ڪتاب جو نالو: تنقيدون ۽ تجزيا
مصنف: پروفيسر نذير احمد سومرو
ڇپائيندڙ: ڏاهپ پبليـڪيـشن
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 03 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1367 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 476 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ پروفيسر نذير احمد سومري جي مختلف ڪتابن تي لکيل، تنقيدي ۽ اڀياسي جائزن جو مجموعو آهي، هن ڪتاب ڳي ترتيب ۽ تدوين انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • انتساب
  •   سنڌ سلامت پاران :
  • پروفيسر صاحب جا تنقيدي مضمون
  • پروفيسر نذير احمد سومرو
  • جراح نقاد
  • ٽڪي جي دانگي به وڄائي وٺجي
  • مضمون

  •   ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ جو تنقيدي جائزو
  • ٿوهر-هٿراڌو گُل
  • ”پهاڪن جي پاڙ“ تي وچٿري نظر
  • ”خيمي ۾ شام“ جا ڪجهه منظر
  • ڊاڪٽر مبارڪ: حقيقت يا فسانو؟
  • ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار
  • ضياء شاهه جون ساروڻيون ....
  • ”ڪينجھر“ جون سنڌي ادب ۾ ڪاوشون
  • ”گهڙيون گذاريم جن سين“ جو تنقيدي جائزو
  • ”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر
  • نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ
  • ”ياد گهر“ جو ”اڌورو“ جائزو

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    © ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو- ۲۰۱۳ع


    ڪتاب: تنقيدون ۽ تجزيا
    ليکڪ: پروفيسر نذير احمد سومرو
    ترتيب: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    موضوع: تنقيدي مضمون
    پهريون ڇاپو: جنوري ۲۰۱۳ع
    ڇپائيندڙ: رياضت ٻرڙو
    پاران: ڏاهپ پبليڪيشن، لاڙڪاڻو

    قيمت: 160 رپيا

    “Tanqeedoon ain Tajzia”
    Written By: Prof. Nazeer Ahmed Soomro
    Compiled by: Engineer Abdul Wahab Sahito
    1st Edition: January 2013 A.D
    Published by: Dahap Publication, Larkano, Sindh.
    E-mail: dahappublication@yahoo.com
    ڪتاب ملڻ جو هنڌ:
    * مهراڻ ڪتاب گهر، ويجھو گھنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو * رابيل ڪتاب گھر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو * المنعم لائبرري، ۸۹-پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو * بُڪ ورلڊ، نزد ذوالفقار باغ، لاڙڪاڻو * انٽيل ڪـميونيڪيشنز، حيدرآباد * سنڌيڪا بڪ شاپ، حيدر چوڪ، حيدرآباد * الفقراء ڪتاب گھـر، سانگھـڙ * نويد سراج بڪ اسٽور، قنبر * ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو.
    رابطي لاءِ:
    رياضت ٻرڙو، فزڪس ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، پوسٽ آفيس لاڙڪاڻو. موبائيل فون: ۷۵۳۳۰۱۱ ۰۳۳۳
    نوٽ: ڇپائيندڙ ۽ اداري جو، ڇپرايل ڪتابن جي مواد سان متفق هجڻ ضروري ناهي.


    انتساب

    مان ھيءُ ڪتاب، علم و ادب سان چاھ رکندڙ ۽ چاھ ڏياريندڙ پنھنجي دوست، مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالوجي نوابشاھ/ ڄام شورو ۾ سول انجنيئرنگ جي ھم ڪلاسي، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اندر ھم منصب ۽ ھم پيشہ، محترم رشيد احمد ڪٽپر صاحب ڏانھن منسوب ڪيان ٿو. جنھن جي ذاتي توجھ سبب، نئون ديرو جي علمي ادبي شخصيتن سان منھنجي ڏيٺ ويٺ ۽ سنگت ٿي، جن منجھ پروفيسر نذير احمد سومرو صاحب جن کي نمايان حيثيت آھي.
    نوڪريءَ منجھ مشغول رھندي، علم ادب سان ۽ ادب دوستن سان به ناتو نڀائيندو اچي. جنھنڪري سندس لاڳاپا ساڻن ويجھڙائيءَ وارا رھيا آھن. سندن سار لھڻ ۽ وئي پڄاڻان، سندن پوين جي واھر ڪرڻ جھڙا ڪم سندس معمول ۾ سمايل آھن.
    ھڪڙو ننڍڙو پر معروف مثال ھتي ڏيان ٿو، جنھن سان سندس شخصيت بابت تصور چٽو ٿيندو. ميجر مجاھد ميراڻي، جڏھن ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪندي شھيد ٿيو ته سندس تڏي تي عذر چوڻ لاءِ ملڪ جون نامور شخصيتون پڻ آيون جن ۾؛ سنڌ جو وڏو وزير سائين قائم علي شاھ، اڳوڻو وزير اعظم محترم نواز شريف، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سائين غوث علي شاھ، خود بلاول ڀٽو زرداري وغيرھ ھيا. تن کان تڏي تي عذر ڪير وٺي، جو شھيد جي پويان ڪير اھڙو نه ھيو جيڪو انھن شخصيتن سان ملي سگھي. انھن مرحلن ۾ ھيءُ صاحب اڳيان اڳيان ھيو. شھيد جي چاليھي تي جيڪو ختمو ۽ خيرات جو بندبست، پنھنجي سر تي کنيائين.
    ڪٽپر صاحب جا ان کان علاوھ ٻيا به ساراھ جھڙا ڪم ۽ گڻ آھن، جن جي ڪري نئون ديرو اندر سندس خاندان کي سياسي حيثيت ۽ مڃتا مليل آھي.
    ھن ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ھمٿائڻ، دل ٻڌرائڻ کان علاوھ سندس مالي تعاون پڻ رھيو، جنھن سبب ھيءُ ڪتاب ڇپائيءَ جا مرحلا آسانيءَ سان طئي ڪري اڄ پڙھندڙن جي ھٿن ۾ آھي.


    انجنيئر عبدالوهاب سهتو


      سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (204) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ پروفيسر نذير احمد سومري جي مختلف ڪتابن تي لکيل، تنقيدي ۽ اڀياسي جائزن جو مجموعو آهي، هن ڪتاب ڳي ترتيب ۽ تدوين انجنيئر عبد الوهاب سهتي ڪئي آهي.

    هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست رياضت ٻرڙي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پروفيسر صاحب جا تنقيدي مضمون

    اسان جي عام سماجي توڙي ادبي مزاج ۾، تنقيد کي، اسان وٽ پسند ناهي ڪيو ويندو ۽ اهو پڻ عام طور سمجھيو ويندو آهي، ته تنقيد معنى ڪنهن جو پَٽڪو لاهڻ! جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن ناهي. تنقيد سماج کي سٺي رخ ۾ ۽ اڳتي وٺي ويندي آهي ۽ ادب ۾ به اِهو ئي ڪردار نڀائيندي، روشن راهون ڏيکاريندي آهي ۽ غلط وکون کڻڻ کان روڪيندي آهي. تنقيدَ شين کي انهن جي اصلي جوهر ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ان ڪري شين جا سٺا ۽ ڪوجها پاسا نروار ڪندي آهي، ته جيئن انهن جي ڪارج کي سمجهي به سگهجي، ته انهن مان بهتر طور لاڀ به حاصل ڪري سگهجي.
    اسان جي سڄاڻ اديبَ، پروفيسر نذير احمد سومري به سنڌي ادب ۾ تنقيد کي ان مقصد لاءِ ئي ڪَتب آڻڻ چاهيو. هُنَ ان سلسلي ۾ خاص ڪوشش اها ڪئي، ته ڪتابن ۾ جيڪي غلط يا اختلافي ڳالهيون لکيون ويون آهن، تن جي نشاندهي ڪجي ۽ درست ڳالهه به ٻڌائجي. ان مقصد هيٺ هن مختلف ڪتابن بابت تنقيدي مضمون لکيا، جيڪي اوهان جي هٿن ۾ موجود ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ ۾، انجنيئر عبدالوهاب سَهتي سهيڙيا آهن.
    هِنن محدود سٽن ۾، انهن مضمونن بابت تفصيلي راءِ ڏيڻ جي گنجائش ناهي. البت اهو محسوس ٿئي ٿو ته پروفيسر صاحب جون تحريرون ڪنهن به مصلحت کان انڪاري آهن ۽ اهي صرف سچ جو اظهار ڪرڻ چاهن ٿيون. پر، مون کي مضمونن جي مطالعي مان احساس ٿيو ته انهن ۾ طنز ۽ ٽوڪَ به چڱي مقدار ۾ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اها ڪوڙِي باداميءَ وانگر به بڻجي ٿي پوي. جيڪڏهن پروفيسر صاحب طنـز ۽ ٽوڪ کي ڇڏي، اصلاحي انداز اختيار ڪري ها، ته هنن مضمونن جي نوعيت ڪجهه ٻيءَ طرح ۽ وڌيڪ علمي هجي ها ۽ انهن کي گھڻو پسند به ڪيو وڃي ها.
    بهرحال، ضرورت هئي ته انهن مضمونن کي سهيڙجي ها، پر اها پڻ ضرورت هئي ته انهن کي ايڊٽ به ڪجي ها. شايد اهو ڪم سهتي صاحب ان ڪري نه ڪيو هجي ته نذير صاحب جي تحريرن کي جيئن جو تيئن ئي شايع ڪجي، ڇاڪاڻ ته هو اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي.
    اميد اٿم، ته هن ڪتاب کي تعميري نظر سان پڙهيو ۽ پرجهيو ويندو.

    رياضت ٻرڙو
    21 ڊسمبر 2012، لاڙڪاڻو  


    پروفيسر نذير احمد سومرو

    پروفيسر نذير احمد سومرو

    (۲۱ نومبر ۱۹۴۸ع - ۸ ڊسمبر ۲۰۰۵ع)
    مختصر تعارف

    ڄم جو نالو: نذير احمد سومرو
    پيءُ جو نالو: حاجي عبدالحميد سومرو
    ڄمڻ جو ھنڌ: پير جو ڳوٺ، نئون ديرو
    تعليم
    پرائمري: پرائمري اسڪول، پير جو ڳوٺ (آڪٽوبر ۱۹۵۴ع-اپريل ۱۹۵۸ع)
    ھاير سيڪنڊري: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو (۱۹۵۸ع - ۱۹۶۴ع)
    انٽرميڊئيٽ: گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو (۱۹۶۴ع - ۱۹۶۶ع)
    بِي اي: يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو (۱۹۶۶ع - ۱۹۶۸ع)
    ايم اي (پوليٽيڪل سائنس): سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (۱۹۶۸ع-۱۹۷۰ع)
    نوڪري
    سي ٽي ٽيچر/ ڪريڪيولر ٽيچر/ جي ايس ٽي: گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارھ (۱۹۶۹ع).
    ليڪچرار (پوليٽيڪل سائنس): پھرين پوسٽنگ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو (۱۹۷۵ع)
    ادبي دنيا ۾ ڪم
    خاڪا، تجزيا ۽ تنقيدون.
    آصف علي سومرو
    پير جو ڳوٺ، نئون ديرو


    جراح نقاد

    جراح نقاد

    ”ملنديون مڃتائون، جي هيءَ رهي سنڌڙي.“
    (امداد حسيني)
    هر انسان کي زندگي عجيب لقاءَ ڏيکاري، ڪجھ نه ڪجھ سوچرائي ۽ ڪرائي ٿي.
    پروفيسر نذير احمد سومري به آخري عمر ۾، ڪنهن جذبي تحت لکڻ شروع ڪيو. هو جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته مان ڪڏهن به نه لکان ها. هميشه هُن کي ۽ محمد ايوب قادريءَ کي چوندو هيس ته؛ لکڻ منهنجي وس جي ڳالھ نه آهي. اوهان لکو ٿا، ڄڻ مان لکان ٿو.
    هر نفس کي، ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. سومرو مرحوم به، دنيا ڇڏي ويو پر، پنهنجي لکڻين ۾ زنده رهندو. هُن، لکڻ ۽ ڇپجڻ جي ڪري، دوست ۽ مخالف پيدا ڪيا. دوست، هُن کي هميشه ساريندا رهن ٿا. هي مجموعو ان جو ثبوت آهي. شل! رب پاڪ، هر اديب ۽ دانشور جا ڀاڳ ڀلا ڪري، جو دوست يار، مُئي کان پوءِ کيس، يادگيرين جي ڀيٽا ڏيندا رهن.
    انسان ٿي، هن ڌرتيءَ تي جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. حضرت ابن عمر﷦ به ڪنهن بيوسي، درد، ڏک ۽ پيڙا کان مجبور ٿي چيو هوندو: ”ڪاش! مان ڪنهن وڻ جو سُڪل پَنُ هجان ها، جنهن کي هوا پهاڙن تان ڪيرائيندي رهي ها.“ انسان کي، انسان جو اونو هئڻ گهرجي. جڏهن ماڻهو بيوس ۽ لاچار ٿي، ذميواريون پوريون نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ خدا کي ٻاڏائڻ کان سواءِ، ٻيو ڪو چارو ڪو نه ٿو رهي.
    ”هوا جي سامهون هلندا رهياسين،
    ”ڀڀڙ ٿي ڀڙڪندا، جلندا رهياسين.“ (امداد)
    هر حساس ماڻهو، مٿئين شعر وارو نمونو ٿئي ٿو. پروفيسر مرحوم به ڏاڍو نفيس ۽ حساس هيو. هُن چار پنج سؤ صفحا لکيا ۽ ڇپرايا، جيڪي ڪاوش اخبار، ڪينجهر رسالي ۽ ٻين مئگزينن اندر، مضمونن جي صورت ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. انجنئير عبدالوهاب سهتي صاحب ڪجھ گڏ ڪيا آهن. هيءُ مجموعو انھن تنقيدي مضمونن تي مشتمل آھي، جيڪي ڪن مڪمل ڪتابن مٿان لکيا ويا آھن. اڳتي به، ٻين ڪتاب ڇپرائڻ ۾، اگر اللهﷻ ائين مهرباني ڪندو ته ڪا ڏکيائي ڪو نه ٿيندي.
    روايت آهي ته؛ سهتا، ستن نانگن جا کاڌل آهن. مون کي ان ڪهاوت ۾ ٿورو نه، پر گهڻو شڪ آهي. انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو نالو انگريزيءَ ۾ لکي، انٽرنيٽ تي ڪِلڪ ڪيو ته مختلف موضوعن وارا بلاگ جھڙوڪ ”سنڌي شخصيتون، سنڌي سفرناما، پهاڪا ۽ چوڻيون، سنڌي ڪھاڻيون ۽ لاڙڪاڻو لک لھي“ وغيرھ کلي ايندا، جيڪي ھن مسلسل محنت سان ڪٺا ڪري جوڙيا آھن ۽ ڏينھون ڏينھن منجھن واڌاري لاءِ جدوجھد ۾ لڳل آھي. ايڏو ڪم ڪنھن نانگن-کاڌي جو ٿي سگھي ٿو!؟
    اڄ ساري سنڌ، سورن ۾ ورتي پئي آھي ۽ سندس سور ڪير به سانڍڻ ۽ سلجھائڻ لاءِ تيار ناھي. اھڙي گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾، مرحوم پروفيسر جهڙي قلمڪار جي کوٽ، شدت سان محسوس ٿي رهي آهي.
    اللهﷻ کيس جنت ۾ جايون ڏئي. آمين.

    عاشق منگي
    نئون ديرو
    ۰۱ ڊسمبر ۲۰۱۲ع


    ٽڪي جي دانگي به وڄائي وٺجي

    ٽڪي جي دانگي به وڄائي وٺجي

    ربِ ڪائنات، دنيا اندر، آزمائش ۽ پرک خاطر، اصل ۽ نقل جي شڪل، هڪجهڙي رکي آهي. اصل؛ سچ آهي، سونُ آهي، هيرو آهي، ايمان آهي. جڏهن ته نقل؛ ڪوڙ آهي، رول گول آهي، شيشو آهي، ڪفر آهي. سچ جهڙي شڪل، ڪوڙ کي به ملي. چمڪندڙ پتل کي ڏسي، گهڻا سونُ سمجهي مٿس ڀانڀولجي پيا. شيشي ۾ به هيري جهڙي چمڪ ۽ رنگينيءَ-ذري رکيل آهي.
    رات کي ڏينهن کان تضاد آهي ته منجهن فرق به اوڏو آهي، جو ٻار توڙي ٻڍو، اگهو توڙي سگهو، عورت توڙي مرد، چڱي نموني پرکي سگهن ٿا ۽ چئي سگھن ٿا ته هيءَ رات آهي، هو ڏينهن هيو. جڏهن ته اکين جي انڌي لاءِ؛ جهڙي رات، تهڙو ڏينهن.
    رنگن اندر تضاد پڻ رکيل آهي. رنگساز ۽ کٽي، کين نمبرن ڏيڻ کان اڳي سڃاڻندا آهن. عام ماڻهوءَ لاءِ، لڳي کان پوءِ به، لڳ ڀڳ هڪجهڙا رنگ/ ڪلر ساڳي ڳالھ هوندا آهن.
    خوشبوئن منجھ، فضائن ۾ ھوندي به ڦير رکيو ويو آهي. ڀانت ڀانت جا عطر ۽ عنبير، مشڪ ۽ سينٽ بازار ۾ پيا هوندا، سندن خوشبوءِ هڪ ٻئي کان نرالي هوندي. کين ڀيٽي نروار ڪرڻ جنھن تنھن جي جاءِ ناھي. عطار ۽ سرهيو، کين پري کان سنگهي ٻڌائيندو ته فلاڻي خوشبوءِ آهي. جڏھن ته ڀانسانيءَ لاءِ ھڙ ھڪ ئي شيءِ ھوندي.
    ذائقن جا به، دنيا اندر، بي انداز نمونا رکيا ويا آهن. هر ميوي جو ذائقو جدارو آھي. هڪ ئي ميوي اندر مخلتف جنسون رکيل آھن. ھر جنس جو ذائقو ٻيءَ کان مختلف ۽ عجيب، متحير ۽ معقول آھي. جھڙي تھڙي کي، کاڌي کان پوءِ به ڪل ڪا نه پوندي. پڇڻ تي فقط ايترو ٻڌائيندو؛ سنڌڙي انب جو ذائقو لنگڙي کان ڀلو هيو. چونسو کائڻ ۾، سروليءَ کان وڌيڪ لذيذ آهي. بينگن ڦلي ۽ ڦجري هڪجهڙا آهن ۽ کائڻ ۾ طوطا پوريءَ جهڙا آهن. مڙني انبن جو سردار ته سنڌڙي آھي پر انور رٽول به ٻيلي انور رٽول آھي. انبن جون ڪيتريون جنسون آهن؛ ڇا منجھن ذائقا آهن؟ سندن رنگ ۽ روپ ڪھڙو آھي؟ سي ته باغائي ۽ آرائين ڄاڻن. عام ماڻهوءَ کي خبر نه پوندي.
    مختلف شين جي پرک، مٿي ٻڌايل ڪاسبين کي ان ڪري ٿي آهي، جو مٿن سندن محنت ٿيل آھي. منجھن سندن عمريون ڳريون آھن ۽ پيڙهيون پوريون ٿيون آهن. تڏهن وڃي اھي ان لائق ٿيا آهن جو ھڪجھڙين شين منجھ ايڏا فرق ٻڌائي ٿا سگهن. جڏھن ته ناتجربيڪار ماڻھو ويچارو ته ڪينوءَ ۽ نارنگيءَ، موسميءَ ۽ مالٽي، سنگتري ۽ ترنج منجھ، ھڪجھڙي شڪل ھئڻ سبب، فرق ٻڌائي نه سگھندو، منجهانئن ملندڙ فائدا ۽ نقصان ٻڌائڻ ته ٿي پري جي ڳالھ. منجھن مختلف جنسون، رنگ روپ ۽ نسل پرکڻ ته ٿيو اڃا وڏو ڪم. عام ماڻھوءَ کي ته اھا به سُڌ ڪا نه پوندي ته ڪھڙي ماحول ۽ مٽيءَ ۾، ڪھڙي مند اندر ڪيترن ھرن ۽ ڀاڻن ڏيڻ کان پوءِ، اھي ڄاپي تيار ٿيندا. وڻ ۾ ئي صحيح پچي راس ٿي کائڻ لائق ٿيندا يا کين پال وجھڻ کان پوءِ کائڻ لائق ڄاڻبو. ڦر لھڻ کان پوءِ ھتي ئي اگھ ڪندو يا کيس ڪنھن ٻئي ملڪ يا منڊيءَ ۾ پڄائبو، ته چڱو اپراسو ٿيندو؟ جيترو انھن ڳالھين تي سوچ ويچار ڪبي، اوترو اڃا ڊيگھ کائينديون پر پلئه نه پونديون.
    علم وادب جو جهان به ائين وسيع آهي. گهڻ-پڙهيو ۽ شوق رکندڙ ماڻھو ئي مختلف شين کي پرکي سگهندو. عام ماڻھوءَ کي ڪھڙي خبر ته ڪهاڻي ۽ مضمون ۾ ڇا فرق آهي؟ علم عروض ڇا کي چئبو آھي؟ اھو ته ماھر ئي ٻڌائي سگھندو ته نظم و شعر جون ڪيتريون صنفون آھن؟ انھن ۾ ظاھري ڪھڙا فرق آھن؟ انھن تي طبع آزمائي ڪيئن ٿي ڪري سگھجي؟ مٿن تخليقي يا تحقيقي، تنقيدي يا تجزياتي بحث ڪيئن ڪري سگهبو. گهٽ پڙهيو يا ڪورو ڄٽ، انهن ڳالھين جي پرک ۽ ڀيٽ نه ڪري سگهندو.
    تحقيق ۽ تخليق واري تحرير ان جي پختي هوندي، جيڪو گهڻي پڙهڻ سان گڏ، گهڻي مشاهدي منجهان، تجسس وارو ذهن استعمال ڪري لنگهيو هجي. اکيون پوري، وائڙن وانگر ويندڙ کي، ڪل نه پوندي.
    جڏهن ته تنقيد يا تنقيص جي صنف، نه پاڻ مرادو ڏانءَ ۾ ايندي آهي ۽ نه مشاهدي سان ذهن ۾ ويهندي آهي. ان لاءِ علم ۽ ادب اندر پيڙهيون وڃايل هجن، رب جي ڏنل ڏات ساڻ هجي، سؤ دفعو پڙهڻ کان پوءِ، هزار دفعو ڪڙهڻ واري عمل مان گذر ٿئي، تڏهن وڃي ان لائقيءَ ٿبو جو ڪنهن جا عيب، اگهاڙئي بنا، سنوارڻ جي تلقين ڪري سگهبي. پنهنجا پَلَوَ آجا ڪندي، ٻين جي دلي خراش کان بچندي، سندن عيبن جي نشاندهي ۽ تراش سان سنوار ڪرڻ، ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. تنهن هوندي به دنيا اھڙن مانجهي مڻيادار مڙس کان خالي ناھي. اڃا ڪي آھين، جيڪي اهو جوکم جهڙو قدم ڪُڏي کڻن ٿا. منجھانئن ڪي پار پهچن ٿا، ڪي رڪجي ۽ کٽي به پون ٿا.
    تنقيد ڪرڻ واري کي اول پنهنجي پاڻ مان عيب ڪڍي، پوءِ ٻين جا عيب سنوارڻا آهن. اهو عمل، تڏهن سرانجام ڏئي سگهبو، جڏهن پاڻ ۾ پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، صبر ۽ سھپ جي صلاحيت هوندي. لالچ، غرض ۽ وڏائي نه ھوندي، ڇو جو پنهنجو عيب پنھنجي اک سان ڏسڻ، ان جو پاڻ ناقد ٿيڻ، دل جھلي وري ان جو پاڻ ئي ناصح ۽ مصلح ٿيڻ، ڏاڍا ڏکيا ڪم آهن.
    اوھان ڀلي سڀني دوستن يارن جي سڄو ڏينھن ويٺا تعريفون ۽ تذڪرا ڪيو، پر ڪنهن کي ڀلجي به ياد نه ايندؤ. اگر ڪنهن هڪ جي تنقيد ڪيوَ، اھا سمورن دوستن يارن جي هيانءَ تي تور ٿي پوندي. هر هڪُ اوھان کي انھيءَ عمل سبب، ڪرڙي نظر ھيٺ رکندو. هونئن به ٿري ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي:
    رماڙيو رو نان ڪونهي، رُئاڙيو رو نان هي.
    اوهان ڀلي پنھنجي ٻار کي ڪيڏو به ڪڏائيندا ۽ پرچائيندا رھو پر اوھان کي ڪير به لوڻو ڦيري نه ڏسندو. اگر کينچل ۾، اوھان جي ئي ٻار روئي ڏنو ته، واٽ ويندڙن جو ڌيان به اوهان ڏانهن کڄي ويندو. روئڻ جو سبب ڄاتي بغير، ڪُرڙين اکين سان اوھان کي گهورڻ لڳندو. وس پڄندس ته وڙهندو، اگر نه ته به اوهان کي ڇڙٻون ضرور ڏيندو. جڏھن ته اوھان ڀلي پرائي روئندڙ ٻار کي خرچي ڏئي، ڳراٽڙي پائي، پرچائي، روئڻ بند ڪرائي، کلائي خوش ڪري، گهر روانو ڪيو، پر اوهان ڏي ڪنهن جو به ڌيان نه ويندو.
    سمجھ ۾ آيو ته ٻئي جي دل وٺڻ تي ڪو به خوش نه ٿو ٿئي. البته ڪو اوهان تي ڪاوڙيو آهي ته هر ڪو ڊڪي پيو کانئس سبب پڇندو ۽ اوهان خلاف، ڀڙڪائڻ لاءِ، کيس تازو توانو مواد پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو.
    پروفيسر نذير سومرو صاحب، جيڪو ڪجھ، پڙھڻ ۽ ڪڙھڻ کان پوءِ لکيو، سو گھڻو تڻو، سال ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۵ع دوران ئي لکيو. ان دؤر ۾ مٿس ۽ ماھوار ”ڪينجھر“ اندر سندس آرٽيڪل ڇپيندڙ محترم ناز سنائيءَ صاحب تي، پمفليٽ ڇپيا ھيا. ان جو تذڪرو، ڪچھريءَ ۾ پڻ ڪيو ھيائين. مون سندس دل رکڻ لاءِ، از راھ مذاق چيو ھيو؛ ”ادا مون به ڇھ ست ڪتاب لکي ڇپايا آھن، پر مون تي ته ڪنھن ھڪ اکر به نه لکيو آھي. تو اڃا رسالن ۽ اخبارن ۾ لکڻ مس شروع ڪيو آھي، جو تو تي چوپڙيون ۽ پمفليٽ پيا ڇپجن. ڳالھ سمجھ ۾ ڪا نه ٿي اچي، يا ته ڇپرائڻ وارو تنھنجو دوست ھوندو يا ڪو ذات-ڀائي.“
    جڏھن اھو پمفليٽ ڏيکاريائين ته واقعي، سندس ڪنھن ذات-ڀائيءَ، خيرپور منجھان ڇپرايو ھيو. ان تي چپ ڪري ويو. مون کيس چيو؛ ”ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو آيو آھي. ھڪڙو ڪتاب لکندو ھيو، ٻيا ڍوءِ ڍوءِ ڪري، سندس ڪتاب جا اختلاف ڳولي ۽ نروار ڪري، مٿس پابندي لڳرائيندا ھيا. پوءِ پنجن رپين وارو ڪتاب، پنجاھ رپين ۾ به ڳوليو نه لڀندو ھيو. جڏھن ته اھو ڪتاب ھن وقت اگر ڪاٻاڙيءَ ۾ اچي، ته ڪير ڏھين رپئي به وٺڻ پسند نه ڪندو.“
    چوڻ جو مقصد اهو آهي ته تنقيد برداشت ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي. ڇو جو اها دراصل ليکڪ جي ڏُکندڙ رڳ تي هٿ رکي پوءِ ڪئي ويندي آهي. جنهن لکيو آهي، سو پنهنجي پير تان هٽڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته، نقاد کان علاوھ، ھو سڄي دنيا جي نظر ۾ پڻ پنهنجي لفظن اندر غلط ھوندو آهي.
    ان لاءِ، مان پنھنجو ذاتي مشاھدي وارو ھڪڙو مثال ڏئي، ڳالھ کي اڳتي وڌايان ٿو. منهنجي آفيس جو ھڪڙو چوڪيدار، بجليءَ جو ڪم پڻ ڄاڻندو ھيو، جنھنڪري ڏينھن جو ڪنھن دڪان تي وڃي سائيڊ جاب ڪندو ھيو ۽ رات جو چوڪي ڏيڻ لاءِ اچي آفيس ۾ سمھي پوندو ھيو. مون کيس چئي ڇڏيو ھيو ته آچر تي ڏينھن جي چوڪيداري به کيس ئي ڪرڻي آھي ۽ سندس آچر جي ڏينھن جي موڪل بند آھي. هڪ دفعي سياري ۾، آچر جي ڏينهن، منجھس موٽر ٺھرائڻ جو ڪم پئجي ويو. موبائيل فون تي رنگ ڪئيمانس ته کڻندي ئي چيائين؛ ”سائين گهر جو پکو خراب ٿي پيو آهي. کوليو ويٺو آهيان. بند ڪرڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو. بند ڪري مان جلد اچان ٿو.“
    يڪدم چيومانس؛ ”مون تو کي فون ان لاءِ ڪئي آهي ته منهنجي گهر جو موٽر نه ٿو هلي. منهنجو اندازو آهي ته ان جو سيل سڙي ويو آهي. اهو مٽائبو!“
    ”سائين پوءِ سيل هتان وٺي اچان!“ يڪدم چيائين.
    ”ها ڀلا وٺيو اچ!“ ائين چئي مون فون بند ڪري ڇڏي.
    سندس ڳوٺ، شھر جي پسگردائيءَ ۾ ھيو، جتان سيل ملڻ ممڪن ئي نه ھيو. منھنجو گھر ۽ آفيس گڏ ھيا، سي شھر اندر ئي ھيا.
    اھو ئي سبب ھيو جو منهنجي نظر ۾، سندس ٻئي ڳالھايل جملا ڪوڙ تي مبني هيا. مون ڪوڙي کي ڪوڙو چوڻ بجاءِ، پنهنجو ڪم چئي فون بند ڪري ڇڏي. هو واقعي اڌ ڪلاڪ اندر، سيل وٺي، منهنجي گهر پهچي ويو.
    پهرين ڳالھ ته سياري ۾ پکو هلائبو ئي ناهي، ته سڙندو ڪٿان؟ ٻيو، سيل دڪان تان ملندو آهي. جڏهن ته هو پکو ٺاهڻ سبب گهر ۾ ويٺو هيو، اتان سيل ڪيئن ملندو؟
    اهڙا ڪيئي جملا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي محل ۽ وقوع/ موقعي سان ميلُ/ ميچ نه کائيندا آهن. ڪي ته پنهنجي اندر به اختلاف ۽ تضاد پڻ رکندا آهن. جيئن:
    ۱- ”اسان به مفت مشوري جو دڪان کوليون ويٺا آهيون.“
    ۲- ”ناني ساڻ هلي ته مان هيکلي هلي وڃان!“
    ۳- ”مان ڇو چوان ته؛ لالوءَ لوسڻ لُئو آھي!“
    پهرئين جملي ۾ آھي ته؛ کوليو دڪان اٿم پر وکر وڪڻان مفت ۾ ٿو. دڪان ته کولبو ئي شين مٿان منافو ڪمائڻ لاءِ آهي، مفت ۾ شيون کپائڻ لاءِ نه کولبو آهي. مفت ۾ ورھايل شيءِ کي چئبو آهي؛ سبيل. سبيل ۾ به گھڻو تڻو پاڻي ئي پياربو آهي، سو به تڏھن جڏھن واندڪائيءَ ھجي. انھيءَ جملي اندر ئي تضاد موجود آهي.
    ٻئي جملي ۾ پڻ ساڳيءَ طرح، في نفسہٖ تضاد آهي. اگر ڪنهن کي اڪيلو ئي وڃڻو آهي ته پوءِ نانيءَ جي ساڻُ هلڻ جي تقاضا ۽ انتظار ڇو؟
    ٽئين جملي اندر، ھڪڙي گاھيءَ، جنھن جي ٻنيءَ مان چوريءَ گاھ لُبجي ويو آھي ۽ ھڪڙي ڌنار جو گفتو ڏنو ويو آھي. گاھيءَ جي پڇڻ تي، ٻوڙو ڌنار، ڪنھن تي چغلي ھڻڻ کان لھرائڻ خاطر ائين چوي ٿو. ان بيوقوف کان، جنھن لاءِ جھڙي بٺي تھڙو بھرام، اگر ڪو پڇي ته؛ اي عقل جا اڪابر، جملي جي پھرئين اڌ ۾ تون ٿو چوين ته مان ڪنھن تي جُوڻي ڇو کڻان؟ ساڳئي جملي جي پوئين اڌ ۾ تون چور جو نالو ٿو کڻين! اھو ڇا ٿو بڪين؟
    مٿي ڏنل جملن جو ڪارج ته چٿر يا ڊونگل وارو آھي. جيڪڏهن ان کان ھٽي سندن ڇيد ڪجي ته اھي، پنھنجي پاڻ ۾ ئي، پنھنجي نفي پيا ڪن.
    اهڙا جملا، جيڪي بيانَ ۾ اختلافي ۽ متضاد هجن، سي نقاد جي نظر تي ائين چڙهندا آهن، جيئن مک جي نظر ڦٽ تي. سارو صاف سٿرو وجود ڇڏي، اچي ڦُرڙيءَ کي کرڙڻ شروع ڪندي آھي.
    اھڙي قسم جا ڪيترا ئي مثال آھن، جيڪي اسان جا ليکڪ حضرات پنھنجي لکڻين ۾ اڻ-ڄاڻائيءَ سبب ڪندا آھن. منجھانئن نموني طور ڪجھ ھيٺ ڄاڻائجن ٿا ته جيئن ڳالھ اڳتي وڌي سگھي.
    هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي ھڪ ڪهاڻيءَ ۾، ڪھاڻيءَ جي نائڪه يا محبوبه لاءِ محنت ۽ جانفشانيءَ جو مثال ڏيندي چيو؛ ”او جاني، مون تو لاءِ وڏا جهد ڪيا آهن. تو کي راضي ڪرڻ لاءِ، گرم ڏينهن جي لُڪن منجھ، پراون باغن جا لوڙها لتاڙي، مالهين جو خيال نه ڪندي، ڪنڊيدار ٻيرين منجهان، صوفي ۽ مکڻ ٻير ڇاڻي، تو لاءِ آندا آهن.“
    سندس اهو جملو، زمان ۽ مڪان جي حساب سان، ڪوڙ تي مشتمل هوندو، ڇو جو گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٻير ته ٿيندا ئي ناهن. ٻيرن جي موسم جنوري جو مهينو آهي، نه ڪ جُونِ جولاءِ. ان مند ۾ ته انب ٿيندا آهن. اگر اهڙي ڪهاڻيڪار تي ادبي نشست اندر ويٺي، ڪي نقاد تنقيد ڪن ۽ ھيءُ سندن تنقيد تي چڙي پوي ته ان ۾ مھڙ ڪنھن ڏي ٿي ٿئي؟
    ٻيو به ننڍڙو مثال، ڳالھ کي چٽو ڪرڻ لاءِ ٿا ڏيون. اگر ڪو وڏي نالي وارو اديب، پنھنجي سفري يادن اندر اهو لکي ته، مان ان کوھ تي ويس جنھن تان مارئي پاڻي ڀريندي هئي. منظر ڪشي ڪندي اڃا به لکي ته؛ ”ڏينهن تتل هيو. ڀر ۾ نه وڻ ھيو نه ٽڻ. نه پکي پکڻ پئي اڏاميو، ڀنڀ بيراني لڳي پئي ھئي. پاڻي ته ڪاٿي به نظر ڪو نه پئي آيو. کوھ منجھ به پاڻيءَ-ڦِنڍ نه هئي. کوھ جي تري اندر ڪک پن ڀريا پيا ھيا ۽ سڄو سڪو پيو ھيو. مون منجهس ڳچي وجهي، وات سان وڏي رڙ ڪئي. منجهانئس، پاڻي نه هئڻ جي ڪري، پڙاڏو اٿيو. پڙاڏي ۾ ايڏي ته گجگوڙ ۽ آواز هيو جو اھو اٿندي ئي وڃي آسمان تي پھتو ۽ نتيجي ۾ ان جوءِ اندر چرندڙ مال ۾ ٽاھ پئجي ويو.“
    هاڻي اگر ڪو ناقد، ان صاحب کان پڇي ته؛ ”سائين منهنجا! کوھ ۾ ٻوٿ مبارڪ وجهي رڙ ڪرڻ کان اڳ، اوهان فرمايو ته، اتي نه پکي ھيو نه پکڻ، نه وڻ ھيو نه ٽڻ، نه پاڻي ھيو نه ئي ڪا پھر ھئي. پوءِ جڏهن اوهان منجھس ڦوڪ ڏني ته منجھانئس وڏو پڙاڏو اٿيو. جڏھن ته پڙاڏو ڪکائين تھ تان اٿندو ئي ناھي. اگر وقتي طور تي اھو به مڃيون ته اوھان جي جيئري جاڳندي ڪرامت ۽ مارئي جي نالي پوڻ سبب، کوھ تي اھو لقاءُ ٿيو جنھن سان مال ٽاھ کاڌو. سوال ھاڻي ھيءُ آھي ته؛ اھو مال، اوچتو اتي ڪٿان آيو؟ جنهن ۾ اوهان جي آواز جي پڙاڏي سان ٽاھ پئجي ويو؟ اھو مبادا کوھ صاحب جو ڪمال ھيو يا اوھان جي بابرڪت ڦوڪ جو؟“ ان پڇڻ تي اگر اهو صاحب چڙي پوي ته ان ۾ ڏوھ ڪنهن جو مڃجي؟ پڇڻ واري جو يا چڙڻ واري جو؟
    ھڪڙو ٻيو مثال، مان پاڻ تي ئي ٿو ڏيان. مان سال ۱۹۵۹ع ڌاري ڄائم. سقوط ڍاڪا، ۱۹۷۱ع ڌاري ٿيو، جنھن وقت منھنجي عمر ٻارھن سال ھئي ۽ ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڇھون درجو پڙھندو ھيس. ھاڻي اگر مان پنھنجي زندگيءَ جي آخري گھڙين ۾، دوستن يارن جي پٻين تي پئي يادگيرين جو ڪتاب لکان ۽ منجھس اھا ڊاڙ ھڻان ته؛ ”جڏھن ڍاڪا ۾ ڀٽو صاحب، مجيب سان ڳالھيون ڪرڻ ويو ھيو ته مان به ان وفد ۾ ساڻ ھيومانس. مون کي چٽيءَ طرح ياد آھي ته؛ جڏھن مون کي پاڻيءَ جو گلاس آڻڻ لاءِ چيائون، تڏھن کين ڪا راز جي ڳالھ چوڻي ھئي ۽ مون کان لڪائڻ خاطر، مون کي ڪنھن بھاني سان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائون.“ منھنجو اھو جملو، سؤ سال پڄاڻان، ڀلي ماڻھن کي سچ معلوم ٿئي ۽ مون کي اھو ڪوڙ ڦٻي وڃي. پر اڄ جو ماڻھو، ايڏو بيوقوف ۽ انڌو ته ڪونھي جو ھو انھيءَ صريح ڪوڙ کي سچ سمجھي ۽ ان تي آئندي جي تاريخ کي مرتب ڪري؟
    پرفيسر نذير احمد سومرو صاحب به ان قسم جي جملن ۽ بيان بازين کي، جيڪي صريحًا ڪوڙ تي مبني ھجن، پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن آئنده لکي ويندڙ تاريخ، درست ٿئي. سندس نظر فقط، تاريخ سان ويساھ گھاتي ڪندڙ ڪوڙن تي ھئي.
    سندس تربيت، پڙھيل لکيل ماحول اندر ٿي ھئي. سندس والد سائين عبدالحميد سومرو صاحب ۽ سندس چاچو سائين در محمد صاحب جن، عليڳڙھ جا تعليم يافته ھيا. اھي بي غرض ۽ لالچ کان ڪوھين پري انسان ھيا، جيڪي عليڳڙھ مان ڪشالا ڪري تعليم وٺڻ کان پوءِ به تعليم عام ڪرڻ واري پاڪ پيشي سان، شانَ مانَ سان، ياعمر سلھاڙيل رھيا. نه ڪنھن وڏي عھدي/نوڪريءَ جي تمنا ۽ تقاضا کين ڪنھن وڏيري آڏو جھڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ نه ئي بي ھمت ۽ ھڏ-حرام ٿي ٻين جي ھٿن ڏي ڏسندا رھيا. نه ئي اڄ وانگر پنھنجا ٽيوشن سينٽر کولي انھن ٻارن کي ڦريندا رھيا، جن کي ڏينھن جو پڙھائڻ لاءِ کين سرڪار وٽان پگھار ملندي ھئي. بلڪ پنھنجي محنت ۽ ھٿن جي پورھيي تي ڀاڙيندا ۽ ٻچا پاليندا رھيا. سائين در محمد آخر ڌاري، جڏھن رتوديرو ۾ پنھنجو پرائيويٽ اسڪول کوليو ھيو، تڏھن به ٽيچرس گائيڊن جھڙا تيرھن چوڏھن ڪتاب لکي، ڇپرائي، نالو ۽ ناڻو ڪمايو ھيو. اھڙن ھٿن ۾ پليل ٻار جو ذھن پڻ لالچ کان پري ۽ بي رياءُ ضرور ھوندو. نذير صاحب تي، انھن ٻنھي صاحب علم و ادب جي ڇاپ چِٽي ھئي.
    ڳوٺ ۽ شھر اندر، سندس صحبت پڻ صاحب علم ۽ ادب ماڻھن سان ھئي. جنھن ۾ سر فھرست شاعر ۽ نقاد ذوالفقار راشدي ھيو، جنھن کيس غلام محمد گرامي، امداد حسينيءَ ۽ وفا ناٿن شاھيءَ جھڙن مدبر شاعرن ۽ اديبن سان ھٿ وٺي وڃي ملاقاتون ۽ ڪچھريون ڪرايون. ان کان علاوھ، نئون ديرو منجھ، امام راشدي ۽ منٺار سولنگيءَ سان پڻ ادبي لاڳاپو ھيس. نوڪريءَ منجھ سندس ذاتي دوستي ۽ پريت استاد بخاريءَ، حاڪم شاھ بخاريءَ، مير ٿيٻو، محسن ڪڪڙائي، نواز رڪڻائيءَ ۽ احمد خان مدھوش جھڙن شاعرن ۽ محققن سان رھي. ھم پيشه ليڪچرار دوستن ۾ به سندس دوستي اديبن سان رھي، جن ۾ ادل سومرو، اياز گل، وليرام ولڀ، مرحوم ملڪ نديم ۽ نواز چنڊ صاحب آھن.
    اردو ٻوليءَ تي پڻ خاص دسترس ھيس، جنھن سبب سندس لاڙڪاڻي توڙي ڪراچيءَ جي اردو اديبن سان ڏيٺ ويٺ چڱي خاصي ھئي. منجھن مسلم شميم صاحب، مظھر جميل ۽ ظاھر نوري وغيرھ پڻ سندس گھاٽن لاڳاپي وارن منجھان ھيا. رتوديرو ڪاليج مان جاري ٿيل مسلنيءَ جي اردو ڀاڱي جو پاڻ ايڊيٽر ھيو. ان مسلنيءَ جو اردوءَ وارو ڀاڱو ڏاڍو جاندار ھيو، جو ڪراچيءَ اندر ھڪ اردو اديب سمورا ليک پڙھڻ کان پوءِ چئي ڏنو ھيس؛ ”ليک واقعي مختلف موضوعن تي آھن، پر منجھن اسلوب ساڳيو آھي، جيڪو چغلي پيو ڏئي ته ھٿ ساڳيو ھليل آھي.“
    سندس تربيت جيئن ته علمي ماحول ۾ ٿي ھئي تنھنڪري مٿس ان ڳالھ جو گھرو اثر ھيو ۽ وٽس ايترو صدري علم ڪٺو ٿي چڪو ھيو جو ھو آسانيءَ سان ڪنھن به تحرير جو ڇيد ڪري، مٿس تنقيد ۽ تجزيو ڪري پئي سگھيو. جڏھن ھن، عمر جي آخري حصي ۾ قلم ھٿ ۾ کنيو ته ڏاڍو مضبوطيءَ سان کنيو. جنھن تي به لکيو، بي باڪ ۽ ثبوتن سان. جنھن ڳالھ ۾ شڪ ھوندو ھيس، ان لاءِ ٻيھر ڪتاب اٿلائيندو ھيو يا زندھ جھونڙن سان وڃي ملندو ھيو، ته جيئن اکين ڏٺن ماڻھن جون پڪيون شاھديون ھٿ ڪري، پنھنجي تحرير کي سچو ثابت ڪري. ان سلسلي ۾ جن ماڻھن سان، ڪن معاملن تي بحث لاءِ ويو ھيو، سي ھيا؛ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، آفاق صديقي، سيد ھاشم رضا، مسلم شميم ۽ مخدوم شبير احمد وغيرھ. انھن ماڻھن جا تذڪرا، مھراڻ ھوٽل جي لان تي ٿيل ڪچھرين ۾ پڻ ڪندو ھيو.
    وٽس ثبوت جي طور تي کوڙ ڪتاب ساڻ ھوندا ھيا. ڪڏھن ڪڏھن ته ڪن ڳالھين جي ڀراءَ ۾ جيڪي حوالا ڏيندو ھيو، تن ۾ ڪيترن ڪتابن جا صفحا نمبر به ياد ھوندا ھيس. ثبوت جي طور اگر ٻئي ڏينھن ڪتاب آڻيندو ھيو ته منجھس واقعي ساڳي ڳالھ، ساڳين صفحن تي لکيل ھوندي ھئي. ديوان سنگھ مفتون جو يادگيرين تي مشتمل ڪتاب؛ ناقابل فراموش، مون پھرين وٽس ئي ڏٺو ھيو. ان کان علاوھ اھڙن نالن وارا جھونڙا ڪتاب پڻ ساڻ ھوندا ھيس، جو ھڪ دفعي مرحوم ملڪ نديم صاحب ھڪ ملاقات دوران، مذاق مذاق ۾ چئي ڏنو ھئس؛ ”تو کي ڏس ته سدائين اھڙا ڀيانڪ ڪتاب ڪڇ ۾ کنيو ٿو وتين جن جا نالا ئي عجيب آھن، جيئن؛ ڪالي پربتون ڪي ھري سائي مين.“
    بھرحال ھڪ اھڙي ماحول ۾ رچي بسي ۽ پچي نڪتو ھيو جنھن کيس ڪندن ڪري ڇڏيو ھيو. آخري وقت ۾ جيڪو به لکيائين سو ڪنھن کوري ڇا ڄڻ ڪنھن آتش فشان مان نڪتل لاوو ھيو جنھن ھر آڏو آيل کي سرڙي ڇڏيو. ڪو به موضوع، سندس تنقيد واري اک کان بچيل نه ھجي ھان، اگر زندگي ۽ طبيعت ساٿ ڏئيس ھا. افسوس جڏھن لکڻ لاءِ ائنٽ متس، ته زندگي پوري ٿيڻ جي گھنٽي وڳس. جوڳي جُوءِ مٽي، رمتا ٿي ويا. رھي نالو رب جو.
    سندس ڪم کي ھر ذي علم و فھم، پسند ڪيو پئي ۽ ان جي حيثيت علمي ۽ اڪئڊمڪ پڻ آھي. ڄاڻ ۽ پرک جي گھرجائن لاءِ، سندس انھن مضمونن کي جيڪي مختلف ڪتابن تي ڀرپور نموني تجزئي طور لکيا ويا آھن، ھت يڪجاءِ ڪيو ويو آھي ته جيئن آئندھ جي تاريخ درست رھي. ان کان علاوھ، جن صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين سي آھن؛ مھاڳ، خاڪا، اڀياسي/تجزياتي يا تنقيدي خط وغيرھ، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا، تن جي به ادبي حيثيت آھي. اھي به عام آڏو، ضرورت آھر آڻڻ جي ڪوشش ڪبي. في الحال، پنھنجي وت ۽ وس آھر، پھرين وٽي کير ڀري، پيش ڪجي ٿي.
    ھن سڄي ڪم کي معرض وجود ۾ آڻڻ لاءِ، مختلف دوستن مختلف وقتن تي ھمٿايو پئي، جن ۾ عاشق منگي، رشيد ڪٽپر، منظور ڪوھيار، آصف سومرو، رياضت ٻرڙو ۽ ناز سنائي صاحب جن سر فھرست آھن. سندن مشورا ۽ معاونت، ڪتاب جي ترتيب دوران، پڻ رھيا. ان لاءِ سندن ٿورا. مواد کي ڪمپوز ڪرڻ ۽ پروف چيڪ ڪرڻ ۾ رضا بخاريءَ وڏي محنت ڪئي. ان کي ياد نه ڪرڻ، سندس ٿورو نه مڃڻ جي مترادف آھي.
    وڌيڪ پرھندڙ پاڻ نقاد آھن. وٽانئن جوڳي موٽ ملِي، ته پروفيسر جا ٻيا ليک به سھيڙي ضرور سندن ھٿن تائين پھچايا ويندا.

    انجنيئر عبدالوهاب سهتو
    ۸۹- پروفيسرس ڪالوني،
    قمبر روڊ، لاڙڪاڻو.
    ۲۳ ڊسمبر ۲۰۱۲ع



    مضمون

      ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ جو تنقيدي جائزو

    گذريل ويهين صديءَ جي آخري ۲۰ سالن واري عرصي ۾، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتابن ۾ ڇرڪائيندڙ ڳالهين لکڻ ڪري گهڻو مشهور ٿيو. ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ سندس پنجون نمبر ڪتاب آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان جنوري ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿي، پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو آهي.
    ڪتاب جي آخري صفحي تي، سنڌ جي هڪ مانائتي اديب، مرحوم علي احمد بروهي طرفان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ بابت راءِ ”اڃا ڪي آهين جوڳي سندي جوءِ ۾“ جي نالي سان لکيل آهي، جنهن ۾ مرحوم علي احمد بروهي لکي ٿو: ”هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور ۽ معروف اديب رئيس ڪريم بخش نطاماڻي جي منفرد تصنيف ”ڪيئي ڪتاب“ جي طرز تي لکيل پنهنجي نوعيت جو ”انوکو“ ڪتاب آهي. اميد آهي ته پارکن کي پسند پوندو.“ خبر نه ٿي پوي ته مرحوم علي احمد بروهيءَ جهڙي سڄاڻ اديب ۽ قلمڪار، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي تاثراتي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ کي مرحوم رئيس ڪريم بخش نطاماڻي جي شاهڪار ڪتاب ۽ سندس آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ سان ڪيئن ڀيٽ/ مماثلت ڏني آهي؟ جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڪتاب ۾ ماڻهن کي گاريون ڏنل ڪو نه آهن. ان جي ابتڙ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتابن ۾ گهڻي قدر ماڻهن کي گاريون ڏنل آهن. هتي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ تي تبصرو ڪرڻ مقصود ڪو نه آهي، ان ڪري ان کي ڇڏي، ڪامريڊ جي نئين ڪتاب ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ جو اڻ ڌريو جائزو پيش ڪجي ٿو.
    ڪامريڊ جي هن ڪتاب ۾ عجيب و غريب تضاد نظر آيو. هڪ طرف هو پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي ساراهه جا ڍڪ ڀري ٿو ۽ وري ڪنهن ٻئي هنڌ ڀُٽي صاحب جي مخالفت ۾ وسئون ڪو نه ٿو گهٽائي. مثال طور ڪتاب ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ جا ۳۶ کان ۳۸ تائين صفحا ذوالفقار علي ڀُٽي جي ساراهه سان ڀريل آهن، پر ڪتاب جي صفحي ۶۹ تي ڪامريڊ رقم طراز آهي: ”پياري پاڪستان جو جڏهن حاڪم مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ٿيو، تڏهن چاپلوسي ٽولي کيس ’قائد عوام‘ ڪري سڏيو.“ سڄي پاڪستان جي ماڻهن کي اها خبر آهي ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي پاڪستان جو حڪمران يعني صدر مملڪت ٿيو هو، پر ان کان گهڻو اڳ يعني ۱۹۶۸ع ۾ ڀٽي صاحب کي جلسن جلوسن کان سواءِ، اردو اخبارون، خاص طور تي نواءِ وقت ۽ سنڌي اخبارون ۽ رسالا قائد عوام ڪري سڏيندا ۽ لکندا هئا. ثبوت لاءِ ۱۹۶۸ع کان وٺي ڀُٽي صاحب جي اقتدار واري تاريخ کان اڳ جون اردو ۽ سنڌي اخبارون ۽ رسالا ڏسي سگهجن ٿا. خبر ناهي ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي جناب ذوالفقار علي ڀُٽي کي مليل خطاب ’قائد عوام‘ ڇو پسند نه ٿو اچي. ڇا ڀٽو صاحب عوام جو ليڊر يا قائد نه هو؟ جڏهن ته مير صاحب پاڻ صفحي ۳۷ تي ڀُٽي صاحب لاءِ لکي ٿو؛ ”رسم منصوري ۾ تخته دار تي ڏسي، مثال سرمدي ۾ آڻيندي شهادت جو درجو ڏيان ٿو.“
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ ۾ اردو شاعريءَ جي دنيا ۾ شاعر انقلاب جو لقب ماڻيندڙ جوش مليح آبادي بابت هڪ لطيفو لکيو آهي، جيڪو اردو جي مشهور اديب ڪي ايل نارنگ ساقيءَ جي مشهور ڪتاب ”اديبون ڪي لطيفي“ مان ترجمو ڪري لکيو اٿس. ڪي ايل نارنگ ساقيءَ جو ڪتاب ”اديبون ڪي لطيفي“ الحمد پبليڪيشنز پراڻي انارڪلي لاهور مان اپريل ۱۹۹۳ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڪتاب جو مرتب ڪي ايل نارنگ ساقي صفحي ۵۵ تي لکي ٿو:
    ’ايڪ بار جوش مليح آبادي ني جگر مراد آبادي ڪو ڇيڙتي هوئي ڪها؛ ”ڪيا عبرتناڪ حالت هي آپ ڪِي؟ شراب ني آپ ڪو رند سي مولوي بنا ديا اور آپ اپني مقام ڪو ڀول بيٺي. مجهي ديکيئي ڪه مين ريل ڪي کمڀي ڪِي طرح اپني مقام پر آج ڀي وهان اٽل کڙا هون، جهان آج سي ڪَئي سال پهلي ٿا.“ جگر صاحب ني جواب ديا؛ ”بلاشبه آپ ريل ڪي کمڀي هين اور ميري زندگي ريل گاڙي ڪِي طرح هي، جو آپ جيسي هر کمڀي ڪو پيڇي ڇوڙتي هوئي هر مقام سي آگي، اپنا مقام بناتي جا رهي هي.“‘
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۷۹ تي مٿئين لطيفي کي سنڌي ويس وڳا ڍڪائي لکي ٿو:
    ”برصغير جا ٻه شاعر هئا. هڪ حضرت جوش مليح آبادي ۽ ٻيو جگر مراد آبادي. هنن جي دهليءَ ۾ هڪ مئخاني ۾ ملاقات ٿي. (دهليءَ جو الائي ڪهڙو مئخانو؟ دهليءَ جو شهر سنڌ صوبي جي ٻهراڙيءَ جيان ته ڪو نه هيو ۽ نه ئي آهي، جو گهرن کان تڙيل، ٽوٽي، هڏ حرام، نه ڪم جا نه ڪار جا ۽ دشمن اناج جا، يا ڪم چور، پرائي ڀنگ ۽ چرس تي سندرو ٻڌي مئخانن جو رخ ڪندا آهن ۽ اهڙن ٽوٽي ۽ هڏ حرامن کي جتي ڪو چڱو خالي ٿيل پلاٽ نظر ايندو آهي، ته ان ۾ ٻه ٽي ٻوٽا پوکي، پترون هڻي مئخاني جو بورڊ لڳائي ڇڏيندا آهن. ڪامريڊ کي الائي ڪنهن ٻڌايو ته حضرت جوش مليح آبادي ۽ جگر مراد آباديءَ جي ملاقات ’ڪنهن مئخاني‘ ۾ ٿي هئي.) حضرت جوش مليح آباديءَ، جگر مراد آباديءَ کي چيو؛ ”شراب پِي تنهنجي صورت هڪ مولويءَ جهڙي ٿي وئي آهي. اوهان پنهنجو رتبو وساري ويٺا آهيو.“ جوش مليح آبادي چيو: ”آءٌ اڃا ريل جي کنڀي وانگر هڪ جاءِ تي بيٺو آهيان.“ جگر مراد آباديءَ چيو: ”اوهان برابر ريل جا ٿنڀا آهيو، آ ريل گاڏي آهيان، اوهان هڪ جاءِ تي بيٺا آهيو ۽ آءٌ هلندو پيو وڃان.“
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، پاڪستان جي ٺهڻ جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ پاڪستان اڀياس جا شاگرد به اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته باني پاڪستان محمد علي جناح جڏهن ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي لاڏاڻو ڪيو ته خواجه ناظم الدين (جنهن جو تعلق سابق اوڀر پاڪستان، موجودهه بنگلاديش سان هو) نالي هڪ بنگالي سياستدان کي اختياري ڌرين پاڪستان جو گورنر جنرل (موجوده صدر جي عهدي برابر) مقرر ڪيو هو، پر ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هڪ حقيقت کي مسخ ڪري صفحي ۸۱ تي لکي ٿو:
    ”مسٽر محمد علي جناح جي فوت ٿيڻ بعد ان وقت جي وزير خزانه غلام محمد کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. برطانيه جي راڻي اهڙو فرمان جاري ڪيو هو.... غلام محمد دکن کان اچي پاڪستان پهتو. غلام محمد مسٽر جناح سان مليو، تنهن هن کي وزير خزانه بڻايو. غلام محمد بدڪاريءَ ۽ شراب نوشيءَ ڪري اڌ رنگ ۾ ڦاسي پيو هو. ٿوري عرصي ۾ مسٽر جناح (قائداعظم) به لاڏاڻو ڪري ويو. هي گورنر جنرل جي عهدي تي آيو.“
    اسان جي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر کي ڪير سمجهائي ته قبلا! قائداعظم محمد علي جناح جي فوت ٿيڻ کان پوءِ گورنر جنرل، غلام محمد نه، پر خواجه ناظم الدين ٿيو هو ۽ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي جي ۱۹۵۱ع ۾ قتل ٿيڻ کان پوءِ خواجه ناظم الدين کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ خواجه ناظم الدين جي خالي ٿيل جاءِ تي غلام محمد کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو هو ۽ غلام محمد جي ئي دور ۾ ”ون يونٽ“ جو بل پاس ٿيو ۽ ”ون يونٽ“ عملي شڪل وٺي وجود ۾ آيو هو ۽ غلام محمد ئي اسيمبليون ٽوڙيون هيون. خواجه ناظم الدين کان اقتدار جي سج لهڻ کان پوءِ پڇيو ويو؛ ”خواجه صاحب توهان پاڪستان جا گورنر جنرل به رهيا ته وزيراعظم به، مهرباني ڪري اهو ٻـڌايـو تـه مـزو ڪـهــڙي عهدي تي هو؟“ جنهن تي خواجه ناظم الدين وراڻيو هو:
    ”ٻنهي عهدن تي مزو ڪو نه هو! ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ گورنر جنرل هوس ته سڀئي اختيار وزيراعظم لياقت علي وٽ هئا ۽ جڏهن آءٌ وزيراعظم بڻيس ته اختيارن جو مرڪز گورنر جنرل غلام محمد هو.“
    پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۹۲ تي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر لکي ٿو: ”پياري پاڪستان جا ڪيترائي نامور سياستدان ملڪ جا وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ ٿيا. چند هيءُ آهن؛ مسٽر لياقت علي خان، سردار عبدالرب نشتر، ممتاز دولتانه، ايوب کهڙو، نواب افتخار حسين ممدوٽ، خواجه ناظم الدين ۽ حسين شهيد سهروردي.“ خبر نه ٿي پوي ته بقول ڪامريڊ ”چند هيءُ آهن“ ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو (بئريسٽر)، قاضي فضل الله لا گريجوئيٽ، محمد علي بوگره لا گريجوئيٽ، ممتاز علي ڀٽو (بارايٽ لا) جو شمار ڇو نه ڪيو ويو؟ جڏهن ته لاڙڪاڻو سان تعلق رکندڙ خانبهادر ايوب کهڙي جي تعليم مٿي ڏيکاريل سياستدانن جي مقابلي ۾ واجبي هئي (شايد رڳو ميٽرڪ).
    مغربي تهذيب جا دلداده، بيهي کائڻ ۽ بيهي مٽڻ (پيشاب ڪرڻ) کي ترجيح ڏيندا آهن. بيهي کائڻ پيئڻ ۽ مٽڻ ته جانورن جي علت آهي. اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم بيهي کائڻ پيئڻ ۽ مٽڻ واري عمل کي ننديو آهي، پر ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صفحي ۱۱۶ تي رقمطراز آهي: ”چاليهن سالن کان پوءِ بيهي پيشاب ڪجي، جنهن سان گردن ۽ مثاني کي فائدو آهي!“ هيءَ الائي ڪهڙي حڪمت ۽ طبابت آهي؟
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صفحي ۱۲۴ تي لکي ٿو:
    ”سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمان سهاڳ واريون عورتون نڪ ۾ نٿ پائين، مڙس جي مرڻ بعد نٿ لاهي ڇڏين.“ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر الائي ڪهڙي سنڌ جي عورتن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪي سڄي عمر نٿون پائين ٿيون؟ جڏهن ته سنڌ جي ماضي توڙي حال ۾ سومرا خاندان سان واسطو رکندڙ گهڻي ڀاڱي ڇوڪريون نڪ ئي ڪونه ٽوپائين. جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ جو نڪ ئي ڪونه ٽوپيو ويو ته ”نٿ“ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    سُر جي سلطنت جي راڻي ۽ برصغير جي عالمي شهرت يافته ڳائڻي ۽ ناچڻي، فلمي اداڪاره ملڪه ترنم نورجهان بابت، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۴۵ تي جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو ملڪه ترنم نورجهان جي اڳئين مڙس ۽ فلمي ڊائريڪٽر سيد شوڪت حسين رضوي جي نورجهان سان گهاريل ۽ گڏ گذاريل سالن جي ڪهاڻي واري ڪتاب ”نورجهان ڪي ڪهاني، ميري زباني“ مان ورتو اٿس. ڪامريڊ لکي ٿو:
    ”مشهور ڪرڪيٽ رانديگر نذر محمد جي سنگت ملڪه ترنم نورجهان سان هئي. هڪ ڏهاڙي نذر محمد نورجهان جي گهر ۾ هن جو.... ڪري رهيو هو ته اوچتو نورجهان جو مڙس گهر ۾ اچي ويو. پوءِ نذر محمد دريءَ مان ٽپو ڏئي ڀڄي ويو. سندس ٻانهن به ڀڄي پئي هئي.“
    ملڪه ترنم نورجهان جي اڳئين مڙس شوڪت حسين رضوي، نورجهان جي بيوفائي بابت پنهنجي ڪتاب ”نورجهان ڪي ڪهاني، ميري زباني“ جي صفحي ۸۰ ۽ ۸۱ تي نورجهان ۽ ڪرڪيٽيئر نذر محمد جو ذڪر پنهنجي گهر ۾ نه، پر ڪنهن ڀر واري پاڙي جو گهر نزد اسلاميه پارڪ لاهور ۾ ڪندي لکي ٿو:
    ”نظر ڪي ساٿ اس ڪا معاشقه اتنا بڙها اور بات اتني ڦيلهي ڪه ميري ڊرائيور ني، اور لوگون ني مجهي ڪهنا شروع ڪرديا ڪه شاهه جي هم سن سن ڪي تنگ آچڪي هين... مجهي لوگون ني بتايا ڪه فلان جگه جاتي هي.... مين ني دو گاڙيون مين اپني دوست احباب بٺائي اور فوراً اسلامي پارڪ ڪي طرف ڀاگا، هم ني بابا (دلال) ڪي مڪان ڪي ناڪه بندي ڪرلي، اس ڪي مڪان مين ايڪ سيڙهي اوپر ڪو جاتِي ٿي، مين اوپر چڙهنا شروع هوا، بڊها مجهي پڪڙ تو نهين سڪتا ٿا، بڊهي ني شور مچانا شروع ڪرديا، تاڪه نورجهان اور نذر سن ڪر اِدهر اُدهر هو جائين. اتني مين، مين اوپر پهنچ چڪا ٿا. وهان برآمدي مين پلنگ پر نذر اور نورجهان اِڪٺي ليٽي هوئي ٿي، اس وقت ميري پاس اگر پستول هوتا تو مين نورجهان اور نظر دونون ڪو گولي مار ديتا. يه مين اپني چشم ديد بتا رها هون. نظر گهبرا ڪي اُٺا اور ۲۵ فٽ ڪي بلندي سي نيچي ڪود گيا، وه نيچي گرا تو اس ڪا بازو ٽوٽ گيا.“
    ڪامريڊ جي چواڻي ته اهو واقعو نورجهان جي گهر ۾ ٿيو هو پر شوڪت حسين رضوي اکين ڏٺو شاهد ۽ نورجهان جو مڙس لکي ٿو ته اهو واقعو ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنهن ”دلال“ ۽ ڀڙوي جي اهڙي جاءِ تي ٿيو، جيڪو اهڙن ”مخصوص“ ڪمن لاءِ ”مختص“ هيو.
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ ۾ ”عام معلومات“ به لکي آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر طرفان ڏنل ”عام معلومات“ صفحي ۱۰۱ کان شروع ٿي، صفحي ۱۲۷ تي ختم ٿئي ٿي، جنهن جي صفحي ۱۲۵ تي ڀارت جي نامور گلوڪارا ۽ اداڪاره ”ثريا“ بابت جيڪا معلومات ڏني آهي، سا پڙهي ڏاڍي حيراني ٿي. ڇاڪاڻ ته اردو گانن، موسيقي ۽ فلمن سان واسطو رکندڙ يا فلمن جا شوقين ۽ عام معلومات ۾ دلچسپي رکندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته برصغير جي نامور اداڪاره ۽ گلوڪارا جو موت ڏاڍي ڪسمپرسي واري حالت ۾ هلندڙ سال جي جنوري مهيني جي ۳۱ تاريخ ۲۰۰۴ع تي ٿيو هو. ڪسمپرسي واري حالت ان ڪري، جو مائي ثريا سڄي عمر شادي نه ڪئي. ان ڪري سندس زندگيءَ جا آخري سال ڏاڍا انتهائي اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ وارا هئا. ثريا جي موت جي خبر نه رڳو هندستان ۽ پاڪستان جي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن تان نشر ڪئي وئي، پر بي بي سي سندس ياد ۾ پهرين فيبروري تي رات جو هڪ ريفرنس پڻ نشر ڪيو هو، پر ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جي مذڪوره صفحي ۱۲۵ تي مائي ثريا کي چند سال اڳ ۾ فوت ٿيل ڏيکاري ٿو. ڪامريڊ صاحب لکي ٿو:
    ”ڀارت جي نامور فلمي اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جي دوستي اداڪار شيام سان هئي. ثريا جي ناني کيس شيام سان شادي ڪرڻ نه ڏني. شيام ڪنهن فلم جي شوٽنگ ۾ گهوڙي تان ڪري پيو هو ۽ فوت ٿي ويو. ثريا هاڻي چند سال ٿيا ته فوت ٿي وئي.“ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب ۾ مهاڳ لکڻ جي تاريخ ۲۰-۰۷-۲۰۰۳ لکي آهي ۽ سندس ڪتاب جنوري ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿيو. ان حالت ۾ ڪامريڊ اهو ڪيئن لکيو آهي ته اداڪاره ثـريـا چـنـد سال ٿيا ته فوت ٿي وئي. جڏهن ته مائي ثريا جي موت جي تاريخ ۳۱ جنوري ۲۰۰۴ع آهي! ۽ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جـو مـهـاڳ گذريل سال جي جولاءِ مهيني جي ۲۰ تاريخ تي لکيو معنى ۲۰-۷-۲۰۰۳؟
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۶۱ تي لکي ٿو: ”صوبي سنڌ ۾ جيڪي وزيراعلى ٿيا آهن، تن ۾ سهڻي شڪل جا مير بنده علي ٽالپر ۽ يوسف هارون هئا. ٻيا ديڳ جي کرچڻ/کرڙ جهڙا هئا.“ جيڪڏهن ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي هن ڳالهه کي درست مڃئون ته ڇا سنڌ جي وزارت اعلى جي عهدي تي رهندڙ پيرزادو عبدالستار، قاضي فضل الله ۽ ممتاز علي ڀٽو صاحب رنگ جا ۽ منهن مهانڊن جا ڪوجها هئا؟ هونءَ به جسماني خوبصورتي ته عارضي شي هوندي آهي. اصل ۾ سٺي سيرت ۽ ڪردار کي جاوداني حاصل آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي؛ ”سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا آهن.“
    برصغير جي نامور عالم، اديب، دانشور ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جي باري ۾ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ورهاڱي کان اڳ سکر جي مشهور صحافي ۽ ايڊيٽر ويرو مل بيگراج جي دوست ۽ انديا جي مشهور اديب ۽ صحافي ۽ رياست اخبار جي ايڊيٽر سرڳواسي ديوان سنگھ مفتون جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۲۵ تي جيڪا ڳالهه لکي آهي، سا ديوان سنگھ مفتون جي شاهڪار ڪتاب ”ناقابل فراموش“ (پاڪستاني ايڊيشن ۱۹۷۵ع) جي صفحي ۶۱۷ تان کڻي ان ۾ ڦيرڦار ڪري لکي آهي. ڪامريڊ مير محمد ٽالپر صفحي ۲۷ تي لکي ٿو:
    ”ڪيڏي مهل سيڪريٽري محمد اجمل خان اندر آيو، تنهن چيو ته وزيراعظم جواهر لال نهروءَ جو فون آيو آهي. هو چوي ٿو ته آءٌ هن وقت مولانا صاحب سان ملڻ چاهيان ٿو. مولانا صاحب چيو ته نهروءَ کي چئو ته هن وقت آءٌ تمام گهڻو مشغول آهيان ۽ ۱۱ بجي اچي. اجمل خان ويو ۽ وري اندر اچي چيائين ته پنڊت نهرو صدر ڀارت راڌا ڪرشن ڏانهن وڃي رهيو آهي، پوءِ توهان وٽ ايندو. مولانا صاحب چيو ته تون صدر صاحب جي دفتر ۾ نهروءَ کي فون ڪري چئي ڇڏ، ته نه اچي. آءٌ مصروف آهيان. ديوان سنگهه ”مفتون“ کي خيال آيو ته متان وزيراعظم پنڊت نهرو اچي نه وڃي. ان ڪري سوچ ۾ هيس ته موڪلائي وڃان. آخر هٿ ٻڌي عرض ڪيم ته قبلا هاڻي مفتون موڪلائي ٿو ۽ هڪڙو عرض آهي ته اوهان پير آهيو، آءٌ توهان جو مريد ٿيان. مولانا صاحب مشڪي جواب ڏنو ته ديوان سنگهه! تون بابا گرو نانڪ جو مريد آهين. جيڪو هڪ الله پاڪ جو پوڄاري آهي، توکي ٻئي پير جي ضرورت نه آهي. چڱو خدا حافظ! ڪو وقت ملي وڃئي، ته مڙئي منهن ڏيکاريندو ڪر! مفتون صاحب جڏهن ٻاهر دروازي تي آيو، ڏسي ته جهنڊي سان سرڪاري گاڏي بيٺي آهي ۽ ان ۾ وزيراعظم نهرو ويٺو آهي. دروازي تي پوليس سنتري الرٽ بيٺو هو، تنهن وزيراعظم کي چيو ته مون کي مولانا صاحب کان حڪم مليو آهي ته پنڊت نهروءَ کي اندر اچڻ نه ڏجانءِ، جو آءٌ مصروف آهيان. اهو ٻڌي پنڊت نهرو واپس هليو ويو. مفتون چوي ٿو ته آءٌ هڪ ٽيڪسي ڪري پنهنجي اخبار جي دفتر ڏي روانو ٿيس ۽ دل ۾ چوندو ويس ته هاءِ هاءِ! مولانا آزاد ڪو وڏو قلندر صفت انسان آهي جو وزيراعظم کي به ڪونه پڇيائين. مون دل ۾ چيو ته اهڙي محترم انسان سان وري ملڻ ٿئي يا نه. هر شخص کي اهڙي عاقل، عالم ۽ بي ريا انسان جي نقش قدم تي هلڻ جي خدا توفيق عطا فرمائي.“
    ”رياست“ جي ايڊيٽر ۽ ”ناقابل فراموش“ جي مصنف ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي ۶۱۴ کان ۶۱۸ تائين مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ جو ذڪر خير ڪيو آهي، پر ديوان سنگھ مفتون ڪٿي به نه ٿو لکي ته ڪو هن (مفتون) مولانا آزاد کي چيو هو ته جيئن ته مولانا سيد آهي، ان ڪري مفتون سندس مريد ٿيڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ديوان سنگهه مفتون اهو لکي ٿو ته هو جيئن ئي مولانا آزاد جي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته هن ڏٺو ته دروازي تي سرڪاري جهنڊي سان هڪ ڪار بيٺي آهي، جنهن ۾ پنڊت جواهر لال نهرو وزيراعظم هند ويٺو آهي ۽ نه ئي دروازي تي بيٺل ڪنهن سنتري سپاهي جو ذڪر ڪري ٿو. جيئن ڪامريڊ مير محمد ٽالپر لکي ٿو ته دروازي تي پوليس سنتري الرٽ بيٺو هيو. تنهن وزيراعظم نهروءَ کي چيو ته مون کي مولانا آزاد صاحب کان حڪم مليو آهي ته وزيراعظم نهروءَ کي اندر اچڻ نه ڏجانءِ.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مولانا آزاد جهڙو شخص هندستان جي ڪنهن به صوبي مان شايد وري پيدا ٿئي ۽ وزيراعظم پنڊت نهرو، مولانا آزاد سان نه رڳو محبت ڪندو هو پر مولانا جي بيحد عقيدت جي حد تائين عزت ۽ احترام ڪندو هو. پر ايئن به ناهي ته پنڊت جواهر لال نهرو جڏهن مولانا سان ملڻ آيو ته هن سنتريءَ کي حڪم ڪري ڇڏيو هو ته خبردار پنڊت نهروءَ کي ڪنهن به حالت ۾ مولانا جي آفيس ۾ گهڙڻ نه ڏجانءِ!
    مولانا آزاد ۽ پنڊت نهروءَ جي مٿين ڳالهه نه ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي اکين ڏٺي آهي ۽ نه ڪنن ٻڌي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ديوان سنگهه ”مفتون“ جي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۾ لکيل آهي. ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ جي صفحي ۶۱۷ تي لکي ٿو؛ ”اڀي باتين هوئي ٿِين ڪه آپ ڪي سيڪريٽري محمد اجمل خان صاحب ڪمري مين داخل هوئي اور آپ ني ڪها ڪه پنڊت جواهر لال نهرو ڪا ٽيليفون آيا هي، وه دس بجي ملني ڪي لئي آ رهي هين. يه سن ڪر مولانه ني اجمل خان صاحب سي ڪها ڪه جواهر لال جي سي ڪهدو ڪه وه ۱۱ بجي آئين، مين اڀي باتين ڪر رها هون. مولانا ڪا جواب سن ڪر اجمل خان صاحب تو پنڊت جواهر لال نهرو ڪو ٽيليفون ڪرني چلي گئي اور مين حيران ڪه هندستان ڪا وزير تعليم، يهان ڪي وزيراعظم ڪو ڪهه رها هئي ڪه اڀي نه آئين وه اڀي باتين ڪر رهي هين. پر مين ني محسوس ڪيا تو يه خلاف توقع نهين، ڪيون ڪه پنڊت جواهر لال جِي مولانا ڪي ايسي هي عزت ڪرتي هين، جيسي ڪوئي شخص اپني بزرگون ڪي ڪرتا هي. مولانا ڀي پنڊت جِي ڪو اپنا عزيز سمجهتي هين. هم ني ڦر باتين شروع ڪي ٿين ڪه اجمل خان صاحب ڦر آئي، اور انهون ني بتايا ڪه پنڊت جي تو اپني ڪوٺي (بنگلي) سي چل چڪي هين اور پنڊت جي ڪي سيڪريٽري ني بتايا ڪه وه پهلي راڌا ڪرشن هندستان ڪي صدر ڪي هان جائين گي، اور وهان سي يهان تشريف لائين گي. يي سن ڪر مولانا ني ڪها ڪه راڌا ڪرشن جي ڪي هان فون ڪردو ڪه اڀي مين مصروف هون، وه ۱۱ بجي آئين. اس پر اجمل خان ني عرض ڪيا ڪه چند گز ڪي فاصلي پر راڌا ڪرشن جِي ڪِي ڪوٺي هي، پنڊت جي ۱۱ بجي تڪ ڪهان انتظار ڪرتي رهين گي؟ يه سن ڪر مولانا ني اپني جيب سي گهڙي نڪالي اور ديکا ڪه دس بجني مين اڀي دس منٽ باقي هين، چنڊ لمحي آپ ني سوچا اور ڪها ڪه اڇا آني دو، ڪيا حرج هي. مين ني جب يه ڪيفيت ديکِي تو مين کڙا هوگيا اور عرض ڪيا ڪه آپ بهت مصروف هين، اور پنڊت جي ڀي آ رهي هين، مجهي اجازت دِيجِيي، مين جانا چاهتا هون. اس پر آپ ني ڪها ڪه؛ نهين دس بجني مين دس منٽ باقي هين. ٿوڙي دير بيٺيي. ڦر باتين شروع هوئين، مگر مين محسوس ڪر رها ٿا ڪه ميرا بيٺنا مناسب نهين هي. پانچ منٽ گذري، مين ڦر کڙا هو گيا اور ڪها اجازت ديجيئي مين جا رها هون، پنڊت جي آتي هي هون گي. اس پر آپ ني ڪها اڇا جائين، مگر مجهي آپ سي اور ڀي باتين ڪرني هين، ڪسي روز ڦر آئيي، اور اجمل خان سي فون پر وقت مقرر ڪر ليجيي. مين ني سلام ڪيا اور ڪمري سي باهر آيا تو ديکها باهر سڙڪ پر دوڙ ڌوپ جاري هي. ڀنگي سڙڪ صاف ڪر رهي هين اور ڇهه سات پنڊت جي ڪي انتظار مين کڙي هين. مين اپني ٽيڪسي مين واپس اپني دفتر آگيا اور راستي مين سوچتا رها ڪه مولانا ڪا مرتبه اور پوزيشن ڪس قدر بلند هي ڪه آپ وزيراعظم سي ڀي ڪهه سڪتي هين ڪه اڀي فرصت نهين، ايڪ گهنٽا بعد آئيي.“
    پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ديوان سنگهه مفتون جي لکيل ڳالهه جو ڪيڏو نه سٺو ۽ سليس ترجمو ڪري پنهنجي طرفان اهو به لکي ڇڏيو ته ديوان سنگهه مفتون جڏهن مولانا آزاد جي ڪمري مان نڪتو ته دروازي تي ڪار ۾ انڊيا جو وزيراعظم منتظر هو! ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته ڪامريڊ مير محمد ٽالپر مٿين ڳالهه لکندي ديوان سنگهه مفتون جي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۽ صفحي جو حوالو به لکي ڇڏي ها!


    ٿوهر-هٿراڌو گُل

    ٿوهر-هٿراڌو گُل

    ادب جو تخليقي عمل، ادب جي مختلف صنفن ۾ ورهايل ٿئي ٿو. هر تخليقڪار پنهنجي ڪيفيت، تجربي ۽ مشاهدي جو مختلف نمونن سان ادب جي الڳ الڳ صنفن ۾ اظهار ڪري ٿو. ادب جي انگريزيءَ ۾ لغوي معنيٰ ”اکرن جي دنيا“ لکيل آهي. اڄ ڪلهه کوڙ سارو ادبُ سائنسي ادب، ڪلاسيڪل ادب، مذهبي ادب، ثقافتي ادب، سياسي ادب، تاثراتي ادب ۽ معلوماتي ادب جي نالي سان لکجي رهيو آهي.
    ڊاڪٽر فهميده نسرين چواڻي؛ ”هر قسم جو لکيل مواد، ادب ڪو نه هوندو آهي.“ اردوءَ جو مشهور ليکڪ سردار جعفري چوي ٿو؛ ”اخبار جي هر خبر، سياسي تبصرو يا مضمون ادب جو حصو ڪونه ٿئي ٿو.“ پر ڊبليو-ايڇ هڊسن جي چوڻي آهي؛ ”ادب مان مطلب اُهي ڪتاب آهن، جيڪي موضوع ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان عام دلچسپيءَ وارا هجن.“
    ان مطابق محترم محمد انور بلوچ جو ڪتاب ”ٿوهر ڳاڙها گُل“ مواد جي لحاظ کان ڏاڍو دلچسپ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ، مشهور سنڌي شاعر ۽ نثر نگار نصير مرزا لکيو آهي. محترم نصير مرزا ڪتاب جي مهاڳ کي، خط-نما جو نالو ڏيندي لکي ٿو: ”ڇا ته سرءُ جي مند ۾ خوشگوار تحفو آهي؛ هيءُ ڪتاب!“ محترم نصير مرزا، پنهنجي لکيل مهاڳ ۾، محترم انور بلوچ کي اڻ سڌيءَ طرح مرزا قليچ بيگ، راشدي برادران، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ شيخ اياز سان ڀيٽ ڏني آهي. مرزا قليچ بيگ يا راشدي برادران يا پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ شيخ اياز، ڪن ماڻهن/ليکڪن جيان پرايون لکڻيون/شيون کڻي/اُتاري/نقل ڪري ڪونه لکيون هيون. جڏهن ته محمد انور بلوچ جي هن ڪتاب ۾ آيل مواد، گهڻو تڻو، ٻين ڪتابن تان اڌارو ورتل ۽ چوري ٿيل آهي.
    اڄ کان ڏهه سال اڳ، فرنٽيئر پوسٽ پبليڪينشز لاهور طرفان ”مشرقي پاڪستان ڪِي اَن ڪَهِي داستان، پندره گورنر-پندره ڪهانيان“ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ٿيو هو. ڪتاب جو مصنف ميجر ايس جي جيلاني آهي، جيڪو اوڀر پاڪستان جي ۱۵ گورنرن جو لاڳيتو اي ڊي سي رهيو هو. ميجر جيلاني، پندرنهن گورنرن جي طبيعت، عادتن ۽ مزاج بابت تفصيل سان لکيو آهي. محترم انور بلوچ ”پندرنهن گورنر، پندرنهن ڪهانيان“ مان اوڀر پاڪستان جي هڪ گورنر ۽ پاڪستان جي آخري گورنر جنرل ۽ پهرئين صدر اسڪندر مرزا ۽ گورنر جسٽس شهاب الدين، جنرل اعظم خان، عبدالمنعم خان ۽ اوڀر پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعلى ۽ شيخ مجيب جي ذاتي دوست ابو حسين سرڪار بابت ميجر جيلاني جا ٻڌايل/لکيل واقعا کڻي، انهن کي سنڌي ويس وڳا پهرائي (سنڌي ترجمو) ۽ ڏاڍي مهارت سان پنهنجي طرفان به ڪي جملا ۽ الفاظ ٽنبيا آهن، ته جيئن اصلي ۽ نقلي جو فرق مٽجي وڃي. محترم انور بلوچ جي ڪتاب مان اهڙيون ڳالهيون کڻي انهن جي تڪ تور ڪجي ته هوند، ايترن صفحن جو هڪ ٻيو ڪتاب تيار ٿي سگهي ٿو. محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ ”ليکڪ پاران“ واري حصي/صفحن ۾ لکي ٿو: ”بهرحال ٿوهر ڳاڙها گُل ۾ پيش ڪيل ڳالهين ۾ منهنجي ذهني ڪاوش جو هجڻ گهٽ سهي (ڪتاب ۾ ته مواد پراڻو آهي، پوءِ ذهني ڪاوش ڇا معنى؟) پر اهو نئين نسل لاءِ ڪنهن به آئيني کان گهٽ ڪونهي.“ محترم انور بلوچ پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪري چوي ٿو ته سندس ڪتاب نئين نسل لاءِ آئيني برابر آهي. نه رڳو ڪتاب جي مهڙ ۾، پر ڪتاب جي اندرين صفحن ۾ به پنهنجي تعريف پاڻ ڪندي، پنهنجي ڪهاڻين مان پاڻ چونڊ ڪري، پاڻ کي داد ڏئي پاڻ ئي لکيو اٿس! پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪرڻ وارو عمل ڪيتري قدر پسند جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، ان لاءِ فارسي جي هڪ شاعر جو خيال آهي:
    ”ثناءِ خود بخود ڪردن نه زيبد مرد دانا را“
    (پنهنجي واکاڻ پاڻ ڪرڻ، هڪ سياڻي ماڻهوءَ کي نٿي جڳائي.)
    پر محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۹۶ تي پنهنجي تعريف پاڻ ڪندي لکي ٿو: ”پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ حد کان وڌيڪ نيڪيءَ جا ڪم ڪندي (ماشا الله) به منهنجي ڳوٺ جو هڪ پريو مڙس مون تي سدائين ڪاوڙيل هوندو آهي....“ محترم انور بلوچ جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺ جي بهبوديءَ ۽ ترقيءَ يا سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو آهي ته ان تي سائين ايترو نازان آهي جو پنهنجي ڪيل نيڪيءَ لاءِ پاڻ کان داد وٺي، پنهنجي قلم سان پنهنجي کاتي (ڪتاب) ۾ لکي ڇڏيائين، ته جيئن آئنده جي لاءِ هڪ ”سند“ رهي، ته هن سدائين نيڪيءَ جا ڪم ڪيا آهن. نيڪيءَ لاءِ ته سياڻن چيو آهي؛ ”نيڪي ڪري درياهه ۾ وجهه“. مهاتما گانڌي پنهنجي خودنوشت جي پهرئين صفحي تي لکيو آهي؛ ”منهنجي لاءِ عذاب آهي جو ماڻهو مون کي موهن جي بجاءِ مهاتما ڪري ڪوٺين ٿا، مان مهاتما ناهيان.“
    محترم انور بلوچ جي ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي محترم طارق عالم لکي ٿو: ”ڳوڙهي ڳالهه، بنا ڪنهن ڦند ڦير جي لکڻ جو فن، انور بلوچ جي قلم جو خاصو آهي. هو جنهن سادگيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ڳالهائي ٿو، جنهن شدت سان دوستن سان بي غرض محبت ڪري سگهڻ جي قوت رکي ٿو، اهڙي ئي شدت، سادگي ۽ ايمانداريءَ سان لکڻ جي قوت به اتم رکي ٿو.“ محترم انور بلوچ جي راءِ سان متفق ٿيڻ يا اختلاف کان هٽي ڪري آئون پڙهندڙن جي آڏو چند حوالا ڏئي فيصلو به معزز پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو، ته سائين انور بلوچ لکڻ ۾ ڪيتري سادگيءَ ۽ ايماندريءَ کان ڪم ورتو آهي.
    ميجر جيلاني، اسڪندر مرزا جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۸۷ تي لکي ٿو؛ ”هُو ڪڏهن ڪڏهن گدڙن جو شڪار ڪندو هو.“ محترم انور بلوچ اها ساڳي ڳالهه پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر ۸۷ تي ڄاڻائي ميجر جيلاني جي لکيل لفظ پهاڙيان جو ترجمو پهاڙي ڪيو آهي. جڏهن ته اردوءَ جي پهاڙيان کي اسان سنڌيءَ ۾ ٽڪريون چوندا آهيون. برصغير جي هڪ اهم سياستدان ۽ گڏيل پاڪستان جي هڪ اهم ليڊر، نيشنل عوامي پارٽي جي سربراهه مولانا ڀاشانيءَ کان ڪير واقف ناهي؟ مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جي ’گهيراؤ جلاؤ تحريڪ‘ ڪنهن کان وسري هوندي؟ پر اهو محترم انور بلوچ جي قلم جو ڪمال آهي، جو هو مولانا ڀاشانيءَ کي اوڀر پاڪستان جو هڪ مقامي ليڊر قرار ڏئي ٿو ۽ گڏيل پاڪستان جي آخري صدر يحى خان جي واتان مولانا ڀاشانيءَ لاءِ ”ملان“ جو لفظ چورائي ٿو. حالانڪ ميجر جيلانيءَ مطابق صدر يحى خان ”ملان“ جو لفظ استعمال ئي ڪونه ڪيو هو. نقليءَ تي اصلي جو ٺپو هڻڻ خاطر، محترم انور بلوچ پنهنجي طرفان ”ملان“ لفظ لکي ڇڏيو آهي. ”پندرنهن گورنر، پندرنهن ڪهانيان“ مان مولانا ڀاشانيءَ جي ڳالهه هوبهو کنئي اٿس!
    محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ اوڀر پاڪستان جي هڪ گورنر جسٽس شهاب الدين جي ڳالهه صفحي ۹۸ تي ڄاڻائي آهي، جيڪا اصلي ڪتاب جي صفحي ۴۵-۴۸ ۽ ۵۱ تان کنئي وئي آهي. جسٽس شهاب الدين پنهنجي زال سان ايتري شدت سان محبت ڪندو هو، جو ميجر جيلانيءَ پيش گوئي ڪئي هئي ته جيڪڏهن ٻنهي مان هڪڙو به اڳ ۾ مري ويو، ته ٻيو گهڻو وقت زنده رهي نه سگهندو ۽ ميجر جيلاني خود لکي ٿو؛ منهنجي اها پيشنگوئي حادثاتي طور تي سچ ثابت ٿي. جڏھن ته محترم انور بلوچ مٿين ڳالهه لکندي ميجر جيلاني کي به باءِ پاس ڪري ويو! ۽ سواءِ ڪنهن حوالي، نالي وٺڻ جي اها ڳالهه پنهنجي طرفان لکي ڇڏيائين ۽ ڪردار جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ مخصوص سٽون لکڻ واري ڳالهه به ميجر جيلانيءَ جي ڪتاب تان هوبهو کنئي وئي آهي.
    شيخ مجيب الرحمان جي ساٿيءَ ۽ اوڀر پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعليٰ جي ساڄي ٽنگ لوڏڻ واري عادت، جنهن هڪ آمريڪي عورت کي بيزار ڪري وڌو هو، ان لاءِ محترم انور بلوچ پنهنجي طرفان چند جملا لکي پوءِ ميجر جيلاني جي ڪتاب مان کنيل ڳالهه جو ترجمو ڪري ٿو. مثال طور: انور بلوچ لکي ٿو؛ ”چوندا آهن ته عادت بري هجي يا ڀلي پر عضوو بڻجي ويندي آ ۽ ڪني آڱر وڍي چڱي. اچو ته ان حوالي سان هڪ تاريخي ڳالهه ٻڌايانوَ.“ (صفحو ۱۰۵) محترم انور بلوچ، ابو حسين سرڪار جي ڳالهه ۾ پنهنجي طرفان وڌاءُ ڪندي لکي ٿو؛ اها آمريڪي عورت سفارتي عهدي تي فائز هئي. (انور بلوچ کي الائي ڪنهن ٻڌايو آهي ته اها آمريڪي عورت هروڀرو سفارتي عهدي تي فائز هئي.) (ص-۱۰۵) ۽ ابو حسين سرڪار جي ٽنگ لوڏڻ سبب ان ڊنر مان احتجاج طور اٿي وڃڻ لڳي هئي! ميجر جيلاني ته پنهنجي ڪتاب ۾ ان عورت جو احتجاج طور محفل/ڊنر مان اٿي وڃڻ جي ڳالهه ئي ڪونه لکي آهي. لڳي ته ائين ٿو ته اهو محترم انور علي بلوچ جو ذهني اختراع آهي. اوڀر پاڪستان جي گورنر ۽ ۱۹۵۸ع واري مارشل لا جي هڪ اهم ڪردار جنرل اعظم بابت به جنرل ڊبليو- اي- برڪيءَ وارا لفظ ته اعظم تون ڪهڙي ڪن کان سريلو ٻڌندو آهين.... واري ڳالهه ميجر جيلاني جي ڪتاب جي صفحي ۱۱۰ تان کنئي وئي آهي.
    محترم انور بلوچ جاپاني قونصل جنرل مسٽر تاڪانيڪا ۽ اوڀر پاڪستان جي گورنر عبدالمنعم واري ڳالهه لکي ٿو. جڏهن ته خود ميجر جيلاني لکي ٿو؛ ”يه دلچسپ واقعه ميري غير حاضري ۾ پيش آيا.“ يعني ميجر جيلاني به ٻڌل ڳالهه لکي ٿو، پر محترم انور بلوچ وڏي شد مد سان اُتاري، ”رڳو مشهور آ ته“ جا الفاظ واڌارو ڪري، اسان جي علم ۾ اضافو ڪيو آهي.
    ان کان علاوه شيخ مجيب الرحمان جي ۲۵ مارچ ۱۹۷۱ع تي گرفتاريءَ وقت پنهنجي قوم لاءِ چيل طنزيه جملا (اصلي ڪتاب جو صفحو ۱۷۸ ۽ ترجمو ۱۵۴) يا شاهه ايران جي مانَ ۾ ڪيل دعوت ۾ هڪ گويي بابت ايران جي بادشاهه جا الفاظ، ته ان ڪلام ۾ فارسي الفاظ ٽنبيا ويا آهن. (اصلي ڪتاب ص-۱۳۸ ۽ ترجمو ص-۱۵۶) يا اسماعيلي فرقي جي موجوده روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جو نيرن تي، سندس مُريد جي ڦوٽو ڪڍڻ جو واقعو (اصل ص- ۵۷ ۽ ترجمو ص- ۱۵۴) يا گڏيل پاڪستان جي بنگالي وزيراعظم محمد علي بوگره جا کوکرا پار (سنڌ سرحد) بابت ڏنل ريمارڪس (اصلي ص ۵۷ ۽ ترجمو ص ۱۶۵) يا گورنر عبدالمالڪ طرفان اُگهاڙا ۽ فحش ڪتاب گهرائي لڪي لڪي پڙهڻ (اصلي ص ۱۴۱ ۽ ترجمو ص ۱۲۲) يا ۱۲ نومبر ۱۹۷۰ع تي اڌ رات جو اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ سامونڊي طوفان، ٻوڏ ۽ موسميات کاتي جي نااهليءَ وارا واقعا هڙ جا هڙ، ميجر جيلانيءَ جي ڪتاب مان اُڌارا ورتل آهن. ايمانداريءَ جي تقاضا ته اها هئي يا ته محترم انور بلوچ ”پندره گورنر، پندره ڪهانيان“ ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري ها يا گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب جو نالو ۽ ان جي مصنف جو نالو ضرور ڏئي ها. انور بلوچ جهڙي ڪـهـاڻـيـڪـار لاءِ ائين پرائي محنت تي هٿ صاف ڪرڻ ڪجهه مناسب نٿو لڳي.
    محترم انور بلوچ پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۳۵ تي جناب ذوالفقارعلي ڀُٽي جي حوالي سان اردوءَ جي مشهور شاعر حبيب جالب جي هڪ شعر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ”.... مشهور آ ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شايد ايوب خان جي نادرشاهيءَ کان تنگ ٿي، ڀٽو صاحب جڏهن جرمنيءَ هليو ويو ته حبيب جالب ”وطن ڇوڙ ڪر نه جا“ نالي هڪ نظم لکي، ماڻهن کي موهي وڌو هو. محترم انور بلوچ چواڻيءَ ته جڏهن ڀٽو صاحب جرمنيءَ هليو ويو ته پوءِ حبيب جالب ڪنهن کي مخاطب ٿيندي شعر پڙهيو، ته وطن ڇوڙ ڪر نه جا؟ حقيقت اها آهي ته حبيب جالب اهو شعر لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ قائم، سنڌ جي هڪ سابق وزير اعليٰ قاضي فضل الله جي بنگلي جي پويان، ڪامرس ڪاليج نالي هڪ خانگي ڪاليج ۾ ٿيندڙ هڪ فنڪشن/مشاعري ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي کي صلاح ڏيندي پڙهيو هو. ان شعر جا ٻڌندڙ هزارين اکين ڏٺا شاهد اڄ به لاڙڪاڻي ۾ موجود آهن، پر حبيب جالب کي دعوت ڏئي گهرائيندڙ، ان وقت ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شعبي سياست جو ليڪچرار ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل ۽ لاڙڪاڻو سنگت ڪراچيءَ جو باني چيئرمين ۽ اردوءَ جو نامور شاعر جناب مسلم شميم، جنهن ان پروگرام جي ڪارروائي پڻ هلائي هئي، سو ڪراچيءَ ۾ اڃا خير سان حال حيات آهي. محترم انور بلوچ حبيب جالب جو شعر به غلط لکيو آهي. حبيب جالب، جناب ڀُٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي شعر پڙهيو:
    ”المانيه ڪي ڦول هين اگرچه هين دلفريب- اپني وطن ڪي سرو سمن ڇوڙ ڪي نه جا“. ان مشاعري/فنڪشن واري رات گذرڻ کان پوءِ، ورندڙ صبح جو حبيب جالب کي لاڙڪاڻي کان لاهور ويندي، روهڙي ريلوي اسٽيشن تان گرفتار ڪيو ويو هو.
    محترم انور بلوچ صفحي ۶۶ تي لاهور ۾ ٽريننگ دوران هڪ ٻروچ جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو هن سان ٻروچڪي ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. موٽ ۾ انور بلوچ چويس ٿو؛ ”سنڌ ۾ ٻروچ، قوم نه پر ذات آهي ۽ ذاتين جون الڳ الڳ ٻوليون به ٿينديون آهن.“ ڇا واقعي سنڌ ۾ ٻروچ قوم نه، پر ذات آهي ۽ مري، گوپانگ، کوسا، بروهي، مينگل ۽ ٻيا ساڳي ۽ هڪ ٻولي ڳالهائيندا آهن؟ باڊهه جا بروهي، دؤڙ نوابشاهه جا مري، ڪراچيءَ جا مڪراني، لاڙڪاڻي ۾ رهندڙ بروهي، زهري ۽ مينگل، جمالي ۽ کوسا سڀئي پاڻ کي هڪڙي ذات وارا سڏائيندا، ڪوٺائيندا ۽ سمجهندا آهن؟ ۽ انهن جي ٻولي الڳ الڳ نه آهي؟
    آمريڪا ۾ سکيا دوران ڪيليفورنيا رياست جي هڪ شهر بيڪرس فيلڊ جي علائقي مان نڪرڻ مهل محترم انور بلوچ جو مکاميلو هڪ پوڙهي عورت سان ٿئي ٿو، جنهن محترم انور بلوچ جي ننڍن ڦيٿن واري ڪاري ٿيلهي تي اڪن شڪن ٿي، هن جو پيڇو ڪيو. لاڙڪاڻي جي دوڪاندار ۽ گراهڪ جيان، انور بلوچ کان نه رڳو قيمت پڇي ٿي، پر قيمت به طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هر حالت ۾ انور بلوچ صاحب کان اهو ٿيلهو خريد ڪرڻ چاهي ٿي. (وڃ! آمريڪا ۾ چئبو ٿيلهن جي ايڏي کوٽ هئي.) آمريڪا ۽ يورپ مان گهمي موٽندڙ يا رهندڙ ماڻهو اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته اُتان جا ماڻهو ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ مداخلت ڪو نه ڪندا آهن ۽ نڪو اهو ڄاڻن ته وارو ڪر پئسا گهڻا؟ محترم انور بلوچ، مغل بادشاهه اورنگزيب جو ذڪر ڪندي، دارا کي ان جو ٻيو ڀاءُ قرار ڏيندي لکي ٿو؛ ”.... ان ئي اورنگزيب جڏهن پنهنجي ’ٻئي ڀاءُ‘ دارا جو ڪنڌ ڪپڻ جو حڪم ڏنو ۽ جلاد، بنا دير هن جو ڪنڌ ڪپي، رومال ۾ ويڙهي سندس اڳيان پيش ڪيو....“ دارا ته شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ ولي عهد هو، جنهن کي پنهنجو رقيب سمجهي اورنگزيب قتل ڪرايو هو. اهو ته اورنگزيب جو وڏو ڀاءُ هيو ۽ نڪي دارا جو سِر اورنگزيب جي آڏو پيش ڪيو ويو هو. دارا جو سر ته پنهنجي قيدي پيءُ شاهجهان ڏانهن ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي موڪلي ڏنو ويو هو ۽ شاهجهان خوش ٿي جڏهن ڍاڪونءَ جو پڙ کوليو هو ته پنهنجي ولي عهد ۽ شهزادي پٽ جو سر ڏسي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري چيو ته؛ ”يا الله ههڙا ڏينهن؟ واقعي تون بي نياز آن ۽ پوءِ ٻڍي شهنشاهه شاهجهان جو منهن وڃي ڍاڪونءَ سان لڳو، ۽ شاهجهان جا ڏند به ڀڄي پيا ها.“
    محترم انور بلوچ صفحي ۱۲۰ تي مغل بادشاهه اڪبر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو؛ ”.... ياد رک ته ڪن بادشاهن جي ته بري وقت ۾ ”قبر“ به ڪونه بچي آ، ڇا اڪبر بادشاهه جو مثال ان لاءِ ڪافي ناهي.“ جيڪڏهن انور بلوچ جي مٿينءَ لکيل ڳالهه تي کڻي ويساهه ڪجي ته اڪبر بادشاهه جي لاءِ اهڙو برو وقت به آيو جو ان جي قبر لاءِ هن روءِ زمين تي جاءِ ڪا نه بچي آ، ته آگره کان ۱۶ ڪلوميٽر جي فاصلي تي فتح پور سڪريءَ ۾ بانيءِ پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي طرز تي ٺهيل شاندار مقبرو، اڪبر بادشاهه جو ناهي ته پوءِ ڪنهن جو آ؟ ان مقبري جي تهه ۾ اڪبر بادشاهه جي ”قبر ناهي“ ته پوءِ سڄي برصغير جا تاريخدان هن وقت تائين چپ ۽ خاموش ڇو رهيا ۽ اهو ڇو نه لکيائون ته ان مقبريءَ ۾ ڪجهه به ڪونهي ۽ اڪبر بادشاهه جي قبر ڪٿي به ناهي؟!
    محترم انور بلوچ صفحي ۱۴۷ تي فارسيءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر ”حافظ شيرازيءَ“ جو هڪ مشهور شعر لکي، ان جي معنيٰ ۽ ترجمو غلط لکيو آهي. حافظ شيرازي جي شعر جي پوئين سٽ هن طرح آهي:
    بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا
    (محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا گهوري ڇڏيان ها.)
    پر محترم انور بلوچ حافظ شيرازيءَ کي فقط شيرازي ڪري لکيو آهي. نه رڳو حافظ ”شيرازي“ هو، پر محترم رسول بخش پليجي چواڻي؛ مشرق جو ڏاهو يعني شيخ سعدي به شيراز جو هو ۽ هن به ڪيترن شعرن ۾ شيرازي لفظ استعمال ڪيو آهي. محترم انور بلوچ حافظ جي شعر جي معنيٰ لکندي ڪاري تر جي بجاءِ ڳل تي چُگهه لکي ٿو. سائين انور صاحب لکي ٿو؛ ”مان سندس ڳل جي چُگهه تان سمرقند (ڪتاب ۾ ثمرقند لکيو اٿس) ۽ بخارا به قربان ڪري ڇڏيان ها. ڪاڏي محبوب جي ڳل تي ڪارو تر- ڪاڏي هٿراڌو معنيٰ ڳل تي چُگهه؟
    محترم انور بلوچ لکي ٿو؛ ”..... ٺڳ ماڻهوءَ جا به ڪي اصول ٿيندا آهن. ٺڳ هڪ ڀيرو ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٺڳي ڇڏي ڏيندو آ“. محترم انور بلوچ چواڻي ته ٺڳ هڪ ڀيرو ٺڳي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ٺڳي ڇڏي ڏيندو آهي. جي واقعي ايئن هجي ها ته پوءِ اسان جي سنڌ ۾ ٺڳيءَ جو نانءُ نشان ئي ختم هجي ها. هتي ته ڪيترائي ٺڳ پيا روز روز پڪڙجن ۽ ظاهر ٿين. ڇا انهن ٺڳي ڪرڻ ڇڏي ڏني آ؟
    محترم انور بلوچ مصر جي عياش بادشاهه، شاهه فاروق ڏانهن منسوب ڪندي لکي ٿو ته ”شاهه فاروق هڪ وار چيو.... دنيا ۾ فقط ڇهه بادشاهه وڃي رهندا، هڪ برطانيه جي راڻي، چار تاش جا بادشاهه ۽ ڇهون مان پاڻ.“ تاريخي حقيقت ته ڪجهه هن طرح آهي ته فرانس جي بادشاهه (نينگر) لوئي چوڏهين کي وندرائڻ لاءِ سندس استاد، ”تاش“ ايجاد ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ پيشنگوئي به ڪئي هئائين ته اڳتي هلي هن دنيا ۾ بادشاهي نظام ختم ٿي ويندو ۽ سڄي دنيا ۾ فقط پنج بادشاهه حڪومت ڪندا، جن مان چار منهن جا (تاش جا) ۽ هڪڙو برطانيه جو. جڏھن ته لوئي چوڏهين جي استاد، ”برطانيه جي راڻي“ ڪو نه چيو هو.
    محترم انور بلوچ پاڪستان جي هڪ سابق وزيراعظم حسين شهيد سهرورديءَ کي اوڀر بنگال جو ليڊر قرار ڏئي لکي ٿو؛ ”اوڀر بنگال جو ليڊر حسين شهيد سهروردي پنهنجي ساٿين سان ڳجها سياسي مسئلا اڪثر ”باٿ روم“ ۾ وڃي ڊسڪس ڪندو هو، جيڪا روايت ان جي سياسي جانشين، شيخ مجيب الرحمان برقرار رکي.“ ڇا مرحوم حسين شهيد سهروردي رڳو اوڀر بنگال جو ليڊر هو؟ مرحوم حسين شهيد سهروردي ته گڏيل بنگال يعني اولهه بنگال ۽ اوڀر بنگال جو ليڊر هو. هُو ڪلڪتي (اولهه بنگال) ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي هُو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو. اهڙي وڏي ۽ ذهين ليڊر کي اوڀر بنگال جو رهنما سڏڻ؟ لڳي ٿو ته محترم انور بلوچ جي دل ۾ بنگالين جي لاءِ ڪو وڏو ڀڀڙ موجود آهي ۽ هن جي دل ۾ ان آتشڪدي مان لفظن جي صورت ۾ چڻنگان نڪرنديون رهن ٿيون. مثال طور مولانا عبدالحميد ڀاشانيءَ جهڙي بلند پايه ليڊر ۽ حسين شهيد سهرورديءَ جهڙي ڄاڻو سياستدانن کي، جن جي هاڪ سڄي پاڪستان/هندوستان ۾ هئي، اڀرندي بنگال جو مقامي (لوڪل) ليڊر سڏڻ ڇا معنى؟ شيخ مجيب الرحمان جي لاءِ اهو لکڻ ته هو به پنهنجي ليڊر سهروردي وانگر باٿ روم ۾ مسئلا ڊسڪس ڪندو هو. ڪهڙي زمري ۾ اچن ٿا؟ محترم انور بلوچ کي الائي ڪنهن ٻڌايو آهي ته سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمان باٿ روم ۾ ويهي ڳالهائيندا هئا. تاريخي ڪردارن کي ايئن مسخ ڪرڻ ۽ انهن تي الزام هڻي انهن کي داغدار ڪرڻ، شيخ مجيب الرحمان لاءِ اهو لکڻ ته هو پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ بيتاب هيو. اهو سڀ زهريلي پروپيگنڊا جو نتيجو آهي. پير علي محمد راشديءَ ته اردو جي مشهور اخبار ”جنگ“ ۾ شيخ مجيب الرحمان جي دفاع ۾ ڊگهو ڪالم ”شيخ مجيب الرحمان پاڪستان توڙني پر بضد نهين ٿا“ جي نالي سان لکيو هو. مرحوم حسين شهيد سهروردي ۽ شيخ مجيب الرحمان نڪو بند ڪمرن ۾ ويهي ڳالهائيندا هيا ۽ نه ڪي باٿ روم ۾، پر اهي ٻئي خاص مسئلا ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل وڻ هيٺان بيهي ڊسڪس ڪندا هيا. اوڀر پاڪستان جي آخري مهينن ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ڍاڪا جي گورنر هائوس ۾ شيخ مجيب الرحمان سان مليو، تڏهن شيخ مرحوم، ڀُٽي صاحب کي استاد بخاريءَ جي لفظن ۾ چيو هو؛ ”هتي ڪَن اٿئي ڀتين کي ۽ جاسوس ٿي هوا“ ۽ پوءِ ڀُٽي صاحب کي ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺل هڪ وڻ هيٺ وٺي اچي ڳالهايائين.
    محترم انور بلوچ صفحي ۷۹ تي لکي ٿو؛ ”عشق صرف هڪ، پر معشوق ڪيئي هوندا آهن ۽ ڪنهن عشق تي فرشتا به ساڙ ڪن ٿا.“ ڪنهن به عشق تي الائي ڪهڙي فرشتي/فرشتن ساڙ ڪيو هو؟ فرشتا ته آسماني مخلوق آهن، جيڪي کائڻ پيئڻ ۽ انساني حواسن کان آزاد آهن، ته پوءِ انساني جبلت ”ساڙ“ انهن ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان آيو؟ يا فرشتن جي ساڙ جو ڪو هڪ اڌ مثال!؟ محترم انور بلوچ صفحي ۱۷۲ تي منافق جي تشريح ڪندي لکي ٿو؛ ”اي منافق! توکان ته اسان جي پاڙي جو ڪتو به چڱو آ، جو پٺ پويان حملو ڪرڻ بجاءِ سامهون ڀونڪي ٿو.“ ڪي ڪتا ڀونڪڻ کان سواءِ پٺيان اچي چڪ پائي زخمي ڪري ڇڏڻ سبب ”چور ڪتا“ سڏبا آهن. اها تشبيهه هيئن ٿي سگهي پئي ته چور ڪتو به منافق جيان آهي، پٺ پويان چوريءَ چڪ پائيندو آهي.
    محترم انور بلوچ صفحي ۷۳ تي لکي ٿو؛ ”قسمت جو آسرو ڪمزور ماڻهو ڪندا آهن. همت وارو ماڻهو تدبير سان پنهنجي تقدير سنواريندو آهي ۽ معزز ليکڪ هر هنڌ قسمت/تقدير جي بجاءِ تدبير جو قائل آهي، پر خود پاڻ ڪيترن جاين تي پنهنجي ڳالهين جي ترديد ڪري ٿو. مثال ابو حسين سرڪار کي بدقسمت لکڻ/سڏڻ. تدبيرون ته ڪيترن جاين تي ناڪام ويون آهن ۽ تقدير ماڻهن جو ساٿ ڏنو آهي. دنيا مثالن سان ڀريل آهي؟ ان معاملي ۾ ڇا چئجي؟
    محترم انور بلوچ پاڪستان جي پنجين صدر مرحوم فضل الاهيءَ بابت هڪ من گهڙت ۽ افواهه واري ڳالهه لکي ٿو؛ ”ڪنهن ايوان صدر جي ديوارن تي چاڪنگ ڪئي هئي ته ايوان صدر ۾ قيد فضل الاهي ڪو آزاد ڪرو!“ پاڪستان جي صدر جي آفيس ۽ رهائش گاهه يعني ايوان صدر لاڙڪاڻي، دادو، حيدرآباد، سکر يا شڪارپور ۽ نوابشاهه جون عام ديوارون يا ڪراچيءَ جي فيڊرل بِي ايريا واري يوسف پلازه جون ڀتيون ۽ ديوارون ته ڪو نه هيون، جن تي ڪجهه به لکڻ لاءِ هر ايري غيري، نٿو خيري کي ڪا به جهل پل ڪو نه هئي، جو برش کڻي صدارتي هائوس جي ڀرسان آيو ۽ چاڪنگ به ڪري ڇڏيائين ته؛ ”صدر فضل الاهي ڪو آزاد ڪرو.“ چاڪنگ ڪندڙ کي صدارتي هائوس جي ٻاهران بيـٺل ڪنهن به محافظ/گارڊ منع ڪونه ڪئي؟ هيءُ جملو يا ههڙا جملا جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي مخالفن قومي اتحاد ۾ شامل ماڻهن جا هيا، جن ڀُٽي صاحب جي ساک کي ڇيهو رسائڻ لاءِ گهڙيا هئا ته پاڪستان جي صدر فضل الاهي کان وڌيڪ طاقتور جناب ذوالفقار علي ڀٽو آهي. محترم انور بلوچ نه رڳو سٺو ڪهاڻيڪار آهي پر سنجيده ليکڪ به آهي ۽ سنڌين چواڻي هند سنڌ/آمريڪا گهميو ويٺو آهي، ان کي صدارتي هائوس هڪ عام جڳهه نظر آئي جنهن تي رولو ۽ آواره ماڻهو چاڪنگ ڪندا هئا؟!
    سنڌ ۾ نالن کي بگاڙڻ يا اڌ نالو وٺڻ عام آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ پرائمري اسڪولن جا هيڊ ماستر، مسلمانن جي ٻارن جا نالا، جنرل رجسٽر ۾ داخل ڪرڻ وقت بگاڙي لکندا هيا. جيئن عيدن خان يا محمد عيدن مان عيدو، عبدالمجيد مان مجو يا حاڪم مان حاڪو. اهڙا، بگڙيل نالن وارا، پراڻا جنرل رجسٽر اڄ به ڏسي/پڙهي سگهجن ٿا. لاڙ هجي يا اُتر، پر پنهنجو نالو ماڻهوءَ جي ڪمزوري هوندو آهي، چاهي ڪو اُچاريندڙ اڌ بگاڙي وٺي يا سڄو مڪمل وٺي، ماڻهوءَ جو ڌيان هڪدم ڇڪجي ويندو.
    مون کي ياد ٿو اچي ته جناب ذوالفقار علي ڀُٽي نئين ديري ۾ پنهنجي بنگلي ۾ عيد جي ڏينهن تي کُلي ڪچهري پئي ڪئي ته سنڌ جو هڪ بي ڊپو نقاد ۽ شاعر ذوالفقار راشدي ساڻس ملڻ آيو، ته ان وقت لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر کي سڏي ڀُٽي صاحب چيس؛ هن شخصيت کي سڃاڻين؟ جواب ۾ هن ”نه“ ڪئي، ته ڀُٽي صاحب کيس ڇينڀيندي چيو؛ ”هي منهنجو نالي ڀائي آهي ۽ تون کيس نه ٿو سڃاڻين، ته پوءِ منهنجي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيئن رهندين؟“ محترم انور بلوچ صفحي ۱۴۰ تي هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه لکي آهي؛ آچر نالي ماڻهوءَ کي انور صاحب سڏ ڪيو پر هن جي ڀر ۾ بيٺل هوندي به آچر ڪو جواب نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته آچر کي اها خبر ڪانه هئي ته هو آچر آهي. پر بقول انور صاحب جي، هو آچر آهي. محترم انور لکي ٿو؛ ”مون ڏٺو ته لاڙ جي اڪثر علائقن ۾ ماڻهو پنهنجو نالو اڌ ٻڌائيندا ۽ سڏائيندا هئا. جيئن منٺار مان منو، آچر مان آچو ۽ ڪريم بخش مان ڪَرُو. ايئن هڪ وار مون آچر نالي پنهنجي هڪ زيردست کي محمد آچر چئي سڏيو ته هن منهنجي ڀر ۾ بيٺل هوندي به ورندي نه ڏني ۽ مان سوچي رهيو هوس ته هيءَ به ڪيتري وڏيرڪي سازش هئي.“ سمجهه ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ بالا عملدار پنهنجي زيردست/هيٺئين ملازم/پٽيوالي کي جنهن جو نالو آچر هجي ۽ کيس سڏ ڪري ۽ هو جواب نه ڏئي؟ ڇو ته هو محمد آچر نه، پر آچو آهي؟ ڇا هيٺئين ملازم جو آفيس جي رڪارڊ ۾ به نالو ”آچو“ لکيل هيو؟
    ڇا لاڙڪاڻي ۾ (ڇاڪاڻ ته انور صاحب ضلع لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو) غوث بخش کي غوثو، ڪامل کي ڪامون، گل محمد کي گلو، نبي بخش کي نبو نه سڏيو ويندو آهي؟ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ته نالن کي عام طور بگاڙيو ويندو آهي. خود گهر جا ڀاتي ننڍڙن ٻارن جا نالا بگاڙي اُچاريندا آهن. ڇا اها به وڏيرڪي سازش هوندي؟ وڏيرن لاءِ ٻيون سازشون ئي کوڙ آهن، جنهن پيڙا ۾ عام شريف پيسجي رهيو آهي. عام سنڌين چواڻي؛ ابا وڏيرن ته شريفن جا ٽيئر اٿاري ڇڏيا آهن.
    مٿين اوڻاين جي باوجود به ڪي ڪي ڳالهيون حقيقت تي مبني آهن، جيڪي دل کي ڇهي وڃن ٿيون. مثال طور صفحي ۳۳ تي انور صاحب لکي ٿو؛ ”جذبن کان خالي لفظ پنهنجي جاءِ تي ڪابه معنى نه ٿا رکن، ايئن ڪنهن کي ٺلهو ”ادي“ چوڻ ڪابه اهميت نه ٿو رکي. جيستائين ان لاءِ ڪابه پاڪيزه سوچ نه هجي.“ محترم انور بلوچ هڪ ڪڙو سچ ۽ تلخ حقيقت لکي آهي. اڄ جي سنڌ ۾ واقعي ”ادي“ اهو لفظ آهي، جنهن جي ڪابه معنى ۽ مفهوم نه آهي. هڪ دفعي آءٌ ڪراچيءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ واري ڪينٽين ۾ ويٺو هيس. منهنجي ڀرسان سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ ٽيچر ويٺا هئا، جيڪي ڪراچيءَ ۾ ايس ايل ٽي سڏبا آهن. خوش گپين ۾ هڪ ٻئي سان بي ايڊ ڪاليج ۾ پڙهندڙ عورتن جو ذڪر ڪري رهيا هئا. جن مان الف، ب کي چيو ته ”هوءَ فلاڻي ڏاڍي سهڻي آهي.“ ”اڙي تون ته انهيءَ کي ادي چوندو آهين ۽ اڄ چوين ٿو ته منهنجي محبوبا آهي.“ جواب ۾ ”ب“ وڏا ٽهڪ ڏئي چيو ته ”اهوئي پهريون ۽ آخري حربو آهي، ڪنهن سهڻي عورت جي قريب اچڻ جو ۽ ان کي ”حاصل“ ڪرڻ جو.“ يا انور صاحب جو ساڳئي صفحي تي لکيل جملو؛ ”اگهاڙي حالت ۾ هلڻ عورت جي وڏي بي عزتي آهي“ يا ”ڪي ڪي ماڻهو ڏاڍا سهڻا ۽ پنهنجي سونهن جيترو ئي وڌيڪ من جا کوٽا هوندا آهن“ يا ”عورت جو ڍڪ سندس مڙس يا قبر هوندي آهي.“ هي جملا هڪ سنجيده ۽ حقيقت پسند پڙهندڙ لاءِ وڏي معنى ۽ ڪشش رکن ٿا. ڪٿي ورجاءُ به نظر اچي ٿو. مثال طور صفحي ۳۵ تي شينهن پاروٿو گوشت..... ۽ ساڳي ڳالهه صفحي ۱۱۱ تي لکيل آهي. هن ڪتاب جي مواد سان اختلاف رکي سگهجي ٿو، پر اظهار بيان واري دلچسپي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي!


    ”پهاڪن جي پاڙ“ تي وچٿري نظر

    ”پهاڪن جي پاڙ“ تي وچٿري نظر

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي مان جن اديبن پنهنجي لکڻين جي ذريعي نالو ڪمايو، منجهن هڪ نالو عبدالڪريم سنديلي مرحوم جو به آهي. مرحوم عبدالڪريم سنديلو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ تعلقي لب دريا/ڏوڪري (هاڻي باقراڻي) جي هڪ واهڻ محراب سنديلي ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي پرائمري ماستر ۽ پوءِ سنڌي پرائمري استادن جي تربيتي اداري ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچر ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي پهتو، جتان رٽائر ڪيائين. ڪجهه وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال به ٿي رهيو. سنديلي صاحب کوڙ سارا ڪتاب به لکيا جن ۾ ”تحقيق لغات سنڌي“، ”ڏهس نامو“ ۽ ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ قابل ذڪر آهن. ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ سندس پي ايڇ ڊي جو شايد موضوع به هو. سندس پي ايڇ ڊي جو نگران برصغير تائين شهرت رکندڙ عالم دين، اديب ۽ ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب هئا. سنديلي مرحوم جو هڪ ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ نالي سان آهي، جيڪو هن ۱۹۶۶ع ۾ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپرايو هو. هن ڪتاب تي سنڌ جي ٻن وڏين هستين جهڙوڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مخدوم طالب مولى جا رايا پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سڀ کان پهريون دفعو ۱۹۶۶ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاڪستان (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس مان ڇپيو هو، جنهن جو مالڪ لاڙڪاڻي جو هڪ صحافي محمد خان شيخ هو.
    ”پهاڪن جي پاڙ“ تي ”ٻه اکر“ خود مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي لکيا هئا. ”ٻه اکر“ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ”پهاڪن جي پاڙ“ تي بحث ڪري انهن سنڌي عالمن جا نالا کنيا آهن. جن جي ڪتابن مان مرحوم سنديلي صاحب بنيادي مواد کڻي لاڀ حاصل ڪيو هو، جن ۾ راءِ بهادر ڪوڙو مل چندن مل کلناڻيءَ جو ”سنڌي پهاڪا“ ۱۸۸۹ع، ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي جو ”گل شڪر“ سال ۱۸۶۹ع (ڊاڪٽر سنديلي صاحب پاڻ اهڙي ترتيب ڏئي لکيو آهي، يعني ۱۸۸۹ع جو ڪتاب اول ۽ ۱۸۶۹ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ٻي نمبر تي)، ٽيون ڪتاب سنڌي زبان جي محسن اعظم مرزا قليچ بيگ جو ”پهاڪن جي حڪمت“ ۱۹۲۶ع وارو، چوٿون ڪتاب ”گلقند“ جيڪو آنجهاني ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جو ۱۹۲۶ع وارو. پاڻ اڳتي هلي لکي ٿو ته ساڳئي مصنف جو ”پهاڪن جي پيڙهه“ پڻ شامل ٿيل آهي.
    ڊاڪٽر سنديلو، اڳتي هلي هڪ نامعلوم ماڻهو، جنهن جو نه پورو نالو لکيو اٿائين ۽ نه ذات، نه قوم نه رهائش، جو ٿورو مڃيندي لکي ٿو: ”جناب ز.م. جنهن خلوص نيت سان پنهنجا بيش بها ۽ قيمتي قلمي نسخا اڌ ڳالهائي ۾ پيش ڪيا، تنهن لاءِ بنده وٽ ڪي به لفظ ڪونه آهن، جن سان پوري طرح سان ڳڻ ڳائي سگهجن.“
    ڊاڪٽر سنديلي جا هڪ نامعلوم ماڻهو لاءِ اهڙا واکاڻ ڀريا جملا پڙهي، تجسس وڌيو ته آخر اهو ”ز.م.“ صاحب ڪير هو، جنهن جي شاندار ذاتي لائبرري ۾ اهڙا قلمي نسخا به موجود هئا، جيڪي ايترا بي بها ۽ قيمتي، ساڳئي وقت اڻ لڀ به هئا، پر ڊاڪٽر سنديلي کي هن اڌ ڳالهائي ۾ ڏئي ڇڏيا؟ راقم الحروف مسٽر ”ز.م.“ جي تلاش ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني جهونن علم و ادب جي شائقين سان به مليو پر هر هنڌان جواب مليو؛ ”الائي“!
    پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مرحوم، محمد خان شيخ، مالڪ پاڪستان پريس جا ٿورا مڃيا ۽ لکيو ته: ”محترم جناب محمد خان شيخ (مالڪ پاڪستان پريس) جو ازحد ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجو وڙ ڪري پريس کي ئي ڪتاب لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪم جلد ”ستڙ“ ٿي ويو. پريس جي عملي ميان غلام مصطفى خان، محمد عظيم انصاري ۽ محرم علي جا به مجرا نه وڃائبا جن اويل سويل ۾ پريس ۾ پئي ڪم ڪيو. آخر ۾ ڊاڪٽر سنديلي انهن ڪتابن جي ڳڻپ ڏني ۽ ڏيکاري آهي، جيڪي سندس مطالعي هيٺ رهيا يا بقول هن جي ته سندس نظر مان گذريا، جن ۾ فارسي جا ۵ ڪتاب، گجراتي جو هڪ ڪتاب، تلنگو (هي زبان حيدرآباد دکن جي ڀرپاسي ۾ مدراس جي وچ واري علائقن جي آبادي وارا ڳالهائيندا آهن)، اردو جا ۱۶ ڪتاب، سنڌي جا ۱۲ ڪتاب، انگريزي جا ٻه ڪتاب، جن ۾ هڪ Dictionary of Hindustani Proverbs, Banaras ۱۹۱۰ ۽ هسٽورين هسٽري آف سنڌ، سر ايليٽ، ڪلڪتو ۱۹۵۶ع ٻيو ڇاپو ۽ سنڌي قلمي نسخا ۳، پر انهن بابت ڪجهه به نه لکيو اٿائين ته اهي قلمي نسخا ڪنهن جي ملڪيت هئا؟ يا کين ڪيئن هٿ آيا؟ آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب سن اشاعت اسلم منزل ۰۱-۹-۱۹۶۶ لکيو آهي. هن ئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ ڊاڪٽر صاحب ساڳئي پريس پاڪستان پريس مان پهرين مارچ ۱۹۶۹ع تي شايع ڪرايو. ٻئي ڇاپي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ”ڇاپو ٻيو“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو:
    ”هن ڇاپي ۾ ڪجهه وڌيڪ مواد وڌايل آهي، جن سڄڻن پهاڪا ۽ رايا موڪليا آهن، تن جو ٿورائتو آهيان. سنديلو اسلم منزل نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو ۰۱-۳-۱۹۶۹“ اسلم منزل پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر پراڻي پاور هائوس ۾ هاڻي واپڊا جي آفيس آهي. خبر ناهي ته مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي الائي ڪهڙن دوستن نوان پهاڪا لکي موڪليا، جن جو پاڻ ٿورائتو ته ضرور آهي پر انهن جا نالا لکڻ، ڳڻڻ ۽ ڳڻائڻ ”ضروري“ نه سمجهيائين؟! هجڻ ته ائين کپندو هو ته مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اهڙن عالمن ۽ اديبن جا نالا لکي ڇڏي ها، ڇاڪاڻ ته اهڙا نوان پهاڪا، سندس جاکوڙ نه پر ”ٻين“ جي محنت جو نتيجو هيا، جن کي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏيو!
    هلندڙ سال جي سيپٽمبر مهيني جي ۲۹ تاريخ يعني اربع ڏهاڙي تي ملڪ جي معروف اخبار ”ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي مان علي اڪبر نالي ڪنهن دوست جو خط ”پهاڪن جي پاڙ“ جو مهاڳ ڪيڏانهن ويو؟“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. پنهنجي خط ۾ محترم علي اڪبر صاحب، ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ بابت مصنف جي ”ٻه اکر“ کي مهاڳ سڏي، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده سيڪريٽري انعام شيخ جي خلاف ڄڻ ته اڻ سڌي طور محاذ کڙو ڪندي، کيس پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته مرحوم سنديلي جو هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان پهريون ڀيرو ۱۹۸۹ع ۾ تڏهن ڇپيو هو، جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر سنڌ جو ڄاتل سڃاتل قلمڪار سائين حبيب الله صديقي صاحب هو ۽ نه انعام شيخ. ان حالت ۾ انعام شيخ جو ڪهڙو ڏوهه؟ سنڌي ادبي بورڊ جو ڪوبه سيڪريٽري پنهنجا اختيار استعمال ڪندي، پنهنجي مرضيءَ پٽ-اندر ڪوبه ڪتاب شايع نه ٿو ڪري سگهي. ڪتاب بابت هڪ خاص ميٽنگ ٿيندي آهي، جنهن ۾ بورڊ جا ميمبر ويهي ڪو فيصلو يا آخري ۽ حتمي راءِ ڏيندا آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل ۱۹۸۹ع واري ڇاپي جي مهڙ ۾ جناب حبيب الله صديقي جي راءِ پڙهي سگهجي ٿي، جنهن مان اندازو ٿي ويندو ته خود ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ان راءِ کان آگاهه ڪيو ويو هو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ سندس ڪتاب جي پهرين ايڊيشن (هُونءَ ٽيون ايڊيشن) ۾ سندس ”ٻه اکر“ شامل ڪو نه هوندو. حيرت ٿي ته محترم علي اڪبر (وارهه) کي ٻه اکر ۽ مهاڳ ۾ ڪو به فرق نظر نه آيو، جو ٻه اکر کي مهاڳ لکي ڇڏيائين، جڏهن ته مرحوم ڊاڪٽر عبدلڪريم سنديلي پاڻ ”ٻه اکر“ لکيا هئا، نه ڪ مهاڳ! جيئن محترم علي اڪبر لکي ٿو.
    محترم علي اڪبر (وارهه) پنهنجي خط ۾ لکي ٿو: ”هن وقت ڄاڻايل ڪتاب (پهاڪن جي پاڙ) سنڌي ادبي بورڊ پاران چوٿون دفعو ۲۰۰۴ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. تڏهن به ڪتاب جو مهاڳ نظر انداز ٿيل آهي. انعام شيخ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو هو، مون کيس خط لکي ان معاملي جي نشاندهي ڪرائي هئي ته توهان نوجوان ادب پرور اديب آهيو، اوهان ۾ وڏيون اُميدون آهن. ”پهاڪن جي پاڙ“ جي خارج ڪيل ”مهاڳ“ متعلق گذارش ڪئي هئم ته اوهان جڏهن به هن ڪتاب جو نئون ڇاپو ڇپيو ته مصنف طرفان لکيل ”مهاڳ“ ڪتاب ۾ درج ڪري پوءِ پڌرو ڪجو ته بهتر ٿيندو. اڄ جڏهن ڪتاب تي نظر پئي ته ڪتاب کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم پر ”مهاڳ“ ڏنو ئي نه ويو آهي. ان ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ڏک ۽ دلي صدمو پهتو آهي. جو منهنجي عرض کي اڻٻڌو ڪري ڪتاب مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. ڊاڪٽر سنديلي جو روح اڳ ۾ ئي رنجايو ويو آهي (مگر ڪيئن ۽ ڪڏهن؟) هن لائق محقق ڪيڏي محنت ۽ مشقت کان پوءِ ڪتاب تيار ڪيو هوندو. ان جي ”مهاڳ“ لکڻ ۾ به کيس وقت لڳو هوندو.“
    محترم علي اڪبر (وارهه) جنهن کي بار بار مهاڳ سڏي ۽ لکي ٿو سو ته اصل ۾ مصنف جا ”ٻه اکر“ لکيل آهن ۽ علي اڪبر پاڻ به خط ۾ مڃي ٿو ته اُهي ٻه اکر (مهاڳ) صرف ۱۴ صفحن جو آهي (سو به ڊيمي سائيز تي) ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جهڙي ليکڪ کي ٻه اکر سو به صرف ۱۴ صفحن تي لکڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳو هوندو؟ جو محترم علي اڪبر لکي ٿو ته ان ”مهاڳ“ لکڻ ۾ به کيس ”وقت“ لڳو هوندو. ڊاڪٽر سنديلي جي ”ٻه اکر“ ۾ سواءِ ڪتابن جي وچُور ڏيڻ جي ٻيو ڇا رکيو آهي؟ جيستائين علي اڪبر جي عرض کي مانائتي موٽ (مُحترم انعام شيخ جي طرفان) نه ملڻ جو سوال آهي ته ان سلسلي ۾ عرض ڪجي ٿو ته سائين ۱۹۸۱ع تائين سنڌي ٻارهين ڪلاس لازمي درسي ڪتاب ۾ سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر ”استاد بخاريءَ“ جو شاهڪار نظم ”پورهيت جو پگهر“ شامل هوندو هو، پر ۸۲-۱۹۸۱ع کان مذڪوره درسي ڪتاب مان اُستاد بخاريءَ جو نظم خارج ڪيو ويو ۽ اڄ تائين خارج ئي آهي. ان وچ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا ڪيترا چيئرمين بدليا ته ڇا اسين چيئرمين يا سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان سرڪاري طور ڇپرائيندڙ اداري کي ان ڳالهه جو ذميوار بڻائي انهن جي خلاف لکون ته فلاڻي چيئرمين جي دور ۾ ته استاد بخاريءَ جو شاهڪار نظم شامل هو پر فلاڻي جي دور ۾ جڏهن درسي ڪتاب شايع ٿيو ته ان ۾ استاد بخاريءَ جو نظم ئي ڪو نه هو. ڪتاب کي اُٿلائي پُٿلائي ڏسڻ مان ڇا ورندو؟ پاليسي ميڪرز جي ڏنل هدايتن موجب سرڪاري ڪتاب شايع ٿيندا آهن. مُحترم علي اڪبر وارهائي ته سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به منهنجي خيال ۾ ڪو نه آهي. سائين علي اڪبر کي گهربو هو ته هُو محترم انعام شيخ کي لکڻ بجاءِ سڌو سنئون بورڊ جي چيئرمين ۽ ميمبر کي خط لکي سندن ڌيان ڇڪائي ها يا روبرو انهن سان لهه وچڙ ۾ اچي ها.
    هاڻي اچو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب پهاڪن جي پاڙ تي به هڪ نظر وجهندا هلئون. پهاڪن جي پاڙ بابت سنديلي صاحب جيڪي حڪايتون، آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن، منجهانئن ته ڪيتريون اڻ ٺهڪندڙ ۽ سمجهه کان بالاتر آهن، جن تي اڳتي هلي بحث ڪبو، پر في الحال منڍ کي ٿا وٺئون. ڊاڪٽر مرحوم جن کي پهاڪو ڪري لکيو آهي سي ڪجهه پهاڪا ضرور آهن پر هڙئي نه. منجهانئن کوڙ ورجيسيون يا ورجيسي جملا ۽ چوڻيون آهن. پهاڪن، ورجيسين ۽ چوڻين بابت ججهو علم رکندڙ عالم محترم انجنيئر عبدالوهاب سهتو، پنهنجي ڪتاب ”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ جي مقدمي ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسين ۾ فرق کولي ٻڌايو آهي ته پهاڪي، چوڻي ۽ ورجيس ۾ ڪهڙو فرق، ڇو ۽ ڪيئن آهي؟
    ڊاڪٽر، پهاڪن جي پاڙ جي مُنڍ ۾ جيڪو پهاڪو ”آءٌ به ويندي پيڪين، مون به لهندي سڪ“ ڏنو آھي، سو پهاڪو نه پر ورجيس آهي. هيٺ ڪجهه ٻيا به مثال ڏجن ٿا:
    مثال-۱: اڇي ڏاڙهي اٽو خراب، کي ڊاڪٽر صاحب پهاڪو ڄاڻايو آهي حالانڪه هي به “پهاڪو” نه، پر ورجيس آهي.
    مثال-۲: اپڻا مال هي، روسون ڀي کائسون ڀي. هي به پهاڪو نه، پر ورجيس آهي.
    مثال-۳: تيسمار خان
    هاڻي پڙهندڙ پاڻ اندازو ڪن ته ”تيس مار خان“ سنڌيءَ جو لفظ آهي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو؟ تيس مار خان يعني ٽيهه ماريندڙ خان. هي پهاڪو ته نه، البته ورجيس ضرور آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ ڏاڍن سان پاند نه اٽڪائجي (ڪتاب جو صفحو ۴۱)، پڪي ماني ڇڏجي پر سنگت نه ڇڏجي (ڪتاب جو صفحو ۴۱)، پهاڪا نه، پر چوڻيون آهن. اهڙيءَ طرح ”پيروءَ وارا پنج سيپارا“ ڪتاب جو صفحو ۴۷، “پئسا ئي پاڻي ۾” ڪتاب جو صفحو ۴۷، ورجيسيون آهن ۽ نه پهاڪا، جيئن مرحوم سنديلي ڄاڻايا آهن. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي صفحي ۶۳ تي ”چانڊيا مگسي“ ۽ صفحي ۶۶ تي ”چور کي چون ته گھڙينس گهر ۾“ يا صفحي ۶۷ تي ”چور نه ته چاڪي ئي سهي“ ۽ ساڳئي صفحي تي ”چورن مٿان مور“ ۽ صفحي ۶۸ تي ”ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه“ يا صفحي ۷۰ تي ”هنود ڪاسائيءَ واري کڏ“ کي ڊاڪٽر سنديلي پهاڪا ڄاڻايا آهن جيڪي حقيقت ۾ پهاڪا نه، پر ورجيسيون آهن. ان کان سواءِ صفحي ۷۵ تي دلوراءِ جي نگري پڻ ورجيس آهي. يا ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۷۵ تي فارسي چوڻي کي پهاڪو ڪري لکيو آهي. فارسيءَ جي اها چوڻي هن طرح آهي:
    دراز ريش؛ خضر يا ابليس.
    اهڙيءَ طرح سنديلي مرحوم کوڙ سارن پهاڪن جو پس منظر به ڏاڍو عجيب ۽ غريب لکيو آهي. مثال ”اڍائي گهرن جو خير.“ سنڌ کان ٻاهر برصغير جي ٻين صوبن ۾ کڻي ايئن چوندا هجن ته اڍائي گهرن جو خير گهرجي، باقي ٻين جو حشر ڪهڙو به ٿئي ان ۾ اسان جو ڇا وڃي. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ ۾ مرد توڙي عورتون، دُعا گهرڻ مهل هن طرح جا جملا استعمال ڪندا هئا ته: ”يا الله- سڀ جو خير- هندو- مسلمين جو خير. اوڙي پاڙي جو خير!“
    مرحوم سنديلي جي تعريف ڪندي سنڌ جي هڪ سٺي شاعر مرحوم احمد خان ”آصف“ مصراڻي جيڪي شعر چيا، سي پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن. آصف مصراڻي چوي ٿو:
    ”مبـارڪ جـو حقـدار سنديلو صاحب،
    پهاڪن جي واضح ڪئي جنهن حقيقت“
    احمد خان آصف مصراڻي چواڻي ته، سنديلو صاحب مبارڪ جو حقدار آهي، جنهن پهاڪن جي حقيقت واضح يعني کولي نروار ڪري لکي آهي. سنديلي مرحوم پهاڪن جي حقيقتن جي وضاحت ڪيتري قدر سٺي ڪئي آهي، ان جو هڪڙو مثال ڏيڻ ڪافي سمجهان ٿو.
    ”پيٽ ۾ ڪوئا“ نالي ورجيس کي مرحوم سنديلو ”پهاڪو“ ڪوٺيندي ان جو پس منظر بيان ڪري لکيو آهي ته: (هي پهاڪو ڪتاب جي سنڌي ادبي بورڊ ٻئي ايڊيشن جي صفحي ۴۵ تي ۽ پهاڪو نمبر ۵۲ ڪري لکيل آهي) ”هڪڙي ماڻهوءَ کي هميشه پيٽ ۾ سُور رهندو هو. هڪ ڏينهن ان کان بيتاب ٿي بادشاهه وٽ لنگهي ويو ۽ وڃي عرض ڪيائين ته جهان پناهه، پنهنجي حڪيم کي حُڪم ڪريو ته مون کي پيٽ جي سُور جي اهڙي ڪا دوا ڏئي جو آئون هن عذاب جي جيئڻ کان مري وڃان. بادشاهه پنهنجي حڪيم کي هن غريب جي علاج لاءِ حڪم ڪيو. حڪيم اهو حڪم ٻڌي ٻه اڍائي سير ڀڳڙا گهرايا ۽ انهيءَ شخص کي حڪم ڪيائين ته هي ڀڳڙا کاءُ. هو جيترا گهڻي ۾ گهڻا کائي سگهيو، اوترا کاڌائين. ڀڳڙن کان پوءِ سخت اڃ‎ لڳس. حڪيم کي عرض ڪيائين ته؛ مون کي پاڻي پياريو. حڪيم کيس پاڻي ته ڪو نه پياريو، الٽو حڪم ڏنائين ته هن جون ٽنگون ۽ ٻانهون ٻڌي کيس وڻ ۾ اهڙي طرح لڙڪايو جو سندس ٽنگون مٿي ۽ ڪنڌ هيٺ ٿئي. هڪدم حڪم جي تعميل ڪئي وئي. سندس هيٺان هڪڙو ڪوٺار پاڻيءَ سان ڀريل رکايو ويو. لڙڪڻ شرط گهڻي خُشڪي ۽ اڃ سبب ان غريب جو وات ڦاٽي ويو. هيٺان پاڻي ڏسي، سندس وات مان هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڪوئا، پاڻيءَ جي ڪوٺـار ۾ ٽپي پيا. ڪوئن جو پيٽ مان نڪرڻ ۽ سندس پيٽ جو درد دفع ٿي وڃڻ. بادشاهه پڇيس ته؛ ”توکي ڪيئن خبر پئي ته هن جي پيٽ ۾ ڪوئا آهن؟“ حڪيم عرض ڪيو؛ ”سائين آئون پاڻ هن وانگر ڪاٺير هئس. روزانو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري گهر موٽندو هئس. هڪ دفعي ڪاٺيون ڪري سج بيٺي گهر آيس. پاڻي پيئڻ جي خيال سان گهڙامنجيءَ ڏانهن وڌيس. ڏسان ته ننڍڙا ڪوئا، دلن جي ڪنارن تي ويٺا آهن. جيڪڏهن اوندهه هجي ها ته ضرور پاڻي پي وڃان هان ۽ ڪوئا پيٽ ۾ داخل ٿي وڃن ها. هاڻي جڏهن ته هي ڪاٺير آهي، تڏهن مون کي يقين ٿيو ته هي ڪنهن ڏينهن دير سان گهر آيو آهي ۽ پاڻيءَ سان گڏ ننڍڙا ڪوئا به ڳهي ويو آهي.“ وري بادشاهه پڇيس ته؛ ”مريض کي ڀڳڙا ڇو کارائيئي؟“ عرض ڪيائين ته؛ ”ڀڳڙا مريض کي ان ڪري کارايم ته جيئن کيس اکين جو ڍاءُ هجي.“ بادشاهه حڪيم جي حڪمت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس ججهو انعام ڏنائين.
    مرحوم عبدالڪريم سنديلي مٿئين پهاڪي، جيڪا اصل ۾ ورجيس آهي جو جيڪو پس منظر لکيو آهي، ان کي عقل سليم قبول به ڪري ٿو يا نه؟ ڀلي اوندهه هجي پر اهو ڪيئن ممڪن آهي جو هڪ انسان جي نڙي مان/ ڪاڪڙي مان هڪ يا ٻه يا ٽي ڪوئا آرام سان داخل ٿي وڃن! هي پس منظر ته هٿ جو گهڙيل ٿو ڏسجي، جنهن جو نه منهن، نه مٿو ۽ نه پڇ! انساني پيٽ ۾ ڪوئا زندهه به رهيا ۽ انساني پيٽ اندر نازڪ عضون؛ جيري، جگر، هنيانءَ، بڪين، ڦڦڙن ۽ آنڊن کي ڪوئن ڪجهه به نه ڪيو؟ ۽ اهي آرام سان هڪ انسان جي پيٽ اندر ڊوڙون پائڻ ۾ مشغول رهيا.
    مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ته خير سان هڪ سائنس ڪاليج جو پرنسپال به هو يا پاڻ ڪو اونداهي کنڊ ۾ رهائش پذير ڪونه هو، جو اهڙي هٿ ٺوڪي ۽ غير سائنسي ڳالهه لکي، پڙهندڙن کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. فرض ڪجي ته سنڌيءَ جو ڪو اديب مرحوم سنديلي جي هن ڪتاب جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو ۽ اهو ڪتاب شايع ٿي وڃي ٿو ته اردو جا اديب ۽ پڙهندڙ اسان جي سنديلي صاحب جهڙن عالمن، اديبن ۽ ڏاهن بابت ڪهڙي راءِ قائم ڪندا. اھا ته سنڌين جا اديب جيڪي پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون به رکندا آهن، انهن جي عام معلومات جو عالم اهو آهي جو زندهه ڪوئا ڪنهن انساني پيٽ ۾ داخل ٿيندي ڏيکارن، جيڪي مهينن تائين هڪ زندهه انسان جي پيٽ ۾ ڊوڙون پائيندا وتن. خبر ناهي ته مرحوم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جو خيال ڇا هوندو، جڏهن ڪنهن سندن سامهون اچي چيو هوندو ته؛ ”هن کي پيٽ ۾ پوليس آهي يا فلاڻي کي مغز ۾ اٺ آهي“، ته منهنجي خيال ۾ سنديلو صاحب، پنهنجي پهاڪي جي پس منظر کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ ان ماڻهو جي پيٽ ۾ پوليس به داخل ڪري سگهي ها ۽ فلاڻي جي مغز ۾ اٺ کي به ٽپائي ڇڏي ها. هيءَ ته عام سوچ جي ڳالهه آهي ته ڪي شعر، ڪي سٽون، ڪي ورجيسيون، ڪي پهاڪا، ڪي چوڻيون علامتي ٿين ٿا. اهڃاڻ مان اندازو ٿي وڃي ٿو ته اهي علامتي اهڃاڻ آهن. ڀلا سنڌي ۾ چوندا آهن ته؛ ”پرائو ٽٽ ڪنهن پنهنجي ڳئيءَ ۾ وڌو آهي.“ ته ڇا اھو مـمڪن آهي؟ ھڪ جو ريحُ (ٽٽ) ٻئي جي ڳئيءَ ۾ ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿو؟
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ (جنهن جون پاڙون گهڻي قدر ڪمزور آهن) ۾ ڪل پهاڪن جو تعداد ۵۲ (ٻاونجاهه) آهي. جڏهن ته ورجيسيون ۳۰ ۽ ورجيسي جملا ۱۰، چوڻيون ۳۱ آهن. حيرت آهي ته سنديلي صاحب کي اها خبر ئي ڪا نه پئي ۽ ڪتاب جو نالو ”پهاڪن جي پاڙ“ لکي ۽ رکي ڇڏيائين.


    ”خيمي ۾ شام“ جا ڪجهه منظر

    ”خيمي ۾ شام“ جا ڪجهه منظر

    ادب جي هڪ صنف رپورتاز (Reportage) به آهي. رپورتاز اصل ۾ فرانسيسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جتان منزلون طئي ڪندو، مشرقي ٻولين تائين پهچندي پهچندي اهڙي جاءِ والاري ويٺو آهي جو ڄڻ ته مشرقي ٻوليون سندس موجد هيون/آهن. جڏهن ته هن صنف جو موجد مغرب ئي آهي، پر هن کي فروغ ۽ ترقي مشرق ۾ ملي. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا ۽ نيو اسٽينڊرڊ انسائيڪلوپيڊيا (برطانيا) يا انگريزي ادب جي ٻين ڪيترن ئي معتبر ڪتابن ۾ يا معروف لغتن توڙي ادب جي نثري تاريخ ۾ رپورتاز جو ڪٿي به ذڪر ٿيل ڪونهي.
    ڊيوڊ گرامبس پنهنجي مشهور ڪتاب “Literacy Companion Dictionary-۱۹۸۴” جي صفحي ۳۱۳ تيWords about words تحت رپورتاز جي تشريح ڪندي لکي ٿو:
    “The reporting of news, factual topical writing that comes from direct observations or documentable events or situations, news writing story.”
    اردوءَ جي مشهور اديبه ڊاڪٽر صبيحه انور پنهنجي ڪتاب ”اردو مين خود نوشت سوانح حيات“ (فخرالدين ميموريل ڪاميٽي لکنو انديا ۱۹۸۲ع) جي صفحي ۶۰ تي رپورتاز بابت لکي ٿي:
    ”رپورتازنگار ڪو يه آزادي بهرحال هوتي هي ڪه وه واقعات ڪا بيان ڪرني ڪي ساٿ ان جذبات ڪو ڀي سميٽ لي، جن پر عام طور سي لوگون ڪي نظر نهين گئي.“
    گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج خانيوال (پنجاب) جي شعبي اردوءَ جو پروفيسر ۽ اردو جو مشهور ليکڪ ڊاڪٽر امتياز حسين بلوچ پنهنجي هڪ مضمون ”رپورتاز-فن اور روايت“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو: ”رپورتاز ڪي فن ڪا بنيادي تقاضا يه هي ڪِ ان واقعات ڪي بيان ۾ صحت واقعات ڪو بهت اهميت دي جائي. جوٺي، من گهڙت، خود ساخته اور لغو قصي ڪهانيان رپورتاز ڪا حصا نهين بن سڪتي. اپني فني ٽيڪنڪ اور برتائو ڪي اعتبار سي يه بهت ”انوکي“ اور ”اولڙي“ صنف نثر هي. ايڪ خبر، حادثي، بلوي، تقريب، ڪانفرنس، سفر اور واقعي ڪو بنياد بنا ڪر اسي لکا جاتا هي.“
    هڪ ٻيو اديب، نورالحسن نقوي رپورتازنگاري جي باري ۾ لکي ٿو: ”ڪسي واقعي ڪي خبر يا رپورٽ اس طرح تيار ڪي جائي ڪه اس مين افساني ڪا انداز پيدا هوجائي يا اس مين مصنف ڪي شخصيت جهلڪ اٺي تو يه هي رپورتاز هي.“
    وڏن ڄاڻو اديبن ۽ عالمن جي ڏنل ۽ لکيل تشريح کي نظر ۾ رکندي (سواءِ صحت بياني جي، جيئن ڊاڪٽر امتياز حسين بلوچ لکي ٿو؛ رپورتاز جي خاص اهميت ”صحت بياني“ آهي. جڏھن ته خيمي ۾ شام منجھ ذڪر ڪيل واقعا صحت جي لحاظ کان بيمار آهن.) ڏسجي ته محترم نصير مرزا جو لکيل ڪتاب خيمي ۾ شام رپورتاز جي هوبهو شڪل آهي!؟ هن ڪتاب ۾ ٻه مهاڳ ڏنل/لکيل آهن. هڪ ليکڪ جي امان سانئڻ مانواري شريف النساءِ جو، ٻيو خود صاحب ڪتاب محترم نصير مرزا جو؛ جيڪو ”کيرٿر ياترا“ نالو ڏئي ڪتاب جو مواد/متن شروع ڪري ٿو. ”کيرٿر ياترا“ کان اڳ به هڪ مهاڳ ”ملفوظات“ جي نالي سان آهي، جيڪو نصير مرزا گرجستانيءَ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ٻنهي مهاڳن جي ابتدا هنن جملن سان ٿئي ٿي؛ وچ ۾ ٻڙيون ٻڙيون به ليکڪ طرفان ڏنل آهن: ”اسلام عليڪم .... سامعين و قارئين.... حاضرين و غائبين.... اهل دنيا و اهل القبور“!
    مان سمجهان ٿو ته گذريل ويهين صديءَ، جنهن جي آخر ۾ ڪتاب لکيل آهي ۽ هلندڙ نئين ايڪيهين صدي، جنهن ۾ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جو اهو پهريون ۽ انوکو يا سڪيلڌو مثال آهي ته ڪو (دنيا جو) دنيوي ڪتاب، زندهه انسانن يا زندهه پڙهيل انسانن کان سواءِ مري ويل پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل انسانن لاءِ به آهي! خاص ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي هيءَ به آهي ته ڪتاب نه رڳو قارئين لاءِ آهي پر غائب مخلوق لاءِ پڻ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته خود ليکڪ مخاطب ٿيندي چوي ٿو: ”حاضرين و غائبين...؟!!“
    ڪتاب جي صفحي ۲۷ تي محترم نصير مرزا لکي ٿو:
    ”ڏٺو وڃي ته هر ماڻهوءَ جو ڪونه ڪو مذهب ضرور هوندو آهي. مثال طور جيئن مان آرپار شيعو آهيان.“ جڏھن ته شيعو عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى؛ ٽولو آهي. مسلمانن جا جيڪي فرقا، مسلڪ يا مڪتبه فڪر آهن، انهن منجهه سني، بريلوي، ديوبندي، شيعا ۽ اهلحديث آهن. ايئن جيئن هندن ۾ راڌا سوامي يا عيسائين ۾ پروٽيسٽنٽ يا ڪيٿولڪ وغيرھ. مخصوص سوچ کان هٽي ڪري، تنگ نظري ۽ تنگ دلي کان پاسو ڪري، اڻ-ڌُري راءِ ڏجي ته پو شيعو ڪنهن مذهب جو نالو نه آهي.
    سنڌ ۾ جڏهن پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلائون انٽر جي امتحان ۾ رکيل مارڪن سان ملنديون هيون، تڏهن ڪاليجن ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ نيشنل ڪئڊٽ ڪور عرف عامه ۾ اين سي سي جي ٽريننگ ڪندڙن کي ۲۰ مارڪون ڏنيون وينديون هيون. فوجي نظام تحت انهن وانگر اين سي سي جي شاگردن جي سالياني پاسنگ آئوٽ پريڊ به ڪاليجن ۾ ٿيندي هئي. محترم نصير مرزا اين سي سي جي ويهن مارڪن کي ۱۰ مارڪون ڄاڻائي اين سي سي جي سکيا حاصل ڪندڙ شاگردن تي طنز، ٽوڪ ۽ چٿر ڪندي صفحي ۴۱ تي لکي ٿو:
    ”يا خدا!!“ مان دل ۾ چوان ٿو؛ ”هي گڊ آهن يا NCC جا شاگرد، جيڪي صبح سان ڊريسون پائي، ڪاليج گرائونڊ ۾ گڏ ٿي ڏهن مارڪن جي آسري تي ٽنگون ۽ پير پيا هيڏانهن هوڏانهن ڪندا هئا.“ پر ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته جيڪي شاگرد ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿيا، تن سڀني کي ان اين سي سي جي سکيا وڏو ڪم ڏنو.
    اسان سنڌي وهنجڻ يا تڙ ڪرڻ کي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان وهنجڻ وٺڻ ڪونه چوندا آهيون. وهنجڻ به وٺبو آهي ڇا؟ محترم نصير مرزا ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سٺو ۽ بهترين ليکڪ آهي. پنهنجي منفرد اسٽائيل جي ڪري هو سنڌي ادب ۽ شاعري پڙهندڙن ۾ مقبول پڻ آهي. کيس گهٽ ۾ گهٽ، اها ڄاڻ هئڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ وٺڻ ڪٿي، ڪڏهن ۽ ڪهڙي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. مثال ڪا شيءِ وٺڻ، داخلا وٺڻ يا پلئه وٺڻ ۽ بدلو يا انتقام وٺڻ، پر محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۳۶ تي اسان جي ڀاڄائي محترمه دردانه بيگم کي خط لکي ٿو: ”.... بس بيگم صاحبه! مون هيءُ خط ڪرچات سينٽر جي لان ۾ ڪرسيءَ تي ويهي سوچڻ شروع ڪيو هو ۽ هاڻي پنهنجي رهائش لاءِ مقرر (Chinkara Cottage) مان باٿ وٺي جلدي جلدي ڪرچات سينٽر جي هال ڏانهن پيو وڃان.“ انگريزيءَ ۾ وهنجڻ کي چئبو آهي؛ ”ٽه ٽيڪ باٿ“. ان جو ترجمو سائين نصير مرزا، اڌ لوهه جو، اڌ ڪاٺ جو ڪندي لکي ٿو: ”مان چنڪارا ڪاٽيج مان باٿ وٺي پيو وڃان.“
    ڀٽائيءَ جي هڪ سورميءَ ۽ سنڌ جي لاثاني ڪردار مارئي واري کوهه جي منظرنگاري ڪندي، محترم نصير مرزا ڪتاب جي صفحي ۱۲۴ تي لکي ٿو:
    ”.... ڊرائيور جيپ مارئي جي کوهه وٽ اچي بيهاري، مارئي جي کوهه کي هٿ لائڻ، ان کي اکين سان چمڻ ۽ درشن ڪرڻ لاءِ اتاولا ٿي، هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا جيپ مان ائين انڌاڌنڌ لهئون ٿا، ڄڻ اهو کوهه خدانخواسته اتان ڪو هليو ٿي ويو. هيءُ کوهه ڀالواءِ ڳوٺ کان ڏيڍ ميل پنڌ تي هيو. کوهه ته لٽجي چڪو هو، صرف نالي ماتر کوهه جا آثار هئا.... ٻن پهرن جا ڪي اڍائي کن ٿيا هوندا. الائجي ڪهڙي جذبي ۽ موڊ سان مارئي جي کوهه ۾ منهن وجهي، وٺي سڏ ڪريان.... مارئي .... مارئي .... مارئي .... پوءِ ان ايڪٽوٽي ۾ بلاول، بخشڻ ۽ غلام محمد ميجر به جنبي ٿا وڃن. مڄاڻ ته اک ڇنڀ ۾ ماحول ڄڻ پراسرار بڻجي ويو. ان سان ڀالواءِ جي ڍڳن ۽ ڍڳين ۾ اهڙو اچي ٽاهه پيو جو ....“
    محترم نصير مرزا پاڻ چوي ٿو؛ کوهه ته لٽجي چڪو هيو ۽ نالي ماتر کوهه جا آثار هيا. پوءِ محترم نصير مرزا ڪهڙي کوهه ۾ منهن وجهي وٺي مارئي، مارئي، مارئي ڪيو جو سندس ٻيا دوست به ان ۾ جنبي ويا ۽ ماحول هڪدم پراسرار ٿي پيو ۽ سندن آواز جي ايڏي گونج ۽ پڙاڏو ٿيو جو اچي مال ۾ ٽاهه پيو!؟ مٽيءَ سان ڀريل ۽ ڏٽيل کوهه جي مٿان بيهي ته ضرور سگهجي ٿو پر جڏهن اهو مارئي واري کوهه جو منهن به ڏٽجي چڪو هيو ته پوءِ کوهه جي منهن مان ڇا مطلب؟ ڇا معنى؟
    هڪ ڀيري سنڌ جي يگاني شاعر استاد بخاريءَ سان دادوءَ جي موجوده بس اسٽينڊ کان ٿورو پرڀرو هڪ نئين هوٽل (ان زماني ۾ دادو جي موجوده بس اسٽيڊ جو ترقياتي ڪم شروع ٿي چڪو هو) ۾ ويٺا هئاسين. مون استاد بخاريءَ کان پڇيو؛ بخاري صاحب! توهان پنهنجي عمر آهر ۽ وسيع تجربي مان اهو ٻڌايو ته هن دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ مٺي ۽ پياري شيءِ ڪهڙي آهي؟
    جواب ۾ چيو هئائين؛ ”صحت سان ٽُٻ زندگي.“
    ٿر جي هڪ سٺي ساک رکندڙ شخص، نهالچند جي نالي ۽ سندس رفاحي ڪمن واري هاڪ کان ڪير واقف ناهي؟ اردوءَ جي هڪ اديب ۽ مزاح نگار محمد خالد اختر ياترا جي نالي سان ٿر جو سفرنامو لکيو هو. ياترا نالي هي ڪتاب ۱۹۷۹ع ۾ قوسين پبلشر لاهور طرفان پهريون دفعو شايع ٿيو هو. محمد خالد اختر هن ڪتاب ۾ ٻه سفرناما ڏنا. سندس پهريون سفر نئون ڪوٽ کان شروع ٿئي ٿو. محمد خالد اختر سان هن سفر ۾ ضيا نالي ماڻهو به گڏ آهي. کيس اسلام ڪوٽ ۾ ترقياتي ۽ فلاحي ڪمن جي حوالي سان اتان جي ٽائون ڪاميٽي جي ۱۵ سال مسلسل چيئرمين رهندڙ شخص سان ملايو وڃي ٿو. اختر خالد به ٿر جي سفر کي ياترا لکي ٿو ۽ نصير مرزا به پنهنجي ٿر جي سفرنامي کي ٿر ياترا جو نالو ڏئي ٿو! چوندا آهن ته اديب، شاعر ۽ ليکڪ ڏاڍا نفيس، نرم ۽ زود حس هوندا آهن. هو ڪنهن ست ڌارئي تي به خنجر جو وار ۽ ٺٺولي يا چٿر برداشت ڪونه ڪري سگهندا آهن، پر مرحوم محمد خالد اختر ۽ نصير مرزا، اديب ۽ ليکڪ هوندي به سواءِ ڪنهن تڪليف پهچڻ جي، سواءِ ڪنهن رنج ملڻ ۽ ڪنهن ڏوهه گناهه جي پنهنجن پنهنجن سفرنامن ۾ اسلام ڪوٽ جي هن ٻڍڙي ديوان کي پنهنجي انتقام جو نشانو بنائيندي، پنهنجي اندر ۾ ويٺل همزاد/ماڻهوءَ کي خوشين سان نهال ڪري ڇڏين ٿا. محمد خالد اختر جي ڪاڪي نهالچند سان ڪنهن به طرح جي ڄاڻ سڃاڻ ڪانهي ۽ هو پهريون ڀيرو ديوان نهالچند سان ملاقات ڪري ٿو. ديوان نهالچند لاءِ پنهنجي سفرنامي جي صفحي ۷۷ تي محمد خالد اختر لکي ٿو:
    ” هم ايڪ اقامت خاني ڪي پاس سي گذري جو سيٺ نهالچند ئي ني اسلام ڪوٽ مين آني والي مسافرون ڪي ليئي بنوايا ٿا. اس ڪي برآمدي مين دو ڪولهي عورتين اور ايڪ بچا ديکا. آگي ٽائون ڪاميٽي ڪي دفتر ڪي عمارت آئي. هم قصبي ڪي ڪناري پر سيٺ نهالچند ڪي حويلي سي ڪڇ قدم پر ٿي، ڪه هم ني سرخي مائل شلوار قميص مين ايڪ ڇريري، لمبي، ڪڙيل سي آدمي ڪو گلي سي نڪلتي اور باهر ريتون ڪي طرف جاتي ديکا. يه سيٺ نهالچند هين. ضيا (سفرنامي جو همسفر) ني اسي ۲۵ سال پهلي مٺي مين ديکا ٿا. هم ني جلدي جلدي قدم بڙهائي اور اسي جا پڪڙا. وه اڀي پوسٽ آفيس ڪي نگڙ سي آگي نهين بڙها ٿا. ”سو يه هي وه حيران ڪن آدمي“؛ مين ني اپني دل مين ڪها، ”جس ني اپني قصبي ڪي ليئي اتنا ڪڇ ڪيا هي ڪ لنڊن شهر ڪي ميئر ني لنڊن ڪي ليئي ڀي نهين ڪيا هوگا. جسي بهت ڪم لوگ پسند ڪرتي هين. داڙهي موڇ منڊا نهالچند خود ڪو اڪرا ڪر رکتا ٿا. بال ترڇي هوئي، مهندي سي رنگي هوئي. شيوڪ (سفرنگار جو ميزبان) ني بعد مين بتايا ڪه سيٺ نهالچند ڪي عمر ستر (۷۰) سال سي ڪسي طرح ڪم نهين. ضيا ڪي تعريف پر مشهور آدمي باغ باغ هوگيا. اس ڪي باڇين چر گئين.“
    ”شهر والي تو مجهه سي ناخوش هين“ سيٺ نهالچند بولا، ڪيا وه (سيٺ نهالچند) ٿر ڪا شيش ناگ نهين هي؟!“ مجهي خيال آيا.
    قارئين پاڻ اندازو ڪن ته محمد خالد اختر جي دل ۾ سيٺ نهالچند جي خلاف ڪهڙو آتش ڪدو ٻري رهيو هو، جو لکي ٿو ته پنهنجي تعريف ٻڌي واڇون ٽڙي پيس! ۽ اڃا اڳتي وڌي کيس شيش نانگ سان تشبيهه ڏني اٿس. شيش نانگ کي ڏسي ته ماڻهوءَ جي جان مان درڙيون ۽ سيسراٽيون نڪري وينديون آهن. ڪاڪي نهالچند ڇا ڪيو هو؟ سفر نگار رڳو اتي بس نه ٿو ڪري پر صفحي ۷۹ تي نهالچند جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”هم سي هاٿ ملا ڪر وه اس طرف چل پڙا، تيز قدمون سي چلتا هوا، شيش نانگ ڪي طرح اينٺا هوا.“
    محترم نصير مرزا به پنهنجي ڪتاب خيمي ۾ شام ۾ ديوان نهالچند جو ذڪر به ساڳيءَ طرح ايئن ئي ڪري ٿو، جيئن محمد خالد اختر ڪيو آهي. محترم نصير مرزا، محمد خالد اختر جو حوالو، هن جي ڪتاب ياترا مان ڏئي صفحي ۱۷۱ تي لکي ٿو: ”شايد ڪجهه ئي لمحن ۾ ڪنهن اطلاع اچي ڏنو ته سيٺ نهالچند پڌاري رهيو آهي. سيٺ صاحب پوءِ جڏهن پنڊال ۾ داخل ٿيو ته سڀ ان پنجاسي سالا مهان هستيءَ، رٽائرڊ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي جي مانَ ۾ اٿي بيهي رهيا هئا.... ساڻس ڳالهائيندي هن محسوس ڪيو ته هو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ گهڻ-ڳالهائو شخص ضرور هو، پر هن جون ڳالهيون نصير مرزا لاءِ بور بلڪل نه هيون. شايد ڪجهه گهڙين ويهڻ کان پوءِ هو اوچتو محفل مان اٿي کڙو ٿيو هو، چيائين؛ ”موڪلاڻي ڪانهي، منهنجي دوا کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. رام رام“ ۽ نصير مرزا کيس پندال مان ائين اٿي ويندو ڏسي ۽ وقت سان دوا کائڻ واري ڳالهه تي دل ۾ چيو؛ ”ابا ڏسو، پنجاسي سالن واري مڙهي ڪاڪي کي به زندگي سان ڪيڏو پيار آهي.“
    محمد خالد اختر ته پنهنجي جاءِ تي رهيو پر خبر ناهي ته محترم نصير مرزا جو ڪاڪي نهالچند ڏانهن ڪهڙو انتقام رهيل هو، جو هڪ معزز انسان، جيڪو اسلام ڪوٽ جو نئون معمار ليکيو وڃي ٿو، جنهن جي تعريف ٻڌي خالد اختر پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۶۰ تي لکي ٿو؛ ”نهالچند ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ايترو ورجايو ويو جو ٻڌي ٻڌي (ڪَن به پچي پيا؟) ٿڪجي پياسون.“ ان کي نصير مرزا مڙهه/مڙهي/مڙهو ڪري لکيو آھي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به ڏاڏي ۽ ناني کي احترام منجهان بابو ڪراڙو ڪري سڏيو ۽ ڪوٺيو ويندو آهي، پر پرائي ۽ ڌارئي جي لاءِ يا پنهنجي عزيز قريب لاءِ، نفرت جو اظهار ڪرڻ تي اچن ته چوندا؛ ”ڪم ڏسو مڙهي جا“. سنڌي ٻوليءَ ۾ مڙهه، مُردي لا به استعمال ٿيندو آهي. سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز به مڙهه لفظ پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي استعمال ڪندي چوي ٿو:
    ”آ مڙهه جي ماٺ هوائن ۾.“
    نصير مرزا جو شايد خيال آهي ته جيڪڏهن پوڙهو/عمر-رسيده انسان بيمار ٿئي ته هو ويچارو وقت تي دوا به نه کائي ۽ بيماري ۾ چڙي چڙي قبر يا شمشان گهاٽ جو انتظار ڪري؟!
    ائين ته شيخ اياز جو وقت تي دوا کائڻ جو ذڪر، خود نصير مرزا هن ئي ڪتاب جي صفحي ۲۱۷ تي ڪندي لکي ٿو: ”هاڻي اياز صاحب (شيخ اياز) کي ماني کاڌي ۵ منٽ گذري چڪا هئا، دوا جو وزن وٺڻ لاءِ هڪ دفعو وري هن اندر جو رخ ڪيو.“ وقت تي دوا کائڻ ڪو عيب ڪونهي. ڀٽائيءَ به ڪنهن هنڌ چيو آهي؛ ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام.“
    شيخ اياز هجي يا ڪاڪو نهالچند يا ڪو مشهور ماڻهو يا ڪو گمنام ماڻهو ڇو نه هجي، جيڪڏهن بقول نصير مرزا، ”ڪاڪي نهالچند جي عمر مني صدي کان به ۱۰ سال تجاوز ڪري چڪي هئي“ ته مرحوم شيخ اياز به ڪو نوجوان يا جواڻ جماڻ ڪونه هو، جو وقت تي دوا پئي کاڌائين. هتي منهنجو مقصد ڪنهن جي به گهٽتائي يا تضحيڪ يا عيب-جوئي قطعي نه آهي. مون ۾ خود اڻ ڳڻيا عيب آهن. آئون ڪير ٿيندو آهيان، ڪنهن جي عيب-جوئي ڪرڻ وارو؟ پر هي ٻٽا معيار ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ هڪڙن لاءِ هڪڙا ماڻ ۽ ماپا ۽ ٻين لاءِ ٻيا؟ ائين ڇو؟ شيخ اياز صاحب دوا کائي ته ٺيڪ، پر جي ڪاڪو نهالچند دوا کائي ته ٿيو مڙهه! مان اڄ به شيخ اياز کي سنڌ جو وڏو شاعر مڃان ٿو. منهنجو شمار اهڙن ماڻهن منجهان ڪونه آهي، جيڪي وڏي شاعر هجڻ جا ٺپا بدلائيندا رهندا آهن. سنڌ جي مشهور اديب، ڪهاڻيڪار ۽ سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري چواڻي؛ اسان سنڌين جي عجيب و غريب نفسيات رهي آهي. ڪڏهن شيخ اياز تي وڏي شاعر هجڻ جو ٺپو هنيو ويو ته ڪڏهن استاد بخاري تي. وري ٺپو بدلائي ڪڏهن نياز همايوني تي هنيو ويو ته ڪڏهن ابراهيم منشيءَ تي. ديوان نهالچند لاءِ محمد خالد اختر پنهنجي سفر نامي جي صفحي ۶۰ تي لکي ٿو: ”وه ۱۵ سال سي ٽائون ڪميٽي ڪا چيئرمين ٿا، ايڪ مستند چيئرمين جو هر ڪام پادري ڪي طرح تن دهي سي ڪرتا ٿا.“ جئين محمد خالد اختر، ديوان نهالچند کي پادريءَ سان تشبيهه ڏني آهي، ساڳيءَ طرح محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب (خيمي ۾ شام) جي صفحي ۱۷۱ تي ديوان نهالچند کي پادري سان تشبيهه ڏئي، مکي نهالچند جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو: ”هن ڏٺو اهو شخص جنهن کي سڀني مکي صاحب! مکي صاحب! چئي پئي مانُ ڏنو. اهو هڪ کڙو تڙو چست ۽ کهري آواز وارو شخص هو، جنهن جا بظاهر سروپا ڪنهن عيسائي پادري جهڙا هئا.“ هي سڀ ڇا آهي؟ لڳي ته ائين ٿو ڄڻ ڪنهن، محمد خالد اختر جي ديوان نهالچند بابت ڏنل راءِ جو صاف ۽ سٺو ترجمو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته محمد خالد اختر به لکي ٿو؛ ”هو (نهالچند) نوجوانن وانگر کڙو تڙو يعني نوجوانن وانگر چست هو ۽ پادري پئي لڳو.“ محترم نصير مرزا کي به ساڳئي نموني هن جي شخصيت پادريءَ جيان لڳي.
    خيمي ۾ شام جي صفحي ۶۷ تي محترم نصير مرزا هڪ گمنام سياح جو سفرنامو ڏنو آهي، جنهن جو هنڌ شهيد آباد ڏيکاري ٿو. ان جي فوٽ نوٽ ۾ محترم نصير مرزا لکي ٿو؛ ”هي سفرنامو ڪنهن عزادار سياح جو لکيل آهي. هي سفرنامو اتر سنڌ جي سفر دوران گهڻا گهڻا سال اڳ راقم الحروف کي هڪ اجاڙ ريلوي اسٽيشن جي بينچ تي مليو هو..... راقم (نصير مرزا) کي مطالعي بعد اهو تذڪرو ڇاڪاڻ ته گهڻو دل گداز لڳو ۽ خاص ڪري عزادار پڙهندڙن جي واسطي ان ۾ ڪافي مواد نظر پئي آيو، ان ڪري مسودي کي ضايع ڪرڻ بدران اهل بيت سان محبت رکندڙن جي مطالعي ۽ ملاحظي لاءِ هتي شايع ڪيو پيو وڃي.“ (مرتب يعني نصير مرزا)
    اتر سنڌ ۾ جيڪي اجاڙ، ويران ۽ بيابان جو منظر پيش ڪندڙ ريلوي اسٽيشنون آهن، اتي ته ۲۴ ڪلاڪن ۾ به مس ڪا ريل گاڏي اچي بيهندي آهي. اها ڳالهه مڃڻ جهڙي به آهي ته اهي ڪاغذات (گمنام سياح جي ڊائري) ان اجاڙ ريلوي اسٽيشن تي اصلي ليکڪ کان وسري به ويا هجن پر ان اجاڙ ريلوي اسٽيشن جو نالو لکڻ ۾ ڪهڙي مصلحت يا قباحت هئي جو نصير مرزا ان ريلوي اسٽيشن جي نالي کي به باءِ پاس ڪيو آهي. جڏهن ته ان سفرنامي ۾ ان خوني سانحي جي ٿيڻ واري تاريخ ۽ ڏينهن به ڏنو اٿس (۳ جون ۱۹۶۳ع). ۱۹۶۳ع جا نوجوان، ٻار ۽ ڇوڪرا جيڪي هاڻي ۴۰ ورهين کان مٿي ٽپي هليا آهن، تن سڀني کي خبر آهي ته اهو خونريز سانحو جنهن دهشت ۽ خوف ڦهلائي ڇڏيو هو سو سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟ جو اڄ به راقم الحروف کي ان شهر مان گذرندي ڏاڍي مونجهه ۽ رت جي ڌپ ايندي آهي ۽ بس يا ويگن ۾ سفر ڪرڻ وقت ان شهر مان گذرڻو لازمي هوندو آهي ته دل ۾ چوندو آهيان؛ اتان نه ڪو لهي ۽ نه ئي چڙهي، جو متان ۲ منٽ به بس يا ويگن اتي بيهي! يزيدن جي به کوٽ آهي ڇا؟ يزيد رڳو ان شهر ۾ ڪو نه هئا پر يزيد هر هنڌ پنهنجو روپ مختلف نالن سان مٽايو سڄي پاڪستان ته ڇا پر سڄي دنيا ۾ پنهنجا مڪروهه چهرا کنيو، ڊرائيڪولا جيان انساني رت جا پياسا پنهنجي منفي ڪردار سميت عارضي ئي سهي پر جتي ڪٿي سلامت آهن. منهنجو هڪ هم ڪلاسي يزيد جو ٻيو روپ آهي. منهنجي ان هم ڪلاسيءَ جي شڪل ۽ جسم ۽ رت ۾ يزيد، ابن ملجم، حجاج بن يوسف، هٽلر، مسوليني، ابن زياد ۽ هلاڪو جا سڀئي اوگڻ موجود آهن پر ڪٿي ڪٿي ته انهن سڀني کي به مات ڏئي ويندو آهي. ان گمنام سياح جي ڊائريءَ ۾ ڪتب آندل جملا ۽ ٻولي ۽ خيمي ۾ شام جي لکندڙ (نصير مرزا) جي ٻولي ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي ۽ مماثلت آهي، جيڪا پڙهندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. اهو ان لاءِ ته گمنام سياح، اديب به آهي خيرپور شهر ۾ هو ڪنهن ادبي گڏجاڻي ۾ آيل هو. خيمي ۾ شام جي صفحي ۷۳ تي لکيل آهي ”مسافر کي ياد آهي ته هو جڏهن ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ پهريون دفعو ميرن جي اسٽيٽ ۾ ڪنهن ادبي گڏجاڻي جي سلسلي ۾ پنج تن پاڪ چوڪ تي موجود هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ هوٽل ۾ پهتو هو ته هن عليڪ سليڪ کان پوءِ اسٽيٽ جي مقامي ماتمدار عزيزم حداد صاحب کي پنهنجو هم مذهب ڄاڻي ان خوني واقعي تان پردو کڻڻ جي وينتي ڪئي هئي. شايد گمنام مسافر جو اشارو خيرپور جي هڪ پروفيسر ۽ اديب حداد صاحب ڏانهن آهي، ڇاڪاڻ ته گمنام مسافر جيڪو اديب پڻ آهي، ان سان ڪچهري به ظاهر آهي ڪنهن اديب ئي ڪئي هوندي!
    ڪو به پاڙهو قسم جو ماڻهو يا ڪوئي اديب ۽ شاعر، اڪيلو ئي ڪتاب پڙهندو آهي يا کيس ليکڪ جي همت افزائي ڪرڻ ۽ دل جو بار جهڪو ڪرڻ خاطر ٻين ماڻهن جي ضرورت پوندي آهي؟ اردوءَ جي ڪنهن شاعر چيو آهي؛ ”غم ڪوئي بوجهه تو نهين جو بانٽ سڪون.“ غمن وانگر ڪتاب به ورهائي سگهبا آهن ڇا؟
    مشاهدو ته اهو آهي ته ماڻهو اڪيلائيءَ ۽ نويڪلائيءَ ۾ اطمينان سان ويهي ڪتاب پڙهندا آهن. ائين ته پاڪستان جي پهرئين چونڊيل صدر ۽ وزيراعظم، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪراچيءَ ۾ سندس ڪلفٽن واري بنگلي ۾ سندس ذاتي لائبرري ۾ بي شمار ڪتاب پيل آهن، جن مان اڪثريت تي پينسل سان حاشيه ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي طرفان اختلافي نوٽ پڻ لڳل آهن ۽ سنڌ جي مشهور ۽ معروف نقاد ذوالفقار راشديءَ جي لائبرري به ڏسڻ وٽان آهي. ايئن ته ڪڏهن ڪونه ٿيو هو جو مرحوم ذوالفقار راشدي جيڪو گادي نشين يعني هزارين مريدن جو اڳواڻ ۽ روحاني پيشوا هو سو مريدن ۽ احبابن کي ڪوٺ ڪري پوءِ ڪتاب پڙهندو هو يعني انهن کي به شامل ڪندو هو، ڄڻ ڪو بار ۽ ٻوجھ هيو جو هلڪو ڪندو هو. محترم نصير مرزا، شيخ اياز بابت هڪ عجيب و غريب ڳالهه لکي آهي؛ ”شيخ اياز ايترا ڪتاب اڪيلي سر پڙهيا آهن“! خيمي ۾ شام جي صفحي ۲۱۵ تي محترم نصير مرزا لکي ٿو:
    ”اياز صاحب اسان کي پنهنجي هڪ مختصر، مستطيل نما اسٽڊي روم ۾ آڻي ويهاري ٿو. اسٽڊي روم جي هڪ سائيڊ سان نيٽ سان واڻيل ڪرسين جو سيٽ، ڪرسين تي آرامده ڪشن رکيل، وچ تي ننڍڙي ٽيبل، ٻي سائيڊ کان آمهون سامهون ڪٻٽ، ڪٻٽ ۾ اندر، مٿان پاسن کان ڪتاب سوڙها سٿيل هڪ ٻئي سان سلهاڙيل، هڪ ٻئي سان ڦٻيل (لڳو هنن ڪتابن کي ڪنهن هٿ جو ڇهاءُ ڏٺي ورهيه لنگهي ويا آهن). ڪٻٽن جي مٿان رسالا، اخبارون، ميگزينس جا بنڊل، انهن جي اوچائي ڇت تائين. ابوءِ! اهو سڀ ڪجهه اياز صاحب اڪيلي سر پڙهيو آهي. اهو سوچي منهنجا هوش خطا ٿا ٿيو وڃن.“
    ڏيو منهن؟
    عام مشاهدو اهو آهي ته ڪنهن به گهراڻي جا مختلف ماڻهو مختلف جاين تي رهندا آهن، توڙي جو هو پاڻ ۾ ويجها مٽ مائٽ هوندا آهن. ڪن سببن جي ڪري هو هڪٻئي کان گهڻو تڻو اڻ لاڳاپيل رهندا آهن، تنھن ھوندي به کين اها خبر پوندي آهي ته فلاڻا فلاڻا سندن ناتي رشتي ۾، ڏاڏاڻن توڙي ناناڻن جي حوالي سان مائٽ آهن. فرسٽ ڪزن ته وڏي ڳالهه آهي، غمي ۽ شاديءَ ۾ اهڙن مٽن مائٽن جو اڪثر ذڪر نڪرندو آهي يا ماءُ ۽ پيءُ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته فلاڻا اسان جي رت ۾ آهن. محترم نصير مرزا کي پنهنجي فرسٽ ڪزن بابت ڄاڻ ۱۹۹۰ع ۾ ملي ٿي! حيرت آهي ته محترم نصير مرزا کي ڪنهن به گهر جي ڀاتيءَ يا مٽ مائٽ اهو ڪو نه ٻڌايو ته ادي بي بي سندن ويجهي عزيزه آهي؟ محترم نصير مرزا خيمي ۾ شام جي صفحي ۳۳۰ تي مسز شيرين فيروز نانا رخصت وٺئون ٿا هاڻ، سڀني کي سلام ٿيو، جي عنوان هيٺ لکي ٿو؛ ”۸۰ سالا مسز شيرين فيروز نانا عرف ادي بي بي منهنجي فرسٽ ڪزن ۽ مٺي ڀيڻ آهي ۽ اها خبر به.... گهڻو گهڻو..... گهڻو دير سان پئي هئي مون کي، اڻويهه سو نوي ۾.... ان جي خبر ڀلا مون کي پوي ها ته ڪيئن؟ مان ٽنڊي ٺوڙهي جي گهٽين ۾ رلندڙ رف ڪاڳر ۽ هوءَ ڪڏهن لنڊن، ڪڏهن اٽلي، ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾.“ ايئن ته ذوالفقار علي ڀُٽي جي سڳي ڀاءُ سڪندر علي ڀٽي صاحب جي اولاد ڳڙهي خدا بخش ۾ نه، پر حيدرآباد ۾ رهندي آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪڏهن لنڊن، ڪڏهن آمريڪا، ڪڏهن دوبئي، ته ڇا بلاول زرداري کي ۽ فاطمه ڀٽو کي اها خبر ڪانهي ته سندن والدين جو سڳو سوٽاڻ حيدرآباد ۾ رهندو آهي؟ محترم نصير مرزا وري ڦيرو کائي ٿو ۽ صفحي ۳۳۱ تي لکي ٿو: ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ڪو بزرگ گذر ڪندو هو ته هوءَ سوسيءَ جو وڏو گهيريدار غرارو پائي الائي ڪٿان ظاهر ٿيندي هئي ۽ بقول امان جي ته تڏي تان اٿندي مهل چوندي ويندي هئي ته مرزاڻين ته کاڌيون آهن ڪانگن جو هڏيون ۽ مڙس ماريو پاڻ حيات ويٺيون آهن. اها منهنجي ان دور جي يادگيري آهي جڏهن مان بنهه ڪمسن هوس.“ محترم نصير مرزا هڪ هنڌ لکي ٿو؛ بي بي مسز شيرين فيروز نانا هڪ ويجهي رشتيدار هئڻ واري لاڳاپي سان کيس خبر ۱۹۹۰ع ۾ پئي، وري اتي جو اتي لکي ٿو ته سندس امڙ سانئڻ کيس ٻڌايو هيو ته هو غميءَ ۾ سوسيءَ جو وڏو گهيريدار غرارو پائي الائي ڪٿان ظاهر ٿيندي هئي. هتي ڪير پُڄي؟
    ذوالفقار راشدي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو. هو هڪ ئي وقت اديب، ليکڪ، ايڊيٽر، نقاد، شاعر، زميندار ۽ پنهنجي درگاهه جو سجاده نشين هو. سندس مريدي خادميءَ جو سلسلو سنڌ کان علاوه بلوچستان جي ضلعي سبيءَ تائين ڦهليل هو. مرحوم ذوالفقار راشديءَ سن ۵۰ واري ڏهاڪي جي پوين سالن ۾ لاڙڪاڻي مان هڪ هفتيوار رسالو مذهب انسانيت شايع ڪيو، جيڪو سندس ادارت ۾ نڪرندو هو. ذوالفقار راشدي نوبنو ۽ تندرست جسم جو مالڪ هو پر اوچتو کيس ڳلي ۾ تڪليف ٿي پئي. انهيءَ شام جو ۲۵ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ هڪ نئين ٺهيل خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو. رات ٿيڻ سان سندس تڪليف ۾ شدت وڌندي وئي ته وقتي مسيحائن کي نماڻي نموني ۾ عرض ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪا خطري جهڙي ڳالهه آهي ته راشدي صاحب کي ڪراچيءَ يا پاڪستان جي ڪنهن شهر جي وڏي اسپتال کڻي وڃجي. انسانن بجاءِ پئسن سان چاهه رکندڙ، وقتي مسيحائن فرمايو؛ نه! اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي ۽ جيئن تاريخ ۲۶ مان بدلجي ۲۷ آگسٽ ٿي ته راشدي صاحب اک ٻوٽي ۽ ۲۷ تاريخ شام جو کيس پنهنجي هزارين مريدن، احبابن ۽ چند دوستن (چند دوست ان ڪري لکان ٿو ته ذوالفقار راشدي جي دوستن کي ان ڏينهن اڻ ٽر ڪمن ڪارن کي منهن ڏيڻو هيو ان ڪري اهي ويچارا جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ کان مجبور هئا( جنازي نماز ادا ڪئي. ان رات ريڊيو پاڪستان جي مرڪزي خبرن ۾ ۽ ورندڙ صبح جو سڀني انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ راشدي صاحب جي فوت ٿيڻ جون خبرون لڳيون ۽ سنڌ جي گورنر ۽ وزيراعليٰ جا تعزيتي بيان اخبارن ۾ ڇپيا. محترم نصير مرزا پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۷۳ تي ذوالفقار راشديءَ کي سنڌ جي ٻهڳڻ ليکڪا مانواري ماهتاب محبوب جي سٽيزن ڪالونيءَ واري سندس بنگلي ۾ ماسٽر چندر جي سالگره واري تقريب ۾ زنده ۽ تاڙيون وڄائيندي ڏيکاري ٿو. واقعي ڪنهن جو ڪرشمه ساز قلم ڪهڙا به ڪرشما ڏيکاري سگهي ٿو. محترم نصير مرزا خيمي ۾ شام ۾ مذڪوره صفحي تي لکي ٿو:
    ”خير..... مون چوڻ پئي چاهيو ته ۱۵ جون ۱۹۹۰ع تي، سٽيزن ڪالوني ۾ ٿيل سرڳواسي ماسٽر چندر جي سالگرهه ملهائڻ واري ڏينهن تي بهشت نما گهر جي ڪشادي ڊرائنگ روم ۾ قمر سومرو تيز لئي تي ڪوئي خوشي ڀريو ڪلام ڳائي رهيو هو ۽ حميد سنڌي، ادا محبوب شيخ، سائين نثار حسيني ۽ مان دائرو ٺاهي جهمريون هڻي ڦري رهيا هئاسين. سائين محمد ابراهيم جويو، ذوالفقار راشدي صاحب، سائين ولي رام ولڀ ۽ دادي ليلان تاڙين جي تال ڏئي ڄڻ اسان کي اتساهي چئي رهيا هئا؛ ”نچ نچ ناچو، مهل اها ٿي نچڻ جي“.
    مانواري ماهتاب محبوب ته اهو سيٽيزن ڪالوني وارو بنگلو ۱۹۸۸ع ۾ ٺهرايو ۽ ان کان اڳ ۾ هوءَ لطيف آباد نمبر ۶ ۾ رهندي هئي ۽ اها محفل جي تاريخ ۽ سن ۱۵ جون ۱۹۹۰ع آهي ته ائين ڪهڙي ريت ۽ ڪيئن ممڪن آهي ته مرحوم ذوالفقار راشدي صاحب، ان ڏينهن، تاريخ ۽ سن ۾ حيدرآباد ۾ شرڪت ڪئي؟ جڏهن ته سندس حياتي جي گل ٿيڻ جي تاريخ ۲۶ آگسٽ ۱۹۸۶ع آهي!
    سنڌ جا راشدي برادران ڪنهن به رسمي تعارف جي ضرورت نه ٿا رکن. پير علي محمد راشدي، سنڌ جو هڪ متنازعه ڪردار هو ۽ ان سان گڏ هڪ سٺو اديب ۽ اعليٰ درجي جو نثرنگار پڻ هيو. ان کي ڇڏي، سندس ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي ته علم جو درياءُ هو، ان ڪهڙا ڪوڙ هنيا ها يا ڪهڙن نقادن پير حسام الدين جا ڪوڙ پڪڙيا هئا؟ ان لاءِ صفحو ۲۲۷ شاهد آهي، جنهن ۾ محترم نصير مرزا سنڌ جي مشهور ۽ مانائتي ليکڪ محترم مراد علي مرزا کان انٽرويو ڪندي سوال پڇيو؛ ”ڀلا سنڌ جي ڏيڍ سؤ سالا نثري ادب ۾ صاحب اسلوب نثر نگار اوهان جي نظر ۾ ڪير؟ پهرين ته راشدي برادران ..... ۽ ڇا ته بلا جا نثرنگار هئا، اهي ڀائر ڪوڙ کي سچ ڪن يا سچ کي ڪوڙ، نثر ۾ ڪرشما ڏيکارڻ جا ته اصل ماهر هئا.“
    پير حسام الدين ڪهڙي سچ کي ڪوڙ ڪري ثابت ڪيو هو يا ڪهڙي ڪوڙ کي سچ ڪري ڪو ڪرشمو ڏيکاريو هئائين؟
    انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ايترو ضرور چئبو ته اسان جي جديد اديبن ۾ محترم نصير مرزا جهڙو عمدو نثر شايد ئي ڪو لکندو هجي. ڪراچي بنواس وارا صفحا بيحد وڻندڙ آهن. خيمي ۾ شام ۾ جتي شيخ اياز، بردي، نارائڻ شيام جو ذڪر موجود آهي، اتي سنڌ جي عڪاس شاعر استاد بخاري جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪرڻ کٽڪي ٿو ۽ ڪتاب جي آخر ۾ سيلف پورٽريٽ ٻئي جي آخر ۾ اردوءَ جي نقاد پروفيسر وقار عظيم جي ڏنل جملي ”مان تنقيد ۾ شرافت جو قائل آهيان“ تي، مان نصير مرزا کي مٿس عمل ڪرڻ جي دعا ڪريان ٿو.


    ڊاڪٽر مبارڪ: حقيقت يا فسانو؟

    ڊاڪٽر مبارڪ: حقيقت يا فسانو؟

    دنيا جي مختلف ٻولين ۾ سڀ کان اهم ۽ دلچسپ صنف، آتم ڪٿا جي پِئي رهي آهي. ان ڏس ۾ روسو جو ”اعتراف“ وڏي جاءِ والاري ٿو. ”آتم ڪٿا“ ۾ وڌيڪ دلچسپيءَ جو ڪارڻ، اها ڳالهه به ٿي سگهي ٿي ته لکڻ وارو پنهنجيون يادگيريون لکي ٿو، جيڪي شخصي وڌيڪ هونديون آهن. ٻيو ته اهڙين لکڻين ۾ مبالغي جو عنصر جھجهو هوندو آهي، جيڪو قارئين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو آهي.
    اردوءَ جي ليکڪ ممتاز مفتي پنهنجي جيون آکاڻي ”الکهه نگريءَ“ ۾ ڄاڻايو آهي: ”اڪثر آتم ڪٿائون اهو ميرو ڪپڙو هونديون آهن، جن کي ليکڪ ڌوئي پوئي اڇو اجرو ڪري ڪلف لڳائي، استري ڪري پيش ڪندو آهي.“ مشفق خواجه، يونس احمر جي آتم ڪٿا ”ماضيءَ جي تعاقب ۾“ ۾ لکيو آهي: ”آتم ڪٿا ۾ ڪوڙ ۽ زٽ هڻڻ جي وڏي گنجائش هوندي آهي. لکندڙ پاڻ کي هيرو ۽ پنهنجي اڻ وڻندڙ ڪردارن کي وِلين طور پيش ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندو آهي.“
    اهڙيءَ ريت، ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب پنھنجي آتم ڪٿا ”در در ٺوڪر کائي“ ۾ به پاڻ کي هيرو، وڏو عالم، تاريخدان، اردو ڳالهائيندڙ، ويچارو، مهاجر، بي ضرر ۽ معصوم شخص طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ سان واڳيل ڪردارن جو ذڪر ڪندي ساڳين حالتن ۾ رهندي به اردو ۽ سنڌي ماڻهن ۾ ويڇا رکي ويو آهي. سنڌي عالمن ۽ اديبن کي لويو اٿس ۽ اردو ڳالهائيندڙن جون ڪوتاهيون لنوائي سندن واکاڻ ڪري ويو آهي. مرزا عابد عباس جيڪو ڪنهن زماني ۾ سٽي ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ پوءِ انٽر بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو، بدعنوانين هيٺ حڪومت کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ ڪري ان جي هڪ-پاسائين واکاڻ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جا ڪيترا پٽ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان واڳيل آهن، جيڪي مبارڪ صاحب لاءِ ڇپر ڇانءَ آهن.
    ڊاڪٽر مبارڪ صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اورينٽل ڪاليج جي غير تڪراري عالم ۽ معلم مخدوم امير احمد، پروفيسر غلام مصطفى شاهه، جسٽس (رٽائرڊ) حسن علي عبدالرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنهنجي ڪٽرپڻي جو نشانو بڻايو آهي ۽ شيخ اياز تي به ڇوهه ڇنڊيا اٿائين.
    مخدوم امير احمد صاحب بابت لکي ٿو:
    ”مخدوم امير احمد ڪي پاس ڪوئي ڊگري يا سرٽيفڪيٽ نه ٿا، اس ڪي باوجود وه خود ڪو فاضل الحرمين ڪهتي ٿي. چلتي فرتي پرزي ٿي. يه وه زمانه ٿا، جب آمريڪا سي خشڪ دوده اور گهي ڪي ڊبي اسڪولون ڪي ليئي آتي ٿي... جو بچتي ٿي وه اسڪول ڪي هيڊ ماستر صاحب حلوائيون ڪي هاٿ فروخت ڪرتي ٿي، شايد يهي مخدوم صاحب ڀِي ڪرتي هون گي.“
    تاريخدان ۽ اڻ ڌريا ماڻهو، اگر مگر، چونڪ، چناچه ۽ شايد جهڙن مبهم لفظن جو سهارو ڪونه وٺندا آهن، پر هو سچا، پڪا، ٺوس ۽ تز دليل ڏيندا آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه رهي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ وانگر نه ته ”شايد مخدوم امير احمد به ايئن ڪندو هوندو.“ يعني سڪل کير ۽ آمريڪي برانڊ کوپرو کڻي وڃي دڪاندارن وٽ وڪڻندو هو. ڊاڪٽر مبارڪ هڪ اردو اسڪول جي هيڊ ماستر تي به اهڙو الزام لڳايو آهي، پر نالو ظاهر نه ڪيو اٿس.
    ڊاڪٽر مبارڪ ٽونڪ مان اچي تاريخدان ته ٿيو، پر هتي جي ڪلچر جو شايد ادراڪ ڪري نه سگهيو، جو غلام مصطفى شاهه جي شهپرن تي به ڪاوڙ ڪڍي اٿائين.
    ”جب ان (غلام مصطفى شاهه) ڪي سامني پيش هوئي. مين ني ديکها بڙي مونچهون والي شخصيت ميري سامني هي. يه وي سي سي مجهي ”ٿانيدار“ لگي. مين ني ڊرتي ڊرتي عرض ڪيا ڪه اڇا ميرا پرويڊنٽ فنڊ سي ميرا حصا دين، تاڪه اس سي سفر ڪي اخراجات نڪلين تو ڪها ڪه سارا نهين ملي گا. اس مين سي صرف ۵۷ فيصد ملي گا.“
    ڊاڪٽر مبارڪ علي کي پروفيسر غلام مصطفى شاهه ته صوبيدار لڳو، پر حيدرآباد دکن مان آيل ڊاڪٽر محي الدين صديقي جيڪو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي نوڪري واري عرصي دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هيو، جيڪو بقول ڊاڪٽر مبارڪ علي جي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليچڪرارن کي ٻن آڱرين وارو اڌوگابرو هٿ ڏيڻ به عار سمجهندو هيو، سو کيس ”صوبيدار“ نه لڳو. آڱرين سان صرف آڱريون ملائڻ وارو هٿ ته عام ماڻهوءَ کي صوبيدار، وڏيرا ۽ بيوروڪريٽ ئي ڏيندا آهن!
    غلام مصطفى شاهه بابت صفحي نمبر ۱۲۲ تي لکي ٿو:
    ”سنڌ يونيورسٽي ڪا ڪيمپس جس انداز سي بنايا گيا هي، وه ڀي اپني طرز ڪا ايڪ ڪارنامه هي. آرٽس فيڪلٽي سي ايڊمنسٽريشن ڪي عمارت تڪ پيدل جاني ڪي ليئي بيس منٽ چاهئين. يه فاصله ويراني سي هوڪر طي هوتا هي. يه ڪارنامه ڀي غلام مصطفى شاهه ڪا هي، اس ڪا مقصد يه ٿا ڪه اساتذه و طلبه ڪو ايڪ دوسري سي دور رکهو.“
    هاڻي سائين ڏيو منهن؟
    هر سرڪاري عمارت نقشي موجب ٺهندي آهي. ايئن سنڌ يونيورسٽي به سرڪاري منظوري سان نقشي موجب ٺهي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ جو حصو آرٽس فيڪلٽي کان الڳ ۽ جدا ٺهيو ته ان ۾ غلام مصطفى شاهه جو ڪهڙو ڏوهه؟ سنڌ يونيورسٽي غلام مصطفى شاهه جي اوطاق يا بنگلو ته ڪونه هئي، جنهن کي غلام مصطفى شاهه ور وڪڙ ڏئي پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺهرائي ها. دنيا جي اڪثر يونيورسٽين جون عمارتون اهڙيءَ طرح ٺهيل هونديون آهن ته جيئن انتظاميه ۽ تدريس واريون عمارتون/ جايون هڪ ٻئي کان الڳ هجن، جيئن هڪ ٻئي تي اثر انداز نه ٿين.
    ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ غلام مصطفى شاهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”جب غلام مصطفى شاهه وائيس چانسلر هو ڪر آئي تو انهون ني آتي هوئي يه ڪام ڪيا ڪه يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ڪو راتون رات خالي ڪرڪي نيو ڪيمپس لي گئي.“
    اهو به ڏوهه غلام مصطفى شاهه جو ته ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نئين ٺهيل عمارت ۾ ڪلاسز ڇو هلرايا ويا. شايد ڊاڪٽر مبارڪ صاحب جو مقصد اهو هيو ته نئين ٺهيل عمارت ويران پئي هجي ها ۽ ڀلي چور اچي در دروازا ڪڍي/ پٽي وڃن ها.
    مٿين ڳالهين لکڻ جو مقصد، ڊاڪٽر مبارڪ علي جو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي/ نظر نه ٿو اچي ته؛ سنڌي وائيس چانسلر ايترا تعصبي هيا جو ويچارن مهاجرن کي انهن جو جائز حق به نه ڏيندا هيا ۽ نه وري کين اها خبر هئي ته يونيورسٽيءَ جي عمارت ڪيئن ٺهندي آهي يا يونيورسٽي جو نظام ڪيئن رکبو ۽ هلائبو آهي؟ سندس واضح مقصد؛ اهو بانور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن نه نااهل سنڌي ماڻهو خوامخواهه ڪرسيون سيڙايو ويٺا هيا/ آهن. (هاءِ ڙي سنڌي قوم تنهنجي قسمت! جو تنهن جي مٽيءَ مان جڙيل هيرن ۽ جواهرن کي به بي ملهه پٿر ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.)
    پنجاب يونيورسٽي لاهور جي شعبي تاريخ جو چيئرمين پروفيسر محمد اسلم، انڊيا جي تعليمي سفر جي روئيداد ”سفرنامه هند“ ۾ لکي ٿو؛ ”شعبه فلاسافيءَ کان شعبه تاريخ ڏانهن وڃڻ لاءِ به ڪار تي وڃڻو پيو.“ هاڻي پڙهندڙ خود اندازو لڳائن ته پنجاب يونيورسٽي چندي ڳڙهه جا تعليمي شعبا هڪ ٻئي کان ڪيترو پرتي آهن. ساڳيو حال ٻين ملڪن جي يونيورسٽين جو به آهي.
    ڊاڪٽر مبارڪ علي کي اها به ڪاوڙ آهي ته سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد شهر مان ڄامشوري ڇو منتقل ڪئي وئي.
    ڊاڪٽر پاڻ تاريخ جو پروفيسر آهي، کيس يقينًا اها ڄاڻ هوندي ته ورهاڱي کان اڳ ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڪابه يونيورسٽي ڪا نه هئي، تڏهن ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو بل پاس ڪيو ۽ ان بل جو محرڪ ان زماني ۾، سنڌ جو وزير تعليم سائين جي ايم سيد هيو. سنڌ يونيورسٽيءَ کي پوءِ جڏهن ڪراچيءَ مان ٽپڙ کڻايا ويا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ ڪابه جاءِ خالي نه هئي، تڏهن حيدرآباد جي هندو عاملن جي ڇڏيل اسڪول نووديالا (علم جو مرڪز) ۾ عارضي طور سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مستقل طور تي ڄامشوري ۾ ٺاهڻ جو فيصلو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پهرئين وائيس چانسلر اي بي حليم جي ڏينهن ۾ ٿيو، جنهن جو تعلق صوبي بهار، انڊيا سان هيو. اي بي حليم، سنڌ جي هڪ وزير تعليم ۽ بعد ۾ بڻيل وزيراعلى پير الاهي بخش جو استاد رهي چڪو هيو. ان ڪري پير الاهي بخش وڏو زور ڏئي، اي بي حليم کي انڊيا مان خاص طور تي گهرائي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪرائي، ساڻس پنهنجا تر سنوان ڪيا هيا.
    خود ڪراچي يونيورسٽي، شهر کان ايترو پري هئي جو روزاني اخبار ”جنگ“ ڪراچي ۾ هر هفتي ڪراچي يونيورسٽيءَ بابت ڪالم لڳندو/ شايع ٿيندو هو ”شهر سي بارهه ميل پري.“ ان زماني ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو نانءُ نشان ڪاغذن ۾ به موجود ڪونه هيو، ته ڇا سڄي سنڌ جا شاگرد/ شاگردياڻيون ان حيدرآباد واري نووديالا (موجوده اولڊ ڪئمپس) ۾ ماپن ها؟
    ڊاڪٽر مبارڪ علي سنڌ جي ذهن(Talent) کان ايڏو خائف/ چڙيل آهي يا نفسياتي طور تي ايڏو مرعوب آهي يا سنڌين جي علمي ڄاڻ، هاڪ ۽ ڌاڪ سندس دل تي تور ڪري بيٺي آهي، جو پنهنجي آتم ڪهاڻي کان سواءِ، جڏهن ڪو ڪتاب لکي ٿو، تڏهن سندس دل/اندر ۾ ڄائو مائو ذهين سنڌين جي خلاف جيڪو اوٻر آهي، سو ڏاڍي اٽڪل بازي سان پنن تي منتقل ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب جو نالو ”تاريخ اور دانشور“ آهي. ان ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ مايه ناز مورخ ۽ دانشور پير حسام الدين شاهه راشديءَ تي نالي وٺڻ کان سواءِ جلهه ڪئي اٿائين. لکي ٿو: ”هڪڙو دانشور، جيڪو انڊيا مان لڏي آيل اسڪالرز جي مالي پريشانين جو ناجائز فائدو وٺي ڏوڪڙن عيوض کانئن ڪتاب لکرائي پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندو هو؟“
    ڊاڪٽر مبارڪ لکي ٿو:
    ”تقسيم هند ڪي بعد بهت سي عربي و فارسي ڪي اسڪالرز هجرت ڪر ڪي پاڪستان آئي اور يهان آڪر ان ڪو مالي پريشانيون ڪا سامنا ڪرنا پڙا. ان حالات سي فائده اڻها ڪر سنڌ ڪي ايڪ مشهور دانشور ني، جنهين حڪومت ايران و پاڪستان سي تمغي اور انعامات بهي ملي، ان لوگون سي معاوضه پر ڪام ڪرا ڪي اپني نام سي ڇپوايا اور مشهور محقق اور دانشور هوگئي.“
    ڊاڪٽر صاحب جي ايڏي وڏي زٽ ۽ الزام جي جواب ۾ اردو جي مشهور اديب مشفق خواجه پنهنجي قلمي نالي ”خامه بگوش“ سان هڪ ڪالم لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿائين ته پير صاحب جي علمي و تحقيقي معيار جي بلنديءَ جي شاهدي هندستان جي هڪ وڏي معروف عالم صلاح الدين عبدالرحمان به ڏني آهي ۽ هن جي علمي ۽ تحقيقي ڪم بابت ساراهه جا ڍڪ ڀريا اٿائين. ان کان سواءِ مولانا شبلي ۽ مولانا سيد سلمان ندوي جيڪي مستند علم جا وارث آهن، تن پڻ هندستان ۾ ويهي پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي علمي ڪمن تي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو هندستان ۾ شايع به ٿي چڪو آهي. مشفق خواجه پنهنجي ڪالم ۾ ڊاڪٽر مبارڪ کي صلاح ڏيندي لکيو آهي ته هاڻي ڊاڪٽر مبارڪ علي کي هڪڙو ٻيو ڪتاب ”مورخ اور افواهين“ به لکڻ کپي، جنهن ۾ اهو لکي ته مورخ افواهه ڪيئن هلائيندا/اڏائيندا آهن ۽ اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ ڊاڪٽر مبارڪ علي کي ٻين ڪتابن جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ورق گردانيءَ جي به گهرج ڪانه پوندي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر مبارڪ علي جي پنهنجن ڪتابن ۾ کوڙ ساترو مواد اڳ ۾ ئي موجود آهي.
    انڊيا ۽ پاڪستان جا تاريخدان ۽ تحقيقي عالم، پير حسام الدين راشدي جي تعريف ڪندي لکن/چون ته هو سند جو درجو رکي ٿو، پر هيڏانهن اسان جو عالم ۽ محقق هجڻ جي دعوى ڪندڙ مخصوص سوچ ۽ ذهن وارو علامه ڊاڪٽر مبارڪ علي آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جي علمي ڪارنامن ۽ هاڪ وارين شخصيتن کان نابري واريو ويٺو آهي ۽ فخر سان/وڏي دعوى سان لکي ٿو: ”ڇا جا سنڌي دانشور، اديب ۽ شاعر؟ ڪهڙا سنڌ جا عالم؟ اهي جيڪي پراوا لکيل ڪتاب پنهنجي نالن ۾ شايع ڪرائيندي پاڻ کي عالمن ۽ دانشورن جي صفن ۾ بيهاريندا آهن؟“
    مشفق خواجه ڪيڏو نه صحيح لکيو آهي: ”ڊاڪٽر صاحب هڪڙي مهرباني ٻي به ڪري ها ته گهٽ ۾ گهٽ انڊيا مان لڏي/ڌڪجي آيل انهن علم جي اڪابرن/ عالمن/ دانشورن ۽ اسڪالرز جا نالا به ڄاڻائي ها، جن کان پير صاحب ڏوڪڙن عيوض ڪتاب لکرايا يا انهن اسڪالرز جا هتي يا هُتي ڇپيل ڪتابن جا نالا ئي ڄاڻائي ها ته هوند سندس دعوى جو دليل ملي وڃي ها!“
    مشفق خواجه جي صلاح/راءِ سان متفق ٿيندي ڊاڪٽر مبارڪ علي کي صلاح ته نه، پر هڪڙي گذارش ڪندم ته ڊاڪٽر صاحب کي هڪ ٻيو ڪتاب ”مورخ اور الزام“ جي نالي ۾ لکڻ کپي، جنهن ۾ وضاحت ڪري ته متعصب مورخ جڏهن پنهنجيءَ تي ايندا آهن تڏهن ڌُر ڀر بڻجي، محسن قوم جي ماڻهن تي ڪيئن الزامن جا ڌوڙيا وسائيندا آهن؟
    ڊاڪٽر مبارڪ علي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي لاءِ لکي ٿو ته؛ ان جي دور ۾ مون کي اسپين جو وظيفو مليو پر حسن علي عبدالرحمان منهنجي موڪل جي منظوري نه ڏني. سوال آهي ته اهي ڪهڙا سبب هيا، جن جي ڪري حسن علي عبدالرحمان سندس موڪل منظور نه ڪئي؟ يا هروڀرو حسن علي عبدالرحمان تي الزام هنيو اٿس! هر دفعي جيان اها ڪوشش ڪئي اٿس ته سنڌي وي سي تعصب وارا هيا.
    ڊاڪٽر مبارڪ علي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ پهريائين انگلينڊ ۽ پوءِ جرمني ويو ۽ جيڪا اسٽيڊيز ليوِ ورتي هئائين، ان کان وڌيڪ عرصو پنهنجي مفاد (پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ جو وٺڻ) لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان جرمنيءَ ۾ رهي پيو. ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو قصور؟ جڏهن لکڻ تي آيو ته پنهنجي ان قصور کي به شيخ اياز جي کاتي ۾ لکي ڇڏيائين. وري ان ڳالهه تي اڻ سڌيءَ طرح ڳنڍ ٻڌي اٿس ته شيخ اياز کيس اردو ڳالهائيندڙ مهاجر ليڪچرار سمجهي سندس موڪل منظور نه ڪئي.
    ڊاڪٽر مبارڪ علي کي پنهنجي ورتل موڪل واري عرصي جي خبر هئي ته پوءِ سرڪاري ملازم جي حيثيت سان سندس فرض پئي بڻيو ته هو قانون مطابق هتي موٽي اچي ها ۽ وڌيڪ گهربل موڪل منظور ڪرائي واپس هليو وڃي ها. ڊاڪٽر مبارڪ علي، سنڌ يونيورسٽيءَ کي به ٽهلي رام جو دوڪان سمجهيو ته ٺهيو واڻيو ڇا ڪندو، پاڻهي ساڻس حساب ڪتاب ڪري وٺبو. حقيقت اها آهي ته شيخ اياز تي ڊاڪٽر مبارڪ علي اهو الزام هنيو آهي ته هن کيس اردو ڳالهائيندڙ مهاجر سمجهي زيادتي ڪئي. حالانڪ شيخ اياز جو پهريون شعري مجموعو ”بوئي گل نالئه دل“ اردو ۾ هو ۽ جنهن سکر ۾ اردوءَ جي آبياري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
    ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾، پنهنجي گهڻ-گهريي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه فلاسافيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو؛ شيخ اياز جي ڊپ ۽ خوف کان ٻيا ليڪچرار ساڻس ملڻ کان ڪَوَ کائيندا هيا. تڏهن هو ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم وٽ شعبي فلاسافيءَ ۾ وڃي ويهندو هيو. پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم اصل ۾ هندستان جي سي پي صوبي ۽ هاڻوڪي مڌيه پرديش جي شهر ناگپور جو رهواسي هو ۽ حيدرآباد مان نڪرندڙ اردو رسالي ”نئين قدرين“ ۾ مضمون لکندو هيو. ۱۹۸۱ع جي اٺين شماري ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي دوست پروفيسر عطا جو هڪ مضمون سندس دوست ۽ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ اردو ڳالهائيندڙ خان رشيد جي ياد ۾ شايع ٿيو، جيڪو مواد جي لحاظ کان شيخ اياز جي حمايت ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي شيخ اياز تي ڪيل حملي/ الزام جي ترديد ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم لکي ٿو:
    ”سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر خان رشيد تي ڪراچيءَ ۾ فالج جو حملو ٿيو ته کيس لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هو مهينن جا مهينا داخل رهيو. جيئن اها خبر سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شيخ اياز کي پئي ته، هن نه رڳو ڊاڪٽر خان جي موڪل منظور ڪئي، پر سندس پگهارون به گهر ويٺي ڏياري موڪليون.“
    ڊاڪٽر مبارڪ علي، دعا ڪري ميرپور خاص واري پير آفتاب حسين شاهه جيلانيءَ کي جنهن شيخ اياز کي فون تي ڊاڪٽر صاحب جي پارت ڪندي کيس ٻيهر نوڪريءَ تي بحال ڪرايو، پر ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ پير آفتاب حسين شاهه کي چڱائيءَ جو بدلو ڏيندي لکي ٿو. ”وزير صاحب جي آفيس ۾ ۵۰ کن ماڻهو کيس وڪوڙيون بيٺا هئا، انهن مان ڪي ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جا خواهشمند هيا ۽ ڪن کي نوڪريءَ جي گهرج هئي. خبر ناهي ته ڪنهن جو ڪم به ٿيندو هيو الائي نه؟“
    علامه مبارڪ کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته، ميديڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ڏيڻ جو مجاز تعليم کاتي جو وزير نه، پر وزير اعلى ۽ گورنر هوندو آهي.
    مبارڪ جي ڪتاب مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙن جي لاءِ دل ۾ نرم گوشو موجود آهي، نه ته ڀلا ڪهڙو سبب آهي جو سڀئي گُٿا لفظ، سنڌين جي ڳلي ۾ هار ٺاهي وڌا اٿائين. پاڻ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:
    ”ڪڀي ڪڀي انسان ذاتي طور پر فرقيوارانه صورتحال سي اس قدر متاثر هوتا هي ڪه وه اس ڪا حصا بن جاتا هي اور اس ڪا اسي نقطه نظر سي جذباتي تعلق بن جاتا هي.“
    ڪڏهن ڪڏهن سچ زبان تي اچي ئي ويندو آهي.


    ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار

    ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ٽنبيل ڪمزور ۽ اڻ پُورا ڪردار

    ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ نالي وارو ڪتاب، خانبهادر الحاج محمد صديق ميمڻ پنهنجي نالي ڀائي ۽ سندس دور جي هڪ وڏي اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جي مدد سان ۱۹۳۷ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو. هن ڪتاب جي پهرين اشاعت، ٻي جنگ عظيم جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ختم ٿي وئي. ۱۹۵۴ع تائين هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڇاپو پڌرو ٿيو، جنهن جو ذڪـر ڪـتـاب جـي لائـق مصنف خانبهادر محمد صديق ميمڻ هن طرح ڪيو هو:
    ”ٽيون ڇاپو ۱۹۵۴ع، ادبي تاريخ جي پهرين اشاعت ۱۹۴۴ع ۾ ختم ٿي. ستن سالن جي اندر پهرين ۽ ٻي اشاعت ختم ٿي.“ ساڳئي ڪتاب جو سال ۲۰۰۲ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان جيڪو ڇاپو آيو، ان ۾ سنڌالاجيءَ وارن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو لکيو. عجب جهڙي ڳالهه هي آهي ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي هن ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ کي مهراڻ اڪيڊميءَ شڪارپور طرفان، سن ۲۰۰۳ع ۾ نئين سر سنواري سينگاري شايع ڪري ڪتاب جو ٽيون ڇاپو قرار ڏنو ويو آهي! جڏهن ته ۱۹۶۸ع واري سال ۾ ان ڪتاب جو چوٿون ڇاپو به ڇپجي چڪو آهي.
    نئين سر سنوارڻ ۽ سينگارڻ مان منهنجو مطلب آهي ته ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي اصلي مصنف خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي نالي سان گڏ واڌارو ڪندي، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو اسم گرامي به لکيل آهي ۽ سندس نالي سان گڏ واڌارا جو لفظ ڏنو ويو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ به آهي ته جڏهن خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي حياتيءَ واري دور ۾ (۱۹۵۴ع ) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جو ٽيون ايڊيشن به شايع ٿي چڪو هو، ته پوءِ اڌ صدي جو هيڏو عرصو گذري وڃڻ کان پوءِ به هي ٽيون ايڊيشن ڪيئن ٿيو؟
    ڪتاب جي ٽائيٽل تي واڌاري طور ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جو نالو لکيو ويو آهي. جڏھن ته ٽائيٽل کان اندرئين يعني پهرين صفحي تي عبدالجبار عابد لغاري جو نالو الائي ڇو غائب آهي؟ جيڪڏهن واڌارو نالو ڪتاب جي ٽائيٽل تي آهي ته پوءِ اندرئين صفحي تي به هجڻ گهربو هو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ڪجهه ضميمي (واڌارو) بابت جي عنوان هيٺ لکي ٿو: ”ڪجهه محروم مگر معروف اديبن ۽ شاعرن جي ذاتي معلومات ۽ سندن تخليقات جو ذڪر ڪيو ويو آهي.“ خبر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ کي سائين جي ايم سيد کان وٺي استاد بخاري تائين مشهور ۽ معروف ماڻهو الائي ڇا ۾ محروم نظر آيا؟ جيڪڏهن لفظ مرحوم کي پريس ۽ پروف جي چڪ سمجهي چئون ته اهو لفظ محروم نه، پر مرحوم آهي ته پوءِ به حيرانگي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سائين جي ايم سيد، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، الله بخش نظاماڻي، شام جئسنگهاڻي، موج لغاري، محمد اسماعيل فدا عرساڻي، غلام اصغر ونڊير، محمد عثمان ڏيپلائي، رئيس ضياءَ الدين بلبل، قاضي عبدالمجيد عابد، محمد حسن ترڪ، پروفيسر غلام حسين جلباڻي، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڪريم بخش چنا، غلام رضا ڀٽو، ٻيڙو فقير ڪنڀار، محمد بخش جوهر، استاد بخاري، زيب عاقلي، ڊاڪٽر اياز قادري، انور هالائي، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، علي محمد راهو، ڊاڪٽر سيد اسد الله شاه بيخود حسيني، جمال الدين مومن، زيب ڀٽي، م-ن محزون، جهڙن نامور، اديبن، عالمن ۽ شاعرن جي نالي جي سامهون سندن وفات جي تاريخ لکيل ئي ڪانهي ۽ اهڙن اديبن ۽ شاعرن جو تعداد به ۸۰ کن آهي. ان حالت ۾ هڪ پڙهندڙ اهڙن ۸۰ کن عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي ڇا سمجهي؟ حال حيات ۽ زنده؟ هي سڀ عالم، اديب ۽ شاعر تازو گذري ويل ۲۰ صديءَ جي پيداوار هئا ۽ کين لاڏاڻو ڪئي به ڪي صديون ته ڪونه گذريون آهن، جو سندن وفات جي تاريخ ته ڇا،پر سال به ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جهڙي عالم ۽ اديب کي خبر ڪانهي؟ جڏهن ته مذڪوره عالمن ۽ اديبن مان کوڙ اهڙا به آهن، جن جون ورسيون هر سال وڏي ڌوم ڌام سان سنڌ ۾ ملهايون پيون وڃن! مثال طور سائين جي ايم سيد ۽ استاد بخاري.
    محترم ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ضميمي جي شروعات ۾، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي ته ڪجهه معروف اديبن ۽ شاعرن بابت ذاتي معلومات جو ذڪر ڪيو آهي. ذاتي معلومات جي ذڪر جو عالم هيءُ آهي ته ڪن اديبن ۽ شاعرن جو سالِ ولادت غلط لکيو ويو آهي. مثال طور؛ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڪجهه عالمن ۽ جن شاعرن جي وفات جو سال غلط لکيو ويو آهي، تن ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي شامل آهن. سنڌ جي قلمڪار مولانا حاجي احمد ملاح کي ڪير نه سڃاڻي؟ پر نه ان جي ڄم جو سال، نه وفات جو؟!
    لاڙڪاڻي جي بهترين غزل گو شاعر نواز علي نياز جعفري، جنهن جي موت پير حسام الدين راشديءَ کان ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکرايو، اهڙي نامور شاعر جو نالو به غلط لکيو ويو آهي. نواز علي نياز جعفري بجاءِ، نياز علي نياز سومرو ڪري لکيو اٿس! جيڪڏهن ڊاڪٽر عابد لغاري جي لکيل نالي تي اچئون ته پوءِ سڄي سنڌ ته ڇا، پر خود لاڙڪاڻي جا ماڻهو ۽ سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نياز علي نياز سومرو کي ڪير به ڪونه سڃاڻي! البته نواز علي نياز جعفري کي ته هر ڪو سڃاڻي! وڏي ڳالهه ته جتي شاعر جو نالو به غلط لکيو ويو آهي، اتي شـاعـر جـي والـد صـاحـب جـو نـالـو آچـر خـان جـي بدران آچار خان لکيو ويو آهي!
    شاعرن جي ذاتي تخليقات جو عالم هي آهي ته (واڌارو موجب) کوڙ اديبن ۽ شاعرن جي تخليقات جو ذڪر به نه ٿو ملي! لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور صوفي شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکي ٿو: نظم توڙي نثر ۾ ۲۰۰ ڪتابن جو مصنف آهي. (هتي پڙهندڙ لفظ آهي تي ڌيان ڏين.) جڏهن ڊاڪٽر عابد لغاري فقير نجفي تارڪ لاءِ لکي ٿو ته ۱۹۳۹ع ۾ گذاري ويو (ص-۵۶۵)، ان حالت ۾ لفظ آهي مان ڇا مراد ۽ مطلب؟ جڏهن ته فقير تارڪ جي ۲۰۰ ڪتابن مان ڪنهن هڪ ڪتاب جو نالو به ڪونه ڄاڻايو اٿس! رشدالله شاه جهنڊي وارو بابت لکي ٿو ته بذات خود ۷۰ ڪتابن جو مصنف هيو. پر سندس ڪنهن به تخليق جو ذڪر ڄاڻايل ڪونهي. ائين سنڌ جي رنگين شاعر استاد بخاريءَ جي ڪنهن به شعري مجموعي جو نالو لکيل ڪونهي. حتيٰ ڪ سندس پهرئين شعري مجموعي ”گيت اسان جا، جيت اسان جي“، جيڪو ۱۹۷۱ع ۾ گاج پبليڪيشن دادوءَ طرفان سنڌ جي مشهور اديب تاج صحرائي شايع ڪيو هو، جو به ذڪر ڪونهي.
    اڃا ته ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري لکي ٿو؛ اديبن ۽ شاعرن جي تخليقات جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پوءِ استاد بخاري ۽ ٻين جون تخليقات ڪاڏي ويون؟ اهڙيءَ طرح مرحوم علي محمد راهوءَ جي احوال ۾ (صفحو ۶۱۶) راهوءَ جي اهم تاليف ”سيرت رسول ڪريم صلي الله عليه واليه وسلم“ جو ذڪر ڪونهي. راهوءَ مرحوم کي، هن ڪتاب تي، بين الاقوامي سيرت ايوارڊ ملي چڪو هو.
    سنڌي روزاني اخبار مهراڻ جي سابق ايڊيٽر مرحوم سيد سردار علي شاهه ذاڪر جي احوال ۾ سندس نعتيه ڪتاب ”واردات عشق“ جو ذڪر ڪونهي. جڏهن ته سيد سردار علي شاهه ذاڪر کي سندس هن نعتيه مجموعي تي صدارتي ايوارڊ ملي چڪو هو. اهڙيءَ طرح ضلعي لاڙڪاڻو جي تعلقي واري شهر رتوديرو کان ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مشهور ڳوٺ طيب جي ديوان سرڳواسي ا-ح-جئسنگهاڻيءَ جي ڪنهن به ڪتاب جو ذڪر ڪونه اٿس. جڏهن ته هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ آتما باغ، تون ۽ مان، دل جو جام سدا ڀرپور ۽ ديوان سام شامل آهن. هن مختلف ٻولين ۾ شاعريءَ جا ۵ ديوان لکيا. سندس ڪيترائي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب مختلف ماڻهن وٽ لاڙڪاڻي ۾ پيل آهن.
    ضميمي (واڌاري) جي صفحي ۵۷۶ تي سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل قلمي ڪردار حاجي حقير ابن مڱڻ کي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد، سندس نالي کي شارٽ فارم ۾ فقط حاجي حقير ڪري لکيو آهي. ٿورو سوچجي ته حاجي حقير کي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ ڪير سڃاڻي؟ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد واڌاري جي صفحي ۵۴۹ تي شمس الدين بلبل سان پنهنجي ضميمي جي شروعات ڪري لکي ٿو. سندس شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي سنڌ يونيورسٽي ۾ تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتل آهي. سوال آهي ته اها ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪنهن کي تفويض ڪئي وئي ۽ ڪهڙي سال ۾؟ ايئن ته مولوي ثناءُالله ثنائي جي شاعريءَ تي لاڙڪاڻي جي پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد به ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي، پر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ مولوي ثناءُالله ثنائيءَ جي ذڪر ۾ اهڙي ڳالهه ڪانه لکي آهي. هتي ادب سان عرض ڪجي ٿو ته، جڏهن ڪنهن جي لاءِ به معلومات ڏيو ٿا ته مهرباني ڪري پوري، مڪمل ۽ صحيح معلومات ڏيو. اڻ پوري، اڌوري ۽ ناقص معلومات ڏيڻ مان فائدو؟
    مولانا ابوالڪلام آزاد جي جڳ مشهور ڪتاب ”انسانيت موت ڪي دروازي پر“ جو ترجمو علي محمد راهوءَ ”انسانيت موت جي دروازي تي“ ڪيو هو ۽ نالو ڏنو هئائينس تذڪره پر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري تذڪره جي بجاءِ ان کي اخلاقيات لکيو آهي! پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ شيخ فريد الدين عطار جي مشهور ڪتاب ”منطق الطير“ جو ترجمو ”پکين جي پارليامينٽ“ جي نالي سان ڪيو هو، جيڪو تصوف بابت آهي، پر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري کي اهو ڪتاب فلسفو نظر آيو ۽ فلسفو ڪري لکيو اٿس. صفحو ۶۰۶ تي سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي مشهور ۽ ايوب خان جي حڪومت واري دور ۾ بندش پيل، خطن تي مشتمل ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ کي شيخ اياز جو شعري مجموعو قرار ڏئي ٿو! شيخ اياز جا ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”جل جل مشعل جل“ شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ شامل آهن، جڏھن ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد انهن کي الڳ الڳ ڪري لکيو آهي. ڪنهن زماني ۾ واقعي اهي الڳ الڳ شايع ٿيا هئا پر ڪتابي صورت ۾ نه، پر ”روح رهاڻ“ رسالي ۾. اهي جڏهن ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ شامل آهن ته پوءِ الڳ الڳ لکڻ جي ضرورت؟
    ضميمي ۾ ڪتاب جي صفحي ۵۸۴ تي بالي ۽ ناز واري خيرپور جي رهاڪو، غلام اصغر ونڊير جي اصطلاحن بابت لکيل ڪتاب ”سنڌي کٽمٺڙا“ کي ٻولي قرار ڏئي ٿو! سنڌ جي هڪ لاثاني سپوت ۽ دانشور حضرت علامه آءِ آءِ قاضي جي احوال ۾، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، سندس مشهور ڪتاب Adventures of brown girl in search of God جي ترجمي بابت لکي ٿو؛ اهو مقبول ماهوار ”رهبر“ ڊائجيسٽ ۾ ”سانوري ڇوڪري سائين جي تلاش ۾“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. هتي سوال آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي جي هن مشهور ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. حضرت علامه صاحب جو اصلي انگريزي لکيل ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو هو. ان جو ذڪر ڪرڻ پڻ بيحد ضروري هو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد صاحب کي اهو پڻ لکڻ کپندو هو ته علامه صاحب اهو ڪتاب جارج برنارڊشا جي ڪتاب ”ڪاري ڇوڪري حق جي تلاش ۾“ جي جواب ۾ لکيو هو. ڊاڪٽر عابد لغاري صاحب، ضميمي واري حصي جي صفحي ۵۹۶ تي سابق ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن ۽ سابق وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ۽ سابق وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو ذڪر به سندس وفات واري تاريخ ڏيڻ کان سواءِ ڪيو آهي.
    سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو اهم ڪارنامو هي به هيو ته شاهه صاحب پنهنجي وائيس چانسلريءَ واري دَور ۾ سنڌ جي هڪ دانشور ۽ عالم، مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه هوندي به پي ايڇ ڊي جي شاگردن جو گائيڊ مقرر ڪيو هو. مرحوم قاسمي صاحب جي زير نگراني، ڪافي اديبن ۽ پروفيسرن پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي هئي. شايد ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ڊگري به مرحوم قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. جڏھن ته سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو اهو به رڪارڊ آهي ته هو واحد سنڌي عالم، اديب ۽ پروفيسر هيو، جيڪو قومي اسيمبليءَ جو ٿاڦيل ميمبر نه، پر چونڊيل نمائندو هو. ان جو ذڪر ڪرڻ به بيحد ضروري ۽ لازمي هو.
    ڪتاب (ضميمي) جي صفحي ۵۹۴ تي پير محمد ابراهيم جان سرهندي جي احوال ۾ ڊاڪٽر عابد لغاري لکي ٿو:
    ”سائين جي ايم سيد جي خلاف جذباتي انداز ۾ ”سنڌ سونهاري“ نالي ڪتاب لکيائين، ڪتاب سان اتفاق ڪجي يا نه؟ پر پير صاحب جي ٻوليءَ کي هر ڪنهن واکاڻيو!“ هتي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد جي لکيل جملي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ته الائي ڪنهن پير جان سرهندي جي ٻوليءَ کي واکاڻيو هيو؟ پراوا ۽ غير جانبدار اديب، عالم ۽ عام پڙهندڙ ته پري رهيا پر جيتري قدر منهنجي واقفيت واري حلقي جي ڳالهه آهي ته خود پير صاحب جي پنهنجي ئي مخصوص حلقي ۽ مڪتبهء فڪر وارن کي پير صاحب جي ٻوليءَ تي سخت اعتراض هو. پير جان سرهنديءَ پنهنجي ان شاهڪار ڪتاب ”سونهاري سنڌ“ ۾ سائين جي ايم سيد کي جيئمڙو ڪري لکيو هو. ڇا اهڙي سنڌي ٻوليءَ کي ساراهه جوڳو چئي سگهجي ٿو؟ پاڪستان جي پهرئين چونڊيل صدر ۽ وزيراعظم ۽ سنڌي سپوت، قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جا مشهور مخالف اديب ۽ اخباري ڪالم نگار، جڏهن پنهنجي مضمونن ۾ ڀُٽي صاحب جو ذڪر ڪندا آهن ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو يا ڀٽو صاحب، يا فقط لفظ ڀٽو تي اڪتفا ڪندا آهن يا ڪندا هيا، پر پاڪستان، سنڌ ۽ برصغير جي اهم سياستدان، اديب ۽ دانشور سائين جي ايم سيد لاءِ اهڙا نازيبا ۽ ڪرڀ ڀريل الفاظ لکڻ واري جي ڪير ساراهه ڪندو؟ يا ڪنهن ساراهه ڪئي هوندي؟ اهو پڙهندڙ پاڻ به اندازو لڳائي سگهن ٿا! ”سنڌ سونهاري“ جهڙي ڪتاب جي رد عمل ۾ ”شيخ المشائخ“ جهڙو ڪتاب به ته لکيو ويو هو ۽ يقيناً ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي نظر مان ضرور گذريو هوندو. جتي ”سنڌ سونهاري“ جهڙي اڻوڻندڙ مواد واري ڪتاب جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اتي ”شيخ المشائخ“ نالي واري ڪتاب جو ذڪر، محمد عثمان ڏيپلائي واري احوال ۾ اچڻ گهربو هو.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته هي عاجز ٻنهي ڪتابن جي شايع ٿيڻ تي ڏکارو ۽ معترض رهيو آهي. اهڙي ڳالهه مون استاد بخاري، ذوالفقار راشدي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان ان زماني ۾ ئي ڪئي هئي، جن مون سان اتفاق ڪيو هو.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ڪتاب جي ”ضميمي“ ۾ صفحي ۵۹۸ تي سنڌ جي هڪ بهترين شاعر ۽ نالي واري شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي احوال ۾ لکي ٿو:
    ”(مخدوم صاحب) پاڻ جميعت الشعراءِ سنڌ جو روح روان ۽ ڪيترو ئي عرصو ان جو صدر پڻ رهيو. جنهن هيٺ ڪيتريون ئي مشهور ڪانفرنسون ٿيون. سندس ادبي ذوق جي ڪري ڪيترو ئي عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو.“ عجيب جملو هي آهي ته هو (مخدوم صاحب) ادبي ذوق جي ڪري ڪيترو ئي عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو! ان جي معنيٰ اها ٿي مخدوم صاحب ۾ ٻي ڪابه قابليت ڪا نه هئي، سواءِ ادبي ذوق جي. ان ڪري هو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو! ائين ته سنڌ ۾ نالي ماتر اديب ۽ عام پڙهندڙن مان ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن، جن وٽ سٺي لائبرري آهي ۽ وڏو ادبي ذوق به رکن ٿا. ان جو مطلب پوءِ اهو ٿيو ته اهڙي ادبي ذوق رکندڙ شخص کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي. رڳو ادبي ذوق سنڌي ادبي بورڊ جهڙي وڏي اداري جي چيئرمين جو معيار آهي ڇا؟
    لاڙڪاڻي جي اديب ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي جي احوال ۾ ”ضميمي“ واري حصي جي صفحي نمبر ۶۲۱ تي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري هن طرح لکي ٿو:
    ”ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ولد حاجي غلام حسين ميمڻ، شڪارپور جي هڪ ڳوٺ ماڙي ۾ ڄائو، پر تعليم ۽ نوڪري جي لحاظ کان، سڄي عمر لاڙڪاڻي ۾ رهيو. اتان ئي گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج ۽ اڪانامڪس ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي هن ڳالهه سان ڪير اتفاق ڪندو ته ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي نوڪريءَ وارو سڄو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريو! ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پروفيسر ٿيڻ کان اڳ ۾ اريگاشن کاتي ۾ اوورسيئر هيو ۽ بعد ۾ پراڻي سکر جي منڍ ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل هڪ خانگي تعليمي اداري اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن پاڪستان جي صدر جناب ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ جي سڀني خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي، پنهنجي پاليسيءَ موجب، سرڪاري تحويل ۾ ورتو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ٽيچر، ليڪچرار ۽ پروفيسر راتورات سرڪاري ملازم بڻجي پيا. اهڙن پروفيسرن ۾ مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به شامل هو. ۱۹۷۲ع کان پوءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سکر جي نيشنلائيزڊ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو رهيو، پوءِ گورنمينٽ نيشنلائيزڊ آرٽس ڪاليج رتوديرو جو پرنسپال (سال ۷۵-۱۹۷۴) ۽ بعد ۾ شڪارپور جي، قومي تحويل ۾ ورتل، شاهه لطيف ڪاليج ۾ پڻ پرنسپال رهيو هو. اورسيئري دوران، دادو ۾ به رهيو هو. ان حالت ۾ اهو ڪيئن مڃجي ته مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي نوڪري وارو سمورو عرصو لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ”ضميمي“ واري حصي ۾ ساڳئي صفحي تي ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتابن جي وچور ۾ لاڙڪاڻي جي ميونسپل ايمپلائيز ايسوسيئيشن طرفان شايع ٿيل مشهور ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ کي به ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ترتيب ڏيکاري ٿو. اصل ۾ ايئن ناهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”لاڙڪاڻو- ساهه سيباڻو“ ڪتاب جو مرتب نه هو.
    ڪتاب جي صفحي (”ضميمي“ وارو) ۵۶۴ تي، شڪارپور شهر جي مشهور باڪمال صوفي شاعر فقير غلام علي مسرور جي احوال ۾ ڊاڪٽر عابد لغاري فقير غلام علي مسرور کي صفحي ۵۶۴ تي بدويءَ جي بجاءِ سومرو لکي، سندس تعارف هن ريت ڪرائي ٿو: ”شڪارپور ۾ ڄائو، پرائمري استاد هيو.“
    هتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا فقير غلام علي مسرور سومرو به هيو ۽ پرائمري استاد به؟ حقيقت هن ريت آهي ته فقير غلام علي مسرور نه ذات جو سومرو هيو ۽ نه ئي پرائمري استاد هيو. فقير غلام علي مسرور کي چار پٽ آهن، جن جا نالا هي آهن: لعل بخش بدوي، رحيم بخش بدوي، ميران بخش بدوي ۽ سنڌ جو مشهور ۽ معروف پي ٽي وي ملازم، شاعر مسرور بيدل بدوي. جناب مسرور بيدل، لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽر ساغر ابڙو جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ”صوفي“ پبليڪيشن جي فيبروري ۲۰۰۴ع واري شماري ۾ پنهنجي والد صاحب مرحوم غلام علي مسرور بدويءَ بابت هڪ مضمون، ”ويهين صديءَ جو باڪمال صوفي ۽ شاعر فقير غلام علي مسرور“ جي عنوان سان لکيو آهي، جنهن ۾ لکي ٿو:
    ”فقير غلام علي مسرور بدوي عالم ملڪوت مان، عالم ناسوت ۾ پاڻ پسائڻ ۽ حق جي ثابتي ڏيڻ لاءِ فقيري ويس وٺي شڪارپور جي معروف تعليمدان، رحيم بخش احمداڻي بدويءَ جي ڀاڳڀري گهر ۾ تاريخ پهرين جولاءِ سن ۱۸۹۴ع مطابق ۲۶ ذوالحج ۱۳۱۱ هجري جمعي ڏينهن تولد ٿيو. (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، پنهنجي طرفان فقير غلام علي مسرور بيدل جي ولادت جو سن ۱۸۹۳ع لکيو آهي)... ابتدائي انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين پر ميٽرڪ دوران سندس والد کيس سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو، پر انگريزي زبان کي پنهنجي روحاني آزادي ۾ رڪاوٽ سمجهي، ٽن مهينن ۽ يارهن ڏينهن کان پوءِ، پڙهڻ ڇڏي هليو آيو. تاهم ۱۹۱۰ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد تپيداري ٽريننگ اسڪول حيدرآباد سنڌ ۾ ٽريننگ ورتائين. ملازمت دوران فقير سائين مسرور حيدرآباد، نوشهرو، شهدادپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به رهيو. پهرين آڪٽوبر ۱۹۴۸ع تي جـمـعـي ڏيـنـهـن بـحـيـثـيـت سپروائيزنگ تپيدار چارج ڇڏي موٽي شڪارپور آيو.“
    حيرت آهي ته سواءِ ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري اهو ڪيئن لکي ڇڏيو ته، فقير ميان غلام علي مسرور بدوي نه پر سومرو هيو ۽ پرائمري ماستر به رهيو هو؟!
    شڪارپور جي ڄائي مرحومه بادام ناتوان کي سنڌي ادب ۾ خاتون اول جو درجو حاصل آهي. مرحومه بادام ناتوان ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر ميهڙ کان اوڀر طرف ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ گهاڙيءَ جي زميندار رئيس عبدالباقيءَ سان پرڻيل هئي. سندس اولاد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شعبي اقتصاديات جي پروفيسر محترمه نسيمِ ٿيٻو ۽ مشهور اسٽوڊنٽ، قوم پرست ليڊر ۽ اديب محترم مير ٿيٻو ۽ ميهڙ تعلقي جو زميندار محترم گلزار ٿيٻو شامل آهن. پر اسان جو محقق ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ”ضميمي“ جي حصي (صفحي ۶۱۱) ۾ مرحومه بادام ناتوان لاءِ لکي ٿو:
    ”بيگم محمد حسن ٿهيم شڪارپور ۾ ڄائي، علم و ادب جي انتهائي باذوق خاتون هئي.“ هاڻي پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ۽ علم و ادب جي هڪ اهم خاتون، جنهن کي گذاري وئي ڪي صديون به ڪونه گذريون آهن، جنهن جي ماشاالله اولاد به خير سان حال حيات آهي. ان جي باري ۾ ههڙي غلط معلومات لکڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ ڪاڏي ٿهيم ذات ۽ ڪاٿي ٿيٻو؟
    ڪتاب ۾ ڏنل ”ضميمي“ جي صفحي ۶۱۹ تي سنڌ جي مشهور ۽ معروف قلمڪار مرحوم محمد علي جوهر جي احوال ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکي ٿو:
    ”عربيءَ ۽ فارسي تي عبور سان گڏ ڪجهه انگريزي سان به تعلق هوس. زميندار ۽ ٺيڪيدار هجڻ جي باوجود نظم ۽ نثر تي سٺي پهچ هيس!“ خبر ناهي ته هتي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ جي هن جملي لکڻ جو مقصد ڇا آهي ته زميندار ۽ ٺيڪيدار هجڻ جي باوجود نظم ۽ نثر تي سٺي پهچ هيس. قلم ته قدرتي ڏات آهي. ائين ته سائين جي ايم سيد، حضرت علامه آءِ آءِ قاضي، راشدي برادران، عطا محمد حامي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، مرحوم سائين ميران محمد شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، نواب بهاول خان بهاول (تاجپور جو نواب)، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ وارو وغيرھ، سڀني صاحبان جو تعلق زميندار گهراڻي سان هيو. سڀئي نظم يا نثر، ٻنهي تي عبور رکندڙ هيا. پو انهن لاءِ ڇا چئجي! مون هتي فقط اهي نالا لکيا آهن، جن جو ذڪر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ پنهنجي ”ضميمي“ ۾ ڪيو آهي، نه ته اهڙا زميندارڪا ٻار/نوجوان کوڙ هيا، جن ادبي ۽ شاعراڻي دنيا ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. جن ۾ نسيم کرل، عبدالڪريم پلي ۽ ذوالفقار راشدي شامل آهن ۽ ڪنهن حد تائين قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جو نالو به کڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب به اهل قلم هو. پو ڇا هنن لاءِ اهو لکي سگهجي ٿو ته، هيا ته زميندارڪا ٻار پر اهل قلم هيا؟! معنيٰ زميندارڪو ذهين نينگر يا پيراڻي خاندان سان واسطو هجيس يا ٺيڪيدار ۽ خوشحال خاندان جو فرد هجي ته اهو اهل قلم ٿي نه ٿو سگهي! اهل قلم هئڻ ته فخر جهڙي ڳالهه آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري، ”ضميمي“ واري حصي ۾ ڪتاب جي صفحي ۵۵۸ تي سنڌ جي هڪ مانائتي اديب ۽ شاعر مرحوم محمد صديق مسافر (۱۹۶۱-۱۸۷۹) بابت لکي ٿو:
    ”محمد صديق ولد گلاب خان، ٽنڊو باگو ضلع بدين ۾ ڄائو.... پاڻ به ڪيتريون ئي اخبارون جاري ڪيون هئائين. (اهڙين اخبارن جا نالا؟) سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو روح روان هو. هن اداري اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري علم و ادب جي وڏي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي ادبي شهپارا ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪيا.“
    خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جهڙو عالم ۽ اديب، ۱۹ صدي ڇا کي سڏي ۽ سمجهي ٿو؟ ڳڻپ جي لحاظ کان ۱۹ صدي پهرين جنوري ۱۸۰۰ع کان شروع ٿي، ۳۱ ڊسمبر ۱۹۰۰ تي ختم ٿيندي. ان جي وچ ڌاري جي معنيٰ ۱۸۴۰ع کان ۱۸۵۵ع وارو عرصو. هاڻي لغاري صاحب پاڻ انصاف ڪري ته جڏهن محمد صديق مسافر مرحوم، پنهنجي ڄمڻ کان ۳۰ سال اڳ ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي جو روح روان ڪيئن بڻيو؟! حقيقت هيءَ آهي ته سنڌي ادبي سوسائٽي جو وجود نه ۱۹ صدي ۾ هيو ۽ نه ئي ان سوسائٽيءَ ۱۹ صدي ۾ ڪي ڪتاب شايع ڪيا هيا. جڏهن وجود ئي ڪونه هوندو ته ڪتاب ڪٿان شايع ٿيندا؟ سنڌي ادبي سوسائٽي جو وجود ويهين صدي ۾ پيو هيو ۽ ڪتاب به ويهين صديءَ ۾ ئي شايع ٿيا، نه ڪي ۱۹ صديءَ ۾، جيئن ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکيو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي قلم جو ڪرشمو هيءُ به آهي ته هڪ مشهور پر مري ويل شاعر کي هڪ ڀيرو ٻيهر زندهه ڪري لڏپلاڻ ڪندي ڏيکاري ٿو. سنڌ جي مشهور شاعر ۽ نواب شاهه سان تعلق رکندڙ پرسرام ضيا کي ڪير نه سڃاڻي؟ سندس مشهور غزل ”تون ياد ڪرين نه ڪرين، مان ياد ڪريان ٿو“ پرسرام ضيا جي ڳوٺائي مرحوم غلام رسول ڳائي، نه رڳو پاڻ کي پر شاعر پرسرام ضيا کي به امر ڪري ڇڏيو. پرسرام ضيا جو غلام رسول جي آواز ۾ ڳايل ڪلام، اڄ به حساس دليون رکندڙ انسانن کي ٻن ٽن منٽن لاءِ چپ ڪرائي ڇڏيندو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ”ضميمي“ (صفحي ۵۵۶) ۾ پرسرام ضيا بابت لکي ٿو:
    ”پرسرام ضيا، وفات ۱۹۳۵ع، نوابشاهه جو باڪمال شاعر هو، ورهاڱي بعد هندستان هليو ويو.“ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته هڪ انسان ۱۹۳۵ع ۾ مري وڃي ٿو ته اهو ٻارنهن تيرهن سالن کان پوءِ يا ان کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ ڪيئن زنده ٿيو، جو لڏپلاڻ ڪري هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ هليو ويو؟ هي ته قيامت جا آثار آهن. جڏهن الله تعالى جي واعدي موجب انسان هڪ دفعو ٻيهر زنده ڪيا ويندا. ڇا اصلي قيامت کان اڳ ۾ ئي ڪا قيامت به ٿي هئي جو مرده هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ٿي پيا هيا؟! ۽ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا هئا؟!
    سنڌيءَ جي مايه ناز اديب ۽ دانشور، ٽماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مرحوم غلام محمد گراميءَ جي احوال ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صفحي ۶۰۱ تي لکي ٿو:
    ”غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان ميهڙ ضلع دادو ۾ ڄائو، علم ادب جي ذوق ۽ شوق ۾ سيد حاجي علي اڪبر شاهه جي ذاتي نظرداريءَ سبب هن عالمن، اديبن، صحافين ۽ شاعرن ۾ وڏي اهميت ماڻي.“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي هن لکڻ مان مراد ڇا سمجهون؟ ته مولانا گرامي بذات خود ڪجهه به نه هيو، پر اهو سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ وارو هيو، جنهن جي ڪري کيس اهميت ملي! اڳتي هلي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري لکي ٿو: ”ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڪيترائي مقالا لکيائين جن ۾ ’مشرقي شاعري جا فني قدر‘ تنقيد جو گهڻو نشانو بڻيو.“ مولانا گراميءَ اهو مقالو سڌي طرح شيخ اياز جي دفاع ۾ لکيو هو. هڪ دفعي دادو شهر جي هڪ سوناري ۽ استاد بخاريءَ جي هڪ مداح، پنهنجي رهائشگاهه تي رات جو استاد بخاريءَ جي اعزاز ۾ هڪ محفل جو اهتمام ڪيو هو. ان محفل ۾ سڄي سنڌ کان ناميارا شاعر آيل هيا. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ، مرحوم غلام محمد گراميءَ جي مقالي ”مشرقي شاعري جا فني قدر“ جي ڳالهه نڪتي ته سنڌ جي ڀلوڙ شاعر، سائين نياز علي شاهه محسن ڪڪڙائي چيو؛ اسان ساڄي ڌر واري ادبي لڏي ڏانهن مولانا غلام محمد گراميءَ جي ان مقالي جو قرض اڃا باقي رهيل آهي ۽ اسان جي ادبي لڏي وارو ڌڙو اڃا تائين ته اهڙو مقالو ڪونه لکي سگهيو آهي ۽ نه ئي ان جو جواب ڏئي سگهيو آهي.
    سنڌ جي هڪ شاعر فيض بخشاپوريءَ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري (صفحي ۶۰۴) تي لکي ٿو: ”فيض الله خان ولد مصري خان ڊومڪي، بخشاپور (ڪشمور، ڪنڌڪوٽ) جو رهاڪو، غزل جو شهنشاهه، خطابن ۾ تغزل (خطابن ۾ تغزل ڇا معنى؟) ۽ غالبِ سنڌ پنهنجي انداز جو منفرد شاعر، اردو سنڌي مشاعرن ۾ مجمعي تي حاوي ٿيندڙ، حڪومت پاڪستان کان تمغه حسن ڪارڪردگي مليل، الفاظ ۽ خطابت اهڙي جو ڪنهن به اديب، شاعر يا دانشور جي حصي ۾ نه آئي.... ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن سان ڪڏهن راس نه رهيو، بلڪ انهن تي تنقيد ڪندو رهيو!“
    فيض بخشاپوري ڪو ۱۸ يا ۱۹ صدي جو شاعر ڪونه هو، جنهن بابت ماڻهن رڳو ٻڌو هجي ۽ ڏٺو نه هجي. فيض بخشاپوري جي شاعريءَ ۾ سنڌي لفظن جو تعداد ڪيترو هوندو هو! اهو راز ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. سنڌ جي هڪ بهترين شاعر عطا محمد حاميءَ هڪ دفعي ڪنهن مشاعري ۾ جڏهن فيض بخشاپوري، شعر پڙهي لٿو پئي ته سڏ ڪري چيس؛ ”سائين هاڻي هڪڙو سنڌي شعر به ٿي وڃي.“ سنڌ جو اهڙو ڪوبه مشاعرو ڪنهن کي به ياد ڪونهي، جيڪو فيض بخشاپوريءَ سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر استاد بخاريءَ وانگر لٽيو ۽ ڦريو هو! نه ڪي پنڊال مان ڪڏهن آواز آيا ته فيض بخشاپوري کي گهرايو، جڏهن ته استاد بخاري يا وفا ناٿن شاهي ۽ اهڙن کوڙ ٻين شاعرن لاءِ پنڊال مان تقاضا ڀريل آواز ايندا هيا؛ استاد بخاري يا وفا ناٿن شاهيءَ کي ٻيهر گهرايو. جيستائين ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري جي هن جملي جو تعلق آهي ته ”الفاظ ۽ خطابت اهڙي جو ڪنهن اديب، شاعر يا دانشور جي حصي ۾ ڪونه آئي.“ ان جي جواب ۾ عرض آهي ته جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو شمار گذريل ويهين صديءَ جي شعلي زبان ۽ شعله بيان مقررن ۾ ٿيندو هو. خود ڀٽو صاحب اديب هو ۽ ٻه چار ڪتاب به لکيائين. ڇا فيض بخشاپوري فن خطابت ۾ اهڙو ماهر هيو، جيڪو ذوالفقار علي ڀُٽي کي به مات ڏئي ويو هو؟
    ضميمي ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ اهڙن اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي به قلم جي نوڪ تي آندو آهي، جن جو ذڪر ڪتاب جي اصلي مصنف، خانبهادر محمد صديق ميمڻ به ڪيو آهي. خبر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ ڇا سوچي اهڙن اديبن، عالمن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي! مثال طور؛ شمس الدين بلبل جو ذڪر، سنڌ جي ادبي تاريخ جي شڪارپور واري ڇاپي جي صفحي ۵۳۹ تي موجود آهي، جنهن کي خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ميان شمس الدين بلبل ڪري لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ ۵۴۹ صفحي تي ذڪر ڪيو آهي. بلڪ شروعات ئي شمس الدين بلبل کان ڪئي اٿس. اهڙي طرح ضميمي جي صفحي ۵۵۴ تي اڍائي سٽن ۾ آخوند محمد قاسم هالائي جو ذڪر ڪيو اٿس، جڏهن ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي صفحي ۳۵۱ تي ڏاڍي پيرائتي نموني ۾ ڪم ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي صفحي ۴۴۶ (شڪارپور ڇاپو) تي محمد حسن بيڪس (روهڙي) جو ذڪر موجود آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ به سندس ذڪر صفحي ۵۵۴ تي (”ضميمي“ ۾) ڪيو آهي. ٽکڙ جي هڪ نابينا شاعر حافظ حامد ٽکڙائي کي ساريندي سندس ذڪر صفحي ۵۵۵ تي ڪرڻ مناسب سمجهيو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ”ضميمي“ ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ جي مصنف، خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي باري ۾ خيالن جو اظهار صفحي ۵۶۲ تي ڪيو آهي. ڊاڪٽر عابد لغاري لکي ٿو:
    ”خانبهادر محمد صديق ميمڻ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جو بنياد رکيو. ۱۹ صديءَ جي وچ ڌاري هن سوسائٽيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار ڪتاب مختلف موضوعن تي شايع ڪيا.“ هتي به ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ساڳي چُڪ ڪري ٿو، جيڪا هن مرحوم محمد صديق مسافر جي احوال ۾ ڪئي آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري کان ادب سان سوال ڪجي ٿو ته سائين خانبهادر محمد صديق ميمڻ صاحب ڄائو ئي ۱۹ صديءَ جي آخر ۾، ته هن ۱۹ صديءَ جي وچ ڌاري سنڌي مسلم سوسائٽيءَ جو بنياد ڪيئن رکيو هو؟ ۽ اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته ڄمڻ کان اڳ ئي ڪو لازوال ڪارنامو سرانجام ڏئي!
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري ”ضميمي“ واري حصي جي صفحي ۵۷۰ تي سنڌ جي هڪ اهم سياستدان ۽ اديب، سيد ميران محمد شاهه جي باري ۾ لکي ٿو:
    ” سيد ميران محمد شاهه ولد سيد زين العابدين شاهه ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو. زمينداريءَ سان گڏ سياست کي گڏوگڏ هلايائين. پاڻ پاڪستان جو سفير پڻ رهيو.“ ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري هر معروف ماڻهوءَ جي باري ۾ ڏاڍو اختصار کان ڪم ورتو آهي. ميران محمد شاهه نه رڳو پاڪستان جو ٻاهرين ملڪ (اسپين) ۾ سفير هو پر هو ۱۹۳۶ع جي چونڊن کان پوءِ وجود ۾ ايندڙ سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون مسلمان اسپيڪر به رهيو هو. ان کان سواءِ هو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين ۽ پوءِ سيڪريٽري رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تي رهندڙ ۽ سنڌي ٻولي جو اهم اديب غلام رباني آگرو پنهنجي دلڪش ٻوليءَ سان ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي حصي ٻئي ۾ صفحي ۲۱۸ تي سائين ميران محمد شاه بابت لکي ٿو:
    ”سيد ميران محمد شاهه سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري هو ۽ مان نائب سيڪريٽري. هو ۹ مهينا کن ان عهدي تي رهيو. پاڪستان کان اڳ بورڊ جو خود چيئرمين به رهي چڪو هو..... بورڊ جو سيڪريٽري هئڻ سان گڏ هو ان جي بانيڪار ميمبرن مان هئو ۽ مڙني ميمبرن ۾ غالباً سڀني کان سينئر.“ سائين ميران محمد شاهه جي، سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ”رهاڻ“ جو نالو به نه کنيو ويو آهي!
    خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب .سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ واڌارو ڪيو آهي. واڌاري ۾ سنڌ ۾ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو ذڪر ٿيل آهي، پر حيرانگيءَ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي اديب، سنڌ جي اهم اداري سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ۽ سيڪريٽري رهيا هجن ۽ ڪتاب جو نالو به سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ واڌارا هجي ۽ اهڙين شخصيتن جو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي سان ذڪر نه ڪرڻ، ڪجهه کٽڪي ٿو. مثال طور سائين ميران محمد شاهه ۽ مرحوم عثمان علي انصاري به سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو هو، جنهن جو ذڪر جناب غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي ۲۱۰ تي ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنهنجي ”ضميمي“ جي صفحي ۶۰۵ تي سنڌيءَ جي اهم شاعر نارائڻ شيام جو ذڪر فقط ڏيڍ سٽ ۾ ڪيو آهي ۽ نارائڻ شيام جي ڪنهن به شعري مجموعي جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري. اهڙيءَ طرح ساڳئي ئي صفحي تي هڪ نامعلوم شاعر صوفي ساجد بابت ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري رقم طراز آهي:
    ”دوست محمد ولد ولي محمد سمون پنهنجي استاد سرشار عقيليءَ جي نسبت سان معروف رهيو.“ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائن ته صوفي ساجد بابت ههڙي واقفيت ڏيڻ مان سائين عابد لغاريءَ جو مقصد ڇا آهي؟ ته صوفي ساجد پنهنجي استاد سرشار عقيلي جي نسبت سان معروف رهيو.
    حيرت جهڙي ڳالهه ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري پنجاب جي هڪ صوفي شاعر خواجه غلام فريد کي به زوريءَ سنڌ جي ادبي تاريخ جي ”ضميمي“ ۾ شامل ڪيو آهي. ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ آهي. خواجه غلام فريد هڪ پهتل بزرگ ۽ صوفي شاعر هيو ۽ ان وڌ ۾ وڌ ٻه چار ڪافيون سنڌي ۾ چيون هيون. ”ضميمي“ ۾ جيڪڏهن خواجه غلام فريد کي سنڌي ڪافين جي حوالي سان شامل ڪرڻ ضروري هيو ته پوءِ چڪ ڀرڪڻ ڀرسان ضلع شڪارپور جي هڪ ڳوٺ انباهه جي سائين فيض درياءَ شاهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري هيو. سائين فيض درياءُ شاهه به خواجه غلام فريد جو هم عصر شاعر هيو ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. سائين فـيـض دريـاءَ شـاهه جـي ڪـافـيـن وارو ڪتاب ”قـلـنـدري خـطاب“ به شايع ٿيل آهي.
    ”ضميمي“ جي صفحي ۵۶۵ تي ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري هڪ شاعر دولهه دريا خان جو ذڪر ڪري ٿو، پر ان بابت اهو نه ڄاڻايو اٿس ته سندس ڳوٺ ڪهڙو هو؟ سندس والد صاحب جو نالو ڇا هو؟ ان ڪري اهو مغالطو پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙو دولهه دريا خان؟ دريا خان فقير ڪنڊڙيءَ وارو يا اڃا ڪو ٻيو؟ دريا خان نالي هڪ ٻيو به سنڌي شاعر هو، جنهن جو ڳـوٺ هـڱـورجـا هـو پــر دفـن لالـو رائـنـڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب ”ضميمي“ ۾ صفحي ۵۵۲ تي محمد فقير کٽياڻ جي احوال ۾ لکي ٿو:
    ”محمد فقير ولد حيدر خان کٽياڻ، نزد ٽنڊي ڄام جو رهاڪو، نواب فقير ولي محمد لغاريءَ جو معتقد ۽ طالب هو.“ خبر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب کي اهو ڪنهن ٻڌايو آهي يا ڪٿي پڙهيو اٿائين ته محمد فقير کٽياڻ، فقير نواب ولي محمد لغاريءَ جو معتقد ۽ طالب هو؟ پهرين ڳالهه ته معتقد ۽ طالب هجڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڇاڪاڻ ته معتقد هجڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ طالب هجڻ ٻي ڳالهه. حقيقت هن طرح آهي ته محمد فقير کٽياڻ، فقير نواب ولي محمد لغاريءَ جو طالب ڪونه هو، پر محمد فقير کٽياڻ پير پاڳاري جو طالب هو ۽ اها ڳالهه محمد فقير کٽياڻ جي مجموعي ڪلام ”منطوق محمدي“ ۾ لکيل آهي.
    ”ضميمي“ جي صفحي ۵۷۸ تي برصغير جي نامور سياسي شخصيت، سائين جي ايم سيد جي احوال ۾، سندس سياسي چرپر ۽ ڪردار بابت لکيو اٿس، پر اهو ڪونه ڄاڻايو اٿس ته ۱۹۴۳ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪيو هو ته ان جو محرڪ سائين جي ايم سيد هو. اهو به سنڌ اسيمبلي ۾ رڪارڊ تي آهي ته سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي هئي، جنهن سڀ کان اول پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪيو هو. سائين جي ايم سيد ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ جو صدر هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ٺهڻ بابت وڏي جاکوڙ ڪئي هئي. ان جو ذڪر ڪرڻ بيحد لازمي هو.
    ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاريءَ جي ”ضميمي“ ۾ سنڌ جي وڏن ۽ سٺن شاعرن ۽ اهلم قلم کي الائي ڇو جڳهه نه ملي سگهي؟ اهڙن سٺن شاعرن ۾ کيئل داس فاني، دادن فقير، ذوالفقار راشدي، بردو سنڌي، ميان غلام سرور فقير قادري ۽ ٻيا شامل آهن. وڏي ڳالهه ته سنڌ جي هڪ سٺي نقاد مرحوم قربان بگٽيءَ جو الڳ احوال ڪونه ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب بار بار ڪيترن ئي شخصيتن جي احوال ۾ هڪ نقاد طور سندن نالو کڻي ٿو. جهڙوڪ سائين جي ايم سيد (صفحو ۵۷۹) ۽ پير علي محمد راشدي (صفحو ۵۸۱) وغيره. اميد ڪجي ٿي ته سائين ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري آئنده ايڊيشن ۾ سنڌيءَ جي مشهور ۽ معروف قلمڪارن کي مناسب ۽ نمايان حيثيت سان لکندو.


    ضياء شاهه جون ساروڻيون ....

    ضياء شاهه جون ساروڻيون ....

    دُنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ آتم ڪٿا جي وڏي اهميت رهي آهي. آتم ڪٿا ادب جي واحد صنف آهي، جيڪا هر پڙهندڙ لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي به داستان ۽ افساني جو هڪ قسم آهي، پر داستان يا افسانو هڪ خيال آهي ۽ هيءَ هڪ حقيقت. ”انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا“ ۾ آتم ڪھاڻيءَ جي وصف هن طرح بيان ڪيل آهي: ”آتم ڪٿا غير افسانوي ادب جو هڪ قسم آهي، جنھن جو موضوع فرد جي حياتي هوندي آهي.“
    آتم ڪٿا ڇا آهي؟ ان لاءِ مشھور برطانوي ناول نگار بينجامن ڊسرائيلي (۱۸۸۱-۱۸۰۴) لکي ٿو:
    “Read No history, nothing but biography for that is Life without theory”
    (نه تاريخ پڙهو، نه ٻيو ڪجهه، رڳو سوانح عمري پڙهو، ڇاڪاڻ ته اها ڪنھن ٿيوري/نظرئي يا فارمولا هيٺ نٿي لکي وڃي.)
    هڪ ٻيو انگريز اديب ايڊمنڊ چيريو (۱۹۵۶-۱۸۷۵) پنھنجي ڪتاب Biography of beginners ۾ سوانح حيات تي روشني وجهندي چوي ٿو:
    “The art of biography is different from Geography. Geography is about maps but biography is about chaps.”
    (سوانح نگاري جاگرافيءَ کان الڳ ۽ مختلف شي آهي، ڇاڪاڻ ته جاگرافي نقشن جي ڪھاڻي آهي ۽ سوانح نگاري، انسانن جو داستان آهي.)
    مشھور مفڪر ٿامس ڪارلائل چوي ٿو:
    “No great men live in vain. The history of the world is but the biography of great men.”
    (ڪوبه اُتم ماڻھو زندگي اجايو نٿو گهاري. دنيا جي تاريخ ڪجهه به ناهي سواءِ اُتم انسانن جي ڪٿا جي.)
    چيو وڃي ٿو ته آتم ڪھاڻي ايتري پراڻي آهي؛ جيترو خود انسان. ڪن زبانن ۾ ته هزارين سال پراڻيون آتم ڪھاڻيون موجود آهن. سڀ کان انوکي ڳالهه ته دنيا جي سڀني ٻولين/زبانن ۾ انسانن جي آتم ڪٿا موجود آهي. اردو زبان جي هڪ اديب شميم نويد روزاني ”ايڪسپريس“ جي سومر واري ايڊيشن ۾ لکيو آهي ته؛ هو ۱۹۹۲ع ۾ دهلي (انڊيا) پنھنجي مائٽن سان ملڻ ويو. دهلي شھر جي هڪ پاڙي بلي ماران (ٻلي ماريندڙ) ۾ ڪراچي جي ريگل چوڪ ۽ حسن اسڪوائر وانگر پراڻن ڪتابن جا دوڪان آهن. هُن پنھنجي ساهراڻي آڪھه مان هڪ مائٽ سليمان صابر سان، پنھنجي زال کي بلي ماران ۾، پراڻن ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. موٽندي مائيءَ جي هٿن ۾ ٻه پراڻا، پر ناياب ڪتاب هئا، جيڪي هن پنھنجي مڙس کي خوش ٿيندي ڏنا. مٿان چيائينس؛ هي ٻئي نادر ۽ ناياب ڪتاب آهن، توڙي جو ڪٿان ڪٿان اڏوهي کاڌل آهين پر ڏاڍي ڪم جا آهن، ڇاڪاڻ ته هي ٻئي ڪتاب، هڪ جن ۽ هڪ جنڙيءَ جون آتم ڪٿائون آهن، جيڪي هنن پنھنجي مرشد حافظ رحمت علي کي ٻڌايون هيون. حافظ رحمت علي سندن زباني ٻڌايل ڳالھين کي اردو زبان ۾ قلمبند ڪيو. حافظ رحمت علي ڪيترن ئي جنن جو مرشد هيو ۽ سندس مزار دهليءَ جي مشھور اولياءَ خواجه بختيار ڪاڪي رحه جي مزار جي اڱڻ ۾ آهي. جنڙيءَ جي آتم ڪٿا جو نالو ”دينار“ آهي.
    ڪن آتم ڪھاڻين دنيا ۾ وڏو ٿرٿلو مچايو. مثال طور؛ سينٽ آگسٽس جي ”اعترافن“ مذهبي دنيا ۾ وڏو ٻڙڌڪ مچايو، جين جيڪس روسو جي ”اعتراف“ وري ادبي دنيا ۾ وڏو غوغاءُ پيدا ڪيو.
    سنڌ جي هڪ اديب ۽ آثار قديمه جي ماهر مرحوم تاج صحرائي به استاد بخاريءَ جي ڪتاب ”اوتون جوتون“ جي مھورت ٿيڻ کان ٿوري جهٽ پھريائين ڪيفي فردوس، نيو چوڪ، دادوءَ ۾ استاد بخاريءَ سميت ويٺل دوستن جي اڳيان اهو ٻڌايو ته مان به پنھنجي جيون ڪھاڻي ”اعتراف“ (Confessions) جي نالي سان لکي رهيو آهيان. ان ۾ مان ڪابه ڳالهه لڪائي نه رکندم. پر الائي ڇو نه لکيائين؟ حالانڪ مون ڪيئي دفعا کانئس پڇيو. کلي چوندو هيو؛ آتم ڪٿا لکڻ ڪو ڀوڳ ڪونھي، سوچيان ٿو ته ڇا لکان ۽ ڇا نه لکان؟ پنھنجي وفات کان هڪ هفتو اڳ، رات جو ۹ بجي فون ڪري سيوهڻ ۽ قلندر جي ميلي ۾ رٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ اچڻ ۽ مقالي پڙهڻ لاءِ زور ڀريائين. مون کانئس سندس ”اعتراف“ لاءِ پڇيو. چيائين؛ نذير! اهڙا اعتراف، تو شايد سڄي زندگي ڪونه پڙهيا هوندا، جيڪي مان ڪندم. افسوس جو قلمي اعتراف ڪرڻ کان اڳ، هڪ وڏي حقيقت يعني موت جو اعتراف ڪيون هليو ويو. ڏک اهو به اٿم ته تيار هوندي به مان سيوهڻ جي ادبي ڪانفرنس ۾ نه وڃي سگهيو هوم. ميلي مان موٽيل ٻن اديبن ۽ شاعرن؛ مقصود گل ۽ مختيار گهمرو ٻڌايو ته؛ تون ميلي ۾ نه ايئن! سائين تاج محمد صحرائي، هر هر بي چين ٿي، تنھنجي لاءِ پڇندو رهيو، ڏاڍو منتظر رهيو تنھنجي لاءِ.
    ڪئناڊا جي وزيراعظم جي زال مارگريٽ ٽروايڊا جي آتم ڪٿا ”عقل کان ڪجهه مٿڀرو“ به دنيا جي علم ادب جي شوقينن ۽ اديبن/شاعرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته مارگريٽ پنھنجي جيون آکاڻيءَ ۽ زندگيءَ جا ڪڙا سچ ۽ حقيقتون، جيئن جو تيئن لکيون آهن جو پڙهندڙن کان ڇرڪ نڪري ويا. چيائون؛ هان! اهڙو سچ به پني تي لکي سگهجي ٿو!
    اردوءَ جي شاعرِ انقلاب جوش مليح آبادي جي جيون ڪٿا ”يادون ڪي بارات“ ۳۰ سال گذري وڃڻ کان پوءِ به اردو ادب جي ماڻھن ۾ ڪچھريءَ جو موضوع آهي.
    اردو جي مشھور اديب خامه بگوش (ڪَنَ تي قلم) جي پردي ۾ لڪل بي مثال نقاد، مشفق خواجه جا لفظ ڪاڏي وڃن ته؛ آتم ڪٿا ۾ ڪوڙ ۽ زٽ هڻڻ جي گهڻي گنجائش موجود هوندي آهي!
    انڊيا جي صوبي اَوڌَ جي تاجدار واجد علي شاهه پنھنجي خود نوشت ”محل خانه شاهي“ ۾، جيڪا بعد ۾ِ ”پري خانه“ جي نالي سان اردو ۾ لکنو مان شايع ٿي ھئي، وڏا زٽ هنيا آھن. پنھنجي لا لکي ٿو ته؛ ۸ سالن جي عمر ۾ پھريون عشق ڪيم.
    ساڳي ڳالهه اردو جي متنازعه شاعر رئيس امروهيءَ جي ڀاءُ ۽ اردو اديبه زاهده حنا جي سابق مڙس، جون ايليا پڻ پنھنجي شاعري جي مجموعي جي مھاڳ ۾ لکي آهي يعني جون ايليا به ۸ سالن جي عمر ۾ پھريون عشق ڪيو هو. عمر ۸ سال ۽ عشق؟! هي ماڻھو مجنونءَ کي مات ڏئي ويا!
    البرٽ هبرڊ آتم ڪھاڻين جي باري ۾ چوي ٿو:
    “Biography broadens the vision and allows us to live a thousand lives in one.”
    (ڪٿا اسان جي شعور ۾ واڌارو آڻي ٿي ۽ اسان کي هڪ زندگيءَ ۾ هزارين زندگيون گذارڻ جي لائق بڻائي ٿي.)
    آتم ڪٿا قابلِ مطالعه ٿئي ٿي. ان کي پڙهندي، بقول هڪ مفڪر البرٽ هبرڊ اها اسان جي مسرت ۽ شعور ۾ اضافو آڻي ٿي. ڪٿي ڪي واقعا پڙهندي عبرت حاصل ٿئي ٿي.
    ڪن ماڻھن ته پنھنجي جيون ڪھاڻي ۾ واهه جا زٽ ۽ ڪُوڙ هنيا آهن. آتم ڪٿائون لکندڙ الائي ڇو اکيون ٻوٽي بند ڪمرن ۾ لکڻ وقت اهو به نه ٿا سوچين ته پڙهندڙ ٻئي اکيون کولي ۽ چٽيءَ روشنيءَ ۾ پڙهندا ھوندا.
    مثال طور مشھور پاڪستاني فلمي ڊائريڪٽر ڊبليو زيڊ احمد جي ڀاءُ، انڊيا جي مشھور ڪميونسٽ ليڊر ڊاڪٽر زيڊ اي احمد جي آتم ڪٿا، هونءَ ته پڙهڻ جھڙي آهي پر اهو به هڪ ٻن جاين تي کِسڪي ويو آهي. ڊاڪٽر زيڊ اي احمد مشھور اديب ۽ لاهور جي ترقي پسند رسالي ”ادبي دنيا“ جي ايڊيٽر مولانا صبيح الدين احمد جو سڳو ڀائيٽو هو ۽ سنڌ جي نامياري سياستدان ۽ سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي گهر واري، سندس سڳي پُڦي هئي. ڊاڪٽر زيڊ اي احمد سنڌ جي تاريخي شھر عمرڪوٽ ۾ ۱۹۰۸ع ۾ ڄائو ۽ ۱۹۹۹ع ۾ لکنؤ ۾ فوت ٿيو. ڊاڪٽر زيڊ اي احمد پنھنجي آتم ڪٿا ۾ اُهو به لکي ٿو: ”منھنجي سڳي ڀيڻ صادقه بيگم جي شادي الله آباد (انڊيا) جي هڪ مشھور ۽ معروف وڪيل پر هڪ هندو، شيکر سرن سان ٿي.“ اڳتي هلي هو هند ۽ سنڌ جي مشھور عالم شمس العلماءُ دائود پوٽي کي ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جي ممبيءَ کان ڌار ٿيڻ وقت رٽائر ڏيکاري ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر دائود پوٽو، سنڌ جي سابق گورنر عظيم دائود پوٽي جو والد بزرگوار، پاڪستان ٺھڻ وقت به ۵۵ سالن جو ڪونه ٿيو هو. ان وقت سرڪاري ملازم جي رٽائر ٿيڻ جي عمر جي آخر حد ۵۵ سال ھئي. ڊاڪٽر دائود پوٽو پاڪستان جي قيام کان پوءِ به سنڌ ۾ ڊئريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ھئو. اھو عھدو موجوده سيڪريٽري تعليم جي عھدي برابر هو.
    محترم ضياء شاهه، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾، ڪنھن به رسمي تعارف جي ضرورت نه ٿا رکن. ضياء شاهه جي جيون آکاڻي ”ساروڻيون“ جي نالي سان ماهوار ”سوجهرو“ ۾ قسطوار ڇپجي رهي آهي. ضياء شاهه پنھنجي آتم ڪٿا کي بابن ۾ ورهائڻ بجاءِ، انگي حسابن وارن انگن ۾ ورهائي ٿو. هن وقت يعني مئي ۲۰۰۳ع تائين، ضياء شاهه جي جيون ڪھاڻيءَ جون ۲۰ قسطون ۽ انگ ۲۸۴ تائين اچي بيٺو آهي. هر قسط ۾ ضياء شاهه جي ’مان مان‘ پئي ٿي پوي. وٽس لفظن ۽ تشبيھن جي ڏاڍي کوٽ نظر اچي ٿي. مثال: ساروڻي نمبر ۴۱ ۾ لکي ٿو: وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي چونڊن جو اعلان ڪيو. ملڪ ڪر ڀڃي اُٿي کڙو ٿيو. وري ساروڻي نمبر ۴۸ ۾ لکي ٿو: ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع جو ڏينھن ڪر موڙي اٿيو آھي. يعني ڪڏھن ملڪ ٿو ڪَرَ ڀڃي ۽ ڪڏھن ڏينھن ٿو ڪر موڙي؟ معنى ڀُٽي صاحب جي جنوري ۱۹۷۷ع واري چونڊن جي اعلان کان اڳ ملڪ ننڊ پيو هو. يا ايئن ليٽي پيو هو جو چونڊن جي اعلان سان ڪر موڙي اُٿي پيو؟ هي ملڪ ۽ ڏينھن ته نه ٿيا، بلڪ ڪي انسان ٿيا، جيڪي بار بار ڪر موڙي، آرس ڀڃي اُٿي کڙا ٿين ٿا!
    ضياء شاهه خود پسند ۽ خود نمائي ڪندڙ ايترو آهي جو پنھنجي تعريف ۾ مبالغي ۽ وڌا کان ايترو ڪم ورتو اٿس جو لڳي ٿو ڄڻ پاڻ شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ جو هڪ اهم ۽ وڏي ڪم وارو ماڻھو يا اهم سياستدان آهي. انھن ڳالھين جو ذڪر اڳتي ايندو.
    ضياء شاهه ساروڻي نمبر ۴۷ ۾ لکي ٿو: ماضي اڃا پيڇو نٿو ڇڏي. هڪ انسان جي ماضيءَ ڪڏهن سندس پيڇو ڇڏيو آهي؟ ماضي به پيڇو ڇڏيندو آهي ڇا؟ معنى هن وقت يعني جُون ۲۰۰۳ تائين يقينًا ماضي ضياء شاهه جو پيڇو ڇڏي چڪو هوندو؟! ماضي خوشگوار هجي يا ڏکوئيندڙ، ڪنھن به انسان جو قبر تائين پيڇو ڪو نه ڇڏيندو آهي. ايئن لکڻ ته ماضي اڃا پيڇو نٿو ڇڏي ڇا معنى؟
    نمبر ۴۸ ۾ لکي ٿو: ۵ جولاءِ جو ڏينھن ڪر موڙي اُٿيو آهي. شينھن وانگر گجيو پئي. باقي ٻيا ڏينھن گدڙن وانگر اونايون ڪندا آهن. اونھاري جي اُس چورن وانگر ڀتيون ٽپي آئي آهي. اُس ته هر جاءِ/هر گهر/بنگلي جي اڱڻ يا پڌر ۽ ورانڊي تائين پھچندي آهي. ڇا چور ڀتيون ٽپي رڳو اڱڻ ۽ ورانڊن ۾ اچي بيھندا آهن؟ هر روز جيان رڻ ٻري وڃي ٿو. ڏامر جون سڙڪون ٽامڻي هڻي وڃن ٿيون. پاڇا سرڪندا وڃن ٿا. ٽيپھري ڌاري لکيدر چوڪ تي روايتي رونق موٽي اچي ٿي. مان ڪيفي اعجاز ۾ داخل ٿيو آهيان. دخل وارو ٿو چوي: ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيوويو آهي. دستور معطل ٿي ويو آهي. جنرل ضياءءُ الحق وارد ٿي چڪو آهي. منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ٿي.
    ضياءءَ شاهه جي چوڻ موجب؛ ۵ جولاءِ تي هر روز جيان رڻ ٻري وڃي ٿو. ۵ جولاءِ کان اڳ ۾ به ڪو رڻ متو هيو ڇا، جو ۵ جولاءِ تي به روزمره جيان ساڳي طرح رڻ ٻريو؟ شاهه صاحب پنھنجي آتم ڪٿا ٿو لکي يا ڪنھن فلم ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڊرامو، جو پنھنجي ڳالهه ڪنھن فلمي سين وانگي ڏيکاري ٿو؟ ڏامر جون سڙڪون ٽامڻي هڻن ٿيون ۽ وري ٿڏي تي پاڇا سرڪندا وڃن ٿا ۽ هڪدم ٽيپھري به ٿي وڃي ٿي. هيءَ ڪا فلم/ ڊرامي جي سين آهي يا ڪنھن آتم ڪٿا جو حصو؟ جڏهن ڳالهه ٽيپھري واري وقت جي ڪرڻي آهي ته پوءِ ٻن-پھرن جي ٽامڻي هڻڻ جي منظر نگاري ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ ضياء شاهه آتم ڪٿا لکي ٿو يا ڪا فلم يا ڪو ڊرامو؟
    ۴ ۽ ۵ جولاءِ جي وچ واري اڌ رات جو، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ختم ٿي وئي ۽ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳايو ويو. صبح ساجهر کان پاڪستاني ريڊيو ۽ ٽي وي دنيا جون ريڊيو اسٽيشنون هر هر اها خبر ٻڌائينديون رهيون ته ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ۽ مارشل لا نافذ ڪيو ويو. هيءَ ڪا رواجي ۽ خسيس خبر ڪانه هئي، جيڪا سنڌ جي هڪ سٺي تاريخي ۽ ثقافتي ۽ تعليم يافته ماڻھن جي شڪارپور تائين شام لڙندڙ ۽ سرڪندڙ پاڇن تائين پنڌ ڪندي رهي. ضياء شاهه جھڙي اديب، ڄاڻو، سياستدان (شاهه صاحب خود لکيو آهي ته مون کي سياست ۾ ٻيھر آڻڻ وارو فلاڻو ابڙو هو) ۽ شاعر يا ڪيفي اعجاز جي دخل تي ويٺل شخص کي هيءَ هيڏي وڏي ۽ ڇرڪائيندڙ خبر، جنھن سڄي ملڪ جي ماڻھن کي وائڙو ڪري ڇڏيو هو، پيار جي واعدن جيان لڙندڙ ۽ سُرڪندڙ پاڇن يعني ٽيپھري جي وقت پوي ٿي؟ ڀُٽي صاحب جي حوالي سان سندس حڪومت ختم ٿيڻ جي خبر، ٺيٺ ٻھراڙين جي اڻ پڙهيل عورتن کي به، گهر ويٺي پئجي وئي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ماڻھن کي روئڻھارڪو ڪري ڇڏيو هئائين. اها خبر جهنگ جي باهه وانگر سڄي ملڪ ۾ ٻڌي وئي، پر حيرت آهي ته شڪارپور شھر وارا شام تائين بي خبر رهيا! جو کين شام جو اها خبر پئي ته ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا نافذ ڪيو ويو آهي!
    محترم ضياء شاهه، تاريخ ۽ تاريخي ڪردارن سان، ويساهه-گهاتي ڪرڻ ۾ ملڪو رکي ٿو. سندس مرضي آهي ته ڀُٽي صاحب کي زبردستي آزاد ڏيکاري، نئون ديرو پھچائي يا ڪراچيءَ، شاهه صاحب کان ڪير پڇندو؟
    نمبر ۱۷۷ ۾ ضياء شاهه لکي ٿو: مان سال ۱۹۷۷ ڏانھن موٽي اچان ٿو، ذوالفقار علي ڀُٽي کي سھالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو. تڏهن ڪنھن به نه پئي ڄاتو ته جنرل ضياء حدون اورانگهي ويندو. هن ڀُٽي کي ٻاهر وڃڻ جو وجهه به ڏنو. ڪاش ڀٽو برطانيه يا فرانس هليو وڃي ها. آيت الله خميني به ته جلا وطن رهيو هو ۽ اتي ويھي ايران جي انقلاب کي ڪائونٽر ڪندو رهيو. ڀٽو خود سياست کي آرٽ سمجهندو هو. الائي ڇا ٿي ويس؟ ..... جنرل ضياء، ڀُٽي کي پيرول تي به آزاد ڪيو هو پر هو جذباتي بيان ڏيندو رهيو.
    ۴ ۽ ۵ جولاءِ جي اڌ رات جو ڀُٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن وزيراعظم هائوس تي فوج جو قبضو ڪونه ٿيو هو. پنھنجي ملٽري سيڪريٽري جي معرفت ڀُٽي صاحب، جنرل ضياء سان ڳالھايو ته جنرل ضياء چيس؛ سر مان مجبور آهيان. رڳو اهو ٻڌايو ته توهان ڪراچي وڃڻ پسند ڪندؤ يا ڳوٺ نئون ديرو؟ ڀُٽي صاحب نئون ديرو لفظ چئي فون بند ڪرڻ تي هيو ته جنرل ضياء چيس؛ ٺيڪ آ سر، صبح صادق جو اسپيشل جھاز توهان کي نئون ديرو کڻي ويندو. ڀٽو صاحب صبح جو ۹ بجي تائين چانھه ۽ سگار پيئندي منتظر رهيو. اتفاق سان ان رات ڀُٽي صاحب جي سڄي فيملي وزيراعظم هائوس ۾ موجود هئي. صبح جو ۹ بجي اسپيشل جھاز رڳو وزيراعظم ڀُٽي صاحب کي کڻي ڪوهه مري پھچايو ۽ نه سھالا ريسٽ هائوس. جيئن ضياء شاهه لکي ٿو. ثبوت لاءِ ڏسو ۶ ۽ ۷ جولاءِ ۱۹۷۷ جون اخبارون ۽ ان هفتي جا رسالا. ڀٽو صاحب سھالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪونه هو، البته ڀُٽي صاحب جي وزارت جا اهم ماڻھو؛ جناب ممتاز علي ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ مولانا ڪوثر نيازي ۽ قومي اتحاد جا اڳواڻ سھالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيا ويا هئا، جن لاءِ جنرل ضياء جي حڪومت ريڊيو ۽ ٽي وي تي اهو بيان نشر ڪندي رهي ته؛ انھن اڳواڻن کي حفاظتي طور نظربند رکيو ويو آهي. ويجهي ماضيءَ جي تاريخ سان ايڏي هٿ-چراند! هيءَ ڳالهه خود ڀُٽي صاحب ڪيترا دفعا چئي هئي ته؛ جنرل ضياءءُ الحق مون سان ڪيل پوئين واعدي تان ڦري ويو هو. جناب ممتاز علي ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ پروفيسر غفور ان واقعي جا اکين ڏٺا شاهد نه، پر ان واقعي جا بذات خود ڪردار آهن. اهي به تصديق يا ترديد ڪري سگهن ٿا. باقي جيستائين آيت الله خميني ۽ ڀُٽي صاحب جي ڳالهه آهي ته ٻنھي کي مليل حالتن ۾ فرق هو. ايراني قوم سا به اسلام جي هڪ فرقي شيعه سان سلھاڙيل. مون کي نئون ديري ۾، ڀُٽي صاحب جي بنگلي ۾ ڀُٽي صاحب جي ٻارهي تي آيل، مشھور قانوندان ۽ ڀُٽي صاحب جي وڪيل يحى بختيار ٻڌايو ته؛ هڪ دفعي مون ڀُٽي کي عرض ڪندي صلاح ڏني ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي. تنھن تي ڀٽو صاحب ڏمرجي پيو ۽ ڇينڀيندي چيائين؛ تون ڇا ٿو سمجهين ته تاريخ مون کي ڀاڄوڪڙ قرار ڏئي. مان ته ڀڄڻ جي بجاءِ تاريخ جي هٿان مرڻ پسند ڪندم. پر ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ ڀٽو صاحب تاريخ جي بجاءِ فوج جي هٿان مرڻ پسند ڪيو. ضياء شاهه جيڪر تاريخ جي وصف ٻڌائي، ڪجهه وضاحت ڪري ها ته چڱو هو.
    ضياء شاهه چوي ٿو؛ جنرل ضياء، ڀُٽي صاحب کي پيرول تي آزاد ڪيو هو. سوال آهي ته جنرل ضياءءُ الحق ڪھڙي ڪورٽ جو جج هو، جو ڀُٽي صاحب کي پيرول تي آزاد ڪيو هئائين. پاڪستان جي هر فرد کي اها خبر آهي ۽ پاڪستان جي عدليه جي تاريخ شاهد آهي ته ڀٽو صاحب ڪڏهن به ڪنھن به صوبائي ۽ مرڪزي ڪورٽ طرفان پيرول تي آزاد ڪونه ٿيو هو. ڀٽو صاحب ضمانت تي آزاد ٿيو.
    ضياء شاهه شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي جو ڪيترو اهم ماڻھو آهي جو ٻاهران ايندڙ هڪ غير سويلين عملدار پر ان جو نالو لکڻو ناهي، به هڻ مار ڪري، شڪارپور شھر مان ڏس پنڌ پڇائيندو ضياء شاهه کي سلطان ڪوٽ جي مڊل اسڪول ۾ ڳولي لھي ٿو. هڪ ڪم جي معاوضي طور کيس سينيٽر ٿيڻ جي آڇ به ڪري ٿو! ”ساروڻيون“ جي قسط نمبر ۱۲ ۽ انگي نمبر ۱۹۸ ۾ پاڻ لکي ٿو:
    ”هڪ ڏهاڙي اسڪول ۾ هڪ غير سويلين هڪ رٽائرڊ عملدار (نالو ڇا هيس؟) اچي نڪتو. سندس عھدي جو نالو ٻڌي هوند چڱن ڀلن کي ڏڪڻي وٺي وڃي ها. (رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به ايڏو عھدو جو چڱا ڀلا ڏڪي ٿا وڃن!) هو سڌو مون ڏانھن هليو آيو. مون سان ايئن پئي ڳالھايائين ڄڻ اسان جي قلمي دوستي رهي هئي. (ماشاء الله) چي: شاهه صاحب مين ني آپ ڪي تعريف سُني هي. آپ ماشاءَ الله انڌيري مين چراغ ڪي طرح هين. پوءِ اصل مقصد ڏانھن آيو. کيس ڪا زمين انعام ۾ مليل هئي. کيس منھنجو سھڪار گهربل هو. مان اچرج ۾ هوس، منھنجي ڪابه سماجي حيثيت نه هئي ۽ نه وري سردار سلطان احمد خان سان ڏيٺ وائٺ هيم. اسان جي اسڪول ۾ سردار صاحب جا ٻارڙا ضرور پڙهندا هيا، جيڪي مون سان رلي ملي ويا هئا پر مان هڪ صوفي منش هيس. اسڪول کان واندو ٿيڻ، مون لاءِ قيد مان رهائي وانگر هو. سڌو گهر هليو ايندو هوس، ڪنھن سان به عليڪ سليڪ نه رکي هيم. اوچتو وارد ٿيل همراهه ڀروسي سان پئي چيو ته؛ سندس مسئلي جو حل منھنجي سھڪار سان سلھاڙيل آهي. مان نٿو چئي سگهان ته کيس اهو ڏس ڪنھن ڏنو هو؟ هن مون کي انعام جي آفر به ڏني. چئي: مان توهان کي ٽيڪنوڪريٽس جي ڪوٽا ۾ سينيٽر مقرر ڪرائيندس. جنرل ضياء جي دور ۾ ماڻھو خريد ڪرڻ وارو سلسلو هليو پئي، تنھنڪري اها آفر گهڻي عجيب به لڳي پر کيس ٺپ جواب ڏئي ڇڏيم.
    ضياء شاهه جي مٿين ڳالھه، ڪيتري قدر سچي يا من گهڙت آهي؟ هڪ غير سويلين عملدار، معنى فوجي عملدار، جنھن جي عھدي جو ٻڌي، چڱا ڀلا به ڏڪي وڃن ٿا. اهڙي وڏي بااختيار عملدار جو ڪم آهي هن کي انعام ۾ مليل زمين تان هارين جو قبضو ڇڏرائڻ. اهڙي بااختيار غير سويلين عملدار نه گورنر کي چيو، نه ڪنھن ڪمشنر يا ڊپٽي ڪمشنر کي، پر پنڌ ڪري، وقت سيڙائي، مڊل اسڪول سلطان ڪوٽ ۾ پھچي وڃي ٿو. اهڙن بااختيار عملدارن جا ڪم ته ٽيليفون تي اک-ڇنڀ ۾ ٿي ويندا آهن، پوءِ سوال آهي ته اهڙي بااختيار عملدار ضياء شاهه کي ايلاز ڇو ڪيا؟ جڏهن ته خود ضياء شاهه مڃي ٿو ته سندس ڪابه حيثيت ڪانه هئي، پوءِ اهڙي عملدار هڪ ٽيچر کي سينيٽر ٿيڻ جي آڇ ڪيئن ڪئي؟ ڪم ننڍو ۽ معاوضو ايڏو وڏو؟! ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ اها پيشڪش کيس عجيب ڪونه لڳي؟ لڳي ته ايئن ٿو ته اهڙيون آڇون (سينيٽر ٿيڻ جون) ضياء شاهه کي روز روز ٿينديون هيون. ان ڪري سائين ضياء شاهه ان عملدار کي ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو!
    محترم ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ اسڪول کان واندو ٿيڻ مون لاءِ قيد مان رهائي وانگر هو. اسڪول (قيد) مان رهائي (موڪل) ملڻ تي ٻارڙن کي ته خوشي ٿيندي آهي. ان لاءِ عام طرح ماڻھو ٻڪريءَ ۽ ڪاسائيءَ جو مثال ڏيندا آهن. هڪ ٽيچر ايئن چوي ته اسڪول مان واندو ٿيڻ هُن لاءِ قيد مان آزاد ٿيڻ برابر هوندو هو ته اهڙو قيدي اسڪول ۾ ٻارڙن کي ڇا پاڙهيندو هوندو؟
    ضياء شاهه جي آتم ڪھاڻي پڙهندي اها به ڄاڻ ملي ته ضياء شاهه ٽيچر/سرڪاري ملازم هوندي به سياستدان آهي. پاڻ ۹۱ نمبر ۾ لکي ٿو ته: مون کي سياسي دنيا ۾ ٻيھر آڻڻ وارو اياز ابڙو هو، معنى اياز ابڙي کان اڳ ۾ به ضياء شاهه سياسي دنيا جو ماڻھو هو. سياسي دنيا مان ضياء شاهه جي مراد الائي ڇا آهي؟ عملي سياست يا نظرياتي؟ سنڌ واسين ته پاڪستان/سنڌ جي سياسي دنيا ۾ ڪڏهن به ضياء شاهه جو نالو نه ٻڌو هو. نڪي ڪنھن پارٽيءَ ۾ سندس نالو گونجيل هو. محترم ضياء شاهه مشھور ڪميونسٽ ليکڪ نجم عباسي جي طرز تي لکي ٿو: بازار جي مھڙ وٽ به ماڻھو ڏاڍيان ڳالھائين پيا. هڪ اٻوجهه ڳوٺاڻو پيو لنگهي. ”چاچا ڇا حال آهي؟“ بابا الله جي ٻاجهه آهي، مڙوئي سک آهي. چاچا ڪوڙ پيو ڳالھائين، ايئن ڇو نٿو چوين ته؛ ٻچڙا بکيا آهن. زال بيمار آهي ۽ نياڻي جي مٿي تي پوتي ڪانھي! اڙي اڃا ڪونه سڌرندؤ! اڃا ڪيستائين پاڻ کي دوکو ڏيندَؤ؟
    ان ڳالهه جو ضياء شاهه جي زندگي (جيون ڪھاڻيءَ) سان ڪھڙو تعلق؟ هيءَ آتم ڪٿا آهي يا رپورتاز؟ بازار جي مھڙ وٽ جيڪو اٻوجهه ڳوٺاڻو لنگهي ٿو ۽ حال احوال جي موٽ ۾ الله جو شڪر بجا آڻي ٿو ته کيس چوي ٿو (بقول ضياء شاهه:) ڪوڙ ٿو ڳالھائين، تنھنجي گهر ۾ بک آهي. تنھنجي زال بيمار آهي. تنھنجي ڌيءَ جي مٿي تي پوتي ڪانھي. سوال آهي ته ضياء شاهه کي اها خبر ڪيئن پئي ته ان (اٻوجهه جن لاءِ نبي ڪريم صه جن فرمايو آهي ته ڇا تون نٿو ٻڌين ته سادگي ايمان جي نشاني آهي!) ڳوٺاڻي جي گهر ۾ کائڻ لاءِ اٽو ڪونھي، هُن جي زال بيمار آهي ۽ هن جي نياڻيءَ جي مٿي تي پوتي ڪونھي. ضياء شاهه ”سوجهري“ ۾ منھنجي تنقيد جو جواب لکندي فرمايو هو ته؛ هو موسى روحاني ته ڪونھي، پوءِ واٽھڙو اٻوجهه ڳوٺاڻي جي باري ۾ اها خبر کيس ڪيئن پئي يا سندس دوستن کي يا ڪن ٻين کي، ته هُن جي گهر ۾ ٻچا بکيا آهن. هُن جي نياڻيءَ جو انگ اگهاڙو آهي ۽ هُن جي زال بيمار آهي. ايترين تڪليفن هوندي به جيڪڏهن اٻوجهه ڳوٺاڻو الله جا شڪرانه ادا ڪري ٿو، ته ان ۾ دوکي جي ڪھڙي ڳالهه آهي؟ اٻوجهه ڳوٺاڻي ڪنھن سان دوکو ڪيو؟ ان اٻوجهه ڳوٺاڻي جي ان ڳالهه سان ضياء شاهه جي آتم ڪٿا جو ڪھڙو تعلق يا ڪھڙو لڳ لاڳاپو؟ بقول ضياء شاهه ته؛ هو پنھنجو پاڻ سان دوکو ڪن ٿا، پو ان ۾ ٻئي ڪنھن جو ڇا وڃي؟ هنن جي، پنھنجو پاڻ سان ڪيل دوکي سان، ٻين جو ڪھڙو نقصان ٿئي ٿو؟ الله پاڪ جو لفظ ٻڌي، هي هٿرادو ترقي پسند چڙن ڇو ٿا؟ مظلوم ماڻھو ته ظلم جي انتھا ٿيندي به چوندو آهي؛ ڀلا الله ته آهي. هي جڙتو ترقي پسند، بي سھارا ماڻھن کان الله جو سھارو کسي موٽ ۾ ڇا ٿا ڏين؟ لينن، ڪارل مارڪس ۽ مائوزي تنگ جا قول. مائوزي تنگ جي قبر به ڊاٺي وئي. ان جا هڏا به ڪڍيا ويا. اقوال ماڻھن جو آسرو ٿي نه ٿا سگهن. ڪنھن ڏاهي ۽ عالم جا لفظ آهن ته:
    Faith is not mere feeling there is an element of cognition in it.
    (ايمان رڳو احساس ناهي پر ان ۾ عقل جو عنصر به شامل آهي.)
    هيءَ ڪھڙي ترقي پسندي آهي. لاڙڪاڻي جي رام پنجواڻي لکيو آهي ته؛ هُن هڪ دفعي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي به لاڙڪاڻي جي مسجد مان ٻاهر نڪرندي ڏٺو هو. هي سڀ ڇا آهي؟ خود ڪو فضيحت اورون ڪو نصيحت. اڃا ته ضياء شاهه پاڻ کي صوفي منش ڪري ڪوٺي ٿو. صوفي ٻين تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون، چٿر ۽ طنز نه ڪندا آهن؟ جيڪڏهن اٻوجهن، مسڪينن جو ايترو احساس اٿوَ ۽ نجات ڏيارڻ چاهيونِ پيا ته پنھنجي وس آهر ان اٻوجهه ڳوٺاڻي جي مالي مدد ڪيو ها. کيس ان بيمار زال لاءِ دوا ۽ نياڻيءَ کي پوتي پارايو ها. الله جا شڪرانا بجا آڻڻ هر ڪنھن جي ذاتي ۽ شخصي ڳالهه آهي. ڇا ذاتي ۽ شخصي ڳالهه ۾ مداخلت ڪرڻ واجب آهي؟
    نمبر ۱۲۵ ۾، ضياء شاهه اسان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي علم ۾ اضافو ۽ ڄاڻ وڌائيندي لکي ٿو ته؛ جهلي ۽ ڪلواڙي ڳوٺن جا ٻار ماڻھپي ۽ مريادا ۾ اڳڀرا آهن. تعليم جي لحاظ کان اهي ڳوٺ حيدرآباد ضلعي جي پاٽ ڳوٺ سان ڪلھو ملائڻ لاءِ آتا آهن. پاٽ جو ڳوٺ ضلعي حيدرآباد ۾ آهي؟ يا ضلعي دادو ۾، پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ ۾؟ هن ڳالهه جي تصديق يا ترديد ته ڦُلجي ۽ پيارو ڳوٺ جا رهاڪو يا رڪڻ جو رهواسي ۽ مشھور شاعر استاد بخاري اڪيڊمي جو سيڪريٽري، نواز رڪڻائي يا پيارو ڳوٺ جو سائين عبدالرحمان شاهه ئي ڪري سگهي ٿو.
    ۱۴۷ نمبر ۾ لکي ٿو: ادبيات ڪتاب گهر تي هڪ ڇوڪري ايندي هئي. هميشه تڪڙي اُٻھري ايندي هئي ۽ اُٻھري هلي ويندي هئي. مون آسماني اکيون اڳ نه ڏٺيون هيون. ڊگهي قد تي ڊگها وار واهه جو ٺھندا هئس. اها منھنجي دل جا چارئي خانه والاري ويٺي. کيس ڏسڻ لاءِ فردوس سئنيما وٽ وڃي ويھندو هوس، ڇو ته هو اڪثر اُتي ايندي هئي. يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس ۾ سوار ٿي هلي ويندي هئي. بس ۾ سوار ٿيندي اک ٽيٽ سان ڏسندي هئي ته من اندر جا ساز ڇڙي پوندا هئا. هڪ منجهند ٽاڻي، آفيسر دوست وٽ ويم ته کيس پڻ اتي ويٺل ڏٺم. آڱريون زخمي ٿي پيون هيس. دروازو بند ڪندي طاقن جي ڀڪوڙ ۾ هٿ اچي ويو هوس. مون واري دوست اڇاتري نظر سان ڏٺس پئي، بنھه سرد نگاهن سان. مون سندس آڱرين جي ڊريسنگ ڪئي ته اکين ۾ لڙڪ اچي ويس. سنگتي کان ڪجهه پڇڻ مناسب نه ڄاتم (ڇا پڇڻ مناسب نه ڄاتئي؟) آسماني اکين واري ڇوڪري وري نه ڏٺم. سندس اکين جو رنگ آسمان جُهٽي ورتو هو.
    بقول ضياء شاهه؛ هڪ ڇوڪري نيرين اکين واري هن جي پھچڻ کان اڳ ۾ هن جي دوست يا ٻنھي جي گڏيل دوست وٽ منجهند ٽاڻي (جڏهن پکي پکڻ بنھ سمھي پوندا آهن) جو ويٺل هئي، جنھن جون آڱريون دروازو بند ڪندي طاقن جي وچ ۾ اچي زخمي ٿي پيون هيون. ضياء شاهه ته پوءِ پھتو. ان سھڻيءَ ڇوڪريءَ جون آڱريون ته اڳ ۾ زخمي ٿي پيون هيون، پوءِ ضياء شاهه جي ان دوست ايترو وقت ڇا پئي ڪيو؟ اها سھڻي ڇوڪري رت وهائيندي رهي ۽ ضياء شاهه جي دوست ويٺي مزو پئي ڏٺو. سرد نگاهن سان (وڏو ڪو بي رحم انسان هو) ضياء شاهه پھچڻ سان ان ڇوڪريءَ جي ملم پٽ ڪئي. فرسٽ ايڊ باڪس ڪٿان آيو؟ يا ضياء شاهه پاڻ سان کنيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته نيرين اکين واري ڇوڪري زخمي ٿي فلاڻي دوست وٽ ويٺي آهي؟ جيڪڏهن فرسٽ ايڊ باڪس ضياء شاهه جي دوست وٽ آفيس ۾ موجود هئي ته پوءِ سندس دوست ملم پٽي پاڻ ڇونه ڪئي؟ يا فرسٽ ايڊ باڪس ڇوڪري کي ئي ڏئي ڇڏي ها ته هو خود پاڻ ئي پنھنجي ملم پٽي ڪري ها. آخر ضياء شاهه جو انتظار ڇو پئي ڪيو ويو؟
    ۱۵۵ ۾ ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ آغا صدر الدين منھنجي ويجهي سنگتين مان هو. ڪي.ڊي.اي جو ڊائريڪٽر فنانس ٿيو ته منھنجو ڀاءُ عبدالغفار شاهه ملڻ ويس. آفيس ڇڏي نڪري آيو ۽ بوٽ به پائي نه سگهيو هو. مان به بنا اجازت سينٽر ڇڏي نڪتو هوس، هوش ۾ ڪونه هوس. شام واري ريل گاڏي تائين ترسڻ منھنجي وس ۾ نه هو. بس ويگن ۾ ئي روانو ٿي ويس. ڊرائيور سان ڄاڻ سڃاڻ هيم. کيس ٻڌايم ته ويگن معمول کان تيز ڪيائين.
    مرحوم آغا ڪي.ڊي.اَي جو ڊائريڪٽر پنھنجي آفيس ۾ پيرين اگهاڙو ويٺو هو ڇا؟ جيئن ضياء شاهه جي ڀاءُ جي اچڻ جي خبر پيس ته پيرين اگهاڙو نڪري آيو؟ آغا ويٺو به ڄڻ پنھنجي اوطاق ۾ هو. ڇا آغا عبدالغفار شاهه کي اندر آفيس ۾ نه پئي گهرائي سگهيو؟ يا عبدالغفار شاهه جي آفيس ۾ داخلا بند هئي؟ دوستن جي موت جو ٻڌي واقعي صدمو رسندو آهي ۽ ماڻھوءَ کان تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه به نه پڄندو آهي ۽ نه ئي سجهندو آهي پر ڊرائيور جو واقف نڪري پوڻ ڪا فلمي ۽ ڊرامائي سين ٿي لڳي. جيئن عام فلمن ۾ هيرو يا ولين جي لاءِ ڏيکاريو ويندو آهي ته هو تڪڙ ۾ هوندو آهي ۽ تڪڙي سواريءَ کي سڏي ان ۾ ويھندو آهي ته ڊرائيور هن جو اڳ جو واقف نڪري پوندو آهي.
    ساڳي قسط جي ۱۵۷ ۾ لکي ٿو ..... (آغا) کيس ايئن جلد موڪلائڻ جو پتو هجي ها ته سڪندر ذوالقرنين جيان ڪفن منجهان هٿ ٻاهر ڪڍڻ جي وصيت ڪري ها. سوال آهي ته ڪفن مان ٻاهر هٿ ڪڍڻ واري وصيت ڪنھن ڪئي هئي؟ سڪندر اعظم ڪئي هئي ته سندس مرڻ کان پوءِ هن جا هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍيا وڃن ته جيئن دنيا وارا ڏسن ۽ عبرت حاصل ڪن ته سڄي دنيا تي بادشاهيءَ/حڪمرانيءَ جا خواب ڏسندڙ ۽ حڪومت ڪندڙ جڏهن هن دنيا مان هميشه لاءِ موڪلايو ته هٿين سکڻو هليو ويو. (ڏسو ”مھراڻ“ جو مقالا نمبر) سڪندراعظم جي حوالي سان هيءَ ڳالهه سنڌ ۾ ايتري مشھور آهي جو سنڌ ۾ هن ڳالهه پھاڪي/ورجيس/ چوڻي/ضرب المثل جي صورت ورتي آهي. حيرت جھڙي ۽ اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته پي سي ۾ رهڻ جون دعوائون ڪندڙ، ايم اي فرسٽ ڊگريون رکندڙ ضياء شاهه کي اها خبر ڪانھي ته سڪندر اعظم ۽ سڪندر ذوالقرنين ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
    ضياء شاهه ۷۹ ۾ لکي ٿو ته؛ مون گوبند پنجابيءَ کي پئي ساريو. هو ته سال ۱۹۸۹ ۾ آيو هيو. کيس پبلڪ لائبريري ۾ آجياڻو ڏنو هيوسين. رهاڻ وغيره روايتي هئي. چيائين ته مان پنھنجي شھر واسين جي رڳو شاعري ٻڌندس. اُتي مون غزل پيش ڪيو هو. غزل پڙهندي مون کي هو ياد آئي. گوبند پنجابي کي نه ٻڌايو هيم. ٻڌايانس ها ته هوند الھاس نگر جي گهٽي گهٽي جهاڳي ها. غزل پڙهڻ وقت ضياء شاهه کي هُو (هندو ڇوڪري) ياد اچي ٿي ۽ لکي ٿو ته گوبند پنجابي کي نه ٻڌايو هيم. ٻڌايانس ها ته هوند الھاس نگر جي گهٽي گهٽي جهاڳي ها. گوبند پنجابي تي ڪھڙي اچي پئي هئي جو ضياء شاهه جي محبوبه جي تلاش ۾ هو الھاس نگر (هينئر يا ۱۹۸۹ع ۾ شڪارپور کان به وڏو شھر) جي گهٽي گهٽي جهاڳي ها! گوبند پنجابيءَ جھڙي عمر رسيده شريف ماڻھو، اديب ۽ شاعر کي ٻيو ڪم نه هيو ڇا؟ ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھوءَ جي محبوبه ڪير ڳوليندا آهن؟ گوبند پنجابي تي ايڏو وڏو الزام!
    ساروڻي نمبر ۲۴۴ ۾ ضياء شاهه علم جا واهڙ وهائيندي لکي ٿو: ...... مان بنو هاشم قبيلي جي باني هاشم بابت پڻ سوچيندو هوس. پوءِ تصور ۾ قداور ۽ جانٺو شخص اچي ويندو هو جيڪو زائرين جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ زم زم جي پاڻيءَ ۾ ڪشمش وجهي ڇڏيندو هو ۽ پاڻي مِٺو ٿي ويندو هو. هاشم زائرين کي ماني، ڳڀن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو. ماني کي ڳڀن ۾ ورهائڻ سبب مٿس نالو هاشم پئجي ويو.
    ضياء شاهه جي لکڻيءَ موجب؛ هاشم زم زم جي پاڻيءَ ۾ ڪشمش وجهندو هو ته جيئن پاڻي مٺو ٿئي. ڇا هاشم جي وقت ۾ زم زم جو پاڻي کارو، تلخ ۽ ڪسارو هيو جو هاشم کي ان ۾ ڪشمش وجهڻ جي ضرورت پيش آئي؟ حقيقت اها آهي ته حضرت اسماعيل جي پيرن جي پيداوار ۽ بي بي هاجران جي چيل لفظن زم زم (بيھه بيھه) جي چشمي ۽ هاڻي کوهه جو پاڻي ته شروع کان وٺي مفرح ۽ هاضميدار رهيو آهي. زم زم جو پاڻي ڪڏهن ڪؤڙو ڪسارو ۽ کارو هيو جو ان ۾ هاشم سڳوري کي ڪشمش وجهڻ جي ضرورت پيش آئي؟ پاڻيءَ ۾ ڪشمش به وجهبي آهي ڇا؟ نڪو ماني جي ڳڀن ڪرڻ/ورهائڻ کي عربيءَ ۾ هاشم چئبو آهي، جيئن ضياء شاهه لکي ٿو. هاشم عربي جو لفظ آهي جيڪو هشم مان ورتل آهي يعني مانيءَ کي ٻوڙ جي رس ۾ ڪُٽي ڪرڻ وارو. نڪو زائرين کي هاشم مانيءَ جا ڳڀا ڪري کارائيندو هو. اصلي ڳالهه ته ضياء شاهه گول ڪري ويو آهي. عمر بن عبدالمناف تي هاشم نالو ڪيئن پيو. هڪ دفعي مڪي ۾ اهڙو ڏڪار پيو جو مڪي جا رهواسي اناج جي داڻي لاءِ سڪن پيا. پنھنجي ڳوٺائين جي اهڙي حالت ڏسي هاشم شام ويو ۽ اُتان سوين مڻ ان کڻائي مڪي پھتو. جن اُٺن تي ان کڻائي آيو هو انھن اُٺن کي ذبح ڪري، انھن جون قيمو ڪرايائين ۽ جيئن ته مڪي جا ماڻھو گهڻي تعداد ۾ بکايل هيا، ان ڪري قيمي ۾ گهڻي رس ڪرائي ان ۾ ماني ڀورا ڀورا ڪري ان جي ڪٽي ٺھرائي، ماڻھن کي کارائيندو رهيو، جتان ان جو نالو هاشم پيو يعني ڀورا ڀورا ڪُٽي ٺاهيندڙ. (ڏسو ڪتاب ”انسان العيون“ جلد۱-ص-۵) هاشم جي قبر، شام ۾ اڄ به موجود آهي.
    ضياء شاهه لکي ٿو ته؛ هر جمعي تي لطيف شاهه جو ميلو لڳندو هيو. اُتي نرتڪين جو ناچ ٿيندو هو. هڪ ڏينھن ناچ ڏسڻ جي ارادي سان ميلي ۾ ويم. هڪ نوجوان ناري، ڍولڪ جي تال تي نچندي نچندي مون وٽ آئي. مون وٽ کيس ڏيڻ لاءِ آڌيلي (اڌ رُپيو) کان سواءِ ڪجهه به نه هو. مون کيسي ۾ هٿ وجهي آڌيلو ڪڍي سندس تريءَ تي رکي مٺ بند ڪئيمانس ته هُن به تيستائين مُٺ نه کولي جيستائين آڌيلو صندوق ۾ نه ويو ..... انھيءَ نرتڪي مون کي فيملي لائين جيڪب آباد ۾ موجود پنھنجي گهر جو سرنامو ڏئي چيو ته؛ جڏهن به جيڪب آباد اچو ته مون وٽ ضرور اچجو. (ساروڻي ۲۴۶)
    ضياء شاهه جي مٿين هٿرادو ڳالهه پڙهي مون کي طلعت ۽ شمشاد بيگم جو ڳايل ڊوئٽ؛ ملتي هي آنکين دل هُوا ديوانه ڪسي ڪا، ٿو ياد اچي. هڪ نرتڪي جنھن جو ذريعهء معاش، جسماني شاعري/ناچ ڪري پئسا ڏوڪڙ ڪمائڻ هجي، سا آڌيلي تي ايڏو موهجي پئي، جو نه رڳو آڌيلو صندوق ۾ سوغات سمجهي سانڍيائين پر موٽ ۾ گهر اچڻ جي دعوت به ڏئي ٿي! نرتڪيون ايئن آڌيلن تي مرن ته پوءِ عاشقن کي ڇا کپي؟ آڌيون آڌيون ميڙينديون رهن ته پوءِ ميلن ۾ سڄي سڄي رات، ڇيريون وڄائڻ جي کين ڪھڙي ضرورت، جو نچندي سندن جسم به شل ٿي پوندا آهن؟ مون کي اردوءَ جو پھاڪو ياد اچي ٿو؛ گهوڙا گر گهاس سي دوستي ڪري تو ڦر کائي گا ڪيا؟ اها نوجوان نرتڪي، جيڪا ليکڪ ضياء شاهه جي خوابن جو سينگار آهي ۽ ليکڪ ايترو پُراميد آهي ته هو گهر جي چائنٺ تي بيھي سندس انتظار به ڪندي هوندي. عاشق ڪيڏي نه خيالي دنيا ۾ رهي اجايا پھه ٿا پچائين؟ شڪارپور کان جيڪب آباد وڃڻ لاءِ ڪنھن پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت هئي ڇا، جو ايڏي مھربان نرتڪي جا ديدار، درشن ۽ ڪچھريءَ لاءِ، ڪھڙا سبب هيا جو ضياء شاهه نه وڃي سگهيو؟ جڏهن ته اها مائي/نرتڪي ايڏي مھربان به هئي! اهڙي ايڊريس ته سنڌ جي هڪ ڄاتل سڃاتل ڪردار محترم ڄام ساقيءَ کي به ڪنھن ميلي ۾ ڪنھن مھربان مائي/نرتڪي ڏني هئي. هي اسان جا اديب ۽ شاعر يا مشھور ماڻھو پاڻ کي لکنؤ جي شاعرن ۽ اديبن سان ڇو ٿا ڀيٽين؟ لکنوي شاعر به هر هر اها ڳالهه لکندا ۽ چوندا ھئا ته مٿن طوائفون ۽ نرتڪيون مرنديون هيون.
    ضياء شاهه پنھنجي جيون ڪھاڻيءَ ۾، پنھنجي تعريف ڪرڻ ۾ به وسان ڪونه گهٽايو آهي. لکي ٿو ته؛ لطيف آباد نمبر ۹ ۾ هڪ پناهگير طبيب وٽ بيھي ٿو رهان. هُو يوناني حڪمت ۾ ماهر هيو ۽ غزل گوئي سندس مشغلو هيو. هُو (حڪيم) لکنوي ٻوليءَ ۾ کيڪر ڪندو هو. کيس سنڌين لاءِ غلط فھميون هيون. سنڌين کي هو جنسي طور ڀٽڪيل ڀانئيندو هو. مون سان ڪچھريون ٿيس ته پشيمان ٿيو. چيائين؛ شاهه صاحب مين خود ڀٽڪ گيا ٿا! آپ راهه راست پر لائي هين. ٻولي به دهلوي، لکنوي ۽ بھاري ٿيندي آهي ڇا؟ دهلي، ڪانپور، سلطان پور، لکنؤ، حيدرآباد دکن ۽ صوبه بھار جا سڀئي ماڻھو (اڪثريت)، هندو مسلمان، اردو ڳالھائيندا آهن. سندن ٻولي اردو آهي. البته انھن جو لھجو الڳ الڳ ٿئي ٿو. ضياء شاهه ته ماشاء الله سندس چوڻ موجب؛ اردوءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. ان کي اها خبر ڪانھي ته لکنوي ٻولي نه ٿيندي آهي. اهو لکنوي حڪيم سنڌين کي جنسي طور ڀٽڪيل ڀائيندو هو. ضياء شاهه کيس اهڙي پٽي پڙهائي جو اهو لکنوي حڪيم ضياء شاهه جي گفتگو، دانائي ڏاهپ، فصاحت ۽ بلاغت جو ايترو قائل ٿي ويو جو بي اختيار چئي ڏنائين؛ شاهه صاحب مين خود ڀٽڪ گيا ٿا! آپ راه راست پر لائي هين. ايئن ته کوڙ مھاجر سنڌين جي خلاف زهر رکن ٿا. ضياء شاهه کي اهڙو گر هر هنڌ استعمال ڪرڻ کپي جو مھاجر مجبور ٿي چون؛ اسان ئي ڀٽڪيل هئاسون.
    شاهه صاحب اهو تنھنجو قرب آهي جو اسان کي سنئين ۽ سڌي راهه تي وٺي آئين.
    سارتر کان پڇيو ويو؛ توهان پنھنجي آتم ڪٿا جو نالو ”الفاظ“ ڇو رکيو آهي؟ جواب ۾ چيائين؛ لفظ ڳالھائبا آهن. لفظ لکبا آهن. لفظ بار ڪندا آهن. لفظ ذهني باليدگي آڻيندا آهن. لفظ ذهني تشدد ڪندا آهن. لفظن (ڳالھائڻ) جي ڪري انسان اشرف المخلوقات آهي. سارتر جا اڃا به کوڙ ٻيا الفاظ آهن. اهي وري ڪنھن ٻي ساعت!
    يار زنده صحبت باقي.


    ”ڪينجھر“ جون سنڌي ادب ۾ ڪاوشون

    ”ڪينجھر“ جون سنڌي ادب ۾ ڪاوشون

    انساني ايجادن ۾ ڪاغذ اها شيءِ آهي، جنھن علم و ادب، شاعري، مذهب ۽ تھذيب، ثقافت ۽ انساني معاشري جي تفريحي مواد کي، ايندڙ نسلن تائين محفوظ رکڻ جو اهڙو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جو املھه/ماڻڪ موتي ۽ قيمتي سرمايو هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ٿو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، ڪاغذن ۾ سھيڙيل سرڪاري رسالي ”نئين زندگي“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ”مھراڻ“ کي تاريخ ڪٿي وساري سگهندي؟ انھن رسالن شيخ اياز، اياز قادري، سوڀو گيانچنداڻي، علي محمد مجروح، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، بردو سنڌي، ماستر هزارو خان مجاهد، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، سليم ڳاڙهوي، هري دلگير، نياز همايوني، ابراهيم منشي، تنوير عباسيءَ کان استاد بخاريءَ تائين ۽ عمدن نثرنگارن، محققن ۽ مترجمن جو تعارف سنڌي پڙهندڙن سان ڪرايو ۽ سن 1950 واري يا ان کان پوءِ وارن ڏهاڪن ۾ عثمان ڏيپلائيءَ جا رسالا؛ ”انسان“ ۽ ”عبرت“، ذوالفقار راشديءَ جو لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”مذهبِ انسانيت“، هالا جو ”فردوس“، حميد سنڌيءَ جو ”روح رهاڻ“ (1920ع واري ڏهاڪي ۾ پڻ حيدرآباد سنڌ مان هڪ رسالو ”روح رهاڻ“ نالي سان نڪرندو هو)، طارق اشرف جو ”سھڻي“، نوناريءَ جو ”بادل“، نوابشاهه جو ”ادا“، موري شھر جي ”باک“، تاج بلوچ جو ”سوجهرو“، انور جو رسالو ”سنڌ“، گُل ڪونڌر جو ”ادب“ ۽ ناز سنائيءَ جي ”ڪينجهر“ جو شمار اهڙن مخزنن/ رسالن منجهان آهي، جن پڙهندڙن جو هڪ وڏو وسيع حلقو پيدا ڪيو ۽ پڙهندڙ انھن رسالن جو انتظار ڪندا رهيا آهن. سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ اهڙن رسالن جا نالا کڻڻ سان انھن جي ايڊيٽرن جو نالو فوري طور ذهن ۾ ايئن اچي وڃي ٿو جيئن گلاب، رابيل ۽ رات جي راڻيءَ جي گلن جي نالي کڻڻ سان انھن جي خوشبو جو تصور يا ماکيءَ جي نالي کڻڻ سان ماکيءَ جو صاف شفاف ۽ مٺاڻ جو احساس. ايئن رسالي ”مھراڻ“ جي نالي کڻڻ سان محترم محمد ابراهيم جويو ۽ مرحوم غلام محمد گرامي، ”انسان“ سان جڙيل نالو محمد عثمان ڏيپلائي، ”نئين زندگي“ معنى عبدالواحد سنڌي، ”روح رهاڻ“ سان ڳنڍيل نالو حميد سنڌي، ”سوجهرو“ جو نالو وٺڻ سان تاج بلوچ ۽ ”ڪينجهر“ جو نالو وٺڻ سان ناز سنائي سميت سڀني جون الڳ الڳ تصويرون ذهن تي اُڀري اچن ٿيون. سنڌُ محمد عثمان نالي ٻه ماڻھو اهڙا اديب پيدا ڪيا جن پنھنجي ڏات تي سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ نمايان ۽ منفرد حيثيت حاصل ڪري ورتي. انھن منجهان هڪ، ”انسان“ رسالي وارو محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻيو ”ڪينجھر“ وارو محمد عثمان عرف ناز سنائي. ٻنھيِ جي ذات ميمڻ هجڻ پڻ حيرانگيءَ جھڙي ڳالهه آهي. انھن ٻنھي جي رسالن کي ڇرڪائيندڙ ۽ انوکي مواد ڪري پسند ڪيو ويو يا پسند ڪيو وڃي ٿو.
    ڪنھن به رسالي جي عمارت، جن ٿنڀن تي بيھي ٿي، انھن ٿنڀن منجهان اهم ۽ مضبوط ٿنڀو؛ ايڊيٽر ٿئي ٿو. هر رسالي جي ادبي معيار کي برقرار رکڻ جي سڄي ذميواري ايڊيٽر جي مٿان هوندي آهي ۽ رسالي ۾ ايڊيٽوريل نوٽ جي اهميت اهڙي هوندي آهي جھڙي مُنڊيءَ ۾ ٽِڪ ۽ هيري جي. ”مھراڻ“ رسالي ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ غلام محمد گرامي يا ”نئين زندگيءَ“ ۾ مرحوم عبدالواحد سنڌيءَ جا ايڊيٽوريل نوٽ سرڪاري رسالن جي ڪري سرڪاري پاليسيءَ کي نظر ۾ رکي لکيل هئڻ باوجود به ادبي لحاظ کان موتين جي مالھا آهن، پر رسالي ”انسان“، ٻُڏي ويل ”سھڻيءَ“ جي ميھار طارق اشرف، ”سوجهرو“ ۾ تاج بلوچ ۽ ”ڪينجهر“ ۾ ناز سنائيءَ جا لکيل ايڊيٽوريل ان ڪري الڳ شناخت رکي ادب جو شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انھن پنھنجي لکيل ايڊيٽوريل نوٽ ۾ ادبي مسئلن سان گڏ سنڌ جي حقيقي مسئلن يا ٻرندڙ مسئلن کي پڻ پنھنجي قلم جي نوڪ تي آندو.
    ”ڪينجهر“ ۾ جڏهن رقيبن طرفان هٿراڌو طوفان آڻي/ آڻائي ”ڪينجهر“ کي ٻنھي ڪنارن کان جل ٿل ڪري ڇڏيو ته طوفان ۾ هلندڙ ٻيڙي (”ڪينجهر“) جي ملاح (ناز سنائي) پنھنجي قدرتي صلاحيتن کي استعمال ڪندي، هن ٻيڙيءَ کي ٻڏڻ کان بچايو ۽ ايئن ”ڪينجهر“ پنھنجي ملاح جي معرفت طوفاني برسات وارين راتين ۾ پنھنجا 100 ڦيرا پُورا ڪيا. ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيل تنقيدي مضمونن کي ساراهڻ بجاءِ ان جي ايڊيٽر کي ملامتن جو نشانو بڻايو ويو. ان ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو ته رسالي ”ڪينجهر“ ۾ ڪھڙي نوعيت جو مواد شايع ٿي رهيو آهي، حالانڪ ”ڪينجهر“ ۾ اهڙو مواد شايع ڪيو ويندو آهي جنھن ۾ نه رڳو عالمن لاءِ پر عام پڙهندڙ لاءِ به ان ۾ دلچسپيءَ جو عنصر موجود هوندو آهي. الائي ڇو اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تنقيدي عمل کي زياده فروغ نه ملي سگهيو آهي. لڳي ٿو ته اسان جا اديب، قلمڪار ۽ شاعر، پاڻ کي اعلى ۽ ارفع سمجهي، تنقيد کان بالاتر سمجهن ٿا. ان جو شايد هڪ سبب هيءُ به آهي ته هر شخص (قلمڪار) پنھنجي طبعي رُجحان يا پنھنجي علمي ۽ فڪري سطح مطابق سوچي ٿو. ان ڪري اسان جي فڪري انتشار ختم ٿيڻ جي بجاءِ ان ۾ ڏينھن به ڏينھن واڌرو ۽ اضافو ٿيندو رهي.
    ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيل تنقيدي مواد جي ڪري رسالي ”ڪينجهر“ کي سنڌي ادب ۾ اها حيثيت حاصل آهي، جيڪا اردو ادب ۾ ناصر بغداديءَ جي منفرد رسالي ”بادبان“ کي آهي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هن رسالي (بادبان) کي سڄي هندوستان ۽ مغرب جي ملڪن ۾ جتي جتي اردو گهر جي نالي سان ادارا آهن، اُتي پسند ڪيو وڃي ٿو. تنقيدي عمل ته تاريخي آئيني برابر هوندو آهي. ڇا تاريخي آئيني کي ڀڃڻ سان تاريخي حقيقتون اسان جي مرضيءَ پٽ-اندر بدلجي سگهن ٿيون؟ ايئن ”ڪينجهر“ به تاريخي آئينو ڏيکاري ٿو. ”ڪينجهر“ جي ايڊيٽر يا قلمڪارن جي شايع ٿيل مواد ۾ ڏنل اکرن، لفظن ۽ جملن ۾ هڪ سچائي آهي. اهڙي طرح ”ڪينجهر“ جي ايڊيٽر جي هر تحرير اثرائتي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سچائي ۽ صداقت جي توانائيءَ وارو تاثير شامل آهي. تنقيد جھڙي معياري لفظ کي نڪته چيني جھڙي ڪرڀ ڀرئي لفظ برابر سمجهيو وڃي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته تنقيد ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. نقاد کي قاضي ٿي فتوى ڏيڻي پوي ٿي ۽ اها قاضيءَ جي ذميواري ناهي ته سندس ڏنل فتوى ڪنھن جي حق ۾ وڃي ٿي يا ڪنھن جي خلاف! پنھنجن ۽ پراون جي لکڻين تي تنقيد ڪري ۽ ڇاپي، ناز سنائي جرئت مندي، همت ۽ بھادريءَ جو ڪم ڪري، ”ڪينجهر“ جو معيار برقرار رکيو آهي. تنقيد اها شيءِ آهي، جنھن سان دوستي ۽ تعلقات ۾ فرق پئجي سگهي ٿو يا اچي وڃي ٿو، پر ”ڪينجهر“ ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي، پنھنجو سفر يعني تنقيد نگاري جاري رکي، سنڌي ادب جي سونھن ۾ اضافو ڪيو آهي.
    هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ نڪرندڙ کوڙ رسالن کان ”ڪينجهر“ ڪيترين ڳالھين ۾ گوءِ کڻي ويو آهي. سڀ کان اول ته هي اشتھارن جي مدد کان بغير هلي رهيو آهي. ”ڪينجهر“ جو آتم ڪٿا نمبر، منھنجو ڳوٺ نمبر (ٻه حصا) ۽ خاڪا نمبر (ٻه حصا) پڙهڻ وٽان آهن. مون کي ته اردو ادب ۾ به اهڙو آتم ڪٿا نمبر نظر ڪونه ٿو اچي. آٿم ڪٿا نمبر کي دُنيا جي ادب ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيل هر آتم ڪٿا نه ته آتم ڪٿا آهي ۽ نه ئي جڳ ڪٿا پر انسان ڪٿا آهي. هنن ڪٿائن ۾ هڪ عام ماڻھوءَ جا پنھنجا ذاتي ۽ شخصي، ڇرڪائيندڙ تجربا ۽ مشاهدا آهن، جيڪي اهڙي مڪمل سچائيءَ سان لکيا ويا آهن جو اهڙي لکڻ جو حوصلو پاڻ کي پوز خان سمجهندڙن ۽ ورائيندڙن وٽ به ڪونھي. هتي ته لکيل ڊائريون ۽ ذاتي خط به ٽاپ سيڪريٽ چئي پنھنجي گَھرن دوستن ۽ رازدانن کان به لڪايا ويندا آهن.
    جيئن ماضيءَ ۾ سنڌي رسالن ”نئين زندگي“ ۽ ٽه ماهي ”مھراڻ“ نون ۽ تازه دم شاعرن ۽ اديبن، مترجمن ۽ محققن کي پنھنجي (اسٽيج) ڪاغذن تي آڻي نروار ڪيو، جن مان اڪثر اڳتي هلي صاحبِ ڪتاب بڻيا، جيئن شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، استاد بخاري، وفا ناٿن شاهي، بردو سنڌي ۽ ٻيا کوڙ. ساڳي طرح ڪينجھر به ڪيترن ئي نون قلمڪارن ۽ اديبن، شاعرن ۽ محققن جو تعارف سنڌ جي پڙهندڙن سان ڪرايو، جن منجهان ڪيئي اڳتي هلي صاحبِ ڪتاب بڻيا. اهڙن اديبن ۽ شاعرن، ليکڪن ۽ محققن ۾ محبت ٻرڙو، الطاف ملڪاڻي، آسي زميني، سعيد ميمڻ، منير سولنگي، مرحوم م.ن محزون ۽ انجنيئر عبدالوهاب سھتو شامل آهن. انجنيئر عبدالوهاب سھتي جا ته ٻه چار تحقيقي ڪتاب شايع ٿيا آهن. تازو سندس تحقيقي ڪتاب ”ورجيسون“ جي نالي سان شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب پنھنجي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان منفرد اهميت رکي ٿو. اهڙي طرح محبت ٻرڙي جي ڪتابن جا مضمون، اَڌَ کان مٿي سڀ کان اول ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيا. الطاف ملڪاڻي جي ڪھاڻين جي مجموعي ”ساڀيان کان رٺل سپنا“، سعيد ميمڻ جي شعري ڳٽڪي ”نيڻ سفر ۾“، آسي زمينيءَ جي شعري ڪتاب ”مڃتا جي رُڃ ۾“ وارن ڪتابن ۾ ڏنل شاعري مان گهڻي شاعري سڀ کان اول ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿي ۽ عام پڙهندڙن کان داد ورتو. ايئن مرحوم محمد نواز محزون به مسلسل ”ڪينجهر“ ۾ لکندو رهيو. سندس ڪتابن ۾ آيل مواد گهڻو تڻو ”ڪينجهر“ ۾ شايع ٿيل آهي.
    ”ڪينجهر“ جو وجود ناز سنائيءَ جي شوق ۽ ذوق جو تسلسل آهي. اهو ئي سبب آهي جو انتھائي مشڪل حالتن جو مقابلو ڪندي، هن ”ڪينجهر“ کي ڪنارن سميت بچائي رکيو آهي. ان جي پاڻيءَ (مواد) جي حفاظت ڪندي، ان کي جاري رکي، سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. مون کي يقين آهي ته ناز سنائي ”ڪينجهر“ جي مزاج ۽ معيار کي تنقيدنگاريءَ سميت (ڇاڪاڻ ته تنقيد جو فن، نثرنگاريءَ کان گهڻو بلند ۽ مٿاهون آهي) برقرار رکندو ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ ان ساڳئي جذبي سان ڪم ڪري، ”ڪينجهر“ جي پاڻي (مواد) کي گدلي ٿيڻ ۽ سينوارجڻ کان بچائي رکندو.


    ”گهڙيون گذاريم جن سين“ جو تنقيدي جائزو

    ”گهڙيون گذاريم جن سين“ جو تنقيدي جائزو

    زيتونن، ٻيرن ۽ انبن جي وڻن سان جنجهيل شهر لاڙڪاڻو، پنج هزار سال قديم تهذيبي اهڃاڻ موئن جو دڙو ۽ بين الاقوامي شخصيت قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي سان، سڄي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. انھي سان گڏوگڏ، لاڙڪاڻي جو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ پڻ ججهو حصو رهيو آهي. تازو کسڪي ويندڙ وِيهين صديءَ جي پوئين اڌ واري حصي ۾، مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو نالو به، سنڌي ادب جي حوالي سان چڱو گونجيو. اهو اتفاق چئجي يا ٻيو ڪجهه، ته گذريل ويهين صديءَ ۾، لاڙڪاڻي جي حوالي سان جن غير لاڙڪاڻوين شهرت ماڻي،انھن ٻنهي جا نالا عبدالمجيد هئا ۽ ٻئي پاڻ کي سنڌي سڏرائيندا هئا. منجھانئن هڪُ، تحريڪ پاڪستان جو اهم نالو، شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. ھُو اصل ۾ حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو هو. برصغير جي نامور ليڊر، اديب ۽ فلاسافر سائين جي. ايم. سيد جي چوڻ تي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ، اسيمبلي جي سيٽ لاءِ، لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو تڪ مان، سر شاهنواز ڀُٽي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو هئائين. ڪن مخصوص سببن جي ڪري ھو ڪامياب به ٿي ويو هو. ٻيو آھي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. ھو اصل ۾، سنڌ جي ثقافتي شهر شڪارپور کان ٽن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڳوٺ ماڙيءَ جو رهاڪو هو. شروعاتي ۽ ڪجهه سيڪنڊري تعليم، شڪارپور شھر جي مشهور نيو ارا اسڪول مان ورتي ھئائين، جنھن بعد لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ ديرو ڄمايائين ۽ حياتيءَ جا پويان پساهه به اتي پورا ڪيائين.
    لاڙڪاڻي ۾ الائي ته ڪهڙي قدرتي ڪشش رکيل آهي جو جيڪو به ٻاهريون ماڻهو، منجھس پهتو ته هميشه لاءِ لاڙڪاڻوي ٿي ويو. جيڪڏھن ڪن سببن جي ڪري لاڙڪاڻي کي ڇڏڻ چاهيو به هوندائين ته سندس دل ۽ من سندس ساٿ نه ڏنو هوندو. مثال طور؛ سنڌ جو سابق وزير اعليٰ قاضي فضل الله، اصل ۾ نوشهروفيروز جو هيو پر لاڙڪاڻي جي آب و داڻي کيس ڇڪي لاڙڪاڻي پهچايو، ته هميشه لاءِ لاڙڪاڻي جو ٿي ويو، تان جو مٽيءَ پنوڙو به لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيس. مشهور درگاهه، سائين قائم شاهه بخاري جي ڀر واري قبرستان ۾ ابدي ننڊ ڪري رهيو آهي.
    ڪيترا مثال ڏجن؟ سنڌي ادب جي مشهور شخصيت، محترم محمد حنيف صديقي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جو ڄاتل سڃاتل محقق جناب انجنيئر عبدالوهاب سهتو ۽ پٽنه شهر (بهار-انڊيا) کان لڏي ايندڙ، انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل ۽ لاڙڪاڻي سنگت جو باني چيئرمين جناب مسلم شميم وغيرھ، انهن سڀني جي شناخت لاڙڪاڻي سان آهي.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي شروعات ۾ پِي. ڊبليو. ڊِي کاتي ۾ اوورسيئر هو ۽ پوءِ ايم.اي سنڌي ڪيائين ته پراڻي سکر جي مين روڊ تي ٽڪريءَ تي اڏيل هڪ خانگي اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ شعبي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ۱۹۷۲ع جي سيپٽمبر مهيني ۾، ان وقت پاڪستان جي صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪم هيٺ سڀئي تعليمي ادارا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا، ته ڪاليج سان لاڳاپيل تدريسي ۽ غير تدريسي عملو به رات جي پيٽ ۾ سرڪاري ملازم بڻجي ويو. ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي ۽ بعد ۾ اُتر سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال پڻ رهيو، جن ۾ پاڪستان ڪاليج خيرپور ميرس، شاهه لطيف ڪاليج شڪارپور، شاهه لطيف ڪاليج قمبر، آرٽس ڪاليج رتوديرو ۽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو شامل آهن. اهو به اتفاق ئي چئجي ته ڊاڪٽر صاحب، جن به ڪاليجن ۾ پرنسپال رهيو، سي هڙئي قومي تحويل ۾ ورتل يعني نيشنلائيزڊ ڪاليج هئا.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو، يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”گهڙيون گذاريم جن سين“ ۱۹۹۴ع جي جنوري واري مهيني ۾، ”مهراڻ اڪيڊمي ڪراچي“ طرفان شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجن گهاٽن دوستن يا گهڻي ويجهڙائپ رکندڙ شخصيتن جو ذڪرِ خير ڪيو آهي، جن ۾ روهڙيءَ وارو مشهور روشن دماغ تعليمي ماهر، اديب ۽ دانشور سائين عطا حسين شاهه موسوي کان وٺي رتوديرو جي مشهور تعليمي ۽ سماجي شخصيت المعروف ”سائين قاضي“ يعني قاضي عبدالحي شامل آهن.
    پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۰ تي، سنڌ جي لاثاني اديب ۽ مورخ مولائي شيدائي بابت ”هڪ زنده دل دوست ۽ عظيم مورخ“ عنوان ڏئي ڳالهه شروع ڪئي اٿس ۽ صفحي ۴۶ تي لکي ٿو:
    ”سکر مان جڏهن پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي هفتيوار اخبار ’ستاره سنڌ‘ جاري ڪئي ته ان ۾ سندس مضمونَ ’مولائي شيدائي‘ جي قلمي نالي سان ڇپجڻ لڳا. اخبار جي مطالعي ۽ مضمونن لکڻ جي شوق کيس ’ستاره سنڌ‘ اخبار جي آفيس ۾ پهچايو. اهڙيءَ طرح راشدي برادران سان تعلق پيدا ٿيس. انگريزن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي گرفت کان بچڻ لاءِ، صلاح بيٺي ته قلمي نالو اختيار ڪيو وڃي. پير علي محمد راشدي، سندس طبيعت موجب ’مولائي‘ نالو اختيار ڪرڻ جي تجويز ڏني. پير حسام الدين راشدي جو رايو هو ته ’شيدائي‘ لکيو وڃي. مولائي صاحب کلندي چيو؛ ٻئي نالا کڻي ٿو گڏ رکان. اهڙي طرح ’مولائي شيدائي‘ قلمي نالو اختيار ڪري، ان نالي سان مضمون لکڻ شروع ڪيائين.“
    خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ هڪ طرف پاڻ لکي ٿو: ”جڏهن راشدي ڀائرن سکر مان ’ستاره سنڌ‘ اخبار جاري ڪئي ته رحيمداد خان جا مضمون ’مولائي شيدائي‘ جي نالي سان اخبار ۾ ڇپجڻ لڳا هئا. وري ٿو لکي ته؛ اخباربيني جي شوق کيس اخبار ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ پهچايو، جتي راشدي برادران سندس قلمي نالي تي پاڻ ۾ ردڪد ڪئي.
    سوال آهي ته جڏهن اخبار ’ستاره سنڌ‘ ۾، ميمڻ صاحب جي لکت موجب، رحيمداد خان جا مضمون، ’مولائي شيدائي‘ جي نالي سان ڇپبا هئا ته پوءِ انگريزن جي حڪومت جو ڊپ ڊڄ ڇا معنى؟ راشدي ڀائرن کيس قلمي نالو اختيار ڪرڻ لاءِ ڇو زور ڀريو ۽ ڪيئن زور ڀريو؟ ڇا راشدي ڀائرن کي اها ڄاڻ به ڪانه هئي؟ ايئن به ناهي ته مولائي شيدائي کلي، راشدي ڀائرن کي چيو ته؛ ٺهيو ڀلا ٻئي نالا گڏي ٿو رکان، جيئن ميمڻ صاحب لکيو آهي. رحيمداد خان جو قلمي نالو ’مولائي شيدائي‘ اختيار ڪرڻ لاءِ آخري ۽ حتمي فيصلو، ڪنهن ڪيو هو؟ ان لاءِ ڏسو ٽه-ماهي ’مهراڻ‘ جو ’سوانح نمبر‘، حصو پهريون، ڇاپو پهريون، سال ۱۹۵۸ع. سنڌ جو هڪ سٺو اديب محترم مقبول صديقي، مولائي شيدائي جي سوانح عمريءَ ۾ ’مولائي شيدائي‘ نالو ڪيئن پيو، جي عنوان تحت لکي ٿو:
    ”ريلوي گارڊ جي زماني ۾، مولائي صاحب پنهنجي فرصت جون گهڙيون سکر جي اخبار، ’ستاره سنڌ‘ جي آفيس ۾ ان جي ايڊيٽر پير علي محمد راشدي وٽ گذاريندو هو. هڪ دفعي مولائي صاحب جڏهن پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ مولانا دين محمد وفائي مرحوم سان ڪچهري ڪري رهيو هو ته ڳالهين ڳالهين ۾ پير علي محمد راشدي کيس صلاح ڏني ته جيئن ته هو سرڪاري ملازم هوندي اخبارن ۾ مضمون لکي رهيو آهي، جا ڳالهه حڪومت جي نظر ۾ ڪنهن حد تائين اعتراض جوڳي آهي، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته هو پنهنجي اصلي نالي سان اخبارن ۾ طبع آزمائي ڪرڻ بدران ڪو فرضي نالو اختيار ڪري. جيئن ته راشدي صاحب جي تجويز نهايت ئي معقول هئي، تنهنڪري مولائي صاحب قبول ڪئي. ان ڪري کين پاڻ بابت ڪو فرضي نالو تجويز ڪرڻ لاءِ استدعا ڪيائين، جنھن تي پير علي محمد راشدي، سندس فقيرانه ۽ دلچسپ طبيعت کي مدنظر رکي سندس لاءِ ’مولائي‘ جو تخلص تجويز ڪيو. وري پير حسام الدين راشدي جو خيال هو ته هن لاءِ ’شيدائي‘ تخلص وڌيڪ موزون رهندو. مگر هڪڙو مولانا دين محمد وفائي مرحوم ئي هو، جنهن جي دماغ ۾ گهڻي ويچار ڪرڻ کان پوءِ به مولائي صاحب لاءِ ٻيو ڪو موزون تخلص نه آيو. هوڏانهن وري راشدي برادران ڪنهن به هڪ تخلص تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي هوڏيو بيٺو هو. ان ڪري ان تنازعي کي طئه ڪرڻ لاءِ مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنهنجي طرفان رٿ پيش ڪئي ته ڇو نه ٻئي تخلص؛ ’مولائي شيدائي‘ اختيار ڪيا وڃن. اها رٿ سڀني ڌرين کي پسند آئي ۽ ان ڏينهن کان مير رحيمداد خان جو قلمي نالو ڦري ’مولائي شيدائي‘ ٿي ويو.“
    سنڌ جي هڪ ٻئي اديب ۽ شاعر، ميرن واري خيرپور جي رھاڪو، پروفيسر عطا محمد حامي جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۱۲ تي لکي ٿو:
    ”ڪجهه وقت کان پوءِ رياست خيرپور جي سياست ۾ اهم تبديلي آئي ۽ رياست جي آزاد اسيمبليءَ جو قيام عمل ۾ آيو. حامي مرحوم به رياست جي سياست ۾ حصو ورتو ۽ اليڪشن کٽي اتي جو ايم اين اي ٿيو.“
    خبر ناهي ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ اهو ڪيئن لکيو آهي ته؛ رياست خيرپور جي آزاد اسيمبلي جو قيام عمل ۾ آيو! ڇا رياست خيرپور کي آزاد ڪشمير جهڙي حيثيت حاصل هئي جو ان جي اسيمبلي به آزاد هئي؟ ان زماني جي خيرپور رياست جو نظام توڙي اسيمبلي، حڪومت پاڪستان جي قانون پٽ-اندر ڪم ڪندا هئا. رياست خيرپور جي اسيمبلي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ”آزاد اسيمبلي“ ڄاڻايو آهي، تنھن جي حيثيت اها ساڳي هئي جيڪا موجوده نئين نطام تحت پاڪستان جي ضلعي اسيمبلين کي آهي. ڇا ڪو هاڻي اهو چئي سگهندو ته ضلعي اسيمبليون آزاد آهن؟ رياست خيرپور جا وزيراعظم به رياست جو حڪمران مقرر ڪري ڪونه سگهندو هو. اهي به مرڪزي حڪومت مقرر ڪندي هئي. جنهن اليڪشن جي ڳالهه ڊاڪٽر صاحب ڪري ٿو، سا خيرپور رياست جي آخري وزيراعظم ممتاز علي قزلباش جي دَور ۾ ٿي هئي. آغا ممتاز علي قزلباش جا يادگار؛ ممتاز ڪاليج، ممتاز گرائونڊ ۽ ممتاز ڪالوني، اڃا تائين خيرپور ۾ موجود آهن. ايم اين اي مان مراد آهي ميمبر نيشنل (قومي) اسيمبلي. ڇا خيرپور رياست جي اسيمبلي کي قومي اسيمبلي واري حيثيت حاصل هئي، جو پروفيسر عطا محمد ”حامي“ اتان جو ايم اين اي هو؟ هيءَ ڳالهه ڪا صديون پراڻي ڪونه آهي. ان اليڪشن جا کوڙ ساترا اکين ڏٺا شاهد، ووٽر ۽ اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ماڻهو اڃا خير سان حال حيات آهن. رپڙيءَ جي ڀر واري ڳوٺ علي بخش سروهيءَ جا ٻه ڀائر؛ مولوي نور محمد خان سروهي ۽ ميان فيض محمد خان سروهي، جيڪي تپيدار طور مشهور هئا، سي ان اليڪشن جا داستان ٻڌائيندا هئا. انهيءَ اليڪشن ۾ ڳوٺ علي بخش سروهي جي زميندار ۽ وڏيري علي بخش سروهي جو پاڙيسري، ڪنڊڙي وارو مرحوم غلام قادر پنهور به چونڊجي آيو هو ۽ قزلباش وزارت ۾ تعليم جي محڪمي جو قلمدان سنڀاليو هئائين، جنهن جو ذڪر مرحوم قائم رضا عرف ”نسيم“ امروهي پنهنجي اردو ۾ لکيل ڪتاب ”تاريخ خيرپور“ ۾ پڻ ڪيو آهي. ايئن ته کوڙ ماڻهو ان اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا هئا، ڇا اهي سڀ ايم اين اي هئا؟!
    ان اسيمبلي جي خاص ڳالهه هيءَ هئي ته پروفيسر عطا محمد حامي ان اسيمبلي جو واحد ميمبر هو، جيڪو حزب اختلاف واري سيٽ والاريندو هو ۽ قزلباش جي ”مخالف ڌر“ طور سڃاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته آغا ممتاز علي قزلباش ۽ مرحوم پروفيسر عطا محمد حامي جي هڪ ٻئي سان بنهه ڪانه پوندي هئي. ٻئي هڪ ٻئي لا، سڄي رياست ۾، رقيب طور مشهور هئا. آئنده جو مورخ، جڏهن خيرپور رياست جي تاريخ ۾، سنڌيءَ جي شاعر پروفيسر عطا محمد حاميءَ جي علمي ڪارنامن ۽ شخصيت تي قلم کڻڻ چاهي ۽ کيس ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتاب هٿ لڳي وڃي، ته ظاهر آهي ته هو اهو ئي لکندو جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ سنڌي لکيو آهي. ڇا پو اهڙي تاريخ ”مستند“ هوندي؟ اڄ کان ۱۰۰ سال يا وڌيڪ عرصي بعد، ڪير تصديق يا ترديد ڪندو ته مرحوم پروفيسر عطا محمد حامي ايم اين اي هئو! يا رياست آزاد به هئي؟
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ساڳئي باب ۾ لکي ٿو: ”ون يونٽ قائم ٿيڻ وقت، جيئن ته صوبائي اسيمبليون ختم ٿي رهيون هيون، انهيءَ ڪري ون يونٽ قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ (حامي صاحب) اسيمبليءَ تان استعيفى ڏئي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. انهيءَ سان گڏ ڪرنل شاهه هاسٽل جو سپرينٽينڊنٽ به ٿي رهيو.“
    هڪ طرف لکي ٿو ته صوبائي اسيمبليون ختم ٿي رهيون هيون، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ قائم پئي ٿيو، ته ان کان ٿورو اڳ اسيمبلي تان استعيفى ڏئي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. پر ساڳي صفحي تي ڊاڪٽر عطا محمد حامي لاءِ لکي ٿو:
    ”انهن ڏينهن ۾ مخدوم طالب المولى جي زيرنگرانيءَ هالا ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هلي رهيو هو، جنهن جو ان وقت پرنسپال مشهور اديب محبوب علي چنه مرحوم هو. حامي صاحب مرحوم، ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ هن ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، جتي کيس محبوب علي چنه مرحوم جي رفاقت ۽ دوستي ۽ حضرت طالب المولى سائين جي صحبت جو شرف به حاصل ٿيو.“
    هتي سوال هيءُ آهي ته پڙهندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري؟ حامي صاحب اول ڪٿي پروفيسر مقرر ٿيو هو؟ مخدوم طالب المولى جي زيرنگرانيءَ ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ يا ون يونٽ قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ممتاز ڪاليج خيرپور ميرس ۾؟ ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر ميمڻ صاحب، ٻئي ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪابه وضاحت نه ڪري سگهيو آهي.
    ساڳئي صفحي تي پاڻ وڌيڪ لکي ٿو:
    ”هر سال اسلام آباد ۾، اهلِ علم ڪانفرنس تي، به گڏ هوندا هئاسون. هڪ ڀيري مرزا اسد بيگ مرحوم، راقم الحروف ۽ حامي صاحب هڪ ڪمري ۾ رهياسون. اهي ڪچهريون وسرڻ جون نه آهن.“ خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي لکڻ جو مقصد ڇا آهي؟ اها ته عام ڳالهه ۽ عام مشاهدو آهي ته ڪانفرنس جي موقعن تي منتظمين طرفان انتظام ڪجهه اهڙو هوندو آهي جو ٻن ٻن يا ٽن ٽن اهل قلم حضرات کي هڪ ڪمري ۾ ئي رهايو ويندو آهي ۽ اها ڪا نئين يا خاص ڳالهه به ڪانه آهي. پر سوال آهي ته اتي ڪچهري ڪهڙي ٿي؟ ڪهڙا عالمانه ۽ اديبانه نقطا زير بحث ٿيا؟ يا حامي صاحب ڪهڙيون نيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون. يا بس فقط اهو لکڻ ته اهي ڪچهريون وسرڻ جون نه آهن، ڇا معنى؟ ايئن ته عام ماڻهو به چوندا آهن ته يار فلاڻو اديب مليو. ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي، چانهه ٻانهه پيتي سون!
    ڊاڪٽر صاحب صفحي ۱۱۴ تي لکي ٿو:
    ”ان کان سواءِ، هن ناچيز سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به ٿي رهيو. محترم قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين هو. حامي مرحوم، سندس (مولانا قاسمي صاحب جو) بيحد احترام ڪندو هو، پر حق ۽ سچ چوڻ ۾ ڪنهن جو به لحاظ نه رکندو هو.“ ان جي جواب ۾ عرض ته سنڌ ۽ پاڪستان جو ڪهڙو عالم، اديب، شاعر، سياستدان يا دانشور هيو يا آهي، جيڪو مولانا قاسمي صاحب جو احترام نه ڪندو هو؟ سنڌ يونيورسٽي جو سابق وائيس چانسيلر، پاڪستان جو مڃيل دانشور ۽ اديب، سابق مرڪزي وزيرِ تعليم، پروفيسر غلام مصطفى شاهه جهڙو شوخ طبيعت رکندڙ ماڻھو به قاسمي صاحب جو احترام ڪندو هو. ايتري قدر جو شاهه صاحب پنهنجي ايامڪاري ۾ مولانا قاسمي صاحب کي پي ايڇ. ڊي جي ڊگري نه هوندي به پي ايڇ. ڊي ڪندڙن جو گائيڊ مقرر ڪيو هو. جيڪڏهن مان ڀلجان نه ٿو ته خود ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي جيڪا پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ملي هئي سا به مولانا قاسمي صاحب جي مرهون منت ملي هئي. سوال ٿو ٿئي ته اهو ڪهڙو حق ۽ سچ هيو، جيڪو چوڻ ۾ حامي صاحب، بقول ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي، ڪنهن جو به لحاظ نه رکندو هو؟ مولانا غلام مصطفى قاسمي جي حوالي سان ههڙو جملو لکڻ جي ڇا معنى آھي؟!
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اڳتي هلي، سنڌ جي هڪ ٻئي سٺي اديب، شاعر ۽ نقاد شيخ اياز ۽ آفاق صديقيءَ جي گهاٽي دوست مرحوم شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو ذڪر ڪندي صفحي ۱۲۵ تي لکي ٿو:
    ”۱۹۴۷ع جو ڪجهه عرصو هن پنجاب ۽ ڪشمير جي سير و سياحت ۾ صرف ڪيو ۽ انساني خون جي هولي جا مناظر پنهنجي اکين سان ڏٺا.“
    ۱۹۴۷ع ۾ انسانن جو رت بيدردي سان وهيو ۽ هڪ راڪاس پنهنجي اندر جي اڃ انساني رت سان اجهائيندو، سڄي برصغير ۾ ڊوڙندو رهيو ۽ اسان جي اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کي اهو سڀ ڪجهه ”هولي“ نظر آئي؟ هولي ته هندن جي خوشين جو تهوار آهي، جيڪو مختلف خوشنما رنگن ۽ خوشين جو اهڃاڻ آهي ۽ ههڙي انساني سانحي کي ھولي سمجهڻ؟ يا ههڙي انسان ذات سان قهر ٿيڻ واري واقعي کي هوليءَ سان ڀيٽ ۽ تشبيهه ڏيڻ؟
    اڳتي هلي صفحي ۱۳۰ تي پاڻ لکن ٿا:
    ”وڏي پئماني تي، لطيف ادبي ڪانفرنس به سکر ۾ منعقد ٿي. محترم آفاق صديقي ۽ راقم الحروف (ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، ’راز‘ صاحب جا ٻانهن ٻيلي رهياسون.“ سکر ۾ لطيف ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ رڳو ’راز‘ صاحب اڪيلو ڪونه هو. اھا شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽيءَ جي گڏيل ڪوشش هئي، ڇاڪاڻ ته آفاق صديقيءَ ان ڪانفرنس جي تفصيلي روئيداد پنهنجي آتم ڪٿا ”صبح ڪرنا شام ڪا“ ۾ لکي آهي. ان ۾ ڪٿي به اهو ڪونه لکيو اٿس ته؛ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به ڪو، ان ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ ۾ سندن ٻانهه ٻيلي هو.
    پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۴۵ تي ڊاڪٽر صاحب ننڍي کنڊ جي مشهور مزدور ليڊر ۽ ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”کيس انهيءَ ڳالهه تي به فخر هو ته هُو (ڪامريڊ بخاري) احمد آباد جي جنهن محلي ۾ ڄائو هو، ان جو نالو به ’سنڌ واڙو‘ هو جيڪو سنڌ جي رهواسين ئي اچي آباد ڪيو هو ۽ پوءِ انهن جي ڪري ئي انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو.“
    ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جي مٿين لکيل ڳالهه جي جواب ۾ عرض ته ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري احمد آباد گجرات انڊيا ۾ ضرور ڄائو هو پر سنڌي واڙي ۾ نه، جيئن ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ جو جنم ۱۹۰۰ع ۾ احمد آباد، گجرات، انڊيا جي هڪ پاڙي ”بخاري محلي“ ۾ ٿيو هو. ۱۹۸۲ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي ۾، ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري سان رهاڻ رچائي وئي. ان موقعي تي، لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم، بزم سچل، طرفان ڪامريڊ جي حياتي ۽ ڪارنامن تي مشتمل هڪ ڪتاب؛ ”اڃا ڪي آهين“ شايع ٿيو ويو هو. اھو، تنظيم جي جنرل سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻي جي معروف شاعر مرحوم لقمان ”حڪيم“ شايع ڪرايو ھيو. اُن ڪتاب ۾ پهريون مضمون ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌيءَ“ جو ۽ آخري مضمون ”بخاريءَ جي ڪهاڻي، سندس ئي زباني“ جي نالي سان، خادم حسين منگيءَ قلمبند ڪيوھيو. انهيءَ ۾ ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري چوي ٿو:
    ”آئون احمد آباد ۾ ڄائو آهيان. مون ننڍي هوندي کان ڏٺو ته احمد آباد ۾ هڪڙو پاڙو هو، جنهن کي ’سنڌي واڙو‘ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. انهيءَ پاڙي جا سنڌي صدين کان وٺي ڪو نه ڪو ڪم ڪندا هئا. اهي سنڌي اسان جي خاندان جا مُريد به هئا ۽ اسان جي ’پاڙي جي آستوڙيه دروازي‘ جي ٻاهران، جانورن جو هاٽ لڳندو هيو، جنهن ۾ سنڌي گهوڙا، ڳئون، ڍڳا ۽ مينهن جو واپار ٿيندو هو. سنڌ جا ماڻهو پڻ اسان جي ڏاڏي جي قبر تي فاتحا پڙهڻ لاءِ عام طور تي ايندا هئا. اسان جي ’بخاري محلي‘ جي سامهون هڪ وڏي مسجد آهي. انهيءَ مسجد کي عام طور ماڻهو ’راڻي سپري‘ جي مسجد جي نالي سان ياد ڪندا آهن. انهيءَ مسجد جي سامهون ’ڄام جُوڻي‘ جي ٻنهي ڌيئرن جا مقبرا آهن، جيڪي ميناڪاريءَ جي ڪري مشهور آهن.“ (ڪتاب ”اڃا ڪي آهن“ صفحو ۴۶-۴۵)
    ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ جي زباني معلوم ٿيو ته هن جو جنم احمد آباد گجرات انڊيا جي هڪ پاڙي ’بخاري محلي‘ ۾ ٿيو هو. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري دَور ۾ پنهنجي هڪ گهاٽي سنڌي دوست ۽ سنڌ جي هڪ سابق وزيراعليٰ، قاضي فضل الله جي معرفت لاڙڪاڻي ۾ آيو. سندس گهر واري شانتا ٻائي ۽ سندس ٽئي پٽ، اڃا تائين لاڙڪاڻي جي مشهور ۽ معروف درگاهه حضرت سيد قائم شاهه بخاريءَ جي ڀرسان قائد عوام روڊ تي رهن ٿا. ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي فرزند ۽ عالم سيد سلطان بخاريءَ (هن جو به ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ واري تذڪري ۾ ڪيو آهي) ٻڌايو ته؛ ”آئون پنهنجي والد ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ ۽ والده شانتا ٻائيءَ سان گڏجي ۱۹۵۶ع ۾ پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه يعني احمد آباد گجرات ويو هئس. اسان جو ڏاڏاڻو گهر، احمدآباد جي بخاري پاڙي ۾ آهي، نه ’سنڌي واڙي‘ ۾. احمد آباد ۾ پاڙي کي واڙو چيو وڃي ٿو. اسان جي وڏن جي درگاهه حضرت سيد عالم شاهه بخاريءَ جي نالي سان، احمدآباد جي بخاري پاڙي ۾ موجود آهي ۽ اسان جا سوٽاڻ ان درگاهه جا متولي ۽ سجاده نشين آهن. ٻه ٽي سال اڳ جڏهن احمد آباد، گجرات ۾ ڀيانڪ هندو مسلم فساد ٿيا هئا، تڏهن اُتان جي مسلمانن ڀڄي اسان واري درگاهه ۾ پناهه ورتي هئي. البته سنڌي پاڙو احمد آباد گجرات ۾ ضرور آهي. پر ’بخاري پاڙو‘ ۽ ’سنڌي واڙو‘ احمد آباد جا ٻه الڳ الڳ محلا آهن، جيئن ڪنهن به شهر ۾ به مختلف پاڙا يا محلا هجن.
    ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کان پوءِ ”سيرت ۽ ساڃاهه جو صاحب“ جي عنوان سان سنڌ جي هڪ مڃيل اديب ۽ شاهه جي رسالي جي ڄاڻوءَ، سابق ڊائريڪٽر آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن مرحوم پروفيسر سائين محمد اڪرم انصاريءَ جون يادون بيان ڪيون اٿس. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۱۴۹ تي شروعات ۾ ئي لکي ٿو:
    ”هُو (پروفيسر محمد اڪرم انصاري صاحب) مون کي شاهه لطيف جي شعر جو تمام وڏو ڄاڻو معلوم ٿيندو هو. ان هوندي به هو مون ناچيز کان شاهه صاحب جي ڪن شعرن جو مفهوم پڇندو هو ۽ تبادله خيالات ڪندو هو.“
    ڊاڪٽر ميمڻ صاحب اڳتي هلي صفحي ۱۵۱ تي لکي ٿو:
    ”اتفاق وري اهڙو ٿيو جو جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مون پروفيسر آف سنڌيءَ جي آساميءَ لاءِ فارم ڀريو ته ان کان پوءِ جلد ئي انصاري صاحب ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو. ڪميشن ۾ پروفيسر آف سنڌيءَ جو انٽرويو ڏيڻ ويس ته انصاري صاحب منهنجو انٽرويو وٺڻ واري بورڊ ۾ ميمبر هو. شاهه صاحب جي ’خاص‘ بيتن جي لسٽ ٺاهي کڻي آيو هو، جن جو مفهوم هن ’مون کان‘ سمجهڻ گهريو ٿي. هو مون کان بيتن جي معنيٰ پڇندو رهيو ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي بحث مباحثو ڪندو رهيو. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس منهن ٻهڪڻ لڳو. حقيقت اها آهي ته عالم کي ڪنهن علمي مسئلي جي سلجهاءَ تي جيڪا دلي مسرت حاصل ٿيندي آهي، ان جو ڪاٿو ڪَٿي نه ٿو سگهجي.“
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي مٿين لکڻيءَ مان اهو صاف بکي رهيو آهي ته پروفيسر محمد اڪرم انصاري، شاهه ڀٽائي جي بيتن جي باري ۾ ڪنهن اهڙي مونجهاري جو شڪار هيو ۽ هو غريب ريشمي ڌاڳن جي اهڙن مختلف رنگن واري سُٽ جيان منجهيل ڪنهن اُلجهاءَ جو شڪار هيو جو ان مسئلي کي آخرڪار ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ حل ڪيو، تڏهن ته پاڻ لکيو اٿس:
    ”ڪنهن عالم کي ڪنهن علمي مسئلي جي سلجهاءَ تي جيڪا دلي مسرت حاصل ٿيندي آهي، ان جو ڪاٿو ڪَٿي نه ٿو سگهجي.“ پر اهو ڪهڙو علمي مسئلو هيو جيڪو پروفيسر اڪرم انصاري کان نه سلجهيو هو؟ يا شاهه ڀٽائيءَ جا اُهي ڪهڙا بيت هئا جن جي پروفيسر صاحب هڪ ڊگهي لسٽ ٺاهي رڳو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ کان معنى ۽ مفهوم پڇڻ واسطي کڻي آيو هو؟ ان آسامي لاءِ انٽرويو ڏيندڙ فقط ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ ته ڪو نه هو جو کيس يقين ٿي ويو ته شاهه جي بيتن جي اها لسٽ رڳو ۽ رڳو هن لاءِ ترتيب ڏئي ٺاهي وئي هئي؟ يا اهي ڪهڙا بيت هئا؟ ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪو هڪ اڌ شاهه جو بيت يا شعر ڏيڻ ته کپندو هو ته جيئن اسان پارن جي علمي معلومات ۾ اضافو ٿئي ها! ڇاڪاڻ ته ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ پاڻ ئي لکي ٿو ته؛ ”سندس جواب ڏيڻ کان پوءِ پروفيسر انصاري صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس منهن ٻهڪڻ لڳو.“
    هتي جيڪڏهن اهو وڌاءُ نه سمجهيو وڃي، جيڪڏهن آءٌ اهو لکان ته پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ سان منهنجي به نيازمندي هئي. پروفيسر محمد اڪرم انصاري صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ٺُلاهه جي رهواسي محترم علي اڪبر تُنئي ڪرائي هئي. مرحوم علي اڪبر تنيو، منهنجي سڳي چاچي (جنهن کي آءٌ بابو وڏو چوندو آهيان) مشهور تعليمي ماهر مرحوم حاجي درمحمد سومري جو عزيز ترين شاگرد هو. علي اڪبر تنيو پهريائين جامعه عربيه جو هيڊ ماستر هيو، جتي ٻين سان گڏ پروفيسر عبدالرسول شيخ (سابق پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو حال حيات ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير) به سندس نائب هو. ۱۹۶۲ع واري تعليمي پاليسيءَ کان اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ واري درجي ۾ علي اڪبر تنئي جو انگي حسابن جو ڪتابA Simple Course of Arithmetic پڙهايو ويندو هو ۽ محترم علي اڪبر تنيو پوءِ، حيدرآباد سنڌ جي ڪينٽونمينٽ ڪاليج جو پرنسپال ۽ اڳتي هلي (شايد) مرڪزي تعليمي بورڊ اسلام آباد جو چيئرمين بڻيو هو. آءٌ جڏهن به حيدرآباد ويندو هئس ته جناب علي اڪبر تنيو سان گڏجي پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ سان ملڻ ضرور ويندا هئاسون، ڇاڪاڻ ته علي اڪبر تنيو پاڻ به علم ۽ ادب دوست شخصيت هو. اُتي انصاري صاحب سان وڏا عالم، اديب ۽ دانشور ڪچهري ڪرڻ ۽ ملڻ ايندا هئا پر مجال هئي جو انصاري صاحب ڪنهن کان پڇي ته يار شاهه جي رسالي تي ڪم پيو ڪريان، فلاڻي شعر ۾ شاهه جا ڪتب آيل لفظ سمجهه ۾ نه ٿا اچن. اُٽلندو ڪو پڇندو به هين ته جواب ۾ فرمائيندا هئا؛ ”سائين! مڙئي سمنڊ ڪناري بيهي ڪچ ۽ ڪوڏيون پيا ميڙيون. شاهه صاحب کي سمجهڻ ڪو آسان آهي ڇا؟“
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ پنهنجي ڪتاب ۾ حافظ خير محمد ”اوحدي“ جي باري ۾ لکي ٿو: ”حافظ صاحب پڪو ۽ سچو مسلمان هو.“ (صفحو ۹۷) ۽ صفحي ۹۲ تي حافظ صاحب جو هڪڙو شعر ڏنو اٿس، جنهن مان گستاخي صاف ظاهر آهي. سوچڻ جو مقام آهي ته ڇا هڪ پڪو ۽ سچو مسلمان اهڙو گستاخانه شعر لکي سگهي ٿو؟ حافظ صاحب جو شعر هي آهي:
    ڪرامن ڪاتبين جي ڊائري ڦاڙيم ته ڇا ٿي پيو؟
    ڪـريـان ٿـو ڪـاتبِ تـقـديـر جـي تحريـر جا ٽڪرا.
    ڪاتب تقدير ڪير آهي؟ اهو ته فقط هن سڄي ڪائنات جو رَبُ ۽ قادر مطلق آهي. ڇا هڪ بيوس، گنهگار (عبد) ٻانهو پنهنجي پيدا ڪندڙ جي تحرير کي ٽڪڙا ڪرڻ جي سگهه به رکي سگهي ٿو؟
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صفحي ۹۲ تي لکي ٿو:
    ”ڪنهن زماني ۾ روزانه ’مهراڻ‘ ۾ سنڌي شاعرن جي شعر تي ’ڪي. ايم. حافظ‘ جي نالي سان سندس پنجاهه قسطون شايع ٿيون هيون. انهن تنقيدن ادبي حلقي ۾ وڏو تهلڪو مچائي ڇڏيو هو. آخر اخبار تي زوربار آڻي، اهو سلسلو بند ڪرايو ويو، ته جيئن وڏن وڏن شاعرن جي عظمت ۽ اهميت جو ڀانڊو ڦاٽي نه پوي. اهي حافظ صاحب مرحوم جون لکيل هيون.“
    سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته روزاني (اخبار) ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر سردار علي شاهه ”ذاڪر“ هيو ۽ سائين سردار علي شاهه سڄي عمر ساڄي ڌُر سان وابسته رهيو هو ۽ ڪي. ايم. حافظ پڻ ساڄي ڌُر سان سلهاڙيل هئڻ ڪري، کاٻي ڌُر يعني ترقي پسند اديبن جي خلاف تنقيدون لکيون هونديون ۽ اُهي بقول ميمڻ صاحب جي ته ۵۰ قسطن کان پوءِ انهن جو زوربار هليو جو ڪي. ايم. حافظ جو زور ٽٽو!
    اها ساڳي ڳالهه ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ سائين سردار علي شاهه ”ذاڪر“ واري باب ۾ صفحي ۱۷۶ تي منڍ ۾ لکي ٿو، پر ان ۾ اهڙي ڳالهه ڪا نه لکي اٿس ته ڪو سردار علي شاهه ”ذاڪر“ تي ”ڪنهن“ جو زوربار پيو ۽ مرحوم سردار علي شاهه ”ذاڪر“ زيربار ٿي، اهو سلسلو بند ڪيو.
    ڊاڪٽر ميمڻ صاحب لکي ٿو:
    ”سندس (سردار علي شاهه ”ذاڪر“) ئي تحرڪ سبب حافظ خير محمد اوحديءَ ڪي. ايم حافظ جي نالي سان سنڌي عروضي شاعرن جي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو لکيو، جنهن جون ۵۰ قسطون روزاني ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيون پر پوءِ سلسلو بند ڪيو ويو، جنهنڪري اڃا اڌورو رهجي ويو.“ (ڪتاب جو صفحو ۱۷۶)
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌيءَ“ سنڌ جي هڪ لاثاني اديب، شاعر، نقاد، عالم ۽ دانشور ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گراميءَ کي به ياد ڪيو آهي ۽ ان جو خاڪو به لکيو اٿس، پر خبر ناهي ته ميمڻ صاحب الائي ڇو مرحوم غلام محمد گراميءَ جي خلاف هر جاءِ تي يعني ”پٿر پرائو ۽ سور پنهنجا“ جي مصداق، پنهنجي اندر جو اوٻر ڪڍيو آهي، ان سلسي ۾ ڪجهه مثال ڏجن ٿا.
    مثال-۱: ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هڪ گهڻگُهري شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو ذڪر ڪندي صفحي ۱۳۱ تي لکي ٿو:
    ”راز صاحب بلند پايه نقاد هو، جڏهن مولانا غلام محمد گراميءَ جو طويل مقالو ’مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات‘ ڇپيو، تڏهن ان تان وڏو اختلاف پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ مسلمان صوفي شاعرن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو. راز صاحب ان جي جواب ۾ مقالا لکيا جيڪي روزاني ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيا.“
    مثال-۲: مرحوم سردار علي شاهه ذاڪر واري باب ۾ وري ميمڻ صاحب کي مرحوم غلام محمد گرامي ياد اچي ويو. پاڻ صفحي ۱۷۷ تي لکي ٿو:
    ”۽ مولانا غلام محمد گرامي جي طويل مقالي ’مشرقي شاعريءَ جي فني قدر ۽ رجحانات‘ تي تنقيدي بحث تي مشتمل مضمون ڇپايائين. سندس تحرير تي ٻين به تنقيدون لکيون، جن ۾ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘، رشيد لاشاري، شيخ عبدالرزاق ’راز‘، ’معمور‘ يوسفاڻي، عبدالڪريم ’تابان‘، راقم الحروف (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا.“
    خبر ناهي ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جا مولانا غلام محمد گرامي جي شاهڪار مقالي جي خلاف تنقيدي مضمون ڪٿي ۽ ڪڏهن شايع ٿيا هئا، جو پاڻ لکي ٿو ته مرحوم سردار علي شاهه ذاڪر جي چوڻ تي جن اديبن مرحوم غلام محمد گراميءَ خلاف لکيو تن ۾ ميمڻ صاحب پاڻ به شامل هو. جيڪڏهن ميمڻ صاحب جي ڳالهه کي صحيح سمجهون ٿا ته پوءِ اها ڳالهه مولانا غلام محمد گراميءَ واري باب ۾ ڄاڻائڻ کپندي هيس!
    دُنيا جي سرتاج الشعراءُ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ شعر آهي:
    جـڏهـانـڪـر ٿـيـام، سـاڃـاهه سپرين سيـن،
    تـڏهـان ڪـر تِـر جـيتـرو، ويـر م وسريام،
    اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد ”سنڌي“ اچي ڀٽائيءَ جي ان شعر کي ورتو آهي، جو هڪ کي ڇڏي ٻئي دوست واري باب ۾ ڀٽائيءَ جو اهو شعر ڏنو اٿس، ڄڻ ته شاهه جي رسالي ۾ ٺهڪندڙ بيتن/شعرن جي ايڏي کوٽ هئي جو ميمڻ صاحب کي ٻيو ڪو شعر ئي نه ملي سگهيو!
    مثال-۱: روهڙيءَ جي سادات گهراڻي جي علمي ۽ ادبي شخصيت ۽ دُورانديش انسان سائين عطا حُسين موسوي لاءِ ڀٽائيءَ جون مٿيون شعر صفحي ۱۴ تي ڏنو اٿس.
    مثال-۲: لاڙڪاڻي جي هڪ شاعر ”قلندر بدوي“ جو ذڪر ڪندي، ڀٽائيءَ جو ساڳيو شعر صفحي ۵۲ تي لکيو اٿس.
    مٿال-۳: لاڙڪاڻي جي ئي هڪ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ادبي شخصيت مرحوم سيد حسين شاهه کي ياد ڪندي، ڀٽائي جو ساڳيو شعر صفحي ۸۱ تي ڏنو اٿس!
    مثال-۴: لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مشهور ڪميونسٽ ليڊر مرحوم ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کي ساريندي، ميمڻ صاحب ڀٽائي جو ساڳيو شعر صفحي ۱۴۷ تي ڏنو آهي.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، دادوءَ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي معروف اُستاد الشعراءُ حافظ محمد ”احسن“ چنه جو ذڪر ڪندي صفحي ۱۸۸ تي لکي ٿو:
    ”حافظ محمد احسن چنه ڪجهه وقت هفتيوار اخبار ’آواز سنڌ‘ دادوءَ جو ايڊيٽر رهيو.“
    ان جي جواب ۾ عرض ته حافظ محمد ”احسن“ چنه هفتيوار اخبار ’آواز سنڌ‘ دادوءَ جو رڳو ايڊيٽر نه هيو پر پاڻ ان جو مالڪ، پرنٽر ۽ پبلشر به هو. ۱۹۷۵ع ۾ حافظ صاحب کي ڪاليج روڊ دادوءَ تي اخبار جو دفتر ۽ پريس به هئي، جتي ڪاليج بند ٿيڻ کان پوءِ، مان ۽ استاد بخاري گڏجي حافظ صاحب سان ڪچهري ڪرڻ ويندا هئاسون. حالانڪه پاڻ گهڻو ضعيف ٿي ويا هئا پر پوءِ به پريس تي ضرور ايندا هئا ۽ شام جو ٽپهريءَ کان اڳ اُٿي گهر هليا ويندا هئا.
    بهرحال، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب کي يادگيريون قرار ڏنو آهي، جيڪو حقيقت ۾ يادگيريون ته پنهنجي جاءِ تي ضرور آهن پر اصل ۾ ”خاڪن“ جو ڪتاب آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب، ڪنھن به شخصيت جي خاڪي ۾ ڪو ڀرپور تاثر ڪو نه لکيو آهي، جيڪو مستقل ۽ ديرپا اثر ڇڏي.


    ”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر

    ”مارو جي ملير جا“ تي هڪ اتاڇري نظر

    خاڪا، سوانح عمريون يا وڏن ناميارن ماڻهن بابت تعارفي ڪتاب ڏاڍي شوق ۽ وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن جڙتو ۽ چور شاعر وانگر، پرايون سٽون ۽ پراوا خيال چورائي لکيل ڪونه هوندا آهن. بلڪ اهي سنئين سڌي نموني ۾ اهڙن شخصيتن جي باري ۾ لکيا ويندا آهن، جن پنهنجي دَور ۾ وڏو نالو ڪمايو هو ۽ ڪن شخصيتن کي ته سنڌ ۾ محاوري/پهاڪي/ورجيس جهڙي حيثيت ملي وئي. مثال طور؛ تون ڪهڙو گامون سچار آن؟ يا ڀڳت ڪنور رام وارو ٽولو يا تون ڪهڙو ڄام ڪانڀو خان آن؟ وغيره. ماضيءَ ۾ سائين جي ايم سيد، وفائي، غلام رباني آگرو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ علي احمد بروهي جا مختلف نالن سان سنڌ جي مشهور، ڪجهه گمنام پر پنهنجي دَور جي اهم ۽ منفرد ماڻهن بابت لکيل ڪتاب وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن. ان کان سواءِ ضلعي جيڪب آباد جي شخصيتن بابت ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي جو تعارفي ڪتاب ”مٺڙا ماڻهو“ جي نالي سان ۲۰۰۲ع ۾ شايع ٿيو، ته ان جي ڪڍ هڪ ٻئي اديب محترم ”خادم“ چانڊئي جو سنڌ جي اديبن، شاعرن، ڳائڻن، گوين، سياستدانن بابت هڪ تعارفي ڪتاب ”مارو ملير جا“ نالي سان، گنج بخش ڪتاب گهر طرفان شايع ٿيو آهي.
    هِن ڪتاب ۾ گذريل ويهين صديءَ دوران سنڌ ۾ نالو ڪمائيندڙ ۽ مڃتا ماڻيندڙ، سنڌ جي عظيم شخصيتن جو تعارف، تفصيل سان ڏنل آهي. هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي، سنڌ جو مشهور ماڻهو نصير مرزا صفحي ۶ تي ”خادم کي هن خدمت تي لک شاباش“ جي سري هيٺ لکي ٿو: ”..... خاص جس ته ان ڳالهه تي ته هن ڪتاب ۾ هن (خادم حسين چانڊئي کي) جنهن يڪ مشت ۶۵۰ شخصيتن سان اسان جو مکاميلو ڪرايو آهي...“ ڪتاب جو مرتب محترم خادم حسين چانڊيو پڻ ”مرتب پاران“۾ لکي ٿو؛ ”هن ڪتاب ۾ مختلف شعبن ۾ شهرت رکندڙ هڪ صديءَ جي ۶۵۰ کان وڌيڪ سنڌي سڄڻن جو تحقيقانه انداز ۾ ذڪر ڪيل آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پهريون مثال آهي.“
    ٻئي؛ محترم اديب ۽ محترم نصير مرزا، ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل شخصيتن جو انگ ۶۵۰ لکن ٿا، جڏهن ته ڪتاب جي فهرست ۾ انگ ۶۱۷ آهي. جيڪو آثم ناٿن شاهي کان شروع ٿئي ٿو ۽ آخري انگ ۶۱۷ نور محمد نظاماڻي مولوي تي دنگ ڪري ٿو. خبر ناهي ته ڇا صحيح آهي؟ مرتب ۽ نصير مرزا جي لکت يا ڪتاب جي فهرست؟ ٽائيٽل ڪور تي سنڌ جي مهان هستين جي وچ ۾ ۽ ڪن کان ته مٿي ۽ نمايان جڳهه تي جلال چانڊئي جي تصوير، خبر ناهي ڪهڙي حيثيت سان ڏني وئي آهي؟ جلال چانڊيو ڪهڙيءَ ريت اهڙي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي؟ محترم خادم حسين چانڊئي وٽ معيار ۽ ماڻَ جو ڪو ماپو ضرور هوندو، جو سنڌ جي هڪ ڳائڻي جلال چانڊئي کي اهڙي ۽ ان ريت سنڌ جي ڏاهن، عالمن، سياستدانن، جهڙوڪ سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ اياز ۽ مرزا قليچ بيگ کان به مٿانهين جڳهه تي ڏيکاريو اٿس! جيڪڏهن ڳائڻن جي حيثيت ۾ جلال چانڊئي کي آندو ويو آهي، ته پوءِ مرحوم جلال چانڊئي کان وڌيڪ مشهور ته ڀڳت ڪنور رام به هو، جيڪو هڪ الله لوڪ ۽ سخي مرد هو، راڳ بند ٿيڻ کان پوءِ جهوليءَ ۾ آيل پيسا، ڏوڪڙ ۽ سونُ، اتي جو اتي مسڪينن ۾ ورهائي، بوڇڻ ڇنڊي، ميدان مان ٻاهر نڪرندو هو. مرڻ پڄاڻان، وٽانئس ڇا نڪتو؟
    ”فقير جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، هڪ تڏي.“
    گذريل ويهين صديءَ ۾ عالمي شهرت ماڻيندڙ ٻن شخصيتن، مثلًا؛ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جون تصويرون، خبر ناهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري ڪونه ڏنيون ويون آهن ۽ اها ڪسر، محترم خادم حسين چانڊئي اندرئين صفحي ۾ بليڪ اينڊ وھائيٽ تصويرون ڏئي پوري ڪري، سڀني سان تر سنوان ڪيا آهن.
    جن شخصيتن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، انهن مان ڪن جي باري ۾ معلومات اڻ پوري ڏنل آهي. هتي چند مثالن تي اڪتفا ڪجي ٿو:
    مثال (۱) سنڌ جي هڪ بهترين غزل گو شاعر، ايڊيٽر، صحافي ۽ اڻ ڌرئي نقاد مرحوم ذوالفقار راشديءَ لاءِ صفحي ۲۵۶ تي لکيل آهي ته؛ ”سونهن ۽ پيار جو شاعر ذوالفقار راشدي ۲۷ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو.“ مرحوم ذوالفقار راشدي جي وفات جي تاريخ ۲۶ آگسٽ آهي ۽ نه ۲۷ آگسٽ ۽ نه ئي کيس چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. کيس لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾ ريلوي اسٽيشن جي سامهون نئين ٺهيل هڪ خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو. هن جي مزار پير ڳوٺ لڳ نئون ديرو جي هڪ اڍائي سؤ ساله پراڻي ۽ تاريخي مسجد جي ڇانوَ ۽ پاڇي ۾ آهي.
    مثال (۲) قائد عوام ذوالفقار علي ڀُٽي بابت ڪجهه اڻپوري معلومات ڏنل آهي. گڏيل پاڪستان جي آخري مهينن ۾، جڏهن اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ وڌي ويو هو، پاڪستان جي صدر جنرل يحيٰ خان، اوڀر پاڪستان مان قومي اسيمبلي جي اڪيلي سيٽ حاصل ڪندڙ (۱۹۷۰ واريون چونڊون) هڪ پراڻي ۽ کک سياستدان نورالامين کي پاڪستان جو وزيراعظم ۽ ڀُٽي کي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪيو هو. ۱۹۷۱ جي نومبر/ڊسمبر مهيني ۾ ڀُٽي صاحب، اقوام متحده جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي، نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه جي حيثيت سان ڪئي هئي ۽ پاڪستان ٽٽڻ وقت پاڻ پاڪستان ۾ ڪونه هو. کيس خاص هوائي جهاز ذريعي گهرائي، پاڪستان جي صدر جي عهدي جو حلف کڻايو ويو. اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ کان پوءِ اولهه پاڪستان جو تصور ئي ڪو نه رهيو هو، پر محترم خادم حسين چانڊيو صفحي ۲۶۰ تي لکي ٿو ”۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي جنرل يحيٰ خان جي استعيفا ڏيڻ کان پوءِ جناب ذوالفقار علي ڀٽو اولهه پاڪستان جو صدر ۽ پهريون سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. خبر ناهي ته محترم خادم حسين چانڊئي، ڀُٽي صاحب کي اولهه پاڪستان جو صدر ڪيئن لکيو؟ اولهه پاڪستان ته تڏهن ڪوٺبو هو جڏهن اوڀر پاڪستان به پاڪستان جو حصو هو. جڏهن اوڀر پاڪستان نه رهيو ته اولهه پاڪستان جو صدر ڇا معنيٰ؟ محترم خادم حسين کي هي به لکڻ گهربو هو ته؛ پاڪستان جي صدر جي عهدي تي فائز رهندڙن ۾ ڀٽو صاحب، پهريون سنڌي صدر ٿيو هو.
    جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي وڏي فرزند، مير مرتضيٰ ڀُٽي جو ذڪر ڪندي محترم خادم حسين چانڊيو، بيگم نصرت ڀٽو کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي هم ڪلاس لکي ٿو: ”بيگم نصرت ڀٽو جيڪا اڃا خير سان حال حيات آهي، ڀٽي صاحب جي هم ڪلاس پڻ رهي چڪي آهي. بيگم نصرت ڀٽو جي والد ماجد عبداللطيف خان جو تعلق، ايران جي مشهور شهر اصفهان سان هو. سنڌي ماڻهن وٽ چوڻي هئي، اصفهان؛ اڌ جهان. ان اڌ جهان واري شهر جي هڪ معزز ۽ نيڪ انسان عبداللطيف جي نياڻي نصرت صاحبه جي پهريون ڀيرو ڀُٽي صاحب سان جيڪا ملاقات ٿي سا ڪراچيءَ ۾ ڪنهن شادي/وهانوءَ ۾ ٿي هئي، سا به ۱۹۵۱ع ۾. ڀٽو صاحب پڙهيو ممبئي، برطانيا ۽ آمريڪا ۾، ته پوءِ نصرت ڀٽو، ڀُٽي صاحب جي هم ڪلاس ڪيئن ٿي؟ ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نصرت ڀٽو ڪيترا دفعا انٽرويو ۾ اهو چئي چڪي آهي ته؛ ڀٽي صاحب کي هن پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ ڏٺو هو.
    محترم خادم حسين چانڊيو، صفحي ۵۱۲ تي سنڌ جي هڪ معروف سياستدان ۽ سنڌ جي سابق وزيراعليٰ قاضي فضل الله بابت لکي ٿو؛ ”...هو (قاضي فضل الله) آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ مارشل لا قائم ٿيڻ تائين وزير رهندو آيو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ ۽ زمين سنڀالڻ جي ڪم ۾ مشغول رهيو.“ قاضي فضل الله جون وزارتون ۱۹۵۸ع تائين ختم نه ٿيون پر جناب ذوالفقار علي ڀٽو، جڏهن پاڪستان جي صدر ايوب سان تاشقند معاهدي تي سخت اختلاف رکي، وزارت خارجه تان استعيفا ڏني، تڏهن ڪجهه مهينن کان پوءِ، دشمنيءَ ۾ جنرل ايوب خان، لاڙڪاڻي جي هن سياستدان (قاضي فضل الله) کي صوبائي ون يونٽ واري اولهه پاڪستان حڪومت ۾، گورنر موسيٰ خان واري وزارت ۾ هوم منسٽر ڪري رکيو هو. قاضي فضل الله، ان عهدي تي پاڪستان جي ٻي مارشل لا (۱۹۶۹ع واري) تائين رهندو آيو. اولهه پاڪستان جو يحيٰ خان واري مارشل لا کان اڳ، ٻه چار ڏينهن يوسف هارون (ڪراچي وارو) گورنر ٿيو هو، جنهن جو (يوسف هارون جو) ذڪر هن ڪتاب ۾ شامل ڪونهي.
    نئين زندگيءَ جي باني ايڊيٽر مرحوم عبدالواحد سنڌي جو ذڪر ڪندي صفحي ۴۲۰ تي لکي ٿو: ”هڪ دفعي سندس ملاقات مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ٿي، جنهن کيس ٽوڪيندي چيو ته؛ مان سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيس. ڄام پور ۾ تعليم حاصل ڪيم ۽ ڀرچونڊي ۾ وڃي مسلمان ٿيس. پاڻ کي سنڌي لکندو آهيان ۽ گورنمينٽ رڪارڊ تي به سنڌي آهيان. پر افسوس جو تون سنڌي هوندي به پاڻ کي سنڌي لکندي شرم ٿو محسوس ڪرين. هن واقعي کان پوءِ مولانا عبدالواحد پاڻ کي سنڌي لکڻ لڳو.“ حقيقت هيءَ آهي ته مولانا عبدالواحد سنڌي، هندستان جي صدر، ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو پٽيلو هو ۽ ڪراچي ۽ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمود حسين جي گهر ۾ رهندو هو ۽ ڊاڪٽر وارن ئي مولوي عبدالواحد سنڌي جي شادي هڪ اردو ڳالهائيندڙ خاندان مان ڪرائي هئي.
    محترم خادم حسين چانڊئي جي مٿين ڳالهه ڪيتري قدر صحيح ۽ سچ آهي جو هو صاحب لکي ٿو ته؛ مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي وڏي پايي جي عالم ۽ سياستدان واتان شرم وغيره جا لفظ اُچارائي لکي ٿو. ان جي ترديد، ڊاڪٽر محمود حسين جي ياد ۾ ملير ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ڪتاب صفحو ۱۵۶ تي ڪري ٿو. ڪتاب جو مرتب صادق علي لکي ٿو:
    ”سنڌي صاحب ڪي ڪتابون مين اهم ترين تصنيف ’رسول پاڪ‘ ٿي. اس ڪا تعارف خود ذاڪر صاحب (ڊاڪٽر ذاڪر حسين سابق صدر هند) ني تحرير فرمايا ٿا. اس ڪتاب ڪي باري مين ذاڪر صاحب اڪثر ڪلمات تحسين ادا ڪيا ڪرتي ٿي. ايڪ بار انهون ني فرمايا؛ ’اگر مين بادشاهه هوتا تو عبدالواحد ڪو خلعت سي نوازتا‘. جب اس ڪتاب ڪا مسوده تيار هو گيا تو عبدالواحد سنڌي صاحب، جو اس وقت عبدالواحد جامعي ڪي نام سي مشهور ٿي، مسودي ڪي ايڪ نقل جناب عبيدالله سنڌي صاحب ڪو مشوري ڪي غرض سي ڀيجِي. يه وه دور ٿا جب عبيدالله سنڌي صاحب اپني انقلابي سرگرميون ڪي باعث حڪومت وقت ڪي عتاب مين ٿا اور ان ڪي جلاوطني ڪي احڪام ڀي صادر هو چڪي ٿي. عبيدالله سنڌي صاحب ني ممبئي سي وه مسوده عبدالواحد ڪو صرف ايڪ جگه پر تبديل ڪر ڪي واپس ڀيج ديا. يه ترميم ان ڪي نام مين ٿي اور جامعي ڪو ڪاٽ ڪر اس ڪي جگه سنڌي لک ديا اور اس ڪي ساٿ انهون ني ايڪ پيغام ڀي ارسال ڪيا، ڪه عبدالواحد ڪو ايڪ نه ايڪ دن سنڌ واپس جا ڪر خدمت انجام ديني هونگي. ڪهين ايسا نه هو ڪه اهل سنڌ انهين غير سمجهه ڪر فراموش ڪر بيٺين. اس طرح عبدالواحد جامعي، عبدالواحد سنڌي هوگئي.“ هاڻي قارئين پاڻ اندازو لڳائن ته حقيقت جي شڪل ڪيئن بگاڙي وئي آهي. آئون خود حيران هوس ته، عبيدالله سنڌي جهڙو ماڻهو اهڙي غير معياري ٻولي ڪيئن استعمال ڪندو؟!
    فلمي دنيا سان لاڳاپيل، پنجابي فلمن جي بي تاج بادشاهه مصطفيٰ قريشي جو ذڪر ڪندي صفحي ۶۸۱ تي لکي ٿو: ”مصطفيٰ قريشي ۱۹۶۸ع ۾ فلمي دنيا سان وابسته ٿيو. سندس پهرين سنڌي فلم ”ڌرتي لال ڪنوار هئي.“ جڏهن ته سنڌ جي هن سپوت مصطفيٰ قريشي جي پهرين فلم ”پرديسي“ هئي، جنهن جو فلمساز حيدرآباد وارو سيد علي شاهه فاضلاڻي هو. ”پرديسي“ فلم ۾ مصطفيٰ قريشي هڪ عياش وڏيري جي پٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ فلم ۾ سندس نالو ”انور“ هو. تصديق لاءِ اڄ به پرديسي فلم ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ ڪا ايڏي پراڻي فلم ڪانهي، جنهن جي پرنٽ، آئوٽ آف مارڪيٽ هجي!
    اهڙيءَ طرح سنڌ جي هڪ ماهر تعليم، سيد غلام مصطفى شاهه کي ڊاڪٽر (پي ايڇ. ڊي) ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري لکڻ واري ڳالهه خود تحقيق طلب آهي، ته ڇا پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه پي ايڇ. ڊي به ڪئي هئي؟ محترم خادم حسين چانڊيو، صفحي ۴۹۵ تي پاڻ به غلام مصطفيٰ شاهه کي پروفيسر ڪري لکي ٿو. جڏهن ته ٻين پي ايڇ. ڊي رکندڙن جي نالي سان گڏ ڊاڪٽر لکي ٿو. مثال طور اياز قادري ڊاڪٽر (صفحو ۱۰۷)، بشير احمد شاد ڊاڪٽر (صفحو ۱۲۲)، الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر (صفحو ۸)، حيدر سنڌي ڊاڪٽر (صفحو ۲۳)، در محمد پٺاڻ ڊاڪٽر (ص- ۲۴۶)، شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر (ص- ۳۲۶)، عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر (ص- ۴۱۰)، عمر بن دائودپوٽو ڊاڪٽر (ص-۳۲۶)، غلام علي الانا ڊاڪٽر (ص- ۴۷۰)، غلام محمد لاکو ڊاڪٽر (ص- ۴۸۷)، فيروز احمد ڊاڪٽر (ص-۵۱۹)، نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر (ص- ۷۲۰)، نواز علي شوق ڊاڪٽر (ص- ۷۴۰)، ۽ هڪ اڌ ٻيو. جيڪڏهن پروفيسر غلام غلام مصطفيٰ شاهه ڊاڪٽر هو ته پوءِ سائين خادم حسين چانڊئي صاحب لاءِ لازمي هو ته هو سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي ڊاڪٽر لکي ها. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ڪڏهن به پاڻ کي ڊاڪٽر نه لکيو ۽ نه ڪوٺايو. پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه لاءِ محترم خادم حسين لکي ٿو؛ فلاڻي سال کين گورنمينٽ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ وري کيس سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۵ع ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ٿيو (صفحو ۴۹۶). ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن ٿيڻ کان اڳ ۾ پروفيسر غلام مصطفي شاهه مختلف ڪاليجن ۾ پرنسپال به رهيو هو، جن ۾ سنڌ جي ثقافتي شهر شڪارپور جو چيلاسنگهه سيتل داس المعروف سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور به شامل آهي.
    سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار مرحوم نسيم کرل کي گنبٽ، کهڙا ۽ رپڙي روڊ تي هڪ ڳوٺ سائديءَ ۾ سندس بنگلي ۾ قتل ڪيو ويو هو، جيڪا وڏي ۽ اهم ڳالهه آهي. نسيم کرل جي حوالي سان سندس اوچتو قتل ٿيڻ جو ذڪر پڻ ضروري هو، پر خادم حسين صرف تاريخ ڏئي ان جي هميشه لاءِ موڪلاڻي ڏيکاري ٿو.
    محترم ناز سنائيءَ جو (ص- ۷۱۸ تي) ذڪر ڪندي لکي ٿو: پنهنجي اشاعتي اداري ”سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد“ مان ٽي سو کن معياري ڪتاب مختلف اديبن جا شايع ڪري چڪو آهي. ”سنڌ تحقيقي بورڊ“ به محترم ناز سنائي جو ادارو آهي، پر ان طرفان هيستائين رڳو ٽيهه ڪتاب شايع ٿيا آهن. جڏهن ته جنهن اداري جو محترم خادم حسين ذڪر ڪري ٿو ان جو نالو ”سنڌي ساهت گهر“ آهي. ٻئي طرف ناز سنائيءَ جي ڇپيل ڪتابن جي لسٽ ڏني وئي آهي. انهن ۾ ”منهنجو عزم فولاد“ ۽ ”سنڌ جو سفر“ ته ڇپيل به ڪونهن.
    محترم خادم حسين چانڊيو، پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۲۴۲ تي سنڌ جي هڪ لوڪ فنڪاره مرحومه نور بانو جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته؛ سيد زمان شاهه راشدي جي معرفت ريڊيو تي پهتي. مائي نور بانو تلهار شهر جي پير شهاب الدين راشدي جي گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. پير علي محمد راشديءَ ۽ مرحوم حسام الدين راشديءَ جي تلهار واري پير آف شهاب الدين سان مٽي مائٽي هئي. هنن ٻنهي راشدي ڀائرن جو اڪثر تلهار اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جتي هڪ دفعو هنن مائي نور بانو کان ڳارايو. سندس آواز جي لوڇ، لئي ۽ سر، ٻنهي ڀائرن کي موهي وڌو ۽ جڏهن پير علي محمد راشدي اطلاعات ۽ نشريات کاتي جو وزير بڻيو ته کيس ريڊيو تي وٺي آيو. مائي نور بانو آخري وقت تائين پير حسام الدين راشدي جي گهر ۾ هڪ ڀاتي جيان، وڏي عزت ۽ احترام سان رهي.
    بهرحال محترم خادم حسين چانڊئي جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن. تاهم هڪ ڳالهه هر هر کٽڪڻ جهڙي آهي ته، محترم خادم حسين پنهنجي هن ڪتاب ۾ جتي نامعلوم ۽ معمولي مشهور ۽ پنهنجي ضلعي ۽ تعلقي تائين محدود يا پرنٽ ۽ پبليڪيشن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان سلهاڙيل معمولي قابليت رکندڙ ماڻهن کي جاءِ ڏني آهي، اتي سنڌي فلمن جو بنياد وجهڻ واري سيد حسين شاهه فاضلاڻيءَ جو نالي ماتر به ذڪر نه ڪيو آهي.
    سنڌ جي هڪ وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار بابت انتهائي مختصر معلومات ڏني وئي آهي. هو سياستدان ھئڻ کان سواءِ هڪ سريلي گلي ۽ موسيقي تي مڪمل دسترس رکندڙ شخص هو. پاڻ جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ هو، تڏهن ميرپورخاص شهر ۾ کيس مدعو ڪيو ويو. ميزبانن طرفان ٽيبل تي جيڪو ڪيڪ رکيو ويو هو. ان ڪيڪ جي مٿان سنڌ جو نقشو ٺهيل هو ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ لاءِ پيرزادي عبدالستار کي چاقو هٿ ۾ ڏنو ويو، ته خار کائيندڙ نظرن سان ميزبانن ڏانهن ڏسي چاقو کي پري اڇلائيندي چيائين ته؛ ”سنڌ جي پيٽ ۾ ڇُرو هڻڻ لاءِ رڳو مان وڃي بچيو آهيان ڇا؟ اهڙي ڪڌي ڪم لاءِ سنڌ جو غدار ڪو ٻيو گهرايو. آئون ڪنهن به حالت ۾ سنڌ ماءُ جي پيٽ ۾ ڇرو/ ڪاتي ڪو نه هڻندم.“
    ڪتاب ۾، لاڙڪاڻي ريڊيو جي حوالي سان جتي ٻين دوستن جو ذڪر خير ڪيو ويو آهي، اتي ”رسالو“ جهڙو ادبي پروگرام لاءِ هر هفتي ڪوشان رهندڙ ۽ سٺي شاعر عنايت ميمڻ جو ذڪر به ضروري هو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نشريات منجهان، ”رسالو“ اهو خالص ادبي پروگرام آهي، جيڪو ڏاڍي چاهه سان ٻڌو ويندو آهي. ايئن عنايت ميمڻ وانگر سنڌ ۾ تجريدي نظم لکڻ واري نديم ملڪ کي به وساريو ويو آهي ۽ ان بابت ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر محترم علي احمد قريشي دادو وارو ۽ دادو جي هڪ محقق سائين اظهر سولنگي کي پڻ وساريو ويو آهي. پهاڪن ۽ ورجيسن ۾ نمايان فرق ٻڌائيندڙ، اسان جي وقتِ روان جي محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب ۾ ڪٿي نالو به لکيل ڪونهي. اميد ته محترم خادم چانڊيو آئينده ڪتاب لکڻ وقت گهڻي احتياط کان ڪم وٺندو، ڇاڪاڻ ته اڄ جي زماني جا لکيل ڪتاب آئنده جي مورخ لاءِ دستاويز هوندا ۽ آئنده جو مورخ گهڻو تڻو ههڙن ئي ڪتابن تي ڀاڙيندو.


    نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ

    نجم عباسي جي فلسفي جي چيرڦاڙ

    هر انسان ۾ فطري طور نالي، شهرت ۽ نانءُ نيڪي ڪڍرائڻ جي بُک هر وقت ۽ هر عمر ۾ موجود رهي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان قسم جي بُک ڪِن ۾ ٿوري ۽ ڪِن ۾ گهڻي ٿئي ٿي. ڪجهه ماڻهو، ان بک جو پورائو ڪرڻ خاطر اهڙيون ته نازيبا حرڪتون ڪندا آهن جو نه رڳو پنهنجي ملڪ ۽ پرڳڻي ۾ مشهور يا بدنام ٿي ويندا آهن پر سندن بدناموسي يا بدنامي، ملڪي سرحدون به ٽپي ٻين ملڪن تائين پهچي ويندي آهي، جنهن کي اردو جي هڪ ضرب المثل شعري سٽ؛ ”بدنام هوئي تو ڪيا نام نه هوگا؟“ وانگر، پنھنجي ”هاڪ“ سمجهندا آهن.
    اهڙن نام- ڪٺين يا بدنام ماڻهن جي، هڪ اڻ کُٽ فهرست اسان جي سنڌ سڳوريءَ ۾ موجود آهي. هتي ”خرار مان نموني جي مُٺ“ طور هڪ اڌ مثال، غير ملڪين جي، ڏيڻ تي اڪتفا ڪجي ٿي. انڊيا ۽ برطانيه جي ٻِٽي شهريت رکندڙ، شيطاني ذهن، جنوني ۽ ناقص العقل پر پنهنجي پَرِ ۾ پاڻ کي عقلِ ڪُل سمجهڻ واري سلمان رشديءَ جو شمار اهڙن نام- ڪٺين يا بدنامِ زمانه ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. سندس زندگي، سندس لاءِ ڪيڏي نه ڏکي ٿي وئي آهي جو الله پاڪ جي هيڏي وڏي ۽ وسيع ڌرتي به سندس لاءِ تنگ ۽ سوڙهي ٿي وئي آهي. ايتري تائين جو برطانيه جهڙي ملڪ ۾ به اشتهاري مجرمن وانگر جايون بدلائي لڪندو وتي ٿو. گذريل سال وري جڏهن هندستان ويو ته ڪنهن به ادبي تقريب ۽ مشاعري ۾، ڪوٺ جي باوجود، وڃي نه سگهيو. هڪڙي رات ۾، سواءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي، ڀوپال مان جهاز رستي، دڳَ مٽائيندو، ڪلڪتي کان ٿيندو، چورن وانگر انڊيا مان ائين ڀڳو جو لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي به ساهه پٽڻ جي مهلت ڪونه مليس!
    سال ۱۹۶۳ع جي نومبر مهيني جي ڳالهه آهي، لاڙڪاڻي شهر جي وڏي مڇي مارڪيٽ جي ڀرسان، غريب مقام جي ڀر ۾، هڪ اوپري ماڻهوءَ، چوني سان نڪتل گول دائري جي پٽي تي سواءِ ڪنهن وقفي جي ۴۸ ڪلاڪ سائيڪل هلائڻ جو مظاهرو ڪيو هيو. رونشي ڪوڏيا ۽ گهرن کان بي گهر ٿيل واندا ۽ رول ماڻهو، سائيڪل سوار کي ڏسڻ ۽ بيجا داد ڏيڻ لاءِ هر هر ڀڳا بيٺا هوندا هيا. ان مان سائيڪل سوار جو مقصد ڇا هيو؟ سواءِ نالي، نمود ۽ نمائش جي ٻيو ڪجھ به نه. ڀلا سندس ان بي مقصد ڪرتب مان، عوام کي ڪهڙو فائدو هو؟
    ايئن لاڙڪاڻي جو شبير سولنگي، مسلمان هوندي به ڪڏهن ڌوتي ۽ جڻيو پائي، تلڪ لڳائي، پيرن ۾ گنگهرو ٻڌي لاڙڪاڻي شهر ۾ گهمندو هيو ته سڀني دڪاندارن ۽ واٽهڙن جي نگاهن جو مرڪز بڻجي پوندو هو. ڌوتي، جڻيو ۽ تلڪ لڳائڻ کان پوءِ به نالو مسلمانن وارو يعني شبير سولنگي سڏرائڻ ۽ چورائڻ پسند ڪندو هو. گهٽ ۾ گهٽ لاهور واري مجذوب فقير لال حُسين وانگر، لفظ ”ماڌو“ جو ته اضافو ڪري ها. شبير ته نه تلڪ لڳائيندا آهن ۽ نه ئي جڻيو پائيندا آهن. هڪ ڏينهن اهڙو به هيو جڏهن شبير سولنگي، تئو ڳچي ۾ پائي شهر ۾ گهميو ته روزانه ڪاوش ”تئو ڳالهائي ٿو“ جو ڪيپشن هڻي، سندس فوٽو شايع ڪيو. ان کان پو شبير سولنگي به ”تئي وارو“ جي لقب سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويو. سندس ان عمل سان سنڌين کي ڪهڙو فائدو پيو؟ انسانذات کي ڪهڙو لاڀ حاصل ٿيو؟ ڪيئن؟ آهي نه نالي جي بُک!
    اِيئن اڄ جا ”ڪجهه“ سنڌي ليکڪ (شاعري جي نالي ۾ تڪبندي ڪندڙ) پاڻ کي نام- ڪٺيو يا بدنام ڪرڻ خاطر، جيڪي گل پوئي رهيا آهن، سي ڪنهن کان به ڳجها ڪونهن. اهڙن لکندڙن، پنهنجي وسان ڪونه گهاٽيو آهي. مذهب ۽ اخلاق کي، خاص طور، پنهنجي خيالن جي يلغار جي زد ۾ آڻي ٻين جي مٿان ”ٿاڦڻ“ جي ڪوشش ڪئي اٿائون. چڱا ڀلا، ڏسڻا وائسڻا ليکڪ، نوجوانن جي ڪچن ذهنن کي ماديت پرستيءَ وارو سبق ڏئي، سندن ڪردار ۾ هر طرح جي خوبين جي وبا پکيڙي، کين مذهب ۽ اخلاق کان ٻاهر ڪڍي ڌوٻيءَ جو ڪتو بڻائي ڇڏيو اٿائون، جيڪو نه گهر جو نه گهاٽ جو رهيو آهي. بقول ڪنهن شاعر جي؛ ”شاهين ڪو سکاتي هين، پَسنتي ڪيا پرواز“. نتيجي ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ مايوس انسان، زندگيءَ جي عظمت جو منڪر ٿي وڃي ٿو ۽ ذهني صلاحيتون به ختم ٿي وڃنس ٿيون.
    اخلاقي قدرن کي ڇڏي، جيڪو به دل ۾ اچي سو لکي ڇڏڻ، تخريبي ڳالهين جي تشهير ڪرڻ، هن ڪائنات جي پيدا ڪندڙ سان عداوت رکڻ ۽ ان جي موڪليل نبين ۽ پيغمبرن جي شان ۾ گستاخيءَ وارا جملا چوڻ، لکڻ يا پنهنجي مضمونن ۽ ڪهاڻين ۾ ٽُنبڻ، اسلام کي پنهنجي ذهني مرض جو نشانو بنائڻ، اھا ”انقلابيت“ ڪانهي، پر پاڻ کي نام-ڪٺيو/بدنام ڪرڻ واري ”ذاتي خود غرضي“ آهي. سنسڪرت جي ڪنهن ڏاهي ۽ عالم جا لفظ آهن:
    ”نائيم اَتما بال، هيني نا لڀيا.“
    يعني: ”هڪ بزدل ذهن ڪڏهن به سچ کي ڳولي نه سگهندو.“
    خانواهڻ واري، مرحوم ڊاڪٽر نجم کنڀڙي عرف نجم عباسيءَ، سنڌي ادب ۾ خاص ڪري سنڌي ڪهاڻين ۾، مذهبي ڳالهين جي مخالفت ڪرڻ ڪري، گهڻو نالو ڪمايو. ھن سواءِ اسلام جي، ڪنهن به ٻئي مذهب، جھڙوڪ؛ هندو ڌرم، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم کي هٿ نه لاتو. اها به اخلاقي تقاضا آهي ته ڪنهن به دين ڌرم کي طنز جو نشانو نه بڻائجي، پر ويچاري نجم عباسيءَ جو زور رڳو اسلامي ڳالهين جي مخالفت تي هيو ۽ هليو. ان جي پس پرده به ڪي نفسياتي سبب ٿي سگهن ٿا.
    ”ڇوڏو“ جي عنوان سان ٽه-ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل، سندس ڪهاڻي پسند ڪئي وئي، ته هي به ٻانهون ۽ وَرَ کنجي، بظاهر مت جي موڙهيلن جي ڳالهين ۽ اصل ۾ اسلامي ڳالهين جي مخالفت ۾، واڌ آندائين. انٽرويو ڏيڻ وقت به ساڳي ڳالهه جو ورجاءُ ڪندو رهيو. ايئن سنڌي ادب ۾، بلبل هزار داستان بڻجي ويو.
    ۱۹۷۰ع ۾ ايلين لاسڪيءَ هڪ ڪتابA History of Greek Literature جي نالي سان لکيو هيو، جنهن ۾ يوناني اديبن جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ ”انهن ۾ بلاغت (Rhetoric) ۽ اسراريت (Mystery) جو غلبو زياده هيو. سڀئي اهو چاهيندا هئا ته قدرت طرفان مليل سموريون وصفون ۽ خاصيتون، ليکڪن جي هيرو ۾ شامل هجن.“ (اهو هن ڌرتي تي ناممڪن آهي ته هڪ ماڻهو هڪ ئي وقت سهڻو به هجي ۽ بهادر به هجي، جنگجو به هجي ۽ ڳائڻو به هجي، موسيقار به هجي ۽ سٺو سياستدان به هجي، سٺو ليکڪ به هجي ۽ ايڊيٽر به هجي). يوناني اديبن جي طرز تي بورس پوليوائيءَ جو ڏندڪٿا ٽائيپ ناول A Story of a real man هڪ سچي ماڻهوءَ جي آکاڻيءَ جي نالي سان شايع ٿيو. هن پنهنجي ناول ۾ هڪ ديومالائي قصو، ٻين لفظن ۾ معجزاتي قصو، بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ پنگلي ۽ معذور ماڻهوءَ اليڪسي نالي واري پائليٽ جو، هڪ برفاني علائقي ۾، ڄنگهه ۾ چڪ هڻي، رڇ ماس پٽي کائي ٿو. سندس ڄنگهه ۾ چڪ وجهي، کيس برف جي تهن مان ٻاهر آڻي ڪڍي ٿو. شايد اڳئين جنم ۾ برفاني رڇ اليڪسيءَ جو وفادار مائٽ يا دوست رهيو هوندو، نه ته ڀلا ڪهڙو سبب جو رڇ پهريائين پائليٽ جو ماس پٽي کائي ٿو ۽ پوءِ کيس زندهه ڇڏي ڏي ٿو!
    سوال آهي ته هڪ برفاني علائقي ۾ رڇ جي کاڌل معذور پائليٽ جا ڦٽ ڪيئن ڇٽا؟ نه دوا، نه دارون ۽ نه ملم پٽي، ته پوءِ ان زخمي ۽ پنگلي پائليٽ جا زخم ڪيئن ڀريا؟ پنگلي پائليٽ جي جهاز اڏارڻ جي ڳالهه ته اڃا پوئتي آهي. شايد نجم عباسيءَ جهڙا همدرد ۽ رحمدل سوشلسٽ ڊاڪٽر يا يوسف سنڌيءَ جهڙا انسان دوست اديب، فرسٽ ايڊ جا باڪس کنيون، رستا نه هوندي به برفاني علائقي ۾ پهچي ويا هوندا!
    مذهبي معجزن جي مخالفت ڪرڻ وارا، محفلن ۾ وڏو وات ڦاڙي، نڙيءَ تي ايڏو زور ڏيندا آهن جو سندن ڳچيءَ جو رڳون به ڦوڪجي نڙ ٿي پونديون آهن. ڦوڪيل رڳن سان اليڪسيءَ جي ڪردار، برف ۾ ڪرڻ، رڇ جي چڪن (ڦٽ ڪيئن ڇٽا، انهي تي بحث ڪو نه ڪندا نه ڪي ڳالهه ڪندا) ۽ ان جي پنگلي پائليٽ جي جهاز اڏائي دشمن تي حملو ڪرڻ جو معجزو بيان ڪندا آهن.
    محترم يوسف سنڌي به (جناب ذولفقار علي ڀُٽي، سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي، امر جليل، پليجي صاحب، پير حسام الدين راشديءَ کان وٺي استاد بخاري، نياز همايوني يا ذوالفقار راشديءَ تائين اسان هڙئي سنڌي، ڄڻ افريڪن، اسپيني، بنگالي، چيني، تامل، افغاني ۽ اسرائيلي آهيون. باقي هي ٻه ٽي ماڻهو سنڌي آهن. ڄڻ رهن سنڌ ۽ پاڪستان کان ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ ٿا، جو سنڌي سڏرائڻ تي زور اٿن. بقول ذوالفقار راشدي مرحوم جي ته جيڪو ٿو گهرؤن رُسي سو پاڻ کي سنڌي لکي ۽ سڏائي ٿو( مذڪوره ناول جي هيرو اليڪسيءَ سان نجم عباسيءَ کي ڀيٽ ڏيندي روزاني عبرت ۾ ”ڪالهه هُو اڪيلو هو“ جي عنوان سان هڪ خط نما مضمون لکيو هو، جيڪو پوءِ محترم يوسف سنڌيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”جبل مٿي باهڙي“ (نجم عباسيءَ جا خط) صفحي ۱۷ تي شايع ٿيل آهي.
    محترم يوسف سنڌي لکي ٿو ته:
    ”مون کي پتو ڪونهي (ڇو؟ باقي هي رهاڻيون ۽ ڪچهريون ڪنهن سان ڪندو هو؟) ته سندس دل ۾ اهو احساس جاڳيو هيو يا نه!؟ پر ڏٺو وڃي ته اسان کيس وساري ڇڏيو آهي جو هُو بيماريءَ جي جنهن عذاب ۾ گذري پيو، تنهن ۾ اسان ڪڏهن به ڏانهس ٻه گهڙيون سيڙائي نه ويا آهيون...... خود سوچيو ته هڪ ماڻهو جنهن سڄي عمر انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ لکيو هجي. (ڊاڪٽر نجم عباسي انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ ڪهڙا ڪتاب لکيا هئا؟ ڪنهن هڪ اڌ ڪتاب ۽ پبلشر جو نالو؟) سو ماڻهو حيدرآباد ۾ موجود هجي، جنهن وٽ سوشلزم کان سواءِ ٻي ڪنهن ذاتي ملڪيت جو تصور به نه هجي (پاڻ سوشلزم جي واٽ تي ڪيترو عمل پيرا هيو؟) ۽ گذريل ٽن سالن کان اڌ-رنگ جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هجي، جنهن جو علاج فقط لنڊن ۾ هجي ۽ سڄو ڏينهن اڪيلائپ ۾ گذاري، هفتن جا هفتا ڪنهن جو منهن نه ڏسي، جڏهن ته حيدرآباد/ قاسم آباد جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ڪو نه ڪو اديب رهندو هجي، ته ڇا منجهس اڃا زندگي لاءِ تڙپ هوندي؟ منهنجو اهو سوال سڀني کان آهي.“
    محترم يوسف سنڌي هڪ سوال ۾ ڪيترائي سوال ڪري ويو آهي. سندس سوال جي جواب ۾ عرض ته نجم عباسي ڪهڙي انقلاب لاءِ ڪوشان هيو؟ هن سنڌي قوم کي ڪهڙو نئون منشور ڏنو؟ ايئن ته فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب به شعر چيا ۽ احمد نديم قاسميءَ پارن به کوڙ ڪهاڻيون لکيون، جنهن ۾ سوشلزم جي ڳالهه ڪندا هيا. ڇا انهن شعرن ۽ ڪهاڻين سان اسان جي ملڪ ۾ انقلاب اچي ويو هيو، جيڪو نجم عباسيءَ جي لکڻين سان نه اچي سگهيو، جنھنڪري سڄي سنڌي قوم کي ٿا مياردار ڪيو!
    يوسف صاحب، توهان لکو ٿا ته ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي بيماريءَ جو علاج ”فقط“ لنڊن ۾ هيو. لفظ ”فقط“ تي ايترو زور ڇو؟ ڪهڙي بيماريءَ جو علاج فقط لنڊن ۾ هيو يا آهي؟ سنڌ جو يگانو شاعر استاد بخاري ته ٻه دفعا علاج لاءِ لنڊن ويو هيو. ڇا استاد بخاريءَ کي بيماري ڇڏي وئي هئي؟ ڇا استاد بخاري لنڊن کان تندرست ٿي ۽ نوبنو ٿي موٽيو هو؟
    حيدرآباد ۽ قاسم آباد جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رهندڙ اديبن کي ڇڏيو. اديب هونءَ ئي مردم بيزار هوندا آهن. سواءِ ڪنهن هڪ اڌ شاعر ۽ اديب جي، باقي سڀني جا حال پورا آهن، ڀلي پوءِ اُهي اردو جا اديب ڇو نه هجن. مڙئي رڍون ٻوٿ ڪاريون آهن. باقي جيستائين نجم عباسيءَ کان عيادت ڪرڻ (عيادت ڪرڻ به نجم عباسيءَ کي وڻندو هيو الائي نه، ڇاڪاڻ ته اها به مذهبي ڳالهه آهي ۽ نجم عباسي ته سنڌي تهذيب ۽ ثقافت تي ٽوڪان ڪيون آهن، جنھن جو بيان اڳتي ٿيندو) جو تعلق آهي ته نجم عباسي سڀني خطن ۾ هر هر اها لٻاڙ هنئي آهي ته هو سنڌيت جو پرچار ڪرڻ ۾ ماهر آهي. سنڌيت بابت واعظ ڪندي، پنهنجي سڄي عمر گهاري ڇڏيائين ۽ بقول نجم عباسي ته هن جي اهڙي واعظ کان سڄي سنڌ جا نوجوان متاثر ٿيا هيا. پوءِ اهي هن جا سڀ مداح ۽ حواري ڪيڏانهن ويا، جو انهن جو هر دلعزيز ليکڪ (ليڊر) مري رهيو هيو، اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيڻ کان پوءِ ٻه قدم ڀري، نجم عباسيءَ جو منهن به ڏسڻ ڪو نه آيا؟ ڇو؟!
    سنڌيت (جنهن ۾ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب پوري طرح شامل آهي) جي پرچار جي دعويٰ ڪندڙ نجم عباسي پنهنجي خط ۱۹۹۰-۱۲-۲۲ ۾ لکي ٿو:
    ”.....اهڙي طرح اسان وٽ ٻي به هڪڙي رسم آهي ته جڏهن هڪٻئي سان ملندا آهيون ته خوش خير عافيت ڪندا آهيون. چوندا آهيون ته خوش چڱا، ٻار ٻچا، اوڙو پاڙو، ڍڳا ڍور، مال متاءُ، مٽ مائٽ سڀ.... جواب ۾ به دستوري اکر دهرائيندا آهيون. سڀ خير آهي خدا جا شڪرانه. دعائون، رب جي مهرباني...... حالانڪ گهڻين حالتن ۾ ٻنهي طرف ڀينگ هوندي آهي. مان سمجهان ٿو ته اهو دستوري (هي هر هر دستوري ڪٿان آيو؟ نجم صاحب ته ٺيٺ سنڌي لکڻ جو قائل آهي) جملو؛ سڀ خير آهي! اسان سنڌين جي بيحس، بي عمل، سست، ڪاهل، رضا تي راضي رهڻ ۽ ڪوڙي اطمينان ۾ وقت گذارڻ جو هڪ وڏو ۽ خطرناڪ ڪارڻ آهي. اهو حقيقت کان لنوائڻ جو هڪ لاشعوري طريقو آهي.“
    حال احوال ڏيڻ وٺڻ ته سنڌ جو اباڻو ورثو آهي ۽ سنڌ جو تهذيبي ۽ ثقافتي اهڃاڻ آهي. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي ان ۾ الائي ڪهڙي برائي نظر آئي جو لکيو اٿس ته؛ اهو سنڌين جي بي حس ۽ بي عمل هجڻ جي نشاني آهي. حال احوال پڇڻ ۽ جواب ۾ خير خيريت هجڻ وارا لفظ چوڻ ۽ دهرائڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي! اهو ڪو ضروري ناهي ته هر هنڌ نجم عباسي جي گهر وانگر ڀينگ ۽ بيماري هجي. يا سنڌ جي هر ڳوٺ، ھر واهڻ ۽ ھر شهر ۾، هڪٻئي کي حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ وارا، سڃا يا ڀينگيا، مفلس يا نجم عباسي وانگر اڌ-رنگي جا هنيل ۽ سٽيل هجن. هن ۾ طبقاتيءَ ۽ قومي غلامي جو ڪهڙو سوال آھي؟ هي ته سنڌ جا تهذيبي اهڃاڻ آهن. ايتري قدر جو سنڌ ۾ نئين مٽي مائٽي ڪندڙ، پوءِ چاهي هڪ ٻئي جا ويجها مائٽ هجن يا ڌاريا هجن، هڪ ٻئي کان حال احوال پُڇڻ ضروري سمجهندا آهن.
    اڃا ته نجم عباسي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي تهذيب جو عاشق هئڻ جو دعويدار آهي، جي نه ته الائي ڇا لکي ها! ٿورو سوچجي ته سنڌ جي اباڻي ورثي تي هيئن جُلهه ته پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم به ڪئي هئي، پوءِ نجم عباسي ۽ لياقت علي مرحوم ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ لياقت علي به سنڌين جي ثقافتي ۽ تهذيبي اهڃاڻ جو انڪاري هيو ۽ نجم عباسي به لکي ٿو ته؛ هنن (سنڌين) جي ثقافت به ته ڀينگ آهي. هي نا اهل، بي عمل، سُست ۽ ڪوڙي زندگي گذارڻ جا عادي هوندا آهن! لياقت علي ۽ نجم عباسيءَ جي ڳالھين ۾ رڳو لفظن جو فرق آهي. معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان، ٻنهي جو مقصد ساڳيو آھي، پوءِ نجم عباسي ۽ هُن ڌارئي (مهاجر وزيراعظم) ۾ ڪهڙو فرق؟
    اڌ-رنگ جي بيماريءَ مان تنگ ۽ ڪڪ ٿيڻ جي ڪري نجم عباسيءَ جو خيال، بار بار خودڪشي /آتم-هتيا ڏي وڃي ٿو. يوسف سنڌيءَ ڏي، موڪليل هڪ خط ۾ (ڏسو صفحو ۳۳ ڪتاب - جبل مٿي باهڙي)، نجم عباسي لکي ٿو؛ ”.... ته پوءِ اهڙي خودڪشي کي ڇو نه مقصد وارو بڻايو وڃي. مثال طور؛ ڪنهن سنڌ دشمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏجي، ڪنهن گروهه کي ختم ڪري ڇڏجي.“ اهڙي سٺي، نيڪ يا بامقصد (نجم عباسي چواڻي) ڪم ۾ نجم عباسي ايڏي دير الائي ڇو ڪئي؟ مري ته هونءَ ئي ويو. گهٽ ۾ گهٽ سندس انھي نيڪ ۽ وقتائتي قدم سان سنڌ کي ڪجهه ته لاڀ ملي ها. ساڳئي وقت سندس نالو سنڌ جي شهيدن ۾ به ڳڻيو وڃي ها. پنج ڇهه سال، خوامخواه، لوڙي لوڙي ۽ چُڙي چُڙي مري ويو.
    ”جبل مٿي باهڙي“ ۾، پنهنجي هڪ خط (ڏسو صفحو نمبر ۲۳) ۾ نجم عباسي لکي ٿو ته؛ ”موت کان مان ٻي طرح ڪو نه ٿو ڊڄان.“ (باقي پهرين طرح الائي ڪيئن ڊڄبو آهي؟) اڳتي لکي ٿو؛ ”صديون گذري ويون جو پاڻ مُلن جي غير سائنسي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي“. )پاڻ الائي ڪيتريون صديون هن ڌرتيءَ تي زندهه رهيو جن بابت ائين لکي ٿو.( جنهن سائنس تي ٽڏندو هيو، ان لاءِ دُنيا جي مڃيل ۽ مشهور ڏاهي برناڊشا چيو هو:
    “Science is always wrong, it never solves a problem without creating ten more.”
    (ڪير ٿو چوي ته سائنس فائديمند آهي؟ سائنس ته ھڪ مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ، ويتر ڏھ مسئلا پيدا ڪندي آهي.)
    ساڳئي ڪتاب جي ساڳئي صفحي تي، نجم عباسيءَ جي خط ۾ هن ريت لکيل آهي؛ ”ها مان (نجم عباسي) مرڻ لاءِ تيار آهيان. مان مرڻ کان ڪو نه ٿو ڊڄان، پر مان اهڙو موت ٿو چاهيان جنهن ۾ پيڙا نه ٿئي! ترت ۽ آسان هجي.“
    هيءَ ڪهڙي بهادري آهي؟! جنهن لاءِ يوسف سنڌي ۽ نجم عباسيءَ جا ٻيا حواري ماڻهن جا ڪن کائين ٿا ۽ چون ٿا ته نجم عباسي وڏو بهادر انسان هو. خودڪشي ته بزدل ۽ گيدي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي زندگي جي حقيقتن کان فرار ٿيڻ چاهيندا آهن. دُنيا ۾ اھڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو مرڻ لاءِ وتي عام ماڻهن يا دوستن کان پڇندو ته؛ ”ٻيلي رستو ته ٻڌاءِ ته ڪيئن مران؟“
    ورهاڱي کان اڳ، هندوستاني رياست رامپور جي رضا انٽر ڪاليج ۾، انگريزيءَ جو ليڪچرار اصغر علي عباسي پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ لڏي ڪراچي آيو، کيس آثارِ قديمه جي کاتي ۾ آفيسر ڪري رکيو ويو هو. ڪجهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ، کيس ساڳئي کاتي ۾ ترقي ڏئي اعليٰ عهدو ڏنو ويو. هڪ ڏينهن هُن ڇا ڪيو جو پنهنجي چانهن جي ڪوپ ۾ قاتل زهر وجهي پي ڇڏيائين ۽ اهو زهر ايترو طاقتور هيو جو اصغر علي عباسي اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي ويو. ان واقعي جو ڏک وارو پهلو اهو به هيو ته هن اها چانهن پنهنجي پريءَ جهڙي ڌيءَ شهناز کي پياري ڇڏي هئي ۽ ايئن اصغر علي دنيا جي جنجهٽن کان آزاد ٿي ويو. نجم عباسيءَ جي آسان موت واري خواهش تي مون کي هڪ پراڻي ڏٺل انڊين بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ياد پوي ٿي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ بادشاهه کي پاڙيسري دشمن ملڪ جي بادشاهه جنگ لاءِ نياپو موڪليو. بادشاهه پنهنجي وزيراعظم کي گهرائي چيو؛ ”جنگ ڪي تياري ڪرو!“ بادشاهه جو حڪم ٻڌڻ سان فلمي وزيراعظم جي چهري تي مايوسي ۽ پريشاني جا پاڇا وڌي آيا. بادشاهه کانئس پڇيو؛ ”ڪيون وزيراعظم! ڪيا موت سي ڊرتي هو؟!“ نجم عباسي وانگر فلمي وزيراعظم ورندي ڏني:
    ”نهين ظلِ الاهي، موت سي تو نهين ڊرتا! البته قتل هوني سي ڊرتا هون. بس ايسي موت چاهتا هون جو ذرا سهل اور آسان هو.“
    ”جبل مٿي باهڙي“ جي صفحي ۲۸ تي نجم عباسي علم جي پالوٽ ڪندي، اسان پارن جاهلن ۽ ڏُڏن جي علم ۾ اضافو ڪندي، ”سنڌي سوشلزم“ جو نئون نعرو ڏئي ٿو. ڪاش هن ڪتاب ڇپجڻ وقت مائو، لينن، اسٽالن، خروشچيف، ڪارل مارڪس ۽ چو اين لاءِ پارا ماڻهو زندهه هجن ها ته اُهي روس ۽ چين مان پنهنجا سڀ ڪم ڪار ۽ مصروفيتون ڇڏي، سڌا سنڌ جي شھر خانواهڻ ۾ پهچي، نجم عباسيءَ کي گلن جا هار پارائين ها. (اُهي ناهن ته ڇا ٿي پيو. مڙئي خير آهي. داد ڏيڻ وارا ٻيا به کوڙ آهن!) نجم عباسي واقعي علم جو ڀنڊار ٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته سندس خط مان پهريون دفعو خبر پئي ته سوشلزم به، قومن وانگر؛ سنڌي، انگريزي، پشتو، اردو، پنجابي ۽ ڪشميري به ٿيندو آهي.
    ماڻهو، پاڻ کي مشهور ڪرڻ لاءِ، ڪيڏا نه جتن ڪري ٿو. لڳي ٿو ته نالي ۽ شهرت جي بک، نجم عباسيءَ جي جسم ۾، ڪنهن لتون ڏئي ڀري هئي، ڇو جو مري وڃڻ کان اڳ، وصيتون ۽ نصيحتون لکي ڇڏي ٿو ته؛ ”قبر سنگ مرمر جي ٻڌرائجو (پونيرن تي اعتبار صفا ڪو نه هيس) ۽ قبر تي تختي (ڪتبو) لڳرائجو ته؛ هن قبر ۾ نجم عباسي پوريل آهي، جنهن فلاڻي تاريخ جنم ورتو ۽ فلاڻي تاريخ موڪلايائين.“ ڊاڪٽر نجم عباسي ته ھي وصيت ڪري وڃي ها: ”سنگ مرمر خريد ڪرڻ تي جيڪو خرچ اچي، سو ڪنهن مستحق غريب کي ڏئي ڇڏجو.“ ان کان علاوه به، نجم عباسيءَ هڪ حيران-ڪن وصيت جو اظهار، ڪاوش فيملي مئگزين جي انٽرويو ۾ ڪيو هو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. اهڙي حيران-ڪُن خبر، هڪ ٻئي عباسي يعني تنوير عباسيءَ جي حوالي سان به مشهور ٿي هئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي چيو ھيو ته؛ سندس مرڻ کان پوءِ، سندس اکيون ڪنهن انڌي کي ڏنيون وڃن. عجيب و غريب وصيتون ڪندڙ ٻئي عباسي ھئا ۽ ٻئي ڊاڪٽر پڻ ھئا. شاعر تنوير عباسي جون اکيون ڪهڙي انڌي کي مليون؟ سندس ڪيل وصيت تي ڪيترو عمل ٿيو؟ اهو به جڳ جهان ڄاڻي ٿو. ڀلا جي اهڙا بيان نه ڏين ته پوءِ ”شهرت“ ڪيئن حاصل ٿئينِ. عام لوڪ ۾ هنن جو نالو وٺي، ”چوپچو“ ڪيئن ٿئي؟
    پنهنجي هڪ خط ۾، صفحي نمبر ۷۷ تي، يوسف سنڌيءَ کي نجم عباسي لکي ٿو: ”ڪيترن ورهين کان موت جو سوچي، مان ان ڳالهه کان گهٻرائيندو آهيان ته قبر ۾ وجهي مٿان مَڻَ مٽيءَ جا وجهندا ته مون کي ڏاڍو ٻوسٽ ٿيندو.“ انهن لفظن سان ملندڙ ڳالهه، اردوءَ جي مشهورِ زمانه ليکڪا، عصمت چغتائي به ۱۹۸۰ ۾، لکنئو ريڊئي تي انٽرويو ڏيندي چئي هئي: ”قبر ۾ پورجڻ ۽ مٿان مڻ مٽيءَ جا پوڻ واري خيال اچڻ سان ۽ ڳالهه ڪرڻ سان، مون کي ته هاڻي ٻوسٽ ٿئي ٿو. ان ڪري مان (عصمت چغتائي) اها وصيت ڪري ڇڏي آهي ته مرڻ کان پوءِ لاش کي پوريو نه، پر ساڙيو وڃي.“ عصمت چغتائيءَ جي مرڻ کان پوءِ، واقعي سندس لاش کي ساڙيو ويو. ساڳيو حشر، اردو جي نامياري شاعر ن.م راشد جي لاش سان ڪيو ويو هو. سندس لاش کي، سندس ٻي گهر واريءَ، سندس مٽن ۽ مائٽن، دوستن ۽ احبابن بلڪ ساڳئي شهر لنڊن ۾ رهندڙ، سندس پهرين گهر واريءَ مان ڄايل سندس پٽ جي پهچڻ کان اڳ ئي، گيس جي وڏي آڙاهه ۾ اڇلارائي، ڀسم ڪرائي ڇڏيو هو.
    جيستائين ”ٻوسٽ“ ٿيڻ جي ڳالهه آهي، اھو ته زندهه ماڻهن کي ٿيندو آهي. جڏهن ته نجم عباسي پنهنجي ڳالهه جي ترديد ڪندي، خطن واري ڪتاب جي صفحي نمبر ۹۴ تي هڪ خط ۾ لکي ٿو؛ ”موت کان پوءِ اوندهه (ٻوسٽ) جو ڪهڙو ڊپ؟“ يا وري صفحي نمبر ۱۲۰ تي لکي ٿو؛ ”ماڻھو جي موت سان، ماڻھو جو دماغ به مري وڃي ٿو. هن جو روح ۽ جسم به ختم ٿي وڃي ٿو.“ نجم عباسي جي خيال موجب؛ مرڻ کان پوءِ انسان جو دماغ، ذهن ۽ روح سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃي ٿو، پو ”ٻوسٽ“ ڇا جو؟ ڪٿي نجم عباسيءَ جي لاشعور ۾، قبر جو پڇاڻو، جيڪو روح کان ٿيڻو آهي ۽ ٻوسٽ به ته روح کي ٿيندو ۽ قيامت ٿيڻ واري يقين هجڻ جو لڪل خوف ته موجود ڪو نه هو؟
    يوسف سنڌيءَ جي ڪتاب ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ جي صفحي نمبر ۷۱ تي، نجم عباسيءَ جي وصيت شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ نجم عباسي وصيت ڪندي (۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۱ع تي) لکي ٿو؛ ”منهنجي لاش کي، منهنجي ڳوٺ خانواهڻ جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو وڃي.“ چار پنج سال بعد، ساڳيو نجم عباسي، ڪاوش فيملي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چوي ٿو: ”منهنجي لاش کي ساڙيو وڃي!“ اهي اکر، ڪاوش فيملي ميگزين جي، نجم عباسيءَ جي انٽرويو واري صفحي تي، مٿان ئي مٿان، وڏن اکرن ۾ شايع ٿيل آهن. ايڏو تضاد ڇو؟ اڄ هڪڙي ڳالهه ۽ سڀاڻي ٻي ڳالهه. اهڙا ڦِرڻا گهرڻا ماڻهو ته، ڦِرڻي گهرڻي طبيعت سبب، بي اعتبارا سڏبا آهن.
    ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ جي آخري صفحي تي يوسف سنڌي صاحب، نجم عباسيءَ کي قومي ڪهاڻيڪار، بي باڪ ۽ بي ڊپو، سنڌ جو عظيم ليکڪ ۽ جرئتمند جهڙا لقب القاب ڏئي ٿو. مرحوم نجم عباسي ڪيترو بي ڊپو ۽ سنڌ جو عظيم ليکڪ هيو. ان جي لاءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ بدران، آ نجم عباسيءَ جا اکر دهرايان ٿو ته نجم عباسيءَ جي بي ڊپائي ظاهر ٿي پوندي. مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر ۵۲ تي، ”جيڪي بنگال سان ٿيو“ ڪتاب جي باري ۾، لکي ٿو:
    ”ع غ سنڌي، منهنجو پاڙيسري ۽ دوست هيو. ٻه ٽي دفعا مون وٽ آيو ۽ ان ڪتاب جي باري ۾ ڊيڄاريائين. خبر ناهي هن کي پليجي سان ڪو وير پاڙڻو هيو يا ڪا ڳالهه هئي. مان نيٺ ’ڀاڙيو‘ ٿي پيس ۽ پليجي کي وڃي منٿ ڪيم ته ان ڪتاب تي منهنجو نالو ’نه‘ لک. هن گهڻي ئي خاطري ڏني ته ڪجهه نه ٿيندو پر مان سچ پچ ’ڊڄي ويو‘ هيس.“
    نجم عباسي، پنهنجي لطيف آباد واري گهر جي لٽجڻ بابت، مذڪوره ڪتاب ۾ آندل هڪ خط اندر، يوسف سنڌيءَ کي لکي ٿو؛ ”ورهين کان پئي لکندو آيس ته انقلاب بندوق جي ناليءَ مان ايندو آهي. (سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته فقير نيت چڱي ڌار). حال ته بندوق جي ناليءَ سان پنهنجي گهر مان تڙيو ويس (جهڙي نيت، تهڙي مراد).“ نجم عباسيءَ کي خبر ڪا نه هئي ته عراق ۾، شاهه فاروق جو تختو اونڌو ڪرڻ واري ڪرنل نجيب سان، ڪرنل جمال عبدالناصر ڪهڙو حشر ڪيو؟ افغانستان ۾ ظاهر شاهه جي سڳي سالي جنرل دائود جو انقلاب آڻڻ کان پوءِ ڪهڙو حساب ڪتاب ٿيو؟ ڪلاشنڪوف ٺاهڻ واري جو موت ڪيئن ٿيو؟ ڪلاشنڪوف جي دل ڏاريندڙ ۽ هنيانءُ ڦاڙيندڙ آوازن، جتي عام بيگناهه ماڻهن کي يرغمال ۽ قتل ڪيو، اتي ساڳي ڪلاشنڪوف، پنهنجي ٺاهيندڙ کي به هڪ ڏينهن اهڙو شڪار ڪيو جو هن جي جسم جا هزارين ٽڪڙا اڏري ڀتين سان چنبڙي بيٺا هئا. هيءَ دنيا مڪافاتِ عمل جو ميدان آهي. ان ڪري قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:
    ”فاعتبرو يا اولي الابصار“ يعني: ”پو اکين وارا! عبرت حاصل ڪريو.“
    ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ جي صفحي نمبر ۶۴ تي يوسف سنڌي لکي ٿو:
    ”نجم عباسيءَ جو پنهنجن پڙهندڙن سان خطن ذريعي گهرو لاڳاپو هوندو هو. هو ٺٽي جي ڊي ايڇ او جي پٽيوالي سومار سمون جي لکيل آڏن ڦڏن خطن (اڇا! اڄ خبر پئي ته خط به آڏا ڦڏا ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين آڏا ڦڏا اکر ۽ سوال ٻڌا هئاسين) جا جواب ڏيندو هو، ته کور واهه جي نوجوان خادم حسين کي به خطن جا جواب ڏيندو هو. سندس اهڙن خطن جو تعداد هزارن ۾ آهي.“ هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي ته نجم عباسي عام ماڻهن جي خطن جا جواب ڏيندو هو. ايئن ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پير حسام الدين راشدي ۽ استاد بخاري به خطن جا جواب ڏيندا هئا. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ سائين جي ايم سيد کان عام ماڻهو خطن ۾ عجيب نموني جا سوال پڇندا هئا. اڄ به اردو ۽ سنڌي جا شاعر ۽ اديب ماڻهن جي خطن جا جواب ڏيندا آهن. نجم عباسي ڪو هڪڙو ته ڪونه هيو، جيڪو عام ماڻهوءَ کي خطن جا جواب ڏيندو هو. جيڪا ڳالهه يوسف سنڌي، نجم عباسي جي حوالي سان ڪتاب ۾ لکي آهي. جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪراچي واري رهائشي گهر، ۷۰ ڪلفٽن ۾، کوڙ فائيل ڀريا پيا آهن. عام ماڻهن وٽ، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، سائين جي ايم سيد ۽ استاد بخاري يا ٻين ڪيترن اديبن ۽ شاعرن، ليکڪن ۽ سياستدانن جا خط سانڍيا پيا آهن. استاد بخاري ته هر روز اٽڪل اڌ ڊزن خطن جا جواب لکندو هيو، جنهن جو اکين ڏٺو شاهد مان پاڻ آهيان يا اهي ماڻهو، جن وٽ استاد بخاري اڪيڊمي دادو جا خط سانڍيل آهن. وڌيڪ ثبوت اهو آهي جو استاد بخاري جي فرزند ڊاڪٽر الطاف احمد شاهه بخاري اخبارن ذريعي اعلان ڪيو هو ته؛ جن وٽ استاد بخاري جا خط آهن، سي مهرباني ڪري انهن جا فوٽو اسٽيٽ (يا نقل) استاد بخاري اڪيڊمي ڏانهن ڏياري موڪلين ته جيئن، انهن خطن تي مشتمل ڪتاب ڇپائي سگهجي. اهڙا سوين خط ذوالفقار راشدي جي حويلي ۾ پيا آهن، جيڪي سندس فرزند سيد عبدالحي شاهه راشدي ترتيب ڏئي رکيا آهن. پير حسام الدين راشدي جي پونئير سائين حسين شاهه راشديءَ وٽ ايترا خط پيا آهن، جو انهن جي سنڀال ڪرڻ به هنن لاءِ مشڪل آهي.
    ”جبل مٿي باهڙي“ جي صفحي نمبر ۸۰ تي نجم عباسي لکي ٿو؛ ”اهڙي طرح اسان جي ڌرتي جي هڪ ڌرمي اڳواڻَ سوشلزم جو پهريون تصور ڏنو. اهائي گوتم ٻڌ جي عظمت آهي. نجم عباسي ته ڌرم (مذهب) جي سڄي عمر خلاف رهيو، پوءِ گوتم ٻڌ هن جو ڌرمي اڳواڻ ڪيئن بڻيو؟ نه وري نجم عباسي ”ٻڌ“ هيو، جو گوتم ٻڌ کي ”اسان جو ڌرمي اڳواڻ“ ڪري لکيو آهي. نجم عباسي ته پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ جو دعويدار هيو. پراڻيءَ سنڌ جون جاگرافيائي سرحدون ته وڌ ۾ وڌ ڪشمير ۽ ڪاٺياواڙ رياست تائين هيون. گوتم ٻڌ ته صوبي بهار جي هڪ شهر ”گيا“ جو ڄايو هيو. گيا شهر ۾ ڪپل وسطو پاڙي ۾، اهو بڙ جو وڻ اڃا تائين بيٺو آهي، جنهن جي هيٺان گوتم ٻڌ ويهي عبادت ڪندو هو. اهو وڻ هاڻي ايڪڙن ۾ وڌي چڪو آهي. ان حالت ۾ گوتم ٻڌ اسان جي ڌرتيءَ (سنڌ) جو ڪيئن ٿيو؟ ثبوت لاءِ ڏسو انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جو جلد چوٿون، جنهن ۾ صاف لکيل آهي ته:
    Buddhism is the religion of followers of Gotum Buddha, which formerly cover a large area in India and is still spread widely in Ceylon, Burma, Siam, China & Japan. It arose on 6th century B.C as an offshoot of prevailing Hindu religion of North India i.e. “Bihar” of west Bengal.
    گوتم ٻڌ ته سڄي زندگيءَ ۾ سوشلزم جي ڳالهه ئي نه ڪئي ۽ نه سوشلزم جو نعرو هنيو هو. نبي، رسول، پيغمبر ۽ اوتار، انسانن جي برابري جا قائل هوندا آهن. ايئن گوتم ٻڌ به انسانن جي برابريءَ جو قائل ۽ بي ضرر انسان هو.
    ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“ ۾ محترم يوسف سنڌي لکي ٿو: ”.... پاڻ (نجم عباسي) ڪافي غير سنڌي لفظن جا سنڌي نعم البدل به ڳوليائين ۽ استعمال به ڪيائين. جهڙوڪ؛ لائوڊ اسپيڪر (گونجارو)، رسيور (جهٽڻو)، ٿرماميٽر (تپ تپاسڻو)، ٽيليفون نمبر (پريان ڳالهائڻو انگ)، شهيد (سدا حيات)، ائش ٽري (رک-وَٽي)، ٽيليويزن (ڏور ڏسڻي) وغيره شامل آهن.“
    هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نجم عباسي مختلف شين لاءِ جيڪي نعم البدل الفاظ چونديا آهن، تن جي معنى يا مفهوم ڇا آهي. مثال طور؛ ٽيليفون نمبر، جنهن لاءِ نجم عباسي لکي ٿو ”پريان ڳالهائڻو انگ“، ڇا ٽيليفون نمبر صرف هڪڙو انگ هوندو آهي؟ ٽِي اينڊ ٽِي کاتي طرفان مليل فون نمبر جو ھڪ انگ هوندو آهي؟ اھو نمبر ته وڌيڪ انگن تي مشتمل هوندو آهي، پوءِ هڪ انگ ڪيئن ٿيو؟ ڇا موبائل فون جي نمبر ۾ صرف هڪ انگ هوندو آهي. پريان ڳالهائڻو انگ معنى؛ جيڪو پريان ڳالهائي، ان جو انگ! ۽ شهيد جي بجاءِ سدا حيات لفظ استعمال ڪيو اٿس. سنڌيءَ ۾ اسان وٽ سدا حيات جي بجاءِ مرحيات چيو ويندو آهي. نجم عباسي جڏهن اسلام ۾ يقين نه رکندو هو، پوءِ شهيد لفظ ته عربي آهي، جنهن جي معنى آهي واقعي جو اکين ڏٺو شاهد. اهو به قرآن پاڪ ٻڌائي ٿو ته شهيد زندهه آهن ۽ قرآن پاڪ تي ته نجم عباسي اعتبار ۽ ايمان يا يقين ئي نه رکندو هو. فون جي رسيور لاءِ لفظ استعمال ڪيو اٿائين جهٽڻو. جهٽڻو ته سنڌي ٻولي ۾ خراب معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. جهٽ هڻڻ معنى ڦرڻ، تڳائڻ، چوري ڪيل ڪا شي يا ڳالهه لڪائڻ/ تڳائڻ. مثال طور؛ ضلعي دادو جي هڪ سماجي نقاد ۽ شاعر، دادن فقير به، جهٽڻ لفظ پنهنجي هڪ شعر ۾ استعمال ڪيو آهي. دادن فقير چوي ٿو:
    ڪيان ٿو فون محبوب ڏي، ڪو جهٽي نه وٺي،
    متان ڪو رقيب، ان لائين کي ڪٽي نه وٺي.
    نجم عباسي ٽي وي لاءِ، لفظ ڏور ڏسڻي استعمال ڪري ٿو. واهه ڙي نجم عباسي واهه! واقعي تون گهر ۾ در دريون بند ڪري ويهي، ڪهاڻيون لکندو يا گهڙيندو هئين! ٽي ويءَ کي ”دور درشن“ ته هندوستان وارا ۱۹۶۲ع کان چوندا پيا اچن ۽ اڃا تائين انهن جي چينل جو نالو ”دور درشن“ آهي. نجم عباسي، نقل ڪرڻ جو وڏو ماهر آهي. ”دور درشن“ جو سنئون سڌو ۽ لَس ترجمو ”ڏور ڏسڻي“ ڪري ڇڏيائين.
    سنڌي ٻولي ۾ ته ٻين کوڙ شين جا انگريزي نالا آهن. مثال طور: سئنيما، ڊرامو، ناول، گلاس، ٽڪيٽ، پليٽ فارم، فِرج، ريل، ٽرين، بس، لاري، پاس (امتحان پاس ڪرڻ) ۽ ٽيليفون وغيرھ. انهن کي ڀلا، انهن مروج لفظن ۽ نالن کان سواءِ ڇا چئون؟ انهن نالن/لفظن جا متبادل، نجم عباسي ڇونه ڳوليا ۽ لکيا؟ هروڀرو جدت/نواڻ جي آڙ ۾ مروج ۽ آسان لفظن کي بگاڙي لکڻ، سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهڙي خدمت آهي؟
    سال ۱۹۷۸ع جي ڳالهه آهي. دادو شهر جي هڪ شاعر ۽ ان وقت پرائمري استاد، هاڻي پي ٽي وي پروڊيوسر اطهر منگيءَ حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ رسالي ”هلچل“ کي خط لکي ايڊيٽر کي”ڀائل“ ڪري لکيو هو، جنهن تي ايڊيٽر جواب ڏنو هيس؛ ايڏا به جدت پسند نه ٿيو. سنڌيءَ ۾ ڀائو ته استعمال ٿيندي ٻڌو آهي. هِي ”ڀائل“ لفظ ڪٿان آندو اٿئي؟
    هڪ طرف نجم عباسي نج پج ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو ڳولائو ۽ استعمال ڪرڻ جو دعويدار آهي ۽ ٻئي طرف لکي ٿو: ”.... مان ادب ۾ نئين صنف ’مڪالمو‘ جي شروعات ڪري رهيو آهيان يا گهٽ ۾ گهٽ ان صنف جي نالي کي جنم ڏنو اٿم. اهو نالو ذهن ۾ رکڻ سان مون کي پڪ آهي ته ليکڪ جي لکڻيءَ ۾ نئون ڦير ايندو.“ (ڏسو: ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“، صفحو ۳۸)
    مڪالمو لفظ ته اردو جو آهي، جيڪو عربيءَ مان ورتل آهي. اتي نواڻ ۽ سنڌيت ڪاڏي وئي؟ وري ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر ۳۶ تي لکي ٿو: ”.... ڄڻ ته مون ذهن جو سمورو بار يا گهٽ ۾ گهٽ وڏو بار ڪاغذن تي اوتي ڇڏيو آهي.“ سوال آهي ته ”بار“ به ”اوتبو“ آهي ڇا؟ بار ته لاهبو آهي، بار ته گهٽ ڪبو آهي. اوتبو گهڙي/مَٽ/دلي مان پاڻي آهي يا ڪنهن هڪ ٿانءَ مان ٻئي ٿانءَ ۾ کير اوتبو آهي، نَه ڪ ”بار“، جيئن نجم عباسي لکيو هو. هيءَ اسان جي سنڌي اديب نجم عباسيءَ جي سنڌي ٻوليءَ تي دسترس آهي!
    مذڪوره ڪتاب جي ۶۹ صفحي تي، محترم يوسف سنڌيءَ سوال پڇيو آهي: ”جيڪڏهن نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون، ڪچو مال آهن يا رپورٽنگ آهن ته پوءِ هن جون ڪهاڻيون ايڏي چاهه سان ڇو پڙهيون وينديون هيون؟ .... سندس ڪتابن جا ڪيترائي ڇاپا نڪرندا هئا؟ نهايت تيزيءَ سان، پبلشر سندس ڪتاب ڇو ڇپرائيندا هئا؟“ ايترن پُڇيل سوالن جي جواب ۾ عرض ته؛ ايئن ته جاسوسي ڊائجسٽ به تيزيءَ سان وڪرو ٿيندا آهن ۽ جنسي ڪتاب به ڌڙا ڌڙ خريد ڪيا ۽ پڙهيا ويندا آهن. پوءِ ان لاءِ ڇا چئجي؟
    ڪاوش ميگزين طرفان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ نجم عباسيءَ وراڻيو: ”ذهني سطح، ننڍي هوندي کان ئي سيڪيولر هئي ۽ ويتر ڪتابن پڙهڻ سان وڌيڪ شعور آيو.“ سيڪيولر ذهن وارا ماڻهو ته بي ضرر هوندا آهن. هُو هر ڪنهن جي مذهب ۽ فرقي جو دلي احترام ڪندا آهن. نجم عباسي اهڙي قسم جو سيڪيولر آهي جو سندس تنقيد جي تانَ ڦري گهري سندس مامي مرحوم الله بخش عرف سهڻا سائين ۽ ان جي فرزند محمد طاهر عرف سڄڻ سائين تي وڃي ٿي ٽُٽي. يا سندن روحاني مرشد خواجه محمد عبدالغفار عرف پير مٺا تي ۽ بس، جنهن لاءِ يوسف سنڌي فرمائي ٿو: ”سندس (نجم عباسي جو) مامو هڪ ڪٽر مذهبي خيالن وارو، هڪ پنجابي پير جو مُريد هو.“ ان کي سولي سنڌي ۾ چوندا آهن؛ ”ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرنهن.“ يوسف سنڌي ته نجم عباسي جي مامي مرحوم الله بخش سان مليو ئي ڪونه هو. ان کي ڏٺو ئي ڪونه هئائين. اهو کيس ڪٽر مذهبي ڪيئن نظر آيو يا محسوس ٿيو؟ نه ئي مرحوم الله بخش جو مُرشد پنجابي هو. هو ته سرائيڪي مادري زبان رکندڙ هو ۽ مذهبي واعظ به سرائيڪي زبان ۾ ڪندو هو. هن جي مزار لاڙڪاڻي جي رحمت پور پاڙي ۾ آهي. يوسف سنڌيءَ کي اها خبر ڪٿان حاصل ٿي ته هو پنجابي هو. پنجابي هجڻ ڪو ڏوهه ڪونهي. ايئن ته فيض احمد فيض، حبيب جالب، احمد نديم قاسمي، ڊاڪٽر مُبشر ۽ ٻيا کوڙ سارا سوشلسٽ پنجابي آهن، پوءِ نجم عباسي ذاتي ڪچهرين ۾ انهن جي ساراهه ڇو ڪندو هو؟ ڪٽر ۽ تنگ نظر ته نجم عباسي هو، ڇو جو هُو اسلام ۽ مذهبي ڪتابن تي جرح ڪندو هو. هيءَ ڪهڙي ترقي پسندي آهي؟ جو پنهنجا هٿرادو ۽ جُڙتو نظريا، ڪچن ذهنن کي ڪمزور ڪندڙ خيال، ٻين جي مٿان ٿاڦيو ۽ مڙهيو!“ يوسف سنڌي جي ڳالهه کڻي مڃئون به، ته نجم عباسيءَ جي مامي جو مرشد پنجابي هو، ته پوءِ لينن، ڪارل مارڪس، مائوزي تنگ ۽ چو اين لاءِ، جن تي نجم عباسي ڪلمه پڙهيا آهن، سي ڪهڙا سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جھڙوڪ؛ رپڙي، جهول، ڳڙهي، سن، سانگهڙ، مانجهند، ملان ڪاتيار، ٽلٽي ۽ جهڏي جا رهندڙ هئا؟ جيڪڏھن مامنھس جو مُرشد ڪٽرپڻي وارو ۽ ڌاريو (پنجابي) هيو ته سندس پيشوا به ته غير سنڌي، اوپرا ۽ ڌاريا هئا، جن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ سنڌ جو نالو به ڪونه ورتو هو، جن جي اڳيان مذهب جو نالو کڻڻ به ڀولي کي کل ڏيکارڻ برابر هيو. ڇا اهو هنن جو ڪٽرپڻو نه هيو؟ جڏهن ته زماني جي آخري نبي حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جو نالو ورتو ۽ سنڌ ڏانهن منهن ڪري ويهندا هئا. نجم عباسي ته ڪڏهن به آخري زماني جي نبي ڪريم ﷺ جو، ڪنهن به حوالي سان، نالو ڪونه ورتو هو! اڄ به اقوامِ متحده جي مکيه دروازي تي جيڪو منشور لکيل آهي، سو نبي ڪريم صلعم جي آخري خطبي جو هوبهو ترجمو آهي.
    نجم عباسي ته پاڻ کي سوشلسٽ سمجهندو هو. مذهب کان جيترو بيزار ۽ بگان هيو، اهو ته سندس لکڻين مان صاف ظاهر آهي. کانئس وڌيڪ سوشلسٽ، اردو جو مشهور رائيٽر، مرحوم سبط حسن هو. انجمن ترقي پسند مصنفين طرفان مارچ ۱۹۸۶ع دوران، ڪراچي ۾ هڪ گولڊن جوبلي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا وڏا سوشلسٽ شريڪ ٿيا ھيا، جن ۾ سنڌي سوشلسٽ سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو ۽ ابراهيم جويو به هيا. آخري اجلاس ۾، جڏهن هن خطي جي خاص مذهب اسلام تي جرح ڪئي وئي ۽ جرح ڪندڙ مشهور مارڪسي ليکڪ عبدالله ملڪ هيو، تڏهن سيد سبط حسن اسٽيج تي آيو ۽ چيائين؛ ”مان بنيادي طور تي مارڪسي خيالن وارو يعني پڪو مارڪسٽ آهيان. مون هن ئي شهر ڪراچي ۾ ڪارل مارڪس جي زندگي تي ڪتابچو به ڇپائي پڌرو ڪيو هو، پر هتي اچي ڳالهائيندڙن طرفان عجيب ۽ غريب ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿيو اٿم.“ سبط حسن، پنهنجي هم خيال دوست عبدالله ملڪ جي مقالي جي مخالفت ڪندي چيو: ”مارڪسزم يا سوشلزم ڪو يورپ يا تيسري دنيا ۾ تقسيم نهين ڪر سڪتي. مارڪسزم اور سوشلزم تو ايڪ هي هي. (پر نجم عباسي ته چوي ٿو؛ سنڌي سوشلزم به ٿيندو آهي.) اسلام مساوات اور انصاف پسند مذهب هي. اس مين حريت پرست الاهيات ڪي ارتقا ڪي زبردست گنجائش هي. صوفيا ڪرام ني، اسلام عوام ڪي محاوري ۾ پيش ڪيا ٿا. صوفيا ني، مقامي روايتون ڪا احترام ڪر ڪي عوام ڪي دلون ڪو جيت ليا تها. (پر نجم عباسي ته چوي ٿو؛ ٻيڙي ته صوفين ٻوڙي آھي!) (ڏسو هفتيوار بليٽن ممبئي، اپريل، ٻيو هفتو ۱۹۶۸ع ۽ طلوع افڪار ڪراچي جو انجمن ترقي پسند مصنفين جو گولڊن جوبلي نمبر مارچ ۱۹۸۸ع).
    مذڪوره ڪتاب جي صفحي نمبر ۵۸ تي راڌڻ شهر سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان جو هٿرادو ۽ فرضي قصو بيان ڪيو ويو آهي. نجم عباسي جو ڪتاب ”ڏٺم، اڻ ڏٺل“ پڙهڻ ڪري، سندس مامي کي دانهن ۽ شڪايت ملي ته هي نوجوان نجم عباسي جا ڪتاب پڙهي منڪر/ڪافر ٿي ويو آهي، ان ڪري هن کي نئين سر مسلمان بڻائي پوءِ ان جو نڪاح پڙهايو وڃي. آخر هن ڇوڪري کي توبهن ڪرائي، ڪلمو پڙهائي ۽ نئين سر مسلمان ڪيو ويو. تڏهن مس وڃي هن جو نڪاح پيو ۽ شادي ٿي.“
    هن ”زٽ“ جو ثبوت اهو آهي ته راڌڻ جي ان نوجوان جو، نه ته نالو لکيو ويو آهي ۽ نه ئي قوم. نه ئي وري ان جي والدين جا نالا لکيا ويا آهن. نڪاح اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا پيئر ۽ انهن جي گهراڻن جا چند فرد، دوست احباب ۽ پاڙي وارا موجود هوندا آهن. جڏهن مون راڌڻ جي چند معززين کان، ڊاڪٽر نجم عباسي جي ان ”زٽ“ بابت پڇيو ته سڀني لاعلمي جو اظهار ڪيو. صاف صاف چيائون؛ ”اهو ايڏو وڏو واقعو آهي جو ان جي گونج اڃا تائين ٻڌڻ ۾ اچي ها! ته ڪنهن مسلمان ڇوڪري کي وري مسلمان ڪيو ويو!“ راڌڻ شهر ڪو ننڍڙو ڳوٺ يا گهٽ آدمشماري وارو شهر ڪونهي، جنهن ۾ اها ڳالهه لڪي وڃي ها.
    ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ جي نالي سان نجم عباسيءَ جي چند ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي، جنهن لاءِ يوسف سنڌي لکي ٿو: ”ان لحاظ کان نجم عباسي سنڌي ٻولي جو پهريون ڪهاڻيڪار آهي، جنهن پنهنجون ڪهاڻيون، پاڻ چونڊي پسند ڪيون.“ ان جي معنى اها ٿي ته ان ڪتاب ۾ آيل/شايع ٿيل ڪهاڻين کان سواءِ باقي نجم جون سڀئي ڪهاڻيون ”بدترين“ (بهترين جو ضد) آهن، ڇو جو ليکڪ پاڻ ئي چوي ٿو ته اهي ئي سندس بهترين لکيل ڪهاڻيون آهن. ليکڪ پاڻ لکي ۽ چوي ٿو؛ منهنجون فلاڻيون شيون بهترين آهن!
    سال ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن (۱۹۸۴ع) ۾ اردو جي فڪشن رائيٽرز ۾ نمايان جاءِ والاريندڙ، انڊيا واري قرت العين حيدر ڪراچي آئي ته ڪجهه اردو اديبن، سيڙجي ساڻس ملاقات ڪري کيس چيو: ”اسان توهان جي اعزاز ۾ ڪو پروگرام ڪرڻ ٿا چاهيون، مهرباني ڪري وقت ڏيو.“ خبر آ ته قرت العين حيدر اردو اديبن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ هن چينِ: ”مان اٽڪل ۲۵ سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ رڳو پنهنجي مٽن مائٽن سان ملڻ آئي آهيان. انهن ۲۵ سالن ۾ توهان پاڪستاني اردو اديبن جو الئي ڪهڙو انتقام مون ڏي رهيل هو جو، منهنجي سڀني افسانن مان چند افسانه چونڊي ڪتاب ڇپرائي به ڇڏيوَ ۽ نالو رکيو اٿوَس ”قرت العين حيدر جا بهترين افسانه“! ان جو مطلب اهو آهي ته منهنجا باقي افسانه، ان لائق ئي ڪونهن جو انهن کي ”بهترين“ چئي سگهجي. اهي ردي جي ٽوڪري جو مال آهن؟“
    قرة العين حيدر جي اعتراض سان ملندڙ جلندڙ جواب، جڳ مشهور ليکڪا ۽ شاعره، امرتا پريتم به ان لاهوري پاڪستاني پبلشر کي ڏنو هو، جيڪو خاص طور تي سيڙجي انڊيا ويو هيو ته اتان جي ليکڪن کان اجازت نامو وٺي سندن ڪتابن جا پاڪستاني ايڊيشن شايع ڪرائي. هو جڏهن دهليءَ ۾ امرتا پريتم سان مليو ۽ پنهنجي خواهش/تمنا بيان ڪيائين ته امرتا پريتم تپي باهه ٿيندي چيس؛ ”تم سب پبلشر ڪا ستيا ناس هو. تم ني ميري اڇي ڀلي ڪهانيون ڪا ستيا ناس ڪرديا. چند ڪهانيون پر مشتمل ايڪ ڪتاب شايع ڪر ڪي، اس ڪا نام ديا هي ”امرتا پريتم ڪي بهترين ڪهانيان“! يه ڪيا بڪواس هئي! اس ڪا مطلب هي ڪي ميري دوسري ڪهانيان بيڪار، بدترين اور پڙهني ڪي لائق نهين هين!“ هتي ته نجم عباسي، پنهنجي ڪهاڻين کي پاڻ نمبر ڏئي ويو ”هڪڙيون بهترين، باقي بدترين.“
    نجم عباسي ۱۹۵۳ ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو. خير سان لاڙڪاڻي ۾ به پير گهمائي (نوڪري ڪري) ويو. ۱۹۵۸ع ڌاري، سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، خانگي طور پريڪٽس ڪرڻ لڳو. سرڪاري نوڪري ڇڏي، پرائيوٽ (خانگي) اسپتال يا ڪلينڪ هلائڻ جي پس منظر ۾ ڪهڙا ڪارڻ هئا؟ عام ماڻهن جي خدمت يا پيسي ڏوڪڙ ۾ موهه، لالچ ۽ لوڀ؟ سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪرڻ سان عام ماڻهو جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي عام ماڻهن کي دوائون ته ڇا ويتر رهڙون، ڇٻيون ۽ يڇيون ملنديون آهن. نجم عباسي ته ڊاڪٽر هيو. ان کي ان زماني ۾ به خبر هوندي ته اسپتالن جو حال ڪهڙو آهي. خانگي اسپتالون ۽ ڪلينڪ ته ڪمائيءَ جو ذريعو هونديون آهن. نجم عباسيءَ کي دل ۾ وڏو قومي درد هو. قوم جو احساس رکڻ وارا ته سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري ڪري عوام جي خدمت ڪن ها يا سرڪاري اسپتالون ’درندن‘ ۽ وحشين جي حوالي ڪري، پاڻ آجا ٿي ويهن ۽ پوءِ چوَن؛ ”اسان ته قومي ڪارڪن/ ليڊر/ ليکڪ آهيون.“
    ڊاڪٽر نجم عباسي جا آخري سال ڏاڍا ڏکيا گذريا. جن هٿن سان قلم ذريعي ٻين (مامو وغيرھ) ماڻهن کي رنجائيندو هو، فالج ان هٿ تي ڪريس! جنهن زبان سان، شعائر الله جي مخالفت ڪندو هو، فالج تنھن تي ڪريس. نتيجي طور، آخر ۾ ڳالهائڻ وقت ’ائن‘’ائن‘ ڪندو هو. لفظ/الفاظ هن جي چپن تي دم ڏئي ڇڏيندا هيا ۽ پوءِ هن جي دماغ جو وارو آيو. اتي سائنس ڪيڏانهن وئي؟ سائنسي ايجادون سندس بيماري )فالج/اڌرنگي( جو علاج ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام ٿيون؟ واقعي ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته:
    ”هيءَ دنيا عبرت جي جاءِ آهي، ڪو کيل ۽ تماشو ناهي.“


    ”ياد گهر“ جو ”اڌورو“ جائزو

    ”ياد گهر“ جو ”اڌورو“ جائزو

    ادب جي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڪو زمانو هو جڏهن ڪبوتر خطن پهچائڻ جو ڪم ڪندا هيا، پر جڏهن پرنٽ ۽ پبليڪشن جو دور آيو ته ذاتي، شخصي هڪ هنڌ گڏ ٿيل، لڪيل ۽ گڏ يا محفوظ ٿيل خط ورقن جي ور چڙهيا، جو خط و ڪتابت باقائدي هڪ فن جي صورت اختيار ڪئي. مغربي ادب ۾ ته Epistle writing هڪ مستند ادبي شيءِ سمجهي وڃي ٿي. انگريزي زبان جو لفظEpistle يوناني لفظ Episteme مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڄاڻ يا علم آهي (انگريزي زبان ۾ Epistolary انهيءَ ڪتاب کي چئبو آهي، جيڪو خطن جي مجموعي تي مشتمل هجي).
    سنڌي زبان ۾ ٽه-ماهي ”مهراڻ“ ۾، سنڌ جي وڏي شاعر اياز جا سندس دوست ۽ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد (هاڻي ڄامشورو) جي سيڪريٽري سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن لکيل خط، شايع ٿيا ته پڙهندڙن جي هڪ وڏي حلقي ۾ بيحد پسند ڪيا ويا. سائين جي ايم سيد ڏانهن سنڌ جي لاثاني سپوت حضرت علامه آءِ آءِ قاضي، سنڌ جي عمدي اديب ۽ متنازعه ڪردار پير علي محمد راشدي ۽ سنڌ اسيمبلي جي پهرئين مسلمان اسپيڪر سائين ميران محمد شاهه جا خط ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“ جي نالي سان شايع ٿيا ته سنجيده طبقي ۾ وڏي مقبوليت ماڻيائون. خط کي اڌ ملاقات به چيو ويندو آهي. اڌ ملاقات جي نالي سان، ٻڏي ويل جديد ”سهڻيءَ“ سان گڏ مري ويل ادبي ميهار، طارق اشرف جو خطن تي مشتمل ڪتاب پڻ شايع ٿيو هو.
    جڏهن سنڌ ۾ تعليم عام ڪا نه هئي، تڏهن اڻ پڙهيل پنهنجي مٽن مائٽن، عزيزن قريبن ۽ دوست احبابن ڏانهن تعليم يافته ماڻهن کان خط لکرائيندا هيا ته آخر ۾ هڪ جملي لکرائڻ تي گهڻو زور ڀريندا هئا. اهو جملو ضرور لک. اهو جملو هوندو هيو: ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا.
    ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت ڪندڙ خيرپور واسي، غلام قاسم عرف ڪوثر ٻرڙي جو ڏانھس موڪليل خطن تي مشتمل ڪتاب ”ياد گهر“ جي نالي سان، غزل پبليڪيشن خيرپور طرفان شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي ڪٿي به تاريخ لکيل ڪا نه آهي. اڌ لوهه جو ۽ اڌ ڪاٺ جو وانگر، انگريزيءَ ۾ تاريخ ڄاڻائي وئي آهي، جڏھن ته ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. هر ڪتاب تي سنڌي/اردو ۾ پبليشر يا ليکڪ جو نالو ۽ سن اشاعت وغيره لکيل هوندو آهي. هي پنهنجي طرز جو انوکو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾ هڪ ۽ انگريزي ۾ ڪجهه ٻيو لکيل آهي.
    ڪتاب ”ياد گهر“ جي مصنف/ ليکڪ طرفان ساروڻيون ۽ خط ڄاڻايا ويا آهن. ساروڻين ۾ هڪ عاشق مزاج ۽ دل ڦينڪ يا سدا عاشق عورت ’ن‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. عورت ’ن‘ بابت ڪتاب جا اٽڪل ٽي چار صفحا سيڙيل آهن. ”ياد گهر“ ڪتاب ۾ ۱۱۶ ماڻهن جا خط شامل آهن. انهن ۾ ’ن‘ جو ڪو به خط شامل ناهي. جڏهن ته خود ڪوثر ٻرڙو پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۲ تي رقم طراز آهي ته ’ن‘ کيس ڊگها ڊگها خط لکندي هئي. ان کي سولي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي؛ ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا.
    ڪوثر ٻرڙو لکي ٿو: ”ان سٿ ۾ هڪ ڇوڪري هوندي هئي، جنهن جو نالو هوندو هو؛ ’ن‘. هوءَ شاعري به ڪندي هئي. ’ن‘ آل رائونڊر هئي. (الائي ڇا ۾؟) پهرئين پروگرام ۾، پهرين نظر سان، هوءَ پنهنجي دل مون کي ڏئي ويٺي. هتي مون کي طلعت محمود ۽ شمشاد بيگم جي آواز ۾ ڳايل ڊوئيٽ ياد ٿو پوي، جنهن جا ٻول آهن:
    ملتي هي آنکين، دل هوا ديوانه ڪسي ڪا!
    (ڇا ته سٺو ترجمو آهي!)
    هوءَ مون کي ڊگها ڊگها خط لکڻ لڳي. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ’ن‘ جا لکيل اهي ڊگها ڊگها خط ڪيڏانهن ويا؟ جڏهن ته ’ن‘ جي باري ۾ ڪوثر ٻرڙو اهو به لکي ٿو ته ”هوءَ پنجابي اعواڻ فيملي سان تعلق رکندڙ هئي ۽ ڪراچي ريڊيو تي بزم طلبه پروگرام ۾ ايندي هئي.“(ص ۴۲) ته پوءِ ’ن‘ جو خط شايع ڪرڻ ۾ ڪهڙي قوت، آسمان تڪ ديوار بڻجي، ڪوثر ٻرڙي کي روڪي وڌو! جڏهن ته ۱۱۶ ماڻهن/خطن ۾ کوڙ غير معروف ماڻهو به آهن. پر ’ن‘ جو خط ڪونهي. هي ته ڪو فرضي داستان معلوم ٿئي ٿو، ڪا فلمي سين، جنهن کي ڊرامائي طور ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪوثر ٻرڙو اڳتي هلي ’ن‘ بابت لکي ٿو:
    ”هوءَ مون کي بي حساب چاهيندي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪمري ۾ اچي ويهندي هئي. مان لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف، هوءَ مون مان اک ئي نه ڪڍندي هئي. ڪنهن ٻئي سان ڳالهائيندي هئي، ته به مون ڏي ڏسندي هئي. هن جي نگاهن ۾ وڏيون التجائون سمايل هونديون هيون.“(ص ۴۲)
    ڪوثر ٻرڙو لکي ٿو؛ ته ’ن‘ سندس ڪمري ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهندي هئي ۽ ڪوثر ۾ جُوهه وجهي ڏسندي هئي پر پاڻ لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول هوندو هو. جڏهن ڪوثر ٻرڙو لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول، هيٺ ڪنڌ ڪيون ويٺو هوندو هو ته پوءِ ڪوثر اهو ڪيئن ڏسندو هو ته هوءَ هن مان اک ئي نه ٿي ڪڍي؟! يا ٻئي سان ڳالهائيندي هئي ته به ڪوثر ڏانهن ڏسندي هئي؟ جيڪا منظرنگاري ڪوثر ٻرڙي ڪئي آهي، ان حالت ۾ سوال پيدا ٿو ٿئي ته؛ اهو ٻيو ڪير هوندو هو؟ جنهن سان ’ن‘ ڳالهائيندي هئي پر ڏسندي ڪوثر ٻرڙي ڏانهن هئي! يا ڪوثر ٻرڙي جو ڪنڌ هيٺ، لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ۽ مصروف، ته هن کي اها خبر ڪيئن پئي ته ’ن‘ ڳالهائي ڪنهن ٻئي سان ٿي، ڏسي ڪوثر ٻرڙي کي ٿي! ’ن‘ بابت ڪوثر کوڙ ساريون ٻيون ڳالهيون لکيون آهن. مثال طور؛ ’ن‘ ڪوثر کي خط لکيو پر ڪوثر ان کي ڪا موچاري موٽ ڪانه ڏني، ته هوءَ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڳري ڪنڊا ٿي وئي ۽ ڪوثر جي عشق ۾ زيور، ڳهه ڳٺا لاهي اڇليائين ۽ سٺا ڪپڙا پائڻ به ڇڏي ڏنائين. ساڳئي صفحي تي ڪوثر لکي ٿو:
    ”منهنجي چٺي پڙهي مون ڏي ڏٺو. ٿڌو ساهه ڀريائين. ڳوڙها اکين مان لار ڪري وهڻ لڳس. خدا حافظ چئي اٿي وئي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، رڪارڊنگ تي آئي. ’ن‘ ساڳي نه هئي، (ابول! چئبو اڃا سهڻي ۽ سسئي زنده ۽ حال حيات آهن) ”هڪ به زيور ڪو نه، ميڪ اپ ڪو نه، سادا ڪپڙا، ڄڻ ورهين جي بيماري مان اُٿي آئي هجي، رنجيده رنجيده، نه کل نه خوشي.
    ڪتاب ”ياد گهر“ ۾ ڪوثر ٻرڙي ڏانهن جن خط لکيا آهن، تن جو تعداد ۱۱۶ آهي. مھڙيون خط، سائين جي ايم سيد جو آهي ۽ آخري سوڀي ديري مان لالڻ چَني جو شامل ڪيل آهي. ڪافي خط، مشهور ۽ معروف ماڻهن جا به ڏنل آهن، جن ۾ استاد بخاري ۽ نواز رُڪڻائي، محسن ڪڪڙائي ۽ الطاف شيخ جا به شامل آهن. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪنهن به خط تي، نه ته تاريخ لکيل آهي ۽ نه لکڻ واري جي جاءِ جو تعين ٿيل آهي يعني اھا ڄاڻ نه ٿي پوي ته اهو خط هن صاحب ڪٿان لکيو آهي؟ جوهيءَ مان يا جاتيءَ مان؟ سن مان يا سانگهڙ مان؟ پراڻي ديري مان يا نئين ديري مان؟ دادو مان يا نوابشاهه مان؟ ڪراچيءَ مان يا ڪنڊياري مان؟
    عام طور چيو ويندو آهي ته يادون مِٽجي وينديون آهن يا مٿن به لٽ پئجي وڃي ٿو. ايئن لڳي ٿو ته ڪتاب جي نالي يعني ”ياد گهر“ مان تاريخون ۽ ڳوٺ يا شهرن جا نالا به مٽجي ويا آهن يا مٿن به لٽ پئجي ويو آهي. حيرت آهي سائين جي ايم سيد ۽ الطاف شيخ به خط تي تاريخ ۽ مقام ڪو نه لکيو. جڏهن ته معروف سفر نگار الطاف شيخ ته جيڪڏهن ڪنهن جهاز يا ڪنهن سامونڊي بندر تان خط لکندو آهي ته به ان جو ذڪر ڪندو آهي ۽ نالو لکندو آهي. هتي الائي ڇو ايئن ٿيو؟ حيرت لفظ کي به اچرج وٺي وڃي ٿو ته ۱۱۶ ماڻهن پنهنجن خطن تي نه تاريخ لکي، نه مقام؟!
    ڪوثر ٻرڙو، ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جو ذڪر ڪندي، پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۴۷ تي لکي ٿو:
    ”قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو پوءِ ئي ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ملڪ ۾ نيون ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون وڃن. ان سوچ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ حيدرآباد شهر جي رهواسين کي تفريح فراهم ڪرڻ واسطي ۱۷ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي هوم اسٽيڊ هال جي ڇهن ڪمرن ۾ هڪ ننڍڙي ريڊيو اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو.“ ڪوثر ٻرڙي جي مٿين لکيل ڳالهه ڪيڏي نه منجهائيندڙ آهي، جو لکي ٿو ته حيدرآباد جي شهر واسين کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ريڊيو اسٽيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ڇا ريڊيو حيدرآباد صرف حيدرآباد شهر، جيڪو ۱۹۵۵ع ۾ هڪ محدود شهر هو، جي شهرين کي تفريح ڏيڻ لاءِ کوليو ويو هو؟ ايئن ته پوءِ حڪومت لوڪل براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن به حيدرآباد ۾ کولي سگهي پئي. جيئن ۱۹۷۰ع تائين لاڙڪاڻي شهر جناح باغ ۾، لوڪل براڊڪاسٽنگ هوندي هئي. پوءِ گورنمينٽ کي هيڏو خرچ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ ڪوثر ٻرڙي جي هن ڳالهه ته پير علي محمد راشديءَ کي قبر ۾ به تڙپايو هوندو! حقيقت هيءَ آهي ته ڀلي ڪو پير علي محمد راشدي سان نظرياتي طور لک اختلاف رکي پر ريڊيو پاڪستان جي حيدرآباد ۾ اسٽيشن قائم ڪرڻ، ڪنهن جو به ڪارنامو ناهي پر اهو فقط ئي فقط پير علي محمد راشديءَ جو ڪارنامو آهي، جنهن جا اکين ڏٺا شاهد حيدرآباد ۾ اڃا خير سان حال حيات آهن. پير علي محمد راشدي جي هيڏي وڏي ڪارنامي کي باءِ پاس ڪرڻ ڇا معنى؟ پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ٽئين جلد جي صفحي نمبر ۳۱۲ تي لکي ٿو: ”مرڪزي وزير اطلاعات ۽ نشريات ٿيندي ئي مون چوويهن ڪلاڪن اندر، حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن کولي هئي. مشنري ٽرڪن ۾ ڀرائي پاڻ کڻائي ويو هوم. هوم اسٽيڊ هال تي زوريءَ وڃي قبضو ڪيو هيم. افتتاحي مجلس لاءِ تڙ تڪڙ ۾ جيڪي آرٽسٽ هٿ لڳا، سي ساڻ وٺي ويس. قلعي ٻاهران، هڪ فقيرياڻيءَ کي ڳائيندي ٻڌم. دردوَندي پئي معلوم ٿي. چونڪ ريڊيو اسٽيشن درد-وندن جي ديس ۾ کلي رهي هئي، تنهنڪري ان دردن ماريل فقيرياڻي کي به وٺي وڃي موجود ڪيم. ريڊيو اسٽيشن کولڻ ۾ مون اهڙي تڪڙ ان خيال کان ڪئي هئي جو انسان جي حياتي وانگر وزارت تي به اعتبار ڪونه هو. بهرحال جهڙي تهڙي اسٽيشن کلي ته وئي، آئنده مولا مالڪ.“ سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره مائي نور بانوءَ کي به پير علي محمد راشدي تلهار مان وٺي اچي ريڊيو تي ڳارايو هو. مائي نور بانو، جيڪا ان زماني ۾ نوران سڏبي هئي، پير علي محمد راشديءَ جي ويجهي عزيز، تلهار جي معزز شهري، پير شهاب الدين شاهه راشديءَ جي گهر ۾ ملازمه هئي ۽ هيٺ پٽ تي ويهي ڳائيندي هئي.
    ريڊيو پاڪستان ڪنهن جو ڪارنامو آهي؟ ان لاءِ ريڊيو پاڪستان جي تمام وڏي آفيسر، عمدي نثر نگار، اديب ۽ شاعر حميد نسيم کان راءِ وٺون ٿا. حميد نسيم ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن جو پهريون پروڊيوسر ۽ افتتاحي تقريب جا انتظام مڪمل ڪندڙ ۽ ان جو اکين ڏٺو شاهد آهي. جناب حميد نسيم پنهنجي آتم ڪٿا ”ناممڪن ڪي جستجو“ جي صفحي ۴۱۹ تي لکي ٿو:
    ”زيڊ اي بخاري ڪا ٽيليفون آيا ڪه اگلي گاڙي سي ڪراچي پهنچو. وزير اطلاعات و نشريات پير علي محمد راشدي صاحب ني مرتب شده پروگرام، جو ان ڪي خدمت مين پيش ڪي گئي ٿي، نامنظور ڪرديئي هين.
    بخاري صاحب وه مسوده لي ڪر راشدي صاحب ڪي پاس گئي. انهون ني پروگرام معائنه ڪرني ڪي بعد منظوري فرمائي اور اپني منظوري ڪي سند ڪي طور پر مسوده پر اپني دستخط فرما ديئي. مرحوم مجيد لاهوري سي فون پر عليڪ سليڪ هوئي تو انهون ني ڪها ڪه حيدرآباد مين مير رسول بخش ڪا مهمان هوجانا. وه بڙي سچي اور دوستدار انسان هين. اسي شام، مير صاحب ڪي پاس پهنچا.... صبح سات بجي، نهايت پر تڪلف ناشته آيا. ساٿ هي مير صاحب ڀي تشريف لي آئي. اڀي ريڊيو ڪي پاس ڪوئي ٽرانسپورٽ نهين ٿي اور ڦليلي ڪي پار ڪوئي سواري ڀي نهين ملتي ٿي. مير صاحب ني ڪها؛ ”سائين مين شهر جار رها هون، چليئي آپ ڪو ريڊيو اسٽيشن پر اتار دون گا.“ اگلي هي دن، دو پهر ڪو پير علي محمد راشدي، بخاري صاحب ڪي ساٿ ريڊيو اسٽيشن پر تشريف لي آئي. حڪم هوا ڪه اسٽوڊيو مين ڪرسيان لگوا دو، وهان بيٺين گي. اسٽوڊيو ڀي عارضي ٿا. تين ڪرسيان رک دي گئين. ايڪ طرف وزير صاحب، اس ڪي مقابل دو ڪرسيان ايڪ بخاري صاحب ڪي ليئي اور ايڪ ميري ليئي، بيچ مين ايڪ ڇوٽي سي ميز. راشدي صاحب بيڙي پيتي ٿي اور بيڙيان ۵۵۵ ڪي ڊبي مين رکتي ٿي. وه ايڪ بيڙي نڪال ڪر سلگاني لگي. اس ني بخاري صاحب ڪي طرف ديکا..... وه بلڪل ساڪت بيٺي ٿي.... ڦر سنڌي مين سنڌي سازندون اور دوسري اسٽاف آرٽسٽون سي مخاطب هوئي اور فرمايا، يه اسٽيشن مين ني بنايا هي. يه اسٽيشن ميرا هي. مين پاڪستان ڪا وزير هون. تم سي ڪسي آفيسر سي شڪايت هو تو فورن ميري پاس پهنچو اور مجهي آڪر بتائو. مين انشا الله العزيز اس آفيسر ڪو فنا ڪردون گا. باتين ڪرتي ڪرتي پير صاحب ني پائون دوسري ٽانگ پر اس زاويئي سي رکا ڪه جوتي ڪي نوڪ بخاري صاحب ڪي منه سي ڪوئي ايڪ آڌ انچ دور ٿي. اس ني طلائي سليم ساهي جوتي پهن رکي ٿي. بخاري صاحب بت بني بيٺي رهي.“
    مسٽر ڪوثر ٻرڙو ته پنهنجي ملازمت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي به ڪري چڪو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته کيس اها به خبر ڪانهي ته حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ڪنهن جي ڪوششن سان ٺهي هئي؟ لڳي ٿو ته پير علي محمد راشديءَ لاءِ ڪوثر ٻرڙي جي دل ۾ ڪو به نرم گوشو ناهي جو حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن جي افتتاح (نئين بلڊنگ ۽ نئين مٽيريل سان سجايل ۽ سينگاريل) جو پاڪستان جي صدر ايوب خان جي هٿان ۲۸ ڊسمبر ۱۹۶۲ع جو ذڪر ڪري ٿو پر پير علي محمد راشدي (باني) جو نالو وٺڻ به گوارا نه ٿو ڪري. ماضيءَ ۾ طارق اشرف، توڙي جو ڀُٽي جو مخالف مشهور هيو، هڪ دفعي لکيو ته جيڪڏهن ڀُٽي صاحب پنهنجي حڪومت ۾ سڀ ڪم غلط ڪيا هئا ته پوءِ سندس دور ۾ ٺهيل ڪاليج، اسپتالون ۽ پليون سڀ ڊاهي پٽ ڪريو، ڇاڪاڻ جو اهي ڀُٽي جي حوالي سان آهن. هي اسان جا اديب ۽ شاعر سطحي سوچ ڇو ٿا رکن؟ اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن سنڌي اديبن جي دل ڪشادي ٿي پوندي ته هو پنهنجين غلطين جو اعتراف ۽ مخالفن جي خوبين جا معترف بڻبا!
    اڃا تائين غير سنڌي اسان سنڌين تي ٽوڪ ۽ ٺٺول، چٿر ۽ طنز کان ڪم وٺي چوندا آهن؛ سنڌي گهر کان ٻاهر نڪرندو ته پاڻ کي پرديسي سمجهندو آهي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پنهنجي دور ۾ سنڌين کي ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ نوڪريون ڏيندو هو ته بقول ڀُٽي صاحب جي کيس چوندا هيا؛ ”سائين ٻاهر ڪير ويندو؟ پرديس آ. اسان کي صوبيداري ڏي، سا به ڳوٺ واري ٿاڻي تي“. ذوالفقار علي ڀٽو چوندو هيو؛ منهنجي قوم پاڻ تان اهو چٽو ته مان پرديسي آهيان! الائي ڪڏهن لاهيندي؟
    ڪوثر ٻرڙو پڻ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به پاڻ کي پرديسي سمجهي ٿو. ڄڻ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي بجاءِ سائوٿ آمريڪا ۾ نوڪري ڪرڻ ويو هيو! پنهنجي ڪتاب ”ياد گهر“ جي صفحي ۷۹ تي لکي ٿو:
    ”۳۰ سيپٽمبر واري ڏينهن مان واقعي واري هنڌ، گاڏي کاتي مان صرف اڌ ڪلاڪ اڳ اخبارون ۽ رسالا وٺي، حسين آباد پهتو هوس. اڃا پهتس ئي مس ته هيڏانهن فائرنگ جا ڌوڙيا ٿي ويا. انهن حالتن ۾ اسان پرديسي ۽ نڌڻڪن ماڻهن کي اجهي ۽ محفوظ جڳهه جي ضرورت هئي.“ پڙهندڙ پاڻ اندازو لڳائين ته حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوثر ٻرڙو پرديسي ۽ نڌڻڪو آهي!
    ڪوثر ٻرڙو نه رڳو حيدرآباد ۾ پر لاڙڪاڻي ۾ به پاڻ کي پرديسي سمجهي ٿو. جڏهن ته سندس ڳوٺ خيرپور کان لاڙڪاڻي تائين، ويگن ذريعي صرف ٻن ڪلاڪن جو فاصلو آهي. پنهنجي ڪتاب ”ياد گهر“ جي صفحي ۹۶ تي لکي ٿو:
    ”لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪئسيٽ وارن ديوان دوڪاندارن وٽ وڃي، کين ان ڳالهه لاءِ قائل ڪندا هئاسين ته توهان جي شهر ۾ اسٽيشن قائم ٿي آهي، اسين ته سڀ پرديسي آهيون.“ ڪوثر ٻرڙو ته حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ به پرديسي آهي، باقي ديسي الائي ڪهڙي شهر ۽ ڳوٺ ۾ آهي؟
    ڪوثر ٻرڙو ريڊيو اسٽيشن ڪراچي جي قيام جي تاريخ بابت پنهنجي ڪتاب جي صفحي ۲۵ تي لکي ٿو: ”پاڪستان جي پهرين سالگره يعني ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع واري ڏينهن ريديو پاڪستان ڪراچيءَ پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هيو.“ حالانڪ ائين ناهي، جيئن ھو لکي ٿو ۽ حقيقت ته پنهنجي روشن چهري سان تاريخ جي صفحن ۾ نروار ٿي بيٺي آهي. صبيح محسن نالي ماڻهو جيڪو تازو ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر پروگرامس جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي، اردو ۾ شايع ٿيندڙ ڪراچيءَ جي روزاني اخبار ”ايڪسپريس“ ۾ هر هفتي يعني آچر ڏينهن تي مضمون لکندو آهي. صبيح محسن پنهنجي مضمون ۲۹ فيبروري ۲۰۰۴ع تي ڪراچي ريڊيو اسٽيشن جي تاريخ بابت تفصيل سان لکيو آهي. صبيح محسن لکي ٿو:
    ”هوا يون ٿا ڪه ۳ جون ۱۹۴۷ع ڪو حڪومت برطانيه ني آگسٽ ۱۹۴۷ع مين هندستان ڪو آزادي ديني اور پاڪستان ڪا مطالبه تسليم ڪرني ڪا اعلان ڪيا تو اس ڪي بعد مسلم ليگ ني ڪراچي ڪو اس نئي مملڪت ڪا دارالحڪومت بناني ڪا فيصلا ڪيا. تب سنڌ ڪي ڪڇ فعال شهريون ڪو خيال آيا ڪه يهان فوري طور پر ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرنا ضروري هي. ان مين پيرامائونٽ ريڊيو ڪي وه هي ايس ڪي حيدر پيش پيش ٿي، جن ڪا تذڪره بخاري (زيڊ اي بخاري) ني ڪيا هي. حيدر صاحب اور علي محمد چاگله اس وقت ڪي حڪومت سنڌ ڪي مشير ٽي اين آڏناني سي ملي. جنهون ني تجويز، حڪام بالا يعني وزيراعلى اور گورنر ڪي سامني رکي. سب ني اسي پسند ڪيا اور ايڪ اسڪول ڪي ايڪ بيرڪ اس مقصد ڪي لئي لي. انهين ڪڇ ڪمري دي ديئي گئي. جولاءِ ۱۹۴۷ع مين ڪام شروع هوا. دو ڪمرون ڪو سائونڊ پروف بنا ڪر انهين اسٽوڊيو بنايا گيا. حيدر صاحب اور ان ڀائيون ني ڪباڙيون سي سامان لي ڪر ايڪ بهت هي ڇوٽا سا ٽرانسسٽر خود هي بنايا. پهلي ڪوشش مين يه ٽرانسسٽر نهين چلا. سب پر مايوسي ڇا گئي. ليڪن انهون ني اپني ڪوششين جاري رکين اور بالآخر ڪامياب هوئي. ۱۵ آگسٽ سي تجرباتي نشريات شروع ڪي گئين. اسٽيشن ڪا نام سنڌ گورنمينٽ براڊ ڪاسٽنگ رکا گيا. ۱۰ آگسٽ سي باقائده نشريات ڪا آغاز هوا. زياده تر فلمي گانون ڪي رڪارڊ بجائي جاتي ٿي، ليڪن دوسري پروگرام مثلًا بچون ڪي لئي اور خواتين ڪي لئي پروگرام ڀي نشر ڪيئي جاتي ٿي. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع آخري وائيسراءِ هند لارڊ مائونٽ بيٽن ني پاڪستان ڪي دستورساز اسيمبلي سي خطاب ڪيا اور قائداعظم ني گورنر جنرل ڪي حيثيت سي حلف اٺايا. ان تقريبات ڪا آنکون ديکا حال براهِ راست تو نشر نهين ڪيا جا سڪتا ٿا، ڪيون ڪِ اس ڪي لئي ضروري سازوسامان مهيا نهين ٿا. ليڪن اس ڪي رپورٽين اسي اسٽيشن سي نشر هوئين. اس ڪي تفصيل همين ريڊيو پاڪستان ڪي ملازمت اختيار ڪرني ڪي بهت سال بعد، اپني ايڪ سينيئر ساٿي علي محمد چاگلا سي معلوم هوئي. دوسري ذرائع سي اس ڪي تصديق ڀي هوئي.“
    ڪوثر ٻرڙو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ بابت ڪتاب جي صفحي ۲۶ تي پڙهندڙن جي معلومات ۾ غير معمولي اضافو ڪندي لکي ٿو ته:
    ”پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو به ٻڌائجي ٿو ته ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي صبح جو ڇهين وڳي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو آغاز، قاري زاهد قاسمي پاران ڪيل تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، جنهن کان پوءِ مولانا شبير احمد عثماني دعائيه ڪلمات پڙهيا. ان کان پوءِ معشوق علي خان جي آواز ۾ نعت سڳوري ۽ پوءِ اردو ۽ انگريزي ۾ خبرون نشر ڪيون ويون. خبرن کان پوءِ درس قرآن مجيد نشر ٿيو، جنهن ۾ مولانا عبدالحامد بدايوني سوره فاتح جي تشريح ڪئي.“
    ڪوثر ٻرڙي جي مٿين لکيل ڳالهه پڙهي، هڪ عام پڙهندڙ بي اختيار ٿي دل ۾ چوندو ته يار وڃ! ڪوثر ٻرڙي کي ته ريڊيو اسٽيشن ڪراچي جي وڏي تاريخ جاگرافي ياد آهي، پر جڏهن اهو ساڳيو پڙهندڙ جناب حميد نسيم جي آتم ڪهاڻي ”ناممڪن ڪي جستجو“ جو صفحو ۲۸۰ کولي پڙهندو ته کيس اندازو ٿي ويندو ته ڪوثر ٻرڙي ته جناب حميد نسيم جي لکيل ڳالهه جو صاف ۽ سليس ترجمو ڪري پنهنجي کاتي ۾ ٽنبي ڇڏيو آهي. جناب حميد نسيم جي لکيل ڪٿا پڙهو ۽ پوءِ اندازو لڳايو ۽ ڪوثر ٻرڙي کي داد ڏيو. جناب حميد نسيم صفحي ۲۸۰ تي لکي ٿو:
    ”صحيح وقت پر اسٽيشن ڪي انائوسمينٽ هوئي. پانچ بج ڪر انسٺ منٽ اور ساٺ سيڪنڊ پر (ڪوثر ٻرڙي چالاڪيءَ کان ڪم وٺي پنهنجي طرفان ڄاڻ ڏيندي وقت پورا ۶ بجي لکيو آهي. آهي نه ڪمال؟) مولوي زاهد قاسمي ني تلاوت ڪلام پاڪ ڪي. تلاوت ڪي بعد مولانا عثماني ني دعائيه ڪلمه ارشاد فرمائي. (ڪوثر به دعائيه ڪلما وارا الفاظ لکيا آهن!) ڦر ايڪ نعت پيش ڪي گئي، شايد معشوق علي خان ڪي آواز مين. ڦر خبرين نشر هوئين، انگريزي اور اردو مين. خبرون ڪي بعد پروگرام شروع هوئي. ابتدا درس قرآن مجيد سي هوئي. مولانا عبدالحامد قادري بدايوني ني سورت فاتحا ڪي تشريح ڪي.“ خاص ڳالهه ته جناب حميد نسيم جي پروڊيوسر جي حيثيت سان اپريل ۱۹۴۸ع ۾ ريڊيو ڪراچي تي بدلي ٿي هئي. هاڻي جيڪڏهن ڪوثر ٻرڙي جي همنوا خيرپور سان تعلق رکندڙ حزب سومري جي هائيڊ پارڪ ۾ لکيل ڳالهه تي ٿوري دير ويساهه ڪريون ته ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو وجود ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي ٿيو هو ته پوءِ هڪ غير وجود واري جاءِ (ريڊيو ڪراچي) تي حميد نسيم جي بدلي ۽ مقرري ڪيئن ٿي هئي؟ جڏهن گهر ئي ناهي ته پوءِ ڀاتي، انهن جو رهڻ ڇا معنى؟ جڏهن ڪراچي ريڊيو جو وجود ئي نه هيو، ته پوءِ حڪومت هي ماڻهو ڇو، ڇا لاءِ ۽ ڪيئن رکيا هيا؟ جناب حميد نسيم لاهور کان ڪراچي ۾ پنهنجي بدليءَ (اپريل ۱۹۴۸ع) جو ذڪر پنهنجي جيون ڪٿا جي صفحي ۲۷۱ تي ڪيو آهي. ڪوثر ٻرڙو پنهنجي ڪتاب ۾، ريڊيو پاڪستان خيرپور جي ٺهڻ بابت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو ذڪر ائين نه ٿو ڪري جيئن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ٺاهڻ بابت پير علي محمد راشديءَ جو نالو نه ٿو کڻي. ڪوثر ٻرڙو صفحي نمبر ۱۰۴ تي لکي ٿو:
    ”ريڊيو پاڪستان خيرپور، سنڌ صوبي جي ٽين وڏي ريڊيو اسٽيشن آهي، جنهن جو قيام ۲۱ مارچ ۱۹۸۳ع تي عمل ۾ آيو. دراصل خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي قيام جي تجويز گهڻو پراڻي هئي.“ هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن جي قيام جي تجويز ڪيتري پراڻي هئي؟ جو ڪوثر ٻرڙو به مڃي ٿو ته گهڻي پراڻي هئي، پر اها تجويز ڪنهن جي هئي؟ حقيقت اها آهي ته ڀُٽي صاحب خيرپور جي عوام سان ٻه واعدا ڪيا هيا، هڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو ۽ ٻيو ريڊيو اسٽيشن ٺاهڻ جو ۽ ڀُٽي صاحب پنهنجا ٻئي واعدا پاڙيا. ڀُٽي صاحب جي حڪم تي ئي سيد قائم علي شاهه ۱۹۷۶ع ۾ ريڊيو خيرپور جي عمارت جو پيڙهه وارو پٿر رکيو، جيڪو خود ڪوثر ٻرڙو به مڃي ٿو. باقي اهو لکڻ ته فلاڻي تجويز گهڻو پراڻي هئي، اھو حقيقت کان منهن موڙڻ برابر آهي. خيرپور جي حزب سومري منهنجي خط جي جواب ۾ روزاني ”ڪاوش“ ۾ ابهام ڀريو خط لکي، اهو پڇيو ته ڀلا ريڊيو اسٽيشن خيرپور جي بجاءِ سکر ۾ ڇونه ٺهي؟ جڏهن ته خيرپور کان وڌيڪ وڏو شهر سکر هيو؟ وري پنهنجي علم جي پالوٽ ڪندي حزب سومري ”ڪاوش“ ۾ سوال ڪيو هو ته ڀلا ڀُٽي صاحب خيرپور جي عوام سان اهڙا واعدا ڇو ڪيا؟ ڪو نوٽيفڪيشن ڏيکاريو؟! هائيڊ پارڪ ۾ حزب سومري جو پڇيل سوال ايئن آهي ته ڪو ايئن پڇي ته دادو جي عوام سان ڀُٽي صاحب شگر مل ڏيڻ جو واعدو ڇو ڪيو هو؟ يا شگر مل ضلعي دادو جي هڪ ننڍي ڳوٺ پيارو ڳوٺ ۾ ڇو لڳرائي؟ جڏهن ته پيارو ڳوٺ جي ڀرسان سيتا روڊ وڏو شهر موجود هو! يا ڀُٽي صاحب نوابشاهه جي عوام سان گرلس ميڊيڪل ڪاليج ڏيڻ جو ڇو واعدو ڪيو هو؟ جڏهن ته نوابشاهه هڪ گرم ترين شهر آهي. نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي بنسبت ذرا گهٽ سهوليتن وارو شهر آهي ۽ ڄامشوري ۾ ڇوڪرين جي سهوليت لاءِ هاسٽلون به موجود هيون ۽ اتان جي آبهوا به نواب شاهه جي مقابلي ۾ وڌيڪ فرحت افزا آهي. وڏي ڳالهه ته ڄامشوري ۾ ايل ايم سي به موجود آهي. اهڙن سوالن ڪرڻ وارن جي ذهني سطح جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ اختر ٽانوري نالي ڪو ماڻهو ”چار اکر“ ۾ ڪوثر ٻرڙي جي سنڌي نثر بابت ساراھ جا ڍڪ ڀريندي صفحي ۵ تي لکي ٿو: ”ڪوثر ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ جي انهن قلمڪارن منجهان آهي، جن مٿان ڏات جي ديوي ڪجهه وڌيڪ مهربان آهي. ڪوثر جي نثر جي اها خاص خوبي آهي جو هن جي ٻولي سادي ۽ روايتي آهي. هو نثر ۾ ڳرا لفظ شامل ڪرڻ بجاءِ سادا سلوڻا لفظ ۽ عام استعمال واري ٻولي ڪم آڻي ٿو.“ ڪوثر ٻرڙي جي سادي ۽ روايتي ٻولي جو عالم اهو آهي جو صفحي ۱۳۳ تي لکي ٿو:
    ”جيئن اردو ۾ چوندا آهن ته اوڙهنا بڇونا، ايئن مون لاءِ اوڙهنا بڇونا ريڊيو ئي رهيو.“ خبر ناهي ته اوڙهنا بڇونا لفظن کي ڪتاب ۾ الائي ڇو بولڊ ڪيو ويو آهي؟
    ٿڌ يا پاري پوڻ واري رات جي لاءِ سنڌ ۾ ته هي جملو ضرب المثل جي حيثيت رکندو آهي؛ ”سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان؟“ پر ڪوثر ٻرڙو صفحي ۸۷ تي لکي ٿو ته:
    ”جون جو مهينو هو، ٽاڪ منجهند، گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان؟“ اڃا ته ڪوثر ٻرڙي لاءِ ٽانوري اختر لکي ٿو ته هن جي ٻولي سادي ۽ روايتي آهي؟ سنڌ ۾ منجهند ٽاڪ سانوڻ جو ذڪر ڪندي اسان سنڌي ته ايئن چوندا آهيون. ”منجهند ٽاڪ هئي، ڪانو جي اک پئي نڪتي“ يا چوندا ايئن آهيون؛ گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان؟ اخلاق مانع آهي، نه ته مان اهي الفاظ لکان جيڪي جناب حميد نسيم پنهنجي جيون ڪهاڻي ”ناممڪن ڪي جستجو“ جي صفحي ۲۷۳ تي ريڊيو جي جوهر بابت لکيا آهن!
    محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان جي وزيراعظم هئي ۽ پنهنجي ڳوٺ نئون ديرو آيل هئي. ڪوثر ٻرڙو به سرڪاري حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ نئون ديرو ۾ محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان جي کلي ڪچهري ۽ تقرير جي رڪارڊنگ لاءِ پهتل هيو. پاڻ صفحي ۱۰۰ تي لکي ٿو:
    ”هڪ دفعي عيد جي موقعي تي بينظير صاحبه نئين ديري آيل هئي. سڄو ملڪ نئون ديرو ۾ لٿل هو، ماڻهن جي سخت پيهه هئي. انهيءَ وقت اسان کان خوشيءَ ۾ اهو به وسري ويو ته اسان عيد واري ڏينهن به شام تائين بکيا آهيون، ڇاڪاڻ ته ريڊيو ٽيم جڏهن به ڪنهن وي وي آءِ پي جي لاءِ او بيءَ وڃي ٿي ته پوءِ کيس رڪارڊنگ ٿي وڃڻ ۽ ويندي قومي پروگرام بنائڻ تائين، ڪو هوش ڪونه ٿو رهي، نه مانيءَ جو ۽ نه پاڻيءِ جو، نه کاڌي جو، نه پيتي جو. هيڪر ممتاز ڀٽو نگران وزيراعلى هو. اسان جي او بي ٽيم ساڻس گڏ هئي. ميرپور ڀٽو ۾ ٻه ڏينهن قيام ڪيوسين، پر نه انتطاميه، نه ڀُٽي صاحب (ممتاز علي خان) جي ملازمن يا خود وزيراعلى سار لڌي ته ڪو ميڊيا ٽيم کي به پيٽ آهي.“
    هتي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪوثر ٻرڙو، نئون ديري يا ميرپور ڀٽو ۾ سرڪاري ڊيوٽي ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏيڻ آيو هو يا پاڪستان جي وزيراعظم يا نگران وزيراعلى کيس دعوت ڏئي گهرايو هيو؟ ايئن ته جنوري ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو مانائتو ۽ منفرد اديب مرحوم علي محمد بروهي به پاڪستان جي ان وقت جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي کلي ڪچهري جي رڪارڊنگ ڪرڻ ۽ پروگرام ڪوريج ڪرڻ لاءِ نئين ديري ۾ آيو هو پر هن ڪڏهن به اهڙي شڪايت ڪٿي به نه لکي هئي، نه اهڙو اظهار ڪنهن به هنڌ تي ڪنهن تقرير ۾ ڪيو هئائين. علي احمد بروهي ته ان زماني ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن هو، پر وزيراعظم جي نئين ديري ۾ ڪئمپ دوران مرڪزي سيڪريٽري ۽ وڏا پوليس آفيسر، چيف سيڪريٽري به ايندا آهن. اهڙا آفيسر ان ڪري ڪابه شڪايت نه ڪندا آهن جو کين خبر هوندي آهي ته هو سرڪاري ڊيوٽي ۾ آيا آهن. ڪوثر ٻرڙي جي ان ڳالهه تي به ڪير اعتبار ڪو نه ڪندو جو هو لکي ٿو ته ميرپور ڀٽو (ممتاز علي ڀُٽي جي ڳوٺ) ۾ ٻه ڏينهن قيام ڪيوسي پر ڪنهن به سار نه لڌي حتى ڪ ممتاز علي ڀُٽي نگران وزيراعلى به نه!
    اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪوثر ٻرڙو ٻه ڏينهن کاڌي پيتي کان سواءِ رهيو هو. لکي ته ايئن ٿو ته ڪوثر ٻرڙي کي ڄڻ نئين ديري يا ميرپور ڀٽو ۾ بنگلي وارن ڪنهن وهانوَ يا شاديءَ جو سڏ ڏنو هو. اهڙي شڪايت ته ڄاڃي ڪندا آهن يا سرڪاري ڊيوٽي ۾ سرڪاري پگهار تي آيل سرڪاري ملازم؟ ڪوثر ٻرڙو نه ته ”بيگر“ ۾ آيو هو ۽ نه ئي ڪنهن ڪاڄ ۾ برادري سڏ ڀرڻ، هو ته اها سرڪاري ڊيوٽي ڏيڻ آيو هيو جيڪا سندس فرض ۾ شامل هئي.
    ڪوثر ٻرڙي جي پسنديده انگ ۱۱ يارنهن ۽ ڪتاب ۾ شامل چند مخصوص خطن جو مڪمل جائزو ڪنهن ٻئي دفعي...
    يار زنده ...صحبت باقي،
    يار زنده... تبصرو باقي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 347302
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143238
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ