ڪتاب جو نالو: ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر
مصنف: منظور ڪوهيار
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 05 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1095 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 245 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءُ ڪتاب؛ منظور ڪوهيار جي يادگيرين سان گڏ سندس آتم ڪٿا به آهي. هن جتي پنهنجي ادنيٰ شخصيت کي بي عيب رکيو آهي، اتي ساڻس وابسته اعليٰ انسانيت جي جوهر کي نمايان مقام ارپيو آهي.
هيءُ ڪتاب؛ فني حوالي سان خاڪن/مضمونن/ ۽ مقالن وچ ۾ بنيادي فرق کي سمجھڻ لاءِ پڻ ڪارگر آهي. منظور ڪوهيار جي سليس ٻوليءَ ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ تاريخي حوالن/بحثن جي حسناڪي هن ڪتاب کي عام ڪتابن کان منفرد بڻائي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • سوانح نگاري ۽ سوانح نگار
  • جي ايم سيد : هڪ عظيم درسگاه
  • جي ايم مهڪري : مها پُــرش
  • سائين محمد بخش لاشاري : پرٻيڻ استاد
  • ڊاڪٽر اياز قادري : هڪ ڪهاڻيءَ جي بهترين پڄاڻي
  • ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : ساڃاهوند ساربان
  • ڪامريڊ جمال الدين بخاري : ٻري جن ٻاري
  • سوڀو گيانچنداڻي : سنڌ جي تاريخ جو امر ڪردار
  • بدر اڄڻ : پهريون ۽ آخري تاثر
  • ميان علي محمد قادري : چراغِ شهر
  • محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين : وساريل کاهوڙي
  • انيس انصاري : پرمل ۽ نرمل انسان
  • قلندر بخش بدوي : رڃ پار ڪرائيندڙ
  • هري دلگير : ڀٽائيءَ جو هنج
  • لقمان حڪيم : نمڪين طبعيت ۽ برجستو
  • هدايت منگي : سانوڻي جي موج
  • واجد : جا پيڙ هئي پرواني ۾
  • محبت ٻرڙو : مانائتو ماڻهو
  • افضل قادري : محنت ڪش ۽ معزز دوست

  • ارپنا

    محنت ڪش ۽ معزز دوست
    افضل قادريءَ

    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (205) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار پاران مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.

    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    مختصر حياتيءَ جي سفر ۾ جتي انسان پاڻ ’مسافر‘ آهي، اتي ان پنڌ تي ساڻس وک ۾ وک کڻندڙ ٻيا ڪيترا ماڻهو ’همسفر‘ جي روپ ۾، سندس همنوا ۽ راهرو به آهن.
    ڪائنات جي هلندڙ ڦرندڙ چرخي ۾ ڪيئي ’محروم‘ آيا ۽ ويا. فنا رڳو انهن کي ئي نه ڇهي سگھي آهي، جيڪي ’ماهر‘ هئا، جن ڀونءِ ۽ ڀونءِ واسين لاءِ پنهنجي رس ڀري ڪردار جو امرت ورهايو.
    ’منظور ڪوهيار‘ پڻ علمي آتڻ جو اڻ ٽٽو حصو آهي، جتي سندس ادبي پورهيي جو وکر، پنهنجي ڀرپور رنگن سان ڌيانُ مانُ لهي ٿو. منظور ڪوهيار جي شخصيت کي نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ جن به عالمگير فردن جيترو به جھڙو به رول ادا ڪيو آهي، منظور ڪوهيار بغير ڪنهن مصلحت جي انهن کي پنهنجي هن ڪتاب ذريعي مڃتا جو ملهه ارپي پيو.
    هيءُ ڪتاب؛ منظور ڪوهيار جي يادگيرين سان گڏ سندس آتم ڪٿا به آهي. هن جتي پنهنجي ادنيٰ شخصيت کي بي عيب رکيو آهي، اتي ساڻس وابسته اعليٰ انسانيت جي جوهر کي نمايان مقام ارپيو آهي.
    هيءُ ڪتاب؛ فني حوالي سان خاڪن/مضمونن/ ۽ مقالن وچ ۾ بنيادي فرق کي سمجھڻ لاءِ پڻ ڪارگر آهي.
    منظور ڪوهيار جي سليس ٻوليءَ ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ تاريخي حوالن/بحثن جي حسناڪي هن ڪتاب کي عام ڪتابن کان منفرد بڻائي ٿي.
    اداري پاران شايع ٿيندڙ سندس هي چوٿون ڪتاب به سندس ٽن اڳلن ڪتابن وانگر الڳ ۽ منفرد آهي. پارکو پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار هوندو.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    poetsaeed@yahoo.com


    سوانح نگاري ۽ سوانح نگار

    ڪنفيوشس جڏهن مرڻ تي هيو ته سندس شاگردن کانئس سوال ڪرڻ شروع ڪيا. هڪ شاگرد کانئس پڇيو: ”استاد ڪجهه ديوتائن جي باري ۾ ٻڌايو.“ ڪنفيوشس وراڻيو: ”مان اڃان ماڻهن کي سمجھي ناهيان سگھيو ته ديوتائن جي باري ۾ ڇا ٻڌائيندس!“
    ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ماڻهو ڏاڍو ٻهروپيو آهي، ڇو ته سندس شخصيت جا گھڻا پاسا آهن. ان ڪري انگريزي وارو لفظ personality به لاطيني لفظ persona مان ٺهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي نقاب يا مکوٽو. ۽ ان حوالي سان شخصيت جي ماپ طور صرف، قد ڪاٺ، لٽن ڪپڙن، رنگ ڍنگ، ذات پات، سماجي سياسي يا مذهبي رتبن جي بنياد تي ناهي ڪئي ويندي، پر شخصيت جي سڀني پهلوئن جي بنياد تي ٿيندي آهي، جنهن ۾ ظاهري ڏيک ويک کان وٺي ماڻهؤ جا احساس امنگ ۽ ورتاءَ اچي وڃن ٿا. اها ڳالهه آءٌ پنهنجي پاران نٿو ڪيان، پر سماجي نفسياتي ماهر social psychologist به اها ڳالهه ڪن ٿا.
    سماجي نفسيات جي لغت جي حوالي سان هڪ وصف هيءَ به آهي:
    “Personality is the totality of impressions which one man makes on other.
    ” شخصيت مڪمل تاثرن جو اُهو مجموعو آهي، جيڪو هڪ ماڻهو، ٻي ماڻهو مٿان وجھي ٿو.“
    سماجي نفسيات جا ماهر چون ٿا ته پنج جزا شخصيت کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
    1. وراثت: جيڪا هڪ شخص کي پيءُ،ماءُ جي طرف کان ملي ٿي.
    2. جاگرافيائي ماحول: جيڪو ماڻهوءَ جي جسماني ساخت تي اثر انداز ٿئي ٿو.
    3. سماجي ماحول: جيڪو ماڻهو جي سماجي تربيت ڪري ٿو ۽ کيس سماجي رتبو social status ڏياري ٿو.
    4. ثقافت: جيڪا ماڻهو کي مخصوص رهڻي ڪهڻي، ٻوليءَ ۽ لباس سان آراسته ڪري ٿي.
    5. زندگيءَ جا مخصوص تجربا ۽ مشاهدا: جيڪي هر هڪ ماڻهو کي الڳ الڳ ٿين ٿا، اهي ئي سندس مخصوص نفسياتي ڪيفيت جوڙين ٿا.
    ان مان ثابت ٿيو ته هر شخص جي شخصيت ڏاڍي پيچيده انداز ۾ جڙي ٿي ۽ ان تي لکڻ ته هيڪاري ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته هڪ انسان بظاهر جيڪو ٻاهران ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو ضروري ناهي ته اندر ۾ به ساڳيو هجي، ان ڪري هڪ سوانح نگار هڪ ماڻهو تي صرف ايترو لکندو، جيترو هن کي نظر آيو هوندو يا کيس معلومات ملي هوندي.
    سوانح عمري يا حيات نگاري جي فن جي ابتدا ڪٿي ٿي....؟ ان حوالي سان ڪيتريون دعوائون آهن. ڪي چون ٿا ته چين ۾، ڪي مصر ۾، ڪي يونان ۾، ته ڪي هندوستان ۾. حيات نگاري جي فن جي حوالي سان عراق مان مليل ”گل گامش جو قصو“ پهريون ڪتاب ڄاڻايو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ ته رامائڻ ان حوالي سان گل گامش جي قصي کان وڌيڪ بهتر آهي.
    پراڻي دؤرن ۾ جيڪي سوانح عمريون لکيون ويون، اهي بادشاهن، مذهبي شخصيتن، جنگجو ماڻهن يا مشهور ماڻهن جون هيون. وچئين دؤر 400ع کان 1450ع ۾ عيسائي مبلغن پنهنجن شهيدن ۽ پيشوائن جون سوانح عمريون لکيون.
    9 صدي عيسوي ۾ مسلمان عالمن به حضرت محمد صلعم، ۽ صحابه ڪرامن جي سوانح حيات لکي. ان حوالي سان سعد البغدادي وڏو ڪم ڪيو. جيئن ته اسلامي دنيا ۾ حديث هڪ وڏو موضوع يا نصاب بڻيو ان ڪري محدثن جي زندگي ۽ انهن جي حيثيت ۽ مرتبي کي پرکڻ لاءِ به تنقيدي سوانح جو بنياد پيو، جنهن کي چيو ويو ”علم الرجال“ يعني ”ماڻهو جو علم. “
    عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي 18 صدي عيسوي ۾ لکيو ويو. ۽ اهو ئي جديد سوانح نگاري جو دؤر آهي، جنهن ۾ سيموئل جانسن 1781ع critical lives of poets لکيو. جان جيڪس روسو اعتراف confessions لکي ڪري سوانح نگاري کي نئون موڙ ڏنو، جنهن ۾ ماڻهؤ پنهنجين غلطين کي به قلم بند ڪيو. جنهن جي ڪري ڪيترن ماڻهن پنهنجين آتم ڪٿائن ۾ وڏي جرئت سان پنهنجن ڏوهن ۽ گناهن جو اعتراف ڪيو.
    جڏهن پرنٽنگ مشين وجود ۾آئي ته ڪتابن ڇپجڻ جو وڌيڪ رجحان پيدا ٿيو. ان دؤران سوانح عمريون به گهڻيون ڇپجڻ لڳيون، پر پهرين جنگ عظيم ۾ انسانن جيڪي هيانءُ ڏاريندڙ تباهيون ۽ برباديون ڏٺيون، اُهي به سوانح حيات جي ذريعي وڌيڪ سامهون آيون. ۽ ائين ٻي جنگ عظيم اُن ۾ وڌيڪ واڌارو آندو.
    1970ع کان پوءِ يورپ ۾ عورت جي سجاڳي وارو دؤر ليکيو وڃي ٿو. ان دؤران عورتن به سوانح نگاريءَ جي لحاظ سان ڪيئي ڪتاب لکيا.
    اردو ادب ۾ غالب جي خطن کان وٺي، امرتا پريتم جي ”ايڪ ٿي سارا“ تائين مختلف اندازن ۾ خوبصورت ۽ بهترين سوانح عمريون لکيون ويون آهن.
    سنڌيءَ ۾ به سوانح نگاريءَ جي حوالي سان تمام سٺو لکيو ويو آهي. جن ۾ جي ايم سيد جو ڪتاب، ”جنب گذاريم جِن سين“، پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب، ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“، پير حسام الدين راشديءَ جو ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“، محمد بخش مجنون جو ڪتاب ”مسڪين جهان کوسو“، اختر بلوچ جو ’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ وغيره آهن.
    سوانح عمري يا حيات نگاري جي هڪ سادي وصف اِها به آهي:
    ”ڪنهن به شخص جي نجي زندگيءَ جا معاملا ۽ واقعا بيان ڪرڻ.“
    سوانح عمري تاريخ جو حصو آهي. پر تاريخ لکڻ وانگر هن جا انداز مخصوص ناهن. سوانح عمري يا حيات نگاريءَ جي لکڻ جا نمونا تمام گهڻا آهن. جن مان ڪجهه هيٺين ريت پيش ڪجن ٿا.
    1: معلوماتي سوانح حيات Informative Biography
    هن ۾ ڪنهن به شخص جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ بنيادي ڪوائف ڄاڻايا ويندا آهن. مثلن: نالو، ذات پات، ڄمڻ جو ڏينهن، هنڌ، تعليم، ڪرت، شاديون، ڪارناما ۽ موت (مئل هئڻ جي صورت ۾) هن قسم جي معلومات ڪنهن شخص جي ذاتي رڪارڊ مان حاصل ڪئي ويندي آهي.
    2: تنقيدي سوانح حيات Critical Biography
    هن قسم جي سوانح حيات ڪنهن شخص جي شخصيت پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سندس خطن، انٽرويوز، ذاتي زندگيءَ بابت مليل مواد کي سامهون رکي لکي ويندي آهي. اِن ڪري تنقيدي سوانح حيات تحقيق وانگر خشڪ ۽ گهٽ دلچسپ ٿئي ٿي.
    3: معياري سوانح حيات Standard Biography
    هن قسم جي سوانح حيات ۾ حقيقتن سان گڏوگڏ دلچسپ واقعا به شامل هوندا آهن. معلومات سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي رنگ به هوندو آهي. اِن ڪري اهڙي قسم جي سوانح حيات کي معياري سوانح حيات ڪوٺيو ويندو آهي. تنهن ڪري ان کي پذيرائي به گھڻي ملندي آهي.
    4: تشريحي سوانح حيات Interpretive Biography
    هن سوانح حيات ۾ ماڻهو جي زندگي ۾ آيل واقعن، کي تشريحي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ خوبصورت لفظن، جملن، محاورن، استعارن ۽ تشبيهن جي چاشني هوندي آهي. پر تشريحي سوانح حيات اجائي ڊيگهه جو پڻ شڪار ٿيندي آهي.
    5: افسانوي سوانح حيات Fictionalized Biography
    هن قسم جي سوانح حيات کي افسانوي انداز ۾ لکيو ويندو آهي ته جيئن اُن شخص متعلق، پڙهندڙن جي دلچسپي قائم رهي. اهڙي طرح تاريخي ناول به افسانوي سوانح حيات جو حصو بڻجي وڃن ٿا. جيئن جميله هاشميءَ جو ”دشت سوس“ ناول، جيڪو حسين بن منصور حلاج جي شخصيت جي حوالي سان لکيل آهي.
    6: خاص مطلب واري سوانح حيات Special Purpose Biography
    هن قسم جي سوانح حيات ڪنهن خاص قسم جي سياسي، مذهبي پروپيگنڊه لاءِ لکي ويندي آهي. يا وري سياسي سماجي رتبه حاصل ڪندڙ ماڻهو، پنهنجي ساک بچائڻ يا وڌائڻ لاءِ لکرائيندا آهن. جيئن اڄڪلهه سياستدان ۽ فوجي جنرل پنهنجي سوانح حيات لکرائيندا يا لکندا آهن.
    7: آتم ڪٿا Auto Biography
    آتم ڪٿا، حيات نگاري يا سوانح حيات جي حوالي سان اُهو انداز آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سموري ڪيفيتن، امنگن ۽ احساسن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي ذاتي زندگي جي اُنهن واقعن، حادثن تان پردو کڻندو آهي، جنهن جي عام ماڻهن کي خبر ناهي هوندي.جئين شهيد بينظير ڀٽو جي جڳ مشهور آتم ڪٿا Daughter of East آهي. آمريڪا ۾ عام ماڻهن به پنهنجيون آتم ڪٿائون لکي ڇرڪائي وڌو ۽ ثابت ڪيو ته هر شخص کي پنهنجي الڳ شخصيت آهي. جيڪا هن کي ٻين کان منفرد بڻائي ٿي.
    8: خط : Letters
    سوانح حيات جي حوالي سان خطن جو به اهم ڪردار آهي، ڇو ته ماڻهو جي شخصيت خطن وسيلي به ظاهر ٿئي ٿي. ان حوالي سان ڪليم لاشاري جو ڪتاب”خطن جو سوانحي مطالعو“ هڪ بهترين تجزيو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به شخصيت کي سمجھڻ لاءِ خطن جي اهميت ۽ افاديت متعلق بحث ٿيل آهي.
    9: ڊائريون
    سوانح حيات جي حوالي سان ڊائري به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪنهن شخص جي ذاتي زندگي بابت، سندس خوشين، غمين بابت هڪ روزنامچو آهي.جيئن ايني فرينڪ جي ڊائري جڳ مشهور ٿي.
    10: انٽرويو Interview
    انٽرويو به ماڻهن جي شخصيت کي ظاهرڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪن ٿا. بشرطه ڪه انٽرويو وٺندڙ ذهين ۽ هوشيار هجي. جيئن دنيا جي وڏين شخصيتن کان ”اوريانا فلاسيءَ“ جا ورتل انٽرويو آهن. جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا، ۽ اُنهن شخصيتن کي سمجهڻ جي حوالي سان به هڪ حوالو بڻيا.
    11: يادگيريون/ساروڻيون Memoirs
    ڪنهن خاص عهدي يا جڳهه تي رهندي ماڻهن يادگيريون لکيون . اِن حوالي سان 15 صدي عيسويءَ ۾ فلپ ڊي ڪامنس فرينچ ڪائونسلر ۽ سنڌ جي حوالي سان ڪيپٽن ٽي پوسٽنس پنهنجون يادگيريون لکيون. اهي به سوانح نگاري جي حوالي سان اهميت رکن ٿيون.
    12: سفرنامه Travelogue
    سفرنامو به هڪ قسم جي سوانح حيات آهي. جيڪو ماڻهو سفر جي دؤران پنهنجي ۽ ٻين متعلق لکي ٿو. اهو اڳتي هلي تاريخي دستاويز بڻجي وڃي ٿو. ابن بطوطه جو سفرنامو، يا چيني سياحن جا سفر نامه پنهنجي دؤر جا تاريخي دستاويز آهن. سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ جا سفرنامه به مشهور آهن.
    13. جيل وارتائون
    جيل دؤران گهاريندڙ قيدن جون ڊائريون، آتم ڪٿائون به ڄڻ تاريخي دستاويز بڻجي وڃن ٿا. جيئن سنڌي ۾ رسول بخش پليجي جو ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ هڪ دستاويز بڻجي ويو.
    سوانح نگاري جي حوالي سان لکڻ جا به ڪيترا اسلوب آهن. ڪي مضمون جي صورت ۾، ته ڪي مقالي جي صورت ۾، ته ڪي خاڪي جي صورت ۾، جنهن کي انگريزي ۾ Personality Sketche سڏيو وڃي ٿو. شخصي خاڪي لاءِ 20 صدي عيسويءَ ۾ پهريان اِهو معيار هيو ته 750 لفظن کان 1500 لفظن تائين مشتمل هجي. پر هاڻي ڪا حدبندي ڪونهي. ڇو ته سوانحي يا شخصي خاڪي جو مطلب آهي، ”ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو مختصر لفظن ۾ بيان ڪرڻ.“ ڪو ساگر کي ڪوزي ۾ ڪيئن بند ٿو ڪري، اُها ليکڪ جي پنهنجي مهارت آهي.
    مون جيڪو ڪجهه لکيو، سو من مؤجي انداز ۾ لکيو آهي. ڪڏهن شخصيتن تي خاڪا لکي”سوجهرو“، ”پرک“ ”عبرت اخبار“، ”عبرت ميگزين“ ۽ ”پيغام“ رسالن ۾ ڇپرايم ته ڪڏهن ”لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ”وساريان نه وسرن“ واري پروگرام ۾ مضمون لکي پڙهيم. ڪڏهن”رائٽرس ڪلب لاڙڪاڻو“ ته ڪڏهن ”قادري قلم قبيلي“ طرفان ”ميان محمد صالح قادري جي عرس“ جي موقعي تي منقعد ادبي ڪانفرنس ۾ شخصيتن تي مقالا پيش ڪيم. ڪجهه ٻيا مضمون يا خاڪا به لکيم ته سستيءَ سبب ڇپرائي نه سگھيم، ائين ئي پيا رهيا. ڪي پورا، ڪي اڌورا. حال في الحال صرف اُنهن شخصيتن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جيڪي منهنجي لاءِ ڄڻ وديا ساگر جي سمان هيا ۽ آهن.
    هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل هڪ هڪ شخصيت تي پورو ڪتاب لکي سگهجي پيو. پر ڇا ڪجي، ڳالهه اُهائي ٿي اچي، ته ”اور ڀي غم هين، زماني مين محبت ڪي سوا“
    اِها شابس آهي، سعيد سومري کي، جيڪو مون کي اهو چئي پيو اُتساهه ڏياريندو آهي، ته ”سائين هن سال ڪهڙو ڪتاب آڻيون؟“ ۽ مان به سندس چوڻ تي عمل ڪندو آهيان. اِن ڪري جو منهنجن ڪيترن ڪٻٽن ۾ پنن جا ڍير لڳا پيا آهن. جن کي منهنجي زال مراد خاتون سانڍي سانڍي هاڻي پوڙهي ٿي چڪي آهي. سوچيندو آهيان ان بهاني سان گهٽ ۾ گهٽ ان جو بار ته هلڪو ٿيندو.

    منظور ڪوهيار

    0343-3629448
    هائوس نمبر 3056 A
    فيز 2 گلشن حديد ڪراچي


    جي ايم سيد : هڪ عظيم درسگاه

    سال 1979ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي.
    مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس.
    هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“
    اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون.
    سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان 15 سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو:
    ”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“
    مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو.
    منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي .
    اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا.
    بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي.
    بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين:
    ”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“
    مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“
    ”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“
    ”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي.
    سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي:
    ”ڇوڪرا پاڻي!؟“
    ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“
    ”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو.
    ”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين
    ”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“
    ”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“
    ”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو
    پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين:
    ”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“
    ”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو.
    ”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“
    ”6666 فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو.
    اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو:
    ”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“
    مون هڪدم وراڻيو: ”سائين 43560“
    ”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو.
    ”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“
    ”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“
    ”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“
    بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين:
    سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي
    1.اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟
    2.رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي.
    3.ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟
    سائين جواب ڏيڻ لڳو:
    ’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي.
    مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“
    انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“
    سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو:
    ”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“

    اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو.
    مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين:
    ”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“
    3 وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ.
    کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“
    سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ 5 وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو:
    ”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“
    ”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو.
    ”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟
    ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي.
    ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ
    ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ
    جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“
    سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو:
    ”بابا! جميعت طلبه جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“
    ”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو.
    ”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“
    بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين:
    ”محمد خان پٺاڻ!“
    ”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“
    سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو.
    اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي.
    رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“
    بشير وراڻيو ، ”چڪر تي!“
    ”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“
    سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين:
    ”خدا جو ڪو غضب پوين“
    ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين:
    ” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“
    مون کي ڄڻ وارو ملي ويو:
    ” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“
    ”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“
    مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘
    ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“
    ”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو.
    مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“
    ”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو 1967ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو .
    ”جي سائين!“
    ”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“
    ”منظور حسين“، مون جواب ڏنو.
    سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“
    ”پڙهي آهي!“
    ”ڪيئن لڳي؟“
    ”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“
    ”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو.
    پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ
    لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ
    تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ
    ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“

    اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو.
    يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا.
    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي
    سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي
    جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي
    تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

    ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“
    ”جي سائين!“ مون وراڻيو.
    ”ڇا سمجهيو ٿي؟“
    ”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“
    ”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“
    ”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“
    ”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“
    مون وري ٻيو سوال ڪيو،
    ”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“
    سائين جي ايم سيد ٻڌايو:
    ”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو:
    ” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي
    ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي
    آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“

    يا
    ”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي
    عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“

    يا وري
    ”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي
    ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي
    ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“

    ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“
    اسان اٿياسين ته سائين وري چيو:
    ”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“
    ”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“
    بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
    محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا
    چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا
    حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾.

    ***


    جي ايم مهڪري : مها پُــرش

    واقعي ڪن شخصيتن جي تاثر کي بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن لکڻ ويهان ٿو ته يادن جي يلغار منجھايو وجھي ته ڪٿان شروع ڪيان، ڪٿي ختم ڪيان ...؟ ڪهڙي ڳالهه ڪيان، ڪهڙي ڳالهه رهايان!؟
    پوءِ به حال سارو، ڪجهه نه ڪجهه بيان ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته من سندس يادن جي مهڪ، جيڪا اڄ به گلاب ۽ موتئي جي خوشبوءِ جيان ذهن ۾ تازي آهي، سا ڪنهن علم جي پانڌيئڙي سان ونڊي ورهائي سگھجي.
    سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر جي ايم مهڪري،1977ع، 1978ع، ۽ 1979ع ۾، وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ليڪچر ڏيندو هو. هفتي ۾ ڇنڇر ڏهاڙي سوشيالاجي ۽ سومر ڏيهاڙي سائڪالاجي ڊپارٽمينٽ وارن شاگردن کي پڙهائيندو هو. هر دفعي نئين ڳالهه، نئون نقطو، نئون موضوع ڇيڙيندو هو، سندس پڙهائڻ جو نمونو ئي نرالو ۽ انداز ئي جدا گانه هو، مان جڏهن به تصور جي اک سان ڏسان ٿو ته اوڻهتر سترسالن جو عمر رسيده، دراز قد ۽ ڀورن وارن واري شخص جي شبيهه اکين اڳيان ڦري ٿي. هڪ يگانو شخص، جيڪو هٿرادو مشين Pace maker سان دل کنيون، آرٽس فيڪلٽي جي ٻه ماڙ بلڊنگ جي ڏاڪڻين تي چڙهندو چڙهندو، سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيندي چوي ٿو:
    ”اشوڪ، اشوڪ اعظم نه ٿي سگھي ها، جيڪڏهن کيس سٺا صلاحڪار نه هجن ها، اڪبر اڪبر اعظم نه ٿي سگھي ها، جيڪڏهن کيس سٺا مشير ۽ نورتن نه هجن ها. اهي مشير ئي هوندا آهن جن حڪمرانن جو ٻيڙو ٻوڙيو ۽ اهي ئي صلاحڪار هوندا آهن، جن ٻيڙو تاريو. اڪبر پڙهيل نه هو. پر سندس درٻار ۾ راجا توڏرمل جهڙو جينيس ويٺو هو، جنهن روينيو ايڪٽ لکيو ۽ هندستان جي آباد سر زمين جي سروي ڪرائي. ابو الفضل ۽ ملان فيضي جهڙا اعليٰ دماغ، جن آئين اڪبري ٺاهيو. بيربل جهڙو ذهين ۽ داناءُ، جنهن کان هڪ ڏينهن اڪبر بادشاهه هڪ عجيب سوال ڪيو، ته انسان کي وڌ ۾وڌ ڪهڙي شيءِ پياري آهي؟
    بيربل جواب ڏنو، ”انسان کي پنهنجي جان...“
    ”پوءِ عورت، پنهنجا ٻار بچائيندي، موت جي پرواهه ڇو نه ڪندي آهي؟“ اڪبر سوال ڪيو.
    ”مها بلي ! اهو عام حالتن ۾ نه ، پر اهو مخصوص حالتن ۾ ٿيندو آهي. ان جو اوهان کي تجربي سان جواب ڏيڻ گھران ٿو .“
    پوءِ بيربل هڪ ٻار واري عورت کي گھرائڻ جو حڪم ڏنو. عورت کي ٻار سوڌو گھرائي حوض ۾ بيهاريو ويو. پاڻي ڇڏيو ويو. جڏهن پاڻي سندس چيلهه تي آيو ته هن ٻار کي ڪلهي تي کنيو. پاڻي وڌيو ته هٿن ۾ جهلي بيٺس. اڃا وڌيو ته ٻار کي ٻوڙي مٿان چڙهي بيٺس ...
    دنيا ۾ هر ساهواري کي پنهنجي جان پياري هوندي آهي، هر جاندار ۾ زنده رهڻ جي خواهش هوندي آهي. ايستائين جو پروٽو پلازم ۾ به ... ڇو...؟ اها مون کي خبر ڪونهي پر ايتري خبرآهي ته وجود جي بقا لاءِ هر جاندار جدوجهد ڪري ٿو. پوءِ اهو بچي ٿو، جيڪو ٻئي کان طاقتورآهي يا وري حالتن مطابق زنده رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيئن شينهن ويڙهه ڪري زنده رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. گدڙ ڏر ۾ لڪي زنده رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اها ڳالهه انساني گروهن تي به صادر اچي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي اڄ جي ليڪچر جو موضوع آهي
    ”بقا جي جدوجهد“ Struggle for existence))“
    ان کان پوءِ ڄڻ علم جو درياهه پرٽجي پيو هو. سوشيالاجي کان وٺي سائڪالاجي جي علم تي ٻڌل مفروضه ۽ نظريه ٻڌائيندو ويو.
    يونيورسٽي ۾، اڪثر استاد جيڪي شاگردن جون تارون رک سان کڻائي ڇڏيندا ها. الٽين جهڙا نوٽس پيا لکرائيندا ها. اتي سائين مهڪري، علم جو امرت پيو اوتيندو هو. ڳالهائيندو هو ته ڄڻ ساڃاهه جو ساگر ٿو ڇلڪي. سندس ليڪچر جي دؤران ڪا جهل پل نه هوندي هئي، ڪير ڪهڙي به ڊپارٽمينٽ جو هجي، ڪهڙي به مڪتبِ فڪر جو هجي، اچي کيس ٻڌندو هو. ڪڏهن ته ڪي علم جي واڌاري جي لاءِ ۽ ڪي وري ڪج بحثي لاءِ اچي ويهندا ها. پر ان جي کيس ڪا پرواهه نه هوندي هئي. انهيءَ حوالي سان هڪ ليڪچر ياد ٿو اچي. گھڻو ڪري 1977ع جو زمانو هو. سائين مهڪري صاحب ’مذهب هڪ سماجي ادارو‘ (Religion as a social Institution) جي موضوع تي پئي ڳالهايو. هڪ باريش اردو ڳالهائيندڙ نوجوان به ويٺو هو. سو سائين سان ڍنگريءَ وانگر وچڙي پيو .
    ”ڀلا سائنس اهو ڇو نه ٿي ٻڌائي ته ڪل ڪيترا آسمان آهن...!؟ صدرت المنتهيٰ ڪٿي آهي....؟“
    سائين مهڪري وراڻيو، ”سائنس جو اهو ڪم ناهي ته غيب جي علم جي ڄاڻ ڏئي ... نه وري سائنس جو ڪم آهي ڌُڪا هڻڻ ... سائنس هڪ باترتيب ڄاڻ آهي. جنهن جو بنياد مليل حقيقتن تي آهي. ارسطو کان وٺي نيوٽن، پلس (واڌو )آهي. نيوٽن کان آئن اسٽائن تائين پلس (واڌو )آهي. اهو مثال ائين آهي ته سامهون هڪ ٽڪري اچي ٿي، ان کي پار ڪجي ٿو ته ٻي ٽڪري بيٺي آهي. انسان ته اڃا ڪُوئي مثل آهي، جيڪو ڄاڻ جي هڪ وڏي پهاڙ کي کوٽڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي. “
    ”توهان اهو ڇو نه ٿا ٻڌايو ته دنيا جو سٺو مذهب ڪهڙو آهي...؟“ ان نوجوان وري سوال ڪيو.
    ” هڪ سماجي ماهر لاءِ ، ڪو به سٺو يا برو ناهي هوندو. ان کي صرف اهو ڏسڻو آهي ته ڪنهن مخصوص انساني سماج ۾ مذهب ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو. سوچ ۽ سمجهه جون راهون رد ڪري ٿو يا وڌائي ٿو... فلاح ۽ اصلاح پيو ڪري يا ماڻهن کي بگاڙ ۽ انتشار طرف وٺي وڃي ٿو... مسلمان لاءِ اسلام، ڪرسچن لاءِ عيسائيت، هندو لاءِ هندو مذهب سٺو آهي....“
    ان باريش انتهاپسند ٻي ڏينهن تي، هڪ مخصوص اردو اخبار ذريعي جي ايم مهڪري لاءِ باهه ٻاري ڇڏي ته مهڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ دهريت ڦهلائي رهيو آهي .
    اسان کي حيرت اها ٿي ته ٻي هفتي جڏهن آيو ته رد عمل ۾ کلندي پنهنجي مخصوص بئنگلوري لهجي ۾ چوڻ لڳو، ”ڀئي!..مئين (مين) ڪيون ڊرون ...؟مئين ڪهتا هون ڪي، زور شور سي هماري خلاف لکين ... ضرور لکين ... صرف همين ڀي اپني مو قف ڪي اجازت دين تا ڪي هم بهي دو پلس دو، برابر چار ڪهه سڪين!“
    سندس ڏنل ليڪچرن مان، اڄ به ڪيترن جا عنوان حافظي ۾ موجود آهن. مثلن:
    پراڻو سماج Society Primitive
    برصغير جا ڳوٺ villages of Sub continet
    عام راءِ public opinion
    جنس Sex
    بقا جي جدوجهد Struggle for existence
    مذهب هڪ سماجي ادارو Relegion as a social Institution
    ڪوڙ ي تاريخ Lie Histroy
    پرو پئگنڊا Propegenda
    تعليم Education
    ڏاج Dowery
    وغيره.
    تحقيق ته، جي ايم مهڪري پنهنجي حوالي سان هڪ ودياساگر هو. افسوس جو پنهنجي دؤر جي سقراط کي، ڪو افلاطون جهڙو شاگرد ميسر ٿي نه سگھيو. جيڪو سندس علمي درس ۽ بحث کي منظر عام تي آڻي محفوظ ڪري ها.
    پر هڪڙو ليڪچر Public opinion کي پنهنجي نوٽ بوڪ تي ورتل نوٽس ۽ ڊائريءَ جي ورقن جي آڌار تي تيار ڪري، اُهو اوهان آڏو پيش ڪيان ٿو. اُن ۾ جيڪڏهن ڪا گھاٽي واڌي محسوس ٿيئي ته اها منهنجي کاتي ۾ شامل ڪئي وڃي.

    26 آگسٽ جو ڏينهن، سال 1977ع جو هيو، گرمي ڪجهه سبيل هئي، انهيءَ زماني ۾ شاگردن يا شاگردياڻين ۾ پاڪولا پيئڻ ۽ پيٽيز کائڻ جو فيشن عام هيو، اسان کائڻ جا ٽي دؤر ختم ڪري چڪا هياسين، سوشيلاجي ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو ”گل“ ڍوئي ڍوئي ٿڪجي پيو هو، شاگردن ۽ شاگردياڻين اهو چئي کسڪڻ شروع ڪيو هو ته، ”سر مهڪري اڄ نه ايندو.“
    ”يار سائين نه ايندو!“ منهنجي ڪلاس ميٽ دوست جان محمد به تنگ ٿي چيو.
    ”اڌ ڪلاڪ ٻيو انتظار ڪيو.“ مون چيو.
    ”اڌ ڪلاڪ!...اڌ ڪلاڪ!...“ ڇوڪريون چپن ۾ ڀڻڪيون.
    ” چاچنهن اچي ويو“، بدر النساءِ آرٽس فئڪلٽي جي سيڪنڊ فلور تان هيٺ ڏسندي ۽ پنهنجي عينڪ ٺيڪ ڪندي مون کي چيو. چيڙائڻ لاءِ عمومن ڪلاس ميٽ ۽ ڊپارٽمينٽ جا سينئر اسٽوڊنٽ مون کي جي ايم مهڪري جو ڀائيٽيو سڏيندا ها. پروفيسر جي ايم مهڪري جو اڇن وارن وارو مٿو نظر آيو ته اسان آرٽس فئڪلٽي جي ٻه ماڙ تان ٽپ ... ٽپ ...ڪندا، هيٺ لٿاسين، ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي جي ايم مهڪري پير رکيو ته اسان به اچي پهتاسين، اسان جو ملڻ، ليڪچر شروع ٿي ويو.
    ”معاف ڪجو!.. دير ٿي وئي....اڄ جنهن بس تي آيس ان ايڪسيڊنٽ ڪري وڌو، اتي جيڪي ماڻهن جا رايا ٻڌا، ڏاڍا دلچسپ هيا، ان ڪري اڄ جي ليڪچر جو موضوع آهي،”PUBLIC OPINION“
    سوشيلاجي ڊپارٽمينٽ جي ڏاکڻي ۽ ڪنڊائتي ڪمري ۾ پهتاسين ته مهڪري صاحب پهريائين جتي لاهي هڪ پاسي رکي (اڪثر کيس پيرن جي ترين سڙڻ جي شڪايت هوندي هئي) هن چاڪ کڻي بورڊ تي عنوان لکيو ۽ پوءِ هڪدم مون ڏانهن ڏسندي چيائين،
    ”منظور! PUBLIC OPINION جي باري ۾ تو وٽ ڪهڙي DEFINATION آهي؟“
    مون ديرئي نه ڪئي WARNERجي ٻڌايل وصف کڻي بيان ڪئي.
    Public opinion cosists of people reaction to definetly worded statement and question under interim condition
    ”نه، نه!... ائين نه ...تون ڏاڍي تڪڙ ٿو ڪرين، هڪدم پرائو غزل پڙهي ٿو ٻڌائين، پنهنجو ٻڌاءِ...پنهنجي وصف، جيڪا تنهنجي ذهن ۾ جڙي آهي يا جڙي ٿي؟“
    مون اڃا سوچيو پئي ته مهڪري صاحب، موضوع کي ٻئي پاسي کان پڪڙيو: هيئن ٿو ڪيان جو توهان کي لفظن ذريعي اهو منظر ٿو ٻڌايان .... جڏهن مان بس تي آيس پئي ته اوچتو ٺڪاءَ ٿيو، بس لڏي لمي، ماڻهو ڇرڪي اٿيا، بريڪ لڳي، ماڻهو خوف ۽ پريشانيءَ ۾ لٿا. ماڻهن ڏٺو ته بس جي سائيڊ رهڙيل ۽ ڪنڊ ڀڳل هئي. ٻي ڪراس ڪندڙ بس پرڀرو وڃي بيٺي. ان سان به ساڳئي حالت هئي، ٻنهي بسين جي ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن هڪ ٻئي کي پئي گاريون ڏنيون ۽ عام ماڻهن اتي بيٺي تبصرا پئي ڪيا. هاڻي تصور ڪيو ته اوهان به اتي بيٺا آهيو. اوهان اتي ڪهڙي راءِ ڏيندو؟منظور! چالاڪي نه ڪجانءِ، بلڪل عام ماڻهو واري راءِ ؟“
    ”مان چوان ها، ڊرائيور انڌا آهن. کين گاڏي هلائڻ نه ٿي اچي.“ مون هاڻي بلڪل عام ماڻهن واري راءِ ڏني.
    ”شاباس!... هاڻي تون ٻڌاءِ“ مهڪري صاحب جان محمد ڏانهن اشارو ڪيو.
    ”مان چوان ها ڊرائيور نشو ڪري ڊرائيونگ ڪن ٿا، ان ڪري ايڪسيڊنٽ ٿين ٿا.“
    ”شاباس!...تون ٻڌاءِ!“ مهڪري صاحب جي آڱر جو اشارو انجم يوسف ڏانهن ويو، جنهن ان وقت چيوگم پئي چٻاڙيو.
    ”مان چوان ها،حادثا تيز رفتاري جي ڪري ٿين ٿا.“ انجم جواب ڏنو.
    ”ٺيڪ آ، تون...!؟“ اشارو، مهڪري صاحب جو بدرالنساءِ ڏانهن ٿي ويو، بدر النساءِ عينڪ کي ٺيڪ ڪيو، هٻڪي هٻڪي پوءِ چيائين؛”حادثو قسمت ۾لکيل هو ....“
    ” هلو ٺيڪ .....تون .....؟“مهڪري صاحب جو ڪنڌ سان اشارو خير النساءِ ڏانهن ٿي ويو.
    ” مان چوان ها ڊرائيور چوويهه ڪلاڪ گاڏي هلائن ٿا. ان ڪري ننڊ وٺي وڃين ٿي، تڏهن حادثا ٿين ٿا.“
    ”چڱو، تون!؟“ اشارو ياسمين ڏانهن ٿيو ته ياسمين جواب ڄڻ ٺاهي ٺڪي رکيو هو، ”حادثو، ٽرئفڪ جي قانون جي خلاف ورزيءَ سبب ٿين ٿا.“
    مهڪري صاحب هڪدم رڙ ڪئي.
    ”بس!...بس!... اها ئي عام راءِ PUBLIC OPINION آهي. حقيقت اها ئي آهي ته عام راءِ چئبو ئي ان کي آهي ته جيڪو ماڻهو بي ساخته چئي ڏين، ان ۾ ڪا باقاعده عقلي ڳالهه يا دليل بازي ناهي هوندي، حقيقت تي ٻڌل ڪو تجزيو ناهي هوندو. راءِ ڏيڻ وارو ڪو ذميواري محسوس ناهي ڪندو، بس هڪڙو رد عمل جي طور تي اظهار هوندو آهي، جنهن کي ڪو واضح رخ ناهي هوندو.
    ان جو مثال ائين آهي، جيئن ڪڪرن ۾ پاڻي جي ڦڙن ۾ چارج پيدا ٿي ويندي آهي، جڏهن اها اليڪٽرڪ چارج گھڻي تعداد ۾جمع ٿي ويندي ته منجهس وڄ پيدا ٿي ويندي آهي، ان کي جڏهن ڌرتي تان ATTRACTION ملندي يا ڪشش ٿيندي ته اتي وڄ ڪرندي آهي. ائين عام راءِ به ماڻهن جي ذهنن ۾ اليڪٽرڪ چارج جيان گڏ ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن به ڪي سرد دماغ، نيم پاڳل، چالاڪ يا سماجي ڀلائيءَ چاهيندڙ ماڻهو ان کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن ته عام ماڻهو وڄُ جيان ڪِري، اهو ڪم ڪري ويندا آهن، جيڪو اُهي ٻي حالت ۾ ناهن ڪري سگھندا.
    انهيءَ عام راءِ جا ڪرشما ڳوٺن کان وٺي شهرن تائين جاري ۽ ساري آهن. اها عام راءِ شخصيتن کي ٺاهي، شخصيتن کي ڊاهي، اها خاندانن کي عزت و تڪريم ڏئي، خاندان اجاڙي، مثلن ڳوٺن ۾ اهو هُل ٿي وڃي ته پير صاحب رات جو اُڏري مديني شريف هليو ويندو آهي ته انهيءَ پير جي ديدار لاءِ ماڻهو سؤن ميلن کان پنڌ ڪري ڏسڻ ايندا آهن، پر ڳوٺ ۾ اهو هلي وڃي ته فلاڻي ڏائنڻ آهي، ماڻهن جا هيانءَ ڪڍي کائيندي آهي ته ان جي زندگي برباد ٿي ويندي آهي. ان عام راءِ کي ڦهلائڻ لاءِ خاص ماڻهو هوندا آهن، جنهن کي افواهن جا سوداگر RUMOURS MONGER سڏيو ويندو آهي، جيڪي ڳوٺن ۾ پيرن جا خليفا، يا وڏيرن جا لاٺڙيا هوندا آهن، اهڙي ريت شهرن ۾ اخبارن جا ايڊيٽر،صحافي، جاسوسي ادارن جا ايجنٽ، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ورڪر هوندا آهن ۽ انهن جي پٺيان عام راءِ PUBLIC OPINION کي رخ ڏيڻ وارا چالاڪ ماڻهو هوندا آهن، جن کي اسان سياسي، سماجي، مذهبي، رياستي اڳواڻ يا سربراهه ڪري ڪوٺيندا آهيون.
    عام راءِ کي ڪنهن رخ ۾ استعمال ڪرڻ جا ڪجهه مثبت ۽ منفي اوهان کي مثال ٿو ٻڌايان. انگريزن ڪيڏا به هندستان ۾ سڌارا آندا، پر ماڻهن ۾ انگريز سامراج جي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان نفرت هئي، مهاتما گانڌي جڏهن ڏٺو ته ماڻهن ۾ انگريزن جي خلاف نفرت ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي، ته هن ان کي رخ ڏيڻ لاءِ نعرو هنيو سُديش جو، وديشي شين جو بائيڪاٽ ڪرائڻ لاءِ افواهي سوداگرن کي ميدان ۾ لاٿو ويو ۽ انهن افواهي سوداگرن ۾ وڏو ڪردار احمدآباد ۽ بمبئي جي سرمائيدارن ادا ڪيو، هو انهيءَ زماني ۾ چاليهه هزارن جي گاڏيءَ تي چڙهي، کانڌيءَ جا ڪپڙا پهري، مهاتما جي آڏو ويهي چرخو هلائيندا هيا، تصويرون ڪڍرائي اخبارن ۾ ڇپرائيندا هيا، ته جيئن سندن ڪارخانن جو ردي ڪپڙو، جيڪو انگلستان جي ڪارخانن مان ٺهيل ڪپڙي کان معيار ۾ گهڻو گهٽ هيو؛ کپي وڃي. پوءِ دنيا ڏٺو ته عام راءِ جي هڪ رخي اظهار تي، دنيا جي انهيءَ ننگي فقير (موهن داس ڪرمچندگانڌي) انگريزن جي سج نه لهڻ واري شهنشاهيت کي لوڏي ڇڏيو.
    اهڙيءَ طرح دنيا جي نيم پاڳل ماڻهن، جيئن ”پيٽر دي هرمن“ گڏهه تي چڙهي سڄي يورپ ۾ هل غوغاءُ مچايو ته، ”عيسيٰ جي صليب کي ڪافر مسلمانن کان بچايو“ ... پوءِ دنيا ڏٺو ته ان پاڳل جي چوڻ تي ٻه صليبي جنگيون ٿيون ۽ يورپ جي ماڻهن پنهنجو نئون نسل هڻي مارائي وڌو.
    ٽيون مثال، ڪئنيڊا جي انگريزن ۽ فرينچن ۾ هلڪي ڦُلڪي ڇڪتاڻ هئي، پر انهن افواهن جي واپارين RUMOUR MONGERS هڪ ڪن وڍي، شيشي جي برنين ۾ وجهي گهمايو ته فرينچن، انگريزن جو ڪن وڍيو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ EAR WAR ”ڪن واري ويڙهه“ شروع ٿي وئي، جيئن هندستان ۾ ڳئون جي منڍي مندر ۾ ۽ سوئر جي منڍي مسجد ۾ اڇلائي، هندو مسلم فساد ڪرايو ويندو آهي، جيئن صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ مسجد منزل گاه وارو جهيڙو ڪرايو ويو .
    انهيءَ عام راءِ PUBLIC OPINION کي جيڪڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ کپايو FIX ڪيو وڃي يا ماڻهن ۾ ڪا راءِ پختي ٿي وڃي ته ان کي سخت راءِ STEREO TYPE سڏيو ويندو آهي، جيڪا عام راءِ جي خطرناڪ صورت آهي.
    انهيءَ کي نفسيات جي علم ۾ CONCEPT FORMATON به سڏبو آهي، جيئن برصغير جي مسلمانن ۾، هندن لاءِ هڪ اهڙي راءِ جڙي، جنهن ۾ هندو جو تصور رڳو اهو هيو ته مٿي تي ٽوپي، اڇو چولو، ڌوتي، پيٽ وڌيل، حريص ۽ ڪميني مخلوق. اهڙي ريت هندن وٽ مسلمانن جو تصور رڳو اهو هيو ته وڏين مڇن وارو، ڳئون کائيندڙ، وحشي، غاصب، بي رحم، ۽ ظالم. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هندستان جي مشهور سماجي ماهر محترم شرما لکيو آهي ته سندس ننڍپڻ هماليه جي ترائي المورا ۾ گذريو، جڏهن هو ننڍو پر سمجهه ڀريو هيو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ بيل گاڏيءَ تي پنهنجي مائٽن جي ڳوٺ ڏانهن پئي ويو، واٽ تي ڀرسان لنگهندڙ ماڻهن جي ٽولين ڏانهن سندس پيءُ اشارو ڪري چيو، ”ڏسو! اهي مسلمان اٿوَ، پنهنجي ڳوٺ پيا وڃن.“
    ته شرما هڪدم ڏسي وراڻيو، ”بابا، اهي ته ماڻهو آهن.“
    مسلمان جي باري ۾ عجيب غريب رايا ٻڌي، شرما چوي ٿو ته منهنجو حتمي رايو اهو بيٺو ته مسلمان ماڻهو ئي ناهن هوندا، جئين اڄڪلهه اسان جو رويو يهودين لاءِ آهي.
    روسي نفسيات جي ماهر پاولوف ڪتي تي هڪ انوکو تجربو ڪيو، کاڌي کائڻ کان اڳ، ڪتي جي وات ۾ ڪيتري گگ جمع ٿئي ٿي، هن اها نوٽ ڪئي، ان حالت کي فطري موٽ NATURAL REFLEX سڏيو. پوءِ هن ڪتي کي کاڌي ڏيڻ کان اڳ گهنٽي وڄائي، کاڌو ڏيڻ شروع ڪيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ هن رڳو گهنٽي وڄائي ته ڪتي گگ ڳاڙڻ شروع ڪئي، ان کي CONDITION REFLEX سڏيو.
    تنهن کان پوءِ مهڪري صاحب چاڪ کڻي بورڊ تي ان جا گراف ڪجهه هيٺين ريت ٺاهيا.
    Bell گھنٽي ـــــــــــــــــــــــــــــ کاڌو food
    گگ slavia

    ٻيو تجربو جي ــ بي ــ واٽسن J.B.WATSON به ڪيو هو، انهيءَ ڏس ۾ ، هن اهو تجربو هڪ ٻار تي ڪيو، هر انسان ۾ خصوصن ٻار ۾ ڪاوڙ ، خوف ۽ پيار جا ردعمل صاف ظاهر هوندا آهن. هن ڇا ڪيو، جو هڪ ٻار کي سهي جي ڀرسان کيڏائڻ لڳو.ننڍڙو ٻار جانور سان کيڏڻ پسند ڪندو آهي، هڪ ڏينهن جڏهن ننڍڙو ٻار سهي کي هٿ لائي خوش پئي ٿيو ته اوچتو سندس پٺيان بندوق جو ٺڪاءُ ڪيو ويو، ٻار دهلجي روئڻ لڳو. هن ٻي دفعي به ساڳئي ڪار ڪئي، ٽئين دفعي به ورجائي آخر ۾ نتيجو اهو نڪتو ، جو ٻار جي سامهون صرف سهو آندو پئي ويو ته ٻار دهلجي رنو پئي، ڪڏهن ڪڏهن CONDITION REFLEX جبلتن جهڙي ڏک ڏيندا آهن... اها صورتحال انساني سماج ۾ ڏاڍي ڏکوئيندڙهوندي آهي.
    سخت راءِ STEREO TYPE جو بنياد ٻن شين تي ٻڌل هوندو آهي.
    ذاتي تجربو 1. PERSONAL EXPERIENCE
    مڃيل ڄاڻ 2. ACCEPTED INFORMATION
    پهرين جو مثال ائين آ، ته جيڪڏهن ڪو ڳاڙهي ٽوپي وارو شخص، اوهان کي پٿر ٿو هڻي. پوءِ هڪ ٻئي پٺيان چار ٻيا به ڳاڙهي ٽوپي وارا ماڻهو، اوهان ڏانهن پٿر يا جهنب اڇلائن ٿا ته اوهان جي پڪي پختي راءِ اها بيهندي ته؛ هڙيئي ڳاڙهي ٽوپي وارا بدتميز ۽ خطرناڪ ٿيندا آهن ۽ اوهان هر ڳاڙهي ٽوپي واري کان ڇرڪندءُ.
    ACCEPTED INFORMATION جو مثال ٻڌو. مثلن ڪو پنڊت، ملو، پادري، واعظ ڪندي چوي ته الهامي ڪتابن ۾ آيل آهي ته، ڳاڙهي ٽوپي وارا هڙيئي بدتميز ۽ خطرناڪ ٿيندا آهن، جيڪو مڃي سو جنتي ٿيندو، جيڪو نه مڃي سو دوزخي، جيئن ڪميونسٽن لاءِ هتي ACCEPTED INFORMATION آهي ته هڙيئي ملحد ٿيندا آهن.
    اهڙين سخت راين تحت زندگي بسر ڪرڻ ائين آهي، جيئن احمقن جي جنت ۾ رهڻ، حقيقت اها آهي انساني سماج ۾ جيڪڏهن چالاڪ، سرد دماغ ماڻهو پنهنجن مقصدن، مطلبن خاطر ماڻهن جا ذهن مائوف نه ڪن ها، ته دنيا ۾ ڪنهن به اجائي اِزم جي ضرورت نه پوي ها. پاڻي درياهه ۾ وهي ٿو، جنهن کي اڃ لڳي ها، پيئي ها. دنيا ۾ ڪنڊائتن نظرين ۽ ڪنڊائتي پئسي CORNER IDEAS ۽ CORNER MONEY جي ڪري، جيڪو انساني سماج کي نقصان پهتو آهي، ان جو ڪاٿو ئي ڪونهي.“
    مهڪري صاحب، ٿوري جهٽ خاموش رهيو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏسندي چيائين، ”هاڻي اوهان جي کائڻ پيئڻ جو وقفو آهي، پوءِ سوال جواب جو سلسلو شروع ٿيندو.“
    بدرالنساءِ کي ڄڻ وارو ملي ويو، اُٿي، گل پٽيوالي کي سڏي آئي، گل ويو ۽ موٽيو، اسان پيٽيز پئي کاڌيوسين ۽ پاڪولا پئي ڏوگهيون سين. مهڪري صاحب صرف پاڻي پئي پيتو، سائين مهڪري ڪڏهن ڪڏهن فروٽ کائيندو يا وري گرين ٽي پيئندو هو، پر اڄ سندس ڪنهن تي به موڊ نه هيو.
    کائڻ پيئڻ جي وقفي کانپوءِ مون پڇيو،
    ”سائين، سماج ۾ سخت راءِ STREO TYPE کي ختم ڪرڻ جو ڪهڙو اپاءُ آهي؟“ مهڪري صاحب کي ڄڻ اهڙي قسم جي سوال جو انتظار هيو، ٻڌائڻ لڳو؛
    ”ان جو اپاءَ پهريان DE-CONDITIONING ۽ پوءِRE-CONDITIONING آهي. مون اوهان کي، جي ــــ بي ــ واٽسن جو اڌورو تجربو ٻڌايو. هاڻي پورو تجربو ٻڌو، هن ڇا ڪيو، جو هن وري ٻار کي هرکائيندڙ شيون مثلن رانديڪا وغيره ڏيکاري، سندس سامهون سهي کي آندو، ٻار آهستي آهستي ڇرڪ ڀرڻ ۽ روئڻ بند ڪيو، ان حالت کي سڏيو ويو،DE- CONDITIONING ۽ پوءِ کيس مزيدار ٽافيون ڏيئي سهي سان کيڏڻ جي ترغيب ڏني وئي، ان کي چيو ويو، RE-CONDITIONING
    پهرين جنگ عظيم ۾، انگريزن، جرمنن خلاف برصغير ۾ عجيب پروپئگنڊا ڪرائي ته اهي ننڍن ٻارن جو ميڄالو شوق سان کائيندا آهن، ان جو اثر اهو ٿيو جو عام ماڻهو جرمنن جو نالو ٻڌي ڊڄي ويندا هيا. ان جو اثر ٻي جنگ عظيم تائين هليو. پر اڄ اهي جرمن برصغير ۾ گهمندا ٿا وتن، ماڻهو انگريزن کان وڌيڪ انهن جي عزت ڪن ٿا. انهيءَ جو سبب جرمن ماڻهن پنهنجي طرز عمل سان برصغير جي ماڻهن کي De-Conditioning ڪيو، ماڻهن چيو ، جرمن هرو ڀرو ايڏا به خراب ڪونهن. جيئن انگريز چون ٿا. اڳتي هلي اڃا هنن پنهنجي راءِ کي ڦيرايو، جڏهن محسوس ڪيائون ته جرمني جا ماڻهو، علم ۽ ادب دوست، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ڄاڻو، با اخلاق ۽ وفادار آهن، ته انهن چوڻ شروع ڪيو، جرمن ماڻهو سياڻا سيبتا، قول ۽ فعل جا پڪا آهن. ان کي Re-Conditioning سڏبو آهي. ائين جيئن ڳاڙهي ٽوپي وارو ڪو ماڻهو پٿر هڻڻ جي بجاءِ، اوهان کي سلام ڪري، ٻيو ماڻهو وري اوهان کي چانهه پياري ته توهان جو رايو ڦري ويندو، اوهان چوندءُ، ڪي ڳاڙهي ٽوپي وارا چڱا به آهن ته ڪي برا به ــ پر جڏهن ويهه ڳاڙهي ٽوپي وارا اوهان سان ڪنهن نه ڪنهن هنڌ سٺو ورتاءُ ڪن، ته اوهان جي راءِ اها بيهندي ته اڪثر ڳاڙهي ٽوپي وارا سٺا آهن، ڪي ڪي خراب به ٿي سگھن ٿا.
    اڄوڪو ليڪچر اتي پورو. هاڻي وي ـــ سي آفيس ڏانهن ٽيليفون ڪري، منهنجي اچڻ جو ٻڌايو ته اوڏانهن وڃان، شيخ اياز سان ملڻو آهي. اوهان منهنجي وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻئي سان ضرور بحث ڪجو ۽ نتيجا ڪڍي ٻڌائجو.“
    جان محمد فون ڪرڻ ويو، اسان سڀئي مهڪري صاحب سان گڏ هيٺ لٿاسين، ٿوري دير کان پوءِ ڪار آئي، مهڪري صاحب روانو ٿي ويو،
    سچ پچ ته جي ايم مهڪري کي ڪنهن به ڏکئي موضوع تي ڳالهائڻ وقت، ڪا ڏکيائي نه ٿيندي هئي. ڇو ته سندس اندازِ بيان بغير ڪنهن رک رکاءَ جي ۽ ايڏو طاقتور هوندو هو، جو ائين لڳندو هو، ڄڻ حقيقت جو ڪڙو پر سچو روپ ڏيکاري رهيو آهي. هڪ ليڪچر ۾ جنس sex جهڙي شجر ممنوع موضوع کي ايڏي ته سهڻي انداز سان بيان ڪيو هيائين، جو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بغير ڪنهن جھجھڪ جي ٻڌندا رهيا. ’جنسي استحصال‘ Sex Exploitaion تي ڳالهائيندي، جڏهن ڪلڪتي جي قحبه خانن تي پهتو ته سندس انداز ڪجهه هن نموني هو :
    ”مان ڪلڪتي جي چڪلي ۾ باقاعدو صرف اهو ڏسڻ ويندو هيس ته مختلف طبقن جي ماڻهن جا مختلف رويا ڪهڙا آهن...؟ ڪلڪتي جي چڪلي ۾ هڪ هڪ عورت، جدا جدا داستان هئي، الڳ الڳ موضوع هئي، جيڪا عورت 20 سالن جي هئي سا ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ رپيه ڏينهن ۾ ڪمائيندي هئي... پنجويهه سالن جي، سؤ کان ڏيڍ سؤ تائين.... ٽيهن سالن جي پنجاه يا سؤ... چاليهن جي، پنجويهه يا پنجاهه ... پنجاهه سالن واري، ڪڏهن ڏهه، ڪڏهن پنج... آخر ۾ جڏهن مري ويندي هئي ته ميونسپالٽي وارن کي فون ڪري سندن لاش پورايو ويندو هو. ڪنهن سماجي ماهر کي سماج جي نبضن تي هٿ رکڻو هجي ته چڪلي ۾ وڃي مشاهدو ماڻي، سڄي سماج جو اصل روپ سامهون اچي ويندس....“
    سندس اهڙو بي باڪيءَ وارو انداز گھڻن کي ڀانءِ نه پوندو هو. ان ڪري استاد به کائنس نالان هوندا ها. هڪ دفعي خبر پئي ته مهڪري صاحب سئڪالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺو آهي. اسان شاگرد به اتي پهتاسين، ان وقت مختلف استادن سان، سائين مهڪري بحث مباحثي ۾ مصروف هيو. ان وقت هڪ استاد، نئين نسل تي ٻريو ويٺو هو .
    ”اڄوڪو نئون نسل علم ۽ عقل ٻنهي جو دشمن آهي، انهن سان مٿو هڻڻ اجايو آهي .“
    ٻين استادن به سندس تائيد ۾ ڪنڌ ڌوڻ پئي ڪئي. مهڪري صاحب به جوش ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”جتي اسان پراڻي نسل جو سفر ختم ٿيندو اُتان نئين نسل جو سفر شروع ٿيندو. نئين نسل کي لوئڻ، حقارت سان ڏسڻ، پنهنجي مستقبل جي نفي ڪرڻ برابرآهي... جي اهي جاهل رهجي وڃن ٿا ته انهيءَ عمل جا ذميوار اسان آهيون. ڇو ته اسان اِنهن کي پنهنجي ڄاڻ، پوريءَ ريت منتقل نه ڪئي. قومن جي رِلي ريسRELY RACE ۾، پنهنجي بيٽن Baton کي صحيح سلامت ۽ تيزيءَ سان نئين نسل تائين، پهچائڻ اسان جو ڪم آهي ته جيئن هو سماجي ترقي جي ڊوڙ ۾ ڀرپور حصو وٺي سگھن ...“
    ”توهان کڻي ڪجهه به چئو، پر اڄوڪي نئين نسل ۾ اُها ٿوم ڪونهي.“ اُن استاد بضد ٿيندي چيو.
    سائين مهڪري کي مجبورن وري جواب ڏيڻو پيو:
    ”هڪ ته اها واهيات قسم جي احساسِ برتري آهي ته اسان جو نئون نسل اسان کان گھٽ آهي... اها فخر ڪرڻ جي نه، پر ٻڏي مرڻ جي ڳالهه آهي... ٻي ڳالهه ته ڊگري جي ڪا ايڏي حيثيت ناهي هوندي ... ڊگري ڪنهن جي صلاحيتن جو پيمانو ته ٿي سگھي ٿي، پر عملي ڪارڪردگي جو نه ... ڀلا ٻڌايو ايڊيسن کي ڊگري هئي...؟ روسي کي ڊگري هئي...؟غالب کي ڊگري هئي...؟شاهه لطيف کي ڊگري هئي...؟انهن آڏو ڊگريون ٿڪا جھلينديون هيون! انهن بنا ڊگرين وارن تي،تو اسان جهڙا اڄ ريسرچ ڪري ڊگريون وٺن ٿا. اسان جي سماج ۾ ٻين المين سان گڏ هڪ الميو اهو به آهي ته ماڻهن جي پرک سندس ڪارڪردگي نه پر ڊگريون آهن. نام نهاد تعليمي ڊگرين کان وٺي مذهب، جنس ۽ طبقي جي ڊگرين تائين. برصغير ۾ سماجي انتشار جو سبب برهمڻ ذهنيت واري ڊگري رهي. جيسيتائين اها ڊگري برقرار آهي. تيسيتائين ذهين ۽ محنتي فرد تباه ۽ برباد ٿيندا رهندا.“
    اهو استاد صاحب، مھڪري صاحب جا رومالي ۽ سنڌائتا ڌڪ سهي نه سگھيو ۽ باقاعده چئلينج ڪرڻ واري انداز ۾فرمائڻ لڳو:
    ”مان اوهان کان هڪڙو سوال پڇان ٿو، اهڙا شاگرد آهن ڪٿي...؟ جن کي ڪو استاد پنهنجو سمورو حاصل ڪيل علم ڏيڻ چاهي ۽ هو وٺڻ چاهي... ايمانداريءَ سان ڪنهن هڪ شاگرد جو نالو کڻو...؟؟“
    سائين مهڪري صاحب ٿڌو ساهه کڻي اسان ڏانهن ۽ پوءِ اُن استاد ڏانهن ڏسندي، جواب ۾ هڪ شعر پڙهيو!
    ”خضر ڪيون بتائي،ڪيا بتائي
    اگر ماهي ڪهي، دريا ڪهان هئي!“
    پر جي ايم مهڪريءَ جو شعري اشارو ڪنايو، اُن استاد جي مٿي جي مٿان گذري ويو ۽ هو سمجھي نه سگھيو.
    جي ايم مهڪري جنهن جو پورو نالو سيد غلام محي الدين ولد مينم علي مهڪري هيو. 19 آڪٽومبر 1908ع تي هندوستان جي باغن واري شهر بئنگلور ۾ پيدا ٿيو. دهلي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سوشيالاجي ۽ سائڪالاجي سبجڪيٽن ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. انگريزي اخبار ڊان ۽ مشهور مئگزين ’سنڌ ڪوارٽرلي‘ جو مستقل ليکاري هيو. سندس مشهور ڪتاب Sorrows of sindhآهي. جنهن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي دردن جو تجزيو آهي. هن پاڪستان ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جو بنياد به رکيو. مولائي ماڻهو هيو، ان ڪري سندس سياسي پارٽيءَ کي پذيرائي نه ملي سگھي پر سندس علمي حيثيت ۽ لياقت جا ڪيترائي ماڻهو معترف رهيا. جن ۾ ابراهيم جويو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، مظهر يوسف، خيرالنساءِ جعفري وغيره جھڙيون علمي و ادبي شخصيتون قابل ذڪر آهن.
    سنڌ جو نوجوان ناول نگار منير چانڊيو ۽ مان سنڌ جي مانائتي ۽ شانائتي شخص سائين ابراهيم جويي سان 24 آگسٽ 2010ع تي ملڻ وياسين ته اتي ڪچهري ڪندي، جي ايم مهڪري جو ذڪر نڪتو، ته هن سندس شخصيت تي راءِ ڏيندي چيو ته: ”جي ايم مهڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق هيو، هن کي مهاجر لفظ کان چڙ هئي، هو چوندو هيو ، ’آءٌ سنڌي آهيان، ان ڪري جو آءٌ سنڌ ۾ پنهنجي مرضي سان آيو هيس، نڪي مجبوريءَ مان.‘
    مان دعويٰ سان چوان ٿو، ته هو پنهنجي فڪر ۾ سيڪيولر، انسان دوست ۽ علمي لحاظ کان بحر هيو. اهو ئي سبب هيو جو مون سندس انگريزي اخبارن ۾ لکيل مضمونن کان متاثر ٿي، انهن جو ترجمو ڪيو ۽ ’مهڪري جا مضمون‘ جي عنوان سان ڪتاب ڇپرايو.“
    اهڙي خوبصورت راءِ جي اظهار تي ابراهيم جويي صاحب جي وات ۾گلاب. پر ان ۾ ڪا مبالغي آرائي ڪونهي ته هي دمقراط ۽ سقراط جھڙو قدآور شخص 15 آگسٽ 1995ع تي جڏهن اسان کان وڇڙي ويو ته ائين لڳو ڄڻ اسان جي ٽٽل ڦٽل سماج مان هڪ مها پرش موڪلائي ويو هجي.


    سائين محمد بخش لاشاري : پرٻيڻ استاد

    اڄ به اکين اڳيان اهي منظر ڦرن ٿا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فيڪلٽي آف آرٽس واري عمارت. ٻه ماڙ تي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪنڊ وارو ڪمرو. سائين محمد بخش لاشاري Principle of sociology سبجيڪٽ پڙهائي رهيو آهي. پڇي ٿو:
    ”هاڻي فرق سمجهه ۾ آيو ثقافت ۽ تهذيب ۾!؟“
    ”نه سائين!........“اسان شاگرد جواب ڏيون ٿا.
    سائين اڃان وڌيڪ سماجي ماهرن جون وصفون ٻڌائي ٿو، سمجهاڻي ڏئي ٿو، اسان جي حيص بيص جاري آهي، وڃي ٿو گهرو ٿيندو، پورو هفتو انهيءَ موضوع تي ڳالهائي ٿو. ايسيتائين جيسيتائين اسان مطمئن نه ٿا ٿيون.آخر ۾ هڪ پيپرculture and civilization تي لکي اچي ٿو ۽ چوي ٿو: ”ڏسو، توهان جي سوالن جي ڪري آءٌ هي پيپر لکي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، جو اوهان جهڙا شاگرد مليا آهن.“
    سندس ان انگريزي ۾ ٽائيپ ٿيل 35 صفحن تي مشتمل پيپر جي ڪاپي اڄ به مون وٽ محفوظ آهي، خدا ڄاڻي ته اهو پيپر ڪٿي ڇپيو به آهي يا نه ....!؟
    يونيورسٽي جا استاد ته هڙئي سُون، پر هي سيتا رامي سُون هيو، جنهن ۾ ذرو به ڦيٽ نه هئي، ڪيترائي استاد جيڪي خدا جي واسطي ڪوئو به نه ماريندا هيا، اتي سائين لاشاري جهڙو پُرياتو ۽ پاونگ ايئن لڳندو هو، ڄڻ صحرا ۾ مٺو چشمو هجي. ڪڏهن به کيس واندڪائي ۾ اوٻاسيون ڏيندي نه ڏٺوسي، جڏهن به ڏٺوسين ته ڪنهن شاگرد کي سمجهائيندي، ڪنهن ڪلارڪ جي ايڪسپلينيشن ڪال جو جواب ٺاهيندي، ڪنهن استاد جي لکيل پيپر جي ڪريڪشن ڪندي.
    آرٽس فيڪلٽي ۾ سندس آمد جو عجيب انداز هو، جتي ڪيترائي استاد لڙڪيل ڪلهن ۽ بيزار مُکن سان داخل ٿيندا هيا، اتي سائين هشاش بشاش مرڪندو ايندو هو، ڄڻ پري کان دغدغا پئي ٻري.
    ايم اي فائينل ۾ رڳو ڇوڪريون هونديون هيون. بدرالنساءِ، خيرالنساءِ، انجم يوسف، راني گل، نازي گل ۽ سيما. 31 جنوري 1978ع تي اسان کين الوداعي پارٽي ڏني سي. جان محمد ۽ منهنجي مڙيئي انهن سان گھڻي لڳندي هئي، ان ڏينهن تي اسان ٻنهي ڄڻن جيڪا الوداعي تقرير ڪندي لفاظي ڪئي، ان ۾ وڇوڙي جو وڏو درد سمايل هو. جنهن جو متن ڪجهه هيٺين ريت هو:
    ”جڏهن ڪا راڌا، ڪنهن پيار جي پنگھٽ تي، ڪا سلميٰ ڪنهن پريم ڊگر تي، ڪا وينا خوشبو واسيل واٽ تي ملي ٿي ته پوءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هر ڪا رات شبِ برات، هر موسم، موسمِ بهاران، ۽ هر زمين جو ٽڪر گوشه چمن لڳي ٿو. اسان ڪيئن وساري سگھنداسي انهن يادن کي، انهن ڪيفيتن کي، جنهن ۾ وقت جي گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هيو، اڄ جڏهن وڇوڙي جو وقت آيو آهي ته احساس ٿيو آهي ته وڇوڙو بري بلا آهي،خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته اسان انهيءَ وڇوڙي جي اذيت ۽ عذاب مان جانبر به ٿي سگھنداسين يا نه....“
    استادن ۽ ٻين شاگردن هڪ ٻئي کي ٺوٺيون هنيون ۽ کليا.
    ان ڏينهن کان پوءِ ڪلاس هلندي جان محمد ڳوٺ هليو ويو ۽ مان لاڙڪاڻي اچي پهتس، ٽي ڏينهن نه گذريا ته سائين لاشاري جي ٽيليفون اچي پهتي ته جلدي اچي مل....! مان ساڻس مليم ته ڇنڊ پٽيائين جا منهنجي تصور ۾ به نه هئي:
    ”مون سمجھيو هيو ته اوهان هتي پڙهڻ آيا آهيو، پر اوهان ته رڳو عشق ڪرڻ آيا آهيو......“
    مان ڪنڌ جھڪائي ٻڌندو رهيس، ۽ پوءِ کيس ٻڌايو ته ”مان دراصل لاڙڪاڻي ويو هيس، انٽر ڪلب ڪرڪيٽ جي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ...“
    ”پوءِ اهو ڄانگھڙيل ڇو نه ٿو اچي؟“ جان محمد جي لاءِ پڇيائين.
    ”خبر نه آهي.“ مون وراڻيو،
    ”اڄ ڪيئن به ڪري منهنجي گھر وٺي اچيس.“
    مان جان محمد کي سندس ڳوٺ صاحب خان رند حيدرآباد مان، ڌتاري ڌتاري اولڊ ڪيمپس حيدرآباد، سائين جي گھر نمبر 31 تي وٺي آيس، سندس منهن پيلو لڳو پيو هيو، سائين لاشاري اوطاق ۾ ويهاري، گھر ماني ڪرائي. ماني کائيندي احوال وٺڻ لڳو. جان محمد ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ ٻڌائڻ لڳو:
    سائين، دراصل پڙهائي تي دل ئي نه ٿي چوي ....“
    سائين سمجھائڻ لڳس؛”بابا، سنڌ يونيورسٽي روپ ساگر آ...جنهن ۾روپ ونتيون پيون اچن ۽ وڃن.هروڀرو پڙهائي کي اڌ ۾ ڇڏڻ صحيح نه آهي....“
    مون کي وري اِهو احساس ٿيو ته واقعي يار پٽڙيءَ تان لٿو ٿو وڃي ته وچ ۾ ڪڏي، ڪجھه هن نموني جي نصيحت ڪرڻ لڳس:
    جانو...! مون ته ايئن سمجھيو هو ته تون ڪنهن هڪ هنڌ پٽ جي پينگهه پائي لڏڻ وارن مان ناهين.....هونئن جي اهي هليون ويون ته ڊپارٽمينٽ ۾ اڃان گنج لڳو پيو آ. پاڻ ٻن سان ٽي ڇوڪريون گڏ آهن. ايم اي پريويس ۾ پنج کن ڪونجيليون ڪونجار ڪنديون ٿيون وتن. ائين بي اي آنرز ۾ به حسن خرامان خرامان ڪندو ٿو وتي، ڀرسان سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ به سڃو ڪونهي.
    اسان ٻئي دوستن ۽ دشمنن جي دلين تي داغ آهيون ڪڏهن وڃي ڪامرس ڊپارٽمينٽ وارن جي دلين تي هٿ رکي ڏس يا انهن ڊپارٽمينٽ جي ڇوڪرن تي، جتي پنجاهه ڄڻن ۾ پوڻيون چار ڇوڪريون مس آهن.....“
    ”تون ڪندو آهين رڳو بڪ....! توکي ڪهڙي خبر ته مون سان اصلي ڪهڙو مسئلو آهي......“ جان محمد چڙي وراڻيو،
    ”پوءِ ڦاٽ نه.....!“ساڳئي لهجي ۾ جواب ڏنومانس.
    ”دراصل منهنجي سڳي ۽ ماٽيجي ماءُ جي جھيڙي مون کي منجھائي ڇڏيو آ..... ذهني سڪون ئي وڃائجي ويو آ.“
    سائين لاشاري ۽ مون کان ٽهڪ نڪري ويا. سائين کيس ڌيرج سان سمجھائڻ لڳو، ”بابا ماڻهن ويچارن سان الائي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آهن، ويڌنون آهن، ته به ويچارا هلن پيا. توکي گھر جي ٻن عورتن جي جھيڙي منجھائي وڌو آ....چڱو، تون منهنجي جدوجهد جو داستان ٻڌ، جي سبق پرائي سگھين ته پراءِ ......نه ته وڌيڪ تنهنجي مرضي.......“
    ان کان پوءِ سائين پنهنجي ڏکن سورن ۽ جدوجهد جو داستان ٻڌايو جنهن جو اختصار هن ريت هو:
    ”منهنجو تعلق ڳوٺ پيرو لاشاري ۽ ضلع بدين سان آهي، ننڍپڻ ۾ والد گذاري ويو، غريب گھراڻي سان تعلق هيو، صبح جو پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس، شام جو مينهون چاريندو هئس، اسڪالر شپ تي 1953 ع ۾ ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيم، نوڪري ڪندي انٽرميڊيٽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيم، بي اي فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ ايم اي سوشيالاجي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيم. اڄ اوڻويهين گريڊ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيان پيو، ايئن نوڪري ڪندي ڪيتريون تڪليفون آيون، پر ڪڏهن به دل نه لاٿي.....زندگي جدوجهد جو نالو آهي، ان ڪري آنءُ نه ٿو سمجھان ته تنهنجو پڙهائي ختم ڪرڻ وارو عذر قابلِ قبول آهي، ان ڪري تون سڀاڻي ايندين، اهو منهنجو حڪم آهي!“ جان محمد ٻئي ڏينهن تي حڪم جي بجاآوري ڪئي، يونيورسٽي آيو، ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ پهتو، اڄ آمريڪا جو با عزت شهري آهي. ۽ اتي ڊپارٽمينٽل اسٽور جو مالڪ آهي.
    سائين لاشاري خاڪ مان کڻي افلاڪ تائين پهچائڻ وارن استادن منجھان هيو، اهڙو ماه ڪامل استاد جنهن جو ناتو شاگردن سان دائمي هوندو هيو، يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ به شاگرد ۽ شاگردياڻيون، سندس اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد واري گھر کي، پنهنجو گھرسمجهي اچي رهندا ها. کيس اولاد به خدا اهڙي صالح ۽ وڏيءَ دل واري عطا ڪئي، جو سندس شاگردن جي اچڻ وڃڻ کي ٺٺي نه ڀانيائون. ميلا متا پيا هوندا هئا سندس ننڍڙي اوطاق تي. اتي خبر پوندي هئي ته هي شاگرد 1975ع جي بيچ جو، هي 1976ع جي بيچ جو، هي 1977ع ۽ هي 1978ع جي بيچ جو آهي.
    جي سندس ڳڻن کي چيتارجي ته ڪتاب ٺهي وڃن، مان جي رڳو پنهنجي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ته به نه ڪري سگھان. 1980ع ۽ 1982ع ۾ جڏهن حيدرآباد هوندو هئس ته ساڻس اهڙا انگل ڪيم جيڪي دوستن سان ڪبا آهن:
    ”سائين هل ٽاپ ۾ واهه جي انگريزي فلم لڳي آهي. “
    ”اي منظور....! آنءُ يار فلم ڪونه ڏسان، پر جي تون چوين ٿو ته آنءُ هلان ٿو.“
    ”سائين اڄ ماني گھر جھلي ڇڏجو، سجي کائينداسين.“
    ”آنءُ يار هاڻي پوڙهو مڙس، سجي هضم ڪري سگھان الائي نه. تون کڻي کائجانءِ، آنءُ کڻي ٻه ٽي گرهه هڻندس.“
    مون کي ياد آهي ته سائين ڪڏهن به پيسا ڀرڻ نه ڏنا. هر دفعي سان اهو چوندو رهيو ته ”اهي پيسا گھر موڪلي ڇڏجانءِ. تو کي اهو احساس هئڻ گھرجي ته هاڻي تو کي خاندان جي ضرورتن جو به خيال رکڻو آهي.“
    ڪهڙي خبر ته سندس حياتيءَ جو ماڻ ائين ڀرجي ايندو، آگسٽ 1998ع ۾ پنهنجي پٽ فضل محمود ڏانهن، ڪوئيٽا گهمڻ ويو. 31 آگسٽ جي شام تي کلندي ڳالهائيندي، بلڊ ۾ ڪلاٽ اچي وڃڻ ڪري مسئلو پيدا ٿيس. ٻن ٽن ڪلاڪن اندر زندگيءَ جو کيل ختم ٿي ويو. اهڙا داني پرش ۽ پـرٻيڻ استاد ڪڏهن ڪڏهن ڄمندا آهن، جيڪي شاگردن لاءِ سؤ ڀاڱا سون هوندا آهن.
    **


    ڊاڪٽر اياز قادري : هڪ ڪهاڻيءَ جي بهترين پڄاڻي

    هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي آهي. ڪنهن جو منڍ ڇرڪائيندڙ ته ڪنهن جي پڇاڙي، ڪا معنى ته ڪا بي معنى، ڪا خوشي ۽ سرور جو سنگم ته ڪا پيڙا ۽ درد جو امتزاج.
    اياز حسين قادري به هڪ دؤر، هڪ شهر، هڪ خاندان ۽ هڪ شخص جي ڪهاڻي آهي. هن جو جنم 19 جنوري 1927ع ڌاري ميان جي ڳڙهي (قادري پاڙي) لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد غلام سرور ”فقير“ تعليم کاتي ۾ آفيسر هو. ساڍن پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار راهه رباني ورتي. والده کيس يتيمي جو احساس نه ڏياريو. سندس چوڻ هو، ”هڪ ته ماءُ ايڏي شفقت ڏني جو، والد جي ڪمي محسوس ئي نه ٿي ۽ ٻيو ته فقيري اثر ڪري، مون ڪڏهن والد کي مئل نه سمجهيو. ڇو ته اسان وٽ هي جهان دارالفنا ۽ ايندڙ دارالبقا آهي.“
    اياز قادري جڏهن به ننڍپڻ کي ساريندو هو ته لاڙڪاڻي جي منظر نگاري ڪجهه هن ريت ڪندو هو. ”اسان جڏهن ننڍا هياسي ته لاڙڪاڻي جو اولهائون پاسو بيڪر روڊ (هاڻوڪو قائد عوام روڊ) تائين. اوڀر ۾ قافلي سراءَ، اتر ۾ گهاڙ واهه ۽ ڏکڻ ۾ غريب مقام تائين هوندو هو، جتي هاڻي رهائشي ڪالوني ٺهي وئي آهي. سج لٿي کانپوءِ ويندي به ماڻهن کي ڀئه پيو ٿيندو هو. عجيب و غريب قصا مشهور هوندا هئا. ان مقام جي باري ۾ .
    لاڙڪاڻو شهر ان زماني ۾ باغن، پڌرن ۽ چونڪن جو شهر هو. امن ۽ محبت جو گهوارو، ادب ۽ علم جو مرڪز. لاڙڪاڻي کي ته ان زماني ۾ چوندا ئي شاعرن جو آکيرو هئا. شهر جي هندن ۽ مسلمانن کي صوفين ۽ سنتن، پيار ۽ محبت واري ڏور سان ٻڌي ڇڏيو هو. شهر جا اڳواڻ به خدا ترس ۽ هڏ ڏوکي هئا. نواب حاجي امير علي لاهوري ميونسپل ڪاميٽيءَ جو عوامي پريزيڊنٽ، جيسيتائين گهوڙي تي چڙهي سڄي شهر جو چڪر نه هڻي، تيسيتائين آرام نه اچيس. اسان جي اوطاق تي ته ضرور ايندو هو. ميان علي محمد قادري سان گهڻي هوندي هيس.
    اسان جي ويڙهن وچ ۾ ميان محمد صالح قادريءَ جي قبي تي راڳ ٿيندو هو. هندو مسلمان گڏ ويٺا هوندا هئا. هڪٻئي جا حال ڀائي ۽ باخبر، جو ايتري به خبر هوندي هين ته ڪنهن جي گهر ۾ ڇا رڌو پڪو آهي. هڪ ٻئي ڏانهن ڀاڄي موڪلڻ ۽ سڏي کارائڻ جو رواج هو.“
    سائين اياز قادري جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي معاشي ۽ سماجي صورتحال سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. لڳندو هو ته رڳو وچ ۾ گهرن کي ڀتيون هيون، باقي ته ماڻهن جو دليون ڳنڍيل هيون. سائين قادري صاحب جي ڪچهريءَ ۾، ويٺل سندس سؤٽ مظهر علي عرف مجن قادري وري لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي تصوير ڪشي ڪجهه هيئن ڪندو هو:.
    ”سائين، لاڙڪاڻو معشوقن جو شهر... ننڍا هياسين ته، مائي سمل ڏٺي سين، اها مائي سمل هئي. جنهن تي مير ڪرم داد عاشق ٿيو. چيائينس ته هزار ايڪڙ ڏيندونمانءِ، مون سان ويهه، وراڻيائينس ته مير آهيان ته ڪڃري، ويهنديس ته سهي، پر ٻڌائي ڇڏيان ته منهنجي دل ٻئي هنڌ آهي. وري سائين منهنجي کي چوان، ميان محمد صالح قادري جي درگاهه تي مائي عنايتان جي سنڌي جهمر ڏٺي سين، وٺي جو ناٽ ڪري ته پٽڪا ڳچين ۾ ..... مائي عنايتان جهڙو چپن کي لڳل مساڳ اڄ تائين اسان نه ڏٺو. ڇا پُڄن اڄوڪيون سرخيون .... هيون ته نالي ۾ ڪڃريون، باقي رت خاندانن جو هو. لاڙڪاڻي جي وڏيرن ۽ نوابن تي ائين ڪاتي هلندي هئي. جيئن جمعو ڪاسائي پهرن (ٻاڪرو مال) کي سيران ڏئي. اسان پنهنجي جوانيءَ ۾ مائي تاج ۽ خورشيد کي ڏٺو. بڳيءَ تي چڙهي، شام جو شهر ۾ چڪر هڻي وڃن ته سڄي لاڙڪاڻي کي باهه لڳي وڃي. اسان پاڻ انهين جي باهين ۾ ڄرڪياسين!“
    مجن خان چپ ٿي ويندو هيو ته سائين اياز قادري چوندو هو. ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ماضي سٺو لڳندو آهي. پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اڳي ماڻهن ۾ همدردي وڌيڪ هئي. هيءَ جيڪا به وٿي پئي، اها هندو مسلم سياست جي ڪري، جنهن سڄي برصغير کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. جنهن ڪري حقيقي عشق وارا ۽ مزاجي عشق وارا ماڻهو پريشان ٿي ويا. اهي قدر جيڪي اسانجي سماج کي ٽيڪ ڏيون بيٺا هئا، سي ڪِري پٽ پيا. ان ڪري هر طرف خودغرضي ۽ نفسانفسيءَ جو ماحول ٿي ويو آهي.“
    اياز قادريءَ جون اهڙيون ڪچهريون ته اسان کي ڇڪي سندس اوطاق تي وٺي اينديون هيون. جڏهن به خبر پوندي هئي ته سائين ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتو آهي ته، بغير ڪنهن تڪلف جي اچي سندس دروازو کڙڪائيندا هئاسين. اهو پٽن کي چيل هيس ته جڏهن به ڪو اديب يا اهل علم ماڻهو پڇڻ اچي ته کيس ننڊ مان به اٿاريو وڃي ۽ ائين ٿيو. اسان کيس ننڊ مان اٿاري ڪچهريون ڪيون. هن ڪڏهن نرڙ تي گهنڊ نه وڌو. ڪچهري هلندي هئي. ”اپنشد“ جي ڪهاڻين جو اهو ”پرجاپتي“ وارو ڪردار ادا ڪندو هو، جيڪو ڪنهن کي به احساسِ ڪمتريءَ جو احساس نه ڏياريندو هو. باوجود انهيءَ جي ته اياز قادري علمي لياقتن جي حوالي سان بيجنتي مالا هو. 1944ع ۾ مئٽرڪ مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي آنرس، ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ڪيل هيس. ايم اي فارسي، سنڌي، ايل ايل بي ۽ پي ايڇ ڊي هئڻ جي باوجود به ڏک نه ڏيندو هو ۽ نه احساس ڏياريندو هو ته ڪو اڪابرين منجهان آهي. احساس برتريءَ کان آجو، وڏائيءَ کان ڪوهين ڏور، بالڪل صاف دل صوفي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ئي ڪو نه. ان جو ٻيو ڪهرو ثبوت ڏجي ته پاڻ اهلِ تشيعت جو، ۽ سندس وڏڙن جي مسجد ۾ مولوي اهلِ سنت جو رکيل، جنهن جي پٺيان نماز هٿ ڇوڙي پڙهندو هو. پڇندو هيومانس: ”اهو ڪيئن؟“
    کلي چوندو هو: ”سجدو الله جو آهي.“
    پڇندو هو مانس: ”پوءِ اهو هٿ ڇوڙڻ ۽ ٻڌڻ جو فرق ڇو؟“
    جواب ڏيندو هو : ”دلين ۾ فرق نه هجي، باقي اهي فرق ثانوي آهن.“
    اياز قادري سنڌ جي انهن اعلى پايي جي ڪهاڻيڪارن منجهان هو، جن ڪهاڻيءَ کي، سماجي حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان اهم موڙ ڏنو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مقصدي ادب کي هٿي وٺائڻ ۾، لاشڪ ته اياز قادري هڪ اهم ۽ وڏو نانءُ آهي. 1957ع ۾ ڇپيل سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”بلو دادا“ هڪ اهڙي وٿ آهي، جيڪا پئي پراڻي ناهي ٿيڻي، ٻوليءَ جي حوالي سان هو سلاست ۽ بلاغت جو ڌڻي هو. 1132 صفحن تي پي اڇ ڊي لاءِ لکيل سندس تخليقي مقالو ”سنڌي غزل جي اؤسر“ پڻ هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن تحقيق جي حوالي سان سندس نانءَ کي دائميت بخشي. ان ڪري سنڌ جي سڀني نقادن ۽ علمي شخصيتن سندس محنت جو اعتراف ڪيو آهي. هري دلگير درياڻي 21 جنوري 1985ع ۾ کيس آديپور ”انڊيا“ مان لکيو.
    ”تو وٽان تنهنجو شاهڪار سنڌي غزل جي اؤسر پهتل آهي. سنڌي غزل تي تو جيڪا محنت ڪئي. ان لاءِ تو اڳيان سر جهڪايان ٿو. بي شڪ تو لاثاني پورهيو ڪيو آهي.“
    انهيءَ حوالي سان، سنڌي ادب جي ساڃاهه وند ڊاڪٽر موتي پرڪاش 12 مارچ 1985ع ۾ کيس دبئيءَ کان لکيو ”ها اوهان جي ٿيسز جي ٻئي ڀاڱي جي هڪ ڪاپي مڪتبه اسحاقيه وارن موڪلي آهي. پڙهيم، ڏاڍي محنت ڪئي اٿـوَ، ڀارت ۾ سنڌي غزل جو اؤسر وارو ڀاڱو ته لاجواب آهي. خاص طور سنڌي ادب جي مسئلن ۽ ترقي تي جيڪا روشني وڌي اٿوَ. سو هڪ دستاويزي ڪم آهي. سنڌ ۾ سنڌي ادب جي پارکن کي، چاهي هند ۾، سڀني کي ڏاڍو پسند ايندو.“
    ڊي ڪي منشاراڻي جي راءِ به ڏاڍي عقيدت ۽ احترام واري آهي:
    ”اوهان جي ٿيسز پڙهڻ کان پوءِ منهنجو رد عمل اهو آهي ته آءٌ هن دوريءَ کان ان هٿ کي چمان ٿو. جنهن اهڙي قلم ذريعي اهڙو تحقيقاتي شاهڪار پيش ڪيو آهي.“
    سچ پچ ته سنڌ ۽ هند ۾ هر محقق ۽ اديب سندس ان ٿيسز کي مانائتو ۽ شانائتو قرار ڏنو. ۽ مڃتا طور تي 1985ع ۾ ”اڪادمي اديبات“ ان تحقيقي مقالي تي کيس ايوارڊ سان نوازيو. تحقيق جي حوالي سان سندس شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ تي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ به هڪ اهم وٿ آهي. سچل شناسي ۾ ته سندس ڪو پيرمٽ نه هو. ان جو وڏو سبب ته سندن جد امجد فقير ميان محمد صالح، سچل سائين جو هم عصر ۽ خواجه عبدالحق جو مريد هو. اهو ئي سبب آهي جو درازا شريف جو موجوده گادي نشين ”سائين سخي قبول محمد فاروقي“ پنهنجي هڪ تقرير ۾ اهو برملا اظهار ڪيو ته ، ”شايد اوهان اڄ ان ڳالهه کي realize نه ڪيو. پر اها حقيقت آهي ته سڀاڻي ان شيءَ کي اوهان تاريخي پسمنظر ۾ ڏسندا ته درگاهه درازا جو گادي نشين وري قادريه خاندان جي گادي نشين جو شاگرد ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ واري عرصي ۾ آءٌ جڏهن به قادري صاحب سان ملندو هيس ته هڪ استاد هجڻ جي حيثيت ۾ آءٌ کيس پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيس ۽ هو وري هڪ مريد هجڻ واري حيثيت ۾ مون کي پيرين پئي ملڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. اها هڪ دلچسپ صورت حال هئي.“
    اياز قادري نه صرف محقق هو، پر اهڙن اٺن شاگردن جي پي ايڇ ڊي جي موضوعن جو نگران به رهيو. جن جو تحقيقي ڪم به قابل فخر آهي. اياز قادري ترجمن کي به وڏي اهميت ڏيندو هو. سندس ان ڳالهه تي به زور هوندو هو ته هر اديب کي ڌاريءَ ٻوليءَ جو ادب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ادب وري ڌاري ٻولي ۾ ترجمو ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته ان عمل سان ٻوليءَ کي وسعت ملي ٿي. ۽ ان جو پاڻ عملي مظاهرو ڪندي ڪيترائي ترجما ڪيائون.
    جن ۾ ”گورڪيءَ جي آتم ڪهاڻي“ـــ ”آزاديءَ جا اڳواڻ“ ــ”جنن پرين جون ڪهاڻيون“ ــ ”خطرناڪ ڪهاڻيون“ ـــ ”پاڪستاني ڪلچر“ ــ ”ڪراچي يونيورسٽي جي تاريخ“ ۽ سنڌي ٻوليءَ مان شاهه جي رسالي کي اردو نثر ۾ ترجمو ڪري هڪ اهم ڪم سر انجام ڏنائين. جنهن جو اعتراف اردو ٻوليءَ جي نامياري شاعر افتخار عارف به ڪيو آهي. اياز قادري صاحب لاءِ لکي ٿو:
    ”اياز قادري جي ڪوشش ڪري اردو ٻوليءَ وارن لاءِ شاهه لطيف جي عارفاڻي پيغام کي سمجهڻ جي راهه هموار ٿي.“
    اهڙي طرح صحافت ۾ هفتيوار ”الحقيقت“ جو مدير، جڳ مشهور سه ماهي انگريزي رساليsindh quarterly جو ٻانهن ٻيلي ۽ ايڊيٽر ٿي رهيو. شاعريءَ تي به کيس عبور حاصل هو. محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين، اياز قادريءَ جي شاعري بابت لکي ٿي ”اياز قادري جو ادب، شاعري ۽ تحقيق ۾ وڏو حصو آهي. شاعريءَ تي کيس وڏو عبور حاصل هو.“
    سچ ته اياز قادري هڪ همه گير شخصيت هو. جيڪڏهن سندس علمي ۽ ادبي عهدن تي نظر وجهجي ته هڪ ڊگهي لسٽ ڏيڻي پوندي. جيڪڏهن هتي مختصر انداز ۾ سندس علمي ۽ ادبي عهدن جو ذڪر ڪجي ته به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هو هڪ وڏي علمي ادبي هڏ ڪاٺ وارو شخص هو.
    1954ع ۾ جميعت الشعراءَ سنڌ جو جوائنٽ سيڪريٽري.
    1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون جنرل سيڪريٽري.
    ميمبر سينيٽ ڪراچي يونيوريٽي
    ميمبر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    ميمبر انسٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشورو
    ميمبر سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي
    چيئرمين شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي
    چيئر مين سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي
    ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور
    ميمبر ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو
    بنيادي ميمبر13 مئي 1997ع ۾ رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو.

    مون ڪڏهن به نه ٻڌو ته ترقي پسنديءَ جي نانءَ تي هن ڪڏهن مذهب کي ننديو ۽ نه ئي ديندار جي ناتي ان کي هٿيار بڻايائين. هميشه نيرورتا واري حالت ۾ رهيو. اياز قادري پوري ڄمار ڪنهن به ڌر جي پليٽ فارم کي پنهنجي ادبي قد بت کي وڌائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو. اڃا ٻين کي همٿائيندو ۽ اتساهيندو رهيو. اهڙن ماڻهن منجهان مان به آهيان. ڪيئن وساري سگهندس اهي لفظ جيڪي هن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي ’سج لهڻ کان پوءِ به‘تي، ميسيج گروپ لاڙڪاڻي پاران ڪرايل گروپ ڊسڪشن ۾ چيا هئا.
    ”عيسائين ۾ هڪ رواج آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان گناهه سرزد ٿي ويندو آهي ته اهو فادر وٽ وڃي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪندو آهي، جيڪڏهن محبت ڪرڻ گناهه آهي ته آءٌ اعتراف ڪيان ٿو ته مان منظور ڪوهيار سان سندس ڪهاڻين جي ڪري محبت ڪيان ٿو.“
    جي مان خوشفهمي جو شڪار نه ٿيان ته اهي لفظ هڪڙي قسم جو آشيرواد ها، هڪ اهڙي ڪهاڻيڪار لاءِ، جيڪو نو آموز هو. هونئن به اياز قادري ڪنهن جي کٽل ڳالهه کڻي وڃڻ وارو شخص هو. اڳلي جي ڪم علمي تي آڱر کڻڻ وارن مان نه هو. اياز قادري جي عمر جو گهڻو تڻو حصو ڪراچي ۾ گذريو.1949ع ۾ ايس ــ ايم لياري هاءِ اسڪول چاڪيواڙي ۾ ٽيچر جي حيثيت سان عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين ۽ رٽائرمينٽ 1987ع ۾ پروفيسر ۽ هيڊ آف دي سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي حيثيت سان ڪيائين. ان کان پوءِ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر ايڊوائزر جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو.
    حقيقت اها هئي ته سندس دل لاڙڪاڻي ۾ هوندي هئي. عيد برات، شادي يا غمي يا ڪمي ڪارين لاڙڪاڻي ايندو ته پنهنجي پراڻن نون دوستن کي ساريندو. ٽيلوفون يا نياپا ڪري پنهنجي جڳهه تي علمي ادبي ڪچهريون ڪرائيندو. انهن ڪچهرين ۾ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگهو، بشير احمد شاد، محمد علي پٺاڻ، رزاق مهر، سليم ڪورائي، ڊاڪٽر گل بليدي، افضل قادري ۽ واجد نظر ايندا هئا.
    پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪانگ وانگر پيو لنوندو آهي. پڇبو اٿس هڪ جي ته ڳالهه ٻي ڪندو آهي. پر اياز قادري جي عمر ۾ جيئن جيئن اضافو پئي ٿيو. تيئن سندس شخصيت تيجوان پئي ٿئي. ادبي محفل يا نجي ڪچهري هجي، ڳالهائيندو موضوع انوسار، مختصر مگر جامع. اڄ به سندس تڪيل توريل لفظ هيئين ۾ هرن ٿا. جيڪي هن هڪ ادبي ڪچهري ۾ ڪهاڻي بابت ڳالهائيندي چيا هئا.
    ”جڏهن به اسان عام طرح ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندا آهيون ته رواجي طور تي اهو چوندا آهيون ته منجهس پلاٽ، ڪردار نگاري، ٻولي، ماحول اسلوب، ۽ مقصد هجڻ گهرجي وغيره. ڪي چون ٿا ته ڪهاڻي بنهه جڙتو هجي. ڪن جو خيال آهي ته زندگيءَ جو حصو هجي. منهنجي خيال ۾ ڪهاڻي اُها جيڪا پاڻ کنيون هلي ۽ آخر ۾ هڪ طاقتور اثر ڇڏي. جيڪڏهن ڪهاڻي پڙهندڙ کي ساڻ کنيون هلي ٿي ۽ اثر ڇڏي ٿي ته ڪهاڻيڪار ڪامياب، نه ته ناڪام. اوهان دنيا جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙهيو هوندو پر اهي ڪهاڻيون اوهان کي ياد هونديون، جن اوهان تي اثر ڇڏيو. سٺي ڪهاڻيءَ جي اها ڪسوٽي آهي ته ڀرپور تاثر ڏي ۽ حافظي ۾ رهي.“
    موت ته اٽل آهي پر اياز قادري 15 ڊسمبر 1997ع جو جهڙي ريت ساسين سکالو ٿيو. اهو به ڄڻ هڪ خوبصورت ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جهڙو هيو. صبح جو سوير اٿيو. هميشه وانگر فجر جي نماز پڙهيائين. پوءِ يونيورسٽي وڃڻ جي تياري پئي ڪيائين. هن ڀيري اها تياري ڪا دارالبقا ڏانهن وڃڻ جي هئي. اڃا بوٽن جا تسمه پئي ٻڌائين ته اجل جو سڏ ٿيو، ”هارٽ اٽيڪ“ جي بهاني سان .... ان ڏينهن تي جڏهن سندس مڙه، ڪراچي کان اباڻي ڪکن ڏانهن لاڙڪاڻي پئي آيو ته ابر رحمت جون گهٽائون پئي وسيون. 15 شعبان شب قدر واري سڳوري رات جو، ٻي وڳي يعني 16ڊسمبر 1997ع تي خانداني قبرستان، درگاهه ميان محمد صالح قادري جي ويجهو کيس آخري آرامگاهه ۾ لاٿو پئي ويو.
    هڪ اهڙو استاد جنهن کي هر وقت علم کي عام ڪرڻ جو اونو هو. سنڌي ادب جو اهڙو خوبصورت شاعر ۽ اڻ مٽ ڪهاڻيڪار جنهن جو مقصد، مقصدي ادب تخليق ڪرڻ هو. اهڙو محقق جنهن سنڌي غزل جي مستند تاريخ لکي. اهڙو صاف دل صوفي جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد نه هو. تنهن جي موڪلاڻيءَ جو منظر قابل ديد هو. آسمان تي هلڪا هلڪا بادل هڪٻئي پٺيان ڪنهن خوبصورت نظم جي بندن جيان روان دوان هئا. انهن جي وچ مان ستارن ۽ چنڊ به اسان جيان ليئا پائي پئي، آخري ديدار ورتو. جڏهن سندس مڙهه آهستي آهستي ساميءَ ۾ دعائن ۽ درودن سان لاٿو پئي ويو ته احبابن ۽ دوستن جون اکيون آبديده هيون. گهڻن جي ڳلن تان ڳوڙها وهي هليا. هر ڪنهن جي ذهن ۾ سندس يادن جي سڳنڌ سمايل هئي. ۽ منهنجي ذهن ان وقت اهو ئي پئي سوچيو ته هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪيڏي نه شاندار آهي.
    ***


    ڪامريڊ تاج محمد ابڙو : ساڃاهوند ساربان

    لاڙڪاڻي جو اڄوڪو جناح باغ، جيڪو ميرن جي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر نواب ولي محمد جو باغ هو. سندس وفات 1838ع کان پوءِ نعش امانت طور رکرائي، مٿائنس تجر ٺهرائي وئي. جنهن جي ڪري اهو باغ تجر باغ نالي به سڏجڻ لڳو.
    انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ هڏڏوکي انسان ’ريجهو مل لاهوري‘ وبائي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي خدمت ڪندي پراڻ ڏنا، ته سندس ياد ۾ ان دؤر جي ميونسپل ڪاميٽي، تجر باغ جو نالو ڦيرائي ريجهو مل پارڪ رکي ڇڏيو.1947ع کانپوءِ اهو پارڪ به پاڪستاني بڻجي جناح باغ بڻجي ويو. پر اهو هنڌ انگريزن جي دؤر کان وٺي اڄ تائين لاڙڪاڻي واسين لاءِ هائيڊ پارڪ جهڙي حيثيت رکندو آيو آهي، جتي سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي ميڙاڪا مچندا رهيا آهن.
    1965ع ۾ آءٌ ڏهن سالن جو هيس، پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي، سترهن ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي جي سڀني اسڪولن جي ٻارن کي جناح باغ ۾ آڻي، ’ايمان افروز جلسن‘ ۾ زوري شرڪت ڪرائي وئي، جيئن اڄڪلهه ڪرائي ويندي آهي، مون به پرائمري اسڪول جي شاگرد جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، اڄ تائين اهو قومي گيت ياد آهي، جيڪو بک ۽ اُڃ تي استادن دڙڪا ڏئي ياد ڪرايو هو.
    اي خطئه لاهور تيري جانثارون ڪو سلام
    جڏهن ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ٿي، ته گھر جا ڀاتي سودو سلف، گوشت مڇي وٺڻ لاءِ شهر موڪلڻ لڳا. جيڪڏهن پاڪستاني چونڪ يا مڇي مارڪيٽ وڃڻو هوندو هيو، ته لاهوري محلي کان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏانهن رخ ڪبو هو، پوءِ سول اسپتال ۽ آخر ۾ جناح باغ مان وچ ڪري منزل مقصود تي پهچبو هو. جناح باغ مان گذرندي رنگ وار (تاش راند جو هڪ قسم) کيڏندڙ ٽولن جا هوڪرا، مدارين جا ڪرتب، مشڪرن جو مشڪريون، سياسي، سماجي، ۽ ادبي جلسن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا فراهم ٿيندا هيا.
    ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جھميلن ۾ ڀاڄي وٺڻ به وسري ويندي هئي. پوءِ جڏهن خالي ڇلي سان گھر پهچبو هو ته گھر وارن جي دڙڪن ۽ دهمانن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو هو.
    مون جن شخصيتن کي جناح باغ ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ قاضي فضل الله، محمد ايوب کهڙو، مولانا محمد قاسم مشوري، نصير الجتهادي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالغفور ڀرڳڙي، ممتاز علي ڀٽو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالرزاق سومرو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وغيره وغيره.
    ٻن شخصيتن جي تقرير جو انداز ڏاڍو منفرد هيو، هڪ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي تقرير،جيڪا باهه جي شعلي جيان ڀڙڪيلي هوندي هئي، ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير جيڪا نار جي لوٽين جيان ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙن لفظن جي پالوٽ ڪندي هئي.
    ايوبي آمريت جي خلاف جناح باغ يا غريب مقام ۾ پرجوش ۽ ٽوڙ ڦوڙ وارا جلسا ٿيندا هيا، پيپلز پارٽي جي جيالي مقرر عبدالوحيد ڪٽپر جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوان واپس گھر ورندي ڪنهن نه ڪنهن سرڪاري دفتر جو بورڊ پٽيندا يا تعليمي ادارن جي دروازن ۾ لڳل شيشن کي پٿرن يا سروٽن سان چٽي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندا هيا. پر ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي تقرير ڏاڍي مدلل ۽ ملڪ جي ٻرندڙ مسئلن تي هوندي هئي، جيڪا جوش کان وڌيڪ هوش ۾ رهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندي هئي.
    صدر ايوب ويو، يحيٰ آيو. 1970ع واري اليڪشن ٿي. اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان کٽي ۽ اولهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب. پوءِ سياسي رساڪشي شروع ٿي. فوجي آپريشن شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان جي بنگالين مزاحمت ڪئي. الشمس و البدر ۽ مڪتي باهني ٺهيون. اڳتي هلي1971ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته جناح باغ ۾ چهل پهل وڌي وئي.
    خاڪسار تحريڪ قوم کي هوشياري وٺرائي، ’آگي چل پيڇي چل‘ واري پريڊ ٿيڻ لڳي، ٻيو ته ٺهيو شاهي بازار جي شيخ دوڪاندارن به جناح باغ ۾ ٽريننگ وٺڻ شروع ڪئي ۽ ظاهر ظهور گھاٽي جو سودو ڪيو.
    پر يحيٰ ميدان ڇڏي، جهنگلن ۽ درياهن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته شيخ صاحبن جو جوش ۽ جنون به ختم ٿي ويو . پر جي اها جنگ وڌيڪ هلي ها ته وڏو ڪِنُ ٿي ها. منهنجو ڪو ٻيو مطلب ڪانهي، سواءِ انهي جي ته شاهي بازار جا شيخ هڪ سياڻا ڪانوَ ۽ ٻيو ٿين ها جنگجو شاهين ته ڇا ٿا سمجهو!؟
    جنگ جي خاتمي کان پوءِ ڀٽو صاحب اول صدر بڻيو ۽ پوءِ وزيراعظم ٿيو. جناح باغ ۾ شور وڌي ويو. جهڙوڪ ابن الوقت برساتي ڏيڏرن جو زمانو اچي ويو، جنهن جو گھر ۾ وٽي تي به نالو نه هوندو هو، سو جناح باغ جي اسٽيج تي چڙهي گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ لک برادري يا پنهنجي قوم سان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندو هو.جناح باغ جي اندر ٽائون هال جي عمارت نيشنل سينٽر بڻي. مرحوم خادم حسين شاهه بخاري ريزيڊيٽ ڊائريڪٽر ٿيو. هفتي ۾ گھٽ گھٽ ٽي چار سياسي سماجي پروگرام ٿيندا رهيا. انهيءَ دؤران مون ٻن ماڻهن ۾ تبديلي نه ڏٺي، هڪڙو هيو ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻيو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو.
    مون ڪڏهن به ڪامريڊ تاج محمد ابڙي کي درٻاري انداز ۾ تقرير ڪندي يا گٿا لفظ ڳالهائيندي نه ٻڌو ۽ سندس انداز اهو ئي مختصر مگر جامع ۽ پرفضيلت رهيو. جڏهن ته برساتي ڏيڏر ان زماني ۾ آپي کان ٻاهر هوندا هيا، اجايو سجايو پيا واڦيندا ۽ ٽان ٽان ڪندا رهندا هيا. جيڪڏهن انهن تي لکجي ته اها به جهڙوڪ لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ بڻبي.
    تاج محمد ابڙي جي ڪچهرين جو چوٻول اُن دؤر ۾ چڱن ماڻهن جي وٽان ٻڌبو هيو ته سندس اوطاق لاڙڪاڻي جو علمي ۽ ادبي مرڪز آهي. پر شرڪت ڪرڻ جو ڪڏهن به موقعو نصيب نه ٿيو، البت کيس نوڙي سلام ڪرڻ ۽ ملڻ جا ڪيترائي موقعا نصيب ٿيا ۽ ڪامريڊ هميشه مشفقانه ۽ پدرانه انداز ۾ ملندو رهيو.
    1972ع جي دؤران نيشنل سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾، جڏهن مون ڪامريڊ تاج محمد کي مسلسل غير حاضر ڏٺو ته ڪامريڊ جمال الدين بخاري کان پڇيم:
    ’سائين ڪامريڊ تاج محمد صاحب نظر نه ٿو اچي اڄ ڪلهه؟‘
    ٻڌايائين ته ڪامريڊ جج ٿي سکر پهتو آهي. پوءِ لاڙڪاڻي ۽ خصوصن جناح باغ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪمي کي ڏاڍو محسوس ڪيو.
    1979ع جو پرآشوب دؤر هيو. ضيائي مارشل لا عروج تي هئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن مسڪين جو اڳٺ اتفاق سان لڙڪي پوندو هو ته مارشلائي قانون جي ضد ۾ اچي ويندو هيو. اسٽيشن روڊ تي هڪ عجيب و غريب هوٽل کليو، نالو هيس تماچي ــــ اندرگھڙبو هو ته چار پنج ٿري چوئنرا ٺهيل هوندا هيا.۽ هر چوئنري اندر ڏهه ٻارنهن ڪرسيون پيون هونديون هيون شهر جا اڪثر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جوشيلا نوجوان ۽ نام نهاد ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا ٽولا ٺاهيو ويٺا هوندا هيا. سندن ڀرسان انٽيليجنس جا ماڻهو به ڪن اوپڙا ڪيون ويٺا هوندا هيا. انهن چوئنرن جي اندر تيز تند ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگي سان ستايل قوم کي جاڳائڻ جون تدبيرون ٿينديون هيون . انهن ٽولن ۾ هڪڙو ٽولو ڪامريڊ روشن شيخ جي ارد گرد به ويٺو هوندو هيو. ڪامريڊ روشن شيخ به عجيب اڌ راتي ڪردار هيو. جيڪو رات جو جاڳندو ۽ ڪم ڪرڻ جي مهل سمهي پوندو هيو. جنهن تي ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لکبو، اُهو هميشه اُنهن ماڻهن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هيو، جن ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ نوڪريون ورتيون. انهن ۾ خاص ڪري شيخ اياز ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ٽارگيٽ هوندا هيا. مون به جڏهن سندس تنقيد ٻڌي ته اثر ورتو.
    هڪ ڏينهن بيڪر روڊ، پوءِ قائد عوام روڊ ۽ هاڻي عرف عام قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي ڪامريڊ جمال الدين جي منهن چڙهي ويس. مون تي ڪامريڊ روشن شيخ جو نئون نئون اثر هيو، سو ان حوالي سان سوال ڪري وڌم. ڪامريڊ جمال الدين نڪا ڪئي هم، نه ڪا ڪئي تم، هٿ کان ڇڪي گھر وٺي ويو، گھر جي بيٺڪ ۾ ويهاري چيائين؛
    ”هاڻي چئو.“
    مون چيو: ”سائين اڄڪلهه اِها عام تنقيد آهي ته ترقي پسندن ڀٽي صاحب جي زماني ۾ نوڪريون وٺي نظرياتي غداري ڪئي آهي.“
    ”مثلن؟“
    ”شيخ اياز ۽ تاج محمد ابڙي وغيره“
    ”ٻڌ، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي مون کان پڇيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ٿو ته آءٌ ڪو منصب وٺان، تنهنجي ڇا راءِ آهي؟خبر ٿي مون ڇا چيو؟“
    ”ڇا چيو؟“
    ”مون چيو وڃي جج ٿيءُ، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪر، پوءِ هو جج ٿي ويو.“
    مون وراڻيو؛ ”ڪامريڊ، پوءِ ته اُهو کاٻي ڌر وارن تي ليبل لڳندو ته هو پنهنجيون خدمتون ڪيش ڪرائن ٿا“.
    ڪامريڊ وراڻيو: ’اها ڳالهه ته ٻڌاءِ، جي ساڄي ڌر وارا پنهنجا ماڻهو سرڪاري ادارن ۾ موڪلن ته صحيح، جي اسان موڪليون ته غلط!؟ هن وقت سرڪاري شعبن ۾ وڌ ۾ وڌ ساڄي ڌر جا ماڻهو ويٺا آهن. ان ڪري جيڪي به پاليسيون ٺهن ٿيون،اُهي رجعت پسندانه آهن. اِن جو ٽوڙ اِهو آهي ته اسان جا ماڻهو به هر شعبي ۾ هجڻ گھرجن.“
    مون کي ڪامريڊ روشن جو ڏنل بخار هيو، ڦيرائي سوال ڪيو مانس:
    ”پر جيڪڏهن اُهي موڪليل ماڻهو سرڪاري يا درٻاري ٿي وڃن ته ڇا اُهي نظريي سان سچا رهي سگھن ٿا؟“
    ”اڙي ...! جڏهن رجعت پسندن جا ماڻهو پنهنجن سان سچا آهن، ته اوهان پنهنجن تي شڪ ڇو ٿا ڪيو...؟ ۽ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ،ته هي جيڪو به ڀٽي صاحب سان ٿئي پيو، ان جو سبب اهو ئي آهي،ته اهم ادارن ۾ رجعت پسندن جو تعداد وڌيڪ آهي.“
    ڪامريڊ اهو ٻڌائيندي جڏهن مونکي سواليه نگاهن سان ڏٺو ته مان لاجواب ٿي ويس. ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيندڙ عقوبتن جو سبب سمجهه ۾ اچي ويو.
    ۽ پوءِ مون کي احساس ٿيو ته ان وقت اِها ترقي پسندن جي حڪمت عملي هئي ته ائين ڪجي ۽ اُن حڪمت عملي سان ڪيترو نڀايو ويو، اِهو هڪ الڳ بحث آهي. پر اِها حقيقت آهي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي خوب نڀايو ۽ ابڙو وڏوڙو ٿي ڏيکاريو.
    ان جي شاهدي سنڌ جي معتبر شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ڏئي ٿو:
    ”ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي زندگي جو مقصد هيو، ستل معاشري کي جاڳائڻ ۽ مظلوم ماڻهن جي داد رسي ڪرڻ ــ هُـو وڪيل هيو ته به ان راه تي گامزن هيو ۽ جج ٿيو ته به ساڳي مقصد جي تحت زندگي گذاريائين. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو سؤ کن به هجن ها ته معاشري ۾ انقلاب برپا ٿي سگھي پيو.“
    مرحوم اياز قادري پنهنجي نجي ڪچهرين ۾ اسان کي ٻڌائيندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ترقي پسند ادب جي شمع روشن آهي، سا سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پهرين سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ٻاريل آهي.
    ڪي ماڻهو اِهو به ڍيڪ ڏيندا آهن ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙي سنڌي ادبي سنگت جي باني مباني هوندي به ڪجهه نه لکيو.
    ته اِن جو تز جواب اِهو آهي ته ڪامريڊ ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هيو. جتي ادب دوست ۽ ادب پرور اڳواڻ هوندا آهن، اُتي ئي سرجڻهارن ۽ تخليقارن جا قافلا روان دوان هوندا آهن.
    8 آگسٽ 1924ع ۾، هي شهدادڪوٽ ڄائو، زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان سچو رهيو. سچ پڇو ته لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن کي 10 مارچ 1986ع تي سندس وڇوڙي کان پوءِ اِهو شدت سان احساس ٿيو ته ساڃاهوند ساربان کان سواءِ معاشرتي رڃ جو سفر ڪيڏو نه ڏکيو هوندو آهي.
    **


    ڪامريڊ جمال الدين بخاري : ٻري جن ٻاري

    مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾ ، دهل تي ڏونڪي مثل.
    1976ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو تهBetween fire and water ڇاکي چئبو آهي.
    سائين مولوي نور الدين فرمايو: “ڪميونزم سراسر غلط آهي.“
    ڪامريڊ هڪدم وراڻيو: ”اسلام پاڻ ڪميو نزم سيکاري ٿو ...تون وري چوين ٿو ،ڪميونزم غلط آهي. اسلام اشتراڪ جي ڳالهه ڪندي Majority of people جي ڳالهه ڪري ٿو. اسلام چوي ٿو، عربي،عجمي، گوري ۽ ڪاري جي وچ ۾ فرق ناهي. تون وري جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي حمايت ڪندي انفراديت جي ڳالهه ڪرين ٿو.“
    ”توهان سڀني انسانن کي برابر نٿا ڪري سگھو، ڇو ته اهو خدا جو فيصلو آهي، جنهن کي ذلت ڏي، جنهن کي عزت ڏي!“
    ”او يو ملان..! ڳالهائين ڇا ٿو؟ اسان سڀني انسانن کي ائين برابر ڪنداسين، جيئن پاڻ رسول جن بلال حبشي کي ٻين جي برابر ڪيو.“ ڪامريڊ هوا ۾ مُڪ لهرائيندي جواب ڏنو.
    ”پر جمال الدين صاحب، سؤ ڳالهه جي هڪڙي ڳالهه ڪميونزم خدا کي نه ٿو مڃي.“
    ”ڪميونزم انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو؟ خدا به انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ....مون کي هڪڙي سوال جو جواب ڏي. ....اسلام سڀني ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو يا اُنهن جي حقن جو، جن گھڻائي جو استحصال ڪيو....؟پوءِ جيڪو نظريو حق جي ڳالهه ڪري ٿو،خدا جي خلاف ڪيئن آهي؟“
    ”هي ڏس!“ ڪامريڊ جمال الدين بخاري، مولوي نورالدين چانڊئي کي سمجهائيندي چيو: ”خدا پاڻي ٺاهيو آهي... پاڻي مان مخلوق پيدا ٿي ...خالق حق آهي، مخلوق به حق آهي. منصور حلاج چيو ،مان حق آهيان ته اوهان چڙي پيئه...اوهان منصور کي نه سمجهيو ته ڪميو نزم کي ڇا سمجهندؤ!.“
    ٻنهي ڄڻن جي بحث مباحثي ۾ مون سان مصيبت اها هئي ته مولوي صاحب هر سوال ڪرڻ کان پوءِ مون کي داد طلب نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ هر جواب کان پوءِ ڪامريڊ مون سان تاڙو ملائي حمايت پئي حاصل ڪئي. مولوي نورالدين چانڊيو ڪامريڊ سان ته نه پڄي سگھيو پر پاڙيسري ۽ بزرگ جي حيثيت سان مون سان ڏاڍي ڪيائين.
    ڪامريڊ جمال الدين بخاري سان هر هفتي جناح باغ، قائم شاه بخاري روڊ (قائد عوام روڊ) يا سندس گھر جي ٻاهرين ڪمري ۾ قائم ٿيل انصاف پرنٽنگ پريس ۾ ملاقات ٿي ويندي هئي. ملاقات اڌ ڪلاڪ کن هلندي هئي پر جي ڪامريڊ کي ڪو سياسي غم و غبار چڙهيل هوندو هيو ته پوءِ ڪچهري ڪلاڪ ڏيڍ تائين به هلندي هئي.
    1976ع جي نومبر ڊسمبر مهينن ۾، مان پنهنجي ڳوٺ ڪنڊو خان بليدي ۾ رهيس. 1977ع جو جنوري مهينو هيو، مان قائم شاهه بخاري روڊ تان لنگھندي انصاف پريس ۾ جهاتي هنئي ته ڪامريڊ کي سلام ڪندي گذري وڃان. ڪامريڊ ته نظر نه آيو البت سندس پٽ ڪمال الدين بخاري کي هميشه وانگر ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ رڌل ڏٺم. مون کيس سلام ڪري ۽ اڳتي وڃڻ پئي گھريو ته ڪمال سلام جو جواب ڏيندي چيو :
    ”چڱو ٿيئه، جو اچي وئين ....بابا سائين اوهان کي سنڀالي پيو.“
    مون چيو، اڄ خير نه آهي .... گھڻا ڏينهن ٿيا آهن نه ملي...
    مان ڪمال جي پٺيان هلندو ڪامريڊ جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڪمري جي اولهائين پاسي کٽ، کٽ تي اڌوراڻي چادر وڇايل، جنهن تي ڪامريڊ چڙهيو ويٺو هو. مون ڏٺو ته وڌيڪ جهونو ٿي ويو هو. ڪلها لڙڪيل، اوورڪوٽ ۾ ايئن پئي لڳو ڄڻ زير بار هجي، پر کڙڪو ۽ ڌاڌاڪُ ساڳيو:
    ”ڇا حال آ جوان ؟“ هٿ وڌائيندي پڇيائين.
    ”ٺيڪ آهي.“ مون هٿ ڏيندي ، سندس سامهون رکيل هڪ ڪرسي تي ويهندي وراڻيو .
    ”اڄ جي سياست جو ڇا حال آهي ...؟“ڪامريڊ پڇيو.
    ”ملڪي سياست مڙئي هلي پئي.“ مون بيزاري مان وراڻيو.
    ”هاڻي هي ڏس.“ ڪامريڊ سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو.
    ”يا اوهان بنهه جذباتي آهيو يا وري بنهه مايوس.....جذبو جڏهن حد کان وڌي ويندو آهي ته اهو ماڻهن جي لاءِ نقصان ڪار ٿيندو آهي. جڏهن باه تيز ٿيندي آهي ته ڪُنو ٽهڪڻ لڳندو آهي. اوهان ڏاڍا خوش ٿيندو ۽ باه کي تيز ڪندو ، پر ڇا ٿيندو ...؟ پاڻي ٻاڦ ٿي ڍڪڻ ڪيرائيندو، پوءِ اُٻري هيٺ ڪرندو، ۽ هيٺيان واري باهه کي وسائي ڇڏيندو، جنهن کيس حرارت ڏني هئي.... مايوسيءَ جي حالت ۾ اوهان ماتم ڪندؤ .. روئيندؤ. جيڪي رڳو روئيندا ۽ ڪندا ڪجهه ناهن، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ مان فائدو! ؟“
    ڪامريڊ کي ڳالهائيندي کنگھه اچي ورتو. کنگھڻ، کڙڪڻ ۽ ٿوڪ دان ۾ کانگھاري اڇلائڻ کان پوءِ وري شروع ٿيو. ”هاڻي اسان جا ريئيڪشنري دوست ڇا ٿا چون .....“ مون سمجهي ورتو ته اڄ ٻه ٽي ڪلاڪ ڇٽا. ڇو ته اهوئي سياسي غبار هو، جيڪو ڪامريڊ کي ڪڍڻو هو .
    ”چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو وڏيرو آهي، هن جي سوشلزم جو نعرو ڍونگ آهي، ٺيڪ آهي، ڀٽو وڏيرو آهي، پر پنهنجي وڏيرپ تان شفٽ ٿيو آهي يا نه ...؟ اسان کي ڏسڻو آهي ڦيرو آيو آهي يانه....؟ تبديلي آئي آهي ايا نه .....؟ باقي رڳو اها تنقيد ته ڀٽو وڏيرو آهي ...پوءِ مان پڇان ٿو ته ڇا مارڪس غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا لينن غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا مهاتما گانڌي غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا محمد علي جناح غريب جو پٽ هو ...؟ ڇا نهرو غريب جو پٽ هو...؟ ڏسڻو اهو آهي ته ايڪشن ڇا آهي .... ۽ ان جو ريڪشن ڇا ٿو ٿئي ...؟“
    ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ هاڻي ترنگ ۾ اچي ويو هو:
    ”اري بيٽي .. ميري دانت لائو...!“ ڪامريڊ بخاريءَ زور سان رڙ ڪئي. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻي سندس ڳالهائڻ جو انداز تقرير ۾ تبديل ٿيندو. سوئيٽر ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڪامريڊ بخاري جو ننڍو پٽ معظم بخاري مصنوعي ڄاڙي کڻي آيو . ڪامريڊ چابڪدستيءَ سان ڄاڙي منهن ۾ ٽپائي ۽ پوءِ خطابت جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪيا:
    ”هاڻي اسان جا نادان دوست چون ٿا. هارين کي جيتري ٻني ملڻ کپي، ڀٽو اوتري نه ٿو ورهائي ..... ڪارخانا جهڙي نموني قومي ملڪيت ۾ وٺڻ گھرباآهن، نٿو وٺي ... اڙي، آءٌ چوان ٿو، زيرو کان وڌيو آهي ... هڪ ڪيو آهي ... ته اسان کي چوڻ کپي ... ٻه ڪر...! ڀٽو چوي ته سؤ ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ وٺان ٿو ... اسان کي چوڻ گھرجي، شاباس ... ٻيڻا وٺ...! هو چوي ته آءٌ ٻني ورهايان ٿو ... ته اسان کي چوڻ گھرجي، ڀلي ورهاءِ، وڌيڪ ورهاءِ ...! پر ائين چوڻ ته، غلط ورهائي ٿو ...ائين نه ڪري ..... هيئن ڪري..... مڃان ٿو ذوالفقار علي وڏيرو آهي، پر وڏيرو عوام جي ڳالهه ڪري ٿو ..... چوي ٿو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي ... پوءِ اسان جا دوست ڇو ٿا ڊڄن ... وڌڻ ڏيوس ...!“ ڪامريڊ بخاري باقاعده جوش ۽ جولان ۾ اچي ويو.
    ”اري بيٽي!... هماري لئي چاءِ لائو ...!“ ڪامريڊ بخاري رڙ ڪندي، چانهه لاءِ چيو. مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ تقرير جو آخري حصو ناصحانه هوندو .
    ”هڪڙي ڳالهه ٻڌ...! اسان جا دوست بيوقوف آهن ... اقرار ۾ انڪار ٿا ڪن ... هاڻي هي مثال ٻڌ، خيال سان ... ڪچي جا هاري سست ٿيندا آهن. جيڪي درياه جي لٽ تي رڳو ڇٽ ڪندا آهن. ان سان گڏ، گھڻو گاهه به پيدا ٿيندو آهي پر گاهه ناهن ڪڍندا. ڀٽو به اَنُ ڇٽي ٿو. هن کي ڇٽڻ ڏيو....گاهه ضرور پيدا ٿيندو، پر اَن به ضرور ٿيندو ... هاڻي اسان کي اِهو ڪرڻو آهي، جو گاهه چونڊڻو آهي ۽ ان کي طاقت ڏيڻي آهي. نه ڪي ائين چوڻو آهي ته، ان ئي نه ڇٽيو وڃي. مايوس ناهي ٿيڻو، ان شاعر وانگر جيڪو هڪ مشاعري ۾ روئي پٽي پيو:
    اي گردشِ دؤران ڪيا هوگا ؟
    خبر ٿي مون ڪهڙو جواب ڏنو مانس:
    ”نه ...“ مون وراڻيو.
    ”رڙ ڪري چيو مانس: هم جو چاهين گي، وهي هوگا.“
    ڪامريڊ مڪ لهرائي ڳالهه ختم ڪئي ته چانهه به آئي ۽ ان سان گڏ کاڄا به.
    منهنجي دل ۾ آيو ته اڄوڪي طويل ڪچهري جو فائدو وٺندي سندس شخصي پروفائيل لکي وٺجي.پين ۽ پنو کڻي کيس گذارش ڪيم.
    منهنجي گذارش تي ڪامريڊ پنهنجي شخصي تعارف ڪجهه هيئن لکرايو ته سندس پورو نالو جمال الدين حسن بخاري آهي، حسب نسب جي حوالي سان سيد جلال الدين سُرخ بخاري جي پونيرن مان آهي، سندس تاريخ پيدائش 14 مارچ 1900ع آهي. جاءِ پيدائش احمدآباد گجرات هندستان آهي. علي ڳڙه ڪاليج جا مشهور شاگرد قاضي فضل الله. پير الاهي بخش، مولانا محمد علي جوهر، دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش سندس دوستن منجهان هيا.
    ارڙهن سالن جي عمر ۾ کاٻي ڌر جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ حصو ورتائين. روس جي انقلاب 1919ع کان پوءِ دوستن سان گڏجي، پشاور کان مزار شريف، ڪابل، ترمز،تاشقند ۽ بخارا پهتو. اِهو سڄو سفر پيادل يا گڏهه تي چڙهي ڪيائين.
    1920ع ۾ هندستان موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. ڪراچي سازش ڪيس ۾ مولانا محمد علي جوهر کانپوءِ کيس ڇويهه مهينا سخت پورهئي سان سزا ملي. 1924ع ۾ آزاد ٿيو ته هنسا لائين ڪمپني جي سامونڊي جھاز ۾ فائرمين جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هن عدن، پورٽ سعيد، جبرالٽر، لورپول، لنڊن ۽ هيمبرگ (جرمني) تائين چڪر هنيا ۽ پوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين .
    1925ع ۾ نارٿ ـــ ويسٽرن ريلوي يونين ڪراچيءَ جو ڊويزنل سيڪريٽري بڻيو ۽ ”آزادي“ نالي اخبار ڪڍڻ شروع ڪيائين.1927ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي کي سنڌ ۾ منظم ڪيائين. 1930ع ۾ راجشاهي ڪانفرنس کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو. 1939ع تائين بنگال ۽ ڀوتان جي سرحدن وارن مختلف جيلن ۾ رهيو. جن ۾ هوراب، بهرام پور، بڪسا فورٽ وغيره هيا. 1940ع ۾ آزاد ٿيو ته کيس آل انڊيا ڪسان سڀا جو صدر مقرر ڪيو ويو. اپريل 1940ع ۾ وري گرفتار ٿي بڙودا ۽ ناسڪ جيلن ۾ رهيو. 1942ع ۾ کيس رهائي نصيب ٿي. اپريل1948ع ۾ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ٿيو.
    1949ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جي ڏوهه ۾ سکر جيل پيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رهيو. 1960ع ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿي پيا،جنهن ڪري سياسي سرگرمين کان ڪناره ڪش ٿي ويو. البت لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ سماجي، صحافتي، ادبي ۽ فلاحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتائين.
    ڪامريڊ جمال الدين پنهنجي زندگيءَ جو هڪ واقعو ڪجهه هيئن پئي ٻڌايو:آءٌ مزدورن سان ڪچهريون ڪري رات جو ڪلڪتي جي فوٽ پاٿ تي سمهندو هيس. اڌ رات جو ٽئين وڳي ٽي ماڻهو مون تي چڙهي ويا. مون کي سختي سان سوگھو ڪيائون. مون کانئن پڇيو؛ ”اوهان ڪير آهيو؟“ هنن چيو، ”تنهنجا بابا آهيو، توکي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“
    مون چيو؛”ڀل گرفتار ڪيو پر ائين سختي نه ڪيو.آءٌ توهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“ هنن مون کي ڇڏيو ته مان اُٿي پنهنجو کاٻو هٿ پينٽ جي کيسي ۾ وڌو ته جيئن پائيپ ڪڍي تماڪ وجهي دکائي سوٽا هڻندو ٿاڻي تي وڃان. مون جيئن ئي پائيپ ۾ هٿ وڌو ته اُن جي ڳني ٿوري ٻاهر آئي ۽ هو ڀؤ ۾ مون کان پري ٿي بيٺا ته هڪڙو چوڻ لڳو :
    ”بخاري! ڊونٽ لوز يوئر ٽيمپر يعني بخاري جذباتي نه ٿيءُ.“
    مون کلندي وراڻيو، ”جيڪڏهن اوهان هڪ پائيپ کان ايترو ڊڄو ٿا، ته پوءِ پڪ سان هن ملڪ ۾ حڪومت نه ڪري سگھندؤ.“ مون کين کيسي مان پائيپ ڪڍي ڏيکاريو ته هنن کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چوڻ لڳا، ”هن جو دماغ گرم آهي.هن کي يخ ٿڌي جڳهه تي موڪلڻو آهي.“ پوءِ اسان کي ڀوتان جي سرحدي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پهرين ڏهاڙن ۾ ڏاڍي سردي ٿيندي هئي. پر اتي هڪڙي ڪامريڊ چيو ، ’اوهان ذهن مان سردي ڪڍي ڇڏيو ته سردي ختم ٿي ويندي.‘
    پوءِ اسان ائين ڪيوسي ته سردي ختم ٿي وئي.
    سزا جي طور تي ميلن جا ميل خوامخواه پنڌ ڪرايو ويندو هو. حقيقت ۾ ته اهي ڏينهن ائين هيا جيئن لطيف جو بيت آهي:
    سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گھاريا بند ۾.“
    سچ پچ ته ڪامريد جمال الدين بخاري جو وجود لاڙڪاڻي ۾ ائين هيو، جيئن سقراط جو اٿينس ۾. بس جي فرق هيو ته اهو هو ته سقراط سوال ڪندو، اڳلي کان جواب وٺندو ويندو هو ،پر ڪامريڊ ”سوال خود ڪرد جواب خود دارد“ جو نمونو هو. هي اشارن ڪناين ۾ ڳالهيون ڪندڙ ”جلال الدين سرخ بخاري“ جو پونير پيدائشي سُرخو هيو. سندس ڪي ڳالهيون سمجهي سگھبيون هيون ته ڪي مٿان گذري وينديون هيون.
    زندگي جا 22 سال جيل اندر گھاريندڙ، هي چراغ سحري 12 ڊسمبر 1984ع ۾ گُـــل ٿي ويو .
    پر سندس وڃڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ لاڙڪاڻي شهر مان هلندڙ ڦرندڙ جو ش، ولولو ۽ حرارت ختم ٿي وئي آهي .
    کيس ياد ڪندي لطيف سائين جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي:
    جـوڳيئـڙا جـهـان ۾، نـوري ۽ نــاري،
    ٻري جن ٻاري آءٌ نه جيئندي اُن ري.

    **


    سوڀو گيانچنداڻي : سنڌ جي تاريخ جو امر ڪردار

    نه هو اسان جو گروديو، نه اسان هن جا چيلا چتينگ، اسان جي ته هن سان قرب ڪاريءَ واري واٽ رهي آهي. شناسائيءَ کان اڳ ايتري خبر هئي ته هوءَ هڪ اهڙي ويچار ڌارا واري شخصيت آهي. جنهن لاءِ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سر رامڪلي ۾ اڳ ئي فرمايو آهي؛
    نه ڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين
    جاٽا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جهارين
    آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون

    اها به خبر هئي ته هو اهڙو ڀوميو آهي. جنهن وقت جي متعصب حاڪم جي، ڌرتي ڇڏڻ واري ڌمڪي کي گدڙ ڀڀڪي سمجهيو.
    حقيقت ۾ سندس نظرياتي ۽ سياسي ويچار ڌارائن تي تفصيل سان اُهي ڳالهائن، جيڪي هجن نظرياتي ۽ سياسي سپورنج.
    پنهنجي پهرين سينڌ ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن ذهن ۾ اينٿراپالاجي تي ايم فل ڪرڻ جو مٿي ۾ اُٺ ويٺو. عنوان هو .socio-anthro pological study of Buledi tribe of Pakistan ان سبب لنگهي ويو هومانس در. عزت احترام سان ويهاري، حال احوال ورتائين. پوءِ جو اچي ڪتابن جا نالا کنيائين ته ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ سوڀو. اصل ۾ تحقيق جو ماڻهو آهي. ڀلجي ٻئي پاسي ڏانهن هليو ويو آهي. ايڏي کليل دل وارو شخص جو پنهنجي لائبريريءَ جي سڀني ڪٻٽن جا تالا کولي چيائين. ”جيڪي وڻني سي کڻ، پر موٽائجانءِ سهي.“
    جيترا ڪتاب کڻي سگهيم اوترا کنيم. فوٽو اسٽيٽ ڪري موٽائي ڏيندو ويومانس. اهو 1981ع وارو دؤر هو.
    نوڪري ٽوڪري آهي. 1982ع ۾ حيدرآباد کان خيرپور بدلي ٿي. انهيءَ دؤران ايم فل جي گائيڊ. حيدرآباد جا ڇهه ست اجايا ڦيرا ڏياريا ته منهنجو ايم فل تان ارواح ئي کڄي ويو. ڪامريڊ سان جنهن بهاني ملاقات ٿيندي هئي. اهو ئي نه رهيو ته ڇٽي ڇماهي ملاقات ٿيڻ لڳي. اها به خصوصن اهڙين محفلن ۾ جتي ڪو ادبي چوزو آني مان ڦٽندو هو يا ڪو اٺ (ڪو اديب ڪتاب جي مهورت ڪرائيندي) پتڻ تي ڪٽبو هو.
    وري مسلسل ملاقاتون تڏهن ٿيون. جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو آغاز ٿيو. هدايت منگي پهريون سيڪريٽري، ٻيو مان ٽيون ڪنعيو گيانچنداڻي ٿيو. اهو دؤر غالبا 1989ع کان 1993ع تائين جو آهي. اهي ڪچهريون عموما موهن جي دڙي تي، خصوصن علي شير رونگهي جي اوطاق يا ڪامريڊ سوڀي جي گهر ٿينديون هيون. ڪچهريون به اهڙيون جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿي. ويٺي ويٺي ٻارنهن ٿي وڃن. ڪامريڊ سوڀي جو انداز نرالو، جنهن موضوع تي ڳالهائيندو ته ڏاڍو تفصيل سان، برصغير جي سياسي سماجي تاريخ سان گڏ سڄي دنيا جي تاريخ کي ورجائي ويندو هو. انهيءَ دؤر جي مشهور شخصيتن ۽ سندن جدوجهد تي تجزياتي تبصرو به ڪري ويندو هو. سچ پچ ته اتي سمجهو ڪي سمجهن، باقي اسان جهڙن وچٿرن دماغن ۾ ته اها معلومات ائين گڏ مڏ ٿي ويندي هئي، جي اسان کان ڪو پڇي ته ڇا سمجهيئه ته جواب اهو هوندو. ”جانا ڪه يه جانا، ڪه نه جانا ڪڇ ڀي.“
    اسان ته اسان پر جيڪي ڳوهه مان واڳون ٿيو گهمندا هئا. انهن جو به حال اهو هوندو هو، جو سڄي قصي ٻڌڻ کان پوءِ ڪامريڊ سوڀي کان پڇندا هئا. ”سائين زليخان مرد هو يا مائي؟“
    ڪي ته وري اهڙا به هوندا آهن، جن کي اها به خبر ناهي هوندي ته سياست جي ڪڪڙ ڪٿان مٽندي آهي. پر پوءِ به کڙين سان ککڙيون ڀڃندا وتندا آهن پر ڪامريڊ جي ديا درشٽي سڀن جي مٿان. هي سڀني کي پيو متيون ڏيندو ۽ ويچار ونڊيندو. اهو ڏسي مون کي يسوع مسيح جي ٻڌايل آکاڻي ياد ايندي آهي.
    ”هڪ هاري ٻني ۾ ٻج ڇٽيو. ڪي پکي چڳي ويا. جيڪو ٻج پيچرن جي آسپاس ڪريو، اُتان سلا نڪتا، سخت زمين هجڻ ڪري پاڙون گهرائيءَ ۾ نه ويون. ان ڪري سج جي تپش جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ سڙي ويا. ڪي ڊاڀولين ۽ ڪنڊن ۾ ڪريا، جن کين اسرڻ ئي نه ڏنو. جيڪي ٻج سٺي زمين تي ڪريا. انهن مان هر ٻج پنهنجي تعداد کان ٽيهوڻو فصل ڏنو.“
    شايد ان ڪري ڪامريڊ سوڀو به هر ڀونءِ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. بس اهو زمين تي منحصر آهي يا ان جي دل و دماغ تي.
    سندس ليڪچر ۽ تقريرون ته طوالت جي لحاظ کان مشهور آهن. پر ادبي گڏجاڻين ۾ سندس راءِ ڏاڍي مختصر مگر جامع هوندي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي ڪالم ”فڪر ڦرهي هٿ ۾“ بابت صرف ايتري راءِ ڏنائين؛
    ”نڪ تي چڙهي ٿو لڙين!“
    ڪامريڊ سوڀي جي عادت آهي، هو ڪهاڻي ڏاڍي انهماڪ سان ٻڌندو آهي. تبصري لائق هوندي ته تبصرو ڪندو، نه ته بس، هڪ دفعي جڏهن ان جو کائنس سبب پڇيوسين ته وراڻيائين؛ ” بنيادي طور تي مان ڪهاڻيڪار آهيان. ان ڪري جيڪا ڪهاڻي مون کي وڻندي آهي، مان صرف ان تي ڳالهائيندو آهيان. ادب ۾ مون جنهن صنف تي پهرين طبع آزمائي ڪئي، اها ڪهاڻي هئي.جنهن جو عنوان هو ”اڍائي روپيه.“ جيڪا سنسار سماچار اخبار ۾ ڇپي، وياج خوريءَ جي خلاف هئي. انهيءَ وقت منهنجي عمر 18 سال هئي.“
    ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس ان زماني ۾ به هڪ اهڙي سماجي برائي تي لکڻ جو احساس ٿيو، جيڪا اڄ به هڪ وڏي سماجي برائي آهي. سچ ته وياج خوري اڄ به دنيا جي وڏي لعنت آهي ۽ وياج خور لعنتي.
    ڪامريڊ سوڀي جيڪي به ڪهاڻيون لکيون، انهن جا موضوع، سماجي حقيقت پسندي تي ٻڌل آهن. هن اهڙن موضوعن کي چونڊيو، جيڪي اڄ به اسان جي سماج جا ٻرندڙ مسئلا آهن. ۽ ان جي گواهي سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪڏهن بهار ايندو“ ڏئي ٿو.
    مون سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ٻه ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي 1990ع ۾ ڇپيون.
    1_ this is, how some boys make love.
    2_ sucide
    اهي ٻئي ڪهاڻيون، ”شانتي نڪيتن“ مان نڪرندڙ انگريزي جريدي، ”وشوا ڀارتي“ ۾ 1940ع ڌاران ڇپيون هيون.
    ڪامريڊ سوڀي جو چوڻ آهي ته هن، شانتي نڪيتن ۾ ڏاڍو پڙهيو. ادب پڙهڻ ۽ لکڻ طرف جن ماڻهن سندس رهنمائي ڪئي. انهن ۾، ”شانتي نڪيتن“ جو لئبريرن ”پرڀات راءِ.“ ٻيو استاد اليگزينڊر آرنيسن ۽ ٽيون سندس گروديو رابندر ناٿ ٽئگور، جنهن جي ذاتي لائبريريءَ مان به هن استفاده ڪيو. ادب مان جن ليکڪن کان گهڻو متاثر ٿيو، تن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، شرت چندر، ٽالسٽاءِ ۽ دوستو وسڪي جا نالا اهم آهن.
    گهڻو ڪري اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ سوڀي جو سڀاءُ ڪنهن وڏي جر واري کوهه جيان آهي. جتان هر مسلڪ، هر خيال ۽ ويچار ڌارا جو ماڻهو اچي علمي اڃ اجهائيندو آهي. مون سندس گهر ۾ مرحوم قربان علي بگٽي، مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم شاهنواز سوڍر، مرحوم هدايت منگي، سليم ڪورائي، رزاق مهر، انعام شيخ ۽ ممتاز ابڙو وغيره کي ايندي ويندي ڏٺو. موضوع سخن هميشه ڪو علمي نڪته نظر هوندو هو. اختلافن جي باوجود به اشتراڪ هو ته سماج مان قحط الرجال کي ڪيئن گهٽ ڪجي.
    سڀاءُ جو ذڪر نڪتو ته، ”ياران ڪهن“ سان سندس گفتگو ۽ ورتاءَ ياد پيو. سائين اياز قادري لاڙڪاڻي ايندو هو ته مون کي گهرائي چوندو هو.
    ”اوهان شام جو ڪچهريءَ ۾ سوڀي کي ضرور وٺي اچجو.“
    ڪامريڊ سوڀي کي نياپو پهتو، ته نه قيل نه قال، ها، ته ها ٿي وئي. شام ٿيندي هئي ته ڪامريڊ، سائين اياز وٽ. ٻنهي جي ڪچهري ائين ڀاسندي هئي ڄڻ ٻه سُمانا سُرت وند صلاحو هجن ته سنڌ جي ثقافت ۽ ادب کي ڪئين بچائجي ۽ سماج مان غير معياري رسمن ۽ رواجن کي ڪيئن تڙجي؟ ٻنهي کي ڏسي ڀٽائيءَ جو اهو بيت ياد پوندو هو.
    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
    تن تنين سي ڪٽ، اڏي اوڏا پکڙا.

    ڪامريڊ سوڀي کي مون ان وقت به ڏٺو. جڏهن 1989ع ۾ موهن جي دڙي تي سگا طرفان سچل انٽرنيشنل ڪانگريس منقعد ٿي هئي. ان موقعي تي سندس هڪ جيڏا ۽ همعصر ليکڪ هند مان ڪهي آيا هئا. گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي، مرلي ڌر جيٽلي ۽ ٻيا. ڪامريڊ انهيءَ ڏينهن تي ايڏو خوش پئي لڳو ڄڻ جواني موٽي آئي هجيس. اسٽوپا تي چڙهي جڏهن گوبند مالهيءَ سان پئي ڳالهايائين ته ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ تاريخ، تاريخ سان ڳالهائيندي هجي.
    ڪامريڊ سوڀي جي بارگيري ۽ بردبار طبيعت جا ڪيئي قصا آهن. ٻين جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. پنهنجو ٿو ڪجي، ته هڪ دفعو علي شيررونگھي جي اوطاق تي، سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو جي انتظامي معاملي تي ڪنعيي ۽ منهنجو اٽڪاءُ ٿي پيو. ڪامريد سوڀو، منٺار سولنگي ۽ ٻي سنگت به ويٺي هئي. منهنجي ڳالهائڻ ۾ تيزي ۽ ترشي وڌيڪ هئي. جيتوڻيڪ ڪامريڊ جو ڪنعيي سان پيار عالمِ آشڪار هيو. ڪامريڊ ڪنهنجي به ڀر نه کنئي. شايد کيس خبر هئي ته چرين ۽ مستن جو جهيڙو آهي. پاڻهي ٺهي ويندا. ٿيو به ائين جو ٻي ڏينهن تي ڪنعيو مون سان لاڙڪاڻي جي پاڪستاني چونڪ تي مليو. چيائين.
    ”ڀائيجان، مان شايد اوهان کي سمجهائي نه سگهيس.“
    چيومانس. ”يار معاف ڪجانءِ، مان توسان تيز ٿي ويس.“
    ڪنعيو گيانچنداڻي لڳندو هو ته ڪجهه ڪجهه شخصي انتشار (personality disorganization) جو شڪار آهي. پر سندس آزاد نظمن، ڪهاڻين ڪالمن جي لکڻ واري شوق مان اندازو ٿيندو هيو ته هو پاڻ سنڀالي ويندو. هونئن به هن دؤرِ آشوب ۾ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو شخصي انتشار جو شڪار ناهي؟ هر ڪو، ڪنهن نه ڪنهن راههِ فرار تي گامزن آهي. پر ڪن ماڻهن جي فراريت جي راهه ڪنڊن سان لبريز هوندي آهي. خبر نه آهي ڪنعيي اها راهه ڇو اختيار ڪئي؟ جيتوڻيڪ هو گهڻ پڙهيو ۽ ايم. بي. بي ايس ڊاڪٽر هو. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي جو ڪامريڊ سوڀي جهڙو سوڀياوان پيءُ ۽ ڪلپنا ديوي جهڙي ذهين ۽ سوڀنيڪ جيون ساٿي. هو جيئن پوءِ تيئن هڪ اهڙو منڌل سٽ بڻجي ويو، جنهن کي ڪامريڊ سوڀي جهڙو سٻوجهه به نه سلجهائي سگهيو. ليڪن انهيءَ دؤران هن گڻونت ۽ گياني منش ڇا ڇا نه ڪيو. ڪنعيي لاءِ ۽ ڪنعيي جي مرتئي کان پوءِ هر ڪنهن ائين پئي سمجهيو ته ڪامريڊ ڌڪ نه پچائي سگهندو. پر هو ته ارنيسٽ همينگوي جي ناول”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي ڪردار ’سينٽياگو‘ کان به وڌيڪ مضبوط لڳو. جنهن جو ڊائلاگ هو ؛
    Man can be destroyed, but can not be defeated.
    (ماڻهو ختم ٿي سگهي ٿو، پر شڪست کائي نٿو سگهي.)

    ***


    بدر اڄڻ : پهريون ۽ آخري تاثر

    چوندا آهن ته شخصيت جو پهريون تاثر، آخري تاثر هوندو آهي. پر منهنجي مشاهدي مطابق ائين ناهي، ڪن ماڻهن جو پهريون تاثر تمام ڀلو ۽ پوءِ ڍلو ٿي پوندو آهي. ڪن ماڻهن جو پهريون تاثر تمام خراب ۽ پويون تاثر تمام سٺو ٿي ويندو آهي. ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جو پهريون ۽ آخري تاثر ساڳيو هوندو آهي.
    بدر الدين اڄڻ جو غائبانه تعارف ته ٿيل هو پر ڪنهن سانگ سبب دعا سلام اڃان ڪونه ٿي هئي. هڪڙي ڏينهن سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي سٺي سرجڻهار، غلام نبي مغل جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ٿي آيو هو. تنهن ٻانهن کان وٺي اٿاري چيو ”هل ته بدر اڄڻ ڏي هلون.“ اتان اٿي، بدر اڄڻ صاحب جي آفيس پهتاسين، بدر اڄڻ صاحب ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر روينيو هو. ۽ اهو سال هيو 1995ع جو. غلام بني مغل اسان ٻنهيءَ جو مختصر پر جامع تعارف ڪرايو.
    ”سائين، هي منظور ڪوهيار، هي بدر اڄڻ.“ بدر اڄڻ صاحب مرڪي، گرم جوشيءَ سان هٿ ڏئي. ”ڪهڙا حال آهن؟“ چئي ڪچهري شروع ڪئي. ڪچهري جي ابتدا سنڌي ادب جي مسئلن تي ٿي. مون وٽ جيڪو سندس شخصيت جو پهريون تاثر جڙيو ته هي دراز قد بدر اڄڻ وڏي علمي ادبي هاٺي ڪاٺي وارو شخص آهي ۽ ڊينڊڙن جو اهو هلايل غلط آهي ته دنيا جا سڀئي ڊگها بي وقوف هوندا آهن.
    ۽ ان کان پوءِ ساڻس ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪچهريون ٿينديون رهيون. پر هتي ان لمبي ڪچهريءَ جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جيڪا غلام نبي مغل صاحب جي ڪوارٽر تي ٿي.
    ڪچهريءَ جو سبب سائين بدر اڄڻ جي پهرين اپريل 1996ع واري سالگره هئي. ايڏي، وڏي سڏي موقعي تي اسان صرف ٽي ڄڻا هياسين. ۽ ٻيا اديب شايد فرسٽ اپريل فول وارو پروگرام سمجهي نه آيا هئا .. ماني ٽڪيءَ جو بندوبست غلام نبي مغل ڪيو هو ۽ مان ڪيڪ وٺي آيو هيس. بدر اڄڻ جي هڪ ئي ڦوڪ سان موم بتيون گل ٿي ويون.49 سال عمر دڦ ٿي وئي. اسان تاڙيون وڃائي چئي رهيا هئاسين:
    ”هيپي ڀرٿ ڊي ٽو يو
    بدر الدين اڄڻ“
    مانيءَ جا چار گرهه کائي ۽ پوءِ بقول شاعر
    جهان دو بوتلين رکهه دو
    وهي ميخانه هوتا هي.
    علم و عرفان جو صراحيون کليون ته ادبي اک ڪڪڙي ٿي وئي. ۽ پوءِ شروع ٿي وئي هڪ لمبي ڪچهري .... عالمي ادب کان وٺي، سنڌي ادب تائين، ٻنهي خوب ڳالهايو. مون کي وارو ئي نه ڏنائون. ۽ مون پئي سوچيو ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته خيال ڪن ها ته مان به ڪيڪ وٺي آيو آهيان.
    جڏهن ٻارنهن وڳا ته بدر اڄڻ صاحب کي احساس ٿيو يا منهنجي صبر جو پيگ ڇلڪندي ڏٺائين ته چيائين:
    ”فقير تون به الله جي ڏني مان ڳالهاءِ!“
    مون وراڻيو.
    ”سڀ ڪجهه ته اوهان ڳالهائي ويئه .. باقي مان ڇا ڳالهايان، باقي بچي آ گلا، چئو ته اها ڪيان.“
    بدر صاحب چيو. ”اها به تنقيد جي ضمري ۾ اچي ٿي، جنهن کي personnel criticism) ) چيو ويندو آهي، جنهن جو وڏو حامي ”اناتول فرانس“ آهي. انفراديت جو اهو نظريو فرد جي وجود ۽ حقيقت تي زور ڏئي ٿو ۽ آدرش پرستي جي نفي ڪري ٿو. جنهن جو مطلب هيءَ آهي ته انسان ٻي کي مڃڻ بدران پاڻ کي مڃي ۽ مڃرائي.“
    ۽ ان کانپوءِ بدر اڄڻ صاحب 180 جي ڊگري تي قلابازي کائيندي برونيٽائر brunetier جو اعتراض ٻڌايو ته هو چوي ٿو ته ”شخصي تنقيد نه فقط ڪتابن کي نظرانداز ڪري ٿي ۽ موضوع تي گهٽ ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي، پر ادبي تاريخ کي پڻ ميساري ڇڏي ٿي.“
    مون جواب ۾ چيو”سائين اهو ته ائين آهي، جيئن ڪنهن چريي کي چيو ته ”چريا، چڪ نه پائجانءِ“ چريي چيس چڱو ٿيو ياد ڏياريئه“ سو هاڻي ياد ڏياري اٿوَ ته ذاتي تنقيد personal criticism به ٻڌڻي پوندئه، هونئن پنهنجي ”برونيٽائر“ سان پوي ئي ڪونه.“ جڏهن مير مجلس اجازت ڏني ته پهريائين بدر صاحب جي ڪجهه گهڻگهرن کي گهرڙي ۽ پوءِ پنهنجي ادبي رقيبن رو سياهه و سفيد کي ورتم. انهيءَ هيانءَ جي باهه مارڻ واري عمل دؤران بدر صاحب ٻڌندو رهيو ۽ مشڪندو رهيو. غلام نبي مغل صاحب ڪنڌ ڌوڻيندو ۽ چوندو رهيو ”ها، ائين ته آهي.“
    رات جي هڪ وڳي کانپوءِ سنگت جي اها صلاح بيٺي ته سائين بدر اڄڻ ٽي ايس ايليٽ جي انگريزي شاعري ٻڌائي ۽ ڪجهه سمجهائي، بدر صاحب ڊرائيور کي سڏي، پنهنجي گاڏيءَ مان ٻه ڪتاب کڻي اچڻ لاءِ چيو. ڊرائيور ڪتاب کڻي آيو ته انهن تي ڪجهه لکيائين ۽ پوءِ پنهنجي ڪتاب ”ٽي ايس ايليٽ فن ۽ فڪر“ جي هڪ هڪ ڪاپي اسان کي ڏنائين. منهنجي ڪاپيءَ تي لکيل هيو.
    ”مسٽر منظور ڪوهيار، سڄاڻ ڪهاڻيڪار، ۽ جاکوڙي جي مطالع لاءِ ...
    پاران
    بدر اڄڻ
    لاڙڪاڻو 1_ 4 _ 96ع
    ”جنم ڏينهن جو تحفو“

    پوءِ جڏهن حاضرين مجلس جي پر زور اصرار تي ايليٽ جي جڳ مشهور نظم the waste land مان ڪجهه ٽڪرا، ڪجهه حصا the game of chess مان ٻڌائيندي what the thunder said جو آخري ٽڪرو پئي ٻڌايائين ته چيائين ؛
    مهرباني ڪري منهنجي ان ڪتاب ۾ ٿيل ترجمي کي به ڏسندا وڃو.“ جڏهن ترجمي جي ان حصي تي نظر ڦيرائي سين ته لکيل هو:
    اڪيلو ڪڪڙ
    وڻ جي چوٽيءَ تي ٻانگون ڏئي
    صبوح جي اچڻ جو اعلان پيو ڪري
    کنوڻ جو تجلو
    گهميل هوا
    هلڪي بارش جو وسڪارو
    گنگا جي پيٽ ۾
    سڪل پن
    ترڪندي
    ترسي رهيا آهن.
    مينهن لاءِ جڏهن ڪارا ڪڪر
    هماليه تي هلن پيا.
    جهنگلي جيوت خاموش آ
    مايوسين جي ور چڙهيل آ
    اچانڪ گجگوڙ جو آواز اچي ٿو
    ”ڏي ..... دا ...“

    پر اسان ڇا ڏنو آ؟
    وعدي خلافي
    بي وفائي
    غداري
    عقل کي پٺي
    مرڻ کان پوءِ سچا ناهيون.ڍانڍا خالي ڀانڊا
    وري گجگوڙ

    همدردي ڪيو . ديا ڌوم

    زندان واري ڪلف ۾
    ڪنجيءَ جي ڦرڻ جو کڙڪو
    ضمير جي قيد هئڻ جو اعتراف
    رات جي اڪيلائيءَ ۾
    آسمان مان،
    اتساهه جو آسرو
    قلب تان ڪس لاهي
    ڀائيچاري جو سنديس سڻائي ٿو.
    وري گجگوڙ جو آواز

    قبضي ۾ رکو. (دميا تا)

    مظبوط هٿن ۾ هلندڙ ٻيڙي
    سانت سميت سري ٿي
    سمنڊ ۾ به سڪون آ
    دل جي دنيا
    تڏهن روشن ٿيندي
    جڏهن
    سڄڻن جو سنيهو ايندو.
    چيو ويندو آهي ته اصل تخليق هيري جيان ۽ ترجمو پٿر هوندو آهي. ايڏو صاف ۽ سٺو ترجمو پڙهي احساس ٿيڻ لڳو ته جي اصل هيري مثل آهي ته بدر اڄڻ جو ترجمو به پکراج کان گهٽ ناهي. ڪٿي به اٽڪاءِ نه، لفظن ۾ رواني، گهرائي و گيرائي اتم درجي جي موجود آهي. مان پڙهندي پڙهندي حيرت جي واديءَ ۾ سرگردان پئي هليس. ائين جيئن 1975ع ۾ جڏهن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد ”سائين ارشاد قريشي صاحب“ اسان کي ”ورڊس ورٿ“ جي پوئٽري پڙهائيندي ڪڏهن آواره بادلن ۾ اماڻي ڇڏيندو هو ته ڪڏهن هوا ۾ لهرائيندڙ ڊيفوڊلس کي تصور جي اک سان ڏيکاري ڇڏيندو هو.
    منهنجي زندگيءَ ۾ هي ٻيو ماڻهو هو، جنهن جي پوئٽري پڙهڻ جو انداز ايڏو متاثر ڪن هيو.
    چوندا آهن ته سوچ جهڙو پکئيڙو ڪونهي. مان بدر اڄڻ جي لفظن ۽ ٽي ايس ايليٽ جي مثاليت ۽ علامت نگاريءَ جي آسمان ۾ اڃان محو پرواز هئس ته سائين غلام نبي مغل ائين رڙ ڪئي، ڄڻ ڪوَلي چڪ پاتو هجيس.
    ”يار رات جا اڍائي ٿي ويا اٿوَ.“
    تسلسل ٽٽي پيو ۽ بدر اڄڻ خاموش ٿي ويو. مان زمين تي لهي آيس. گهڻي وقت گذرڻ جو احساس Guilt ۾ تبديل ٿي ويو. ٻئي اٿي کڙا ٿياسي، سائين بدر اڄڻ پنهنجي بنگلي تي روانو ٿي ويو ۽ مان پنهنجي گهر.
    منهنجي زال مراد خاتون هميشه وانگر گھر جو دروازو کوليندي چيو ”اديبن سان ڪچهريءَ ۾ ويهين ٿو ته خبر ئي نٿي پوئي؟“
    مون سوچيو؛ ٻئي دوست ڇو اديبن جي حيثيت سان پٽجن. وراڻيم ”آفيسرن سان ميٽنگ هئي، ڇا ڪجي؟ نوڪري ته ڪرڻي آهي.“
    ۽ جڏهن محو خواب ٿيس ته ٽي ايس ايلٽ جي ڪنهن گيت جو پوپٽ ٿي اڏامڻ لڳس.

    ***


    ميان علي محمد قادري : چراغِ شهر

    لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي اها خوشنصيبي آهي ته 18 صدي عيسويءَ ۾ تصوف ۽ ادب جو جيڪو چراغ ميان محمد صالح، پنهنجي مرشد حضرت قبله عبدالحق درازيءَ جي حڪم تي لاڙڪاڻي ۾ اچي روشن ڪيو، ان چراغ مان چراغ ٻرندا اچن ٿا.
    اهڙن روشن چراغن مان ميان علي محمد ”قادري“ به هڪ آهي. جنهن نه صرف ”ميان جي ڳڙهي “ يا ”لاڙڪاڻي“ کي منور ڪيو. پر ان روشنيءَ کي سڄي سنڌ ۾ ڦهلايو. جنهن جا معترف نه صرف سندس هم عصر آهن پر علم ۽ ادب جا سڀئي پار کو پڻ آهن.
    ميان علي محمد قادريءَ جو مختصر تعارف هن ريت آهي ته ميان صاحب جو جنم سن 1856ع ڌاري ”ميان جي ڳڙهي“ لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ميان بهاوَالدين صاحب ذات ڄاماڻي جي گهر ٿيو. ميان بهاوَ الدين، ميان رضا محمد جو جگر گوشه ۽ ميان محمد صالح جو ڀائٽيو هو.
    ميان علي محمد جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي مامي ميان غلام محمد ”گدا“ جي نظر هيٺ ٿي. ميان غلام محمد ”گدا“ پنهنجي وقت جو عالم، پارسي، سرائيڪي ۽ سنڌيءَ جو وڏو شاعر هو. ميان غلام محمد جيڪو شعر چوندو هو سو ميان علي محمد ياد ڪندو هو. هڪ صوفياڻي سنگت، ٻيو ميان غلام محمد جي شعر گوئي، ٽيون سندس تعليم مقرر ٿيل مولويءَ وٽ ۽ چوٿون سندس ڀاءُ حافظ مير محمد تن سڀني گڏجي ميان علي محمد تي گهڻو اثر ڪيو. اٽڪل ويهن ورهين جي ڄمار ۾ جڏهن ميان علي محمد پنهنجي استاد ميان غلام محمد ”گدا“ سان لاڙڪاڻي تعلقي جي هڪ مريد ”سعد خان لنڊ“ وٽ ويا ۽ جڏهن کين اتي طبع آزمائي لاءِ ارشاد ٿيو ته هن هڪ پارسي غزل تيار ڪري سندس خدمت ۾ پيش ڪيو. جنهن جو مقطع هي آهي:
    نشسته بر درت اين دادِ خواهت
    زمد تها به اميد نگاهت
    بيا اي قادري بي خود زخود بين
    بجز مستي در اينجا نيست راحت
    (اوهان جي داد جو طلبگار در تي بيٺو آ، مدت کان اميدن جي نگاهن سان، اي قادري خود کان بيخود ٿيءُ، جو سواءِ مستي جي هتي راحت نصيب ڪونهي ڪا.)
    ميان علي محمد، جڏهن اهو شعر چيو تڏهن چؤ طرف ”واه واه“ ٿي وئي. پتاشا ورهايا ويا ۽ غلام محمد فخر سان چيو ”شڪر ٿيو جو اسان جي اولاد ۾ وري به هڪ چڱو شاعر پيدا ٿيو.“
    ان کان پوءِ ميان علي محمد جيڪي علم و ادب جا واهڙ وهايا، تن جي ڪري سندس تخلص ”قادري“ ۽ مرشد جي ڏنل قادري طريقت جي سبب پورو ” ڄاماڻي خاندان ”قادري“ سڏجڻ لڳو.
    اها هڪ حقيقت آهي ته ميان علي محمد قادري پنهنجي دؤر جو هڪ علمي ادارو هو، جنهن جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪاوشن تي هڪ ضخيم، مقالي لکڻ جي ضرورت آهي، تڏهن ئي ڪو حق ادا ٿي سگهي ٿو. ليڪن هتي صرف، سندس ڇپيل تخليقن جو سرسري جائزو وٺڻ مقصود آهي ته جيئن قادري خاندان جي هن گوهر ناياب جي علمي چمڪ دمڪ جو اندازو ٿي سگهي . سندس ڇپيل ڪتاب هيٺيان آهنِ:
    (1) حسن و عشق
    هي منظوم داستان منشي پوڪرداس پبليڪشن، تاجر ڪتب شڪارپور، 1906ع ۾ ڇپايو. ان دؤر جو ادبي پارکو پروفيسر مسٽر رام چند پرتاب راءِ پنجواڻي ڊي جي ڪاليج سنڌ، ”حسن و عشق“ تي راءِ ڏيندي چوي ٿو:
    ”حسن و عشق جو پوڪر داس وارن ڇپايو آهي. تنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ميان صاحب ڪيتري قدر پنهنجي خيال کان ڪم وٺي سگهي ٿو. حسن ۽ عشق جو بيان هونئن جيڪر ماڻهن کي اهڙو وڻندڙ نه لڳي. پر جڏهن هن صاحب پنهنجي عليحدي وڻندڙ نموني ۾ حسن کي معشوق، عشق کي عاشق، ناز غمزه کي حسن جون ساهيڙيون، دل درد ۽ غم کي عشق جو ساٿي بڻائي، سڄي حقيقت افساني جي نموني ۾ گهڙي ٺاهي پيش ڪري ٿو. تڏهن بي ساخته واه واه نڪري وڃي ٿي.“
    منهنجي خيال ۾ ميان علي محمد جي ان پهرين ڪاوش تي اهڙي سهڻي تبصري کان پوءِ وڌيڪ ڳالهائڻ عبث آهي.
    (2) ليليٰ و مجنون
    هي ڪتاب جهمٽ مل ويڙهي مل اسسٽنٽ ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي، پنهنجي خرچ سان 1929ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
    عرب جي عاشق جان باز مجنون جنهن جو قصو پارسي زبان ۾، نظم جي صورت ۾ مولانا نظامي لکيو هو. جنهن کان اهل سنڌ غير واقف هئا. اصل سنڌ جي دلچسپي ۽ ڄاڻ لاءِ هي ڪتاب ميان علي محمد قادري پنهنجي شيرين زبان سان منظوم ڪيو.
    هي ڪتاب سندس ادبي ارتقا جو اعليٰ نمونو، سادگي ۽ سلامت جي لحاظ کان منفرد آهي. سندس ڏانءُ، آغاز داستان ليلي مجنون جي هنن شعرن ۾ ملاحظه ٿئي:
    خدايا بخش منهنجي دل کي طاقت
    چوان ليليٰ ۽ مجنون جي حڪايت
    شروع نالي سان تنهنجي ٿئي ڪهاڻي
    ڪري برڪت انهيءَ جي سان پڄاڻي
    ڪئي هن طرح آ راون روايت
    قصي ليليٰ ۽ مجنون جي حڪايت
    عرب جي ملڪ ۾ نالي خجسته
    هيو هڪ بادشاهه احسن سرشعه
    گهڻي دولت ۽ زر کان مفحر هو
    زماني جي ڏکن کان بي خطر هو

    سندس جمالياتي حسن جو ادارڪ وري ليليٰ جي تصوير ڪشيءَ ڪندي معلوم ٿئي ٿو. ان حوالي سان سندس چند شعر پيش خدمت آهنِ:

    نماڻي ناز پرور شرم واري
    حياءَ شرم ۾ محمور ساري
    شرم ان کي اچي پاڇي کان پنهنجي
    ڏسڻ لئه چنڊ سج حيران تنهنجي
    ڪري پوشاڪ تن تي گل بدن جي
    لطافت ان کان وڌ ان جي بدن جي

    ميان علي محمد قادري، داستان ليليٰ مجنون جي سلاست ۽ روانيءَ کي آخر تائين، قائم دائم رکيون اچي ٿو. جنهن مان سندس زور قلم ۽ اسلوب جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪتاب جا آخري شعر پيش خدمت آهن:
    محبت عشق ۾ گهرجي سچائي
    سدا معشوق پنهنجي سان وفائي
    مجازي عشق مجني تي ختم هو
    محبت عشق ۾ آخري مري ويو
    چراغ عشق سان پُر نور دل ڪر
    شراب شوق سان مخمور دل ڪر
    پيو پيءُ، عشق جي مئي جا ڀري جام
    هميشه قادري پيءَ صبح و شام
    محبت يار جي ۾ شل مران مان
    پڙهي ڪلمون محمد تي ڏيان جان

    (3) واسوخته
    واسوخته نظم جو اهو قسم آهي. جنهن جي تعريف عبدالحليم شرر ”گذشته لکنئو“ ۾ هيٺين ريت ڪئي آهي:
    ”شاعري جو هڪ قسم واسوخته آهي، هي هڪ قسم جي عاشقانه مسدس آهي. ان جو مضمون عمومن ائين هوندو آهي ته پهريان پنهنجي عشق جو اظهار، ان بعد محبوب جي تصوير ڪشي، ان جون بي وفايون، پوءِ ان کان باور ڪرائڻ ته اسان ٻي ڪنهن تي عاشق ٿيا آهيون. ان فرضي محبوب جي حسن و جمال جي تعريف ڪري محبوب کي سڏڻ، کتيون ٻڌائڻ، ائين ان جو غرور ٽوڙي وري ميلاپ ڪرڻ.“
    ”گل رعنا“ جو مصنف عبدالحئي، مير تقي مير کي واسوخته جو پهريون شاعر چوي ٿو. جڏهن ته سنڌي ۾ شڪ ناهي ته واسوخته جو پهريون شاعر ميان علي محمد قادري آهي.
    ميان علي محمد جو هي ڪتاب هري سنگهه وارن ڇپايو. هن ڪتاب تي پروفيسر رامچند پرتاب راءِ، مختصر مگر جامع راءِ ڏيندي فرمائي ٿو:
    ”ان منظم ڪهاڻي ۾ گويا هن پنهنجي زندگيءَ جو نقشو چٽيو آهي. جتي نهايت نازڪ خياليءَ سان پرده پوشيءَ ۾ هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. پڙهڻ سان تعلق آهي.“
    (4) گلدسته نعت قادري
    هي ڪتاب ميان غلام عباس”جوش“ ڇپايو. هن جو ديباچو پنهنجي دؤر جي مشهور ۽ لائق شاعر حاجي محمود ”خادم“ لکيو. جنهن جون ڪجهه سٽون هن ڪتاب جي اهميت اجاگر ڪن ٿيون، سي پيش خدمت آهن:
    ”سنڌي زبان ۾، سنڌي شاعري جي گهڻي قلت آهي ۽ خصوصن نعتيه ڪلامن جي ته از حد اڻاٺ آهي ۽ تنهن ڪري گلدسته نعت قادري خاص جلد ۾ ڇپايو ٿو وڃي ته جئين سنڌي حضرات جي دلچسپي جو ذريعو موجود ڪجي ۽ ميان صاحب جي نازڪ خيالي ۽ اعليٰ معيار سندس حوصلي جو نتيجو آهي.“
    (5) ديوان قادري
    ميان علي محمد جو هي اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ سندس نظريه حيات، حسن و عشق جو بيان، سلاست، بلاغت، بي ساختگي، ڏانءُ، ڏات ۽ فن گهرائي و گيرائيءَ سان پيش ٿيل آهن.
    هي ڪتاب ميان غلام عباس ”جوش“ 1940ع ۾ قادريه پرنٽنگ پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن جو ديباچو ميان غلام عباس ”جوش“ پاڻ لکيو، جيڪو هڪ مستند اديب هو. ان جي جهلڪ پيش آهي:
    ”هاڻي جڏهن هي ديوان قادري منهنجي پريس قادريه ۾ ڇپجڻ لاءِ آيو ۽ مان انصاف جي نظر سان ڏٺو ته بيشڪ عروض جي علم سان ڀرپور، وزن جي ترازو ۾ توريل، هم پهلو اڳين فارسي و اردو ديوانن جي آهي. ڇا ته شاعر صاحب شعر جي ڪنوار کي رديف قافيه ۽ تشبيهات و محسنات جي زيورن سان سينگاري، حقيقي پردي ۾ مجازي پوشاڪ پهرائي ظاهر ڪيو آهي. جو جنهن جي ڏسڻ سان محبوب حقيقي ۽ معشوق تحقيقي جو مشاهدو نظر ٿو اچي. جيڪو به دانشمند حقيقي نظر سان ڏسندو ته کيس حق نظر ايندو. ۽ جي مجازي لباس ڏسندو ته ان کي مجازي مزو ايندو. مطلب ته هن ديوان ۾ هر قسم جا شعر موجود آهن.“
    هن ديوان بابت مشهور پروفيسر رامچند پرتاب راءِ پنجواڻي جي لکت ۾ پرمغز تقرير آهي. جنهن ۾ وڏي وستار سان ميان علي محمد جي علمي و ادبي خدمتن تي روشني وڌل آهي. ۽ ان زماني جي شعر و شاعري تي پڻ تنقيد ٿيل آهي. ان جون هي چند سٽون ميان علي محمد قادري لاءِ سند آهن:
    ”سنڌي شعر ميان صاحب جيڪو چيو آهي سو ڪو پڙهي ته خبر پويس. باقي منهنجي لکڻ مان ڇا اندازو لڳائي سگهندو.“
    ۽ اها به حقيقت آهي ته ديوان قادري بحر عميق آهي. هر ماڻهو پنهنجي نموني سان حظ حاصل ڪري سگهي ٿو. مون جڏهن پڙهيو ته منهنجي آڏو پڻ نوان نقطه نروار ٿيا. نوان موتي، نوان مرجان هٿ لڳا. جنهن جو مختصر جائزو وٺڻ جي جسارت ڪريان ٿو.
    سندس ڪافين تي نظر ڪجي ته ديسي رنگ جي اها ئي دمڪ غالب نظر ايندي، جنهن جا رنگ پڪا پختا ۽ دل ٺاريندڙ آهن. ان حوالي سان سندس ڪافين جا ٻه نمونه مثال طور پيش ڪجن ٿا:
    ڪافي جو نمونو (1)
    چنڊ جهڙي اڄ چنبي سان ميٽ دلبر ٿي مليو
    ۽ لڱن لائڻ لئه لالڻ تيل تنهن ۾ ٿي رليو.

    ڪافي جو نمونو(2)
    دوست دلبر جا پون ٿا پل ۾ پور نوان نوان،
    سوز جا سيني ۾ سنڀرن، سهسين سُور نوان نوان.
    هن جي ڪافين ۾ ته اها ئي ديسي رنگ جي دمڪ آهي، جنهن ۾ بي ساختگي، رواني ۽ لئي ڪاري شرط اولين آهي. جيڪو هنر سندن وڏڙن جو ورثو هو.
    ليڪن ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ميان علي محمد قادري اهو شاعر هو، جنهن غزل کي مروجه پارسي ۽ عربي لفظن جي گلڪاريءَ سان گڏوگڏ غزل کي سنڌي مزاج پڻ ڏنو ۽ اها پيڙهه رکي، جن تي ايندڙ دؤر جي غزل گو شاعرن پنهنجي عمارت اڏي. ان جو ثبوت ميان علي محمد ”قادري“ جا هيٺيان غزل آهن. جنهن ۾ پارسي ۽ عربي ترڪيبون گهٽ ۽ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو وڌيڪ آهي.
    غزل جو نمونو(1)
    غم ته دنيا ۾ گهڻا، پر عشق جو غم ٻي طرح
    آهي هن عالم ۾ ليڪن هن جو عالم ٻي طرح

    عشق واري سان برابر ڪيئن ٿي ماتم عام جو
    ان جون آهون ان جون دانهون ان جو ماتم ٻي طرح

    زخم دل تدبير سان، ڪڏهين نه ڇٽندو اي طبيب!
    ان جي لپري، ان جو ٻرڪو، ان جي مرهم ٻي طرح

    حسن وارا ڪيترا، پر مٽ نه ڀايان يار جي
    ان جو غمزو ان جو رمزو، ناز دم دم ٻي طرح

    عشق اختياري نه ڪڏهن ڪفر ۽ اسلام کي
    ان جو مذهب، ان جي ملت ”قادري“ ڪم ٻي طرح.

    غزل جو نمونو(2)
    زلف جي دام ۾، شل دل نه اڙائي ڪوئي
    جي وڃي اڙجي ته ان کي نه ڇڏائي ڪوئي.

    مثل سرمي جي ڪري سهڻا اکين ۾ ٿا وجهن
    آتشِ عشق ۾ جو دل کي جلائي ڪوئي

    عيش عشرت جو مزو ڪين اچي ان کي پسند
    دل اندر درد جو دونهون جو دکائي ڪوئي

    جنهن جي حق ۾ جو لکيل روز ازل کان آهي
    ”قادري“ ليک سو هرگز نه مٽائي ڪوئي.

    ميان علي محمد نه صرف جوڙ جنسار جو شاعر هو، پر تصوف جي باريڪ نڪتن تي به سندس نظر هئي. بنيادي طور تي سندس تعلق صوفي فقيرن جي ان لڙهي مان هو، جن کي هيءَ دنيا هڪ وڏو منجهدار پئي نظر آئي. جنهن ۾ ان ذات حقيقي کين اڇلائي امتحان پئي ورتو. صوفين جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه، تڏهن ته فرمايو آهي:
    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اُڀا ائين چون، متان پاند پسائين.
    سچ پچ ته اهو هڪ وڏو چئلينج آهي، انسان لاءِ، ته هو هن موه داري دنيا مان بنا پاند پسائڻ جي نڪري وڃي. ان جو جواب ميان علي محمد قادري پنهنجي هڪ شعر ۾ ڏنو آهي، جيڪو سندس تصوف جي رمز، خيال جي اڏام ۽ تشبيهه جو اعليٰ ڪمال آهي.
    رهين جي بحر دنيا ۾ ته مرغابي جان ره آزاد،
    اڏامي ”قادري“ جي تون ته آلو ٿي نه تنهنجو پر.“
    ميان علي محمد قادري هڪ Committed صوفي هو ۽ پنهنجي درازي مرشدن جي تقليد ڪندي پنهنجي نظريه بابت واشگاف لفظن ۾ چوي ٿو:
    نڪي مان مالڪي حنفي، نه شافعي حنبلي آهيان
    انهين جو عشق منهنجو مذهب آهي ۽ اهو رهبر

    نهٺائي ۽ نوڙت جو اهو عالم آهي جو پاڻ کي پيرن ۽ فقيرن ۾ به نه ٿو قطاري، صرف هڪ عاشق ۽ دردمند سڏائي ٿو:
    نه مان پيرن فقيرن ۾، نه ڪي رندن ۽ مُفتن ۾،
    فقط هڪ عاشقِ جانان، مان داخل درمندن ۾.
    بنا ڪنهن وڌاءَ جي ته ميان علي محمد قادري پنهنجي شعرن ۾ تصوف جا ڪيترائي باريڪ نقطه، سهل ۽ سولي نموني اهڙي طرح سان بيان ڪيا آهن، جيڪي اهل دل ۽ دردمندن لاءِ بي بها نسخه آهن. ان حوالي سان ”ديوان قادري“ ۾ ميان علي محمد قادري ڄڻ درياهه کي ڪوزي ۾ سمايو آهي. اها وڏي ڪنجوسي ٿيندي، جي ميان غلام عباس ”جوش“ جي ان شعر جا ٽي بند پيش نه ڪيا وڃن، جيڪي هن ’ديوان قادري‘ جي حوالي سان چيا آهن:
    آهي عجيب خوشتر ديوان قادري
    حڪمت سان پر سراسر ديوان قادري
    ڇو ٿا ٿين پڙهڻ سان مخمور آدمي
    گويا آ مئي جو ساگر ديوان قادري
    هي معرفت حقيقت ۽ حسن عشق جو
    اي جوش آهي دفتر ديوان قادري.

    ”ديوان قادري“ جي علمي حوالي سان ان دؤر ۾وڏي اهميت ۽ افاديت هئي. ڇو ته هن ديوان ۾شعر جا هڙيئي نمونا يعني حمد، مناجات، نعت، قصيده، ڪافيون، غزل، مخمس، مثلث، قطعه، رباعيون، سه حرفيون موجود آهن. ازنسواءِ ڪتاب جي پڇاڙي ۾ فرهنگ، تصوف جي معنيٰ ۽ علمِ عروض جي باقاعده سمجهاڻي به ڏنل آهي. ان حوالي سان ”ديوان قادري“ شاعري تي طبع آزمائي ڪرڻ وارن لاءِ هڪ بهترين رهنما به هو. ان جو اعتراف، ان دؤر جو استاد باڪمال جناب ماستر محمد پريل. ميونسپل ڪائونسلر لاڙڪاڻو، پنهنجي ”تقريظ“ ۾ هيئن ڪري ٿو:
    ”اهڙو ديوان فاسي اردو ۽ سنڌي زبان ۾ هن کان اڳ نظر ڪو نه آيو آهي. مطلب ته هي ديوان هر هڪ شاگرد لاءِ خاص ڪري سنڌي شاعرن لاءِ نهايت مفيد بلڪه هڪ استاد آهي.“
    لکڻ ڪاڻ ته گهڻو ڪجهه ”ديوان قادري“ تي لکي سگهجي ٿو. ليڪن ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ ڏنل سهڻين سٽن کان پوءِ ميان علي محمد قادري جي شاعري تي لکڻ طوالت جو باعث ٿيندو:
    ”ميان علي محمد قادري جي شاعري ساوڻ جي مينهن جي انهن بوندن مثل آهي. جن جي ڪرڻ سان ڌرتيءَ تي هڪ وڻندڙ خوشبو چؤ طرف پکڙجي ويندي آهي. هو بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي. هن جي دل ۽ دماغ تي حقيقي محبوب ۽ سندس پيارن جي محبت ڇانيل آهي. تنهن ڪري سندس ڪلام تصوف جو آئينو آهي ... هن جي ڪلام ۾ هڪ خاموشي سان وهندڙ نديءَ واري رواني آهي. هن جو انداز بيان صبح جي نون ڪرڻن وانگر دلفريب ۽ هن جي خيالن ۾ جادو جهڙو گهرو اثر آهي.“

    (6) سفر نامه
    ميان غلام عباس ”جوش“، ”ديوان قادري“ جي ديباچي ۾ رقمطراز آهي:
    ”عراق، ايران حجاز ۾ خاص رياستن چوڏهن معصومن عليهم السلام جي لاءِ خان بهادر حاجي امير علي خان لاهوري، او بي اي ( آرڊر آف برٽش ايمپائر) جي رفاقت ۽ قافله سالاري هيٺ پهريون ڀيرو جنوري 1924ع ۾، ٻيو ڀيرو آڪٽوبر 1924ع ۾، ٽيون ڀيرو مارچ 1925ع ۾ بصره، بغداد، ڪربلا، نجف اشرف، ڪاظمين، سامرو مسيب، ڪوفه، ملائن تخت گاهه نوشيران عراق ۽ ايران جي گرد نواحي ۾. حضرت امام موسيٰ رضا جي زيارت لاءِ مشهد مقدس پهريون ڀيرو 1924ع ۾، ٻيو ڀيرو 1926ع ۾ برحبذ سرو تربت حيدري، مشهد مقدس، مڪو معظم ۽ مدينو شريف. مارچ ۽ اپريل 1932ع مطابق ذوالقعد ۽ ذوالحج 1350هه ۾ سندس شعر جيڪو سفر ۾ چيل آهي. ملڪن ۽ روضن شريفن جي ملاحظات سندس سفرنامه ۾ تفصيل وار لکيل آهي، سو سفر نامو ڏسڻ وٽان آهي.“
    ۽ جڏهن ان سفرنامي کي قادري قلم قبيلي پاران ذولفقار علي قادري صاحب جي سرپرستي ۽ نگراني ۾ ڇپرايو ويو ته اهو سفرنامو هڪ تاريخي دستاويز ثابت ٿيو. جنهن ۾ ان دؤر جي مختلف ملڪن جي سماجي ۽ مذهبي معلومات ڏنل آهي ۽ انهيءَ سفرنامي ۾ برسبيل ان سٻيلي سنگت جو به ذڪر آيو، جيڪي پنهنجي دؤر جون اهم شخصيتون هيون. جيئن نواب امير علي لاهوري، مرزا منوچهر بيگ وغيره وغيره.
    (7) حڪمت جا ڪتاب
    حڪمت هڪ وڏو شعبو آهي. لاشڪ ته ميان علي محمد قادري پنهنجي دؤر جا سٺا حاذق حڪيم ۽ دواخانه قادري لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جا مهتمم به هئا. جنهن جو ذڪر سندس هم عصر وڏن ماڻهن به ڪيو آهي. ان حوالي سان سندس ڪيئي ڪتاب، حڪمت تي لکيل سندس پونيئرن وٽ پيا آهن. انهن قلمي نسخن کي ڇپائي جي فيض عام ڪيو وڃي ته اها ان شخص جي قدرداني ٿيندي ۽ خدا جي خلق کي فائدو رسندو.

    (8) ادب، دوستي ۽ ادب پروري
    ميان علي محمد قادري نه صرف هڪ اديب ۽ شاعر هو پر هو هڪ وڏو ادب دوست ۽ ادب پرور انسان هو. هن علمي جدو جهد سان لاڙڪاڻي ۽ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ادب جي آبياري ڪئي، جنهن جي شاهدي پنهنجي دؤر جا وڏا مشاهير، نقاد ، نڪتدان ۽ محقق ڏين ٿا.
    ڊاڪٽر اياز قادري، ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ لکي ٿو، ”1915ع ۾ بزم مشاعره قائم ٿيڻ لڳا، اڳ ئي وٽس شعر و سخن جون محفلون ٿينديون هيون، جنهن ۾ سنڌ جا استاد شاعر مختلف هنڌن تان اچي شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ شمس الدين ”بلبل، فتح محمد سيوهاڻي ”صغير“، مولوي محمد عاقل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، حاجي محمود ”خادم“، نواز علي ”نياز“ ۽ ٻين احبابن جي ڪوششن سان بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو بنياد پيو. جنهن جي مرڪزي شخصيت ۽ صدر ميان علي محمد قادري هو. ڄڻ هو محفل جي شمع هو، جنهن جي چؤگرد سڄي سنڌ جا شاعر اچي ڪٺا ٿيا ٿي.“
    انهيءَ جي تصديق سندس هم عصر پروفيسر رام پنجواڻي ”ديوان قادري“ تي لکيل تقرير ۾ فرمائي ٿو:
    ”لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعرو ميان علي محمد قادري صاحب ۽ ميان حاجي محمود جي سرجوشي سان تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن ڪنهن کي به مشاعري ڪرڻ جو خيال نه هو. ميان صاحب (قادري) ان ڪري سنڌ ۾ شاعري برپا ڪرڻ جي لحاظ کان شعر جي ترقي واسطي پاڻ پتوڙڻ جي ڪري مشاعري جو ابو ڪري ڪوٺجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.“
    ميان علي محمد قادري جو سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ اهو هڪ وڏو ڪارنامو ليکبو، جو هن 1921ع ۾ سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي. هن ڪانفرنس ۾ سڄي هندستان جا ناميارا اديب ڪٺا ٿيا. جنهن ۾ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ (جنهن صدارت ڪئي) مرزا منوچهر بيگ، احمد علي ڪامران، رئيس نجم الدين، غريب دهلوي، ڪاشف لکنوي، مرزا احمد خان، محمد بخش واصف، ماستر جمعو خان غريب، مولوي ثناءَ الله ”ثنائي“، ماستر رازق ڏنو ”سائل“، غلام سرور ”فقير“، امير الدين همدم، حاجي محمود ”خادم“، فقير عبدالقادر ”بيدل“ ۽ نواز علي ”نياز “ شامل ٿيا.
    اهڙي طرح هن لاڙڪاڻي ۾ پنجين 1944ع ۽ ستين 1947ع آل سنڌ ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي ۽ پنهنجي ادب پروري جو ثبوت ڏنو.
    1919ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپور ۾ منعقد ٿي ته ميان علي محمد جي مهنداريءَ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي شاعرن جو وفد اُن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو.
    1925ع ۾ آل انڊيا سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد جي موقعي تي ميان علي محمد جي اڳواڻي ۾ بزم مشاعره جي شاعرن جو وفد شريڪ ٿيو. سندس انهي سرجوشي جي ڪري لاڙڪاڻو شاعرن جو آکيرو سڏجڻ لڳو.
    ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته ميان علي محمد قادري پنهنجي ذات ۾ ادب گاهه هو. سنڌ جي پرٻيڻ شخصيتن به جڏهن مٿانئس لکيو ته سندس ادبي حيثيت ۽ اخلاقِ حميده جو اعتراف ڪيائون. پير حسام الدين راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ سندس شخصيت جو بيان ڪندي چوي ٿو:
    ”نماڻو نهٺو، نيڪ، سٻاجهو، مٺو ۽ مهربان، ڪنهن جي تيريءَ ميريءَ مان نه ڄاڻندڙن بزرگن جهڙي روش، اٿيءَ ويٺي ۾ ڏاڍي واضع داري، ائين پيو معلوم ٿيندو ڄڻ سڀني جو سرپرست ۽ سڄي محفل جو مربي آهي. سڀئي ڄڻ سندس اولاد پيا سونهن.“
    پير علي محمد راشدي وري سندس شخصيت تي هيئن روشني وجهي ٿو:
    ”قادريه خاندان جو پڳدار، مرحوم مغفور علي محمد صاحب قادري پڻ شعر و شاعريءَ جو شغل ڪندو ٿي رهيو. نه فقط صورت ۾ بلڪه سيرت ۾ به بزرگ هو. سندس مٿي تي سنڌي طرز جي سفيد پڳ خاص طرح سان ڏاڍي سٺي لڳندي هئي. فارسي خواهه سنڌي ڪلام گهڻو ڇڏيائين. سندس همعصر شاعر کيس استاد ڪري مڃينداهئا.“
    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پنهنجي ڪتاب ”ياد رفتگان“ ۾ هن طرح سان اظهار ڪري ٿو:
    ”مرحوم قادري سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ چڱي دسترس رکندو هو. وقت جي پخته شاعرن ۾ سندس مقام مٿانهون هو. پاڻ سنڌ جي شاعر ميان غلام محمد ”گدا“ جو شاگرد هو. سندس ڪلام پڪو پختو ۽ وڻندڙ آهي. ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻو سندس محنت جو نتيجو آهي. مرحوم علي محمد قادري اوصاف فقيرانه سان سينگاريل هو.“
    ميان علي محمد قادري جي علمي جدوجهد جو اندازو ان مان لڳائجي ته هن نه صرف ادبي ادارا قائم ڪيا پر سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هن ميان غلام سرور ”فقير“ سان گڏجي 1922ع ۾ قادريه پرنٽنگ پريس قائم ڪئي. جنهن مان 1922ع ۾ اخبار ”الحقيقت“ نڪرڻ لڳي. انهيءَ اخبار جي بانين مان ميان علي محمد قادري به سنڌي صحافت ۾ پنهنجي جداگانه حيثيت ٺاهي. ان کان پوءِ انهي پريس مان 1922ع ۾ ”گلدسته سنڌ“ شايع ٿيو. ان جو ايڊيٽر ميان علي محمد قادري هو. هن ادبي رسالي سڄي سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي. محمد هاشم ”مخلص“ گلدسته سنڌ تي تبصرو ڪندي چوي ٿو:
    ”لاڙڪاڻي مان بزم مشاعره جي طرفان ماهوار رسالو ”گلدسته سنڌ“ جو پهريون نمبر اسان کي پهتل آهي. واقعي عمده گلن جو مجموعو (گلدسته) آهي. منجهس شعر و شاعري بابت عمدا مضمون ۽ سنڌ جي نامور شاعرن جا غزل شايع ٿين ٿا.“
    اهڙي طرح سندس شخصيت جا ٻيا به پهلو هئا، جن کي اجاگر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. سياست جي حوالي سان هو لاڙڪاڻي جي انهن عمائدين منجهان هو، جن 18 آڪٽوبر 1938ع ۾ قائداعظم جي لاڙڪاڻي آمد تي کيس سپاسنامو پيش ڪيو هو. شروع کان وٺي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ سينيٽري ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو. نواب امير علي لاهوري پريزيڊنٽ ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جو اهو معمول هو ته هو گهوڙي تي چڙهي شهر جو دورو ڪندو هو. انهيءَ معمول ۾ ميان علي محمد قادري سان ملاقات ۽ مشاورت به هوندي هئي. تعليمي حوالي سان سندس گهڻيون خدمتون هونديون هيون. هو ڪافي عرصو چيئرمين، ميونسپل اسڪول بورڊ لاڙڪاڻو به رهيو..
    اها اميد ٿي ڪجي ته سندس شخصيت جي انهن اهم بلڪه وساريل پهلوئن تي به اهل قلم ۽ اهل علم ضرور لکندا ۽ سنڌ جي سچيت ۽ سيرتوند شخصيت کي ضرور ساريندا، جنهن هن جهان مان، 10 نومبر 1940ع تائين بي لوث خدمت ڪئي ۽ پننجي نيرورتا ۽ جڳياسي هجڻ جو اعلان ڪري موڪلائي ويو
    ڪي سڏن سني، ڪي شيعو ٿا چون سڀ خاص عام،
    ڪي صفا صوفي سڏن، منهنجو پڙهي هي خوش ڪلام
    جو ئي آهيان سو ئي آهيان، جيئن چون مَرُ پيا چون
    ٻارهن پنجن چئن جو قادري آهي غلام.

    ***


    محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين : وساريل کاهوڙي

    شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ سر کاهوڙي جو پهريون بيت آهي:
    ”مون سين ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي
    رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ
    تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿيندو تار ۾.

    متفق راءِ سان چيو ويندو آهي ته اِهو بيت ڀٽ ڌڻي عمومن سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لنواري وارن جي باري ۾ چيو آهي. ڪافي عقيدتمندن ۽ صوفي دوستن خاص ڪري ڊاڪٽر ساغر ابڙي جي تحقيق آهي، ته سُر کاهوڙي آهي ئي خواجه محمد زمان ۽ سندس جماعت جي باري ۾ـ
    16 صفر 1130 هجريءَ ۾ شاهه عنايت جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ ماٺار ۽ مايوسي ڇائنجي وئي. 1150 هجري ۾ جڏهن خواجه محمد زمان جي عمر صرف پنجويهه سال هئي ته هڪ نئين تحريڪ اُڀرڻ لڳي. سندس ارد گرد ماڻهن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. اِنهيءَ ڪري لطيف سائين به آخري عمر ۾ خواجه محمد الزمان وٽ تشريف فرما ٿيا. ۽ سنڌ اندر هڪ نئين اُسرندڙ روحاني تنظيم جو جائزو ورتائون ۽ پنهنجا تاثرات سر کاهوڙيءَ ۾ بيتن جي ذريعي ڏنائون. سندس هڪ بيت مثال طور تي پيش خدمت آهي:
    تان وَنءُ ويهي آءُ، اڱڻ کاهوڙين جي،
    جوش ڏنائون جيءَ کي، لڪائي لوڪان،
    ڏوٿين ڪنهن ڏُکان، سُمهي سک نه ماڻيو.

    حقيقت ۾ ته هيءَ اُها نئين فڪري تحريڪ هئي، جنهن ۾ وحدت الشهود ۽ وحدت الوجود کي سلهاڙي پيش ڪيو ويو هو. مان اِن حوالي سان مولانا غلام محمدگراميءُ جي اُن مشهور تقرير جو حوالو ڏيندس، جيڪا هن خواجه محمد زمان لنواري واري جي عرس جي موقعي يعني 19 نومبر1974 تي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪئي هئي:
    ”حضرات، نقشبندي ٿيڻ جي معنيٰ ئي آهي، وحدت الشهود جو لازمي طور سان قائل رهڻ. ڪو نقشبندي به هجي ۽ وحدت الشهود جو قائل نه هجي. اِها نا ممڪن ڳالهه آهي يا اُهو اهڙو اجتماع الضدين آهي، جنهن جي تطبيق ڪرڻ کان اسان قاصر آهيون. بهرحال حضرت سلطان الاولياءُ جو اِهو انفرادي ڪمال آهي، جو پاڻ وحدت الوجود جي تائيد ۽ تصديق به ڪيائون ۽ اُن جي تجديد ۽ تڪميل به ڪيائون. تڏهن ته فرمايائون:
    سرتيون سٽ ڪپاهه، ماريو مَ منصور کي
    ٿي ترڪيب تباهه، وحدت وائي وات ۾.
    هڪ طرف خواجه محمد الزمان جي سنڌ ۾، اِها هڪ نئين صوفياڻي تحريڪ هئي، جنهن ۾ وحدت الوجودي ۽ وحدت الشهودي صوفين کي ملائي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ٻيءَ طرف تزڪيه نفس ۽ روحانيت جي حوالي سان اهو غير متعصبانه فڪر هيو، جنهن ۾ هندو مومن ٻنهي فيض پئي ورتو. سندس باري ۾ اِها هڪ مشهور روايت آهي، ته هڪ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس خانقاهه ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين ته ”اسم اعظم جو وظيفو عطا ڪيو وڃي. ته پاڻ اُن کي اسم اعظم جي وظيفو ڏيڻ جو اقرار ڪيائون ته هڪ مسلمان مريد اعتراض واريو ته اسم اعظم جو وظيفو وٺندڙ غير مسلم آهي. ته پاڻ فرمايائون ته ميان تو کي مسلماني جي ڪهڙي خبرـ“
    سندن اهڙي تعليم کان متاثر ٿي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو خانقاهه تي اچڻ لڳا. جنهن کي اڳتي هلي”مڪان پاڪ“ جي نالي سان سڏيو ويو. پاڻ کين رضا، توڪل، صبر ۽ سخاوت جو سبق ڏئي، اُهو ”کاهوڙي“ پئي بڻايو، جن وحدت الشهود واري ڪامل ارادي، مڪمل ادب ۽ عجز کي سامهون رکي، وحدت الوجود واري واٽ پئي ورتي.
    اهڙيءَ ريت سنڌ جي سماج ۾ اعليٰ انساني آدرشن جي آبياري پئي ٿي. لفظ ”کاهوڙي“ جي عام طرح معنيٰ اِها آهي ”ڏٿ ڏوريندڙ يا جبلن تي ڏٿ ڳوليندڙ“ پر ٻي معنيٰ آهي، ڪاهوڙي ڪاهيندڙ يا ڏوريندڙ ۽ اصطلاحي معنيٰ آهي ارادي جا پڪا ۽ اٽل فيصلي واراـــــــ حقيقت ۾ ته سلطان الاولياءُ جي پٺيان هلندڙ اُهي نظرياتي ماڻهو هيا، جن نئون سماجي معاهدو ترتيب پئي ڏنوــ جنهن ۾ هر ”انسان کي جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جو سبق هيو.
    اهڙين ئي کاهوڙين مان محمد حسين ولد محڪم الدين جوکيو به هڪ هيو ـ جيڪو اصلي لسٻيلي جو رهاڪو ۽ حق جو ڳولهائو هيو ــ جنهن سلطان الاوليا محمد الزمان جي هٿ تي بيعت ڪئي. ۽ پوءِ اِهو مريدي ـــ خادمي جو سلسلو پشت با پشت هلندو آيو ــ ۽ پوءِ محمد حسين جوکيو جي اولاد مرشدن جي مڪان پاڪ جي قربت ۽ نسبت سان ”مڪاني“ سڏائجڻ لڳي ــ
    حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد الزمان جي اولاد جي سلسلي مان جيڪي مسند نشين بزرگ ٿيا ـ اُهي هيٺين ريت آهن.
    1. خواجه گل محمد محبوب الصمد 2. حضرت غوث عالم خواجه محمد زمان ثاني 3. حضرت خواجه محمد حسن مهاجر مدني 4. حضرت خواجه محمد سعيد مهاجر مڪي 5. حضرت خواجه احمد زمان 6. حضرت خواجه قبله پير گل حسن ـ
    ۽ خاص مريدي سلسلي مان محمد حسين جوکيي جو سلسلو به هيٺين ريت هلندو آيو:
    1.صوفي فقير عبدالله 2. معلم محمد حسين مڪاني 3. فقير عبدالله مڪاني 4 . آخوند محمد حسين مڪاني 5. حاجي عبدالله مڪاني 6. ماستر محمد حسين مڪاني عرف صوفي غلام حسين ــ
    ماستر محمد حسين مڪاني عرف صوفي فقير غلام حسين مارچ 1888ع ۾ سنڌ جي تعليمي مرڪز پاٽ ۾ ڄائو، جو سندس والده ماجده جو تعلق ”پاٽ“ سان هيو. جڏهن ته والد حاجي عبدالله مڪاني جو ڳوٺ هاڻوڪي سڪرنڊ مورو تعلقي جي پراڻي ڳوٺ ”ملڪ“ سان هيو.
    محمد حسين مڪاني پرائمري تعليم پاٽ ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان به اُتي ڏنائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين. سندس هم عصر ۽ ڪلاس ميٽ مرحوم قاضي اختر علي جو والد قاضي غلام مصطفيٰ صاحب به هيو.
    جيئن ئي سنڌي فائنل پاس ڪيائين ته کيس ”پاٽ“ جي پرائمري اسڪول ۾ نوڪري ملي. اُتي هن پنهنجي محنت سان بهترين اُستاد جي حيثيت سان نالو ڪڍيو. اُن کان پوءِ ٽرينگ جي لاءِ ”ٽيچرس ٽرينگ اسڪول جهوناڳڙه“ موڪليو ويو، جتي به هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ نوڪري سانگي ٿاڻي بولا خان ڪوٽڙي، ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن مان ٿيندو لاڙڪاڻي پهتو ــ لاڙڪاڻي ۾ سندس علمي قابليت جي هاڪ مچي وئي. 1922ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي هيڊ ماستر مسٽر ايل ـــ پي واڌواڻي کيس اسڪول ۾ ٽيچر ٿيڻ جي آفر ڏني. جيڪا هن قبول ڪئي. اُن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جا ڪلاس ٽريولر بنگلو ۾ هلندا هيا. جيڪو هاڻوڪي ميونسپل هاءِ اسڪول جي لڳو لڳ هيو. جنهن کي ان وقت وڍيل باغ به ڪري سڏيو ويندو هو. ياد رهي ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول 1919ع کان شروع ٿيو هيوـــ جڏهن انسپيڪٽر آف اسڪولس سنڌ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي اِنسپيڪشن تي آيو ته هن اعتراض واريو ته اپائنٽمينٽ ميرٽ تي ناهي جو استاد صرف سنڌي ست درجا فائنل پاس آهي. هيڊ ماستر وراڻيو، ته ”سائين جي منهنجي وس ۾ هجي ها ته هن عالم شخص کي پنهنجي چيئر تي ويهاريان هاــ“ انسپيڪٽر صاحب، ماستر محمد حسين مڪاني جي انگريزي ۾ ٽيسٽ ورتي، ته انگريزي ٻوليءَ تي دسترس ڏسي حيران رهجي ويو. پڇيائين ”انگريزي ڪيئن پڙهيو آهين؟“ جواب ۾ چيائين، ”شوق پڙهائي آهي.“ ان کان پوءِ پڇيائين، ته ”تنهنجو پسنديده سبجيڪٽ ڪهڙو آهي؟“ــ جواب ڏنائين، ”مئٿميٽڪ“ ۽ انهي ءَ سبجيڪٽ ۾ کيس 72 حسابن جا درجا لکرائي چيائين ته ٻن ڪلاڪن اندر ڪري ڏيکارــ ته ماستر محمد حسين مڪاني وراڻيو، ته ”سائين ڪري ڏيکاريانوَ، يا انهن جا جواب اِتي جو اِتي ٻڌائي ڇڏيانوَ. پوءِ جڏهن 72 ئي حسابن جا جواب اُتي جو اُتي ٻڌائيندو ويو ته انسپيڪٽر آف اسڪولس سنڌ لاجواب ٿي ويو. ۽ اپائنٽمينٽ کي ميرٽ تي ڪرڻ جا ريمارڪس ڏئي هليو ويوـــ
    1922ع کان 1931ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو هر دلعزيز اُستاد رهيو. غير نصابي سرگرمين ۾ به هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ نمايان ڪم ڪيو. پاڻ جيئن ته فوٽ بالر هيو. ان ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي فوٽ بال ٽيم کي ڪراچي ۽ جهوناڳڙه تائين وٺي ويندو هيو. ۽ ٽورنامينٽ کٽرائي ايندو هو. نه صرف اسپورٽس ۾، پر ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ به هاءِ اسڪول کي وڏي اؤج تي پهچايائين. اسڪول ۾ منقعد ٿيندڙ مشاعرن ۾ حصو ورتائين، سندس ئي شعر جي هڪ طرح تي مزاحيه مشاعري جو اهتمام ٿيو.
    آلجبرا سڀ جهڳڙا
    اسان جا ٽين کڙڪي ويا
    اهڙي طرح شاهه جي سورمين تي هن ڪيترا اڪيڊمڪ اسٽيج ڊراما تخليق ڪيا. هو هڪ لائق فائق اُستاد هو ــ ذهين شاگردن کي ننڍن ڀائرن وانگر ڀائيندو هو. سندس شاگردن ۾ لاڙڪاڻي جي ڪيترن ئي معزز شخصيتن کي ڳڻائي سگهجي ٿو. جنهن ۾ ميڊم اشرف عباسي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر عباسي آهن. ليڪن علم و ادب جي حوالي سان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ رام پنجواڻي قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي لکيل پهرين ڪتاب”وينجهار“ ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان سان سندس باري ۾ هيٺين ريت اظهار آهي:
    ”عزيزي مسٽر محمد حسين صاحب مڪاني جو تهدل سان شڪر گذار آهيان. جنهن آنڌيءَ مانجهيءَ سڏيءَ سڏ ڏنو.“
    اهڙي طرح رام پنجواڻي پنهنجي هڪ خط ۾ پنهنجي اُستاد محمد حسين مڪانيءَ کي مڃتا ڏيندي لکيو آهي، ته .
    ”رام پنجواڻي کي، رام پنجواڻي بڻائڻ ۾ سائين محمد حسين مڪاني صاحب جو وڏو هٿ آهي.“
    1932ع کان پوءِ کيس لاڙڪاڻي ضلعي جي انڊيجينس اسڪولس يا عرف عام ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل آفيسر جي آفر ٿي، جيڪا پاڻ قبول ڪيائين. کيس مختلف اسڪولن جي جاچ پڙتال ڪرڻ لاءَ اُٺ ۽ جت مليل هوندو هيو.
    سندس ايمانداري ۽ سختي سڄي ضلعي ۾ مشهور هئي. سندس ايامڪاريءَ جي دوران سندس پٽ عبدالله مڪاني ”ديني مدرسي“ ۾ ٻيو درجو پڙهندو هيو. ٻي درجي جي امتحانن ۾ عبدالله مڪاني پهريون نمبر آيو. ته پاڻ ان نتيجي کي رد ڪري ٻيهر امتحان وٺڻ لاءِ چيائين. ان دؤر ۾ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر ميان محمد ابراهيم عباسي ۽ محمد عثمان چانڊيي، سندس پٽ جو ٻيهر امتحان ورتو ۽ نتيجي کي جڏهن صحيح قرار ڏنائون ته مطئمن ٿيو.
    ائين هڪ ٻيو واقعو به سندس حوالي سان عبدالله مڪاني صاحب ٻڌائي ٿو ، ته ”هڪ ڀيري سندس غير حاضري ۾ قنبر تعلقي جي مدرسي جو مولوي هرڻي کڻي گهر پهچائي ويو. جڏهن بابو سائين آيو ته سخت ناراض ٿيو ۽ مون کي چپاٽ هڻي چيائين ته تو هرڻي ورتي ڇو...؟ سندس غصو ايسيتائين ٿڌو نه ٿيو، جيسيتائين اُها هرڻي واپس نه ٿي.“
    ايمانداري اِن کان وڌيڪ ٻي ڇا چئبي ته 39_1938ع ڌارا قادر بخش ٽالپر ٽنڊي جان محمد جو مير صاحب، سندس دوست ۽ پير ڀائي هو. بيمار ٿيو ته ڪراچي اسپتال ۾ محمد حسين مڪاني سندس تيمارداري ڪرڻ لڳو. پر مير صاحب جو وقت ويجهو اچي چڪو هو. مير صاحب مائٽن جي سامهون محمد حسين مڪاني کي چاليهه هزار روپيه ڏنا ۽ چيائين ته ”فقير غلام حسين تون رک. تنهنجي فقيري حال جي اسان کي خبر آهي توکي اهي ڪم ايندا.“ محمد حسين مڪاني سندس دل رکڻ لاءِ پئسا ته ورتا. پر سندس لاڏاڻي کان پوءِ اُهي پئسا لوڪل بورڊ ۾ اِن شرط تي جمع ڪرايا ته ٽنڊي جان محمد ۾ مير قادر بخش جي نالي تي اسڪول ٺهرايو ويندو. ۽ پوءِ اُهو اسڪول جڙي راس ٿيو.
    درگاهه لنواري شريف جي مرشدن طرفان جڏهن حڪم ٿيو ته درگاه کي سندس خدمتن جي ضرورت آهي، ته پاڻ 1942ع ۾ پرميچوئر رٽائرمينٽ وٺي. پنهنجي روحاني مرڪز سان منسلڪ ٿي وياــ
    خواجه احمد زمان جي وصال کان پوءِ حضرت قبله پير گل حسن جڏهن دستاربندي پئي ڪئي، ته اُن موقعي تي سندس چيل مدح مشهور آهي. جنهن جو ذڪر، عبدالرحمان نقاش ۽ آسودو مل چانڊواڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڏکڻ ڏٺو چنڊ“ ۾ هيٺين ريت بيان ٿيل آهي:
    ”جماعت جي مشهور شاعر ۽ پنهنجي زماني جي ممتاز تعليمي ماهر صوفي غلام حسين پنهنجي هڪ مدح ۾ حضرت جن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    فضل داور ٿو کپي، ڇا ٿو ڪري چرخ ڪُهن
    جي گهلي باد ــ خزان، آخر صبا ايندي چمن
    ابر باران تازگي ڏيندو اُها ئي کي گلن
    اڄ نرالي رنگ ۾ پوشاڪ پهري جانِ ــ من
    صورتِ زيبا چنين نامش وري ٿيو گل حسن.

    1989ع ۾ لنواري شريف ادبي ڪميٽي جي طرفان مٿين ڇپيل ڪتاب جي ارپنا جماعت جي اهم شخصيتن جي نالي هيٺين ريت ٿيل آهي.
    ”ارپنا ــــ هي ڪتاب دل جي گهراين سان
    مير حاجي سهراب کڏڙو (سانگهڙ)، آخوند الهڏنو بوبڪائي، خليفو محمد صديق ٻلهڙيجي (ڏوڪري)، فقير غلام حسين لاڙڪاڻوي، ڊاڪٽر الهرکيو آزاد لنواري شريف (بدين) سيد باغ علي شاهه لکنوي ۽ محمد ابراهيم مڪاني ٻلهڙجي کي ارپيون ٿا. جن جي روايتن ۽ ابتدائي ڪوششن هن ڪتاب جي اشاعت کي ممڪن بڻايو.“
    محمد حسين مڪاني عرف صوفي غلام حسين نه صرف سنڌيءَ تي دسترس رکندو هيو. پر پاٽ جي علمي ۽ ادبي پس منظر رکڻ جي ڪري کيس پارسي ۽ عربي تي عبور حاصل هيو. هن سلطان اولياءُ خواجه محمد الزمان جي پارسي ۾ لکيل ملفوظات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ 1951ع ۾ محمدي پريس لاڙڪاڻي مان ڇپايو. سندس ترجمو ٿيل، ڪجهه ملفوظات پيش خدمت آهن.
    1.ــــــ خلق جو عالم، افضل آهي، امر جي عالم کان ڇاڪاڻ ته ظهور اُن مان ئي حاصل ٿئي ٿو.
    2ــــــ معراج جي رات سواءِ انسانيت جي، ٻيو ڪو آخري پردو ڪو نه رهيو.
    3ـــــ مراقبي جو نمونو ٻليءَ کان سکڻ گهرجي، جيڪا ڪوئي جي ٻــر تي جوهه ماري ويهندي آهي.
    4ـــــ جنهن کي محبت ناهي، تنهن کي ايمان ناهي. جنهن کي اطاعت ناهي، تنهن کي ذڪر ناهي.
    5ـــــ انسان قائم آهي، خيال تي، خيال گم ٿيو انسان به گم ٿي ويندو.
    6ــــ جڏهن فڪر تمام گهڻو ٿيندو، تڏهن خدا حاصل ٿيندو.
    7ــــ جڏهن خاڪ جي وصف کي پهچندين، تڏهن ڀائنج ته سير سلوڪ پورو ٿيو.
    8ــــ جهڙيءَ طرح ٻه گدرا مٺ ۾ نه ٿا اچي سگهن. ان طرح دنيا ۽ آخرت به هڪ ئي وقت هٿ نه ٿا ڪري سگهجن.
    9ـــــ سچي صحت ۽ مسرت فقيري ۾ آهي. ليڪن فقيري غربت جو نالو آهي، نفساني خواهشن کي مٽائڻ جو نالو آهي.
    10ــــ جو طالب خود کي فنا نه ٿو ڪري. محض وظيفن ۽ درودن جي ذريعي حق تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. خدا کي اُن جي وظيفن ۽ ورد جي پرواهه ناهي.
    11ــــ اسان جو طريقو هٿ هاج ۾، دل يار ڏي هجي.
    سلطان اولياءُ خواجه محمد زمان جا ملفوظات ڪل 446 آهن. هر هڪ قول معرفت جو موتي، توحيد ۽ سلوڪ جو ياقوت و الماس مثل آهي.
    ان کان سواءِ محمد حسين مڪاني عرف صوفي غلام حسين جو اڻ ڇپيل مواد، قلمي نسخي جي صورت ۾ ”سوانح حيات حضرت خواجه احمد زمان“ لنواري شريف جي ادبي ڪميٽي وارن وٽ اڃا موجود آهي ۽ ڇپائيءَ جو منتظر آهي.
    کيس مذهبي شاعريءَ تي به ملڪو حاصل هيو. ان ڪري جماعت ۾ سندس مداحون، مُناجاتون، قصائد ۽ نعتون نهايت مشهور هيون. جيڪي اڄ به ڪيترن کي بر زبان ياد آهن، جن جا ڪجهه بند ، مثال طور پيش آهن.
    ڏوهه ڏوهيءَ جا ڪروڙين
    مثل واريءَ جي اپار
    ڇا صغيرا، ڇا ڪبيرا
    ناهه تن جو ڪو شمار
    عُفو جي فرمان سان
    سائين ستر ڪرڪو ستار
    انت شافعي، انت ڪافي
    انت مولا، تون غفار
    رحم واري ذات تنهنجي
    رحم ڪر پروردگار
    رحم تنهنجو ٿو نهاريان
    رحم تنهنجو بي شمار
    *

    سڀ ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهيم
    ڪو نه پاڙيم ڪو اکر
    ٻاجهه ڀريا ٻاجهه ڪر
    ڪر نه مون کي دربدر
    *
    ڪر ڪرم خيرالواريٰ، يا رحمت العالمين
    شافع روز جزا، يا رحمت العالمين

    سندس پٽ سائين عبدالله مڪاني ٻڌائي ٿو ته ”هڪ دفعي امان سخت بيمار ٿي پئي، ايسيتائين جو بدن جي کل به لهي ويس. گهڻي دوا درمل کان پوءِ به سندس جان آجي نه پئي ٿي. بابا هڪ مناجات جوڙي وڏي عجز سان امان جي مٿان پڙهڻ لڳو.
    شهنشاه مشڪل ڪُشا، اڄ ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي
    درد جا دارون دوا، اڄ ٻاجهه تنهنجي ٿي کپي.
    نتيجي ۾ امان ٻن هفتن اندر ٺيڪ ٿي وئي. “
    بقول سائين عبدالله مڪاني جي، ته سندس ڪافي لکيل مواد گهر ۾، ڪاٺ جي پيتين ۾ موجود هيو. جيڪو اڏوهي جي ور چڙهي ويو. حتاڪ، اُهو سروس بوڪ به جنهن سان سندس ملازمت واري زندگيءَ جو احوال ترتيب ڏئي سگهجي پيو.
    ”گلزار سعادت “ نالي مناجاتن ۽ مدحن جو ڳٽڪو جماعت جي هڪ ميمبر طرفان ڇپايو ويو هو. جنهن ۾ سندس ڪافي شاعري هئي. جيڪو هن وقت اڻ لڀ ٿي چڪو آهي.
    محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين شريعت ۽ طريقت جا صاحب هيا. نماز پڙهڻ وقت، تڪبير چوڻ کان پوءِ دنيا و مافيها کان بي خبر ٿي ويندا هيا. ٻاهريون گوڙ ۽ شور، ايسيتائين جو دهل ۽ شرناين جو آواز به مٿانئن اثرانداز نه ٿيندو هو. مراقبي ۽ ذڪر قلبي سان کين رغبت هئي. اِنهيءَ مراقبي ۽ ذڪر قلبي جي اسرار کي سمجهڻ ۽ انداز کي اختيار ڪرڻ لاءِ، وقت جا عالم سندس وٽ ڪهي ايندا هيا. مولانا غلام رسول جنهن جا خطبه مشهور آهن. اُهو به وٽس رشد ۽ هدايت وٺڻ لاءِ ايندو رهندو هيو.
    68 سالن جي عمر ۾ جڏهن بيمار ٿيا ته اڳواٽ ئي سڀن کي ٻڌائي ڇڏيون ته ”اسان وڃڻ وارا آهيون.“ دوستن، احبابن ۽ پير ڀاين کيس عرض ڪندي پڇيو ته ”اوهان کان پوءِ روحاني صحبت ڪنهن سان ڪجي.“ ته وراڻيائون، ”هاڻي روحاني صحبتن جو دؤر ختم ٿيو. هاڻي هر ڪنهن کي صحبت پاڻ سان ڪرڻي آهي.“ سن 1956ع ۾ پاڻ وفات ڪيائون ۽ لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي وڏي مقام ۾ مدفون آهن.
    اولاد ۾ کيس ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. پهريون پٽ احمد علي مڪاني مرحوم، سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ سپرنڊنٽ جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيو. ٻيو پٽ مرحوم ڪامريڊ شوڪت علي مڪاني سنڌ جو بي باڪ ۽ ارڏو صحافي ٿي گذريو آهي ۽ هاري تحريڪ جي حمايت ۾ جيل به ڀوڳيائين. ٽيون پٽ عبدالله مڪاني جيڪو ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ پوءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تان 1991ع ۾ رٽائر ٿيو، حال حيات آهي. سندس پوٽن ۾ محمد حسين مڪاني ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻو منهنجي ننڍپڻ جو محرم راز دوست آهي، جيڪو پنهنجي ڏاڏي جي روحاني ۽ جسماني نقش قدم تي روان دوان آهي.
    ماستر محمد حسين مڪاني عرف صوفي فقير غلام حسين لاءِ سندس ئي ڪامل مرشد سلطان اولياءَ خواجه محمد زمان جو اُهو بيت ارپجي ته بهتر ٿيندو. يقين آهي ته اُهو بيت ئي سندس روح کي سڪون ۽ آرام بخشيندو.
    صنم سو ئي ڀانءِ، جو دل رهائي دوست کان
    ٿياسي ئي ٿانءِ، جي هميشه حضور ۾.

    **


    انيس انصاري : پرمل ۽ نرمل انسان

    سوامي هر ديال جي سسنسڪرت ٻوليءَ جو مها ڪوي ٿي گذريو آهي. ان جو هڪ شعر آهي.
    گير گير مين ماڻڪ نهين، گج گج موتي ناهه
    چندن ترو بن بن نهين، پور پور ساڌو ناهه

    (هر سمنڊ ۾ ماڻڪ ناهي. هر هاٿي موتين لائق ناهي هر بن ۾ چندن ڪونهي، هر وستيءَ ۾ ساڌو ناهه.)
    اها ڪيڏي نه خوش نصيبي هئي منهنجي، جو مان لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي جي ان ڪنڊ ۾ رهان ٿو. جتي انيس انصاري جهڙو دلڌير، دلساز ۽ جوتي سروپ ساڌ رهندو هو.
    27 آڪٽومبر 1996ع تي انيس انصاري مون کي پنهنجي افسانن جو مجموعو ”انيس جا افسانه“ ڏنو. جنهن جي مهڙين صفحي تي سندس هٿ اکر لکيل هئا.
    ”سٺي ڪهاڻيڪار ۽ سٺي پاڙيسري جناب منظور ڪوهيار کي سڪ سان.“
    مان سوچيندو رهجي ويس ته اهو ريمارڪ انيس انصاري منهنجي لاءِ لکيو يا پنهنجي لاءِ؟ دراصل اسان جهڙن ٻاٻرن ڪنڊن کي به درخت سڏڻ اهو ڪم ساڌن جو، جيڪي هميشه نير ورتا واري حالت ۾ هوندا آهن، تڏهن ته ڪنهن هندي شاعر چيو آهي.
    سادهو اور پارس مين بڙا انتر جان
    وه تانبا سونا ڪري، وه ڪري آپ سمان.
    انيس انصاري پهريائين ته مون لاءِ صرف چاچو الله بخش هو. ڇو جو هُـو اشتياق انصاريءَ جو والد هو، ۽ ان وقت لاڙڪاڻي جي رول رانديگرن جو نظريو هو ته هڪ ٻئي جي والدين جو حد کان وڌيڪ (چمچا گيري جون هڙيئي حدون اورانگهيندي) احترام ڪيو وڃي ته جيئن گهر ۾ رانديگرن جي عزت ۽ حيثيت ٿئي ۽ ٽوئر لاءِ وقت سر اجازت ۽ پئسو ملي.
    ٻي حوالي سان به نياز نوڙت هئي جو، هو پاڙي جي بزرگن منجهان هو، سندس گهر ۽ منهنجي گهر ۾ صرف ستن فٽن جي ويڪري وٿي گهٽيءَ جي صورت ۾ هئي. اسان جي ننڍي وهي وارن جو ان زماني ۾ اهو آدرش هو ته پاڙي جي بزرگن کي ”فرمانبرداري“ واري ڀرم رکڻ لاءِ هر هر سلام ڪجي، ڪڏهن ڪڏهن ته اسان بزرگن کي چيڙائڻ خاطر به سلامن جي يلغار ڪندا هياسي. چاچو الله بخش به هڪ ڏينهن ان آزمائش مان گذريو. هو ان وقت پنهنجي سڪ ساءَ واري سان گهر جي در ٻاهران گفتگو ۾ مصروف هو. اسان اٺن ڄڻن صلاح ڪري واري واري سان کيس سلام ڪيوسي، هن مشڪي هر هڪ کي جواب ڏنو. وري موٽ کائيندي کيس سلام ڪيوسي. اهڙي ريت چار چڪر هڻي، ٻٽيهه سلام ڪري ٿڪجي پياسي، پر چاچو الله بخش نه ٿڪيو. هر وار مشڪندو رهيو ۽ سلام ورائيندو رهيو.
    آخري عمر تائين به ”ياران ڪهن“ کان وٺي، نوجوان، جنهن ۾ خاص ڪري امام راشدي، نئين ديري مان ڪهي ايندو هو. چاچو الله بخش طبيعت جي ناسازيءَ جي باوجود به در تي بيٺي بيٺي ساڻن خوش و خير عافيت ڪري وٺندو هو. ڪڏهن به کين مايوس نه ڪيائين ۽ نه وري منهن ۾ گهنج وڌائين.
    حقيقت ۾ ته انيس انصاريءَ سان منهنجي واقفيت تڏهن ٿي، جڏهن مون ادب پڙهڻ شروع ڪيو هو. ”اشتياق انصاري“ نه ٻڌائي ها ته انيس انصاري بابا جو قلمي نانءُ آهي ته پڪ سان مان کيس ڪنهن ڇوڪريءَ جي تصور ۾ نڌان روپ ڏيان ها، بس ان ڏينهن کان وٺي ”انيس انصاري“ جو مضمون يا افسانو مون لاءِ فخر جو باعث بڻيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سندس ڪهاڻي ”اداس پليئر“ سوجهرو ۾ ڇپي ته مون ميگزين کڻي لئي ويهاري هئي.
    ”هي انيس انصاري جو افسانو اداس پليئر آهي، اسان ڪرڪيٽ جي رانديگرن تي لکيل آهي... اشتياق جو والد آهي، وغيره“ ٻين لفظن ۾ مون ڄڻ ائين پئي ٻڌايو ته سندس لکڻ ۾ اسان رانديگرن جو وڏو هٿ آهي.
    اهو ڀلو وقت هو. هر سٺي شي کي پنهنجي own ڪرڻ جو ۽ هاڻيdis own ڪرڻ جو وقت آهي... خبر ناهي ته اها اجائي انفراديت ۽ پاڻ پڻي وارو مرض ڪٿي پهچائيندو؟
    ننڍي ٽهي، وڏي ٽهي يا generation gap جو بحث پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت ۾ اسان سڀ متاثرين جي نسل منجهان آهيون. اسان پنهنجي وڏن جي ڳڻن کان متاثر ٿي معاشري جي تشڪيل ڪيون ٿا. خير، ڪو مڃي يا نه مڃي پر پاڻ ۾ جيڪي به ٿورا ٿڪا گڻ آهن، سي بزرگن جي تربيت جي طفيل آهن.
    جي ڪٿي مهمان نوازي ۽ شفقت جو ذڪر ايندو ته منهنجي اکين آڏو اهو منظر ضرور ڦرندو. جنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ مهراڻ يونيورسٽي کي اٺن نون مهينن لاءِ تالا لڳي چڪا هئا. ”شيرين سومرو“ ۽ ”ميجر ڪفايت“ واري واقعي ڪري ــــ گهڻو ڪري ته 1978ع جا پڇاڙڪا مهينا هئا. اسان واندا مل هڪ ٻئي جا اڻ ڪوٺيا مهمان ٿي رهندا هياسي، خبر پئي ته اشتياق وڃي ڪراچي وسائي آهي. ڇو ته ان دؤر ۾ چاچو الله بخش ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ هو ۽ جيڪب لائن جي هڪ فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو.
    سڃائيءَ ۾ ڪراچي گهمڻ جو به هڪ پنهنجو مزو آهي، سو اوٽ موٽ جو ڪرايو کڻي سڌو اچي جيڪب لائين جي فليٽ ۾ ديرو ڄمايوسي، ”ابي جي گهر مزمان، اسان جي دل کي لوڏو ئي نه.“ جي تحت اشتياق انصاري اسان جي خوب خدمت ڪئي. رات جو رلي پني دير سان اچي سمهندا هياسين، چاچو الله بخش صبح سان سويل اٿندو، پنهنجي ناشتي سان گڏ اسان جو ناشتو به ٺاهي ڇڏيندو ۽ پوءِ اٿاري چوندو.
    ”بابا، ڪجهه اٿي، کائو پيئو ۽ پوءِ وري سمهي پئو.“
    اسان هر روز شرمسار ٿيندا هياسين ۽ نڪ جي پڪائي سان اٿي، کائي پي ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ عهد ڪندا هياسين ته اڳتي کيس تڪليف ناهي ڏيڻي. پرپوءِ اها ساڳي ڪار؛جيئن چوڻي آهي:
    ”عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ.
    اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، چُڻ چڻ ڪنڊا کاءِ.“
    پر اسان جي خطائن ڪري، هن پنهنجي عطائن ۾ ڪمي نه آندي، اسان به خير سان ذري گهٽ مهينو رهي پوءِ موٽياسين.
    چاچي الله بخش جي مزاح به ڏاڍي گهري ۽ معنى خيز هوندي هئي.
    جيتري قدر ياد ٿو پوي ته ان زماني ۾ چاچو الله بخش لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ڪندو هو. گهڻو ڪري ته روينو کاتي ۾... اشتياق کي ڪي ڪاغذ اٽيسٽيڊ ڪرائڻا هيا .... ان زماني ۾ اهو منظر عام هو ته ڪم ڪنهن هڪ رانديگر جو هوندو. باقي، پٺيان لالوءَ وارو لشڪر ساڻ.
    ان جو ڪم ان ڪري جلد ٿي ويندو هو جو هر شريف ماڻهو انهن رانديگرن جي ٽهڪن ۽ هُلڙ بازيءَ کان ونءُ ويندو هو، جيڪي ٿوري ٿڪي ڳالهه تي وڏڦڙي وانگر وسي پوندا ها. اشتياق به ڪجهه ڪاغذ چاچي الله بخش جي ٽيبل تي رکيا ۽ دوستاڻي انداز ۾ چيو.
    ”سائين، هي ڏسي اٽيسٽيڊ ڪري ڏيو.“
    ”ها سائين ڪري ٿا ڏيون.“ چاچي الله بخش اسان سڀني تي هڪ طائرانه نظر وجهندي وراڻيو.
    چاچي الله بخش جو ڄاتل سڃاتل به ڪو اتي ويٺو هو، تنهن چيس. ”اوهان هن ڇوڪري کي سڃاڻو به ٿا يا نه، جو ائين اٽيسٽيڊ ڪري ٿا ڏيوس!“
    چاچي الله بخش وراڻيو ”هن سان ته ايتري شناسائي ناهي، پر هن جي ماءُ سان شناسائي پراڻي وقت کان آهي.“
    همراهه هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ عجيب نظرن سان اشتياق کي گهورڻ لڳو. سائين جو ڪو ٻيو دوست به اتي ويٺو هو. تنهن سندس حيرانگي دور ڪندي چيو. ”اهو ڇوڪرو، سائين جو پٽ آهي.“
    ان همراهه سڪون سان ساهه کڻندي چيو. ”مون به سوچيو پئي ته الله بخش جهڙو سنجيده ماڻهو ائين ٿي نٿو سگهي. چئبو ته اڄڪلهه اوهان مذاق گهڻي ٿا ڪيو.!؟“هن چاچي الله بخش ڏانهن منهن ڪندي چيو.
    ”مون ته حقيقت بيان ڪئي، اوهان الائي ڇو مذاق سمجهي؟“ چاچي الله بخش آرام سان وراڻيو.
    ۽ اها مذاق به نه هئي. کيس پنهنجي رفيق حيات سان ڏاڍي انسيت هئي. ان جو اظهار سندس افسانن جي مجموعي ”انيس جا افسانه“ جي ارپنا ۾ آهي.
    ”اڌ صدي ڏکن ۾ ساٿ ڏئي سکن ۾ اڪيلو ڇڏڻ واري عائشه انصاري جي نانءُ“
    چاچو الله بخش پنهنجي شخصيت جي حوالي سان ڏاڍو ڳنڀير هو. ان ڪري جنهن تنهن کي دل جا انگور ڪڍي نه ڏيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وڇڙيل ڪونج وانگر ڪڻڪي پوندو هو. پر اهڙن اشارن ڪناين ۾ جو سمجهو ڪي سمجهن، باقي عام لاءِ ته عام ڳالهه هئي.
    هڪ اديب جي حيثيت سان ”انيس انصاريءَ“ جهڙو بردبار ۽ خوددار ڪو ٻيو ....؟ خود آرائي، خودستائي ۽ خودڪامي کان ڪوهين ڏور .... بس لکڻ پڙهڻ جي لوري هيس. باقي مڃتا جي چڪر ۾ نه کيس شامن ملهائڻ جي ڳڻتي، نه اخباري بيانن جو فڪر .... پنهنجي روءُ سوءَ، پنهنجي واٽ سان پيو هلندو رهيو. منهنجون صحبتون هزار هيس. ان ڪري ڪنڌ نه ڪڍائي سگهندو هو.
    مان جڏهن ادب جي آني مان ڦٽي نڪتس ته پاڙيسري واري حجت ڪري کيس اوطاق تي ڪوٺي ايندو هوس. 1989ع کان 1999ع تائين خوب ڪچهريون ٿيون. جتي انيس انصاري پنهنجون بهترين ڪهاڻيون پڙهيون، خاص ڪري ”اڃا نه اڃا نه“، ”ڊونا“ ، برف جي سر“ ۽ ”پينشنر“ وغيره.سندس پڙهڻ جو انداز ڏاڍو پيارو ۽ وڻندڙ هو. اسان جهڙا ڪيترائي سندس پڙهڻي کان متاثر ٿيا ۽ سندس انداز اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    سندس تنقيد ته ڏاڍي نرالي هئي. دل آزاريءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ دفعي ادبي ڪچهري ۾ ڪنهن شاعر بي مهار اهڙو ته ڇڙواڳ نظم پڙهيو جو ويٺلن ويهي ابتي کل لاٿس، اهو همراهه صفا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ انيس انصاري جي صدارت هئي. راءِ اهڙي ڏنائين جو سڀئي کيرکنڊ ٿي ويا. آخري جملو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز چيائين.
    ”ڏاڍي سٺي شيءَ آهي، پر خدا ڪري پهرين ۽ آخري نه هجي.“
    ادبي بگبگوتي ۽ دم زني کان ته ونءُ ويندو هو. جيڪو ڪندو هو. تنهن کي اکر ئي ٻه ته، جي ڀائين ڀلو پنهنجو ته ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ.
    سندس رويي، گفتگو ۽ ڪردار مان پرايوسي خوب پرايوسي،هو، ڏجي، ته ڏکائجي به نه وارن ماڻهن مان هو. ان ڪري هر ڪنهن سندس گفتگو مان حظ حاصل ڪيو.
    لاڙڪاڻي جي هر ادبي حلقي لاءِ قابل قبول هو. ڇو ته هن وٽ خلوص بيڪران هو. جڏهن ته ٻيا پياسا هئا، اڃ اجهائي ويندا هيا. وري ٻيهر اچڻ جي آس کڻي.
    پڇاڙڪن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ”رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻي“ جي هڪ ادبي فنڪشن جي صدارت لاءِ پنهنجي حجت ناتمام رکي سي ته معذرت ڪيائين. ”پٽ، هاڻي اڌ ڪلاڪ به ويهي نٿو سگهان.“
    مون محسوس ڪيو ته انيس انصاري جيڪو اڳيئي نازڪ ۽ نفيس هيو سو ڏاڍو ڪمزور ۽ ۽ نحيف ٿي چڪو آهي. مون کيس مشورو ڏنو.
    ”اوهان حيدرآباد، اشتياق وٽ ڇو نه ٿا رهو؟ حيدرآباد جي آبهوا لاڙڪاڻي کان چڱي آهي.“
    کلي وراڻيائين ” ٻڌون ٿا، اتان جي آبهوا ڏاڍي بهتر آهي، جتي هوءَ رهي ٿي.“
    مان اشارو ته سمجهي ويس پر ماٺ رهيس جو بحثا بحثي جي گنجائش نه هئي.
    6 مارچ 2000ع شام جو سندس پوٽي دروازو اچي کڙڪايو ۽ ٻڌايو؛ ”بابا وڏو گذاري ويو آهي.“
    مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن چيو هجي جنهن ڇانودار درخت جي هيٺان علم ۽ فضيلت جي آسيس وٺندا هيئه ۽ خلوص جي چشمي مان اُڃ اجهائيندا هيئه، اهو نخلستان موڪلائي ويئه!
    مون سوچيو پئي ته هڪ شخص جيڪو الله بخش جي حوالي سان نرمل ۽ پرمل هو، ته انيس انصاريءَ جي نسبت سان به گهرگنڀير ۽ منٺار هو. تنهن جو پاڙي مان لڏي وڃڻ، اسان جي ڪيڏي نه ڪم نصيبي آهي.
    7 مارچ الله بخش ”انيس انصاري“ پنهنجن احبابن، دوستن ۽ گهڻگهرن جي ڪلهن تي وفاتيءَ جو لباس اوڍي، ان ڀر آرامي ٿيو، جنهن جاءِ تي لکيل هو. ”عائشه زوجه الله بخش انصاري“
    ان وقت ذهن ۾ سوال آيو ته پڇانس.
    ”چاچا، عالم برزخ جي آبهوا ڪيئن آهي؟“
    بروقت جواب اندر مان آيو:
    ”جتي ٻه وڇڙيل روح گڏجن، اتان جي آبهوا ضرور لاجواب هوندي.“


    قلندر بخش بدوي : رڃ پار ڪرائيندڙ

    سدائين ٻهڪندڙ چهرو، بردباري ۽ انڪساريءَ جو دلاويز مرڪب، مٺڙو اهڙو، ڄڻ ملائڪن سندس مٽيءَ کي ماکي وجھي ڳوهيو هو. چيٽ ڪتيءَ هڪ جهڙي طبيعت ــ اهڙو هو، سائين قلندر بخش بدوي. مون پنهنجي پهرين ادبي ڪاوش، ڪهاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ بزمِ شهباز ۾ پڙهي، ڀانيان ٿو اهو 1974ع وارو سال هو. بزمِ شهباز جو ڪرتا ڌرتا سائين قلندر بخش بدوي هو. ادبي گڏجاڻيون سندس ئي وڏي اوطاق تي لاهوري محلي ۾ ٿينديون هيون. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جهڙو ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ پارکو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جهڙو کوجنائي اسڪالر، سائين مولوي نورالدين نور جهڙو بحر وزن جو ڀرجھلو شاعر، محترم اختر جانوريءَ جهڙو خوش مزاج ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس شامل پيا ٿيندا هئا.
    اهو ڪرشمو به سائين بدوي صاحب جو ئي هو. جو اسان جهڙا الهڙ به اهڙين محفلن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. جن کي نه ادب آداب جي خبر هئي نه وري اٿي ويٺي جي ڄاڻ. اهڙن الهڙن ۾ هڪ سرموڙ الهڙ لاڙڪاڻي جي هڪ ادب دوست شخصيت مرحوم مهر الله شيخ جو مستانڙو فرزند ارجمند به هوندو هو. شيخ صاحب مرحوم، پٽ جي علمي ۽ ادبي تربيت لاءِ کيس بزم شهباز جي ڪچهرين ۾ وٺي ايندو هو، جيڪو هر ڳالهه تي، ”بز اخفش“ جيان پيو ڪنڌ ڌوڻيندو هو.
    هڪ ڀيري ادبي گڏجاڻي هلندي مستاني نوجوان اعلان ڪري وڌو ته، ”اڄ اسين گوهر افشاني ڪنداسين.“ سموري بزم حيران هئي، جيتوڻيڪ سندس والد بزرگوار نوجوان کي گهڻو ئي روڪيو ته هو اهڙي گوهر افشاني کي ڪنهن ٻي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پر هو نه مڙيو ڇاڪاڻ ته، اسان پاري پبلڪ جو پراصرار زور انهيءَ مستانڙي پويان هو. شيخ زادي دنيا جو نقشو ڪڍي خطاب فرمايو، ”حاضرين مجلس، مون دنيا جي نقشي تي ويهي وڏي کوجنا ڪئي آهي ۽ انهيءَ تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته، چنا چين مان، ڪوري ڪوريا مان، ابڙا ايران مان ، منگي منگوليا مان ۽ شيخ شام مان آيل آهن.“ مجلس ۾ ويٺلن مان ڪنهن امالڪ رڙ ڪري پڇيو ،
    ”۽ ٻروچ ..؟“
    سوال ٻڌي شيخ زادو ٿورو هٻڪيو پر پوءِ نقشي تي غور ڪندي وراڻيائين، ”ڏاڍو ويچاريو اٿم، پر خبر نه ٿي پئي. لڳي ٿو سمنڊ مان نڪتا آهن.“
    ڪچهري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ پوءِ بي لغام حاضرين هئا ۽ ڇڙواڳ محقق.سوال ڪندڙن، سوال ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو پر اڳيان به شيخ زادو هو. هن به کتا جواب ڏنا.
    ادبي گڏجاڻي جو رخ ئي بدلجي چڪو هو. بزرگن گهڻي ڪوشش ڪئي ته محفل کي اصلي رنگ تي آڻجي، پر محفل بدمست هاٿين جي حوالي ٿي چڪي هئي. جن سمورا آداب اورانگهي ڇڏيا.
    اسان کي ندامت جو ڏاڍو احساس هو، ٻي ڏينهن تي سائين قلندر بخش بدوي سان مليا سين. اسان جو خيال هو ته سائين شايد ناراض هوندو پر ائين نه هو. اسان جي معذرت تي رڳو ايترو چيائين، ”بابا، مڙيئي خير آهي، شغل ٿي ويو، اوهان رڳو مولوي نور الدين نور کي پرچائي ڇڏجو. مان به چيو اٿمانس ته انهيءَ قصي کي درگذر ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪلهه ٻارڙن جو وارو هو.“
    جيتري قدر ياد اچي ٿو ته بزم شهباز جي ڪنهن به گڏجاڻي يا محفل ۾ ڪڏهن به ڪا بدمزگي پيدا نه ٿي هئي. بدوي صاحب پنهنجي سهپ جي صفت سان، سڀني کي درگذر جي ڏوريءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو هو، ان ڪري هرڪو منجهانس رازي پازي هوندو هو.
    اوطاق تي راڳ رنگ جون ڪچهريون به ڪرائيندو هو. جن ۾، استاد گلزار علي ۽ خان صاحب خورشيد علي خان جي پائي جهڙا راڳي به اچي شريڪ ٿيندا هئا. عام دعوت هوندي هئي ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو متڀيد نه هوندو هو. داد ڏيڻ لاءِ نه صرف راڳ جا ڄاڻو پر ڪيئي اڻڄاڻ ڪٺا ٿيندا هئا. بدوي صاحب جي محابي اسان جهڙن کي به ڀيروي، ايمن، ٺاٺ ٺمريون، لهرا ۽ جهولا سمجهه ۾ اچڻ لڳا هئا.
    اڄ به گلزار علي خان جي پلٽن سان سلهاڙيل اها ڪافي ڪنن ۾ ٻري رهي آهي،
    ”سڌ نه سورن جي، ڪل ڪا مون کي
    او ڏاڍو عشق اڙايو اٿئي،
    او ڏاڍو برهه بڇايو اٿئي.“
    يا خان صاحب خورشيد علي خان جي پرسوز آواز ۾ خواجه فريد جي اها ڪافي،
    ”تتي رو رو واٽ نهاران
    ڪڏي سانول موڙ مهاران
    جنين ڪارڻ سو سختي جاڳي
    ڦران ڏهاڳي، ويس ويراڳي
    جند مين ڏيکان، سانول ساڳي
    ٿيوان باغ بهاران........“
    ياد اينديون آهن ته ذهن کي سرور ايندو آهي ۽ يادن جا جهروڪا کلي پوندا آهن، جنهن مان سائين بدوي جو پرنور ملوڪ مهانڊو اڳيان اچي ويندو آهي، جيڪو راڳ تي مست ٿي جهومندو هو.
    سائين قلندر بدوي مرحوم 1922ع ۾ جنم ورتو. ٻاروتڻ ۾ والدين جي وفات جي ڪري مئٽرڪ به نه ڪري سگهيو ۽ زندگي جي سڳي سورڻ لاءِ ننڍا سنڍا ڪاروبار ڪري ڏاڍي سيبتي طريقي سان وقت گذاريو.
    سياسي ڪارڪن هو ۽ سياسي طور تي مسلم ليگ (قاضي فضل الله گروپ) سان سلهاڙيل هو ۽ اها ڪمٽمينٽ توڙ تائين نڀايائين پر وچتي ٿورو پيپلز پارٽي ۾ پنهنجي پوري برادريءَ سان جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هيائين. پر پيپلز پارٽيءَ ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه ڏسي جلد موٽ کاڌائين.
    شاعريءَ ۾ الهه ڏتي کيڙي، حاجي محمود خادم ۽ هري درياني دلگير کان اصلاح وٺندو هو. بدوي صاحب جي شاعريءَ تي فن ۽ خيال جي حوالي سان ڪڏهن به وڏا اعتراض ٻڌڻ ۾ نه آيا. اڄ به سندس هڪ غزل جا ڪجهه بند حافظي ۾ محفوظ آهن،
    ”شريڪ غم الم ڪوئي نه آهي،
    هجي جو هم قدم ڪوئي نه آهي.
    ڀري ساغر مٿان ساغر ڏنائين،
    حقيقي جامِ جم ڪوئي نه آهي.“

    سندس گيت به ان دؤر ۾ ڏاڍا پسند ڪيا ويندا هئا ۽ پاڻ پنهنجا گيت سر سان ڳائي محفل کي محظوظ ڪندو هو. اها سرشاري ۽ سرمستي تڏهن، پنهنجي عروج کي وڃي ڇهندي هئي جڏهن بدوي صاحب جو فرزند، فتح عباس، سائين جو گيت سُر سان ٻڌائي، سڄي محفل جهومائي ڇڏيندو هو. خاص ڪري هي گيت:
    ”ڳائڻ وارا ڳاءِ
    اڃا ڪجهه ڳائڻ وارا ڳاءِ.“
    فتح جڏهن سائين بدوي جو اهو گيت ڳائيندو هو ته، سندس آواز جي لئه تي ويٺل جهمريون هڻندا هئا.
    پاڙي ۾ هڪ ٻه تنگ دل ۽ بدذوق ماڻهوءَ به هوندا هئا، جن کي ان قسم جون محفلون پسند نه اينديون هيون پر بدوي صاحب ڪڏهن به سندن ڪاڻ نه ڪڍي.
    سوجهرو، سهڻي، مهراڻ ۽ ٻيا ادبي رسالا سندس پڪا سنگتي هئا. ۽ ٻين سنڌي ادبي رسالن سان اسان جي واقفيت به سائين بدوي جي ڪري ٿي. ڇو جو هو اهي ادبي رسالا پنهنجي اوطاق تي پڙهڻ لاءِ گھرائيندو هو.
    دنيا گذر گاهه آهي، ڪيئي آيا، ڪيئي ويا، پر جنهن تاريخ يعنيٰ 17 آڪٽوبر 1978ع ۾ اوچتو دل بيهجي وڃڻ جي ڪري بدوي صاحب ”رضا “ ڪئي هئي ته اسان کي ائين لڳو ڄڻ ته متل محفل ڇڏي ويو هجي.
    اڄ لاهوري محلي ۾ ته ڇا پر سڄي لاڙڪاڻي ۾ به اهڙو محفل جو مور ڪونهي، جيڪو سائين بدوي وانگر پاڙي جي ننڍن کي ويڳاڻپ جي رڃ مان اٿاري، سڃاڻپ جي سبزه زارن ۾ ويهاري.

    **


    هري دلگير : ڀٽائيءَ جو هنج

    هري دلگير سان پنهنجي سنئين سڌي ملاقات ته ڪونه هئي. پر ڪيترن ئي حوالن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ناتو آهي.
    اڻ سڌي طرح هڪ حوالو آهي، مرحوم قلندر بخش بدويءَ جو ، جنهن لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ بزم شهباز جو بنياد رکيو، جيڪو منهنجي لاءِ پهريون ادبي مڪتب هيو. بدويءَ صاحب ڏاڍا خوبصورت گيت سرجيندو هيو. سندس گيتن ۾ بلا جي رواني هوندي هئي. جنهن به کائنس پڇيو ته سندس گيتن ۾ ايڏي رواني ۽ بي ساختگي ڇو آهي؟ ته وراڻيندو هيو، ’اُستاد ڪامل هري دلگير جو شاگرد آهيان.‘
    ٻيو حوالوآهي، ڊاڪٽر اياز قادري جو. سائين جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته سندس ئي اوطاق تي ڀرپور ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون.
    هڪ دفعي سندس ئي پي. ايڇ. ڊي وارو مقالو ’سنڌي غزل جي اؤسر‘ زير بحث آيو. اُن تي ڳالهائيندي ٻڌايائين ته ’هتي سنڌ ۾ سڀني علمي ۽ ادبي حلقن ۾ تعريف ٿي. پوءِ دوستن رايو رکيو يا الهه لڳ رايو ڏنو پر مون کي جيڪا مو ٽ هند ۾ ويٺل اديبن ڏني، اُن جي خوشي ڏاڍي ٿي.‘
    پوءِ ڊاڪٽر اياز قادري هند مان لکيل اديبن ۽ محققن جا خط پڙهايا. اُنهن ۾ هڪڙو خط هري دلگير دريانيءَ جو به هيو. جيڪو جيئن جو تيئن هتي پيش ڪجي ٿو.
    آدي پور (ڪڇ)
    21 جنوري1985
    پيارا ڀاءُ اياز قادري،
    سدائين باغ بهار، تو وٽان سمجهان ٿو ته 3 خط پهتا آهن، پر مان جواب ڏيڻ ۾ گٿو آهيان. ان لاءِ معاف ڪج.
    تو وٽان تنهنجو شاهڪار ’سنڌي غزل جي اؤسر‘ پهتل آهي. اُن کانپوءِ به مون تو ڏانهن ڪيترائي رسالا موڪليا ها،جن جي تو پهچ ڏني آهي.
    سنڌي غزل تي تو جيڪا محنت ڪئي آهي، اُن تي سرجهڪايان ٿو. بيشڪ تو لاثاني پورهيو ڪيو آهي.
    تو منهنجو ليک استاد نياز صاحب تي پڙهي، مون ڏانهن لکيو هو ته اُن ليک سان توکي 1930ع جي مشاعرن بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي. ايئن گڏ ويهجي ته نوان داستان کلي ويندا. ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو تون هتان ٿي وڃين. هتي بلڪل سنڌ جو سواد ايندءُ، سنڌ جا اديب دوست هتي ايندا آهن ته بمبئي يا دهليءَ مان ئي ٿي ويندا آهن . توڙي جو سنڌ جو هڳاءُ ڪڇ مان ئي ملي سگھندو آهي.
    مون کي ياد ناهي ته مون تو ڏانهن پنهنجا هيٺيان ڪتاب موڪليا آهن يا نه؟
    1.روُلو آواز (غزلن جو مجموعو)
    2.ڪشنچند بيوس
    3.مزيدار گيت (ٻارن لاءِ)
    اڄ مان توڏانهن ’رولو آواز‘ جي هڪ ڪاپي مقصود گل رتوديرو جي معرفت موڪلي رهيو آهيان.پهچ ڏج ۽ ٻين ڪتابن بابت به لکج ته موڪلي سگھندس.
    شيخ اياز جو ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ مون ڪونه پڙهيو آهي. پڙهائي سگھنديم ؟
    زياده خير ــــــ اميد ته تون پنهنجين ادبي مشغلين ۾ لڳو پيو هوندين.
    ڪم ڪار لاءِ حاضر آهيان.
    قربن سان
    هري دلگير
    هري دلگير جي انهي خط پڙهڻ کانپوءِ منهنجي دل ۾ سندس لاءِ وڌيڪ مانُ ۽ مرتبو پيدا ٿيو ته هي منهنجي اُنهي ادبي هستيءَ جو هم عصر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجو ادبي استاد سمجهندو آهيان.
    ۽ ٽيون حوالو آهي، پنهنجي ذاتي دوست رميش لال پارواڻي جي پتا ماڌنڌاس پارواڻيءَ جو، جيڪو سندس پاڙيسري هيو. جيڪو ٻڌائيندو هيو ته ’هري درياني دلگير پاڙيسرين لاءِ ڇپر ڇانوَ هيو. پوءِ چاهي اهو هندو هجي يا مسلم. جيڪو به سندس گھر ’درياني لاج‘ تي اُميد ڪري پهچندو هيو ته خالي نه موٽندو هيو.
    ۽ آخري ٻه سڌا سنوان حوالا آهن، هڪ شهر لاڙڪاڻو ۽ ٻيو ادب ــ انهن ٻنهي حوالن سان هري درياني دلگير منهنجو آهي ۽ مان ان جو. هري دلگير پنهنجي آتم ڪٿا ’چولو منهنجو چڪ ۾‘ جهڙي ريت لاڙڪاڻي شهر جو لفظن سان درشن ڪرايو آهي. اُهو لاڙڪاڻي جي هڪ سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ ادبي تاريخ جو حصو آهي.
    هري دلگير لاڙڪاڻي جي عام مروج پهاڪي ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ ۾ پنهنجي تخليقي انداز سان هيئن اضافو ڪندي لکيو آهي.
    لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، مڪان معشوقاڻو،
    ماحول شاعراڻو ، هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو.
    ۽ پوءِ 1930ع جو اُهو لاڙڪاڻو پسايو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي جي علم ادب ۽ فضيلت جي حوالي سان سونهري دؤر آهي. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو:
    ”سنڌ جو هيءَ سرسبز، شاداب، شاهوڪار شهر، ادبي ۽ سياسي تحريڪن جو مرڪز، منهنجي لاءِ روح جي فرحت ۽ قلب لاءِ ڪُشتو هو. 1930ع ۾ شهر جو آدم سترهن هزار کن هو.“
    ادبي ماحول جو نظارو ڪجهه هن ريت چٽي ٿو :
    1930ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪنهن هفتيوار اخبار ۾ منهنجي هڪ ڪچي ڦڪي ڪوتا شايع ٿي هئي. ان ساڳي ڏينهن تي نياز صاحب مون وٽ گھر لنگھي آيو ۽ چيائينم ته: ’هري تنهنجو شعر ته اخبار ۾ پڙهيم. خيال ٺيڪ لڳا. پر وزن ۾ ڪيتريون ئي غلطيون آهن. جي تون چاهين ته توکي شعر جو فن سولائي سان سيکاري سگھندس.
    مون چيو، ’چاچا انڌو گھري الله کان هڪ اک، مون کي ٻه ٿيون ملن. مان ضرور سکندس ۽ توهان ڏانهن سڀاڻي ايندس.‘
    انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ نت نيم سان مشاعره مهيني ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿيندا هئا. پرڀو وفا ۽ِ مان نياز سان گڏ انهن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳاسين. اهڙا مشاعره رات جو نوين وڳي کان يارنهين تائين هلندا هئا. نياز صاحب کان سواءِ ٻيا مکيه شاعر هيا. بزرگ شاعر علي محمد قادري،حاجي محمود خادم، غلام عباس قادري جوش، عبد عاقلائي، محمد علي جوهر ۽ عبدالله اثر....رام پنجواڻي به بعضي بعضي ايندو هو، هڪ دفعي رام پنجواڻي لکي آيو:
    ”ڪڍي سگريٽ مان سوٽو، سٽيئه جيئن ٻاڦ ٿي ٻاهر،
    اتي هر نقش ٿيندو ويو، نمونو زلف پيچان جو.

    سڀ کان مزيدار شعر هوندو هيو، هڪ گمنام شاعر جو. جنهن پاڻ تي ”ڪانءُ“ جو تخلص رکيو هو. اُهو شعر ٽپال ذريعي ايندو هو. اُن ۾ کل مسخري خوب هوندي هئي ۽ بعضي مزيدار گاريون به هونديون هيون. شعر جي سمپاوتي ’ڪانوَ‘ جي شعر سان ٿيندي هئي. هرڪو هن جي شعر ٻڌڻ لاءِ ويهي رهندو هيو، ڀل ته ڪيڏي به دير ٿي وڃي.....اُنهن مشاعرن ۾ نه فقط شعر پڙهيو ويندو هو، پر اُن تي داد به خوب ملندو هيو. سڌاري لاءِ صلاحون به ملنديون هيون، بعض ڪڙي نڪته چيني به ٿيندي هئي. اِن ڪري هرڪو اهڙي تنقيد لاءِ تيار ٿي ايندو هو.“
    هري دلگير نه صرف استاد نواز علي ’نياز‘ جعفري جهڙي ڪامل روايت پسند شاعرکان استفاده ڪيو پر سنڌ جي جدت پسند شاعر ڪشنچند بيوس کان به پرايو. لکي ٿو ته: ”نياز صاحب کان مون کي فن جي ڄاڻ ملي، بيوس سائين جي سنگ مان وري ڪو ٻيو رنگ مليو. بيوس سائين کي وزن جي پوري ڄاڻ هوندي هئي، پر هو وزن ۽ قافيه جي ڪري ڪڏهن به مول ويچار کي قربان ڪرڻ پسند ڪونه ڪندو هو.
    ان حوالي سان ’بيوس‘ جي ويچارن جي واقفيت ’بيوس‘ جي زباني هيٺين ريت ڏني اٿائين:
    ”وزن ۽ قافيي کي ڪڏهن به ضرورت کان وڌيڪ اهميت نه ڏيڻ گھرجي. ڄاڻ ضروري آهي، پر ڄاڻ جي ڄار ۾ ڦاسڻو ناهي. دل جي ڀاؤ يا نازڪ خيال کي ڪڏهن به قربان نه ڪرڻ گھرجي. وزن ۽ قافيه آهن شعر جو جسم، پر نازڪ خيالات آهن روح. يا وري ائين سمجهه ته علم عروض آهي پيالو، پر ڪلپنا آهي شراب. جي پيالو ڪي قدر سادو آهي، پر اُن ۾ شراب اوچو آهي ته پيئندين خوب مزو ايندو. پر جي سهڻي پيالي ۾ ردي پيڄ هوندو ته پيئندي من ئي نه ورندو. پر جي پيالو به سهڻو ۽ مدرا به موج ڀري آهي ته ڪوتا کي چار چنڊ لڳي ويندا.“
    اهڙي ادبي ويچار ڌارائن ۾ هري دلگير جو فن سرجيو. اِن ڪري هري دلگير جي غزلن ۾ اسان کي روايتي قدر ۽ گيتن ۾ جدت پسندي نظر ايندي.
    گيت ته وري جدت پسندي جو شاهڪار آهن، اهڙا مٺڙا، سلوڻا، سندر سشيل ۽ سُمانا شبد استعمال ڪيا اٿائين، جو من جي اٿاهه گھراين ۾گھري آنند رسائن ٿا. هي ڇهن بندن تي مشتمل ’سک نگري سنسار‘ اِن جو مثال آهي.

    سک نگري سنسار
    هير ڏکڻ جي من ــــ موهن جيان مٺڙي بين وڄائي،
    پشپ لتائن کي گـوپـيـن جيان مَنهَرَ ناچ نچائي،
    ڪوئل ڳائي،
    دل لهرائي،
    جهولي ٿي هر ٽار ــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.

    چندر ـــ پري نيلم ماڙي مان، مرڪي هيٺ نهاري ،
    پريم اُمنگ ڀري سيني ۾، ساگر لهرون ماري
    ڳائن ڇوليون،
    ٻــولن ٻوليون،
    ڇيڙن دل جي تار ــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.

    ’ساوڻ ـــ راجا‘ آيو، کوليا سارنگ ساز سمورا
    ’برکا اَپسر‘ وار اُکيلي، پاتا ڇم ڇم نورا
    بوندون برسن،
    ڇيريون ڇمڪن.
    مڌر مڌر جهنڪار ــــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.

    سک ـــ سنديش ڏئي ٿو تارو، جيئن گگن ۾ ٽمڪي،
    ’نراشا جي رات وڃڻ سان، آشا سورج چمڪي.‘
    نياپو نيارو
    پيارو، پيارو
    ڏي آنند اَپار ــــ سک جي نگري هيءَ سنسار.

    ڪئن ته ڪڻي مان ڪيچ ڪري ٿي، ماتا ڀونءِ ڀلاري،
    آهه آد کان دانُ اکٽ ٿيو، داتا جو هت جاري.
    رزق جو رازق،
    ڪُل جو خالق
    سائين سرجڻهار ـــ سک جي نگري هيءَ سنسار.

    سوڀيا ــ راڻي پئي پسائي، نرمل نور نظارو،
    پريم ـــ پري سنگيت ٻُري، آنند ــ ڀــري جڳ سارو
    نينهن نرالو
    من متوالو
    ڄڻ ته سرڳ جو دئار ـــ سک جي نگري هيءَ سنسار.
    سندس انسان جي عظمت ۾ ويساهه هيو . اُن جي محنت ۽ ماڻهپي تي کيس فخر هيو. اِن ڪري ”انسان“ جي عنوان سان هيٺيون گيت رچيائين، جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    انسان

    تون اوچو انسان، جڳت ۾ تون اوچو انسان!

    تنهنجي پيرن هيٺ هماليه، جھڪي ڪري پرنام،
    آسمان جو چنڊ به نئڙي، توکي ڪري سلام.


    نيلي اُڀ ۾ ڊوڙون پائين
    جھنڊي پنهنجي کي جھولائين
    شاهي تنهنجو شان، جڳت ۾ تون اوچو انسان!

    طوفانن جي رخ کي موڙين، روڪين سمنڊ اٿاهه
    بجليون برساتون تابع ڪرين، او شڪتيءَ جا شاهه



    ڦڙي ڦڙي ۾ بجلي توکان
    اَڻي اَڻي ۾ شڪتي توکان
    ڦوڪين ٿو ڇا جان! جڳت ۾ تون اوچو انسان!

    قدرت ڌرتي ٺاهي، پر سا توکان سرڳه دئار،
    رستا ٺاهين، محل بڻائين، چمن هڻين چوڌار



    ڌرتي کيڙين، اَن اُپائين
    گلن ڦلن جي جھر مر لائين
    قدرت جو ڪان، جڳت ۾ تون اوچو انسان!

    هيرا لعل لڪايا قدرت، توکي تن جو انت،
    تن کي ڪاٽي، ٺاهي ٺوڪي، بخشين سونهن اننت



    ٽٻيون ڏئي موتي ٿو آڻين،
    جڳ ۾ ڇا جوتي ٿو آڻين!
    نرمل نور ـــ نشان، جڳت ۾ تون اوچو انسان!

    توکان جڳ ۾ سنگتراشي، چتر ڪلا ۽ گيت
    ڳائين، جھومين، موج مچائين، لهرائين سنگيت


    جيون ۾ آيو جس توکان،
    نؤ جيون ۾ نؤ رس توکان،
    دُهرو تنهنجو دانُ، جڳت ۾ تون اوچو انسان!

    ورهاڱي کان پوءِ جڏهن انسان ڌرم، وشواس ۽ سماجي قدرن ۽ مولن جي حوالي سان ورهائجي ويو ته هري دلگير به دلزده، دلفگار ۽ دلشڪسته ٿي پيو. پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اِن ڪيفيت کي هيٺين ريت بيان ڪيو اٿائين.
    ”سڀ سنڌي منهنجا ڀائر آهن. سنڌ ۾ هُو مون کي ڪيڏو نه آدر ۽ پيار ڏيندا آهن، ڄڻ اول گھول پيا ويندا آهن. پر اِها به حقيقت هئي،ته سنڌ ۾ پاڻ کي سيڪنڊ ڪلاس ناگرڪ سمجهندو هوس.“
    1955ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد، کيس بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ان ڪري غير محفوظ ماحول کي ڏسي لڏڻ جو فيصلو ڪيائين. جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کان موڪلايائين ته حيدر بخش جتوئي جي ڪيفيت کي پنهنجي آتم ڪٿا ’چولو منهنجو چڪ ۾‘ هيئين بيان ڪيو اٿائين:
    ”اکين ۾ پاڻي اچي ويس. ڀريل آواز سان چيائين، يار تون به...؟..رات جو ٽانگي تي چڙهي پنهنجي برقع پوش بيگم سان اچي منهنجي گھر نڪتو. سندس گھر واري، منهنجي گھر واري سان وڃي ويٺي ۽ کيس ڳراٽڙي پائي زور ڪيائين ته سنڌ ڇڏي نه وڃون . اها منهنجي آخري ملاقات هئي حيدر سان. ان کانپوءِ اخبار ۾ پڙهيم ته کيس جيل ۾ وڌو ويوهو. “
    پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کان 8 آگسٽ 1958ع تي جدا ٿيڻ وارو جيڪو جذباتي ۽ احساساتي منظر چٽيو اٿائين. اُن ۾ سندس اذيت، ڪرب ۽ پيڙا واضح ٿئي ٿي ته سندس لاءِ اِهو ڪيڏو نه وڏو صدمو هيو.
    ”هوائي جهاز ۾ ويٺس ته ائين سمجهيم ته مان هڪ نهايت ئي ذليل، نڌڻڪو ۽ نڀاڳو انسان آهيان. مون جهڙو ڪو بدبخت هوندو ئي ڪونه ...ماءُ پيءُ ٻه ٽي سال اڳ موڪلائي ويا هيا.پر مان ائين محسوس ڪري رهيو هيس ته سچ پچ ڇورو مان اڄ کان ئي ٿي ويو آهيان.“
    ۽ اُن کان پوءِ اُنهن گھڙين جي ترجماني ليکراج عزيز جي نظم جي ذريعي هن ريت ڪئي اٿس.
    ڪنهن به هاڃي تي ڪڏهن هيانءُ نه هاري ويٺس
    هاءِ هن ويل مگر پاڻ وساري ويٺس
    ديس جي ڌوڙ رکيم سر تي، جڏهن ڌار ٿيس
    دل کي ڪيڏو به دٻيم ، لڙڪ ٻه هاري ويٺس
    قرب ڪنڌي جو ڇڏي ،دُور دنگي هاڪاريم
    تيز طوفان ۾ موجن جي سهاري ويٺس

    هري درياني دلگير پيشي جي لحاظ کان سول انجينئر هيو. هي جڏهن پوني ۽ بمبئي (ممبئي) پهتو ته اتي به سول انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. اُتي جڏهن لاڙڪاڻي جي هڪ عظيم شخصيت ’ڪاڪا پرڀداس تولاڻي‘ سان ملاقات ٿيس ته اُن کيس ’آدي پور‘ ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريو.
    ان وقت آدي پور، ڪڇ ڊسٽرڪٽ، گجرات رياست جو ننڍڙو ڳوٺ هيو. آدي پور1947ع ۾ هڪ مهاجر ڪيمپ هئي . ڀائي پرتاب داس هندوستان حڪومت کي گذارش ڪئي ته سنڌي هندن لاءِ هڪ شهر اڏيو وڃي. ۽ ان مقصد لاءِ ڪڇ جي راجا 2600 ايڪڙ زمين ڏني، ان حوالي سان ريسيٽ ـــ ليمينٽ ڪارپوريشن جي تحت مقامي حڪومت ٺاهي وئي.
    ورهاڱي کان اڳ ڪاڪو پرڀداس تولاڻي لاڙڪاڻي ميونسپل ڪاميٽي جو وائس پريزيڊنٽ رهيو هيو. ۽ کيس شهري انتظام هلائڻ جي مڪمل خبر هئي. سندس اها خواهش هئي ته سنڌ جي سنڌين کي ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي واسين کي ڪڇ ۾ وسائي. ڇو ته ڪڇي ثقافت، سنڌي ثقافت جو جز آهي.
    آدي پور ۽ گانڌي ڌام ڪڇ ضلعي جون ٻه جاڙيون وسنديو ن هيون، ’ڪاڪي پرڀداس تولاڻي‘ ٻنهي وسندين ۾ آهستي آهستي ايترا تعليمي ادارا کوليا جو شايد سڄي هندوستان ۾ ڪنهن هڪ شخص ڪنهن شهر ۾ ايترا اداراکوليا هجن.
    مثلن 1.تولاڻي ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڪامرس
    2.تولاڻي سائنس ڪاليج
    3.تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ اسٽڊيز
    4.تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف لا
    5 . تولاڻي ڪاليج آف فارميسي
    6.تولاڻي پوليٽيڪنڪ اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج کولي ان ۾ هري درياني دلگير کي پرنسيپل مقرر ڪيائين.
    1965ع ۾ هري درياني دلگير گانڌي ڌام جي ميونسپل ڪاميٽي جو صدر ٿيو. ۽ هري دلگير ان دؤران سنڌ جي سنڌين کي وسائڻ ۾ نه گھٽايو. ۽ ڪيترن ئي ٽائون شپ اسڪيمن جو بنياد پيو. جن آدي پور ۽ گانڌي ڌام جهڙن ڳوٺن کي خوبصورت شهرن جو درجو ڏنو. 1994ع کان 1999ع تائين سنڌي ساهتيه اڪيڊمي گجرات جو چئرمين رهيو. تنهن کان سواءِ روٽري ڪلب گانڌي ڌام جو صدر بڻيو. ۽ هر عهدي کي شان مان ۽ سچائي سان نڀايائين.
    سنڌي ادب جي حوالي سان هن 20 کن ڪتاب لکيا. سندس مشهور ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    (1) موج ڪئي مهراڻ
    (2) پل پل جو پڙلاءُ
    (3) امر گيت
    (4) مزيدار گيت
    (5) چولو منهنجو چڪ ۾
    (6) صبوح جو سهاڳ

    ان حوالي سان جيڪي کيس ايوارڊ مليا. انهن جو وچور هيٺين ريت آهي.
    (1)1979ع ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ ـــ شاعريءَ جي مجموعي ’پل پل جي پڙلاءُ‘ تي.
    (2) 1984ع ۾ سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ گورنمينٽ آف انڊيا ايوارڊ ڪتاب ’مزيدارگيت‘ تي.
    (3) 1992 ع پريا درشني ايوارڊ.
    (4) 1993ع گورو پرسڪار پاران سنڌي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ.
    (5) 1996 ع نارائڻ شيام ايوارڊ
    (6) 1998 ع انڊس انڊيا ايوارڊ
    لاڙڪاڻي جي دل، هاڻوڪي ريشم گليءَ ۾ 15 جون 1916ع ۾ پيدا ٿيل ٻار، جنهن جو نالو ”هري گرڏنو مل درياڻي“ هيو، هڪ بهترين انجنيئر، استاد ۽ ليکڪ هري دلگير جي حيثيت سان 11 اپريل 2004ع ۾ ڪڇ جي مٽي ۾ ملي امر ٿي ويو.
    هو لاڙڪاڻي ۾ رهيو ته لاڙڪاڻي کي سرهو ڪيائين، آديپور ۾ رهيو ته آديپور کي.سچ پچ ته هو ڀٽائيءَ جو هنج هيو، جتي به ويو ته پاڻ ملهايائين.
    هنج مڙيو ئي هنج، ميرو منجهن ناه ڪو
    جتي رهن سنجهه ، سو سرڪن سرهو.
    **


    لقمان حڪيم : نمڪين طبعيت ۽ برجستو

    چيو وڃي ٿو ته، ته مزاح زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾، ڪنهن نخلستان جي مثل آهي.مزاح ٿڪل ۽ مايوس ذهن کي ترو تازگي بخشي ٿي. جنهن ماڻهو ۾ مزاح جي حس ناهي، اُهو پٿر دل آهي. بقول مولانا غلام محمد گرامي: ’مزاح جي حوالي سان ٽن شين جو هجڻ لازمي آهي. پهريون برجستگي، ٻيو نمڪيني ۽ ٽيون شوخي.‘
    ۽ اهي ٽئي شيون لقمان حڪيم جي طبيعت ۽ شاعريءَ ۾ هيون. لقمان حڪيم جو تعلق لاهوري محلي لاڙڪاڻي سان هيو. منهنجي پهرين ملاقات ترقي پسند مصنفين لاڙڪاڻي شاخ جي هڪ پروگرام ۾ ٿي. اِهو دؤر هيو 1975ع يا 1976ع جو. لطيف لائبريري ۾ پروگرام ٿي رهيو هو، ڪمپيئرنگ لقمان حڪيم ڪري رهيو هيو.
    اُن دؤر ۾ به اديبن جا ٻه ڌڙا واضح هيا. هڪڙا روايت پسند ۽ ٻيا جدت پسند. روايت پسندن جو لاڙو مذهب طرف ۽ شاعريءَ ۾ علم عروض کي وڏي اهميت ڏيندا هيا. پاڻ کي ئي اديب، فاضل، عالم ڄاڻي، ٻين کي جاهل سمجھندا هيا. جڏهن ته ٻيا پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندي، خيال آرائي کي وڌيڪ ۽ علم عروض کي گھٽ اهميت ڏيندا هيا،
    نه صرف ايترو پر راويت پسند، جدت پسندن کي لامذهب ۽ ڇڙواڳ سڏيندا هيا. ۽ جدت پسند، راويت پسند اديبن کي، رجعت پسند ۽ چاڪيءَ جا ڏاند چوندا هيا. اِنهن ٻنهي ڌڙن جي وچ ۾ لقمان حڪيم پنهنجي ادبي تنظيم ”بزمِ سچل“ کي ترقي يافته ڪوٺيندو هيو. جيڪو روايت پسندي ۽ جدت پسندي کي گڏائي ادب تخليق ڪرڻ واري خيال جا حامي هيو.
    ڳالهه هلي رهي هئي لقمان حڪيم جي ڪمپيئرنگ جي. اُها ڄڻ ظرافت ۽ سنجيدگيءَ جو عجيب سنگم هئي. چئي رهيو هو: ”پهريان آءٌ گذارش ڪندس ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کي ته خاموشي سان ويهي صدارت ڪري ۽ صرف آخر ۾ ڳالهائي.“ اِن تي سڀن ٽهڪ ڏنا. پوءِ چيائين ”هاڻي آءٌ لقمان حڪيم ترقي يافته اديب پنهنجي تخليق اوهان جي آڏو پيش ڪيان ٿو!“ سندس مزاحيه شعر محفل لٽي ته پوءِ ٻين کي دلچسپ انداز ۾ گهرائي تخليقون پڙهايائين. واجد کي سڏيائين ته هن طرح:
    ”ترقي پسند شاعر واجد کي گذارش ڪندس ته مادر پدر آزاد نظم پڙهي.“ واجد احتجاج ڪندي چيو، ”سائين هي صرف آزاد نظم آهي، مادر پدر آزاد ناهي.“
    لقمان حڪيم جواب ڏنو،”منهنجو مطلب آ، بحر وزن کان سواءِ.“ مولوي نورالدين کي وري هن نموني سان گهرايائين:
    ”عالم فاضل اديب پر جاهل نه، جناب مولوي نورالدين نور کي گذارش آهي ته عربي، پارسي ۽ سنڌيءَ ٻولي ۾ مڪس شاعري ترنم سان پڙهي.“
    مولوي نورالدين نور غصي وچان وراڻيو، ”مان ڪو راڳي آهيان ڇا؟“
    ”منهنجو مطلب آ سائين ته مولود وانگر ڪن تي هٿ رکي پڙهي سگهو ٿا .... نه پڙهو ته، زور ناهي“
    مولوي نورالدين غزل پڙهيو ته آخر ۾ چيائين ”جزاڪ الله!“
    جيترو ياد اچي ٿو ته سنڌي شاعرن ۾ مولوي نور الدين نور، قلندر بخش بدوي، مسرور لاشاري، محمد علي جوهر، وغيره هيا. جڏهن ته اردو اديبن ۾ مسلم شميم، رمز شاهجان پوري ٻيا ڪيترا نوجوان اديب به هيا. ۽ حاضرين ۾ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ته هيو ئي هيو. ڇو جو ان محفل جي صدارت پئي ڪئي.
    لقمان حڪيم ڪمپيئرنگ ڪندي چيو:
    ”هاڻ آءٌ آخر ۾ ڪامريڊ بخار الدين جمالي کي گذارش ڪندس ته صدارتي تقرير ڪرڻ فرمائي.“ محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
    پوءِ ته سائين ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ کي ڪير جهلي . پهريان ته هن بخار الدين جمالي نالي تي ڳالهايو:
    ”اهو نالو به زبردست آهي ..... مون کي قبول آهي. بخار لفظ بخارا مان نڪتل آهي، بخاري ۾ باه هوندي آهي. ۽ باه ۾ حرارت هوندي آهي، حرارت زندگيءَ جو بنياد آهي. ۽ جيسيتائين زندگيءَ ۾ حرارت نه هوندي، اُها زندگي ختم ٿي ويندي ۽ جمالي لفظ جمال مان نڪتل آهي. جمال خوبصورتي ۽ حسن کي ظاهر ڪري ٿو. حسن ۾ فطرتي ڪشش آهي. جڏهن اُها ڪشش ٻن کي ڇڪيندي آهي ته تحرڪ پيدا ٿيندو آهي، جڏهن تحرڪ پيدا ٿيندو ته جلال پيدا ٿيندو آهي ۽ آءٌ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جلال الدين سرخ پوش جي اولاد مان آهيان، اِن ڪري مان جمالي آهيان ته جلالي به آهيان.“
    اِنهي سڄي وضاحت جي دؤران، لقمان حڪيم ”توبهن! توبهن“ ڪندو ۽ ڪامريڊ جمال الدين کان هٿ ٻڌي معافي گهرندو رهيو:
    ”معافي ڪامريڊ! هاڻي موضوع تي ڳالهايو.“
    ”ڇا ڳالهايان موضوع تي. اوهان شاعر ۽ اديب روئيندا ۽ پٽيندا رهندا آهيو...... دنيا جا سڀئي شاعر روئڻيون ٻليون آهن. جيڪي صرف روئيندا آهن، اُهي ڪجهه به ناهن ڪري سگهندا. اِن ڪري سماج کي بدلائڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪجي.“
    ڪامريڊ جمال الدين ڪلاڪ کن تقرير ڪئي ۽ لقمان حڪيم آخر ۾ ادبي محفل جي پڄاڻي هنن لفظن سان ڪئي:
    ”اڄوڪي محفل ختم ٿي ڪجي. اڳتي ڪامريڊ جمال الدين بخاري کي وري صدارت نه ڏبي، ڀلئي واڻئي گانءِ کاڌي.“
    ظرافت جي لفظي معنيٰ آهي ”دانائي“ ۽ چيو وڃي ٿو ته ظريف اُهو آهي. جيڪو دانشمند، معامله فهم، زيرڪ ۽ هوش وارو هجي. ان ڪري مزاحيه شاعري به اُها وڌيڪ اثر انگيز ٿئي ٿي، جنهن ۾ اصلاحي تنقيد هجي ٿي، نه ڪي تضحيڪ. سنڌ ۾ اِن حوالي سان شمس الدين ”بلبل“ جو نانءُ نمايان آهي. لقمان حڪيم جي مزاحيه شاعري به شمس الدين بلبل جي ڀيٽ ۾ ويهه اڻويهه هئي. پر هي مولائي قسم جو ماڻهو هيو. اُن ڪري سندس شاعريءَ جو ڪتاب اچي نه سگهيو. جنهن ڪري سندس شاعريءَ سان انصاف نه ٿي سگهيو.
    77_1976 جي ڳالهه آهي، جناح باغ ۾ پيپلز پارٽي جو جلسو هيو. ۽ اُن کان پوءِ مشاعرو پڻ رکيو ويو هيو. اُتي لقمان حڪيم ”چوڏهين صديءَ جو مسلمان آهيان“ جي عنوان سان ”تعريض“ پيش ڪئي. جنهن ۾ اُن دؤر جي سماجي براين تي زبردست طنز هيو. هڪڙو بند صرف حافظي ۾ آهي، پيش خدمت آهي:
    ” هلي ٿو ٺڳيءَ ساڻ واپار پنهنجو
    ملاوٽ گراني، آ وهنوار پنهنجو
    مڙان ڪين توڙي هجي يار پنهنجو
    اٻوجهن گراهڪن تان قربان آهيان
    مان چوڏهين صديءَ جو مسلمان آهيان“
    لقمان حڪيم جي ان طويل شعر تي کيس سامعين مان ايڏو داد مليو، جو ڪنهن شاعر کي ورلي مليو هجي، گھڻن ماڻهن جو خيال هيو ته اِهو بند لقمان حڪيم لاڙڪاڻي جي شيخن بابت لکيو آهي. و الله عالم! اهڙيءَ طرح هڪ ٻي شعر به ڏاڍي مقبوليت ماڻي، جيڪو هن وڏن مشاعرن ۾ پڙهي داد حاصل ڪيو. اُن جو عنوان هيو:
    بيشڪ لک
    ڀل پريءَ تي، حور تي، غلمان تي لک
    تن جي عاشق، سر ڦرئي، نادان تي لک
    هن تي لک ۽ هُن تي لک، سڀني تي لک
    ڪجهه اڄوڪي دؤر جي انسان تي لک
    گهر ٻهاري جو وڃي ساجهر اُٿي
    اهڙي محسن مهربان تي لک
    چند ڏينهن ۾ پنائي جو ڇڏي
    ڊاڪٽر تي، فيس تي، درمان تي لک
    ٿي وڃي اغوا ڀلي، جاتي هجي
    تنهن بشر جي روپ ۾، حيوان تي لک
    رنگ لاتو خوب هيروئن آ
    نئين نسل جي وارثن گريان تي لک
    مڙني خوبين جو آ مالڪ آدمي
    ڪير ٿو توکي چوي شيطان تي لک
    سئي لڳڻ سان جو نٿو ڦٿڪي مري
    اُن حڪيم خوامخواه لقمان تي لک

    لقمان حڪيم هڪ ڪهنه مشق شاعر هيو. پاڻ ٻڌائيندو هيو ته هن 1952ع ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ شاعري ۾ سندس اُستاد حاجي محمود خادم هيو. ۽ سندس هم عصرن ۾ نظام الدين نظام، عبدالفتاح عبد عاقلي، احمد خان ، آصف مهراڻي، عبدالله اثر ۽ علي بخش جمالي هيا. اِن ڪري علم عروض تي کيس ڏاڍي دسترس هوندي هئي.
    لقمان حڪيم هڪ پنهنجي خوش مزاج طبيعت جي ڪري ۽ ٻيو بزم سچل جو باني هئڻ ڪري هر بزم ۽ ادبي سنگت لاءِ قابلِ قبول هيو. ان ڪري ڪافي رقيب رو سياهه و سفيد کيس ’وچ ڪُٽيو‘به سڏيندا هيا. روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا لاڙڪاڻي جي نوجوانن جي ترقي پسند ادبي تنظيم هئي، اُن ۾ باقاعده ايندو هيو. هڪ دفعي تنقيدي گڏجاڻي ۾ افضل قادري شعر پڙهيو، جڏهن لقمان حڪيم جو وارو آيو، ته تنقيد ڪندي چيائين: غزل ڏاڍو سٺو آهي، پر هڪ بند ۾ ”کي“ وڌي ٿي.“
    افضل جو وارو آيو ته افضل وراڻيو: ”کي پوري آهي.“ نيٺ لقمان حڪيم بند جو فاعلاتن فاعلات ۾ ڇيد ڪري ٻڌايو ته ”کي وڌي ٿي.“ افضل چوي ته ”کي پوري آهي.“
    بهرحال، صدارت گهڻو ڪري ته سليم ڪورائي جي هئي.اُن بحث کي سميٽيندي چيو، ”کي وڌي ٿي يا نه، پر حقيقت اها آهي ته افضل جو غزل خيال جي لحاظ کان ڀرپور آهي. اِن ڪري ڪج بحثي جي ضرورت ناهي.“
    پر افضل اها ڳالهه دل ۾ رکي، ۽ ٻئي ڏينهن تي منجهند جو سائيڪل کڻي، سائيڪل جي هينڊل ۾ وڏي ڦر واري چلڪندڙ ڪهاڙي وجهي، سڌو قائم شاهه بخاري ڀرسان، لقمان حڪيم جي جَلد سازيءَ واري دوڪان تي پهتو. لقمان حڪيم معمول مطابق دوڪان آڏو صندل تي ويٺي ڪم پئي ڪيو. افضل قادري سائيڪل دوڪان آڏو بيهاري، ڪهاڙي هينڊل مان ڪڍي صندل تي رکي سلام ڪيو. لقمان حڪيم سلام ورائي پهريان ڪهاڙي کي ڏٺو ۽ پوءِ افضل کي. افضل کيسي مان ساڳيو شعر ڪڍيو ۽ لقمان حڪيم آڏو رکندي چيو: ”ادا لقمان حڪيم! گذريل رات روح رهاڻ جي آفيس ۾ روشني به گهٽ هئي. توهان هاڻ سج جي چٽي پٽي روشنيءَ ۾ شعر کي چڱيءَ طرح ڏسو ۽ ٿڌيءَ دل سان سوچي ٻڌايو ته کي وڌي ٿي يا نه؟“
    لقمان حڪيم هڪ نظر پني تي لکيل شعر تي ۽ ٻي نظر صندل تي رکيل ڪهاڙيءَ تي وڌي ۽ پوءِ وراڻيو:
    ”افضل صاحب، ’کي‘ ته صفا پوري آهي. توهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي. مان غلطي تي هيس... هاڻي چانهه پيئو.“
    لقمان حڪيم، افضل کي چانهه پيئاري جان ڇڏائي.
    ٻئي ڏينهن تي سڄي لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هُل ٿي ويو. جيڪو ٻُڌي سو کل ۾ ٻُـٽيـو پـيو آهي. لقمان حڪيم چوندو وتي:
    ”ادا، ڪهاڙي وڏي ساهمي آهي. جنهن ۾ شعر بحر وزن جي حوالي سان هر حال ۾ متوازن هوندو.“
    افضل چوندو وتي: ”شعر جي بحر وزن تي رات جو تنقيد ڪرڻ غلط آهي. ڇو ته روشني گهٽ هجڻ جي ڪري کوٽ واڌ جي خبر نه ٿي پوي.“
    لقمان حڪيم هيو ته جلد ساز، پر سندس دوڪان بزم شمع هيو. شاعر اديب رستي تان لنگهندي سندس دوڪان تي چانهه جو اڌڙ ضرور پيئندا هيا. پنهنجو تازو، پراڻو شعر ٻڌائي، هيانءَ جي باهه ماريندا هيا. ۽ سندس نڪور شاعريءَ تي به ٻه ٽي ٽهڪ ڏئي واه! واه ڪندا راهي ٿيندا هيا.
    سندس دوڪان جي ڀتين تي جيڪڏهن ڪو نظر ڦيرائيندو هيو ته سندس اهلِ ذوق هجڻ جي شاهدي ملندي هئي، وڏن سفيد پاٺن تي شاه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست کان وٺي شيخ اياز تائين، جنهن جو به شعر کيس وڻيو، لکرائي، ڀتين تي هڻائي ڇڏيو هيائين. سندس ٻه چو سٽا به ڀتين تي لڳل هوندا هيا.
    گدائي به پهتي اميرن جي گهر
    ٿيو جيئري ئي مسڪين اهلِ ممات
    پنڻ به غريبن کان کسجي ويو
    وٺي ٿو وڏيرو عشر و زڪات
    *
    مزو زندگي مان ڇڏائي ويو
    ٻين لاءِ زنده ٿو رهڻو پوي
    رهي آدميت نه آهي ڪٿي
    لڳي واءُ جيڪو ٿو هلڻو پوي.

    لقمان حڪيم جولاءِ 1929ع لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’سوني جتوئي‘۾ پيدا ٿيو. لاڙڪاڻي مان سنڌي فائنل جا ست درجا پڙهيو. پنهنجي مامي ۽ سهري مولوي محمد کوکر کان عربي ۽ پارسي جا درس به ورتائين اهو ٻڌائيندو هلجي ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ديني مدرسن ۾ مولوي محمد کوکر عربي ۽ پارسي جو برک عالم ليکيو ويندو هيو.
    لقمان حڪيم ڪجهه وقت صحافت جي شعبي سان به سلهاڙيل رهيو. ڪراچي مان شايع ٿيندڙ هفتي وار اخبار”الحيدر“ جي سنڌي شعبي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي سڀن نون اديبن جي شاعري ۽ ڪهاڻيون به ڇپرايائين. منهنجي به هڪ ڪهاڻي ”بوٽ“ ڇپرائي هيائين. اُن کان سواءِ ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي هفتيوار اخبار”انصاف“ جي ادبي صفحي جو به انچارج رهيو.
    لقمان حڪيم کوکر جيڪو نه صرف مزاحيه شاعر هيو، پر پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ خود دار محنت ڪش هيو. اُهو جڏهن 29 مارچ 1992ع تي هن دنيا مان موڪلائي ويو ته ائين لڳو، ڄڻ ته لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن مان نمڪيني، برجستگي ۽ شوخي موڪلائي وئي هجي، جي بچي هئي ته صرف تلخي ۽ توائي.


    هدايت منگي : سانوڻي جي موج

    هدايت کي ڏسي لڳندو هو ته هدايت کي ’هدايت‘ جي سخت ضرورت آهي، نالي جي حوالي سان سندس شخصيت بنهه ابتڙ هئي، اجھل ۽ کرو. سئنين راند سونٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي. پهرين ملاقات موهن جي دڙي تي ٿي هئي، گھڻو ڪري ته فيبروري مارچ 1987ع ۾. هن اسٽوپا جي اولهائين پاسي وارن آثارن کي پئي جاچيو ۽ آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ جي عملدارن هن کي ــــ ايئن پئي لڳو ته ڄڻ ڪو راڪاس لٿو هجي، ”ڪسٽوڊين“ ۽”ڪيوريٽر“ کان پڇيوسين ”خير ته آهي؟“
    اشارو ڪندي ٻڌايائون ته اهو هدايت منگي پيو گھمي. هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي، خبر نه آهي ته ڪهڙو بنبال کڙو ڪندو؟ مينهن جي ڪڻ ڪڻ سان، ٿڌي هوا جا جھوٽا لڳي رهيا هئا. ميگھه ملهار جي موسم هئي، اسان جي جستجو وڌي وئي ته ڏسجي، سو سري وڃي سلام ڪيوسي، سلام ورايائين ته ڇرڪ نڪري ويو ته هي ڇا...!؟ مڙس آهي ته سنهڙو سيپڪڙو پر آواز ۾ اهڙو ته رعب ۽ کڙڪو ڄڻ هڏن ۽ ماس جي بوتل ۾ڪوهه ڪاف جو ديو ويٺو هجي.
    حالي احوالي ٿياسي ته اسان وانگر وڏو حوالي نڪتو، قصو موهن جي دڙي کان نڪتو ته ختم وڃي ”ڀنڀور“ جي آثارن تي ٿيو.
    ملاقاتن جو سلسلو تڏهن وڌيو، جڏهن هلال پاڪستان اخبار ۾ بيورو چيف ٿي لاڙڪاڻي پهتو. اسان جي سنگت کي خوشي ٿي ته هڪ موهن جي دڙي جو عاشق وڌيو، پر پوءِ خبر پئي ته همراهه موهن جي دڙي جي ڪک ”ٻلهڙيجي“ ۾ ڄائو آهي، جوان بگيءَ ۾ ٿيو آهي، هن کي ڏسي ايئن لڳندو هو ته هو واقعي ”مونهين“ جي مٽيءَ جو ٺهيل ماڻهو آهي، جيڪو هر جنم ۾کيس بچائڻ لاءِ آذرتو آهي. هلال پاڪستان ۾ سندس ڪافي رپورٽون موهين جي آثارن کي بچائڻ لاءِڇپيون هيون،
    موهين جي دڙي تي ڪچهريون ڪندي ڪندي، هڪ ڏينهن سنگت اها صلاح بيهاري ته ڇو نه سنڌي ادبي سنگت ”شاخ موهن جو دڙو“ جو بنياد رکجي، پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو بنياد پيو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگھو، شعيب علي عمراڻي، منير سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست ميمبر ٿيا. سڀني هڪ راءِ ٿي هدايت منگي کي سيڪريٽري مقرر ڪيو، پوءِ ته آرڪيالاجي جو اسٽاف ٻٽنگو ڦاٿو، موهن جي دڙي تي ڪڏهن گڏجاڻي، ڪڏهن ليڪچر، ڪڏهن مطالعاتي دورو، نتيجي ۾ ڪڏهن اسٽاف جا مٽا ڦوڪيل، ڪڏهن سنگت جا، ڪڏهن سڀئي گڏجي موهن جي دڙي جي ريسٽورنٽ ”شبستان“ ۾ بغليون هڻندا وتن. انهيءَ دؤران مونکي به قائل ڪيائين ته ڪالم لکان. 1989ع جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مون ”فڪر فرهي هٿ ۾“ ڪالم لکڻ شروع ڪيو. ايڊيٽنگ هدايت ڪندو هو، ڪمال جي ايڊيٽنگ هئي، اهڙي ٽيڪنيڪل جو ڪڏهن سٽ نه ڪٽيائين، فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي هير ڦير ڪندي يا وري مذڪر مونث واري غلطي درست ڪندي پار پوندو هو، ايڊيٽنگ به هڪ ڏانءُ آهي نه ته ڪاسائيڪي ڪار.
    باقي زباني تنقيد ۾ ته هدايت ڪڏهن ڪاسائي ڪڏهن ماهر سرجن. اهڙي ٺڪي ٺوڪي تنقيد ڪندو هو جو همراهه جي تخليق کي اڊيڙي ڇڏيندو هو، اصلي آنڊا گونڊا ڪڍي اڳيان رکندس جو همراهه ۾ سهپ جو مادو هوندو ته ٻيهر ايندو نه ته ڪتيءَ ڪن وڍيا. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي گڏجاڻين ۾ ڪو ڪچي ڦڪي تخليق کڻي اچڻ جو ساهس نه ڀائيندو هو. هونئن به هدايت جي طبيعت کي، ڪنهن هيٺ مٿي ڦرندڙ چيڪلي جيان لاها چاڙها ها. ڪڏهن ته شيخ النفزاوي جو ڪتاب ”باغ العطر“ لڳو پيو هوندو هو، ڏسي لڳندو هو ته کيس پيدا ڪرڻ واري، پيدا ڪرڻ کان اڳ عشق جي اکري ۾ وجھي محبت جي مهري سان ڪٽڪو ڏنو آهي. لطيف جا جمالياتي بيت پڙهندي کين جنسي معنائون پهرائيندو. هونئن به چوڻ واري جو پنهنجو خيال، سمجھڻ واري جي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ. آفاقي شاعر جي تخليق ۾ته معنائن ۽ مطلبن جا دريا وهن ٿا،خاص ڪري هيٺين بيت ته مجازي معنائن ۾ پيش ڪندي حيرت ۾ وجھندو هو.
    تان جي ٿين سامهان، پٺيرا سونهن
    سنئون ورائي سپرين، منهن جي مانڏي ڪن
    ته رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي

    هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل
    نه ڪا جھل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.

    ۽ ڪڏهن ته اسپيني ڍڳي وانگر چيڙاڪ، پڇ ڪنڊي تي. ڀل خاني خان هجي شاهه شاهوڪاري چئي ڏيندس. جيڪو دل ۾ سو زبان تي. مڙندو مولا بخش ڪلهوڙي مان به نه، جيڪو فيملي ڊاڪٽر سان گڏ سندس يارِ غار به هو.
    حقيقت ۾ ته هدايت منگي جي طبيعت جي بي چيني ۽ اضطراب، سندس ان حياتيءَ جا عڪس آهن، جيڪا حياتي هن ٻلهڙيجي کان وٺي بگي ڳوٺ تائين، بگي کان ڪراچي تائين ڏاڍي ڪٺن، محنت ۽ مقابلي ۾ گذاري. انهيءَ دؤران بي يقيني واري ڪيفيت کيس ايترو ڌونڌاڙيو جو ٻيو ڪو هجي ها ته ڪڏهن جو پيالو ڪري وڃي ها. هدايت جي مڙسي اها هئي ته هن زندگي جي حقيقتن کي منهن ڏنو. ڪنهن گھڙي به فرار جي راهه اختيار نه ڪئي.
    صحافت جو ميدان ڏاڍو خارزار آهي، ان مان صحيح سلامت گذري وڃڻ ڏاڍو اوکو آهي. هن پيشي جون عجيب تقاضائون آهن. پبلڪ کي هر ڏينهن تي ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ صحيح اطلاع فراهم ڪرڻ، ماڻهن جي مفادن جي چوڪسي ڪرڻ، ڪنهن خاص مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي حل ڪرائڻ لاءِ واسطيدار ڌرين جو ڌيان ڇڪائڻ. ماڻهن کي کري کوٽي جي شناسائي ڏيڻ، انساني اعليٰ قدرن جي آبياري ڪرڻ وغيره.
    پر ٻي قسم جي به صحافت آهي، غلط خبرون ڏئي ماڻهو منجھائڻ، پبلڪ جي مفادن جو سودو ڪرڻ، کري کي کوٽو ۽ کوٽي کي کرو ڪرڻ، ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي تڇ سمجھڻ، منفي روين کي اڀارڻ، سماج ۾ هيجان ۽ انتشار کي برپا ڪرڻ، اهڙي قسم جي صحافت کي عرف عام زرد صحافت سڏبو آهي.
    ان ڪري هڪڙا صحافي اهي آهن، جيڪي حقيقي صحافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان ۽ هڪڙا اهي جيڪي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جا خواهان.
    هدايت منگي هڪ دفعو ڪنهن لوڪل اخبار جي مهورت تي ڳالهائيندي جڏهن صحافت جي حالتِ زار جي تصوير ڪشي ڪندي چيو هو ته” صحافت ڄڻ ڪنهن چڪلي جي رنڊيءَ جيان ٿيندي ٿي وڃي ۽ صحافي دلال. جيڪو ٿو گھر کان رسي، سو صحافي ٿو ٿئي، سنڌ جي هر شهر ۾ ڄڻ ڪتي ويائي پئي آهي.“ اهي ئي صحافي ڪاوڙيا هيا، جن کي ان آئيني ۾ پنهنجي تصوير نظر آئي هئي. جڏهن ته سنجيده صحافين سندس جرئت کي ساراهيو، ته ”جيڪو اسان چوڻ جي جرئت نه ڪري سگھياسي، ان جو برملا اظهار هدايت منگي ڪري ڏيکاريو.“
    ڇا اهو سنڌي صحافت جو الميو نه آهي ته اخبار هجي نه هجي ته به صحافي آهي؟ ڪجهه لکي نه لکي ته به صحافي آهي؟ ڇا اهو سچ نه آهي ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي صحافي آهن، جيڪي ٻين جي لکيل رپورٽن ۽ڪالمن جي سهاري زنده آهن، جن کي ”فوٽو ڪاپي صحافي“ سڏيو وڃي ٿو؟
    ڇا اها حقيقت نه آهي ته ڪيترن صحافين کي مختلف موضوعن جي بنيادي اصطلاحن جي خبر نه هجڻ ڪري، سندن رپورٽون غلط ۽ مذحقه خيز هونديون آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ صحت کاتي، آثارِ قديمه، چيمبر آف ڪامرس، اسپورٽس، ثقافت ۽ روينيو وارا منهن مٿو پٽيندا آهن. ان حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ته پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪيترا صحافي، صحافت جو ڀرم آهن ۽ ڪيترا نام نهاد آهن. وري جيڪڏهن صحافتي ايمانداريءَ جو تجزيو ٿئي ته اهو به اندازو ٿي ويندو ته ڪيترا آهن، جيڪي سون تي سيڻ ناهن مٽائيندا، يا جيڪي لفافي جي سهاري تي صحافت ناهن ڪندا.
    لاشڪ ته هدايت منگي صحافت جو ڀرم به هو ته شرم به هو، هن جرنلزم جي حوالي سان هر موضوع تي رپورٽنگ ڪئي. سندس مشهور ڪالم”ڳالهيون ڪرڻ جهڙيون“ 1999ع روزانه ”سچ“ ۾ ”لاڙڪاڻه ڊائري“ عوامي آواز 1993ع ۾، سندس مشهور ترجمو، شهري رٿابندي کاتي طرف کان پيش ٿيلOut line development plan of larkana لاڙڪاڻي جي رٿابندي ۽ ترقياتي خاڪو، هلال پاڪستان 1990ع ۾، ”تباهي ڏانهن وٺي ويندڙ فطرت“ مائيڪل جانسن ۽ رچرڊ هيوگز جو انٽرويو عوامي آواز 1993ع ۾. هلال پاڪستان ۾ سندس نيوز ليٽر، ان کان سواءِ اخبارِ جهان ۾ سندس اردو ۾ ڇپيل مضمون ۽ Sindh tribune ۾ ڇپيل انگريزي مواد آهي. جيڪو سندس هڪ بهترين صحافي جي حوالي سان سند آهي.
    اخبار هلال پاڪستان مان 1992ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين ته عوامي آواز ۾ بيورو چيف ٿي ڪم ڪيائين. 1994ع ۾ اخبارِ جهان جو ڊسپيچ رائٽر ٿيو. 1995ع ۾ ڊيلي سنڌ ٽريبون جو نمائندو ٿيو. انهيءَ سال ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان واڳيل رهيو. هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کيس ڀانءِ نه پوندو هو. جيتوڻيڪ 1988ع کان وٺي دل جو مريض هو، پر ذهني طور تي هميشه چاڪ ۽ چوبند رهيو. 1994ع ۾ ڊاڪٽرن سول اسپتال لاڙڪاڻي جي ڪارڊيالوجي وارڊ ۾ داخل ڪيس. سنگت مان ڪنهن گھڻ گھري صلاح ڏنس ته اخبار ۾ سندس سرڪاري خرچ تي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو پرزور مطالبو رکيو وڃي. مورڳو همراهه ڪارڊيولاجي وارڊ مان اهو چئي ٽپڙ کڻي نڪتو ته، ”زندگيءَ مان اڃان ايڏو مايوس ناهيان ٿيو، جو مرڻ کان اڳ ماتم شروع ڪرايان.“
    هدايت منگي صحافت جي حوالي سان APNS پاران 1991_92ع ۾ بهترين علاقائي زبان جي رپورٽر جو ايوارڊ ۽ ”سر شاهنواز ڀٽو ايوارڊ“ حاصل ڪيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي طرفان بهترين انٽرويوئر جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. هدايت منگي نه صرف صحافت جي ميدان ۾ پاڻ موکيو پر ادب جي حوالي سان به پاڻ مڃايو. جيتوڻيڪ هن ٿورو لکيو مگر سٺو لکيو. سندس مختصر ڪهاڻي ”نقشو“ سندس لکڻ جي پختگي کي واضح ڪري ٿي. شاعري ۾ خاص ڪري سندس آزاد نظم گھاڙيٽي ۽ خيال جي حوالي سان پختا ۽ گهرا آهن. هن پنهنجي آخري خواهش هڪ آزاد نظم ” سانوڻ جي موج“ ۾ هيئن ڏيکاري آهي:
    سانوڻي جي موج هن ڀيري ته ڏس
    دل چوي ٿي
    مائٽن کي چئي ڇڏيان
    مئي پڄاڻان
    سانوڻيون ٿينديون پيون ۽
    موج ڀي ايندي پئي
    مان نه ڏسندس...!
    ان ڪري،
    مون کي ڪنڌيءَ تي پورجو.
    22 ڊسمبر 1999ع رات جو ساڍي ڏهين وڳي اوچتو سور جي سٽ کيس لوڏي ڇڏيو. سندس صالح پٽن عزيز منگي ۽ عبدالحفيظ ڪوشش ڪئي پر تقدير آڏو تدبير ڪم نه آئي.
    سندس مڙهه وصيعت مطابق پير حمل قبرستان ڳوٺ بگي، تعلقو ڏوڪري بڻيو. جتي سانوڻيون ٿينديون پيون، مؤج به ايندي پئي. ۽ انهن سان سندس روح رهاڻ به ٿيندي پئي.
    **


    واجد : جا پيڙ هئي پرواني ۾

    واجد مرحوم سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين ۽ ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست هئي.
    واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته ڪونه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، 1975ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪٽيندا هياسي. انهيءَ دؤران مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام وياسي.
    اڃا اٿڻ ويهڻ وڌيو ته واجد پهريون ڀيرو گيان باغ جي ڏکڻ ۾، پراڻي گهاڙ واهه جي سڪل پيٽ ۾ اڏيل ڪچي بستيءَ جي هڪ ڇني ۾ وٺي ويو. اهو سندس گهر هو. هڪ کٽ تي سندس پوڙهو پيءُ ستو پيو هو. ٻي کٽ تي واجد جا ڪتاب ڪڙا سٿيا پيا هئا. گهر جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ڪاٺ جي پيتي ۽ ان جي مٿان لوهي پيتي ۽ ٻي ڪنڊ ۾ هڪ بجڪو ٽنگيو پيو هو. پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته ان ۾ سندس والد جو سامان سرڙو آهي.
    واجد سان اٿندي ويهندي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو هو، ته هو ڏاڍو دلزده ۽ دلفگار شخص آهي. کيس پنهنجي غربت ۽ بي روزگاريءَ جو احساس شديد تر آهي. سندس اڌ کان وڌيڪ شاعري به ان ڪيفيت جو اظهار هئي. جيڪا ان وقت، هن مون کي ٻڌائي هئي.
    زندگي محرومين جو سلسلو آ
    ڌرتي ۽ آڪاس ۾ ڄڻ زلزلو آ
    ڇا حياتي ۽ حياتيءَ جي ڄمار،
    ٻن ورانگن جو ڪوئي فاصلو آ.
    ماني ۽ ڪپڙن تي پئي عصمت کپي،
    ٿو پڇان ڪهڙو ڀلا هي معاملو آ!
    روئندا رڙندا ائين رُلندا وتون ٿا،
    ڄڻ ته ڪنهن رهزن لُٽيو هي قافلو آ.
    جيڏو توکان ٿا ڊڄون اوڏو عذاب،
    ڇا اسان جي هي وفائن جو صلو آ.

    يا

    جڏهن ستائيندو آهيم،
    پنهنجي غربت جو احساس.
    ٿيندو ائين محسوس اٿم
    آهيان ڄڻ ڪو زنده لاش
    مفلس ماڻهو جو جڳ ۾،
    جيئڻ سچ پچ آ بڪواس.

    مٿان وري عشق جي هلڪي سلڪي چپيٽ، تنهن کيس حد کان وڌيڪ حساس بڻائي ڇڏيو. مون کي هڪ ڏينهن داستان عشق ٻڌائيندي ٻڌائيندي پڇي ويٺو.
    ”ڀاءُ منظور، تو ڪو عشق ڪيو؟“
    مون شينگهرجي چيو. ”ڪو هڪ اڌ هجي ته ٻڌايان به، الائي ڪيترا.“
    سندس پر زور اصرار تي هڪ اڌ عشق جو قصو کنيم. شاهي بازار جي هڪ فرضي سيٺ جي ڌيءَ سان عشق، پوءِ اهي ئي ذات پات جا ٻنڌڻ، وچتي چانديءَ جون ديوارون، آخر ۾ ساڳيو ئي الميو سيٺ جي ڌيءَ زهر کاڌو ۽ مان بچي ويس. واجد روئي روئي کڻي رڇ ڀريا. مون ان ڏينهن کان توبهه ڪئي ته هن معصوم سان اهڙو چرچو ڪڏهن به نه ڪجي. اها مذاق ته انهن عاشقن سان ڪري سگهجي ٿي. جيڪي اسان جهڙا هجن نؤد ۽ تيليءَ کي ٿنڀ بڻائڻ وارا.
    واجد جيئن ته حد کان وڌيڪ حساس هو. ان جي ڪري ڪنهن جي ٿوري ڳالهه به کيس ڏکوئي وجهندي هئي. ائين به نه هو ته منجهس مزاح جي حس نه هئي. اهل ڪرڻ ته ڪو واجد کان سکي، سا به مرحوم افضل قادري يا مولوي نور الدين نور جي، مشاعرن ۾ ادبي نوڪ جهوڪ به سٺي ڪري ڄاڻيندو هو. مرحوم افضل سان سندس نوڪ جهوڪ محفل کي زعفران بڻائي ڇڏيندي هئي ته ڪڏهن وڌي وڃي رسامن تي به پهچندي هئي. پر هن متاع درد رکندڙ ماڻهو ڪڏهن دل ۾ نه رکيو. مرحوم افضل لاءِ سندس نثري نظم، ”اڄ پڻ اکڙين“ سندس وسعت قلبي جو وڏو ثبوت آهي.
    افضل هڪ ارڏو شاعر.
    جنهن جي سٽ سٽ،
    انڌيرن سان مهاڏو اٽڪايو،
    جيڪو سورن جي ساگر ۾،
    مون لاءِ ناوَ سمان هو.“
    1976 ع ۾ سندس اڪثر دوست بي روزگار، واندا يا شاگرد هيا. انهن سوچيو ته ڇو نه واجد کي ميٽرڪ ڪرائجي. جيئن هو احساس ڪمتريءَ مان آجو ۽ با اعتماد ٿئي. نيٺ اسلم سنديلي، رزاق مهر ۽ منهنجن ڪوششن رنگ لاتو، واجد مئٽرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سڀني کي اميد ٿي ته هاڻ هو هٿ پير هڻي با روزگار ٿيندو.
    1977ع ڌاري مان سنڌ يونيورسٽي هليو ويس. منهنجي ملاقات ساڻس گاهي ماهي ٿيندي هئي. سال 1979ع اپريل جو مهينو هو. ڪنهن اچي گهر ٻڌايو ته واجد جو والد گذاري ويو آ. سندس والد به ڏاڍو قربائتو شخص هو. جڏهن به در تي بيهي سڏ ڪندا هياسي ته ويچارو گهر جي اندران ئي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ جواب ڏيندو هو.
    ”اچو منهنجا بابا، مان صدقي ٿيانوَ.“
    سندس والد جي وفات کان پوءِ فاتحه ٿي. فاتحه کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جا قصا نڪتا، آخر ۾ دنگ وڃي واجد جي بي روزگاريءَ تي ٿيا. هر ڪنهن پنهنجي ذهن آهر کيس دڪان کولڻ يا نوڪري ڪرڻ جي صلاح ڏني.پوءِ خبر پئي هئي ته سندس ڀائرن جاءِ کپائي حصي ۾ کيس صرف ساڍا ٽي هزار ڏنا هيا. اهي پيسا کڻي ٽنڊي غلام علي پهتو ۽ دڪان کوليائين. دڪان نه هليس ته مارڪيٽ ڪميٽي ۾ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان نوڪري ڪيائين. اتي يارنهن مهينن جون پگهارون نه مليس ته وڃي ٿر وسايائين. جتي ڊي سي عبدالقادر منگي کيس روزگار ڀيڙو ڪيو. جيئن ئي منگي صاحب جي بدلي ٿي ته هي ٻيهر بي روزگار بڻجي پنهنجي اصلوڪي ماڳ لاڙڪاڻي اچي پهتو.
    ان سڄي عرصي دؤران منهنجي ادبي دنيا کان ڌار پار ٿيڻ ڪري وچ ۾ ڪو اهڙو سٻنڌ نه رهيو جو هڪ ٻئي جي حال کان آگاهي رهي. البت سندس شاعري رسالن ۽ ميگزينن ۾ پڙهندي محسوس ٿيندو هو ته هو سخن کي سينگار وٺائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
    1989ع ۾ وري پنهنجي ملاقات ”ميگهه ملهار ادبي سنگت“ جي هڪ ميڙاڪي ۾ ٿي. جنهن جي صدارت ڪندي هن پنهنجو تازو غزل ٻڌايو هو. جنهن جو ڪجهه سٽون اڄ به هيئن ۾ هرن ٿيون.
    ٿو سئين هڻي مئخاني ۾،
    ڇا ملندءِ، چئه نذراني ۾!
    سو ماڻهو لامحدود ٿيو،
    جو فٽ نه ٿيو ڪنهن خاني ۾.
    سا، مون ته شمع ۾ ڪو نه ڏٺي،
    جا پيڙ هئي پرواني ۾.
    ڪئن تپندي تند ڀلا واجد!
    جي ناهي تاءُ تراني ۾!

    ان کان پوءِ ٽنڊي غلام علي مان سندس ٻه ٽي خط پهتا، لڳو هو ته قلم جي زبان جلائي خط لکيو هيائين. جنهن ۾ زماني ۽ دوستن جون شڪوهه شڪايتون ۽ تنهائيءَ جون حڪايتون هيون. سندس اهڙن خطن جي ڪري دوستن جو چوڻ هو. ته کيس جهڄڻ، جهرڻ جي عادت پئجي وئي آهي. حقيقت اها هئي ته هو هر پراڻي پريت واري کي پنهنجو سمجهندو هو. اها اسان دوستن جي بي سمجهي هئي. جو ان کي غلط سمجهيو سي ۽ ڪن يارن ته کيس مئي کان پوءِ به نه بخشيو ۽ سندس روح رنجايو.
    سال 1994ع ۾ علي خان جي، ”نواز پريس“ تي ملي ويندو هو. پريس هڪ ننڍڙي ڪمري تي ٻڌل، انگريزن جي دؤر جي باقيات هئي. پر مالڪ علي خان ڄڻ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جي ڪا آخري نشاني هيو. جنهن جي ننڍن ننڍن اسٽولن تي، بظاهر ڏسڻ ۾ ميرا سيرا حالي موالي ماڻهو ويٺا هوندا ها. پر کُلڻ کان پوءِ ڄڻ هيرن ۽ ياقوتن جو کاڻيون هيا. مظفر علي قادري عرف مجن خان ۽ محترم عبدالرحيم پيرزادو جهڙيون ڏکٽار شخصيتون براجمان هونديون هيون. ان وچ ۾ واجد پنهنجو شعري مجموعو ”آءٌ اوهان جو آهيان“ ڪمپوز پيو ڪرائيندو هيو. جنهن جا ڪيترائي شعر ڄڻ سندس، امنگن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندا هيا، اُنهن مان ڪجهه شعر هتي سندس اندروني ڪيفيت ۽ سوچ جي حوالي سان پيش ڪجن ٿا ته جيئن سندس خيال جي خوبي ۽ پيڙا جي امتزاج کي اوهان به محسوس ڪري سگھو:

    زندگيءَ جي هر ادا، مون کي قبول.
    با وفا يا بيوفا، مون کي قبول.

    سارو جڳ سرهو رکي مون کي مُٺئه،
    هي عجب جھڙي سخا، مون کي قبول.

    زندگي وئرٿ وئي واجد، مگر،
    تلخ ٿيا جي تجربا، مون کي قبول.


    تون پڇين ٿو ڪيئن پئي گذري حيات!؟
    ريءَ پرڙن جي پئي اڏري حيات.

    چئني پاسن کان پيون آنڌيون اچن،
    اڳ ئي واريءَ جان پئي اڏري حيات.





    ڌڪو، ٿاٻو، ٿيلو آهيان،
    مونجھارن جو ميلو آهيان.

    سور اوهان جا ساڻي آهن،
    آئون ڪٿ اڪيلو آهيان.

    جنهن جو ڪنهن نه شمار ڪيو آ،
    اهڙو گذريل ويلو آهيان.

    مون هڪ تبديلي محسوس ڪئي هئي ته واجد جيڪو پهريائين کائڻ جو شوقين هو. خاص ڪري سندس مهري دال چاڙهڻ جو ته ڪو جواب ئي نه هو. اسان مهري دال، سائو مصالحو ۽ ٿوم وٺي سندس گهر پهچندا هئاسين. واجد پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو هيو.دال سوئيندو، پاڻيءَ ۾ رڌيندو، داغ ٺاهي، مصالحو وجهي، مٿان وري، ٿوم جي رائي ڏيندس، پوءِ ڪو ڏسي دم دال جو، آڪڙ پلاءَ جي پر هاڻ واجد چانهه ۽ سگريٽ نوشيءَ تي لهي پيو هو. سندس چين سموڪنگ مان لڳندو هو.ته هن ”اهرمن“ جي اولاد (سگريٽي دونهين) سان باقاعده جنگ جوٽي هئي. جهلڻ جي باوجود به روز سوين سگريٽ ساڙي خاڪ ڪندو هو. مٺي چانهه جي محبت کيس مٺو زهر ٿي لڳي. ٻنهي سندس صحت کي ڏاڍو هاڃو رسايو. واجد ويو پؤڻو ٿيندو، تان جو وڃي سورن سيراندي ٿيو. سندس ”ست سنگ“ خوب نڀايو. مداحن ۽ مهربانن به ڪوشش ڪئي. ايسيتائين جو لاڙڪاڻي جي هڪ سڳڻي، سماني ۽ سوريتي اديبه به کيس رت ڏنو. پرقَضا کي قضا نه آئي.
    5 جولاءِ 1952 ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي ڄمندڙ شعبان علي منگي، 2 مارچ 1994ع ۾ هڪ روشن خيال شاعر”واجد“ جي حيثيت سان موڪلائي ويو ۽ اسان کي پنهنجي ذهن جي اميريءَ جا ٽي اهڙا اثاثه ڏنائين. جيڪي سنڌي ادب جي لازوال ميراث آهن، جن ۾، ”منهنجا گيت زهر جي ڳيت“، ”سوريءَ مٿي سيڻ“، ۽ ”آءٌ اوهان جو آهيان.“ آهن.
    ***


    محبت ٻرڙو : مانائتو ماڻهو

    ”شاهه و گدا ڪري ٿو، تنهنجو سلام قمبر“
    ”رحمت وسي ٿي توتي هر صبوح شام قمبر“

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قمبر شهر جي توصيف ۽ تعريف ۾ چوڏنهن بندن تي مشتمل نظم لکيو هو، جنهن جو پهريون بند مٿي ڏنل آهي.
    حقيقت به اها ئي آهي ته جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو نظم لکيو هو. ماڻهو چون ٿا ته ان وقت واقعي قمبر امبر هو. ۽ مون به ننڍپڻ ۾ ان قمبر جي هڪ جھلڪ پسي هئي، ڇو ته منهنجو ڳوٺ بلڪل اولهه ۾ دوست علي واري سڙڪ تي، 5 ميلن جي فاصلي تي هو، ڳوٺ جو نالو هو ڪنڍو خان بليدي. سڙڪ سڌي هئي پر جڏهن هڪ دفعو ان تان ڪا جيپ، بس، لاري لنگھي وئي ته ڪلاڪ کن ڌوڙ جو طوفان برپا ڪري ويندي هئي، انهيءَ سڙڪ کي پار ڪندي جڏهن قمبر ناڪو ٽپبو هو ته هيانءُ ٺري پوندو هو. وڏو ۽ ويڪرو پڪين سرن سان ٻڌل رستو نظر ايندو هو، رستي جي ساڄي پاسي وڏيون ويڪريون جايون ۽ سيلر نظر ايندا هيا، کاٻي پاسي ننڍين ڪوٺين واريون جايون نظر اينديون هيون، جن جي دروازن تي مايون هار سينگار ڪيون بيٺيون هونديون هيون ۽ ڪنهن ڪنهن جاءِ مان طبلي جي ٿاپ، هار مونيم جو آواز، ۽ ڇير جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هيو، ان وقت عمر ڇهه، ست سال کن مس هوندي هئي. ان ڪري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ ڦوهه جوانيءَ ۾ خبر پئي ته اهو ڪوچه جانان هيو، جتي ’هاج‘ رهندي هئي. جنهن جي باري ۾ سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ سترنهن صفحا ڪارا ڪيا آهن. تنهن جي هڪ جهلڪ سندس لفظن ۾ پيش ڪجي ٿي؛
    ”قمبر جو اهو ڪوچه جانان، جنهن ۾ پاڻ رهندي هئي، نه ڇڙو عاشقن لاءِ باغ بهار هيو، بلڪه عاشقن کان ان جي بهار جو ڳالهيون ٻڌي، لاڙڪاڻي جي ديوان گيانچند کي پنهنجو باغ بي حقيقت معلوم ٿيندو هيو ....هاج جڏهن پنهنجو بروج مشهده ڇڏي خوش و خرام ٿي ڪيڏانهن هلندي هئي ته في الحال قمبر وارو ڪوچه شهر، شهرِ خموشان ٿي ويندو هو...... ريل جتي اچي بيٺي، اتي زناني گاڏي اڳيان ڳاهٽ لڳي ويندا هيا، غريب غربو ته ”اڙي هيءَ قمبر واري هاج ويٺي اٿئي.“ چئي اڳتي راهي ٿي ويندو هو، ليڪن وڏيرا ان جڳهه تي پهچي گل محمد بڻجي ويندا هيا، پوءِ ”زمين جنبد گل محمد نه جنبد“بهرحال عين انهيءَ وقت وڏيرن کي خارش اچي کڻندي هئي، هڪ هٿ مڇن ۾ ٻيو سٿڻ ۾، توبه نعوذ باالله اها بدعادت کين ڏاڍي هوندي هئي.“
    ننڍپڻ ۾ منهنجو چاچو غلام صديق، جنهن کي مان بابو مٺو ڪري سڏيندو هيم، سو سڌو ميونسپالٽي جي پاسي ۾ جمعي حجم جي دڪان تي وٺي ايندو هو،
    جمعو حجم پڇندو هو ؛ ”رئيس! وار ٺاهيانس يا.......؟“
    بابو مٺو وراڻيندو هو: ”بس سمجھي وڃ نه....!“
    ۽ پوءِ جمعي حجم جي پاڪي ۽ منهنجو مٿو هوندو هو ، منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي هئي. اتان پنهنجي ماماڻي گھر مکي محلي ۾ فوٽي مهر جي گهر وٺي ويندو هـو، جـنـهـن جـي زال مريـم لـپ تيل جي هڻي ٺـوڙهه چـمـڪـائي بي بالم ڪري ڇڏيندي هئي، فوٽو مهر بابي مٺي کان حالن احوالن دؤران ڏاڏي ڦتل جي باري ۾ پڇندو هو، ته پڦي ڪاٿي آ؟ ته جواب ڏيندو هو ”لاڙڪاڻي!“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چوندو هو! ”هن کي هتي ڇو نه ٿو پڙهائين؟“ سندس مطلب هوندو هو ته پڦيءَ کي هتي ڇو نه ٿو رهائين،
    بابو مٺو وراڻيندو هيو ته؛
    ”هڪ ته هتان جو پاڻي سٺو ناهي، ٻيو اتي پنهنجي جاڳهه(جڳهه) آهي، ٽيون ته لاڙڪاڻي جي پڙهائي سٺي آهي.“
    جيتوڻيڪ قمبر جي پڙهائي مشهور هوندي هئي، هتان جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ سندس سرڳواسي ڀاءُ مکي ڪيول رام به پڙهيا ها. ڪامريڊ سوڀو ٻڌائي ٿو ته 1930ع ۾ قمبرشهر جو تعليم ۾ وڏو نانءُ هيو، ۽ خاص ڪري ميونسپل اسڪول انتظامي ۽ تعليمي حساب کان مثالي هيو، انهيءَ اسڪول ۾ ڪوآپريٽو اسڪول هلندو هيو، جنهن کي هلائڻ لاءِ هر شاگرد کان سال ۾ هڪ رپيو ورتو ويندو هيو، ان اسٽور کي هڪ شاگرد، هڪ استاد ۽ هڪ پٽيوالو هلائيندا هيا، جتي اسٽيشنري عام بازاري اگھن کان سستي اگھه ۾ ملندي هئي، ڪامريڊ سوڀو اهو به ٻڌائيندو آهي ته هو انهيءَ اسڪول ۾ چار سال پڙهيو، جتي روچي رام جهڙو قابل هيڊ ماستر هيو، ڪشنچند ۽ نوازش صاحب جهڙا سخت محنتي استاد هيا، جيڪي شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙهائيندا هيا، بابو مٺو دراصل ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ”B“ ڪلاس جو ٺيڪيدار هيو، ان ڪري کيس هر ٻي ڏينهن تي لاڙڪاڻي اچڻو پوندو هيو، تنهن ڪري مونکي به پرائمري تعليم لاهوري محلي جي پي سي اسڪول ۾ وٺڻي پئي، ۽ سيڪنڊري تعليم، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾.
    1978ع ۾ مون جڏهن پهرين ملاقات ۾ اهو پس منظر محبت علي ٻرڙي کي ٻڌايو، جيڪو 25 مارچ 1952ع ۾ قمبر ۾ڄائو هيو، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول ۾، سيڪنڊري، ميونسيپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ پڙهيو، ته هو حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو:
    ”جيڪڏهن تون قمبر ۾ پڙهين ها ته پنهنجي ياري انهيءَ زماني کان هجي ها، پر تون باءِ پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو وئين، اهو ڪم صحيح نه ٿيو، ڇو ته اسان جي زماني ۾ به قمبر جي پڙهائي سٺي هئي. “
    اها اسان جي پهرين ملاقات سندر خوبچنداڻي جي توسط سان ٿي، جيڪو ان زماني ۾ عوامي تحريڪ جي سنڌي شاگرد تحريڪ (S.S.T) جو سرگرم ڪارڪن هيو، سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ته سندس ڀاءُ ڪيلاش خوبچنداڻي جيڪو لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندو هيو، ۽ لاڙڪاڻي جا ڏاند ڏهندو (واپارين جي انشورنس ڪندو) هيو، تنهن جي سلامن ڪلامن تي هو منهنجي روم نمبر 49 انٽرنيشنل هاسٽل ۾اچي رهيو هو، ان سان گڏ پنهنجي پاڙيسري ۽ راند روند واري دوست اشتياق انصاريءَ جو ڀاءُ اخلاق انصاري به اتي آيو هو، منهنجو به ايم اي سوشيالاجي جو فائينل ايئر هو، پهرين سال ته منهنجو به گوشه نشيني وارو سال هو، ٽن بسترن واري ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هيس، جو ٻن بسترن جي الاٽمينٽ پنهنجي هم ڪلاسي دوست جان محمد رند ۽ ان جي ڀاءُ صاحب خان جي نالي تي ڪرائي ڇڏي هيم، پر هنن ٻن نوجوانن جي اچڻ ڪري روم نمبر 49 ۾ رونق اچي وئي، ۽ گهما گهمي وڌي وئي.
    پهرين ملاقات سڄي رات هلي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل بابت بحث مباحثا ٿيا، جيڪي ان زماني ۾ شاگردن جي مٿي جو سور هيو، جيڪا ڳالهه ڏاڍي نئين ۽ نرالي هئي، اهو هيو سندر خوبچنداڻي جو دلچسپ سوال ته دنيا جي مسئلن تي ڪير وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، يا رسول بخش پليجو؟
    محبت جو جواب هيو: ”اها دعويٰ ئي عجيب آهي ته ڪو فلاڻو عقلِ ڪُل آهي.“ سندس چوڻ هو ته هر ماڻهو 98 في صد اڻ ڄاڻ ۽ جاهل آهي، مون کي مخاطب ٿي چيائين:
    ”اوهان سوشيالاجي پڙهي رهيا آهيو، پر مون کي سوشيالاجي جي نالي ماتر ڄاڻ آهي، ان جو مطلب ته مان ان شعبي ۾ اڻڄاڻ آهيان، آءٌ جي ايناٽامي تي دسترس رکان ٿو ته ان شعبي ۾ اوهان کي گھٽ ڄاڻ هوندي، وري اسان ٻنهي کي پنهنجن پنهنجن شعبن جي اها ڄاڻ ڪونهي ته اڄوڪي ڏينهن ۾ اسان جي شعبن ۾ ڪهڙا سڌارا ۽ واڌاراآياآهن. ان ڪري اسان کي انساني سماجي ترقيءَ لاءِ گڏيل سمجھه کي ڪتب آڻڻ گھرجي، هڪ ٻئي کان سکڻ واري فارمولي تي عمل ڪرڻ گهرجي، حقيقتن جو جائزو دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي وٺڻ کپي، ته جيئن ڪا سٺي سماجي تبديلي يا انقلاب آڻي يا برپا ڪري سگھجي.“
    اها ڳالهه محبت جي مون کي نئين ۽ اڻ ڌري لڳي، نه ته ان زماني ۾ هر ڪو پنهنجي اڳواڻ کي عقلِ ڪل، قائد عوام، مها ڏاهو ۽ عظيم رهبر ڪري پيش ڪندو هو. محبت جيئن ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد هو، ان ڪري هن ايل ايم سي هاسٽل اچڻ جي دعوت ڏني، مان، سندر خوبچنداڻي ۽ هڪ نوجوان مشتاق شابراڻي سان گڏ سندس روم تي پهتاسي، ته اتي ظفر اڄڻ ۽ فاضل راهو به ويٺا هيا، محبت منهنجو تعارف ڏاڍي سٺي انداز سان ڪرايو، ڄڻ ته مان ڪوئي مشهور ماهرِ عمرانيات هيس ۽ انهن ٻنهي ڄڻن به منهنجي سٺن لفظن سان آجيان ڪئي.
    جيئن ته اها نجي ڪچهري هئي، جنهن ۾ ذاتي ڳالهيون، هيڏانهن هوڏانهن جا حال احوال ۽ ان سان گڏ عام سياسي نقطه زيرِ بحث آيا، انهيءَ دؤران محبت ٻرڙي عام مهمان نوازي کان هٽي ڪري سڀن کي ماني کارائي ڇڏي.
    مان ان ڏينهن کان محبت جي ”محبت“ جي گهرائي جو اندازو ڪيم، جڏهن ته اڳواٽ ئي هن مون کي پنهنجو مسڪيني حال ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي ڇڏيو هيو، پر سچ پچ ته محبت دل جو امير هو، ۽ پوءِ مان به محبت کي لاڙڪاڻي ميس ۾ گھرائي ماني کارائيندو هئس، لاڙڪاڻي ميس جو مينيجر بشير شاهاڻي هوندو هو، جيڪو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ۽ منهنجو ذاتي دوست هيو، اهو محبت ۽ مون کي ڏسي کلي چوندو هو:
    ”منظور لڳي ٿو ته تون عوامي تحريڪ جو ايجنٽ آهين ...! تون سنڌ يونيورسٽي مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن وارن جي تڏا ويڙهه ڪرائيندين.“
    مان به کلي وراڻيندو هيو مانس: ”انشاءَالله ايئن ئي ٿيندو.“
    پر حقيقت اها هئي ته محبت ٻرڙي مون کي ڪڏهن به ايئن نه چيو يا زور ڀريو ته آءٌ ڪو سندس تنظيم جو ميمبر ٿيان، ڇو ته هن کي خبر هئي ته مان اسپورٽس جي عشق ۾ گرفتار آهيان، ان ڪري جيڪو به واندڪائي وارو وقت ملندو هيو ته حيدر بخش جتوئي پويلين تي وڃي فزيڪل ايڪسرسائيز ڪندو هئس، شاٽ پٽ اڇليندو هئس يا جيولن ٿرو پيو ڪندو هئس پر هن جي اها خواهش هوندي هئي ته منهنجي ساڻس ملاقات هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ٿئي، ۽ ٿيندي هئي، توڻي جو محبت هڪ مخصوص سياسي ڌر سان سلهاڙيل هو، پر هڪ ٻئي کي ڏسندي ڄڻ دل کي دل جي ڪشش ٿيندي هئي، جي ڪچهري ڪبي هئي ته خوب ڪبي هئي، پوءِ اها سياست هجي يا فلاسافي، تاريخ هجي يا آثارِ قديمه، عالمي ادب هجي يا سنڌي ٻولي، ناٽڪ هجي يا رانديون، مان ڪڏهن ڪڏهن ته حيرت کائيندو هئس جڏهن محبت سوشيالاجي جي ڏکين موضوعن ۽ اصطلاحن تي ڳالهائڻ شروع ڪندو هيو، خاص ڪري Criminology۽Social psychology تي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ميس تي منجهند جو ماني لاءِ ويٺاسين، ماني ته اڌ ڪلاڪ ۾ پوري ٿي ويندي هئي، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سج لهي ويندو هو ته رات جي ماني به اتي ئي کائيندا هئاسين، ۽ پوءِ وري محبت بلاڪن واري هاسٽل ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ميمبر مشتاق شابراڻي سان وڃي پنهنجي مخصوص سياسي ڪچهري ڪندو هو.
    1978ع تائين پنهنجون ملاقاتون رهيون، جو پنهنجو هڪ سال آمر ضيا سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن کي 9 مهينا بند ڪري وڃايو، اهڙي طرح سنڌي شاگردن کي هر حوالي سان پٺتي ڌڪي ڇڏيو، ان دؤران ڳوٺ ڏانهن ايندي ويندي قمبر مان گذر ٿيندو هو ته ملاقات ٿي ويندي هئي، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آرمي جو ڪيپٽن ٿي ويو ۽ مان گذر سفر جي حوالي سان پهرين پرائيويٽ ۽ پوءِ سرڪاري نوڪريءَ جي شڪنجي ۾ اڙيس ته ملڻ جلڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو، ايتري قدر جو مون جڏهن سنڌ جي شهرن ۽ انهن جي مسئلن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن قمبر تي لکڻ جو سوچيم ته محبت ڏاڍو ياد آيو.
    سال 1994ع اپريل جو مهينو هيو، ڪيميرا ۽ نوٽ بڪ کڻي قمبر ۾ هڪ اڌ ماڻهو کان پڇيم ته خبر پئي ته محبت قمبر ۾ آهي ۽ لطيف ڪلينڪ کولي اٿس، پڇائيندي پڇائيندي پندرنهن منٽن ۾ پهچي ويس، ڪلينڪ ۾ اندر گھڙيس ته ڏٺم، محبت ويٺي ڪجهه لکي رهيو هيو، ڏسندي ئي سڃاتائين: ”ڪاٿي آن منظور ڀاءُ؟“
    اهو ساڳيو سوال منهنجو به هو، بس پوءِ هر ڪنهن پنهنجي وارتا ٻڌائي، نه ملڻ جي تشنگي جو احساس ڏياريو، باقي هڪ ٻئي سان ڪي شڪايتون ۽ ميارون ته هيون ڪو نه، جو ڏجن ها.
    ٿوري دير کان پوءِ جامي چانڊيو، سرمد چانڊيو ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست به اچي نڪتا، انهيءَ جي دؤران محبت وٽ هڪ مريضه آئي، سا به ڪراڙي ۽ نٻل، تنهن کي ڏٺائين ته ان چيس: ”ابا مان غريب آهيان، مون وٽ پيسا ڪونهن.“ محبت وراڻيو: ”امان ڪائي ڳالهه ڪونهي! بس تون هيءَ دوا وٺي کاءُ، ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“ مريضه پرچي وٺي چيو: ”جڏهن پيسا ٿيا ته دوا وٺنديس،“ محبت چيس: ”امان دوا سستي اٿئي 20 روپيه مس لڳندءِ.“
    ”ابا 20 روپيه به ڪونهن.“ محبت کيسي مان 20 روپيه ڪڍي مريضه کي ڏنا. ”ها امان وٺ.“ ان وقت مون سوچيو: ”هن يار جو جهان ڪيئن هلندو هوندو؟“ خير حال احوال ٿيا، مون اچڻ جو مقصد ٻڌايو ته قمبر تي مضمون لکڻ چاهيان ٿو، انفارميشن کپي. وراڻيائين:”کوڙ انفارميشن، پهريان ماني کائون.“
    ٿوري دير کان پوءِ ماني آئي. ماني کائي قمبر گھمڻ نڪتاسين. مرلي ٽاڪيز جي سامهون واري روڊ کان شهر طرف اندر گھڙياسين، اڳ ۾ ولايت راءِ جي درٻار گھمي سين. ان کان پوءِ ان هنڌ اچي پهتا سين، جتي ڪنهن زماني ۾ سڪو تلاءُ هو ، ۽ چيو وڃي ٿو ته ٻيڙيون اتي اچي بيهنديون هيون، اهو تلاءُ جهڙو ڪر قمبر جو ننڍڙو بندر هيو، سرمد چانڊيو اتي بيهي ڪري قمبر جي قدامت بابت ٻڌايو. محبت ٻرڙي وري سڪي تلاءَ جي سامهون اولهائين ڏاکڻي ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو،”هتان اصلوڪو قمبر شروع ٿئي ٿو، جنهن جي لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نظم ۾ واضح اشارو آهي،
    اعليٰ دماغ ماڻهن لاءِ، خوب هي جڳهه آهي،
    آهي ٻڌل دڙي تي، عالي مقام قمبر.

    پوءِ اعليٰ دماغ ماڻهن (محبت، جامي ۽ سرمد) عالي مقام قمبر سج لٿي تائين ايئن گھمايو جو منهنجو مضمون ”قصو قمبر علي خان جو“ مڪمل ٿي ويو ۽ ’سنڌ سجاڳ‘ جي آگسٽ 1994ع جي پرچي ۾ڇپيو، جنهن ۾ قمبر جي قدامت کان وٺي موجوده حالت ۽ سندس مسئلن بابت اپٽار ٿيل هئي، اها به خبر پئي ته قمبر واسين خاص ڪري پاڻي نيڪاس ۽ روڊن رستن جي حل لاءِ سٽيزن ڪاميٽي جوڙي هئي، ان حوالي سان هر مهيني هو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر آڏو مسئلا کڻي ويندا هيا ،پر سندس چوڻ هو ته سٽيزن ڪاميٽي جا آواز صدا به صحرا ٿي ويندا هيا، ڇو ته قمبر جي نام نهاد سياسي سردارن/اڳواڻن ڪڏهن به پٺڀرائي نه ڪئي.
    پر محبت ٻرڙو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هن قمبر شهر ۾ علم، ادب ۽ شعور جي شمع روشن رکي، جنهن جي نتيجي ۾ قمبر جا ڪيترائي نوجوان مستفيض ٿيا. منهنجو به جڏهن ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو ته محبت سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي، مونکي انهيءَ دؤران خبر پئي ته محبت ٻرڙي کي سنڌي ٻوليءَ تي به وڏي دسترس حاصل آهي، ان حوالي سان سندس مضمون نهايت گھرائي ۽ وسعت رکندڙ هيا، هن وٽ سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان به هڪ وڏي رٿابندي ٿيل هئي، سندس ڳالهين ۾ هر دفعي هڪ انڪشاف ۽ نئين ڳالهه هوندي هئي، هڪ دفعي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ پد وارن لفظن تي ڳالهايو، جيئن مثال ”گھ“ آهي ته اهو طاقت، قوت ۽ تيزيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ۽ پوءِ سنڌي جي نج لفظن ”سگھو“ ۽ ”اگھو“ تي ڳالهائيندو رهيو، ان مان اندازو ٿيندو هيو ته ذهني طور تي هو ڪيڏو نه امير هيو، پر اها به خبر پئي ته ان عرصي دؤران هن جيترو علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سوچيو ، اوترو پنهنجي معاشي حالتن جي بهتري لاءِ نه سوچيو، پوءِ به معاشي ڪسمپرسي جي حالت ۾هن پاڻ کي چومکي جيان جلائي چوڏس روشني ڦهلائي. سندس ان روشنيءَ جو نتيجو آهي جو اڄ به سندس دوست ڀائو درمحمد ٻرڙو، سندس ننڍو ڀاءُ رياضت ٻرڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس ٻاريل شمع جي جوت مان جوت جلائيندا اچن ٿا.
    هن شخص وٽ جيتري خيال آرائي ۽ تحقيقي جستجو هئي، مون سنڌ ۾ ڪنهن به هم عصر وٽ ڪو نه ڏٺي.
    25 مارچ 1997ع تي پنهنجي آخري ملاقات لاڙڪاڻي ۾ سعيد ميمڻ جي اسپورٽس واري دوڪان، جناح باغ لڳ ٿي، مان دوڪان تي سعيد ميمڻ سان ڪچهري پئي ڪئي، ڊاڪٽر محبت تي نظر پئجي وئي، زور سان سڏ ڪيو مانس: ”ڊاڪٽر صاحب !“ مون ڏانهن ڏٺائين، وڌي آيو ڀاڪر پاتائين، حالي احوالي ٿياسي، چانهه جي لاءِ چيومانس ته چيائين ”تڪڙو ڪم آهي، سول اسپتال ۾.“ مون چيو؛ ”ڪم لاهي، منهنجي گھر اچ ۽ منهنجي ماني کاءُ!“ وراڻيائين ”هڪڙو قمبر جو مريض آهي، ان جي پارت سفارت کان پوءِ واپس ورڻو آهيان،“ مون چيو ”سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته آءٌ توکي ماني کارائڻ کان سواءِ ڇڏيان.“ پر محبت ٻانهون ٻڌندو رهيو ۽ چوندو رهيو ”ٻي دفعي...!حاضر....!ٻي دفعي....!“
    ان ڏينهن منهنجي دل نه پئي چاهيو ته محبت کي ايئن ڇڏيان، ڏاڍا ايلاز ڪيا مانس پر الائي ڪهڙي تڪڙ هئس، جو چانهه به نه پيتائين.
    ۽ پوءِ 8 اپريل 1997ع تي اوچتو سندس دل بيهجڻ جي خبر پئي ته هڪ وڏي ۽ آخري ملاقات جي حسرت رهجي وئي.
    هي قمبر شهر جو ڪڻهار ۽ ڪُندار جڏهن پنهنجي علمي قد ۽ بت سان اڃان اسريو مس ته ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن نسريل ڳني جيان ٽڙڪي پيو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ارمان آهي.

    **


    افضل قادري : محنت ڪش ۽ معزز دوست

    شاعر يا اديب لاءِ هڪ رويو اهو به جڙيل آهي ته شاعر يا اديب نڪمو يا غير ذميوار ٿئي ٿو ۽ شاعري انسان کي ڇڙواڳ بڻائي ٿي. ٻيو رويو اهو آهي ته شاعر يا اديب ماڻهن کي ناواقفيت جي ننڊ مان بيدار ڪري ٿو.
    جيتري قدر ياد ٿو اچي ته شام جو وقت هو ، سال 1975ع جي پڇاڙي هئي، مون کي به هِن هُن کان خبر پئي ته لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ ڪچي جاءِ جي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن مٿان ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جون تنقيدي گڏجاڻيون ٿينديون آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ مون به هڪ ڏينهن وڃي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي هلندي ويٺلن جو پاڻ مرادو تعارف ٿي وڃي ٿو، هي شوخ طبع ۽ ڳالهائڻ ۾ ڀڙ سليم ڪورائي آهي، هي احتياط سان هر لفظ ادا ڪرڻ وارو رزاق مهر آهي، هي درد ۾ ٻڏل واجد ناز آهي، هي سنجيده طبيعت ممتاز ابڙو آهي، هي سمانو ليکڪ زيب سنڌي آهي، هي کل مک ۽ خوش مزاج افضل قادري آهي. انهيءَ زماني ۾ ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جي، لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول ۾ هاڪ هئي، هيءَ ادبي سنگت اهڙن نوجوانن تي مشتمل هئي جيڪي ادبي شوخ پڻي ۽ ارڏائپ جي ڪري مشهور هئا. مان به ان ادبي سنگت جو پهريان ميمبر، پوءِ سيڪريٽري ۽ آخر ۾ صدر بڻيس. انهيءَ ادبي سنگت جي حوالي سان ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن سان ملاقات ٿي. روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اهي ڇتا بحث ٿيا، جو جيڪڏهن انهن تي لکجي ته هڪ دبستان ٺهي سگھي ٿو، ۽ شايد اهڙن بحثن جو نتيجو نڪتو ، جو ان ادبي سنگت جا 9 ميمبر صاحبِ ڪتاب بڻيا. افضل قادريءَ جي تنقيد جو انداز به نرالو هوندو هيو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هيو، لانڍ سان ”ادا!!“ چوڻ. پهريان نهايت عزت و احترام سان لقب القاب ڏئي پوءِ ليکڪ جي لاک لاهيندو هيو. مڙندو ڪنهن کان به نه هو، پوءِ ڀل اُهي گهاٽا يار ڇو نه هجن. هڪ دفعي سليم ڪورائي پنهنجي ڪهاڻي پڙهي، افضل قادري ڪجهه هيٺين ريت تنقيد ڪيس:
    ”ادا، سليم ڪورائي عظيم ڪهاڻيڪار آ. سندس ڪهاڻي به ظاهر آ عظيم هوندي، پر مون کي سنڌ جو قسم ته ڪهاڻي سمجهه ۾ نه آئي، گھٽ ۾ گھٽ ايتري سولي ڪهاڻي ته لکي، جو مون جهڙي سادي ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي. باقي سليم ڪورائي جي ڪهاڻي ۾ رواني ڏاڍي هئي.“
    ان زماني ۾ مان به ٿوري ٿڪي شاعري ڪندو هئس مون هڪڙو شعر پڙهيو، ان ۾ هندي لفظن جي ڀرمار هئي، افضل قادري نهايت مودبانه انداز ۾ تنقيد ڪندي چيو:
    ” ادا! منظور اسان جو گھڻ پڙهيو دوست آهي، الله سندس علم ۾ اضافو ڪري. سندس نظم زبردست هيو مگر اسان جي کيس هڪ گذارش آهي ته سنڌيءَ ۾ به شاعري ڪري ته جيئن اسان جهڙا گھٽ پڙهيل دوست به کيس سمجھي سگھن.“
    سليم ڪورائي ۽ مون مان به جڏهن نه مڙيو ته باقي ٻين مان ڪهڙو مڙيو هوندو، هڪ دفعي شيخ اياز جي ڪنهن شعر تي به شاعري ۾ تنقيد لکي آيو، انهيءَ شعر ۾ اياز ڪو ” پپر پيلا گل“ ڪري لکيو هيو، جنهن جي جواب ۾ افضل لکيو هيو:
    ” پپر پيلا گل ٿيندا ناهن، او ڪوي!“
    افضل جي هڪ خوبي اها به هئي ته سندس ظرافت جو انداز نرالو هيو، محرم جا ڏيهاڙا هجن، سليم ڪورائي، رزاق مهر، واجد ۽ مان گھمندي ڦرندي سندس گھر پهتاسي. اهو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته روح رهاڻ جي آفيس، افضل جي گھر جي مٿان ٺهيل هوندي هئي. جنهن کي هڪ ننڍڙو آڳر ۽ ٻه ڪمرا هوندا هيا. اسان روح رهاڻ جي آفيس ۾ ساڻس ڪچهري پئي ڪئي سي ته اوچتو کيس ڪجهه ياد پيو. اسان کي اٿاريندي چيائين:
    ” ادا، اسان جي پاڙي جي پارڪ ۾ اڄ مولا جو نياز آ، هلو ته هلي کائون.“
    اسان نٽايوسي، پر سندس زور ڀرڻ تي هلي پياسي، پهتاسي ته واقعي نياز هلي رهيو هيو، پر ماڻهن جي وٺ سٺ لڳي پئي هئي، افضل پري کان نياز ورهائيندڙن کي سڏيو پر ايڏي گوڙ ۾ ڪير ٿو ٻڌي؟ 15 منٽ کن انتظار ڪيوسي ۽ پوءِ هلڻ جي ڪئي سي ته افضل قادري اسان کي روڪيندي چيو:”آخري ڪوشش ڪرڻ ڏيو“ افضل قادري انهن کي زور سان رڙ ڪندي چيو: ”ادا! پنج سيد بيٺا آهيون، ڪجهه ته خيال ڪيو، ڪربلا ۾ به سيدن کي مسلمانن ڏاڍو انتظار ڪرايو هتي به انتظار ٿا ڪرايو!؟“ نياز ورهائيندڙ ٽن مان هڪڙي همراهه کيس سڃاڻيندي چيو:” ادا، توهان ته دايا قادري آهيو، سيد ڪڏهن کان ٿيو؟“ افضل قادري هڪدم وراڻيو: ”ها ادا! ٿورا ٿورا دايا به آهيون.“ اسان سڀن کان ٽهڪ نڪري ويا، نياز ورهائيندڙ به کلي ويٺا، هڪدم اسان آڏو ٿالهين ۾ نياز (پلاءُ) وجھي کڻي آيا.
    سليم ڪورائي ڪلاڪار پبليڪيشن ڪڍي ته رزاق مهر نئين دنيا ۽ ان کان پوءِ ممتاز ابڙي ڪلا پبليڪيشن.
    روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ واجد ۽ افضل جي نوڪ جهونڪ هلندي هئي. افضل پاڻ مٿان ٿيل تنقيد ٽن ڏينهن کان پوءِ وساري ڇڏيندو هو، پر واجد ان جو گھرو اثر وٺندو هيو ۽ مهينو کن ان جو ردعمل ڏيکاريندو هيو. ان سبب ڪري، واجد هڪڙو مضمون لکيو، جنهن ۾ افضل قادري سان گڏ ڪراچي تائين سفر جي ڪٿا هئي ۽ ان ڪٿا ۾ ڪجهه افضل تي هلڪي سلڪي ڪاوڙ جو اظهار به هيو. اهو مضمون جڏهن ڇپيو ته هڪ ڏينهن سندس سائيڪلن جي دوڪان تي ممتاز ابڙو آيو ته افضل چيس:
    ”ادا خبر پئي آهي ته تنهنجي ڪلا پبليڪيشن ۾ منهنجي خلاف مضمون ڇپيو آهي؟“
    ممتاز وراڻيو: ” ادا مان ڇا ڪيان، واجد زور ڀريو ته ڇاپڻو پيو.“
    افضل ڏاڍي پياري انداز ۾ چيس:
    ”هُن ته کڻي مضمون لکي ڇائي پاتي پر تو به ته ڇاپي ڌوڙ پاتي نه ادا؟“
    ممتاز ڪڇي ڀت ڪڇي، ٻين کي چوندو وتي، ”يار مان جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اچي ويس.“
    افضل ڏاڍو ڏکيو ماڻهو به هيو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪندو هو، جو اڳلي ماڻهوءَ جا ٺپ ٺاري ڇڏيندو هيو. روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ هڪڙو اسان جو ميمبر اشفاق منگي به هيو، ان جي والد صاحب سچل منگي جي ايمپائر روڊ تي هيئر ڪٽنگ سيلون هوندي هئي، ادبي لڏي جا ماڻهو اڪثر ڪري سندس دوڪان تان وار ٺهرائيندا هيا. سچل منگي نهايت سلجھيل ماڻهو هيو. ڏاڍي فضيلت سان ڳالهائيندو هيو. پر اهلِ تشيع هئڻ جي ناتي پنهنجي مسلڪ /فرقي جو پرچارڪ به هيو، مان وار ٺهرائي رهيو هيس، افضل ۽ ٻيا دوست ويٺا هيا، سائين سچل منگي چوڻ لڳو:
    ” اوهان اديب آهيو، تنهن ڪري توهان جي مٿان فرض آهي ته حق جي ڳالهه ڪيو ۽ برملا ڪيو، جي اوهان گڏجي صرف ” باغ فدق“ واري مسئلي تي پنهنجي راءِ زني ڪيو ته سڀ معاملا پٽ پڌر ٿي ويندا.“
    افضل وراڻيو، ”سائين، مان توهان کان هڪڙي ڳالهه ٿو پڇان ته حضرت علي سائين عرب هيو ۽ مڪي جو هيو يا نه؟ “
    ” ها هيو!“ سچل منگي وراڻيو،
    ” ۽ حضرت عمر رضه به عرب ۽ مڪي جو هيو يا نه؟“
    ” ها هيو“
    ”ٻئي هڪ ئي استاد جا شاگرد يعني حضرت محمد ﷺ جي نظريي اسلام جا پيروڪار هيا يا نه؟“
    ” ها هيا.“
    ” ته پوءِ سائين سچل صاحب! هڪ قوم جا، هڪ شهر جا، هڪ نظريي جا ماڻهو، قيامت ۾ هڪ ٻئي سان ٺهي وڃن، ته تنهنجي منهنجي منهن ۾ ڇا رهندو؟! پاڻ بابا ڏتڙيل قوم جا ماڻهو آهيون، ان ڪري پاڻ کي سنڌي قوم جي مسئلن تي سوچڻ گھرجي. اڄوڪن مسئلن تي سوچڻ گھرجي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ گھرجي، جيڪو مسئلو 14 سؤ سال پراڻو آ، ان کي تون ۽ اسان ڪاڏنهن حل ڪنداسين ...!“
    پوءِ ته افضل اهڙو کرو ۽ سڌو ڳالهايو جو سائين سچل منگي ڪڏهن به ان موضوع تي اسان سان نه ڳالهايو، جي ڳالهائيندو هيو ته سنڌ جي مسئلن تي.
    افضل وٽ جڏهن چڱو ڀلو شاعري جو مواد ڪٺو ٿي ويو ته کيس ڪتاب ڇپرائڻ جو خيال ٿيو، ان وقت 150 صفحن جو ڪتاب اڍائي ٽي هزار روپيا کائيندو هيو، مون کيس 200 روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، 1000 روپيا پاڻ گڏ ڪيا هيائين باقي، پندرنهن سؤ کن گھربل هيس، ان ڪري پريشان رهندو هيو، هڪ ڏينهن ڪيبن تي ويٺو هيو، مان به بينچ تي ساڻس ڪچهري پئي ڪئي، سيد مظفر حسين شاه، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان سلهاڙيل ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور قوم پرست اڳواڻ/ڪارڪن هيو، سو ٽانگي تي چڙهيو پئي ويو. تنهن کي ڏسي زور سان چيائين:
    ” او سائين مظفر شاه! سنڌ جو قسم اٿئي ٽانگي تان لهه، اڄ قوم کي توکان حساب وٺڻو آ.“
    مظفر شاه هڪدم لهي پيو، ٽانگي واري کي ڪرايو ڏئي، افضل وٽ آيو، افضل چيس:
    ” ادا! مظفر شاه! هن ويهين صديءَ ۾ هڪڙي جي ايم سيد کان سواءِ باقي سڀني سيدن سنڌ کي لٽيو آ.“
    مظفر شاه وراڻيو: ” پوءِ سڀني سيدن جو حساب مون کان وٺندين ڇا؟“
    ” ها بابا! پهريان توکان وٺبو، پوءِ ٻين کان ......“
    ” پوءِ قوم حاضر آ.“ مظفر شاه وراڻيو،
    ” بابا سائين، هڪڙي غريب قومي شاعر جي ڪتاب ڇپرائڻ جو مسئلو آ... ان کي اوهان ڏن ڏيو ته ڪتاب ڇپجي، باقي قيامت ۾ ته اوهان به اسان کي ڪونه ڇڏائيندؤ، اها پڪ آ.“
    مظفر شاهه چوڻ لڳو: ”اسان سڄي دنيا کان ڏن وٺئون. تون وري اسان کان وٺين. هيءَ ڪا شرافت آ ...!؟“
    پوءِ افضل ۽ مظفر شاه جي ڀوڳ ٺڪاءَ واري ڪچهري هلندي رهي، افضل، مظفر شاه سان ڏاڍو حجائتو هيو، افضل جا ڀوڳ چرچا ۽ ٺمريون اکين تي رکي ڇڏيندو هيو، ۽ پوءِ خبر پئي ته بقايا پئسا مظفر شاه ڏنا.
    شاعريءَ جو ڪتاب ”ٻـريـا رنـگ رتـول“ ڇپجڻ لڳو، پيش لفظ سليم ڪورائي کان لکرايائين، ۽ پس لفظ مون کان. اِهو ڪتاب 8 مئي 1977ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ منهنجو لکيل پس لفظ هيٺين ريت هيو:
    ”افضل قادري منهنجو دوست آهي ۽ دوست به دوستن جهڙو. مان سچي دوست لاءِ رت ست ڏيڻ وارو آهيان. سنگت ۾ ’وِهُه به اتي ته گِــهه به‘ اتي واري ڳالهه کي ورجائيندو آهيان. ظاهر آهي ته جيڪڏهن مان افضل لاءِ پنهنجا جذبا ظاهر ڪيان ۽ اهي جذبا ٻين لاءِ ڀل ته رس ڀريا ۽ چس ڀريا نه هجن، پر پوءِ به مان پريشان نه ٿيندس، ڇو ته اهو منهنجو فطري جذبو هوندو، جيڪو هڪ دوست جو ٻي دوست جي لاءِ هوندو آهي، پر چوندا آهن ته ” لٺ کڻجي ڀاءُ ڏانهن ڳالهائجي الهه لڳ.“ جڏهن به اهو حق سچ جو سوال سامهون ايندو ته پنهنجي دوستي واري جذبي کي پاسيرو رکي پروڙڻو پوندو ته منجھس ڏانءُ، ڏات، ۽ سچائي ڪيتري آهي. وڌيڪ توهان سڄاڻ پڙهندڙ انصاف ڪري سگھندؤ ته مان رڳو دوستيءَ جو حق نڀايو آهي يا ان سان گڏوگڏ مٿائنس ڪجهه ناقدانه نظر به وڌي آهي.
    پهريون پهريون سوال جيڪو منهنجي ذهن ۾ هورا کورا مچائي ٿو ته، مان پهريائين افضل جي شخصيت تي ڳالهايان يا شاعريءَ تي، جڏهن ته منهجي نظر ۾ ٻئي پهلو اهم آهن. بهرحال مان پهريائين افضل جي شخصيت تي ڪجهه روشني وجھان ٿو، ۽ سندس شاعري تي پوءِ، ڇو ته شخصيت جو اثر لکت تي نمايان هوندو آهي.
    هونئن به افضل جي شخصيت جي باري ۾ جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. افضل جي شخصيت جو اثر مختلف ماڻهن تي مختلف نموني سان پيو آهي، سو، کوهن ۽ ماڻهن جا وات ڪير بند ڪري؟. ڪن جي نظر ۾ افضل قادري ڪهاڙي باز، ڪن جي نظر ۾ جذباتي شاعر.
    حقيقت ۾، مون کان پڇو ته منهنجي نظر ۾ سڀ ڪجهه آ. يعني مڪمل انسان. مڪمل انسان جي وصف به منهنجي نقطي نگاه کان اها آهي ته جنهن ۾ گڻ ۽ اوگڻ ٻئي هجن.
    افضل جي هر روپ کي ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته افضل جنهن سماج ۾ رهي ٿو، ان سماج ۾ هر انسان جي شخصيت پر پيچيده آهي.
    هن دودي سنهڙي ڳوٺ کان وٺي، لاڙڪاڻي شهر تائين جيڪو سفر ڪيو آهي، سو ڏاڍو ڏکيو ڪيو آهي. هن يار جي شخصيت تي ٻهراڙي ۽ شهري جيون جو چتر چڱيءَ طرح چٽيل آهي. هن ٻهراڙيءَ جي پيڙهيل هاري ۽ مڇن وٽيل وڏيري کان وٺي شهر جي ٽي بي ورتل مزدور ۽ وڏي دنب واري سرمائيدار کي چڱيءَ طرح چتائي ڏٺو آهي، جنهن ڪري کيس هاري ناري ۽ محنت ڪش مزدور جي مسئلن جي چڱي پروڙ آهي. جيڪا سندس سنئين سڌي مشاهدي جي ڪري آهي نه ڪي ٻڌ سڌ تي.
    هن جي طبيعت ۾ ٻهراڙي واري ارڏي ڳڀروءَ واريون ارڏايون به آهن ته، شهر جي سمجھو ۽ سڄاڻ جوان واريون سوچون به، مان هن جي پيشاني تي غيض ۽ غضب واريون ريکائون به ڏٺيون آهن ته سادگيءَ واريون سڌيون ريکائون به.
    مان ۽ افضل جڏهن ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ ويندا آهيون، جڏهن هو ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن نشانو خطا ٿي ويندو اٿس ته سندس نرڙ تي هڪ اهڙو گھنڊ پئجي ويندو آهي، جنهن ۾ سندس ماضيءَ جون وحشتون ۽ وسريل ورق هوندا آهن. پوءِ جيستائين ڏهن ٻارهن پکين جو ساهه نه وٺندو، تيستائين ڄڻ ٻانهن چڪ ۾ هوندس.
    افضل جي سڌين ريکائن وارو روپ به آهي، جڏهن هو آرهڙ جي ڏينهن ۾ ٽاڪ منجھند جو سائيڪل تي پگھر وهائيندو، منهنجو دروازو کڙڪائي چوندو آهي ”وزٽ تي ويو هيس، ڏهه پندرنهن روپيه هڻي آيو آهيان، هل ته هلي چانهه پيون ۽ ڪچهري به ڪيون.“ پوءِ خبر پوندي آهي ته هي همراهه سڄي سنگت جي ننڊ ڦٽائي آيو آهي، انهيءَ وقت سندس سادگيءَ تي پيار ايندو آهي، ۽ ڪاوڙ تڏهن ايندي آهي جڏهن سادگيءَ ۾ سڀني کي چرچا هڻي ويندو آهي. افضل جي زندگي به الف ـ ليلوي داستانن وانگر گذري آهي، يا ايئن کڻي چئجي ته هڪ اهڙي عجيب ناول جي مثال آهي، جنهن جو هر باب، ٻي باب جي نفي ڪري ٿو.
    سندس زندگي جو پهريون باب اهو آهي، جنهن ۾ افضل، دودي سنهڙيءَ ڳوٺ ۾، سيارو ٻوڪي ۾ ۽ اونهارو لاڪ (گوڏ) ۾گذاريو. هر انهيءَ ٻهراڙيءَ جي معصوم ابهم جيان جنهن جي سوچ ۽ سونهن نيڪيءَ جي ديوتائن کان به وڌيڪ سندر ۽ سُشيل هوندي آهي.
    سندس زندگي جو ٻيو باب اهو باب آهي، جنهن ۾ هر نوجوان نٽ کٽ شيام جيان، ڪنهن راڌا جي راهه تڪيندو آهي، ۽ هر جوانڙي من ئي من ۾ پيار جو پنگھٽ جوڙي ڪنهن نٽ کٽ شيام جو انتظار ڪندي آهي. افضل به پنهنجي ڳوٺ جو اهو ناليرو نٽ کٽ شيام هو جنهن پريم جي ڊگر تي آيل ڪيترين ئي راڌائن جا دلا ڀڳا. بقول خليل جبران جي “In every man’s life there is salma” (هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ سلميٰ هوندي آهي.) پر افضل جي ان دؤر واري زندگيءَ ۾ته ڪو واڻڪو ليکو چوکو ڪرڻ ئي غلط آهي. ڇو ته بقول سندس ڪيتريون ئي سلمائون آيون ۽ ويون.
    ٽيون باب سندس زندگيءَ جو ڀوائتو باب آهي جنهن دؤر ۾ سندس اکين مان ڪام ديو، ڪاليءَ جي ڀؤ کان ڀڄي ويو. سندس اکين ۾ ان ڪاليءَ اچي آرو ڪيو. جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته، سندس هڪ هٿ ۾ کانڊ، ٻي هٿ ۾ انساني سر. گھنگھور گھٽائن جهڙا ڪارا وار، خون آشام اکيون، ڳچيءَ ۾ انساني کوپڙي جي مالها ۽ رت سان ڀريل ڳاڙهي زبان هوندي آهي. ان دؤر ۾ افضل جي اکين مان وحشت ڳاڙهن ٽانڊن جي تؤَ جيان نڪرندي هئي ۽ سندس ايمان گوليءَ جي ٻوليءَ ۾ هوندو هيو.
    سندس زندگيءَ جو چوٿون باب، وڏو موڙ (Twist ( ثابت ٿيو. جيئن سنڌ ۾ هر ارڏي ڳڀرؤ کي سڌارڻ لاءِ سندس وڏا، نڪ ۾ نوڙي وجھندا آهن. افضل کي به سندس وڏن شادي ڪرائي نڪ ۾ نوڙي وڌي ته ننڍڙي ڪٽنب جو آغاز ٿيو، پوءِ افضل هر وحشت کي وساري، پنهنجو ايمان محنت ۽ جفاڪشي تي رکيو، ڇو ته کيس اها خبر هئي ته محنت ۽ جفاڪشي جي زندگي ئي هڪ اهڙي زندگي آهي، جنهن ۾ امن ۽ شانتي هوندي آهي ۽ ”هٿ کس“ واري زندگي ڪنهن جوالا مکي جي مُنهن جيان هوندي آهي.
    هن پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي زندهه رکڻ لاءِ وٽنري اسسٽنٽ جي نوڪري ڪري زندگي جي ڏور کي ڏوريو، پر انهيءَ وچ ۾ هن نه هٿ ٽنگيو ۽ نه وري ڪنهن کي سوال ئي ڪيو.
    سندس زندگيءَ جو پنجون باب، جيڪو سڀني بابن کان وڌيڪ مانائتو ۽ شانائتو آهي. جنهن باب ۾ هن جسماني محنت سان گڏوگڏ ذهني محنت به ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي ڀڙڪندڙ جذبن جي اظهار لاءِ شاعريءَ کي چونڊيو، پر اها شاعري جيڪا سندس برهه جي باب جو پڙاڏو هئي، جيئن ته مان افضل جي شخصيت تي ڳالهائيندي سندس ان پهلو کي واضح ڪري وڌو آهي، جنهن ۾ هو اسان جي اڳيان شاعر جي حيثيت سان سامهون اچي ويو آهي. بهتر اهو ٿيندو ته هاڻي شخصيت کي ڇڏي سندس شاعريءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪجي، ته افضل جي شاعري ڪهڙن ڪهڙن دؤرن مان گذري؟ يا سندس شاعري ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙا لاڙا آيا؟ انهيءَ لاءِ سندس شاعري تي ڪجهه روشني وجھندس، پر هام نه هڻندس ته افضل بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلايو آهي يا ڇپ اڇلائي آهي يا پاڻ اڇلايو آهي. نه وري ائين چوندس ته سائين چوٽيءَ جو شاعر آهي. عوامي شاعر آ، عظيم شاعر آ، وڄ آ يا کنوڻ آ، پر ايترو ضرور چوندس ته افضل اڳتي وڌيو آهي، گھٽيو ڪونهي. ڇو ته جيڪڏهن چاڪيءَ جو ڏاند اکين تان آکيڙيون لاهي، باز بڻجي وڃي ته اها هڪ وڏي تبديلي چئبي. افضل جي پهرين شاعري جيڪا فاعلاتن فاعلات ۽ معشوق جي اڳيان گريه و زاري جي گھاڻي جي چوڌاري ڦرندي هئي، اها شاعري اڄ عقابي اک رکي ٿي، جنهن ۾ عالمگير نظر آهي. جيڪڏهن ان ترتيب کي وٺجي جيڪا سندس شاعري جي تاريخ آهي ته پوءِ پهريائين افضل جي غزل واري شاعري تي ناقدانه نظر ڦيرائڻي پوندي. حقيقت ۾ ته سندس پهرين غزل واري شاعري روايتي شاعري هئي، جنهن ۾مبالغي آميزي، عبارت آرايانه تڪلف، لفظي لاف ۽ تصنع گھڻو هيو، جيئن سندس هن ئي مجموعي ۾هڪ غزل ثبوت طور تي آهي:
    وساريان ڪيئن مان توکي، نٿو وسرين وڃان ڪاڏي،
    هميشه روڄ ۽ راڙو، منهنجو وهـنـوار ٿي ويـو آ.

    پر پوءِ آهستي آهستي سندس غزل مان عجيب و غريب ترڪيبون، ڳجھارتون، پروليون گم ٿينديون ويون، انهيءَ جي جاءِ تي سندس غزلن ۾ علامتي رنگ ۽ جذباتي حساسيت اچي وئي. انهيءَ جو مثال هن مجموعي ۾ سندس هي غزل آهي،
    خزان جي تيز حملي کان، سڙي ويا ڪـانهــن ڪينجھرجا،
    مندون موٽي وري آيون، نه نسريا سر اڃان تائين.

    بهرحال، مان ائين ڪونه چوندس ته سندس غزل واري شاعري، منڊيءَ تي ٽڪ جيان آهي بهر ڪيف، پوءِ به مجموعي طور تي سندس غزل کي ڪسو ڪين چئبو.
    منهنجي خيال ۾ ته، غزل کان سندس نظم سؤ دفعا وڌيڪ سٺو آهي يا ائين به ٿي سگھي ٿو ته نئين ٽهي جو لاڙو نظم طرف گهڻو آهي ۽ اها هام انهيءَ اثر هيٺ هجي.
    ” پرسي، باشي- شيلي“ جي چوڻ مطابق ته ” شاعري بجليءَ جي تلوار وانگر آهي، جيڪڏهن کيس نيام ۾ رکيو ويندو ته اها کيس جلائي رک ڪري ڇڏيندي.“
    اهڙي بي نيام شاعري جي شروعات، هن تڏهن شروع ڪئي، جڏهن روح رهاڻ جو رنگ لڳس. روح رهاڻ جي سخت ادبي تنقيد سندس شاعريءَ کي جلا بخشي. هن جھروڪن مان جھاتيون پائڻ ڇڏي ڏنيون، سندس پهريون ڇرڪائيندڙ نظم، جيڪو 54 سٽن تي مشتمل هيو، جنهن ۾ هن مصنوعي حدبندين واري نيام کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي تلوار کي ننگو ڪيو.
    هن جو پهريون نظم؛ ”ساٿيو هوشيار ٿيو ته، آڻيون انقلاب اڄ“ کان وٺي، ” هر جنم ۾ مون لکيو آ،“ تائين هڪ هڪ نظم سندس ذهني ترقيءَ جو ثبوت آهي. جيئن جيئن سندس احساسن ۾ اٿل پٿل آئي، تيئن تيئن سندس قافئي وارن ۽ آزاد نظمن لاءِ ايترو ته ضرور چئي سگھجي ٿو ته زندگيءَ جي اصلي حقيقتن کي پيش ڪرڻ ۾ تر جيترو به نه گٿا آهن.
    پر سندن مقفيٰ نظمن کان وڌيڪ سندس غير مقفيٰ نظم آهن، جيڪي خيال ۽ فن جي لحاظ کان مٿانهان آهن. غير مقفيٰ نظمن ۾ سندس شاعراڻو مزاج وڌيڪ شوخ ۽ ارڏو آهي.
    ڪٿي سماجي تاريڪي ۽ بد نظمي جو عڪس پيش ڪري ٿو ته هي مقفيٰ نظم جڙي پوي ٿو،
    بک مفلسي ۽ انسانيت،
    وري وري هڪ سوال ڪري ٿي.

    ڪٿي وري پنهنجي تخليقي ڪربCreative agony جو اظهار ڪري ٿو، ته هي نظم جڙي پوي ٿو:
    ” اونداهي رات ۾، دروازو منهنجو کڙڪائي،
    منهنجي ئي ڏات مون کي ننڊ مـان اٿاريـو آ.
    ڪٿي وري خالصتن قومي سوچ تحت ڌرتي کي ماتا ڪوٺي ٿو ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ٿو
    او سنڌڙي! تنهنجو ديس وسي
    او مـاتــا! تنهنجو ديـس وسـي
    وري ڪنهن هنڌ تي سندس نظم سماجي سچائي ۽ عالمي دانهن بڻجي پوي ٿو.
    امن جي نالي ۾ دنيا ۾
    آبادين تـي بــم وسن ٿــا.
    اهڙيءَ ريت سندس ٻيا ڪيترائي نظم، مثلن:
    ”فرق“ ــ ”مون کي وسڪي جي تکي بوءِ جو قسم“ ــ ” ويٽنامي عورت“ وغيره محسوس ڪرائن ٿا ته افضل جي غير مقفيٰ نظمن ۾ گھرا گھاءَ ۽ احساس آهن. خلوص، مساوات ۽ آزادي جي ڌن آهي، حقيقت ۾ ته سندس غير مقفيٰ نظمن ۾ ئي ڏانءُ، ڏات، ۽ سچائي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون آهن.
    انهيءَ کان پوءِ سندس وايون آهن، جيڪي تعداد ۾ گھٽ هئڻ جي باوجود به محسوس ڪرائن ٿيون ته، زهر جي پاڻي پيتل بڙڇيءَ جي مثل آهن، جن ۾ ڀڙڪيلا جذبا ۽ حساسيت بڙڇيءَ جي ڌار جهڙو ڇيهه ڏئي من ڪورن ٿيون. مثلا هيءَ وائي سندس صداقت نگاري جو ڪيڏو نه ثبوت آهي،

    ڪيرٿو پيو چوي، ڪنهن ڏٺي روشني،
    ڪوڙ ايڏو نه هڻ،
    او ڪوي ديس جا، مت ڇو ٿي منجھي،
    ڪوڙ ايڏو نه هـڻ.
    پنهنجي هٿ جو ڪنگڻ، آرسيءَ ۾ ڏسي
    ڪوڙ ايڏو نه هڻ.“
    حالانڪ افضل جي ابتدا آهي پر پوءِ به بسم ا غلط ڪونهي، محسوس ٿئي ٿو ته هن صنف ۾ به خيالن جو جوالا مکي ڦاٽي ٿو. جنهن مان سندس آهون ۽ دانهون لاوي جيان وائيءَ جي صورت ۾ نڪرن ٿيون.
    سندس لکيل سانيٽ ۽ ترائيل اهو احساس ڏيارين ٿا ته افضل رڳو هنر فروشي ناهي ڪئي، تعداد ۾ بلڪل نه هئڻ جي باوجود به سندس ٻٽڙي ترائيل ۽ سانيٽ زندگي تي وڏي تنقيد آهن. جيڪي ”آرنلڊ“ جي شاعري واري وصف تي بلڪل پورا آهن ته، ”شاعري زندگيءَ تي هڪ تنقيد آهي.“
    مثلن هي ترائيل مٿين وصف جو هڪ بهترين ثبوت آهي.
    ڪالهه ڪُسي ويو ڪارو ڪاري،
    پوءِ به ڪاري ڪوهيڙي ۾.
    ناري ويٺي باهه ٿي ٻاري
    ڪنهن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾“

    بهرحال اهو احساس ٿئي ٿو ته افضل جي سڄي شاعريءَ ۾ نواڻ، جذبه انگيزي ۽ صداقت نگاري گھڻي حد تائين موجود آهي، جيڪا هڪ سٺي شاعر هئڻ جو وڏو ثبوت آهي.
    افضل لاءِ مان ايترو ضرور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ”افضل“ نه ”ملٽن“ وانگر شاعريءَ جي ديوي The muse جي مرهونِ منت آهي، نه وري ڪو William black واري دعويٰ ڪري ٿو، ته، ” ڪا مافوق الفطرت قوت سندس سامهون اچي کانئس شعر چورائي ٿي.“ پر جيڪو ڪجهه به شاعري جي انداز ۾ چوي ٿو، ان ۾ سندس پنهنجن جذبن، احساسن، سوچڻ ۽سمجھڻ جو عمل و دخل آهي. منهنجي نظر ۾ ته افضل جي اندر جو ڪلاڪار، جذبن ۽ احساسن جي آڌار تي اڃان ڪو جھور پوڙهو ته ڪو نه ٿيو آهي جو هي مجموعو سندس آخري مجموعو هجي، پر افضل جي اندر جو ڪلاڪار جذبن ۽ احساسن جي آڌار تي اڃان ته ٻارنهن سالن جي ٻار واري جستجو ۽ شوق رکي ٿو. عهدِ شباب تائين پهچندي، پهچندي به گھٽ ۾ گھٽ ٽي چار مجموعا ته ڏئي سگھي ٿو، جيڪي هن مجموعي کان اڃان اور هوندا.“

    افسوس صد افسوس، مٿين پس لفظ واري دعويٰ سچ ثابت نه ٿي سگھي جو افضل جي زندگي گذارڻ جو طريقو ماکي جي مک جهڙو هيو، صبح کان شام تائين مسلسل محنت ڪندو رهيو. افضل وٽنري اسسٽنٽ هيو. پگھار مان پورت نه پيس، ته آفيس ٽائيم کان پوءِ ايمپائر روڊ جي ڏاکڻي سري تي هڪ ننڍڙي ڪيبن کولي ان جي سامهون سائيڪلون رکي ڪرائي تي هلائيندو هيو، رنگن جو شاهه ڪاريگر هيو. ضرورتون وڌي ويس ته موڪل ڪري رنگسازي به ڪندو هو. اڌ رات مڌ رات جو سڏ ٿئيس ته ڪنهن ڀاڳئي سان ڪچي ۾ وڃي سندس ڍورن جو علاج به ڪندو هو. حيرت ٿيندي هئي ته هي شخص شاعريءَ لاءِ ٽائيم ڪٿان ٿو آڻي. سو به جهڙي تهڙي شاعري نه. اندر ۾ وڍ وجھندڙ شاعري، گهرائي ۽ گيرائي رکندڙ، نزاڪت ۽ نفاست سان ڀرپور، خيال ۽ مقصديت سان سلهاڙيل.
    سندس دوستيءَ جا اسير وري ايترا هيا، جو ڪهڙن جا نانءَ کڻي، ڪهڙن جا کڻجن. ڪي ذاتي، ڪي ادبي، ڪي سياسي، ڪي محنت ڪش. شام ٿيندي هئي ته لاڙڪاڻي جا نوجوان، پڪا ۽ پوڙها اديب، سياسي ڪارڪن ۽ مزدور سندس سائيڪلن جي ڪيبن آڏو گڏ ٿيندا هئا. انهيءَ ڪيبن آڏو ايڏي ته ڪچهري لڳندي هئي، شايد ڪنهن اوطاقي جي اوطاق تي به نه. جنهن به ڏٺو ته ايئن ڏٺو ته سندس هڪ هٿُ نوٽ بڪ تي سائيڪل جي ڪرائيدار جي نانءُ لکڻ ۾ مشغول ۽ ٻيو هٿُ ڀرسان واري هوٽل جي بيري کي آڱرين سان اشارا ڪري چانهه جي آرڊر ڏيڻ ۾ مصروف. پوءِ چانهه جا اڌڙ پيا هلندا ها ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي بحث پيا ٿيندا هيا. ايئن هڪ دفعي ڪچهري ۾ مست مگن ڏسي، ڪو شاهينگ سائيڪل به ڪاهي ويس. سائيڪل وڃايائين، نه وڃايائين ست سنگ ۽ ساءُ.
    خودداري جو عالم اهو هئس جو هڪ دفعي مون کان اڍائي سؤ روپيا اهو چئي ورتائين ته مهيني اندر موٽائيندو. موٽائي نه سگھيو ته گھر آيو ۽ چيائين:
    ”ادا منظور پئسا نه ٿي سگھيا، مان چاهيان ٿو ته اوهان جي گھر کي رنگ ڏئي قرض لاهيان“
    مون کيس چيو” يار نه ٿي سگھيا ته خير آهي، سمجهه ته مون توکي مدد ڏني!“
    وراڻيائين ” قرض طور تي ورتا هيم، ان ڪري ضرور لاهيندس“
    منهنجي جاءِ کي ان وقت واقعي رنگ جي ضرورت هئي، هن شخص الائي ڪٿان مختلف رنگ آڻي منهنجي جاءِ کي رنگين ڪري ڇڏيو، ڪم پورو ڪري چيائين: ”ادا! راضي پازي؟“ مون وراڻيو: ”اڍائي سؤ کان ته ڪم وڌيڪ آهي، تنهنجو حساب مون ڏانهن ٿيندو.“ وراڻيائين: ”ادا! تنهنجي جاءِ جي هر ڪمري جو رنگ جدا آهي، معاف ڪجانءِ، جيڪي رنگ مون وٽ بچيل هئا، سي هنيا اٿم ان ڪري ڪم ست رنگي ٿي ويو آ.“
    ڀاڪر پائيندي چيو مانس: ”افضل تو نه صرف منهنجي جاءِ کي، پر منهنجي دل کي به ست رنگي بڻائي ڇڏيو آهي.“
    افضل جي اها خوبي يا خامي چئجي ته جذباتي به ڏاڍو هوندو هيو، 1977ع ۾ ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت شام جو ادبي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ روح رهاڻ جي آفيس ۾ رهي پوندا هئا، ملڪ آگاڻي جڏهن رات رهندو هيو ته افضل کي طبقاتي ويڙهه لاءِ سندرا ٻڌائي ڇڏيندو هيو. ان وقت ملڪ آگاڻي عوامي تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن هيو. سندس ڳالهائڻ جو انداز نهايت سحرانگيز ۽ اثرانگيز هيو. هڪ رات جو افضل کي ڪو وڏيرڪي نظام ۽ وڏيرن جي خلاف ايڏو ڀڙڪائي ويو، جو ٻئي ڏينهن تي افضل هڪ نالي بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪري ڳوٺ آگاڻي پهتو، ۽ ملڪ آگاڻي کي چيائين: ”مان وڌيڪ وڏيرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگھان، ٻڌاءِ ته ڪهڙي وڏيري کي ماريان!“
    ملڪ آگاڻي اچي ڦاٿو ۽ کيس سمجھائڻ لڳو ته ”بابا ....! هيءَ وڏي ۽ گھڻ طرفي ويڙهاند آ، جنهن ۾ باقاعده رٿابندي ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آ وغيره.“ پر افضل قادري چيس،” ادا ملڪ! جڏهن اهو ويڙهاند جو وقت اچي ته ٻڌائجان، باقي وقت کان اڳي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي مڇرائيندو نه ڪر!“
    بس ان ڏينهن کان پوءِ مجال جو ملڪ آگاڻي ان موضوع تي افضل سان ڳالهائي.
    خبر ناهي ته افضل قادريءَ جي ڦڦڙن ۾ ڪينسر ڪڏهن کان لڳو ۽ ڪيئن لڳو هو، شايد گھڻي ٻيڙي پيئڻ ڪري يا حد کان وڌيڪ محنت ڪرڻ ڪري، پر اوچتو ئي اوچتو کيس ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي. جڏهن ڊائگنوز ٿيو ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر ثابت ٿيو. ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو جو بنياد پئجي چڪو هيو، سڀني ميمبرن ۽ دوستن پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪيس. بينظير صاحبه وزيراعظم هئي، ان کان ڪنهن دوست نوٽ هڻائي کيس آماده ڪيو ته هو ڪراچيءَ مان علاج ڪرائي. پر جڏهن اتي پهتو ته اسپتال وارن ۽ ثقافت کاتي جي ماڻهن جو ناروا سلوڪ ڏسي موٽي آيو. جنهن تي مون احتجاجن 31 مارچ 1990ع تي هلال پاڪستان اخبار ۾ پنهنجي هفتيوار ڪالم ’فڪر ڦرهي هٿ ۾‘ ان بي حسي بابت لکيو هو:
    افضل قادريءَ جو آخري انٽرويو محمد علي پٺاڻ ۽ مان سندس مرتئي کان 14 ڏينهن اڳ 28 اپريل 1990ع تي ورتو هيو، جيڪو پوءِ هزار داستان ڊائجسٽ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سندس زندگيءَ جا ٻيا ڪيترائي پهلو نمايان ٿيا. جيڪو ايندڙ وقت جي محقق لاءِ هڪ مواد آهي.

    افضل جي ان انٽرويو کان پوءِ به اسان دوست مسلسل وٽس ويندا رهياسين. انهيءَ دوران اسان هن جي اکين ۾ موت جو ڊپ محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي لڳندو هيو ته هو پر اُميد آهي ۽ پنهنجي اظهار تي خوش آهي. کيس ڏسي اُن وقت حافظ شيرازي جو هڪ شعر ياد ايندو هو:
    ”فاش ميگويم و از گفتهءَ دلشادم،
    بنده عشقم و از هر دو جهان آزادم.“
    (کلم کلا چوان ٿو ته پنهنجي چوڻ تي خوش آهيان،
    مان عشق جو بندوآهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزادآهيان.)
    برحق ته افضل قادري هيو به عشق جو بندو، ڪو درٻاري شاعر نه هيو، هن کي عشق هو پنهنجي ڪٽنب سان، پنهنجي محنت سان، ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان، سچائي سان ۽ پنهنجي نظريي سان. هو انهن ماڻهن منجھان نه هيو، جيڪي ڳالهه ته محنت ڪشن جي ڪن، پر پاڻ محنت کان عاري هجن. ڳالهه ته سچائي جي ڪن پر پاڻ ڪوڙا قيصر لنڊ هجن. ان ڪري مون کي هينري جيمز جا اهي جملا ڏاڍا ياد ايندا هيا. جيڪي مان افضل جي حوالي سان اڪثر ورجائيندو رهندو هئس:
    ” مان لکڻ واري تي ڪائي پابندي نه ٿو مڙهيان، سواءِ هڪ پابندي جي ته هو پنهنجي لکت سان سچو رهي.“
    پنهنجي لکت سان سچو رهندڙ افضل قادري، بيماريءَ جي دوران به پنهنجي ٻي شعري مجموعي ”احتجاج“ کي ترتيب ڏيندو رهيو ۽ اسان سان ويچار ونڊيندو رهيو.
    پر 12مئي 1990ع سندس زندگيءَ جو آخري ڏينهن ثابت ٿيو. کٽ تي ليٽيل، هڪ هٿ سيني تي، ساهه ڏاڍا تڪليف سان کڄي رهيا هئس، مان ۽ ٻيا دوست کيس انهيءَ اذيتناڪ حالت ۾ بيوسي وچان ڏسي رهيا هياسي، پر افضل جي اکين ۾ بي وسي نه هئي، ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ هو اسان کي اکين ئي اکين ۾ پنهنجو اهو چوسٽو ٻڌائي رهيو هجي:
    دنيا جي غلط رسم ۽ رواج جي خلاف،
    جنهن ۾ ملي نه حق، تنهن سماج جي خلاف
    اديب احتجاج آ، هر ظلم جي خلاف،
    لطيف جيئن مثال آ، هر ڏاڍ جي خلاف.

    13 مئي تي، جڏهن سندس جنازي کي ڪلهو ڏئي لاڙڪاڻي جي ابوبڪر مقام ڏانهن روانا ٿياسين ته ائين لڳو ڄڻ پنهنجي ئي وجود جي حصي کي دفن ڪرڻ ويندا هجون.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399865
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ