وارن ٻارن کي ان روپ ۾ ڏسي، مالڪن به ڪونه پئي سڃاتو ۽ باغ گهمڻ آيلن به ان گيٽ اپ مان مزو پئي ورتو. جس آهي ميونسپالٽيءَ کي جنهن Tourists کي پنڌ کان بچائي هڪ هنڌ تفريح ۽ معلومات جو ذخيرو لڳائي ڇڏيو، ٻين لفظن ۾ هي باغ ۽ اهو ٽڪرو آهي جتي سڄي ترڪي سمائي، تفريح جو هڪ نئون انداز متعارف ڪرايو ويو آهي. ساڳي وقت هتي هڪ دڪان پڻ آهي، جتي تاريخي عمارتن جا پلاسٽڪ ۽ لوهه جا ماڊل وڪري لاءِ موجود آهن. هي پارڪ ۲۳ اپريل ۲۰۰۳ع تي عوام لاءِ کوليو ويو. هن پتڪڙيءَ ترڪيءَ ۾ ۱۰۵ عمارتي ماڊل هئا جن مان ۴۵ ته استنبول جا هئا، باقي ۴۵ استنبول کان علاوه ترڪيءَ جي ٻين حصن جا ۽ باقي ۱۵ پسگردائيءَ جي ملڪن جا باغ جي ايراضي ۵۶ هيڪٽر هئي. هتي هڪ ڪتاب پڻ مفت مليو جنهن جو نالو هو سڀ دور ۽ ماڳ هڪ ئي وقت هڪ هنڌ، جيڪو استنبول ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽي طرفان ڇپايل هيو. ان ۾ استنبول جي ميئر قادر ٽوپبس جو پيَغام منياترڪ، ترڪيءَ جو شوڪيس هيو. هيءُ هڪ قسم جو تعليمي باغ هيو، جتان شاگرد راند روند ۾ عاليشان عمارتن بابت علم حاصل ڪري سگهن ٿا. مون باغ کي پيار مان الوداع ڪيو ڇو ته Cable Car تي چڙهي گهڻيءَ اوچائيءَ تان استنبول ڏسڻو آهي.


    پائري لوٽي جي پر فضا ٽڪري

    پائري لوٽي جي پر فضا ٽڪري

    اسان جي ٽوئرسٽ بس هڪ ٽڪريءَ جي دامن ۾ پارڪ ٿي. گروپ جا سڀ ميمبر لهي چيئر لفٽ جي ڪائونٽر تان وڃڻ ۽ واپس اچڻ جا ٽوڪن وٺي، ان اسٽيشن تي پهتا، جتان چيئر لفٽ جو گذر هيو. هي چيئر نه پر بند لفٽ هئي، جيڪا پاڪستاني رڪشا جيتري هئي، جنهن کي ڪيبل ڪار پئي ڪوٺيائون. ڪيبل ڪار تي چڙهڻ ۽ لهڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته ڪيبل ڪار بيهندي ڪونه آهي، پر هڪ هلڪي جهٽڪي سان ان تي چڙهڻو ۽ لهڻو هوندو آهي. گروپ ۾ ڪجهه وڏي عمر وارا پڻ هيا، پر عجيب ڳالهه آهي ته نوجوانن کان اڳ ۾ اهي ڦڙتيءَ سان ڪيبل ڪار تي قبضو ڄمائي ويا. اسان ٽوٽل ڇهه ڄڻا هڪ لفٽ ۾ چڙهي پياسين. لفٽ جهٽڪن سان مٿي طرف ڇڪجڻ لڳي، جيئن ڪنهن کوهه مان پاڻي لاءِ وڌل بالٽيءَ کي مٿي ڇڪبو آهي. مفاصلو ايترو گهڻو ڪونه هيو باقي هيٺ ڏسڻ سان قدرت جي حسين نظارن تي نظر پي پئي. مٿي پهچي ڪيبل ڪار مان لهي، هڪ گلن ڦلن سان سٿيل رستي تي هلڻ شروع ڪيوسين. هڪ مخصوص اوچائي تي دوربين لڳل آهي، هيءُ جڳهه ڪشادي ۽ خوبصورت ٺهيل آهي. چؤطرف شيشي جي ديوار اٿس. اسان هن جڳهه تي پهچي شهر جو ڀرپور ديدار ڪيو. سامهون هڪ وڏي ڍنڍ، سندس مٿان پل ۽ پسگردائيءَ ۾ آباديون ۽ باقي ساوڪ اهڙو حسين منظر ڏسي سچ پچ ته اکيون ٿڌيون ٿي ويون. ڪجهه وقت پنڌ بعد اسان جي سامهون هڪ Cafe آيو، بلڪل مختصر ۽ تمام ننڍو. باقي ڪرسيون ٻاهر لڳل هيون. هتي سيءُ شديد آهي، ظاهر آهي هڪ ٿڌو ملڪ ۽ ان جي جابلو پٽي.. ان هوٽل ۾ ملڪ جاويد سان گڏ داخل ٿيس. چانهه پچائڻ واري Antique قسم جي پتل جي چلهي کان گذرندو، مان هڪ ننڍي بند ڪمري ۾ آيس جتي چؤطرف Black and White تصويرن جا پراڻا فريم ڀتين تي ترتيب سان لٽڪيل هيا. اندر ٻه ٽي گورا انگريز ڪافي پي رهيا هيا ۽ ساڻن گڏ هڪ انتهائي خوبصورت گائيڊ هئي. مون ملڪ جاويد کي چيو: اسان واري چغتائي گائيڊ جي چونڊ تو ڪئي هئي؟ هن چيو ته جنهن به ڪئي، ڪمبخت بلڪل غلط ڪئي. ههڙيون خوبصورت گائيڊون ڇڏي کنيو سو به مرد. مان سندس جملي جي درستگي ڪندي چيو: گائيڊون ته سنڌ ۾ امتحاني مرڪزن ۾ استعمال ٿينديون آهن، جن کي چيري ڦاڙي، سوال حل ڪبا آهن، تنهنجي نظر شايد ساڳي چيرڦاڙ لاءِ ان معصوم گائيڊ تي پئي آهي. هن چيو نه يار ”بري نيت والي ڪا مون ڪالا“ ۽ مان هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.


    پاڪستاني فلم مس استنبول

    پاڪستاني فلم مس استنبول

    مون ۱۹۹۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي المنّظر سئنيما ۾ پاڪستاني فلم مس استنبول ڏٺي هئي، جنهن ۾ ريما ۽ بابر خان هيرو هيروئن هئا. هن فلم ۾ ريما استنبول جي هڪ گائيڊ آهي ۽ هن جو بابر خان سان پيار ٿي وڃي ٿو. روائتي اسٽوري جيئن ڪو سوچي سگهي ٿو، پوءِ انڊيا جي پراڻي فلم ”گائيڊ“ هجي يا پاڪستاني ”درشن“ يا ”چاهت“. راڳ پهاڙيءَ جا بانسريءَ ۾ آلاپ ٻڌي طبعيت ۾ تيزابيت وڌندي محسوس ٿيندي. گندين سينيمائن جي گهگهه انڌاري مان نڪرڻ کان وٺي سائيڪل مان زنجير ڪڍڻ تائين صرف شبنم جون صدائون، جن جي هر جملي ۾ صرف ”راجو“ هوندو يا جيڪڏهن نئين فلم هوندي ته وڃي ٿيا ست خير. نغماتي شاهڪار فلم ۾ بيڪار گانا، اڀ ڏاريندڙ ڊائلاگ، ٺمڪن جي فراواني، لڙائيءَ جا فضول سين، رڙيون، ڪوڪون. پاڪستاني فلم مس استنبول واقعي به فلم هئي. سندس هڪ گانو مقبول ٿيو هيو، ”يي جو، چار دنون ڪا ساٿ هي، اتفاق ڪي بات هي“. ته ترر ته ترر ته ترر (گاني جي خالي گيپ ڀرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ چڙ ڏياريندڙ ٻول). خواجه خورشيد انور، نثار بزمي، ماسٽر عنايت حسين، جهڙن نامور موسيقارن جي پروان چڙهايل پاڪستاني فلم انڊسٽري مجرن جي انڊسٽري بڻجي چڪي آهي. ان کانپوءِ تازو هڪ انڊين فلم ”مشن استنبول“ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، جيڪا دهشتگرد ڪاروائين جي متعلق هئي. استنبول مانmonitor ڪندي منظم دهشتگرد ٽولي انڊيا ۾ پڻ نيٽ ورڪ ٺاهي، هڪ وڏي تخريبڪاريءَ جو پلان جوڙيو آهي. ايڪشن مووي هئي. بالي وڊ به انگريز ٿيڻ جي چڪر ۾ پنهنجي چال ڍال بدلائي چڪو آهي. سواءِ عامر خان جي چند ڪلاسيڪل فلمن؛ لگان، منگل پانڊي، ٿري ايڊيٽس جي باقي فلمن ۾ سنسني خيزي ۽ عرياني عروج تي آهي.
    فلمن جي حوالي سان هڪ اهم ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ترڪيءَ جي هڪ خوبصورت اداڪاره نازان سانچي جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڦٽي هئي، جو هن پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن جون سموريون فلمون هٽ ويون هيون جن ۾ هلچل، زنجير، تلاش، هانگ ڪانگ ڪي شعلي ۽ طوفاني بجليان شامل آهن. ان دور ۾ نديم ئي اردو فلمن جو سپر اسٽار هوندو هو. مان سمجهان ٿو نديم تي ئي اهي فرسوده فلمون فلمايل هونديون.


    آزياد- لوٽيءَ جو عشق

    آزياد- لوٽيءَ جو عشق
    اسان ڪافي پيتي ۽ ٻاهر ڪجهه ٻيا ماڳ Spots پئي گهمياسين. هتان شهر جو نظارو ڏاڍو دلڪش آهي. هڪ جڳهه تي دوربينون فٽ ٿيل آهن، جتان ڪنهن جڳهه کي فوڪس ڪري وڌيڪ چٽائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. مون ڪئمرا گائيڊ کي ڏني ته منهنجو فوٽو ڪڍ، ڇو ته مون فوٽو ڪڍيا گهڻا ۽ ڪڍرايا گهٽ آهن. ان تي مون کي گائيڊ هڪ خاص هنڌ وٽ ويهاري چيو: هتي هڪ اهڙو پوز هڻ، جيئن ڪو ناڪام عاشق يا اداس شاعر نظر اچين، ڇو ته هيءَ جڳهه هڪ عاشق جي نالي سان منسوب آهي، جنهن جو نالو Pierre Loti آهي. فوٽو ته جهڙو تهڙو ڪڍرايم پراسان جو موڊ يڪايڪ بدلجي ويو، سو کيس زور ڀريو ته پوري اسٽوري ۽ اصل حقيقت ٻڌاءِ.
    ڪو ملڪ گهمڻ وقت جنگو جدل سان گڏ لازوال محبتن بابت ڄاڻ ضروري آهي. هن جي چهري تي هڪدم مايوسي اچي وئي. ڪجهه گهڙيون چپ رهڻ بعد هن ٻڌايو ته اهو شخص جنهن جي نالي سان هي ماڳ مشهور آهي، سو پائري لوٽي هو، جنهن جو اصل نالو جولين وياد Julien Viaud هيو، هو هڪ نيول آفيسر هيو. اصل فرانس جو هيو ۽ ناول نويس هيو ۽ پڙهڻ لکڻ جو خاصو ذوق رکندو هو. هن کي هڪ ترڪ ناريءَ سان پيار ٿي ويو هيو. جيئن جيئن گائيڊ ڳالهه ڪندو ويو تيئن تيئن ان جي چهري ۾ عجيب ڪشش۽ اکين ۾ اٻاڻڪائپ واري ڪيفيت طاري ٿيندي وئي ۽ اسان جي ان واديءَ سان انسيت وڌندي پئي وئي ۽ جذباتي ٿيندا ٿي وياسين. پائري لوٽي ترڪيءَ کي پنهنجو ٻيو ملڪ چوندو هيو، پر ڪجهه ساڙيلا ماڻهو هن کي حقارت سان ياد ڪندا آهن ڇو ته انهن مطابق هن هڪ ترڪ ناريءَ آزياد (Aziyade) سان ڌوڪو ڪيو. ظاهري طور سڃاتل هي ڌوڪيباز عاشق ۱۸۷۶ع ۾ پهريون دفعو ترڪي گهمڻ آيو، جتي هن جو هڪ شادي شده عورت سان پيار ٿي ويو. هو پنهنجي ڊائري ۾ اعتراف ڪري ٿو ته:
    He fell in love with the green eyes of a woman whose gaze followed him from behind the shutters of harem, where she lived as the main wife of a wealthy Turkish Business man.
    ”هن کي سائين اکين واري ان عورت سان پيار ٿي ويو آهي جنهن جون نگاهون حرم جي تاڪن مان هن کي تڪڻ جي تاڪ ۾ آهن هوءَ ڪنهن نهايت ئي امير ڪاروباري شخص جي زال آهي“.
    آزياد سان لوٽيءَ جو ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. هو لڪي ڇپي پاڻ ملڻ لڳا. هڪ ڏينهن هوءَ پوڙهي مڙس جي سخت پهرن مان جان ڇڏائي لوٽي سان ڀڄي نڪتي. تاپڪاپي جي عورتن لاءِ عقوبت خاني يا حرم مان ڪنهن جي ڀڄي نڪرڻ جو هي انوکو واقعو هو. هي پريمي جوڙو Eyup (ايوب) جي هڪ ٽڪريءَ تي ننڍي گهر ۾ رهڻ لڳو. وڏا واعدا ۽ وچن ٿيا. آزياد ڏاڍو خوش هئي ۽ لوٽي کي سندس بهادريءَ تي ناز هيو. لوٽي پنهنجي زندگيءَ جي تجربن تي هڪ ڊائري پڻ لکڻ شروع ڪئي، جيڪو اڳ تي هلي ناول جي روپ ۾ آيو ۽ ان جو نالو به ان پنهنجي دلير محبوبه آزياد سان منسوب ڪيو. ان وقت جي ريتن رسمن، ساڙيلي سماج، برادريءَ جي بي تڪن اصولن، هن عشق کي هڪ ڌارئي ماڻهوءَ جي بيشرميءَ ۽ حويليءَ مان ڀڄي نڪتل عورت جي بي حيائيءَ ۽ حقي مڙس سان بي وفائي قرار ڏنو. هونئن به معاشري ۾ پئسي واري ماڻهوءَ سان سڀني جون همدرديون ڪجهه سرس هونديون آهن ۽ کيس پهتل تڪليف عام ماڻهونءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ليکبي آهي. واپاري وا ڳون يا Tycoon پنهنجي هم پيشاور؛ شادين جي شوقين دوست جي حمايت ۾ صنعت ۽ تجارت جا ايوان لوڏي ڇڏيا ۽ پائري لوٽي جهڙي صوفي صفت ۽ درويش شخص مٿان مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. هن جون واٽون بند ڪيون ويون. هڪ ڏينهن هو پنهنجي محبوب جو شهر ڇڏي هليو ويو ان لاءِ ته جيئن آزياد کي استنبول مان اغوا ڪري فرانس ۾ شاديءَ ڪري ڇڏ يان پر سفارتي اعتراضن ڪري ائين ڪري نه سگهيو. هن بار بار ڪوشش ڪئي، هن کي دير ٿي وئي هن کي واقعي به گهڻي دير ٿي وئي. سڄي شهر سان ٽڪر ۾ اچڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. واپسي هن لاءِ موت هئي، پر آزياد جي خيال هن کي نه ته پنهنجي ڌرتيءَ فرانس ۾ سڪون سان ويهڻ ڏنو ۽ نه ئي جهاز رانيءَ جي نوڪريءَ سمونڊ هن لاءِ سهارو بڻيا.
    کامان پچان پڄران، لڇان ۽ لوچان،
    تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
    جي سمونڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
    هڪ ڏينهن هو سر اڏيءَ تي رکي استنبول واپس اچي ويو. گائيڊ جي چهري تي خاموشي ڇانئجي وئي ۽ اسان جو تجسس وڌي ويو. اسان اهو ٻڌڻ لاءِ بيتاب هياسين ته ڪڏهن ٿو گائيڊ چوي ته لوٽي موٽي آيو. پيار جي فاتح جي روپ ۾ .هن جي سچائيءَ آڏو سڀ قانوني رڪاوٽون ڀور ڀور ٿي ويون ۽ آزياد کي اڪيلائيءَ جي عذاب مان ڪڍي پاڻ سان تمام پري و ٺي ويو گائيڊ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو هن وري ڳالهه شروع ڪئي.لوٽيءَ جي واپسي هُن کي راس نه آئي، ڇو ته هن جي وئي پڄاڻان هن جي محبوبه آزياد وڇوڙو برداشت نه ڪندي مري وئي هئي. نفرتن جي نگر۾ لوٽي جي اوچتو کسڪي وڃڻ کان پوءِ کيس گهڻو خوار ۽ خراب ڪيو ويو. طعنا مهڻا ۽ تنقيد هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي جگجيت سنگهه جو غزل ”بات نڪلي تو پهر دور تلڪ جائي گي“ پورو ياد آهي ته اهو ئي آزياد جي ڪيفيتن جي ترجماني آهي .
    ۱۸۸۷ع ۾ جڏهن پائري لوٽي واپس وريو ته ٺيڪ ڏهن سالن بعد به هن کي ترڪش ماڻهن جي نظرن ۾ سا ڳي حقارت ۽ شديد نفرت نظر آئي. هن کي مجرم ۽ قاتل ڪوٺيو ويو.
    ”Very sad yar“ هڪ دوست ڀڻڪيو.آزياد جو مڙهه Topkapi محل ۾ دفنايو ويو. پائري لوٽي به پاڻ کي ان سانحي جو ذميوار سمجهڻ لڳو. سمنڊن تي حڪم هلائڻ وارو هي ارڏو شخص دل آڏو بلڪل همٿ هاري ويٺو. هن وٽ هاڻي ڪجهه به نه بچيو هيو. جيستائين لوٽي زندهه رهيو، هو شرم ۽ ندامت وچان آزياد جي قبر تي ايندو رهيو ۽ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو رهيو. ”هڪڙي پنهل ڪاڻ ٻانهي ڪل ٻروچ جي“ واري فلاسافي تحت هن کي پنهنجي دشمن ترڪن سان محبت ٿي وئي هئي.
    پائري لوٽي ترڪ لباس پائيندو رهيو، مٿي تي ترڪي ٽوپيFes پائيندو هيو(پاڪستان ۾ ڦندڻ واري ڳاڙهي ترڪي ٽوپي مرحوم نواب زاده نصرالله خان ئي پائيندو هو) لوٽي هڪو پيئندو هيو. هن پنهنجو هر انداز ترڪن جهڙو بڻائي ڇڏيو. هو اڪثر ويران هنڌن، برباد بيٺڪن، ۽ اجڙيل گذر گاهن ۾ وقت گذاريندو هيو، ڄڻ ته لِڪي ڪنهن کان معافي وٺندو هجي يا پنهنجوپاڻ کي ڪا سزا ڏيندو هجي. هوگهڻو ڪري سليم يا فاتح مسجد آڏو نظر ايندو هيو، پر هن جي پسنديده جڳهه ايوب Eyup هئي، جتي آزياد جون يادون هن سان گڏ هونديون هيون. لوٽي باوفا هيو يا بي وفا ان لاءِ اڄ به استنبول ۾ متضاد خيال موجود آهن.ڪجهه ماڻهن جواهو به خيال آهي ته آزياد کي ايمنونو ۾ دفن ڪيو ويو هيو. آزياد لوٽي استنبول جو هڪ رومانوي داستان آهي.عجيب اتفاق آهي، ۱۹۲۳ع ۾ جڏهن ڪمال اتاترڪ جمهوري رياست جو قيام عمل ۾ آندو ان سال پائري لوٽي وفات ڪئي. ڪنهن کي به خبر ناهي ته هن جڳهه جو بنياد ڪڏهن پيو پر اهو سڀڪو ڄاڻي ٿو ته هي هڪ عاشق جو پسنديده ڪافي هائوس هيو.


    پائري لوٽي جي سوانح عمري

    پائري لوٽي جي سوانح عمري

    سمونڊن سان چاهه ۽ جهازراني سان محبت لوٽيءَ کي سترهن سالن جي ڄمار ۾ نيول ڪاليج آندو. ۱۹۰۶ع ۾ هو ترقي ڪندي ڪندي ڪپتان بڻيو. طبعيت جي لحاظ کان هو لڄارو،گهٽ ڳالهائيندڙ، گوڙ گهمسان کان ڪيٻائيندڙ ۽ هجومن کان حجاب ڪندڙ هيو. نيول ڪاليج جي دور ۾ ئي هن تي لوٽي نالو ان ڪري پيو، جو هو ڪنول گل جيان ڪومل ۽ نازڪ هيو، جنهن کي انگريزي ۾ Lotus چئبو آهي. لوٽس مان ڦري کيس لوٽي پڪارڻ لڳا. عام راءِ اها هئي ته هو پڙهائيءَ لکائيءَ ۾ گهٽ ۽ ڪتابن کان پري رهندو هيو. هو پاڻ کي اڪثر ڪم علم، ڪم عقل ۽ گهٽ ڄاڻ رکندڙ ظاهر ڪندو هيو ۽ ڪنهن به بحث مباحثي ۾ پنهنجي راءِ ظاهر ڪونه ڪندو هيو. ڪنهن معمولي ڳالهه تي گهٻرائجي چپ ٿي ويندو هيو، پر سندس ويجها دوست ڄاڻندا هئا ته گهر ۾ هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو هوندو هيو ۽ پنهنجو باقي وقت صرف ڪتابن کي ڏيندو هيو. هن منجهه همعمر دوستن جيان چالاڪي، هوشياري ڪونه هئي.
    سندس پهريون ڪتاب لوٽيءَ جي شادي جي نالي سان ۱۸۸۰ع ۾ منظر عام تي آيو، جيڪو هن جي مادري ٻولي فرانسيسيءَ ۾ هيو. هي هڪ ناول هيو، جيڪو سندس آپ بيتي هيو. هن ناول ۾ هن پنهنجا تجربا، واقعا، ادبي ڪمن جو جائزو ۽ ٻيون ذاتي ڳالهيون بيان ڪيون. ٻئي سال ۱۸۸۱ع ۾ سندس هڪ ٻيو ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ سينيگال(Senegal) جي هڪ سپاهيءَ جي پيڙائن ۽ اداسين جو تذڪرو ٿيل هيو. ان بعد پائري لوٽي (Flowers of Boredom)نالي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو يادگيرين، سفرنامن ۽ ڪهاڻين تي مبني هيو. سندس شاهڪار ناول جيڪو تمام مشهور ٿيو اهو هيو منهنجو ڀاءُ وائس (My brother Yves) هي ناول ۾ هن جگري يار وائس جي دوستيءَ تي لکيل هيو. توڙي جو وائس هڪ معمولي خلاصي (Sailor) هيو، پر هم منصب دوستن کي ڇڏي ۽ پروٽوڪول ٽوڙي، هو غريب دوست سان ڪچهريون ڪندي نطر ايندو هيو. وائس ڪيترن ئي ڪٺن سامونڊي سفرن ۾ پائري لوٽيءَ جو ساٿي رهيو. وائس نه ته ايترو پڙهيل لکيل هيو ۽ نه ڪو ماهر زيردست، پر هو تمام سوبر، همدرد ۽ وفادار هيو. سندس قد ڊگهو، اکيون نيريون ۽ بت ڪثرتي هيو. هو گهڻي شراب واپرائڻ ڪري اڪثرنشي ۾ الوٽ رهندو هيو. وائس فارغ وقت ۾ پائري لوٽيءَ سان جوا کيڏندو هيو ۽ ٻيون شرارتون ۽ مزاقون ڪندو هيو. پائري لوٽيءَ جي بالا آفيسرن کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه هئي. هن سچي دوستيءَ کي هم جنس پرستيءَ جو الزام ڏئي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي هئي، پر ساڙيلا ماڻهو ان سازش ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا.
    اتر ويٽنام ۾ نيول آفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ دوران پائري لوٽي ٿوئان جي جنگ( Battle of Thuau An) جيڪا ويهين آگسٽ ارڙهن سئو ٽياسي ۾ ويٽنامين ۽ فرانسيسين وچ ۾ لڳي، دوران اخبارن ۾ ليک ڏئي، هن سامونڊي جنگ جي اصل حقيقتن تان پردو کنيو. هن مضمون پائري لوٽيءَ کي مقبول ضرور ڪيو، پر سرڪاري آفيسر جي حيثيت ۾ هن جيڪو لکيو ان جو هن کي قانوني طور ڪو حق نه پيو پهچي. هي وڏي پئماني جي Misconduct هئي، جنهن ۾ سرڪاري راز فاش ڪيا ويا هئا. سچائي لکڻ تي پائري لوٽيءَ کي سخت محڪماتي ڪارروائي ۽ سزا لاءِ ذهني دٻاءَ هيٺ آندو ويو هيو. سبب ڄاڻايو نوٽيس ۾ هن کي ڌمڪي ڏني وئي ته صرف حڪمن جي پوئواري ڪرڻي هئي، نه ڪي انهن تي تبصرو. ننڍپڻ کان وٺي حساسيت ۽ درد دل رکندڙ هي سيلاني ناروا سلوڪن ۽ بيواجبين تي اکيون پوري ڇڏڻ وارن منجهان ڪونه هيو. هن سمنڊ جي تهن کان وٺي ڪنارن ۽ ارد گرد جيڪو ڏٺو ۽ پرکيو ان تي قلم کنيو. ۱۸۸۶ع ۾ هن هڪ ٻيو ناول برفاني مهاڻو(An Iceland Fisherman) لکيو، جنهن ۾ رومانوي داستانن ۽ بريٽنس (Bretons) ”هڪ فرانسيسي لساني ٽولي“ جي مجبورين، لاچارين، تڪليفن ۽ رحم جوڳيءَ زندگيءَ جو عڪس چٽيو. هن پنهنجي ناول ذريعي دنيا کي ٻڌايو ته برفباريءَ جي موسم ۾ جڏهن هر شئي تي برف جا تهه ڄمي وڃن ٿا، رستا بلاڪ ٿي وڃن ٿا، آمدورفت بند ٿي وڃي ٿي، عام زندگي مفلوج ٿي وڃي ٿي، انهن حالتن ۾ اتان جا غريب قبيلا ڪهڙيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت مان گذرن ٿا. هن پنهنجين لکڻين ذريعي سرڪاري بنگلن ۾ گرم ڪمبل ويڙهيل حڪمرانن کان انهن لاچار ۽ ڦاٿل روحن لاءِ سڪون جي سين هنئي.
    ترڪيءَ جي جنگ آزاديءَ جي حمايت ڪرڻ تي حڪومتي ڪائونسل کيس تحسين ۽ شڪريي جا خط لکيا، پر ٻئي طرف عام ماڻهوءَ وانگر اديبن ۽ دانشورن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، ڇو ته برصغير جي مسلمانن وانگر هن کي به خلافت عثمانيه سان همدردي هئي . ترڪيءَ جي مشهور انقلابي شاعر ناظم حڪمت پائري لوٽيءَ لاءِ هڪ هنڌ چيو ته، ڇالاءِ هو خلافت عثمانيه جي خاتمي تي اونڌي منجي ڪري ماتم ڪندو رهي ٿو. ۱۹۲۵ع ۾ پائري لوٽيءَ جي مخالفت ۾ لکيل سندس هڪ نظم هيٺ ڏجي ٿو.
    ۽ تون!
    پائري لوٽي
    توکان ته
    اسان کي پنهنجي پيلي ماس مان
    رت چيسيندڙ جونئان به
    وڌيڪ عزيز آهن
    اي فرانسيسي اهلڪار


    ايمينونو

    ايمينونو

    گائيڊ اوچتو اُٿيو ۽ چيائين ته هلو دير پئي ٿئي، اسان کي اڃان به گهڻو ڪجهه ڏسڻو آهي. هينئر اسان کي ايمينونو ۽ ايشين استنبول ڏسڻو آهي ۽ بعد ۾ سمنڊ ڪناري مڇيءَ مانيءَ سان مانجهاندو ڪرڻو آهي.جيئن ته ايمينونو ۽ ايشين استنبول مان اڳ ئي ڏسي چڪو هيس، ان ڪري ٻيهر ساڳو هنڌ ڏسڻ نه پئي چاهيم. مون وانگر ڪجهه ٻيا به ڪناري تي ئي ترسي پيا. انهن سان ملي اسان مَصالحه مارڪيٽ جو پروگرام ٺاهيو. اهو ٻڌائيندو هلان ته ايمينونو استنبول جو اڳوڻو ضلعو ۽ هاڻوڪو دنگئي علائقو آهي ۽ فتح ضلعي ۾ آهي.گولڊن هارن جي لنگهه ۾ جيڪو مرمره سمنڊ کانپوءِ هڪ وڏو هاربر آهي، هي مقام هميشھ اهميت جو حامل رهيو آهي. ڇالاءِ ته سياحن لاءِ هي ساحل من موهيندڙ رهيو آهي. هتي ريستوران ٻيڙين ۾ ئي هلن ٿا ۽ ان کانسواءِ چاءِ ڪافي لاءِPush-carts پڻ آهن. ايمينونو ٽرانسپورٽ جي سهولتن سان مالا مال آهي. هتان فيريز کانسواءِ ريل، ٽرام، ڪوچ هر وقت تيار ملنديون. ڏسڻ جهڙن ماڳن ۾ مصري مصالحه مارڪيٽ، نئين مسجد ييني ڪامي، سينٽرل پوسٽ آفيس ۽ رستم پاشا مسجد شامل آهن.
    استنبول شهر ۾ ايتريون ته خونريزيون ۽ قتل عام ٿيا آهن، جو ان کي منتشر ۽ بي چين شهر چوڻ غلط نه ٿيندو. استنبول جو گهڻو حصو ماضيءَ متعلق آهي. جيڪڏهن ان ۾ مينار ۽ گنبذ نه هجن ته شهر ڪنهن ڪم جو نه لڳي. هتي سمنڊ ڪناري به عجيب ماحول آهي ۽ Sea Food کليل هوا ۾ کائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي .


    اسپائيس بازار

    اسپائيس بازار

    هيءَ بازار ڍڪيل آهي، جيئن شڪارپور جي ڍڪ بازار. سندس ڇت گولائيءَ ۾ آهي، جنهن تي مختلف رنگن جا چٽ چٽيل آهن. هن خوبصورت بازار جي ڊزائين ڪوڪا قاسم آغا(Koca Kasim Agha) تشڪيل ڏني، جيڪو اصل ۾ البانيه جو رهواسي هيو. عثمانيه دور جون جيڪي به شاهڪار عمارتون آهن، انهن مان تقريباً هن ماهر آرڪيٽيڪٽ جون ٺهيل آهن. تاپڪاپي محل، جنهن جي ڊزائن کي عظيم فنپارو سمجهي ردوبدل جي گنجائش کي رد ڪيو ويو هيو. هن قلندر ڪاريگر ان منجهه به وڻندڙ تبديليون ۽ جدت آڻي حيران ڪري ڇڏيو. چيف ڪورٽ آرڪيٽيڪٽ حسن آغا جي وفات بعد ڪوڪا قاسم آغا کي چيف ڪورٽ آرڪيٽيڪٽ جي منصب تي ويهاريو ويو. هن دنيا جي روايت رهي آهي ته هو سواءِ ڏاهي جي، ٻئي هر ماڻهوءَ جو هر گناهه معاف ڪري ڇڏيندي آهي. ڪوڪا قاسم آغا سان به ساڳي روش رکي وئي. هن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڪورٽ ڪچهرين ۾ ايترو ڦاسايو ويو، جو هن جو تخليقي ڪم رڪجي ويو. عدالتن جي ڪندذهن قاضين سندن بدعنوان عملي جي حاضرين، هن کي خوار ۽ خراب ڪري ڇڏيو. ڪوڪا قاسم آغا ڊزائيننگ کانسواءِ سياسي طور بيدار هو ۽ تمام پيچيدهه سياسي مسئلن جو سادو حل ٻڌائيندو هيو، جو درباري خوشامدي ۽ خودثنا وزير۽ مشيردنگ رهجي ويندا هئا. آخرڪار ۱۶۴۴ع ۾ هن کي جلاوطنيءَ جي سزا ٻڌائي، غالي پولي (Gallipoli) موڪليو ويو. ڏاهيون ڏک ڏسن واري واٽ تي هلندي هلندي آ خرڪار هن جي ضرورت کي محسوس ڪندي، هن کي معافي ڏئي واپس محل ۾ رکيو ويو. گرانڊ بازار کانپوءِ هيءَ ٻيو نمبر ڍڪيل بازار آهي. هي انگريزي ايل جي شڪل ۾ آهي، پر مان سمجهان ٿو شڪارپور جي بازارجي ڇت، جيڪا ڪاٺ جي ڊزائن سان ٺهيل آهي، سا دنيا جي ڍڪيل بازارن کان ممتاز آهي. هڪ ته اها هوادار آهي جنهن مان روشني جو گذر به ٿئي ٿو. ٻيو ڪاٺيءَ جي ڪاريگريءَ جو اعليٰ ڪم ان جي خصوصيت آهي. جيتوڻيڪ لکي در کان شروع ٿيندڙ ڍڪ بازار هن بازار جي ڀيٽ ۾ سوڙهي ۽ وروڪڙن ۾ آهي، پران ۾ ناگهاني آفتن Risk Management کي منهن ڏيڻ جو سرشتو ڪمال آهي.
    ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي هڪ انٽرويوءَ ۾ اهو به چيو هو ته اتفاقي باهه وسائڻ لاءِ پتل جا پائيپ بازار جي مکيه هنڌن تي لڳايا ويا آهن، جن کي ڪتب آڻبو هو . ڇاڪاڻ ته فائربرگيڊ جو ايتري سوڙهيءَ بازار ۾ اچڻ ناممڪن آهي ۽ نه ئي ڪو ايترو ڊگهو پائيپ يا نڙو ٿي سگهي ٿو جو ايترو پري گاڏي بيهاري جاءِ واردات تائين پهچائجي. ان لاءِ حادثن تي ترت ظابطو آڻڻ لاءِ ويجهي پائيپ جي ناب کولي پريشرواري پاڻيءَ سان باهه تي ڪنٽرول ڪري سگهبو هيو. هن وقت اهو نيٽورڪ ناڪارهه بڻجي چڪو آهي، پر هو اسان کي ياد ٿو ڏياري ته پراڻي وقت جا ادارا ڪيترو نه فعال ۽ ڪارائتا هئا.
    مون ۱۹۰۵ع جو هڪڙو انگريز جو نڪتل فوٽو ڏٺو هيو، جنهن منجهه شڪارپور جي ڍڪ بازار تمام صاف سٿري ڏيکاريل هئي. چند ديوان دوڪاندار پنهنجي دڪانن جي دخل آڏو پرسڪون ويٺل ڏيکاريا ويا هيا. شڪارپور دنيا جي انهن شهرن منجهان هڪ آهي، جن جون عمارتون خطرناڪ حد تائين کاڄي ويون آهن. شڪارپور جي هڪ ڪلاسيڪل عاشق محمد ياسر جان بلوچ، مون کي هڪ سي ڊي ۽ معلوماتي بروشر ڏيکاريو هيو جنهن ۾ شڪارپور کي دنيا جي ۱۰۰ خطرناڪ شهرن ۾ شامل ڪيو ويو هئو ۽ جتان جو اثاثو ۽ ورثو مرڻ ڪنڌي تي آهي. اها يقينن خطرناڪ ۽ دردناڪ صورتحال۽ وقت جي ستم ظريفي چئبي جڏهن هڪ بين الاقوامي سطح جي باوقار شهر جي قومي ۽ لوڪل سطح تي ڪابه پر گهور نه ٿي وڃي. ٻئي طرف ڪاٺيءَ جا واپارين پاران جنهن تيزيءَ سان هن شهرجي ورثي جي ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ جاري آهي ان لاءِ قدم کڻي سروي ڪرائي ۽ شاهڪار عمارتن کي ڪلچرل هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي ڪوبه نقصان نه رسي. پراڻي شڪارپور جي ڍڪ بازار ته لاءِ اهو پڻ مشهور آهي، شڪارپور ۽ حيدرآباد جا تاجر پوريءَ دنيا ۾ ساک رکندڙ هئا، جنهن جي باري ۾ ڪلاڊي مارڪووٽس Claude Markovits جو جڳ مشهور انگريزي ڪتاب The Global world of Indian Merchants ۱۷۵۰-۱۹۴۷ Traders of Sind from Bukhara to Panama –. پڻ شاهد آهي، جنهن جا اردو ۽ سنڌي ترجما پڻ مارڪيٽ ۾ موجود آهن.
    استنبول جي اسپائيس بازار لاءِ اهو به چيو وڃُي ٿو ته هن بازار کي اڳ ۾ مصري Egyptian بازار ڪري سڏيندا هيا، جتي مصالحن جو ڪاروبار ٿيندو هيو. ڪي وري ائين به ٻڌائن ٿا ته هي بازار New Mosque جي اڏات جي چندي لاءِ تعمير ڪرائي وئي، جيڪا ۱۶۶۰ع ۾ اڏي راس ٿي. هن بازار ۾ ۱۰۰ کان مٿي دڪان هئا ۽ مختلف پاسن کان ڇهه دروازا هيس. هيءَ بازار ڪشادي هئي ۽ دڪانن ٻاهران پڻ سامان سڙو نظر پئي آيو.


    ڪامليڪا جي ٽڪري

    ڪامليڪا جي ٽڪري

    هينئر اسان کي هڪ ٻيءَ خوبصورت ٽڪريءَ تي چڙهڻوآهي، جيڪا صحت افزه ماحول، باغن، روايتي ڪبابن ۽ ٿڌڙين هوائن لاءِ مشهور آهي. هن جو نالو ما مليڪانڪري Camilca Hill آهي، ڪامليڪا استنبول جي ستن ٽڪرين منجهان سڀ کان اوچائي تي آهي. هن ٽڪريءَ کي ترڪي جي شاعرن گهڻو ساراهيو آهي. هيءَ ٽڪري استنبول ميونسپالٽي جي انتظامي دائري اختيار هيٺ آهي. هي ٽڪري گلن جي ٽوڪري آهي. هر طرف ساوڪ، انويڪريٽ سان اڏيل صاف سٿراسڌا رستا، ڊگها ۽ گهاٽا وڻ ۽ بهترين ريسٽورنٽ ڄڻ ته جنت جو جلوو . هتي پکي تمام گهڻا ۽ سندن مختلف ٻوليون پڻ ماحول کي مڌر بنائن ٿيون. انويڪريٽ سان اڏيل رستا ۽ وک وک تي ڊسٽ بن ۽ ويهڻ لاءِ ڪا ٺيءَ جا چبوترا، بئنچون ۽ وڻن چوڌاري گولائي ۾ ويهڻ جي سهولت. ناهموار حصن کي ڇٻر جي چادر ڍ ڪي سرسبز بڻايو ويو آهي. هتي ٽاور تمام گهڻا هئا خبر ناهي بجلي جا هئا يا ڪنهن نيٽورڪ جا. واديءَ اندر گاڏيون يا سائيڪل وغيره آڻڻ تي پابندي هئي. هاڻي سج لهڻ وارو آهي، سج لهڻ سان ٿڌ ۾ به اضافو ٿيو، سج لهڻ جو منظر هونئن ته سٺو ئي هوندو آهي پرهتي آسمان تان لالاڻ نوجوان جوڙن جي مک تي لهي آئي هئي. سندن ڳاڙهن چپن، چمڻ ۽ چمڻ جو وقت اچي ويو هيو. ريسٽونٽ اندر ڪنڊائتي ٽيبلن جي گهرج وڌي وئي ته جيئن دل کولي ملي سگهجي. مان اڪيلو هڪ خالي ٽيبل تي چپ ڪري ويهي رهيم ۽ چئو طرف نظرون ڦيرائي نيٺ نمائي ڇڏ يم.
    منهنجي خاموشيءَ مون کي ٻين تي
    ائين ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، جيئن،
    قيد ٿيل خوشبو، شيشي جي بدن مان
    اوچتو آزاد ٿي وئي هجي، اکيون منهنجيون
    مصلحتن جي بار هيٺان جهڪيل رهن ٿيون
    پــوءِ بـه مــاڻهــو چـــون ٿــا اهـي ڳـالـهـائـن ٿـيـون
    (شبنم گل)
    مان سبز چاءِ پي اٿيس ۽ بس ۾ ويهي رهيم، جنهن ۾ هيٽر هلايو ويو. سڀ ساٿي واپس اچي چڪا هئا. بس روڊ جي رڪاوٽ (Wheel stopper) ڪراس ڪري لاهيون لهڻ شروع ڪيون. اسان جون نظرون چؤطرف آخري نهار وجهي رهيون هيون ۽ هنن منظرن مان ڏٺي نٿي ڍاپيون.
    هن دؤر ۾ جتي ماحولياتي گدلاڻ عروج تي آهي، ان وقت سرڪاري سطح تي ههڙن عاليشان ماڳن جي سونهن برقرار رکي، استنبول ميونسپالٽي وارن ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. مرمرهه Marmara ۽ باسپورس سمونڊن کان بي نياز ڪامليڪا هڪ صحتمند تفريح ۽ سير سپاٽي جو مقام آهي. هزارين سالن کان هن ٽڪريءَ جي جهولي فطرت ۽ نّظارن جي عاشقن لاءِ آسيس بڻيل آهي. سطح سمونڊ کان اوچائي تي ڦهليل هن هل(Hill) جا ٻه حّصه آهن، هڪ Buyuk Camilca ۽ ٻيو Kucuk Camilca. سڄيءَ دنيا مان مسافر پکي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ولرن جي صورت ۾ هتڙي گڏبا آهن. مان اهي وڏا ولر هتي ته نه ڏسي سگهيس، پر سرڪاري نوڪريءَ دوران قمبر تعلقي، هاڻوڪي ضلعي جي ڊرگهه ۽ لنگهه ڍ نڍن مٿان پکين جا ميڙ ضرور ڏ ٺا، جيڪي تاڙيءَ تي اڏري آسمان تي اوندهه ڪري ڇڏيندا هئا. پر هاڻ ائين ڪٿي، ڀوتارن جي ڀيل ۽ سندن ڪارون ڪمدار مسافر پکين جي ڪتل ڪورس ڪري ويچارا هي ماڳ ئي مٽي ويا. اڃان به جيڪي اچن ٿا تن سان ساڳي ويڌن جاري آهي، پر هت جي ماڻهن جو مسافر پکين سان پيار ڏسي ڪامليڪا ۾ ترڪيءَ جو روائتي snack گوزليم پڻ چٽپٽو آهي. هتي هزارين سال جهونا وڻ پڻ ڏيکاريا ويا.


    تقسيم بازار

    تقسيم بازار

    اڄ جيئن ته استنبول ۾ اسان جي آخري رات هئي، تنهن ڪري سڀني متفق راءِ سان ڪا بازار ڏسڻ لاءِ اسرار ڪيو، ووٽ وڌي ويا پر وقت گهٽ هيو. گائيڊ صلاح ڏني ته اسان کي تقسيم بازار ضرور ڏسڻ کپي، جيڪا هتان جي نمبر ون بازار آهي، کيس استقلال اوينيو به چوندا آهن، پر مهانگي ڏاڍي آهي. سڀني چيو آخري رات آهي، بچيل پئسا کپائي ٿا هلون. چڱي خاصي پنڌ بعد اسان هڪ مصروف چوڪ تي لٿاسين. هي تقسيم بازار آهي ، هتي ئي لاڙڪاڻي جي پي آءِ اي جي نفيس دوست منظور شيخ اچي لڏو لاٿو هو. جيئن ته هيءَ بازار ٻن هنڌن کي جدا ڪري ٿي، ان ڪري سندس نالو تقسيم رکيو ويو آهي. بازار جي شروعات ۾ گلفروشن جا دوڪان آهن، جتان لنگهڻ سان خوشبوئن ۾ معطر ٿي نڪتاسين. هن بازار بابت هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيان ته هي ٽي ڪلوميٽر ڊگهي آهي، جنهن ۾ بوتيڪ، بوڪ اسٽور، آرٽ گئلريز، ميوزڪ سينٽر، سينيما، ٿيٽر، نائيٽ ڪلبون ۽ ريسٽورينٽ آهن. هي بازار بيوگلو Beyoglu ضلعي ۾ آهي
    تقسيم بازار بلڪل طارق روڊ وانگر آهي. تمام ڪشادو روڊ جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڊگها پلازا، فليٽ ۽ هيٺ وڏا وڏا دوڪان. هتي جديد ۽ فيشن جي ڪپڙن کان وٺي ڪاسميٽڪس تائين، ليڌر جي جيڪيٽن ۽ پرسن کان وٺي چمڙيءَ جي Costly جوتن ۽ سئنڊلن کانسواءِ Artificial Jewelry، واچون غرض ته دنيا جهان جي هر اها شيءِ جيڪا ڪا عورت طلبي هتي مليو وڃي. گهڻن هنڌن تي واحد ڪلام جا اسٽيڪر لڳل هجن. هتي خريدار ڇوڪريون ۽ خاص ڪري سام Tourists اهڙي ته ادائن سان پئي گهميون ڄڻ ڪو Catwalkفيشن شو هجي. هن وقت رات ٿي چڪي آهي، ڇوڪريون گلاسز مٿي تي سجائي ڇڏيا آهن ۽ ٿڌ ڪري جوڙن جي چنبڙي هلڻ جو تعداد به وڌندو ٿو وڃي. ڪن دڪانن تي ته سيل جا بورڊ لڳل آهن، باقي شين تي بارگيننگ پئي هلي. هتي ڪافي هنڌن تي ڇوڪريون ڄڻ ته ڪنهن جي اوسيئيڙي ۾ پريشان پئي لڳيون ۽ اُڻ تُڻ ۾ موبائيل تي پئي ڳالهايائون. مون کي هوٽل ائسپن اڳيان اهو دلال ياد اچي ويو، جيڪو مون کي رات جي ماني کائڻ بعد هوٽل جي ٻاهران مليو هيو ۽ ۵۰ يا ۶۰ ترڪش ليراعيوض دعوت گناه ڏيندي تقسيم بازار ڏانهن ڇوڪري پسند ڪرڻ لاءِ اسرار ڪري رهيو هيو.


    نه وسرندڙ واقعو

    نه وسرندڙ واقعو
    مان اها اپسرا ڪڏهن ڪون وساري سگهندس، جيڪا مون کي هوٽل ائسپن واري روڊ تي رات جو ملي، جڏهن مان روڊ پار ڪرڻ لاءِ ٽه واٽي تي انتظار ۾ بيٺو هيس. شايد تمام تڪڙِي هئي.اسٽريٽ لائيٽ جي کنڀي جي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته گول ۽ صاف چهرو، ڪلهن تي ڪريل گهاٽا ڪارا وار، قداور ۽ بت ۾ ڀريل، لهجي مان ڪا عرب شهزادي، عمر ۾ پڪي. منهن جي ويجهو اچي پڇيائين ته استنبول گهمڻ آيو آهين؟ مون چيو ها. پوءِ مرڪندي چيائين ڪنهن جي انتظار ۾ آهين؟ مون کلندي چيو روڊ خالي ٿيڻ جي. کلي چيائين اڪيلو ٿو لڳين؟ مون وراڻيو، ظاهر آهي. پوءِ هل؛ منهن جي گهر ؟ رات جو دير تائين گهمنداسين، ڦرنداسين، کائينداسين، پيئنداسين ۽ پوءِ گهر هلي آرام ڪبو، پر هڙ ۾ پئسو پائي ته اٿئي نه؟ هن شرطيه انداز ۾چيو. ٻڌاءِ قبول آهي؟ صبح جو ۱۰۰ ڊالرز مونکي به ڏيڻا پوندئي؟ هن بَغير رک رکاءَ جي سڀ ڪجهه چئي ڏنو. ڇا فيصلو ڪيئي جلدي ٻڌاءِ. مون کي دير ٿي ٿئي. هن ساڄي هٿ سان وارن جي لڙڪيل چڳ کي ڪنن مٿان موڙيندي مسڪرايو، ڄڻ ته اهي گهاٽا وار سندس اختياري جي علامت هجن. مان حواس وڃايل پرديسي، هڪو ٻڪو ٿي ويس. تون مونسان هلين ڇونه ٿو، ڊڄين ٿو؟ هن ورجايو. مان دراصل هوٽل ايسپن ۾ رهيل آهيان جتي مون سان وڏو قافلو ساڻ آهي. اهو سڀ ڪجهه ايترو ته جلدي ٿي ويو، جو مان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيس. وقت جو سي ڊي پليئر فاسٽ فارورڊ تي اچي ويو. منهنجي ذهن جيان ٽريفڪ به جام ٿي وئي. جڏهن ڀرسان واجهايم ته هوءِ ٽريفڪ جام جو فائدو وٺندي ڪارين جي وٿين مان نڪري چڪي هئي. مان ڪنهن غير متوقع ڳالهه کان حيران پريشان ڄڻ ڪو بت بڻجي رهجي ويس. اهو به فيصلو نه ڪري سگهيس ته کيس رڙ ڪري روڪيان، تڪڙوتڪڙو سندس تعاقب ۾ لڳي پوان؛ اتي ئي هوندي؛ ايترو پري ته نه وئي هوندي، وقت ئي گهڻو گذريو آهي........
    واپسيءَ تي مان رهي نه سگهيم ۽ دوستن سان ان وارتا جو حال اوريو. جنهن تان مون تي ڇتي تنقيد، ڦٽڪار ۽ ملامت جو هڪ نه ختم ٿيندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. مان ته اچي اڙيس! ڳالهه ڪڍي. منهنجي ڪردار تي، ڪمزور، بيوقوف، نادان نامرد ۽ ڪنجوس هجڻ جاطعنا شروع ٿي ويا. هڪ گهڻ گهري دوست ڪلهي تي هٿ رکي دلداري ڏني ته دلشڪستو نه ٿي، اڃان ته هتي ئي آهيون، سڀاڻي نوان ڪپڙا پائي ساڳي وقت ۽ ساڳي جاءِ تي وري وڃي قسمت آزماءِ، متان ڦٻي وڃين؟ پاسي اوسي جي هوندي. وري زوردار ٽهڪن تي منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو. ٻئي دوست پهرين جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو: امتياز سان گڏ مدد ۾ ڪو ٻيو به هلڻ کپي، جيڪو روڊ جي ٽريفڪ کي روان دوان رکي ته جيئن شڪار کي روڊ پار ڪرڻ جو حوصلو ئي نه ٿئي. ويندي ويندي هڪ رهيل دوست به وهائي ڪڍي. ٽهه ٽهه ٽهه....... وري ٽهڪن جا ٽاڪوڙا شروع ٿي ويا.
    اسان ڪمري ۾ ڪافي (Coffee)گهرائي هئي. هڪ دوست کنڊ جو cube ڪوپ ۾ وجهندي چيو ”جيسيتائين منهنجو خيال آهي ته اها ڇوڪري ڪو ڀٽڪيل روح هوندي“. امتياز کي گهمائي ڦرائي لارا لپا ڏئي ڪنهن ويران castle ۾ قيد ڪندي سندس رت چوسي پيالن ۾ وجهي ائين sip هڻندي جيئن اسان ڪافي ٿا پيون.اٿو خالي ڪيو ڪمرو مان وهاڻو الاريندي کين چيو. توهان سان ته ڪو دل جي ڳالهه ئي نه اوري.
    وري موٽون ٿا تقسيم بازار ڏانهن، ته تقسيم بازار اسان جهڙي ماڻهن جي خريداري کان چڙهيل هئي. حيدرآباد جي ريشم گليءَ جيان ايتري ته طويل، جتي اڳتي وڌڻ کان اڳ سوچڻو پوندو ته ساڳو پنڌ ڪري موٽڻو به آهي. هتي گهڻي قدر عورتن جا مهانگا ليڌر جا پرس، جيڪيٽون ۽ سئنڊلن جا عاليشان دڪان هيا. سندن قيمتون ايتريون ته ڳريون هيون، جو ڪنهن به چمڙي جي ڪا شيءِ خريد ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي. جو موٽ ۾ کيس پنهنجي چمڙي لهندي محسوس پئي ٿي. مون چند اهي شيون جيڪي Range ۾ لڳيون، سي ورتيون ۽ گهرواريءَ لاءِ ليڌر جو پرس و ٺي موٽ ڪيم ۽ بس ۾ اچي ويهي رهيم. موسم جو رنگ ڏسي سڀني جي طبعيت ترتگ ۾ اچي وئي. سڀني دير ڪئي هئي ۽ بس ۾ صرف سر رومي حيات، سندس گهرواري ۽ ڇوڪريون ويٺيون هيون. ڪافي دير ٿي چڪي هئي. بس جي لائوڊ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ويهه منٽن تائين جيڪڏهن رهيل دوست نه موٽيا، ته بس رواني ٿيندي. ڇو ته واپسيءَ جو ڏنل ٽائيم گذري چڪو آهي. جن وٽ دوستن جا موبائل نمبرآهن. اهي کين جلدي واپس اچڻ لاءِ اطلاع ڏين. ڊرائيور پرسڪون ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو رهيو. اسان جي ملڪ جي ڊرائيورن وانگر دير تي ڇتڪتيائي ۽ تبرو ڪونه ٿي ڪيائين. بس ۾ ويٺل دوستن گڏجي صلاح ڪئي ته هڪ ٻه دوست هتي ئي رڪجي وڃن، ته جيئن latecomers کي بس جي نڪري وڃڻ ۽ جلدي ٽيڪسي پڪڙي سڌو هوٽل پهچڻ جو اطلاع پڄائي سگهن. ان ٻڏتر ۾ هياسين ته دوستن آهستي آهستي پهچڻ شروع ڪيو.حيران ڪندڙ اها ڳالهه هئي ته سندن هٿ خالي هئا ۽ دير باوجود ڪا خريداري ڪون ڪئي هئائون. شاپنگ ڇڏي ڇاڻي بازي جي ڪڍ پوندا، ته نه وقت جو احساس رهندو ۽ نه ٻين جي تڪليف جو. هڪ بخيل پٺاڻ دوست جملو ڪسيو. انهن غافل عاشقن تي بس ۾ اَ ڳ کان موجود ويٺلن انهن جي چلولائي ۽ لاغرضيءَ تي زبردست هوڪرا ۽ ملامت ڪئي. هڪ سيسراٽ سان بس جو در بند ٿيو ۽ ڊرائيور بس پوئتي ڪئي. بس پوئتي ٿي هڪ لامارو ڏيندي هلڻ لڳي. مون بس ۾ سيٽ مٿان تاڪ تي رکيل ٿيلهيون سنڀالي هيٺ رکڻ شروع ڪيون ته لهڻ وقت وسري نه وڃن. ڇو ته ا ڳ به هڪ دفعو ڪتاب وسري ويا هئا. بک به ڏاڍي لڳي هئي ۽ السر جي تڪليف ڪري تيزابيت به وڌيل هئي. اوچتو هڪ کٽي اوڳرائيءَ نڙيءَ کي زهر آلود ڪري ڇڏيو.کيسي ۾Risek گوري جاچڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اها به کڻڻ وسري وئي هئي. منجهند جو به مصالحي جي بازار اسپائيس بازار Spice Bazaar مان صرف شورمو وٺي کاڌو هيو ۽ مٺائيءَ جي دڪان تان، چکڻ لاءِ رکيل مٺائيءَ جا مفت ٽڪرا کاڌا هئا، پر اهي به هضم ٿي نه سگهيا. هاڻي ته ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ پيٽ ۾ اسپائيس بازار کلندي هجي ۽ مصالحا چمڙي ۾ چڀجڻ لڳا. شڪر آهي ايمينونو جيSea side تي مڇي ڪون کاڌي هئي، نه ته اهي به ڪنڊا ڪڍڻا پون ها. منرل واٽر جي ننڍي بوتل چپن تي رکي ته پاڻي به گرم ٿي چڪو هو. سفر جو ٿڪ ته پنهنجي جڳهه تي پر گئس جو علاج گاڏيءَ ۾ ڪيئن ڪجي.
    بس هوٽل Aspen جي گيٽ تي پهتي در تي رکيل ٻن پتل جي شينهن کان پاند بچائيندا خريد ٿيل سامان جون ٿيلهيون سنڀالي کنيوسي. رسيپشن تان چاٻي و ٺي ڪمري ۾ اچي ويم. فرج مان Coke جو ٽن ڪڍي هڪ ئي ساهي ۾ پي ويم تڪليف ۾ ڪجهه جهڪائي ٿي. وري فرج مان هڪ انب جو جوس ڪڍي ڍڪ ڀري، ڪمري جا ٻه چار چڪرڏنم. ڪرسيءَ تي ڪافي دير تائين ٽي وي ڏسندو رهيس. پوءِ ايترن ڏينهن ۾ ورتل سمورو سامان بيڊ تي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو، بئگ کي بلڪل خالي ڪري ۽ ننڍين ٿيلهين مان شيون ڪڍي، واپس بئگ ۾ ترتيب سان رکڻ شروع ڪيم ته جيئن وڌ کان وڌ سامان ماپائي سگهان، استعمال ٿيل ڪپڙا ۽ ورتل سامان الڳ الڳ ڪري رکيو. ڊريسنگ ٽيبل جا خانا کولي سڪا، سگريٽ، وزيٽنگ ڪارڊ، پين، بسڪيٽ ،پراڻيون اخبارون ۽ رسالا ڪڍي، خانا صاف ڪيم. فرج مان دوائون، چاڪليٽ ۽ واش روم مان شيو جو سامان، پيسٽ برش ڪڍ ي بند ڪيم. صبح جو يارهين وڳي هوٽل ڇڏڻو هجي، پر لڱن ۾ ساهه ئي ڪونه بچيو جو وڌيڪ Packing ڪري سگهان. ڪپڙا مٽائي موبائل جو الارم سيٽ ڪري سمهي پوان ٿو.


    استنبول مان واپسي

    استنبول مان واپسي

    وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ”ڪتاب ترڪيءَ جي سرزمين ۽ رهواسي“The land and people of Turkey ۾ لکي ٿو ته استنبول مان ر خصت ٿيڻ ڏا ڍو مشڪل آهي. هر ڏينهن جيڪو اتي گذاريو وڃي ٿو، هڪ نئون احساس پئدا ڪري ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو گھڻو ڪجهه ڏسڻ، گهڻو ڪجهه محسوس ڪرڻ باوجود به گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ ڏسڻ رهجي ويو. ڪوئي ان ڳالهه جي ضمانت نه ٿو کڻي سگهي ته توهان وري استنبول ايندئو. حقيقت پسند ترڪ ڪنهن ڪرامت، معجزي يا چمتڪار جا پوئلڳ ناهن، جو ڦوهاري ۾ هڪ سڪو اڇلي چون ته اوهان ضرور ايندئو، ليڪن جنهن طريقي سان اهي الوداع چوندا آهن، ان ۾ اميد جو سهارو آهي هڪ آس آهي. جڏهن اوهان انهن کي خدا حافظ چوندئو ته جواب ملندو ته ” گولي گولي گدنر“خوش خوش وڃو. انکان سوا ڪوئي ڇا چئي سگهي ٿو.
    اڄ چوويهين اپريل ۽ اسان جو استنبول ۾آخري ڏينهن. ناشتي جي ٽيبل تي سڀ دوست موجود آهن. اهو نه وسرندڙ ۽ جاندار ناشتو جتان هڪ نئين ڀرپور صبح جي شروعات ٿيندي هئي، گذري ويل ڏينهن تي تبصرا ۽ نت نوان پروگرام ٺهندا هئا. سو ناشتو نهايت ئي بي سوادو، بي رونق، ٻسو ۽ بي مزو پئي لڳو. ميلي جي موٽ هونئن به پلال ڪري ڇڏيندي آهي. کليو ڳالهايو معاف ڪرڻ يا ڪرائڻ واري ٽيڪنڪ هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي. هاڻي ته حرڪتون ۽ بيوقوفيون، نادانيون ۽ مذاق ياد ڪري مزو پئي آيو. هرهڪ جي هڪڙي ئي Activity آهي، هڪ ٻئي جاموبائل فون نمبر ۽ ائڊريسون وٺڻ ۽ ڏيڻ. هرڪو وزيٽنگ ڪارڊن جي ڏي و ٺ ۾ رڌل آهي. سکڻو هٿ ملائيندڙ اڄ ڀاڪر وجهي ڇڏن ئي ڪونه پيا ۽ اچڻ جون دعوتون پئي آڇيائون. مون کين ڀاڪرن ۾ ڏسي مزاق ۾ چيو ته هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جي ٽيم کي به استنبول جي پريمي جوڙن جو وائرس لڳو آهي ڇا؟اهو ناشتو جيڪو ڪا پروقار تقريب لڳندو هيو، سو اڄ سوڳواري جي عالم ۾ آهي. ناشتي بعد ٻوجهل قدمن مان هر ڪو چيڪ آئوٽ بعد وڏا بيگ کڻي هيٺ Lobby ۾ پهچي ٿو. مان ڪمري کان نڪري آخري ڀيرو ڇت جي بتين کي ڏسان ٿو، جيڪي منهنجي اچڻ تي روشن ٿي وينديون هيون. لفٽ ۾ بئگ رکي بٽڻ دٻايم هيٺ پهچي Reception تي چاٻي جمع ڪرائي، بقايا بل ادا ڪيم ۽ پاسپورٽ ورتم. بس اچي چڪي هئي. سامان گهڻو هيو سو اڳ ۾ اهو لوڊ ڪرايوسين ۽ بس ۾ چڙهي پياسين. بس هلي ڪنهن به ڪونه ڳالهايو ۽ هر ڪو شيشي مان ٻاهر ٿو ڏسي. مون گنگنايو:
    سڀ ڪجهه ڇڏي آيو آهيان مٺا تنهنجي شهر ۾.
    بس اتاترڪ ايئرپورٽ ٻاهران پهتي. سامان ۽ يادون سهيڙي هيٺ لٿاسين. استنبول کي ڳل ڳراٽي پائي موڪلايوسي. مسجدن جا اهي مينار جيڪي استنبول جي ٿڌڙين راتين ۾ ايئن روشن هوندا هئا، جيئن ڪنهن ڪيڪ تي ميڻ بتيون ٻاريون ويون هجن، تن کي الوداع چيو. هر موٽندڙ مسافر وارو عجيب احساس ته هفتو ايئن گذري ويو ڄڻ ڪلهه آيا هجون. زندگي تيز رفتار آهي وغيره وغيره. مليل جليل ڪيفيتن سان ايئرپورٽ ڏانهن وڌياسين. ڊيوٽي فري شاپس واري حصي مان آخري شاپنگ ڪئي سين. هي ڊيوٽي فري شاپ ته نه هو مارڪيٽ هو. قيمتون گهڻي ڀاڱي يورو ڪرنسيءَ ۾ هجڻ ڪري شيون تمام مهانگيون هيون. مون ڪجهه ڪپڙا، سوکڙيون ۽ مٺائي ورتي، جيڪا ڏاڍي مزيدار هئي ۽ سندس پيڪنگ پڻ بهترين، جنهن کي (Delight) پئي ڪوٺيائون. هڪ ڪافي هائوس تي سنگت ٽولو ڪري ويٺي هئي. مونکي پري کان اشارو ڏنائون. مان به بئگ گهليندو، انهن جي ٽيبل تي ويهي رهيم، ڇو ته گهمي گهمي ٿڪجي پيو هيم. ڪافي هائوس سامهون مختلف قسمن جي شرابن جو ڪارنر هيو. بوتلن جي پيڪنگ ۽Display اهڙي ته پرڪشش، جو ڏسڻ سان خمارچڙهيو وڃن. مسافر ٿوڪ جي حساب سان شراب خريد ڪري رهيا هئا، ته ڪي ازمير جي بيئر جي دٻن ۾ گم هئا. مان ويهڻ سان دوستن سان چرچو ڪيو ته مڌ مستيءَ واري هن مخمور مهل ۾ ڪاري ڪافي پيئڻ وڏي زيادتي آهي. هڪ سگريٽائي دوست خراب منهن ڪندي چيو: هتي سگريٽ ڦوڪڻ تي سختي آهي، تون وري پيئڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ شرافت سان جيڪا شئي ملي ٿي پيءُ هتڙي جن دوستن وٽ ليپ ٽاپ هئا، اهي استنبول جون دستاويزي سي ڊيز، ڪيمرا جا فوٽو ۽ ڪلپس save ڪري رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي کي USB۾ مواد لوڊ ڪرائي رهيا هئا. هڪ ڪتابن جي دوڪان تان مون سي ڊيز، ڪجهه ڪتاب ۽ پوسٽ ڪارڊ ورتا. هتي انگريزي ڪتاب موجود هئا، باقي استنبول ۾ ته هر هنڌ ترڪي زبان ۾ ڪتاب پئي مليا سواءِ چند جڳهن جي. هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جي مس حنا ٻڌايو ته ٽائيم ٽيبل واري بورڊ تي اسان جي فلائيٽ جو وارو اچي ويو آهي، تنهن ڪري هلڻ واري ڪيو. اسان ڪافيءَ جا پئسا ڏئي لائونج ۾ اچي وياسي. لائونج ۾ اچڻ سان مان هڪ ڪنڊ وٺي ويهي رهيم. مقرر وقت تي جهاز ۾ چڙهياسين ۽ گلف ايئر جي جهاز ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون. اوچتو زوڪاٽ سان رفتار وڌندي وئي، جهازُ اٿيو ۽ اسان هوائن ۾ هليا وياسين.
    سڄي واٽ ذهن ۾ استنبول ئي استنبول هيو. اکيون بند هيون، پر ذهن ۽ دماغ ۾استنبول جي گل لاله سان سجايل رستن جون هوائون پئي ڦريون ۽ ڪنن منجهه ٽرام جا زوڪاٽ ۽ جهومائيندڙ لوڏا، اسر ۽ سج لٿي جو آذانن جا پڙاڏا گونجندا رهيا ۽ ٿڌڙين خوشبوئن جو ڪومل احساس پئي ٿيو. سوچيم ته موٽڻ تي ماڻهو مون کان پڇندا ته استنبول ۾ وڌيڪ ڪهڙي شئي وڻيوَ ته مان چوندم ته پراڻي استنبول جون اهي فريبي ۽ اڻ گهڙيون گهٽيون، جن ۾ رلندي مان بالڪوني تي ڪپڙا سڪائيندي ڪو چنڊ جهڙو چهرو ۽ چوڪن ڀرسان سج لهڻ جا پاڇا ڏ ٺا. مان اهو به ضرور چوندم ته بڙڇين ڀالن سان ته استنبول جي جنيسري ڪمانڊوز کي به مات ڏئي سگهجي ٿي، پرسندس سونهن تي سو ڀ حاصل ڪرڻ محال آهي. اوهان ڪيڏا به بهادر، پرهيزگار ۽ سرڪش ڇو نه هجو پر هتي جي حسن آڏو اوهان کي هٿيار فٽا ڪرڻا پوندا. سچ ته استنبول هڪ وائرس آهي، جيڪو هڪ دفعو لڳڻ کانپوءِ اوهان جي جان نه ڇڏيندو. ان جي باري ۾ خود استنبولين جو هي خيال ڪيئن آهي؟.
    I love Istanbul
    because it's like a virus that you can never get out of your system
    because I grew up here
    because it made me who I am
    because I know that everyone from all around the world would feel at home
    because the city never sleeps
    because I forget all my problems when I have a glass of raki with maze at the phosphorus
    because IT'S ISTANBUL!!!!
    مان استنبول سان پيار ڪيان ٿو
    ڇو ته اهو ڪنهن وائرس مثل آهي جنهن کي اوهان پنهنجي سسٽم مان ٻاهر ڪڍي نه سگهندئو
    ڇو ته مان هتڙي ئي وڌيو ويجهيو آهيان
    ڇو ته ان ئي ٻڌايو ته مان ڪير آهيان
    ڇو ته مان ڄاڻان ٿو ته سموري دنيا جو هر هڪ ماڻهو هن کي پنهنجو گهر محسوس ڪري ٿو
    ڇو ته هي شهر ستل ناهي رهندو
    ڇو ته مان باسفورس تي مڪئي سان راڪي جو گلاس پي پنهنجا سمورا غم وساري ويهندو آهيان
    ڇو ته هي استنبول آهي.


    راڪي RAKI يورپ ۽ وچ اوڀر جو تيز شراب

    راڪي RAKI يورپ ۽ وچ اوڀر جو تيز شراب

    استنبول ڪيرڇڏڻ چاهيندو؟ پنج ست ڏينهن گذاريندڙ هڪ مسافر ۽ عثماني سلطنت جا پنج سئو سال حڪومت ڪندڙ حاڪم جي ڪيفيت مڙئي سا ڳي ٿي رهي. هي مختصر واقعو ان وڇوڙي جي ترجماني ڪندو جيڪو مان ٻڌائڻ چاهيندم ته مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي انقلاب ۽ عثماني سلطنت جي انت بعد جڏهن آخري خليفي سلطان عبدالمجيد کي پوليس دولام باچي محل ۾ اچي، جڏهن اهو فرمان پڙهي ٻڌايو ته کين آزاد ڪيو ويو آهي ۽ سج اڀرڻ کان ا ڳ خاندان ۽ خاص ملازمن سميت محل خالي ڪري استنبول ڇڏڻو آهي، ته سندن پيرن مان زمين کسڪندي محسوس ٿي. راڻي درشهوار جيڪا ۱۹۹۵ع ۾ فوت ٿي. ان واقعي جي چشم ديد گواه هئي جيڪا اهو فرمان ٻڌي محل جي درو ديوار کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهي هئي. ان جي آلاپيل انهن لفظن جو پڙاڏو ” مونکي اهڙي آزادي نه کپي“ اڄ به دولام باچي محل ۾ گونججي ٿو. ڪيئن سمهي سگهيا هوندا اها آخري رات؟ انهن ڪمرن جي درين مان هوا تي ڦڙڪا ڏيندڙ پردن کي پرچائي سگهيا هوندا؟ سکيا ڏينهن سارڻ لاءِ هڪ رات پوري پوندي. ڇا ڇا ياد نه ڪيو هوندائون. ٻالڪپڻ، شرارتون، والدين جو ڊپ، پيار. پنج سئو سالن تائين خلافت عثمانيه جو تخت رهندڙ استنبول جي آخري حڪمران سلطان عبدالمجيد جو قافلو ساڍي پنجين بجي ڇهن ڀاتين، ٽن سرڪاري آفيسرن ۽ ٻن ملازمن تي ٻڌل هو. ٽن ڪارين ۾ چڙهي ريلوي اسٽيشن طرف روانو ٿيو. اسٽيشن جي درجه اول انتظار گاهه ۾ جڏهن سندن سازو سامان لاٿو ويو ته پروٽوڪول ۾ اسٽيشن مئنيجر جيڪو يهودي هو، هڪدم پيش ٿي، ادب سان سلام ڪيو. هن هيٺن لفظن سان سلطان کي خراج تحسين پيش ڪيو ته:
    ”عثماني خاندان ترڪي جي يهودين جو ڇپر ڇانوَ هو. جڏهن اسان جو خاندان اسپين مان دربدر ٿيو ته پناه لاءِ اجهو ڳولهيندو رهيو. اهي رحمدل ترڪ ئي هئا، جن کين مانُ ڏئي هتي ترسايو ۽ کين بربادي کان بچائي ورتو. اها عثماني خليفن جي رحمدلي هئي، جن جي طفيل کين مذهب جي آزادي ۽ ثقافت جو تحفظ حاصل ٿيو. اوهان اسان جي ٻچن ۽ نياڻين جي عزت ۽ زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو، جنهن لاءِ اسان وٽ لفظ ناهن جن سان شڪريو ادا ڪيون. اسان ان صلي ۾ اوهان جي جيتري خدمت ڪيون گهٽ آهي.اسان اوهان جو احسان لاهي نه ٿا سگهون.“
    استنبول جي تخت جو هي آخري چشم وچراغ خليفو عبدالمجيد رات جي گهپ اونڌاهي ۾ اورينٽ ايڪسپريس ذريعي جڏهن سوئٽزرلينڊ لاءِ نڪتو ۽ هنگري جي سرزمين تي پير رکيو ته بي اختيار چيائين: ”منهنجا وڏڙا گهوڙن تي سوار ٿي، حشمت سان جهنڊا ڦڙڪائيندا هتي آيا هئا ۽ مان ان ڌرتي تي پهتو آهيان، پر هڪ گمنام ۽ جلاوطن جيان.“
    چئن ڪلاڪن بعد اسان جو جهاز بحرين ايئرپورٽ تي لٿو. اڄ يعني ۲۴ کان ۲۶ اپريل تائين بحرين ۾ (Formula-۱, Grand Prix ) جو ميلو متل هو. سڄي دنيا مان شوقين ڪارين جي ريس فارمولا ڏسڻ لاءِ بحرين ۾ لٿل هئا. اهڙن موقعن تي هالي وڊ ۽ بالي وڊ جون اداڪارائون پڻ مقابلي ۾ لٿل پليئرن کي همٿائڻ، شائقين کي شغل ڏيارڻ، جوئاري ۽ خفتين جي خدمت چاڪري ۽ عرب سڳورن جي مت کسڻ لاءِ ميدان جي رونق وڌائڻ لاءِ پهچنديون آهن. ايئرپورٽ تي اهڙين ئي همٿ افزائي ڪندڙن جا ٽولا پئي ڦريا. ڊيوٽي فري شاپس تي هر هنڌ ڊوڙ جي چٽاڀيٽي ۾ ڊڪندڙ اسپورٽس ڪارين جي ڇاپي ۽ لوگو واريون شرٽون، ٽوپيون، بيج، پرس، واچون، ماڊل ۽ گهڙيال موجود آهن. ٽرمينل جي ٽي وي ڏسي لڳي ٿو ته هي ميلو بحرين جي ڀٽن کان ٿيندو چپي چپي تي ڇانئجي ويو آهي. فارمولا ريس جي هڪ ماڊل ڪار پڻ Display لاءِ بيهاري وئي هئي، جنهن جوِ فوٽو ڪڍيو. دل ته چاهيو ته اسپورٽس چينل تي ڪاڪروچ وانگر ڪلٽيون کائيندڙ ڪارن جي ان ريس جو سامهون نظارو ڪجي. ڏسجي ته پٽا پٽي جهنڊو لهرائڻ سان اسپورٽس ڪاريون ڪيئن ٿيون ڀڙڪو ڏئي اٿن، دلين جو ڌڙڪنون ڪهڙي رفتار سان تيز ٿيون ٿين. ڪهڙي ملڪ جي ماهر challenger کي سوڀ نصيب ٿي ٿي ۽ ڪير رستن تي رلي گم ٿو ٿئي. گولائين ۽ لاهين چاڙهين تان اڇلائجي ڪريل ڪارون ڪٿي وڃي دنگ ڪنديون. ڪير چيڀاٽجي ويندا ڪير سلامت نڪرندا. Pit babes پنهنجي جلوه افروزي سان ريس ڏسڻ وارن جي دلين جا بريڪ فيل ڪريو ڇڏين ۽ سندن دماغن کي هوائن ۾ قلابازيون کارايو ڇڏين. مون کي موٽڻو هو ڇو ته گروپ سان طئي ٿيل شيڊيول موجب واپسي اڻٽر آهي. ڪجهه انتظار بعد اسان وري پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ اڍائي ڪلاڪن بعد اسان جي جهاز جا ڦيٿا اسلام آباد جي ايئرپورٽ جيRunway سان ٽڪريا.مسافرن ۾ آنڌ مانڌ وڌندي وئي. هر ڪنهن سيٽ تي آرس ڀڳو. پنهنجي ڌرتي تي خير خوبي سان واپس اچڻ جي خوشي ٿي رهي هئي .


    واپس وطن ۾

    واپس وطن ۾

    مان گهڙيءَ کي اسلام آباد ايئرپورٽ جي گهڙيال سان ملايو ۽ موبائل مان ترڪيءَ واري سم ڪڍي موبلنڪ جي سم وجهي، ٻارن سان گهر ڳالهايم ۽ دوستن احبابن کي اطلاع پڻ ڏنو، جن کي واپسي جو انتظار هو .گروپ جي دوستن سان ڀاڪر پائي موڪلايم. اسلام آباد جي سنگت جن جي آڌر ڀاء لاءِ سندن گهروارا آيا هئا، گهڻو خوش پئي لڳا. ڇو ته انهن جي منزل اچي وئي هئي ۽ مون کي اڃان ا ڳتي وڃڻو هو. سندن پتڪڙا ٻار ڊڪون پائي کين چمبڙي پيا هئا ۽ سندن گهرواريون پري کان ئي چپن ۾ کلي رهيون هيون. ماڻهون جيترو نڪرڻ مهل excited هوندو آهي، اوترو ئي واپسيءَ ۾ به جلدي گهر پڄڻ چاهيندو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪجهه ساٿين رات رهي صبح وڃڻ جي صلاح ڏني، پر ڪير ٿو بيهي سگهي؟ اتفاق سان ڪراچيءَ لاءِ فلائيٽ ملي وئي. ڪجهه لمحن بعد لوڪل فلائيٽ ذريعي ڪراچي پهتم. ڪچڙيءَ منجهند ٿي وئي هئي. حيدرآباد فيمليءَ کي اطلاع ڪري ڇڏيو هيم، جن اچي ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي.


    استنبول جي سفر لاءِ ڪجهه مشورا

    استنبول جي سفر لاءِ ڪجهه مشورا

    1. استنبول گهمڻ لاءِ اپريل، مئي، سيپٽمبر۽ آڪٽوبر جا مهينا موزون آهن. ڇو ته انهن مهينن ۾ موسم موافق رهندي آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٽوئرزم چوٽ چڙهيل هوندو آهي ان ڪري شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن.سياري ۾ هتي نه اچجي.
    2. پاڻ سان گرم ڪپڙا ضرور آڻڻ گهرجن. مفلر، ٽوپي ۽ ڇٽي پڻ ساڻ کڻجي.
    3. ڊينمارڪ، فنلئنڊ، فرانس، جرمني، نيوزيلينڊ، جاپان، سئيڊن، ناروي ۽ سوئٽزرلينڊ جي سياحن لاء ويزا ضروري نه آهي، جيڪِڏهن انهن کي ٽن مهينن کان گهٽ رهڻو آهي، باقي آمريڪا، برطانيه، ڪيناڊا، آسٽريليا، بيلجيم، نيڌرليند، اٽلي، پرتگال، ۽ اسپين جي سياحن لاء ويزا ضروري آهي. ناروي، هنگري، مشرقي يورپين ۽ سينٽرل ايشين ملڪ جا باشندا پڻ صرف هڪ مهيني لاءِ داخل ٿي سگهن ٿا.
    4. استنبول لاءِ پروگرام ٺاهيندڙن لاءِ لازمي آهي ته سندن پاسپورٽ پراڻو نه هجي ۽ ايندڙ ٽن مهينن لاءِ قابل استعمال هجي.
    5. سرڪاري ملازم هجڻ جي صورت ۾ مجاز اٿارٽي جي منظور ڪيل ايڪس پاڪستان موڪل جو آرڊر ضرورساڻ هجي.
    6. نماز جي وقتن تي مسجدن اندر دا خل ٿي گهمڻ ڦرڻ، گوڙ ڪرڻ ۽ ڦوٽوگرافي ڪرڻ منع آهي. بهتر ايئن ٿيندو ته ان وقت ۾ ٻاهران جي ڦوٽوگرافي ڪجي.
    7. استنبول ۾ نوي سيڪڙو آبادي ترڪي زبان ڳالهائيندي آهي. ان کان علاوه ڪردش ۽ عربي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.انگريزي نالي ماتر آهي. گائيڊ ساڻ هوندو ته هر مسئلي سان پيو منهن ڏيندو.
    8. هتڙي ٽپ ڏيڻ ۽ و ٺڻ سٺو سمجهيو ويندو آهي. خا ص طور ويٽر، هوٽل جو عملو، ڊرائيورن ۽ لوڊرن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ترڪش ليرا ٽپ ڏ جي.
    9. استنبول ۾ عام پاڻي پيئڻ صحت لاءِ نقصانده آهي. هميشھ بوتل وارو منرل واٽر واپرائجي.
    10. استنبول ۾ جيتوڻيڪ جيب تراشي ايتري عام نه آهي، پر پوءِ به سفر دوران پنهنجو پاڻ، پئسا، ۽ پاسپورٽ جي حفاَظت خصوصن هجومن ۾ ضروري آهي.
    11. استنبول ۾ ڪجهه بار ۽ ڪلبن ۾ ترڪي عورتن جي اچڻ تي پابندي آهي، پرغير ملڪي عورتن تي اها پابندي نه آهي. جيڪڏهن اوهان عورت آهيو ته اوهان کي گهرجي ته ڪنهن مرد سان گڏجي اچو.
    12. ذاتي استعمال جون دوائون هميشه پاڻ سان گڏ آڻيو.
    13. عام موڪل جا ڏينهن جن ۾ سمورا سرڪاري ادارا، اسڪول، بئنڪون، بازاريون بند رهن ٿيون. (پهرين جنوري) نئون سال، (ٽيويهين اپريل) آزادي ۽ ٻارڙن جو ڏينهن، (اڻويهين مئي) ڪمال اتاترڪ جو جنم ڏينهن، (ٽيهين آگسٽ) يوم فتح ۽ ٻه عيدون.


    REFERENCES:

    REFERENCES:
    1. Prince by Nicholo Machiavelli
    2. Istanbul and the Civilization of the Ottoman Empire by Bernard Lewis.
    3. Dance, sex and gender: (Signs of identity, dominance, defiance and desire by Judith Lynne Hanna).
    4. The land and people of Turkey by William Spencer.
    5. Istanbul by J.A.Cuddon.




    سرد ملڪن جي پکيئڙن جهڙي حسين ڇوڪري
    منهنجيون ڏهه ئي آڱريون ميڻ بتين وانگر ٻرن پوءِ به
    تنهنجي روح جون سڀ ڳليون ويران ڇو ؟؟؟؟؟؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397324
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ