ڪتاب جو نالو: ازل کان پاڻ آوارا
مصنف: ستار سُندر
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 08 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 729 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 396 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ نامياري شاعر ستار سُندر جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِن ڪتاب جي ورق ورق تي اکين ۽ ذهنن جا قدم رکي ئي پرکي سگهون ٿا ته ستار سُندر شاعريءَ واري دنيا ۾ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي. ستار سُندر پنهنجي ٽهيءَ ۾ اهم شاعرن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هُن جي شاعري ۾ رومانس جو رنگ واضع غالب نظر اچي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • مهاڳ جي نالي ۾
  • شاعر پاران
  • معصوم شاعراڻي سڀاء جو مثال
  • غزل

  • زندگاني ايتري آ.
  • درد! اکڙيون تار کڻجان.
  • هي اکيون لُڙڪ، انتظاري آ.
  • جي هَوا جي هَٿن، ٿي پَوي ڇا ڪجي؟
  • ”ازل کان پاڻ آوارا“، اسان جو پنڌ اڳتي آ.
  • روز خوابن ۾ پئي کليا آهيون.
  • چوٽ لڳڻ سان ٽُٽندو يارو.
  • سانت جو ڪوئي ساز آهيان مان.
  • ٿي ڀٽڪي تنهنجي ديري ۾،
  • آئون ڪيان ڪُڄاڙو يارو؟
  • ڏُک لَهر اُٿي آ سيني ۾.
  • پنن جي هي ڇڻ، ڇڻ، هوا جو آ سرگم.
  • ياد جا پيرا لٽيندو ٿو رَهي.
  • هر طرف هيءُ ڪنهنجو، آخر هُڳاءُ آهي.
  • تو نهاريو ڪٿي بي خوديءَ ۾.
  • درد دل تي ائين لَٿو آهي.
  • وقت جي ويا لُڙهي روانيءَ ۾.
  • عشق توڙي رهي ٿو ڀاڪر ۾.
  • مينهن بڻجي سٽين، ڳڙو آهين.
  • ڪيڏو نرمل آب آ تنهنجي نيڻن جو.
  • پو به اُن ۾ ڪا وئي رهجي ڪَمِي.
  • هاڻ ته آهي دل جي منزل خاموشي.
  • مُرڪ جا موتيا کڙيا آهن.
  • هي قربتن جو ڪَمال آهي.
  • ڇا ته سُندر لڳيون آسماني.
  • هُن جي نيڻن ۾ آب کارو آ.
  • ڪيڏيون يادون هُيون نشانيءَ ۾.
  • هِن دل جي اشارن کي به ڄاڻي نه سگهينءَ تون.
  • الئي روح ڦُوڪيو تو ڪهڙي مِٽيءَ ۾.
  • نيڻ تنهنجا چُمان ٿورڙو.
  • پنڌ تنهنجو پري آ اڃان آدمي.
  • ڪينَ پُوري ڪڏهن به ٿي آ طلب.
  • خوابن جون دريون کُليون واڱڻائي.
  • ياد ناهي ته ڪنهن ڏنيون آهن.
  • ٿيون ڪَٿائون، زرد رستا.
  • ٿڪ اچي لاهين، اسان جي نگريءَ ۾.
  • آئون تولئه اڃان مُنتظر.
  • درد ۽ انتظار، خاموشي.
  • ايتري ناهي چڱي ناراضگي.
  • سونهن برابر ساهه اسانجو.
  • توسان جو رابطو رهيو ناهي.
  • ڪَئي خواب سُرمَئي، کڻي رات آئي.
  • ياد ٿڌڙي گُهلي ڊسمبر ۾.
  • دردن جو آ سايو ماضي.
  • آس جي جوت پئي جَلي آهي.
  • ضبط ڳوڙها ڪري لڪائين ٿو.
  • پيار مان تو رکيا اکين تي هٿ.
  • ديوانن جيان ور، ور ورندين.
  • اڄ به گُونجي ٿو ساز چوڙين جو.
  • هي وڇوڙو به ٿئي پچي پورو.
  • روشني، روشني ڪَرين پيئي.
  • روشني جي لاٽ آهي.
  • لُڙڪ نيڻن ۾ لڪايو ٿو اچان.
  • هڪ ڏينهن مان ٿي ويندسُ مهمان مٽيءَ جو.
  • پنهنجا آخر پيار ۽ ماڻا ڪاڏي ويا؟
  • جُهوپڙيءَ ۾ ٻَري جو بَتي رات جو.
  • نيٺ ڪنهن جي اکين ڪُٺي آهين.
  • تون جو پنهنجا وار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.
  • روز اوسئيڙا اکين کي تو وٽان ملندا رهيا.
  • ڪيڏا ڇائيل آهن ڪارونڀار هوائن ۾،
  • تو بن منهنجو پيار اڪيلو ٿي ويندو.
  • ڪجهه اکين جا عذاب سُندر ڏسُ!
  • ڪيڏو نه زندگيءَ سان هُوءَ ڀوڳ ڪري ويئي.
  • تنهنجي يادن جي اڃان پولار ۾ ڀٽڪان پيو.
  • سندس نفاست هُئي ڏٺوسين.
  • اڄ مُسافر کي اباڻي شهر جو احساس ٿيو.
  • پاڻ سان وقت سڀ ڪجهه کڻي ويندو آ.
  • شام جو وڻندڙ نظارو ٿي وڃان.
  • ڪيڏو هو آواز مِٺو اُن لوليءَ جو.
  • شخص هڪڙو عشق جي آڪاس ۾ گُم ٿي ويو.
  • رات ڪيڏي نه آ اُماس، خواب ڀٽڪن ٿا.
  • بي رنگيون، بي واس جيون جون ڪَليون.
  • زرد ڇڻندڙ شام ٿيندو ٿو وڃي.
  • مُند سانوَڻ، رات برساتي هُئي.
  • ياد جا ڪئي ستارا، ڇڏي ٿي وڃي.
  • خواب تنهنجا اکيون اُجاري ويا.
  • عشق ريٽو رچي ٿيو آ جذبات ۾.
  • تون سڙيل گهر جي منظر نگاري نه ڪر.
  • اڄ چپن تي پياس جي تصوير آ.
  • سَڄي حيات هرڻ جيان ڊُڪياسين واريءَ ۾.
  • وقت آڏو ڏٺم مات کائي وئي.
  • جي اُڏامي وئي مهڪار، گُل ڇڻي ويندا.
  • اڻ ڄاتل ڪن سُورن جي پيڙا آهيان.
  • پاڻ کي پاڻ ئي آزمائي ڏسان.
  • لڙڪ لهرن جا ٿو هاري درد مان.
  • شام جو ڳاڙهو ائين آسمان هو.
  • ڳوڙها ڳڙي ڳلن تي ها ماڪ ٿي پيا.
  • ميڻ ماڻهو هُيو، پر ڇُرو ڪونه هو.
  • درد جي برسات ايندي اوچتو.
  • ڪير ڪنهن کان ٿي ويو اڄ ڌار اسٽيشن مٿان.
  • رات، مون ننڊ - چارا وڃائي ڇڏيا.
  • ڪو به اچڻو نه آ پر نهاري پيو.
  • حيرانيءَ مان گس ڏسن ٿا ڪاڏي وئي.
  • مون ته سوچيو هو تون لکندين پيار ڪاڳر جي مٿان.
  • مونکي تنهنجي چپن جو سهارو مليو.
  • مون ڏٺا جي شاعريءَ جا خواب ها.
  • روح پنهنجي لئه خود مان خلا ٿي وڃان.
  • مون کي منهنجي پرين ذات مان وڃ ڪڍي.
  • وينگس هو ڇوڙيون وار وڃي ٿي ڪاڏي.
  • درد تنهنجا دل چريءَ جي سنگ ها.
  • تو سوا هاڻ ”سُندر“ رُلي ٿي گهڻو.
  • رات پئي ٿي ماڪ هاري گُل مَٿان.
  • درد، سُڏڪا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
  • گيت
  • نظم
  • چئو سٽا
  • وايون


    ترتيب

    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ازل کان پاڻ آوارا
    موضوع : شاعري
    شاعر : ستار سُندر
    ڇاپو پهريون : جولاءِ 2012ع
    لي آئوٽ : مور ساگر
    ٽائٽل : آفتاب سُرهيو
    ڪمپوزنگ : جهانزيب جوڻيجو
    (ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650)
    ڇپائيندڙ : سپ پبليڪيشن نواب شاهه، سنڌ.
    قيمت : -/250 روپيه



    AZAL KHAAN PAAN AAWARA (Poetry) by: Sattar Sunder
    Published by: Sipp Publication Nawabshah, Sindh, Pakistan Edition First, July 2012.


    ارپنا

    اُن جي نالي!
    جيڪا هڪ ”خواب“ آهي
    جنهن جي ”ساڀيان“ تي
    سُڀاڻي جي ”سج“، اُڀرڻ جيترو يقين اٿم.

    ستار سُندر


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (208) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ نامياري شاعر ستار سُندر جي خوبصورت شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    هِن ڪتاب جي ورق ورق تي اکين ۽ ذهنن جا قدم رکي ئي پرکي سگهون ٿا ته ستار سُندر شاعريءَ واري دنيا ۾ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي. ستار سُندر پنهنجي ٽهيءَ ۾ اهم شاعرن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هُن جي شاعري ۾ رومانس جو رنگ واضع غالب نظر اچي ٿو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران سنڌ جي نئين پيڙهي جي خوبصورت شاعر ستار سُندر جو ٻيو شعري مجموعو ”ازل کان پاڻ آوارا“ آڻيندي سُرهائي ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو سِپ جو مقصد جتي اهم ۽ تخليقي ڪتاب ڇپرائي آڻڻ آهي. اُتي پنهنجي هم عصر دور جي ادب کي پڻ هٿي ڏيارڻ آهي. اُن ڪري اسان جي ڪوشش اِها رهي ٿي ته اسان ڪنهن به ليکڪ جي لکڻين کي سِپ جي مزاج وٽان پرکي کين ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
    ستار سُندر جو پهريون شعري مجموعو ”رنگ پنهنجي پيار جا“ 2003ع ۾ سِپ پاران ڇپجي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي ۽ هاڻ ستار سُندر جو ٻيو مجموعو ”ازل کان پاڻ آوارا“ تائين جو سفر اوهان اُن جي هِن ڪتاب جي ورق ورق تي اکين ۽ ذهنن جا قدم رکي ئي پرکي سگهون ٿا ته ستار سُندر شاعريءَ واري دنيا ۾ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي. ستار سُندر پنهنجي ٽهيءَ ۾ اهم شاعرن ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هُن جي شاعري ۾ رومانس جو رنگ واضع غالب نظر اچي ٿو. جنهن جي پَس منظر ۾ ”ساڻيهه جي صورت به چِٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اچو ته سندس شاعريءَ جي روح کي ڇُهي ڏِسون.


    مهاڳ جي نالي ۾

    ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي اڀياس مان هڪ اهم ڄاڻ، جيڪا مون لاءِ ڪنهن حد تائين مايوس ڪندڙ رهي آهي، اها ائين سولي نموني اظهار ڪري سگهجي ، ته ان ۾ ايتري حد تائين پاس خاطري موجود آهي، جو ان مان جيڪڏهن اها پاس خاطري ڪڍي وڃي ته لڳ ڀڳ سنڌي شاعريءَ بابت هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا صفحا به اڀياس لاءِ نه بچي سگهندا، جن کي پاس خاطريءَ کان سواءِ لکيل ڄاتو وڃي، ائين سنڌي شاعريءَ جو اڀياس لکڻ لاءِ اسان جي ٽهيءَ مان ڪنهن دوست کي وقت ڪڍڻ گهرجي، اهڙو وقت نه ڪڍي سگهڻ جي ڪري سنڌي شاعريءَ سان جيڪا لاتعلقي رهي آهي يا چوڻ گهرجي ته ان ڏانهن جوڳو ڌيان نه ڏيئڻ ڪري، هڪ ته اسانجي ٽهي فصيلو نه ڪري سگهي آهي ته سنڌي شاعريءَ جو سفر ڪهڙي رُخ ۾ وڃي رهيو آهي ۽ ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته هر لکندڙ جنهن به حوالي ۾ سنڌي شاعري بابت جيڪو ۽ جنهن به طرح ڪجهه لکيو آهي ته ان پاس خاطريءَ کان سواءِ نج تخليقي سطح تي پنهنجي ٽهيءَ مان ڪوٽيبل تخلقيڪارن جي بجاءِ، دوستن جي فهرست ڊگهي ڪرڻ طرف پنهنجون تخيلقي صلاحيتون استعمال ڪيون آهن، جنهن ڪري سچ پچ ڪوٽيبل تخليقڪار ڪوٽ ٿيڻ کان رهجي ويل آهن ۽ جيڪي مسلسل ڪوٽ ڪيا ويا آهن اهي ان حد تائين ڪوٽ ڪرڻ جي ذميواري کڻڻ جهڙا گهٽ هُئا ۽ ائين ڪيترائي نج تخليقڪار گهڻو پوئتي هليا ويا ۽ جن کي پوئتي هجڻ گهربو هئو اهي پهرئين صف ۾ اچي بيٺا آهن دراصل جن کي آخري صف ۾ بيهڻ گهربوهئو.
    جڏهن سياسي/ ادبي/ شخصي پاس خاطري لکڻ وقت اڳيان اچي ٿي تڏهن ادب ۾ بي ادبي شامل ٿئي ٿي ۽ اڄ تائين ان بي ادبيءَ جي فهرست نج ادب کان وڌيڪ صفحن تي ڦهلجي ويل نه رڳو نظر اچي رهي آهي پر زور ڏيئي ٻڌايو ۽ قبول به ائين ڪرايو پيو وڃي، جنهن ڪري اسانجو نوجوان لکندڙ ان سموري عمل کي ئي سچ سمجهي، هڪ اهڙو ڀرم پالي ويٺو آهي، جيڪو کيس مسلسل هڪ اعليٰ تخليق سرجڻ کان پري ڪري هڪ طرف رهيو آهي ته ٻئي پاسي ٽئين درجي جي تخليق سرجڻ بابت کيس اهو گمان ڪرائي رهيو آهي ته اها نج تخليق آهي. جنهن ڪري هُن مان محنت جو جذبو گهٽجي رهيو آهي ۽ اهو گهٽتاءُ هُن جي تخليق کي سطحي پڻي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي ان سرگرميءَ اڄ جي نوجوان تخليقڪار کي سنجيدگيءَ سان لکڻ پڙهڻ ۽ ويچارڻ کان وانجهي رکيو آهي، جيڪو اسانجي سموري سنڌي ادب جي الميئي سان گڏ اسان جي سنڌي نئين شاعريءَ جو الميو وڌيڪ آهي. ان المياتي هيٺائينءَ ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي تخليقي عمل کي بچائي رکندڙ بنهه ٿورڙن نوجوانن مان هڪ اسانجو دوست ستار سُندر به آهي جنهن لاءِ جيڪڏهن مونکي مهاڳ / امهاڳ / مهاڳ جي نالي ۾ ڪجهه تعارف طور لکڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ته هوندا ئين چوان ته هو اڄ جي نوجوانن ۾ اهڙو جوان آهي جنهن هن مهم جوئيءَ واري ماحول ۾ سچ پچ پنهنجي اندر جي معصوم شاعر کي بچائي رکيو آهي. ان جو ننڍڙو شخصي حوالو، اڻ ڳيڻن ڪچهرين ۽ گهڻو وقت ويجهو رهڻ جي سچ کانپوءِ منهنجي زبان / قلم مان شايد ائين نڪري ته انهن سڀني ڪچهرين ۽ گهاريل وقت ۾ جنهن ۾ ساڻ ساڻ رهيو آهي، سوين شعر هُن پنهنجي حافظي مان ٻڌايا هوندا پر انهن ۾ سندس ڪوبه شعر موجود نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هُن کي زوريءَ پاڻ ٻڌائڻ / مڃرائڻ / قبولرائڻ / محسوس ڪرائڻ ۽ خود ثنائيءَ جي بيماريءَ / شوق اڃا ايترو بيچين نه ڪيو آهي، جو هو هر وقت پنهنجي شعر جي نماءَ لاءِ هڪيو تڪيو حاضر هجي.
    شاعر هجڻ جي ناتي هُن جي اندر جي پُر اعتماديءَ اڄ هُن کي ڪنهن به پاس خاطري مُهم جو ئي ءَ ۽ نماءَ کان سواءِ تخليقي سفر ۾ اهڙي شروعاتي ڏاڪي تي آڻي بيهاريو آهي جنهن جا ايندڙ سڀ ڏاڪا مٿاهينئن ڏانهن وڃي رهيا آهن. هُن پنهنجي تخليقي سفر جي ويهارو سالن ۾ پنهنجي لاءِ اعتماد اڳواٽ ڏياريو آهي ۽ ثابت پڻ ڪيو آهي، ته هن جي سفر جا ڏاڪا تخليق جي ان مٿاهين ڏانهن ويندا يا کيس وٺي ويندا، جيڪا هڪ تخليڪار لاءِ هوندي آهي. اهڙو اعتماد جنهن جي مان پاس خاطري ڪري رهيو آهيان، ستار جو ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ ڇپجي جڏهن پڙهندڙن وٽ پهچي ويندو، اهو پاڻ ڏيندو ۽ جن سندس پهريون ڪتاب ”رنگ پنهنجي پيار جا“ پڙهيو آهي. اهي هيءُ سندس نئون ڪتاب پڙهي، ضرور اندازو لڳائي سگهندا ۽ اعتماد ڪندا ته ستار سندر هن سفر ۾ جيڪي قدم اڳتي کنيا آهن اهي اڳتي ئي وڃڻا آهن، ڇو ته سندس سفر جي شروعات اهو ٻڌائي ٿي، مثال ڏيڻ جي ضرورت آهي ته پوءِ سندس پهرئين ڪتاب کان وٺي سندس هن نئين ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ تائين سندس وچ ۾ ڪيل ڏهاڪي سالن جو سفر ۽ ان ۾ هُن جو تخليقي عمل، جيڪو ڳڻپ ۾ گهٽ آهي پر حوالي لاءِ نهايت گهڻو آهي، ڇو ته هن ڳڻپ کي نظر انداز ڪري، تخليق ڏانهن ڌيان ڏنو آهي ۽ اهو عمل ئي سندس اهم نوجوان ڪوٽيبل تخليق ڪار جي ضمانت بڻجڻو آهي اهڙي پڪ آهي.
    منهنجي ويچار ۽ ستار جي تخليقي عمل سان نه سهمت ٿيندڙ اڀياسيءَ لاءِ شايد پاڻ تي جبر ڪري مان ڪجهه مثال ڏيڻا چاهيان، جيتوڻيڪ ستار جي شاعريءَ مان، مان ڳالهه تي زور ٿو ڏيان ته ستار جي تخليقي شاعري پاڻ پنهنجي اڀياسيءَ لاءِ مثال بڻجندي، جڏهن هو ڪنهن به تخليق کي فقط ۽ فقط تخليق ڪري پڙهندو ۽ جڏهن هو ان تخليق ۾ پنهنجي نظرياتي منشا تلاش ڪندو ته کيس مايوسي ٿيندي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نج تخليقڪار لاءِ اها منشا پوري ڪرڻ ممڪن نه آهي. شايد اهي پڙهندڙ به مايوس ٿين، جيڪي جلسي ۾ شعر ٻڌي اکيون ۽ ڪن بند ڪري تاڙيون وڄائڻ جو شوق ڪرڻ ڄاڻيندا آهن ۽ جڏهن گهر موٽندا آهن ته شاعري تي تبصرو ڪندا آهن. ستار جي شاعري اهڙن تبصرن جي بار سهڻ کان گهڻو پري آهي يا چوڻ گهرجي ته ستار جي شاعريءَ جي سطح جلسي کان مٿي آهي، جيتوڻيڪ هڪ ٻاهرئين شخص طور ستار اڃا به نعرا هڻڻ ۽ جلسا ڏسڻ ۽ انهن ۾ شوق سان شريڪ ٿيڻ ۾ خوش ٿيندو آهي پر مونکي ائين چوندي خوشي ٿي ٿئي ته ستار پنهنجي اندر جي تخليقڪار کي بنهه الڳ رکيو آهي ۽ اهائي ڳالهه سندس اڄ جي تاريخ ۾ هڪ اهم تخليقڪار جي سڃاڻپ ڏئي ٿي جيڪا سندس همعمر ۽ همعصر لکندڙن ۾ گهڻي حد تائين اڻ لڀ آهي ڪا به اسٽيج ستار جي شاعري لاءِ ممڪن آهي ته تخليقي طور رڪاوٽ بڻجي.
    ان ڪري هو پنهنجي شاعريءَ کي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري، ڄڻ ان جي تخليقي، دائميت، حسن ۽ اڏام کي اسٽيج جي دز کان بچائي رکڻ ٿو چاهي ته ساڳئي وقت ان کي سامهون ويهي، تاڙيون وڄائي، شاعريءَ جي فتوا ڏيندڙ نقاد کان به پاڻ کي الڳ ڪري بيهاري ٿو. هُن جي اها سڃاڻپ منهنجي لاءِ اهميت واري آهي ۽ ضمانت به آهي ته سندس شاعري وهنواري تبصري نگاريءَ کان بچي پوندي ۽ اها پنهنجي دور جي سنجيده سوچيندڙن ۽ پڙهندڙن تائين رستو پاڻ جوڙي وٺڻ جي سگهه سلامت رکندي، جيڪا سالن ۽ صدين جي عرصي تي جرڪندي نظر ايندي. مثال طور ڪجهه سٽون جيڪي نه ڏجن تڏهن به مثال پاڻ جوڙي وٺنديون پوءِ به رسم نڀائڻ لاءِ اهي اوس ڏيڻيون پون ٿيون.

    جي ٿڙي ڪاٿي ڪِري پئون،
    ڀاڪرن ۾ پيار! کڻجان.
    هار جي تون آجيان لئه،
    ڪجهه هٿن ۾ هار کڻجان.
    ---
    توکي ماڻي سگهيس نه جيون ۾،
    تو اڳيان دوست! شرمساري آ.
    ---
    درد جي مينهن سان نه ٿي آلي،
    عشق! تنهنجي مٽي اڃاري آ.
    ---
    آس جنهن کي ڇُهڻ جي هُجي روح ۾،
    جيڪڏهن سو گگن ٿي پوي ڇا ڪجي!
    ---
    سفر ۾ روح سيلاني، رهيو آ ڀٽڪندو تنها،
    اڌورا ساٿ ها سارا، اسانجو پنڌ اڳتي آ.
    ---
    محبت جي گسن تي، ڪيستائين ڇانوَ آڇيندا؟
    سکيءَ جا وار هي ڪارا، اسانجا پنڌ اڳتي آ.
    ---
    چوٽ لڳڻ سان ٽُٽدو يارو.
    جيون ٿانءُ مٽيءُ جو سارو.
    ---
    خالي گهر ۾ تنها سوچون،
    ٻرندڙ ڏيئو روشن جارو.
    ---
    وڌيڪ مثالن جي بار کان کين بچائيندي مان پڙهندڙن جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪائڻ به چاهيندس ته ستار، ويچار کي پنهنجي تخليق ۾ ان فنڪاراڻا انداز سان آندو آهي جو تخليق پڙهي پڄاڻيءَ کانپوءِ پڙهندڙ ڪنهن به طرح ويچارڻ کان رهي نٿو سگهي. ڪيئي سٽون ستار جون ويچار جي سطح کي گهڻو گهڻو مٿي کڻي وڃڻ جي سگهه رکن ٿيون. شايد هُو اهو ويچار پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي پنهنجي سهوليت خاطر ظاهر ڪرڻ جو ساهس رکي ٿو جڏهن هن کي چوڻو پيو آهي ته،

    ڪائناتون مون ۾ سمايل هن،
    جڳ ! تنهنجو جواز آهيان مان.

    ۽ جڳ جو جواز پاڻ کي ڄاڻائڻ، ڪنهن به نج تخليقڪار جو آتم وشواس آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ هو حالتن جي ڪنهن به طاقتور راڪاس سان وڙهي سگهندو آهي، جئين ستار جو ٻاهريون ويچارڪ شخص، ديس جي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس اندر جو تخليقڪار شخص آتم جي وشواس کي بچائڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جو وڙهڻ هڪ انقلابي ۽ ناستڪ کان وڌيڪ هڪ صوفيءَ وارو آهي، جيڪو وري ستار جي طبعي عمر واري شخص جي بنهه ابتڙ آهي.
    شايد گهڻن شخصن جو ميڙ آهي ستار جو اندريون شخص. جنهن شخص درد جي پکيءَ کي پنهنجي اندر ۾ پالي وڏو ڪيو آهي ۽ جيڪو پکي سنساري طور ستار جي آسودگيءَ جي ڀوءَ کان ڊنل به آهي ته به هو ان سان سمجهو ته به ڪرڻ گهري ٿو.

    درد پکيءَ جيئن پاليو آهي،
    مون هن دل جي آکيري ۾.

    پر هي سڀ سمجهوتا سنساري آهن ، ستار جي من جا مامرا ٻيا آهن جيڪي هو فقط پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاري سگهي ٿو. يقينن ائين سمجهڻ گهرجي ته مروج سنسار سان سمجهوتا جيڪي ماڻهو نه ڪري سگهندا آهن، اهي يا ته پيغمبر هوندا آهن يا شاعر!! ڪائنات ۾ ٻيا ڪي به اهڙا ماڻهو ممڪن نه آهن.
    ستار جيڪڏهن پنهنجي منصب (جيڪو شاعراڻو آهي) سان نڀايو ته سچ پچ اها هن جي زندگيءَ جي عظيم حاصلات هوندي ۽ سڀاڻي تائين هن جي ان ماڳ تي پهچڻ کان اڳ، اڄ سندس انهيءَ حاصلات جا عڪس سندس هن ڪتاب جي جلد جي وچ ۾ آيل شاعريءَ جي سٽن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل آهن، جيڪي سڀاڻ جي ضمانت ڏين ٿا. ٻئيءَ طرح سڀاڻي اهو مستقبل آهي، جنهن ۾ اڄ جي غير معمولي ۽ غير مروج شاعري پنهنجي سموري تخليقي سونهن ۽ سوڀيا سميت نکري بيهندي. سونهن جيڪا سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي سونهن آهي، جنهن ۾ ستار ڄائو آهي، نپنو آهي، پڙهيو آهي، عشق ڪيو اٿائين ۽ ان جي رد عمل ۾ شاعر بڻيو آهي ۽ پنهنجي شاعري ۾ اها سموري سونهن اوتي اٿائين، جيڪا سندس زندگيءَ جو اڻ ٽٽندڙ حصو آهي، جنهن ۾ هو اڄ جئي رهيو آهي. ان ڳالهه لاءِ به جيڪڏهن مثال ڏيڻ ضروري آهن ته اهي هئين ڏئي سگهبا.

    پنن جي هيءَ ڇڻ ڇڻ، هوا جو آ سرگم،
    اها مينهن ڪڻ ڪڻُ، خُدا جو آ سرگم.
    ---
    ٻڌائين ٿا هيءُ، لڙي روز پاڇا،
    هتي هر حياتي، فنا جو آ سرگم
    ---
    دَردُ هُن جو روحَ منهنجي کي سدا،
    ٿُڙ تي سارين جان سٽيندو ٿو رهي.
    ---
    هر طرف هي ڪنهن جو، آخر هڳاءُ آهي
    خوشبو نماءُ ٿي ويو، سارو سماءُ آهي،
    ---

    خاموش هن شهر ۾، هي شعر تنهنجو ”سندر“،
    گونجي ائين اٿيو آ، ڄڻ ڪو پڙاءُ آهي.
    ---
    گل پوپٽ ڇڏي آيا تو ڏي،
    اهڙي خوشبو هُئي، تنهنجي سڳيءَ ۾.
    ---
    بادلن مان ڇڄي آيون بوندون،
    واس اهڙو هيو ڪو مٽيءَ ۾.
    ---
    تنهنجي ساڙهيءَ جا رنگ اڏريا پئي،
    مون ڏٺو خواب آسمانيءَ ۾.
    ---
    اڄ به سُرخي خطن ۾ آ تازي،
    چپ تنهنجا ٺهيل نشانيءَ ۾.
    ---
    مينهن بڻجي سٽين، ڳڙو آهين،
    وقت ڪيڏو نه بي وڙو آهين.
    ---
    زندگيءَ جي ٻڌل ڳلي ۾ تون،
    درد! پيو ٿو وڄين، چڙو آهين!
    ---
    منهنجي چپڙن تي ڏس پوپٽ اُڏرن ٿا،
    چُميون مون ته گلاب آ تنهنجي نيڻ جو.
    ---
    ڇا ته سندر لڳيون آسماني،
    مون کي تنهنجو اکيون آسماني.
    ---
    موسمن جا مٽيا ويس ڌرتيءَ،
    جيئن هوائون گهليون آسماني.
    ---
    خوابن جون دريون کليون واڱڻائي،
    سڄي ننڊ ٿي وئي ڦليون واڱڻائي.
    ---
    عجب رنگ ڪيڏا وڇوڙي جا آهن،
    ڪئي يادگيريون ڦٽيون واڱڻائي.
    ---
    ۽ ان ٻاهرين منظرن جي ٻاهرين اظهاريل سونهن کانپوءِ، ستار جا ڪجهه اهي شهر به شايد پنهنجي لاءِ مثال جي اوسيئڙي ۾ رهڻ چاهيندا هجن، جيڪي وري اندر جي يا چوڻ گهرجي ته انسان جي روح / دل جا منظر آهن، جن کي پڻ ستار ڏاڍي خوبصورتيءَ سان پنهنجو علهدو اظهار ڏنو آهي گمان ائين ٿو ٿئي ته ستار جي همعصرن ۽ همعمر لکندڙن شايد ئي اهڙو اظهار/ تخليقي اظهار پنهنجين سٽن ۾ آندو هُجي. / ڏنو هجي.
    آئون تو لئه اڃا منظر،
    نيٺ ڪيسين رهان منتظر.
    ---
    اُڃ منهنجي نه پوري ٿئي،
    تو سان گڏ ڀي هُجان منتظر.
    ---
    ذائقو تنهنجي وڇوڙي جو عجب،
    دل رُڳو تنهنجي چکي ناراضگي.
    ---
    زندگيءَ ڀر پو به هئاسين همسفر،
    پاڻ ۾ توڙي هُئي ناراضگي.
    ---
    ڪائناتون آ پنهنجي اندر ۾،
    ڪير چئي ٿو فرارُ، خاموشي.
    ---
    روز عالم نوان نوان پايان،
    وار تي آهي وارُ خاموشي.
    ---
    آئون تون ۾ ۽ مون ۾ آهين تون!
    هاڻ ڪو فاصلو رهيو ناهي،
    ---
    درد توسان نڀائجي ها مگر،
    دل کي پر حوصلو رهيو ناهي.
    ---
    اسان جو ڏسي خالي دامن ڏکارو،
    پنن جيئن اُڀ مان ڇڻي رات آئي.
    ---
    مثالن جي فهرست کي ڊگهي ڪرڻ کان پاسرو ٿي مان ستار جي شاعريءَ جي ڪجهه ٻين حوالن ڏانهن به اچڻ چاهيان ٿو، جيڪي حوالا پڻ فقط ستار لاءِ ئي ڏيئي سگهجن ٿا.
    اڄ جي تاريخ تائين ستار کي شايد ڏسڻ سان، ڏسندڙ اهو گمان نه آڻي سگهي ته ڪو ڀوڳنا جو پاڇو به ستار سان گڏ گڏ هلندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ٻاهران ٻاهران رڳو بخشل باغيءَ کي ساڻس گڏ گڏ هلندي ڏٺو آهي. هن جي ويجهو رهندڙ دوست ۽ هاڻي سندس گهڻا پڙهندڙ ۽ پري رهندڙ ۽ فقط ڪتاب پڙهندڙ اهو ڄاڻي سگهندا ته شاعري هڪ ڊگهي پيڙا جو لاڳيتو سفر آهي، ان جو سنساري آسودگيءَ سان پري جو به لاڳاپو نه آهي ان ڳالهه جو اهي ذهين پڙهندڙ ضرور اندازو لڳائي سگهندا. جن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور کي ڌيان پڙهيو آهي ۽ ان جي شاعريءَ ۾ آيل هُن مالي طور آسودي شخص جي دلي نا آسودگيءَ کي پروڙيو آهي، ڇاڪاڻ ته دلي نا آسودگي ئي سنساري شخص کي عظيم تخليقڪار بڻائي سگهندي آهي. هڪ حوالو جڳ پر سڌ ناول نگار ليئو ٽالسٽاءِ جو به کڻي سگهجي ٿو. نئين ٽهي ۾ هڪ حوالو ستار سندر جي نالي جو آهي، جيڪو شاعر لڳندو نه آهي پر هو شاعر آهي ۽ اهو سندس اندر وارو شخص ٻيو آهي، جيڪو هن جي ٻاهرئين سخت مزاج رکندڙ شخص جي ابتڙ آهي، جنهن هيءُ خوبصورت شعر لکيا آهن.
    لوڪ پڄي ويو ماڳ تي،
    مون کي ٿي وئي دير.
    آئون اڃا ڀي پنڌ ۾.
    ---
    سورن اڀري سٽ.
    درد پنن جيئن پيا ڇڻي.
    مُند خزان جي آ لٿي،
    پيلا ٿي ويا پٽ.
    درد پنن جيئن پيا ڇڻي.
    ---
    گهر جي آ ڳر تي،
    پوڙهو هڪڙو وڻ.
    ڇڏي آخر ويو هليو.
    پٺيان پنهنجيءَ راهه ۾،
    واري جو واهڻ.
    ڇڏي آخر ويو هليو.
    ---
    چي پيو ٿو ٿر.
    آئون صدين جو ٿڪ هان.
    منهنجي من ۾ ٿي ٻري،
    اڻ تڻ جي ڪا ڄر.
    آئون صدين جو ٿڪ هان.
    ---
    سارو لوڪ سُتو،
    آئون اڃا جاڳان پيو.
    نيٺ ته ملنديئن راهه ۾،
    بڻجي ٽانڊاڻو.
    آئون اڃا جاڳا پيو.
    ---
    درد نه پوڙهو ٿيو،
    دنيا پوڙهي ٿي وئي.
    جُڳن کان آ ساڳيو،
    وقت نه پوڙهو ٿيو.
    دنيا پوڙهي ٿي وئي.
    ---
    مون ائين ڀانئيو آهي يا ڀايان ٿو ته وائي سنڌي شاعري جي اهڙي صنف آهي، جيڪا ڀلي نج سنڌي هجي پرٻين کان وڌيڪ صنفي طور ڏکي ڀاسندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي وراڻي ءَ سان نڀاءُ ۽ مٿين سٽ جو وراڻي سان لاڳاپو انتهائي ڏکيو مرحلو هوندو آهي پر سچ پچ ستار نه رڳو ان فني گهرج جو لاجواب پوراءُ ڪيو آهي پر وائي ۾ پنهنجي ڪيفتن سان گڏ سڄي سنڌ جي ڏک کي جنهن فني ڪمال سان اظهار ڏنو آهي، اهو سنڌيءَ ۾ اڄ لکيو ويندڙ شاعراڻي ادب کي ستار جي دين آهي ۽ اها دين هُن جي پاران سنڌي شاعريءَ لاءِ اهڙا خوشبوئدار گل آهن، جن جي خوشبوءِ سنڌي ايندڙ شاعريءَ کي صدين تائين پنهنجو تازو توانو واس ڏيندي رهندي.
    سچ ته اهو آهي ته ستار جون وايون پڙهي مان پنهنجي اڻ سمجهي تي پريشان آهيان ته اها اڳٿي سنڌي شاعريءَ ۾ منهنجي پاران ڇو نه ٿي ته اڳتي هلي ستار سنڌي شاعري کي اهڙيون وايون ڏيندو، جيڪي صرف سندس نالي سان ڪنهن به اڀياس ۾ ذڪر هيٺ اچي سگهنديون. گهٽ ۾ گهٽ سندس همعصرن ۾ مونکي اهڙي سٺي وائي لکڻ جي اميد گهٽ آهي.
    مان اهو به ڄاڻان ٿو ته مايوسي ڪفر آهي پر اڄ جنهن تيزيءَ سان فقط پنهنجي نالي سان گڏ ڪجهه وڌيڪ سٽون ڇپيل ڏسڻ جو شوق وڌي رهيو آهي، جو هڪ اڻ لکو ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته اڳتي هلي شاعريءَ جي نالي ۾ الائي ڇا ڇا ڇپيل اسانکي ڏسڻ لاءِ ملي ۽ اهوسڀ اسان کي پڙهڻ لاءِ پابند به بڻايو وڃي.

    ڌڻي ان ڏينهن کان اسان کي پناهه ۾ رکجانءِ !

    ۽ جيڪڏهن ڌڻيءَ ائين ڪيو ته منهنجو يقين ائين چوندو ته ان دعا اگهامڻ ۾ ستار جي واين جو وڏو عمل دخل شامل هوندو ۽ ان مثال لاءِ ڪنهن وقت ۽ ڪنهن به هنڌ هيءَ ڪتاب پيش ڪري سگهبو، جنهن جي ٽائيٽل تي لکيل هوندو ”ازل کان پاڻ آوارا“
    فني حوالي ۾ جيڪا ٻي / ٽي/ چوٿين يا پنجين يا ان کان اڳئين نمبر واري اهم ترين ڳالهه، ستار جي شاعريءَ ۾ مونکي موهڻ جو سبب بڻي آهي ۽ جنهن سچ پچ مونکي هيءَ ڪجهه لکڻ لاءِ اڻ ميو اتساهه بخشو، اهي آهن ستار جي غزلن ۾ استعمال ڪيل هُن جا قافعا ۽ ان کان وڌيڪ تازگيءَ ۽ احساس سان ڀريل رديف!
    ڪنهن به بيان جاري ڪرڻ کانسواءِ ۽ يقين ڪامل سان مان چوڻ چاهيندس ته ستار جي غزلن جا قافعا، انهن جا رديف ۽ انهن سان نڀاءُ، ستار کي پنهنجي ٽهيءَ ۾ نهايت نهايت اهم ڪري بيهاريندو. هتي ڪجهه مثالن ڏيڻ کان پاڻ کي نه روڪي سگهندي، هيٺ ڪجهه سٽون انهيءَ لاءِ ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيئن اسانجا پڙهندڙ انهن جي حسنا ڪيءَ جو احساس ماڻي سگهن.
    ازل کان پاڻ آوارا، اسان جو پنڌ اڳتي آ.
    -
    ڪيڏو نرمل آب آ تنهنجي نيڻن ۾.
    -
    رنگ ڪيڏا عجب زندگي جا،
    درد نيرو، خوشيون آسماني.
    -
    ٿيون چپن تي اڃا ڀرن سُڏڪا،
    تو ڏنيون جي چميون نشانيءَ ۾.
    -
    هر آئينو تو ساڻ مخاطب ٿيو هُئو،
    تڏهين به پنهنجو چهرو سڃاڻي نه سگهيئن تو.
    -
    سُتل پاڻ خاموش هئاسين پڌر تي،
    ستارن پئي ڳالهيون سليون واڱڻائي.
    -
    ننڊ جي ريشمي راهه تي،
    خواب جگنوءَ جيان منتظر.
    -
    ايتري ناهي چڱي ناراضگي،
    ڇو ڀلا ايڏي ڊگهي ناراضگي.
    -
    ياد ٿڌڙي گُهلي ڊسمبر ۾،
    آڳ دل کي لڳي ڊسمبر ۾.
    -
    اسانجو پنڌ اڳتي آ،
    -
    آ تنهنجي نيڻن ۾،
    ۽ ان کان پوءِ ڪيترائي ننڍڙا خوبصورت رديف، ستار جي غزل جي سونهن آهن جيڪا سونهن فني طور شاعريءَ، خاص ڪري غزل جي شاعريءَ کي وڌيڪ حسين بڻائيندي آهي
    کڻجان،
    آسماني،
    نشانيءَ ۾،
    نه سگهيئن تون،
    واڱڻائي،
    منتظر،
    ناراضگي،
    ڊسمبر ۾،
    اهڙا رديف آهن، جن ستار جي غزلن کي هڪ نجو اظهار جو اعتماد بخشو آهي.
    نيڪ خواهش آهي ته ستار جو اهو اعتماد ڪنهن به تنقيدي ”دٻاءُ “ کي نه قبوليندو ۽ هو هر تنقيد جي صحتمند پهلوءَ کي پنهنجو ڪندو ۽ ان مان پرائيندو، ڇاڪاڻ ته اڃا سندس سفر جي شروعات آهي، پنڌ گهڻو آهي ۽ سفر گهڻو ئي سکاريندو آهي ۽ اعتماد ڏيندو آهي.
    هن ڪتاب ۾ خميمي طور ڪجهه ڏيڍ سٽا، هائيڪا ۽ چئه سٽا پڻ ڏنل آهن جيتوڻيڪ اهي صنفون هاڻ سنڌي شاعري ۾ گهڻي تعداد ۾ لکيون ويون آهن، تنهن هوندي به ستار جي اندر واري شخص جو درد ۽ ان جو اظهار ۽ انهن جو نج پڻو به ظاهر ڪري ٿو ته انهن کي اظهار جي الڳ سڃاڻپ به ڏئي ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته اهي اظهار ستار جائي آهن، جن ۾ هو پاڻ موجود آهي. ائين جيئن هر نج تخلقيڪار پنهنجي تخليق ۾ موجود هوندو آهي ۽ اهو احساس ڏياريندو آهي ته سندس موجودگيءَ کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهجي، ڇا هيءُ سٽون منهنجي ڳالهه کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ مدد نه ڪنديون.؟

    ڄڻ سُڃ لڳي پئي آ،
    هي جندڙي ساري ڏِسُ، ڪا اُڃ لڳي پئي آ.
    -
    ڪا سار پُڳي آهي،
    تو وار ڇڏيا ڇوڙي، هُٻڪار پُڳي آهي.
    -
    احساس پيو اُڏري،
    ڄڻ نيري ”چُنري“ سان، آڪاس پيو اُڏري.
    -
    ۽ ان سڀ کان پوءِ چوڻ لاءِ باقي ڇا ٿو رهجي وڃي، جنهن جي ستار جي هن ڪتاب کي ضرورت آهي. ها! اهو چوڻ ضرور گهرجي ته ستار کي پنهنجي سفر جي هيءَ ٻين خوشگوار اڳتي وڌايل وک مبارڪ هجي ۽ بس

    رکيل مورائي
    22 مارچ 2012ع
    ڪراچي سنڌ


    شاعر پاران

    دوستو! فرق لازمي آهي

    گُذريل ڪيترن ئي مهينن کان منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب صرف ان ڪري ڇپائي هيٺ نه اچي سگهيو آهي جو مان پنهنجي پاران نه لکي سگهيو هوس. خبر ناهي ڇو پاڻ ۽ پنهنجي تخليق متعلق لکڻ ايڏو ڏُکيو لڳي رهيو هو جو مان چاهيندي به ڪجهه لکي نه پئي سگهيس، اُن جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ادب ۾ بي ادب دوستن جو گهڻو شڪار رهيو آهيان اُن ڪري مون وٽ هاڻ الائي ڇو ادبي تعلقات جي اُها ڇڪ نه رهي آهي ڪڏهن، ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ادب جي دُنيا جي ماڻهن کان گهڻو پري ٿي غير اديب ماڻهن کان وڃي ڪُجهه ادب پرائجي.
    بحرحال اِن سڀني مايوسين جي باوجود به خود شاعري منهنجي اُتساهه جو سبب رهي آهي ۽ رهندي.
    هي منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ٿي سگهي ٿو ته آخري هجي ڇاڪاڻ جو مون کي ايئن لڳي ٿو ته هاڻ مان ڪڏهن به لکي نه سگهندس.
    ادب ۾ وڏي ۾ وڏو ڪم مستقل مزاجي سان لکڻ، پڙهڻ، ڪڙهڻ ۽ اُن قافلي سان گڏ گڏ هلڻ آهي. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته مون شاعريءَ جي جهان ۾ پير پاتو ته سهي پر اُن سان نڀائي نه سگهيس. مون رڳو شاعرن جي فهرست ۾ اچي پنهنجو نالو لکرايو ۽ اُهو نالو صرف فهرست جو ئي حصو بڻجي سگهيو، باقي تخليقي حوالي کان مان ڪجهه به نه ڪري سگهيو آهيان. اوهان کان هٿ ٻَڌي معاف وٺندي اِها ڳالهه ڪيان ٿو ته مون جيڪو ڪجهه لِکيو سو پنهنجي ٽُٽل دل کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي آهي پر پوءِ به اُن ڪوشش ۾ ناڪام ئي رهيس. ان ڪري اوهان هاڻ منهنجي شاعري جو هي آخري ڪتاب ”ازل کان پاڻ آوارا“ جي ڪچن، ڦِڪن، شعرن کي پڙهجو. اُنهن ۾ ڀلي ٻيو ڪجهه نه به هجي پر ان ۾ اوهان کي ستار سُندر ضرور نظر ايندو. اُهو ستار سُندر جيڪو اڄ به پنهنجي دوستن کي نه رڳو دوست پر رت جي رشتن کان به وڌيڪ اُتم سمجهندو آهي. اُهو اڄ اُنهن دوستن کان مايوس ضرور ٿيو آهي پر اُن دوستيءَ جي رنگن تي رت جي رشتن جو رنگ حاوي نه ٿيو آهي. مون جو ڪجهه سِکيو آهي ان علمي ادبي شعور جي پالنا تي منهنجو پيءُ ۽ ماءُ ڪڏهن به دعويٰ نٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ جو اِها دعويٰ صرف منهنجا دوست ئي ڪري سگهن ٿا. جن ۾ سڀ کان اول منهنجي پياري دوست بخشل باغي جو ئي حق آهي جنهن کان زندگيءَ جي شعور کان ويندي موت جي لذت تائين مون سڀ حُسناڪيون پَسيون آهن. منهنجو ماءُ پيءُ منهنجي جسماني بلوغت ۽ پسي ڏوڪڙ جا وارث ته ٿي سگهن ٿا پر مان پنهنجي علمي ۽ ادبي شعور جا اصل وارث پنهنجا دوست ئي سمجهان ٿو. جن لئه بخشل باغي به هيئن لکيو آهي ته:

    دوسـتـو فرق لازمي آهي،
    دوستيءَ ۾ دڪانداري ۾.
    (بخشل باغي)

    هِن شاعريءَ جي جهان مون کي منڇر ڍنڍ ۾ چانڊوڪي ۾ جنت جهڙي رات جو نظارو پسايو. جت ٻيڙين ۾ سڄي رات گذاريندي صبح صوفي راڳ جي پُڄاڻي تي ٿي هئي. يا تازو سنڌ جي کاهوڙي ليکڪ اشتياق انصاري جي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ حصو ٻيو جي مهورتي تقريب ۾ سنڌ جي نالي وارن اديبن سميت سنڌ جي ابوجهاد شهيد بشير خان قريشي سان رني ڪوٽ جي اوچين ديوارن جي ڇانوَ ۽ بُرجن جي حفاظت ۾ سياري جي سخت سيءَ واري رات ۾ راڳ ٻُڌندي بسر ٿي. اهڙي طرح سان ڪارونجهر کان ڪينجهر ۽ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين مون سنڌ کي پنهنجي شاعراڻي نگاهن سان پروڙي ڏِسڻ جو شرف ماڻيو آهي. جنهن جي لذت جو ذائقو منهنجي رڳ رڳ ۾ رچي مونکي جيئڻ جو اُتساهه پئي بخشيندو رهيو آهي.

    ستار سُندر
    نواب شاهه سنڌ
    اربع 27 جون 2012ع
    Cell:03003207076
    0333-7037218


    معصوم شاعراڻي سڀاء جو مثال

    شا عري، خواب جي دريءَ مان ڪيل اُهو نارنگي نظارو آهي، جنهن لاءِ اوُجاڳن جي تپسيا جو طويل سفر آواره ۽ خانه بدوش اکين لاءِ انتهائي لازمي آهي، نه ته شاعريءَ جو شانائتو ۽ شاهڪار درشن ننڊ جي نيراڻ ۾ نهوڙجي، پنهنجي حُسناڪين جا حوالا، احساسن ۾ تحليل نٿو ٿيڻ ڏئي، اهڙي حالت ۾ موسمون پنهنجا وار، ڇوڙي فقط ڪنهن ”رُڌاليءَ“ جيان ئي ڏُک جو ڏيک ڏين ٿيون.
    ستار سُندر جي شاعريءَ جي جلندڙ شمع، اوجاڳن ۽ رولاڪين جي ڀرپور آڳ سان هميشه، روشن رهي ڪري، ڌيان جي پروانن کي پاڻ ڏانهن پئي ڇڪيو آهي. هِن جي معصوم ڪويتا جي ڪاڪ، سندس خوابن جي اَڻ پورائيءَ جي خون سان ڪڪوريل پئي رهي آهي، اِهوئي سبب آهي جو هُن جي شاعراڻي دل سدائين درد جي دانهن کي سيني ۾ سانڍيندي رهي آهي، ۽ موٽ ۾ اُن دانهن جي سڏ جو پڙاڏو بڻجي روح جي بيابانن ۾ گونجندي رهي آهي.
    ستار سُندر، شاعريءَ جي شوق واري جُنون کي نيٺ عشق جو گيڙو رنگ اوڍائي پنهنجي صوفياڻي دل کي صدائن جو هڪ اهڙو سلسلو ارپيو آهي، جنهن جي سنگ ۾ هو شاعريءَ جي گلابي چيچ پَڪڙي، ڪنهن آواره عاشق جيان پنهنجي مگن ۾ پئي رهيو آهي، اُن، سندَس من جي مڌهوش مستي ئي هُن جي شاعراڻي شعور ۽ ڪائنات کي سرمست ڪري، امن، پيار، سڄڻ ۽ ساڻيهه واري عالمگير ۽ آفاقي جذبن کي جوالا پئي بخشي آهي.
    ”رنگ پنهنجي پيار جا“ جي پهرين وِک کان پوءِ ”ازل کان پاڻ آوارا“ واري ٻئي قدم تائين وارو سُهاوڻو ۽ سُرمئي سفر اهڙين پُرڪيف، ڪيفيتن جي ڪمال جو نظارو آهي، جيڪو ستار سُندر جهڙي شاعر جي روح جي رنگين دريءَ مان لفظن جي نفيس پوپٽن ۽ خُماريل خوشبوئن جو سُندر روپ وٺي نروار ٿيو آهي. هؤن به عشق ۽ محبت جي آويءَ ۾ پچندڙ پٿون پير، پنهون جي پار ڏانهن ويندي هميشه سَسيءَ جي سِڪ جي آبرو برقرار رکندي ڪڏهن به رڪبا ناهن. ”ازل کان پاڻ آوارا“ ستار سُندر جي معصوم شاعراڻي سَڀاءُ جو انوکو مثال آهي، جنهن جي تخليق جي اُڻت ڪندي ستار سُندر ڪائناتن جي منظرن کان ويندي ٽٽل دل جي درپن تائين جي سڀني احساسن کي پنهنجي پچندڙ پيڙا ۾ رڱي انڊلٺي رنگن جي هڪ مالها جوڙي آهي، جنهن ۾ جُڙيل هر هڪ موتيءَ جي جوت، سُهائي جي احساس سان روح ۾ لهي وڃي ٿي.


    بخشل باغي


    غزل

    زندگاني ايتري آ.

    زندگاني ايتري آ.
    ڳل مَٿان تِر جيتري آ.

    پيار مان ٻانهون پکيڙي،
    هُن چيو، دل هيتري آ.

    خواب ۾ خانه بَدوشي،
    عاشقي جي بَهتري آ.

    تنهنجي ڀاڪر جي ڪَهاڻي،
    ڪير ڄاڻي ڪيتري آ.؟

    پيار! تنهنجي زندگاني،
    آسمانن جيتري آ.


    درد! اکڙيون تار کڻجان.

    درد! اکڙيون تار کڻجان.
    خواب خوشبو دار کڻجان.

    ساهه، سيلاني! سفر ۾،
    ساڻ هُن جي سار کڻجان.

    جي ٿڙي ڪاٿي ڪري پَئون،
    ڀاڪرن ۾ پيار! کڻجان.

    هارِ جي تون آجيان لئه،
    ڪُجهه هَٿن ۾ هارَ کڻجان.

    ڪوبه توسان گڏ نه هلندو،
    لُڙڪ هَڙ ۾ چار کڻجان.


    هي اکيون لُڙڪ، انتظاري آ.

    هي اکيون لُڙڪ، انتظاري آ.
    ڏُک! توسان نڀاءُ جاري آ.

    تنهنجي چهري جي روشني ۾ ڀي،
    تنهنجي لهجي جي رات ڪاري آ.

    هوش آيو جڏهن، ته ڄاتوسين،
    ڪيڏو جيون جو پنڌ ڀاري آ.

    توکي ماڻي سگهيس نه جيون ۾،
    تو اڳيان دوست! شرمساري آ.

    درد جي مِينهن سان نه ٿي آلي
    عشق! تنهنجي مِٽي اُڃاري آ.


    جي هَوا جي هَٿن، ٿي پَوي ڇا ڪجي؟

    جي هَوا جي هَٿن، ٿي پَوي ڇا ڪجي؟
    دل ڇَڻيل زرد پن، ٿي پوي ڇا ڪجي؟

    برف جهڙو ڏَئي پيار پوءِ اوچتو!
    شخص ڪو جي اگن ٿي پوي ڇاڪجي؟

    زندگي هُونءَ ته ڏيندي ٽهڪ گهارجي،
    پر جي ڪنهن سان لگن، ٿي پوي ڇا ڪجي؟

    آس جنهن کي ڇُهڻ جي هُجي روح ۾،
    جيڪڏهن سو گگن، ٿي پوي ڇا ڪجي؟


    ”ازل کان پاڻ آوارا“، اسان جو پنڌ اڳتي آ.

    ”ازل کان پاڻ آوارا“، اسان جو پنڌ اڳتي آ.
    اِهي ساکي اٿئي چارا، اسان جو پنڌ اڳتي آ.

    پُڇين ڇا ٿو اسان کان تون، اسان جي ماڳ جو سائين!
    سڀئي ويجهو اٿئي تارا، اسان جو پنڌ اڳتي آ.

    سفر ۾ روح سيلاني، رهيو آ ڀٽڪندو تنها،
    اَڌورا ساٿ ها سارا، اسان جو پنڌ اڳتي آ.

    محبت جي گَسن تي، ڪيستائين ڇانوَ آڇيندا،
    سکي جا وار هي ڪارا، اسان جو پنڌ اڳتي آ.

    اِهي سڀ ”رنگ پنهنجي پيار جا“، هڪڙو قدم ”سُندر“،
    اِنهيءَ کان ڀي اڃا پيارا! اسان جو پنڌ اڳتي آ.


    روز خوابن ۾ پئي کليا آهيون.

    روز خوابن ۾ پئي کليا آهيون.
    موڪلاڻي تي اڄ مليا آهيون.

    ڪنهن جنم دور ستارا بڻجي،
    پاڻ آڪاس ۾ جليا آهيون.

    ڪا خبر ناهي ماڳ ڪاٿي آ،
    ياد ناهي ڪٿان هليا آهيون؟

    تنهنجو دوزخ، خُدا! نه ساڙيندو،
    پيار جي ڇانوَ ۾ پليا آهيون.

    پُڇ نه آوارگي تون ”سُندر“ جي،
    پاڻ رستن سان پئي رُليا آهيون.


    چوٽ لڳڻ سان ٽُٽندو يارو.

    چوٽ لڳڻ سان ٽُٽندو يارو.
    جيون ٿانءُ، مِٽيءَ جو سارو.

    چنڊ جي هيٺان شام سمي جو،
    اُڀ ۾ چمڪي هڪڙو تارو.

    چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ رنڀي ٿو،
    شايد! مون جيئن آهه اُڃارو.

    خالي گهر ۾ تنها سوچون،
    ٻرندڙ ڏيئو، روشن جارو.

    هُن جون سارون ساهه کڻن ٿيون،
    تڏهن ته جيئرو آهيان يارو.

    ڌُنڌلو، ڌُنڌلو هڪ، هڪ سپنو،
    ديس به ”سُندر“ دونهون سارو.


    سانت جو ڪوئي ساز آهيان مان.

    سانت جو ڪوئي ساز آهيان مان.
    ربّ! تنهنجو ئي راز آهيان مان.

    منهنجي فطرت ۾ عشق جي خوشبو،
    نينهن، نِوڙت ۽ نياز آهيان مان.

    ڪائناتون مون ۾ سمايل هِن،
    جڳ! تنهنجو جواز آهيان مان.

    روح تنهنجي ۾ مان لَهي ويندس،
    محبتن جو مجاز آهيان مان

    تنهنجي لاءِ نه ڪجهه هُجان ليڪن،
    پنهنجي جيجل جو ناز آهيان مان.


    ٿي ڀٽڪي تنهنجي ديري ۾،

    ٿي ڀٽڪي تنهنجي ديري ۾،
    دل گهايل غم جي گهيري ۾.

    ٿا منهنجا نيرا خواب لڳن،
    هُو گُل ٽڙيل ڪانڊيري ۾.

    درد پکيءَ جيئن پاليو آهي،
    هن دل جي مون آکيري ۾.

    قُدرت پنهنجون کوليون اکڙيون،
    پيو ٻَهڪي نُور سويري ۾.

    ايڏي ”سُندر“ اڳ نه ڏٺي مون،
    آهين جيڏي هِن ڀيري ۾.


    آئون ڪيان ڪُڄاڙو يارو؟

    آئون ڪيان ڪُڄاڙو يارو؟
    سامهون هُن جو پاڙو يارو.

    جيون سارو، دونهون، دونهون،
    درد هَڻي ويو ڌاڙو يارو.

    هُن کي ڏسندي شرمائي ٿو،
    ڪيڏو چنڊ لڄاڙو يارو.

    عشق جبينَ جُهڪائي ڏسندي،
    سرمد انگ اگهاڙو يارو.

    اُٿلي پيو آ سمنڊ اکين جو.
    سارو پاڻي ٻاڙو يارو.


    ڏُک لَهر اُٿي آ سيني ۾.

    ڏُک لَهر اُٿي آ سيني ۾.
    پَڪ ايندي هِن مهيني ۾.

    رک روشن دل جي رستي کي،
    ڪجهه نظر نه ايندئي ڪيني ۾.

    تون نيڻن سان به ڏسي نه سگهيئن؟
    ڇا پرک هُئي نابيني ۾.

    اڄ درياءَ جرڪي پيو آهي،
    آ ڪنهن جي سونهن سفيني ۾.

    اڪثر پاڻ سُڃاڻڻ ڪارڻ،
    آهيان ڏسندو آئيني ۾.


    پنن جي هي ڇڻ، ڇڻ، هوا جو آ سرگم.

    پنن جي هي ڇڻ، ڇڻ، هوا جو آ سرگم.
    اِها مِينهن ڪڻ، ڪڻ، خُدا جو آ سرگم.

    اڃا تائين ڪو ڀي نه ڄاڻي سگهيو آ،
    هي ماٺار چؤڏس، صدا، جو آ سرگم.

    سَڄي شهر جا نيڻ سجدي ۾ آهن،
    اِهو نيٺ ڪنهن جي ادا، جو آ سرگم.

    ٻُڌائين ٿا هي لَڙي روز پاڇا،
    هِتي هر حياتي فنا، جو آ سرگم.

    نَچي ناچڻي ٿي ته ائين لڳي ٿو،
    هي پايل جي ڇم، ڇم وفا، جو آ سرگم.

    ڀَلي لوڪ وارا چَون ڇا به ”سُندر“،
    مگر شعر تنهنجو ثنا، جو آ سرگم.


    ياد جا پيرا لٽيندو ٿو رَهي.

    ياد جا پيرا لٽيندو ٿو رَهي.
    وقت، ذهنن کي مٽيندو ٿو رهي.

    نفرتن جي ديس ۾ عاشق رڳو،
    ٻج محبت جو ڇٽيندو ٿو رهي.

    درد هُن جو روح منهنجي کي سدا،
    ٿُڙ تي سارين جيان سٽِيندو ٿو رهي.

    ڪير ٿو هُن کي ڀلا روڪي سگهي،
    هُو ته نيڻن سان ڦٽيندو ٿو رهي.

    لُڙڪ هُن جي ڪينَ نيڻن مان وهيا،
    جيڪو لاشن کي لٽيندو ٿو رهي.


    هر طرف هيءُ ڪنهنجو، آخر هُڳاءُ آهي.

    هر طرف هيءُ ڪنهنجو، آخر هُڳاءُ آهي.
    خوشبو نماءُ ٿي ويو، سارو سَماءُ آهي.

    ڀرجي نه هيءُ سگهندو، چئن چُمين سان ڪڏهين،
    ڏاڍو پُراڻو پيارا، گهرو هي گهاءُ آهي.

    هڪ ئي مِٽيءَ مان آهن، تخليق ٿيا ٻيئي،
    انسان جو ازل کان، هي درد ڀاءُ آهي.

    جيڏو وساريان ٿو، اوڏو ئي ياد پئي ٿو،
    هي ڪهڙو آهي رشتو، ڪهڙو لڳاءُ آهي.

    خاموش هن شهر ۾، هي شعر تنهنجو ”سُندر“،
    گُونجي ائين اُٿيو آ، ڄڻ ڪو پڙاءُ آهي.


    تو نهاريو ڪٿي بي خوديءَ ۾.

    تو نهاريو ڪٿي بي خوديءَ ۾.
    ديد رهجي وئي در جي وٿيءَ ۾.

    ياد آيا وري ڪنهن کي ڏسندي،
    خواب جيڪي ڏٺا زندگيءَ ۾.

    گُل، پوپٽ ڇڏي آيا توڏي،
    اهڙي خوشبو هُئي تنهنجي سڳيءَ ۾.

    تنهنجي گهر جي اڳيان وڻ صندل جو،
    ڄڻ ته عاشق کڙو آ گهٽيءَ ۾.

    بادلن مان ڇڄي آيون بُوندون،
    واس اهڙو هُيو ڪو مِٽيءَ ۾.

    ڪير آيو هُيو رات تو وٽ،
    روشني، روشني هُئي جُهڳيءَ ۾.


    درد دل تي ائين لَٿو آهي.

    درد دل تي ائين لَٿو آهي.
    ڄڻ ته سانوڻ وري وُٺو آهي.

    مون ته توکي ڇُهيو آ خيالن ۾،
    تنهنجو ڳاڙهو ٿيو ڳِٽو آهي.

    اڄ به نيڻن ۾ انتظاريءَ جو،
    تون اچي ڏس! چُڀيل ڪنڊو آهي.

    مون ته پاڇي جي روپ ۾ توکي،
    پاڻ سان گڏ ئي گڏ ڏٺو آهي.

    جنهن کي جنمن جي جاڳ هُئي ”سُندر“،
    اڄ سو آرام سان سُتو آهي.


    وقت جي ويا لُڙهي روانيءَ ۾.

    وقت جي ويا لُڙهي روانيءَ ۾.
    عشق ڪيڏا ڪيا جوانيءَ ۾.

    يا خُدا! ڇا ڪندس تنهنجي جنت،
    سڀ مِلي ويو آ زندگانيءَ ۾.

    تنهنجي ساڙهيءَ جا رنگ اُڏريا پئي،
    مون ڏٺو خواب آسمانيءَ ۾.

    دل جي بيهي ويئي هُئي ڌڙڪن،
    تو ڏٺو ئي نه بي ڌيانيءَ ۾.

    اڄ به سُرخي خطن ۾ آ تازي،
    چپ تنهنجا ٺهيل نشانيءَ ۾.


    عشق توڙي رهي ٿو ڀاڪر ۾.

    عشق توڙي رهي ٿو ڀاڪر ۾.
    اُڃ پوڀي آ دل جي گهاگهر ۾.

    جام مان ٿيون ڏسن اکيون تنهنجون،
    آئون گُم ٿي ويو هان ساغر م.

    دوست! بي جان شعر ناهن هي،
    لفظ آهون ڀرن ٿا ڪاڳر ۾.

    ٿي، نچي ڪائنات ساري اڄ،
    ڇا ته جهنڪار آهي جهانجهر ۾.

    ڪنڌ آخر جُهڪائي ويٺاسين،
    ڇڪ ايڏي هُئي عشق ڪافر ۾.

    هي آهي ڪمال خيالن جو،
    ذهن توکي ڏِسي پيو ظاهر ۾.


    مينهن بڻجي سٽين، ڳڙو آهين.

    مينهن بڻجي سٽين، ڳڙو آهين.
    وقت! ڪيڏو نه بي وڙو آهين.

    خواب نيرا کڻي نگاهن ۾،
    ڪنهن لئه آڪاس! ايئن کڙو آهين.

    ڪينَ هڪ ٻئي کان جُدا ٿينداسين،
    مان جي هان ڪُلف تون ڪڙو آهين.

    آسمانن جي ڄڻ ته صحرا ۾،
    سج! ازل جو اُڃو گهڙو آهين.

    زندگي جي ٻَڌل ڳلي ۾ تون،
    درد! پيو ٿو وڄين! چَڙو آهين.


    ڪيڏو نرمل آب آ تنهنجي نيڻن جو.

    ڪيڏو نرمل آب آ تنهنجي نيڻن جو.
    سنڌوءَ جهڙو خواب آ تنهنجي نيڻن جو.

    ڀاڳ اِهي منهنجا ئي چئبا او سائين!
    مليو ڇو ته ثواب آ تنهنجي نيڻن جو.

    منهنجي چپڙن تي ڏس! پوپٽ اُڏرن ٿا،
    چُميو مون ته گُلاب آ تنهنجي نيڻن جو.

    خاموشي راتين جي ڄڻ ته سوال هجي،
    هرڪو خواب، جواب آ تنهنجي نيڻن جو.

    پڙهندي لفظن ۾ تحليل ٿي ويندس مان،
    حيرت جهڙو باب آ تنهنجي نيڻن جو.

    مان ئي هڪڙو ڪينَ رڳو آهيان ”سُندر“،
    ڇو ته مداح خُدا به آ تنهنجي نيڻن جو.


    پو به اُن ۾ ڪا وئي رهجي ڪَمِي.

    پو به اُن ۾ ڪا وئي رهجي ڪَمِي.
    خواب توڙي آ خُدا جو آدِمي.

    رات پنهنجا وار آلا وئي ڇنڊي،
    باک جو اُجرو بدن ٿيو شبنَمِي.

    منهنجي چپڙن مان اچي خوشبو پئي،
    خواب ۾ هي ڪير تن کي ويو چُمِي.

    رات مون کان ننڊ ۾ ٿيو هُئين جُدا،
    صبح تائين هُئي نگاهن ۾ نمِي.

    سونهن تنهنجي خيال منهنجي ۾ اچي،
    وئي ڪري احساس منهنجا ريشِمِي.

    رنگ جيون کي ڏيڻ جي لئه نوان،
    عشق جو احساس آهي لازِمِي.

    هر خوشي، هر آرزو آهي فنا،
    درد ئي اي دوست! آهي دائِمِي.


    هاڻ ته آهي دل جي منزل خاموشي.

    هاڻ ته آهي دل جي منزل خاموشي.
    جيون ڀوڳي آهه مسلسل خاموشي.

    پاڇن وانگر هڪ ٻئي ساڻ مليا هُئاسين،
    يادن ۾ سي رهجي ويا پل خاموشي.

    درد نه تنهنجو شور اِهو سمجهي سگهندو،
    پنهنجي دل جا سُور اچي سل خاموشي!

    ڪڏهن ته بڻجي پَوندي آهه گهٽا گهاٽي،
    ڪڏهن ته لڳندي آهي دلدل خاموشي.

    هوريان، هوريان دل کي ويڙهي آهه وئي،
    تنهنجي اوسيئڙي جي آ ول خاموشي.

    شور سناٽن جو آهي هر طرف رڳو،
    ”سُندر“ شل ڪا ٿي پئي حاصل خاموشي.


    مُرڪ جا موتيا کڙيا آهن.

    مُرڪ جا موتيا کڙيا آهن.
    لُڙڪ اکڙين ۾ اڄ ٽڙيا آهن.

    حادثا، زندگيءَ جي نيڻن مان،
    ٽيپو، ٽيپو پَئي ڳڙيا آهن.

    پيٽ جي باهه، جاءِ پنهنجيءَ تي،
    پيار جي بُک ۾ سَڙيا آهن.

    جت خوابن جي پُهچ ناهي ڪا،
    نيڻ اُن جاءِ تي اَڙيا آهن.

    هر ڏُکي ويل ۾ مون ڏانهن سُندر،
    درد همدرد ٿي لَڙيا آهن.


    هي قربتن جو ڪَمال آهي.

    هي قربتن جو ڪَمال آهي.
    اسان جو تعلق مثال آهي.

    ڀَرڻ جو وسري ويو هو توکان،
    حيات پنهنجي سو خال آهي.

    وڃي ٿو ماپيندو وقت جنهن سان،
    جياپو اهڙو ڪو وال آهي.

    تون رات آئي هُئين يا دل جو،
    گُمان ۾ ڪو خيال آهي.

    وئي آ هرڪائي چيز مَٽجي،
    وڇوڙو ليڪن بحال آهي.


    ڇا ته سُندر لڳيون آسماني.

    ڇا ته سُندر لڳيون آسماني.
    مون کي تنهنجون اکيون آسماني.

    رنگ ساڙهين جا اُڏرن هوا ۾،
    ساڻ توسان سکيون آسماني.

    موسمن جا مٽيا ويس ڌرتيءَ،
    جيئن هوائون گُهليون آسماني.

    منتظر نيڻ ناسي رهيا جت،
    خواب جون سي ڳليون آسماني.

    رنگ ڪيڏا عجب زندگيءَ جا،
    درد نيرو، خوشيون آسماني.


    هُن جي نيڻن ۾ آب کارو آ.

    هُن جي نيڻن ۾ آب کارو آ.
    تنهن ڪري سمنڊ ڀي اُڃارو آ.

    قيد شيشي ۾ ٿيون مڇيون ڦٿڪن،
    لوڪ لئه پُرڪشش نظارو آ.

    مون سان رُلندو رهي ٿو رستن تي،
    روح رولاڪ بي سهارو آ.

    سمنڊ لهرن ۾ ڏک ڏَسي ٿو پر،
    ڪوبه اُن کي نه ٻُڌڻ وارو آ.

    زندگي آهي ٽُٽل ٻيڙي ڪا،
    موت ڪو مهربان ڪنارو آ.


    ڪيڏيون يادون هُيون نشانيءَ ۾.

    ڪيڏيون يادون هُيون نشانيءَ ۾.
    ٿي ويون گُم اکيون نشانيءَ ۾.

    توکي ٽهڪن جا ٽڙيل گُل ڏيئي،
    لُڙڪ آيس کنيون نشانيءَ ۾.

    ٿيون چپن تي اڃا ڀَرن سُڏڪا،
    تو ڏنيون جي چُميون نشانيءَ ۾.

    تو جي معصوم پيار ۾ مُڪيون،
    تُلسيون مون رکيون نشانيءَ ۾.

    عمر ڀر لئه ڇڏي هلي ويئي،
    هُوءَ وڇوڙو ڏنيون نشانيءَ ۾.


    هِن دل جي اشارن کي به ڄاڻي نه سگهينءَ تون.

    هِن دل جي اشارن کي به ڄاڻي نه سگهينءَ تون.
    محبت ڀَري ڪا موٽ اُماڻي نه سگهينءَ تون.

    توکان ته ستارن جون ڏياٽيون نه گهريون مون،
    پرٽمڪندڙ جگنو به ڪو آڻي نه سگهينءَ تون.

    بڻجي وڃئي نه سانت جو ڪو سمنڊ زندگي،
    ڪنهن جي چپن جو ڇُهاءُ جو ماڻي نه سگهينءَ تون.

    هر آئينو توساڻ مخاطب ٿيو مگر،
    تڏهين به پنهنجو چهرو سُڃاڻي نه سگهينءَ تون.

    لوليون ڏنيون تو ٻين کي سڄي عمر ننڊ جون،
    نيڻن ۾ پنهنجي خواب کي، آڻي نه سگهينءَ تون.


    الئي روح ڦُوڪيو تو ڪهڙي مِٽيءَ ۾.

    الئي روح ڦُوڪيو تو ڪهڙي مِٽيءَ ۾.
    خُدايا! پيا ڀٽڪون سندي ۽ سرشٽيءَ ۾.

    دري کولي تو خواب مون کي ڏيکاريو،
    حقيقت ۾ بيٺو هُيس مان گهٽيءَ ۾.

    مليا درد جوڀن جي رستي تي مون کي،
    ۽ بچپن به گذري ويو تنهنجي ڪِٽيءَ ۾.

    اڃا ٽهڪ ”ڪئمپس“ ۾ تنهنجا ٻُرن ٿا،
    اڃا تنهنجي خوشبو به آ ورسٽيءَ ۾.

    ”گڍي“ تي گهٽائون گلاسن ۾ بَرسيون،
    چڙهيا کيپ سانوڻ کي ڪيڏا مٺيءَ ۾.


    نيڻ تنهنجا چُمان ٿورڙو.

    نيڻ تنهنجا چُمان ٿورڙو.
    ويهه توکي ڏسان ٿورڙو.

    ڪينَ دل تان لَهي تون سگهينءَ،
    ياد آهين اڃان ٿورڙو.

    آس منهنجي رڳو آ اِها،
    ساڻ توسان هُجان ٿورڙو.

    پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀر تون مونکي،
    درد گهٽجي متان ٿورڙو.

    تون جي چاهين ختم ٿي وڃي،
    فاصلو آ وچان ٿورڙو.


    پنڌ تنهنجو پري آ اڃان آدمي.

    پنڌ تنهنجو پري آ اڃان آدمي.
    تو ڪيو آ سفر هي ڪٿان آدمي!؟

    ڪنهن فرشتي خُدا جي نه خواهش اٿم،
    زندگيءَ ۾ رُڳو ٿي پوان آدمي.

    ڪو پَکي ڀي نه ويجهو ٿو تنهنجي اچي،
    آئون توکي ڪئين پو مڃان آدمي!؟

    منهنجي دل کي عجب اڄ سُڪون ٿو مِلي،
    تنهنجي نيڻن ۾ پيو ٿو ڏسان آدمي.

    مون ته ماڻهن جي وچ ۾ به ڳوليو مگر،
    ڪونه آئين نظر تون ڪِٿان آدمي!


    ڪينَ پُوري ڪڏهن به ٿي آ طلب.

    ڪينَ پُوري ڪڏهن به ٿي آ طلب.
    پيار! تنهنجي سدا رهي آ طلب.

    رات ڀر ڀٽڪندي رَهي نيڻين،
    خواب جي ننڊ کي به ٿي آ طلب.

    زندگي پياس پيار جي آهي،
    جنهن، تنهنجي سدا رکي آ طلب.

    چنڊ حيران ٿي ڏِسي پيو ٿو،
    ايڏي مون لئه چڪور جي آ طلب.

    مون کان خواهش جڏهن پُڇي ويئي،
    مون ته تنهجي رُڳو ڪئي آ طلب.


    خوابن جون دريون کُليون واڱڻائي.

    خوابن جون دريون کُليون واڱڻائي.
    سڄي ننڊ ٿي وئي ڦُليون واڱڻائي.

    رُڳو تنهنجا ڀاڪر پيا ياد مون کي،
    مون چوڙيون جڏهن ڀي ڏِٺيون واڱڻائي.

    پُڳي تنهنجي ساهن جي خوشبو جتي ڀي،
    ٽڙيون ڪيتريون اُت ڪليون واڱڻائي.

    سُتل پاڻ خاموش هُئاسين پڌر تي،
    ستارن پَئي ڳالهيون سليون واڱڻائي.

    عجب رنگ ڪيڏا وڇوڙي جا آهن،
    ڪئي يادگيريون ڦُٽيون واڱڻائي.


    ياد ناهي ته ڪنهن ڏنيون آهن.

    ياد ناهي ته ڪنهن ڏنيون آهن.
    چپ منهنجا رُڳو چُميون آهن.

    وقت کانپوءِ تو ڏٺو مُرڪي،
    روح ۾ خواهشون ڦُٽيون آهن.

    ڪيتريون باکون ڦُٽندي هڪ ترمان،
    يار جي ڳل مَٿان ڏٺيون آهن.

    هُوءَ وارن ۾ نيٺ پائيندي،
    پيار جون مُنتظر سڳيون آهن.

    پيئندي دل نه ٿي اڃا ڀرجي،
    چپ ڄڻ مڌ جون وٽيون آهن.


    ٿيون ڪَٿائون، زرد رستا.

    ٿيون ڪَٿائون، زرد رستا.
    زرد آئون، زرد رستا.

    درد ڪيڏا ٿيون اُڏارن،
    اڄ هوائون، زرد رستا.

    ٿي لَهي ڌرتي پنن سان،
    ڄڻ ته لائون، زرد رستا.

    خواب آهن پن، وڻن جا،
    ڏين صدائون، زرد رستا.

    ڇير جو ڇمڪو ٻُسو آ،
    سڀ ادائون، زرد رستا.

    مان اُتي ئي توکي مِلندس،
    جِت خزائون، زرد رستا.


    ٿڪ اچي لاهين، اسان جي نگريءَ ۾.

    ٿڪ اچي لاهين، اسان جي نگريءَ ۾.
    پنڇي پر ساهين، اسانجي نگريءَ ۾.

    نيٺ ته سُک جو سج به اُڀري اچڻو آ،
    ڏک پيا ڪاهين، اسانجي نگريءَ ۾.

    اڄ به ڪوريءَ، هٿ اُڻن ٿا ريشم کي،
    سپنا پيا ٺاهين، اسانجي نگريءَ ۾.

    پيار! لُڏن ٿا هٿڙا تنهنجي آجيان لئه،
    لُڙڪ رُڳو ناهين، اسانجيءَ نگريءَ ۾.

    آزاديءَ جا سپنا سانڍنِ نيڻن ۾،
    ڪونڌر ڪئي آهين، اسانجي نگريءَ ۾.


    آئون تولئه اڃان مُنتظر.

    آئون تولئه اڃان مُنتظر.
    نيٺ ڪيسين رهان مُنتظر.!؟

    ڪينَ اُڀريو سڄي رات چنڊ،
    اک چڪوريءَ جيان مُنتظر.

    تنهنجي پيرن جي آهٽ جي لئه،
    زرد رستا، خزان مُنتظر.

    اُڃ منهنجي نه پُوري ٿئي،
    توسان گڏ ڀي هُجان مُنتظر.

    ننڊ جي ريشمي راهه تي،
    خواب جُگنو جيان مُنتظر.


    درد ۽ انتظار، خاموشي.

    درد ۽ انتظار، خاموشي.
    پو به ڪيڏو قرار، خاموشي.

    ڪائناتون آ پنهنجي اندر ۾،
    ڪير چئي ٿو فرار، خاموشي.

    پنک منهنجا اڃا ٿڪا ناهن.
    تون اڃان ڀي اُڏار خاموشي!

    روز عالم نوان، نوان پايان،
    وار تي آهي وار خاموشي.

    روشني جڳمڳائي ٿي ”سُندر“،
    اڄ ته مُرڪي نِهار! خاموشي.


    ايتري ناهي چڱي ناراضگي.

    ايتري ناهي چڱي ناراضگي.
    ڇو ڀلا ايڏي ڊگهي ناراضگي.

    ذائقو تنهنجي وڇوڙي جو عجب،
    دل رڳو تنهنجي چکي ناراضگي.

    مون ته چاهيو پئي ڀَلي مون ساڻ رُس،
    پر نه تو مون سان ڪئي ناراضگي.

    ڪيتري هُن سان محبت هُئي مگر،
    ڪينَ اورانگهي سگهي ناراضگي.

    زندگي ڀر، پو به هُئاسين همسفر،
    پاڻ ۾ توڙي هُئي ناراضگي.


    سونهن برابر ساهه اسانجو.

    سونهن برابر ساهه اسانجو.
    عشق اٿئي ويساهه اسانجو.

    پن ڇڻ جو تون جُهوٽو آهين،
    تون ڇا ڄاڻين چاهه اسانجو.

    ڪهڙا حال پُڇين ٿو سائين!
    خالي آ درياهه اسانجو.!

    پنهنجو پاند بچائي هلجان،
    دامن آهي باهه اسانجو.

    مايوسين جي جڳ ۾ ”سُندر“!
    تون ئي آن اُتساهه اسانجو.


    توسان جو رابطو رهيو ناهي.

    توسان جو رابطو رهيو ناهي.
    پاڻ تي ضابطو رهيو ناهي.

    هُن جي تصوير آهي ڪمري ۾،
    هُن سان ڪو واسطو رهيو ناهي.

    آئون تو ۾ ۽ مون ۾ آهين تون،
    هاڻ ڪو فاصلو رهيو ناهي.

    درد توسان نڀائجي ها مگر،
    دل کي پر حوصلو رهيو ناهي.

    گڏ ته ”سُندر“ هُئا ڪَئي ليڪن،
    هاڻ ڪو قافلو رهيو ناهي.


    ڪَئي خواب سُرمَئي، کڻي رات آئي.

    ڪَئي خواب سُرمَئي، کڻي رات آئي.
    ستارا، ستارا، بڻي رات آئي.

    سڄو ديس بڻجي ويو رات راڻي،
    الئي ڪهڙي خوشبو هڻي رات آئي.

    ڏنو ڪنهن به آٿت نه هُن کانسواءِ،
    ٿي آٿت مگر هڪ ڄڻي رات آئي.

    اسانجو ڏسي خالي دامن ڏُکارو،
    پنن جيئن اُڀ مان ڇَڻي رات آئي.

    ستارا سندس ڄڻ ته سينگار آهن،
    سُهاڳڻ جيان اڄ بڻي رات آئي.

    لَهي چنڊ آيو هُيو ڄڻ ته ”سُندر“،
    ٻکن ۾ ڀري پدمڻي رات آئي.


    ياد ٿڌڙي گُهلي ڊسمبر ۾.

    ياد ٿڌڙي گُهلي ڊسمبر ۾.
    آڳ دل کي لڳي ڊسمبر ۾.

    تنگ سرديون گهڻو ڪندئي جانان!
    نيٺ ايندينءَ هلي ڊسمبر ۾.

    لوڪ کي ٿڌ وڌا سياڪا پر،
    ڪنهن جي دل وئي جَلي ڊسمبر ۾.

    منهنجي برفيلي بدن لئه ٿي پيا،
    تنهنجا ڀاڪر رَلي ڊسمبر ۾.

    ڏينهن پويان هُئا نومبر جا،
    عشق ويو هو هُلي ڊسمبر ۾.

    هُونءَ ته ”سُندر“ سڀئي مهينا پر،
    هُوءَ مون سان مِلي ڊسمبر ۾.


    دردن جو آ سايو ماضي.

    دردن جو آ سايو ماضي.
    ياد اسان کي آيو ماضي.

    مُستقبل جي اُونداهي مان،
    مُرڪي آ واجهايو ماضي.

    آئون اڪيلو اسٽيشن تي،
    ڦُڙ، ڦُڙ، مينهن وسايو ماضي.

    درد سوا ٻيو ڪُجهه ڀي ناهي،
    گيت اِهو پَئي ڳايو ماضي.

    اوجاڳيل نيڻن ۾ ”سُندر“،
    ڳوڙها بڻجي آيو ماضي.


    آس جي جوت پئي جَلي آهي.

    آس جي جوت پئي جَلي آهي.
    ڪينَ هي دل اڃان پَلي آهي.

    هُوءَ مُرجهائجو وڃي پل ۾،
    نينگري نينهن جي ڪَلي آهي.

    هُن جي پيرن ۾ ڪائناتون سڀ،
    عشق اهڙو اُتم وَلي آهي.

    ڏُک، ڳوڙها ۽ وڇوڙا پو ڀي،
    زندگي انت کان ڀَلي آهي.

    پيار جنميو جتي اسان کي هو،
    مُنتظر اڄ به سا ڳلي آهي.


    ضبط ڳوڙها ڪري لڪائين ٿو.

    ضبط ڳوڙها ڪري لڪائين ٿو.
    پاڻ کي روز آزمائين ٿو.

    پنهنجي من ۾ نه تو وڌي جهاتي،
    عيب ٻين جا مگر ٻُڌائين ٿو.

    وقت آڏو نه ڪنڌ جُهڪيو تنهنجو،
    سونهن آڏو مگر جُهڪائين ٿو.

    چنڊ! آڪاس جي اڱڻ تي تون،
    ڪنهن جي لئه تارڙا وڇائين ٿو.

    عشق! پيلن گُلن جيان دل تي،
    درد ڪيڏا نه تون اُڳائين ٿو.


    پيار مان تو رکيا اکين تي هٿ.

    پيار مان تو رکيا اکين تي هٿ.
    مون کي ڏاڍو وڻيا اکين تي هٿ.

    ڪونه مون تي يقين ٿيو تنهنجو،
    توڙي پنهنجا رهيا اکين تي هٿ.

    ڪيڏو شرمايئي اڳيان منهنجي،
    مون جڏهن ڀي چُميا اکين تي هٿ.

    ڪينَ مون کي پرين! ڇڏي ويندين،
    رک تو هو چيا اکين تي هٿ.

    ٿيو احساس ڇانوَ جو ٿڌڙو،
    ڪنهن جا ”سُندر“ هيا اکين تي هٿ.


    ديوانن جيان ور، ور ورندين.

    ديوانن جيان ور، ور ورندين.
    اوسيئڙي ۾ ڪيسين ڳرندين.

    ڇڏ نه، تنهنجو تُرهو آهيان،
    مون بن اونهي جر ۾ ترندي؟

    مان نه رهيس جي تنهنجي خاطر،
    پوءِ تون ڪنهن جي ڪارڻ مرندين.

    احساسن جي هير گُهلئي جي،
    ٿڌڙي واءُ جيان پيو ٺرندين.

    جيسين آهن خواب اکين ۾،
    جُگنو وانگر ٻهه، ٻهه ٻَرندين.


    اڄ به گُونجي ٿو ساز چوڙين جو.

    اڄ به گُونجي ٿو ساز چوڙين جو.
    ڪو گُلابي آواز چوڙين جو.

    تنهنجون ٻانهون ئي سگهن ٿيون سمجهي،
    هيءُ رنگين راز چوڙين جو.

    ننڊ منهنجي اڃان به ڇمڪي ٿي،
    خواب ٿي پيو جواز چوڙين جو.

    ڌيان سڀنيءَ جو تو ڇڪايو هو،
    نينهن کي هو جو ناز چوڙين جو.

    ساهه جهنڪار ۾ ويا مٽجي،
    چپ ڇُهڻ ۽ انداز چوڙين جو.


    هي وڇوڙو به ٿئي پچي پورو.

    هي وڇوڙو به ٿئي پچي پورو.
    جيڪڏهن تون ڪندين اچي پورو.

    هي جياپو کُٽل، کُٽل ئي رهيو،
    تون ئي ڪر پيار پنهنجو ڏئي پورو.

    خيال رهجي ويل اَڌورو مان،
    تو نه جنهن کي ڪيو لکي پورو.

    ساڻ گڏجي هلين يا ڪينَ هلين،
    پنڌ پنهنجو اٿئي سکي پورو.

    خواب منهنجا سڀئي مڪمل ٿيا،
    مان مِٽيءَ ۾ ئي ٿيس رچي پورو.


    روشني، روشني ڪَرين پيئي.

    روشني، روشني ڪَرين پيئي.
    چنڊ جيان اڄ ته تون ٻَرين پيئي.

    تو چيو دُور ٿي وڃان توکان،
    ڇاڪيان؟ واٽ ۾ وَرين پيئي.

    ڪير ٿو چئي ٻُڏي وِئي آهين،
    تون ته سُهڻي! اڃان ترين پيئي.

    هُوءَ توکي نه جئياپو ڏيندي،
    ڪاڻ جنهن لاءِ دل! مَرين پيئي.

    ڇانوَ وارن جي تون ڪري ”سُندر“،
    زندگانيءَ ۾ رنگ ڀَرين پيئي.


    روشني جي لاٽ آهي.

    روشني جي لاٽ آهي.
    تنهنجي گهر جي واٽ آهي.

    ڪجهه ٿيڻ وارو آ شايد،
    واءُ ۾ سُرٻاٽ آهي.

    وقت سان وڙهندا اچون ٿا،
    اڄ به اوچو ڳاٽ آهي.

    ٿي نه تون مايوس ايڏو،
    ٻاٽ پويان لاٽ آهي.

    اُڃ اُجهائن ٿا مُسافر،
    عشق ڄڻ ڪو گهاٽ آهي.

    کول پنهنجا وار ”سُندر“،
    ساهه تي ٻُوساٽ آهي.


    لُڙڪ نيڻن ۾ لڪايو ٿو اچان.

    لُڙڪ نيڻن ۾ لڪايو ٿو اچان.
    مُرڪ چپڙن تي سجايو ٿو اچان.

    دل وڃي هڪڙي هُئي باقي بچي،
    عشق ۾ سا، ڀي لُٽايو ٿو اچان.

    درد آيا ميڙ ٿي مونکي وٺڻ،
    اڄ خوشين کان موڪلايو ٿو اچان.

    سچ چوڻ جي ڪونه عادت آ وئي،
    دوستيون ڪيڏيون وڃايو ٿو اچان.

    مان هٿن ۾ امن جا جهنڊا کڻي،
    ظلم کي يارو جُهڪايو ٿو اچان.

    ديس خاطر سِرُ ڪپائي دوستو!
    سنڌ جو آئون سڏايو ٿو اچان.

    پيار سان ”سُندر“ سموري ڀونءِ جا،
    راهه تان ڪنڊا هٽايو ٿو اچان.


    هڪ ڏينهن مان ٿي ويندسُ مهمان مٽيءَ جو.

    هڪ ڏينهن مان ٿي ويندسُ مهمان مٽيءَ جو.
    رکڻو آ ڇو ته مونکي ڀي مان مِٽيءَ جو.

    ٽُڪرا ٿي توکي تنهنجا آئينا اهي چُڀندا،
    مون وٽ ته سارو آهي ساما مِٽيءَ جو.

    سڀ کي اکين ۾ پنهنجي هي جاءِ ڏئي ٿي مُرڪي،
    ڪيڏو نه آهي پُختو ايمان مِٽيءَ جو.

    ٻارن جيان خُدا ڀي مِٽيءَ سان راند پئي ڪئي،
    هي کيڏندي جُڙي ويو انسان مِٽيءَ جو.

    ”سُندر“ ملي مٽيءَ سان هر ڪوئي مِٽي ٿيندو،
    ماڻهو به ڇو ته آهي ڪو گيان مِٽيءَ جو.


    پنهنجا آخر پيار ۽ ماڻا ڪاڏي ويا؟

    پنهنجا آخر پيار ۽ ماڻا ڪاڏي ويا؟
    رولاڪين جا ٿاڪ پُراڻا ڪاڏي ويا؟

    رات سَموري چنڊ طرف اُڏري، اُڏري،
    پئي نه خبر ته چڪور هو ساڻا ڪاڏي ويا؟

    توکي ڏسندي جي نه پُڳا ها منزل تي،
    عاشق سي سڀ نيٺ اياڻا ڪاڏي ويا؟

    جن جي هڪڙي گُهور اسان ۾ رنگ ڀَريا،
    ڳوليان پيو سي نيڻ نماڻا ڪاڏي ويا؟

    درد اسانجو ساٿ ڇڏي ويو ڇو ”سُندر“،
    پهر ڏُکن جا لذت هاڻا ڪاڏي ويا؟


    جُهوپڙيءَ ۾ ٻَري جو بَتي رات جو.

    جُهوپڙيءَ ۾ ٻَري جو بَتي رات جو.
    ٿي وئي آ ڦِڪي روشني رات جو.

    ڏينهن جا درد سڀئي سهيڙي وئي،
    روڊ تي جا لٿي چاندني رات جو.

    آسمان تان ٿِڙيو مونکي ايئين لڳو،
    هڪ ستاري ڪَئي خودڪشي رات جو.

    پنهنجو چهرو سُڃاڻي سگهان ئي نٿو،
    مان ڏِسان پوءِ ڪيئين آرسي رات جو.

    ڪير آ جيڪو هيڪل ڪري ويو اٿس،
    جنهن جون راهون تڪي ٿي گِهٽي رات جو.

    آسمان جي ڏُکن جي ڪهاڻي ٻَري،
    چنڊ سان ٿي سِتارن سَلي رات جو.

    ياد توکي ٿي ڏاڍو ڪيم او پرين!
    هير ٿڌڙي جئين ئي گُهلي رات جو.


    نيٺ ڪنهن جي اکين ڪُٺي آهين.

    نيٺ ڪنهن جي اکين ڪُٺي آهين.
    تون به دل !درد جي بُٺي آهين.

    مان سُڪل وڻ جيان هُئس، بيٺو،
    مينهن ٿي جنهن مٿان وُٺي آهين.

    دل جي ڌرتي اڳي هُئي ڪلراٺي،
    جنهن مٿان سَرنهن ٿي ڦُٽي آهين.

    جسم مان روح ويو اُڏامي آ،
    تون جڏهن کان مٺي! رُٺي آهين.

    نيٺ جيون به ٿيو اچي پورو،
    تون جُدائي! نه پر کُٽي آهين.

    تون جو سارون هوا! کڻي ٿي اچين،
    منهنجي محبوب جي چِٺي آهين.

    راهه ۾ تو ڪنڊا وڇايا پر
    زندگي! پوءِ به تون مِٺي آهين.


    تون جو پنهنجا وار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.

    تون جو پنهنجا وار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.
    ڄڻ گُلن-مهڪار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.

    مان پکي ٿي جنهن تي ويهندو هوس سا،
    ڇو پڌر تان تار، ڇوڙي ٿي ڇڏين؟

    روز ٿي اڌ رات جاڳائي اچي،
    سانوري! ڇو سار، ڇوڙي ٿي ڇڏين؟

    پاڻ کي ٽُٽندو پيو محسوس ڪيان،
    تون جو ٻانهُن-هار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.

    روز ٿو ڦاسي سدا ڦٿڪي ”سُندر“،
    تون اکين جا ڄار، ڇوڙي ٿي ڇڏين.


    روز اوسئيڙا اکين کي تو وٽان ملندا رهيا.

    روز اوسئيڙا اکين کي تو وٽان ملندا رهيا.
    نيڻ پنهنجا دُود وانگر جاڳ ۾ دُکندا رهيا.

    اڄ نديءَ ۾ عڪس پئي آڪاس جو تنهنجو لڳو،
    ۽ هوا ۾ تارڙا لهرن جيان ڇُلندا رهيا.

    ايئن لڳو سنڌو جي ڇولين ڄڻ ته پئي ماتم ڪيو،
    اُڀ جيان ٻيئي ڪنارا ماٺ ۾ ڏسندا رهيا.

    واءُ جو ڀي شور ڄڻ، پيغام پئي تنهنجي لڳو،
    ۽ اشارا ٿي وڻن جا ڏار پئي لُڏندا رهيا.

    ننڊ نيڻن تي لٿي گهري ته ايئن محسوس ٿيو،
    چپ تنهنجا ڄڻ ته ”سُندر“ جون اکيون چُمندا رهيا.


    ڪيڏا ڇائيل آهن ڪارونڀار هوائن ۾،

    ڪيڏا ڇائيل آهن ڪارونڀار هوائن ۾،
    شايد ڇوڙيا آهن اڄ تو وار هوائن ۾.

    منهنجي خوابن جا آڪاس ۾ رنگ نظر ايندئي،
    کڻ تون پنهنجا نيڻ خماريل يار هوائن ۾.

    تو وٽ منهنجي اوسئيڙي جو آ احساس اڃان
    تڏهين ٿي محسوس ٿئي هٻڪار هوائن ۾.

    روز پنن جي سُرسان نغما ڳائن ٿا،
    وڻ ڪندا آهن جهومي اظهار هوائن ۾.

    نڻين کي ته ڪري ويون آلو پل ۾ ڇُهندي ئي،
    ڪيڏي اڄ ڪلهه تنهنجي آهي سار هوائن ۾.

    ٿي پيو آ رنگين سڄو آڪاس ته ڏس!
    پيا ٿا لغڙ اُڏائن ڪيڏا ٻار هوائن ۾.


    تو بن منهنجو پيار اڪيلو ٿي ويندو.

    تو بن منهنجو پيار اڪيلو ٿي ويندو.
    هن دل جو سنسار اڪيلو ٿي ويندو.

    ساڀيان جون تون جي نه بهارون آڻيندين،
    سپنن جو گُلزار اڪيلو ٿي ويندو.

    تو تائين جي دل جو ڪونه پُڳو پيارا،
    چپڙن ۾ اظهار اڪيلو ٿي ويندو.

    يادن جا کسجان نه ستارا تون مونکان
    هِن دل جو اُڀ يار اڪيلو ٿي ويندو.

    هي من پوءِ آباد نه ٿي سگهندو ”سُندر“،
    جيڪڏهين هڪوار اڪيلو ٿي ويندو.


    ڪجهه اکين جا عذاب سُندر ڏسُ!

    ڪجهه اکين جا عذاب سُندر ڏسُ!
    ايترا تون نه خواب سُندر ڏِسُ!.

    درد گهٽبو آ دل جو، روئڻ سان،
    هاري نيڻن مان آب سُندر ڏس!.

    سمنڊ هُن کي ڏِسي ٿو جَرڪي پوي،
    سونهن هُن جيءَ جو، تاب سُندر ڏس!.

    هُن جو چهرو فقط نظر ٿو اچي،
    ڪوبه کولي ڪتاب سُندر ڏس!.

    ڇا ٿيو دل - ڪلي جي مُرجهائي،
    هُن جو تحفو گُلاب سُندر ڏس!.


    ڪيڏو نه زندگيءَ سان هُوءَ ڀوڳ ڪري ويئي.

    ڪيڏو نه زندگيءَ سان هُوءَ ڀوڳ ڪري ويئي.
    هر لمحو حياتي جو آ روڳ ڪري ويئي.

    فطرت جا رنگ سڀئي ڏک جي جهلڪ ڏين پيا،
    عالم سمورو دل جو پُرسوڳ ڪري ويئي.

    هاڻي انهيءَ سهاري جيئان جهان ۾ ٿو،
    هوءَ روح جي حوالي آ جوڳ ڪري ويئي.

    هوءَ ويندي ويندي ننڊ جي نصيب ۾ جُهڙالين،
    اکڙين جو خوابن سان سنجوڳ ڪري ويئي.

    احساس کسي مون کان مُرڪن جا سڀئي ”سُندر“،
    منهنجي چپن جا ٽهڪ سڀئي سوڳ ڪري ويئي.


    تنهنجي يادن جي اڃان پولار ۾ ڀٽڪان پيو.

    تنهنجي يادن جي اڃان پولار ۾ ڀٽڪان پيو.
    تُون به آهين، پوءِ به ڇو سنسار ۾ ڀٽڪان پيو.

    تُون چڪوري ٿي آ، تنهنجي انتظاريءَ ۾ اڃان،
    چنڊ ٿي آڪاس جي هُن پار ۾ ڀٽڪان پيو.

    تُون خدا وانگر ڪڏهن مونکي نه آئين سمجهه ۾،
    مان اڃان تنهنجي انهيءَ اسرار ۾ ڀٽڪان پيو.

    ساٿ تنهنجي کان سوا مونکي سدائين ايئن لڳو،
    ڪنهن وڃايل ٻار جيان بازار ۾ ڀٽڪان پيو.

    مان سراپا ٿي ويس ناسور تنهنجي درد ۾،
    زندگيءَ جي ڏِس اچي آزار ۾ ڀٽڪان پيو.


    سندس نفاست هُئي ڏٺوسين.

    سندس نفاست هُئي ڏٺوسين.
    جڏهن به ڪو گُل ڇُهي ڏٺوسين.

    نه ننڊ آئي سُڪون جي ڪا،
    مٽي ڍڪي ڀي سُمهي ڏٺوسين.

    اڃان به تن ۾ آ تنهنجي خوشبو،
    هٿن کي پنهنجي چُمي ڏٺوسين.

    سندءِ اکين جونه شهر وسريو،
    خواب ٿي جو گُهمي ڏِٺوسين.

    نفيس پوپٽ جيان هُئي ”سُندر“،
    نظر سان هُن کي ڇُهي ڏِٺوسين.


    اڄ مُسافر کي اباڻي شهر جو احساس ٿيو.

    اڄ مُسافر کي اباڻي شهر جو احساس ٿيو.
    ڄڻ اُڃين کي بوند ۾ آ بحر جو احساس ٿيو.

    هُونءَ ته پنهنجي شور کان لڳندو هُيو بيزار خود،
    ماٺ ۾ ڇو سمنڊ کي آ لهر جو احساس ٿيو.

    رُڃ ۾ جو سر مٿان هي سج آيو آ چڙهي،
    تنهنجي وارن جي جهڙالي پهر جو احساس ٿيو.

    تنهنجي نيڻن کان هَٽي جڏهين ڏٺي سون سرشٽي،
    اوپرين! تڏهين اسان کي سحر جو احساس ٿيو.

    ڪونه جو ”سندر“ هٿن سان پاڻ کي مليو امرت،
    ها تڏهن هر چيز ۾ آ زهر جو احساس ٿيو.


    پاڻ سان وقت سڀ ڪجهه کڻي ويندو آ.

    پاڻ سان وقت سڀ ڪجهه کڻي ويندو آ.
    واس ڏئي عشق گُل جيئن ڇڻي ويندو آ.

    ڪو کڻي ڪيترا ڀي ڪري وس پر،
    بس وڻڻ وارو پل ۾ وڻي ويندو آ.

    دوست هُن کي چوان يا ڪي دشمن چوان،
    روز جيڪو ڏئي اُڃ گهڻي ويندو آ.

    عشق بن زندگي ايئن گُذري وئي،
    ڪو دنيا مان جيئن بي ڌڻي ويندو آ.

    جنهن لئه ٺاهيوسين شيشي جو ”سُندر“ محل،
    روز تنهن کي سو پٿر هڻي ويندو آ.


    شام جو وڻندڙ نظارو ٿي وڃان.

    شام جو وڻندڙ نظارو ٿي وڃان.
    مان به دريا جو ڪنارو ٿي وڃان.

    پيار مان جنهن کي ڏسين هر روز تون،
    اُڀ تي اهڙو ستارو ٿي وڃان.

    ”رنگ پنهنجي پيار جا“، تون ڏين اگر،
    مان زماني کان نيارو ٿي وڃان.

    تنهنجي خوشبو منهنجي ساهن مان اچي،
    ايترو تنهنجو مان پيارو ٿي وڃان.

    مون مَٿان نظرون هَٽائين تون، مَتان،
    زندگي ڀر بي سهارو ٿي وڃان.

    ساڀيان سڀ خواب ٿي ويندا اگر،
    هُن جي پيرن جو مان چارو ٿي وڃان.

    ڪاش ”سُندر“ جيئن نه ڪو احساس ٿئي،
    ديپ بن ويران جارو ٿي وڃان.


    ڪيڏو هو آواز مِٺو اُن لوليءَ جو.

    ڪيڏو هو آواز مِٺو اُن لوليءَ جو.
    ياد اچي ٿو چين اَمڙ جي جهوليءَ جو.

    ڪيڏو سُهڻو اُڀ ستارن ساڻ لڳي،
    عڪسُ، پرين آ اُن ۾ تنهنجي چوليءَ جو.

    اُڏري ويا سڀ پنڇي وڻ تان ڀڙڪو ڏئي،
    جيئن ئي ٿيو آواز اچانڪ گوليءَ جو.

    ڪاش مان تنهنجا خواب سڀئي رنگين ڪري،
    بڻجي رنگُ هوا ۾ اُڏران هوليءَ جو.

    ساگر ۾ هُونءَ هر پل ساڻ رهن ٿيون پر،
    ”سُندر“ پو به وجود الڳ هر ڇوليءَ جو.


    شخص هڪڙو عشق جي آڪاس ۾ گُم ٿي ويو.

    شخص هڪڙو عشق جي آڪاس ۾ گُم ٿي ويو.
    تو نه ڄاتو تنهنجي ڪوئي پاس ۾ گُم ٿي ويو.

    سج کي لهندو ڏِسي، اُن ڏانهن ڪو ڊوڙيو مگر،
    سمنڊ نيري ۾ سو، سورج-آس ۾ گُم ٿي ويو.

    سمنڊ ٿي جيڪو اسانجي اُڃ آيو هو مٽائڻ،
    سو اسانجي روح جي آ پياس ۾ گُم ٿي ويو.

    ساڻ توسان جو گُلابن سان ڪندو رانديون هُيو،
    اڄ اُهو تنها پرين بنواس ۾ گُم ٿي ويو.

    انتظاريءَ لفظ کان جو شخص واقف ئي نه هو،
    سو ڪيئن ”سُندر“ اچڻ جي آس ۾ گُم ٿي ويو.


    رات ڪيڏي نه آ اُماس، خواب ڀٽڪن ٿا.

    رات ڪيڏي نه آ اُماس، خواب ڀٽڪن ٿا.
    ننڊ آئي نه آهي راس، خواب ڀٽڪن ٿا.

    تون جو آئي نه آهين تن جي ساٿ ۾ مون وٽ،
    هي اکين ۾ تڏهن اُداس، خواب ڀٽڪن ٿا.

    هي خبر توکي ڪڏهن ڀي نه پئي سگهي پيارا!
    اسان جا تنهنجي آسپاس، خواب ڀٽڪن ٿا.

    تو ۾ جڏهن به جاڳ جي نظر سان ڏسندو هان،
    تو ۾ ٿي تارڙا آڪاس! خواب ڀٽڪن ٿا.

    ننڊ جو سمنڊ نظر ڪو نه ٿو اچي ”سُندر“،
    جاڳ جو آ رڳو بنواس، خواب ڀٽڪن ٿا.


    بي رنگيون، بي واس جيون جون ڪَليون.

    بي رنگيون، بي واس جيون جون ڪَليون.
    تو سوا ويران هِن دل جون ڳليون.

    چنڊ مونکي ڇو پري کان ٿو تَڪين!،
    اچ ته ويجهو سور ٻئي گڏجي سَليون.

    رات ڀي واعدو اچڻ جو تو ڪيو،
    رات ڀي منهنجون ٻئي اکيون جَليون.

    ڪا ته ويندي تون اچڻ جي پڪ ڏي،
    يا کڻي بس پاڻ ئي پنهنجو پَليون؟

    ايتري ڇو ڏور ٿي وئي آنهه تون،
    آءُ جلدي روح هڪ ٻئي سان رَليون.

    انتظارن جي خزان ويندي ”سُندر“،
    نيٺ ٿينديون آس جون سايون وَليون.


    زرد ڇڻندڙ شام ٿيندو ٿو وڃي.

    زرد ڇڻندڙ شام ٿيندو ٿو وڃي.
    شخص ڪو گُمنام ٿيندو ٿو وڃي.

    اجنبي هڪ شخص ڏسندي ئي لڳو،
    منهنجي دل جو رام ٿيندو ٿو وڃي.

    پنهنجي يادن جا مٽائي ويو نشان،
    روح خالي گام ٿيندو ٿو وڃي.

    پيار تنهنجي آ ڏني شُهرت پرين!،
    شاعريءَ ۾ نام ٿيندو ٿو وڃي.

    تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي ايئن آ لڳو،
    روح منهنجو جام ٿيندو ٿو وڃي.

    درد ”سُندر“ کي ڪري ٽُڪرا ڇڏيو،
    هر قدم ناڪام ٿيندو ٿو وڃي.


    مُند سانوَڻ، رات برساتي هُئي.

    مُند سانوَڻ، رات برساتي هُئي.
    تنهنجي ڪارڻ دل گهڻو آتي هُئي.

    ياد تنهنجي گُل ٽڙيل رابيل جا،
    تيز پر ڪڏهين تِکي ڪاتي هُئي.

    رات چوڏهين، چنڊ-ليئا جُهڙ منجهان،
    ڪنڌ جي هيٺان تنهنجي ڇاتي هُئي.

    مَنُ تڏهن ئي ڪونه ٿي سمجهي سگهيو،
    ٻولڙي جو عشق جي ٻاتي هُئي.

    سڀ وڃائي گهر وري واپس پُڳي،
    عشق ۾ هي دل به جذباتي هُئي.

    اُن ۾ ڀي احساس تنهنجو هو ”سُندر“،
    ٻار ڳل تي جا چُمي پاتي هُئي.


    ياد جا ڪئي ستارا، ڇڏي ٿي وڃي.

    ياد جا ڪئي ستارا، ڇڏي ٿي وڃي.
    شام ويران چارا، ڇڏي ٿي وڃي.

    مُرڪ موتي سنڀالي کنيو ٿي وڃي،
    لُڙڪ مون لاءِ کارا، ڇڏي ٿي وڃي.

    پير-نيشان گُم ٿيو وڃن خواب جيان،
    لهر جڏهين ڪنارا، ڇڏي ٿي وڃي.

    پنهنجي ساڀيان جي سنڌوءَ ۾ هر روز هُوءَ،
    خواب سڀئي اُڃارا، ڇڏي ٿي وڃي،

    جنهن چريءَ دل جي لئه تو وڇايا ڪنڊا،
    گُل سا تو لئه سارا ڇڏي ٿي وڃي.


    خواب تنهنجا اکيون اُجاري ويا.

    خواب تنهنجا اکيون اُجاري ويا.
    مونکي دنيا نئين ڏيکاري ويا.

    ڦُول وانگر يقين آ ٽڙيو،
    هُو جو هڪڙو دفعو نِهاري ويا.

    مان ته ابدي سُتل هُيس ننڊ ۾،
    سڏ تنهنجا مگر اُٿاري ويا.

    پاڻ سان هُو کڻي ويا سڀ ڪجهه پر،
    ٽهڪ پنهنجا هِتي وساري ويا.

    اڄ ”سُندر“ جي قبر تي روئي،
    نيٺ لُڙڪن جا ديپ ٻاري ويا.


    عشق ريٽو رچي ٿيو آ جذبات ۾.

    عشق ريٽو رچي ٿيو آ جذبات ۾.
    ڏار ڏاڙهونءَ سندا پياٽڙي ڏات ۾.

    لُڙڪ هُن کي خُدا جا ٿا محسوس ٿين،
    ڪو دريءَ مان ڏِسي بيٺو برسات ۾.

    تنهنجي جهولي ۾ ننڊ اهڙي آئي مِٺي،
    عمر گُذري وئي ساري هڪ رات ۾.

    شعر جنهن جا اُڏامن ٿا آڪاس ۾،
    شخص ڪيڏو ڪريل سو هُيو ذات ۾.

    جيت ۾ هار توکان ”سُندر“ کي ملي،
    ۽ وري سوڀ توکان مليس مات ۾


    تون سڙيل گهر جي منظر نگاري نه ڪر.

    تون سڙيل گهر جي منظر نگاري نه ڪر.
    باهه ڏئي پو مٿان برف باري نه ڪر.

    ڪجهه ته دل جي مٿان مينهن ٿي برس تون،
    رُڃ وانگر حياتي اُڃاري نه ڪر.

    ديد نوڙت ۾ صُوفيءَ جيان تون جُهڪاءِ،
    ظُلم دل ۾ ڀري دل شڪاري نه ڪر.

    پَل گُهٽجي مري ٿا وڃن ڪيترا،
    ايڏي شدت سان تون انتظاري نه ڪر.

    داءَ تي هُن جي لئه سڀ لڳائي تون ڇڏ،
    عشق ۾ ڪا به شيءَ تون پياري نه ڪر.

    پنهنجون نرمل نِگاهون تون ڦيري پرين!
    رائيگان عمر ”سُندر“ جي ساري نه ڪر.


    اڄ چپن تي پياس جي تصوير آ.

    اڄ چپن تي پياس جي تصوير آ.
    درد ۾ بنواس جي تصوير آ.

    عشق کي سمجهڻ ڇڏي ڏي او چريا!،
    عاشقي احساس جي تصوير آ.

    جا نه ٿيڻي آ ڪڏهن پُوري پرين،
    زندگي اُن آس جي تصوير آ.

    تون نه ڏسجان منهنجي نيڻن ۾ ڪڏهن،
    ڇو ته تن ۾ ٽياس جي تصوير آ.

    توکي ڏسندي ايئن ٿيو محسوس آ،
    پيار ڀي وشواس جي تصوير آ.


    سَڄي حيات هرڻ جيان ڊُڪياسين واريءَ ۾.

    سَڄي حيات هرڻ جيان ڊُڪياسين واريءَ ۾.
    نه آيو پاڻ کي ڪجهه راس رات ڪاريءَ ۾.

    بهار! ايتريون تخليق ڪر نه خودڪشيون،
    ويندا ڪومائجي ورنه سڀئي گُل ٽاريءَ ۾.

    عذاب جو نه رنگ ڏي تون انتظاريءَ کي،
    ڪيو آ مون خُدا محسوس انتظاريءَ ۾.

    نه ڪي به نيڻ چپن جي نصيب ۾ ها لکيل،
    چُمياسين نيڻ تصور سان عمر ساريءَ ۾.

    ستارا آسمان جي ڍنڍ ۾ پکي آهن،
    ٽِڙيو آ چنڊ ڀي ڪنول ٿي رات ڪاريءَ ۾.


    وقت آڏو ڏٺم مات کائي وئي.

    وقت آڏو ڏٺم مات کائي وئي.
    عمر جوڀن جا جذبات کائي وئي.

    اڄ وري ڪو ٿيو بي گهرو ڀُونءِ تي،
    هُن جي گهر کي جو برسات کائي وئي.

    ڪهڪشائن ۾ هو چنڊ-ميلو الا!
    ڪيئن اچي پل ۾ پرڀات کائي وئي.

    پنهنجي اندر مان هُو ڪونه نڪري سگهيو،
    هُن کي پنهنجي ئي هڪ بات کائي وئي.

    هي سڀئي ڏيک گُم ٿي ويا اوچتو!
    سج جي روشني رات کائي وئي.

    هاڻ رائو نظر جي اڳيان آ ”سُندر“،
    ديد، لُڙڪن جي بارات کائي وئي.


    جي اُڏامي وئي مهڪار، گُل ڇڻي ويندا.

    جي اُڏامي وئي مهڪار، گُل ڇڻي ويندا.
    ڪا نه ايندي پوءِ بهار، گُل ڇڻي ويندا.

    ڇو مروڙين ٿي روز ايڏي بي حسيءَ مان تون،
    ٺاهه ساجن جي لاءِ هار، گُل ڇڻي ويندا.

    او سانوڻيءَ جي هوا هيل نه اچجان تنها،
    جي نه آندئي پرينءَ جا پيار، گُل ڇڻي ويندا.

    دل يادن جي گُلابن سان مهڪندي ئي رهي،
    جي ٽُٽا نينهن جا خُمار، گُل ڇڻي ويندا.

    تنهنجي دم سان ئي واس هُئي حيات ”سُندر“ جي،
    ٿي نه پن ڇڻ جي مُند يار، گُل ڇڻي ويندا.


    اڻ ڄاتل ڪن سُورن جي پيڙا آهيان.

    اڻ ڄاتل ڪن سُورن جي پيڙا آهيان.
    توسان گڏ هوندي ڀي ڏس تنها آهيان.

    سنڌوءَ وانگر نيڻئون تولئه روز وهان،
    مان ڪنهن لهر جي ڀٽڪيل يار صدا آهيان.

    روز ازل کان پنهنجيءَ ڳولا ۾ آهيان،
    ڄاڻڻ چاهيان ٿو مان آخر ڇا آهيان؟

    هاڻ ته ڪابه خوشي محسوس ٿئي ئي نٿي،
    مان جو ٿي ويو اندر منجهه فنا آهيان.

    اندر ۾ اُڀ جيڏي خاموشي ”سُندر“،
    ظاهر ۾ پر سارو مان واڪا آهيان.


    پاڻ کي پاڻ ئي آزمائي ڏسان.

    پاڻ کي پاڻ ئي آزمائي ڏسان.
    لڙڪ نيڻن ۾ اڄ مان لڪائي ڏِسان.

    ڪيتري روشني ٿي جهان کي ملي،
    هڪ ڏيئو شاعري جو جلائي ڏِسان.

    جو رهيو روح ۾ آ سڄي زندگي،
    ٿورڙو اڄ انهيءَ کي ڀُلائي ڏِسان.

    ڪيئن نه ٿيندو ڪڙي کان ڪڙو هي جدا،
    هڪ دفعو مان به زنجير پائي ڏِسان.

    موڙ ڪهڙو ڏسئون ٿي ويٺي عاشقي،
    ڳالهه دل جي به هُن کي ٻُڌائي ڏِسان.


    لڙڪ لهرن جا ٿو هاري درد مان.

    لڙڪ لهرن جا ٿو هاري درد مان.
    سمنڊ ٿو ڪنهن کي پُڪاري درد مان.

    هي پکي ڪنهن کي الائي ايترو،
    روز ٿو ٻولي، سنڀاري درد مان.

    ڪجهه ته شايد ٿو چوڻ چاهي تڏهن،
    چنڊ تنها ٿو نهاري درد مان.

    دل دُکايل شاهه جي درگاهه تي،
    آس پُوري لئه گذاري درد مان.

    هاءِ! ڪو ”سُندر“ سنڌوءَ جي ڪپ تي،
    ڪاغذي ٻيڙيون پيو تاري درد مان.


    شام جو ڳاڙهو ائين آسمان هو.

    شام جو ڳاڙهو ائين آسمان هو.
    ڪنهن جي سُرخيءَ جو لڳو نيشان هو.

    پيار بن جو وقت گُذري ويو هتي،
    سو لڳي ٿو زندگيءَ جو زيان هو.

    رات گهر ۾ ڪيتري هُئي روشني،
    رات آيو پاڻ وٽ مهمان هو.

    درد، ڪمرو، هوءَ ۽ ڪجهه ها ڪتاب،
    هيءُ جيئڻ جي لئه مليو سامان هو.

    هاڻ سو نظرون کڻي ڏسندو نه آ،
    ڪالهه ڪيڏو پنهنجو جنهن وٽ مانُ هو.

    راهه ڀٽڪي ڀي پُڳاسين ماڳ تي،
    تو ۾ جو پنهنجو پڪو ايمان هو.

    موت جي ڪُن ۾ به ٻُڏندي او پرين!
    تو طرف پنهنجو سمورو ڌيان هو.


    ڳوڙها ڳڙي ڳلن تي ها ماڪ ٿي پيا.

    ڳوڙها ڳڙي ڳلن تي ها ماڪ ٿي پيا.
    توکي ڏٺئون ته نيڻ پرين پاڪ ٿي پيا.

    هو ساٿ تنهنجو سائنڻ! ڪنهن نمُ جي ڇانوَ جهڙو،
    هِن دل تي تنهنجي نانءُ جا هِن چاڪ ٿي پيا.

    هر راهه جي پُڄاڻي تو وٽ اچي ٿئي ٿي،
    تنهنجي ڳليءَ جا پير هي رولاڪ ٿي پيا.

    تنهنجي چپن جي پياس کنيو ڀٽڪندا وتن،
    تنهنجي چپن جا چپ جو هيراڪ ٿي پيا.

    هاڻي ته صرف تنهنجي ئي گهر جا، دريون ۽ در،
    ”سُندر“ جي نگاهن جا سڀئي ٿاڪ ٿي پيا.


    ميڻ ماڻهو هُيو، پر ڇُرو ڪونه هو.

    ميڻ ماڻهو هُيو، پر ڇُرو ڪونه هو.
    هي سماج ايترو اڳ برو ڪونه هو.

    کيس طبيعت ڪکن جيئن هُئي هلڪڙي،
    شخص ڌرتي جيان هُو ڳرو ڪونه هو.

    مون ته ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي گهڻي،
    درد جي سمنڊ کي پر ترو ڪونه هو.

    هونءَ ته هُن وٽ جيئڻ لاءِ سڀ ڪجهه هُيو،
    ماڻهپي جو وٽس پر ذرو ڪونه هو.

    ديد شايد انهن تي نه تنهنجي پئي،
    تنهن ڪري باغ ۾ ڪجهه هرو ڪونه هو.

    جنهن ڏيئا ٻاري ماڻهو ڏٺا ڏينهن جو،
    سو حقيقت ۾ ”سندر“ چريو ڪونه هو.


    درد جي برسات ايندي اوچتو.

    درد جي برسات ايندي اوچتو.
    موت جي بارات ايندي اوچتو.

    سڀ خوشيون ميڙي کڻي ويندي هلي،
    ها جڏهن ڀي تات ايندي اوچتو.

    سونهن ٿي ويندي امر ڪائنات جي،
    شاعريءَ جي ڏات ايندي اوچتو.

    ها، سڀئي جيتي به ويندي هارجي،
    زندگيءَ کي مات ايندي اوچتو.

    ننڊ، ڪن ڪيئن نيڻ هي منهنجا ”سُندر“،
    هوءَ جا هڪ رات ايندي اوچتو.


    ڪير ڪنهن کان ٿي ويو اڄ ڌار اسٽيشن مٿان.

    ڪير ڪنهن کان ٿي ويو اڄ ڌار اسٽيشن مٿان.
    هاءِ ! رهجي ويو اڌورو پيار اسٽيشن مٿان.

    هل ته موٽي گهر هلون هي ماءُ پئي هُن کي چيو،
    پُٽ پئي ليڪن ڪيو انڪار اسٽيشن مٿان.

    روز پنهنجي ڪوُڪ سان هي ريل ايندي آ ڪندي،
    ڄڻ پُراڻي درد جو اظهار اسٽيشن مٿان.

    دل اسان جي هي جڏهن پي هاءِ ٿيندي آ اُداس،
    لڙڪ لاڙيندا آهيون پوءِ يار اسٽيشن مٿان.

    جنهن گهڙي هوءَ موڪلائي واپسي ويئي هئي،
    ٿي ويو هُن ساڻ هو جو پيار اسٽيشن مٿان.

    اڄ به ڪو ساڳي پراڻي بينچ تي ويٺو ڪري،
    روز هي ڪنهن الئه انتظار اسٽيشن مٿان.


    رات، مون ننڊ - چارا وڃائي ڇڏيا.

    رات، مون ننڊ - چارا وڃائي ڇڏيا.
    هن اکين خواب سارا وڃائي ڇڏيا.

    تنهنجي شدت ۾ دل ايڏو گم ٿي وئي،
    پل جوڀن جا پيارا وڃائي ڇڏيا.

    ڏيک ڳوليندي تنهنجي اکين جو پرين،
    زندگيءَ سڀ نظارا وڃائي ڇڏيا.

    دل چڪوري سدا چنڊ جي چاهه جي،
    جُستجوءَ ۾ ستارا وڃائي ڇڏيا.

    زندگي رنگ جوڀن جو ماڻيو مگر،
    ننڍپڻ جا سهارا وڃائي ڇڏيا.

    تنهن ڪري عشق جي سير ۾ پئي ٻُڏي،
    ساٿ جا دل ڪنارا وڃائي ڇڏيا.

    پوءِ نظر ڪيئن ”سُندر“ اچي هي جهان،
    تنهنجا، نيڻن اشارا وڃائي ڇڏيا.


    ڪو به اچڻو نه آ پر نهاري پيو.

    ڪو به اچڻو نه آ پر نهاري پيو.
    من چريو ديپ ڪنهن لاءِ ٻاري پيو؟

    خواب تنهنجا ڏسڻ لئه سُتو مس هُئس،
    ڪير آهي جو مون کي اُٿاري پيو.

    درد هُن جي شدت آ گهٽائڻ لڳو،
    مون کي شايد هُو هاڻي وساري پيو.

    مان ته اُجڙي به ڏس نکرندو پيو وڃان،
    ڪير آ مون ۾، مون کي نکاري پيو؟

    ڪيئن چوان مون کان وسري ويو آهين تون،
    عڪس مان عڪس تنهنجو نهاري پيو.


    حيرانيءَ مان گس ڏسن ٿا ڪاڏي وئي.

    حيرانيءَ مان گس ڏسن ٿا ڪاڏي وئي.
    مون کان ڳوٺ جا وڻ پُڇن ٿا ڪاڏي وئي.

    اسٽيشن تي مُند جهڙالي سوچيان پيو،
    ڦُڙ، ڦُڙ بادل تيز وسن ٿا ڪاڏي وئي.

    تنها، مان ٿي يار تماشو بڻجي ويس،
    مون تان سڀئي ڏيک کِلن ٿا ڪاڏي وئي.

    هر ڪنهن ايندڙ ويندڙ کان هي نيڻ سندم،
    خاموشيءَ ۾ ڄڻ ته پُڇن ٿا ڪاڏي وئي.

    تنهنجي چهري تي ڇو رونق ناهي ”سنُدر“،
    مون کان منهنجا دوست پُڇن ٿا ڪاڏي وئي.


    مون ته سوچيو هو تون لکندين پيار ڪاڳر جي مٿان.

    مون ته سوچيو هو تون لکندين پيار ڪاڳر جي مٿان.
    تو لکي ليڪن ويئنءَ انڪار ڪاڳر جي مٿان.

    هر اکر ۾ عڪس تنهنجو آ نُمايان ٿي پيو،
    ٿورڙو تون غور سان نهار ڪاڳر جي مٿان

    لفظ ڪونجن جيان قطارون ڏِسُ! ڪري اُڏرن پيا،
    مون ائين تنهنجي اُتاري سار ڪاڳر جي مٿان.

    پوپٽن جي هو بجاءِ، بندوق ٺاهي ٿو پيو،
    هاءِ ! اڄ جي دؤر جو هي! ٻار ڪاڳر جي مٿان.

    لفظ هي آهن ڪوي جا ازل کان ساٿي رهيا،
    ٿو تڏهن دل جو اُتاري بار ڪاڳر جي مٿان.


    مونکي تنهنجي چپن جو سهارو مليو.

    مونکي تنهنجي چپن جو سهارو مليو.
    ڄڻ ته ٻُڏندڙ کي آهي ڪنارو مليو.

    هاڻ ڪاڀي خوشي جي طلب ڪانه آ،
    درد تنهنجو اسانکي نيارو مليو.

    ياد تنهنجي گهٽيءَ جو آ رستو فقط،
    پاڻ کي ٻيو نه ڪوئي به چارو مليو.

    هر قدم وکرندا پاڻ آهيون رهيا،
    پاڻ کي ڪو سميٽڻ نه وارو مليو.

    سمنڊ جيڪو پري کان ٿي آيو نظر،
    سو به ”سُندر“ صدين جو اُڃارو مليو.


    مون ڏٺا جي شاعريءَ جا خواب ها.

    مون ڏٺا جي شاعريءَ جا خواب ها.
    عارضي سي زندگيءَ جا خواب ها.

    اُڀ هو ننڊ جو محل ۽ تارڙا،
    چنڊ جي ڄڻ ڪي بتيءَ جا خواب ها.

    نيڻ جي بچپن ۾ ڳوليندا هُئا،
    آسماني ڪنهن پريءَ جا خواب ها.

    تنهن وڃي پوءِ ڪئي هُن کان خودڪشي،؟
    جنهن ڏٺا هن زندگيءَ جا خواب ها.

    زندگي حقن آ اسان سمجهيو هئو،
    دراصل سي خود ڪشيءَ جا خواب ها!

    تنهن ڪري ”سُندر“ پلئه پئي دشمني،
    مون ڏٺا جو دوستيءَ جا خواب ها.


    روح پنهنجي لئه خود مان خلا ٿي وڃان.

    روح پنهنجي لئه خود مان خلا ٿي وڃان.
    تون جي نظرن کي ڦيرين فنا ٿي وڃان.

    جنهن کي پنهنجي زُبان تي تون آڻين سدا،
    پيار جي ڪاش اهڙي ڪٿا ٿي وڃان.

    تنهنجي دل تائين جيڪا پُڄي او پرين!
    درد جي مان ڪا اهڙي صدا ٿي وڃان.

    منهنجي شايد تڏهن ئي ڪا تڪميل ٿئي،
    پاڻ کان پاڻ جڏهين جُدا ٿي وڃان.

    تنهنجي نيڻن مان دنيا کي تخليق ڪيان،
    مان جي هڪڙو دفعو ئي خُدا ٿي وڃان.


    مون کي منهنجي پرين ذات مان وڃ ڪڍي.

    مون کي منهنجي پرين ذات مان وڃ ڪڍي.
    هِن اَنا جي انڌي رات مان وڃ ڪڍي.

    موت جو ئي سَهي روپ ڌاري ڪو اچ،
    هِن حياتيءَ جي سڪرات مان وڃ ڪڍي.

    ذهن تي خيال ٿا خودڪشيءَ جا ڦرنِ،
    تون انهيءَ مون کي جذبات مان وڃ ڪَڍي.

    جيت جي روز جاڳي ٿي خواهش پَوي،
    عشق جي مون کي هِن مات مان وڃ ڪڍي.


    وينگس هو ڇوڙيون وار وڃي ٿي ڪاڏي.

    وينگس هو ڇوڙيون وار وڃي ٿي ڪاڏي.
    اُن پويان هر نهار وڃي ٿي ڪاڏي.

    هُو! رات جي ٻيڙيءَ ۾ لڳي رهي آ. مُسافر،
    تارن سندي قطار وڃي ٿي ڪاڏي.

    رات جي ٻيڙي منجهه مسافر پويان،
    تارن سندي قطار وڃي ٿي ڪاڏي.

    پيهي تي بيٺو سوچي هاري کڻي کانڀاڻي،
    اُڏندڙ ولر جي جهار وڃي ٿي ڪاڏي.

    گهر جي آڳنڌ ۾ بيهي مان شام جو سوچيان ٿو،
    پکين سندي هو! اُڏار وڃي ٿي ڪاڏي.

    روز خزانا مونکي تخليقن جا ڏيئي
    ”سُندر“ پَو هُن جي سار وڃي ٿي ڪاڏي.


    درد تنهنجا دل چريءَ جي سنگ ها.

    درد تنهنجا دل چريءَ جي سنگ ها.
    زندگي! تنهنجا هزارين رنگ ها.

    تو جنين کي ڪونه هو مُرڪي ڏٺو،
    سي سڀئي چهرا ڏٺم بي رنگ ها.

    آسمان جو رنگ نيرو زهر هو،
    هي سڀئي، سورج، ستارا ڏنگ ها.

    عُمر ساري ڀٽڪندو تن ۾ رهيس،
    تو ڏنا جي خواب، سارا جهنگ ها.

    پنڌ ”سُندر“ پو به پئي هلندو رهيو،
    توڙي راهن ۾ سندس ئي سنگ ها.


    تو سوا هاڻ ”سُندر“ رُلي ٿي گهڻو.

    تو سوا هاڻ ”سُندر“ رُلي ٿي گهڻو.
    واءُ بڻجي گهٽين ۾ گُهلي ٿو گهڻو.

    دل ۾ چاهت کي ڏاڍو لڪايان ٿو مان،
    چاهه جو هُل پو ڀي هُلي ٿو گهڻو.

    زخم سيني ۾ سانڍيا اٿم پيار جا،
    درد جو سمنڊ پوڀي ڇُلي ٿو گهڻو.

    مون کان پل ڀي هُو وسري نٿو پيار ۾،
    ياد منهنجيءَ کي پر هُو ڀُلي ٿو گهڻو.

    درد شايد وڌي آ ويو او پرين!
    پاڻ کي تنهن ڪري هي مِلي ٿو گهڻو.


    رات پئي ٿي ماڪ هاري گُل مَٿان.

    رات پئي ٿي ماڪ هاري گُل مَٿان.
    روز ائين ٿي نيڻ ٺاري گُل مَٿان.

    جا چُمي پوپٽ اُڏاريندي هُئي،
    اڄ اُها پوپٽ پئي ماري گُل مٿان.

    منهنجو چهرو ڄڻ تلاشيندي هُجي،
    ان طرح هوءَ پئي نهاري گُل مٿان.

    پنهنجي چپڙن-پنکڙين سان هوءَ لکي،
    نانءُ ٿي منهنجو سنواري گُل مٿان.

    زندگي توکي ڏسي ائين گهاريان،
    جيئن اُڏامِي ڀونئر گهاري گُل مَٿان.

    هَوءَ بڻجي آئينو اڄ خود ”سُندر“،
    پنهنجو چهرو ٿي ڏيکاري گُل مٿان.


    درد، سُڏڪا، اسانجو ڏس ڏيندئي.

    درد، سُڏڪا، اسانجو ڏس ڏيندئي.
    زرد چهرا، اسانجو ڏس ڏيندئي.

    دل جڏهن ڀي چَوئي هليو اچجان،
    سڀ رستا، اسان جو ڏس ڏيندئي.

    ڳول تون گهر ۾ شام جا سڀئي،
    توکي پاڇا، اسانجو ڏس ڏيندئي.

    اُجري پاڻيءَ ۾ توکي چوڏهينءَ جا،
    چنڊ-ليئا، اسانجو ڏس ڏيندئي.

    تون نه گُلڙن ۾ ڳولجان ڪڏهين،
    ڇو ته ڪنڊا، اسانجو ڏس ڏيندئي.

    تون ٿو ڳولين خلا ۾ پر توکي،
    سج-سجدا اسانجو ڏس ڏيندئي.


    گيت

    گيت

    عشق ڏنو آ ڏس، اسان کي.
    عشق ڏنو آ ڏس ،
    ٻاهر ڪنهن کي ڳولين ٿو تون؟
    پنهنجي اندر پس، اسان کي،
    عشق ڏنو آ ڏس.
    ڇو ٿو بيهي هر، هر سوچين،
    پيار ۾ ناهي ڪس، اسان کي،
    عشق ڏنو آ ڏس.
    سونهن ڇڪي ٿي چڪمڪ وانگر،
    پاڻ تي ڪونهي وس، اسان کي،
    عشق ڏنو آ ڏس.
    آس نه لاهي، اوسيئڙو ڪر،
    پوڄ پريئن جو گس، اسان کي،
    عشق ڏنو آ ڏس.
    جيون گُذريو آهي ڪؤڙو،
    چاهه ڀريو ڏي چس، اسان کي،
    عشق ڏنو آ ڏس.


    نظم

    نظم

    اَمن جي اڇي ڪبوتر،
    ساک هُن جي هُئي ڏني.
    هُوءَ امام ضامن جي،
    ڇانوَ ۾ نڪتي هُئي.
    سج لَٿو هو شام ٿي هُئي،
    پر پکيڙي سڀ پکيئڙا،
    ماڳ پئي پنهنجي وريا.
    ها مگر هڪڙِي ڪبوتر،
    ۽ امام ضامن کي.
    موت ويو اغوا ڪري،
    موت ويو اغوا ڪري.

    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي.


    چئو سٽا

    چئو سٽا
    درد دُکي ٿو خوشبو بڻجي،
    دل صندل جي ڪاٺي آهي.
    سُر جي آڏو سِرُ گهوريائين،
    عشق چريو جذباتي آهي.



    مون جو تنهنجو ڪيو تصور آ،
    خوشبو، خوشبو ٿيو تصور آ.
    رونقون، رنگ گُم ٿيا سڀئي،
    تنهنجي هيڪل ڪيو تصور آ.


    وايون

    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394479
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159441
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ