ڪتاب جو نالو: لفظ هوا ۾ خوشبوءِ
مصنف: جبار آزاد منگي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 07 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1069 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 208 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”لفظ هوا ۾ خوشبوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ شاعر جبار آزاد منگي جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون جبار آزاد منگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : جبار آزاد منگي معلومات جو ڀنڊار
  • محنت طلب پروگرام ڪرڻ لاءِ عبدالجبار منگي
  • عبدالجبارمنگي گهڻ رخي شخصيت
  • عبدالجبار منگي وراسٽائيل ڪمپيئر
  • همٿ ۽ حوصلي جو ڏس ڏيندڙ عبدالجبار آزاد منگي
  • آواز ذريعي اتساهه ڏيندڙ عبدالجبارآزاد منگي
  • عبدالجبار منگي باصلاحيت ۽ جاکوڙي ڪمپيئر
  • پنهنجي پاران : ڪجهه بي ترتيب ڳالهيون
  • ريڊيو اسڪرپٽ : لفظ هوا ۾ خوشبوءِ

  • پهريون حصو
  • ٻيو حصو
  • ٽيون حصو
  • چوٿون حصو
  • پنجون حصو
  • ڇهون حصو
  • عالمي ڏينهن

  • 31 جنوري: ڪوڙھ جي مرِيضن جو عالمي ڏينهن
  • 4 فيبروري:ڪينسر کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن
  • فيبروري جو ٻيون آچر:شادي جو عالمي ڏينهن
  • 13 فيبروري:ريڊيو جو عالمي ڏينهن
  • 14 فيبروري:ويلنٽائين ڊي
  • 20 فيبروري:سماجي انصاف جو عالمي ڏينهن.
  • 21 فيبروري؛مادري زبانن جو عالمي ڏينهن
  • 22 فيبروري: اسڪائوٽنگ جو عالمي ڏينهن
  • 22 فيبروري:سوچڻ جو عالمي ڏينهن
  • 8 مارچ :عورتن جو عالمي ڏينهن
  • مارچ مهيني جي ٻين خميس:گردن جو عالمي ڏينهن
  • 21 مارچ : نسلي فرق جي خاتمي جو عالمي ڏينهن
  • 21 مارچ : شاعريءَ جو عالمي ڏينهن
  • 22 مارچ : پاڻيء جو عالمي ڏينهن
  • 23 مارچ:ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت جو عالمي ڏينهن
  • مارچ : موسميات جو عالمي ڏينهن
  • 24 مارچ: ٽي بي جو عالمي ڏينهن
  • 26 مارچ:مرگهيءَ جي بيماريءَ جي آگاهي جو عالمي ڏينهن
  • 27 مارچ : ٿيٽر جو عالمي ڏينهن
  • 7 اپريل : صحت جو عالمي ڏينهن
  • 24 اپريل : تجربي گاهن جي جانورن جو عالمي ڏينهن
  • 29 اپريل: رقص/ناچ جو عالمي ڏينهن
  • پهرين مئي: مزدورن جو عالمي ڏينهن
  • 12مئي:نرسنگ جو عالمي ڏينهن
  • مئي جو ٻيون آچر: مائرن جو عالمي ڏينهن
  • 17 مئي: مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو عالمي ڏينهن
  • 5 جون : ماحوليات جو عالمي ڏينهن
  • 6 جون: روسي زبان جو عالمي ڏينهن
  • 17 جون : پوک جي قابل ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ جو عالمي ڏينهن
  • جون: جي ٽيئن هفتي جيو آچر:پيئرن (والد فادرس) جو عالمي ڏينهن
  • 23 جون: سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو عالمي ڏينهن
  • جولاءِ جو پهريون ڇنڇر : گڏيل تعاون(امداد باهمي) جو عالمي ڏينهن
  • 2 جولاءِ: خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن
  • 25 جولاءِ:والدين جو عالمي ڏينهن
  • 30 جولاءِ:دوستيءَ جو عالمي ڏينهن
  • 9 آگسٽ:قديم مقامي رهواسين جو عالمي ڏينهن
  • 9 آگسٽ:محتاجن جو عالمي ڏينهن
  • 19 آگسٽ:انسانيت جو عالمي ڏينهن
  • 29 آگسٽ:جوهري تجربن جي خلاف عالمي ڏينهن
  • 30 آگسٽ:گم ٿي ويل ماڻهن جو عالمي ڏينهن
  • 8 سيپٽمبر:تعليمي شرح جو عالمي ڏينهن
  • سيپٽمبرجو ٽيون اڱارو امن جو عالمي ڏينهن
  • پهرين آڪٽوبر: بزرگن جو عالمي ڏينهن
  • پهريون سومر آڪٽوبر:ٻارڙن جو عالمي ڏينهن
  • 5 آڪٽوبر:استادن جو عالمي ڏينهن
  • 9 آڪٽوبر:ٽپال جو عالمي ڏينهن
  • 11 آڪٽوبر: ٻارڙين/ننڍڙين نياڻين جو عالمي ڏينهن
  • 15 آڪٽوبر بصارت (نظر کان محروم ماڻهن) جو عالمي ڏينهن
  • 16 آڪٽوبر:خوراڪ جو عالمي ڏينهن
  • 20 آڪٽوبر:فضائي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ وارن جو عالمي ڏينهن
  • 24 آڪٽوبر: ترقياتي ڪمن بابت آگاهي جو عالمي ڏينهن
  • 24 آڪٽوبر:اقوام متحده جو عالمي ڏينهن
  • 14 نومبر: ذيابطيس جو عالمي ڏينهن
  • 17 نومبر: شاگردن جو عالمي ڏينهن
  • 21 نومبر:ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن
  • 21 نومبر:ماهيگيري/گهاتن/مهاڻن ۽ مڇيءَ جي پالنا جو عالمي ڏينهن
  • 29 نومبر:فلسطيني عوام سان ايڪتا ۽ ٻڌي جو عالمي ڏينهن
  • 1 ڊسمبر:ايڊز جي بچاءَ جو عالمي ڏينهن
  • 3 ڊسمبر: معذورن جي عالمي ڏينهن
  • 10 ڊسمبر:انساني حقن جو عالمي ڏينهن

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (207) ”لفظ هوا ۾ خوشبوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ليکڪ ۽ شاعر جبار آزاد منگي جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون جبار آزاد منگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ : جبار آزاد منگي معلومات جو ڀنڊار

    منهنجي پياري دوست ۽ ريڊيو جي نامياري ڪمپيئر جبار آزاد منگيءَ سان منهنجو ڪيترن ئي حوالي سان رشتو ۽ لاڳاپو جڙيل آهي.مثلاّ هو به ادب جو پانڌيئڙو آهي ۽ مان به.هو به شاعري ڪري ٿو ۽ مان به. هو به ادبي سنگت سان واڳيل آهي ته مان به. هو به پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان بي پناھ عشق ڪري ٿو ۽ ساڳيو جذبو منهنجي رت ۾ به سمايل آهي. جبار منگي ريڊيو جو ڪمپيئر آهي ته مان به انڌي ڪاڻي ڪمپيئرنگ ڪندو رهيو آهيان ۽ هاڻي هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان اسان ٻنهي جي ناتي جو هڪ وڌيڪ حوالو به بڻجي پيوآهي ته منهنجا به ريڊيو ڪمپيئرنگ تي ٻه ڪتاب (هڪ “اڏاڻا احساس” ۽ ٻيو تازو شايع ٿيل ڪتاب “لفظ آوارا بادل” ڇپجي چڪا آهن ۽ اجهو هاڻي پياري جبار منگيءَ جو ڪتاب به ڪمپيئرنگ تي ٻڌل هي ڪتاب “لفظ هوا ۾ خوشبوءِ” ڇپجي اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي ۽ اتفاق ته اسان جي ڪتابن جو عنوان به تقريباّ هڪ جهڙو آهي.منهنجو ڪتاب “لفظ آوارا بادل” آهي ته هن جو“لفظ هوا ۾ خوشبوءِ”.ڳالھ لفظن جي آهي.هونئن به ريڊيو جا ڪمپيئر لفظن جا سوداگر هوندا آهن،هو لفظن جا ڪاريگر ۽ ماهر هوندا آهن ۽ پنهنجي خوبصورت لفاظيءَ جي ڪري ئي،پنهنجن ٻڌندڙن جي دلين ۾ گهر اڏيندا آهن.
    ريڊيو جا ڪمپيئر لفظن جا جادوگر هوندا آهن،جيئن اسان جو دوست جبار آزاد منگي،جنهن جو ذهن زرخيز آهي.ان جي ذهن ۽ دل ۾ معلومات جا ڀنڊار آهن ۽ اهو خزانو ٻڌندڙن سان شيئر ڪرڻ جو فن به بخوبي ڄاڻي ٿو.
    ريڊيو جي پروگرامن جو بنيادي مقصد ئي انفارميشن،ايجوڪيشن،انٽرٽينمينٽ ۽ نئين نظرين مطابق موٽيويشن به هوندو آهي.سوليءِ يا عام فهم ٻوليءَ ۾ معلومات،تربيت ۽ تعليم،تفريح ۽ ترغيب يا مائل ڪرڻ،لاڙو پيدا ڪرڻ،اهي ريڊيو جي ڪنهن به پروگرام جا بنيادي مقصد،مول ۽ متا هوندا آهن. بامقصد گفتگوءَ کي ئي ريڊيو ڪمپيئرنگ چئجي ٿو.اهو ڪمپيئر جيڪو بي مقصد ۽ اڻ لاڀائتي گفتگو ڪري پنهنجو پروگرا پورو ڪري،ٻڌندڙن کان موڪلائي ٿو وڃي،ان ڄڻ هوا ۾ تير اڇلايا.هُن پاڻي ولوڙيو،جنهن مان نه کيس فائدو ۽ نه ٻڌندڙن کي.ان ڪمپيئر ڄڻ ٻڌندڙن جو قيمتي وقت وڃائي ڇڏيو.
    اڄ جي دؤر ۾ سڀ کان اهم،سڀ کان قيمتي ۽ مُلهائتي شيءِ جيڪا آهي،اهو “وقت” ئي آهي.ريڊيو جو ٻڌندڙ جيڪڏهن پنهنجي مصروفيتن مان اسان کي ٻڌڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ ڪڍي ٿو، ته اسان جو فرض آهي ته ان جي وقت کي سجايو ڪيون ۽ کيس تفريح سان گڏ و گڏ معلومات به فراهم ڪريون،سندس تربيت به ڪيون کيس ڪا چڱي ڪم جي ترغيب به ڏيون.اگر اسان ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ٿا ته پوءِ سمجهو ته اسان ڪامياب ۽ فتحياب ڪمپيئر ۽ براڊ ڪاسٽر آهيون.اگر ائين نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ اسان ناڪام ڪمپيئر ۽ ناڪام براڊ ڪاسٽر آهيون.
    جبار آزاد منگيءَ جو هي ڪتاب ڪمپيئرنگ جو هڪ اعليٰ ۽ عمدو نمونو آهي ۽ هي ڪتاب هڪ گائيڊ جي حيثيت رکي ٿو.اڄ جيئن جيئن ريڊيو جا چيئنل وڌي ويا آهن/وڌندا پيا وڃن ته ظاهر آهي ڪمپيئرن،جن کي DJs ۽ RJs به چيو وڃي ٿو،انهن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌيندو پيو وڃي،پر مان دعويٰ سان چوان ٿو ته جيڪڏهن هڪ سؤ ڪمپيئرن جا پروگرام ٻڌجن ٿا ته انهن مان مشڪل سان ويھ ڪمپيئر سٺا ڪمپيئر سڏجڻ جي لائق آهن،باقي سڀ وقت جو پورائو ڇا پر وقت جو زيان ٿا ڪن،پنهنجو به ته ٻڌندڙن جو به.
    مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو هڪ اهڙي ريڊيو اسٽيشن آهي جتي پڙهيل لکيل ڪمپيئرن جي اڪثريت آهي،اهڙن پڙهيل لکيل ۽ پُرجهيل ڪمپيئرن ۾ اسان جو دوست جبار آزاد منگي به هڪ اهم حيثيت جو ڌڻي آهي،جيڪو ووڪل به آهي ته ڏات ڌڻي به.هونئن به جنهن ماڻهوءِ وٽ ڏات به هجي ۽ ساڳي وقت ڏانءُ به،ته ڄڻ سَون تي سهاڳ. جبار هڪ سٺي براڊ ڪاسٽر ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏ گڏ، سٺو لسنر به آهي ۽ منهنجي خيال ۾ هڪ سٺي اديب هئڻ لاءِ سٺو ريڊر هجڻ ۽ هڪ سٺي براڊ ڪاسٽر لاءِ سٺو لسنر هجڻ تمام ضروري آهي.
    جبار آزاد منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو هڪ مقبول ڪمپيئر ته آهي ئي،پر هو اسٽيج ڪمپيئرنگ جو فن به بخوبي ڄاڻي ٿو،جيڪو بحرحال هڪ ڏکيو عمل آهي. هو معلومات جو ڀنڊار به آهي.هوئنن به اڄڪلھ ريڊيو جي دنيا ۾ اهي براڊ ڪاسٽر وڌيڪ ڪامياب ۽ سرخرو آهن جن جو هڪ ادبي پس منظر آهي ۽ جن جو ذهن جبار وانگر زرخيز آهي.ڀلا جيڪڏهن ڪمپيئر خود اديب ، شاعر يا تخليقڪار ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ هو سٺو ريڊر ته هجي.ادب دوست هجي،اخبارن،رسالن ۽ ڪتابن جو مطالعو ته ڪندڙ هجي.
    “لفظ هوا ۾ خوشبوءِ” ڪتاب پڙهڻ سان اهو محسوس ٿو ٿئي ته جبار منگيءَ جڏهن به ريڊيو تي ڪو پروگرام ڪيو آهي ته ننڊ مان اٿي اکيون مهٽي،خالي هٿين اچي،مائيڪرو فون تي “الو ميان” نه ڪئي آهي پر مائيڪرو فون تي اچڻ کان اڳ هن مطالعو ڪيو آهي،معلومات گڏ ڪئي آهي،پنهنجي ذهني ذخيري جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي.اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ پڙهندڙ کي ننڍا وڏا سوين موضوع زيرِ بحث آندل ملن ٿا ۽ انهن مان ڪو به موضوع غير اهم ۽ غير ضروري ڪو نه ٿو محسوس ٿئي.جبار منگي پروگرام ڪرڻ وقت ٻڌندڙن ۽ وقت جي نبض تي هٿ رکڻ جو فن خوب ڄاڻي ٿو ۽ ظاهر آهي سندس ريڊيو پروگرام جن ٻڌو،انهن ئي ٻڌو پر ان ڪمپيئرنگ ۽ پنهنجي ذهني ۽ قلمي پورهئي کي سهيڙي جبار منگي جڏهن هڪ ڪتابي صورت ڏني آهي ته ان مان نه رڳو ٻڌندڙ پر پڙهندڙ به حظ حاصل ڪري سگهن ٿا.هي ڪتاب ريڊيو جي پيشڪارن ۽ ڪمپيئرن لاءِ به لاڀائتو آهي.
    اسان مان هر قلمڪار ڪمپيئر کي کپي ته هو ههڙا ڪتاب ڇپائي ته جيئن ان جي صلاحيتن مان ٻڌندڙن سان گڏ و گڏ پڙهندڙ به فائدو حاصل ڪري سگهن.مان جبار آزاد منگيءَ کي ههڙو سٺو ۽ ڪارائتو ڪتاب ڇپرائڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

    ڪوثر ٻرڙو
    اسٽيشن ڊائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان ڪراچي
    7 اپريل 2016ع


    محنت طلب پروگرام ڪرڻ لاءِ عبدالجبار منگي

    ڪنهن جي لاءِ ڇا لکجي ۽ ڪيئن لکجي ؟ اهي ٻئي اهڙا سوال آهن جن جو جواب پاڻ ئي ڏئي سگهجي ٿو.ته اسين جنهن تي ڪجھ لکڻ گهرون ٿا ۽ ان سان انصاف ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ضرور لکجي.ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سٺن ڪمپيئرن مان عبدالجبار منگي تي ڪجھ لکڻ لاءِ ماضيءَ جي ورقن کي اٿلائي ڏسان ٿو ته ڊسمبر 1996ع جي آخري هفتي ۾ آءُ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ بحيثيت پروڊيوسرجوائن ڪيو،جنهن بعد هڪ پروڊيوسر ۽ ڪمپيئر ۾ رابطواڻٽر آهي،ظاهر آهي ته پروگرام جي حوالي سان ٻنهي ۾ ڪوآرڊيشن تمام ضروري آهي، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو مقبول پروگرام“روح رهاڻ” سندس بهترصلاحيتن جي سڃاڻپ رهيو،ڇو ته گذري ويل 20 سالن جي هن ڊگهي عرصي ۾ ڪيترائي منهنجا ساٿي هن اسٽيشن تي آيا ۽ ويا پر هن دوست جو “روح رهاڻ” وارو سفر سڀني سان جاري رهيو،جيڪو اڄ به جاري آهي.هي ڪتاب به “روح رهاڻ” لاءِ لکيل اسڪرپٽ تي مشتمل آهي.
    سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب،تمدن ۽ ثقافت جي معلومات پهچائڻ لاءِجڏهن“سنڌرنگ”پروگرام شروع ڪرڻ مون ارادو ڪيو ته هن ڏکئي ۽ محنت طلب پروگرام ڪرڻ لاءِ عبدالجبار منگيءَ جو نالو ذهن ۾ آيو ۽ سنڌ رنگ پروگرام هن دوست جي حوالي ڪري ڇڏيو.جنهن هن پروگرام سان خوب نڀايو. (جيڪو بعد ۾ “مهراڻ رنگ” جي نالي سان ريڊيو لاڙڪاڻي تان مسلسل 18 سال جاري رهيو.) اهڙي طرح سنڌ جي سرتاج شاھ لطيف جي فن ۽ فڪر تي مبني پروگرام لطيف رنگ سان به هن دوست خوب نڀاءُ ڪيو آهي.
    ان وقت هيءَ ڳالھ عالم آشڪار هئي ته هر ڏکئي يا محنت گهرندڙ پروگرام ڪرڻ ، ڪنهن به اديب،ساڃاھ وند يا سرڪاري آفيسر سان انٽرويو ڪرڻ لاءِ جڏهن به تياري ڪبي هئي ته ٻه نالا ذهن تي تري ايندا هئا،هڪ مرحوم هدايت منگي ۽ ٻيو عبدالجبار منگي. هڪ دوست اسان کان ڏور هليو ويو،ٻئي هن دوست کي الله تعاليٰ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ پنهنجون صلاحيتون ريڊيو جي دنيا ۾ ادا ڪندو رهي.

    خليل ڪاڪيپوٽو
    اسٽيشن ڊائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    5 اپريل 2016


    عبدالجبارمنگي گهڻ رخي شخصيت

    عبدالجبار آزاد منگيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات مارچ 2002ع ۾ ٿي،جڏهن آءُ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن اڪيڊمي اسلام آباد مان پروگرام پروڊيوسر جي تربيت مڪمل ڪري،ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي بحيثيت پروڊيوسر جوائن ڪيو.ان وقت عبدالجبار منگي پروگرام “روح رهاڻ” “مهراڻ رنگ” ۽ “لطيف رنگ” جو ميزبان هو.
    شروعات ۾ عبالجبار منگيءَ سان هڪ ڪمپيئر ۽ پروڊيوسر وارو رشتو هيو جيڪو بعد ۾ هن جي سلوڪ،سڀاءُ ۽ پنهنجائپ واري رويي ڪري هڪ دوستي ۾ بدلجي ويو.
    عبدالجبار منگيءَ کي اسڪرپٽ لکڻ جو ڏاھ آهي.مون کي سندس لکيل روح رهاڻ جو اسڪرپٽ تمام گهڻو پسند ايندو آهي،ڇو ته ان ۾ گورنمينٽ جي ادارن توڙي سماجي ۽ معاشرتي مسئلن کي بهتر انداز ۾ شامل ڪندو آهي ۽ معاشري جي تمام اوڻاين ۽ گورنمينٽ جي خراب ڪارڪردگيءَ کي سامعين تائين پهچائڻ ۾ مهارت اٿس ۽ ڏانءُ اٿس.شروع شروع ۾ آءُ کلي چوندوهيو مانس ته“منگي صاحب هي ڇا آهي؟ اسڪرپٽ ۾ هي گورنمينٽ جو مسئلو ڪيئن لکيو اٿئي؟” کلي ورندي ڏيندو هيو ته “سائين ڪجھ اصلاح ان انداز ۾ هجڻ به گهرجي، هي اهو دور ناهي جو ماڻهو رڳو ڪنهن جي ساراھ ويٺا ٻڌن،سٺي ڪم جي تعريف ڪجي ۽ غلط ڪم جي نشاندهي تعميري انداز ۾ ڪجي، اهو ضروري آهي ۽ هن دور جي گهرج به آهي.” واقعي عبدالجبار منگي ائين ڪري ڏيکاريو.
    ڪمپيئر جي اها وڏي خاصيت هوندي آهي ته هو پنهنجي ڳالھ،پنهنجا خيال ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي ۽ انداز سان،ريڊيو ٻڌندڙن تائين پهچائي ٿو،جن ۾ معاشري جي بهتري ٿي سگهي.
    عبدالجبار منگي/جبار آزاد منگي ڪمپيئر سان گڏوگڏ هڪ سٺو رائيٽر / ليکڪ به آهي،ڇو ته مونکي ياد آهي ته پروگرام “گيتن ڀري ڪهاڻي” جو مڪمل اسڪرپٽ هو پاڻ لکندو هيو،ان کان سواءِ طنز و مزاحيه جي روپ ۾ اصلاحي تنقيد جي پروگرام“ڪڙو سچ” جي ميزباني سان گڏ ان جو اسڪرپٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي پروگرامن جا اسڪرپٽ لکڻ هن دوست جي ڏاهپ آهي۽ هڪ وڏي تعريف جوڳي صلاحيت آهي جيڪا هر ڪمپيئر ۾ نه هوندي آهي.
    سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ريڊيو پاڪستان جو مقبول ترين پروگرام “مهراڻ رنگ” جيڪو ساندھ سورنهن سالن کان وڌيڪ جاري رهيو،انهن سورنهن ورهين کان مٿي واري عرصي ۾ 854 پروگرام نشر ٿي چڪا ۽ آخري پروگرام جنوري 2014 ۾ آن ايئر ويو،پرهن جفا ڪش ۽ محنتي ڪمپيئر ڪڏهن به همت نه هاري ۽ پنهنجي سنڌ سان محبت جو ثبوت ڏيندي پروگرام سان پاڻ ساراھ کان وڌيڪ ملهايو. سندس اسڪرپٽ ۾ تحقيق ۽ طنز و مزاح به شامل هوندو آهي جيڪو ٻڌندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻجي ٿو. عبدالجبار منگي جي هڪ خوبي هي به آهي ته هو پنهنجي پروگرام سان ايمانداريءَ سان نڀاءُ ڪندو آهي،ڪهڙيون به حالتون هجن يا موسمي خرابي هجي پر هي دوست پروگرام ڪرڻ ضرور پهچندو ۽ اها اسان کي پڪ هوندي آهي.
    عبدالجبارمنگي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي،هو هڪ ئي وقت ڪمپيئر،ڊراما رائيٽر،ڊائريڪٽر،سماجي ڪارڪن آهي ائين چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ ناهي ته ميڊيا جي حوالي هن جا ٻيا به ڪيترائي پهلوآهن،جن ۾ سندس نمايان ڪارڪردگي آهي.
    عبدالجبار منگي هڪ هڪ بهترين ڪمپيئر کان سواءِ منهنجو سٺو ۽ پيار ڀريو دوست آهي جنهن جو چيو ٽارڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اڃا به کيس گهڻين خوبين سان نوازي ۽ هميشه سکيو ۽ ستابو رهي.آمين

    علي مراد ٽانوري (پروگرام مئنيجر)
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    29 مارچ 2016ع


    عبدالجبار منگي وراسٽائيل ڪمپيئر

    عبدالجبار منگي انهن ماڻهن منجهان آهي،جيڪي سياسي ۽ سماجي شعور جي دولت سان مالا مال آهن.ساڻس ملاقات 2003ع جي آخري مهيني ۾ ٿي،جڏهن مون ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر جي حيثيت سان جوائن ڪيو.ان وقت جيڪي ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪم ڪري رهيا هئا،انهن ۾ عبدالجبار منگي وراسٽائيل ڪمپيئر هيو،جيڪو هر قسم جي پروگرام جي فارميٽ کي سمجهي ڪري بامقصد اسڪرپٽ سان ان پروگرام کي لاجواب بنائڻ جي فن کان واقف لڳو.هن هر قسم جا پروگرام ڪيا آهن،مئگزين،ڊسڪ جاڪي،ڊاڪيومينٽريز ۽ فيچر وغيره.ان کان سواءِ سندس ڪريڊٽ تي شاھ عبداللطيف جي فن ۽ فڪر،تاريخ ۽ سماجيات جهڙن اهم موضوعن تي پروگرام پڻ شامل آهن.جيڪي هن پنهنجي صلاحيت سان ڀرپور نموني ڪري پنهنجي فرض کي خوب نڀايو.
    عبدالجبار منگي براڊڪاسٽنگ جي اصولن کان واقف هجڻ سان گڏ و گڏ هڪ ترقي پسند سوچ رکندڙ،قومي شعور سان سرشار هڪ متحرڪ فرد آهي،جنهن جو سندس شهر نصيرآباد توڙي ٻين شهرن ۾ تعليمي خدمتون ۽ سماجي جاڳرتا وارو ڪردار رهيو آهي.اهوئي فڪري پختگيءَ وارو رجحان سندس اسڪرپٽس ۾ به نمايان نظر ايندو،جيڪي نه صرف دلچسپ انداز بيان رکي ٿو پر گڏ و گڏ ان ۾ مقصديت به جهلڪندي نظر ايندي.
    عبدالجبار منگي پنهنجي شهر نصيرآباد مان مڪاني ادارن جي تازو ٿيل چونڊن ۾ ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد جي وارڊ نمبر 11 مان ميمبر چونڊجي آيو آهي.جيڪا گواهي آهي سندس مقبوليت ۽ هردلعزيزي جي ۽ اها مڃتا ڪو هڪ ڏينهن ۾ نه ٿي ملي پر ان لاءِ سڄي زندگي جي ڪمنٽمنٽ ۽ سماجي تحريڪ کي ڳڻجي ٿو.،ڪردار کي مڃائڻو پوي ٿو.جنهن ماڻهوءَ وٽ سياسي ۽ سماجي شعور آهي،اهوئي پنهنجي تحرير ۾ به تبديليءَ جي فڪري ذميواري کي نڀائي سگهي ٿو،باقي سياسي ۽ سماجي شعور کان وانجهيل فرد جي تحرير صرف لفاظي ئي هوندي آهي.مون کي اميد آهي ته عبدالجبار آزاد منگي پنهنجي فرضن کان آگاهي رکندي،پنهنجي تحريرن ۾ به ان اهڃاڻ کي قائم رکندو ۽ آئنده به ريڊيو پاڪستان تي مڪمل ڪمنٽمنٽ سان پنهنجي ڪم کي جاري رکيون ايندو.

    عابد عباس ڪاظمي
    (سينئر پروڊيوسر)
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    30 مارچ 2016


    همٿ ۽ حوصلي جو ڏس ڏيندڙ عبدالجبار آزاد منگي

    ريڊيو تان نشر ٿيندڙ پروگرامن جي سونهن يا مقبوليت ۾ ٻن پهلوئن سان گڏ،ان پروگرام جي ميزبانن طرفان،ڳالهائيندڙ لفظن جو وڏو عمل دخل/ڪردار آهي.جيڪي هو لفظ ادا ڪن ٿا،جيڪي لفظ هوائن جي آڌار،ٻڌندڙن تائين پهچن ٿا.حقيقت ۾ ريڊيو تان ڳالهايل لفظ يا ڳالهيون هوا ۾ هليون وڃن ٿيون.ڪجھ وقت اهي ڳالهيون ٻڌندڙن کي ياد رهن ٿيون پر اهي جيئن جو تيئن تن کي ياد نٿيون رهن.اسان توهان مان ڪنهن کي به 20 سال اڳ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي،خيرپور يا حيدرآباد جي ڪنهن مقبول پروگرام جو اسڪرپٽ برزبان ياد نه هوندو.توڙي جو ان اسڪرپٽ ۾ ان جي لکندڙ(پروگرام جي ميزبان) تمام گهڻيون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون هجن.
    اسان بحيثيت پروڊيوسر،جڏهن به ڪنهن ميزبان جو پروگرام لاءِ اسڪرپٽ VET يعني Check ڪندا آهيون ته ان وقت جي حالتن آڌار موضوع تي لکيل لفظن سان گڏ اهڙيون ته سهڻيون ۽ سٺيون ڳالهيون هونديون آهن،جو انهن کي هميشه ساھ ۾ سانڍي سگهجي ٿو.
    هوا ۾ گم ٿيندڙ ريڊيو اسڪرپٽ کي محفوظ ڪري ڪتابي شڪل ڏيڻ جو رواج/ روايت پهرين ڪنهن وڌي؟ ان جي ته مون کي پوري خبر ناهي،پر ويجهي ماضيءَ ۾ نامياري براڊ ڪاسٽر محترم ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب“اڏاڻا احساس” جي شايع ٿيڻ کان پوءِ مختلف براڊ ڪاسٽرن،جنهن ۾ محترم رياضت ٻرڙو ۽ هاڻي عبدالجبار منگي،ادبي نانءُ جبار آزاد منگيءَ جو هي ڪتاب اچڻ هڪ سٺو سنوڻ آهي.ان سان اهي لفظن جا موتي،جيڪي هوا ۾ وکري ويا هئا،تن کي سهيڙي،هڪ ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ٿي اوهان آڏو هڪ نئين جنم سان حاضر آهن.
    جيڪڏهن اوهان عبدالجبار منگيءَ جا پروگرام، ڊسڪ جاڪي “روح رهاڻ” سنڌ جي تاريخ،تهذيب،تمدن ۽ ثقافت تي مبني پروگرام “مهراڻ رنگ” ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پروگرام “لطيف رنگ” نه ٻڌا هجن ته هن ڪتاب پڙهڻ مان اوهان کي لفظن جي تاثير ۽ مٺاس جو اندازو ٿي ويندو.هي ڪتاب صرف پروگرام روح رهاڻ جي لکيل اسڪرپٽ تي مشتمل آهي.
    حقيقت ۾ عبدالجبار منگي انهن ڪمپيئرن ۾ شامل آهي،جن کان مون گهڻو ڪجھ سکيو آهي.جنهن ۾ ٻه ڳالهيون ته مون پنهنجي ذهن جي ڳنڍ ۾ رکي ٻڌي ڇڏيون.هڪ اها ته اسڪرپٽ ۾ پنهنجي ديس،ثقافت ۽ ماروئڙن جو ذڪر ڪريو،ٻي ڳالھ هيءَ ته دنيا ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق سان پنهنجي ٻڌندڙن کي آگاھ ڪرڻ آهي.اهي ٻئي ڳالهيون مون عبدالجبار منگيءَ ۾ گهڻيون ڏٺيون.
    بحيثيت پروڊيوسر جي مون عبدالجبار منگيءَ سان گهڻو ڪم نه ڪيو آهي،ڇو ته هي دوست اسان جي سينئر ساٿي پروگرام مئنيجر محترم علي مراد ٽانوريءَ جا پروگرام وڌيڪ ڪندو رهيو آهي،پر پوءِ به منگي صاحب سان محبت،عقيدت ۽ احترام وارو رشتو برقرار آهي.سدائين مرڪندڙ،همٿ ۽ حوصلي جو ڏس ڏيندڙ،پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي دردن جو اونو رکندڙ،ريڊيو ٻڌندڙن جي محبت لاءِ نصيرآباد کان ڪهي اچي ريڊيو پروگرام ڪري ٿو.
    هن دوست لاءِ منهنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته هو سدائين شاد ۽ آباد رهي.آمين.هن ڪتاب آڻڻ تي آءُ دل جي گهراين سان کيس مبارڪباد ڏيان ٿو.

    وسند علي مهر
    (سينئر پروڊيوسر)
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    29 مارچ 2016


    آواز ذريعي اتساهه ڏيندڙ عبدالجبارآزاد منگي

    ريڊيو جي ضرورت اسان جي سماج ۾ اڄ به اوتري آهي جيتري اوائل ۾ هئي، ريڊيو جي اهميت کان مُنهن ڦير ڪرڻ سچ کان انحرافي وارو عمل هوندو. ريڊيو جا آواز عام ماڻهن جي سماعتن کي نه صرف وندرائيندا آهن، پر انهن ۾ سجاڳي ۽ جاڳرتا به پيدا ڪرڻ جو سبب ٿيندا آهن، ان لاءِ اسڪرپٽ ۾ موضوعن جو انتخاب تمام گهڻو اهم آهي. عبدالجبار منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سينيئر ڪمپيئر آهي، سندس ريڊيائي سفر به انتهائي شاندار گذريو آهي، هُن پنهنجن پروگرامن جي اسڪرپٽ ۾ سماجي اوڻاين جي جيڪا برملا نشاندهي ڪئي آهي، سا هڪ سُجاڳ ذهن رکندڙ انسان جي نشاني آهي. هُن ڪيترن ئي پروگرامن ۾ مون ساڻ گڏجي ڪم ڪيو آهي، پوءِ اُهي لطيف سائين جي فڪر، فلسفي ۽ شخصيت تي پروگرام هجن، درازا جي دولهه سچل سائينءَ ۽ سنڌ جي ٻين صوفين جي فڪر فلسفي تي مشتمل پروگرام هجن يا سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافتي ورثي تي مبني پروگرام هجن، جبار آزاد منگي مائڪروفون وسيلي پاڻ موکيندو رهيو آهي.
    جبارآزاد منگي هڪ تخليقڪار هئڻ ناتي پنهنجن پروگرامن ۾ پنهنجي پروڊيوسرن سان ڪافي معاونت به ڪندو رهيو آهي. اسان براڊڪاسٽر پنهنجي ڪپميئرن جي سُٺن پروگرامن ڪري ئي جڳ جهان ۾ سُڃاتا ويندا آهيون. سائين مختيار ملڪ چواڻي ته “ ڪمپيئر اسان جو چهرو هوندا آهن”. سچ به اهو آهي ته سُٺا آواز ۽ سُٺي لکڻ جي صلاحيت رکڻ وارا ڪمپيئر ئي ريڊيو لاءِ فخر جو سبب ٿين ٿا. جبار پنهنجي ذميوارين کان بخوبي واقف رهندڙ انسان آهي، ريڊيو تي هڪ ڪمپيئر تي ڪهڙيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون، هُو بخوبي ڄاڻي ٿو، تڏهن ته جبارآزاد منگي جڏهن به ريڊيو تان مخاطب ٿيو آهي، تڏهن سندس اندر جو جهان، آواز ذريعي ماڻهن آڏو عيان ٿيندو رهيو آهي، هُو پنهنجي لفظن ۾ ڪي ڳُتيل فلسفا ناهي اُڻندو، البت سادن سلوڻن لفظن ۾ ڳالهين کي بيان ڪري وٺندو آهي، سندس ادا ڪيل لفظ سُرت به هوندا آهن ته ساڃاهه به، سندس لفظ خوابن بجاءِ جاڳ جهڙا، خيالي پُلاءَ بجاءِ سچ هوندا آهن. پنهنجن لفظن ۽ آواز ۾ جوت ڀريندڙ جبارآزاد منگي همتون ۽ حوصلا، آٿت ۽ اُتساهه ارپيندڙ ڪمپيئر آهي، سندس سڄي ساري ڪتاب ۾ ڪٿي به اوهان کي مايوسي نظر نه ايندي، هُو پُر اميد (Optimistic) شخص آهي.
    عبدالجبارآزاد منگي جي اسڪرپٽس جو ڳٽڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، اوهان پاڻ ئي فيصلو ڪري سگهو ٿا. بهرحال عبدالجبار منگي هڪ مخلص دوست هجڻ ناتي اسان کي تمام گهڻو پيارو رهيو آهي ۽ سندس سڀ انگل آرا به اسان کڻي اکين تي رکيا آهن. سندس زندگيءَ جي سفر لاءِ نيڪ تمنائون.

    خالد چانڊيو (پروڊيوسر)
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو


    عبدالجبار منگي باصلاحيت ۽ جاکوڙي ڪمپيئر

    عبدالجبار منگي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو هڪ باصلاحيت ۽ جاکوڙي ڪمپيئر آهي.سندس ڪيل پروگرام سنڌ رنگ،مهراڻ رنگ،لطيف رنگ ۽ روح رهاڻ ٻڌندڙن ۾ دلچسپيءَ سان ٻڌا ويا/ٻڌا وڃن ٿا.پر ڊيوٽي روم ۾ به سندس پروگرام ٻڌندي ڪڏهن به ريڊيو جو واليم کي جهڪو نه ڪيو ويو،جيئن ڪجھ ڪمپيئرن جا آواز ٻڌندي ڪنن کي عجيب بيقراري محسوس ٿيندي آهي ۽ ريڊيو جو آواز گهٽ ڪرڻو پوندو آهي، پر عبدالجبار منگيءَ جو پروگرام ٻڌندي ڪڏهن به ڪا بوريت محسوس ناهي ٿي.
    عبدالجبار منگيءَ جي اها خوبي رهي آهي ته هو پنهنجي پروگرامن جو پاڻ اسڪرپٽ لکڻ جو باقاعدي پابند رهيو آهي.سندس شخصيت ۾ ڪڏهن به ڪا هروڀرو جي خوش آمد ناهي رهي.پروڊيوسرن طرفان جيڪا به ذميواري ملي اٿس سا انتهائي سهڻي نموني نڀائيندو رهيو آهي.دعا آهي ته الله تعاليٰ سندس قلم کي اڃا به وڌيڪ طاقت ۽ وسعت عطا فرمائي.(آمين)

    حاجي حسين جلباڻي (ڊيوٽي آفيسر)
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
    29 مارچ 2016


    پنهنجي پاران : ڪجهه بي ترتيب ڳالهيون

    سوچيان ٿو پنهنجي ڳالھ ڪٿان شروع ڪريان؟ اصلي جنم جي تاريخ کان يا نقلي جنم جي تاريخ کان.18 مارچ 1960ع مطابق 19 رمضان المبارڪ 1379ھ جمعي ڏينهن صبح جو 4 لڳي 20 منٽن تي روينيو کاتي ۾ سپروائيزنگ تپيدار عبدالرحيم منگي جي منگي محلي واري گهر ۾ جنم وٺي امان رحيمان جي جهوليءَ ۾ اکيون کوليون.پرائمري اسڪول ۾ استاد مون کي ٻيو جنم ڏئي منهنجي ڄم جي تاريخ 01 فيبروري 1962ع مطابق 24 شعبان المعظم 1381ھ ڏينهن خميس لکي ڇڏي.جنهن ڪري منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪجهڙائي نه رهي. با با سائينءَ جون ٽي شاديون ٿيل هيون،مان سندس وڏي گهرواريءَ مان ٻيو نمبر پُٽ ۽ ڀائرن ۾ وڏو آهيان،اسين ڪل ڇھ ڀينر ۽ ٽي ڀائر آهيون،مون کان ننڍو ڀاءُ جيڪو شاعر پڻ آهي،زخمي عبدالغفار منگي جيڪو ايئر پورٽ سڪيورٽي فورس ۾ ملازم آهي ۽ ننڍو ڀاءُ عبدالصمد منگي جيڪو مختيارڪار آفيس نصيرآباد ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڏئي رهيو آهي. پٽن ۾ وڏو هجڻ ڪري،مونکي سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان بيحد پيار ملي رهيو آهي. مان پاڻ کي خوشنصيب سمجنهدو آهيان جو مونکي ٽنهي مائرن جو پيار مليو۽ مون کي ٻن مائرن مان ڪڏهن به ان قسم جو تاثر نه مليو ته ڪو مان انهن جي پيٽ ڄائو نه آهيان،منهنجون ٻه امڙيون،شهر نصيرآباد ۾ ۽ هڪ امڙ ڏوڪريءَ ۾ رهندي هئي جتي بابا سائينءَ جي ڊيوٽي هئي، بابا سائين پنهنجي نگرانيءَ ۾ مون کي نصيرآباد مان ڏوڪري گهرائي، سرڪاري پرائمري اسڪول ۾پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو.جنهن اسڪول ۾ صرف ٽي مهينا پڙهيم، ان جو سبب هي هيو جومونسان گڏ بئنچ تي ويهڻ وارو منهنجو ڪلاسي بابا سائين جي آفيسر مختيار ڪار جو پٽ هيو،جنهن کي هڪ ڏينهن ڪن ۾ چڪ هڻي ڪڍيو.جنهن جي سزا اها ملي جو بابا سائين پنهنجي شهر نصيرآباد موڪلڻ لاءِ مامي احمد علي مگسيءَ کي سائيڪل پڪڙائي ۽ مونکي ان تي ويهاري نصيرآباد روانو ڪيو.
    نصيرآباد جي واپسي بعد امڙ منگي پاڙي جي اسڪول“مسلم پرائمري اسڪول” (جيڪو اسڪول ڪجھ سالن بعد نيشنلائيزڊ ڪيو ويو) ۾ داخل ڪرايو،جتي سائين محمد خميسوسومروصاحب،سائين محمد صالح سومروصاحب ۽ سائين نور محمد سومرو صاحب منهنجا استاد رهيا جن پنهنجي شفقت ۽ پيار سان پنج درجا پڙهائي علم جهڙي زيور سان نوازيو.
    مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد مان پاس ڪيم،جنهن اسڪول ۾ ستين درجي ۾ اچڻ کان پوءِ مين گيٽ جي سامهون ڪاٺ جي فريم تي رکيل ۽ خالي پيل بليڪ بورڊ تي روزانو“شاھ جو بيت” لکڻ جي شروعات ڪئي،جنهن ڪري منهنجا مهربان استاد مون کي ڀائنڻ لڳا.ڇهين ڪلاس ۾ منهنجو ڪلاس ٽيچر سائين پرڪاش لعل امبواڻي صاحب هيو جيڪو هن وقت جسٽس جي عظيم عهدي تي آهي،ستين ڪلاس ۾ نامياري اديب ۽ منهنجي دوستن محترم منصور ٿلهي،عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳوڻ محترم بخشل خان ٿلهي، ٽي بي جي اسپشلسٽ ڊاڪٽر محترم ڊاڪٽر منير احمد ٿلهي ۽ بلوچستان ۾ انڪم ٽيڪيس جي آفيسر محترم آفتاب ٿلهي جن جو والد سائين در محمد خان ٿلهو ڪلاس ٽيچر ٿي آيو،جنهن اٺ مهينا ڪلاس ورتو
    تنهن بعد سائين صوفي صوفي هدايت الله سوهو صاحب ڪلاس ٽيچر ٿيو جيڪو ستين درجي کان ڏهين ڪلاس تائين اسان جو ڪلاس ٽيچر رهيو، ڪلاس ورهائڻ وقت،سائين اسان جي ڪلاس جي هرسال چونڊ ڪندي ساندھ چار ورهيه ،پنهنجي پيار کي ۽ علم جي ڏيئي کي روشن رکيو.هڪ ڏينهن شاھ جو بيت “سُپت ڀريا س،ڪُپت ڪيم ڪريو.” بورڊ تي لکيم،اسيمبلي ٿيڻ بعد سائين صوفي صوفي هدايت الله سوهو صاحب معمول موجب ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ مونکي ڊيسڪ تان اٿاري بيهاريو.اهو منهنجي لاءِ تمام وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي جو هڪ استاد ان ڏينهن هڪ پيرڊ جو سمورو وقت 40 منٽ، مون تي ۽ بورڊ تي لکيل شاھ جي بيت تي ڳالهايو.ان وقت سائين مونکان سوال ڪيو هيو ته“وڏو ٿي ڇا ڪندين؟” ۽ مون موٽ ۾ کيس چيو هو ته سائين مان ريڊيو تي ويندس.الله تعاليٰ سائين صوفي هدايت الله سوهو صاحب کي هن وقت به سٺي صحت عطا فرمائي آهي،دعا آهي ته سائين سدائين شاد ۽ آباد رهي.
    سال 1979ع ۾انٽرميڊيٽ ،سن 1981ع ۾بي اي ،سال 1985ع ۾ ايم اي سوشيالاجي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪيم سال 1983ع ۾ ايل ايل بي لا ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهيم.جتي اسان جو پرنسپل سائين اختر علي جي قاضي هيو،جيڪو سنڌ جو وزير تعليم ۽ ٻه ڀيرا وزيراعليٰ جي عهدي تي به رهيو. سن 2000ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان خانگي طور ڪئي.
    نصيرآباد جي مٽيءَ جي مهڪ مان پيدا ٿيل نصيرآباد جي رهواسين جو محسن ۽ واپڊا جهڙي اداري ۾ شهر واسين جو هميشه ڀرجهلو رهندڙ انجنيئر محترم نظير احمد شيخ ، جيڪونوابشاھ ۾ واپڊا ۾ انجنيئر جي پوسٽ تي هيو۽ اڳتي هلي حيسڪوجو چيف انجنيئر پڻ ٿيو، تنهن صاحب ڪلارڪ جي حيثيت ۾ واپڊا جي روينيو کاتي نواب شاھ ۾سال 1981ع ۾ ڀرٿي ڪيو.هن مکڻ ماڻهوءَ نصيرآباد جي بيروزگارن لاءِ واپڊا ۾ روزگار جا دروازا کولي ڇڏيا،ڳچيءَ ۾ هار ڪري پائڻ جهڙو ماڻهو نظير احمد شيخ صاحب جتي به انجنيئر ٿي ويو اتي پنهنجي شهر جي بيروزگارن کي نه صرف روزگار سان لڳايو، پر انهن جي پرگهور پڻ لهندو رهيو.نصيرآباد جا رهواسي هن صاحب کي هميشه ياد ڪندا رهن ٿا،جيڪو جيستائين واپڊا اداري ۾ رهيو تيستائين نصيرآباد جي شهرين جا واپڊا اندر مسئلا حل ٿيندا رهيا.
    نوابشاھ،دادو،جيڪب آباد،ڪوٽڙي ۽ ڪراچيءَ ۾ مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪيم،روزانو برسات ۾ سائين دستگير ڀٽي جي ايڊيٽر شپ هيٺان ڪجھ مهينا ڪم ڪيو، اهي سڀ ڪم ڇڏي اچي گهر جي کٽن جو واڻ خراب ڪرڻ لڳس.جتي جتي نوڪري ڪيم اتي ماحول راس نه آيو. وري وڪالت ڪرڻ جو شوق جاڳيو دادو وڃي محترم قمر عباسيءَ جو جونيئر بڻيس.دادو جي ان ڪري چونڊ ڪئي جو،دادو “وقت ڏٺوسين پاڻ پليوسين،پيار نٿو پلجي” جي تخليقڪار استاد بخاريءَ جو شهرته آهي پر دادوءَ سان منهنجون به 32 دليون هيون۽ اڄ به آهن، استاد بخاري جي هن سٽ تي وقت ۽ حالتن کي ڏسندي عمل ڪيو.“وقت ڏٺوسين پاڻ به پليوسين، پر پيار پلجي نه سگهيو، پر يادون ته هميشه گڏ گڏ رهيون آهن جن منهن موڙي نٿو سگهجي.خير ڳالھ وڃي ٻي هنڌ نڪتي، واپس هلون ٿا وڪالت ڏانهن،وڪالت ۾ به دل نه لڳي ڇھ مهينا ڪاري ڪوٽ سان سنگت رهي ۽ هڪ ڏينهن ڀان سيد آباد جي ڪنهن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هڪ غريب عورت پنهنجي مڙس جي ضمانت لاءِ ان وقت جي ڪاري ڪوٽ جي ماڻهن اڳيان جيڪي منٿون ڪيون اهي اڄ تائين وساري ناهيان سگهيو،ان وقت مان بيوس هيس ڪجھ ڪري نه پئي سگهيس،پر مون اهو فيصلو ضرور ڪيو ته اڄ کان پوءِ هن ڪاري ڪوٽ کي لاهي ڇڏيندس ۽ ٿيو به ائين. ان وقت سامان وڌم ٿيلهي ۾ ۽ بس ۾ چڙهي نصيرآباد نڪتس. جهڙو تخلص تهڙو آزاد رهيم ۽ نتيجو اهو نڪتو جو پنج نوڪريون ڇڏي اچي پنهنجو شهر نصيرآباد وسايو، جتي اڄ به موجود آهيان ۽ پنهنجي امڙ جي قبر ڀرسان پنهنجي جيئري ئي قبر جي جاءِ رکي ڇڏي اٿم،ايتري دل هن نماڻي نصيرآباد سان آهي.نه نصيرآباد مونکي ٿي ڇڏي نه ئي مان.هي قصو ڪمبل ۽ ملان وارو ٿي ويو،هاڻي خبر نٿي پوي ته مان ڪمبل آهيان ۽ نصيرآباد ملان،يا مان ملان آهيان ۽ نصيرآباد ڪمبل.هاڻي اوهان مون کي ڪهڙي به نالي سان سڏي سگهو ٿا،اوهان خود مختيار آهيو.
    بابا سائين جو شوق هيو ته مان ڊاڪٽر ٿيان،پر مون نائين ڪلاس ۾ ئي آرٽس گروپ ۾ داخلا ورتي ۽ ڊاڪٽر ٿي نه سگهيس،اها خبر جڏهن بابا سائين کي پئي تڏهن هن مون کان پڇيو ته “پٽ آخر ڇا ڪرڻ ٿو چاهين؟”مون کيس ورندي ڏني ته بابا مان ريڊيو تي ويندس.
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هلندڙ مختلف پروگرامن ۾ خط لکي حصو وٺندو هيس.ستر واري ڏهاڪي ۾ محترم جهانگير قريشي ۽ مير محمد لنجار جا پروگرام ٻڌندو هيس ۽ انهن ۾ باقاعدي خط لکي حصو وٺندو هيس.اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته جنهن کي شوق سان ٻڌندو هيس اهوئي منهنجي هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکندو.هي به هڪ عجيب ڳالھ چئجي،حسن اتفاق چئجي يا منهنجا ڀاڳ ڀلا،جو مون محترم جهانگير قريشي صاحب سان بيڪ ٽائيٽل لاءِ ٻه اکر لکڻ جي خواهش جي پورائي لاءِ، اٽڪل 10 ورهين جي ڊگهي عرصي کان پوءِ 3 اپريل 2016 تي رات جو فون ڪري گذارش ڪئي،جنهن صاحب مون کي چيو ته مان هن وقت سکر آهيان،صبح جو لاڙڪاڻي ايندس جتي سائين قائم شاھ بخاريءَ جو ديدار ڪندس.ان بعد درگاھ سعدي موساڻي نئون ڳوٺ ويندس.جي ان وچ ۾ ڪٿي وقت ڪڍي سگهو ته ٻه اکر لکي سگهجن ٿا.مون موقعي کي غنيمت سمجهندي سائين کي عرض ڪيو ته قبلا درگاھ سعدي موساڻي تي هلي هن موقعي جو فائدو وٺنداسين ڇو ته منهنجي شادي به نئون ڳوٺ مان ٿيل آهي ان بهاني مٽن مائٽن وٽان به ٿي اچبو.
    4 اپريل جي صبح سائين سان رابطوٿيو،سائين لاڙڪاڻي کان نصيرآباد پهتو جتان سر عنايت الله لوهر(پرنسپل ٽيڪنيڪل ڪاليج شهدادڪوٽ جيڪو 4 اپريل جي موڪل سبب پنهنجي گهر آيل هيون،ان کي ساڻ ڪري،سائين جهانگير قريشيءَ سان گڏجي نئون ڳوٺ آياسين،درگاھ سائين سعدي موساڻي تي دعا گهرڻ بعد ڳوٺ جي شروعات ۾ ٺهيل هڪ هوٽل تي ويهي،بيڪ ٽائيٽل وارو سمورو ڪم پورو ڪيوسين.تنهن بعد سائين جهانگير قريشي صاحب سيوهڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ اسين اچي نصيرآباد وسايو.
    سن 1979ع کان 2007ع تائين سياسي ميدان ۾ عوامي تحريڪ جي نار واري مالها ۾ ڀڳل ڪنگريءَ جيان ڦرندو رهيس.جتي تمام گهڻو پرايو۽ سکيو،بس وڃايم ته اتي پنهنجي وجود کي وڃايو. آمر ضياءُ الحق جي دور ۾ 1983ع ۽ 1986ع واري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ حصو وٺي آڱر ڪٽائي شهادت ماڻڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي.
    سن 1979ع ۾ بانيِ صحافت نصيرآباد مامي صوفي محمد حسن منگيءَ جي شاگرديءَ ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو،نوڪرين دوران صحافت کان پري رهيس،جڏهن هڙئي نوڪريون ڇڏي ڪري واپس نصيرآباد موٽي اچي وري صحافت کي شروع ڪيو.سنڌ نيوز،هلال پاڪستان،آفتاب،جاڳو اخبارن جو رپورٽر رهيس،سن 2002ع کان ريڊيو پاڪستان جي رپورٽر طور ڪم ڪرڻ لڳس.صحافت جي دنيا به جاري رهي آهي .
    وري خيال جاڳيو ته تعليم جي ميدان ۾ ڪجھ پاڻ کي آزمائي ڏسجي،سو علائقي جي نوجوان شاگردن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي تعليم ڏيڻ لاءِ سال 2011ع ۾ پنهنجي شهر نصيرآباد ۾ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي جو موجد محترم ماجد ڀرڳڙي صاحب کي ننڍڙي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس نالي سان “ايم بي اڪيڊمي آف ڪمپيوٽر سائنس” جو بنياد وجهي ڪم جي شروعات ڪئي، سيپٽمبر 2013ع ۾ تعليم کاتي ۾ ايس ڊي او جي عهدي تي ڪم ڪندڙ پنهنجي پياري ساٿي ۽ کلمک دوست عبدالجبار شيخ،جيڪو اسي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سنڌي ادبي سنگت نصيرآباد شاخ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ ماٺيڻي دوست عبدالفتاح شيخ سان گڏجي “شاھ لطيف پبلڪ اسڪول نصيرآباد” ۽ ساڳي سال جي نومبر مهيني ۾ بلوچستان جي شهر جهل مگسيءَ ۾“سيف ماڊل اسڪول جهل مگسي” جو قيام ڪري،ساندھ ڏھ مهينا اتي پرنسپل ٿي گهاريم.هن وقت ادارا پنهنجي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهن.
    سال 1981ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نصيرآباد شاخ جو بنياد وجهي،پهريون سيڪريٽري ٿيس،سنگت ساٿ کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن ڪوشش کي سنڌ جي نالي واري اديب سائين نجم عباسي هڪ خط لکي ساراهيو ۽ همٿ افزائي ڪئي.ساس جي ساٿ ۾ محترم منصورٿلهو،سائين محترم جبار تاثير سومرو جيڪو مون کان بعد شاخ جو سيڪريٽري ٿيو،سائين محترم محمد علي سومرو،محترم ممتاز علي شيخ (جنهن کي هن وقت نصيرآباد جو ايڌي چوندا آهيون) صوفي شاعر مرحوم محمد يوسف منگي،محترم ڊاڪٽرڪيپٽن نوراحمد شيخ ۽ محترم عبدالجبار شيخ شامل رهيا.سال 1992ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي شاخ کولي جنهن جو پهريون ڪنوينر ۽ سيڪريٽري رهيس، هن سٿ ۾ محترم ڊاڪٽر عبيدالله سومري،محترم ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سومري،محترم ڊاڪٽر منير احمد ٿلهي، محترم برڪت علي منگي،محترم ممتاز علي شيخ ۽ کوڙ سارن دوستن جو ساٿ ر هيو.
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ گهاريل گهڙين تي لکڻ لاءِ هڪ پوري ڪتاب جي ضرورت آهي،جنهن کي ضرور پورو ڪبو،پر ڳالھ کي کٽائيندي اهو چوڻ گهران ٿو ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي جيڪي به پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر صاحب آيا تن کان مون ڪوشش ڪري گهڻو پرايو ۽ انهن جو احترام ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو، موٽ ۾ به انهن مهربانن،محترم ضمير بدايوني، محترم زاهد حسين قلباڻي، محترم شوڪت خاصخيلي، محترم علي نواز خاصخيلي، محترم گل حسن قريشي، محترم اقبال اعظم فريدي، محترم رياض منهاس ۽ محترم اختر مرزا سان سٺيون ۽ نه وسرندڙ گهڙيون گذاريون.جڏهن ته محترم محمد علي ٻانڀڻ سان پروڊيوسر جي زماني کان اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿيڻ جي زماني تائين تمام بهتر وقت گذريوجو سائين جي محبت سندس ڳوٺ “ملا ٻانڀڻ” تائين پهچايو.
    سال 1989ع ۾ شادي نئون ڳوٺ(سعدي موساڻي) تعلقي ميهڙ ضلعي دادو مان،هڪ غريب مزدور محمد حسن منگيءَ جي وڏي نياڻي سان ڪيم،جنهن مان امڙ جي دعا سان ست پٽ عبدالرحيم آزاد،محمد فهد آزاد،قمرالزمان آزاد،عبدالاحد آزاد،محمد طاهر آزاد،عبدالسلام آزاد ۽ ابوالڪلام آزاد،نياڻين ۾ سنجيدھ آزاد،ڪائنات آزاد،فضليه آزاد،عذرا جبين آزاد ۽ فخرالنساءَ آزاد جو اولاد آهي.
    هلال پاڪستان اخبار پاران نڪرندڙ هفتيوارصفحي “گلن جهڙا ٻارڙا” ۽ ماهوار نڪرندڙ رسالي“هلال مئگزين” ۾ محترم مختيار ملڪ به لکندو هيو ته مان به.اهو منهنجو ادبي دوست ناميارو شاعر مختيار ملڪ صاحب به تمام گهڻو مهربان رهيو.محترم ڪوثر ٻرڙو صاحب سدائين مرڪندڙ ماڻهوءَ ۾ جيڪا هُجت رکي اها پوري ٿي ۽ سائين سان ڪچهريون به خوب ٿينديون رهيون.جنهن جي ريڊيواسڪرپٽ تي لکيل بهترين ڪتاب“اڏاڻا احساس” مونکي به ريس ڏياري ۽ هي ڪتاب اوهان جي اڳيان آهي.جنهن جو مهاڳ لکڻ لاءِ سائين ڪوثر صاحب ۾ هجت رکي گذارش ڪئي،جنهن موٽ ۾ مون کي پنهنجي موتين جهڙي لفظن جي مالها سان نوازيو،سندس ٿورائتو آهيان.
    ڪتاب کي آڻڻ لاءِ نصيرآباد سان تعلق رکندڙ منهنجي سٺن ۽ پراڻن ادبي دوستن ننگر چنه،بشيرنوناري به ڏاڍو همٿايو ۽ ٺيڪون سيڪون ڏئي هي ڪتاب آڻايو.سائين جبار تاثير سومري صاحب منهنجي هميشه جيان رهنمائي ڪئي.جنهن جو ذڪر آءُ مٿي به ڪري چڪو آهيان.
    آخري ڳالھ هي ڪندس ته سال 1996ع کان سال 2016ع تائين هن ويهن ورهين جي سموري عرصي ۾ ڊسڪ جاڪي پروگرام“روح رهاڻ” کان ڪڏهن به پري ناهيان ٿيو، جنهن ڪري هن پروگرام لاءِ لکيل اسڪرپٽ جو مواد ايترو موجود آهي جوهن جهڙا چار پنج ٻيا به ڪتاب ڇپجي سگهجن ٿا.هن پروگرام جي اسڪرپٽ لکندي ڪڏهن ڪنهن ڪتاب،اخبار،رسالي،انٽرنيٽ،اکين ڏٺل منظرن،اخبارن ۾ سماجي مسئلن تي لکيل خطن کي به شامل ڪري چڪو آهيان،جنهن ڪري ڪنهن دوست جي جي ڪا به ڄاڻ يا معلومات هن ڪتاب ۾ آيل آهي ته اهو دوست مونکي پنهنجو سمجهي درگذر ڪري ته مهرباني.

    جبار آزاد منگي
    منگي محلو نصيرآباد
    فون نمبر: 03342779250
    Email: abduljabbarmangi32@gmail.com


    ريڊيو اسڪرپٽ : لفظ هوا ۾ خوشبوءِ

    پهريون حصو

    محترم سامعين:سنڌ جي موجوده تعليمي نظام تي نظر وجھون بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڃا ڏهاڪن کان پراڻو تعليمي نظام هلي رهيو آهي ، اسان جا تعليمي ادارا پرائمريءَ جي سطح کان وٺي مٿي تائين بنيادي جديد سهولتن کان ئي محروم آهن هن وقت سڄي دنيا جي ڪلاسن ۾ ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ملٽي ميڊيا پروجيڪٽر جو استعمال عام آهي نئين ريسرچ ان ڳالھه کي ثابت ڪيو آهي ته آڊيو وڊيو جي ذريعي ڏنل ليڪچر سان شاگردن کي آسانيءَ سان سمجھائي سگھجي ٿو پر افسوس جو ان طرف وڌڻ جي اسان شروعات به اڃا ڪو نه ڪئي آهي تعليم جو مقصد صرف انسان کي صحيح انسان بڻائڻ نه پر ان کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهڙو انسان بڻائڻ آهي جو هو جنهن به شعبي ۾ وڃي اتي پهنجون خدمتون بهتر انداز ۾ ادا ڪري سگھي .ان لاءِ اسان کي پنهنجو تعليمي نظام به جديد ڪرڻو پوندو جنهن سان شاگردن ۾ ريسرچ جو شوق به وڌندو, اسٽيڊي ليول به وڌندي ۽ معلومات ۾ به اضافو ٿيندو.
    *
    محترم سامعين: اسان سڀني سنڌ واسين جو اهوخواب آهي، ته ڌَرتي ڌڻي ڪڏهن خوشحال بَڻبا، صوفين جي هِنَ سر زمين تان بُک، بيروزگاري، بدحالي ۽ بدامنيءَ جو ڪارو پاڇو ڪڏهن هَٽندو، اُهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن اخبارن ۾ اهڙي ڪا به خبر شايع نه ٿيندي، ته اڄ سنڌ جي ڪنهن نياڻيءَ کي ڪاري ڪري ڪُٺو ويو آهي ، اڄ سنڌ جي واڳَ ۽ ڀاڳَ جي اختيار ڌڻين، سنڌ جي وسيلن ۽ دَنگن کي سنڀالي ورتو آهي. اڄ سنڌ ۾ ڪو به قبيلائي تڪرار نه آهي، يقينن اها خواهش هر سنڌ واسيءَ جي آهي ته، اُها سنڌ جنهن جا قِصا اسان جا وڏڙا اسان کي ٻُڌائين ٿا، اُها سنڌ ٻيهر خوشحال بڻجي ۽ ڌرتي ڌَڻي ڌرتيءَ جا وارث بڻجن، ڪنهن به سنڌ واسيءَ جا لختِ جگر انگَ اُگهاڙا ۽ پيٽ بکايل نه رهن، ڪو به مائٽ پنهنجا ٻَچا وڪڻڻ تي مجبور نه ٿئي، اسان سڀني جي اها دِلي خواهش آهي ته، اسان جو وطن اهڙيءَ طرح ئي خوشحال بڻجي، پر اهو سڀ ٿئي ڪيئن؟؟! جو نوجوان نسل 10-10 ڪلاڪ هوٽلن تي ويهي ڪرڪيٽ ۽ فلمون ڏسي، هزارين رُپيا خرچ ڪرڻ ۾ “خوشي” محسوس ڪري ٿو ۽ اسان جا نوجوان مهانگا موبائيل فون سيٽ ، 5-5 هزار رپين جا بُوٽ ۽ سينڊل خريد ڪرڻ ۾ خوشي ٿا محسوس ڪن، جڏهن ته پنهنجي مستقبل لاءِ صرف 100 رپين جو ڪتاب خريد ڪرڻ کي ”وقت جو زيان“ ۽ ”فضول خرچ“ ٿا ڪوٺين. ان صورتحال ۾ اهي قبيلائي جهيڙا ۽ سنڌ جا ٻيا اهم مسئلا ڪيئن ختم ٿيندا ۽ تعليم ڪيئن عام ٿيندي؟؟!
    محترم سامعين:پاڻ وٽ قطار جي تمام وڏي اهميت آهي، گاڏيون سي اين جي ڀرائڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ بيهن ٿيون، اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائڻ لاءِ قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو، يوٽيلٽي اسٽور تي اَٽو وٺڻ لاءِ قطار پوليس جي ڏَنڊن کان محفوظ رکندي آهي، بس اندر قطار ۾ بيهڻ سان کِيسو ڪَٽجڻ کان بچي پوندو آهي، سارين جو رونبو قطار ۾ ڪبو ته، فصل سُٺو لهندو. اسڪولن اندر شاگردن کي پي ٽي استاد قطار ۾ بيهاريندو آهي ۽ ٻاهر پوليس عوام کي قطار ۾ بيهاريندي آهي. قطار ڪڏهن به خود به خود ناهي لڳندي، اُن لاءِ هڪ عدد ڏَنڊي جي ضرورت پوندي آهي، هتي سڀ کان گهڻيون قطارون عوام جون لڳنديون آهي، ڪنهن به شهر ۾ داخل ٿيندي ئي جيڪڏهن توهان کي ڪا قطار نظر اچي، ته پَڪَ سمجهو ته، اهو شهر سنڌ جو آهي، سنڌ جي شهرن جي هڪ سُڃاڻپ قطارون به آهن، پاڻي ڀرڻ لاءِ قطار، امتحاني فارم ڀرائڻ لاءِ قطار، ڀوتارن جي بنگلن تي جرڳا ڪرائڻ لاءِ قطار. جيڪڏهن قطار ۾ نه بيهبو، ته زارو قطار روئڻو پوندو! وڏيرا ۽ ڀوتار به قطار ۾ بيهندا آهن، هاڻ آهستي آهستي قطارون تمام ڊِگهيون ٿينديون پيون وڃن، قطارن جي انهيءَ سلسلي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهجي سوچ ۽ سمجھه جي قطار جوڙڻي پوندي، علم، عقل ۽ فهم جي قطار لڳائڻي پوندي، تڏهن وڃي انهن فالتو قطارن مان اسان جي جِند آجي ٿيندي.
    *
    محترم سامعين:دُنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو انسان هجي، جنهن جي محبت سان شناسائي نه ٿي هجي. شايد ئي ڪو اهڙو انسان هجي، جيڪو اِنڪار ڪري، ته هن محبت ڪانه ڪئي آهي! دُنيا ۾ اهڙا ڪيئي ڪردار ۽ قِصا تاريخ جي بابن ۾ قلمبند ٿيل آهن، جيڪي محبت جي نانءُ تان قُربان ٿي هميشه لاءِ اَمر بڻجي ويا. پر هن دور ۾ محبت جي مفهوم کي ئي تبديل ڪيو ويو آهي. محبت جي پاڪ رشتي کي اهڙو وکر بڻايو ويو آهي، جو هن دور جي محبت جي رشتن، محبت لفظ کي ئي رَنجائي ڇڏيو آهي. هر روز محبت جي نالي تي اخبارن ۾ اهڙا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن، جن اسان جي معاشري جي اصل تصوير کي سامهون آڻي ڇڏيو آهي.اهڙا هزارين واقعا هر روز ٿيندا رهن ٿا، جن جي ڪئميرا ۽ قلم تائين رسائي ناهي، هي اسانجي معاشري جو هڪ اهڙو ڪَڙو سچ آهن، جنهن کي قبولڻ ڪير به گوارا نٿو ڪري. محبت جي پاڪ رشتي کي داغدار بڻائي، ڪيئي نياڻين جون زندگيون جهنم بڻايون وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري اهو آهي ته، اُهي ڇوڪريون جيڪي جذباتن جي وهڪرن ۾ وهي، محبت جي منزل ماڻڻ لاءِ ڪَشالا ڪاٽي، ان سفر تي بي پرواهه ٿي نڪريو وڃن، جنهن جو نه ته ڪو دَڳ آهي ۽ نه ئي ڪا منزل! اهي ڇوڪريون پنهنجا خاندان ۽ گهر فقط ڪيل ڪجهه واعدن عيوض ڇڏي ٿيون ڏين ۽ آخر ۾ اهي ماڻهو، جن لاءِ محبت هڪ مذاق آهي، سي اُنهن نياڻين جون زندگيون نموني برباد ڪن ٿا.
    محترم سامعين:نشو ، ڪرپشن ۽ سفارشي ڪلچر اهي ٽي اهڙيون بيماريون آهن جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن ۾ هجن ته اهو ملڪ ڪڏهن به ترقيءَ جي راهه طرف نه وڌنڌو اسان وٽ انهن ٽنهي بيمارين تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي پراڃان به انهن بيمارين جو دائرو وڌائيو وڃي ٿو، اسان جا وس وارا انهن بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ بلڪل سنجيده نه آهن گٽڪو، سگريٽ، پان ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون نشي واريون شيون اسان جي ماڻهن ۾ ڦهلجنديون وڃن ٿيون خاص طور تي سنڌ جي نوجوان نسل ۾ انهن بيمارين ته گھر ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري اهي پنهنجي مستقبل کي اونداهيءَ طرف ڌڪيندا وڃن ٿا،وري ڪاپي ڪلچر کي ڏٺو وڃي ته استادن يا وس وارن ٻين ادارن جو توجهه بلڪل نه آهي ڪاپي ڪلچر سرعام لڳو پيو آهي شاگردن جا والدين به سرعام پنهنجي ٻارڙن کي ڪاپي ڪرائيندا آهن تعليم جي اهڙي تباهي جي ڪري نوجوانن ۾ قابليت نه هجڻ جي برابر ٿئي ٿي جڏهن ته صرف ڊگريون کڻي اسان جو نوجوان طبقو پرائيوٽ سيڪٽر ۾ پاڻ مڃائي نٿو سگهي جنهن جي ڪري هو صرف سرڪاري نوڪري تي ڀاڙي ٿو ۽ سرڪاري نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ڇا اسان جي معاشري ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته پرائيوٽ نوڪريون ڪيتريون آهن ۽ اسان جا نوجوان گورنمينٽ جي نوڪري جي گھڻي تلاش ۾ هوندا آهن آخر ڇو؟ جيڪڏهن اسان جي نوجوانن ۾ سٺي تعليم هجي ته شايد ڪڏهن به بيروزگار نٿا ويهي سگهن.
    *
    محترم سامعين:رمضان المبارڪ اچي چڪو هيو. هڪ ڏينهن حضرت حبيب ڪريمﷺ فرمايو : ” اوهان مٿان برڪتن وارو مهينو اچي چڪو آهي . ان ۾ الله اوهان کي غني بنائي ٿو . رحمت نازل ڪري ٿو ، گناهه بخشي ٿو ، دعائون قبول ڪري ٿو . الله اوهان ڏانهن رحم جي نظر سان نهاري ٿو . اوهان کي ڏسي فرشتن تي خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو . اوهان به ان ماهه ۾ الله جي خاطر چڱا ڪم ڪيو . بد بخت آهي اهو جيڪو هن ماهه ۾ به الله جي رحمت کان محروم رهيو. رمضان جواهل دل ۽ اولياءِ ڪرام سال جي ٻارهن مهينن ۾ مثال ائين ڏنو آهي جيئن حضرت يعقوب عليه السلام جا ٻارهن پٽ هئا . سڀني ۾ سهڻو ۽ پيءُ جو پيارو حضرت يوسف عليه السلام هيو . ان طرح سال جي مهينن ۾ الله وٽ سهڻو ۽ پيارو رمضان آهي . جيئن يارهن ڀائرن جي خطائن کي يوسف جي سفارش جي صدقي بخشيو ويو تيئن يارهن مهينن جون خطائون رمضان جي عبادت جي صدقي بخشيون وڃن ٿيون .
    محترم سامعين:انسان جي ٻنهي هٿن جو جڏهن پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي، هٿ جون تَريون هڪٻئي سان زور سان جڏهن ٽڪرائجنديون آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪو آواز نڪرندو آهي، ان کي تاڙِي چوندا آهن. تاڙيون وَڄنديون به آهن ۽ وَڄرائبيون به آهن، ملاکڙي ۾ ڪمنٽري ڪندڙ همراهه کي جيڪڏهن ڪو رئيس يا وڏيرو سئو جو نوٽ ڏيندو آهي، ته ان لاءِ اتي بيٺل ماڻهن کي ڪمنٽيٽر هَڪل ڪري چوندو آهي، ته وڄايو تاڙي! عورتون سهرا ڳائيندي تاڙيون وڄائينديون آهن، ڪي ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي تاڙيون وڄائيندا آهن، اديب ماڻهو جيئن لکڻ مهل سوچيندو آهي، تيئن تاڙي وَڄائڻ مهل به سوچي سوچي تاڙي وڄائيندو آهي، تاڙيءَ سان مڇر ماري سگهجي ٿو، هٿ جي تَري جيڪڏهن ڪنهن جي ڳل سان زوردار ٽڪرائجي، ته ان جي نتيجي ۾ به تاڙيءَ جو آواز ايندو آهي ۽ اها تاڙي پراڻي دور ۾ماستر اسڪولي ٻارن جي ڳلن تي وڄائيندا هئا ۽ هاڻ پوليس وارا چور جي منهن تي وڄائيندا آهن ۽ اها تاڙي ڪڏهن ڪڏهن عاشق به پنهجي محبوب هٿان کائيندي نظر ايندا آهن. جتي به تاڙين جو زوردار آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ته پڪ سمجھو اتي ڪو نه ڪو تماشو ٿي رهيو آهي.
    *
    محترم سامعين:هن اسريل دنيا جي جديد زندگي مان جيتوڻيڪ اڪثر ماڻهن جون خواهشون پوريون ٿي رهيون آهن. پر هي ئي زندگي اڳ جي ڀيٽ ۾ اسان جي برداشت سگهه کي ڪمزور ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪاوڙ هميشه اسان جي ڪنڊي تي چڙهيل رهي ٿي، برطانوي يونيورسٽي جي ڊاڪٽرياڻي سينڊي مين چيو آهي ته ڪو زمانو هو جڏهن جارحيت پسندي اسان کي زنده رکڻ لاءِ ضروري هئي ۽ اها شئي اڄ به اسان جي ذهنن ۾ اٽڪيل آهي. پر اها ئي جارحيت جيڪڏهن بي مقصد هجي ته ان مان فائدي بدران نقصان جو خطرو هوندو آهي. اهڙي ”اجائي“ جارحيت جي ڪري اسان ننڍڙين ڳالهين تي هڪ ٻئي سان اٽڪي پوندا آهيون، مثال ڊاڪٽر سان ملاقات لاءِ گهڻو انتظار ڪرڻ، ڪمپيوٽر جي ڊيٽا اڃا سيوِ ئي نه ڪئي هجي ۽ اوچتو بجلي هلي وڃي يا وري ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پوڻ وقت ته اسان پنهنجي هوش مان ئي نڪري وڃون
    ٿا. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪاوڙ جيڪا اسان جي روزاني جي بقا لاءِ اهم حيثيت رکندي هئي اها هاڻي ننڍڙين ڳالهين تي به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ لڳي آهي. هن چيو شايد اسان کي آرام ۽ سک واري زندگي خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سطح تائين پهچائي ڇڏيو آهي جو جيڪڏهن ڪا شئي ٿوري به اسان جي اميدن پٽاندڙ نه آهي ته اسان توائي کائڻ لڳون ٿا ۽ صبر توڙي سهپ ختم ٿيو وڃي.
    محترم سامعين:اسين موجوده حالتن ۽ زماني ۾ پنهنجي سماج ۾ ڏسون ٿا ته هتي ماڻهو دولت ۽ اقتدار کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ناجائز عمل ۾ مبتلا آهن جو انهن جي خواهشن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جائيداد ۽ دولت جي امتياز ۽ فرق ۾ انهن کي ڪو اطمينان ۽ خوشي آهي.؟ ڇا انهن جي زندگي هڪ اهڙي ڊوڙ ناهي جنهن جي ڪا منزل ناهي۽ جنهن جي نتيجي ۾ اها زندگي ٿڪجي هارجي پنهنجو پساه پڄاڻي تي پهچائي ٿي. ۽ ٻئي طرف اهي به انسان آهن جيڪي انتهائي غربت ۽ مفلسي جا شڪار آهن ۽ محرومين سان زندگي گذاري رهيا آهن. انهن جي زندگي ۾ تمام گھٽ خوشي ۽ مسرت جا لمحا اچن ٿا، پر انهن ۾ همٿ آهي ۽ همٿ اهو جذبو آهي جنهن سان جبل به اڳيان ٽري ويندا آهن.
    *
    محترم سامعين:زماني جا به عجب رنگ ٿي ويا آهن، هر شيءِ بدلجي ويئي آهي. زماني جي بازار ۾ هاڻ ماڻهو به ساڳيو نه رهيو آهي، زندگيءَ جي ڊائري بدلجي وئي آهي. محبتن جا معيار نيلام ٿي نفرتن جو روپ ڌاري ويا آهن، ڪو وقت هوندو هو، جو برپٽ مان به جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو گذر ٿيندو هو، ته هو جهنگلي جانورن کان هراسجي منزل طئي ڪندو هو. اهڙي موقعي تي هراسيل ماڻهو اچي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسندو هو، ته دل باغ بهار ٿي ويندي هئي، پر اڄ معاملو ان جي ابتڙ آهي. ماڻهو جڏهن به گهر کان ٻاهر ويندو آهي يا سفر طئي ڪري گهر موٽندو آهي، ته هو پريشان ٿيندو آهي. اها حقيقت آهي ته، هن دور جي ماڻهن کان ماڻهپو وڃائجندوپيووڃي. جنهن به پاسي ڏسو، ڦُرلٽ ۽ قتل و غارت جاري آهي. انساني احساس وڃائجي ويا آهن، ڪنهن جو خُون ڪرڻ ۽ ڪنهن جي قيمتي جان وٺڻ آسان ٿي ويو آهي. روز مائرن کان پُٽڙا، ونين کان ور ۽ ڀيڻن کان ڀائر بي درد سماج جي هٿان بيڏوهه قتل ٿين پيا. حيرت آهي اسن خاموش تماشائي بڻيل آهيون، ڦُرلٽ ۽ قتل و غارت جا واقعا صرف ان ڪري پيا ٿين، جو اسان جا رکوالا خاموش تماشائي بڻيل آهن، حيرت آهي جو رکوالا خود چورن، ڌاڙيلن ۽ ڦورن کي”فري هينڊ“ ڏيئي رهيا آهن.. اسان جو سماج برائيءَ جي باهه ۾ سڙي پيو پر ڪو به ڪُڇڻ وارو ڪونهي. غريب ڏينهن ڏٺي جو ان ڪري ڦُرجي پيو، جو قانون نافذ ڪندڙ ادارا به ڏوهارين جا ساٿاري بڻيل آهن. مطلب ته چوڪيدار خود چور هجن ته باقي ميار ڪنهن کي ڏجي؟! ان ڪري اچو ته پنهنجي ماڻهن جي مالڪي پاڻ ڪريون،جي اسان ائين ڪري وڌو ته هر صبح اسان جي سک جو سج اڀاريندو.
    محترم سامعين:ڪنهن ڏاهي چيو ته، مسئلا هوندا آهن حل ٿيڻ لاءِ، ڪيڏو به وڏو مسئلو هجي پر ان جي حل لاءِ سنجيدگي سان سوچبو ته نيٺ اهو حل ٿي ويندو. ٻارن جي پڙهائيءَ جو مسئلو کين اسڪول موڪلڻ سان حل ٿيندو، بيمار جو مسئلو ڊاڪٽر حل ڪندو، جي ڪو پوليس جي چڪر ۾ ڪيسن ۾ ڦاٿل هجي، ته اهو ڪنهن سٺي وڪيل سان رجوع ڪري، گرميءَ ۾ پَکو هلائي ان جي سامهون ويهي پگهر سُڪائي سگهجي ٿوپر جي بجلي هجي. مڇرن کان بچڻ لاءِ مڇرداني بهترين حل آهي. سوين مسئلا آهن ۽ انهن جا هزارين حل آهن پر سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته، آخر اها سوچ ڪٿان اچي، جيڪا مسئلا حل ڪندڙ هجي؟ اسان جو اهو ته مسئلو آهي ته سوچي ڪير؟! ننڍي کان ننڍا مسئلا اسان لاءِ ناسور بڻيل آهن، شهرن جا گَٽر نالا ٻار ڳڙڪائي سُڃَ ڪري ويا آهن، سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڳوليو نٿا لڀن، ڪيترائي اُستاد اسڪولن مان “اُستادي” ڪري غائب آهن، پوليس وارا رات جو جهنگ ۾ ۽ ڏينهن جو سُڃَ ۾ رهن ٿا. بجلي غائب، گئس گُم، ايترو ڪجھه هجڻ جي باوجود، اسان جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي چُري. لڳي ٿو ته، اسان انهن سڀني مسئلن مان خوش آهيون، جي اسان کي ڪا تڪليف هجي ها، ته ضرور ڪا دانهن ڪُوڪَ ڪريون ها.
    *
    محترم سامعين:الائي ڪنهن چيو ته، کلڻ سان رَت وڌندو آهي. کِلَ جهڙي ڪا ٻي خوراڪ ئي ناهي. مون چيو ته، پوءِ رَتَ جي ڪميءَ وارن مريضن کي بجاءِ رَتَ لڳائڻ جي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ گهرجن. خوراڪ مان ڳالھه ياد آئي ته، هر سال خورڪ کاتي وارا هزارين مڻ ڪڻڪ کُليل آسمان هيٺ اُڇلائي هليا ويندا آهن، جنهن کي اُس ۽ برساتون کائي وينديون آهن ۽ اسين کائڻ لاءِ کلندي کلندي اٽو پنجاهه روپيا ڪلو وٺي رهيا آهيون. کِلڻ جو هر ماڻهوءَ جو پنهنجو انداز آهي، ڪي ماڻهو آرام سان کلندا آهن ۽ کلندي کلندي آرام پڻ ڪندا آهن، جن ۾ اديب ۽ دانشور شامل آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو کلي کلي کيرو ٿي وڃي، ته پڪ سمجهو اهو ماستر آهي، ماستر پڙهائڻ کان سواءِ ٻيا سمورا ڪم کلندي کلندي ڪندو آهي، شاديءَ کان پهرين کلڻ تمام آسان هوندو آهي، جڏهن ته شاديءَ کان پوءِ کلڻ هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندو،کلندي کلندي رشوت ڏيندا آهيون، کلندي کلندي بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ سهندا آهيون، اسان کان اسان جو سڀ ڪجھه کسجي پيو، تعليم کسجي پئي، پاڻي چورايو پيو وڃي، شهرن ۾ اسان اوپرا ٿيندا پيا وڃون پر اسان کلڻ ۾ پورا آهيون. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اسان وايون بتال ڪري کلندا رهياسين، ته هڪ ڏينهن سموري دنيا اسان مٿان کلندي.
    محترم سامعين:چيو ويندو آهي ته، ڏُک ۽ سُک زندگيءَ جو حصو آهن، هر انسان تي ڏُکن ۽ سُکن جو بادل زندگيءَ ۾ ضرور اچي ٿو، پر اسان وٽ سُک شايد وڏن ماڻهن جي نصيب ۾ ئي لکيل آهن. هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾، جڏهن باقي دنيا ترقيءَ جون نيون منزلون طئي ڪري رهي آهي، اتي اسان جا علائقا بنيادي انساني سهولتن کان به محروم آهن. پاڻي، بجلي، گئس، روڊ رستا، صحت جون بنيادي سهولتون هر انسان جون بنيادي ضرورتون آهن، اسان وٽ هڪ ته روڊ ۽ رستا تمام گهٽ آهن ۽ جيڪي اَڀرا سَڀرا آهن، تن تي سفر ڪرڻ آسان ڪونهي، بيمار ماڻهو ته هڪڙي پاسي پر هڪ صحتمند ماڻهو به اسان جي روڊن رستن تي سفر ڪري بيمار ٿي پوي ٿو، ايمرجنسيءَ ۾ ڪنهن ڳوٺ توڙي شهر کان اسپتال تائين پهچڻ ۾ روڊن ۽ رستن جي انتهائي خراب حالت هجڻ ڪر ڳورهاري عورتن کي تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي، ڪيتريون ئي عورتون وقت سر اسپتال نه پهچڻ جي ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جون حياتيون وڃائي ويهن ٿيون. خدارا! روڊ ۽ رستا جو اهم ذريعو آهن، سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جا اهي روڊ رستا جيڪي انتهائي خراب حالت ۾ آهن، تن جي هنگامي بنيادن تي مرمت ڪرائي وڃي، ته جيئن عوام کي بهتر سفري سهولتون ڏنيون وڃن.
    *
    محترم سامعين:فائر برگيڊ جنهن کي ايمرجنسيءَ واري گاڏي به چيو ويندو آهي، جيڪا باهه کي وسائڻ لاءِ گورنمينٽ طرفان هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڏني ويئي آهي پر اسان وٽ اهي گاڏيون وڏيرن ۽ ميونسپل جي عملي جي اوطاقن، ميلن ملاکڙن، پارڪن ۽ راندين جي گرائونڊن ۾ پاڻيءَ جي ڇِڻڪار جي ڪم ۾ ڏٺيون ويون آهن، جيڪڏهن ڪٿي اچانڪ ڪا باهه لڳي وڃي ٿي، ته پوءِ اها گاڏي سياسي ڪاموري جي حڪم سواءِ نه چُرندي پوءِ ڪيتري به ايمرجنسي ڇو نه هجي. فائر برگيڊ عملي وارا مختلف سبب ڄاڻائي وقت تي نه پهچندا آهن. جيڪڏهن پهچندا آهن ته، اهو به سياسي ۽ سرڪاري ڪامورن جي فون کان پوءِ! غريب ماڻهن جا ڳوٺن جا ڳوٺ سڙي ويندا آهن، پر انتظاميا جا آفيسر پنهنجي ڪرسي بچائڻ جي ڪري ڪو نه ڪو بهانو ڪري غريب ماڻهوءَ کي موٽائي ڇڏيندا آهن پر ڪنهن وڏيري جي گند گاهه کي باهه لڳندي آهي يا ڪو سياسي جلسو هوندو آهي، ته اها ساڳي گاڏي وڏا وڏا ايمرجنسيءَ وارا سائرن وڄائي ماڻهن کي پريشان ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن غريب جي ڪکاون گهرن کي باهه وڪوڙي وڃي، ته به اسان جي انتظاميا ستل هوندي آهي. وس وارن کان اُها گهر آهي ته، يا ته هن گاڏيءَ تان فائر برگيڊ جو نالو هٽائي “ڀوتار برگيڊ” رکيو وڃي يا وري هن گاڏيءَ کي غريبن جي سڙندڙ ڪکاون گهرن تائين وقت سر پهچايو وڃي.
    محترم سامعين:ٻيون موسمون ڀلي ڪنهن جي به حق ۾ هجن پر اونهاري جي موسم واپڊا وارن جي آهي. سيارو سوئي گئس وارن جي موسم آهي، جڏهن ته، عيد جي موسم دڪاندارن ۽ درزين جي هوندي آهي، پر افسوس جو غريب عوام جي ڪابه موسم نه آهي، جيئن واپڊا جا عملدار اهڙن قسمن جا خرچ ڪڍڻ لاءِ اُونهاري جو انتظار ڪندا آهن، هينئر گرميون زورن تي آهن، واپڊا وارا ميدان ۾ لٿل آهن،ظلم جي انتها هي آهي ته پاڙن جا پاڙا اوندھ ۾ آهن،انهن جا ٽرانسفارمر ئي بند ڪيا وڃن ٿا،چوڻ وارا چون ٿا ته سولر انرجي جون پليٽون ٺاهڻ وارن ۽ هنن آفيسرن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت آهي ته جيئن بجلي جو بحران پيدا ڪري،سولر سسٽم جي وڪرو ۾ تيزي آڻي سگهجي. سنڌ جو هر ٽيون ماڻهو واپڊا خلاف سندرو ٻڌي سراپا احتجاج آهي. بنيادي طور تي ڪو به کاتو خراب نه هوندو آهي، پر کاتي جي ڪارڪردگيءَ تي چند ڪارين رِڍن جي ڪري ئي آڱريون کَڄنديون آهن، سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ انيڪ مسئلا پيدا ڪري ماڻهن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي،ٻي طرف وري ايئر ڪنڊيشنڊ غير قانوني طور هلارائي عملدار جاوا ڪري رهيا آهن ۽ چوري واري بجلي جا اضافي يونٽ ميٽر وارن جي مٿي ۾ هڻي انهن لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪري رهيا آهن.
    *
    محترم سامعين:سنڌ ٻين انيڪ مسئلن ۾ گهيريل آهي، انهن مسئلن مان ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو به تمام سنگين ٿي ويو آهي. خاص ڪري اسان جا اتر وارا علائقا انهن بيڪار ريتن ۽ رسمن مان پنهنجي جِند آجي نه ڪرائي سگهيا آهن. سنڌي ميڊيا، جتي سنڌ جي ٻين مسئلن تي اڳڀري رهي آهي، اُتي ان جو ڪردار ڪارو ڪاريءَ جي اهم مسئلي تي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان به اهم ڪم رهيو آهي، ان ۾ نه صرف اليڪٽرانڪ ميڊيا پر پرنٽ ميڊيا به خاص نڀايو آهي. ميڊيا تي ڪارو ڪاريءَ جي حوالي سان هليل مختلف ڊاڪيومينٽريز ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مضمون، ان ڏس ۾ انتهائي اهم آهن، جن ۾ ٻڌايل ۽ ڏيکاريل آهي ته، اسان جهالت جي ڪهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل آهيون، دراصل هي اهو مسئلو آهي، جيڪو سنڌ کي اندران ئي اندران اُڏوهيءَ جيان کائي رهيو آهي. ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌي رسم سبب هزارين نياڻين کي غيرت جي نالي تي قتل ڪري موت جي ابدي ننڊ سُمهاريو ويو آهي. سنڌ جي ٻين مسئلن جيان هيءُ به هڪ ٻرندڙ مسئلو آهي، جنهن ۾ هر روز ڪنهن نياڻيءَ کي ڪاري ڪري ڪُٺو ويندو آهي، دراصل ان جو اهم ڪارڻ جهالت آهي، ماڻهن ۾ سجاڳيءَ جو نه هجڻ آهي.
    محترم سامعين:سالن کان ملڪ دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سَڙي رهيو آهي. ٿوريءَ ساهيءَ بعد دهشتگرد نمودار ٿي بم ڌماڪن ۽ آپگهاتي حملن ذريعي انسانيت جو قتلام ڪري رهيا آهن. عوام سان گڏ عوام جا نمائندا به محفوظ ناهن، هر طرف دهشت وارو ماحول آهي، ڪڏهن مذهبي فرقيواريت ذريعي، ته ڪڏهن لساني بنيادن تي سڄي ملڪ ۾ دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ظاهر آهي ته انهن دهشتگردن وٽ هٿيارن جو به ذخيرو آهي، ۽ دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا ٿين به وڏن شهرن ۾ ٿا، ته ڀلا اهو اسلحو ۽ بارود شهرن تائين ڪيئن ٿو پهچي؟ جڳهه جڳهه تي چيڪ پوسٽون آهن ، تن جي موجودگيءَ ۾ اهو موت جو سامان ڪيئن آسانيءَ سان شهرن تائين پهچي وڃي ٿو؟ منهنجي خيال ۾ هڪ سازش تحت ملڪ کي اندران ئي اندران ڪمزور ڪرڻ جون سازشون جاري آهن، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سڀ کان پهرين دهشتگرديءَ جي واقعن ۽ انساني قتلام کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اسلحي ۽ بارود جي آسان بڻيل سپلاءِ کي روڪجي، ملڪ کي اسلحي کان پاڪ ڪري انهن شرپسندن ۽ دهشتگردن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
    *
    محترم سامعين:اسان وٽ ٻين مسئلن جيان بيروزگاري به انتهائي ڳنڀير مسئلو بڻجي ويو آهي. ملڪ جا نوجوان مختلف ڊگريون هجڻ جي باوجود به آفيسن جي دَرن جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، ليڪن روزگار نالي ڪا شئي موجود ئي نه آهي، ڪي نوجوان روزگار جي تلاش ۾ ٿڪجي مايوسيءَ وچان خودڪشيون ڪري رهيا آهن، اسان وٽ ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ روزگار جا موقعا تمام گهٽجي رهيا آهن، جنهنڪري بيروزگاريءَ ۾ اضافو پڻ ٿي رهيو آهي، حڪومت بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ جي پابند آهي، انهيءَ جي باوجود به ، روزگار وري منظورِ نظر ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، ۽ روزگار جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، وس وارا هن طرف ڌيان ڏيئي سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ ملون لڳائي بيروزگارن کي روزگار مهيا ڪن يا وري بيروزگارن کي ”بيروزگاري الائونس“ ڏنو وڃي، ته جيئن اسان جي بيروزگار نوجوانن مان مايوسي ختم ٿئي .
    محترم سامعين:الله تعاليٰ جي رحمت عنايت سخاوت جا سڀ دروازا رمضان ۾ کلي پوندا آھن . رمضان جو ھر ڏينھن بابرڪت ۽ ھر رات باعظمت آھي . هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ شرير شيطان قيد ڪيا ويندا آهن . جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن . جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن . رمضان ۾ مؤمنن جي روزي ڪشادي ڪئي ويندي آهي . رمضان جو پھريون ڏھو رحمت آھي ٻيو ڏھو مغفرت آھي ٽيون ڏھون جھنم جي باھه کان آزادي آھي . رمضان ۾ ھڪ رات آھي جيڪا ھزار مھينن کان افضل آھي. رمضان جنھن ۾ قرآن نازل ٿيو . رمضان جنھن ۾ جنگِ بدر جو “ يوم الفرقان ” آيو . رمضان جنهن ۾ مڪو پاڪ فتح ٿيو .ڪنھن قوم کي ۽ ڪنھن نبيءَ جي امت کي رمضان ڪونه مليو جيڪو سھڻي سردار جي صدقي اسان کي عنايت ٿيو آھي . خوشبخت آھن اُھي ، جن کي رمضان جي قدر سڃاڻڻ جي توفيق ملي.
    *
    محترم سامعين:قومي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ لائبريريون اهم ڪردرا ادا ڪن ٿيون. جنهن ڪري ڪنهن به ملڪ جي قومي تعمير لاءِ جڏهن به ڪا منصوبابندي ٿيندي آهي، ته لائبريرين جي تعمير جو ذڪر سڀ کان پهرين ٿيندو آهي، لائبريرين مان علم جو شوق رکندڙ، علم حاصل ڪندا آهن، لائبريرين جي ذريعي ئي علم ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون اعليٰ تعليم جو اهڃاڻ هوندا آهن، جتان شاگرد پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري ٿو، شاگرد اتي داخلا وٺڻ کانپوءِ لائبريريءَ ڏانهن رُخ ڪري ٿو، سنڌ ۾ هن وقت ڪنهن به ڪاليج ۾ اهڙي ڪابه مڪمل لائبريري ناهي، جيڪا اُستادن توڙي شاگردن جون علمي، تدريسي ۽ تحقيقي گُهرجون پوريون ڪري سگهي، اڪثر لائبريرين ۾ ڪتابي مواد جي کوٽ آهي، تحقيق کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحقيق کان واقف ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ڪاليج ۾ جديد طرز تي ڊجيٽل لائبريري موجود ناهي. ايڪيهين صديءَ کي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور چيو وڃي ٿو، دُنيا جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو اهم ڪردار آهي، ضرورت ۽ اهميت کي سمجهندي، ترقي پذير ملڪن ۾ تعليمي شعبن سان جيڪي به لائبريريون منسلڪ آهن، انهن به پنهنجي خدمت ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ کي شامل ڪيو، نتيجي ۾ ماڻهن کي سٺي ۽ مطلب واري خدمت ميسر ٿئي ۽ لائبريرين کي جوڳي پذيرائي ملي.
    محترم سامعين:سنڌ ڪيترن ئي معدني ذخيرن سان مالامال آهي. جن مان سرفهرست ٿر جا ذخيرا آهن. ٿر جي شهر اسلام ڪوٽ ۾ جيالاجيڪل سروي آف پاڪستان، 1991ع واري پنهنجي سروي ۾ هتي ڪوئلي جي گهڻي مقدار ۾ موجودگيءَ جي رپورٽ ڏني. جنهن بعد ڪم شروع ٿيو ۽ هتي موجود ذخيرن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ٿر ۾ تقريبن 9100 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي دنيا جو چوٿون وڏو ذخيرو سمجهيو وڃي ٿو. 175 بلين ٽن Lignite B ڪوئلو هتي موجود آهي، هن قسم جي ڪوئلي جي مدد سان الڪٽرڪ اسٽريم ٽربائين هلائي سگهجن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ گيسي فڪيشن پروسيس جي ذريعي هن ڪوئلي کي پاڻياٺ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. جنهن مان ايٿينول،جيٽ فيول،ڊيزل،پيٽرول،پيرافين ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيميڪل ٺاهي سگهجن ٿا. ڪيترائي ملڪ هن قسم جي ڪوئلي جي مدد سان بجلي پيدا ڪن ٿا. جن مان سڀ کان اڳتي ميڪڊونيا آهي، جيڪو 78 سيڪڙو بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪري رهيو آهي. يونان، بوسينيا، پولينڊ، رومانيا، ترڪي ۽ جرمني به هن ئي قسم جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪن ٿا. ملڪ بجليءِ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٿر ڪول پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري، عوام جي تقدير بدلائي وڃي. جيڪڏهن ٿر ڪول پراجيڪٽ شروع ٿيو، ته ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا، ۽ اسان جي ملڪ جي معيشت بهتر ٿيندي. اسان وٽ سڀ وسيلا موجود آهن پر هتي ضرورت آهي فقط نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪرڻ جي.
    *
    سائين منهنجا:چوندا آهن ته قسمت تي ڪنهن جو وس ناهي هلندو.اسان کي خبر ئي ناهي ته سڀاڻي قسمت اسان جي جهوليءَ ۾ ڇا وجهندي؟ گل هوندا يا ڪنڊا؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ ڪڏهن ۽ ڪٿي ائين به ٿيندو آهي جو اسان پنهنجو سمورو جيون ۽ زندگيءَ جو سمورو سفر ڪنهن کي ارپي ڇڏيندا آهيون ۽ وفائن جا واعدا ڪندا آهيون.اسين هڪٻئي کي سندر سپنن جون ساڀيائون ڏيندا آهيون ۽ اسين ئي هڪ ٻئي کي روشني ڏيندا آهيون ۽ اها روشني هر انسان کي جيئڻ جو احساس ڏيندي آهي،جيڪو احساس حقيقي منزل تي پهچائيندو آهي.سائين منهنجا جڏهن عشق اچي اندر ۾ ديرو ڄمائيندو آهي تڏهن سڀ اميدون پوريون ٿيندي نطر اينديون آهن،ڇو ته عشق انهن وٽ ئي مهمان ٿي ايندو آهي جن جو من ساگر کان به وڏو ۽ گهرو هوندو آهي.
    محترم سامعين:رمضان شريف جي ڀلاري مهيني دوران لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي ۽ مهانگائي ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جتي سڄي ملڪ کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو آهي،اتي ماڻهو رليف ماڻڻ کان مڪمل طور محروم آهن، رمضان شريف ۾ مهانگائي جو اهو عالم آهي جو ماڻهو ويچارا ميون ڏانهن ته نظر به ڦيري نه ٿا سگهن ڇاڪاڻ ته عام واهپي واريون شيون جيڪي رمضان کان اڳ به غريب يا مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي قوت خريد کان مٿي هيون انهن شين جا اگهه هاڻي وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن , مهانگائي ۾ واڌ سبب ماڻهو ميون کائڻ کان محروم بڻجي ويا آهن، جيڪا ڳالهه هڪ مسلمان معاشري لاءِ ڪنهن به ريت قبولڻ جوڳي نه هجڻ گهرجي پر اسان وٽ ته سڄو نظام ئي چٽ لڳو پيو آهي، اسلامي سماج جو بنياد مڪمل رليف تي ٻڌل آهي جنهن جو ڀرپور مظاهرو رمضان شريف کان ويندي ٻين مذهبي ڏڻن تي ٿيڻ گهرجي پراسان وٽ عوام کي رمضان جو رليف نٿو ملي ته وري اسان به ان سنجيده معاملي تي چپ آهيون جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته شايد اسان هاڻ ڏئي وٺي بيهي رهيا آهيون ۽ سڀ ڪجهه نصيب سمجهي برداشت ڪري رهيا آهيون.
    *
    محترم سامعين:رمضان لفظ رمضاءَ مان ورتل آھي . سخت گرمي ۾ جڏهن پٿريون گرم ٿينديون آهن ان کي رمضاءَ سڏيو ويندو آهي . جڏهن عربن مهينن جا نالا پي رکيا ته ان وقت سخت گرمي جي موسم هئي ان ڪري هن ماهه کي رمضان سڏيائون . ٻين چيو ته رمضان رمض مان ورتل آهي رمض جي معنيٰ آھي ساڙڻ يا جلائڻ رمضان به ٻانھي جي گناھن خطائن کي ساڙي جلائي ڇڏي ٿو. رمضان لفظ ۾ پنج اکر آھن. ر ــــ مان مراد آھي رحمت . م ـــ مان مراد آھي مغفرت .ض ـــ مان مراد آهي ضمانت . ا ـــ مان مراد آهي الفت .ن ــ مان مراد آهي نعمت ۽ نورانيت . ر ــ سان رياضت ڪيو رحمت حاصل ڪيو . م ـــ سان محنت ڪيو مغفرت حاصل ڪيو . ض ــ ضمانت وٺو جنت جي .ا ـــ سان عبادت ڪيو الله جي الفت ماڻيو.ن ـــ سان نياز ڪيو رب وٽان نعمت ۽ نورانيت حاصل ڪيو
    طَبرانِي اوسَط ۾ حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنھ کان روايت آھي رسول الله ﷺفرمايو ته: “ جنت ھڪ سال کان ٻئي سال تائين رمضان لاءِ سينگاري وڃي ٿي . پوءِ جڏھن رمضان داخل ٿئي ٿو ته جنت عرض ڪري ٿي : اي الله پنھنجي ٻانھن کي ھن ماه ۾ مون ۾ رھڻ وارو بناءِ .”
    محترم سامعين:اسانجا گهڻا دوست مختلف ٻولين جي لفظن کي استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي لفظن کي اُچارڻ ۾ عار محسوس ڪندا آهن. شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف سرڪار جي ٻولي ۽ ڊاڪٽر گربجشاڻيءَ جي لکڻي، جنهن ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنل آهي، کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي جُڙڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ کان اڳ يا پوءِ ايجاد ٿيل شين جا نالا، ٻوليءَ مان خارج نٿا ڪري سگهجن، ليڪن ان جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ ٽيليفون (دُورگو)، ٽيليويزن (ڏورنما)، سائنس (تجرباتي علم)، بِلُ (حسابي فردي) سائيڪل (پيرڙي) گلاس (بلوري برتن)، بئروميٽر (هوا پيما)، مشين (ڪَلَ)، بلب (قمقمو)، ريفريجريٽر (سرد خانه)، بئنڪ (ساهوڪاري) وغيره. جيڪڏهن مروج سنڌي لفظن کي اصل شڪل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ته نئين نسل کي اُن جي ڄاڻ رهندي. مثال طور، بوٽ کي (جُوتو)، سُوٽ کي (جوڙو)، بونس کي (ساليانو انعام)، بينر کي (جَهنڊو)، بزنس کي (ڪارونهوار)، بيگ کي (ٿيلهو)، ٽئڪس کي (محصول)، بئراج کي (بند)، قميض جي بٽڻ کي (ٻِيڙو)، فيشن کي (رواج)، ماڊل کي (نمونو)، لَنچ کي (مانجهاندو)، وارنٽ کي (اجازت نامه)، نوٽيس کي (اطلاع)، بيلٽ کي (راءِ شماري)، بونٽ کي (مشين جو) ڍڪڻ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
    *


    ٻيو حصو

    محترم سامعين:سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ حسد آهي،ڇاڪاڻ ته حسد هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جنهن کان مشڪل سان ڪو آجو هوندو،حسد اها باھ آهي جيڪا صرف ئي صرف ان هنڌ کي ساڙي ٿي جتي اها ٻري ٿي،حسد نيڪين کي ائين ساڙيندو آهي جيئن باھ سڪل ڪاٺ کي،حسد ڪرڻ واري جي سوچ،سمجھ ۽ عمر به ٿوري ٿيندي آهي ۽ ها!حسد ڪرڻ واري کي ڪو به پسند ناهي ڪندو،هر ڪو ان کان نفرت پيو ڪندو، ڇو ته حسد واري جي زبان مان ڪڏهن به همدري،پيار۽ ڀلائي وارا ٻول ناهن نڪرندا.حسد واري ڪرڻ واري جي دل ۾ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ احساس ناهن هوندا ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ احساس ناهن،اهي ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن.اهڙا ماڻهو ڪنهن به ڀروسي لائق نه هوندا آهن. سياڻن ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته بيڪار گفتگو ڪرڻ بدران زبان کي بند رکڻ ۾ ئي عقلمندي آهي.اها زبان ئي آهي جيڪا انسان کي اس ۾ به ويهاري ۽ ڇانوَ ۾به.اسان جيڪڏهن مٺا ٻول،همدرديءَ جهڙا جذبا پنهنجي دل ۾ رکنداسين ۽ انهن جو اظهار ڪنداسين ته موٽ ۾ اسان کي به اهڙا ئي جذبا ملندا.
    محترم سامعين:ٻارن جون موڪلون شروع ٿيندي ئي مائرن جي ڳڻتي وڌي ويندي آهي ته ٻارن کي ڪهڙي طرح مصروف رکجي جيئن انهن جون موڪلون سجايون ٿين. هن تعليمي وقفي دوران انهن جي معمولات ۾ ڪنهن طرح توازن رکيو وڃي جيئن اهي پنهنجي روٽين کان بلڪل هٽي نه وڃن ۽ موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ اسڪول وڃڻ توڙي ٻين معاملن ۾ ڏکيائي نه ٿئي. ماءُ جي هنج کي پهرين درسگاهه سڏيو ويندو آهي. پراڄ اڍائي سالن جي ٻار جي ماءُ به ان جي موڪلن ۾ ڪنهن اهڙي اداري جو ڳولا ۾ نظر اچي ٿي جتي هوءَ پاڻ به بي فڪر ٿي وڃي ۽ ٻار جو وقت به سٺو گذري وڃي. يعني زماني جي بدلجندڙ ريت ٻار کي اڍائي سالن جي عمر ۾ ئي ماءُ کان پري ڪري ورتو آهي.جڏهن هنن معصومن ۾ موڪلن جي بهاني گهر ۾ رهڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ته ان کي سمر ڪيمپ جي نالي تي پاڻ کان ۽ گهر کان پري ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن هن وقت کي غنيمت سمجهي ٻارن جي واندڪائي کان ڊڄڻ بدران ان کي پنهنجي صلاحيت سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهو ٻارن جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجھه لاءِ انتهائي فائدي وارو ثابت ٿيندو، هنن ڏينهن ۾ ٿورڙو وقت ۽ توجهه ڏئي ٻارن کي عملي استعداد وڌائڻ لاءِ راغب ڪري سگھجي ٿو. جيڪو سندن زندگي ۾ نه رڳو هڪ نواڻ آڻيندو بلڪه سندن تعليم ۽ تربيت ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو.
    *
    سائين منهنجا:سياري جي مند جي ٿڌڙين هوائن لڳڻ ڪري،اوهان باھ يا هيٽر تي ويٺي هٿ سيڪي رهيا آهيو،هٿ سيڪيندي اوهان کي کوڙ ساريون يادون اچي رهيون آهن،اوهان هن وقت اهيو به سوچي رهيا آهيوته هن ئي مند ۾ اوهان اميدن جا ڏيئا جلايا هئا،هي اهائي مند آهي جنهن ۾ اوهان حسين خواب پنهنجي اکين ۾ سمائي،هڪ منزل جي تلاش ۾ نڪري پيا هئا.هوئنن به سائين ،اوهان جيڪو ڪجھ سوچيو آهي،اهو اوهان جي عمل جي نتيجي جي اوسيئڙي ۾ به آهي.هن طرح جون موسمون اندر جي پنن تي لکيل انهن يادن کي ٻيهر اٿلائينديون آهن،جيڪي يادون ڏاڍو تڙپائينديون آهن.اهو يادن جو ورق،جنهن کي اوهين هيئر پڙهي رهيا آهيو،ان ورق ۾ اوهان کي نظر اچي ٿوءَ جو پاڇو،پاڇو ڇا؟ ِ سان ڪيل اهي روح رهاڻيون به اوهان جر يادن جي دروازي کي کڙڪائي رهيون آهن،اوهان ان ويلي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي نهار ڪندؤ ته اوهان کي محسوس ٿيندو ته اوهان جي دل ۾ ديرو ڪيون ويٺو آهي.
    سائين منهنجا: ساڃاھ وند ماڻهن کي ان وقت ڪيڏو افسوس ٿئي ٿو،جنهن وقت هنن جي ڪنن تي اها ڳالھ پهچي ٿي ته اسان جو ايندڙ نسل،اسان جو مسقبل اسڪول نٿو وڃي،هنن جا هٿ ڪتابن کان خالي آهن.هن سڄي پس منظر جو ذميوار وڏيرا شاهي وارو نظام آهي. اهي ڀوتار ۽ وڏيرا هرگز نه ٿا چاهين ته، هتان جو عوام سندن محڪوميءَ کان آجو ٿي، تعليم حاصل ڪري. هي سمجهي ويٺا آهن ته، جيڪڏهن غريب جو ٻار تعليم جي زيور سان مالامال ٿيو، ته هنن جي محڪومي ڪرڻ وارن ۾ گهٽتائي ايندي. جيڪا ڳالهه سندن ذهن قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. اسان جي ٻارڙن مان ڪجهه غربت جي ڪري اسڪول وڃڻ کان محروم آهن، بقايا اڌ کان وڌيڪ سهولتن جي فراهمي نه هجڻ، اُستادن جي غير حاضري ۽ اسڪولن تي قبضي هئڻ جي ڪري تعليم کان وانجهيل آهن.اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هر ڏک پويان سک آهي،هر مشڪل پويان آساني آهي،ان ڪري اڄ جي مشڪل حالتن سان مڙس ٿي مقابلو ڪجي ۽ ايندڙ وقت ۽ نسل کي بهتري پيدا ڪجي.
    *
    سائين منهنجا: سادگي عظمت جي نشاني آهي.انسان سان محبت ڪرڻ ئي حقيقت ۾ الله تعا لى سان محبت ڪرڻ آهي.دوستي رکجي ته ان کي دل ۽ جان سان نڀائڻ گهرجي.رات چنڊ کانسواءِ ،ذهن علم کانسواءِ ۽ علم عمل کان سواءِ بيڪار آهن.بهادر جو هٿ ڪڏهن به ڪمزور ناهي ٿيندو.غريب جي آھ کان ڊڄجي ڇو ته اها عرش تي جلدي پھچي وڃي ٿي ڇو ته جڏهن ڪنهن غريب کي ڪو درد پهچائي ٿو تڏهن هن جي دل مان آھ نڪري ٿي،جيڪا آسمانن جو سينو چيري سڀ جي ملاڪ وٽ پهچي ٿي.گهر مان نڪرڻ وقت ماءُ جي دعا کڻي نڪرندا ڪريو،ان سان مايوسي نه ٿيندي ۽ اهو انسان ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿيندو جيڪو والدين سان ڪوڙ ڳالهائيندوآهي،اهڙي زندگي گذارجي جو جيڪڏهن اوهان نه هجو ته اوهان کي ياد ڪيو وڃي.دولت سان اسان خوشامد ته خريد ڪري سگهون ٿا پر محبت نه.ظلم جي رات ڪيتري به وڏي هجي پر اهو يقين آهي ته صبح ضرور ٿيڻو آهي.ول جيان سهارو وٺڻ کان بهتر آهي ته وڻ بڻجي ڪنهن کي سهارو ڏجي ۽ سائين فتح ان جي ٿيندي آهي جيڪو شڪست کان ڪندو آهي انڪار.ان ڪري پنهنجن حوصلن کي هر گهڙي بلند رکجي،جنهن سان اسان ڪڏهن به مايوسي جي منهن ۾ نه اچي سگهنداسين.سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته“همٿ مردان،مدد خدا”
    سائين منهجا: چيو ويندو آهي ته انسان جي اک کي جيڪووڻندو آهي اهو ئي حسن آهي،اسان جي اک جيڪي منظر روز ڏسي ٿي جيڪي دل ۾ گهر ڪري ويهن ٿا.اکيون ته اهڙا منظر به ڏسنديون آهن،جن سان خوف طاري ٿي ويندو آهي.ٿورو سوچو ۽ سمجهو ته اک جو ڪيڏو ڪمال آهي،جيڪا شيءِ اک کي وڻي وڃي ٿي تنهن کان نظر هٽائي ئي نٿي،اکيون جيڪڏهن ڪنهن کي ناپسند ڪن ٿيون ته ان ڏانهن کڄن ئي نٿيون.سائين منهنجا سياڻا سچ چئي ويا آهن ته “اک اک جو هوندو آهي ڦير”ڪي اکيون بنا ڪجل جي تکا تير بڻجي گهائن مٿان گهاءَ ڏين.ڪن اکين ۾ گهرو تمام گهرو سمنڊ هوندو آهي جو ان ۾ جيڪو گهري ويو سو ڪڏهن به ٻاهر نه نڪري سگهيو.محبت جي شروعات نگاهن کڄڻ سان ئي ٿي ويندي آهي.نگاهون جڏهن ڪنهن جي نگاهن سان اٽڪبيون آهن،تڏهن ڪائنات به جهومي پوندي آهي،نگاهون جن جو ذڪر دنيا جي هر شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي،جن نگاهن ۾ حياءَ هجي،ادب ۽ اخلاص هجي،اهي نگاهون جڏهن ڏسڻ لاءِ کڄن ٿيون سي به ناز و ادا سان ته انهن نگاهن جا نشانا ڪٿي ٿا گُسن!؟
    *
    سائين منهنجا فڪر اسان جي ذهن ۾ ڪيترن ئي واقعن سان پيدا ٿين ٿا.هڪ فڪر ختم ٿيندو ته ٻيو فڪر اچي ان جي جاءِ والاريندو،فڪر روزانو ڪجھ وقفي کان پوءِ پيدا ٿيندو رهي ٿو،فڪر فائديمند به ٿيندا آهن پر جيڪڏهن اهي فڪر اسان جي ذهن ۾ تمام گهڻو وقت ويهي ٿا وڃن ته پوءِ ذهن تي وڏو اثر ڇڏين ٿا.جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ گهٽ ايندي آهي،ڪا بيماري ٿي سگهي ٿي.عمر جي حساب سان به فڪر وڌندا آهن،جيئن جيئن عمر وڌندي آهي،تيئن تيئن مالي مسئلا،صحت،ڪاروبار۾ نفعو يا نقصان،عدم تحفظ،تنهائي،بينائي يا ٻڌڻ ۾ ڪمي وارا احساس فڪر ٿي ايندا آهن.پر ڏاهن جي هن چوڻ تي عمل ڪبو ته فڪر ڪڏهن به پريشان نه ڪندا ته“ عمر جي حساب سان ايندر تبديليون فطرت جو حصو آهن ۽ اهي قدرت طرفان اينديون آهن.”شاعرن جي سرتاج چواڻي ته
    سڀئي سبحان جي ،ڪر حوالي ۾،
    ٿيءُ تحقيق تسليم ۾،لاهي غم وهم،
    قادر ساڻ ڪرم،حاصل ڪري حاج تو.
    سائين منهنجا: جيڪڏهن هڪ فرد پنهنجي ذات لاءِ سُکُ حاصل ڪري ٿو وٺي ته انهن سان ان جي ذات کي ته فائدو حاصل ٿئي ٿو. پر سماج کي انهيءَ ڪري سُکُ ۽ مزو، هڪ فرد جي لاءِ حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه هجڻ کپي پر ان سُکُ کي پوري سماج جي لاءِ حاصل ٿيڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ کپي. پر ان سُکُ کي سڄي سماج لاءِ بڻائڻ ۾ توجهه ڏيڻ گھرجي سڄي سماج کي خوشي تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن استحصالي سماج ختم ٿئي ۽ عام ماڻهن کي عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي. جيڪي ماڻهو انهيءَ لاءِ جدوجھد ڪندا ۽ ڪوشش ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن انهيءَ سماج کي تبديل ڪري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. ته اها ڪاميابي نه صرف انهن جي لاءِ پر پوري سماج جي سُکُ ۽ مسرت جو ڪارڻ ٿئي ٿي.
    *
    محترم سامعين:اوهان جو ڪڏهن اهڙن دوست سان واسطو ضرور پيو هوندو،جنهن وٽ ڪڏهن به کيسي ۾ کُليو روڪڙو ناهي هوندو.اسان جو هڪ دوست آهي،جيڪو ويهي ويهي ڪنهن نئين دوست کي ڪندو صلاح ته “هلي ٿا چانھ پيئون”چانھ لاءِ تياري ٿي ويندي،ڪنهن هوٽل تي ويهي چانھ جا چسڪا وٺڻ بعد،اهو دوست ڪائونٽر کان اڳتي نڪري ويندو.ابا ڏي خبر!! چانھ جو بل ته ڀَرِ.چوندو“افسوس پئسا جنهن قميص جي کيسي ۾ پيا هئا اها پائي ناهيان آيو” يا وري هيئن ڪندو جو ٻن چانهن جي رقم ڏيڻ لاءِ هڪ هزار جو نوٽ ڪڍي بيري کي ڏيندو،موٽ ۾ بيرو پئسا کُليا نه هجڻ جي معذرت ڪندو.پوءِ شامت ايندي ٻئي دوست تي جنهن هن سان گڏجي چانھ پيتي.اهو انڪري اوهان کي ٻڌايم جو ڪلھ مان به ان دوست جي چانھ جي صلاح جي چڪر اچي ويم ۽ ٻن چانهين جا پئسا ڀري جان آجي ڪيم.
    *
    سائين منهنجا: بلند حوصلن سان اسان کي ڪيئي ڪاميابيون حاصل ٿي سگهن ٿيون.وقت جي وهڪرن ۾ ڪڏهن تيزي هوندي آهي ته ڪڏهن ماٺائي.ائين ئي اسان ماڻهن جو جيون به ڪڏهن سک ۾ ته ڪڏهن ڏک ۾ هوندو آهي،ان ڪري ئي ٻنهي حالتن ۾ بلند حوصلو ئي اسان کي ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو.سک ۾ ماڻهو پنهنجي ڏک وارو عرصو ۽ ڏک ۾ سک وارو عرصو ياد رکي.ائين ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو ذهن متوازن رهندو۽ جڏهن ذهن ۾ ڪنهن به قسم جو خلفشار نه هوندو،تڏهن ئي انسان پنهنجي زندگيءَ جي بي بها گهڙين کي سمجهي وٺندو.ان ڪري هر حال ۾ بلند حوصلو ئي ڪم ايندو آهي.
    سائين منهنجا: هن دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو زندگي ءَ ۾ ڪاميابي جهڙي ثمر کان فيض ياب گهٽ ئي ٿيندا آهن. هڪ اهو جيڪو زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ شارٽ ڪٽ وارو رستو اختيار ڪري ٿو ، ٻيو اهو جيڪو ڪجھ ڪرڻ لاءِ سواءِ انهي ءَ وهم ۾ هوندو آهي ته ڪاميابي ان جا قدم ضرور چمندي .اهڙو ماڻهو جاکوڙ ڪرن کان لنوائيندو آهي.ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي منزل ته ساڳي آهي،پر رستا الڳ الڳ آهن پر وري ٻنهي جو انجام ساڳيو آهي.چوندا آهن ته سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ بيماري اها آهي جنهن جا اثر آهستي آهستي ظاهر ٿيندا آهن.بلڪل اهڙي قسم جي بيماري آڪڙا پرچي ۽ مختلف لاٽرين جي صورت ۾ وڌي رهي آهي.هن ڌنڌي ۾ خوشحال گهراڻن جي ماڻهن کان وٺي فقيرن تائين ماڻهو ملوث ٿي چڪا آهن.آڪڙا پرچي ته ڄڻ ٻرنديءَ تي پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪري رهي آهي.هن راند ۾ حصو وٺڻ وارن جو مستقبل تاريڪ آهي.هن راند جا ڪي خاص فائدا آهن ئي ڪونهن. پر پوءَ به نقصان بابت ڪا ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي ۽ خود پوليس انتظاميا جا ماڻهو پنهنجي آمدنيءَ خاطر انهيءَ راند کي هٿي ڏئي رهيا آهن.اڄ جڏهن ڪنهن غريب جي گهر ۾ رات جو ڏيئو ٻرڻ به ڏکيو ٿي چڪو آهي،اهڙي صورتحال جا ذميوار اهي ٻئي ماڻهو آهن،جيڪي رات وچ ۾ امير ٿيڻ جي شوق ۾ اونداهي منزل طرف وکون وڌائي رهيا آهن.
    *
    سائين منهنجا: مليريا ڇا آهي۔۔؟
    مليريا (Malaria) ٻن لفظن Mal يعني خراب، ۽ Aria يعني هوا جو مرڪب آهي۔ قديم دور ۾ خيال ڪيو ويندو هو ته هي بيماري ڌُٻڻ ۽ بيٺل پاڻي جي آبي بخارن يا خراب هوا مان لڳي ٿي۔ڪافي عرصي بعد فرانس جي هڪ طبيب ليوران 1880ع ۾ اهو دريافت ڪيو ته هن بيماري جو اصل ڪارڻ هڪ پيراسائيٽ پلازموڊيم آهي۔ 9 سالن جي تحقيق کانپو هن اهو به معلوم ڪري ورتو ته اهي جراثيم مڇرن جي چڪ پائڻ سان انساني جسم ۾ منتقل ٿين ٿا۔مادي مڇر بيٺل پاڻي ۾ بيضا ڏيندي آهي، انهن مان لاروا نڪرندا آهن جيڪن مان پيوپا ٺهي ويندا آهن۔ پيوپا وري بالغ ٿي مڪمل مڇر بڻجي ويندا آهن۔ لاروا ۽ پيوپا پاڻي ۾ رهندا آهن جڏهن ته مڇر پاڻي مان اُڏري انساني رت چوسيندا آهن ۽ بيماريون ڦهلائيندا آهن۔ بيٺل پاڻي کي مڇرن جي نرسري چئجي ته غلط ڪو نه ٿيندو۔ ان ڪري ڌُٻڻ يا بيٺل پاڻي جي آبي بخارن کي هن بيماري جو ڪارڻ سمجهندڙ قديم دور جا ماڻهو حقيقت جي ڪافي ويجهو هئا۔ مليريا جا چا قسم آهن۔1: پلازموڊيم مليري 2: پلازموڊيم او ويل 3:پلازموڊيم وائي ويڪس 4:پلازموڊيم فيلسي پيرم.
    سائين هن ڌرتي تي ڪرڙوين انسان آيا ۽ ڪروڙين انسان هليا ويا قدرت اهو سلسلو ڏينهن قيام تائين هلندو رهندو،اهڙن ڪروڙين انسانن ۾ اهڙا انسان به آهن جن جا نقش اڄ به انسانن جي ذهنن تي چٽيل آهن. اهڙن انسانن کي هر پل ياد ڪيو ويندو آهي،جن سان اسان جو ڪنهن به قسم جو رت جو رشتو ناهي هوندو ،پر انهن سان اسان جو روحاني رشتو هوندو آهي.اهڙن ماڻهن ۾ اسان جا پير،فقير،بزرگ،عالم،انسان دوست اديب،شاعر،سماجي،سياسي ڪارڪن ۽ رهبروغيره شامل آهن.در اصل اهڙن انسانن جي محبت ٻين جي دلين ۾ پيدا ٿيندي آهي،جيڪي ٻين لاءِ جيئندا آهن،جيڪي نفرت کان ڪوهين ڏور هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو گهر گهر محبتون ۽ چاهتون ورهائيندا وتندا آهن،جن جي دلين ۾ ڪنهن لاءِ به بغض ناهي هوندو.
    *
    سائين منهنجا: هر نئين سال جي اچڻ سان هر ماڻهو پنهنجي من ۾ کوڙ ساريون نيڪ تمنائون سانڍي رکندو آهي،هر نئين سال جي شروع ٿيڻ سان اسان کي سوچڻ گهرجي ته گذري ويل سال ۾ اسان کان ڪهڙيون ڪوتاهيون ٿيون،ڪهڙيون ڀلايون ڪيون جيڪي اسان کي سماج ۾ ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جهڙو بڻائي رهيون آهن.ڪوشش ڪجي ته چڱاين کي وڌيڪ چڱاين ۾ ڳڻايون ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.اسان کي گذري ويل سال ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون پيش آيون ۽ نئين سال ۾ انهن رڪاوٽن کي دور ڪرڻ جو پڪو پختو عزم ڪريون.لبنان جي عظيم ڏاهي خليل جبران جو چوڻ آهي ته“رڪاوٽن کي اورانگهڻ عظمتن جي نشاني آهي”نئين سال/نئين ڏينهن جي آمد سان اوهان وٽ جيڪڏهن ڪي پيارا ۽ سڄڻ آيا آهن،تن کي اسان جو به سڪ ڀريو سلام هجي.
    *
    سائين منهنجا: اسان جي هن سماج ۾ هڪ دستور آهي ته ڏيو ۽ وٺو.اسين رقم ڏيئي ڪابه ضرورت واري شيءِ خريد ڪري سگهون ٿا.پر اسان ڪڏهن به پيار،محبت کي پئسن تي خريد نٿا ڪري سگهون.ڇو ته اهي اهڙا وکر آهن جيڪي ڪنهن به قيمت سان ڪنهن به دڪان تان ملي نٿا سگهن ۽ هي وکر اهو ئي رکندو جنهن کي پيار محبت جي اهميت جي ڄاڻ هوندي،قدر هوندو.جنهن کي ڄاڻ هوندي ته پيار جو ڀرم ڪيئن رکجي.سو هي پيار جو سودو سڦرو سودو آهي،جنهن ۾ ڪڏهن به ڪسر ناهي ملندي،هن سودي ۾ ته ڪَسُ ئي کائڻي پوندي آهي،ڇو ته جڏهن دلين جا سودا ٿيندا آهن،تڏهن نه تور ڪبي آهي نه ئي ماپ.بس دل جي سودي جي بدلي ۽ اُٽَل ۾ ملندو آهي،هڪ سُورُ،هڪ پيڙا ۽ هڪ درد.
    سائين اسين پنهنجي مٽن مائٽن ۽ اولاد لاءِ گهرندا آهيون نيڪ تمنائون،نيڪ ارادن جون دعائون.دعائون ته کوڙ آهن پر هڪڙي هيءَ دعا به اسان جي زبان تي هوندي آهي،خاص ڪري ننڍڙن ٻارن لاءِ ته “الله ڪندو ته هي ننڍڙو دودو ٿيندو،هوشو ۽ هيمون ٿيندو”چوڻ جو مقصد هي آهي ته اسان جو ايندڙنسل اهڙا ڪم ڪري جيڪي تاريخ ۾ رقم ڪيا وڃن.اهڙاڪردار بنجي پون جيڪي سماج ۾ هڪ علامت بنجي وڃن.دودو مطلب آهي بهادر جو،سرويچ جو،هوشو مان مراد آهي اهڙو ڪردار جيڪو پنهنجي مقصد سان سچو هجي ۽ ڄمي بيهي رهي،هيمون جو مطلب آهي ته پنهنجي دشمن جيڪوڪيڏو به طاقتور ڇو نه هجي پر ان جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکجي.سو اسان جي سماج ۾ هن وقت به اهڙا کوڙ سارا ڪردار موجود آهن جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ اسان لاءِ همٿ ۽ بهادريءَ جون علامتون آهن.هڪ اهڙي دعا جو ذڪر ڪنداسين هڪ گيت جي شڪل ۾ جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي پُٽَ لاءِ گهري ٿي هيءَ دعا.
    # شل گهوٽ ٿيئن،اڻموٽ ٿيئن،امڙ اها آس،جيجل اها آس.
    *
    سائين مهنجا: عقل ۽ سمجھ جي ڏات الله تعاليٰ جي خزاني مان ملي ٿي.انسان جيترو ڄاڻي ٿو اها ڄاڻ ٻين ماڻهن تائين پهچائي جيڪي علم کان اڻواقف آهن.اسان جي سونهاري سنڌ اهڙن عظيم انسانن سان ڀريل آهي جن پنهنجي علم،عقل ۽ ڄاڻ وسيلي جڳ جڳ روشني پيدا ڪئي.صديون گذرڻ باوجود به اڄ تائين انهن جي اڱڻ تي سوين هزارين ماڻهو سلامي ڀرڻ لاءِ اچن ٿا.جن جي بي خوديءَ ۾ روشن واٽون سمايل آهن،جن جي فڪر ۾ روحاني رمزون رکيل آهن جيڪي رمزون انسان کي اهي اکيون ڏين ٿين جن اکين سان هو ڪائنات جي مالڪ کي ڏسي وٺي ٿو.اهڙن عظيم انسانن جي جاين تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ عقيدتمندن جون قطارون بيٺل هونديون آهن جن قطارن ۾ بيٺل ماڻهن جي دلين ۾ انهن هستين لاءِ محبت سمايل هوندي آهي.اهڙين جاين تي وحدت جي وائي جا آلاپ ڪنن ۾ مٺاس پهچائيندا آهن.جتي هيڪڙائيءَ جو هُل هوندو آهي ۽ جتي ديدار خاطر گهنڊ کولڻ جا آواز صدائن جو روپ وٺندا آهن.
    سائين منهنجا:دنيا جي ڪيترن ئي ڏاهن هن ڳالھ تي تحقيق ڪئي آهي ته ڪهڙيون ڳالهيون انسان جي پريشانين جو سبب بنجن ٿيون ۽ ڪهڙيون ڳالهيون اطمينان ۽ شادمانيءَ جو سبب بنجن ٿيون.نتيجي ۾ ٿلهي ليکي اها ڳالھ سامهون آئي آهي ته معمولي ڳالهين جا غير ضرور اثر قبول ڪرڻ ۽ وقت جي صحيح ورڇ نه ڪرڻ پريشانين جو سبب بنجي ٿو.جڏهن ته ٻين جي مدد ڪرڻ،هر ڪم کي صحيح وقت ۽ ڌيان ڏيڻ،ننڍن ننڍن موقعن کي ملهائڻ،جيئن سالگرھ،نئين سال ۽ بسنت رُتِ ۾ پنهنجي مائٽن توڙي دوستن کي تحفا موڪلڻ يا ڪنهن جي جنم ڏينهن تي مبارڪباد ڏيڻ.اهي اهڙا ڏڻ آهن جن لاءِ ڪنهن وڏي خوشيءَ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي.سٺي صحت،سٺي آبهوا ۽ سٺا دوست اطمينان ۽ شادمانيءَ جو سبب بنجن ٿا.اها ڳالھ به سامهون آئي آهي ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون ۽ ٻار شادمانيءَ جي گهڻو ويجهو رهن ٿا.
    *
    محترم سامعين: مفڪرن ۽ فلسفين انهيءَ ڳالھ تي زور ڏنو آهي ته انسان ڪوشش ڪندو رهندو آهي ته کيس وڌ کان وڌ اطمينان ۽ خوشي ٿئي ۽ گھٽ ۾ گھٽ غم ۽ تڪليف جو احساس ٿئي. ارسطو پنهنجي ڪتاب اخلاقيات ۾ انهيءَ ڳالھ تي زور ڏنو آهي ته فرد کي ان وقت مسرت ۽ خوشي جو احساس حاصل ٿئي ٿو. جڏهن هو نيڪي ۽ انصاف تي عمل ڪري ٿو. ان جو مطلب اهو ته جڏهن ڪو زبردست استحصال ڪري ٿو. ۽ انهن جي حقن کي غضب ڪري ٿو ۽ انهن جي مال دولت کي ڦري ٿو ته ان صورت ۾ ان جي ڪردار ۾ ناانصافي ۽ فسطائيت پيدا ٿئي ٿي جيڪا ان کي ڪنهن به صورت ۾ خوشي نه ٿي ڏئي. انهيءَ لاءِ يوناني فلسفي ايپي ڪيورس ( Epicuraus ) جو چوڻ هو ته جيترو فرد جي زندگي ساڌي هوندي اوترو هو خوش ۽ مطمئن هوندو.
    *
    سائين منهنجا:اڏوهي هر ڪنهن ڏٺي هوندي ۽ ان جي ڪارنامي کان به واقف هوندؤ ته اها ڪهڙي طرح ڪاٺ کي اندران ئي اندران کائي کوکلو بڻائي ڇڏيندي آهي،جنهن ڪاٺ ۾ پوءِ ڪابه طاقت ناهي رهندي.هي ذڪر ته ٿيو ڪاٺ کي اندران ئي اندران کائي کوکلو بڻائيندڙ اڏوهيءَ جو،پر هڪ اهڙي اڏوهي به آهي جيڪا پوري سماج کي،پوري قوم کي اندارن ئي اندران کائي جڏو،مڏو ۽ کوکلو بڻائي ڇڏيندي،جيڪا قوم ۽ سماج کي ڏسندي ڏسندي اک ڇنڀ ۾ هن ڌرتيءَ جي گولي تان ختم ڪر سگهي ٿي.اها اڏوهي آهي“ڪاپي” جيڪا انسان جي سموري حياتي،ڪردار ۽ مستقبل کي به تباھ ڪري ڇڏيندي.ڪاپيءَ خلاف نه صرف جدوجهد ڪجي پر ڪاپي جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا مريضن جو علاج به ڪرڻ گهرجي.
    محترم سامعين:هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مناسب خوراڪ ڪينسر کي وڌڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.ياد رهي ته ڪينسر جي وڌڻ ۾ ڪافي وقت درڪار هوندو آهي،جيڪڏهن شروع ۾ ئي ان کي روڪيو وڃي ته خطرو نوانوي سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي.تجربن مان اها ڳالھ ثابت ٿي چڪي آهي ته سايون ڀاڄيون ۽ ميوا ڪينسر جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا،ڇو ته ڀاڄين ۽ ميون ۾ ڪينسر جو دفاع ڪرڻ جي چڱي خاصي صلاحيت موجود آهي.ميون ۽ ڀاڄين ۾ موجود “ٽاڪسي ڊنٽس”ڪينسر جي جراثيمن کي حملو ڪرڻ کان اڳ ئي قابو ڪري وٺن ٿا.خاص طور تي بصر،ٿوم،سنگتڙا،ليمان،بندگوبي،ٽماٽا،انگور۽ صوف تمام گهڻو مفيد ثابت ٿيا آهن.
    *
    سائين انسان جي هن جسم اندر هڪ ننڍڙي پر تمام وڏي شيءَ جيڪا سڄي جسم جي حڪمران آهي، سا آهي دل ،دل، جنهن تي سوين ،هزارين بار.اهڙا جو دل جي وت وس کان وڏا پر اها دل ئي آهي جيڪا پنهنجي مٿان سهندي پئي اچي صدين کان صدائن جابار،غمن جابار خو شين جا وزن جدائين جا درد، سو سائين اها دل جيڪا هميشه ڌڙڪندي رهي ٿي سا ڪڏهن ڪڏهن روئي به ويهندي آهي ۽ دل جڏهن روئندي آهي ، تڏهن دل جي اکين جا ڳوڙها ڪير به ڏسي ناهن سگهندو ڇو ته دليون جڏهن درد وچان روئنديون آهن ، تڏهن هو اهڙي هنڌ روئنديون آهن جتي ڪو به هنن کي ڏسي نه سگهي، پر ان دل ۾ هڪ آس،هڪ اميد ضرور هوندي آهي ته منهنجي من ج محبوب منهنجي من اڱڻ تي ضرور ايندو.
    *
    سائين منهنجا:اڪثر حالتن ۾ اسين ماڻهو قدرت جي منظرن تي تمام ڳوڙھو ويچار ڪري وٺندا آهيون ۽ پوءِ انهن منظرن ۾ اسان کي حقيقي حسن نظر ايندو آهي،جنهن حسن ۾ دلڪشي اهڙي جو دليون فتح ٿي وڃن ٿيون،قدرت جي حسن ۾ اها خوشبوءِ سمايل آهي،جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت ناهي،جيڪا خوشبوءِ محبوب جي خوشبوءِ هوندي آهي، مالڪ حقيقي جي انهن سڀني رنگن ۽ سموريون خوشبوئن کي اهو ئي سڃاڻي ۽ پرکي سگهي ٿو جنهن جي اکين ۾ سچ جو سرمو پاتل هوندو.رنگ ۽ خوشبوءِ انسان سان ڳالهيون ڪندا آهن ۽ انهن ڳالهين کي اهي ئي ٻڌي سگهندا آهن جن جي ڪنن ۾ سنگيت جاسڀ سُرَ سمايل هوندا آهن.۽ سائين جيڪي ماڻهو خوشبوئن ۽ رنگن سان محبت ڪندا آهن تن جي اکين ۾ اها جوت هوندي آهي جنهن سان اهي پاتال ۾ پيل هيرن کي به ڏسي وٺندا آهن.
    سائين منهنجا:جڏهن به اسين پنهنجي زندگي تي گهري نظر وجهندا آهيون پو ءِ زندگي اسان کي ڏاڍي خوبصورت به لڳندي آهي ته خوفائتي به حقيقت اها آهي ته زندگي خوفائتي ٿيندي ئي ناهي ،زندگي جو روپ ڏاڍو سهڻو ۽ سندر آهي. خوف ته اسان جو پنهنجو پيدا ڪيل آهي .اسين جڏهن پنهنجي انائن جي محلات اڏيندا آهيون ،تڏهن ان محلات کي سينگارڻ لاءِ پنهنجي ناجائز خواهشن جي حاصلات لاءِ غلط حربا استعمال ڪندا آهيون ۽ موٽ ۾ انهن سڀني جي اسان کي ملندو آهي خوف.پوءِ اسين ڊڄندا آهيون، نفرت ڪرڻ لڳندا آهيون زندگي کان،جنهن ۾ زندگيءَ جوڪو به ڏوه ناهي زندگي ته حسين آهي.اسان جڏهن پنهنجي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ واري ڳالھ کي سمجهي وياسين ته پوءِ اسان زندگيءَ کي اهڙي نموني گهارڻ لڳنداسين جو سک به اسان جو پنهنجو هوندو ۽ ڏک به اسان جو ساٿي هوندو. آرامده زندگي ملي تڏهن به واھ واھ ۽ جي تڪليف واري زندگيءَ سان منهن ڏيڻو پيو تڏهن به واھ واھ.
    *
    سائين سُکُ ۽ آسودگي هر انسان جي حصي ۾ ضرور اچي ٿي،جيڪي ماڻهو سمجهندا آهن ته سُکُ ۽ آسودگي سندن نصيب ۾ ناهن،اصل ۾انهن ماڻهن زندگيءَ کي ۽ سُکُ ۽ آسودگي کي سمجهيو ئي ناهي.پنهنجي اندر مان ڦٽي نڪتل خوشين مان هڪ قسم پنهنجي ڪم کي ايمانداريءَ سان پورو ڪرڻ به آهي.جي اسين پنهنجي ذميوارين کي سولائيءَ سان نڀائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ زندگيءَ کي سمجهڻ ضروري آهي.ڇو جو زندگيءَ کي سمجهڻ کان سواءِ،زندگيءِ سان لاڳاپيل معاملن،مسئلن ۽ احساسن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي ته واقعي اهي حالتون جيئن جو تيئن رهنديون.پر جيڪڏهن ان جي ابتڙ اسان ۾ شين ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ ۽ خوشگوار بنائڻ جو اتساھ موجود آهي ته يقينن سُکُ ۽ آسودگي اسان جون منتظر رهنديون.
    *
    سائين منهنجا:انسان جو سمورو جيون چوڏهين جي چنڊ جي روشني آهي،چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ انسان جو جيون مور جو ناچ آهي،محبوب جي شبنمي مرڪ هجي،لطيف جو سُرُ هجي، ڪنهن بکايل ٻار جي ٻاتڙي ٻولي هجي،عشق، ۽ محبت جي ڳالھ هجي،ان جو نالو ئي جيون آهي.ڪاڇي جي ان ناري جو نالو به جيون آهي جيڪا مٿي تي دلو رکي ڏور پنڌ کان پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪري ٿي.ٿر جي ڀٽن ۾ رهي ڏک،بک سان جنگ وڙهندي، پنهنجي مٽيءَ سان محبت ڪرڻ به جيون جو روپ آهي.سراپا سونهن جي وڇوڙي جي ڪساري احساس کي به جيون ئي سڏي سگهجي ٿو. مطلب ته جيون کي ڪهڙو به رنگ روپ ڏيون،اهو رهندو ئي جيون جيڪو اسان جو آهي هڪ سچو ساٿي.
    سائين انسان ويچارو پنهنجي لاءِ ڇاڇا نٿو ڪري . جهنگ جبل برپٽ جهاڳي ٿو پنهنجي جي پسڻ لاءِ راتين جا اوجاڳا هن جي نصيب ۾ لکجي وڃن ٿا،اهو انسان پنهنجي ءَ جي سينگار واسطي پنهنجا هار سينگار به ترڪ ڪري ڇڏي ٿو،هو ڏسي ٿو صرف ۽ صرف پنهنجي محبوب کي،هو سوچي ٿو ته صرف پنهنجي محبوب لاءِ، هوڳالهائي ٿوته صرف پنهنجي جي واکاڻ ۾،هو کلي تڏهن ٿو جڏهن هن جو کلي ٿو بس هڪ انسان جڏهن انهي عشق جي منزل تي پهچي ٿو تڏهن هن جي روح ۾ هن جو محبوب ئي سمائجي وڃي ٿو، پوءِ پوءِ هن جي منزل آهي.
    “ اکين ۾ ٿي ويهه،ته واري ڇپر ڍڪيان ،
    تارن ن ۾ تڪيو ڪري پنبڻين ۾ ٿي پيھ،
    توکي ڏسي نه ڏيهه آءُ نه پسان ڪي ٻيو.”
    *
    سائين هڪ عام چوڻي آهي ته نيڪي ڪري درياءَ ۾ وجهو حقيقت ۾ هيءَ حڪمت عملي ئي آهي ،جنهن سان اسين زندگي ۾ ٻين جي خدمت ڪري سگهون ٿا جڏهن اسين ڪنهن سان چگائي ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان کي راز ۾ رکون ته بهتر ٿيندو ائين ڪرڻ سان اسان آرام ۽ سڪون جي هڪ وڻندڙ احساس جا مالڪ ٿي سگهندا سين.اهووڻندڙ احساس ئي اسان جو سڀ کان وڏو انعام ٿي سگهي ٿو. جيڪو ماڻهو ڪنهن جي ڀلي ۾ ڪو ڪم نيڪ نيتيءَ سان ڪري ٿو ته ان کي اها ضرورت محسوس ناهي ٿيندي ته هو پنهنجي ان جذبي جو اظهار ڪري. انسان جو سمورو جيون هڪ جهڙو ڪڏهن به ناهي رهندو. هر پهرجا الڳ الڳ خيال هوندا آهن. پر نيڪي هميشه ساڳي حالت ۾ رهندي آهي.
    سائين منهنجا:ڪي ڪي ماڻهو جيءَ جيارا هوندا آهن،جن کان هڪ ساعت به الڳ رهي ناهي سگهبو،انهن سان وجود ائين ملي ويندو آهي،جيئن گل سان خوشبوءِ.جهڙي طرح گل کان خوشبوءِ الڳ نٿي ٿي سگهي،تهڙي طرح جن ماڻهن سان روح ۽ ضمير جا رشتا هوندا آهن،تن کان پلڪ ۽ پهر به پري رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته“هڪ انسان جڏهن ڪنهن لاءِ پنهنجو سمورو جيون ارپي ٿو،تڏهن اندر ۾ هڪ ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي،جنهن کي “نينهن” جو نالو ڏنو ويو آهي.
    محترم سامعين: گدرو ۽ ٽوھ ٻئي قدرت جي پيداوار آهن،ٻئي زمين جو سينو چيري،پاڻي پي وڌن ويجهن ٿا.گدرو ۽ ٽوھ ٻئي شڪل ، شباهت ۽ جسماني جوڙ جڪ ۾ به ذري گهٽ هڪ جيڏا،هڪ جهڙا آهن،پر ٻنهي جي سيرت ۽ ڪردار ۾ زمين آسمان وارو فرق آهي،گدرو مٺو. ٽوھ ڪرو ڪسارو ڄڻ وھ جو ڍُڪُ.اسين انسان به ائين ئي آهيون.ڪي سونهن ۾ سرس ته ڪي وري سٺي سيرت جا بادشاھ،ڪي علم جا اڪابر ته ڪي وري جهالت جي دنيا جا شهنشاھ.هونءِ به سائين اهاسٺي سيرت ئي ته آهي جيڪا جسماني بدصورتي کي سونهن ۽ سندرتا بخشي ڪنهن ماڻهوءَ کي هميشه لاءِ اُتم ۽ امر بڻائي ڇڏي ٿي.پنهنجي دلين مان ڪدورتن،نفرتن ۽ حسد کي ڪڍي انسان ذات جي ڀلي لاءِ نيڪ جذبا ۽ نيڪ تمنائون رکجن ۽ هر ماڻهو اها ڪوشش ڪري ته هن کان ڪنهن کي درد،اهنج يا ايذاءُ نه رسي.
    *
    سائين منهنجا:گهر جي سک ۽ آرام لاءِ گهر جي سڀني ڀاتين کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي،پڙهائي جي وقت کان پوءِ ڪي گهڙيون بچائي ،گهر جي ڪم ڪار ۾ ماءُ جو هٿ ونڊائڻ گهرجي،جيڪڏهن ڪو ٻار اسڪول ۾ پڙهي رهيو آهي ته کيس پوري ڌيان ۽ محنت سان پڙهڻ گهرجي.پيءُ جي ڪم ڪار جي واهر ڪرڻ گهرجي ،پاڻ کان ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي سبق پڪي ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.اهڙي طرح ماءُ پيءُ جو به فرض آهي ته اهي ٻارن جي پر گهور سٺي نموني لهن،ڇو ته اڄ جا ٻار سڀاڻي جا وڏا آهن،اڳتي هلي کين وڏا قومي ڪم ڪرڻا آهن،انهن ئي ٻارن مان ڪي ڊاڪٽر،ڪي انجنيئر،ڪي وڪيل،سياستدان،اديب شاعر۽ ڪي وري وطن جي حفاظت لاءِ فوجي جوان ٿيندا مطلب ته مستقبل انهن جي هٿ ۾ ايندو.ان لاءِ هر ڪم پنهنجي ذميواريءَ سان ادا ڪيو ويندو ته وقت سڀني لاءِ خوشيون کڻي ايندو.
    *
    سائين هڪ سوال اسين پنهنجو پاڻ کان پڇي سگهون ٿا ته ڇا اسين روزانو ۽ هر وقت خوشين کي پاڻ سان گڏ رکي سگهون ٿا؟جواب ملندو ته ها.ڇو ته اهيو ممڪن آهي جو اسان 24 ڪلاڪن کي مصروفيتن ۾ ڪم جي حساب سان اهڙي طرح ورهايون جو ڪوئي ڪم اڌورو نه رهي.ڪم جي اها پورائي انسان کي روحاني خوشي ڏيندي.جيڪڏهن اسين آرام ڪرڻ،دوستن سان ملڻ،پڙهڻ ۽ تفريح ڪرڻ کي به وقت ڏئي سگهون ٿا ته خوش رهڻ ناممڪن ناهي.وڏڙا چئي ويا آهن ته “خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي”مختلف ماڻهن لاءِ خوشين جا مختلف سبب به ٿي سگهن ٿا ۽ مختلف خيال به.
    محترم سامعين:انساني زندگي روان دوان آهي.ان روان دوان زندگيءَ ۾ اسانجا روڊ رستا ٽريفڪ جي ،ڪارخانن چمنين مان اٿندڙ دونهون ۽ ٻيون گئسون اسان جي جيئاپي جي وسيلي هوا کي گدلو ڪري رهيون آهن،ماحول جي گدلاڻ سبب انسان جي زندگيءَ تي تمام منفي اثر پئجي رهيا آهن،برساتن جو گهٽ پوڻ پڻ ماحول جي گدلاڻ جي ڪري آهي،برسات جي گهٽ پوڻ ڪري ڏينهون ڏينهن گرمي پد ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.ماحول جي آلودگيءَ کان بچڻ جو واحد طريقو گهڻي کان گهڻا وڻ پوکڻ آهي،اسين نيڪ جذبي تحت جيڪڏهن پنهنجي حصي جو هڪ وڻ به پوکيون ۽ ان جي واڌ ويجھ لاءِ نگهباني به ڪريون ته اسين ماحول جي گدلاڻ کي منهن ڏيئي سگهون ٿا.اچو ته هڪ نئين جذبي سان پنهنجو پاڻ سان اهو وچن ڪريون ته پنهنجي وجود سان سچا ٿينداسين ۽ پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ کي هر قسم جي گدلاڻ کان بچائينداسين.
    *
    سائين منهنجا:اهو ڏيئو ڪهڙي ڪم جو جيڪو روشني نه ڏئي سگهي.سٺو نه آهي اهو گل،جنهن ۾ خوشبوءِ نه آهي.اهو پردو ڪهڙي ڪم جو جنهن ۾ حياءُ نه هجي.سٺو نه آهي اهو دوست جيڪو ڏکئي وقت ۾ ڪم نه اچي سگهي.ان رستي کي به سٺو نه سمجھڻ نه گهرجي.جيڪو منزل تي نه پهچي.سٺي نه آهي اهڙي خبر،جيڪا سماج ۾ مايوسي پيدا ڪري.ان ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ نه گهرجي جنهن جي پڙهڻ سان ذهني مونجهارا پيدا ٿين.اها روشني ڪهري ڪم جي جنهن جي ٻرڻ سان اکين کي ٻوٽڻو پوي.اهو طعام نه کائڻ گهرجي جنهن جي کائڻ سان انسان جي عزت ۾ گهٽتائي اچي.اها بک ڀلي جيڪا ڀرم رکي.سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو آهي ته “ڀلي بک ڀرم جي،شال نه وڃي شان”اها مٺي دوا ڪهڙي ڪم جي جيڪا درد نه ڪري دور،ان کان ڀلي آهي اها ڪڙي دوا جيڪا درد کي ڪري دور ۽ پهچائي آرام.ان محفل ۾ هرگز هرگز ويهڻ نه گهرجي جنهن محفل ۾ ادب ۽ اخلاق جون ڳالهيون نه ٿينديون هجن.
    *
    سائين منهنجا: ڪنهن کي به ڪڏهن ڏک ڏيڻ نه گهرجي ڇو ته دلين ۾ ڌڻيءَ جو آستان آهي.جيڪڏهن اسان وٽ ڪنهن کي ڪجھ ڏيڻ لاءِ نه آهي ته هڪڙي مُرِڪَ ئي ماڻهن تائين پهچايون.مرڪ انسان جي عظيم سوکڙي آهي جيڪا ڪنهن کي ڏيڻ سان گهٽ ناهي ٿيندي.پر اهڙي عمل سان دوستن جي دولت ۾ اضافو ٿيندو آهي.مرڪ اها قوت آهي جيڪا مايوس دلين کي اميد جاڪرڻا ڏيکاريندي آهي.روئڻ ته هر انسان جو پئدائشي ورثو آهي پر مرڪ اهو ورثو آهي جيڪو ٻين ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ پيوند ٿي ويندو آهي.جيستائين دليون ڌڙڪنديون رهنديون تيستائين مرڪن کي ورهائڻ وڏو تحفو سمجهي ڏيڻ ۽ وٺڻ گهرجي.
    محترم سامعين:سستي جنهن جو ٻيو نالو ڪاهلي به آهي،سا سستي گهڻن کي ڪيترن ئي ڪمن ڪرڻ کان اڳ سمهاري ڇڏيندي آهي.ڪڏهن ڪڏهن اسان جي اڳيان اهڙا ماڻهو به گذريا هوندا جيڪي هر ڪم ڪرڻ وقت ڀرپور سستي جو مظاهرو ڪندا آهن.اسان کي سهي ۽ ڪڇونءَ وارو قصو ته ياد ضرور هوندو.جنهن ۾ سهو پنهنجي تيز ڊوڙڻ واري فخر تي سستي ڪري سمهي پيو ۽ آهستي هلندڙ ڪڇون پنهنجو سفرکي جاري رکيو ۽ نتيجو ؟؟؟؟ نتيجو نڪتو اهيو ته سهي کي ڊوڙ ۾ ماري ويو ڪڇون.زندگيءَ ۾ هن دنيا جا وڏا وڏا ڪم ڪرڻا آهن ته پنهنجي سستي کي ڇڏي ڏجي،ڇو ته سستي جو ڪوبه مُلھ ڪونهي،جيڪو فائدو ڏيئي سگهي.
    *
    محترم سامعين:ڪي لمحا اهڙا لمحا هوندا آهن ،جيڪي هميشه ياد رهندا آهن، اسان جيڪڏهن پنهنجي ذهن تي ٿورڙو به زور ڏينداسين ته ڍير ساريون يادگيرون ذهن جي پردي تي اچي وينديون،انهن هزارين يادگيرين ۾ جيڪڏهن جلدي ۾ ذهن تي جيڪا ياد تري ايندي اها هوندي ياد ان گهڙيءَ جي،جنهن کي جدائيءَ جي گهڙي چئجي.ڇو ته جدائيءَ جي گهڙي جا گهاوَ ڏاڍا گهرا ٿيندا آهن.ٻين کان اسين ڇو پڇون؟ پنهنجي من اندر کان پڇون ته جڏهن به اسان جو جدائيءَ جي گهڙي سان پلئه پيو ته اسان جدائيءَ جون گهڙيون ڪيئن گذاريون؟جڏهن اکين جا ٺار،روح کي راحت ڏيندڙ نيڻن جي نهار کان پري هوندا آهن تڏهن من اندر ۾ نه ڄاڻ ،ڇو اچي يادن جا دفتر کلي پوندا آهن،پوءِ جدائيءَ جو هڪ هڪ لمحو ائين گذرندو آهي،جيئن وقت هڪ هنڌ بيهي ويو هجي ۽ اکين اڳيان ايندڙ سڀ رستا ڌنڌلا ٿي پوندا آهن.
    *
    سائين منهنجا: ڏاهن جا ڏاهپ ڀريا ڏس اوهان جي لاءِ آندا آهن،جن تي عمل ڪبو ته هر راھ ۽ رستو اسان جي لاءِ صاف ٿي ويندو.ڏاها چون ٿا ته “جاهلن جي سنگت کان پري رهجي،ٿي سگهي ٿو ته اهي اسان کي پاڻ جهڙو بڻائي ڇڏين.جيڪو اسان کي اسان جي عيبن کان آگاھ ڪري ٿو اهو ئي اسان جو سچو دوست آهي.زندگي ڏکن جو درياءُ به آهي ته وشال ساگر به،جنهن جون ڇوليون اڳتي به آهن ته پوئتي به.زندگي تيز اس ۾ ٿڌي ڇانوَ واري وڻ جو نالو آهي،جيڪو مٺو ميوو به ڏيئي ٿو.اسان کي پنهجي خوشين خاطر ٻئي جون خوشيون مٽيءَ ۾ ملائڻ نه گهرجن.اسين هميشه سٺو دوست ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا پر پاڻ به سٺا ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون.اميدن جي ڏيئي کي پنهنجي محنت ۽ همت جو تيل ڏيئي ڏسجي ته اهو ڏيئو طوفانن ۾ ٻرندو رهندو.جيڪي اسان سان دل ۽ جان سان پيار ڪن ٿا انهن کي دوکو ڏيڻ پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي.
    سائين : خيال انسان جي دماغ ۾ تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن هو معروضي دنيا جو اولڙو يا عڪس پسندو آهي.انسان مختلف خيال ڏسندو آهي.ڪي انسان پنهنجي روزگار جي لاءِ پيا سوچيندا آهن،ڪي خيالن ئي خيالن ۾ ڪروڙ پتي بڻجي ويندا آهن،ڪي خيالن ۾ پيا پنهنجا پلان ٺاهيندا آهن.خيال ته خيال هوندا آهن ڪي سٺا خيال سوچيندا آهن ڪي وري منفي خيال سوچيندا آهن.اهي سڀ خيال ئي هيا جن کي عملي جامو پهرائي انسان ذات جي زندگين ۾ سک ۽ چين کي وڌايو ويو.مختلف فلاسافرن مختلف وقتن تي مختلف ٿيوريز پيش ڪيون اهي ڪهڙا نه سٺا خيال پرست هئا جن پنهنجن خيالن کي پيش ڪيو ۽ دنيا ۾ انسان جي تهذيب رهڻي ڪهڻي،اقتصاديات ،سماجيات ۽ سماجي زندگيءَ کي مختلف ويس پهرايا ۽ انسان کي سوچڻ ۽ لوچڻ جا گس ڏيکاري انساني زندگين ۾ تبديلي آندي.ڪن ماڻهن جون سوچون ۽ خيال پاڻ تائين محدود هوندا آهي ته ڪي وري پنهنجي ذات کان نڪري ڪري انسان ذات جي لاءِ سوچيندا آهن.جن ماڻهن به پوري ڪائنات جي انسانن جي بهتر ۽ ڀلي لاءَ سوچي،عملي ميدان ۾ پاڻ ملهايو،انهن پوري دنيا اندر تبديلي آڻي،انسانذات لاءِ سک،امن ۽ انسانيت جو جنهڊو کوڙي ڇڏيو.
    *
    سائين منهنجا: دنيا ۾ ڪابه شيءِ سڄي ساري ڪانهي،هر شيءِ ابتڙ ڳالهين جي ميلاپ مان ٺهيل آهي،ڪابه شيءِ قطعي ۽ آخري ڪانهي،سدائين هڪ هنڌ بيٺل ۽ سدائين ساڳي حالت ۾ ڪانهي.هر شيءِ سدائين ڪنهن نه ڪنهن قسم جي چرپر ۾ آهي،سدائين منجهس ڪانه ڪا ڳجهي يا پڌري،ظاهر ظهور يا اڻ لکي ڦيرگهير پئي ٿئي.ڪابه شيءِ ٻين کان صفا الڳ يا پنهنجي سِرِ مڪمل ڪانهي.مختلف شيون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ هڪ ٻئي اندر سمايل آهن،ڪا به شيءِ مڪمل آرام ۾ ڪونهي،هر شيءِ اندر ابتڙ شيون پاڻ ۾ ويڙھ ڪن ٿيون.انسان جي اندر ۾ به هڪ الڳ دنيا آهي جنهن دنيا جو دستور ئي نرالو آهي،جنهن جي چاهت ئي نرالي آهي،جنهن جا انگل ۽ آرا به نرالا آهن.جن انگل ۽ آرن کي اڻ ڏٺا آرا به چيو وڃي ٿو.لاکيڻي لطيف چواڻي ته
    ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا،نٿو وڻين مون،
    تو جي سڄڻ ساريا، وس ناهن مون،
    جڏهن ڪڏهن تون،ٿواڻ ڏٺا آرا ڪرين.
    سائين منهنجا:هڪ پيغام اهڙن ميڊيڪل اسٽور وارن لاءِ جيڪي پنهنجي منافعي خاطر انساني زندگين سان راند کيڏن ٿا ۽ پنهنجي اسٽور جي آڙ ۾ نقلي دوائن جو ڪاروبار ڪن ٿا.رات وچ ۾ امير ٿيڻ جا خواب ڏسندڙاهڙا سماج دشمن ماڻهو اول ته پنهنجي زندگيءَ جو سڪون وڃائي ويهندا آهن،انهن کي نه آرام هوندو آهي نه ئي صحت ان جي گهر ۾ داخل ٿيندي آهي.اهڙن ميڊيڪل اسٽور وارن کي اهو سوچڻ گهرجي ته جن ماڻهن جي هٿن ۾ اوهان نقلي دوا ڏيئي رهيا آهيو ٿي سگهي ٿو اهي هٿ اوهان جي ڪنهن عزيز لاءِ دوا وٺڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا هجن،يا اوهان خود ڪٿي تڪليف ۾ اچي وڃو ۽ اها نقلي دوا اوهان جي ئي زندگي بچائي نه سگهي!؟ان ڪري ڪنهن جي به صحت سان راند نه ڪجي ،جي اوهان جي ئي صحت سلامت نه رهندي ته اوهان جا اهي ڌنڌا ڪهڙي ڪم جا رهندا؟ هي پهاڪو اوهان هردم ياد رکو ته“ڪوئلي جو واپار ڪندڙ ماڻهوءَ جا هٿ هميشه ڪارا ئي هوندا آهن”
    *


    ٽيون حصو

    سائين منهنجا: ثابت قدمي هڪ اهڙو عمل آهي،جنهن سان انسان وڏيون وڏيون سوڀون حاصل ڪري سگهي ٿو.ثابت قدمي مان مراد اها به آهي ته اسين ڪنهن به ڪم جي پوئواري ڪيون ۽ ڪم کي پورو ڪري توڙ نڀايون،ڪهڙي به ڪم ۾ هٿ وجهجي ته پنهجي دل ۾ واجبي يقين رکجي،ان سان اسان ۾ همٿ پيدا ٿيندي،ڪڏهن به ڪنهن جي روح کي مجروح نه ڪجي،اسين عقل کي پنهنجو رهبر بڻايون.ائين ڪرڻ سان ڪنهن کي ڪوئي صدمو ملي نه سگهندو.هميشه اها ڪوشش ڪجي ته ڪنهن جي شڪل ۽ صورت تي طنز نه ڪجي،اها ڳالھ ذهن ۾ رکجي ته هر صورت ۾ سبحان آهي ۽ هر صورت سهڻي آهي.هيءَدل جي ڳالھ آهي،دلين جون ڳالهيون دلين وارا ئي سمجهندا آهن.
    *
    سائين جمالياتي پهلو يا جمال اهو آهي،جنهن ڏانهن انسان پاڻ مرادو ڇڪجي وڃي ٿو.جنهن جمال کي ڏسڻ سان ڪجھ ڏيڻ لاءِ هر دل ماندي رهي پر وٺڻ لاءِ و به مطالبو نه هجي.جنهن کي روح عنايت ڄاڻي،جيڪو رنج،خوشي جي وچ ۾ ٻڌيءَ جو نالو هجي،جنهن کي لڪ ۾ ظاهر ۾ ڏسي سگهجي،اڻ ڄاڻائيءَ ۾ سڃاڻڻ ۽ خاموشيءَ ۾ ڳالهائڻ جمالياتي حسن آهي.جمالياتي پهلو هڪ طاقت آهي،جنهن جي شروعات انسان جي ذات جي انتهائي پاڪيزگيءَ سان ٿيندي آهي ۽ انتها انهن لفظن تي جيڪو انسان جي تصور کان تمام گهڻو مختلف هوندو آهي.جمالياتي حسن جو پهلو اسان کي اسان جي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگن،لوڪ ادب ۽ لوڪ گيتن ۾ به ملي ٿو۽ اسان جا لوڪ گيت انسان جي تصورن جو هڪ سهڻو روپ آهن.لوڪ گيت اندر جي اڌمن ۽ جذبن جو روپ هوندا آهن،اهي ته اميدن ۽ آسن جا ڏيئا هوندا آهن،جيڪي سنڌي سماج جي آڪاش تي ٽم ٽم پياڪن.
    سائين منهنجا:چڱا عمل چڱيون عادتون پيدا ڪن ٿا،چڱيون عادتون وري اسان جو بهترين ڪردار ٺاهينديون آهن،ڪردار اسانجي قسمت جو فيصلو ڪندو آهي.اسان جي ناڪامي ۽ ڪاميابي جو دارو مدار به اسان جي پنهنجي ئي ڪردار تي آهي.سٺا خيال پوکڻ سان سٺا عمل لڻي سگهبا،سٺا عمل لڻي،سٺي عادت حاصل ڪجي،سٺي عادت پوکي سٺو ڪردارلڻجي ۽ سٺو ڪردار پوکي سٺي قسمت جو فصل حاصل ڪري سگهون ٿا.قسمت سٺي به ٿيندي آهي ۽ سٺي نه به ٿيندي آهي.چوڻ جو مطلب هي آهي ته خوشيون ۽ ڪاميابيون سٺي ڪردار سان ئي ملي سگهن ٿيون ان لاءِ سٺو ٿجي،سٺو سوچجي،سٺو عمل ڪجي.جيئن ٿڌو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ تي رکرائي ٿو تيئن سٺا اخلاق ۽ عادتون به ڪچهري ۾ ،پاڙي ۾، ڳوٺ ۾، شهر ۾ دوستن جي حلقي ۾ عزت ۽ آبرو جو سبب بنجن ٿا.اهي اوهان جا سٺا اخلاق ئي ته آهن جو اوهان سان ڪو نينهن لائي ويٺو آهي۽ هُن اوهان کي پنهنجو تن من ارپي ڇڏيوآهي. ان ڪري ان ڏانهن به پنهنجا نيڻ کڻي مرڪي ته نهاريو.
    *
    سائين منهنجا: هڪ ٻئي سان ڀلائي ڪرڻ انسان ذات سان خير خواهي آهي،خوراڪ،پوشاڪ،گهر ۾ سک سان رهڻ،اهنج ايذاءُ کان بچاءُ،حياتي جي خوشي ۽ دنيا جي آسائش.اهي سڀ شيون اسان حاصل ڪريون ٿا،ٻين جي مدد سان ۽ انهيءَ ۾ لڪل آهي صحبت،محبت،سنگت ۽ ساٿ..ان لاءِ اسان تي اهيو به فرض عائد ٿئي ٿو ته اسين ٻين جو خير گهرون.اسين پنهنجي اندر واري انسان سان گفتگو ڪريون ان کان پڇون ته اسان جو اڄوڪو ڏينهن ڪيئن گذريو؟اسان اڄ ڪهڙا سٺاڪم ڪيا؟ڪٿي غفلت ڪئي.جيڪڏهن اسان اها تربيت روز ڪندا رهنداسين ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو اسان غفلت کي پري ڇڏي اينداسين.زندگي جو اهو ڪڙو عمل آهي ۽ زندگي واقعي هڪ ڪڙو سچ آهي.اسان جي سنڌ جي شاعرن زندگيءَ کي زهر سڏيندي،ان جي ڪڙاڻ مان لطف حاصل ڪرڻ وارن کي ئي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي.
    جو زندگيءَ جي زهر کي،ترياق سمجهي ٿو پيئي،
    سوئي ته من ۾ ٿو رهي،سوئي ته جڳ ۾ ٿو جيئي.
    سائين منهنجا:سنڌ جي ننڍن توڻي وڏن شهرن ۾ مِني سئنيماگهرن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي،جنهن جو اندازو لڳائي ئي نٿو سگهجي.هوٽلن جي روپ ۾ هلندڙ اهي مِني سئنيمائون نوجوانن،شاگردن ۽ ننڍن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي تباهي ڪري رهيون آهن،اسان جي آئندي نسل کي اونداهيءَ طرف ڌڪي رهيون آهن.هوٽل ڏسبا ته اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا هوندا جن جي هٿن ۾ ڪورس جا ڪتاب هوندا.هڪ طرف اهي نوجوان پنهنجي تعليم کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن ته ٻي طرف اهي ڪوڙ بدوڙ هڻي پنهنجي وڏن کان پئسا حاصل ڪري هوٽل تي خرچ ڪري رهيا آهن.اهڙين مِني سئنيمائن جي خلاف والدين وڏا واڪا ڪيا پر وس وارن جي ڪن تي ڪا به جونءَ نه چري،لڳي ائين ٿو ته انتظاميا ڄڻ اگهور ننڊ ۾ ستل هجي، يا لڳي ٿو ته اهڙا عملدار پنهنجي ٽڪي جي مفاد خاطر قوم جي ايندڙ نسل کي قوم جي مستقبل کي ماري رهيا آهن.وري به هن پروگرام وسيلي انتظاميا جو ڌيان هن پاسي ڇڪائيندي اميد ڪريون ٿا ته من ڪو چڱو عملدار جنهن کي قوم جو درد هجي اٿي پوي ۽ مِني سئنيمائن خلاف ڪو قدم کڻي.
    *
    سائين منهنجا: عشق انسان جي فطرت ۾ آهي ۽ فطرت اجَهلُ اصولن جو نالو آهي.جيئن ڪو به ماڻهو وسندڙ مينهن کي روڪي نٿو سگهي،جيئن ڏڌل کير واپس ناهي ورندو.تيئن عشق ۽ زندگي به لازم ۽ ملزوم آهي جهڙي طرح اهو وڻ ئي ناهي جنهن کي واءَ نه لوڏيو تهڙي طرح اهيو ناممڪن آهي جو هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي دل ۾ عشق نه هجي.عشق جا ڪيترائي روپ ۽ رنگ آهن.عشق نالو آهي چاهت جو،پسند ڪرڻ جو.هجي،حقيقي عشق انسان کي قدرت طرفان ملندڙ ڏات آهي،جنهن ڏات جي طلب هر حق ۽ سچ جو سودو ڪرڻ وارن ڪئي آهي. عشق اهو جنهن ۾ شدت هجي، ڇو ته شدت،شدت کي جنم ڏيندي آهي.عشق جي اها ڪيفيت ماڻهوءَ کي شدتن جو سفير بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ عشق اهڙي روشني ٿي ويندوآهي،جنهن روشنيءَ ۾ حق ۽ سچ جو چٽو عڪس نظر ايندو آهي.عشق جي ڳالھ ڪجي ۽ تحفي جو ذڪر نه ڪجي اهيو ٿي ئي نٿو سگهي.ڀلا جيڪڏهن نغمن جا تحفا اسان وٽ ناهن ته سڏڪن جا تحفا ته ڏئي سگهون ٿا.
    سائين منهنجا:هڪڙي ڳالھ جو ذڪر اوهان سان ڪرڻ گهران ٿو، ٿورو ڌيان مون ڏانهن ڪريو.اوهان سان اها رهاڻ ڪرڻي آهي ته ڪڏهن به خيالي پلاءَ پچائڻ نه گهرجن.مڃون ٿا ته خيالي پلاءَ پچائڻ لاءِ اسان کي ڪنهن به قسم جو خرچ ڪرڻو نٿو پوي،نه چانور وٺڻا ٿا پون نه گيھ،نه گرم مصالحو ۽ نه ئي گوشت وغيره.باھ ٻارڻ جي جنجهٽ کان به آجا ته ديگڙي ۾ چمچو گهمائڻ کان به واندا.خيالي پلاءُ پچي به جلدي ٿو وڃي پر اهو پلاءُ اسان جو پيٽ ڀري نه سگهندو.رهندو اسان کي نڪمو ۽ ناڪارا بڻائي هڪ هنڌ ويهاري ڇڏيندو. سڄو ڏينهن کٽ تي ويهي خيالن جي دنيا ۾ خيالي پلاءَ سان گڏ خيالي محل ۽ ماڙيون ٺاهيون ته اهي محل ۽ ماڙيون واريءَ جي گهرن وانگر هونديون جن کي سمنڊ جي هڪ ئي ڇولي ڊاهي ڇڏيندي.ان لاءِ خيالي پلاءُ پچائڻ کان پرهيز ڪري عملي طرح ميدان ۾ لهي پنهنجي محنت سان خوابن کي ساڀيان جو روپ ڏيون.راھ ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي پنهنجي بهتر حڪمت عملي ۽ بهادريءَ سان دور ڪري منزل ماڻيون.
    *
    محترم سامعين: اسين جنهن ڪائنات ۾ رهون ٿا،ان ۾ اسان جي رهڻ لاءِ سيمينٽ،گاري ۽ سرن مان ٺهيل جايون آهن. ڪکن ۽ ڪانن مان ٺهيل ڇنون ۽ مَنَهن.پر ڪي اهڙيون به جايون آهن جيڪي عشق جي اوساري،پريت،پيار،پاٻوھ ۽ پنهنجائپ جي پاڻي،قرب،ڪسر،ڪامرانيءَ جي ڪاٺين،لڳاءُ، لوچ ۽ لڇڻ جي لوھ،الفت،انتظار،احساس ۽ ايمان جي آڳند سان ٺهيل هونديون آهن،اهي جايون انسان ڪنهن زمين تي نه پر پنهنجي جيءَ جي جهان ۽ من اندر واري ميدان تي جوڙيندو آهي،جنهن جاءِ ۾ من گهريو مهمان ئي اچي رهندو آهي.جڏهن عشق جو استاد،نينهن جو ساز ۽ سامان کڻي،اکين جي رستي اندر هليوايندو آهي،تڏهن ان محبت واري،جوڙيل جاءَ جا دروازا پاڻ مرادو کُلي پوندا آهن۽ پوءِ نينهن نڀائڻ جو دور شروع ٿي ويندو آهي.
    هلو هلو ڪاڪ تڙين،جتي نينهن اُڇل
    نڪا جهل نه پَلَ،سڀڪو پسي پريئنءَ کي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙينِ،جتي نينهن پچار،
    ڪانهي ٻي تنوار،سڀڪا پسي پريئنءَ کي.(شاھ)
    سائين منهنجا:ڳالهيون جيڪي ڪڏهن به کٽڻيون ناهن،هڪ ڳالھ پوري ٿيندي ته ٻي ڳالھ جي شروعات ٿيندي،هڪ موضوع جي جاءِ ٻيو موضوع اچي والاريندو.اهڙين ڳالهين ۾ ڪي ڳالهيون هيئن ۾ هنڊائڻ جهڙيون هونديون آهن،جن تي عمل ڪري انسان پنهنجي قسمت سنواري سگهي ٿو.هڪڙي ڳالھ هي به آهي ته زندگيءَ ۾ پنجن شين کي غنيمت سمجهجي.محفل ۾ موجود هجو ته سڃاتا نه وڃو.غائب هجو ته وساريا نه وڃو.حاضر هجو ته اوهان کان مشورو نه ورتو وڃي.اوهان جيڪا ڳالھ ڪريو ان کي قبول نه ڪيو وڃي.جڏهن واقعي ائين ئي هجي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اوهين حق ۽ سچ تي آهيو.هيءَ ڳالھ به پنهنجي اندر واري انسان کي ياد ڪرائي ڇڏجي ته ظلم جو بدلو ظلم نه هئڻ گهرجي.اوهان جي تعريف ڪئي وڃي ته خوش نه ٿجي.اوهان کي ڪو وساري ڇڏي ته ڪاوڙ نه ڪجي.هميشه هرهنڌ نرمي سان ڳالھ جي شروعات ڪجي،ڇو ته نرمي اهڙو فن آهي جنهن سان ٻين جا خيال آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهبا آهن.
    *
    سائين منهنجا: چوندا آهن ته عمل جو دارو مدارنيت تي آهي.نيت صاف ته منزل آسان ۽ نيت بَدِ ته روٽي رد.چوڻ جو مطلب هي آهي ته اسان پنهنجي هن گهمندڙ ڦرندڙ زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به ڏٺا هوندا يا انهن سان اسان جو واسطو پيو هوندو،جيڪي ظاهر ۾ کلمک،وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملڻ وارا،ڳالهين جا ڳهير،ڳالهائيندا ته وڏا وڏا دليل ڏيندا،وڏن وڏن مفڪرن جا نالا وٺي پنهنجي علم ۽ اڪابرائپ کي ظاهرڪرڻ جي ڪوشش۾مشغول هوندا،انسانيت سان محبت جا ڍڪ ڀرڻ وارا هوندا،پر انهن سان جڏهن واسطو پوندو ته خبر پوندي ته انهن جي اندر ۾ ڇا آهي؟ وري چوان ٿو ته ان قسم جا ماڻهو ڪي ڪي ٿيندا آهن سڀ نه. وري ڪي ڪي ماڻهو ڏسڻ ۾ ڏاڍا رُکا هوندا آهن،جواب مختصرڏيندا ، جيڪو انهن جي فطرت ۾ شامل هوندو آهي، ڊيگھ ڪرڻ جا دشمن.ملڻ وارو ماڻهو چوندو ته اهڙي شوخ ماڻهو سان ملجي ئي نه ته بهتر آهي.پر جڏهن انهن جي ويجهو وڃبو آهي ته معلوم ٿيندو ته اهي ڏسڻ ۾ رُکا ماڻهو،اصل ۾ نيتن جا ڪيڏا صاف آهن. وري به چوان ٿو ته ان قسم جا ماڻهوبه ڪي ڪي ٿيندا آهن سڀ نه.سو هميشه پنهنجي نيت کي صاف رکجي.
    محترم سامعين:هن ڪائنات ۾ هن ڌرتيءَ ته سڀ کان اشرف،سڀ کان افصل انسان ذات آهي.انسان جو شرف ان ڪري افضل ٿيو آهي جو انسان ٻي سموري مخلوق کان سمجھ ۽ سوچ،عقل ۽ ڏاهپ ۾ وڌيڪ آهي.انسان،انسان جو ڏک محسوس ڪري ٿو،ڏسي سگهي ٿو،ونڊي سگهي ٿو.انسان جو هڪٻيئي لاءِ عزت ۽ احترام آهي،بري ۽ ڀلي جو سوچي ٿو.ٻين ماڻهن لاءِ بهتر سوچون رکي ٿو.جيڪو انسان ٻين جي لاءِ ڀلايون ۽ همدرديون پنهنجي دل ۾ نٿو رکي اهوجانورآهي جيڪو صرف پنهنجي لاءِ ئي جيئي ٿو۽ وقت اچڻ تي پنهنجي مدد به پاڻ نٿو ڪري سگهي.هرنئين ٿيندڙصبح جو اسين جڏهن پنهنجي ننڊاکڙين نيڻن سان ڪنهن کي ڏسون ته ان لاءِ دل مان دعائون نڪرن ته هي اڄو ڪو ڏينهن سڀني ماڻهن لاءِ سک ڀريو ڏينهن هوندو ۽ ڏک اسان کان ڏور هوندا.
    *
    سائين منهنجا:ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته “انسان ڪنهنجي ياد ۾ سوين سال هڪ بند ڪمري ۾ به گهاري سگهي ٿو.”اها ڳالھ ڪيتري قدر سچي آهي،هر هڪ ذهن جو پنهنجو پنهنجو فيصلو هوندو.پرايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته بند ڪمري ۾ ڪو به شخص پنهنجي من اندر ۾ حسرتن جا مهل اڏي سگهي ٿو.حسرت هڪ اهڙي ڪيفيت آهي،جنهن جي سهاري انسان پنهنجي ذهن جي پردي تي ايندڙ هر فلم کي ورائي ورائي ڏسي سگهي ٿو۽ ڪو به فيصلو ڪري سگهي ٿو.يادون جيڪي تلخ حقيقتون آهن جن کان اڄ تائين ڪوبه منهن موڙي ناهي سگهيو نه ئي يادن کان ڪو آزاد ٿي چڪو آهي.ياد جو لمحو جڏهن به ،جتي به ۽ جنهن تي به ايندو آهي ته اهو پنهنجو وجودوڃائي ويهندو آهي ۽ هوگم ٿي ويندوآهي هڪ اهڙي دنيا ۾جتي حسرتن جي پوري ٿيڻ لاءِ قول ۽ اقرار، قسم ۽ واعدا هوندا آهن.
    *
    محترم سامعين:سڄي ڏينهن جي هڻ وٺان کان پوءِ ،هر ڪم ڪار کان آجا ٿي ،اسان جڏهن رات جي ويلي ڪچهري لاءِ ويهندا آهيون تڏهن ڪچهري ۾ جيڪي ڳالهيون ٿينديون آهن سي ڳالهيون سموري ڏينهن جا ٿَڪَ لاهي ڇڏينديون آهن.هيءَ جيڪا ڪچهري اسان روز ڪندا آهيون،سا ڪچهري اسان جي سماج جو،اسان جي ثقافت جوحصوآهي.اهڙين ڪچهرين وسيلي اسان جي ٻولي زندھ آهي،اهي ڪچهريون ئي آهن،جن جي وسيلي اسان اخلاقي قدر سکون ٿا،علم ۽ ادب سکون ٿا ۽ هڪ ٻئي جي ڏکن کان واقف ٿيون ٿا.سنڌي سماج ۾ ٻهراڙين جي ڪکائن اوطاقن ۾ ٿيندڙ اهي ڪچهريون اسان جي تاريخ کي هر نئين دور ۾ نئين سِرِ لکنديون رهن ٿيون،ڇو ته اهي ڪچهريون ئي آهن،جتان هر بهتري جي عمل جي شروعات ٿيندي آهي.
    سائين منهنجا: جبل جي دامن واري علائقي ۾ مينهن جي پاڻي تي آباد ٿيندڙ علائقي کي ڪاڇو چيو ويندو آهي ڪاڇي جو نالو وٺڻ سان گورک هل ،نئين گاج،ڄارجاوڻ جيڪو کٻڙ جو هڪ قسم آهي ۽ ٻيا سهڻا منظر ذهن ۾ اچن ٿا ڄارجو وڻ لوهه وانگي چٻو ٿئي ٿو پر ٽٽي نٿو، هيءُ مضبوط ۽ عمر ۾وڏو ٿئي ٿو .هن ۾ پيرون به ٿين ٿا، پيرونءَ جي موسم، جنهن کي ءَ جي ملڻ جي مند چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، هن ئي مند ۾ وڇڙيل ملندا آهن. ان ڄار جي وڻ جي واڍي ڪاڇي ۾ ٿي رهي آهي،وڻن جي واڍي جيڪڏهن جاري رهي ته ڪاڇو رڻ پٽ بڻجي ويندو .ڪاڇو ۽ ان جا وڻ قدرتي سونهن آهن ۽ قدرت جي سونهن کي بچائڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هون به سائين وڻ اسان جي ماحول کي گدلاڻ کان بچائين ٿا وڻ پوکجن نه ڪي وڍجن.وڻن سان پيار اهي ماڻهو ئي ڪندا آهن جيڪي پاڻ پيارا هوندا آهن.
    *
    سائين منهنجا:دنيا ۾ ڪي عجيب ۽ غريب واقعا به ٿيندا رهن ٿا، جيڪي اڳتي هلي رسم ۽ رواج بنجي ويندا آهن.اهڙن واقعن ۾ هڪ هي رسم به ٿي ويئي آهي.جزيره هيبرجز ۾ اليڪشن جو طريقو هي آهي ته ووٽ ڏيندڙ ،اميدوارن کي مارڪڍندا آهن،جيڪو وڌيڪ مار برداشت ڪندو ان کي ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ويندو.مراڪش جي هڪ قبيلي ۾ هڪ رسم آهي ته شاديءَ جي موقعي تي قبيلي جو اڳواڻ هڪ تيز ڇري ڪنوار جي ڳچيءَ تي رکي چير ڏيندو،جيڪڏهن رت جو هڪ ڦڙو نڪرندو ته نڪاح ٿي ويندو.هن رسم جو مطلب هي آهي ته ڪنوار هاڻي مڙس جي رحم ڪرم تي هلندي .
    *
    محترم سامعين:وڇوڙو هڪ اهڙو لفظ آهي جنهن جي اندر جي سمايل آهن،ڪيتريون ئي ڀوڳنائون،وڇوڙي جو وقت هڪ اهڙي گهڙي ٿئي ٿي،جنهن گهڙيءَ ۾ خود جي خبر ناهي رهندي.ڪونج جڏهن ولر کان وڇڙي ويندي آهي،تڏهن هوءَ آڪاش ۾ ڪُرلائيندي،پنهنجي وڳر جي ڳولا ۾ پريشان اڏامندي رهندي آهي.وڃوڙي جي گهڙي جنهن به ڏٺي آهي،ان جي اثر کان اهو ئي واقف هوندو.انتظار جو ڦل مٺو ضرور آهي پر اهي انتظار جون گهڙيون ڪير ڪيئن ٿو گذاري،ان لاءِ هر هڪ جا پنهنجا پنهنجا ويچار ٿين ٿا،پر سڀني ويچارن جو مطلب هڪ ئي هوندو آهي ته“وڇوڙي جو ٻيو نالو گهاءَ آهي،درد آهي ۽ پيڙا آهي.”اسان جي سماج جي اڪثر شاعري وڇوڙي جي صدمي مان ناهي نڪري سگهي.
    سائين منهنجا: دنيا جي عظيم انسانن جي عظيم لفظن ۾ اسان لاءِ هڪ سبق سمايل آهي.جيئن امر جليل چوي ٿو ته“سچ جي حمايت فقط ڪوڙ نه ڳالهائڻ سان نٿي ٿي سگهي،پر سچ جي حمايت فقط سچ ڳالهائي ڪري سگهجي ٿي.”علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو قول آهي ته“انسان اشرف المخلوقات تڏهن ٿئي ٿو،جڏهن هو زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪري ٿو”لبنان جي ڏاهي خليل جبران چيو ته “ تون محبت ۽ دلين جو روح آهين،تنهنجا نغما پاڪ ۽ آزاديءَ جي ساٿ لاءِ آهن ۽ اهي گيت غلاميءَ ۾ ڪڏهن به ڳائي ۽ آلاپي نٿا سگهجن.”دوستيءَ بابت خليل جبران جا خيال آهن “دوستي فقط دوستي خاطر ڪجي،ڇو ته جيڪا دوستي ڪنهن به مطلب لاءِ ڪئي وڃي ٿي،سا دوستي نه آهي پر هڪ ڄار آهي،جنهن ۾ شڪار ۽ شڪاري ٻئي ڦاسن ٿا”.
    *
    محترم سامعين: سچن ماڻهن جي سخنن ۾ سچائي جا رستا هوندا آهن جن تي هلي ڪري اسان ڪامياب زندگي بسر ڪري سگهون ٿا. لارڊ شين جي گم ٿيڻ بابت چوي ٿو ته“شيون وڃائجي ناهن وينديون،پر اصل ۾ اسان کين اُتي ناهيون ڳوليندا جتي اهي پيون هونديون آهن.”امام غزالي فرمائي ٿو ته“جيڪڏهن گفتگو نرم آهي ته زبان آهي نه ته زيان آهي”ارسطو چوي ٿو ته“نا اميد ٿيڻ سان عمر گهٽجي ٿي”خوبصورتي ٻين جي چهرن تي نه پر پنهنجي اکين ۾ هوندي آهي”“حقيقي خوبصورتيءَ جو چشمو دل آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪاراڻ آهي ته چمڪندڙ اکيون به ڪم نه اينديون”انسان سان محبت الله سان محبت آهي.ڪامل انسان اهو آهي جنهن کان ان جا دشمن به بي خوف هجن ۽ اهو ماڻهو ئي ڪهڙي ڪم جو جنهن کان سندس دوست ئي خفا هجن.
    *
    محترم ساٿيو: وقت واريءَ جيان بند مٺين مان وهندو پيو وڃي ۽ اسين خوشين جي ڳولها ۾ پريشان آهيون.جڏهن ته خوشين کي ڳولهڻ جي ضرورت ئي ڪونهي،هر وقت هر گهڙي خوشي اسان جي آسپاس موجود آهي،خوشيءَ کان سواءِ زندگيءَ جو تصور ممڪن ڪونهي.زندگي ڀلي هزار مسئلن ۾ گهيريل هجي پر جڏهن زندگيءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي خوشي پنهنجا رنگ ڏيکاريندي آهي ته ماڻهو پاڻ کي تمام گهڻو تازو توانو بڻائي ڇڏيندو آهي.خوشيون پاڻهي ناهن ملنديون پر خوشين جي ڳولا ۾ انسان کي نڪرڻو پوندو آهي،اها اٽل حقيقيت آهي ته جيستائين انسان تڪليفون نٿو برداشت ڪري تيستائين خوشيون انهيءَ کي ناهن ملنديون.
    سائين! زبان مان مٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻولڻ،سنجيده سخن ڪڍڻ،نرم ۽ سهائيندڙ ڳالهاءُ ڳالهائيندڙ کي مٺي زبان يا زبان جي فضيلت چئجي ٿو.اهرا مٺڙا ٻول مٺڙي زبان مان ئي نڪرندا آهن.انهيءَ زبان ۾ جادو کان به وڌيڪ اثر ٿيندو آهي ۽ مرليءَ کان وڌيڪ منڊ.جنهن سان انسان جون دليون منڊبيون آهن.اهڙي زبان جڏهن به بيان ڪندي آهي تڏهن ڄڻ قرب جا ڪڪر بڻجي سورن جي سيج کي ويڙهي ڇڏيندا آهن ۽ محبت جا مينهن وسڻ شروع ڪندا آهن.مٺي زبان اهڙي زنجير آهي جيڪا انسان کي قرب جي ڪڙيءَ ۾ قابو ڪري ڇڏيندي آهي.مٺي زبان دل کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺي،مٺي زبان بيمار لاءِ مرهم جو ڪم ڪري ٿي.
    *
    سائين منهجا:رگ ويد هڪ اهڙو ڪتاب آهي،جيڪو سنڌؤ بابت اسان کي اهم معلومات ڏيئي ٿو.رگ ويد ۾ زندگي ڏيندڙ لفظن ۾ سنڌؤ جي ساک ڀري وئي آهي،سنڌؤ جو ڇاته شان ۽ شوڪت آهي،عزت ۽ عظمت آهي،مان ۽ مرتبو آهي،تيج ۽ تجمل آهي،دٻدٻو ۽ ٺاٺ آهي.هيءَ ندي ڪيڏي نه عاليشان ،ڀڀڪيدار ۽ سوڀيا واري ندي آهي،هن جو وهڪرو تمام وڏو شانائتو آهي،ائين لڳندو آهي ته هوءَ سريلي آواز سان راڳ ڳائيندي وهندي رهي ٿي،ڄڻ پيار جا امر گيت جهونگاريندي رهي ٿي،سنڌؤ جو شاهاڻو نور ڏسڻ وٽان آهي،هن کي وهڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ ناز ۽ نخري سان هلڻ ۾ هن کي قرار ايندو آهي.
    *
    سائين منهنجا:سنڌ جي سر زمين کي اهيو شرف حاصل آهي،ته هتي اهڙن بزرگن ۽ اوليائن جنم ورتو آهي يا هن ڌرتيءَ کي پنهنجو مسڪن بڻايو آهي.جن امن،محبت،انسانيت وارو لافاني پيغام ڏنو، جنهن ڪري سنڌ جي سر زمين سموري دنيا ۾ مشهور ماڻي۽ هتي رهندڙن سندن ان تصوف واري پيغام جي ڪري روحاني رنگ ۾ سمائجي سڀ نفرتون ۽ ڪدورتون من مان ڪڍي صرف ۽ صرف انسانيت ۽ محبت کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو.اهڙي دنيا جي بادشاهن جا بادشاھ شاھ لطيف،سچل سرمست،لال شهباز،بيدل،بيڪس،سامي،شاھ عنايت،شاھ ڪريم،عبالرحيم گرهوڙي،ٻڍل فقير ۽ ٻيا کوڙ سارا عظيم انسان شامل آهن جن جي حيثيت نرالي آهي،جن وحدت واري وائيءَ جي نظرئي تي ڪاربند رهي،هن ڌرتيءَ کي سونهن ۽ رونق بخشي آهي.
    سائين! آزادي هر انسان جو بنيادي حق آهي.ڪنهن به ملڪ ،ڪنهن به قوم يا ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهو قطعي حق ڪونهي ته هوڪنهن به ملڪ،قوم يا ماڻهوءَ کي غلام بڻائي،ان جي وسيلن،مال ملڪيت تي قبضو ڪري ان کي مظلوم ڪري ڇڏي.آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ فرد مظلوم ۽ محڪوم قومن جا انمول هيرا هوندا آهن.وطن ۽ وطن جي ماڻهن جي حقن لاءِ جيڪي به ماڻهو ميدان تي نڪري ظلم،ڏاڍ ۽ جبر خلاف اٿي بيهن ٿا ۽ بلند آواز ظلم کي ظلم چون ٿا،انهن جا نالا تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيا وڃن ٿا.ٻي طرف باوقار ماڻهو ۽ قومون وطن جي آزاديءَ لاءِ ويڙھ ڪندڙن کي پنهنجي اکين ۽ جيءَ ۾ جايون ڏينديون آهن.ڇو ته انهن جو رتبو اتم ۽ اعليٰ آهي.
    *
    سائين ! عام حالتن ۾ اسان ماڻهو پنهنجي سوچ جي آهر اهڙا به فيصلا ڪندا آهيون،جن جي نتيجي جي پرواھ ناهيون ڪندا ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪڏهن ڪڏهن غلط نتيجا آڻي منجهائي ڇڏيندو آهي.اهڙو قصو اسان پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ بار بار ورجائيندا آهيون.اهو حقيقي محبوب اسان جي ساھ ۾ سمايل آهي،اهو جيڪو اسان جي دل جي ڌڙڪن آهي،اهو محبوب جيڪو اسان جي اکين ۾ هميشه ويٺل آهي ۽ اهو هميسه عقل جو حاڪم آهي.تنهن ءَ کي اسين ڳولڻ لاءِ ٻيا هنڌ جانچيندا آهيون پر جيڪڏهن پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته اهو اسان جي من ئي موجود هوندو.لطيف سائين فرمائي ٿو.
    وڃين ڇو وڻڪار،هت نه ڳولين هوت کي،
    لڪو ڪين لطيف چئي،ٻاروچو ٻئي پار،
    ٿيءُ سَتي ٻڌُ سنڌرو،پِرت پنهونءَ سين پار،
    نايو نيڻَ نهار،تو ۾ ديرو دوست جو.
    *
    سائين:هر ماڻهو جڏهن صبح جو ننڊ مان اکيون کولي اٿي ٿو،تڏهن هو چاهيندو آهي ته هن جون اکيون سڀ کان اول ڏسن ته ڪنهن سونهن کي،ڪنهن پياري ماڻهوءَ کي،ڪنهن حسين منظر کي.هونءِ به سائين هر اک جي ڏسڻ جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي،اهيو ضروري به ناهي ته جيڪا شيءِ جنهن کي سهڻي لڳي ٿي اها سڀ جي اک کي حسين نظر اچي.ان ڪري هن ڪائنات جو نالو ئي سونهن رکيو ويوآهي.سونهن ته سٺي سيرت،سٺن اخلاقن ۽ سٺن ڪردارن جو نالو آهي.اسان جيڪڏهن غور سان سوچينداسين ته سونهن اسن کي هر هڪ ذري ۾ ملندي.
    سائين! جنهن ۾ سڃاڻپ ڪونهي اهو ان تلاءَ مثل آهي جنهن ۾ پاڻي ڪونهي.اهو نوجوان جنهن ۾ سٺا لڇڻ ڪونهن،سو ان باغ مثل آهي جنهن ۾ گل ٻوٽا نه هجن.اهو درويش جنهن ۾ حق جي سڃاڻپ ناهي سو ان اک مثل آهي جنهن ۾ نور نه هجي.اهو علم وارو جنهن ۾ پرهيز ڪونهي سو ان گهوڙي وانگر آهي جنهن کي لغام ڪونهي.اهو شاهوڪار جنهن ۾ ڀلائيءَ جو گڻ نه هجي،سو ان وڻ مثل آهي جنهن ۾ ميوو نه آهي.مولانا رومي جو قول آهي ته “وسوسي جي ڪپھ ڪنن مان ٻاهر ڪڍ ته تنهنجي ڪنن ۾ آسماني آواز اچڻ لڳي” حافظ شيرازيءَ جو چوڻ آهي ته “ اسين تڪبر جي نشي ۾ مست آهيون ۽ ان جو نالو اسان هوشياري رکيو آهي”بو علي سينا فرمائي ٿو“جيڪو شخص پنهنجي دوستن جي هر قصور ۽ خطا تي ڪاوڙ ڪندو ته ان جا دشمن تمام گهڻا ٿي ويندا”خواجا معين الدين چشتي جو قول آهي ته “ والدين جي چهرن تي محبت سان نظر ڪرڻ به الله جي خوشنودي جو سبب آهي”افلاطون جو چوڻ آهي ته“ڪنهن به ڳالھ تي پهريان دير تائين سوچيو پوءِ واتان ڪڍو ۽ بعد ۾ ان تي عمل ڪريو”۽ بقراط جو چوڻ آهي ته“ ماڻهو ڪنهن سان نيڪي نٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪري سگهي ٿو جو ان کي ان جي براين کان آگاھ ڪندو رهي”
    *
    سائين منهنجا ڪجھ لکئي جو ليک به آهي جيڪو نينهن سان جڙيل آهي.جي نينهن نه هجي ها ته مجنون ليليٰ واسطي صحرا جو مسافر نه بڻجي ها،اهيو نينهن ئي هيو جنهن سهڻيءَ کي مهراڻ جي موجن ۾ آڻي اڇليو،اهيو نينهن ئي ته هيو جنهن سسئي کي پنهل جا پيرا کڻڻ لاءِ برپٽ،بيابان ۽ جبلن ۾ آڻي جستجو ڪرائي ۽ اهيو به ته نينهن ئي هيو جنهن مارئي کي پنهنجي مارن جي محبت سان منور ڪيو جنهن عمر جي محلن کي ٿڏي لوئي جي لڄ رکي.لاکيڻي لطيف جي هڪڙي بيت ۾ لکئي ۽ نينهن جو ڪيڏو نه وسيع ۽ خوبصورت عڪس آهي.
    آئون ڪِ نه ڄاڻان ايئن، ته جَرَ گهڙي جوکو ٿئي،
    قضا جا ڪريم جي،تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪيئن ؟
    هِڪُ لِکئي ٻيو نينهن،آڻي اُڇليو آب ۾.
    سائين منهنجا:اسان جو اهڙن ماڻهن سان ضرور واسطو پيو هوندو جيڪي پئسي کي حاصل ڪرڻ لاءِ “سڀ ڪجھ” ڪرڻ لاءِ ٿيار ٿي ويندا آهن.اهڙا ماڻهو جيڪي رات وچ ۾ امير ٿيڻ جا خواب ڏسن ٿا ۽ پوءِ ان خواب جي تعبير لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفر شروع ڪن ٿا.اها تمام سٺي ڳالھ آهي.پر انهيءَ لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪرڻ ضروري آهي .پر ڪي ماڻهو گهٽ پيسي ڀرڻ جي لالچ ۾ اچي اهڙن ايجنٽن جي وَرِ چڙهي ٿا وڃن،جيڪي هڪ ته غير قانوني طريقي ۽ ٻيو ته جان کي جوکم ڏيندڙ رستي ذريعي ماڻهن کي مسافري ڪرائين ٿا.اهڙا ايجنٽ ماڻهن کان هزارين روپيا وٺي ڪوڙ ۽ دوکي ۾ رکي پئسن ڪمائڻ جا حسين خواب ڏيکاري،اهڙي ته اوجهڙ ۾ وجهن ٿا جتان ڪو هڪ اڌ مشڪل سان پار پوي ٿو.هڪ متاثر شخص ٻڌايو ته “دوکي باز ايجنٽ پهريون ته بلوچستان جي جبلن ۾ رلايو ۽ رهايو،ان بعد سرحد ٽپي خوف جي عالم ۾ ايران جي پهاڙن ۾ رلياسين.پورا اٺ ڏينهن جبلن ۾ رلندي جانورن واري زندگي گذارڻ لڳاسين”هن وڌيڪ ٻڌايو ته“اهڙي ڏکي گهڙيءَ ۾ ڪو به ڪنهن کي پاڻي جو گلاس ته پري رهيو پر ٻه ڍڪ به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.اهڙي صورتحال ۾ ايجنٽ اسان کي اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو ۽ اسان ان ملڪ جي قانون جي گرفت ۾ آياسين ، سزا ڪاٽي واپس وطن ورياسين”چوڻ جو مقصد هي آهي ته اهڙن طريقن سان انسان سُکيو ته نٿو رهي سگهي پر تمام ڏکيو وقت گهارڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو،سو هميشه سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجي.
    *
    سائين منهنجا:انسان جيئن هوا،باھ،پاڻي ۽ مٽيءَ کان سواءِ رهي نٿو سگهي،تيئن انسان جو وجود هڪ اهڙي ڪيفيت سان ڳنڍيل آهي،جنهن جي آڌار تي انسان وڏا وڏا محل ٺاهيا،سا ڪيفيت آهي “واعدو”.جنهن لاءِ سياڻن جو چوڻ آهي ته “واعدو ڪجي ته وفا ڪجي” ڇو ته واعدي پويان ڪنهن جا اتساھ،ڪنهن جون چاهتون،ڪنهنجون حسرتون ۽ ڪنهن جون اميدون لڪل هونديون آهن.جڏهن واعدا وفا ناهن ٿيندا تڏهن اندر مان هڪ آھ نڪرندي آهي،جنهن آھ جي پويان هڪ آس،هڪ اميد،هڪ جذبو۽ عشق جو طوفان هوندو آهي.ٻي پاسي حسن آهي جنهن جا واعدا وري وفا ئي ناهن ٿيندا،جيئن هڪ ٻيو پهاڪو آهي ته “اهو واعدو ڪهڙو جيڪو وفا ڪجي”پر سياڻا ته چئي ويا آهن ته “ڳوليان ڳوليان مَ لهان،شال مَ ملان هوت” يعني انسان جي من ۾ سدائين تڙپ ئي تڙپ هجي.
    سائين منهنجا: اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا،ان ۾ پاڻ وڻائن لاءِ هٿ ٺوڪيا طور طريقا اختيار ڪريون ٿا.ٻين جي اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي اڳتي نڪري وڃڻ ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏيون.ڏسڻا وائسڻا ماڻهو جيڪي هر هنڌ انسانيت جي پرچار ڪندي،عورتن جي حقن جي ڳالھ ڪندي ٿڪبا ناهن.پر جڏهن انهن ماڻهن مٿان امتحان وارين گهڙيون اينديون آهن،تڏهن اهڙا ماڻهو اڪثر ڪري کوکلا نڪرن ٿا.هڪ اهڙو واقعو اسان جي هڪ واقفڪار سان پيش آيو.اسان جو اهو واقفڪار اڪثر محفلن ۾ عورتن جي حقن جون ڳالهيون ڪندو ماپي ۾ نه ماپندو هيو.ان همراھ جو سڱ سندس والدين پنهنجن مائٽن ۾ ڪرڻ گهريو ته همراھ جي منهن جو پنو ئي لهي ويو ۽ ٺھ پھ انڪار ڪندي پيءُ ماءُ کي چيائين ته “مان ان ڇوڪريءَ سان شادي نٿو ڪري سگهان،ڇو ته ان جي هڪ ٻانهن سڙيل آهي”حقيقت هي آهي ته اها ڇوڪري جڏهن نون ڏهن ورهين جي هئي ته گرم پاڻي ٻانهن تي هارجڻ ڪري سڙي پئي هئي،جنهن جو علاج ڪراچيءَ جي هڪ وڏي اسپتال ۾ ڪرايو ويو.ڇوڪريءَ جي ٻانهن بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي، بس رهجي ويس ته سڙڻ جو نشان.عورتن جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ دوست تي حيرت ٿي ته اهو عمل جي ميدان ۾ ڪيڏو نه بي عمل آهي.هو پنهنجي قول جي ابتڙ ڪم ڪري ٿو.ڇا؟
    *
    سائين منهنجا: اڄڪلھ ميڊيا تي ڪجھ مڪبته فڪر جي ماڻهن طرفان سنڌ بابت شهري ۽ ديهي علائقن جو اصطلاح استعمال ڪيو پيو وڃي.جيڪا ڳالھ جاگرافي حدن جي سڃاڻپ جي حد تائين ته ٺيڪ آهي،پر جيڪڏهن ان ڳالھ پٺيان ڪي ڳجھا مقصد رکيل آهن ته اهي اصطلاح ڪنهن به صورت ۾ استعمال نه ٿيڻ گهرجن.ميڊيا تي اهڙا بيان بار بار جاري ڪيا پيا وڃن.جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شايد سنڌي ڳالهائيندڙ صرف ٻهراڙين تائين محدود آهن.جڏهن ته شهرن ۾ رهندڙ آبادي صرف اردو ڳالهائيندڙن جي آهي.ڏٺو وڃي ته ڪراچي گهڻ ٻوليائي شهر آهي.جڏهن ته باقي سموري سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي،صرف هڪ يا ٻن شهرن جي ڪنهن هڪ ٻولي کي سامهون رکندي سموري سنڌي ٻوليءَ تي وار نه ڪرڻ گهرجي.ٻئي طرف شهري ۽ ديهي سنڌ جو استعمال ڪري،اهم ملڪي معاملن ۽ پاليسين جي جوڙ جڪ کان سنڌين کي پاسيرو رکڻ جر ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ٻولي جو اصطلاح قومن جي ترقيءَ ۽ تقدير تي وڏا اثر انداز ٿيندا آهن.جن جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي.
    سائين منهنجا: هڪ پيغام انهن عملدارن ۽ ٺيڪيدارن لاءِ جيڪي پنهنجي ذاتي ۽ ننڍڙي مفاد ۾ ڪميشنون ڏيئي وٺي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري ملڪي پيسي جو زيان ڪري رهيا آهن.اسان جا محترم سرڪاري ڪامورؤ ۽ ٺيڪيدارؤ اميد آهي ته اوهان خوش هوندا.دوستو اسان کي پنهنجي ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي،سچائي ۽ ايمانداريءَ سان هن ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ انهن جي تقدير سنوارڻي آهي
    *
    .پر منهنجا دوستو ڪي فرد جيڪي اوهان جائي پَٽي ڀائي آهن اهي تعليم،صحت،مواصلات،جنگلات،تعميرات،سماجي ادارن،لوڪل ادارن ۽ ٻين کاتن ۾ ٿيندڙ ترقياتي منصوبن ۾ ملي ڀڳت ڪري،ناقص مال استعمال ڪري هڪ ته ملڪي ناڻي کي غلط استعمال ڪن پيا ته ٻي طرف ناقص مٽيريل سان ٺهيل عمارتون،روڊ ۽ رستا،ننڍا وڏا واھ پڻ پنهنجي عمر کان اڳ ئي ختم ٿيو وڃن.ڇا اوهان ڪڏهن گِهرو غور ڪيو آهي ته جيڪي سماج جي تباهي جا ذميوار آهن اهي ذهني ۽ جسماني طور صحتمند آهن؟؟؟ بلڪل نه اهي. ان ڪري وفاداريءَ جو ڦل کائي ڏسو، جنهن ۾ سڪون ئي سڪون آهي.
    *
    سائين منهنجا: اسان جي سماج ۾ پيءُ ماءُ کان پوءِ جنهن ٻي هستيءَ کي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو اها هستي استاد جي آهي.جيڪو انسان ڪنهن کي ٻه اکر سيکاري ٿو اهو استاد جي لقب ساب نوازيو وڃي ٿو.اسان جن اسڪولن جي ڇتين هيٺ علم ۽ شعور حاصل ڪيو،اهو علم ۽ شعور اسان انهيءَ هستيءَ استاد کان مليو.هن وقت ڏک وچان هيءَ ڳالھ چئجي ٿي ته اڄ ان هستيءَ کي اسان وساري ويٺا آهيون.ان ۾ ڪجھ اهڙن استادن جو عمل آهي جيڪي پنهنجي پيشي کي صرف پگهار حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن،جن جي ڪري استادن تي آڱريون کڄن ٿيون.افسوس هي به آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙا ستاد به اسان کي ملندا جن جا پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا،سوال پڇڻ تي جواب ملندو ته“سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار نه آهي”اهڙي قسم جي ڳالھ ڪندي اهڙا استاد اهو وساري ويهندا آهن ته هو جن اسڪولن جا استاد آهن انهن ۾ ٻين غريب ماڻهن جا ٻار به پڙهي رهيا آهن.جن جو هو سرڪار کان پگهار جي صورت ۾ معاوضو وٺي رهيا آهن.اچو ته اسين پاڻ سان وچن ڪريون ته پنهنجي فرض کي ايمانداريءَ سان ادا ڪنداسين ۽ قوم سان ويساھ گهاتي نه ڪنداسين.
    محترم سامعين: اسان جي سنڌ جي اپر ضلعن ۾ ڪافي عرصي کان قبيلائي جهيڙا عروج تي پهتل آهن،جن جي ڪري انهن علائقن ۾ تعليم جهڙي زيور کان ٻار پري آهن،عورتن،مردن،پوڙهن ۽ معصوم ٻالڪن جون دليون هيسيل آهن ۽ ويڳاڻيون آهن،انهن کي پنهنجو ايندڙ وقت روشن نظر نٿو اچي..انهن علائقن ۾ جيڪڏهن ڪوئي کلي ٿو ته اهو انهن جو برو وقت آهي،جيڪو ماڻهن جي اڻ ڄاڻائي ۽ انا پرستيءَ واري روش تي کلي ٿو.جيڪي پنهنجي دل جي ڪوڙي تسڪين لاءِ سنڌرا ٻڌي جهيڙي ۾ ڪاهي پون ٿا.هنن تڪرارن ۾ امن پسند ماڻهو به سٽجي وڃن ٿا.ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا آهن،اهي ڳوٺ اسان جي ڪهڙي تاريخ ٺاهيندا؟ ان سوال جي جواب ۾ جيڪڏهن روشن تاريخ نظر نه اچي ته پوءِ روشن ۽ سونهري تاريخ لکڻ لاءِ اسان کي انهن جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.تڏهن اسان جي ڳوٺن مان رسي ويل خوشيون ۽ شادمانا واپس موٽي اچي،اسان جي ايندڙ نسل کي سونهري خواب ڏيکاريندا ۽ انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ اسان جو ايندڙ نسل تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن ڏانهن رخ ڪندو ۽ پوءِ وري اسان جا ڳوٺ امن ۽ پيار جا گيت ڳائيندا.
    *
    محترم سامعين: اسان جي هنن علائقن ۾ وياج خورن جو ڄار ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو پيو وڃي.اهي وياجي ڪنهن غريب جي مجبوريءَ ۽ بيوسيءَ جو ناجائز فائدو وٺي،انهن جي جيئڻ جا گس بند ڪري ڇڏين ٿا.اول اهڙا وياجي ماڻهن کي پنهنجي اسڪيمن يا وياج جي رقم وٺڻ کي سونهري خواب ڏيکارين ٿا ،جيڪوماڻهو انهن جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو پوءِ ان کي ڳري وياج تي رقم يا موٽر سائيڪلون وغيره ڏيئي ڇڏين ٿا.وقت سر رقم ادا نه ڪرڻ سبب اهي وياجي بي رحم بڻجي وڃن ٿا ۽ اهي ايڏا ته با اثر آهن جو انهن جي رهڻ وارن اجهن تي قبضا ڪري گهر ڌڻين کي بي گهر ڪري پنهنجي رقم وصول ڪري وڃن ٿا.مجبور ماڻهو وياج خورن جي شوروم تان موتر سائيڪل وياج تي خريد ڪري،ان ئي شوروم تي،ان ئي وقت پنجن ڇهن هزارن جي گهاٽي ۾ ساڳي ئي مالڪ کي وڪرو ڪري ڏين ٿا. ٻي پاسي وري اهڙن مسڪين ماڻهن جي دانهن ڪو به نٿو ٻڌي.اهڙي وياج خورن جي عذاب کان عوام کي بچائڻ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ وٺي پنهنجي عوام کي بچايو ۽ عوام جي حفاظت ڪرڻ واري کنيل قسم جي پاسداري رکو.
    محترم سامعين: هر سماج ۾ سڀ کان اول جنهن شيءِ کي توريو تڪيو ويندو آهي،سي اخلاقي قدر آهن،جنهن قوم يا معاشري ۾ اخلاقي قدر اعليٰ هوندا آهن،اها قوم ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي رهندي آهي.اخلاقي قدرن ۾ هر هڪ جو احترام ڪرڻ سڀ تي لازم هوندو آهي،پر عورت جي عزت ۽ احترام کي سڌريل معاشري ۾ وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي.اسان صدين کان سماج ۾ پنهنجو الڳ مقام رکڻ واري قومن منجهان آهيون،جنهن وٽ دنيا جا بهترين اخلاقي قدر تاريخ طور شاهد آهن.عظيم انسان جي اها سڃاڻپ آهي ته هو پنهنجي گهر جي ڀاتين جيان سماج جي ٻين فردن کي ڏسي ۽ انهن جي عزت ۽ احترام ڪري. اسان کي هيءَ ڳالھ به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عورت اسان جي سماج جو برابر حصو آهي،ا جي تعليم بهتر کان بهتر سماج اڏڻ ۾ اسان جي مدد ڪندي.اچو ته اسين پنهنجا رويا بدلائي،پنهنجي اعليٰ تاريخي ورثي،اخلاقي قدرن کي مضبوط ڪريون ۽ هڪ سڌريل قوم جو اعليٰ مثال بنجي پوري دنيا جي انسانن کي ٻڌايون ته اسان ڪلھ به اخلاقي قدرن سان مالا مال هياسين ۽ اڄ به مالا مال آهيون.
    *
    سائين منهنجا:گندگي جنهن جي نالي کڻڻ سان ڊپ ٿئي ٿو،جنهن جي پيٽ مان هزارين مهلڪ ۽ زندگي وڃائيندڙ بيماريون پيدا ٿين ٿيون.اسان جون اسپتالون،خانگي سينٽر بيمارن سان ڀريل آهن. ڪڏهن اسان اهو سوچيو آهي ته انهن بيمارين جي پيدوار ڪرڻ وارن ۾ اسان به شامل آهيون.اسان پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن کي گندگيءَ جي ازدها بلا جي وات ۾ ڏئي رهيا آهيون.اسان اڪثر پنهنجي گهر جو گند گهٽيءَ ۾ اڇلي،گهٽيءَ کي خراب ڪريون ٿا،جنهن گهٽيءَ مان اسان ۽ اسان جا ٻار هر وقت گذر ڪريون ٿا،دوڪاندارن کي ڏسنداسين ته اهي روز صبح جو دڪان جو گند ڪڍي روڊ جي وچ تي ان آسري تي ڦٽو ڪندا آهن ته اجهو ڪي اجهو صفائي جو عملو آيو ۽ روڊ شيشو ٿي ويندو،وري اسانجي صفائي واري عملي کي ڏسبو ته اهي وري پنهنجي فرض کي صحيح نموني ادا نه ڪندي پوري گنديءَ کي صاف ناهن ڪندا. ڇا اسين هڪٻئي تي ڀاڙي معاشري کي صاف رکي سگهون ٿا؟ جواب ۾ هي چوندس ته، “نه”.ان جو آسان حل هي آهي ته اچو ته معاشري کي صاف رکڻ لاءِ گڏجي پنهنجا فرض صحيح طرح ادا ڪريون.
    سائين منهنجا: چوندا آهن ته دلاسي جهڙو دشمن ڪو به ڪونهي.جڏهن نه اسين ڪنهن کي ڪو دلاسو ڏيندا آهيون،تڏهن اهو ماڻهو اسان جي دلاسي جي بنياد ٿي پنهنجي اميدن جي عمارت اڏيندو آهي ۽ جڏهن اهو دلاسو کوکلو بنجي پوندو آهي تڏهن اميدن جي عمارت ڊهي پوندي آهي جنهن سان مايوسي پيدا ٿيندي آهي.دلاسو من اندر سانوڻ جي رُتِ جيان وسڪارو ڪندو آهي. ان لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪوڙو دلاسو ڏئي هن کان هن جي من جو بهار نه کسڻ گهرجي.جيڪڏهن اسان وٽ ڪنهن کي ڪجھ ڏيڻ لاءِ نه آهي ته ان کي مرڪ ئي ڏجي،مرڪ اهڙي سخاوت آهي جنهن سان اسين ماڻهن جون دليون کسي سگهون ٿا،اسين مرڪ جي بهار جا جهوٽا بڻجي، خزان ۾ ڇڻيل دلين جي باغ لاءِ نوان گل آڻيون.
    *
    محترم سامعين:ڪي اهريون ڪيفيتون يا شيون هونديون آهن جيڪي ڏسڻ ۾ ڏاڍيون قيمتي لڳنديون آهن،پر اهڙين شين کان وڌيڪ ٻيون شيون به هونديون آهن جيڪي ناڻي ۽ زر کان وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارائتيون هونديون آهن.جيئن سنڌي سماج جا وڏڙا ۽ لوڪ ادب جا پارکوچئي ويا آهن ته“ روپيو وڃائجي پر روپ نه وڃائجي.پنج وڃائجن پر پنهنجائپ نه وڃائجي.ڏھ وڃائجن پر ڏاهپ نه وڃائجي.سَوَ وڃائجن پر ساٿ نه وڃائجي.لک وڃائجي پر لڇڻ نه وڃائجي. ڪروڙ وڃائجي پر قرب نه وڃائجي. کرب وڃائجي پر خلوص نه وڃائجي. هٿ وڃائجي پر سلام نه وڃائجي. همت وڃائجي پر همدردي نه وڃائجي. طعام وڃائجي پر ڀرم نه وڃائجي ۽ سائين وري ڪنهن کي ميار به نه ڏجي ۽ پنهنجي بخت کي ياد ڪجي.
    *
    محترم سامعين: هڪڙن ماڻهن تي قومن جا احسان هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڪروڙن جي تعداد ۾ هن ڪائنات ۾ موجود آهن.پر ڪي ماڻهو اهڙا ماڻهو،جن جو قوم تي احسان هوندا آهن،اهڙا املھ ماڻهو هن ڪائنات ۾ ٿورڙا پيدا ٿيندا آهن.جيڪي پنهنجو ساھ ڏيئي ويساھ ڏيندا آهن،جيڪي ملڪ ۽ قوم جي آزاديءَ لاءِ ويڙھ وڙهندي،پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي ڌارين جي غلاميءَ مان آزادي ڏياريندا آهن.اهي قوم جي رهبري ڪندي پنهنجو سمورو جيون گهاري،پنهنجي لاءِ لکين ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ محبت ڇڏي ويندا آهن.جن جا گيت گهر گهر هميشه گونجندا رهندا آهن.
    محترم سامعين:اسين روز اخبارن ۾ آپگهات ڪرڻ جون خبرون پڙهون ٿا.اهڙن ماڻهن ۾ اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي.ڇا انهن نوجوانن کي زندگيءَ ۾ ڪابه اهڙي دلچسپي نظر نٿي اچي؟ جنهن جي سهاري زندگي گذاري سگهجي.اهڙن ماڻهن کي هيءَ ڪائنات خوفائتي لڳندي آهي،ڇو ته اهي ماڻهومشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائي نه سگهندا آهن ان ڪري انهن ۾ بزدلي پيدا ٿي پوندي آهي.جڏهن ته اهڙو خيال محض انهن جي سوچ جو ۽ نظر جو دوکو آهي. ڇا آپگهات ڪرڻ واري کي اها پڪ آهي ته جتي هو وڃي رهيو آهي اتي ڪو به ڏک نه هوندو؟ ٻي دنيا ۾ پوپٽ،گلن جي خوشبوءِ،رم جهم برساتون،ٻارڙن جون مرڪون ۽ ٻيون فطري رنگينون ملنديون؟ هن دنيا ۾خوش رهڻ لاءِ هن ڪا.ئنات جو فطري حسن ئي گهڻو آهي، جنهن کي چاهي انسان سموري حياتي سک ۽ امن سان گذاري سگهي ٿو بس رڳو هن کي اهو ڏانءُ اچي وڃي.اهو ڏانءُ هي آهي ته ڪنهن به هڪ سهڻي منظر کي پنهنجي زندگيءَ جو سهارو بڻايون ۽ خوبصورتي ڏانهن پنهنجا قدم وڌائي سونهن جي آجيان ڪريون.
    *
    سائين!خوشي ڇا آهي؟۽ خوشي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟اهي انساني زندگيءِ جا ٻه اهڙا سوال آهن،جن جا جواب هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حساب سان ڳوليندو رهي ٿو.ممڪن آهي ته خوشي جون مختلف ماڻهن وٽ مخلتف معنائون هجن! پر خوشي هڪ اهڙي احساس جو نالو آهي،جنهن کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو.خوشيون پوپٽن جيان اسان جي آسپاس اڏامنديون رهن ٿيون.اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسين انهن کي پنهنجو ڪيئن ٿا ڪريون.اڪثر ماڻهو خوشين جي اچڻ جو انتظار ڪندي ڪندي پنهنجي زندگيءَ جا سونهري پَلَ گذاري ڇڏيندا آهن.شايد اهڙا ماڻهو وڏين وڏين خوشين جي انتظار ۾رهندا آهن يا اهي وڏي فائدي يا دولت حاصل ٿيڻ کي خوشي جو سبب سمجهندا آهن.پر حقيقت ۾ ائين ناهي.اسين ننڍين ننڍين ڳالهين مان وڏيون وڏيون خوشيون حاصل ڪري سگهون ٿا.جڳ مشهور نفسيات جي ماهر ڊيوڊ مائرز جي خيال موجب“خوش رهڻ انسان جي وس ۾ آهي،زندگيءَ ۾ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي عمل ڪري زندگيءَ کي خوشين ڀريو بڻائي سگهجي ٿو،مثبت رويو اختيار ڪرڻ ۽ ٻين جي مدد ۽ خيال ڪرڻ سان ماڻهوکي اطمينان ۽ خوشي ملي سگهي ٿي.
    سائين:اسين پنهنجي سموري حياتيءَ م ڪڏهن ڏکن جي ڏکين پيچرن تان هلندي،خوشين جي تلاش ۾ ڏاڍا پرسڪون پنهنجي سفر کي جاري رکندا آهيون.هونءَ به سائين چوڻي آهي ته هڪ سج ٻه پاڇا،يعني انسان مٿان ڪڏهن سردي آهي ته ڪڏهن گرمي.جيئن موسمون تبديل ٿينديون آهن تيئن انسان جي اندر واريون موسمون به مٽبيون رهنديون آهن.اڄ جيڪو ڏکن ۾ آهي،سڀان ان لاءِ سک جو سج پيغام کڻي ضرور اڀرندو.هونءَ به سائين جيڪڏهن رات ۽ ڏينهن،اڇو ۽ ڪارو،برو ۽ ڀلو،سچ ۽ ڪوڙ يا ڏک ۽ سک هڪٻئي جي ضد ۾ نه هجن ته خبر ڪيئن پوندي ته انسان ذات جي ڀلي لاءِ ڪير آهي؟ ڪير ناهي؟هن ڳالھ کي پنهنجي دامن ۾ ڳنڍ ڏيئي ٻڌي ڇڏجي ته ڏکن جا پاڇا انسان مٿان سدائين لاءِ ناهن رهندا۽ ڏکن وارا ڏينهن ضرور گذري ويندا.
    *
    سائين؛تحفو ڏيڻ ۽ وٺڻ سان محبت اڃا وڌندي آهي.ڳالھ تحفي جي آهي ته تحفا ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آهن.تحفو لک روپئي جو هجي يا هڪ روپئي جو جو هجي پر ان جي ڏيڻ واري جي خلوص جو ڪو به ملھ ناهي هوندو.ها اهيو ضرور جانچڻ گهرجي ته ان جا احساس ڪهڙا آهن.شاعر حضرات ته ٽڪي جي ڇلي کي لکن جو جو لکندا آهن.ڏاهن جو چوڻ آهي ته تحفا انسانن جون دوريون دور ڪندا آهن،تحفو ته اهو رستو آهي جنهن رستي جي ٻنهي پاسن کان محبت ۽ پيار جي گلن سان ٽمٽار وڻ ڇانورو ڪيون بيٺا آهن.تحفو ڪتاب جي صورت ۾ علم آهي.تحفو گل جي صورت ۾ خوشبوءِ آهي.تحفو پيار جي ٻن ٻولن جو،زندگيءَ جي بقا جو سنيهو آهي.
    *


    چوٿون حصو

    محترم سامعين:اسين جڏهن به ڪا ڳالھ ڪريون ته ان جي روشن پهلو بابت ڳالھ ڪريون مثال طور اسين جيڪڏهن خراب کي خراب چونداسين ته درست آهي،پر اهيو چوڻ ان جو ٿيو انداهو پهلو.پر جيڪڏهن اسين ائين چئون ته هي شيءِ سٺي ناهي.ته اهيو ٿيون ان جو روشن پهلو.ڳالھ ساڳي ٿي ويئي پر طريقو تبديل ٿيو.اهڙي طرح ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ وقت ان جي خوبين جو ذڪر ڪري پوءِ ان جون خاميون بيان ڪجن ته اهو ٿيو روشن پهلو.باقي جيڪڏهن رڳو ڪنهن جون خاميون ئي ڳولينداسين ته ان ۾ سڌارو ڪڏهن به نه ايندو.هونءَ به هن دنيا ۾ ڪو به ماڻهو عقلِ ڪل ناهي،هتي سکو ۽ سيکاريو وارو عمل ڪرڻو آهي،ڪنهن کان اسان سکنداسين ته ڪير وري اسان کي سيکاريندو.اهو ئي بهتر ۽ صحيح دستور آهي.
    سائين:اسان کي خبر آهي ته مايوسي ڪنهن به صورت ۾ سٺي ناهي،مونجهارا اچڻا وڃڻا آهن.اسان مونجهارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا.ان لاءِ هڪ اصول قائم رکجي ته زندگيءَ جا سمورا مسئلا هڪ ئي ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.ذهني ۽ جسماني طور تي سرگرم رهجي.جيڪي اسان مٿان ذميواريون آهن تن کان منهن نه موڙجي.خود ترسي ۽ اڪيلائي حالتن کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي.هر روز ڪو نه ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو مشڪل نظر اچي ۽ ٻين سان پنهنجائپ واري رويي سان ملجي ته يقينن موٽ ۾ مهرباني ۽ پنهنجائپ ئي ملندي.اهي سونهري اصول آهن جيڪي سپنن کي ساڀيان ڪندا آهن.
    *
    محترم سامعين:اسين جڏهن پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ واقعن کي ڏسنداسين ۽ غور ڪنداسين ته اسانکي سڀئي واقعا ۽ منظر هڪ هنڌ کان شروع ٿيندي ۽ هڪ هنڌ ئي وري گڏ ٿيندي نظر ايندا.بلڪل اهو هڪ فطري عمل آهي ۽ فطري قانون به آهي ته جيڪا شيءِ جتان هلڻ شروع ڪري ٿي،ان جي وري آخري منزل به اهائي جاءِ آهي.بلڪل اهڙي طرح جيڪي دل جي پردي تي نقش بنجي ويندا آهن،انهن کي ڪڏهن به وساري ناهي سگهبو.اهي اصل ۾ دل جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود هوندا آهن.فرق هوندو آهي ڳولها جي جستجو جو.جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهن جي فريڪوئنسي سان دل جي فريڪوئنسي ملائي ورتي ته پوءِ اهو دل جي ڪنڊ ۾ نقش ٿيل نقش سامهون اچي ويندو.
    *
    محترم سامعين:وطن سان محبت ايمان جو حصو آهي.هر انسان کي پنهنجي وطن سان محبت هوندي آهي اهو فطري عمل آهي.انسان جنهن مٽيءَ تي جنم وٺي ٿو اها مٽي ان جي ماءُ جو رتبو وٺي ٿي ۽ هر نيڪ ۽ صالح ٻار پنهنجي ماءُ سان لازوال محبت ڪندو آهي.اسان جڏهن پنهنجي وطن جون ڳالهيون ڪندا آهيون تڏهن وطن جي مٽي جي خوشبوءِ اسان جي من کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي،ڇو ته زندگيءَ جو نانءُ،زندگيءَ جو رتبو،مانُ ۽ شانُ وطن جي ڌرتيءَ سان ئي هوندو آهي.
    ڇُلي ڇڏ مَ ڇ،ڏُلي ڇڏ مَ ڏيھ،
    پسيو وڻ وطن جا،ورسيو اچي ويھ،
    سڄڻ ۽ ساڻيھ،ڪنهن اناسيءَ وسري.
    سائين منهنجا:اسان جي سماج ۾ پوليس جي ننڍي ۾ ننڍي ماڻهو جو رويو،پنهنجي ماڻهن ڏانهن حاڪماڻو هوندو آهي،اهڙي ذهنيت وارا پوليس وارا عوام کي پنهنجي ماتحت يا ائين چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو ته اهي ماڻهن کي پنهنجو غلام سمجهندا آهن،جنهن ڪري انهن جي رويي ۾ رکوالي گهٽ حاڪميت گهڻي نظر ايندي.اڪثر پوليس جا ماڻهو ڪنهن به عوامي سواري ۾ چڙهندا آهن ته انهن کي ڪرايو به ناهن ڏيندا.ڪي ته اهڙا به پوليس وارا آهن جيڪي پنهنجي چوڪي جي آسپاس موجود هوٽل وارن کي چانھ ۽ مانيءَ جا به پيسا نه ڏيندا آهن ۽ گهرڻ تي حاڪماڻو رويو ڏيکاريندي اکيون ڦوٽاري دڙڪن تي لهي ايندا آهن.هڪ واقعو اوهان کي ٻڌايان ٿو.هڪڙو سپاهي وين ۾ ويٺو،جنهن کان ڪنڊيڪٽر ڪرايو گهريو،موٽ ۾ اهو سپاهي ڪنڊيڪٽر سان چڙي پيو ۽ کيس دڙڪو ڏيندي چيائينس ته مان توکي پنهنجي چوڪيءَ تي جيترو وقت چاهيان بيهاري سگهان ٿو.اسان ڪرايو ناهيون ڀريندا.پوليس واري جو پارو چڙهيل ڏسي اسان وچ ۾ پياسين،معاملو ٽري ويو.پر پوليس واري ڪرايو نه ڏنو۽ پوليس چوڪيءَ تي لهندي وري به ڪنڊيڪٽر کي دڙڪا ڏنائين.پوليس واري جي ان عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ڇا اهڙو عمل درست آهي؟ان سوال جو جواب ڳولڻ مشڪل هر گذز ناهي.
    *
    محترم سامعين:فطرت جي حسن کي بچائڻ لاءِ دنيا جا سڌريل ملڪ ۽ اتان جا رهواسي آتا هوندا آهن ۽ اهي فطري سونهن لاءِ گلن،وڻن ۽ پکين جي تحفظ لاءِ پنهنجي مٿان عائد ٿيل هر هڪ قانون جا اخلاقي طرح ۽ قانوني طرح پابند هوندا آهن ۽ پنهنجي مٿان عائد ٿيل فرض ۽ انساني حيثيت سان پنهنجي فطري ماحول جي تحفظ لاءِ اُپاءَ وٺندا آهن.پر اسان اهڙي لوڪن جي ڀيٽ ۾ مختلف نظر اينداسين،اسان وٽ فطري حسن،پکين،گلن،ٻوٽن،ناياب نسل جي جانورن سان دوستيءَ وارو لقاءُ نظر نه ايندو،جنهن مان اسان جي فطرت دوست هجڻ جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو.سياري جي مند ۾ تمام ٿڌن علائقن ۽ ملڪن مان مسافر پکي اچي اسان جي سنڌ ۾ مهمان ٿيندا آهن ۽ اسين وري انهن مهمانن جو قتلام ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي مهمانن کي گهرائي ڪئمپون هڻي ويهندا آهيون.اهي شڪاري مهمان پکين،جانورن جو شڪار ڪرڻ بعد ميزبانن کي پرديسي پکيئڙا مارائڻ جي عيوض وڏيون مراعتون ڏيندا آهن.جيڪا ناياب نسل جي پکين ۽ جانورن سان ناانصافي آهي.
    ماري مرين شال،ڍَٻَ وڃنئي ڍٻِيُون،
    جيئن تو اچي ڪالھ،وِڌو وچ وِرهن کي.(شاھ)
    سائين : اهو کليل سچ آهي ته سٺي صحت، دولت ۽ مال، قابليت ۽ ڪاميابي ڪنهن قيمت جا ناهن جي ڪو ماڻهون پنهنجي گهريلو تعلقات ۾ انهن مان ڪا خوشي يا سڪون حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو نه ٿئي ،پنهنجن عزيزن سان خوشحال ۽ پيار واري زندگي گذارڻ لاءَ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي انهيءَ ڄاڻ کان علاوه اسين هر هنڌ هارائي ويهنداسون پوءِ اهو پئسو هجي يا صحت قابليت هجي يا ڪاميابي،ڪيئن حاصل ڪجي اهو امرت جنهنجي اهميت آهي پيار ڀري زندگي گهارڻ؟ پاڻ کي اهو ته مڃڻو پوندو ته پيار جو وجود آهي ۽ هر وجود جيئان ان جي به شروعات آهي ۽ پاڻ ڄاڻون ٿا ته جي انجي شروعات آهي ته پوءِ ضرور ڪو سبب به هوندو .. ڇاڪاڻ ته”هر شروع ٿيندڙ شئي جو ڪو سبب يا ڪا پيڙهه هوندي آهي“ عام ماڻهونءَ جو پيار ازلي نه هوندو آهي، انجا ڪي نه ڪي پرڪشش سبب هوندا آهن ۽ ڪنهن گهٽ يا وڌ عرصي لاءِ وجود ۾ ايندو آهي ... ممڪن آهي ته ڪو پيار ازلي ابدي موجود هجي، جنهنکي ڪنهن سبب جي ضرورت نه هجي جيئن ماءَ جو پيار پنهنجي اولاد لاءِ فطرت ۾ ازل کان ڀريل هوندو آهي ... پر اهڙا پيار جي خاندان يا سماج کي پاڻ ۾ قائم رکڻ يا ڳنڍڻ جو ڪم ڪن ٿا جهڙوڪ؛ زال ۽ مڙس، ڀيڻ ۽ ڀاءُ، پاڙيسري يا دوست لاءِ پيار، انهن سڀن کي شروعات هوندي آهي ۽ ڪنهن سبب يا ضرورت آهر پئدا ٿيندا آهن.
    *
    محترم سائين : صُبح جو گهڻي ڀاڱي گهرن ۾ ٽي وي هلندي رهي ٿي. آفيس لاءِ نِڪرڻ وارا گهڻا ڪم هڪ وقت ۾ ڪندا آهن. نيرن سان گڏ اخبار به پڙهبي آهي ۽ گڏو گڏ ٽي ويءَ تي به نظر هوندي آهي. بيگم صاحبه جي فرمائشي فهرست سان گڏ اڻ کُٽ هدايتون پڻ. ذهن مڪمل طور تي ڪنهن هڪ پاسي نه هوندو آهي. ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي مون صُبح جو سوير سوچيو ٽي وي نه کولجي ته بهتر ٿيندو. صُبح جي مهل خاموشي ۽ سڪون سان گذاريل پَلَ طاقت جي گوريءَ جيان ٿين ٿا. جِهرڪين ۽ پکين جون ٻوليون ڪَنن سُرَ الاپين ٿيون. نه ته ٽي وي جي گوڙ ۾ انسان فطري آواز ٻڌڻ کان محروم ٿيو وڃي. خبرن ۾ هوندو به ڇا آهي سواءِ سياسي ڇڪتاڻ، اينڪرز جون ڪاوڙ ڏياريندڙ ڳالهيون، حادثا، ٽارگيٽ ڪلنگ وغيره سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه بيگناهه مارجي ويلن جا لاش، پوءِ سڄو ڏينهن بدمزگيءَ سان گذري ٿو.صُبح جا پل اُتساهه ڏياريندڙ ٿين ٿا، فطرت جي تازگيءَ سان ڀرپور پل جن کي ڀرپور نموني گذارجي.
    سائين:اڄ ڪلهه شادي جي موقعي تي جيڪي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن، اهي گهڻو ڪري آڳاٽي زماني جون يادگار آهن. گهوٽ جو موڙ ٻڌڻ ۽ ڪنوار جي گهونگهٽ ڪڍڻ ۾ مقصد کين “نظربد” کان بچائڻ هوندو آهي. ڪيترين قومن ۾ گهوٽ کي جنن ۽ ڀوتن کان محفوظ رکڻ لاءِ کيس هٿ ۾ لوهي لڪڻ ڏيندا آهن. گهوٽ، ڪنوار کي نڪاح واري ڏينهن ئي وهنجارڻ جي رسم پڻ اڪثر قومن ۾ ڏٺي ويئي آهي. اسان وٽ شادي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنوار کي “ونواهه” ۾ ويهاريو ويندو آهي ته گهوٽ کي پڻ گهر ۾ رهڻ جي لاءِ چيو ويندو آهي ته جيئن کين ڪنهن جي نظر به نه لڳي ته ساڳي وقت شادي واري ڏينهن وهنجي سٺو نئون ۽ قيمتي جوڙو پائڻ سان سندن رنگ به نکري اچي.شادي جي رسمن جي دوران گهوٽ-ڪنوار کان اها اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي خاموش رهندا ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن تي سندن ڳالهائڻ کي شرم حيا جي ابتڙ سمجھيو ويندو آهي ڪن قومن ۾ شادي جي موقعي تي گهوٽ-ڪنوار جا هٿ پاڻ ۾ ملايا ويندا آهن.آرسي ۾ منهن ڏيکارڻ جي رسم جو مقصد به کين هڪ ٻئي سان “متعارف” ڪرائڻ هوندو آهي. اسان جي ڳوٺن ۾ شادي جي موقعي تي ڳائڻ وڄائڻ جو انتظام ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته جيئن شادي جي مشهوري پري پري تائين ڪري سگهجي. شادي جي موقعي ڪنواريتن جون عورتون گهوٽ کي اندر ڪمري ۾ گهرائي ان کي مختلف طريقن سان تنگ ڪنديون آهن. ڪن موقعن تي گهوٽ کي ڪنوار جي “مُٺ” کولڻ جي لاءِ چيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن گهوٽ ان آزمائش ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته کيس مهڻا ٻُڌڻا پوندا آهن
    *
    سائين منهنجا: دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي، ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو انجي وِٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو،ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن.
    سائين منهنجا:ٻين جي جذبن جو اثر پاڻمرادو اسان جي طبيعت تي پوندو آهي. ان جي ضرورت ناهي ته اسان ڪوشش ڪري يا عقلي دليلن ذريعي ان ڪيفيت کي پنهنجي اندر پيدا ڪريون. استاد اسڪول ۾ پنهنجي حيثيت مان فائدو وٺي ۽ شاگردن سان محبت ۽ همدرديءَ جا لاڳاپا پيدا ڪري سندن جذبن کي متاثر ڪري سگهي ٿو، شرط هيءَ آهي ته سندس جذبا موقعي جي مناسب هجن. جيڪڏهن هو ڏک ۽ غم، رضامنديءَ ۽ ناراضگيءَ، غصي ۽ رحم جو اظهار ڍنگ سان ڪندو ته سندس شاگرد ان کان ضرور متاثر ٿيندا. پر شرط هي آهي ته جذبو سچو ۽ خالص هجي، مصنوعيت ۽ وڌاءَ کان پاڪ هجي. ڇاڪاڻ ته ٻار بناوٽ ۽ مٿاڇري هلت تمام جلد سڃاڻي وٺندا آهن ۽ ان ماڻهوءَ کان بدظن ٿي پوندا آهن جنهن جي جذبن ۾ خلوص ۽ قول ۽ فعل ۾ مناسبت نه هجي. جذبن جي تربيت جو سڀ کان اهم پهلو هي آهي ته سٺن ماڻهن سان عقيدت ۽ احترام پيدا ڪيو وڃي.اهڙن انسانن جي انهن پهلوئن مان سبق حاصل ڪجي جن جي ڪري هو هن سماج ۾ مان مرتبو حاصل ڪري سگهيا آهن.
    *
    محترم سائين: سٺي زندگي گذارڻ هر ڪنهن انسان جي گهرج هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪو انسان پاڻ کي خوش ۽ مٿانهون ڏسڻ گُهري ٿو. پر اهو سڀ تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان ننڍپڻ کان ئي پاڻ ۾ زندگيءَ جا اصول پيدا ڪرڻ جا هيراڪ بنجون، صبح جو سويل اُٿجي، رات جو سويل سمهڻ سان نه فقط سٺي عادت ۾ شمار ٿئي ٿو پر ان مان صحت تي به سٺو اثر پوي ٿو. پنهنجي وت ساري ورزش ڪرڻ، عبادت ڪرڻ، سٺي زندگيءَ جا بنياد آهن. جن ذريعي نه فقط تندرست رهي سگهجي ٿو پر دين ۽ دنيا جا به فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. صاف ڪپڙا به سٺي زندگي گذارڻ جو اُصول آهي. ان مان اهو مقصد ڪونهي ته اوچا ڪپڙا هجن. ڪپڙا ڀلي سادا هجن پر اَڇا اُجرا ۽ ڌوتل هجن، جيئن انهن ذريعي، بدن به صاف رهي سگهي ۽ شخصيت به اُجاگر ٿي سگهي. سڀ ڪنهن سان پيار ڪريو، ڪنهن سان به وير وروڌ نه رکو، ڇاڪاڻ ته وير وروڌ، بي اتفاقي پيدا ڪري ٿو ۽ بي اتفاقي، نه فقط پاڻ لاءِ پر قوم ۽ ملڪ لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. جيڪڏهن اسين ٻين سان پيار ڪنداسين ته پڪ ٻيا به اسان سان پيار ڪندا ۽ پيار واري زندگيءَ ۾ خوشيون ئي خوشيون هونديون آهن. ٻين سان ڀلائي ڪجي ۽ ان لاءِ اهو نه سوچجي ته هو به اسان سان ڀلائي ڪري،اچو ته پاڻ سٺي زندگي گذارڻ جي هنن اصولن تي عمل ڪريون. جيڪي پنهنجي مستقبل لاءِ بهترين مددگار ثابت ٿيندا.
    محترم سائين: اڄوڪي دؤر ۾ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو خود انسان آهي. جيتري چمڪ دمڪ وڌي رهي آهي، جيتري قدر انسان فطرت تي اقتدار حاصل ڪندو پيو وڃي، جيتريون وڌيڪ آسانيون ۽ سهولتون انسان کي ميسر ٿينديون پيون وڃن، انسان پنهنجي علم جي ذريعي ڪائنات جي رازن کي بي نقاب ڪندو پيو وڃي اوتروئي هي مسئلو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، ان ۾ مونجهارا وڌندا پيا وڃن، ايستائين جو هي مسئلو تمام وڏو ۽ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي، ته ان سموري علمي ترقيءَ جي باوجود هي سوال ته خود “انسان ڇا آهي؟” هڪ تمام وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو سواليه نشان ڏينهون ڏينهن وڏو ٿيندو پيو وڃي. مغربي دنيا اسان کان گهڻو اڳ ان مسئلي سان منهن ڏيئي رهي آهي ۽ اتي اهو مسئلو ايتري قدر شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي جو ان جو پڙاڏو مشرقي دانشورن جي فڪرن ۾ پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    *
    محترم سائين: جديد دور ۾ جئين جئين انسانن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻ ويهڻ جا طور طريقا وقت سان گڏ تبديل ٿي رهيا آهن تئين سندن ڪاروبار ڪرڻ جي طريقن ۾ پڻ تبديلي اچي رهي آهي. اڳي جئين ڪنهن به ڪاروبار کي شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به آفيس جو هجڻ نهايت ضروري سمجھيو ويندو هو،تئين اڄوڪي دور ۾ ڪنهن به ڪاروبار کي وڏي ليول تي کڻي وڃڻ جي لاءِ يا وڌيڪ پکيڙڻ جي لاءِ ويب سائيٽ جو هجڻ نهايت ضروري سمجھيو وڃي ٿو ۽ خاص ڪري يورپي ملڪن ۾ ته جيڪڏهن ڪنهن ڪاروبار ڪندڙ اداري وٽ ويب سائيٽ ناهي هوندي ته ان کي ناڪام يا غيرفعال ادارو سمجھيو ويندو آهي. جڏهن ته اڄڪلهه گھڻا ئي ماڻهو گھر ويٺي انٽرنيٽ ۽ ويب سائيٽ جي مدد سان ڪاروبار ڪري رهيا آهن.
    اڪثر ملٽي نيشنل ڪمپنيون يا ننڍي سطح تي ڪاروبار ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ کان اڳي ان جي ويب سائيٽ ٺاهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. انٽر نيٽ جو اسان جي زندگيءَ ۾ عمل دخل ايترو ته وڌي ويو آهي جو اڄ اسان هڪ طرف جتي تازين خبرن توڙي روزمره جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ تبديلين جي ڄاڻ ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پيغام رسائي جو ڪم انٽرنيٽ کان وٺون ٿا ته ٻئي طرف پنهنجي ڪاروبار کي وسيع ڪرڻ لاءِ پڻ انٽرنيٽ جو استعمال ڪريون ٿا.
    محترم سائين: سائنس معنيٰ علم. پر اهو، جنهن جي تصديق ڪري سگهجي، ته هي تجربو هيئن ڪبو، ته هيءُ ئي نتيجو نڪرندو. سائنس انهيءَ لحاظ کان، اهڙو خاطريءَ وارو علم جو ڏينهون ڏينهن، انهيءَ جو قدر، قيمت ۽ درجو وڌندو رهي ٿو. اهڙيون ڳالهيون جيڪي ظاهري طرح مڃڻ ۾ نه اچن. سي به سائنس جي حوالي سان ڪبيون ته ماڻهو مڃيندا، ڇو ته سائنس جي ڄاڻ رکندڙ ماهرن ڪيئي غير معمولي ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن، مثلاً: هوائي جهاز ٺاهيا اٿن، جيڪي هوا ۾ تيزيءَ سان پکيءَ کان به وڌيڪ رفتار سان اڏامندا وڃن ٿا، ۽ اهڙيون ننڍيون مشينون ٺاهيون اٿن ، جو ڪن تي رکو، ته گهر ويٺي پيا هزارين ميل پري، انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهن سان ڳالهايو.جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارڙن کي سائنس جو علم سکڻ لاءِ شوق ڏيارينداسين ته وڏي هوندي، انهيءَ علم ۾ اڳتي وک وڌائيندا.
    *
    محترم سائين: امام غزالي جو قول آهي ته “علم محض اعتبار جو نالو نه آهي، پر شڪ ۽ تنقيد به علم آهي.ڀڳوت گيتا ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته“ جنهن شي کي وجود نه آهي، سا ڪڏهن به وجود ۾ نه ايندي. جيڪا شي موجود آهي، سا ڪڏهن به لاموجود نه ٿيندي. جن کي عميق ترين داخلي حقيقت جو عرفان آهي، سي ’وجود‘ ۽ ’لاوجود‘ جي فطرت پڻ ڄاڻن ٿا”هڪ رومي شاعرلوڪريشس وري هي ڳالھ ڪري ٿو ته “سمنڊ جي ڪناري تي بيهي، لڏندڙ لمندڙ جهازن کي ڏسڻ سان هڪ طرح جي خوشي پيدا ٿئي ٿي؛ ڪنهن وڏيءَ ماڙي جي دريءَ وٽ بيهي، هيٺ لڙائي هلندي ۽ ماڻهن کي مرندي ڏسي به هڪ طرح جي خوشي پيدا ٿئي ٿي؛ پر جا خوشي سچ جي اتانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي هيٺ ماٿر ۾ ڀـُلن چـُڪن، بخارن ۽ طوفانن کي ڏسڻ سان ٿئي ٿي، تنهن جهڙي ٻي ڪا ئي خوشي ڪانهي پر شرط اهو آهي ته ڏسندڙ ۾ نهٺائي ۽ رحم هجي”
    *
    محترم سامعين:چاهت جا به حسين ۽ سوين روپ آهن.اهو ضرور ناهي ته چاهت صرف ڪنهن فرد واحد لاءِ هجي.چاهت ته ڌرتيءَ سان به هوندي آهي،وطن سان،وطن جي مارن سان،پکن ۽ پنهوارن سان،واهن ۽ جبلن سان،ڍورن ۽ ڍنڍن سان هوندي آهي.چاهت ته وڻن ۽ ٻوٽن سان به ڪئي ويندي آهي.اجتماعي سوچ رکندڙ ماڻهن جي ذهن ۾ هن سماج کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ چاهت سمايل هوندي آهي،چوڻ جو مقصد هي آهي ته هڪڙي لفظ“چاهت” کي ڪنهن به ننڍڙي معنيٰ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي،ڇو ته ڪيفيتون تمام وسيع هونديون آهن،جيڪي روحن،راڄن،رسمن ۽ هوائن ۾ سفر ڪنديون رهنديون آهن.
    محترم سائين: سوامي وويڪانند لکي ٿو ته “سچائيءَ جو هڪ لفظ به گم ٿي نٿو سگهي. ڀلي ته گهڻو وقت گند جي هيٺان دٻيو رهي، پر جلد يا دير سان اهو ضرور ظاهر ٿيندو. اهي رت چوس شخص ڌڪار جوڳا آهن، جيڪي محتاجن جي پگهر جي پورهيي جي ڪمائيءَ جو ڌن پاڻ تي خرچ ڪري تعليمي يافتا بڻيا آهن، پر انهن ڏانهن ٿورو به ڌيان نٿا ڏين. جيستائين ڪروڙين بکايل ۽ اڻپڙهيل دنيا ۾ موجود آهن، تيستائين آءٌ اهڙن ماڻهن کي ويساهه گهاتڪ سمجهندس” هڪ ڏاهي زبردست ڳالھ ڪندي چيو ته “قانون جي نظر ۾ هر اها شي دولت آهي، جيڪا ڏي وٺ جي لائق هجي؛ علم سياست ۾ هر اها شي دولت آهي، جنهن سان اقتدار حاصل ڪجي علم اخلاق ۾ هر اها شي دولت آهي، جنهن سان شريف زندگي گذاري سگهجي؛ ۽ علم معيشت ۾ هر اها شي دولت آهي، جنهن مان انسان فائدو وٺي سگهي”
    *
    سائين منهنجا: صوفين جي عملي زندگي تي نظر ڪبي ته انهن پنهنجون زندگيون خدمت خلق لاءِ وقف ڪري ڇڏيون هيون. انهن لکين ماڻهن کي نفس جي غلاميءَ مان ڪڍي اعليٰ اخلاق جي آزادي وٺي ڏني. صوفين ماڻهن کي زندگيءَ جي اصل مقصد ۽ مفهوم کان واقف ڪيو، کين نفرت، تنگ نظري، تعصب ۽ ڪلفت جي جهان مان ڪڍي امن آشتي ۽ محبت جي دنيا کان واقف ڪرايو، جيئن هڪ صوفيءَ جو قول آهي ته: “جيڪڏهن ڪو ماڻهو تنهنجي رستي ۾ ڪنڊا رکي ته تون ان جي راهه ۾ ڪنڊا نه پر گل پوک، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ انسان ٻئي انسان جي رستي ۾ ڪنڊا رکڻ شروع ڪيا ته پوءِ ڪنڊن جي بدلي ۾ ڪنڊا رکندي سموري دنيا ڪنڊا بڻجي پوندي. ان لاءِ درويش جو اهو اصول ناهي. هڪ سچي سالڪ کي نيڪ توڙي بد ٻنهي سان نيڪي ڪرڻ گهرجي.“جيئن لطيف سائين فرمايو ته:چڱا ڪن چڱايون، مدايون مٺن.
    *
    محترم سامعين:جستجو يا جدوجهد .اسان سان گڏ گڏ آهي.اسان جڏهن ننڊ مان جاڳي اکيون کولي پنهنجي پنهنجي ڪم ڪار لاءِ تيار ٿيون ٿا،تڏهن اسان جستجو يا جدوجهد کي پنهنجو ساٿي بڻايون ٿا،جستجو يا جدوجهد اسان سان پاڇي جيان سموري حياتي هلن ٿا.هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم سان لڳي وڃي ٿو،مزدور مزدوري جي اجرت ملڻ سان،هاري پنهنجي سرسبز کيت کي ڏسي خوش ٿئي ٿو،آفيسر پنهنجي قلم جي سگھ وسيلي پنهنجي ڪم کي اُڪلائي ٿو.عورت پنهنجي مٿان آيل فرضن جي پورائيءَ لاءِ جستجو ڪري ٿي.چوڻ جو مطلب هي آهي ته زندگيءَ جو نالو آهي ئي جستجو ۽ جدوجهد.
    سائين منهنجا: اڳي چيو ويندو هو ته روڊ رستا ۽ گهٽيون وڏيون آهن، پر گاڏيون ڪٿان آڻينداسين ۽ هاڻي انهي جو ابتڙ آهي، گاڏيون گهڻيون ۽ روڊ رستا سوڙها نظر اچن ٿا،موجوده دور ۾ سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ حددخلين جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، انهي تي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، ٽرئفڪ جي وڌي وڃڻ ۽ رستن تي حددخلين جي آزار سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ماڻهو ڪيترن ئي مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهن، ڏٺو وڃي ته شهر کان ٻاهر نڪرڻ ۾ ئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن، شهرن جي گهٽين ۾ هڪ ته سياسي پٺڀرائي رکندڙ ماڻهو ننڍا وڏا ڪاروبار کولي رستا سوڙها ڪري ڇڏي آهن، ٻيو ته پارڪنگ جي سهولت نه هجڻ سبب رڪشن،موٽر سائيڪلن، گڏهه گاڏين ۽ ڪارن جو روڊ ڪناري بيهڻ سبب ماڻهو ويتر مشڪلات ۾ پئجو وڃن، بااثر ماڻهو پنهنجي من مستي ۾ گاڏيون بيهاريو ڇڏين، جن کان ڪو پڇڻ وارو آهي نه،ائين کڻي چئجي ته ڪو اڃا تائين اهڙ مڙس مٿير پيدا ئي ناهي ٿيو.
    *
    سائين منهنجا: عورت مزاج ۾ الله تعاليٰ نزاڪت، نفاست ، ٻاجهه ۽ پاپوهه جو مادو مرد کان سرس رکيو آهي ڇاڪاڻ ته اولاد جي ابتدا پالنا سندس ذمي آهي اهڙي پالنا لاءِ نرمي نزاڪت ۽ نفاست بهرحال اڻٽر شيون آهن ٻارڙن جي پالنا جي مشقت جو مادو وري عورت ۾ سرس آهي،ٻار پيدائشي مرحلن ۾ ڪيڏو نازڪ هوندو آهي؟ ظاهر آهي ته ان جي نزاڪت کي ڪا نازڪ طبع جنس ئي سمجهي سگهي ٿي ۽ پالنا ڪري سگهي ٿي انسان ساڳيو آهي جنس الڳ الڳ، ذميواريون الڳ الڳ هرهڪ کي پنهنجي تخليقي حساب سان ڪمن ۽ ذميوارين جو ميدان مليل آهي عورت جي ذميوارين ۽ ڪمن ڪارين جو ميدان گهر جي چارديواري آهي گهر کان ٻاهر سڄي دنيا جي ذميوارين ۽ ڪمن ڪارين لاءِ مرد کي ميدان ميسر آهي هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ پنهنجون پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون آهن.هن دور جي حالتن پٽاندڙ جيڪي عورتون نوڪري ڪري رهيون آهن،انهن کي پنهنجي صلاحيتن مڃرائڻ جو ڀرپور موقعو ملڻ گهرجي،ان سان گڏ و گڏ انهن عورتن کي پنهنجي گهر جي ذميوارين کي به وسارڻ نه گهرجي.
    سائين منهنجا: ڳُڙ ڳُڙ چوڻ سان، واتُ مِٺو نه ٿيندو.ڦُودنو ڦُودنو چوڻ سان، پيٽ جو سور ڪو نه لهندو. پاڻي پاڻي چوڻ سان، اُڃ ڪا نه لهندي. باههِ باههِ چوڻ سان زبان ڪا نه سڙندي. زباني واتَ خرچ سان ڪو به ڪم نه ٿيندو. مثال: “اَن پاڻيءَ جي نانءُ وٺڻ سان، بُکَ اُڃ ته ڪا نه لهندي.” ڪڏهن ڪڏهن اسان سڀ مايوسي جو شڪار ٿي پوندا آهيون ۽ هر وقت بيزار رهڻ لڳندا آهيون، ٿوري گهڻي ڳالهه تي چڙ ۽ ڪاوڙ ايندي رهندي آهي. عام طرح اهڙيون علامتون هفتي ٻن ۾ ٺيڪ ٿي وينديون آهن. اهي علامتون ان وقت بيماري جي شڪل اختيار ڪري وٺنديون آهن، جڏهن “اُداسي ۽ مايوسي” جو احساس ڪافي ڏينهن رهي ۽ ختم نه ٿئي، شدت ايتري هجي جو روز مره جي زندگي ۽ ڪم ڪار متاثر ٿيڻ لڳي. اهڙي ڪيفيت ۾ ڪنهن ويجهي ماهر ڊاڪٽر سان ملجي، جيڪو تفصيلي معائني کان پوءِ بيماري جي هجڻ يا نه هجڻ جي تصديق ڪري سگهندوچوڻ جو مقصد هي آهي ته گهر ۾ ويهي رڳو سڌون ڪبيون ته نه بيماري دور ٿيندي نه ئي مسئلا حل ٿيندا.
    *
    سائين منهنجا:سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر اسان وٽ ترقي جي نالي تي وڻن جي قانوني ۽ غير قانوني واڍي جاري آهي. وڻن ۽ ٻيلن کي وڍي اڀ ڦاڙعمارتون ۽ وڏيون وڏيون ڪالونيون ۽ شهر اڏيا پيا وڃن . پر اهي ڪم ايتري ته تيزي۽ بي ترتيبئ سان سر انجام ڏنا پيا وڃن جو ماحوليات تي پوندڙ اثرن کي ڪنهن صورت ۾ ذهن ۾ نه پيو رکيو پيو وڃي هاڻ تـ اسان کي پنهنجن شهرن ۾ اهي سهولتون پڻ ميسر نـ آهن ،جيڪي اسان کي ڪڏهن ڳوٺن ۾ مهيا هيون .جهڙوڪ پيـئڻ جو صاف پاڻي خالص غذا ۽ صحتمند ماحول هوندو هو ، پر هاڻي اسان جا ڪئين شهر دنيا جا سڀ کان وڌيڪ آلوده شهرن مان ليکجن وڃن ٿا جتي بنيادي سهولتون بـ ماڻهن کي مهيا نـ آهن، ۽ اهو سڀ ڪجھ اسان ٻيلن ۽ وڻن کي وڍي تباه ڪرڻ ڪري جي قيمت تي حاصل ڪري رهيا آهيون.وڻ جيڪي طوفانن کان بچائڻ ۾به وڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
    *
    سائين منهنجا: هن ڌرتيءَ جي گولي تي،هن ڪائنات ۾ انسان ڪنهن نه ڪنهن مقصد خاطر پيدا ڪيو ويو آهي ۽ اهيو مقصد آهي انسان ذات جي خدمت ڪرڻ.انسانذات لاءِ ڀلو سوچڻ.هن ڌرتيءَ تي اسان ڏسون ٿا ته ڪي امن جا ويري پنهنجي ناجائز مقصدن خاطر هن ڌرتيءَ تي دهشتگردي ڪري پوري انسانذات کي رنجائي رهيا آهن.اهي دهشتگرد سٺن نعرن جي آڙ ۾ اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي وڃي ٿو.اسان جي هيءَ ڌرتي پيار،امن،پنهنجائپ ۽ ڀائپيءَ جا وڻ پوکي ٿي ۽ اهي وڻ وري پريت ۽ پاٻوھ جا ميوا جهلين ٿا.چوڻ جو مقصد هي آهي ته پنهنجي هن ڌرتيءَ جي هر حال ۾ حفاظت ڪريون ۽ امن جي پکيءَ جي پالنا ۽ پرگهور به ڪريون.
    تپ دانگي ڇھ مهينا.کپ مهمان ٻارنهن مهينا.
    سائين منهنجا:ڪنهن ماڻهوءَ وٽ، سندس هڪڙو دوست مهمان ٿي آيو. چوڻيءَ مطابق مهمان: ٽن ڏينهن تائين؟ پر هيءُ يار، ته ڇَلو مُنڊي لاهي ويهي رهيو ۽ موٽڻ جي ڪري ئي ڪا نه پيو! جڏهن هفتو کن گذريو، تڏهن مس مس سندس واتان اِهي لفظ نڪتا ته، ”سڀاڻي صبح جو ويندس“. مائي ويچاري، جا رڌ پچاءَ ۽ مختلف کاڌن رڌڻ کان بيزار ۽ ڪڪ ٿي پيئي هئي، تنهن کي دل ۾ البت خوشي ٿي. ٻئي ڏينهن صبح جو سويل، مائي ڇا ڏسي ته مهمان اڃا سيِٽيو سمهيو پيو آهي ۽ کيس گويا وڃڻ واري وائي آهي ئي ڪانه! سو سڏ ڪري چيائينس ته، ”ادا سج ٿو اُڀري، اُٿو“. مهمان چيو ته، ”ادي، چڱو جو اُٿاريئي، مون کي پاڻ وڃڻو آهي، پر جلدي ڪري، ڪو نيرن لاءِ ٽُڪر ڀور تيار ڪري وٺ!مائيءَ جي ته کيس، نيراني ئي اماڻڻ جي مرضي هئي، مگر هن جو نيرن جي فرمائش ڪئي، سو خيال ڪيائين ته هاڻي ڍريءَ رفتار سان ڪم ڪريان، ته من دير ٿي وڃڻ جي ڊپ کان، هيءُ نيرانو ئي هليو وڃي. اهو اردو ڪري، دانگيءَ کي چُلهه تي چاڙهيندي، چيائين، “تَپُ ڙي دانگي ڇهه مهينا!” مهمان ٺهه پهه وراڻيو ”کُپ ڙي مهمان، ٻارنهن مهينا!”مائيءَ مجبور ٿي، آخر تڙ تڪڙ ۾، ٻه لولا ٿَڦي، مهمان مان جان خلاصي ڪئي، جو هونءَ سمجهيائين ته، ”هيءُ ماريو نيرن ڪرڻ کان سواءِ، هر گز ڪونه ويندو.
    *
    سائين منهنجا:نيڪي ۽ بدي. شر ۽ خير سڀ انساني سڀاءَ ۾ شامل آهن. تعليم ۽ تربيت سان ئي انهيءَ جي فرق کي نمايان ڪري سگهجي ٿو ، بدي ۽ شر جو رخ موڙي سگهجي ٿو،.انسان کي انسان جي حيثيت ۾ ئي قبول ڪرڻ ۾ ڀلائي آهي. هن کي “فرشتي” يا “شيطان” جي روپ ۾ قبول ڪرڻ پنهنجي تباهي آڻڻ جي برابر آهي، اهڙين حالتن ۾ “محبت” ۽ “خدمت” جي جاءِ تي “توهم پرستي” ۽ “نفرت” جو راڄ هلندو آهي. ان ڪري عافيت ان ۾ ئي آهي ته انسان کي انسان ئي ڄاتو وڃي پر پنهنجي سر ڪوئي انسان پنهنجي آپي مان نڪري پاڻ کي “فرشتو” يا “شيطان” ثابت ڪري ته پوءِ ان جي انهيءَ حيثيت مڃڻ کان انڪار ڪجي، پر پيار يا تڪرار سان کيس انهيءَ جاءِ تي آڻي بيهارجي ، جيڪا هڪ انسان جي جاءِ يا حيثيت ٿيندي آهي. ڇو ته هيءَ اسان جي دنيا انسانن جي جاءِ آهي. هن ۾ فقط انسان ئي رهي سگهن ٿا، جيڪي “خطائن” جا پتلا به هوندا آهن ته نيڪين ۽ چڱاين جا “آدرش” به ٿيندا آهن. پر هو نه ته “فرشتا“ ٿيندا آهن ۽ نه وري “شيطان” ٿيندا آهن.انسان فقط انسان ئي ٿيندا آهن.
    سائين منهنجا: ڪو دؤر هو جڏهن گهر ۾ موجود وڏڙا رات جي پهر ۾ گهر جي مڙني ٻارن کي گڏ ڪري ڏاهپ ۽ معلومات سان ڀريل جنن ۽ جي ڪردارن واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا، جن کي ٻڌڻ سان ٻارن ۾ ڄاڻ سان گڏوگڏ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت، ذهني سجاڳي ۽ مطالعي ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو.اهو ٻار جڏهن وڏو ٿي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندو هو ته ڪنهن به ڏکئي موڙ تي انهن آکاڻين مان پرايل سبق سندن رهنمائي ڪندو هو.ڀلي کڻي اهي وڏڙا “البرٽ آئنسٽائين” جي هن چوڻي کان واقف نه هئا ته، “جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ذهين ٿين ته انهن کي آکاڻيون ٻڌايو.”پراڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ نه ٻارن ۾ آکاڻيون ٻڌڻ جو شوق رهيو آهي نه ئي اسان وڏا اهڙي ڪوشش ڪريون ٿا.اچو ته سٺين روايتن کي قائم رکون.
    *
    سائين منهنجا: ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي جيڪو صرف ئي صرف ڏيندو آهي،ڪجھ وٺندو ناهي. ڪو دور هيو جو ڪتابن سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو. نوجوان ڪتابن کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪندا هئا، ايتري قدر جو ڀلي کڻي گهر ۾ لائيٽ نه به هجي پر پوءِ به هو گهٽين جي لائيٽ ۾ پنهنجي ڪتاب پڙهڻ جي شوق کي پورو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو ڪتابن جو قدر هو ۽ هُو ڪتابن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا.ڪتابن ۾ موجود ڏاهپ ڀريون نصيحتون، معاشري ۾ اُٿ ويهه جو انداز، زندگيءَ کي بهترين نموني گذارڻ جا طريقا ۽ دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ واري اُڃ لاهڻ لاءِ هو هر قيمت ڏيڻ لاءِ تيار هئا.ان وقت تحفي ۾ ڪتاب ڏيڻ جو رواج پڻ عروج تي هو، ۽ اڄ اسان نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جوشوق گهٽجي رهيو آهي ۽ انٽرنيٽ چيٽنگ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي رهيوآهن.پوءِ ڀلي ڇونه دنيا اونڌي ٿي وڃي پر ڪمپيوٽر مان اک ناهي ڪڍڻي ۽ ڪمپيوٽر جي اصل مقصد يعني علم جي حاصلات کان اڻ واقف ٿي رهيو آهي.
    *
    محترم سامعين: جهڙي طرح گلن ۽ ڪنڊن جو پاڻ ۾ رشتو اڻ ٽٽ آهي،تهڙي طرح ڏکن جو به حياتيءَ سان گهاٽو تعلق آهي،ڏک جيون جو ٻيو نانءُ آهن ۽ خوشيون جيون جي مسافرخاني ۾ مهمان بنجي اينديون آهن.ائين کڻي چئجي ته خوشيون بيوفا ٿين ٿيون، جيئن انسان بيوفائي ڪري ٿو.تئين خوشيون به هڪ جهلڪ ڏيکاري هليون وينديون آهن ۽ ڏيئي وينديون آهن يادن جي سمنڊ ۾ هڪ ڌڪو.۽ ڏک هميشه سفر جا ساٿي ٿي هلندا آهن.
    سائين منهنجا:گرمين جي ايندي ئي مڇر به ڪُنڊن پاسن کان نڪري ايندا آهن ۽ نه صرف راتين جون ننڊون ۽ سڪون حرام ڪندا آهن پر مليريا جهيڙي مهلڪ بيماري جو به ڪارڻ بڻجندا آهن۔ هي بيماري ڪنهن به موسم ۾ ٿي سگهي ٿي.اسان سڀني کي هن بيماري بابت بنيادي ڄاڻ رکڻ گهرجي ته جيئن احتياطي قدم کڻي هن جان ليوا بيماري کان پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي بچائي سگهجي۔دنيا ۾ هر سال تقريبن 30 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مليريا جو شڪارٿيندا آهن ۔ جن مان 15 لک کان 27 لک پنهنجي جان کان به محروم ٿي ويندا آهن۔ پاڪستان ۾ هر سال 50 هزار اهڙا ڪيس سامهون اچن ٿا۔ مليريا جي بيماري جي شدت ۽ مهلڪ هئڻ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته صحت واري عالمي اداري (world Health Organization) پنهنجي قائم ٿيڻ بعد فوري طور تي مليريا جي خلاف جدوجهد کي پنهنجن بنيادي اصولن ۾ شامل ڪري ڇڏيوهو۔
    *
    محترم ساميعن:دنيا جي مڙني مذهبن توڙي فڪري ماخذن ۾ پاڻي کي مقدس حيثيت مليل آهي. دنيا ۾ پاڻيءَ جا انيڪ روپ ڏسي حيرت جي انتها ٿي وڃي ٿي ته هيءَ قيمتي ڦُڙا زندگي جي بقا ۽ جيوت جي فطرتي واڌ ويجهه لاءِ ڪيڏي نه خاص اهميت رکن ٿا. ايئن ئي زندگي جي ٻوٽي جوبنيادي ماخذ پڻ پاڻي کي قرار ڏنو وڃي ٿو. دنيا جي ساهتي ورثي ۾ پاڻي خاص محرڪ هجڻ سبب پنهنجي مڃتا ۽ تعارف جو محتاج نه آهي. پاڻي جي جاگرافيائي توڙي معاشي ڪٿ ڪرڻ بابت پورا ڪتاب لکي سگھجن ٿا. تنهنڪري اهو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته دنيا جي تهذيبن جا بنياد پاڻي جي سرچشمن جي ويجهو پيا هيا. پاڻي کانسواءِ ڪو به ساهوارو زنده رهي نٿو سگهي. اهو ئي اهم ڪارڻ آهي ته اڄ پوري دنيا ۾ پاڻيءَ جي استعمال ۾ لاپرواهي ڏيکاريندڙ عمل کي ايندڙ نسلن جي امانت ۾ خيانت طور ڃاتو وڃي ٿو. اڄ جي فلسفي ۽ ڏاهي ٿائيلس جي لفظن ۾ “ڪائنات پاڻيءَ منجهان ٺاهيل آهي.” چوندي ڪيترو نه سُهڻو لڳي ٿو. تنهنڪري، اهو سچ آهي ته پاڻي ئي سُونهن آهي. پاڻي ئي زندگي آهي.
    محترم سامعين: ڏٺو ويو آھي ته مرد پنھنجي ڪاوڙ اڪثر عورتن تي ڪڍندا آھن؟ پو۽ سبب کڻي ڪھڙو به ھجي ؟ جيڪڏهن ٻاھر ان جي ڪنھن سان به اڻبڻت ٿيندي تڏھن به گھر اچي ڪاوڙ عورت تي ڪڍندو ، چاھي اُھا ڌُي ھجي، زال ھجي، ماءُ ھجي، يا ڀيڻ . مرد جي ھر حقي توڙي ناحقي ڪاوڙ جو شڪار به عورت ٿيندي آھي، ۽ معمولي کان معمولي ڳالھ ڪاوڙ ۾ اچي ڪنھن وڏي نقصان کي جنم ڏيندي آھي. ٿي سگھي مان غلط ھجان پر اسان جي معاشري ۾ عورتن سان ڏاڍ، بدسلوڪي، تشدد، ۽ موت جھڙن واقعن جو بنيادي ڪارڻ ڪاوڙ آھي.روين جو بنياد سماجي اڻ برابري تي آهي، سماجي اڻ برابري جو بنياد جاهلانه روين سوچ ءِ رسمن تي آهي، جيڪي سماج جي هڪڙي لڳاتار عمل مان ٺهيا آهن، غلام رويا ءِ سوچ غلامي جي توقع ڪندا؟ اهو تسلسل هزارين سالن جو آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ته سماجي نظام جو عورت مرد جي فرق کان سواءِ ءِ پڻ مذهبي عقيدن کان مٿاهون برابري جي بنياد تي قانون ءِ انصاف تي بيٺل هئڻ ضروري آهي، ٻيو سڄو سماج تعليم يافتا هئڻ گھرجي.
    *
    محترم سامعين: ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته؛ “تاڙو ۽ ڪوئل، مقامي هجڻ ڪري هتي ئي هوندا آهن پر ٻوليندا ناهن. اهي صرف برسات واري مند ۾ ٻوليندا آهن.” جنھنڪري ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي پرديسي پکي آهن پر حقيقت هيءَ آهي ته تاڙو ۽ ڪوئل، آگم کان اڳ نظر نه ايندا آهن ۽ برسات کان پوءِ هليا ويندا آهن. ڪيڏانهن ٿا وڃن ۽ ڪٿي هوندا آهن؟ اهو سوال جواب طلب آهي.ڄاڻو ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته؛ “ڪوئل مادي ۽ تاڙو نر آهي. ڪوئل، ڪانو جي آکيري ۾ آنا ڪندي آهي. ڪانو آرو ڪري، ٻچا ڦوڙي، انهن کي نپائي وڏو ڪندو آهي. ڪانو جي آکيري ۾ آنا لاهڻ جي ڪري ئي ڪوئل ۽ ڪانو جي ازل کان هلندڙ جنگ مشهور آهي.”انهن ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته؛ “ڪوئل ۽ تاڙو آکيرو به ڪونه ٺاهين. وڻن ۾ ويهي، وقت ڪڍي ويندا آهن. انب، توت، ڄمون ۽ چڪو شوق سان کائيندا آهن. ان کان علاوه ٿر ۾ آسري لئي ۾ ٿيندڙ کنڊ جهڙي لاک، جنهن کي ساڪر چئبو آهي، اها به شوق سان کائين ته ڪرڙ ۾ ٿيندڙ پُسين جا به عاشق آهن.”ڪجهه مقامي ماڻهو وري ان راءِ جا آهن ته؛ “ڪوئل ۽ تاڙو الڳ الڳ پکي آهن.”اهي ماڻهو چون ٿا ته؛ “تاڙو ٻوليندو ئي برسات لاءِ ان ڪري آهي ته جيئن هو بوند جهٽي، آنا ڪري ۽ نسل وڌائي سگهي.
    محترم سامعين : اسان جو لوڪ ادب، عوام جي عادتن ۽ حالتن، طور طريقن، رسمن رواجن، اٿڻ ويهڻ ۽ وندر ورونهن جو هڪ وسيع ذخيرو آهي، جنهن ۾ اسان جون نسلي خاصيتون ۽ دماغي لياقتون، طبعي لاڙا ۽ نفسياتي رجحان گذر معاش جا ذريعا، ملڪي ماحول، سياسي نظام ۽ قديم تاريخي آثار مڙيئي موجود آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڄ لوڪ ادب کي قومي حيثيت حاصل آهي؛ پر اسان جي لوڪ ادب کي فقط قصا ڪهاڻيون، نقل نذير، کل خوشي، ڳائڻ وڄائڻ ۽ شادين غمين جون رسمون ئي تصور ڪيو پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو، رڳو اسان جا پهاڪا ئي کڻي ڏسو، جيڪي عوامي ادب جو هڪ خاص حصو، بلڪه بنيادي جُز آهن. پهاڪا، لوڪ ادب ۾ نه رڳو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهن، پر اڳئين جڳ کي جاچڻ لاءِ به ڄڻ ته آرسي آهن، جن ۾ عام حالتن کي جاچڻ کان پوءِ، گذريل زماني جي تصوير به چٽيءَ طرح چڪاسي سگهجي ٿي.
    *
    سائين منهنجا: هن دنيا جو وڏي کان وڏو طلسم اهو آهي جو ڏينهن ۽ رات، نيڪي ۽ برائي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب ۽ اهڙيون تضاد واريون توڻي مخالف شيون منجهيل سٽ جيان پاڻ ۾ مليون پيون آهن. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ فرق محسوس ڪندي به انسان منجهي پوندو آهي.تان جو هن جي عملن جي“ڏينهن” مان “رات” ڦٽي نڪرندي آهي. “نيڪي” وڃي “برائي” تي پهچندي آهي ۽ ثواب بدلجي گناهه ٿي پوندو آهي. ان ڪري هن جادو نگريءَ ۾ ڇنڊي ڦوڪي پير کڻڻو پئي ٿو. ته جيئن “ڏينهن” مان “رات” ٿيڻ بدران “رات” کي “ڏينهن” ۾ بدلايو وڃي. انهيءَ حساب سان دنيا به ڄڻ هڪ پلصراط آهي، جنهن کي ساڃهه، تميز ، فرق ۽ سوچ جي سواريءَ کانسواءِ پار ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي ٿو.بنهه اهڙي نموني سان انسان به پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل ڪائنات آهي، جنهن ۾ نيڪي ۽ بدي، سچ ۽ ڪوڙ، گناهه ۽ ثواب جهڙا ٻج سندس فطرت جي زمين ۾ ڇٽيا پيا آهن.دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا قتل، وڳوڙ ۽ قهر انساني فطرت جي نا آشنائي ڪري ٿيا آهن، ان ڪري انساني فطرت کي سمجهڻ ۽ قبولڻ ضروري ٿي پئي ٿو.
    محترم سامعين: نفيءَ جي نفيءَ جي قانون جو بنيادي مطلب هي آهي ته ارتقا ۽ نشوونما جي عمل ۾ هر بلند سطح پاڻ کان پهرين تمام گهٽ سطح کي رد ڪري ٿي يعني ان جي نفي ڪري ٿي. اهڙي طرح قديم ۽ پراڻو عنصر ختم ٿئي ٿو ۽ جديد ۽ توانو عنصر وجود ۾ اچي ٿو. اِهوڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه جو عمل، دنيا ۾ مسلسل جاري رهي ٿو، جدلياتي نفي صرف قديم جي ڊاهه نٿي ڪري، پر جديد جو ٺاهه به آهي. فطرت ۽ سماج ۾ تمام نوان مظهر پنهنجا قدرتي رستا طئي ڪن ٿا،هو پوڙها ٿي نون عنصرن ۽ قوتن لاءِ جاءِ خالي ڪن ٿا ۽ جهڙي نموني هنن پنهنجي وجود کان قديم عنصر کي هڪ ڀيرو رد ڪيو هو، هاڻي هو خود، هڪ پاڻ جديد تر، مضبوط تر ۽ تازه تر قوت يا مظهر جي هٿان رد ڪيا وڃن ٿا يعني هنن جي نفي پئي ٿئي. مثال طور ڪنهن فصل جي نشوونما جي مثال کي آڏو رکون ٿا، جنهن ۾ ٽي درجا ٿين ٿا: 1: ٻج جو ڦٽي طاقت وٺڻ. 2:ٻوٽن جو اڀرڻ 3:پوک جو پچي راس ٿيڻ.اها هڪ ٻئي جي نفي آھي.
    *
    سائين : جڏهن ڪو فرد پنهنجو حافظو (ياداشت) وڃائي ويهي رهي ته اهو چريو ٿي ٿو پوي، پر جنهن صورت ۾ اسان ۾ اجتماعي حافظو نه رهيو آهي ۽ پنهنجي قومي تاريخ کان پري آهيون، تنهن کي اسين ڪهڙي نالي سان سڏيون؟“پنهنجي حقن، فرضن ۽ ضرورتن جي ڄاڻ رکڻ لاءِ حواسن جو سالم هجڻ شرط آهي ۽ اسان جو عملي طور انهن سڀني ڳالهين کان لنوائڻ ڇا ٿو ثابت ڪري؟ اسان جي اهڙيءَ چلت جي ڪري هاڻ عملي طور اسان کي ڪاهل ۽ نا اهل سمجھي هر هنڌ ردِ ڪيو پيو وڃيجيڪڏهن اسان واقعي پنهنجو پاڻ سان پنهنجي قوم ۽ وطن سان سچا آهيون،محبت ڪريون ٿا،ته پوءِ اسان کي ڏينهن رات سخت کان سخت محنت ڪري اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اسين عظيم تاريخي ورثي ۽ تهذيب جا اصلي والي ۽ وارث آهيون.
    *
    محترم سامعين:: انسان جيڪو ڪجھ سوچيندو آهي اهو ضروري نه آهي ته ائين ٿئي به سهي ڇاڪاڻ ته ڪجھ شيون اهڙيون آهن جيڪي انسان جي وس ۾ نه آهن مثلآ وقت،قسمت ،خيال،احساس،تقدير وغيره.پر انسان جيڪو ڪجھ سوچي ٿو اهو ان جو خيال ئي هوندو آهي. ڪي انسان پنهنجي سڄي ڄمار خيالن جي دنيا ۾ گذاري ڇڏيندا آهن پر عملي طور پنهنجي خيالن کي ڪوبه جامو نه پهرائي سگهندا آهن.خيال جنهن جي رفتار بجلي ۽ روشني جي ڪرڻن کان به وڌيڪ تيز آهي اهو اصل ۾ ڪائنات اندر موجودات جو عڪس آهي.جيڪا به شيءِ انسان ڏسي ٿو،ڇهي ٿو،ٻڌي ٿو،چکي ٿو،۽ سنگهي ٿو ان جو ئي عڪس سندس دماغ ۾ ٺهي ٿو ۽ ان مطابق ئي سندس خيال جڙي ٿو.
    محترم سامعين: جمهوريت جي معنيٰ آهي “عوام کان،عوام لاءِ” ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته عوام کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي لاءِ پنهنجي ئي حڪومت چونڊي.اسان وٽ ٿئي ائين ٿو جو جمهوريت جو ٻوٽو اڃا ساوا گونچ ڪڍي ٿو ته جمهوريت دشمن قوتون ٻوٽي جي آبياري ڪرڻ بجاءِ ان ٻوٽي جو پاڻي بند ڪري جمهوريت جي ٻوٽي جي نڪتل گونچن کي ساڙڻ جي پويان هٿ ڌوئي پون ٿيون.اهڙين قوتن جي ڏينهن رات اها ڪوشش آهي ته جمهوريت جو هي سج جيترو جلدي لهي وڃي ته بهتر آهي.چوڻ جو مقصد هي آهي ته عوام کي پنهنجي قائم ڪيل حڪومت جي حفاظت پاڻ کي ڪرڻي آهي ۽ جمهوريت جي ٻوٽي کي وڌائي وڻ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي.
    *
    سائين منهنجا:انسان جي سڀ کان وڏي طاقت پنهنجو پاڻ تي،يعني پنهنجي نفس کي قابو ڪرڻ آهي.انسان جي عقل جو اندازو ان جي غصي واري حالت ۾ ڏسڻ گهرجي.جنهن شخص تي نصيحت اثر نه ڪري،اهو سمجهي ڇڏي ته ان جي دل ايمان کان خالي آهي.بيوقوف پنهنجي ذلت محسوس ناهي ڪندو.دشمن سان به اهڙي طرح ڳالهائجي جوجيڪڏهن هو دوست بنجي وڃي ته شرمسار ٿيڻو نه پوي.حسن کان وڌيڪ ڪشش شرم ۾ هوندي آهي.جيڪو اسان جي اڳيان ٻين جون برايون ڪري ٿو،اهو ٻين جي اڳيان اسان جون به برايون ڪندو.مرڪ غم جو بهتريب علاج آهي ۽ پنهنجي محبوب جي ياد پنهنجي دل ۾ هردم قائم ۽ دائم رکجي.اهو محبوب سان حقيقي حق ادا ڪرن جو رستو آهي.
    *
    سائين منهنجا: هن سموري عالم ۾ قدرت جي هر هڪ پيدا ڪيل شيءِ حسين کان حسين آهي،هر حسين شيءِ پنهنجي وجود ۾ اڻ لکي ڪشس رکي ٿي.پر سائين جڏهن نه اکين جو ذڪر نڪرندو آهي تڏهن وڏا بحث شروع ٿي ويندا آهن.اکين ۾ ڪجل جي ڳالھ،اکين جي پنبڻين جي بات،ڪن اکين ۾ شرم ۽ حيا جو سمنڊ موجون پيو هڻندو آهي.ڪي اکيون نيريون ڄڻ آڪاش تي انڊلٺ رقص ڪري رهي هجي.ڪي اکيون اهڙيون اونهيون جن ۾ جنهن به نهاريو اهو انهن ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويو. ۽ جڏهن به ءَ جي اکين جو ذڪر نڪرندو آهي،تڏهن اهو ذڪر بحث بڻجي ويندو آهي.
    محترم سائين: محبت سان ئي انسان جي زندگي مڪمل آهي ڇو ته اها محبت ئي آهي جنهن جي خوشبوءَ سان انسان پوري زندگيءَ کي معطر رکي ٿو.محبت هڪ پاڪ جذبي جو نانءُ آهي جنهن جي عزت ڪجي،قدر ڪجي.هي اهو جذبو آهي جيڪو نه ذات، نه نسل نه ئي رنگ ڏسندو آهي.ائين چوڻ ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو ته هن ڪائنات جو بنياد ئي محبت سان پيل آهي.محبت صرف انسان جو ورثو ناهي.محبت ته جانور به ڪري ٿو.محبت اها ننڍڙي ڪِوِل به ڪري ٿي جيڪا پنهنجي وزن کان وڏو وزن کڻي آئندي واري ايندڙ ڏکي گهڙي لاءِ ميڙي ٿي.اسين انسن جڏهن به محبت جا ڏيئا جلائيندا آهيون ته صرف اسان جو اندر روشنيءَ سان منور نه ٿيندو آهي پر محبت جي روشني پوري جڳ ۾ ڦهلجي ويندي آهي.
    *
    سائين منهنجا: دل ته اميدن جو خزانو آهي،جيڪو وهندڙ درياءَ جي ڇولين وانگر اڻ کُٽُ آهي،جن جو ڪو به ڪاٿو نٿو ڪري سگهي.دل جي اميد ۽ آس ۽ جَرَ جو پاڻي ڪڏهن به ختم ناهن ٿيڻا.جيئن جر جي پاڻيءَ کي ڪو به کُٽائي نٿو سگهي،تيئن دل جي اميد ۽ آس کي به ڪو پورو نٿو ڪري سگهي.هڪ آس،اميد پوري ٿيندي ته ٻي آس ۽ اميد ان جي جاءِ تي اچي ويندي.اهڙي طرح هر آس۽ اميد جي پوري ٿيڻ پويان ٻي آس ۽ اميد ڊوڙندي ايندي. ها ايترو ضرور ٿيندو آهي جو جڏهن ڪا آس ۽ اميد پوري ٿيندي آهي ته من جي اجڙيل باغ ۾ سوين گل ڦٽي پوندا آهن.
    *
    سائين : اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا،اهو ماحول چئن موسمن وارو ماحول آهي.اسان ڪڏهن گرميءَ جي ساڙيندڙ جهولن مان گذرون ٿا ته ڪڏهن وڻن کي پنن کان خالي ٿيندي ڏسون ٿا،وري سيارو اچي ٿو،ٿڌ جو احساس ٿئي ٿو،چلھ يا هيٽر جي ڀر ۾ ويهي هٿن کي سيڪي نيرن ڪريون ٿا، ڪيڏو نه اهو پيارو منظر آهي.وري بهار جي مند پنهنجا پيار ڀريا پَرَ پکيڙي اسان مٿان ڇانوَ ڪري ٿي.اهي موسمون هڪٻئي پويان اچن ٿيون.پر جيڪي پيارا ماڻهو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وڃن ٿا،تن جي وڇڙڻڻ جو احساس به تمام گهڻو جيءَ کي ستائيندو آهي.جيڪي ماڻهو جنهن موسم ۾ وڇڙندا آهن اها موسم انهن جي ياد جي موسم هوندي آهي.
    سائين منهنجا:ڏاهن هي به چيو آهي ته انسان کي سج وانگر روشن،درياءَ وانگر سخي،زمين وانگر نرم ۽ گل وانگر خوشبودار ٿيڻ گهرجي.ڪڏهن به پنهنجو نالو نه وڪڻجي،ڇو ته اسان جو نالو انسان آهي ۽ انسان وڏو عظيم ۽ بي بها نالو آهي،هن دنيا ۾ هي جيڪي رنگينون،رونقون،حسن جون خوشبون،عشق جون اميدون،اسانجي ئي نالي سان قائم آهن،هي سڀ جلوا اسان منجهان ئي آهن.جن کي ڪنهن به قيمت تي وڪڻي ۽ خريد ڪري نٿو سگهجي.
    *
    سائين منهنجا:انسان کي اصليت سڃاڻپ واري اک رکڻ گهرجي.اسان مان ڪي فرد اهڙا هوندا آهن،جن جي سوچ جو نتيجو ابتڙ نڪرندو آهي،هو سڃاڻپ واري اک ته ضرور رکندا آهن پر انهن جي سوچ منفي هجڻ ڪري صحيح پرک نه ڪري سگهندا آهن.هوصحيح کي غلط ۽ غلط کي صحيح سمجهڻ لڳندا آهن.اهڙا ماڻهو ڪنهن سفارش،ڪنهن جي مهرباني يا ڪنهن طبقي پرستيءَ جي بار هيٺ دٻيل هوندا آهن.سفارشي ڪلچر کي استعمال ڪندي ناهل ماڻهو به ڪنهن اهڙي مقام تي پهچي ويندا آهن،جن کي اُتي هجڻ نه گهرجي.ٻي طرف سڃاڻپ جي اک نه رکندڙ ماڻهو وري اهڙي نااهل سفارشي ماڻهوءَ کي آمنا صدقنا چئي اکين تي ويهاريندا آهن،ڇو ته انهن جي هٿن ۾ ڪا سوکڙي ضرور هوندي آهي. ،جيڪا وٺڻ واري لاءِ فخر جو باعث هوندي آهي.جتي سڃاڻپ واري اک جو اثر ئي ابتو ٿي ويندو آهي اتي شاھ لطيف جو هي بيت چئي پنهنجو رستو وٺڻ گهرجي ته
    “ويا مور مري،هنج نه رهيو هيڪڙو،
    انهن آکيرن تي،ويٺا چٻَ چڙهي،
    وطن ٿيو وري،ڪوڙن ڪانئيرن جو.”
    *


    پنجون حصو

    محترم سامعين:چئن موسمن جو ذڪر ڪيوسين.پر اسان وٽ هڪ موسم ٻي به ٿيندي آهي،جنهن کي اسين پنجين موسم ئي چئي سگهون ٿا.يقينن ان پنجين موسم جي اوهان کي خبر هوندي ته اها ڪهڙي موسم آهي؟بلڪل درست آهيو ته اها پنجين موسم آهي “اسان جي اندر واري موسم”اندر واري موسم جڏهن مٽبي آهي،تڏهن يادون ۽ خيال گڏجي ويندا آهن.يادون خيالن کي جنم ڏينديون آهن ۽ خيال اڏام ڪندا آهن،چئني ڪنڊن ڏانهن.جن جو سفر اڻ کُٽ هوندو آهي،خيال سفر ڪندي ڪندي جڏهن ڪي پل رڪجي ويندا آهن،تڏهن ڪنهن ڇانوري جو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ۽ اهڙو احساس جڏهن بهار جي مند ۾ اچي ته پوءِ محبوب سان ملڻ جو احساس من کي تڙپائيندو آهي.
    سائين منهنجا: چوندا آهن ته جنهن سان حد کان وڌيڪ چاهت هوندي آهي،جنهن جي محبت من ۾ پائي،کوڙ ساريون تڪليفون انسان سهندو آهي،اهڙو انسان پنهنجي اکين ۾،پنهنجي محبوب جي تصوير کڻي هلندو رهندو آهي،جيڪا تصوير انهيءَ جي اکين ۾ هميشه لاءِ نقش ٿي ويندي آهي.ڪبير چواڻي ته“ ڪاگا تنُ،سڀ کايو،چُن چُن کَيو ماس،دو نينان مت کَيو،انهي پِيا ملن ڪي آس”سو اهڙين اکين کي صرف ۽ صرف ءَ جو انتظار رهندو آهي.شاھ لطيف به ڪمال جي ڳالھ ڪئي آهي
    اک ءَ جي اک ۾،ڪُٺن سندو ڪم،
    لاهي ڏينس،لطيف چئي،سندو سسيءَ چم،
    جي نڪري وڃي دم،ته به اک ءَ جي اک ۾.
    *
    محترم سائين: جيڪو ماڻهو ڪچهرين جو ڪوڏيو هوندو آهي،اهو اڪيلائي کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪندو ڇو ته اڪيلائيءَ ۾ انسان کي تمام گهڻيون ڳالهيون ياد اينديون آهن،تنهائي ڪڏهن ڪڏهن هڪ عذاب بنجي ويندي آهي،ڇو ته اڪيلائيءَ ۾ اهي يادون ڪَرُ کڻي من اندر جي ميدان ۾ ڪاهي پونديون آهن.جيڪي يادون پنهنجن جون هونديون آهن،اهي پنهجا جيڪي ساھ ۾ سمايل هوندا آهن.تنهايون ڀلي ڪيترون ئي ننڍڙي وقت لاءِ هجن پر اهي طويل لڳنديون آهن.هيءَ دنيا گول آهي،ڪڏهن نه ڪڏهن،ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي وڇڙيل ملي پوندا آهن،ملاقاتون ضرور ٿينديون آهن،ان لاءِ هميشه بهترين جي اميد رکڻ گهرجي.
    *
    سائين منهنجا:ٻار الله جو تحفو آهي،هر شادي شده جوڙو اولاد بنا اڌورو آهي،ٻار نازڪ گل آهن،ٻارن سان هر ڪوئي پيار ڪندو آهي.هر مائٽ چاهيندو آهي ته هن جو اولاد صابرين،ذهين،اخلاق وارو ۽ هر سٺي ڪم ۾ هوشيار هجي،ڪافي هنڌن تي ڏٺو ويو آهي ته ٻار جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪنهن به شيءِ جي ڪمي نه هجڻ جي باوجود انهن جي شخصيت ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪمي ظاهر ٿي پوندي آهي.ائين ڇو آهي؟تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته اهي مائٽ جيڪي ٻار کي صرف ڏنڊي جي زور تي تربيت ڪندا آهن يا جيڪي مائٽ هروقت ٻار کي تمام گهڻو پيار ڏيندا آهن،اهي ٻئي طريقا غلط آهن.ٻنهي طريقن سان ٻار جي شخصيت اڌوري رهجي وڃي ٿي.پهرين طريقي سبب ٻار بخيل ۽ ٻئي طريقي سان ٻار ضدي ٿي پوي ٿو.جن والدين جو رويو ٻارن سان وچولو رهيو آهي،انهن جا ٻار هوشيار نڪتا آهن.
    محترم سامعين: اوهين شاگرد آهيو،يا ڪنهن آفيس ۾ويٺا ڪم پيا ڪريو،يا اوهانجو واسطو آهي لکڻ ۽ پڙهڻ سان ٿي سگهي ٿو ته اوهان هن وقت ڪو شعر لکندا هجو، اهوبه ممڪن آهي ته اوهان ڪا ڪهاڻي لکي رهيا هجو. اوهان سان هيءَ ڳالھ ونڊڻ گهران ٿو ته جي اوهان جو واسطولکڻ پڙهڻ سان گهڻو آهي ته،پنهنجي نظر جو هميشه خيال رکڻ گهرجي.اکين جا ماهر چون ٿا ته ننڍيءَ عمر ۾ سنهي ڇاپي وارا اکر نه پڙهڻ گهرجن،ٿورڙي روشنيءَ ۾ به جُوھ وجهي نه پڙهڻ ۽ لکڻ گهرجي. هلندڙ گاڏيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ به نظر جي لاءِ ڀلو عمل ناهي.جيئن اسين ڪم ڪندي ٿڪجي پوندا آهيون تئين گهڻي لکڻ سان مشڪون ٿڪجيو پون،سو هميشه اهڙين شين کي ڏسجي جن کي ڏسڻ سان اکين کي آرام اچي.پنهنجي نظر جي هر وقت حفاظت ڪرڻ گهرجي.
    *
    سائين منهنجا: زندگي تلخ حقيقتن جو مجموعو آهي،جنهن کي اسان مڃڻ کان انڪار ڪندا آهيون ۽ بس تقدير کان شڪايت ڪندا آهيون.اسان انسانن جي اها صدين کان فطرت رهي آهي ته خوشين ۾ گذاريل گهڙيون وساري ويهندا آهيون ۽ ڏکن ۾ گهاريل ڏينهن وري بار بار ياد ڪندا آهيون،پر اهي ڏک ڪنهن ڏنا،ڪٿان آيا،سماجي جوڙڪ ڪهڙي آهي.انهن سوالن جا جواب هرگز ناهيون ڳوليندا،جي اسان ائين ڪريون ته ڏکن واري ڏيھ ۾ سوين سک آڻي سگهون ٿا. اسان انسان آهيون ان ڪري ٻين جا احسان ۽ احساس به وساري،خامين جي ڳولا ۾ نڪري پوندا آهيون.اهو ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن اسين ڪنهن ٻئي ڏانهن خاميون ڳولهڻ لاءِ آڱر کڻندا آهيون ته ٽي آڱريون اسان ڏانهن اشارو ڪنديون آهن.
    *
    سائين منهنجا: هميشه ٻين جي جذبن جي عزت ڪجي،ائين ڪرڻ سان ٻيا به اسان جي عزت ۽ احترام ڪندا.اسان جو قدر ڪندا.اسان جي آسپاس گهمندڙ ماڻهن جا احساس به اسان جي احساسن جهڙا ئي آهن.جيڪا ڳالھ سٺي ناهي،تنهن ڳالھ جو اثر بلڪل سٺو نه پوندو.جن ڳالهين تي اسان کي ڪاوڙ اچي ٿي انهن ڳالهين ڪرڻ کان اسان به پرهيز ڪريون.جيڪا شيءِ اسان کي پسند ناهي،اها ٻين لاءِ پسند ڪرڻ جو حق اسان کي ڀلا ڇو هجي؟اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب اسان جي اندر ۾ ويٺل کرو ۽ سچو انسان ئي ڏيئي سگهي ٿو.جنهن انسان سان اسان الائي ڇو دوستي رکڻ کان لنوائيندا آهيون.پر اها پڪ آهي ته اسان جو اندر وارو دوست اسان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندو نه ئي ڪا غلط صلاح ڏيندو ڇو ته هو سچوپچو دوست آهي.
    محترم سامعين: هڪڙيون شيون انسان جون علامتون يا سڃاڻپ بنجي وينديون آهن،جن جي وسيلي ان ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.جيئن ڪو هنر مند ڪهڙي به ذات سان تعلق رکندو هجي پر هن جي سڃاڻپ، هن جو ڌنڌو ٿي ويندو آهي.سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا هنر آهن جيڪي ذاتيون بڻجي ويا.اها اصل ۾ مهارت آهي جنهن ڪري اهي ڌندا ذاتين ۾ تبديل ٿي ويا سڃاڻپ بڻجي ويا،انهن ۾ مهارت جو ڪردار آهي،هر هڪ انسان کي پنهنجي هنر ۾ ماهر ٿيڻ گهرجي،پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي.ائين ڪرڻ سان ڇا ٿيندو جو اسان جي اندر ۾ خود اعتمادي مضبوط ٿيندي ۽ خوشحالي به ايندي.لطيف سائين جو هڪڙو بيت ياد پويم ٿو.
    محروم ٿي مري ويا،ماهر ٿي نه مئا،
    چِڙي جيئن چنهنج هڻي،لڌائون لُئا،
    حباب ئي هئا،انهيءَ واديءَ وچ ۾.
    *
    سائين منهنجا:اسان مان هر هڪ ماڻهوءَ جي اها خواهش هوندي آهي ته،هو جڏهن به ڪنهن سفر تي نڪري ته هن سان سفر جو اهرو ساٿي هجي جيڪو سفر دوران ڏک ۽ سک ورهائي،اهڙا همسفر ملي به ويندا آهن.هونءَ به سائين ٻه متضاد خيال ڪڏهن به سڪون پيدا ڪري ناهن سگهندا.ان لاءِ جذبن جو خيال ۽ قدر ڪرڻ گهرجي.هيءَ اسان جي زندگي مسلسل سفر جو نانءُ آهي ۽ ذهني طور هم آهنگي به خود زندگيءَ جو سفر آهي.هن زندگيءَ جي اڻانگي سفر ۾ جيڪڏهن ڪو دل کي وڻندڙ ساٿي ساڻ آهي ته پوءِ منزل ڪيڏي به ڏور هجي،تڏهن به سفر ڏاڍو سهنجو ٿي پوندو آهي.
    *
    سائين منهنجا: ماءُ جي خدمت ڪرڻ سان جنت ملندي آهي،احسان جي حقدار سڀ رشتن کان وڌيڪ ماءُ آهي،جنهن جي هڪ گهڙيءَ جو احسان به لاهي نٿو سگهجي.ماءُ جي خدمت ڪرڻ سان عمر ۽ رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ حياتيءَ جي سمورا ڏک ختم ٿي ويندا آهن. ماءُ کي پيار،محبت،عاجزي،انڪساري،ادب ۽ اخلاق سان ڏسڻ ،حج جيترو ثواب ملندو آهي.والدين سان سٺي سلوڪ سان پيش اچڻ جو ڦل اهوملندو جو اسان جي اولاد به،اسان سان سٺو سلوڪ ڪندي.والدين لاءِ محنت ڪرڻ ثواب،والدين جي خدمت ڪرڻ جهاد کان به وڌيڪ جذبو آهي.والدين سان سهڻو ورتاءُ ڪرڻ سان دنيا جا سمورا بند رستا کلندا ويندا ۽ منزل آسان ٿيندي.
    محترم ساميعن:اسان جي هن ماحول ۾ رهندڙ ڪافي اهڙا ماڻهو به آهن جن کي ٻين ماڻهن جا رويا انتهائي چڙ ڏياريندڙ لڳندا آهن،ايتري حد تائين جو اهڙي نا پسنديده ماڻهوءَ جي شڪل به ناهي وڻندي.جيڪڏهن اهري قسم جي ڪيفيت اسان جي ڪنهن دوست،احباب يا خود اسان ۾ آهي ته اهڙي ڪيفيت يا احساس کي هن طرح ختم ڪري سگهجي ٿو.هاڻي هيئن ٿا ڪريون،جنهن ماڻهو تي اسان کي ڪاوڙ آهي،اکيون ٻوٽي ان ماڻهوءَ کي هڪ ننڍڙي ٻار جي روپ ۾ ڏسون،ننڍڙو ٻار جيڪو معصوم هوندو آهي،ننڍڙو مهانڊو،پتڪڙا هٿ ۽ پير،ننڍڙو ڪچڙو ذهن،ننڍڙي سوچ،ڀلا اهڙي ٻار تي اسين ڪاوڙ ڇو ڪريون ؟اسان کي اسان جي ٻارن جو حرڪتون ناهن وڻنديون؟ اها ڳالھ ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ٻار ڪنهن کي به ناهي ڏکوئيندو ۽ اسان مان هر شخص ننڍڙو ٻار رهيو آهي.وري اسي نوي سال اڳتي نڪري هلون،ان شخص کي هڪ پوڙهي جي روپ ۾ ڏسون،جيڪو زندگيءَ جي آخري ڏاڪي تي بيٺل آهي،هن جي جهيڻن اکين ۾ ڏسي مرڪڻ جو تصور ڪيون،جن اکين ۾ ڏاهپ ۽ غلطين جا اعترافي نشان ۽ عڪس واضع ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ اهو ضرور ذهن ۾ رکجي ته اسان مان هر هڪ ضرور پوڙهو ٿيندو.جڏهن اها ڳالھ اسان سمجهي ورتي ته پوءِ اسان ڪڏهن به ۽ ڪنهن کان به نفرت نه ڪري سگهنداسين.
    *
    سائين منهنجا:انسان ويچارو به آهي ته ڏاڍو سڪايل به آهي.اسين هر وقت هن خيال ۾ رهندا آهيون ته جتي به وڃون ته قرب ۽ چاهت ملي.بلڪل هر انسان جي اهائي خواهش آهي،جيڪڏهن اسان اها تمنا رکون ٿا ته سڀ کان اول اسان کي ئي قدم کڻڻا پوندا،تڏهن اسين ٻين جو قرب ۽ محبت ماڻي سگهون ٿا،ڇو ته جڏهن اسين محبتون ورهائينداسون تڏهن موٽ ۾ اسان کي به محبتون ئي ملنديون.گل پوکينداسين ته موٽ ۾ گلن سان گڏ خوشبوءِ به ملندي،ڪنڊا پوکينداسين ته ڪنڊا ئي حاصل ٿيندا ۽ هٿ به زخمي ٿيندا.اهو اسين ڪڏهن به نه سوچون ته ڪو ماڻهو اسان کي ڪنڊن جي بدلي گل ڏيندو يا اسان ڪنهن سان ڀلائي ڪريون ٿا ته ان جو بدلو ڀلائي نه ملندو.هي هڪ فطري عمل آهي ته هر هڪ عمل جو پويان ان جو ردِعمل به آهي،جنهن سان هر ماڻهو کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڻ کي ان جي قابل بڻائجي جو جنهن محفل ۾ موجود نه هجون ته ان محفل ۾ اسان کي ياد ڪيو وڃي ۽ جي موجود هجون ته عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي،سڏيو وڃي ۽ ويهاريو وڃي.
    محترم سامعين: اسين ڪڏهن هن ڳالھ تي غور ڪيو آهي ته ،هي جيڪي الله جا اولياءَ آهن،پير بزرگ آهن،رهبر ۽ رهنما آهن،جن کي گذرئي سوين سال ٿي ويا آهن،پر پوءِ به اهي اسان کي اڄ به ياد آهن،انهن لاءِ اسان جي سينن ۾ عزت ۽ احترام ڇو آهي؟ ان سوال جو جواب اهو ئي آهي ته اهي املھ انسان هميشه ٻين لاءِ جيئندا رهيا،هنن جي سوچ ۾،لوچ ۾،ٻين جي لاءِ پنهنجائپ هئي،جن وٽان هٿين خالي ڪو به موٽيو.ان ڪري اهي اڄ به اسان جي دلين ۾ زندھ آهن.اهو انسان عظيم آهي جيڪو ٻين جي خوشين خاطر پنهنجون خوشيون قربان ڪري ٿو.ڀلا ان ماڻهوءَ کي ڪير چڱو چوندو جيڪو پنهنجي مفاد خاطر،پنهنجي خوشيءَ خاطر انسانن کي رنج پهچائي ٿو.انسان پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏو سمنڊ آهي،جنهن سمنڊ ۾ ڏکن ۽ سکن جا جهاز،گڏ گڏ سفر ڪن ٿا.ان سمنڊ ۾ وڏا طوفان به آهن ته تکيون ۽ تيز لهرون به آهن،۽ ڪڏهن اهو اندر وارو سمنڊ بلڪل خاموشي ۾ هوندو آهي ۽ سائين منهنجا خاموشي وقت مرڪ ئي اسان ۾ همٿ پيدا ڪري ٿي۽ آساني پيدا ڪري ٿي.
    *
    محترم سائين:انسان کي ان جو ڪردار ئي سڃاڻپ ڏيندو آهي.سٺو ڪردار آهي ته انسان عظيم بڻجي وڃي ٿو.انسان پنهنجي تجربي،وقت ۽ حالتن مان سکي ٿو.جيڪو ماڻهو پنهنجي من ۾ نفرتن جا نانگ پالي ٿو،اهو هر وقت پنهنجو پاڻ کي کائيندو رهي ٿو، ڇوته نانگ پنهنجا ٻچا کائيندو آهي ۽ جيڪو پنهنجن ٻچن کي کائي،تنهن کي ڪڏهن به سڪون نه هوندو اهو هر وقت پيو نانگ وانگر ڦوڪون هڻندو رهندو. چوڻ هي ٿو چاهيان ته اسان کي هر وقت پنهنجي ڪردار کي،اعليٰ رکڻ لاءِ،پنهنجي سوچ ۾ اعليٰ مقصد رکون،عظيم ذهن،عظيم ڪارناما سر انجام ڏيندا آهن،جن ڪارنامن جي ڪري اهي انسان هن دنيا جي آڪاش جا وِهائو تارا ٿي اڀرندا آهن.
    *
    سائين منهنجا:ڪڏهن ڪڏهن انسان مٿان اهڙا لمحا اچي ويندا آهن،جن لمحن وقت پربتن کان به اوچو ۽ مضبوط انسان هيڻو ۽ ويچارو بڻجي پوندو آهي،ان وقت نه اها ارڏائي هوندي اٿس نه ئي وڏائي،بلڪل نماڻو نماڻو انسان لڳندو آهي.اهڙن لمحن ۾ هڪ لمحواهڙو به ايندو آهي جنهن جي اچڻ سان انڪار جا هڙئي دروازا بند ٿي ويندا آهن،دل ۾ هڪڙي ڳالھ هوندي آهي پر زبان مان ٻيا لفظ نڪرندا آهن.من ڀلي انڪار جو فيصلو ڪري پر زبان منجهان اقرار جا لفظ نڪري ايندا آهن ۽ اهو لمحو آهي اکين جي اڱڻ تي حسن جي اچڻ جو. جنهن ويل حسن سمورين حسناڪين سان قرب جا قدم ڀري دل ۾ ديرو ڪري ٿو،تنهن ويل وڏا وڏا شمشير به پنهنجا سِرَ جهڪائي اکين کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ راهن ۾ وڇائي ڇڏيندا آهن ۽ حسن جي هر سوال جي جواب ۾ “ها” ڪرڻ جي خطا ڪري وجهندا آهن،جنهن خطا جو ڪوبه پڇتاءُ نه ٿيندو آهي پر فخر سان انسان جهومي پوندو آهي.
    سائين منهنجا:وقت تمام قيمتي شيءِ آهي،جن به وقت جي رفتار جو قدر نه ڪيو،اهي پنهنجي منزل کان گهڻو ڏور ٿي ويا،پوءِ انهن سموري زندگي ڪوشش ڪئي پر انهن منزل نه ماڻي ۽ افسوس وچان هٿ مهٽيندا رهجي ويا.وقت جيڪو انسان جي هٿن مان واريءَ وانگي وهي وڃي ٿو،روزانو صبح،شام ۽ رات جو سفر،مهينن،ورهين ۽ صدين ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو،انسان جو ارتقائي عمل جاري آهي،هر انسان حياتي ۽ جهان جي حقيقت کي پرکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي.پهاڪو آهي ته“ڏڌل کير واپس ناهي ٿيندو ۽ ويل وقت به موٽي ناهي ايندو.” پڇجي انهن کان جن وقت جو قدر نه ڪيو ۽ وقت کي وڃائي ڇڏيو،وقت جو جن به قدر ڪيو تن کي پنهنجا مقصد مليا ۽ سي ئي پنهنجي منزل تي رسيا.
    *
    سائين منهنجا:اسين جڏهن به عشق جي ڳالھ ڪندا آهيون،تڏهن عشق جي گهرائيءَ ۾ ناهيون ويندا.حقيقت ۾،حقيقي عشق ته اهو کورو آهي جنهن ۾ سواءِ باھ ٻرڻ جي ٻيو ڪو به ڪم ناهي ٿيندو،جتان باھ جا اُلا ڀڀڙ ڪري نڪرندا آهن، جتي صرف ۽ صرف تپش۽ تاب هوندو آهي.عشق جڏهن به جنهن وٽ آيو آهي،تنهنجي هستي،تنهنجو وجود،تنهجي دنيا ۽ تنهنجي زندگي ئي بدلجي ويندي آهي،بس پوءِ عشق جا اُلا اندر ۾ مچ مچائي ڇڏيندا آهن.عشق ته اهو رستو آهي جنهن تي هلندي سواءِ ڏکن جي ٻيو ڪجھ به پلئي ناهي پوندو.پر باوجود انهن سڀني ڪيفيتن جي ۽ منظرن ، عشق جو نتيجو ڏاڍو وڻندڙ ٿيندو آهي.اندر ۾ عشق جڏهن پچي راس ٿيندو آهي،تڏهن سمورو انسان هڪ اک بنجي پوندو آهي،سموري دنيا هن جي اڳيان پڌري پَٽَ وانگر ٿي پوندي آهي ۽ سمورا لڪل لقاءَ سامهون اچي ويندا آهن.
    *
    محترم سامعين:ڏاهن جي ڏاهپ ڀريل چوڻين ۾ اسان ماڻهن لاءِ روشن راهون موجود آهن،جن کي حاصل ڪري اسان هر پاسي کان ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا.جيئن ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته مايوسي اسان جي سڀ کان وڏي دشمن آهي ۽ نه لهندڙ عذاب آهي.پاڻ کي بدلائي ڇڏيو،قسمت پاڻمرادو بدلجي ويندي.وفا سان همڪنار ٿيندا رهو،نفرتون خود اوهان کان پري ٿي وينديون.جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ جڳھ ٺاهڻي اٿوَ ته ان کي پوري نالي سان سڏيو.ٻڌو هر هڪ ماڻهوءَ کي پر فيصلو پنهنجي عقل ۽ فهم جي بنياد تي ڪيو.بيشمار خواهشون،بيشمار پريشانيون پيدا ڪنديون آهن.دعا آهي دل سان،لفظن سان نه.هڪٻئي سان کلو ۽ پنهنجا ويڇا گهٽايو.انسان اهو ڀلو جيڪو ايذائڻ نه ڄاڻي.سٺي زندگيءَ جو راز درگذر ڪرڻ ۾ آهي.غلطين کان بچڻ نه پر انهن مان پرائڻ عقلمندي آهي.جيڪو عيبن کان آگاھ ڪري،اهو ئي اصل ۾ دوست آهي.
    محترم سامعين:ڪڏهن ڪڏهن اسان جو واسطو اهڙن ماڻهن سان پوندو آهي،جن جو رويو مخصوص حالتن ۾ عجيب ۽ غريب،ڪنهن حد تائين پريشان ڪُن هوندو آهي.اهڙا ماڻهو نه صرف ٻين جو سڪون کسيندا آهن پر پنهنجو سڪون به وڃائيندا آهن.ڪجھ ماڻهو وري پنهنجي ماتحت ماڻهن کي حڪم ڏيندي،غصي ۽ ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي اعصابي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.انهن جا هٿ ۽ ڪنهن وقت پورو جسم ڪنبڻ لڳندو آهي،آواز ڀرجي ويندو اٿن،منهن جو رنگ به بدلجي ويندو اٿن،۽ ڪي وري ٿورڙي غلطيءَ تي وڏا پريشان ٿين ٿا.اهڙي طرح ڪي والدين پنهنجي ٻارن سان حيران ڪن حد تائين نرميءَ سان پيش اچن ٿا ته ڪي وري ننڍڙي غلطي به ٻارن جي معاف ناهن ڪندا.هن قسم جي غير معمولي روين کي نفسيات جي ماهرن،نفسياتي پريشانين جو نالو ڏنو آهي.چوڻ جو مقصد هي آهي ته پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏجي،ڏک سک ۾ گڏ رهڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته زندگي ڏاڍي سهڻي آهي.
    *
    سائين منهنجا: اکيون جيڪي ڪجھ ڏسن ٿيون،تن کي قبول يا رد ذهن ڪندو آهي.اسان جي پوري حياتيءَ ۾ ڪي شيون اهڙيو به سامهون اينديون آهن،جن کي ڪلھ پسند ڪيو ويو يا سهڻيون لڳيون هيون،سي اڄ نٿيون وڻن.ڪلھ جيڪي شيون اسان کي سهڻيون نه پئي لڳيون سي اڄ خوبصورت ڇو پيون لڳن؟انهيءَ سوال جو جواب هي ئي ٿي سگهي ٿو ته “ڏسڻ وقت ذهن جي ڪيفيت ڪهڙي قسم جي آهي” هونءَ به ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته“خوبصورتي انسان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي،ان ۾ ڪو به شڪ ناهي. ڇو ته جڏهن انسان جي ذهن ۾ خيال سٺا هوندا ته سنسار به سٺو لڳندو آهي.هن سنسار ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي هرشيءِ ۾ سونهن کي ڏسندا آهن.ڪک هجي،پنُ هجي،هر هڪ ۾ سونهن جو جلوو ڏسن ٿا ۽ جڏهن هر شيءِ ۾ سونهن جي سمجھ اچي وڃي ٿي ته پوءِ دل به هر دم خوش رهندي آهي.
    *
    سائين منهنجا:اعتقاد سان جڙيل آهي هي اسان جو جهان. آسن جي حاصلات لاءِ پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي پريشانين جر خاتمي جو سڀ کان بهتر وسيلواعتقاد آهي،مالڪ حقيقي سان دل لڳائڻ،ڏينهن ۾ صرف هڪ دفعو،اڌ ڪلاڪ لاءِ ئي سهي،اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي حقيقي مالڪ سان ڳالهايون ته سهي،جنهن اسان کي خلقيو آهي.پيدا ڪيو آهي هي سمورو سنسار،جنهن ڪئي آهي اسان جي پرورش،ڀلا اسانجي مسئلن کي ان کان بهتر ڪير ٿو ڄاڻي؟ٻيو ڪنهن کي طاقت آهي جيڪو اسان جي مسئلن کي حل ڪري سگهي.اسان هڪ ڊاڪٽر وٽ وڃون ٿا،ڊاڪٽر اڳيان سڀ درد ظاهر ڪريون ٿا،تڏهن ئي ڊاڪٽر اسان جو اعتماد سان علاج ڪري ٿو ۽ اسين ان تي اعتقاد ڪريون ٿا. پر جيڪو جڳ جو والي آهي، اسان جا درد،سور،خوشيون سڀ ڄاڻي ٿو،ان سان ٿورو سچائيءَ سان ڳالهائي ته ڏسون.ڇو ته واڳ هن جي وس آهي ۽ ورائڻ وارو به اهو ئي مالڪ حقيقي آهي.
    محترم سامعين:اسين هميشه آرام ۽ سڪون جي ڳولا ۾ رهندا آهيون. لفظ “گهر” ايندئي ذهن ۾ سڪون،آرام ۽ سرشاري جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي،سبب صرف اهو آھي ته گهر کڻي دنيا جي ڪهڙي به خطي ۾ هجي،گهراها جاءِ آهي،جتي اسين دفتر،اسڪول،ايستائين جو ڪنهن تفريح جي مقام کان به وڌيڪ سڪون ۽ آرام محسوس ڪندا آهيون. گهر ۾ سڪون اچي ڇو ٿو؟ ان سوال جو هي آهي ته جنهن گهر ۾ ترتيب آهي،توازن آهي،سهپ ۽ صفائي آهي،اهوئي گهر سڪون ڏيندو آهي ۽ گهر انهن فردن تي مشتمل هوندو آهي جن فردن لاءِ هر انسان سخت کان سخت پورهئي ڪري به خوشي حاصل ڪندو آهي اهي اهي فرد آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ نه هوندي آهي پر انهن جي خدمت کي فرض سمجهيو وڃي ٿو.ٻين جي خدمت کي فرض سمجهي جيڪڏهن اسان اهڙا عمل ڪياسين ته اهي ڏينهن پري ناهن جو اسان پنهنجا وڃايل سمورا اثاثا آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهون ٿا.اچو ته پنهنجي اثاثن جي پاڻ مالڪي ڪريون ۽ انهن جا سچا پچا وارث بڻجون.
    *
    سائين منهنجا:عظيم آهن اهي قومون جن صدين کان پنهنجي تاريخي ماڳن کي سنڀالي رکيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڀاليندا پيا اچن.اهي تاريخي ماڳ ئي آهن جيڪي دنيا ۾ قومن کي سڃاڻپ ڏين ٿا ۽ قومن جي حيثت برقرار رکن ٿا.قديم روم هجي يا اسپين جو “الحمرا” گوتم ٻڌ جا خوبصورت مجسما هجن يا مصر جا احرام.اهي سڀ جو سڀ انسانيت جي عظمتن جا اهڃاڻ آهن.دنيا جي تاريخ جي وقن مان نڪري واپس جڏهن سنڌ ڏانهن اچون ٿا ته اکين مان ڳوڙها لارون ڪريو وهيو پون.ڇو ته اسان جا تاريخي ماڳ پنهنجي ئي قوم جي هٿان بي رحمي سان تباھ ٿي رهيا آهن.اسان جو اڄ جو نوجوان پنهنجي پيرن هيٺان اهي ماڳ لتاڙي رهيو آهي،انهن ماڳن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ انهن مٿان موٽر سائيڪلن ۽ ٻين سوارين سان گهمن ٿا،جنهن ڪري اهي ماڳ مسمار ٿي رهيا آهن.اسان جي حڪومت سڀ ڪجھ ڄاڻيندي به پنهنجي ڌرتيءِ جي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جا جوڳا اپاءَ نه وٺي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جو انهن ماڳن سان نه پيارآهي ۽ نه ئي اسان ان جي حفاطت ڪرڻ جي لائق آهيون.
    محترم سامعين: هن سموري ڪائنات ۾ يا کڻي ائين چئجي ته هن آسمان هيٺ،جيڪا به ساهواري مخلوق آهي،سا آهي ئي محبت جي مياڻ ۾ بند.اسان انسانن ۽ جانورن جو ازل کان واسطو رهيو ئي قرب ڪرڻ وارن سان آهي.جتي به انسان کي محبت ملندي آهي يا قرب ڏسڻ ۾ ايندو آهي،اُتي ئي ان کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي.ڇو ته محبت ۽ قرب اهو گهاٽو وڻ آهي،جنهن جي ڇانوَ ڏاڍي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي.هن سماج ۾ محبتون ورهائيندڙ ۽ قرب ونڊيندڙ انسان به ٿڌا ڇانورا ڏيندڙ وڻَ آهن،جن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو گهڻو ڪجھ حاصل ڪري سگهي ٿو.اهڙن انسانن جي سينن ۾ تاريخون لڪل هونديون آهن جن سان ڪچهري ڪري اسين علم ۽ ادب کي حاصل ڪري سگهون ٿا،هي اهي وڻ آهن جن جي ميون ۾ سدائين مٺاس موجود هوندو آهي.جيڪي هن طرح جي صلاح ڪن تن وٽان ڀيرو ضرور ڪرڻ گهرجي.
    “ ايندي چَوني آءُ،ويندي چَوني ويھ،
    ٻيو ڇڏي سارو ڏيھ،اڱڻ وڃجي انِ جي.
    *
    محترم سامعين:هن ڪائنات ۾ هر هڪ شيءِ جو ڪو نه ڪو مخالف يا ضد ضرور آهي.هر شيءِ تضادن جي بنيادن تي بيٺل آهي اهواصول فلسفي جي سائنس جو آهي ته هر شيءِ پنهنجي مخالف قوت جي مدد سان ئي وجود رکي ٿي.نيڪي جو وجود بديءَ جي ڪارڻ،سچ جو وجود ڪوڙ جي ڪارڻ،ڏينهن جو وجود رات جي ڪارڻ،اڇي جو وجود ڪاري جي ڪري آهي.ائين ئي اسان جي سماج ۾ عورت ۽ مرد هڪٻئي سان وجود رکن ٿا،عورت جو ڪردار مرد کان نمايان آهي،پر عورت کي سماج ۾ اها حيثيت ڇو ڪونه آهي؟ان جي ڪافي حد تائين عورت ذميوار آهي،ڇاڪاڻ ته عورت هميشه پاڻ کي نازڪ،ڪمزور،لاچار ۽ بيوس جهڙن لقبن سان نوازيو آهي.ٻي طرف هن چمڪ ڌمڪ واري جهان ۾ عورت پاڻ کي ميڪ اپ ۽ فيشن جي خواهشن کي پنهنجي ترجيحن ۾ نمايان رکيو آهي.عورت کي پنهنجي حيثيت مڃرائڻ لاءِ چمڪ ڌمڪ واري دنيا مان نڪرڻو پوندو ۽ عالمي ادب،فلسفي،سائنس ۽ سياسي نوعيت جي ڪتابن،مضمونن ۽ اخبارن جو مطالعو ڪرڻو پوندو ۽ کيس ٽي وي جي ڊرامن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
    محترم سامعين:اسان وٽ غربت ۽ مهانگائيءَ جو هي حال آهي جو جيڪا ماءُ پنهنجي ٻچڙن تان جان گهوري ٿي،اها ماءُ پنهنجي ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ شهر جو رخ ڪري ٿي،۽ پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ اولاد کي کپائڻ جا هوڪا ڏيئي ٿي.اها روايت اسان جي سماج ۾ جنم وٺي رهي آهي. ڏسجي ته اهي والدين جيڪي اهڙو ڪڌو ڪم ڪن ٿا سي حالتن سان مقابلو نٿا ڪن،اهي مفلسي ۽ لاچاري کي وسيلو بنائي رهيا آهن.اهي حالتن سان مقابلو ڪري سگهن ٿا،پنهنجي اولاد کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاءِ محنت مزدوري ته ڪري سگهن ٿا.ٻار ته هميشه پاڻ کي ماءُ جي هنج ۾ ئي محفوظ سمجهي ٿو،پوءِ اهو کڻي بادشاهن جي محلن ۾ رهندڙ هجي يا ڪنهن غريب جي ڪکائين گهر۾.ماءُ ته ٻار لاءِ ٿڌي ڇانوَ آهي.ٻارن کي وڪرو ڪرڻ واري روايت کي ختم ڪيو وڃي ۽ اهڙو قانون جوڙيو وڃي جنهن کان پوءِ ڪو به فرد پنهنجي اولاد کي کپائي نه سگهي.
    محترم سامعين: هيپاٽائيٽس به ٻين موذي مريضن وانگر تيزي سان سنڌ ۾ ڦهلجي رهي آهي ملڪي تاريخ جي هنن ڏينهن ۾ جتي معاشي بيمارين ڪا ڪـثر نه ڇڏي آهي،اتي عوام جو رهيل رت هيپاٽائيٽس چوسي رهي آهي، هيپاٽائيٽس جي وڌندڙ مريض ۽ پوليو جا ظاهر ٿيندڙ نوان ڪيس صحت کاتي جي نااهلي جا ٻه وڏا ثبوت آهن. اسان جون سول اسپتالون علاج گهر هجڻ بجاءِ مرض ڦهلائي رهيون آهن، صحت کاتو نه صرف هيپاٽائيٽس تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي،پر عوام کي ان مرض جي باري ۾ سجاڳ پيدا ڪرڻ واري مهم ۾ پڻ ناڪام ثابت ٿيو آهي،هيپاٽائيٽس اي،بي،سي ۽ اِي، جن مان هيپاٽائيٽس اَي(A) پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ بهتر کاڌي نه کائڻ ڪري ٿئي ٿي، جڏهن ته هيپاٽائيٽس بي(B)،سي(C)۽ ڊي(D) اسڪرين نه ٿيل رت جي منتقلي جنسي ميلاپ ۽ هڪڙي سرنج مختلف ماڻهن تي استعمال ڪرڻ سان ڦهلجي ٿي هن وقت ملڪ ۾ هر،ڏهون ماڻهو هيپاٽائيٽس بي يا سي جي وائرس ۾ مبتلا آهي صحت کاتي کي گهرجي ته ڪمرشل رت جي منتقلي واري عمل تي ضابطو آڻي گڏيل قومن جي صحت واري اداري ڊبليو ايڇ او مطابق 64 سيڪڙونشو واپرائيندڙ ماڻهو انجيڪشن استعمال ڪندا آهن ۽ سرنج جي باربار استعمال ڪرڻ سان هيپاٽائيٽس ڦهلجي ٿي.
    سائين منهنجا: شاھ لطيف جي سموري شاعري ۾ سڀ کان وڌيڪ مرڪزي حيثيت عورت کي مليل آهي.هر سماج ۾ عورت جي حيثيت ڪهڙي ۽ رويو ڪهڙو آهي؟ ان مان سماج جي سڃاڻپ ٿيندي آهي.شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جا ٻه ڪردار ملن ٿا،هڪ جاگيردار سماج جي عورت ۽ ٻي سماج جي غلط روايتن کي قبول نه ڪندڙ عورت. شاھ جي شاعريءَ ۾ نوريءَ جي نماڻائي،انتهائي بيوسي جدوجهد جي علامت سسئي،سماج جي ريتن رسمن کان نه مڃيندڙ ۽ اک الٽي ڌاريندڙ سهڻي،پنهنجي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ ۽ سون تي سيڻ نه مٽائيندڙ عزم ۽ ارادي جي پختي مارئي.شاھ لطيف مارئي جي جيڪا تصوير ڪڍي آهي اها سنڌي تهذيب جي هڪ مثالي عورت جي تصويرآهي.شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي ۽ عورت جي عظمت کي مختلف طريقن سان ڳايو آهي. هونءَ به سائين عورت جا مختلف روپ آهن،ان جو هر روپ اسان جي لاءِ عزت ۽ احترام جر لائق آهي.
    *
    محترم سامعين:ڪن سوالن جا جواب وري سوالن ۾ ئي لڪل هوندا آهن ۽ اهي جواب وري لاجواب هوندا آهن.هڪڙي شخص سامونڊي جهاز ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملازم کان پڇيو“تنهنجو پيءُ،تنهنجو ڏاڏو ۽ پڙ ڏاڏو ڪيئن مري ويا.؟” ملازم ورندي ڏنس ته “سمنڊ ۾ سفر ڪندي” تنهن تي ان شخص ملازم کان سوال ڪيو ته“پوءِ تون سمنڊ ۾ وڃڻ کان ڊڄين نٿو؟” جهاز ۾ ڪم ڪندڙ ملازم ان شخص کان سوال ڪيو“تنهنجو پيءُ،ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو ڪٿي مري ويا؟”تنهن تي ان شخص ورندي ڏنس ته“پنهنجي گهر ۾ پنهنجي بستري تي سمهندي” انهيءَ جواب بعد سامونڊي جهاز تي ڪم ڪندڙ ملازم شخص کي چيو“جتي تنهنجا وڏا،جنهن گهر ۾ مري ويا،اتي رهندي ۽ سمهندي تون نٿو ڊڄين ته پوءِ مان سمنڊ جي سفر تي وڃڻ کان ڇو ڊڄان؟ اهو آهي اهو سوال جنهن جو ڪو به جواب ناهي.ان ڪري سياڻا ماڻهو چئي ويا آهن ته جنهن به محفل ۾ ويهو اتي ڳالھ کي تور تڪي پوءِ ڪيو،اول سوچو تنهن بعد اوهان ڳالھ ڪريو،ڇو ته اها گفتگو ئي هوندي جيڪا اوهان جي عقل ۽ فهم کي ڪچهري اندر ظاهر ڪندي.
    سائين منهنجا:هن هڻ وٺان جي دور ۾ هر ٻيو ماڻهو اهو سوچي ٿو ته هو آسودو ڪيئن ٿئي؟ ڪيئن به ڪري ۽ ڪهڙي به طريقي سان پيسو حاصل ڪري امير بنجي وڃي،پوءِ کڻي هن کي ڪنهن جي ارمانن جو خون ڇو نه ڪرڻو پوي.هر ٻيو ماڻهو،ٽئين ماڻهو کي اورانگهي پنهنجي منزل ماڻڻ جي چڪر ۾ آهي،واپاري پنهنجي گراهڪ سان،ڊاڪٽر پنهنجي مريض سان،استاد شاگرد سان،شاگرد استاد سان،وڪيل پنهنجي اصيل سان ۽ اصيل وري وڪيل سان،دوست،دوست سان.مطلب ته هر هڪ مڪتبه فڪر ماڻهو پنهنجي ڪِرت ۽ ڌنڌي سان سچو ناهي.ٻيو نمبر ڌنڌو اوج تي چرهيل آهي،ملاوٽ جا ماهر روز نت نوان طريقا ايجاد ڪري رهيا آهن.پيڙجي ٿو ته صرف ۽ صرف مسڪين،غريب ۽ اٻوجھ عوام جيڪو بيوس بڻيل آهي.شاھ جو هڪ بيت هن صورتحال تي ڪيڏو نه ٺهڪي ٿو.
    آدمين اخلاص مٽائي ماٺو ڪيو،
    هاڻ کائي سڀڪو،سندو ماڻهوءَ ماس،
    هن دنيا م،وڃي رهندو واس،
    ٻيو ڇڏي لوڪ لباس،ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
    *
    محترم سامعين:جيئن ستارن ۾ چنڊ جي اهميت آهي،جيئن گلن جو بادشاھ گلاب جي گل کي چيو وڃي ٿو،جيئن ڄڃ ۾ گهوٽ خاص اهميت رکي ٿو.بلڪل ائين ئي هڪ دوست پنهنجي دوستيءَ جي دائري ۾ اهميت رکي ٿو.جيڪڏهن اسان به پنهنجي دوستيءَ جي حلقي ۾ پاڻ کي اهڙي اهميت ڏيڻ جي خواهش رکون ٿا ته اسان کي به پنهنجي دوست کي سچيءَ دل سان،سچي جذبي سان،ايمانداريءَ سان اهميت ڏيون نه ڪي ائين ڪريون جو اسان پنهنجي دوست کي نظر انداز ڪري پوءِ نٽائڻ ۽ لنوائڻ لاءِ ٺاھ ٺاهيون،اهڙو عمل سچي دوست وارو عمل ناهي.افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان اڄڪلھ دوستيءَ کي گهٽ پنهنجي مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏيون ٿا،جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪڏهن به ڪم پوي ته اهو ڪم جلد ۽ مفت ۾ ٿي وڃي ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ سان دوستي رکڻ ۾ دير نٿا ڪريون ۽ اهڙي ماڻهو جي رسي وڃڻ تي آرام ڦٽي پوندو آهي ۽ منٿن مٿان منٿون هونديون آهن ته دوست پرچي پوي.
    سائين منهنجا:ڪنهن ڏاهي ماڻهو،ڪنهن فنڪار کان پڇيو ته“جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باھ لڳي ۽ ان گهر ۾ هڪ ابهم ٻار به هجي ۽ هڪ شاهڪار فن پارو،ته تون گهر مان اول ڪنهن کي ڪڍندين؟”فنڪار،ڏاهي کي جواب هن طرح ڏنو ته “ان گهر مان مان سڀ کان اول باھ کي ڪڍندس ته جيئن ابهم ٻار ۽ شاهڪار فن پارو سلامت رهي سگهن.” اصل ۾ ڳالھ هيءَ ڪرڻي آهي ته فنڪار جي دل ايڏي ته حساس ٿئي ٿي،جو هو ڪنهن جو به ڏک ڏسي نٿو سگهي،برداشت ڪري نٿو سگهي.تنهن لاءِ اهڙي حساس فنڪار جي حساسيت جو بيحد قدر ڪجي.ڪنهن سالڪ جو چوڻ آهي ته “ڪڏهن به ڪا شيءِ ختم نٿي ٿي سگهي،اها ڪنهن ٻي شيءِ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي،خوبصورتي ياد ۾،ياد نغمي ۾،نغمو گونج ۾،گونج فضا ۾،فضا لهرن ۾ ۽ لهرن کي ڪو مٽائي نٿو سگهي،نه تون نه مان.ان ڪري نه هوائن جو رستو روڪجي نه امنگن،احسان،اميد ۽ جذبن جو.جيڪڏهن ڪنهن به اهڙن شين جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،اهو پاڻ انهن ڪيفيتن جي نتيجن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ موٽ ۾ ان کي صرف ملي آهي رسوائي.
    *
    سائين منهنجا:اسان جي سماج جي تمام وڏي حصي ۾ مرد جي عورت سان ظالماڻي روش جا سوين روپ آهن،جن جا مثال هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن،جنهن ۾ عورت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت تصور ڪري،ڪڏهن پنهنجي کيسي کي گرم ڪرڻ لاءِ وڪرو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن ان کي زال،ڌيءُ،ڀيڻ يا زال جي روپ ۾ يا ڪنهن ٻئي رشتي جي آڙ ۾ غيرت جو نالو وٺي ماريو وڃي ٿو ته ڪڏهن ان عورت کي پنهنجي ڪيل مڙداڻي جهيڙن جي نبيري لاءِ ڀوتارن جي ڪيل فيصلن ۾ ڏنڊ طور ڏنو وڃي ٿو.ڪٿي وري بَدي جي آڙاھ ۾ اڇليو وڃي ٿو.اسين جانور ناهيون انسان آهيون،ان ڪري محبيت کي مانُ ڏيندي اچو ته هڪٻئي جي نياڻين جواحترام ڪريون،گڏجي ويهي ڪا صلاح ڪريون ته عورت هن سنسار جي سونهن آهي.عورت ماءُ آهي،عورت ڌيءُ آهي،ڀيڻ آهي ۽ تنُ،منُ ارپيندڙ زال آهي.جن جو احترام ڪرڻ هر باشعور انسان جي سڃاڻپ آهي.
    سائين منهنجا: سوچ جا ٻه رخ تمام اهم آهن،جن کي سمجهڻ ضروري آهي.پهريون اهو ته اسان انڪري به سوچيندا آهيون جو سوچڻ “انساني ڪم” آهي.اسان اهو تسليم ڪيون ٿا ته اسان ئي اهي سرجيندڙ آهيون،جيڪي خيال پيدا ڪيون ٿا ۽ اهي خيال مستقل اسان جي دماغ مان گذرندا رهن ٿا.ٻيو رخ جيڪو اڪثر بحث هيٺ ايندو آهي، ،اهو هي آهي ته اسان ڪنهن بابت،ڇا بابت سوچي رهيا آهيون؟ انهن ٻنهي راين جي وچ ۾ وڏو فرق آهي.مثبت سوچ جا حامي چون ٿا ته جيترو ٿي سگهي ته مثبت خيال سوچجن ۽ سڀني منفي خيالن کان پرهيز ڪجي.هن ڪائنات ۾ هر شيءِ جا ٻه روپ آهن، غريبي ۽ اميري،خوشيءِ ۽ ڏک،محبت ۽ نفرت،زندگيءَ ۽ موت،ڏينهن ۽ رات،پن ڇڻ ۽ بهار،جفا ۽ وفا،اس ۽ ڇانوَ،روشني ۽ اوندھ،ملڻ ۽ جدائي. ان ڪري زندگيءِ جي انهيءَ ٻن روپن مان مثبت روپ کي پنهنجو ساٿي بڻائجي. حقيقت به اها آهي ته مثبت سوچون ۽ خيال بهتر سماج کي جوڙيندا آهن.
    *
    سائين منهنجا: انسان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ رڳو حسرتون ئي پنهنجي من ۾ پاليندو رهيو آهي،حسرتون جن جو ڪو به انت ناهي،جن جو ڪو به شمار ناهي،هر انسان جي اها آس هوندي آهي ته هو شهرتن جي بلندين تائين پهچي،جڏهن هو رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪري اهڙو مقام ماڻي ٿو،تڏهن وري هن جي من ۾ ٻيون حسرتون اچي پيدا ٿين ٿيون.اها ڳالھ آهي ته ڪي ماڻهو اهڙيون به حسرتون پاليندا آهن جن جي حاصلات لاءِ سوين ٻين ماڻهن جون حسرتون ختم ڪرڻيون پونديون آهن جيڪي حسرتون ڪنهن به طرح سان انسان دوست حسرتون ناهن ۽ اهڙي قسم جون حسرتون سواءِ نفرتن جي ٻيو ڪجھ به ناهن ڏيئي سگهنديون.
    *
    محترم سامعين:خوشي،ڏک،الفت،پيار،نفرت اهي سڀ موسمن جا نالا آهن.اهي مختلف موسمون اسان جي دل،دماغ ۽ روح تي اثر انداز ٿينديون آهن.ذڪر ڪيل موسمن جو ڪو خاص وقت ڪونهي،ڪنهن وقت به بنا ڪنهن اطلاع جي اچي ڪڙڪنديون آهن،انهن موسمن جي بدلجڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سال لڳي ويندا آهن ته وري ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن،ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ مٽجي وينديون آهن.خوشي،ڏک ۽ پيار هر دل جو محبوب مشغلو آهي.اهي موسمون حقيقت ۾ اندر جا آلاپ ۽ احساس آهن.جنهن انسان جي دل ۾ الفت جو خزانو سمايل آهي،ان کي هر هنڌ عزت ملي ٿي ۽ ٻين جي دلين ۾ پنهنجي لاءَ وسيع جاءِ پيدا ڪري ٿو.
    انٽرنيٽ جي دنيا
    سائين منهنجا: ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته تماڪ ڇڪڻ سان انساني جسم منٽن ۾ متاثر ٿيندو آهي. آمريڪا جي يونيورسٽي منيسوٽا جي ٽيم پاران ڪيل کوجنا موجب ڪينسر جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪيميائي مادو سگريٽ ڇڪڻ سان انساني جسم ۾ تيزي سان تيار ٿيندو آهي. ماهرن انهيءَ ريسرچ جي متعلق ٻڌايو آهي ته اِها ريسرچ سگريٽ ڇڪندڙ ماڻهن لاءِ وڏي وارننگ آهي. سگريٽ ڇڪڻ دل جي بيمارين ۽ ڪينسر جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. پر انهيءَ ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان سالن بدران منٽن ۾ نقصان ٿيندو آهي. ريسرچ ۾ شامل سائنسدانن کي يقين آهي ته تماڪ هينئر تائين ڪينسر جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. سائنسدانن موجب تماڪ ڇڪڻ سان ڪينسر جو خطرو پنجاهه سيڪڙو وڌي ويندو آهي. جڏهن ته ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال انهيءَ خطري کي صرف 10 سيڪڙو روڪي سگهي ٿو.
    *
    سائين منهنجا:خواب هر ماڻهو ڏسي ٿو ۽ خوابن ۾ ماڻهو عجيب ۽ غريب ڪيفيتن مان گذري ٿو.ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته خواب روح جو سفر آهن.جڏهن جسم ۽ دماغ سمهي پون ٿا،تڏهن روح خودمختيارٿي وڃي ٿو۽ پوءِ اهو آزاديءَ سان پنهنجو سفر شروع ڪري انسان کي سموري ڪائنات جا سير ڪرائي ٿو.ڪي ماڻهو خواب کي ايندڙ وقت ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن کي اڳڪٿيون به قرار ڏين ٿا ۽ خوابن کي حقيقت سمجهن ٿا.خواب انسان جي اندرين ڪيفيت ۽ طوفانن جو عڪس به آهن.جنهن ۾ هو پنهنجي اڻ پورين خواهشن کي پورو ٿيندي ڏسن ٿا.وري هيئن به آهي ته انسان سان واسطو رکندڙ يادون به خوابن جي نه کٽندڙ سلسلن کي آڻي وجهنديون آهن.سائنسدان به واضع نموني سان ان نتيجي تي ناهن پهچي سگهيا آهن جنهن جي وسيلي معلوم ٿي سگهي ته خواب اصل ۾ آهن ڇا؟ ۽ انهن جي اچڻ جو اصل سبب ڪهڙيون شيون آهن.تنهن هوندي به هيءَ تحقيق سامهون آئي آهي ته خوابن جو اچڻ ڪجھ مائيڪرو سيڪنڊن کان وڌيڪ وقت ٿي سگهي ٿو.سائنسدانن جو خيال آهي ته شعور واري عالم جا ذهن ۾ رڪارڊ ٿيندڙ واقعا،لاشعور ۾ ذخيرو ٿيندا رهن ٿا،جيڪي رات جو شعور جي گهٽ فعال هجڻ سبب هڪ رپورٽ جي صورت ۾ سامهون اچن ٿا.جديد سائنسي تحقيق هي به آهي ته خواب جهٽڪن جي صورت ۾ اچن ٿا.
    *
    محترم سامعين:هڪ ريسرچ موجب آفيس ۾ ڪم ڪندي پنهنجي ڊيسڪ تان اُٿڻ، هڪ ٻه منٽ لاءِ گهمڻ ڦرڻ اسانجي صحت لاءِ ڏاڍو سُٺو آهي. آسٽريليا جي ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي پاران ڪيل ريسرچ ۾ موجب پنهنجي ڊيسڪ تان اُٿڻ، هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ، توڙي هڪ منٽ تائين ڏاڪا لهڻ يا چڙهڻ صحت لاءِ ڏاڍو سُٺو آهي.انهيءَ کوجنا مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ڊيسڪ تي گهڻي دير تائين ويهندا آهن انهن جو وزن وڌي ويندو آهي ۽ ايڇ ڊي ايل ڪولسٽرول جيڪو صحت لاءِ مفيد آهي اُهو گهٽجي ويندو آهي.ڪم ڪرڻ دوران هڪ منٽ تائين اُٿي بيهڻ صحت لاءِ ڏاڍو سُٺو آهي ڇو ته الاهي دير تائين ڪم ڪندي ڪجهه دير تائين گهمڻ ڦرڻ سان اسانجي ڪم تي اثر ڪونه پوندو ۽ وزن به نه وڌندو.ان کوجنا ۾ 4757 ڄڻا شامل هئا جن جي عمر 20 سال يا انهيءَ کان مٿي هئي. ريسرچ ۾ شامل ماڻهن هڪ سائنسي پرزو استعمال ڪيو جنهن سان پنڌ هلڻ، ورزش ڪرڻ سان ٿيندڙ تبديليون رڪارڊ ڪيون ويون. انهن ماڻهن جي چيلهه جي پيمائش ڪرڻ سان گڏ ڪولسٽرول ليول کي پڻ چيڪ ڪيو ويو.
    *
    محترم سامعين:انٽر نيٽ جي دنيا مان اوهان جي لاءِ هي ڄاڻ کڻي آيو آهيان ته پٽ پيدا ڪرڻ جون خواهشمند عورتن کي ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن. پُٽ کي جنم ڏيڻ جي خواهشمند عورتن کي باقاعدگي سان ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن. ڌيءُ جي خواهشمند عورتن کي پنهنجي غذا ۾ ڀاڄيون شامل ڪرڻ گهرجن.غذا ٻار جي جنس طئي ڪندي آهي. اِها ريسرچ برطانوي اخبار ”ري پروڊڪٽو بائيو ميڊيسن“ ۾ شايع ڪئي وئي آهي.ته ڀاڄيون کائڻ سان ڌيءُ پيدا ٿيندي آهي ڇو ته ڀاڄيون ڇوڪريون پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي وينديون آهن.سائنسدانن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀاڄين ۾ ڪيلشيم ۽ مئگنيشيم جو مقدر گهڻو هجڻ ڪري ڇوڪري پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌندا آهن. پُٽ جي خواهشمند عورتن کي پوٽاشيم ۽ سوڊيم سان ڀرپور خوراڪ کائڻ گهرجي، يعني ڪيلا ۽ پٽاٽا باقاعدگي سان کائڻ گهرجن.
    *


    ڇهون حصو

    سائين منهنجا:هڪ آمريڪي بايو ٽيڪنالوجي ڪمپني 12 اکين جي روشنيءَ کان محروم ماڻهن کي اکين جي روشني موٽائڻ لاءِ سندن اکين ۾ انساني اسٽيم سيل معني بنيادي خليا داخل ڪرڻ جو تجربو شروع ڪندي. ڪوئن تي ڪامياب تجربا ڪيا جنهن کان پوءِ آمريڪا جي خوراڪ ۽ دوائن واري اداري ماڻهن تي ساڳيو تجربو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تجربو ڪندڙ ڪمپني ايڊوانس سيل ٽيڪنالاجي جي سينيئر ايگزيڪٽو ٻڌايو آهي ته ڪوئن تي ڪيل تجربن ۾ انهن جي نظر ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته اِهو تجربو اسٽيم سيل ريسرچ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي.سڀ کان پهريان جن 12 مريضن تي تجربو ڪيو ويندو انهن جي نظر بحال ٿيڻ جو امڪان ناهي پر انهيءَ تجربي جو مقصد اِهو ڏسڻ آهي ته اِهو علاج ڪيترو محفوظ آهي. جيڪڏهن اِهو تجربو ڪامياب ٿيندو ته اسٽيم سيل جو اِهو علاج نوجوان مريضن جي نظر بچائڻ لاءِ ڪيو ويندو.اسٽيم سيل ۾ اِها صلاحيت هوندي آهي ته اُهي ڪنهن ٻئي قسم جي خلين ۾ شامل ٿي سگهن ٿا ۽ ڪيترن ئي سائنسدانن جو خيال آهي ته اسٽيم سيلز جي انهيءَ صلاحيت جي بنياد تي اِهو تجربو ڪامياب ٿي سگهي ٿو.اسٽيم سيل ٽرانسپلانٽ کانپوءِ جسم جي ڪنهن به قسم جا خليا تبديل ڪري سگهجن ٿا ۽ تازو ئي هڪ آمريڪي ڪمپني چيلهه جي هڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب معزور ٿيل ماڻهن جو علاج ڪرڻ لاءِ انساني خليا استعمال ڪرڻ جا تجربا پڻ شروع ڪيا آهن.
    *
    محترم سامعين: وائي فائي ٽيڪنالاجي جي ترقي سان گڏ گاڏين ۾ به اِها سهولت استعمال ٿيڻ جو امڪان وڌندو پيو وڃي. گاڏين ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال جديد ڪم آهي.تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن ماڻهن جو انگ وڌندو پيو وڃي. ڪيترا ئي ماڻهو انفارميشن سميت تفريح پڻ چاهيندا آهن ڄڻ ته هنن کي اسمارٽ فون ۽ ننڍن ڪمپيوٽرن جي ذريعي اِها تفريح فراهم ڪئي وئي آهي.ان مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته اڳ سواريءَ ۾ سفر ڪندي ڀر ۾ ويٺل مسافر پاڻ ۾ واقفيت ڪري ڪچهريون ڪندا پنهنجي سفر کي جاري رکندا ۽ خوشگوار بڻائيندا رهيا آهن ۽ هاڻ هن جديد دور ۾ فون ۾ اکيون هونديون،باقي ڀر ۾ ڪير آهي،سا خبر ڄڻ رهندي ئي نه.
    *
    سائين منهنجا: انٽر نيٽ جي دنيا ۾ جهاتي ٿا پايون جتي هي معلومات اسان کي ملي ٿي ته سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي. ڏکڻ آفريقا جي اسٽيلن بوش يونيورسٽي جي سائنسدانن نئون واٽر فلٽر ايجاد ڪيو آهي جيڪو بيشمار ماڻهن کي مرڻ کان بچائي سگهي ٿو.صاف پاڻي جي کوٽ ڪيترين ئي بيمارين جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي جن کان عام طور تي آساني سان بچي سگهجي ٿو. ڏکڻ آفريقا ۾ تيار ٿيل ”واٽر فلٽر“ ڏسڻ ۾ عام “ٽي بيگ” يعني انهيءَ ٿيلهي جهڙو آهي جنهن ۾ چانهه جي پتي هوندي آهي.انهيءَ فلٽر جي صنعتي سطح تي تياري کان اڳ اسٽيلن بوش يونيورسٽي جي مائيڪرو بائيالوجسٽ ۾ آخري ٽيسٽ ڪئي ويندي،هيءَ ٽيسٽ جو طريقو هي آهي ته پلاسٽڪ جي بوتل ۾ موجود اڌ ليٽر پاڻي کي هڪ ننڍي ٽي بيگ جي فلٽر مان گذارڻ کانپوءِ پاڻي جو سيمپل ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي. اِهو فلٽر ساڳئي يونيورسٽي جي ليبارٽري ۾ ايجاد ڪيو ويو آهي.ٽي بيگ ۾ ڪاربن ڀريو ويندو آهي جيڪوپاڻي مان هاڃيڪار مادي کي ڌار ڪري ڇڏيندو آهي. فلٽر جي ڪاغذ تي جراثيم کي ماريندڙ لڪويڊ هنيو وڃي ٿو. اِهو فلٽر هر قسم جي پلاسٽڪ جي بوتل تي هڻي سگهبو. جيڪو نه رڳو جراثيم کي ڌار ڪندو آهي پر انهن جو خاتمو پڻ ڪري ٿو. انهيءَ واٽر فلٽر کي دنيا جي مختلف حصن ۾ ورهائڻ آسان ڪم آهي.
    *
    محترم سامعين:حسن اهڙي ڏات آهي جنهن کي هر ڪوئي پسند ڪري ٿو، پوءِ ان جي عمر ڪيتري به ڇو نه هجي.ڀلا حسن کي ڇو نه پسند ڪيو وڃي ؟ چوندا آهن ته جنهن جو اندر حسين هوندو آهي اهو حسن کي پسند ڪندو آهي ۽ سائين حسن آهي ڇا؟ هر ماڻهوءَ جي اک جي الڳ الڳ پرک آهي.برطانيا ۾ هڪ تحقيق ذريعي اها ڄاڻ حاصل ڪئي ويئي آهي ته ٻارڙا پئدائش کان وٺي حسن پرست ٿين ٿا.جنهن ڪري سندن خوبصورت شڪلين ڏانهن وڌيڪ لاڙو هوندو اٿن.يونيورسٽي آف ايڪٽر ۾ ڪيل اهڙي تحقيق مان ان ڳالھ جي ڄاڻ حاصل ڪئي ويئي آهي ته ٻارڙا به عام ماڻهن جيان حسن پرست هوندا آهن.نفسيات جي ڊاڪٽر ايلن سليٽر جو چوڻ آهي ته توهان ٻارن کي لاتعداد شڪليون ڏيکاريو پر ٻارڙا صرف دل کي وڻندڙ شڪلين کي ئي پسند ڪندا ۽ انهن طرف ئي جهڪندا،جنهن ڪري انهيءَ ڳالھ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻارڙن کي چهرا سڃاڻڻ جي صلاحيت ڄائي ڄم کان ئي هوندي آهي.
    محترم ساميعن:ابو ظهبي هڪ اهڙي شهر جي تعمير شروع ڪئي آهي،جيڪو شهر آلودگيءَ کان پاڪ ۽ صاف هوندو.پنجاھ هزار گهرن تي مشتمل “مصدر سٽي” جي نالي سان ٺهندڙ هن شهر جي تعمير تا ٻاويھ ارب ڊالر خرچ ٿيندو.منصوبي موجب هن شهر جي ڪنهن به رهواسيءَ کي گئس يا تيل تي هلندڙ اهڙي ڪنهن به شيءِ رکڻ جي اجازت نه هوندي،جنهن سان ماحول جي آلودگي پيدا ٿئي.هن شهر جي ماڻهن لاءِ توانائيءَ جون سموريون گهرجون شمسي توانائيءَ مان حاصل ڪيون وينديون.هن شهر جا رهاڪو چقمق جي پٽڙيءَ تي هلندڙ گول دٻي يعني پاڊز ۾ سفر ڪندا.شهرين کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي شمسي توانائي تي هلندڙ پلانٽن وسيلي سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٺو ڪري مهيا ڪيو ويندو.اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته ابو ظهبي هن وقت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ماحول جي آلودگيءَ جي وَرِ چڙهيل سلطنت آهي.
    *
    محترم سامعين: ڪيتري ئي عرصي تائين اهيو سمجهيو پئي ويو ته ٻوليءَ جي شروعات اڄ کان اٽڪل پنجاهه هزارسال اڳ ٿي آهي پر تازي ڪيل کوجنا موجب ٻوليءَ جي شروعات ان کان اڳ ٿي آهي ۽ ڄاڻايل عرصي کان به پراڻي آهي،جيسيتائين ڪڏهن ۽ ڪٿي جو سوال آهي ته ان جي جواب ۾مختلف نظريا سامهون آيا آهن.ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته زبان جانورن جي آوازن جو نقل آهي.مثال طور رڙ ڪرڻ ،چنگهڻ،شور ڪرڻ وغيره،پر اهو نظريو هن سوال جو جواب ڏيڻ کان لاچار آهي ته تجريدي خيالن تي مشمل لفظ، خوبصورتي،نيڪي،امن،صبر،سڪون ۽ اهڙا ٻيا هزارين لفظ ڪهڙي طرح وجود ۾ آيا؟سڀ جو سڀ نظريا فرضي آهن.حقيقت هي آهي ته موجوده انساني علم انهيءَ سوال جو جواب ڏيڻ کان انتهائي بي بسي ڏيکاري ٿو.
    *
    محترم سامعين:اسانجو دماغ ڪير کائي رهيو آهي؟ سائنسدانن موجب اسانجي دماغ جي خلين کي ڪير ٻيو نه پر اسانجو ئي دماغ کائي رهيو آهي. غور طلب ڳالهه اِها آهي ته اسانجو ذهن پنهنجي بُک کانسواءِ سڀ ڪجهه برداشت ڪري ٿو. جيستائين اسانجي دماغ کي مختصر عرصي تائين خوراڪ نٿي ملي تيستائين اسانجو دماغ پنهنجا خليا کائڻ شروع ڪري ٿو.اسانجو معدو اسانکي بُک جو احساس ڏياري ٿو، دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته بُک معدي کي نه پر دماغ کي محسوس ٿيندي آهي. جڏهن گلوڪوز جي سطح گهٽجڻ لڳي ٿي ته ذهن معدي کي پيغام موڪلي ٿو، ۽ معدي جي حرڪت اسانکي بُک جو احساس ڏيارڻ شروع ڪري ٿي. انڪري ڪيترا ئي ڀيرا معدو ڀريل هجڻ باوجود اسانکي بُک جو احساس ٿيندو آهي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا خالي پيٽ هجڻ باوجود بُک جو احساس ڪونه ٿيندو آهي.
    سائين منهنجا:جرمن جي نفسياتي ماهرن موجب سچ سان کيڏڻ ننڍن ٻارڙن جي زندگي جو حصو هوندو آهي،هن هي به چيو آهي ته 4 سالن جي عمر تائين ٻارڙن کي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر نه هوندي آهي ڇاڪاڻ ته ٻارڙا ڪوڙ ۽ سچ ۾ فرق سمجهي نٿا سگهن.نفسياتي ماهر ڪيرن موجب 5 ۽ 6 سالن جي عمر ۾ ٻارڙن کي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر پوندي آهي.ٻئي نفسياتي ماهرگوئنترجو چوڻ آهي ته سچ ڳالهائڻ ۾ ٻارڙن جي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي. سندس خيال آهي ته ٻارڙن کي سچ ڳالهائڻ ۽ سموريون غلطيون تسليم ڪرڻ جو سبق سيکارڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سچ ڳالهائڻ ۽ غلطيون تسليم ڪرڻ مستقبل ۾ بهتر ثابت ٿيندو.سنڌيءَ ۾ هڪ پهاڪو اسان ڪٿي نه ڪٿي استعمال ضرور ڪندا آهيون ته“سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي،پر ٻڏندي ناهي” ان ڪري سچ اهڙو ڳالهائجي جنهن سان ڪنهن کي به ڪنهن قسم جو نقصان نه پوي.
    *
    سائين منهنجا: هڪ سائنسي ريسرچ موجب ٿلهي ماڻهن ۾ کائڻ پيئڻ وارين شين جي خوشبوءِ سنگهڻ جي صلاحيت ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ گھڻي هوندي آهي. اِها رپورٽ ڪيميڪل سينسيز نالي سائنسي مئگزين ۾ شايع ٿي آهي. ماهرن موجب وڌيڪ ماني کائڻ ۽ گهٽ وزرش ڪرڻ ٿلهي ٿيڻ جو اهم ڪارڻ آهن، سائنسدان اِها ڳالهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اُهي بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن جن جي ڪري وزن وڌندو آهي.انهيءَ ڪري ڊاڪٽر لورينزو سٽيفورڊ ۽ سندس ٽيم اِها ڳالهه معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ٿلهو ٿيڻ جو تعلق انهيءَ ڳالهه سان ٿي سگهي ٿو ته ٿلهي ماڻهن ۾ کائڻ جي خوشبو سنگهڻ جي صلاحيت عام ماڻهن کان وڌيڪ هوندي آهي معنيٰ ٿلهي ماڻهو جي سنگهڻ جي حس طاقتور هوندي آهي. ان ڪري اُهي پاڻ کي روڪي نٿا سگهن جڏهن ته سندن پيٽ ڀريل هوندو آهي پر هو کائڻ کان ناهن مُڙندا،اها انهن جي مجبوري هوندي آهي.
    *
    محترم سامعين: اسان هروز ڳالهائيندا آهيون،ڪڏهن ڪهڙي ڳالھ تي،ڪڏهن ڪهڙي موضوع تي،جيستائين ننڊ نٿا ڪريون تيستائين ڳالهايون ٿا،وري ڪي ننڊ ۾ به ڳالهائيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ڀرسان وارو ششدر ٿي هيڏي هوڏي نهاريندو آهي.سموري ڏينهن ۾ ڪير ميترو ڳالهائي ٿو ۽ هڪ منٽ ۾ هڪ انسان ڇاڇا ڪري سگهي ٿو؟ اهو هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ منٽ ۾ هڪ ماڻهو 60 فوٽ هلي سگهي ٿو،120 فوٽ ڊوڙي سگهي ٿو.هڪ منٽ ۾ 1500 لفظ ڳالهائي سگهي ٿو۽ 40 لفظ لکي سگهي ٿو.تحقيق موجب هڪ عام عورت سڄي ڏينهن ۾ 12620 لفظ ڳالهائي ٿي.واپاري 11580 لفظ،پوليس جو سپاهي 10660 ۽ هڪ مبصر 3422 لفظ ڳالهائي ٿو.
    سائين منهنجا:آمريڪي ماهرن هڪ تحقيق کان پوءِ چيو آهي ته لوڻ جو وڌيڪ ۽ پوٽاشيم جو گهٽ استعمال ڪرڻ سان موت جو خطرو وڌي سگهي ٿو. بيمارين کان تحفظ واري آمريڪي اداري سي ڊي سي هن ريسرچ جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اهڙو ثبوت ناهي ملي سگهيو ته لوڻ گهٽ استعمال ڪرڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو يا وقت کان پهريان موت جو خطرو ٽري سگهي ٿو.“لوڻ وري به اسانجي لاءِ هاڃيڪار آهي”، اِها ڳالهه ڊاڪٽر ٿومس فارلي چئي آهي جيڪو نيويارڪ جو هيلٿ ڪمشنر پڻ آهي. صحت واري کاتي جا ڪيترائي ماهر هن ڳالهه سان اتفاق ڪن ٿا ته گهڻي مقدار ۾ لوڻ جو استمال صحت لاءِ فائديمند ناهي. لوڻ جي گهٽ مقدار سان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين جو خطرو پڻ گهٽجي سگهي ٿو. ريسرچ موجب اُهو کاڌو، جنهن ۾ لوڻ وڌيڪ ۽ پوٽاشيم گهٽ هجي اُهو خطرناڪ آهي. ماهرن 15 ورهين کان ڪيل ريسرچ ۾ 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي لوڻ ۽ پوٽاشيم جا اثر ڏٺا آهن.
    *
    سائين منهنجا:آمريڪي کوج موجب ماڻهو بيداري جي حالت ۾ اڌ کان وڌيڪ وقت تائين ڪجهه ٻيو سوچيندا آهن جڏهن ته ڪم ڪجهه ٻيو ڪري رهيا هوندا آهن. ان کوج لاءِ 2200 ماڻهن آءِ فون تي سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪري انهيءَ کوج ۾ حصو ورتو آهي.هارورڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن جي انهيءَ کوج سان معلوم ٿيو آهي ته ماڻهو جيتري دير تائين نهايت غور سان جيڪو به ڪم ڪندا آهن ته انهيءَ وقت مان 30 سيڪڙو وقت تائين ڪجهه ٻيو سوچيندا رهن ٿا.برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ پهريان ڪيل ريسرچ مان ساڳئي ڳالهه معلوم ٿي آهي ته ڪم ڪندڙ ماڻهو جو ذهن ٻئي هنڌ هوندو آهي. انهيءَ کوج ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن اجازت ڏني هئي ته کوج لاءِ انهن سان ڪنهن مهل به رابطو ڪري سگهجي ٿو. اُهي ٻڌائيندا هئا ته اهَ وقت اُهي هن وقت ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ڇا اُهي ساڳئي ڪم جي متعلق سوچي رهيا آهن يا نه. اُهي ڪم ڪندي خوش آهن يا نه؟. ماهرن اڍائي لک سيمپل جي مدد سان اِهو نتيجو ڪڍيو آهي ته 22 ماڻهن بيداري جي حالت ۾ پنهنجو 46.9 سيڪڙو وقت ڪجهه ٻيون ڳالهيون سوچندي گذاريو. سروي ۾ اِها ڳالهه معلوم ٿي آهي ته خوشي جي حالت ۾ سندن ذهن ۾ ڪجهه ٻيا خيال تمام گهٽ وقت تائين ايندا آهن. جيڪڏهن ماڻهو خوش نه هوندا آهن ته اُهي گهڻو وقت ڪجهه ٻيون ڳالهيون سوچڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن.
    محترم سامعين: سائنسدانن هڪ نئين تحقيق ڪري ٻڌايو آهي ته درد کي گهٽ ڪرڻ لا سڀ کان بهترين دوا ”محبت“ آهي. سائنسدانن چيو آهي ته معشوق جي تصوير عاشق جي دماغ جي ان حصي کي متحرڪ ڪري سگهي ٿي جيڪو دوا جي طور تي ڪم ڪندو آهي ۽ درد کي ترت گهٽائي ڇڏي ٿو. آمريڪي اخبار لاس اينجلس ٽائمز موجب جلدي يا دير سان محبت جو انجام هميشه درد ئي هوندو آهي پر هن محبت ۾ سُک به هوندو آهي.هڪ آمريڪي مئگزين ۾ شايع ٿيل محبت جي متعلق هڪ ريسرچ ۽ نفسياتي رپورٽ موجب ذهني طور تي ٽٽل ۽ ٿڪل شخص کي سندس محبوب جي تصوير ڏيکارڻ سان سندس درد گهٽ ٿيندو آهي. تصوير اکين جي آڏو هجي ته جسم جو هڪ خاص حصو ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي جنهن سان درد 36 کان 45 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو آهي. هن عمل دوران سائنسدانن دماغ کي پرکيو ، ۽ ان وقت ان ۾ اهڙو عمل ۽ تبديلي ٿيندي ڏٺي جيڪا درد کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
    *
    محترم سامعين: اسان پنهنجو وقت ڪيئن گذاري رهيا آهيو؟ خاندان سان يا سنگتين سان يا وري اسانکي تنهائي پسند آهي. جيڪڏهن اسانکي تنهائي پسند آهي ته پنهنجي عادت ڇڏڻ جي باري ۾ غور ڪندا ڇو ته هڪ نئين ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته تنها رهڻ سان اسانجي عمر گهٽ ٿيندي آهي ۽ تنها رهندڙ ماڻهن جي عمر انهن ماڻهن کان گهٽ هوندي آهي جيڪي سنگتين سان گڏجي وقت گذاريندا آهن.آمريڪي يونيورسٽين يوٽاه ۽ نارٿ ڪيرولائنا ۾ ڪيل ريسرچ ۾ 3 لک ماڻهن جي زندگي ۽ عادتن تي ريسرچ ڪئي وئي. انهن ماڻهن جي باري ۾ گذريل 30 سالن ۾ ٿيل 148 سروي رپورٽن مان معلومات گڏ ڪئي وئي آهي.هن ريسرچ مان ظاهر ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو دوستن ۽ مائٽن سان ملڻ پسند ڪندا آهن، انهن جي عمر تنهائي پسند ماڻهن کان پوڻا چار سال وڌيڪ هوندي آهي.
    *
    محترم سامعين: جيڪڏهن اوهان پنهنجي مڙس کان پنهنجي فرمائش مڃرائڻ چاهيو ٿيون ته ان ڪم لاءِ شام 6 وڳي جو وقت اوهان لاءِ تمام بهتر آهي. هڪ ريسرچ موجب اِها دلچسپ ڳالهه معلوم ٿي آهي ته شام 6 وڳي مرد عورتن جي ڳالهه آساني سان مڃندا آهن ۽ عورتن سان بحث ڪونه ڪري سگهندا آهن.ريسرچ موجب منجھند 3 وڳي جو وقت مڙسن کان فرمائش مڃرائڻ جو سڀ کان غلط وقت آهي ڇو ته انهيءَ مهل هو تمام گهٽ عورتن جون ڳالهيون مڃيندا آهن. ريسرچ ۾ اِهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته پنهنجي باس سان ترقي جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻ لاءِ منجھند 1 وڳي جو وقت مناسب هوندو آهي ۽ صبح جي وقت اِها ڳالهه ڪونه ڪرڻ گهرجي.ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني موڊ سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا تبديلٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن موڊ جي انهيءَ تبديلي کي سمجهي ڳالهه ڪجي ته پنهنجي ڳالهه آساني سان مڃرائي سگهجي ٿي.
    محترم سامعين:هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دوستي ڪرڻ ۽ ماڻهن سان وقت گذارڻ صحت لاءِ ايترو ئي مفيد آهي جيترو تماڪ ڇڪڻ جي عادت ڇڏڻ. ريسرچ ڪندڙ ماهرن جي ٽيم جي سربراهه پروفيسر برٽ يوچينو چيو آهي ته دوستي ڪرڻ ۽ ماڻهن سان گڏجي زندگي گذارڻ سان زندگي آسان ٿيندي آهي ۽ پريشاني ڪونه ٿيندي آهي جنهن سان ذهني دٻاءُ ۽ اعصابي ڪمزوري گهٽ ٿيندي آهي.پروفيسر يوچينو چيو آهي ته ماڻهو عام دوستن جي ڳالهين تي ٿورو گهڻو ڌيان ضرور ڏيندو آهي. مثال طور اڪيلو شخص بيمار ٿيندو ته هو ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ۽ دوا وٺڻ کان لهرائيندو آهي پر جيڪڏهن اسان سنگتين ۽ مائٽن سان گڏ هوندا آهيون ته هو اسانکي بار بار صحت جو خيال رکڻ جي هدايت ڪندا آهن.هن چيو ته دوستن سان مصروف رهندڙ شخص پاڻ کي نفسياتي طور تي محفوظ سمجهندو آهي. کيس کلڻ جا ڪيترا ئي موقعا ملندا آهن. هو دوستن سان پريشانيون شيئر ڪري سگهي ٿو. پنهنجي من جو بار لاهي سگهي ٿو.
    *
    سائين منهنجا: ماڻهو جيئن ته ڪائنات جو هڪ عجيب ذرڙو آهي ان ڪري ان جون حرڪتون ۽ عادتون به ايتريون وسيع ۽ مبهم آهن. انهن کي سمجهڻ لاءِ علم ۽ تجربو ٻئي ضروري آهن. اهو ئي سبب آهي جو دماغ سان لاڳاپيل هڙ بيماريون آساني سان نٿيون سمجهي سگهجن. يونان جي ٻوليءَ۾ سائڪ لفظ جي معنيٰ مائينڊ آهي. جڏهن دماغ ۽ ان سان گڏ سوچ هجي ته ان کي مائينڊ چئبو آهي. دماغ مادو آهي ۽ سوچ ان جي ڪوالٽي آهي. اول ته اسان وٽ صحيح علاج ڪرائڻ جي سوچ ئي ناهي ۽ نه وري ان لاءِ سنجيده آهيون. دماغي بيماريون پيچيده ۽ ڳجهيون هونديون آهن. انهن کي سڃاڻڻ ۽ ان جي شناخت ڏاڍي مشڪل هوندي آهي. جن کي عرف عام ۾ نفسياتي مرض سڏبو آهي. اسان جي معاشري ۾ هر اهو ماڻهو نفسياتي مريض سڏبو آهي جيڪو تقليدي سوچ نه رکندو آهي ۽ بالڪل هڪ مختلف اسٽائيل واري زندگي گذارڻ چاهيندو آهي ته ان کي به ماڻهو نفسياتي ليبل هڻي ڪناره ڪشي ڪندا آهن اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته نفسياتي بيماريون تمام دير سان شناخت ٿين ٿيون ڇاڪاڻ شروع ۾ اهڙن بيمارين تي خود مريض پاڻ به ڪو ڌيان ڪو نه ڏيندا آهن. بلڪه جڏهن مرض وڌي ڪنهن مشڪل صورتحال ۾ پهچي ٿو پوءِ ئي وڃي ڊاڪٽرن سان رابطو ٿئي ٿو.
    محترم سائين: محبت ۾ دل ٽٽي پوي ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ نفسيات جا ماهر هن نتيجي تي پهتا آهن ته هن درد جو درمان ڪنهن به دوا ۾ ناهي پر ذاتي مصروفيت ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻين کي ٻڌائڻ ۾ آهي.جڏهن ڪنهن جي دل ٽٽي پوندي آهي، جذبن کي اهڙو ڌڪ رسي ٿو ته دل بي قابو ٿي ويندي آهي. مايوسي مقدر بڻجي ويندي آهي ۽ هر پاسي اونداهه ڏيکارجي ٿي. پر اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ نيٺ اُها ڪهڙي ترڪيب آهي جنهن سان اهڙي مشڪل وقت مان نڪري سگهجي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته هن مسئلي جو سڀ کان بهترين حل دوستن يا ڪنهن ڀروسي جوڳي ماڻهو سان ڳالهيون ڪرڻ آهي. يعني ڪنهن به شخص سان دل جون ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جيڪو اسانجون ڳالهيون ٻڌي، اسانجي لاءِ چانهه ٺاهي ۽ جيڪڏهن اسان لڙڪ لاڙي رهيا آهيو ته اسانکي سيني سان لڳائي. ماهر نفسيات جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو به شخص اڪيلو ئي ناڪامي جو سور وسارڻ چاهي ٿو ته کيس ورزش ڪرڻ گهرجي يا وري پاڻ کي مصروف رکڻ گهرجي.
    *
    محترم سامعين: چين ۾ سائنسدانن ڳئون جي ڊي اين اي “خليي” ۾ انساني ڊي اين اي جا ٻه جُز شامل ڪري ان جي کير ۾ اُها طاقت پيدا ڪرڻ جو ڪارنامو ڪيو آهي جيڪا فقط انساني کير ۾ موجود هئي. بيجنگ ۾ چائنيز ايگريڪلچرل يونيورسٽي جي ننگ لي موجب ڳئون جي خليي ۾ لائيسوزائم نالي پروٽين داخل ڪيو ويو آهي. اِهو پروٽين انساني کير ۾ اضافي مقدار ۾ هوندو آهي جنهن ۾ ڀرپور غذائيت ۽ قوت موجود آهي. اِهو کير استعمال ڪرڻ سان ٻارڙن ۾ غذائيت جي کوٽ آساني سان پوري ڪري سگهجي ٿي. ارجنٽائن ۾ به سائنسدان ڳئون جي کير ۾ انساني کير جهڙي قوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. بيونز آئرس ۾ ايگروبزنس ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ جي ماهرن هڪ ڪلون ڳئون ۾ 2 انساني خليا متعارف ڪرايا جن ۾ انساني کير جهڙا پروٽين شامل هئا. اُهي پروٽين ليڪٽوفيرن ۽ لائيسوزائم آهن. ٻئي پروٽين ننڍن ٻارڙن ۾ بيڪٽيريا ۽ وائرس جي خلاف ڪم ڪندا آهن. هن کير کي اڃان تائين انساني استعمال لاءِ آزمايو ناهي ويو ۽ نه ئي هن کير جي محفوظ هجڻ يا نه هجڻ جي باري ۾ ڪجهه به چئي سگهجي ٿو.
    سائين منهنجا: ماهرن موجب ماءُ پيءُ جي جهيڙن سان ٻارڙن جي ننڊ متاثر ٿيندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر ۾ ماءُ پيءُ جي جهيڙن سان ٻارڙن جو ذهن متاثر ٿيندو آهي جنهن سان ڪيترا ئي مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا.“چائلڊ ڊيولپمنٽ” نالي جنرل ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب آمريڪا ۾ 357 ايڊاپٽ ڪيل ٻارڙن ۽ انهن جي خاندان تي ريسرچ ڪئي وئي. هڪ برطانوي ماهر موجب ماءُ پيءُ کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته ٻنهيءَ جي جهيڙن جو اثر انهن جي ٻارڙن جي زندگي تي پئجي سگهي ٿو.هن ريسرچ ۾ ماءُ پيءُ سان تڏهن ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن هنن جي ٻارڙن جي ڄمار 9 ۽ 18 مهينن جي هئي. ماءُ پيءُ کان ٻنهيءَ جي لاڳاپن ۽ ڪم جي باري ۾ انفارميشن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه سوال پڇيا ويا. ان کان علاوه زال مڙس کان پڇيو ويو ته ڇا انهن جي ٻارڙن کي ننڊ ڪرڻ مهل پريشاني ٿيندي آهي يا نه. پروفيسر هيرلڊ جو چوڻ آهي ته “جينياتي عنصرن جو اثر ڪنهن حد تائين ٿيندو آهي پر انهيءَ ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته ماءُ پيءُ جي جهيڙي جو اثر ٻارڙن جي ذهن کي متاثرڪندو آهي”
    *
    سائين منهنجا:تحقيق ته هر حال ۾ ٿيندي رهي ٿي،ڪڏهن ڪنهنجو ڪهڙو چوڻ هوندو آهي ته ڪڏهن ڪهڙو؟ اڳي چوندا هيا ته صبح ساجهر اٿي،نيراني ڊڪ ڊوڙ ڪجي،جنهن کي انگريزيءَ ۾ جاگنگ چون ٿا.پر هاڻي وري هڪ نيئن کوجنا سامهون آئي آهي. جرمن اسپورٽس هاءِ اسڪول جي پروفيسر انگوفروبس جو چوڻ آهي ته صبح نيراني جاگنگ ڪرڻ لازمي طور جسماني يا ذهني ڪارڪردگي لاءِ فائديمند نه آهي. پروفيسر انگوفروبس جو چوڻ آهي ته اسانجو بدن رات وانگر صبح جو به سڻڀ ختم ڪندو آهي انڪري جيڪڏهن نيراني ورزش ڪبي ته سڻڀ جذب ڪرڻ وارو عمل فقط اوستائين جاري رهندو جيستائين بدن ۾ شگر جو ذخيرو استعمال نه ٿيندو آهي. اِهو مرحلو شروع ٿيڻ سان جسماني ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿيندي ايستائين جواسان جاگنگ ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.پروفيسر انگو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان صبح جاگنگ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اسانکي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي غذا کائڻ گهرجي جنهن ۾ ڪاربو هائيڊريٽ اضافي مقدار ۾ هجڻ مثال طور ڪيلو. پروفيسر انگو نيرن کانپوءِ جاگنگ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
    *
    محترم سامعين: بين الاقوامي سائنسي اخبار ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل موجب سڄي دنيا ۾ روزانو 7000 مئل ٻار پيدا ٿيندا آهن، ترقي يافته ملڪن ۾ به مئل ٻار پيدا ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي.لانسيٽ ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل موجب سڄي دنيا ۾ ساليانو پيدا ٿيندڙ 26 لک ٻارڙن مان 98 سيڪڙو وچولي ۽ گهٽ آمدني واري ملڪن ۾ پيدا ٿيندا آهن.هن آرٽيڪل موجب مناسب سهولتن سان غريب ملڪن ۾ مئل ٻارڙن جي پيدائش واري شرح سال 2020 تائين گهٽائي اڌ ڪري سگهجي ٿي.ٻارڙن جي عالمي اداري “سيو دي چلڊرن” موجب اِهو مسئلو نبيرڻ لاءِ هاڻوڪي دور ۾ ملندڙ موقعن کان فائدو نه کڻڻ سبب مئل ٻارڙا پيدا ٿي رهيا آهن.ڏکڻ آفريقا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ مئل ٻارڙن جي پيدائش جي شرح وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ غريب ملڪن کي چيو پيو وڃي ته هن ڏهاڪي جي آخر تائين مئل ٻارڙن جي شرح پنجاهه سيڪڙو گهٽائڻ ڪوششون ورتيون وڃن..
    *
    محترم سامعين: هاءِ هيل يعني وڏي کڙين واريون جتيون مردن ۽ عورتن ٻنهيءَ لاءِ نقصانڪار آهن. ماڊرن دور ۾ عورتون ۽ مرد هاءِ هيل واريون جتيون استعمال ڪري پاڻ کي ڪشش وارو محسوس ڪندا آهن.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هاءِ هيل استعمال ڪرڻ سان سندن شخصيت جاذب نظر ٿي ويندي آهي. ماهرن جو خيال آهي ته هاءِ هيل استعمال ڪرڻ سان انساني بدن جي درمياني ساخت ۾ نقص پيدا ٿيندو آهي. هڏن جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته لاڳيتو وڏين کڙين واريون جتيون استعمال ڪرڻ سان لڱن جي فائبرز کي نقصان ٿيندو آهي جنهن سان هلڻ ڦرڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي.اهڙي صورتحال ۾ لڱن جي فائبرز کي قوت ڏيندڙ رڳون پڻ متاثر ٿينديون آهن. انڪري هاءِ هيل استعمال ڪندڙ عورتون جڏهن بنا کڙي واريون جتيون استعمال ڪنديون آهن ته انهن جي پيرن ۽ ڄنگهن ۾ سور ٿيندو آهي. نقصان ٿيڻ باوجود هاءِ هيل استعمال ڪندڙ ماڻهن کي رات جو اسٽريچنگ ايڪسرسائيز يا ڄنگهن جي ايڪسرسائيز ڪرڻ گهرجي.
    *
    محترم سامعين: جيڪڏهن اسانجو وزن وڌي رهيو آهي ته پوءِ اسانکي کائڻ پيئڻ ۾ پرهيز، رننگ، جم وڃڻ يا وزن گهٽائيندڙ دوائون کائڻ جي ضرورت ناهي. وزن گهٽائڻ جو آسان طريقو روزانو ٽي چار ڪپ چانهه پيئڻ آهي پر چانهه ۾ کير ۽ کنڊ شامل نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته کير چانهه جي مفيد اثرات گهٽائي ڇڏيندو آهي ۽ کنڊ کي وزن وڌائڻ جو اهم ڪارڻ سمجهيو ويندو آهي.تازي ريسرچ سان ظاهر ٿيو آهي ته چانهه ۾ قدرتي مرڪبات جي اضافي مقدار موجود آهي جيڪا وزن ۽ ڪوليسٽرول ليول گهٽائڻ لاءِ فائديمند آهي. ڪوليسٽرول ليول وڌڻ سبب دل جون بيماريون وڌڻ جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي. معنيٰ چانهه جي هر پيالي اِهو خطرو گهٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.چانهه جي فائدن جو سلسلو محدود ناهي پر طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته چانهه بلڊ پريشر گهٽائڻ لاءِ فائديمند آهي ڇاڪاڻ ته چانهه ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس مدافعتي نظام بهتر بڻائي انفيڪشن کان بچائڻ ۾ اسانجي مدد ڪندا آهن.
    *
    محترم سامعين: آمريڪي ماهرن شگر ليول ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ نئون پرزو ايجاد ڪري ورتو آهي. هن پرزي ۾ مريض جي لڙڪ ذريعي شگر ليول معلوم ڪري سگهجي ٿو.آمريڪا ۾ شگر جي مريضن جو تعداد 23 ملين کان وڌي ويو آهي ۽ شگر جي بيماري آمريڪا ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي پنجون اهم سبب آهي. شگر سان ڪيتريون ئي بيماريون لڳڻ جو خطرو پڻ وڌي ويندو آهي جن ۾ دل جون بيماريون، نظر جو گهٽ ٿيڻ، گڙدن جي خرابي سميت ڪيترا ئي مسئلا شامل آهن.شگر جي مريض جي شگر ليول مناسب هجڻ گهرجي ۽ ڊاڪٽر مريضن کي باقاعدگي سان شگر ليول ٽيسٽ ڪرائڻ جو مشورو ڏيندا آهن. جنهنڪري بار بار رت ڪڍڻ سبب مريض کي تڪليف ٿيندي آهي انڪري مريض پنهنجو شگر ليول چيڪ ڪرائڻ کان نٽائيندا آهن.پر آمريڪي ماهرن جي جديد ايجاد ذريعي شگر جي مريضن لاءِ چيڪ ڪرڻ وارو اذيتناڪ ڪم سولو ٿي چُڪو آهي. شگر ليول ٽيسٽ ڪندڙ جديد پرزي جي مدد سان مريض جي لڙڪ ذريعي شگر ٽيسٽ ڪري سگهجي ٿي.
    محترم سامعين:سائنسدانن شمسي نطام کان ٻاهر اهڙي جاڙي دنيا ڳولهي لڌي آهي،جيڪي نه سيارا آهن نه ئي ستارا.ڪجھ ماهرن جو چوڻ آهر ته هي پلينامو آهي جيڪو ڪنهن به ستاري سان ڳنڍيل نه هوندو آهي.ماهرن اهڙين ٻين دنيائن کي به ڳولهي ورتو آهي،جيڪا ڪنهن به ستاري جي چوڌاري چڪر ڏيڻ بجاءِ هڪ ٻئي جي گرد چڪر لڳائي رهيون آهن.فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهيءِ جاڙي دنيا جي کوجنا سان سيارن ۽ ستارن جي تخليق جي باري ۾ موجود نظرين تي نظرثاني لاءِ دٻاءُ پيدا ٿي سگهي ٿو.ڪينيڊا جي ٽورانٽو يونيورسٽي جي ماهر جئي ورڌني جو چوڻ آهي ته انهن ٻنهي دنيائن مان وڏي دنيا جو وزن جيوپيٽر کان چوڏهن ڀيرا،جڏهن ته ننڍي دنيا جو وزن ست ڀيرا وڌيڪ آهي.خيال آهي ته انهن جي عمر ڏھ لک ورهيه آهي،هي ٻئي دنيائون هڪ ٻئي سان سج ۽ پلوٽو جي پري واري مقابلي ۾ ڇھ دفعا پري آهن.
    *
    محترم سامعين:آمريڪا ۽ برطانيا جي گڏيل ريسرچ موجب اسقاط حمل جو شڪار ٿيل عورتون ڪيترن ئي سالن تائين ڊپريشن جو شڪار ٿي وينديون آهن. برطانوي سائنسي اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب پيٽ ڪيرائڻ بعد صحتمند ٻارڙن کي جنم ڏيڻ باوجود ڪيترون ئي عورتون سالن تائين ڊپريشن ۽ مايوسي جو شڪار ٿي وينديون آهن. 14000عورتن تي ريسرچ ڪرڻ بعد شايع ٿيل رپورٽ موجب ڪنهن به عورت ۾ ڊپريشن جي علامتن تي غور ڪندي ضايع ٿيل حمل ۽ ان سان لاڳاپيل حالتن تي غور پڻ ڪرڻ گهرجي.عورتن ۾ پيٽ ڪيرائڻ سبب ٻار کان محروم ٿيڻ عام ڳالهه آهي. ريسرچ موجب 5 مان هڪ حمل ضايع ٿي ويندو آهي جڏهن ته هزارين عورتن مان 5 عورتن جي گهرن ۾ مُئل ٻار پيدا ٿيندا آهن.
    *
    سائين:دنيا جهان جي هڪ خبر هي به آهي ته گهٽ ننڊ ڪرڻ سان جگر جو مرض ٿئي ٿو.کوجنا مان هي ڳالھ سامهون آئي آهي ته ڀرپور نموني ننڊ نه ڪرڻ وارن ماڻهن کي عام ماڻهوءَ جي نسبت جگر جا مرض پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي وڃن ٿا.ننڊ جي گهٽتائي جي لاءِ ماهر“سليپ اپنيا” جو اصطلاح ڪتب آڻين ٿا.ٿولھ به ان جو هڪ سبب آهي.پيرس سان واسطو رکندڙ تحقيقدانن ڀرپور ننڊ نه ڪرڻ کي سڌي طرح جگر جي بيماري جو سبب بيان ڪيو آهي.“سليپ اپنيا” ۾ مبتلا ماڻهن ۾ بلڊ پريشر جا امڪان وڌي وڃن ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ فالج ۽ دل جا مرض به پيدا ٿي سگهن ٿا.ماهرن جو هي به چوڻ آهي ته سليپ اپنيا ۾ مبتلا ماڻهن جھو ساھ رات جي وقت ننڊ ڪندي ٿورڙي گهڙيءَ لاءِ بيهجي ويندو آهي ۽ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري سمورو ڏينهن جسم ٿڪاوٽ جو شڪار رهندو آهي.
    *
    محترم سامعين:آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ ريسرچ موجب دير تائين پڙهڻ سان توڙي امتحان ڏيڻ مهل ذهني پريشر هوندو آهي پر جسم ۾ رت جو پريشر پڻ صحيح ٿي ويندو آهي.هاءِ بلڊ پريشر، يا هائيپر ٽينشن جي ڪري هارٽ اٽيڪ، فالج جو حملو يا بڪيون ناڪام ٿي وينديون آهن. بي ايم سي پبلڪ هيلٿ ۾ شايع ٿيل ريسرچ موجب ان جو تعلق مردن کان وڌيڪ عورتن سان آهي.برٽش هارٽ فائونڊيشن موجب اِها ريسرچ دل جي بيماري ۽ غربت ۾ لاڳاپي کي ظاهر ڪندي آهي.اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان دل جي بيماري جو خطرو گهٽجي ويندو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته ان جو ڪارڻ بلڊپريشر ٿي سگهي ٿو.ريسرچ لاءِ 3890 ماڻهن جو گذريل 30 سالن جي ڊيٽا نوٽ ڪئي ويئي. ماڻهن کي 3 گروپن ۾ ورهايو ويو جن ۾ گهٽ تعليم (12 سال يا گهٽ عمر)، وچولي تعليم (13 کان 16 سالن تائين) ۽ اعليٰ تعليم (17 سالن کان وڌيڪ) جهڙا گروپ ٺاهيا ويا.ان کانپوءِ 30 سالن جو سراسري بلڊپريشر نوٽ ڪيو ويو.گهٽ تعليم يافته عورتن جو بلڊ پريشر 3.26 ايم ايم ايڇ جي سي جيڪو اعليٰ تعليم يافته ماڻهن کان وڌيڪ هو. مردن ۾ اِهو فرق 2.26 ايم ايم ايڇ جي سي هو.
    *
    محترم سامعين: معصوم ٻارڙن کي ڪوڙ ڳالهائيندي ڏسي سندن ماءُ پيءُ کي ٿڏي تي غصو ظاهر ڪرڻ يا ڳڻتي ڪرڻ بدران ڪوڙ ڳالهائڻ جو ڪارڻ ڳولڻ گهرجي جنهن جي ڪري ٻارڙا ڪوڙ ڳالهائڻ تي مجبور ٿيندا آهن.“آئون اِهو ڪم ناهي ڪيو” يا “آئون بُرش ڪري ورتو آهي” ننڍا ٻار ڪيترا ئي ڀيرا ننڍڙا ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ڇاڪاڻ ته ان عمر ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ ننڍپڻ جو حصو هوندو آهي اهڙي صورتحال ۾ ماءُ پيءُ کي اِها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ٻارڙا انڪري ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جو انهن کي سزا جو ڊپ ٿيندو آهي .ماءُ پيءُ کي خاص طور اهڙين حالتن ۾ ٻار سان سخت رويو اختيار ڪرڻ بدران ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته ٻار ڪوڙ ڇو ٿوڳالهائي.ٻارن جي نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾ الزام هڻڻ يا ٻارڙن کي سخت سزائون ڏيڻ سُٺو ناهي ڇاڪاڻ ته ٻارڙن کي سزا ڏيڻ سان ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو آهي.
    *
    محترم سامعين: سڄي دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جو انگ تمام گهٽ هوندو جن کي پنهنجي زال کان ڪنهن به قسم جي شڪايت نه آهي.ساڳئي ريت هن دنيا ۾ اهڙين عورتن جو تعداد به تمام گهٽ هوندو جن کي پنهنجي مڙس کان شڪايت ناهي.پر هن حقيقت جو ٻيو رخ هي به آهي ته شادي ڪرڻ سان ماڻهن جي عمر وڌندي آهي. نئين ريسرچ موجب شادي شده ماڻهو نه رڳو تنها زندگي گذاريندڙ ماڻهن کان وڌيڪ عرصي تائين زنده رهن ٿا بلڪ صحتمند زندگي پڻ گذاريندا آهن.ماهرن موجب شادي مرد لاءِ الاهي فائديمند آهي. مثال طور عورت سندس مڙس جي صحت جو خاص خيال رکندي آهي جڏهن ته مرد پنهنجي صحت جي گهڻي پرواهه ڪونه ڪندا آهن.ماهرن چيو آهي ته شادي عورتن جي نفسياتي حالتن کي صحيح رکڻ ۾ اهم ڪردار نڀائيندي آهي ۽ عورتن کي ڪيترن ئي نفسياتي پريشانين کان بچائيندي آهي. ڇاڪاڻ ته عورتون بيحد نازڪ هونديون آهن ۽ تنهائي سان عورتن جي نفسياتي پريشانين ۾اضافو ٿيندو آهي.هيءَ تحقيقي برطانيا جي ويلز ڪائونٽي سان لاڳاپيل يونيورسٽي هاسپٽل جي اسڪول آف ميڊيسن پاران جاري ڪئي وئي آهي .
    *
    محترم سامعين: انسان پراڻي زماني کان ڪڏهن بادام ۽ اخروٽ کائي، ڪڏهن ذهني آزمائش جون ورزشون ڪري ۽ ڪڏهن مختلف دوائون ۽ طريقن سان پنهنجي دماغي صلاحيت وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. اسانجو دماغ هڪ ڪمپيوٽر چپ وانگر آهي جنهن ۾ ڪروڙين سرڪٽ آهن جيڪي بجلي سان ڪم ڪندا آهن. دماغ گهربل بجلي پاڻ پيدا ڪري ٿو. اسانجي دماغ ۾ موجود برقي قوت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو مقدار 10 کان 23 واٽ جو بلب روشن ڪرڻ لاءِ گهڻو آهي.دماغ کي پنهنجا ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گلوڪوز ۽ آڪسيجن گهرجي، انساني رت ٻئي شيون ميسر ڪري ٿو. اسانجي رت جو 20 سيڪڙو وهڪرو دماغ ڏانهن وڃي ٿو. اسانجو بدن خوراڪ ذريعي گلوڪوز جو مقدار پيدا ڪري ٿو اسانجو ذهن ان مان 20 سيڪڙو مقدار خرچ ڪري ٿو ۽ اسانجا ڦڦڙ پنهنجي اندر جيتري آڪسيجن جذب ڪندا آهن اسانجو دماغ ان مان به 20 سيڪڙو حصو ڪتب آڻي ٿو.
    *
    محترم سامعين:هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جن ٻارن کي ماءُ جو کير ملي ٿو انهن جي لاءِ مستقبل ۾ معاشري ۾ بهتر ترقي ۽ نوڪريون ملڻ جا موقعا وڌيڪ ٿين ٿا. ماضي ۾ ٻارن لاءِ جيڪي ماءُ جي کير جا فائدا ٻڌايا ويا هئا، تن ۾ ٻارن جي ذهنن تي مثبت اثر ۽ ڪنهن به قسم جي انفيڪشن سان وڙهڻ جي صلاحيت جو ذڪر هو. پر تازن نتيجن موجب ماءُ جو کير گهڻي وقت تائين اثر ڇڏي ٿو. برطانيه ۾ هڪ يونيورسٽي پاران ڪيل سروي جنهن ۾ ماڻهن جي سماجي ڪارڪردگي تي ماءُ جي کير جي اثر جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ سماجي ڪارڪردگي جي پئمائش ڪئي وئي ۽ والدين جي ملازمت سان انهن جي ٻارن جي ملازمت کي ڀيٽايو ويو هن تحقيق ۾ 1958ع کان 1970ع تائين پيدا ٿيل ٻارن جي هڪ گروپ کي شامل ڪيو ويو، ان تحقيق موجب ماءُ جو کير پيئندڙ ٻار معاشري ۾ ڪامياب رهيا. ان کان اڳ هي معلوم ڪيو ويو ته ڪهڙن ٻارن ماءُ جو کير پيتو ان بعد 30 سالن تائين سندن سماجي حيثيت جو جائزو ورتو ويو. انهن ٻارن کي والدين کان وڌيڪ سٺيون نوڪريون مليون،جن کي ماءُ جو کير نه مليو اهي انهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪامياب نظر آيا. ماءُ جو کير پيئڻ وارن ٻارن جي ذهني دٻاءُ واري ٽيسٽ ۾ به بهتر ڪارڪردگي نظر آئي.
    *
    محترم سامعين:هٿن ڀر هلندياس * هٿن تي هلڻ هونئن ته وڏو مسئلو آهي بلڪه ڪنهن حد تائين ناممڪن به آهي پر يوڪرين جو هڪ نوجوان ڪرنو ورميسڪ هٿن تي پنهنجي جسم جو سڄو وزن کڻي هلڻ ۾ ايتري ته مهارت رکي ٿو جو هن هٿن تي هلڻ جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، شهر ڊوني ٽسڪ سان تعلق رکندڙ هن نوجوان راڄڌاني واري شهر ڪيف ۾ عالمي رڪارڊ جوڙيو ڪرنو ورميسڪ نالي هن نوجوان 60 ميٽرن جو پنڌ هٿن سان هلي طئي ڪيو.
    پولينڊ ۾ 40 هزار لالٽين اڏائي رڪارڊ جوڙڻ جي ڪوشش . پولينڊ ۾ هزارين ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ چيني لالٽين اڏائي رڪارڊ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پوزنين ۾ ٿيل هن ايونٽ جي لاءِ 40 هزارن کان وڌيل لالٽين تيار ڪيا ويا. جن کي هزارين ماڻهن هڪ ئي وقت گڏ ڇڏيو ۽ اهي مٿي اڏامڻ لڳا. هي رنگا رنگي لالٽين جڏهن هوا ۾ اڏامڻ لڳا تڏهن جنهن به هي نظارو ڏٺو داد ڏيڻ کان رهي نه سگهيو.
    محترم سامعين:ڪي سمجهندا آهن ته خواب نه اَچڻ، معنى ته ماڻهوءَ جي صحت ٺيڪ آهي، پر نوَن سائنسي تجربن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ايئن هروڀرو نه آهي. پاڻ ڪن حالتن ۾ ڪمزوريءَ جي نشاني سمجهي ٿي وڃي.سچ ته اهو آهي، هر هڪ شخص هر روز ڪيترائي خواب ڏسي ٿو، پر ننڊ مان جاڳندي ئي هن کان سڀ ڪجهه وِسري ٿو وڃي.ڪن نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇهن ڪلاڪن جي ننڊ ۾ اسين اٽڪل 64 منٽ خواب ڏسندا ئي آهيون ۽ 8 ڪلاڪن يا ان کان وڌيڪ ننڊ ۾، اسان جا ڏيڍ يا ٻه ڪلاڪ خوابن ڏسڻ ۾ گذرن ٿا. هڪ خواب جي ختم ٿيڻ ۽ ٻئي خواب جي شروعات ٿيڻ جي وچ ۾ مُقرر وقت جو فرق ڪونه ٿيندو آهي. ڪڏهن جلدئي ٻيو خواب شروع ٿي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪافي وقت ڪوبه سپنو نه ايندو آهي. هر هڪ سپنو 8-9 منٽن کان 30 منٽن تائين هلندو آهي.عام طور سمجهيو ويندو آهي ته خواب ۾ هرڪو ڪم تيز رفتاري سان ٿيندو آهي: پر سچ اهو آهي ته ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾، خواب ۾ به ايترو وقت لڳندو آهي، جيترو اسان کي سُجاڳ حالت ۾ لڳندو آهي.ڪي سمجهندا آهن ته جڏهن ننڊ ۾ ڪو شخص ڏاڍا هٿ پير هلائيندو آهي ۽ وَر وَر پاسو بدلائيندو آهي، تڏهن هن کي خواب ايندو پيو آهي. ليڪن تجربن مان معلوم ٿيو آهي ته 10 مان 9 شخصن جا هٿ پير ۽ ٻيا عَضوا خواب ۾ بلڪل سانت ۾ هوندا آهن اڄوڪي زماني جي کوجنائن جي آڌار تي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته: جهڙيءَ طرح سنگيت (موسيقي) ۾ ’لئه تال‘ ٿيندا آهن، انهيءَ طرح سپنا به ننڊ جي ’لئه‘ ۾ ٻڌجي هلن ٿا.
    *
    سائين منهنجا: هڪڙي تحقيق هيءِ سامهون آئي آهي ته جيڪي ٻار مٺيون شيون کائن ٿا اهي وڌيڪ شرارتي بنجي وڃن ٿا.جڏهن اهڙن شرارتي ٻارن جون شرارتون وڌي وڃن ٿيون ته پوءِ والدين انهن کي سزا ڏيڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.آمريڪي رياست اٽلانٽا ۾ هڪ حجام شرارتي ٻارن کي سزا ڏيڻ جو انوکو طريقو ايجاد ڪري شرارتي ٻارن جا وار پوڙهن جي وارن وانگي ڪٽڻ شروع ڪيا آهن.جنهن ڪري اهي ٻار وار ڪٽجڻ بعد پوڙهن وانگي نظر اچن ٿا،وار ڪٽڻ بعد اها وڊيو انٽرنيٽ تي رکي وڃي ٿي،جنهن وڊيو کي ڪافي حد تائين پسند ڪيو وڃي ٿو.اهڙي عمل کان پوءِ شرارتي ٻار پنهنجي دوستن سان به ملڻ کان لنوائن ٿا ۽ پنهنجي شرارتن کي به ڪجھ وقت لاءِ وساري ويهن ٿا.فريڊرڪ نالي ان حجام جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي اڪثريت شرارتي ٻارن کي سڌارڻ جي هن طريقي کي پسند ڪيو آهي،جڏهن ته ڪجھ ماڻهن اهڙي عمل تي تنقيد به ڪئي آهي.
    *
    محترم سامعين:ميڪسيڪو بحر اقيانوس ۾ 19 سالن جي ڇوڪري 9 ميٽر وڏي وهيل مڇي تي سفر ڪيو برطانيا جي ڊيلي ميل اخبار لکي ٿي ته 19 سال جو آمريڪي ڇوڪرو سمنڊ جي وچ ٻيٽ تي دوستن سان گڏجي مڇي مارڻ لاءِ ٻيٽ ڪپتيوا ويو، جيڪو سمنڊ ڪناري کان 30 ميل يا 48 ڪلوميٽر پري آهي ڪرس ڪريز پهنجي دوستن سان گڏ مڇي ماري رهيو هو ته هن ڏٺو ڪا مڇي ويجهي ترندي اچي رهي آهي ويجهي اچڻ بعد اها وهيل مڇي هئي. ڪرس ڪريز بغير سوچڻ جي 9 فوٽ وڏي مڇي تي بل ڏنو 20 سيڪنڊ ويٺو رهيو ڪرس جي دوستن هن جي وڊيو ڀري ڪريس ڪريز محسوس ڪيو ته اها ڳالهـ مڇي کي پسند نه آهي تهنڪري گهڻي دير ان تي نه رهيو. هي خبر ڪرس جي دوستن بيان ڪئي.آمريڪا ۾ هڪ نوجوان گهڻو وقت ڊرم وڄائي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. آمريڪي شهر نيويارڪ جي ناليواري ٽائمز اسڪوائر ۾ اينڊريو نالي همراهه ڊرم وڄائڻ شروع ڪيو ته بيهڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتائين ۽ لاڳيتو 24 ڪلاڪ ڊرم وڄائيندي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو، هن همراهه ڏينهن ۽ هڪ رات بنا ڪنهن وقفي جي ڊرم وڄائي پنهنجو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ داخلا ڪرائي ورتو آهي.
    *
    سائين منهنجا:وڏن جي ڀيٽ ۾ ننڍي عمر وارا ٻار پنهنجي ذهن ۾ ڪنهن ياد،جملي يا لفظ کي ڪيئن ياد ڪن ٿا ياسانڍي رکن ٿا.تنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته بالغ ماڻهن لاءِ نيون ڳالهيون ۽ نيون زبانون سکڻ مشڪل هوندو آهي.ان جو سبب اهيو آهي ته بالغ شخص جو دماغ نين شين کي مختلف طريقن سان محفوظ ڪندو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر ۾ نين شين کي وڌيڪ سکڻ وارو عمل دماغ ڪري ٿو،جن لاءِ مختف زبانون سکڻ ان لاءِ ڏاڍو آسان هوندو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته “وڏو ٿي ڪري اسان جي لاءِ نيون شيون سکڻ مشڪل هوندو آهي،ان جو سبب هي آهي ته جنهن طريقي سان اسان کي معلومات محفوظ ڪرڻي هوندي آهي،اهو طريقو مختلف هوندو آهي ۽ انساني دماغ جو نظام اڳ ۾ ئي اهڙي معلومات ڪٺي ڪري چڪو هوندو آهي،جنهن ڪري ياد ڪجھ وقت رڪجڻ،بعد هڪ يادگيري بنجي ويندي آهي.
    *.
    سائين منهنجا: هڪ نئين کوجنا سامهون آئي آهي ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي عمر وڌيڪ هجڻ جي ڪارڻن مان هڪ ڪارڻ هي به آهي ته عورتن جي دل مردن جي دل کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي.ليور جان مورز يونيورسٽي جي ماهرن جي هڪ جٿي موجب مرد ارڙنهن ورهين جي عمر کان ستر ورهين جي عمر تائين دل جي خون جي پمپ واري سرشتي جي صلاحيت جو چوٿون حصو وڃائي چڪا هوندا آهن.جڏهن ته عورتن جي دل ۾ ويهن ورهين کان ستر ورهين تائين ڪنهن به قسم جي ڪمي نٿي اچي.هن کوجنا ۾ 250 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو.ماهرن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ تحقيق مان اهو پڻ معلوم ٿيندو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي عمر پنج ورهيه وڌيڪ ڇو هوندي آهي.پروفيسر ڊيوڊ گولڊ سپلنڪ جو چوڻ آهي ته هُن کي سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ڳالھ هيءَ لڳي ته مردن ۽ عورتن جي دلين ۾ مضبوط هجڻ جو فرق ظاهر ٿي پيو.هن اهو به چيو ته مردن ۾ پنهنجي صحت ٺيڪ ٺاڪ رکڻ واري صلاحيت موجود آهي.پر پوءِ به عمر جي ان فرق کي جانچڻو پوندو ته صحت کي ٺيڪ رکڻ جي صلاحيت جي باوجود مرد جي عمر عورت جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڇو ٿي ٿئي.
    *
    محترم سامعين: ڪينيا جا سائنسدانن ملڪ ۾ مليريا جي واڌ کي روڪڻ لاءِ مڇيءَ کي استعمال ڪري رهيا آهن.“نيل تيلاپيا” نالي مڇي تمام وڏي شوق سان کاڌي ويندي آهي،هيءَ مڇي مڇرن جو شڪار ڪندي آهي.سن 1917ع ۾ مڇيءَ جي انهيءَ غذا جي معلومات کان پوءِ هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو نيل تيلاپيا مڇيءَ کي مڇرن جر پيدائش تي ضابطو رکڻ لاءِ باقاعدي سان استعمال ڪيو پيو وڃي،ڪينيا جي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته مڇرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مڇين جي استعمال جي هيءَ ترڪيب خاص طور تي انهن مڇرن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي جن مڇرن تي دوا اثر نٿي ڪري.دنيا ۾ هر سال ٽيھ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو مليريا جو شڪار ٿين ٿا.جن ۾ نوي سيڪڙو ماڻهو آفريقي خطي سان واسطو رکن ٿا،آفريقا ۾ هر ٽيهن سيڪنڊن ۾ مليريا جي ڪري هڪ ٻار فوت ٿي وڃي ٿو.هيءَ تحقيق “حشرت الارض” جي تحقيقي اداري “انٽر نيشنل سينٽر آف اِنسيڪٽ فزيالوجي اينڊ ايڪالوجي” جي ماهرن پاران ڪئي وئي آهي.
    محترم سامعين:سائنس جي دنيا جي ماهرن کان انٽرنيٽ جي وسيلي ڏھ سوال اهڙا پڇيا ويا آهن،جن جا جواب هن وقت تائين،دنيا جي ڪنهن به اڪابر سائنسي ماهر يا علم جي ڄاڻ رکندڙن مان ڪنهن به هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو.اهي دلچسپ سوال هي آهن.1: هيءَ ڪائنات ڪهڙي شيءِ مان ٺهي؟2: شعور ڪهڙي شيءِ آهي؟ 3:سوال هي معلوم ڪيوويو آهي ته ڇا اسان ڪائنات ۾ اڪيلا آهيون؟ 4: ننڊ ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا آهي؟ 5: زندگيءَ جي شروعات ڪيئن ٿي؟ 6: ڪشش ثقل ڇا آهي؟ 7: سوال هي آهي ته ني ايندر ٿال مٿان ڇا وهيو واپريو جو هو اوچتوئي وچتو هن ڪائنات مان گم ٿي ويا؟8: دنيا جي پهرين ٻوليءَ جي شروعات ڪيئن ٿي؟ 9: ڇا وقت نظر جو دوکو آهي؟ ۽ 10: سوال هي آهي ته زمين جي ساخت يا بنيادي شيءِ ڪهڙي آهي؟ اهي آهن اُهي ڏھ سوال جن جو تفصيلي جواب ڪنهن وٽ به ناهي.
    *
    محترم سامعين:: صحت جي ماهرن توڙي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڪينسر جي خاتمي لاءِ انگور کائڻ انتهائي فائدي وارا ثابت ٿيا آهن. ماهرن موجب انگورن ۾ جسم مان فاسد مادا خارج ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي ۽ هي دل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ به هڪ بهترين ٽانڪ ثابت ٿين ٿا. ماهر چون ٿا ته انگورن جي استعمال سان چمڙي ۽ معدي جي ڪينسر وارن خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهڙي تحقيق کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انگورن جي واپرائڻ ۾ اضافي جي اميد ڏيکاري وڃي پئي. ڇاڪاڻ هينئر تائين انگور کي صرف ميوي طور واپرايو ويندو هو. يا وري امير ماڻهو ئي کائيندا هئا. پر ماهرن هن ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته انگور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٿڌن علائقن ۾ ان جي وڻن کي وڌائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن جيئن وڌيڪ مقدار ۾ ڪري انگور سستو ٿي سگهي ۽ غريب غربو به کائڻ جي قابل بڻجي سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪينسر صرف اميرن جي بيماري ناهي.
    *
    محترم سامعين: صحت جي ماهرن توڙي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڪينسر جي خاتمي لاءِ انگور کائڻ انتهائي فائدي وارا ثابت ٿيا آهن. ماهرن موجب انگورن ۾ جسم مان فاسد مادا خارج ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي ۽ هي دل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ به هڪ بهترين ٽانڪ ثابت ٿين ٿا. ماهر چون ٿا ته انگورن جي استعمال سان چمڙي ۽ معدي جي ڪينسر وارن خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهڙي تحقيق کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انگورن جي واپرائڻ ۾ اضافي جي اميد ڏيکاري وڃي پئي. ڇاڪاڻ هينئر تائين انگور کي صرف ميوي طور واپرايو ويندو هو. يا وري امير ماڻهو ئي کائيندا هئا. پر ماهرن هن ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته انگور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٿڌن علائقن ۾ ان جي وڻن کي وڌائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن جيئن وڌيڪ مقدار ۾ ڪري انگور سستو ٿي سگهي ۽ غريب غربو به کائڻ جي قابل بڻجي سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪينسر صرف اميرن جي بيماري ناهي.
    سائين منهنجا:ڊارون پنهنجي ارتقا جي نظريي ۾ ان سوال جو جواب ڏنو هو ته جاندار پنهنجو پاڻ کي ماحول مطابق ڪيئن هلائين ٿا؟ پر زندگي پهريون پهرين ڪيئن وجود ۾ آئي؟انهي سوال تي سوچيندي سوچيندي ڊارون ٿڪجي پيو ۽ ان نتيجي تي پهتو ته هي “عظيم معمو” آهي.خيال ڪيو وڃي ٿو ته پراڻي زماني ۾ زمين تي ڪجھ اهڙيون موسمي حالتون هيون،جن جي ڪري ڪيميائي مادن جو پاڻ ۾ اهڙي طرح ملڻ ٿيو،جنهن ڪري پهريون پهريون جاندار وجود ۾ آيو،جيڪو زندگيءَ جي سڀ کان سادي شڪل وارو هيو.پر سوال هي آهي ته چند مادن جي ملڻ ڪري هڪ زندھ مخلوق جي تخليق تائين وارو سفر آهي،جنهن کي پاڻ ۾ ملائڻ انساني عقل جي وس کان گهڻو ٻاهر آهي.
    *
    محترم سامعين:سائنسدان اهو ڄاڻن ٿا ته انساني دماغ خلين جي خاص ترتيب سان ٺهندو آهي.اهي خليا پروٽين،ڪاربو هائيڊريٽ ۽ ٻين قسمن جي حياتياتي مادن جي ڪري وجود رکندا آهن. پر سوال هي آهي ته اهي سڀ ڪيميائي مادا ڪهڙي طرح پاڻ ۾ ملي ،هڪ غير مادي شيءِ يعني “شعور” کي پيدا ڪن ٿا؟آخر اهو ڪهڙو جادو آهي جو چند ڪيميائي جزن جو مجموعو پنهنجي ئي باري ۾ سوال اٿاري رهيو آحي ته “ مان ڪهڙي شيءِ آهيان؟منهنجي شڪل ڪهڙي آهي؟منهنجو رنگ ڪهڙو آهي؟مون شعور جو وزن ڪيترو آهي؟مان پيدا ٿيڻ بعد ڪهڙي طرح ڪم ڪريان ٿو؟مون منجھ اهڙي ڪهڙي طاقت آهي،جيڪا وجود رکندڙ ۽ مونکي پيدا ڪندڙ جزن يعني مادي تي ڪنٽرول ڪري وٺان ٿو؟ ۽ اهڙا کوڙ سارا سوال آهن،جن جا جواب اڃا تائين ڪو به ڄاڻو ڏيئي ناهي سگهيو.
    *
    محترم سامعين: رات جي وقت اوهان اڱڻ تي جڏهن سمهندا آهيو ۽ آڪاش تي ستارن جي سونهن ۾ چنڊ کي ڏسندا آهيو،يقينن ان وقت اوهان چنڊ بابت ڪجھ سوچيندا ضرور آهيو ته “چنڊ اصل ۾ آهي ڇا؟”.سائنسدان چون ٿا ته چنڊ جو ڏينهن رات،زمين جي ڏينهن رات کان چوڏهن دفعا وڏو آهي.چنڊ تي زمين جو پاڇو مڪمل چنڊ گرهڻ وقت پوندو آهي.چنڊ زمين جي چوڌاري چڪر ڏيڻ وقت ٻه هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو ۽ چنڊ زمين جي چوڌاري ستاويھ ڏينهن ست ڪلاڪ ۽ ٽيتاليھ منٽن ۾ هڪ ڦيرو ڏيئي ٿو.سال ۾ تيرنهن ڀيرا چڪر ڏيندو آهي.چنڊ ۽ سج وچ ۾ نو ڪروڙ ستاويھ لک ٻاهتر هزار مفاصلو آهي.چنڊ زمين کان ٻه لک اڻٽيھ هزار اٺ سو ستونجاھ ميل پري آهي.چنڊ جو قطر ٻه هزار هڪ سو سٺ ميل آهي ۽ چنڊ جي روشني هڪ ڏهائي ٽيٽيھ (1.33) سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ تي پهچي ٿي.
    سائين منهنجا: وقت ڇا آهي؟ بني نوع انسان جي علمي تاريخ ۾ هي سوال بنيادي اهميت جو رهيو آهي ته قديم يوناني حاڪمن جو خيال هيو ته ڪنهن به شيءِ جو نانءُ ناهي،پر هي فقط هڪ تصور آهي.تنهن هوندي به افلاطون چيو ته “وقت مستقل آهي،پر ان جي مقابلي ۾ زندگي نظر جو دوکو يا رڻ آهي.” آئزن نيوٽن هڪ نظريو پيش ڪيو ته “ وقت ۽ مقام هڪ اهڙو چوڪور آهي،جنهن جي اندر سمورا واقعا رونما ٿين ٿا،اهي ٻئي مستقل ۽ تبديل ٿيندڙ نه آهن.”ويهين صديءَ ۾ آئن اسٽائن اهو ثابت ڪيو ته“وقت مستقل پاڻ ڪجھ ناهي،پر ان جو واسطو وقت جو ڪاٿو لڳائڻ واري جي رفتار سان ڳنڍيل آهي.” آئن اسٽائن هي به چيو ته “ وقت ۽ مقام پاڻ ۾ جهٽ ٿيل آهن”هن جديد دور ۾ ڪيترن ئي ماهرن جو نظريو آهي ته “وقت بذاتِ خود ڪابه شي3 ناهي،پر اسان کي ان جو احساس،هُن جي چرپر سبب ٿئي ٿو.جيڪڏهن هر قسم جي حرڪت بيهجي وڃي ته وقت جو تصور به فنا ٿي ويندو.پر سوال هي آهي ته مقام اڳي پوءِ ٿي سگهي ٿو،هڪ ماڻهو نصيرآباد کان اسلام آباد وڃي وري واپس ٿي سگهي ٿوپر وقت ته صرف اڳتي وڌي ٿو ۽ ان جو سفر ڪنهن ٻئي رخ ۾ ڇو نٿو ٿي سگهي؟شايد انسان وقت جڳ ڳجھ ڳولي وڃي پر اهڙي گهڙي اڃا گهڻو پري آهي.
    *
    محترم سامعين:ڪانءُ جي چالاڪي ۽ هوشياري جا قصا عام آهن پر ماهرن جو خيال آهي ته تکي آواز وارو ڪانءُ نه رڳو چالاڪ، ذهين ۽ سياڻو آهي. پر ڪانءُ جي ياداشت پڻ تيز آهي، ڪانءُ سمورا ڪم سوچي سمجهي ڪم ڪري ٿو. انڪري ڪانءُ کي ڦاسائڻ ۽ نشانو بڻائڻ تمام ڏکيو آهي. جاپان جي هڪ يونيورسٽي ۾ڪيل تحقيق مان ڪانءُ جي ياداشت ۽ سڃاڻ جي صلاحيت وارا نوان پهلو ظاهر ٿيا آهن. جاپاني سائنسدانن جي هڪ ٽيم جي پروفيسر شوئي سوگيتا جي اڳواڻي ۾ ڪجهه سالن کان جھنگلي ڪانون تي تحقيق ڪري رهي آهي، تجربن مان خبر پئي آهي ته ڪانءُ اکر سڃاڻي سگهي ٿو ۽ نمبرن مان ڪو به نمبر چونڊي سگهي ٿو نمبرن ۽ اکرن جي سڃاڻ واري معامري ۾ ڪانءُ جي ذهانت ماڻهو جهڙي آهي. تحقيق دوران ٻه دٻا استعمال ڪياويا. هڪ دٻي جي ڍڪ تي 2 نمبر ۽ ٻئي تي 5 نمبر لکيل هو. 2 نمبر وارو دٻو خالي هو جڏهن ته 5 نمبر واري دٻي ۾ ڪانون جي من پسند خوراڪ رکي ويئي،. ٻنهيءَ دٻن کي ڪانءُ جي پڃري ۾ رکيو ويو. ڪانءُ ٿوري دير ۾ ياد ڪري ورتو ته خوراڪ واري دٻي جو نمبر 5 آهي.ڪانون جي ڪاميابي جي شرح 70 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو هئي.هڪ پراڻي تحقيق موجب ڪانءُ مرد ۽ عورت جو چهرو سڃاڻي سگهن ٿا. پروفيسر سوگيتا جاپان جي هڪ ٽيليويزن تي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪانءُ اسانجي سوچ کان به وڌيڪ ذهين آهي.
    سائين منهنجا:تازي ڪيل هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته روزانو 4 ڪوپ ڪافي پيئندڙ عورتون، انهن عورتن کان گهٽ ذهني ڊپريشن جو شڪار آهن جيڪي تمام گهٽ ڪافي پيئنديون آهن. صحت عامه جي هارورڊ اسڪول جي محقق البرٽو اسچيريو هڪ انٽرويو ۾ خابرو اداري روئٽرز کي ٻڌايو ته ڪافي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيفين سڄي دنيا ۾ انسان جي اعصابي نظام جي بحالي لاءِ بهترين آهي. هن چيو ته ڪافي ۾ ڪيفين جي مقدار 80 سيڪڙو آهي.البرٽو اسچريو چيو ”ڪافي پيئڻ سان قوت ملي ٿي ۽ ڪافي پيئندڙ ماڻهو پاڻ کي چوڪس محسوس ڪري ٿو.. وڌيڪ مقدار ۾ ڪافي استعمال ڪرڻ جي اثر بابت هينئر تائين ريسرچ نه ڪري سگهيا آهيون”. فن لينڊ ۾ ننڍي سطح تي ڪيل تحقيق سان ظاهر ٿيو ته روزانو ڪافي پيئندڙ ماڻهن ۾ آپگهات جو رجحان پڻ گهٽ هوندو آهي. عورتن ۽ مردن ۾ ڏڪڻي يا پارڪنسنز جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطروبه تمام گهٽ آهي. تجربن مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪيفين ڪجهه زهريلي شئين کان محفوظ رکي ٿي. ڪيفين تي ردعمل ظاهر ڪندڙ ذهني حصا اهڙي هنڌ هوندا آهن جيڪي ذهني ڊپريشن ۽ ڏڪڻي ٻنهيءَ لاءِ اهم آهن.
    *
    سائين منهنجا:هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو دورو پوڻ جو خطروانهن ماڻهن کان گهٽ آهي جيڪي مڇي نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن. اِها ڳالهه سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ جي ماهرن سوزانه لارسن، نڪولا ۽ سنيءَ ، سائنسي اخبار ”اسٽروڪ“ ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌائي آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته مڇي ۾ موجود اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ سان بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول تي سُٺو اثر پوي ٿو جنهن سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو. اِهو نتيجو آمريڪا، يورپ، جاپان ۽ چين ۾ جاري 15 ريسرج ڪندڙ ادارن جو آهي. جن هرکوجنا دوران ماڻهن کان پڇيو ويو ته اُهي هفتي ۾ ڪيترا ڀيرا مڇي کائيندا آهن بعد ۾ 4 کان 30 سالن ۾ اِهو ڏٺو ويو ته هنن مان ڪيترن ماڻهن کي فالج جو حملو ٿيو.آمريڪا جي هاورڊ اسڪول ۾ وچڙندڙ بيمارين جي ماهر دار يوز مظفرئين چيو ”منهنجو خيال آهي ته مڇي ۾ ڪل اوميگا ٿري سان گڏ اضافي غذائي خاصيتون موجود آهن جنهن سان فالج جو خطرو گهٽجي ٿو.“مڇي ۾ موجود وٽامن ڊي، سلينيم سان گڏ مختلف پروٽينز سان فالج کان بچاءُ ٿيندو آهي. هن چيو ته انهيءَ ڳالهه جا ثبوت مليا آهن ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مڇي کائڻ صحت لاءِ فائديمند آهي.سندس چوڻ آهي ته فالج جو خطرو گهٽائڻ لاءِ صحتمند خوراڪ کائڻ، وڌيڪ ڪثرت ڪرڻ سان گڏ، روٽين چيڪ اپ ڪرائڻ جو شعور بيدار ڪرڻ انهن ماڻهن لاءِ به فائديمند آهي جيڪي مڇي هرگز نه کائيندا آهن يا وري تمام گهٽ کائيندا آهن.
    محترم سامعين:هڪ سروي مان معلوم ٿيو آهي ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو ٿيندو آهي. هيلٿ سپلمنٽ انسٽيٽيوٽ ”بائيو گلين“ پاران ڪيل سروي موجب اربع ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ سُٺو ٿيندو آهي.هن ريسرچ ۾ 5 هزار ماڻهن کي شامل ڪيو ويو. تجرباتي رپورٽ مان واضح ٿيو ته اربعا ڏينهن ماڻهن جو رويو ٻين ڏينهن کان سُٺو هو، ان ڏينهن تي ماڻهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ آرام ڪيو، پنهنجو من پسند کاڌو کائڻ کي ترجيح ڏني. ماهرن اربع ڏهاڙي کي ماڻهن جي رويي جي حساب سان بهترين ڏهاڙو قرار ڏنو آهي. سوري يونيورسٽي جي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر وڪي سينئر چيو ته هي اهڙو ڏينهن آهي جڏهن اسين پنهنجي زندگي تي مڪمل طور اختيار حاصل ڪري سگهون ٿا پر اِهو رويو غير مستقل طور هڪ ڏينهن لاءِ ٿيندو آهي.
    سائين منهنجا:زال مڙس جي رشتي کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان ويجهو رشتو سمجهيو ويندو آهي. چيو ويندو آهي ته زال مڙس هڪٻئي جي ڳالهه اجنبي شخص کان بهتر انداز ۾ سمجهي سگهن ٿا.پر تازي سائنسي ريسرچ سان معلوم ٿيو آهي ته ٻه اجنبي هڪٻئي جون ڳالهيون آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا پر زال مڙس هڪٻئي جون ڳالهيون صحيح طرح سمجهي نٿا سگهن. ڪيترا ئي جوڙا شڪايت ڪندا آهن ته اُهي هڪٻئي جون ڳالهيون نٿا سمجهي سگهن، ڪڏهن مڙس اِها شڪايت ڪندو آهي ته ڪڏهن زال ساڳيا لفظ ورجائيندي آهي. نفسياتي ماهرن چيو آهي ته زال مڙس جي وچ ۾ انهيءَ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ هڪٻئي جي متعلق گهٽ معلومات هجڻ آهي.زال مڙس دعويٰ ڪندا آهن ته اُهي پنهنجي همسفر کي سڀ کان وڌيڪ سڃاڻيندا آهن. جڏهن ته ماهرن موجب ڪيترا ئي ڀيرا ٻئي زال مڙس غلط دعويٰ ڪندا آهن ماهرن چيو آهي ته جهيڙي يا غلط فهمي جو اصل ڪارڻ اِهو آهي ته اسين اجنبي ماڻهن کي سڀ ڪجهه واضح طور ٻڌائيندا ۽ سمجهائيندا آهيون، پر پنهنجي همسفر لاءِ پاڻمرادو طئي ڪندا آهيون ته انهيءَ کي وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته هو مونکي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.جيڪو عمل غلط فهمين کي جنم ڏيندو آهي جنهن جو نتيجو جدائي ثابت ٿيندو آهي.
    *


    عالمي ڏينهن

    31 جنوري: ڪوڙھ جي مرِيضن جو عالمي ڏينهن

    هي ڏينهن ڪوڙھ جي مريضن سان پنهنجائپ ڏيکارڻ جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد،ماڻهن جو ڌيان هن موذي مرض ڏانهن ڇڪائڻ آهي ۽ ان سان گڏ وگڏ ماڻهن ۾ اهو احساس به جاڳائڻو آهي ته ڪوڙھ جي بيماري جي علاج واسطي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ڪنهن حد تائين ضرورت آهي.ان ضرورت کي اهميت ڏيندي، سن 1952ع ۾ ڪوڙھ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ڪئي ويئي.
    *


    4 فيبروري:ڪينسر کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان ۾سميت پوري دنيا ۾ ڪينسرکان بچاءَبابت آگاهي جوڏهاڙوملهايوپيووڃي،يونين فارانٽرنيشنل ڪينسرڪنٽرول طرفان هرسال4 فيبروري تي هـِي ڏهاڙوملهائڻ جومقصددنيامان ڪينسرجي خاتمي لاءِآگاهي مهم هلائڻ آهي. صحت جي عالمي اداري خدشوظاهرڪيو آهي ته جيڪڏهن بنا دير قدم نه کنياوياته2030ع تائين دنيا۾ڪينسرجي مريضن جوانگ اڍائي ڪروڙکان وڌي سگهي ٿو.هڪ رپورٽ موجب پاڪستان۾به هي مرض تيزيءَسان ڦهلجي رهيوآهي،هرسال ماڻهوڪينسر۾مبتلاٿي رهياآهن.رپورٽ۾ٻڌايوويوته علاج جون بهتر۽سستيون سهولتن نه هئڻ سبب هرسال هزارين ماڻهوفوت ٿي وڃن ٿا.رپورٽ موجب پاڪستان۾ وات جي ڪينسرسان گڏڇاتيءَجي ڪينسرجومرض به تيزيءَسان ڦهلجي رهيوآهي. سال2013ع۾ڪينسرجي مختلف مريضن۾مبتلا91هزارماڻهوفوت ٿي ويا.مردن۾ وات جوڪينسر۽عورتن۾ وري ڇاتيءَجوڪينسرتيزي سان ڦهلجي رهي آھي.
    *


    فيبروري جو ٻيون آچر:شادي جو عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سان گڏ سموري دنيا جا ملڪ فيبروري جي ٻئين آچر کي محبت کي جذبي کي اڀارڻ وارن جذبن سان“شاديءَ جو عالمي ڏينهن”ڪري ملهايو وڃي ٿو.ڪنوار يا زال جي ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد،هن ڳالھ کي مڃڻو آهي ته زال مڙس نه فقط پنهنجي ڪٽنب جا سربراھ اهن پر هو معاشري ۾ بنيادي ايڪائي/يونٽ جي حيثيت پڻ رکن ٿا.


    13 فيبروري:ريڊيو جو عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ ريڊيو جوعالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.سموري دنيا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد51هزار 800 کان مٿي آهي،عالمي سطح تي (60 سيڪڙو) 31 هزار 220 ريڊيو اسٽيشنون ڏهن ملڪن آمريڪا،فرانس،اٽلي،برازيل،ميڪسيڪو،روس،ترڪي،فلپائن،برطانيا ۽ پيرو ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.جنهن مان 13 هزار 769 ريڊيو اسٽيشنون صرف آمريڪا ۾ آهن.پاڪستان ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 203 آهي.سرڪاري ريڊيو اسٽيشنن جو تعداد 56 آهي،جنهن ۾ 22 ميڊيم ويوو ۽ 34 ايف ايم ريڊيو اسٽيشننون آهن.ان کان سواءِ 147 خانگي ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن.119 ڪمرشل جڏهن ته 28 مختلف يونيورسٽين ۾ نان ڪمرشل ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن.مجموعي طور تي 181 ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن.انٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن موج دنيا جي 90 سيڪڙو آباديءَ تائين ريڊيو سگنل جي رسائي آهي.انٽرنيٽ ۽ موبائل فون تي ريڊيو ٻڌڻ جي اضافي سهولت سبب ريڊيو کي ٻڌڻ جي هڪ نئين جلا بخشي.صرف آمريڪا ۾ 8 ڪروڙ ماڻهو ريڊيو ٻڌڻ لاءِ انٽرنيٽ جو استعمال ڪري رهيا آهن.اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري ريڊيو ۽ خانگي ريڊيو اسٽيشنون قائم ٿيڻ سان ريڊيو جي بقا کي هٿي ڏئي رهيون آهن.برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) جي 2008 ۾ ڪيل هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ ريڊيو ٻڌندڙن ۾ 3و سيڪڙو بالغ مرد ۽ 20 سيڪڙو بالغ عورتون موبائل فون تي ريڊيو ٻڌن ٿا ۽ 4 سيڪڙو بالغ مرد ۽ 3 سيڪڙو بالغ عورتون گاڏين ۾ سفر ڪندي ريڊيو ٻڌي لطف حاصل ڪري رهيا آهن.
    *


    14 فيبروري:ويلنٽائين ڊي

    ويلنٽائن ڏينهن (انگريزي ٻولي: Saint Valentine's Day جنهن کي ويلنٽائن ڊي (Valentine's Day) ۽ سينٽ ويلنٽائن جي دعوت پڻ چيو وڃي ٿو هڪ مخصوص عالمي ڏينهن آهي جيڪو ہر سال 14 فيبروري تي ڪجهه مغربي ۽ سيڪيولر ملڪن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري طور تي ملهايو ويندو آهي۔ هِن ڏينهن نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن.جڏهن ته پنهنجي وڻن،مٽيءَ ڌرتيءَ سان به محبت جي اظهار طور ملهائڻ به بهتر آهي ڇو ته محبت رڳو مخالف ٻن جسمن جو نالو ناهي.


    20 فيبروري:سماجي انصاف جو عالمي ڏينهن.

    هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي برادريءَ پاران غربت جي خاتمي ۽ روزگار جا گهڻي کان گهڻا ۽ هڪ جيترا موقعا پيدا ڪرڻ وارن قدمن کي اجاگر ڪرڻو آهي.نومبر 2007 تي گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبليءَ هڪ قرارداد منظورڪندي،20 فيبروري کي باقاعدي نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سن 2009 ۾ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهايو ويو.
    *


    21 فيبروري؛مادري زبانن جو عالمي ڏينهن

    انساني معاشري ۾ لڏپلاڻ،مختلف تهذيبن پاران هجرت ۽ آبادڪاري هڪ پاسي تهذيبن جي ميلاپ جو سبب بڻي ته ٻئي پاسي انهي لڏپلاڻ سبب ڪيتريون ئي تهذيبون آهستي آهستي ختم ٿي ويون جنهن جو اثر اتي ڳالهايون ويندڙ ٻولين تي پڻ پيو.اهو ڪارڻ آهي جودنيا ۾ ڳالهايون ويندڙ 6912 ٻولين مان 516 ٻوليون ختم ٿي ويون.زماني جي جدت ۽ سرڪاري زبانن جي وڌندڙ استعمال سان مادري زبانن جي اهميت گهٽ ٿي رهي آهي.عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ چيني زبان آهي ۽ سرڪاري سطح تي سڀ کان استعمال ٿيندڙ زبان انگريزي آهي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطورڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو هئا، ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسايون ۽ اهي ٻولي تان قربان ٿي ويا.
    *


    22 فيبروري: اسڪائوٽنگ جو عالمي ڏينهن

    اسڪائوٽ يا اسڪائوٽ تحريڪ جو عالمي ڏينهن هن ڏينهن تي ملهايو ويندو آهي،اسڪائوٽ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات هن طرح سان ٿي.لارڊ پائول آف گلول نالي هڪ همراھ سن 1907ع ۾ انگلستان جي “برائون سي ٻيٽ” ۾ ويهن ڇوڪرن تي ٻڌل جٿي تي پهرين اسڪائوٽ ڪئمپ قائم ڪئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مطلب نوجوانن خاص ڪري شاگردن ۾ اسڪائوٽنگ جي حوالي سان سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ آهي.


    22 فيبروري:سوچڻ جو عالمي ڏينهن

    سوچڻ جو عالمي ڏينهن(World Thinking Day) ملهائڻ جي شروعات پهريون ڀيرو سن 1924ع تي چوٿين گرل گائيڊ بين الاقوامي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي،جيڪا آمريڪا ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي.انهيءَ ڪانفرنس ۾ موجود ماڻهن فيصلو ڪيو ته هڪ اهڙو خاص ڏينهن هجڻ گهرجي جنهن ڏينهن تي گرل گائيڊ ۽ گرل اسڪائوٽ پوري دنيا ۾ هڪ ٻئي جي مهرباني مڃين ۽ هڪٻئي جي ساراھ ڪن نيٺ هڪ فيصلي هيٺ 22 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي.ان تاريخ جي چونڊ ڪرڻ جو سبب هي هيو ته اها تاريخ بواءِ اسڪائوٽ تحريڪ جي باني لارڊ بيڊن پائول ، سندس گهرواري اوليو ورلڊ چيف گائيڊ جي جنم ڏينهن جي تاريخ آهي.تنهنڪري پوري دنيا ۾ سوچڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هڪ عنوان تجويز ڪيو ويندو آهي.
    *


    8 مارچ :عورتن جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا اسان وٽ عورتن سان ٻٽي معيار وارو رويو عام آهي،اسين ڏسون ٿا ته ڪن قبيلن ۾ بنيادي جيئڻ جي حقن کان به اسان جي عورت کي محروم رکيو وڃي ٿو،ايتري قدر جو اهڙن قبيلن جي عورتن کي گوشت ۽ مڇيءَ جهڙي خوراڪ کائڻ کان به منع هوندي آهي.دنيااندرعورتن سان اهڙي قسم جهڙي مت ڀيد کي ڏسندي ۽ سماجي،اقتصادي ۽ سياسي شعبن ۾ عورتن جي حقن تي توجھ ڏيڻ لاءِ هر سال هن تاريخ تي سموري دنيا ۾ عورتن جي حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان سن 1975ع تي ميڪسيڪو شهر ۾ ٿيل عورتن جي عالمي سال کي عالمي ڪانفرنس جي سفارش سبب ڪيو ويو. ويهين صدي جي شروعات ۾ نارٿ آمريڪا ۽ يورپ ۾ مزدور تحريڪ جي سرگرمين کان پوءِ ”عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو بنياد پيو.آمريڪا ۾ عورتن جو پهريون قومي ڏينهن 28 فيبروري 1909ع تي ملهايو ويو.اهو ڏينهن نيو يارڪ جي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي اعزاز ۾ هو. جن 1908ع ۾ پورهيي واري هنڌ جي انتهائي خراب ۽ ناموافق حالتن تي احتجاج ڪيو هو.دي سوشلسٽ انٽر نيشنل 11- 1910 ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ملڪن جي هڪ سئو کان وڌيڪ عورتن يڪراءِ ٿي ”عورتن جي عالمي تحريڪ“ جي حمايت ڪئي. نتيجي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 مارچ تي آسٽريا، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سوئزرلينڊ ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.


    مارچ مهيني جي ٻين خميس:گردن جو عالمي ڏينهن

    هي ڏينهن هر سال مارچ جي ٻي خميس تي ملهايو ويندو آهي ان سال ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ گردي جي مستقل خرابي کان بچڻ جي سجاڳي پيدا ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ 10 مان هڪ ماڻهو گردي جي خرابي ۾ مبتلا ٿيو وڃي هر سال فقط پاڪستان ۾ گردي جي مستقل خرابي جا 25000 ماڻهو مريو وڃن. پهريون دفعو هي سال 2006ع ۾ ملهايو ويو، دنيا جون ٻه وڏيون تنظيمون انٽرنيشنل سوسائٽي آف نيفرالوجسٽ (آءِ ايس اين) ۽ دنيا جو گردي جو ادارو World kidney foundation اهو ڏينهن ملهائيندا آهن. ان سان جي جسم ۾ ٻه گردا ٿيندا آهن، جيڪي ٻنهي ڪُکين ۾ هوندا آهن، بڪيون روزانو 200 ليٽر رت صاف ڪنديون آهن، اهي بلڊ پريشر ضابطو رکن ٿيون، رت جا ڳاڙها جزا ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ هڏين کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون بڪيون رت مان خراب مادا پيشاب رستي ٻاهر نيڪال ڪنديون آهن، جيڪڏهن اهي خراب ٿي پون ته زهريلا مادا رت ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ ماڻهو کي اُلٽيون، بک جو ختم ٿي وڃڻ ۽ پيشاب جو مقدار گهٽجي وڃڻ جون علامتون ظاهر ٿينديون آهن.جيئن ته بُڪيون اسان جي جسم جو اهم عضوو آهن،ان ڪري انهن جي سار تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.
    *


    21 مارچ : نسلي فرق جي خاتمي جو عالمي ڏينهن

    سائين: هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن جي آواز اٿارڻ جو پئدائشي حق آهي،جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا ڪا قوم پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم يا ڪنهن ظالم قوم هٿان وسيلن جي ڦرلٽ ڏسندي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪري ٿي،اهو ان جو اخلاقي،قانوني ۽ سماجي حق آهي،ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن به فرد يا قوم ۽ نسل کي پنهنجي بنيادي حقن جي حاصل ڪرن واري آواز کي دٻائي سگهي.ان سلسلي ۾ سمورا حق اخلاقي ۽ قانوني طور مڃيل آهن،تنهن هوندي به ڪن ملڪن ۾ اهڙن احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪيو ويندو آهي.سن 1960ع ۾ ڏکڻ آفريقا جي علائقي “شارپ ويل” ۾ پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ “برائن آفريقي” ماڻهن جو پوليس قتلِ عام ڪيوهو،ان ظلم جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ جنرل اسيمبلي سن 1966ع جي هڪ قرارداد هيٺ 21 مارچ کي نسلي فرق جي روٿام لاءِ ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو.
    *


    21 مارچ : شاعريءَ جو عالمي ڏينهن

    هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد شاعرن جي ڪاوشن کي ساراهڻ ۽ معياري ادب جي تخليق لاءِانهن جي حوصله افزائي ڪرڻ آهي،گڏيل قومن جي اداري جي تعليم،سائنس ۽ ثقافتي شعبي(يونيسڪو) سن 1999ع ۾، 21 مارچ کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو.شاعري هڪ ڪائناتي حيثيت رکي ٿي ۽ ڪو به فن شاعريءَ کان سواءِ مڪمل ناهي.اسان جو هي طبقو تمام حساس به ٿئي ٿو ۽ تيز نظر به.جتي عام ماڻهوءَ جي نظر پهچي نٿي سگهي،شاعر اتان ئي لفظن جا انمول موتي ميڙي اچي سڀني ۾ ورهائيندو آهي.
    *


    22 مارچ : پاڻيء جو عالمي ڏينهن

    اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي۔ پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي هر ساهواري جي زندگي لاءِ اهم جزو آهي. جنهن کان سواءِهرساهواري جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻي مان غذائيت معلوم نه ٿئي ٿي. پوءِ به پاڻي ۾ قدرت هر توانائي رکي آهي،پاڻي اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 60کان 70 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي جي مقدار ڪري انسان جي جسم ۾ چرٻي گهٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي.کير پياڪ ٻارن ۾ 75 سيڪڙو پاڻي ٿيندو آهي. مَردن ۾ پاڻي جو مقدار 61 سيڪڙو جڏهن ته عورتن ۾ 51 سيڪڙو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جي جسم ۾ چرٻي جو مقدار وڌيڪ آهي. پاڻي اسان جي ٿڪ، جگر، ٽائي رائيڊ، گلينڊس، ساهه ۽ خوراڪ جي نالين، اکين جي وچ ۽ بڪين ۾ موجود هوندو آهي۔
    *


    23 مارچ:ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت جو عالمي ڏينهن

    ڪنن جي مرض ۽ ٻڌڻ جي حفاظت بابت ڄاڻ لاءِ سال2013ع تي پهريون ڀيرو صحت جي عالمي اداري (WHO) ملهائڻ جو اعلان ڪيو.ڊبليو ايڇ او موجب 642 ملين ماڻهو ٻڌڻ جي گهٽتائي جو شڪار آهن،جن ۾ 275 ملين ماڻهو ٻڌڻ جي صلاحيت کان بلڪل محروم آهن.ميڊيڪل سائنس جديد علاج وسيلي ٻڌڻ جي صلاحيت جي محرومي کي قابلِ علاج قرار ڏنو آهي.


    مارچ : موسميات جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا:هن ڪائنات ۾ هر ساهواري يا بي جان شين تي موسمن جو اثر پئي ٿو،موسمون زندگي بخشينديون به آهن ته زندگي وٺنديون به آهن.جهڙي طرح سانوڻي جي رُت ۾ زمين ساوڪ سان سينگارجي ويندي آهي ته دل باغ و بهار ٿي پوندي آهي.تهڙي طرح سخت گرمي يا سرديءَ ۾ طبيعت ۾ مزو ناهي رهندو.ان ڪري هن ڪائنات ۾ موسم جي اهم حيثيت آهي.ان اهميت کي سمجنهدي ،سن 1950ع ۾ تاريخ 23 مارچ تي موسميات جو عالمي ڪنوينشن ٿيو ،تنهن بعد موسميات جو عالمي ادارو قائم ڪيو ويو.ان ڪري 23 مارچ کي موسميات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.جيڪڏهن اسان هن ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ وڻ پوکڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان جي اها ننڍڙي ڪوشش،ماحول کي نه صرف خوبصورت بڻائيندي،پر اسان جي آبهوا به صاف ٿيندي،جنهن ڪري اسان وٽ بيمارين جو انگ به گهٽجي ويندو ۽ صحت اسان جي بهتر رهندي.سٺا شهري هميشه پنهنجي علائقن جي سٺي نموني سار سنڀال لهندا آهن.
    *


    24 مارچ: ٽي بي جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ٽي بي /سلھ جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ يا ٻن هفتن کان وڌيڪ کنگهه رهي، بلغم ۾ رت اچي، مسلسل بخار رهي، رات جو پگهر اچي، بک نه لڳي ۽ وزن گهٽ ٿيندو وڃي ته جلدي ٽي بي جي چڪاس ڪرائي وڃي، رڳو ڇهن مهينن جي مڪمل علاج سان هي مرض ختم ٿي سگهي ٿو.ٽي بي ڪا وڏي بيماري نه آهي پر علاج نه ڪرايو ويو ته اها خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽي بي جو علاج اڌ ۾ ڇڏڻ انتهائي خطرناڪ آهي، اڌ ۾ علاج ڇڏيندڙ مريضن کي پوءِ ساڳيون دوائون اثر نه ٿيون ڪن. پاڪستان ٽي بي جي بيماري ۾ پنجين نمبر تي آهي، جنهن سان هر سال 5 لک ماڻهو متاثر ٿين ٿا. ڊبليو ايڇ او مطابق دنيا ۾ هر سال اٽڪل 90 لک ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿا. انهن مان 3 سيڪڙو ماڻهو علاج نه ٿا ڪرائين.


    26 مارچ:مرگهيءَ جي بيماريءَ جي آگاهي جو عالمي ڏينهن

    سڄيءَ دنيا ۾ 26 مارچ کي هر سال جيان (Purple Day) يعني واڱڻائي ڏينهن، بطور مرگهيءَ جي آگاهيءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. 2008ع کان وٺي هي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سڄيءَ دنيا ۾ اڄ انهيءَ ڏينهن جي حوالي سان عوام کي آگاهي ڏني ويندي آهي، پر انهيءَ جي ابتڙ اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا، اتي جي صورتحال تمام خطرناڪ آهي، علم، واقفيت ۽ سائنسي ڄاڻ نه هئڻ سبب اڄ تائين مرگهيءَ جي مريضن کي وڏي اذيت مان گذاريو پيو وڃي، مرگهي، دماغ جي هڪ اهڙي حالت جو نالو آهي، جنهن ۾ دماغي گهرڙا (Cell) پنهنجي ڪم ۾ تيزي اچڻ سبب تيز هلڻ شروع ڪندا آهن يا کڻي ائين چئجي ته، دماغ جي گهرڙن (Neuron) جي ڪاروهنوار ۽ هلت ۾ اوچتي ڪنهن سبب جي ڪري تيزي اچڻ جي ڪري دماغي سرگرمي وڌي ويندي آهي، پوءِ اها تيزي، جنهن دماغ جي حصي سان وابسته هوندي آهي، انهيءَ حصي سان جُڙيل جسماني عضون ۾ حرڪت پيدا ٿيندي آهي، جيڪا تمام تيزيءَ سببان جَهٽڪن جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بيهوشي، جَهٽڪن سان گڏ ٿيندي آهي، ڪجهه مريضن ۾ بنا بيهوش ٿيڻ جي به جَهٽڪا ٿيندا آهن. مرگهيءَ جي ڪجهه قسمن ۾ سڄو جسم جَهٽڪن جو شڪار ٿيندو آهي، ڪجهه مريضن ۾ جسم جا خاص حصا جهڙوڪ هَٿَ، پيرَ، چَپَ ۽ اَکيون جَهٽڪن جو شڪار ٿيندا آهن، اڄ تائين مرگهيءَ جي اهم سببن جي ڳولا لاءِ کوجنا هلي رهي آهي.
    *


    27 مارچ : ٿيٽر جو عالمي ڏينهن

    27 مارچ تي ٿيٽر جو عالمي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.اسان سڀني کي خبر آهي ته ٿيٽر/ناٽڪ منڊلي/ناٽڪ گهر کي فنونِ لطيفه جي سڀ کان مشڪل صنف مڃيو وڃي ٿو.ڏسندڙن جي سامهون سڌيءَ طرح پرفارمنس جي مزي کان اهي ئي فنڪار واقف آهن جيڪي پنهنجي بهترين پرفارمنس سبب ماڻهن کي تاڙين وڄائڻ تي مجبور ڪندا آهن.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ان فن جي پذيرائي ٿئي ۽ ان کي هٿي وٺرائي وڃي.ڏسجي ٿو ته اسان وٽ هي شعبو ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي رهيو آهي،ڪو زمانو هيو جو سنڌ ۾ ناٽڪ منڊيلن پاران ناٽڪ ڪري سماجي سجاڳي پيدا ڪئي ويندي هئي،پر اڄ ڪٿي ڪو ورلي ناٽڪ ٿي رهيو آهي.ان ڪري هن شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.
    *


    7 اپريل : صحت جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا:عام چوڻي آهي ته صحت آهي ته باقي جهان آهي.تندرستي هزار نعمت آهي.اسان جي وڏڙن جي اها چوڻي هر دور ۾ سچ ثابت ٿي آهي.ان جو قدر ۽ اهميت صحت مند ماڻهن کي گهٽ ٿئي ٿو،صحت ناهي ته سڀ ڪجھ بيڪار لڳندو آهي.انسان جيستائين صحتمند ۽ تندرست رهي ٿو تيستائين هو پنهنجي زندگي جي گهڙين کي خوشگوار گهاري ٿو.صحت جي انهيءَ اهميت کي محسوس ڪندي،سن 1948ع ۾ تاريخ 7 اپريل تي صحت جي عالمي اداري جو وجود پيو.هر سال صحت جي ڪنهن خاص موضوع کي کڻي هن ڏينهن کي ملهايو ويندو آهي.
    *


    24 اپريل : تجربي گاهن جي جانورن جو عالمي ڏينهن

    سائنسي تجربن جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جانورن جو عالمي 24 اپريل تي ملهايو وڃي ٿو.جنهن جو مقصد سائنس جي نالي تي لکين جانورن کي ايندڙ تڪليفن کان اجاگر ڪرڻ آهي.تحقيقي عمل سبب متاثر ٿيندڙ جانورن جي باري ۾ حقيقتن کي لڪايو پيو وڃي.اڪثر ماڻهو هن عمل ۾ استعمال ٿيندڙ جانورن جي مختلف قسمن ۽ انهن جي ڳاڻيٽي کان نا واقف آهن.ڇو ته انهيءَ طريقيڪار جي چڱي طرح ماڻهن کي ڄاڻ ڪونهي. مختلف جانورن تي تجربا ڪري انهن مان حاصل ٿيندڙ معلومات جي روشنيءَ ۾ جانورن ۽ انسانن جي علاج واسطي دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون.
    *


    29 اپريل: رقص/ناچ جو عالمي ڏينهن

    ورلڊ ڊانس ڊي جي شروعات 29 اپريل سن 1982ع تي انٽر نيشنل ڊانس ڪميٽي ڪئي.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد عام ماڻهن کي رقص/ناچ کان واقف ڪرائڻ آهي ۽ انساني زندگيءَ ۾ ناچ/رقص جي اهم ڪردار کان آگاھ ڪرڻ به آهي.هن ڳالھ کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پنهنجي خوشين کي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جي لاءِ رقص ڪيوويندو آهي،پاڪستان جي چئني صوبن جا پنهنجا لوڪ ناچ آهن.پنجاب ۾ ڀنگڙا ناچ کي لوڪ رقص جي حيثيت آهي،ان کان سواءِ لُڊي،سمي به لوڪ رقص آهن.بلوچستان ۾ ليوا،چاپ ۽ جهمر کي لوڪ رقص ڪري مڃيو ويو آهي،خيبر پختون خواھ ۾ خٽڪ،اَٽن ۽ چترالي ناچ ۽ سنڌ ۾ ڌمال،هو جمالو ۽ جهمر کي لوڪ رقص جي حيثيت حاصل آهي.
    *


    پهرين مئي: مزدورن جو عالمي ڏينهن

    پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو جي پر امن مزدورن پنهنجي رت سان تاريخي جدوجهد جو هڪ سونهري باب لکيو، جنهن کي سڄي دنيا جا مزدور هڪ نئين عزم سان ياد ڪندا آهن.مزدورن جو مطالبو هيو ته هنن جي اجرت کي وڌايو وڃي ۽ ڪم جي وقت کي گهٽايو وڃي،جنهن مطالبن جي مڃتا لاءَ هنن جمهوري حق ادا ڪندي روڊن تي نڪري پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ نتيجي ۾ سرمائيڪار مڇرجي مٿن حملو ڪرائي رت ۾ وهنجاريو.
    هن ڏينهن کي دنيا جي ظلم ۽ نا انصافي ۽ سرمائيدارن جا ستايل مزدور پنهنجن حقن ۽ پنهنجي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون عهد ڪندا آهن. وقت سان گڏو گڏ هيءَ تحريڪ سرمائيدارن خلاف نه بيهڻ وارو وهڪرو ٿي وئي، هن تحريڪ دنيا جي نقشي تي وڏين وڏين سماجي ۽ سياسي تبديليون برپا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي.هن تحريڪ کان پوءِ سموري دنيا ۾ مزدور تحريڪن گهڻو زور ورتو.
    *


    12مئي:نرسنگ جو عالمي ڏينهن

    هي ڏينهن نرسنگ جي باني فلورنس نائٽنگل جي ڪيل بيمثال خدمتن جي حوالي سان ملهايو ويندو آهي.سموري دنيا ۾ 6 مئي کان 12 مئي تائين نرسن جو هفتو ملهايو ويندو آهي.نرسن جي بين الاقوامي ڪائونسل سن 1965ع کان هر سال هي ڏينهن ملهائي رهي آهي.جڏهن ته سن 1974ع ۾ باضابطه طور اعلان ڪيو ويو ته نرسن جو عالمي ڏينهن 12 مئي تي ملهايو ويندو.طب جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ نرسنگ جو شعبوڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي.پاڪستان نرسنگ ڪائونسل موجب نرسنگ جي بنيادي تربيت لاءِ چئني صوبن ۾ 162 ادارا موجود آهن.جن ۾ 72 پنجاب ۾،59 سنڌ ۾،12 بلوچستان ۾ ۽ 19 صوبي خيبر پختون خواھ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.ٻي پاسي صورت حال آهي جو اسپتالن ۾ نرسن جو تعداد ضرورت کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي.
    *


    مئي جو ٻيون آچر: مائرن جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.جنهن جو مقصد محبت جي خالص رنگ ۽ مقدس رشتي ماءُ جي عظمت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماءُ جي لاءِ عقيدت،شڪرگذاري ۽ محبت جي جذبن کي وڌائڻ آهي. مائرن جي ڏينهن ملهائڻ جي شروعات آمريڪي عورت اينا هاروس جي ڪوششن جو لاڀ آهي.اينا هاروس جو خيال هيو ته هن ڏينهن کي هڪ مقدس ڏينهن طور ملهايو وڃي.جنهن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 8 مئي 1914ع ۾ آمريڪي صدر ووڊ رولسن مئي جي ٻئين آچر کي سرڪاري طور مائرن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو.اڄ مئي جو ٻيو آچر آهي،اسان جي ملڪ سميت ٻين ملڪن ۾ هي ڏينهن مائرن جي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي.هن ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي مائرن کي خوش ڪرڻ لاءِ خاص بندوبست ڪيا وڃن ٿا.اسان وٽ به هن ڏينهن جي اهميت هاڻي عام ٿي رهي آهي.پر تنهن هوندي به اسان وٽ ٻن خيالن جا ماڻهو موجود آهن.هڪڙن جو خيال آهي ته هي ڏينهن مائرن جي عظمت کي ياد ڪرڻ جو اهم ڏينهن آهي جڏهن ته ٻئي طبقي جي ماڻهن جو خيال آهي ته مائرن لاءِ محبت ڪرڻ جو صرف هڪ ڏينهن مقرر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڇو ته ماءُ جهڙي عظيم هستي هر گهڙي ۽ پهر محبت جي عزت جي لائق آهي. هن ڏينهن جي موقعي تي اسان کي هيءَ ڳالھ ياد رکڻ گهرجي ته والدين هڪ ٿڌي ڇانوَ وانگر آهن،جنهن جي ٿڌاڻ جو احساس ان وقت تائين نٿو رهي،جيستائين انهن جي ڇانوَ اسان جي مٿان موجود آهي.
    *


    17 مئي: مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جو عالمي ڏينهن

    سن1865ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پهريون عالمي ٽيلي گراف ڪنوينشن پيرس ۾ ٿيو،جنهن ۾ ويھن ملڪن شرڪت ڪئي ۽ ٽيلي مواصلات جي بنيادي اصولن کي طئي ڪيو ويو. ان ڪنوينشن بعد 17 مئي واري ڏينهن کي ٽيلي مواصلات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ٽيلي مواصلات جو انساني معاشري ۾ اهم شعبي جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڪردار رهيو آهي،ائين کڻي چئجي ته ڪو زمانو هيو جو تڪڙي پيغام رسائڻ جو اسان وٽ واحد ٽيلي گراف ئي رستو رهيو آهي.
    *


    5 جون : ماحوليات جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا: ماحول جو علم رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دور ۾ گاڏين،ڪارخانن ۽ چمنين مان نڪرندڙ دونهين،مختلف شعبن ۾ استعمال ۾ ايندڙ گئسن ۽ وڻن جي تيزي سان واڍي ڪري اسان جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي،جنهن ڪري مختلف بيماريون جنم وٺي رهيون آهن.جنهن لاءِ هي ڏينهن انساني ماحول جي تحفط،فضائي آلودگي ۽ زمين کي پيش ايندڙ خطرن جي مسئلن جي حل کي ڳولڻ لاءِ سن 1972ع ۾ سويڊن جي شهراسٽاڪ هوم ۾ اقوام متحده پاران انساني ماحول جي عنوان هيٺ ٿيل پهرين ڪانفرنس جي سالگرھ جي موقعي،هن تاريخ تي ماحوليات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيوويو.
    *


    6 جون: روسي زبان جو عالمي ڏينهن

    روسي زبان جو عالمي ڏينهن گڏيل قومن جي اداري پاران ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو فيصلو عظيم روسي شاعر اليگزينڊر پشڪن جي جنم واري تاريخ کي مقرر ڪري روسي زبان جو ڏينهن ڪري ڪيو ويو.سائنس ۽ ثقافت جي واڌ ويجھ لاءِ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي شعبي يونيسڪو موجب هن وقت سموري دنيا ۾اٽڪل 26 ڪروڙن مان مٿي ماڻهو روسي ٻولي ڳالهائين ٿا.روسي ٻوليءَ ۾ زبردست قسم جا ناول ۽ ٻيو مواد ملي ٿو جنهن عالمي ادب تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏيا،روسي زبان جي عظيم شاعر اليگزينڊر پشڪن،اليگزينڊر ٽالسٽاءِ،اينتانوف ۽ ناول نگارن ليوٽالسٽاءِ،فيودر دوستويوسڪي،چيخوف ۽ ميڪسم گورڪيءَ عالمي ادب جي آڪاش تي چمڪندڙ ستارا ٿي روشن رهيا.
    *


    17 جون : پوک جي قابل ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ پوکائي جي لائق ايراضيءَ کي بنجر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِهر سال هي ڏينهن ملهايو ويندو آهي،اقوام متحده ڊسمبر 1994ع ۾ 17 جون تي هي ڏينهن ملهائن جو فيصلو ڪيو هو.
    *


    جون: جي ٽيئن هفتي جيو آچر:پيئرن (والد فادرس) جو عالمي ڏينهن

    پيءُ گهر جو اهو فرد آهي جنهن جي مٿان گهر جون سموريون ذميواريون اچن ٿيون.پيءُ اها هستي آهي جيڪو گهر اندار شفقت،محبت،انصاف ۽ ٻين اهڙين سوين ڪيفيتن مالڪ آهي.جنهن جي هر گهر جي ڀاتيءَ تي نظر رکڻي پوي ٿي.پيءُ جي عظمت جو انڪار ڪري ئي نٿو سگهجي.اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۾ پيءُ جي عطمت جو ڏينهن جون جي ٽئين هفتي جي آچر تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد اولاد لاءِ پيءُ جي قربانين،قربتن جي باري ۾ شعور ۽ ڄاڻ پيدا ڪرڻ آهي ۽ پيءُ جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ آهي.
    *


    23 جون: سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت دنيا جي سڀني ملڪن ۾ (پبلڪ سروس) سرڪاري ملازمن جي عوامي خدمتن جو ڏينهن اڄوڪي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.اقوام متحده جي جنر اسيمبليءَ 20 ڊسمبر 2002ع تي قرارداد نمبر 57/277 منظور ڪئي،جنهن قرارداد هيٺ تاريخ 23 جون کي هر سال پبلڪ سروس جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سٺي حڪمرانيءَ جي طور طريقي ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ سرڪاري ملازمن جي ڪردار جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.
    *


    جولاءِ جو پهريون ڇنڇر : گڏيل تعاون(امداد باهمي) جو عالمي ڏينهن

    هي ڏينهن هرسال جولاءِ جي پهرين ڇنڇر تي ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عوام ۾ گڏيل تعاون/امداد باهميءَ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ آهي ته پوري دنيا ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ۽ اقتصادي بحران تي ضابطو رکڻ لاءِ گڏيل طور تي هڪ ٻئي سان تعاون ۽ امداد کي ترقي ڏيارڻ آهي.
    *


    2 جولاءِ: خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ خلائي مخلوق جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.2 جولاءِ سن 1947ع جي رات جو آمريڪا جي علائقي “روزويل” ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ڪنهن شيءِ کي آسمان ۾ اڏندي ڏٺو.آمريڪي حڪومت تائين اها ڳالھ پهتي،جنهن ماڻهن کي ٻڌايو ته هي هڪ ڌات جا ٽڪر آهن جيڪي اصل ۾ هڪ موسمياتي ڦوڪڻي جا آهن.30 ورهين کان پوءِ انهيءَ حادثي جي تحقيق ۾ شامل ٽيم جي ميمر جيسي مارسل ٻڌايو ته اهي ڌات جا ٽڪرا ڪنهن ٻي دنيا جا آهن.ان ڪري هن تاريخ کي خلائي مخلوق جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي.
    *


    25 جولاءِ:والدين جو عالمي ڏينهن

    ٻار جي معاشري ۾ بهترين فرد بڻجڻ لاءِ سندس صحيح پرورش ڪرڻ والدين جو فرض آهي. ٻارن جي سٺي تربيت لاءِ حڪومت ۽ والدين ذميوار آهن.انهن جي تعليم ۽ تربيت سٺي ڪري ٻار کي سٺو شهري بنائڻ بهترين والدين جي فرض ۾ شمار ٿئي ٿو.ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد ﷺ فرمايو ته “پنهنجي ٻارن تي اڪرام ڪريو ۽ انهن کي سٺي تربيت ڏيو.”اڪرام جو مفهوم هي آهي ته ٻارن کي پيار ڏيو،انهن کي تعليم ڏيو ۽ انهن کي ادب سيکاريو. والدين جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته ٻارن جي بهترين پرورش ڪرڻ وارن والدين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.هن ڏينهن جي ملهائڻ جي شروعات سن 1992ع ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هڪ بل جي منظوريءَ بعد ٿي.
    *


    30 جولاءِ:دوستيءَ جو عالمي ڏينهن

    ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته“اهو دولتمند غريب آهي،جنهن جو ڪو به دوست نه آهي ۽ اهو غريب دولتمند آهي جنهن کي مخلص دوست آهن.”دوستي رڳو فردن وچ ۾ ناهي ٿيندي پر دوستي ٻن ملڪن وچ ۾ به ٿيندي آهي.دوستيءَ جو عالمي ڏينهن ملهائن جو مقصد دوستي جي رشتن وسيلي امن جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي. سن 2011ع ۾ گڏيل قومن جي اداري هي ڏينهن هن عزم ۽ ارادي سان ملهايوته ماڻهن،ملڪن ۽ مختلف ثقافتن وچ ۾ دوستي سان امن جي ڪوششن کي وڌائي سگهجي ٿو ۽ مختلف قومن جي وچ ۾ معاملن کي به سميٽي سگهجي ٿو.
    *


    9 آگسٽ:قديم مقامي رهواسين جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ قديم رهواسين جو عالمي ڏينهن 9 آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي. ڊسمبر 1994ع ۾،اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبليءَ سن 1995ع کان 2004ع تائين بين الاقوامي سطح تي قديم مقامي رهاڪن جي ڏهاڪي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد رياستن جي وچ ۾ معاهدن ۽ واسطن ذريعي قديم مقامي رهاڪن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.
    *


    9 آگسٽ:محتاجن جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا:محتاجي ڪنهن به قسم جي هجي اها ڏاڍي ڏکائتي ۽ احساس ڏياريندڙ آهي،هڪڙا بلند ذهن جا ماڻهو پنهنجي محتاجي کي محنت ۽ جستجو ڪري دنيا کي ڏيکاريندا آهن ته محتاجي مجبوري ناهي.پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ محتاجن جو عالمي ڏينهن 9 آگسٽ تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏيهاڙي ملهائڻ جو مقصد دنيا جي محتاجن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي سار سنڀال جي لاءِ مثبت قدم کڻڻا آهن،محتاجن جي عالمي ڏينهن جي شروعات سن 1994ع ۾ گڏيل قومن جي اداري UNO جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ قرارداد جي منظوريءَ کانپوءِ ٿي.
    *


    19 آگسٽ:انسانيت جو عالمي ڏينهن

    تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 آگسٽ کي انسانيت جو عالمي ڏينهن ملهايو،جنهن جي منظوري اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي 2008ع واري اجلاس ۾ منظوريءَ بعد ملهايو ويو.هن ڏينهن جي ملهائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن خاص انتظام ڪيا.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد هي آهي ته سموري عالمِ انسانيت کي انسانيت جي جذبي کان اجاگر ڪري انسان ذات جي خدمت کي سر فهرست رکجي.دنيا جي سڀني مذهبي ڪتابن ۾ جنهن ڳالھ تي گهڻو زور ڏنل آهي اها ڳالھ انسانيت جي آهي.
    *


    29 آگسٽ:جوهري تجربن جي خلاف عالمي ڏينهن

    جوهري تجربن جي خلاف بين الاقوامي ڏينهن 29 آگسٽ تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن ملهائڻ جو هي مقصد آهي ته دنيا جي ماڻهن جو ڌيان ان طرف ڇڪائڻ آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندڙ جوهري تجربن سبب ماحول ۽ ساهوارن کي ڪيترو نقصان پهچي چڪو آهي.هن ڏينهن ملهائڻ جي تجويز قازقستان پيش ڪئي هئي،ڇو ته سڀ کان پهريون جوهري تجربو روس قازقستان سر زمين تي ڪيو هو.
    *


    30 آگسٽ:گم ٿي ويل ماڻهن جو عالمي ڏينهن

    محترم سامعين:هر احساس مند انسان کي اهو احساس ضرور تڙپائيندو ته جن جا مٽ مائٽ گم ٿي وڃن ٿا،تن مٿان ڇا ڇا نه گذرندو هوندو،هنن جو هڪ هڪ پل ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندو.ٻي طرف جيڪي ماڻهو گم ٿي وڃن ٿا يا گم ڪيا وڃن ٿا،اهي به تمام وڏي اذيت ڀوڳيندا هوندا. ان ڪري 30 آگسٽ تي پاڪستان سميت سموري دنيا گم ٿي ويل ماڻهن ۽ حراست ۾ ورتل ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي.هي ڏينهن پهريون ڀيرو لاطيني آمريڪا جي ملڪ اسٽاريڪا ۾ خفيه حراست جي خلاف ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم پاران سن 1981ع ۾ ملهايو ويو.جنهن کان پوءِ هي ڏينهن هر سال 30 آگسٽ جي تاريخ تي ملهايو ويندو آهي.
    *


    8 سيپٽمبر:تعليمي شرح جو عالمي ڏينهن

    محترم سامعين: ٻار مستقبل جا معمار آهن اڳتي هلي ملڪ ۽ قوم جون واڳون ٻارن جي هٿن ۾ اينديون جنهن ڪري ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏبي ته اهي بهتر ماحول ۽ بهتر نظام قائم ڪندا. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد خاص ڪري ٻارن ۾ تعليم کي وڌائڻ انهن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ آهي.اقوام متحده جي اداري يونيسڪو پاران 17 نومبر 1965ع تي تعليم جي شرح جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سن 1966ع ۾ پهريون ڀيرو هن ڏينهن کي ملهائي عالمي ڏينهن جي شروعات ڪئي ويئي.
    *


    سيپٽمبرجو ٽيون اڱارو امن جو عالمي ڏينهن

    محترم سامعين:امن هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان پوري ڪائنات ۾ انسان ذات جي ترقي ممڪن آهي،پوري عال۾ ۾ امن هوندو ته انسان روز نئين کان نوان تجربا ڪري پنهنجي لاءِ نوان گس ڳوليندو رهندو،پر جڏهن امن جي جاءِ تي گوڙ،گهمسان ۽ افراتفري جو جهان هوندو ته اتي ترقي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي.تنهنڪري امن جي اهميت کي سمجهندي ۽ امن جي ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نومبر 1981ع ۾ جنرل اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد وسيلي هر سال سيپٽمبر جي ٽئين اڱاري کي امن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو فيصلو ڪيوويو.جنهن وسيلي حڪومتن ۽ قومن جي وچ ۾ امن جي تصورن کي مضبوط بڻا.ڻ تي خاص توجھ ڏيڻ آهي.
    *


    پهرين آڪٽوبر: بزرگن جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا:بزرگ ماڻهو اسان جي سماج جا اهي فرد آهن جن پنهنجي زندگي جي سمورن ڏينهن کي پنهنجن جي لاءِ وقف ڪري جستجو ڪئي ۽ نوجوانن لاءِ روشن مستقبل لاءِ هر راھ تان تڪليفن کي پري ڪيو.ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته“هڪ بزرگ سان هڪ ڪلاڪ جي ڪچهري،هڪ سؤ ڪتابن جي پڙهڻ کان وڌيڪ آهي”ان ڪري پهرين آڪٽوبر کي بزرگن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو،گڏيل قومن جي اداري UNO جي جنرل اسيمبليءَ تاريخ 14 ڊسمبر 1990ع تي پهرين آڪٽوبر کي بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ سن 2002ع ۾ ان حوالي کي ڏسندي هڪ قرارداد به منظور ڪئي ويئي.
    *


    پهريون سومر آڪٽوبر:ٻارڙن جو عالمي ڏينهن

    هن ڏينهن کي ملهائڻ جي راءِ سڀ کان پهريون هڪ غير سرڪاري تنظيم“ٻارن جي ڀلائي واري بين الاقوامي يونين” پاران ڏني ويئي۽ سڀني کان پهرين انهيءَ تنظيم پاران آڪٽوبر سن 1953ع ۾ دنيا جي چاليھ ملڪن هن ڏينهن کي ملهايو ويو. سال 1954ع ۾ هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اقوام متحده پاران هڪ قرارداد منظور ڪئي ويئي.جنهن تحت هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻارن جي ڀلائي خاطر وڏن کي اهيو ياد ڏيارڻ آهي ته اهي پاڻ کي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انهن جي خوشي ۽ فلاح جي ڪم لاءِ پاڻ کي وقف ڪر ڇڏين. هي ڏينهن هر سال آڪٽوبر جي پهرين سومر تي ملهايو وڃي ٿو.
    *


    5 آڪٽوبر:استادن جو عالمي ڏينهن

    اڄ 05 آڪٽوبر تي هڪ عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جو عالمي ڏينهن آهي. شاگرد پنهنجن پيارن استادن کي اڄوڪي ڏينهن تي خراج تحسين پيش ڪندي سلام ڪندا ڇو ته استاد معاشري جو هڪ اهم فرد آهي. سندس سکيا سان انسان پنهنجي منزل ماڻي ٿو. استاد سماج کي سيکاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. استادن وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون هونديون آهن. جنهن قوم ۽ ديس جو استاد زندهه آهي، اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي. استاد کي پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽ اها سوچ رکڻي آهي ته مان جنهن مقصد لاءِ آيو آهيان ان سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيو آهيان اهو استاد ئي ته آهي جيڪو انسان کي علم سيکاري ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته استاد جو شان ۽ مرتبو وڏو آهي استاد ئي ٻارن جا روحاني والدين آهن. استاد پنهنجي قوم جا سفير هوندا آهن جيڪي ڀٽڪيل قوم کي سڌي راهه ڏيکاريندا آهن انهيءَ جي ڪري استاد کي گهرجي ته ٻارن کي نصاب کان سواءِ ٻي اهڙي تعليم به ڏئي جو ٻار کي غلامي ۽ آزادي جي خبر پوي ته آزادي ڇا آهي ۽ غلامي ڇا آهي؟ ٻارن کي تعليم جو قدر هئڻ گهرجي
    *


    9 آڪٽوبر:ٽپال جو عالمي ڏينهن

    سائين منهنجا: هر ماڻهو پنهنجي پيارن کي هر وقت ياد ڪندو رهندو آهي،جيڪي پيارا ماڻهو پري هوندا آهن تن ڏانهن نياپا سنيها موڪليا ويندا آهن.اڳي جڏهن نياپن پهچائڻ جا جديد ذريعا نه هوندا هئا،تڏهن ڪانگ،ڪبوتر کي نياپي پهچائڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو هيو. وري جڏهن ٽپال جي نظام جو وجود پيو ته خط انسان جي پيغام جو بهترين وسيلو ٿي پيو.جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري رهي آهي،تيئن تيئن ٽپال جو نظام به جديد ٿي رهيو آهي.اڳي جيڪو نياپو يا خط ڏينهن جا ڏينهن کائيندو هيو،اهو اڄ سيڪنڊن ۾ پهچي وڃي ٿو.سن 1872ع ۾ 9 آڪٽوبر جي تاريخ تي سوئيزرلينڊ جي شهر “برن” ۾ عالمي ٽپال بابت هڪ ڪانفرنس ٿي،جنهن ۾ “جنرل پوسٽل يونين” نالي هڪ تنظيم جو بنياد وڌوويو.ان ٺاھ تي 22 ملڪن صحيحون ڪيون ۽ پهرين جولاءِ 1875ع کان ان تي عمل ڪيوويو.يونين پهرين جولاءِ 1948ع تي اقوام متحده جي خصوصي ايجنسي بڻي. ٽپال جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب هي آهي ته جيئن دنيا جا سمورا ملڪ ٽپال جي نظام کي بهتر کان بهتر ڪري سگهن.
    *


    11 آڪٽوبر: ٻارڙين/ننڍڙين نياڻين جو عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ٻارڙين جو عالمي ڏينهن 11 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو.دنيا اندر ٻارڙين سان ٿيندڙ زيادتين جهڙوڪ ننڍي عمر ۾ شادي،تعليم جي ميدان ۾ پوئتي ڌڪڻ،ٻين جي گهرن ۾ سخت پورهئي ڪرائڻ ۽ تشدد جي واقعن سبب ٻارڙين تي حد کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ضروري ٿي پيو آهي.نياڻيءَ سان ظلم ۽ زيادتي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي اوتري اها ننڍڙي نياڻيءَ عورت جي روپ ۾ عزم ۽ همٿ جو داستان بڻجي پنهنجي پويان نه مٽجندڙ تاريخي نشان ڇڏيا آهن.اسان جي سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي عظمت کي ايترو مڃيو ويو آهي جو نياڻيءَ کي ميڙ جي صورت ۾ ناهي موٽايو ويندو ۽ نياڻي جي اچڻ سان وڏي کان وڏا ڏوھ به معاف ڪيا وڃن ٿا.
    *


    15 آڪٽوبر بصارت (نظر کان محروم ماڻهن) جو عالمي ڏينهن

    15 آڪٽوبي سموري دنيا ۾ نابينن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي،هن ڏينهن کي سفيد لڪڻ جو به ڏينهن چوندا آهن،ڇو ته سفيد لڪڻ اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي نشاني ۽ سهاري طور استعمال ٿئي ٿو.هي ڏينهن نابينن جي بين الاقوامي فيڊريشن پاران هر سال ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد معاشري کي اکين جي روشني کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس ڏيارڻ آهي ته جيئن انهن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت، روزگار تحفظ لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن.
    *


    16 آڪٽوبر:خوراڪ جو عالمي ڏينهن

    سموري دنيا اندر خوارڪ جي مسئلن بابت عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ بک،ناقص غذا ۽ غربت جي خلاف جدوجهد واري اتحاد کي مضبوط ۽ پائيداربڻائڻ لاءِ اقوام متحده جا ميمبر ملڪ هن ڏينهن کي خوراڪ جي عالمي ڏينهن طور ملهائيندا آهن.16 آڪٽوبر 1945ع تي ڪئنيڊا جي ڪوٽيبڪ واري هنڌ خوراڪ ۽ زراعت جي اداري جي قائم ٿيڻ جي سالگرھ جي موقعي تي هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ان ڏينهن جي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد دنيا ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي بحران تي ضابطو آڻڻ آهي.
    *


    20 آڪٽوبر:فضائي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ وارن جو عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ هوا ۾ هلندڙ آمد ورفت تي ضابطو رکڻ وارن“ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪندڙ“ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر” جو عالمي ڏينهن اڄوڪي تاريخ يعني 20 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو.هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد فضائي سفر دوران ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي اهميت کان آگاھ ڪرڻ آهي.هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري دنيا جي هوائي اڏن تي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر جي اعزاز ۾ تقريبون ڪيون وينديون آهن.
    *


    24 آڪٽوبر: ترقياتي ڪمن بابت آگاهي جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي باري ۾ معلومات ۽ ڄاڻ ڏيڻ جو ڏينهن 24 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو،جنهن جو مطلب هي آهي ته ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن جي ڄاڻ ۽ ان شعبي ۾ عوامي خيالن جو ڌيان بين الاقوامي تعاون جي گهرج ۽ اهميت ڏانهن ڇڪائڻ آهي. اسان کي هميشه هيءَ ڪوشس ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن تي نه صرف نظر رکون پر جن اصولن ۽ ضابطن تحت اهي ترقياتي ڪم ڏنا ويا آهن،تن کان واقف ٿيون ۽ انهن اصولن پٽاندڙ پنهنجي علائقي ۾ ٺهندڙ،روڊ،اسڪول جي عمارت،اسپتال جي عمارت يا ٻيون اهڙيون اسڪيمون جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ هجن انهن تي نظر رکي صحيح اصولن تحت ڪم ڪرائي،ملڪي ناڻي جي حفاظت ڪريون.
    *


    24 آڪٽوبر:اقوام متحده جو عالمي ڏينهن

    سن 1945ع ۾ اقوام متحده جي منشور جي نافذ ٿيڻ واري عمل جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ،سڀ ميمبر ملڪ هر سال هي ڏينهن “اقوام متحده جو ڏينهن” ڪري ملهائيندا آهن.جنهن جو مقصد دنيا جي ماڻهن کي اقوام متحده جي مقصدن ۽ ڪارنامن کان واقف ڪرڻ آهي ته جيئن هن عالمي اداري جي ڪم لاءِ حمايت حاصل ڪري سگهجي.
    *


    14 نومبر: ذيابطيس جو عالمي ڏينهن

    سموري دنيا ۾ ذيابطيس کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن14 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.دنيا جا 24 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو هن مرض ۾ مبتلا آهن.سال 1985ع ۾ دنيا ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو هن بيماري جو شڪاررهيا،جيڪي سن 2000ع ۾ 15 ڪروڙ ،سال 2003ع ۾ 19 ڪروڙ 49 لک ٿي ويا.22 ورهين ۾ شگر جي مريضن ۾ 21 ڪروڙن کان وڌيڪ،جڏهن ته گذريل ستن ورهين ۾ 9 ڪروڙ 60 لک يعني 64 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.عالمي سطح تي ساليانو 38 لک (20 کان 79 سالن جي عمر) ماڻهو ذيابطيس ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ ٻين مرضن سبب هي دنيا ڇڏي وڃن ٿا.هڪ سروي موجب ذيابطيس جي مرض ۾ مبتلا سڀ کان وڌيڪ ماڻهواولھ بحرالڪاهل جا آهن جن جو تعداد 6 ڪروڙ 70 لک آهي.جڏهن ته اسان جوملڪ شگر ۾ مبتلا ماڻهن جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي،جتي 69 لک ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن.ماهرن جي اڳڪٿي موجب سال 2025ع تائين ملڪ ۾ شگر جي مريضن ۾ 66.6 سيڪرو اضافو ٿيندو ۽ مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 15 لکن تائين پهچندو.سال 2025ع ۾ پاڪستان شگر کان متاثر ٿيل ملڪن ۾ پنجين نمبر تي وڏو ملڪ بڻجي ويندو.
    *


    17 نومبر: شاگردن جو عالمي ڏينهن

    دنيا جي سڀني شاگردن جو عالمي ڏينهن،پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ هن تاريخ يعني 17 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.هي ڏينهن چيڪوسلواڪيا تي جرمني پاران ڪيل قبضي جي خلاف 17 نومبر 1939ع ۾ گاديءَ واري شهر پراگ جي رستن تي مزاحمت ڪندڙ شاگردن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي.هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو باقاعدي اعلان 17 نومبر 1941ع ۾ “لنڊن انٽرنيشنل ڪائونسل”پاران ڪيوويو.
    *


    21 نومبر:ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سميت سموري دنيا ۾ ورلڊ ٽي وي ڊي(ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن) 21 نومبر تي ملهايو وڃي ٿو.ٽيلي ويزن لاطيني زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ پري کان ڏسڻ آهي.ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ پهريون ڀيرو تصويرن کي فيڪس مشين وسيلي احساسن جي ترجماني ڪندڙ طور سامهون آندو ويو ۽ اها ايجاد سن 1926ع ۾ ٽي وي جي صورت ۾ سامهون آئي،جنهن کي اسڪاٽ لينڊ جي رهواسي بئيرڊ ايجاد ڪيو.1930ع جي شروعات کان ئي ٽي وي معلومات ڏيڻ جو اهم ذريعو بڻجي وئي.
    *


    21 نومبر:ماهيگيري/گهاتن/مهاڻن ۽ مڇيءَ جي پالنا جو عالمي ڏينهن

    پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ 21 نومبر تي ماهيگيري ۽ مڇيءَ جي پالنا جي باري ۾ عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو.ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مڇي ماريندڙن جي اڳيان ايندڙ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن مسئلن جي حل کي ڳولڻ واسطي قدم کڻڻ بابت جائزو وٺڻ آهي.مڇي ماريندڙن/گهاتن/مهاڻڻ جو وڏو تعداد سنڌ ۾ رهندڙ آهي.جن کي هن ڏينهن جي مناسبت کان ڄاڻ ڏيڻ تمام ضروري آهي ته جيئن اهي هن شعبي سان بهتر نموني سلهاڙيل رهن.
    *


    29 نومبر:فلسطيني عوام سان ايڪتا ۽ ٻڌي جو عالمي ڏينهن

    دنيا ۾ جڏهن به ڏاڍ ۽ جبر جي مڪمل حڪمراني قائم ٿي ويندي آهي، تڏهن ان جو سڌو اثر هر ان مظلوم ڌر تي پوندو آهي، جيڪا تاريخ جي وهڪري ۽ حالتن ۾ ڪمزور ٿي وئي هجي، ظلم ۽ استحصال جو دائرو هڪ فرد کان شروع ٿي ڪٽنب، قبيلي، فرقي، ذات، برادري ۽ قوم تائين وسيع ٿي ويندو آهي، فلسطين جيڪو وچ اوڀر ۾ هڪ عرب ملڪ آهي، گذريل ڪيترن ئي ورهين کان سڌي ظلم هيٺ آهي، دنيا ۾ ڪنهن مظلوم ۽ مزاحمت ڪندڙ قوم جو نالو کڻجي ته فلسطين جو رتبو ۽ درجو اولين هوندو.فلسطيني قوم جي مٿان سرائيل ۽ سندس اتحادي عالمي سامراجي ملڪن جو ظلم ان انتها تي پهتل آهي جو هاڻ فلسطيني جڏهن پنهنجا شهيد ٿي ويل ساٿي ۽ زخمي کڻي احتجاج ڪندا آهن يا کين اسپتالن طرف وٺي ويندا آهن ته انهن جي اکين ۾ لڙڪ ۽ غم نه هوندو آهي پر اهي جذبات ۽ خوشي ۾ فلسطين جي آزاديءَ جا ترانا ڳائيندي ڏٺا ويندا آهن، دنيا جا حساس ۽ ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ماڻهو جڏهن اهڙا منظر پنهنجي ٽي وي اسڪرين تي ڏسندا آهن ته ان بابت اهو فيصلو ناهن ڪري سگهندا ته هنن واقعن تي خوش ٿجي يا ڏک ڪجي.فلسطين جي عوام سان ايڪتا جو ڏيهاڙو ملهائڻ لاءِ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي 2 ڊسمبر 1977ع تي هڪ قرارداد منظور ڪئي،جنهن تحت يو اين او جا ميمبر ملڪ هي ڏينهن ملهائيندا آهن.


    1 ڊسمبر:ايڊز جي بچاءَ جو عالمي ڏينهن

    سموري دنيا ۾ ايڊز کان بچاءَ جو ڏينهن پهرين ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو.ايڊز جو عالمي ڏينهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو سن 1987ع ۾ ملهايو ويو.صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ايڇ آءِ وي ايڊز جي وائرس جو شڪار آهن.جن ۾ ٻن ملين کان به وڌيڪ ٻار به ايڊز جي مرض ۾ ورتل آهن.حياتياتي ماهرن مطابق ايڊز جي بيماري جو سبب هڪ وائرس آهي،جنهن کي “ايڇ آءِ وي” جو نالو ڏنو ويو آهي.اهو وائرس مڪمل “پيراسائيٽ” آهي،جنهن جو مطلب آهي،ٻين جي زندگيءَ تي مدار رکندڙ وائرس.
    *


    3 ڊسمبر: معذورن جي عالمي ڏينهن

    اسان جي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ گڏيل قومن جي طرفان ملهائجندڙ معذورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي انهن خصوصي فردن ۾ معذوري ڳولڻ بدران سندن قابليتون ڳوليون وڃن، هڪ اندازي موجب مختلف معذورين وارا هڪ ارب ماڻهو هن ڌرتي جي گولي تي رهن ٿا ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کين انساني ترقي ۾ برابر جو حصيدار بنائڻ لاءِ کين انسان طور سماج جي سمورن شعبن سان ڳنڍڻ گھرجي،گڏيل قومن پاران هر سال 3 ڊسمبر تي معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد معذورن بابت شعور آگاهي ڦهلائڻ، انهن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي خودمختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي .
    *


    10 ڊسمبر:انساني حقن جو عالمي ڏينهن

    انساني حقن جي عالمي منشور جي منظوري جي سالگرھ واري ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ هر سال هن تاريخ تي سموري دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو.جنرل اسيمبليءَ پاران هن منشور جي منظوري 10 ڊسمبر 1948ع ۾ ڏني ويئي.سن 1950ع ۾ جنرل اسيمبليءَ سڀني ميمبر ملڪن ۽ واسطيدار ادارن کي دعوت ڏني ته اهي هن ڏينهن کي “انساني حقن جو عالمي ڏينهن” ڪري ملهائين ته جيئن انساني حقن کان بي خبر ماڻهن تائين اهو پيغام پهچي ته هر انسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515357
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ