ڪتاب جو نالو: نئون ديرو : دل وارن جو ديرو
مصنف: عاشق منگي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 07 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1284 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 170 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتابي صورت ۾ ڇپيل ڇاپي بابت معلومات
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب جا موضوع

  • نئون ديرو: دل منجهه ديرو
  • هم- ڪلاسيءَ جو وڏو ڀاءُ
  • جو جيءَ اندر آيم
  • راهون، رستا ۽ دوستيون
  • ڀٽي صاحب جو بنگلو
  • مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو اديب، نقاد ۽ دوست
  • سائين غلام اڪبر سومرو بھترين استاد ۽ زنده دل انسان
  • تعليم جو آفيسر: غلام نبي شاهاڻي
  • ڦٽل واهه، واهيون ۽ واهڙ
  • وڻ-راهون ۽ ڇانورا
  • سارين جا ڀلوڙ فصل ۽ ڏڪار
  • سڪل پلو ۽ سيٺ پريتم
  • ڪچي جون زمينون ۽ روزگار
  • بيڪ ٽائيٽل

  • ڪتابي صورت ۾ ڇپيل ڇاپي بابت معلومات

    ڪتاب جو نالو: نئون ديرو : دل وارن جو ديرو
    موضوع: ساروڻيون
    ليکڪ: عاشق منگي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: اپريل ۲۰۱۲
    ڪمپوزنگ: سرمد آڪاش

    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    A-۱۲ سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي


    انتساب

    مسوديرو: منهنجي ڄم جو هنڌ.
    منجهس پليس ۽ ٻاراڻيون رانديون کيڏيم.
    خاص طور تي منگين جي ويڙهي اندر.

    نئون ديرو: منجهس وڏو ٿيس.
    وڌيم ۽ چڱا ڏينهن گهاريم.

    مان پنهنجي هيءَ ڪاوش
    ٻنهي شهرن ڏانهن منسوب ڪريان ٿو.

    عاشق منگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (206) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”نئون ديرو دل وارن جو ديرو“ محترم عاشق منگي صاحب جي جي ورقن ۽ ماڳن بابت لکيل آهي.

    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڪتاب جا موضوع

    نئون ديرو: دل منجهه ديرو

    نئون ديرو سان منھنجي وابستگي ته پاءُ صديءَ کان مٿي رهي آهي، جيڪا منھنجي هم جماعت رشيد احمد ڪٽپر جي ڪري آهي. بي اي (سول) يعني انجنيئرنگ جا چار سال، پورن ستن سالن ۾ پڄائڻ دوران، نوابشاھ توڙي ڄامشورو ۾، ڪڏهن به هڪ ٻئي کي هٿ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، سلام به نه ڪيو هوندوسين. جڏهن ته سندس رول نمبر ۲۲ ۽ منھنجو ۲۹ هيو. پريڪٽيڪل جي هر گروپ ۾ گڏ، امتحان هال ۾ نمبر به ويجهڙا لڳندا هيا، تنھن هوندي به هڪ ٻئي سان وابستگي نه رهي.
    پڙهڻ پڄاڻان، جڏهن نوڪرين جي تلاش ۾ نڪتاسين، تڏھن به انٽرويوز ۾ هڪ ٻئي کي سلام نه ڪيو هوندوسين. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع ڌاري، ٻئي گڏ ڀرتي ٿياسين. پاڻ ۲۲ تاريخ تي نوڪريءَ تي اچي چڙھيو، جڏھن ته مان ۲۹ تاريخ تي اچي ساڳي آفيس ۾ چڙھيس. ڪلاس جي رول نمبرن ۽ نوڪريءَ تي چڙھڻ وارين تاريخن ۾ هڪجھڙائي ۽ مماثلت ھئڻ باوجود، ٻنھي جو ھڪ ٻئي سان جوڙ، ڄڻ گھٽ رھيو. هن کي به لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ تي چڙھڻ جو حڪمنامو مليو ته مون کي به اتي چڙھڻ لاءِ حڪنامو صادر ٿيو. پھرئين ڏينھن به هڪ ٻئي سان اتي ڪو نه ملياسين. راجا ڪوڙومل، ٻنھي جو هم ڪلاسي به هئو ته ساڳئي عھدي تي ساڳي آفيس ۾ ساڳئي انٽرويو ذريعي، اسان سان گڏ سرويئر ٿي اچي چڙھيو ھيو. اھو به ڄڻ اسان جو ھم-پيشه ٿي پيو. پاڻ ڏوڪري شھر جو ھيو. پڙھڻ دوران، منھنجي ساڻس وابستگي ھئي. ساڳئي کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ، رشيد صاحب سان ڄڻ، ان نئين سر ملاقات ڪرائي ھئي.
    نئين سر، نئين سرزمين تي واقفيت ٿي. پوءِ ته ڄڻ هڪ ٻئي کي دريافت ڪري ورتوسين. لکڻ جو شوق، مون کي اڳي ئي هيو. روڳ، رشيد ڏياريو. ڪتابن پڙھڻ ۽ ڪٺو ڪرڻ جو شوق ڪو ننڍپڻ کان ھيس، جنھنڪري نئون ديري جي ادب-دوستن ۽ شاعرن سان ڏيٺ ويٺ به سٺي ھيس. هلهي ملهي، نئون ديرو ادبي سنگت جي روح روان منٺار سولنگيءَ سان ملاقات ڪرايائين. وٽس ۽ منٺار وٽ اچڻ وڃڻ ٿيو. آثم ادبي سنگت سان وابستگي ٿيڻ کان پوءِ، لکڻ لاءِ نئون دڳ ۽ اتساهه مليو. اها سنڌي ادبي سنگت ۾ تحليل ٿي، تڏهن به ساڻ هياسين.
    لڳ ڀڳ ٽيھارو کن ادب-دوست، نئون ديرو منجهان، منھنجا واقفڪار ۽ ڄاڻو ٿيا. منجھانئن ڪن سان وابستگي ته منٺار جي ڪري ٿي ۽ ڪن سان وري رشيد ڪٽپر جي ڪري ٿي. رشيد جو والد، سائين محمد بخش ڪٽپر جيئن ته ڪيترن جو استاد رهيو هيو ۽ پنھنجي پاڙي يا قوم جو پگدار به ھيو. ڀٽو صاحب کي جڏھن پڳ ٻڌرائي پئي وئي ته پنھنجي ذات وارن طرفان مھندار طور سائين محمد بخش به پڳ کي ور ڏنو ھيو، جنھن جي تصوير تن ڏينھن ۾ جنگ ۽ ڊان اخبار ۾ ڇپي ھئي. اھو ئي سبب ھيو جو نئون ديرو جا نوجوان سائين لاءِ احترام ھئڻ جي ناطي سندس اولاد جو به ادب ۽ احترام ڪندا ھيا. مان به رشيد جو دوست ٿيس ته مون کي به چڱو مانُ مليو. نئون ديرو سنڌي ادبي سنگت جو ڄڻ مان به بنيادي ميمبر ٿي پيس. اها ٻي ڳالهه آهي ته متحرڪ گهڻو نه هيس.
    انھن ادبي محفلن ۾ نئون ديرو جا ڪيترا اديب ۽ شاعر پڻ واقف ۽ دوست ٿيا. جھڙوڪ: امام راشدي، سائين حاجن شاهه، عبدالڪريم گهايل، امتياز وفا سومرو، عبداللطيف ڪرٽيو، منظور منگي، عبدالغفار تبسم ڀٽي ۽ عبيد ڪٽپر وغيره. ان کان علاوھ کان جن ٻاھرين اديبن سان ڏيٺ ويٺ يا ملاقات ٿي، سي ھيا؛ آثم ناٿن شاهي، يوسف سنڌي، عبدالرزاق مھر، واجد منگي، محترم اياز قادري صاحب، ملڪ آگاڻي، شوڪت ڪيھر، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، قاضي مقصود گل، مختيار گهمرو، عبدالفتاح عابد لاشاري، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب، محمد علي پٺاڻ ۽ سوڀو گيانچنداڻي وغيرھ.
    منٺار سولنگي، جيئن نالو ھيس، تيئن ھيو. جيئن آڳاٽي دؤر ۾ سندس ناني مينھون ماڇيءَ جو نالو ھيو، تيئن ھن جي دور ۾ وري ھن جو ھيو. سنگت لاءِ، جيري خاطر ٻڪري ڪھڻ وارن منجھان ھيو. گھر ٻاري ڏيارڻ ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، سر اڏيءَ تي رکڻ وارو ھيو. گھر ۾ رھائڻ، مانيون پچرائي کارائڻ، ھنڌ ڍوئي سمھارڻ جو بندوبست ڪرڻ، ويندي ھٿن ڌوئارڻ تائين به پنھنجي سر ڪندو ھيو. ايڏو ملنسار ۽ ھٿ-ڦاڙ جو جھڳي تي ٽانڊو. ھمين ياران بھشت، ھمين ياران دوزخ، جو عملي مثال ھيو. نه سنگت ۾ حساب رکيائين، نه سنگت جون بي-وڙايون دل ۾ ڪيائين. سنگت جا سڀ سور، کلندي سٺائين. ڪنھن جي ڏنل ڏنڀ جو، ڪنھن کي به ڏوراپو به نه ڏنائين.
    سوجهرو رسالي ۾ جڏهن، منھنجي ڪتاب “ورجيسون” (Idiomatic Phrases) جون شروعاتي قسطون ڇپيون ته مٿن تنقيد پڻ ٿي. هڪڙي نئين نالي واري شخص، جنھن جو نالو نذير احمد سومرو هيو، خطن جي صورت ۾ ٽيڪاٽپڻي ڪئي هئي. خبر نه پِئي پَئي ته اهو نذير احمد سومرو وري ڪٿان جو آهي. البته رشيد ڪٽپر ٻڌايو ته؛ سومرو صاحب پروفيسر آهي ۽ پير جو ڳوٺ، نئون ديرو جو آهي. نئون ديرو ڪاليج جو پرنسپال به رھيو آھي. ھن وقت اھو رتوديرو ڊگري ڪاليج ۾ پاڪستان اسٽديءَ جو پروفيسر آھي. ملاقات ڪرائڻ لاءِ چيائين پر موقعو نه ملي سگهيو. هڪ ڏينھن سندس ڀيڻ جي وفات جو ٻڌايائين. هلڻ لاءِ چيومانس ته به موقعو نه ملي سگهيو. آخر کيس ڇپيل ڪتاب ڏنم ته پروفيسر کي تنقيد لاءِ ڏي ته انھن تي به لکي.
    پروفيسر ڏي ڪتاب ڏياري، مون پنھنجي ڪتابن بابت اڀياس جا ڄڻ دروازا بند ڪري ڇڏيا. کيس ڪتاب ته مليا پر مٿن تنقيد نه لکيائين. هڪ ڏينھن فيض جي ڪتابن واري دڪان تي ٻئي بيٺا هياسين. ائين جيئن روز ڏٺلن کي ڏسبو آهي ۽ وري احترام ڪبو آهي، تيئن احترام ڪيوسين. نه کيس خبر ته مان وهاب سھتو آهيان ۽ نه وري مون کي خبر ته منھنجي ڀر ۾ بيٺل ڊگھو مڙس ڪو پروفيسر نذير آهي. اوچتو محمد علي پٺاڻ اتي اچي نمودار ٿيو. ٻنھي کي گڏ پر ھڪ-ٻئي کان اڻ-ڄاڻُ بيٺل ڏٺائين ته يڪدم پروفيسر کي چيائين؛ “هيءُ آهي انجنيئر عبدالوهاب سھتو، جنھن جي ورجيسن تي تو سوجھرو ۾ تنقيد ڪئي آھي.” محمد علي جي لفظن تي مون ڪنڌ کڻي، ان شخص ڏانھن ڏٺو، جنھن سان هن منھنجو تعارف پئي ڪرايو ته يڪدم مٿان مون ڏي مخاطب ٿيندي چيائين؛ “هيءُ اٿئي اھو نذير سومرو صاحب، جنھن تو واري مضمون تي سوجھرو ۾ تنقيد لکي اٿئي.”
    اسان ٻنھي جي اها پھرين ڄڻ باقاعده ملاقات هئي. نه ٿڏي تي گڏ ويٺاسين ۽ نه تڪلف ۾ پئجي ڪا چانهه گڏجي پيتيسين. پر دل جي ڳالهه دل ۾ رکي موڪلائي وياسين.
    هڪ ڏينھن ساگر بوڪ ڊپوءَ تان ٻارن لاءِ ڪجهه ڪتاب يا ڪاپيون وٺي، جيئن جيپ وٽ پھتس ته پوسٽ آفيس واري پاسي کان پروفيسر نذير پئي آيو. ڏسندي ئي، ھجائتن دوستن وانگر چيائين؛ “واهه سائين واهه! ملو ئي ڪو نه ٿا. الائي ڪاٿي آهيو؟”
    “چڱو ويهه گاڏيءَ ۾ ته ملون ٿا!” گاڏيءَ ۾ ويھندي، سندس لاءِ دروازو کوليم.
    “ڪاڏي هلڻو آهي؟” گاڏيءَ ۾ ويھندي ئي سوال پڇيائين.
    “جاڏي توهان کي ڪم ھجي تاڏي ٿا هلون!”
    “بورڊ جي آفيس ۾ ٿورو ڪم آھي. پھرين اتي هلڻو آهي.”
    بس پوءِ، ڪنھن ٽئين ماڻهوءَ جي ڄڻ ضرورت نه ٿي. سندس حياتيءَ تائين ساڳيو رستو رهيو. سندس حياتيءَ ۾ منھنجا ٽي ڪتاب؛ ‘ورجيسون’، ‘موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون’ ۽ ‘اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون’ ڇپيا، تن سمورن جا مھاڳ پاڻ لکيائين.
    عاشق منگي، صاحب سان منھنجي وابستگي تڏهن ٿي، جڏهن پروفيسر کي ھيءُ جھان ڇڏئي چاليهارو ڏينھن ٿي چڪا هيا. سندس ياد ۾، لطيف نظاماڻي هال ۾، تعزيتي پروگرام رٿيو ويو هيو. عاشق منگي صاحب، نئون ديرو کان آيل هيو. هڪٻئي جا ڏٺل ته هياسين پر ڄاتل سڃاتل ۽ اوتل پوتل نه هياسين. مون کي البته دل ۾ الائي ڇو اهو خيال آيو ته؛ هيءُ به پروفيسر جو دل گهريو دوست آهي. حالانڪ ان وقت نه مونکي عاشق منگي عرف عبدالغنيءَ جو نالو پئي آيو ۽ نه سندس ڪنھن ٻي ڳالهه جي ڄاڻ هئي. الائي ڇو، بيساخته عنايت کي، منگي صاحب ڏانھن اشارو ڪري، چئي ويٺم؛ “ڳالھائڻ وارن ۾ سائين جو به نالو لک!” عاشق گهڻي ئي “نهه نهه “ ڪئي پر مون عنايت کي بضد چيو؛ “هن جو نالو لک. هيءُ مون کان ۽ توکان ڀلو ڳالھائيندو!” مون کي به هٿ جي اشاري سان منع ڪيائين پر مون ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيس، “نه! توهان کي ڳالهائڻو آهي.”
    عنايت جي زور ڀرڻ تي کيس ٻڌايائين؛ “ادا! سائين نه ٿو مڙي ته لک؛ عاشق منگي.”
    مون سندس نالو به سندس واتان اتي ٻڌو. پروفيسر وانگر، ساڻس به ان ڏينھن کان وابستگي آهي. ان کي وڌيڪ پاڻي ڏيڻ ۾ به رشيد صاحب جو اهم رول آهي. ٻنهي کي ملائڻ، عنايت ۽ منظور ڪوهيار جي معيت ۾ وٽس ڪچھريون ڪرائڻ ۾ سندس وڏو عمل دخل رهيو آهي.
    عنايت ميمڻ جو نالو ته مون ان ڏينھن ٻڌو ھيو جنھن ڏينھن منھنجي ٻيو نمبر لکيل ڪھاڻي-ڪتاب؛ جڏھن بت ئي چوي ڪافر جي مھورت سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران، ميونسپل ھال لاڙڪاڻو ۾ ٿي ھئي. پاڻ پنھنجن ھٿن سان بيج به ھنيا ھيائين ۽ مھمانن واري ڪتاب ۾ پنھنجي راءِ به لکي ھيائين. ان کان پوءِ ستت لاڙڪاڻي مان منھنجي بدلي ٿي وئي ۽ لاڙڪاڻي کي خيرباد چئي وڃي حيدرآباد جا وڻ وسايم. ٻيھر سن ۱۹۹۹ع ۾ جڏھن لاڙڪاڻي بدلي ٿي آيس ته ھڪ ڏينھن مارڪيٽ مان ڀاڄي وٺي اڃا گاڏيءَ تي پڳو ئي نه ھيس جو موٽر سائيڪل تي سوار عنايت اڳيان اچي ويو. رسمي دعا سلام ٿي. اتي ئي ريڊيو تي اچڻ لاءِ صلاح ڪيائين. پوءِ گڏجي ويٺاسين، جنھن ۾ اھو طئي ٿيو ته ورجيسن بابت، جيڪو خاڪو ذھن منجھ آھي، تنھن کي عملي شڪل ڏئي، ريڊيو لاءِ مواد تيار ڪجي. ائين ڪتاب ورجيسون جڙيو، ترتيب ھيٺ آيو ۽ ڇپجي ميدان تي پڻ نروار ٿيو. اھڙيءَ طرح، ٻيا ڪتاب پڻ ريڊيو تي پيش ٿيا. ان کان پوءِ عنايت سان ڏيھاڙي مکا ميلو ٿيندو رھندو آھي ۽ منھنجي ڪتاب گلشڪر جي بيڪ ٽائيٽل تي ٻه اکر پڻ لکيائين.
    منگي صاحب، هن ڪتاب ۾ پنھنجي ننڍپڻ جو تذڪرو به ڪيو آهي. پاڻ ڄائو نپنو ۽ پليو مسوديرو ۾ آهي. جيڪو مون اڄ تائين ڪو نه ڏٺو آهي. باقي سائين جو جوڀن، نئون ديرو ۾ گذريو آهي. منھنجي اتي ئي ساڻس واقفيت ۽ وابستگي رهي آهي.
    سائين نئون ديرو جي تاريخ، جاگرافيائي تغيرات، سماجي اٿل پٿل، سياسي اثر اندازيءَ، ادبي اوسر، علمي مشاغل، شعرو شاعريءَ جي شغل ۽ شغف، نوڪرين جي ڀرمار، دوستين قرابتن، واهن واهڙن، زراعت ۽ معيشت تي خوب قلم وهايو آهي.
    حالانڪ هن کان اڳ، نئون ديرو (نوان پراڻا ورق) ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. ان جي پنھنجي هڪ جداري حيثيت آهي. جڏهن ته هن ڪتاب جو پنھنجو معيار، تاڃي پيٽو ۽ ڪارج آهي. جيڪو هن دور جي پڙهندڙ کي ته يادگيرا ڏياريندو پر آئنده نسل لاءِ پڻ راهه عمل ضرور متعين ڪندو.


    انجنيئر عبدالوهاب سھتو
    لاڙڪاڻو. ۰۸-۰۳-۲۰۱۲


    هم- ڪلاسيءَ جو وڏو ڀاءُ

    منھنجي هم-ڪلاس ۽ هم-عمر، مشتاق علي منگيءَ جي وڏي ڀاءُ، عاشق منگي صاحب سان اٽڪل ۲۵ سالن جي ڏيٺ ويٺ ۽ سنگت آهي. مشتاق ته هيٺين درجن ۾ پڙهڻ ڇڏي ويو هيو پر ساڻس ۽ سندس ڀائرن سان اها ساڳي دوستي ۽ محبت برقرار پئي هلي. ادبي ڪتابن پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جو ته مون کي ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي. جنھنڪري پنھنجي کاتي جي دوستن ۽ ڪليگس کان علاوه، ٻين حلقن جھڙوڪ ادب دوست، سماجي شخصيتن، سياسي شخصيتن وغيره سان اٿڻ ويھڻ ٿيندو رهي ٿو. ائين عاشق منگيءَ سان اٿڻ ويھڻ جي ڪري، سنڌي ادب جي مطالعي جو شوق اڃا وڌيڪ پيدا ٿيو.
    سائين عاشق منگيءَ جو ننڍپڻ ته مسوديري ۾ گذريو، جڏهن ته جواني ۽ جوڀن نئون ديري منجهه اچي گهاريو اٿائين. کلمک ماڻهو آهي، جنھن ڪري ساڻس ملڻ ۾ ڪا اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر واقفڪار سان تڪڙو فِري نه ٿيندو آهي. قرب جو دامن به هٿان نه ڇڏيندو آهي ۽ دل آزاريءَ کان به پاسو ڪندو آهي. دوستن جو دوست. آزاريندڙ دوستن سان به ماٺ ميٺ ۾ ۽ پرچيل هوندي پري هليو ويندو آهي. ميلي کي متل ۽ يارن کي پرتل ڇڏيو اٿائين. ميلي کي ٽٽل ۽ يارن کي رٺل، ڪڏهن نه ڇڏيو اٿائين.
    رٽائر ٿيڻ کان ٿورو اڳ، نئون ديرو ۽ ان جي آسپاس جي سماجي ۽ جاگرافيائي تاريخ تي قلم کنيو اٿائين. جنھن ۾ مختلف شخصيتن ۽ ماحول، ڳوٺن، بازارن ۽ شھرن، محلن، واهن ۽ واهڙن، زراعت ۽ معاشرت تي سٺي ڄاڻ ڏني اٿس. مڙني مضمونن ۾، سماجي ماحول اندر موجود پراڻين ريتن رسمن، قدرن ۽ روايتن جيڪي اڄ ڪلهه ناپيد ٿيندا پيا وڃن، تن جي خوب اپٽار ڪئي اٿس. اڻ ڌريو ٿي، تحرير ڪيل اهي پنھنجا سمورا مضمون، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف رسالن ۾ ڇپيا تن کي هن ڪتاب اندر سھيڙيو اٿائين. جيڪو ۽ جيئن ڏٺو اٿائين، تيڪو ۽ تيئن پيش ڪيو اٿائين. دوستن يارن سان ملندي ۽ گڏجندي، خوشي محسوس ڪندو آهي. کارائڻ ۾ ۽ دوستن جي مھمان نوازي ڪندي، خوشي محسوس ڪندو آهي. سائين کي کائڻ ۾ پلي ۽ تريل مڇي، رڌل چانور ۽ چانورن جي ماني پسند آهن. سٺي چانهه ته اصل ڪمزوري اٿس. تنھنڪري دوستن کي به پيو زور سان انھن کاڌن جي تواضع ڪندو آهي. تمام حساس طبيعت جو مالڪ آهي. سندس ڪي لکتون ڪؤڙيون هئڻ ڪري ڪن فردن لاءِ اڻ وڻندڙ ٿي سگهن ٿيون. پر انھن جي سچائيءَ ۽ سائين جي سچائيءَ واري پورهيي سان، اختلاف قطعي طور تي نه ٿو ڪري سگهجي.
    ڪتابن پڙهڻ سان گڏ، لوڪ موسيقي، خاص طور تي غزل به شوق سان ٻڌندو آهي. سگا جي بنياد رکندڙن مان هوندي به ڪنھن سياسي تنظيم سان وابسته ناهي. البته ادب دوست، سنڌ پرست ۽ غريب ماڻهن سان ملندي، خوشي محسوس ڪندو آهي. رب کيس اڃا صحت ۽ توفيق ڏئي ته نئون ديرو جي رهيل پاڙن ۽ ڳلين تي، کٽل ڳالهيون لکي، نئون ديرو شھر جي تاريخ پوري ڪري.

    انجنيئر رشيد احمد ڪٽپر
    نئون ديرو ۰۲-۰۳-۲۰۱۲


    جو جيءَ اندر آيم

    مسوديري اندر جنهن خاندان ۾ منهنجي اک کلي، ان ۾ چار فائنل پاس استاد هئا، پنجون سئوٽ عبدالرزاق منگي، پهريون انگريزي پڙهيل، انگلش ٽيچر، ٿيو، جيڪو بعد ۾ ايريگيشن ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ بڻيو، بابا ۽ ٻيا پورهيت هاري ۽ پنهنجي ڪرت ڪندڙ هئا، ۱۹۴۷ع ڌاري بابا ننڍڙو هٽ کوليو هو.
    چاچا عبدالڪريم ۽ چاچا عبدالمجيد، ۱۹۳۴-۳۵ع ڌاري استاد ٿيا، جڏهن ته چاچا عرض محمد ۽ سئوٽ غلام عباس ۱۹۵۰ع کان پوءِ استاد ٿيا.
    جڏهن ۱۹۸۶ع ۾ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ورتم ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، چاچا مرحوم عبدالڪريم منگيءَ لاءِ پڇيو هو. چاچا عبدالڪريم ۱۹۵۶-۱۹۵۷ع ۾ وفات ڪري ويو هو. هو قاضي عبدالحي ”قائل“ جو پڳ مٽ يار هيو. سائين قاضي صاحب، منهنجو پڻ استاد هيو. سندس پٽ قاضي مقصود گل، منهنجو ۽ سئوٽ بشير احمد جي واسطي وارو آهي. ساڻس ادا بشير جي اڄ به ساڳي ڀت برادري آھي.
    چاچا عبدالڪريم ڳوٺ جي اسڪول ۾، فائنل جي تياري ڪرائيندو هو، ياد رهي ته سنڌي فائنل ۱۹۶۲ع ۾ ايوب خان ختم ڪري، پنجين جماعت کان پوءِ ڇهين ڪلاس انگريزيءَ ۾ داخل ٿيڻ جو رواج وڌو هو.
    چاچا عرض محمد، اسڪول ۾ منهنجو نالو عاشق حسين لکرايو هيو، جڏهن ته گهر اندر، مائٽن ۽ ڳوٺ مسوديري منجهه عبدالغني آهيان. چاچا ۽ سوٽ، منهنجا استاد به هئا، تنهن ڪري هميشه کين ”سائين“ ڪري سڏيندو هوس.
    محمد قاسم سومرو رٽائرڊ استاد هيو، سائين الله رکيو جت به پرائمري اسڪول جو استاد هيو.
    سڀني استادن جا صاف سٿرا ڪپڙا، چڱو کاڌو پيتو ۽ ڳوٺ ۾ عزت ڏسي، مان به سوچي ڇڏيو هو ته ”ماستر“ ٿيندس، ٻيا ماستر لفظ تي خفا ٿيندا آهن، پر هن لفظ کي “Master” طور سمجهندو آهيان. ايوب خان ڪتاب لکيو هو: Friends not masters شاهجهان به قيد دوران پنهنجي پٽ اورنگزيب کان ٻار، پڙهائڻ لآءِ گهريا هئا، جنهن تي کيس دڙڪو ڏئي چيو ھيائين، ؛اڃا بادشاهي خيال نه مٽيا اٿي.“ پهرين پگهار ۱۵۰ روپيه ۱۹۷۱ع ۾ ملي هئي، ائين منهنجا ٺٺ ٿي ويا هئا.
    گهر ۾ سائين عرض محمد وٽ ماهوار اخبار تعليم، نئين زندگي ۽ روح رهاڻ ايندا هئا، بعد ۾ نئون ديري مان سه ماهي مهراڻ ۽ ٻيا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هوس. ڪهاڻين جا ڪتاب مزو ڏيندا هئا. آهستي آهستي سائين جي ايم سيد جي ڪتابن، اياز جي شاعري، ابراهيم جويي جي مهاڳن ۽ مضمونن، سراج ميمڻ جي ”رتيءَ جي رهاڻ“، مولانا غلام محمد گرامي، پليجي صاحب جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. سمجهه ۾ نه ايندو هو ته سنڌي ڪتابن تي بندش ڇو ٿي پوي ۽ سرڪار طارق اشرف (سهڻيءَ جي ايڊيٽر)، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين کي گرفتار ڪري جيل ۾ ڇو ٿي وجهي. ڪورسن تي رکيل شاهه جي شاعري ته پڙهيل هئي پر جڏهن پيغام لطيف وغيره جهڙا ڪتاب پڙهيا ته ”مارئي“ واري محبت سمجھ ۾ آئي ۽ عمر سومري جا ظلم، قيد ۽ بند کي سمجهڻ، حق ۽ ناحق، ڪوڙ ۽ سچ ڏسي، سوچڻ ۽ جيئڻ جو انداز بدلجي ويو. ائين سنڌ جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن، دانشورن ۽ شاعرن لاءِ عزت ۽ احترام وڌندو رهيو. صوفي ڪلام جو مکڙو آهي ”آءٌ وڪاڻل، ملهه او يار، آهيان اصل خريد انهن جي.“
    سنڌ اسيمبليءَ، قرارداد پاڪستان پاس ڪرايو هيو، جيڪو اڄ به هر سال سرڪاري سطح تي ملهائجي ٿو، سو ته عمل ۾ ڪو نه آيو، مورڳو ۱۹۷۱ع ۾ مغربي پاڪستان جي حڪمرانن، اوڀر پاڪستان تي فوج چاڙهي، کين ”بنگلاديش“ ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. اڄ به ساڳيو نمونو آهي. اصغر خان لکي چڪو آهي ته ”تاريخ مان ڪجهه ڪو نه سکيوسين....؟ ساڳيا هاٿيءَ وارا ڏند آهن، رڳو عوام، عوام چوڻو آهي، باقي ڪرڻو اهو ڪجهه آهي جيڪو ۷۰ سيڪڙو ماڻهن جي خلاف آهي.
    منهنجا راڻا، منهنجا هيروز، اهي جوڌا جوان، پوڙها، دانشور، اديب ۽ شاعر بڻيا، جن سنڌ جي تاريخ، ڪلچر، ٻولي ۽ اقتصادي وسيلن تان هٿ نه کنيو آهي، جن جو بنياد شاهه عنايت شهيد، مخدوم بلاول، سورهيه بادشاهه، شهيد الله بخش سومرو، هيمون ڪالاڻي، حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ فاضل راهو وغيره رکيو. ڪيترن نوجوانن زندگيءَ تان هٿ کنيو. ٽوڙهي ڦاٽڪ وارو واقعو ۽ نذير عباسيءَ کي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو؟
    پروفيسر نذير احمد سومري، پنهنجي عمر جي آخري سالن ۾ لکڻ شروع ڪيو. نه ته هو به مون وانگر ڪتابن جي پڙھڻ تائين محدود هيو. سندس اردو ادب جو مطالعو مون کان گهڻو هو. جڏهن ته مان سنڌي ادب تائين محدود آهيان. سو به مختصر. عربي ۽ فارسي به ڪو نه اچي. سندس وفات کان پوءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب مون کي لکڻ لاءِ چيو ۽ انجنيئر رشيد احمد ڪٽپر همٿايو. ياد رهي ته منهنجي حلقي ۾ پروفيسر غلام حسين ڪٽپر ۽ رشيد صاحب، گهڻا ڪتاب خريد ڪرڻ وارن مان آهن. عبدالغفار تبسم صاحب چيو ته؛مسلسل لکندو رهه. اهڙيءَ طرح عنايت ميمڻ صاحب کان به صلاحون ورتيون.
    ڊاڪٽر خليل احمد شيخ ۽ بدر ڌامراهه صاحبن، باقاعدي وقت ڏنو. عبدالخالق ڪنڌر ته روزانو ڪچهري ڪندڙ ن مان آهي. سڀني جي تعاون ۽ صلاحن سان جيڪو مون لکيو، اهو ئي ھتي پيش آهي. ادبي ٻولي نه آهي، سادي سمجهه ۾ ايندڙ سنڌي آهي.
    پهريائين انعام عباسي صاحب ”نئون نياپو“ ۾ قسطوار مواد ڇپيو. ”افيئر“ ۽ عبرت مئگزين وارن به جاءِ ڏني. سڀني دوستن ۽ ادارن جا احسان. نئون ديرو متعلق هتي ڏنل مواد، اڌ کان مٿي اڻ ڇپيل آهي.
    منهنجي سادگيءَ کي نظر ۾ رکي، خيالن تي غور ڪجو. هتي سينڍ ۾ مارئي ڳايل آهي. مرحوم علي احمد بروهي چوندو هو: ”هتي ادب ۾ ڪا به نئين ڳالهه نه آهي، صرف ورجاءُ آهي.“ هنن لکڻين ۾ منهنجي اکين جا ڳوڙها، جگر جو رت ۽ روح جو ن رڙيون شامل آهن. سنڌ، آهُن ۽ دانهن، ذلتن۽ ظلمن کان سواءِ، ٻيوڏٺو به ڇا آهي؟ ڄڻ اها ئي اسان جي تاريخ ۽ مقدر آهي. نئون سج، نوان مسئلا کنيو ٿو اچي.
    ڪافي ڳالهيون ۽ دوستن جو ذڪر رهيل آهي. حياتي رهي ته وڌيڪ لکبو. سنڌ آهي ته اسان به آهيون.
    ”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهو نئا،
    روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.“
    (مخدوم نوح)

    ”ڏينهان ڏورين ڏٿ سين، راتيان ڪن رِهاڻ،
    عمر! تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري.“
    (شاهه)
    انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب، منهنجي ڪن آرٽيڪلس کي انٽرنيٽ تي رکيو، سڄو مواد، ليپ ٽاپ ذريعي ترتيب ڏيڻ ۾ محنت ڪئي. مون کان اڪيلو ڪجهه ڪو نه ٿئي ها، اللهﷻ کيس اجر ڏيندو.
    عاشق حسين منگي
    نئون ديرو


    راهون، رستا ۽ دوستيون

    ڳوٺ مسوديري ۾ رهندي، هن شهر سان منهنجو لاڳاپو ننڍپڻ کان رهيو آهي، بابا مرحوم کي مسوديري ۾ دوڪان (هَٽُ) هوندو هو، ان کپائڻ لاءِ رتيديري جي بجاءِ، نئون ديري اچبو هو، ڇو ته ان جو اگهه، رتيديري بجاءِ نئون ديري بهتر ملندو هو، ان جو سبب اهو هوندو هو جو رتيديري شهر کي ريلوي اسٽيشن نه هوندي هئي، نئون ديرو ۾، شاهنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن هئڻ ڪري، ان موڪلڻ ۽ سامان آڻڻ ۾ وڌيڪ سهولت هوندي هئي. ان وقت روڊن ۾ ايترو ڄار نه هوندو هو، رتوديرو ۽ نئون دريو کي ۱۰-۸ فوٽ، سنگل روڊ جي پٽي ملائيندي هئي، روڊ جي کاٻي ۽ ساڄي گاڏين لاءِ ڪچو رستو هوندو هو، ساريون ٽي آني سير يعني ساڍي ستين روپين ۾ وٺبيون هيون ۽ اٺن کان نون روپين تائين مڻ وڪرو ڪبيون هيون، هفتي ۾ ٻه چار گاڏيون ان جون گڏ ڪري، نئون ديري وڪڻڻ ۽ اتان گاڏيون سودن جون ڀرائي ڳوٺ موٽبو هو، هڪ دفعي بابا مون کي گاڏي تي ويهاري، پاڻ سان گڏ نئون ديري وٺي آيو هو، مونکي ياد ڪونهي پر پوءِ به سمجهان ٿو ته اهو ۱۹۵۶-۵۷ع جو زمانو هوندو، امن جو زمانو هوندو هو، ڦر وغيره جو ڀو ڪو نه هوندو هو، مونکي ياد آهي ته جڏهن اسان جي ان جون گاڏيون ”مٺي واري مقام“ وٽ پهتيون ته اڃا وڏو اَسرُ هيو، بابا ٻين کي چيو ته ”ڏاڍو سوير نڪتا آهيون، شهر ئي نه کلندو ته هلي نئون ديري پهچنداسون.“ مٺي واري مقام وٽان وسند شاخ گذرندي هئي جيڪا اڄ اتي موجود آهي باقي روڊ جي اوڀر ۽ اولهه طرف گهاٽيون ليون هونديون هيون، پري کان اهي ٻيلي وانگر لڳنديون هيون، ڀٽن صاحبن جو اهو شڪار گاهه هيو.
    ان وقت مان روڊ جي اوندهه ۽ لين ۾ چمڪندي ڪافي ٽانڊاڻا ڏسي خوفزده ٿي ويس، بابي کان پڇيم ته ڇا اهي جن آهن؟ هن چيو ته ڊڄ نه اهي ٽانداڻا آهن، پوءِ ٻه ٽي پڪڙي ڏنائين، ڪاري جيت جي آخري حصي مان اها روشني ائين نڪري رهي هئي جيئن هوائي جهاز جي رات جي وقت آسمان ۾ روشني ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ائين ٻيا ڪيترا قدرت جا عجيب نظارا منهنجي روح جي راحت بڻجي پوندا آهن.
    ”وسند“ ”وسڻ“ شاخ وارو ڪير هو؟ ”مٺو“ ڪير هو جنهن جي نالي سان مقا مشهور هو. تاريخ ۾ ڳولهڻ ۽ ماڻهن کان بچڻ ڪرڻ تي ملي ويندا ڪو نوڳجو ان محقق ڳولهي ته سڀ ڪجهه نروار ٿي سگهي ٿو، هونءَ به آسپاس پير جيوڻ ۽ فتح شاهه وغيره قديم قبرستان آهي، اجتماعي قبرون ۽ ٻين آثارن مان لڳي ٿو ته هتي هي علائقو به جنگ جو ميدان رهيو آهي. آباد ڀٽو کان ۽ وارهه بئريج جي وچان هڪ ڪچي سڙڪ گذرندي هئي ان کي ”قنڌاري سڙڪ“ سڏبو هو، اها سڙڪ سالار ڀٽي ۽ ڳڙهي ياسين کان شڪارپور ويندي هئي. بنگل ديري ۽ خيري ديري کان وچان ئي وچان ميرو خان واري روڊ سان ملي قمبر شهدادڪوٽ ۽ بلوچستان جي شهرن تائين اهو رستو ويندو هو. هي صرف ٻڌ -سڌ آهي، ريسرچ نه آهي، هي ڏاڍو ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي.
    مٺي وارو مقام تباهه ٿي ويو آهي، ڀٽو صاحب مرحوم جڏهن پرڏيهي وزير هيو ته ايوب خان هتي شڪار لاءِ آيو هو، نئون ديري بنگلي ۾ رهيو هو. نوڪرن واتان ڪيئي ڳالهيون پوڙ هن شهرين جي سينن ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو ن آهن، جيڪي سينه به سينه منتقل ته ٿينديون آهن پر ڪتابن ۾ اهي ڳولڻ سان به نه لڀنديون آهن، شهر جو سينئر بزرگ شهري ”حاجي لوهر“ هن شهر جي گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ آهي. (هن جو نالو حاجي غلام رسول عباسي آهي.).
    ڀٽي صاحب جي ڪمدارن ۽ ڪارائن ڪچي مان تترن جون ٽوڪريون ڀرائي گهاٽين لين ۾ لڪل ماڻهن مهمانن جي ويجهو اچڻ وقت، اهي تترن کي اڏائن پيا، ائين VIP تتر ڪيرائي، شجڪار مان تسڪين ماڻن پيا ۽ صحيھ نشانو وٺي فائر ڪري ”داد“ وٺي رهيا هئا، سٺو توبچي ان کي سڏيو ويندو آهي جيڪو ٻن، مختلف طرفن ڏانهن اڏامندڙ ٻن تترن کي ڊبل بيرل سان ٻنهي کي ڪيرائي، صرف سيڪنڊن جو فرق ٿيندو آهي، شڪار جي هل هنگامي ۾ انهن جو مزو آهي. هيءَ ايريا ۽ مقام خانبهادر احمد خان مرحوم جو چيو وڃي ٿو جيڪو ڀٽي صاحب جو سهرو هو.
    هاڻي جتي سبزي مارڪيٽ ۽ ميونسپلٽيءَ جو شاپنگ سينٽر ٺهيل آهي.. جتي بوٽ پالش وارا ”لالا“ ويٺل آهن، رستي جي اولهه ۾ سڪندر علي ڪٽپر جو دوڪان، نانڪ رام جي ان جي واپار جي ڪوٺي ۽ نيڪ محمد ڀٽي مرحوم وارن جو ڪارخانو ۽ اَن جا دُوڪان هوندا هئا. اتر طرف مورين جو شاپنگ سينٽر جيڪو بعد ۾ ٺھيو ان جي ڏکڻ ۽ اتر، وچ ۾ ٽڪنڊو پلاٽ هوندو هو. اندر، ڇٻر ۽ ٻوٽا هوندا ها. جتي سنڌ ميڊيڪل اسٽور آهي اتي دوڪان ٺھيل هوندو هو. مرحوم گلشن علي سومري اهو مسواڙ تي وٺي هوٽل کوليو هو. هو هاءِ اسڪول جو استاد هيو. ڪپڙن ڌوئڻ ۽ استريءَ جو دوڪان به هوندو هين. سندس صاف استري ٿيل ڪپڙا، چمڪندڙ بوٽ، چاپئين ڏاڙهي ۽ وڻندڙ گفتگو، منھنجي واسطي ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڏاڍي وڻندي هئي. ان جي هوٽل جي ڀرسان روزانو ايندي ويندي گذريو هو. سانوڻ جو ڇٻر تي رونق لڳي پئي هوندي هئي. ٿڌا شربت، ملايون، فالودا ۽ ٿڌا پاڻي وٺندي چوڌاري رستن کان اچڻ وڃڻ جا نظارا پسبا هئا. هوڏانھن سائين گلشن جا هلايل لتا، رفيع، مڪيش، طلعت ۽ آشا جا چونڊ گانا، ٿڌا ساهه ۽ عشق ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا هئا. ڏهين يارهين کان پوءِ پنل رات جو مدهوشيءَ وارو عالم سامھون هوندو هو. جن وٽ ٽائيم نه هوندو هو ته ڪيبن نما دوڪانن تان پنھنجون ضرورتون پوريون ڪري، گهر ڏانھن راهي ٿيندا هئا.
    سائين گلشن مرحوم جو اٿڻ ويھڻ جو پنھنجو مخصوص انداز هوندو هو. منھنجي عمر گذرڻ سان سڀني سان دعا سلام برقرار رهي. مرحوم جي هوٽل تي عادت هوندي هئي ته آخر ۾ گانا بند ڪري، هوٽل جا ٿانوَ ٿڦا صاف ڪرائڻ وقت صرف قوالي هلائيندو هو، ماري وجهوس جو هڪ دفعو قوالي هلائڻ کانپوءِ گانا هلائي. توحيد ۽ رسالت واري قوالي ڇڏي، گانا هلائڻ ”ڪبيره گناهه“ سمجهندو هو.
    هاءِ اسڪول نئون ديري ۾ بدلي ٿي آيس ته محمد سومر بلوچ سان به ويجهڙائي ٿي. هي صاحب خاموش طبيعت، مطالعي جو شوقين، ذهين ۽ پنھنجي خيال رکڻ وارو ايماندار استاد ۽ آفيسر رهيو آهي. اڄ ڪلھه رٽائر آهي ۽ پوءِ به ”وقار ۽ سُڪون“ هن جي چھري مان عيان هوندو آهي. عبدالرشيد ڀٽي به هن جو پراڻو دوست ۽ پاڙي جو هيو.
    مرحوم گلشن سان اسڪول ۾ ڏاڍيون ڪچھريون ٿيون. ويٺي ويٺي چوندو هو،”مري ويندي منڙا، ٻاڙو ڪنھن سان نه ٻول.“ هن جون رومانٽڪ ڳالھيون ٻڌي منھنجو وجود ”ٽانڊن وانگر“ ٺڪاءَ ڏيندو هو. مان خشڪ مزاج ماڻھو، ضبط ٽٽي پوندو هو. وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلندو هيس. جيئرو هجي ها ته، هن جون ڳالھيون کولي لکڻ ۾ مزو اچي ها، چوندو هو، ”منگي ڄاوا آهيون گهنڊن ۾ پيا آهيون قبر ۾ به اهي ئي گهنڊ هوندا الائي ڇا؟“
    نئون ديري جي هڪ ئي بازار آهي. ناروءَ واري چونڪ کان اتر طرف عيد گاهه روڊ وڃي ٿو. محمد پناهه جي پڙي کان اوڀر طرف بزار هلي ٿي ۽ مشتاق منگيءَ جي جنرل اسٽور جي مٿان اتر ڏکڻ ڏانھن رستو مُڙي ٿو. سڌو کھڙن واري محلي ڏانھن به رستو وڃي ٿو. بزار جي آمھون سامھون هندن ۽ مسلمانن جا دوڪان آهن، حڪيم سعد الله شيخ مرحوم جي اسپتال ۽ مسجد به شروعات ۾ آهي. هتي ”پاڪستاني“ پٽن سان دوڪان هلائيندو هو ۽ پاڪستان نلڪن وارو مشھور هيو.
    جڳي مل سوناري (هاڻي سندس پٽ ڀاڳو مل) جي دوڪان کان مٿي چاڙهي چڙهجي ٿي ته ”گوپالي مل“ وارو چونڪ اچي ٿو. هاڻي اهو نم چونڪ سڏجي ٿو. اتان وري اولھه کان اوڀر ڪپڙي بازار شروع ٿئي ٿي ۽ هن مان وري لنڪ گهٽيون نڪري مختلف رستن سان وڃي ملن ٿيون.
    ڪپڙي بازار سوڙهي ۽ ڍڪيل هوندي هئي. اڄ به گرمين جي مند ۾ هنن دوڪانن تي وڪرو گهٽ ۽ ڪچھري گهڻي ٿيندي آهي. خاص طور تي منجهند کان پوءِ واري وقت تي رهاڻيون ۽ چرچا وغيره هلندا آهن.
    ڪپڙي جي دوڪانن ۾ مرحوم محمد سليمان کھڙو حمزه علي کھڙو، فقير محمد عيسى مرحوم، بخشل منگي مرحوم، سيتل مل وغيره جا دوڪان هوندا هئا. عبدالمجيد ۽ الله يار مرحوم جو مڃيار جو دُڪان جيڪو سندن وارث هلائي رهيا آهن ۽ ٻين دوڪانن تي به انھن جو اولاد ڪاروبار ڪري ٿو. غلام مصطفى ڏاهاڻي جيڪو جهيڙن جي ڪري لڏي ويو. غلام مصطفى ٽڳڙ مرهيات کي بوٽن جو دوڪان هوندو هو. عاشق علي، الله ڏنو ۽ منظور علي ميراڻيءَ وغيره جا درزڪا دوڪان هوندا هئا. هنن جو اولاد ۽ منظور علي ميراڻي اڄ به اُتي آهن.
    ٺاڪو مل جو مڃيارڪو دوڪان، استاد علي خان جي سيلون ۽ اتل مل جو ٺاهوڪو ڪرياني جو دوڪان هوندو هو. اسان ان کان سودو وٺندا هئاسين.
    هدايت الله پنجابيءَ کي هلر ۽ اٽي پيھڻ جي مشين هوندي هئي، هڪڙي گهٽي کھڙن جي مسجد ڏانھن وڃي ٿي ۽ ٻي گهٽي اتر ڏکڻ طرف هلي لعل کٽيءَ جو ڪپڙا استريءَ ڪرڻ جو دوڪان هوندو هو، اها ٻن حصن ۾ ورهائجي گرلس هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي روڊ ۾ وڃي پوي ٿي. هن گهٽيءَ جي وچ ۾ سونارن جا دوڪان هوندا هئا.
    لعل کٽي، منظور علي ميراڻي ۽ نظر محمد منگي، جي ٽوپن ۽ مڃيار واري دوڪان تي ڪچھريون ڪبيون هيون. غوثل ميراڻي، سڄڻ ناريجو، جبل ٽڳڙ رستم، ۽ منظور علي ميراڻي وغيره ڪچھريءَ جا دوست هوند اهئاسي. اتي ويٺي ھر ڪنهن جون ڪسيون، پڪيون ڳاليھيون ٻڌي وٺبيون هيون. ننڍڙو شھر هو، هر شيءِ جي ڄمڻ ۽ مرڻ تائين سينه به سينه هوا وانگر ڳالهه هر ماڻھوءَ تائين پھچي ويندي هئي.
    لنڪ گهٽيون سڄي شھر کي ملائينديون آهن، ڪرٽين، ميراڻين ۽ ڪٽپرن جا محلا، قاضين، کھڙن، سيدن ۽ هاءِ اسڪول وارن ميمڻ جا گهر ۽ هندن جا پاڙا الڳ الڳ آهن. بعد ۾ وڌندڙ آباديءَ جي ڪري جنھن کي جتي جاءِ ملي اهو اتي گهر ٺاهي ويھي رهيو. ذاتين ۽ برادرين وارو تصور هاڻي گهڻو پٺتي هليو ويو آهي.
    ڪپڙي بازار ۾ دين محمد درزيءَ ۽ استاد نبن جو درزڪو دوڪان هوندو هو. ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا دوڪان هوندا هئا.
    هي ڳالھيون تقريب ٽيھن- چاليھن سالن تائين ڦھليل آهن. دل ٿي چوي ته ڪن ڳالھين جو تفصيل لکان، مثلا:
    • گوپالي (گوپالداس) وارو چؤنڪ.
    • ور وڪڙ گهٽيون.
    • ڪپڙي بازار جي بند ٿيل گهٽي.

    گوپالي وارو چؤنڪ:
    سرڳواسي گوپالداس کي ڪرياني جو دوڪان هوندو هو. دوڪان ٻن حصن ۾ ورهايل هو. اندر هڪ مشين لڳل هوندي هئي، جتي سيٺ “چدي” واريون بوتلون ۽ مٺيون بوتلون تيارڪندو هو. چدي واري بوتل ۾ تيز سوڊا مليل هوندي هئي. جيڪا گرميءَ ۾ پيٽ جي سور کان پيئبي هئي. هن جو ذائقو تيز ۽ ڪجهه ڪڙو هوندو هو. ان کي چدي واري بوتل ان ڪري سڏبو هو. جو بوتل کي ائر ٽائيٽ چدي سان ڪبو هو، هن جي پيئڻ سان وڏيون وڏيون اوڳرايون اينديون هيون ۽ ماڻھو فرحت محسوس ڪندو هو. ان زماني ۾ هاڻي واريون بوتلون ڪونه هونديون هيون. گرمين ۾ هٿ سان ٺاهيل ملائي ۽ هٿ سان ٺاهيل شربت وڪرو ٿيندا هئا. شربت گلاب ۽ صندل وغيره شيشن جي گلاسن ۾ برف سان ملندا هئا. ليمون، اسپنگر ۽ ٿاڌل جو اگهه گهٽ هوندو هو.
    هن چونڪ جي جوڙجڪ ڏسي مون کي سکر جي نم واري چاڙهي ۽ معصوم شاهه جو منارو ياد پوندا آهن. اهي چاڙهيون نيچرل ۽ ٽڪريءَ تي هيٺانھين مٿانھينءَ تي آهن پر هيءَ چاڙهي توجهه ڏئي، ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ٻي هنڌان مٽي آڻي باقي شھر کان مٿي دڙو ڪري، جايون ۽ دوڪان ٺاهيا ويا آهن. اهو سڀڪجهه پلاننگ سان لڳي ٿو.
    جڏهن عمر ڪوٽ مان گهمي ڏٺو ته ڀٽ تي بازار هئي. اتي ويھي بوتلون پيتيون هيون ۽ کاڌو وغيره ورتو هو. مون کي ياد آهي ته برسات جو پاڻي تيزيءَ سان هيٺاهينءَ ڏانھن لھي رهيو هو. فرش هيو ۽ مون ڏاڍو لطف ماڻيو هو. ٻاڪري گوشت جي ڪڙهائي ۽ گرم مانيءَ جو ذائقو مون کي اڄ به ياد آهي. اسان ٽي ڄڻا هئاسي. نئون ديري جو هي چونڪ شھر جي مرڪز ۾ آهي. پوسٽ آفيس کان هڪ گهٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي هڪ جڳي مل دوڪان وٽان بازار سان ملي ٿي ۽ ٻي چونڪ تي پھچي ٿي وچ ۾ هندن جي وقف ٿيل آکاڙو جاءِ آهي جتي هندو ڪميونٽي پنھنجن جا مسئلا حل ۽ پنچائت ڪندي آهي. سائين خوش محمد مرحوم ۽ نئون ديري جي پھرين پروفيسر تارا چند جو گهر به هن گهٽيءَ ۾ هو.
    هن چونڪ تي سائين گل گوهر ملائي وڪڻندو هو. اُستاد محمد آچر درزي، تُليءَ جو هوٽل، ديوان جو مٺائيءَ جو دوڪان، امام بخش منگيءَ جي سيلون، رجب جو هوٽل، فقير محمد ميراڻيءَ جي پڙي، صابو پانن وارو سيٺ هاسو مل جو دوڪان. نذير احمد ڀٽي جو ڪپڙي جو دوڪان، هي ٿلھو ۽ وڏي وزن وارو هجڻ ڪري ريڙهيءَ تي ايندو هو. ڄاڃي مل کي پھريائين سبزي ۽ بعد ۾ ڪرياني جو دوڪان هو.
    سيٺ هاسو مل ڪانگريسي هو. پاڪستان کان اڳ گرفتار به ٿيو هو. دوڪان سندس نوجوان پٽ هلائيندو هو. مطالعي وارو ۽ گهٽ ڳالھائڻ وارو هوندو هو. بابا مرحوم جيڪو ان وقت حال حيات هيو، ان بابت مون کان پڇندو هيو. منگهن لال جو پيءُ فوت ٿيو ته هن کي وصيت موجب سکر سنڌوءَ حوالي ڪيو ويو. جڳي مل کي پنجو ديري جي لطيف شاهه، جي صحن ۾ دفن ڪيو ويو. صوفي هندو فقير پاڻ پورائيندا آهن. سچل جي مزار تي به هندو پوريل آهن .
    مولوي محمد اسماعيل جو ڪپڙي جو دوڪان هوندو هو، بشير اخبارن واري گهر ڏانھن اتر- ڏکڻ ننڍڙي سنھڙي گهٽي نڪرندي آهي. اولھه طرف نند لعل جي گهر وٽان مڙي ڏکڻ طرف مرحو غلام نبي شاهاڻي صاحب جي گهر وٽ وڏي رستي ۾ داخل ٿئي ٿي.
    گهٽيءَ جو ٻيو حصو سڌو هلي ور وڪڙ ڪاٽي ڏاڪن تان هيٺ لھجي ٿو. ماڻھوءَ جي مرضي آهي ته مڇي مارڪيٽ ڏانھن وڃي يا پير چوڏيل ڏانھن اولھه طرف راهي ٿئي .
    شاهي بازار حمزه علي مرحوم جو آواز ڀاري ۽ ٽوٽڪائي هوندو هو. وڏيري غلام رسول ڦلپوٽو جي دڪان تي حقو ضرور هوندو هو. تتر به پڃري ۾ رکندو هو. هو صبح جو سائيڪل تي ايندو هو. دڪاندارن سان رهاڻيون ڪندو، ڇنڊ ڦوڪ ڪندو، جيستائين “چلم” تيار ڪري ڪَشَ نه هڻندو تيستائين گراهڪ کي ڪپڙو نه ڏيندو هو. ڏاڍو پُرسُڪون لڳندو هو. وڏيرو عبدالحق هاڻي پنھنجي پيءُ جي دڪان کي پنھنجي پٽن سميت سنڀالي ٿو. پروفيسر ڪٽپر صاحب سان گڏجي هاڻي هيٺ دڪان تي پلٿي ماري کائبو پيئبو آهي.
    محمد خان سيال جيڪو اصل ۾ “پار” اڳڙا جي ڀرسان جو آهي. پختو شاعر ۽ ڪچھريءَ جو دوڪان هوندو هو. قاضي مقصود گل رتيديري وارو جيڪو شگر مل تي نوڪري ڪندو هو. ان جي بيٺڪ هوندي هئي. وڪرو ڪونه ٿيندو هيس سائين شاعر ”ادب“ تي ويٺا مٿا ڪُٽ ڪندا هئا. قاضي صاحب اصل ۾ نئين ديري ۾ بنيادي ادبي لڏو قائم ڪيو. بعد ۾ مختيار گهمرو صاحب نه گڏ ٿيس. مان ۽ غلام حسين ڪٽپر گڏ هوندا هئاسي. الائي ڇو مان ادبي ميڙن ۾ ريگولر ٿي نه سگهيو آهيان. جڏهن به نئونديري جي ادبي لڏي جو ذڪر لکيو ويندو تڏهن قاضي مقصود گل بلڪل اُڀري نروار ٿي پوندو. هن جون نئين ديري لاءِ ڏاڍيون خدمتون آهن.
    ڪپڙي بازار مان هڪ گهٽي جيڪا عسڪريءَ واري گهٽي سڏجي ٿي. اها ٻي مارڪيٽ ڏانھن وڃي ٿي. استاد علي خان جي سيلون ڀرسان ٻه گهٽيون هندن جي پاڙي ڏانھن ڏکڻ طرف وڃن ٿيون ”نام ديو“ جيڪو محترمه ۽ ٻين پ پ پ وارن کي ويجهو رهيو ان جو گهر ان پاڙي ۾ آهي ۽ اُهو به مٿي ٿيل حصو آهي. ڏکڻ طرف به سنھي گهٽي آهي.
    اوڀر طرف کھڙن جي محلي ڏانھن وڃي ٿي ٻي گهٽي جو احوال اڳ ۾ اچي چُڪو آهي.
    هي سڀ ڪجهه محبت جو انداز آهي جيڪو من کان لکرائي ٿو ڪافي ڪجهه رهجي ٿو. وڌيڪ تفصيل سان لکندس ته ٻيا ڇا لکندا؟
    ”مومل جي ماڙيءَ کي چوڌارا چار“ چوڻيءَ مطابق ننڍين سوڙهين گهٽين مان گهمندي گهمندي سنگت سان ڪچھري ڪندي مزو ايندو هو. هي ڳالھيون لکندي ائين محسوس ٿو ٿئي ته هر شيءِ ڏاڍي تيزيءَ سان تبديل ٿي آهي ۽ آءٌ اڪيلو ڪنھن کي ڳولي رهيو آهيان. خاموشيءَ سان ڪنھن کي سڏي رهيو آهيان.
    ور وڪڙ گهٽيون: هن قسم جون سنھڙيون گهٽيون رستن ۽ پاڙن کي ملائڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿيون جنھن ڪري مفاصلو گهٽجي ٿو ۽ وقت بچي ٿو. پر هتي اهڙين خاص گهٽين جو ذڪر ڪرڻ جو مطلب هڪ ٻي ڳالهه ڏانھن توجهه ڇڪائڻ چاهيان ٿو. هنن گهٽين کي ڏسي سوچيندو آهيان ته نئون ماڻھو هنن گهٽين مان گذرند، ته هو گهٽيءَ کي ڏسي ضرور سوچيندو ته رستو اڳيان بند آهي. پر هلبو رهبو ته گهٽي هڪ ٻه وڪڙ ڪري اڳتي هلندي رهندي. مون کي ڪمال ڪاريگري لڳندي آهي. محترم بدر ڌامراهي سان ڳالھين ٻولھين ڪرڻ وقت، اتر سنڌ تي ”گهلرن جا حملا“ جو بحث ڇڙي پيو. ”گهلر“ جيڪي بلوچستان کان اچي ”سنڌ“ تي هلان ۽ ڦرلٽ ڪندا هئا.
    اتر سنڌ ۾ ”گهل ڙي گهل“ وارو فقرو به ان دور ۾ گهلرن جي ڦرلٽ جي تاريخ آهي. اهڙا ٻيا ڪيترائي اصطلاح ۽ چوڻيون اسان وٽ مشھور آهن. ننڍي هوندي مرحوم عبدالغفور جلباڻي صاحب به تفصيلن اهڙيون ڳالھيون ٻڌايون هيون. سردار ”رتو خان“ جلباڻي، عبدالغفور جلباڻيءَ چواڻيءَ انھن گهلرن جو مقابلو ڪندي ماريو ويو هو. سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي هئڻ ڪري اهڙيون ڳالھيون پڙهڻ ۾ منھنجي سامھون ڪونه آيون آهن پر سينه به سينه ٻڌل آهن، قصا گڏ ڪجن ته چڱو مواد جڙي سگهي ٿو. منھنجي هن ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته گهلر جيڪي گهوڙن تي ايندا هئا. اهڙين گهٽين مان انھن جو گذرڻ ممڪن ڪونه هو. اهڙيون گهٽيون پلاننگ سان ٺاهيون ويون آهن. منھنجي خيال ۾ ايراضي بچائڻ لاءِ نه ڪيو ويو آهي. اهو منھنجو خيال آهي وڌيڪ الله ئي بھتر ٿو ڄاڻي. ڌامراهن جي ڀرسان، ڌامراهي صاحب ٻُڌايو ته هڪ وڏي ٿلھي نما ٺُل ٺھيل هوندو هو جنھن تي وڏي ”ڀير“ رکيل هوندي هئي جڏهن پري کان گهلر ايند اهئا ته اتي مقرر ٿيل ماڻھو ان ڀير کي زور سان وڄائيندو هو اهڙي طرح ماڻھو هوشيار ٿي ويندا هئا ۽ لاڙڪاڻي انتظاميه تائين اطلاع پھچي ويندو هو. اهڙي طرح فورًا اُهي ڦرلٽ کان بچڻ جا اپاءَ وٺبا هئا. ممڪن آهي ته اتر سنڌ ۾ ٻي هنڌ به اهڙا اُپاءَ ورتا ويا هجن.
    اهو ڪلھوڙن، ٽالپرن يا انگريزن جو دور ٿي سگهي ٿو. جنھن جي لاءِ اهو تعين ڪرڻ ڏکيو آهي. ڪو ريسرچ ڪندڙ ان موضوع تي کوجنا ڪري ته بھتر ٿيندو.
    گوپالي چونڪ تي ٻه وڏيون نمون هونديون هيون. هڪ طوفان ۾ ڪِري پئي باقي هڪ بيٺي آهي. ان ڪري نم چونڪ جي نالي سان مشھور آهي. رجب عليءَ جي هوٽل تي غلام هسين ڪٽپر ۽ مان گهڻو وقت ويھي ڪچھري ڪندا هئاسين. هاڻي ڪٽپر صاحب اُتي ويھندو آهي پر مان ڪڏهن ڪڏهن ويھندو آهيان. سو به بلڪل ٿورو ٽائيم ويھي سگهندو آهيان. فقير محمد جي پِڙي، صابو پان وري جي پِڙي، نظر محمد جي دوڪان سان گڏ منظور عليءَ جي دوڪان تي ڪچھريون ڪندا هئاسين. رستم، غوثل ميراڻي، سڄڻ ناريجو ۽ ٻيا منظور علي درزيءَ جي دوڪان تي ڪچھريون ڪندا هئاسين. هيٺين بازار ۾ ”ڪڪي (الله ڏني ٻانھاڻي) ٻانھاڻي جي پِڙيءَ تي دين محمد، سڪندر علي کوکر، ۽ پٺاڻ ٻانھاڻي وغيره سان ڪچھريون ٿينديون هيون، جيڪي ٻيڙيون ٻڌندا هئا. منھنجو گهڻو وقت مزورن سان غريبن سان گذريو آهي. هڪ جيڏن پڙهيلن سان جڏهن ٽول ٺاهي بازار مان گذرندا هئاسين ته سڀن يجون نظرون اسان ڏانھن هونديون هيون. اصل ۾ جواني ديواني ٿيندي آهي ان جي هر ادا ڏسندڙ کي موهي وجهندي آهي جنهه کي ڪير به سمجهي ڪونه سگهندو آهي ته وقت هٿن مان واريءَ وانگر وهي ويندو آهي. سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو آهي.
    نم چونڪ جي چوڌاري خوشحال هندن جا اڄ به گهر آهن. دوڪان مسلمانن ۽ هندن جا آهن. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اڪثر، جايون ۽ دوڪان، اردو ڳالھائيندڙن کي مليا. لساني هنگامن کانپوءِ اُهي زمينون گهر ۽ دوڪان وڪڻي ڪراچيءَ هليا ويا. هڪ بنگالي به رهندو هو. ڪو ميڊيڪل ڪورس ڪيل هيس. شادي اردو ڪميونٽيءَ مان ٿيل هئس، اهوبه ڪراچيءَ هليو ويو.
    نم چونڪ جي هيٺان جتي محمد امين سومري جو دوڪان آهي اتي ”گتو“ هوندو هو. جتي ڀنگ ۽ آفيم سرڪاري لائسنس تي کپندو هو. سامھون ”بندوءَ“ جي ٻيڙين جي پڙي هوندي هئي. ”بندوخان“ شھر جي ڪيترن نوجوانن ٻيڙي ٻڌڻ وارن جو استاد هيو. چونڪ تي رفيق پنجابيءَ کي سگريٽن جي ايجنسي هوندي هئي. غلط عام ۾ اردو ڳالھائيندڙن مھاجرن کي پنجابي سڏيندا آهن، جن نالن سان هو شھر ۾ مشھور هئا اُهي ائين ئي لکيا آهن. ستر ۽ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ پولو ۽ ٽينڪ سگريٽ نوان آيا هئا. اُهي سستا هئا، جن پَن جي ٻيڙين کي ڌڪ هنيو هو. وقت هر ڪنھن کي وارو ڏيندو آهي. پولو ۽ ٽينڪ ڇڪيندڙ، اسان جي سامھون، ڪئپٽن ۽ گولڊ ليف ڇڪڻ لڳا. مون واري ڀاءُ کي جنرل اسٽور کان اڳ ٻيڙين جي مانڊي هوندي هئي. جنھن ۾ ساڙ کان ماڻھو اڄ به چوندا آهن ته ڳوٺان ڇا کڻي آيا هيوَ؟ واقعي! الله جا لک احسان آهن.
    بابي مرحوم پنھنجي محنت سان پڙهايو، جاءِ وٺي ڏنائين ۽ دوڪان جا پئسا به ان جي هڙ مان نڪتا هئا. اسان ڪمايو ۽ کپايو آهي. اڳتي به مالڪ ٻاجهه ڪندو. ڪنھن بُري ۽ ڪُڌي ڪم کان هٿ پاڪ آهن. الله اسان جي ايندڙ نسل کي به غلط ڪمن کان بچائيندو. آمين ”غريبي گلزار، موچاري سيگهو چوي.“
    ۳- خفيه گهٽي: درزي منظور علي ميراڻيءَ جي دوڪان کان مٿان اتر طرف گهٽي اهي. هاڻي اُتي علي لطيف ڪرٽيي جن پلاٽ وٺي جاءِ ٺھرائي آهي. اُها گهٽي اتر طرف وڪڙ کائيندي وڃي ٿي ۽ اچي ”ڪاڪي“ ارباب ڪرٽيي واري مشين جي گهٽيءَ سان ملي ٿي.
    ان طرف کان در به لڳل آهي. صرف جاين وارن جي استعمال ۾ اُها گهٽي آهي. ڪاڪو ارباب علي ڪرٽيو عبداللطيف ڪرٽيي جو والد آهي. هُن جو شمار ان وقت جي شھر جي چڱن مڙسن ۾ ٿيندو هو جن جي بنگلي تي چڱي هلندي پڄندي هئي. هن گهٽي کي هاڻي مان ”خفيه گهٽي“ سڏيندو آهيان. ساڳي گهٽي وچ مان نڪري، نم چونڪ سان اچي ملندي هئي جيڪا هاڻ بند ڪئي وئي آهي.
    شھر جون ڪافي گهٽيون بند ٿي ويون آهن يا ماڻھن گهرن ۾ آڻي ڇڏيون آهن. رستا سوڙها ٿيندا وڃن. مون عمر ۽ تجربي مان سکيو آهي ته مذهب، اخلاقيات ۽ اعلى قدر سڀ ڳالھائڻ ٻولھائڻ جون ڳالھيون آهن. عمل ان تي ٿئي ٿو ته دولت، شان شوڪت، لڳ لاڳاپا، آرام ۽ سڪون ڪيئن حاصل ڪجي. هٿن وارن ماڻھن جو پورهيو ڪونه کٽندو، هيراڦيري ڪندڙن جو پيٽ ڍؤ ڪونه ٿيندو. ”غيب جي گدُو چوي، خبر ”خاوند کي“ چوندڙ شاعر جي ڌرتيءَ ڄاوا ڊپريشن، منافقي ۽ بي ايمانيءَ تي لھي آيا آهن. الائي ڪاڏي ويا اعلى آدرش ۽ اصول! جت ڪٿ ويساهه گهاتيءَ جو راڄ آهي. پاڻ کي اڃا ڪجهه ماڻھو ڳالھائڻ ٻولھائڻ لاءِ ملي وڃن ٿا. باقي ايندڙ وقت ۾ چڱا ماڻھو رڙيون ڪري بَر منھن ڪندا، تڏهن جان ڇٽندي.
    ”جيڪا نينھن ڳنھندي نانءُ،
    سا مون جا پوندي مامري. (شاهه)
    رجب عليءَ وٽ چانھيون پيئندي نوجواني ڪراڙپ ۾ تبديل ٿي وئي. مون کي ياد آهي جڏهن شگردي جي زماني ۾ هتان ٽول ٺاهي مرڪندا، ڪچھري ڪندا گذرندا هئاسين ته ماڻھو مڙي مڙي ڏسندا هئا ته هي غريبن جا ٻار ڪھڙي خزاني جا اوچتو مالڪ ٿي ويا آهن جو مـُنھن تان مَک ٿي ترڪين. جواني ديواني ۽ مستاني ٿيندي آهي. هر انسان ان سوچ مان لطف ۽ سرور حاصل ڪندو آهي.
    غلام حسين ڪٽپر، جيڪو هاڻي پروفيسر صاحب ٿي ويو آهي. ساٿ ۾ هوندو هو. رجب روبي ڊسٽ ۽ ڪچي جي کيرن ۾ اهڙيو چانھيون پياريون جو اڄ به اُهي ياد آهن. رجب دوست ۽ ڀاءُ آهي. ڏک اهو آهي جو ڪن عادتن ڪري اڳي کان غريب ٿي ويو آهي. اڄ به ڏاڍي خلوص ۽ عزت سان ملندو آهي. الله شل! هميشه خوش رکين.
    مان سوچيندو آهيان ته ڪائنات ۾ ”تغير“ ئي هن جي بقا جو ضامن آهي. هر ٻوٽو، وڻ، جانور ۽ انسان جي نوجواني ۽ جواني، رَت ۽ پورهيو هن جي سونھن ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. هڪڙا پنھنجو ڪردار ادا ڪري پوڙها ٿين ٿا ته انھن جي جاءِ ٻيا والارن ٿا. اڄ به شھر جا نوجوان رنگ برنگي ڪپڙا پائي، تيل ڦليل ڪري، مرڪندا چرچا ۽ ڀوڳ ڪندا ٽول ٺاهي ٽلندا، لنگهندا آهن ته منھنجو روح خوش ٿي ويندو آهي ۽ مان پنھنجو پاڻ مُرڪي پوندو آهيان. ڄڻ منھنجو پوڙهو وجود هنن ۾ اوتجي ويندو آهي ۽ پنھنجو گذريل وقت ياد اچي ويندو آهي.
    مون وٽ مايوسي ڪونھي. مان لائيف جي، مثبت پھلوئن مان ڏاڍو انجواءِ ڪيو آهي. پر پوءِ به شاهه صاحب جون سٽون به حقيقت کي تمام قريب آهن:
    ”ڪڏهن پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا،
    اتي جَتَ نه نين، پاڻ سين. (شاهه)
    رَهي نالو الله جو، جو دائم ۽ قائم آهي. باقي هر شيءِ فنائي ڪن ۾ هليو وڃي. مون کي ماڻھن کان نفرت گهٽ ۽ محبت گهڻي آهي جنھن ڪري انسانيت ۾ اڃا ويساهه آهي.
    مان پاڻ کان پڇندو آهيان ”تون هن خفي ۾ ڇو پيو آهين.“ اندر مان آواز اڀرندو آهي، ”نفرت“ ۽ ”محبت“ جو حق ادا ڪري رهيو آهيان. لکڻ دوران، سوچون۽ خيال مون کي ڏنگيندا آهن. جڏهن ڪنھن خيال کي، صحيح نموني لکڻ نه چاهيندو آهيان ته، عذاب وڌي ويندو آهي. مان اعتراف ٿو ڪيان ته لکڻ منھنجي وس جي ڳالهه نه آهي. پر نوجوانن تائين اهو پھچائڻ ٿو چاهيان ته ”ڏک“ هر انسان جو مقدر آهن. اُنھن کان ڊڄي ۽ گهٻرائي مايوس نه ٿيو.
    گوتم ٻڌ کان ڪنھن پڇيو هو ته زندگي ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو هو، ڏک، ڏک، صرف ڏک.“ تڏهن مرشد لطيف چيو آهي ته:
    ”ڏک سکن جي سونھن، گهوريا سک ڏکن ري.“
    هونءَ به سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ڏک ۽ تڪليفون دُٻي جو پاڻي آهن، اڄ آهي سڀاڻي سُڪي ختم ٿي ويندو. پنھنجي ڏکن کي ”سنڌ، سچائي ۽ پاڻ سان پيار ڪرڻ ۾ تبديل ڪريو. سڀ ڪجهه آسان ٿي ويندو. ڏک اوهان وٽ پنھنجي اهميت وڃائي ويھندو.
    جيڪي ماڻھو جيئري جنتون ٺاهي ويٺا آهن انھن وٽ به ڏک آهن. انھن وٽ به مسئلا آهن. تنھن ڪري جن حالتن ۾ رهو ٿا انھن سان ڪمپرومائيز ڪريو ۽ هر پل مان مزو حاصل ڪريو. محنت ۽ پلاننگ هن دنيا ۾ ورثي ۾ مال ملڪيت ملڻ کان وڌيڪ اهم آهي. توهان وٽ صلاحيت ۽ جستجو آهي ته سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پھچي سگهو ٿا. ڪو ٽارگيٽ مقرر ڪيو. پلاننگ ۽ محنت سان ان کي حاصل ڪريو. صرف پاڻ کي ان لاءِ تبديل ڪريو ۽ مقرر وقت ان لاءِ وقف ڪريو. سنڌ تبديل ٿي ويندي، معاشرو تبديل ٿي ويندو.
    اڳين قسطن ۾ نئون ديري ۽ آسپاس جون سارون ساريندي ڪي ڳالھين رهجي ويون هيون. شھر جي رهجي ويل ڪن پھلوئن کي کڻڻ کان پھرين اڳين موضوعن کي مڪمل ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان.
    سيٺ نارو مل، پڙيءَ واريءَ چونڪ تي ڇوٽي خان جي “پان” جي مانڊڙي هوندي هئي. مٺو ۽ خوشبوئن وارو پان، ڪڏهن ڪڏهن مان به وٺي کائيندو هوس. ڊبل ڪٿي، سوپارين ۽ وڏف وارو پان، پان جا عادي موالي کائيندا آهن. ڇوٽو خان، چڱي عمر جو، اردو ميڊيم وارن مان هو. هن جي ڀرسان، محمد امين سومري ڪپڙي جي دوڪان وارن جو مائٽ، عبدالله سومرو، ٻيڙين جي پڙيءَ تي سگريٽ به وڪڻندو ۽ پن جون ٻيڙيون به ٻڌندوهو. اتي ئي حاجن سومرو پڪوڙا تريندو هو. هنن پڙين ۽ مانڊڙين جي پٺيان ويم گهر هوندو هو. اها ڳجھه ميرپور جي ڀٽن صاحبان جي آهي. شايد سردار پير بخش خان ڀٽي، جي حصي جي آهي .
    هاڻي سڄو چونڪ “ڪورين” يا مٺائيءَ وارو چونڪ سڏجي ٿو. مٺائي ۽ پڪوڙن جو دوڪان ڪورين (ميمڻن) جو آهي ۽ سڄو شاپنگ سينٽر ميونسپالٽيءَ وارن جو ٺھرايل آهي .
    جاءِ هجي يا بازار، ماڳ هجي يا مڪان هجن، هر پنھنجي جاءِ تي بيٺل آهن. مالڪ ۽ مڪين پيا مٽجن. جن ڏينھن ۾ هي مواد لکي رهيو هئس ته ڊاڪٽر خليل الله شيخ جو sms آيو: اهو مون کي وڻ يٿو تنھن ڪري توهان تائين پھچايان ٿو :
    “درويش بھلول” بازار ۾ ويٺو هو. بادشاهه (هارون رشيد) اتان گذريو. بھلول کان پڇيائين، “ڇا پيا ڪريو؟” “بندن ۽ اللهج جي وچ ۾ ٺاهه پيو ڪرايان.” فقير وراڻيو. بادشاهه ٻيو سوال ڪيس، “نتيجو ڇا نڪتو؟” درويش جواب ڏنس ته، “اللهج تيار آهي، پر انسان ڪونه ٿا مڃن.”
    ڪجهه عرصي کان پوءِ بادشاهه ۽ بھلول هڪ مقام (قبرستان) وٽ مليا. بادشاهه وري پنھنجا مٿيان سوال دُهرايا. درويش وراڻيس ته “هاڻي قبرن وارا انسان مڃن ٿا پر الله ج ٺاهه/ معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.” هن گفتگو ۾ ڏاڍو توجهه ڇڪائيندڙ فلسفو آهي .
    مالڪ الملڪ سڀني تي پنھنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. وقت وڏي شيءِ آهي، ڪنھن موقعي کي وڃائڻ نه گهرجي. اسان سڀني کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. ڇا ڪجي! “والعصر ان الانسان لفي خُسرا .......”
    مون سان ڳالھين ئي ڳالھين ۾ محمد رمضان پھوڙ ٻڌايو ته جتي محمد پنجل ڀٽي جو دوڪان آهي ان جي پٺيان تيل پيڙڻ جا گهاڻا هوندا هئا. حڪيم صاحب جي مسجد جي اوڀر ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب جن جي پلاٽ تي تپيداري هوندي هئي. اڳيان ان جا دوڪان ٺھيل آهن جيڪي مسواڙ تي ڏنل آهن .
    مان جڏهن ٻه صفحا لکڻ چاهيان ٿو ته اهي صفحا تمام گهڻو وڌيو وڃن. اختصار کان ڪم وٺڻ باوجود هر شيءِ ڊگهي ٿي وڃي ٿي پوءِ به نشاندهي ٿئي ٿي ته نئون ديري وارن کان سواءِ ٻيا به پڙهن ٿا تنھنڪري انھن جو ڪجهه نه ڪجهه تفصيل لکان ٿو. مان منجهي پوان ٿو، جلد هن ذميواريءَ کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿو. هي ايڏو وڏو ڪم آهي جو آءٌ اڪيلو پورو ڪرڻ کان قاصر آهيان. ڪو قلم هٿ ۾ کڻي هن شھر جي ماضيءَ کي قلمبند ڪري، هن مٽيءَ جو حق ادا ٿي ويندو. باقي حال ۽ مستقبل نوجوان پاڻ لکندا. ان جو الڪو مون کي نه آهي. خاص طور تي مون کان سينئرس اهي لکن، اهي لکي به سگهن ٿا ۽ هنن اڃان مختلف نئون ديرو ڏٺو جيڪو مان ڏسي نه سگهيو آهيان. جيڪو لکڻ لائق آهي اهو پنھنجي ذميواري محسوس ڪري .
    محترم بدر ڌامراهي، لکيل ڊرافٽ پڙهي ڪجهه ڳالھيون انڊر لائين ڪيون. هن چيو ته “حڪيم صاحب ۽ مسجد شريف تي ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ جملا لکو.” مان مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهيس. حڪيم صاحب کي بازار جي مسجد کي ڪير نه سڃاڻي. اسپتال ۾ دوا ملندي آهي. مسجد شريف ۾ عبادت ڪبي آهي. حڪيم صاحب پاڻ پنھنجو تعارف آهي. هن شھر جا جنس مذڪر ته ڇا پوڙهيون، جوان، پرڻيل ۽ ڪنواريون، حڪيم صاحب کي ائين سڃاڻن جيئن ويڙهي ۾ پنھنجي بزرگ کي سڃاڻبو آهي. هو مرحوم هرگهر جي بيمارين وغيره جو امين رهيو آهي. سڄي مزوري ۽ محنت رائگان وئي. وريبه ڊرافٽ ٻيھر لکڻو پيو ڇو ته ڌامراهو صاحب سچ ٿو چوي. جڏهن به رسالي ۾ مواد ڇپبو ته اهو نئون ديري تائين محدود ڪونه رهندو. لکڻ، جيئڻ کان به ڏکيو آهي، منھنجي لاءِ، آخر بنيادي معلومات حاصل ڪري ٻه صفحا وڌيڪ لکي ورتم. اچو ته پڙهون .
    حڪيم حاجي سعد الله شيخ مرحوم (حڪيم صاحب) جي اسپتال، نئون ديري شھر ۾ اوائلي دور کان آهي. پاڻ هتي ۱۹۴۹ع ۾ مرزاپور ضلع شڪارپور مان لڏي آيا .
    حڪيم صاحب نومبر ۱۹۲۲ع ۾ ڄائو. ۱۹۴۴ع ۾ دهليءَ پڙهڻ لاءِ ويو ۽ اتي ۱۹۴۷ع تائين رهيو. ۱۹۵۵ع ۽ ۱۹۷۹ع ۾ ٻه دفعا حج ڪيائون. ۱۴-۰۳-۲۰۰۹ع تي وفات ڪيائون. سندن تعلق اهلِ سنڌ و جماعت جي ديوبندي فقھ سان واسطو هيو. عربي گرامر تي عبور هين جنھن ڪري حافظِ قرآن نه هجڻ باوجود ڪو قرآن شريف جو لفظ غلط اُچاريندو يا وساريندو هو ته ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ چوندو هو. پھريئاين مڱڻيجا شاپنگ سينٽر وٽ گهر هُين ۽ بعد ۾ پوسٽ آفيس واري گهٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائون. پراڻي گهر ڀرسان صبح جو سبزي کپندي هئي جنھن کي “ڌڙ” سڏبو هو، اڄڪلهه اتي دُڪان ٺھي ويا آهن. سندس پٽ پراڻا دوڪان ڊهرائي نوان دوڪان ٺھرايا آهن .
    “حڪيم صاحب” واري مسجد به بازار ۾ آهي. بلڪل اسپتال جي سامھون آهي. مسجد شريف جو پلاٽ “نواب صاحب” ميرپور ڀٽو وارن وقف ڪيو هو. هاڻي تازو پراڻي مسجد شھيد ڪري نئين ٺھرائي وئي آهي. وڌندڙ آباديءَ ڪري جمع جي نماز لاءِ هيٺين جاءِ ناڪافي ٿي ويندي آهي. جنھن ڪري آخري آيل نمازي ڪوٺي تي ٺھيل وڏي ويرانڊي ۾ نماز پڙهندا آهن.
    ميرپور ڀٽو تعلقه رتوديرو، نواب نبي بخش خان ڀٽو (نواب صاحب) حڪيم صاحب کي ذاتي طور سڃاڻندو هو. نواب صاحب ميرپور ڀٽو ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪيو هو. اسان جڏهن مسوديري هوندا هئاسي ته اَسر جو لائوڊ تي هن جي قرآن شريف پڙهڻ جو آواز ٻڌندا هئاسي. اسان جي تَر ۾ هن جي عبادت ۽ سخاوت مشھور هوندي هئي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته سال ۾ هڪ دفعو ڳوڻيون ريوڙين، کنڊ، ڀڳڙن ۽ پتاشن وغيره جون ڀرائي بنگلي ۾ رکندو هو. سندس ڀرسان مولانا ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان ٽيھن سيپاري جي ڪا ننڍي آيت پڙهائيندو هو ۽ انعام ۾ انھن کي قرآن شريف جو پاڪ ڪتاب ملندو هو. ننڍن ٻارن کي جهول شين جو ملندو هو. مون کي اندازو آهيته ميرپور جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ اهڙو ڪو گهر نه هوندو جن وٽ نواب صاحب طرفان مليل اهڙو نسخو نه آهي .
    نواب صاحب مرحوم، حڪمتن جي نسخن ۾ به دلچسپي رکندو هو. اهڙي طرح دوا درمل ڪري به حڪيم صاحب جن سان رابطو رهندو هين. حڪيم صاحب سان بيماري بڙيءَ ڪري خانبھادر مرحوم جي ويجهڙائي به ٻڌندا اچون پيا. اهڙي نموني ممتاز علي صاحب ۽ ڀٽو صاحب مرحوم به سڃاڻندا هئس.
    حڪيم صاحب کي ٽي فرزند آهن. وڏو اسد الله شيخ مرحوم (پروفيسر) ٻئي نمبر تي ڊاڪٽر ڪئپٽن سليم الله ۽ ڊاڪٽر خليل الله. حڪيم صاحب جو هن وقت عيال پڙ پوٽن تائين پھتو آهي. الله ج شل! هنن کي پنھنجي آفيت ۾ رکي، آمين . حڪيم صاحب هر سال ٻاچڪا سامان جا ٺاهي، پنھنجي مسجد ۾ رکي افطار لاءِ ويٺل ضرورتمندن کي هڪ هڪ ٻاچڪو سامان جو ڏيندو هو زڪوات يا خيرات ائين ڏيندو هو. حڪيم صاحب جو ذڪر ڪجي ۽ فيض محمد ڪٽپر جو ذڪر نه ڪرڻ بي انصافي ٿيندي. ٻنھي جو ساٿ اسپتال جي حوالي سان هميشه رهيو. فيض محمد سنھڙو، گهٽ ڳالھائڻ وارو ۽ سادگي پسند آهي. سندس پٽ غلام محمد منھنجو فڪري دوست آهي. هو انجنيئر آهي. فقيراڻي طبيعت اٿس. سچو ۽ کرو. شھر ۾ هن جو ڪو مٽ ڪونه ٿو سمجهان. هن سان ڪچھري ڪندي مزو ايندو آهي. دل کي سڪون ملندو آهي. حيرت ٿيندي آهي، هن جون ڳالھيون ٻُڌي .
    ڊاڪٽر سليم الله صاحب لاءِ اڳ ۾ لکي چڪو آهيان، باقي خليل الله صاحب ۽ حاجي گل محمد صاحب منھنجا مُحسن آهن هنن تي لکڻ في الحال ملتوي. حۡڪيم صاحب لاءِ وڌيڪ احوال “نئون ديري” بابت ڪتاب ڇپيل، ۾ پڙهي سگهجي ٿو .
    منھنجو جيڪو به ڇپيل مواد آهي، ان جي غلطين جي نشاندهي ۽ صلاحون ڊاڪٽر صاحب (خليل الله) ڏيندو آهي. هن جي طبيعت جي مون کي خبر آهي، ڪنھن جي خلاف ڪجهه هوندو آهي ته اهو پنو هن کي نه ڏيندو آهيان. ان جو ذميوار آءٌ اڪيلو آهيان. اڄوڪي مصروف وقت ۽ ذميواريءَ واري نوڪريءَ ڪري منھنجي لاءِ ٽائيم ڪڍڻ ۽ بھتر مشوارا ڏيڻ، هن جو احسان آهي. باقي رهيو حاجي گل محمد صاحب، منھنجي ٿيل بدلين جا آرڊر روڪرائي ڏيندو هو. سائين نجي الله صاحب جو به عمل دخل هيو. ائين حيرت ٿيندي آهي مون کي پنھنجي زندگي تي سوچي . الائي ڪيترن ماڻھن جا احسان آهن، شايد مخالفن ۽ ناپسند ڪندڙن کان وڌيڪ نمبر ٿي وڃن. حڪيم صاحب جي هڪ خوبي ته مون کي ڏاڍي وڻندي هئي. هر ذميوار ماڻھوءَ کي ان کي (اپنائڻ) Follow ڪرڻ گهرجي.
    هو پنھنجي پوٽن ۽ پوٽين کي قرآن شريف پاڻ پنھنجي نظرداريءَ ۾ پڙهائيندو هو. پوٽن جي درسي تعليم لاءِ ڪو استاد ٽيوشن تي رکندو هو. انھن استادن سان ڪچھري ڪندو هو ۽ ڏسي وٺندو هو ته ٻارن کي پڙهائيندڙ استاد جو پنھنجو عملي معيار ڪيترو آهي .
    منھنجو ويجهو دوست، اميد علي ڪٽپر ٻارن کي شام جو پڙهائڻ لاءِ راضي ٿيو هو. حڪيم صاحب، ڪچھري ڪيس، سمورو احوال اچي ڪيائين. حڪيم صاحب دوائن ۽ بيمارين کي سڃاڻڻ ته پڙهيو پر هن جي علمي حيثيت به لڪل ڪونه هئي. اميد علي صاحب ذهين ۽ هوشيار استاد آهي. هن جي اها به خوبي آهي ته قادري ۽ شافعي ۽ ٻين بزرگن جي سلسلن کي پڙهيو اٿائين، هن جو تلفظ ۽ گرامر بھتر آهي. هن جو I.Q ايڏو تيز آهي جو هر انڊين پراڻن گانن جي گلوڪار ۽ موسيقار جا نالا ٻُڌائيندو آهي. هو سٺي نموني اردو غزل ڳائي سگهندو آهي .
    هڪ دفعي ڀاءُ مشتاق جي دوڪان تي ويٺو هئس. حڪيم صاحب به اتان لانگهائو ٿيو. مُڙي دوڪان تي ٿوري دير لاءِ بيٺي بيٺي منھنجي ڀاءُ کان ڪنڍين بابت پڇيائين. مان ڀاءُ کي هلڪو اشارو ڪيو ته پئسا محنت جا نه وٺنديس ته ڪنڍيون بلڪل نه وٺندئي. تنھن ڪري بلڪل ٿوري نفعي سان رقم ٻُڌائينس. ڪنڍيون کڻي ويو. مقرر رقم سان گڏ، نون نوٽن جو پاڪيٽ به دوڪان تي ڏياري موڪليائين. ان ننڍڙي ڳالهه مان هُن جي طبيعت ۽ طرز زندگيءَ کي سمجهي سگهجي ٿو.
    حڪيم صاحب کي پراڻو هارٽ پرابلم هيو، روزانو سانجهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر خليل الله وٽ ويندو هو. دم ڌڻيءَ حوالي ڪرڻ واري ڏينھن (۱۴ مارچ ۲۰۰۹ع) شڪارپور ۾ برادر، جي شادي هُين جنھن ڪري گهر ڀاتي اوڏانھن ويل هين. ڊاڪٽر ڪئپٽن صاحب ڪراچيءَ ويل هيو. ڊاڪٽر خليل الله ڊيوٽيءَ تي هيو. تڏي تي ويٺلن ٻڌايو ته حڪيم صاحب پنھنجي الڳ گهر (بلڪل آمھون سامھون) صبح جو ٻاهر نڪري، گهر جي دروازي وٽ بيٺو هو، هر ايندڙ ويندڙ سان حال حوال ۽ کيڪار ڪئي هيائين. سانجهيءَ کان اڳ اوچتو سندس طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس لاڙڪاڻي اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا پر رستي تي ساهه جو سڳو ٽٽي پيس. (اللهج مٿس پنھنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. آمين)
    عبدالغفار “تبسم” صاحب، هن شھر جو رهندڙ ۽ مشهور شاعر آهي. هن جا درجن کن شاعريءَ جا ڪتاب آهن. گهٽ مانھن کي خبر آهي ته هن نئون ديري جي سنگت ساٿ جو احوال پنھنجي نثر جي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. نالو اٿس. هو جي جوڀن ڏينھڙا” حصو پھريون. مون ڪافي عرصو اڳ اهو پڙهيو هو. ٻي نمبر تي “نئون ديرو جا نوان ۽ پراڻا ورق” جيڪو مختلف ليکڪن جو مجموعو آهي. قاضي قمر الدين اهو ڪتاب لکرايو ۽ ڇپرايو آهي. انھن ڪتابن کان اڳ پير علي محمد شاهه راشديءَ به ”اُهي ڏينھن اُهي شينھن ۾“ ئي نئون ديرو ۽ آسپاس جو ذڪر ڪيو آهي. مختلف رسالن ۾ اڳ ڇپيل منھنجن مضمونن ۾ به نئون ديري جو ذڪر اچي ٿو. سنڌ جي مشھور شھرن جي ڪتاب ۾ قاضي قمر الدين جو ڇپيل مضمون به منھنجي نظر مان گذريو آهي. هي “نئون ديرو” بابت ڪچا ۽ ڦڪا حوال (لکڻي) اوهان پڙهو پيا.
    پاڪستان جي اترين علائقن فاٽا وغيره ۽ خيبر پختون خواهه سان گڏ پنجاب جي وسڪارن ماضيءَ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، هونءَ ته، ”سنڌوندي سڀني وهڪرن کي پنهنجي پيٽ ۾ سمائيندي آئي آهي. جڏهن انڊيا طرفان پنجاب جي سڪل ندين ۾ پاڻي ڇڏيو ويو ته، سنڌو، ويدن جي زماني جا ڏيک ڏيڻ لڳي، حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون، جولاءِ جي آخر تائين سڀني کي سمجهه ۾ اچي چڪو هو ته هي پاڻي وهي وڃڻ وارو نه پر تباهي ۽ برباديءَ وارو آهي.
    آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ سنڌ جي حدن ۾ زوردار برساتون پيون ۽ پياسي ڌرتي پاڻيءَ سان ڀرجي وئي. هونءَ ته مون کي ڪڪر ۽ برساتون وڻنديون آهن، منهنجي اندر جي صحرا ۾ ڪجهه ”پوسل“ پيدا ٿيندي آهي، پر سچ اهو آهي هي وسڪارا ڏسي خوشيءَ بجاءِ خوف پيدا ٿيڻ لڳو ڇو ته پنجاب جي حدن ۾ ايندڙ پاڻيءَ جا انگ اکر ۽ احوال ڊيڄاريندڙ هئا. ويتر راجڻ پور ۽ ٻين جابلو علائقن مان برساتن جو پاڻي جڏهن سنڌوءَ ۾ داخل ٿيو ته حالتون خراب کان خراب تر نظر اچڻ لڳيون، هر سمجهدار ماڻهوءَ جي اندر ۾ اڻ تڻ وڌي وئي، هر هڪ کي اهو فڪر ٿيڻ لڳو ته الائي ڇا ٿيندو؟ داران، شاهاڻي، عزت جي وانڍ، ڦلپوٽا، آگاڻي ۽ عاقل وغيره تائين درياءَ جو بچاءَ بند ڳوٺن، شهرن (نئون ديرو- لاڙڪاڻو) کان ”ٻيلو ٻه وون“ وانگر آهي، سنڌوءَ جو پاڻي مٿي آباديون ڪافي هيٺ اڏيل آهي، دل کي آٿت هيو ته نصرت لوپ بند کان باقراني پل تائين سخت حفاظتي اپاءُ ورتل آهن، پوءِ به هڪ مهربان سان شاهاڻي بند لاڙڪاڻي، خيرپور پل تائين جائزو ورتو، صورتحال خطرناڪ هئي پاڻي اڃان گڊوءَ ڪو نه پهتو هو. نئون ديرو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي، عرصي کان آباد آهي، روزانو ڪچي جا ماڻهو اچن وڃن ٿا، هو چون پيا ته پاڻي ڪٿي آهي، اجائي واويلا سنڌي چئنل ڪن پيا، اسان سڀني کي خبر آهي ته درياءُ پنهنجي پيٽ ۾ ”ٻيٽ“ جوڙيندو رهندو آهي، سکر بئراج جي مٿين طرف ۽ ساڌ ٻيلو به ٻيٽ آهن، ڪچي جا ماڻهو اهڙڻ ٻيٽن تي ڳوٺ ٻڌندا آهن، مال متاح جي ڪري، درياءَ جي چيڪي مٽي سنڌ کان سنڌ تر ٿيندي رهندي آهي، ڳوٺاڻا پنهنجا گهر، وٿاڻ، ۽ اڱڻ ضرورت مطابق هر سال مٿي ڪندا رهندا آهن، هو ڪڏهن به نه چاهيندا آهن ته پاڻيءَ جي ڪري پڪي تي وڃون، جيڪڏهن صورتحال گهڻي خراب ٿيندي آهي ته مال متاع، عورتون ۽ ٻار پڪي تي مائٽن ڏانهن اماڻي ڇڏيندا آهن باقي مرد، پوڙها ۽ نوجوان پنهنجا ”پکا“ پيا سنڀاليندا آهن.
    ڪچي جي ڳوٺن کي چوڌاري پاڻي هوندو آهي، پر ٻوڙيندو نه، گهر مٿي هجڻ ڪري، هنن جي گهٽين ۾ پاڻي هوندو آهي ۽ اتي ٻيڙيون وغيره اينديون وينديون آهن، سنڌوءَ جي مزاج کان ڪچي وارا واقف آهن، سينه به سينه سوين سالن جون ڪٿائون هنن جي ڪنن تائين پهتل آهن.
    هو پنهنجا مَنهن، لانڍ ۽ لانڍيون وغيره سان گڏ پڪيون جايون به جوڙيندا آهن، لانڍي ننڍي هوندي آهي، لانڍ وڏو ٿيندو آهي، ڄڃ ماڻهن جي ان ۾ ماپي ويندي آهي، هي سڀ وڻن، ٿوڻين، پيڙن، ڪکن ۽ ڪانن مان ٺاهيندا آهن، سڀ ڪجهه جهنگ مان هنن کي آسانيءَ سان ملي ويندو آهي خرچ ڪو به نه ٿيندو اٿن، گهر ڀاتي، مائٽ ۽ دوست وغيره هڪ ٻئي جي ڪم ايند ا آهن.
    آبڪلياڻيءَ جي موسم ۾ وس آهر جو سيڌو سامان گڏ ڪري رکندا آهن، پاڻيءَ جي نقصان کان بچڻ خاطر هو ”منجڻ“ يا ”مُڏ“ به ٺاهيندا آهن، جيڪڏهن گهر ۾ پاڻي اچي وڃي ته منجڻ تي گهر جو هلڪو سامان رکندا آهن. مڏ تي گهر ڀاتي ۽ ان وغيره پاڻي کان مٿي ڪري رکندا آهن. منجڻ يا مڏ ٺاهڻ ڪاريگريءَ وارو ڪم آهي ڪوشش ڪري مضبوط وڻن جي ڏارن وغيره سان جڪڙي ڇڏبا آهن جيئن پاڻيءَ ۾ ڊهي ۽ لڙهي نه وڃي..
    اسان جو ڪلچر اهڙو آهي جو ڪچي وارا ڪئمپن ۾ اچڻ پسند ڪو نه ڪندا آهن ،هڪ بي وسي ۽ بي پردگيءَ جو احساس ۽ سرڪار جا ٺلها نعرا سڀني کي ساريا پيا آهن، تنهنڪري خوار ٿيڻ کان بچڻ لاءِ هو پنهنجا ڪک ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن، پر هن دفعي ڪچي وارن سان سنڌوءَ ڪيس ڪري ڇڏيا آهن، پوءِ چوڻو ٿو پوي ”لاچار کي ڪو آچار نه آهي.“
    ۲۶-۰۸-۲۰۱۰ تي بي بي سي جي رپورٽ، گهوٽڪيءَ جي ڪچي مان ٻيڙيءَ رستي رپورٽنگ ڪئي ته ”هڪ ڳوٺ جي ڀرسان پهتاسين ته مرد ماڻهن پري کان آجيان ڪندي ڏوراپو ڏنو ته، ”ڪيڏي دير ڪري ٿا يار اچو، نه ٿا خبر لهو ته مئو يا بچو“ ترنم سان آواز، منهنجون اکيون آليون ڪري ڇڏيون هيون، سنڌي چئنلن ته پاڻ ملهايو آهي پر پابنديءَ سان روزانو اٺين بجي اردو سروس بي بي سي جي پروگرام وڌيڪ آگاهيون ٿي ڏنيون، سنڌي ۾ رڙيوندانهون، ڪوڪون، گهر ڇڏڻ، مال متاع لڙهڻ ۽ ماڻهن مرڻ جا داستان، پٿر دل کي به پگهاري ڇڏين، انسان ڪيڏو بيوس ۽ لاچار آهي ۽ ان ماحول ۾ ظالم ماڻهو عورتن جون عصمتون لُٽڻ، کاڌي جي شين ۾ نشو ڏئي بچيل سامان کڻي وڃڻ، ڏاند مينهون ۽ ٻڪريون وغيره هٿيارن جي زور تي ڦري وڃڻ جهڙڻ واقعن سنڌي ڪلچر تي ساهه ڏيندڙن جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.
    خبرون مليون آهن ته ڪئمپن ۾ رهندڙ حقيقي متاثرين سان گڏ، نقلي خاندان به رجسٽر ٿي رهيا آهن، انساني بک پوري ٿيڻي ئي ناهي، ازل کان ائين ٿيندو پيو اچي، گندو انسان، مظلومن سان ظلم پيو ڪري، اڌ دنيا سڌري وئي آهي پر ايشيا ۾ اسان جو معاشرو، تمام گندو سمجهيو وڃي ٿو.
    سنڌوءَ جي ٽوڙي گهاري، اڌ اتر سنڌ جو سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گهر گهاٽ، جايون، مال، اناج ۽ فصل وغيره سڀ لڙهي ويا آهن، لک پتي ماڻهو ڪک پتي ٿي ويا آهن، موجوده تباهي ۱۹۷۳ع واري تباهي ۽ برباديءَ کان ڪافي دفعا وڌيڪ آهي، لاڙ کي وري ايس ايم بند ٽٽڻ ڪري نقصان ٿيو ۽ ٻ ڏينهن ۾ تڪڙي لڏپلاڻ، حوصلن کي پست ڪري ڇڏيو آهي، روزانو موتن جون خبرون، سار سنڀال نه لهڻ ڪري، روڄ راڙا، ڄڻ چون پيا ته سنڌ جي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي سڀني اعليٰ آفيسرن کي ڪورٽن جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي، مهيني کان درياهه دانهون پيو ڪري ته ”آءَ توهان ڏانهن پيو اچان، اچان پيو“ ته پوءِ هنن ڪن لاٽار ڇو ڪئي، پيپر ورڪ ۽ پلاننگ ڇو نه ڪئي، پاڻيءَ جي روٽ کي آخري شڪل ڇو نه ڏني وئي، صورتحال ائين سامهون آئي ته اڳيان پاڻي، پٺيان وزير، مشير ۽ آفيسر، سڌريل دنيا ۾ ائين نه ٿيندو آهي، گهٽ نقصان وارا فيصلا ڪيا ويندا آهن پر هتي ته سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون آهن، رڳو نااهلي سامهون پئي اچي، ايريگيشن وارا پاڻي پٺيان هلندي هلندي گم پيا ٿي وڃن، وڃي ٿڌن ڪمرن ۾ موبائيل بند ڪري، ٿڪ پيا لاهين، گهوٽڪيءَ جي ڊي سي او جو بيان رڪارڊ آهي ته ”انجنيئر سان رابطو نه پيو ٿئي.“
    فوج ۽ نيويءَ وارن مڙسي ڪئي آهي نه ته انساني جانيون اسان دفن ڪرندي ٿڪجي پئون ها، راڄن پنهنجي مڙسي ڪري جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو انهن بچايو آهي، باقي ذميوار ماڻهن سنڌين کي، ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، هنن کي الائي ڇو ياد نه ٿو پوي ته جيڪي هو پگهارون ۽ رعايتون کڻن ٿا. اها ٽئڪس ماروئڙا ڏين ٿا. هنن وٽ انسانيت ۽ شرافت هئڻ گهرجي ۱۹۷۳ع تي ”ٻارنهن لک ڪيوسڪ“ واري ٻوڏ آئي هئي. ڀٽي صاحب جو دور هو، سکر بئراج پاڻيءَ جي دٻاءَ ۾ لڏي رهي هئي، پل کي بچائڻ لاءِ روهڙيءَ کان مٿان گهارو هنيو ويو هو، ان نقصان ته ڪيو هو پر گهڻو پاڻي چون ٿا ته رڻ ڏانهن هليو ويو هو. انگريزن جي ڊائرين ۾ پڻ اهو موضوع هڪ هنڌ لکيو ويو آهي.
    ڪچي جي زمين ۶ لک ايڪڙ چون ٿا. ۵۰ هزارن کان ۸۰ هزارن تائين انساني آبادي ٿيندي ممتاز علي خان، ريڊيو تي بار بار اعلان ڪري رهيو هو ته ”اتر وڃو“ ”اتر وڃو“ يعني موجوده ٻوڏ هيٺ آيل علائقو وغيره، پر ڪير ٿو پنهنجا گهر ۽ ڪک ڇڏي.
    ڀٽي صاحب فوج ۽ محمد پڃل ايس پي کي حڪم ڪيو هو ته نئون ديري ۽ لاڙڪاڻي کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪئنال جي ساڄي ڪناري کي ڪٽ ڏئي، منهنجون زمينون ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي ٻوڙايو، منهنجي اکين جي سامهون ڪٽ ڏنو ويو، سج لهي چڪو هو مان مسوديري سائيڪل تي بابا جن کي خبر ٻڌائن لاءِ روانو ٿيو هئس، ڳوٺ ٻاهران ٽريڪٽر رتي ڳوٺاڻا مليا هئا. هنن کي احوال ڏنم، هنن ميرپور ڀٽو ۽ ٻين رابطو ڪري وارهه کي جهلايو هو ۽ ڏينهن رات هٿيارن مان راڄن پهرو ڏنو هو، پاڻي ڳڙهي ڀٽو، ڪوريجا ۽ ڪوٽ ٻوڙيندو اولهه طرف وهي ويو هو، معمولي نقصان ٿيا هئا. پر هن ٻوڏ قهر ڪري ڇڏيو آهي.
    ۱۹۴۲ع ۾ سنڌ ۾ ”وڏي ٻوڏ“ آئي هئي، ان ٻوڏ به جيڪب آباد ۾ وڏي تباهي آندي هئي. پاڻي جنت شاخ اڪري آيو هو.
    ماڇن، اوڍن ۽ گوپانگن جا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا. رتوديرو بچي ويو پر افراتفريءَ ۾ سڄو علائقو هيو، ٻوڏ کان پوءِ بيماريون ۽ وبائون، ڪالرا وغيره منهن ڪڍيو هو، ڪافي انساني جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون هيون، موجوده ٻوڏ درياءَ جي ساڄي ۽ کاٻي بندن اندر ”زمينداري بندن“ جو نئون ٽرم ڏنو آهي. ايڪانامڪس جي مضمون ۾ انساني دورن کي مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. پٿر جو دور جيڪو ۴۵ لک سالن جو سڏيو وڃي ٿو. ڌاتوءَ جو دور، زرعي دور، صنعتي دور، ائٽمي دور ۽ خلائي دور. الائي ڇو مون کي مونجهارو ٿيندو آهي ته اسان سنڌ وارن جو ”ڪکائون دور“ ڪاڏي ويو، اڄ به لوڙها، ڪک، ڪانا ۽ منهن اسان جي ملڪيت آهن، اهي به درياهه جي پاڻي اسان کان کسي ورتا آهن، مجموع يطور دنيا زرعي ۽ صنعتي دور ۾ رهي ٿي.
    ايڏو درد وڌي ويو آهي جو پاڻيءَ جي متاثرن جي اکين جو پاڻي سڪي ويو آهي. اڻڀا وار، هيسيل چهرا، گهر نه گهاٽ، بي رحم انسان، اجهو نه آسرو، الائي ڇا ٿيندو، مستقبل ۾؟ ڀٽي صاحب جي پ پ پ ۽ موجوده پ پ پ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. حڪمران چوندا رهيا ته رتوديرو نه ٻڏندو، وري ٻي پاسي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي بند پئي ڏنا ويا، بندن تي ڪو به اعتراض نه آهي. افسوس اهو آهي ته جيڪو اوهان چئو ٿا، ان تي اوهان پاڻ به ويساهه نٿا ڪري سگهو رتوديرو-نئون ديرو پاڻي نه ايندو ته پوءِ ڳڙهيءَ کي بند وسوسن کي جنم ڏئي ٿو.
    لاڙڪاڻي ۽ نئون ديري کي عاقل آگاڻي بند کان وڏو خطرو هو جيڪو چيف منسٽر، نثار کهڙي ۽ ٻين وزيرن جي ذاتي دلچسپي ڏسي هي علائقو تباهيءَ کان بچي ويو آهي، نه ته اسان به لڏپلاڻ ۾ چريا ٿي پئون ها. الله بچائي ورتو. ۷۳ع واري ٻوڏ ۾ ڀٽي صاحب متاثرين لاءِ جيڪي بندن، دادوءَ جي ڪنارن تي اچي ويٺا هئا انهن کي گيهه، اٽي، چانورن ۽ دالين وغيره جو ٽرڪون موڪليون هيون، پهريون دفعو ائين ٿيو هو جنهن ۾ ڌارين ۽ سنڌين جي حڪومت جو فرق سامهون آيو هو. ماڻهن کي صابڻ ۽ ڪپڙا وغيره به مليا هئا. مال ايترو هو جو اثر رسوخ وارن ماڻهن ڪافي مال لڪايو به هيو. اهو سڀ ڪجهه لڪل نموني هيو، ههڙي ڦرلٽ وارو دور نه هو.
    مون جهڙن ماڻهن کي تمام دير سان سچائي سمجهه ۾ ايندي آهي، منافقن، بدنيتن سان هلندي عمر گذري وئي آهي. هاڻي مس هو نروار ٿيا آهن ته اسان به کين ”سلام“ ڪري پرڀرو ٿيا آهيون، سنڌين به سڀ يار پرکيا آهن، ڏوهاري ٿي بدليا آهن ۽ ائين وجود مٽائي رهيا آهن، ائين اسان سڀ شريف ايماندار آهيون، پر جڏهن مفادن تي پير ٿو پوي ته ”ايمان مهمان“ ٿيو وڃي، شل! اسان سڀني ۽ ٻوڏ ستايلن تي اللهﷻ رحم ڪري.
    ۱۹۴۸ع ۾ به نئون ديري شهر جيڪو ان وقت ڳوٺ مِثل هيو، ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿيو هو، جتي هاڻي مورين جو شاپنگ سينٽر آهي، اتي مٽي وغيره سان هاڻوڪي پوست آفيس واري رستي کي بند ڪيو ويو هو. سامهون خوشحال هندن جا گهر هئا، جن اهو بندوبست ڪيو هو، ائين شهر جو ڪجهه حصو ٻڏڻ کان بچي ويو هو. هاڻي جتي ڏکڻ واري باءِ پاس وٽ جڳ لڳل آهي اتي گهاڙ واهه کي ”ٻنڊو“ سڏبو آهي، جيڪو ان ٻوڏ جو يادگار نالو آهي، هي احوال مولچند ڏنو جيڪو مون کان عمر ۾ وڏو آهي. هن اها ٻوڏ اکين سان ڏٺي، هن جو ڪٽنب پڙهيل لکيل ۽ زميندار رهيو آهي. ٻي هنڌان لڏي، هتي اچي هنن جا وڏا (ڏاڏو) آباد ٿيا هئا.
    ۱۹۷۳ع کان پوءِ ڀُٽي صاحب باءِ پاس ڏنو، بيدن جا وڻ لڳرائي، نئون ديري کي خوبصورت بڻايو هو، گوڏ، گنجي يا تيار ٿي ڪپڙا پائي اوڏانهن ائين ويندو هيس ڄڻ ات يڪو منهنجو انتظار پيو ڪري، انهن ڇانورن ۾ ويٺي وقت گذري ويندو هو، اڄ به اهي منظر، منهنجي اکين ۾ سانڍيل آهن، هاڻي نٽهڻ اس يا ڇيڻن جي ڌپ آهي، ٻوڏ کانپوءِ عيد آئي، شهر جي هڪ معزز، ڀٽي صاحب کي ٻوڏ رليف فنڊ لاءِ چيڪ ڏنو، ڀٽي صاحب هن کان نالو پڇيو، هن جو نالو ٻڌي، ڀٽو صاحب باهه ٿي ويو، چيڪ ڏيندڙ جو ساهه سڪي ويو، ٻانهون ٻڌي معافي ورتائين، هن جي شڪايت ڀٽي صاحب وٽ پهتل هئي. ٿوري وقفي کان پوءِ محفل ۾ وري رونق موٽي آئي هئي.
    ڦڙو مون گهريو، تو ته ٻوڙي ڇڏيو،
    ها هڪ خواب منهنجو تو لوڙهي ڇڏيو.
    *
    تنهنجي رحمتن تي مان حيران هان،
    ڦڙي لاءِ تو نديءَ کي موڙي ڇڏيو.
    (نئين ديري جي منٺار سولنگي جي غزل مان مٿيون سٽون کنيل آهن.)
    الائي ڇو مون ۾ اهو احساس وڌي ويو آهي ته سنڌين جي پڙهيل لکيل ڪلاس ۾ ساڃاهه نه پر لاتعلقي ۽ لاپرواهي آهي، اهو ڪجهه ته انهن جي هئڻ جو ثبوت ڏي، منهنجي مارن کان ”خوشيون ۽ خريد“ وسري ويون آهن، هنن جي عيد ڪهڙي ٿيندي مون کي سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي ته وڌيڪ ڇا لکان.
    اسان کي تبديل ٿيڻ گهرجي، حضرت علي رحه چيو آهي ته ”غريبن جي مدد ڪريو، ڇو ته غريب ٿيڻ ۾ دير نه ٿي لڳي.“ قرآن شريف ۾ سورت صبا جو مفهوم آهي، ”هنن اسان جي حڪمن کان منهن موڙيو، اسان هنن لاءِ زبردست ٻوڏ موڪلي.“ مستقبل جا خدشا ڪَرُ کڻي منهن سامهون اچن ٿا.
    * مثلن امن امان جو مسئلو وڌيڪ خراب ٿي ويندو.
    * ننڍن ڏوهن ۾ به واڌارو ٿيندو.
    * اناج جو مسئلو.
    * روزگار جو مسئلو.
    * جانورن جي کوٽ
    * اڏاوتن، روڊن ۽ پلين وغيره جا مسئلا.
    سنڌ جي اعليٰ قيادت کي الله به شل ساڃاهه ڏئي ته جيئن هو ماڻهن جي مصيبت ۾ ڪجهه گهٽتائي آڻي سگهن. سنڌ جا چٻرا ۽ مڪڙا اڳ ئي اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪن ٿا، پوءِ ته وڏي واڪ چون ”آپ ڪي وڊيري، جاگيردار، گادي نشين اور بيوروڪريٽ ذميوار هين.“ هنن کي ڪنهن ايتري همت ڏني آهي جو هو چون ٿا ته سنڌي ڪراچيءَ نه اچن، يا رجسٽر ڪرائن. حيف آهي.!
    سنڌ جي ايم پي ايز وزيرن ۽ مشيرن کي نانگ ۽ وڇون پالڻ ۾ ڪهڙي مجبوري آهي؟
    اي سنڌو! توکي ڪهڙو ڏوراپو ڏيان، تون ته پرينءَ کان به پيارو آهين، تون جنون ۾ بند ٽوڙيا، پر ڪجهه ته هوش ڪرين ها، تو ته ڪستو هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪکن جي ڇانوءَ کسي، نيري پاند واري قيامت اسان آڏو آندي اٿئي. اسان جي عيبن کي اگهاڙو ڪيو اٿئي. ڇا چريو ٿي پيو آهين!! ”سنڌي سمنڊ“ جي عشق ۾ اسان جون محبتون نه اجاڙ، وصال لاءِ اسان کي نه آزماءِ، نه آزماءِ.
    ”درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.“
    مرشد لطيف رح.


    ڀٽي صاحب جو بنگلو

    نئون ديرو شھر ڀٽو خاندان, سان لاڳاپيل رهيو آهي. مرحوم رسول بخش خان ڀٽو ۽ خانبھادر احمد خان ڀٽو، ميرپور ڀٽو صاحبان جي نُـک (رت جو رشتو) مان آهن. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، ڳڙهي خدا بخش خان ڀٽو جي مائٽن مان آهن.
    ڀٽن جي “سرداري پڳ” ميرپور وارن وٽ رهي آهي. جڏهن ته سياسي اثر رسوخ ۾ سر شاهنواز ڀٽو (ڳڙهي ڀٽو) کان پوءِ ڀٽو صاحب سڀني کان اڳتي نڪري ويو.
    لاڙڪاڻي، ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران، مون ڀٽو صاحب کي، ايوب خان جي زوال واري دور ۾، سندس بنگلي “المرتضى” آڏو بک هڙتال تي ويٺي ڏٺو. ٻئي نياڻيون سندس ڀر ۾ ويٺيون هيون. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾، ڀٽي صاحب تمام وڏي محنت ۽ طوفاني دوره ڪري موجوده پاڪستان ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي. وڏا وڏا نالي وارا سياستدان، اليڪشن هارائي ويا. سنڌ ۽ پنجاب ۾، پ پ پ وڏي اڪثريت ماڻي. جڏهن ته سرحد ۽ بلوچستان ۾ مذهبي ۽ قومپرست جماعتون اڪثريت سان اليڪشن کٽي آيون.
    اليڪشن دوران ڀٽو صاحب ۱۵ کان ۲۰ ڪلاڪ مسلسل گاڏين جي قافلي ۾ سفر ڪري، ماڻھن کي پنھنجو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ان وقت ايترا روڊ ڪو نه هئا. جتان گاڏين جو قافلو گذرندو هو، ڌڌڙ (مٽيءَ) جا ڪڪر آسمان تي ڇانئجي ويندا هئا. ڀٽي صاحب جو هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ پھچڻ، ماڻھن لاءِ نئين ڳالهه هئي. هر هڪ ائين چوڻ لڳو؛ “ڀٽو صاحب پاڻ آيو آهي، ووٽ ته ڇا سر گهري ته اهو به حاضر آهي.” ائين سياست ۾ هُن قاضي ۽ کھڙن صاحبن جي، ڪمدارن، ڪاراون ۽ وڏيرن هٿان، ووٽ وٺڻ واري روايتن کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. هر غريب ماڻھوءَ ۾ عزت ڀريو احساس جاڳيو. ائين ڀٽي صاحب ماڻھن کي ووٽ جي اهميت کان واقف ڪرايو هو.
    ۱۹۴۸-۴۹ع ۾ مان ۽ غلام حسين ڪٽپر، شام جو يا موڪل جي ڏينھن ڪتاب کڻي بنگلي جي ڇٻر تي ويھي پڙهندا هئاسين. مالھي ۽ ملازم، اسان کي ڪو نه روڪيندا هئا. صرف هڪ دفعو تاڪيد ڪيو هئائون ته گل ۽ پيوندي انبن مان انبڙيون نه پٽجو. ان وقت سنڌڙي، چورسو ۽ ٻيون جنسون عام ڪو نه هيون. صرف ديسي انب ٿيندا هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿيڻ تي اچي پھتا آهن.
    ڀٽي صاحب جي بنگلي جي اولھائين پاسي کان، سائين نور محمد ميراڻي جي گهر کان بلڪل سنھڙي گهٽي، ڏکڻ طرف “خدن ويراڳيءَ” جي گهر سان ڀٽي صاحب جي حويلي “گهر واري جاءِ” آهي. اُتي “بيگم شيرين ڀٽو صاحبه” رهندي هئي. ان رستي کي بنگلي جي بورچيخاني وارو رستو سڏبو آهي. اُهو رستو اتر طرف وڃي غلام سرور ناريجي جي گهر واري ويڪري رستي سان ملي ٿو. ڪٽپر صاحب ۽ مان اهو رستو اچڻ وڃڻ لاءِ استعمال ڪندا هئاسين.
    هن وقت ڀٽي صاحب جي حويلي بند آهي. مان ۱۹۸۴-۸۵ع ۾، مرمت وغيره جي موقعي تي، اُها گهمي ڏٺي هئي. خانبھادر مرحوم جي رهائش واريون جايون ويران ۽ ڊٺل هيون. باقي ٻه جايون سيمينٽ جي دور جون ٺھيل هيون جن ۾ بيگم صاحبه رهندي هئي. هڪ جو مُنھن اولھه طرف ۽ ٻيءَ جاءِ جو منھن اوڀر طرف هيو. نمن ۽ ٻين وڻن ڪري ڇانورو هيو. حويليءَ جي ايراضي گهڻي هئي. اوڀر طرف ڪاٺ جو دروازو، بنگلي ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ لڳل هيو. جيڪو اسان شروع کان بند ڏٺو. ممڪن آهي خانبھادر جي وقت ۾ استعمال ٿيندو هجي.
    بنگلي کي ڏکڻ ۽ اتر ۾ ٻه ويرانڊا آهن. ڏکڻ ۾ اڱڻ کان پوءِ باغيچو هو. اتر ۾ گل، ٻوٽا، ڪونڊيون ۽ ڪٽيل ڇٻر جا ٻه ٻارا هوندا هئا. اسين اتي ويھي ڪچھري به ڪندا هئاسون ۽ امتحان جي تياري به ڪندا هئاسين.
    مون کي ياد آهي ته مون کان پڙهڻ ڪو نه ٿيندو هو. نوجواني، الھڙپن، بي فڪري، گل، ٻوٽا، اهڙي رومانٽڪ ماحول ۾، ڪڏهن بنگلي جي اڏاوت، ڪڏهن خوابن ۾ وٺي ويندڙ خاموشيءَ تي سوچيندو هوس. اوچتو پکين جي لاتين (آوازن) ڏانھن توجهه ڇڪجي ويندو هو.
    بنگلي جي وڏي گيٽ اوڀر طرف کان آهي. ڪُشادي رستي کان پوءِ باغ هوندو هو. ڪڏهن اوچتو “ڪوئل جو آواز” ڇرڪائي، درد ۽ پيڙا منھنجي دل ۾ اوتي خاموش ٿي ويندو هو. “سانت کي پنھنجي تات” ٿيندي آهي. پر پوءِ به ڪجهه ڪو نه سمجهه ۾ ايندو هو ته “ڪوئل جي ڪوڪ” ۾ ايڏو اثر ڇو آهي. فقير علي محمد قادري لاڙڪاڻي جي شاعر چواڻي:
    “زخمِ دل، تدبير سان ڪڏهن نه ڇٽندو اي طبيب،
    ان جي لُپري، انجو ٻرڪو، انجي مرحم ٻيءَ طرح.”
    جيڪي پنھنجي يارن کان وڇڙندا آهن، اُهي نه جيئندا آهن ۽ نه مرندا آهن. سڄي عمر ڪنھن کي ڳوليندا آهن. در در ڪڙو کڙڪائيندي ۽ صدائون ڏيندي هو ٿڪبا ڪو نه آهن. “ڪوئل جي ڪوڪ” ٻڌڻ سان، بيچيني وڌي ويندي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سيني کي ڪو چيري، دل کي ٻاهر ڇڪي ڪڍي پيو. ڪوئل کي فطرت طرفان “رڙين ۽ دانھن” جي اجازت ملي. مٿان ان ۾ ايڏو تاثير جو ڇا چئجي. پر ڪن کي ٻولڻ جي به اجازت نه هوندي آهي. ساهه به لِڪي لِڪي کڻندا. آهه به ڪونه ڀريندا ته متان ڪا ڪچائي ٿي پوي. مرشد لطيف رح ڪيڏي نه سھڻي سٽ سرجي آهي.
    “سڙي سارو ڏينھن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.” (شاهه)
    ائين سائنس کان بيزاري، قدرتي ۽ حقيقي شين ڏانھن لاڙو وڌندو ويو. انساني زندگيءَ جي اهميت ئي ڪيتري آهي. ناتجربيڪاري ۽ گهڻي علم هئڻ ڪري، مغز ۾ ڪئين سوال اڀرڻ لڳا. جواب ڪٿان اچن، ڪنھن کان پڇجن، ان جستجوءَ ۾ حياتي اچي پوري ٿي آهي.
    “جي ماسو مليئي مال، ته پينارا پُر ٿئين” (شاهه)
    پاڻ کي نه ماسو مليو نه چين مليو. سکندي نه ٿڪاسين نه ڪنھن کان ڊڳاسين. بس! الله ج جو ڪرم ۽ رحم کپي.
    هڪ دفعي معمول موجب صبح جو ڪٽپر صاحب ۽ مان بنگلي جي ڇٻر تي ويٺا هئاسين ته اوچتو بروهي مالھي آيو. هن چيو؛ “ڀٽي صاحب جا نينگر آيا آهن. توهان اٿجو نه، ويٺا رهجو، پڇائون ته مان ٻڌائيندومان ته شھر جا شاگرد آهن. پڙهڻ لاءِ ايندا آهن. هو بورچيخاني جي پپل وٽ هئا ۽ اسان ڪجهه پر-ڀرو ڇٻر تي ويٺا هئاسين. آسانيءَ سان هڪٻئي کي ڏسون پيا. مون پھريون دفعو کين ڏٺو. مير مرتضى ڊگهو ۽ صحتمند لڳي رهيو هو. شاهنواز خان ننڍو ۽ سنھڙو ۽ ڳاڙهو هو. شاهنواز کي ايئر-گن هٿ ۾ هئي ۽ پکين کي فائر هڻي رهيو هو. مير صاحب کيس روڪي رهيو هو.
    ڀٽي صاحب کان پوءِ، ٻنھي ڀائرن افغانستان مان شاديون ڪيون. جنگ اخبار ۾ خبر آئي هئي ته “شاهنواز ۽ سندس گهر واريءَ کي جڏهن فرانس جي ڪنھن سمنڊ ڪناري تي، سياحن ۽ فرانسيسي عورتن مردن، ڏٺو هو ته هڪٻئي کي چيو هئائون ته؛ “هي ٻه گلاب جا گل آهن.”
    ڀٽو صاحب اقتدار ۾ آيو ته سنڌين جا وارا نيارا ٿي ويا. نئون ديرو شھر جي ماڻھن جون اميدون ۽ حجتون وڌي ويون. اسان جي حلقي جي ڪافي نوجوانن کي ڀٽي صاحب نوڪريون ڏنيون. ڀٽي صاحب اڳ ۾ کانئن پڇيو هو ته “ڇا توهان فوج ۾ ويندا.” ان تي سڀ خاموش ٿي ويا هئا. ڀٽو صاحب سمجهي ويو هو ته هي فوج ۾ وڃڻ ڪو نه ٿا چاهين تنھن ڪري نوجوانن کي پنھنجي پسند جون نوڪريون ڏنيون هئائين. ائين شھر جي نوجوانن ۾ نوڪرين حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ شروع ٿي هئي. مون کي ياد آهي ته سينئرس به نوڪرين مٽائڻ لاءِ، قطارن ۾ اچي بيھندا هئا. محترمه جي ادوار ۾ به ساڳيو رجحان برقرار رهيو.
    “ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز”
    “شھيد” ڀٽو جو معمول هوندو هو ته هر عيد نماز هو نئون ديري جي عيد گاهه ۾ پڙهندو هو. اُتي عيد گاهه ۾ محبوب خان ڀٽو، سندس فوٽو ڪڍندو هو. دُعا گهرنڻ ۽ ماڻھن سان مختصر ملڻ کانپوءِ، آبائي قبرستان، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ويندو هو. اُتان نواب نبي بخش خان ڀٽو (نواب صاحب) سان ملڻ لاءِ ميرپور ڀٽو ويندو هو. واپس نئون ديري بنگلي تي پھچي ڪچھري لڳائيندو هو. شھر جا معزز گڏ ٿي ڀٽي صاحب سان ملندا هئا. کانئن مسئلا ۽ حال حوال پڇندو هو.
    نوڪرين وارا نوجوان پاڻ ۾ گڏ، بنگلي ۾ پيا ڦرندا هئا. قطار ۾ جيڪو ڀٽي صاحب وٽ پھچندو هو، اهو آفيسر ٿي ويندو هو. ڀٽي صاحب جي نوڪرين ڏيڻ ڪري، شھر ۾ نوجوان، پڙهيل لکيل آفيسرن جو خوشحال طبقو پيدا ٿي پيو. نتيجي ۾ چڱن مڙسن ۽ انھن ۾ نه سھپ وارو ماحول وڌڻ لڳو.
    حج واري عيد تي، استاد علي خان منگي (سيلون هلائيندو هو ۽ ڀٽو صاحب کيس سڃاڻندو هو) ڀٽي سان مليو. ڀٽو صاحب کانئس پڇيو ته حوال ڪر. علي خان چيس ته، “حج تي موڪليو.” ڀٽو صاحب بھتر موڊ ۾ هيو. هُن سنڌي چوڻي ٻُڌايس ۽ پڇيائينس ته هيءَ ڪھڙي عيد آهي. علي خان جواب ۾ چيس ته “حج جي عيد نماز پڙهي آيا آهيون.” پوءِ ڀٽي صاحب پنھنجي A.D.C کي چيو ته “ايندڙ حج لسٽ لاءِ هن جو نالو لکي ڇڏيو.” علي خان کان وڌيڪ پڇيائين ته ٻيو ڪجهه! سائين الله پاڪ اوهان کي خوش رکندو. علي خان جواب ڏنو هو. ايندڙ سال شھر جي ڪيترن ماڻھن سان گڏ سرڪاري خرچ تي استاد علي خان حج ڪري آيو هو. اهو احوال پروفيسر نذير احمد سومري مون کي ٻڌايو هو.
    استاد علي خان جي سيلون صاف سٿري هوندي هئي. منور علي ڪنڀر به هن وٽ حجامڪو ڪم ڪندو هو. هو صاف سٿرو، سھڻو ۽ اخلاق وارو هوندو هو. ٻيا ڇوڪرا به هن جي سيلون تي ڪم ڪندا هئا. جنگ اخبار سيلون تي ايندي هئي. حمام هيو. مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿي هئي ته نوڪرين وارا، روزانو استاد علي خان کان شيو ڪرائيندا آهن ۽ اُهي پئسا پگهار تي ادا ڪندا آهن. منور عليءَ کان مان به وار ٺھرائيندو هيس. هو بعد ۾ سعودي عرب ويو، اتان ڪافي ڪمائي آيو. پنھنجي سيلون کوليائين پر پاڻ ڪم نه ڪندو هو. هڪ دفعي منھنجا وار ٺاهي رهيو هو. ڳالھين ڳالھين ۾ ٻڌايائين ته تنھنجا ۽ حاجي گل محمد صاحب جا وار ٺاهيندو آهيان نه ته هاڻي ڪم نه ڪندو آهيان. ڏاڍي حجاب وارو هيو. ان کان پوءِ مان ٻين کان وار ٺھرائڻ لڳس. جوانيءَ ۾ جلد وفات ڪري ويو. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. هو پير ڳوٺ (نئون ديرو جو محلو) جو هيو.
    هڪ عيد تي، بنگلي جي ويرانڊي ۾ ڪچھري هلي رهي هئي. ڀٽي صاحب جي ڀرسان بيگم اشرف عباسي، سفيد وڏو رئو ويڙهيو ويٺي هئي. وزيرن، مشيرن، سردارن ۽ مھمانن سان ڪرسيون ڀريون پيون هيون. محمد پڃل ايس.پي ڦري رهيو هو. وڏن وڏن آفيسرن جو ساهه مٺ ۾ هيو. اسان آهستگيءَ سان بيھڻ جون جايون مٽائي رهيا هئاسين. نظم ۽ ضبط جو سڀني کي خيال هو. استاد حبيب ۽ مان عبدالوحيد ڪٽپر جي ڀرسان، ڀٽي صاحب کي ٺل اوٽ ڪري بيھي رهياسين. حبيب قريشيءَ کي ڪٽپر صاحب سڃاڻندو هو. هن آهستي چيس ته وڏا ٽن لڳا پيا آهن. حبيب، جواب ڏنس ته، ڀٽي صاحب آفيسر بڻايو آهي. ڪٽپر صاحب مرڪي پيو.
    ڀٽو صاحب، سڀني جي نگاهن جو مرڪز هيو. درخواست ڏيڻ وارا قطار ٺاهيو بيٺا پنھنجي واري جو انتظار ڪري رهيا هئا. اوچتو ڀٽي صاحب جي نظر ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺل ماڻھن تي پئي. اتي ويٺل جان محمد خان جلباڻيءَ کي سڏايائين. هن اچي هٿ ملائي عيد مبارڪ ڏنس. خير و عافيت کان پوءِ ڀٽي صاحب چيس ته ڪو ڪم ڪار؟ هُن پاڻيءَ ۽ ٻين مسئلن لاءِ چيس.
    ان وقت لاڙڪاڻي جي ڊي.سيءَ کي ڪم اڪلائڻ لاءِ چيائين. جان محمد خان وڌيڪ چيس ته سائين! رائيس ايڪسپورٽ جي پرمٽ جي به عنايت ڪيو. ڀُٽي صاحب ڏاڍي خوشگوار موڊ ۾ مُرڪي چيس ته، “اها جلباڻين کي نه ملندي.” مون ڏٺو ته ڀٽي صاحب جملو پورو ڪندي ئي، مٿان وڌيڪ چيو ته في الحال پرمٽ تي بندش آهي. جڏهن به بندش لھندي ته اُها به توهان کي ملي ويندي. ڊي.سيءَ کي جان محمد خان جي خيال رکڻ لاءِ وري چيائين.
    جان محمد خان جلباڻي اصل مسوديري جو جلباڻي هيو. پنھنجي سردار سان ڪجهه اختلاف هئس، جنھن ڪري ممتاز علي خان وٽ ايندو ويندو هو. گذريل اليڪشن ۾ ڀٽو صاحب مسوديري، جان محمد خان وٽ آيو هو. مسوديرو جيئن ته منھنجو ڳوٺ آهي. ڀٽي صاحب جي اچڻ جو احوال مونکي ممتاز علي شيخ ٻڌايو هو. هو دوڪاندار هيو. جيستائين جان محمد خان جن پنھنجي اوطاق کولين تيستائين ممتاز علي شيخ ڀٽي صاحب کي ڪرسي ڏئي ويھاريو هو. بلڪل اوچتو ڀٽو صاحب آيو هو ۽ جلدي واپس موٽيو هو. ان مختصر ملاقات ۾ جان محمد خان کي پنھنجي بنگلي تي سڃاڻي ويو هو.
    ڀٽي صاحب جي حڪومت جي دور ۾ هتان شھر مان چوري ٿي هئي. بنگلي تي رهندڙ ملازمن پيرا-ڀيٽيءَ جو اعلان ڪرايو. شھري پيرا-ڀيٽيءَ ۾ شريڪ ٿيا. جڏهن قاري عبدالحميد جيڪو پنھنجي مسجد جو پيش امام ۽ عمر رسيده، پيرا-ڀيٽيءَ لاءِ پھتو ته شھر ۾ اها ڳالهه عام ٿي وئي. سمجهدار ۽ سنجيده ماڻھن کي ڏاڍو افسوس ٿيو هو.
    مان پنھنجي ٻُڪ مان ٻه ٽي ڪڻا کڻي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن شھر جي ماڻھن وٽ اهڙين ڳالھين جا جهول ۽ ڀريون آهن. مان چاهيان ٿو ته سليقي سان اهي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ گهرجن.
    ڀٽو صاحب وڏو فياض هئڻ سان گڏ جذباتي به هيو. بنگلي ۾ ڪچھرين دوران مون اکين سان ڏٺو ۽ هن جو آواز ڪنن سان ٻڌو. جڏهن ڪچھريءَ دوران اهڙو مرحلو ايندو هو ته سرٻاٽ وغيره بند ٿي ويندا هئا. اصل پن ڊراپ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. سوين ماڻھن جي سامھون اهو سڀ ڪجهه ٿيندو هو. اصل ۾ ڀٽو صاحب پنھنجي ملازمن ۽ ٻين ذريعن کان شھر جي ڪن ماڻھن جي فائول طريقن تي کين ڇنڊ پٽيندو هو. بھتر ڳالهه ته اهو سڀ ڪجهه اُتي جو اُتي ختم ٿي ويندو هو ۽ ماحول ڪجهه منٽن کان پوءِ خوشگوار ٿي ويندو هو.
    ڀٽو صاحب، جوان ۽ خوبصورت هو. ڪپڙن پائڻ جو سليقو رکندوهو. ان وقت جي سروي ۾ “دنيا ۾ نائين نمبر” تي بھتر لباس پائڻ ۾ آيو هو. (افسوس! مون کي ڪو حوالو ياد نه آهي.) برطانيه ۽ آمريڪا جا تعليمي ادارا کانئس سنڌي روايتون کسي ڪو نه سگهيا هئا. سنڌي ڪلچر جو اهو به حصو آهي ته پنھنجي پٽن تي وڏن جا نالا رکبا آهن. سندس پٽن جا نالا ان جو ثبوت آهن.
    ڀٽي صاحب جا چپ ڪاراڻ مائل مون ڏٺا هئا. ڳاڙهن چپن ۾ پنھنجي سونھن ۽ ڪشش هوندي آهي. گهڻي عرصي کان پوءِ اهو راز مون وٽ کُليو ته وقت گذرڻ سان چپ رنگ تبديل ڪندا آهن. خاص طور تي سگريٽ ۽ ڪافيءَ پيئڻ جو به اثر ٿيندو آهي. ڀٽي صاحب لاءِ مشھور آهي ته هو “ڪيوبن سگار” پيئندو هو. اهو سِگار تمام تيز، تلخ ۽ مھانگو آهي. چانديءَ جي ڪيس ۾ پيڪ هوندو هو.
    ڪڏهن بيوس تنھنجا زخم اگهيا، ڪڏهن ڌرتيءَ تنھنجا پار پڇيا،
    اڄ پٿر به تنھنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن تُرندو هئين تون گلابن ۾.
    (تاجل بيوس)

    نوجوان شاهنواز ڀٽي جو موت فرانس ۾ ٿيو. قانوني پيچيدگين کان پوءِ جڏهن سندس باڊي ڳڙهي خدا بخش پھتي ته، تدفين ۾ تمام گهڻا ماڻھو شريڪ هئا. جنرل ضياءَ جو دور هو. مان، مشتاق علي ڀٽي مرحوم جي ڀرسان هجڻ ڪري، پيھه کان بچي ويو هيس. قبر ۾ تابوت لغارين ۽ ٻين لاٿو هو. جيئن ته مرحوم جي باڊي فرانس ۾ ڪافي ڏينھن ڪولڊ روم ۾ رکي وئي هئي تنھنڪري، تابوت کي ماڻھن آڏو نه کوليو ويو هو.
    ٻئي ڏينھن تي، هاءِ اسڪول نئون ديري جي استادن، بنگلي جو رخ رکيو. بورچيخاني جي پاسي کان، بنگلي جي ڊائننگ هال ۾ اسان کي ويھاريو ويو. ٿوري دير ۾ محترمه اچي اسان سان قالين تي ويٺي هئي. کيس ڪاري ڊريس پيل هئي. ڪافي ڪمزور لڳي رهي هئي. وار ننڍا هئس. صدمي ۽ انتظار ڪري سڄو مُنھن هيڊو هئس. ڄڻ جسم ۾ رت ئي ڪو نه هئس. ڀٽي صاحب کان پوءِ ڀاءُ جي وڇوڙي کيس جهوري ڇڏيو هو. دُعا ٿي. رضا الاهيءَ ۽ حڪم ڌڻيءَ جا آواز اٿيا ۽ وري سانت ڇانئجي وئي. سڀ ڏکارا ۽ تڪليف ۾ اُٿي ٻاهر آياسون. سڄو شھر سوڳ ۾ بند هو. هن شھر جي شھرين جيڪي عذاب سَٺا آهن انھن تي به پورو باب لکي سگهجي ٿو.
    محترمه اقتدار ۾ آئي. شھر ۾ رونقون بحال ٿيون. اميدن ۽ آسرن تي جھان هلي ٿو. هر ماڻھو نوڪرين لاءِ، ڀڄ ڊُڪ ۾ بنگلي ڏانھن، محترمه تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. محترمه به پنھنجي پيءُ جي نقشي قدم تي هلي، “جهول آرڊرن” جا شھر جي نوجوانن کي ڏنا.
    مٿي جي اڇن وارن جو ڀرم رکڻ خاطر ٿڪائيندڙ ڀڄ ڊڪ ڪري، مان انھن ڪچھرين کي اکين سان ڏسي نه سگهيس. ظاهر آ جيڪو ڀٽي صاحب جي ڪچھرين مان مزو ۽ لطف ماڻيو هو، ان کان محروم رهيس.
    جميل احمد قريشي جي سنگت، “شھيد زيڊ اي ڀٽو” والي بال ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو. هاءِ اسڪول نئون ديري جي استادن جون پاسون ٺھيون. اهڙي نموني محترمه کي وري ويجهو ڏسڻ جو موقعو ملي ويو.
    هوءَ اڳي کان مختلف، قداور، صحتمند ۽ سنجيده لڳي رهي هئي. هوءَ هشاش بشاش ۽ وقار سان، راند ڏسي رهي هئي. هُن ڪافي ٽائيم ڏنو هو.
    جميل قريشي، استاد حبيب جو ننڍو ڀاءُ هو. هي شھر جو نوجوان هيو. ايم-آر-ڊي دوران، هن ڏاڍو تشدد سَٺو هو. جيل ويو، محترمه کيس ذاتي طور سڃاڻندي هئي. شھر جي چڱن مڙسن کي غلط ڪمن ڪري سڌيون ٻڌائيندو هو. بيباڪ ۽ دلير نوجوان هيو. سڀني عزت وارن جي عزت ڪندو هو. نوڪريون وڪڻندو نه هو. ڪافي ماڻھن جي ڪم ايندو هو. پوري دور ۾ مال، ملڪيت ڪو نه ٺاهيائين. لالچي ۽ ٺڳ نه هو. سندس فئملي اردو ميڊيم واري هئي پر ٻئي ڀائر شروع کان سنڌي پڙهيا هئا. سندن سڀاءَ ڪري، سڀ سندن عزت ڪندا هئا. ڪو مت ڀيد نه هوندو هو. جميل قريشي، ذاتي مسئلن جي ڪري، جوانيءَ ۾ ماريو ويو. هُن منھنجي ڀاءُ کي، فزڪس جي ايس. ايس طور سيڪريٽري تعليم کي چئي نئون ديري هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ رکرايو هو. ياد رهي ته منھنجي ڀاءُ “انعام” ۱۹۹۴ع ۾ ڪميشن پاس ڪئي هئي.
    مير مرتضى صاحب، ڀٽو فئمليءَ جو اثاثو هو. هن جنرل ضياءَ جھڙي آمر سان مھاڏو اٽڪايو. عياشين واري زندگي ڇڏي “ڪمانڊو” بڻيو. سنڌ جي ريتن ۽ روايتن هن کي همٿايو ته هو، “پيءُ جو پلاند ڪري”. جنرل ضياءُ جي جيئري هئڻ دوران هو ڪڏهن به سک سان ڪين سُتو. شاهنواز جي موت کيس محتاط ته بڻائي ڇڏيو پر هُن هٿيار ڦٽا ڪو نه ڪيا هئا. شام، لبيا ۽ افغانستان هن جا ميزبان ملڪ هئا. سندس وڏي خوبي اها هوندي هئي ته “هو ڪارڪنن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو.” شھر جا ڪافي نوجوان مير صاحب جي ڏيھه ورڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي بنگلي تي ملندا هئا. هو حال احوال ڏيندا هئا. نئون ديري جي “رضا” مڱڻيجي جي اوطاق تي دعوت تي آيو هو. مخصوص ماڻھن کي دعوت هئي. مير مرحوم جي خواهش هئي ته “نئون ديري جي عيد گاهه ۾ جتي سندس والد عيد نماز پڙهندو هو، هو به انھن شھرين سان نماز پڙهڻ ۽ عيد ملڻ ٿو چاهي.” محترمه اقتدار ۾ هئي. شھرين محترمه جي ڪاوڙجڻ جي خوف کان، مير صاحب جو اهو خواب پورو ٿيڻ نه ڏنو هو. ڪھڙا ڪردار ان ۾ متحرڪ هئا، انھن جي نالن جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي پر ڪنڊ سنڊ ۾ اها ڳالهه عام هئي.
    اهڙين ڳالھين کي وڌيڪ هَٿي تڏهن ملي جڏهن مير مرتضى نئون ديري شھر ۾ پنھنجي پلاٽ تي جلسو ڪيو. پري پري کان ته ماڻھو آيا هئا پر مٿينءَ سطح وارا شھري شريڪ نه ٿيا هئا. غريب غربا ان ڪري شريڪ نه ٿيا هئا جو کين نوڪريون وٺڻيون هيون يا ٻئي ڪنھن خوف ۾ ورتل هئا. هُن اردوءَ ۾ تقرير ڪئي هئي. ڏاڍو سٺو ڳالھايو هو. منھنجي توقع کان وڌيڪ قدآور هو.
    برصغير جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته “هندوستان ۾ جيڪڏهن ‘سڀاش چندر’ جي هٿياربند جدوجھد نه هجي ها ته انگريزن جي تڏا ويڙهه نه ٿئي ها. محمد علي جناح “قائد اعظم” موهن لعل گانڌي “مھاتما”، سڀاش چندر بوس “نيتا جي” جي لقبن سان مشھور هئا. قوم لاءِ هر وڙهندڙ منھنجو آئيڊل آهي. “سڀاش” محبِ وطن هندوستاني هو. هن جي لاش ملڻ جي اڃا تصديق نه ٿي سگهي آهي. افغانستان کان جپان ويندي ٻي جنگ عظيم ۾ گم ٿي ويو هو.
    ضاءَ جي دور ۾ پ پ پ جي ڪارڪنن سياسي جدوجھد ڪئي. پر ان کي مرتضى جي ڪارڪنن رت ڏئي، ڏيئا روشن ڪيا. ڀلا! ڪھڙو سنڌي، “ٽوڙي ڦاٽڪ” ۽ ڪيٽي بندر واقعن کي وساري سگهي ٿو. ٻئي واقعا جدا پارٽين جا آهن پر انھن شھيدن جي “ٻولي ۽ جذبو” ساڳيو آهي.
    مرتضى جي جسم تي، ضياءَ جي ايجنٽن جي ڪيل موتمار حملن جي گولين جا نشان هئا. هو ايڏو ٽرينڊ ۽ سخت جان هو جو ڪلفٽن تي گولين لڳڻ سبب هن جو جسم ته مرده هيو پر هن جو دماغ زنده رهيو. اهي ڊاڪٽري رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيون هيون. سڌين گولين لڳڻ ڪري هو روڊ تي تڙپيو هو. ڪافي ٽائيم وڃائڻ کانپوءِ کيس ان اسپتال ۾ نيو ويو هو جتي مڪمل سھوليتون موجود نه هيون.
    مير صاحب جي ڪنڊولنس لاءِ وري بنگلي تي ويا هئاسون. سڄي سنڌ ان موقعي تي سوڳوار هئي. بنگلي ۾ بلڪل ٿورا ماڻھو هئا. پھريون دفعو اسان کي قطار ۾ بيھاري، واري واري سان چيڪنگ کانپوءِ مين گيٽ کان اندر ڇڏيو ويو هو.
    سالن کانپوءِ مان بنگلي ۾ اندر ويو هوس. سڄو بنگلو گهميل هيو. جتي ڀٽو صاحب ويھندو هو، اتي شيشي جو دروازو لڳايو ويو هو. دالي جي اوڀر ۾ ڪمرو ۽ اولھه ۾ ڊائننگ هال. اندر وڏو هال ۽ آمھون سامھون ڪمرا آهن. محترمه کي ويٺل نه ڏسي مان هال جي دروازي ڀرسان بيھي رهيو هوس. ٿوري دير ۾ اوڀر واري ڪمري مان محترمه ٻاهر آئي. دروازي کُلڻ ڪري مون ڏٺو ته آصف صاحب به اتي ويٺو هو. ٻه ٽي ٻيا مھمان به هئا.
    دُعا گهري “رضا الله جي” جي آوازن کان پوءِ هڪ نعرو لڳو، جنھن کي به روڪيو ويو. خاموشي، صدين جا پڙاڏا ذهن ۾ اٿڻ لڳا. پنھنجي سوچن ۽ ڪيفيتن کي الفاظ ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    محترمه کان ڀاءُ کسڻ لاءِ پوءِ اقتدار به کانئس ايئن واپس وٺي ڇڏيائون، ڄڻ هوءَ ڪانٽريڪٽ تي آئي هئي ۽ اهو معاهدو منسوخ ڪيو ويو هجي. اسان جي شھر جون رونقون وري گهٽجي ويون. اداسيون وڌي ويون.
    محترمه دُبئي هلي وئي. بيگم نصرت ڀٽو صاحبه به اڳ ۾، گمناميءَ ۾ هلي وئي هئي. مير صاحب جي موت، هن کان سڀ ڪجهه کسي ورتو هو.
    پرائيويٽ چئنلن تي “ٽاڪ شوز” ۾ ڳالھائندڙ چوندا آهن ته “سنڌ والون ڪو آپ ني چار جوان لاش دي هين.” الائي ڇو هو “بيگم صاحبه” کي وساري ويھندا آهن.
    سڄي عمر “سنڌ ڌرتيءَ” کي ڳايو ۽ نروار ڪيو آهي. مان پوءِ به چاهيان ٿو ته هن بھادر عورت تي جيڪي هماليه جا پھاڙ ڪريا آهن انھن تي جدا لِکان. مير صاحب سان هن جي محبت، موت جو ٻڌي هن جو هوش وڃائڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. هن کي سنڌي ڪو نه ايندي هئي پر پوءِ به سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هن تي لکڻ چاهيان ٿو. مون کي ڪھاڻي يا ناول لکڻ ڪو نه ايندو آهي. ڪو “ناول نگار” اهڙي طرز تي ناول لکي ته لکڻ لاءِ ڪافي مواد ۽ ضرورت آهي.
    محترمه جي موت (شھادت) تي اڳ ۾ جدا مضمون (سنڌي ماڻھن جي سياسي ۽ سماجي سوچ) مان لکي چڪو آهيان. وري دهرائڻ نه ٿو چاهيان.
    محترمه جڏهن آخري دوري دوران لاڙڪاڻي آئي هئي ته رات اچي نئون ديري بنگلي تي ترسي هئي. محترمه پنھنجي رهڻ لاءِ بنگلي جي اندر نئون “هائوس” ٺھرايو هو. “شيرين بيگم صاحبه” جي رهائش وارو گهر استعمال نه ڪندي هئي. هُن پنھنجي بنگلي جي ملازمن کي چيو هو ته “مون کي بنگلي جي ڪوٺي تي هلڻو آهي.” مٿي چڙهي محترمه سڄي شھر جو نظارو ڪيو هو. اهو احوال مون کي هڪ پياري ماڻھوءَ ڳالھين ڳالھين ۾ ٻڌايو هو.
    ڇا! انسان جي اندر ۾ ساهه جي رڳن کان ويجهو (الله ج) اهو الھام ڪندو آهي ته “پنھنجون خواهشون پوريون ڪري وٺو!” وڌيڪ تفصيل لکڻ اجائي ڊيگهه ٿيندي. بعد ۾ راولپنڊيءَ وارو سانحو ٿيو ۽ “سنڌ” وري روڄ ۽ راڙي ۾ پئجي وئي . الله ج رهندن تي پنھنجو رحم ۽ ڪرم ڪري.
    بنگلي جا ملازم: يار محمد خان ڀٽو، منشي نظر محمد، لعل بخش مشوري ۽ خدا بخش ڦلپوٽو وفات ڪري ويا آهن. رياض ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪافي ڪراچي، اسلام آباد ۽ دبئي وغيره ھليا ويا آھن. سڀ لوڪل ملازم بنگلن تي هوندا آهن.
    ڀٽو صاحب جي ويجهو نور محمد کوکر ۽ محمد عرس جوکيو رهيا آهن. “جوکيو” ته بيگم صاحبه ۽ محترمه جي به تمام گهڻو ويجهو رهيو.
    شھر جي ڇيڙي نبيري ۽ اسٽيٽ کي سنڀالڻ لاءِ عبدالقيوم پٺاڻ. فھيم چوڌري ۽ اعظم خان به مئنيجر رهيا.
    بيگم شيرين ڀٽو صاحبه، جڏهن پنھنجي حويليءَ ۾ رهندي هئي ته اتي “دربان” سائينداد ڀٽو هوندو هو. هو جڏهن ڪو بيگم صاحبه جو حڪم کڻي بنگلي جي ملازمن تائين پھچائيندو هو ته انھن کي چوندو هو “دروازي” تان حڪم آهي ته هي ڪم هيئن ٿيڻ گهرجي. “دروازو” يعني ڀٽي صاحب جو گهر. بيگم صاحبه، اڄ ڪلهه اها ٽرمينالاجي ختم ٿيندي پئي وڃي.
    بيگم شيرين ڀٽو صاحبه کي اولاد ڪو نه هئي. هوءَ دين محمد ڀٽي وارن جي مائٽياڻي هئي. آخري وقت تائين انھن سان رهي. محترمه پڻ هن جو وڏو خيال ڪندي هئي.
    دين محمد ڀٽو ۽ اسان يحى خان جي دور ۾ لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين. هو خوبصورت ۽ دلبر ماڻھو هوندو هو. سڀني ۾ هو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. جيتوڻيڪ هڪ شھر ۽ پاڙي ۾ رهندي ملڻ پيو ٿيندو آهي. مان هن کي سلام ڪندو آهيان، ڇو ته منھنجي خيال ۾ هو صفا “فقيرمنش” آهي. هو زَهرن (مڇي ماريندڙ ميربحرن) جي ويجهو آهي. ڪار ۾ انھن کي چارن سميت ويھاريندو آهي. هن کي نوريءَ بنا نئون ديري جو “تماچي” سمجهندو آهيان. اِها اَدا هُن جي مون کي مجبور ڪندي آهي ته مان هُن کي سلام ڪريان. هُن جي موٽر سائيڪل (هنڊا ۷۰ جپاني) به منفرد هوندي هئي. نه چين ڪَور، نه پکا پر دين محمد بيپرواهه گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ پيو ان تي هلندو. مون کي مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن گرمين ۾ قميص ڪلھي تي رکي، پلٿي هڻي ويٺو هوندو آهي. کيس نوجوان پٽ آهن. سُٺا ڪپڙا پھرڻ وارا، خوبصورت، ڪاريون، بنگلا، پر سليقي سان جيئڻ وارا، محمد حسن ڪٽپر سان گڏجي ڪچھريون ڪبيون هيون. کائڻ پيئڻ، ٽھڪ وغيره. الله ج کين خوش رکي.
    نئون ديري جي ٿاڻي واري روڊ سان دين محمد ڀٽي جي ٻني آهي. واڪ ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ان روڊ سان نڪري ويندو هيس. هڪ دفعو ڏسان ته مسڻ جي سامھون، دين محمد پنھنجي ٻني (زمين) ۾ مڇيءَ جي کڏ (ڀٽ يا جزيره نما) ٺھرائي رهيو آهي. کڏ جي وچ ۾ مٽيءَ جي تمام وڏي دڙي تي جڳھه به ٺھرائي اٿائين. روڊ سان ڳنڍين هئڻ ڪري دل چيو ته هليو وڃان، مٿي چڙهي چوڌاري نظارو ڪيان. موقعو مليو ته محمد حسن ڪٽپر کي چوان ته ايندڙ عيد تي اتي شھر مان پڪوڙا، سنبوسا ۽ جوس وغيره وٺي هلي کائجن پيئجن ۽ آسپاس ماحول مان مزا ماڻجن. اهڙا خواب ته ساڀيان ٿيڻ گهرجن. اهڙو “جزيرو” مشتاق علي خان ڀٽي جي فرزندن به ٺھرايو آهي، اتي هو ٻيڙي تي ويندا آهن. دين محمد ڀٽي جو ڳالھائڻ ٻولھائڻ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. صفا پروٽوڪول نه هوندو اٿس. اسان ٻنھي جي وچ ۾ تڪلف آهي. جن سان ڳالھائيندو آهي، اهي به ائين ئي جواب ڏيندا اٿس. ڪنھن کي ڊپريشن آهي ته دين محمد جي ڀرسان چُپ ڪري ويھي رهي. مون کي پڪ آهي ته بغير دوا وٺڻ جي، هن جي ڪچھريءَ مان خوش ٿي ويندو.
    بنگلي سان وابستگي مرحوم خدا بخش سانگيءَ (تعليمي آفيسر) جي بهرحال آهي. سائينءَ تي ٻئي حساب سان لکندس، ڇو ته اسان جي حلقي، “فُقرائي لڏي” جو هو به ميمبر رهيو آهي. دل کولي اهي احوال لکبا پر بنگلي سان وابستگي وارو احوال ٻيو ڪو لکي.
    ۱۹۶۹-۷۰ع ۾ هڪ ڏينھن شام جو گهر وڃي رهيو هيس. الله ڏنو سومرو ۽ دين محمد صاحب ٽولو ٺاهيون پوسٽ آفيس وٽ، “موٽي” پنجابيءَ جي ريڙهيءَ جي چوڌاري بيٺا هئا. مان روڊ جي ٻيءَ ڪنڊ کان چپ چاپ گذري رهيو هئس ته “موٽي” مون کي “خندق” هنئي. منھن ڦيرائي هن ڏي ڏٺم. ڏٺم ته باقي ٻيا سڀ سنجيده لڳا پيا هئا. مان صبر ڪري گهر هليو آيس. جلدي غوثل ميراڻيءَ کي ڳولي ان سان ڳالهه ڪيم. هن لٺ کنئي ۽ “موٽي” کي ڳولڻ لڳاسين. هو ملي ويو. مڃيائين ته؛ “مون کان غلطي ٿي آهي. پر دين محمد صاحب ۽ ٻين مون کي چيو. ائين معاملو ختم ٿي ويو. صبح ٽرين تي سڀ گڏياسين. ڪنھن کي ڪجهه ياد نه هو. ان ڏينھن کانپوءِ “موٽو” مون کي “منگي صاحب” سڏيندو هو. هن دنيا جا ڪئين رنگ آهن. خوشبوئون آهن. الله ج سڀني کي بدبوئن کان بچائي. “موٽو” هتان هليو ويو. سکر ۾ “صابو پاني” وارو ۽ “موٽو” وغيره ملي ويندا آهن. لک قرب، ماني ۽ چانھه جون صلاحون. ٻانھون ٻَڌي، مُرڪي موڪلائبو آهي. “موٽو پنجابي” نئون ديري جو پورهيت ڪردار آهي. ڀٽي تبسم صاحب نثر ۾ انھن کي لکي سٺو نڀاهي سگهي ٿو. تبسم صاحب اسان سڀني ۾ آل رائونڊر آهي. مان ان ڪري به هُن ڏانھن پنھنجو ڇپيل مواد موڪليندو آهيان ته شل! هو منھنجي ڇڏيل ڳالھين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي. هڪ دفعو لکڻ ۾ شروع ٿيو ته مڪمل ڪرڻ جي سگهه هن وٽ سڀني کان وڌيڪ آهي. هن وٽ انھن ڳالھين جو قدر ۽ ماڻهپو آهي. هو سمجهي ٿو ته؛
    “ڀورا سھڻا ڀينڊ هتان جا، ڇا جي چاندي ڇا جو سون.”


    مرحوم پروفيسر نذير احمد سومرو اديب، نقاد ۽ دوست

    حـــــال امـــــــداد جـــــــو پـــــڇــــو ڇــــا ٿا؟
    اڄ مـــڙئي ســـور ڪجهه ســوايو آ

    لاڙڪاڻي کان ايندڙ نئون ديري واري بس تي ڪيهرن کان، گهر ڏانهن موٽي رهيو هوس، ويٺل ماڻهن تي نظر ڦيرايم، پروفيسر صاحب جي فيمليءَ جو هڪ فرد به ويٺل هيو. کانئس سندس صحت بابت پڇا ڪيم.
    “طبيعت بهتر ڪو نه اٿس، اڳي کان تڪليف وڌي وئي اٿس.“ هن جواب ڏنو. ٻئي خاموش ٿي وياسين. هو پيرڳوٺ اسٽاپ تي لهي ويو ۽ مان سوچيندو گهر پهتس.
    شام جو اڪيلو، قدرت الله سان ملڻ لاءِ نڪتس. رستي تي مولوي عبدالرحيم صاحب مليو، ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻڌايائين؛ “سومري صاحب جي خبر پئي آهي، اوڏانهن پيو وڃان.“ ٻئي گڏجي قدرت الله سان ملياسين، پروفيسر صاحب جي در تي ٿورو انتظار ڪري، پردي ٿيڻ کان پوءِ گهر جي هڪ ڪمري ۾ پهتاسين. بيڊ تي ڪمبل پايون، پروفيسر صاحب سمهيو پيو هو. سندس پٽ، ٻانهن ۽ هٿن کي هلڪا زور ڏئي رهيو هئس. اسان صوفي تي ويهي رهياسين. هن اسان جي وجود جو ڪو نوٽيس ئي نه ورتو. سندس حالت “جعفر“ ڌامراهن واري شاعر جي هيٺين شعر جهڙي هئي:
    “ڪجهه وقت لڙي، ڪا خبر ته لهو،
    هــــــيءَ جـــــان جــــنــــجـــــل ۾ ٿي وئي آ،
    بـــس هـــــڏن جـــو پڃــرو ڏسندين اچي،
    ســـڄــــو خــــون ئــــي ڳڻتي پي وئي آ.
    قدرت الله، پروفيسر صاحب جي ويجهو ٿيندي، اسان جا نالا وٺي کانئس پڇيو: “انهن کي سڃاڻو ٿا؟“ ڪنڌ سان بلڪل هلڪي هائو ڪيائين ۽ وري لاتعلق ٿي ويو. مطلب ته غشيءَ جي حالت ۾ لڳو، قدرت الله ٻڌايو: “ڪالهه کان اها حالت اٿس! ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه بهتر به ٿي وڃي ٿو ۽ ڪجهه لفظ به ڳالهائي ٿو.“
    مولوي صاحب آيت الڪرسي پڙهائي، پاڻيءَ تي دم ڪرائي، پروفيسر صاحب کي ٻه چمچا پاڻيءَ جا پياري، چانهن پي موڪلائي واپس آياسين، اها پهرين ڊسمبر جي تاريخ هئي، جيڪو دوست گڏيو. اُن کي سومري صاحب لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ چيم.
    اسان جي ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ رٽائرمينٽ جي درخواست تي صحيح ڪري، ڪاليج پهچائي چڪو هيو. علاج لاءِ وري مائٽ ڪراچيءَ کڻائي ويس ۽ واپس موٽائي آيس.
    اٺين ڊسمبر ۲۰۰۵ع تي هن جي وفات جو اطلاع مليو. اوڙي پاڙي وارا، دوست احباب ۽ شهري گڏ ٿياسين. مرحوم جون ڳالهيون، جنازي نماز ۽ ڪفن دفن کانپوءِ دعا گهري موڪلائي هر ڪو پنهنجي ماڳ موٽي ويو.
    دنيا هل چل جو جهان آهي، هر ڪو هلندو، پر جنهن جهڳيءَ مان ڪو اڪيلو ڪمائيندڙ لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ته ان گهر ۾ قيامت کان اڳ قيامت اچي وڃي ٿي. وڃڻ وارو ته هليو وڃي ٿو پر جيئڻ وارا ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ٿا ڏسن. هر ڪو پنهنجيءَ ۾ پورو، ڪير ڪنهن جي سار لهي؟! بس اُٺ پکيءَ واري اسان جي زندگي آهي.
    مرحوم جو گهر به مالي مشڪلاتن ۾ هوندو، جيستائين وڃي هن جي رٽائرمينٽ جا ڪاغذ مرحلن مان گذرن.
    ۶۹-۱۹۶۸ع ڌاري صبح جو سوير ڪراچي ايڪسپريس ذريعي لاڙڪاڻي ڪاليج پڙهڻ ويندا هياسين ۽ شام جو روهڙي پئسنجر تي موٽبو هيو. سڄو ڏينهن غرق ٿي ويندو هو. ڪو روڊ ۽ بس نه هوندي هئي. سانوڻ جي موسم تڪليف ۾ گذرندي هئي. جناح باغ ۽ اسٽيشن، اسان شاگردن جو ٺڪاڻو هوندو هو. غربت جو زمانو هيو، پئسا ڪو نه هوندا هئا پر مرڪ، ٽهڪ ۽ محبت اسان سڀني جو خزانو هيو. تنهن ڪري فڪر ڪو نه هوندو هيو، سڀ خوش هوندا هياسين.
    محمد شريف ملڪ، قاضي راهب علي، قمرالدين قادري ۽ ٻيا پير ڳوٺ جا شاگرد ۷۱-۱۹۷۰ع ۾ اچي مليا. محمد شريف ۽ قادريءَ جي عزت ۽ خلوص جي ڪري هنن سان منهنجي ويجهڙائي وڌندي رهي. پروفيسر صاحب جا تمام ويجها ۽ گهاٽا يار هئا. هو اسان سان گڏ نه هوندو هو، سينيئر هو. موڪل وارن ڏينهن ۾ نئون ديري انهن سان گڏ هوندو هو ۽ اتي ئي پروفيسر صاحب سان پهرين واقفيت ٿي. تعارف ۽ ٻه ٽي دفعا ملڻ کانپوءِ، مون محسوس ڪيو ته، سومرو صاحب مون مان خفا آهي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو آخر تنگ ٿي شريف ۽ قادريءَ سان اهڙي ڳالهه ڪيم ۽ هنن سان نئون ديري ۾ ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ کان لنوائڻ لڳس. هنن گهڻو سمجهايو پر مون ۾ ڪا تبديلي نه آئي. باقي لاڙڪاڻي گڏ هوندا هياسين يار جو ياريءَ سان ڪم....
    ان دور جا دوست، ڪي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ليڪچرار ٿيا پر اسان فيليوئرس جي گهڻائي “ماستر“ ٿي وياسين. جيئڻ جي ضرورتن ۽ نوڪرين سڀني کي ڪک پن ڪري ڇڏيو.
    بعد ۾ ڀٽي صاحب جو دور آيو، اسان ماسترن مان ڪافي آفيسر ٿي ويا. نوڪرين جا اصل واهڙ وهڻ لڳا.
    محمد شريف ميرٽ تي انگلش جو ليڪچرار ٿي ويو. قمرالدين قادري فيملي پلاننگ ۾ آفيسر ٿي ويو، ڪي ڪسٽم، ڪي فوڊ، ڪي پوليس، ڪو بئنڪ، ڪو ڪٿي ته ڪو ڪٿي. اسان نئون ديري وارن جي ڪنهن تي فلڪ ئي ڪو نه پوندي هئي، اسلام آباد اسان جو ٿي ويو هو. نوجوان راتو رات نوڪرين جي ڪري اهميت وٺي ويا هئا ۽ پراڻا پڙهيل ۽ نئون ديري جا چوٿان پاوا هنن سان هلڪو حسد رکڻ لڳا. جيڪا فطري ڳالهه هئي.
    قمرالدين قادري ۽ پروفيسر نذير احمد کي ڀٽو صاحب ذاتي طور سڃاڻندو هيو، ڇو ته اليڪشن کان اڳ ۾ هو ٻئي ڄڻا ڏينهن جو ووٽر لسٽن ۽ پولنگن جو پيپر ورڪ بنگلي تي ڪندا هئا. پروفيسر نذير احمد ٽيچر مان ليڪچرار ٿي ويو. محمد شريف خوشحال گهر جو نوجوان، سهڻو، مهذب ۽ ذهين هيو. ان وقت ڪوٽ سبائي پائيندو هو. قمرالدين وري گاريل، تجربيڪار ۽ قلندر ماڻهو، ٻنهي جي مان ويجهو هيس، ڇو ته وفادار ۽ مخلص هيا. هڪ دفعي محمد شريف چيو ته “يار! سومري صاحب جو روپ اهڙو آهي پر دل ۾ ڪا نه اٿس، هن کي ڏسي ڀڄي نه ويندو ڪر، هو چڱو ماڻهو آهي، مون تي اعتبار ڪر. قمرالدين به ميار واري انداز ۾ چيو ته هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ته ملون ٿا سو اسان جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو ڪر. اهڙي نموني آهستي آهستي اسان هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ شروع ڪيو.
    پروفيسر نذير احمد صاحب ۱۹۴۹ع ۾ پير ڳوٺ نئون ديري ۾ ڄائو، سندس والد عبدالحميد صاحب علائقي جو بزرگ استاد هيو. نذير صاحب هتي ئي پڙهيو ۷۰-۱۹۶۹ع ۾ وارهه ۾ (جي ايس ٽي) جو نئون سيڪنڊري ٽيچر ٿيو، اتان بنگل ديري بدلي ٿي آيو، فيبروري ۱۹۷۵ع ۾ دادو ڪاليج ۾ ليڪچرار پوليٽيڪل سائنس جو مقرر ٿيو. استاد بخاري اڳ ۾ ئي اتي استاد هيو، نئون ديري جو عبدالڪريم مڱريو صاحب ۽ لاڙڪاڻي جو مرحوم دين محمد تنيو صاحب به اتي ليڪچرار مقرر ٿيا. اسدالله شيخ صاحب، جيڪو سومري صاحب سان گڏ پڙهيو اهو به دادو ڪاليج ۾ اڪنامڪس جو ليڪچرار مقرر ٿيو هيو.
    نئون ديرو ۾ پير ڳوٺاڻن کانپوءِ هن جو ويجهو دوست نذير احمد پيرزادو مرحوم هيو. مان اڪثر ڏسندو هيس ته ٻئي گڏجي ڪنهن ڪنڊائتي هوٽل تي ويهي چانهيون به پيئندا هئا ۽ رهاڻيون به ڪندا هئا. پيرزادو صاحب ۽ مان هاءِ اسڪول ۾ گڏ نوڪري ڪندا هياسين، بعد ۾ پيرزادو صاحب لاڙڪاڻي لڏي ويو ۽ سروس دوران فوت ٿي ويو، کيس نئون ديري ۾ والدين جي ڀرسان دفنايو ويو.
    ڊاڪٽر سليمان شيخ سگا واري سان هلال پاڪستان اخبار ذريعي تعارف ٿيو. سومرو صاحب، مان ۽ غلام حسين ڪٽپر گڏجي سگا جو بنياد وڌو، ان وقت نئون ديري ۾ پنجويهه گريجوئيٽس اسان کي نه مليا هئا، جنهن ڪري بئنڪن جي مينيجر وغيره کي ميمبر ڪري عهديدار ۽ ورڪنگ ڪاميٽي چونڊرائي سون.
    قمر الدين قادريءَ سان ملڻ جلڻ گهٽجي ويو. محمد شريف ليڪچرار شپ ڇڏي، اسٽيل مل ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو ۽ هميشه لاءِ ڪراچيءَ شفٽ ٿي ويو. ڪجهه وقت ٺيڪيداري به ڪيائين، پر نقصان ٿيس. هاڻي به ڪراچيءَ ۾ آهي خبر پئي آهي ته پروفيسر صاحب جي عذر خواهيءَ تي به نه پهچي سگهيو آهي، لساني هنگامن ۾ قمرالدين قادريءَ ۽ سومري صاحب، هن سان ڏاڍو نڀايو هيو.
    هو هميشه ڀٽي صاحب جو شيدائي رهيو ۽ هن جي سحر ۾ وڪوڙيل رهيو، ضياءَ دور ۾ خاص ڪري اليڪشن جي ڊيوٽين دوران مخالفن جي درخواستن تي تڪليفون به آيس پر مالڪ بچائي ورتس. جنهن جو پنهنجو جهان، ڌرتي، ميرا ماڻهو ۽ پنهنجا منطق جيڪي اڄ ڏينهن تائين سنڌين جي اڪثريت قبول ڪري نه سگهي آهي.
    وقت، عمر، اعتماد ۽ تجربن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳاسون.
    مان رول ماڻهو، ڪلاڪ ٻن کان وڌيڪ هڪ هنڌ ويهي نه سگهندو آهيان، ڊيوٽي به عذابن سان ادا ڪندو آهيان. بس چانهن پي شهر جي ويران ويڪرن رستن تي ٽولا ٺاهي گهمندا رهندا هئاسون. خاص ڪري سانوڻ جي چنڊ جي روشن راتين ۾ ته ڦلپوٽن تائين دادوءَ جي پل تائين هليا ويندا هئاسون، ڏاڍو مزو ايندو هو. رات جي خاموشيءَ ۾ دادو جي پل جي دروازن منجهان زور سان گذرندڙ پاڻيءَ جو آواز، دل ۾ وڻندڙ خوف پيدا ڪندو هو. پل کان هيٺ چانڊوڪيءَ ۾ پاڻيءَ جي گج ۽ وهڪري مان پيدا ٿيندڙ ڪن، عجيب نظارو پيش ڪندا هئا. دل چوندي هئي ته گهر واپس ئي نه وڃجي. رات جي سانت کي به پنهنجي تات ٿيندي آهي. رات جو روشنائي ۾ رلڻ ۽ ڀٽڪڻ ۾ مون کي اڄ به سرور ملندو آهي. اهڙي رومانس مان اڄ به جند ڇڏائي نه سگهيو آهيان.
    سومري صاحب سان ڪيترائي دفعا اهڙيون ڳالهيون ٿيون. هو ڪڏهن به اسان سان روڊن رستن تي نه گهمندو هيو. گولڊ ليف جا سگريٽ تمام گهڻا ڇڪيندو هيو. ويٺي ويـٺي ٻه ٽي چانهيون پي ويندو هو، جيڪو مون کي عجيب لڳندو هو پر اظهار نه ڪندو هيس. اڄ به مان گهڻي چانهن پي نه سگهندو آهيان.
    ڪو خوف ۽ ڳڻتي نه هوندي هئي، گهرن جون ذميواريون نه هئڻ جي برابر هيون. وڏڙا حال حيات هئا. ڌرتي ۽ آسمان اسان جا هئا، پنهنجائپ وارو احساس هيو. اسان جو شهر هيو، اسان ئي ان جا وارث هئاسون. هر طرح کان محفوظ هوندا هياسين. بدامني اڃا شروع به ڪا نه ٿي هئي. هيئن ڪڏهن سوچيو ئي ڪو نه هيو ته اسان جو شهر ڌاڙيل ڦريندا ۽ گهرن ۾ به ڊنل رهنداسون. (ياد رهي ته ڌاڙيلن ٻه دفعا نئون ديري جي سڄي بازار ڦري آهي.)
    ڀٽي صاحب جي ڏنل نوڪرين جي ڪري، دوستن ۽ شهر ۾ وچولو خوشحال ڪلاس پيدا ٿيڻ شروع ٿيو هو. پهريائين ڪنهن کي وهم گمان ڪو نه هو پر آهستي آهستي غريب، غريب سان، خوشحال خوشحالن سان يعني ڪلاس سوسائٽي وجود ۾ اچي چڪي هئي. پر جڏهن به ملبو هيو ته لکين قرب هڪ ٻئي کي ڏبا هئا. ڀاڪر پائي ملندا هياسين ۽ ڏوراپا ڏيندي واڇون ٽڙي وينديون هيون. مرڪندي چپ پنهنجي جاءِ تي ئي ڪو نه ايندا هئا. ڪا مصنوعيت ۽ منافقي نه هوندي هئي. ماضيءَ کي ياد ڪري واڇون ٽڙي وينديون هيون. هن دور جهڙي مصنوعيت ۽ منافقي نه هوندي هئي.
    ان سڄي دور ۾ سومري صاحب سان رابطو رهندو آيو. هو اردو ادب جا اهڙا ڪتاب پڙهندو هيو جيڪي هن جي هٿ ۾ هوندا هيا جن سان منهنجو لڳاءُ نه هوندو هيو. مان ٿورو پڙهندو هيس پر پنهنجي پسند مطابق پڙهندو هيس.
    ايم آر ڊي تحريڪ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سانت ڇانئجي وئي. سنڌين جي وڏي قرباني، ميچوئر ٿي نه سگهي هئي. ٻي تبديلي ته پري رهي پر جنرل ضياءَ به برقرار رهيو.
    نوڪري ڪرڻ مان ٿڪجي پيس، بي ايڊ ڪرڻ لاءِ سکر هليو ويس. آرام ۽ سڪون به حاصل ڪيم ۽ ڊگري به ورتم. ۸۸ع ۾ محترمه آئي، نئون ديري ۾ وري نظارا ڏسڻ لاءِ مليا. اسان نئون ديرائن جي ڪنهن تي فلڪ ڪو نه پوندي آهي ڇو ته هتي پنجاب جا چوڌري، سرحد جا خان ۽ بلوچستان جا سردار ڀٽي جي بنگلي ٻاهران ۽ اندر خوار ٿيندي ڏٺا. هاءِ ڙي نفسيات تنهن جا ڪم، ٽهڪ ڏئي ۽ اشارا ڪري بيٺل ايس پي ۽ ڪمشنرن کي ڊڪندي ۽ پگهر اگهندي ڏسندا هياسين. جي ڪنهن بيورو ڪريٽ تي نظر پوندي هئي ته پٺي ڏيئي منهن ٻي پاسي ڪري ڇڏيندا هئاسين. جنرل ضياءَ جنهن جي حڪومت دوران سگا تي پابندي وڌي وئي، بينظير ڀٽو جي دور ۾ سگا تان پابندي ختم ٿي. مان اڪيلو دادو ڪنوينشن ۾ وڃي برانچ بحال ڪرائي، ميٽنگ سڏرائي، تقريبن سڀني گريجوئيٽس کي گڏ ڪيو. ڪافي پئسا ميمبر شپ مان مليا هئا. بلڪل نون ميمبرن جي باڊي ٺاهي اسان سڀ پراڻا ميمبر ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ وڃي ويٺا هئاسون. مون ڏٺو ته سينيئر ميمبر صاحبان ناراض ٿي ويا آهن، اهي ٿورين ٿورين ڳالهين تي مون کي ڏنڀڻ لڳا، غلام حسين ڪٽپر ۽ پروفيسر منهنجي حق ۾ هوندا هئا.
    “کُل شيءِ يَرجع اِلا اَصلہٖ“
    هڪ ڏينهن غلام حسين ڪٽپر مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. مان سگا کي الوداع ڪري اچي گهر ويهي رهيس. مون کي صرف هڪ ڏک رهيو، اهو هي ته مان سگا جي پليٽ فارم تان نئون ديري ۾ Free eye camp لڳرائڻ پيو چاهيان ۽ ان ۾ ناڪام ٿيو هيس.
    بعد ۾ سگا وارن پروگرام ڪيا، Free eye camp لاءِ چندا ٿيا پر عملن ڪجهه ڪو نه ٿيو، آخر ۾ آفيس جي مسواڙ رهجي وئي ۽ اسد الله شيخ ۽ ٻين دوستن راڊون، هيٽر، ڪرسيون ۽ ٽيبلون وغيره ڏنيون هيون اهي ضبط ٿي ويون. برانچ اڄ به دائم ۽ قائم آهي.
    پنهنجو شهر، اسان جي سنڌ ۽ سوشل لائيف بدلجي چڪا آهن. چڱيون شيون ڪنڊائتيون ٿينديون پيون وڃن، اسان جيئڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهيون، سڄو ماحول مٽجي چڪو آهي. هر هنڌ داٻو، خوشامد، بدديانتي، ڌاڙيل ۽ گروهي ڪلچر وڌي ويو آهي. سچائي، سادگي، ظلم کي روڪڻ، سچ ڳالهائڻ، محنت ۽ خلوص ڄڻ هن ڌرتيءَ جون ميراث ئي نه رهيون. انهن سوچن ۾ سائين قادري ۽ سومرو صاحب وڌيڪ ويجهو ٿي وياسون، جيڪڏهن ان مانڌاڻ واري دور ۾ اهي ٻئي شخص مون کي نه ملن ها ته، سخت مونجهاري ۽ تڪليف جو شڪار ٿيان ها. هيئن نه هجان ها، جيئن آهيان. ڊوهي دنيا کي خيرباد چئي، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکڻ وارن کان گهڻو پرڀرو زندگي گذارڻ لڳس.
    ۲۰-۲۵ سالن جون وساريل دوستيون نيون ڪري، انهن ۾ محبت ۽ خلوص ڏسي وري خوش گذارڻ لڳس. مون کي احساس ٿيو ته پڙهيل ماڻهن جي اڪثريت مفاد پرست، داداگير، پيٽ پرست ۽ سازشي آهي، ان جي مقابلي ۾ غريب ماڻهو بغير ڊگرين وارو، ڏکن ڏولاون ۾ زندگي گذارڻ جو عادي، وري به ٻئي جي ڀلي لاءِ سوچي ٿو، “ڏئي نٿو ته ڏکوئي به ڪو نه ٿو.“ ميرا مٽيءَ هڻا پر اندر ۾ موتين جهڙا اڇا، اجرا ۽ چمڪندڙ، دنيا جي هر ڏک ۾ همدردي ۽ پنهنجائپ ڏيکارن ٿا. ائين مون ۾ زندگي ۽ ٽهڪ موٽي آيا هيا. ڇڻيل نم جي ٽارين ۾ جيئن نوان گونچ ڦٽندا آهن، ائين مون ۾ نئون اتساهه ۽ ولولو پيدا ٿيڻ لڳو هو.
    ايڏيءَ ڊگهي تمهيد ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته اسان ٻئي مختلف مزاجن وارا ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ هڪ ٻئي جي قريب کان قريب تر ٿيندا رهياسين. ٽيون هيو سائين محمد ايوب قادري. اسان جون پوسٽ آفيس نئون ديرو ۾ ڪچهريون ٿيڻ شروع ٿيون. الله ڏنو ٻوهڙو پوسٽ ماسٽر هوندو هيو، ۲ وڳي کان ۵، ۶ وڳي تائين اتي گڏ هوندا هياسين. پروفيسر لاڙڪاڻي نه ويندو هو ته اسان وٽ هوندو هو. ايوب قادري صاحب سيڪنڊري ٽيچر، پنهنجي ڳوٺ پنجو ديرو جو روح روان، سماجي ۽ هيلٿ ورڪر اسان جي علائقي جو جهونو سماج وادي انسان هيو. لينن، مائو ۽ دنيا جون ترقي پسند تحريڪون پڙهيل هيس، خاڪسار تحريڪ، جماعت اسلامي، قربان بگٽي، مولوي نذير احمد، ڪامريڊ سوڀو ۽ خادم حسين جون ڪيئي ڳالهيون سومري ۽ مون کي ٻڌائيندو هو. اهو لاڙڪاڻو، سومري صاحب جو ته ڏٺل هيو، پر منهنجي لاءِ بلڪل نئون هيو.
    سائين ايوب قادريءَ جو ننڍپڻ بلڪل رچ (Rich) گذريو هو، ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، اتي رهيو ۽ بعد ۾ پنجو ديري آيو، صاف ۽ استري ٿيل ڪپڙا پائيندو هو، اکين ۾ سرمو ۽ هٿن ۾ پراڻي اسٽائيل ۾ رومال رکندو هيو، اسان دوستن ۽ پوسٽ آفيس جي آفيسرن کي کارائي پياري پيو ٻهڪندو هو.
    اياز جا شعر ڏاڍا ياد هوندا هيس. خاص طور تي ايوب جي دور ۾ اياز جا بندش پيل ڪتاب سڀ پڙهيل هيس، مهذب ۽ ترقي پسند ڪامريڊ اهڙو ڪو به منهنجي ويجهو نه رهيو آهي ڪنهن کي ڪو نه آزاريندو هيو، هن جون ڳالهيون لکڻ تي ويهان ته جيڪر ڪتاب ٺهي پوي.
    پنجوءَ جي سراين جي شرافت، ڪنڊي لوهر جون پنجوءَ ۾ ڪار گذاريون، استاد مٺل حجم جا احوال، واڻين سيٺين جا قصا ۽ سنڌ جي سوشل زندگيءَ جا اڻ لکيا داستان ٻڌي منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو هو. هل هنگامي کان پري محبت جا ٻول ٻولي وقت گذاريندو هو. الله ڏني جي وفات کانپوءِ به ڪچهريون رهيون، پر سائين قادريءَ جي وفات کان پوءِ سومرو صاحب ۽ مان به گهٽ ملڻ لڳاسين.
    سومري صاحب ۽ مونکي شيخ اياز جي “دودي سومري جو موت“ ڊرامي مان چونڊ ٽڪرا پڙهي ٻڌائيندو هو ته لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي.
    “نانءَ نئين سان، ويس بدل سان
    تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان
    جاري آهي، جاري رهندي.....“
    ٻئي ڄڻا مون کي سمجهائيندا هئا ته “تبديل ڇو نٿو ٿئين. ماڻهو رڙن ٿا.“ مان نماڻو منهن ڪري چوندو هيو مان؛ “توهان ٻڌايو ته منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي.“ هو چوندا هئا؛ “هيءَ دنيا آهي، تنهنجو ڪو ڏوهه نه آهي.“ پوءِ سائين ايوب کي اياز جو شعر ٻڌائيندو هيس، جيڪو هن مون کي ڊائري تي لکي ڏنو هيو.
    “او شال! عقابن سان اٽڪان،
    مـــان واهـــر ٿي واهيرن جي...“
    ٻڌي هڪ ٻئي کي چوندا هئا “هن جو سڌرڻ محال آ ادا“
    وڏي وٿ هئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾! ٻئي اڏامي ويا.
    قادري صاحب جڏهن تنگ ٿيندو هو ته مهذب انداز ۾ اسان کان جند ڇڏائڻ لاءِ چوندو هو؛ “اڙي! هاڻي ته وڃي گهر مرو، ڪجهه آرام ڪرڻ ته ڏيو.“ اسان ٻئي ٻارن وانگر ضد ڪري ويهي رهندا هئاسين؛ “نه وينداسين ڇا ڪندين؟“ الله ڏني کي چوندو؛ “يار مان هلان ٿو.“ وڃي ڪنهن ڪمري ۾ هيٺ ڪجهه وڇائي سمهي پوندو هو. ۲۴ ڪلاڪن ۾ ۴ گولڊ ليف جا سگريٽ ڇڪيندو هو. مون کي سگريٽ ڏئي تيلي ٻاري دکائيندو هو. مان سگريٽ ڇڪيندو هيس ته چوندو هيو؛ “اڇي ڏاڙهي ٿي اٿئي، سگريٽ ڇڪڻ به ڪونه اچي.“ وري چوندو هو؛ “نڪ مان دونهون ڪڍ!“ ائين به ڪندو هيس، ٻئي کل ۾ ٻٽجي ويندا هئا؛ “باذوق نه آهي!“ ٿورو ڇڪي کيس ڏيندو هيم، پوءِ چوندو هو؛ “هينئن ڇڪبو آ سگريٽ.“ هنن ٻنهي جي اسٽائيل ۾ ڪڏهن به سگريٽ ڇڪي نه سگهيس ۽ مزو به نه ايندو هو، مڙئي هنن جي دل رکڻ خاطر ٻه ٽي ڪش هڻندو هيس.
    سومري صاحب جو هڪ خاص انداز هوندو هو. اوچتو رڙ ڪري قادري کي چوندو هيو؛ “ڇڏني“، هو هڪو ٻڪو ٿي ويندو هو ۽ فنڪارانه انداز ۾ بڙ بڙائيندو هو.
    پوسٽ ماسٽر الله ڏنو، اسان ۾ جوان هوندو هو، هو ۽ ٻيا اسٽاف وارا اسان جي ڪچهرين مان لطف اندوز ٿيندا هئا. جو ٻه ٽي ڄڻا شاعري کڻي اچي ٻڌائڻ لڳا هئا. الله ڏنو حر فقير هيو.
    سائين قادري اسڪول جي ڊيوٽي ڪري پوسٽ آفيس ايندو هو. سج لهڻ کان اڳ پنجو ديري گهر موٽي ويندو هو. جمعي تي نه ايندو هو. چوندو هو؛ “ادا نمازان.“ پنجو ديري جا خط پٽ ۽ مني آرڊر وغيره آڻيندو ۽ نيندو هو.
    مان اسڪول کان گهر، پوسٽ آفيس، رات جو مختصر دوستن سان ملڻ ۽ وري گهر، راتين ۽ رستن وارو رلڻ ڇڏائجي ويو هو.
    سومرو صاحب پير ڳوٺ کان نئون ديرو، گهر جي ضرورتن جو سامان خريد ڪري گهر موڪلي پاڻ اتان ڪاليج رتوديرو ويندو هو. اتان پوسٽ آفيس ۾ ايندو هو يا وري ڪاليج نه ويندو هو ته اسان وٽ ايندو هو. لاڙڪاڻي، خيرپور، ڪراچيءَ هليو ويندو هو ته اسان هن جي ڪمي محسوس ڪندا هياسين.
    آخري سالن ۾ جڏهن پوسٽ آفيس جون ڪچهريون ختم ٿي ويون ته رتوديرو ڪاليج مان لاڙڪاڻي هليو ويندو هو. اتي پريس ڪلب، ڪلهوڙو صاحب، رابيل ڪتاب گهر، ڪاوش آفيس ۽ ٻيا دوست هن جا ٺڪاڻا هوندا هئا، رات جو تمام دير سان سرڪل جو سفر پورو ڪري گهر پهچندو هو. بيمار ٿيڻ کان پوءِ سڄو سال گهر ۾ رهيو، زندگي جي هر رخ تي سوچيو هوندائين. پوسٽ آفيس ۾ رسول بخش لاڙڪ، نيڪ محمد بڙدي، بزرگ محمد ڪامل جاگيراڻي، نوجوان عبدالحفيظ چنو ۽ ٻيا مغيري ۽ جويو وغيره پروفيسر صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. جيڪي سالن جا سال پيا ڦرندا گهرندا هئا. هڪڙو بدلي ٿيندو هو ته ٻيو ايندو هو. سومرو صاحب ۽ قادري صاحب هنن جا بالا آفيس کان آيل ليٽرس جو اهڙو جواب تيار ڪندا هئا جو هنن جي جان ڇٽي پوندي هئي.
    هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي پوسٽ آفيس جو ضلعي آفيسر سپرينٽينڊنٽ ٻٻر صاحب آيو، پوسٽ آفيس جي انسپيڪشن ٿي. ماني ٿي، ڪچهري شروع ٿي. جڏهن استاد بخاري جو ذڪر نڪتو ته مون کيس چيو؛ “اوهان دادوءَ جا آهيو. اسان جو پروفيسر اسان جي علائقي ۾ استاد تي اٿارٽي آهي.“ سومري صاحب ڏاڍا شعر ٻڌايس. پاڻ ٻٻر صاحب به باذوق انسان هيو، ان به ڪجهه شعر ٻڌايا. بئنڪن ۽ ڪن کاتن جا آفيسر نه ته بنهه ڪورا هوندا آهن، سالن جا سال اسان ٽنهي ڏي سلام موڪليندو رهندو هو.
    سومرو صاحب گهم گهمان، هل هلان، پڙهه پڙهان سان گڏ تيزيءَ سان لکڻ لڳو ۽ ڇپجڻ لڳو. ڇپيل آرٽيڪل اسان کي پڙهي ٻڌائيندو هو يا پاڻ پڙهندا هياسون. اسان جي راءِ جو انتظار ڪندو هو ۽ سڪون سان ٻڌندو هيو.
    سانوڻ ۾ اسان جون ڪچهريون ڏاڍو مزو ڪنديون هيون. اسان جا ٽهڪ ۽ هوڪرا پوسٽ آفيس جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ٻڌندا رهندا هئا ۽ حيرت مان ڏسندي هليا ويندا هئا ته ههڙي روڄ راڙي جي دور ۾ هنن کي ڪهڙو خزانو هٿ اچي ويو آهي. فارسي شعر جو مفهوم آهي ته:
    “جتي مٺو پاڻي هوندو آهي، اتي ماڻهو، مرون ۽ ماڪوڙيون وغيره اچي مڙنديون آهن.“
    ڪجهه ٻيا ڏٺل وائٺل اچي محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا ته اسان بلڪل سنجيده ٿي ويندا هياسون. پاڻ ۾ هوندا هئاسون ته پروفيسر صاحب، قادري صاحب جي پيٽ ڏي اشارو ڪري صرف ٺونگو هڻڻ جي ايڪٽنگ ڪندو هو. سائين ايوب قادري ٽپ ڏئي اٿي ويندو هو ۽ رڙ ڪري چوندو هو “اڙي منگي! هن کي روڪين نه ٿو، هي به ڪو افعال آ“ اصل ۾ هن کي ڏاڍيون ڪتڪتايون اينديون هيون. سائين قادري مون کان ۸-۹ سال وڏو، سومرو صاحب ۴-۵ سال وڏو هو. مان ٻنهي جو احترام ڪندو هيس، باقي هنن جي ويڙهه جو مزو وٺندو هيس.
    سومري صاحب کي استاد بخاريءَ جا تمام گهڻا شعر ياد هوندا هئا ۽ موقعي مناسبت سان هو اهي پيو ٻڌائيندو رهندو هو. سائين ايوب قادري ۽ نذير، ٻئي هڪ ٻئي کي لکنئو واري انداز ۾ داد ڏيندا هئا ۽ تاڙا ملائيندا هئا.
    نذير اڪثر چوندو هو: “اچو ڪچهري ڪريون دوستو، هليا وينداسين اوچتو اوچتو“ (استاد بخاري)
    پوسٽ آفيس جي ڀرسان ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر غلام نبي ڪلهوڙو جيڪو پير ڳوٺ جو آهي، اهو به اسان جي محفل جو ميمبر هوندو هو. هو گهٽ ڳالهائيندو پر اڪثر اچي ڪچهري ڪندو هو.
    سومرو صاحب گهڻا ڏينهن هليو ويندو هيو ته پڇا ڳاڇا شروع ڪندا هياسين. بيرنگ لفافي ۾ خط کڻي موڪليندا هياسين ته “جلدي اچي مل“ پر هن جو ڪو پتو ڪو نه ملندو هو. پوءِ اوچتو ئي اوچتو اچي ڪڙڪو ڪندو هو يا فون ڪندو هو. هن کان سواءِ محفل اڌوري هوندي هئي.
    مون هڪ دفعي سائين ايوب کان پڇيو؛ “هي بار بار ڪراچيءَ ڇو ٿو وڃي؟“ سائين ايوب چيو؛ “توکي خبر ڪونهي ڇا؟“ الهه ڏني ڏانهن منهن ڪندي، “الهه ڏنا هي ته صفا چريو اٿئي، اڙي! هن اتي ٻي شادي ڪئي آهي. ان ڪري هن کي وڃڻو ٿو پوي.“ سومرو صاحب ڪراچي، هوائي جهاز تي اچڻ وڃڻ جا قصا ٻڌائيندو هو، پر پاڻ ڪڏهن نه ٻڌايائين ته ٻي شادي ڪئي اٿائين ۽ نه وري مون ڪڏهن ان موضوع تي هن سان ڳالهايو.
    استاد بخاري، هن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، دادوءَ جي ادبي فنڪشن ۾ مون روبرو به ڏٺو. سائين قادري ٻاهر نه نڪرندو هيو، سومرو صاحب، مان ۽ قاضي مقصود گل ۽ مختيار گهمرو شريڪ ٿيا هياسين.
    استاد سان اڳ ۾ به منهنجو ملڻ جلڻ ٿيو هو، هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ قرب ڏيندڙ، سٻاجهو، محبتي انسان هيو. سومري صاحب کي هڪ دفعي ٻڌايو هيم ته لاڙڪاڻي جي پراڻي بس اسٽينڊ تي مقصود گل وارن سان استاد به ويٺل هيو، اڃا سج نه اڀريو هيو، سڀ فنڪشن تان موٽيا هياسون. چانهه تيار ٿيڻ ۾ دير هئي، سو استاد کان مون پڇيو ته “سائين ڇا ٿيندو اسان جو، ڪا تبديلي ڇو نه پئي اچي...“
    استاد بخاري جواب ڏنو هو ته، “اسين سڀ حق ۽ سچ تي آهيون. سنڌين طرفان ڪا سٺي موٽ ڪو نه ٿي ملي. پر عادت ٿي وئي آ. پنهنجي جياپي جون ڳالهيون ڪندي، ڪامياب ڪو نه ٿياسين پر ضمير خاموش رهڻ ۽ پٺتي موٽڻ ڪو نه ٿو ڏي.“ ائين هن جي جواب مان جيئڻ جو ٽانڪ ملي ويو هو.
    سومرو صاحب، استاد بخاري جو ويجهو دوست هئڻ ڪري هن جون ڪافي ذاتي ڳالهيون به ٻڌائيندو هو. هن سان ڏاڍي عقيدت ۽ محبت هوندي هيس، اياز کي بلڪل ڪو نه ڀائيندو هو. اياز بابت استاد جا ڪجهه جملا ورجائيندو هيو.
    پوسٽ آفيس ۾ شروع شروع ۾ ڪچهريون ڪندي جيڪڏهن استاد ۽ اياز جو ذڪر نڪرندو هيو ته منهن چٻو ڪري چوندو هيو؛ “ڇڏيو يار! استاد ۽ اياز جي ڪهڙي ڀيٽ آهي.“ قادري صاحب به اياز سان ڏاڍي محبت ۽ عقيدت رکندو هو. هو به پراڻو پاڙهو هيو ۽ پوءِ شروع ٿي ويندي هئي شعرن جي برسات. استاد ۽ اياز جا ياد شعر ٻڌي وائڙو ٿي ويندو هيس ته مون کي ايترا شعر ياد ڇو نه ٿا ٿين. پر منهنجي وس جي اها ڳالهه نه هئي. هو ٻئيGod Gifted هئا ۽ آءٌ عام انسان. منهنجي راءِ ۽ رغبت اياز جي پاسي هوندي هئي ۽ اڄ به آهي.
    هڪ دفعي ڪچهري هلي رهي هئي. مان جوش ۾ اچي قادري صاحب کي چيو ته، “ٻر ٻر مشعل ٻر“ مان شعر ٻڌائينس. منهنجي بس ڪرڻ کان پوءِ مون ڏٺو، ٻئي کل ۾ ٻٽيا پيا آهن. مون کي پوءِ به غلطيءَ جو احساس نه ٿيو. نيٺ آخر قادريءَ صاحب مصنوعي غصي مان چيو “ٻر، ٻر ڙي ڇا جي“ “جل مشعل جل“ پوءِ مان به مرڪي پيو هيس. هنن منهنجي اها چيڙ ٺاهي ڇڏي. جڏهن خاموشي طاري ٿيندي هئي ۽ بحث جا موضوع ماٺ ۾ هليا ويندا هئا ته ٻئي هڪ ٻئي کي چوندا هئا ته، “ٻر ٻر“
    مون کي ياد آ سومري صاحب جواب ۾ چيو هو توهان پاڻ ڏسو، جل ۽ مشعل سنڌي لفظ آهن وغيره. گهڻي هڻ هڻان ۽ جهڳ جهڳان کان پوءِ وڃي سومري صاحب مڃيو هو ته واقعي اياز کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، هو به حيثيت رکي ٿو.
    مون کي ياد ڪو نه ٿو پوي ته هن پهريائين ڪڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هو، يا پهرين لکڻي هن جي ڪهڙي هئي. هن تنقيد جو ميدان چونڊيو هو. “ڪاوش“ جي هائيڊ پارڪ ۾ جيڪي ان جا خط باڪس ۾ شايع ٿيندا هئا، عبدالوهاب ٻڌايو ته “اهي اصل ۾ عام خط هوندا هئا. جن کي بعد ۾ وڌائي، مضمون جوڙيندو هيو.“ هن جو پسنديده موضوع هوندو هيو “ڪتابن ۾ ڪوڙ“ ان بابت هو زباني اسان کي ٻڌائيندو رهندو هيو. اديبن ۽ دانشورن جي روين ۽ بي جا جهل جي شڪايت به ڪندو هيو. اسان هن کي هميشه چوندا هياسين؛ “ڄامڙن کان گهٻراءِ نه! گپ ۾ لٿو آهين ته ڪپڙن خراب ٿيڻ کان نه گهٻراءِ!“سنڌي ادب جي تاريخ درست ٿيڻ گهرجي، جيئن ايندڙ نسل ڪنهن ڪنفيوين ۾ نه رهي.“ “منظم ٽولا آهن، جيڪي برداشت ڪو نه ٿا ڪن.“ هو جواب ڏيندو هو. مرحوم خلاف پمفليٽ به نڪتو هو.
    هو خرچائو طبيعت جو مالڪ هيو، اڻويهين گريڊ جي پگهار کڻندو هو. بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي اسائنمينٽس مان به گهڻو ڪجهه ملندو هيس، پر ائين خرچ ڪري ڇڏيندو هيو، ڄڻ مليا ئي نه هيس.
    گولڊ ليف سگريٽ، ڪاٽن جا ڪپڙا سو به ڪلف سان پائيندو هيو. خوشبوئون، سٺا بوٽ، هل هلان يعني ڪرايا وغيره ڪراچي ۽ خيرپور هن جا ڄڻ گهر هيا. ڪجهه ڪو نه بچائي سگهيو هو.
    ماڻهن جي سامهون لوڪل اديبن ۽ واسطي وارن ماڻهن جو ڪوڊ نالن سان ذڪر ڪندا هياسين ۽ هنن جي ساڙ حسد ۽ نادانين تي کلي دل وندرائيندا ۽ چانهه به پيئندا هياسين. ناپسنديده ماڻهو جي گلا ڪرڻ ۾ به مزو آهي. ڀلي اها بداخلاقي ڇو نه سڏجي. اهڙي نموني شراب، شباب ۽ پرائي مال ڦٻائڻ ۾ به ٽيسٽ آهي.
    سومري صاحب جو ڏوهه اهو هو ته هو تمام دير سان ادبي ميدان ۾ لٿو هو، پراڻن سونارن کان وڌيڪ ڇپجي رهيو هو، جيڪو هنن جي برداشت کان ٻاهر هيو. ٻيو ته هن سڄي زندگي مطالعو ڪيو هيو. ادبي ميڙ ڏٺا هيا. چوٽيءَ جا دانشور ۽ شاعر هن جا ويجها ۽ گهاٽا دوست هوندا هئا. مطلب ته هو سالن جا سال پچيو هو ۽ پوءِ لکڻ شروع ڪيو هيائين. ايڏي وڏي ملڪيت کان ٻيا وانجهيل هئا. صرف ڪتابن پڙهڻ سان ماڻهو مهذب يا ڏاهو ڪو نه ٿيندو آهي.
    “پڙهڻ ته پرجهڻ، نه ته ائين جيئن چپ چوري چٻ
    ڊوڙي چــڙهــي ڊٻ، پـيـر نه پسين پــــرينءَ جو“ (شاهه)
    استاد کان سواءِ وفا ناٿن شاهي، آثم ناٿن شاهي، واجد منگي، خيرپورائي شاعر ۽ ڪراچي جا اردو اديب هن جا ذاتي واسطي وارا هئا. ڊڪ ڊڪان ۽ هل هلان مان هن پنهنجو مقام ٺاهيو هو ۽ پرايو هو.
    قادري ۽ مون کي ڪيڏانهن وڃڻ جي ضرورت ڪو نه پوندي هئي، پوسٽ آفيس ۾ ويٺي احوال ڏيندو هو.
    “ادب برائي ادب، ادب برائي زندگي جي بجاءِ ادب برائي پٽڪي ڊاهه ۽ سکڻي شهرت ۽ عزت وڃي بچيو آهي.“ مخدوم نوح عه جي ملفوظات ۾ لکيل آهي؛ “جيڪو ڪنهن سان انصاف نه ٿو ڪري اهو جاهل آهي.“ هتي انصاف جي ڳالهه ٻڌندڙن کي چوچڙي وٺيو وڃي. اهڙن جاهلن کان پر ڀرو رهڻ ۾ ئي عافيت آهي.
    نئون ديرو تي ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو. هلڪي انداز ۾ شڪايت ڪيائين ته منهنجو مواد مختصر ڪري ڇڏيو اٿن. مان مرڪي چيو هيومانس؛ “شڪر ڪر جو هنن شايع ڪيو اٿئي.“ پڇيو هيائين؛ “ته ڇو؟“ چيومانس؛ “هُلي وئي اٿئي ته توهان منهنجي واسطي وارا آهيو، هنن جي وس ۾ نه هيو نه ته توهان جو آرٽيڪل شايع ئي نه ڪن ها. ايترو شايع ڪرڻ به هنن لاءِ عذاب هوندو. ڪتاب ڪهڙن مرحلن مان گذريو. ڪراچيءَ جي ڪهڙن هوٽلن ۾ ڪير، ڪير رهيا. وڏن معتبرن جا نالا گمنام آهن. جيڪي سمجهن ۽ چون ٿا، اسان جو ڪتاب سان ڪو واسطو نه آهي. قاضي صاحب ۽ هن جي دوستن جي محنت ۽ خرچ آهي.“
    سومري صاحب کي پير ڳوٺ ۾ وڏڙن کان ورثي ۾ گهر، ڪجهه زمين جا ٽڪرا ۽ سڀني کان قيمتي شيءِ علمي ورثو مليو آهي. آخري بيماري کان اڳ هي به چڱو خاصو بيمار ٿيو هيو، بلڊ پريشر وڌي ويو هيس، ڪنڌ ۽ ڪنڊي ۾ سور رهندو هيس. پاڻ تي ڏاڍو ان وقت توجهه ڏنو هيائين. ڪراچيءَ مان علاج ڪرائي خوش ٿي ويو هو.
    آخري بيماري ۾ پهريائين ان جو هڪ ڇپر بند ٿي ويو، چون پيا ته اک جو فالج ٿيو اٿس. هن اک نه ٻوٽجڻ جو ڏاڍو نوٽيس ورتو. سڀ مصروفيتون ملتوي ڪري پاڻ کي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيائين. ٻن ٽن مهينن جي ناغي کان پوءِ ڳولي وڃي مليومانس. احوال ڏنائين ڪافي ڪمزور لڳو هو. قدرت الله سومرو جيڪو سندس سڳي سوٽ جو پٽ آهي، ان سان رابطي ۾ رهندو آيس. آغا خان اسپتال، لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر، لوڪل ڊاڪٽر صاحبان پر ڪو فائدو ڪونه. هنن جي اڻ تڻ ۽ پڇ پڇان تي قدرت الله ٻڌايو ته “پروفيسر صاحب صحيح نموني دوائون ڪو نه ٿو کائي. جنهن ڪري بيماري وڌي پئي، رڪجي ڪو نه ٿي.“ مون سمجهيو ته هي مايوس ٿي چڪو آهي. پوءِ اسان ٻئي هن کي گهر مان نڪرڻ تي مجبور ڪرڻ لڳاسين. اسان جو مقصد هيو ته ٻاهر نڪرڻ سان من نفسياتي طور تي هن جي تڪليف گهٽجي. هو اسان جي چوڻ تي عينڪ پائي ٻاهر نڪتو، ٻه ٽي دفعا مون وٽ به آيو. هڪ دفعو ته در تي بيهي هٿ ملائي ٻه ٽي جملا ڳالهائي موڪلائي ويو. بيماري دوران هڪ ڪچهري منهنجي اوطاق تي چڱو ٽائيم ٿي، ٻه گولڊ ليف جا سگريٽ ڇڪيائين. چانهيون پيتائين، ٿورو فروٽ کاڌائين ۽ سنڌي ڪلام ٻڌايائين، مانيءَ کان انڪار ڪيائين.
    زندگي، موت، ادب، سنگت ۽ ٻيون انيڪ ڳالهيون ڪيوسين. حيدرآباد وارن اچڻ لاءِ رابطو ڪيو هيس. پر ان لاءَ معذرت ڪئي هيائين. هنن چيو هيس ته ڪار ٿا موڪليون پر پوءِ به انڪار ڪيو هئائين. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو هئائين ته “ايترو ٽائيم اسٽيج تي ويهي نه سگهندس، هروڀرو تڪليف ۾ اچي ويندس.“
    لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ آخري امتحانن جي ڊيوٽي ڪئي هئائين. اتان فون ڪري ٻڌايو هئائين، دوستن جي چوڻ تي ڊيوٽي ڪئي اٿم. پر تڪليف ٿي ٿئي. پير ڳوٺ قدرت الله وٽ ڪچهري ٿيندي هئي، امتحانن دوران اوڏانهن وڃڻ ٿيو. خيرپور رپڙي جا ۴، ۵ دوست سروهي ۽ ملاح موجود هئا. پاڻ به موجود هيو. هنن سان تعارف ٿيو. حال احوال ٿيا، ڪچهري وڌي وئي، چانهه پيتي، ماني کاڌي ۽ موڪلائي گهر آيس. مون کي اطمينان ٿيو هو ته سومرو صاحب هاڻي بهتر فارم ۾ اچي رهيو آهي. ڇو ته ان ڏينهن مرحوم قادري ڪو نه هو. پر پوءِ به ان اسٽائيل ۾ ڪچهري ڪئي هئي سين. ڪمزوريءَ ڪري ڳالهائڻ وقت اٿي ويهي پيو، نه ته سمهي اسان جي ڳالهائڻ کي ٻڌي پيو، رپڙي وارا به تمام ويجها هيس چرچا، ٽوٽڪا، ادب ۽ جڳ جهان جون ڳالهيون ٿيون هيون. مرشد لطيف رح جي شعر جي سٽ آهي ته:
    “بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوهه ۾“
    سومري صاحب کي بيماريءَ وڌيڪ سوچ ۽ لوچ ڏني، هو ان فڪر مطابق دنيا کي صحيح نموني سمجهي ويو هو، سڀني مان آسرا پلجي ويا هيس.
    عجيب دنيا جو دستور آهي، جن لاءِ روزانو گهر ٻاٽ ڇڏي نڪرندو هو، اهي لڙي ليئو پائڻ لاءِ به تيار نه هئا. مون کي چيو هئائين؛ “منگي! منهنجي وهم گمان ۾ به نه هيو ته مڱريو صاحب، منهنجي لاءِ ايترو پريشان رهندو ۽ تڪليف وٺي ملندو رهندو.“ مان رهي نه سگهيو هيس. هن کي چيو هيم؛ “اسان قدردان ڪٿي آهيون. انهن جي پٺيان زندگي وڃائي ڇڏيندا آهيون، جيڪي وري ٻين جا ڳولائو هوندا آهن. اسان گلن جي آسري ڪنڊن کي پنهنجو ڪندا آهيون. حقيقي گلن کي ڪجهه به نه سمجهندا آهيون. وقت گذري ويندو آهي. ازالي جو موقعو به نه ملندو آهي، توهان، مان ۽ هيءَ دنيا ان فلسفي تي هلي ٿي ۽ هلندي رهندي.“ هن مون کي چتائي ڏٺو هو، ڄڻ پهريون دفعو ڏسندو هجي.
    “ماڙين ماريس ڪين ڪي، ميس مارن لاءِ
    ڪـــــر لــــهندا ڪڏهــــين، مهجي اچي مــاءِ!
    سانبيئڙن سداءِ، ويٺو واجهه وجهي هيون“
    (شاهه)
    بلڪل ٿوري عرصي کان پوءِ طبيعت بگڙجي ويس ۽ انهن دوستن سان تڏي تي وري مليس پر پروفيسر ڪو نه. باقي مٽ مائٽ، دوست احباب هن جون ڳالهيون ڪري رهيا هياسين.
    پوسٽ ماسٽر الله ڏنو به ٻارنهن مهينا بيمار رهي موڪلائي ويو.(سال ۲۰۰۲ع) سائين قادري اوچتو بغير بيمار رهڻ جي هليو ويو. (سال ۱۵ اپريل ۲۰۰۳ع)
    هي يار به ڏهه يارنهن مهينا بيمار رهي موڪلائي ويو. ڪي چون پيا ڪينسر هيس، برين ٽيومر هيس، پاڻ ڪڏهن ڪجهه ڪو نه ٻڌايائين. جيتوڻيڪ سڀ خبر هيس.
    مان ادب پڙهندو آهيان، سو به مختصر، اڳ ۾ نامڪمل شاعري ٿي ويندي هئي، پر شوق ۽ لڳاءُ نه رهيو جو ان کي وڌائجي. ان دور جو هڪ چوسٽو لکان ٿو.
    ناهي ذڪر هن جو ڪنهن فساني ۾،
    پر هو ڪو “عاشق“ ڪنهن زماني ۾،
    جـــــام نــــه مـــئـــــه، ســـــاقــــي نـــه ســـاٿي،
    رڙي چــــيـــو هاڻــــي اهــــڙا مئخاني ۾.“

    رسول حمزه توف لکيو آهي:
    “دوستن جا ته هميشه دوست، پر دشمن سان به دغا کان هميشه دور.“

    ڪـــــو بـــه نـــــه ايـــــــنـــــدو ريــــــــگـــــــــــزارن ۾،
    راهــــــه ڪـــــنهــــن جـــي “وفا“ نهاري ٿو“
    ڪا جا واءُ لڳي، پن نه مليو پن سان“
    (اياز)

    بهارن جي مند ۾ خزان جي پنن وانگر ڇڻندا آهيون
    اسـين ڪـنــهـن کـــــي نــــه وڻــنـدا آهـيـون
    (واجد منگي)
    الائي ڪيترا شعر سومري صاحب ۽ قادري کان فرمائش ڪري ٻڌندو هيس. سومرو صاحب مٿيون سڄو غزل ياد ٻڌائيندو هو، جيڪو مون کي ياد نه آهي. ناظم حڪمت جا جملا آهن:
    هن چيو؛ “اچ“
    هن چيو؛ “بيهه“
    هن چيو؛ “مرڪ“
    هن چيو؛ “مري وڃ“
    آءُ آيس، بيٺس، مرڪيس ۽ مري ويس.
    ۽ ائين پنهنجو پروفيسر الوداع! الوداع ڪندو هليو ويو. شل! ڪائنات هن جون مڙئي مدايون معاف ڪري.
    “لاهي هاج هتان ويا، مارو ٿر اُڪري،
    رهـجـي ڳــڻ ويـا، مــارن جــــا مــلـــيـر ۾. (لطيف رحه)
    پروفيسر مرحوم جون ڪافي لکڻيون آهن. جن جو ڄاڻي واڻي تفصيل نه ٿو لکان. ڪينجهر، سوجهرو ۽ ڪاليج ميگزين ۾ هن جو مواد ٽڙيل پکڙيل آهي. جڏهن مون سندس “هري دلگير“ تي آرٽيڪل پڙهيو ته ڏاڍو خوش ٿيو هيس ۽ سمجهيو هيم ته “سنڌيت جون پاڙون هن ۾ پختيون ٿي ويون آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اهڙو تاثر لکي نه سگهي ها.“ دل کولي هن کي روبرو داد ڏنو هيم ۽ هو اطمينان سان ٻڌندو رهيو هو.
    هن جون ڪافي اڌوريون لکڻيون به هونديون، مثلن لڇمڻ ڪومل جي “وهي کاتي جا پنا“ (ڊائري) سوجهرو ۾ شايع ٿي ته مسعود کدر پوش جو ذڪر آيو هو، جيڪو ورهاڱي وقت نواب شاهه ۾ ڊي سي هو.
    ان وقت عبدالقادر منگي صاحب، نواب شاهه ۾ ڊي سي او هو، فون تي ان سان رابطو ڪري ان جي پي اي کان مسعود جي نواب شاهه ۾ رهڻ جو سال پڇيو هيوسين. کدر پوش نواب شاهه ۾ ٻه دفعا رهيو هو. هڪ پاڪستان کان اڳ ۽ ٻيو ۱۹۴۸ع ۾، ڪجهه حوال زباني طور مون کي ٻڌايو هئائين. مسعود کدر پوش اردو اسپيڪنگ هيو. استاد بخاريءَ جي شاعري ۾ ڪافي چوڻيون/پهاڪا استعمال ٿيل آهن. انهن تي به ڪم ڪري رهيو هو. مون به هن کي ٻڌايو هو ته “انتر منتر جادو جنتر“ جيڪو ننڍپڻ کان ٻڌندا ۽ چوندا پيا اچون، اصل ۾ انڊيا جي رياست (نالو ياد نه ٿو اچي) ۾ جاميٽريءَ جي طرز تي ڀتيون وغيره ٺهيل آهن، جن مان سج ۽ موسمن جي ڦير گهير لهندا هئا. مون اهرو پروگرام National Geographic Channel تي ڏٺو هو. تمام وڏي ايراضيءَ تي “انتر منتر“ ٺهيل هيو.
    اردوءَ ۾ بهتر انداز ۾ لکي ويندو هيو، انگريزي ڊرافٽنگ به بهتر هيس. ڪراچيءَ جا اديب قدر جي نگاهه سان ڏسندا هيس. خاص طور مسلم شميم جيڪو اصل ۾ لاڙڪاڻي جو آهي، اهو ته عاشق اٿس. پوڙهو ماڻهو، ڪنڊولنس لاءِ ڪراچيءَ کان پير ڳوٺ پهتو هيو.
    فرد ۽ سوسائٽي جو پاڻ ۾ ڏاڍو گهرو تعلق آهي، فرد جو جياپو سوسائٽي کان سواءِ ممڪن ڪونهي. پر جڏهن سوسائٽي ڪنهن فرد کان لاتعلق ٿي پوي ته سنڌي سماج جهڙي ڊپريشن جنم وٺي ٿي.
    ڏس! پاڻي ۽ مڇيءَ جو ڪيترو آهي پاڻ ۾ پيار،
    پـــــر جــــڏهــــن پــــوي ڄــــار، پـــاڻي پاڻ ڪڍايو وڃي!
    اسان جي اديبن، دانشورن ۽ سچن ماڻهن لاءِ “سنڌي سماج“ بابت اهو شعر ڪافي آهي.

    پروفيسر مرحوم سان ٿيل ڪجهه رهاڻين مان ڪجهه يادگيريون
    مرحوم اسد الله شيخ (وفات جو سال ۲۰۰۲ع) سومري صاحب سان گڏ پڙهيو هيو. دادو ڪاليج ۾ به گڏ نوڪري ڪيائون، گڏيل ميس جا ميمبر هئا، ٻيلي کاتي جي آفيس مٿان رهندا هئا.
    شيخ صاحب، خوشحال، مذهبي، با اخلاق، علمي ۽ عزت ڀري فيمليءَ جو فرد هيو. خوبصورت، خرچائو، مطالعي جو شوقين ۽ پنهنجي منفرد حيثيت ۾ جيئڻ وارو انسان هيو.
    سومرو صاحب ٻڌائيندو هيو ته شيخ صاحب صبح جو اٿڻ کان پوءِ چانهه بسڪيٽ، سيارو ته ڊراءِ فروٽ، شيو جو سامان گڏ ڪندو، پائڻ جا ڪپڙا تيار ڪندو، بلڪل آرام ۽ سڪون سان بوٽ ۽ جورابا وغيره صاف ڪري ٽهلندو به رهندو ۽ ريڊيو سيلون تان ان وقت هلندڙ گانا به ٻڌندو رهندو هو.
    جيڪب آباد ضلعي جي “ٺل ڪاليج“ ۾ بدلي ٿي آيو ته شڪارپور پنهنجي خانداني جڳهه ۾ رهندو هو، بورچي به پنهنجو رکيو هئائين. سومرو صاحب چوندو هو ته “اسد الله هميشه شهزادن وانگر رهندو هو.“
    هن جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر خليل الله مون کي هڪ دفعي ٻڌايو هو ته: “ادا چوندو آهي ته پنهنجي باس کان ايترو پري نه رهجي جو هن کي نالو به نه اچي ۽ ايترو ويجهو به نه وڃجيس جو کيس توهان جي عادت پئجي وڃي.“
    مرحوم شيخ صاحب ان وقت جيئرو هو ۽ لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ نوڪري ڪندو هو. مرحوم سومري صاحب سان به مٿين ڳالهه مون شيئر ڪئي هئي. هو جواب ۾ ڪيئي ڳالهيون مرحوم جون ٻڌائيندو هو. پروفيسر (رٽائرڊ) عبدالڪريم مڱريو صاحب ٻنهي جو دوست هيو.
    مون کي مسٽر منگي ڪري سڏيندو هيو. حياتيءَ ۾ آخري سال ۾ مون کي ٻه شيون پڙهڻ لاءِ ڏنائين، هڪ حليم بروهي جو ڪالم ڪاوش ۾ ڇپيل ۽ ٻيو عبدالقادر جوڻيجو جي ڪالمن جو سهيڙيل ڪتاب “ڪرسيون“. اسان جي اسڪول جو پٽيوالو دلمراد مرحوم به هن جي قريبي دوستن مان هيو. هو پٽيوالو هوندي وڏو جهانديده ۽ آس پاس جي ٻڌ سڌ تمام گهڻي رکندو هو. منهنجون هن سان ڪچهريون ٿينديون هيون. ٻڌائڻ جو هن کي بهترين ڍنگ هوندو هو. شيخ صاحب مون کان ٻه ٽي ڪتاب ورتا هئا، جيڪي دلمراد جي معرفت واپس ڪيا هئائين.
    بوگس ٽيچر پڪڙڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ٿي هئي، سومرو صاحب ان جو سربراهه يا ميمبر هيو. سڄو مرحلو مڪمل ڪيائين. حوال ڏيندي چيو هئائين، “هن دور ۾ ڪو فرعون ئي ڪنهن کي بي روزگار ڪندو.“
    نئون ديرو ڊگري ڪاليج جو پرنسپل ٿيو، مهذب نموني انٽر پاس ڇوڪرن کي الوداع ڪرڻ لاءِ ڏينهن جو فنڪشن ڪرايائين. دوست، شهر جا معزز، ڪاليج جو ڊائريڪٽر گڏ ڪيائين. شاندار تقريب ٿي، راڳ رنگ، جهمريون ۽ ريفريشمينٽ، سائين ايوب قادري، الهڏنو ۽ مان گڏ ويٺا هياسين. ايوب قادريءَ کي اٿاري راڳ ۽ جهمر وارن کي پئسا ڏناسين. زندگيءَ ۾ مان صرف ٽي دفعا ائين پئسا ڏئي سگهيو آهيان. قادري ته جهمرين جا ٻه هٿ به بي ساختگيءَ ۾ هڻي رهيو هو. اهڙو وڊيو به ڀريل هيو.
    پوءِ وقت جي هلندي پڄنديءَ وارن کيس واپس رتوديرو ڪاليج موڪليو، نه ڪنهن کي چنبڙيو نه وري ڪا شڪايت ڪيائين. مون کان پڇيو هئائين؛ “ٺيڪ آهي نه.“ مون کيس جواب ۾ چيو هيو؛ “بلڪل ٺيڪ.“
    رتوديرو ڪاليج جي “سرهاڻ ميگزين“ جي مواد گڏ ڪرڻ وارن ۾ سومرو صاحب به شامل هيو. مسٽر عبدالقادر منگي صاحب، جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي جو ڊي سي هو، سو پڻ اصل رتوديرو جو آهي، تنهن ڪري هن جي لڳ لاڳاپن ۽ ادبي ذوق جي ڪري، سڀني ڪاليج وارن، هن ۾ فنڊ وغيره ۽ انٽرويو وغيره لاءِ وڌيڪ اميدون رکيون، ڪافي ميل جول ۽ ڪچهرين کان پوءِ سومري صاحب کي ڪم سونپيو ويو ته هو منگي صاحب سان لاڙڪاڻي رابطي ۾ رهي.
    ان سلسلي ۾ ڊي سي آفيس جو هڪ ڀيري احوال ڏنائين ته، “منگي صاحب سان ٽائيم وٺي وڃي مليس. اڃا مختصر حال احوال ٿيا ته ڪمشنر صاحب جي آفيس مان منگي صاحب لاءِ فون آيو، مون کي تاڪيد ڪري ويو ته وڃجانءِ نه، مان اچان ٿو. ڪمشنر آفيس پهچي فون رستي مون سان مسلسل رابطي ۾ رهيو ۽ اچڻ جو چوندو رهيو. ٽي وي، چانهيون، منجهند جي ماني کان پوءِ آخر پي اي کي ٻڌائي هليو آيس.“
    ايف ايم لاڙڪاڻي تي منگي صاحب جو انٽرويو هليو، مرحوم هدايت منگيءَ کانئس انٽرويو ورتو هو. مون ان سلسلي ۾ سومري صاحب کان پڇيو، هن چيو ته “منگي صاحب ۽ مان گڏجي ريڊيو اسٽيشن تي ويا هئاسون. انٽرويو ٿيڻ کان پوءِ آخر ۾ سنڌي لوڪ گيت ٻڌبو آهي. منگي صاحب ٻه ڪلام ٻڌايا ۽ مون کي چيو ته ڪو به هڪ اوهان چونڊيو....
    ڪلام هيو: “عشق ڪجي هاڻي ڪنهن سان، جان جو جانان نه رهيو“ گڏجي ٻڌو هيوسون. بيماريءَ دوران ملندا هياسين ته منگي صاحب لاءِ پڇندو هو. هند جا سنڌي اديب، سنڌ ياترا دوران جڏهن سکر ساڌ ٻيلو گهمڻ آيا ته منگي صاحب هنن جي ڊنر ڪئي. مون کان پڇيو هئائين ته توکي منگي صاحب ٻڌايو هو، مان کيس مختصر جواب ڏنو هو ته “نه“ هو ان وقت ڊي سي او سکر هيو.
    سومري صاحب جي تڏي تان جڏهن واپس آيو هيس ته منگي صاحب کي ڪراچي ۾ فون ڪئي هيم. هن سڄو تفصيل ورتو هو، امپارٽنٽ ڪال اچڻ ڪري لائين ڪٽجي پئي وئي ته وري لائين ملائي يا هولڊ ڪرائي مرحوم بابت پنهنجا تاثرات ڏنا هئائين، ڪافي ويجهڙائي هين.
    (۶) مرحوم پروفيسر دادوءَ کي ساري ڪئين ڳالهيون ٻڌائيندو هو. استاد بخاريءَ لاءِ ته “سائين جي ايم سيد، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڏانهن، استاد بخاريءَ کي خط لکي ڏنائين. استاد بخاريءَ اهو خط وٺي حيدرآباد شاهه صاحب کي ڏنو ۽ کيس چيائين ته سائين جي ايم سيد نوڪري ڏيڻ لاءِ ڏنو آهي.
    شاهه صاحب وٽ ٻيا به ماڻهو ويٺا هئا. هن وراڻيو ته جي ايم سيد جو نوڪر آهيان. هل! ڪانهي ڪا نوڪري.
    استاد بخاريءَ چيو ته مان سائينءَ کي موٽي اچي شڪايت ڪئي ته ڪهڙي ماڻهوءَ ڏي موڪليو اٿوَ. هن ته دڙڪا ڏنا آهن. سائين ڪجهه ڪو نه ڪڇيو هو.
    رات جو سائين غلام مصطفيٰ شاهه ڪار تي آيو ۽ سائين جي ايم سيد کي منهنجو آرڊر ڏئي ويو ۽ ڪا ڀل چڪ خدا معاف ڪندو. باقي قصو بلڪل ائين آهي.
    (۷) دادوءَ جي هڪ زميندار جي ڏاڍي لڳندي هيس. سومري صاحب ان بابت مون کي ٻڌايو ته؛ “لاڙڪاڻي بدلي ڪرائڻ کان، ان مون کي روڪيو هيو ۽ بلڪل صاف چيو هئائين ته “تون لاڙڪاڻي ۾ خوش رهي ڪو نه سگهندين.“ جيئن ته قدآور آهين تنهن ڪري منهنجي صلاح تي عمل به نه ڪندين.
    (۸) هڪ عورت جو قصو به ٻڌايو هئائين پر لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. ان ۾ ڪا به خرابي نه هئي پر هڪ عورت جي غيرت منهنجي لاءِ حيرت جو باعث هئي.
    (۹) هڪ من موجي موڊ ۾ چيو هيومانس “ڏاڍو ظالم آهين، ضعيفن کان نفرت ڪندو آهين، اها لڪائي به نه سگهندو آهين. تنهنجي منهن مان هڪ اهڙي ڪيفيت هجي ٿي پيو سامهون وارو ڏسندو آهي.“
    وڏو ٽهڪ ڏنو هئائين ۽ هڪ قصو ٻڌايو هئائين.
    “هڪ واقفڪار سان وڃي مليس، کيس هٿ ڏنم، جواب ۾ هن چيو ته مان توهان کي ڪو نه سڃاڻان ٿو. تعجب لڳو هو، پر سور سهي ويو هيس.“
    ڪجهه عرصي کان پوءِ ريل ۾ ويٺو هجان، اهو همراهه اچي ڀرسان بيٺو چيائين سڃاڻو ٿا. جواب ۾ چيو مانس بلڪل نه ۽ منهن پري ڪري آرام سان ويهي رهيو هيس.
    (۱۰) دادو ڪاليج ۾ گڏ رهندي پروفيسر عبدالڪريم مڱريي صاحب ۽ مرحوم دين محمد تنيي جا ڪيئي قصا ٻڌائيندو هو. انهن مان به هڪ لکان ٿو.
    مڱريو صاحب، دادوءَ ليڪچرر مقرر ٿيو اتي هاسٽل ۾ چيائين ته تنيو صاحب سان گڏ ڪمري ۾ رهندس.
    مڱريو صاحب هڪ ڏينهن شهر ويو، تنيي صاحب ڇا ڪيو ته هن جو لڪس صابڻ کڻي جورابا، رومال ۽ گنجي وغيره ڌوتائين. لڪس صابڻ پاڻيءَ ۾ ڳري باقي وڃي چپر بچيو.
    سائين اچي صابڻ سان هي حشر ڏٺو، پر ڪڇي ڪو نه سگهيو. مون کي اچي احوال ڏنائين پوءِ معاملي کي ٺاهي ڇڏيوسين.
    “ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لٽي“ (اياز)
    سائين مڱريو جهڙو ڪير ٿئي! شريف ۽ همدرد انسان، آخري ڏينهن ۾ هڪ دوست کي چيائين: “حج تي ٿو وڃان يار جو منهن به نصيب ٿيندو الائي ڪو نه“ روئي پيو.
    مڪي ۾ سومري صاحب جي وفات جي خبر پيس. موٽي اچي ٻڌايائين، هن لاءِ عمرو ڪيو، روئي مالڪ کان هن جي مغفرت لاءِ دعائون گهريم.
    قرآن شريف جي هڪ آيت جو مفهوم آهي.
    “موت پنهنجي مقرر وقت تي اچڻو آهي.“
    موت بابت شاهه عنايت شهيد ۽ سرمد جا فارسي شعر پڙهڻ وٽان آهن.
    (۱۱) وارهه جي ماستري بابت ٻڌايو هئائين ته “عبدالغفار سومرو صاحب (لاڙڪاڻو) ۽ مون کي گڏ آرڊر مليو هو. پهرين رات وارهه جي مسجد ۾ ستا هئاسين. ڪو به ڏٺل وائٺل ڪو نه هيو، عبدالڪريم پروفيسر صاحب ٻڌايو، عبدالغفار سومري صاحب جي پيءَ جو اتي واقفڪار هيو ان ٻه کٽون ڏنيون هين. بعد ۾ عبدالغفار سومرو صاحب CSS ڪري تعليم کاتو ڇڏي ويو.
    (۱۲) وارهه کان بنگل ديري بدلي ٿي آيو. محمد صالح ڀٽو صاحب هيڊ ماستر هيو. ان بابت ٻڌايائين ته هڪ ڏينهن هن ٻڌايو ته مان سڀاڻي سکر ويندس.
    دير سان نڪتس، رتيديري کان لهي شهر هليو ويس، چانهن وغيره پي هاءِ اسڪول بنگلديري پهتس. ڏسان ته ڀٽو صاحب آفيس ۾ ويٺو آهي، وڃي سلام ڪري هٿ ملايومانس، صحيح ڪيم ٻاهر نڪري آيس.
    دوستن ٻڌايو ته صاحب سکر وڃي رهيو هو، توهان کي رتيديري گهمندي ڏسي واپس آيو آهي. سو اهڙو هوندو هيو اسڪولن جو انتظام. ٻيو ٻڌايائين ته ڀٽو صاحب ڪوٽ ڪرسيءَ پويان رکي پاڻ نڪري ويو هو. اسان سمجهيو ته ڀٽو صاحب اتي آهي. آخري پيرڊ ۾ خبر پئي ته اسڪول جو انتظام ڪوٽ پيو هلائي.
    چانڊوڪين واريون راتيون، بهار جي موسم، ٽهڪ چلولايون، سڀ نينهن جو مفهوم ۽ جادو وڃائي چڪيون آهن. ڀلا چاڪيءَ واري ڏاند جو صبح، شام، ڏينهن ۽ رات سان ڪهڙو سروڪار هن کي گول دائري ۾ گهه ناهي ڪرڻو، جيستائين هن جي جان ۾ آتما آهي.
    گهٽ ۾ گھٽ ٻه دفعا روزانو پوسٽ آفيس کان گذرندو آهيان. ڀتيون، در، دروازا ۽ دريون سڏينديون آهن.
    اياز جي ڪتاب “جڳ مڙوئي سپنو“ ۾ لکيل آهي ته “منهنجي پيءَ جي وفات کانپوءِ ڪمدار مون کي گهوڙي تي ٻني ڏيکارڻ وٺي ويو هو، هن اتي پهچي چيو هو “هي زمينون توهان جون آهن“ اياز لکي ٿو ته مون ڏٺو ته زمين ٽهڪ ڏئي کلي رهي آهي ۽ چوي پئي تو جهڙا ڪيئي انڌا منڊا منهنجي منهنجي ڪندا آيا ۽ هلندا ويا مٽبا ويا مان اتي جو اتي آهيان.
    مان پوسٽ آفيس جي ڀتين کي چوندو آهيان “مڪين مٽجي ويا آهن ته ڪو سڃاڻپ وارو به ڪو نه رهيو آهي، خط ۽ ڪارڊ ته نه اڳ وٺندو هيس ۽ نه هاڻي گهرجن.
    “اياز“ ته سنڌ جو جينئس آهي. مان ته خود غلاميءَ جي ور پيو چڙهندو وڃان، مالڪ رحم ڪندو (اياز جو لکيل ڪوٽيشن لفظ به لفظ نه آهي ممڪن آهي هيٺ مٿي هجن، پر مفهوم ساڳيو هوندو.)
    مٿئين گريڊ ۾ پروفيسر صاحب جو پروموشن ٿيو، مالڪ ڏيندو آ ته ڇپر ڦاڙي ڏيندو آ. سينئر پروفيسر رهجي ويا ۽ مرحوم جو نوٽيفڪيشن نڪري ويو. ٻه ٽي مهينا گذري ويا. اسان ٽئي ڄڻا پوسٽ آفيس ۾ ويٺا هياسين ۽ ڪچهري هلي رهي هئي. سائين ايوب قادريءَ چيو؛ “منگي، سومرو پروموشن جي ماني ڪو نه ٿو کارائي. ادا اهو چڱو نه ٿو ڪري.” سمجهيائين پئي. مون کيس چيو؛ “سومري صاحب کي ڇڏ آءٌ ويٺو آهيان. بندوبست بهتر نموني ٿيڻ گهرجي.” سومري مرحوم، قادريءَ کي وڏي آواز ۾ چيو
    “پــــيــــــار ڏئــــــي پـــــــيـــــار گــــهـــريــــن ٿو،
    عاشق ناهين، آهين ڪو وڏو واپاري.”
    (بخاري)
    اسان جي اديبن ۽ دانشورن ۾ “استاد بخاري” منفرد ۽ جهانديده هيو. هن پياري جي علاج لاءِ اخبار ۾ اپيل شايع ٿي. ٻي ڏينهن استاد بخاريءَ جو بيان ڇپيو، “منهنجي واهر ڪندڙن جي مهرباني، پر مون کي ڪجهه نه گهرجي، منهنجي گهر وارن وٽ ايترو ڪجهه آهي جو هو منهنجو علاج ڪرائي سگهن ٿا. تنهن ڪري ڪنهن اهڙي جي سار لهو جنهن وٽ واقعي ڪجهه به نه آهي.“
    سومري صاحب پوءِ انهن بيانن جو سڄو پسمنظر ٻڌايو. استاد بخاري ڏاڍو پيار ڪندو هيو، بخاري “استاد“ لنڊن کان موٽي آيو، سِگا وارن جو ساليانو ڪنوينشن ولي ڀائي آڊيٽوريم ۾ هيو استاد (۱۹۸۰ع) اتي مهمان خاص هيو.
    سانجهيءَ کان اڳ ۾ سيٽن جي رزرويشن شروع ٿي ۽ آهستي آهستي سڄو هال ڀرجي ويو. ايڏيون گهڻيون سنڌي فيمليز ۽ شخصيتون هڪ هنڌ مون ڪڏهن به نه ڏٺيون هيون.
    سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا نامور سنڌي دانشور موجود هئا. هال جي گئلري، ڪنڊون پاسا ۽ سينٽر وارو رستو به بيٺل ماڻهن سان ڀرجي ويو هو.
    ڊاڪٽر سليمان شيخ، ولي محمد روشن ۽ ٻين تقريرون ڪيون. آجياڻو، سِگا جو تفصيل وغيره وغيره.
    استاد بخاري صاحب پنهنجي واري وقت تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. ڪجهه اٿيا، تاڙيون وڳيون. استاد چيو؛ “هيڏي آجيان، هيڏي پنهنجائپ!” ٻئي هٿ کڻي جهيڻي انداز ۾ وڌيڪ چيائين: “اڃا استاد بيمار رهندو!؟!” ڪوڪريا پئجي ويا. مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا، سڀ اٿي بيهي رهياسون ۽ تاڙيون بس ئي نه پيون ڪن.
    مون سوچيو هو؛ اسان سڀ ان وقت هڪ فيملي هئاسون. سومري صاحب قصو ٻڌي، استاد جي صحبت جون ڪئين ڳالهيون ٻڌايون هيون. تحريڪ ايم آر ڊي جي ڳالهه ڪندي ٻڌايو هئائين، ڪاليج ۾ برگيڊيئر اچڻو هيو. عابد لاکو ۽ ٻيا پٽڪا ٻڌي آيا هئا. برگيڊيئر تقرير شروع ڪئي ته ڪنهن ڳالهه تي سڀ اٿي هليا ويا. برگيڊيئر سڀڪجهه ڏسي ڳاڙهو ٿي ويو هيو. پوءِ استاد جي تمام گهڻي حجت ۽ سمجهائڻ تي سڀ موٽي آيا هئا ۽ ڦڏو ٽري ويو هو. هونءَ به دادو ضلعو MRD دوران سخت Reaction رڪارڊ ڪرايو هو.
    پوسٽ آفيس ۾ الله ڏنو ٻوهڙو، صبح جو منجهند لاءِ، گهران ماني کنيو ايندو هو. مان گهران ماني گهرائيندو هيس. وڏي سنگت ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ۴-۵ کان گهٽ نه ٿياسين. ماڻهو وڌي ويندا هئا ته تندور جي ماني ۽ ڀاڄي، هوٽل تان گهرائيندا هئاسين. انبڙين جي مند ۾ انبڙيون، گجرون، موريون ۽ ونگين جو موسم آهر سلاد به گڏجي ٺاهيندا هئاسين. ڊش، ڏونگا، پليٽون ۽ پنڊيون وغيره جي لسٽ ڀت تي لڳل هوندي هئي ته هي هي سامان اسان وٽ موجود آهي. گڏجي ماني کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، خاص ڪري الله ڏنو صاحب جي ڪڻڪ جي صبح واري ماني جيڪا مکڻ سان مکيل هوندي هئي. ڏاڍي وڻندي هئي. ٿري جوئر، ٻاجهر ۽ سانئون وغيره پيٽ ڀرڻ لاءِ کائيندا آهن. “ڪڻڪ“ خدائي نعمت سمجهندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪچي جي “بوسي ڪڻڪ“ جي مکڻ يا سچي گيهه سان مانيءَ کي خدا جي نعمت سمجهي مزي سان کائيندو آهيان. ڀل ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٺريل ڇو نه هجي، مون ڏٺو آهي، سمجهدار ماڻهن کي پنهنجي اولاد جي غذا تي به توجهه نه آهي. مون کي ته منهنجي پيءُ ۽ ماءُ ڏاڍي توجهه سان کارايو ۽ پارايو آهي. ميڪسي ڪڻڪ رٻڙ پيٽ ۾ وجهڻ برابر سمجهندو آهيان هر سال ۱۵-۱۶ مڻ ڪڻڪ وٺي اسٽور ڪندو آهيان جيڪا کٽي ويندي آهي.
    پروفيسر، قادري، الله ڏنو ۽ مان ان مانيءَ جي بندوبست کي سڏيندا هئاسون “مدرسو“، وقت ٿيندو هو ته وڏي آواز ڪو نه ڪو چوندو هو؛ “ادا وارو ڪيو پيٽ ۾ ڪوئا ٿا ڊوڙن! مدرسي جو بندوبست ڪريو.“
    مانيءَ کانپوءِ سگريٽ، چانهن، ٻير يا نارنگيون وغيره، عزت ڀريو “محمد جمن“ جيڪو مون کي ننڍي کان سڃاڻي، پيو سائين سائين ڪندو، مفت ۾ خدمت ڪندي ٿڪبو نه هو، پوسٽ آفيس مان جوڳي جوءِ مٽائي ويا ته هو رٽائر ڪري وڃي گهر ويٺو، چيائين؛ “هڻ مزا نهين اوندا.“
    “جنهن کي ڏسي پاڻ کي چوندو آهيان.“ اهڙو ته ٿي ڏيکار، سنڌين کي ٻيو ڪجهه نه ٿو ڏئي سگهين ته هنن کي محبت ڀريا لفظ ته ڏئي سگهين ٿو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جا جملا چوڻ سولا آهن، پر “جمن“ ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. آصف زرداريءَ جي محترمه سان شاديءَ کانپوءِ هن کي زرداري صاحب به ڪري سڏيندا هئاسين. سومري صاحب جو خاص خيال رکندو هو، چانهن واري معاملي تي تڪليف وٺي، هوٽل وارن کي ايلاز ڪري مٿان بيهي سڀني کي سٺي چانهه پياريندو هيو. جيڪڏهن ٻيو ڪو چانهه کڻي ايندو هو ته اها نڙيءَ مان نڪري ايندي هئي، پوءِ جمن جا مزا هوندا هئا، وڙهي پوندو هيو چانهه آڻيندڙ سان. منهنجو ۽ سندس پٽ جو نالو به عاشق، محترمه وٽ اسلام آباد رهندو هو. اوڏانهن ويندو هو ته سوين ڳالهيون موٽي اچي ٻڌائيندو هيو. پيجارو لينڊ ڪروزر ۽ رموٽ تي هلندڙ جا احوال ۽ جمن جو انهن گاڏين تي اسلام آباد جو سير.
    اڄ به اوچتو ملندو آهي “سائين! زمانه مٽ گيا ئي“ ڀاڪر پائي ملندا آهيون. اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا آهن.
    “ڪير ٿو چوي ته سنڌ تباهه ٿي وئي آهي. اسان پڙهيل تباهه ٿي ويا آهيون، هي ڊڀن جهڙا ماڻهو اڄ به منهنجي نظر ۾ کير ٿر جبل وانگر عزت ماب آهن.“
    “جـــــي لــــوڻ لـــڱــــين لائين، چـــيـــري چيري چم،
    مـــــون ڪُـــــر اڳي نه ڪئو، اهڙو ڪـــوجهو ڪم،
    جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
    (مرشد لطيف)
    محفل مچندي هئي ته مان شاهه جا شعر معنيٰ ۽ تشريح سان سڀني کي ٻڌائيندو هيس.
    سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي،
    پـــــاڻي نـــــاهه پــــنـــــڌ گــــھــــڻـــو، رائـــو رڳــــي رڃ،
    مــــــتــــان مــــري اُڃ، ڏيــــــو پـــــاراتـــــو پنهونءَ کي.“
    “هڪ نه رسيو هوت، گهوري ٻاجهه ٻين جي“
    (شاهه)
    ايڏو Will Power ڏيندڙ مرشد لطيف اسان کان ڪير کسي سگهي ٿو؟
    سالن کانپوءِ موڊ ٿيو ته وڃي ڪو فنڪشن ڏسجي ته پنهنجا ڏاها ۽ دانشور ڪٿي پهتا آهن. لائيرس فورم سکر وارن اياز جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو.
    سائين قادريءَ جي ننڍي ڀاءُ محمد پنهل سان گڏجي سکر وياسين. سوڀو گيانچنداڻي ۽ ابراهيم جويو موجود هيا، ماڻهو ايترا ٿورا هئا جو پروگرام ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.
    ڪڏهن ڪڏهن چار دانشور گڏ ڏسندو هئس، اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ايڊووڪيٽ فتاح ملڪ اڄ چئني مان رڳو فتاح ملڪ موجود آهي. باقي راهه رباني وٺي هليا ويا هئا. سڀني ڳالهايو مون کي تڏهن سخت صدمو رسيو جڏهن فتاح ملڪ اياز لاءِ چيو ته، “هو بزدل هيو تڏهن ته ضياءُ جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلري نه ڇڏي هئائين. ڇو ته اياز کي خبر هئي ته جيڪڏهن هو ائين ڪندو ته جيل هليو ويندو.“ مون سمجهيو ته هي ڪامريڊ اياز جي مسلمان ٿيڻ ڪري هاڻي سڀ لاڳاپا ۽ رشتا ناتا وساري چڪا آهن. مانيءَ تي لوڪس پارڪ ۾ (قاسم پارڪ سکر) سڄي نم جي چاڙهيءَ وارا ماڻهو ڄڻ اچي شريڪ ٿيا هئا، نه ته سامعين بلڪل گهٽ هئا. ايڏي گروهه بندي جو مونس اياز ته دعوت هوندي به نه آيو هو. اياز جي ڀاڻيجي جيڪو وڪيل آهي ان سٺو ڳالهايو هو، برڪت علي ڀٽ جي راڳ دوران “اياز“ کي بزدل سڏڻ وارا تهمت ۽ غصو مٽائڻ خاطر محمد پنهل کي اٿاري ٻه ٽي ڏهين جا نوٽ هن ۽ مان ٻن پوڙهن “سوڀي ۽ جويي“ صاحبان تان گهوري برڪت جي باجي تي رکياسين. پوءِ ته نوٽن جا مينهن وسڻ لڳا. ماڻهن سو سو جا نوٽ به ڏيڻ شروع ڪيا ۽ تاڙيون وڄنديون رهيون ۽ سڄي رونق ئي مٽجي وئي.
    اياز منهنجي محبت جي ميدان جو استاد آهي، هن مونکي پنهنجي ذات، خاندان، گهر، دوستن، روايتن، ڪلچر، تاريخ، ٻولي، سچائي، ڪتابن ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنڊي ۽ ڪانڊيري سان عشق ڪرڻ سيکاريو آهي. هن جا لفظ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا.
    “ڀٽي! اچ ته ڊوڙيون، پنهنجي وڏڙن جي هڏڙن جي دز جيئن اسان جي ڦڦڙن تائين هلي وڃي“ موهن جي دڙي جي سير دروان رشيد ڀٽيءَ کي چيو هئائين.
    هو دهريو هو تڏهن به استاد، مسلمان ٿيو ته به استاد. اوهان انصاف ڪريو. سج ۽ چنڊ دهريا آهن؟ اياز سنڌ جو سج به آهي ته چنڊ به آهي. ڀل اهو ٻيو ڪونه مڃي، هر ڪو آزاد آهي. پر اياز کي ڪو گاريون ڏئي اهو غير مهذب رويو آهي.
    اياز جي صرف هڪ خامي آهي جو هو ٻين جا لوڙها لتاڙڻ، ٻنڌڻن ۾ سکيو. ان کانسواءِ هن جو هر پاسي کان Defense ڪري سگهجي ٿو. هو ڀٽائيءَ کي پنهنجو ڇو ٿا سڏن؟ هو به ته روحانيت جو قائل ۽ وحدت الوجودي هيو.
    سڄو منظر موٽي اچي محفل ۾ دوستن کي ٻڌايو هيم. قادري صاحب چيو هو ته اهو لک، سومري صاحب به تائيد ڪئي هئي. پر منهنجي “نَھَ کي نَوَ ڪوٽ” دليل هيو.
    سنگت لکي پئي، ڇا رهيل آهي، جو مان لکان مان نالو ۽ شهرت واري عزت ڪمائڻ، ڪو نه ٿو چاهيان، مان ته عاشق صرف “گم نام عاشق”رهڻ ٿو چاهيان.
    اڇو پاڻي لڙيو ٿيو، ڪالو ريو ڪنگن،
    ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا
    (شاه)
    مان هنج نه سهي، پر اياز منهنجو هنج آهي. اياز سان هٿ ملائيندي مان محسوس ڪندو هيس ته ڄڻ ڪو عاشق محبوب سان هٿ ٿو ملائي، باقي “قاضي ڄاڻي، قيام ڄاڻي” اتي ڪنهن جو وس نه آهي. فارسي شعر جو ترجمو آهي. سواءِ اي سنڌ! جي، اي سنڌ! تنهنجي عشق ۾ هو مون کي ڪهن ٿا.
    ”وڏو غوغاءُ آهي، تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس، ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي.“ سائين جي ايم سيد ۽ اياز، موجوده دور جا سنڌ جا ٻه وڏا عاشق هئا. صدين گذرڻ کانپوءِ اهڙا ماڻهو ڄمندا آهن. روز روز جنم ڪونه وٺندا آهن.
    ۱۸/۱۲/۲۰۰۵ تي لاڙڪاڻه رائيٽرس ڪلب وارن جي سڏ تي نظاماڻي ليبر هال ۾ پروفيسر نذير احمد سومري جي تعزيتي پروگرام ۾ غلام حسين صاحب ۽ مان گڏجي شريڪ ٿياسي. محفل ۾ موجود هڪ دردوند ڪامريڊ، سومري صاحب لاءِ چيو هو.
    “وڏين ڪارين اکين، ڪارن وارن ۽ وڏي قد وارو منهنجو پيارو دوست......“
    هن جي ادائگي ۽ لفظ ڏاڍا وڻيا هئا. اسان جلدي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا هئاسون. مسلم شميم (اردو اسپيڪنگ ڪراچي) ناز سنائي ۽ ٻين مهمانن به سٺو نڀايو هو.
    سومري صاحب مرحوم کي، علاج لاءِ مشورا ڏيندڙ اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر به پنهنجا تعلقات بيان ڪيا ۽ هن جي شخصيت بابت تاثرات ڏنا هئا.
    واپسي تي گهمڻ کان لاچار ٿي پيو هيس، سو پاڻ کي بهتر ڪرڻ خاطر، غلام حسين ڪٽپر کي چيو هيم ته ڪو فارسيءَ جو ترجمي سان شعر ٻڌاءَ
    هن چيو هو ڪهڙو؟
    لاهور واري مغل ملڪه نور جهان وارو
    بر مزارِ ما غريبان، ني چراغ ني گل،
    ني پرِ پروانه سوزند، ني صدائي بلبل.
    ترجمو: “اسان غريبن جي قبر تي نه ڏيئو ٻرندو نه گل ٽڙندو ۽ نه ڪنهن پتنگ جو پر سڙندو ۽ نه وري ڪا بلبل جي صدا هوندي.”
    مان ڪٽپر صاحب کي چيو، “غريب لفظ ڪڍي ٿو ڇڏيان. هوءَ مسافر ته هئي، تنهن ڪري اهو سهڻو ٿي لڳي. هونءَ به اسان سڀ مسافر ته آهيون.“
    نئون ديري شهر ۾، پروفيسر مرحوم جو جن سان واسطو هيو، انهن سڀني کان ويجهو “ديوان هوند راج“ هوندو هيو. هن کي ميڊيڪل اسٽور آهي. خط پٽ واري زماني ۾ معرفت هن جي هوندي هئي. سائين ايوب ۽ مان به هن جي غائب ٿيڻ کانپوءِ هن جي ڳولا اتان شروع ڪندا هئاسين.
    سومري صاحب کي هوند راج متعلق مان چوندو هيس ته ديوان جڏهن سفاريءَ سان گڏ هيٽ پائيندو آهي ته يورپين ڪنٽريز جي ڪنهن يونيورسٽيءَ جو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر لڳندو آهي.
    سندس گورو رنگ، ڪلين شيو، مٿو وارن کان خالي، مهذب رويو ۽ مرڪ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. مان کيس عرصي کان ڊاڪٽر سڏيندو آهيان. سندس ڀاڳوند پٽ ڊاڪٽر دليپ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهيو، جاپان جي اسڪالر شپ تي اوڏانهن ويو. هاڻي آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو. پروفيسر صاحب، بيماريءَ دوران اتي علاج لاءِ ويو ته خصوصي طور انٽرنيٽ تي ويهي. بيماري ۽ علاج لاءِ معلومات وٺي. دوائون تجويز ڪيون هئائين ۽ کيس چيو هيائين ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ به هن بيماريءَ جو ان کان وڌيڪ علاج نه آهي.
    ڊاڪٽر ڪيپٽن رٽائرڊ سليم الله صاحب سان به سومرو صاحب، علاج بابت ويجهو رهيو. آخر ۾ ته مجبور ڪيو مانس ته ڊاڪٽر صاحب کي سڄو فائيل ڏيکاري صلاح وٺوس. قدرت الله هن کي وٺي ويو هو ۽ پوءِ شڪايت ڪئي هئائين ته پروفيسر صاحب مڪمل ڊوز نه ٿو وٺي. عذر اهو ڏيندو هو ته فائدو نه آهي.
    ڦڪيون تڏهن فرق ڪن
    جڏهن امر الاهي ٿئي. (شاهه)
    ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو پنهنجي زندگي بابت ڪتاب آيو. ڪتاب ۾ هن سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ شيخ اياز تي تنقيد ڪئي آهي.
    پروفيسر صاحب ان بابت صلاح ڪئي ته جواب تيار ڪيو آهي شايع ڪرايان ٿو. مان هن کي روڪي نه سگهيو هيس پر اصل ۾ مان چاهيان پيو ته هو نه لکي. جواب شايع ٿيو تعريفي خط آيس وغيره. اهو سڀ ڪجهه شيئر ڪندو هو پر مان کليل نموني پنهنجو موقف هن کي نه ٻڌائيندو هيس. ته متان هن کي دل ۾ ٿي پوي. ڏاڍو حساس هوندو هو پر جذباتي اصل (مون سان) نه هيو.
    منهنجي ڊاڪٽر مبارڪ سان عقيدت ڪو نه آهي. اهو ڪتاب مون به پڙهيو هو. مان چاهيان پيو ته ان جي جواب ۾ ڪو يونيورسٽيءَ ۾ هن سان گڏ رهندڙ لکي ته اهو بهتر نموني لکي سگهيو پئي.
    مون کي ياد آهي ته علي محمد شاهه راشدي جنگ اخبار ۾ “مشرق و مغرب“ لکندو هو. راشدي صاحب ۽ زيڊ اي سيلري جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. راشدي صاحب، پنهنجي اسٽينو ٽائپسٽ کي گهرائي ٻن ٽن قسطن ۾ اهو مواد شايع ڪرايو، آخر سليري راشدي صاحب کان معافي ورتي هئي.
    ڊاڪٽر مبارڪ به انسان آهي، هن جون به ڪمزوريون هونديون، جن جي خبر آهي، اهي انهن کي عيانِ ڪري، بهترين جواب تيار ڪن ها.
    نمبر ٻيو ته ڊاڪٽر مبارڪ پاڪستان جو نه پر برصغير جو مڃيل ليکڪ آهي. ان جي جواب ۾ ابراهيم جويو، سراج ميمڻ، پليجو يا قادر جوڻيجو صاحب وغيره لکن ها، ته مزو اچي ها. آخر ۾ بلڪل نئين ڳالهه، “اسان ۾ خاميون ڪمزوريون، ڪوتاهيون ۽ ڪچايون آهن ته ضرور“ انهن کان اسان ڪيستائين ڪنڌ ڪڍرائينداسين. موهن جي دڙي جي تهذيب، منڇر ايشيا جي وڏي ڍنڍ، سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي ادبي تنظيم، ڀٽو صاحب ۽ بينظير ڀٽو جي آسري ڪيستائين جيئنداسين. پنج دفعا سنڌي وزيراعظم ٿيا آهن پوءِ به خوار خراب آهيون. ڪا ته خرابي آهي.
    پير ڳوٺ، جيڪو نئون ديرو جو محلو ئي آهي. قديم ڳوٺ آهي. پيرن (راشدين) جي ڪري هنڌين ماڳين مشهور هيو.
    پيرن جي حڪمت ۽ پيري مريديءَ کان پوءِ مرحوم ذوالفقار شاهه راشدي جي شاعري به ڳوٺ جو نالو نمايان ڪيو آهي. مرحوم ذوالفقار راشديءَ جي ياد ۾ هن جي پٽ جڏهن ذوالفقار اڪيڊمي قائم ڪئي ته سومرو صاحب ان سان وابسته رهيو.
    جڏهن شعر ٻڌائيندو هو ته ذوالفقار راشديءَ جا شعر به چئي ويندو هو. هڪ دفعي پڇيو هئائين؛ “ڇا ڳالهه آهي. دل کولي داد ڪونه ٿو ڏين.“ رهي نه سگهيو هيس. هن کي چيو هيم؛ “راشدي صاحب، نورالهدي شاهه جي لکڻين تي ڌر بڻجي، اهڙي تنقيد ڪئي هئي جو جيئيري مان ان کي وساري نه ٿو سگهان.“
    مان نور الهديٰ شاهه جي ڌر آهيان توڙي جو ادب ۾ منهنجي ڪابه حيثيت نه آهي، مان ته صرف پڙهندڙ آهيان. راءِ رکڻ ۽ محبت ڪرڻ ۾ آزاد آهيان، مرحوم ذوالفقار راشدي سٺو شاعر هجڻ سان گڏ نقاد به هيو. هو عاشق مزاج ۽ خرچ ڪرڻ وارو انسان هيو. شهري اديبن ۽ دانشورن کي دل کولي ٻهراڙيءَ جون سوکڙيون، سچو گيهه، ماکي، آڙيون، بدڪون ۽ تتر وغيره موڪليندو هو.
    ڪچي جي ڪري هتي تتر جام ٿيندا هئا. شاهه صاحب وڳڻن جي پاسي به رهندو هو. اتي سندس زمينون هونديون هيون. وارهه، نصير آباد ۽ وڳڻن وغيره جون ڍنڍون ۽ ڍورا سائبيريا جي پکين سان سياري ۾ ڀرجي ويندا هئا ۽ تمام سستا وڪامندا هئا. غريب ماڻهن جو روزگار هوندو هو. مان ڪيترا دفعا جيئرا خريد ڪري گهر کڻي آيو هيس. هنن جو گوشت سخت ۽ لذيذ ٿيندو هو.
    B.Ed جي دوران سکر ۾ رهڻ ڪري ان سان منهنجو خاص انس رهيو آهي. اتي استادن ۽ دوستن سان ڪيل رهاڻيون، هاسٽل جتي رهندا هئاسون، لب مهراڻ ٻن پلين جي وچ ۾ درياهه جو پيٽ، ۽ ٻيٽ ساڌ ٻيلو، ٻيڙيون، آواره گردي ڪندڙ جوانن جا روپ، ڄڻ ڪلهه جون ڳالهيون آهن. توڙي جو ايترو وقت گذري چڪو آهي، جو وار ڪارن مان اڇا ٿي ويا ۽ هاڻ ته اڇا وار به اڏامندا پيا وڃن. پروفيسر سان حال احوال ٿيندا هئا. ڪارن نيڻن ۽ ڪارن وارن سان گڏ ادائن ۽ صدائن جو ذڪر خير به ٿي ويندو هو. ڏاڍي وقار ۽ حجابن وارو دور هيو.
    سائين محمد هاشم ڊکڻ صاحب (پيرڳوٺ خيرپور) ۽ سائين رشيد احمد ميمڻ صاحب (آسٽريليا رٽرن) (اصل دادو) منهنجا پسنديده استاد هئا، هوشيار، ذهين ۽ صلاحيتن وارا استاد هئا. مون سان والد وانگر، شفقت سان پيش ايندا هئا. ڊکڻ صاحب وٽ وڃڻ معنى چانهه ضرور پيئڻ، روزانو ۱۵، ۱۶. پاڻ چانهه جو بل ڀريندو هو. سومري صاحب سان جڏهن ڳالهيون ڪندو هيس ته بي ساخته چوندو هو؛ “منگي وڏو خوش نصيب آهين.“
    هڪ دفعي ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو، هڪ ادي اسٽيج تي اچي مائيڪ جي سامهون بيهي رهي، نه ڪجهه ڳالهائي رهي هئي ۽ نه وري اسٽيج تان هيٺ لهي رهي هئي. ڀرسان وڃي آهستي چيو هيو مانس ته ادي هلي پنهنجي سيٽ تي ويهو.
    هاسٽلرس جي سالياني فنڪشن تي سکر جون فيمليز ايتريون اينديون هيون جو ڪرسين ۽ ويهڻ جو مسئلو پيدا ٿي پوندو هو، سڄو آڊيٽوريم ڀرجي ويندو هو.
    B.Ed ڪاليج ۾ مسٽر فضل محمد ڀٽي پرنسپل ٿيو ته سومرو صاحب خيرپور ايندي ويندي لهي پوندو هو. تڏهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڪو نه هيو ته اتر سنڌ جو بي ايڊ ڪاليج سکر ڪو ايجوڪيشن جو وڏو ڪاليج هيو. نواب شاهه کان به اسٽوڊنٽس ٽيچرس ٽريننگ لاءِ ايندا هئا.
    مسٽر فضل محمد ڀٽي اسان جي شاعر “تبسم“ صاحب جو ويجهو “عزيز“ آهي ۽ نئون ديرو هاءِ اسڪول ۾ استاد به ٿي رهيو آهي. هن جا ڪافي شاگرد سٺين نوڪرين تي آهن. هن جي ڪليگس سان به منهنجو اٿڻ ويهڻ رهيو آهي. ڀٽي صاحب کان اڳ ڪميشن پاس ڪري ڪاليج سائيڊ ڏانهن هليو ويو. ان وقت سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان محنت ڪري ڪميشن پاس ڪري تعليم کاتي جو گهڻو تعداد روينيو، پوليس ۽ ڪسٽم وغيره ۾ چونڊجي ويندو هو.
    لاڙڪاڻي جي ٽينڪ روڊ تي ڪافي دفعا مون سان سومرو صاحب ملندو هو، پڇڻ تي ٻڌائيندو هيو ته ڀٽي صاحب ڏانهن وڃان ٿو. اڄ ڪلهه هو رٽائرڊ آهي ۽ اسٽيشن جي سامهون ڪٿي گهر اٿس.
    پروفيسر ۽ مان محبت ۽ پيار جو مبهم ۽ شائسته لفظن ۾ پنهنجي عمرين جي حساب سان ذڪر ڪندا هياسي. مان محبت کي رات جي طوفاني برسات ۾ کنوڻ جي تجلي وانگر سمجهندو آهيان. جنهن کي به اهو جلوو ملندو آهي، اهو زندگي جا ڏک سولائي سان سهي ويندو آهي. جيڪو رهجي ويندو آهي، ان مان انسانذات کي فائدو نه رسندو آهي. هو پنهنجي محرومين جا پلو مظلومن مان پيو ڪڍندو آهي. هو هميشه لاءِ رلي ويندا آهن. “محبت“ مون وٽ سهارو آهي، “سختين سهڻ جو!“ اهو سهارو ٽٽي پوندو آهي ته ماڻهو اندران ئي اندران ڀور ڀور ٿي ويندو آهي.
    “کنوڻ“ کي ڏسي سگهجي ٿو، پر محبت کي ڏسي نه ٿو سگهجي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ شام جو چٽ جي گرمي ۽ اٻس جي هوا جو هلڪو جهونڪو، گلاب ۽ رابيل جي خوشبو، محبت وانگر آهي، انهن کي محسوس ته ڪري سگهجي ٿو پر لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي.
    محبت ڪجي پر سنڌي روايتن ۽ اخلاق جي خلاف بڻجي نه. نه پاڻ تماشو بڻجي ۽ نه ٻين جي عزت جو جلوس ڪڍجي. محبت لڪندي ڪو نه آهي. پر پوءِ به ان کي لڪائڻ ۾ سڀني جي عزت آهي. سومري صاحب عرصو ٿيو جو مون کي انگلستان جي بادشاهه ايڊورڊ اٺين جي آمريڪي عورت سان عشق ۽ محبت جو داستان ٻڌايو هو. برطانيه جي آئيني رڪاوٽن جي ڪري هن ۱۹۳۶ع ۾ بادشاهيءَ کي لت هڻي ان محترمه سان شادي ڪئي هئي. هوءَ شادي شده هئي، هن جو نالو ويلس ۽ مڙس جو نالو ارنسٽ سپمسن هيو. ايڊورڊ جڏهن طلاق يافته ويلس سان شادي ڪئي ته فرانس ۾ رهي پيو. ۳۵ سال گڏ رهيا. مرڻ کان پوءِ ايڊورڊ جو لاش برطانيه آندو ويو هو ۽ ويلس واپس فرانس ۾ رهي پنهنجا ڏينهن پورا ڪيا هئا.
    سومري صاحب، مٿين جوڙي جو ٻيو قصو به ٻڌايو هو، پر ڪتابن مان مون کي اهڙي تصديق ٿي نه سگهي آهي، ان ڪري اهو نه ٿو لکان.
    ان وقت عبدالقادر منگي صاحب جي گهر واري گذاري وئي هئي. فورن ان کي خط لکيو هيم يا کيس ٽيليفون تي ٻڌايو هيم ۽ چيو هيم ته: “وارو ڪر ڪا محبت جي ئي ٻي شادي ڪر. بچي پوندين گناهن کان.“ هو ان قصي کان اڳ ۾ ئي واقف هيو. جواني، ٽي نوجوان ٻار (ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ) مڙس ڦاسي پيو هو. فيصلي ڪرڻ ۾ جلدي ڪو نه پئي ڪيائين. اولاد کي پيءُ سان گڏ والده واري کوٽ به ڀرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو هو. ان ذهني خلفشار واري دور ۾ بنگلا، ڪارون ۽ کاڌا پيتا ڪو نه وڻندا هوندس. پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هيو. زماني جي ٿڌي ڪوسي ۽ جهان کان واقف هيو، سڀ پاسا سوچي، اولاد جي رضامندي سان ٻي شادي ڪيائين.
    تازو هڪڙو محترم شخص سان ملڻ ٿيو، هن پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ گڏ پڙهندڙ ڇوڪريءَ سان محبت جو قصو ٻڌايو. هن جو لهجو، جملن جي ادائگي، چهرو ۽ سنجيدگي، ڳالهه کي وزن وٺائي رهي هئي. هن چيو ته ۴۰، ۴۵ سالن کان دل ۾ سانڍيل منهنجي محبت آهي. هن کي بلڪل خبر نه آهي، پر هن سان منهنجو انس رهيو آهي. مان هن کي ڪڏهن به دل ۽ ذهن مان ڪڍي نه سگهيو آهيان. هن کي ڀلائڻ جي ڪوشش به نه ڪئي اٿم. ٿي سگهي ٿو هن محسوس ڪيو هجي. پر ڪڏهن به هن ڪو اظهار به نه ڪيو آهي، جو مان ڊاڙ هڻي سگهان. اسان جون فيمليون وقفي وقفي سان ملنديون رهنديون آهن. هن جو مڙس ۽ ٻار، منهنجا ٻار ۽ گهر واري، هڪ ڊرائنگ روم يا پڪنڪ پوائنٽ تي گڏ هوندا آهن.“
    اهو انسان سومري صاحب جي واسطي وارو آهي. محبتن کي ائين لڪائڻ ۽ ساهه سان سانڍڻ ڪڏهن سنڌ جي روايتن ۾ شامل هو.
    هن جو نالو لکڻ مناسب نه آهي، ”گلاب کي ڪهڙي نالي سان به سڏيو، ھو خوشبوءِ ۽ رنگ ۾ ساڳيو هوندو.“ (شيڪسپيئر)
    سومري صاحب سان جڏهن به ملڻ ٿيندو هو ته جلدي سوال ڪندو هو ته “ڇا ٿو پڙهين؟“ هڪ دفعي ڏاڍو اداس ۽ تتل هيس. فورن چيو مانس، “يار ڪتابن ۾ ڇا آهي؟ اڄ ڪلهه ماڻهن جا چهرا ۽ نيتون پيو پڙهان. بظاهر شريف ۽ پڙهيل ماڻهن جي منافقت، ٺڳين ۽ هيرا ڦيرين وارو باب، ڏاڍو حيرت ۾ وجهندڙ ۽ دلچسپ آهي.“
    سياڻو ماڻهو هو، گڏجي هلي، ايوب قادريءَ کي ڳولي ڪچهري ڪري ۽ چانهه وغيره پي تازا ٿيا هياسين.
    ٻئي دفعي به ائين ڦاٽي پيو هيس، هن سان، “سومرا، منهنجي ذهن ۽ اندر ۾ دوزخ واريون ڇوليون آهن. مان خاڪ ٿي ويندس. زمانو ائين ئي رهندو.“
    پوءِ هميشه چوندو هو، “مون کي روز نئين دوزخ کي پار ڪرڻو ٿو پوي! شل الله رحم ڪري.“ ائين چئي پوءِ چوندو هو، “تون به هڪ دفعي اندر جي دوزخ جو ذڪر ڪيو هيو.“
    منهنجي ذاتي راءِ آهي ته انسان اگر هزارين سال زندهه رهي، پوءِ به هن مانڊاڻ کي سمجهي ڪو نه سگهندو. اسان جي ايڏي Approach نه آهي. اسان جهڪڻ ۽ ٻاڏائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون. جنهن ايمان جو حڪم ٿيل آهي، ائين ڪيون ۽ بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون. ٻيو ڪجهه اسان جي وس نه آهي.
    مرحوم نذير احمد سومري جو واسطو سردار الله بخش جلباڻي مرحوم سان به هيو. سومري صاحب کي ذاتي طور تي سڃاڻندو هيو. لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر جناب نظر محمد مهر صاحب، هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان رتوديرو ۾ فنڪشن ڪرايو، موضوع هيو، “رتوديرو جي تاريخي حيثيت“.
    پروفيسر صاحب ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو. اسٽيج تي مهر صاحب ۽ سردار صاحب سان گڏ ٻيا به ويٺل هيا.
    جلباڻي صاحب ان وقت سخت غصي ۾ اچي ويو، جڏهن رتوديرو نالي پٺيان مقررن رتو مل وغيره وٺڻ شروع ڪيو. بدر ابڙي صاحب چيو هو ته، “ممڪن آهي رتوديرو، موهن جي دڙي جي دور جو هجي.“ مان اتي موجود ڪو نه هيس. اهو جلباڻي صاحب، سومري صاحب ۽ ٻين جي زباني ۽ اخبار ۾ پڻ پڙهيو هو. سردار، جواب ۾ ڳالهائڻ پيو چاهي. پر مهر صاحب هن سان حجت ڪندي چيو هو ته “توهان ۽ مان آخر ۾ ٿا ڳالهايون، جيئن هميشه ٿيندو آيو آهي.“
    جلباڻي صاحب فنڪشن ڇڏي ڳوٺ هليو آيو هو. جڏهن مان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ذاتي ڪم خاطر مليو مانس ته امام راشدي ۽ پروفيسر تي ڏاڍو ناراض هيو، ٻه اڍائي ڪلاڪ گفتگو ڪئي سون. موضوع کٽي ئي نه. رات ٿي وئي، لاچار کانئس موڪلائي نئون ديرو آيس. سومري صاحب کي ڳولي سمورو تفصيل ٻڌايم. آخر ۾ طئي ٿيو ته گڏجي جلباڻي صاحب وٽ هلنداسين. قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو اوچتو جلباڻي صاحب ڪراچي هليو ويو ۽ اتي اهڙو سخت بيمار ٿي پيو، جو وفات ڪرڻ کان پوءِ سندس مڙهه مسو ديرو آيو. ٻه ٽي سال لاڳيتو ڪراچيءَ جي اسپتالن ۽ پنهنجي بنگلي تي بيمار رهيو.
    جلباڻي صاحب جا وڏا، سياست ۾ ايوب کهڙي ۽ قاضي فضل الله جي ويجهو هئا. اهڙي طرح جنرل ضياءَ جي دور ۾ مجلس شورى جو ميمبر ۽ صوبائي صلاحڪار ٿي رهيو. سنڌ يونيورسٽيءِ مان ماسٽرس ۽ ايل ايل بي ڪئي هئائين. اتي جيئي سنڌ وارن جي ويجهو رهيو، پر Active يا عهديدار نه هيو. مرحوم عبدالحميد جتوئي، غوث بخش بزنجو، امان الله شيخ ۽ شاهه محمد شاهه وارا ايم آر ڊي تحريڪ هلڻ کان اڳ مسو ديري آيا هئا. جلباڻي صاحب سڄو جلبُ گهرائي سٺي مانيءَ جو بندوبست ڪري سٺو آدرڀاءُ ڪرايو هو. مان اتي موجود هيس، جتوئي صاحب، شيخ صاحب ۽ شاهه محمد شاهه سان ڪچهري ٿي هئي. عبدالحميد جتوئي ته ٻه ٽي سوال اهڙا ڪيا جو جلباڻي صاحب جي موجودگيءَ ۾ مان جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو هيس. بعد ۾ امان شيخ مون کي ٻڌايو هيو ته “سابق جيئي سنڌ وارا پڇن پيا ته جلباڻي صاحب جي راڄ ۾ رهندي ڪو ائين ڳالهائي ۽ سوچي سگهي ٿو.“
    منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سردار صاحب مون کي ڏاڍو ڪم آيو هو. مائٽن جا ڦڏا، نوڪريءَ جي بدلين جا چڪر، سنگت جا ڪم ڪار، مطلب ته جيڪي وس ۾ هوندو هيس، اهو وڏڙن ابي ۽ چاچي جي ڪري چانهه به پياريندو هو ۽ مسئلي جي حل ۾ به مدد ڪندو هو.
    سندس ننڍو ڀاءُ مير لياقت علي خان مرحوم چوندو هو: “ڪم سان آيو هوندين، ائين ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڇو نه ٿو اچين؟“ گڏ کيڏيا ۽ پڙهيا هياسين، مان مانيٽر هوندو هوس. فيئر بوڪ بلڪل نه ٺاهيندو هو. استاد اهڙا هوندا هئا جو غريبن ۽ سردارن جي ٻارن ۾ ڪو فرق نه رکندا هئا. مان هن کي لم ٺپ ڪري اٿي بيهڻ کان بچائي وٺندو هئس. سردار صاحب کان گهڻو پرڀرو ٿي ڪچهري ڪندا هئاسين. هاڻي ته صرف سندس ٽيون نمبر ڀاءُ امجد علي خان ئي منهنجي سڃاڻڻ وارن مان بچيو آهي. باقي سڀ نوجوان آهن. الله کين خوش رکي.
    مسو ديري ۾ اڄ به جلباڻي قبيلي جون ٻه شاخون جدا جدا پاڙن ۽ ويڙهن جي صورت ۾ رهن ٿيون. (۱) رتاڻي شاخ (۲) ڳاڙهاڻي شاخ. رتو خان جلباڻي جي پاڙي مان آهن. رتاڻي پاڙي مان ئي سردار هيو. پڳ جا حقدار رتاڻي خاندان مان آهن.
    ڳاڙهاڻي، ڳاڙهو خان جلباڻي جو اولاد آهن. ٻنهي شاخن جي خاندان کي وڏڙن جون زمينون ورثي ۾ مليون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندن جون زمينون به انهن آباد ڪيون. ڪجهه ڪليم ٿيا پر شروع کان اهي اردو وارا مسو ديري ۾ اسان ڪو نه ڏٺا. اهي سڀ سامهون جون ڳالهيون آهن. شجرن ۽ ڪتابي ڳالهين ۾ وڃبو ته تمام گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي. ڀانڊي واري مقبري ۾ به دفن ٿيل جلباڻي مرحوم آهي. هن وقت قبيلي جو موجود سردار، علي نواز خان ولد الله بخش آهي، جيڪو نوجوان ۽ ڪيڊٽ ڪاليج جو پڙهيل آهي.
    سومري صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪچايون ڦڪايون هونديون. اهي نه لکڻ جو مان ذميوار آهيان. پر ڪنهن ڏي جوابده بلڪل نه آهيان. جيئن مورخ هوندو آهي.
    مان ڪوپ مان چانهه جي سپ وٺڻ جو عادي آهيان. تنهنڪري ڪوپ جا ٿلها ڪنا به چانهن پيئڻ ۾ مون کي بي مزي ڪندا آهن. سومرو صاحب بسيءَ ۾ چانهه پيئندو هو. جنهن ڪري اڪثر ڪري هن جا صاف ۽ ڪلف ٿيل ڪپڙا چانهه ۾ خراب ٿي پوندا هئا. هن جي ڪپڙن ۾ سگريٽن جا سوارخ هوندا هئا. پنج وقت نماز پڙهندو هو، جنهن ڪري بوٽن سان ته حالت ڪندو هو. بوٽن جو پويون پاسو سينڊل وانگر ڪري ڇڏيندو هو.
    هڪ دفعي نئون بوٽ وٺي آيو. اهو مون کي به وڻيو. لاڙڪاڻي مان وڃي اهڙو وٺي آيس. صرف نمبرن جو فرق هيو. اهو بوٽ مسجد مان ڪو چورائي ويس. ملڻ سان بغير وقت وڃائڻ جي چيائين، “منگي هڻي ڇڏيئي! بوٽ چورائجي ويو. ڏاڍو ڏک ٿيو.“ سمجهايو مانس؛ “هيتري عمر ٿي اٿئي، نماز پڙهڻ جا به ڪجهه آداب آهن. بوٽ هميشه پنهنجي سامهون يا اهڙيءَ طرح ڀر ۾ رکجي جو چورائڻ وارو ڏهه دفعا سوچي ته مالڪ نه صرف نماز پڙهي رهيو آهي، پر بوٽ ۽ سامان جي چوڪيداري به ڪري رهيو آهي.“
    سائين ايوب جي وفات کان پوءِ سرور سومري (غلام سرور سومرو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو) جي هوٽل تي پروفيسر سان گڏجي رهاڻ به ڪندا هياسين ۽ چانهه به پيئندا هئاسين. هوٽل وري ڇا آهي. هڪ بينچ جو اوڀر منهن آهي ۽ هڪ اسٽول. تمام ننڍڙي ايراضي آهي. ڀرسان مائٽ جي پڙي اٿس. ان بينچ جو منهن اولهه طرف آهي، ماڻهو وڌي ويندا آهن ته ان تي به ويهندا آهن. سالن کان چانهه اتي پيئندا اچون. چانهه تازي ٺهندي آهي. جيئن ڪراچي ڪلفٽن تي سمنڊ ڪناري لهرون ڏسبيون آهن. تيئن مان اتي ويهي ماڻهن جي اچ وڃ ڏسندو آهيان. ڏٺل وائٺل، اڻ ڏٺل، فقير، فقيراڻيون، هيروئني، داداگير، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل، روزگار سان ۽ بي روزگار، هرڪو هُل هُلاڪن ۾. ڪنهن کي مرڻ جيئڻ جي ڪا پرواهه نه. بظاهر هر ڪو ڪيڏو خوش ۽ چالاڪ نظر اچي ٿو. دردن مٿان اسان ڪيئن تهه چاڙهي ٿا ڇڏيون. ايئن ڇو آهي؟ فنڪاري آهي يا فطرت جي تقاضا؟ ڀلا رڙين ڪرڻ سان حالتون تبديل ته ڪو نه ٿيون ٿين. تنهنڪري مرڪندي وقت گذارجي ته بهتر.
    اڄ اڪيلو وڃي چانهن پيتم. اتي اڪيلو ويهڻ سزا سمجهندو آهيان. ويچارو ٿي پوندو آهيان. پوءِ به ويهي رهيس. سرور سومري کان پڇيم. پهرين چانهه گهڻي ۾ وڪڻندو هئين. ٻڌايو هئائين، “ٻِين آني ۾.“ هاڻي اها ڇهين روپين ٿي وئي آهي. ۱۲ پئسن واري چانهه ۶۰۰ پئسن ۾ ٿي وئي آهي. پر اها ٻي آني واري چانهه لاڙڪاڻي جي سپنا هوٽل جي چانهه کان بهتر هوندي هئي. مون کي ياد آ، هر هر ٿري لاهڻي پوندي هئي. چانهه جي ٿري چپن کي چنبڙي پوندي هئي. اڄ نج کير ئي ڪو نه رهيو آهي، چانهه جي مٿان ٿري ڪيئن ٺهي.
    ڄاڻي واڻي سرور سان پروفيسر جو ذڪر ڪو نه ڪيم. اڳ ٻه ٽي دفعا ذڪر ڪيو اٿمانس. اڌ ڪلاڪ کن ويهي اٿي آيس.
    مرحوم احمد علي شاهاڻي به سومري صاحب جي ويجهن صحبتين ۾ هيو. سندس ڳوٺ چوهڙ پور هيو، جتان مائٽن جي جهيڙن ڪري ڏاڍو تنگ ۽ خفا ٿي، لڏڻ جو پروگرام ٺاهيائين. مون سان صلاح ڪيائين، مان نه روڪي سگهيو مانس ۽ نه وري همٿايو مانس ته وارو ڪر. الائي ڪيترن ماڻهن سان صلاحون ڪيائين. ٺٽو، نئون ديرو، هيڏي هوڏي، شريف ترين ٻچڙيوال ماڻهو اصل بي چين ٿي پيو هو. سومري صاحب ڳالهه ٻڌائي ته ڳوٺ شاهاڻي صاحب آيو ۽ مون کي چيائين ته پير ڳوٺ ۾ جاءِ وٺي ڏي، اتي گهر ٺاهيندس. سومري صاحب جيڪو چيس، اهو مون کي ٻڌايائين، جيڪو لکڻ مناسب ناهي. نتيجو اهو نڪتو ته شاهاڻي صاحب، لڏڻ کان بس ڪري ويهي رهيو يا اسان سان ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. مرحوم احمد علي شاهاڻي ترت پوءِ هن جهان مان لڏي ويو. هن جا ٻچڙا اڃا اتي چوهڙ پور ۾ رهن ٿا. هو پڙهيل لکيل، عربي ۽ فارسي ڄاڻندڙ، بااخلاق ۽ دو ٽوڪ جرئتمندي سان ڳالهائيندڙ، چوندو هو، “ادا منگي! اهڙو جهان ٿي پيو آ، جو جنهن کي چانهن پياريندين اهو اٿڻ کان پوءِ ضرور تنهنجي گلا ڪندو! نه ته ماني نه وڻندس.“
    هڪ دفعي ٻڌايائين؛ “هڪڙي ماڻهوءَ کان نالو پڇيم! هن نالي کان اڳ ۾ حاجي سان نالو ٻڌايو. مان هن کي چيو ته ادا، مان نمازي احمد علي شاهاڻي آهيان.“ اهڙا انسان هليا ويا. جن جون ڪيئي ڳالهيون اکين اڳيان ترن ٿيون.
    سائين نجي الله صاحب سان اروڙ ۽ ڪالڪان ديوي جي (مندر) گهمڻ جو پروگرام هيو. صبح جو عبدالخالق ۽ مان سائين وٽ پهتاسين ته شاهاڻي صاحب اتي اڳ ۾ ئي ويٺو هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ “ڳوٺ مهمان آيل آهن. سوير ڀاڄي وٺڻ آيو آهيان.“ اسان پوٺوهار گاڏي جي پٺين سيٽ تي ويٺاسون، شاهاڻي صاحب کي سائينءَ پاڻ سان ويهاريو ته “موٽي ٿا اچون.“ سکر، روهڙي نيٺ اروڙ پهچي محمد بن قاسم واري شهيد ٿيل (ڊٺل) مسجد جا آثار ڏٺاسون. ماموئين وارو بيت زبان تي تري آيو:

    هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
    بهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي وبندا سوکڙي.

    پوءِ جو ڏسون ته شاهاڻي صاحب غائب آهي. ڪافي دير انتظار ڪرڻ ۽ هيڏي هوڏي ڏسڻ کانپوءِ، ان کانسواءِ ئي ڪالڪان ديوي جي رستي تي، جبل ڏانهن هلياسون.
    ڳوٺ اچي جڏهن شاهاڻي صاحب سان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ملياسون ته ٻڌايائين ته “ادا، نجي الله صاحب زور آور ماڻهو آهي. لڪي ويهي رهيس. توهان ويا پوءِ بس آئي. ان تي روهڙي، سکر ۽ نيٺ ڳوٺ پهتس.“
    عبدالخالق ڪنڌر صاحب، سومري صاحب ۽ منهنجي واسطي وارو آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ اهو واحد سنجيده نوجوان آهي، جنهن سان اٿڻ ويهڻ، گهاٽائپ، حجت ۽ دل جون ڳالهيون آهن. مان وڏي واڪ چوندو آهيان؛ “جيڪڏهن باقي شهرين مان ٽي اهڙا ماڻهو مون کي ملن ته شهر جي سوشل لائيف اسان بدلائي سگهون ٿا.“ ڏاڍو سنجيده ۽ ڪاز سان سچو رهڻ وارو آهي. لالچ بنهه نه اٿس، هر ماڻهوءَ کي ڪم اچڻ وارو انسان آهي. هٿ جو ڪشادو. ڀٽن جي شهر ۾ اهڙا ڀٽڪا ڪم ڪندو آهي، جو الامان، الله پناهه ۾ رکندو اٿس. سنڌ بوڪ اسٽال. ڄڻ الائي ڪيترن ماڻهن جي اوطاق ۽ گڏجڻ جو ذريعو آهي. سومري صاحب کي جڏهن فون تي نه ملندو هيس ته اتي ايندو هو. منهنجو مڙهه مقام اهو هئو. ڪچهري، کائڻ پيئڻ ۽ چانهه وغيره به اتي. نه ملندو هيو مانس ته نياپو اتي ڇڏي ويندو هو. هو ٻئي پاڻ ۾ به گهرا هئا. ڪتاب ۽ رسالا به کانئس وٺندو هئس.
    بيماريءَ جي دوران مولوي عبدالرحيم ڪنڌر صاحب سان مسجد ۾ ملڻ ايندو رهندو هو. هن کان دعائون گهرائيندو هو. مولوي صاحب، عبدالخالق ڪنڌر جو وڏو ڀاءُ آهي. هيءَ سڄي فيملي فقيرن جي نالي سان مشهور آهي. عبدالرحيم صاحب، مدرسن ۾ مذهبي تعليم پڙهيل ۽ ڪميشنڊ پروفيسر آهي. وڏن کان وٺي پير مٺا جي مسلڪ سان لاڳاپيل آهن. هو تبليغ لاءِ پنجاب، سرحد ۽ دبئي وغيره تائين ويندو آهي.
    سومري صاحب سان ٻين به ڪيترن جو تعلق هيو، ڪهڙا لکي ڪهڙا لکان؟ عاجز آهيان!

    نڪتيون، تنهن جون ڳالهڙيون،
    جيئن پاڻيءَ تي هنج
    (اياز)
    زندگيءَ جي رڃ ۾ زخمي هرڻ
    ٿا پڪارن، ڪو وڃي پاڻي ڀرڻ
    (اياز)
    ادائون، صدائون بڻجي ويون
    محبتون جفائون بڻجي ويون،
    عجيب آهي قانونِ فطرت،
    يادگيريون سزائون بڻجي ويون.
    (عاشق)


    سائين غلام اڪبر سومرو بھترين استاد ۽ زنده دل انسان

    نئون ديري جي ڌرتي ۽ شھر، هندو ڏند ڪٿائن وانگر، منھنجي لاءِ “ٻئي جنم” واري حيثيت رکي ٿو. مـَسوديري ۾ رهندي به نئون ديري سان رابطو، منھنجي ننڍپڻ کان آهي، ۱۶-۱۷ سالن جو ٿيس ته بابي نئون ديري ۾ گهرڙو ٺاهي ڏنو. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي داخلا ورتي. ننڍو ڀاءُ گڏ رهندو هو، پاڻ ماني ڪندا هئاسين. بابي ۽ چاچي جي دڙڪن کان آزاد زندگي، اصل مزو اچي ويو هو. ڪو چوڻ آکڻ وارو جو ڪو نه هو. اهو خوف سو اندر ۾ رهندو هو ته ڪا غلط حرڪت ڪري پوين کي لڄائبو به نه. گڏ پڙهندڙ شاگردن کان سواءِ، آغا محمد حسن، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي، خدا بخش ويراڳي عرف خُدن ويراڳي ذات جو سپڙو ٽائون ڪاميٽيءَ جو مُلازم، قاري عبدالحميد صاحب، پيارو منگي، حاجي لوهر، غلام رسول عرف پنھل ٽانگي وارو، هوٽل واري مائي نوران، محمد عالم پڙهي وارو، مينھون خان ماڇي، نيباهو خان حجم، مولوي محمد ابراهيم، مظفر علي کوکر، الله ڏنو ناريجو، غلام اڪبر سومرو وغيره. ڀٽن جي بنگلي تي ڪم ڪندڙ عبدالواحد سومرو، لعل بخش مشوري، قاضي محمد رفيق ۽ مُنشي خدا بخش ڦلپوٽو، بنا دُعا سلام جي سڃاڻي ڇڏيا هئا. شھر جا چڱا مڙس هئا، ماستر علي شير ميراڻي، قاضي علي گوهر، ڊاڪٽر عسڪري، نيڪ محمد ڀٽو، فقير محمد عيسى، ارباب علي ڪرٽيو، ماستر محمد جڙيل ناريجو ۽ محمد بخش ڪٽپر وغيره.
    بنگلي تي وڌيڪ اثر رکندڙ هئا، مولانا قادر بخش ڀٽي ۽ يار محمد خان ڀٽو. انھن مٿان ٿيا قريشي صاحب، چوڌري فھيم ۽ قيوم خان وغيره. ديوانن ۾ لوڪ چند، نانڪ رام، ۽ آرت مل مکي، ڀُٽي صاحب جي دور ۾، هندو پنچائتن جا رڪن هئا. انھن کانسواءِ حڪيم عزيز الله موريو ۽ حۡڪيم شيخ سعد الله به معززين ۾ شامل هئا.
    نوجواني، بي فڪري، امن امان، سستائپ، سھڻو، ننڍڙو ۽ صاف سٿرو شھر. سڄو شھر نمن جي وڻن سان ڀريل هوندو هو. جتي هاڻي گرلس هاءِ اسڪول ۽ ٽانڪي آهي، اتي سھڻو پارڪ، گُلَ ۽ ڇٻر هوندا هئا. شھر جي اوڀر طرف ڀٽي صاحب جو بنگلو مک گيٽ کان باغ، گلزاري، ڊاک جون وليون ۽ گل ٻوٽا هوندا هئا. بنگلو ساڳيءَ جاءِ تي آهي. ڪجهه ترميمن سان ۽ باقي ٻاهريون اوڀاريون باغ، بلڪل ختم ٿي ويو آهي.
    شھر جي ڏکڻ طرف گهاڙ واهه، ٻنھي ڪنارن سان ٽاريون ۽ رستو، جنھن کي ٽاپ سڏبو هو، ان تي ڇنڪار ٿيل. واهه جي ٻنھي ڪپن تي ڇٻر. گرمين ۾ ننڍا وڏا گهاڙ تي وهنجڻ لاءِ گهرن مان نڪري ايندا هئا. امام بارگاهه تائين مزو لڳو پيو هوندو هو. غلام حسين ڪٽپر جي گهرن جي سامھون باگڙين جا گهر، ديوانن جي ٻارن جون سماڌيون، انبن جو باغ ۽ ڪمند جو چيچڙو هوندا هئا. گرمين ۾ جمعي ڪوريءَ جا ڪلام وڏي سوز سان ٻُڌبا هئا. وهندڙ سنڌوءَ جو پاڻي، مٿان باگڙين جون عورتون، وڻراهه، جمعو ڪوري اصل ڪاڏنھون اڀرندو ۽ لھندو هو. پاڻ کي سمجهه ۾ ڳالھيون هاڻي ٿيون اچن:
    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينھن اُڇل،
    نه ڪو جهل نه پل، هر ڪو پسي پرينءَ کي.
    هندو ٽين ايجر ڇوڪريون (۱۴-۱۵ سال عمر جون) ڪُراڙين ۽ ٻارن سان گڏجي اچي ڪپڙن سميت گهاڙ واهه ۾ وهنجنديون هيون. نوجوان ۽ وڏا دادو ڪئنال ڏانھن هليا ويندا هئا. عسڪري ۽ ڪرٽين جي باغ جي وچ ۾ ٻه انبن جا وڻ هوندا هئا، جيڪي جنن جي ڪري مشھور هوندا هئا. دادوءَ جا ٻئي ڪنارا ۴۰-۵۰ سالن جي پراڻين ٽارين ۽ نمن سان ڀريل هوندا هئا. ٿڌڪارُ، ڇانئن ۽ هوائن جي ڪري، ڇٻر تي ليٽي ننڊ ڪري وٺندا هئاسين. ٽارين تان بُل ڏيڻ، پاڻيءَ ۾ آرپار اچڻ ۽ وڃڻ اسان جا پسنديده شغل هوندا هئا.
    ۱۹۶۹-۷۰ع جنرل يحى خان جي دور ۾ اسان جي سامھون اُهي ٽاريون، ٺيڪي تي ويون ۽ ڪٽجي ويون. غلام حسين ۽ مان، کين پنھنجي منھن گاريون ڏيندا هياسين. پکين جي آکيرن سان گڏ، ڄڻ اسان جي ويھڻ جون جايون ۽ آشيانه اُجڙي ويا هئا. دادو ڪئنال جا گهٽ گهيڙ اُجڙي ويا هئا. وڻ به ڪٽيا هئا. اسان جا وجود ڳڀا ڳڀا ٿي ويا هئا. ڏاڍي تڪليف محسوس ڪئي هئيسين.
    ون يونٽ جو دور ڏٺو. ان کي ختم ڪرڻ جي جدوجھد ڏٺي. حيدر بخش جتوئيءَ مرحوم جناح باغ ۾ جلسو ڪيو هو، اهو ڏٺو ۽ ٻُڌو هيوسين. ڀٽو صاحب، ايوب خان کان الڳ ٿيو. ون يونٽ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيائين، جيل ويو ۽ آزاد ٿي لاڙڪاڻي پھتو. اسان ڪاليج جا شاگرد ان هلچل جو حصو هئاسين. ليڊر هئا امان الله شيخ، شھزادو شيخ، عبدالغفار ڀٽي ۽ ٻيا. ڀٽو صاحب، لاڙڪاڻي پھتو ته ماڻھن جو سمنڊ، سندس استقبال لاءِ اُٿلي پيو هو. محترمه بينظير ۽ صنم ڀٽو، پھريون دفعو لاڙڪاڻي ۾، ڀٽي صاحب جي بک هڙتال وقت ڏٺيون هيونسين.
    ڀٽي صاحب جي دور ۾ سنڌ جو وزيراعلى ممتاز علي ڀٽو هيو. سنڌي ٻوليءَ جي بل تي، سنڌي-مھاجر فساد ٿيا. جيئن ٽارين جا بنڊ وڍجي کڄي ويا هئا، تيئن سنڌي ماڻھن جا لاش ڪراچيءَ مان ايمبولينسن ۾ سندن شھرن ۽ ڳوٺن ڏانھن آيا هئا. ممتاز صاحب ڏنڊو کنيو ته ڪجهه ٺاپُر ٿي پر کيس سنڌ بدر ڪري اسلام آباد ۾ ريلوي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. ڀٽي صاحب جي آرڊيننس تحت “سنڌ” ٻن ٻولين، اردو ۽ سنڌيءَ، جو صوبو بڻجي ويو. ڀٽي صاحب پٺتي هَٽي مھاجرن جا مطالبا مڃيا هئا. ممتاز صاحب ان دور کان “ڏهيسرِ سنڌ” مشھور ٿيو. غلام مصطفى جتوئي، ان جي جاءِ تي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو هو.
    اسان ۶-۵۵ تي صبح جو موهن جو دڙو ايڪسپريس تي، جيڪا ڪراچيءَ تائين ويندي هئي، لاڙڪاڻي ڪاليج لاءِ ويندا هئاسين. روڊ جي سواري نه هوندي هئي. ڪچو پر گندو رستو هوندو هو. صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ، روڊن جي صفائي ٿيندي هئي. ٻُھاري اچڻ کانپوءِ پخال سان ڇڻڪار ڪيو ويندو هو. اسان سڀ شاگرد، شھزادن وانگر گهمندي، انھن صاف رستن تان گذرندا هئاسين. آغا صاحب ۽ خدن ويراڳي معائنو ڪندي نظر ايندا هئا.
    اڄ ڪلهه جتي ڪراچيءَ لاءِ بسن جو اڏو ۽ ڪيبن آهي، ان جي پٺيان مرحوم يار محمد خان ڀٽي جي آفيس هوندي هئي. هُو ڀٽي صاحب جو اٽارني هيو. اُتي پھچندا هئاسين ته سامھون ريل جو ڦاٽڪو نظر ايندو هو. جيڪڏهن اُهو بند هوندو هو ته ڀاڄ ڪرڻي پوندي هئي. شھزادن مان ڦري، جنگي سپاهي بڻجي ويندا هئاسين. کڙيون بوٽن جون، زمين تي کُپنديون ئي ڪو نه هيون. سنھا قرار ۾ ڊڪندا هئاسين، باقي ٿلھن جو ڊُڪڻ ڏسڻ وٽان هوندو هيو. پر پوءِ به مجال جو ريل نڪري وڃي. بغير ٽڪيٽ جي فرسٽ ڪلاس يا سليپر ۾ ويھندا هئاسين. سياري جو پگهر نڪري پوندا هئا. ماهوٽن تائين ساهه پيو هيٺ مٿي ٿيندو هيو. اسان جا ريل ليڊر هئا، استاد حبيب مرحوم، الله ڏنو سومرو، دين محمد ڀٽو، عبدالسميع ڀٽو، واحد بخش پھوڙ ۽ لاهوري غلام مصطفى سومرو. ڪاليج جو ليڊر هوندو هو عبدالغفار ڀٽي.
    هاڻوڪي ميونسپالٽيءَ کان وٺي ڦاٽڪي تائين ويراني هوندي هئي. بسن جو اڏو به پوءِ ٿيو. ناڪي وٽ دلمراد جو هوٽل هوندو هو. هُن جا دوست هئا عبدالرشيد ڀٽي، محمد سومر بلوچ ۽ ٻيا.
    ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ليڪچرار ميرٽ تي ٿيا. گل محمد دايو، عبدالغفار ڀٽي، ارشاد علي ڪٽپر، عبدالسميع ڀٽو، واحد بخش پھوڙ، غلام عمر ۽ مان پھريائين سنڌي ماستر ٿياسين پوءِ سينيارٽيءَ تي سيڪنڊري اسڪول ۾ آياسي.
    ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عبدالغفار ڀٽي پي آءِ اي، ارشاد علي ڪٽپر اسٽيل مل ۾، گل محمد فوڊ ۾، استاد حبيب ۽ ٻيا بينڪ ۾، ڪي ليڪچرار ته ڪي فيملي پلاننگ ۾ آفيسر ٿيا. غلام شبير ميراڻي پھريان فوڊ ۽ پوءِ ڪسٽم ۾ مطلب ته سڀ نوجوان روزگار سان لڳي ويا.
    جڏهن ته ٻين اسڪولن ۾ نوڪري ڪري، اعتماد بحال ڪرڻ کانپوءِ نئون ديري هاءِ اسڪول ۾ اسان واري ٽھي گڏ ٿيڻ لڳي. اڳ ۾ سائين محمد علي سومرو، روشن علي بلوچ، احمد بخش ڪٽپر، غلام اڪبر سومرو، نارائڻ داس، محمد پنھل قادري، نند لعل، منگهن لعل، محمد سومر بلوچ، محمد رمضان پھوڙ، گلشن علي سومرو ۽ علي گوهر دايو وغيره موجود هئا. سائين اختر علي اويسي هيڊ ماستر هيو. الله ڏنو ناريجو صاحب بعد ۾ بدلي ڪرائي آيو هو.
    نئون ديرو هاءِ اسڪول وڏي وقار وارو ادارو هيو. سينئر استاد، ڀلي پڙهائي ۽ اخلاقيات تي توجهه هوندو هو. ڪا خرابي جي هوندي هئي به ته اُها لڪل هوندي هئي. هِن اسڪول جي خوبي، منھنجي نظر ۾ اها رهي آهي ته ٽيوشن جو مـَرضُ هتي تمام دير سان پھتو.
    استاد ذهين ۽ هوشيار، پاڻ کي والدين ۽ شھرين ڏانھن جوابدار سمجهندا هئا. سومرو گلشن علي مرحوم ڇھين ڪلاس جو پي ايڇ ڊي سڏبو هو. هو پنھنجي اوطاق تي ٽيوشن ڏيندو هو. اسڪالرشپ جي تياري، محمد رمضان پھوڙ ڪرائيندو هو. باقي ڪلاسن جي پڙهائي هوندي هئي. اڄوڪي ماحول مطابق موڪل کان پوءِ سڀ ڪلاس ڀريل نه هوندا هئا.
    سائين غلام اڪبر مرحوم، آرٽس ٽيچر هيو. انگريزي سٺي هوندي هيس. وڏي خوبي اها هوندي هيس، جو نائين ڪلاس کي “بائلاجي” پڙهائيندو هو. سائينءَ جي بدلي ٿيڻ کانپوءِ، شاگرد بائلاجيءَ ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ لڳا هئا. هو بائلاجي بھتر نموني سمجهي نه سگهندا هئا. ڪاپي ڪلچر به عام هو. ڪو ماهر استاد، ان کي بھتر نموني نڀاهي سگهي ٿو.
    سومرو صاحب آل رائونڊر اُستاد هيو. ان دور ۾ مون کي ڪتاب ۽ ڊائري گڏ هوندا هئا. کيس مون ڪڏهن پڙهندي نه ڏٺو هو، پر جڏهن ڪنھن به ٽاپڪ تي ڳالھائيندو هو ته اُهو نھايت دليلن سان هوندو هو، مڙني کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي پيرائتي ڳالهه ڪندو هو، جو ٻڌندڙ سندس ڳالھين ۾ گم ٿي ويندو هو. ڪير به بور نه ٿيندو هو. ڪتابن مان ايتري معلومات حاصل ڪري نه سگهندو هئس، جيتري سندس ڪچھريءَ مان ملي ويندي هئي. عمرين ۾ فرق هوندي به ذهني طور، هڪٻئي جي ويجهو هوندا هئاسين.
    ڀوڳ چرچا يا ٽھڪ، اسان وانگر ڪو نه ڏيندو هو. محفل مان مزو ضرور وٺندو هو. ڏاڍيان ڳالھائي، بحث نه ڪندو هو. مُرڪندي ڳالهه وڏي اعتماد سان، چئي ڏيندو هو. سليڪي سان ڳالھائيندڙ ۽ وقار وارو لھجو هوندو هيس. هميشہ “ابا” چئي، ڳالهه جي شروعات ڪندو هو.
    محمد سومر بلوچ صاحب ٻڌايو؛ “غلام اڪبر جي ننڍي ڀاءُ غلام اصغر کي لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيو ويو هو. سندس والد ٻي شادي به ڪئي هئي”. ممڪن آهي سندس شخصيت تي انھن ڳالھين جو اثر رهيو هجي، جنھن ڪري هو اڪثر سنجيده رهندو هو.
    ۱۹۸۲-۸۳ع ۾ ايم.آر.ڊيءَ جي تحريڪ هلي هئي. سڄي سنڌ ۾ هڙتالون، هنگاما ۽ گرفتاريون ٿيون. سنڌ ۾ هِن تحريڪ ايڏو زور ورتو جو دادو ضلعي ۾ جنگي جھازن سان ايڪشن ڪيو ويو. نئون ديرو ۾ به هڙتال ٿي.
    ٻيو ڪجهه به نه رڳو، ٽيليفون ايڪسچينج کي نقصان رسيو، روڊن تي ٽائر سڙيا.
    شريف ماڻھو، دڪاندار، نوڪرين وارا، شاگرد ۽ ٻيا شھري ڀٽي صاحب جو قرض لاهڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيا هئا. مرحوم عبدالمجيد ۽ ٻيا دڪاندار فوج اچڻ کانپوءِ، اسٽيشن ۽ رائيس ڪئنال جي وچ ۾ جوڳين جي گهرن ڏانھن هليا ويا. ڪي ريل جي پٽڙيءَ جي هيٺان گهمندا، پير جان محمد ڏانھن ته، ڪجهه سنڌوءَ جي ڦاٽڪ ڏانھن ڀڄي وڃي نڪتا.
    شھر ۾ ڪئين لطيفا گردش ڪرڻ لڳا. مثلاً: ڪو گهر وڃي پھتو، سھڪندو زال کي، ادي چئي کانئس پاڻي گهريائين. مرحوم عبدالمجيد جو بھترين منيار جو دوڪان هيو. جيڪو هاڻي خادم حسين هلائي ٿو. نوڪرين وارا سڀ سندس گراهڪ هوندا هئا. وڏو مھذب انسان هيو. ڀاءُ الله يار سان گڏجي دوڪان هلائيندو هو. پنھنجي پيرن ڏانھن اشارو ڪري سنگت کي ٻڌائيندو هو؛ “ادا! هنن همت ڪئي، ڏاڍو ڪم آيا، نه ته فوج کنڀي کڻي وڃي ها.”
    فوج بي رحميءَ سان ڏاڍو سخت ايڪشن کنيو هو. ڪافي ماڻھو گرفتار ٿيا. ڪن کي ڊاڪٽر سليم الله صاحب، ميجر کي فون ڪري ڇڏايو هو. هو رٽائرڊ ڪيپٽن آهي. پوءِ به ۱۵-۲۰ جوانن تي فوج ڪيس هلايو هو ۽ سزائون ڏنيون هيون.
    اُن ڏينھن مان ۽ الله ڏنو ناريجو صاحب، گرفتار ٿيڻ جي خوف کان مرحوم مشتاق علي خان ڀٽي جي بنگلي تي وڃي لِڪا هئاسين. مشتاق خان کي، مان پھريون دفعو ڏٺو هو. هُو مھذب، ڀٽي صاحب وانگر، خوبصورت ۽ قدآور شخص هيو. ناريجي صاحب جو واقف هيو. سٺو ڊرائينگ روم، عمده صوفا، قالين جي مٿان، نفيس شيشي جي ٽيبل، جنھن جون سنھيون پتل جون ٽنگون هيون. شايد جرمني يا فرانس جي ٺھيل هئي. شيلف ۾ ڪتاب ۽ امپورٽيڊ جام رکيل هئا. خاطر تواضع ۽ ڪچھريءَ کانپوءِ، مان مشتاق علي خان کان اجازت وٺي، ڪتابن کي ڏٺو هو. چائنيز، رشين، اردو ۽ سنڌي ادب تي ڪتاب ڏسي، دل ئي دل ۾ سندس ذوق جو داد ڏنو هو. ائين ڪتابن ۽ هُن جي حُسنِ سلوڪ کي ڏسي، اچڻ وڃڻ برقرار رهيو.
    ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيڪي گرفتار ٿيا، انھن ۾ مشتاق علي خان ڀٽو، سڀ کان وڌيڪ لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ اسپتال ۽ گهر ۾ نظر بند رهيو هو.
    غلام حسين ڪٽپر، مرحوم ذوالفقار علي سولنگي ۽ مشتاق علي راهوجو، محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهندا هئاسين. غلام حسين ڪٽپر، منور علي ڪرٽئي سان به گڏجي ويندو هو. قاضي عبدالرزاق عرف گدن قاضي، سائين غلام اڪبر، غلام حيدر ناريجو ۽ محمد پنھل قادري، سندن ڪچھرين جا مستقل رُڪن هئا. قادري صاحب ٽيوشن وغيره به پڙهائيندو رهيو، نينگرن کي، بنگلي تي.
    اسين سڀ گڏبا هئاسون ته ادبي ۽ سياسي ڪچھريون رنگ لائينديون هيون. اسان کان سواءِ مختلف وقتن تي ٻيا به ايندا ويندا رهندا هئا، پر محترمه جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ ڇڊا ٿي ويا.
    غلام حسين ڪٽپر ۽ مان هڪ دفعو مھيني ۾، مشتاق خان سان ملڻ لاءِ ضرور ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن چڱي خاصي دير ٿي ويندي هئي ته هو دٻيل لفظن ۾ اسان کي ڏوراپو ڏيندو هو. “منگي! مصروفيتون وڌي ويون آهن ڇا؟” ڪو نه ڪو عُذر ڏئي وٺندا هئاسين. محبت جون مٽيءَ سمان واٽون هونديون آهن.
    سائين غلام اڪبر جا، مشتاق خان جا پُٽ ڳولائو هوندا هئا. دودا خان بلڪل ننڍڙو هوندو هو. اسان جي ويجهو ڪو به نه ايندو هو. باقي سائين غلام اڪبر کي ويٺو ڳولھيندو هو. جڏهن به اسين ڪچھريءَ لاءِ ويندا هئاسين ته، فاروق علي خان، محمد علي خان ۽ ٻيا نوجوان، هٿ ملائي، اُٿي وڃي، بنگلي جي ٻيءَ ڪنڊ تي ويھندا هئا. صرف مشتاق علي خان سان ڪچھري ٿيندي هئي. اسان جون سياسي سوچون جدا جدا هونديون هيون، پر سماجي طور ھڪ ٻئي سان لاڳاپا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مولوي عبدالواحد ڪلھوڙو، ڳڙهيءَ وارو، به اچي ڪچھريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو.
    پھريائين قاضي عبدالرزاق، پوءِ حسين بخش ناريجو، مـُنھن مـَٽي ويا. تفصيل غلام حيدر ناريجو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. محمد پنھل قادري ۽ سائين غلام اڪبر، سندن قرب ڪڙيل هئا ۽ اسان کان وڌيڪ ساڻن ويجها هئا. عُرس يا خيرات ڪندا هئا ته مان ويھي ويھي ٿڪجي پوندو هوس. جڏهن خلق خدا کائي ويندي هئي تڏهن مشتاق علي خان، پنھنجي ڳڙهيءَ وارن وڏيرن ۽ نئون ديرو جي معززين سان گڏ سائين غلام اڪبر ۽ اسان کي ماني کارائيندو هو. ماني ساڳي هوندي هئي پر ٿانو ٻيا ۽ قيمتي هوندا هئا. ڪشادو دسترخوان هوندو هو. منھنجا مائٽ ۽ شاگرد خدمت ڪندا هئا، جن کان پاڻي به هورڙيان گهرندو هئس. اٻھرائپ نه ڪندو هئس.
    ڪٽپر صاحب ۽ منھنجو ساڻس، سندس حج تي وڃڻ تائين ساٿ رهيو. هڪ ڏينھن اڳ ۾ موڪلائي آيو هيومانس، ڇو ته مقرر ڏينھن تي، ضروري ڪم سبب شھر ۾ ڪو نه هيس. مڪي شريف ۾ وفات ڪيائين. هڪ دفعو ذڪر ڪيو هئائين. “اتي مري وڃبو، واپس نه ايندس.” هو ننڍي ڀاءُ جي اوچتو وفات ڪري، ڏکويل، پريشان ۽ بيمار رهڻ لڳو هو. دل جو اڳ ۾ ئي مريض هو، ڀاءُ جي وفات کيس جهوري وڌو هو. مولوي عبدالواحد، ڳوٺائي ۽ ننڍپڻ جو دوست هيس. کيس گڏ ورتيون ويو هيو. مولوي صاحب کان وڇڙي، اڪيلو خانه ڪعبه جي ڪنھن ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو هو ۽ اتي ئي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو هو. سعودي انتظاميه، سندس باڊي اتان کڻي ڪنھن اسپتال ۾ رکي ڇڏي. مولوي صاحب پريشانيءَ جي عالم ۾ هيڏي فون ڪئي. محترمه جي حڪومت هئي، ان جي ڪوشش سان سندس باڊي ڳولھي، اُتي ئي دفنائي وئي. ڪافي ڏينھن بنگلي تي تڏو هيو. اسان روز ويندا هئاسين. سائين غلام اڪبر اتي هميشه موجود هوندو هو. گهر به ويندو هيو الائي نه.
    مشٽاق علي خان سڄو بنگلو پاڻ ڊزائين ڪيو هو. ڪشادو ۽ بھترين لان، ڪراچيءَ مان ٻوٽا ۽ پيوندي گلاب آڻيندو هو. پنھنجو سلاد وغيره بنگلي اندر پوکيندو هو. روشن راتين ۾، گرمين جي مند ۾، رات جو دير تائين جڏهن ڪچھري ڪندا هئاسين ته مون کي پنھنجو خدا ياد اچي ويندو هو. نرم، سائي، مشين لڳل ڇٻري، سائو غاليچو لڳندي هئي. هر طرف کان پکا. دولت جا به پنھنجا رنگ آهن. وري غربت ۾ پنھنجا مسئلا، پنھنجي بي فڪري آهي.
    مون ۾ هڪ بُرائي آهي، جنھن جو کائيندو آهيان ان کي کارائيندو به آهيان. قاضي عبدالرزاق جهليو هو ته صاحب کي کائڻ پيئڻ جي ڪا به شيءِ نه ڏجانس. تنھنڪري، احتياطًا، کيس ڪجهه به ڏئي نه سگهيو هيس. ڪڏهن ڪڏهن، ڪِن مشورن تي عمل ڪرڻ ۾ عافيت هوندي آهي. مشتاق علي خان حج تي ويندي ويندي، پڙهڻ لاءِ ڏنل ڪتاب، “ڀنڀور” آخري ڏينھن تي دوڪان تي موٽائي ڏياري موڪليو هو.
    مشتاق صاحب جي وفات کانپوءِ، ڪٽپر صاحب ۽ منھجي اچ وڃ گهٽجي وئي. باقي سائين غلام اڪبر ۽ غلام حيدر ساڻن ساٿ نڀاهيندا رهيا.
    واقعي، ڀٽا “پارس” آهن. محترمه اقتدار ۾ آئي ته نئون ديرو جون رونقون موٽي آيون. مرحوم جميل احمد قريشي ۽ قاضي عبدالرزاق جي ڇا ڳالهه ڪجي پراڻن پَسارن کي پوئتي ڇڏي ويا.
    ۱۹۹۵ع ۾ محترمه وزير اعظم جي حيثيت سان “جميل” جي ڪري، والي بال ٽورنامينٽ ۾ شريڪ ٿي هئي، اسان اسڪولن جي استادن جون پاسون نڪتيون هيون. زندگيءَ وفا ڪئي ۽ صحت سالم رهي ته وڌيڪ تفصيل سان لکبو. اها ٽورنامينٽ زيڊ.اي ڀٽو ڪلب نئون ديرو وارن ڪرائي هئي. جنھن جو محمد بخش ناريجو ڪئپٽن هيو.
    هي Royal families هي دانشور، اديب ۽ شاعر سڀ سياڻا، صرف حڪيم سعد الله شيخ صاحب جي خاندان کانسواءِ، سڀني جا گنگا مان ڍُڪ ٻُڪ ڀريل آهن. اها هڪڙي فئملي، مئرٽ ۽ محنت تي جيئندي آئي آهي. ڊاڪٽر برادران جي جيئڻ جي سوچ به مثبت (Positive) رهي آهي. جيتري مالي حيثيت اٿن، اوتري عزت اٿن .
    سگا ۽ گسٽا ڇڏڻ کانپوءِ صرف گهر، ڪتاب، موسيقي ۽ ملان بشير احمد بچيا. سڄي زندگيءَ جو ويھي تجزيو (Analysis) ڪيو اٿم، مائٽن، واقف ڪارن ۽ بيمارين سان جنگ ڪئي اٿم بيزار ۽ ٿڪو آهيان ته نشئي ٿيڻ جي بجاءِ، موڪل وٺي سکر وڃي ڊگري به وٺي آيس ۽ پاڻ به پرڀائي آيس. سکر، مون لاءِ گهر کانپوءِ آخري پناهه گاهه رهيو آهي. سکر بئراج، لبِ مھراڻ، ساڌ ٻيلو، ايوب پل، لينڊس ڊائون پل، بکر جو قلعو، روهڙيءَ ۾ درياهه جو وهڪرو، اجنبي ماڻھن ۽ حسن کي ڏسي، تازو توانو ٿي، نين سوچن ۽ امنگن سان گهر موٽي آيو هيس. مان بدلجي نه سگهيو آهيان، پر معاشرو تيزي سان بدليو آهي. سنڌ جا بھترين قدر موڪلائي ويا آهن. ڪا چڱي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪن سِڪي رهيا آهن.
    منھنجي ذاتي راءِ آهي ته شھر جي ڊاڪٽرن مان، ڊاڪٽر سليم الله صاحب سوشل ورڪر آهي، هو صحيح دوا تجويز ڪرڻ سان گڏ، گهٽ رقم چارج ڪري ٿو. سئي ۽ ٿيلھي هن جي ڊاڪٽريءَ ۾ ڄڻ آهن ئي ڪونه، پنائي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن ماڻھن کي، ٿيلھيون چاڙهي ۽ مھانگيون دوائون تجويز ڪري، منھنجا مائٽ دوا لاءِ هتي ايندا آهن، جيڪي پئسا گهران آڻيندا آهن، اُهي کٽي پوندا اٿن، منھنجي ڀاءُ مشتاق منگيءَ کان اوڌرا وٺي پورت ڪندا آهن. ڊاڪٽر محمد يوسف ۽ ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر لاڙڪاڻي اسپتال ۾ نئون ديرائين جي مدد ڪندا آهن. اُهي ڳالھيون به چڱيون آهن.
    شل! ڊاڪٽر خليل الله صاحب، جيڪو سٺو آفيسر، دوستي، ڪچھري ڪندڙ ۽ سٺو مطالعو ڪندڙ آهي، اهو به وڏي ڀاءُ جي نقشِ قدم تي هلي مسڪينن ۽ غريبن جي خدمت ڪري ته وڌيڪ محبت ۽ عزت جي لائق بڻجي پوي. خلق خدا جي خدمت کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي عبادت، افضل آهي ؟
    ڊاڪٽر خليل الله پنھنجي والد صاحب جي حوالي سان ٻڌائيندو آهي ته، “حڪيم صاحب چوندو آهي ته مرندڙ مريض کي دوا ڏئي اسان حڪيم، ان جي مالڪن کي تاڪيد ڪندا آهيون ته، هن کي وڃي گهر رهايو، هن جون خواهشون پوريون ڪريو. هروڀرو هيڏي هوڏي روليوس نه، هن سان ڳالھيون ڪريو. هن لاءِ دعائون گهرو ۽ خواهشون وغيره پوريون ڪريوس.” پر اڄوڪا ڊاڪٽر، خاص ڪري ميڊيڪل سينٽر، ٿيلھيون، سيون، دوائون ۽ ڪمرن ۾ رهائي، مريض جي مالڪن جا ٽپڙ وڪڻائي، پئسا وٺي پوءِ کين لاش ڏيندا آهن. ڪيڏو سچ چوندو آهي، شھر جو جهونو بزرگ شھري.
    اهي ڳالھيون آهن تعليم ۽ صحت جون. مان چوندو آهيان، ٻئي (ويلفيئر ڊپارٽمينٽ) خدمت ڪندڙ کاتا آهن ۽ ٻئي تباهه آهن. ٿاڻي، ڪورٽ ۾ ٽيڪس وغيره کاتن ۾ ۱۰ سيڪڙو ماڻھو به ڪونه ٿا وڃن پر صحت ۽ تعليم سان سڄي قوم جو واسطو آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۽ صحت جي سينٽرن لاءِ رقم گهرجي. اُها غريب قوم ڪٿان آڻي؟ حلال جي ڪمائيءَ وارا ته پھچي ڪونه سگهندا.
    شيخ صاحب جي حوالي ڏيڻ ڪري ٻيا شھري جيڪي عزتدار ۽ ايماندار آهن، اهي ناراض نه ٿين. مان مڃان ٿو ته ڪافي خاندان محنت ڪري جيئندڙ آهن، پر جن ٽي دفعا آئوٽ آف ٽرن، نوڪروين۽ فائدا ورتا آهن، اُهي هن شھر جي سنڀال ڇو نٿا لھن، هتي هنن جي وڏن جون قبرون آهن، لکن ۽ ڪروڙن ۾ ٿا تورجن، هنن، هن شھر کي ڇو وساريو آهي. پنھنجي غربت جا ڏينھن ۽ گهٽين ۾ گهمندڙ، ڦرندڙ ڏينھن وسري ويا اٿن. قاضي، کھڙا، ڀٽا، سڀ سکڻين هٿين هليا ويا، غريبن جو حق ڇو نٿا ادا ڪن، انسانيت جي خدمت ڪندا ته هنن جي وقار ۾ اضافو ٿيندو، اڪيلو جيئڻ ته، ماڻھپي کان پري ڪري ٿو.
    ۷۰-۱۹۶۹ع ۾ ڪجهه دوستن، فلسطينين جي جدوجھد کان متاثر ٿي، ياسر عرفات جي “الفتح” نالي سان الفتح اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهي سون. مرحوم امداد علي سومرو، غلام حسين ڪٽپر، عبدالغفار ڀٽي ۽ ٻيا گڏ هئا. لئبرري هلائي سون. امداد علي سومرو منھنجي قومپرستيءَ جو ساٿي هو. ٽنڊي ڄام جو گريجوئيٽ ۽ ڍورن جو ڊاڪٽر هيو. اسڪالرشپ تي آسٽريليا مان ٿي آيو هو. آمريڪا ۽ يورپ جي اسڪالرشپس کان ان ڪري محروم رهيو جو هن وقت حق، ميرٽ ۽ سينيارٽيءَ کان سواءِ ڪا سياسي سفارش نه هئي. هنن جي فيصلي سان ٽريجڊي ٿي. باءِ پاس تي گاڏي بيھاري، مون سان ملندو هو. تڪڙي جيڪو ڪجهه هوندو هو ته اهو کائيندو هو، نه ته ٿڌو پاڻي پي، کلندو موڪلائي هليو ويندو هو. غلام حسين ڪٽپر ۽ ٻين سان پڻ ملي حال احوال وٺندو هو. عجيب طبيعت وارو جوان هو. ڊي جي سنڌ ٿيو هو ۽ ان پوسٽ تي رهندي، دل جي تڪليف ڪري وفات ڪري ويو هو. لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيل آهي. اتي تڏي تي جڏهن گلشن سان مليو هيس ته مان لڙڪن کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هيس.
    هن شھر ۾ نوجوانن لاءِ ڇا آهي؟ سواءِ ڀنگ، چرس، آفيم، هيروئن، ٽي وي، وي سي آر ۽ ڊش جي، ڪھڙو پليٽ فارم آهي، هو ڪيڏانھن وڃن؟ ڪير هنن کي صحيح دڳ ڏسڻ وارو آهي؟ مون کي به هاڻي نوجوان پٽڙا آهن، سڄو ڏينھن ڌيئن وانگر گهر ۾ ويھاريو ويٺو آهيان. هن شھر جا باقي نوجوان به هن کي پٽن وانگر پيارا آهن. پنج ماڻھو اڳتي اچن، مون وانگر سوچن، بغير سياست ۽ ووٽن جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نوجوانن کي اخلاق، ذميواريون، علم، ڳالھائڻ ۽ تقريرن ڪرڻ سان گڏ جيئڻ جو ڍنگ سيکارڻو آهي. نه ته فحاشيءَ جي باهه سڀني درن تي آهي. جواني ديواني آهي، اها ڇڙواڳ ٿي ته جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو به وڃائي ويھنداسي. نوجوان جي گلا ڪرڻ سولي آهي پر اسان واري نسل هنن لاءِ ڪيو ڇا آهي؟ ورثي ۾ ڇا ڇڏيو آهي؟ مون کي يقين آهي، هي نوجوان سٺو Response ڏيندا. بغير پئسن ۽ خرچ جي به سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. مٺن ٻولن ۽ محبت ۾ جادو آهي. مون کي تجربو آهي، اعتماد آهي تڏهن ته اهي ڳالھيون ڪيان ٿو. مون کي حيرت آ عبدالغفار ڀٽي به هن شھر مان هٿ پٽي ويو آهي. ٻين کي ڇڏي، هن کي نه صرف ميار ڏئي سگهجي ٿي پر سرور ناريجي جي سامھون جهيڙو به ڪري سگهجي ٿو. شل! ڪو واءُ وري .... “نام ديو” ديوان جو به هن شھر ۾ سٺو ڪردار رهيو آهي. جتي مسلمان ڪنڊائتا ٿي ويا آهن، اتي هو ديوان به ڇا ڪري ؟
    هاءِ اسڪول نئون ديري ۾، مان جي ايس ٽي هيس، هڪ دفعي مٿي ماڙ تي ڪلاس وٺي، هيٺ لھي آياسي ته خبر پئي ته، سائين اختر علي اويسي ۽ غلام اڪبر صاحب، پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن.محمد پنھل قادري، جنھن جي سامھون، سڀ ڪجهه ٿيو هو، ان ۽ ٻين استادن احوال ڏنو. مشتاق علي خان ڀٽي جي پڙهندڙ پٽن جي ڪري، اهو سڀ ڪجهه ٿيو هو. سائين اختر عليءَ، هنن کي ڪا هدايت ڪئي، جنھن تي سائين غلام اڪبر ناراض ٿي پيو هو ۽ اويسي صاحب سان منھن ماري ڪئي هئائين .
    آخر ڳالهه وڃي اتي پھتي ته هيڊ ماستر اويسي صاحب مڃيو ته غلام اڪبر صاحب، پنھنجي غلطي تسليم ڪري آفيس اچي ته مان هر ڳالهه ڇڏي سائين اويسي صاحب، اسان مان ڪنھن تي ڪيڏو به ناراض هوندو هو ته، صرف ايترو چوندو هو ته، “ادا! اها اوهان جي بيواجبي آهي” هن جو مھذب پڻو، اخلاق ۽ ايمانداري مان ڪنھن ٻي آفيسر ۾ نه ڏٺي .
    سائين محمد علي سومرو، روشن علي بلوچ صاحب، محمد سومر بلوچ ۽ محمد پنھل قادريءَ ته سائين غلام اڪبر کي ڏاڍو سمجهايو پر سومرو صاحب “ننھن کي نوَ ڪوٽ” ڏئي بيھي رهيو.
    وڏي آواز ۾ چوندو رهيو ته هيڊ ماستر کي جيڪي ڪرڻو آهي اهو ڪري، مان آفيس ۾ هلي ٺاهه نه ڪندس. ٻه عزت مآب انسان آمھون سامھون ٿي بيھي رهيا، مون کي ياد آهي، اويسي صاحب به ڦاسي پيو هو. هو بلڪل نه پيو چاهي ته ڳالهه آفيسرن تائين پھچي. اصل ۾ بنيادي طرح ڪا وڏي خراب ڳالهه “بنياد” ڪونه هئي. اهڙا مسئلا ته شاگردن، استادن ۽ هيڊ ماسترن جا ٿيندا رهندا آهن .
    انتظام، ضابطن ۽ اخلاق وارا ڏينھن هئا، مٿي آفيسر به چڱي انتظام خاطر، هيڊ ماسترن جي پاسي هوندا هئا. هيڊ ماسترن جي عزت ۽ ادارن جي وقار خاطر هنن جي مدد ڪندا هئا. هھڙو، “جھان خان” وارو دور ڪونه هيو.
    سائين غلام اڪبر Relieve ٿي ويو. نه الوداعي، پارٽي ۽ ٻيو ڪجهه صفا Un-ceremonial سڀ ڏکوئجي ويا هئاسي. سائين جنھن اسڪول ۾ بدلي ٿي ويو، اتي به بھتر ڊيوٽي ڏئي نه سگهيو ۽ سسپينڊ به ٿيو هو.
    سائين غلام اڪبر سان سالن جو ساٿ رهيو. سنجيده ترين انسان هيو. ههڙو روپ، مان هُن جو ڪڏهن نه ڏٺو هو. هُن جا ڪجهه ڪليگس، سائينءَ جي نوجوانن ۽ غصي بابت ٻڌائيندا هئا. پوءِ به هن جي بغاوت ۾ ايڏي سگهه، مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو.
    پُڇي پاڙي واريون، ڪوهه ڪريندو ڏَمُ،
    هي سِسي، ساهه ۽ چـَمُ، گهوريو ميھر يار تان.
    (شاهه)
    ڪجهه وقت کانپوءِ ملندا هياسي ته اُها ئي سنجيدگي، مُرڪ ۽ پنھنجائپ، نه شڪايت ڪندو هو ۽ نه وري ڪنھن جي گِلا، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. ڇيڙڻ تي مختصر جواب ڏيندو هو.
    هڪ دفعي سيارو هجي، رستي تي ملي ويو، پڇيومانس ته، “ڪٿي آهيو؟”
    “ابا! ڪراچيءَ ويو هيس،”
    “سائين! ڪجهه ڪوٽ وٺي آيا آهيو؟”
    “يار! ڏاڍا سستا ڪوٽ هئا. سو سنگت لاءِ وٺي آيس. سڀ ورهائي ڇڏيا آهن.” هن جواب ۾ چيو.
    “توکي ڪنھن ٻڌايو؟” هن پڇيو هو.
    “دوست دلبر” مون کيس جواب ڏنو هو. دوست محمد لوهر (عباسي) هاءِ اسڪول جو ليبارٽري اٽينڊنٽ هو. مرڪندڙ چھرو، هر ڪم ۾ صرف “ها” سڄو ڏينھن کلندي، ڳالھائيندي پيو. استادن جا اسڪول ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. سائين ليبارٽري ۾ پنھنجو ڪم ڪري ٻين جي حصي جو به ڪم ڪندو رهندو هو. ڪٿان ڳوليان اهڙا ماڻھو، اُڏامي هليا ويا. عجيب قادر جي ڪائنات آهي. هن کي اولاد به ڪونه هئي .
    ان وقت سائين غلام اڪبر سسپينڊ هو ۽ پگهارون به بند هيس. هن جي ايتري پي آر هوندي هئي جو هميشه ڪراچيءَ سنگت سان ڪارن تي ويندو هو. اتي بنگلن تي کائڻ پيئڻ، ڪچھري، هفتن جا هفتا، انھن سان رهي پوندو هو. سندس واسطي وارا شايد عرضي ڀٽو ڳوٺ، تعلقي ميروخان جا هوندا هئا. هن کي گهر ۽ اولاد جو فڪر ۽ ڳڻتي ڪونه هوندي هئي. فڪر هوندو هيس ته “غريب موالين جو” هن جي لڏي ۾ صوفي ۽ قاضي صدرالدين جھڙا ڪافي خوشحال، پڙهيل نوجوان به هوندا هئا. سڀني کي پنھنجو وقت ڏيندو هو. گهاڙ جون هوائون، ٿڌڪار، ڇنڪار، صفايون، گلڪاريون، وڃي ڪو ڏسي ته مولائن جا آستان، مٽيءَ مان مھڪ پئي ايندي. گهور پيا ٿيندا، نون آيل مھمانن تان ڪا جاءِ نه لڀندن جتي جن کي انھن کي ويھارن. تڏو کڻي ايندا. رليون وڇائيندا. “حال حبيبان، پيش پريان” مزو ايندو هو سائينءَ وارن سان ويھندي. اصل دل ئي نه چوندي هئي گهر وڃڻ تي. بنگلن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ منھنجو ساهه منجهندو آهي. غريبن جي رت جي بوءِ ايندي آهي. ڀڄي نڪري ايندو آهيان. ٻاهر نڪري وڏا ساهه کڻندو آهيان.
    مان “ماستر” هجڻ جي ناتي “ٽي ٽيچرس ٽريننگ ورتيون آهن. Best Teacher تي انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافي مضمون، مقالا ۽ استادن جا ليڪچر ٻڌا آهن، ان سان گڏ ڪافي “رفريشر” ڪورس به ڪيا آهن. پر مون کي اڄ به اهو احساس آهي ته مان سائين غلام اڪبر سومري ۽ ان ٽھيءَ جي استادن جھڙو ٿي نه سگهيو آهيان هو سچا پچا Nation Builder هئا. هو منھنجي استادن جي عمر جو هو. تعليم بابت سوين وصفون، يورپين ٿنڪرس جون آهن. جن مان هڪ آهي ته:
    “Education means change in behavior”
    سنڌ ۾ تعليم پرائيندڙن جو اهي، اٽالن، ٿاڻن، ڪورٽن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ سڀني ادارن ۾ پڙهيل ماڻھن ۾ تعليم جيڪا تبديلي آندي آهي، اُها اسان سڀني جي آڏو آهي، هي پڙهيل ملازم، مسڪينن جي ٽئڪس تي ٺٺ ٺانگر ٿا ڪن. قيامت ڏينھن الائي ڪيئن پنھنجي مڃيندڙ “خدا” کي جواب ڏيندا؟
    مون کي والدين نه پر سائين غلام اڪبر جھڙن استادن پڙهايو. گهر وارن کي خبر ئي نه هوندي هئي ته بآر ڪيئن ٿا پڙهن. مون کي انھن جي عظمت، اخلاق، همدردي ۽ علمي قابليت ياد آهي مون کي مليشيا ڊريسون هر سال ميرٽ ڪلاس ٽيچر، هيڊ ماستر کان وٺرائي ڏيندا هئا. سلائي به اسڪول ڀريندو هو. اهڙو انصاف وارو دور اکين سان ڏٺوسين. ڇاجي سفارش يا ياري باشي. هڪ دفعي بابي اٺين درجي ۾ ماکي ۽ مکڻ هڪ استاد کي ڏنا. مون کي ياد آهي، اُن ڏينھن استاد ڏاڍو ڪُٽيو هو. هٿن ۾ ساوا ۽ ڪارا داغ ٿي پيا هئا. ٽيچر ٿيس. سالن کان پوءِ سمجهه آئي ته ان استاد ماکي ۽ مکڻ حلال ڪرڻ خاطر ٻن جي بجاءِ پنج لڪڻ هنيا هئا. اڄ جي دور ۾ ڪو ايئن ڪري ته ٻه لڪڻ به معاف ٿي ويندس. اهڙا فرشتا، نيڪ ۽ غريبن جا هڏڏوکي استاد هئا. پنھنجي اولاد ۾ جيئڻو اٿو ته بغاوت ڪريو. سوشل ڍانچو تبديل ڪريو. هن شھر کي غنڊن بدمعاشن ۽ جاهلن کان بچايو. ڪجهه ڪونه ٿيندو. پنھنجي نسلن کي بچايو. پبلڪ جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ غليظ، بيڪار، لالچي ۽ مفت ۾ پگهارون کڻندڙن کي تبديل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. سرڪار ڪجهه نه آهي. پاڻ سرڪار ٿيو. توهان جي ٽئڪسن مان هو ٻچا ٿا پالين. هنن کان ڊڄو ڇو ٿا. هڪ پنو، پريس جو بيان، هڪ ميڙ، هڪ جلوس جي دٻ به جهلي نه سگهندا. فائول طريقا ڇڏي صرف مھذب طريقن مان به سڀ ڪجهه ممڪن آهي .
    مان خوشنصيب آهيان جو، غلام اڪبر مرحوم، استاد حبيب مرحوم دوست محمد عباسي مرحوم، دل مراد مرحوم ۽ ٻين اهڙن کي سڃاڻان، دلمراد زماني جو ماڻھو هيو. هن کي ڳالهه ٻڌائڻ جو وڏو فن هو. اسڪول ۾ بئنچ تي ويھي ڪچھري ڪندا هياسي. نئون ديري جي دانشورن ۽ اديبن کان وڌيڪ ڏاهو ۽ سماجي سڌٻڌ رکندڙ هيو. ماڻھو گريڊن ۽ دولت سان نه پر ماڻھپي سان سڃاتا ويندا آهن .
    مان ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته، منھنجي سوشل لائيف جي پڙهيل لکيل دوستن کان اهي سڀ کان وڌيڪ مون کي ان ڪري پيارا آهن جو هو “ماڻھوءَ آزار، نه هئا. هنن وٽ ڏيڻ لاءِ ڌن دولت نه هو پر قرب ۽ عزت وڏي ڏيندا هئا. اها اهڙي مايا آهي جو کپائڻ سان کٽندي ئي نه آهي. انساني همدردي ۽ خلوص جا ٻه ٻول، وڏي مرهَم آهن. مان ڪافي اهڙن ماڻھن کي سڃاڻا تڏهن ته مالڪ جي ڪرم ۽ انھن جي دعائن سان پنھنجي خيالن، سوچن ۽ آدرشن سان جيئان ٿو.
    مون کي منھنجا همدرد چوندا آهن، تنھن جو طريقه ڪار غلط آهي. سادو جواب آهي، لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ پير ڳوٺ وارو روڊ وٺبو نه، پنجوديرو وارو روڊ وٺي لاڙڪاڻي ڪيئن پھچبو!؟ مون کي خبر آهي ته سوشل ورڪ ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي. ماڻھو ان کي “حڪمراني” سمجهي ڪندا آهن. اهو ئي فرق آهي هنن ۽ مون ۾. هو مرتبي جا بکيا، پيٽ جا پوڄاري، داداگير ۽ انسانيت دشمن آهن. هو ائين سوشل ڪم ڪندا آهن. جيئن هيروئن کپائيندڙ خيراتي اسپتال هلائيندو آهي. هو اخبارن ۾ نالا ۽ ڦوٽو ڇپرائڻ لاءِ عھديدار بڻيا آهن. تنظيم کي تباهه ڪندا آهن، پر عھدا نه ڇڏيندا آهن .
    جڏهن مان ابن خلدون ۽ سماجيان جي مختصر مضمونن کي پڙهيو ته سمجهيو ته سوشل ورڪ، کٽڻ وارو ڪم نه آهي. هڪ ماڻھوءَ يا ٿوري عرصي جو ڪم نه آهي. هِن ڪم لاءِ ٽيم ورڪ، جذبو ۽ حياتيون گهرجن .
    اهو ئي سبب آهي جو “مدر ٽريسا” ايڌي ۽ نيلسن منڊيلا وغيره سنڌ پيدا ڪري نه سگهي آهي. هتي اسان جلد ٿڪجي ۽ بيزار ٿي پئون ٿا.
    يورپ جتي آهي اُتي پھڄڻ ۾ هنن جي دانشورن، حڪمرانن ۽ فردن جي سون سالن جي ذلتن، تڪليفن ۽ پيڙائن کي سھڻ ۽ سمجهڻ جو نتيجو آهي. هنن تعليم، ريسرچ، اخلاق ۽ انصاف جي بنياد تي هنن پنھنجو معاشرو اڏيو آهي. اسان وٽ عملي ڪم ته پري رهيو پر سوچون به پيدا ڪونه ٿيون آهن .
    آخري دفعو جڏهن سائين غلام اڪبر سان مليو هيس ته ڪجهه کائڻ پيئڻ سان گڏ رهاڻ به ڪئي هئي، موڪلائيندي دعوت ڏني هئائين ته “تارن جي علم ۽ حقيقتن” تي ليڪچر ڏيڻو آهي. چانھهه ۽ بسڪيٽن جو انتظام آهي، سو اچجو” افسوس ! مان وڃي نه سگهيو هيس. ياد رهي ته عمر خيام وڏو تارن جي علم جو ماهر هو. ۱۸ سال ريسرچ ڪري موجوده ڪئلينڊر تيار ڪيو هئائين. هو وڏو شاعر به هو. هن جون رباعيون مشھور آهن. مان سنڌي ادب جو مختصر مطالعو ڪندڙ آهيان. پر اڄ لاچار آهيان. پنھنجون انائون ۽ بت ٽوڙي، اردو ادب جو سھارو ٿو وٺان ته جيئن قلندر مرد سان قلمي انصاف ڪري سگهان.
    خود پياس کا صحرا هون،
    مگر دل کي ضد هي،
    پهر دشت پر ساون کي طرح
    ٽوٽ ڪي برسون. (نامعلوم)
    سائينءَ جي فطرت ئي اهڙي هئي، يا زماني جي لاهين چاڙهين تراشي هن کي “انسان” بڻايو هو. مان فيصلو ڪري نٿو سگهان. هو ڏکويل هيو. هن جا پئسا اڏامي ويا هئا. ٻچڙن هن کي سک نه ڏنو هو. پوءِ به اطمينان ۽ منھن تي مرڪ. هٿ وٺي حجت سان ويھاريندو هو ته ننھنڪر ڪري نه سگهندو هيس. جلدي هوندي ته به اهڙي انداز سان جند ڇڏائيندو هو جو اسان به راضي ٿي ويندا هئاسي .
    هڪ دفعي سڙيو پچيو پيو هيس. سائين گڏجي ويو. هٿ ملائيندي پڇيو مانس: “سائين ڪيڏا نه عذابن ۾ آهيون! ڇا ڳالهه آهي؟”
    “ابا ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا جيڪا بھشت ۾ خطا ڪئي هئي اسان ان جي اولاد هئڻ جي ناتي Punishment ۾ آهيون.”
    سائين! ڏيو منھن!! کڻي اچو پنھنجا فلسفا ۽ منطق، ڪيڏو وڏو سوال ڪيڏو سادو پر ڀرپور جواب.
    هو اسان جي شھر جو صحيح معنى ۾ فلسفي پڙهيل لکيل ۽ انسان دوست هو .
    ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جا هزارين اهڙا ذميوار، بااخلاق، هوشيار، ذهين، محقق، تاريخدان، اديب، شاعر ۽ سوشل ورڪر استاد، سنڌي اسڪولن ۾ نوڪري ڪندا هئا. ۱۹۷۵ع کان وٺي کاتو خالي ٿيڻ شروع ٿيو آهي. هاڻي، علم، عرفان، سليقو ۽ ڏاهپ ورهائيندڙ اداري ۾ ”ڪنگ“ ٿا رڙن ڳولڻ سان به ڪو عالم، اسڪالر ۽ با اخلاق ڪونه ٿو لڀي. پنجاهه اسڪولن جي هيڊ ماسترن مان پنجيتاليھه “فنڊ خور” آهن. جن جي چوڌاري بي ايمان، لالچي، ڪوڙن ۽ مڪار ماسترن جي لوڌ آهي جيڪي فائيلن جو پيٽ ڀريند ارهن ٿا. باقي پنج ايماندار، لڪندي ۽ منٿون ڪندي نوڪري ڪن ٿا. ايمانداري هنن لاءِ عذاب بڻجي پئي آهي. سائين غلام اڪبر جھڙا پگهار تي پيٽ ۽ ٻچا پالڻ وارا ڪونه ٿا ملن. وڏن اسڪولن ۾ ڪو پڙهائي ٿو ته صرف ٽيوشن خاطر، پگهارن تي پڙهائيندڙ ماستر مري ويا. استادن جا مشغلا، علم جي بجاءِ ڏاڍ مڙسي، داداگيري ۽ تنظيم سازي وڃي رهي آهي. مزي جي ڳالهه ته شاگرد به انھن کي چاهين ٿا. پڙهائيدڙ استاد کي هو هو ڪونه ٿا ڀائن. هو پڙهڻ. سکڻ ۽ اخلاقي پابندين کان جند ڇڏائي ويا آهن. والدين هنن کي ذاتي توجھه ڏئي پڙهائن، باقي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪجهه ڪونه آهي. ڏهن هزارن کان پنجيوھن هزارن تائين پگهار کڻندڙ پاڻ کي معاشري جو نظرانداز ٿيندڙ طبقو ٿا سمجهن .
    جيڪڏهن پنھنجن پٽن، پوٽن (اولاد) کي تعليم ڏيڻي اٿو ته حڪيم سعد الله شيخ صاحب وانگر، پنھنجن ٻالڪن تي توجھه ڏيو. مون کي ذاتي طور تي خبر آهي، تڏهن ته ڊاڪٽر خليل الله سان ريس ڪندو آهيان.
    محبت مشڪ وانگر آهي، پنھنجي ٻچڙن سان محبت اٿو ته هنن سان محنت ڪريو ۽ تربيت لاءِ بھتر کان بھتر اُپاءَ وٺو .
    سائين غلام اڪبرجون ڳالھيون ڪچھريون، يادگيريون، منھنجي لاءِ سرنھن جي وڻ جي گل ۽ ٻور مان نڪرندڙ هڳاءَ ۽ مينديءَ جي مھڪ وانگر آهن. الله پاڪ هن جي روح تي رحم ڪري.


    تعليم جو آفيسر: غلام نبي شاهاڻي

    اوائلي عمر ۾ صبح جو ڍڪ محلي واري گهر مان ڪتاب کڻي لاڙڪاڻي يا شھر لاءِ نڪرندو هئس ته ڍَڪ منشيءَ کي سلام ڪري اڳتي وڌبو هو. هاڻي جتي گرلس پرائمري اسڪول بلڊنگ آهي، اتي ڍڪ هوندو هو ۽ اتر طرف هُن جي رهائش ۽ آفيس هوندي هئي. مھاجرن جي خالي جڳھه، دَئي ۽ پَپي مل جي جڳھن کان پوءِ “پير چوڏهو”، سولنگين جي گهر، تقي شاهه مرحوم جو واڙو، سامھون غلام نبي صاحب جو هائوس. ساڳي عمارت ۽ اوطاق آهي سواءِ آرائش ۽ مختصر ترميمن جي روڊ جي ساڳي اتر واري قطار ۾ تقي شاهه جي حويلي،غلام قادر سپڙو ، مولچند جو گهر ۽ فقير محمد عيسى مرحوم جي گهر جو دروازو ٽپي، پوسٽ آفيس واري گهٽي وٺبي هئي. دين محمد ڀٽي واري موجوده بلڊنگ ڪونه هوندي هئي. باقي جايون هونديون هيون. جتي ٽرانسفارمر آهي، ان جي ڏکڻ طرف ٻارن جي راند جو ميدان هوندو هو. هن وقت رياض حسين (غلام قادر مرحوم جو پٽ) وارن جو شاپنگ سينٽر ۽ جاءِ آهي. اتي ئي مُکي آرت مل، ٿانور مل ۽ ٻيا پوڙها عامل ديوان پري کان ڏسندا رهندا هئاسي. ٿانور مل کي ٻلين ۽ ٻين جانورن سان اُنس هوندو هو. هُو ڄڻ ته نئون ديري جو “جمعو فقير” هيو.
    تـقي شاهه اصل ميرپور جي ڀرسان ڳوٺ جو هيو. فقير صاحب “ڀُونڀٽ پور” جو هيو ۽ شاهاڻي صاحب، عزت جي وانڍ جي پريان پنھنجي “شاهاڻن” جي ڳوٺ جو آهي. شاهاڻي صاحب جو تعلق، زميندار گهراڻي سان آهي. ٻني ٻاري اوطاقن واري ڪلچر، (پٽڪي ۽ اجرڪ) سنڌ جي ٻھراڙي وارين ريتن رسمن جو انسائيڪلو پيڊيا هيو. تتر، ڦاڙها، ماکيون ۽ سنڌو جي ڪناري جهنگ ۽ پاڻي چڙهڻ جا نظارا ننڍي کان وٺي ڏٺل هئس.
    شاهاڻي صاحب منھنجي واقفيت، پنھنجي چاچي عرض محمد منگي (مسو ديرو) جي ڪري ٿي. هُن جي عمر ۷۵ کان ۸۰ سالن تائين ٿيندي. مرحوم قاضي علي گوهر ۽ مرحوم محمد سڄڻ پير ڳوٺ جي ٽھيءَ جو آهي. غلام نبي مرحوم جو مسوديري جي سردار غلام الرسول جلباڻيءَ کان وٺي تعلق رهيو. اسڪول وزٽ ڪرڻ ايندو هو ته اوڏانھن به ويندو هو. سڀ عزت ڪندا هئس.
    اميد علي ڪٽپر منھنجي ويجهن دوستن مان آهي. گهٽين ۽ روڊن تي رُلندي شاهاڻي صاحب ملندو هو ته هن کي سلام ڪري وٺبو هو ۽ اهو سلسلو آخر تائين قائم رهيو. پاڻ اڪثر ٻڌائيندو هو ته مان هتي پڙهڻ دوران، اميد عليءَ جن جي گهر رهندو هئس. سائينءَ جن پڙهي استاد بڻيا. ڪافي سينئر ٽيچر جيڪي پاڻ به رٽائر ٿي چڪا آهن، اُهي هن جا شاگرد آهن. بعد ۾ ماسترن جو صاحب بڻيو. سينيارٽيءَ تي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر بڻيو. فور ويل (گاڏيءَ) وارو آفيسر به ٿيو. تعليمي آفيسرن ۾ شاهاڻي صاحب واحد آفيسر هيو جنھن کي پنھنجي گاڏي به هوندي هئي.
    سنڌ جو اهو عجيب محبتن وارو دور هيو جڏهن شھري ماڻھو، ٻھراڙيءَ جي ٻين برادرين ۽ غريب مائٽن جي ٻارن کي پاڻ وٽ سالن جا سال رهائيندا هئا. ائين سوين نه پر هزارين ٻھراڙيءَ جا پڙهي آفيسر ۽ ڪامورا بڻيا. منھنجا ڪجهه دوست چوندا آهن، ڳوٺان گوڏ پائي ايندا هئاسي. سلوار اسڪول ٻاهران پائيندا هئاسي. غربت جو دور هوندو هو پر ماڻھن جون دليون شھنشاهه هونديون هيون. اُها سنڌ ئي الائي ڪاڏي اُڏامي وئي!
    شاهاڻي صاحب گهر جو وڏو هئڻ سان گڏ، تعليمي آفيسر به رهيو تنھن ڪري هن وٽ هميشه هارين نارين، ماسترن ۽ مھمانن جي اچ وڃ نظر ايندي هئي. حسين شاهه راشدي، مرحوم علڻ فقير، ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور عالم دانشور ۽ شاعر ايندا رهندا هئا. مون کي حيرت تڏهن ٿي هئي جڏهن “سھ ماهي مھراڻ” رسالي وارن ناياب خط ۽ تصويرون شاهاڻي صاحب جي ٿورن سان شايع ڪيا هئا. ڪافي علمي اهم شيون هنن وٽ ٻيون به محفوظ آهن.
    ۱۵-۱۰ سال اڳ “سماجي ثقافتي سنگت نئون ديرو” جو بنياد، شاهاڻي صاحب جي اوطاق تي رکيو هيوسي. خادم صيف شاهاڻي، عبدالغفار ڀٽي، غلام حسين ڪٽپر، منٺار علي سولنگي، ابراهيم خليل ۽ مان ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئاسي. مقصد هيو ته ڪجهه لکڻيون گڏ ڪري نئون ديري تي ڪتاب ڇپرائجي. ٻي گڏجاڻي ڀٽي صاحب جي اوطاق تي ٿي. واري سان ٻي هنڌ به گڏجاڻيون ٿيون. مان الڳ ٿي ويس. ڀٽي صاحب ڪراچيءَ هليو ويو پر پوءِ به ڪم هلندو رهيو. ڪافي مواد گڏ ٿيڻ کانپوءِ اهو ڇپجي نه سگهيو.
    مان پنھنجي ذميوارين ۾ خيانت نه پاڻ ڪندو آهيان نه ٻين کي ڪرڻ ڏيندو آهيان، تنھنڪري ميڙن ۽ محفلن مان نڪري وڏا ساهه کڻي، گهر ۾ اچي لِڪي ويھي رهندو آهيان. سنڌين کي اڃا ايتري ساڃاهه ڪٿي آئي آهي جوهو مون سان هلي سگهن. بدديانتي ۽ منافقي مون کي نه وڻندي آهي. سڄي عمر اڪيلو رهيو آهيان. ڇو ته ٻين جو مزو وڃائڻ به نه چاهيندو آهيان. منھنجي پنھنجي دنيا آهي.
    سرنھن جي ڦولارن جو رقص وڻندوآهي. کيڙيءَ ۾ هلندي ۽ ڀترن تان ڪرندي مزو ايندو آهي. بھار ته سڀني کي وڻندو آهي پر خزان جي موسم ۾ ٽھڪ ڏيڻ۽ ڳاڙهن گلن کي ڏسي اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ عاشقن جي روايت آهي. مان روايتن جو پابند، پاڻ وڻائي نه سگهيو آهيان، تنھنڪري ڪنڊائتو وقت گذاريان ٿو.
    مان هميشه پاڻ کي “ماستر” سمجهيو آهي. دانشور ٿيڻ منھنجي وس جي ڳالهه نه آهي. ماستريءَ جي ذميوارين ئي مون کي نپوڙي ڇڏيو آهي. انھيءَ طبيعت ۽ مزاج سان شاهاڻي صاحب مان عبدالخالق جي دوڪان تي ڪافي علمي گفتگو ٿيندي رهندي هئي. گرمين جي منجهند جو هر سال عبدالرحمان ڪنڌر جي ڪپڙي جي دوڪان تي وڃي ڪچھري ڪندو آهيان. اُتي گذريل سانوڻ شاهاڻي صاحب ه اچي ويھندو هو. هر موضوع تي ڪچھري ڪبي هئي. ڏاڍي ٻُڌ سُڌ، ڏيٺ ويٺ ۽ لڳ لاڳاپا مرحوم جا هئا. وڏي عمر هوندي، صحتمند هوندو هو. پنھنجي کائڻ پيئڻ ۽ خوراڪ جا قصا ٻڌائيندو هو. مون کي ڪو مسئلو يا نئون ديري بابت معلومات نه ملندي هئي ته سائينءَ کان پڇي وٺندو هئس.
    پاڻ هڪ رمضان ۾ مسجد ۾ “اعتڪاف” ۾ به ويٺو هو. حج به ڪري آيو هو. سندس پٽن خادم حسين ۽ خالد حسين سان، پاڙيسريءَ وارا لاڳاپا آهن. خادم حسين اوطاق تي ادبي گڏجاڻيون سڏائيندو آهي. دوستن کان حال احوال ملندو رهندو آهي. شاهاڻي صاحب وٽ فرنٽ جو سربراهه ۽ سندس پٽ امير بخش خان ڀٽو ايندا رهندا آهن. اهڙي طرح زميندار، آفيسر، مٽ مائٽ ۽ يارن دوستن جون گاڏيون بيٺيون هونديون آهن.
    مرحوم فقير محمد عيسى سان ڏاڍي عقيدت هوندي هيس. حاجي صاحب به هُن جي عزت ڪندو هو. وفات کان صرف هڪ ڏينھن اڳ ۾، عبدالرحمان ڪنڌر کي گهرايائين، هُن سان ڪچھري به ڪيائين ۽ کانئس دُعا گهرايائين. اِها ڳالهه فقير مون سان پاڻ ڪئي. جيڪي ويٺا هئاسون اُهي حيرت ۾ پئجي وياسون ته “ڇا ته موت آ” خوش چڱو ڀلو ائين هليو ويو.
    آخر ۾ عمر خيام جي هڪ رباعيءَ جو ترجمو:
    “مون کي پڪ آهي ته اُن ڌرتيءَ مان منھنجو وجود
    ائين ڪو نه پيدا ڪيو ويو هو،
    جنھن مون کي ان ڌرتيءَ مان پيدا
    ڪيو،
    وري ان ئي ڌرتيءَ ڏانھن مون کي ٻيھر موٽايو.”
    شل! الله ج مرحوم کي پنھنجي رحمت ۽ فضل سان جنت ۾ جاءِ ڏئي. آمين.


    ڦٽل واهه، واهيون ۽ واهڙ

    ڳوٺ مسو ديرو، جلباڻي سردارن جو آهي. ڳوٺ جي اتر اولھه جي ڪنڊ وٽان قادو واهه وهي ٿو. مسوديري جي اتر ۾ ميل کن مفاصلي تي قادي واهه جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري تي علي اڪبر شاهه ۽ مراد علي شاهه جون مزارون آهن. قادو شاخ ٻنھي جي وچان وهي ٿي.
    ٻنهي بزرگن جون مزارون مٽيءَ سان بڻايل ۲۰-۲۵ فوٽ مٿي دڙي تي آهن. ۳-۴ ايڪڙن تي ايراضي ٿيندي. اُتي لانڍ ۽ وڻ وغيره آهن، ڏاڪڻ تي مٿي چڙهي وڃبو هو. ڏاڪڻ جي شروعات وٽ مٺي پاڻيءَ جو کوهه هوندو هو جنھن تي ڍينگهر وغيره پيل هوندو هو. جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسي ته هر سال ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو هو. بزرگن جي عقيدتمندن ۾ جلباڻي ذات وارن جي اڪثريت آهي.
    مسوديري جي آسپاس انھن جا گهر ۽ زمينون آهن.
    پراڻو سکر واهه آڳاٽي زماني ۾ ڀِٽَ جي ڀرسان وهندو هو. سکر واهه جون ”ڪُوران“ مون به ڏٺيون ۽ اڄ به انھن جا آثار آهن.
    ڀِٽَ تي ٻئي بزرگ هڪٻئي جي آسپاس هئا. سينه به سينه پوڙها ٻڌائن ٿا ته جڏهن قادو واهه بئراجن وقت نڪتو ته قادو شاخ کي ڀٽ جي وچان وهايو يا کوٽايو ويو. ماڻهن ڪجهه احتجاج به ڪيو پر جيئن ته مزارون سلامت رهيون تنھن ڪري مسئلو ختم ٿي ويو.
    موجوده قادو شاخ شڪارپور ضلعي جي حدن ۾ ڊکڻ شاخ سڏجي ٿو. سکر واهه وارو پاڻي، رتيديري جي ناڪي تائين ته مون به ڏٺو. پراڻي زماني ۾ اهو شھر جي ڏکڻ کان وهندو هو. ڪي ته اُن کي به گهاڙ واهه سڏن ٿا.
    رتيديري ناڪي وٽ بيٺل گڏ ٿيل سفيد پاڻيءَ ۾ کٽي ڪپڙا ڌوئيندا ۽ اتي سُڪائيندا هئا. هاڻي اُهي آثار ختم ٿي ويا آهن. جڳھون ۽ ڪارخانا وغيره ٺھي ويا آهن.
    سکر واهه ۽ نئون ديري واري گهاڙ واهه ۾ فرق اهو آهي ته، نئون ديري وارو گهاڙ واهه تمام اونھو ۽ درياءَ جي ويجهو هئڻ ڪري، تازي پاڻيءَ جي وهڪري بند ٿيڻ ڪري اُهو بيٺل پاڻيءَ جي وهڪري بند ٿيڻ ڪري اُهو بيٺل پاڻي رنگ مَٽائي سائو ۽ بدبودار ٿي پيو. جڏهن ته گرمين ۾ اُن جي ڌپ، نڪ ۽ ناسون بند ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي، جيڪو ڦٽل گهاڙ واهه اسان ڏٺو ان جو تـَرُ ۲۵-۳۰ فوٽن کان به وڌيڪ ٿيندو. اسان ٻه ٻه مانجهاندڻيءَ جا لڪڙا گڏي تـَرُ ماپڻ جي ڪوشش ڪئي. تـَرَ ۾ نرم گپ ۾ ۴-۵ فوٽ لڪڙو اندر ويندو هوندو. جڏهن گهاڙ ۾ ٻيڙيون هلنديون هونديون تڏهن ته ان جي اونھائي ۵۰-۶۰ فوٽن کان گهٽ نه هوندي.
    سڄي سنڌ ۾ جيئن مقبرا ۽ مزارون وغيره اهميت رکن ٿيون، تيئن ”واهڙ“ واهه ۽ ڍنڍون ڍورا به اسان کي پنهنجي گم ٿيل تاريخ جا آثار ۽ نشان ڏسن ٿا.
    سنڌ جي تاريخ ايڏي ڇڙوڇڙ ۽ مُنجهيل لڳندي آهي جو ماڻھو ڪم ڪندي ٿڪجيو ۽ بي دليو ٿي پوي.
    ماڻھو سوچي سوچي، ڳولھي ڳولھي، آخر ڪنھن نتيجي تي پھچي ٿو. مان جيڪو نتيجو گهاڙ واهه ۽ ٻي باقيات جو ڪڍيو آهي، اُهو اوهان تائين پھچائڻ چاهيان ٿو. جيئن ٻيا بزرگ ۽ نوجوان منھنجي رهبري ڪري سگهن.
    سکر واهه، سنڌو درياءَ مان نڪرندو هو، مدئجيءَ جي ڀرسان ڳاهيجا ڳوٺ آهي اُتي اڄ به آثار ڏسي سگهجن ٿا. گهاڙي واهه جيڪو، مرکياڻي زميندار کڻايو، اهو اڳ ذڪر ڪيل ”ڪورن“ مان نڪتو جنھن کي ”گهاڙي“ سڏيو ويو ۽ اهو ”ناڙي“ بلوچستان تائين پھتو. اها به خاطري آهي ته ان وقت ناڙي سنڌ جي حدن ۾ هوندي. ڇو ته دولھه دريا خان، ڄام فيروز جي وقت ترخانن ۽ ارغونن کي سبيءَ تائين سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو هو. (مرکياڻي زميندار، گهاڙي ۽ ناڙيءَ جو ذڪر بعد ۾ ڪنداسون.)
    فتوئل واهه: مسوديري جي ڏکڻ ۾ جلباڻي صاحبن جي باغن کان پوءِ ”فتوئل“ نالي ننڍڙي واهڙي زمينن کي پاڻي پھچائيندي هئي. فالتو پاڻي ڀرسان ”نانگي شآهه“ ۾ گڏ ٿيندو هو. کڏ جي مٿان ”مڪان“ موالين جو هوندو هو. ڪاڪو ”ميرو کٽي“ (امير بخش) دڪان جي صفائي وغيره ڪندو هو. هن کي جنڙي هوندي هئي. اسان صرف اهو ٻڌو هو باقي نه ته ڪاڪو ميرو ڏاڍو قربائتو هوندو هو. اسان شاگردن کي استاد، مڪان ڏانھن وڃڻ کان روڪيندا هئا، تنھن ڪري جيستائين وڏا ٿيا سي اوڏانھن نه ويندا هئاسي. سائين ٻُڍل شاهه فقير سيد هيو. ان جو پٽ امام شاهه ۽ ان جو اولاد اڄ به اُتي آهن.
    فتوئل واهڙي اوڀر کان وهندي ايندي هئي. لڳي ٿو ته اهو ڪڏهن فتوئل واهه هوندو جيڪو سالار ڀٽو کان وهندو. مسوديري جي اوڀر کان دادو ڪئنال جيترو ڦٽل واهه هوندو هو، ان کي اسان ”موڙهه“ سڏيندا هئاسي. اهو به گمان آهي اهو موڙهه ئي اصل ۾ فتوئل واهه هجي. هاڻي ان موڙهه ۾ زمينون آباد ٿي ويون آهن. پر ڪٿي ڪٿي ان جي مٿان پڪين سِرن سان گول پُليون ٺھيل آهن. سالار ڀٽو ۾ اسان جا مائٽ آهن. شادي، غميءَ ۾، بابو ڏاند گاڏيءَ تي اسان کي اوڏانھن وٺي ويندو هو، تنھنڪري اهو سڄو آسپاس ڏٺل آهي.
    ميرپور ڀٽو ۽ مسوديرو وچ ۾ صرف هڪ ڪلوميٽر زمينون آهن، وارهه تائين هنن جي ”واهڙي“ جا پنھنجا نالا آهن. ميرپور کان اوڀر طرف سالار ڀٽو تائين ”جيھن“ جا ڪافي ڳوٺ آهن.
    منھنجي سامھون ”ذوالفقار علي ڪلھوڙو“ جو آرٽيڪل آهي. هي صاحب قائداعظم يونيورسٽيءَ جو پروفيسر آهي. آرٽيڪل ڇپيو آهي “Journal of Civilizations July 2009”، آرٽيڪل جو عنوان آهي:The Necropolis of Jeevan Shah in Larkana Sindh. سڄو آرٽيڪل پڙهڻ ۽ سانڍڻ جھڙو آهي. مان اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته بين الاقوامي طور جيڪا ريسرچ ٿيندي آهي اُهي معيار اسان وٽ نه آهن. ڇو ته ۶۰ سالن ۾ اسان جي ادارن معياري ڪم نه ڪيو آهي رڳو پگهارون ۽ عياشيون ۽ ڀڃ ڊاهه جا چئمپين ٿيو، داٻا ڏيو ويٺا جاوا ڪن. اڪيلو ذوق رکندڙ ماڻھو ٻچن جو پيٽ پالي يا ريسرچ ڪري. ريسرچ تي ٽائيم ۽ پئسن جو خرچ ٿئي. ڪتاب، اچڻ وڃڻ، ميل ميلاپ، سنڌ جي ٽئڪس مان اهي ڪم ٿيڻ گهرجن ته ڌرتيءَ جي تاريخ نروار ٿئي ته ايندڙ نسل لاءِ ڪا آساني ٿئي. مقصد اهو آهي ته مون جھڙا ريسرچ ڪري ئي نٿا سگهن. حڪومت سنڌ، عالمن ۽ دانشورن کان سنجيدگي کان ڪجهه ڪم ڪرائي. هر شيءِ تيزيءَ سان مٽجي رهي آهي.
    1: The Tomb of Qado Dhamraho.
    2: The Tomb of Fatuhal or Fatuwal.
    هنن ٻنھي ”سب ٽاپڪس“ کي جيئن جو تيئن لکان ٿو (فوٽو اسٽيٽ).
    هنن مان ڪلھوڙن جو دور نمايان ٿئي ٿو. شروع ۾ لکيل ”مٽي“ واري مقام جي به وضاحت ٿئي ٿي. ڏسو انگريزيءَ ۾ فوٽ نوٽ. مِٺو به قادو ڌامراهي دور جو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته نئون ديري ۾ رهندي مولا بخش کي ڳوليان. ذات لکيل ڪونه آهي، پر پوءِ به ڪلھوڙي صاحب سان رابطو ڪري پڇي سگهجي ٿو.
    ڪلھوڙي صاحب کي ٻين به معلومات ڏني آهي. بدر ڌامراهي صاحب جو چوڻ آهي ته ”ڌامراها“ پنھورن جي شاخ آهي.
    لاڙڪاڻو- دادو روڊ تي ”ڌامراهو واهه“ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ماضيءَ ۾ محترمه جا استقبال هجن يا سن وڃڻ جا قافلا، ”ڌامراها واهه“ وسارڻ جھڙو نه آهي. قدرت جا ڪرشما آهن. ”ڌامراهو واهه ته آهي پر زمينون کيڙڻ ۽ آباد ڪرڻ وارا ڌامراها ذات وارا نه آهن. الله ڪُل شيءِِ قدير آهي. حيرت ۽ ڏڪڻي ٿي وٺي وڃي. اي انسان! ڌرتيءَ تي آڪڙجي نه هل!“ (قرآن مجيد)
    The Tomb of Qado Damraho (Qadir Bux)
    To the north of Jeevan Shah’s tomb is situated the dilapidated tomb of Qado Damraho. He served Mian Din Muhammad, Yar Muhammad Kalhoro, and Mian Yar Muhammad Kalhoro. These days he is considered to be a patron saint of the Damraho tribe. Like Meeran Shah, his tomb hustles with his tribesmen who bring their male babies for head-shaving. Qado Damraho got a channel dug for irrigating his land which was bestowed upon him by Mian Yar Muhammad Kalhoro in return for his military services. The channel that Qado Damraho got excavated is known as Qado Wah which irrigates considerable agricultural land in Ratodero taluka. The tomb of Qado Damraho is believed to have been built by Mian Noor Muhammad Kalhoro. Presently, the tomb of Qado Dhamraho is rapidly falling to pieces. One can only find the remaining walls of the tomb that have withstood the vagaries of weather which played havoc on the original beauty.

    2– The Tomb of Fatuhal or Fatuwal:
    The tomb of Fatuhal that lies to north of Qado Damraho’s structure is also in appalling condition. Only the western southern walls have survived. Tatuhal seved both Mian Yar Muhammad Kalhoro and Mian Noor Muhammad Kalhoro. There had been four persons by the name of Fatuhal in the Mianwal MovementL Fatuhal Chhajro, Fatuhal Zardari, who is buried in the necropolis of Balo Faqir Zardar in Nawabshah. Fatuhal Lekhi, son of Bilawal Lekhi, who is buried in the graveyard of Shah Panjo Sultan Dahot, and Fatuhal Naich, who is buried in this necropolis belonged to the Chhajro tribe. The real name of Fatuhal was Fateh Muhammad, who, like others, got a channel excavated which is named after him as Fatuhal Wah. This channel excavated which is named after him as Fatuhal Wah. This channel originates from Ghar Wah and irrigates substantial agricultural land of many villages in Qamber taluka.
    Like other tribes of Sindh, the Chhajro tribe also plays an important role in the Mianwal Movement. This tribe also produced a number of eminent generals and soldiers as well. However, Fatuhal Chhajro and Yousuf Shah Chhajro were quite prominent. There have been two persons by the name of Yousuf Shah in the annals of the Mian wall Movement. They were Yousuf Shah Lund, a disciple of Mian Ghulam Shah Kalhoro, whose tomb is located near the village of Shadman in the Ran of Kutch just opposite the Shikhani Gahri and Rupa Mari (an ancient capital of the Soomras) in Badin and Yousaf Shah Chhajro, a disciple of Mian Deen Muhammad Kalhoro whose shrine is situated near Mitho Dero in Larkana. Popularly he is known as Yousaf Shah Jillani.
    نئون ديري لڳ پنجوديرو، ڳوٺ، سکر واري روڊ تي آهي. شھر جا زميندار ڇڄڙا آهن. هو پڙهيل لکيل، نوڪري ڪندڙ ۽ شريف وڏيرا آهن. ڪنھن سان به آزار نه اٿن. پوليس ۽ روايتي وڏيرن واري چال نه هجڻ ڪري ۽ چورن وغيره جو ساٿاري نه هئڻ ڪري هنن جي عزت ته آهي پر هنن کان ڪوبه ڳوٺاڻو خوفزده نه هوندو آهي. ڇڄڙن وانگي ”اگھم“ به زميندار رهيا آهن. هنن جو ڳوٺ بنگل ديرو واري روڊ سان آهي. نئون ديري روڊ تي ڏکڻ واري باءِ پاس ديھه شادي اگھم آهي.
    عبدالوهاب سھتو صاحب، جيڪو ڪھاڻيڪار آهي، پھاڪن، ورجيسن ۽ چوڻين تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪافي ڪتاب ۽ ترجما وغيره ڏنا اٿائين. پاڻ بنيادي طور تي انجنيئر آهي. هُن جو خيال آهي ته ”گهاڙ“ لفظ گهڙڻ مان نڪتل آهي. جيئن ڊکڻ جو ڪاٺ مان ڪجهه ٺاهڻ، ڪنڀر جو مٽيءَ مان ڪجهه بنائڻ پر سوال ٿو اٿي ته واهه يا ڪئنال کوٽبو آهي. يا کڻائبو آهي. سھتي صاحب جي ڳالهه کي ائين به بيان ڪري سگهجي ٿو ته درياءَ جي تيز وهڪري، بند ٽوڙي قدرتي طور ”گهاڙ“ وهايو هجي ۽ اهو ئي تيز وهڪرو ”گهاڙ“ واهه ۾ تبديل ٿيو هجي. ائين ڪيترا برساتي نالا ۽ وهڪرا سنڌ ۾ هرهنڌ ملن ٿا.
    گِهڙُ، گهيرُ ۽ گهاڙ وغيره هڪ ڪٽنب جا لفظ لڳن ٿا. مصدر ٿيندو گِهڙڻ: پاڻيءَ ۾ لھڻ. گهڙڻ: ٺاهڻ. شاهه صاحب ”گهاڙي“ لفظ سُر ڏهر ۾ ڪم آندو آهي جيڪو هڪ ماڳ جو نالو چون ٿا. پر اهو ماڳ ڪٿي آهي ان جي وضاحت نه آهي.
    محترم سھتي صاحب ٻين واهن جو تفصيل ٻڌايو، جيئن عاقل لاڙڪاڻي کان سدا واهه، بيگاري واهه، حڪمرانن ۽ تر جي زميندار ”بيگر“ هڻي کوٽرايو هو، تنھنڪري ان کي بيگاري واهه نالو مشھور ٿيو.
    مون اردوءَ جي فيروز لغات ۾ ”گهاڙ“ لفظ کي هيٺين ريت ڏٺو:
    گهاڙ: مصيبت. ان سان گڏ ’ق‘ يعني قديم لفظ لکيل آهي، ڏسو صفحو ۱۱۱۹ ڊڪشنريءَ ۾. هر لفظ جي پٺيان لکيل آهي ته هي لفظ عربي، پارسي، هندي يا سنسڪرت وغيره جو آهي پر ”گهاڙ“ لفظ سان قديم لکيل هجڻ خاطري ڏياري ٿو. هي لوڪل لفظ آهي جيڪو ٻين ٻولين ۾ به مروج آهي.
    جيئن مان مٿي ذڪر ڪيو ته ڪنھن ٻوڏ وقت سنڌوءَ جي وهڪري ڪنارا ٽوڙي، آبادين ۽ زمينن تي تباهي ۽ مصيبت آندي هجي ۽ ان جي بچل نشان کي ”گهاڙ“ يعني تباهي ۽ مصيبت سڏيو هجي. الله ج بھتر علم رکندڙ آهي. پر اسين ايترو سوچي سگهون ٿا ته هي ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. سنڌ جي ڌنڌلي تاريخ منھنجي ذهن ۾ ائين اڀري ٿي، جيئن ڪنھن شاعر چيو آهي”
    ”ماري ڪوئل ني ايسي ڪوڪ، ماهيا مينون ياد آگيا،
    دل ۾ اُٺي ايسي هوک، ماهيا مينون ياد آگيا.“
    اهو به ممڪن آهي ته ”گهارو“ مان گهاڙ بڻجي ويو هجي، اصل ۾ درياءُ پائي، گهارو ڪري پنھنجو گس ٺاهيندو آهي.
    هاڻي اچو ته ڏسون، ”گهاڙ“ واهه بابت ڪتابن ۾ ڇا لکيل آهي.
    ”وچ ايشيا“ ۽ اولھه ايشيا سان گهاڙ واهه ڳنڍيل رهيو. ”گهاڙ واهه“ آبي شاهراهه رهيو. جنھن مان مراد آهي ته پتڻ/ بندر به هوندا. ۳۲۷ ق م ۾ سڪندراعظم ماهوٽا ضلع لاڙڪاڻي مان گذريو. سڪندر يونانيءَ جي وقت جا سنڌ م صرف ٻه شھر اڄ به آهن. هڪ ماهوٽا ٻيو سيوهڻ.
    موجوده ماهوٽا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ مقام جي ڀرسان اڄ به ڦٽل گهاڙ واهه ڏسي سگهجي ٿو. مقام ۽ گهاڙ واهه جي وچ ۾ وڏو دڙو آهي، جنھن کي ان وقت شھر جو تباهه ٿيل قلعو سڏجي ٿو. اڄڪلهه اتي قبرون ٿي ويون آهن. هن مان خبر پوي ته گهاڙ واهه ۽ ماهوٽا اڍائي کان ٽن هزارن سالن تائين قديم آهن.
    ڏسو قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، صفحو ۲۵۳.
    ساڳي ڪتاب ۾ منڇر ڍنڍ بابت لکيل آهي ته ”منڇر ڍنڍ“ ڇھه هزار قبل مسيح يعني اٺن هزارن سالن کان آهي.
    ”نئون ديري“ جا نوان ۽ پراڻا ورق ۾ لکيل آهي ته، گهاڙ واهه ڪلھوڙن جي دور جو آهي. ڇا هي ٻن جدا گهاڙ واهن جا تفصيل آهن؟ فيصلو اوهان پاڻ ڪريو. اسان جا اسڪالر ۽ دانشور هن کي ريسرچ سڏن ٿا. منھنجو عقل ڪم ڪونه ٿو ڪري. ڳالهه سچي ڪرڻ گهرجي جيڪا اوهان آڏو آهي. وڌيڪ تفصيل ايندڙ صفحن تي لکندڙ في الحال ٻي ريسرچ:
    ماڳ جو نالو: ڌامراهي وارو دڙو.
    دور: ۴ ۽ ۵ عيسوي.
    جڳھه: باڊهه ريلوي اسٽيسن ڀرسان. ڇھه ميل ڏکڻ. اولھه ۾ ضلعو لاڙڪاڻو. ڳوٺ ڌامراهو، ڦٽل دڙي جي صورت ۾، چوڌاري دڙي جي ٺيڪراٺو پکڙيل آهي. صفحو ۱۳۶، ڪتاب قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه.
    پراڻي لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ ”ڌامراها واهه“ وڳڻ- ميھڙ روڊ تي مشھور رهيو آهي پ پ پ جا جلسا يا جيئي سنڌ وارن جا قافلا، گڏ ٿيڻ ۽ انتظار ڪرڻ جي جڳهه ”ڌامراها واهه“ رهيو آهي. پر آسپاس ڪٿي به ڌامراها ذات وارن جو ڳوٺ ۽ آبادي نه آهي. آهن نه سنڌ جي تاريخ جا رُڃ وانگر کيل. بنگلديري، لاڙڪاڻي روڊ تي ڌامراهن جو ڳوٺ مشھور آهي. جيڪو پ پ پ جي چاڪر علي خان جوڻيجي جي ڪري مشھور آهي. جيڪو مرحوم ذوالفقار علي جي تمام ويجهو هو. موجوده ڌامراهن جو چڱو مڙس ”راجا خان ڌامراهو هيو جيڪو بدر ڌامراهي صاحب ٻُڌايو ته انگريزن جي دور جو هيو.
    سنڌ جي تاريخ پڙهي، سوچجي ٿو ته ساهه ٿو ٻوساٽجي، مغز ٿو چڪرائجي. ”گهاڙ واهه“ وانگر، هر شيءِ منجهيل سُٽ وانگر آهي. افلاطون چيو آهي ته، ”جڏهن ماڻھو تجربو حاصل ڪري سچ ڳولي لھندو آهي ته هن وٽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڪا سگهه نه هوندي آهي.“ اسان ماڻھن وٽ هاڻي ڪجهه ڪونه بچيو آهي، پر اهو سچ آهي ته ”اسان جو ڪو سڄڻ نه آهي.“
    ڦٽل گهاڙ واهه جيڪو مون پاڻ ڏٺو ان جو تفصيل:
    قاضين جي محلي جي وچ مان گندي پاڻيءَ جي کڏ هوندي هئي، اُها اسان جي گهرن کان، فقير عيسى مرحوم جي مسجد کان مٿي ڪرٽين جي محلي تائين هوندي هئي. بدبودار پاڻي، ڍونڍ جي ڌپَ خاص طور تي گرمين ۾ سڄي محلي ۾ ڦھلجي ويندي هئي. هاڻي پڪيون گهٽيون ۽ گهر ٿي ويا آهن پر اهي يادگيريون سڀني وٽ اهن.
    تحفة الڪرام جو مصنف لکي ٿو ته، لاڙڪاڻي وارو گهاڙ واهه ”شاهه علي عرف شاهل محمد کوٽايو هو. هي سلسلو ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جي دور ۾ به جاري رهيو. تاريخ ڪلھوڙا صفحو:۸۴۹، مصنف غلام الرسول مھر.
    پير شاهل محمد اڄ به مشھور آهي. هن جو مقبرو لاڙڪاڻه- قمبر واري روڊ تي آهي. اڄ به بيمار ۽ باسون باسيندڙ پانڌيئڙا اتي ويندا رهندا آهن. ”گهاڙ واهه“ هڪ ڪتاب ۾ ق.م ۽ ڪتاب ۾ ڪلھوڙا دور جو هِن کي اسڪالر ريسرچ چون ٿا. ڪيڏي نه ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. ائين اسان وڏا وڏا دنيا جا نعرا ۽ سچايون ڌوڙ ڪري ڇڏيون آهن. مثلاً: لانگ مارچ ۽ ڌرڻا وغيره. ڪٿي رهي ماؤ زي تونگ جي لانگ مارچ ۽ ڪٿي اسان جا صرف نعرا هڻندڙ ميڙ ۽ تقريرون وغيره. ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ”جمھوريت“ جو نالو بار بار اچي ٿو. جمھوريت ۾ ته ۱۰۰% تعليم هوندي آهي، جڏهن سنڌ ۾ ۳۰% تعليم به نه آهي. ووٽن وقت مرد ۽ عورتون پولنگن تي آڻي ائين ووٽ لاءِ پيپر تي آڱوٺو هڻائيندا آهن، جيئن غلامن کان ڪم وٺبو هو. جيڪي جرنيل آئين تحت حلف کڻندا آهن اُهي ملڪ جا نوڪري ڪندڙ ملازم، حڪمران بڻجي ويندا آهن ۽ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن کان ڪا پڪڙ ٿي نه سگهي آهي.
    اسان جي عجيب زندگي ۽ رحم جوڳيون حالتون آهن. سوچ سان جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
    هاءِ اسڪول نئون ديري جي اولھه ۾ ”گولي واري“ کڏ هوندي هئي. اڌ شھر جو گندو پاڻي هتي اچي گڏ ٿيندو هو. هاڻي اُتي شاپنگ سينٽر ۽ شھيد محمد مراد ڪالوني ٺھي چڪي آهي. محلو غريب آباد ۽ شھر ملي چڪو آهي.
    جيئن شروع ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته گهاڙ واهه سان گڏ گوليواري کڏ مان مٽي کڻي، گوپالي واري/نم چونڪ کي مٿي دڙو ڪيو ويو آهي. مون کي گمان آهي ته هي ”هندن“ جو جوڙايل ڳوٺ آهي. ممڪن آهي ڀرپاسي ڪو ڳوٺ، ٻوڏ وغيره ڪري تباهه ٿيو هجي يا ان جي ڊپ سبب اُتان جا رهاڪو هتي اچي آباد ٿيا هجن ۽ ان سبب ”نئون“ نالو ڏنو هوندائون.
    جيڪي ڳوٺ ٻڌندا آهن، اُهي مٿانھينءَ تي پنھنجا گهر ۽ ڪاروبار ڪندا آهن بعد ۾ جڏهن اهو ڳوٺ، شھر ٿين لاءِ وڌندو آهي ته ٻي آبادي اچي آباد ٿيندي آهي. عقل جي ڳالهه آهي ميربحر، ماڇي، قاضي ۽ ڪرٽيا وغيره بعد ۾ اچي آباد ٿيا آهن نه ته هو جهنگ ۾ کڏن، کُوٻن ۽ بدبودار پاڻيءَ جي ڍوري مٿان هوگهر ڇو اڏن ها. ٻاهران ايندڙ ماڻھن جي مجبوري هوندي آهي ته رهڻ لاءِ ڪو ٽڪرو زمين جو مِلي پوي. تنھنڪري منھنجي پختي راءِ آهي ته، مٿيون ذاتيون هن شھر جو بنياد رکندڙ نه آهن. ڀٽا صاحبان ته دير سان نئون ديري آيا آهن، يعني رسول بخش خان ۽ خانبھادر مرحوم، صرف ٻه پيڙهيون.
    سنڌ نه بلڪ دنيا ۾ لڏپلاڻ جا هيٺيان ڪارڻ رهيا آهن:
    ۱- زمينن تي جهيڙو.
    ۲- عورتن جو مسئلو.
    ۳- بيماريون يا وبائون.
    ۴- ٻوڏون .
    ۵- پاڻي ۽ گاهه جو مسئو، خشڪ سالي وغيره.
    ۶- روزگار جي تنگي.
    ۷- چڱ مڙسيءَ تان برادرين ۽ قبيلن جي ويڙهه به سبب ٿي سگهي ٿو.
    موجوده ڦٽل گهاڙ واهه جي ڪناري تي پرائمري ۽ انگريزي اسڪول، هندن جي عورتن جو عبادتگاهه، پير چوڏهي جي قبر ۽ اوڀر ۾ راشدين جو بنگلو چئي سگهجي ٿو. اڄ به اُهي اولھه کان اوڀر ساڳي رستي سان آهن.
    ڪتاب نئون ديري جي آخري رنگين صفحي تي لطف الله سورتيءَ بابت لکيل آهي: هو ۱۸۳۸ ۾ هتي نئون ديري آيو ۽ ترسيو. هن پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي ته، ”هن ڳوٺ جو سنڀاليندڙ، محمد خان سيال آهي. اهو ميرن جو دور هيو. ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي.
    هو وڌيڪ لکي ٿو ته، نئون ديرو وڏو ڳوٺ آهي جو مير محمد خان (حيدرآباد) جو آهي. اسان نئون ديري وارن کي خبر آهي رائيس ڪئنال مان ”مير واهه“ نڪري ٿو. ڪوٽ ۽ ڪوريجا مٿان وهي ٿو. گمان آهي ته بئراج (۱۹۳۳ع) کان اڳ اهو واهه کوٽايل هيو ممڪن آهي اهو به گهاڙ واهه مان نڪرندو هجي ۽ بعد ۾ پراڻو نالو، قادي واهه وانگر ماڻھن جي دلين ۾ محفوظ رهيو هجي.
    اچوته مختصر ذڪر ”سنڌوءَ“ جي ڪچي جو ڪيون. ۱۹۷۰ع کان تقريباً ۱۹۸۵ع تائين گهمڻ ۽ تفريح لاءِ ڪچي ۽ ٻيلي ڏانھن سنگت سان وڃبو هو. سنڌوءَ جي ٻنھي بندن جي اندر زمينن کي ڪچو سڏبو آهي. بندن کان ٻاهر پَڪو سڏبو آهي. پنجاب جي دريائن کي ڪچو آهي ئي ڪونه صرف سنڌو ۾ اهو ”ٽرم“ آهي. درياءَ ۾ پاڻي گهڻو هوندو آهي ته ”ڪچو ٻڏندو“ آهي جنھن ڪري چڻا، مٽر ۽ تيلي ٻج وغيره ڪڻڪ سميت سٺا ٿيندا آهن. سڪندر يونانيءَ جي وقت سنڌوءَ جو پيٽ ميلن ۾ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو. موجوده بند ته هاڻي ٺاهي درياءَ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي نه ته اڳ ۾ پراڻا بند پڪي تي هوندا هئا. سرڪار ۾ رهندڙ زميندارن جي مرضيءَ سان ڪچي واريون زمينون پڪي تي آنديون آهن جيڪي آسانيءَ سان بئراج جي واهن جي پاڻيءَ سان آباد ٿين ٿيون. ڪچي جي زمينن تي زميندارن کي ڪجهه ڇوٽ وغيره آهي يعني پڪي واري ”ڍل“ نه آهي.
    چوڻ پئي چاهيم ته ڪچي ۾ ٻُرڙن جي پتڻ کان ”فورٺ“ واهه وهندو هو. ان ۾ درياءَ مان پاڻي ايندو هو ۽ عاقل کان وري وڃي درياهه ۾ پوندو هو. هاڻي فورٺ ۾ درياءَ کي بجاءِ ڦلپوٽن جي مٿان دادو ڪئنال مان نڪتل ڇنڊڻ جو پاڻي وهي ٿو. ”ڇنڊڻ“ ڀٽي صاحب جي وقت ۾ ٺھي ته دادوءَ جو فالتو پاڻي وهايو وڃي. ايئن ئي جيئن ”چشما جھلم لنڪ ڪئنال“ سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ وهائڻو هو. مون کي ياد آهي ته سنڌ جي قومپرستن خاص طور تي سائين جي ايم سيد، پليجي ۽ ڄام ساقي وارن وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو پر پوءِ پ پ پ حڪومت اهو ڪئنال ٺھرايو هو ۽ اڄ ان جي خرابين کي سنڌ ڀوڳي پئي.
    فورٿٺجو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم ته ”گهاڙ واهه“ جي سنڌوءَ مان نڪرڻ واري جاءِ جا آثار مون کي ڪونه ٿا ملن. گمان آهي ته اهو ٻرڙا پتڻ، عزت جي وانڍ، شاهاڻين يا اڃان مٿان ”گهاڙ واهه“ جي شروعات ٿيندي هوندي. هي سڄو ٽيم ورڪ آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته ته ايريگيشن وارن جي رڪارڊ ۾ ان جو نشان ضرور هوندو. منھنجي پھچ ايتري نه آهي تنھنڪرڪي ڪو ساٿي ان جي ڳولا ڪري.
    اڳ ۾ عاقل کان سدا واهه جو ذڪر ڪيو اٿم مون کي گمان آهي ساڳيو فورٺ جيڪو درياءَ ۾ داخل ٿئيٿو اهو ئي عبدالوهاب سھتي وارو ”سدا واهه“ ٿي عاقل وٽان ته نه نڪرندو هو. سدا يعني هميشه وهندڙ ”فورٺ“ لفظ به توجهه ڇڪائي ٿو پر جيئن ته اڳ ۾ مواد ڪافي ٿي ويو آهي تنھنڪري ان جي صرف نشاندهي ڪري ڇڏي ٿو ڏيان.
    اچو ته اندر جي ٽانڊن کي شاهه جي شعر سان وڌيڪ ڀڙڪايو:
    جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن مون من ماروئڙن جو،
    ڏنيون لس لطيف چئي، هينئڙي کي همير،
    وڃي منجهه ملير، سڀ ڇوڙيندس سومرا.
    سڄي سنڌ، رهزنن ۽ جاهلن لُٽي، تاريخ تي لـَٽُ وجهي ڇڏيو آهي. انفرادي طور ڪم ٿي رهيو آهي. اسڪالر ڪتاب لکي رهيا آهن، الله پاڪ هنن کي وڌيڪ توفيق ڏئي. (آمين)
    مُرشد لطيف جو شعر:
    جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو،
    سنئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو.
    (شاهه)
    جتي ماڻڪ يعني قيمتي شيون هونديون آهن، اُتي چور ۽ رهزن اچي رهندا آهن. انھن جو ڀاڳ ڀلو آهي جن پنھنجا ماڻڪ (قيمتي شيون، تاريخي شيون، ڪلچر ۽ روايتون، ٻولي ۽ جيئڻ جو سمورو ورثو) لٽيرن کان محفوظ ڪيو.
    آخر ۾ سنڌ جو منصور سچل سائين:
    يار سچل دي لکين ڪڇالي،
    گهونگهٽ کولڻا، ٻهه ٻهه ٻولڻا،
    ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا.
    شل سنڌجي تاريخ جو گهونگهٽ کلي پوي!!


    وڻ-راهون ۽ ڇانورا

    اسان شھرين وٽ ڀٽي صاحب جو خوش گپيون به مشھور آهن. ايوب خان جي دور ۾ جڏهن ڀٽو صاحب جيل مان آزاد ٿي بنگلي تي پھتو ته سڀ راڄ وارا اچي گڏ ٿيا هئا. ياد رهي ته شھرين خان بھادر احمد خان جي وفات کان پوءِ، ڀٽي صاحب کي ”پڳ جا وَرَ“ ڏنا هئا ڇو ته خان بھادر کي پٽاڻو اولاد ڪونه هو.
    اسان جي علائقي ۾ ان وقت ”کوکر“ دلير، ۽ ويڙهو وغيره هئا. جنھن ڪري سدائين پوليس ۽ ڪورٽن ۾ پيا حاضريون ڀريندا هئا. يعقوب کوکر اهڙي نموني جي ڪيسن ڪري مشھورهو. ڀٽي صاحب کِلي ۽ ڏاڍي بھتر انداز ۾ سڀني کي چيو ته ”ايوب خان جي هاڻي ٻيھر جيل ۾ وڌو ته مون ۾ ۽ يعقوب کوکر ۾ ڪوبه فرق نه رهندو.“ سڀ خوش ٿي مرڪيا ۽ کليا هئا. ڀُٽي صاحب ۾ هڪ وڏي خوبي اها هوندي هئي ته شھرين کي نالن ۽ ذاتين سان سڃاڻندو هو. هنن جي عزت ڪندو هو، کين توجهه سان ٻڌندوهو.
    جوانيءَ ۾ بي فڪر زندگيءَ ڪري، ٽول ٺاهي سڄي سنڌ پيا گهمندا هئاسي. نئون ديري ڪري ٻاهريان ماڻھو ڏاڍي عزت ڏيندا هئا ۽ ڳالھيون ٻُڌي خوش ٿيندا هئا. نوابشاهه ڏي ڪنھن ٻڌايو ته ڀٽو صاحب اقتدار واري دور ۾، غلام المصطفى جتوئيءَ سان اچي رهيو هو. هڪ گريجوئيٽ نوجوان ٻنيءَ مان رونبي مان نڪري رستي تي گاڏي روڪرائي، ڀٽي صاحب کي درخواست ڏني. ڀٽي صاحب کي چيائين ته گريجوئيٽ آهيان. ڀٽي صاحب چيس ته وليم ورڊس ورٿ جي شاعري ٻُڌاءِ. نوجوان شروع ٿي ويو ۽ ڀٽو صاحب ٻُڌندو رهيو. ڀٽي صاحب هن کي ايس.ڊي.ايم بڻائي ڇڏيو. هو ان معاملي ۾ ڏاڍو فياض هيو.
    وليم ورڊس ورٿ انگريزي شاعر کي ”فطرت پسند“ شاعر سڏبو آهي.
    ڀٽو صاحب چوندو هو: ”هنن کي نوڪري ڏيو ڪم ڪرڻ پاڻھي سکي ويندا.“
    ڀٽا، نواب ۽ جاگيردار رهيا آهن. هو سرڪاري نوڪري يا وزارت وغيره ڪرڻ پسند نه ڪندا هئا. جڏهن ڀٽو صاحب وزير ٿيو هو ته خان بھادر هُن کي چيو هو ته وزارت نه وٺ، هتي ڪھڙي کوٽ اٿئي. پر ڀٽي صاحب جواب ۾ چيو هيس ته ”توهان وڏڙا آهيو. دُعا ڪريو. جيستائين قسمت ساٿ ڏنو.“ هي سينه به سينه ٻڌل ڳالهه آهي. الله ج وڌيڪ بھتر ٿو ڄاڻي.
    ۱۹۷۳ع واري ٻوڏ کان پوءِ جيڪا پھرين عيد آئي ته اسان سڀ نماز کان پوءِ بنگلي تي هليا وياسون. هڪ شھر جي معزز ڀٽي صاحب کي عيد مبارڪ ڏيندي ٻوڏ فنڊ لاءِ چيڪ ڏنو. ڀٽي صاحب نالو پڇيس. هن ماڻھوءَ جي ڪا شڪايت پھتل هئي. نالو ٻُڌي ڀٽو صاحب ڳاڙهو ٿي ويو. سامھون بيٺل شخص سمجهي ويو، ساهه سُڪي ويس، ٻانھون ٻڌي معافي ورتائين ۽ رونق وري خوشگوار ٿي وئي هئي.
    ۱۹۷۳ع جي ٻوڏ کان پوءِ، ڀٽي صاحب نئون ديرو باءِ پاس ٺھرايو هو. گوڏ، گنجي يا صاف سٿرا ڪپڙا پائي، باءِ پاس تي ائين هليو ويندو آهيان ڄڻ اُتي ڪو منھنجو انتظار پيو ڪري. اڪيلائپ ۾ نئون ديري جو ماضي، منھنجي آڏو ائين ايندو آهي جيئن جوانيءَ جو جوڀن.
    اسان سنڌين جو معاشرو برائين ۽ گندگين جو ڍير بڻجي ويو آهي. اسان جو سون جھڙو ڪلچر ۽ سٺايون، اسان جي آڏو ڀور ڀور ٿي رهيون آهن. سڀ سنڌي تماشائي، اعلى قدرن ۽ آدرشن تان هٿ کڻي رهيا آهيون. فڪري طور سنڌ هارائي رهي آهي. اسان مٽجي رهيا آهيون. اسان جون مخالف قوتون منظم ۽ سگهاريون ٿي رهيون آهن ۽ اسان ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ ٿي رهيا آهيون.
    ڀٽو صاحب جي ۱۹۷۳ع جي آئين وقت، بلوچن ۽ پٺاڻ اڳواڻن پڙ ڪڍيو هو. ڀُٽي صاحب، سائين جي.ايم.سيد جي معرفت اهو چئي قائل ڪيو ته ”پھريون سنڌي اقتدار ۾ آيو آهي ان کي مضبوط ڪريو.“ پاڪستان جي اڻ لکيل اها تاريخ آهي ته ان سائين جي ايم سيد جي چوڻ تي ولي خان ۽ غوث بخش بزنجي وارن ۱۹۷۳ع جي آئين جي تائيد ڪئي پر ان مرحلي گذرڻ کانپوءِ ڀُٽي صاحب، اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پٺاڻن ۽ بلوچن کي اقتدار کان الڳ ڪري، بلوچستان تي فوجي ايڪشن جو حڪم ڏنو. ائين ڀٽو صاحب پاڪستان پاليٽڪس ۾ اڪيلو ٿيندو ويو. ان فوجي ايڪشن ۾ عطاءُ الله مينگل جي پٽ اسد مينگل جي لاش جو اڃا تائين ڪو پتو نه پيو آهي.
    هن وقت پٺاڻ انٽرنيشنل سياست ۾ پيسجي رهيا آهن. بلوچ آزاديءَ جي راهه تي کلي ڳالھائي رهيا آهن پر اسان سنڌي، پ پ جي ووٽن تي سنڌ اسيمبلي جا سنڌي ايم.پي.اي، رحمان ملڪ ۽ فاروق ايڇ نائڪ کي سنڌ جي ڪوٽا مان سينيٽر چونڊي رهيا آهيون. ڇا پ پ پ وارن وٽ سنڌ مان سنڌي ڳالھائيندڙ کُٽي ويا آهن جو ٻين صوبن جي ماڻھن کي چونڊي رهيا آهن. ڪيڏي نه افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه آهي.
    ڀُٽي صاحب کان پوءِ ٻه مارشل لا، پاڪستان ۾ لڳيون پر آئين کي ختم نه پر معطل ڪيو ويو. سبب اهو آهي ته سنڌي- بلوچ ۽ پٺاڻ سِڌا ڪونه ٿيند اڇو ته ٽيئي صوبا گڏجن ته به پنجاب جا ميمبر گهڻا ٿا ٿين.
    ۱۹۷۳ع واري ٻوڏ ۾، سکر بئراج مان ۱۲ لک ڪيوسڪ وهيو هو. پُل پاڻيءَ جي دٻاءَ ڪري لُڏي رهي هئي جنھن ڪري درياءَ جي کاٻي ڪپ کي روهڙيءَ کان مٿي بند لڙهي ويو هو. سڄو ڪچو ٻڏي ويو هو. ڳوٺاڻا ڪچي وارا سامان ۽ مال سميت پَڪي تي نڪري آيا هئا. ڀٽي صاحب وڏو سامان ورهاست لاءِ موڪليو هو. گيھه، چانورن، اٽي، دالين، کنڊ ۽ صابڻ وغيره جون ٽرڪون موڪليون هيون. ڪجهه غريب غربن کي مليون ڪجهه ڀانڊن ۽ ٻين هنڌن ڏانھن منتقل ٿيون. ماڻھو راتو رات ”لک پتي“ هيرا ڦيريءَ ڪري ٿي ويا. ان وقت ممتاز علي ڀٽو سنڌ جو وزير اعلى هيو. ريڊيو تي هُن جا اعلان هئا ته ”اتر وڃو.“ پر ڪير ٿو گهر ڇڏي.
    رائيس ڪئنال کي ساڄي ڪپ کان ٽوڙيو ويو. نئون ديرو ۽ شگرمل کي ائين بچايو ويو هو. ان ٻوڏ ۱۹۴۲ع کان پوءِ وڏي تباهي آندي هئي. پر ڀٽي صاحب ۽ ممتاز خان ڀٽو جي ترت ڪميونيڪيشن ڪري گهڻن جي واهر ٿي هئي. حڪومت پاڪستان کي وڏو مال امداد طور مليو هو. سنڌ ۾ ۱۹۴۲ع واري ٻوڏ ”ڇتي ٻوڏ“ ڪري مشھور آهي. ڪافي ملڪيتن ۽ فصلن جو نقصان ٿيو هو.
    هن ڌرتيءَ تي ازل کان ڪو وهنوار ائين پيو هلي. شريف پيو سٽجي ۽ بي اميان پيو، عياشيون ڪري. هينئن اسان سڀ ايماندار ۽ سچا آهيون پر وقت اچڻ تي ”ايمان، مھمان ٿيو وڃي.“ ۽ هرهڪ پيو پڪاري ”يا بي ايماني! تيرا آسرا.“ ٻوڏ جي ورهاست اکين سان ڏٺي ۽ گهڻو ڪجهه ماڻھن جي واتان به ٻُڌو. الله ج سڀني کي معاف ڪري.
    انساني زندگي به عجيب آهي. هر ماڻھو پيچيده ۽ عجوبو آهي. پنھنجي زندگيءَ جو سفر به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته هي سڀ ڇا آهي؟ ڇو آهي؟
    جيترو سوچجي ٿو اوترو وائڙو ٿي منجهي پئجي ٿو.
    غلام حسين ڪٽپر ۽ غلام سرور ناريجو، دوست آهن ۽ ويجهو رهيا آهيون. بغير منافقي جي هڪٻئي سان بحث مباحثا ڪندا آهيون. ڪڏهن ڪونه ٺھيا آهيون. اسان جڏهن بحث ڪندا آهيون ته ٻُڌندڙ بيزار ٿي پوندا آهن پر سڀ ڪجهه سمجهندي به اسان مڙندا ڪونه آهيون. ڪٽپر صاحب، پڙهيل لکيل، خشڪ مزاج انسان آهي. هو سوشل ايترو نه آهي جيترو غلام سرور ناريجو. ناريجو مَلھه ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند به ڪندو هو. هو ننڍن، وڏن ۽ پوڙهن جو يار آهي. هن جي ڪچھريءَ جي ڊمانڊ هرهڪ ڪندو آهي. مون کي به وڻندو آهي پر بحث ۾ ٿڪائي وجهندو آهي ۽ ڪا ڳالهه نه مڃيندو آهي.
    هو ٻئي چوندا آهن ته تھذيبن جي اٿل پٿل، فاتح ۽ مفتوح، ڪلچر ۽ ٻوليون وغيره ايتريون اهم نه آهن. انساني لڏپلاڻ اتر کان ڏکڻ طرف ٿي آهي. سينٽرل ايشيا وارا افغانستان، هندستان، برما ۽ سلون کان ٿيندا هر هنڌ پکڙيا آهن. مان سيڌو سادو سنڌي منجهي پوندو آهيان ۽ هنن کي چڙي چوندو آهيان، ”توهان مون کان سنڌيت نه کسيو.“ دوست ٿيو يا نه ٿيو توهان جي مرضي. وڏا پڙهيل لکيل الائي ڇو ”چريا“ ٿي پوندا آهن.
    سنڌ ۾ واهن ۽ شاخن جي ڪپن تي ڏاڍي وڻراهه هوندي هئي. اها وڻراهه ايريگيشن وارن جي محنت هئي. ۱۹۷۰ع کان پوءِ انھن ۾ واڍي پئي آهي ته سڄي سنڌ ”ٽارين“ کان خالي ٿي وئي آهي. اربن کربن جو ڪاٺ، فوجي، پوليس ۽ چڱا مڙس وڍرائي ويا ۽ ڪجهه ڀڳڙن جي مُٺ قيمت تي نيلام ڪيا ويا. ائين وڻ ۽ سندن ڇانوءَ سنڌجي سونھن اسان جي سامھون اجڙي وئي. هاڻي جو گرميون ، ۵۳۰ کان ۵۴۰ تي پھتو آهي اهو وڻن ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جو نتيجو آهي. اسان نئون ديري وارن دادوءَ ۽ رائيس ڪئنال جون شاهي ٽاريون ڏٺيون ۽ هاڻي رڳو ويراني آهي. نئون ديري مان دادوءَ ڪئنال تي ڇانورن ۾ پارٽيون ڪبيون هيون. رانديون، کائڻ پيئڻ، ابتيون سبتيون پاڻيءَ ۾ ٽٻيون ۽ دوستن سان مشڪريون.
    اسان رائيس ڪئنال تي نه ويندا هئاسي ڇاڪاڻ ته رائيس ڪئنال جو هڪ ته پيٽ وڏو آهي، ٻيو تيز وهڪرو اٿس. مير واهه ۽ دروازن ۾ ڦاسي پوڻ جو به خطرو هوندو هو. ان ڪري دادئو ڪئنال تي پارٽيون ٿينديون هيون. هاڻي ويراني ۽ اُس آهي ڇو ته وَڻ وڍجي ويا آهن. ٻيا پوکجي نه سگهيا آهن. ڏکيو ڪم آهي نه!!
    شادي ڪرڻ سولي، ٻارن جي ذميواري نڀائڻ ڏُکي، محبت ڪرڻ سولي، نڀائڻ ڏاڍي ڏُکي. ليکڪ ٿيڻ سولو پر ريسرچ ڪرڻ ڏکي، شاعر، اديب، دانشور، فلاسافر وغيره جو شوق ٿيڻ هڪ ڳالهه، ماڻھن تائين ڪنھن لکڻيءَ ۽ نظريي کي پھچائڻ ٻي ڳالهه آهي.
    دنيا جون روايتون سج ۽ چنڊ وانگر اسنا جي سامھون آهن. اديب، دانشور ۽ فلاسافر پنھنجي قومجو نمائندو هوندو آهي. هِن جي عزت ۽ احترام سڄي قوم جي باقي ماڻھن کان مٿانھين هوندي آهي. ڇو ته هو ڏاڍو بھادر، غيور ۽ غيرتمند هوندو آهي. هو حق ۽ سچ جي واٽ تي، هماليه جي پھاڙ وانگر لڳندو آهي. هو لالچي، مڪار، بي ضمير، وطن فروش، ظالمن دلالن ۽ بي ضميرن کي چئليج ڪندو آهي، مٽجي ويندو آهي پر ڪا طاقت هن کي ڊيڄاري يا جُهڪائي نه سگهندي آهي. هو قوم جي مستقبل جو اونو ۽ درد رکندڙ هوندو آهي.
    جڏهن قوم جو اديب لالچي، ڪوڙو، مڪار ۽ سازشي بڻجي آرام جي زندگي گذاريندو آهي ته ”سنڌ وارو معاشرو“ پروان چڙهندو آهي. قوم جو مستقبل اونداهو ۽ مايوس نظر ايندو آهي. مرشد لطيف چيو آهي:
    ”ڪاتيءَ ڪونھي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾،
    پَسيو پَرِ عجيب جي، لڄيو وڃي لوهه.“
    هن شعر ۾ ”پسيو پر عجيب“ تي زور(Stress) ڏنل آهي، تنھن ڪري هر سنڌي شاعر ۽ عالم کي، اخلاق ۽ سٺي ڪردار کي ڇڏڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. بي عمل عالم ڌاڙيل کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.
    اديب، دانشور ۽ ڏاهي لاءِ مجبوري نه هوندي آهي. هو قوم جي ناکئو آهي. قوم جي ٻيڙي تارڻ هن جي ذميواري آهي. يا علم ۽ دانش تان هٿ کڻي يا موت جي مُنھن ۾ اکيون ملائي، اَمر ٿي وڃي.
    اديب هاڪاري يا ناڪاري نه ٿيندا آهن. ناڪاري اديب آقائن جا دلال هوندا آهن، هو پگهاردار ٿيندا آهن، جيڪي قوم جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبا آهن.
    اسڪالر هاڪاري ٿيندو آهي. هن جو مرڻ جيئڻ قوم سان هوندو آهي. دنيا ۾ ٽرمنالاجيءَ طور“Think Tank” جو محاورو استعمال ٿئي ٿو. ڪشميرين ۽ فلسطينين جي ”ٿنڪ ٽينڪ“ انڊين ۽ اسرائيلين جي ٿنڪ ٽينڪ کان الڳ بنيادن تي سوچي ٿي. اهڙي طرح پاڪستاني ٿنڪ ٽئنڪ، پنجابي ٿنڪ ٽئنڪ، اردو ٿنڪ ٽئنڪ کان ”سنڌ ٿنڪ ٽئنڪ“ الڳ هجڻ گهرجي. سرڪاري ملازم مظلومن جا ٿنڪ ٽئنڪ بڻجي نه سگهندا آهن. جيڪڏهن بڻبا آهن ته سنڌ وانگر ناڪام ٿيندا آهن. سواءِ ابراهيم جوئي صاحب جي، باقي سڀ پگهارن تي ڪم ڪندا آهن.“
    آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جي پاليسي فلسطين لاءِ جدا ۽ اسرائيل جي حمايت ۾ آهي. عراق يا افغانستان لاءِ جيڪي هنن جون پالسيوون آهن اُهي جڳ جھان جي آڏو آهن.
    فردوسي، ايراني قوم پرست شاعر آهي. محمود غزنوي درهمن عيوض هُن کان شاهنامو لکرايو. جڏهن پئسا نه مليس ته ڪاوڙجي هليو ويو. مرشد لطيف مفت ۾ شاعري ڏني، ٻولي ۽ سنڌ کي امر ڪري ويو پر اسان ڇا پيا ڪريون. ڪيڏي نه ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي. ڀڳت ڪبير چيو آهي، ”جيڪو قوم سان سچائيءَ سان پيار ڪري ٿو ۽ ان تي پاڻ فدا ڪرڻ تائين قائم رهي ٿو، اهو ئي عالم، اديب ۽ عزت لائق آهي.“
    سنڌ ۾ به اهڙو”يومِ الحساب“ ايندو جڏهن سياستدانن سان گڏ عالم ۽ اديب به مجرمن وانگر ڪٽھڙي ۾ بيھندا. ڇا اسان سنڌين جو ڌڻي سائين نه آهي؟ اللهﷻ واڳ ورائيندو.“، ”ڇڄ ۾َ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪيين.“ لطيف رح
    سنڌ ۾ پنج لک شاعر آهن، (ڪاوش رپورٽر) هزارين نثر نويس آهن. سجاڳي ۽ سڪون ڪٿي آهي؟
    چين جو چو اين لاءِ، غلام محمد بئريج تي آيل هيو. حيدر بخش جتوئي سنڌ جي هارين کي وٺي اتي اُن سان مليو. ڪامريڊ ، چو اين لاءِ کي چيو ته ”سڄي سنڌ جا هاري مون سان آهن.“
    چو اين لاءِ انگريزيءَ ۾ پڇيس،
    “Where is revolution Comrade?!”
    ”ڪامريڊ انقلاب ڪٿي آهي؟“
    سنڌ ۾ انڌير نگري لڳي پئي آهي، هي بڻيا آهن اديب ۽ دانشور، پنھنجون روشنيون مٽايو! نه ته سنڌ ڌٻڻ ۾ لھندي ويندي. سڀ غرق ٿي وينداسون. دنيا ۾ عبرت لائق بڻجي وينداسون.
    سابق صدر مشرف چيو ته ”سنڌي نا اهل آهي.“ هر بلوچ رڙيون ڪري چوي ٿو ته ”اسين مري وينداسون پر توهان جي آڻ نه مڃينداسون. سنڌين سان جيڪو حشر ڪيو اٿوَ اهو اسان جي آڏو آهي. اسين بلوچ آهيون، سنڌي نه آهيون.“
    سنڌين سان ۱۹۴۷ع کان وٺي حڪمرانن جي ساڳي روش رهي آهي.
    ڳالھيون ڪري ته پوريون ڪيون سين، مگر اڃا،
    ڪا ڳالهه دل ۾ آهي، جا پوري نه ٿي سگهي آهي.
    (شيام)
    رکي نگاهه ۾ نڪتس مگر ٻُڌايان ڇا،
    وڃائجي وئي مون کان ته واٽ ۾ منزل!
    چڙهيو هوائن تکو طوفان، رخ مٽيو غوراب،
    نظر نه هاڻ، اچي دور تائين ٿو ساحل.
    (شيام)
    قدرت واري جو ڪرم آ، مان سنڌ ۾ رهان ٿو. پر ”شيام“ جي جذبن کي سمجهان ٿو. ڪنھن کي ڦاهيءَ تي چاڙهجي پر وطن ۽ مٽيءَ کان شل! ڪو ڌار نه ٿئي. ها! غدارن لاءِ اهڙي سزا قانوني شڪل ۾ ضرور هئڻ گهرجي.
    شيام هند ۽ سنڌ جو مقبول شاعر رهيو آهي. سڀ ڪجهه دُنوي سھوليتون ۽ آسائشون هوندي به پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ سڄي عمر تڙپندو رهيو آهي. مٽي ءَجو مقام ۽ حيثيت آهي. جتي ماڻھوءَ جي ”اَورَ“ پوريل هوندي آهي. اُن مٽيءَ جي سڏ ۽ سڪ ڪري بي اختيار ”شيام“ چيو هوندو؛
    الائي ڪھڙي مهل، ان مان ’شيام‘ نڪتاسين،
    وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
    سيد غلام نبي شاهه سان واقفيت آهستي آهستي دوستيءَ ۾ تبديل ٿيندي وئي. اميد علي ڪٽپر کان پوءِ مونکي هو ان ڪري وڌيڪ وڻيو هو جو هُن ٻُڌايو هو ته انگريزي پڙهڻ دوران جيڪو ڪتابن، بوڪن ۽ پينن وغيره جو خرچ ايندو هو، اِهو گهر وارا تڪليف سان ڏيندا هئا. ٿورو ٽائيم پاڙي ۾ شام جو محنت ڪري ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي وٺبو هو. اهڙي نموني مئٽرڪ ۱۹۶۸ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي هئائين. ڪاپي اُن وقت هوندي ڪونه هئي. بعد ۾ ڪراچيءَ هليو ويو. اُتي يو.بي.ايل ۾ ڪلارڪيءَ لاءِ انٽرويو ڏنائين ۽ ميرٽ تي چونڊجي ويو. يو بي ايل ۾ آفيسر مقرر ٿيڻ کان پوءِ منھنجي هن سان واقفيت ٿي. ۲۵-۳۰ سالن کان مون کي ڊائري ۽ ڪئلينڊر ڏيندو آيو آهي. پينٽ شرٽن، ڪوٽن ۽ واسڪيٽن جو شوقين، مھانگيون شيون خريد ڪرڻ هُن جو مشغلو رهيو آهي. ڳالھائڻ ۾ بي رخو ۽ بي پرواهه، سچ اهڙوچوندو جو ٻُڌندڙ ڇڙي به هڻي نه سگهندو. هُن جي طبيعت ناريل وانگر آهي ٻاهران سخت، اندران پاڻيءَ وانگر نرم.
    هو پنج وقت نماز جو پابند ۽ حرام جي پئسن کان پري رهندو آيو آهي. هِن سان جيڪي ڪم ڪندا آهن، اُهي ٻُڌائيندا آهن ته مھيني ۾ اسٽيشنري وغيره لاءِ جيڪي پئسا ملندا اٿس اُهي بچائي واپس بينڪ کي ڏيندو آهي. سندس جونيئر دوست آفيسر بڻجي ويا پر هي پنھنجي حال ۾ خوش. سڀ سندس عزت ڪندا آهن. بينڪ طرفان گاڏي مليل هئس. ڪريڊٽ آفيسر طور ڊيوٽي پوري ڪري هن وقت ايل.پي.آر تي آهي. آرام ۽ سُڪون سان وقت گذاري پيو. ٻوٽن سان دلچسپي اٿس.
    سکر خريداريءَ لاءِ گڏجي ويندا آهيون. اڪيلو نه ويندو آهي. ڪراچي سڄي گهميل اٿس، اتان اڪيلو ٿي ايندو آهي. شايد جوانيءَ ۾ اتي عشق ۾ پيرين پنڌ سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو اٿائين. چوندو آهي سکر سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڀلجي ويندس.
    هو منھنجو پسنديده يار آهي، هُن سان ڪوشش ڪري گهٽ بحث وغيره ڪندو آهيان. هُن جھڙي سادگي ۽ سچائي، مون کي ٻين ۾ نه ملندي آهي. ڏاڍي نفيس طبيعت جو مالڪ آهي. جلدي ناراض ٿيندو آهي ۽ بعد ۾ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي. آفيسرن ۽ پنھنجي محلي کانسواءِ ٻين سان گهڻي ڪونه پويس. ٿورا دوست اٿس. بينڪ آفيسر هئڻ ڪري ادب، شاعري ۽ ٻيا ڪتاب ڪونه پڙهي سگهيو آهي. هاڻي ٽائيم اٿس، سنڌي ادب پڙهڻ لاءِ کيس راضي ڪندس.
    اسان ڏاڍي وڏي خطري ۾ آهيون. ڇو ته ٻولي، ڪلچر، روايتون، ملڪيتون ۽ اقتصادي وسيلا، پاڻي ۽ تاريخ وغيره وارا مسئلا پنھنجي اهميت وڃائي رهيا آهن. هر ماڻھو مفادپرست بڻجي ويو آهي. ٻين جو حق طاقت جي زور تي ڦٻائڻ، هيراڦيري ڪرڻ، ميرٽ ۽ اخلاق کي نظرانداز ڪرڻ، معاشري جو ڪو مسئلو نه رهيو آهي. هرهڪ ڪار، بنگلو، بئنڪ بئلنس، مطلب ته آسائش طلبي ٿو. اهي شيون هٿ ڪرڻيون آهن. حلال ۽ حرام، اخلاق ۽ بداخلاقي واري موضوع ئي نه رهيا آهن. جيڪي جماعتون سنڌ جي مسئلن کي اهميت ڏئي رهيون آهن. انھن کي ٻُڌڻ لاءِ اڪثريت سنڌين جي تيار ئي نه آهي.
    اپريل ۽ مئي جي مھينن ۾ سنڌ سان ملحق بلوچ ۽ بروهي رهندڙ، بلوچستان جا قبيلا هر سال نقل مڪاني ڪري سنڌ ايندا رهيا آهن. سنڌ سرسبز ۽ پاڻيءَ واري آهي، ائين هنن جو مال مرڻ کان بچي ويندو آهي ايندڙ موسم لاءِ سنڌ مان محنت مزدوري ڪري اناج واپس پنھنجي وطن کڻي ويندا هئا. ائين سوين سالن کان اهو سلسلو هلندو پيواچي. ۱۹۷۰ع کان پوءِ و وڏي تعداد ۾ اهڙن لاڏائو قبيلن جا سنڌ ۾ ڳوٺ ٺھي ويا آهن ۽ اُهي هٿيار ۽ منشيات وڪڻي سنڌ جو زمينون خريد ڪري رهيا آهن، پڙهي نوڪريون ڪري رهيا آهن ۽ جرم به ڪري رهيا آهن. ڪجهه ماڻھو پاڪ صاف زندگي به گذاري رهيا آهن. پَر اُهي بلڪل ٿورائيءَ ۾ آهن.
    رتيديري جي ڀرسان مرکياڻي زميندار هوندو هو. اُن کي خبر پئي ته ڪو ڀاڳ ناڙيءَ پاسي اچي، لڏو لاهي ويٺو آهي. روڊ رستي ڀاڳ ناڙي رتيديري کان گهڻو پنڌ پري آهي پر مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي اسان جي ڳوٺ مسوديري جي رند قبيلي جا ماڻھو ڍور ڍڳا ڪاهي پنڌ، ڳڙهي خيري وغيره کان اوڏانھن ايندا ويندا هئا. سائين چيزل شاهه جي ميلي تي فتح پور به پنڌ ايندا ويندا هئا. اوتان هو اڇي جوئر، کارڪون، نر شھارا ۽ ننڍڙا کٽڙا مٺڙا سُڪل ڳاڙها ٻير آڻيندا هئا. انھن ٻيرن کي ڄاڱوري ٻير يا ان سان ملندڙ جلندڙ لفظ سان اچاريندا هئاسي. مرکياڻي زميندار گهوڙيءَ تي چڙهي انھن سان ملڻ ويو. ان خاندان ۾ هڪ خوبصورت نوجوان ڇوڪري هئي. ان ڇوڪريءَ کي ڪيئي ماڻھن شاديءَ لاءِ آڇون ڪيون پر ڇوڪرِءَ صرف هڪ شرط وڌو، ”مُنھنجي اُٺين ۽ رڍن کي پاڻي آڻي پياريو. آءٌ ان جي ڪنوار ٿينديس.“ نوجوان الھڙ ڇوڪريءَ بغير تعارف ۽ ڳالهه ٻولهه جي ان مرکياڻيءَ کي به ساڳيو پيغام ڏنو. رتيديري ۽ آسپاس سينه به سينه هيءَ ڳالهه مشھور آهي.
    ”مرکياڻي پنھنجي راڄ وارن دوستن زميندارن جي هارين وغيره کي ڪوٺ ڏئي سکر واهه مان، شاخ ڪوڏارين تي ڪڍرائي ان خاندان جي مال تائين سنڌوءَ جو پاڻي پھچايو. بعد ۾ مرکياڻي اجرڪ اُوڍي، گهوڙيءَ تي چڙهي پاڻيءَ سان گڏ اتي پھتو. جانورن پاڻي، پيتو. نياڻي ڪنڌ جهڪائي پنھنجي خاندان سميت، مرکياڻيءَ وٽ پھچي چيائين ته ”واعدي سميت، مان تنھنجي آهيان، سڀ رسمون ادا ٿيڻ گهرجن.
    مرکياڻيءَ اجرڪ لاهي، نياڻيءَ کي اوڍائي چيائين ته، ”مردن سان هاٺ (ضد) نه هڻندي ڪري اڄ کان تون منھنجي نياڻي آهين. اُها آفاقي سنڌ اُڏامي وئي. تخم مٽجي ويا، سنڌ جا قدر لٽجي ويا. (تخم تاثير، صحبت اثر). سنڌ جي صحيح ۽ سچي تاريخ قلمبند ٿيڻ گهرجي ڦرجي ته هونءَ به ويا آهيون.
    نئون ديرو شھر جي سوشل لائيف ۾ راڳ رنگ، والي بال جون ٽورنامينٽون، ملھون، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي ۽ ڏيٽي ڏڪر جھڙيون رانديون ٿينديون هيون. ننڍا ٻار موسم آهر چڪريون، چدا ۽ لغڙ وغيره اڏائي شوق پورو ڪندا هئا.
    ڪڪڙن جون ميلون، تترن جي ٻولڻ جا مقابلا، ڏاندن جي گوءِ ۽ گهوڙن جي ڊوڙ به ٿيندي هئي. غلام سرور ناريجو، علي مردان ڀٽو جيڪو خوشحال گهر جو ڏاڍو خوبصورت نوجوان هوندو هو، ماڻھو هن جن ٽنگون ۽ پٺي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئا. محمد علي ڪـَلي، گھري سانوري رنگ جو منھنجي پاڙي ۾ رهندو هو. هو ڏاڍي بھترين ڪوڏي ڪوڏي کيڏندو هو. باڪسر محمد علي جي نالي ڪري ڪـَلي سڏيندا هيا سونس. هو صحتمند ۽ طاقتور هوندو هو. ان وقت پھرين جوڙ ۾ ”ڊبو شيدي“ راند ۾ سوڀارو نالو هو، ان نسبت سان هن کي ”ڊبو“ به سڏيندا هئاسي. محمد حيات لوهر وارن جو مائٽ هو. عباسي ذات هيس. پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، ڪٿي رهي ٿو اها هاڻي خبر نه آهي.
    دادو ڪئنال تي پڪنڪ تي هڪد فعي ٺاڪو مل ڪپڙي واري ڪوڏي ڪوڏي ۾ مون کي ڏاڍو ڌڪ هنيو. ان کان پوءِ ملھه ۽ ڪوڏي ڪوڏي کيڏن ڇڏي ڏنم. ”ٺاڪو“ ڏاڍو سھڻو ۽ صحتمند هو، بعد ۾ هو انڊيا هليو ويو. راندين ۾ طاقت ۽ فن، ٻئي اهميت رکن ٿا.
    نئون ديري جي چوڌاري، مسوديري جي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ مان جنت جھڙي زندگي گذاري آهي. ڳيرن جي گهوگهو، تترن جي پير پير پڌر، جهرڪن جي چون چون، ڪانون جي ڪان ڪان، هيڙهن جي هل هنگامن جو آواز، طوطن جون لاتيون ۽ نر بلبن جو مادين پٺيان ڊڪڻ جھڙا نظارا روز ڏسبا هئا. سنڌ ۾ ٻاهريان ماڻھو ته خير آهن ئي آهن پر گ.هه. اسڪول ماهوٽا ۾ ٻاهر گهمي رهيو هئس ته بربلن جو جوڙو ويٺل ڏٺم. حاجي پٽيوالي کي سڏ ڪري هن کان پڇيم. هُن ٻڌايو ته هي ايراني آهن سنڌي نه آهن. سنڌي بربلي جي پڇ هيٺان ”ڦڪي“ رنگ جو نشان آهي جڏهن ته هِن کي ”گلابي نشان“ آهي. اهڙي طرح پنجاب جي ماکي پھتي آهي جيڪا ڏنگي ٿي ته ماڻھو بي هوش ٿي وڃي ٿو. ڪٿي ته ڍور ۽ ماڻھو مري به ويا آهن. ماهوٽا هاءِ اسڪول جو اسٽاپ ”هيرا واهه“ سڏبو آهي. واهه هاڻي ڪونه آهي، واهڙي به نه آهي. ٿاڻي جي پٺيان باغن ۾ اسڪول آهي. اُتي جنت جھڙي ماحول ۾ پڙهائڻ جو پنھنجو لطف آهي. مون کي گمان آهي ته هيرا واهه جو مُنھن گهاڙ واهه مان هوندو. ٿاڻي جي ڏکڻ ۾ گهاڙ واهه جا آثار اڄ به آهن صرف باغ ٽپبو ته گهاڙ واهه ڏسبو. ڀرسان مقام وٽان به گهاڙ واهه ڏسي سگهجي ٿو. ان مقام سان گڏ ڏکڻ طرف وڏو دڙو آهي. اهو قلعو چون ٿا جيڪو پراڻي ”ماهوٽا“ کي چوڌاري هيو.
    ”هڪ ڀؤنر، گنج گُل، هِن باغ جي بھار جون ڪھڙيون ڪچيون ڪجن.“
    (استاد بخاري)
    يوناني ديو مالائي قصا ۽ ڏند ڪٿائون اڄ به منھنجو توجهه ڇڪي وٺنديون آهن. ٿورا ماڻھو راسپوٽين ۽ ميڪاولي بڻبا آهن نه ته ڪتابي دنيا ماڻھوءَ کي مھذب ۽ سڌريل بڻائيندي آهي. مظلوم ماڻھو ٻي تي ظلم نه ڪري سگهندو آهي. اخلاق ۽ مذهبن جون حدون جت ڪٿ اورانگهجي رهيون آهن. تڏهن ڌرتيءَ تي ظلم وڌي ويو آهي. ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون هارائي ويا آهن. ڪجهه ٿيڻ گهرجي. ظالمن کي لغام اچڻ گهرجي پر صرف ڳالھين مان ڪجهه ٿيڻو نه آهي. بديءَ کي مٽائڻ لاءِ ”ڪـَنڌُ“ گهرجي. رت جي ريج مان نيڪي ۽ انصاف ڦٽندا آهن.
    وزير علي شيخ، نئون ديري جو پھريون اخباري رپورٽر هو. بعد ۾ غلام عباس ڌوڪيءَ اهو ڪم سنڀاليو. عبدالخق ڪنڌر به اهو ڪم ڪيو. سڀ مفت ۾ خبرون موڪليندا هئا. هاڻي پريس ڪلب آهي ڪافي رپورٽر آهن پر خبرن موڪلڻ لاءِ ڪجهه ”ونڊ“ ڪرڻو پوندو آهي ڇو ته اخبارن جي مالڪن وٽان هنن کي ڪجهه ڪونه ملندو آهي.
    بشير اردو ميڊيم وارو سڄي شھر ۾ اخبارون پھچائيندو هو. ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ويو ته عبدالخالق ڪنڌر کي اخبارون حوالي ڪري ويو. هاڻي هن جا ملازم اخبارون ورهائيندا آهن.
    غلام عباس ڌوڪيءَ ”شاهه عنايت شھيد لئبريري کولي جيڪا ڪجهه وقت کانپوءِ بند ٿي وئي.
    سڪندر علي ڪٽپر، نئون ديرو ميونسپالٽيءَ جو وائيس چيئرمين رهيو آهي. هن جو وڏو ڀاءُ شگر مل ۾ آفيسر ٿي رهيو آهي. هو ٽنڊي ڄام جو پڙهيل آهي. منھنجا ڪافي دوست هن بابت پڇندا آهن. مرحوم غلام سرور دائودپوٽو هن شھر جو پھريون شھري آهي جيڪو ڊپٽ ڪليڪٽر بڻيو. ڀٽي صاحب جيڪي آفيسرس لاٿا هئا، ان لسٽ ۾ هن جو نالو به هيو. چون ٿا ته لٿل آفيسرن ۾، سنڌي آفيسرن جي گهڻائي هئي. فضل الله قريشي سابق سيڪريٽري ”ٽاڪ شو“ ۾ چيو هيو، ”جڏهن به پ پ اقتدار ۾ ايندي آهي ته سڀ منظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سِگا وري ساهه کڻڻ شروع ڪيو آهي. ”سٽيزن ڪلب“ نوان عھديدار منظم ڪري رهي آهي.“ نئون ديري جو وڏو مسئلو آهي ته هي شھر هاڻي تعلقو ٿيڻ گهرجي پر الائي ڇو هلندي پڄنديءَ وارا ڊڄي رهيا آهن اهڙو مطالبو ڪندي.
    غلام حسين ڪٽپر گذريل سال (۲۰۰۷)هڪ ”فورم“ جوڙيو هو. ان پليٽ فارم تي هو ليڪچر ڪرائيندو هو. سنڌي ادبي سنگت به چڱي فارم م نه آهي. شخصيتون هڪ ٻي سان ساڙ رکنديون آهن. ٽڪراءَ ۾ اينديون آهن ۽ آهستي آهستي تنظيمو وجود مٽائي وينديون آهن. مان گذريل ۲۰ سالن کان اڪيلو سنگت ساٿ سان مزي سان، دانشورن کان پري رهان ٿو. ذاتي طور سڀني سان چانھه پيئندو آهيان ۽ ٽھڪ ڏيندو آهيان. باقي تنظيم سان هلڻ عذاب سمجهندو آهيان. ڪافي تجربو آهي. هن شھر ۾ شروعاتي طور جيڪي ويسيون رکيون ويون، انھن ماڻھن کي ڏاڍو ٻرو ڏنو، آخر ۾ هو ماڻھن جا پئسا کنيون ڀڄيو وڃن. نالا کڻي سگهجن ٿا پر شھر وارن کي اهي ياد آهن. ٻيا هنن کي سڃاڻن ڪونه. نئون ديرو ۾ ”شھبازي“ موچي اهلسنت (بريلوي) جو هوندو هو. ”خدن“ ويراڳي شيعن (اثناعشري) جو اڳواڻ هوندو هو. ٻئي لاڙڪاڻي ڊي سي صاحب کان ڏهين محرم ۽ ٻين ڏينھن تي اجازت وٺڻ لاءِ گڏ ويندا هئا. لاڙڪاڻي گڏجي ماني وغيره کائيندا هئا. ڏاڍو پرامن پروگرام ٿيندا هئا. اسان عيدگاهه ۾ سينن جو واعظ ٻڌندا هئاسي. ڀت به ملي ويندو هو. وري اتان اُٿي ”پِٽڪو“ به ڏسندا هئاسي. ان وقت وهابين (ديوبندين) جو ٻاهرڪوبه ميڙ نه ٿيندو هو.
    هاڻي نفرتون وڌي ويون آهن. مون کي ان وقت ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي جڏهن اُهي مذهبي ميڙ ڪندڙ (سُني، ديوبندي ۽ اثناعشري، يو.بي ايل وارو رستو بند ڪندا آهن. سياسي ماڻھو به ائين ڪندا آهن. ڏاڍي شھرين، بسن ۽ ٻين سوارين کي تڪليف ٿيندي آهي. مذهب ته ماڻھن جي آرام، سڪون ۽ انصاف لاءِ آهي، پوءِ ان جا پوئلڳ ماڻھن کي تڪليف ڇو ٿا ڏين. ڪنھن مناسب جڳھه تي سڀني کي گڏ ٿي پنھنجو پرچار ڪرڻ گهرجي.
    افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته قبرستان هڪ اهڙي جڳھه آهي جتي غريب، امير وغيره جو ڪوبه فرق ڪونه آهي. پير گهرگهل واري مقام ۾ ماڻھن ڇا ڪيو آهي ته جنھن جي وڏڙن جي قبرن جي چوڌاري ڀتيون ۽ چبوترا جوڙائي غريب ۽ امير، فقير ۽ دولتمند جي آخري آرامگاهه جو ڏيکاءُ ڪيو ويو آهي. عام دولتمند ۽ مذهبي ماڻھو سڀ ان ۾ شريڪ آهن. انھن ڀتين جي هيٺان يقيناً غريبن جي جسم جي خاڪ ۽ هڏڙيون هونديون يا آهن. يا انھن قبرن جي مٽي مٽائي وڃي ٿي. اها مري ويل ماڻھوءَ جي بيحرمتي آهي. اسلام ان ڳالهه کان منع ڪري ٿو. ”باگي“ چري مقام (ڀٽي صاحب جي سيلر جي پٺيان“ ۾ ته ماڻھن گهر ۽ اوطاقون ٺاهيون اهن. قبرستان ۾ ته بوٽ پائي وڃڻ جي به منع آهي. هڪ دفعي حضورﷺ جن هڪ شخص کي جُتيءَ سان قبرستان ۾ ڏٺو. پاڻ سڳورن ان کي منع ڪئي. سائين محمد اسماعيل منگيءَ (مھربان بزرگ) حج تان موٽڻ کانپوءِ تحفي طور ”جنت البقيع جو نقشو“ ٻين سوکڙين سان گڏ موڪليو. مٿين حديث شريف اتان ڏسي لکي اٿم. نئون ديري ۾ ٽيون بخاري وارو مقام آهي. سائين نور محمد ميراڻيءَ جي امام بارگاهه به اتي آهي.
    حاجي گل محمد جوکيو صاحب، ماستريءَ ۽ خود انسپيڪٽريءَ کان وٺي واسطي ۾ رهيو آهي. مان نوڪري سڪون ۽ آرام سان ڪري نه سگهيو آهيان. بدليون وغيره ٿينديون رهيون آهن. گل محمد صاحب، سائين نجي الله ۽ مسوديري جا جلباڻي صاحبان اهڙي نموني مدد ڪندا هئا جوياد ڪري مون کي الله ج ياد اچيو وڃي. انھن بدلين ۾ ڪڏهن مون ڏک نه ڏٺو. صرف پسند جو اسڪول ڇڏڻو پوندو هو يا وٺڻو پوندو هو. ائين زندگي گذري وئي. الائي ڪيترن جا قرب ۽ ٿورا آهن. الله جه ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيو آهي.
    غلام حسين سان جيڪي ڳالھيون ڪري نه سگهندو آهيان، اُهي غلام سرور ناريجي سان ڪري مزو ماڻيندو آهيان. ناريجو ڄڻ افلاطون هجي، ڳالھيون ٻڌي پوءِ حل ٻڌائيندو آهي. غلام حسين جي مقابلي ۾ مطالعو گهٽ اٿس پر اعتماد اهڙي سان ڳالهه ڪندو ڄڻ ”يورپين لئبريريون“ پڙهيو ويٺو آهي. مرڪندڙ ۽ ٽھڪ ڏيندڙ چَھرو، سنھڙو، ٿولهه کان آجو، نفيس طبيعت جو، سنجيده ڪيڏي به زيادتي ڪيوس، ويٺو آرام ۽ سڪون سان پَچندو. آخر ۾ ان کان اهڙو پلئُه ڪندو ته سامھون وارو هَڪو ٻڪو ٿي ويندو نه جواب ڏئي سگهندو ۽ نه وري اُٿي پڄي سگهندو. وڏو فن اٿس گفتگوءَ جو هميشه هڪٻئي جي عزت ڪندا آهيون، هو مون کي جهڳڙالو، جذباتي ۽ بخت وارو سڏيندو آهي. مان خوش ٿي هُن تي حاوي ٿي وڃڻ واري حيثيت ۾ چوندو آهيان، ”مڙس ماڻھو آهين. مڃين ٿو نه! ڪٿي ته توکان کٽي ورتم. عاشقن جي نصيب سان تون ڇا پڄندين.“
    هو ڏاڍي افسرده لھجي ۾ چوندو آهي، يار! سڄي عمر ڪنھن محبت ڀريل نيڻن سان نه ڏٺو آهي. مان مزو وٺندي هن هن کي چيڙائيندو آهيان، موڊ ۾ اچي چوندو: مولا سان ڪجهه ڪونه هو مڙئي تنھنجو وهم آهي. ڳالهه ڪندي گلاب جي گُل وانگر ٽڙي پوندو آهي. اينٿروپالاجيءَ تي ڳالھائيندو آهي، جڏهن ته صرف پنھنجي عقل جي بنياد تي وضاحتون ڪندو آهي، جيڪڏهن واقعي هو ان جي جديد لٽريچر جو مطالعو ڪري ته جيڪر ڏاڍو سٺو ڏانءُ اچي وڃنس. هاڻي ٿورو ٿلھو ٿي ويو آهي.
    جڏهن سرور اُٿي ويندوآهي ته هن جي ڳالھين مان مون کي ”ٻوڪيل انبن“ جي ٻور جي خوشبوءِ ايندي آهي. عبدالخالق ۽ مان هُن جون ڳالھيون دُهرائي مزو وٺندا آهيون.
    مون کي سڀني کان پيارو اميد علي ڪٽپر رهيو آهي. هن وقت سينئر هاءِ اسڪول ٽيچر آهي.
    ”سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا،
    اهي ٻئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا.“
    شاهه
    گڏبا آهيون ته دل کولي دنيا وارن جي گلا ڪندا آهيون. ٻارن وانگر هڪ ٻئي کي چوندا آهيون، ”ڪنھن کان ڊڄون ٿوري ٿا. الله ج ساهه وڌو آهي، ڪڍندو به اُهو.“
    ماءُ جي پيٽان ڪوبه سکي ڪونه ايندو آهي. معاشرو ۽ ماحول سڀني جو استاد آهي. سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، دنيا اسان جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل ذريعي اسان جي ڪمري ۾ موجود آهي. نه سکندو ۽ تبديل نه ٿيندو ته آخر ٻاڪاري ٻاڪاري مٽجي ويندو ۽ ايندڙ نسل کي به رولي ويندو. همت، عزت ۽ علم سان جيئڻ جو مزو دنيا جي اڌ آبادي وٺي رهي آهي. اسان جي ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ٿورن فائدن جي ڪري پاڻ کي ۽ قومن کي لوڙهي رهيا آهيون. سنڌ جي سون جھڙي، امن ۽ سُڪون واري ڪلچر ۾ چوندا هئا. ادا! گهوڙي جي مستي مارڻي اٿو ته هُن کي بگي ۾ ڍُڪايو. ڏاند جي مَينس مارڻي ٿو ته هُن کي هر وهايو. نوجوان کي صحيح دڳ وٺرايو، اٿو ته هن کي ڪا ”ڪنن ٽوپي“ (ڪنوار) وٺي ڏيو. غيرت هوندس ته سڀ ارڏايون ڇڏي ويندو.
    ٻني ۽ وني وڏي ڳالهه آهن. ”هڪ جُوءِ ٻيو جَوءِ، ڇڏين ڪين جوان.“ شاهه پنھنجو نوجوان پنھنجي فرضن کان غافل لڳي ٿو. والدين لاءِ به هو آزار بڻجي پيا آهن. گهر اجڙي ويا آهن.
    گرمي سياري جو ”چلهه وارو ڪلچر“، ٻاهر اوطاقن تي حال حوال ۽ بري ڀلي جي تَڪ تور وارو ڪلچر اُڏامي ويو آهي. سڄو سنڌ ۾ رڳو ڏوهه، ظلم، رڙيون ۽ ڪوڪون آهن نه ته سانوڻيءَ جي مند ۾ ٻجن پوکڻ جون روايتون، روبنا ۽ لابارا، گيت ۽ ٽھڪ، امن امان ۽ ڪچھريون. اوطاقن ۾ ٻُھاريون، ڇنڪار، چنڊ جي روشني ۽ تارن جي ٽم ٽم ۾ ڳجهارتون، بيت، چنگ، بينسريون ۽ بوڻينڊا وغيره ائين ڪنن کي وڻندا هئا ڄڻ ”ازل ۽ ابد“ جا فلسفا انھن سُرن ۾ سمائجي ويا هجن جن کي ٻُڌي انساني جسم ۽ روح جهومي پوندا هئا.
    مان چنگ وڄائڻ سکي نه سگهيس، باقي مٽيءَ جا بوڻينڊا ٺاهي انھن مان آواز ڪڍي وٺبو هو. اِهي ڳوٺ مسوديري جون ڳالھيون آهن. ڌنار ڏاڍو بھتر نموني چنگ، بوڻينڊا ۽ بانسري وغيره وڄائيندا هئا.
    سال ۾ هڪ ٻه دفعو ناچن جا راڳ، سرنديءَ وارن جي اميدن پڄڻ (پٽن جي طھرن ۽ شادين) تي ”عورتون“ گهرائي راڳ رنگ جون محفلون مچنديون هيون. ست ڪوهيءَ ۾ هُل ٿي ويندو هو ته فلاڻي تاريخ تي وڏو راڳ آهي. مشڪرا مشڪريون وجهندا هئا. پگهر ۽ پورهئي مان ڪمايل پئسا گهوريندا هئا. بئٽريءَ جي لائيٽ تي ناچون يا نچڻيون ”ڇم ڇم“ ڪنديون ڳائينديون، جهمريون، ناز ۽ نخرا ڪنديون جڏهن پئسن ڏيڻ واري وٽ پھچنديون هيون ته پئسا ڏيندڙ معتبر ٿي پوندو هو. مان ننڍو هوندو هئس. سحر ۾ منھنجو ساهه سُڪي ويندو هو ۽ گهٻرائجي ويندو هيس. ائين منھنجا مارو ”ڪائنات کي تسخير“ ڪري وٺندا هئا ۽ صبوح جو وري ساڳيو ڪار وهنوار، شڪر ۽ سليقي سان جيئڻ جو زمانو هو. سنڌ جو سھڻو ڪلچر ا ائين اڏامي ويو آهي جيئن ڪنھن ڪنوار جو سھاڳ لٽجي ويو هجي. اسان سڀ مفتوح بڻجي وياآهيون. افسوس ان جو آهي ته ”احساس“ مري ويا آهن.
    اسان جو معاشرو، ٿرپارڪر وارو ”رِڻُ“ سنڌوءَ واري ”ڌُٻڻ“، سنڌوءَ جي ڪناري وارو ڪنڊن سان ڀريل جهنگ، ٻيلي وارن سَرن، ڪانھن ۽ پکين ۽ جانورن جي گند جي بدبوءِ بڻجي چڪو آهي. ڪوبه سڪون ۽ آرام ۾ نه آهي. جيئڻ جا معيار بدلجي ويا آهن. ڪو ڪونه ٿو ڪُڇي. سنڌي سماج ۾ ”جانور-پڻو“ شرافت جي جاءِ والاري چُڪو آهي. نه اسلام، نه اخلاق نه قانون، نه حياءُ ۽ شرم. ڪجي ته ڪجي ڇا؟
    سنڌ جي بادشاهه ”ڄام فيروز“ جي سازشي درٻارين، دولھه دريا خان کي ناراض ڪرائي، ”ٺٽو“ سنڌ جو تخت گاهه ڇڏائي، پنھنجي جاگير ”ڳاها“ پھچايو هو. جڏهن ارغونن ۽ تُرخانن هٿان، سنڌ جي وجود کي خطرو ٿيو ته فيروز جي ماءُ ”دولھه“ کي ”سنڌ“ جو واسطو ڏئي موٽائي ٺٽي وٺي آئي. دولھه، بھادري همت ۽ ڏاهپ سان غيرن جي فوجن کي سبيءَ کان باهر ڀڄائي ڇڏيو.
    مڪار ۽ غدار وري منظم ٿيا، لالچون، بيوفائيون ۽ سازشن نئين سر منصوبه بندي ڪئي. ”فيروز“ جي نا اهلين ڪري سنڌ هارائي وئي ”دولھه“ پنھنجي سپاهين سميت شھيد ٿي ويو. ڌرتي ماءُ تان سِر ”گهور“ ڪرڻ سنڌ جي روايتن ۾ ائين شامل آهي جيئن ”پيار ۾ چمي“.
    ويھن سالن جي عمر کان سنڌ جي تاريخ ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن. ۱۹۷۲ع ۾ اڪيلو گرمين ۾ ٺٽو ۽ مڪلي گهمڻ ويس. ڳوليندي ۽ ڀٽڪندي آخر ”دولھه“ جي قبر ڳولي لڌم. ننڍڙي ڀت جي اندر، آسمان جي هيٺان، ”دولھه“ جي قبر ڏسي، آسمان کان پڇيو هيم، ارغونن ۽ ترخانن، ظالمن ۽ لٽيرن کي مقبرا، منھنجي سنڌ جي وارت، شھيد ۽ سپھ سالار مٿان ڪو مَنھن به نه آهي. حيف آهي سنڌ جي عالمن، دانشورن ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙن سان هو هڪ سنڌ جي غيرتمند سپھ سالار سان به انصاف نه ٿا ڪري سگهن. سنڌي تاريخدان ڪوڙا ۽ مـَڪار آهن. تاريخ ۾ لکيل آهي هوشو شيديءَ جي قبر حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ آهي. عبدالخالق ڪنڌر ۽ مان ڳولي ڳولي، پڇي پڇي ناڪام ۽ مايوس ٿياسي. آخر ان نتيجي تي پھتس ته ”هوشوءَ جي قبر جنگ جي ميدان ۾ يا ڀرپاسي دٻي ۽ مياڻيءَ وغيره جي ڀرسان هوندي. قائد اعظم ڪراچيءَ ڄائو. اهو هنن جو ٻيو ڪوڙ آهي. هو ”جهرڪن“ ۾ ڄائو هو. ٻيا ڪيترا حوالا به لکي سگهان ٿو.
    مڪليءَ کي ڏسندي، سوچيندي سومھڻي ٿي وئي هئي. منھنجو اندر وارو انسان چڙي پيو هو. ٺٽي ۾ رات رهندي ڇرڪ ڀري جاڳي پيو پوان. ڏسان پيو ارغونن ۽ ترسانن جا گهوڙا منھنجي وجود مٿان ڊوڙي رهيا آهن. سڄي سنڌ کي رت جو ريج آهي. ڪي ڪرن ۽ مَرن پيا ته ڪي منظم ٿي وڙهن پيا. ڌرتيءَ جي ”سينڌ سنوارڻ“ ڪو آفاقي پيغام آهي. وطن يا ڪفن ”مخدوم بلاول“ جو گهاڻي ۾ پيڙجڻ- مان ڪنن سان شاهه لطيف جو پيغام ٻُڌو:
    ”لوڪ وَهي لھنوارو تون اوڀارو وَهُه.“ سنڌ جي تاريخ جو مڪمل اولڙو جنھن شخص تي پيو، اهو هو ”سائين جي ايم سيد“ ڪيئي دفعا هن جي اوطاق ۾ وڃي ترسيس. مون کي حيرت ٿيندي هئي، هُن کي ڏسي. ”سنڌ جا سڀ ارڏا ڪردار، هن شخص ۾ مون گڏ ڏٺا آهن.“ حسين رضه يزيد جي بيعت نه ڪئي. هوبه حسيني هو. پاڪستاني حڪمرانن جي جبر ۽ ظلم آڏو ڪڏهن ڪين جهڪيو.
    اندر ٻري پيو آهي. حافظو ساٿ ڇڏي ويو آهي. دلچسپيون ۽ رونقون گهٽجي ويون آهن. پاڻ گھليندو جيئان ٿو. سنڌ ڇا اجڙي آهي، منھنجو وجود اجڙي ويو آهي. جيئن پکيءَ جي آکيري کي ٻار ٽوڙي ڇڏيندا آهن. سنڌ کي ساڃاهه نه آئي آهي باقي ڪھڙي ”جُٺ“ رهيل آهي جو اسان سڌرنداسون.
    سنڌ جي تاريخ ائين ياد ٿي وئي هئي جيئن ٻارن کي ”سنڌي کوڙا“ ياد هوندا آهن. پر ”ڊپريشن“ ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ سان عشق به منھنجي لکڻيءَ وانگر آهي جنھن جو ڪو انت نه آهي. هي ريسرچ يا ڪو وڏو ڪم نه آهي، ”هي ته اجڙيل دلين جو داستان آهي.“ مظلومن جو سُر ڪيڏارو آهي. منھنجي دل لکڻ ٿي چاهي، باقي سمجهان ٿو، انھن ڳالھين جي ڪا ضرورت نه رهي آهي.
    ”مير مرتضى“ سنڌ جو ارڏو ڪردار آهي. بيگم نصرت ڀٽو جو هُن سان ڪيترو پيار هو، اهو منھنجي هٿان لکجڻ، منھنجي وس جي ڳالهه نه آهي. بنگلن جا نوڪر چاڪر ۽ سياسي سچائيون بيان ڪن ٿيون.
    جڏهن مير صاحب لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ تان بيٺو هو ته بيگم صاحبه لاڙڪاڻي شھر جي ووٽرن ڏانھن ”گهر گهر“ وئي هئي. ”سنڌ ۾“ مير جي موٽي اچڻ لاءِ بيگم صاحبه لاءِ صرف اهو ڳٿو هو ته هو صوبائي اسيمبليءَ ۾ پھچي.
    ”پڃل“ ايس پيءَ جي وقت، لاڙڪاڻي جي شيخن سان پوليس ڏاڍو ظلم ڪيو هو. شيخ اهو سڀ ڪجهه وساري مير صاحب کي ووٽ ڏنا هئا. بيگم صاحبه جي گهر گهر ورڪ ڪرڻ عورتن، مردن کي به مجبور ڪيو هو ته ”مير صاحب“ کي کٽرايون. ”سنڌ جي ماءُ جي ممتا“ کي کٽرايون. هڪ جذباتي ڪيفيت بڻجي چُڪي هئي. اعتبار ڪريو ان ڏينھن کان محترمه مون کي ”ڄام فيروز جي ماءُ“ وانگر لڳندي آهي. جيئن هوءَ ٺٽو ڇڏي دولھه وٽ آئي هئي. فرق اهو آهي ته ”ڄام فيروز“ سنڌ جو نالائق ڪردار آهي ۽ ”مير مرتضى“ سنڌ جو غيرتمند ڪردار. ماءُ جي ممتا جي ٻولي، ڪلچر ۽ دين ڌرم جدا هوندي به جذبا ساڳيا هوندا آهن.
    مان چاهيان ٿو ته امان شيخ يا سندس ڀاءُ انعام شيخ بيگم صاحبه جي ان ورڪ ۽ جذباتي ڪيفيتن تي لکن. هنن وٽ حقيقتون وڌيڪ واضح آهن ۽ ٻئي ڀائر مڃيل ليکڪ به آهن.
    هڪ دفعي ڳوٺ مسوديري، سوير گهران نڪري ٻاهر ٻنين ڏانھن هليو آيس. هڪ ٽُڪري ۾ سورج مُکي پوکيل هئا. انھن جي اندر گهري ويس هڪ ٻوٽي وٽ پھتس ته ڌٺم ته سورج مُکي جو گُل آهستي آهستي کُلي رهيو آهي. مان ڏٺو ته اڌ گل کليل آهي ۽ اڌ بند آهي. بند حصي ۾ مون ڏٺو ”ڪارو ڀونئر“ مئو پيو آهي. مون کي خوف وڪوڙي ويو، وجود ڏڪي ويو. پيار، محبت ۽ عشق کان خوف ٿيڻ لڳو.
    ”عشق نه آهي راند، جو کيڏن ڳڀرو.“
    شاهه
    هڪدم خيال آيو ته سج لھڻ کان اڳ اهو ڀونئر ان سورج مکيءَ تي اچي ويٺو هوندو. وصال جي گهڙين ۾ نه ”ڀونئر کي هوش نه گل کي ڪو خيال.“ آهستي آهستي گل بند ٿيو۽ هوا نه ملڻ ڪري ”ڀونئرو“ شھيد ٿي ويو.
    ”پتنگ پَھه ڪيو، مڙيا مٿي مچَ،
    ڏسي لَھس، نه لُڇيا، سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.“
    (لطيف رح)
    اڄ نه سورج مـُکي ٻوٽجن ٿا، نه ڀونئر مرن ٿا. اُها سورن مُکيءَ جي جنس ئي ختم ٿي وئي جيڪا سج سان گڏ مُنھن ڦيرائيندي هئي. بدر ڌامراهي ٻُڌايو ته ”پٻڻ جو گل به بند ٿيندو آهي.“ اياز هن کي ”نيل ڪنول“ سڏيو آهي. هن سَرَ جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ڏوهي آ.
    مان سنڌي مسلمان آهيان. دهرين کي ويجهڙائيءَ سان ٻڌڻ کان پوءِ ”الله جه“ جي وجود کي وڌيڪ پختگيءَ سان مڃان ٿو. هر مذهب ۾ سچائيون آهن. علم جي حاصلات تمام ضروري آهي. جنھن شيءِ جو علم نه هجي اُن تي بحث نه ڪرڻ گهرجي. نئون ديري ۾ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڪميونزم جي لھر اُٿي هئي. ورڪرن جو چڱو جٿو تيار ٿيو هو. مان انھن کان يا هو مون کان پري رهندا هئا. حالانڪ سڀ دوست هئاسون.
    يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام کان پوءِ ڏکڻ ايشيا جا مذهب هندو ازم، جين ڌرم، ٻُڌ ازم ۽ ڪنفيوشس وغيره کي بنيادي معلومات طور پڙهيو آهي. ٻُڌن ۽ هندن جي جوڳين وغيره جون مشقون حيرت ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. مذهبن ۾ ڪجهه ڪامن شيون آهن. الله ج جي هڪ ذات کانسواءِ عبادتن وغيره ۾ به ڪامن شيون ملن ٿيون. ڪرامتون هر مذهب جي ماڻھن ۾ ٿين ٿيون. جادو ۽ برايون وغيره به هرهنڌ ٿين ٿيون. شاهه صاحب چيو آهي:
    ”ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين منجهس ڳڙکيون،
    جيڏانھن ڪريان پرک تيڏانھن صاحب سامھون.“
    ”قدرت جو جلوو“ مڃتا آهي سڀني مذهبن جي هر پيغام پھچائيندڙ جو دور ۽ فقھ پنھنجو پنھنجو آهي. انسانيت لاءِجيڪا شي فائديمند آهي اُها سڀني جي ائين گڏيل ملڪيت آهي جيئن سج جي روشني ۽ هوا وغيره. مذهبن کي ”انسان“ لاءِ دَيا ۽ رحم جو هٿ سمجهندو آهيان.
    غلام سرور ناريجو ۽ غلام حسين ڪٽپر هن شھر نئون ديري ۾ اهڙي قوت جا قائل ۽ پرچارڪ آهن. مون لاءِ منھجو الله ج ڪافي آهي. منھنجو اهو خالق آهي جنھن جي تعريف صورت اخلاق يعني ”قل هو الله“ جي سڄي آيت سڳوريءَ ۾ لکيل ۽ سمجهايل آهي.
    ”ڪرشن“ هندن جو ديوتائي ڪردار آهي. هڪ دفعي ڪرسن گنگا تي غسل ڪري رهيو هو. ڪناري تي ”گوپيون“ سندس انتظار ڪري رهيون هيون ته مھاراج ٻاهر نڪري ”مون سان رقص ڪري.“ ڪرشن ڪناري تي پھچي هڪ گوپي کي سوري رقص شروع ڪيو. هزارين گوپين سمجهو ته ڪرشن هنن سان رقص ڪري رهيو آهي، ائين سڀ ذهني ۽ جسماني طور خوش ٿي ويون. هندو ڌرم ۾ رقص ۽ موسيقي شامل آهي. هنن جي مندرن ۾ پٿرن مان جيڪي مورتيون جوڙيون ويون آهن، اهي ڏسڻ وٽان آهن. نيشنل جيوگرافيڪ چينل تي جهنگن ۽ شھرن ۾ سوين مندرن جون ڊاڪيومينٽريز هليون آهن، سي ڏسڻ وٽان آهن.
    ***

    منھنجون ٻه ننڍڙيون ڀائٽيون آهن. مون وٽ اچي ٽي.وي تي ڪارٽون ڏسنديون آهن، ٽي سال کن عمر اٿن. مون کي چيائون، ”بابا! توکي اسان گيت ٻڌايون.“ مان کين چيو ته ”ها، ٻڌايو.“
    هو ٻئي گڏجي شروع ٿيون، ”اٽو مھانگو، تيل مھانگو، چانھه مھانگي، پاپا مھانگا ............. .“
    آخر ۾ شروع ٿيون، ”سنڌ اسان جي ماءُ آ.“ ان کي بار بار ورجائي رهيون هيون، ٻاتاڻا ٻول، ٻُڌي مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ مان به انھن سان گڏجي چوڻ لڳس، ”سنڌ اسان جي ماءُ آ.“
    بابا مرحوم مسوديري ۾ هڪ دفعي چيو ته ”تون جي.ايم. سيد جو پوئلڳ آهين. مان چيس ته ”ها“. پر توهان اهڙو سوال ڪڏهن نه ڪيو آهي. چياين ته وڏيري تنھنجي باري ۾ ٻڌايو آهي. بابي کي ڏاڍو غصو هو. مان چپ ٿي ويس.
    نئون ديري سالن کان پوءِ گڏ رهندا هئاسي. منھنجي ڀاءُ کي ۽ ٻين سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي رات جو پوليس نئون ديري گهران گرفتار ڪري وئي. جنرل ضياءَ جو زمانو هو. شھرجون ۱۰-۱۱ فئمليون پريشان ٿي وياسي. ۸۷-۱۹۸۶ع هڪ ٻن ڏينھن کان پوءِ بابي من کي چيو ته ”تون گهر ۾ ستو پيو آهي، منھن جو پٽ ٿاڻي تي ويٺو آهي. گهر مان نڪري وڃ. وڃان ته وڃان ڪيڏانھن؟ آخر ممتاز علي خان ڀٽي سڀني کي ڇڏرايو. هنن سڀني اليڪشن ۾ ممتاز صاحب جي ورڪ ڪئي. شھر ۾ ۽ آسپاس روزانو گاڏين تي وڃي ورڪ ڪندا هئا. نئين ديري ۽ آسپاس ايترا ووٽ مليا هين جو ٻين اليڪشنن ۾ اهو ٽارگيٽ پورو ٿي نه سگهيو آهي.
    قدرت جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو بابي کي پيشاب جي نيڪال ۾ گدود ڪري رڪاوٽ ٿي پئي. آپريشن لاءِ ڊاڪٽرن انڪار ڪيو. انگريزي دوائون ڪري وقت فائدو ٿيندو هيس. آخر خبر پئي ته سَنَ ۾ هڪ حڪيم آهي. بابو منھنجي ڀاءُ سان گڏجي اوڏانھن علاج لاءِ ويو. اُتي سائينءَ جي اوطاق تي رهيا. حڪيم ۱۵ يوناني ٽڪيون ڏنس. پئسا بابا کان ڪونه ورتائين. هر ۱۵ ڏينھن کان پوءِ مون وارو ڀاءُ انعام يونيورسٽيءَ مان ايندي ويندي ۱۵ ڳوڙهيون دوا جون بابا لاءِ موڪليندو هو يا پاڻ کڻي ايندو هو.
    بابا جڏهن سائينءَ وٽان موٽي آيو. حال احوال ڏيندي کلندي مون کي چيو هئائين، ماڻھو ته بڇڙا آهن، هو گلا خور آهن، تون سائينءَ سان ملڻ لاءِ ويندو ڪر هو ته ”وقت جو وليءُ آهي. خوشيءَ مان، مان، ٽڙي پيو هيس.
    ڏينھن هجي يا رات، سائينءَ جي حويليءَ واري اوطاق يا جتي ميڙاڪا ٿيندا آهن اُهي کُليون پيون هونديون هيون. سائينءَ جي وفات کان پوءِ جڏهن پھريون دفعو وياسون ته ٻئي اوطاقون بند هيون. مستقبل ۾ سنڌ جي سائينءَ جون ڳالھيون ائين ٻڌايون وينديون جيئن شآهه جا شعر هڪٻئي کي ٻُڌائيندا آهيون.
    سائينءَ جو ڪردار، يوناني ديوتائن وارو ڏند ڪٿائن وارو ڪردار لڳندو آهي. اڃان منھنجي قلم ۾ اها سگهه نه آهي جو هُن سان انصاف سان لکي سگهان. جڏهن به موقعو مليو. قوت سمجهيم ته يوسف جي خريدارن وانگر ضرور هن جو قرض لاهيندس.
    سنڌين جي اڪثريت، سائينءَ کان ائين لاتعلق رهي آهي جيئن يزيد جي مقابلي ۾ عربن جي امام حسين رضه سان روش رهي آهي. ووٽن جي حساب سان نه پر فڪري حساب سان سائين هميشه زنده رهندو. هُن جو فڪر اڄ به سنڌين جي ذهنن ۾ آهي پر ”سچ“ قرباني وٺندو آهي، اسان ماڻھو تڪليفن سھڻ لاءِ تيار نه آهيون. حق وٺڻ ائين لڳندو آهي، جيئن بغير پاڻي ۽ مانيءَ جي رڻ جهاڳڻ. ايڏي تڪليف سھڻ لاءِ سنڌين جي اڪثريت تيار نه آهي.
    اڄ اندرَ ۾ ٻيجل وارا سُرَ ٻُري رهيا آهن. سنڌ جي شخصيتن مان ”حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي.ايم سيد منھنجا آئيڊل آهن. هنن ٻنھي جي قربانين ۽ فڪر جي مقابلي ۾ رڳو اوندهه آهي. لطيف سرڪار جي شاعريءَ کان پوءِ هنن جون زندگيون سنڌ لاءِ اڀل ۽ آسرو رهيون آهن. جيڪو ڪجهه سنڌي هن وقت به آهيون اهو انھن جي سوچن ۽ تحريڪن ڪري آهيون، نه ته ڪجهه ڪونه بچي ها. ڪائنات ۾ الله ج جو آسرو ۽ سنڌ جو آجپو مٿين ٻنھي مفڪرن جي روشنيءَ ۾ حل ٿيڻ گهرجي.
    مشتاق علي خان ڀٽي مرحوم وٽ ڪچھريون ٿينديون هيون، هو صاحب يورپ گهميل هو. ڀٽي صاحب جو سڳو سوٽ هو. هو اسان کي يورپ جي ملڪن جو سٺايون ۽ برائيون ٻُڌائيندو هو. اسان چين ۽ روس جو سوشلزم پڙهيو هو. ان کي هو اهميت نه ڏيندو هو. هو چوندو هو ته سنڌ جي مسئلن جو حل اسڪينڊينيوئن ڪنٽريز (ڪئناڊا، ڊنمارڪ، ناروي ۽ سئيڊن وغيره ملڪ) موجب آئين هجي. هنن ملڪن جو بنياد ”فلاحي مملڪت“ واري تصور تي ٻڌل آهي. سنڌ جي زمين ان کي ملڻ گهرجي جيڪو آباد ڪري، حڪومت مقرر ٽيڪس وٺي زمينداري سسٽم ۾ زمين غيرآباد پئي آهي ۽ اپت به گهٽ ٿئي ٿي. جديد ايگريڪلچر جو نظام قائم ڪيو وڃي. تعليم، صحت ۽ نوڪرين جا موقعا سڀني لاءِ هئڻ گهرجن. مئرٽ سڀ کان مٿانھين هئڻ گهرجي. بعد ۾ الطاف شيخ جا احوال ۽ ٻين اردو رائيٽرس جا ليک پڙهيا ته مرحوم ياد اچي ويندو هو. دنيا ڪيڏي سڌري وئي آهي پر اسان ڏينھون ڏينھن پٺتي پيا وڃون.
    ناروي ۽ سئيڊن وغيره جو ٽيمپريچر ٻارهو ئي مائينس رهي ٿو. جيڪو ۱۵- تائين به رهي ٿو پوءِ به سٺي حڪومت (Good Govern) ڪري عزت ۽ شان سان زندگي گذارن ٿا. هُتان جون حڪومتون بيروزگاري الائونس، تعليم، صحت، امن امان، رهائشي جاين کي گرم رکڻ، ٽرانسپورٽ ۽ ڪم وارين جاين کي گرم ڪرڻ سڀ ڪم حڪومت جي حوالي آهي. هتي اهڙي موسم هجي ماڻھو تڙپي تڙپي مري وڃن.. اسان کي قدرت واري پنھنجي فياضيءَ سان سڀ ڪجهه ڏنو آهي پر حڪمران رڳو پنڻ لاءِ منصوبه بندي ڪيو ويٺا آهن.
    نئون ديري جي گهاڙ واهه جي ڀرسان عاشق علي ۽ الله ڏني جن جا گهر هوندا هئا. اوطاق هوندي هئي. اُتي ورزش جو سامان هوندو هو. سنڌ جي چوٽيءَ جا مَلھه مھمان ٿي ايندا هئا.
    عاشق علي پڃريون ۽ وزن (ويٽ) کڻندو هو. وڏو شوق هوندو هوس. کير، مکڻ جو دور هو ”شمن شاهه“ ۽ ٻين کي استاد عاشق، گهاگهريون کيرن جون پياريندو هو. سڄو گهاڙ اوطاقن ۽ چھچٽن سان ڀريو پيو هوندو هو. محرم علي به ساڳي خاندان مان هو. ٽئي ڀائر گذاري ويا آهن. غلام علي سمون ڪي.ٽي.اين وارو انھن فئملي سان تعلق رکي ٿو.
    عاشق مرحوم دلبر انسان هو. قربائتو، کلڻو ۽ عزت ڪرڻ وارو، آخري ڏينھن ۾ ملندو هو ته چوندو هو ته ”منگي! فنا جو جھان آهي. شگر هر شيءِ کسي ورتي آهي. تڪليفن هوندي به مرڪندو رهندو هو هو. الله ج سڀني تي پنھنجو رحم ڪري. ”قيامت جي ڏينھن اميرن ۽ بادشاهن کي جيڪڏهن الله ج جنت ڏني ته قبر مان ئي نه اٿندس- شيخ سعدي رح.“ غريبن ۽ مسڪينن جا ڏک ۽ ڏولاوا ڏسي ائين چوڻ تي مجبور ٿيو هوندو.
    منھنجي نئون ديري اچي رهڻ کان اڳ ۾ محبوب علي سولنگيءَ جو ڀاءُ عبداللطيف سولنگي، سکر چاڪن جي زخمن سان قتل ٿيو هو. سائين غلام اڪبر جو ڀاءُ لاڙڪاڻي جهيڙي ۾ ماريو ويو هو. ڊاڪٽر طارق علي شاهاڻيءَ کي ڪراچيءَ ۾ زهر ڏنو ويو. هو خالد حسين شاهاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ اسان جي واسطي وارو هو. طارق شاهاڻيءَ جي رهائش واري فليٽ جو دروازو ٽوڙي، هنجي باڊي نئون ديري آندي وئي هئي. محمد مراد ڀٽي کي ڏينھن ڏٺي جو بازار ۾ گوليون هنيون ويون. هو نثار احمد ڀٽي (ناظم) جو پيءُ ۽ محترمه جي قريب هيو. جميل احمد قريشي کي باءِ پاس تي صبوح جو قتل ڪيو ويو. الائي ڪيترن ماڻھن کي جهيڙن ۽ سازشن ۾ هن ڌرتيءَ تان مٽايو ويو.
    محبوب، مائٽ، دوست ۽ زندگي بي اعتبار آهي. ڪنھن تي ڪنھن جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ دفعي هڪ دوست سان ڳالھين ڳالھين ۾ ڏکوئجي پيس. سوچيندي سوچيندي پاڻ کان پڇيم، پنھنجا ڪارا وار، ڪاريون اکيون، ڪشش وارو چھرو ۽ جواني ڪاڏي ويا. ”مُرڪي ٻين جي شڪايتن ڪرڻ کان پاسو ڪيم. جڏهن پنھنجو جسم ئي بي وفائي ٿو ڪري ته ٻين تي اختيار ڪھڙو آهي. بلڪل فريش ٿي ويس.
    ”هڪ نه رُسي هوت، گهوري ٻاجهه ٻين جي.“ شاهه
    ۱۹۷۰ع تائين سنڌي اديبن جيڪو مزاحمتي ادب سرجيو آهي، اُهو ان دور جي نوجوانن پڙهيلن جو آئيڊل رهيو. ڀٽي صاحب جي اچڻ سان ”آسائش واري زندگيءَ جي ڊوڙ شروع ٿي. نظريا پٺتي هليا ويا. محترمه ۽ مير صاحب جو پاڻ ۾ اختلاف به سنڌين کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. سچائيءَ سان اِهو سور سلڻو ٿو پوي ته جنھن حالت تي اسان سنڌي پھتا آهيون، ان ۾ صرف ڌاريا شامل نه آهن. پنھنجن جون به گهڻيون زيادتيون شامل آهن. ارباب رحيم، ايم.ڪيو.ايم سان گڏجي سنڌ جي ضلعن کي ورهايو. پ پ پ اڪثريت ۾ هوندي به اردو ڪميونٽيءَ سان ٺاهه ڪري، ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهن. سنڌ جي عزت نفس مجروح آهي. ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ اڳي وانگر سنڌين جا لاش ڪراچيءَ کان پنھنجي گهرن ڏانھن موڪليا وڃن ٿا.
    ڀٽو صاحب مرحوم والد جي طرفان جاگيردار، ماءُ جي طرف کان سندس ناناڻا هندو (ياد رهي ته ڀٽي صاحب جي ماءُ مسلمان ٿي سر شاهنواز ڀٽي سان شادي ڪئي هئي.) آسائش هن کي ورثي ۾ ملي، ذهانت هن کي قدرت ڏني، حُسن ۽ جوش سان گڏ دنيا جي بھترين تعليمي ادارن ۾ تعليم ورتائين. پڻھنجي قابليت تي نالو روشن ڪيائين پر پاڪستان جي پاليٽڪس سمجهي نه سگهيو ۽ هارائي ويو. هن جي فئمليءَ تمام وڏي قيمت ڏني پر سنڌي ماڻھو ڪٿان جا به نه رهيا. هن جي ذهانت، علم ۽ قرباني سنڌي قوم کي پنهنجو جائز مقام ڏئي نه سگهي.
    ٻي جنگِ عظيم کان پوءِ دنيا جون ٻه طاقتون نروار ٿيون؛ روس ۽ آمريڪا. کاٻي ڌر جا اڳواڻ، اسٽالن ۽ خروشيف، مائو ۽ چواين لائي، گانڌي ۽ نھرو، انڊونيشيا جو سوئيڪارنو. ويٽنام جو هوچي منھ، مصر جو جمال ناصر، يوگو سلاويه جو مارشل ٽيٽو، ڪيوبا جو فيڊرل ڪاسترو، ڪمبوڊيا جو پرنس سھانوڪ، الجزائر جو بن با الله، فلسطين جو ياسر عرفات. شام جو حافظ الاسد، لبيا جو ڪرنل قذافي، دنيا جي نوجوانن جا آئيڊل هوندا هئا. ترڪيءَ جي ڪمال اتاترڪ پنھنجي حڪمت عملين سان، پنھنجي ملڪ کي بچائي ورتو. ٻي طرف آمريڪي لابيءَ جا اڳواڻ هوندا هئا. ايوب خان، شھنشاهه ايران، شاهه فاروق مصر۽ ٻيا ڪٺ پتليون جيئن عربن جا بادشاهه وغيره. دنيا جي سياست ۾ توازن هو. پر روس جي ٽٽڻ کان پوءِ آمريڪي ۽ اسرائيلي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ڏسجي ته هنن جو سج ڪيستائين ٿو اڀريل رهي. خدا بي نياز آ، جڏهن هو چاهيندو ته ڌرتيءَ تي توازن پيدا ٿيندو باقي هن وقت مسلم قومن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ جابرانه رويو آهي ناٽو ۽ آمريڪا جو. افغانستان، عراق ۽ پاڪستان جا قبائلي علائقا ان جا مثال آهن. هزارين بي گناهه ماڻھن جو رت وهيو آهي ۽ اڃا تائين اهو رڪجڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.
    ناصر ۱۹۶۷ع جي شڪست کانپوءِ صدارت تان استعفى ڏني هئي. سڄو مصر احتجاجن اٿي پيو هو ته ”جمال ناصر“ تون ئي اسان جو صدر آهين.
    مري ويو ته هن جي اڪائونٽ ۾ ڪجهه ڪونه هو. هارٽ اٽيڪ دوران ڊاڪٽر منع ڪيس ته سگريٽ نه ڇڪ. شڪايتي لھجي ۾ هن کي چيو هئائين، ”هن ڌرتيءَ تي صرف سگريٽ پيئڻ جي عياشي ڪندو آهيان، اُها ته مون کان نه کسيو.“ هو شراب نه پيئندو هو. ڪيڏو نه معياري حڪمران هيو. هن جي آپ بيتي پڙهڻ وٽان آهي. شينھن هيو. ”نھر سئيز“ کي قومي ملڪيت ۾ وٺي دنيا آڏو ڌاڪو ويھاريو هيائين.

    نئون ديري ۾ سينه به سينه ٻُڌل هڪ ڳالهه:
    خانبھادر احمد خان ڀُٽي وٽان سومر سوائي، مولانا قادر بخش لاءِ ڏهن روپين جي چٺي وٺي، هڪ ٻي ٻـُڙي وڌائي ان کي سئو روپيه ڪري ڇڏيائين. مولانا مرحوم هُن کي هڪ سئو روپيه ڏنا. جڏهن حساب ڪتاب ٿيو ته اُها چٺي ظاهر ٿي. سومر سوائيءَ کي گهرايو ويو. هن کان پڇاڻو ٿيو. سومر فقير چيس ته خان بھادر هڪ ٻُڙي ته وڌائي اٿم، جيڪڏهن ٻي ٻُڙي به ڏيانس ها ته پوءِ. خان بھادر مُرڪي پيو هو ۽ معاملو ختم ٿي ويو هو. ان وقت ماسترن جي پگهار ۱۰۰ روپين کان به گهٽ هوندي هئي.
    هڪ دفعي هڪ مسڪين، خانبھادر وٽ ويو. چيائينس ته غريب آهيان. ان کائڻ لاءِ ڏي. خانبھادر صاحب پڇيس ته پُٽ اٿئي. هُن چيس ته ها. وراڻيائينس ته ”تون غريب ڪٿي آهين، غريب ته مان آهيان.“ الله، الله رب بي نياز آ.
    سنڌ جي سياست ۾ الله بخش سومرو (شھيد)، سورهيه بادشاهه، ممتاز علي ڀٽو ۽ ٻيا قومپرست ڌڙا، پليجي سميت وڻندا آهن. ماڻھون انھن کي ووٽ ڪونه ٿا ڏين پر مون کي پيارا آهن. غيرتمند آهن. آريسر، بشير قريشي، قادر مگسي، ڊاڪٽر سرڪي وغيره سڀني کي الله ج عافيت ۾ر کي. سڀني کان وڌيڪ قومپرست مولانا وڻندا آهن. اسلام ڪٿي ٿو چئي ته قومن جا حق ڦٻايو. هڪ فرد جي حق کائڻ جو قيامت ڏينھن حساب ڪتاب ٿيندوته ڇا قومن کي ڦري فقير ڪرڻ وارا پوءِ جنتي ڪيئن ٿيندا؟ مولانا ٻوهيو صاحب ۽ ٻيا سچا مسلمان آهن.
    اسلام آباد وارن جون اکيون، سڀني سياستدانن ڏٺيون آهن. اسان جي سنڌي اڳواڻن، مرڪز وارن جون ڏاڍيون جٺيون سٺيون آهن پر سکيو صرف ”ممتاز علي خان ڀٽو“ آهي. هو مرڪز جي سياست ڇڏي سنڌ جي سياست تي لھي آيو آهي. سائين جي ايم سيد کان پوءِ، سنڌي هن کي به ووٽ ڪونه ٿا ڏين. جڏهن ته ايرا غيرا نٿو خيرا اسيمبلين ۾ ويٺا آهن. سنڌي ماڻھن جي سوچ تي ڪھڙو تبصرو ڪجي. محبت سان گڏ غيرت جا معيار به مٽجي ويا آهن.
    جڳ نه سمجهي توکي، جڳ کي تون نه سمجهه،
    عشق کي سؤ وار، سمجهائي ڏٺم
    (شيام)
    تو جان آههِ مون کي پڻ گهرڙو، تون جا ناهه مون کي به زمين،
    گل ٻوٽن جي ڪونڊين سان، گهر ۾ ڪا ساواڻ ڪريون.
    (شيام)
    ڀٽي صاحب جي شھادت کان پوءِ، سائين جي ايم سيد، بيگم ڀٽو صاحبه کي چيو ته مان لاڙڪاڻي عذر خواهيءَ لاءِ اوهان وٽ اچڻ چاهيان ٿو. بيگم صاحبه باءِ روڊ لاڙڪاڻي المرتضى هائوس تي پھتي هئي. دُعا کانپوءِ سياسي ڳالھيون ٻولھيون ٿيون. وقت اچڻ تي اهي سڀ تفصيل ذميوار ماڻھو ظاهر ڪن ڇو ته اهو سڀ ڪجهه سنڌين جو اثاثو آهي. اخبارن ۽ رسالن ۾ تفصيل ڇپيا هئا پر مان لکڻ مناسب نٿو سمجهان. اميد آهي ته سنڌ جي ڏکن جي سموري تاريخ مستقبل وارو مؤرخ قلمبند ڪندو هوندو. آسمان منظر محفوظ پيو ڪري. نيٺ ته انصاف جي عدالت لڳندي.
    پليجو صاحب لکڻ ۽ ڳالھائڻ جو شھنشاهه آهي. سنڌي عوامي تحريڪ دوران هو نئون ديري ايندو رهندو هو. هن جون لکڻيون هر عام ۽ خاص وٽ مقبول آهن. هن محنت ڪري، ڪارڪن تيار ڪري وري ٺھيل ٺُڪيل پارٽي ڦٽائي ڇڏي. غلام قادر پليجو لاڙڪاڻي ۽ نئون ديري مان پارٽي فنڊ وٺڻ ايندو هو. بعد ۾ پ پ پ ۾ ايم پي اي ٿي ويو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ايترو مال گڏ ڪيائين جو سندس ٻار ۽ گهر آمريڪا ۾ آهي. ”هاري ۽ مزدورن“ جا اڳواڻ ائين بدلجي وڃن ته اسان غريبن جا ٻار، روزگار لاءِ ٿاٻا نه کائينداسون ته ڇا ڪنداسون. پر يارَ! هرهڪ ٿڪجيو پوي. غريب جا ٻار آهن. ڀل! جاوا ڪن. هروڀرو خان بھادر نوابن ۽ وڏيرن پراڊو، لينڊ ڪروزر ۽ پيجارو تي هلڻ جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟
    هڪ انڌي سان ڪنھن عورت شادي ڪئي. هڪ ڏينھن ان عورت، ”حافظ، مڙس کي پيار ۽ محبت ڪندي چيو ته ڪاش! توکي اکيون هجن ها ته ڏسين ها ته مان ڪيتري سھڻي آهيان. حافظ وراڻيس ته ”اکين جي روشني ڪونھي پر ايترو ضرور سمجهان ٿو ته ”جيئن چوين ٿي جي ائين هجين ها ته هي اکين وارا توکي مون لاءِ ڇو ڇڏن ها.“
    سمجهو سڀ ڪجهه ٿا.
    ”پٽڻ واريون پڌريون، ٻيون ائين ئي هٿ هڻن.“ شاهه
    سنڌ ۾ جيڪا سجاڳي ۽ مزاحمت آهي ان جو ڪريڊٽ پليجي، آريسر، ڄام ساقي ۽ ٻين قوم پرستن ڏانھن وڃي ٿو. هنن تڪليفون سھي، سنڌ کي بچايو آهي.
    اسان جي معاشري ۾ مسلمان هوندي به ”برهمڻ ازم“ آهي غريبن جا تعليمي اسڪول، اسپتالون، مارڪيٽون، سواريءَ جا ذريعا مطلب ته هر شيءِ جدا آهي. جڏهن ته دولتمندن، آفيسرن ۽ وزيرن، مشيرن ۽ جاگيردارن جو اٿڻ ويھڻ، ڪلبون، اسڪول، ميڊيڪل سينٽر، گاڏيون، هوائي جھاز، شاپنگ سينٽر ۽ رهائشي ڪالونيون وغيره الڳ آهن. اها طبقاتي ڪشمڪش ڏينھون ڏينھن نروار ٿيندي پئي وڃي.
    مون جھڙن غريبن جا ٻار پڙهي، نوڪريون ڪري هيرا ڦيريون ڪري، حلال ۽ حرام مال ڪمائي، هن شھر ۾ به پنھنجي حيثيت مڃرائي رهيا آهن. ”سٽيزن ڪلب“ هڪ اهڙو پليٽ فارم نئون ديري ۾ جڙيو آهي. بنيادي ميمبرشپ جي في پنج هزار آهي. ماهوار في جدا ۽جڏهن ڪينٽين وغيره تيار ٿي ته کائڻ پيئڻ وغيره جي جدا رقم. ڪلهه جيڪي اسلام ۽ سوشلزم جا پرچارڪ هئا، اُهي اُن ڪلب جا روح روان آهن.
    اڄ جيڪڏهن نه ته سڀاڻي منھنجي خاندان جا به ميمبر ٿي پوندا ته پوءِ ڪنھن کي معيار ڏبي.
    ”جتي عمر گذري وئي، ڀٽڪندي ئي،
    لڳن ٿيون سڃاتل ته راهون اُهي ئي.“
    (شيام)
    منھنجي شھر وارن ۽ آسپاس جي ماڻھن کي تعلقي رتيديري جي آفيسن ڏانھن وڃڻ پئسن ۽ وقت جو زيان آهي.
    هن شھر نئون ديري کي هاڻي ”تعلقو“ ٿيڻ گهرجي. لطيف يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس ملڻ گهرجي. سنڌ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان لئبريري ملڻ گهرجي. ڇا هي ڏکيا ڪم آهن؟، توهان جي وسَ ۾ نه آهن؟! هي چوٿون دفعو پ پ پ اقتدار ۾ آئي آهي. خلق خدا کي ڪجهه ته ڏيو. قيامت ڏينھن ڪھڙو جواب ڏيندا. هيٺين شعر موجب، منھنجي سامھون صرف سنڌ، سنڌي معاشرو ۽ نئون ديرو آهي.
    ”تنھنجي دنيا اي ڪلي، آهي اڃا به ننڊ ۾،
    باک ڦٽندي گنگنائڻ آيون ماکيءَ مکيون!
    روشني ۽ رنگ جي دنيا آهي گهڻو وسيع،
    پر اڳيان هوندينم جي تون،
    ڇا ڏسي سگهنديون اکيون؟
    (شيام)


    سارين جا ڀلوڙ فصل ۽ ڏڪار

    ”پاڻيءَ جي صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه پنھنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پاڻي پنجاب نه پيو چورائي، ۴۵ سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ آهي. ۴۰ سيڪڙو ماڻھو متاثر ٿيا آهن.“
    سنڌو ته اسان جي جياپي جو سھارو آهي. ان جي وهڪري کي برقرار ۽ جيئن جو تيئن رکڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو چارو نه آهي. اچو ته ۴۰ سال اڳ سنڌ جي سانوڻي موسم ۽ سارين جي فصل بابت ماضيءَ جا ورق ورايون.
    ۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۰ع تائين منھنجو ٻالڪپڻ ۽ نوجواني آهي. اپريل مھينو ايندي ئي هاري وٿاڻ جو گڏ ڪيل ڀاڻ ٻنين ڏانھن ڏاند گاڏين تي ڍوئيندا هئا. هر ڏئي سارين جي ٻج پوکڻ وارين ٻارين ۾، ڀاڻ کنڊيري مٿان پلال ۽ گند وجهي ان کي باهه ڏيندا هئا. جڏهن وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ گند خاڪ بڻجي ويندو هو ته ڀرسان کوهه وغيره جي لوٽين ۽ ڊينگهي سان نڪتل پاڻيءَ سان انھن ٻارين کي ڀربو هو. بعد ۾ ساريون اڇلائي ڇڏبيون هيون. هفتي جي اندر ٻيجارو ڦٽي نڪرندو هو. اسان کان اڳ ۾ سڳداسي ساريون ٿينديون هيون، پر پوءِ جيت لڳڻ ڪري اها جنس ختم ٿيندي وئي. باقي جنسون بدڙي ساريون جن جو رنگ هلڪو ناسي هوندو هو ۽ اندران چانور سنھا هوندا هئا، ٻي جنس جو نالو ڪنگڙين سڏبو هو. غريب غربو کائڻ لاءِ ئي اٽي پيھائڻ لاءِ ان جو استعمال ڪندو هو. اٽي لاءِ جوئر به استعمال ٿيندي هئي، جيڪا اڄڪلهه ڏاڍي مھانگي آهي.
    اٽڪل ۶۴-۱۹۶۳ع ۾ انھن جنسن تي به جيت ۽ پوپٽ جو حملو ٿيو. جنھن ڪري ٻه ٽي سال اتر سنڌ ۾ ڏڪر جھڙي صورتحال هئي. زراعت کاتي ۽ حڪومت مغربي پاڪستان طرفان سارين کي ڦوهارو ڪرڻ لاءِ باقراڻي، نئونديرو، رتوديرو روڊ تي وارهه ڪئنال جي پل جي ويجهو رن وي ٺاهي ڦڪن جھازن سان سارين جي فصل کي ڦوهارو ڪيو ويندو هو. ڏاڍي زهريلي دوا استعمال ٿيندي هئي. اڳ م خبردار ڪيو ويندو هو، جنھن ڪري مالوند ماڻھو ٽن چئن ڏينھن جو گاهه گڏ ڪري رکندا هئا. ڦوهارو ٿيل گاهه مال کي نه ڏبو هو. پاڻيءَ ۾ مڇي جو ٻيجارو وغيره مري ويندو هو. رات جو زراعت کاتي وارن مفت ۾ هارين ۽ زميندارن کي لالٽين ڏنا هئا ته هو رات جو پوک ۾ پاڻيءَ جي پاٽ ڀري ان ۾ سِر وغيره رکي، ان تي لالٽين ٻاربو هو. ڪيئي پوپٽ اچي مڙندا هئا هيٺ پاڻيءَ جي پاٽ ۾ ڪري مري ويندا هئا، ماڻهن الله کي راضي ڪرڻ لاءِ ختما ڪڍرايا ۽ ٻارڙن کي مٺا ڀت کارايا ته ملڪ مان ڏڪر ختم ٿئي.
    ۷۳-۱۹۷۲ع کانپوءِ فلپائن مان ريسرچ ٿيل اِري ۶ آيو ۽ آهستي آهستي مٿيون جنسون مٽجي ويون. ڀٽي صاحب پنھنجي دور ۾ ڏوڪري رائيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ کوليو هو. ڪنگڻي ۽ بدڙي جنسن جي پئداوار گهٽ ۾ گهٽ ٿيندي هئي، جڏهن ته اِري ۶ جي پئداوار ۴۰ کان ۵۰ مڻن تائين پھچندي هئي.
    اپريل جو سڄو مھينو ٻج پوکڻ سان گڏ واهن ۽ واهين جي کاٽي کڻبي هئي. سنھو ڪم هاري پاڻ ڪندا هئا. گهڻو ڪم زميندار ۽ سرڪار ”لالن پٺاڻ کان“ روڪ رقم ڏئي کاٽي کڻائيندا هئا. موجوده مشينن ۽ ٽريڪٽرن وغيره جو رواج پوءِ پيو. مون کي ياد آهي ته پھرئين مئي تي ”ڇڙيو پاڻي“ درياهه مان واهن کان اچڻ کان اڳ ۾ سڀني واهن جي پيٽ ۾ پاڻي بلڪل ٿوري اندازي ۾ وهندو هو. ان مان اهو فائدو هوندو هو ته مال ۽ ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي ملندو رهندو هو، جيڪو ۱۹۸۰ع کانپوءِ آهستي آهستي گهٽجي آخر اهو بند ٿي ويو. پاڻي نه هئڻ ڪري دُٻن جي پاڻي پيئڻ ڪري ماڻھن ۾ هيپائٽائيٽس جا ڪيس وڌيا آهن ۽ مال ۾ بيماريون پڻ وڌي ويون آهن. صاف ظاهر آهي جديد دنيا ۾ اسان سنڌي پٺتي ويا آهيون.
    مئي جي پھرئين تاريخ تي سکر بئراج مان واهن ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو هو. ۵-۶ ڏينھن ۾ پاڻي زمينن تائين پھچي ويندو هو ۽ رونبن جي شروعات ٿي ويندي هئي.
    مردن ۽ زائفن جا ٽولا پنهنجا رونبا ڪري آرام ڪري، ٿڪ پٽي، پنھنجي ۽ گهر وارن جو لٽو ڪپڙو وٺي مخصوص ماڻھن جو ٽولو ٺاهي رونبا ڪرڻ لاءِ باگڙجي ضليع سکر ويندا هئا. تقريبن مھينو کن اتي رهي پئسا ڪمائي موٽي ايندا هئا.
    رائيس ڪئنال تي اڳ ۾ رونبا ٿيندا هئا، بعد ۾ دادو ڪئنال ۽ آخڪر ۾ کيرٿر ڪئنال جي زمينن تي رونبا ٿيندا هئا.
    اچو ته موجوده پاڻيءَ جي صورتحال تي نظر وجهون گذريل ۲۰-۳۰ سالن کان پاڻي مئي مھيني جي بجاءِ جون، جولاءِ ۾ مس سکر بئراج تائين پھچي ٿو. سارين کي پھچڻ لاءِ جهجهو پاڻي ۽ گهڻي گرمي گهرجي، پر جيڪڏهن پاڻي دير سان اچي ٿو ته سارين پڄڻ جي مند سيپٽمبر کان مٽي آڪٽوبر تائين پھچي ٿي. گرمين ختم ۽ مٺين مندن اچڻ ڪري سارين جو سنگ ۽ داڻو ننڍو ٿئي ٿو. پئداوار ۾ فرق پوي ٿو. فصل کي مھلي لڳڻ جو خطرو پڻ وڌي وڃي ٿو. تنھن ڪري ضروري ٿيو پوي ته فصل ۱۵ سيپٽمبر کان اڳ لابارن لائق ٿيڻ گهرجي. اها به ماضيءَ جي مقابلي ۾ دير آهي. ٿيندو ايئن آهي ته مارچ ختم ٿيڻ سان ئي سج جي آب ۽ تاب ۽ گرمي ڪري گليشيئرن جي برف پگهرجڻ شروع ٿيندي آهي. جڏهن ڊيم ڀرجڻ شروع ٿيندا ته درياهه جي پيٽ ۾ پاڻي ڪٿان ايندو. منھنجو مطلب آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ يعني سنڌ کي پاڻي دير ڏيڻ، سڀ ڪجهه مصنوعي آهي. حڪومت ڊيم ڀري پوءِ پنھنجي مرضيءَ سان پاڻيءَ جا وهڪرا وهائي ٿي، پھرئين شينھن پنھنجو حصو کڻي پوءِ جي بچيو ته باقي راڄ جا ماڻھو، اهو انصاف نه آهي. سنڌ جي ضرورتن جو پ پ کي خيال رکڻ گهرجي ۽ اهو ڏسڻ ۾ به اچڻ گهرجي. ڪنھن وزير ۽ مشير جي بيان سان ان کي ظاهر ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ نه گهرجي.
    سنڌوءَ ۾ الائي ڪيترن ننڍن وڏن وهڪرن جو پاڻي اچي ڇوڙ ڪندو آيو آهي. اهي وهڪرا گهٽبا پيا وڃن. مثال طور ڪابل درياهه، هن جو پاڻي اڄ به ”ٽانڪ“ وٽ سنڌو درياهه ۾ اچي پوي ٿو. پر ڪابل درياهه تي افغانستان ۾ ڊيم ٺھي رهيو آهي، يعني مستقبل ۾ اهو پاڻي به ختم سمجهو.
    مون کي خدشو آهي ته اِري چانورن جون موجوده جنسون به هتي ڪونه ٿيندو. جيئن انھن گذريل جنسن کي ري پليس ڪيو هو، تيئن هنن جي جاءِ به گهٽ پاڻي ۽ گهٽ گرميءَ واريون جنسون والارينديون يا مورڳو ساريالو فصل ئي ختم ٿي ويندو.
    افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته لاڙڪاڻي نئون ديرو ۽ آسپاس جر جو پاڻي هيٺ لھي آيو آهي، نلڪا يا ته ٿورو پاڻي ٿا ڏين يا خراب ٿي پيا آهن. اڳ اسان وٽ ۳۵ فوٽ ”جر“ هوندو هو، يعني ۳۵ فوٽن تي نلڪو پاڻي ڏيندو هو، هاڻي اهو ۶۰ تي به ڪونه پيو هلي. مستقبل لاءِ منصوبه بنديءَ سان گڏ دعائون به گهرڻ گهرجن.
    هنزه درياهه اسان جي سامھون هنزه ڍنڍ بڻجي ويو آهي. ڪجهه خدا جو خوف ڪريو. اسان سنڌين تي رحم نه پر اسان سان انصاف ڪريو. هندن ۽ انگريزن اسان جي سنڌوءَ جو پاڻيءَ جو خيال ڪيو. ۱۸۱۰ع کان رڪارڊ ۽ دستاويز آهن. توهان اسان جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڇو ٿا هڻو.
    دنيا ۾ صرف اسان پڇڙي ۾ نه آهيون، مصر ۽ سوڊان جو نيل درياهه وارو مسئلو به پنجاب ۽ سنڌ جھڙو مسئلو آهي. هر ڪم بين الاقوامي قانون موجب ٿيڻ گهرجي. ڏاڍ مڙسيءَ تي انڊيا ۽ اسرائيل کي ننديون ٿا ته اسان لاءِ توهان ساڳيو نسخو ڇو ٿا پسند ڪيو.
    جڏهن پ پ اقتدار کان ٻاهر هئي ٿل ڪئنال جي خلاف احتجاج رڪارڊ ٿيل آهي. اڄ اهو وهي ٿو. سڀ سنڌي وزير ۽ ميمبر وغيره چپن کي چونو هنيو ويٺا آهن.
    محترم آبپاشي جا صوبائي وزير! ايڏي حمايت پنجاب جي زور آوريءَ جي چڱي نه آهي. ڪجهه ته ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ حقيقتن کي آڏو رکو! سچ ڳالھائڻ ۾ بيان تبديل ڪرڻا نه پوندا آهن. تنھنڪري اهو سچ آهي ته پنجاب پنھنجي ۵ لک غير آباد زمين وڌيڪ آباد ڪرڻ چاهي ٿو ته ڇا سنڌ جي آباد زمين غير آباد نه ٿي ويندي. تنھن ڪري سنڌ جي ووٽن ۽ نمڪ جو حق انصاف سان ادا ڪريو.
    حڪومت جي مزن کان پري آهيو ته قومپرستن کان به اڳ ڪڍي ٿا وڃو، جڏهن اقتدار ۾ اچو ٿا ته مرڪز اوهان لاءِ مجبوري بڻجي پوي ٿو. اهو مردن وارو ڪردار نه پر سنڌين جي تباهيءَ وارو رول آهي.
    بن مانگي موتي ملي، مانگي ملي نه ڀيڪ،
    منگن سي مرتا ڀلا، ڪھتا آيا ڪبير.
    (ڀڳت ڪبير)
    سنڌي ماڻھن کي هاڻي ڪجهه گهرڻ بجاءِ مٽجڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ۶۰ سالن کان گهرندا پيا اچن، مسئلا ته وڌندا ٿا رهن گهٽتائي ته ڪونه آئي آهي.


    سڪل پلو ۽ سيٺ پريتم

    محترم علي قاضيءَ جو ”سنڌوءَ بابت سڏ“ ائين لڳو جو حيرت ۾ پئجي ويس. سنڌ ڪيڏي سُڃي ٿي وئي آ. هرهڪ پنھنجي ذميوارين ۾ ڪيڏي ڪوتاهي پيو ڪري. لانگ بوٽن جو تشدد، ذاتي ميلشائن جون جُٺيون، ووٽ وٺندڙ، ايم.پي.اي، ايم.اين.اي، سينيٽر، وزير ۽ مشير بڻجي وڃن پوءِ به اسان ننڌڻڪا آهيون.
    سوشلسٽ قوم پرست، پ پ پ ۽ مسلم ليگ پاڳارو گروپ وغيره ڄڻ حج تي هليا ويا آهن جو اخباري ڌنڌو ۽ سيٽلائيٽ (K.T.N & Kashash) سسٽم تحت ٽيليويزن نيٽ ورڪ هلائيندڙ اسان جي جياپي تي توجھه پيو ڇڪائي. الله ج هن کي اجر ۽ اجورو ڏئي! سنڌ جو مان مٿانھون ٿو ڪري. هن ڌرتيءَ جو پٽ هجڻ جو سچو ثبوت ڏنو آهي. الله ج هن کي پنھنجي عافيت ۾ رکي! سڄي سنڌ جو کيس اهي ئي دُعائون آهن.
    صبوح جو اُٿي تيار ٿي، پنھنجي شھر نئون ديري جو چَڪر هنيم، غلام حسين ڪٽپر اوچتو موٽر سائيڪل تي گڏيو. ٻڌايائين ته ”درياءَ تي ٿا وڃون.“ جڏھن ڏٺل ماڻھوءَ پري پلاننگ تحت اجنبي ۽ ڌاريا بڻبا آهن ته اندر مان آواز ايندو آهي.
    ”همدرديءَ کي پيارُ نه چؤ او چريا،
    جنھن تنھن کي يار نه چؤ او چريا.“
    واپس گهر اچي، بيچينيءَ مان هڪ ٻه فون ڪري وري ٻاهر نڪتس. آسمان واري کي مون تي رحم اچي ويو. سيد غلام نبي شاهه ۽ ديوان مُرلي ملي ويا. بيٺي بيٺي درياءَ تي هلڻ جو پروگرام ٺھي ويو. دل ۾ الحمد لله بار بار اُچاريم. موهن لعل به ملي ويو. ڪلاڪ سوا کان پوءِ لاڙڪاڻي-خيرپور پُل تي پھچي وياسون. ٽٽل رستو، ڪارون، بسون، ويگنون، ٽريڪٽر۽ ڪوچز وغير ۽ اٿيل ڌوڙ، ٻار، ٻُڍا، جوان، پوڙها، نوجوان نينگريون، اجرڪ اوڍيل عورتون. ٻھراڙي ۽ شھرن جي خلق خُدا ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. رستو بلاڪ، گاڏي ڪنڊ سان پارڪ ڪري پنڌ پياسون. اعتبار ڪريو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان چارئي ڄڻا پُل جي ويڪري روڊ تي هلي رهيا هئاسون. تمام گهڻي رش هئي.
    ڪجهه ٽائيم پنڌ ڪري، سنڌوءَ جي سڪل پيٽ ۾ لٿاسون. ڪڻڪ جي ساوڪ، ٽوپ، اجرڪ، جهنڊا، نعرا ۽ جذبا ڏسڻ وٽان هئا. آخر درياءَ جي پاڻيءَ واري حصي وٽ پھتاسون. دُهل، شرنايون، سنڌ ۽ سنڌوءَ جانعرا، ٻيڙيون، ملاح، گلاب جا ڳاڙها م ڦڪا گل، هندو مسلمان، پڙهيل، اڻپڙهيل، ننڍا ۽ وڏا سڀ دُعاگو. مُرليءَ جهمر هڻندڙن سان ساٿ ڏنو. مون فوٽو ڪڍيا. ٻيڙيءَ جو چڪر لڳايو. ڪجهه ٽائيم گذاري واپس ورياسون. ڪلوميٽر کن پنڌ ڪري ساڳي رش مان، ڪُلھا هڻندا اچي ڪار وٽ پھتاسون. وري پٺتي مڙي ڏٺم رڳو اجرڪ، ٽوپيون ۽ سنڌي ائين اچي گڏ ٿيا هئا جيئن انڌاري رات ۾ ڪھڪشان جا ننڍڙا ستارا هڪٻئي سان گڏ ٽمڪندا آهن ۽ ٻاٽ اوندهه کي اُجالي ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. روح رڙي پيو، چپ چُري پيا. مالڪ اسان تي رحم ڪر! انسان آهيون اسان کي مھذب قومن وانگر جيئڻ ڪو نه ٿو اچي، اسان کي سليقو ڏي، ساڃاهه ڏي، اسنا جي اڳواڻن کي غيرت ڏي! اسان جو ڀرم رک. اسان جو قول ۽ فعل درست ڪر! ٻيو ڪو ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي!!
    غلام حسين ۽ غلام سرور ناريجي ڏي فون ڪري. جذبن جو اظھار ڪيم. هو ٻرڙا پتڻ تي نئون ديري جي ڀرسان درياءَ جي پيٽ ۾ هئا. ائين چئين وڳي واپس موٽي آياسون. جيڪو گڏجي پيو، اهو سنڌوءَ بابت حال حوال ڏئي وٺي پيو. سجاول واري پل، قاسم آباد حيدرآباد وارو باءِ پاس، المنظر ڄامشورو پل، سيوهڻ، دادو-مورو پل، لاڙڪاڻه-خيرپور پل، ٻرڙا پتڻ، لب مھراڻ سکر ۽ ساڌ ٻيلو، گڊوءَ جي پُل ۽ ٻيا ننڍا وڏا ميڙاڪا، سنڌ جي اجتمائي سوچ جو اظھار بڻجي سامھون آيا.
    ”سنڌ جي ٻانھن ۾ جي ٻـَلُ هجي،
    پوءِ هميشه سنڌوءَ ۾ جـَلُ هجي.“
    منھنجي مايا ”سنڌ، سنڌو ۽ سنڌي“ رهيا آهن. جواني ائين بحث ڪندي ۽ سوچيندي گذري وئي. اسان جي عشق کي بدعتون چوڻ وارا، اڄ چون پيا ته هاڻي جي هي حالتون آهن ته سڀاڻي اسان سنڌين جو ڪھڙو مستقل ٿيندو. سچ هرهڪ پريشان آهي. U.N.O جون رپورٽون آهن ته گئس ۽ گرميءَ جو ماحول تي تيزيءَ سان اثر پوي ٿو. مٺو پاڻي هر سال کٽندو پيو وڃي. ۲۰۳۵ع تائين يعني ۲۵ سالن کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻيءَ جي وڏي کوٽ سامھون ايندي. پوري خطي ۾ لڏ پلاڻ سبب ۳۵ ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيندا. خدا ڪري ائين نه ٿئي پر ٿئي ٿو ته ڇا ڪنداسين؟ سوچڻ ۽ فڪرمند ٿيڻ جي ڳالهه ته آهي پر هاڻي کان وٺي تياري ڪجي ته اسان پنھنجو نقصان گهٽائي سگهون ٿا. سجاڳي، صحيح انگن اکرن جو علم ۽ سچي سياسي قيادت تيار ڪرڻ. پوءِ قربانيءَ جو عزم. موت ته هر حال ۾ اچڻو آهي پوءِ خوف ڇا جو؟ رڳو منافقن، ٺڳن ۽ مڪارن کي پنھنجي قابليت ڏيکارڻي آهي ته اسين ڀالا ڀولا نه اڳ هئاسون ۽ نه هاڻي آهيون. مون کي اميد آ ڪير ڪانئر ٿيندو!
    تازو توانو ٿي. سانجهيءَ کان پوءِ واري واري سان ڪي.ٽي.اين ۽ ڪشش چينل ڏسڻ لڳس. اکين جي سيلاب تي ضبط ڪندو رهيس. پنھنجي حال، سجاڳي، بيوسي ۽ لاچارگيءَ کي ڪھڙو نالو ڏجي. ڪي ٽي اين جي ٽن ماڊل ٻارڙن جي دُعا..... اسان نه هونداسون، سنڌو نه هوندو، پـَلو نه هوندو..
    ..... معصوميت ۽ سچائي گڏجي، هن ڌرتيءَ تي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿيون. اسان جي ڪلچر ۾ ايڏي قوت آهي جو ڇا چئجي؟ ڪچائي آهي ته اسان جي قيادت ۾ آهي. هي ڪا هندو- مسلم ۽ بغاوت جي ڳالهه نه آهي. هي اسان جي پيٽ ۽ مستقبل جون ڳالھيون آهن. هاڻي ڪن لاٽار ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪونه بچيو آهي.

    سيٺ پرتم ۽ سُڪل پلا:
    مون کي ياد ڪونھي ته هي ڪھڙي سال جي ڳالهه آهي، جيئن ته اهي ڳالھيون چڱي نموني منھنجي ذهن ۾ محفوظ آهن تنھن ڪري چئي سگهان ٿو ته ۱۹۵۸ع تائين وارو دور ٿي سگهي ٿو. اهو وقت منھنجو مسوديري ۾ گذريو. ان عرصي دوران نئون ديري مان سيٺ پرتم گڏهن تي سودو سامان کڻي ايندو هو. هو هنداڻا، گدرا، ڏوڪا، کارڪون، سبزيون ۽ سُڪل هيڊ ڏنل پَلا به کڻي ايندو هو. هو سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڪندو هو. استاد شاهن فقير (شاهه محمد سومرو، پنھنجو دوڪان به هلائيندو هو ۽ سيٺ پرتم جو سامان رکي ڳوٺ ۾ هوڪو ڏيندو ته سيٺ سامان آندو آهي، اچو ۽ اچي ”ڪجهه تورايو ۽ ڪجهه چورايو.“
    ائين ٻار شين وٺڻ لاءِ جهول ان جا ڀري ايندا هئا ۽ شيون وٺندا هئا ۽ وڏا گهر لاءِ سودو سيٺ دلبر ماڻھو، کلڻو ۽ محبتي هو. شام جو سيٺ وٽ انَ جا ڍير ٿي ويندا هئا ۽ سودو ختم ٿي ويندو هو. ايڪانامڪس کي ان کي جنس جي بدلي جنس يعني ”بارٽر سسٽ سڏبو آهي“ جيڪو اڄ به ٻھراڙين ۾ جاري آهي.
    هڪ دفعي سيٺ پرتم گڏههِ پلن جي ڀري آيو. گوڏي جيڏا ڦڪا هيڊ ڏنل، لوڻيل سُڪل پَلا کڻي آيو. پري کان انهن جي بوءِ اسان جو مٿو پئي چڪرائي. اسان جي گهر ۾ به پلو خريد ڪري چاڙهيو ويو. ڏاڍو ڍؤ ڪري کاڌو هو.
    نئون ديري بابي مرحوم رهائڻ شروع ڪيو (۱۹۶۸ع) ته اڳـ۾ جيڪي ڳالھيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون، اهي سمجهڻ ۽ پڇڻ شروع ڪيم. نئون ديرو، درياءَ جي ساڄي ڪپ تي آهي. ”ٻرڙا پتڻ“ تان پلا نئون ديري ۽ ٻين آسپاس جي ڳوٺن ڏانھن، ٻي مڇيءَ سان گڏ وڪامندا هئا. پلا ايترا جهجهي انداز ۾ ٿيندا هئا جو ملاح اهي مصالحه هڻي سڪائيندا هئا ۽ سانوڻي موسم ختم ٿيڻ کانپوءِ وڪامندا هئا.
    ”درياءَ بادشاهه، پلن۽ سيٺ پرتم“ سان منھن جو اهو پھريون شعوري پريم هيو. ۱۹۵۵ع ۾ ڪوٽڙي بئراج (غلام محمد بئراج) يا ڄامشورو پل ٺھي تيار ٿي. ان کان اڳ، پلي جو ٻيجارو، سنڌي سمنڊ مان نڪري، سنڌوءَ جي مٺي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وڌندو (Growth) ابتو ترندو ۽ ٽٻيون هڻندو، سنڌوءَ ۾ جاوا ڪندو، سکر تائين پھچي ويندو هو. کيرو پلو ننڍو ۽ اڇو ٿيندو هو، تازي پَلي، ۽ آنيءَ جي لذت جي ڇا ڳالهه ڪجي. سنڌوءَ کان سواءِ ٻي هنڌ پلي جي هيءَ جنس ڪونه ٿيندي آهي. سنڌي پلي جا مختلف طريقا پچائڻ جا رهيا آهن. ديڳڙيءَ ۾ ٻوڙ پچائڻ، تري کائڻ، پلي ۾ پلاءُ، تتل واريءَ ۾ پلو پچائڻ ۽ کوهه ۾ پلو پچائڻ وغيره.
    گذريل ۱۵-۲۰ سالن جي ڳالهه آهي ته عاقل پتڻ تي به سوين ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون جيڪي اڄ ٻه-چار ڊونڊيون (ننڍيون ٻيڙيون) مس وڃي بچيون آهن. عاقل مان به پار وڃبو آهي يا شڪار لاءِ ٻيڙين تي وڃبو آهي.
    سنڌوءَ جي ڊولفن (ٻلھڻ جيڪا انڌي ٿيندي آهي) ختم ٿيڻ جي قريب آهي. درياءَ ۾ چاڙهه نه اچڻ ڪري گاهه، ٻوٽا، تيلي ٻج، ماکي، تتر، سيھڙ، ڦاڙها ۽ ٻيون جانورن ۽ پکين جون ڪيتريون جنسون ناياب ٿينديون وڃن. شاهه چواڻي:
    ”نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون، - پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي.“
    لاڙڪاڻي جا ڪرڙا، ناريل (ڏونگهي) مثل آهن. موراکي تري کائجي ته ان جو سواد لاجواب آهي. ٻيا ڪيترائي مڇيءَ جا قسم آهن جن کي غريب غربو کائي ڍؤ ڪري، زندگيءَ جي گاڏي کي گھليندو هو. جهينگا ناياب، پوئڪي سينگاري ۽ گندڻ ايترا ٿيندا هئا جو انھن کي ڪو هٿ نه لائيندو هو. (ماڻھو کائڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا، هاڻي اُهي لاهوري لکين روپيه ايڊوانس ڏئي، ٺيڪيدارن کان گهرائن ٿا. مٿيون ٽئي جنسون ايڏيون گرم آهن جو پوڙهو کائي ته ٻين دوائن کائڻ جي ضرورت ئي نه پوي. هي اسان جون نيچرل غذائون آهن. کڳو هر هنڌ ملندو هو. ان ۾ ڪنڊو ڪونه ٿئي ان کي دريائي ڪڪڙ اسان سڏيندا آهيون. سڳداسي چانورن جون جنسون ختم ٿي ويون. جنھن جو هڳاءُ گهرن مان نڪري گهٽين ۾ ڦھلجي ويندو هو. مان ننڍو هوندو هوس ته اسان جي ڳوٺ ۾ کير ڪونه کپندو هو. ڪنھن جون مينھون ڍڪيون هونديون هيون ته پاڙ يوارو ڀاڳيو (مال وارو) ساسرون ڀري (چونريون ڀري) کيس کير مفت ۾ ڏيندا هئا. ايئن وري انھن جو وارو ايندو هو ته ”احسان جو بدلو احسان سان ڏبو هو“ اڄ جتي ڪٿي کير وٺڻ وارن جا دڪان ڪمپنين وارن کوليا آهن. ديسي آنا ختم، ديسي ڪڪڙيون ختم، سڀاڻي هي کير به ڪونه ملندو. شھري بابو، جاوا پيا ڪن اسان جا مارو، کير لپ لاءِ سڪندا. مال جو چارو مھانگو، ڪٽي مھانگي، ساريون سستيون آهن. ڪا عقل ۽ انصاف جي ڳالهه، ڏاهپ ۽ سنجيدگيءَ جي تقاضا آهن ته ”اسان جو مرڻ جيئڻ سنڌ، سنڌوءَ ۽ سنڌين سان آهي. اسان جي قول فعل ۾ هتان جي مسئلن کي اوليت هئڻ گهرجي. دبئي، برطانيه آمريڪا ۽ يورپ وغيره سڀ ڪجهه آهن پر سنڌين جون قبرون سنڌ جي زمين ۾ ٿينديون. ٿورو لکيو گهڻو منھن جو ايمان آهي جنھن مُڙدي جي شفا، سنڌ ڌرتي جي مٽي نه ڪندي اهو جنت ۾ ڪيئن ويندو. ڪوئي شفا ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، غدار، مڪار ۽ منافق جو.
    ياد رکو! مغلن جي زوال کي ياد رکو، ورهاڱي کي، پڙهي ڏسو منٽو، خشونت سنگهه، آگ کا دريا ۽ غدار ناولن کي، سنڌ جي هندن جي لڏپلاڻ مان سبق سکو. ڪڏهن بنگال ٿو ورهائجي، ڪڏهن پنجاب ۽ ڪشمير. قدرتي بائونڊرين سان هٿ چراند سان رڳو ”رت جي هولي“ ته پيدا ڪري سگهجي ٿي پر انسانيت جي خدمت نه ٿي ڪري سگهجي. جھالت، لالچ ۽ جانور پڻي جي وڌيڪ گنجائش نه رهي آهي. سازشون ۽ مڪاريون، سج ۽ چنڊ وانگر نروار ٿي چڪيون آهن.
    سنڌ جو سدا حيات مفڪر سائين جي ايم سيد مرحوم، عاشقِ سنڌ، پاڻيءَ جي مسئلي تي هميشه چوندو هو ته شير محمد بلوچ جو ”پاڻيءَ منجهه پساهه“ ڪتاب پڙهي ڏسو. ادريس راجپوت جا مقالا ۽ ڪي ٽي اين تي هن ۽ ٻين ماهرن جون مدلل رڙيون ۽ دانھون (ڪچھريون ۽ تقريرون) ساهه سان سانڍڻ جھڙيون آهن.
    ۶۰ - سالن جي سلوگنس (نعرن ۽ احتجاجن) مان ڇا وريو آهي، اسان کي متفق ٿي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي، الله ج، قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو، ”هن ڌرتيءَ تي آڪڙجي نه هلو...... ٻي هنڌ فرمائن ٿا،”ظلم نه ڪريو، انصاف ڪريو.“ هر مرندڙ سنڌيءَ کي غسل ڏيڻ لاءِ سنڌوءَ جو پاڻي گهرجي. سنڌين تي نه پر پنھنجي نسلن ۽ مري ويلن تي رحم ڪريو نه ته بدروح بڻجي قيامت تائين ڀٽڪندا رهندا. هن ڌرتيءَ لاءِ سڪندا رهندا.
    سنڌ جي تاريخ مان ڪجهه حوالا، قصا ۽ ڪھاڻيون:
    جڏهن سنڌ دهليءَ جي ڏن ڀرو هئي تڏهن ٺٽي ۾ محمد شاه تغلق گورنر هو. ٺٽو ان وقت درياهي بندر هيو. محمد شاهه پلو کائي ڏٺو ته ٻيا سڀ بادشاهي طعام ڇڏي ڏنائين. پلو انتھائي گرم آهي. محمد شاه بيمار ٿي پيو. حڪيمن پلي کائڻ کان روڪيس پر هن انڪار ڪيو ۽ آخر پلو کائيندي مري ويو. ڇا سنڌ ۾ پلي جيتري انتقام جي طاقت به نه رهي آهي. ووٽ وٺندڙ پارٽيون ۽ ميمبر ڪجهه ته سنڌين سان تعلق هجڻ جو ثبوت ڏين.
    ۲- سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۾ لکيل آهي ته سنڌوءَ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ جهنگ، گاهه، اناج ۽ مال جهجهي انداز ۾ هوندو هو. کير ۽ مکڻ، کائڻ کان گهڻو هيو. دريائي پتڻن ۽ واهن ۾ ٻيڙيون، مکڻ جون ڀرجي وڪامنديون هيون. مکڻ ڪوڏارين جي لپن (تور جو ماپو) طور وڪامندو هو. ڪجهه پئسن ۾ (شايد روپيو) ٻه- ٽي لپا مکڻ جا ملي ويندا هئا. اڄ عورتن جي ويم کان پوءِ جيڪو ٻھراڙيءَ ۾ ”ڍُڪ“ ٺاهبو آهي ان لاءِ مکڻ به ڪونه ٿو ملي. ”ڍُڪ“ اسان جي ڪلچر ۾ اهيمت رکي ٿو. اُن ۾ کير، مکڻ ۽ مصري وجهي ڪراڙيون سسون پنھنجن ننھن کي طاقت ۽ رت ضايع ٿيڻ کانپوءِ وڏيقوت واري شيءِ سمجهي کارائينديون هيون.
    ۳- سنڌ جا ٻه هيرا (نادر شاهه ۽ ڪلھوڙا حڪمرانن جو دور:
    سنڌ جا ڪلھوڙا حڪمرانن پيري مريديءَ کان، حرفتون ۽ چالاڪيون ڪري، سنڌ کي غيرن کان آجو ڪيو. جيڪڏهن ڪلھوڙن جا ”شاهه عنايت شھيد“. جي رت ۾ هٿ رنڱيل نه هجن ها ته هو ”سمن“ سلطانن جي صف ۾ بيھن ها.
    نور محمد ڪلھوڙو، ايرانين طرفان سنڌ جو گورنر هيو. ايران ۾ ان وقت ”صفوي خاندان“ راڄ ڪري رهيو هو.

    نادر مان نادر شاهه:
    نادر جي پيءُ جو نالو امام قلي بيگ هيو. هُن پٽ (نادر) جو نالو ”نادر قلي بيگ“ رکيو. اُهو سال ۱۶۸۸ع چون ٿا. نادر جو پيءُ هاري يا ڌنار، ليکڪ لکن ٿا. نادر جا وڏا شيعه مسلڪ جا هئا.
    نادر، ترڪ نسل جو آهي، هن جي قبيلي جو نالو ”افشار“ هو. افشار قبيلو ترڪن ۽ منگولن جو مخلوط نسل آهي. نادر پندرهن سالن جي عمر ۾ ”تلوار“ جو ڌڻي بڻجي ويو. ڏاڍو بھادر ۽ بي ڊپو هيو. ان وقت جي معيار مطابق، خونخوار ۽ وحشي هجڻ ڪري، هو جلدي اڳواڻ بڻجي ويو. هو فخر سان پاڻ کي ”تلوارن جو پٽ“ چوندو هو.
    ۸ مارچ ۱۷۳۶ع تي هن جي رسم تاجپوشي اد اڪئي وئي ۽ پاڻ کي ”نادر شاهه“ جو خطاب ڏنائين. صفوي خاندان جي ماتحت هوندي هن روس، ترڪ ۽ افغان حڪمرانن جي فوجين کي شڪستون ڏنيون. مڙس جو اڳ ۾ ڌاڪو ڄمي ويو هو. هن جلدي افغانستان جي حدن ۾ پنھنجون فوجون آڻي ايران سان ملايون ۽ اُتان دهليءَ جو رُخ ڪيو. ۱۷۳۸ع ۾ مغل بادشاهه محمد شاهه دهليءَ جو حڪمران هيو ته ۱۷۳۸ع ۾ نادر شاهه هندوستان جي حدن ۾ پير رکيو. ۲۱ مارچ ۱۷۳۷ع تي دهليءَ جو قتل عام ۽ ڦرلٽ ڪرايائين پر محمد شاهه کي ڪجهه ڪونه چيائين. ڇو ته هن مقالبو نه ڪيو هو. عام ماڻھو ۽ محلا تباهه ۽ برباد ڪيائين. هزارين ماڻھن جو سسيون، تن کان جدا ڪيون ويون. مغلن جو مال، هاٿي، گهوڙا وغيره هٿ ڪري واپس لاهور، پشاور ۽ ڪابل پھتو.
    ڪابل مان نور محمد ڪلھوڙي ڏي ايلچي موڪليائين. نور محمد ڪن لاٽار ڪئي. ڪابل مان وري سنڌ ڏانھن موٽيو. نور محمد کي کڻڪ (اطلاع) ملي وئي. هو خدا آباد ڇڏي عمرڪوٽ وٽ وڃي قلعي ۾ محفوظ ٿيو.
    نادر سنڌ ۾ واءُ مينھن وانگر اچي ڪڙڪيو. وڏي تباهي مچايائين، شھدادپور مان هڪ ڏينھن ۾ عمر ڪوٽ وڃي پھتو.
    نور محمد ڪلھوڙي هڪ ڪروڙ روپيه تاوان، گهوڙا ۽ ٻيا تحفا ڏنا. ٻه پٽ غلام شاهه ۽ مرادياب ڪلھوڙو نادر شاهه پاڻ گڏ ايران وٺي ويو.
    نادر شاهه لاڙڪاڻي واپس اچي سنڌ کي ورهايو. شڪارپور ۽ مٿيون علائقو دائودپوٽن جي اڳواڻ ”صادق محمد“ کي ڏنائين ۽ نور محمد تي ساليانو ”ڏهه لک“ ڏن مقرر ڪيائين.
    ڪتاب ٻُڌائن ٿا ته ”نادر شاهه جڏهن عمر ڪوٽ پھتو ته نور محمد کي ڪچھريءَ دوران چيائين ته تو وٽ ”ٻه هيرا“ آهن اُهي ڏي. نور محمد قلعي ۾ واپس ويو ۽ واپسيءَ تي هڪ هٿ ۾ ”مکڻ جو ڪٽورو ۽ ٻي هٿ ۾ اٽي جو وٽو“ کنيو آيو. نادر شاهه کي ليلائي چيائين، ”سنڌ زرعي ملڪ آهي. هي هتان جا ٻه هيرا آهن، جيڪي قيامت تائين کٽڻا نه آهن. باقي ٻيو ڪجهه مون وٽ نه آهي. نادر شاهه، جھانديده هيو. سچائيءَ کي سمجهي ويو.
    افسوس اڄ اسان وٽان ڌارين جي لوڌين اهي ٻئي هيرا به کسي ورتا آهن. سنڌ آتش فشان بڻجي وئي آهي. ڏاڍي بک، بيروزگاري ۽ بدامني آهي.
    منھنجو ايمان آهي اسين سنڌي ڊڀن وانگر اڀري اينداسون. ختم ڪونه ٿينداسون. صرف آسمان وارو اسان کي صحيح دڳ وٺرائي (آمين)
    ”چند سِڪون ڪي عوض بڪتا هي انسان ڪا ضمير،
    ڪون ڪهتا هي ميري ديس ۾ مھنگائي هي.“
    (نامعلوم)


    ڪچي جون زمينون ۽ روزگار

    مرشد لطيف رحه چيو:
    دهشت دم درياهه ۾، جت سٽاڻا سنسار،
    بيحد باگو بحر ۾، هيبتناڪ هزار،
    ساريان ڪان سرير ۾، طاقت توهان ڌار،
    ساهڙ ڄام! ستار! سگهو رَسج سِير ۾!
    باگو= واڳو، خطرناڪ پاڻيءَ جو جانور.
    ڀٽائي گهوٽ سنڌوءَ جي سانوڻيءَ جي موسم ۾ پاڻيءَ جي خوف ۽ دهشت جو جيڪو نقشو چٽيو آهي اهو سمجهه ۾ ته اچي ٿو پر جڏهن ”بيحد باگو بحر ۾“ چيائين ته سنڌوءَ جي عظمت سمنڊ وانگر بيان ڪئي اٿائين. يعني ٻڌايائين ته هي عام درياءُ نه پر بلڪل وڏو درياءُ آهي.
    هنن سٽن مان ٻيو اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ڀٽائي صاحب رح ان وقت سنڌوءَ جي وهڪري ۽ شان جي تاريخ بيان (قلمبند) ڪئي آهي. جيڪا اڄ تبديل ٿي چڪي آهي.
    ڪافي گهڻو وقت اڳ پڙهيو هيم ته سڪندر يونانيءَ سنڌوءَ کي ڏسي، بي اختيار پنھنجي فوج کي ٻُڌايو هو ته ”هي ته سمنڊ آهي.“ (حوالو ياد نه آهي) وڌيڪ ڪتاب ڀريا پيا آهن. پنھنجي عنوان تي اچان ٿو:
    سنڌوءَ کي جيڪي موجود بچاءَ بند آهن، اُهي اسان جي اکين جي سامھون، درياءَ جي ڪَچي ڏانھن سوريا ويا آهن. انگريزن جي دور کان پوءِ تقريباً ٻه دفعا اُهي بند بدليا آهن نتيجي ۾ ڪچي جو علائقو تنگ يا سوڙهوٿي ويو ۽ ڪچي جون زمينون پڪي ۾ شمار ٿين ڪري بئراج جي پاڻيءَ تي آباد ٿي رهيون آهن. اهڙي نموني حڪمران طبقي جا ماڻھو، پنھنجي مفادن خاطر، سنڌوءَ جي ويڪر، گهٽائيندا آيا آهن.
    جوانيءَ ۾ اسان، عمر رسيده ماڻھن کان ٻُڌو ته آبڪلياڻيءَ جي موسم ۾ درياءَ جو پيٽ ۷ کان ۱۱ ميلن تائين هوندو هو. زمينن تي جيڪو پاڻي چڙهي ايندو هو ان کي ”ڇر“ جو پاڻي سڏبو هو. تيز وهڪرو، درياءَ جي پيٽ وارو هوندو آهي. ”سير“ وچ درياءَ جي وهڪري کي سڏبو آهي. ان ۾ ڪُن ٿين، ٻيڙيون اٿلي پون ۽ وڏا وڏا پراڻا وڻ به پاڙن سميت ابتا سبتا لڙهندا ويندا هئا.
    ڪچي جا ماڻھو، ٻي پار وڃڻ لاءِ، ٻيڙيءَ کان سواءِ ”سيڻھه“ تي تري ويندا آهن. سيڻھه ٻاڪري کل مان محنت سان ماهر ٺاهيندا آهن. ان ۾ وات سان هوا ڀربي آهي. ترندڙ ماڻھوءَ کي ٻه-ٽي ميل پاڻي لوڙهي ٻي ڪناري تي پھچائيندو آهي. ڏاڍي مھارت ۽ تڪليف سھڻ وارو ڪم آهي.
    شمشير چيو:
    تنھنجي نيڻن ۾ جيڪو نھاري ويو،
    ڄڻ سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو.
    شايد شاعر کي اهو عمل وڌيڪ ڏکيو ۽ تڪليف ده لڳي ٿو بنسبت سيڻھه تي تري ٻي پار وڃڻ جي.
    درياءَ جو پاڻي گهٽجڻ ۽ لھڻ کان پوءِ آهستي آهستي چيڪي مٽيءَ مان ”سنڌوءَ جو سون“ ڦوٽھڙو وٺندو آهي. سڄي ڌرتي سائي چادر ويڙهيل نظر ايندي آهي جنھن جي چوڪي وڻ ڏيندا آهن. ڪڻڪ، مٽر، چڻا، سرنھن ۽ ٻيا تيلي ٻج. ٻٻرن جا دمڙا (ٻج) ڦوٽھڙو وٺندا آهن، ليون سايون ٿينديون آهن. ٻوڙا، ڪانھن ۽ ٻيا گاهه وقت گذرڻ سان وڌندا رهندا آهن. ڪنڊ، ڪانڊيرا، اڪ ۽ ٻيا بيشمار گاهه ۽ ٻوٽا رنگ برنگي گلن سان من کي موهي وجهندا آهن. حدِ نظر تائين سرنھن جا گل جڏهن رقص ڪندو ڏسندو هيس ته سمجهندو هيس ته ”انساني روحن“ لاءِ ڪائنات جي مالڪ ”جهمر“ جو بندوبست ڪيو آهي. شداد جي بيان ڪيل جنت کان سنڌوءَ جا ڪنارا وڌيڪ سھڻا لڳندا هئا. ڇانورا، مٺڙيون ۽ ٿڌڙيون هوائون، ڪنن ۾ هوائن جا سُڙٻاٽ ڄڻ پرينءَ جو پيغام پيون پڄائين. پَکي، جهنگ جا جانور، وٿاڻن جا مال، ڀريل پيٽ سان ”ٽراڏيون“ (آواز ڪري خوشيءَ سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ) ڄڻ پنھنجي پالڻھار جو شڪريو پيا ادا ڪن.
    چوندا آهن ته جيڪا شيءِ ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي اُها گُل ڪري ٿي. ڊڀ به گل جهليندا آهن. مٽرن جا ننڍڙا واڱڻائي گل، چڻن جا پتڪڙا سفيد گل، ڀلا سرنھن جي گلن جي رنگن کي ڪير وساري سگهندو. انسانن شايد رقص جهومندڙ ٻوٽن مان سکيو آهي. سورج مُکي گل ڪيڏا خوبصورت ٿيندا آهن. وونئڻن جا گوگڙا جڏهن ڦاٽندا يا کُلندا آهن ته ڪاري رات وارا سمورا تارا ڏينھن جو ڌرتيءَ تي لھي ايندا آهن.
    رات جو چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ وونئڻن جون ڦٽيون ڏسڻ جھڙيون آهن ”نيچر“ قدرت اسان سڀني جي اُستاد آهي. پکيءَ کي اڏامندو ڏسي انسان ”جھاز“ ٺاهيو. ”ويل“ مڇيءَ کي ڏسي جھاز ۽ آبدوز ٺھيا.
    ڪچي جي وڻن مان ڪاٺ جو سامان ۽ ٻارڻ ملي ٿو. ٻوڙن مان واڻ ۽ رَسا، ڪانن مان پترون ۽ موڙا وغيره. هر شيءِ اسان کي ڏوڪڙ ڏيندي آهي ڪابه شيءِ بيڪار نه آهي. ائين سنڌوءَ جي مخصوص تھذيب ترقي ڪئي جيڪا هاڻي زوال ڏانھن وڌي رهي آهي. پيٽ ڀرڻ لاءِ سڀ ڪجهه پنھنجو، ڏڍ، ڏؤنرو، کير، مکڻ، گوشت، ڪڪڙيون، آنا، سبزيون، اٽو، چانور، گيھه، تيل، تماڪ وغيره سڀ ڪجهه پنھنجو هجي ته باقي ڳڙ، ماني ۽ انگ ڍڪڻ جو ڪپڙو وٺڻ ۽ بوٽ وٺڻ ڪو مسئلو نه آهي. اُها سنڌ اسان جي اکين آڏو اُجڙي رهي آهي. هر طرف انيڪ مسئلا آهن. ڪھڙا بيان ڪري ڪھڙا ڪجن.
    شيخ اياز لکيوآهي ته، ”جوانيءَ ۾ شڪارپور واري سنڌ واهه ۾ ترندي ۽ ريل جي پٽڙين سان پنڌ ڪندي، منھنجو جسم ”لئيءَ جي چَھي“ وانگر لچڪدار هوندو هو.“ اياز جون تشبيھون مون کي ڇرڪائي ”سُن“ ڪري ڇڏينديون آهن، سنڌوءَ جي جهنگ ۾ رُلائي ۽ رڻ ۾ رولي ڇڏينديون آهن.
    اياز کي جڏهن سندس شاعريءَ ۾ ”محبوب جي وارن“ جي چڳن ۾ الجهيل ڏسندو آهيان ته کيس چوندو آهيان ته تون ”عورت ۽ جام“ مان ڍاپڻ وارو نه آهين پر فطرت ڪنھن جي بي اعتدالي برداشت نه ڪندي آهي. آخر ۾ ”مـَمَ“ هُن جا گوڏا چٽي وئي. هُن جيڪا سنڌ جي سونھن ۽ عظمت بابت شاعري ڪئي آهي. سنڌ جي لوڪل تشبيھن کي جيڪا سگهه ڏني آهي. اُها جمھوريت کي سيني سان لائڻ ۽ ٻيون خطائون ڪرڻ ننڍڙا گناهه آهن. هُن سنڌ کي جيڪا شاعريءَ جي سوغات ڏني آهي اُن ۾ اُهي سڀ ٻُڏي ٿيون وڃن. اسان پنھنجي گريبان ۾ ڏسون. هو به انسان آهي، سائين جي.ايم ۽ حيدر بخش جتوئي ڪونه ٿڪا، هو ٿڪجي پيو.
    ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.“
    پپر نه پلڙا، ڪنڍيءَ نه سنڱريون ۽ ٻيا ڪافي شعر ۽ گيت وغيره، مون وٽ هن جون لافاني تخليقون آهن. مان سچائيءَ سان چوان ٿو، ڀٽ جو گهوٽ، سن جو سائين، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا هزارين ڪارڪن ۽ ليڊر نه هجن ها ته مون کي ”مٽيءَ جو ماڻھپو“ ۽ سنڌ جي ساڃاهه نه هجي ها. ”برو هو ڀنڀور، پٺيان هوت نه هليو.“ سڄي سنڌ جي اڪثريت گنھگار آهي.
    لئيءَ جي سنھي ٽاريءَ کي ”چَھو“ چئبو آهي. ان مان ٽوڪريون، ننڍيون کاريون. وڏا ٽوڪرا ائين ٺاهبا آهن جيئن کجيءَ جي ڇڙين مان ڇليون ۽ تڏا ٺاهبا آهن. چھن کان ٿورو وڌيڪ لئيءَ جي لڪڻن ۽ ٽارين مان پترون به ٺاهبيون آهن. ان جو ڪاروبار سڄي سنڌ ۾ ٿيندوهو. هاڻي بلڪل ٿوري سطح تي اهو ڪم ٿئي ٿو. ڇو ته جهنگ ئي نه رهيو آهي. سڄي اتر سنڌ کٽن جي واڻ ۾ خود ڪفيل هئي پر هاڻي کجين جي پُوٽن مان پيس جو واڻ استعمال ٿئي ٿو.
    اسان ننڍي هوندي کان ڏسندا آيا سي ته مَئي مھيني ۾ واهن ۾ پاڻي اچڻ کان اڳ ۾ پلين جي پڪين سِرن جي اوساريءَ کان پوءِ مٽيءَ جي واهه جي ڪپرن ۽ ڪنارن کي ”پاڻيءَ جي کاڌ“ روڪڻ لاءِ وڻن جا ڏار، پترون ڪانن ۽ لڪڙين جون ۽ پلال سان واهه جا ڪنارا محفوظ ڪبا هئا. ائين هر سال ڪچي جي هٿ جي هنر سان ٺھيل سامان جو ڪاروبار ٿيندو هو. هاڻي ان جي جاءِ پٿرن جي پچنگ والاري آهي. روهڙيءَ جي جبلن مان مزور سرن وانگر پٿر ٺاهين، لالا پٺاڻا ٽرڪن تي ڍوئين، يعني مخصوص ٺيڪيدار ۽ مڊل مئن هر سال ڪروڙين اربين روپيه ڪمائي پنھنجي ڏيھه کڻي وڃن ۽ سنڌ جي پورهيتن جو پيٽ بکيو. وڌيڪ ته ڪونه مليو پر سرمائيدار ملندڙ گِرهه به کسي ورتو.
    ڪم جي ڪوالٽي اها آهي جو انھن جي پچنگ ٿيندي وڃي. ڪم پورو ته پٿرن جو واهه ۾ ڪرڻ به شروع ائين واهن جا پيٽ به مٿي ٿيندا وڃن. نئين سال نيون اربن روپين جون اسڪيمون. نه جهلڻ وارو نه ڪو پڇڻ وارو. سنڌ جي پورهيتن جو پيٽ نه ڀريون ته مڙئي خير آهي. ڪندو ڪو ننڍو وڏو ڏوهه. نه رهندس دنيا نه آرت.
    درياءُ پنھنجي ”چاڙهه“ جي مند ۾ پائيندو آهي. ٿيندو هي آهي ته درياءَ جون ڇوليون ڪنارن سان ٽڪرائجي بند ۾ روڻ هڻنديون آهن ۽ وڌيڪ پاڻيءَ اندر وڃڻ جي گنجائش ٿيندي ويندي آهي. آهستي آهستي جيڪڏهن سنڀالجي نه سگهيون ته گهارو ٿي پوندو آهي ۽ بند لڙهي ويندو آهي، سڄي درياءَ جي وهڪري جو زور ان گهاري ڏي ٿي پوندو آهي. ائين هزارين سال سنڌو پنھنجا وهڪرا بدلائيندو رهيو آهي.
    ۱۹۷۳ع واري ٻوڏ ۾ ٻرڙا پتڻ کي درياءُ پائي ڳھي ويو هو. عاليشان اسپتال ۽ اسڪول سيمنٽ سان ٺھيل ائين نابود ٿي ويا ڄڻ ٺھيا ئي ڪونه هئا. اهو منھنجو اکين ڏٺو احوال آهي.
    ڪانھن، ٻوڙا ڪچي پڪي تي نهر هيا. چرخيءَ وارو واڻ، پنجاب مان اچي ٿو جيڪو هتي وڪرو ٿئي ٿو. ڪچي جو سچو واڻ مھانگو ۽ اڻ لڀ ٿي ويو آهي.
    ورهاڱي وقت ڏاڏي مرحومه کي ڳوٺ مسوديري ۾ ڪنھن هندو سنڌياڻيءَ جنڊيءَ لٿل رنگين چار پاوا ڏنا هئا. بابي مرحوم ان کي پلنگ جي شڪل ڏياري ٺھرايو. ان جا پاوا ايڏا وڏا ۽ ٿلھا آهن جو سنڌالاجيءَ ۾ به مون اهڙا ڪونه ڏٺا. هاڻي انھن کي اُڏوهي لڳي آهي ڪوشش ڪريان ٿو ان کي سالم رکڻ جي. ان جو فريم سچي وساڻ مان واڻيل، تانگهه وارو هو. ۳۰-۴۰ سالن کانپوءِ هاڻي ٻيھر واڻايو آهي. ڏاڏيءَ سان گڏ لڏي ويل هندو خاندان جي آسيس مان ان پاون ۽ پلنگ مان وٺندو آهيان.
    مان بيڊن، صوفا سيٽن ۽ جديد آسائشن کي ڇا ڪندس. مون کي عزت نفس گهرجي، ڀل تڏو ۽ تونئريون هجن. توهان پنھنجو سڀ ڪجهه کڻو. مون کي پنھنجا صرف سنڌ جا وسيلا ڏيو.
    ”هڪ نه رُسي هوت، گهوري ٻاجهه ٻين جي.“
    پنھنجي مڪارين ۽ فريبن سان ڀريل جديد دنيا پاڻ وٽ رکو.
    ڪچي ۽ پڪي جي وڻن سان جيڪي ڪلور ٿيا آهن انھن سنڌ کي گرم خطو يا آفريڪا بڻائي ڇڏيو آهي. هن سال ۵۲ ۽ ۵۳ ڊگري سينٽي گريڊ لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه رهيا آهن جي جهنگ ۽ وڻن جي وڍڻ جي رفتار ساڳي رهي ته ايندڙ سال ۵ . اڃا به گرميءَ جو درجو وڌي ويندو.
    سنڌوءَ جي ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ مڇي، پٻڻ جا پن، پٻڻ جو ٽڪيون، قُمَ، لوڙهه ۽ بِھه. هزارين خاندانن جي گذر سفر جو سبب هوندا هئا، اُهي هاڻي گهٽبا ٿا وڃن.
    هڪ ملازم پنھنجي ڪم جي حصي ڪرڻ لاءِ پنھنجا ٻه ننڍڙا پٽ وٺي آيو. مون هن کان پڇيو هنن جي ته پڙهڻ جي عُمر آهي. چيائين ته پڙهي ڇا ڪندا. مان بيمار آهيان، ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي گهر آڻن ٿا، پورت ڪونه ٿي پوي. هي پڙهن ته کائون ڇا؟ مان ته ٻُڌان ۽ ڏسان ٿو. توهان ٻڌو ٿا الائي نه!
    ڪارون، بنگلا، آفيسون، نوڪر چاڪر، مال ملڪيت، بي تحاشا جائز ناجائز ڪمايون کڻندڙ چون، غربت ڪٿي آهي؟ گڏهه گاڏي واري کي به موبائيل آهي. مثبت جيئڻ جو طريقو اسان لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ناڪاري ڪم کي روڪڻ لاءِ ڪو قانون نه آهي. جياپي لاءِ به جرم هڪ سھارو ٿي پيو آهي. ڏوهه، اغوا ۽ ڌاڙا هڻندڙ غريبن ماڻھن جو ڪم نه آهي انھن جي سرپرستي سرڪار ۾ ويٺل يا مخالف ڌر وارا ۽ پھچ وارا وڏا ماڻھو ڪن ٿا باقي غريب ماڻھو ڏوهه ڪري جڏهن پڪڙجي ٿو ته ”وَئي سڱن لاءِ ۽ ڪَنَ به ڪپائي آئي.“ وانگر گهر جا ڍور ڍڳا ٿاڻي تي، عورتون لاڪپ پاڻ جهنگ ۾ نه عزت رهي نه غيرت، جيئري مري ويو.“
    جي هڪ دفعو ”ڌُٻڻ“ ۾ ڦاٿو ته موت جند ڇڏائيس. پراڻي دور ۾ درياءَ جي ڌُٻڻ ۾ مينھون به ڦاسي گم ٿي وينديون هيون.
    اپريل کان جولاءِ تائين جهولا، بعد۾ چِٽَ جي موسم شروع جيڪا ۱۵ آڪٽوبر تائين ختم ٿيندي آهي. وچين عرصي ۾ ٻوڙي جي چٽ ڀڄندي آهي. آخر ڪانھن جي چٽ ڀڄندي آهي. ٿيندو ائين آهي ته ڪانھن جي تيليءَ تي ڪڻڇي ويھي ٻوليون ٻوليندي آهي ۽ اُها تيلي ڪڻڇيءَ جو بار کڻي ويندي آهي ته ٻھراڙيءَ جا ماڻھو چوندا آهن ته ادا! ڪڻڇي ڪانھن تي ويٺي آهي يعني گرمين جي مند ختم.
    اصل ۾ ۳۰ سيپٽمبر تائين چٽ جو زور ٽٽي ويندو آهي.
    سنڌوءَ جو جهنگ ۽ زمينون، الله جه طرفان تحفو آهي. مون کي ياد آهي ته سنڌ ۾ ٻن ٽن ڄاون جي ماءُ، بيوه ٿيندي هئي ته هوءَ ٻي شادي ڪرڻ کان ان ڪري انڪار ڪندي هئي ”ٻچن کي بي آسرو“ ڇڏي مان سُک سان جِي نه سگهندس. ويڙهي ۾ اُها عورت ڳئونءَ، مينھن، ٻڪري يا رڍون پالي ان جا ڦر وڪڻي، رونبا، لاب ڪري، ٻنيءَ ٻارو کيڙائي، ڪڪڙيون پالي ان آسري تي جيئندي هئي ته ”ٻچڙا جوان“ ٿيندا، سڀ ڏک لھي ويندا. منھنجي پنھنجي برادري، اوڙي پاڙي ۾ ڪيتريون اهڙيون امڙيون، پنھنجي سامھون آهن.
    رات جو کير لَپَ، صبح جو ڏڌ، مکڻ ۽ ڌؤنرو باقي منجهند جو بصر، ٿوم، چٽڻي، سرنھن، پلي وغيره سڀ زمين مان رڳو محنت ڪرڻي پوندي هئي. پيڪا ۽ ساهرا اهڙي مڙداڻي مائيءَ سان گڏ هوندا هئا.
    اهو هيو سنڌ جو سچو ۽ غيرتمند ڪلچر، هاڻي سنڌ ۾ جيئڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. زندگي زهر بڻجي وئي آهي. اڪثريت سڀ بيوس ۽ لاچار ٿي پيا آهيون.
    ”آءٌ ڪيئن ڇڏيان، انھن پنھوارن پچار.“
    شاهه
    اسان جون محبتون ۽ پيار، ڏوراپا ۽ التجائون به سنڌوءَ جي جهنگ جي ٻوڙن جون محتاج آهن. منھنجي ۽ توهان جي رَتُ ۾ جڏهن سنڌوءَ جي ڌارا آهي، تڏهن ته سنڌوءَ کي سُڪندو ڏسي اسان ڇَڙيون هڻي رهيا آهيون. ڀلا ٻڌايو فرانس جو بلو منرل واٽر پيئندڙن وٽ ايتري تڙپ ۽ ڏک آهي.
    ”سرنسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين،
    تو ڪارڻ ڪانڌ، مون سھسين سکائون ڪيون.“
    شاهه
    سڄو ڏينھن لکان، هن ٻن سٽن جو حق ادا ڪري نه سگهندس. سنڌوءَ جا ٻيلا ۽ جهنگ ختم ٿي ويا پر سڄي سنڌ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي. ڪچي پڪي جي مَنھن ۽ جاين ۾ سَرن جا ٺھيل ٽوئا رکيل هئا. مَنھن برسات ۾ وھندا نه هئا ۽ ڪچين يا پڪين سِرُن جي جائين جون ڇتيون ڪاٺ جو ڇتيون، گرمين ۾ ٿڌيون رهنديون هيون. اُنھن ٽوئن مٿان ٿورو پلال رکي گارو ڏبو هو ته سالن جا سال ڇت برسات کان ٽرمندي نه هئي. مون کي ياد ٿو پوي ته مان پھريون دفعو ۱۹۷۲ع ۾ موهن جو دڙو اڪيلو گهمڻ ويو هيس. ٻه شيون جيڪي اڄ نه رهيون آهن اُهي ڏٺيون هيون هڪ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران لڌل سونا زيور (هڪ نٿ ۽ ٻيو هار وغيره) ۽ ٻيو اونڌا ٿيل کوهن جي پاسي لوهي ڄاريءَ ۾ بند ٿيل مٽيءَ ۾ بھه سان گڏيل پڪو گارو. اسان سنڌي اڄ به اهڙو گارو جاين کي وهڻ لاءِ ۽ ڀتين کي ٿڌو رکڻ لاءِ چيڪي مٽي ۽ بُھه سان“ ڪِنو گارو ڪري لڳائيندا يا استعمال ڪندا اچون. ٽوئن کي لڪڙن سان ٻڌي گهرن جي پناهه ڏجي يا اوطاقن کي جهولن ۽ برسات جي ساٿ کان بچائبو هو.
    اهڙي طرح جهنگ جي حلال جانورن، پکين، ماکين ۽ ٻين ڪيترين شين جي کوٽ ٿي وئي آهي. کونئر ۽ نير ملندوهو اهو سڀ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ڪچي جي زندگي آزار واري زندگي ٿي وئي آهي. هڪ طرف ڌاڙيلن جو ظلم ته ٻي طرف پوليس جو ستم، شريف ۽ عزت وارا ماڻھو لڏي اچي پڪي تي ويٺا آهن. پڪي جون ٻھراڙيون به روزگار کان وانجهيل، اتي ته ڪلاشنڪوف ۽ پوليس جي ياري باشيءَ جو ڪلچر. سڄي سنڌ جو ستر سيڪڙو عوام خوف ۽ پيڙا ۾ پيو گذاري. شل! ڪا سنڌ تي ٻاجهه ٿي، جوانن کي ساڃاهه اچي ۽ سنڌ وري ائين خوشحال ٿئي يعني امن امان، قانون، بي فڪري ۽ روزگار هجي جيئن مھذب دنيا (جن وٽ فطرت جو ڪجهه به نه آهي) جيئي ٿي، ائين ئي جيئون. گذريل عرصي ۾ تعليم، صحت ۽ پاڻيءَ وغيره جون بنيادي سھوليتون ته ڪونه ملي سگهيون پر صدين کان جيڪي گذريل سفر جا وسيلا هئا، اُهي ڄاڻي واڻي هڪ منصوبي تحت کسيا ٿا وڃن. جديد گلوبل دنيا اسان کان اجهو ۽ اٽو به کسي رهي آهي. تبديلي ۽ خوشحاليءَ جي نالي تي پنڻ ۽ ڏوهن ڪرڻ ڏانھن ڌڪيو ٿو وڃي. موهن جي دڙي جي تھذيب جون محافظ ٻھراڙيون جهيڙن، ڏوهن ۽ نشن جي وَرِ چڙهي ويون آهن. ڪنھن سڌاري جو ڪو امڪان نه آهي. ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ وارو ڪلچر اسان جي وڏڙن جي سُڪون ۽ صبر واري ڪلچر کي تيزيءَ سان تبديل ڪري، پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. غريب جي ٻارن ۽ نوجوانن جو ڪو مستقبل نه آهي. هر هنڌ جعلسازي، فريب، ڌوڪو ۽ ناجائز دولت جا رنگ آهن. جنھن ملڪ جي قومي اسيمبلي ٺڳي، ڪوڙ ۽ جعلسازيءَ جي بنياد تي مَزا ماڻي رهي آهي هن ملڪ جي ڪروڙين عوام کي انصاف، امن ۽ قانون جي حڪمراني ۽ روزگار وغيره تي ڪيئن منصوبه بندي ڪندا. چوڻ وارا سڀڪجهه چونٿا پر ٻُڌڻ وارو ڪير به نه آهي.
    آخر ۾ وري مرشد لطيف جو شعر:
    ”سَر لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسر نسريا،
    تو ڪيئن وِسريا، ڍوليا!ڏينھڻ اچڻ جا.“
    (ڪُسر = ڪوڙا سـَر)


    بيڪ ٽائيٽل

    هن سڄي ڪائنات جو مالڪ ۽ خالق الله آهي، هن ڌرتيءَ تي حرفت، چالاڪي ۽ ڏاڍ جي بنياد تي جڏهن ڪن قومن پنهنجي مالڪيءَ جي دعويٰ ڪئي ته دنيا جي نقشي تي جدا جدا ملڪن جو وجود نروار ٿيو.
    اسان جي ”سنڌ“ به ماضي بعيد ۽ قريب ۾ هڪ جدا ملڪ جي حيثيت سان آزاد ٿي.
    انگريزن جي هندي، رضاڪارانه بنياد تي ”پاڪستان“ نئون ملڪ ٺهيو، ون يونٽ ۽ ٻيون حرفتون ڪري سنڌي ماڻهن جي جذبن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي وئي، رد عمل طور ترقي پسند ادب رجحان وڌندا رهيا، هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل اهڙين ڳالهيون به پنهنجي وجود بچائڻ جون ڪڙيون آهن. شهر جي گهٽين، بزرگن ۽ دوستن جو احوال آهي.
    سچائي ۽ ايمانداري، سان جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو اٿائين اهو ئي لکيو اٿائين، هونءَ به عاشق منگي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي، پنهنجو نظريو يا ڳالهه مڃائڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، ”سنڌ سڀني سنڌين جي آهي، جيستائين هر هڪ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندو، تيستائين، معاشري مان خرابيون ۽ استحصال نه ويندو.“
    ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ هر ڪو پنهنجي راءِ جوڙڻ ۾ آزاد آهي.

    عبدالخالق ڪنڌر
    ڪنڌر محله، گهاڙ واهه
    نئون ديرو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373019
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151961
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ