ڪتاب جو نالو: ملائيشيا 12 سال بعد
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2003
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 825 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 356 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا بابت لکيل آهي. هونئن ته زندگيءَ جو وڏو عرصو ملائيشيا ۾ گُذاريندي پاڻ ان مُلڪ توڙي شهرن تي گهڻو ئي لکيو اٿئون پر هن سفرنامي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو پاڻ ملائيشيا ڇڏي اچڻ کان 12 سال پوءِ وري وڃي ڪيل مُشاهدن جي بُنياد تي لکيو اٿن. اڳي ته کين جهازراني يا وري جهازين کي پڙهائڻ جي نوڪري لاءِ وڃڻو ٿي پيو جنهن لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ بُڪنگ ۽ سڄو شيڊول طئي ٿيل هوندو هو پر هن دفعي هي خانگي ٽوئر هو تنهنڪري مختلف انداز سان ڪيل سفر جو ذڪر آهي. پراڻن دوستن سان ملاقاتون ۽ اُهي جايون جتي پاڻ وڏو عرصو نوڪري ڪيائون اُهي ڏسڻ ۽ انهن تي رايا هن ڪتاب جو حصو آهن جيڪي يقيين پڙهڻ وٽان آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • سنڌ جو ٽُوگُڊ بواءِ – الطاف شيخ
  • ڪراچي کان ڪوالالمپور
  • ڪوالالمپور ايئرپورٽ کان ٻاهر.....
  • اسان جا ۽ ملائيشيا جا وزير
  • ڪنهن جي مثال جي ضرورت ناهي
  • ڪوالالمپور کان نيوزيلئنڊ ويندڙ جوان
  • هنن هٿن ۾ ٻهارا
  • ملائيشيا ۾ مانيءَ جو مسئلو
  • پاڪستاني سفير ۽ اطهر ابڙو
  • ڪوالالمپور ۾ سنڌي دوستن سان ملاقات
  • ملاڪا ڏي روانگي
  • ملائيشيا جون چچيون، شاديون ۽ طهر
  • سنگاپور کي هرڪو پسند ڪري ٿو
  • چيني درزياڻي ۽ صفيه سان ملاقات
  • وري ڪڏهن ملنداسين ساٿيو
  • ننڍي هوندي ڍڳيون چاري
  • آئون ماستر ٿي رهيو آهيان
  • ملائيشيا - مختصر مختصر

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (104) سفرنامو ملائيشيا 12 سال بعد اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن محترم الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچي جي روحِ روان انعام عباسي جي ڪاوشن سان 2015ع ۾ ٻيهر ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    انتساب

    هڪ بيحد پياري شاگرد ۽ دوست ڪئپٽن رزالي يعقوب نالي جنهن سان منهنجي رفاقت ويهن سالن کان هلندي اچي. ملائيشيا، سنگاپور ۽ سئيڊن ۾ ساڻس گڏ گهاريل عرصو آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس.
    -الطاف.



    Khusus untuk anak murid yang taat dan sahabat karib saya Captain Razali Yaacob. Kenangan yang menjangkau 20 tahun di mana kami sempat bersama keluarga di Malaysia dan Sweden amat membawa maana yang istimewa kepada hidup kami sekeluarga. Semoga ingatan peristiwa yang berlalu dapat dijadikan sempadan dan tauladan dalam jangka hayat yang singkat ini. Walaupn kami tinggal berjauhan, ingatan kami sentiasa di hati.

    Di pelabuhan Melaka terdapat banyak tongkang,
    Di Bandar Bersejarah ini juga banyak perigi,
    Kalau ditakdirkan umur kita panjang,
    InsyaAllah kita akan brjumpa lagi.

    -Altaf Shaikh


    سنڌ جو ٽُوگُڊ بواءِ – الطاف شيخ

    جتي سنڌي ٻوليءَ جي ’س‘ به ڪانهي ڏسبي. الطاف شيخ جا ڪتاب توهانکي اُتي به پيل نظر ايندا. مثال جي طور تي توهان کي ڪراچي ۾ مختلف ملڪن جي ڪائونسل جرنلن جي لئبريرين ۾ ڪو به سنڌي ٻولي جو ڪتاب نظر نه ايندو پر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي هڪڙي ئي ليکڪ جا ڪتاب پري کان پڌرا نظر ايندا. توهان يقينن سمجهي ويا هوندا ته اِهو ڪتاب هوندو انهيءَ ملڪ جو الطاف شيخ پاران لکيل سفرنامو. جيڪي ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ مواد جي بابي تي به ڪاوڙيل هوندا، الطاف شيخ جي لکڻين جي اُهي به ساراهه ڪندي ٻڌبا. الطاف شيخ ڀانيان ٿي ته اُهو پهريون سنڌي آهي جنهن کوهه جي ڏيڏرن جي هن قوم کي پنهنجي بحري سفرن تي لکيل سفرنامن وسيلي دنيا ڏانهن هڪڙي دري کولي ڏني. الطاف جي ڪتاب کان دنيا جا ٿورڙا ملڪ ئي باقي بچيا هوندا.
    ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌ جا وڏيرا يا ائين کڻي چئون ته سنڌ جا جيڪي ڀاڳن وارا الله جا پيارا سنڌ مُلڪ کان ٻاهر يورپ، ڏُور اوڀر، ملائيشيا يا هانگ ڪانگ جهڙن مشهور مُلڪن جي زيارت جو ٻيڙو ماڻڻ ويندا هئا ته الطاف شيخ جي سفرنامن کي رهبري ۽ رهنمائي جو شرف بخشيندي ساڻ کڻي ويندا هئا ۽ انهن سفرنامن کي پڙهي پڙهي پنهنجو اندر ساڙيندا هئا. ڇاڪاڻ جو انهن اڙل وڇيرن کي شيخ جي سفرنامن منجهان گهربل معلومات ڪڏهن به ملي ڪانه سگهي هوندي.
    اسان جي هڪ مهربان قدردان ساٿي آهي جنهن جي ذهني هاضمي جي ور دنيا جهان جا چڱا ڪتاب ۽ چڱا ليکڪ چڙهي چُڪا آهن. سنڌي ادب اختيارن ۽ ليکڪن جي باري ۾ سندس راءِ ڪجهه ٺيڪ ڪانه هئي. ٿورن لفظن ۾ ائين سمجهجي ته سندس ناقص خيال موجب سنڌي ادب ۾ لفاظي وڌيڪ ۽ ڪم جي ڳالهه گهٽ آهي. پر جڏهن هُن الطاف شيخ جا ڪجهه ڪتاب بَسُن ۾ سفر ڪندي ڳڙڪايا ته يڪدم چيو.
    He’s too straightforward, informative and highly morale unlike most Sindhi writers.
    (هو ٻين سنڌي ليکڪن کان الڳ هڪ سڌو سنئون، معلومات فراهم ڪندڙ ۽ اخلاق جو بلند ليکڪ آهي.)
    جي ڪڏهن توهان الطاف شيخ جي سفرنامن جا Regular گراهڪ آهيو ته توهانئي اِهو ٻڌي پڪ سان حيرت ڪانه ٿيندي ته الطاف شيخ بئنڪاڪ جو سفرنامو به ائين لکيو ڄڻ ته مديني جي پاڪ گهٽين ۾ رسول صه جي روضي مبارڪ جو ديدار ڪرڻ فرمائيندا هجن. اِها بلندي الطاف شيخ جو ئي ڪمال آهي جنهن کي ڇهڻ ٻئي ڪنهن بيڪار بندي جي وَسَ جي ڳالهه ڪانهي.
    الطاف چار کن ڏهاڪن کان Non Stop لکندو پيو اچي. ۽ مونکي اِها ڳالهه ٻڌي ساڻس شديد ساڙ ٿيو ته هُو اڄ به گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڪلاڪ لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڏئي ٿو.
    الطاف شيخ جو هيءُ ڪتاب ’ملائيشيا ٻارنهن سالن بعد‘ جيڪو توهانجن هٿن ۾ آهي. اِنهيءَ جا ڪجهه باب مون آفيس ۾ ويٺي واندڪائيءَ جي وقفن وچ ۾ پڙهيا ۽ سوبه پورن ٻن مهينن ۾..... ۽ آخرڪار جڏهن هي ٻن Kgs جو مسُودو اڄ گهر کڻي آئي آهيان تڏهن توهانجي پڙهڻ لاءِ هي سٽون لکڻ ويٺي آهيان.
    هن ڪتاب جي شروعاتي Chapters ۾ توهانکي ڪراچي جي هڪ اهڙي نوجوان جو به قصو ملندو جنهن کي ليکڪ الاءِ ڇا سمجهيو پر هُو نڪتو ڪجهه ٻيو. الطاف شيخ انهيءَ همراهه جي فون نمبر کان وٺي ٻي به ڪيتري ئي اهم ڄاڻ نوٽ ڪئي آهي سو توهان ڪراچي جي ان نوجوان جي پيءُ سان فون تي ڪچهري ڪري کانئس نوجوان جي شروعات کان بهترين تربيت جي موضوع تي چاهيو ته انٽرويو به وٺي سگهو ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر توهانکي هن ڪتاب مان ڪوالالمپور ۾ واپار وڙي يا ضروري ڄاڻ لاءِ ڪجهه سنڌين جي ڄم تاريخن، شجري ۽ حسب نسب سان گڏوگڏ فون نمبر ۽ Email ايڊريسون پڻ ملي وينديون.
    الطاف شيخ سنڌ جو هڪڙو ماڊرن مَست آهي جيڪو ننڊ ۽ جاڳ هر حالت ۾ سنڌين جي ترقيءَ ۽ چڱائيءَ جي خواهش ڪري ٿو. هو نعرا هڻڻ بنان ئي ماٺ ميٺ ۾ سنڌ جي اُها خدمت ڪري پيو جيڪا چوويهه ڪلاڪ سنڌ سنڌ جي تسبيح پڙهندڙ سنڌ تي ساهه ڏيڻ جون دعوائون ڪندڙ ۽ سنڌ جي ڳڻتيءَ ۾ ڳرندڙ ۽ ڪجهه نه ڪندڙ ڪڏهن ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهن. حيدرآباد جي ’ادب‘ رسالي جي 2002ع جي شماري ۾ سندس ڇپيل هڪ انٽرويو پڙهيم جنهن ۾ هن پڙهندڙن لاءِ پيغام کان وٺي اڻ پوري خواهش، پسنديده/ناپسنديده شخصيت کان وٺي عشق محبت جي باري ۾ خيال لکڻ جي محرڪ کان وٺي سفرنامي لکڻ جي عوامل، عالمي ادب جي ڀيٽ کان وٺي سفرنامن جي بنيادي ڪارج تائين هر سوال جي جواب ۾ مٿيرائي گهيرائي اِها ڳالهه ورجائي ته سنڌين کي اکيون کولڻ گهرجن. محنت ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ شديد ترقيءَ سان ڊوڙ پڄائين، پڙهن، سنجيده ٿين، ۽ خاص طور تي وقت برباد ڪرڻ کان پاسو ڪندي، ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض نڀائين. عوام جي خدمت ڪن. خاص طور تي سندس سفرنامن ۾ ڏنل مشورن تي عمل ڪن ۽ هو جيڪي ٻين مُلڪن جا سِٽَ سِٽَ ۾ مثال ڏيندو آهي تنهن مان سبق حاصل ڪري اُنهن جهڙا ٿيڻ لاءِ پاڻ پتوڙين.
    الطاف جي وڏائيءَ جو اندازو مونکي تڏهن ٿيو جڏهن هُن مون کي هي پنا ڪارا ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو فون ڪيو، چيائين ’مان الطاف شيخ ٿو ڳالهايان توهان الاءِ مون کي سڃاڻو ٿيون الاءِ نه؟“
    سوچي، الاءِ ڪهڙو الطاف- الطاف شيخ ته سنڌ ۾ هڪڙو ئي آهي، ٻيو الطاف حسين آهي. چيم، ”جيڪو سفرناما لکندو آهي؟“ چيائين، ”جي بلڪل!“
    چيم، ”توهان کي شاباس هجي جو چؤ ٿا ته مان توهانکي سڃاڻان ٿي الاءِ نه- مونکي حيرت ته اِن تي آهي ته توهان مونکي سڃاڻو ٿا.“
    الطاف جي هڪ ٻي ڳالهه به منهنجي لاءِ Unusually حيرتناڪ هئي، چيائين، ”مان دعوتن ۾ گهٽ ويندو آهيان. جيڪو ٽائم ملي ته ويهي لکندو آهيان. دعوتن ۾ وڃو ته هروڀرو ساراهون ڪن، کڻي عرش تي چاڙهين- ماڻهوءَ جو دماغ خراب ٿي وڃي ۽ ڪنهن نه ڪم جو ٿيو وڃي.“
    الطاف جي اڃا ئي ٽين ڳالهه جيڪا عام طور تي اسان ماڻهن ۾ ورلي ڪو لڀندي، سا آهي سندس فرض شناسي- انهيءَ ۾ به بنيادي مقصد اِهو ته ’چوندا ته سنڌي ڪو آهن ئي نڪما‘- سو انهيءَ چوڻي ۽ سنڌين بابت عام خيال کي رد ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي وس کان به وڌيڪ پنهنجي ذميداري (نوڪريءَ جي حساب سان) پابنديءَ سان نڀائي ٿو.
    اسان وٽ سفرنامو لکڻ يا پنهنجي ڪيل سفر پوءِ کڻي اِهو ٽنڊي ٺوڙهي کان وٺي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن تائين جو هجي يا کڻي لاهور ۽ اسلام آباد جو، پنهنجي سمجهه ۽ سوچ جو اظهار لکڻ وسيلي ڪرڻ، سنڌ جي نام نهاد سنجيدي لڏي وٽ هڪڙي ٺٺول ٿي پيو آهي. مان ڀانيان ٿي اِهو رويو ضرورت کان به وڌيڪ غير سنجيده آهي، سفرنامي لکڻ جي وصف ته الائجي ڇا آهي پر سفرنامو ناول جيان نثري ادب جي هڪڙي اهڙي شاهڪار صنف آهي جيڪا زندگيءَ جيتري ئي گوناگون ۽ گهري آهي. الاءِ ڪهڙي ليکڪ چيو هئو ته، ”مان جيترو سفر ڪندو آهيان- اوترو ئي پنهنجن ڪتابن لاءِ مواد ڪَٺو ڪري وٺندو آهيان.“ سفر کي اردو دانن ڀاڳ سان ڀيٽيو آهي. ۽ ڌرتيءَ جي نڪور نام نهاد طاقت آمريڪا به سفر جو ئي ثمر آهي.
    الطاف شيخ جي سڀ کان وڏي خوبي اِها آهي ته هو اسان سنڌين جي خاص خوبين کان وانجهيل آهي. مثال، اجاين ڪچهرين ۽ گلاخورين ۽ پاڻ پڏائڻ کان پري آهي. سفر مان ڪڪ ڪو نه ٿو ٿئي. الطاف تمام گهڻو Organised آهي- اِها هڪڙي خاص Professional عادت آهي ۽ ها سڀ کان وڏي ڳالهه ته الطاف Professional يعني پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو آهي.
    الطاف جي عمر ڊگهي آهي- ڀانيان ٿي 60 کن سال- اسان وٽ ليکڪن جون عمرون عام طور تي ٻه ٽي سال مَس ٿين. معاف ڪجو. ڪتابن جي جاءِ تي مان سال لکي ويس. مهرباني ڪري مٿين سٽن ۾ جتي سال لکيو اٿم اُتي ڪتاب ڪري پڙهجو. الطاف شيخ جي لاڳيتو ۽ ايترو گهڻو لکندي رهڻ جو جيڪو سبب مونکي سمجهه ۾ اچي ٿو سو مسلسل هلچل، مطالعي ۽ مشاهدي کانسواءِ سندس اندر ۾ لڪل اُهو ٻار آهي جنهن جو خواب سنڌ کي هڪ بهتر جاءِ ۽ سنڌين کي دنيا جا بهترين شهر ڏسڻ آهي.
    الطاف شيخ کي هن ئي ڪتاب مان ڪجهه Quote ڪيل سٽن سان ڀيٽيان ٿي.
    “Down through the forest walks a man guided by the light of the moon
    It was midnight month of June
    He knew he would reach a beach soon
    And when he did
    It became clear that it was dangerous
    And full of ashes
    but when he looked up
    And saw the smiling face of the moon
    He continued....
    knowing he would reach home soon”

    (جون جي ڪنهن آڌيءَ رات ۾،
    هڪ شخص
    چانڊوڪيءَ سهاري
    ڪنهن ٻيلي وٽان گذرندي
    ڪناري لاءِ واجهائي ٿو
    هن کي ڄاڻ هئي ته ضرور
    هُو پهچندو پنهنجي منزل تي.
    ...
    جڏهن تي پهچي
    خطرو ۽ ڪوهيئڙو پَسي ٿو
    تڏهن وري مٿي
    چنڊ جو مرڪندڙ چهرو ڏسي
    گهر جي دڳ ڏانهن هلي ٿو...)

    انيتا شاهه
    جولاءِ 2003ع


    ڪراچي کان ڪوالالمپور

    ڪراچي جناح ايئرپورٽ جي ڊپارچر لاؤنچ ۾ لڳل گهڙيال ۾ پورا ٻارنهن ٿيا ته ڪوالالمپور يعني ملائيشيا ويندڙ مسافرن کي جهاز ۾ چڙهڻ جو سڏ ٿيو. آئون پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجهي ٻڌايل دروازي وٽ قطار ۾ اچي بيٺس. اڳيان پويان نظر ڊوڙايم. مسافرن جو ڪو خاص وڏو تعداد نه هو جو جهاز ۾ چڙهڻ وقت ۽ خاص ڪري سامان رکڻ ۾ ڪا پيهه پيهان ٿئي. نه ته منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته جهاز ۾ چڙهڻ جو اعلان ٻڌي قطار ۾ اڳيان وڃي بيهجي جيئن سيٽن مٿان سامان رکڻ جي ڪئبينيٽ ۾ پنهنجو ٿيلهو رکڻ جي جاءِ ملي وڃي نه ته سيٽ اڳيان پيرن ۾ سامان رکڻ سان منهنجي ڊگهين ٽنگن لاءِ مسئلو ٿو ٿئي ۽ سڄو سفر ٽنگن کي چٻو ڪري وهڻو پوي ٿو.
    مون سان گڏ ملائيشيا هلندڙ مسافرن کي غور سان ڏٺم. ڪجهه شلوار قميص ۾ پٺاڻ هئا. انهن کي اتي ڪنهن فرم، ڪمپني يا جهاز تي نوڪري ملي هوندي يا ملائيشيا جا شهري هوندا. پاڪستان ۾ پنهنجن مائٽن سان ملي پنهنجي ملڪ ملائيشيا موٽي رهيا هوندا.
    ملائيشيا ۾ سرحد ۽ پنجاب جا ڪيترائي رهن ٿا جن جا وڏا ٻي جنگ عظيم کانپوءِ اتي ئي ترسي پيا. پٺاڻن جا ته ڳوٺن جا ڳوٺ آهن. مسافرن ۾ ڪجهه پاڪستان آفيسر به لڳي رهيا هئا جن مان ڪجهه جو واسطو ملڪي سفارتخاني يا ٻين ملائيشيائي ادارن سان هوندو. اسانجا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنير، پروفيسر ۽ بزنيس مين ملائيشيا ۾ رهن ٿا. ڪجهه نوجوان ڇوڪرا به هئا جيڪي ملائيشيا جي مختلف ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ وڃي رهيا هئا يا نيوزيلئنڊ، آسٽريليا وغيره وڃڻ لاءِ انهن ملڪن جي ڪوالالمپور واري هاءِ ڪميشن مان ويزا وٺڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. ملائيشيا ويندڙن ۾ ڪجهه ڏاڙهين ۽ جبن ۾ ملائيشيا جا شاگرد پڻ هئا جيڪي هتي پاڪستان جي ڪنهن مدرسي ۾ مذهبي تعليم حاصل ڪري پنهنجي وطن موٽي رهيا هئا. ٽي چار ملئي فئمليون به هيون جن جي مردن کي ته مغربي ڊريس ’سوٽ بشرٽ‘ پهريل هو پر عورتن کي ملئي لباس ’باجو ڪورنگ‘ هو. پاڪستان اڄ ڪلهه اهڙو Safe ته تصور نٿو ڪيو وڃي جو اهي هتي گهمڻ (ٽوئرزم) لاءِ آيا هجن. ٿي سگهي ٿو سندن واسطو سندن سفارتخاني سان هجي يا پاڪستان ۾ موجود ڪنهن ملائيشيائي ڪمپنيءَ سان.
    جهاز کي ساڍي ٻارهين بجي اڏامڻو هو سو پنج منٽ کن قطار ۾ بيهاري اسان کي جهاز ڏي هلڻ لاءِ چيو ويو. جهاز ۾ گهڙڻ سان خبر پيئي ته هي جهاز هتان ڪراچي کان هلڻ شروع نه پيو ٿئي پر اڳهين ڪنهن ملڪ کان مسافر کڻي ڪراچي پهتو آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ مسافرن سان ڀريل هو. هونءَ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جي هن فلائيٽ جي سالن تائين ڪوالالمپور، دهلي، ڪراچي روٽ هئي ۽ ٻئي ڏينهن وري ساڳيو رستو ڏيئي جهاز ڪوالالمپور ويو ٿي. يارهين سيپٽمبر کانپوءِ هوائي جهازن جي پروگرامن ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. ڪيترين ئي ڪمپنين پنهنجا جهاز هلائڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ڇو جو ڊپ کان ماڻهن ٻاهر نڪرڻ ۽ جهاز ۾ چڙهڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. ڪيترين ڪمپنين پنهنجا جهاز ڪن خاص خاص اڏن تي لاهڻ ڇڏي ڏنا آهن جيئن سنگاپور جي هوائي ڪمپني نٿي چاهي ته سندن ڪو جهاز پاڪستان ۾ لهي. ٻيو ته ٺهيو ڪنهن پاڻي واري جهاز تي ڪو پاڪستاني آهي ته ان کي سنگاپور گهمڻ لاءِ جهاز تان نٿا لهڻ ڏين. هنن کي شايد هر پاڪستاني چور، ڊاڪو يا Terrorist لڳي ٿو. هاءِ ڙي هاءِ قسمت! اڄ کان ٽيهارو سال اڳ سنگاپور چورن ۽ ٺڳن کان مشهور هوندو هو. سنگاپور جي هر بس تي اتي جي چئني قومي زبانن (انگريز، چيني، تامل ۽ ملئي) ۾ چورن ۽ جيب ڪترن کان خبردار ڪيل هوندو هو ۽ سج لٿي کانپوءِ ته سٽي سينٽر کان چانگي وليج يا ووڊ لئنڊ ڏي ويندڙ اسان ڌارين مسافرن کي مڪاني ماڻهو جهليندا هئا ته ملڪ ۽ ماحول خراب آهي. ۽ اڄ اهو ملڪ اسان لاءِ سيد پير ٿي پيو آهي ۽ اسان جهڙا باگڙي ڀيل. ظاهر آهي هاڻ چوريون ۽ ڌاڙا اسان وٽ لڳن، وهٽ ۽ انسان اسان وٽ اغوا ٿين. هر اوڙي پاڙي جي ملڪن جا بدمعاش ۽ ڏوهاري پناهه لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچي رهن..... ته پوءِ اهو ئي حال ٿيندو ۽ دنيا کي اسان لاءِ ان ئي قسم جو Image ملندو.
    بهرحال جهاز ۾ وهڻ بعد جلد ئي خبر پئجي وئي ته جهاز ابوظبي کان پيو اچي ۽ منجهس گلف پاسي جا عرب ويٺل آهن. ڪي ڇڙها (اڪيلا مرد ۽ نوجوان) هئا ته ڪي فئملين سان هئا جن جا نٺر ۽ سڪيلڌا ٻار سڄو سفر ڪا نه ڪا هُر ڇُر ڪندا رهيا يا روئندا رهيا ۽ MAS ڪمپنيءَ جون ايئرهوسٽسون باقي مسافرن کي ڇڏي (خاص ڪري ڪراچيءَ مان چڙهيلن کي)، هنن ٻارن جا انگل پورا ڪنديون رهيون. بلڪ عرب مسافرن تان به ساهه صدقو پئي ڪيائون. هيستائين ملائيشيا ۾ رڳو يورپ ۽ چين ڪوريا پاسي جا ڪنگلا ۽ ڪنجوس سياح (Tourist) ايندا رهيا ٿي جن ملائيشيا ۾ رهي پئسو گهٽ ٿي خرچ ڪيو پر سهولتون وڌيڪ ٿي حاصل ڪيون. الله ڀلو ڪري اسامه بن لادن جو (يا جنهن به يارهين سيپٽمبر وارو واقعو ڪيو) هاڻ عرب آمريڪا ۽ يورپ وڃڻ بدران ملائيشيا وڃڻ لڳا آهن ۽ ملائيشيا جي عوام ۽ حڪومت هنن ڊگهن نڪن وارن مردن ۽ برقعن ۾ وڙهيل عرب عورتن مان خوش آهي جو اهي رهائش، کاڌي پيتي ۽ شاپنگ تي خوب پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ ملائيشيا وارن جي خوشحالي ٿي رهي آهي ۽ بقول هڪ دبئي جي عرب جي جيڪو ان جهاز ۾ سوار هو ”اڄ ڪلهه يورپ يا آمريڪا وڃڻ ذلالت آهي. ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر ۽ ٽئڪسي ڊرائيور کان وٺي هوٽل جو بئرو ۽ دڪاندار اسان عربن تي شڪ ڪري ٿو. ان ڪري اسان لاءِ ملائيشيا وڌيڪ ويجهو، ماڊرن ۽ فضيلت وارو ملڪ آهي جتي اسان کي VIP ٽريٽمنيٽ ملي ٿي.“
    ’ٺهيو هاڻ مون سمجهيو ته ملائيشيا وارن گلف (ابوظبي) تائين ڇو روٽ وڌائي آهي،‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ملائيشيا جا ماڻهو هاڻ اهي جهنگ جا ماڻهو نه رهيا آهن. ڪيڏا سياڻا ٿي ويا آهن. حالتن جو جائزو وٺي گلف ۾ به گهڙي پيا ۽ هاڻ سندن ايئرلائين هڪ طرف پئي ڪمائي جو هن دور ۽ هوائي خوف وارين حالتن ۾ به سندن جهاز مسافر سان ٽٻ آهن ته ٻئي طرف سندن ملڪ جي ٽوئرزم (ڌارين ماڻهن جي گهمڻ) ڪري ڪمائي پئي ٿئي. هڪ اسان جي قومي ايئر ڪمپني PIA آهي جيڪا هن سڄي علائقي ۾ پراڻي ۽ بهترين هوائي ڪمپني هئي سا ختم ٿي وئي. ”اباجي“ جي چوڻ تي رائونڊ واري محل لاءِ سنگاپور کان سڄو جهاز وڻن جي چڪين سان ڀرجي ايندو ويندو ته اهو ئي حال ٿيندو. هڪ آفريڪن ليکڪ جو ڪتاب پڙهيو هوم جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ” ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي غربت جو سبب عوام ناهي پر اسان جا سياستدان ۽ ليڊر آهن جيڪي ووٽ وٺڻ بعد عوام جي خدمت ڪرڻ بدران عوامي ادارن جا مالڪ ٿيو وڃن. ملڪ جي قومي بئنڪن، هوائي ۽ سامونڊي جهاز ران ڪمپنين ۽ ٻين ادارن کي- ويندي پوليس ۽ جوڊيشري کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ريپ ڪن ٿا.“
    بهرحال هن وقت 11 سيپٽمبر جي واقعي ڪري ملائيشيا ۽ عربن لاءِ سٺو ٿيو. ملائيشيا گهمڻ بهاني عربن کي اها پڻ خبر پوندي ته هر ڳالهه ۾ رڳو لنڊن ۽ نيويارڪ ناهي. ايشيا جا به ڪيترائي شهر اتم اتاهان، ماڊرن ۽ گهمڻ جوڳا آهن. ۽ جيڪي مشينون، اليڪٽرانڪ اوزار ۽ موٽر ڪارون فرانس، جرمني ۽ سئيڊن جهڙا ملڪ ٺاهي سگهن ٿا اهي هن پاسي ايشيا جا ملڪ، جپان، ڪوريا، سنگاپور ۽ ملائيشيا وغيره به ٺاهي سگهي ٿو. ابوظبي جي هڪ عرب مسافر ٽئاليٽ جي ٻاهران انتظار دوران ٻڌايو ته ابوظبي ۾ هڪ مسجد ٺهي رهي آهي ان جو فائبر گلاس جو گنبذ ملائيشيا جي هڪ ڪمپني ٺاهي رهي آهي ڇو جو ملائيشيا ۾ اڄ ڪلهه ڪيترين مسجدن جا گنبذ هن مٽيريل جا ٺهيل آهن جيڪو آر، سي، سي يا ٻئي مٽيريل کان سستو، هلڪو، مضبوط ۽ سنهو ٿو رهي. هو (عربُ) ان سلسلي ۾ ڪوالالمپور وڃي رهيو هو.
    بهرحال هوائي جهاز ۾ گهڙڻ مهل مونکي لڳو ته منهنجي شولڊر بئگ (ٿيلهي) لاءِ سيٽ جي مٿان واري خاني ۾ جاءِ نه ملندي ۽ پيرن ۾ ئي رکڻي پوندي پر ائين نه ٿيو. مٿي ڪافي جاءِ هئي جنهن ۾ بئگ کي ڦٽو ڪري پاڻ کي آزاد پنڇي محسوس ڪرڻ لڳس. وڏي بئگ ته ايئرپورٽ تي ئي ڪارگو حوالي يعني بئگيج ۾ ڏئي چڪو هوس. هاڻ سڄو سفر مونکي رڳو ٽنگون ڊگهيون ڪري ننڊون ڪرڻيون هيون ۽ اخبار پڙهڻي هئي. اخبار هر قطار ۾ لڳل ٻن ٻن سيٽن تي هڪ هڪ رکيل هئي. اسان واري قطار جي اخبار دريءَ پاسي ويٺل ٽيهه پنجٽيهه سالن جو جوان جيڪو شڪل ۾ پاڪستاني لڳي رهيو هو، پڙهي رهيو هو. آئون هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيرائي سامهون ڀت ۾ لڳل رئڪ مان هڪ اخبار New Strait ٽائيمس کڻي آيس. ڀر واري کان اخبار وٺي پڙهڻ بهتر نه سمجهيم ڇو جو مون جهاز ۾ وهڻ سان اخبار يا ڪنهن ٻي نموني سان پاڙي واري سان فري ٿي پوءِ ڳالهائڻ جو سلسلو شروع نٿي ڪرڻ چاهيو. فجر کان وٺي آئون سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ اهڙو رڌل رهيو هوس جو هاڻ هي اڏام وارن ڇهه ڪلاڪن مان مون گهڻي کان گهڻو وقت سمهڻ ٿي چاهيو جيئن صبح جو اٺين بجي ڪوالالمپور هوائي اڏي تي لهڻ وقت تازو توانو محسوس ڪري سگهان. جهاز مسافرن سان ڀرجي رهيو هو. اڏام جو وقت ساڍا ٻارنهن ٿي رهيو هو پر ڪراچي هوائي اڏي تي مسافرن جي هلندڙ سخت چڪاس ڪري اڃان ڪجهه مسافر رهيل هئا. بهرحال ڏهه پنڌرهن منٽن اندر جهاز کي هلڻو هو ۽ هڪ بجي تائين گهربل Altitude تي پهچڻ بعد ايئرهوسٽس مسافرن کي ماني ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪن ۽ سندن اچ وڃ ۽ مسافرن جي پاڻي، چانهه، بلاڪيٽ لاءِ گهر گهر هلندي هلندي ڪلاڪ کن لڳي وڃي يعني هن رات جي سفر واري جهاز ۾ سمهڻ لاءِ ٺاپر ٿيندي ٿيندي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ته ضرور ٿي ويندا. ان بعد اوندهه ۾ سفر ڪرڻ جا ٻه ڪلاڪ کن ٻيا ملي ويندا. ڇو جو ماني ٽڪيءَ جو ڪم رات جي ٻي تائين ضرور لهي ويندو پر اهو وقت پاڪستان جو مقامي وقت هوندو جيتوڻيڪ ان وقت جهاز پاڪستان کان گهڻو پري پهچي چڪو هوندو ۽ ٻن ڪلاڪن بعد جڏهن چار ٿيندا ته جهاز اهڙي هنڌ تي هوندو جتي مقامي وقت ڇهه هوندو ۽ سج اڀري رهيو هوندو ۽ پوءِ ڪوالالمپور تائين (لئنڊ ڪرڻ تائين) جهاز ۾ سج جي تکي روشني هوندي. ڪوالالمپور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ (اڄ ڪلهه) ٻن ڪلاڪن جو فرق آهي.
    ڪوالالمپور تائين ڪابه اهڙي ڳالهه Unusual نه ٿي جنهن جو ذڪر ڪيو وڃي. ڪنهن به اهڙي ائبنارمل ايئرپاڪيٽ مان گذر نه ٿيو جو جهاز لوڏن ۾ اچي ۽ مسافرن کي الٽيون ۽ بي چيني محسوس ٿئي. جهڙ، ڪڪر، کنوڻيون ۽ مينهن جو وسڪارو هو ته گهڻو گهڻو هيٺ. اسان جو جهاز اٽڪل 36 هزار فٽن جي بلنديءَ تي، ڪڪرن کان گهڻو گهڻو مٿي اڏامي رهيو هو. ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اهڙو مينهن، کنوڻ جا چمڪاٽ ۽ ڌنڌ هوندو ته ٿي سگهي ٿو ته پائلٽ لاءِ پريشانيءَ جو سبب ٿئي. بهرحال اهو هن جي مٿي جو سور آهي ۽ ان ئي ڳالهه جو هن کي پگهار ملي ٿو نه ته ههڙي “Smooth Sailing” ۾ ته هي جوان به اسان وانگر انجن کي ’آٽو پائلٽ‘ تي رکي چڪر پيو هڻي.... خبر ناهي ڇاڇا سوچيندي ننڊ اچي وئي ۽ اک ان وقت کلي جڏهن بيلٽ ٻڌڻ لاءِ اعلان ٿي رهيو هو. اسان اڌ ڪلاڪ اندر ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي پهچڻ وارا هئاسين. هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ جلدي جلدي باٿ روم ويس جنهن جي در تي بيٺل ايئر هوسٽس پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي ٻڌايو ته جهاز جي واٽر ٽئنڪ خالي ٿي چڪي آهي. تعجب نه ٿيم. اسانجي ملڪن ڏي ۽ اسان جي پاسي جي ماڻهن سان ڀريل جهاز ۾ اها هڪ نارمل ڳالهه ٿي پئي آهي. اسان وٽ مسافرن جي گهڻائي اهو نٿي سمجهي ته جهاز تي هڪ مقرر مقدار ۾ پاڻي کنيو وڃي ٿو جنهن کي تمام خيال سان هلائجي. هن جهاز ۾ به ڪيتريون عورتون ذري ذري ٻارن کي وهنجاري رهيون هيون. هڪ دفعي ته ڪراچيءَ کان دمام (سعودي عرب) تائين ٽن ڪلاڪن جي سفر ۾ پاڻي کپي ويو جو ڪيترا ماڻهو نماز لاءِ وضوءَ تي تمام گهڻو پاڻي استعمال ڪندا رهيا. هڪ صاحب ته وهنجڻ جو به شغل فرمايو هو. هن شايد هوائي جهاز کي پاڻيءَ وارو جهاز يا فائوِ اسٽار هوٽل سمجهيو هو. وهنجڻ تي پاڻيءَ جي ستيا ناس هڪ طرف ٿي ۽ مردن ۽ عورتن کي باٿ روم ٻاهران بيهڻ جي انتظار جي زحمت الڳ ٿي. پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اسان ۾ ڪي اهڙا نيڪ مرد مجاهد به آهن جيڪي ٻين جو خيال ڪندي پاڻ سان ريتي کڻي هلندا آهن جيئن پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ بدران تيمم ڪري سگهن. مشهور مذهبي عالمه ۽ الهدا تعليمي اداري جي پروفيسر ڊاڪٽر فرحت هاشمي به هوائي سفر دوران پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ بدران تيمم (مٽيءَ سان وضو) ڪرڻ نماز پڙهڻ جي تلقين ڪري ٿي.
    ”توهان ڪراچيءَ مان چڙهيائو يا ابوظبي مان؟“ ٽئاليٽ مان موٽڻ بعد پنهنجي ڀر ۾ ويٺل همراهه سان مون پهريون دفعو ڳالهايو.
    ”ابوظبي مان.“ هن جواب ڏنو، ”آئون ملئيشن آهيان پر ابوظبي ۾ نوڪري ڪريان ٿو.“
    ”معاف ڪجو مون توهان کي پاڪستاني يا عرب سمجهيو.“ مون سندس چهري جي نقش ڏي هڪ دفعو وري چتائي ڏٺو. ”ها. صحيح ٿا چئو. ڪيترا ماڻهو ڀلبا آهن. هونءَ منهنجي ڏاڏي ٻڌائي ٿي ته اسانجو ڏاڏو پنجاب جو هو. هو هتي ملائيشيا ۾ انگريزن جي فوج ۾ هو. ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد هو واپس پنهنجي وطن هليو ويو ته وري نه آيو. گهڻو گهڻو پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد لڏپلاڻ ۾ هو مارجي ويو هو.“
    ”توهان ڪوالالمپور ۾ رهو يا ڪنهن ٻئي شهر ۾؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”آئون دراصل هن ملائيشيا ۾ نٿو رهان، منهنجي زال صباح جي آهي ۽ هن وقت سراواڪ رياست جي اتراهين شهر مِري (Miri) ۾ نوڪري ڪري ٿي. اڄوڪو ڏينهن ڪوالالمپور ۾ هڪ دوست سان ملي سڀاڻي صبح واري فلائيٽ ۾ مِري ويندس.“ هن ٻڌايو.
    ملائيشيا جا ٻه حصا آهن. هڪ مغربي ملائيشيا جيڪو 1963ع تائين ملايا سڏبو هو ۽ ٿائلنڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آهي. منجهس يارهن رياستون، پيراق، پهانگ، پرلس، پينانگ، ڪيلنتان، ترنگانو، سلنغور، ملاڪا، جوهور بارو، نينگري سيمبيلان ۽ ڪيداح آهن. ملائيشيا جو ٻيو حصو مشرقي ملائيشيا اوڀر ۾ آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ مغربي پاڪستان ۽ مشرقي پاڪستان هئا. پر انهن جي وچ ۾ زمين (انڊيا) هئي. هنن جي وچ ۾ نارٿ چائنا سمنڊ آهي. مشرقي ملائيشيا ۾ فقط ٻه رياستون آهن؛ صباح ۽ سراواڪ - جيڪي بورنيو ٻيٽ جي اتر ۾ آهن. انهن جي وچ ۾ برونائي آهي ۽ بورنيو ٻيٽ جو باقي هيٺاهون حصو انڊونيشيا جي هٿ ۾ آهي.
    ”چئبو ته توهان جو گهر صباح ۾ آهي پر هن وقت سراواڪ ويندائو.“ مون چيومانس.
    ”منهنجو نه پر منهنجي زال جو. آئون هن ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح جو آهيان سو آئون صباح سراواڪ گهمڻ لاءِ وڃي سگهان ٿو پر شايد توکي خبر نه هجي ته اسين هن ملائيشيا جا صباح ۽ سراواڪ ۾ ڪو به گهر، دڪان يا زمين خريد ڪري نٿا سگهون. گهمڻ لاءِ به پاسپورٽ ضروري آهي.“
    ”ها مون کي خبر آهي،“ مون کيس چيو، ”اهو توهان جي ملڪ جو عجيب ڳانڍاپو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون جداگانه ۽ علحده هوندي به گڏ آهيو. يا شايد توهان جي گڏ هجڻ جو سبب ۽ راز ئي ان ۾ سمايل آهي.“
    مون مشرقي پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جو سوچيو. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هئاسين ته اسين سڀ پٺتي پيل پر پاڪستان جو ساڄو حصو (مشرقي پاڪستان) کاٻي حصي مغربي پاڪستان کان غريب هو- تعليم ۽ اٽڪلن سٽڪلن ۾ به ته بزنيس ۽ فوج ۾ به. پوءِ نتيجو اهو نڪتو جو هنن جي هر شيءِ تي اسان جي مغربي پاڪستان وارا ويا قبضو ڪندا. نوڪرين هجن چاهي ڌنڌا ڌاڙيون هر هنڌ قبضو اسان جي پاسي واري همراهه جو ٿيندو ويو. ويندي زمينون ۽ ڪارخانا به هو خريد ڪندو ويو ۽ بنگالي ويو ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو ۽ پوءِ اهو ئي نتيجو نڪتو جيڪو اهڙين ناانصافين جو نڪرندو آهي. ملائيشيا ۾ ائين ناهي. مغربي ملائيشيا جو ماڻهو صباح ۽ سراواڪ رياست ۾ نه زمين خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه اتي جي نوڪرين ۽ ڌنڌي تي حاوي ٿي سگهي ٿو. نتيجي ۾ صباح ۽ سراواڪ (مشرقي ملائيشيا) جا ماڻهو جيڪي غريب ۽ پٺتي پيل آهن. پُرسڪون آهن ته هڪ ڏينهن سندن ٻچا پڙهي لکي وڏا ٿيندا ته سندن صوبن ۾ کين ئي نوڪري ملندي. سندن زمين اتي ئي پيئي آهي. ائين نه آهي ته اڇو انگريز ويو ته ڪوالالمپور جو ڪارو ملئي اچي ويو. ۽ اها سوچ ۽ Feeling اهڙي آهي جيڪا سڀني کي ملايو ويٺي آهي.
    “Kenapa encik pergi ke Kuala Lumpur??”
    (تون ڪوالالمپور ڇو وڃي رهيو آهي؟)
    هن مونکي ڪافي دير کان خاموش ۽ خيالن ۾ گم ڏسي سوال ڪيو. مون مشرقي پاڪستان سان ماضيءَ ۾ ٿيل تلخين جي غم کي لڪائي ظاهري طرح چپن تي مصنوعي مرڪ آڻي هن ڀرواري پاڙيسريءَ کي کلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ان ڪري جو ملائيشيا ڇڏڻ وقت هن شهر مون کي هيڏانهن وري اچڻ لاءِ چيو هو Jangan Lupakan Saya (مونکي نه وسارجانءِ)،“ مون هن کي مشهور ملئي پنتون (چوسٽي) جي آخري سٽ ٻڌائي. ملئي زبان ۾ پنتون ائين آهي جيئن پاڻ وٽ بيت يا ڏوهيڙو يا ايران ۾ رباعي وغيره. پوءِ ڪن پنتونن (چوسٽن) ۾ تمام اونهي ڳالهه به هوندي آهي ته ڪي ائين ئي هوائي ٽائيپ هونديون آهن جيئن پاڻ وٽ ’ارچڪ مرچڪ ڌما ڌرچڪ‘ يا انگريزي ۾:
    ‘Drink tea, drink coffee
    Burn your lips & remember me’
    سو مٿين ملئي سٽ به اهڙي ئي هڪ وائڙي پنتون (Pantun) جي آهي. پر آهي تمام مشهور جنهن کان هرهڪ واقف آهي. چي:
    Laju, laju, perahu laju,
    Lajunya sampai ke Surabaya.
    Lupa Kain, Lupa Baju
    Tetapi jangan lupakan saya.
    ملئي زبان ۾ ’لاجو‘ رفتار کي چئجي ٿو ۽ ’پيراهو‘ جي معنيٰ آهي سڙه تي هلندڙ ٻيڙو يا جهاز. يعني ”تکو هل، تکو هل، هوا تي هلندڙ ٻيڙا، تکو هل، جلدي جلدي مونکي سورابايا پهچاءِ.“
    (سورابايا انڊونيشيا جو خوبصورت ٻيٽ آهي جتي جي جوانڙين سان ملئي ماڻهن جي عشق جا ڪيترا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن ۽ جتي جي ڪنهن محبوبا هن پنهنجي عاشق کي وري ملڻ لاءِ تاڪيد ڪندي چيو هو: لوپا ڪائن، لوپا باجو (پنهنجي قميص وسارجانءِ، پنهنجي ڪانچ وسارجانءِ)، تيتاپي جنگن لوپاڪان سايا (پر مونکي هرگز نه وسارجانءِ.)
    منهنجو پاڙيسري کلڻ لڳو. ”لڳي ٿو توهان هن پاسي گهڻو رهي چڪا آهيو.“ هن چيو ۽ ان ئي وقت اسانجي هوائي جهاز ملائيشيا جي ڌرتيءَ تي پنهنجا ڦٻايا لڳايا. ماڻهو لهڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. ڪجهه دير کانپوءِ ڏاڪڻ لڳڻي هئي جنهن ذريعي اسانکي جهاز مان نڪري ٻاهر جي دنيا ۾ اچڻو هو. ڇهه ست ڪلاڪ کن اڳ جهاز جي هن ئي دريءَ مان ڪراچي نظر اچي رهي هئي ۽ هاڻ ڪوالالمپور جو شهر. ”اڄ کان پورا ٽيهه سال اڳ پهريون دفعو 1972ع ۾ اسانجو پاڻي وارو جهاز ’ايم. وي سرفراز رفيقي‘ هتي آيو هو، جنهن تي آئون مئرين انجنير هوس.“ آئون دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳس، جهاز ڪوالالمپور کان ٽيهارو ميل کن پري پورٽ ڪلانگ ۾ اچي بيٺو هو ڇو جو ڪوالالمپور سمنڊ جي ڪناري تي نه آهي. اسان ٽئڪسي يا بس ۾ چڙهي روز ڪوالالمپور گهمڻ ايندا هئاسين. ڪراچيءَ جي مقابلي ۾ هي ڪيڏو ماٺيڻو ۽ ڌيرج وارو شهر هو. پر پينانگ کان مڙيئي وڏو هو جتي ڪوالالمپور اچڻ کان اڳ مهنو کن ترسيا هئاسين. جهاز جي مرامت ڪرائڻ بعد پينانگ مان ٽونا مڇي جهاز تي چاڙهي هئيسين جيڪا جپان جي بندرگاهه هيروشيما ۾ لاهڻي هئي. پينانگ ۽ ڪوالالمپور اسان کي ڏاڍو وڻيو هو. يورپ جي ٿڌن ۽ برفاني بندرگاهن کان هتي مينهوڳي واري موسم ۾ رومانس هو، عجيب هڳاءُ ۽ سڳنڌ هئي- جيڪا شايد نيم بياباني علائقي (سنڌ) جو رهاڪو هجڻ ڪري فقط مون ئي محسوس ڪئي ٿي ۽ ٻئي ڪنهن نه ڪئي هجي.
    ملائيشيا جي سرزمين تي اهو اسانجو پهريون ۽ آخري دفعو نه هو. ملائيشيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ڪم هجي يا نه، اسانجي جهاز ڏور اوڀر ڏي ويندي يا موٽندي هر وقت ملائيشيا ۾ لنگر ڪيرايو ٿي. سامونڊي جهازن ذريعي ملائيشيا ۾ اچڻ جو اهو سلسلو اٽڪل ڏهه سال کن هلندو رهيو. ذري ذري اچڻ ڪري هن ملڪ جي زبان (ملئي) نه فقط مونکي پر منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي به اچڻ لڳي جيڪي مون سان گڏ جهاز تي رهيا ٿي.
    پاڻيءَ جي جهاز تي ٻيو سڀ سک آهي پر ٻار وڏا ٿيڻ تي سندن پڙهائيءَ جو مسئلو رهي ٿو ڇو جو جهاز هڪ هنڌ ترسڻ بدران مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۾ ڦرندو رهي ٿو. ڪناري جي نوڪريءَ لاءِ مونکي ملائيشيا ئي بهتر لڳو. هونءَ جو گذريل ڏهن سالن کان آئون رکي رکي پاڻيءَ جي جهاز ۾ ملائيشيا ايندو هوس، هاڻ ڪناري جي نوڪري ملڻ ڪري ڏينهن رات ۽ سال پٺيان سال هڪ ئي ملڪ (ملائيشيا) ۾ رهڻو پيو. اهڙي طرح ذري گهٽ ڏهاڪو سال ملائيشيا ۾ لڳاتار رهڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ جو چپو چپو ڏسڻ جو سٺو وجهه ملي ويو. هونءَ پاڻيءَ واري جهاز ۾ فقط بندرگاهن وارا شهر ۽ شهري ماڻهن سان ملڻ ٿيو ٿي پر هن ٻئي ڏهي ۾ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۽ ڏورانهن ڳوٺن ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. ملاڪا، اپوح، پينانگ، جوهور بارو، سريمبان جهڙن شهرن ۾ ته ايتري واقفيت ۽ گهٽي گهٽي جي سڃاڻپ ٿي وئي جو پنهنجي ڳوٺ، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به ايتري نه هجي. ۽ پوءِ ان بعد يڪو ملائيشيا کان ٻاهر سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي، فنلئنڊ ۽ سعودي عرب ۽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ ٿيندو اچي.
    ان وچ ۾ ڪيترائي دفعا ملائيشيا چڪر هڻڻ جو سوچيم بلڪ پڪو پهه ڪيم پر پروگرام نه پئي ٺهيو. شايد داڻو پاڻي لکيل نه هو. هن سال آفيس طرفان Mandatory Leave وٺڻ لاءِ خط آيو ته مهنو کن موڪل ڪريان نه ته ٻي صورت ۾ اها موڪل ڪئنسل ٿي ويندي. مون ملائيشيا وڃڻ لاءِ اجازت گهري جيڪا ان ئي وقت منظور ڪئي وئي ۽ اڄ پورن ٻارهن سالن بعد آئون هڪ دفعو وري ملائيشيا جي ڌرتيءَ تي قدم رکي رهيو آهيان.
    جن ملڪن جون حڪومتون ۽ سياستدان Corrupt آهن، جن جا بزنيس مين ۽ بيورو ڪريٽ ٺڳ آهن، جيڪي ملڪ ترقي نٿا ڪن انهن لاءِ پنجاهه سال به ڪجهه نه آهي پر ترقي ڪندڙ ملڪن لاءِ ٻارهن سال وڏي ڳالهه آهي. ٻارهن سالن جي غير حاضريءَ ۾ ملائيشيا جي وڌڻ ويجهڻ جون ڪيتريون ئي خبرون ٻڌندو رهيس ته ملائيشيا ۾ هي ٿي رهيو آهي- هو ٿي ويو آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ملائيشيا ۾ ٺهي آهي، مونو ريل ملائيشيا ۾ شروع ٿي وئي آهي. هي ٿيو آهي هو ٿيو آهي- ويندي منهنجا جهازي شاگرد جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنير ٿيڻ کان علاوه جهازن ۽ ورڪ شاپن جا مالڪ ٿي ويا آهن. جهاز ران ڪمپنين ۽ جهاز ساز ادارن جا M.D ۽ C.E.O ٿي ويا آهن...
    بيشڪ ملائيشيا جي ترقيءَ جو گراف يورپ جي ڪيترن ملڪن کان اتاهون آهي ۽ گذريل ٻارهن سال جيڪي لڳي ائين ٿو ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويا پر حقيقت ۾ هڪ وڏو عرصو آهي ۽ اڄ آئون پورن ٻارهن سالن بعد واپس ان ملڪ ۾ قدم رکي رهيو آهيان جتي منهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذريا بلڪ منهنجن ٻارن ته جهاز ۽ سمنڊ ڇڏڻ بعد ملائيشيا جي ئي ڌرتي ڏٺي. جتي مون پنهنجي Career جو نئون باب شروع ڪيو. يعني جهاز هلائڻ بدران جهاز هلائيندڙن کي پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيو. ٽيچر جو اسان جي ملڪ ۾ کڻي مَان نه هجي (جيڪا اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جي بدقسمتي آهي) پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اڄ به تدريسي پيشي کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. مون جيڪي چاهيو ٿي ان کان وڌيڪ هن ملڪ جي حڪومت ۽ ماڻهن مونکي موٽ ۾ ڏنو. آخري وقت- يعني ٻارهن سال اڳ هي ملڪ ڇڏڻ وقت هڪ مشهور ملئي پنتون جي سٽ دهرائي هر هڪ کان موڪلايو هوم ته Jumpa lagi (وري ملنداسين) ۽ اڄ وري هن ملڪ جي شهرن، ڳوٺن ۽ ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو آهي. هڪ مهيني جي مختصر عرصي لاءِ ئي سهي. جهاز مان ماڻهن جي رش گهٽجڻ تي آئون به اٿي کڙو ٿيان ٿو. سيٽ مٿان ٺهيل ڪئبينيٽ مان پنهنجو ٿيلهو کڻي پنهنجي اڳيان هلندڙ ماڻهن جي پويان جهاز جي دروازي ڏي وڌان ٿو. ملئي شعر (Pantun) موجب رب پاڪ مونکي هي پٽ ۽ هتي جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ شايد اڃان جيئرو رکيو آهي ٻين لفظن ۾ ”عمر پنجانگ“ (ڊگهي ڄمار) عطا ڪئي آهي.
    ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي شوقينن لاءِ مٿين سٽ جمپا لاگي (وري ملنداسين) واري سڄي پنتون (ملئي رباعي) هتي لکان ٿو:
    Kalau ada sumur diladang
    Boleh kita menumpang mandi
    Kalau ada umur panjang
    Boleh kita ber-jumpa lagi.
    پهرين ٻن سٽن جي معنيٰ آهي: ”جيڪڏهن تنهنجي زمين ۾ (رهائش گاهه) تي وهندڙ چشمو هجي ته پاڻ وهنجندا ئي رهون.“
    ۽ مطلب وارين آخري ٻن سٽن جي معنيٰ آهي: ”جيڪڏهن وڏي عمر نصيب ٿي ته پاڻ وري ملي پونداسين.“
    ***


    ڪوالالمپور ايئرپورٽ کان ٻاهر.....

    ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي هوائي جهاز مان نڪرڻ وقت هڪ غلطيءَ جو احساس ٿيم. سفر دوران MAS هوائي ڪمپني طرفان (جنهن جي جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هوس) اڏام دوران مئگزين (In flight magazine) کي هڪ دفعو به کولي نه ڏٺم ته ڪوالالمپور جي هن نئين ايئرپورٽ جو نقشو ڪيئن آهي. پاسپورٽ تي اميگريشن وارن جو ٺپو ڪٿي لڳندو، جهاز مان لٿل سامان (بئگ وغيره) ڪٿان ملندي ۽ ڪوالالمپور يا ٻئي ڪنهن شهر وڃڻ لاءِ ڪهڙو گيٽ (Exit) استعمال ڪرڻ کپي وغيره وغيره. ڇو جو هن وقت آئون ڪنهن آفيشل Visit تي نه آيو هوس جو ڪو پوليس يا ايئرپورٽ اٿارٽي جو ماڻهو منهنجي نالي جو لکيل بورڊ هٿ ۾ جهلي هوائي جهاز جي درتي بيٺو هجي ۽ نه وري ڪا ليموزن گاڏي مون لاءِ ايئرپورٽ جي ٻاهران انتظار ڪري رهي هجي. هن ڀيري سڀ ڪجهه مونکي پاڻ ڪرڻو هو ۽ ٻي ڳالهه ته ڪوالالمپور جو هوائي اڏو اهو پراڻو وارو نه رهيو هو جنهن تي ٻارهن سال اڳ تائين منهنجو اچڻ وڃڻ لڳو رهندو هو. اهو پراڻو هوائي اڏو ڪراچيءَ وانگر سادو سودو هوندو هو. چاهي ڪو ڪيڏانهن به وڃي، ڦري گري وري ساڳي هنڌ کان اچي نڪرندو هو. پر هاڻ ٻين ڪيترين شين وانگر ملائيشيا حڪومت پنهنجي ملڪ جو هوائي اڏو به ايڏو وڏو، ماڊرن ۽ ٻين لفظن ۾ پيچيدو بڻائي ڇڏيو آهي جو ڪوبه مسافر پهرين وانگر هوائي جهاز مان اکيون پوري ٻاهر نڪري پنهنجو سامان ۽ ٻاهر نڪرڻ وارو دروازو هٿ ڪري نٿو سگهي. بهرحال جهاز جي مسافر لاءِ منهنجي اها صلاح آهي ته جنهن ايئرپورٽ تي هو لهي ان جو نقشو ضرور ڏسي خاص ڪري هن ڪوالالمپور يا ٽوڪيو، هانگ ڪانگ، لنڊن، پئرس، ائمسٽرڊام جهڙن مشغول، وڏن ۽ ماڊرن هوائي اڏن جو. جيئن هن کي ان ايئرپورٽ تي لهڻ کان اڳ Idea ٿي وڃي ته اهو ڪيترن طبقن تي آهي، اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ جهڙين ڳالهين لاءِ هن کي ڪهڙين Points (هنڌن) تي پهچڻو آهي ۽ جي اتان وري ڊوميسٽڪ اڏام وٺي ڪنهن ٻئي شهر وڃڻو آهي ته ان کي ڪهڙي گيٽ مان نڪري ڪهڙي ۾ وڃڻو آهي، وغيره وغيره. اهي شيون هوائي جهاز ۾ ويٺي ويٺي معلوم ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهوليت آهي جو نقشو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪو نه ڪو ڀرپاسي ۾ ويٺل مسافر ٻڌائي سگهي ٿو، ويندي ايئر هوسٽس يا انهن جو انچارج آفيسر (ڪئبن اسٽيورڊ) به خوشيءَ سان سمجهائي سگهي ٿو. باقي ايئرپورٽ تي پهچي جهاز ڇڏڻ بعد ’جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ‘ وارو حساب ٿئي ٿو. هر مسافر ته پنهنجي افراتفري جي عالم ۾ غرق ٿي وڃي ٿو پر ويندي جهاز واري ايئرهوسٽس ۽ اسٽيورڊ به توهان جي Excuse me ڪري سڏ ڪرڻ تي نٿو ترسي. پوءِ توهانجو پُڇ پُڇ ۾ چڱو وقت ضايع ٿيو وڃي ۽ ٿي سگهي ٿو ڪو توهانجي ڪا ڳالهه نه سمجهي توهان کي مِس گائيڊ به ڪري ڇڏي. هڪ دفعي روم جي هوائي اڏي تي هڪ سنڌي (جيتوڻيڪ ڳوٺاڻي پر پڙهيل ڳڙهيل) عورت پنهنجن ٻن ننڍن ٻارن سان ڏٺم جيڪا روم بعد ٻي فلائيٽ ۾ اٽليءَ جي ٻي شهر نيپلس ۾ وڃڻي هئي. سندس مڙس جي ڪا اتي نوڪري هئي ۽ هيءَ پهريون دفعو گهران نڪتي هئي سو به ٻارن سان گڏ. مون ڏٺو ته هوائي جهاز مان لهڻ بعد روم جي ايئرپورٽ تي پوري اعتماد سان اميگريشن مان ٿيندي پنهنجو سامان ڦرندڙ پٽي تان ڳولي، کڻي، ٽراليءَ تي رکي ڪسٽم وارن کان چيڪ ڪرائي پوءِ ڊوميسٽڪ فلائيٽ واري پاسي اهو سامان ۽ ٽڪيٽ جو ڪوپن ڏئي وڌيڪ سفر جو بورڊنگ ڪارڊ ورتائين. هوءَ پُرسڪون ۽ هر ڳالهه کان واقف ان ڪري هئي جو هڪ ته هن کي سندس مڙس کان به خط يا فون ذريعي روم جي هوائي اڏي جي ڄاڻ ملي هوندي ۽ ٻيو ته هوءَ سفر دوران هوائي جهاز ۾ روم ايئرپورٽ جو نقشو کڻي ٻين مسافرن ۽ ايئرهوسٽس کان معلومات وٺندي رهي. ان ساڳي اڏام ۾ ٻه اهڙا به نوجوان هئا جيڪي کائڻ پيئڻ ۾ ئي مست هئا ۽ پوءِ ايئرپورٽ تي لهي وائڙن وانگر هر هڪ کان پڇا ڪندا وتيا ته سامان ڪٿان ملندو، پاسپورٽ تي Entry جو ٺپو ڪٿان لڳرائبو..... وغيره وغيره.
    بهرحال هو ته جهاز ۾ بيئر ۽ وسڪي پيئندا رهيا پر هاڻ ڪوالالمپور هوائي اڏي تي منهنجا بنا پيئڻ جي هوش خطا ٿي ويا هئا. هڪ ته جهاز مان سڀ کان آخر ۾ لٿس ۽ گهڻو اڳ جا لٿل مسافر ٽڙي پکڙي ويا هئا. چوڌاري هوٽلون ۽ دڪان به هئا. شايد ڪي انهن ۾ گهڙي ويا. بهرحال سامهون باٿ روم ڏسي آئون ان ۾ هليو ويس ڇو جو revolving belt تان سامان (بئگ وغيره) کڻڻ بعد باٿ روم جو رخ ڪرڻ بيوقوفي آهي. پر ان وقت باٿ روم ۾ بنا سامان جي وڃڻ به منهنجي بيوقوفي هئي جو ٻاهر نڪري ڏسان ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا، پنهنجا ساٿي مسافر غائب ٿي چڪا هئا. ’ڏاڍي ٿي،‘ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ’هونءَ ته ’انڌن به وڃي ملتان ڳوليو‘ سو آئون به هر شيءِ ڳولي ته وٺندس پر هاڻ مون کي به انهن ملتان ويندڙ نابينائن وانگر وقت ضايع ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن کان پڇ پڇ ڪرڻي پوندي.‘ اهو سوچي ايئرپورٽ جو جائزو وٺي رهيو هوس ته ڀرسان ريسٽورنٽ جي ڪنڊ وٽ هڪ پاڪستاني همراهه کي سگريٽ ڇڪيندو ڏٺم. اها سموڪرس ڪارنر هئي جتي ڪو به سگريٽ پي سگهيو ٿي نه ته هوائي اڏي جي باقي حصي ۾ توڙي هوائي جهاز ۾ ڇهن ڪلاڪن جي سفر دوران ڪنهن کي به سگريٽ پيئڻ جي اجازت نه هئي.
    هي همراهه جيڪو عمر ۾ مونکان پنج ڇهه سال کن وڏو ٿي لڳو جهاز ۾ مونکان ٻه قطارون اڳ واري سيٽ تي ويٺل هو. مونکي ان وقت به هُو ڄاتل سڃاتل لڳي رهيو هو پر آخر تائين چڱي طرح Locate ڪري نه سگهيس ته ڪير ٿي سگهي ٿو. گهڻو شڪ اهو ئي هوم ته افتخار صاحب هوندو جيڪو اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ته هي صاحب ڪوالالمپور ۾ هوندو هو ۽ ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ پاڪستانين جي دعوتن ۾ هن افتخار صاحب سان اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. پاڻ سنگر مشين جي بين الاقوامي فرم جو ملائيشيا لاءِ نمائندو هو. پاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ يا شايد هاڪي قومي ٽيم جو رانديگر به هو. جهاز ۾ سستي ڪري نه مليو مانس ۽ پاڻ به مونکي نه پئي سڃاتائين. ان ڪري ماٺ ۾ هوس پر هاڻ ’جاني نه پائي‘ جي مصداق مٿان وڃي بيٺو سانس ”اسلام عليڪم، آپ افتخار صاحب هين؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. آئون افتخار ته نه آهيان، جيتوڻيڪ آئون ان کي سڃاڻان. توهان ڪريو خبر؟“ هن به اڙدوءَ ۾ پڇيو.
    ”بس جهاز ۾ گڏ هئاسين. پهريون دفعو هتي آيو آهيان توهان ڪريو خبر ڪٿان نڪربو؟“ مون پڇيومانس.
    ”اچو اچو. منهنجو ته هتي سال ۾ ٻه ٽي دفعا اچڻ ٿيندو رهي ٿو.“ هن سگريٽ کي ائش ٽري ۾ اڇليندي چيو، ”توهان پاڻ؟“
    ”منهنجو شپنگ سان واسطو آهي نالو الطاف شيخ اٿم.“
    نالو ٻڌي هن زور سان هٿ ملايو ”نه مون توهان کي سڃاتو ۽ نه توهان مونکي سڃاتو آهي. آئون ڪئپٽن شميم علوي آهيان.“
    مون سندس چهري کي غور سان ڏٺو. ماڻهو ڪيڏو به پوڙهو ٿي وڃي سندس چهري مان ڪجهه نه ڪجهه جوانيءَ جي ڏينهن جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون. مون شميم علوي صاحب کي ٽيهارو کن سال اڳ ڏٺو هو جڏهن هو ڦوه جوانيءَ ۾ هو. ”ابوه! چئبو ته جُهونا ٿيا جهاز“ وارو لقاءُ آهي.
    ”يار آپ تو اِدهر هي رهتي تهي.“ شميم علوي صاحب چيو.
    ”جي هان. آئون هتي ڏهه سال کن هوس پر ان کي به ٻارهن سال ٿي ويا. ويندي هي ايئرپورٽ به پوءِ ٺهيو آهي. بهرحال هن وقت مون صحيح پائلٽ (گائيڊ) جهليو آهي.“ مون کلندي ڪئپٽن شميم کي چيو.
    ڪئپٽن شميم علوي ڪافي سالن کان ملائيشيا جي جهازران ڪمپني MISC (ملائيشيا انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن) جو پاڪستان ۾ نمائندو آهي. ملائيشيا جا جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندا آهن ته هو ۽ سندس پرائيويٽ ڪمپني انهن جهازن کي Look After ڪندي آهي ۽ جهازين جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملائيشيا جي جهازن تي آفيسرن جي ضرورت پوندي آهي ته شميم صاحب پاڪستان مان جهاز ران آفيسر ملائيشيا موڪليندو آهي.
    ”اميگريشن ۽ سامان ڪٿان ملندو؟“ مون شميم صاحب کان پڇيو جيڪو جهازن جي ڪم جي سلسلي ۾ هيڏانهن ايندو رهي ٿو.
    ”هجي ڪجهه نه ٿيندو.“ هن ٻڌايو، ”هتان پاڻ کي هن ٽرين ۾ چڙهي ٻئي هنڌ هلڻو پوندو. پنهنجو بئگيج وارو سامان به اتي پهچي ويو هوندو. اميگريشن ۽ ڪسٽم به اتي ٿيندو.“ علوي صاحب اڳيان بيٺل ٻن ٽن گاڏن جي اليڪٽرانڪ ريل ۾ وهندي ٻڌايو.
    ”چئبو ته جنهن کي خبر نه هجي سو سامان لاءِ هتي ئي اٻاسيون پيو کائي.“ ريل هلڻ وقت مون شميم صاحب کي چيو. ريل ڪمپيوٽر پروگرامڊ هئي ۽ بنا ڊرائيور جي هلي رهي هئي،
    ”ان چڪر ۾ خبر اٿئي هڪ دفعي وڏو مسئلو ٿي پيو،“ شميم صاحب ٻڌايو، ”ملائيشيا وارن کي سندن ڪنهن جهاز هلائڻ لاءِ ٻن آفيسرن جي سخت ضرورت هئي جن جي نه هجڻ ڪري عملو مڪمل نٿي ٿيو ۽ سامان سان ڀريل جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو هو. هنن مون کي فون ڪيو ته پاڪستاني آفيسر هينئر جو هينئر ايمرجنسيءَ ۾ موڪل. مون سندن موڪليل Fax جي آڌار تي ان ئي ڏينهن ويزا به ٺهرائي. ٻئي ڏينهن صبح جو فلائيٽ هئي ۽ هتان Stand By وارا ٻه همراهه روانا ٿي ويا. مون گهر پهچي ڪوالالمپور آفيس ۾ فون ذريعي اطلاع ڪيو ته همراهن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڇڏيو پيو اچان بس چند ڪلاڪن ۾ پهچڻ وارا هوندا. ايئرپورٽ جون سموريون Formalities پوريون ڪرائي کين جهاز (پاڻي واري جهاز) تي پهچائجو ته جيئن توهان جو جهاز لنگر کڻي سفر لاءِ روانو ٿي وڃي.“
    ”توهان بي فڪر ٿيو اسان جو ماڻهو ڄاڻ ته ايئرپورٽ ڏي نڪتو.“ هنن مون کي ورندي ڏني ۽ آئون به بي فڪر ٿي آفيس هليو آيس. بهرحال اها هڪ نارمل روٽين آهي، جهازي (Seafarer) پنهنجا جهاز Join ڪرڻ لاءِ هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ باءِ ايئر ايندا ويندا رهن ٿا ۽ شپنگ آفيس ۾ پروٽوڪال ڊپارٽمينٽ وارا ايڏو ايڪسپرٽ ٿين ٿا جو هو هوائي اڏي تان جهازين کي يڪدم Clear ڪرايو وٺن ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل پاڻيءَ جي جهاز تي پهچايو ڇڏين. منجهند جو ٻارهين بجي ڌاري آفيس ۾ چانهه دوران اهو ئي سوچي رهيو هوس ته هتان روانا ٿيل پاڪستاني آفيسر ملائيشيا جي ضرورت مند جهاز تي هاڻ پهچي چارج وٺي چڪا هوندا ته اتي ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. فون کڻان ته ٻئي پاسي کان MISC آفيس جو نمائندو هو.
    ”ڪر خبر اسانجا همراهه ملائيشيا پهتا؟“ مون پڇيومانس.
    ”ان لاءِ ته فون ڪيو اٿم. هڪ به نه پهتو آهي.“ هن وراڻيو.
    ”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو. آئون کين ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ تي اندر ڪري پوءِ موٽيو آهيان. تون کين ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تي Receive ڪرڻ ويو هئين؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”بلڪل. بلڪل. آئون هن وقت به ايئرپورٽ تان پنهنجي هئنڊ فون تان ڳالهائي رهيو آهيان ۽ اميگريشن سيڪشن وٽ بيٺو آهيان. هجن ها ته پهرين هتي پهچن ها. هڪ هڪ ٿي سڀ اچي ويا آهن. آخري ماڻهو جيڪي قطار ۾ بيٺا آهن اهي عرب فئمليون آهن.“ هن ٻڌايو ۽ آئون ڏاڍو پريشان ٿي ويس ته هي ڊرامو آخر ڪيئن ٿي ويو. جيڪڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تان هو هوائي جهاز ۾ نه چڙهن ها ته ان وقت ئي مون کي اطلاع ڪن ها. تنهنجي معنيٰ ته هو هوائي جهاز ۾ ته چڙهيا آهن..... ايتري ۾ مونکي يڪدم ڌيان اچي ويو ته هي هوائي جهاز مان لهڻ بعد اليڪٽرانڪ ريل ۾ چڙهي ايئرپورٽ جي هن ٻئي پاسي ۾ اچڻ بدران اتي پهرين حصي ۾ جيڪو ويندڙ مسافرن جو انتظار گاهه آهي، اتي ڪٿي سگريٽ پي رهيا هوندا ۽ سوچي رهيا هوندا ته سندن پاسپورٽ تي ٺپو به اتي لڳي ويندو ته بئگيج به اتي ملي ويندو.... هاڻ جيسين کين هوش اچي يا ڪو کين ٻڌائي..... مون يڪدم ملائيشيا جي آفيس واري کي چيو ته همراهه ڪيڏانهن به گم نه ٿيا اٿئي. هوائي جهاز مان لهي اتي ئي ڪٿي سگريٽ پي رهيا هوندءِ. ڪجهه دير بيهي انتظار ڪر، ڄاڻ ته پهتئه.
    ۽ پوءِ ٿوري دير کانپوءِ ملائيشيا کان فون آيو ته مون صحيح ٿي چيو. ”هو ٻئي هاڻ ٽلندا پيا اچن.“ شميم صاحب پنهنجو قصو پورو ڪيو ته ٽرين اچي ڪوالالمپور ايئرپورٽ جي ٻي حصي ۾ پهتي جتي پاسپورٽ تي ٺپو هڻڻ وارا به هئا ته ڪسٽم وارا به ۽ اسانجو ڪراچي ايئرپورٽ تي بئگيج ۾ ڏنل سامان به گول پٽن تي ڦري رهيو هو. اسان جي جهاز وارا مسافر ۽ هڪ ٻن ٻين آيل اڏامن جا مسافر به اتي ميڙاڪو ڪيو بيٺا هئا.
    منهنجي هن سفرنامي جي پڙهندڙن کي ڪوالالمپور جي هن نئين ايئرپورٽ جي آئيڊيا هن مثال مان ٿي سگهي ٿي. هوائي اڏي جو پهريون حصو ڄڻ منهوڙي وانگر ٻيٽ آهي جتي جهاز اچيو Land ڪن ۽ مسافرن لاءِ فقط هوٽلون، دڪان، باٿ رومون آهن ٻيو ڪجهه به نه. ڪو غير قانوني مسافر ڀڄڻ به چاهي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ان ٻيٽ نما جاءِ تان کيس ڪابه بس، ٽئڪسي يا ٻيڙي ڪياماڙي وٺي اچڻ لاءِ ناهي. بنا ويزا ۽ غير قانوني اچڻ وارو اتان ئي پنهنجي ملڪ موٽايو وڃي ٿو. هن جي سفارش يا پارت ڪرڻ وارو اتي ڪو ماڻهو ڇيڻو ناهي. ان بعد مسافر اتي بيٺل واحد اليڪٽرانڪ ٽرين ۾ چڙهي ڪياماڙي پهچن ٿا جتي اميگريشن ۽ ڪسٽم چيڪنگ بعد ٻاهر نڪري بس يا ٽئڪسي وٺي وڻين ته صدر يا ڪلفٽن هليا وڃن يا حيدرآباد ۽ سکر هليا وڃن. سو اسان به ريل ذريعي ان ڪياماڙي واري حصي ۾ پهچي وياسين جتي اسانجو سامان اسان جي پهچڻ کان اڳ ڪنهن زمين دوز بيلٽ يا گاڏيءَ ذريعي پهچي ويو هو. بئگ ۽ پنهنجن ڪتابن جو کوکو هلندڙ بيلٽ تان کڻي ٽراليءَ تي رکيم. ملائيشيا بابت لکيل ڪتابن جا ڪجهه سيٽ ملاڪا رياست جي چيف منسٽر، پاڪستان هاءِ ڪميشن جي هاءِ ڪمشنر، پنهنجي نيول اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ (جنهن اڪيڊمي ۾ مون اسيءَ وارو ڏهو پڙهايو هو) ۽ ٻين ملئي دوستن لاءِ آندا هئم. خاص ڪري انهن لاءِ جن ۾ هنن جون تصويرون پڻ ڏنل آهن. 72-1971 کان وٺي سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ لکندو اچان پر منهنجا ڇهه ڪتاب اهڙا آهن جن ۾ رڳو ملائيشيا جو احوال آهي.
    ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه،
    ملائيشيا منهنجي من ۾،
    جت جر وهي ٿو جال،
    مڪليءَ کان ملاڪا،
    ڳالهيون آهن ڳچ، ۽
    اوهريا جي عميق ڏي.
    سامان کڻي ڪئپٽن شميم علويءَ کان موڪلايم. هن جي لاءِ MISC (ملائيشيا جي جهاز ران ڪمپنيءَ) پنهنجي گيسٽ هائوس يا ڪنهن هوٽل ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو هوندو. منهنجو پهرين ٽن ڏينهن جي رهائش جو بندوبست ڪنهن پرل انٽرنيشنل نالي هوٽل ۾ ايئرڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ سان لاڳو هو.
    ”چڱو پوءِ سدائين گڏ. ڪراچيءَ ته ضرور ملبو پر ٿي سگهي ٿو هتي ڪوالالمپور ۾ MISC جي آفيس ۾ ملاقات ٿي وڃي جو ڏينهن ٻن بعد مونکي ان آفيس ۾ چڪر هڻڻو آهي جتي جا ڪيترائي جهازي آفيسر ڪنهن زماني ۾ منهنجا شاگرد هئا. انهن سان ضرور ملڻ ايندس.“ مون ڪئپٽن شميم کي ٻڌايو. اميگريشن ۽ ڪسٽم ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو. سامان سوڌو ٻاهر نڪري آيس ته ڄڻ ڪنهن جيل مان آزادي ملي. نه ته اڄ ڪلهه يارهين سيپٽمبر واري واقعي کانپوءِ هر مسافر، خاص ڪري مسلمان ۽ پاڪستاني يا عرب ڄڻ ته دهشتگرد آهي. ايئرپورٽ جو عملو ائين ٿو ڏسي، سوال ڪري ۽ سامان چيڪ ڪري ڄڻ هنن کي اها پڪ آهي ته توهان ئي دهشتگرد آهيو. بس رڳو ثبوت خاطر هنن کي توهان جي ڪپڙن مان يا بئگ ٿيلهي مان بم ۽ پستول ڳولڻو آهي.
    ڪراچيءَ ۾ به چڪاس جو حال خواريَ جي حد تائين هو. ويتر سست، موڳي ۽ شايد ضرورت کان گهٽ اسٽاف هجڻ ڪري هر هنڌ ڊگهي قطار هئي ۽ آهستي آهستي هڪ هڪ مسافر فارغ ٿيو ٿي. هٿ جي سامان تي ٽئگ هڻو. بورڊنگ ڪارڊ تي صحيح ڪريو. ويندي هڪ لوڊر (سامان وٺڻ وارو) هڪ عورت پئسينجر کان ٿو پڇي ته ملائيشيا ڇو ٿي وڃين؟ ويزا اٿئي؟..... ڀائي تنهنجو ڇا وڃي ان ۾! اهو ڪم اڳتي ٿيندڙ چڪاس ۾ ڪو انٽيليجنس وارو ته پڇي سگهي ٿو پر تون نه. تنهنجو ڪم فقط سامان جي تور ڪرڻ ۽ ان تي ٽئگ هڻڻ آهي ۽ ٽڪيٽ جاچڻ آهي ته ان فلائيٽ جي آهي ۽ اصلي آهي يا نقلي. ۽ پوءِ ٻين هنڌن تي به ڊگهيون قطارون هيون. عورتون، ٻار، پوڙها جوان سڀ قطار ۾ ٻگهه پکي وانگر ڪڏهن هڪ ٽنگ تي ته ڪڏهن ٻي ٽنگ تي بيهي ساهي ٿي پٽيائون. پاسپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ Exit جو ٺپو هڻائڻ وقت هر هڪ جو ڪئميرا ذريعي فوٽو ڪڍي رهيا هئا. ڪمپيوٽرائزڊ لسٽ چيڪ ڪري رهيا هئا ته هي مسافر ڪنهن ٿاڻي تي ڏوهه جي ڪيس ۾ گهربل ته نه آهي يا هن جو نالو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وارن تي بندش لڳل ماڻهن ۾ ته نه آهي. القاعده يا ٻي ڪنهن تنظيم جو دهشتگرد ته نه آهي. ويندي عورتن سان گڏ ننڍن ٻارن جي به چڪاس ٿي رهي هئي. دل ۾ چيم ’شل ڪو دهشتگرد کين ائين لڀي پوي!‘ اصل ڏاڙهين مڇين وارا دهشتگرد ته بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي برقعا پائي بدين ۽ ٺٽي پاسي کان بتيلن ۾ گلف ۽ مالديپ ٻيٽن کان وڃيو نڪرن ۽ هي ويٺا نانگ جي نشان کي لٺين سان ڪُٽين ۽ اسان مسافرن کي تنگ ڪن.
    پاسپورٽ تي ٺپو لڳڻ بعد آرمي وارن جي چڪاس هئي اتي قطار، ان کان علاوه ايئرپورٽ اٿارٽي جا سپاهي اليڪٽرانڪ اسڪينر سان ڌار ۽ هٿن سان ڌار هر مسافر جو جسم ڄڻ مالش ڪري رهيا هئا. آخر ۾ جڏهن هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ انتظار گاهه (Waiting Lounge) ۾ پهتس ته حساب لڳايم ته ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ بعد هڪ ڪلاڪ پنجويهه منٽ قطارن ۾ بيهي هاڻ هتي پهتو آهيان. ’ٻه چار ضروري ڪم ٿي پيا آهن جن ڪري ملائيشيا وڃڻو اٿم جي رڳو گهمڻ ۽ دوستن ۽ شاگردن سان ملڻ هجي ها ته هتان ئي موٽي وڃان ها.‘ مون سوچيو هو. خبر ناهي اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن افراتفري ۽ خواري واري دور ۾ ٿائلنڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا يا يورپ ۽ آمريڪا گهمڻ وڃن ٿا. خير سنگاپور ته پاڪستانين لاءِ اهڙي ٽوٽل Ban هڻي ڇڏي آهي جهڙي رول ڪتن جي فضيلت وارن گهرن ۾ گهڙڻ کان. چي پاڪستاني دهشتگرد آهن. پاڪستاني چوريون ٿا ڪن. جهيڙا جهٽا ٿا ڪن، ٺڳيون ٿا ڪن - امن ۾ خلل ٿا پئدا ڪن. ڪنهن حد تائين اهي صحيح به آهن. پنهنجي ڳالهه کي صحيح قرار ڏيڻ لاءِ هنن وٽ ثبوت به آهن. ملائيشيا پاڪستانين کي اچڻ ڏئي ٿو پر ويزا سوچي سوچي، جانچي جونچي پوءِ ڏئي ٿو. ٿائلنڊ ۾ مڙيئي سولائيءَ سان مليو وڃي جتي يورپ ۽ آمريڪا جي ٽوئرسٽن دهشتگردي ۽ AIDS جي بيماريءَ جي خوف کان اچڻ گهٽائي ڇڏيو آهي. سندن چڪلا خالي ٿي پيا آهن ان ڪري پاڪستانين کي اچڻ ڏنو پيو وڃي (شايد)، جيئن اتي جي رنڊين، کنڊين ۽ کدڙن جو روزگار ته چالو هجي..... اڄ جو دور اهڙو ٿي پيو آهي جو نوڪري، واپار يا تعليم جهڙي مجبوري لاءِ ڀلي ڪو انجنير، ڊاڪٽر، بزنس مئن يا شاگرد ملڪ ڇڏي ٻاهر نڪري - باقي پئسو ۽ وقت وڃائي تفريح لاءِ ٻاهر نڪرڻ واري کي کپي ته گهر ۾ ئي ڊسڪوري يا نئشنل جاگرافڪ جهڙو چئنل ويهي ڏسي يا رسالو کڻي ويهي پڙهي. يا انگريزي نٿي اچيس ته هن سفرنامي کان علاوه عبدالحئي پليجي، مهتاب محبوب، رشيده بلوچ، تاجل بيوس، تنوير عباسي، آغا سليم، فهميده حسين ۽ هدايت ۽ عنايت بلوچ جهڙن ٺاهوڪن مسافرن جا سفرناما ويهي پڙهي.... آئون اهو سڀ ڪجهه سوچيندو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي کان ٻاهر نڪتس. آيل مسافرن جي آڌر ڀاءُ لاءِ ڪيتائي مائٽ، عزيز ۽ دوست بيٺا هئا. انهن ۾ منهنجو ڪوبه سڃاڻو نه هوندو ان ڪري ان ميڙ ۾ هر هڪ کي چتائي ڏسڻ- ڳولڻ اجايو هو. هيءَ منهنجي بزنيس يا آفيشل ٽرپ به نه هئي جو ڪو آفيس وارو مونکي وٺڻ لاءِ آيو هجي. هيءَ منهنجي خانگي وزٽ هئي ان ڪري مونکي هر ڳالهه جو بندوبست پاڻ ڪرڻو هو. هڪ ڪنڊ ۾ مختلف هوٽلن جا نمائندا پلي ڪارڊ جهليو بيٺا هئا. ’ٿي سگهي ٿو جنهن هوٽل ۾ منهنجي رزرويشن هجي ان هوٽل وارا وٺڻ لاءِ آيا هجن. ظاهر آهي هن مون واري فلائيٽ ۾ فقط آئون ته ان هوٽل جو مهمان نه هوندس.‘ مون دل ۾ سوچيو ۽ هوٽلن جا نالا پڙهيا جن جي مهمانن کي وٺڻ لاءِ انهن جا نمائندا آيا هئا. پلازه هوٽل..... ڊئنسٽي هوٽل..... اِڪيٽوريل هوٽل...... منڊارن هوٽل....... ريجنٽ هوٽل...... شيرٽن هوٽ....... شنگريلا هوٽل..... مئرلن هوٽل...... وغيره وغيره ڪٿي به پرل انٽرنيشنل هوٽل جو نالو نظر نه آيو. ظاهر آهي هتي فائواسٽار هوٽلن وارا پنهنجن مهمانن کي وٺڻ لاءِ آيا هوندا. پرل انٽرنيشنل هوٽل جنهن ۾ منهنجي بڪنگ ٿيل هئي ۽ جنهن جو نالو هينئر ٻڌو اٿم ڪا فور يا ٿري اسٽار هجي تڏهن به وڏي غنيمت، سوچڻ جي ڳالهه آهي ڪوالالمپور جهڙي شهر ۾ جيڪو اڄ ڪلهه يورپ جي سڌريل ۽ سهڻن شهرن سان ٽڪر ٿو هڻي، جتي دنيا جي هر جديد شيءِ ۽ Facility موجود آهي ۽ جيڪو ايشيا جي باحفاظت ترين شهرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو اتي 60 ڊالرن ۾ چار ڏينهن ٽي راتيون سو به نيرن سان گڏ ڪنهن ٿري اسٽار هوٽل ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ۽ ان هوٽل وارن MAS جي هوائي مسافرن لاءِ اها ايڏي سستائي ڪئي آهي جو کين ان مسواڙ مان شايد ئي ڪو ٽڪو پئسو بچي! سو ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڌوڙ پائيندا ۽ اهو ناممڪن آهي ته هو شهر کان هيڏو پري (ڄڻ ڪراچيءَ کان ٺٽو يا نوري آباد ٿيو) ڪوالالمپور جي هن نئين ايئرپورٽ تي بس يا ٽئڪسي موڪليندا. اڃان به سبانگ جايا وارو ويجهو هوائي اڏو هجي ها ته اهڙين هوٽلن مان ڪا ڦاهو کڻي ڦڪي ها. ڪوالالمپور جو پراڻو هوائي اڏو اڄ ڪلهه ڊوميسٽڪ فلائيٽ لاءِ آهي. آئون اهو سوچي رهيو هوس ته سامهون هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري جيڪي هڪ ڪوسٽر ٽائيپ بس ۾ چڙهي هيا هئا، مون تي نظر پوڻ تي مونسان ملڻ لاءِ لهي آيا.
    ”انڪل آئون علي آهيان ۽ هيءَ منهنجي ڪنوار آهي“ آءٌ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ۽ هو به سمجهي ويا ان ڪري وڌيڪ سڃاڻپ ڪرائڻ لڳا.“
    آئون توهان جي ڀاڻيجي سهيل شيخ جو دوست ۽ پاڙيسري آهيان....“ اتي مون کين سڃاڻي ورتو ۽ کين شاديءَ جي مبارڪ ڏني ۽ سندن شادي جيڪا هفتو کن اڳ هئي نه اٽينڊ ڪرڻ جي معذرت ڪئي.
    ”ڪريو خبر هتي ڪيئن؟ نوڪري هتي آهي ڇا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
    ”نه انڪل اسان هڪ ٽريول ايجنسي معرفت هني مون ملهائڻ لاءِ آيا آهيون. اسان جو سڄو گروپ هينئر پينانگ وڃي رهيو آهي جتي ٽي ڏينهن رهڻ بعد بئنڪاڪ وينداسين ۽ اتان پوءِ ڪوالالمپور موٽي اينداسين.“
    “Wish you a good luck” مون کي خدا حافظ ڪندي پارت ڪئي، ”پنهنجي پاسپورٽ ۽ پئسي ڏوڪڙ جو خيال ڪجو، خاص ڪري ٿائلنڊ ۾.“
    هنن جي بس پينانگ ڏي رواني ٿي ته مون ڪوالالمپور ويندڙ ڪنهن بس يا ٽئڪسي جو جائزو وٺڻ چاهيو. ماڻهن جي ميڙ مان هڪ سائوٿ انڊين (تامل) نڪري اچي مونکي پاسو ڏنو.
    “Can I help you” آئون توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو. هن پڇيو.
    ”تون ڪير آهين، ميان؟“ مون پڇيومانس، ڇو جو هو ڪجهه چورن وانگر لڪي، ڳجهه ڳوهه واري نموني ۾ ڳالهائي رهيو هو.
    ”آئون ٽئڪسي ڊرائيور آهيان.“
    ”۽ ٽئڪسي ڪٿي آهي؟“
    ”او هوڏانهن بيٺي آهي، ڪيڏانهن هلندائو؟“
    ”پرل انٽرنيشنل ۾، پر گهڻو وٺندين؟“
    ”ستر رنگٽ“ (يعني ملائيشيا جا ڊالر) هن ٻڌايو. مونکي ڀاڙي کان وڌيڪ سندس چرسي چهري کان گهٻراهٽ ٿي. ڪجهه مزو نه آيو. اڪيلو هوس. کيسي ۾ مهيني کن جي رهائش جي خرچ پکي جا پئسا هئا، پاسپورٽ ۽ رٽرن ٽڪيٽ هئي. ملائيشيا ۾ کڻي ايڏو ڪرائيم (ڏوهن جو تعداد) نه آهي پر منهنجي دل نه مڃيو ۽ مڪاني دوستن ۽ سڃاڻن مان ڪنهن کي ان ڳالهه جو به اطلاع نه ته آئون ڪهڙي نمبر واري ٽئڪسي ۾ ڪهڙي هوٽل ڏي وڃان پيو. آئون کيس انڪار ڪري ٿورو اڳيان رڙهيس ته هڪ چيني ڊرائيور پاسو ڏنو.
    ”ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“
    ”پرل انٽرنيشنل هوٽل“ جواب ڏنومانس.
    ”ڪٿي آهي اها؟“ هن پڇيو. مون رٽرن ٽڪيٽ مان Staple ڪيل هوٽل ۾ رهائش واري ڪوپن تي پهريون دفعو غور ڪري وڏن اکرن ۾ لکيل هوٽل نالي هيٺان تمام ننڍڙن اکرن ۾ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان اڳ چيني ڊرائيور ذري گهٽ مونکان هٿن مان ٽڪيٽ کسيندي ائڊريس پڙهڻ لڳو. منهنجي ناراضگي جي اظهار تي يڪدم چوڻ لڳو ”سائين واپس ٿو ڪريان. ڀڄي ڪونه ويندس.“
    ”ٽئڪسي ڊرائيور ٿي توکي شهر جي هوٽلن جي خبر ناهي؟“ مون کانئس ٽڪيٽ ۽ هوٽل وارو ڪوپن وٺندي چيو. تيستائين هن ائڊريس پڙهي ورتي هئي ۽ وراڻيائين: ”نه هيءَ هوٽل شهر ۾ نه آهي هاڻ ڪا ويجهڙائيءَ ۾ ٺهي آهي ان ڪري آئون پهرين نه ويو آهيان. شهر ۽ ايئرپورٽ جي وچ ۾ آهي. جالان ڪلانگ لاما تي.“ (يعني ڪلانگ لاما“ روڊ تي. ملئي زبان ۾ جالان جي معنيٰ هلڻ به آهي ته جالان جي معنيٰ روڊ، رستو شاهراهه به آهي). جالان ڪلانگ لاما جو ٻڌي مونکي حيرت لڳي. مار پوي منهنجي ٽريول ايجنٽ کي. اڀري سڀري ڪنهن اهڙي هوٽل جو بندوبست ڪري ها جيڪا شهر جي وچ ۾ ته هجي ها جتان آئون واڪ ڪري مختلف دڪانن، آفيسن، پارڪن ۽ عمارتن ۾ پيو وڃان ها. ۽ جالان ڪلانگ لاما ڪو شريفن جو علائقو ته نه آهي. ڪراچيءَ ۾ جي رڳو ان روڊ جو نالو پڙهان ها ته اها هوٽل ڪڏهن به قبول نه ڪريان ها جو ڪوالالمپور ۽ ان جي ٻهراڙي واري سڄي علائقي ۽ هڪ هڪ رستي کان واقف آهيان. هي روڊ فئڪٽرين ۽ ڪارخانن کان مشهور آهي ان ڪري ان روڊ جو نالو ئي ڪلانگ آهي معنيٰ ڪارخانا. ۽ لاما معنا پراڻيون. سمجهه ته شيرشاهه وارو علائقو آهي جتي ٻيلن ۽ ڪاٺ چيرڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڏکڻ انڊيا جا موالي ٽائيپ ۽ اڻ پڙهيل تامل مزدور رهن ٿا. ان روڊ تي انهن جي وندر لاءِ سستي قسم جا مئخانا ۽ جوا خانا هوندا هئا ۽ هر ايندڙ ڏينهن تي اخبارن ۾ سندن خبرون پڙهندا هئاسين ته اڄ تاملن جو پنهنجو پاڻ ۾ جيهڙو ٿيو ۽ اڄ هنن جو چيني مزورن سان فساد ٿيو. ڪنهن تامل مزور نشي ۾ پنهنجي زال کي موچڙا هنيا يا فلاڻي فيڪٽري جي انڊين مزورن جو گهر ۾ ٺهيل ڪچو شراب پيئڻ ڪري موت ٿيو يا جوا ۾ گدي ڪرڻ تي ٻه ڌريون وڙهي پيون.... وغيره وغيره ۽ ڪوالالمپور جي بندرگاهه پورٽ ڪلانگ ۾ ويندي اسانجو اڪثر هن رستي تان لنگهه ٿيندو هو.
    جاگرافيائي لحاظ کان هي هوائي اڏو ڄڻ ته نوري آباد ۾ هو جتان ڪراچي اچڻ وقت هيءَ هوٽل صدر يا نرسريءَ ۾ هجڻ بدران سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ هئي. هر ٻاهر جو آيل چاهيندو ته شهر جي وچ ۾ رهان.
    مون في الحال هن چيني ڊرائيور کي به ڀڄائي ڇڏيو جيڪو ان هوٽل تائين هلڻ لاءِ سٺ ڊالر گهري رهيو هو. ڪهڙي به هوٽل آهي ڪهڙو به روڊ آهي ان کي پوءِ ڏٺو ويندو پر هي ٻئي ڊرائيور، مون کي لڳو ته مونکان شايد ڀاڙو به گهڻو پيا وٺن ۽ ويتر جي هوٽل هٿ نه آين ته ان هوٽل کي ڳولهڻ لاءِ يا شهر ۾ اچي ٻه ڪا هوٽل ڏسڻ لاءِ مونکي سهراب ڳوٺ جهڙي جالان ڪلانگ لاما تان ٻي ٽئڪسي ڪٿان ملندي.
    ايئرپورٽ مان نڪرڻ واري در وٽ ملائيشيا ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ جي آفيس ڪائونٽر تي ويٺل رسيپشنسٽ ڇوڪريءَ کي ان هوٽل ۾ وڃڻ لاءِ چيم تنهن سرڪاري طرح مقرر ڪيل ٽئڪسين جي هڪ ڊرائيور (جنهن جو وارو هو) کي گهرائي. هوٽل تائين ڇڏڻ جي بل جي رسيد ٺاهي مونکي ڏني.
    ”پنجانوي رنگٽ پليز.“
    چيني ڊرائيور جيڪو پهرين ٻن ڊرائيورن کان وڌيڪ خطرناڪ لڳي رهيو هو. اهو اچي ويو، ڀاڙو جيڪو هنن جي ڀاڙي کان تمام گهڻو هو ان جي رسيد ڪٽجي وئي، هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهجي. سؤ رنگٽ جو نوٽ ڪڍي ڇوڪريءَ حوالي ڪيم جنهن جيڪي پنج رنگٽ واپس ڪيا اهي هن نئين چيني ڊرائيور کي اڳواٽ ٽِپ طور ڏنم (جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ ٽپ جو رواج بنهه ناهي) ڊرائيور منهنجو سامان کنيو ۽ اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺاسين.
    هڪ سؤ رنگٽ يعني پاڪستاني 1600 رپيا. هونءَ يورپ ۽ USA جي لحاظ کان کڻي گهڻو ڀاڙو نه هجي پر ايشيائي ملڪن جي حساب سان اهو گهڻو ڀاڙو آهي جڏهن ته غير سرڪاري طرح هلندڙ ڊرائيور ستر ۽ سٺ رنگٽ وٺي رهيا هئا جيڪي آرام سان 50 رنگٽن تائين اچي وڃن ها. ۽ هيڏانهن سرڪاري طرح ٽوئرسٽن کي همٿائڻ بدران ٻيڻو ڀاڙو ڦريو پيو وڃي. دراصل انهن ڳالهين ۾ ملائيشيا مار کايو وڃي. ڪيترن سببن سان گڏ هڪ اهو به سبب آهي ته هتي آيل مسافر ٽهيو وڃن ۽ هتي جي حڪومت ملائيشيا گهمڻ جي جيتري اشتهاربازي ڪري ٿي اوترا ماڻهو هتي گهمڻ لاءِ نٿا اچن جو هو سرڪاري طرح هرشيءَ جو اگهه اهو رکڻ چاهين ٿا جيڪو لنڊن ۽ پئرس ۾ آهي. جيڪو ٽوڪيو ۽ نيويارڪ ۾ آهي.
    ***


    اسان جا ۽ ملائيشيا جا وزير

    ڪوالالمپور جي هوائي اڏي کان ڪوالالمپور جي وچ شهر تائين ڪلاڪ کن لڳيو وڃي. يعني اهو ئي نوري آباد کان ڪراچي وارو پنڌ ۽ نمونو. ملائيشيا سڄو ملڪ جابلو آهي. سو ڪجهه ڪجهه اهو ئي ڪراچي سپر هائي وي وارو ڏيک ملي ٿو سواءِ ان فرق جي ته ملائيشيا جا رستا يورپ ۽ آمريڪا جي هائي ويز وانگر اعليٰ معيار جا آهن. اريگيشن، روڊس ۽ بلڊنگس ڊپارٽمينٽ جا انجنير ۽ هيٺاهون عملو پگهار مان ئي گهر هلائين ٿا ۽ ٻي ڳالهه ته هتي جهجهي مينهن وسڻ ڪري ساوڪ گهڻي آهي. رستي جي ٻنهي پاسي جيستائين نظر وڃي ٿي پام ۽ رٻڙ جا وڻ نظر اچن ٿا ۽ زمين تي مختلف قسم جا گاه ۽ گل ٻوٽا. اڄ ڪلهه رٻڙ جي جاءِ تي به جتي ڪٿي پام لڳي رهيو آهي جيڪو وڻ وڌيڪ چهچ سائو آهي. پام جي وڻ ۾ جارکن (کجور) جهڙو ميوو ٿئي جنهن کي ”پام آئل فئڪٽرين“ ۾ نپوڙي پام جو تيل ڪڍن جيڪو اسان جي ملڪ ۾ به امپورٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ منجهس ٻيا تيل ۽ ڪيميڪل وجهي رڌ پچاءَ لاءِ ”ڪڪنگ آئل“ ٺاهيو وڃي ٿو.
    اسانجي ٽئڪسي لسي، پڪي ۽ ويڪري رستي تان ترندي پئي ويئي. هي رستو گهڻو اڳ جو ٺهيل آهي جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس. ملاڪا کان ڪوالالمپور، ڪجانگ، اپوح ۽ ٻين شهرن ڏي ويندي آئون اڪثر هي هاءِ وي وٺندو هوس. 1980ع ڌاري جيئن ئي وزيراعظم مهاتير جي حڪومت شروع ٿي هن ٻين اهم ڳالهين سان گڏ رستن کي به ترجيح ڏني. ان کان اڳ ۾ ملائيشيا ۾ ايترا رستا نه هوندا هئا. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجو پاڻي واري جهاز ذريعي اچڻ ٿيندو هو ته ملائيشيا جا شهر ڳوٺن کان بنهه ڪٽيل هئا. ڪيترن ڳوٺن ۾ ته مون 1980 تائين به سنهڙا پيچرا ڏٺا، جن تان ماڻهو پيرين پنڌ يا سائيڪلن تي ويندا هئا. گهڻو ڪري ڳوٺن جا ماڻهو ڳوٺن ۾ ته شهرن جا شهرن ۾ رهيا ٿي. ڳوٺن جا ماڻهو ڪپڙو گندي پٺاڻ ۽ سکن کان وٺندا هئا ته ڊبل روٽي بسڪيٽ تاملن کان جيڪي سائيڪلن تي سامان جون ڀريون رکي اهي پيچڙا ڏئي ڳوٺن ۾ ويندا هئا ۽ گهڻو تڻو ڪم اوڌر ۽ وياج تي هلندو هو.
    ۽ پوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا جي سرزمين تي مهاتير محمد رستن جي ڄڻ ته ڄار وڇائي ڇڏي، ڳوٺ ڳوٺ تائين پڪا ۽ ويڪرا رستا ۽ نه فقط هڪ پر ٻه ٻه ٽي ٽي، جيئن هر قسم جو Alternative هجي ۽ هي رستا ان وقت جا آهن. ڏهه پنڌرهن سال اڳ جا ٺهيل. هيڏي مينهن ۽ ٽرئفڪ هوندي به ائين ٿا لڳن ڄڻ هاڻ ٺهيا هجن. رستي تي ڪئين قسمن جا بورڊ گذرندا ويا. ڪي قومي، ڪي بين الاقوامي ڪمپنين جا. رکي رکي مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ Selamat Datang (ڀلي ڪري آيا) جو بورڊ نظر آيو ٿي. يا اڳيان ايندڙ ڪنهن اوچتي موڙ يا ٻي خطري کان ڊرائيور کي آگاهه ڪرڻ لاءِ AWAS (خبردار) جو بورڊ نظر آيو ٿي يا رفتار کي مقرر حد تائين رکڻ لاءِ HAD LAJU (رفتار جي پابندي) جو بورڊ نظر آيو ٿي. مونکي جُهڙ ۽ مينهن وڻندو آهي پر چوڌاري سڪل ٺوٺ زمين ڏسي لڳو ٿي ته روزانو مينهن وسڻ واري هن ملڪ ۾ مينهن وٺي ڪي ڏينهن ٿي ويا آهن. آسمان ۾ ڪا نالي ماتر هڪ به ڪڪري نه هئي.
    جيتوڻيڪ صبح جو وقت هو پر سج جي تپش ايئرڪنڊيشن ٽئڪسيءَ ۾ اندر به محسوس ٿي رهي هئي. ظاهر آهي مينهن ۽ جهڙ ناهي ته ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور آفريڪا جي ملڪن: ڪينيا، يوگنڊا، تنزانيا، زائر، گهانا ۽ نائيجيريا وانگر آهن جيڪي سڀ ملڪ تقريباً ساڳي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهن جتي سج جا ڪرڻا سڌا پوڻ ڪري سخت گرمي ٿئي ٿي جنهن جي بچاءَ لاءِ پنهنجو مٿو ۽ خاص ڪري ڪنڌ ڍڪڻ کپي. سنگاپور ۽ ملائيشيا پاسي جا ماڻهو ڌوپ ڇٽي (Umbrella) مينهن کان وڌيڪ اس جي بچاءِ لاءِ کڻن ٿا. بنا ڇٽيءَ جي مينهن ۾ هلڻ ايڏو نقصانڪار نه آهي جيترو اس ۾ ڇو جو هتي جي اس ۾ يڪدم ڏينهن لڳيو وڃي Sun Stroke ٿئي ٿو ۽ وڌيڪ خطرناڪ حالتن ۾ اڌرنگ (Paralysis) پڻ. ان ڪري هن پاسي ايندڙ همراهن کي آئون هميشه مٿي ڍڪڻ لاءِ چوندو آهيان جو هتي جي اس سنڌ کان به خراب آهي. ڇو جو حيدرآباد ۽ سکر ته وري به 26 ۽ 30 کن Latitude تي آهن ۽ سج جا ڪرڻا پاسيرا ٿا پون. خاص ڪري سياري ۾ ته. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ته بلڪل زيرو ڊگري ويڪرائي ڦاڪ تي آهي ۽ ٻارهوئي ساڳيو حال رهي ٿو. ويتر هن پاسي جي گهم ۽ گهُٽ (Humidity) ماڻهوءَ ۽ مرون کي ماري ٿي. اهڙي گرمي ۽ گهُٽَ ۾، ۽ رکي رکي پوندڙ مينهن ۾ وڻن ٽڻن ۽ جيتن جڻين ۾ واڌ ضرور اچي ٿي.
    ٻاهر گرمي ۽ اس هئي تڏهن به مونکي هي ڄاتل سڃاتل نظارو وڻي رهيو هو ۽ پراڻن ڏينهن بلڪ سالن جون يادون ڌيان ۾ آڻي خوش ٿي رهيو هوس. منهنجي خيال ۾ سڀ کان گهڻو مون هن ملڪ ۾ Travel ڪيو آهي. پهريان ڏهه سال ٽئڪسين ۽ بسين ۾ جڏهن منهنجو هتي اچڻ جهاز ذريعي ٿيندو ۽ ان بعد ٻيو ڏهاڪو کن سال پنهنجي ڪار ۾ جڏهن مون هتي نوڪري ڪئي ٿي ۽ هاڻ پورن ٻارهن سالن جي يڪي Gap بعد هڪ دفعو وري آيو آهيان پر لڳي ائين ٿو ڄڻ ڪالهه وڃي اڄ موٽيو آهيان... آئون هتي جون مختلف جايون ۽ مختلف شخصيتون، جن سان منهنجو سٺو وقت گذريو، ياد ڪري ٻهڪڻ لڳس. دل چيو ٽئڪسي ائين ئي ويندي رهي ۽ منهنجو دماغ ائين ئي ماضيءَ جا ڏينهن ٽپندو وڃي ۽ گذريل وقت جي خوبصورت Events ۾ جهاتيون پائيندو رهي پر چيني ڊرائيور رکي رکي مونکي ڊسٽرب ڪندو رهيو. ابوظبي کان آيل فلائيٽ جو ٻڌي (جنهن مان آئون لٿو هوس) هو مونکي امير عرب سمجهڻ لڳو ۽ ڪجهه ڪجهه بيوقوف عرب پڻ. هاڻ هن کي ڪير سمجهائي ته ان فلائيٽ ابوظبي کان ڪوالالمپور پهچڻ کان اڳ ڪجهه مون جهڙا غريب پڻ ڪراچيءَ مان کنيا آهن. هو مون کي عرب ٽوئرسٽ سمجهي، ۽ ڪجهه وڌيڪ پئسا مون مان ڪڍڻ ڪارڻ، رکي رکي ڀڳل انگريزيءَ ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو جنهن مان کيس فائدو رسي سگهي. ”سڀاڻي ڪهڙو پروگرام اٿانوَ؟ آئون توهان کي ڪوالالمپور گهمائڻ وٺي هلان.“
    ”نو. ٿئنڪ يو.“ مون مختصر جواب ڏنومانس ٿي.
    ”ملائيشيا ۾ هاءِ وي ٺهي ويا آهن پر انهن تي هلڻ لاءِ ڊرائيور کي في ڏيڻي ٿي پوي.“ هن هڪ هنڌ رستي جو ٻه ڊالر ٽال ڏيندي ڍنڍڪو ڪيو. يعني آئون کيس اڃان وڌيڪ پئسا ڏيان. آئون چپ رهيس. ”چيني ڊرائيورن ۾ اهو ڪينجهو ڏاڍو آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
    ۽ پوءِ هڪ هنڌ جڏهن کلي مطلب جي ڳالهه تي اچڻ لاءِ چيائين ”توهان عرب وڏي پئسي وارا آهيو.“ ته مون پنهنجي بهتري ان ۾ سمجهي ته هن سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ بدران ملئيءَ ۾ ئي ڳالهايان ته منهنجي جند ڇٽي پوندي، سو ان ڳالهه تي وراڻيومانس ته
    “Saya Bukan orang arab, Saya dari sini”
    (آئون عرب نه آهيان. آئون هتي جو ئي آهيان.)
    Oh! Dari Sini! Di mana awak tinggaal (هتي جو ئي آهين! ڪٿي جو؟)
    منهنجي ملئي ڳالهائڻ تي وائڙو ٿي ويو ۽ پڇڻ لڳو ته ڪٿان آيو آهيان.
    Saya Tinggal di Melaka. (آئون ملاڪا ۾ رهان ٿو) ۽ پوءِ ٻڌايومانس ته نوڪري به اتي اٿم.
    منهنجيون اهي ڳالهيون ٻڌي هو ٿڌو ٿي ويو. بلڪ دل ۾ شڪر ڪري رهيو هوندو ته هتي جو رهاڪو ٿي ڪري يعني هتي جي واقفيت هوندي آئون ٽئڪسي ۾ پيو وڃان نه ته بس ۾ به وڃي سگهيس ٿي. ۽ پوءِ ڪوالالمپور ڇڏڻ وقت اها خبر پيئي ته ايئرپورٽ کان شهر ۽ شهر کان ايئرپورٽ هنن جي مونوريل به هلي ٿي جيڪا فقط ٽيهارو کن ڊالر وٺي ٿي ۽ هي جو ايئرپورٽ ٻاهران مونکي ورلي ڪو ماڻهو K.L (ڪوالالمپور) ويندڙ مليو جو اهي سڀ ان ريل ۾ شهر ڏي روانا ٿي ويا. بهرحال ملئي زبان ڳالهائڻ سان هو چپ ٿي ويو ۽ هوٽل تائين ماٺ ۾ رهيو. هونءَ به چوندا آهن ته جنهن ملڪ ۾ رهجي ان جي زبان سکڻ سان ماڻهو فائدي ۾ رهي ٿو.
    آئون به هر هڪ کي اها نصيحت ڪندو آهيان ته ڪٿي به سال کان مٿي رهڻ جو آسرو ٿئي ته اتي جي جيتريقدر ٿي سگهي زبان سکجي ۽ جيترو جهٽ ٿي سگهي اوترو سٺو جيئن باقي رهڻ وارو عرصو ان کي استعمال ڪري سگهجي.
    جهاز تي ويندڙ شاگردن کي تعليم دوران اها به نصيحت ڪندو آهيان ته پنهنجي ٽيڪنيڪل تعليم انجنيرنگ يا نيويگيشن سان گڏ ڪا فارين زبان به سکندا رهو. مثال طور عربي، فرينچ، جرمن، اسپيني يا جپاني وغيره ۽ کين اڪثر اهو چرچو ٻڌائيندو آهيان ته هڪ دفعي هڪ غريب ڪوئو ڪنهن ٻليءَ جي ور چڙهي ويو. ڪوئي گهڻو ئي ڀڄڻ جي ڪئي پر ٻليءَ پٺ نه ڇڏيس. آخر جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو ته هڪ هنڌ بيهي زور زور سان ڪتي جي ڀؤنڪار ڪئي.
    ٻلي ’ڀونءَ ڀونءَ‘ جو آواز ٻڌي ڊپ ۾ کڻي پويان پير ڪيا ۽ ڪوئي ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”سچ چيو اٿن ته ڌارئين زبان (Foreign Language) سکڻ ۾ فائدو آهي.“
    هوٽل ۾ پهتس. بلڪ هوٽل کان اڳ جالان ڪلانگ لاما علائقي ۾ پهتس ۽ ان علائقي ۽ ماحول ۾ تبديلي ڏسي حيرت ٿي. ٻارهن سال اڳ جو ڇڏيل هي سهراب ڳوٺ ۽ مڇر ڪالوني جهڙو علائقو هينئر ڪلفٽن جهڙو بارونق ٿي پيو هو. گهڻ ماڙ عمارتون ۽ شاپنگ سينٽر ۽ چوڌاري Multi National ادارن جون آفيسون ۽ ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي اسڪول ۽ پوليٽيڪنڪ درسگاهن جا بورڊ ڏسي ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير ۽ سندس وزيرن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ٽيم کي داد ڏيڻ تي دل چوي ٿي، جن خانوٺ ۽ خدا آباد جهڙن ڳوٺن کي لورپول ۽ مانچسٽر بنائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ اسانجو ملڪ آهي جنهن جا ٻيا ڳوٺ ته ٺهيو پر رتوديرو، پير جو ڳوٺ، سنڌڙي، نئون جتوئي، هالا نوان ۽ سن به ڄڻ اتي ئي بيٺو آهي. ڪنهن به ڳوٺ جي ماڻهوءَ کان سندس ڳوٺ جي ترقيءَ جو پڇ ته چوندو: ”ها ابا ٿي آهي.“
    ”چاچا ڪهڙي ترقي ٿي آهي؟“ ته ان سوال جي جواب ۾ وراڻيندو:
    ”رئيس جي بنگلي تائين پڪو رستو ٿيو آهي.“
    اسان وٽ ته ڪو غريب ته ڇا پر ڏسڻو وائسڻو ماڻهو به پنهنجي تر جي چونڊيل ميمبر يا وزير کي ڪجهه چئي نٿو سگهي. هڪ نوجوان دوست وزير سان هڪ دفعو سندس ڪراچي واري بنگلي تي سندس ڏنل ٽائيم مطابق صبح ساڻ ملڻ ويس. گهر ٻاهران لڳل تنبوءَ ۾ سندس ئي ڳوٺ جا ڏهاڪو کن غريب مرد ۽ ڪجهه پوڙهيون عورتون هٿن ۾ درخواستون کڻيو ويٺيون هيون. وزير کي اطلاع ڪرڻ بنا آئون به اتي ويهي رهيس. اطلاع به ڪيئن ڪجي. منهن مان ٻڙڪ ڪڍڻ کان اڳ سندس چوڪيدارن، نوڪرن، ڊرائيورن آيل ماڻهن کي ڇڙٻون ڏيئي ان تنبوءَ ۾ پئي وهاريو ”بابا ويهي رهو. اچڻ وارو آهي وزير. ڄاڻ ته آيو.“
    وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون ڀر ۾ ويٺل همراهن جون خبرون ٻڌندو رهيس جيڪي ڏکن کان خالي نه هيون ۽ ڪيئن انهن مان هر هڪ قرض کڻي يا ڇيلو ڪڪڙ وڪڻي ڀاڙو ڪري ڳوٺ کان هتي ڪراچي ۽ ڪلفٽن تائين پنهنجي تر جي وزير سان ملڻ لاءِ آيو هو. وقت گذرندو ويو. ماڻهن جي رش وڌندي وئي. وڌندي وئي. وزير صاحب ڳوٺ ۾ ڪيل تقرير ۾ وعدو ڪري آيو هو ته بابا ڪراچي اچو ته توهان جي ڪم کي ضرور منهن ڏبو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هي ميڙاڪو فقط ان ڏينهن نه پر جڏهن به وزير صاحب ڪراچيءَ ۾ آهي ته لڳو رهي ٿو ۽ وزير سان ملاقات جي آسري ۾ ڪيترا ته روز پيا جتيون گسائن. وزير جي اچڻ ۾ اڃان دير ٿي رهي هئي. ماڻهن جو تعداد اڃان وڌي رهيو هو. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته وزير صاحب کي ته آفيس ۾ به وڃڻو آهي ۽ هتي ڪيئن ۽ ڪيترن ماڻهن سان ملي سگهندو. بهرحال مون هڪ ٽارگيٽ ٺاهي ڇڏيو ته ساڍي نائين تائين منهنجو ساڻس ملڻ نه ٿيو ته آئون پنهنجي آفيس ڇڏي نٿي سگهيس ۽ آخرڪار ڪم به سندس آهي جنهن لاءِ پاڻ گهرايو اٿس منهنجو ته نه آهي. بهرحال ان دوران شايد کيس ئي خيال آيو ۽ پاڻ منهنجو پڇڻ لاءِ منهنجي گهر فون ڪيو جتان خبر پيس ته آئون ته صبح کان هتي آهيان. يڪدم نوڪر کي ٻاهر ڊوڙايائين جيڪو ميڙ ۾ دانهون ڪري مونکي ڳولي اندر وٺي آيو. ٻاهر ڇا گوڙ، گرمي ۽ ماڻهن (سائلن) جو طوفان متل هو ۽ اندر ڄڻ ٻي دنيا هئي..... سنهي سنهي ميوزڪ، ايئرڪنڊيشنز جي ٿڌڪار ۽ خوشبوئن سان وايومنڊل واسيو پيو هو. وڏو ڀاڪر پائي چيائين.
    ”يار ڪمال ٿو ڪرين. اندر هليو اچين ها نه.“
    ”ڌوڙ اچان ها. ڪا پهر ٻُڌڻ واري به آهي.“
    پنهنجي ملڪ ۾ عوامي نمائندن جا هي نمونا ۽ ٻاهر انتظار ڪندڙ مجبور ماڻهن جون ڏکويل ڳالهيون ٻڌي آئون وائڙو ٿي ويو هوس ته هي آهي مسلمانن جو ملڪ! هيءَ آهي جمهوريت ۽ عوامي حڪومت جنهن لاءِ مرحوم ڀٽو صاحب روٽي، ڪپڙا، مڪان جا نعرا هڻندو رهيو.
    وزير صاحب سرڪاري خرچ تي ٻه ٽي لنڊن فون ڪيا جتي سندس ٻار موڪلن جا ڏينهن، بقول سندس ’ڪاٽي‘ رهيا هئا ۽ هڪ اڌ نيويارڪ ڪيو جتي سندس دوست بزنيس شروع ڪرڻ لاءِ پهتا هئا. تيسين آئون مڪس ويل جي ڪافي اعليٰ درجي جي جپاني ناريٽاڪي ڪوپ ۾ پيئندو رهيس. فون ڪرڻ بعد صاحب بهادر ڪرسيءَ تان ڪوٽ کڻي پاتو ۽ هڪ نوڪر سندس بريف ڪيس کنئي ۽ باڊي گارڊ بندوق ڳچيءَ ۾ لڙڪائي.
    ”هلو ته هلي ڪچهري ڪريون.“ ڊرائنگ روم جي بلڪل در وٽ لڳل پجيرو گاڏيءَ ۾ گهڙندي هن چيو.
    ”ڪيڏانهن؟“ مون چيومانس.
    ”آفيس ۾.“ وراڻيائين.
    ”۽ هي پنجاهه سٺ کن غريب ماڻهو مين گيٽ ٻاهران تنبوءَ ۾ توهان سان ملڻ آيا آهن انهن جو ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيومانس.
    ”انهن کي پاڻهي هي ’جوڪر‘ منهن ڏيندا“ هن پنهنجن خذمتگار چمچن ڏي اشارو ڪندي چيو.
    ”چڱو توهان ڀلا هلو ته آئون پنهنجي ڪار ۾ ٿو اچان.“ مون چيومانس.
    ”اها ڊرائيور کي ڏي ته اهو ڪاهي اچي. پاڻ هن گاڏيءَ ۾ ڪچهري ڪندا ٿا هلون.“ وزير صاحب چيو.
    ”مون وٽ ڊرائيور ناهي. توهان هلو آئون پنهنجي گاڏيءَ ۾ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ پڄان ٿو جتي توهان جي آفيس آهي.“ اهو چئي آئون مين گيٽ کان ٻاهر نڪتس. تنبوءَ ۾ ويٺل ماڻهن کي کڙڪ پئجي وئي هئي سو زالين مردين، ويندي پوڙها ۽ ڪجهه عذر وارا، پٽڪن ۽ سنڌي ٽوپين ۾، ابو ڇڻين ۽ اجرڪن ۾ گيٽ کان ٻاهر واري روڊ تي اچي بيٺا. سندن هٿن ۾ درخواستون هيون. آئون به انهن سان گڏ ٿي بيٺس. اهو ڏسڻ لاءِ ته وزير صاحب جا ’جوڪر‘ هنن غريب ماڻهن کي ڪيئن ٿا منهن ڏين. ماڻهو گيٽ تي ائين چهٽندا ويا ڄڻ وزير صاحب، اڳيان بيٺلن جا غم ان ئي وقت لاهي ڇڏيندو. وزير صاحب جي خذمتگار چمچن (بقول سندس ’جوڪرن‘) انهن کي ڌڪا ڏيئي هٽايو. ”بابا رستو ڇڏي بيهو. صاحب جي گاڏي نڪري. هن کي جلدي آهي.“
    ”اسين بنا ملڻ جي هن کي نه ڇڏينداسين.“ ڪجهه پوڙهين عورتن ۽ مردن دانهون ڪيون. گرمي ۽ اونهاري جي اس ۾ هو پگهر ۾ وهنتل نظر اچي رهيا هئا. هو چوڪيدارن ۽ نوڪرن کي وزير صاحب سان ملاڻ لاءِ ايلاز منٿون ڪري رهيا هئا جن جي کين اهائي ورندي ملي رهي هئي ته ”بابا وزير صاحب پاڻ به توهان سان ملڻ لاءِ بيتاب آهي پر هينئر هينئر ڪنهن ضروري ميٽنگ لاءِ چيف منسٽر هائوس مان فون اچي ويو آهي. پاڻ نيرن به نه ڪئي اٿس...“
    ’واه سائين اسانجا عوامي نمائندا‘ منهنجي اندر مان نڪتو. گيٽ کليو ۽ وزير صاحب جي پجيرو گاڏي ٻاهر نڪتي. هن هڪ لمحي لاءِ ڊرائيور کي روڪڻ لاءِ اشارو ڪري شيشي کي ٿورو هيٺ ڪري وڏي بي نيازيءَ سان ماڻهن کي چيو.
    ”بابا خوش آهيو. ضروري سرڪاري ڪم لاءِ وزيراعليٰ هينئر جو هينئر گهرايو اٿم....“ ۽ پوءِ پنهنجي هڪ نوڪر کي نالي سان سڏ ڪري چيو، ”ابا فلاڻا! سڀني کان درخواستون وٺي صحيحن لاءِ مون وٽ کڻي اچ ته واسطيدار کاتن ڏي موڪلجن.....“ ۽ پوءِ اس ۾ سهڪندڙ سوالين کي وري مخاطب ٿيندي چيو: ”بابا فڪر جي ڳالهه ناهي. سڀني جا ڪم ٿي ويندا. اڃان به ڪو چاهي ته آفيس به اچي سگهي ٿو. منهنجا در توهان لاءِ کليل آهن.....“ اهو چئي هن شيشو هيٺ ڪيو ( گاڏيءَ جي ٿڌڪار ٻاهر ضايع ٿيڻ کان هن بچاءُ ڪيو) ۽ ڊرائيور سندس بچاءُ ڪيو جو بنا اشاري ملڻ جي گاڏيءَ کي فل اسپيڊ تي ڌوڪي ويو. ماڻهن جا ڏک درد دور ٿين يا نه پر پگهر ۾ پسيل اهي ماڻهو وزير کان دور ٿي ويا. هڪ ڪنڊ ۾ بيهي آئون اهو لقاءُ ڏسي رهيو هوس پر وزير صاحب جي مون تي نظر نه پيئي.
    آئون پنهنجي آفيس ۾ ڪلاڪ کن ڪم ڪري پوءِ وزير سان ملڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ روانو ٿيس. اسيمبلي جي در وٽ بيٺل ماڻهن ۾ اڌ کن اهي به نظر آيا جيڪي صبح جو وزير جي گهر جي ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئا ۽ وزير جي چوڻ تي هو ساڻس ملڻ لاءِ هتي آيا هئا. مون اندر وڃڻ جي ڪئي ته گيٽ تي بيٺلن ٻن دربانن مونکي روڪيو.
    ”فلاڻي وزير سان ملڻو اٿم.“ مون کين ٻڌايو.
    ”سائين پاس؟“ هنن ڊمانڊ ڪئي.
    ”ڇا جي پاس؟ پاڻ ئي گهرايو اٿس. کانئس فون ڪري کڻي پڇو.“ مون چيو مان.
    ”وزير صاحب ڪو پاڻ يا سندن ’فون‘ واندو آهي جو هر ماڻهوءَ لاءِ فون ڪري پيا پڇنداسين.“ هنن کتو جواب ڏنو.
    ”۽ هي ماڻهو؟“ مون در ٻاهر بيٺل ماڻهن ڏي اشارو ڪندي پڇيو. مونکي ڪجهه ڪجهه اهو گمان هو ته انهن مان ڪجهه ته ضرور ملي آيا هوندا. وزير صاحب خود پاڻ منهنجي اڳيان کين آفيس ۾ ملڻ لاءِ چيو هو.
    ”انهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي. انهن لاءِ وزير صاحب ڪا ديڳ ڀت جي نه لاٿي آهي.“ در تي بيٺل چوڪيدارن مان هڪ جواب ڏنو. بهرحال ٻئي دربان سخت بدتميز لڳا ٿي (يا شايد اهڙن هنڌن تي ڄاڻي اهڙي قسم جا ماڻهو رکيا ويا آهن.) انهن ڏينهن ۾ اڃان موبائيل فون نه نڪتا هئا. منهنجي گاڏيءَ ۾ وائرليس فون سسٽم هو ۽ مون سوچيو ته ڀرواري پوليس اسٽيشن تي فون ڪري پهرين ته هنن چوڪيدارن کي سبق سيکاريان جيڪي مونسان ئي ائين ڳالهائي رهيا هئا ته ڳوٺن کان ايندڙ هنن غريب ماڻهن سان ته الائي ڇا حال ڪندا هوندا. پر پوءِ گاڏيءَ تائين پهچندي ارادو بدلائي وزير صاحب کي فون ڪيم.
    ”يار هيءَ ڇا حرامپائي آهي؟ آئون گيٽ تان پيو ڳالهايان. هي تنهنجا گيٽ تي بيٺل....“
    هو شايد ڳالهه سمجهي ويو جو يڪدم معافيون وٺندي چيائين، ”مونکان غلطي ٿي وئي. توکي پاس نه ڏنم. هتي هنن گارڊن تي سختي ڪئي اٿئون ته ڪنهن کي به نه ڇڏين. ان ڪري توکي پاڻ سان وٺي پئي آيس.“
    پنجن منٽن ۾ هڪ ڇوڪرو پريان آفيس مان ڊوڙندو آيو. هن مون لاءِ پاس آندي هئي ۽ مون کي اندر وڃڻ ڏنو ويو. اندرين بلڊنگ ۾ ان وزير جي آفيس ٻاهران هڪ ٻيو مسخرو بيٺو هو. بندرو، ڪاري رنگ جو اڇي يونيفارم ۽ پڳڙيءَ ۾. 1947 کان اڳ واري انڊيا جي انگريز راڄ جو نمونو پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. ”وزير صاحب سان Appointment آهي سائين، توهانجي يا نه...“
    دل ۾ سوچيم ”يا نه“ ڇا؟ آئون ڪو هن جي آفيس ۾ بم Blast ڪرڻ آيو هوس ڇا. پر هن ڍينڍڙي چوڪيدار کي ملڪ ۽ وزير جي سيڪيورٽيءَ جو الڪو گهٽ پر پنهنجي لاءِ خرچي (جنهن کي انگريز راڄ ۾ ’بخشش‘ سڏيو ويندو هو) پنڻ جو فڪر وڌيڪ هو جو مون بعد ۾ ڏٺو ته ويندي هڪ ٻن سرڪاري آفيسرن، وزير سان ملي فائيل صحيح ڪرائڻ کان اڳ يا پوءِ هن جي هٿ تي مروٽيل سروٽيل نوٽ ٿي رکيو. مون ان چوڪيدار کي قبضي واري در وانگر اڳيان ريڙهي پاسي تي ڪيو.
    وزير صاحب جي آفيس ۾ محفل متي هئي. ڪو صاحب پبلشر هو، لاهور کان هتي آيو هو ۽ وزير سان ٻٽاڪ سٽاڪ هڻي رهيو هو ته هو ڀٽي مرحوم جا سمورا ڪتاب ۽ تقريرون شايانِ شان ڇاپي رهيو آهي ۽ هن جي وڪري ۾ مدد ڪئي وڃي. (۽ سال ٻن بعد اسلام آباد ۾ ڪنهن دوست جي گهر انهن ڪتابن جي سيٽ کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ڇا ردي ڇپائي ٿيل هئي ۽ ڇا خراب پنو ۽ بائينڊنگ هئي. پروفن جون بيشمار چڪون ان کان علاوه) هڪ مخالف ڌر جو ليڊر پنهنجي پٽ جي ڪم سان آيل هو. ڪجهه سرڪاري ڪامورا هئا جن مان ڪجهه کي مون ٿي سڃاتو ۽ ڪجهه هنن مونکي ٿي سڃاتو. چانهه بسڪٽن جو دور هلندو رهيو. ڪچهري ۽ رکي رکي آفيس ۾ ويٺل همراهن جي ٽهڪن ۽ ٽن ٽيليفونن جي گهنٽين جو آواز گونجندو رهيو. جيئن وزير هڪ منو ٿيو ته کيس ٻڌايم ته صبح وارا تنهنجا غريب ڳوٺائي جن کي تو هيڏانهن اچڻ لاءِ چيو، اهي به مونسان گڏ گيٽ تي بيٺا آهن چوڪيدار هنن کي نه پئي ڇڏيو.
    ”اهي اتي ئي بيهي پاڻهي جتان آيا آهن اوڏانهن هليا ويندا.“ وزير صاحب پنهنجي پر ۾ شايد چرچو ڪيو جو ائين چوڻ بعد هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو پر هنن ڏور کان ڪَهي آيل غريب ۽ اڃايل بکايل ڳوٺاڻن جي معصوم چهرن جو سوچي مونکي اهو ٽهڪ ڏيڻ جهڙو چرچو گهٽ پر Cruel Joke وڌيڪ لڳي.
    ”ڀلا هنن جي ڏنل درخواستن جو ڇا ٿيندو؟“ مون درخواستون گڏ ڪندڙ نوڪر نه ڏسي وزير صاحب کان پڇيو.
    ”اهڙين درخواستن جون هرهفتي ڪئين ڳوڻيون پيا ساڙيون.“ هن ٺهه پهه وراڻي پنهنجي حاضر جوابي جو ثبوت ڏنو يا پنهنجي لاجواب اٽڪل جو مونکي ڏيک ڏنو جيڪو ٻيو هن جهڙو عوام سان اڻ سچو ۽ دوکو ڪندڙ سياستدان ته ٻڌي شايد Impress ٿئي پر مونکي ڏک ٿيو جو آئون سنڌ جي سڄي لاٽ ۾ هن وزير کي وڌيڪ معتبر سمجهندو هوس. سوچيندو هوس عزت واري گهر جو آهي، غربت مان گذريو آهي ان ڪري غريبن جي ڏک درد جو احساس هوندس، تعليم دوران نوڪري به ڪئي اٿس ان ڪري Dignity of Labor جو احساس هوندس، پڙهيل ڳڙهيل آهي ان ڪري اسيمبليءَ ۾ علم ذريعي عوام لاءِ حق حاصل ڪري سگهندو پر هتي ته سائين اسانجو هرهڪ نمائندو وزير ٿي عوام جي نه پر پنهنجي زندگي ٺاهڻ ٿو چاهي.... ملائيشيا، جپان، سوئيڊن جهڙن ملڪن ۾ سالها سال رهي، ان جي ماحول کي هن پنهنجي سنڌ جي سياسي Scenario سان ڀيٽي گهُٽَ محسوس ٿيڻ لڳي.
    جنهن ڪم لاءِ مونکي سڏايو ويو هو اهو ڪو عوام جي فائدي يا ضرورت جو نه پر وزير صاحب جو ذاتي هو. هن جو سوئيڊن وڃڻ جو ارادو هو ان لاءِ مونکي پنهنجي ڪنهن دوست کي پارت ڪرڻي هئي. مون سندس فون تان مالمو (سئيڊن جي ڏاکڻي شهر) ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ پاڪستاني دوست پروفيسر ممنون کي فون ڪري هن جي پارت ڪئي ۽ پوءِ وزير کان موڪلائي ٻاهر نڪتس. دروازي وٽ بيٺل ڪاري رنگ ۽ ڊينڊي قد جي Typical دربان هڪ دفعو وري منهنجو رستو روڪيو. پهرين هن مون کي وزير جي آفيس ۾ گهڙڻ نٿي ڏنو ۽ هاڻ شايد هن نٿي چاهيو ته آئون ٻاهر نڪران. بهرحال آئون سمجهي ويس ته اسان جي ملڪ ۾، توڙي کڻي پگهار ٺيڪ ٺاڪ هجي پر هيٺين گريڊ کان مٿئين تائين گهڻن جو گذر پِنَ تي هلي ٿو. بهرحال ان وقت هن گڏهه کي ڪهڙي خبر ته منهنجو ڪم نه پر سندس وزير جو ڪم مون ۾ هو. ان ڪري وزير کان ئي خرچي وڃي وٺي. هڪ دفعو وري مون هن کي ٻنهي هٿن سان ريڙهي پاسيرو ڪري پنهنجي وڃڻ جو رستو صاف ڪيو.
    اها سنڌ جي Scene هئي ۽ هاڻ ملائيشيا جي سين جيڪا ان مٿئين واقعي کان گهڻو اڳ جو آهي. سنڌ وانگر ملائيشيا جي هڪ رياست ملاڪا آهي جنهن کي کڻي صوبو به سڏجي، جتي مون ڏهاڪو کن سال نوڪري ڪئي. جڏهن آئون ملاڪا جي هن نيول اڪيڊمي ۾ نوڪري لاءِ ويو هوس ته ان وقت جو چيف منسٽر، سال کن رکي نئين ٽرم جي چونڊن ۾ پئي وڌيڪ چئن سالن لاءِ وري چونڊيو ۽ ان بعد ٽئين ٽرم ۾ پڻ عوام کيس ئي چونڊيو. سندس والد صاحب به سياست ۾ هو ۽ اهو به هن رياست جو چيف منسٽر رهي چڪو هو. ملاڪا جي گهٽ آمدني هوندي به هُن هن صوبي جي چپي چپي کي ٺاهي ڇڏيو هو. منهنجو هم عمر ۽ هم خيال هجڻ ڪري منهنجو دوست ٿي ويو. جنهن ڳوٺ ۾ آئون رهيس ٿي ان جي ڀر واري ڳوٺ ۾ هي رهيو ٿي. هڪ ڏينهن ساڻس گڏ اسان واري ڳوٺ (ڪئالا سنگائي بارو) مان واڪ ڪري رهيا هئاسين ته هڪ سيڌي جي ننڍڙي دڪان مان ان جو مالڪ نڪري اچي ساڻس رستي تي مليو. بلڪ دڪان مان ئي هن کيس سڏ ڪري بيهاريو. ”تامبي چڪ تنگو سيڪاجپ“ (تامبي چڪ هڪ لمحي لاءِ ترسجانءِ) ۽ پوءِ دڪان تان لهي، ڊوڙي اچي مليس. تامبي چڪ ان وزير اعليٰ جي ذات هئي جيئن اسان وٽ جتوئي، چانهيو، وساڻ وغيره، ۽ سندس نالو عبدالرحيم هو.
    ”جناب اسان واري گهٽيءَ جي گذريل هفتي مينهن ۾ حالت خراب ٿي پئي آهي. بجليءَ جا پول به ڪري پيا آهن..... وغيره وغيره.“ هن پنهنجي گهٽيءَ جو مسئلو ٻڌايس ۽ ان ٻڌائڻ دوران هي وزيراعليٰ هن کي گلي ۾ هٿ وجهي هڪ دوست وانگر ٻڌندو رهيو ۽ ڏينهن ٻن ۾ مسئلي کي حل ڪرڻ جو وعدو ڪيائينس. دڪاندار وڃي پنهنجي دڪان تي ويٺو. اوسي پاسي جا ٻيا ماڻهو به ڏسندا رهيا. ٿورو اڳيان هلي عبدالرحيم کي چيم ته تنهنجي اها ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي. آفيس ۾ چيف منسٽر ٻاهر سڀ جو دوست
    ”يار هيءَ منهنجي Constituency آهي. هنن مونکي ووٽ ڏنا آهن. هتي جا مسئلا حل ڪرڻ منهنجو فرض آهي.“ هن چيو.
    هاڻ هي مٿيون صفحو ڏيڊ اسان جي سنڌ يا پاڪستان جو ڪو به ماڻهو پڙهي تعجب کائيندو ته هي مون ڇا لکيو آهي. ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ته وزيراعليٰ ائين ملندو وتي. جنهن ماحول ۽ معاشري سان اسان جو واسطو آهي ان جو هر باشندو ائين ئي سوچيندو. ان لاءِ هي ڳالهيون خوابن جي دنيا جون لڳنديون. مونکي به ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ اچي ائين محسوس ٿيو هو.
    بهرحال ملاڪا جي نه رڳو هن وزيراعليٰ سان پر گورنر سان به سٺي دوستي رهي. ان ۾ اسان جو ڪمال يا جادو ناهي پر ملائيشيا جي حاڪمن، سياستدانن ۽ بيوروڪرئسي جو حسن اخلاق آهي. وزيراعليٰ جي آفيس جا دروازا رڳو منهنجي لاءِ هر وقت کليل نه هئا پر هر هڪ لاءِ. عوام جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن به آفيسر يا وزير سان ملي سگهي ٿو ۽ سندس واجب ڪم ته بنا ملڻ جي فقط فون ذريعي اطلاع ڪرڻ تي به ٿي سگهي ٿو ۽ جي اهو ڪم غير قانوني آهي ته سلطان جي پٽ جو به نه ٿيندو.
    ملاڪا جي وزيراعليٰ ۽ گورنر جي آفيسن جا دروازا هر وقت کليل رهڻ جي شاهدي منهنجا ڪيترا سنڌ کان ملائيشيا مون وٽ آيل مهمان ڏيندا. هڪ دفعي حيدرآباد جو ڊاڪٽر قادربخش ميمڻ مون وٽ مهمان هو. هڪ ڏينهن ملاڪا جي سير ڪندي چيومانس ته هل ته هلي هتي جي چيف منسٽر ۽ گورنر سان ملي اچون. هن کي يقين ئي نه پيو اچي ته بنا Appointment جي ايڏن اعليٰ حاڪمن سان ڪيئن ملي سگهبو ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ هنن وٽ ويٺي چانهه پيتيسين ۽ فوٽو ڪڍراياسين. ان کان علاوه هن وقت جيڪي ماڻهو مونکي ياد آهن ۽ مون وٽ ملائيشيا آيا ۽ هتي جي وزيراعليٰ ۽ گورنر سان مليا انهن ۾ دائود ڪاليج جو پرنسپال عبدالرزاق ميمڻ، PTV سان واسطو رکندڙ سلطانه صديقي، پروين راڄپر، C.V مظهر صديقي جي ڀيڻ نورجهان ۽ سندس گهر وارو انيس شيخ، ادي ماهتاب محبوب ۽ سندس گهر وارو ۽ ٻيا ڪيترا آهن.
    اسانجي وزيرن، ٽيچرن، شاگردن، سرڪاري ڪامورن کي ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن کان سبق حاصل ڪرڻ کپي جيڪي اسان کان پٺتي هجڻ جي باوجود به، اڄ اسان کان گهڻو گهڻو اڳيان نڪري ويا آهن. اڄ سندن ڳوٺ ڳوٺ خوشحال آهي. سندن هرهڪ ماڻهوءَ جو خوشحاليءَ ڏي قدم آهي. کين نه تعليم جي خرچ جو فڪر آهي نه صحت لاءِ خرچ جو. نه نوڪريءَ جي ڳڻتي آهي ۽ نه رهائش جو اونو. هرشيءِ روٽين ۾ ٿيندي رهي ٿي ۽ بنا سفارش جي.
    ٽئڪسي واري ڪجهه وڏين عمارتن وٽان ڦرندي مونکي پرل انٽرنيشنل هوٽل وٽ اچي لاٿو جيڪا گهٽ م گهٽ 25 ماڙ ته هوندي ڇو جو 18 ماڙ تي مونکي ڪمرو مليو هو. پنهنجي ڪمري جي بالڪنيءَ مان مٿي نگاهه ڪرڻ سان اڃا به ڪيتريون ماڙيون وڌيڪ مٿي نظر اچي رهيون هيون.
    ***


    ڪنهن جي مثال جي ضرورت ناهي

    هوٽل ۾ گهڙڻ وارو هال تمام وڏو، ڪراچي جي مئرٽ هوٽل ۽ شيرٽن هوٽل جهڙو هو جنهن مان اندازو لڳايم ته هيءُ پڪ فائو اسٽار هوٽل آهي. هونءَ ته ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي ٽاپ ڪلاس جون هوٽلون آهن پر اهي سڀ وچ شهر ۾ آهن پر شهر کان پري جالان ڪلانگ لاما جهڙي روڊ تي ههڙي هوٽل مون لاءِ تعجب جي ڳالهه هئي. ان جو مطلب اهو آهي ته ملائيشيا ۾ ايندڙ ٽئورسٽن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ان ڪري هتي جا امير ماڻهو پنهنجو پئسو هوٽل بزنيس ۾ لڳائي رهيا آهن. رسيپشن هال ۾ بيٺل ملئي ۽ چيني ڪلارڪن ۽ تامل سامان ڍوئڻ وارن مان هڪ ٻڌايو ته هيءَ هوٽل هڪ چيني سيٺ جي آهي جيڪو عمارتي ڪاٺ مان ڪروڙ پتي ٿيو ۽ هن جاءِ تي جتي هيءَ هوٽل پرل انٽرنيشنل آهي اتي هن جو ڪاٺ چيرڻ جو وڏو ڪارخانو هو جنهن جي اڌ ۾ ٽي سال اڳ هيءَ هوٽل ٺهي ۽ ٻئي اڌ ۾ رهائش لاءِ فليٽ جيڪي پڻ هوٽل جيڏا ئي اتاهان آهن. يعني ويهه پنجويهه ماڙ آهن جن جي گرائونڊ فلور ۽ مٿين ٻن ماڙين تي دڪان، سپر مارڪيٽون ۽ ڪينٽڪي چڪن فرائيڊ (KFC) جهڙيون ريسٽورنٽون آهن.
    رسيپشن تي بيٺل ڇوڪريءَ منهنجي هوائي جهاز جي رٽرن ٽڪيٽ ۽ ان سان چهٽيل هوٽل ۾ رهائش وارو ڪوپن ڏسي پڇيو: ”اڪيلو آهين؟“
    ”ها، اونلي ون.“ جواب ڏنومانس. ڇوڪريءَ کي ڳالهه نه وڻي هوءَ منجهيل ئي رهي ۽ سوچڻ لڳي. دراصل هنن وٽ باقي بچيل سڀ ڊبل ڪمرا هئا ۽ ساڳي وقت هنن کي مون لاءِ ڪمرو Provide به ڪرڻو هو. هن هڪ چاٻي مون ڏي وڌائيندي چيو ”توهان کي به ڊبل بيڊ پئي ڏيان.“
    ”ڀائي ڊبل بيڊ مونکي ڪهڙو سک ڏيندو. تون ڀلي سنگل بيڊ ڏي. آئون ته پٽ تي سمهڻ وارن مان آهيان.“ بهرحال پوءِ ڪمري ۾ پهچي محسوس ڪيم ته ڇوڪريءَ جي انگريزي پوري ساري هئي هن جو ”توکي ڊبل بيڊ پئي ڏيان“ مان مطلب اهو هو ته توکي اهو ڪمرو پئي ڏيان جيڪو ٻن ڄڻن لاءِ آهي.
    سامان رکي ڪمري جو جائزو ورتم. تمام وڏو ڪمرو هو. بالڪني واري پاسي جي سڄي ڀت اعليٰ شيشي جي درين جي هئي. ڪمري ۾ پيل هر فرنيچر ۽ فٽنگ پڻ اي ون ڪلاس جي هئي. ٽيليفون، ٽي وي، فرج سان گڏ ننڍڙي پئنٽري جنهن ۾ چانهه ڪافي ٺاهڻ جو سڄو بندوبست ۽ ڪٽلي ڪوپ ساسر هئا. ان کان علاوه بيڊ لئمپ، ٽيبل لئمپ، هيئر ڊرائر، استري جو ٽيبل، ۽ پئسا ۽ ڳهه رکڻ لاءِ مضبوط قسم جي ننڍڙي پر بيحد ڳري ٽجوڙي پڻ هئي. چيني توڪئي (هن پاسي سيٺ کي توڪئي سڏجي ٿو) هوٽل ٺاهڻ ۾ خوب پئسو لڳايو آهي. يورپي به پنهنجين بي افعالين هوٽلن کي ڏور اوڀر جي ههڙين هوٽلن سان ڀيٽي حيران ٿيندا هوندا.
    بالڪنيءَ جو در کولي ٻاهر بيٺس. سخت گرمي ۽ حٻس هو. دونهين ۽ دز ڪري پري جون عمارتون چٽيون نظر نه پئي آيون. سمجهي ويس ته ڪافي ڏينهن کان مينهن نه پيو آهي. هونءَ هن پاسي (يعني ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره ڏي ايڏي وڻڪار ۽ ساوڪ آهي جو معمولي مٽي ۽ دز به تڏهن ٿئي ٿي جڏهن هفتو اڌ مينهن نٿو وسي. پر هن وقت هن پاسي جي ماڻهن کي دونهين سخت پريشان ڪيو آهي جنهن ۾ موجود ڪاربان مونو آڪسائيڊ صحت لاءِ تمام خراب آهي ۽ اهو دونهون ڪو فئڪٽرين ۽ گاڏين جو ناهي (جيتوڻيڪ ملائيشيا ۾ ڏينهون ڏينهن گاڏين ۽ فئڪٽرين جو تعداد به وڌندو وڃي پيو پر انهن تي حڪومت طرفان سختي هجڻ ڪري ڪار توڙي فئڪٽريءَ ۾ ڪم ايندڙ مشينري ايتري ته Maintained رکي وڃي ٿي جو انهن مان نڪرندڙ دونهون ۽ ٻيون Gases ٻاهر نڪرڻ کان اڳ Neutralize ڪيون وڃن ٿيون.) دراصل فضا ۾ هي دونهون ٻيلن کان لڳل ٻاهه جو آهي. گرميءَ ڪري هن پاسي ٻيلن کي خود بخود باهه لڳيو وڃي. قدرتي طرح ان قسم جي باهه ڪڏهن ڪڏهن لڳي ٿي پر اڄ ڪلهه جا بلڊرز ۽ لئنڊ مافيا وارا زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ ان تي عمارتون يا پنهنجي پسند جي پوک ڪرڻ لاءِ سالن جي اڀريل وڻن کي هٿرادو باهه ڏين ٿا ۽ پوءِ هن پاسي جي گهاٽن ٻيلن جي باهه انسان کان وسائڻ زور آهي. قدرت ئي مينهن وَسائي باهه وِسائي سگهي ٿي. ۽ پوءِ اها سڙيلي ٻيلي واري زمين پوک لاءِ ڀلي ثابت ٿئي ٿي ۽ قبضا گروپ وارا سرڪاري ڪامورن سان ملي زمين حاصل ڪن ٿا. اهو ڪم گهڻو تڻو انڊونيشيا ۾ عام ٿي پيو آهي. بهرحال اهڙين باهين ڪري نه فقط انڊونيشيا جو پر ڀرواري ملڪ ملائيشيا جو عوام پڻ Suffer ڪري ٿو جو اهي ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ايترو ويجهو آهن جيئن روهڙي سکر يا دادو مورو. وچ ۾ رڳو ملاڪا ڳچي سمنڊ جو پاڻي آهي. آئون گهڻي دير بالڪنيءَ ۾ بيهي نه سگهيس. بيهي به ڇا ڪجي. هڪ گرمي ۽ گهُٽ، ٻيو دونهين ۽ دز ڪري نظارو به نه پئي ٿي سگهيو باقي ممتاز محل وانگر فقط گل کڻي سونگهڻو مونکي به نه هو. نماز لاءِ اولهه جي طرف معلوم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيم پر سج جي صحيح پوزيشن معلوم نه ٿي سگهي. اهو مٽي ۽ دونهين جي تهن ۾ لڪل هو.
    اندر گهڙي بالڪنيءَ جو شيشي جو در بند ڪري پڙدو ڏئي مٿي ڇت ڏي نظر ڪئي ته اتي ڪاري رنگ جو تير چنبڙيل نظر آيو جنهن تي Qibla لکيل هو. يعني نماز ان طرف پڙهي سگهو ٿا. مون سمجهيو هوٽل جو مالڪ چيني (يعني غير مسلم) آهي سو قبلي جي نشاندهي نه ٿيل هوندي پر لڳي ٿو ته سرڪار طرفان هر هوٽل لاءِ اهو ڪمپلسري ڪيو ويو آهي ته هر ڪمري ۾ قبلي جو نشان هڻن ۽ قرآن مجيد جي ڪاپي رکن. مون رائيٽنگ ٽيبل جو خانو کولي ڏٺو ته ان ۾ قرآن شريف جي ڪاپي رکيل هئي ۽ ٻئي خاني ۾ ٻڌ ڌرم جو ڪتاب رکيل هو. هڪ پاسي چيني زبان ۾ لکيل هو ته ٻئي پاسي ان جو ترجمو انگريزيءَ ۾ هو. اهو ساڳيو ڪتاب جپان جي به هر هوٽل ۾ هوندو آهي پر انگريزيءَ سان گڏ ٻي زبان چيني نه پر جپاني هوندي آهي، جپان جو سرڪاري مذهب ٻڌ ڌرم آهي. هن پاسي، ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي سڀ کان گهڻا ٻڌ آهن.
    اليڪٽرڪ ڪيٽل کي پاڻيءَ سان ڀري آن ڪيم. ڀر ۾ رکيل پيالي ۾ هوٽل طرفان ٻه پاڪيٽ BOH نالي مقامي چانهه جا هئا ۽ ٻه ليپٽن جا. ان کان علاوه ٻه پاڪيٽ Milo چاڪليٽ جا ۽ ٻه انڊونيشيا جي ڪافيءَ جا. ان قسم جي ناس جهڙي ڪافي ملائيشيا جا مقامي ماڻهو به پسند ڪن ٿا پر منهنجو ڪڏهن به ان ڪافيءَ لاءِ سواد Develop ٿي نه سگهيو. ان ڪري هڪ دفعو وري ان کي پيئڻ جو ائڊوينچر ڪرڻ بدران چانهه ٺاهڻ جو سوچيم. گرم پاڻيءَ ۾ بوح چانهه جو پاڪيٽ وڌم.
    چانهه جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿي جتي لڳاتار مينهن وسندو رهي. چانهه لاءِ بيٺل پاڻي نقصانڪار آهي. ان ڪري ميداني علائقن ۾ چانهه جي پوک ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. مينهن وسي، وڻ ڌوپن ۽ پاڻي وهي وڃي. ان ڪري چانهه بنگلاديش جي سلهٽ، داراجلنگ، نيپال ۽ انڊيا پاڪستان جي اتراهن علائقن ۽ سلون جهڙن هنڌن تي ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ جبل گهڻائي آهن پر مينهن گهربل حساب موجب فقط ڪجهه هنڌن تي وسندو رهي ٿو. ملائيشيا ۾ چانهه ڪئمرون جبلن تي سٺي ٿئي ٿي. اها BOH نالي چانهه به اتي پوکي وڃي ٿي. جيڪي باغ ملائيشيا جي آزاديءَ کان اڳ انگريزن جي هٿ ۾ هئا ۽ هاڻ هتي جي امير چينين جي ملڪيت آهن. مون نيسڪيف يا مئڪسويل ٽائيپ پرٽش يا ڪا يورپي ڪافي پيئڻ چاهي ٿي جنهن جا اسان پاڪستاني عادي آهيون پر بهرحال مائلو ۽ اوولٽين کان وري به چانهه بهتر آهي. ٻاهر ٽڙ ٽڙ جو آواز ٻڌي سمجهي ويس ته صفائي وارو گاڏي لنگهي رهيو آهي يا منهنجي ڀرپاسي وارو ڪمرو صاف ڪرڻ لاءِ ٻاهر اچي بيٺو آهي. در کوليم ٻه ڳوٺاڻيون ملئي نوجوان عورتون ٽوالن ۽ چادرن سان ڀريل گاڏو جهلي بيٺيون هيون. هو سامهون وارو خالي ٿيل ڪمرو صاف ڪرڻ لاءِ آيون هيون. گاڏي تي مٿين سامان کان علاوه Disposable چمپل، صابڻ، ٽٿ برش، پيسٽون، لوشن جون ننڍيون بوتلون ۽ ٻيو ان قسم جو سامان هو جيڪو منهنجي ڪمري ۾ اڳهين رکيل هو. منهنجي در کولڻ تي هنن ”هيلو“ چئي کيڪاريو. مون دل ۾ هن ملڪ جي وزيراعظم ۽ سياستدانن کي سلام ڪيو جو چوٿين دنيا جي اڻ سڌريل ۽ ڏتڙيل هن ملڪ کي يورپ جي ڪنهن ماڊرن ۽ خوشحال ملڪ جهڙو بنائي ڇڏيو آهي. فقط چوٿو صدي کن اڳ هن قسم جي ڳوٺاڻين ڇوڪرين کي فقط ڏورانهن ڳوٺن ۾ رهي زهريلن جيتن، مڇرن ۽ نانگ بلائن وارن جنگلن مان آلا ڇوڏا ميڙي، اکيون پوسرائيندڙ دونهين واري باهه ٻاري اڀري سڀري ڦنگي پاڻيءَ جي ڀاڄي رڌي پيٽ گذر ڪرڻو پيو ٿي. جن کي ڪو سولو ڪپڙو گندي به نه هو. پيئڻ يا وهنجڻ جي پاڻيءَ لاءِ کين ميل ٻه پنڌ جو ڪرڻو پيو ٿي. رهائش لاءِ ناريل جي ٽارين مان جهوپڙيون ٺاهڻيون پيون ٿي. ۽ اڄ؟ اڄ هنن جا ڳوٺ به شهر ٿي پيا آهن. هر هڪ ڳوٺ شهر سان هاءِ وي جهڙن رستن سان ڳنڍيو پيو آهي. هر وقت انهن رستن تان بهترين بسون ۽ ٽئڪسيون هلنديون رهن ٿيون. جن کي پنهنجو گهر ناهي انهن کي سرڪاري طرح معمولي مسواڙ تي گهر ملي ٿو. جتي ڪٿي ڌنڌا ڌاڙيون ۽ نوڪريون جام آهن. ملڪ ۾ امن امان ۽ صحت لاءِ سرڪاري بندوبست عام آهن. گرمي، گهُٽ ۽ جيتن جانورن واري جنگل ۾ ڇوڏا ميڙڻ بدران اڄ هو هن قسم جي ايئرڪنڊيشنڊ هوٽلن ۾ وڏي پگهار واريون نوڪريون ڪري رهيون آهن ۽ Hello جهڙا ٻه چار انگريزيءَ جا لفظ به سکي ويون آهن.
    Helo! Adakah anda ada jenis kopi yang lain-separti
    Nescafe atau Maxwell?
    مون کين کيڪار جي ورندي ڏيندي سندن ملئي زبان ۾ ڪافيءَ لاءِ پڇيو. هنن مان هڪ دٻي ۾ ڏسندي چيو:
    Minta Maaf. Sudah habis semuanya. Boleh saya bawakan sedikit untuk awak?
    (ساري! ختم ٿي وئي آهي. کڻي اچان؟)
    Baiklah, Bawakan Iron Juga
    ڪمري ۾ استريءَ جو بورڊ ته رکيل هو پر استري نه هئي. هفتو کن اڳ جي وڙهيل قميص تان مون ونجهوٽي راند جا ليڪا (سندا) لسا ڪري ٻي ڏينهن آفيس پائي وڃڻ چاهيو ٿي. ان ڪري ڪافي آڻڻ واري ڇوڪريءَ کي استري (Iron) آڻڻ لاءِ پڻ چيو.
    ڇوڪري منجهي پيئي ته آئرن ڇا ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ انگريزيءَ جا ڪيترا لفظ اسانجي زبان وانگر ملئي زبان ۾ به ايترو عام مروج آهن جو ڳوٺ جو اڻ پڙهيل به اهي انگريزي جا لفظ وڌيڪ ٿو سمجهي. ملائيشيا جي ڪنهن جنگل ۾ رهندڙ ڳوٺاڻي کي به ريفريجريٽر يا فرج چئه ته هو يڪدم سمجهي ويندو پر جيڪڏهن ان لاءِ سندن ملئي لفظ ”پيتي سِجوڪ“ (Peti Sejuk) چئه ته توهانجي شڪل کي گهوري ڏسندو ته هي چريو ڪٿان آيو آهي. (ملئي زبان ۾ (Peti معنيٰ پيتي ۽ سجوڪ معنيٰ ٿڌي. ۽ انهن ٻنهي لفظن کي ملائڻ سان ٿيو ريفريجريٽر). ڇوڪريءَ کي ”آئرن“ جو مطلب سمجهه ۾ نه آيو. هندي، سنسڪرت ۽ ويندي پنجابي زبان جا ڪيترائي لفظ ملئي زبان ۾ آهن. پر هتي اهو چوڻ ته ”سايا ماهو استري“ (مونکي استري کپي). Saya معنيٰ مونکي ۽ Mahu معنيٰ کپي، سخت غلط ڪم ٿيندو خاص ڪري ٻن نوجوان ڇوڪرين کي خاموش هوٽل جي سنسان ۽ اڌ اونداهي ڪاريڊار ۾ ڏسي. ملئي زبان ۾ مڙس کي سوامي سڏجي ٿو ۽ زال کي استري. سو منهنجي اهو چوڻ سان ته ”سايا ماهو استري“ هو ڪجهه ٻيو ئي سمجهنديون. ان ڪري مون بين الاقوامي زبان (يعني اشارن سان) ٻڌايو ته مونکي ڇا کپي.
    چانهه پيئڻ دوران مون ٻه چار فون ڪيا. خاص ڪري ڪئپٽن امتياز منظور کي جنهن جو نمبر منهنجي شاگرد ۽ هاڻ دوست ڪئپٽن رزاليءَ ملاڪا کان ڪراچي موڪليو هو. ”ڪوالالمپور ۾ اڄ ڪلهه منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ ڪئپٽن امتياز رهي ٿو. سندس زال پاڪستاني آهي. هن کي مون تنهنجي اچڻ جو ٻڌايو آهي ته ڪوالالمپور ۾ تنهنجي لاءِ رهڻ جو بندوبست ڪري.“ ڪئپٽن رزاليءَ مون کي اي ميل ڪيو هو. مون گهڻو ئي ذهن تي زور ڏنو پر مونکي ان نالي ۽ شڪل وارو شاگرد ياد نه آيو. ظاهر آهي ملائيشيا ڇڏي به ٻارهن سال ٿي ويا ۽ هي جي ڪئپٽن رزاليءَ جو دوست آهي ته معنيٰ 1984 ڌاري منهنجو شاگرد رهيو هوندو. معنيٰ 18 سال اڳ جي ڳالهه آهي. ٿي سگهي ٿو آئون سامهون ڏسڻ سان به سڃاڻي نه سگهانس. ڇو جو هڪ ٽيچر کي فقط اهي ڪجهه شاگرد ياد رهن ٿا. جيڪ حد درجي جا هوشيار هجن يا وري صفا موڳا مٽرهجن جن هن کي مٿي ۾ سور وڌو هجي. پر بهرحال هن وقت مونکي پنهنجي ڪوالالمپور ۾ هجڻ جو اطلاع هڪ ٻن کي ضرور ڪرڻ کتو ٿي جيئن خدانخواسته ڪا ڳالهه ٿي پوي ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪو ته منهنجو واقف هجي. هونءَ سفر هميشه هڪ يا ٻن سان ڪرڻ کپي. اڪيلو نه. پر جي ڪو اڪيلو آهي ته هن کي پنهنجي کيسي ۾ اهڙو ڪاغذ ضرور رکڻ کپي جنهن ۾ حادثي جي صورت ۾ اطلاع جي ائڊريس لکيل هجي ۽ پنهنجي پروگرام کان ڪنهن کي آگاهه ڪندو رهجي.
    ڪئپٽن امتياز جي گهران پهرين ڪنهن ٻار فون کنيو ان بعد سندس زال کنيو. کين منهنجي اچڻ جي پروگرام جي خبر ڪئپٽن رزالي کان پئجي چڪي هئي. ڪئپٽن امتياز ڪنهن جهاز کي ٻن ڏينهن لاءِ ملائيشيا جي ڀر واري بندرگاهه جوهور بارو وٺي ويو هو جتي اهو جهاز شپ يارڊ وارن کي مرمت لاءِ حوالي ڪري باءِ روڊ ڪوالالمپور موٽڻو هو. هن جي زال ٻڌايو ته امتياز ملئي مسلمان آهي ۽ پاڻ چمپور (يعني مڪسچر) آهي يعني سندس ماءُ ملئي آهي پر پيءُ پنجابي آهي جنهن جو پيءُ (يعني سندس ڏاڏو) ٻي وڏي لڙائيءَ کان ڪجهه سال اڳ انگريزن جي فوج ۾ پنجاب کان هتي آيو ۽ هتي ئي رهڻ لڳو...... وغيره وغيره.
    مون کين ٻڌايو ته آئون ٽي ڏينهن کن فلاڻي هوٽل ۾ آهيان ان بعد ملاڪا ۽ ٻين شهرن مان ٿي واپسي تي توهان سان ملندس تيسين ڀلي امتياز به موٽي اچي.
    ڪوالالمپور کان سؤ ڪلوميٽر کن پري ملاڪا ۾ رهندڙ ڪئپن رزاليءَ کي به فون ذريعي اطلاع ڪيم ته ڪوالالمپور پهچي ويو آهيان. فلاڻي هوٽل ۾ رهيل آهيان.
    ”آئون سڀاڻي ئي توکي وٺڻ اچان ٿو.“ هن چيو.
    ”ٻه ٽي ڏينهن ترس ته هوٽل جي ڏنل اڳ واٽ مسواڙ حلال ڪريان. پوءِ تو وٽ اچڻ جو سوچيان ٿو.“ مون چيومانس.
    ڪراچي گهر پنهنجي پهچ جو اطلاع ايئرپورٽ تان ڪري چڪو هوس باقي هوٽل تان پنهنجي ڪزن ڪئپٽن رشيد ابڙو کي فون ڪري صحيح سفر ۽ هوٽل جو ٻڌايم جو هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ هوٽل ۾ رهائش جو بندوبست، جيتوڻيڪ منهنجي خرچ تي، پر هن محنت ڪري گهٽ کان گهٽ اگهه تي ڪرايو هو. هن کان اڳ جي سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته هوائي جهازن جا ڀاڙا ڏاڍو Vary ڪن ٿا. ٽڪيٽ تي جيڪو وڏو اگهه لکيل ٿئي ٿو سرڪاري سفر ڪندڙن کان اهوئي چارج ڪيو وڃي ٿو باقي پرائيويٽ سفر ڪندڙن کان ٽريول ايجنٽ مختلف قيمت ڊمانڊ ڪن ٿا پوءِ جتي گراهڪ ڪسي ۽ اهو ان تي Depend ٿو ڪري ته توهان جي هن سان ڪيڏي ڄاڻ سڃاڻ آهي ۽ ڪهڙي ايئرلائين اختيار ڪرڻ چاهيو ٿا.
    ڪئپٽن رشيد ابڙو جيئن ته سال ۾ چار پنج دفعا ٻاهر جا چڪر هڻي ٿو ۽ پنهنجي ڪمپني جي جهازي عملي کي مختلف ملڪن ۾ پاڻيءَ جا جهاز Join ڪرڻ لاءِ باءِ ايئر موڪليندو رهي ٿو سو ان کي ٽريول ايجنٽ وڌيڪ سنوت ڏئي ٿو. هن مونکي گهٽ کان گهٽ اگهه ۾ ٽڪيٽ وٺرائي ڏني ۽ پوءِ خبر پيئي ته اها ٽريول ايجنسي ٻي ڪانه پر اسانجي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪلاس ميٽ ڪرنل محي الدين جي Citi Travels هئي. سٽي ٽريول وارن منهنجي پاسپورٽ تي به گهر ويٺي ويزا لڳرائي ڏني جيڪا اڄ ڪلهه ملڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. نه ته اهو ڪو زمانو هو. 1990 تائين جو ملائيشيا وڃڻ لاءِ رڳو هوائي جهاز جي ٽيڪيٽ وٺڻي پوندي هئي. ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي مهيني ڏيڍ جي ويزا جو ٺپو پاڻهي ئي لڳي ويندو هو. منهنجا مائٽ يا سڃاڻا مون وٽ گهمڻ لاءِ ملائيشيا ايندا هئا ۽ آئون ايئرپورٽ تي جي پهچي ويندو هوس ته هڪ مهيني بدران ٽن مهنن جي ويزا جو به ٺپو هنن مهمانن کي لڳي ملندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي حالتون بدلجڻ لڳيون. ڪجهه اسان ماڻهن جي غلط پرڪارن ڪري به.
    1990 ۾ ملائيشيا ڇڏي اچڻ بعد خبر پيئي ته هاڻ ملائيشيا ۾ رهڻ جي ويزا گهٽ ڏينهن جي ملڻ لڳي آهي ۽ پوءِ خبر پيئي ته گهمڻ جي ويزا فقط انهن مسافرن کي ملي ٿي جن جو هتان لنگهه ٿئي ٿو. يعني هنن کي اڳتي جي ڪنهن ملڪ: هانگ ڪانگ، جپان، ڪوريا وغيره جي ويزا ۽ هوائي سفر جي ٽڪيٽ آهي ۽ سو به فقط هڪ يا ٻه ڏينهن ملائيشيا ۾ رهڻ جي اجازت ملي ٿي. ۽ پوءِ سال ٻن بعد خبر پيئي ته هاڻ ملائيشيا پهچي اتي جي ايئرپورٽ (ڪوالالمپور) تان اسانجي ويزا وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ملائيشيا جي ڪنهن به شهر ۾ رهڻ لاءِ اسانکي پنهنجي ملڪ مان ملائيشيا جي قونصل خاني يا سفارتخاني مان اڳواٽ ويزا وٺڻ جو بندوبست ڪرڻو آهي. ”اسانکي“ مان منهنجو مطلب اسان پاڪستانين جو آهي. جپان، ڪوريا آسٽريليا، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا رهاڪو ته اڄ به بنا ويزا جي نه فقط ملائيشيا ۽ سنگاپور پر ڪويت ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ به اچن وڃن پيا.
    ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد خبر پيئي ته ملائيشيا وارن ڪجهه ملڪن لاءِ (جن ۾ اسانجو ملڪ به شامل آهي) ملائيشيا ۾ اچڻ اڃان به ڏکيو بنائي ڇڏيو آهي. اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ مان اڳواٽ ويزا حاصل ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻيو شرط به لاڳو ڪيو ويو آهي ته اسين ملائيشيا تيسين نٿا وڃي سگهون جيسين ملائيشيا جو ڪو ماڻهو اسانجي Sponsorship ڪري يعني ذمو کڻي ته آئون فلاڻي پاڪستانيءَ کي سڃاڻان ٿو ۽ هن کي ملائيشيا آئون گهرائي رهيو آهيان ۽ آئون ئي هن جي جوابداري کڻان ٿو..... وغيره.
    ان قسم جون پابنديون ٻڌي پنهنجي ملڪ جي ڪرندڙ ساک جو احساس ٿئي ٿو ته دنيا جو هر ملڪ اسان لاءِ دروازا بند ڪندو وڃي. پهرين آمريڪا ۽ يورپ وارن ڪيو، پوءِ عرب ملڪن ڪيو، پوءِ ويندي پاڙيسري ملڪن ايران ۽ ترڪيءَ ڪيو جن سان اسانجو RCD ذريعي ائين ڳانڍاپو ۽ دوستي هئي جيئن يورپين ڪميونٽي جي ملڪن جي آهي ۽ 1970 تائين ته اسين پاڪستاني تهران ۽ استنبول بنا پاسپورٽ جي پئي وياسين. اڄ انهن ملڪن لاءِ به ويزا وٺڻي پوي ٿي. ۽ پوءِ گذريل صديءَ جي آخر تائين اهو حال وڃي ٿيو آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ لاءِ به اسانکي ويزا وٺڻي پوي ٿي. ويندي آفريڪا جا سوڊان ۽ چاڊ جهڙا ملڪ به اسانکي بنا ويزا جي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ نٿا ڏين. گذريل سال انهن ملڪن ۾ رهندڙ اسانجي سفير دوست ظفر شيخ مونکي سوڊان گهمڻ جي دعوت ڏني ۽ مونکي اهو معلوم ڪري تعجب لڳو ته ان لاءِ ظفر کي سوڊان حڪومت کان منهنجي اچڻ جي ويزا وٺڻي پوندي! انڊيا لاءِ ويزا بنگلاديش لاءِ ويزا! چرچو مشهور آهي ته ڪنهن پاڪستانيءَ بيزار ٿي پنهنجي پاڪستاني دوست کان پڇيو ته پوءِ اسان لاءِ ڪهڙو ملڪ وڃي بچيو آهي جتي ويزا بنا وڃي سگهجي ٿو؟
    دوست کلندي وراڻيس: ”فقط پاڪستان، جنهن ۾ ويٺو آهين. ۽ جتي هر ڌارئين مڪ جو هر لوفر لفنگو بنا ويزا پهچيو وڃي ۽ وتي Crime ڪندو ۽ انهن جي ڏوهن ڪري اسين پاڪستاني بدنام پيا ٿيون.“ ساڳي وقت روز بروز ٻاهرن ملڪن ۾ جيڪي ڌارين ملڪن جا ڏوهاري جهلجن ٿا انهن لاءِ اهو اعلان ڪيو وڃي ٿو ته اهي پاڪستاني آهن. اصل ۾ انهن ۾ فقط پنج سيڪڙو پاڪستاني مس ٿيندا. ٻين وٽ جعلي پاڪستاني پاسپورٽ جو هجڻ ئي ثابت ٿئي ٿو. پر اها ڳالهه جيسين ڪورٽن ۾ هلي ثابت ٿئي تيسين اخبارن وارا پاڪستان کي بدنام ڪريو ڇڏين.
    گذريل سال ڪراچي ٽي وي طرفان انعامون ۽ اوارڊ ڏيڻ واري فنڪشن ۾ منهنجي ڀرسان مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ ويٺل هو. عبدالرحمان صاحب نه فقط منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙيسري آهي پر ساڻس وڌيڪ ويجهڙائي ان ڪري به آهي جو هن به مون وانگر ملائيشيا جي هڪ تعليمي اداري ۾ هڪ ڊگهو عرصو پڙهائڻ ۾ گذاريو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس ڀاءُ امجد ۽ ڀاڻيجي زبير به ملائيشيا مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ اڄ ڪلهه سندس ڀائيٽيو ڊاڪٽر شڪيل ملائيشيا جي ”يونيورسٽي ملايا“ مان Internal Medicines ۾ M.Sc ۽ ايم آر سي پي ايس جي تياري ڪري رهيو آهي.
    ان رات ملائيشيا بابت خبرون ڪندي وي. سي عبدالرحمان مونکان پڇيو ته آيا ملائيشيا سان منهنجو اڃان واسطو هلندو اچي يا نه.
    ”جيستائين منهنجا شاگرد جيئرا آهن ۽ جهاز هلائيندا اچن تيستائين هتي ڪراچي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ (جتي هنن جا جهاز پهچن ٿا) ملاقات خبرون چارون ٿينديون رهن ٿيون.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ڀلا ڪو ويجهڙائيءَ ۾ ملائيشيا وڃڻ ٿيو آهي يا ٿيندو؟“ عبدالرحمان صاحب پڇيو.
    مون کلندي چيومانس: ”يار هڪ دفعو ته ضرور ٿيندو. شايد هن ئي سال داڻو پاڻي هجي. خبر اٿانوَ هر سال ملائيشيا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندو آهيان. اچڻ وقت چئي آيو هوسان ته Saya akan balik (آئون ڄاڻ ته موٽيس) پر اڃان نه وڃي سگهيو آهيان. هتي جي ڊيوٽي جلدي Join ڪرڻ جي چڪر ۾ پنهنجو Provident فنڊ به نه ورتم. ڪپڙن سوڌو سڀ سامان خاص ڪري ڪتاب، رسالا هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾ ڊمپ ڪري آيس ته ان کي اڃان تالو لڳو پيو آهي ۽ ملائيشيا حڪومت طرفان جيڪو اوارڊ مليو هو ان جي سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ به هر سال خط ٿو اچي سو اهو به وٺڻو اٿم.“
    ”خبر اٿئي فنڊ وٺي ڇڏ. هنن Expatriates (ڌارين ملڪن جي نوڪري ڪندڙن) لاءِ اهو قانون ڪڍيو آهي ته هنن کي فقط پگهار ملندو، فنڊ نه ملندو ۽ ڌارئين ملڪن جي ڪنهن به ماڻهوءَ جا پئسا ملائيشيا جي بئنڪ ۾ رکي نٿا سگهجن.“ عبدالرحمان ٻڌايو، جنهن جي جواب ۾ مون ڪجهه نه وراڻيو پر دل ۾ سوچيم ته ڳوٺائي ڳالهه صحيح ٿو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته هيترا سال گذرڻ بعد منهنجو رکيل فنڊ به ضبط ڪيو ويو هجي يا Freeze ڪيو ويو هجي.
    ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران اتي جي حڪومت اسانجي پگهار مان هڪ ته ٽئڪس ڪٽيندي هئي ۽ ٻيو حصو بچت خاطر رکندي ويندي هئي ته جيئن نوڪري ڇڏڻ وقت اسان وٽ ڪجهه ته پئسو هجي جنهن مان پنهنجي وطن لاءِ خريداري ڪري وڃون. پگهار ته ايترو پورو پنو ملندو هو جو گهر جي خرچ ۽ ٻارن جي اسڪول في ۾ ئي پورو ٿي ويندو هو. مون جهڙا ٻاهرن ملڪن کان آيل جيئن جيئن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪندا ويا تيئن تيئن پنهنجو فنڊ وٺندا ويا. اسان جي نوڪري واري جاءِ ملاڪا شهر هو ۽ فنڊ ملڻ جي آفيس ڪوالالمپور ۾ هئي. مونکي آخري ڏينهن تائين ملاڪا رهڻو پيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچي لاءِ اڏام هئي ان ڪري پنهنجو فنڊ وٺڻ بنا هليو آيس. اهو سو اڳ واٽ معلوم ڪيو هوم ته اهو فنڊ اسان ڪڏهن به اچي وٺي سگهون ٿا جيڪو ملائيشيا ۾ امانت طور رهندو.
    ملائيشيا ۾ هيترو وقت رهيو هوس سو خبر هيم ته هتي جو سسٽم بيحد ايماندارن وارو آهي. قاعدو قانون ايڏو سخت آهي جو نه توهان ڪنهن کي Cheat ڪري سگهو ٿا ۽ نه حڪومت توهان جو حق ماري سگهي ٿي. هونءَ به ملائيشيا ۾ اسان پاڪستانين لاءِ اچڻ وڃڻ سولو هو. ڪا پابندي يا جهل پل نه هئي. هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به سستي هئي. ڪراچي ڪوالالمپور رٽرن ٽڪيٽ ڇهه ست هزار رپيه مس هئي جيتوڻيڪ ڪراچي جدو ان جي اڌ جيترو پنڌ آهي ته به هوائي سفر جو ٻيڻو اگهه هو. ان کان علاوه اسان جي جمع ڪندڙ فنڊ واري آفيس KWSP (ڪمپولان وانگ سمپانان پيڪرجا) اهو پڻ چيو هو ته هڪ فارم ڀري موڪلڻ سان هو اسانجو گڏ ڪيل فنڊ پاڪستان به موڪلي ڏيندا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجا گڏ ٿيل پئسا به ايترا نه هئا جو پريشان ٿجي. ان کان علاوه ملائيشيا جي ڏيتي ليتيءَ جو سسٽم ڏسي رهيو هوس ته ايڏو شفاف ۽ صاف سٿرو آهي جو ڪيترن يورپي ملڪن ۽ سعودي عرب ۾ به نه هجي.
    پر منهنجي خيال ۾ اهو منهنجو غلط فيصلو هو. ٻاهر نوڪري ڪندڙ کي ڪڏهن به ائين نه ڪرڻ کپي ڇو جو ڌاريون ملڪ ڌاريون آهي ۽ ڪنهن به ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. حڪومت بدلجي سگهي ٿي. حڪومت جي پاليسي بدلجي سگهي ٿي. ملڪ جون معاشي ۽ سوشل حالتون بدلجي سگهن ٿيون. يا اسانجي ملڪ ۾ بدلجندڙ حالتون ڌارئين ملڪن جي پاليسين تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون. گذريل سالن ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ملائيشيا وڃڻ جا دروازا کڻي ٽوٽل بند نه ٿيا پر وڃڻ محال ته ضرور ٿي پيو. هاڻ هوائي جهازن جي هائيجئڪنگ ۽ ٻين حرامپائين ڪري سفر جا اگهه وڌي ويا آهن. ملائيشيا ۾ ڌارئين ملڪن کان آيل پورهيتن لاءِ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ يا پگهار جو ڪجهه حصو بچت طور رکڻ جي سهولت بند ڪئي وئي آهي ۽ جن جو رکيل هو انهن جي ختم ڪرڻ جا افواهه هُلي رهيا آهن. شروع ۾ پنهنجي فنڊ جي معلومات لاءِ چار پنج خط لکڻ تي به جواب نه مليو جيڪا ملائيشيا وارن جي پراڻي عادت آهي. ملائيشيا جا ماڻهو توڙي سرڪار ٻي ڪم ۾ ڦڙت ضرور آهي پر خط جو جواب ڏيڻ ۾ سست، بهرحال اڌ آسري ۽ اڌ اميد تي هاڻ ڪوالالمپور آيو هوس ته جي ڪجهه ملي ويو ته واهه واهه نه ته ٽڪيٽ جا پئسا کيسي مان ڏيڻا پيا. بهرحال هي مٿين ڳالهه فقط ان لاءِ لکي اٿم ته جيئن ته اسانجا ڪيترائي هم وطن ڌارين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا اهي ان معاملي ۾ ٻئي جي تجربي مان سبق وٺي سگهن.
    ملائيشيا وڃڻ جي ويزا لاءِ مون هڪ دعوت ۾ فرخ حميد رضوي صاحب سان ڳالهه ڪئي تنهن چيو پنجويهن سالن کان ملائيشيا جو ڪراچيءَ لاءِ آنرري قونصلر آهي. ان کان علاوه اسلام آباد ۾ ملائيشيا جي سفير سوفيان احمد سان پڻ ڳالهه ڪيم جيئن بنا ڪنهن جي Sponsor ڪرڻ جي مونکي ائين ئي ويزا ملي وڃي ڇو جو منهنجي خيال ۾ اها وڏي خواري آهي جو ملائيشيا ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن يا شاگردن کي خط لکندو وتان ته ٻيلي مونکي توهانجي ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت وٺرائي ڏيو. اڄ کان فقط چوٿو صدي کن اڳ اهو حال هو جو ملائيشيا وارن اسان پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ پَئي منٿون ڪيون ته پاڪستان جا پروفيسرو، انجنيرو، سرجنو، سائنسدانو مهرباني ڪري اسانجي ملڪ ۾ اچي اسان جي نوجوانن کي تعليم ڏيو، تربيت ڏيو، علم ڏيو.... وغيره وغيره. ۽ هاڻ اهو حال ٿي ويو آهي جو اسان پاڪستاني سڀني جي اک ۾ ڪک ٿي پيا آهيون. هر ڪو اسانکي پري پيو رکي. اسانجي اچڻ سان ڄڻ سندن ملڪ ۾ ڀونچال اچي ويندو. هو ڇا چوندا آهن ته:
    ”اڳي ائين هياس جو پنهونءَ ڌوتا ڪپڙا
    هاڻي ائين ٿياس جو ڏير نه نينم ساڻ“
    ٽڪيٽ وٺڻ مهل منهنجو پاسپورٽ ڏسي ٽريول ايجنٽ چيو ته سائين ڪنهن قونصلر يا سفير کي ويزا لاءِ چوڻ جي ضرورت ئي نه آهي. توهان کي نارمل پروسيجر ۾ ملي ويندي. ۽ پوءِ هن هفتي بعد جڏهن مونکي پاسپورٽ واپس ڪيو ته ان تي هڪ مهيني بدران ٽن مهينن جي ويزا لڳل هئي ۽ هڪ ويزا بدران Mutliple Visa لڳل هئي. يعني مرضي سان اچي وڃي سگهان ٿو.
    ”هي ڀلا ڪرشمو ڪيئن ٿيو؟“ مون ٽريول ايجنٽ کان پڇيو.“ ان ڪري جو توهانجي پراڻي پاسپورٽ تي ناروي، سئيڊن، انگلنڊ، سعودي عرب ۽ ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون ويزائون ڏسي هنن سوچيو هوندو ته هي چڱو مڙس آهي تڏهن ته ٻين ملڪن به کيس اچڻ ڏنو آهي ۽ جيڪو سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن مان موٽي آيو سو ملائيشيا ۾ هرگز لڪڻ جي نه ڪندو جنهن کان اسين پاڪستاني دنيا ۾ مشهور بلڪ بدنام ٿيندا وڃون.“ ٽريول ايجنٽ ٻڌايو.
    ويزا ۽ ان قسم جون ملائيشيا ۾ ملندڙ وڌيڪ سهولتين جو سبب PJK اوارڊ به آهي جيڪو مونکي 1989 ۾ ملائيشيا جي حڪومت طرفان هنن جي نيول اڪيڊمي Setup ڪرڻ ۽ وڏي عرصي لاءِ رهڻ، ۽ ملائيشيا کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ لاءِ اتي جي اخبارن ۾ لکڻ ڪري مليو هو. بلڪ PJK اوارڊ جو ميڊل ته تڏهن ئي سندن قومي ڏينهن واري فنڪشن تي مليو هو ۽ سرٽيفڪيٽ هاڻ وٺڻ لاءِ ملائيشيا آيو هوس جيڪو ملاڪا رياست جي چيف منسٽر يا گورنر کي ڏيڻو هو.
    ملائيشيا ۾ ملڪ جو بادشاهه ۽ حڪومت طرفان ڪجهه انعام ۽ ايوارڊ رکيل آهن جيڪي انهن ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا جيڪي ملڪ ۽ ان جي عوام لاءِ ڪا خاص خذمت سرانجام ڏين يا ڪنهن نموني سائنسي، تعليمي، ايگريڪلچرل يا ڪنهن ٻئي ميدان ۾ اهڙي ڪارڪردگي ڏيکارين جنهن سان ملڪ جو ڀلو ٿئي. ملڪ جو نالو ٿئي، ماڻهن جي خوشحالي ٿئي. انهن اوارڊن جي حقدارن مان هڪ اوارڊ PJK لاءِ منهنجو نالو به چونڊيو ويو.
    پي جي ڪي ملئي لفظ Pingat Jasa Kebaktian جو شارٽ فارم آهي. انعام (اوارڊن) جي چونڊ بلڪل راز ۾ رکي ويندي آهي. انعام ورهائجڻ واري تاريخ ۾ هفتو کن هوته ٻين وانگر صوبي جي چيف سيڪريٽري گهرائي مونکي به ٻڌايو ۽ اوارڊ وٺڻ جي پرئڪٽس لاءِ روزانو اچڻ لاءِ چيو. اوارڊ وٺندڙن ۾ ٻيا سڀ ملائيشيا جا مقامي ماڻهو هئا جن کي سندن قومي لباس (پتلون ٽائيپ پجامو، بشرٽ ٽائيپ قميص ۽ بيلٽ مٿان اوچي ڪپڙي جو پوتڙو جيڪو ڊيگهه ۾ گوڏن تائين ٿئي) پائي اچڻ لاءِ چيو ويو. ڌارين ۾ فقط آئون هوس سو مونکي ٽائي سوٽ پائي اچڻ لاءِ چيو ويو. سواءِ پنهنجي سفارتخاني جي ٻي ڪنهن سان اوارڊ ملڻ جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ مونکي جهليو ويو.
    رات جو ڪوالالمپور فون ڪري ارشاد عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڀاءُ) کي اها خبر ٻڌايم ته اڳتي سفير صاحب کي ٻڌائي. هونءَ به انهن ڏينهن جو سفير جناب عظمت حسين ۽ ان بعد آيل بختيار احمد صاحب جن مونکي هميشه Encourage ڪندا رهيا ٿي ته ”توڙي کڻي پگهار گهٽ آهي، ڪم گهڻو آهي ۽ نوڪري واري جاءِ شهر کان تمام پري هڪ خاموش ٻيٽ نما هنڌ تي آهي پر پنهنجي ملڪ جي ناموس خاطر اتي لڳو رهجانءِ ڇو جو انهن Minus ڳالهين ڪري هنن جا پنهنجا ملائيشيائي به اتي نوڪري ڪرڻ کان ڀڄن ٿا.“ ۽ هاڻ جڏهن ڪو اوارڊ ملي رهيو آهي ته کين اطلاع ڪرڻ ضروري آهي. ارشاد عباسي انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ انفارميشن سيڪريٽري هو ۽ ان کان اڳ هو ٽي چار سال جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ به رهي آيو هو.
    ارشاد مٿين خبر ٻڌي خوش ٿيو ۽ چيائين ته ان فنڪشن ۾ اسين به اينداسين. مونکي ملندڙ اهو ايوارڊ هن کان اڳ جن کي مليل آهي انهن مان هڪ ملاڪا جو سرجن آهي جنهن اهو اوارڊ ملڻ بعد پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ (Visiting Card) تان ٻيو سڀ FRCS جهڙيون ڊگريون ڪڍي فقط PJK لکرائي ڇڏيو هو ۽ منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو: ”ملائيشيا ۾ انهن سڀني ڊگرين کان وڌيڪ فقط PJK لکائڻ ڪافي آهي.“ ۽ هاڻ اهو اوارڊ مونکي ملي رهيو هو سو ظاهر آهي آئون ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو آفيس جي ورانڊي ۾ ۽ شام جو پنهنجي پاڙي ۾، ملئي ماڻهن جي گهرن اڳيان بلبلن وانگر سيٽيون وڄائيندو رهيس. اڳهين هن ملڪ ۾ پکين جي چين چين ۽ جيتن جي چِر چِر گهٽ هئي جو آئون به شروع ٿي ويو هوس. ماڻهن ضرور سوچيو هوندو ته هن کي ڇا ٿي ويو آهي ۽ مونکي جهل هجڻ ڪري کين آئون انهن سيٽين وڄائڻ جو سبب ٻڌائي نٿي سگهيس. پاڻهي پنجن ڏينهن بعد، فنڪشن واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۽ ٽي وي ذريعي معلوم ٿيندن.
    ٽئين ڏينهن آفيس ۾ ڪوالالمپور کان ارشاد عباسيءَ جو فون آيو ته اهو اوارڊ ته توکي نه ملي سگهندو. ۽ پوءِ هن ٻڌايو ته پنهنجي ملڪ جي قانون مطابق اوارڊ ڏيڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي. ”ملائيشيا وارن کي پهرين پاڪستان حڪومت کان موڪل وٺڻ کپي ۽ هاڻ ته ڏينهن به ٿورا وڃي بچيا آهن. بهرحال تون کين ان بابت آگاهه ڪر ۽ اوارڊ ڏين ته به نه وٺجانءِ.“ هن ٻڌايو.
    ”ادا مهرباني، آئون ته هينئر ئي سيٽيون وڄائڻ بند ٿو ڪريان. ٿوري دير بعد اسان واري صوبي (رياست) جي چيف منسٽر کي فون ڪري ان جو اطلاع ڪريان ٿو. پڪ اٿم ته هو ۽ هن جي سيڪريٽريٽ به ٺري پوندا.“ مون وراڻيومانس.
    ”يار پاڻ واري سفير کي به ڏاڍو ڏک آهي ته مس مس فارينر کي اوارڊ مليو آهي سو به هڪ پاڪستانيءَ کي. پر ڇا ڪجي قانون قانون آهي.“ ارشاد ٻڌايو.
    ٿوري دير کانپوءِ پنهنجي باس داتڪ ڪئپٽن حمزي کان موڪل وٺي چيف منسٽر مسٽر رحيم تامبي چڪ وٽ ويس جنهن سان منهنجا دوستن وارا تعلقات هئا. هن کي به تعجب لڳو ۽ اهو هن کي عجيب لڳو ته اوارڊ سان گڏ اجازت به وٺجي. هن ته اميد پئي رکي ته پاڪستان حڪومت جو ڪو نمائندو خوش ٿي مهربانيءَ جي فون ڪندو. بهرحال مون ٻڌايومانس ته ٻي صورت ۾ منهنجي لاءِ ڪا Choice ناهي.
    ملاڪا جي گورنر ۽ وزيراعليٰ چاهيو ٿي ته اهو اوارڊ مونکي ملي ئي ملي. هنن اسانجي سفارت خاني جي معرفت پاڪستان حڪومت کي Approach ڪيو ۽ ڪارروائي هلندي رهي. آخر اوارڊن جو اعلان ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ مونکي سفير صاحب اها خوشخبري ٻڌائي ته جيتوڻيڪ اسلام آباد کان لکت ۾ اجازت نامو نه آيو آهي پر اصولن هنن اوڪي جو سگنل ڏنو آهي ۽ اسان ايمبسيءَ طرفان ملائيشيا حڪومت کي لکت ۾ موڪلي رهيا آهيون. منجهند ڌاري مون کي اوارڊ ورهائڻ واري ڪميٽيءَ طرفان به فون اچي ويو ته اجازت ملڻ تي تنهنجو نالو پڻ انائونس ڪري رهيا آهيون ۽ سڀاڻي اوارڊ Ceremony ۾ پهچي وڃان.
    سوني ميڊل جي صورت ۾ اوارڊ ان ڏينهن ملي ويو هو، باقي سونهري ۽ ڪارن اکرن سان لکيل سرٽيفڪيٽ جيڪو ٻانهن جيڏو ڊگهو ٿئي، اهو سال ڏيڍ کانپوءِ ملي ٿو ۽ تيستائين آئون ملائيشيا ڇڏي چڪو هوس ۽ هاڻ ٻارهن سالن بعد اهو وٺڻ لاءِ ملائيشيا پهتو هوس. ملاڪا جا وزير اعليٰ بدلبا رهيا پر وزيراعليٰ جي پرائيويٽ سيڪريٽري اڃان تائين مس زيتون نالي ملئي خاتون آهي. وچ ۾ ملاڪا رياست جون سڀ آفيسون شهر مان شفٽ ٿي شهر کان ٿورو پرٻهرو هڪ خوبصورت هنڌ تي ٺاهيون ويون ته زيتون لکيو هو ته ”سڀ آفيسون، فائيل، فرنيچر ۽ ڪاغذ پٽ تنهنجي سرٽيفڪيٽ سميت کڻي نئين هنڌ تي آيا آهيون. ملائيشيا جڏهن به اچين ته پنهنجو هي سرٽيفڪيٽ هتان چيف سيڪريٽريءَ کان وٺي وڃجانءَ.“
    مس زيتون سان منهنجي پهرين ملاقات 1983ع ۾ ٿي هئي جڏهن هوءَ 25 سالن جي هئي. انهن ڏينهن ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ملئي ڇوڪريون خاص ڪري ڳوٺن جون گهٽ هيون. هيءَ انهن چند ڇوڪرين مان هڪ هئي جنهن تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري نوڪري شروع ڪئي. سٺي انگريزي اچڻ کان علاوه هن کي مذهب جي به سٺي ڄاڻ آهي. پاڻ اسڪول جي ڏينهن کان تودونگ (حجاب) ٻڌي ٿي. يعني مٿو ڍڪي ٿي ۽ جبي نموني جو عبايا پائي ٿي.
    منهنجو جڏهن ملائيشيا تي پهريون ڪتاب ”مڪليءَ کان ملاڪا“ ڇپيو هو ته اهو ڏسي ان جي ٽائيٽل ڪور تي هن چڱو اعتراض ڪيو هو ته آرٽ ورڪ ئي سهي پر مونکي اها ڳالهه نٿي وڻي ته اسانجو ٽورئزم کاتو يا ڪو ڌاريو ملائيشيا کي دنيا سان متعارف ڪرڻ لاءِ انگ اگهاڙيون يا گهٽ ڪپڙن واريون ڇوڪريون ڏيکاري.
    ”آئندي لاءِ پبلشر کي خاص تاڪيد ڪندس ته ملئي ڇوڪريءَ کي سندس قومي لباس باجو ڪرونگ (Baju Kurung) ۾ ڏيکاري ۽ نه ڪُرانگ باجو ۾“ مون کيس ٿڌو ڪندي چيو هو. ملئي زبان ۾ Baju وڳي. پوشاڪ ڊريس کي چئجي ٿو ۽ باجو ڪرونگ ملئي ڇوڪرين جي اها ڊريس آهي جنهن ۾ قميص ۽ گوڏ ڊگهي ٿئي ٿي ۽ سڄو جسم ڍڪيل رهي ٿو ۽ ڪرانگ (Kurang) جي معنيٰ گهٽ، مختصر آهي. ڪو چانهه لاءِ کنڊ جو پڇي ته ان کي ”ڪرانگ گُولا“ چئي سگهجي ٿو يعني گهٽ کنڊ يا ”ڪرانگ سُوسُو“ معنيٰ گهٽ کير. اهڙي طرح ڪرانگ باجو معنيٰ گهٽ ڪپڙا.
    ”مرد ته باجو ڪوسونگ (Kosong) چاهين ٿا.“ هن چيو هو. (ڪو سونگ معنيٰ ٻڙي، ڪجهه به نه. معنيٰ انگ اگهاڙو)
    ”مس زيتون توکي مڙيئي هروڀرو جي مردن تي ڪاوڙ آهي. تون چڱي مولوياڻي ٿيئينءَ.“ مون کلندي ڳالهه ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو جو منهنجو ڪتاب ڏسي چيف منسٽر ۽ ان جا چمچا پيا تعريف ڪن ۽ هيءَ درويش وري راڳ ٻيو کڻي بيهي رهي هئي ۽ جنهن ڳالهه جي هنن کي سڌ نه سماءَ ان ڏي هن پئي هنن جو ڌيان ڇڪيو. هونءَ ملئي ڇوڪريون ننڍي هوندي ئي شادي ڪري ڇڏينديون آهن پر زيتون اڃان ڪنواري هئي. هڪ ڏينهن مون ۽ منهنجي زال هن کان ان جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته جيئن ته هن جو پيءُ گذاري ويو آهي ۽ هن جي ماءُ جو هن کان علاوه ٻيو ڪو اولاد ناهي ان ڪري هوءَ شادي نٿي ڪرڻ چاهي ۽ پنهنجي ماءُ جي خذمت ڪرڻ چاهي ٿي.
    هڪ ڏينهن مونکان سنجيدو ٿي پڇيو هئائين: ”ڇا هر ڇوڪريءَ لاءِ شادي ضروري آهي؟“
    ”سٺو ساٿي ملي ته ضرور ڪجي جو ڏک درد ۾ ڀاءُ ۽ پيءُ کان وڌيڪ سٺو ساٿي مڙس آهي.“ مون چيو هئومانس.
    ”پر آئون ته نوڪري به ڪريان ٿي.“ هن وراڻيو هو. هن جو مطلب شايد اهو هو ته اسانجي ايشيائي معاشري ۾ مرد Economical Power آهي جنهن اڳيان پئسي لاءِ عورت کي هر وقت هٿ ٽنگڻو پوي ٿو ۽ ان ئي ڪري عورت لاءِ ضروري آهي ته مرد جو سهارو وٺي.
    ”نه منهنجي خيال ۾ ته اهو لاجڪ ڪو صحيح ناهي. ائين هجي ها ته جپان، ڪوريا يا يورپ جي ملڪن جي ڪابه ڇوڪري شادي نه ڪري ها جو اتي ته مرد وانگر هر عورت به نوڪري ڪري ٿي ۽ جيڪا بيروزگار آهي ان کي سرڪار طرفان ايترو ’سوشل‘ الائونس ملي ٿو جو هن جو هر ضروري خرچ پکو، رهائش ۽ کاڌي پيتي کان بجلي ۽ گئس جي بل جو پورائو ٿيو وڃي.“
    بهرحال مون سمجهيو ٿي ته هن کي پنهنجي ماءُ لاءِ تمام گهڻو پيار آهي ۽ ملئي سوسائٽيءَ ۾ مردَ ڪافي حد تائين سست ۽ ٽوٽي ثابت ٿيا آهن. هو شاديءَ کانپوءِ عورت تي وڌيڪ ڀاڙين ٿا ته هوءَ گهر ٻار هلائڻ جو گهڻو بار کڻي ۽ ويتر جي ڇوڪري پئسي واري يا نوڪري ڪندڙ آهي ته مرد جي ڪاهل ٿيڻ جا وڌيڪ Chances آهن. ڳوٺن جا ملئي ڇوڪرا به وار وڏا رکي، تيل ڦليل ڪري پيا هلندا. پڙهڻ ۽ نوڪريءَ کان ٻرو. هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندا ته ڪا نوڪري واري يا پئسي واري ملئي ڇوڪري ساڻن شادي ڪري سندن زندگي Set ڪري. زيتون شايد ان خوف کان به شاديءَ جو نٿي سوچيو.
    ۽ هاڻ ٽن چئن ڏينهن بعد منهنجو ملاڪا وڃڻ ٿيو جتي هڪ ڏينهن چيف منسٽر جي نئين آفيس ۾ ويس. ملاڪا رياست جو اڄ ڪلهه وزيراعليٰ داتڪ ويرا حاجي محمد علي بن محمد رستم آهي. پاڻ منهنجي ڏينهن ۾ به سياست ۾ هوندو هو ۽ خاص ڪري عيد تي ملائيشيا ۾ ٿيندڙ اوپن هائوس ۾ سندس گهر وڃڻ ٿيندو هو. ملائيشيا ۾ عيد تي مسلمان سياستدان ۽ وڏا ماڻهو، ڏياريءَ تي هندو ۽ ڪرسمس ڊي تي عيسائي وزير ۽ اهم بزنيس مين ۽ ڪامورا گهر ۾ دعوت عام ڪن. يعني غريب غربو. عام ۽ خاص، مائٽ دوست يا اڻ ڄاڻ سندن گهر اچي ان همراهه سان ملي به سگهي ٿو ته وات به مٺو ڪري سگهي ٿو. ان قسم جي دعوت کي اوپن هائوس دعوت سڏجي ٿو ۽ گهڻو ڪري ٻه ٽي ڏينهن اڳ ان دعوت جو اعلان اخبار ۾ ٿيندو آهي ته عيد جي پهرين ڏينهن فلاڻي فلاڻي وزير طرفان اوپن هائوس آهي. سندن گهرن جي ائڊريس هيءَ آهي. ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير به ڪنهن ڪنهن عيد تي اوپن هائوس ڪندو آهي ۽ هر ماڻهوءَ کي هن سان ملڻ ۽ هٿ ملائڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. ايندڙ مهمانن جي کاڌي پيتي يا ٺلهي شربت ڪيڪ بسڪٽن جو ڇا انتظام ٿيندو هوندو ان جو اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.
    ”ڪيئن لڳي هيءَ نئين آفيس؟“ چيف منسٽر سان ملڻ کان اڳ سندس سيڪريٽري زيتون سان ملاقات ٿي.
    ”ڀائي پيسا بولتا هي،“ مون جواب ڏنومانس، ”جنهن ملڪ ۾ پام آئل هجي، ناريل ۽ رٻڙ هجي، سون ۽ شپنگ هجي، بئنڪون ۽ بئنڪ بئلنس جهجهو هجي ۽ آدمشماري تمام گهٽ هجي سي ڀلي اهي شوق ڪن. آفيس ته پهرين واري به خراب نه هئي. پر هي شهر کان ڏهه ميل پري آفيس ٺاهي غريبن جو سر وڃايو اٿانوَ. هتي ته اهو ئي اچي سگهي ٿو جنهن کي پنهنجي ڪار هجي.“
    زيتون کلندي رهي. جواب ڪهڙو ڏئي. هوءَ ڏئي نه سگهي پر مون وٽ ان جو جواب هو. حقيقت اها آهي ته هتي ماڻهن کي ورلي ڪو چوڏهين چنڊ آفيس ۾ اچڻو پوي ٿو نه ته غريب غربي جو ڪم گهر ويٺي ٿيو وڃي. جنهن به ڳالهه لاءِ توهان Apply ڪيو ٿا يا درخواست ڏيو ٿا. پوءِ اها چاهي نوڪري هجي يا امپورٽ ايڪسپورٽ جي پرمٽ، زمين جي ڊيولپمينٽ هجي يا ڪنهن ڪارخاني يا فئڪٽري کولڻ جي اجازت توهان وقت تي ٽئڪس پياريندڙ آهيو، توهان وٽ ان سبجيڪٽ ۾ ڊگري آهي، توهان کي گهربل ڪم جو تجربو ۽ ڪاغذ پٽ صحيح آهن ته توهان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو. ڪنهن کان سفارش ڪرائڻ جي ضرورت ناهي. پاسپورٽ، ڪار جي رجسٽريشن جا پنا يا شناختي ڪارڊ هجي- هر شيءَ توهان کي مقرر وقت اندر گهر جي ائڊريس تي پوسٽ ذريعي پهچي وڃي ٿي. آفيس جا چڪر هڻڻ، سرڪاري ڪامورن جي چمچا گيري ڪرڻ ۽ وڏن ماڻهن کان سفارشون ڪرائڻ ته اسان جهڙن ملڪن ۾ رواج ٿي ويو آهي. پوءِ غريب ماڻهو پيا روز آفيسن جا چڪر ڪاٽين ۽ گيٽن تي بيٺل چوڪيدارن جا ڌڪا ۽ گاريون کائين.
    ”اهو ٻڌاءِ ته 30 تاريخ هتي آهين؟“ مونکي خيالن ۾ گم ڏسي زيتون پڇيو.
    ”ها، بلڪل هتي آهيان، هتي ملاڪا ۾ ئي. جيڪڏهن پينانگ يا ترنگانو هليو ويس ته به موٽي ايندس. ان تاريخ تي ڇا ڪو ملاڪا ۾ قومي يا صوبائي فنڪشن ٿي رهيو آهي؟“ مون پڇيو.
    ”نه،“ زيتون کلڻ لڳي.
    ”آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو منهنجو هجڻ ضروري آهي. ان ڏينهن تي پاڪستاني ڊيليگيشن اچي رهي آهي؟“ مون پڇيو، جو اهڙن موقعن تي آجيان لاءِ اڪثر مونکي گهرايو ويندو هو. ڪن پاڪستاني مهمانن کي ته فل پروٽوڪال ملندو هو. وچ ۾ مهمانن جي ڪار اڳيان پويان ملاڪا جي پوليس جون گاڏيون. اهڙن مهمانن ۾ هڪ دفعو پروين راڄپر ۽ لاهور کان هڪ پ پ جي نمائندي مسز توفيق آئي هئي جن کي پاڪستان جي ان وقت جي وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه سرڪاري دوري تي موڪليو هو.
    ”ٻڌائيندي ته مونکي عجيب ٿو لڳي،“ زيتون آخر لفظ چٻيندي چٻيندي ڳالهه ڪئي، ”۽ توکي ته پڪ تعجب لڳندو ته هن مهيني جي 30 تاريخ منهنجي شادي ٿي رهي آهي.
    آئون سمجهي ويس ته هوءَ ان ڳالهه تان شڪي ٿي رهي آهي ته هاڻ هوءَ وڏي عمر ۾ شادي ڪري رهي آهي ۽ هن کي اهو ڊپ پڻ هو ته متان آئون ڪو چرچو ڪيان پر مون هڪ سٺي مهمان جو ڏيک ڏيندي کيس ڪامپليڪس مان ڪڍڻ ۽ همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ چيو: ”زيتون، اها ته ڪا اهڙي ڳالهه آهي ڪانه. بينظير به ته وڏي عمر ۾ شادي ڪئي.“
    ”تون ته هر ڳالهه ۾ بينظير جي ڳالهه ٿو ڪرين. هاڻ بينظير مون وانگر 45 سالن جي پوڙهي ٿي ته شادي نه ڪئي هئي.“
    ”پوءِ ڀلا ايلزبيٿ ٽيلر جو مثال ڏيان ڇا؟“ مون سنجيدي شڪل ٺاهي چيو.
    ”نه ڪنهن جي به مثال جي ضرورت ناهي،“ زيتون چيو، ”شادي اها شيءِ جيڪا آسمانن تي لکيل هوندي آهي. جڏهن ۽ جنهن سان ٿيڻي هوندي تڏهن ۽ تنهن سان ٿي ويندي آهي.
    ”اسان جي زبان ۾ هڪ ’پريبهاسا‘ (چوڻي/پهاڪو) آهي ته ’مڱيون رهجيو وڃن لکيون پرڻجيو وڃن.‘ آئون تنهنجي شادي انشاالله Attend ڪندس. منهنجي زال ۽ ٻار به توکي ڏسڻ لاءِ آتا هئا.“
    Terima Kasih (مهرباني)“ هن ملئي زبان ۾ چيو.
    “You had been very kind and helpful to our family, during our stay in Malacca”
    مون سندس ٿورا مڃيا ۽ چيف منسٽر سان ملڻ لاءِ هن جي آفيس جو در کولي هليو ويس.
    ***


    ڪوالالمپور کان نيوزيلئنڊ ويندڙ جوان

    ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ کان ٽئڪسي ذريعي هوٽل ۾ پهچي هوٽل جي Reception تي موجود بڪنگ ڪلارڪ ڇوڪري کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ هوٽل ۾ ٽي راتيون رهائش جو ووچر ڏئي رهيو هوس ته ان ڪلارڪ جي ڀر ۾ بيٺل ٻي ڪلارڪ چيني ڇوڪريءَ وٽ هڪ نوجوان ڇوڪرو ’چيڪ اِن‘ ڪرڻ لاءِ آيو. هٿ ۾ بيگ ۽ ٿيلهو هوس ۽ جڏهن ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ ڪڍي اڳيان ڪائونٽر تي رکيائين ته سمجهي ويس ته نه فقط مون وانگر مسافر آهي پر هو به مون وانگر پاڪستاني (سائو پاسپورٽ هولڊر) آهي ۽ ساڳي جهاز جو مسافر آهي جنهن ۾ آئون پاڪستان کان ملائيشيا پهتو هوس. ايئرپورٽ جي ٻاهران مونکي ڪا پبلڪ بس ته نظر نه آئي سو هي به پڪ مون وانگر پاڻ ڦرائي يعني وڏو ڀاڙو ڏيئي ٽئڪسيءَ ۾ پهتو هوندو. سامان به مونکان وڌيڪ هوس جنهن ڪري بس ۾ سواري ڪرڻ سولو ڪم نه آهي.
    ”ڪريو خبر توهان به ٽئڪسيءَ ۾ پهتائو؟ مون اڙدوءَ ۾ پڇيومانس.
    ”نه سر ڀلا آئون اسٽوڊنٽ ڪيئن ٿو ٽئڪسي افورڊ ڪري سگهان. جهاز ۾ هڪ ملئي همراهه سان عليڪ سليڪ ٿي وئي. اهو مونکي هتي ڊراپ ڪري ويو.“ هن وراڻيو.
    ”اهو سٺو ڪيئي.“ مون چيومانس ۽ جيسين اسان کي ڪمرا ملڻ جو فيصلو ٿئي، مون کانئس اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته هو هتي ملائيشيا ۾ ڇا پڙهڻ لاءِ آيو آهي. هي عمر ۾ پنجويهه کن سالن جو لڳي رهيو هو معنيٰ هن MBBS يا انجنيرنگ B.E يا ڪا ٻي ڊگري پاڪستان مان ڪئي هوندي ۽ هتي Post Graduation لاءِ آيو هوندو.
    پر سواءِ آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي باقي ڪو به پاڪستاني ميڊيڪل ڪاليج يا انجنيرنگ يونيورسٽي ملائيشيا ۾ Recognised ناهي ۽ ساڳي وقت ملائيشيا جو ڪوبه رهاڪو پاڪستان مان ڊگري وٺي ايندو ته ان جي نه اها ڊگري قبول ڪئي ويندي ۽ نه نوڪري ملندس. البت انڊيا جا ڪيترائي انجنيرنگ ميڊيڪل ڪاليج هتي ملائيشيا ۾ Recognised آهن. ان بابت هر سال هتي جي اخبارن ۾ دنيا جي معياري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي لسٽ ڇپبي رهي ٿي جيئن ملائيشيا جو ڪو به شاگرد پئسو ۽ وقت ضايع ڪري غلط تعليمي ادارن مان ڊگريون نه وٺي اچي جن جو تعليمي معيار بنهه جهڙو تهڙو آهي. ان معاملي ۾ ملائيشين اهڙا سونجهڙا آهن جو انگلينڊ جي به هر تعليمي اداري کي قبول نٿا ڪن. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ملڪ جي ڊاڪٽرن، انجينيرن، سائنسدانن ۽ پروفيسرن وغيره جي علمي ڄاڻ ۽ معيار بلند رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي. نه ته ويندي انگلنڊ ۽ آمريڪا ۾ اهڙا ڪيترائي ٺڙڪو قسم جا اسڪول ۽ ڪاليج کلي ويا آهن جن جا نالا ڊگها ڊگها ۽ ور وڪڙن وارا آهن پر تعليم جو ڪو حال ناهي. بس داخلا في ۽ ٽيوشن في جمع ڪرائيندا رهو ۽ وقت کان ڀلي اڳ ئي ڊگري وٺي وڃو.
    شايد اهڙين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکي هتي جي هڪ مشهور ڪارٽونسٽ جو اخبار ۾ ڪارٽون ڇپيو هو ته ملئي ماءُ پيءُ ڪوالالمپور کان پڳ ٻڌي لنڊن پهتا هئا ته ڏسون ته سندن پٽ ان وڏي نالي واري يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ ڇا پيو پڙهي. لنڊن پهچي خبر پين ته اها يونيورسٽي يا ڪاليج ڇا آهي هڪ ٻماڙ ڀڳل گهر آهي ۽ هڪ اهڙي علائقي ۾ آهي جتي ناچ گهر، جوا خانا ۽ چڪلا آهن ۽ سڄو ڏينهن موالي قسم جي ماڻهن جو مجموعو لڳو رهي ٿو. يعني سندن ڇوڪرو هونءَ خراب نه ٿئي. ته هيئن ته ضرور ٿئي هونءَ باءِ دي وي اسي واري ڏهاڪي جي ڪنهن آخري سال ۾ ملائيشيا جي اخبار ۾ هتي جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ ڪنهن پاڪستاني اخبار جي حوالي سان LMC (لياقت ميڊيڪل ڪاليج) جي اها به خبر ڇپي هئي ته ٿرڊ ييئر جي شاگردن (يا شايد آخري سال جي شاگردن) اسٽرائيڪ ڪئي آهي ته جيئن ته سڄو سال پڙهائي نه ٿي آهي ان ڪري کين بنا امتحان جي پاس ڪيو وڃي.
    هونءَ اسانجي ملڪ جا شاگرد صفا چٽ به نه آهن. اسانجي ههڙي ماحول ۽ تعليمي ادارن مان به همٿ ڪري پڙهي نڪرن ٿا ۽ جتي ڪا نوڪري يا وڌيڪ تعليم ۽ اسڪالر لاءِ مقابلو ۽ Entry Test آهي ته ڪيترا بين الاقوامي معيار جي چونڊن ۾ به ملهه ماريو وڃن. ڪجهه سال (ڇهه ست سال کن) اڳ ملائيشيا کي انجنيرن جي ضرورت پيئي. ڪجهه انڊيا، فلپين، سنگاپور مان گهرايائون. اڃان به ڪجهه جي ضرورت هئي سو هتان ملائيشيا کان هڪ ٽيم چونڊ لاءِ مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي پهچي. ان سال جي Graduates جو انٽريو وٺي ٻه ڄڻا چونڊيا. هڪ ته اسانجي ڳوٺ (هالا) جو ڇوڪرو لڇمڻ تاراچند هو جنهن سا منهنجي هتي ملائيشيا ۾ ملاقات پڻ ٿي. پاڻ اڄ ڪلهه Sedaya انٽرنيشنل ڪاليج جو هيڊ آهي. هتي رهي انجنيرنگ ۾ پوسٽ گريجيوئيشن به ڪئي اٿس ۽ سندس محنت ۽ تعليمي ڄاڻ جو هر هڪ قدر ڪري ٿو. اڄ جي نوجوان کي رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جي اي ميل ائڊريس ڏئي رهيو آهيان. ۽ پوسٽل ائڊرس هيءَ آهي.
    lachmant@sedaya.edu.my
    Sedaya international college 11, Jalan Manish 1,
    Taman Segar, Cheras
    560100 Kuala Lumpur-Malaysia
    سدايا ڪاليج ۽ سدايا يونيورسٽيءَ جون برانچون ڪچنگ (سراواڪ) بورنيو ٻيٽ تي، ڍاڪا (بنگلاديش) ۾ ۽ جڪارتا (انڊونيشيا) پڻ آهن ۽ وڌيڪ معلومات لاءِ هيءَ ويب سائيٽ آهي.
    www.sedaya.edu.my
    بهرحال پاڻ هن نوجوان جي ڳالهه تي اچون جيڪو مون سان گڏ هوٽل پرل انٽرنيشنل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائڻ لاءِ پهتو هو ۽ هو اسٽوڊنٽ جي حيثيت سان پنهنجو وطن ڇڏي هتي آيو هو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن ڪراچيءَ مان مئٿس ۽ فزڪس ۾ Bsc ۽ انڊسٽريل Instrumentation ۾ ڊپلوما ڪئي آهي ۽ هاڻ هو وڌيڪ تعليم لاءِ نيوزيلئنڊ وڃي رهيو آهي. هن پنهنجو نالو سيد نعمان عظمت ٻڌايو. ان وقت ته ساڻس وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهي جو هڪ ته آئون ٿڪل ۽ ننڊاکڙو هوس ۽ ٻيو ته اها ڪا اهڙي خاص ڳالهه نه هئي جنهن ۾ آئون دلچسپي وٺي معلومات حاصل ڪريان. ڪيترائي شاگرد نيوزيلئنڊ، آسٽريليا ۽ سنگاپور پڙهڻ يا نوڪريءَ لاءِ وڃن ٿا ۽ رستي تي ڪوالالمپور يا بئنڪاڪ ۾ گهمڻ لاءِ ترسيو پون جيڪا هڪ اسٽوڊنٽ لاءِ غلط ڳالهه آهي. هن جو ڪم آهي ته مائٽن کي خدا حافظ چوڻ بعد پنهنجو ٿيلهو رلي کڻي سڌو ڪاليج/ يونيورسٽي واري شهر ۾ پهچي وڃي. رستي تي ٻين ملڪن جي شهرن ۾ ڇو ترسجي! ڪجهه ٿي پوي ته نه يونيورسٽي وارن کي خبر نه مائٽن کي..... بهرحال ان وقت اهي خيال دل ۾ تاتيندو. چاٻي وٺي پنهنجي ڪمري ۾ پهتس ۽ پوءِ ننڊون ڪري شام جو هوٽل ٻاهران شاپنگ سينٽر جي مختلف دڪانن ۽ ماڻهن جو جائزو وٺي رهيو هوس ته هي صبح وارو اسٽوڊنٽ نعمان مليو.
    ”سر! ڪيئن آهيو؟ چهل قدمي پيا ڪريو؟“ هن سٺي انگريزيءَ ۾ مون کي کيڪاري حال احوال پڇيو. هو ايتري سٺي انگريزي ڳالهائيندو رهيو جو مونکي گمان ٿيو ته هي يا ته برٽش Citizen آهي يا ڪراچيءَ جي نه فقط Convent اسڪولن مان پڙهيو آهي پر سندس گهر ۾ به انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي. آخر اڳتي هلي جڏهن پڇيومانس ته منهنجا ٻئي خيال غلط ثابت ٿيا.
    ”نه سر! آئون ته لالو کيت جي هڪ عام اسڪول مان پڙهيو آهيان ۽ گلشن اقبال جي هڪ ڪاليج مان B.Sc ڪئي اٿم.“ هن ٻڌايو.
    ”پر لڳي نٿو. تنهنجي انگريزي ڏاڍي سٺي آهي.“ مون چيومانس.
    ”انڪري جو مون پاڻ ئي محنت ڪئي آهي. منهنجو والد عظمت علي جيڪو سنڌ گورنمنٽ ۾ هڪ ننڍڙو آفيسر (لئبر آفيسر) آهي اسان کي هميشه محنت جو سبق ڏيندو رهي ٿو. گهر کان ٻاهر وڃي ڪڏهن به وقت ضايع ڪرڻ لاءِ نه ڇڏيندو آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”اهو تنهنجي ڳالهائڻ ۽ معلومات مان لڳي ٿو.“ مون چيومانس.
    ”ها سر. ايترو ضرور آهي ته مون برٽش قونصل مان ٻن سالن جو انگريزيءَ جو ڪورس ڪيو آهي.“
    ”ڀلا هتي ملائيشيا ڪيئن اچڻ ٿيو آهي.“ مون چيومانس.
    ”هتي آئون دراصل نيوزيلئنڊ جي ويزا وٺڻ آيو آهيان. 11 سيپٽمبر بعد پاڪستان ۾ نيوزيلئنڊ جو سفارتخانو (High Commission) بند ٿي ويئي ان ڪري هاڻ ويزا لاءِ هتي ملائيشيا اچڻو پوي ٿو. هونءَ ته هتي کان به سنگاپور Best هو پر سنگاپور وارن به اسان پاڪستانين جي اچڻ تي بندش وجهي ڇڏي آهي، ان ڪري ڪوالالمپور ئي وڃي بچيو آهي. مونکي ڪوالالمپور ۾ رهڻ لاءِ هفتي جي ويزا ملي آهي. انشاالله ڏينهن ٻن ۾ نيوزيلئنڊ جي سفارتخاني مان ويزا ملي ويندي ۽ آئون اوڏانهن هليو ويندس.“
    نعمان جي اها ڳالهه ٻڌي مونکي سندس هتي اچڻ جي مجبوري سمجهه ۾ آئي. ان سان گڏ ڏک به ٿيم ته اسان جو ملڪ ايڏو بدنام ٿي ويو آهي جو نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن جي ويزا لاءِ به اسان جي شاگردن کي جُهد پٽڻا پون ٿا نه ته اهو به ڪو وقت هو جو جپان جهڙن ملڪن ۾ به ائين هليو وڃبو هو ۽ هانگ ڪانگ، ڪوريا، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ ته اسان تي ساهه صدقو پيا ڪندا هئا.
    ڪراچي ڇڏڻ وقت منهنجي هڪ جهازي دوست ڪئپٽن محبوب کي جڏهن خبر پيئي ته آئون ملائيشيا وڃي رهيو آهيان ته هن يڪدم فون ڪري پڇيو ته ملائيشيا جي ويزا ڪيئن حاصل ڪئي.
    ”ڇو ڀلا..؟“ مون حيرت مان پڇيو ته هو اهڙو سوال ڇو ڪري رهيو آهي.
    ”يار منهنجي پٽ کي نيوزيلئنڊ جي ويزا وٺڻ لاءِ ملائيشيا وڃڻو آهي.“ هن ٻڌايو هو ۽ هاڻ نعمان جي ڳالهه ٻڌي سمجهه ۾ آيو ته انگلنڊ ۽ آمريڪا (USA) اسان لاءِ ڏکيو ٿيڻ ڪري اسانجي ملڪ جا شاگرد نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا ڏي وڃي رهيا آهن. پر مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ نعمان کان پڇيم:
    ”توهان ڪراچي کان ڪوالالمپور ۽ ڪولالمپور کان نيوزيلئنڊ جي ٽڪيٽ وٺي هتي آيا آهيو. ڇا ويزا ملڻ جي پڪ اٿانوَ؟“
    ”ها گهڻي ڀاڱي سمجهو ته پڪ آهي. ڇو جو نيوزيلئنڊ جي ويزا لاءِ نيوزيلئنڊ جي ڪنهن يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو شرط آهي“ نعمان ٻڌايو.
    ”۽ اها داخلا؟“ مون پڇيو.
    ”اها مون ڪراچيءَ ۾ ئي وٺي ڇڏي ۽ ان جي فين جي رسيد ۽ ليٽر اٿم“ هن ٻڌايو.
    ”ڪراچي مان ڪيئن داخلا ورتئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”انٽرنيٽ ذريعي نيوزيلئنڊ جي هن ڪاليج جي ڳولا ۽ چونڊ ڪيم. ان بعد کين پنهنجا Particulars اي ميل ذريعي موڪليم ۽ منهنجي داخلا جي رضامندي بعد داخلا في ۽ پهرين سيمسٽر جي Payment جو ڊرافٽ ٺهرائي DHL ڪوريئر ذريعي موڪليم ۽ داخلا ٿي وئي.“
    ”ڀلا جنهن سبجيڪٽ ۾ توهان داخلا ورتي آهي اهو ڪو اهڙو خاص ته نه آهي.“ مون چيو.
    ”ڪنهن خاص سبجيڪٽ ۾ داخلا ملي به نٿي سگهي جو مون هڪ عام B.Sc ڪئي آهي. هتي جي داخلا ۾ فقط اهو Charm آهي جو ٻه سال هتي نيوزيلئنڊ ۾ پڙهڻ بعد ٽيون (آخري سال) مون کي ڪاليج طرفان انگلنڊ ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويندو جتي آئون ڪا نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهان ٿو.“
    ”ڀلا نيوزيلئنڊ ۾ رهائش جو ڇا سلسلو رهندو؟“ مون پڇيومانس.
    ”ان لاءِ اتي Settled ٿيل هڪ پاڪستاني فئمليءَ سان مون Internet ذريعي رابطو قائم ڪيو آهي ته هنن وٽ پيئنگ گيسٽ ٿي رهندس ۽ هنن مونکي شام جي وقت پارٽ ٽائيم جاب به وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي جيئن آئون نوڪري ڪري پنهنجي پڙهائيءَ جو ڪجهه خرچ پورو ڪري سگهان.“ نعمان ٻڌايو.
    نعمان کي پوءِ ٻن ڏينهن ۾ نيوزيلئنڊ جي ويزا ملي وئي ۽ ٽئين ڏينهن هو هوٽل ڇڏي نيوزيلئنڊ وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ ڏي روانو ٿي ويو. ان وقت آئون هيٺ هوٽل جي رسيپشن واري هال ۾ ئي هوس ته هو مونکان موڪلائڻ آيو. مون سندس تصوير پڻ ڪڍي. هن کي هر وقت پنهنجي مستقبل، پنهنجي پڙهائي ۽ پنهنجي والدين جو خيال هو جن هتان هتان ٽي لک رپيا کن گڏ ڪري کيس ايندڙ سال جي رهائش ۽ خرچ پکي لاءِ ڏنا هئا. ملائيشيا ۾ ٻه ڏينهن رهڻ دوران، ڇا ڇا ڏٺئه؟
    ”سر پنڌ ئي پنڌ جيترو ٿي سگهيو، اکين سان ڏسندو رهيس.“ هن وراڻيو.
    ”ڀلا دنيا جي وڏي عمارت پيٽروناس ٽاور ڏٺئه؟“ مون پڇيومانس.
    ”ها. ڪالهه اتي پهتس. ڏاڍو شوق هوم ته اندر گهمي ڏسان پر خبر پيئي ته ان جي ٽي ڊالر کن في رکيل آهي ان ڪري مجبورن موٽي آيس. آئون هڪ هڪ رپيو سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ چاهيان ٿو جو مون وٽ اهي ئي آهن جن مان مونکي سڀ ڪجهه ڪرڻو آهي.“ هن وراڻيو.
    نعمان ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ وقت ڪجهه اداس ۽ اڪيلو محسوس ڪري رهيو هو. ظاهر آهي اڪيلي سر پهريون دفعو هڪ نئين دنيا ۾ پهتو هو ۽ هاڻ اڃان به پري واري ۽ هڪ ويتر نئين دنيا ڏي وڃي رهيو هو جتي، هر چار درجا پڙهيل نوجوان روز مره جي اخبار ۽ ٽي وي خبرن مان اندازو لڳائي سگهي ٿو ته اتي، هڪ مسلمان، خاص ڪري هڪ پاڪستانيءَ لاءِ رڌو نه پيو ٺري. هن کي جيئڻ لاءِ، هن کي پنهنجو نالو سٺائيءَ جي ڪالم ۾ آڻڻ لاءِ، سخت محنت ۽ قربانيون ڏيڻيون پونديون. هي ائين آهي جيئن ڪو عرب جبو پائي حيدرآباد يا ڪراچي پهچي وڃي ته اسان هن کي امير، نيڪ ۽ سخي مڙس سمجهنداسين جيستائين ڪو غلط ڪم نه ڪري. بلڪ ڪو ڪرڻ تي به، مثال طور ڪنهن دڪان مان خريداري ڪندي ڪا شيءِ چوريءَ جي نيت سان کيسي ۾ وجهي ڇڏيندو ته به اسان مان ڪيترا ماڻهو چوندا ته ائين ئي ڀُل ۾ کنئي اٿس. ۽ هوڏانهن اسين پاڪستاني اهڙا بدنام آهيون جو جدي، رياض توڙي مڪي مديني ۾ ڪنهن کي خبر ٿي پوي ته فلاڻو پاڪستاني آهي ته مڪاني عرب هن کان پاسو ٿو ڪري ته هي ڪنگلو غريب، ٺڳ ۽ ڪنجوس آهي. ڪنهن پاڪستانيءَ کان دمام، جدي يا ينبو جي ڪنهن ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ڀل ۾ ڪا سئي يا ڍيري سامان ۾ کڄي وڃي ته هرڪو چوندو ته هن جي نيت چوريءَ تي هئي.
    سو اهو ته آهي اسانجو اميج اسان جي پنهنجن مسلمان ملڪن ۾ ۽ نيوزيلئنڊ ۽ آسٽريليا جيڪي اسان جا مائٽ نه پر برطانيا ۽ USA وارن جا چاچا ماما ٿيا اتي اسان کي ڇا ٿا سمجهن ان جو احساس هنن ملڪن ۾ پهچي ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪيڏو به سٺو ٿي هل ته به هنن جي ذهن ۾ اسان لاءِ ايڏو خراب Impression ويٺل آهي. جو هو اسان جي ان سٺائيءَ کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ ان جو مثال هن قصي مان لڳائي سگهجي ٿو. چون ٿا ته نيويارڪ شهر ۾ هڪ پاڳل ڪتي ڪنهن ٻار کي چڪ ٿي هنيو ته هڪ ماڻهوءَ يڪدم پنهنجو ڪوٽ لاهي ڪتي جي وات ۾ وڌو ۽ خوفناڪ ڪتي کي گهٽو ڏئي ماري ڇڏيو. چوڌاري واهه واهه ٿي وئي. ههڙي بهادري جي خبر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اخباري نمائندا پهچي ويا ته هڪ همراهه پنهنجي جان جي بازي لڳائي ظالم ڪتي کي ماريو ۽ هڪ معصوم ٻارڙي جي جان بچائي. هر رپورٽر ان همراهه جو انٽرويو وٺڻ لاءِ وڌيو.
    پر جڏهن هنن کي خبر پيئي ته اهو همراهه پاڪستاني آهي ته ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر هن ريت آئي ته هڪ ظالم پاڪستانيءَ ڪتي جهڙي وفادار دوست سان ظلم ڪيو. هن جي منهن ۾ ڪپڙو وجهي هن جو ساهه گهٽيو ۽ پوءِ هن غريب کي گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيو.
    سو هن نوجوان به سمجهيو ٿي ته جنهن ملڪ نيوزيلئنڊ ۾ وڃي رهيو آهي ان جو ماحول ڪو دوستاڻو ناهي. پنهنجو پاڻ کي اتي جي ماحول ۽ سوسائٽيءَ ۾ فٽ ڪرڻ لاءِ هن کي وڏي محنت ۽ جفاڪشي ڪرڻي پوندي. هو ٽئڪسيءَ ۾ ويهڻ وقت به ذري ذري چئي رهيو هو ته ”سر دعا ڪجو.“
    ”تنهنجي چوڻ کان اڳ مون تو لاءِ دعا شروع ڪري ڇڏي آهي.“ مون چيومانس، ”۽ مونکي اميد آهي ته انشاالله تون پنهنجن نيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندين، ڇو جو تون بيحد محنتي آهين. توکي ماءُ پيءُ جو احساس آهي ۽ توکي اڳتي وڌڻ جي جستجو آهي. آئون پاڪستان پهچي تنهنجي والد عظمت علي صاحب کي 5388783 تي فون ڪري تنهنجي هيستائين جي سفر جو ضرور ٻڌائيندس.“ ۽ پوءِ هوٽل جي ڪمري تي پهچي دل ۾ اهو به پڪو پهه ڪيم ته هن نوجوان بابت ڪجهه سٽون ضرور لکندس. جيئن پڙهندڙن کي نعمان جي همت مان Inspiration (اتساهه) ملي سگهي ۽ کين معلوم ٿئي ته اڄ ڪلهه وقت جي تقاضا ڇا آهي، دنيا جي گولي تي اسانجي ملڪ جي حيثيت ڪهڙي آهي ۽ هڪ پاڪستانيءَ کي جيئڻ لاءِ ڇا جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. هڪڙا ملڪ آهن جن ۾ انهن جي باشندن کي ڄمڻ کان مرڻ تائين صحت، تعليم، رهائش کان نوڪري ۽ پينشن تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي ئي مليو وڃي ۽ ٻي پاسي اسان پاڪستانين کي تعليم توڙي روزگار لاءِ ڌارين ملڪن ۾ ڌڪا کائڻا پون ٿا.
    ***


    هنن هٿن ۾ ٻهارا

    ڪراچي ڇڏڻ وقت پاڻ سان جاگر جوتو به کنيو هوم. اهو سوچي ته ملائيشيا پهچي روز شام جو واڪ ڪندس. لڳي ٿو اها منهنجي خاص هابي آهي. جنهن شهر ۾ به هوندو آهيان ته وچين نماز کانپوءِ پنڌ ئي پنڌ نڪري پوندو آهيان سڌو ئي سڌو پيو ويندو آهيان. هڪ ڏينهن هڪ طرف ته ٻئي ڏينهن ٻي طرف پوءِ رستي تي ايندڙ دڪان، آفيسون، گهر، هوٽلون ويندي ميدان يا ٻنيون ٻارا ڏسندو ويندو آهيان. ساڳي وقت رستا به ياد ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ڪڏهن ڪار ۾ نڪرڻو پوندو آهي ته رستي ڳولڻ يا ڪار لاءِ پارڪنگ هٿ ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿيندي آهي.
    بهرحال پهرين ڏينهن نه واڪ لاءِ نڪتس نه بس يا ٽئڪسي ڪري شهر ڏي ويس. هن هوٽل جي چوڌاري ۽ ڀر ۾ ٺهيل ڪامپليڪس ۾ ئي شهر لڳو پيو هو. هر قسم جا دڪان، سپر مارڪيٽون، هوٽلون ۽ بيڪري شاپ هئا. دڪانن ۾ گهڻا اليڪٽرانڪ جا دڪان هئا. سي ڊي پليئر، ٽي ويون ۽ خاص ڪري موبائيل فون. نوڪيا نالي ڪمپنيءَ جا فون ڏاڍا پئي وڪيا. ٻارهن سال کن اڳ ملائيشيا ڇڏڻ وقت موبائيل فون وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي پر ان کي چارج رکڻ جو مسئلو هو جو هر وقت ڪار جي بيٽريءَ سان Connect ڪري رکيو ويو ٿي. بلڪ ان فون کي ڪار فون سڏيو ويو ٿي. مونکي ياد آهي ملاڪا رياست ۾ اهڙو پهريون فون ملاڪا جي گورنر ورتو هو ۽ وڏي فخر سان ان جو نمبر ڏيندو هو ۽ پوءِ سال اڌ بعد جلدي ئي هٿ ۾ کڻي هلڻ جو فون اچي ويو جنهن کي هن پاسي اڃان به هئنڊ فون ئي سڏين ٿا. پر شروع وارو اهو موبائيل (هئنڊ) فون ڪافي وڏو ۽ ڳرو هوندو هو ۽ اهو به پهرين گورنر کي ڏٺوسين. شام جي وقت گولف کيڏڻ ايندو هو ته سندس نوڪر ڳچيءَ ۾ پاڻيءَ جو ٿرماس ۽ هٿ ۾ هي فون کڻي سندس پٺيان هلندو هو.
    هڪ ٻه ڪپڙي جي دڪانن ۾ گهڙيس ۽ ريڊيميڊ قميصون ڏٺم. ملائيشيا ۾ دنيا جي ڪيترين ئي ڪمپنين جي قميصن جون فئڪٽريون آهن. انهن ملڪن کان ڪپڙو ۽ ڊزائين اچي ٿي ۽ هتي جي فري ايڪسپورٽ زون ۾ موجود ڪارخانن ۾ قميصون ٺهي انهن ملڪن ڏي راونيون ٿين ٿيون ۽ انهن مان ڪجهه هتي جي دڪانن ۾ به وڪامن ٿيون. اِهڙي طرح مختلف ڪمپنين سوني، سانيو، نئشنل، فلپ، سنگر وغيره جا ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر، ٽي ويون ۽ ٻيون شيون هتي ٺهي واپس جپان يا ٻين ملڪن ۾ وڪري لاءِ وڃن ٿيون. ڪپڙي جي دڪانن ڀرسان بوٽن جا به دڪان هئا. هڪ ٻه شيون وٺڻ تي دل ڏاڍو چئي رهي هئي پر پاڻ کي خبردار ڪري ان ڳالهه تان لهي ويس. ”هن وقت خريداري ڪرڻ پاڻ لاءِ مصيبت پئدا ڪرڻ آهي. پنهنجو پاڻ ڍوئڻ لاءِ بار وڌائڻ آهي ڇو جو ملائيشيا ۾ اڃان خبر ناهي ڪيترا ڏينهن رهڻو پوي ۽ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن شهرن م وڃڻو پوي. ڪٿي ڪٿي هي بار ڍوئيندو رهندس.“ پنهنجي ننڍڙي ڪاپيءَ ۾ هنن دڪانن جا نالا لکي ڇڏيم ته آخري ٻن ڏينهن ۾ اهڙي شيءِ ڪنهن ٻئي هنڌ نه ملي ته بس ۾ چڙهي هن دڪان مان اهي جوتا ۽ قميصون وٺي ويندس.“
    دڪانن ۾ ۽ دڪانن کان ٻاهر ملندڙ ماڻهن: چيني، ملئي، انڊين، ننڍن وڏن، ڇوڪرين، مردن، عورتن سان به ڳالهائيندو رهيس. ڄڻ ڌارئين ملڪ کان ڳوٺ پهتو هجان ۽ پنهنجي مادري زبان سنڌي ڳالهائي مزو اچي رهيو هجي. هي ملڪ کڻي منهنجو ناهي، هڪ ڏورانهيون ۽ ڌاريون ملڪ آهي پر هن ۾ ايڏو وڏو عرصو رهي ويو آهيان جو ڄڻ پنهنجي ڳوٺ وانگر ٿو لڳي ۽ ملئي زبان کان واقفيت هجڻ ڪري ڪابه اوپرائپ محسوس نٿي ٿئي. دڪاندار ۽ خريدار جيڪا زبان (ملئي) ڳالهائي رهيا آهن، اها آئون به سمجهي رهيو آهيان. ڪراچي ڇڏڻ وقت مونکي ائين پئي لڳو ڄڻ هاڻ آئون ملئي زبان ڳالهائي نه سگهندس. ظاهر آهي زبان جيڪا يڪا ٻارهن سال نه ڳالهائي هجيم ڪيئن ٿي ياد اچي. پر ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ پهچڻ سان ٻين کي ڳالهائيندي ٻڌي آئون به شروع ٿي ويس ۽ مونکي تعجب لڳو ته ڪيئن نه ڏکيا ڏکيا لفظ به ايندا ويا. اهو مون لاءِ هڪ نئون تجربو هو. جيتوڻيڪ مون اهو ئي پئي سوچيم ته هاڻ ملئي زبان ۾ ڳالهائڻ بدران انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائيندس. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ نوجوانن کي هڪ دفعو آئون وري ساڳي نصيحت ڪندس ته جيتريقدر ٿي سگهي مقامي زبان سکجي ۽ جيترو جلد ۽ گهڻو سکندئو اوترو توهانکي ان ملڪ ۾ رهڻ ۾ آساني رهندي ۽ ان ملڪ جو ڪلچر، گانا، راڳ، چرچا ڀوڳ Enjoy ڪري سگهندائو.
    هوٽل جي بيڪري شاپ مان ڪجهه بسڪيٽ وٺي رهيو هوس ته ڀر ۾ ٻه ڇوڪريون ڪجهه خريداري لاءِ اچي بيٺيون. ويهن سالن کن جون ٿينديون ٻئي ملئي ڳالهائي رهيون هيون ۽ شڪل مان به ملئي لڳيون ٿي پر سندن چهرو Typical ملئي نه هو. هڪ جو گول ۽ لسو منهن هو ۽ رنگ بيحد اڇو هو. سندس مٿو اڇي رومال (حجاب) سان ڍڪيل هو. جنهن رومال کي ملئي زبان ۾ تودونگ سڏجي ٿو جيئن ايران ۾ روسري. بهرحال ڪنهن کي ان قسم جو حجاب ٻڌل آهي ته پوءِ اها سؤ فيصد مسلمان ئي ٿي. هونءَ شروع وارن سالن ۾ يعني ستر واري ڏهي ۾ جڏهن آئون جهاز تي هوس ته ملائيشيا جي نوجوان ڇوڪرين ۾ مٿو ڍڪڻ ايترو عام نه هو. اڪثر پوڙهين مائين ۽ ڳوٺاڻين عورتن جا مٿا ڍڪيل هوندا هئا سي به ڪنهن عام ۽ سادي پوتڙي سان. پوءِ اسيءَ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيتريون ئي ملئي ڇوڪريون پنهنجو مٿو خوبصورت رومالن سان ڍڪڻ لڳيون خاص ڪري ملائيشيا جي اوڀر واري ڪناري جي رياستن ڪيلنتان ۽ ترنگانو جون، جتي مذهبي تحريڪ ”الارقم“ ۽ سياسي مذهبي پارٽي “PAS” جو تمام گهڻو زور آهي. 1991 ڌاري ملائيشيا ڇڏڻ وقت مونکي گمان هو ته جنهن رفتار سان ملائيشيا ماڊرن ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جا ٽي وي چئنل ۽ انٽرنيٽ سسٽم ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي تنهن سان هتي جا ماڻهو مذهب کان پري ٿي ويندا. پر ٻارهن سالن بعد هتي پهچي مونکي محسوس ٿيو ته اهو منهنجو خيال غلط هو. ماڊرن ٿيڻ سان گڏ هتي جا ماڻهو مذهبي به ٿي پيا آهن. يعني خرابين جي عام جام هجڻ جي باوجود ڪيترا پنهنجو پانڌ بچايو ويٺا آهن- شايد هنن ماڻهن ۽ ماحول لاءِ شاهه لطيف چيو هجي.
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾.
    اُڀا ائين چون متان پاند پسائين.
    هوٽل جي ڀر واري مسجد ۾ مغرب جي نماز پڙهڻ بعد ان مسجد جي نوجوان ۽ پڙهيل ڳڙهيل پيش امام سان جڏهن ان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪيم ته هن ڏاڍو سٺو لاجڪ پيش ڪيو. ”تئان (سائين) ڏسڙ“ هن چيو، ”اها حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه نه رڳو دنيا جون خرابيون اسان جي سامهون آهن پر انهن ۾ ڪشش به وڌي ويئي آهي. جيئن اڄ ڪلهه بيماريون ۽ انهن کي پئدا ڪندڙ جراثيم وڌي ويا آهن. اهڙيون اهڙيون بيماريون ۽ جراثيم جن بابت اڄ کان فقط هڪ سؤ سال اڳ جي انسانن ٻڌو به نه هو. پر پوءِ انهن بيمارين جا علاج ڪرڻ وارا ڊاڪٽر ۽ سرجن به ته اعليٰ درجي جا ٿي ويا آهن. دوائون به ته اهڙيون ئي ايجاد ٿي ويون آهن. اهڙي طرح جتي معاشري ۾ برايون ۽ بڇڙايون وڌي ويون آهن اتي انهن جي خطري جو چتاءُ ڏيڻ وارا عالم ۽ نيڪ ماڻهو، مذهب ڏي لاڙو ڏيارڻ وارا مولوي ۽ تعليم يافته به ان پئماني جا پئدا ٿي پيا آهن جن کي اڄ به سمجهدار ماڻهو فالو ڪن ٿا.“
    هن پيش امام جي ڳالهه ۾ وزن مونکي هيڪاندو تڏهن محسوس ٿيو جڏهن ايندڙ ڏينهن ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ مختلف ماڻهن سان مليس. دوستن ۽ واقفڪارن جي گهرن ۾ رهي انهن جي ٻارن کي ڏٺم، جتي راندين (Video Games) ۽ مغربي فلمن جا ڪئسٽ ۽ سي ڊي نظر آيا اتي ڪيترن گهرن ۾ دنيا جي عالمن ۽ مولين جي تقريرن ۽ واعظن جا پڻ ڪتاب، ڪئسٽ ۽ سي ڊي نظر آيا ۽ اڌ کان وڌيڪ يونيورسٽين ۽ پروفيشنل ڪاليجن جي ملئي (مسلمان) ڇوڪرين کي تودونگ (حجاب) سان مٿو ڍڪي فخر سان هلندو ڏٺم.
    بهرحال ان رات هوٽل جي بيڪري شاپ ۾ هڪ جو مٿو ڍڪيل هو ٻيءَ کي جينز جي جئڪيٽ ۽ ٽائيٽ پينٽ هئي ۽ مٿو اگهاڙو هو. سندس منهن جا نقش چينين ۽ جپانين وانگر Unreadable هجڻ بدران ننڍي کنڊ جي ماڻهن وانگر Sharp هئا جيتوڻيڪ نڪ عام ملئي عورتن وانگر پڪوڙي جهڙو هوس. رنگ ملئين کان ٿورو صاف اسان جهڙو هوس. مون کين غور سان ڏٺو ته کلڻ لڳيون.
    ”اورانگ ملايو؟“ مون پڇيو مان. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن کي چئجي ته سنڌي ماڻهو آهيو؟ دراصل ملئي لفظ Orang اهڙو آهي جنهن جي معنيٰ انسان، آدمي، شخص، لوگ Human Being, Man...... سڀ کان بهتر ۽ ويجهيو سنڌي لفظ ماڻهو آهي. ۽ ملايو معنيٰ ملئي. ”نگري ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهن جو ملڪ، ”بهاسا ملايو“ معنيٰ ملائي زبان - اهڙي طرح ”اورانگ ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهو. ملائيشيا جي ريل گاڏيءَ جو يا ريلوي ڊپارٽمنٽ جو نالو (Keretaapi Tanah Melayu) KTM آهي معنيٰ ملايا جي ڌرتيءَ جي آگ گاڏي (يعني ريل گاڏي.)
    Yah! Tetapi ibu saya cina (جي ها! پر منهنجي ماءُ چينياڻي آهي) اڇي رنگ واري ڇوڪريءَ جواب ڏنو ۽ ان سان گڏ مونکان پڇيو ته آءٌ ڪير آهيان. منهنجي اهو ٻڌائڻ تي ته آئون پاڪستاني آهيان. جينز واري ڇوڪريءَ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته آئون پڻ پاڪستاني آهيان.
    “Can you speak urdu?” مون کانئس انگريزيءَ ۾ پڇيو.
    ”نه،“ هن انگريزيءَ ۾ ئي جواب ڏنو، ”منهنجو ڏاڏو پنجابي هو. منهنجي ڏاڏي ٻڌائي ٿي ته هو ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ ويو ته وري نه موٽيو.“
    بهرحال ملائيشيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملئي ملندا جيڪي توهان کي ٻڌائيندا ته هنن جو پيءُ يا ڏاڏو پنجاب جو هو. اهو ضرور مسلمان پنجابي هوندو پر ضروري ناهي ته ڪو لاهور پنڊيءَ جو هجي. امرتسر، جالندهر جو به ٿي سگهي ٿو ڇو جو ان وقت گڏيل هندستان هو ۽ اڄ جو هندستان وارو پنجاب ۽ اسان وارو پنجاب هڪ ئي صوبو هو. ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) تي اڃان انگريزن جي حڪومت هئي ته 1947 ۾ پاڪستان ٿيو ۽ پنجاب صوبي جي اڌو اڌ، لڏڻ پلاڻ ۽ سخت خونريزيءَ جون خبرون جڏهن ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ پاسي انگريزن جي فوج ۾ ڪم ڪندڙ پنجابي فوجين ٻڌيون ته ظاهر آهي هو گهر ٻار (جن مقامي ملئي زالن سان شاديون ڪيون هيون) تن کي ڇڏي پنهنجي وطن ۾ پنهنجن مائٽن مٽن جي خبر چار لهڻ لاءِ روانا ٿي ويا ۽ پوءِ ڪي سفر دروان جهاز ٻڏڻ ڪري مري ويا- ڪي پهچڻ بعد لڏپلاڻ ۾ هلندڙ ڪوس جو شڪار ٿي ويا ته ڪي غريب ايترو ڀاڙو ۽ سگهه نه ساري سگهيا جو ملايا جهڙي ڏورانهين ڏيهه ڏي موٽن. نتيجي ۾ سندن ملايا (ملائيشيا) ۾ ڇڏيل اولاد دربدر ٿي ويو. هينئر گذريل ويهه پنجويهه سالن کان ملائيشيا ۾ خوشحالي اچي وئي آهي ۽ هرڪو روزگار کي لڳل آهي. نه ته ٻي وڏي لڙائي وارن ڏينهن ۾ توڙي ان کان پوءِ چوٿو صدي کن هتي پڻ غربت عام هئي. مونکي ياد آهي ته ويندي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ به ڪيتريون اهڙيون ملئي فئمليون جن جا وڏا پنجاب وڃي نه موٽيا، هنن پنهنجي مسڪيني ۽ مصيبتن واري زندگيءَ جو جوابدار انهن مردن کي قرار ڏنو ٿي. گهڻي ڀاڱي ملئي عورتون ڳوٺن جون ۽ اڻ پڙهيل هجڻ ڪري هنن کي اها به ڄاڻ نه پئجي سگهي ته سندن پنجابي مڙسن سان وطن (پنجاب) پهچڻ تي ڪهڙا رڻ ۽ راڱا ٿيا ۽ سڀيئي ڪري بي وفا به نه هئا. ۽ جيڪي پنجابي مڙس پنهنجي وطن نه وڃي سگهيا هتي ملائيشيا ۾ ئي رهجي ويا اڄ تائين پنهنجن ٻارن سان زندگي گذاري رهيا آهن ۽ انهن جو تعداد به ايترو وڏو آهي جو ملائيشيا جي شهرن ۾ ته ڇا پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ به پنجابي مسلمان ۽ سک نظر ايندا ۽ انهن مان ڪيترا ته هارپو ۽ پورهيو ڪري غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. هاڻ مڙيئي سندن اولاد ۽ انهن جو اولاد پڙهي لکي شهرن ۾ ۽ وڏين نوڪرين ۾ اچي ويا آهن.
    هتي هڪ ٻي ڳالهه به لکڻ بي محل نه ٿيندي ته ملائيشيا ۾ سکن کي به گهڻا پنجابي ئي سڏين ٿا جو ظاهر آهي هو به پنجابي ڳالهاين ٿا. هاڻ مڙيئي بنگاليءَ مان مطلب بنگالي سمجهيو وڃي ٿو نه ته هن ڌرتيءَ تي صدين کان بنگاليءَ جو مطلب ڌاريون سمجهيو ويو ٿي. ويندي چوڏهين صديءَ ۾ پورچوگالي آيا ته انهن کي به هتي جا ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا. اها ٻي ڳالهه آهي ته کين سفيد بنگالي سڏيندا هئا. بهرحال ملئي زبان ۾ بنگالي جي معنيٰ سمجهو ته Foreigner ٿي وئي آهي. اڄ به هتي جا ڪيترا پوڙها ۽ پوڙهيون اسان ڌارين کي بنگالي سڏين ٿا.
    هتي هيءَ ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو، بلڪ ملائيشيا ۾ دلچسپي رکندڙ منهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکڻ چاهيان ٿو ته اهي ننڍي کنڊ جا مسلمان (گهڻي ڀاڱي پنجابي ۽ ڪجهه پٺاڻ) جيڪي انگريزن جي فوج ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي هئا ۽ ملئي مسلمان عورتن سان شادي ڪرڻ ۽ ٻار ڄمڻ بعد ٻي وڏي لڙائيءَ دوران ۽ لڙائي بعد، گهر ٻار ڇڏي ويا ته وري انهن جي خبر نه پئي. انهن مان سڀ ننڍي کنڊ ڏي به نه موٽيا يعني انڊين پنجاب يا نئين ملڪ پاڪستان جي پنجاب ۾ به نه آيا پر اتي ئي ملائيشيا جي جنگلن ۾ رهي جپانين سان ۽ بعد ۾ انهن مان ڪجهه انگريزن سان گوريلا جنگ ڪندا رهيا. اها گوريلا جنگ به سالن جا سال هلندي رهي جنهن ۾ ڪيترا مارجي ويا ۽ ٻيا جڏهن سالن بعد گهر پهتا ته سندن ملئي زالون کين مارجي ويل سمجهي اهو ڳوٺ ڇڏي ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا رياست ڏي وڃي ڪنهن مائٽ مٽ ڏي رهيون يا ڪيترين (بلڪ تمام گهڻين) ته ڪجهه سال انتظار بعد ٻيا مڙس به وڃي ڪيا.
    درحقيقت ملائيشيا کي انگريزن طرفان آزادي اسان وانگر هڪ ئي ساهيءَ ۾ نه ملي. اسانجي ننڍي کنڊ جا فوجي انگريزن جي فوج ۾ رهي انگريزن جي وفاداري سان خذمت ڪندا رهيا. هنن ملڪ جي آزادي به چاهي ٿي جنهن لاءِ انگريز في الحال آسرا (بلڪ ڏٽا) ڏيندا رهيا. اِن دوران جپان جو سنگاپور ۽ ملائيشيا تي قبضو ٿي ويو جيڪو چار سال کن رهيو جيسين هيروشيما تي بم ڪريو. ان قبضي (Occupation) دوران ڪيترا اسانجا فوجي مقامي چينين سان گڏ هتي جي گهاٽن جنگلن ۾ رهي جپانين کي چڻا چٻائيندا رهيا. پر ڪجهه وري جپانين جي پاسي به ٿي ويا هئا جو هنن کي اميد هئي ته جپاني پنهنجي قول مطابق ننڍي کنڊ کي انگريزن کان آزادي وٺي ڏيندا. هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد جپاني ڪمزور ٿي ويا ۽ کين Surrender ڪرڻو پيو ۽ وري انگريز ٺهي ٺڪي ملايا ۽ سنگاپور تي حڪومت ڪرڻ لڳا. ان ڪري اسان جا فوجي هاڻ جنگلن ۾ رهي انگريزن خلاف گوريلا جنگ ڪرڻ لڳا ۽ انهن آزاديءَ جي مجاهدن (چيني، ملئي توڙي ننڍ کنڊ جي هندن، مسلمانن، سکن، پٺاڻن ۽ گورکن وغيره) کي ملايا جي ان وقت جي انگريز حڪومت باغي (گوريلا) سمجهي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. وري انهن باغين ۾ به وقت بوقت پاڻ ۾ اختلاف ٿيندو رهيو. مسلمان ملئي ۽ پنجابي اهو محسوس ڪرڻ لڳا ته چيني اسان سان وفادار نه آهن... وغيره وغيره يعني وڏو عرصو معاملو گڊمڊ رهيو. ان بعد اسانجي ننڍي کنڊ جا ڪي ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ اچي عام شهريءَ جي زندگي بسر ڪرڻ لڳا ته ڪي ٿائلنڊ، ڪمبوڊيا ۽ برما ۾ وڃي رهي پيا. اتي جي عورتن سان شاديون ڪيائون، اتي جي زبان سکيا ۽ زندگيءَ جو باقي حصو انهن ڏينهن (بلڪ سالن) جي ٽينشن پنهنجي دماغ مان ڪڍڻ ڪارڻ الڪوحلڪ به ٿي پيا، نفسياتي مريض ٿي پيا يا بيحد مذهبي ٿي مسجدون مندر به وڃي وسايائون. ڪن سگهو ئي پنهنجي وطن پنجاب موٽي اچي نارمل زندگي گذاري. اڄ کان ويهارو سال کن اڳ اسان جي ديس جا اهڙا ڪيترائي فوجي هتي (ملائيشيا) ڪمپونگن (ڳوٺن) ۾ توڙي پنجاب جي ڳوٺن ۾ مليا ٿي.
    هن ڀيري هتي ملائيشيا ۾ ڪنهن سان ملاقات نه ٿي سگهي. ظاهر آهي ان کي عرصو به وڏو ٿي ويو آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ جو فوجي ان وقت جيڪڏهن ٽيهن پنجٽيهن سالن جو به هو ته هينئر جيڪڏهن جيئرو به هوندو ته سندس ڄمار اسي سالن کان مٿي هوندي. 15 سال کن اڳ جنهن اهڙي آخري فوجيءَ سان مليو هوس اهو گوريلا ڪمانڊر صالح نيازي هو. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي سندس مختصر ڪهاڻي لکڻ بي محل نه ٿيندي.
    صالح محمد نيازي ضلع ميانوالي جي ڳوٺ دائود خيل ۾ پئدا ٿيو ۽ اتي ئي ننڍو ٿي جوان ٿيو. صالح جڏهن وڏو ٿيو ته سندس ضلع ميانواليءَ جي حالت خراب هئي. ملڪ ۾ ڏڪار جي حالت هئي. ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هو. سخت غربت جو عالم هو. ڪا نوڪري نه ملڻ ڪري صالح نيازيءَ مجبور ٿي انگريزن جي نوڪري شروع ڪئي. اهو 1935 جو سال هو. هن کي فوج ۾ رکيو ويو ۽ سپاهيءَ مان ترقي ڪندو ڪندو ڪوارٽر ماسٽر ۽ حوالدار جي عهدي تي وڃي پهتو. هن انگريزن جي نوڪري ضرور ڪئي ٿي پر هن انگريزن کي صحيح نٿي سمجهيو. 1939 کان ٻي وڏي لڙائيءَ جا اثر شروع ٿي ويا ۽ جپاني فوجي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) کي ڀيليندا برما جي گادي واري شهر رنگون تائين وڃي پهتا هئا. هاڻ اڳيان ننڍو کنڊ (اڄ جو بنگلاديش، ڀارت ۽ پاڪستان) هون.
    ملايا تي جپانين جي حملي وقت صالح محمد نيازي پنهنجي برگيڊ سان گڏ ملايا جي محاذ تي هو. سندس ريجمينٽ جي ڪئپٽن موهن سنگهه کي به انگريزن لاءِ سخت نفرت هئي ۽ هي ٻئي فوج جي جوانن کي به ڀڙڪائيندا رهيا. 15 فيبروري 1942 تي سنگاپور ۾ هلندڙ لڙائيءَ دوران ڪئپٽن موهن سنگهه ۽ خوشاب شهر جو ليفٽننٽ فتح خان برطانيا جي جهنڊي هيٺ جپانين جي فوج ۾ وڃي مليا ۽ ان سان گڏ هنن جي سڄي فوج جپانين اڳيان Surrender ڪيو ۽ ان وقت ”آزاد هند فوج“ جو بنياد رکيو. جپانين به سندن مدد ڪئي. ڪلڪتي جي امير خاندان جي فرد سوڀاش چندر ڀوش جيڪو انگريزن جي سخت خلاف هو ان جي چاچي راس بهاري بوش جپان ۾ انڊين انڊپينڊنٽ ليگ ٺاهي رکي هئي جيڪو اندروني طرف هنن ملايا وارن فوجين (صالح نيازي وارن) جي ڳجهي مدد ڪري رهيو هو. هنن چاهيو ٿي ته ڪنهن طرح انگريزن کي ايشيا مان ڀڄائي ننڍي کنڊ کي آزاد ڪجي. 16 آگسٽ 1945 تي هيروشيما تي بم ڪرڻ بعد جپانين يڪدم هار مڃي ۽ هو پنهنجي ملڪ ڀڄڻ لڳا ۽ هيڏانهن هي صالح نيازي وارا، ننڍي کنڊ جا فوجي، ملايا جي جنگلن ۾ لڪي ويا. انگريزن واپس ملايا جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ ڪيون پر هي صالح نيازي وارا ڪي سال جنگلن ۾ رهي انگريزن جي چونڪين تي حملا ڪندا رهيا ۽ ويندي هڪ رياست ڪيڊاح تي قبضو به ڪري ورتو. پر ٻن مهينن بعد وري انگريزن جي فتحيابي ٿي وئي ۽ صالح نيازي وارن کي واپس جنگلن ۾ موٽڻو پيو. ان دوران صالح نيازي ۽ ٻين کي انگريز حڪومت سوگهو ڪري ورتو ۽ کين هندستان موڪلي ڏنو. هو ڪلڪتي ۾ ڪجهه عرصو جيل ڪاٽڻ بعد پنهنجي ڳوٺ پنجاب موڪليا ويا جتان پوءِ صالح واپس ملائيشيا وري نه اچي سگهيو. بهرحال صالح نيازي صاحب جيڪو گوريلا ڪمانڊر هو. هن وقت جيڪڏهن جيئرو به هوندو ته گهٽ ۾ گهٽ 95 سالن جو هوندو.
    بيڪري شاپ جتي مٿي بيان ڪيل ٻه ڇوڪريون مليون، مان نڪري KFC (ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن) جي دڪان ڏي رخ رکيم. ڪجهه کائي پوءِ هوٽل ڏي واپس ورڻ ٿي چاهيم. چوڌاري دڪانن جي وچ ۾ ڪيتريون ئي کائڻ پيئڻ جون هوٽل هيون پر سروس واريون هجڻ ڪري يعني بئرن آرڊر وٺي مهمانن کي Serve ٿي ڪيو، ان ڪري ڪي ايف سي ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيم جتي سيلف سروس هجڻ ڪري وقت سان گڏ پئسي جو به بچاءُ ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ڪوالالمپور يورپ جي شهرن جي ٽڪر جو شهر ٿي ويو آهي پر منجهس اڄ به ڪيتريون شيون يورپي شهرن کان سستيون آهن. جهڙوڪ هوٽلن ۾ رهائش، کاڌو پيتو، لاري، ريل، ٽرين ۽ فيريءَ جي سواري وغيره وغيره ۽ ڪينٽڪي ۽ مئڪڊونالڊ هوٽلون يورپ، آمريڪا توڙي هتي ملائيشيا ۾ ٻين هوٽلن کان سستيون آهن جن بابت آئون ڪنهن هنڌ لکي چڪو آهيان ته انهن جا مالڪ ته جنت ۾ وڃڻ کپن جو يورپ ۽ آمريڪا توڙي جپان ۽ ڪوريا ۾ جتي کاڌي پيتي جون هوٽلون مهنگيون آهن اتي شاگردن ۽ اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ هي هوٽلون غنيمت آهن پر حيرت جي اها ڳالهه آهي جو هڪ اسانجو ملڪ پاڪستان ئي آهي، جتي ويجهڙائيءَ ۾ مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي هوٽلون کليون آهن، سڀ کان مهنگيون ڪيون ويون آهن. ان هوندي به ماڻهن جي رش آهي ۽ KFC ۽ مئڪڊونالڊ ۾ وڃڻ Status Symbol ٿي پيو آهي. ظاهر آهي ايڏي مهنگي قيمت رکڻ تي ڪو غريب شاگرد يا مسافر ته نه ايندو. وڏو آفيسر ۽ امير ئي ايندو. جيتوڻيڪ ويندي پاڙي واري ملڪ انڊيا ۾ به انهن هوٽلن جا اگهه گهٽ هجڻ ڪري غريب غربي جون هوٽلون سمجهيون وڃن ٿيون.
    KFC ۾ گهڙيس. چوڌاري ڪيترائي شاگرد، وچولي ۽ هيٺين طبقي جون غريب چيني فئمليون ۽ نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون ويٺل هئا. ڪائونٽر تي ملئي ۽ انڊين (تامل) ڇوڪريون گراهڪن کي سندن ضرورت مطابق چڪن پيس وڪڻي رهيون هيون. منهنجي Tray جا ساڍا اٺ رنگٽ (ملئي ڊالر) ٿيا جنهن ۾ ٻه چڪن پيس، فرينچ فرائيز (Potato Chips)، ٻه ڊبل روٽيون، ڪجهه سلاد ۽ ملڪ شيڪ هو. مون ڪوڪا ڪولا بدران ملڪ شيڪ گهريو هو ان ڪري مونکان هڪ رنگٽ وڌيڪ ورتو ويو نه ته ساڍا ست رنگٽ قيمت هئي. يعني اسان جا 120 رپيا ٿيا ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ وڌ ۾ وڌ 70 يا 80 رپين ۾ هجڻ کپي جڏهن اسان وٽ ڊبل روٽي ۽ پٽاٽن کان وٺي ڪڪڙ جو ڪچو گوشت ته سستو آهي پر هوٽلن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو پگهار به گهٽ آهي. پر اسان وٽ ايتري ٽري جي قيمت 200 کان به مٿي آهي. ڪا چوڻ واري يا چڪاس ڪرڻ واري پهر نه آهي ته ايڏو Profit ڇو رکيو پيو وڃي.
    KFC جي پاسي واري دروازي واري گهٽي جيڪا آخر ۾ ومپي آئس ڪريم واري دڪان تائين هلي وئي ٿي اتان لنگهندي هڪ ڇوڪر، جو پاڪستاني مهانڊي جو ٿي لڳو ۽ ٻه ملئي لباس ۾ ڇوڪريون هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل نظر آيون. هو هن شاپنگ سينٽر جون گهٽيون صاف ڪري ڪجهه دير فرحت وٺڻ لاءِ هن ڪنڊ ۾ اچي بيٺا هئا. صفائي وارا ٻهارا سندن هٿن ۾ هئا. ڇوڪرين جي نماڻين اکين ۽ سادي لباس مان سمجهي ويس ته هي ملئي ته ٿي نٿيون سگهن پڪ انڊونيشي هونديون، ملائيشيا پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ايڏو ترقي ڪري ويو آهي جو هڪ اڻ پڙهيل ملئي ڇوڪريءَ کي به بهترين قسم جي نوڪري مليو وڃي. هيٺين ليول جي پورهين ۽ ڪمن لاءِ ڀر واري ملڪ انڊونيشيا جون ڇوڪريون Employ ڪيون وڃن ٿيون. جنهن ملڪ جو حاڪم سهارتو ٽائيپ هوندو، جنهن ملڪ جا سياستدان رڳو پنهنجو ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا هوندا، جنهن ملڪ جا بيوروڪرئٽس ڪرپٽ هوندا اتي جي غريب عوام کي اهي هن ريت سورن ۾ وجهن ٿا. انڊونيشيا لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو واحد Oil Producing Country آهي جنهن جو عوام غريب آهي. ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر هڪ هيٺاهين درجي جي نيچ نوڪري ڪرڻ ڪيڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي پوءِ چاهي هي انڊونيشي ڇوڪريون ٻهارو کڻي ڪوالالمپور جون گهٽيون صاف ڪن يا اسانجون پاڪستاني عورتون ايمسٽرڊم ۽ ڪوپنهيگن ايئرپورٽ جا ڪاڪوس صاف ڪن. عراق ۽ فلسطين جا عرب اسٽاڪهوم ۾ هيلنڪسي جا پارڪ ٻهارين يا بنگلاديش ۽ سري لنڪا جون غريب ڇوڪريون هيسيل نگاهن سان ڪويتي ۽ سعودي امير ۽ عياش عربن جي گهرن ۾ آيائون ٿي ڪم ڪن. ڪيڏو افسوس ٿو ٿئي! ڇا هتي انڊونيشيا جا حاڪم ۽ سياستدان نه ايندا هوندا، ڇا يورپ جي هوائي اڏن تي اسان جا وزير وزراءَ ۽ سياستدان پنهنجي ملڪ جي عورتن کي ڪاڪوس صاف ڪندي نه ڏسندا هوندا. وطن ڇڏڻ، سو به اهڙي هيٺين درجي جي پورهئي لاءِ، ڪا خوشيءَ جي ڳالهه ته ناهي. انسان مجبوري ئي تحت اهو قدم کڻي ٿو. بقول هڪ ايشين جي ”اسان ڌارين ملڪن ۾ جو هيئن ذليل پيا ٿيون ان ڪري جو پنهنجي ملڪ جي Resources اسانجي سياستدانن ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.“
    ”آپ پاڪستاني هين؟“ مون هنن ٻن انڊونيشي ڇوڪرين سان گڏ ڪم ڪندڙ اسان جهڙي ملڪ جي ڇوڪري کان پڇيو.
    ”هم بنگالي هي.“ هن اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ڪٿي جو- ڪلڪتي جو يا بنگلاديش جو؟“ مون پڇيومانس.
    ”نواکليءَ جو.“ هن وراڻيو. يعني بنگلاديش جو آهي. نواکلي چٽگانگ ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ شهر آهي.
    ”گهڻو پگهار ملنئي؟“
    ”اري ڀائي ڪوتا مليگا؟ اهو ئي ست سؤ، سو به اوور ٽائيم ملائي.“ هن وراڻيو.
    ”رهائش؟“ مون پڇيو.
    ”هڪ باريءَ (ڳوٺ) جو بوندو (ماڻهو) آهي. ان جي ڪمري ۾ سڀ ست اٺ ڄڻا پٽ تي سمهندا آهيون ۽ هو ان جا مهيني ۾ سٺ رنگٽ وٺندو آهي.“
    ”ڪيترا ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڏهين بجي هي دڪان کلندا آهن. ان وقت کان رات جو ڏهين تائين. آچر به موڪل نه آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”تنهنجي خيال ۾ اها ڏکي ۽ گهٽ پگهار واري نوڪري نه آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڀائي ڇا ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ملڪ ۾ ته ٺلهي پيٽ تي به نوڪري نٿي ملي.“
    ”ماءُ پيءُ ڏي ڪيترو موڪلين؟“ مون پڇيومانس.
    ”ٽي سؤ رنگٽ موڪليندو آهيان.“ هن ٻڌايو.
    ”يعني ڇهه هزار ٽاڪا (بنگلاديشي رپيا) ٿيا.“ مون حساب لڳائي چيو.
    ”ها پر ان مان به ٻه هزار ٽڪا هر هر مهيني ان ايجنٽ کي قرض ۾ ڏيڻو آهي جنهن ويزا ۽ ٽڪيٽ تي خرچ ڪيو ۽ ٽن سالن تائين ڏيڻو آهي جيسين هتي آهيان.“ هن ٻڌايو.
    ”اڙدو ڪٿان سکئين؟ منهنجو مطلب آهي اها اڌ گابري ئي سگهي جيڪا تون مونسان ڳالهائين پيو؟“
    ”بس ائين هندي فلمون ڏسي.“ هن ٻڌايو.
    ”۽ هنن انڊونيشي صفائي ڪرڻ وارين ڇوڪرين سان ڪهڙي زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرين؟“ مون پڇيومانس.
    ”اهو ئي مسئلو آهي. آئون اڃان هاڻ آيو آهيان. مونکي ملئي اڃان نٿي اچي. مئٽرڪ پاس آهيان ۽ ٿوري انگريزي ڳالهايو وڃان. هي ڇوڪريون به پڙهيل آهن پر هنن اسڪول ۾ انگريزي بدران ڊچ پڙهي آ.“ هن ٻڌايو.
    ملائيشيا ۾ اسان وانگر انگريزن جي حڪومت هئي ان ڪري اسان وانگر انگريزي هلي ٿي پر انڊونيشيا ۾ ڊچن جي حڪومت هئي ان ڪري انڊونيشيا پاسي ڊچ گهڻي هلي ٿي.
    ”بوليح انگڪت گمبارانڊا؟“ مون ڇوڪرين کان ملئي ۾ فوٽو ڪڍڻ لاءِ پڇيو.
    ”بوليح، بوليح.“ (ڀلي ڀلي) هنن وراڻيو ۽ مون ٽنهي کي گڏ بيهاري فوٽو ڪڍيو. اڄ به ان فوٽوءَ ۾ سندن ڪومايل چهرا ڏسي سوچيندو آهيان ته هنن هٿن ۾ ٻهارا ته نه هئڻ کپن ها. سندن پاڙي جي ملڪ سنگاپور ۾ ڪجهه نه هو ته به اتي جي ليڊر ”لي ڪئان يو“ ۽ ٻين سياستدانن سنگاپور کي الائي ڇا بنائي ڇڏيو ۽ هيڏانهن انڊونيشيا ۾ سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود اتي جي ليڊر سهارتو ۽ سندس خاندان ۽ سياستدانن ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي ۽ پاڻ ته ولايت ۾ بنگلا ۽ بئنڪ بئلنس ٺاهي اڄ به عياشيءَ جي زندگي پيا گذارين، پٺيان غريب عوام کي سورن ۾ وجهي ويا ۽ هر ماڻهو نوڪري ۽ نان لاءِ، دوا ۽ دلاسي لاءِ پريشان آهي. هيءَ ڳالهه جڏهن هنن انڊونيشي ڇوڪرين سان ڪيم ته هڪ ڏکويل لهجي ۾ چيو: ”۽ مصيبت اها آهي ته اهڙا ليڊر ۽ سياستدان ملڪ جي سگهو جان به نٿا ڇڏين. هو ڄر وانگر چهٽيا رهن ٿا. يا وري انهن جي اولاد ايندي رهي ٿي.“
    هو پڪ پڙهيل ڳڙهيل هيون ان ڪري حالتن کان حساس به هيون. جيتوڻيڪ ڪيتريون ٻهاري ۽ صفائي ڪندڙ ڇوڪريون خاص ڪري اڻ پڙهيل ان ڏاهپ جي ڏنگ کان آزاد هجڻ ڪري خوش ۽ مست نظر آيون. کين ڪا پرواهه نه هئي. هڪ هنڌ ڏکڻ هندستان جون تامل ڇوڪريون مليون. هو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي جا ڪاڪوس صاف ڪري رهيون هيون. هو ان ۾ ئي خوش هيون ته هو روزانو هوائي جهاز کي لهندي چڙهندي ڏسي رهيون آهن ۽ يونيفارم پائي ڪم ڪن ٿيون. هٿ ۾ ٻهارو ۽ صفائي جي سامان جو دٻو کڻي هوائي اڏي جي باٿ رومن کي صاف ڪرڻ بعد رکي رکي پنهنجي پاڻ کي لپ اسٽڪ ۽ روج هڻي ايئرپورٽ جي مختلف هنڌن تي لڳل آرسين يا هر چمڪندڙ شيءَ ۾ پنهنجي چهري جو عڪس ڏسي ٺري رهيون هيون. هنن پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ تامل فلمن جي هيروئن سري ديوي ۽ مڌوءَ کان گهٽ نٿي سمجهيو.
    ”توهان جو ماءُ پيءُ ڇا ڪري؟“ مون پڇيومان.
    ”اهي مدراس ۾ ڀنگي آهن.“
    ”ٻيا مائٽ؟“
    ”اهي به ڀنگي آهن.“ هنن وراڻيو.
    ٺهيو. هي خوش آهن جو هي نه پڙهيل آهن ۽ نه ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن کان واقف. هنن کي هي ئي ڪم پنهنجي ملڪ ۾ به ڪرڻو هو سو ان کان بهتر هتي آهي ۽ هو پنهنجو پاڻ کي هتي ولايت ۾ سمجهن ٿيون. مون سندن پڻ، تصوير ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا ڪڍي کانئن موڪل ورتي. هو پوز ٺاهي بيهڻ لڳيون.
    ***


    ملائيشيا ۾ مانيءَ جو مسئلو

    ان رات هوٽل سان لاڳو ۽ ڀرواري شاپنگ سينٽر جو چڪر هڻي، جتي بيڪري شاپ ۾ ٻه ملئي ڇوڪريون مليون، جن مان هڪ ٻڌايو ته هن جي ماءُ چينياڻي آهي ۽ ٻيءَ جو ڏاڏو پنجابي هو، ۽ انهن شاپنگ سينٽرن جا ٻاهران ورانڊا صاف ڪرڻ وارين انڊونيشي ڇوڪرين ۽ بنگالي ڇوڪري سان ڳالهائڻ بعد، هوٽل جي رسيپشن تان پنهنجي ڪمري جي چاٻي کڻڻ لاءِ آيس. جيسين ڪلارڪ ڇوڪري فون تي ڳالهه ٻولهه ختم ڪري منهنجي لاءِ چاٻي کڻي تيسين ڪائونٽر تي رکيل شيشي جي وڏي بائول مان هوٽل ۾ رهندڙ مانهن جا بزنيس ڪارڊ ڪڍي پڙهڻ لڳس. سواءِ ڪجهه چيني ۽ مقامي انڊين جي ٻيا سڀ هندستان کان آيل ماڻهن جا ڪارڊ هئا. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته اهي سڀ بزنيس مين هئا يا وري ڪنهن فئڪٽري، ڪارخاني، دڪان يا ڪنهن خاص مال (ڪپڙي، بوٽن، راندين جي سامان، مسالي، فرنيچر يا ڪنهن ٻئي برانڊيڊ مال جي نيڪال ڪرڻ) جا نمائنده ۽ سيلز مين هئا. سالن کان مختلف ملڪن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ انڊيا جي ٽوئرسٽن کي ڏسندو اچان. ٻنهي ۾ هڪ وڏو فرق آهي. اسان جو گهڻي ڀاڱي پاڪستاني ڌارين ملڪن ۾ فقط پئسو وڃائڻ ۽ ٺڙڪو عيش ڪرڻ ايندو. رشوت جو پئسو يا فصل جو لٿل پئسو چٽ ڪري پوءِ وري ساڳيو ڦلهو منهن کڻي وڃي ڳوٺ ڌوڙ پائيندو. پر ولايت ۾ ملندڙ هندو ٽوئرسٽ گهمڻ بهاني به ڪمائي ڪري ويندو. بهتر کان بهتر نوڪري حاصل ڪري ويندو. مستقبل جي ڪاروبار لاءِ گهڻي کان گهڻا Contacts ڪري ويندو. هن جو گهمڻ به بزنيس آهي. هو شهر جي چڪلن ۽ شراب خانن ۾ رلڻ بدران بريف ڪيس ۾ پنهنجي پراڊڪٽ جا سئمپل کڻي هول سيل جي مارڪيٽن ۽ وڏن واپارين جي آفيسن ۾ پنهنجي مال جي ماڪيٽينگ ڪندو نظر ايندو.
    هن هوٽل ۾ به گهڻي ڀاڱي ان قسم جا واپاري ٽوئرسٽ رهيا ٿي جن مان گهڻن جو واسطو ڏکڻ هندوستان جي صوبن تامل نادو، ڪرناٽڪا، انڌراپرديس، اوڙيسا ۽ مهاراشٽرا وغيره سان هو جنهن ۾ مدراس، بئنگلور، حيدرآباد دکن، ڪوچين، ڪاليڪٽ، پوني، گوا ۽ ممبئي جهڙا شهر اچي وڃن ٿا. ظاهر آهي اهي شهر ۽ علائقا سري لنڪا، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن کي ويجها ٿيا ان ڪري صدين کان انهن ڏيهن جي ماڻهن جو واسطو ۽ لڳ لاڳاپو ڏکڻ اوڀر ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن سان گهڻو رهيو آهي. خاص ڪري واپار وڙي ۽ پورهيت مهيا ڪرڻ جي معاملي ۾.
    ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي ايندي وقت سٺ ستر سال کن جا پوڙها زال مڙس ساڳي لفٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندي هيٺ لهي رهيا هئا. پڇي ويٺس ته سنڌي آهيو.
    ”ها ۽ توهان؟“ هنن مون کان پڇيو.
    ”آئون به سنڌي آهيان.“ هاڻ مون سنڌيءَ ۾ جواب ڏنو.
    ”بمبئيءَ کان آيا آهيو؟“ هن پڇيو.
    ”نه. توهان شايد بمبئي کان آيا آهيو؟“ پنهنجي رام ڪهاڻي ٻڌائڻ ڇڏي سندن حال احوال معلوم ڪرڻ چاهيم.
    ”ها اسانجو بمبئي ۾ يونيورسل ٽريڊرس نالي امپورٽ ايڪسپورٽ جو بزنيس آهي. منهنجو نالو واسديو دوسيجا آهي ۽ هيءَ منهنجي پتني آهي. اسان هتي پنهنجي ڪمپنيءَ جي پروموشن لاءِ آيا آهيون. ۽ توهان؟“ هن پنهنجو ڪارڊ مونکي ڏيندي پڇيو.
    ”آئون سنڌ کان آيو آهيان.“
    ”سنڌ کان؟“ واسديو جي زال کي تعجب لڳو، ”ڇا اڃا سنڌ ۾ سنڌي آهن؟“
    ”ها. آهن. ڪيترائي آهن.“ مون ٻڌايومانس.
    ”توهانجو نالو؟“
    ”الطاف شيخ آهي.“ مون ٻڌايو مان پر هنن کي نالي جهٽڻ ۾ دقت ٿي. آءٌ سمجهي ويس ته هنن ڪو اهڙو نالو Expect پئي ڪيو جنهن جي آخر ۾ واڻي (Wani) هجي يعني کٽواڻي، موٽواڻي، آڏواڻي، گربخشاڻي.... وغيره وغيره. هڪ منهنجو بنگالي جهازي دوست جيڪو انڊيا ۾ تمام گهڻو رهيو آهي اهو جهاز جو اسٽرينگ ويل گهمائڻ واري خلاصي ”سکانيءَ“ لاءِ چوندو آهي ته اهو لفظ سنڌيءَ جو ته نه آهي جو ان جي آخر ۾ ني جو اچار ٿو اچي ۽ پوءِ کلي چوندو آهي پڪ ”چار پائي“ به ڪنهن سنڌيءَ جي ذات هوندي. بهرحال هن سنڌي فئمليءَ کي پنهنجي واقفيت آسان بنائڻ لاءِ چيومان ته آئون مسلمان آهيان يعني شيخ، ميمڻ، پنهور، رند، وسطڙو، سومرو، جهڙي غير رومانوي ۽ رديف قافيه کان ناپيد لفظ جي ذات سان واسطو آهي ۽ نه ڀوڄواڻي، پارواڻي، لاکاياڻي جهڙي ميوزيڪل ذات سان. مائيءَ کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ”۽ پوءِ توهان کي زوريءَ مسلمان ڪيائون؟“ هن پڇيو.
    سنڌ کان پري رهندڙ ۽ بي خبر هندو سنڌي اڪثر اهو سوال ڪندا آهن. هنن جو به ڏوهه ناهي. تواريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي جن ۾ ڪيترن Fanatics غير مسلمانن جو زوريءَ طهر ڪري پنهنجي پَرِ ۾ هنن کي مسلمان بنائي ”جنت“ جا حقدار سڏايو هوندائون. پر آئون نٿو سمجهان ته لڏپلاڻ وقت سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ خونريزي ٿي هجي، جهڙي امرتسر پاسي ٿي ۽ نه وري سنڌ ۾ ترسي پيل سنڌي هندن کي زوريءَ مسلمان بنايو ويو هجي. بهرحال هنن به تن ڏينهن ۾ ان قسم جا افواهه ٻڌي پنهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه وهاري ڇڏي هوندي. مون کانئن بمبئي ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جو پڇيو. پر کين اها به خبر نه هئي ته ڪو هند يا سنڌ ۾ سنڌي Print ۾ به ڪا شيءَ اچي ٿي. ”اسان جا ۽ اسانجي دوستن جا ٻار هندي ۽ انگريزي پڙهن.“ هنن ٻڌايو، ”سنڌي ته فقط اسان جهڙا جهور پوڙها ٿا ڳالهائين سو به ڪا ڳجهه ڳوه جي ڳالهه ڪرڻ مهل.“
    چڱو جو هوٽل جو ڊائننگ هال ويجهو هو ۽ مون ان ۾ ئي بهتري سمجهي ته هنن کان جدا ٿي ڪنهن ٻئي ٽيبل تي ناشتو وڃي ڪجي جو هي Typical بزنيس مين آهن. هنن جو ادب، ٻولي ۽ ثقافت ۽ ڪلچر جهڙين شين سان تِر جيترو به لڳاءُ ناهي. انڪري هاڻ هنن سان وڌيڪ وهڻ سان هو پنهنجي دلپسند عنوان ’واپار‘ جون ڳالهيون ڪندا جنهن ۾ آئون ٽيٽيهه سيڪڙو مارڪون به نه کڻي فيل ٿيندس.
    نيرن جي مانيءَ تي هوٽل وارن طرفان وڏو بندوبست ٿيل هو. ايشين چائنيز، يورپين ۽ ملئي ڪيترن ئي قسمن جا ڊش رکيل هئا. مون چوڌاري ويٺلن جو جائزو ورتو. انهن ۾ اسان جهڙا هوٽل ۾ رهندڙ هئا جن لاءِ هيءَ نيرن مفت هئي. ڏهاڪو کن ملئي عورتون هيون جيڪي، هن هوٽل جي ڪنهن هال ۾ هلندو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ آيون هيون ۽ ان کان علاوه ويهارو کن ماڻهو (عورتون مرد) اهڙا هئا جن جي پوءِ خبر پئي ته هو ٻُڌ آهن ۽ ڪمبوڊيا، ٿائلنڊ، سنگاپور ۽ ٻين اوس پاس جي ملڪن کان هتي هن هوٽل ۾ هلندڙ ٻڌ ڌرم تي ورڪ شاپ اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا آهن جنهن جو بندوبست جپان جي ٻڌن طرفان ڪيو ويو آهي. دراصل ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ ۾ هوٽلن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ گهٽ هجڻ ۽ ڌارين لاءِ سلامتي ۽ سيڪيورٽي جو بندوبست اعليٰ هجڻ ڪري ڪيترا يورپي ۽ ويندي جپاني مختلف قسمن جا سيمينار ۽ ورڪشاپ پنهنجي ملڪ ۾ رکڻ بدران ايشيا جي مٿين ملڪن ۾ رکن ٿا جنهن ۾ هنن جو خرچ گهٽ اچي ٿو. ڪوالالمپور لاءِ ڪراچي ڇڏڻ وقت ايئرپورٽ تي پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ، ٽنڊوقيصر جي رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان ملاقات ٿي. هن کي جپان جي ڪنهن اداري هڪ ماڊرن ائگريڪلچر مطابق رکيل سيمينار لاءِ دعوت ڏني هئي. جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه ويهارو کن ٻين ملڪن جي ماهرن کي به گهرايو هئائون پر ان جو بندوبست پنهنجي ملڪ جي شهر ٽوڪيو، اوساڪا يا يوڪوهاما ۾ رکڻ بدران ٿائلنڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ رکيو هو جو بقول جپانين جي ته جپان ۾ ايڏي مهنگائي آهي جو اتي ٻيڻو ٽيڻو خرچ اچي ٿو. بهرحال ان حساب سان ملائيشيا جون هن قسم جون شهر کان ڏورانهيون هوٽلون به چڱو پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃن ۽ ملائيشيا ۾ هيترين هوٽلن هوندي اڃان پيون ٺهن ۽ ٺهن. ملڪ جا رازا، واڍا، ويلڊر، مستري، رنگ وارا، بورچي بئرا، مئنيجر، اڪائونٽنٽ سڀ روزگار کي لڳا پيا آهن. کاڌو پيتو ۽ هوٽلن ۾ رهائش جو اگهه کڻي اسان وٽ به گهٽ هجي يا گهٽ ڪيو وڃي پر اسان وٽ ڪو ڌاريون نه گهمڻ لاءِ ايندو نه Investment لاءِ ڇو جو اسانجي ملڪ ۾ Safety & Security ناهي. بقول سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يو جي، جنهن هڪ دفعو پاڪستان اچڻ تي ان سلسلي ۾ PTV تان تقرير ڪئي هئي ته سندس ملڪ سنگاپور به تڏهن ترقي ڪئي جڏهن ماڻهن ۽ انهن جي Belongings لاءِ حفاظت مهيا ڪئي وئي. اڄ سنگاپور جهڙي ملڪ ۾ ڪو ٻار ٻچو لکين ڊالر کڻي هلي ٿو ته به سندس ڪو نالو نٿو وٺي. نوجوان ڇوڪريون اسڪرٽن ۾، رات واري شفٽ (ڊيوٽي) ڪري فئڪٽرين، ڪارخانن، هوائي اڏن ۽ ريلوي اسٽيشن تان اڪيليون پيون موٽن ته به سندن ڪو نالو نٿو وٺي. ڇو جو هر شهريءَ کي خبر آهي ته ڀلي ڪو وزير جو پٽ هجي يا وزير پاڻ هجي، سلطان جو پٽ هجي يا سلطان پاڻ هجي، ڪوبه ڏوهه ڪندو ته کيس سزا هر صورت ۾ ملندي ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ، اسان جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾، ڪهڙي سيفٽي ۽ حفاظت آهي؟ پنهنجي توڙي ڌارين کي ڇا اها خبر ناهي ته اسان وٽ پوليس پاڻ پئي ڦرون ڪري. ڏينهن ڏٺي جو رستن تان ماڻهو پيا اغوا ٿين ۽ ڍورن ڍڳن وانگر وڪامن! معمولي ڳالهه تي خون پيا ٿين ۽ ان هوندي به اسان پنهنجو پاڻ کي مهذب، مهمان نواز ۽ مسلمان پيا سڏايون، مطلب اهو آهي ته جيستائين اسان وٽ امن امان جي حالت نه سڌرندي. تيستائين ڪهڙو ڌاريون خرچ ڪري موهن جو دڙو ڏسڻ ايندو. ڪهڙو غير ملڪي يا مڪاني بزنيس مئن اسانجي ڳوٺن ۾ اچي فئڪٽري هڻندو جو ڳوٺ جي بي روزگارن لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي.
    ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ سڪندر زرداري نالي FIA جو انسپيڪٽر مليو. سندس هٿ ۾ سنڌي اخبار هئي. چيومانس ته پڙهي مونکي ڏجانءِ.
    ”ادا هينئر ئي کڻي وڃ.“ هن اخبار مون ڏي وڌائيندي چيو، ”اسان وٽ ڪهڙو ترقيءَ جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن جي خوش خبري اخبار ۾ پڙهي اندر ٺري پوي. اختار پڙهڻ سان ويتر Depression ٿي ٿئي ته اسانجي ملڪ کي خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي جو رڳو برائيون ۽ ڏک آهن.“ سڪندر جي ڳالهه تي کلندي کانئس اخبار ورتم پر پوءِ هن جي ڳالهه ڌيان ۾ رکندي ايئرپورٽ جي لؤنج ۾ اچي اخبار پڙهيم ته پهريون دفعو احساس ٿيو ته ويندي مالديپ، سري لنڪا، ايران ۽ عمان جهڙي ايشيائي ملڪ جو باشندو اسان جي اخبار ترجمو ڪرائي پڙهي ته وائڙو ٿي وڃي ته پنج هزار سال اڳ جي مهذب سنڌ هن نئين صديءَ ۾ ڪهڙي حال ۾ آهي، ان ڏينهن جي اخبار مان فقط ڪجهه خبرن جا عنوان ڊائريءَ تي نوٽ ڪيم. هينئر ڳالهه نڪتي آهي ته اهي هتي وري دهرايان ٿو جيئن هڪ اندر جو سجاڳ انسان سوچي ته ڪٿي دنيا بيٺي آهي ۽ ڪٿي اسانجو وطن.
    مورو لڳ ڳوٺن ۾ گيسٽرو بيماري پکڙجي وئي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون ناپيد.
    دادوءَ کان ڳوٺ جهلو ويندڙ روڊ تباهه.
    ميرپور ماٿيلي ۾ پاڻيءَ تان تڪرار- ٻه ڄڻا قتل.
    نوشهروفيروز ۾ علاج نه ٿيڻ سبب ڳورهاري عورت جو ٻار پيٽ ۾ فوت.
    ٽنڊي ڄام ۾ زال عاشق جي مدد سان مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.
    سانگهڙ شهر ۾ صفائيءَ جو نظام ناڪاره.
    هالا شهر مان ڏينهن ڏٺي جو هندو شاگردِ اغوا.
    ميهڙ لڳ ڪارنهن جي الزام هيٺ ڀاءُ هٿان نوجوان ڀيڻ قتل.
    گهوٽڪي ۾ مئل پاڏي جو گوشت وڪرو ڪندي ٻه ڪاسائي گرفتار.
    قبو سعيد خان لڳ شهدادڪوٽ ايندڙ مسافر ڪوچ کان لکين رپيا ڦر.
    بلڙي شاهه ڪريم مان اغوا ٿيل 3 معصوم نياڻيون برآمد... وغيره وغيره.
    انهن قسمن جون ڳالهيون ههڙن ملائيشيا، ڪمبوڊيا، ٿائلنڊ، ويٽنام، هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ ٿين ها ته کڻي چئجي ها ته هتي جا ماڻهو جنگلي آهن، سڌريل نه آهن، چيني ۽ ويٽنامي Opium Eater ۽ ظالم آهن. اسان جا ماڻهو ته سڌريل ۽ سلجهيل مشهور آهن جن کي انسان ذات جو ته ڇا جانورن جو به خيال هجڻ کپي. 1925 ۾ لنڊن جي اخبار ۾ هڪ خبر آئي هئي ته ”حيدرآباد سنڌ جي هڪ سنڌي سيٺ شهر ۾ هلندڙ گهوڙن ۽ گڏهن جي پيئڻ ۽ ٿڌڪار ۾ رهڻ لاءِ پاڻيءَ جا تالاب ۽ لوهي گرڊرن وارا پڪا منهه ٺاهيا آهن.“ ۽ اڄ مني صديءَ بعد هڪ انگريز يا يورپيءَ کي سنڌ يا پاڪستان بابت ڪجهه ٻيو ئي رايو هوندو.
    ڊائننگ هال ۾ ويٺل ماڻهن کي ڇڏي وچ تي رکيل ڊگهن ٽيبلن تي سجايل مختلف کاڌا ڏسان ٿو ۽ انهن جا نالا پڙهان ٿو. باوجود پاڻ کي جهلڻ جي آئون ’ناسي ليما‘ ڊش وٽ اچي بيهان ٿو. جيتوڻيڪ ڪراچي ڇڏڻ وقت پڪو پهه ڪيو هوم ته هر اها شيءِ جيڪا ٿولهه وڌائي ٿي اها نه کائيندس خاص ڪري مٺائي، چانور ۽ کير جهڙي شيءَ. پر هاڻ هڪ ضدي ٻار وانگر ڏوئي کڻي ناسي ليما جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي پنهنجي پليٽ ۾ چانور وڌم.
    ناسي ليما (Nasi-Lemak) چانورن جو ملئي ڊش آهي جيڪي ناريل جي کير ۾ رڌا وڃن ٿا ۽ نيرن تي کاڌا وڃن ٿا. سڄي ملائيشيا توڙي ڏکڻ ٿائلنڊ، ڏکڻ فلپيني ٻيٽن تي، برونائي ۽ انڊونيشيا جي جاوا ۽ سماترا ٻيٽن تي، جتي جتي ملئي ڪلچر آهي اتي نيرن تي ٻه شيون عام نظر اينديون. هڪ روٽي چنائي (Roti-Canai) ۽ بيو مٿيون ڊش ”ناسي ليما.“ ننڍي هوٽل هجي يا وڏي، ڪنهن اسڪول ڪاليج جي ميس هجي يا ڪئنٽين، ڳوٺ جو ڪو دڪاندڙو هجي يا گاڏي وارو - هن وٽ اهي ٻه شيون عام نظر اينديون. ”روٽي چنائي“ اڦراٽي ۽ دال کي سڏين پر هتي جو اڦراٽو مئدي جو ٿئي ۽ دال تما ۾ ڦنگي پاڻيءَ جهڙي ٿئي، جنهن ۾ اهو اڦراٽو ٻوڙي کائين. ناسي ليما ڀت لاءِ ناريل کي مشين ۾ Grate (چورو) ڪري ان ۾ گلاس کن پاڻيءَ جو ملائي پوءِ ان کي رومال ۾ يا ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻڻ سان اڇو کير ڪڍي ان ۾ چانورن کي رڌووڃي ٿو ۽ اهو ڀت ائين لڳندو آهي ڄن کير جي ملائيءَ ۾ ملايل هجي. ملائيشيا ۾ اچڻ وقت پهرين اسان هتي جي ماڻهن تان کلندا هئاسين ته هي به بنگالين وانگر صبح جو به ڀت ٿا کائين پر پوءِ اهو اهڙو سوادي لڳو ۽ اهڙو عادي ٿي وياسين جهڙو اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو رات جو سمهڻ وقت کير پيئڻ جا عادي هوندا آهن. رات جي وقت مانيءَ کانپوءِ ۽ سمهڻ کان اڳ ان ماڻهوءَ کي کير نه ملي ته سخت بي چيني ٿي پويس. سو مون سان به اها حالت ٿي پئي. اهو ڀت نه هجي ها ته پوءِ ٻيو ڪجهه کائي وڃان ها پر هاڻ سامهون رکيل ڏسي آئون کائڻ لاءِ بي چين ٿي ويس. جيتوڻيڪ مزي جي ڳالهه ته اهو ڀت ڪنهن ٻوڙ، آچار يا انب جي ڦار سان کائڻ بدران Pearuts ۽ ننڍڙن فراءِ ٿيل مڇين سان کاڌو وڃي ٿو، جن آڱر جي ڳتري جيڏين سنهين مڇين (Anchovies) کي ملئي زبان ۾ اِڪان بِلس (Ikan-Bilis) سڏجي ٿو ۽ اهي پٽاٽو چپس وانگر خسته (Crispy) ٿين ٿيون. چونئرا (Pea Nuts) به گيهه ۾ فراءِ ٿيل هوندا آهن ۽ انهن سان گڏ ٽماٽو ڪيچپ يا Chili Sauce هجڻ بدران ننڍڙن گانگٽن جي پيسٽ هوندي آهي جيڪا ملئي دنيا ۾ بيلاچان (Belacan) جي نالي سان سڏبي آهي. ۽ اها بيلاچان (چٽڻي) جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي هر هڪ شهر ۾ ٺهي ٿي پر جيئن حيدرآباد جي رٻڙي ۽ شڪارپور جي مٺائي ۽ آچار مشهور آهي تيئن ملاڪا شهر (جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ آئون نوڪري ڪندو هوس) بيلاچان کان مشهور هو. ملاڪا ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ننڍا وڏا ڪيترائي دڪان آهن جن وٽان لنگهندڙ هتي جا لوڪل ملئي ٽوئرسٽ ڳوٺ لاءِ سوکڙيءَ طور بيلاچان وٺي وڃن ٿا. اسان به ڪنهن ٻئي شهر اپوح، پينانگ، سريمبان، آئر حطام، جوهوربارو يا ويندي سنگاپور پنهنجي ملئي دوستن وٽ گهمڻ ويندا هئاسين ته هو اسانکي ملاڪا مان ننڍن گانگٽن جي اها چٽڻي (Belacan) آڻڻ لاءِ فرمائش ڪندا هئا.
    بهرحال ڏينهن ٻن لاءِ ملائيشيا ايندڙ پاڪستاني ڀلي ناسي ليماڪ (ناريل ۾ رڌل هي ڀت) نه کائي پر هتي ملائيشيا ۾ تعليم يا نوڪريءَ لاءِ آيل هن ڀت جو سواد وٺي. هن کي ضرور وڻندو. ڪراچي مان نڪرڻ وقت مون پنهنجي زال ۽ ٻارن کان جڏهن پڇيو ته ملائيشيا مان هنن لاءِ ڇا آڻيان ته سڀني اهو ئي چيو ته موٽڻ وقت ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن وٽ يا جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي ٻه منٽ ٽئڪسي بيهاري ناسي ليما (ڀت) ٿيلهين ۾ پارسل ڪرائي ضرور آڻيان. پر ساڳي وقت منهنجي وڌندڙ وزن جو خيال ڪندي مونکي اهي چانور کائڻ لاءِ منع ڪيائون ڇو جو ناريل جي کير ۾ ٿولهه آهي. بهرحال هاڻ اهو سو ڪيم جو ڀت سان سڄي پليٽ ڀرڻ بدران فقط هڪ ٻه ڏوئي وڌم. ڪجهه Peanuts وڌم ۽ ٻه کن ڊبل روٽيءَ جون Slice کنيم. ڪنڊ تي هڪ بورچي Sausages (ڪواب) تري رهيو هو. چينين جي هوٽل هجڻ ڪري ٿورو شڪ ٿيم ته متان حلال گوشت نه هجي ان ڪري پڪ ڪرڻ لاءِ ڀر واري ٽيبل تي ٻه ٽي ملئي ڇوڪريون جيڪي حجاب (تودونگ) ٻڌيون ويٺيون هيون. يعني مولوياڻيون هيون، تن کان پڇيم ته اهي حلال آهن يا نه؟
    ”او ملائيشيا جي هر وڏي هوٽل ۾ توکي حلال شيءَ ملندي.“ هنن مونکي ٻڌائيندي فخر محسوس ڪيو ۽ مون سندن لئه ٿوري خراب ڪرڻ لاءِ حقيقت ڏي اشارو ڪندي چيو:
    ”۽ هي جو روزانو سوين سوئرن جو ”چو- ڪٽ“ مارڪيٽ ۾ ڪوس پيو ٿئي.؟“
    ”ها. بابِي (خنزير) ۽ بيئر (شراب) ننڍين چيني هوٽلن ۾ هلي ٿو.“ هنن ٻڌايو. هنن صحيح ڳالهه ڪئي. دنيا ۾ ملائيشيا انهن چند ملڪن مان آهي جتي کاڌي پيتي جا قاعدا قانون سخت آهن. ڪو به غلط شيءَ نٿو وڪڻي سگهي. ڪنهن به شيءَ ۾ ملاوٽ نظر نه ايندي ڇو جو ان قسم جي ڏوهن تي نه فقط سختي سان وٺ پڪڙ ٿئي ٿي پر تمام سخت سزائون پڻ آهن. گهڻو اڳ ڪوالالمپور ۾ هتي جي رهاڪو پاڪستانيءَ هڪ هوٽل کولي جنهن ۾ هڪ ڏينهن جو بچيل گوشت ٻئي ڏينهن قيمون ٺاهي هلايائين. هو پڪڙجي پيو. تمام وڏو ڏنڊ لڳس ۽ ان ئي وقت هميشه لاءِ هوٽل بند ٿي ويس.
    بهرحال ملائيشيا گهمڻ لاءِ ايندڙ لاءِ بهتر اهو آهي ته صبح جو وقت اڦراٽو (Roti-Canai) کائي جنهن جي ڦنگي دال هن کي هرگز نه وڻندي جو ان ۾ ڪڪڙ جي نڙگهٽ جا ٽڪر به پيل هوندا آهن. ان ڪري اهو اڦراٽو چانهه سان کائي يا بيضي سان جنهن کي ملئي زبان ۾ تِلور (Telur) چئجي ٿو. رات جو وقت اهي ئي هوٽلن وارا يا گاڏي تي چلهه رکي کاڌو وڪڻڻ وارا، مرتباڪ وڪڻن ٿا. مرتباڪ پڻ اڦراٽو ٿئي جنهن جي وچ ۾ مڪس قيمون ۽ بيضو ٿئي. بهرحال ملائيشيا ۾ توهان کي هر قسم جا کاڌا ملندا- اڦراٽي، چپاتي، پوري، اڊلي، ڊوسي کان وٺي هر قسم جا ٻوڙ پر وري به وڌيڪ احتياط لاءِ ڪنهن چيني هوٽل يا گاڏي واري کان ڪا شيءِ وٺڻ بدران ڪنهن ملئي يا انڊين کان وٺي سگهجي ٿي. هونءَ ته ڪيترين چيني هوٽل تي به رڌ پچاءَ وارا ملئي مسلمان آهن جو کائڻ وارا گراهڪ گهڻي ڀاڱي ملئي مسلمان آهن جيڪي سستيءَ ڪري يا پئسو خرچ ڪرڻ جي عادت کان مجبور ٿي گهر ۾ رڌ پچاءُ ڪرڻ بدران هوٽلن ۾ ئي کائين. هونءَ ٻاهر کائڻ جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي ته گهر ۾ رڌڻ يا هوٽل (خاص ڪري ننڍين هوٽلن ۽ Canteen) مان کاڌو وٺڻ ۾ ڪو معمولي فرق آهي. هر هوٽل وارو گهٽ نفعو رکي شيءَ وڪڻي ٿو ۽ اهو نفعو هن جي ئي کيسي ۾ وڃي ٿو. ڪو پوليس وارو، SDM جي آفيس جو ماڻهو، هيلٿ ڊپارٽمنٽ جو آفيسر، ڪنهن سياسي جماعت جو نمائندو يا محلي جو غنڊو هن کان چانهه پاڻي، خرچي، غنڊه ٽيڪس يا ڀتو نٿو وٺي. حڪومت طرفان ڪجهه قانون ٺهيل آهن جهڙوڪ رات جو هن وقت دڪان بند ڪرڻو آهي، خراب ۽ کوٽي شيءِ جو وڪرو نه ڪرڻو آهي ۽ ڪچرو پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ چڱيءَ طرح بند ڪري مقرر هنڌ تي رکڻو آهي جيئن رات جو صفائيءَ واري ٽرڪ کڻي وڃي، انهن ڪجهه ڳالهين تي عمل ڪريو ٻيو مڙيئي خير. ڪوبه توهانجو نالو نه وٺندو. هوٽل وڏي آهي ته فائدي جو هڪ مقرر حصو سرڪار کي ٽئڪس ڏئي رسيد وٺو.
    ***


    پاڪستاني سفير ۽ اطهر ابڙو

    ڪوالالمپور ۾ منهنجو پهريون اهم ڪم E.P.F آفيس ۾ هو جتي ملائيشيا ۾ ڪم ڪندڙن جو فنڊ رکيو وڃي ٿو ۽ ملئي زبان ۾ پيجابت KWSP سڏجي ٿو. پيجابت معنيٰ آفيس ۽ KWSP ”ڪمپولان وانگ سمپانان پِڪرجا“ جو شارٽ فارم آهي. ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران، آخري سالن ۾ اسان جي پگهار جو هڪڙو حصو بچت خاطر هن آفيس ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو ٿي. منهنجي ٻين ساٿين جيڪي مون وانگر ڌارين ملڪن کان ملائيشيا آيا هئا، ملائيشيا ڇڏڻ وقت عقلمندي ڪئي ۽ پنهنجو پراويڊنٽ فنڊ هن آفيس مان ڪڍائي پاڻ سان کڻي ويا. آئون هٿين خالي هليو ويو هوس. ملائيشيا ۾ رٽائرمينٽ 55 سالن تي ٿئي ٿي ۽ هتي جي ماڻهن کي سندن فنڊ رٽائرڊ ٿيڻ تي ملي. آئون هن سال نه ته ٻي سال ملائيشيا وڃڻ جي چڪر ۾، ٻارهن سالن بعد جڏهن پهتس ته 58 سالن جو ٿي چڪو هوس.
    هوٽل ڇڏڻ کان اڳ KWSP آفيس سان فون ذريعي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته خبر پيئي ته سڄي ملائيشيا جا پراڻا نمبر بدلجي چڪا آهن ۽ ڪوالالمپور شهر جا نمبر ستن انگن بدران اٺن انگن جا ٿي ويا آهن. ملائيشيا جي ٽيليڪام آفيس وارن مونکي نوان نمبر ڏنا ۽ فون ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته مٿين آفيس کي ڪيترا سال ٿيا جو اتان شفٽ ٿي وئي آهي. بهرحال اها ته سٺي ڳالهه ٿي جو پهرين واري هنڌ جالان گيسنگ کان هي نئون هنڌ جالان راجا لائوت وچ شهر ۾ هو جتي پهچڻ به سولو ته دڪان، هوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر به ويجها هئا ۽ ان روڊ سان لڳو لڳ هتي جو مشهور روڊ ”جالان تنڪو عبدالرحمان“ هو جيڪو ڪوالالمپور جو پهريون پڪو رستو سمجهيو وڃي ٿو جنهن جو اصل نالو ’جالان باتو‘ هو معنيٰ پٿرن وارو رستو. هن روڊ تي انگريزن جي ڏينهن (Colonial راڄ) جا ٺهيل دڪان ۽ هوٽلون ائين آهن ڄڻ ڪراچي جي ايلفي ۽ وڪٽوريا روڊ- يعني صدر وارو علائقو – جيڪو پڻ انگريزن جي ڏينهن ۾ وجود ۾ آيو.
    هوٽل کان شهر ڏي ٽئڪسيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو لاهي بس اسٽاپ تي اچي بيٺس ته دل ۾ ارادو ڪيم ڪهڙي به بس ۾ چڙهندس ته اچي شهر کان نڪرندس ۽ پوءِ جي ڪنهن ڀر واري رستي تي لاٿائين ته پنڌ ئي پنڌ جالان راجا لائوت (شاهراهه راجا لائوت) تي مٿين آفيس ۾ پهچي ويندس پر جي بس ڪجهه پري لاٿو ته اتي ٽئڪسي واري کي ڊالر اڌ ڏيندس ته خوشي سان منزل تي اچي لاهيندو. بهرحال هن وقت ڪوالالمپور ڪراچي کان وڌيڪ صاف سٿرو ۽ امن امان وارو شهر آهي. چپي چپي تي پارڪ ۽ ويهڻ لاءِ بينچون آهن. جتي ڪٿي هوٽلون ۽ گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ وارا آهن ۽ ڪيتريون ئي کاڌي جون شيون ڪراچي کان سستيون ۽ صاف سٿريون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ڪراچي کان وڌيڪ ڪوالالمپور جي رستن، دڪانن، دوستن يارن جي آفيسن ۽ بس اسٽاپن وغيره جي ڄاڻ هجڻ ڪري هڪ قسم جو Homely محسوس ڪرڻ جو احساس هو. ٻين لفظن ۾ بس کڻي ايمپريس مارڪيٽ ڇڏي يا ريگل اسٽاپ وٽ آئون سيٽيون وڄائيندو صدر پوسٽ آفيس تائين پاڻهي پهچي سگهيس ٿي.
    انڪري جيڪا پهرين بس اچي بيٺي ان ۾ ئي چڙهي پيس. مون سان گڏ ٻه ٽي مسافر ٻيا به چڙهيا جن ۾ ٻه کن اسڪول يا ڪاليج جا ٻار هئا. ٻارن لاءِ ٽڪيٽ جي الڳ مشين هئي جنهن ۾ هنن پنهنجو ٽڪيٽ ڪارڊ وجهي ڪڍيو يعني هنن جي ٽڪيٽ جيترا پئسا ڪٽجي ويا. جيئن اڄ ڪلهه اسان وٽ فون ڪارڊ مان يونٽ ڪٽجن ٿا. وڏن مسافرن پنهنجي سفر مطابق سڪا شفاف باڪس ۾ وڌا جيڪي ڪمپيوٽر تور ذريعي يا شيپ ۽ شڪل مان پڙهي ڊرائيور اڳيان لڳل اسڪرين تي Display ڪيا جيئن هن کي ۽ مسافر کي پڪ ٿئي ته ڪيترا پئسا وڌا ويا آهن ۽ ان بعد ان قيمت جي ٽڪيٽ ٻاهر ڪڍي.
    ”ٺهيو- هاڻي هي پڪا انگريز ٿي ويا آهن.“ مون دل ئي دل ۾ سوچي چپن تي مرڪ آندي. هونءَ ڪوالالمپور شهر ۾ اسلام آباد ۾ هلندڙ مزدائن کان ڪجهه وڏيريون بسيون هلنديون هيون جيڪي مني بس سڏبيون هيون جن جي ٻاهران ملئي Spellings مطابق MINI-BAS لکيل هوندو هو. توهان کڻي ڪٿي به لهو ٽڪيٽ اڌ ڊالر هوندي هئي پر هاڻ هڪ ته وڏيون ۽ ايئرڪنڊيشنڊ بسون ٿي پيون آهن ۽ ٻيو ٽڪيٽ جو ڪم آٽوميٽڪ رکيو ويو آهي ۽ مفاصلي موجب، ان ڪري ڪنهن مسافر کي اڌ ڊالر کان به گهٽ ٽيهه سينٽ به ڏيڻا پيا ٿي ته ڪنهن کي اڌ ڊالر کان مٿي سٺ يا ستر سينٽ به.
    ٽڪيٽ جا پئسا چارج ڪرڻ لاءِ آٽوميٽڪ هجڻ جي باوجود ٽڪيٽ چيڪر به هو جيئن مشين خراب ٿيڻ تي يا مقرر ڪئش (سڪا) نه هجڻ تي يا مسافرن جي لهڻ چڙهڻ لاءِ رهنمائي ڪري سگهي. هونءَ هتي جي مينهوڳي واري موسم ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي منهن ڏيڻ ۽ ٽڪيٽ جا پئسا اوڳارڻ لاءِ ان ڪم تي هتي جا ٿلها متارا داداگير قسم جا انڊين تامل هوندا هئا جن جو رول ڪجهه اهو هوندو هو جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جي سئنيما گهرن جي ٽڪيٽ واري دريءَ تي مڪرانين جو هوندو هو ۽ ٽڪٽ وڪڻڻ ۽ ماڻهن مان پئسا اوڳاڙڻ کان وڌيڪ بس اسٽاپن تي دانهون ڪري مسافرن کي سڏڻ ۽ بس کي لت ڏئي مسافرن سان ڀرڻ هوندو هو ۽ پوءِ هلندڙ بس ۾ هڪ پير فٽ بورڊ تي ۽ ٻيو هوا ۾ لڙڪائي ڪرتب ڏيکارڻ هوندو هو. پر هاڻ هر بس جي روٽ ۽ ايندڙ اسٽاپ بس جي اڳيان لکيل رهيو ٿي. هر بس مقرر اسٽاپن تي بيٺي ٿي ۽ بيهڻ بعد ئي هن جا هئڊرالڪ دروازا کليا ٿي - يعني هر ڪم يورپ، جپان ۽ سنگاپور وانگر آٽوميٽڪ ۽ ڊسيپلينڊ ٿي چڪو آهي. مون حيرت مان بس ۾ ويٺلن ۽ ٻاهر نظر ايندڙ ماڻهن کي غور سان ڏٺو. چوٿو صدي کن اڳ تائين جڏهن دنيا جي تختي تي اسان سڌريل ۽ هتي جا ماڻهو جنگل جا رهاڪو سمجهيا ويا ٿي ۽ هي ماڻهو هر ترقي ۽ Know how لاءِ اسان ڏي ڏسندا هئا. ان وقت ڪنهن سوچيو هو ته هيءَ قوم ههڙي منظم ڊسيپلينڊ ٿي ويندي ۽ اسان اڃان به پٺيان رهجي وينداسين. بقول هڪ ملائيشيائي ڊپلومئٽ جي ”پاڪستان جي فقط هڪ شهر اسلام آباد ۾ ئي رهي سگهجي ٿو باقي ٻين شهر ۾ بس يا ٽئڪسي ڇا پنهنجي ڪار ۾ سفر ڪندي به خوف ٿئي ٿو.“ بيشڪ صحيح ٿو چوي. سچ ٿو چوي. اڄ محنت، ملڪ لاءِ پيار، ايمانداريءَ هنن کي ۽ هنن جي ملڪ کي خوشحال ۽ اتم بنائي ڇڏيو آهي. ڪو وقت هو اسان ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ويندي ڪوريا ۽ چين جهڙن ملڪن تي کِلون ڪندا هئاسين ۽ ان لاءِ اسان وٽ Reasons هئا ۽ هاڻ هو اسان تي چٿرون ٿا ڪن جو ان لاءِ هنن وٽ سبب آهن. اڄ هنن ملڪن جا مرد توڙي عورتون تعليم توڙي ايمانداريءَ جي نوڪري ۽ حق حلال کائڻ ۾ اڳيان اڳيان آهن. اڄ هن شهر ڪوالالمپور ۾ ويندي عورتون ٽئڪسي پيون هلائين، دڪان ۽ آفيسون پيون هلائين. ويندي هن بس جي ڪنڊڪٽر هڪ نوجوان عورت هئي سا به چيني يا انڊين نه پر ملئي قوم جي - جيڪا قوم ڪجهه سال اڳ تائين دنيا جي سست قومن مان سڏي وئي ٿي. ان قوم کي هتي جي وزيراعظم مهاتير ۽ سياستدانن ايڏو Motivate ڪيو آهي جو هو يورپين، جپانين ۽ ڪورين جو مقابلو ٿا ڪن.
    مون سيٽ تي ويهي ڀر ۾ بيٺل ملئي عورت ڪنڊيڪٽر کي ٻڌايو ته مون وٽ Change ناهي. هن مونکان پنجن ڊالرن جو نوٽ وٺي ٽڪيٽ ۽ باقي پئسا ڏنا. آئون کيس غور سان ڏسندو رهيس. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بس جون ڊرائيور يا ڪنڊڪٽر عورتون آهن پر ملائيشيا ۾ هڪ عورت جو هجڻ سو به چيني يا انڊين نه پر ملئي عورت جو، واقعي هڪ تعجب خيز ڳالهه آهي. ڇو جو ملئي، جيڪي مسلمان آهن بنيادي طرح شرميلا آهن ۽ انهن جون عورتون اهڙن هنڌن تي نوڪري ڪرڻ کان لهرائين ٿيون جتي Public Dealing آهي يا خاص ڪري مردن جي گهڻائي آهي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ملئي عورت گهر کان ٻاهر نٿي نڪري بلڪ اها هڪ عجيب ڳالهه آهي ته صدين کان، جڏهن ته اڃان يورپ جون عورتون به ايترو گهر کان ٻاهر نه نڪتيون هيون ته دنيا جي هن حصي جي عورتن مردن سان گڏ گڏ گهر توڙي ٻاهر جي ڪمن کي به منهن ڏنو ٿي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اوائلي ڏينهن ۾ آفيس جا ڪم نه هئا. مرد وانگر عورت کي به ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻو پيو ٿي يا گهر ٺاهڻ جي ڪم ۾ مرد جي مدد ڪئي ٿي.
    ”ڪٿي لهندئو؟“ هن مونکان ملئي ۽ انگريزي گاڏڙ زبان ۾ پڇيو.
    ”پُسٽ بندر“ (شهر جي مرڪز ۾) مون ٻڌايومانس ۽ پوءِ پنهنجي ڪئميرا ڏي اشارو ڪري چيومانس: ”بوليج انگڪت گمبار اواڪ“ (توهانجو فوٽو ڪڍي سگهان ٿو؟)
    ”ڇو-؟“ هن انڪار جي خيال کان نه پر تعجب کان پڇيو جو ملائيشيا ۾ ڪنهن جو فوٽو ڪڍڻ وڏي ڳالهه ناهي ۽ فوٽوءَ لاءِ ڪئين سهڻيون سهڻيون ملئي، چيني ۽ فارينر نازڪ ڇوڪريون پيون هلن. هيءَ ته شڪل مان ئي روايتي ڳوٺاڻي ۽ اڻ پڙهيل پورهيت لڳي ٿي جنهن جي جسم تي ريشمي گلن وارو باجو ڪرونگ (ملئي وڳو) هجڻ بدران ورڪر جي ڊريس ”جينز پتلون“ هئي جنهن هن کي نازڪپڻو يا نسوانيت ڏيڻ بدران سخت جان ظاهر ڪيو ٿي.
    ”آئون هڪ ليکڪ آهيان. پنهنجي سفرنامي سان گڏ تنهنجي تصوير پنهنجي ملڪ جي اخبار ۾ ڏيڻ جو خيال آيو اٿم ته جيئن اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڏسي سگهن ته ملئي عورت هر فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهي آهي.“
    ”توهانجو ڪهڙو ملڪ آهي؟“ هن پڇيو.
    ”پاڪستان.“
    ”مسافرن جي جئين ئي رش گهٽجي ۽ واندي ٿيان ته تصوير ڀلي ڪڍجانءِ.“ هن ٽڪيٽ جو حساب چڪتو ڪندي چيو.
    ڀر ۾ ويٺل وڏي عمر جي ملئي همراهه منهنجي ملڪ جو نالو ٻڌي ڪن کڙا ڪيا. ”پاڪستان جو ڪهڙو حال آهي؟“ هن پڇيو. آئون سمجهي ويس ته هو انڊيا طرفان تازن مليل دڙڪن جي حوالي سان پڇي رهيو آهي جيڪي انڊيا گذريل هفتي ٻن کان ڏئي رهيو آهي. پنهنجي ملڪ ۾ رهندي ڪو احساس نٿو ٿئي پر ٻاهر جا ماڻهو ڌارئين دنيا جون خبرون يا انڊيا جي پروپئگنڊا ٻڌي ائين ٿا سمجهن ته بس انڊيا اجهو ٿو پاڪستان کي ڳڙڪائي. ملائيشيا لاءِ جهڙو پاڪستان تهڙو انڊيا پر ملائيشيا جي ’نيوز ميڊيا‘ ۾ ايترا ته انڊين آهن ۽ هو خبرن کي اهڙو ته مروڙي سروڙي پيش ڪن ٿا جو ههڙن ملڪن جو سادو عوام اهو ئي سمجهي ٿو ته ”پاڪستان بنهه ڪمزور آهي. انڊيا طاقتور ملڪ آهي ۽ پاڪستان کي چٽڻي ڪري ڇڏيندو.“ ان قسم جا سوال گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ايئرپورٽ کان هوٽل تائين ڪيترن ئي ماڻهن ڪيا. سچ ته اهو آهي ته پاڪستان ڇڏڻ وقت پنهنجي ملڪ جا ماڻهو به جنگ جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ته انڊيا حملو نه ڪري.
    ”پاڪستان بلڪل ٺيڪ آهي.“ مون ڀر ۾ ويٺل همراهه جي سوال جو جواب ڏنو. پر هو ان مان مطمئن نه ٿيو.
    ”توهان جي خيال ۾ انڊيا توهان تي حملو ته نه ڪندو؟“ هن پڇيو.
    ”نه“ مون وراڻيومانس ۽ دليل طور چيومانس، ”هونءَ هو ڪو اسان جو مائٽ ناهي. هو ته اسان جي وجود جي ئي خلاف آهي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ وڏو ۽ طاقتور ملڪ آهي پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ به ڪجهه نيوڪليئر هيڊ آهن. هو سياڻو آهي ۽ سمجهي ٿو ته هن جنگ جو ڇا نتيجو نڪرندو - ٻنهي جي تباهي. ان ڪري هو فقط خشڪا دڙڪا ڏيندو رهندو جن جو ڊپ اسان کي به ناهي. باقي اسان وٽ اڄ ائٽمي طاقت نه هجي ها ته اسان کي هو اهي کَلا هڻي ها جو جڳ جهان ڏسي ها.“
    همراهه منهنجي ڳالهه ٻڌي مرڪيو. ”مونکي فخر آهي ته دنيا ۾ هڪ مسلمان ملڪ ته آهي جنهن وٽ نيوڪليئر پاور آهي.“
    مون وات سان ته کيس Terima Kasih (تنهنجي مهرباني) چئي پر دل ۾ اهو ئي سوچيم ته اهڙي نيوڪليئر پاور کان توهانجي ملڪ ملائيشيا واري خوشحالي اسانکي به نصيب ٿئي ها ته سٺو هو پر جن جو پاڙيسري انڊيا جهڙو ملڪ هجي اهي ڪيئن سک سمهن.
    بس مون کي سينٽرل مارڪيٽ ڀرسان ”جالان بندر“ تي لاٿو جيڪو سندس آخري اسٽاپ هو. ملئي زبان ۾ Bandar معنيٰ شهر. بندر ملاڪا، بندر ڪوالالمپور وغيره ۽ جالان معنيٰ شاهراهه، رستو. جالان بندر کان جالان راجا لائوت جتي مونکي وڃڻو هو چڱو پري هو يعني حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي کان گاڏي کاتو ۽ جهڙ هجڻ ڪري منهنجي دل واڪ ڪرڻ تي چئي رهي هئي جيئن وچ شهر جي مختلف عمارتن ۽ شاپنگ سينٽرن کي ڏسندو KWSP بلڊنگ پهچان. پر ان ۾ ڪلاڪ کن لڳي وڃي ها ان ڪري هڪ ٽئڪسي کي بيهاري جالان راجا لائوت پهتس. ڇهه ست ماڙ عمارت جي Entrance وٽ بيٺل ٻن سپاهين سڃاڻپ ڪرائڻ ۽ پنهنجو پاسپورٽ جمع ڪرڻ لاءِ چيو. 11 سيپٽمبر واري حادثي بعد هتي به هر هنڌ سخت سڪيورٽي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ”پاسپورٽ مونکي شايد اندر ڏيکارڻو پوي“ مون کيس پنهنجي ملائيشيا جو ”ڪار ڊرائيونگ لائسنس“ هن وٽ ضمانت طور رکرائيندي چيو. هن مون کي Visitors جو بئج ڏنو جيڪو کيسي تي چنبڙائي بلڊنگ ۾ گهڙيس. خبر پيئي ته جمع ٿيل فنڊ چوٿين ماڙ وارا آفيسر ڏين ٿا. پڇائيندو پڇائيندو مسٽر مراد نالي هڪ ملئي نوجوان آفيسر وٽ پهتس. هو ڪا دير ڪمپوٽر جي ڪنجين کي دٻائيندو رهيو. مون سندس مدد لاءِ جمع ڪيل فنڊ جون رسيدون ڏيکارڻ چاهيون جيڪي مونکي نوڪري واري شهر ملاڪا ۾ مليون هيون. پر هن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو:
    ”توهانجو ڪوڊ نمبر ڪافي آهي.“
    ”دراصل ڳالهه هيءَ آهي جو اهو فنڊ مون ملاڪا شهر جي برانچ آفيس الور گاجا ۾ اڄ کان ٻارهن سال کن اڳ تائين جمع ڪرايو هو. اها آفيس تڏهن ئي ختم پئي ٿي. هنن مون کي ڪوالالمپور جي Ibu-Pejabat (هيڊ آفيس) ٻڌائي هئي جتي جيڪي انجارچ هئا انهن کان فون نمبر ورتا هئم. اڄ اهي فون نمبر ئي مٽجي ويا آهن. سپر هائي وي ٺاهڻ لاءِ ان عمارت کي ئي ختم ڪيو ويو آهي.“
    مون هن کي اهو ئي چوڻ چاهيو پئي ته هو گهڻو پريشان نه ٿئي جو جڏهن اهي ماڻهو، اهي فون نمبر ۽ اها بلڊنگ ئي ختم ٿي وئي ته منهنجا پئسا ڪٿان ايندا. هو منهنجي ڳالهه جو مطلب سمجهي ويو. مرڪندي وراڻيائين، ”اهڙي ڳالهه ناهي! ڀلي هر ڳالهه ختم ٿي وئي هجي پر توهان جي امانت هيٺ مٿي نه ٿيندي. اها قائم رهندي. مونکي رڳو اهو سوچيندي دير ٿي رهي آهي ته توهانکي ڪيئن ٻڌايان ته قانوني لکپڙهه ۾ ٻه ٽي هفتا لڳي سگهن ٿا.“
    ”پر اڳ ۾ ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ سڄو ڪم ٿي ويندو هو.“ مون چيو.
    ”نه. اڳ ۾ پاڻ وڌيڪ وقت لڳندو هو. مهينو کن گهٽ ۾ گهٽ لڳندو هو.“ هن ٻڌايو ۽ مون کي به ياد آيو ته اها صحيح ڳالهه ٿو ڪري، ”پر هاڻ هن وقت منهنجي ڪيس کي جلدي اڪلايو وڃي ته آئون آزاد ٿي وڃان ۽ ڪوالالمپور ۾ ٻڌو رهڻ بدران ملاڪا، پينگانگ، جوهوربارو ۽ ٻين شهرن ۾ هواخوريءَ لاءِ هليو وڃان.“ مون ساڻس دل جو حال ڪيو.
    ”چڱو هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو. جيئن ته توهانجي عمر 58 سال آهي ۽ اسان وٽ 55 سال رٽائرمينٽ جي عمر ٿئي ٿي سو ان کان وڏي عمر وارن لاءِ هڪ الڳ ڊپارٽمنٽ آهي جيڪي اهو سڄو ڪم هفتي ۾ اڪلايو ڇڏين. هن فون تي ڪنهن سان ڳالهائي مونکي ٻي ماڙ تي وڃڻ لاءِ چيو. ”اتي چڪ ليزا ۽ پئان هئني آهن. انهن سان مون ڳالهايو آهي. اهي تنهنجي مدد ڪنديون.“
    ملئي زبان ۾ ڪنوارين ڇوڪرين لاءِ چِڪ (CIK) جو لفظ استعمال ٿئي ٿو معنيٰ MISS ۽ شادي شده عورتن کي پُئان (PUAN) سڏجي ٿو معنيٰ مسز، بيگم، زوجه..... ليزا هزارين فائيلن مان منهنجو فائيل ڪڍي آئي. اڏوهيءَ جي کائڻ کان بچي ويو هو. هر وقت مينهن پوڻ ڪري ملائيشيا ۾ ڌوڙ يا مٽي ته ٿئي ڪانه پر تنهن هوندي به هن منهنجي فائيل کي ٻه دفعا ڇنڊيو ۽ ان ۾ موجوده هڪ فارم جنهن تي منهنجي ساڄي هٿ جو آڱوٺو لڳل هو ان جي ڀرسان وري ساڳيو آڱوٺو لڳرايائين ۽ آڱرين جا نشان چيڪ ڪرڻ واري مشين ۾ وجهي پڪ ڪيائين ته آئون صحيح ماڻهو آهيان.
    ”اسان طرفان سڀ Formalities مڪمل آهن ۽ توهان ٽن ڏينهن بعد پنهنجي امانت ڪئش يا چيڪ جي صورت ۾وٺي سگهو ٿا. بس رڳو توهان کي پنهنجي سفارتخاني مان هڪ خط آڻڻو پوندو ته توهانجو واسطو پاڪستان سان آهي ۽ توهان کي پئسا ملڻ ۾ هنن کي ڪو اعتراض ناهي.“
    ”اها صحيح ڳالهه ته نه آهي. ان ۾ سفارتخاني جو ڇا وڃي.“ مون اعتراض ڪيو.
    ”واقعي صحيح ٿا چئو.“ پئان هئني چيو.
    ”مثال طور هتي نوڪري يا مزوري ڪرڻ دوران ڪنهن ماڻهوءَ جي سندس سفارتخاني جي ڪنهن عملدار سان اڻ بڻت ٿي ٿيو پوي. پوءِ نوڪري پوري ٿيڻ تي ان غريب پورهيت کي سفارتخاني وارا ته رلائي رکندا ’اڄ نه سڀاڻ اچ. اڄ نه سڀاڻ اچ‘ ڪري هن جو تيل ڪڍي ڇڏيندا.“ مون چيومانس.
    ”ها اسان کي خود شرمندگي ٿي ٿئي ته هي پورهيت جي امانت آهي جنهن لاءِ هو ڪنهن وقت به گهُر ڪري حاصل ڪري سگهي ٿو. ٻئي جو ڇا وڃي. پر هڪ ٻه اهڙا Cases ٿيا آهن جو پوءِ سفارتخانن لاءِ به مسئلو ٿي پيو. ان ڪري هاڻ بنگلاديش، پاڪستان، برما، انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي Expatriates لاءِ اهو ضروري ڪيو ويو آهي.“ هن مونکي سمجهايو. بهرحال مون دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو ته اسان جي ملڪ جي ايمبسي اتان ويجهي هئي ۽ ٻيو ته پاڪستاني سفير جنرل نسيم رانا سان مونکي هونءَ به ملڻو هو. سو اهو اڄ ئي ملي ٿو وٺانس. آئون ٽئڪسي ڪري سفارتخاني پهتس. رسيپشن تي ويٺل هيلن نالي عورت سڃاڻي آڌار ڀاءُ ڪيو.
    ڪوالالمپور ۾ موجود پاڪستاني هائي ڪميشن (سفارتخاني) جو هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) نسيم رانا صاحب عمر ۾ مونکان ٻه سال کن وڏو آهي. ملائيشيا اچڻ کان اڳ اسانجي مهربان استاد ۽ دوست جنرل عالم جان محسود کان مونکي رانا صاحب جي ان نئين عهدي جي خبر پيئي هئي. عالم جان محسود صاحب سن 1960 کان 1962 تائين اسانجي ڪاليج ”ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو“ جو ايڊجيوٽنٽ هو. انهن ڏينهن ۾ هو آرمي ۾ ڪئپٽن هو ۽ اسان جي ڪلاس جي شاگردن کي آپشنل سبجيڪٽ ملٽري سائنس (Map Reading) پڙهائيندو هو. ڪاليج مان بدلي ٿيڻ بعد پاڻ ميجر ٿيو ۽ انهن ڏينهن ۾ اسانجي نسيم رانا صاحب کي فوج ۾ ڪميشن ملي ۽ ڪجهه عرصي تائين هن عالم جان صاحب سان گڏ پڻ ڪم ڪيو.
    نسيم رانا صاحب فوج ۾ مختلف عهدن تي رهندي ڊئريڪٽر جنرل ٿيو. پاڻ ڪافي عرصو آءِ ايس آءِ (انٽرسروسز انٽيليجنس) ۾ به رهيو. پاڻ هتي اچڻ کان اڳ 1999 کان 2001 تائين دفاع کاتي جو سيڪريٽري به رهيو. جن ڏينهن ۾ رانا صاحب ڪرنل هو ته هن جي پوسٽنگ سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ٿي. پاڻ انهن ڏينهن جون ڳالهيون، خاص ڪري شاگردن جا هنگاما ۽ هڙتالون ۽ علائقي ۾ ٿيندڙ چورين ۽ اغوا جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ مڪاني وڏيرن جو حڪومت سان ساٿ ڏئي گهربل اڳواڻن کي ٻڌرائڻ ۾ مدد ڪرڻ واري قدم کي ساراهيندو رهيو.
    سنڌ ۽ اتي جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌائڻ دوران رانا صاحب چيو، ”هتي جي ملئي مسلمانن ۽ سنڌي مسلمانن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. ٻئي سادي طبيعت جا آهن ۽ الله تي توڪل گهڻو اٿن. ٻنهي جو واپار وڙي کان وڌيڪ ٻني ٻاري ڏي گهڻو ڌيان آهي. شهرن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. ٻئي ڌريون مهمان نوازي، ڪنهن حد تائين سستي ۾، ۽ رسم رواج ۾ وڌيڪ پابند آهن. بس ملئي ماڻهن جي رڳو هڪ ڳالهه مونکي اڃان تائين سمجهه ۾ نٿي اچي، اها آهي سندن چهري جا تاثرات. هو اندر ۾ خوش آهن يا ڏکويل ان جو اندازو آئون سندن منهن مان نه لڳائي سگهيو آهيان.“
    ”جنرل صاحب توهان کي هنن پَٽن (ملائيشيا) ۾ رهندي ڪيترو عرصو ٿيو آهي؟“ مون رانا صاحب کان پڇيو.
    ”مونکي سال ته اچي ٿيو هوندو. هي ٻيو سال شروع ٿيڻ وارو آهي.“ جنرل نسيم رانا جواب ڏنو.
    مون ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سائين توهان کي ته اڃان هڪ سال ٿيو آهي، آئون ڏهه سال هتي رهيس تڏهن به ملئي ماڻهن جي جذبات جو اندازو نه لڳائي سگهيس. هو ايڏا Deep آهن.“
    هونءَ ان معاملي ۾ اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو بيحد جذباتي ثابت ٿيا آهيون. معمولي کان معمولي ڳالهه جو اظهار به سخت ڪاوڙ، کل ۽ پيار ذريعي ظاهر ڪري وجهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا پنهنجي هيٺ ڪم ڪندڙ آفيسر يا ڪلارڪ کي غلط ڪم ڪرڻ تي دڙڪا ڏينداسين ۽ صحيح ڪم ڪرڻ تي ساراهه ڪندا نه ڍاپنداسين. ۽ پنهنجي باس جي به معمولي ڳالهه تي تعريف ڪنداسين ۽ هن جي دڙڪي ڏيڻ تي روسامو ڪنداسين يا هن کي گهٽ وڌ ڳالهائينداسين. ٿوري ئي گرمي ٿيڻ تي هاءِ گهوڙا ڪنداسين ۽ ٿورو ئي جهڙ ٿيڻ يا ٿڌي هير لڳڻ تي يعني موسم خوشگوار ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار سيٽيون وڄائيندي يا گانا ڳائيندي ڪنداسين. يعني اسان جي چهري مان اندر جي حال جي خبر پئجيو وڃي.
    ملائيشيا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ اٺ سال نوڪريءَ دوران منهنجي باس ڪڏهن به ڪم جي سلسلي ۾ زبان سان يا منهن گهنجائي مونکي اهو محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته آيا هو منهنجي ڪم جي فلاڻي پهلوءَ کان خوش آهي يا ناراض، ايتريقدر جو هن ڪڏهن وڏي آواز ۾ به نه ڳالهايو. اسان ٻئي هڪ ئي محلي ۾ رهياسين ٿي. امرجنسيءَ جي حالت ۾ به هن رڙ ڪري نه سڏيو هوندو نه دانهون ڪوڪون ڪري پنهنجي غم يا غصي جو اظهار ڪيو هوندو. ملئي ماڻهو وڏي کان وڏي حادثي ۾ به پنهنجي غم ۽ بي پناهه خوشي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جا عادي آهن. هو اسان پاڪستانين، انڊين، بنگلاديشين کي ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندو يا تکو ڳالهائيندو ڏسي حيرت کائين ٿا.
    ڏينهن ٻن بعد جڏهن آئون ڪوالالمپور کان ملاڪا پنهنجي پراڻي شاگرد ۽ ڪئپٽن رزاليءَ جي گهر وڃي رهيس ته هڪ ڏينهن هن جو ٻن سالن جو پٽ فارس ڏاڪڻ تان ڪري پيو. رزاليءَ جي زال عائشه ان وقت رڌڻي ۾ هئي. هن جو ٻار جي ڪرڻ ۽ روئڻ جو آواز ٻڌو ته هن کان رڙ نڪري وئي. ڪئپٽن رزالي ۽ آئون به اتي ئي هيٺ ڊرائنگ روم ۾ هئاسين. ڪئپٽن رزاليءَ ڊوڙ پائي يڪدم ٻار کي کڻي پرچايو ۽ اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. مون ڏٺو ته ڪئپٽن رزالي ڪجهه بي چيني محسوس ڪري رهيو هو. آئون سمجهي ويس ته رزاليءَ کي ٻار جي ڪرڻ جي پريشاني ناهي پر هن کي اها ڳالهه خراب لڳي ته هن جي زال عائشه پنهنجي جذبات کي قابوءَ ۾ رکڻ بدران هاءِ گهوڙا ڇو مچائي. آخرڪار رزاليءَ کان رهيو نه ٿيو ۽ منهنجي سامهون ئي ملئي زبان ۾ پنهنجي زال کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ڳالهه جو عائشه کي ان ئي وقت احساس ٿي چڪو هو ۽ هوءَ Sorry چوندي رهي. ان وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ههڙي ڳالهه اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن جي گهر ۾ ٿئي ها ته زال سان گڏ مڙس به دانهون ڪري ها ۽ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته ٻئي گڏجي ڏاڪڻ ۽ ڏاڪڻ ٺاهڻ واري کي به پٽون پاراتا ڏين ها.
    ڪوالالمپور ۾ اسانجي ملڪ جي هاءِ ڪميشن (سفارتخاني) جي سفير جنرل نسيم رانا ڪمرشل سيڪريٽري اطهر جمال کي گهرائي منهنجي ڪم لاءِ پارت ڪئي. اطهر سان منهنجي اتي پهريون دفعو ملاقات ٿي جيتوڻيڪ سندس ٻين سڀني مائٽن مٽن سان گذريل ٽيهن سالن کان ڄاڻ سڃاڻ آهي. خاص ڪري ادب جي حوالي سان سندس والد صاحب جمال ابڙو، ڀاءُ بدر ابڙو ۽ پڦيءَ جي ڌي سلطانا وقاصي ۽ سندس ڀاءُ لالا سڪندر (جيڪو اطهر جي وڏي ڀيڻ شاهده جو مڙس به ٿئي) سان وڌيڪ ويجها تعلقات رهيا آهن.
    جنرل رانا صاحب کي ٻڌايم ته توهانجو هي نوجوان آفيسر اطهر ابڙو سنڌ جي هڪ تمام گهڻي پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادبي خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس والد جناب جمال ابڙو صاحب کي ادب جي حوالي سان صدارتي ايوارڊ به ملي چڪو آهي. پاڻ مختلف سرڪاري عهدن تي رهي ايمانداريءَ سان نوڪريءَ جا فرض ادا ڪندو رهيو. پاڻ چيئرمين ائنٽي ڪرپشن، سنڌ اسيمبلي سيڪريٽري، لئبرڪورٽ جو جج ۽ رجسٽرار هائي ڪميشن جهڙن اهم عهدن تي رهي چڪو آهي. اطهر جو ڀاءُ هڪ مخلص ۽ محنتي ريسرچ اسڪالر آهي جنهن جا آرڪلاجي جهڙن سبجيڪٽن تي ڪيترائي تحقيقاتي مضمون ۽ ڪتاب لکيل آهن. جنرل رانا کي ٻڌايم ته سڀ کان وڏي ڳالهه ته اطهر جو ڏاڏو مرحوم علي خان ابڙو عربيءَ جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. هن اڄ کان سؤ سال کن اڳ جنهن آسان سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو لکيو آهي ان جو جواب ناهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هي ترجمو 1950 ڌاري مڪمل ڪيو ويو پر ان جي ڇپائيءَ جو ڪم اڌ صدي کن پوءِ 1990ع ۾ ٿيو جنهن لاءِ اطهر جي ڀاءَ بدر ابڙو ۽ سنڌيڪا پبليڪيشن جي مالڪ نوراحمد ميمڻ صاحب کي شاباس هجي.
    اطهر جي گهر واري مسز نوشين جو پڻ سنڌ جي هڪ ادبي، عالماڻي ۽ پڙهيل ڳڙهيل گهراڻي سان واسطو آهي. پاڻ طارق مجيد صاحب جي ڌيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي پوٽي آهي. سنڌ جو مشهور مئجسٽريٽ انور مجيد شيخ سندس چاچو آهي جيڪو ايوب خان جي ڏينهن ۾ نوڪري ڇڏي آمريڪا هليو آيو ۽ اچي وڪالت ڪيائين. پنهنجي ذهانت ۽ قابليت ڪري نيويارڪ بار ائسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو ۽ بارائٽ لا جي امتحانن ۾ USA ۾ پهريون نمبر کنيائين. سندس آفيس راڪ فيلر سينٽر وٽ هئي ۽ گهر واٽرلو ۾ هو. هي مضمون لکڻ دوران جمال ابڙو صاحب کان معلوم ٿيو ته پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويا آهن. سندن سالو عبدالرزاق شيخ به سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ نيويارڪ ۾ اچي دڪان کوليا ۽ سندس ڌنڌو خوب ڄمي ويو. جهڏي جو مبارڪ ٽالپر، ٽنڊي قيصر جو نوراحمد نظاماڻي، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري، هالا جو لطيف انصاري (وڪيل) ۽ سليم شاهه وارن جو ميڙاڪو ۽ ڪچهريون هن جي ڪولمبيا يونيورسٽي واري دڪان تي ٿينديون هيون. اسان جو جهاز به نيويارڪ يا ڀر واري بندرگاهه New Ark (نيوجرسي) جي بندرگاهه ۾ جيئن ئي ٻڌبو هو ته اسان اوڏانهن ڀڄندا هئاسين. انهن ڏينهن جو نيويارڪ ڪيڏو ته سانتيڪو ۽ پر امن هو. پر انهن ڏينهن جي ڪراچي به گهٽ نه هئي. رات جو ٻي تائين دڪان کليا پيا هوندا هئا ۽ شهر جا (ڪراچي توڙي نيويارڪ جا) چڪر ڏئي پوءِ صبح جو ٽي چئين بجي ڌاري جهاز تي موٽبو هو.
    اطهر جي گهر واري نوشين جو ٽيون چاچو خالد مجيد شيخ آهي جيڪو پاڪستان آرمي ۾ ميجر تائين رهيو. ان بعد سنڌ پوليس ۾ آيو ۽ سندن ڀيڻ نسيم بيگم جو پٽ عثمان شيخ نيويارڪ ۾ پرنٽنگ مشينري جو بزنيس ڪري ٿو ۽ سندس گهر ورلڊ ٽريڊ سينٽر وارين اتاهين عمارتن کان ٻه گهٽيون اورتي يعني 114 گهٽيءَ ۾ هوندو هو. سندس ڪمپنيءَ جو نالو Ace Litho Co. آهي.
    جنرل رانا کان موڪلائي اسان اطهر جي ڪمري ۾ آياسين، جتي اطهر مون لاءِ گهربل ليٽر ٽائيپ ڪرايو. انهي دوران اطهر لڇمڻ ۽ منصور نالي هڪ ٻن همراهن کي فون ڪندو رهيو جنهن ۾ منهنجو به ذڪر ڪيائين ۽ بعد ۾ ٻڌايائين ته هي همراهه منهنجو پڇندا رهندا آهن ته آئون وري ملائيشيا ڇو نٿو اچان ۽ هاڻ جڏهن آيو آهيان ته انهن سان هڪ گڏجاڻي ٿي وڃي. اطهر مون کي سندس گهر هلي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو.
    ”في الحال ته هوٽل ۾ رهيو پيو آهيان جنهن جي مسواڙ اڳواٽ ڏئي چڪو آهيان. ان بعد ملاڪا مان ٿي اچڻ بعد تو وٽ ضرور رهندس.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ڀلا سڀاڻي رات جي ماني مون وٽ کائجو. مون ٻين دوستن کي به گهرايو آهي. هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي ويندي.“ اطهر چيو ۽ مون ساڻس ٻئي ڏينهن سندس گهر ڊنر تي اچڻ جو واعدو ڪري موڪلايو. سندس ڏنل ليٽر KWSP آفيس ۾ ڏئي فند حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان Formality پوري ڪئي.
    ***


    ڪوالالمپور ۾ سنڌي دوستن سان ملاقات

    ٻئي ڏينهن شام جو اطهر ابڙي جي گهر وڃڻو هو جتي هن مون سان گڏ ڪجهه ٻين دوستن کي به ڊنر لاءِ سڏايو هو. آئون ڏهين ٻارهين بجي ڌاري هوٽل مان اهو پهه ڪري نڪتس ته شام تائين ڪوالالمپور جي رستن جو چڪر هڻندس ۽ پوءِ سج لٿي مهل اتان ئي اطهر جي گهر هليو ويندس.
    سٽي بس جالان چوڪٽ وٽ اچي ڇڏيو بلڪ آئون پاڻ ئي اتي لهي پيس. هاڻ ته ڪوالالمپور ڪراچيءَ وانگر پکڙيل شهر ٿي پيو آهي نه ته 1990 تائين به هي علائقو چوڪٽ ۽ مسجد جامي، مسجد انڊيا ۽ جالان تنڪر عبدالرحمان وارا علائقا ڪوالالمپور جو صدر، کارادر ۽ جامع ڪلاٿ مارڪيٽ هئا، بلڪ هي چوڪٽ وارو علائقو مون کي ڪراچي جي بزنس روڊ جي ياد ڏياريندو هو. ننڍيون ننڍيون هوٽلون ۽ کاڌي جا دڪان، ميون ۽ ڀاڄين وارن جا ريڙها (گاڏا)، گهٽ قيمت تي ملندڙ شين جا فٽ پاٿ تي انبار، رهائش لاءِ سستيون هوٽلون هيون. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڀر ۾ پاڪستاني مسجد هجڻ ڪري هتي پاڪستان جي مختلف صوبن کان آيل ماڻهو مليا ٿي. اوسي پاسي ۾ ڪيترائي دڪان ۽ پيڍيون پٺاڻن ۽ پنجابين جون آيون جيڪي هتي جو پاسپورٽ رکن ٿا ۽ جن جا پيءُ ڏاڏا ٻي جنگ عظيم کان هتي (ملايا) ۾ رهي پيا ۽ هو ۽ هنن جو اولاد ملائيشيا جو شهري ٿي ويو.
    ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪوالالمپور ايندو هوس ته هن علائقي ۾ ضرور ايندو هوس. K.L انٽرنيشنل هوٽل نئين کلي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ٽيهه کن رنگٽ مسواڙ هوندي هئي ۽ هڪ رنگٽ (ملئي ڊالر) ۾ ست اٺ رپيا مس هوندا هئا. ان کان وڌيڪ مسواڙ ته تن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي فاران ۽ انڊس هوٽلن جي هوندي هئي. ڪڏهن ته اڃان پئسو بچائڻ لاءِ ڀر وارين ننڍين هوٽلن ۾ رهي پوندو هوس جيڪي مسافر خانن جهڙيون ٿين. ڪمري جي فقط اٺ کن رنگٽ مسواڙ! هر ڪمري ۾ دٻي وارو ايئرڪنڊيشنر ۽ گڏيل باٿ روم. ٻه بيڊ، لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ڪرسي، ڌوتل چادرون ۽ جوڙو ٽوالن جو، ٻيو ڇا کپي. سڄو ڪوالالمپور اهڙن مسافر خانن سان ڀريو پيو آهي جيڪي شاگردن ۽ ٽورسٽن لاءِ Ideal آهن. اسان جا ايشيائي ته ڇا انگريز به اهڙن رهائش گاهن کي ڳوليندا رهندا آهن. ملئي زبان ۾ اهڙن مسافرخانن يا هوٽل کي Rumah Tumpangan سڏجي ٿو. هن علائقي ۾ کاڌي پيتي جي به هر شيءَ ملي ٿي. اڦراٽو، چپاتي، پوري، نان ۽ اڊلي ڊوسي کان وٺي ناسي ڪنيت (هيڊوارا چانور)، ناسي ليماح ۽ برياني تائين ملندا. سڄو ڪوالالمپور شهر گهمي ڦري هتان اچي شاپنگ ڪندو هوس ۽ هينئر به آءٌ اتي ئي ڦري رهيو آهيان. چوڌاري بوٽن جا دڪان نظر اچن ٿا. شايد ان ڪري جو مونکي بوٽ وٺڻو آهي. هر دڪان ۾ Sale لڳي پئي آهي. ويهين ڊالرين في جوڙو. هر دڪان تي ساڳيا بوٽ ۽ ساڳي قيمت. مونکي جيڪي پسند اچن ٿا اهي 70 ڊالرن (رنگٽن) وارا آهن.
    ”ڇو ڀلا؟“ آئون پڇان ٿو.
    ”ان ڪري جو اهي اٽليءَ جا آهن.“ دڪاندار ٻڌائي ٿو ۽ هو سچ چئي رهيو آهي جو انهن بوٽن تي ملڪ جو نالو (Italy) ۽ ڪمپنيءَ جو نالو آئون به پڙهان پيو. ۽ جي اهي بوٽ ان ملڪ ۽ ڪمپنيءَ جا آهن ته پوءِ ايترو سستو ڇو؟ ان لاءِ دڪاندار ٻڌائي ٿو ته ”انهن ۾ ٿورو گهڻو نقص ضرور آهي، تڏهن اسان کي سستا مليا آهن“ آئون گهڻو ئي ڪوشش ڪريان ٿو پر مونکي ڪوبه Fault نظر نٿو اچي. ”ڀلي ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته هي بوٽ Rejected مال آهي پر آئون ته اهو پائي Comfortable محسوس ڪريان ٿو.“ اهو سوچي مون بوٽ خريد ڪيو ۽ ان ئي وقت پائي ڪوالالمپور جي رستن تي هلڻ شروع ڪيو. ٿورو اڳيان MOIDIN جو دڪان هو جيڪو هڪ سپرمارڪيٽ وانگر آهي ۽ ان جهڙا ۽ ان نالي وارا دڪان ڪوالالمپور ۾ ٻيا به ڪيترائي آهن. جيڪي سڀئي سامان جي Variety ۽ گهٽ اگهه کان اڄ ڪلهه ٽاپ تي آهن. هنن دڪانن جي Chain جو مالڪ هڪ ڏکڻ هندستاني آهي جيڪو هتي جو شهري آهي. مون هتان کونئر (Glue) جون ٻه وڏيون بوتلون ورتيون. هي کونئر آئون ملاڪا ۾ آفيس لاءِ به وٺندو هوس ۽ پاڪستان اچڻ وقت پاڻ سان ڪجهه وٺي آيو هوس جيڪو هاڻ اچي ختم ٿيو هو. هن کونئر ۾ اها خاصيت آهي ته لڳائڻ سان نه فقط جلد سڪي ٿو پر چنبڙڻ جي پڻ گهڻي طاقت اٿس. فوٽو اسٽيٽ پنن مان ڪتاب ٺاهڻ لاءِ Best آهي. هڪ بيٽري چارجر ورتم باقي چارجبل بيٽريون ڪراچيءَ جي ڪياماڙي مارڪيٽ مان ئي سستيون ملي سگهن ٿيون. ڪجهه Peanuts جا پاڪيٽ ۽ چاڪليٽ ورتم. Peanuts (چونئرن) لاءِ هڪ ڏينهن اڳ هڪ چيني فوٽو گرافر ٻڌايو ته محيدين جي ڪنهن به دڪان تي سڀ ۾ سٺا ملن ٿا. هو پاڻ کائي رهيو هو سو مونکي به چکايا هئائين. منجهند جي ماني پاڪستاني مسجد سان لاڳو هڪ پٺاڻ جي هوٽل ۾ اچي کاڌم. هڪ ٻه مسجد جون تصويرون به ڪڍيم. ان بعد جالان تنڪو عبدالرحمان وارو رستو وٺي هلندو ويس تان جو اچي گلوب سلڪ اسٽور تي پهتس.
    سنڌي هندو واپاري تانسري ڪشوءَ جي هن دڪان Globe Silk Store جي تعريف مون ملائيشيا بابت لکيل هر ڪتاب ۾ ڪئي آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان سنگاپور جا دڪان ڇڏي گلوب سلڪ اسٽور تان خريداري ڪرڻ لاءِ ڪوالالمپور ايندا هئاسين. هن ڇهه ماڙ سپر اسٽور تان هر شيءَ ملندي هئي. خاص ڪري ڪپڙي گنديءَ جي هر شيءَ اعليٰ معيار جي ۽ بنهه گهٽ اگهه ٿي. ڇا ته ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي. دڪان کلڻ کان اڳ ماڻهن جا انبوه دڪان ٻاهران گڏ ٿي ويندا هئا ۽ هينئر ”رش اور“ ۾ به هي دڪان ويران نظر اچي رهيو هو. هر شيءَ جو زوال اچي ٿو پر هڪ سنڌي هندوءَ جي دڪان کي هينئن ڀڙڀانگ آئون پهريون دفعو ڏسي رهيو هوس.
    اسانجا سنڌي هندو واپاري دنيا ۾ مڃيا وڃن ٿا. هن دڪان جي مالڪ ته مونا انڊسٽري جهڙي تباهه ٿيل ڪارخاني کي به خريد ڪري هلرائي ڇڏيو. اڄ سندس اباڻي دڪان جا هي حال! هي محي الدين ۽ ڪوالالمپور جا ٻيا دڪاندار ته هاڻ اڳيان ٿيا آهن نه ته ڪوالالمپور ۾ گلوب سلڪ اسٽور جو ته ڪنهن به مقابلو نٿي ڪيو. هن دڪان جي هر ماڙ تي خريدارن جي مدد ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ سيٺ ڪشوءَ جا پوڙها مائٽ منهنجيون اکيون ڳولڻ لڳيون پر سيلز گرل ڇوڪرين ٻڌيو ته اهي پوڙها ٻي جهان هليا ويا ۽ جوانن مان ڪجهه بمبئي ۽ سنگاپور هليا ويا. خود ڪشو به اڄ ڪلهه سنگاپور ۾ رهي ٿو ۽ هن دڪان جو انتظام سندس پٽ هلائي ٿو. گرائونڊ فلور تي ٺهيل آفيس ۾ ويٺل ٻن ڪلارڪ ڇوڪرين مان هڪ پراڻي ۽ سڃاتل نظر آئي. هيءَ تامل عورت سيٺ ڪشوءَ جي گهر ۾ نظر ايندي هئي. تنهن کان پڇيم ته ڪوالالمپور ۾ اڄ ڪلهه ڪير رهن ٿا.
    ”هتي فقط وڪيومل لاکياڻيءَ جي زال رڪمڻي رهي ٿي.“ لاکياڻي سيٺ ڪشوءَ جو مامو يا پڦيءَ جو مڙس ٿئي. ڏهاڪو کن سال اڳ هو اسي ورهن جي ڄمار ۾ گذاري ويو. پاڻ بيحد سوشل هوندو هو ۽ دعورتن جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. سندس دعوتن ۾ مون هن ملڪ ملائيشيا جا وڏا وڏا سياستدان بيوروڪريٽ ۽ ڊاڪٽر انجنير ڏٺا. ان جي شاهدي PIA وارو اسرار شاهه به ڏيندو جو لاکياڻي صاحب هر دعوت ۾ اسرار شاهه، مونکي ۽ ارشاد عباسيءَ کي ضرور گهرائيندو هو. هو ۽ سندس زال رڪمڻي سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڏي شوق سان پڙهندا هئا. هينئر دڪان ڇڏڻ کان اڳ مون ڀيڻ رڪمڻيءَ سان فون تان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ مونکي سڃاڻي نه سگهي پوءِ منهنجي زال ۽ ٻارن جا نالا هُرڻ تي هن مونکي يڪدم سڃاڻي ورتو. ٻين جو پڇڻ تي هن ٻڌايو ته ڪو ڪيڏانهن ٽڙي پکڙي ويو ته ڪو ڪيڏانهن.“
    مون کانئس سنڌي ڪتاب پڙهڻ جو پڇيو.
    ”وڪيو پڙهندو هو. ان وڃي ٻيو جهان وسايو. منهنجي ته نظر به نٿي پوي. پٽ ۽ نهون سنڌي پڙهن ڪونه انگريزي ڳالهائين يا ملئي.“
    ڀيڻ رڪمڻي جي لهجي ۾ عجيب نراسائي ۽ مايوسي هئي. آئون ڪا دير سندن گهر ۾ ٿيندڙ دعوتون ۽ ان ۾ ايندڙ ڪوالالمپور شهر جي Elite ۽ خاص ڪري سندن آخري دعوت جيڪا هنن پنهنجي شاديءَ جي گولڊن جوبلي ملهائڻ لاءِ سلينغور ڪلب ۾ رچائي هئي، ان جو سوچيندو رهيس.
    دڪان کان ٻاهر نڪري هڪ ٻه فوٽو هن دڪان جا ۽ ڀرواري هڪ ٻئي سنڌيءَ چوٽڙمل جي دڪان جا ڪڍيم. چوٽڙمل جي نالي وارو هي دڪان انگريزن جي ڏينهن کان آهي ۽ سؤ سالن کان به پراڻو آهي. ٽيهن سالن (1972) کان ته آئون ان کي ائين جو تيئن ڏسندو اچان. هن دڪان جون برانچون ايشيا کان علاوه آفريڪا جي ملڪن ۾ به آهن. ستر واري ڏهاڪي ۾ ممباسا واري برانچ بلي بلي هوندي هئي. پنهنجي ۽ جهاز جي ضرورت جي هر شيءَ اتان ئي ملندي هئي.
    ڪوالالمپور ۾ پهچي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ڏسڻ ضروري ٿيو پوي ۽ اڄ مون هي پٽروناس جا جاڙا (Twin) ٽاور ڏسڻ چاهيا ٿي جن جي اوچائي 1476 فٽ (يعني اٽڪل 450 ميٽر) آهي.
    ملائيشيا جي حڪومت ۽ ماڻهن کي هر وقت اها هورا کورا رهي ٿي ته اسان ڪو اهڙو ڪم ڪيون يا اهڙي شيءَ ٺاهيون جو ملائيشيا کان دنيا واقف ٿئي ۽ ماڻهو چون ته ملائيشيا به ڪو ملڪ آهي. انڊيا جهڙو ملڪ ته سندن ڀرپاسي ۾ آهي ڪونه جو کين جيئڻ لاءِ هٿ پير هڻڻو پوي ۽ اسان وانگر جنگ جوٽيندا اچن جو دنيا کي خبر پوي. پوءِ دل خوش ڪرڻ لاءِ ٻيو نه ته ڪڏهن دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪيڪ پيا ٺاهين ته جيئن گنيز بڪ ۾ نالو اچي. ڪڏهن ڪر سوين نانگن سان گڏ هفتو ٻه شيشي جي ڪمري ۾ رهي دنيا جو ڌيان پيو ڇڪائي. مرديڪا گرائونڊ جتي 1957 ۾ ملايا (اڄ واري ملائيشيا) کي انگريزن خودمختياري ڏيڻ جي رسم ادا ڪئي هئي اتي هر سال ملائيشيا جي جنهن جهنڊي اڳيان مارچ پاسٽ (پريڊ) ٿئي ٿي ان جو پول هڪ سؤ ميٽر آهي جنهن کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو Flag-Pole (جهنڊي جو ڏنڊو) مڃيو وڃي ٿو. اهڙي طرح پينگانگ ٻيٽ کي ملائيشيا جي سرزمين سان ڳنڍڻ واري پل پڻ دنيا جي نه ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي سمجهي وڃي ٿي ۽ 1990 بعد هنن کي خيال آيو ته ڇو نه دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ملائيشيا ۾ ٺاهي وڃي. پئسو ته هونءَ ئي جام آهي. هونءَ ملائيشيا ۾ ماڻهن جي مقابلي ۾ ڌرتي ايتري آهي جو هتي Vertical عمارتن جي ڪهڙي ضرورت پر هي سڀ ڪجهه پهريون نمبر ۽ نمايان ٿيڻ جي شوق ۾ ٿيو آهي. ڏٺو وڃي ته ڪوالالمپور جي ”ڪي ايل ٽاور“ عمارت به ڪافي وڏي آهي ۽ شڪاگو آمريڪا جي 443 ميٽر اتاهين Sears Towers کان ڪو 23 ميٽر ننڍي آهي پر هاڻ ملائيشيا سڀني کان گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاهيو. هيءَ موجوده عمارت جيڪا Petronas Twin Towers سڏجي ٿي. 452 ميٽر (يعني 1476 ميٽر) بلند آهي.
    پيٽروناس هتي جي قومي تيل ڪمپني آهي جيئن اسان وٽ پاڪستان اسٽيٽ آئل يا دنيا جون ٻيون مشهور تيل ڪمپنيون Esso Shell ۽ ڪالٽيڪس وغيره آهن. پيٽروناس ملائيشيا جي تمام امير ڪمپني آهي جنهن کي ويندي پنهنجا ڪيترائي تيل جا جهاز آهن جن جا ذري گهٽ سڀ ڪئپٽن ۽ چيف انجنير منهنجا شاگرد رهي چڪا آهن. انهن مان ڪيترائي جهازن بدران آفيسن جو ڪم هلائين ٿا. ڪئپٽن ڪلانا ۽ ڪئپٽن حسن انهن مان ٻه آهن جن ڪئپٽن ٿيڻ بعد مون سان گڏ ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهايو پڻ هو ۽ هاڻ پيٽروناس ڪمپني جي آفيس ۾ ويهي جهازن جي سار سنڀال ۽ انهن جي چرپر تي نظر رکن ٿا. هنن سان هن عمارت ۾ ملاقات ٿي ۽ هو مونکي دنيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي عمارت وڏي شوق سان ڏيکارڻ لڳا.
    ”سر! هي ڏسو! سر! هي ڏسو!“ هو ننڍن ٻارن وانگر مونکي ائين ڏيکارڻ لڳا ڄڻ مون ڪا وڏي عمارت نه ڏٺي هجي. هنن ٻن جاڙين عمارتن (Towers) تي اٽڪل اڍائي بلين ملئي ڊالر خرچ آيو يعني هڪ بلين آمريڪن ڊالر. 1993 کان ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1996 جي آخر ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ اخبارن ۽ ٽي ويءَ تي ان جي خبر ٻڌائي وئي. ڪئپٽن حسن جنهن جي شادي به پڙهڻ دوران اڪيڊمي جي هڪ ملئي ليڪچرار ڇوڪري شريفان سان ٿي هئي، ذري ذري چئي ته هن عمارت جي خبر بي بي سي ۽ CNN تان به آئي هئي. يعني هن کي گهڻي خوشي ان جي ٿي رهي هئي ته سندس ملڪ جو نالو دنيا جي هنن مشهور چئنلن تان ورتو ويو. رکي رکي مونکي چوي ته توهان به ڪا اهڙي شيءِ ٺاهيو جيئن نالو ٿئي. مون کلي چيومانس: ”اسانکي ايڏو خرچ ۽ محنت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه آهي. ٻئي ٽئين ڏينهن اسانجا پنهنجا، پراوا يا RAW جا ايجنٽ بم پيا ڦاڙين ۽ بي بي سي ۽ CNN ته ڇا دنيا جي هر چئنل تي اسانجي ملڪ ۽ ماڻهن جو نالو پيو اچي. هونءَ به ڪي ٺاهڻ جون شيون ٺاهيندا ته ڪي ڊاهڻ جون.“
    هو منهنجو اشارو نيوڪليئر پاور (ائٽم بم) ڏي سمجهي کلڻ لڳا.
    چانهه لاءِ اتي جي ٻئي يا ٽئين فلور تي آياسين جتي رڳو هوٽلون ئي هوٽلون آهن. آمريڪن هوٽلون، يورپي هوٽلون ۽ ايشين هوٽلون ۽ انهن ۾ مختلف کاڌن پيتن جون شيون هيون. ڪئپٽن ڪلانا چيو ته هتي جپاني ۽ چيني کاڌن کان وٺي ملئي، مدراسي ۽ نيپالي کاڌا ملن ٿا. مون چوڌاري نظر ڪئي ۽ موجود سوين ماڻهن ۾ ملڪ ملڪ جا ماڻهو هئا. ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ هونءَ ئي سڄي دنيا جا ماڻهو نظر اچن ٿا پر هن ڀيري مون کي جتي ڪٿي عرب ۽ سندن زالون ۽ ٻار به نظر آيا. 11 سيپٽمبر واري واقعي بعد هو يورپ ۽ آمريڪا وڃڻ بدران هيڏانهن ملائيشيا ۾ اچڻ لڳا آهن. ملائيشيا ماڊرن ۽ باسلامت ملڪ هجڻ کان علاوه مسلمان ملڪ آهي ۽ موسم جي لحاظ کان بهترين آهي. نه گرمي آهي ۽ نه سردي جنهن لاءِ گرم ڪپڙا ڍوئجن. هر وقت جهڙ ۽ ڦڙ ڦڙ لڳي پئي آهي.
    پيٽروناس جي هنن ٻن ٽاورن مان هڪ ۾ Petrosains نالي هڪ ميوزيم نما پڻ آهي جنهن ۾ ڏيڍ سؤ کان مٿي سائنسي ڪمالن جون شيون رکيل آهن جيڪي پيٽروليم (تيل) جي انڊسٽري ۾ ڪم اچن ٿيون. ساڳي ٽاور جي هڪ فلور تي Galeri Petronas آهي جنهن ۾ مختلف آرٽ جون شيون رکيل آهن ۽ اهي سڀ ٻارن ۽ وڏن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث آهن.
    هي ٻئي عمارتون (پيٽروناس جا جاڙا ٽاور) 88 ماڙ آهن. 41 ۽ 42 ماڙ تي ٻٽي پل ٺهيل آهي جيڪا ٻنهي عمارتن کي ڳنڍي ٿي يعني ڪو هڪ ٽاور کان ٻئي تي اچڻ چاهي ته ان لاءِ گرائونڊ فلور تي اچي ٻي لفٽ ۾ وڃڻ بدران هو هن پل Sky Bridge ذريعي ٻي ٽاور (عمارت) تي پهچي سگهي ٿو. هيءَ پل سٺ ميٽر ڊگهي آهي ۽ اصل پل 493 ٽڪرن ۾ ڏکڻ ڪوريا ۾ ٺاهي وئي ۽ پوءِ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ڪوالالمپور آندي وئي ۽ ان کي هتي Assemble ڪري هنن ٻن ٽاورن جي وچ ۾ فٽ ڪئي وئي. اهو ڪم آگسٽ 1995 ۾ مڪمل ٿيو ۽ پوءِ ڇهه ست مهينن بعد فيبروري 1996 ڌاري ٻنهي ٽاورن جون باقي ماڙيون ٺهي راس ٿيون يعني سپر اسٽرڪچر مڪمل ٿيو ۽ ملائيشيا جي پرائيم منسٽر ڊاڪٽر مهاتير محمد Topping Out رسم تي 88 ماڙ جي ڇت چانديءَ جي پليق تي صحيح ڪري Weld ڪرائي. ان بعد وائرليس سسٽم ۽ هوائي جهازن جي رهنمائي لاءِ Navigational بتيون پڻ فٽ ڪرڻ لاءِ 74 ميٽرن جو ڊگهو Pinnacle Mast مارچ 1996 ۾ لڳايو ويو جيڪو جپان ۽ ڪوريا مان ٺهي آيو هو.
    دنيا جي هيءَ وڏي ۾ وڏي عمارت Petronas Twin Towers سيزر پيلي (Cesar Pelli) نالي هڪ جڳ مشهور آرڪيٽڪٽ ڊزائن ڪئي جنهن مئن هٽن نيويارڪ وارو ورلڊ فنانس سينٽر پڻ ڊيزائن ڪيو هو ۽ Midciti Resources Sdn Bhd ڪمپنيءَ هيءَ عمارت ڊيولپ ڪئي ۽ ان جي مالڪ آهي. هي ٽاور ٺهڻ دوران هتي جي تيل جي ڪمپني Petronas ۽ KLCC (ڪوالالمپور سٽي سينٽر) جي چيئرمئن تان سري عزيزان زين العابدين کان ڪنهن اخبار جي نمائندي پڇيو ته توهان جي تيل ڪمپني پيٽروناس دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ڇو ٿي ٺاهڻ چاهي؟ هن وراڻيو:
    “It is an opportunity to create an image. This will put Kuala Lumpur on the world map.”
    بهرحال نيويارڪ جي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ڪيترن ڏهاڪن سالن تائين نمبر ون رهي پر ملائيشيا جي پيٽروناس ٽاور عمارت شايد ڪجهه سالن لاءِ دنيا جي رڪارڊ بلڊنگ رهي سگهي جو چين جهڙا ڪجهه ملڪ ان کان به اتاهين عمارت ٺاهڻ جو سوچي رهيا آهن.
    وچين نماز اسان ان عمارت جي مسجد ۾ اچي پڙهي. عمارت مان نڪرڻ مهل ڪئپٽن حسن هتي جي شاپنگ سينٽر جي هڪ ڪتابن واري دڪان ۾ وٺي آيو جيڪو بقول هن جي سڄي ملائيشيا ۾ وڏي ۾ وڏو ڪتابن جو دڪان آهي. واقعي اهو وڏي ۾ وڏو دڪان چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ڪيترين ئي زبانن جا ڪتاب رکيل آهن. هر عنوان تي ڪتاب هئا پر ڇا انهن جون قيمتون هيون. فقط پئسي وارو يا ان ملڪ جي ماڻهوءَ لاءِ هي دڪان چئي سگهجي ٿو جنهن جي ملڪ ۾ کوڙي گارڊن، فريئر هال، اڙدو بازار جهڙا هنڌ نه هجن جتي دنيا جا بهترين نوان ۽ جهونا ڪتاب سستي اگهه تي ملن ٿا. بهرحال ان وقت مون ملئي شاعري Pantuns (چؤسٽي) تي ڪو ڪتاب وٺڻ چاهيو ٿي جيئن ان بابت ڪجهه لکي سگهان پر افسوس جو مونکي ان آٿر جو ڪتاب نه ملي سگهيو جيڪو مون چاهيو ٿي. ڪتاب ڳولڻ دوران مونسان گڏ ٻين خريدارن ۾ هڪ حجاب ٻڌل ملئي ڇوڪري ڪتابن کي غور سان ڏسي رهي هئي. ظاهر آهي هن کي به ڪنهن خاص ڪتاب جي ڳولا هئي. آئون ڪا دير ان ڇوڪريءَ ڏي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ پنهنجن ملئي ميزبانن کي چيم ته توهانجي ملائيشيا ۾ هيءَ وڏي تبديلي آئي آهي. نه ته توهان ملئي ماڻهن کي پڙهڻ جو صفا شوق ناهي. ڇوڪري جنهن جو نالو تُن خالده هو تنهن پاڻ بابت اسانکي ڳالهائيندو محسوس ڪري مرڪيو ۽ اسان کي کيڪاريو، ڪئپٽن ڪلانا (ڪلانا ملئي لفظ آهي معنيٰ مسافر ۽ اهو لفظ نالي طور به عام آهي) تن خالده کي مون بابت ٻڌايو ته آئون مئريٽام اڪيڊمي ملاڪا ۾ اٺ سال کن پڙهائي ويو آهيان ۽ هو منهنجا شاگرد رهي چڪا آهن ۽ پڙهائڻ دوران آئون هميشه ملئي شاگردن کي نصيحت ڪندو هوس ته پنهنجو پاڻ ۾ ۽ پنهنجن ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهو. تن خالده پنهنجو ائڊريس ڪارڊ ڏيندي ٻڌايو ته اتفاق سان هوءَ به ليکڪ آهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ هوءَ تعليم ختم ڪري هاڻ ڪنهن بين الاقوامي فرم ۾ ڪم ڪري ٿي.
    ان وقت مون تن خالده ۽ پنهنجن ميزبانن کان موڪلايو ”توهانجي ملڪ جو اڍائي بلين ملئي رنگٽن (40 بلين رپين) جو هي پروجيڪٽ ڏسي هاڻ آئون روانو ٿو ٿيان.“
    خالده جنهن کي ڪيترن ملئي ماڻهن وانگر حڪومت جون هي شاهه خرچيون ناپسند لڳيون ٿي تنهن منهن کي موڙو ڏيندي چيو: ”هي ڇا آهي؟ ڪجهه به نه آهي! پترا جايا پويان ته 20 ملين ملئي رنگٽ (250 بلين رپيا) خرچ اچي رهيو آهي!“
    مون ڪجهه چوڻ بدران ملئي پهاڪو ورجايو.
    Pohum yang besar juga yang dinaik sakat
    جنهن جو اسان وٽ نعم البدل اهو ئي آهي ته ”پيسا بولتا هي.“
    پترا جايا جنهن جي تن خالده ڳالهه ڪئي اهو ڪوالالمپور کان ويهه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ اسلام آباد وانگر نئون شهر ٺهي رهيو آهي جيڪو نئون Administrative Capital ٿيندو ۽ 2004 تائين هي ٺهي راس ٿيندو. هينئر وزيراعظم ۽ ٻين ڪيترن وزيرن، سيڪريٽرين ۽ سفيرن جون آفيسون نه فقط ٺهي راس ٿي چڪيون آهن پر شفٽ به ٿي چڪيون آهن. انهن آفيسن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪوالالمپور شهر مان وٺي وڃڻ ۽ موٽائڻ لاءِ خاص بسون هلايون ويون آهن.
    شام جا پنج ٿي رهيا هئا. رات جي ماني لاءِ اطهر جي گهر ”تمن سري يوڪي“ وڃڻو هو. هيءَ ڪوالالمپور جي هڪ نئين آبادي آهي جيئن ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال، گلستان جوهر، گلشن حديد وغيره آهي تيئن تمن جي نالي سان ۽ ملئي لفظ تمن Taman جي معنيٰ به ساڳي آهي چمن- يعني گلشن يا گلستان. ان ئي جي ڀرسان تمن ائمپنگ جايا آهي جتي جن ڏينهن ۾ آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ ارشاد عباسي رهندو هو جنهن وٽ منهنجو اڪثر اچڻ ٿيندو هو. هو سفارتخاني ۾ پريس سيڪريٽري هو.
    جنهن هنڌ تي آئون بيٺو هوس اتان پاڪستاني سفارتخانو ويجهو هو. ٽئڪسي يا بس ذريعي تمن Seri Ukay وڃڻ بدران سفارتخاني وڃڻ بهتر هو جتان اطهر سان گڏ سندس گاڏيءَ ۾ گهر پهچڻ ۾ وڌيڪ آساني هئي. مون اطهر کي موبائيل فون تي Contact ڪيو. هو ماڳهين گهر ويٺو هو. ”ڊرائيور چوڪٽ مارڪيٽ مان انب وٺڻ وڃي رهيو آهي. ان کي چوان ٿو ته توهانکي ايمبسي مان کڻندو اچي.“
    آئون ٽئڪسي ڪري ايمبسي پهتس. اڌ ڏينهن موڪل هجڻ ڪري ايمبسيءَ ۾ ڪوبه موجود نه هو. پٺاڻ چوڪيدار مين گيٽ کوليو ۽ رسيپشن ۾ اڄي ويٺس. وقت پاس ڪرڻ لاءِ ساڻس هِتان هُتان جون خبرون ڪندو رهيس. پٺاڻ چوڪيدار کي ملائيشيا ۾ آئي ڇهه مهينا کن مس ٿيا هئا پر هو هن ملڪ جي ترقي ۽ حڪومت جي نظام مان ڪافي متاثر لڳو ٿي، ”ڪاش اسانجو ملڪ هينئن ترقي ڪري.“ هو هر وقت اهائي دعا گهرندو رهيو. ”بي روزگاري ڪري اسانجي ملڪ جا ماڻهو ايجنٽن کان پاڻ ڦرايو ظاهر ظهور يا لڪي ڇپي هتي اچن ۽ پوءِ هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هاڻ ملائيشيا وارن سخت قانون ڪڍيو آهي ته جيڪي غيرقانوني رهيل آهن سي پنهنجي سفارتخاني کان ليٽر وٺي پنهنجن ملڪن ڏي روانا ٿي وڃن سندن نالو نه ورتو ويندو. ٻي صورت ۾ مقرر تاريخ گذرڻ بعد جيڪو پوليس جي ور چڙهندو ان کي غيرقانوني رهائش جي ڏوهه ۾ جيل ۽ ڏنڊ لڳايو ويندو....“
    پوڙهو چوڪيدار مون سان خبرون ڪندو رهيو. اتي موٽر سائيڪل تي هڪ پنجويهه ورهين جو نوجوان ڪپڙن جي هڙ کڻي آيو جنهن مان نوان سبيل ڪپڙا ڪڍي چوڪيدار کي ڏئي اڙدوءَ ۾ سمجهائڻ لڳو.
    ”ڪير آهي...؟“ مون چوڪيدار کان پڇيو.
    ”سائين درزي آهي. اسان جا ڪپڙا کڻي ويندو آهي. سبي پوءِ پهچائي به ويندو آهي.“ چوڪيدار ٻڌايو.
    ”سٿڻ قميص جا گهڻو ٿو وٺي؟“ مون پڇيو.
    ”ڏهه رنگٽ“
    ”تمام ستو ٿو سبي.“ مون چوڪيدار کي چئي نوجوان، جيڪو بيحد هيسيل لڳي رهيو هو، کان سندس دڪان جو پڇيو.
    ”سائين دڪان ته نه اٿم. هڪ ٻئي پاڪستانيءَ وٽ رهيل آهيان. لڪي ڪم ڪندو آهيان ۽ روزگار ڪمائيندو آهيان. توهان کي سبائڻا هجن ته ائڊريس ٻڌايو ته اچي کڻي ويندس.“
    ”مونکي في الحال ته سبائڻا نه آهن پر ڏهه ڊالر (رنگٽ) ته تمام گهٽ ٿو وٺين. ڏهه ملئي ڊالر ته پاڪستاني 160 رپيا مس ٿيا.“
    ”سائين ڇا ڪريان. غيرقانوني رهيل آهيان ان ڪري دڪان ته کولي نٿو سگهان. اهي پئسا به ڪيترا کايو وڃن جو کين خبر آهي ته آئون غيرقانوني رهيل آهيان. شڪايت ڪرڻ تي پوليس ماڳهين مونکي سوگهو ڪندي. ڪنهن وٽ لڪل آهيان. ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ان کي به ڏيڻو پوي ٿو.“ هن ٻڌايو.
    ”ڪٿي جو آهين؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڪراچيءَ جو آهيان. لياقت آباد ۾ رهان ٿو.“
    ”هتي کان وڌيڪ ته ڪراچيءَ ۾ ڪمائي سگهين.“ مون چيومانس.
    ”بلڪل سائين. پر هاڻ جو قرض کڻي ايجنٽ کي سٺ هزار روپيا کارائي، ڀاڙا ڀري هتي پهتو آهيان ته ڪجهه ته ڪمائي وڃان. ٻه سال ٿي ويا اٿم اڃان ڀاڙي جا پئسا ڪڍي نه سگهيو آهيان. جيڪي ڪمايان ٿو اهو اٽي، لٽي ۽ اجهي پٺيان خرچ ٿيو وڃي.“
    ”سائين هن غريب وٽ ته پاسپورٽ به نه آهي، جنهن ايجنٽ ذريعي هتي پهتو هو ان کانئس پاسپورٽ به کسي ورتو. هاڻ نه پاسپورٽ ٿو مليس ۽ نه ان ايجنٽ جو ماڻهو جنهن کانئس پاسپورٽ وٺي رکيو. ٿي سگهي ٿو هن وڪڻي ڇڏيو هجي. ٻڌجي پيو ته ڪيترا فلسطيني ۽ سري لنڪا جا تامل پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪري وارداتون ٿا ڪن.“ چوڪيدار ٻڌايو.
    ”پوءِ هن غريب جو ڇا ٿيندو؟“ مون چوڪيدار کان پڇيو.
    ”خبر ناهي. ويچارو سفارتخاني جا ئي ڪيترا چڪر هڻي چڪو آهي پر ڪوبه سفارتخانو ائين بنا ثبوت جي ته پاسپورٽ ٺاهي نه ڏيندو. ائين ته هتي سوين بنگالي ۽ برمي سفارتخاني ۾ پيا ڦِرن ته اسان پاڪستاني آهيون ۽ اسان کي پاسپورٽ ڏنو وڃي. هو پنهنجو ملڪ ڇڏي هيڏانهن رهڻ جي ارادي سان آيا پر هاڻ هتي سندن ڪم نه ٿيو آهي ته ان ڪوشش ۾ آهن ته پنهنجي ملڪ موٽڻ بدران پاڪستان ئي هليو وڃجي.“ چوڪيدار ٻڌايو. ايتري ۾ اطهر جي ڊرائيور اچي هارن وڄايو ۽ آئون پنهنجو ٿيلهو کڻي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس. رستي تي هو به ان ئي عنوان تي ڳالهائيندو رهيو ته اڄ ڪلهه ملائيشيا انهن ڌارين ماڻهن جي وٺ پڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪي هتي لڪي ڇپي آيا آهن يا اهي جن جي وزٽ ويزا يا ورڪنگ ويزا ختم ٿي وئي آهي پر اڃان رهيا پيا آهن يا وري اهي ماڻهو جيڪي وزٽ ويزا (يعني گهمڻ جي بهاني سان) هتي اچي پوءِ نوڪريون يا مزوريون ڪري رهيا آهن. انهن ۾ گهڻائي انڊونيشين جي آهي جيڪي درياهه (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي هن پار سماترا ٻيٽ کان هتي اچن ٿا ۽ سندن زبان ۽ شڪل هتي جي مڪاني ملئي ماڻهن سان گهڻي ملي ٿي. ٻي نمبر تي بنگلاديش، برما، پاڪسان ۽ ڪمبوڊيا جا ماڻهو آهن. اخبارن ۾ باربار اچي پيو ته مقرر تاريخ کان اڳ غيرقانوني ڌاريا ملائيشيا ڇڏي وڃن. اهڙيون تاريخون ٻه دفعا اڳ به مقرر ڪيون ويون هيون پر هن ڀيري لڳي ٿو ته حڪومت سختي ڪرڻ واري آهي ۽ هو ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ اهڙن غير قانوني ماڻهن جي ڳولا جاري رکندي ۽ حڪومت انهن کي به سزا ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪي اهڙن ماڻهن کي گهرن ۾ اجهو ڏيو ويٺا آهن يا پنهنجي ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ Cheap Labour طور لڳائي رکيو اٿن. توبه توبه! ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي......“ هو اسٽيرنگ ويل تان هٿ کڻي نڪ گهڻ لڳو، ”اسانجو ملڪ هنن سڀني کان سکيو ستابو هو. اڄ اهو مسڪين ٿي ويو آهي. قرضي ٿي ويو آهي- بيروزگاري ۽ بيماري هن جي علامت بنجي وئي آهي. ستياناس ٿئي اسانجي سياستدانن جي جن اسانجي ملڪ کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. سندن غلط پاليسين، عياشين ۽ سياسي جهيڙن جهٽن اسانجي ملڪ کي ڪٿي پهچايو آهي. اڄ اسان جا ڊاڪٽر، انجنير آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سپر اسٽورن ۾ چوڪيدار ۽ بئرا ٿيو ڪم پيا ڪن. انگلنڊ جي ريلوي اسٽيشن تي برگر ۽ سئڊوچون پيا وڪڻن. سائين توهان يقين ڪريو هتي هڪ اهڙو نوجوان وڪيل به رهيل هو جنهن ڪنسٽرڪشن ورڪ تي عام مزور ٿي ڪم ٿي ڪيو. چوندو هو ڇا ڪريان پاڪستان ۾ بک پيو مران. چوري يا ڌاڙو هڻڻ بدران هتي پيو پورهيو ڪريان ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پيو پاليان. غريب هڪ ڏينهن اوچتي چڪاس ۾ پڪڙجي پيو. ٽي ڏينهن جيل ۾ رکي کيس واپس لاهور موڪليو ويو. مون ڏهه سال کن لبيا ۾ نوڪري ڪئي آهي ۽ هتي ٽن چئن سالن کان آهيان، جيڪي ڪمايان ٿو اهو ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪريان ٿو. گذريل سال اسٽاف گهٽائڻ جي چڪر ۾ مونکي به نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائون. واپس پئي ويس ته اطهر صاحب مونکي ترسائي ڇڏيو ته هن سال آخر تائين جيسين هر هتي ڪوالالمپور ۾ آهي ان وٽ نوڪري ڪريان جو هن جا ٻار مون سان هريل آهن. کين اسڪولن ۾ ڇڏي ۽ وٺي اچان ٿو. کيس آفيس ۾ ۽ هن هنڌ وٺي وڃان ٿو. گهر جو سيڌو سامان آڻڻ ۽ ڪجهه ڪجهه رڌ پچاءُ به ڪريان ٿو. هو شريف ماڻهو پنهنجي کيسي مان مونکي پگهار ڏئي ٿو. ڇهه ست مهينن بعد ڳوٺ (راولپنڊي) هليو ويندس ۽ اتي ٽئڪسي وڃي هلائيندس. چاق به نٿو رهان پر گهر جي خرچ پکي لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو. ٻئي ٻار پڙهي رهيا آهن. ڌيءَ ميڊيڪل جي ٽيئن سال ۾ آهي. کيس انٽر ۾ پوزيشن حاصل ڪري ميڊيڪل ۾ مفت داخلا ملي آهي ۽ پٽ اسلام آباد ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي آخري سال ۾ آهي. پر ڇا اها ڪا گئرنٽي آهي ته گرئجيوئيٽ ٿيڻ بعد کين نوڪري به ملندي! ڪجهه مهينا اڳ فلاڻو سياستدان هتي گهمڻ لاءِ آيو هو. مون سندس خوب خذمت ڪئي. وڃڻ وقت سندن بيگم مونکي چيو ته اسين توکي دعائون پيا ڏيون. مون وراڻيومانس ته مونکي دعائون ڏيڻ بدران پنهنجي وطن کي ڏيو. ملڪ جي خوشحالي ٿيندي ته اسان لاءِ سک ۽ خوشي پيدا ٿيندي.....“
    ڊرائيور سڄي واٽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو رهيو ۽ آئون ٻڌندو رهيس تانجو اچي اطهر جي گهر پهتاسين. ڊرائيور گاڏيءَ مان لهي گهر جو گيٽ کوليو ته مغرب نماز جي ٻانگ ٻڌڻ ۾ آئي. ”سائين توهان هلي ويهو ته آئون مسجد مان نماز ٿو پڙهي اچان.“
    ”آئون به ٿو هلان.“ مون پنهنجو ٿيلهو در وٽ بيٺل اطهر جي حوالي ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺس. مسجد ٻه گهٽيون ڇڏي ٽينءَ ۾ هئي. محلي جي ههڙين مسجدن کي ملئي زبان ۾ Surau سڏجي ٿو. محلي جا ڪجهه پوڙها ۽ نوجوان ملئي ڊريس (بشرٽ ٽائيپ قميص ۽ گوڏ) ۾ هئا. امام هڪ پنجويهه ٽيهه سالن جو ٻُچي ڏاڙهيءَ سان هو جنهن بعد ۾ ٻڌايو ته هن ديني تعليم ڪراچي جي نيوٽائون واري ڪنهن مدرسي مان حاصل ڪئي آهي. فرض نماز کانپوءِ ڪا دير هو ذڪر ڪندا رهيا.
    نماز بعد گهر آياسين. اطهر پنهنجي ٻارن سان ملائيندي ٻڌايو ته هن جي ننڍن ٻارن: وليءَ ۽ آمنا ڪالهه ئي قرآن پورو ڪيو آهي. مون کين شاباش ڏيندي سندن پڙڏاڏي علامه علي خان ابڙي جو ٻڌايو ته هو ڪيڏو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي جنهن جي سليس سنڌيءَ ۾ قرآن جو ترجمو هر ڪو پڙهي ٿو ۽ سندن ڏاڏو جمال ابڙو صاحب سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ايماندار آفيسر آهي. سندن ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل آتم ڪهاڻي جا ڪتاب سڀ کان وڏي شوق سان مون پڙهيا آهن. (هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن) جي مالڪ فيروز ميمڻ ڇپيا آهن جن جا نالا هن ريت آهن:
    ڏسي ڏوهه اکين سين،
    اونهي ڳالهه اسرار جي
    ٿوهڙ ۾ ڳاڙها گل ۽
    ايندو نه وري هي وڻجارو.
    اطهر ٻڌايو ته سندن ٻيو نمبر ڌيءَ عائشه کي لکڻ پڙهڻ جو گهڻو شوق آهي. سڄو ڏينهن واندڪائيءَ ۾ رسالا ۽ ڪتاب پڙهي ٿي. تازو هڪ ٻارن جو Poetry جو مقابلو ٿيو هو جنهن ۾ هن کي انگريزي شعر تي انعام مليو هو ۽ اخبارن ۾ آيو هو.
    اطهر جي زال نوشين پنهنجي چاچن وٽ آمريڪا ويل هئي سو ڀت ڊرائيور رڌيو ۽ ٻاهران هڪ ٻه ملئي ٻوڙ (بيف رانڊانگ ۽ ايام گورينگ) ۽ اڦراٽو (روٽي ۽ مرتباڪ) گهرايا ويا.
    ٿوري دير بعد دعوت ۾ گهرايل مهمانن مان ٽي ڄڻا آيا ۽ اطهر تعارف ڪرايو. پروفيسر لڇمڻ تاراچند ۽ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جيڪي هالا جا آهن ۽ انجنير منصور شيخ دادوءَ جو. لڇمڻ جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هي مهراڻ يونيورسٽي مان 1993ع ۾ گرئجيوئيٽ ٿيو ۽ کيس هتي ملائيشيا ۾ ٽيچنگ جاب ملي ويو. ساڻس گڏ سندس هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ شڪارپور جو اجمل شاهه به هتي چونڊجي آيو ۽ ملائيشيا جي Institute Teknology pertama ۾ پروفيسر آهي. کين اٺ نو سال اچي ٿيا آهن ۽ ملائيشيا ۾ خوش آهن. اجمل شاهه ڪوالالمپور کان ٻاهر هجڻ ڪري پهچي نه سگهيو. لڇمڻ هتي اچي M.Sc ۽ M.E ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر اجمل شاهه Ph.D آهي. سندس زال ثريا به ملائيشيا جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي ۽ اليڪٽرانڪس ۾ B.E آهي.
    ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ سن 2000 ۾ ايل ايم سي مان MBBS ڪئي ۽ هينئر يونيورسٽي ملايا مان Internal Medicines ۾ ماسٽرس ۽ MRCPS لاءِ پڙهي رهيو آهي. ڊاڪٽر شڪيل مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ جي ننڍي ڀاءَ ۽ منهنجي هالا جي اسڪول جي ڪلاس ميٽ محمد حاجن جو پٽ آهي. ملائيشيا ۾ منهنجي اچڻ کان به ڪجهه سال اڳ جڏهن ته آئون اڃان جهاز تي Sail ڪري رهيو هوس ۽ جهاز ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي ڀر واري شهر ’شاهه عالم‘ ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان نوڪري ڪندو هو. تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جا هي شهر تڏهن جي حيدرآباد ۽ سکر وانگر سانت ۽ سڪون وارا هئا. اطهر ابڙو وارن کي ٻڌايم ته ڊاڪٽر شڪيل جي خاندان جا ملائيشيا سان پراڻا تعلقات آهن. وي سي عبدالرحمان صاحب کان علاوه ڊاڪٽر شڪيل جو ننڍو چاچو امجد ۽ پڦيءَ جو پٽ زبير پڻ ويجهڙائيءَ ۾ ملائيشيا مان پڙهي ويا آهن ۽ اڄ ڪلهه ڪئناڊا ۾ نوڪري ڪن ٿا. ڊاڪٽر شڪيل 25 سالن کن جو ٿيندو (ڄم جي تاريخ 17 جون 1976) ۽ پروفيسر لڇمڻ کان 8 سال کن ننڍو آهي. انجنير منصور شيخ (ڄم تاريخ 14 جون 1968) پڻ لڇمڻ سان گڏ ساڳي سال (1993) ۾ سول انجنيرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي.
    انجنير منصور شيخ هتي جي هڪ فرم Suteraples Sdn.Bhd جو پروجيڪٽ مئنيجر آهي. هُن جو هِن ڪمپنيءَ ۾ هي ٽيون سال هلي رهيو آهي. منصور ٻڌايو ته هو هتي ملائيشيا ۾ ٽي سال پورا ڪرڻ بعد ڪئناڊا وڃڻ جو ارادو رکي ٿو جتي سندس ڀيڻ ڊاڪٽر آهي جنهن ڪري کيس پنج Points وڌيڪ مليون آهن.
    ”هونءَ ملائيشيا ۾ اسان گهر وانگر محسوس ڪريون ٿا. هتي نه سعودي عرب يا ڪئناڊا وانگر تڪليف واري موسم آهي نه ماحول ۾ اوپرائپ، ڪم ڪار ۽ ڊيوٽي جو نمونو به آسان آهي. ويندي سنگاپور ۾ به ٽف لائيف آهي.“ منصور ٻڌايو.
    ”پوءِ ملائيشيا ڇو ٿا ڇڏيو؟“ مون پڇيو.
    ان ڪري جو مونکي هتي نه عمر ڀر لاءِ نوڪري ملندي ۽ نه رهائش لاءِ پاسپورٽ يا پي آر (Permanent Residence). اڄ به سندن ڪم پورو ٿي وڃي يا سندن مڪاني ماڻهو اچي وڃي ته اسان کي ڳوٺ وڃڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌائيندا. آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ موسم ۽ پورهيو سخت آهي پر آخرڪار گرين ڪارڊ ۽ پاسپورٽ مليو ته وڃي ٿو.“ منصور ٻڌايو.
    ”يارهين سيپٽمبر بعد ته اسان پاڪستانين ۽ مسلمانن لاءِ هنن کي سخت نفرت ٿي پئي آهي. تنهن هوندي به توهان USA ۽ ڪئناڊا ۾ رهڻ پسند ڪريو ٿا؟“ مون سوال ڪيو.
    ”سائين اهي وقتي ڳالهيون آهن. اڄ به اسان لاءِ اهي ملڪ بهتر آهن. نوڪري ۽ پورهئي لاءِ به ته سڪون لاءِ به ۽ ٻارن جي مستقبل لاءِ به. اها نفرت آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي گروه کي پئدا ٿي آهي جيڪا بنهه عارضي آهي. ان کان وڌيڪ نفرت ۽ مار مارا ته ايم ڪيو ايم وارن ڪئي هئي ۽ اڄ به اسان لاءِ ڪراچيءَ جا ڪيترا حصا غير سلامت آهن. ويندي پنهنجن ڳوٺن جو ئي حال ڏسو. چوري، ڌاڙا، اغوا، رشوت خوري ۽ نشي آور شين جي کلي عام وڪري اسانجون Generations تباهه ڪري ڇڏيون آهن.“
    ”منصور! هڪ ڳالهه آهي ته هاڻ مڙيئي. جيتوڻيڪ تمام دير بعد، سنڌي مسلمانن جا ٻار به ملڪ کان ٻاهر يورپ ۽ آمريڪا ۾ نوڪريون ڪندي نظر اچن ٿا. نه ته شروع ۾ (سٺ واري ڏهي ۾) جڏهن منهنجو ٻاهر وڃڻ شروع ٿيو انهن ڏينهن ۾ اسان جا سنڌي سهوليتن هوندي به يورپ يا آمريڪا ۾ نٿي رهيا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ رهي پيو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي.“ مون چيو.
    ”اسان جا سنڌي جيڪي شروع ۾ يورپ ۽ USA ويا تن ۾ وڏو حصو وڏيرن ۽ سياستدانن جي پٽن جو هو،“ منصور ٻڌايو. ”انهن نه پاڻ لاءِ ڪجهه ڪيو نه پنهنجي ڪميونٽيءَ لاءِ. هو ويا، پئسو چٽ ڪري موٽي آيا. هنن ۾ قابليت يا محنت ڪرڻ جي عادت ته هئي ڪانه جو اتي ڄمي ويهن. هونءَ به پرديس ۾ رهڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي.“
    ”بهرحال مونکي خوشي آهي ته هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي اسانجا سنڌي پڙهي به رهيا آهن ته نوڪري ۽ ڌنڌا به ڪري رهيا آهن. هاڻ هنن لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃڻ ’پرديسي‘ ٿيڻ نه آهي.“ اطهر کلندي چيو.
    ”پر هي سڀ ڪجهه پنجاهه سال اڳ هوش اچي ها ته اڄ هنن پَٽن تي پٺاڻن، پنجابين، بنگالين ۽ تاملن وانگر اسانجي سنڌي مسلمانن کي به هتي جو پاسپورٽ هجي ها. سنڌي هندن محنت ڪئي ۽ پرديس جون تڪليفون سٺيون ته سڀني کان اڳ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا ۽ سڀني کان وڌيڪ سکيا ستابا ثابت ٿيا. هونءَ به چوندا آهن ته ’حرڪت ۾ برڪت آهي‘ ۽ ڦول وه سرها هوا جي چمن سي نڪل گيا.“ منصور چيو ۽ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ اڄ ڪلهه پاڪستان کان (ويندي سنڌ کان) تعليم ۽ نوڪري لاءِ ايندا رهن ٿا. انهن مان هڪ ٽنڊوقيصر پاسي جو نظاماڻي ۽ حيدرآباد جي ڊاڪٽر الهه ورائي ڏيپلائيءَ جو پٽ اميرزاد آهي جيڪو پروفيسر لڇمڻ واري ڪاليج ’سدايا‘ ۾ پڙهي رهيو آهي. ڪوالالمپور جي مشهور انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (IIU) ۾ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو جو ڏير پروفيسر ڊاڪٽر علي رضا سومرو پڙهائي رهيو آهي ۽ پي ايڇ ڊي آهي. لاڙڪاڻي جو عامر ٻگهيو صاحب پڻ هتي آهي. ملائيشيا جي جهوني ۽ مشهور يونيورسٽي ”يونيورسٽي ملايا“ ۾ طارق جلباڻي صاحب آهي.
    اسلامڪ يونيورسٽي جي ائڊريس هن ريت آهي:
    International Islamic University, Malaysia.
    Jalan Gombak, 53100
    Kuala Lumpur, Malaysia.
    (Tel no: 603-20565050-20565502)
    Email: amnah@iiu.edu.my
    Website:www.iiu.edu.my
    اطهر جي مهمانن ۾ هڪ جاويد نيازي صاحب به آيو جو منهنجي عمر جو 56-57 سالن جو لڳو ٿي. بيحد پيارو ماڻهو هو. پاڻ ڏهه ٻارهن سالن کان هتي ملائيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ دبئي ۾ هو جتي اتي جي مشهور اخبار خليج ٽائيمس جي ادارت ڪيائين ٿي ۽ ان کان اڳ اٺ ڏهه سال کن جپان ۾ هو جتي سندس ائڊورٽزمينٽ ڪمپني هئي. هتي ملائيشيا ۾ به سندس ڇپائي ۽ اشتهاري دنيا سان واسطو آهي ۽ هتي جي هڪ مشهور اشتهاري ڪمپني جو Media Consultant آهي. پاڻ شروع وارا سال حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به رهي چڪو آهي ۽ سندس قاضي عبدالمجيد عابد وارن سان ڇپائي ۽ نيوزميڊيا جي سلسلي ۾ ويجها تعلقات هئا. قاضي اسد ۽ سعيد اڪبر لاءِ بار بار سلام ڏئي رهيو هو ۽ ساڻن ملڻ لاءي وڏي اڪير جو اظهار ڪري رهيو هو.
    ماني کائي بس ڪئيسين ته اطهر جي گهرايل مهمانن مان ٻه ٻيا پهتا.
    هڪ روهڙيءَ جو غلام علي سولنگي ۽ ٻيو ميهڙ پاسي جو قاري غلام سرور ڏهر. هنن کي ڪٿي دعوت هئي سو ماني اتان کائي هتي خاص مونسان ملڻ لاءِ آيا هئا. ڏهر صاحب ته شام جو منهنجي اچڻ کان اڳ هڪ دفعو هتان ٿي ويو هوجو هو هفتي ۾ ٽي ڏينهن اطهر جي ٻارن کي قرآن پڙهائڻ ايندو آهي. پاڻ منهنجا ڪجهه ڪتاب پڙهيا هئائين ۽ هتي جي ڪيترن پاڪستاني ۽ سنڌي هندن کان ٻڌو هئائين ته آئون هتي وڏو عرصو رهي ويو آهيان سو بقول سندس کيس مون سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي ۽ جيئن ته ادب جي حوالي سان منهنجي هن سان غائباڻي واقفيت ٿي هئي سو هو مونکي فل ٽائيم اديب سمجهي هر هر مونسان ادب تي گفتگو ڪندو رهيو بلڪ ادب بابت ڪي ڪي اهڙا سوال ٿي پڇيائين جن جا ”پُر علم“ جواب الانا صاحب، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو يا سراج ميمڻ جهڙو سنڌي ادب جو ڄاڻو ۽ ڏاهو ڏئي سگهي ٿو، آخر سندس غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ چيومانس ته سائين آئون نه فل ٽائيم اديب آهيان، نه لٽريچر جو پروفيسر ۽ نه وري ڪا منهنجي ادبي ماڻهن سان ايتري اٿي ويٺي ٿئي ٿي جو اها سوجهه بوجهه هجيم. منهنجي حيثيت سر ونسٽن چرچل جي بورچي واري آهي جيڪو واندڪائيءَ ۾ اخبارن رسالن لاءِ ويهي مضمون لکندو هو. سو آئون به بنيادي طرح هڪ مئرين انجنير ۽ جهازي آهيان جنهن جو ڪم جهاز هلائڻ ۽ جهازن ۽ ان جي انجڻين تي ليڪچر ڏيڻ آهي. ان بابت جيڪو سوال ڪريو ته هن ئي وقت تفصيلي جواب ڏيانءِ. باقي هي لکڻ پڙهڻ فقط منهنجي هابي (وندر) آهي. مڙيئي وقت پاس ڪرڻ لاءِ. پر سائين اڳيان به ڏهر صاحب هو. آخر ۾ نيٺ هن محفل کي ادبي رنگ ڏنائين ۽ هر هڪ کي ڪو شعر يا زندگيءَ جو واقعو ٻڌائڻو پيو. ويندي اطهر جي ڌيءَ عائشه کي به اهو شعر پڙهڻ لاءِ چيائين جيڪو ٻارن جي ايشين ملڪن جي شاعري جي مقابلي ۾ اول آيو هو. ان جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن.
    Down through the forest walks a man
    Guided be the light of the moon
    It was midnight in the month of June
    He knew he would reach a beach soon
    And when he did
    It became clear that it was dangerous
    And full of ashes
    But when he looked up
    And saw the smiling face of the moon
    He continued......
    Knowing he would reach home soon.
    هن گڏجاڻي کي ادبي محفل يا مشاعرو بنائڻ ۾ اسان جي ڳوٺاڻي (هالائي) ڊاڪٽر شڪيل جو به وڏو هٿ هو. هن ڪو تازو شعر ٺاهيو هو ۽ ٻڌائڻ لاءِ موقعي جي ڳولا ۾ هو. رات جا ٻارهن ٿي رهيا هئا. گيٽ واري ملئي چوڪيدار رکي رکي ڪنهن لنگهندڙ سان ملئي زبان ۾ خير عافيت پئي ڪئي. پاڙي واري گهر ۾ رهندڙ چيني فئمليءَ جي ڪتي رکي رکي ڀونڪار ٿي ڪئي. وڻن ۽ گاهه ۾ ويٺلن ملائيشيائي جيتن جي راڄن زور زور سان چرچر پئي ڪئي ۽ اسان ڇٻر تي ڪرسين تي چانهه سان گڏ سنڌي شاعريءَ جو لطف وٺي رهيا هئاسين.
    ”هي دور آهي نفسا نفسيءَ جو
    بي دردي جو بي دليءَ جو.....
    ڊاڪٽر شڪيل پنهنجو شعر ٻڌائڻ شروع ڪيو.
    ”ڪئين خواب ٿا لٽجن
    ڪئين دليون ٿيون ٽٽن
    هي دور آهي نفسا نفسيءَ جو
    بي درديءَ جو بي دليءَ جو.....“
    ”سائين ڀلا مون طرفان به ٻه سٽون ٿي وڃن.“ غلام سرور ڏهر چيو.
    ”سائين اکين تي.“ ساڻس گڏ آيل غلام علي سولنگي چيو ۽ ڏهر صاحب پنهنجو شعر پڙهيو:
    ”لِيلائي پيئي لوچ اسان جي
    سڏڪي پيئي سوچ اسان جي
    جيون جي هر رنگينيءَ تي
    ’ڏهر‘ ڪٿي ائپروچ اسان جي.“
    غلام سرور ڏهر هڪ سوسائٽي يا ائسوسيئيشن ٺاهڻ جي رٿ ڏني. ”هتي ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي ائسوسيئيشن آهن. ملئي ماڻهن جون، چينين ۽ تاملن جون، پنجابين ۽ پٺاڻن جون، گورکن ۽ بنگالين جون، بوهرين ۽ کوجن جون- هو وقت به وقت پاڻ ۾ ملندا رهن ٿا ۽ خوشيون ملهائين ٿا. هتي سنڌين جي هڪ سوسائٽي آهي، پر ان جا ميمبر فقط اهي آهن جن کي ملائيشيا جو پاسپورٽ آهي. اسان ڪجهه سالن لاءِ هتي رهندڙن کي هو نٿا شامل ڪن. ان ڪري پاڻ پنهنجي الڳ ٺاهڻ جو اڄ بنياد رکون.“
    ان تي آخرڪار سڀ راضي ٿيا ۽ جيڪي ان وقت موجود هئا انهن جا نالا ۽ صحيحون وٺي پريس رليز لاءِ اطهر کي چيو ويو.
    ڏهر صاحب کان پڇيم ته هنن جو هتي ملائيشيا ۾ اچڻ ڪيئن ٿيو، پاڻ مونکان به سال ٻه وڏو يعني سٺ کن سالن جو لڳي رهيو هو.
    .سائين مون ڳوٺ (ميهڙ) هينئر نه ڇڏيو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رلندي مونکي ڏيهارو سال ٿي ويا آهن. مون وڏو عرصو عراق ۾ گذاريو جتي عربي به سکيس. ان بعد ڪويت هليو ويس جتي سڪون سان رهيو پيو هوس. عراق ڪويت جي جنگ لڳي. جيڪو سالن کان پاڇي ڪيو هوم سو سڀ پئسو لٽجي ويو. ٻن ڪپڙن ۾ جان بچائي ڪويت مان نڪتاسين. ڪويت ۽ عراق ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن کي قرآن مجيد پڙهائيندو هوس. پوءِ سعودي عرب آيس جتي پڻ چڱا سال رهيس. ان بعد هوائي سفر جو ڀاڙو ۽ Visa حاصل ڪري آمريڪا (USA) آيس. آمريڪا جي مختلف شهرن نيويارڪ، نيوجرسي، واشنگٽن وغيره ۾ ٻارهن سال گذاريم.“
    ”پوءِ هتي ڪيئن اچڻ ٿيو.“ مون پڇيو.
    ”بس سائين اهي درد جا داستان نه پڇيو ته سٺو.“ ڏهر صاحب ٽوپي لاهي پٿل ماري ڪوچ تي ٿي ويٺو. آمريڪا مان ٻه چار ڏوڪڙ بچائي ڳوٺ پهتس ته هاڻ گهرڙو اڏائي باقي زندگيءَ جا ڏهاڙا سڪون سان ٻچن ٻارن سان گڏ ٿو گذاريان ته ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون ڏياريندڙ هڪ ايجنٽ اچي پاسو ڏنو.“
    ”ڪمال آهي. توهان جهڙي ماڻهوءَ کي هو بيوقوف بڻائي ويو.“ اسان چيو.
    ”بس قسمت ۾ ائين هو،“ ڏهر صاحب وراڻيو،“ منهنجي مٿي ۾ به اها ته ماليا خوليا هئي ته جيڪر برونائي يا جپان وڃان. انهن ملڪن جي تعريف مون آمريڪا ۾ ئي ٻڌي هئي ته اهي امير ملڪ آهن. پئسو جام اٿن.“
    ”پر ڏهر صاحب، برونائي ته مسلمان ملڪ آهي باقي جپان ته اهو ملڪ آهي جنهن جي ماڻهن کي مغربي مشنريز (عيسائي تبليغڪار) به مذهب تي آڻي نه سگهيا. هنن لاءِ وڏو مذهب پئسو آهي. تڏهن ته ڀٽي صاحب به جپانين لاءِ چيو هو ته: ”اسان سماجي (Social) جانور آهيون. پر جپاني معاشي (Economical) جانور آهن.“ مون چيومانس.
    ”نه سائين. ائين نه اٿانوَ. اڄ ڪلهه ڪيترائي جپاني اسلام قبول ڪري رهيا آهن. جتي ڪٿي مسجدون به ٺهي رهيون آهن ۽ کين قرآن پڙهائڻ لاءِ ماڻهو کپن.“ ڏهر صاحب چيو.
    ”پر توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“ مون پڇيومانس.
    ”سائين اتي دادو پاسي جا ڪيترائي چنا ذات جا رهن ٿا. هنن جا خاندانن جا خاندان جپان ۾ رهن ٿا. انهن جي مائٽن مونکي ٻڌايو پر هو ڪنهن کي به Sponser نٿا ڪن. توهان جو ڪو سڃاڻو آهي جيڪو مونکي اتي گهرائي ۽ ڪجهه ڏينهن اجهو ڏئي ۽ ماني کارائي جيسين آئون هٿ پير هڻي ڪو روزگار ڳولي وٺان.“
    ”خبر نه آهي اڄ ڪلهه ڪير ڪير جپان ۾ آهي.“ مون ٻڌايومانس. ”جڏهن آئون جپان ۾ رهندو هوس ته هڪيڊي ٻيٽ کان ڪيوشو تائين سنڌي ته ڇا پر پنجابي پٺاڻ به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. بهرحال ان کانپوءِ جپان ۾ اچڻ تي جيڏي سختي ٿي آهي مون ٻڌو آهي اوترا ئي گهڻا اسان جا ماڻهو قانوني ۽ غير قانوني طرح اتي پهتا آهن ۽ ڪيترا ته نوڪريون حاصل ڪري يا مڪاني ڇوڪرين سان شادي ڪري هن ڏورانهين ڏيهه (جپان) ۾ ٽِڪي پيا آهن جتي جي ڌرتي، موسم ۽ مرد حضرات ڪٺور دل آهن،جتي هر شيءَ مهنگي آهي ۽ جتي اسانجي ملڪن کان بلڪل نرالي زبان ڳالهائي وڃي ٿي.“
    ”بهرحال ڏهر صاحب توهان پنهنجي هتي اچڻ جي ڪٿا ته الطاف صاحب کي ٻڌايو.“ ڏهر صاحب کي ٻئي رستي ڏي ويندي کيس اطهر ياد ڏياريو ۽ ڏهر صاحب جپان جي پچر يڪدم ڇڏي اصلي ڳالهه تي آيو.
    ”سائين معاف ڪجو. پوڙها ٿي ويا آهيون. ويسارو وڌندو ٿو وڃي. توهان کي ان ٺڳ ايجنٽ بابت ٻڌائيندو هلان. هُن مونکي چيو ته ڪُوالالمپور ۾ هڪ نوڪري آهي جيڪا لک رپيا ڏيڻ تي توکي وٺرائي ڏئي سگهان ٿو ۽ ويزا وٺرائي ڏيڻ به منهنجي ذمي. تون رڳو ٽڪيٽ وٺجانءِ. آئون راضي ٿي ويس. پاڻ لاهور جو هو ۽ مون کي ٻڌايائين ته سندس مائٽ سالن کان ملائيشيا ۾ رهن ٿا ۽ ملائيشيا جي Citizenship ۽ پاسپورٽ اٿن.“
    ”پوءِ هو توهان جا پئسا کڻي ڀڄي ويو.“ مون کيس روز مره جي واردات موجب ڪهاڻيءَ جو انت ٻڌايو.
    ”نه ادا. هن پاسپورٽ تي ويزا هڻائي ڏني ۽ چيو ته سندس سؤٽ منهنجي آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي منتظر هوندو ۽ نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
    ”۽ هتي پهچڻ سان ڪير نه هو.“ مون چيو.
    ”نه. بلڪل هو. آئون ٽڪيٽ خريد ڪري MAS هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور پهتس ته هتي جي ايئرپورٽ تي هن جو پاڪستاني مائٽ نظر آيو.“ ڏهر صاحب ٻڌايو ۽ ”هتي ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي لهي خبر پيئي ته ان نوڪريءَ جو دلبو نه فقط مونکي پر ٻين به ٽن چئن ڄڻن کي مليل هو. هن همراهه اسان سڀني کان نوڪري ملڻ وارا خط ۽ پاسپورٽ ورتا ۽ هڪ ٽئڪسي کي بيهاري اسان کي ان ۾ ويهاريو ۽ ڊرائيور کي ڀاڙو ڏئي ڪجهه ملئي زبان ۾ چيو ته اسان کي اوڏانهن وٺي هلي ۽ پاڻ پنهنجي ڪار ۾ وڃي ويٺو. اسان رب جا شڪر بجا آڻيندا، هتي جي جهڙالي موسم جو مزو وٺندا ايئرپورٽ کان شهر ڏي هتي جي چلڪندڙ رستن تان ترڪندا وياسين. شهر جون خوبصورت عمارتون ۽ خوشحال ماڻهو ڏسي اسان به خوش ٿي رهيا هئاسين ته اجهو ٿا اسان به انهن مان هڪ ٿي وڃون.
    ”ٽئڪسي وارو سينٽرل مارڪيٽ وٽ لاهي وڃڻ لڳو ته اسان هن کان اسان واري همراهه جو پڇيو. هن ٻڌايو ته هن کي خبر ناهي ته هو ڪير هو. هن ڀاڙو ڏنو ته توهانکي سينٽرل مارڪيٽ لاهي ڇڏيان. ٽئڪسي وارو هليو ويو ۽ اسان پاڻ واري همراهه جو چار ڪلاڪ کن انتظار ڪندا رهياسين. پوءِ اسان سڀ سمجهي وياسين ته اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي. اسان کان پاسپورٽ به کسيو ويو. مون سان گڏ جيڪي هئا اهي به ويچارا غريب مزور هئا. الهه تلهه گروي رکي ايجنٽ کي پئسا ڏئي هتي پهتا هئا. جيڪو ٽڪو پئسو کيسي ۾ هو ان جي اڀري سڀري ماني کائي فٽ پاٿ تي سمهي رات گذاريسين. ٻئي ڏينهن کان بکئي پيٽ هن وڏي شهر ۾ ڦرندا رهياسين. ڪو اسانجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. ويتر پاسپورٽ به هليو ويو هو جنهن تي ويزا لڳل هئي. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي روزانو سوين ماڻهو برما، بنگلاديش، پاڪستان، ويٽنام، ڪمبوڊيا ويندي انڊونيشيا، ٿائلنڊ ۽ فلپين کان غير قانوني طرح گهڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ تقريباًسڀني جو انت پَودو جيل ۾ شهر کان ٻاهر ٺهيل ڪئمپ ۾ ٿئي ٿو جيڪو پڻ هن قسم جو جيل خانو آهي. سو ظاهر آهي اهڙي ماحول ۾ اسانجي ڪير ٻڌندو ته اسان قانوني طرح آيا آهيون ۽ اسان سان پنهنجن ئي هينئن ويساهه گهاتي ڪئي آهي.
    ”اسان پنڌ ئي پنڌ رلندا رلندا ائمپنگ روڊ تي پنهنجي سفارتخاني ۾ آياسين جتي خبر پيئي ته اسان جهڙا ڪيترائي پاڪستاني ۽ ويندي ڪجهه ڌارين ملڪن جا ماڻهو پوليس جي چنبي ۾ اچڻ بعد پاڻ کي پاڪستاني سڏائي سفارتخاني ۾ پهچيو وڃن. اسان جو ملڪ ته غريب آهي پر امير ملڪن جي سفارتخانن وٽ به ايڏا فنڊ ته نه آهن جو وتن ماڻهن جون ٽڪيٽون ڀريندا ۽ ڌارين ملڪن ۾ سندن رهائش جو انتظام ڪندا. هتي اسان سان گڏ ڪيترا بنا پاسپورٽ بنگالي ۽ برمي به بيٺا هئا جن جو پاسپورٽ گم يا چوري ٿيڻ تي يا پاڻهي پنهنجو پاسپورٽ اڇلي هاڻ پنهنجي ملڪ موٽڻ بدران پاڻ کي پاڪستاني سڏائي، پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا. هو اهو ئي سوچي رهيا هئا ته هاڻ ملائيشيا ۾ ته رهڻ نٿا ڏين. ٻئي نمبر تي پاڪستان وري به پنهنجي ملڪ کان ڀلو آهي.
    ”سو اهڙي سيناريو (تناظر) ۾ اسان جي ڳالهه تي ڪير ٿو يقين ڪري ته اسين پاڪستاني آهيون ۽ اسين هينئن لٽجي ويا آهيون. سڀ کان پهرين ته اسان ائين غيرقانوني طرح ڇو آياسين ۽ ان ايجنٽ ۽ نوڪري واري فئڪٽري ۽ ڪارخاني جي پاڪستان مان ڇو پڪ نه ڪئيسين. بهرحال هاڻ پهرين ڳالهه ته اها هئي ته پاسپورٽ ٺهي. چڱو جو شناختي ڪارڊ مون وٽ هو. ٻين غريبن جو ته اهو به پاسپورٽ سان گڏ هليو ويو جو انهن جو ان تي Staple ٿيل هو.
    ”بهرحال آئون سائين اطهر جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪجهه پئسا کيسي ۾ وڌا جيئن ماني ٽڪي کائي اچان. ٻن ڏينهن کان بک تي هئاسين. هن مون کي سندس گهر اچي سندس ٻارن کي قرآن پڙهائڻ لاءِ چيو.
    ”۽ هاڻ ته سال کان به مٿي ٿي ويو آهي. پاسپورٽ ٺهي ويو آهي ۽ هتي ڪجهه ٻين ٻارن کي به قرآن پڙهائي رهيو آهيان. ڪجهه پاڪستاني ٻار آهن ڪجهه ملئي آهن. پر آئون ڀانيان ته جپان وڃان. برونائيءَ جو ته آسرو ٿي ويو آهي. هتي رهندڙ هڪ برونائيءَ جو همراهه اتي جي ويزا وٺرائي ڏيڻ جو آسرو ڏنو آهي پر آئون جپان وڃڻ چاهيان ٿو. مونکي رڳو ڪو مهرباني ڪري Sponser ڪري (يعني مون پاران ذميواري کڻي.)“
    ”ڏهر صاحب هتي رهائش جو مسئلو ڪيئن حل ڪيو اٿانوَ؟“ مون پڇيو.
    ”منهنجي هتي ڪوالالمپور ۾ ملاقات روهڙيءَ جي هن جوان غلام علي سولنگيءَ سان ٿي.“ ڏهر صاحب غلام علي ڏي اشارو ڪندي ٻڌايو جيڪو عمر ۾ ٽيهارو کن سال جو ٿيندو (سندس ڄم جي تاريخ 5 اپريل 1971) آهي). هو 1994 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان B.Sc ڪري هتان اچي نڪتو ۽ هتي جي هڪ خوبصورت علائقي KLCC (جتي دنيا جي وڏي عمارت پيٽروناس ٽاور پڻ آهي ۽ ڪوالالمپور جون سهڻيون هوٽلون ۽ پارڪ پڻ اتي آهن) ۾ ڪيفي کولي. ”ان ڪيفي ۾ اسين رات جو سمهي رهندا هئاسين.“
    ”ڇا جي ڪيفي هئي“ مون ڏهر کان پڇيو.
    ”ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ جي.“ هن وراڻيو.
    ”پوءِ ان جو ڇا ٿيو.... نه هلي ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”نه سائين هلي اهڙي جو ڳالهه ئي نه پڇو. ڏاڍو سکيو وقت گذري رهيو هو. چئن پڙهيل ڳڙهيلن سان به روزانو ملاقات پئي ٿي. سولنگي سان گڏ هڪ ٻيو به پنجاب پاسي جو همراهه ڀائيوار هو ۽ ٻنهي پنهنجو سمورو پئسو ان ۾ لڳايو هو. پوءِ هڪ ڏينهن بدقسمتي اهڙي ٿي جو هنن جي سائبر ڪيفي ۾ تامل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. پوليس اچي وئي ۽ هنن جي جهيڙي ۾ شاهدين لاءِ هي به ڦاسي پيا ۽ جيئن ته هي هتي غيرقانوني طرح هئا سو هنن کي اهو ڌنڌو ڇڏڻو پيو.“ ڏهر ٻڌايو. غلام علي سولنگي پنهنجي ڳالهه ٻڌي کلي رهيو هو.
    ”شاباش هجنئي يار. هتي ڪوالالمپور ۾ مونکي تون پهريون سنڌي مليو آهين. جنهن جي ڌنڌي ۽ واپار ۾ دلچسپي آهي.“ مون غلام علي سولنگيءَ کي چيو.
    ”بس سائين جيئڻ لاءِ هٿ پير ته هڻڻا پون ٿا.“ غلام عليءَ چيو.
    ”ڀلا هاڻ ڇا ڪريو؟“ مون کائنس پڇيو.
    ”هاڻ مون ۽ منهنجي پارٽنر گڏجي ڊاڪٽري اوزارن جو ڌنڌو شروع ڪيو آهي. پاڪستان مان سرجيڪل اوزار گهرائيندا آهيون ۽ هتي جي اسپتالن ۾ سپلاءِ ڪندا آهيون. آئون سامان سان گاڏي ڀري مختلف شهرن ۾ ويندو آهيان. مغربي ملائيشيا جون يارهن رياستون آهن. هر هڪ ۾ سال جو هڪ مهينو گذاريندو آهيان ۽ اتي جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن سان ملي انهن کان آرڊر وٺندو آهيان ۽ مال سپلاءِ ڪندو آهيان ۽ سال جو آخري مهينو هتي فيڊرل ڪئپيٽل ڪوالالمپور ۾ گذاريندو آهيان. هي مهينو ننگري سيمبيلان رياست ۾ ڪم ڪرڻ جو آهي پر جيئن ته اها ڀر واري رياست آهي سو روز رات جو موٽي ايندو آهيان.“
    غلام علي سولنگي هي ڪم Naqsh Enterprise ڪمپني نالي ڪري ٿو جنهن جي مختصر آفيس يا هيڊڪوارٽر تمن باتو جي جالان (شاهراهه) جمبو تي آهي جيڪو جالان ڪچنگ وٽ آهي. سندس فون نمبر 03.62525637 ۽ 62533476-03 آهي ۽ اي ميل ائڊريس lasani@net.my آهي.
    ڪجهه دير اڳ پروفيسر لڇمڻ ٻڌائي رهيو هو ته ملائيشيا حڪومت اهو قانون پاس ڪيو آهي ته نه فقط ملئي مرد يا ملئي عورت به ڪنهن ڌارئين سان شادي ڪندي ته ان جي مڙس کي ملائيشيا ۾ رهڻ ڏنو ويندو ۽ اڳتي هلي ملائيشيا جي شهريت ۽ پاسپورٽ به ملندو. نه ته اڳ ۾ فقط ملائيشيا جا مرد ڌارين ملڪن جي ڇوڪرين سان شادي ڪري پنهنجين زالن کي وٺي آيا ٿي. مون غلام علي سولنگيءَ جو سوچي ته هو هتي ملائيشيا ۾ هيڏي محنت ڪري بزنيس ڄمائي رهيو آهي پر هتي جي حڪومت کيس ڪنهن وقت به ٽپڙ ٻڌائي سگهي ٿي پر هن لاءِ هتي پير ڄمائڻ جو اهو ئي واحد طريقو آهي ته هو هتي جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري. اهو سوچي کانئس پڇيم ته آيا سندن شادي ٿيل آهي يا نه؟ منهنجي سوال پڇڻ تي هو سمجهي ويو ته آئون ڇا پيو سوچيان. ٺهه پهه وراڻيائين:
    ”نه سائين ۽ اهائي منهنجي Qualification آهي. ۽ هتي جي هڪ ڇوڪريءَ سان منهنجو چڪر هلي پيو ۽ انشاالله جهٽ شاديءَ جو ارادو اٿم جيئن آئون قانوني طرح هتي رهي سگهان ۽ ڌنڌو ڄمائي رکان.“ اهو چئي پاڻ ۽ منصور شيخ موڪلايو. هنن جي وڃڻ بعد ڏهر صاحب به اٿڻ جي ڪئي.
    ”سائين توهان اهو ته ٻڌايو ڪونه توهان ڪٿي رهو ٿا؟“ مون پڇيو.
    ”ادا آئون هڪ ملئي همراهه سان گڏ رهان ٿو. هو نيڪ ماڻهو مون کي پاڻ وٽ رکيو ويٺو آهي. سندس ٻارن کي قرآن پڙهائيندو آهيان. ماني ٽڪي ٻاهر ڪريان. هو مونکي چوي ٿو جيترو وقت وڻنئي مون وٽ رهيو پيو هج پر هاڻ آئون ملائيشيا ڇڏي برونائي وڃڻ چاهيان ٿو جتان پوءِ جپان ويندس. جيڪڏهن جپان ۾ رهندڙ اسان جا چنا يا ڪو ٻيو مونکي جپان جي ويزا ۽ نوڪري وٺرائي ڏئي ته آئون جيڪر اڄ ئي هليو وڃان.“ ڏهر صاحب ٻڌايو ۽ هلڻ لاءِ اٿيو، ڊاڪٽر شڪيل ۽ پروفيسر لڇمڻ کي اتي ئي ڇڏي اطهر ۽ آئون قاري غلام سرور ڏهر کي دروازي تائين ڇڏڻ آياسين.
    اطهر پنهنجي ڪار جي چاٻي کڻي آيو ۽ ڏهر صاحب کي گهر تائين ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. پر هو پنڌ وڃڻ لاءِ ضد ڪرڻ لڳو ۽ چيو:
    ”صحت کي صحيح رکڻ لاءِ منهنجي لاءِ پنڌ ڪرڻ صحيح آهي. جنهن ڏينهن پنڌ نٿو هلان مونکي گردن ۾ تڪليف ٿيو پوي.“
    ”غلام سرور صاحب منهنجو هڪ ملئي ڊاڪٽر دوست آهي. توهان چئو ته توهانکي سڀاڻي ان وٽ وٺي هلان. هو يورولاجسٽ آهي.“ مون ڏهر صاحب کي صلاح ڏني.
    ”نه منهنجا ڀاءَ! آئون دوائن کان ڏاڍو گهٻرايان ٿو. بس دعا ڪريو ته آئون جپان هليو وڃان. توهان جو ڪو دوست ٽوڪيو ۾ هجي ته ان کي منهنجي لاءِ چئي ڏسو.“ هن چيو.
    ”آئون ڪوشش ڪندس. ٽوڪيو ۾ نه ته يوڪوهاما ۽ اوساڪا ۾ ڏسندس جتي منهنجو گهڻو رهڻ ٿيو آهي.“ مون ڏهر صاحب سان وعدو ڪيو ۽ هو اسان کي خدا حافظ چئي روانو ٿيو. اطهر ۽ آئون ڪا دير گيٽ ٻاهران بيٺا رهياسين. نوائي رات ۾ ڪوالالمپور جي ڏامر جي رستي تي ڪا دير قاري غلام سرور ڏهر جي قدمن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا تانجو اڳيان وڃي هو مين روڊ ڏي مڙي ويو ۽ اسان پوءِ ڪي گهڙيون ماٺ ماٺ ۾ هڪ ٻئي جا منهن ڏسندا رهياسين.
    ”ڇا پيا سوچيو؟“ خاموشيءَ کي ختم ڪندي اطهر ڪجهه ڳالهايو.
    ”بس يار ڏهر صاحب جو سوچي رهيو آهيان.“ مون وراڻيو.
    آئون به ان جو ئي سوچي رهيو آهيان.“ اطهر چيو، ”وڏي همت آهي سائينءَ کي. سندس جدوجهد کي داد ڏيڻو پوي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه آهي. هڪ ماڻهو جيڪو سٺ جي پيٽي ۾ آهي. بيمار رهي ٿو. گهر ٻار کان پري رهي ٿو. سندس ڪو مستقل ذريعو آمدنيءَ جو ناهي. نه پينشن اٿس نه ٻني ٻارو. گذريل سالن جي ڪمائي ڦرجي وئي اٿس جيڪو پنهنجي وطن کان اڃان ڏور آهي جنهن جي موسم، ماحول ۽ ڪلچر اسانکان بلڪل اوپرو آهي. جتي جو کاڌو پيتو ۽ زبان بلڪل نرالي آهي ۽ جنهن جي سکڻ لاءِ هن کي هن عمر ۾ ڪيڏا ته ڪشالا ڪڍڻا پوندا...... پر هي خدا جو نيڪ بندو پنهنجي ارادي تي قائم آهي ۽ هر مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“
    ”اطهر زندگي رهي ته آئون هن شخص تي ڪجهه سٽون ضرور لکندس جيئن اڄ جو نوجوان سبق حاصل ڪري سگهي ۽ معمولي معمولي مسئلن تي هاءِ گهوڙا ڪرڻ ڇڏي. ڌارين ملڪن ۾ درپيش ايندڙ مونجهارن ۽ تڪليفن کي صبر سان منهن ڏئي.“
    مهمانن ۾ فقط پروفيسر لڇمڻ ۽ ڊاڪٽر شڪيل رهجي ويا هئا. اطهر مونکي سندس گهر ترسي پوڻ لاءِ وري زور ڀريو.
    ”آئون بلڪل رهڻ جي ارادي سان آيو هوس پر هاڻ جيئن ته لڇمڻ جو رستو مون واري هوٽل وٽان آهي سو مون هن کي لفٽ لاءِ چيو آهي هو مونکي رستي تي جالان ڪلانگ لاما تي هوٽل ۾ ڇڏيندو ويندو. سڀاڻي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملاڪا وڃي رهيو آهيان. واپسي تي تو وٽ ڪجهه ڏينهن ضرور رهندس.“ مون اطهر کي چيو.
    رات جا ٻارهن ٿي رهيا هئا. اطهر کان موڪلائي آئون ۽ ڊاڪٽر شڪيل پروفيسر لڇمڻ جي ڪار ۾ اچي ويٺاسين. ڪوالالمپور شهر جي ٽرئفڪ گهٽجي چڪي هئي. هاءِ وي وٺڻ بدران اسان شهر جي اهم رستن، جالان تن رزاق، جالان يپ ڪوان سينگ، جالان پي راملي، جالان راجا چولان، جالان بڪت بنتانگ، جالان سلطان اسماعيل، جالان امبي ۽ جالان دامن سارا جا چڪر هڻندا شهر کان ٻاهر پنهنجي ماڳ ڏي روانا ٿي وياسين.
    ***


    ملاڪا ڏي روانگي

    1983ع کان 1991ع تائين لڳاتار اٺ سال کن ملائيشيا جي ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ مون جهاز جي آفيسرن کي پڙهايو ۽ خبر ناهي ڪيترا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿيا. ان کان علاوه ملائيشيا جي اتراهين رياست پيراق جي هڪ پوليٽيڪنڪ ڪاليج ”انگڪو عمر“ ۾ پڻ مهمان ليڪچرار طور اتي جي ميرين انجنيرنگ شاگردن کي پڙهائيندو رهيس جيڪي پڻ جهازن تي ئي ويندا هئا. پڙهائڻ ۾ پگهار جتي ڪٿي گهٽ آهي پر مونکي پنهنجو ”لکڻ پڙهڻ“ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ وقت ملي ويو ٿي ۽ ٻي خوشي ان وقت ٿيندي اٿم جڏهن دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ ڪڏهن ڪو ملئي يا چيني مهانڊو وڏي حب سان ملي چوندو آهي ”سر آئون توهان جو پراڻو شاگرد آهيان،“ ۽ پوءِ بندرگاهه ۾ بيٺل آفت جيڏي جهاز ڏي اشارو ڪري چوندو آهي ته هو ان جهاز جو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن آهي.
    وقت گذرڻ سان ڪيترا منهنجا شاگرد سامونڊي زندگيءَ مان بيزار ٿي يا ٻين مجبورين ڪري سمنڊ جي نوڪري. يعني جهاز راني ڇڏي ڪناري جي نوڪري (Shore Job) ڪري رهيا آهن. پوءِ ڪي جهازن جي شپ يارڊن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ته ڪي جهاز ران ڪمپنيءَ جا مئنيجر ٿي ويا آهن. ڪي ٽيچنگ جاب ڪري رهيا آهن ته ڪي بندرگاهن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندڙ منهنجي شاگردن مان جن سان منهنجي لهه وچڙ قائم آهي انهن مان ڪئپٽن رزالي هڪ آهي ۽ هينئر ملائيشيا اچڻ جو پروگرام به پهرين ڏينهن کان رزالي سان discuss ڪندو رهيس.
    ڪئپٽن رزاليءَ سان منهنجي پهرين ملاقات 1985ع ڌاري ٿي جڏهن هو چيف ميٽ جي امتحانن لاءِ ميريٽائيم اڪيڊمي ملاڪا ۾ داخلا وٺڻ آيو هو. پاڻ پنج ڇهه سال جهاز هلائڻ بعد هاڻ وڌيڪ پروموشن ۽ امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو ڪورس ڪرڻ آيو هو. ٻين ڪيترن جهازي آفيسرن وانگر رزالي به شادي شده هو ۽ هو پنهنجي زال عائشه ۽ هڪ ٻار فرحان سان هاسٽل ۾ رهيو ٿي. رزالي سٺن شاگردن مان هو ان ڪري مون هن جو وڌيڪ خيال رکيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ماءُ پيءُ يا سس سهرو ساڻس ۽ عائشه سان ملڻ ايندا هئا ته اسان جي گهر به ايندا هئا. آئون ساڻن رزالي جي تعريف ڪندو هوس. مونکي ۽ منهنجي ٻارن کي ملئي زبان اچڻ ڪري ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وقت نٿي ٿي.
    رزالي امتحان پاس ڪري سال ٻه جهاز هلائي ڪئپٽن ٿيڻ لاءِ ”ماسٽر مئرينر“ جو امتحان ڏيڻ لاءِ وري اڪيڊمي ۾ آيو ته کيس ٻه ٻار ٿي چڪا هئا. ۽ پوءِ ڪئپٽن ٿيڻ بعد هن اڪيڊمي ۾ ئي نوڪري اختيار ڪئي ۽ منهنجي پاڙي ۾ اچي رهيو. هاڻ کيس ٽي ٻار هئا.
    ”مونکي لڳي ٿو توکي هاڻ جهاز هلائڻو ناهي؟“ مون کلندي رزاليءَ کي چيو ۽ هو سمجهي ويو ته آئون ٻارن جي حوالي سان ڳالهه ڪري رهيو آهيان جو دنيا جون ڪيتريون ئي جهاز ران ڪمپنيون جهاز هلائيندڙ آفيسر کي جهاز تي ٻن کان مٿي ٻار رکڻ جي موڪل نٿيون ڏين.
    ”عائشه ۽ مونکي ٻار پسند آهن،“ رزاليءَ چيو، ”بابو به چوي ٿو ته ملائيشيا جي آدم شماري تمام گهٽ آهي. ڀلي گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو. پئسي ڏوڪڙ جي پرواهه نه ڪريو.“
    ملائيشيا ڇڏڻ تائين رزالي کي چار ٻار ٿي چڪا هئا. شام جو واڪ لاءِ نڪرندا هئاسين ته اسين اڳيان اڳيان هوندا هئاسين. عائشه پٺيان. هڪ ٻار ڪڇ تي هڪ کي آڱر کان جهلي هلندي هئي ۽ ٻه ٻار پٺيان پٺيان ٿاٻڙندا ايندا هئا.
    1992ع جي شروع ۾ آئون مالمو (سئيڊن) هليو ويس جتي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي آهي. پوري سال بعد ڪئپٽن رزالي به پنهنجي ڪٽنب سميت اچي مالمو مان نڪتو ۽ منهنجي پاڙي واري بلڊنگ ۾ رهڻ لڳو. هاڻ کيس ڇهه ٻار هئا. پنج پٽ ۽ هڪ ڌيءُ. عائشه کي اسين چوندا هئاسين ته ”عائشه اسان ته توکي ڪڏهن به فوجين وانگر ٻانهون لوڏي هلندي نه ڏٺو آهي. هميشه ساڄي ٻانهن ڪڇ تي کنيل ٻار جي چوڌاري وريل ۽ کاٻي ٻانهن هيٺ جنهن جي هٿ جي شاهد آڱر زمين ڏي اشارو ڪندڙ. لڳي ٿو ٻار وڏا ٿي ويندا ته به تنهنجي ٻانهن جي پوزيشن اها رهندي.
    سئيڊن ۾ سندن اڌ کن ٻار اسانجي گهر ۾ هوندا هئا يا وري ڪونه ڪو ٻار بخار فلو، ٿڌ، زڪام سبب (يا هڪ دفعي ته هڪ ٻار جي ٻانهن ڀڄڻ ڪري) اسپتال ۾ داخل هوندو هو ۽ اٽينڊنٽ طور هن سان گڏ منهنجي زال يا ڌيءَ ٽڪيل هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو منهنجي ملاڪا پهچڻ تي عائشه ٻارن کي جيڪي هاڻ ڪافي وڏا ٿي ويا آهن. ٻڌائيندي رهي ته ملائيشيا توڙي سئيڊن ۾ هو اسان جي گهر ۾ نپيا پليا ۽ اسان جي ڪري هن جي ملائيشيا توڙي سئيڊن ۾ زندگي آسان رهي.
    پروگرام موجب ڪئپٽن رزالي مونکي ٽي بجي ڌاري منجهند جو هوٽل مان وٺڻ لاءِ آيو. هونءَ منهنجو بس ذريعي ملاڪا وڃڻ جو ارادو هو پر ڪئپٽن رزاليءَ جي صبح جو ڪوالالمپور ۾ هڪ ميٽنگ ٿي پئي جيڪا اٽينڊ ڪري مونکي پاڻ سان وٺي هلڻ لاءِ مون واري هوٽل ۾ پهتو. ساڻس گڏ ڪار ۾ سندس پراڻو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن نوررزالي به هو. نورزالي به منهنجو ڪنهن زماني ۾ شاگرد رهي چڪو هو پر هاڻ تقريباً پنڌرهن سالن جي عرصي بعد ۽ فرينچ ڏاڙهيءَ ۾ مونکي سڃاڻپ ۾ ڪجهه دير لڳي وئي.
    ”مسٽر الطاف هي ڪئپٽن نورزالي آهي. منهنجو ڪلاس ميٽ- اسين ٻئي هڪ ئي وقت جهاز جا ڪئپٽن ٿيا هئاسين.“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو ۽ مون ڪار ۾ وهندي کيس کيڪاريو. ”آپا خبر؟“ (ڪهڙي خبر) يعني خوش چاق؟ هن پڇيو.
    ”خبر بائيڪ“ (سٺي خبر) يعني سڀ خير آهي. مون وراڻيومانس ۽ ڪپئٽن رزاليءَ کي مخاطب ٿي چيم ته يار ڏاڙهيءَ ڪري آئون نورزاليءَ کي سڃاڻي نه سگهيس ”هيءَ ڏاڙهي ته ڪجهه به نه،“ رزاليءَ چيو، ”اصل ڏاڙهيءَ ۾ ته توهان هنکي سڃاڻي به نه سگهو ها.“
    ”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
    ”اسان ملئي ۽ چيني ماڻهن کي ته ڏاڙهي ٿئي کنڀ کنڀ. منهنجي گهاٽي آهي پر نورزاليءَ جي چاپئين ڏاڙهيءَ اڳيان اها به ڪجهه نه آهي. رنگ جو به اڇو آهي سو بلڪل افغاني ٿي لڳو.“
    ”پوءِ....؟“ مون رزاليءَ کي بيان جاري رکڻ لاءِ چيو.
    ”هن يارهين سيپٽمبر واري واقعي بعد هو جڏهن نائيجيريا کان پنهنجي بزنيس ٽرپ تان موٽيو پئي ته سنگاپور ايئرپورٽ تي پوليس کڻي سوگهو ڪيس. هي گهڻو ئي هنن سان ملئي زبان ۾ ڳالهائي ته آئون ملائيشيا جو ملئي آهيان پر هو چون ته نه تون القاعده جو ميمبر ٿو لڳين. ٻه ڏينهن جيل ۾ رکيائونس پوءِ سنگاپور ۾ رهندڙ ملائيشيا جي سفير وچ ۾ پئي هن جي جان ڇڏائي. ان بعد هتي پهچي پهريون ڪم اهو ڪيائين جو وڏي ڏاڙهي ڪوڙائي بلڪل فرينچ ڪٽ ڪيائين.“
    مون پٺيان مڙي نورزاليءَ ڏي ڏٺو جيڪو لڳاتار مرڪي رهيو هو.
    ”اڙي ڪئپٽن نورزالي هي سچ ٿو چوي؟“ مون پڇيو.
    ”سر ٻيو ڇا ڪريان ڀلا! منهنجي ڪم جي نوعيت اهڙي آهي جو مونکي هر مهيني ٻاهر وڃڻو ٿو پوي. پوءِ ڪڏهن عرب ملڪن ۾ ته ڪڏهن ممباسا، دارالسلام، مئڊگاسڪر وغيره يا وري وچ ايشيا وارين رياستن ڏي. هاڻ توهان ئي ٻڌايو ته آئون ڪٿي ڪٿي جي جيلن ۾ ويهي اتي جي آفيسرن کي مطمئن ڪندو رهان ته آئون دهشتگرد نه آهيان. Saya Orang Melayu (آئون ملئي ماڻهو آهيان).“
    ڪئپٽن نورزالي اپريل 1958 ۾ ملائيشيا جي ڏاکڻي شهر جي جوهرو ٻارو ۾ ڄائو. يعني ڪئپٽن نورزالي ۽ ڪئپٽن رزالي مونکان 14 سال ننڍا آهن. ٻئي ڄڻا گڏ ڪئپٽن ٿيا. ملائيشيا جي قومي جهاز ران ڪمپني MISC ۾ سال ٻه کن Sail ڪرڻ بعد رزالي ته ٽيچنگ جاب ۾ اچي ويو پر نورزالي به جلد سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ترنگانو رياست ۾ هڪ جهاز جي سروي ڪمپنيءَ ۾ سرويئر ٿي ويو. ٽي سال کن اتي رهڻ بعد انڊونيشيا ۾ مئرين لاجسٽڪ جو ڪجهه سال ڪم ڪيائين. اڄ ڪلهه ڪئپٽن رزاليءَ وانگر پنهنجو بزنيس ڪري ٿو ۽ سندس جهاز ران ڪمپني چارٽرنگ ۽ ڪارگو هئنڊلنگ جو ڪم ڪري ٿي جنهن ڪمپنيءَ جو پاڻ M.D آهي.
    بهرحال اهو معلوم ڪري مونکي خوشي ٿي ته منهنجا شاگرد نه فقط چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ٿي دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلائي رهيا آهن پر ڪناري تي ويهي اهي بزنيس ۽ ڪم ڪري رهيا آهن جن لاءِ هونءَ چيو ويندو هو ته فقط انگريز ۽ يورپي ئي ڪري سگهن ٿا.
    ڪار ڪوالالمپور جو شهر ڇڏي هاڻ هاءِ وي وٺي ملاڪا ڏي وڃي رهي هئي. مون ڪئپٽن رزاليءَ جي منهن ڏي گهوري سندس ننڍپڻ جي چهري کي ڌيان ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪئپٽن رزاليءَ کي ته جهاز وارن ڏينهن کان وٺي ننڍي ڏاڙهي هئي. سئيڊن ۾ اچي ٿوري وڏي ڏاڙهي ۽ ڄاريءَ جي ٽوپي پائڻ شروع ڪيائين پر مونکي ياد نه اچي رهيو هو ته ڪئپٽن رزاليءَ کي شروع کان ڏاڙهي هئي. يا شايد هيس پر ويهه پنجويهه شاگردن جي ڪلاس ۾ ڪٿي ٿي هرهڪ جي صورت ياد رهي.
    ”ڪئپٽن نورزالي توکي تعليم وارن ڏينهن کان ڏاڙهي هئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”نو سر! آءِ واز اي بئڊ بئاءِ آن شپ.“ (آئون جهاز وارن ڏينهن ۾ مذهبي نه هوس) ڪئپٽن نورزاليءَ کلندي انگريزيءَ ۾ وراڻيو.
    ملاڪا ويندي ويندي رستي تي ڪئپٽن رزالي پنهنجي ڪار کي موڙي ملائيشيا جي نئين شهر پُترا جايا ۾ وٺي آيو جيڪو آفيسن جو شهر سڏي سگهجي ٿو. ملڪ جي وزيراعظم جي آفيس کان وٺي هر سيڪريٽري ۽ وزير جي آفيس هتي ٿيندي. هن شهر تي ڪروڙين بلڪه اربها ڊالر خرچ اچي رهيو آهي. هن نئين شهر جي ڪجهه پروجيڪٽن جو ڪم ڪئپٽن رزاليءَ جي ڪمپنيءَ کي مليل آهي جن جي سلسلي ۾ هو هتي ايندو رهي ٿو پر هينئر هو وچين (عصر) نماز پڙهڻ لاءِ ۽ مونکي هي نئون شهر ڏيکارڻ لاءِ ترسيو. نماز بعد ڪئپٽن رزالي اتي جي هڪ ريسٽورنٽ مان رستي تي کائڻ لاءِ ڪجهه Potato Chips ۽ Pea-nuts وٺڻ ويو. تيسين نورزالي ۽ آئون مسجد جي وڏي اڱڻ جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي سامهون وزيراعظم جي لاءِ ٺهندڙ گهر کي ڏسڻ لڳاسين.
    ”نورزالي هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ.“ منهنجي اوچتي سوال تي نورزالي ٿورو حيران ۽ پريشان ٿي ويو ته خبر ناهي آئون ڪهڙو سوال ٿو ڪريان.
    ”مسٽر الطاف پڇو.“ نورزاليءَ چيو.
    ”نورزالي تنهنجو ننڍي هوندي ته مذهب ڏي ايڏو رجحان نه هو. پوءِ هيءَ تبديلي ڪيئن رونما ٿي؟“ مون پڇيو.
    ”پاڪستان مان ڪنهن تبليغي جماعت جا ڪجهه ماڻهو هتي ملائيشيا آيا هئا انهن جو واعظ ٻڌي آئون ڏاڍو متاثر ٿيس. انهن ۾ ڪيترا ڊاڪٽر انجنير ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر هئا پر هنن جي مذهبي ڄاڻ تمام وسيع هئي. ڪيترا اهڙا سوال ۽ ڳالهيون جيڪي مون لاءِ مونجهارو هيون ۽ مون انهن جا جواب چاهيا ٿي انهن کان هنن آگاهه ڪيو. پوءِ ٽي ڏينهن کن گهر ڇڏي هنن سان گڏ ملائيشيا جي ٻين ڳوٺن ۾ تبليغ دوران مون کي پنهنجي اندر ۾ هڪ قسم جي روشني محسوس ٿي ۽ مونکي سمجهه ۾ آيو ته هن دنيا جا مزا فقط چند ڏينهن لاءِ آهن پوءِ اسان کي واپس رب پاڪ ڏي پهچڻو آهي جتي اسانجي عملن مطابق هميشه لاءِ جزا يا سزا ملڻي آهي.
    مَتَاعَ الحَيٰوةِ الدُّنيَا ثُمَّ اِلَينَا مَرجِعُکُم فَنُنَبِّکُمُ بِمَا کُنتُم تَعمَلُونَ.
    ان کان پوءِ مونکي سمجهه ۾ اچي ويو ته هيءَ زندگي هڪ مختصر زندگي آهي. هڪ امتحان آهي. اصل زندگي مرڻ کان پوءِ جي زندگي آهي جيڪا هميشه جي زندگي آهي. مون ان ئي وقت توبه استغفار ڪئي ۽ جانورن جهڙي بي ترتيب ۽ عياشيءَ جي زندگي ڇڏي ڏني. منهنجي هر وقت پنهنجي رب پاڪ کان اها التجا آهي ته مونکي هدايت ڏئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان تي قائم رکي. رَبَّنَا لاَتُزِغ قُلُو بَنَا بَعدَ اِذ هَدَيتَنَا وَهَب لَنَا مِن لَّدُنڪَ رَحمَةَ ج“
    ”آمين ثُم آمين. ڪئپٽن نورزاليءَ اسان لاءِ به دعا ڪجانءِ.“ مون نورزاليءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو.
    ايتري ۾ ڪئپٽن رزالي اسان لاءِ کائڻ جون ڪجهه شيون وٺي آيو.
    ”ڀلا پوءِ رزالي هاڻ ڇڪيون پنڌ کي؟“ مون هتان نڪرڻ ۽ ملاڪا هلڻ لاءِ جلدي ڪئي.
    ”مسٽر الطاف ڪجهه چڪر ته ڏي. هن نئين ۽ ماڊرن شهر تي اربها رپيا خرچ آيو آهي. ايندڙ سال تائين جڏهن ٺهي راس ٿيندو ته هن جو ذڪر پيٽروناس ٽاور وانگر گنيس بڪ آف رڪارڊس ۾ اچي ويندو.“
    ”يار رزالي سچ ٿا توهانجي غريب رياستن (ڪيلنتان ۽ ترنغانو) جا ماڻهو چون ته اجايو مهاتير ويهي خرچ ڪيو آهي. پئسي جي زور تي ته هرڪو نمايان ٿي سگهي ٿو ۽ توهان به اهڙن آسان طريقن سان دنيا جو رڪارڊ قائم ڪري نالو مٿاهون ڪرڻ چاهيو ٿا يا وري اخبار ۾ پڙهندو آهيان ته ملائيشيا جي هڪ همراهه هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ هڪ سؤ کان مٿي نانگن سان هڪ هفتو گذاري رڪارڊ قائم ڪيو يا ڪنهن ڇوڪريءَ ڳل تي زهريلو وڇون رکي ملڪ جو نالو پئدا ڪيو يا ملائيشيا جي هڪ همراهه جي جسم ۾ چقمقي ڪشش آهي ۽ لوهه جي شيءَ هن جي جسم کي چنبڙيو وڃي...“ مون کلندي ڪجهه چرچي ۾ ڪجهه سچ وچ واري انداز ۾ چيو.
    ”ڀلا اهي سڀ ڳالهيون ڇڏيو. اسان واري ڪلاس ميٽ بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟“ رزاليءَ چيو.
    ”ڪهڙو ڪلاس ميٽ؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”اظهر منصور، سر.“ نورزاليءَ چيو، ”اسان وڏن آفت جيڏن جهازن کي هلائي دنيا جا ويهه چڪر هنيا ته به ايڏو نالو پئدا نه ڪيو جيڏو اظهر منصور هڪ چڪر ۾ پئدا ڪيو. اهو به هڪڙي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾!“ اسين سڀ کلڻ لڳاسين.
    ”اظهر ته واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو،“ مون رزالي ۽ نورزاليءَ کي مبارڪون ڏيندي چيو، ”مون جڏهن پاڪستان ۾ توهانجي ڪلاس ميٽ اظهر منصور بابت اخبار ۾ پڙهيو ته هن هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ ڇهن مهينن اندر دنيا جو ڦيرو ڪري رڪارڊ قائم ڪيو آهي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. مون ڪالهه اظهر کي ڏاڍو ياد پئي ڪيو. ٿيو هينئن جو هوٽل ۾ اڪيلو اڪيلو ليٽي مونکي عجيب گهٽ ۽ مونجهه (Depression) اچي پئدا ٿيو ۽ اڪيلائيءَ جو احساس ايڏو ٿيو جو پڪو ارادو ڪيم ته ملائيشيا ۾ وڌيڪ ڏينهن گهمڻ ڦرڻ بدران سڀاڻي ئي جيڪر ڪراچيءَ هليو وڃان. پر پوءِ اوچتو اظهر جو خيال اچي ويو ۽ سوچڻ لڳس ته آئون ته ڪيترن ئي سڃاڻن ۽ ڌارين سان ٻاهر نڪري ملي سگهان ٿو يا ڪمري ۾ ويٺي ويٺي فون تي ڪچهري ڪري سگهان ٿو. ٽي وي ڏسي سگهان ٿو، جنهن وقت دل چئي مان کائي سگهان ٿو ۽ ننڊ اچڻ تي ان وقت ئي سمهي سگهان ٿو وغيره وغيره پر ويچاري اظهر هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ وچ سمنڊ ۾ ڇهه مهينا اڪيلي سر ڪيئن گذاريا هوندا.“
    پنهنجي ملئي (ڪنهن زماني ۾ شاگرد پر هاڻ دوست) همراهن کي کلندي سندن شوق يا ڪمزوريءَ ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيم: ”توهان ملئي ماڻهن کي ڏاڍو شوق آهي ته ڪنهن نموني سان توهان جي ملڪ جو نالو نيوز ميڊيا ۾ اچي ان لاءِ توهان عجيب غريب ڇرڪائيندڙ ڪم به سرانجام ڏيو ٿا جيئن دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪيڪ ٺاهيو ٿا يا وڏي ۾ وڏو جهنڊو يا ان جو ڏنڊو ٺاهيو ٿا. پر منهنجي نظرن ۾ جيڪڏهن ڪو ڪمال آهي ته اهو اظهر جو آهي جنهن يورپي گورن جو به رڪارڊ ڀڃي ڇڏيو. اظهر جو اهو ڪم واقعي هڪ وڏي دليريءَ جو آهي جنهن تي ملائيشيا جيڏو فخر ڪري اهو گهٽ آهي.“
    دراصل اظهر منصور نه فقط ملائيشيا وارن جو هيرو آهي پر اسان مسلمان ۽ ايشيا جي رهواسين جو پڻ. ڇو جو هن کان اڳ ان ڪم ۾ فقط پورپين ۽ انگريز اڳ اڳ هوندا هئا. خاص ڪري انگلنڊ، ناروي ۽ هالنڊ پاسي جا جن پاڻ کي بهترين ۽ بهادر جهاز ران ٿي سمجهيو. پر اظهر دنيا جو رڪارڊ ٽوڙي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هڪ ڪمزور ايشين به مقابلو کٽي سگهي ٿو جيڪڏهن هن جو ارادو پڪو ۽ پختو آهي ته. هن اڪيلي سر هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ ڇهه مهينا ڏهه ڏينهن جبل جيڏين ڇولين، سرد ۽ طوفاني راتين ۾ 21760 ناٽيڪل ميل (اسانجا زميني اٽڪل چاليهه هزار ڪلو ميٽر) جو سفر ڪري دنيا جو ڦيرو مڪمل ڪيو.
    اظهر کي ننڍي هوندي کان ترڻ ۽ جهاز رانيءَ جو شوق هو. بنيادي تعليم پنهنجن ڪلاس ميٽن (ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن نورزاليءَ جهڙن) سان گڏ سنگاپور جي پوليٽيڪنڪ ناٽيڪل اسڪول مان ورتي جو انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ اڃان ڪا مئرين اڪيڊمي نه کلي هئي. تعليم بعد هن مختلف جهازن تي Sail ڪيو پر اظهر کي ننڍي هوندي کان وٺي وڏن ڪَلَ وارن جهازن کان وڌيڪ سڙهه تي هلندڙ ننڍڙيون ٻيڙيون پسند هيون. 1985ع ۾ ساراه نالي ملئي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ۽ 1986ع ۾ ايزاز نالي پٽ ڄمڻ بعد اظهر وڏا جهاز هلائڻ ڇڏي ملائيشيا جي سامونڊي شهر ڪوٽاڪنابالو ۾ اچي رهيو جتي جي هڪ Yachting ڪلب ۾ شوقينن کي ٻيڙي هلائڻ سيکارڻ لڳو ۽ ان سان گڏ اڪيلي سر ڊگها ڊگها سفر (Voyages) ڪرڻ لڳو. ماڻهو چوندا هئا ته هي نه موٽندو پر هي هميشه ڪامياب رهيو. آخر هن جي دماغ ۾ اها ڳالهه آئي ته ڇو نه اڪيلي سر ٻيڙيءَ ۾ دنيا جو ڦيرو ڪجي. هي اهو ڪم آهي جو دنيا جي فقط چند ماڻهن ڪيو آهي ۽ ان شوق ۾ ڪئين جهاز ران پنهنجي ٻيڙي ۽ جان ٻوڙي ويٺا. اظهر جڏهن پنهنجي شوق جو اظهار ڪيو ته هرهڪ هن تان کلڻ لڳو. سندس شوق جي جڏهن ملڪ جي وزيراعظم مهاتير کي خبر پئي ته هن اظهر کي سڏائي سندس همٿ افزائي ڪئي ۽ کيس حڪومت طرفان ٻيڙي ۽ مدد مهيا ڪئي جنهن جي موٽ ۾ اظهر ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ جو نالو ۽ مان مٿاهون ڪيو.
    “Boleh Jalan Sekarang” (هاڻ پنڌ کي ڇڪجي) ڪئپٽن رزاليءَ هلڻ لاءِ اعلان ڪيو ۽ اسان ملائيشيا جو هي نئون ٺهندڙ شهر ”پتراجايا“ ڇڏي ”ملاڪا“ ڏي روانو ٿيڻ لاءِ اچي ڪار ۾ ويٺاسين.
    ”رزالي اهو ته ٻڌاءِ ته سئيڊن ۾ هئاسين ته اتي به توکي ڏاڙهي هئي يا هاڻ رکائي اٿئي.“ هاءِ وي تي پهتاسين ته مون رزاليءَ کان پڇيو.
    ”سئيڊن ۾ هئي پر هاڻ وڏي رکائي اٿم ۽ هيءَ اڇي ڄاري جي ٽوپي به پايان ٿو. مونکان منهنجا دوست اڪثر پڇندا آهن. ته مون ڪا مذهبي پارٽي Join ڪئي آهي ڇا؟ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. ماڻهو ته يورپ ۾ به پنهنجي مسلمان هجڻ جي سڃاڻپ قائم رکن ٿا. جتي ڌارين لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. هي ته اسانجو پنهنجو ملڪ آهي. آئون خوش نصيب آهيان جو آئون يورپ يا آمريڪا بدران هتي ملائيشيا ۾ رهان ٿو جتي مونکي ڪوبه ڏاڙهي رکڻ يا ٽوپي پائڻ کان جهلي نٿو سگهي. هونءَ آئون دوستن کي چوندو آهيان ته مون ڏاڙهي ان خيال کان نه رکي آهي ته ٻين تي رعب ويهي يا خبر پوي ته آئون مذهبي ٿي ويو آهيان پر هيءَ منهنجي ڏاڙهي ۽ ٽوپي منهنجا چوڪيدار آهن. مونکي غلط ڪم ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ گارڊ آهن. مونکي شيطان کڻي ڀٽڪائي به تڏهن به آئون ڏارهيءَ هوندي ڪنهن ڊسڪوٿي يا غلط محفل ۾ نٿو وڃي سگهان. سو هيءَ ڏاڙهي مون پنهنجو پاڻ کي هر وقت خبردار ڪرڻ لاءِ ڄڻ پهريدار وهاريو آهي.“
    ڪئپٽن رزاليءَ جي اها ڳالهه ٻڌي هن وقت ڪرڪيٽ پليئر انور سعيد جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي جنهن ڏاڙهي رکڻ بابت جدي جي انگريزي اخبار Arab News کي انٽرويو ڏيندي چيو:
    “The beard has had a strange spiritual effect on me which I cannot describe. When you wear a sweater it gives you warmth inside. Also, my beard has affected the people around me. They never utter a filthy word in my presence. So my five senses are protected from exposure to bad things”
    اڄ کان ٻارهن سال اڳ جڏهن ملائيشيا ڇڏي رهيو هوس ته تيستائين فقط ڪوالالمپور کان ملاڪا تائين هائي وي ٺهيل هو پر هاڻ اهو اڳيان جوهور بارو ۽ سنگاپور تائين ٺهي ويو آهي. اسانکي ملاڪا جي هڪ ننڍڙي شهر مسجد تاناح ۾ وڃڻو هو جتي ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن نورزاليءَ جو گهر ۽ آفيس آهي. ڪئپٽن رزاليءَ چيو ته ”آئون پنهنجو پرائيويٽ بزنيس پاڪستان ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو. شپ چارٽرنگ يا پام آئل جو سِروي ڪرڻ چاهيان ٿو. ان لاءِ تون اسان جو ساٿ ڏي ته شروع ڪريان.“
    ”مونکي بزنيس يا پرائيويٽ انٽرپرائيز لاءِ ڪا دلچسپي ڪانهي ۽ تون به ماٺ ڪري ويهه.“ مون چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ ڪئپٽن نورزاليءَ تعجب مان پڇيو.
    ”ملئي ماڻهوءَ کي واپار جهڙي شيءَ ۾ هٿ نه وجهڻ کپي، ڇو ته ملئي ماڻهو زمينداري ۽ نوڪريءَ ۾ ئي ڪامياب رهن ٿا. هنن کي واپار جي ور وڪڙن ۽ ٺڳين چالاڪين جي ڪا خبر ناهي.“
    ”پر الطاف! ڪئپٽن نورزاليءَ جي زال هن کي واپار لاءِ زور ٿي ڀري.“ ڪئپٽن رزاليءَ چيو.
    ”ڪير آهي؟“ مون پڇيو.
    ”چينياڻي آهي.“ رزاليءَ چيو.
    ”پوءِ نورزالي ڀلي بزنيس ڪري“ مون چيو.
    ”ڇو....؟“ نورزالي ۽ رزالي هڪ ئي وقت پڇيو.
    ”ڇو جو چيني تيز آهن ۽ هر اهو ملئي جنهن جي زال چينياڻي آهي ان پنهنجي مڙس کي به هوشيار ڪري ڇڏيو آهي. ڪئپٽن حمزي کي ڏسو، ڪئپٽن زين الاڪبر ڏسو.“
    ’مسجد تاناح‘ اچڻ کان اڳ ڪئالا سنگائي بارو ڳوٺ ٿو اچي جتي ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي آهي ۽ جتي مون زندگيءَ جا اٺ سال کن گذاريا. اسان سريمبان شهر کان پوءِ پورٽ ڊڪسن وٽان ٿيندا ڪئالا لنگي نالي ڳوٺ وٽان لنگهياسين ته سج لهي رهيو هو. هي اهو ڳوٺ آهي جتان اسان اڪثر آچر ڏينهن مڇي ۽ گانگٽ خريد ڪرڻ ايندا هئاسين. ڪئالا لنگي ڳوٺ ۾ ملئي مهاڻا ۽ چيني مڇيءَ جا واپاري رهن ٿا. نه فقط ڳوٺ جا پر ڏورانهن ڪنارن جا مهاڻا ڦاسايل مڇي هنن چينين وٽ اچي وڪڻن ٿا جيڪا هو پري پري شهرن تائين ڪڏهن ته سنگاپور ٽرڪن ۽ ٻيڙين ذريعي موڪلين ٿا. رستي جي ڪناري تي هڪ چيني، گدام اڳيان ڳاڙهي رنگ جون مڇيون ڌوئي رهيو هو. مون وانگر ٺوڙهو ٿي ويو هو ۽ شڪل به ڦري وئي هيس پر مون سڃاڻي ورتومانس. هن کي ڪهڙي خبر ته ساڻس مڇين ۽ مهاڻن بابت سوال ڪندڙ جيڪو ٻارهن سال کان گم ٿي ويو هو سو هن وقت هن گاڏيءَ ۾ سندس اڳيان گذري ويو. چئن پنجن ميلن کانپوءِ ڪئالا سنگائي بارو هو.
    ”ٻانگ اچڻ واري آهي اڪيڊمي واري سورائو (مسجد) ۾ نماز پڙهجي يا مسجد تاناح گهر پهچي؟“ ڪئپٽن رزاليءَ پڇيو.
    ”ڪئالا سنگائي بارو گاڏي جهلجانءِ ته اڪيڊمي واري مسجد ۾ نماز پڙهنداسين.“ مون ڪئپٽن رزاليءَ کي چيو.
    ”احمد ينگ چِڪ جو سهرو بيٺو هو. هن جو گهر ياد اٿئي نه؟“ ڪئپٽن رزاليءَ رستي جي ٻنهي ڪنارن تي ڪاٺ جي ٺهيل گهرن مان هڪ ڏي اشارو ڪندي پڇيو. احمد ينگ چڪ پهرين شاگرد جي حيثيت ۾ اڪيڊمي ۾ آيو هو. انجنيري (مئرين) جا امتحان پاس ڪري اسان وٽ ليڪچرار ٿي رهيو. اڪيڊميءَ جي ڪئمپس ۾ رهڻ بدران ڪئالا سنگائي بارو (Kaula Sungui Baru) ۽ ڪئالا لنگي ڳوٺن جي وچ ۾ سندس سهري جي هن گهر ۾ رهندو هو ۽ اسان هن وٽ اڪثر ويندا هئاسين ۽ هاڻ ڪئپٽن رزالي منهنجي يادگيري ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پڇي رهيوهو ته آيا مونکي هن جو گهر ياد آهي يا نه.
    ”رزالي اڃان ته ياد اٿم،“ مون جواب ڏنومانس ۽ ان وقت گذرندڙ گهرن ڏي اشارو ڪري چيومانس ته ”اجهو اهو سبتو ڊرائيور جو گهر، اسانجي گهر ڪم ڪندڙ ماسيءَ جو گهر.....“
    ”چئبو ته توکي هرهڪ جو نالو ۽ گهر به اڃان ياد آهن!“ ڪئپٽن نورزاليءَ تعجب مان پڇيو.
    ”نورزالي خبر اٿئي مون لاءِ ۽ منهنجي فئملي لاءِ ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي اسان گهرو زندگي جي شروعات ڪئي.“ مون ڪئپٽن نورزالي کي پنهنجي زندگيءَ جي شروعاتي سالن بابت ٻڌايو، ”آئون فقط شروع جا ڏهه ٻارهن سال پنهنجي ڳوٺ گهر ۾ رهيس ان بعد چوٿو صدي (پنجويهه کن سال) مختلف شهرن جي هاسٽلن ۽ جهازن تي گذاريندو رهيس. ان دوران شادي ڪيم، ٻار ٿيا اهي به مون سان گڏ رهيا ۽ پوءِ جڏهن ملائيشيا گهر وٺي اچي رهياسين ته هو سمجهڻ لڳا ته سندن اصل ڳوٺ اهو آهي جتي اسڪول، کيڏڻ جا ميدان هڪ جيڏا ٻار هئا جن سان هنن ملئي ٿي ڳالهائي ۽ انهن جي مائرن کي هنن چاچيون ۽ ماسيون ٿي سمجهيو. ايتريقدر جو نون سالن بعد ڳوٺ آياسين ته هو ڪي ڏينهن اهو ئي پڇندا رهيا ته گهر ڪڏهن هلبو. يعني ملائيشيا ڪڏهن هلبو. هو اڙدو سنڌي به پوءِ سکيا. پهرين توهانجي ملئي زبان پڙهيا ۽ پاڙيوارن جي واتان ٻڌئون. ساڳي وقت مون لاءِ به گهرو توڙي ڪناري جي زندگي ملائيشيا ۾ ئي شروع ٿي نه ته ان کان اڳ پيٽارو ۽ چٽگانگ جي هاسٽلن ۾ هوس يا سمنڊ تي جهاز ۾- سو مونکي ٻڌاءِ ان پاڙي، ان ڳوٺ ۽ ان ملڪ کي آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان. مونکي هنن ڳوٺن جي گهٽي گهٽي ۽ گهر گهر ياد آهي ۽ انهن ۾ رهندڙ پيارن ۽ سادن ماڻهن جي خوشين ۽ ڏک درد جي ڪهاڻين کان واقف آهيان. هنن جي شادين ۾ ڄاڃي ٿي ۽ قضين تي ڪانڌي ٿي آئون لڳاتار نو سال هنن اوس پاس جي ڳوٺن جي گهرن، دڪانن، قبرستانن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي هليو آهيان سو ڪيئن ٿو آئون هتي جي ماڻهن کي وساري سگهان.
    ”نورزالي خبر اٿئي آئون جڏهن 1982ع ۾ هتي آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪري سائما کي پٽ ڄائو هو. هن ان جو نالو ’الطاف‘ رکيو ۽ مونکي چيو سر توهانجو نالو ٿورو ڏکيو آهي پر اسان لاءِ نئون ۽ دلچسپ آهي سو پٽ جو نالو اهو رکيو اٿئون. سائما جو مڙس ’مسجد تاناح‘ شهر واري بئنڪ ۾ ڪئشير هو. آئون جڏهن بئنڪ تي ويندو هوس ته هو سڀني کي ٻڌائيندو هو ته اهو آهي Expatriate (ڌارئين ملڪ جو) جنهن جي نالي تان اسان پنهنجي پٽ جو نالو رکيو آهي. 1991ع ۾ ملائيشيا مان موٽيس پئي ته هو اٺ نون سالن جو هو ۽ ٽئين ڪلاس ۾ هو ۽ هينئر هو پورن ويهن سالن جو آهي. هتي اچڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هن جي ماءُ پيءُ جو عيد ڪارڊ آيو هو جنهن ۾ لکيو هئائون ته سندن پٽ الطاف آرمي ۾ ليفٽيننٽ آهي.‘ ۽ آئون اهو پيو سوچيان ته وقت ڪيئن ٿو جهٽ گذريو وڃي. ڪالهوڪا ٻار اڄ وڏا ٿي ويا ۽ وڏا پوڙها ٿي ويا.“
    ايتري ۾ اسان اچي ڪئالا سنگائي باروءَ ۾ پهتاسين. ٻانگ اچي چڪي هئي. جلدي جلدي گاڏيءَ مان لهي مسجد ۾ گهڙياسين. امام تڪبير هڻي رهيو هو. اڳئين صف مڪمل ٿي چڪي هئي. آئون ٻي صف ۾ اچي بيٺس. نظرون ڦيرائي ڏٺم ته چار پنج سڃاڻا لڳا هنن به مونکي ڏٺو. ٿي سگهي ٿو هنن نه سڃاتو هجي. هي پَٽَ ڇڏي مونکي ٻارهن سال ٿي ويا هئا. شروع جو سال ٻه کڻي هنن کي منهنجو نالو ۽ چهرو ياد رهيو هجي. هاڻ ڪو ياد يا پاد. پر جيڪڏهن هنن سڃاتو به هجي ته هن وقت هو نه کيڪار ڪندا نه سڃاڻپ جو اظهار. ملئي ماڻهن جي اها لاجواب عادت آهي جنهن جي واکاڻ آئون ٻين سان به ڪندو آهيان ته هو نماز جوٽڻ کان اڳ پنهنجو ڌيان ٻين ڳالهين ۽ اوسي پاسي جي ڏيک کان هٽائي نماز ڏي مڪمل Concentration ڪندا. ان لاءِ ڀلي هنن کي منٽ ٻه لڳي ۽ تيسين نماز جي نيت ڪري تڪبير (الله اڪبر) نه چوندا.
    نماز ۽ دعا بعد هڪ ٻئي پويان ڪيترائي ”سلامت داتنغ“ (ڀلي ڪري آئين). ”بيلاڪ اواڪ داتنغ“ (ڪڏهن توهان جو اچڻ ٿيو)، ”انچڪ الطاف ڪنال سايا“ (مسٽر الطاف مونکي سڃاڻين ٿو) وغيره وغيره چئي ملڻ لڳا جيڪي اوسي پاسي جي ٻهراڙين جا هئا ۽ منهنجي ڏينهن ۾ اڪيڊمي ۾ ڊرائيور، مالهي يا سيڪيورٽي گارڊ جهڙو ڪم ٿي ڪيائون. هڪ ته اهو به هو جنهن جو ڪم ڪلاس روم ۽ آفيس مان نانگن کي ڀڄائڻ يا مارڻ هو. (ياد رهي ته ملائيشيا نانگن جو ملڪ آهي). بهرحال ڪيترا رٽائرڊ ٿي چڪا هئا. سندن ٻار ڪوالالمپور، شاهه عالم ۽ جوهور بارو جهڙن شهرن ۾ پڙهي رهيا هئا.
    نماز بعد باقي ڏهاڪو کن ڪلوميٽر پري مسجد تاناح رزاليءَ جي گهر پهتاسين. رستي نورزاليءَ کي سندس گهر لاٿوسين.
    ***


    ملائيشيا جون چچيون، شاديون ۽ طهر

    ملائيشيا ۾ پهچڻ سان جيڪا پهرين شيءَ توهانکي پريشان ڪري ٿي- چچي (Lizard) آهي، جيڪا اسان وٽ به گهرن ۾ عام نظر اچي ٿي پر فرق فقط اهو آهي ته اسانجي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جي گهرن ۾ هلندڙ چچيون خاموش آهن پر هتي جون چچيون رات جي وقت اهڙو ته ٽرٽر ٽرٽر جو آواز ڪن ٿيون جو ستل به ڇرڪ ڀري اٿي وڃي. ائين لڳي ٿو ڄڻ ڊور بيل پيو وڄي يا ڪو در جو لوهي ڪنڊو پيو کڙڪائي. اڄ کان ويهه سال اڳ جڏهن پهريون دفعو ملائيشيا ۾ جهاز تي رهڻ بدران گهر ۾ رهيس ته پهرين رات ئي ان ٽرٽر جي آواز تي وايون بتال ٿي ويون ته ڇا جو آواز آهي. آئون ۽ منهنجو ٻيو پاڪستاني ساٿي انجنير آصف غيور اڪيلا آيا هئاسين. اسانکي آخري ڪنڊ وارا فليٽ مليا هئا. ٻن پاسن کان سمنڊ هو ته ٻن پاسن کان قبرستان.
    چچيءَ جي ٽرٽر ٽرٽر تي مونکي ننڊ ۾ ائين لڳو ته ڪو ٻاهر در جو ڪنڊو ٺڪ ٺڪ پيو ڪري. ٽپ ڏئي اٿيس ته آواز بند ٿي ويو. در کولي ڏٺم ته ڪير ڪونه هو. رات جو هڪ ٿيو هو. سمنڊ جي ڇولين جو هلڪو آواز اچي رهيو هو يا قبرستان واري پاسي کان جيتن جي سنهي چِر چِر جو آواز. ماٺ ڪري سمهي پيس پر ڪلاڪ ٻن بعد وري تکي ۽ سنهي ٽرٽر تي اک کلي ته يڪدم بتي ٻاري چوڌاري ڏٺم ته ڪير به نه هو. هڪ هڪ ڪمرو ۽ بورچيخانو ۽ باٿ روم ڏٺم. ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو. ائين سمهندي جاڳندي صبح ٿي ويو. پوءِ ٻن ٽن ڏينهن بعد هتي جي ملئي دوست ٻڌايو ته اهو آواز چچيءَ جو آهي. مون کي يقين ئي نه آيو. پوءِ ان رات بتي وسائي ننڊ جو بهانو ڪري سمهي رهيس ته ٿوري بعد چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته هڪ چچي ٻيءَ کي سڏڻ لاءِ آواز ڪڍي رهي هئي. بعد ۾ ملئي دوستن ٻڌايو ته مادي چچي پنهنجي نر ساٿيءَ کي ميلاپ لاءِ سڏڻ لاءِ آواز ٿي ڪڍي.
    ”۽ هي توهان جو ڏيڏر جيڪو رکي رکي ڍڳي جو آواز ٿو ڪڍي.“ مون هنن کان پڇيو.
    ”اهو به رڙ ڪري پنهنجي ساٿيءَ کي ٿو سڏي“ هنن ٻڌايو.
    ”عجيب نڀاڳا توهان جي ملڪ جا جيت جڻيا آهن.“ مون کلندي پنهنجي ملئي دوستن کي چيو، ”ان ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ کين ڪو ٻيو اشارو يا ڪو خاموش سگنل نٿو سُجهي. آخر دنيا جي ٻين ملڪن جون چچيون ۽ ڏيڏريون به ته Productivity قائم رکنديون اچن.“
    ۽ هاڻ ملائيشيا کان ٻارهن سال ٻاهر رهي ملائيشيا جا نانگ بلائون ۽ چچين ۽ ڏيڏيرن جون رڙيون ۽ رانڀاٽ وساري ويٺو هوس. ڪوالالمپور ۾ جيڪي ٽي ڏينهن ۽ راتيون گذاريم سي فائيو اسٽار هوٽل ۾ گذريا جتي جي اڙهين ماڙ ڪمري تي نه ڪا چچي پهچي سگهي ٿي نه ڏيڏر جو آواز. ان بعد جڏهن ڪئپٽن رزاليءَ جي گهر اچي رهيس ته پهرين رات ئي اک لڳڻ سان چچيءَ جي ٽرٽر شروع ٿي وئي. يڪدم ڏنڊو کڻي ڀت تي هلندڙ چچين کي ٺڪ ٺڪ ڪري دريءَ کان ٻاهر ڪڍيم ۽ پوءِ دريون بند ڪري هلڪو ايئرڪنڊيشنر هلائي ستس ته ڄڻ ته بيهوش ٿي ويس. سڄي ڏينهن جو ٿڪ هو ۽ رات جي مانيءَ ۾ ملئي قسم جا فراءِ چانور (Nasi Goreng) ۽ ملئي مٺائي (Kuih) گهڻي کائي ويو هوس سو ننڊ اصل اکين تي ويٺي هئي ۽ سڪون جي ننڊ ڪندي مونکي ته ائين لڳو ته ڪلاڪ ٻه ڪو مس ٿيو آهي ته منهنجي سيراندي واري ڀت تي (جتي دري هئي) ٿپ ٿپ جا آواز ٿيا. مونکي ائين لڳو ڄڻ ڪو ڀت تي هٿ هڻي مونکي اٿاري رهيو هجي. پهرين ٿپ ٿپ تي ئي اٿي کڙو ٿيس. سمجهي ويس ته ڪئپٽن رزالي فجر نماز لاءِ اٿاري رهيو هوندو. پر ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو.
    ”سياپا؟ سياپا؟“ (ڪير آهي؟ ڪير آهي؟) مون پڇيو. پر جواب ملڻ بدران وري ٿپ ٿپ ٿي ۽ آئون اڃان سوچي رهيو هوس ته ڪير ٿي سگهي ٿو ته وڏي شاهي ”ڪڪڙون تون“ ٿي.. دري کولي ڏسان ته ڀت تي هڪ ڪنگ سائيز ڪڪڙ ويٺو آهي. جنهن منهنجي پرواهه نه ڪندي هڪ دفعو وري پنهنجا پر جسم تي هڻي ٻانگ ڏني ۽ پوءِ هڪ ٻئي پويان ٽي چار ٻانگون اهڙي زور سان ڏنائين ڄڻ لائوڊ اسپيڪر ۾ ڏئي رهيو هجي. مون رب پاڪ جا شڪر ادا ڪيا ته فجر نماز مِس ڪرڻ کان بچي ويس. صبح جو نماز تي اٿڻ لاءِ جيڪو گهڙيال ٺاهي رکيو هوم سو شايد بيهي ويو هو ۽ رات جا پوڻا ٻه ڏيکاري رهيو هو. ان صورت ۾ ڪڪڙ کي شاباس هجي جو ٻانگ ڏئي مونکي اٿاريائين نه ته اڇو صبوح ٿي وڃي ها. ٿَڪَ جي ڪري ائين پئي لڳو ڄڻ ننڊ پوري نه ٿي هجي ۽ اکيون ائين پوسري رهيون هيون ڄڻ ڪچي ننڊ مان اٿيو هجان. بهرحال چادر هٽائي بستر تان اٿي ڪمري جي بتي ٻاريم ته سامهون ڀت تي لڳل گهڙيال تي نظر پيئي ۽ اهو ڏسي وائڙو ٿي ويس ته ان ۾ به پوڻا ٻه ٿيا هئا. ائين ته ٿي نٿو سگهي ته ٻئي گهڙيال هڪ وقت بيهي رهيا هجن. تنهنجي معنيٰ ته ٻنهي جو ٽائيم صحيح آهي ۽ آئون واقعي ٻه ڪلاڪ کن مس ستو آهيان. حق تي مونکي ننڊ مان اٿڻ تي سستي ٿي رهي آهي. بهرحال ٺهيو اڃان ڪافي وقت سمهڻ لاءِ آهي. آئون خوش ٿي سمهي رهيس ۽ يڪدم ننڊ اچي وئي.
    ”ٺڪ ٺڪ. ٺڪ ٺڪ ڪڪڙون تون.“ هڪ دفعو وري ڪڪڙ پنهنجا کنڀ زور سان ٺپي ٻانگ ڏني ۽ آئون ٽپ ڏئي اٿي ويٺس. گهڙيال ۾ وقت ڏٺم ته ساڍا ٽي ٿيو هو. معنيٰ هن ڪڪڙ کي اها به خبر ناهي ته ٻانگ آڌي رات جو نه پر صبوح جو ڏجي. يا ته هي عجيب ڪڪڙ آهي جو جنهن وقت موڊ ٿي ٿيئس ان وقت ٻانگ ٿو ڏئي! نڪي پاڻ ٿو سمهي نڪي مونکي سمهڻ ٿو ڏئي. هڪ دفعو وري ڏنڊو کنيم جيڪو دراصل ڏنڊو ته نه هو پر ٻارن جي ڊرائنگ بورڊ جي ’ٽي‘ هئي جنهن سان وڏي ڪاغذ تي ليڪون پائبيون آهن. دري کولي ڪڪڙ کي پنهنجي سامهون واري ڀت تان ڀڄائڻ چاهيم پر ٿورو اڳيان هلي هو وري زور زور سان ٻانگون ڏيڻ لڳو.
    عجيب موالي ڪڪڙ آهي. نه مهل نه وقت بيشرم ٿي ٻانگون پيو ڏئي. مون ڪاٺ جي ان ’ٽي‘ سان ڀت تي ٺڪ ٺڪ ڪئي پر هو چاهيندي به اڳيان چري نه سگهيو. هن کي رسو ٻڌل هو. مجبور ٿي هن کي ڇڏي ڏنم ۽ پوءِ صبح تائين مونکي ننڊ ٿي آئي ته هن ٻانگ ڏئي اٿاريو ٿي. صبح جو نيرن تي رزاليءَ منهنجيون اکيون سڄيل ڏسي چيو:
    ”شايد مڇرن ڪري توکي ننڊ نه آئي آهي.“
    ”منهنجا ڀاءُ! مڇرن کي هڻ کڏ ۾- مونکي رڳو اهو ٻڌاءِ ته جڏهن هر ڪمري ۾ ٽي ٽي گهڙيال رکيا آهن ته ههڙي هرڪيولس ٽائيپ ڪڪڙ پالڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“
    ”اصل ۾ اهو عائشه توهان لاءِ وٺي آئي آهي.“ هن پنهنجي زال ڏي اشارو ڪندي چيو.
    ”ڀائي خيريت؟“ مون عائشه کان پڇيو.
    ”توهان ئي ته چوندا هئائون ته فارمي ڪڪڙيون نه پر ديسي ڪڪڙيون کائڻ کپن. ان ڪري توهان جي اچڻ جو ٻڌي ڪالهه گهرايو اٿم جيئن سڀاڻي ”ناسي ايام“ (ڪڪڙ ۾ پلاءُ) رڌجي.“ عائشه ٻڌايو.
    ”منهنجي ڀيڻ ان کي پنڌرهن کان مٿي سال اچي ٿيا جڏهن ملاڪا ۾ توهان اسانجي پاري ۾ اچي رهيا هئائو ۽ پاسار مالم (هڪ قسم جي جمع بازار) مارڪيٽ مان خريداري ڪرڻ وقت آئون توهانکي صلاح ڏيندو هوس ته ديسي ڪڪڙيون وٺو ڇو جو ان مارڪيٽ ۾ ديسي ۽ فارمي ڪڪڙين جي هڪ ئي قيمت هوندي هئي. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن توهان کي ديسي ڪڪڙيون وٺڻيون ئي هيون ته هڪ يا ٻه ننڍيون کڻي وٺي اچو ها. هيڏي وڏي جانور جي ڪهڙي ضرورت هئي جنهن سڄي رات سمهڻ نه ڏنو آهي.“ مون چيو.
    ”هيڏي وڏي ڪڪڙ وٺڻ لاءِ عائشه کي مون صلاح ڏني.“ ڪئپٽن رزالي چيو.
    “Kenapa” (ڇو ڀلا؟) مون پڇيو.
    ”ظاهر آهي ننڍين ڪڪڙين کي ائين پڃري بنا ڪو نانگ (Python) ڇڏيندو“ رزاليءَ اهڙو سبب ٻڌايو جنهن کان آئون به ڀلي ڀت واقف هوس.

    ”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا ڪجي؟“ ڪئپٽن رزاليءَ پڇيو ۽ مون هن پهلوان ڪڪڙ جون کڙهون ڏسي چيومانس ته رزالي جي ماتلي شهر هتان ويجهو هجي ها ته هلي شرطن تي ويڙهايونس ها پر هاڻ مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهي هن کي سِير وجهائي ديڳڙي حوالي ڪرينس جيئن ٻي رات مٿان نه پوي.
    .رزالي هن ڪم ۾ مهرباني ڪري دير نه ڪجانءِ. بس سمجهه ته جهاز جا رسا کلي چڪا آهن ۽ هر صورت ۾ جهاز کي لنگر کڻڻو آهي.“ مون کلندي رزاليءَ کي وري تاڪيد ڪئي، جنهن ان ئي وقت پنهنجي وڏي پٽ کي موڪليو ته پاڙي جي مولويءَ کان ذبح ڪرائي اچ.
    ”جيئن مهمان ماني کائين ۽ رات جو سمهي سگهن.“ مون لقمو ڏنو. ملائيشيان جي ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو ڪري ڪاٺ جا ڳوٺاڻي قسم جا گهر ٿين جن جي باٿ روم ڪمرن کان گهڻو پري هوندي آهي. پر هن سڄي گهٽيءَ ۾ رزاليءَ جي گهر وانگر سڀ گهر ’شهري نموني‘ جا ٺهيل هئا. هيٺ ڊرائنگ روم، ٽي وي لؤنج ۽ ڪچن. اڳيان ننڍڙو باغيچو ۽ پويان اسٽور روم. مٿين ماڙ تي گڏيل باٿ روم سان گڏ ٻه ڪمرا جن ۾ ٻار ٿي رهيا ۽ جن مان هڪ ڪمرو منهنجي حوالي ڪيو ويو هو. انهن ٻن ڪمرن کان علاوه هڪ ڪمرو (بيڊ روم) اڌ ڏاڪڻ تي به هو جنهن ۾ رزالي ۽ عائشه ٻن ٻارن سان رهيا ٿي. هن گهر کي ٺهي اڃان ٻه سال به نه ٿيا هئا پر هڪ ته سخت مينهن ڪري ۽ ٻيو سستي قسم جي ڪنسٽرڪشن ڪري سڄي گهر جي حالت خراب هئي. ساڳيو حال سعودي عرب ۾ ڏٺم. ان خيال کان اسان جي ملڪ جا سول انجنير، آرڪيٽيڪٽ، مستري، مزور تمام گهڻو هوشيار ۽ Skilled آهن. هڪ ڳوٺ ۾ ٺهيل پڪو گهر به سهوليت ۽ معيار جي حساب سان سک وارو ۽ بهتر هوندو. باقي هتي هي رزالي توڙي پاڙي جي ٻين گهرن (جن ۾ پڻ منهنجا سڃاڻا رهيا ٿي) جي Workmanship ڏسي حيرت ٿي ٿئي. بجلي جا سئچ لڙڪن پيا، نلڪا ڀڳا پيا آهن، پائيپ ليڪ پيا ٿين، ڪمرن جا ڄٽڪا رنگ ۽ ٽائيلون، نيٺ هڪ ڏينهن رزاليءَ کي چيم ته هن باغ بستانن جي ملڪ ۾ کليل ٻهراڙي ٽائيپ گهر بدران هي بند بند ڪمرن وارو گهر ڇو ٺهرايو اٿئي.“
    ”سچ ٿو چئين،“ هن وراڻيو، ”اسان پاڙي جا سڀ افسوس پيا ڪريون ته پهرين بهتر هئاسين.“
    ملاڪا ۾ اچڻ جو ڪو خاص مقصد نه هو. ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪوالالمپور جي گوڙ شور کان پري رهڻو هو ۽ جيئن ته ملائيشيا جي هن رياست ”ملاڪا“ ۾ آئون پهريون هڪ وڏو عرصو نوڪريءَ جي سلسلي ۾ رهي ويو هوس ان ڪري ڪيترن ئي ماڻهن سان واقفيت هئي ۽ هاڻ ٻارهن سالن بعد اهي پراڻيون عمارتون ڏسي ۽ ماڻهن سان ملي خوشي ٿي رهي هئي. انهن ۾ ڪيترا اهڙا هئا جيڪي ڪئپٽن رزالي ۽ منهنجا اڳ جا سڃاڻا هئا. ڪئپٽن رزاليءَ وٽ رهڻ دوران اسان روز صبح جو نائين بجي سندس آفيس لاءِ نڪرندا هئاسين جيڪا پنج ڇهه ميلن تي هئي. سندس آفيس ۾ جن پنج ڇهه ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيرن ڪم ڪيو ٿي. اهي سڀ منهنجا ڪنهن زماني ۾ شاگرد هئا ۽ پوءِ انهن مان هڪ ٻه ڄڻا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي مون سان گڏ ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لڳا هئا. هڪ بختيار نالي ننڍي عمر جو چيف انجنيئر ٻين وانگر مونکي Sir چئي رهيو هو. مون سمجهيو هو تڪلف ۾ ٻين سان گڏ منهنجي عزت ڪري رهيو آهي پر منهنجو شاگرد نه آهي.
    ”منهنجي خيال ۾ توهان مون وٽ نه پڙهيا آهيو.“ آخر مون کانئس پڇيو.
    ”سر ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو، آئون فلان فلان سان گڏ هوس. سزا خاطر اسان کي عيد جي موڪل نه ملي هئي پوءِ اسان توهان جي گهر پاڪستاني اسٽائيل چانور کاڌا هئا ۽ توهان چيو هو ته ان کي ’برياني‘ سڏبو آهي.“ هن ٻڌايو ۽ پوءِ مونکي به ياد آيو.
    ڪئپن رزالي ۽ سندس هي ساٿي ملائيشيا جي مختلف جهاز ران ڪمپنين جي آفيسرن ۽ خلاصين کي جهاز هلائڻ جو اهم ڪورس ڪرائين ٿا. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل جهازن جي ڊيڪ ۽ انجن روم جي ضروري شين ۽ مرمت جي مسئلن کي منهن ڏئي پئسو اوڳاڙين ٿا. يعني هنن جي هڪ پرائيويٽ نوڪري آهي. ڪنهن ڏينهن سڀ بزي رهن ٿا ته ڪنهن ڏينهن ڪم نه هجڻ ڪري سڄو ڏينهن ويٺا اوٻاسيون کائين يا ڪم جي فون ۽ انٽرنيٽ ذريعي ڳولا ڪن. ٻه چار ڇوڪريون ٽائپنگ، فائيل ورڪ ۽ چانهه پيارڻ لاءِ رکي ڇڏيون اٿن جيڪي سندن غير حاضري ۾ ملائيشيا يا ملڪ کان ٻاهران آيل فون ڪال اٽينڊ ڪري ان بابت جهاز جي گهرج جي لسٽ يا ٽريننگ جو ٽائيم ٽيبل ٺاهين. انهن ۾ هڪ پهرين ڏينهن ئي مونسان ملئي ۾ ڳالهائي منهنجي زال ۽ ٻارن جي خير خبر پڇي رهي هئي. مون کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه سڃاڻي سگهيس. ”مسٽر عاذب جي ڌيءَ آهي“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو.
    ”ڪمال آهي آئون ته اڃان به نه پيو سڃاڻان.“ مون چيو، ”ظاهر آهي ڪيڏو وڏو عرصو ٿي ويو آهي.“
    ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسانجا ڪيترائي پاڙيسري ٿيا. پهرين پهرين جن فلئٽن ۾ اچي رهياسين انهن جي هيٺين فلور تي مسٽر عاذب ۽ مسٽر موسيٰ بن آدم نالي ٻه ملئي انسٽرڪٽر رهيا ٿي جن خلاصين (GP) کي پڙهايو ٿي. انهن ٻنهي جون ڌيون منهنجي وڏي ڌيءَ مريم جون ڪلاس ميٽ هيون. شام جو وقت هو- اسان وٽ کيڏڻ به اينديون هيون. موسيٰ بن آدم جي ڌيءَ غريب هئي پر عاذب جي هيءَ ڌيءَ ڏنگي هوندي هئي. مون ڪئپٽن رزاليءَ کي ٻڌايو ته ننڍي هوندي راند ۾ هيءَ اهڙيون دانهون ڪندي هئي جو منهنجي زال کيس روز وارننگ ڏيندي هئي ته هاڻ آئندي توکي گهر ۾ گهڙڻ نه ڏيندس پر هن کي ڪا پرواهه نه هوندي هئي. ٻئي ڏينهن وري اچي حاضر ٿيندي هئي. پر پوءِ سگهو ئي سال اندر هي اڪيڊمي ڪئمپس کان ٻاهر وڃي رهيا ۽ ڇهين ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ سندس اسڪول به ٻيو ٿي ويو. ان کانپوءِ اڄ سورهن سترهن سالن بعد هنکي ڏسي رهيو آهيان.
    هنن ڪلارڪ ڇوڪرين مٿان سپرنٽنڊنٽ مسٽر الياس هو. مسٽر الياس به ساڳي اڪيڊمي ۾ جهازين کي فائر- فائيٽنگ جو ڪورس ڪرايو ٿي، اسان کان ڏهه ٻارهن سال وڏو هو. يعني هن وقت ستر سالن جو ٿيندو.
    ”الياس کي اسان انساني همدردي طور جاب ڏنو آهي. ايماندار ۽ نيڪ ماڻهو آهي. هيءَ عمر نوڪريءَ جي ناهي پر اسان ائين کيس وقت پاس ڪرڻ لاءِ هتي رکيو آهي. ساڻس جيڪا ٽرئجڊي ٿي هئي ان جي ته خبر هوندءِ؟“ ڪئپٽن رزاليءَ پڇيو.
    ”نه- خير ته ٿيو؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”الياس ويچاري جيئن پنهنجي عمر جا 55 سال پورا ڪري رٽائرمينٽ ورتي ته کيس برونائيءَ ۾ رهندڙ هڪ ملائيشين همراهه نوڪري لاءِ گهرايو،“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو، ”هو خوش ٿي اوڏانهن ويو. اتي هن ٽي چار مهينا نوڪري ڪئي پر مالڪ پگهار کان ٽرڪائيندو رهيس. پوءِ ان ڪمپنيءَ جي مالڪ هن کي گشا پتا ٻڌا ته ڪمپنيءَ جو اڌ شيئر ڏئي تون به مالڪ ٿي ته فائدي ۾ اڌو اڌ ڪندا رهنداسين. هي ويچارو الياس بيحد سادڙو هن جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ کيس جيڪو رٽائرمينٽ جو پئسو مليو هو سو سڀ هن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. لکپڙهه به ڪن ڪوڙن ڪاغذن تي ٿي جن جي بعد ۾ خبر پيئي ته ڪا قانوني حيثيت ناهي، ڇهه مهنا کن ٻيا به اتي رهي سڀ ڪجهه لٽائي ڦرائي اچي هتان نڪتو. گهڻو ئي پوليس ۽ ڪورٽن پويان ڊوڙيو آهي پر ڪجهه حاصل نه ٿيو اٿس. سو پنهنجي ساٿيءَ جا اهي حال ڏسي کيس اسان پاڻ وٽ رکيو آهي جيئن سندس ۽ سندس زال جو گذارو ٿيندو رهي.“
    هڪ ڏينهن شام جو الياس جي گهر وٽان لنگهندي ڪئپٽن رزاليءَ گاڏي روڪي. در وٽ ئي الياس جي زال مسز راس ويٺي هئي. ڏاڍي پوڙهي ۽ ضعيف ٿي وئي هئي. هو الياس کان به ڇهه ست سال وڏي آهي. جڏهن اسان ملاڪا ۾ رهندا هئاسين ته هن کي رنگين مڇين پالڻ جو شوق هو. منهنجا ٻار سندن گهر هلڻ تي خوش ٿيندا هئا جو کين مڇيون ڏسڻ جو موقعو ملندو هو. پاڻ – يعني پئان (مسز) راس کلمک ته طبيعت ۾ هئي پر اسان سان هيڪاندو سٺو هلندي هئي. هن کي حيرت ٿيندي هئي ته اسان ملئي ڪيئن سکياسين. ”هتي اچڻ کان اڳ اسانجو جهاز ڏهاڪو کن سال هن روٽ تي هو سو ذري ذري ڪوالالمپور ۽ پينانگ اچڻ ڪري اسان کي ٿوري گهڻي ملئي جهاز تي ئي اچي وئي هئي.“ منهنجي زال کي سمجهايو هو. بهرحال مڪاني زبان (ملئي) اچڻ ڪري ڌارين ۾ سڀ کان گهڻو اسان جو خيال ڪيو ويندو هو. مسز راس بسڪيٽ ۽ ڪيڪ ٺاهي وڪڻندي هئي ۽ مڙس الياس جهازرانن کي پڙهائيندو هو. هتي ملائيشيا ۾ حق حلال جي پورهئي ۽ نوڪريءَ کي خراب نٿو سمجهيو وڃي. مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو جيڪو چيف آف نيول اسٽاف ٿيو هو ان جي زال پينانگ شهر جي اسپتال ۾ نرس ٿي ڪم ڪندي هئي.
    مسز راس ۽ سندس مڙس کي ڊانس جو به ڏاڍو شوق هوندو هو. سالياني ڊنر يا ڪئڊٽن جو فنڪشن ٿيندو هو ته مسز راس ضرور نچندي هئي. تڏهن ئي پوڙهي لڳندي هئي پر ميڪ اپ شيڪ اپ ڪري پوڙهي گيشا ٿي ايندي هئي. هڪ ڏينهن ڀرواري ڳوٺ ۾ شاديءَ جي دعوت ۾ وڃون ته مسز راس ڪنوار جي ڀرسان سجيو ڌجيو ويٺي آهي. اسان کي پري کان ڏٺائين ته ڏاڍو خوش ٿي ۽ ميڙ مان اسانکي ڇڪي پنهنجي ڀرسان اچي وهاريائين. پڇيومانس ڪنوار تنهنجي مائٽياڻي آهي ڇا؟
    ”تيداق، سايا ماڪ انڊام“ (نه. آئون ڪنوار سينگارڻ واري آهيان) مسز راس وراڻيو. ملئي زبان ۾ ڪنوار سجائڻ واري عورت کي “Mak Andam” سڏجي ٿو. ”هاڻ ڪنواريون سينگارڻ جو ڪم شروع ڪيو اٿم ان مان مڙيئي چار پئسا ڪمائي ٿيو وڃي.“
    بهرحال مسز راس سان منهنجي اها آخري ملاقات هئي ۽ هينئر گاڏيءَ مان لهي سامهون بيهي ”آپا خبر پئان راس“ (ڪهڙو حال اٿئي مسز راس) چيم ته مونکي سڃاتائين ڪونه. پر پوءِ ٻي گهڙيءَ رڙ ڪري چيائين ”مسٽر الطاف – ڏس مون توکي ڳالهائڻ جي اسٽائيل مان سڃاتو.“ هن جي اکين مان ڳوڙها تري آيا. ”ڪيئن آهي تنهنجي زال مستوران ۽ ڌيئرون منهنجا کين سلام چئجانءِ منهنجي ته هاڻ نظر به صحيح ناهي جو ڪنهن کي ڏسي سڃاڻي سگهان.“ هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي ڊرائنگ روم ڏي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر سڄو ڏڪي رهي هئي. سندس مڙس کيس ڀاڪر ۾ جهلي وک وک ڪري هلائڻ لڳس. ڇا انسان جي به زندگي آهي. ڪير يقين ڪندو ته هيءَ اها مسز راس آهي جيڪا هوٽلن جي ڊانسنگ فلور ۽ اسٽيج تي ڊانس ڪندي نوجوانن کي ٿڪائي ڇڏيندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيندڙ، چرچا ۽ ڀوڳ ٻڌائيندڙ مسز راس کي اڄ بلڊ پريشر، ٿايورائيڊ ۽ ڊائبٽيز نپوڙي رکيو آهي. هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. ”مون لاءِ دعا گهرو ته رب پاڪ مونکي پنهنجو ڪري ۽ هن معذور زندگيءَ مان جان ڇٽي.“
    ”مسز راس الله تعاليٰ توکي صحت ۽ خوشيون نصيب ڪندو. تون گهڻو سوچي پنهنجي جيءَ کي نه جهور.“ ڪئپٽن رزالي ۽ آئون کيس ملئي زبان ۾ دلداريون ڏيڻ لڳاسين.
    مسز راس جي ڀر واري گهر ۾ اسانجو هڪ ٻيو پراڻو ڪليگ ريڊيو آفيسر يماني ۽ سندس زال قمريا جيڪا اڪيڊمي جي اڪائونٽ ڊپارٽمنٽ ۾ ڪلارڪ هئي، رهيا ٿي. اسان چانهه اچي انهن وٽ پيتي. يماني ۽ قمريا جو عشق آفيس ۾ ئي ٿيو ۽ 1985ع ڌاري شادي ٿي. سال کن کانپوءِ پٽ ڄائو. ملئي ماڻهو به سنڌين وانگر پٽن کي گهڻي اهميت ڏين ٿا. پٽ ٻن ٽن سالن جو ٿيو ته قمريا هن کي ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ به کڻي ايندي هئي. پوءِ تنگ ڪندو هوس ته ڪجهه دير لاءِ اسانجي گهر ڇڏي ويندي هيس. اسانجو بنگلو آفيسن جي پويان سمنڊ جي ڪناري تي هوندو هو ۽ ننڍا ننڍا ٻار اسانجي گهر جي اڳيان سمنڊ جي ڪناري (Beach) تي کيڏندا رهندا هئا. قمريا جو سڪيلڌو پٽ ڇا ٿيو، هر وقت ٻُڪ چاڪليٽن جا هٿ ۾ هوندا هئس. ”قمريا هي تون ڇا ٿي ڪرين. ملائيشيا جي هن گرميءَ ۾ تون هن کي سڄو ڏينهن ڪڏهن چاڪليٽ کارائين. ناروي ۽ سئيڊن جي ٿڌ ۾ رهندڙ گورا به ڪڏهن ڪڏهن چاڪليٽ کائين ٿا سو به قبضي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ.“ پر جهڙي قمريا تهڙو سندس مڙس ريڊيو آفيسر يماني. هر وقت ”مارس“ چاڪليٽ جي ڊگهي پٽي پُٽ اڳيان جهليو بيٺا هوندا هئا. پوءِ گرميءَ ۾ گهڻا چاڪليٽ کائڻ ڪري ڇوڪري کي هر وقت دست هوندا هئا ۽ هر وقت ڀرواري شهر مسجد تاناح جي چيني ڊاڪٽر تانَ (TAN) وٽ علاج لاءِ ڀڳا بيٺا هوندا هئا. پٽ کي ڪوڏائڻ مهل قمريا هر وقت راڳ ۾ چوندي هئي: ”هي منهنجو شهزادو (رنگ ۾ پڪل هو. هر وقت سنگهه پئي ڳڙندي هيس پر قمريا لاءِ ته شهزادو ٿيو) MAS جو پائلٽ ٿيندو ۽ هوائي جهاز کي ڪوالالمپور کان لاس اينجلس وٺي ويندو.“
    تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جي قومي هوائي ڪمپني MAS (ملائيشين ايئرسسٽم) نئين نئين شروع ٿي هئي ۽ کيس ويجهڙائيءَ ۾ لاس اينجلس (USA) جي هوائي اڏي تي لهڻ جي روٽ پرمٽ ملي هئي ۽ ملائيشين خوش هئا. هنن لاءِ وڏو هيرو هوائي جهاز جو پائلٽ هو. بهرحال جنهن وقت قمريا پنهنجي پٽ کي ڪوڏڻو ڏيندي هئي ته هي منهنجو شهزادو MAS جو پائلٽ ٿيندو ته منهنجي زال به کيس ٽوڪڻ کان نه مڙندي هئي ۽ چوندي هيس ”قمريا تون رڳو هن کي مارس جا چاڪليٽ کارائڻ بند ڪر ته ماس جو پائلٽ پاڻ ئي ٿي ويندو.“
    ”هاڻ يماني ۽ قمريا کان پڇيم ته ڪٿي آهي MAS جو فيوچر پائلٽ، هن پنهنجي ڌڻ ٻارن ڏي اشارو ڪري چيو ته ”هاڻ ته سڄو ’فلائيٽ ڪِريو‘ اچي گڏ ٿيو آهي.“
    ملئي ماڻهن کي ٻارن ڄڻڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ۽ ڄڻين به ڇو نه. تعليم، دوا درمل، سڀ حڪومت طرفان. ڪار ۽ گهر به بنا وياج جي قرض تي ملي جيڪو پگهار مان ٿورو ٿورو ٿي ڏهه پنڌرهن سالن جي قسطن ۾ ڪٽجي. ملائيشيا جي باقي اڌ چيني آدم شماريءَ کي ايڏيون سهولتون نه آهن جيتريون ملئي ماڻهن کي (جيڪي Bumiputra ٿا سڏجن يعني هن ڌرتيءَ جا پٽڙا) ملن ٿيون ته به چيني پڙهائي توڙي راند روند ۽ عقل ۾ ملئي ماڻهن جي ٻارن کان تيز آهن. شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾ گهڻا تڻا دڪاندار چيني آهن جن وٽ ملئي ماڻهو اچيو پنهنجو پئسو خرچ ڪن. بهرحال هاڻ ملئي ماڻهو به ڪجهه ڌڪ کائي ڪجهه زماني کان سکي هوشيار ٿيندا وڃن.
    ڪئپٽن رزاليءَ وٽ رهڻ دوران هڪ ٻه شاديون ۽ ڇوڪرن جي طهرن جا ڪاڄ اٽينڊ ڪيم. ’ڇوڪرن‘ جا ان ڪري لکيو اٿم جو ڪيترن آفريقي ملڪن (سوڊان، لبيا، نائيجيريا ۽ موريطانيا) وانگر ملائيشيا جي به ڪيترن رياستن ۾ خاص ڪري ڳوٺن ۾ اڄ تائين ڇوڪرين جا طهر به عام آهن جن بابت تفصيل سان پنهنجي هڪ سفرنامي ”سانباهو سمونڊ جو“ ۾ لکي چڪو آهيان.
    هونءَ پاڪستان ۾ ڪا شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ کان ٻرو چڙهندو آهي. هڪ ڪراچيءَ جا فاصلا وڏا ۽ ٽرئفڪ جئم جنهن ڪري ڪلاڪ وڃڻ ۾ ۽ ڪلاڪ اچڻ ۾ ضايع ٿيو وڃي ۽ اهڙو ڪلاڪ ٻه (ڪڏهن ته ان کان به وڌيڪ) وهڻو پوي ٿو جيسين نڪاح ۽ دعا وغيره پڙهجي ۽ مهمانن کي ماني کارائي وڃي. دنيا جو ڪهڙو عقلمند ماڻهو آهي جيڪو ان کي سٺي ڳالهه ٿو سمجهي ته رات جو ٻارهين هڪ بجي ڌاري تيلن ۾ تريل ڳرا کاڌا ۽ مٺاڻ کائي اچي سمهجي. حق تي اسان جي ماڻهن کي يورپين کان وڌيڪ ننڍي هوندي ئي بلڊپريشر، ڊائبٽيز، بدهضمي ۽ دل جون بيماريون ٿين ٿيون. ڪنهن چيو ته اهي بيماريون وڏن ماڻهن جون آهن. وڏا ماڻهو ته هن پاسي سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ به آهن، يورپ ته سڄو وڏن يعني امير ماڻهن سان ڀريو پيو آهي پر انهن کي ته اهي بيماريون ائين بي درديءَ سان نٿيون ٿيون جيئن اسان جي ماڻهن کي ٿين ٿيون. بقول هڪ سڄاڻ سنڌي ڊاڪٽر جي اهي بيماريون اميرن جون نه پر انهن چرين جون آهن جن نه ڏسي ڏٺو آهي ۽ سمجهن ٿا ته ائين دير تائين جاڳي دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ دعوتون کائڻ وڏ ماڻهپي آهي.
    رات جو دير تائين دعوت اٽينڊ ڪرڻ وارو ٻئي ڏينهن نوڪري يا پورهئي تي دير سان ويندو جو جيسين ننڊ پوري ٿئي ۽ جي ’صاحب‘ جي ڊپ کان وقت تي آفيس پهچندو ته اکيون سڄيل هوندس ۽ طبيعت چڙچڙي - يعني ٻنهي صورتن ۾ غريب عوام جو ڪم نه ٿيو (جي انهن جي سرڪاري آفيسن سان واسطو آهي ته ۽ جي ڪنهن ملڪ جي فئڪٽري يا پرائيويٽ ڪاروبار ۾ هو ڪم ڪن ٿا ته مالڪ کي نقصان رسيو.) ۽ مزي جي ڳالهه اها ته هرهڪ بي شرميءَ سان آفيس ۽ آفيس جي ڪم کان گسائيندو رهي ٿو. ۽ اهو ”نه ڪم ڪرڻ“ جو ڪلچر اسان وٽ اهڙو عام ٿي ويو آهي جو اسان جا پاڪستاني جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ اچن ٿا ۽ هنن جي انهن عادتن کي ننديو وڃي ٿو ته هو وائڙا ٿيو وڃن.
    ملائيشيا ۾ نوڪري دوران اسان کي ان تعليمي اداري جي ڪئمپس ۾ رهڻو پيو ٿي ۽ اسان لاءِ به اهو سٺو هو جو آفيس جي ويجهو هئاسين. اسان جي اڪيڊمي ائين هئي جيئن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو ۽ ملاڪا شهر حيدرآباد وانگر پري هو. اٽڪل 40 کن ڪلوميٽرن تي. ڪجهه عرصي کانپوءِ هڪ پاڪستاني ڪئپٽن آيو جيڪو ڪئمپس ۾ رهڻ بدران ملاڪا شهر ۾ وڃي رهيو. هڪ ڏينهن اسان جي باس هن کي چيو ”آئون خوش نه آهيان ته تون ٻاهر رهه. آئون اهو ئي چاهيندس ته تون به ٻين وانگر اندرڪئمپس ۾ اچي رهه.“
    ”ڇو سائين؟“ اسان جي پاڪستاني ڪئپٽن بحث ڪيو، ”آئون کڻي پري رهان ٿو پر آفيس ۾ ته روز ٻين وانگر صحيح ٽائيم تي يعني 8 بجي پهچيو وڃان.“
    ”اها ته مونکي به خبر آهي ۽ آفيس ۾ ته هر صورت ۾ اٺين کان پهچڻو اٿئي. پر ايترو پري کان ڪلاڪ جي Drive ڪري هتي پهچڻ بعد تون آفيس جو ڪم ان چستيءَ سان نه ڪري سگهندو هوندين جيڪو هتي رهندڙ ڪري سگهن ٿا. تنهنجي ڪلاڪ کن گهٽ ننڊ ڪرڻ ۽ گاڏي هلائڻ جي Tension ڪري اسانجي آفيس جي ڪم جي ڪارڪردگيءَ کي ضرور ڇيهو رسندو هوندو.“
    اسانجي پاڪستاني يار کي پهرين اها ڳالهه نه وڻي پر پوءِ آهستي آهستي سمجهي ويو ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جنهن جو وزيراعظم، مڙيئي وزير ۽ سڀ سيڪريٽري نه فقط صبح جو اٺين بجي پهچي پنهنجو Attendence جو ڪارڊ پنچ ڪن ٿا پر پنهنجي رهائش به آفيس جي ويجهو رکن ٿا ۽ رات جو مجبوري کان علاوه، دير تائين جاڳڻ يا گهمڻ ڦرڻ کي خراب ۽ معيوب سمجهيو وڃي ٿو.
    ملائيشيا ۾ شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ ۾ نه وقت جو زيان آهي ۽ نه تڪليف. سڄي ملائيشيا ۾ شادي منجهند جو ٿئي. هر دعوتنامي ۾ شاديءَ ۾ اچڻ جو وقت 12 بجي کان شام جو 4 هوندو آهي. ڪنواريتا منجهند جو ٻارهين تائين تنبو ۽ ٽيبل ڪرسيون لڳائي ڇڏيندا آهن. يارهين کان مهمان ايندا ويندا آهن ۽ ماني کائي موڙو يا تحفو هڪ ٽيبل تي رکي رمندا رهندا آهن. پوري ٻي بجي گهوٽ ڄڃ سان ايندو آهي ۽ ڪنوار سان فوٽو ڪڍرائي، ماني کائي پوري چئين بجي ڪنوار کي وٺي پنهنجي گهر ويندو آهي. جن مهمانن کي گهوٽ ڪنوار ڏسڻو هوندو آهي اهي ٻي کان پوءِ ايندا آهن.
    ڇوڪرن جو طهر ٽولن ۾ ٿئي. پوءِ هڪ ئي پاڙي جا ڇوڪرا گڏ طهر ڪرائين يا وري ڇهه ست سوٽ ماسات گڏجي طهر ڪرائين ۽ پوءِ پٽي ڇٽڻ تائين هڪ ئي گهر ۾ ٻه چار ڏينهن گذارين. طهريل ڇوڪرن کي گوڏ ٻڌرائي هڪ ئي قطار ۾ پٽ تي وڇايل تڏن تي سمهاريو ويندو آهي. زخم کي گوڏ جي ڪپڙي کان بچائڻ لاءِ گوڏ کي ڌاڳو ٻڌي ان ڌاڳي جو ٻيو پوڇڙ ڇت تي لڳل ڪوڪي سان اٽڪايو ويندو آهي. اهڙي طرح گوڏ هر وقت مٿي کڄيل رهي ٿي.
    ***


    سنگاپور کي هرڪو پسند ڪري ٿو

    ملئي ماڻهن جي شاديءَ تي چيني ۽ انڊين به اچن پر انڊين ۽ خاص ڪري چينين جي شاديءَ تي ملئي ماڻهو نه وڃن ۽ نه وري چيني دعوت ڏين. بهانو اهو ئي ڪن ته ملئي ماڻهن کي (جيڪي مسلمان آهن) ڪيئن شاديءَ جي دعوت ۾ گهرايون ڇو جو اسان (چينين) جي هر دعوت ۾ اهم ڊش پورڪ (خنزير) ٿئي ٿو. پر هاڻ مڙيئي پڙهيل ڳڙهيل ۽ شهري چيني وڏين هوٽلن ۾ دعوت ڪن ٿا جن ۾ اهڙو ڊش نٿا رکن جنهن تان مسلمانن کي اعتراض ٿئي پر چيني اهڙا ڪنجوس يا سياڻا آهن جو هر ڳالهه تي سوچي سمجهي خرچ ڪن ٿا. شاديءَ جي دعوت هوٽل ۾ ڪندا پر خرچ جو حساب لڳائي هر دوست ۽ مائٽ کي ان دعوت جو ڪارڊ ايترن پئسن ۾ وڪڻي ڏين جو مانيءَ جو خرچ نڪريو اچي بلڪ گهوٽ ڪنوار جي ماني کين مفت ۾ پوي.
    چيني دل کولي خرچ فقط موت تي ڪندو آهي. وس آهر هر چيني پنهنجي موت جي رسم لاءِ ڪافي پاڇي ڪري ويندو ۽ چينيءَ جي موت تي ٽي ڏينهن پيا نغارا وڄندا آهن جيئن بدروح هن جي ويجهو نه اچي ۽ ڪانڌي اهي ٽي ڏينهن شراب ۽ ڪواب مان وارا ڪڍن. چينين جو اعتقاد آهي ته اهي دعوتون کين سرڳ ۾ پهچائين ٿيون. کيس دفن ڪرڻ وقت ڪيتريون ئي ڪاغذن ۽ دفتري (پاٺي) جون ٺهيل شيون ساڙيون وڃن ٿيون جهڙوڪ موٽرڪار، هوائي جهاز، گهر - ويندي ڪوڙا نوٽ جنهن تي “Bank of Hell” لکيل هوندو آهي ساڙيا وڃن ٿا. چينين جو اهو پڻ اعتقاد آهي ته سندن دفن وقت جيڪي ڪجهه ساڙيو وڃي ٿو اهو کيس ٻي جهان ۾ اصلي حالت ۾ ملي ٿو ۽ هو ان ڪار يا هوائي جهاز ۾ سير ڪري ٿو.
    ڪاغذ جي گهرن سان گڏ ڪاغذن جا نوڪر چاڪر به ٺاهي ساڙين جيئن سندن خذمت چاڪريءَ لاءِ ٻئي جهان ۾ اهي سچا نوڪر ٿي کين ملن. انهن شين کان علاوه ڪاغذ جا وڏا ايئرڪنڊيشنر، ٽي وي سيٽ، ريفريجريٽر ۽ ٻيون شيون پڻ ساڙين. ملاڪا شهر جي هڪ سڄي گهٽي انهن شين کان مشهور آهي. انهن دڪانن ۾ اندر توڙي ٻاهر چيني ڪاريگر رنگين پنين جون موٽرڪارون، هوائي جهاز گهوڙا، گڏهه، کٽون، پلنگ ۽ صوفا سيٽ ٺاهين ۽ ڪيترا ڌارين ملڪن جا ٽورسٽ هنن دڪانن اڳيان نظر ايندا آهن. ملاڪا ۾ نوڪريءَ دوران پهريان مهينا آئون به هنن دڪانن اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ چيني ڪاريگرن کي اهي شيون ٺاهيندو ڏسندو هوس جيڪي هر شيءَ وڏي ڪاريگريءَ سان ٺاهين ٿا. ڪارون ۽ هوائي جهاز به هر ڪمپني ۽ ماڊل جا ٺاهين ٿا جيئن ته مرسيڊيز، وولوو، هونڊا اڪارڊ ۽ بوئنگ جيٽ - جن جي ڏاڪڻين تي پني جون ايئرهوسٽسون ۽ پائلٽ ۽ فلائيٽ انجنيئر به ٺاهيل هوندا آهن. هي شيون خاص ڪري موٽرڪارون، ريفريجريٽريٽر وغيره اوريجنل سائيز، رنگ ۽ Shap جا ٺاهيا ويندا آهن۽ ڪن ڪن شين تي ته، خاص ڪري موٽر ڪارن تي ايترو ته ڪَٽ ورڪ ۽ آرٽ ورڪ ڪيو ويندو آهي جو اها پنن جي ٺهيل هڪ هڪ ڪار سوين ڇا هزارين رپين ۾ وڪامي. پر تنهن هوندي به، بقول هڪ چينيءَ جي، ڏيڊ سؤ ڊالرن ۾ هڪ نئين ماڊل جي مرسيڊيز ڪار سستي ٿي جنهن جي بدلي ۾ ٻي جهان ۾ جيڪا مرسيڊيز ملندي ان جي هن جهان ۾ ئي ٻارهن لک رپيا قيمت آهي.
    بهرحال ٻئي جهان ۾ سُک ۽ سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ هن جهان ۾ نيڪ ڪم ڪرڻ بدران پني جون شيون ساڙڻ جو رواج فقط هتي جي چيني ماڻهن ۾ نه آهي پر آفريڪا جي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهندڙ ڪجهه شيدي قبيلن ۾ به آهي.
    ملاڪا جو سامونڊي ڪنارو ڏئي ويندڙ رستي جو ٻيو پاسو خالي خالي هوندو هو. ڪٿي ڪا ڪاٺائين جهوپڙي يا ڪچي هوٽل هوندي هئي. نوي جي شروع وارن سالن ۾ ملائيشيا ڇڏڻ وقت ملائيشيا ۾ رهندڙ مڪاني ماڻهن توڙي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ملائيشين کي ان ڳالهه ۾ وڌيڪ فائدو نظر اچڻ لڳو ته پلاٽ وٺجن ۽ گهر ٺهرائجن. واقعي انهن ڏينهن ۾ ڌڙا ڌڙ ترقي ٿيڻ ڪري جتي ڪٿي ملڪي ۽ غيرملڪي ڪمپنيون، ڪارخانا ۽ ادارا کلي رهيا هئا ۽ رهائش جي کوٽ ڪري جيڪي ننڍا وڏا گهر مليا ٿي انهن لاءِ هرڪو ڳري مسواڙ به ڏيڻ لاءِ تيار هو. سو هر هڪ جي دماغ ۾ اهو ئي اچي رهيو هو ته ڪمائي هوٽل بزنيس ۽ گهرن ۾ آهي. جتي ڪٿي نيون ڪالونيون ۽ گهڻ ماڙ عمارتون ٺهڻ شروع ٿي رهيون هيون ۽ ملڪ ۾ رهندڙ توڙي پرديس ۾ رهندڙ ملائيشين پنهنجو پئسو ڏوڪڙ ان ۾ لڳائي رهيا هئا. ٻارهن سالن بعد ملاڪا جي هن ٻهراڙي واري سامونڊي علائقي ۾ اهو ڏسي تعجب لڳو ته جتي ڪٿي فلئٽن جي ڏهه ڏهه ماڙ عمارت بيٺي آهي ۽ شام جو لنگهڻ وقت انهن عمارتن ۾ ٻرندڙ بلبن جي جڳ مڳ هجڻ بدران اونداهه انڌو ڪار لڳو پيو آهي. ڪئپٽن رزاليءَ چيو ته ماڻهن ته کڻي جتي ڪٿي فليٽ ۽ گهر ٺهرايا پر هاڻ نه ڪو رهڻ وارو آهي، نه خريد ڪرڻ وارو. ”سئيڊن ۾ جيڪا سماجي خذمت ڪندڙ پوڙهي ملئي عورت ڊيزي هئي ان به هتي ٻه فلئٽ خريد ڪيا آهن اهو ئي سوچي ته وڏي اگهه ۾ وڪامندا. پر هاڻ نه وڪامنس ٿا ۽ نه ڪو مسواڙ تي ٿو وٺيس.“
    ”پوءِ هاڻ سندس فلئٽن جي ڪير سارسنڀال لهي؟“ مون پڇيو.
    ”پاڻ واري چيني ڪئپٽن لي زي جي زال هر مهيني سندس فلئٽ جي صفائي ڪرائي، بجلي ۽ پاڻي جي ميٽرن جو ماهيانو بل پياري ڇو جو اهو نه پيارڻ سان بجلي ۽ پاڻي ڪٽجي ويندو ۽ جي ڪنهن مسواڙي ملڻ جو آسرو ٿيندو ته اهو به بجلي نه هجڻ ڪري ڀڄي ويندو. ان ڪم جا هن جي زال هڪ سؤ رنگٽ (ڊالر) في وٺندي آهي.“
    ”ته پوءِ ته ليءَ جي زال هن وقت دعا ڪندي هوندي ته فلئٽ مسواڙ تي نه وڃي ۽ سندس هر مهني ڪمائي لڳي رهي.“ مون چيو.
    ”دعا ڪري يا نه ڪري مسواڙي ملڻ جي ڪا اميد نظر نٿي اچي،“ ڪئپٽن رزاليءَ ٻڌايو، ”۽ مسواڙي اچي اچي به ڪيترا ايندا؟“
    ”ڇا مطلب،“ مون پڇيو.
    ”ڪئپٽن لي جي زال ۽ ٻين ڪيترن اهو ڪمائيءَ جو سٺو ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. هن جي هٿن ۾ فقط اهي ٻه فليٽ ڊيزيءَ جا نه آهن. رڳو هن قطار ۾ اٺ ڏهه فلئٽن جي ”ڪيپر“ آهي. هر آچر تي اخبار ۾ سندس اشتهار به اچي ٿو ته فلئٽ جي سارسنڀال لاءِ ساڻس رجوع ڪيو وڃي.“
    ”چئبو ته چيني ماڻهو زور آهن. هر صورت ۾ ڪمائيءَ جا نوان نوان طريقا ڳوليو وٺن.“ مون چيومانس.
    بهرحال هتي حالت ڪجهه ائين ٿي پئي آهي جيئن ڪراچيءَ ۾ گلستان جوهر جهڙن علائقن ۾ هزارين فلئٽ خالي پيا آهن. ماڻهن ٺهرائي کڻي ڇڏيا آهن. هاڻ نه ڪو رهي ٿو- نه وٺي ٿو. اهو ئي حال ملائيشيا جي هوٽلن جو آهي. ماڻهن لکها ۽ ڪروڙها رپيا هوٽل انڊسٽري ۾ لڳايا آهن پر ايترا ٽوئرسٽ نه آهن جيتريون هوٽلون آهن. نتيجي ۾ هر هوٽل اسي سيڪڙو تائين خالي لڳي پئي آهي. ڪمائيءَ بدران هر مهيني مالڪن کي نقصان پيو ٿئي. نه ته 1990ع تائين ٿورين ۽ پورين سارين هوٽلن ڪري هوٽل ۾ ڪمرو ملڻ محال ٿي پيو هو. ويتر جو حڪومت کڻي کيسي مان خرچ ڪري. 1990ع ۾ ٽوئرسٽن جو سال ملهايو جنهن لاءِ هوائي جهازن جون ٽڪيٽون به گهٽائي ڇڏيائون جيئن هڪ وار ڌاريا ماڻهو گهمڻ لاءِ ملائيشيا اچي هرکن ۽ پوءِ ٻين کي موڪلين ۽ پاڻ به وري اچن. سو بهرحال ان سال ته ڏاڍا اچي ويا ۽ ملائيشيا جو هرهڪ امير ٻيا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي هوٽل بزنيس ۾ اچي ويو. هوٽلون ته ويون وڌنديون باقي پرڏيهي ٽوئرسٽن جو گراف وڌڻ بدران اتي ئي بيٺو رهيو بلڪ گهٽجندو رهي ٿو.
    منهنجي هڪ ملئي دوست شڪايت طور چيو ته (يعني هن جي حڪومت) ٽوئرسٽن کي ملائيشيا گهمڻ لاءِ هرکائڻ لاءِ ايتري ڪوشش ڪئي آهي ته به ايترا نٿا اچن جيترو اسان جي حڪومت هر سال اشتهار بازيءَ تي خرچ ڪري ٿي.“
    ”ڳالهه ٻڌ،“ مون چيومانس، ”تنهنجي ملائيشيا ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سياح (Tourists) ته ايندا رهندا پر گهڻا هرگز نه.“
    ”ڇو ڀلا...؟“ هن حيرت مان پڇيو.
    ”هي جون جولاءِ جا مهينا آهن يعني گرميءَ جا ڏينهن. انهن ڏينهن ۾ ڪهڙو يورپي، جپاني، آمريڪن يا ڪو ٻيو ٿڌن ملڪن جو هيڏانهن ايندو جڏهن ته سندس ملڪ ۾ هي ڏينهن بهار جا آهن. رهيو سوال سياري جو، سو انهن ڏينهن ۾ اتر جي ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي سرد موسم کان ڀڄڻ لاءِ ايشيا جي ملڪن جو رخ رکن ٿا جتي موسم وڻندڙ آهي. ملائيشيا ۾ ٻارهوئي مينهوڳيءَ جي مند آهي ۽ جنهن وقت آسمان تي ڪڪر ڇانئيل آهن يا هلڪي هلڪي بوند پئي پوي ته ملائيشيا جهڙو ڪشمير ٿيو پوي پر اها هلڪي ڦلڪي بوندا باندي جڏهن وسڪاري ۾ تبديل ٿي ٿئي ۽ اهو وسڪارو ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جا ڏينهن ٿو هلي ته ڌارئين آيل ٽوئرسٽ جي زندگي عذاب ٿيو پوي ۽ هو سڄو ڏينهن هوٽل ۾ ويٺو اوٻاسيون کائي. يا وري جڏهن آسمان ڪڪرن کان خالي ٿو ٿئي ته اس جي سخت تپش کان ناروي يا ڊئنمارڪ کان آيل مسافر جون وايون بتال ٿيو وڃن. اهي ته ٺهيو پر اسان جهڙن ايشيا جي رهاڪن جي به حالت خراب ٿيو پوي ڇو جو ملائيشيا خط استوا جي ويجهو ملڪ آهي جتي ٻارهوئي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ آفريڪا جهڙي گرمي ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته رکي رکي مينهن پوڻ ڪري فرحت اچيو وڃي نه ته هي توهان جا شهر پاڪستان جا سبي ۽ جيڪب آباد آهن. گهمڻ جو مزو تڏهن آهي جڏهن هلڪو ٿڌڪار هجي ۽ پوءِ پيرين پيادو هلڻ ۾ به مزو پيو اچي.“
    ”پر اسانجي پاڙيسري ملڪ ٿائلنڊ ۾ ته تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا جيتوڻيڪ ان جي موسم به اسان جهڙي آهي.“ منهنجي ملئي دوست چيو.
    ”بلڪل صحيح ٿو چوين،“ مون جواب ڏنومانس، ”اڄ ڪلهه جا نالي ڪٺيا ’سياح‘ مختلف ملڪن ۾ وڃي اتي جي ثقافت، مذهب ۽ رسم و رواج تي تحقيق ڪرڻ ڪونه ٿا وڃن. انهن ڳالهين متعلق لائبرريون ڪتابن سان ڀريون پيون آهن ۽ نه وري اڄ جا سياح خرچ ڪري ڌارين ملڪن ۾ اتي جون تاريخي جايون ڏسڻ ٿا وڃن. هو پنهنجي گهر، پنهنجي محلي ۽ پنهنجي شهر جي ڄاتل سڃاتل نظرن کان پري نڪري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ شراب خوري، جوا ۽ رنڊي بازيءَ جهڙيون برائيون ڪرڻ چاهين ٿا جن جي سندن ملڪ ۾ بندش آهي يا معيوب سمجهيون وڃن ٿيون. ظاهر آهي ته ٿائلنڊ جهڙا ملڪ ايندڙ سياحن لاءِ اهي شيون مهيا ڪن ٿا. بلڪ انهن ملڪن جون حڪومتون به ان ڳالهه جي همت افزائي ڪن ٿيون جيئن هنن جي ملڪ ۾ سياحت جو ڪاروبار وڌي ۽ ناڻي جي ريل پيل ٿئي ۽ هتي ملائيشيا ۾ سج لٿي کانپوءِ رڳو ڪنهن ڇوڪريءَ سان پبلڪ پارڪ جي بينچ تي وهڻ سان ’خلوت‘ جو ڪيس ٿو ٿئي.“ مون کلندي ملئي دوست کي ٻڌايو.
    ”اهڙي صورت ۾ ڪهڙو نڀاڳو ٽوئرسٽ اسان جي ملڪ جو رخ اختيار ڪندو.“ منهنجي ملئي دوست چيو.
    ”ٻين کي ڏوهه ڇو ڏجي، توهان پنهنجي ئي ماڻهن کي ڏسو. توهان جون اتراهيون رياستون ڪداح ۽ پيرلس ڏکڻ ٿائلنڊ جي سونگڪلا ۽ پٽاني صوبن سان ائين مليل آهن جيئن لاهور ۽ امرتسر. ملڪ کڻي مختلف آهن پر ماڻهو ساڳيا، موسم ساڳي، ساڳيا سامونڊي ڪنارا ۽ ساڳيا ٻيلا جنگلات، ويندي کاڌا ۽ زبان ساڳي ته به توهان جا ملئي مسلمان سمنڊ ڏسڻ يا ٻارن لاءِ عيد جا ڪپڙا وٺڻ جي بهاني ٿائلينڊ پهچيو وڃن ٿا ۽ پوءِ اتي جي Beaches ۽ بوٽن جي دڪانن تي وڃڻ بدران انهن بازارين ۾ نظر ايندا جتي چڪلا ۽ مساج گهر آهن.“
    ”ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان کي به شراب، نشي، جوا ۽ فحاشي جهڙين ڳالهين تي پابندي لڳائڻ نه کپي.“ منهنجي ملئي دوست سوال ڪيو.
    ”آئون پابندي لڳائڻ يا نه لڳائڻ جي ڳالهه نٿو ڪريان“ مون جواب ڏنومانس، ”آئون تنهنجي سوال جو جواب ٿو ڏيان ته اڄڪلهه سياح (Tourists) گهڻي ڀاڱي سياهه ڪارين لاءِ ئي ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سياحت هڪ وڏي انڊسٽري آهي پر اهڙي سياحت مان ملڪ ۾ دولت ته اچيو وڃي ٿي پر قوم جو اخلاقي معيار ۽ ڪردار ڪريو پوي ۽ ان جا نتيجا توهان ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ ڏسي رهيا آهيو. غلط ڪمن ذريعي پئسو ڪمائڻ سٺي ڳالهه هجي ها ته سنگاپور ڪڏهن به پنهنجي ملڪ ۾ کلي عام شراب نوشي، جوا، فحاشي جهڙين شين تي پابندي نه وجهي ها. هو دنيا ۾ مسٽر ڪلين (Mr. Clean) رهڻ چاهي ٿو. صفائيءَ ۾ به ته اخلاق ۾ به.“
    ”پر سنگاپور ۾ ته تمام گهڻا ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ نظر اچن ٿا.“ منهنجي ملئي دوست منهنجو ڌيان ان حقيقت ڏي ڇڪايو.
    ”هائو. بلڪل صحيح ٿو چوين،“ مون وراڻيومانس، ”ان ڪري جو اتي امن امان آهي، تعليم جو معيار بلند آهي، اسپتالن ۾ اعليٰ قسم جو علاج ٿئي ٿو، چوري چڪاري ناهي، قانون تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو، بين الاقوامي زبان (انگريزي) هر ڪو سمجهي ٿو، امانت ۾ خيانت نه حڪومت ڪري ٿي نه سرڪاري عملدار، ڌنڌي واپار ۾ ايمانداريءَ جا اصول هلن ٿا، هر ڪم توهان جو پڪ سان ۽ جلد ٿئي ٿو، سرڪاري بئنڪون هجن توڙي خانگي دڪان ڪوبه توهان سان ڏيتي ليتيءَ ۾ ٺڳي دولاب نٿو ڪري ۽ ملڪ ۾ هر شيءَ Merit تي قبول ڪئي وڃي ٿي. يورپ ۽ آمريڪا ته ڇا اوسي پاسي جي ايشيائي ۽ عرب ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ پئسو لڳائڻ بدران هتي سنگاپور ۾ لڳائين ٿا، بئنڪن ۾ رکن ٿا، هوٽلون ۽ فلئٽ خريد ڪن ٿا. هنن کي خبر آهي ته سندن ٻار سنگاپور ۾ سلامت رهندا. کين خبر آهي ته سندن ٻار سنگاپور ۾ نه فقط بهترين تعليم حاصل ڪري سگهندا پر ڊسپلين ۾ پڻ رهندا. سنگاپور ۾ بيمار جو صحيح علاج ٿئي ٿو. ڪو ڊاڪٽر مريض کي غلط راهه نٿو ڏيکاري. ڪو دوائن وارو مدي خارج دوائون نٿو ڏئي. هتي جي بئنڪن ۾ ڌاڙا نٿا لڳن. هتي جي رستن تي هڪ ٻار لکها ڊالر کڻي هلي سگهي ٿو. هتي جي ڪسٽم آفيسر ۽ پوليس آفيسر کان وٺي ملڪ جو وزير رشوت نٿو وٺي سگهي. سنگاپور ۾ ٻارن ۽ وڏن لاءِ، عورتن ۽ پوڙهن لاءِ ڪيتريون ئي صحتمند وندرون ۽ تفريح گاهه آهن. نتيجي ۾ هر ڌاريو ماڻهو هتي اچي خوش ٿو گذاري.“
    ***


    چيني درزياڻي ۽ صفيه سان ملاقات

    ڪئپٽن رزاليءَ جي گهر رهڻ دوران هڪ ڏينهن رزاليءَ کي چيم مونکي هڪ چيني درزياڻي مسز سي يو (Siew) سان ملڻو آهي جيڪا ڪوالا سنگائي باروءَ ۾ رهي ٿي (يا گهٽ ۾ گهٽ انهن ڏينهن ۾ رهي ٿي جڏهن اسان ملائيشيا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ هئاسين) ۽ ٻي صفيه نالي ملئي درزياڻي سان ملڻو آهي جنهن جو دڪان اسي واري ڏهاڪي ۾ (جڏهن آئون هتي هوس ته) مسجد تاناح شهر ۾ اتي هوندو هو جتي پاڻ پهرين رات ماني اچي کاڌي.
    ”هاڻ به اتي آهي؟“ رزاليءَ پڇيو.
    ”هاڻ ته نه اها ڀاڄي مارڪيٽ نظر آئي ۽ نه ان پويان اهي دڪان جن مان هڪ ۾ صفيه جو درزڪو دڪان ۽ ٽيلرنگ سيکارڻ جو اسڪول هوندو هو. ان جاءِ تي هاڻ اهي ننڍيون هوٽلون نظر اچي رهيون هيون جن مان هڪ تي پاڻ ماني هلي کاڌي هئي.“
    ”خبر ته هئي پر هاڻ سڄي مسجد تاناح شهر جي ايڏي ڊاهه ڊوهه ٿي آهي. آبادي، عمارتون وڌي ويون آهن ۽ رستا نوان نوان ڦٽي ويا آهن جو مسجد تاناح مان لنگهڻ وقت مونکي ٻارهن سال اڳ واري اها ڪچي گهٽي بنهه نٿي سُجهي جنهن جي آخري پڇڙيءَ تي صفيه ٽيلر جو گهر هوندو هو. هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو ته پاڻ انهن هوٽلن واري علائقي ۾ هلي معلوم ڪريون ته اهي ضرور ٻڌائي سگهندا ته ان هنڌ وارا پراڻا دڪان ۽ انهن جا مالڪ ڪيڏانهن ويا.“
    ملائيشيا لاءِ ڪراچي ڇڏڻ وقت ۽ هاڻ فون تي پڻ گهران تاڪيد ڪيائون ته انهن ٻنهي سان ضرور ملي اچان جن منهنجي وڏي ڌيءَ مريم کي ڏيڍ ڏيڍ سال ٽيلرنگ جو ڪم سيکاريو. اسان جهاز تي هوندا هئاسين ته منهنجي هڪ ٿرڊ انجنير جي زال کي سلائيءَ جو ڪم به آيو ٿي. جهاز جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن مان ٿي جڏهن ڪراچي پهچندو هو ته اسان سڀني کي ورتل ڪچي ڪپڙي تي ٽئڪس ڏيڻو پوندو هو سواءِ مٿين ٿرڊ انجنير جي. هن جي زال هر بندرگاهه مان ورتل ڪپڙي مان پنهنجا ۽ پنهنجن مائٽن جا وڳا سمنڊ تي سفر دوران سبي ڇڏيندي هئي. سندس بهترين سلائيءَ جي تعريف جهاز تي Sail ڪندڙ سڀني زالن ڪئي ٿي. هن ٻڌايو ته هن جو ننڍپڻ ملائيشيا جي شهر پينانگ ۾ گذريو جتي هن ٽيلرنگ پڻ سکي. منهنجي زال اها ڳالهه دماغ ۾ وهاري ڇڏي هئي جو ملائيشيا پهچڻ سان هن اوسي پاسي ۾ ٽيلرنگ اسڪول جي ڳولا شروع ڪئي ۽ اسانجي اڪيڊمي کان (جتي اسان جي رهائش هئي) پنج ڇهه ميل پري Siew نالي هڪ چينياڻيءَ جو ٽيليرنگ اسڪول هو. ”سلائي خاطر ماڻهوءَ جو وقت ۽ پئسو ضايع ٿئي ٿو ان ڪري سلائي سکڻ ضروري آهي“ منهنجي زال فيصلو ڪيو جيتوڻيڪ منهنجي ڌيءَ کي سلائيءَ جو شوق نه هو. هن هڪ بجي اسڪول مان اچڻ بعد کيڏڻ ۽ T.V ڏسڻ چاهي ٿي پر منهنجي زال کيس هفتي ۾ ٽي ڏينهن هن چيني درزياڻيءَ وٽ وٺي ويندي هئي. دڪان جي پويان سندس ماءُ پيءُ جو گهر هو. پيءُ گذاري چڪو هوس پاڻ پنهنجي ننڍي ڀيڻ نيلي، ماءُ، مڙس ۽ ٻن ٻارن سان گڏ رهي ٿي. هيءَ هڪ ننڍي ۽ غريب فئملي هئي پر جيئن ته چيني محنتي ۽ پورهيت آهن سو گهر جو هڪ هڪ ماڻهوءَ ڪم ٿي ڪيو. سندس ڀيڻ نيلي ان ئي دڪان ۾ هيئر ڪٽنگ جو ڪم ڪيو ٿي ۽ ماءُ سبزي مارڪيٽ ۾ پپيا ۽ انناس وڪيا ٿي. مڙس ڪوالالمپور ۾ ڪنهن ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو ٿي. سي يو درزياڻي انگريزي پڙهيل نه هئي- هن اسان سان ملئي ۾ ڳالهايو ٿي.
    هونءَ اسان وٽ پاڪستان ۾ ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ توڙي هالا ۽ ٽنڊو ڄام جهڙن ڳوٺن ۾ ڇوڪرين کي ٽيلرنگ سيکارڻ واريون ڪيتريون ئي درزياڻيون آهن پر اهي سکڻ لاءِ آيل ڇوڪرين کي سيکارڻ بدران گهر جو ڪم ڪار ئي ڪرائينديون رهن ٿيون. مهينا گذري ويندا ته به رڳو ٻارن جي ڪڇن ۽ سٿڻ جي پانچن کي بخا هڻائينديون. ٻي ڪا سلائي ۽ ڪٽنگ نه. پر هتي ملائيشيا ۾ ڏٺم ته درزياڻيون پهرين ڏينهن کان ئي پنهنجي شاگردياڻين کي ڪٽنگ سيکاري سلائي ڪرائين ٿيون. ڳوٺن ۽ شهرن جا سڀ سلائيءَ جا اسڪول وزارت تعليم ۾ اچن ٿا ۽ هر اسڪول رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو. درزياڻيءَ کي چڱي طرح سيکارڻو ۽ صحيح معنيٰ ۾ امتحان وٺڻو آهي. ان بعد سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو.
    اسان سمجهيو اسان فارينر آهيون سو چيني درزياڻي سي يو اسان جي ڇوڪريءَ کي هڪ سال بعد ايئن ئي سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيندي پر هن ٻڌايو ته حڪومت کي خبر پئجي وڃي ته سزا خاطر منهنجو دڪان بند ٿي وڃي. ان ڪري آئون تيسين پاس نه ڪنديس جيسين منهنجي طرفان چونڊيل ڇهه ڊريسون ٺاهي سگهي. انهن ڇهه ڊريسن ۾ اسڪرٽ، ڪوٽ، پتلون، قميص وغيره سڀ ٿي سگهن ٿيون.
    ”سي يو اسان جي ڇوڪري ننڍي آهي ۽ ستين ڪلاس جي ٿي ڪري هن ايتري سلائي سکي آهي اسان لاءِ ته ايتري به ڪافي آهي. هاڻ سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏ.“
    “TIDAK BOLEH” (هرگز نه)، درزياڻي سي يو چيو، ”سرٽيفڪيٽ لاءِ امتحان ڏيڻو پوندو.“
    ۽ پوءِ امتحان لاءِ اسان جي ڌيءَ مريم کي ڪافي محنت ڪرڻي پيئي ۽ پوءِ ڏيڍ سال بعد نه فقط هن کي سرٽيفڪيٽ مليو پر هن سلائي پڻ سکي ورتي. ان بعد وڌيڪ سلائي سکڻ لاءِ هن کي ڏيڍ سال مسجد تاناح ۾ ملئي مسلمان درزياڻي صفيه وٽ سلائي ڪرڻي پيئي. اسان سمجهيو ته هيءَ درزياڻي ملئي مسلمان هجڻ ڪري اسان سان وڌيڪ بهتر هلندي پر هن جو به اهو اصول رهيو ته ”سرٽيفڪيٽ آئون ان شاگردياڻيءَ کي ڏينديس جيڪا سلائيءَ ۾ ايڏو ڀڙ ٿي وڃي جو اڪيلي سر دڪان کولي سگهي.“
    صفيه ٽيلر کي انگريزي به سٺي آئي ٿي جيڪا هن سنگاپور جي اسڪولن ۾ سکي جتي هن جو ننڍپڻ گذريو هو. شايد ان ڪري هوءَ ٻين ملئي عورتن کان مختلف لڳي ٿي ۽ اڪيلي سر ٽيلرنگ جو دڪان ۽ اسڪول هلايائين ٿي. دنيا توڙي پنهنجي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان چڱي طرح واقف رهي ٿي ۽ صحيح ڳالهه ڪندي عار نٿي محسوس ڪيائين. چاهي اها ملئي ماڻهن جي ڪمزورين بابت هجي. ”اسان ملئي ماڻهو ايتري محنت ٿا ڪريون جيتري ملائيشيا ۾ رهندڙ چيني، انڊين ۽ ٻيون قومون ڪن ٿيون“ هوءَ پنهنجي ملئي شاگردياڻين اڳيان چئي ڏيندي هئي، ”شايد ان ڪري جو حڪومت اسان ملئي ماڻهن کي هر سهوليت مهيا ڪري ڏئي ٿي. اسان ملئي ماڻهن ۾ ڪا پلاننگ ناهي. بس هر وقت خواب ڏسندا رهنداسين ته پئسو ملي ته گهمون ڦرون يا وڌيڪ قرض کڻي ڪار وٺون ۽ وينداسين وڌيڪ قرضي ٿيندا. چينين وانگر مليل پئسي کي اهڙو ڪم ۾ نه لڳائينداسين جنهن مان فائدو ٿئي. هي ڏس ڀت تي ٽنگيل انيڪ ڊريسون. سڀ ملئي عورتن جون آهن. سال کان مٿي ٿي ويو آهي سلائيءَ جا پئسا به نه اٿن جو ڏئي پنهنجا ڪپڙا کڻن. ڀائي جڏهن توهان کي ايترو پئسو نه هو ته پوءِ ايڏا اوچا ويس وڳا ڇو ٿيون ٺهرايو پر ملئي ماڻهن کي سوڙ آهر پير ڊيگهارڻ کان ٻرو ٿو لڳي.“
    صفيه سان اسانجي سٺي فئملي فرينڊشپ ٿي وئي هئي. سندس اسڪول اسان جي گهر کان ڏهه ميل کن پري هو سو اسان ڌيءُ کي ڇڏي موٽي اچڻ ۽ وري وٺڻ لاءِ ٻه ٻه پنڌ ڪرڻ بدران صفيه جي دڪان تي ئي ويٺا هوندا هئاسين، هفتي ۾ ٻه ڏينهن آئون ويندو هوس ۽ ٽي ڏينهن منهنجي زال. صفيه کي گهڻي ڳالهائڻ جي عادت هئڻ ڪري اسان کي سڄو وقت بزي رکندي هئي. پنهنجيون ڳالهيون، مائٽن جون، اوڙي پاڙي جون، شهر جون، ملڪ جون..... سڄو وقت پاڻ ڳالهائيندي هئي. وچ وچ ۾ ڇوڪرين کي سلائي سيکاريندي هئي ۽ دڙڪا ڏيندي هئي. سندس سلائيءَ جو معيار ڪئالا سنگائي وري چيني درزياڻيءَ کان به مٿاهون هو ۽ هونءَ به هن ٽيلرنگ جو ائڊوانس ڪورس ٿي ڪرايو. شل نه ڪٿي بخو تر جيترو به خراب ٿئي. اسان جي ويٺي اسان جي ڇوڪريءَ کي به ڏاڍا دڙڪا ڏيندي هئي ۽ پوءِ اسان سان معذرت ڪري چوندي هئي: ”دل ۾ نه ڪجو- سلائي اهڙي ڪرڻ کپي جهڙي ريڊ يميڊ. آئون اهو چاهيان ٿي ته منهنجي شاگردياڻي جتي به هجي ته منهنجو به نالو روشن ڪري.“
    صفيه پنهنجي پوڙهي ماءُ پيءُ ۽ ننڍن ڀائرن سان رهي ٿي. سندس ننڍي هوندي شادي ٿي هئي. مڙس مري ويس. ٻي شادي نه ڪيائين. ”شادي ڪريان يا اسڪول هلايان. ٻيو ڪو ڪمائي جو ذريعو ناهي. ماءُ پيءُ کي به آئون ٿي ڏيان، ڀائر نه آئون ٿي پڙهايان.“
    جيستائين اسين ملائيشيا ۾ هئاسين، صفيه جن اسان وٽ ۽ اسين سندن گهر ايندا رهياسين. هوءَ جيترو پڙهائڻ ۾ سخت هئي اوترو ئي گهر ۾ منهنجي ٻارن ۽ اسان سان سٺو هلندي هئي. مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ملئي آفيسرن جي زالن سان اسان جي هر وقت تعريف ڪندي رهي ٿي. اٺن سالن بعد ملائيشيا ڇڏڻ وقت ٻين پاڙي وارن مڪاني ملئي فئملين سان گڏ صفيه به اسانکي سامان جي پئڪنگ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ آخري ڏينهن ۾ ماني ٽڪي به موڪليندي رهي. هاڻ هڪ ڏينهن ڪئپٽن رزالي سان پنهنجي پراڻي اڪيڊميءَ جو چڪر ڏئي واپسي تي ڪئالا سنگائي بارو ۾ چيني درزياڻي ’سي يو‘ سان ملڻ لاءِ ترياسين. ڪئپٽن رزاليءَ کي آئرمولوڪ ڳوٺ ڏي ويندڙ رستي تي بيهاري چيم ته هتي سي يو نالي چيني درزياڻيءَ جو دڪان قائم هو پر ان جو مالڪ بدلي ٿي چڪو هو. نئون مالڪ انڊين (تامل ڳالهائيندڙ) هو تنهن ٻڌايو ته ”هن هي دڪان پنج سال اڳ هڪ چينيءَ کان ورتو هو جيڪو پينانگ لڏي ويو ۽ ڀر ۾ سي يو جي گهر واري جاءِ تي ڪاٺ جو دڪان هو جنهن لاءِ تامل چيو ته جڏهن هو هتي آيو ته ان وقت کان هو دڪان هو. هن ڪوبه گهر نه ڏٺو.“
    ڪئپٽن رزاليءَ کي چيم ته ڪنهن پوڙهي چينيءَ کان پڇ- ٿي سگهي ٿو ان کي ياد هجي ته هن هنڌ رهندڙ چيني ڪيڏانهن ويا. نيٺ ائين ئي ٿيو. هڪ چيني همراهه ٻڌايو ته هُنن هي گهر ۽ دڪان وڪڻي هتي جي خوبصورت علائقي ۾ سپر مارڪيٽ کولي آهي. رزاليءَ کي چيم ”چيني ماڻهو به سِکن وانگر ڪيڏو هوشيار آهن. غريب هوندا پهرين فٽ پاٿ تي ڪپڙو وڇائي ڀاڄي، ميوو يا ڇولا، سنگ ويهي وڪڻندا ۽ پوءِ پئسا گڏ ڪري گاڏو وٺندا ۽ ان تي شيون رکي گهٽي گهٽيءَ ۾ وڪڻندا ۽ پوءِ ڪٿي ننڍو دڪان خريد ڪندا يا مسواڙ تي وٺندا ۽ پوءِ وڏو دڪان وٺي شادي ڪندا. شادي بعد زال رڌ پچاءُ ڪندي ۽ مڙس بئرو ٿي ان دڪان ۾ آيل گراهڪن کي ماني Serve ڪندو. يعني بورچي به پاڻ، بئرا به پاڻ ته مالڪ به پاڻ. اهڙي طرح هر چينيءَ جي زندگيءَ جي سفر جي منزل اميري، دولت ۽ خوش حالي آهي. هن کي محنت جي ايڏي ته عادت آهي جو هو پوڙهو ۽ امير ٿيڻ بعد به محنت ۽ پورهيو ڪندو رهي ٿو. هر چينيءَ جو اولاد پيءُ کان امير آهي. سي يو وارن جو به اهو حال آهي. اڄ کان ويهه سال کن اڳ هو ايڏو غريب هئا جو تون سوچي نٿو سگهين.“
    ايتري ۾ رزاليءَ جي گاڏي ان علائقي ۾ اچي پهتي. سي يو جو نالي سان فرنيچر جو وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ بوتيڪ شاپ هو. سيلز گرل ڇوڪري پٺيان ٺهيل گهر مان سي يو کي سڏي آئي.
    ٻارهن سال بعد به ”سي يو“ ۾ ڪو فرق نه آيو هو. شڪل ۽ جسم ۾ ساڳي لڳي رهي هئي. ”سلامت داتنغ. آپا خبر؟ مانا مستوران مريم ڊب ماروي“
    عمر گذري وئي سي يو انگريزي نه سکي ۽ چيني اسانکي نه آئي سو ڪميونيڪيشن جي زبان فقط ملئي بچي. سي يو مونکي ڏسڻ سان سڃاڻي وئي ۽ ڀلي ڪار ڪندي منهنجي زال ۽ ڌيئن جو پڇڻ لڳي.
    ”اڪيلو آيو آهيان. توکي سڀ ياد ڪندا آهن ان ڪري توکي ڏسڻ آيو آهيان. ڪر خبر ٽِيٽي ڪيئن آهي؟“
    ”ڪوالالمپور آهي. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي پيو.“ سي يو وراڻيو. ٽيٽي سندس وڏو پٽ هو جيڪو اسان جي هوندي ڄائو هو. دڪان تي وڃبو هو ته سندس سنگهه پيئي ڳڙندي هئي. گهر ۾ پاليل ڪتن ٻلن سان گڏ پيو هلندو هو. ۽ هاڻ اهو ٻڌي تعجب لڳو ته وقت ڪيڏو جهٽ گذري ويو. ڪالهه جو ٽن چئن سالن جو سنگهر ٽيٽي اڄ ڪمپيوٽر سائنس ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ سورهن سترهن سالن جو ٿي ويو آهي. سي يو ٻڌايو ته سندس ڀيڻ نيليءَ جي اٺ سال اڳ شادي ٿي وئي ۽ اپوح شهر ۾ رهي ٿي جتي هن اعليٰ قسم جو هيئر ڊريسنگ سئلون کوليو آهي ۽ ٽي ٻار اٿس.
    ”سي يو تنهنجي ماءُ جنهن کان اسان پپيا ۽ انناس وٺندا هئاسين اڃان جيئري آهي يا....“ مون ڪجهه گهٻرائي پڇيو متان سي يو دل ۾ ڪري پر هن پنهنجي خوش مزاجي قائم رکندي چيو ”ادا لاگي“ يعني اڃان جيئري آهي. ملئي زبان ۾ Ada معنيٰ آهي ۽ Lagi معنيٰ اڃان تائين. يعني Belum Mati (اڃان مئي نه آهي) اهو چئي سي يو کان به ٽهڪ نڪري ويو ته اسان غير چيني ماڻهو صحيح ٿا چئون ته چينين جي عمر وڏي ٿي ٿئي. اڄ کان ٻارهن سال اڳ جڏهن ”سي يو“ جي ماءُ فٽ پاٿ يا سبزي مارڪيٽ ۾ ويهي فروٽ وڪڻندي هئي ته سندس عمر ستر سال کن هئي. چڱي پوڙهي هئي. پپيا تورڻ لاءِ ساهميءَ کي جهليندي هئي ته هٿ پيو ڏڪندو هوس.
    ”ڪٿي آهي ڀلا ته ان سان به ملندو وڃان.“ مون چيو.
    ”پپيا وڪڻڻ وئي آهي.“ سي يوءَ چيو. جيتوڻيڪ ٻڌائڻ وقت پاڻ به شڪي ٿي رهي هئي ۽ هاڻ کيس شرمائيندو ڏسي مون به رڙ ڪئي.
    ”سي يو ڪجهه ته خيال ڪريو. اڃان ڪيترو پئسو ڪمائڻ ٿا چاهيو؟ هن پوڙهيءَ کي اڃان گهر ۾ ويهڻ نٿا ڏيو.“
    ”هينئر هتي هجي ها ته کانئس پڇينس ها ته پڪ ٿيئي ها. هوءَ پاڻ ئي ويهڻ نٿي چاهي. چار پئسا ڪمائڻ سان گڏ هن جي هر روز چئن ماڻهن سان ڪچهري به ٿيو وڃي.“ سي يوءَ ٻڌايو. سي يوءَ جو فوٽو ڪڍي اسان اڳتي وڌڻ لاءِ کانئس موڪلايو.
    مسجد تاناح پهچي ملئي درزياڻي صفيه جو ڪجهه درزين جي دڪان تان معلوم ڪيوسين. هڪ کان خبر پيئي ته صفيه مين روڊ تي بوتيڪ جو دڪان کوليو آهي. ان دڪان تي پهتاسين ته دڪان ۾ موجود سيلز گرلز ٻڌايو ته اهو دڪان واقعي صفيه جو آهي جيڪا هن وقت ڪنهن ڪم سان بئنڪ ڏي وئي آهي. هن صفيه جو موبائيل فون ملائي ڏنو. هن ملئي ۽ انگريزيءَ ۾ کيڪار ڪري چيو ته پنجن منٽن ۾ اچان ٿي. ڪئپٽن رزاليءَ کي چيم ته صفيه جو آواز ته نه پئي لڳو. ٿي سگهي ٿو 12 سالن ۾ تبديلي اچي وئي هجيس. ۽ پوءِ پنجن منٽن بعد جڏهن هوءَ پهتي ته هن جو نالو صفيه ضرور هو پر هيءَ ڪا ٻي صفيه هئي جنهن ٻه سال اڳ باتو پهات شهر کان هتي اچي درزڪو دڪان کوليو هو. جنهن صفيه جي اسان ٿي ڳالهه ڪئي ان کي نه هن ٿي سڃاتو ۽ نه وري ٻين جن کان پڇا ڪئيسين. آخر ٿڪجي واپس موٽڻ کان اڳ هڪ ملئي هوٽل تي اچي ماني کاڌيسين.
    هوٽل جي مالڪياڻي ملئي عورت هئي. مانيءَ جو بل ڏيڻ وقت پڇيومانس “Darimana awak dating” (تون ڪٿان جي آهين؟)
    Saya tinggal Sini (آئون اصل کان هتي جي آهيان) جواب ڏيڻ تي مون هن کان به پڇيو ته صفيه ٽيلر جي دڪان جي خبر اٿئي.
    هن ٻڌايو ته صفيه کي درزڪو ڪم ڇڏي سال ٿي ويا آهن ۽ کيس اها خبر ناهي ته صفيه ڪٿي ٿي رهي. البته هن ئي روڊ تي ڪجهه اڳيان صفيه جي ڀاءُ جي ڪلنڪ آهي ان کان معلوم ڪريو.
    رزاليءَ کي چيم ته منهنجي سمجهه ۾ ته نٿو اچي ته صفيه هلندڙ بزنيس ڇڏي ڏئي ۽ صفيه جو ڀاءُ ڊاڪٽر هجي. ڪلنڪ جي ٻاهران ڊاڪٽر آدم نالو پڙهي ڪجهه اميد ٿي- صفيه جي هڪ ڀاءُ جو نالو آدم ضرور هو ۽ ٻارهن سال کن اڳ ملائيشيا ڇڏڻ وقت هو STPM (انٽر سائنس برابر) جو امتحان ڏئي رهيو هو. ان بعد هن ضرور ڊاڪٽري پڙهي هوندي ۽ ڊاڪٽر ٿئي به ڇهه سال کن ٿي ويا هوندا.
    ڊاڪٽر آدم ان وقت مريض ڏسي رهيو هو. ڀتين تي لڳل تصويرن ۽ انتظار ۾ ويٺل پيٽ سان عورتن کي ڏسي سمجهي ويس ته ڊاڪٽر آدم گائنا ڪالاجسٽ آهي. سندس ڪمري مان جيئن ئي مريض نڪتو ته يڪدم آئون گهڙي پيس. واري واري مريض عورت چپن ۾ ٿوري ڀٽ ڀٽ ڪئي پر منهنجي ”معاف ڪن سايا. سيڪاجپ سهاجا“ (مونکي معاف ڪجان. فقط ڪجهه ساعت لاءِ ٿو وڃان) چوڻ تي هن جي چهري تي ڪاوڙ بدران مرڪ اچي وئي.
    ڊاڪٽر آدم وڏي حب سان مليو. دل ۾ چيم چڱو جو هينئر منهنجي زال موجود نه آهي جنهن جي ننڍڙي آدم تي، جڏهن هو SPM (مئٽرڪ) ڪلاس يا ان کان به هيٺين ڪلاسن ۾ هوندو هو ته رڙ پئي پوندي هئي: ”آدم سامان ڪار ۾ رک. آدم ڊوڙ پائي ڀاڄي وٺي اچ. آدم شريفان اعني ۽ سڌير من جي گانن جو ملئي ڪئسٽ وٺي اچ.“ اڄ اهو آدم ڏاڙهي ۽ ٽوپيءَ سان اڳيان بيٺو هو.
    ”آدم مبارڪ هجئي. ڊاڪٽر ٿي وئين. MBBS ڪٿان ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”انڊيا مان.“ هن وراڻيو.
    ”ڏس اهي ئي ته تنهنجا غلط ڪم آهن. صفيه کي اسين ڪيڏو چوندا هئاسين ته توهان ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي انڊيا بدران پاڪستان ڇو نٿا موڪليو.“ مون چيو.
    ”پاڪستان ۾ تعليم وٺڻ جو ارادو هوم پر اسان جي ملڪ ۾ توهانجو نه ڊو ميڊيڪل ڪاليج Reconginzed آهي نه سنڌ ميڊيڪل ڪاليج يا خيبر ميڊيڪل ڪاليج. سو توهان جي انهن ڪاليجن مان MBBS ڪرڻ تي هتي يا سنگاپور ۾ ان ڊگري کي ڪو قبول نه ڪري ها. فقط آغا خان ڪاليج کي وقعت ڏني وڃي ٿي پر ان جون فيون انڊيا جي مهنگي کان مهنگي ميڊيڪل ڪاليج کان به ٻيڻيون ٽيڻيون آهن. ان کان علاوه انچڪ (مسٽر) الطاف! پاڪستان ۾ امن امان جي ليول تمام Low آهي.“
    پنهنجي وڏي ڀيڻ صفيه لاءِ ٻڌايائين ته هوءَ فلاڻي گهٽي ۾ فلاڻي گهر ۾ رهي ٿي. اسان کانئس موڪلائي صفيه جي گهر روانا ٿياسين- ڪئپٽن رزاليءَ کي سندس گهٽي ۽ گهر ڳولڻ ۾ ڪا دير نه لڳي. ويتر ڊاڪٽر آدم به صفيه کي فون ڪري ڇڏيو هو- هوءَ گهر جي ئي ٻاهران بيهي اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. پنهنجي روايتي انداز ۾ وڏي آواز سان کيڪاري شڪوه شڪايتون ڪرڻ لڳي ته 12 سالن ۾ نه خط لکيو اٿانوَ. نه خبر چار لڌي اٿانوَ.
    صفيه دڪان ڇو بند ڪري ڇڏئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”پيءُ گذاري وڃڻ بعد امان نفسياتي طرح بيمار ٿي پئي. رکي رکي رات جو به دانهون ٿي ڪري. اسين سڀ ڀائر ڀينرون نوڪرين ۽ ڌنڌن ڌاڙين وارا ماءُ وٽ سڄو ڏينهن ڪير ويهي؟ آخر سڀني فيصلو ڪيو ته آئون وڏي آهيان- آئون ويهان. مون چيومان جيڪي آئون مهيني ۾ ڪمايان ٿي اهو مونکي ڦوڙي ڪري ڏيو ته آئون دڪان بند ڪري ويهان ٿي. سڀني مڃيو ۽ دڪان بند ڪري ڇڏيم. گهر به پراڻو وڪڻي هتي هي وڏو شاهي ورتو اٿم. ڀر وارو گهر ان ڊاڪٽر ڀاءَ جو آهي.....“ صفيه انهن ماڻهن مان آهي جيڪا ٻڌندي گهٽ آهي رڳو ڳالهائيندي آهي. مون کي ڪئپٽن رزاليءَ جو خيال ٿي رهيو هو ته هو منهنجي ڪري سيڙجي پيو هلي ۽ سچ ته اهو هو ته صبح کان نڪرڻ ڪري آئون به ٿڪجي پيو هوس.
    ”صفيه بس جلدي ۾ آهيان. ٻئي سال فئملي سان ايندس ته پوءِ خوب ڪچهريون ڪنداسين. هينئر اتي ڪٻٽ وٽ ٿي بيهه ته تصوير ڪڍي روانا ٿيون.“ مون چيومانس.
    ”نه نه مسٽر الطاف ماني کائڻ بنا توکي نه ڇڏيندس.“ ۽ پوءِ ڪئپٽن رزالي کي ترسڻ لاءِ راضي ڪرڻ لڳي. تنهن ٻڌايس ته آئون هن وٽ رهيل آهيان ۽ سندن گهر هتان ويجهو ٻن ٽن ميلن جي فاصلي تي آهي. وڏي ڳالهه ته ماني هوٽل تان کائي سڌو پيا اچون.
    ”چڱو ڀلا رمبوتان ۽ دورين کڻي وڃو. هلو ته هلي وڻن مان پٽيون.“
    ڪئپٽن رزاليءَ کي چيم ته صفيه جي اڳهين گهر ۾ به ميوي جا ڏاڍا وڻ هئا ۽ اسان هميشه گاڏيءَ جي ڊڪي ڀري ويندا هئاسين.
    رمبوتان ليچي جهڙو ميوو ٿئي ٿو. ٻاهران ڳاڙهي ۽ سائي کل ٿيئس جنهن مٿان وارن جهڙا ڳاڙها کوندا ٿين. انهن وارن ڪري هن ميوي جو نالو رمبوتان پيو آهي. رمبوت معنيٰ وار ۽ رمبوتان معنيٰ وارن وارو. ساڳي طرح دُورين ميوي جو نالو ميوي جي مٿان ٿلهن ڪنڊن تان پيو آهي. دُري معنيٰ ڪنڊو ۽ دورين معنيٰ ڪڊن وارو. دورين ۾ هنڱ جهڙي بدبوءِ هجڻ ڪري اسان جهڙن لاءِ (جن ننڍي هوندي کان هي ميوو نه کاڌو آهي) هن ميوي ڀرسان بيهڻ جي سخت مشڪل ڪم آهي پر ڪئپٽن رزاليءَ همت ڪري هي ڇانهين جيڏا ڏه ٻارهن دورين کنيا ۽ مون رمبوتان سان شاپر ڀريو. صفيه جي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهارو کن رمبوتان جا وڻ هئا ۽ ڏهه کن دورين جا. ڪمپائونڊ وال اندر سڄي ايراضي ٽي يا چار هزار وال کن ٿيندي. ڪئپٽن رزاليءَ مون کي چيو ”صفيه ڏاڍي سياڻي آهي. آئون به هن جهڙو گهر وٺان ها. اسان واري بند بند گهر کان هي ٻهراڙي ٽائيپ گهر سٺا آهن.“
    صفيه ڪافي دير منهنجي ٻارن جو پڇندي رهي. ڪا ڳالهه ياد اچڻ تي کلي ڪئپٽن رزاليءَ کي چيو: ”الطاف جي ڌيءَ مريم بعد ۾ سلائيءَ ۾ ايڪسپرٽ ٿي وئي پر شروع ۾ ڏاڍي سست هئي پر آئون به ڇڏيندي نه هيس. ٿورو ئي بخو خراب ڪندي هئي ته سڄي ڊريس اڊوڙي وري سبڻ لاءِ چوندي هئيسانس. پوءِ شڪل پئي ٺاهيندي. خارون پئي کائيندي هئي پر ڪڇندي نه هئي. يا ڪپڙي جي ڪٽنگ ڪندي ڀلبي هئي ته فٽ اسڪيل کي زور سان ٽيبل تي هڻندي هيس ته جهٽ عقل اچي ويندو هوس.“
    ”هاڻ ڇهن سالن کان جپان جهڙي ملڪ ۾ ويٺي آهي.“ رزاليءَ صفيه کي ٻڌايو، ”جتي هر شيءَ کان مهنگي سلائي آهي. چڱو جو ننڍي هوندي سلائي سکي ڇڏيائين ۽ هاڻ مهرباني ڪري منهنجي ڌيءَ کي به سيکارجانءِ. ان جو نالو به مريم آهي.“
    ”انشاالله حياتي رهي ته،“ صفيه چيو، ”آئون تنهنجي زال عائشه جا به ڪپڙا سبي چڪي آهيان، هاڻ مونکي ياد پيو اچي ته هوءَ مستوران سان ايندي هئي.“
    صفيه ڳالهيون ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ نه هئي. اسان ڪار جي بوٽ ۾ رمبوتان ۽ دورين وڌا ۽ جلدي جلدي ملئي نموني جو ڳاڙهي رنگ جو روح افزا ٽائيپ شربت پي صفيه جو يادگار خاطر تازو فوٽو ڪڍيو ۽ موڪلايو.
    واپسي تي ڪئپٽن رزالي جي گهر ڏي موٽڻ مهل رستي تي رزالي کي ٻڌايم ته آئون جڏهن هتي رهندو هوس ته رمبوتان ۽ مينگواسٽين ميوو ڏاڍو آڻيندو هوس.
    ”مونکي به هاڻ ياد پيو اچي ته تون اسان پاڙي وارن کي به ڏيندو هئين،“ رزاليءَ چيو، ”صفيه جي گهران آڻيندو هئين؟“
    ”نه نه.“ مون وراڻيومانس، ”صفيه اسانکي ڏئي ڏئي ڪيترو فروٽ ڏيندي. وڌ ۾ وڌ هڪ دفعو. ڇا ٿيو جو پهرين سال ئي تجنگ بدارا ڳوٺ ڏي پڪنڪ تي وڃڻ دوران مونکي خبر پيئي ته هن ڳوٺ جا ماڻهو گهر ۾ لڳل وڻن جو ميوو ملاڪا جي سبزي منڊيءَ ۾ وڪڻڻ بدران گهرن ۾ ئي وڪڻن ٿا ۽ ڪلو يا ڪيٽي (ٽي ڪلو) جي حساب بدران سڄو سڄو وڻ وڪڻن ٿا. اها ڳالهه مونکي ڏاڍي وڻي ۽ پوءِ باقي جيڪي ست اٺ سال رهيس هر سال ڪنهن گهر ۾ ٻه ڪنهن ۾ ٽي وڻ اٽڪل ڏهاڪو کن وڻن جي مقاطعي جا اڳواٽ پئسا ڏئي ڇڏيندو هوس. پوءِ فروٽ پچڻ تي هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن گهر مان پٽي ايندو هوس.“
    ڪئپٽن رزالي منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو کليو ”يار واهه جي Idea ڏني اٿئي. اسان لوڪل ماڻهن کي به اها ڄاڻ نه هئي. اڄ شام جو ئي تجنگ بدارا هل ته انهن مان ڪو سڃاڻو هجي ته اسان سان به تعارف ڪرائين ته اسان به ٺيڪي تي وڻ وٺون. ٿي سگهي ٿو توکي ڌاريو سمجهي مقاطعي تي وڻ ڏنا هجن پر اسان کي ڏيندي شرمائين.“
    ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ گهر ٽن چئن هزار والن تي ٿين ٿا. چوري چڪاري نه برابر آهي. گهر جي چوڌاري لوهي تارن جو لوڙهو ٻاهران ايندڙ ڀولڙن جهڙن جانورن کان بچاءَ لاءِ ڏنو ويندو آهي. ان بائونڊري جي وچ ۾ ڪاٺين ۽ ڪامُن تي ٻن يا ٽن ڪمرن جو گهر ٿئي. ان ڪاٺائين گهر جي چوڌاري مختلف ميون جا وڻ پوکين. هتي جي زمين ڀلي آهي هر وقت مينهن پوندو رهي ٿو. بس رڳو ڪنهن به ميوي جي چڪي وٺي هڻڻي پوي ٿي. ڪڏهن ته فقط وڻ جي ٽاري قلم طور پٽي هڻڻ سان به وڻ ٿيو وڃي. اسان وٽ سنڌ ۾ خبر ناهي اهو ممڪن آهي يا نه پر ملائيشيا ۾ مون انب جي وڻ جون ٽاريون پٽي قلم طور پٽ ۾ هنيون ته انهن ۾ به ڦوٽاڙو اچي ويو ۽ وڻ ٿي ويا. سو هتي هر گهر جي اڱڻ ۾ ميون جا ڪيترائي وڻ ٿين جيڪي گهر جي مختلف ڀاتين نالي ٿين. پوءِ سال لاءِ مقاطعي تي وڻ جو سودو ڪرڻ مهل ان جي مالڪ کي سڏيو ويندو. اهو ته اهو اچي قيمت ٻڌائي ۽ پئسا وٺي.
    ٻي ڳالهه جيڪا اسان جهڙن سنڌ جي رهواسين لاءِ حيرت جهڙي آهي ته هتي ملائيشيا ۾ (شايد ٻارهوئي هڪجهڙي مينهوڳي واري موسم هجڻ ڪري) ڪيترا ميوا جهڙوڪ چڪون، شريفو، ڪٺهل، پپيو ۽ انناس وغيره ٻارهوئي پيو هلي. اسان وانگر نه آهي ته گرمي ٿيندي ته ڇانهين، گدرو، انب نظر ايندو، سيارو ايندو ته انگور، صوف ۽ ڪينا وغيره ٿيندا. ملائيشيا ۾ سيارو يا اونهارو ته ٿئي ئي ڪونه. سڄو سال هڪ جهڙي موسم آهي سو هتي جا ڪيترائي ميوا سڄو سال وڻن ۾ نظر اچن ٿا جيئن اسان وٽ ڪيلو آهي جيڪو منهنجي خيال ۾ سڄو سال پئدا ٿئي ٿو. رمبوتان جهڙا ميوا سڄو سال نٿا ٿين پر چڱو خاصو عرصو وڻ ۾ رهن ٿا ۽ اسين مسواڙ تي ورتل انهن وڻن مان ٽي چار مهينا رمبوتان پٽيندا رهندا هئاسين.
    ملائيشيا ۾ ڪجهه ميوا اهڙا آهن جيڪي سال ۾ ٻه دفعا ٿين ٿا. انهن مان انب به هڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جو انب اسانجي انب وانگر سوادي نٿو ٿئي جيتوڻيڪ انب جو اصل ملڪ ملائيشيا آهي پر ملائيشيا وارن انب تي ايترو ڌيان نه ڏنو جيترو انڊيا ۽ پاڪستان. انبن ۽ پپيئن جا وڻ هتي مفت جا وڻ سڏبا آهن. ڪنهن به گهر واري کان انب يا پپيئا گهربا ته ان جو ملهه وٺندي هن کي عار ٿيندو.
    ***


    وري ڪڏهن ملنداسين ساٿيو

    هڪ ڏينهن ڪئپٽن رزاليءَ سان گڏ آفيس ٽائيم ۾ پنهنجي پراڻي اڪيڊمي ۾ به ويس. پنهنجي پراڻي آفيس ۽ گهر ڏسڻ جن ۾ مون زندگيءَ جا اٽڪل اٺ سال گذاريا ۽ اهو ڏسڻ ته پراڻن ماڻهن مان اڃان ڪير موجود آهي.
    اڪيڊميءَ کي يونيورسٽي ليول تائين آڻڻ ڪري منجهس ڪيترائي ڊپارٽمينٽ، آفيسون ۽ آفيسرن ۽ شاگردن جي رهائش لاءِ گهر ۽ فلئٽ ٺهي ويا هئا. دراصل شاگردن ۾ به اڌ کان وڌيڪ آفيسر ئي ٿيا جيڪي مختلف جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن يا ڪورس ڪرڻ بعد ٿين. سو اهڙا شاگرد اڪثر پنهنجين زالن ۽ ٻارن سان رهن ٿا ۽ انهن جي رهائش لاءِ هڪ عام هاسٽل جو ڪمرو نه پر گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪمرن وارو فلئٽ ئي ٿئي ٿو.
    مون 1988ع ۾ پنهنجي گهر جي پويان سنڌڙي انب جي چڪي هنئي هئي ۽ 1991ع ۾ ملائيشيا مان موٽڻ مهل اها چڪي وڌي وڻ ٿي وئي هئي پر اڃان ڦل نه جهليو هئائين. مونکي اها تشويش رهي ٿي ته سنڌ مان گهرايل چڪي ملائيشيا جي موسم ۽ ڌرتيءَ تي وڌي وڻ ٿيڻ تي اهو ساڳي سواد جو سنڌڙي انب ڏئي ٿو يا ملائيشيا جي عام ديسي انب جهڙو انب، مونکي ان وڻ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو سو پهرين پنهنجي پراڻي گهر جي پويان پهتس. پر وڻ غائب هو. منهنجي هڪ پاڙيسريءَ جي گهر اڳيان لڳل شريفي (Custard Apple) جا ٽي وڻ به ڪٽيل هئا. بعد ۾ اڪيڊمي جي ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن ڪئپٽن زين الاڪبر ٻڌايو ته اسان جي وڃڻ بعد جڏهن ڪئپٽن وارن شڪري اڪيڊميءَ جو ڪمانڊٽ (پرنسپال) ٿيو ته هن ميوي وارا سڀ وڻ ڪٽرائي ڇڏيا.
    ”۽ ڀلا آفيسن اڳيان 1989 ۾ اسان واري ڪمانڊٽ ڪئپٽن حمزي هڪ هزار کان مٿي وڻ دورين، رمبوتان، چڪن ۽ ٻين ميون جا هڻايا هئا، اهي؟“
    ”اهي به نئين پرنسپال 1996ع ڌاري ڪٽائي ڇڏيا.“ ڪئپٽن زين الاڪبر ٻڌايو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو ميوي تان شاگردن جا جهيڙا ٿيندا رهيا ٿي. ميوي جي پچڻ کان اڳ ڇوڪرا ڪچو پٽي ويا ٿي. پراڻي پرنسپال ته نيڪ نيتيءَ سان هيترا سارا ميوي جا وڻ لڳرايا پر پوءِ هي حال ڏسي، نئين پرنسپال اهي ڪٽرائي ڇانو وارا وڻ هڻايا آهن.“
    ڪئپٽن زين الاڪبر منهنجي ڏينهن ۾ ڪئپٽن رزالي سان گڏ شاگرد ٿي اسان وٽ پڙهڻ آيو هو. ان بعد ڪئپٽن ٿيو ۽ اڪيڊميءَ ۾ اسان سان ئي گڏ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ ترقي حاصل ڪندو ڪندو هاڻ ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن آهي. سندس زال ٽيريسا نالي ملائيشيا جي چينياڻي آهي ۽ هاڻ سندس مسلمانن جو نالو زرينا آهي. کين ڪيترن سالن تائين جڏهن ڪو اولاد نه ٿيو ته هنن 1987ع ۾ اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي همراهه (جنهن کي ڇهه ٻار اڳهين هئا) کان ستون ٻار نپائڻ لاءِ ورتو جنهن جو نالو ذوالفقار رکيائون. ملائيشيا ۾ ٻار نه ٿيڻ تي يا ڪنهن غريب اولاديءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ هن کان ٻار وٺي پالڻ عام ڳالهه آهي. ان لاءِ ٻار جي ماءُ سان ان وقت ڳالهايو ويندو آهي جڏهن هوءَ پيٽ سان هوندي آهي يعني ٻار پالڻ وارو سچي نيت سان ٻار پالڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ اهو کڻي پٽ هجي يا ڌيءَ، صحتمند هجي يا ڪمزور ٻئي جو ٻار رکڻ لاءِ قانوني طرح ڪورٽ کان به اجازت وٺڻي پوندي آهي ۽ ڪجهه سالن لاءِ ڪورٽ جا نمائندا پالڻ واري تي نظر رکندا آهن ته آيا هو ڌارئين ٻار کي پنهنجي اولاد وانگر رکي ٿو يا نه. ساڳي وقت بعد ۾ ٻار ڏيڻ وارن جو واسطو ڪٽيو ويندو آهي ۽ ٻار کي اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ۽ هن کي اها ئي ڄاڻ هوندي آهي ته هو ڪنهن ٻئي ماءُ پيءُ جو ٻار نه آهي پر انهن جو ئي آهي جن وٽ هو رهيو پيو آهي. اوري پاڙي وارا ۽ مائٽ مٽ به ٻار کي سندس اصلي ماءُ پيءُ بابت ٻڌائڻ کي اخلاقي ڪمزوري سمجهن ڇو جو ٿي سگهي ٿو ٻار جي اصلي ماءُ پيءُ جو سماجي درجو گهٽ هجي، هو غريب هجن (۽ غربت ڪري هنن پنهنجي جگر جو ٽڪرو ٻئي کي ڏنو هجي) ۽ ان ڳالهه جو ٻار تي خراب نفسياتي اثر پوي.
    1991ع ۾ اسين ملائيشيا ڇڏي رهيا هئاسين ته ڪئپٽن زين الاڪبر جي زال زرينه سندس گهر آيل هڪ مهمان ملئي عورت بابت منهنجي زال کي ٻڌايو ته اها پيٽ سان آهي ۽ جيڪو به ٻار ڄائس. ڌيءَ يا پٽ ته هن کيس (زرينه کي) هميشه لاءِ ڏئي ڇڏڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري آهي.
    اسان ته 1991ع ۾ پاڪستان هليا آياسين ۽ سال بعد جڏهن ٻن سالن لاءِ مالمو (سئيڊن) جي ورلڊ مئريٽايم يونيورسٽيءَ ۾ وياسين ته اتفاق سان ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن زين الاڪبر به اتي آيا هئا ۽ ٻارن سان گڏ ٻئي سال اسان جي پاڙي ۾ رهيا.
    ڪئپٽن زين الاڪبر وارن کي هاڻ ٻه ٻار هئا. هڪ ذوالفقار جيڪو هاڻ ڇهن ستن سالن جو هو ۽ ٻيو به پٽ هوس شاهزوان. زرينه ڊسپلين جي سخت آهي ۽ ٻئي زال مڙس مذهبي آهن. هو سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ جتي قرآن پڙهائڻ لاءِ ڪو مولوي مشڪل سان ملندو هو اتي پاڻ ويهي پنهنجي وڏي پٽ کي قرآن پڙهائيندي هئي جيتوڻيڪ سندس شاديءَ کان اڳ ٻڌ ڌرم سان واسطو هو.
    ڪئپٽن زين الاڪبر وٽ هڪ ڏينهن منجهند جي مانيءَ تي سندس پٽن سان به ملاقات ٿي. ذوالفقار سورهن سترهن سالن جو ٿي ويو هو. زرينه ڪچن ۾ اهو تئو، همام دستو ۽ ويلڻ وغيره ڏيکاريو جيڪو اسان ملائيشيا ڇڏڻ وقت کيس ڏنو هو.
    اڪيڊمي جي آفيس ۾ منهنجو هڪ پراڻو ملئي دوست ابراهيم بن معروف به مليو. پاڻ ڪئڊٽن جي ڊسيپلين جو انچارج آهي. پاڻ بيحد همٿ وارو ۽ برجستو آفيسر ۽ يارن جو يار آهي. سخت مذهبي ۽ نماز روزي جو پابند آهي. سندس سڀ ڳالهيون اڪيڊمي جي ماڻهن کي پسند رهيون آهن پر ملئي عورتون دانهون ڪنديون هيون ته سندن مڙس شل ابراهيم بن معروف جهڙا مذهبي به نه ٿين. هنن جي ابراهيم تي ڪاوڙ ان ڪري هوندي هئي جو هن کي هڪ زال نه هئي. اڪيڊميءَ ۾ پنهنجي زال فاطمه ۽ ٽن ٻارن سان آيو. ڪجهه سالن بعد اڪيڊميءَ جي هڪ سهڻي ۽ بيحد ماڊرن روهيدا نالي هڪ ڪلارڪ ڇوڪريءَ سان نه فقط شادي ڪيائين پر کيس سندس پهرين زال فاطمه کان به وڌيڪ مولوياڻي بڻائي ڇڏيائين. ان مان به ٻه ٻار اسان هوندي ٿيس ۽ 1991ع ۾ اڪيڊمي ڇڏڻ وقت هن ملاڪا جي ڪنهن سرڪاري آفيس جي هڪ ننڍي نيٽي ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ سان ٽين شادي ڪئي. ۽ هينئر جڏهن ساڻس مليس ته کلندي پڇيومانس ته ”ابراهيم ڪهڙو حال آهي فاطمه ۽ روهيدا جو؟ ۽ ها سچي هڪ ٽينءَ سان به ته شادي ڪري رهيو هئين! ان سان شادي ٿي يا نه؟“
    ٽهڪ ڏيندي چيائين: ”ان سان ته شادي ڪيم پر ان بعد چوٿينءَ سان به ڪئي اٿم.“
    ”ابراهيم! ماڻهو آهين يا مسچٽو. حق تي غير مسلمان اسان مسلمانن تي کلون ٿا ڪن.“ مون چيومانس.
    ”شادي ڪري آئون جوابداري کڻان ٿو. زال جي به ۽ ٻارن جي به. اسان جهڙا ماڻهو انهن کان بهتر آهن جيڪي شاديءَ جي جوابداري کڻڻ بدران ڇوڪرين کي فلرٽ ڪندا وتن. مون سڀني زالن کي هڪ جهڙو سکيو ۽ خوش رکيو آهي. فاطمه ڪوالالمپور ۾ رهي ٿي. ان جي سڀني ٻارن گرئجيوئيشن ڪئي ۽ هاڻ ڪوالالمپور ۾ نوڪري ڪن ٿا. واپسيءَ ۾ تون ملي انٽرويو وٺندو وڃجانس.“
    ”بهرحال ابراهيم خوش هجين شال ۽ هن جهان ۾ ئي حورن جي هنجن ۾ هجين. بلڪه آهين“ مون کلندي کيس چيو.
    مونکي ٻئي ڏينهن ملائيشيا جي هڪ ڏورانهين رياست ڪيلنتان جي گادي واري شهر ڪوٽا بارو وڃڻو هو جتي ابراهيم جي وڏي ڀيڻ فوزيا بنت خالد رهي ٿي. هن موبائيل فون ذريعي هن جي پٽن کي منهنجي لاءِ ٻڌايو ته منهنجي رهائش ۽ گهمائڻ جو بندوبست ڪن.
    ترينگانو ۽ ڪيلنتان ملائيشيا جون اڀرندي واريون رياستون آهن جتي جا ماڻهو بيحد مذهبي آهن. آدم شماري گهٽ هجڻ ڪري اهي رياستون بيحد خاموش ۽ پرسڪون آهن. اتي جا تانگها ڪنارا ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن لاءِ ڪشش رکن ٿا. انهن رياستن جي شهرن: ڪوٽا بارو، ڪئالا تيرنگانو، بيسوت وغيره ۾ پهچڻ لاءِ سيون ميل گهاٽن ٻيلن ۽ جنگلن مان لنگهڻو پوي ٿي. وڻ ايڏا پراڻا، اتاهان ۽ گهاٽا آهن جو منجهند مهل لنگهندي به اونداهه رهي ٿي ۽ ڪار جون بتيون ٻاري هلڻو پوي ٿو. ڪٿي ڪٿي ڀولڙن جهڙا ننڍا ننڍا جانور به ملن ٿا پر سڀ کان گهڻو منجهائيندڙ هاٿي ٿين ٿا جن جو اوچتو رستو پار ڪرڻ تي حادثي جو امڪان رهي ٿو. بهرحال ان بابت ملائيشيا تي لکيل ڪتاب، ”خبرون کيڙائن جون“ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
    اڪيڊميءَ مان ٻاهر نڪرڻ مهل مين گيٽ تي موجود سڪيورٽي گارڊ ڀاڪر پائي مليو.
    ”اتي ترس ته پاڻ فوٽو ڪڍرايون.“ آئون هن تامبيچڪ نالي سڪيورٽي گارڊ سان گڏ ٿي بيٺس. اڄ کان ويهه سال اڳ 1983ع ڌاري ’تامبي چڪ‘ هڪ ڇوڪري جي حيثيت ۾ مالهي ٿي هتي ڪم شروع ڪيو هو ۽ اسان جي گهرن اڳيان مشين سان گاهه ڪٽڻ ايندو هو ۽ آفيس ۾ نانگ اچڻ تي هڪ ٻئي مالهيءَ سان گڏ مارڻ لاءِ ايندو هو.
    سندس تعلق ڀرواري ڳوٺ سان هو ۽ عيدن تي اسان جڏهن ٻين جي گهر ويندا هئاسين ته تامبي چڪ جي گهر به ويندا هئاسين. سندس ماءُ پيءُ ڏاڍا قربائتا هئا ۽ هر وقت پٽ جي پارت ڪندا رهندا هئا. سندس شادي به اسان جي سامهون ئي ٿي هئي. هاڻ ملڻ وقت مون سندس نالو گهڻو ئي ياد ڪيو پر دل تي نه آيو سندس قميص تي لڳل نالي جي ٽئگ تي به سندس ذات TAMBAY CIK لکيل هئي سو نالي بدران ذات سان پڪاري ساڻس مليس ۽ فوٽو بعد موڪلائي اڪيڊمي جي گيٽ کان ٻاهر نڪري هڪ دفعو وري اڪيڊمي جي ڪئمپس ڏي ۽ ٻاهر نانگ وانگر ور وڪڙ واري رستي ڏي آخري دفعو نهار ڪيم. زندگيءَ جا اٺ سال کن مون هن رستي تي واڪ ڪئي ۽ مٿس ملائيشيا جا ٺهيل Proton Saga ڪار هلائي. صبح جو ڌنڌ ۾ ۽ رات جو اوندهه ۾ ڪار جي روشنيءَ ۾ پريشان ٿي بيٺل ڀولڙن ۽ نانگن کي چپيو هوندم. رستن تي شيون وڪڻندڙ عورتن کان ناسي ليماڪ، اڊانگ چوچو، ساتي، ڊوڊول ۽ ٻيون ملئي شيون وٺي کاڌيون هوندم. هتي جي ماڻهن جي خوشين ۽ غمين ۾ پير ڀريو هوندم. اڄ سالن بعد هتي وري آيو آهيان. هي پَٽَ ڇڏڻ وقت سوچيو به نه هئم ته آئون هتي وري چڪر تي ايندس. شايد منهنجي هن ڌرتي ۽ هتي جي رهواسين سان ڪجهه وڌيڪ ئي Attachment آهي. خدا حافظ چوڻ وقت سڪيورٽي گارڊ تامبي چڪ به اهو ئي چيو ”توهان پهريان آهيو جو وري ملڻ آيا آهيو ۽ توهان پهريان آهيو جن هتي رهي، هتي جي زبان ڳالهائي ٿي. اسين توهان کي هر وقت ياد ڪندا آهيون.“
    جواب ۾ مون به کيس اهو ئي چوڻ چاهيو ٿي ته ”آئون به توهان کي هر وقت ياد ڪندو رهان ٿو. دنيا جي هيترن ملڪن ۾ رهڻ جي باوجود مونکي ملائيشيا گهڻو پسند آهي“ پر افسوس جو آئون ايڏو Sentimental ٿي ويس جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ ڳلي مان آواز ئي نه نڪري سگهيو ۽ پوءِ ميلاپ ۽ جدائيءَ جون ملئي رباعيون ذهن ۾ بولاٽيون کائينديون رهيون.
    “Malam ini merendang jagung,
    Malam esok merendang serai,
    Malam ini kita berkampung,
    Malam esok kita bercerai.”

    “Dari Mana hendak ke mana?
    Tinggi rumput dari padi.
    Tahun mana bulan mana,
    Hendak kita berjumpa lagi?”
    ”اڄ اسان گڏ آهيون
    ته سڀاڻي اسان لاءِ وڇوڙو آهي.“
    ”تون ڪٿي آهين ۽ ڪيڏانهن هليو وئين
    اهو وري ڪهڙو ڏينهن ايندو
    ڪهڙي سال جو
    پاڻ وري ڪڏهن ملنداسين ساٿيو.“
    ***


    ننڍي هوندي ڍڳيون چاري

    ڪئپٽن رزالي جنهن شهر ۾ آهي ان کان ملاڪا رياست ۾ اهم ۽ گادي وارو شهر ’ملاڪا‘ چاليهه ميل کن پري آهي. رزاليءَ کي راضي ڪري آئون ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ملاڪا جي هڪ هوٽل سيمابوڪ ۾ اچي رهيس. رزاليءَ گهڻو ئي چيو ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ته آئون سندس گهر ڇڏي هوٽل ۾ نه وڃي رهان.
    ”لڳي ٿو ته توکي اسان جي گهر ۾ ٻارن جي گوڙ گهمسان ڪري تڪليف رسي آهي. يا ماني ٽڪي پسند نه آهي.“
    حقيقت اها هئي ته ڪئپٽن رزالي ۽ ان جي سڄي فئمليءَ منهنجو ايڏو خيال ٿي رکيو جو مونکي اهو ٽائيم نٿي مليو جنهن ۾ آئون ڪجهه پنهنجي مرضي سان ڪري سگهان. مون اڪيلائيءَ ۾ ويهي گذريل هفتي ڏيڊ بابت سوچي سفرنامي لاءِ ڪجهه Points لکڻ چاهيون ٿي. ڪجهه واڪ ڪرڻ چاهي ٿي. ڪجهه ننڊ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ڪجهه Lazy ٿي رهڻ چاهيو ٿي. رزالي وارا مونکي ڪجهه زياده ئي Pamper ڪري رهيا هئا. هر ويلي تي ڳرا ڳرا کاڌا تيار ڪري رهيا هئا. صبح کان وٺي رات جو دير تائين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ گهمڻ لاءِ وٺي هليا ٿي. زال مڙس ته ٺهيو پر ٻار به هر وقت خذمت ۾ رهيا ٿي. ڪڏهن ڪا شيءِ اچيو ڏيکارين. ڪڏهن ڪا کائڻ جي شيءِ کڻيو اچن.
    ”انڪل مَڪن اِني - انڪل مِنيوم اِني“ (انڪل هي کاءُ، انڪل هي پيءُ) لڳو رهيو ٿي. وڏن ٻارن کي ته سوئيڊن ۽ ملائيشيا ۾ اسانجي پاڙي ۾ گذاريل ڏينهن ياد هئا. ننڍن کي هر وقت رزالي ۽ عائشه اهو ٻڌائيندي رهي ٿي ته سئيڊن ۾ توهان هن انڪل جي گهر رهندا هئائو. بيمار ٿي پوندا هئائو ته سئيڊن جي برفباري ۽ ٿڌ ۾ هن انڪل جي ڌيءَ مارئي ۽ زال توهان کي اسپتال کڻي وينديون هيون ۽ توهان کي کارائينديون پيارينديون هيون. اهو ٻڌي جاڙا (جيڪي هاڻ مچي مڙس ٿي پيا هئا) پر سئيڊن ۾ ٻن سالن جا مس هئا ۽ ڪمزور هجڻ ڪري هر وقت بيمار رهندا هئا، مونکي تعجب مان ڏسندا رهيا ٿي.
    ڪئپٽن رزاليءَ جو ڪلارڪ فوزي پنهنجي ڪار ۾ ملاڪا وٺي هليو. ملاڪا جي بس اسٽاپ تي ٻن ٽن هوٽلن جو جائزو ورتم. ڪنهن زماني ۾ جڏهن هي نئون بس اسٽاپ ٺهيو هو ته هي هوٽلون پڻ ٺهيون هيون. ڇهه ست ماڙ هي هوٽلون، ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي هجڻ ڪري، انهن جي درين مان نظارو ڏسڻ وٽان آهن. انهن ۾ آئون پهرين به رهي چڪو هوس پر هاڻ انهن هوٽلن جي رسيپشن ۽ ڪمرن جو گندو حال ڏسي ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڪرمنل قسم جي ماڻهن کي هلندو ڏسي سمجهي ويس ته جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ قانون جو بول بالا آهي پر تڏهن به ترقي ۽ پئسي هتي جي ڪن ڪن ڪنڊن ۾ برائيون آنديون آهن. هوٽلن جي اردگرد ڊسڪو ٿي ڪلب، بار، مساج گهر ۽ رستن تي هلندڙ دلال ۽ ڀڙوا ان جو ثبوت ڏئي رهيا هئا. فوزيءَ کي چيم ته هتان هل ته ٻئي هنڌ هلون.
    فائيو اسٽار ”هوٽل رامادا“ واري روڊ تي وسما جهڙيون ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ ايئرڪنڊيشن هوٽلون آهن جن ۾ پڻ رهي چڪو هوس پر انهن جي حالت به خراب هئي. بهرحال شهر کان ٻاهر هڪ نئين ٺهيل هوٽل سيمابوڪ وٽ گاڏي بيهاريم ۽ فوزيءَ کي چيم ته مسواڙ پڇي اچ.
    ”ٽن ڏينهن جا هڪ سؤ رنگٽ (ڏيڍ هزار رپيا کن) چون ٿا ۽ نيرن به ان ۾ آهي.“ فوزيءَ ٻڌايو.
    فوزيءَ کي موڪل ڏئي، سامان جو ٿيلهو کڻي رسيپشن تي پاسپورٽ ۽ 50 رنگٽ ائڊوانس ڏئي ڪمري جي ڄاٻي وٺي ڪمري ڀيڙو اچي ٿيس. هوٽل کي ٺهي اڃان سال به نه ٿيو هو. هر شيءَ اعليٰ قسم جي هئي. ايئرڪنڊيشن، ٽيليفون، باٿ روم ۽ ٿڌي سان گڏ گرم پاڻي، ٽي وي، ريفريجريٽر، چانهه ٺاهڻ لاءِ گرم فلاسڪ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه لکڻ پڙهڻ لاءِ ٽيبل ۽ ڪرسي هئي.
    هن هوٽل ۾ ٽي ڏينهن مون سڀ کان گهڻو آرام ڪيو ۽ سڀ کان گهڻو لکيو. ڪو ڊسٽرب ڪرڻ وارو نه هو. جيتوڻيڪ پهرين ڏينهن اهڙي بدمزگي ٿي جو هوٽل ڇڏڻ وارو هوس. سامان رکي وهنجي ڪجهه دير لکي ستس ته ننڊ اچي وئي. ڪيترن ڏينهن کان ننڊ پوري نه پئي ٿي ۽ هڪ اهو به سبب هو جو پئسا خرچ ڪري هن قسم جي خاموش ۽ صاف سٿري هوٽل ۾ اچي رهيو هوس. پر اڃان اڌ ڪلاڪ کن مس ستو هوندس ته ڪمري کان ٻاهر دانهن ڪوڪن تي اک کلي وئي ۽ اڃان حالتن جو جائزو وٺي رهيو هوس ته منهنجي ڪمري جي در تي ڪنهن زور سان مڪ هڻي رڙ ڪئي. سمجهه ۾ نه آيو ته در کولي ڏسان ته ڪير آهي يا هيٺ رسيپشن تي فون ڪريان. منهنجو ڪمرو چوٿين ماڙ تي هو.
    مون بستر تان ٽپ ڏئي در کولڻ لاءِ چاٻيءَ کي گهمايو. چاٻيءَ ۽ در جي هئنڊل گهمڻ جي آواز تي ٻاهر بيٺل همراهه جي ڊوڙڻ جو آواز آيو. مون يڪدم در کولي ٻاهر ڏٺو. چڍين ۽ گنجين ۾ ٻه سک ڇوڪرا اڳتي مڙي ڏاڪڻ ذريعي هيٺ ڀڄي ويا. آئون به ٻه ٻه ڏاڪا هڪ ئي وقت ٽپندو هيٺ ٽئين فلور تي پهتس جتي پنج ڇوڪرا ٻيا به بيٺا هئا جن سان مٿيان ٻه ڇوڪرا ملي هڪ ٿي ويا ۽ هاڻ اهو ڇوڪر سڃاڻڻ ڏکيو هو جيڪو منهنجي در تي مڪ هڻي هيٺ ڀڳو هو. ”هيءَ سٺي ڳالهه ته نه آهي جو توهان ٻين کي ڊسٽرب ڪيو ٿا.“ مون ملئي زبان ۾ سڀني کي چيو.
    ”انڪل آئون ڪونه هوس. آئون ته هتي ئي بيٺو هوس“ انهن مان هڪ چيو ۽ مونکان کل نڪري وئي ته هونءَ مونکي خبر نه پوي ها پر هاڻ پنهنجي بيوقوفيءَ ۾ ٻڌائي وئين ته تون ئي آهين. ۽ آئون به هاڻ پهلوان ٿي ويس.
    ”نه مون توکي سڃاتو. تون ئي هئين.“ مون کيس چيو.
    ”انڪل معافڪن سايا،“ هن يڪدم معافي گهري ۽ مون هاڻ دوستاڻي لهجي ۾ کانئن پڇيو ته هو ڪٿان آيل آهن.
    ”اسان جوهور باروءَ کان هتي ’آل انٽر اسٽيٽ سک هاڪي مئچ‘ کيڏڻ آيا آهيون.“ هنن ٻڌايو. هو سڀ فرسٽ ييئر ۽ انٽر جا شاگرد هئا. ٻئي ڏينهن نيرن تي سندن ٽيچر به مليو. ملائيشيا ۾ پٺاڻن ۽ پنجابين وانگر سک به جتي ڪٿي ملندا.
    هنن جا ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ ٽڪاڻا آهن. ملاڪا ۾ به هنن جو تمام وڏو گوردوارو آهي جنهن بابت آئون پنهنجي هڪ ڪتاب ”مڪليءَ کان ملاڪا“ ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. سک ڳائڻ وڄائڻ نچڻ ٽپڻ ۽ راندين جا شوقين آهن ۽ هو ان قسم جون مئچون ۽ ٽورنامينٽون جتي ڪٿي ڪندا رهن ٿا. هو طبيعت ۾ خوش مزاج هجڻ کان علاوه پٺاڻن وانگر محنتي آهن ۽ جتي رهن ٿا اتي جي مڪاني ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي حڪومت هنن کي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. سک ڏوهن ۽ غلط ڪمن ۾ Involve نٿا ٿين. سک محنت مزدوري ڪري، ڌنڌو واپار ڪري، سرڪاري نوڪري ڪري يا فوجي ۽ چوڪيدار ٿي ملڪ جي خذمت هڪ طرف ڪن ٿا ته ٻئي طرف ڪمايل پئسو عياشيءَ ۾ وڃائڻ بدران سادگيءَ ۾ رهي، پئسي کي بچائي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي خوشحالي آڻين ٿا. سکن لاءِ ملائيشيا ۾ مشهور آهي بلڪ هڪ راڳ به ٺهيل آهي ته سک جو ٻار غريب هوندو ته به ننڍي هوندي کان ٻڪريون چارڻ جهڙو ڪم ڪري به ڪجهه نه ڪجهه پئسو بچائيندو ۽ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو پئسي مان پئسو ٺاهيندو ويندو. سک بابت ان مشهور راڳ جو عنوان آهي.
    ”ڪيچي ڪيچي ليمبو جاڳا“ يعني ننڍو ننڍو آهي ته ڍڳيون سنڀالي ٿو- يعني چاري ٿو. ان راڳ جا ڪجهه شهر هن ريت آهن:
    Kechik Kechik Lembu Jaga

    Kechik Kechik Lembu Jaga
    Sudah Besar Masuk Askar
    Satu Sanapang Peluru Dua
    Kechik - Kechik Lembu Jaga....
    ”(سک) ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو
    وڏو ٿيڻ تي فوج ۾سپاهي ٿئي ٿو
    هڪ رائيفل ٻه گوليون (هن جي زندگي آهي)
    ننڍو آهي ته ڍڳيون ڍاري ٿو“
    Ada Misai Ta’ada Janggut Itu Kuching
    Ada janggut Ta’ada Misai Itu Kambing
    Ada Janggut ada Misai Itu Bengali Singh
    Ta’ada Janggut Ta’ada Misai Itu Tew-nia-Singh.
    (هن جو چوڻ آهي ته)
    ڏاڙهيءَ بنا مڇن سان ماڻهو ٻلي برابر آهي ۽ مڇن بنا ڏاڙهي وارو ماڻهو هڪ ٻڪر وانگر آهي. جنهن کي ڏاڙهي ۽ مڇ آهي اهو پنجاب کان آيل شينهن آهي (يعني پاڻ سنگهه آهي. ملئي زبان ۾ هر ڌارئين ملڪ کان آيل ماڻهوءَ کي بنگالي سڏين) ۽ جنهن کي نه ڏاڙهي آهي ۽ نه مڇ اهو ”تيو- نيا“ سنگهه آهي (تيو- نيا چيني زبان جي گار آهي)
    راڳ ته تمام ڊگهو آهي جنهن جا آخري ٻه شعر هن ريت آهن:
    Kechik - Kechik Dia Suka Bola Hok,
    Sudah Besar Dia Main Itu Rugby
    Kechik - Kechik Dia Makan Itu Chapati
    Sikit Besar Dia Hantam Itu Todi
    ننڍي هوندي هن کي هاڪي پسند آهي
    وڏو ٿي هو رغبي (فٽ بال) کيڏي ٿو
    ننڍو آهي ته هو چپاتيون کائي ٿو
    ٿورو ئي وڏو ٿئي ٿو ته ٽوڊي (کجيءَ جو رس) پيئي ٿو
    Ini Lagu Nayanyi Ada Gurau Juga
    Ta mahu Marah Hantam Sama Saya
    Saya Nayani Bikin Abang Hati Suka
    Complain Mari Saya Kena Buang Kerja.
    هن راڳ کي ڀوڳ ۽ چرچو ئي سمجهجو
    (سک برادريءَ جا ماڻهو) ڪاوڙ نه ڪجو ۽ نه موچڙا هڻجو. مون توهان کي خوش ڪرڻ لاءِ ڳائيو آهي. جيڪڏهن شڪايت ڪندئو ته منهنجي نوڪري هلي ويندي.
    ***


    آئون ماستر ٿي رهيو آهيان

    ملاڪا ۾ هوٽل سيمابوڪ (Semabok) ۾ رهائش دوران صبح جو توڙي شام جو بس يا ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي شهر هليو ويندو هوس. پوءِ ڪڏهن جالان بنگارايا تي ته ڪڏهن جالان منشي عبدالله (رستن) تي لهي، پنڌ پنڌ هيڏانهن هوڏانهن جا چڪر ڏيندو رهيس ٿي. ڪيترا دڪان ۽ انهن مالڪ ساڳيا هئا ڪي نوان هئا. پوسٽ آفيس ۽ پارڪ، هوٽلون ۽ ڊپارٽمينٽ اسٽور، مسجدون مندر، ٽڪاڻا، گرجا گهر ۽ چينين جا پڳوڊا - هي اهي جايون آهن جتان منهنجو لڳاتار اٺ سال گذر ٿيندو رهيو. جالان (شاهراهه) لڪساما جي منهن وٽ گووندا سوامي وارن جو دڪان جتان اسان هر مهيني گهر جو راشن: پاڪستاني چانورن ۽ ڪابلي چڻن کان وٺي مرچ مصالحا وٺندا هئاسين. ڀر واري تامل جي دڪان تان انڊين فلمي رسالا ورتاسين ٿي. ڀر واري گهٽيءَ ۾ چينيءَ جي اٽي پيهڻ واري مشين تان ڪڻڪ جو اٽو ورتوسين ٿي. بس ٽرمينل وٽ لئبرري مان ڪتاب وٺندو هوس ۽ هينئر انهن پراڻن هنڌن تان لنگهندي پراڻا ڏينهن ياد اچي رهيا هئا.
    هڪ ڏينهن جالان (شاهراهه) ”هنگ تئا“ تي شام جي وقت واڪ ڪري رهيو هوس ته ٻن همراهن کي اڙدو ۾ ڳالهائيندو ٻڌم. هو مزدا پڪ اپ ۾ چڙهي رهيا هئا جنهن جي پٺيان ڪپڙن جا تاڪيا ۽ ڪجهه ويڙهيل غاليچا هئا. منهنجي کيڪار ڪرڻ ۽ خيرعافيت معلوم ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته هو چئن سالن کان هتي بزنيس ڪن ٿا. کين هتي رهي بزنيس ڪرڻ جو صحيح قسم جو ويزا نه آهي پر مڙيئي (بقول هنن جي) Risk تي ڪم هلائين پيا. ”في الحال ته بچندا رهون ٿا. هڪ ڏينهن جهلجڻ تي جيل به وڃي سگهون ٿا.“ هنن ٻڌايو. جن مان هڪ لاهور جو دائود احمد چوهان هو ۽ ٻيو پشاور جو محمد گل نالي پٺاڻ هو جنهن وئن ٿي هلائي.
    ”ڪهڙي قسم جو بزنيس ڪريو ٿا؟“ مون پڇيومان.
    ”انڊيا کان هي ڪپڙو ۽ ڪارپيٽ گهرائيندا آهيون ۽ پوءِ هتي ملاڪا ۽ اوسي پاسي جي شهرن جي دڪانن تي انهن جي ڊمانڊ مطابق مال سپلاءِ ڪندا آهيون.“ هنن ٻڌايو.
    ”پاڪستان مان به ڪپڙو گهرايو يا نه؟ مون پڇيومان.
    ”نه. پاڪستان جو ڪپڙو هتي نٿو هلي. انڊيا هتي ماڻهن جي ضرورت ۽ ٽيسٽ مطابق ڪپڙو موڪلي ٿو. هتي شو وارو ۽ سنهو ڪپڙو هلي ٿو جنهن مان جسم به نظر اچي. چيني ماڻهو ان قسم جو ڪپڙو وٺن ٿا ۽ ملئي ماڻهو اعليٰ قسم جو رنگين ۽ گلن وارو خريد ڪن ٿا. ٻي ڳالهه ته هتي انڊين ڪپڙو سستو پوي ٿو ۽ چار پئسا فائدو رکڻ تي به گراهڪ خوش ٿي وٺي ٿو. پاڪستان کان ايندڙ ڪپڙو مهنگو پوي ٿو جو ڪپڙو موڪلڻ واري کي پوليس، ڪسٽم، سرڪاري آفيسن - خبر ناهي ڪٿي ڪٿي رشوت ۽ ڀتو ڏئي پوءِ موڪلڻو پوي ٿو، انڪري هتي انڊيا جي مقابلي ۾ مهنگو پوي ٿو.“
    هي ٻئي ڄڻا عمر ۾ مونکان ڪجهه ننڍا ٿيندا. غير قانوني طرح هتي رهيل هئا. گهر به شهر کان ٻاهر واري علائقي ۾ ننڍڙو هين. سڄو ڏينهن پرديس ۾ رلڻ بعد ڪمائي ڪا پوري پني ٿي ٿين تنهن هوندي به دل وڏي هين. منهنجو ٻڌي ته آئون هتي جو نه آهيان (يعني ملائيشين پاڪستاني نه آهيان) ۽ هنن وانگر هتي پرديسي آهيان ته مونکي هوٽل ۾ رهي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي گهر وٺي هلڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا. ”ڀلا رهو نٿا ته اسانجي ماني کائو.“ هو مزدا مان لهي سامهون ملئي هوٽل ۾ ماني کارائڻ لاءِ مون کي زور ڀرڻ لڳا.
    ”ملائيشيا سڄو انڊين سان ڀريو پيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪو پاڪستاني ملي ٿو.“ هنن چيو.
    هنن جي ڳالهه صحيح هئي. ملاڪا ۾ ويتر نه برابر پاڪستاني آهن. آئون جڏهن رهندو هوس ته هڪ به نه هو. پر هاڻ مڙيئي ٻڌو اٿم ته ملاڪا جي مختلف ادارن ۾ ڪجهه پاڪستاني پروفيسر نوڪري ڪن ٿا. موڪلائڻ وقت هنن ٻنهي پنهنجا موبائيل فون نمبر ڏنا ۽ سوچيم ته وقت مليو ته هنن کان وڌيڪ خبرون پڇندس. هڪ ٽئڪسي ڊرائيور وانگر سڄي شهر ۾ رلن ٿا ۽ چئن سالن کان اهو ڪم ڪندا اچن. خبر ناهي هو ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان ملندا هوندا ۽ ڪهڙا ڪهڙا تجربا حاصل ڪيا هوندائون. پر افسوس جو ساڻن ملڻ جو وري وقت ڪڍي نه سگهيس.
    هوٽل ۾ ڪڏهن ٽيبل تي ويهي لکندو هوس ته ڪڏهن بستر تي ليٽي. ٽيبل تي رکيل ٽي وي هر وقت آن رکيم ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور عوام کي ڪيبل ۽ ڊش کان پري رکيو آهي. سندن ٽي چار چئنل هلندا رهيا ٿي. اهو آهي ته انهن تي هر وقت چڱا خاصا دلچسپ پروگرام هليا ٿي. هڪ تي ته هر وقت انڊين فلمون هليون ٿي. اسان جي ڏينهن ۾ هفتي ۾ پنج ڏينهن کن تامل فلمون هلنديون هيون. باقي ٻه ڏينهن انڊين هندي يا پاڪستاني پنجابي. پر پوءِ آهستي آهستي تاملن (سائوٿ انڊين) کي ۽ ملئي ماڻهن کي هندي فلمون ڏسڻ جو اهڙو شوق ٿيو جو تامل (جيڪي هتي جي انڊين آدمشماري ۾ نوي سيڪڙو آهن) ۽ ملئي ماڻهو به پنهنجي زبان جي فلمن کان وڌيڪ هندي فلمون پسند ڪرڻ لڳا. هاڻ ٻارهن سالن بعد ڪوالالمپور توڙي ملاڪا جي هر دڪان تي انڊين فلمن جا ڪئسٽ ۽ CD وڪامندا ڏسي تعجب لڳم. ملائيشيا جي ٽي وي چئنلسن تي به روزانو هندي فلم اچي ٿي. ڪڏهن ته ڏينهن ۾ ٻه دفعا به. ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين توڙي ملئي ماڻهن جي هوٽلن ۾ هر وقت انڊين گانا هلندا رهن ٿا جيتوڻيڪ اهي نه ملئي ماڻهو سمجهن ٿا ۽ نه هتي رهندڙ سائوٿ انڊين جن جي مادري زبان تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪانڊا آهي. پر ان هوندي انڊين فلمن ۽ گانن جا اهڙا شوقين ٿي ويا آهن جو هو انڊين گانا جهونگاريندا رهن ٿا.
    اسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ملائيشيا آيو هوس تڏهن ئي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ملئي ڇوڪريون ”بابي“ فلم جا گانا جهونگارينديون رهيون ٿي. هڪ ٻه ڇوڪريون آڊيو ڪئسٽ کڻي آيون هيون ته انهن ۾ چڙهيل ”دوست دوست نه رها“ ۽ ”هاٿي ميري ساٿي“ گانا ٻڌي هنن کي ملئي (رومن) ۾ لکي ڏيان. ڪيترين ئي ملئي ڇوڪرين توڙي عورتن جو دلپسند هيرو اميتاڀ بچن ۽ راجيش کنا هو. هاڻ ته انڊيا جي سڄي بالي وڊ ملائيشيا جي ملئي ۽ انڊين ڪميونٽي جي دماغ تي سوار آهي. اڃان چڱو جو ملائيشيا Zee، سوني، اسٽار، B4U سهارا جهڙن چئنلن تي ٽوٽل بندش هڻي ڇڏي آهي.
    هن وقت به ملائيشيا جي مڪاني چئنل TV3 تان انڊين فلم هلي رهي آهي. شايد ”پيار تو هونا هي ٿا“ آهي. لکندي لکندي فلم به ڏسندو رهان ٿو. هن وقت ڪاجول (تنوجا فلم ائڪٽريس جي ڌيءَ) گانو ڳائي رهي آهي:
    "اجنبی مجھ کو اتنا بتا
    دل میرا کیوں پریشان ہے
    دیکھ کر تجھ کو ایسا لگے
    جیسے برسوں پرانی پہچان ہے۔ اجنبی۔۔۔"
    ۽ پوءِ هتي جون ملئي مسلمان ڇوڪريون به ظاهر آهي ته انڊين ڇوڪرن کي ئي پسند ڪن ٿيون. چاهي اهي انڊين ڇوڪرا مسلمان هجن يا عيسائي، سک هجن يا هندو. جن کي هنن جون دلپسند هيروئنون ڪاجول، ڪرشما، ارميلا مٽونڊڪر، پرٽي زنٽا پسند ڪن ٿيون.... جن کي مهيما چوڌري، بپاشا ڀاسو، ايشا ديول ۽ ٻيون انڊين سئنيما جون هيروئنون پسند ڪن ٿيون ۽ نه اسان جي پاڪستاني چرين کي - جن کي نه پائڻ جو ۽ نه ڳالهائڻ جو ڍنگ آهي. اسانجا ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجائي پئدا ڪرڻ لاءِ رڳو مذهب کي ڪامن فيڪٽر طور آڻيندا پر ڪم غير اسلامي ڪندا. ڌارين ملڪن ۾ بنا ويزا جي رهندا.... چوري ڪندي اهي پڪڙبا.... بجليءَ جو بل يا گهر جي مسواڙ نه ڏيڻ تي سزا اهي کائيندا.... آفيس کان اجايو موڪلون ۽ اوڌر وٺي گم اهي ٿي ويندا. اهو ته کڻي مڃيون ٿا ته انهن ڏوهارين ۾ (جيڪي ڌارين ملڪن ۾ پاڪستان جو نالو بدنام ڪن ٿا) اسي سيڪڙو اصلي پاڪستانين بدران غير قانوني پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪري آيل بنگالي، برمي ۽ افغاني آهن پر جيسين اصل جي خبر پوي تيسين هتي جي اخبارن ۾ خبرون ڇپجڻ تي پاڪستان جو نالو بدنام ٿيو وڃي. ۽ ملائيشيا جهڙي مسلمان ملڪ ۾ به اسان پاڪستانين کي ٺڳين ڏوهن جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.
    هن هوٽل ۾ رهائش دوران رات جي ماني رستي جي ٻئي پاسي هڪ ملئي ريسٽورانٽ ”ڪيدائي حليمان“ تي کائيندو هوس. هيءَ هڪ فئملي ريسٽورنٽ هئي جيڪا محمد حارث نالي هڪ ملئي همراهه پنهنجي زال حليمان، پٽ، ڌيءَ ۽ پوڙهي ماءُ سان گڏجي هلائي ٿي. ’مي گورينگ‘ جو ڏيڊ ڊالر ورتائون ٿي. وڏي ڪڻڇيءَ ۾ چانورن جون ٿلهيون سويون ٿيل، ادرڪ، ٿوم ۽ سويا ساس سان فراءِ ڪري پوءِ ان ۾ بيضي ۽ چڪن جا ٽڪرا وجهي پچايو ٿي. ڪڏهن ملئي ڊش ”بي هون ايام“ کاڌم ٿي جنهن ۾ تمام سنهيون سويون ڌاڳن جهڙيون چڪن سان گڏ فراءِ ڪري ڏنائون ٿي. ان سان گڏ ڪجهه ملئي ڀاڄيون ۽ پنير مان ٺهيل تافو پڻ فراءِ ڪري ڏنائون ٿي. ماني کائڻ مهل حليمان ۽ سندس پٽ يا حليمان جي سس به سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي ڪچهري ڪندي هئي. کين اهو ٻڌي تعجب لڳندو هو ته مونکي سندن زبان ملئي اچي ٿي ۽ هنن جي رياست (ملاڪا) جي سڀ کان مشهور تعليمي اداري ۾ آئون چيگو (ماستر صاحب) ٿي رهيو آهيان.
    ***


    ملائيشيا - مختصر مختصر

    ملائيشيا ۾ ڪوڪا ڪولا خلاف مهم
    مغرب جي ملڪن جو، خاص ڪري آمريڪا (USA) ۽ برطانيا (UK) جو اسلام ۽ مسلمان ملڪن جي خلاف Negative رويي جو ردعمل ملائيشيا ۾ به ٿيو آهي. اڄ ڪلهه ملائيشا ۾ رهندڙ هزارين مسلمانن آمريڪي شربت ڪوڪاڪولا جو بائڪاٽ ڪندي ان جي خلاف باقاعدي مهم شروع ڪئي آهي. مسلم ڪنزيومر ائسوسيشن آف ملائيشيا جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري ناظم جوهان چيو ته هي بائيڪاٽ مغرب طرفان دهشتگرديءَ جي نالي تي مسلمان ملڪن جي اندروني معاملن ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ دخل اندازي جي خلاف ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هي مسلمانن سان انصافي واري سلوڪ جي خلاف احتجاج آهي. هن ٻڌايو ته هيءَ مهم في الحال ڪجهه مهينن تائين جاري رکي ويندي. جنهن کانپوءِ هن بائڪاٽ جي اثرن جو جائزو وٺي آمريڪا جي ٻين مصنوعات جيئن ته ميڪڊونالڊ، ڪينٽڪي وغيره جي خلاف بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ويندو.
    ڪوڪاڪولا جي خلاف مهم شروع ڪرڻ کان اڳ شهر جي مختلف هوٽلن ۽ دڪانن ۾ ڪوڪاڪولا جون رکيل بوتلون ۽ دٻا هاريا ويا هئا.
    ***
    ملائيشيا آئون سنگاپور جي هوائي ڪمپني SIA جي هوائي جهاز ۾ اچي رهيو هوس پر پوءِ ڪراچي ۾ آمريڪن قونصل خاني اڳيان بم ڦاٽڻ تي ٻئي ڏينهن کان سنگاپور وارن پنهنجيون پاڪستان ڏي اڏامون بند ڪري ڇڏيون ۽ مونکي ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS ذريعي اچڻو پيو. هاڻ جيئن ته ان ڳالهه کي مهيني کان مٿي ٿي چڪو هو سو مون سمجهيو ته سنگاپور وارن ڪراچي سروس وري شروع ڪري ورتي هوندي. آئون سنگاپور ايئرلائنز جي ڪوالالمپور آفيس ۾ پهتس. ٽڪيٽن جي ڊيسڪ تي ويٺل ملائيشيا جي ملئي ڇوڪريءَ ڀر ۾ ويٺل سنگاپور جي چيني ڇوڪريءَ کان ٿورو پاسيرو ٿي مون کي رازداري واري لهجي ۾ سرٻاٽ ڪيو:
    ”وڏا لاهه آهن، هي سنگاپوري. سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن جي ته ٽڪو به نٿي هلي، باقي چيني هر ڳالهه ۾ مسلمانن خلاف آهن. انهن جي طرفداري اتي جا رهندڙ انڊين به ڪن ٿا. هاڻ هنگاما ۽ بم ڪٿي نه پيا ڦاٽن، هنن کي مڙيئي بهانو ٿي کتو پاڪستان وارن کان پري ٿيڻ جو.“
    دل ۾ سوچيم سچ ٿي چوي. 11 سيپٽمبر جي حادثي بعد جن ڪيو (يعني عربن) انهن سان ته هي سينگاپوري رُکو نٿا ٿين جو هو پئسي وارا آهن - انهن جي اچڻ سان سنگاپور ناڻو ٿو ڪمائي باقي پاڪستانين لاءِ سختي ڪري ڇڏي اٿن جو هو غريب ۽ سياسي ۽ سفارتي طرح ڪمزور آهن. ايتريقدر جو انهن يورپي بحري جهازن کي به بندرگاهه ۾ نٿا اچڻ ڏين جن تي فقط هڪ يا ٻه پاڪستاني آفيسر يا خلاصي آهن. نتيجي ۾ ڪيترن يورپي جهازن جي مالڪن پاڪستانين کي پنهنجي جهازن تي نوڪري ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جو پاڪستانيءَ جي هجڻ ڪري هنن جي جهازن کي سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ مسئلو ٿو ٿئي. ٻين لفظن ۾ سنگاپور وارن پاڪستان سان خبر ناهي ڪهڙي دشمني پارڻ لاءِ هڪ ڌڪ سان ٻه وار ڪيا آهن.
    ***
    ملائيشيا جي هر هوٽل جي هرهڪ ڪمري ۾ قبلي جو رخ ڏيکارڻ خاطر ڇت تي تير جو نشان ٺهيل آهي جنهن جي ڀرسان عربي صورتخطيءَ ۾ قبله لکيل آهي جيئن ڪو مسلمان ڪمري ۾ نماز پڙهڻ چاهي ته ان تير واري طرف منهن ڪري نماز پڙهي. ڪيترين هوٽلن ۾ هوٽل جي هڪ ڪمري کي مسجد طور رکيو ويو آهي جيئن هوٽل ۾ رهندڙ مهمان جماعت سان نماز پڙهي سگهن. اهڙي ننڍڙي مسجد کي ملائيشيا ۾ SURAU (سورائو) سڏين ٿا.
    جپان جي هوٽلن وانگر جتي هر ڪمري ۾ ٻڌ ڌرم جو ڪتاب رکيل هوندو آهي هتي قرآن مجيد رکيل آهي. ڪوالالمپور جي جنهن چيني مالڪ جي هوٽل ۾ آئون ٽڪيو هوس ان جي ڪمري ۾ ٻڌمت جو ڪتاب پڻ رکيل هو. قرآن جو ڇاپو ايڏو ننڍڙو هو جو Reading Glass (عينڪ) پائڻ سان به پڙهڻ ۾ Stress پئدا ٿيو. منهنجي خيال ۾ اهڙن هنڌن تي جتي مهمان مختصر عرصي لاءِ رهي ٿو، قرآن مجيد جو ٽيهه سيپارو رکڻ بدران هڪ سيپاري جي وڏي ڪاپي تفسير سان رکڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو- پوءِ اهو تفسير کڻي مولانا مودودي جو لکيل هجي يا مفتي شفيع محمد جو يا ڪنهن ٻئي جو - جيئن مسلمان توڙي غير مسلم ان کي معنيٰ ۽ سمجهاڻين سان پڙهي قرآن مجيد جي عظمت کان صحيح طرح واقف ٿي سگهن. هوٽل هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن واندو ويٺو آهي. هو اڪيلائي محسوس ڪري ٿو ۽ انهن ڳالهين مان جان ڇڏائڻ لاءِ هو ڪجهه پڙهڻ چاهي ٿو. هونءَ عام زندگيءَ ۾ پنهنجي گهر ۾ روزمره جي ڪمن ۽ ٻارن ۾ جيڪو بزي رهي اخبار به نٿو پڙهي سگهي ان کي هوٽل ۾ دلجمعي سان پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو. مون به جپان ۾ خاص ڪري ناروي ۽ فنلئنڊ پاسي جي ملڪن ۾ جتي سخت سيءَ ڪري ٻاهر به نڪرڻ نه پئي ٿيو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ نٿي مليو ته هوٽل جي ڪمري ۾ رکيل ٻڌ ڌرم جو ڪتاب ۽ بائيبل کڻي پڙهي ٿي. اهڙي طرح ڇو نه ڪو غير مسلم قرآن پڙهي هينئين سان هنڊائي ۽ پنهنجي مذهب سان Compare ڪري ته سچائي ڇا ۾ آهي.
    ***
    ملائيشيا ۾ هاڻ مڙيئي ملئي ڊاڪٽرن جا بورڊ نظر اچن ٿا نه ته ملائيشيا جو وڏو شهر اپوح، پينانگ، جوهور بارو يا ڪوالالمپور هجي يا باتو پهات، موئر ۽ آئر حطام جهڙو ڳوٺ- جتي ڪٿي چيني ڊاڪٽر نظر ايندا هئا يا ڏکڻ انڊيا جا - جيڪي سالن کان هتي رهن ٿا ۽ هتي جا شهري آهن.
    ***
    ملاڪا جي هوٽل سيمابوڪ جنهن ۾ڪجهه ڏينهن لاءِ اچي رهيس ان جي ڀر ۾ هڪ خوبصورت ڪلينڪ ”ڪلينڪ ڊاڪٽر حليم“ نالي آهي. ڊاڪٽر جو سڄو نالو ’ڊاڪٽر حاجي عبدالحليم بن حاجي راملي‘ ۽ ان جي هيٺان سندس ڊاڪٽري ڊگري MBBS بدران MBBCH لکيل هئي. در وٽ بيٺل نرس کان ان اکر (ch) جو پڇيم ته ڇا جو شارٽ فارم آهي پر هوءَ ٻڌائي نه سگهي.
    ڊگري جي هيٺان “AIN Sams Univeristy Cairo” لکيل هو.
    ڪو زمانو هو ملائيشيا جا ماڻهو ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ پاڪستان ايندا هئا. هاڻ پاڪستان بدران مصر ۽ ٻين مسلمانن ملڪن ۾ وڃن ٿا. ملائيشيا جي حڪومت پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڏيندي ته ڪيٻائي ٿي پر سندن ملڪ جا اسان جي ميڊيڪل ڪاليجن مان ڊگري وٺي ملائيشيا پهچن ٿا ته انهن کي به ڊاڪٽر نٿا مڃين. نتيجي ۾ ملائيشيا جا شاگرد ڊاڪٽري، انجنيئري ۽ ٻين علمن ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان بدران ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا.
    ***
    ملائيشيا جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪندڙ LMC جي گرئجوئيٽ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ ٻڌايو ته هتي ملائيشيا ۾ پهچڻ تي کيس وڌيڪ پڙهڻ (MD ڪرڻ) لاءِ قبول نه پئي ڪيائون. چون ته اسان وٽ LMC جي ڊگري Recognise ناهي. پوءِ مڙيئي ڪجهه منٿ ميڙ ۽ ڪجهه نمونو ڪري داخلا ته ورتي اٿم. نوڪريءَ لاءِ به هتي (ملائيشيا ۾) هٿ پير هڻندس - ٿي سگهي ٿو ملي به وڃي پر اها حقيقت آهي ته اسان جي مقابلي ۾ انڊيا کان ايندڙ ڊاڪٽرن کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ داخلا به مليو وڃي ته نوڪري به. هنن جو هر ننڍو وڏو ڪاليج تعليمي معيار کان مٿاهون سمجهيو وڃي ٿو.
    نوڪريءَ جي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه. انڊيا، بنگلاديش ويندي سريلنڪا جا ماڻهو انگريزي ڳالهائڻ ۾ سٺا هجڻ ڪري اسان کان وڌيڪ آسانيءَ سان نوڪري حاصل ڪريو وڃن. مٿين ملڪن جو مئٽرڪ پاس به ڦر ڦر انگريزي ڳالهائي ٻئي کي Impress ڪري ويندو پر اسان جو پاڪستاني ڊاڪٽر، انجنيئر يا گرئجيوئيٽ سٺي انگريزي ڳالهائي نه سگهندو. اسين کڻي ڇا به چئون پر ملڪ کان ٻاهر اهو وڌيڪ ڪامياب آهي جيڪو انگريزي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
    ***
    ڪوالالمپور ۾ جمال ابڙو صاحب جي فرزند اطهر ابڙو سان گڏ سندس ڪار ۾ ائمپنگ روڊ کان سندس گهر ’تمن سري يوڪي‘ وڃي رهيو هوس. جالان (شاهراهه) تن رزاق تي ٽرئفڪ جئم هئي جنهن ۾ اسين به ڦاسي پياسين. مون واري پاسي دڪانن ۽ هوٽلن جي قطار هئي. اطهر کي چيم ته تون هن ٽرئفڪ مان نڪرڻ جي جيسين ڪا واهه ڳولهين تيسين آئون يادگار طور ڪجهه دڪانن جا نالا لکي وٺان ته هتي اسين ڦاٿا هئاسين. انهن مان ڪجهه هي آهن:
    Rumah Tumbangan Pak Kung
    پاڪ ڪنگ نالي ڪنهن چينيءَ جو پيئنگ گيسٽ هائوس. ڪوالالمپور ۾ رهائش لاءِ اهي Rumah Tumbangan تمام سستا ۽ سهوليت وارا آهن ۽ گهڻو ڪري اوسي پاسي جي ڳوٺن جا مڪاني ماڻهو - اڪيلا توڙي فئمليءَ سان هنن ۾ رهن ٿا ۽ اهي اهڙن هنڌن تي آهن جتي دڪان ۽ آفيسون ويجهيون آهن. سمجهو ته ڪراچيءَ جي صدر، برنس روڊ، جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ، کارادر ۽ چاڪيواڙي جهڙن علائقن ۾ آهن.)
    Kedai Dobi dan Dry Klean
    ڌوٻيءَ جو دڪان. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي سڏين جيئن عرب دنيا ۾ بقالا آهي. ملئي زبان هندي، سنسڪرت، عربي ۽ پارسي لفظن سان ڀري پئي آهي ۽ ڌوٻي ته اهڙو لفظ آهي جيڪو انگريزي زبان ۾ به عام ٿي ويو آهي. ملئي زبان ۾ به ڌوٻيءَ کي دوبي سڏين. سنگاپور جي ته هڪ علائقي جو نالو ئي ڌوٻي گهاٽ آهي. ڊراءِ ڪلين ملئي زبان ۾ به ساڳيو لفظ آهي باقي ملئي ۾ لکڻ وقت ’ڪ‘ لاءِ “K” لکيو وڃي ٿو ۽ نه انگريزي وانگر “C”
    Restoran Hassan
    حسن جي ريسٽورنٽ. ملئي زبان ۾ ريسٽورنٽ کي ريسٽوران سڏين جيئن اسان Bomb کي بم سڏيون، Drum ڊم يا بس اسٽئنڊ کي بس اسٽان سڏيون ٿا.
    مٿين هوٽل جي ڀر ۾ هڪ ٻي کاڌي جي هوٽل (ريسٽورنٽ):
    Restoran Nasi Kandar
    هيءَ ريسٽورنٽ ڪنهن ماڻهوءَ جي نالي بدران کاڌي جي ڊش تي آهي. ملئي زبان ۾ ڀت Nasi سڏجي ٿو. ناسي گورينگ (فرائي چانور)، ناسي ايام (ڪڪڙ ۾ ڀت)، ناسي برياني (برياني)، ناسي ڪنيت (هيڊو ڀت) ..... اهڙي طرح ناسي ڪندار آهي جيڪو ملئي ماڻهن جي پراڻي عقيدي موجب ڪنهن کي (خاص ڪري زال ’مڙس‘ کي) پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ کارايو ويندو آهي. انهن ٽوڻن ڦيڻن بابت - جيڪي ملائيشيا جي ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به عام آهن، پنهنجي هڪ سفر نامي ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۾ ”مڙس کي وس ۾ ڪرڻ جا ڏس“ عنوان تي تفصيل سان لکي چڪو آهيان.
    Kedia Kain NQrishah نوريشاهه جو ڪپڙي جو دڪان. Kedai Emas سون جو دڪان. ملئي زبان ۾ سون کي ايماس سڏجي ٿو.
    Kedai Cermin Mata عينڪن جو دڪان، ملئي زبان ۾ اکين کي ماتا سڏجي ٿو ۽ شيشي کي چرمن، چرمن ماتا معنيٰ اکين جا شيشا يعني عينڪون.
    ***
    ڪوالالمپور کان اپوح ڏي ويندڙ روڊ تي هڪ هنڌ اسان جي ڪار هڪ کليل ٽرڪ جي پويان پويان هئي. سڄي ٽرڪ سوئرن سان ڀريل هئي. ڊرائيور انڊين هو - يعني ڏکڻ هندستان (ڪيرالا، مدراس پاسي) جو ڪو تامل ڳالهائيندڙ هو.
    ڪئپٽن رزالي رکي رکي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڪنهن طريقي سان پنهنجي ڪار ان ٽرڪ کان اڳيان ڪڍي پر ٽرڪ جاءِ نٿي ڏني يا جاءِ ڏني ٿي ته سامهون ايندڙ گاڏين ڪري هو Over take نٿي ڪري سگهيو. آئون محسوس ڪري رهيو هوس ته ڪئپٽن رزالي دل ئي دل ۾ خارون کائي رهيو آهي. هن ملڪ ۾ آئون به وڏو عرصو رهي چڪو هوس سو هتي جي قانون کان واقف هوس ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سوئرن کي رات جو ڍوئڻ کپي ۽ مينهون، ڍڳيون ٻڪريون وغيره کلي ٽرڪ ۾ کڻي سگهجن ٿيون پر سوئر کڻڻ لاءِ ان ٽرڪ کي چوڌاري ڍڪڻ کپي جيئن ٻئي جي نظر نه پوي. ظاهر آهي ملائيشيا جي اڌ آدم شماري ملئي مسلمانن جي آهي ۽ باقي اڌ آدم شماري (چيني ۽ سائوٿ انڊين) کي ملئي ماڻهن جي جذبات جو خيال ڪرڻ کپي. ملائيشيا جي سخت قاعدن قانونن جي باوجود چيني اهڙا نٺر آهن جو ڏينهن ڏٺي جو کلئي عام سوئر کڻيو پيا هلن.
    مس مس جڏهن ٽرڪ کي پٺيان ڇڏي اڳتي وڌياسين ۽ سوئرن کي ڏسڻ کان جان ڇٽي ته ڪئپٽن رزاليءَ غم ۽ غصي مان چيو: ”اسانجي ملڪ ۾ رهندڙ چيني ته اسان مسلمانن جي Feelings جو خيال نٿا رکن پر انڊين به انهن جو ساٿ ڏين ٿا.“
    ***
    ملائيشيا ۾ Safety کي وڏي اهميت ڏني وڃي ٿي. اليڪٽرڪ جي تارن ۽ سئچن کان وٺي پاڻيءَ جي نلڪن ۽ پائيپن تائين حڪومت طرفان هڪ معيار ٺهيل آهي. جنهن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ هر هڪ کي ان معيار جون شيون استعمال ڪرڻيون پون ٿيون. ڪنهن کي به سادي قسم جو سئچ يا پائيپ لڳائڻو ناهي جنهن مان باهه لڳي. پاڻي Leak ٿئي يا ڪو ٻيو نقصان ٿئي. بلڪ اهڙي سادي قسم جي شيءَ دڪانن تي ئي نظر نه ايندي.
    ***
    ملائيشيا ۾ بئنڪن جو سسٽم به اهڙو صاف سٿرو ۽ سخت قسم جو آهي جو ورلي ڪا ٺڳيءَ جي واردات ٿئي ٿي. ايتريقدر جو ڪنهن کي ڪوڙو چيڪ به نٿو ڏئي سگهجي جيڪو اسان وٽ عام آهي. بئلنس کان ٽڪو وڌيڪ چيڪ ڪڍڻ تي 200 ڊالر ڏنڊ آهي ۽ ان جي معافي جي ڪا گنجائش ناهي جو هر شيءِ آٽوميٽڪ آهي. مثال جي ڳالهه توهان جي بئنڪ ۾ 150 ڊالر بئلنس آهن ۽ توهان ڪنهن کي 160 ڊالرن جو چيڪ لکي ڏنو آهي (يعني بئلنس کان ڪجهه ڊالر وڌيڪ). اهو چيڪ ان بئنڪ جي ڪنهن به برانچ مان مٽجي سگهي ٿو.
    ڪئشر اهو چيڪ ڪمپيوٽر ۾ وجهڻ سان چيڪ واري جي صحيح قبول ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪئشر چيڪ تي لکيل رقم ٽائيپ ڪري چيڪ آڻيندڙ کي اها رقم ڪئش ۾ ڏئي ٿو. پر هن صورت ۾ جڏهن چيڪ جي رقم بئلنس کان وڌي آهي. جيئن ته ڪئشر 160 جو نمبر ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪندو ته ڳاڙهي بتي ٻري ويندي ۽ چيڪ آڻيندڙ کي پئسا ته نه ملندا پر چيڪ واري جو نئون بئلنس 200 ڊالر ڏنڊ ڪٽڻ تي 150 ڊالرن بدران ڪاٽو 50 ڊالر ٿي ويندو. پوءِ اها خراب خبر ٻڌڻ بعد چيڪ وارو کڻي ڪيڏو به چئي ته کانئس چڪ ٿي وئي پر ڪئشر ڪجهه به نٿو ڪري سگهي جو ڪمپيوٽر جي پرنٽر ان ئي وقت ڏنڊ جا پئسا هڻي نئين Statement ٺاهي ڇڏي.
    ان سختيءَ مان اهو فائدو آهي جو ملائيشيا ۾ ڪو به ٻئي کي ته ڪوڙو چيڪ نٿو ڏئي پر پاڻ به بئلنس معلوم ڪري سوچي سمجهي پوءِ چيڪ ڪئش ڪرائي ٿو.
    ***
    ڪئپٽن رزالي ۽ ڪئپٽن نورزالي - ڏاڙهيءَ وارن انهن ٻن مولوين، کي ڀر ۾ بيهاري سامهون لنگهندڙ هڪ همراهه کي ڪئميرا ڏنم ته اسان جو فوٽو ڪڍ.
    ڪئپٽن نورزالي ٽال مٽول ڪرڻ لڳو. ”توهان بيهو ته آئون ٿو تصوير ڪڍان. ويندڙ همراهه کي نه سڏ.“ آئون سمجهي ويس. آخر مون به هنن ملئي ماڻهن جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڏو حصو گذاريو آهي. اسان کان ڌار ٿيڻ کان جهلڻ لاءِ کيس ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ سوگهو ڪري بيهاريم ۽ ڌارئين همراهه کي ئي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيم: ”سِيلا انگڪت گمبار.“
    فوٽو نڪرڻ بعد مون ڪئپٽن نورزالي کي شڪي ڪرڻ لاءِ گهوري ڏٺو.
    ”توهان ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ سڌريائي ڪونه.“ مون نورزاليءَ کي ان ڳالهه بابت ٽوڪيو - هو ٽن ماڻهن جو گڏ فوٽو ڪڍائڻ کي بدسوڻ سمجهن ٿا. يعني ٽن ڄڻن جو فوٽو ڪڍائڻ تي هڪ ڄڻو مري ويندو.
    نورزالي شرم کي پرچائڻ لاءِ چوڻ لڳو: ”بس يار اسان به ٻڌو آهي.“
    ”ٻڌو آهي!“ مون چيومانس، ”ڪٿي آهي ان جو حڪم؟ قرآن ۾، حديث ۾؟“ ۽ پوءِ مٿي منهن ڪري زور سان چيم ته منهنجا مولا اسان مان ڪنهن جا ڏينهن پورا ٿيا هجن ته به هينئر نه مارجانءِ نه ته نورزالي اسان جي مرڻ جو سبب دل جو دورو، بلڊ پريشر يا ڪو حادثو نه پر فوٽو ڪڍائڻ سمجهندو.
    ***
    ڪوالالمپور ۾ رهائش دوران هڪ رات منصور شيخ مونکي ۽ اطهر ابڙو کي دابا (Thaba) نالي هڪ پاڪستاني ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کارائڻ لاءِ وٺي هليو. هوٽل جو مالڪ (50 ورهن جو لڳ ڀڳ) تاج محمد امين زوريءَ اچي اسان جي ٽيبل تي ويهي پڇڻ لڳو ته ماني ڪيئن آهي. يعني هن اهو احساس ٿي ڏيارڻ چاهيو ته هن کي سندس ريسٽورنٽ ۾ ايندڙ پاڪستاني گراهڪن جو خيال آهي. جواب ڏيڻ کان اڳ زور سان وڄندڙ هڪ بي سري پنجابي گاني کي بند ڪرڻ جو اشارو ڪري اطهر ابڙي چيس ”اسان هن هوٽل ۾ ماني جي خصوصيت لاءِ نه پر ويجهو هجڻ ڪري اچون ٿا.“
    بلڪل صحيح جواب ڏنائينس. هوٽل جي مالڪ کي اهڙو سوال ئي نه ڪرڻ کتو ٿي - ڪو اتر يورپ جو شهر هيلسنڪي ۽ اسٽاڪهوم هو يا جپان ۽ ڪوريا جو شهر هو جتي هيءَ ئي هڪڙي هوٽل هجي ۽ اسان مانيءَ جي تعريف ڪريون. ڪوالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن جي گهٽي گهٽي ۾ نه فقط بهترين پاڪستاني ۽ انڊين کاڌن جون هوٽلون ۽ ريڙها (گاڏا) آهن پر بنهه سستا پڻ.
    هوٽل جو مالڪ پنهنجو فلسفو ٻڌائڻ لڳو ته هن هوٽل جو نالو هن داٻا ڇو رکيو جيڪو پوءِ ٿابا ٿي ويو. پهرين مان فلاڻي شهر ۾ هڪ ريڙهي تي ماني وڪڻڻ شروع ڪئي، جنهن کي ماڻهو دٻو چوندا هئا...
    الائي ڇا پئي ٻڌايائين. سندس جملن ۾ اڙدوءَ کان وڌيڪ پنجابيءَ جا لفظ هئا. منهنجي اها ڪوالالمپور ۾ آخري رات هئي ۽ مون چاهيو ٿي ته هي هتان اٿي ته آئون اطهر ۽ خاص ڪري منصور کان خبرون پڇان جيڪو منهنجي ڪري پري کان هلي آيو آهي.
    هوٽل جي مالڪ اهو قصو ختم ڪري پنهنجي حب الوطني جو احوال ڏيڻ لڳو ته هن لاءِ پاڪستان سڀ ڪجهه آهي.
    ”آزاديءَ وقت منهنجو ڏاڏو امرتسر کان هتي آيو ۽ هتي Settle ٿيو. آئون سترهن دفعا پاڪستان وڃي چڪو آهيان ۽ ستاويهه دفعا انڊيا پر جيڪو سڪون هتي ملائيشيا ۾ آهي اهو ڪٿي به نه آهي. بزنيس خاطر ٻاهر وڃڻو پوي ٿو نه ته ملائيشيا کان ٻاهر نڪرڻ تي دل ئي نٿي چوي. منهنجي ڀيڻ کي پاڪستان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي پر اسان جي ماءُ هن کي پاڪستان وڃڻ کان منع ٿي ڪري. هوءَ چوي ٿي ته انڊيا ڀلي وڃ پر پاڪستان ۾ امن امان بنهه ناهي...“
    ڪجهه ڏينهن اڳ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير جي استعيفا ڏيڻ جي خبر ڪري همراهه غمگين ۽ خوفزده هو. ”مهاتير آهي جيڪو اسان ڌارين کي تحفظ ڏيو ويٺو آهي. ان جي وڃڻ بعد ڪير به وزيراعظم ٿيو ته اسان انڊين (ننڍي کنڊ جا پٺاڻ، پنجابي، تامل، سک، هندو، گجراتي) ماڻهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو. اهو ئي حال وڃي ٿيندو جيڪو 1969ع واري امرجنسيءَ ۾ ٿيو هو. هتي جا اصلي باشندا ملئي پرانگ (وڏا ڇرا) کڻي هتي رهندڙ چينين ۽ اسان کي مارڻ نڪتا هئا.“
    مٿين هوٽل جالان (شاهراه) الُو ڪلانگ تان نڪرندڙ پهرين گهٽي ”جالان اوان“ تي آهي.
    ***
    ڪوالالمپور جي وچ شهر ۾ رهڻ لاءِ ڪا سستي هوٽل؟ ڪئپٽن نورزاليءَ ٻڌايو ته هو ڪوالالمپور ۾ هوٽل شيما ۾ رهندو آهي جيڪا فوراسٽار هوٽل KL انٽرنيشنل جي ڀر ۾ آهي. مسجد پاڪستان به اتي ئي آهي. پاڪستاني سفارتخاني جي ڪموڊور فهيم هڪ ٻي هوٽل گرانڊ سينٽرل پئانٽ جو ٻڌايو جنهن جو فن نمبر 26933988 آهي جنهن جو مالڪ يا شايد مئنيجر پاڪستاني آهي. اها هوٽل پڻ شهر جي وچ ۾ آهي ۽ ڏينهن رات جا 80 رنگٽ (اٽڪل 1300 رپيه) مسواڙ آهي جنهن ۾ نيرڻ پڻ شامل آهي.
    ***
    اطهر ابڙي وٽ ويٺو هوس ته هن احمد حسين مخدوم جو نمبر ملائي مونکي ڳالهائڻ لاءِ فون ڏنو. احمد آواز مان مونکي سڃاڻي نه پيو. پوءِ نالو ٻڌايومانس ته ڏاڍي حب مان ڪا دير کيڪار ڪندو رهيو. هو ڪافي عرصي کان سنگاپور جي مئرين اڪيڊمي ۾ جهازن جي ڪئپٽنن کي پڙهائي پيو. منهنجي هن سان آخري دفعو ملاقات 1988 ۾ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ ٿي هئي جيڪا هو ڇڏي برونائيءَ جي شهر ڪئالا بلايت هليو ويو هو ۽ اتي جي جعفري بولقياه انجنيرنگ ڪاليج ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو هئائين. برونائي تمام سٺو ملڪ آهي. کيس تمام گهڻو پگهار ٿي مليو ۽ جيڪو اوڏانهن ويو ٿي اهو وري موٽيو ڪونه ٿي. پر سال ٻن بعد اسان ٻڌو ته ڪئپٽن مخدوم برونائي واري نوڪري ڇڏي سنگاپور هليو ويو آهي جيڪو سندس زال مونا جو ملڪ آهي.
    ڪئپٽن احمد حسين ٻڌايو ته سندس ڀيڻ پروفيسر ثريا (جنهن ڏهاڪو سال کن اڳ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائي ٿي ۽ هاڻ انگلينڊ ۾ آهي) سنگاپور اچي پئي جنهن سان گڏ هو U.K روانو ٿيڻ وارو آهي جتان پوءِ هو هميشه لاءِ پاڪستان اچي رهڻ جو ارادو رکي ٿو.
    ”توکي برونائي جهڙي جاءِ ڇڏڻ نه کپندي هئي. خبر ناهي اها نوڪري تو ڇو ڇڏي؟“ مون احمد کان پڇيو. پاڻ کلندي وراڻيائين:
    ”اتي جيڪو وقت به هوس ته Pull ۽ Push لڳي رهي ٿي“
    ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
    ”زال جي نوڪري ۽ ملڪ سنگاپور ٿيو ۽ آئون برونائيءَ ۾. هوءَ هر وقت مونکي سنگاپور اچڻ لاءِ ڇڪيندي رهي ٿي. جيڪو وقت مون وٽ برونائيءَ ۾ ايندي هئي ته مونکي سنگاپور ڏي ڌڪيندي هئي. نيٺ برونائي ڇڏي سنگاپور هليو آيس.“
    ڪئپٽن احمد حسين جي ڳالهين مان ۽ اطهر ابڙي کان معلوم ٿيو ته احمد حسين بيحد مذهبي ٿي ويو آهي. ڏاڙهي به وڏي رکائي اٿس. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دعوت ۾ آيل سنگاپور ۾ رهندڙ پاڪستاني سفير سيد معيز بخاريءَ ۽ ملائيشيا جي هاءِ ڪميشن ۾ ڪم ڪندڙ سندس زال محترمه شيرين معيز پڻ احمد حسين جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي ته ڪئپٽن مخدوم هڪ نيڪ ۽ ٻين جي مدد ڪندڙ انسان آهي.
    اطهر ابڙي کي چيم ته ذاتي ۽ گهرو زندگي کي پري رکي پيشه ورانه (Professional) لحاظ کان ڪئپٽن مخدوم هڪ قابل جهازي، نيويگيٽر ۽ سٺو ٽيچر آهي. هن سان گڏ مون ڪيترن ئي جهازن تي Sail ڪيو آهي. پاڻ بيحد دلير ڪئپٽن (۽ ڄاڻو پڻ) مڃيو وڃي ٿو. پاڻ پنج سال کن ملائيشيا ۾، ٻه ٽي سال برونائيءَ ۾ ۽ اٺ سال کن سنگاپور ۾ جهازين کي پڙهايو اٿس. ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ڪيترائي جهازي منهنجا به شاگرد آهن پر ڪئپٽن مخدوم کان هن تَرَ جو ٻچو ٻچو واقف آهي.
    ***
    ڪوالالمپور ۾ اطهر ابڙي جي گهر رهڻ دوران ٻئي ڏينهن نيرن ڪري مون هن کي چيو ته تون ڀلي آرام سان پنهنجي ڪار ۾ اچجانءِ. آئون هتان واڪ ڪندو مين روڊ تان بس ۾ چڙهي شهر ٿو وڃان.
    ”سائين ائين وري ڪيئن ٿيندو. اهو ته خراب ٿو لڳي.“ اطهر چيو. هن کي اهو به انديشو هو ته متان آئون گم نه ٿي وڃان.
    ”تون فڪر ئي نه ڪر. آئون هن علائقي ۾ پهرين به رهي چڪو آهيان جڏهن ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ ارشاد عباسي هتي رهندو هو ۽ هونءَ به مون لاءِ ڪجهه واڪ ڪرڻ ضروري آهي.“
    آئون ڪاپي، پين ۽ ڪئميرا شولڊر بئگ ۾ وجهي نڪري پيس. ملائيشيا معنيٰ وڻ ئي وڻ. صبح جو وقت ٿڌي هوا سان گڏ وڻن ۽ گاهه جي سڳنڌ اچي رهي هئي. مين روڊ ٻن ٽن وڪڙن بعد هو. هر گهٽيءَ جو نالو نوٽ ڪندو ويس جيئن واپسي تي ان ئي هنڌ تي لهي ساڳيون گهٽيون لتاڙي اطهر ابڙي واري گهٽي ”جالان دوئا“ ۾ سندس گهر نمبر 17 کان اچي نڪران.
    مين روڊ تي پهچڻ بعد چند وکن تي بس اسٽاپ ٺهيل هو. لوهي ڪنڊائتي ڇت جي هيٺيان بينچن بدران لڳل پائيپن تي اچي ويٺس ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. صبح جو وقت هو، ورڪنگ ڊي هو - هرڪو پنهنجي آفيس يا ڪارخاني فئڪٽري ڏي ڊيوٽي لاءِ پئي ويو. وچ شهر ڏي ويندڙ هي اهم رستو هو سو گاڏين جا زوزٽ پئي ٿيا. آئون رکي رکي ڳاٽ کڻي پري کان ايندڙ مسافر بس ڏسڻ ٿي لڳس. پنج منٽ، ڏهه منٽ ۽ هاڻ پنڌرهن منٽ ٿي ويا، اڃان جڏهن بس نه آئي ته موٽر سائيڪل تي لنگهندڙ هڪ همراهه کي بيهاري پڇيم ته هتان بس لنگهندي به آهي يا نه - جيتوڻيڪ اهو سوال ڪندي عجيب پئي لڳم جو ٻارنهن سال اڳ تائين جيڪي هتي اٺ سال کن گذاريا هيم انهن ۾ هتان يا شهر جي ٻين حصن مان هر وقت اسان جي بس جي سائيز کان ننڍيون بسون لنگهنديون هيون جن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ مني بس “Mini Bas” لکيل هوندو هو. اها اڌ رنگٽ (ڊالر) ڀاڙو وٺندي هئي ۽ شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ کان وڃي نڪربو هو. بهرحال هن موٽرسائيڪل تان لنگهندڙ همراهه جنهن جي پوءِ خبر پئي ته منهنجي هٿ جي اشاري سان نه بيٺو هو پر هو هن علائقي جا بس اسٽاپ صاف ڪرڻ وارو تامل هو ۽ هي بس اسٽاپ صاف ڪرڻ لاءِ بيٺو هو. هن مونکي ملئي زبان ۾ ٻڌايو ته لنگهندي آهي پر ڪلاڪ اڌ کانپوءِ.
    ”پوءِ هتان جا ماڻهو آفيسن ۾ ڪيئن وڃن.“ مون پڇيومانس.
    ”هي امير علائقو آهي. هر هڪ کي پنهنجي سواري آهي سو هتان بس دير دير سان گذري ٿي.“
    ڪار ۾ سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ويٺل، مونکي خبر ناهي ڇا سمجهي ملئي زبان ۾ پڇيو. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا. فقط ننڍي کنڊ جا ئي پنجابي، پشتو، اردو، هندي، سنڌي، گجراتي، بنگالي..... وغيره وغيره زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا. سو ان حالت ۾ ملئي زبان ۾ گفتگو ڪرڻ بهتر آهي جيڪا سڀني کي اچي ٿي.... ويندي ٻه اڻ واقف چيني ملڻ وقت پنهنجي گفتگو جي شروعات ملئي سان ڪندا جو ملائيشيا ۾ جيڪي چيني زبانون: ٽيوچو، منڊارن، هوڪين، ڪئنٽونيزوغيره وغيره مادري زبانون ڳالهائڻ وارا آهن ۽ جيسين خبر پوي ته ٻنهي ڄڻن جي هڪ ئي مادري زبان ٽيوچو يا منڊارن وغيره آهي تيسين هو ملئي ۾ ڪميونيڪيشن ڪن ٿا. پر بهرحال آئون سمجهي ويس ته لفٽ ڏيڻ واري همراهه جو تعلق ڏکڻ هندستان سان آهي جو هو رنگ ۾ مونکان به ڪارو هو. ڪار ۾ سندن گنيش ڀڳوان جي مورتي ڏسي سمجهي ويس ته هندو ڌرم سان تعلق اٿس ۽ تامل گانن جو ڪئسٽ هلڻ مان سمجهي ويس ته سندس مادري زبان تامل آهي. اسان جي ننڍي کنڊ ۾ جيئن جيئن ڏکڻ طرف وڌبو ته اتي جا گهڻي کان گهڻا ماڻهو انگريزيءَ کان واقف ملندا. ڪيرالا ۽ تامل ناڊو صوبي ۾ ۽ اڃان به هيٺ سري لنڪا ۾ ته هرڪو انگريزي ڳالهائي سگهي ٿو چاهي هو کڻي ٽئڪسي ڊرائيور هجي، گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ وارو هجي يا هوٽل جو بئرو ۽ ريلوي اسٽيشن جو قلي، ۽ هي نئين ماڊل جي هونڊا اڪارڊ ڪار هلائڻ وارو ته شڪل توڙي پوشاڪ مان آفيسر ٿي لڳو سو هن ۽ پنهنجي سهوليت لاءِ مون کي انگريزي ڳالهائڻ لاءِ کيس ان زبان ۾ ٻڌايو ته ڪٿي به وٺي هل.
    ”ڪٿي به..؟“ هن حيرت مان پڇيو. مون هن کي Suspense مان ڪڍڻ لاءِ سڄي ڳالهه ٻڌائي ته آئون پاڪستان کان هتي گهمڻ آيو آهيان ۽ هتي ’تمن يوڪي‘ ۾ هڪ پاڪستاني دوست وٽ رهيل آهيان. هينئر شهر جي چڪر لاءِ نڪتو آهيان سو مون کي وچ شهر ۾ ڪٿي به لاهيندئو ته آئون گهمندو وتندس.“
    ”آئون به تنهنجي پاڪستاني دوست واري گهٽيءَ ۾ رهان ٿو،“ هن ٻڌايو، ”اهو ته نه آهي جيڪو غاليچن جو واپاري آهي؟“
    ”نه. اهو نه آهي. هي پاڪستان جي هاءِ ڪميشن ۾ ڪم ڪري ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
    ”توهان ته چيو ته توهاڻ هتي گهمڻ آيا آهيو پر توهان منهنجي ملئي ڪيئن سمجهي؟“ هن کي اوچتو خيال آيو.
    ”دراصل آئون هتي ملاڪا ۾ اٺ نو سال کن نوڪري ڪري ويو آهيان ۽ ان کان اڳ به ڏهاڪو کن سال پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ايندو ويندو رهيو هوس سو ملئي سکي ويو آهيان.“ مون کيس پنهنجي ائڊرس جو ڪارڊ ڏيندي ٻڌايو.
    ”توهان سان ملي خوشي ٿي،“ هن پنهنجو ڪارڊ ڪار جي هڪ کانچي مان ڪڍي مون کي ڏيندي چيو، ”آئون گائنا ڪالاجسٽ آهيان (يعني ويم جو ڊاڪٽر) ۽ منهنجو نالو ٿانيڪا سلام آهي“ مون سندس ڪارڊ تي نظر وڌي. هن MBBS بئنگلور يعني انڊيا مان ڪئي هئي.
    K.Thanikasalam
    MBBS (B’Lore), (FROG) London, (FICS (USA)
    Consultant Obstertrician & Gynaecologist
    آئون جالان رحمت ڏي وڃڻو آهيان جتي MIC بلڊنگ ۾ ”سري وري وومين سينٽر“ ۾ ڪم ڪريان ٿو. توهان چئو ته توهان کي اڳيان Jaletek مونو ريل اسٽاپ تي ڇڏي اچان.“ ڊاڪٽر ٿانيڪا پڇيو.
    ”اها ته توهان جي وڏي مهرباني ٿيندي. صبح جو وقت آهي. دڪان اڃان کليا نه هوندا، تيسين آئون مونو ريل ۾ چڙهي شهر جو چڪر ڏيان.“ مون چيومانس. جاليٽيڪ اسٽيشن تي پهچي موڪلايوسين.
    ***

    ملائيشيا جي هيءَ مونو ريل مونکي جپان کان به وڌيڪ صاف سٿري لڳي. ماڻهو به ڊسيپلين سان هر اسٽيشن تي چڙهيا لٿا پئي. گاڏي ڪمپيوٽرائيزڊ هئي يعني بنا ڊرائيور جي هلي رهي هئي.
    تمن ڀاڳيا، تمن جايا، ڪيرنچي، ڀنگسار، پاسار سيني، مسجد جامع دانگ وانگي ۽ ڪمپونگ بارو جهڙين ريلوي اسٽيشنن تان ٿيندي جڏهن ريل ائمپنگ پارڪ پهتي ته آئون لهي پيس. ائمپنگ پارڪ ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران باجو ڪرونگ (ملئي ڊريس) ۾ هڪ ملئي ڇوڪري بس جو انتظار ڪري رهي هئي ته موبائيل فون تي ڪنهن سان ڳالهائي به رهي هئي. مونکي به اتان ’چوڪٽ‘ مارڪيٽ لاءِ بس ۾ وهڻو هو. آئون روج ۽ لپ اسٽڪ لڳل هن ڇوڪريءَ کي حيرت مان چتائي ڏسڻ لڳس جنهن جو احساس هن کي به ٿيو ۽ جنهن سان ڳالهائي رهي هئي تنهنکي Tungu Sekajap (ٿورو ترسجانءِ) چئي مون کان مرڪندي پڇيو ته آيا آئون ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان.
    ”نه ڪجهه به نه. تنهنجي تصوير ڪڍڻ ٿو چاهيان. مون چيو.
    ”بوليح، بائيڪ لا“ (ڀلي. جيئن توکي بهتر لڳي.)
    فوٽو ڪڍي بس ڪيم ته هن به ڳالهائي ختم ڪيو.
    ”ڇو؟“ هن کلندي مونکان پڇيو. هن منهنجي فوٽو ڪڍڻ (۽ شايد مرڪڻ جو پڻ) سبب ٿي معلوم ڪيو.
    ”ڳالهه ٻڌ. اڄ کان ويهه سال اڳ ملئي ڇوڪري ورلي ڪا شهر ۾ نوڪري يا آفيس ۾ ڪو ڪم ڪندي نظر ايندي هئي. شهرن جي آفيسن، هوٽلن، دڪانن ۽ بس اسٽاپن تي رڳو چيني ڇوڪريون نظر اينديون هيون يا ڪجهه انڊين. ڪٿي ڪا ورلي ملئي ڇوڪري نظر ايندي هئي جيڪا چهري توڙي ڪپڙي گنديءَ مان ڳوٺاڻي لڳندي هئي. تنهنجو فوٽو ان ڪري ڪڍيو اٿم ته جيئن اخبار ۾ ڏيان ته توهانجي وزيراعظم مهاتير ۽ سياستدانن ملائيشيا کي يورپ بنائي ڇڏيو آهي ۽ چيني ڇوڪرين سان گڏ گڏ هاڻ ڳوٺن جون ملئي ڇوڪريون پڻ ميڪ اپ ۽ اوچن ويس وڳن ۾ سهڻيون ۽ سمارٽ ٿيو شهرن ۾ وڏي اعتماد سان پيون هلن. نه ته ويهه سال اڳ ڳوش ۾ جنهن گهر ۾ وڃبو هو ته تو جيڏين ڇوڪرين جون مائرون پنهنجين ڌيئرن لاءِ چونديون هيون ته ”جنگل ۾ ڪاٺيون ڪرڻ ويون آهن.“ پر اڄ جي ڳوٺاڻين مائرن کي خوش ٿيڻ کپي ته هنن جون ڇوڪريون ڪوالالمپور جي آفيسن ۾ ڪم پيون ڪن، ڪوالالمپور جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم پيون حاصل ڪن، ڪوالالمپور جي...“
    ”....بس اسٽاپ تي موبائيل فون تي پنهنجن بئاءِ فرينڊس سان پيون رهاڻيون ڪن.“ هن منهنجي جملي کي پورو ڪري هڪ دفعو وري مرڪيو.
    ***
    سڄي ملائيشيا ۾ نه ڪنهن عمارت تي ظاهر ظهور يا لڪ ڇپ ۾ ڊش لڳل آهي ۽ نه وري ڪيبل سسٽم آهي. ٽي ويءَ تي فقط ملڪ جا چار چئنل اچن ٿا جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري هوندي به وڏي حد تائين آزاد آهن. انهن تان انگريزي، ملئي، چيني ۽ انڊين پروگرام ڏيکارين ٿا، خبرون، ڊراما ۽ فلمون ڏين ٿا. انڊين پروگرام واري وقت ۾ گهڻي ڀاڱي انڊين هندي ۽ تامل فلمون هلائين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن انڊين مليالم فلمون يا پاڪستان جون پنجابي فلمون پڻ هلن. ملڪ جي مڙني اخبارن ۾ روزانو نه فقط انهن سڀني چئنلن جا پروگرام ۽ وقت ڏنو وڃي ٿو پر انهن پروگرامن جي Rating پڻ ته آيا هي فقط وڏن لاءِ آهي يا ٻارن لاءِ به. جيئن مائٽ ٻارن کي اهڙي پروگرام هلڻ وقت ٽي وي اڳيان ويهڻ نه ڏين.
    رات جو 8 کان ٽي وي تي لکت جي صورت ۾ اهو اطلاع شروع ٿي ويندو آهي ته 8 ٿي ويا آهن. ٻارن کي بستر ۾ وڃڻ کپي. نائين تائين سڀ ٻار سمهي رهندا آهن. اهو ان ڪري ته جيئن وڏن سان گڏ معصوم ٻار نه جاڳن ۽ هنن کي ڳپل رات ننڊ ڪرڻ لاءِ ملي وڃي ۽ هو صبح جو اسڪول وڃڻ وقت تازا (Fresh) ۽ توانا (Healthy) محسوس ڪن. اسان جي ملڪ جون مائرون ٻارن سميت دير دير تائين ڪئبل ۽ VCR ڏسن. صبح جو ٻارن کي پَٽي اٿاري اسڪول موڪلين ۽ پوءِ پاڻ وري سمهي رات واري رهيل ننڍ پوري ڪن ۽ هوڏانهن هو ٻار جن کي حقيقت ۾ وڏن کان وڌيڪ ننڊ جي ضرورت آهي، اهي ڪنجهندا، ٿاٻڙندا ۽ رئندا اسڪول پهچن. پوءِ ڪلاس روم ۾ سڄو ڏينهن مغز ڳرو ۽ اُٻاسين جو ڦهڪو - وڏو ٿي اهڙو ٻار ذهين ٿيڻ بدران موڳو ۽ منجهيل رهيل ٿو.
    ملائيشيا جا اسڪول سوير ئي شروع ٿين - ٻار فجر مهل اٿن ۽ منهن اونداهيءَ ۾ ئي اسڪول لاءِ گهر ڇڏين. چاهي مينهن هجي يا طوفان ستين بجي اندر هر ٻار کي اسڪول پهچڻو پوندو آهي. پوري ستين بجي اسڪولن جا مين گيٽ بند ٿي ويندا آهن.
    ملڪ جون سڀ آفيسون 8 بجي کان شروع ٿين ۽ هر ننڍي توڙي وڏي آفيسر کي - ويندي ملڪ جي وزيراعظم مهاتير کي ڪارڊ پنچ ڪري وقت اندر پهچڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو آهي. ساڳي طرح موڪل مهل آفيس ڇڏڻ وقت ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوندو آهي.
    ***
    چيني درزياڻي ’سي يو‘ (Siew) جنهن جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، ٻارهن سالن بعد به مونکي اهڙي ئي سمارٽ ۽ صحتمند لڳي. کلندي ان جو سبب پڇيومانس. وراڻيائين: ”آئون اڳ به اهو ئي چوندي هيس ته پنهنجي صحت صحيح رکڻ لاءِ سادي ۽ گهٽ ماني کائجي ۽ پنڌ گهڻو ڪجي. اسان چيني ماڻهو ان تي عمل ڪريون ٿا ان ڪري اسان چينين کي بيماريون به گهٽ ٿين ٿيون، صحتمند ۽ سنها به رهون ٿا. ملئي ماڻهو به جيڪي ان ڳالهه تي عمل ڪن ٿا ته اهي به پنهنجي عمر کان ننڍا لڳن ٿا باقي ٻيا جيڪي کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن، مٺاڻ گهڻو ٿا کائين هڪ هنڌ ويٺا آهن سي سست، ڦيڦا ۽ ٿلها نظر اچن.“
    ***
    هڪ ملئي عورت پنهنجي ملئي قوم بابت ٻڌايو:
    ”ملئي عورتن وٽ پئسو ته اچي ويو آهي پر زور رڳو کاڌي کائڻ تي، اوچا ۽ ڍرا ڪپڙا پائينديون (ڍرا ان ڪري جو حد کان وڌيڪ ٿلهيون ٿي پيون آهن)، ميڪ اپ خريد ڪرڻ تي ۽ Facial Therapy تي پڻ چڱو پئسو ۽ وقت وڃائين ٿيون. ٿولهه گهٽائڻ لاءِ ورزش ڪرڻ يا کاڌي تي ڪنٽرول نٿو پڄين- زور رڳو منهنجي مساج ڪرائڻ تي ۽ اهي ڪم (مالشون پالشون) ڪرڻ واريون توڙي ڪريم لوشن ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ وارا سڀ چيني آهن جيڪي وڃن ملئي ماڻهن کي بيوقوف بنائيندا ۽ پئسو ڦريندا. ملئي مسلمان وٽ کڻي ڪيترو به پئسو اچي هو کپائڻ تي منٽ ڪري وٺندو ۽ چيني هن مان ڪمائي وٺندو.“
    ***
    منهنجو هڪ پراڻو ملئي دوست ابراهيم بن معروف ۽ ٻين ٻڌايو ته ملائيشيا ۾ جتي سخت Law & Order آهي ته اتي اڄ ڪلهه ڏوهه به وڌي ويا آهن. نشي (Drugs) ۽ چوري جي ڪيسن ۾ آفريڪا جي ملڪن کان آيل شيدي گهڻو Involve آهن جيڪي اسٽوڊنٽ ويزا تي اچن ٿا. ريپ جي ڪيسن ۾ هتي جا مڪاني ڊرائيور به ڏوهاري ثابت ٿيا آهن. خاص ڪري ڇوڪرين کي آڌي رات کانپوءِ اڪيلو ٽئڪسي ۾ سفر نه ڪرڻ کپي. هونءَ ته هي ملڪ ايڏو Safe ۽ سانت وارو هو جو رات جو اڪيلو به ڇوڪريون ڳهه پائي يا مِني اسڪرٽن ۾ پئي هليون ڪنهن نالو به نٿي ورتن.
    ***
    ”جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا“ واري روڊ تي مسجد انڊيا به آهي ۽ گهڻو ڪري سڀ دڪان: سيڌي، ساڙهين کان زيورن جا انڊين جا آهن جن ۾ تامل، گجراتي، سنڌي ۽ سک اچي وڃن ٿا. فوٽ پاٿ تي ٻه سک زنانا ۽ مردانا بٽون، چيلهه جا بيلٽ ۽ بوٽ پالشون وڪڻي رهيا هئا. مون به هڪ ٻٽون ورتو. پئسا ڏئي هلڻ لڳس ته منهنجي ڀرسان بيٺل همراهه به ان وقت ان ميڙ مان ٻاهر نڪتو. هو تامل ٿي لڳو يا شايد گجراتي. مونکي به پاڻ وانگر ملائيشين انڊين (يعني هتي جو شهري) سمجهي راز واري انداز ۾ انگريزيءَ ۾ چيو: ”مهاتير (ملائيشيا جي وزيراعظم) کي استعيفا نه ڏيڻ کپي. نه ته هي بيوقوف ملئي مسلمان اسانجو جيئڻ حرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.“
    هو ڊنل ڊنل ٿي لڳو ۽ پوءِ ڪجهه سوچي مرڪيو ۽ چوڻ لڳو: ”نيور مائينڊ هاڻ اسان به هنن ڄٽن سان پڄڻ وارا آهيون. 1969ع واري ايمرجنسي جهڙو واقعو ٿيو ته به هنن کي ڏسي رهنداسين ۽ گهڻو گوڙ ڪيائون ته هن ملڪ جو يوگرسلاويا وارو حال ڪري ڇڏينداسين.“ ۽ پوءِ مهاتير جي تعريف ڪندو هڪ ڊپاٽمينٽل اسٽور ۾ هليو ويو.
    ***
    نفيسه ۽ سندس ماءُ جپان جي شهر هيروشيما ۾ ٻه سال رهي آيون هيون. هو اتي منهنجي ڌيءَ مريم جون پاڙيسري هيون ۽ هاڻ منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ جو ٻڌي هنن مونکي مانيءَ تي گهرايو. ”مانيءَ جي تڪليف نه ڪريو. هتي اطهر جي گهر ئي هليا اچو ته گڏ چانهه به پَيون ۽ ملاقات به ٿي وڃي.“ مون چيومان.
    ”آئون توکي پنهنجي گهر جو باغ به ڏيکارڻ چاهيان ٿي.“ نفيسه جي ماءُ چيو.
    مون شام جو ئي هنن وٽان ٿي اچڻ چاهيو ٿي جيئن جلدي پرائي گهر موٽي اچان. وعدي مطابق شام جو پنجين وڳي کان انتظار ڪندو رهيس. ڇهه ٿي ساڍا ڇهه ٿيا ڪو به وٺڻ نه آيو. مغرب جي نماز بعد جڏهن اونداهه ٿي وئي ته ان وقت نفيسه پجيرو ٽائيپ گاڏي ڪاهي آهي. دير سان اچڻ لاءِ معافيون وٺندي چوڻ لڳي ته توکي ته خبر هوندي Janji Melayu (ملئي ماڻهن جي وعدي) جي.
    ”نه“ مون چيو.
    ”ائين جيئن Sailors Promise چئبو آهي تيئن اسان ملئي جو وعدو هوندو آهي. چوندا صبح آهيون ته ايندا شام جو پيا آهيون ۽ شام جو وعدو ڪري رات جو پيا ايندا آهيون.“
    ”هاڻ هلڻ مان ڪهڙو فائدو. رات جو ڪهڙو هلي باغ ڏسان. هونءَ جيتوڻيڪ مونکي ڪجهه ملائيشيا جا ٻوٽا ڪراچي لاءِ کڻڻا هئا.“ مون چيو.
    ”توهان هلو اسان ڊنر تيار ڪئي آهي.“
    نفيسه پرائيم منسٽر آفيس ۾ ڪم ڪري ٿي هوءِ جپان MSC ڪرڻ وئي هئي. سندس ڀيڻ نفيسا ڪوالالمپور ۾ ڪنهن فارين ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿي. ماءُ سنگاپور ۾ ۽ ان بعد ملائيشيا ۾ اسڪول ٽيچر رهي آهي. گهر ڪافي وڏو هو پر سڄو غاليچن، فريمن ۽ ٻاهرن ملڪن جي سوغاتن سان ڀريو پيو هو. نفيسه ٻڌايو ته هوءَ آفيس کان شام جو 5 بجي موٽي اچي سمهندي آهي. ان بعد 9 بجي اٿي فرينڊس سان گڏ ڪنهن هوٽل يا ڪلب ۾ ماني کائڻ وڃي، ان بعد يارهين ٻارهين گهر موٽي ڪمپيوٽر ۽ نيٽ تي دوستن کي خط لکي يا Chat ڪري.
    ”او مسٽر الطاف صبح جو آفيس لاءِ اٿيو نه ٿيندو آهي. ڏاڍي بزي لائيف گذري ٿي. ملائيشيا به يورپ وانگر ماڊرن ٿي ويو آهي ۽ اسان کي فاسٽ لائيف گذارڻي ٿي پوي....“
    نفيسه مونولاگ جي صورت ۾ ڳالهائيندي رهي، ڳالهائيندي رهي. آئون چپ آخر سندس ماءُ کي چيم ته يورپ ۾ آئون به رهي آيو آهيان. هو ائين چرين وانگر ته زندگي نٿا گذارين. توهان ملئي ماڻهو پر سڪون زندگي گذارڻ وارا - توهان کي هي ڇا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي ترقي هي حالتون پئدا ڪري رهي آهي ته پوءِ ته آئون اهو ئي چوندس ته اهڙي ترقيءَ کان ائين ڀلا آهيون.“
    ”تون صحيح ٿو چئين. پر منهنجي ڪير نٿو ٻڌي. هر هڪ کي نوڪري ملي وئي آهي. بي انتها پئسو اچي ويو آهي. هر هڪ وڏي کان وڏي ڪار وٺڻ ٿو چاهي. هرهڪ ولايت ۾ وئڪيشن گذارڻ ٿو چاهي ۽ سڀ ڪجهه هوندي به بيچيني آهي بي سڪوني آهي، ڊپريشن جي شڪايت آهي...“
    هلڻ وقت مون جيڪي ٻه خاص ٻوٽا چاهيا ٿي اهي مونکي هنن پني ۾ ويڙهي ڏنا. ”آهي ته غيرقانوني ڪم پر آئون پنهنجي ملڪ کڻي وڃڻ چاهيان ٿو.“ مون چيومان.
    نفيسه جي ماءُ منهنجي همت افزائي ڪندي چيو: ”مڙيئي خير آهي. آئون به جپان مان ٻه چار ٻوٽا لڪائي کڻي آئي هيس.“
    ***
    ڪوالالمپور کان ڪراچي ايندي وقت هوائي جهاز ۾ باريسال (بنگلاديش) جو هڪ نوجوان مليو. هو دبئي وڃي رهيو هو. کيس ڪامرس جي ڊگري هئي ۽ ان سان واسطو رکندڙ آفيس جاب مليو هو. هو ڪجهه وقت ڪوالالمپور به ترسيو هو.
    ”ملائيشيا ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ Try ڇو نه ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”اتي به ملي ٿي پر مونکي ملائيشيا جو ماحول ۽ حالتون صحيح نه لڳيون.“ هن وراڻيو.
    ”ڇو ڀلا؟“
    ”هو سمجهن ٿا ته اسان کانئن نوڪريون کسي رهيا آهيون. دبئي وري به صحيح آهي. سڀ ۾ بهتر جپان آهي پر اهي نوڪري نٿا ڏين.“
    ***
    هوائي جهاز ۾ ملائيشيا جي اوڀر وارين رياستن: ڪيلنتان ۾ ٽرينگانو جا ڪيترائي نوجوان ان هوائي جهاز ۾ هئا. ڪيترن کي سائي پڳڙي يا اڇي آر واري ٽوپي مٿي تي هئي. پڇڻ تي ٻڌايائون ته هو سڀ ڪراچيءَ وڃي رهيا آهن.
    ”ڪراچيءَ ۾ ڪٿي رهندئو؟“ مون پڇيومان.
    ”گرومندر ۾“ هنن جواب ڏنو.
    ”اتي ڇا آهي جتي رهندئو؟“ مون پڇيومان.
    ”مدرسه بنوروي.“
    انجنيري، ڊاڪٽري ۽ ٻي تعليم جو پاڪستان ۾ معيار کڻي ڪري پيو آهي ۽ ڪو به ڌاريو اسان وٽ انهن سبجيڪٽن ۾ علم حاصل ڪرڻ نٿو چاهي پر تنهن هوندي به ملائيشيا، ڏکڻ فلپين ۽ ڏکڻ ٿائلنڊ جا ماڻهو پنهنجن ٻارن (پٽن توڙي ڌيئن) کي اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان موڪلين ٿا ۽ ان ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. فقط ڪراچيءَ ۾ ئي مدرسه بنوري ۽ الهدا انٽرنيشنل جهڙا ڪيترائي مذهبي درسگاهه آهن جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون قرآن مجيد جو تفسير، حديث فقه، عربي لٽريچر، اسلامي قانون ۽ ٻين سبجيڪٽن ۾ علم حاصل ڪرڻ ۾ سعادت سمجهن ٿيون.
    ***
    هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان اڳ ڪوالالمپور جي بين الاقوامي هوائي اڏي جي انتظار گاهه ۾ ڪيتريون ئي ملئي مهانڊن جون نوجوان عورتون هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏٺم. هنن جي جسم تي ملئي ڊريس هئي پر بيحد سادي ڪپڙي جي ۽ سادي نموني سبيل. سندن چهري مان غربت ۽ اداسي بکي رهي هئي. اڄ کان چوٿو صدي اڳ 1973ع واري دور ۾ اسانجو جهاز ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ ايندو هو ته ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ملئي عورتون ڪجهه اهڙي نموني جون هونديون هيون.
    مڃان ٿو ته ملائيشيا ۾ ڪويت ۽ سعودي عرب وانگر پيٽرول جون نديون نه پيون وهن ۽نه وري ڏکڻ آفريڪا ۽ بيلجم وانگر هتي هيرن جون کاڻيون ۽ ڪارخانا آهن پر هن ملڪ جي وزيراعظم ۽ سندس سياستدانن ۽ سرڪاري ڪامورن جي ٽولي محنت ۽ ايمانداريءَ سان هن ملڪ کي گذريل ڏهن سالن اندر دنيا جو هڪ ماڊرن ۽ امير ملڪ بنائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ شهر توڙي ٻهراڙيءَ جو ٻچو ٻچو اسڪول وڃي ٿو، هرهڪ کي روزگار جو ذريعو آهي، هرهڪ خوشحال آهي. اڄ ٻهراڙي ۽ ڳوٺن جون ڇوڪريون به ويس وڳا پائين ٿيون، سندن چپن تي سرخي ۽ مرڪ آهي، هنن کي مستقبل جي مايوسي نه حال جي پريشاني آهي. پوءِ هي ملائيشيا جي ڪهڙي حصي جون ملئي مسلمان عورتون آهن. آئون دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو ۽ پوءِ هنن وٽان لنگهندي هڪ کان پڇي وٺان ٿو.
    “Dari Mana” (ڪٿان آيون آهيو)
    ”داري انڊونيشيا“ هوءَ ڊنل هرڻيءَ وانگر مون ڏي نهاري وراڻي ٿي.
    “Pergi Mana” (۽ ڪيڏانهن وڃو پيون) مون پڇيو.
    ”ڪپادا ابوڌابي“ (ابوڌابيءَ ڏي) جوان ڏنائين.
    ”انتوق ڪرجا“ (پورهئي لاءِ؟) مون پڇيو.
    “Ya” (ها)
    چئبو ته هي ويچاريون سامهون واري ملڪ انڊونيشيا جون آهن ۽ امير عرب ملڪ ۾ نوڪري يا گهر جي پورهئي لاءِ وڃي رهيون آهن. ڪير پنهنجا ڪک ڇڏڻ چاهي ٿو. پر هو مجبور آهن. جيڪي شادي شده آهن اهي پنهنجي پٺيان ڇڏيل ٻچا ياد ڪري رهيون هونديون ۽ جيڪي ڪنواريون ڇوڪريون آهن اهي پنهنجا ماءُ پيءُ ڀائر ڀينرون ياد ڪري رهيون هونديون ۽ هنن جي والدين کي الڳ فڪر هوندو ته هنن جون ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون گهر ڇڏي ڌارين وٽ پورهيو ڪرڻ وڃي رهيون آهن ۽ جن ڌارين (عربن) جي Reputation ڪا خاص ناهي. هو پڪ ملائيشيا جي ڇوڪرين کي خوش حال ۽ سکيو ستابو ڏسي سوچينديون هونديون ته هو به هنن جهڙيون آهن. ساڳي موسم ۽ ساڳي ڌرتي آهي. وچ ۾ فقط سمنڊ جو سوڙهو درياهه آهي، پر هڪ طرف سٺن سياستدان ملڪ کي خوش حال بنائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف ٺڳ ۽ Corrupt سياستدانن ملڪ کي ڀينگيو ۽ عوام کي ڌارين جي در در تي ڌڪا کائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي خيال ۾ نائيجريا ۽ انڊونيشيا اهي ملڪ آهن جن وٽ تيل (Oil) هجڻ جي باوجود به، غريب آهن.
    جهاز ۾ ويهڻ تي هنن مان هڪ جي سيٽ منهنجي ڀر ۾ هئي. هوءَ پنهنجي ڏکن جا داستان ٻڌائيندي رهي: ”ٻچا ٻار ڇڏي ڌارئين ملڪ ۾ ڌارئين زبان ڳالهائيندڙن جي گهر ۾ انهن جو پورهيو ڪرڻ ڪنهن کي ٿو وڻي. انڊونيشيا کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور کان به وڌيڪ ڌرتي ۽ مال آهي پر ليڊر صحيح نه هجڻ ڪري اسان غريب ٿي ويا آهيون....“ هن رکي رکي ڳالهه ٿي ڪئي. آئون سندس غم ۽ ڊپريشن جو اندازو لڳائي سگهيس پئي. انڊونيشي ۽ ملئي زبان ۾ تمام ٿورو فرق آهي جيترو شڪارپو ۽ ٺٽي جي زبانن ۽ لهجي ۾. بهرحال سندس ڳالهه آئون سؤ فيصد نه پئي سمجهي سگهيس ۽ هن تمام جهيڻي آواز ۾ پئي ڳالهايو پر هن جي ڳالهه جو مفهوم سمجهيس پئي ته هنن کي غريب بنائڻ ۾، هنن کي در در ڌڪا کارائڻ ۾. عورت ذات کي پورهيا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ۾، پنهنجن ٻچن ٻارن کان ڏور رکڻ ۾، ملڪ جو تعليم ۽ صحت جو نظام ناقص بنائڻ ۾ ڪنهن ٻئي جو نه پر سندن ملڪ جي سياستدانن جو هٿ آهي جيڪي پنهنجا ته ڀڀ ڀريندا رهن ٿا پر عوام کي بکيو، بي روزگار ۽ بيمار بنائي ڇڏيو آهي. سندن نمائندا ۽ ليڊر سٺا هجن ها ته هو به ملائيشيا جي ماڻهن وانگر خوشحال هجن ها ۽ آخر ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن ۽ ملڪ ۾ ٻيو فرق ئي ڪهڙو آهي.
    هوءَ پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ڪري رهي هئي پر مونکي ڄڻ پنهنجي ملڪ جي ڪهاڻيءَ جو ڪن تي پڙاڏو اچي رهيو هو.
    نئين ملڪ ۾ نوڪري لاءِ وڃڻ وقت جيڪا شروع وارن ڏينهن ۾ ڊپريشن (مايوسي) حاوي رهندي آهي. اها هن جي مٿان طاري هئي. رکي رکي هن پنهنجن ٻن معصوم ٻارن ۽ پنهنجي بيمار ماءُ ۽ مسڪين پيءُ کي ياد ٿي ڪيو. پاڻ هي ٽيون دفعو عربن جي ملڪ ۾ وڃي رهي هئي.
    ٻه دفعا اڳ نوڪري جي مدي کان اڳ ڇو موٽي آئي؟ مون سبب پڇيومانس.
    ”مالڪ سٺا نه مليا. هينئر به خوف ۾ وڃي رهي آهيان.“ هن جواب ۾ ٻڌايو.
    ***
    ”ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS جي هوائي جهاز ۾ ڪراچي کان ڪوالالمپور اچڻ وقت هنن ابوظبيءَ جي ڪنهن ڪئٽرنگ فرم جي ماني کارائي. هاڻ ڪوالالمپور کان ڪراچي ويندي وقت ملائيشيا جي ماني ڏني وئي. خير اهو ته ٺيڪ هو. جهاز به ملائيشيا جو هو ۽ اڏاڻو به سندن ملڪ جي هوائي اڏي ڪوالالمپور کان هو، سو ظاهر آهي هو پنهنجي ڪنهن هوٽل يا مني سپلاءِ واري ڪمپنيءَ جي ماني ڏيندا، پر ڪراچيءَ کان ايندي وقت ڪراچيءَ جي ماني نه ڏيڻ ڪري مونکي ٻه ٽڪا ڏک ضرور ٿيو. ابوظبي - جتان جهاز اچي رهيو هو، اتان ماني آڻڻ بدران هو ان قسم جي ماني ڪراچيءَ مان به کڻي سگهيا ٿي جتان کين ويتر سستي پوي ها. پر لڳي ٿو ته ڪراچيءَ جي ڪسٽمس جي ڏکين Formalities ڪري، ايئرپورٽ سان واسطو رکندڙ عام ۽ انٽيليجنس پوليس جا بيجا گهر گهر (خرچيءَ) ڪري ۽ ڪراچيءَ جي مڇي گوشت - ويندي پاڻيءَ جي Un-hygenic هجڻ ڪري ملائيشيا وارن چار پئسا وڌيڪ خرچي به ماني ابوظبيءَ مان وٺڻ کي ترجيح ڏني آهي.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259689
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386683
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ