ڪتاب جو نالو: ماهتاب
مصنف: منظور ڪوهيار
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 10 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1283 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 240 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي اسٽيج ڊرامن تي مشتمل ڪتاب آهي جنهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو ويو آهي، جنهن جو ليکڪ منظور ڪوهيار آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجا سهنجا
  • مهاڳ : سنڌي ناٽڪ ،لاڙڪاڻو، برٽن ۽ ماهتاب
  • ماهتاب (سانگ ناٽڪ)

  • ڪردار
  • نوٽ
  • ڏيک پهريون
  • ڏيک ٻيو
  • ڏيک ٽيون
  • ڏيک چوٿون
  • ڏيک پنجون
  • ڏيک ڇهون
  • ڏيک ستون
  • ڏيک اٺون
  • گام جي عزت (سماجي ناٽڪ)

  • ڪردار
  • نوٽ
  • ڏيک پهريون
  • ڏيک ٻيو
  • ڏيک ٽيون
  • ڏيک چوٿون
  • ڏيک پنجون
  • ڏيک ڇهون
  • ڏيک ستون
  • ڏيک اٺون
  • ڏيک نائون
  • ڏيک ڏهون
  • ڏيک يارهون
  • ڏيک ٻارهون
  • ديسي حاڪم

  • ڪردار
  • نوٽ
  • ڏيک پهريون
  • ڏيک ٻيو
  • ڏيک ٽيون
  • ڏيک چوٿون
  • ڏيک پنجون
  • ڏيک ڇهون
  • ڏيک ستون
  • ڏيک اٺون
  • ڏيک نائون

  • ارپنا

    سنڌي ناٽڪ جي پهرين نقاد
    رچرڊ ايف برٽن
    ۽
    سنڌي بئلٽ/ ميلوڊرامه (سانگ) جي سرجڻهار

    ماهتاب
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (210) ”ماهتاب Moon Beam“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي اسٽيج ڊرامن تي مشتمل ڪتاب آهي جنهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو ويو آهي، جنهن جو ليکڪ منظور ڪوهيار آهي.
    هي ڪتاب 2014ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجا سهنجا

    مون کي فالج جي ٻي سَٽ آئي، ته مون ڳالھ ڇٻٽ ڪئي ته متان ڪنهن پاڻ هرتڙي کي خبر نه پئي، جيڪواهو لکي، مون کي اخبارن جي زينت بڻائي ڇڏي، ته ”منظور ڪوهيار مرڻ ڪنڌيءَ تي، ثقافت کاتي سار نه لڌي.“
    عزتِ نفس به ڪا شيءِ ٿيندي آهي. مان عام ليکڪ ۽ مڊل ڪلاس جو ماڻهو ضرور آهيان. پر مون کي ست گرن جي اها سکيا مليل آهي، جيئن ڀڳت ڪبير چيو آهي :
    مانگن مرن سمان هئي، مت ڪوئي مانگو ڀيک
    مانگن تي مرنا ڀلا، يه ست گرو ڪي سيک
    مان جڏهن انهيءَ آپدا ۾ آيس، ته منهنجي سٻيلي سنگت سان گڏ، منهنجي خاندان جو هڏ ڪُرڪي پيو.منهنجي ٻروچاڻي زال مراد خاتون منهنجي سنياٽيل ڄنگھ ۽ ٻانهن کي اهڙي آئڍ ڏني يا فزيو ٿراپي ڪئي، جو فزيو ٿراپسٽس جي به جاءِ ناهي. وڏو پٽ بالاچ حسين ۽ روحل جان پرديس ۾ هوندي به اسڪائپ تي ويهي پرگھور لهندا هيا.ننڍي پٽ شيراز حسين، ڀائٽين هالارجان ۽ سِيدل جان صبوح شام منهنجن سُن ٿيل پيرن کي اهڙا زور ڏنا، جوائين لڳو ته پيرن ۾ساه پئجي ويو آهي. صفا ننڍڙي ڀائٽي وينجھار جون مٺڙيون لاتيون منهنجي بلڊ پريشر کي ائين گھٽايو، جيئن سانوڻ جي تپش کي وسڪاري جي وس ماٺو ڪري. ٽنهي نياڻين زينت رضا، گل بانو۽ زر بانو جي دل سان ڪيل خدمت ڄڻ منهنجي اندر ۾زنده رهڻ جي شڪتي ڀري ڇڏي. ماءُ ۽ ڀيڻ جي دعائن رنگ لاتو.وڏي ڳالھ ته ننڍي ڀاءُ درمحمد جي سُڀاءَ ۽ هر وقت نظرداري مونکي نوبنو ڪري ڇڏيو.ان کي چئبو آ، هڏ ڏئي سَڏُ. ويڄن، طبيبن ۽ ڊاڪٽرن منهنجي سڌرندڙ صحت کي ڏسي اطمينان جو اظهار ڪيو.
    موت ۽ زندگي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن. زندگي سان پيار ڪجي، پر موت کي ڊڄجي به نه!هڪ ڏينهن اَوس اچڻو آهي. ڀڳت ڪبير ان حوالي سان ڇا خوب چيو آهي:
    مرئي تو مر جائيي، ڇوٽ پڙي جنجار
    ايسا مرنا ڪو مري، دن ۾ سؤ سؤ بار


    مهاڳ : سنڌي ناٽڪ ،لاڙڪاڻو، برٽن ۽ ماهتاب

    اسان لڪير جا فقير ڇو آهيون؟....
    ان جو جواب هڪڙو اهو به آهي ،ته اسان وٽ جستجو ۽ شوق جي ڪمي آهي .اسان دقيانوسيت جي حد تائين روايت پسند آهيون.اسان جي ڪنهن عقل جي اڪابر لکي ڇڏيو ته سنڌي ڊرامي يا ناٽڪ جي شروعات1879يا1880 ۾ ٿي ،ته اسان ڪڏهن به اها تڪليف گوارا نه ڪئي ، ته ان جي ڇنڊڇاڻ ڪيون يا ڪي ٻيا حوالا به ڳوليون.
    مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيس،ته ڇا انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جو با ضابطه ناٽڪ مروج نه هيو، جنهن کي مثال يا حوالي طور پيش ڪري سگھجي؟ ويھارو سال اڳ، رچرڊ ايف برٽن جوڪتاب ”Sindh Revisited“ پڙهڻ جو موقعو مليو،ته ڏاڍي حيرت ٿي،ته ان صاحب سنڌيءَ جي ان اصلوڪي ڊرامي يا ناٽڪ کي لاڙڪاڻي ۾ نه صرف ڏٺو ،بلڪه ان تي باقاعده تنقيد به ڪئي. ساڳئي وقت لاڙڪاڻي جي حسن ۽ فن ۾ يڪته فنڪارائن کي دل کولي داد به ڏنو.ان حوالي سان مان پنهنجو ترجمو پيش ڪرڻ بجاءِ ،سنڌ جي مشهور مترجم ۽ کاهوڙي شخصيت محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب جي ڪيل ترجمي کي پيش ڪرڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. جنهن مذڪوره ڪتاب کي ”سنڌ منهنجي نظر ۾ “ جي عنوان سان ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ ان کي”سنڌيڪا اڪيڊمي “ 2012 ۾ ڇپايوبه آهي.اچو ته رچرڊ ايف برٽن جي خود ڪلاميه واري اسلوب ۾ ٿيل ،هيٺين قيامت خيز منظر نگاري کي نظر مان ڪڍئون:
    ”سائين،جان بل! مون کي پنهنجو واعدو ياد آهي ته اوهان کي لاڙڪاڻي جو ناچ ضرور ڏيکاريندس.اوهان کي اها به خوشخبري ٻڌايان ٿو ته اهڙو بندوبست پاڻ واري منشي هريچند ڪري ورتو آهي. هاڻي اها پنهنجي ڀينرن سان گڏ اچي رهي آهي.سندس هرهڪ ڀيڻ پنهنجي جدا ڪجائي ۾ سوار ٿيندي. اهڙي ريت نون اُٺن جو قافلو هوندو.اجھو ڄاڻ پهتيون.
    ميان جان بل!اکيون راه ۾ اٽڪايون ويٺو آهي.اڃا ته اوهان ماهتاب کي ته ڏٺو ئي ڪونه آهي.پر جڏهن انهيءَ جي اکين جي ڪجل جون ڪهاڙيون هليون ته توهان پوئتي انگلنڊ ته ڪونه پهچي سگهندا. ماهتاب جي محفل چنڊ آهي، هي ماهتاب به چنڊ کان گھٽ ڪونه آهي.ڄڻ قدرت پنهنجي ڪاريگر هٿن سان چنڊ جي هڪ ٽڪري کي هٿوڙي ۽ ڇيڻيءَ سان گھڙي ٺاهي،ماهتاب جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. سندس جسم جو هرهڪ عضوو قدرتي سونهن ۽ سيبتائي جو بي مثال شاهڪار آهي. توهان کيس ڪهڙي به پاسي کان ڏسندا ته ان جي خوبصورت منهن جو وَجھُ بي انتها سهڻو من مهڻو لڳندو. ڪارا ۽ تلهڙ ڊگھا وار ڄڻ ڪنهن جوڳيءَ جي پنڊي مان ڪاريهر نانگن جيان نڪري سندس ڪلهن تي وکري ويا آهن. چمڙي به سفيد سنگ مرمرجھڙي اٿس.وات جھڙووينڊو.چپ گلاب جون پنکڙيون.نڪ آمي ڦار.پنبڻيون تاڻيل تلوارون. جاڙا ڀرون ،اکيون وڏيون۽ ڪاريون ۽ ننڊاکيون ڄڻ منجھن مڌ جا مٽ اوتيل آهن.ائين معلوم ٿي رهيو آهي ڄڻ قدرت انهن کي هاڻي تازو تيار ڪري هن جي جسم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.هن جو اڪيلي سر منهن به مڪمل حسن جو هڪ خوبصورت اظهار آهي. اها آهي ماهتاب لاڙڪاڻي جي ڊونا(Donna ).ڏسو ڪيڏي نه سنجيده آهي.سندس ماکيءَ لار جھڙي مٺڙي منهن تي ڏکن جا پاڇولا آهن.ڀلي ان ڏانهن بار بار نهاريو.ڀلي پيار ۽ نفرت وچان هن ڏانهن گھوريو.ڀلي کيس خوش ڪرڻ ۽ کلائڻ جا جتن ڪريو،پر سندس خوبصورت چپن تي مرڪڻ جي هلڪي جھلڪ به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندي، ڏسڻ ۾ ائين ايندو ڄڻ ته اها هڪ زنده انسان بدران سنگمرمر جي بي جان مورتي آهي، جيڪا چوڏنهين جي چانڊوڪي ۾ گھمي ڦري رهي آهي.
    سائين جان بل!ماهتاب جو منهن مختلف شين جو مجموعو آهي.ان کي اوهان سونهن جا بيشمار روپ چئي سگھو ٿا.اوهان اهي بيشمار قسم ڏسي ڳڻي ٿڪجي پوندا.اوهان جيڪڏهن ان جي جسم ڏانهن نظر ڪندا ته اتي اوهان کي گھڻ رنگيون انڊلٺيون ڏسڻ ۾ اينديون.سائين جان بل!مان سمجھان ٿو ته ڪا شئي اوهان جي نڙيءَ ۾ اٽڪي بيهي رهي آهي. اوهان ڪا شئي چوڻ چاهيو ٿا، پر ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ڪونه ٿا سگھو. توهان شايد اهو چوڻ چاهيو ٿا، ته ماهتاب عاج جو سفيد منارو آهي.جنهن کي مٿان چوڏنهين جي چنڊ جو چورو ٻرڪيو ويو آهي. ڳچي به هرڻيءَ جهڙي سهڻي. مان اهي لفظ تشبيھ طور چيا آهن.پر اها ماهتاب جي حسن جي توهين آهي.ان کان سواءِ سونهن جي سڪايل اوهان جي نظر،سرڪندي ترڪندي وڃي ماهتاب جي ڪلهن وٽ ٽڪ ٻڌي بيهي وڃي ٿي.ان وقت توهان جي دل مان دانهن نڪري وڃي ٿي، ته ڇا ته سندس سِر جي سونهن آهي؟ ڇا ته سندس ڌڙ جو حسن آهي!؟..اوهان اتي جو اتي بيهي رهو،جان بل!ڪٿي اوهان جون نظرون محبت ڪرڻ جي صفا غلطي نه ڪري وجھن. هن ٽوليءَ جي ڊگھي چوليءَ پاتل ۽ نيٽ جي چهي جھڙي سنهڙي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ دين ايمان گنوائي ويهندوء. هن کي ننڍڙو عورتاڻو خوبصورت ڪوٽ پاتل آهي. هاڻي اوهان جي ته مون تي اک به ڪانه ٿي ٻڏي. منهنجي چوڻ تي اوهان جو ڪن به ڪونه ٿو لڏي. توهان هن منظر ۾ صفا گم ٿي چڪا آهيو. آخر ته اوهان کي وطن ڏانهن به ورڻو آهي. مان ته اهو سوچي ڏڪي ويو آهيان،ته خوبصورتي جي نقطئه نظر کان هيءَ طرحدار ۽ شوخ ڇوڪري آهي. ٿڌي ساه کڻڻ کانسواءِ ڪجھ ڪري به نه ٿو سگھجي.اسان هاڻي ناچ شروع ڪرڻ لاءِ اشارو ڏينداسون. سڀ ڳائڻيون تنبوءَ جي پاسي سان وڇايل گلم تي ويهي رهن ٿيون.جن سان گڏ هڪ بين وارو،هڪ گٽاروارو ۽ ڌڪڙن وارو آهي،جيڪي پنهنجين مقرر جاين تي ويهي رهن ٿا. وڄائيندڙن آڏو ماهتاب ۽ سندس ڀينرون ويٺل آهن.جيڪي ڏاڍيون خوش نظر اچي رهيون آهن.پر ماهتاب جي منهن تي ڪنهن به قسم جي خوشي نظر ڪونه ٿي اچي.ان جو سارو جسم سون سان جھنجھيل آهي.هنن سڀني عورتن کي اطلس ۽ ڪيمخواب جا وڳا پاتل آهن. سندن هار سينگار به انتها جو آهي.جتيون به اهڙيون پاتل اٿن ، جن تي بيهڻ به مشڪل پيو لڳي.شلوارون سوڙهيون ۽ مُرن ۾ ڦاٿل آهن. لانگون ڪڏهن به سرڪي ڪونه ٿيون سگھن. سندن نرڙ تي پٽي ٻڌل آهي.تنهنڪري هنن جي شڪل صورت ۾ ڪجھ تبديلي اچي وئي آهي.اچرج جھڙي ڳالھ آهي، ته هنن ڳائڻين جي ٽولي سان گڏ تلوارون، خنجر ۽ ڍالون به آهن.هنن کان اڃا به وڌيڪ خطرناڪ صراحيون ۽ پيالا آهن. صراحين ۾ شايد پاڻي آهي، جنهن ۾ ٿورو شراب ملايو ويو آهي.
    ناچ شروع ٿيڻ وارو آهي. ماهتاب ويٺل ماڻهن کي گھوري ڏسي رهي آهي. نچندي سندس هر عضوو ٿڙڪي ۽ ڦڙڪي رهيو آهي.سندس اهڙي تيز ۽ تڪڙي چر پر ۾هڪ طوفان موجود آهي.يورپ جي ناچ ۾ اهڙي ڪلا ڪونه ڏسڻ ۾ ايندي. هتي ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن،جن جو وس پڄي ته جيڪر ناچڻين جا مٿا ڪوڙي کين رتورت ڪري ڇڏين ۽ اهڙين ٻوسٽ ۽ گھُٽ وارين ڪوٺين ۾ واڙي ڇڏين جن ۾ در ۽ دريون به نه هجن.
    ماهتاب ڄڻ هوا ۾ترندي ۽ تڙڦندي اڳتي وڌندي رهي آهي. سندس ان تيز چرپر ۾ ڪو آواز ئي ڪونه هيو،ڄڻ مور جو کنڀ هوا ۾ ڦڙڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي. هن جي اڇين ٻانهن تي ڏسبو ته انهن تي ڄڻ ماٺار ڇانيل آهي،ڄڻ صبح جي ٿڌڙي هير تي زعفران جا نرمل ۽ نازڪ لڱ ٿڙڪي رهيا هجن.هن جي ٻانهن جي ٿڙڪڻ جو ته ڪو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. مٿس هڪ قسم جي بي خودي طاري آهي.کيس اهڙو ڪو احساس ئي ڪونه آهي ،ته هوءَ اوهان جي مٿان اچي بيٺي آهي.پوءِ هڪ غير محسوس انداز۾ڦڙڪندي ۽ ٿڙڪندي هلي ٿي.ڄڻ ڪو مکڻ مان زعفران جو ونگ کسڪائي ڪڍي رهيو آهي.سندس هن ڦيري کي گول چڪر به چئي ڪونه ٿو سگھجي.ا هو ته ڄڻ ٽئگليونيTaglioni) ) وارو ڦيرو آهي.هوءَ هاڻي نچندي پوئتي هٽندي پئي وڃي۽ ناچ جي ڪنهن اٿاه سمنڊ ۾ ٻڏندي پئي وڃي. هوءَ هڪ جاءِ تي بيهي آهستي آهستي ائين نچي رهي آهي ڄڻ ته بيٺي آهي۽ هوءَ ميڻ جي اڇي گڏي وري ساڳي طريقي سان نچڻ شروع ڪري ٿي.سندس هر عضوي جي لونءَ لونءَ ۾ ڄڻ ساه ڀريل آهي.“
    رچرڊ ايف برٽن ،ماهتاب جي پروقار حسن ۽ ناچ جي تعريف ته گھڻي ڪئي آهي ،پر اسان جو زير بحث موضوع سنڌي ناٽڪ آهي،ان ڪري ”رچرڊ ايف برٽن“ جي راءِ يا تبصري جي شروعاتي انگريزي جملن کي،اوهان جي خدمت ۾پيش ڪري، پوءِ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي ٿي:
    “Now far the ballet or melodrama, the favorite piece of the evening. The Nach girls all equip themselves in manly and martial dresses, all except the“Donna”.whom dignity forbids”
    هتي ”برٽن“ بئليٽ يا ميلو ڊرامه جي ڳالھ ڪري ٿو.جيڪا سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب جي ترجمي ۾ ”بئليٽ نموني جو ناچ“ ڄاڻايل آهي.سائين تمام لائق فائق مترجم آهي.ان جو ترجمو غلط ناهي. بئليٽ بنيادي طور تي ناچ جو قسم آهي،پر جڏهن ان ۾ ڊرامائي عنصر شامل ٿي ويو،ته ان کي ”بئلٽ ڊرامه“ سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته منهنجو ٿورو ٿڪو تعلق ڊرامي سان رهيو آهي،ان ڪري مان ٿورو گھرائي سان ڏسڻ چاهيان ٿو،ته آخر ”رچرڊ ايف برٽن“ ، لاڙڪاڻي ۾ ڪهڙي قسم جو ڊرامو ڏٺوهو،جنهن کي هو ”بئليٽ يا ميلو ڊرامه “ سڏي پيو ؟
    اچو ته هاڻي عطا محمد ڀنڀري صاحب جي خوبصورت ترجمي کي اڳتي وڌايون ۽ ”برٽن“ جي ڪيل تنقيد مان ڪي نتيجا اخذ ڪيون:
    ”ڏيکاريو ويندڙ هي بئلٽ مزاحيه آهي،جنهن ۾ هڪ خوبصورت عورت کي اهڙي ڪراڙي جھور مرد سان پرڻايو ويو آهي،جيڪو هلڻ ۾ هلاڪ آهي.ان عورت جو هڪ نوجوان عاشق آهي. هن بئليٽ ۾ ڪي منظر غير معياري آهن.هن قسم جي منظرن جو مشرق جي گھرو زندگي سان ڪو تعلق ڪونه آهي.اهڙي ريت هر ڪردار کي وڌاءُ ڪري ڏيکاريو ويو آهي. ٿي سگھي ٿو ته اهڙو پلاٽ ڄاڻي ٻجھي آندو ويو هجي يا ٿي سگھي ٿو ته صراحي واري شراب اهو رنگ لاتو هجي. ڇاڪاڻ ته مشرق ۾ ڪراڙو مڙس ايترو چيڙاڪ ۽ تيسارو ڪونه هوندو آهي. جنهن جي ڪاوڙ سدائين ڪنڊي تي چڙهيل هجي.نه وري نوجوان سدائين سر تان تتو ويٺو هوندو آهي ۽ پنهنجي محبوب تان قربان ڪرڻ لاءِ سر تريءَ تي کنيو گھمندو وتندو آهي.نه وري هتان جون خوبصورت ۽ نازڪ نفيس عورتون ايتريون عاشق مزاج آهن جو کلئي ميدان ۾ عشق ڪنديون وتنديون آهن. شاعري ۽ ٻيون ڳالھيون به سنڌي ٻوليءَ ۾آهن. ٻي ڳالھ ته ان سهڻي عورت جو حقيقي ڪراڙو مڙس تلوار جا ويھ گھاءَ کائي هيٺ ڪري پوي ٿو.،پر اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندڙنوجوان ان هيٺ ڪريل جھونڙي جي قيمتي تلوار.خنجر ۽ نئون پٽڪو کنيون هليو وڃي ٿو. سندس منهن مان نفرت جھلڪي رهي آهي ۽ زمين تي پکڙيل مذڪوره شيون وڏي آڪڙ ۽ گھمنڊ سان ائين کڻندي ڏيکاريو ويوآهي ڄڻ اُهي سندس پنهنجيون هجن. پروڌيڪ افسوس جي ڳالھ اها آهي ته هتان جو فن ايترو ڪري پيو،جو جڏهن پڪواز جو آواز ويهجي ويو ته مالڪ ان کي ٺيڪ ڪري ڪونه سگھيا هيا.پر اسان جا ٻه افغان نوڪر اٿيا ،جن وڃي پڪواز جي سر آواز کي ٺيڪ ڪيو هيو.ساڳي ريت جڏهن ماهتاب جي خوبصورت ۽ ننڍي ڀيڻ نورجھان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ته بين جو آواز نهايت تيز هيو،جڏهن ته سندس ڪردار هڪ الڳ تاثر ڏئي رهيو هيو. اها غلطي اسان جي هئي جو اسان کين شراب آڻڻ جي اجازت ڏني هئي.“
    سنڌي ڊرامي جي پهرين نقاد ”رچرڊ ايف برٽن“، جي هيءَ راءِ يا تنقيد اسان کي گھڻو ڪجھ ٻڌائي ٿي .جنهن سان سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان ڪي گم ٿيل ڪڙيون ملن ٿيون .مثلن جڏهن ”رچرڊ ايف برٽن“ اهو ڊرامو لاڙڪاڻي ۾ ڏسي ٿو، ته اهو دور1876 جو آهي. وڏي ڳالھ ته ڊرامي جي حوالي سان جڏهن اهو ٻڌائي ٿو ته شاعري ۽ ٻيون ڳالھيون به سنڌيءَ ۾ آهن .ته پوءِ ان مان ثابت ٿئي ٿو ته نج سنڌي ڊرامو1876کان اڳ ۾به رائج هيو ۽ جنهن کي ماڻهو وڏي ذوق شوق سان ڏسندا هيا. ان ڊرامي کي لاڙڪاڻي جا سهڻا سيبتا ۽ من موهڻا ڪلاڪار پيش ڪندا هيا.ان ڪري سنڌي ڊرامي جي شروعات 1879 يا 1880 کان ڪرڻ بي انصافي آهي.البته ان ناٽڪ يا ڊرامي کي ان دور ۾ ڇا سڏيو ويندو هيو،اهو هڪ اهم سوال آهي؟ ”برٽن“ ته ان ڊرامي کي ، پنهنجي ثقافتي منظر جي تحت بئليٽ يا ميلو ڊرامه سڏي ٿو. پهريائين ته اهو ڏسون ته بئليٽ يا ميلو ڊرامه چئجي ڇاکي ٿو؟
    ميلو ڊرامه (Melo- drama)
    ميلو ڊرامه جي حوالي سان جيڪي به وصفون مليون آهن ،انهن مان هڪ وصف اها به آهي ته:
    ”ميلو ڊرامه هڪ اهڙو ڊرامو آهي جنهن جو پلاٽ مبالغي آرائي تي ٻڌل هجي،ته جيئن انسان جذبن کي گھڻو اڀاري سگھجي.عمومن هن ڊرامي جا ڪردارٻولي، ورتاءَ يا واقعن جي لحاظ سان عام رواجي هوندا آهن. يورپ ۾ هن قسم جوميلو ڊرامه 18 يا 19 صديءَ موسيقي ۽راڳن جي آڌار تي پيش ڪيو ويندو هيو.
    بئلٽ ڊرامه:
    بنيادي طور تي ناچ جو هڪ قسم آهي. پر سترهين صديءَ ۾ ان کي ناٽڪي ڍنگ سان پيش ڪيو ويو،جنهن ڪري ان هڪ پنهنجي الڳ صورت ورتي ، جيڪا اوپيرا جي گھڻو ويجھو ٿي وئي.
    اوپيرا:
    اوپيرا بنيادي طور تي هڪ سنگيت ناٽڪ آهي.ان جي جي هڪ وصف سٺي انداز ڊاڪٽرغلام رسول بلوچ به بيان ڪئي آهي،جيڪا هتي پيش ڪجي ٿي:
    ” هي ڊرامي جو اهو قسم آهي،جنهن ۾ مڪالمن کي نثر جي بدران نظم ۾ جوڙي سربسته سرن سان ڳائڻ ۽ سازن سان رقص ۽ موسيقي جي ذريعي اسٽيج تي پيش ڪيو ويندوآهي.“
    پهريائين اچو ته ماهتاب جي رچيل بئلٽ ياميلو ڊرامه تي رچرڊ ايف برٽن جي ڪيل تنقيد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيون. رچرڊ برٽن جي اها تنقيد ته ”هن ڊرامي ۾ هر ڪردار وڌائي ڪري ڏيکاريو ويو آهي يا مشرق ۾ ڪراڙو مڙس ايترو چيڙاڪ تيسارو ڪونه هوندو آهي،جنهن جي ڪاوڙ سدائين ڪنڊي تي چڙهيل هجي.
    مان سمجھان ٿو ائين ناهي.مشرق ۾ جيترو ڪراڙو مڙس چيڙاڪ، تيسارو، ريسارو ، سِڪڻو ۽ شڪي هوندو آهي، مغرب ۾ ان جو مثال ورلي ملندو.خاص ڪري سنڌ ۾ ۽ خصوصن لاڙڪاڻي ۾.پنهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته ڪراڙو مڙس يا جھونوعاشق، نوجوان زال يا معشوقه جي پٺيان ائين هر وقت ڍِڪندو آهي، جيئن تازي ڄاول ڦر مٿان سوئا ڳئون ڍڪندي هجي. . لڳي ٿو ته هن بئلٽ ڊرامي جي رچنا ڪار ”ماهتاب“ پاڻ هئي؛ تڏهن ته هن ان ڊرامي ۾ ڄڻ پنهنجي درد ڪٿا بيان ڪئي اٿس.ماهتابي حسن تي سڄي سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جا جھونا ۽ آڙيڪاپ عاشق، بگھڙن جي ولر جيان ڪٺا ٿيا هوندا ،جن نازڪ اندام ۽ نازنين ماهتاب کي يڇيون ڏئي، پريشان ڪري ڇڏيو هوندو.ان ڪري ”ماهتاب“ جي جيڪا نفسياتي ڪيفيت رچرڊ ايف برٽن ٻڌائي آهي، ان ۾ اها شوخي يا الهڙپن ڪونهي، پر متانت، بردباري ۽ سنجيدگي آهي. هونئن به ڪراڙپ جو عشق نهايت ئي اذيتناڪ آهي. جواني جو عشق ته ٻٻر جي سڪل بنڊ کي باه مثل آهي، جيڪو جلدي ٻري ختم ٿي ويندو آهي. پرٻڍاپڻي جو عشق ائين آهي،جيئن لَئي جي آلي لاه کي باه لڳي ، رڳو پيو دُکندو ۽ دونهان ڏيندو، جيستائين محبوبه يا معشوقه جو نورنه وڃائيندو، تيسين بس نه ڪندو. ”رچرڊ ايف برٽن“ جي باقي تنقيدون پنهنجي جاءِ تي گھڻي قدر درست آهن. پر بئلٽ ، ميلو ڊرامه يا اوپيرا جي وصف ته ان نقطه نظر کي تقويت ڏئي ٿي، ته انهن ڊرامن ۾ مبالغي آرائي جي اشد ضرورت هوندي آهي،ته جيئن جذبات کي اڀاري ڪئٿارسس کي پيدا ڪري سگھجي. تنهنڪري ان ڊرامي ۾ ٿيل مبالغي آرائي کي نظرانداز ڪري سگھجي ٿو .پر ان ۾ جيڪا بي جوڙ عاشقي واري حقيقت پسندي موجود آهي،اها ساراه جوڳي آهي.ڇوته اهاانساني فطرت آهي،ته سَنَ مان ساءُايندوآهي. هاڻي اچو اصلي ڳالھ تي، ته ڇا انگريزن جي اچڻ کان اڳ يا پوءِ سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪو ناٽڪ رائج هيو، جيڪو بئلٽ يا ميلو ڊرامه يا اوپيرا جي ويجھو هجي؟
    ان حوالي سان شيخ ايازجي سنگيت ناٽڪ ” ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“، تي رشيد احمد ڀٽي جو مهاڳ، اسان کي ڪجھ ڏس پتوضرور ڏئي ٿو، تنهنڪري اچو ته ان ۾ جھاتي پائي ڏسون:
    ”سنڌيءَ جي آڳاٽي ادب ۾ اسان کي سنگيت يا نرتيه ناٽڪ ته ڪونه ٿو ملي،پر انهن سان ملندڙ جلندڙ ڪيئي منظوم شيون ملن ٿيون.جن ۾ ڪم و بيش اُهي ئي موضوع ملن ٿا.جي ڪي قدر يوناني اوپيرا ۽ هندي سنگيت ناٽڪ ۾ ملن ٿا. اهي آهن منظوم داستان يا وير گاٿا ڪال جا منظوم قصا يعني پنهنجي سورمين ۽ سورمن جا منظوم قصا. سنڌ جون تاريخي جنگيون ۽انهن جا جوڌا،انهن منظوم داستانن جو موضوع آهن.انهن لوڪ ادب جي شعرن جي ساخت اهڙي آهي.جو انهن کي ڀڃي ،ڊائلاگ يا گفتا ڪري،آسانيءَ سان ڊرامائي تشڪيل ڏئي سگھجي ٿي. ٻي هڪ سنڌي صنف اوپيرا کي ويجھي آهي،سا آهي،سانگ. هيئت جي لحاظ کان اها اوپيرا جھڙو آهي. پر مواد جي لحاظ کان فرق آهي.اوپيرا ۾ موضوع گھڻو ڪري الميه هوندو آهي .پر سانگ ۾ اهو طربيه هوندو آهي. ان فرق سان ”سانگ“ کي سنڌيءَ جي اوپيرا جي اوائلي صورت چئي سگھجي ٿو“
    اهڙي مستند شاهدي،سنڌي ٻولي جو مستند محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به پنهنجي ڪتاب ”مناظرا“ جي مقدمي ۾ ڏي ٿو:
    ”سانگ سنڌ جو ڊرامو آهي.جنهن جي شروعات آڳاٽي وقت کان ٿي.مڱڻهار،ڀٽ،شيدي ۽ ٻياخاص حرفتي ۽ هنرمند گروه شادين ۽ محفلن جي موقعي تي سانگ وجھندا هيا،جنهن ۾مختلف ڪردارن جا روپ اختيار ڪري،واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا هئا.هنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾سانگ وجھنديون هيون.“
    اسان کي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي واليوم ستون (اپريل 2012 )۾ به ڪجھ رهنمائي ملي ٿي:
    ”سانگ:ناچ جو هڪ قسم آهي.سنڌي لوڪ ناچ جي سانگ ۾ کل ڀوڳ ۽ ڳيچ ڳايا ويندا آهن.هي ناچ شادين مرادين ۾ ڳائڻ وڄائڻ وقت ڪيو ويندو آهي.قديم وقت کان وٺي ڳوٺن راڄن ۾ مڱڻهار ڳائڻ وڄائڻ سان گڏ سانگ وجھندا هيا.جنهن ۾ عورتون توڙي مرد ڪو مزاحيه روپ ڌاري هٿن پيرن جي اشاري سان ڊولائتيون وکون کڻندي تمثيل پيش ڪندا آهن.مثال طور:هڪڙو ناچو مهري مٿي تي رکي،ان مٿان پاڻيءَ جو ڀريل گھڙو رکي گھنگھرن وارو ڏونڪوهٿ ۾کڻي پيرن ۾ ڇير ٻڌي نچڻ شروع ڪندو۽ هيءَ ٻول چوندو:
    پاڻيئڙي تي ٿي وڃان مٺڙا، پاڻيئڙي تي ٿي وڃان
    هن کوهر جو کارو پاڻي، مٺي تي ٿي وڃان،
    سينهي ناهي مٿي تي، گھڙو گھڙي تي ڀڃان
    سانگ ۾ ڪيترائي قسم هوندا آهن.جن ۾ عورتون عورتاڻن ڪمن ڪارن جا نقل پيش ڪنديون آهن ۽ مرداڻن مامرن تي سانگ وجھندا آهن. مثال طور هڪڙو ڇوڪرو اٿي چوندو”ماما، چاچا مونکي پرڻاءِ“،جواب ۾ ٻيو چوندو”زال پوڙهي آهي ڏند به ڪونه اٿس“وغيره
    ڇوڪرو چوندو”ماما مڱيو آهيان،چاچا تڳيو آهيان
    سرمي سينگار کان ڇٽو آهيان
    ابا ،زال پوڙهي آهي
    ڏندڻ مساڳ کان ڇٽو آهيان“
    ائين سانگ ۾ معاشري جي عيبن جي عڪاسي ٿيل هوندي آهي.سانگ ،غم ،خوشي ۽ مزاح جي ترجماني ڪن ٿا. عورتون سانگ ’جھيڙي‘ کي به چون ،جيڪڏهن هڪ عورت ٻيءَسان لاڳيتو جھيڙو ڪندي ته چيو ويندو، ته فلاڻي سانگ وڌو آهي يا سانگ ڪيو آهي.
    سانگ کي سنڌي اوپيرا يا منظوم ڊرامي جي اوائلي صورت چئي سگھجي ٿو. هن ۾ مختلف ڪردار تاثرائتي ادائگي جي صورت ۾ ماڻهن لاءِ تفريح جو سامان موجود ڪندا آهن .سانگ گھڻو ڪري مذهبي ڏڻن ،شادين مرادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي وڌا ويندا آهن. سانگ سنڌي اوئلي معاشري ۾ تفريح جو اهم ذريعو هيو.سانگ هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي .جنهن جي معني مسخري ڪرڻ ،راند ڪرڻ ،کل ڀوڳ ڪرڻ آهي.“
    پوءِ ڀلا ڇو نه ،مٿين حوالي سان هندي ٻوليءَ جي لفظ ”سانگ“ کي به سمجھجي. ان حوالي سان جيڪڏهن هندي ٻوليءَ ۾سانگ جي بڻ بڻياد کي ڳولينداسين ته خبر پوندي، ته هندي يا پراڪرت ۾”سانگ“ لفظ ”سوانگ“ مان نڪتل آهي.جنهن جي معني آهي:بهروپ ڌارنا،کيل تماشا ڪرنا وغيره . اهڙي طرح هندي، پراڪرت يا اردو ۾ ان لفظ جون جيڪي ڏنل معنائون آهن،سي مختصرن هيٺين ريت آهن:
    ”نقل، اداڪاري،بهروپ،تماشه،کيل، ٺٺه، مذاق،،شعبده بازي ،ڪرتب وغيره.“
    اهڙي طرح سانگ جي حوالي سان جيڪي عمومي اصطلاح ملن ٿا ،سي به ڪجھ هن ريت آهن:
    سانگ بنانا، سانگ ڀرنا، سانگ دکانا ، سانگ ڪرنا، سانگ لانا، سانگ مچانا،روپ ڀرنا، نقل ڪرنا،اداڪاري ڪرنا ،مسخري ڪرنا وغيره.
    اهڙي طرح هنديءَ يا پراڪرت ۾ به جيڪا ڪلاسيڪل شاعري موجود آهي ،ان به مان پتو پوي ٿو ته سانگ لفظ ناٽڪ يا کيل تماشي طورتي استعمال ٿيندو رهيو آهي:
    مثلن ڀڳت ڪبير جو هي شعرته،
    ڪٿا هوئي تنھ سروتا سووين
    وڪتا مونڊ پچايا ري
    هوئي جهان ڪوئي ”سانگ“ تماشه
    تنيڪ، نه نيند ستايا ري
    17 صديءَ جي هڪ هندي شاعر ”سبل سنگھ چوهاڻ“ جي هڪ شعر ۾ ”سوانگ“ جو ذڪر آهي:
    ڪَهُونرتيه ڪاري ،نچي گاوي
    ڪَهُو ناٽڪي ”سوانگ “دکائي
    اهڙي طرح هندي،پراڪرت يا اردو ۾ ”سانگي“ يا ”سوانگي“ لفظ جي معني اها بيهي ٿي ته : سانگ ڀرڻ وارو، ڀانڊ ،نقال وغيره.
    پنجابي اردو لغت مرتب و مولف تنوير بخاري ڇپائيندڙ اردو سائنس بورڊ ۾ به ”سانگ“ لفظ جي معني ڪجھ هن ريت آهي:
    نيزه، ڀالا،آنڪس،سوانگ، بهروپ،ناٽڪ، نقل آواز، هجر، فراق وغيره.
    ”سانگي“ لفظ جي معني وري هيٺين ريت ڄاڻايل آهي:
    سوانگي،نقال،نقليا،بهروپيا،ايڪٽر وغيره.
    سرائڪي۾به ”سانگ“ لفظ جي معني جھڙوڪر ساڳي آهي،يعني روپ ٻهروپ،کيل تماشو وغيره.مثلن خواجه فريد جي هيٺين ڪافي جي هن بند ۾” سانگ“ لفظ جو استعمال ڏسو:
    تتي ٿي جوڳڻ چوڌار ڦران
    هند سنڌ پنجاب تي ماڙ ڦران
    سڃ بارتي شهر، بازار ڦران
    متان يار ملم ،ڪنهن ”سانگ“ سبب
    اچو ته هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ ”سانگ “ لفظ جي معنائن کي تفصيل سان جاچيون۽ پنهنجي ڪا راءِ قائم ڪيون:
    سانگ1:
    هٿيارجوقسم ڀالو،بڻڇي،نيزو،ترار،ڪٽاري،نيمچو،ڏڦو،هلڪوڀالو،ڪان،چمٽو،سڻچ،ترشول،ڪنڍو،چوڪو،کُسُ، ٻسانگ،بيل، ٻيانو وغيره .
    سانگ2:
    نقل،راسليلا،ناچ،تماشو،کيل،ناٽڪ،کيڏ،بازي،،اٽڪل،جوا،روءنشو،راند،،وندر،نماءُ،لقاءَ،ڏيک،ڏيک ويک،نظارو،ٺاهٺوه،ڀڀڪو،ڏيکاءُ،اڊمبر،ٻهرروپي،ويسڌاري،ڍونگ،مکر،حرفت کل ڀوڳ،چرچو، وغيره.
    اهڙي طرح سنڌي محاوره جيئن سانگ بنائڻ،سانگ رچائڻ،سانگ ڪرڻ،سانگ مچائڻ جي معني مسخري وجھڻ،کيل ڪرڻ،تماشو ڪرڻ،ڍونگ رچائڻ وغيره به ڏنل آهي.اهڙي طرح ’سانگي‘لفظ جون معنائون سانگ وارا، مارو ماڻهو،لاڏائو،گھمندڙ،سيلاني،رمتا،خانه بدوش،رولو،ساٿي،سنگتي، اتفاق سان ايندڙ،مسافر،پرديسي،ٻهروپي وغيره به آهن .
    ”سانگي“ ذات جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي سدابهار ڪهاڻيڪار ”جمال ابڙي“ صاحب پنهنجي آتم ڪٿا، ”ڏسي ڏوه اکين سين“۾ لکي ٿو ته، ”سانگين لاءِعام چوڻي مشهور آهي، ته سانگ پائي سانگي ٿيا. سانگ چئبو آهي ٽِڪساٽ ۽ لِڪَ کي. ابڙا به ائين سانگي ٿيا.جيئن ماموئين جا ست بيت تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ تاريخي واقعن تي روشني وجھن ٿا.تيئن ڪجھ ٻيون چوڻيون به مشهور آهن. مثلن:
    سنڌ سمو ، ڪاڇي چنو ، ڀٽي جيسلمير،
    چوٿون هو چغدو،جنهن جو پلنگ مٿان پير
    ٻي هڪڙي تاريخي حقيقت آهي.ان جو به ذڪر ضروري آهي. چنا به هڪ تمام زورآور ۽ مشهور قوم هئي.جيئن مٿين بيت ۾ صاف ظاهر آهي،ته سنڌ سمو ڪاڇي چنو،ڀٽي جيسلمير.معني ته سموري ڪاڇي علائقي تي چنا قوم جو تسلط هو ۽ پهاڙي علائقي جي رهاڪو هئڻ ڪري جانٺا ۽ جنگجو هئا.ان لاءِ به تاريخي ڪهاوت آهي ته ”چنا چوکي ذات ،سانگ پائي سانگي ٿيا“.اها ٻي ڳالھ آهي ته زماني ۽ تاريخي حوادث جي مجبورين کان هنن چمڙي جو واپار شروع ڪيو.مالدار ته اڳيئي هئا ۽ پوءِ موچي سڏجڻ ۾ آيا“
    پنهنجن صاحبِ علم دوستن عبدالوهاب سهتي ۽ عنايت ميمڻ سان نجي ڪچهري ڪندي به اها خبر پئي ،ته سانگ لفظ جو سنڌي پهاڪي ۾ به چڱو خاصو استعمال ٿيل آهي، مثلن:
    1 چنا چؤکي ذات،”سانگ“ پائي ”سانگي“ ٿيا.
    2 ملان کي ٻه ”سانگ“؛ ڏئي ٻهارو يا ڏئي ٻانگ
    3 ملان کي هڪ سانگ؛ جاڏي ٻارهو تاڏي ٻانگ
    4 هڪ سيهو؛ ٻه سانگ وغيره.
    پر حقيقت اها آهي ته اسان جي سنڌي شاعري ۾ به ”سانگ“ جو ذڪر تمام گھڻو موجود آهي. شاه سائين جي رسالي۾ اهو لفظ سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي دفعا مختلف معنائن ۾ ڪم آيل آهي. ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا :
    جڏهن ڪر جاني، سڄڻ ”سانگ“ سڌاريا
    راتيان راحت ناه ڪو، ڏينهان حيراني
    آءُ پنهنجي پرينءَ تان، ڪوڙين قرباني
    رضا رباني، نات ڪيم وس وصال کي.
    (بروو سنڌي)
    ڏيا تيل ڦليل جا،ٻاريم تائين ٻانگ
    ڍولو ڍٽ رهايو، ڪنهن سٽاڻي ”سانگ“
    چانگي چڙهي آءُ تون لال ورائي لانگ
    ڪوڙين ڀتين ڪانگ،اڏايام اچيج تون.
    سچل سائين به ان لفظ کي ”سر مارئي“ ۾ هن نموني استعمال ڪيو آهي:
    پنهوارن پيغام،جيڪر مڪا تڏهين
    پر مون کان اڄ پري ٿيا ، ويڙهيچا وريام
    تيلهان مونڏي نه آيا،ڏنهن سنگھارن سلام
    هئا ملير مدام،پر ڪو سانگن اچي سانگ پيو.
    امين محمد جي ڪافيءَ جون هي سٽون به معني خيز آهن :
    سڄڻن جا ساريا ”سانگ“ ،آءُ ويٺي روز رڙان پئي الا
    مارن جا ساريا ”سانگ“............................
    جيوڻي ٻائي جي هڪ مشهور ڪلام جون سٽون قابلِ غورآهن
    ”سانگ“ ڪري، ”سانگين“، ڪئي پرديس تي تياري.
    ”سانگ“ لفظ جو ته هونئن ته وسيع معنائن ۾سنڌي شاعري ۾ استعمال ٿيل آهي.پر جيوڻي ٻائي جي ڪلام ۾ ”سانگ“ لفظ جو مطلب چٽوپٽو ”تماشو،کيل،نماءِ، لقاءُ“ بيهي ٿو ۽ ”سانگين“ لفظ جي معني بيهي ٿي: کيل، تماشو ڪرڻ وارا، جيڪي هڪ هنڌ پنهنجو کيل، تماشو ڏيکاري وري ٻي جُوءِ ڏانهن وڃڻ وارا رمتا.
    هاڻي اچئون ٿا ،سانگ ڊرامي تي، ته ڇا ”سانگ“ جي حوالي سان ماضي قريب ۾لاڙڪاڻي ۾ ڪو اهڙو مستند حوالو آهي. جنهن جي بنياد تي چئي سگھجي ته لاڙڪاڻي ۾”سانگ“ ٿيندو هيو.ان بابت آرٽ ڊرامن جي مشهورهدايتڪار ممتاز ابڙي ٻڌايو ته ”ويھ پنجويھ سال اڳ لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج جا مشهور اداڪار يعقوب مڪراني۽ حاجي بهار خاص ڪري هندن جي شادين مرادين تي ’سانگ‘وجھندا هيا. انهيءَ سانگ جو تڪيه ڪلام هوندو هيو ،’اسان جون ته ويهون ئي وڄائي ڇڏيوَ !‘ممتاز ابڙي جو چوڻ آهي، ته يعقوب مڪراني خداداد صلاحيتن جو مالڪ هيو،جيڪو ننڍا ننڍا سانگ يا خاڪا ٺاهي پيش ڪندو هيو.
    ٻيو حوالو ”ڊاڪٽر فيض جوڻيجو“ اصل رهائش تعلقو ڏوڪري،ضلعو لاڙڪاڻي جو آهي. جنهن ٻڌايو ته سندس پڦي ”جنت“ ۽ وڏي ڀيڻ ”عائشه“ به شادين مرادين تي،برادري جي ٻين عورتن سان گڏ ”سانگ“ وجھنديون هيون. جنهن ۾ ڪنهن ڪراڙي مرد عاشق جي اهل ڪندي ۽ ان جي نوجوان ڪنوار”عائشه“ کي لڪندي ۽ بيزاري جو اظهار ڪندي ڏيکاريو ويندو هيو.جنهن کي ”ڇيڏڪ“ به سڏيو ويندو هيو.ان مان اهو ته ثابت ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻهراڙي ۽ شهر ۾”سانگ“ مروج رهيوآهي. اهڙي طرح سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالغني ڪانڌڙي ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ”بازاري ڪانڌڙا،تعلقو نصير آباد،اڳي ضلعولاڙڪاڻو،هاڻي قنبر_شهدادڪوٽ “ اتي ملان صالح نالي هڪ هرفن مولا شخص سانگ رچائيندوهيو. جيڪي هن ننڍپڻ يعني 1963 ۽1964 ۾ ڏٺا. خيرپور ميرس جي هڪ دوست عاشق علي ٻڌايو، ته ويھ پنجويھ سال اڳ ڪوٽ بنگلي جي ”مائي طوطي“ جيڪا ناچڻي ۽ ڳائڻي به هئي. اها به شادين مرادين ۾ پنهنجي ٽوليءَ سان سانگ وجھندي هئي. جنهن ۾ ڪاردار( ميرن جي دور جو مالياتي کاتي جو بالا آفيسر) جو ڪردار ادا ڪندي هئي. جنهن کي ڪيتريون سريتون ڏيکاريون وينديون هيون. جنهن جي مرڻ کانپوءِ سريتيون پٽيندي سر سان چونديون هيون،”پٽيو ڙي پيڪ جھديون، جو ڪاردار مئو!“
    ممتاز ابڙي چواڻي ته هاڻي ”سانگ“ لاڙڪاڻي شهر مان ختم ٿي چڪو آهي. البت ڊاڪٽر فيض جوڻيجي جو چوڻ آهي ته ٽي سال اڳ به سندس مائٽن جي شادي ۾ اهڙي قسم جا ”سانگ“ رچايو ويوهيو. ٿي سگھي ٿو ته ”سانگ“ اڃا به سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾،ڪي لوڪ فنڪار رچائيندا هجن. پر ان جي پاڻ کي خبر ڪونهي.جيڪڏهن ڪن دوستن کي خبر آهي ته اهي ان کي رڪارڊ تي ضرور آڻن ۽ ان جي ويڊيو به ڪن ، ته جيئن اسان به دعواي سان چئي سگھون ته ”سانگ“ سنڌ جو به قديمي لوڪ ناٽڪ رهيو آهي. ڇو ته مون ان لوڪ ناٽڪ ”سانگ“ جي حوالي سان جيڪي به بين الاقوامي ليول جي ڪتابن يا جرنلس ۾مضمون يا ليک پڙهيا آهن،ان ۾گجرات،راجسٿان،هريانه ،پنجاب،اترپرديش،مڌيا پرديش (مالوا)جوته ذڪر آهي،پر سنڌ جو ڪونهي. آخر ڇو!؟؟؟............
    تاريخي حوالي سان برصغير ۾ ناٽڪ ڪڏهن کان مروج آهي، اچو ته انهيءَ تي تاريخي پس منظر ۾هڪ طائرانه نظر وجھي، پوءِ تجزيو ڪري ڪو نتيجو ڪڍئون.
    ناٽڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته رگويد ،سام ويد،يجرويد ۽ اٿرويد ۾ ان جا اهڃاڻ ملن ٿا.انڪري ناٽيه شاستر ۾ برملا اهو چيو ويو آهي،ته هي چئن ويدن جو نچوڙ آهي.جنهن ۾ ڪهاڻي ۽ ڊائلاگ ”رگويد“ واري اسلوب تحت ،موسيقي ”سام ويد“ جي اصولن تحت ، اداڪاري جو فن ”يجر ويد“ تان ۽ رس وارو احساس ”اٿر ويد“ مان ورتل آهن.رگويد ۾ٻڌايل ”اندر ديوتا“ جي سڀا بذاتِ خود ڄڻ رنگ شالا لڳي ٿي. جنهن ۾ فنڪار اچي پنهنجو فن ڏيکارين ٿا.رگويد ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن .جيڪي ڄڻ مختلف ڊرامن جو روپ آهن. چيو وڃي ٿو ته ويدن جي لکت جو دور اندازن چار هزار سال اڳ جو آهي.پر ويدن جي تخليق 1500 کان 1200 ق _م جي چئي وڃي ٿي. رامائڻ ۾ موسيقي ۽ ڊرامي جا ٽيڪنيڪل اصطلاح موجود آهن.مثلن:تال، لئي، نرت،نرتيا،لاسيا،انگھارارس،نٽ نرتيه،گڻيڪ.رامائڻ جي لکت جو دور 400 کان 500 ق_م جي لڳ ڀڳ ڄاڻايل آهي. پررامائڻ جو قصو ان کان پراڻو آهي. مهاڀارت ۾ پتلي ناچ ، پاڇن واري ناچ جو ذڪر آهي.ان ۾ ناٽڪي ٽولن، جيئن”نٽ نرتڪ سنگھ“ ۽ ”وڌو ناٽڪ سنگھ“ ڄاڻايل آهي.ناٽڪ تهوار” اُتسو ساماج“ جو پڻ ذڪر آهي. مهاڀارت جي لکت وارو دور به 500 کان 200 ق_م جو آهي،پر واقعو پراڻو آهي.
    ”پانيني“ جيڪو سنسڪرت جي گرامر ”اشٽ اڌياءَ“ جو خالق هيو .تنهن سنسڪرت جي پراڻن لفظن تي بحث ڪندي ناٽڪ جي ٽيڪنيڪل اصطلاحن کي به پيش ڪيو آهي .جيئن نٽ، نٽيا،نندي،ننديڪار،نٽ سوتر،سمد،سميه(ناٽڪ تهوار جو قسم). پانيني وارو دور به 26 صديون اڳ وارو دور سمجھيو ٿو وڃي .
    تاريخي حوالي سان به اسان کي” ڪوءٽليه“ جي لکيل جڳ مشهور ڪتاب” ارٿ شاستر“ مان ثبوت ملن ٿا. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اندازن 300 قبل مسيح (23 صديون اڳ ) جو لکيل آهي.جنهن جي حصي ٻي ۽ باب ستاويهين ۾ فنڪارن يا ڪلاڪارن جي حوالي سان جيڪي هدايتون ڏنل آهن. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ناٽڪ پنهنجي عروج تي هيو،جنهن کي باقاعده وقت جي حڪومت پنهنجي غرضن ۽ مقصدن لاءِ به ڪتب آڻيندي هئي،ان حوالي سان ”ارٿ شاستر“ جي هيٺين لکيل پئراگراف تي غورڪيو:
    ” نٽين، داسين ۽ وئشيائن کي ڳائڻ،نچڻ،ٻهروپ ڌارڻ،نقل ڪرڻ،لکڻ،چترڪاري،سازوڄائڻ،چهره شناسي،عطر سازي، هار پوئڻ، مالش ڪرڻ۽ ٻين جي دل وٺڻ جا سمورا هنرسيکارڻ وارن استادن کي حڪومت جي طرف کا سٺو وظيفو ملندو. اُهي استاد انهن فنڪارن جي ٻارن کي به سانگ ڪرڻ ۽ ٻين ڪلائن جي تربيت ڏيندا. کيل تماشو ڏيکاريندڙن يا فنڪار عورتن کي جيڪي مختلف ٻولين سان گڏ خفيه ٻوليون به ڄاڻينديون هونديون. انهن کي ۽ انهن جي مٽن مائٽن کي؛ ٻين ملڪن جي جاسوسن کي قتل ڪرائڻ، انهن کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ راجا جي دشمنن جي سراغ لڳائڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو.“
    اڄ به ائين آهي، دنيا ۾ جرمن جاسوسه ”ماتا هري “ جو ان حوالي سان وڏو نانءُ رهيو آهي. هاڻي به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فنڪار يا ثقافتي طائفه يا انهن جا سربراه بنيادي طور تي اهو ڪم ڪندا رهن ٿا. ڇو ته انهن تي شڪ شبهوگھٽ ڪيو ويندو آهي.
    ها، ته ڳالھ پئي هلي،ارٿ شاستر جي، ته ”ڪوءٽليه“ رياست ۾ فنڪارن جو هڪ خاص ڪردار متعين ڪيو آهي. پر ان کان هڪ صدي پوءِ ”ڀرت مني“ جو لکيل ڪتاب ”ناٽيه شاستر“ نهايت اهم آهي.جنهن جا چوٽيھ باب آهن.جيڪو 6000 اشلوڪن تي ٻڌل آهن.جنهن ۾ناٽڪ جي ابتدا کان وٺي ،سندس قِسمن تي بحث ٿيل آهي.اداڪارن جي حوالي سان هدايتون درج آهن.اسٽيج جي حوالي سان معلومات ڏنل آهي.موسيقي ۽ ڊانس تي مڪمل ڄاڻ آهي.ميڪ اپ کانوٺي لباس تائين سمجھاڻيون ڏنل آهن.ناٽڪ نويسي،شاعري کان وٺي هدايتڪاري تائين هدايتون ڏنل آهن. اهو به ٻڌايل آهي ته بنيادي طور تي ناٽڪ اداڪاري، موسيقي ۽ ناچ جو امتزاج آهي. هن ڪتاب کي ٺاهڻ جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي، ته جيئن اتهاس کي ورجائجي، ديوتائن ،خاص ۽ عام ماڻهن کي خوش ڪجي. حقيقت به اها آهي ته بنيادي طور تي ناٽڪ يا ڊرامو اتهاس کي ورجائڻ يا سمجھائڻ سان گڏ تفريح جو سامان به مهيا ڪري ٿو.
    هن ڪتاب ۾ ناٽڪ يا ڊرامي جا ٿلهي ليکي ٻه قسم ٻڌايا ويا آهن.
    لوڪ ڌرمي: هي ناٽڪ حقيقي زندگي کي پيش ڪري سماجي حقيقت نگاري وارن موضوعن کي پيش ڪن ٿا.
    ناٽيه ڌرمي: هن ۾ ڊرامي جا ڪردار فني حوالي سان علامتي انداز ۾؛ ڪنهن به ڌرمي ،نيم ڌرمي، حقيقي زندگي يا غير حقيقي موضوعن کي پيش ڪن ٿا.
    اهڙي طرح هيئت ۽ موضوع جي حوالن سان به ڊرامن جي ورڇ ٿيل آهي.جنهن ۾ ”دشا روپڪ“ يعني ڏھ قسم ڄاڻايل آهن:
    1 . ناٽڪ
    هي ڊرامي جو اهو قسم آهي .جنهن جو هيرو سليم فطرت ۽ گھر گنڀير طبيعت جو ديوتا يا ان جو اَوتار هجي.هن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5 ايڪٽ هجن ۽ وڌ ۾ وڌ 10 ايڪٽ هوندا آهن.
    2 . پراڪرڻ:
    هي ڊرامو ڪنهن وزير يا امير جي قصي کي بيان ڪندو. جنهن ۾ برائي کي شڪست ۽ ڀلائي جي فتح ڏيکاري ويندي آهي. هن ۾ به ايڪٽ 5 کا 10 تائين هوندا آهن .
    3 . سماوڪار
    هي ڊرامو ٽن ايڪٽن تي مشتمل هوندوآهي. موضوع نيم ڌرمي ۽ نيم لوڪي ٿي سگھن ٿا. هن ۾ ٺڳي، سچائي ، محبت ۽نفرت جي جذبن کي پيش ڪيو ويندوآهي.
    4 .اهامرڻگ:
    هي ڊرامو چئن ايڪٽن تي مشتمل هوندوآهي. جنهن ۾ مافوق الفطرت مرد هستين جو ، مافوق الفطرت عورت هستين سان جھيڙي ۽ ويڙهاند واري موضوع کي پيش ڪيو ويندوآهي.
    5.ديم:
    هي ڊرامو به چئن ايڪٽن تي مشتمل هوندوآهي. جنهن ۾ ڪل 16 ڪردار هوندا آهن. خاص ڪري ديوتا، راڪشس،يڪش، رشي، مني وغيره جا ڪردار پيش ڪيا وينداآهن. هن ۾ڪام ڪرڌ،موه ،اهنڪار،گھمنڊ وغيره جھڙن موضوعن کي پيش ڪيو ويندو.
    6 .ووايوگ:
    هي ڊرامو به ايڪانڪي هوندوآهي . هي ڊرامو به گھڻن ڪردارن تي مشتمل هوندو آهي. پر ان ۾ عورتن جو تعداد مردن کان گھٽ هوندوآهي. هيرو جو تعلق شاهي خاندان سان هوندوآهي . هن ۾ هيرو عقلمند ۽ سياڻو ڏيکاريو ويندوآهي. جيڪو پنهنجي عقل ۽ بهادري سان سڀن کي منهن ڏئي وڃي پار پوندوآهي.
    7 .اترڻ استيڪانت:
    هن ڊرامي جي قسم ۾مردن جا ڪردار گھڻا هوندا .هي ڊرامه رزميه قسم جو هوندو . جنهن ۾ عورتن جو روڄ پٽڪو يا اوسارابه هوندا آهن. هي ڊرامو به هڪ ايڪٽ تي مشتمل هوندوآهي.
    8.پرهسن:
    هي مزاحيه قسم جو ڊرامو هوندوآهي. جنهن جا ٻه قسم هوندا آهن. هڪڙو ”شڌ“ جنهن ۾ ديوتا، ديويون، برهمڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل ڪردار ڏيکاريا ويندا آهن، ٻيو ”ملاوتي “ جنهن ۾ درٻاري، هنرمند،هاري ناري ۽ عام ماڻهن جا ڪردار هوندا آهن.
    9 . ڀان
    هي ايڪانڪي ڊرامو هوندوآهي، جنهن ۾ اداڪار کي پنهنجي مشاهدي يا ٻي ڪنهن جي ٻڌايل واقعي کي کڻي خود ڪلاميه انداز۾ بيان ڪرڻوهوندو آهي. جيئن ڀڳت يا مشڪره ڪو قصو کڻي ماڻهن کي وندرائي.
    10 . وٿي
    هي ڊرامو به هڪ يا ٻن ڪردارن تي مشتمل ايڪانڪي ڊرامو هوندو آهي . جنهن ۾ ناچ ،گاني ۽ گفتگو کي ملائي ڪو قصو بيان ڪبو آهي. هن جا 13 قسم ڄاڻايل آهن.(طوالت جي ڪري نظر انداز ڪجن ٿا).
    ان کانسواءِ ”ناٽيه شاستر“ ۾ ٻين ڊرامن جو ذڪر پڻ آهي . جيڪو بقول پروفيسر ”ڀرت ڪوءر“جي ته ” ناٽيه شاستر“ ۾ وقت بوقت ڀرت مني جا شاگرد اضافو ڪندا رهيا آهن. مثلن:
    ناٽڻيڪه
    هي ڊرامو چئن ايڪٽن تي مشتمل هوندوآهي.جنهن ۾عورتن جا ڪردار گھڻا هوندا آهن. هي راڳ، ناچ ۽ گفتگو تي مشتمل ڊرامو هوندوآهي. هن ڊرامي جو موضوع محبت؛ جنهن ۾ حرم جي خوبصورت عورتن، ڌوتين، پيغام رسان وغيره جهڙا ڪردارگھڻا هوندا آهن.
    لاسيا:
    هي ڊرامو به هڪ يا ٻن ڪردارن تي مشتمل هوندو آهي . جنهن ۾ محبوب جي وڇوڙي ،غم ،فراق يا بي وفائي جو ذڪر هوندوآهي .
    ڀرت مني جا سوء پٽ ڄاڻايل آهن.دراصل اهي سندس شاگرد هيا. انهن ۾ ”ڪوهل“ جي حوالي سان به ٻين ڊرامن جو به ذڪر ٿيل آهي.جنهن ۾ آڻڪ، ستڪ، ٽوٽڪه، راسڪ، پنچا، ڀؤسا، ڀسلڪر وغيره به ڄاڻايل آهن.
    ناٽيه شاستر ۾ اسٽيج جي قسمن تي به خاصي معلومات ڏنل آهي.اسٽيج ٿلهي ليکي ٽن قسمن جي ڄاڻائي وئي آهي.1 . چوڪنڊي 2. ٽڪنڊي 3. مستطيل بيضوي (جنهن جا ٻه پاسا پور وڇوٽ ۽ ٻه پاسا گولائيءَ ۾هجن.).جنهن کي انگريزي ۾oblong سڏيو ويندو آهي.هر قسم جا وري ٽي حصا ٻڌايل آهن،يعني ننڍي ،وچولي۽ وڏي. اهڙي طرح اسٽيج جا 9 قسم ڄاڻايل آهن.
    ناٽيه شاستر ۾ ٿيٽرهال يا ناٽڪ گھر لاءِ جيڪي نالا ملن ٿا، انهن جا نالا آهن: نٽيا منڊپ، سمگيت شالا، نٽ مندر، رنگ شالا وغيره. اهڙي طرح اسٽيج جي حوالي سان نالا آهن: رنگ پٽ، رڻگا پٽ، رنگ منڊل، رنگ منچ، رنگ ڀومي، رنگ سرس، رنگ شيش، رنگ پيٺ وغيره. ٿيٽر هال جي سيٽن کي ’ڌرني‘ سڏيو ويو آهي.
    ان کان سواءِ ڊرامي جي حوالي سان به جھڙوڪر سڀ جو سڀ بنيادي اصطلاح موجود آهن:
    ناٽيه (ڊرامو)،پريڪشا(ڊرامو)، ساماج( ڊرامه فيسٽوئل)،پراسنگ (ڪهاڻي)، وستو( ڪهاڻيءَ جو پلاٽ)، سوترا ڌر (هدايتڪار)، پريپر سيوڪ (اسٽنٽ ڊائريڪٽر)، نٽ آچاريه (فنِ اداڪاري جو استاد) ڪوي بنده (ڊرامي جو موسيقار)، نٽ(اداڪار)، ناٽيڪه، نٽنگي (اداڪاره)، اڀينو (اداڪاري)، اڀينيتا (اداڪار)، نائڪ (هيرو)، نائڪه (هيروئن)، ودوشڪ (سائيڊ هيرو)، ناٽيه ڪارڪ (ناٽڪ نويس)، مڪتا ڪارڪ (ڊرامي جو اسٽاف)، اپسرا( نوجوان اداڪاره)، ورڻتي (اداڪاري جو انداز)، انگيڪا، ( بدن جي انگن ذريعي اداڪاري ڪرڻ)، واچيڪا (لفظن جي ذريعي اداڪاري ڪرڻ)، اهه آريا (ميڪ اپ جي ذريعي اداڪاري ڪرڻ)، سات ويڪا ( چپن، اکين، ڀروون وغيره جي ذريعي اظهار ڪرڻ)، پريڪشڪ يا رسيڪ (ڊرامو ڏسندڙ) وغيره وغيره.
    ”ناٽيه شاستر“ جي باب ارڙهين ۾ٻوليءَ جي استعمال جي حوالي سان هندوستان جي انهن علائقن جو به ذڪربه ٿيل آهي. جتي ڊرامه پيش ٿيندا هيا. جنهن ۾” سنڌ “ جو نالو به اچي وڃي ٿو. ”ڀرت مني“ ناٽڪ ڪارن يا ڪلاڪارن کي هدايتون ڏيندي لکي ٿو:
    ”هماليه ،سنڌو ۽ سوءوير علائقن ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا. تن جي ٻولين ۾ ڪلاڪارن کي ’ا‘ جو آواز يا سر، گھڻو استعمال ڪرڻ گھرجي.“ ان کان سواءِ باب نمبر چوڏنهين ۾ به مختلف ٻولين ۽ انهن جي علائقن متعلق جيڪا ورڇ ٿيل آهي، ان ۾ به سنڌ جو ذڪر آهي.پر اها ڳالھ ذهن ۾ رهي ته انهن ناٽڪن ۾ ٻوليءَ جو ڀيد ڀاو به رکيل هيو.اتيڀاشا، ديوتائن جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار ويدڪ سنسڪرت ۾ ڳالهائيندا هيا.آريه ڀاشا، راجا ۽ راڻين جو ڪردار ادا ڪندڙ عام سنسڪرت ڳالهائيندا هيا.جاتي ڀاشا، عام ماڻهن جو ڪردار ادا ڪندڙ پراڪرت يا مختلف علائقن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا هيا.جتينتري ڀاشا، جھنگلي جانورن ۽ پکين جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار پکين ۽ جانورن جي آواز جو نقل ڪندا هيا.
    ان مان ثابت ٿيو ته تاريخي طورتي ناٽڪ ٻه صديون قبل مسيح به سنڌ ۾ باقاعده ٿيندو رهيوآهي. آثار قديمه جي حوالي سان سنڌ ۾ ته وڏو ثبوت مونهين جي دڙي مان لڌل ناچڻي وارو بت آهي. ماهرين جنهن جي قدامت پنج هزار سال پراڻي ٻڌائين ٿا. جنهن جوانداز صرف نچڻ وارو ناهي، پر اهو ساڳئي وقت اداڪاره ۽ ڳائڻي وارو به آهي. لڳي ٿو ته ڄڻ ته ان کي ٽنهي ڪلائن تي عبور حاصل آهي. هن جو انداز ائين آهي ،جيئن اڄڪلھ ڪنهن پر اعتماد فنڪاره جو انٽري وٺڻ کان اڳ يا آخر ۾ هوندو آهي.
    اسان جي مشهور مترجم ۽ محقق محترم عطا محمد ڀنڀري پنهنجي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب INDUS SCRIPT ۾ موهن جي دڙي جي نچڻي جي هيٺان لکيل اکرن جي ڀڃڻي ۾ سندس نالو ”هاپپ اڪ پاه“ ڄاڻايو آهي. جنهن جو مطلب هيٺين ريت ٻڌايو اٿس:
    ها: Shining پپ :Friend اڪ :Magnificient پھ:Protector
    هونئن به نٽي اڀينو (ناچڻي اداڪاره) جي وصف پراڻن پستڪن ۾اها ڄاڻايل آهي، ته اها درپني (خوبصورتي جو نماءُ ڪندڙ)، تنوي (ڇڙڪ بدن) ،روپ وتي (خوبصورت)، مرگھ نيڻي (چشم آهو) ۽ اره ار سونگي (اره انبوريل) هجي.ان وصف تي موهن جي دڙي جي نچڻي اداڪاره پوري لهي ٿي. لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ان وصف جي بنياد تي اها مورتي ٺهيل آهي.
    خير،هاڻي ان تي اچئون ته انهن ناٽڪن جي سنڌ يا هند ۾ ڪا باقيات موجود آهي ڪي نه؟... جيڪڏهن اڄ به هند ۽ سنڌ ۾ نظر ڦيرائبي ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، ”ناٽيه شاستر“ جي مٿين ڊرامن جو تسلسل موجود آهي. اچو ته ڪجھ اهڙن ناٽڪن تي سرسري نظر ڦيرايون.
    ڀارت ناٽيم:
    ناٽيه شاستر جي ڪلاسيڪل حيثيت کي هن فن زنده رکيو. ڀارت ناٽيم جو اشتقاق ئي ٻڌائي ٿو ته اُهو ناٽيه شاستر جو حصو آهي. ڀا (اظهار ) + ر ( راڳ) + ت (تال) + ناٽيم ( ناچ) يعني اداڪاري، راڳ، موسيقي ۽ ناچ جو سنگم. جڏهن هندوستان تي مسلم راڄ جو اثر وڌيو ته ڊرامي يا ناچ جي هن قسم جي سرپرستي ختم ٿيڻ لڳي. ڇو ته هي فن نهايت دقيق ۽ پيچيده هيو. پوءِ هن فن کي ڏکڻ هندوستان جي مندرن ۾ ديوداسين وڌايو ويجھايو. وري مرهٽا راجائن جي درٻار ۾ ”سدر“ جي نالي سان هن فن جاءِ حاصل ڪئي. انگريزن جي دور ۾ سرپرستي نه هجڻ ڪري ،ڀارت ناٽيم گھٽين ۾ ڌڪا جھلڻ لڳو. جنهن جي ڪري عام ناچڻين ۽ وئشيائن جي ور چڙهي ويو. جيڪي ڀارت ناٽيم جي نزاڪتن کي سمجھڻ کان قاصر هيون. 1920 ۾ رڪمڻي ديوي جنهن جو تعلق براهمڻ خاندان سان هيو. ان هن فن کي سکيو ۽ پوءِ سڄي دنيا ۾ ان کي متعارف ڪرايو. رڪمڻي ديوي هندوستان جي انهن 100 ماڻهن منجھان ليکي وڃي ٿي ، جن هندوستان کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني. هندوستاني وزير اعظم ”مرار جي ڊيسائي “،1977 ۾ کيس هندوستان جي صدرات جي لاءِ نامزد ڪرڻ جي آڇ ڪئي،پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. سڄي دنيا ۾ ”ڀارت ناٽيم“ هندوستان جي ڪلاسيڪل آرٽ جي حوالي سان سڃاڻپ آهي. ڀارت ناٽيم جي ڪک مان ڪيترائي ٻيا قسم به پيدا ٿيا. جن ۾. ڪُچي پدي ،ڪٿا ڪلي موهني اتم ،اديسي، مني پوري وغيره آهن. اهي سڀئي بنيادي طورتي ”ناٽيه شاستر“ جي ”ناٽڪ“،”پراڪرڻ “،”ناٽڻيڪه“ ۽ ”سماوڪر“ ڊرامن جي پيٽ منجھان نڪتل آهن.
    برصغير جا اهي لوڪ ناٽڪ جيڪي ساده شڪل ۾ اڄ به موجود آهن.اهي به ناٽيه شاستر جي ”ووايوگ“، ”پرهسن“،”لاسيا“، ”ڀاڻ“ ۽ ”وٿي“ جا نمونا آهن. مثلن ”سانگ“ لوڪ ناٽڪ جي ڳالھ ڪجي، ته اهو لفظ به ڪو اوچتو لوڪ ناٽڪ جو اصطلاح ناهي بڻيو. پر ان جو بنياد به ”ناٽيه شاستر“ ۾موجود آهي. آهي. ناٽيه شاستر جو باب نمبرڇهون”رس اڌياءَ“ ۽ اٺون باب ”ڀاءُ اڌياءَ“ تي ٻڌل آهي. سنسڪرت ٻوليءَ جي ”رس“ جي معني به بالڪل ساڳي سنڌي ٻولي واري آهي، يعني رس،چَسُ، سَتُ،ذائقو،لذت، مزو . ان باب ۾ نٽ(اداڪار) يا نٽي (اداڪاره ) کي هدايتون ڏنل آهن ته هو اداڪاري ڪندي ڏسندڙن کي اٺن قسمن جا ڀاوَ ڏيکارين ۽ هر ڀاوءُ اٺن قسمن جو رس ۽ چس ڏيندو آهي، ته جيئن ڏسندڙ متاثر ٿئي . انهن ۾ پهريون ڀاوَ جو قسم آهي ”رتي“. جنهن ۾ مرڪندڙ چهري جو تاثر ، ڀرون جا اشارا،ترڇين نگاهن جا تير،ناز ۽ نخري سان هلڻ ۽ مٺا ٻول ٻڌائڻ هجي.جنهن جي نتيجي ۾ ڏسندڙ کي” شرڻگار“ قسم جو رس ملندو. جيڪو جنسي ڪشش ،پيار ۽ محبت جي جذبن سان ڀرپور هوندو. ٻيو ڀاوُ”هسا“ آهي ،جيڪو ”هسيا“ وارو يعني مزاح ،کل ۽ ڀوڳ وار رس پيدا ڪندو. ٽيون ڀاوُ ”شُوڪ“ آهي، جيڪو”ڪرونا“ وارو يعني ڏک ،غم۽ دلسوزي جو رس ڏيندو. چوٿون ڀاوُ ”ڪروڌ“ آهي،جيڪو”ردرا“ يعني وحشت،ڪاوڙ وارو رس ڏيندو. پنجون ڀاوُ ”اتساه“ آهي، جيڪو”وير“ وارو يعني ويرتا، شجاعت ۽ همت وارو رس مهيا ڪندو. ڇهون ڀاوُ ”ڀيه“ آهي، جيڪو ”ڀيانڪ“ يعني خوف ،ڏهڪاءَ ۽ خطري وارو رس پيدا ڪندو. ستون ڀاوُ ”جگپسه“ آهي جيڪو ”بڀاسه“ يعني ڪراهت ۽ ناپسنديدگي وارو رس ڏيندو. اٺون ڀاوُ ”وسميه“ آهي ، جيڪو ”ادڀوتا“ يعني دلچسپي، حيرانگي وارو رس ڏيندو.
    جڏهن هندوستاني ڪلاسيڪل ڊرامو منزلون طئي ڪندو عوامي سطح تي پهتو ته ڊرامي ڏسندڙن جن کي سنسڪرت ۾ ”رسيڪ“ سڏيو ويندو آهي. تن کي ڊرامي يا ناٽڪ جا اهي ڀاوَ وڌيڪ پئي وڻيا ،جن مان ”شرڻگار“ جو رس ۽ چس پئي حاصل ٿيو، تنهن ڪري ڊرامي جي ان انداز کي گھڻي پذيرائي ملي. ان ڪري ”شرڻگار“ جيڪو سنسڪرتي اصطلاح هيو، سو پراڪرت ۾ ”سانگ“ ٿي ويو يا وري جيئن ناٽيه شاستر ۾ اداڪاري ڪرڻ جا چار قسم ٻڌايا ويا آهن. جنهن ۾”انگيڪا“ يعني ناچ وارو حصو وڌيڪ وڻندو هجي، سو به خاص ڪري ”شرڻگار“ وارو. ان ڪري ان کي ”سانگ“ سڏيو ويو هجي؛ يعني (س+ انگ ) جنهن جو مطلب سٺي يا وڻندڙيا نچندڙانگ وارو ڊرامو يا ناٽڪ .اها ته ٿي هڪڙي تشريح ، ٻي تشريح اها به ٿي سگھي ٿي ته رگ ويد ۾ راڳ، ناچ ۽ ڊرامن جي تهوار کي”ساماج“ چيو ويندو هيو. 5 يا 6 ق_م اهڙن تهوارن کي ” گراگ يا سماگ“ به سڏيو ويندو هيو. ”گوتم ٻڌ“ ناٽڪ ،موسيقي، ناچ، راندين،جوا، تماشي ۽ ميلن کي سٺو نه سمجھندو هيو. سندس خيال ۾ ته تفريح ۽ وندر واريون شيون ماڻهوءَ جي ڌيان ۽ گيان کي نقصان پهچائن ٿيون.ان ڪري سندس پوئلڳ ”مهاراجا اشوڪ“ قانون ۾ اها شق وجھرائي ڇڏي، ”ساماج تهواريا ميلونه ملهايو ويندو.ڇو ته اهڙن تهوارن يا ميلن ۾ ڪيتريون ئي بڇڙايون ۽ خرابيون آهن.“ پر ”مها راجا اشوڪ“ کانپوءِ اهي تهوار ٻڌڌرم جا ٻيا راجا وڏي شوق سان ملهائڻ لڳا. جين ڌرم لاءِ هڪڙو نظريو اهو به آهي ته اهو ”سنڌو تهذيب“ جي ڪک مان ڦٽل 3000 هزار سال ق _م پراڻو ڌرم آهي.ان تي ڳالهابو ته اصل موضوع تبديل ٿي ويندو. تنهنڪري ڇڏيون ٿا ان ڳالھ کي، وٺئون ٿا ڊرامي واري قصي کي. جين روايت مطابق ته سندن 24 پيغمبر يا مهندار پيدا ٿيا آهن . پهريون جنهن انسان ذات کي لکڻ پڙهڻ،مصوري ۽ بت تراشي سيکاري. اهو هيو”رشاڀاديو“ جنهن جي علامت ڍڳو آهي. جنهن کي ’آدي ناٿ‘ به سڏيو وڃي ٿو.ان ”راجا اندر“ جي درٻار ۾ ” نيلانجن“ ناچڻي جو ناچ ڏٺو ،ته مور ڇت ٿي ڪري پيو ۽ مري ويو. اها ڪهاڻي جين ڌرم وارن جي هڪ مقدس ڪتاب ” آدي پراڻ “ ۾ به ڏنل آهي. اها حقيقت آهي، ته جين ڌرم وارن جو رويو به مختلف دورن ۾ ”فنونه لطيفه “لاءِ مختلف رهيو آهي. پر جنهن ناٽڪ کي ڪلاسيڪ جي درجي تي پهچايو، اهو هيو راجا ”ڪالنگا“ جيڪو اوڙيسا جو جين ڌرمي ۽ طاقتور راجا هيو. اهو ”اسو ساماج“ تهوار ملهائيندو هيو. جنهن ۾ ڌام ڌوم سان ناٽڪ، ناچ ۽ راڳ ٿيندا هيا.اهوئي سبب آهي ته جين ڌرم ۾ ڊرامي ياناٽڪ جا 32 قسم آهن . هاڻي جي انهن ڊرامن جو تذڪرو ڪبو، ته مهاڳ مان مهاڳاڙ ٿي ويندو. منهنجي چوڻ جو اهو مطلب آهي ته ٿي سگھي ٿوته اهو ساماج يا سماگ اڳتي هلي سانگ بڻيو هجي؟..
    بهرحال،”سانگ“ لفظ جو اسان جي لوڪ ادب يا شاعري ۾ گھڻو استعمال اهو ٻڌائي ٿو، ته سنڌ جا ماڻهو ”سانگ“ کان گھڻو مانوس هيا . ان ڪري ئي اسان جي ادب ۾ ”سانگ“ رچائيندڙ سانگين سان سڪ جو اظهار ايڏي شدت سان رهيو آهي. ڇو جوعام ماڻهوءَ کي سندن محبت ۽ پيار وارن جذبن جي اظهار واري فن، تسڪين ۽ راحت پئي ڏني يا ٻين لفظن ۾ هيانءُ پئي ٺاريو؛ ان ڪري سانگين جو وڇوڙو کين رنج والم ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو هيو.
    سانگي سگھڙ فنڪارن به سانگ جا ايترا رنگ روپ ٺاهي ڇڏيا؛ جوڪٿي پتور بازي،ته ڪٿي جاترا،ته ڪٿي ڀوائي، ته ڪٿي خيال،ته ڪٿي منچ بڻجي ويو. انهيءَ ”سانگ“ کي وري ڪٿي ته اهڙو خاصاالخاص بڻايو ويو،جو ”سنگيتڪا“، ”رهس“ ۽ ”نوٽنڪي“ ٿي اڀريو. ائين ”سانگ“ پنهنجي فن جي حوالي سان مختلف روپ سروپ وٺندو رهيو. اچو ته انهيءَ ”سانگ“ جي مختلف سروپن جو هڪ سرسري جائزو وٺئون .
    پتور بازي: هن جو ذڪر ”پدماوت“ جي تخليقار ۽ هندي ٻوليءَ ۾ دوهن جي ڪلاسيڪل ڪوي ’ملڪ محمد جائسي‘ (1477 _ 1542 ) به ڪيو آهي. جنهن سلطان علاوالدين خلجي جي آکاڙي ۾ هڪ ”پتور“ جو ذڪر ڪيو آهي، ته اها ڪمال جي ماهر سوانگي هئي، جيڪا جوڳڻ جو روپ ڌاري ”سانگ“ رچائيندي هئي. ياد رهي ته پتور لفظ سنسڪرت جي ”پاتري“ شبد مان ورتل آهي، جنهن جي معني آهي”اداڪاره“ . پتور بازي جھڙا اصطلاح پارسي، ترڪي ۽ هندوستاني ٻولين ۽ ثقافت جي ميل جول جي ڪري وجود ۾ آيا. جيئن ”ڀگت بازي،بچه بازي“( ڇوڪرن جو ناچ) وغيره. آکاڙو لفظ ناٽڪ گھر يا ڊراماٽڪ هائوس جو نعم البدل هيو. ڊرامه اسٽيج کي ان دور ۾ ٻيا نالا پڻ ڏنا ويا. مثلن: رنگ چوگان،رنگ پيٿڪ ۽ آکاڙا وغيره . جن جو مطلب هوندو هيو، اها جاءِ جتي ڊرامه يا ناٽڪ ڪيا وڃن. هندوستان جي مسلم دور ۾ ”پتور بازي ،سانگ،ڀڳت بازي،بهروپ ۽ ڀانڊيتي“ ؛ ڊرامي جي فن جي حوالي سان هڪ ٻئي جو نعم البدل نالا رهيا آهن.
    جاترا:
    هي لوڪ ناٽڪ بنگال ۾ گھڻي ڀاڱي مروج آهي. سنسڪرت جي شبد ”ياترا“ مان نڪتل آهي،جنهن جي معني آهي مسافري. هن ۾ لوڪ فنڪار وستي وستي وڃي پنهنجو فن ڏيکاريندا آهن.جاترا ناٽڪ ۾ جيڪي سين مزاح ۽ پيار محبت سان ڀرپور هوندا آهن،انهن کي ”شانگ“ سڏيو ويندو آهي.ان جاترا ناٽڪ جا به ڪيترائي قسم آهن.مثلن،جھمر،پنچالي،ڪٿا ڪلتا،ڪيرتن، ڪابيگان وغيره.
    1757 بنگال ۾،ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اچڻ کانپوءِ انهن جاترا ناٽڪ ۾ ڪافي موضوعاتي ۽ هيئت جي لحاظ کان تبديليون اچي ويون آهن. هاڻي ته سماجي مسئلا، قومي مسئلا ۽سياست جھڙا موضوع پڻ شامل ٿي ويا آهن. اڄ به بنگال ، بهار، آسام،اوڙيسا ،تريپوره ۾ جاترا جا جٿا هڪ نگري کان ٻي نگر تائين هلندا ۽ پنهنجو فن ڏيکاريندا رهن ٿا.
    ڀوائي:
    هي لوڪ ناٽڪ راجسٿان ۾ مقبول آهي. هي به سانگ جو هڪ قسم آهي. جنهن ۾ ناچ گاني ۽ ڊائلاگ کان وٺي ،قصه گوئي به موجود آهي.
    چيو ٿو وڃي ٿو ته 1360 ۾ ”آسائت“ نالي ناٽڪ نويس 360 اهڙا ناٽڪ لکيا،جن مان 60 اڃا به محفوظ آهن. بنيادي طور تي ڀاوي ،امبا ديوي جي شان ۾ رچائي ويندي هئي ،جنهن ۾ ڪجھ تفريح ۽ ڪجھ ڌرمي رسم شامل هوندي هئي. اهو به ذهن ۾ رهي ته ڀاوي جو تذڪرو ابوالفضل جي ”آئين اڪبري“ ۾ به موجود آهي.
    نوٽنڪي:
    اصل ۾ ته ان کي سڏيو ئي ”نو ٽنڪي سانگ“ ويندو هيو. جيڪو ”نو ٽنڪي شهزادي“ جي قصي تي ٻڌل هيو. نو مان مراد نوَ ۽ ٽنڪي مان مراد چانديءَ جو سڪو ،جنهن جو وزن چار رتيون هجي.مطلب اهڙي نازڪ اندام شهزادي جنهن جو ڪل وزن 36 رتيون هيو. اهڙا سانگ راجستان ۾ ”ڦلان دي راڻي“،(جنهن جو وزن هڪ گل جي برابر) . گجرات ۾ سانگ ”ڦل پنچا “ (شهزادي جنهن جو وزن پنجن گلن جي برابر) رچايا ويندا هيا.نوٽنڪي شهزادي جو ناٽڪ پهريان پنجاب ۾ مقبوليت ماڻي، پوءِ اتر پرديش ۾ عروج تي پهتو.1883 ۾” آر سي ٽيمپل“ پنهنجي مشهور ڪتاب”The legends of Punjab“ ۾ ٽن سانگن جو تت ڏنو آهي. جنهن ۾ شهزادي نو ٽنڪي ءَ جو به آهي. سندس چوڻ مطابق ته اهي سو سال اڳ جا رچيل هيا. جيڪي هوليءَ جي ڏڻن تي امبالا ۾ پيش ٿيندا هيا. اتر پرديش ۾نوٽنڪي ايتري ته مقبوليت ماڻي جو لفظ نوٽنڪي، سانگ جو نعم البدل ٿي ويو.انهيءَ نوٽنڪي جي مشهور ليجنڊ اداڪاره ”گلاب بائي“ تي باقاعده ڪتاب لکيو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون مشهور اداڪارائون ٿي گذريون ،جنهن ۾ ملڪه بيگم ۽ هيرا ٻائي پڻ مشهور هيون.ان نوٽنڪي اڳتي هلي هندوستاني فلمن جو بنياد رکيو. جيڪو اڄ تائين ڊائلاگ،موسيقي، ناچ ۽ اداڪاري جو سنگم آهن.
    منچ:
    هي سانگ مڌيا پرديش (مالوا) ۾ منچ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن جو بنياد مرهٽا فوج 18 صديءَ ۾ رکيو.اهي تختن جي اسٽيج ٺاهي،ان تي لوڪ ناٽڪ سانگ يا خيال وغيره پيش ڪندا هيا ته جيئن ڏسندڙن کي آساني سان اداڪاري ڏسڻ ۾ اچي. جيئن ته اسٽيج کي پراڪرت ۾ منچ سڏيو ويندو آهي. انڪري ان جو نالو به ”منچ “ پئجي ويو.
    خيال:
    خيال لوڪ ناٽڪ راجستان جو مشهور لوڪ ناٽڪ جو هڪ قسم آهي. خيال جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته اهو لفظ عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي ،جنهن جو مطلب آهي، ”سوچ“ . ٻيو رايو اهو آهي ته اهو هندي لفظ ”کيل“ مان ورتل آهي. خيال بنيادي طور تي موسيقي يا راڳ جو حصو رهيو آهي.پر جڏهن خيال ۾ گفتگو ۽اداڪاري کي گڏائي ”سانگ “ جي طرز تي پيش ڪيو ويو، ته ان لوڪ ناٽڪ جو روپ ڌاري ورتو.جيڪو پهريائين دڙن يا چبوترن تي پيش ڪيو ويندو هيو.پر اڳتي هلي ”خيال“ باقاعده ناٽڪ بڻجي اسٽيج تي پيش ٿيڻ لڳو.پهريائين ان ناٽڪ جا موضوع جنگي ۽ عشقيه داستان هوندا هيا.هاڻي موضوعن ۾ وسعت اچي وئي آهي.
    تماشه:
    تماشه بنيادي طور تي پارسي جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ” ڏيکاءُ“. بنيادي طور تي مراٺي لوڪ ناٽڪ آهي. هن ناٽڪ جا ٻه قسم آهن،1 ڍولڪي ڦرڇا تماشه. جيڪو مڪمل لوڪ ناٽڪ آهي ،جنهن ۾ راڳ ،ناچ ۽ اداڪاري شامل آهي.2 سنگيت بارچا. جنهن ۾ صرف ناچ ۽ گانو شامل هوندو آهي . خاص ڪري لاوڻي گيت ڳايا ويندا آهن.جنهن مرد ۽ عورت جي عشق جا ورلاپ هوندا آهن يا جنسي محبت جو اظهار هوندو آهي. تماشي لوڪ ناٽڪ جو ناچ وارو حصو ايڏو ته جنسي جذبات کي ڀڙڪائيندڙ هوندو آهي جو ان جو اثر ”بالي وڊ“ جي فلمي دنيا تي به پئجي ويوآهي،جو اڄڪلھ سندن فلمن ۾ان کي ”آئٽم سانگ“ جو نالو ڏئي پيش ڪيو وڃي ٿو.
    راس ليلا:
    هي بنيادي طور تي پهريائين ناچ گاني تي ٻڌل هيو. جنهن ۾ راڌا ڪرشن ۽ گوپين جي راز نياز کي پيش ڪيو ويندوهيو. پهريان مٿرا،ورنداون ۽ اتر پرديش ۾ ٿيندو هيو.پر پوءِ ان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو. آسام ۾ ته ان وڏي مقبوليت ماڻي ، جو هزارين مرد ۽ عورتون جنم اشٽمي جي موقعي تي ان ۾ حصو وٺندا آهن. لاڙڪاڻي جي حوالي سان جاکوڙي ۽ کاهوڙي دوست ”خالد چانڊئي“ ٻڌايو ته ورهاڱي کان گھڻو اڳ قافله سراءِ ۾ هندن جو مندر هوندو هيو،جنهن جي اڳيان کليل ميدان هيو،ان کي آکاڙو سڏيندا هيا. جتي ڀڳتون ۽ راس ليلا به ٿيندي هئي.اهو ذهن ۾ رهي ته سانگ ناٽڪ يا جنهن جاءِ تي ڀڳت ٿيندي هئي،ان کي به آکاڙو سڏبو هيو . ڇو ته ڀڳتن يا ڪلاڪارن کي ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن تائين زور لڳائي پنهنجي آواز کي پهچائڻو پوندو هيو. تنهنڪري ان ميدان يا پڙ کي، ان حوالي سان به آکاڙوسڏبو هيو.).منهنجو دوست علي شير پنهنجي ماسڙ جي حوالي سان ٻڌائيندو آهي ته قافلي سراءِ لاڙڪاڻي ۾ ڀڳت ڪنور رام ڳائي ويو آهي. سندس ماسڙ جي بقول ته وڏي اسر سان جڏهن هو سڪي تلاءَ ۾ ڳئون ڏهندو هيو ته ڀڳت ڪنور رام جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ ايندو هيو.اهو سڪي تلاءَ ۽ قافلي سراءِ جي وچوارو هوائي مفاصلو اندازن سوا ڪلوميٽر کن ٿيندو.
    رهس:
    رهس بنيادي طور تي سانگ، راس ليلا ۽ ڀڳت جو هڪ مليل جليل روپ آهي. هي اتر هندوستان جو خاص لوڪ ناٽڪ بڻيو. ان ناٽڪ کي اهو خوبصورت رو پ ڏيڻ وارو اوءڌ( اتر پرديش) جو ڪلاڪار بادشاه ”واجد علي شاه“هيو.هو 1847 ۾ تخت نشين ٿيو.صرف 9 سال حڪومت ڪيائين.ان کانپوءِ انگريزن جڏهن کيس مختلف نموني سان تنگ ڪيو، ته تخت ڇڏي پينشن تي گذارو ڪرڻ لڳو. پر انهيءَ دوران به هو شاعري ڪندو ،”رهس“ رچائيندو ۽ ڌنون ترتيب ڏيندو رهيو. ناچ جو ته وڏو ڄاڻو هيو. هن جو قلمي نالو ”قيصر“ ۽ تخلص وري ”اختر پيا“ هيو.هن ڪيئي رهس لکيا ،جنهن ۾” راڌا ڪنهئي ڪا قصا“ مشهور هيو.هن ”قيصر باغ رهس منزل“ نالي ڄڻ هندوستان ۾ پهريون جديد ٿيٽرهال ٺهرايو. هن فنڪارائن لاءِ هڪ هاسٽل ٺهرائي ،جنهن کي ”پري خانه، سڏيو ويندو هيو.جنهن ۾ سوين آرٽسٽ رهنديون هيون. جنهن ۾ ماه رخ پري،سلطان پري وغيره مشهور هيون. هي ڪلا يا فن جي حوالي سان مرندي گھڙيءَ تائين بادشاه رهيو. هن رهس ۾ نچڻ جا ڇٽيھ نمونا بيان ڪيا ،جن کي ’ ڇتيس ايجادِ رهسِ سلطاني‘ سڏيو ويندو آهي.
    مذڪوره ڊرامن يا ناٽڪن جي وچور ڏيڻ جو مقصد اهو آهي، ته ٿي سگھي ٿو ، لاڙڪاڻي ۾ به اهڙي قسم جو ڪو مخصوص ”سانگ“ ٿيندو هجي. جنهن جي هاڪ ”رچرڊ ايف برٽن“ ٻڌي اتاولو ٿيوهجي. هاڻي اسان ان کي” ماهتاب“ جي حوالي سان ”ماهتابي سانگ“ ڪري سڏيون يا شهر جي حوالي سان ”لاڙڪاڻوي سانگ“ به چئون، ته ٺهي ٿو . پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لاڙڪاڻي ۾ سانگ رچائيندڙ نه صرف عام فنڪار، بلڪه ماهتاب ۽ نورجھان جھڙا خاص الخاص فنڪار به هيا. خاص ڳالھ اها ته ”برٽن“ ان ڏٺل بئليٽ يا ميلو ڊرامه (سانگ) ۾ موسيقي وارن سازن ۾ ”گٽار“ جو به ذڪر ڪيو آهي؛ جيڪو حيرت ۾ وجھندڙ آهي. جڏهن ته هاڻي به هندوستان جي هريانه يا اتر پرديش ۾ پيش ٿيندڙ سانگ ۾، صرف يڪ تارو،ڍولڪ، کڙتال،سارنگي، ستار ۽ هارمونيم جھڙا ساز استعمال ٿين ٿا. ائين ته ناهي ته ”برٽن“ کان ڀُل ٿي وئي هجي؛ هن سِتار يا سارنگي کي گٽار سمجھيو هجي. پر ائين ٿي نه ٿو سگھي. ”برٽن“ گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتل هيو ،ايڏي وڏي چُڪ نه ڪندو. تاريخي طور تي گٽار لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو 5000 هزار سال پراڻو ساز آهي .ڪن ان جو بڻ بڻياد مصر مان کنيو آهي ۽ ڪن وري ”حِتي تهذيب“ (هاڻي واري ترڪي) مان،ڇو ته اتان هڪ پٿر لڌو ويو آهي،جنهن تي ان ساز جي اُڪر ٿيل آهي .ٽين تاريخي حقيقت وري اها آهي ته اهو ساز عربن، اسپين (اندلس) ۾ آندو، جنهن کي ”قيطاره“ سڏيو ويندوهيو. جيڪو يورپ ۾ مقبوليت ماڻي”گٽار“ ٿي ويو. قيطاره دراصل ناسپاتي جي اڌ جھڙي شڪل وانگر ساز هيو ،جنهن ۾ ڇهن کان وٺي ٻارنهن تارون لڳل هونديون هيون. ٿوري ڦير گھير کان پوءِ ان کي ”العود“ به سڏيو ويو،جيڪومغرب ۾ وري lute ٿي ويو. پارسي ۾ ان کي رود به سڏيو ويو.بهرحال اهو بحث به پنهنجي جاءِ تي آهي ته عود ،رود مان پيدا ٿيويا رود ،عود مان. پر چين ۾ ٻه قبل مسيح اهڙو ساز هيو جنهن کي ”پيپا“ سڏيو ويندو هيو.ترڪن وٽ به اهڙي قسم جو ساز هيو جنهن کي ”ڪومز“ چيو ويندو هيو. هندوستان ۾ سرود ۽ افغانستان ۾ بربط به بنيادي طور تي قيطاره جي مٽي مائٽي ۾ اچن ٿا. اهو ساز اصلوڪي ۽ ڪجھ ڦير گھير سان اڄ به اسپين،مراڪش ،مشرقِ وسطي ،ايران، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ آرمينيا ،مطلب ته سڄي دنيا ۾ وڄايو وڃي ٿو. ڪٿي کيس ”گٽار“ ته ڪٿي ”قطاره“ ،ڪٿي ”عود“ ته ڪٿي ”لوٽ“ سڏيو وڃي ٿو. هاڻي به ان سازکي وڄائڻ جا ماهر موجود آهن . جيڪي سڄي دنيا جي ڪن رس رکندڙ ماڻهن تي سحر طاري ڪن ٿا. جي توهان کي به ڪن رس آهي، ته ”يو ٽيوب“ تان انهن سازن جي آوازن کي رڪارڊ ڪري سگھو ٿا ۽ تصور ۾ لاڙڪاڻي جي انهن فنڪارن کي داد ڏئي سگھو ٿا، جيڪي ”ماهتاب“ جي سنگ ۾، گٽاريا قيطاره وڄائيندا هيا. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ماهتاب يا سندس ساٿي فن جي حوالي سان اعلي پايي جا ڪلاڪار هيا. اها ٻي ڳالھ آهي ته بقول ”برٽن“ جي پڪوازي ڪم خراب ڪري ڇڏيو، جو گھڻي شراب پيئڻ ڪري تال ميل نه ويهاري سگھيو.ان ڪري ”برٽن“ تنقيد ڪندي لکيو آهي،ته ”جڏهن پڪواز جو آواز ويهجي ويوته مالڪ ان کي ٺيڪ نه ڪري سگھيا هيا. پر اسان جا ٻه افغان نوڪر اٿيا جن وڃي پڪواز جي سر آواز کي ٺيڪ ڪيو هيو.ساڳي ريت جڏهن ماهتاب جي ننڍي ۽ خوبصورت ڀيڻ نورجھان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي هئي ته بين جو آواز نهايت تيز هيو،جڏهن ته سندس ڪردار هڪ الڳ تاثر ڏئي رهيو هيو.اها غلطي اسان جي هئي ،جو اسان کين شراب آڻڻ جي موڪل ڏئي رڌي پڪي ۾ پاڻي وجھي ڇڏيو هيو“ ؛ پر برٽن جيئرو هجي ها ته اڄ به ساڳي تنقيد ڪري ها، ڇو ته لاڙڪاڻي وارا ان حوالي سان اڄ به ناهن سڌريا.........
    بهرحال،ان کان سواءِ جڏهن ”برٽن “ ماهتاب جي ناچ جي تعريف ڪندي سندس ناچ کي ”ٽئگوليني“ وارو ڦيرو سڏي ٿو،ته شايد گھڻن ماڻهن کي خبر هجي يا نه هجي، ته ”فليپو ٽئگوليني“ پنهنجي دور جو مشهور اطالوي ڊانسر هيو.جنهن 1832 ۾ ”لاسلفائيد“ نالي ناچ رچيو هيو.جيڪو سندس شاگردياڻي ۽ ڌيءَ ”بيلورينا مئري ٽئگوليني“ پيش ڪيو هيو.جيڪو رومانوي دور جو ڪلاسيڪل ناچ سمجھيو وڃي ٿو.ان جي ناچ سان ڀيٽڻ ۽”ماهتاب“ لاءِ ائين چوڻ ته،”نچندي سندس هر عضووٿڙڪي ڦڙڪي رهيو آهي.سندس اهڙي تيز ۽ تڪڙي چر پر ۾ هڪ طوفان موجود آهي.يورپ جي ناچ ۾ اهڙو فن ۽ ڪلا ڪونه ڏسڻ ۾ ايندي“ گوري ليکڪ،”رچرڊ ايف برٽن“جي ان مڃتا مان،لاڙڪاڻي جي ان عظيم فنڪاره جي فن جو اندازو لڳايو ته هوءَ ڪيڏي نه منفرد ۽ مهان آرٽسٽ هئي .
    خير، ته ان سڄي بحث مان اهو نتيجو اخذ ڪري سگھجي ٿو، ته ”سانگ“ هڪ منفرد ناٽڪ جي طور تي،نه صرف سنڌ ۾رائج، پر مقبول به هيو. جيڪو بئلٽ ڊرامه، ميلو ڊرامه ۽ اوپيرا جي تمام ويجھو هيو. جنهن کي سنڌ، خاص ڪري لاڙڪاڻي جي ڪلاڪارن ڪمال تي رسايو.بس رڳو هڪڙو سوال جيءَ کي جھوري ٿو ، ته اوچتو ئي اوچتو سنڌ ۽ خصوصن لاڙڪاڻي مان اهڙي قسم جو سانگ ۽ سانگي ڪيئن گم ٿي ويا ؟.....
    جڏهن ته هندوستان جي هريانه صوبي ۾ ”سانگ“ جي حوالي سان وڏو ڪم ٿيو .هريانه ۾ ”ڪشن لال ڀٽ“ جنهن سانگ کي جياريو. سانگ کي جنهن وڌايو ويجھايو، اهو هيو، ”علي بخش ريواڙي“ جنهن کي لوڪ ٿيٽر جو ابو سڏيو وڃي ٿو. جنهن وري ”سانگ“ کي گھڻي ۾ گھڻو لکيو، اهو هيو، ”پنڊت ديپ چند“ جنهن کي هريانه جو ڪاليداس سڏيو وڃي ٿو .اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي شخص آهن .جن جو به ان ميدان ۾ قابل قدر ڪم ٿيل آهي .جن ۾ ڪجھ سانگين (فنڪارن) جا نالا حوالي طور تي پيشِ خدمت آهن؛ جن ۾ هرديو، ڌوم، پنڊت ڀارتوَ ۽ پنڊت لڪشمي چند وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا.
    هريانه ۾اڄ به ان لوڪ ناٽڪ ”سانگ“ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ،فنڪار،هدايت ڪار پاڻ کي سانگي سڏرائن ٿا. جيئن ”ڪوي پنڊت مانگي رام سانگي“يا ”ڌرم بير سانگي“ وغيره.
    پر وري به ساڳيو سوال سامهون اچي ٿو، ته لاڙڪاڻي ۾ اها ڪهڙي مصيبت ڪاهي پئي ،جو اکين ٺار،من جا منٺار۽ دل جا دلدار ماڻهو اوجھل ٿي ويا؟.....
    ان جا ڪيئي جواب ٿي سگھن ٿا. شايد ائين ٿيو هجي ،جڏهن لاڙڪاڻي ۾فن جا قدردان نه رهيا هجن يا ٿي سگھي ٿو،ڪا بيماري بڙي ڪاهي پئي هجي يا وري انهن ماڻهن جن کي فن ۽ فنڪارن کان نفرت هئي،تن انهن کي ٽانڊا ڏئي، تڏا ويڙه ڪرائي هجي. جيئن اڄ به فن ۽ فنڪار بنياد پرستن جي اکين جو ڪنڊو آهن. ضرور ڪجھ ته ٿيو هوندو.ان حوالي سان جيڪڏهن ڪي تاريخي شاهديون ملن ٿيون،ته انهن کي آڏو رکي جاچ جوچ ضرور ڪرڻ گھرجي.
    اچو ته پهريائين، رچرڊ ايف برٽن جو ڪيل ان تبصري تي نظر ڦيرايون ٿا،جنهن مان لاڙڪاڻي شهر جي معاشي ۽ معاشرتي صورتحال جي خبر پوي ٿي:
    ”لاڙڪاڻو هڪ تجارتي شهر آهي ۽ ڪپڙي جي صنعت ڪري ڏاڍو مشهور آهي. ان کانسواءِ شڪارپور کان ڪراچي ويندڙ رستي تي آهي. هتي قافله سرايون به موجود آهن. جتي واپار ۽ تجارت جي مقصد سان واپاري ڪيڏانهن به ايندي ويندي ترسندا آهن. هي شهر ماڻهن جي بد اخلاقين جي ڪري به گھڻو مشهور آهي. هتان جا ماڻهو شراب پيئڻ ۽ ناچ ڏسڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. زندگي جي هر ضرورت سان لاڳاپيل هر شئي هتي موجود آهي ۽ ملي به ڏاڍي سستي ٿي. تنهن ڪري ماڻهو محنت ۽ جفا ڪشي ڪونه ڪندا آهن.هن شهر ۾ ناچڻين جو تعداد تمام گھڻو آهي. تنهن ڪري هتي ڪن بااصول ماڻهن جي نظر ۾ لاڙڪاڻو سٺو شهر ناهي“
    مٿئين تبصري تحت سنڌ ۾ لاڙڪاڻي شهر جي حيثيت صنعت، تجارت ۽ فن جي حوالي سان متعين ٿئي ٿي. ان ڪري ئي لاڙڪاڻي لاءِ اهڙي قسم جا پهاڪا يا چوڻيون جڙيون ته:
    هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو يا لاڙڪاڻو ساه سيباڻو،جت ڪڃرن جو اوتاڻو.
    بهرحال، ان دور ۾ لاڙڪاڻي جي فنڪارن جي سونهن، سوڀيا ۽ فن جي ڪا وڏي هاڪ هئي ۽ سندن ٺٺ ٺانگر به اوءج تي هيا.ان جو اندازو ان منظر نگاري مان ڪجي، ته جڏهن ”ماهتاب“ پنهنجين ڀينرن يا سهيلين سان پنهنجو فن ڏيکارڻ لاءِ رچرڊ ايف برٽن ڏانهن اچي ٿي ته ”برٽن“ ان جي آمد جواکين ڏٺو احوال ڪجھ هيئن ڏئي ٿو:
    ”هاڻي اها پنهنجي ڀينرن سان گڏ اچي رهي آهي.سندس هرهڪ ڀيڻ پنهنجي جدا ڪجائي ۾سوار ٿيندي.اهڙي ريت نون اُٺن جو هڪ قافلو هوندو، اجھو ڄاڻ پهتيون. “
    فنڪارائن جي ان شانائتي۽ مانائتي اندازمان به لاڙڪاڻي جي خوشحالي ۽ فارغ البالي جو اندازو ٿئي ٿو. تصور جي اک سان ڏسو ته ان دور ۾ هرهڪ فنڪاره ،الڳ اٺ جي ڪجائي تي ليلي وارو محمل سجايون قافله سراءِ ڏانهن فن پيش ڪرڻ لاءِ اچي ٿي ۽ توهان ”قافلي سراءِ“ واري رستي يا هاڻوڪي ”پير شير واري روڊ“ تي وات پٽيون ڏسي رهيا آهيو!؟....
    سوچڻ جي ڳالھ آهي، ته پوءِ اها ڪهڙي آپدا آئي جو اوچتو ئي اوچتو لاڙڪاڻو، اهڙن نازڪ اندام، گلبدن، گلفام ۽ پري پيڪرفنڪارن جي رهڻ جي قابل نه رهيو. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ سبب ته وبائون ۽ ناگھاني آفتون هيون. جيئن پهريون لاڙڪاڻي ۾ پليگ جو حملو ٿيو.ٻيو دفعو انفلوئنزا جو سٽڪو آيو. ٽيون دفعو لاڙڪاڻي ۾ ڪالرا جي وبا پئي. اهڙي طرح ٻوڏيون به اينديون رهيون ،شايد ان ڪري لاڙڪاڻي مان ڪافي لڏپلاڻ ٿي هوندي يا ماڻهو بيمارين جي ور چڙهي ويا هوندا. ٿي سگھي ٿو ته ڪا اهڙي سماجي يا اقتصادي تبديلي به آئي هجي، جنهن لاڙڪاڻي کي ڌوڏي ڇڏيو هجي. اهڙو اظهار قائد اعظم محمد علي جناح جي18 آڪٽوبر 1938 جو ،لاڙڪاڻي آمد تي ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جي صدر،جناب امير علي لاهوري جو ڏنل اهوخطبه استقباليه به هڪ ثبوت آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي بدحالي واري درد جي دانهن سمايل آهي. پڙهو ۽ پوءِ راءِ ڏيو:
    ”بخدمت ۾ جناب محمد علي جناح، جناب باريٽ لا
    ميبر مجلس قانون ساز وصدر ڪل هند مسلم ليگ
    جناب اعلي،
    ميونسپل لاڙڪاڻي جي طرفان اسين صدر ۽ ڪائونسلراوهان کي پنهنجي شهر ۾ پهريون دفعو اچڻ تي، نهايت احترام ۽ خلوص سان خوش آمديد چئون ٿا.
    جناب اعلي
    اسان جي هن غريب شهر ۾ ڪجھ به نه آهي،جو اوهان جي تفريح لاءِ پيش ڪيو وڃي. تاريخي لحاظ کان اسان جي شهرکي’گلستان سنڌ‘جو قابل فخر‘ نالو ڏنو ويو آهي، مگر هي نالو هينئر پراڻو آهي.اسان جي حڪومت’لائيڊ سکر بئراج‘ جي تڪميل کي ٻاهرين دنيا ۾ پنهنجي لاءِ قابل فخر ڪارنامي جي طور تي پيش ڪري سگھي ٿي. مگر هي بئراج اسان جي شهر لاءِ مستقل ڏک ۽ تڪليف جو سبب بڻي آهي.اسان جي شهر جي وچان جيڪو شاندار ’گھاڙ واه‘وهندو هيو،سو شهر جي جي خوبصورتي جو غير معمولي ڪارڻ هيو،هينئر ختم ٿي چڪو آهي. ان سان شهر جي اؤج ۽ خوشحالي جا اهي ڏينهن به ويا، جڏهن هن شهر لاءِ ٻيڙيون تمام گھڻو ڪجھ آڻينديون هيون.سير ۽ تفريح جا اهي اسباب به ممدوح ٿي ويا،جن جي ڪري ماڻهو صحت مند ۽ مطمئن رهندا هيا.
    ان جي باوجود هيءَ ڳالھ اسان جي لاءِ باعث عزت ۽ افتخار آهي، جو اسين اهڙي قديم تهذيب جا پاڙيسري آهيون،جيڪا موهن جي دڙي مان ملي آهي.اسان کي اميد آهي ته اوهان ضرور ويندا. جيڪڏهن اسين پنهنجن ابن ڏاڏن جي شاندار روايتن تي فخر ۽ سرت جو اظهار ڪري رهيا آهيون، ته اهو نااميدي جي جذبي تحت ناهي،پر عظيم ماضي مان پيدا ٿيندڙ مضبوط ۽ زبردست اعتماد جي ڪري آهي. جيتوڻيڪ اسين مشڪلاتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون.جيڪي ناقص ميونسپل نظام جي ڪمزوري،انتخابي اداري ۽ ڪنٽرلنگ اٿارٽيز جي متضاد قانونن جي ڪري پيدا ٿيون آهن.ان هوندي به اسان کي خدا تي مڪمل ڀروسو آهي.اسين دعاگو آهيون ته اسان کي سچائي ۽ سڌي رستي تي عمل ڪرڻ جي تو فيق عطا ڪري.
    اسين آهيون اوهان جا نياز مند
    امير علي لاهوري صدر، پرتاب راءِ واسومل نائب صدر.
    هاڻي جي ڀيٽ ڪري ڏسبي،ته اندازو ٿي ويندو،ته جڏهن ” برٽن “ لاڙڪاڻي ۾ آيو، ته ان وقت لاڙڪاڻو خوشحال،سرسبز، آباد ۽ شاداب هيو. پر پوءِ جڏهن لائيڊ بئراج ٺهڻ ۽ رائيس ڪئنال نڪرڻ جي ڪري گھاڙ واه بند ٿيو ته ڄڻ لاڙڪاڻي جي قسمت رسي وئي. ڇو ته دريائي بندر جي بند ٿيڻ ڪري وڻج واپار کي وڏو ڌڪ رسيو. لاڙڪن ۽ ميراڻين جا وڏا وڏا هوڙا ۽ ٻيڙا بيڪار ٿي ويا. دريائي آمدورفت جيڪا گھاڙ وسيلي ٿيندي هئي، سا ختم ٿي وئي . قافلي سراءِ ۾ ايندڙ واپارين جو اچڻ بند ٿي ويو. لاڙڪاڻي جون اهي زمينون جيڪي سنڌ جي سمورن ضلعن جي زمينن کان مهانگيون هيون، تن جا اگھ مرڻ لڳا. لاڙڪاڻي جو پنجاه جريبن يعني پنجويھ ايڪڙ آباد زمين جو مالڪ به چڏا کنهي ،شهپر وٽي پاڻ کي رئيس يا ڀوتار سڏرائيندو هيو، سو ننڍڙوکاتيدار يا آبادگار ٿي ويو. پوءِ جڏهن واپاري، زميندار ۽ شهر جا مهندار،نازڪ اندام،گلفام نازنينن جون ناز برداريون نه ڪري سگھيا، ته سهڻن ۽ سيبتن سانگيئڙن به لاڙڪاڻي کي الوداع چيو ۽ ائين سنڌ جو باغِ عدن مورن،بلبلين ،قُمرين ۽ ڪوئلين کان خالي ٿي ويو.باقي بچيا سياسي ڪانو، تن جي لڙ ۾لاڙڪاڻي جو فن ٺونگن جو شڪار ٿي ويو.بس جي بچي هئي، ته هڪ سڃائي ،ٻي سيٽ گھڻي!
    ڳالھ کٽائڻي، ته اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن ته مختلف حوالن سان سانگ ۽ سانگين کي دانسته يا غير دانسته طور تي ذو معني ۾ ڏاڍي علامتي انداز ۾ ياد ڪيو آهي ، پر نام نهاد محققن ڄڻ ته کين اکيون ٻوٽي نظر انداز ڪيو آهي. افسوس صرف اهو آهي ته هڪ ڌارئي محقق ”رچرڊ ايف برٽن“ ته وري به کين تاريخ جي ورقن جي زينت بڻايو، پر پنهنجن محقق ته کين لؤڻو هڻي به نه ڏٺو؛ ته اِهي فنڪار به لاڙڪاڻي شهر جي سونهن ۽ سوڀيا، زيب ۽ زينت هيا!؟... ان بي حسي ۽ بي رخي مان ثابت ٿئي ٿو، ته لاڙڪاڻي يا سنڌ جي محققن جو رويوبه ڪلاسيڪل خشڪ زاهد جھڙو هيو، جنهن لاءِ نظامي گنجوي خوب چيو آهي:
    زاهد نه داشته، به جمالِ پري رخان
    ڪنج گرفت يادِ خدا را بهانه ساخت
    منهنجي ان سڄي حال احوال ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته جيڪو بئليٽ ڊرامو يا ميلو ڊرامو رچرڊ ايف برٽن ڏٺو هيو ،سو سنڌي ”سانگ“ جو هڪ قسم هيو. جنهن کي اسان جي پيشروئن شرفائن شايد ان ڪري وساريو يا رجسٽرڊ نه ڪيو، جو ان حوالي سان انهن عورتن جو ذڪر پئي آيو ،جن جي ذڪرڪرڻ سان مرداڻي سماج جي صاحبِ عقل، صاحب ِعلم ڪج ڪُلاه ماڻهن جي گھٽتائي پئي ٿي. نه ته اوهان اهو ٻڌايو ته ڇا انهن رچرڊ ايف برٽن جي ڪتاب ”SINDH REVISITED“ کي نه پڙهيو هوندو؟ ............
    حرف آخر،
    ته انهن سڀني دوستن جو مشڪوروممنون آهيان، جيڪي مونکي لکڻ لاءِ اتساهيندا رهيا آهن .جن ۾ ننڍپڻ جو دوست سهيل مڪاني،علمي وادبي دوست تاج بلوچ، حفيظ قريشي، عبدالوهاب سهتو، عنايت ميمڻ، عاشق منگي، ممتاز ابڙو، محمد امين مگسي ۽ سعيد سومرو آهن.نه ته مون جھڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي بت کان به بيزار هجي،ان کان ايترو لکڻ به ڪاٿي ٿو پڄي.

    منظور ڪوهيار
    - A 3056فيز 2 گلشن حديد ،ڪراچي.
    رابطو، موبائل فون:03433629448


    ماهتاب (سانگ ناٽڪ)

    ڪردار

    دلبر خان: پوڙهو سيٺ ۽ ماهتاب جو گھوٽ
    ماهتاب : خوبصورت فنڪاره
    نور جھان : ماهتاب جي ڀيڻ ۽ ڪلاڪار
    صاحب جان : ماهتاب ۽ نورجهان جي ماءٌ
    آفتاب : ماهتاب جو سرڦريو عاشق
    گامو : مسخرو
    ۽
    ٻيا عام ماڻهو


    نوٽ

    ماهتاب جي حوالي سان رچرڊ ايف برٽن بئلٽ ۽ ميلو ڊرامي جو ذڪر ڪيو آهي، هن ان ڊرامي جو مرڪزي خيال به ڏنو آهي. جنهن کي مان پنهنجي نقطه نگاه کان” سنڌي سانگ“ جو هڪ نمونو سڏيان ٿو. مان پنهنجي حوالي سان ماهتاب ۽ سندس سٿ جي رچيل سنڌي ڊرامي (سانگ) جي اسڪرپٽ جي حوالي سان ڄڻ ٻيهر جوڙجڪ construction ) Re) ڪئي آهي. ڊرامي جي فن سان محبت رکندڙ دوست ان کي ڪيتري قدر حيثيت ۽ مان ڏين ٿا ، اهو انهن تي ڇڏيل آهي.
    البت، ناٽڪ يا ڊرامي جي فن جي حوالي سان سنجيده سنگت کي صرف ايترو عرض آهي ته اهي به ان ڏس ۾ وک وڌائن ۽ اهڙيون تاريخي حقيقتون سامهون آڻين جن مان سنڌي ڊرامي جي قدامت جا ثبوت ملن .اهو ثابت ٿئي ، ته سنڌي ڊرامو 1880 ۾ نه، پر اڳ به پنهنجي شان ۽ مان سان موجود هيو. جيڪڏهن ڪنهن ڊرامي جو اسڪرپٽ نه ٿو ملي ۽ مرڪزي خيال ملي ٿو، ته ان جي ٻيهر جوڙ جڪ ضرور ڪن، ته جيئن ان ڪلاسڪ کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو سامان مهيا ٿي سگھي. مونکي يقين آهي ته بالغ نظر دوست ضروران ڳالھ تي ڌيان ڌريندا. ڇو ته پنهنجي جد امجد کي ته هرڪو ساري ٿو،پر سنڌ جي انهن مهانڊن ۽ فنونه لطيفه جي وساريل شخصيتن کي ڪير جياريندو، جيڪي تاريخ جي صفحن تي اڃا تائين پنڊ پاهڻ لڳا پيا آهن؟. {


    ڏيک پهريون

    پردو کلي ٿو


    ] رنگ ڀومي (سانگ ڪرڻ جي مخصوص جاءِ) جي کاٻي پاسي تي هڪ نوجوان بين وڄائيندي نچي رهيو آهي. هڪ خوبصورت ۽ حسين ڇوڪري ساڄي پاسي کان نچندي داخل ٿئي ٿي . ٻئي ان مڌر ۽ من موهيندڙ ڌن تي مستي ۽ موج ۾ نچندا رهن ٿا. جڏهن نوجوان بانسري جي ڌن وڄائي ختم ڪري ٿو ته خوبصورت ڇوڪري ڄڻ رسي هڪ ڪنڊ ۾ اچي بيهي ٿي .[
    نوجوان: (پڇندي) ڇو، ڇاٿيو ماهتاب ؟
    ماهتاب: ( ڪنڌ ڦيرائي ڪاوڙ ۾ ٻڌائيندي) اهو پڇ ته ڇا نه ٿو ٿئي، آفتاب؟..هر روز منهنجو واڪ ٿو لڳي. توکي ته خبر آهي ته منهنجا مائٽ لالچي آهن . هو مون کي ٽڪن تي وڪڻڻ گھرن ٿا. پر تون آهين ،جيڪو مون کي هر ڀيري گھاڙ ڀڪ تي بين جي آلاپن سان عشق جي ڀڙڪندڙ جوالا مکي کي ٿڌو ڪري ڇڏين ٿو.
    آفتاب: ( پريشانيءَ وچان) ماهتاب، توکي ته خبر آهي ته منهنجو پيءُ ڪنجوس مکي چوس آهي.مان جڏهن به ان کان پئسا گھران ٿو ته هو چوي ٿو ته توکي حال في الحال پئسن جي ڪهڙي ضرورت آهي. جڏهن مان مرندس ته پوءِ سڄي مال ملڪيت جو وارث بڻجانءِ .
    ماهتاب: ان جو مطلب ته جڏهن تنهجو پيءُ مرندو، پوءِ تنهجي منهجي شادي ٿيندي؟
    آفتاب: ماهتاب، مان پاڻ ان بي وسي واري زندگيءَ کان تنگ اچي چڪو آهيان. هل ته ڀڄي هلون،ڪنهن اهڙي سانتيڪي جاءِ تي، جتي ڪو اسان کي جدا نه ڪري سگھي.
    ماهتاب: آفتاب، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي جڳھ ڪونهي جتي پيار جا ويري نه هجن .ان ڪري خوابن ۽ خيالن جي دنيا مان نڪري،جي تون مونکي حاصل ڪري سگھين ٿو ته ڪر،نه ته پيار ۽ محبت کي اتي ئي ختم ڪر،ته جيئن عاشقن جي اجائي بدنامي نه ٿئي.
    آفتاب: ماهتاب، تنهنجي ميار پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي. مان توسان اهو واعدو ٿو ڪيان ته مان هاڻي ئي سکر وڃي پنهنجي هڪ سيٺ زادي دوست کان پئسا اڌارا وٺي، سڀاڻڪي سج ۾ واپس ورندس. اهي تنهنجن مائٽن کي ڏيئي ضرور راضي ڪندس. بس سڀاڻي جي سج لهڻ تائين انتظار ڪجانءِ!.. مان هر صورت ۾ واپس ورندس!
    ماهتاب: سچ آفتاب ؟
    آفتاب: بالڪل، سورنهن آنه سچ!
    (آفتاب، رنگ ڀوميءَ مان تيزيءَ سان نڪري وڃي ٿو ۽ ماهتاب خوشيءَ مان ڦيراٽيون پائيندي گيت ڳائيندي نچڻ لڳي ٿي.)
    دل، دلبر سان هڪ ڏينهن ملندي
    جيئن جيئن ملندي، تيئن تيئن کِلندي
    وري ڪونه لڳندا،وڇوڙي جا جھولا
    جڏهن محب ملندا،تڏهن هير گھلندي
    لڳي واء سڻائو، منجھ لاڙڪاڻي
    محبت جي ٻيڙي،وڃي پار پوندي
    (جيئن ئي گيت ختم ٿئي ٿو ،ته رنگ ڀومي ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري ساڄي پاسي کان نچندي داخل ٿئي، کاٻي پاسي پهچي ٿي )
    ماهتاب: (ڇوڪري کي ڏسي ،خوش ٿي ٻڌائيندي) نورجھان، منهنجي ڀيڻ!.... اڄ آفتاب واعدو ڪيو آهي، ته هو سڀاڻي ضرور ايندو ۽ پوءِ مونکي وٺي ويندو.
    نورجهان : (نڪ کي موڙو ڏيندي) اهو ڪهڙو واعدو جيڪو وفا ٿئي. هتي ته عاشقن جا واعدا پاڻيءَ جي لڪير هوندا آهن.هاڻي گھر هل جو سج لهڻ وارو آهي. امان ٻين ڀينرن سان سانگ رچائڻ لاءِ باڊھ ويل آهي. کيس خبر پوندي ته حشري مچائي ڇڏيندي.
    ]ٻئي نچندي تيزيءَ سان ساڄي پاسي ڄڻ گھر ڏانهن وڃن ٿيون.[


    ڏيک ٻيو

    ]ماهتاب ۽ نورجھان نچندي رنگ ڀومي جي ساڄي پاسي ڄڻ پنهنجي گھراچي بيهن ٿيون.[
    نورجھان: ( ٿڌو ساه ڀريندي) شڪر ٿي منهنجا مولا، جو امان جي اچڻ کان اڳ گھر پهچي وياسي!
    ماهتاب: (نورجھان جي ٻانهن کان پڪڙيندي) سچي ٻڌاءِ، نورجھان ، ڇا هو مونکي ڌوڪو ڏيندو؟ خبر ناهي ڇو ،مونکي اهو يقين آهي ته هن جو واعدو پٿر تي لڪير آهي.
    نورجھان: هر عورت کي مرد کان ڌوڪو کائڻ جو شوق هوندو آهي ، نه ته هر عورت کي خبر آهي ته مرد جي ذات بي وفا آهي. هر مرد صرف عورت کان وفا جي اميد رکندو آهي. ماهتاب منهنجي وڏي ڀيڻ ! بهتر اهو ٿي ته ڪوڙي عاشق جي ڪوڙي واعدي کي وساري ڇڏ!..اسان جو سچو عاشق صرف اهو آهي، جيڪو اکين آڏوهوندو آهي ۽ جيڪو نه آهي ،اهو مئل سمجھ.
    ماهتاب: نه نورجھان،نه!..اهي لاڙڪاڻي جي دوڪاندارن ۽ دلالن واريون ڳالهيون نه ڪر! ..عشق آب حيات آهي، جيڪو عشق ڪندا آهن،اهي ڪڏهن به ناهن مرندا.
    نورجھان : چڱو، چڱو تنهنجو ئي ڀت گھاٽو!..مرندا ناهن پر شهيد ته ٿي ويندا آهن، نه...۽ شهيد عاشق ڪهڙي ڪم جا، انهن کي صرف ختمو ئي ڏبو آهي.
    ماهتاب : (جذباتي ٿيندي) مونکي اهو ٻڌاءِ ،نورجھان...ڇا سسئي ۽ پنهون جو عشق ختم ٿي ويو؟.. ڇا هير رانجھي جي محبت مري وئي؟...ڇا سهڻي ميهار جي پريت جو انت اچي ويو؟.... جيستائين هيءَ فاني دنيا موجود آهي، انهن جي عشق جو چرچو هلندو رهندو ۽ انهن جا ڪردار امر رهندا. مان به محبت جو امر رس پيئڻ چاهيان ٿي.
    نورجھان : (ٻانهون ٻڌي معافي وٺندي) معاف ڪر منهنجي ماءُ!...مون کان غلطي ٿي وئي (اوٻاسي ڏيندي) اڌرات ٿي وئي آهي. مونکي ته ننڊ ٿي اچي، مان هلان ٿي، تون سج اڀرڻ ۽ پنهنجي محبوب جي واعدي جو انتظار ڪر. ٿي سگھي ٿو ، پاڻي برف ٿي وڃي ۽ سندس واعدي جي نڪتل لڪيرجو نشان قائم هجي. پر اها ڳالھ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته جيڪڏهن تو وارو اهو عاشق نامراد سڀاڻي نه آيو ۽ ڪو ٻيو عاشق بامراد پهچي ويو، ته امان صاحب جان، کي پئسي کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به پرواه ناهي هوندي. هن کي نَوَ ڌيئرون آهن.تنهنجي وڃڻ کان پوءِ به حسن ۽ فن جي بازار ۾ اٺن ڌيئن سان راڄ ڪندي.
    ( نورجھان رنگ ڀومي کان ٻاهر هلي وڃي ٿي)
    ماهتاب : ( ڪاوڙ وچان) هيءَ ڀيڻ ٿي ڪري به منهنجي ڦٽن تي صرف لوڻ ٻرڪيندي رهندي آهي. هن ڪڏهن به منهنجن زخمن تي پها ناهن رکيا. خبر ناهي ڇو، منهنجا سڀ مٽ مائٽ دشمن ٿي ويا آهن. شايد سڀ منهنجي محبت تي سڙن ٿا. مونکي يقين آهي ته هو ضرور ايندو ،عاشقن جا واعدا پٿر تي لڪير مثل هوندا آهن.
    (ماهتاب انتظار واري ڪيفيت ۾ ،پريشانيءَ ۽ مايوسيءَ وچان آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳي ٿي، ڄڻ رات جي تارن کي تڪي رهي آهي )
    ماهتاب : ( ٿڌو ساه ڀريندي پنهنجي منهن ڳالھائيندي) آفتاب! مون کي يقين آهي، ته تون ضرور ايندي. تون ته منهجي نيڻن جوٺارآهين، منهنجو دلدارآهين،منهجو ڳهڻو، منهنجو سينگار آهين. مان تو کان سواءِ هرگز پري رهي نه ٿي سگھان.
    (ماهتاب بي چيني منجھان گول ڦرندي نچي رهي آهي .جنهن ۾ رات جي گذرڻ جو گھرو احساس سمايل آهي. آهستي آهستي جھرڪين ۽ ٻين پکين جا آواز، پس منظر ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي صبوح ٿيڻ جو احساس ڏيارين ٿا. ماهتاب انتظار ۾هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي، بيقراري ۾ نچندي رهي ٿي.جنهن مان سندس بيچيني ۽ بي آرامي صاف بکي رهي آهي. )
    ماهتاب : (انتظار واري ڪيفيت ۾ڏسندي) صبوح جو سج اڀريو آهي، خبر ناهي ته آفتاب ڪٿي هوندو؟. ............. (ڳائيندي)
    دل بي قرار آ
    من بي قرار آ.....
    تڙپان لڇان ٿي
    راهون ڏسان ٿي
    پل نه قرار آ....
    وقت وڃي ٿو
    هيانءُ هڄي ٿو
    سر تي ترار آ......
    ] ماهتاب زور زور سان سڏڪا ڀريندي رهي ٿي. [


    ڏيک ٽيون

    ]ماهتاب نهايت مايوسيءَ ۽ پريشاني ۾ بيٺي آهي.رنگ ڀومي جي ساڄي پاسي کان نورجھان اوچتو ڳاڙهو رئو کنيون، تڪڙي تڪڙي اچي کيس ڪن ۾ڪجھ ٻڌائي ٿي[
    ماهتاب :( حيرانگيءَ وچان رڙ ڪندي) نورجھان ڇا ٿي چوين!؟
    نورجهان:سچ ٿي چوان ماهتاب !..... تنهنجي اميدن جو سج لهي چڪو آهي.
    ماهتاب: ڇا منهنجي ماءُ مونکي وڪڻي ڇڏيو ۽ آفتاب جو انتظار نه ڪيو؟
    نورجھان: توکي تنهنجي ماءُ نه پر ”صاحب جان“ وڪڻي ڇڏيو. اسان جا مائٽ اسان کي پاليندا ئي وڪڻڻ لاءِ آهن. باقي، جيڪو آفتاب هن وقت تائين نه اڀريو، اهو جي هاڻي اڀريو به، ته ڇا ٿيندو.
    ماهتاب: ڇا ويجھا رشته به ايڏا سنگدل ٿي سگھن ٿا؟
    نورجھان: (ٿڌو ساه ڀريندي) ويجھا رشته سنگدلي تي اچن، ته انهن کان وڌيڪ پٿر دل ڪي ٻيا نه ٿا ٿي سگھن.
    ماهتاب: پر منهنجي معصوم محبت جو ڇا ٿيندو،ڀيڻ؟
    نورجھان: اهو ئي ٿيندو جيڪو ڀاڳ ۾ لکيل هوندو،ڀيڻ!
    ماهتاب: منهنجو خريدار ڪير آهي؟
    نورجھان: لاڙڪاڻي جو هڪ سيٺ آهي.
    ماهتاب: اهو ته ٻڌاءِ، حسين آهي يا قبيح آهي؟
    نورجھان: بس هو توکي ڏسي شڪر ڪندو ۽ تون هن کي ڏسي صبر ڪجانءِ.
    ماهتاب : جوان آهي يا پوڙهو آهي؟
    نورجھان: ائين سمجھ ته ٿڪل گھوڙو آهي.
    ماهتاب: حسن وارن جي ايڏي قسمت خراب ڇو آهي؟
    نورجھان: حسن وارن جي دنيا سراب آهي.
    ماهتاب: ان سراب ۾ڪيستائين مرگھ نيڻيون ڊڪنديون رهنديون؟
    نورجھان: جيستائين بد ذوقي ۽ بد صورتي جي صحرا ۾ سفر رهندو.
    ماهتاب: اهو بد ذوقي ۽ بدصورتي جي صحرا جو سفر ڪڏهن ختم ٿيندو؟
    نورجھان: (ٿڌو ساه ڀريندي) ڪا خبر ڪونهي!.. پر ايتري خبر ضرور آهي ته منزل ڏور ۽ راه اڻانگي آهي.
    ماهتاب: (مايوس ٿي هيٺ ويهندي ) هيءَ مرگھ نيڻي پنهنجي قسمت کي قبول ڪري ٿي،پر آفتاب جي آرزو ته من مان ڪڏهن به نه ويندي،نورجھان .
    نورجھان: (مٿانئس ڳاڙهو رئو وجھندي) اها من جي آرزو ۽ دل جي حسرت ته آخري دم تائين رهڻي آهي ،ڀيڻ!..
    (ماهتاب ڪنوار وانگر ڪنڌ جھڪائي هيٺ ويهي رهي ٿي. پس منظر ۾ خوشيءَ جوسهرو هلڻ شروع ٿئي ٿو. نورجھان ان سهري تي نچڻ لڳي ٿي. پر ٿوري دير کانپوءِ ماهتاب جي ماءُ، ٽي ماڻهوشاهد ۽ وڪيل؛ رنگ ڀومي جي ساڄي پاسي کان اندر اچن ٿا.)
    وڪيل: (ٽي دفعا پڇندي) ماهتاب خانم !ڇا توکي سيٺ دلبر خان ولد سيٺ آچر خان لاڙڪاڻوي قبول آهي؟
    صاحب جان: ( ماهتاب جي ماءُ ،ماهتاب جي ڪنڌ کي هٿ سان ٽي دفعا جھڪائي ڄڻ قبوليت جو اقرار ڪرائيندي چوي ٿي) ها،ها!..قبول ٿس،قبول ٿس،قبول ٿس! ...نه ڪري ته آنڊا ڪڍانس!
    ] شاهد ۽ وڪيل ٻاهر نڪري وڃن ٿا. آخر ۾ ماهتاب جي ماءُ ’صاحب جان ‘۽ ’نورجھان‘ غمگين انداز ۾ ماهتاب کي الوداعي ڀاڪر پائي ٻاهر نڪري وڃن ٿيون. [

    ڏيک ٽيون
    ] ماهتاب گھونگھٽ هنيون روئي رهي آهي . هڪ پوڙهو گھوٽ جنهن کي هٿ ۾ ڇڙي، مٿي تي موڙ ۽ زرق برَق لباس پهريل آهي، ساڄي پاسي کان رنگ ڀومي ۾داخل ٿئي ٿو.سندس چيلھ سان هڪ طرف تلوار ۽ ٻيءَ طرف خنجر ٻڌل آهي.هو کنگھندو۽ ڇڙي ٽيڪيندو ڪنوار جي مٿان اچي بيهي ٿو.[
    دلبر خان: (کنگھندي ) انھ!...انھ! انھ!....مان ئي تنهنجو خريدار آهيان....گھونگھٽ مٿي ڪري ڏس!.....تنهنجو شوهرِ نامدار آهيان.
    (آهستي آهستي ماهتاب اٿي ،گھونگھٽ مٿي ڪري ٿي.سيٺ دلبر خان کيس ڏسندي کنگھي کنگھي سندس حسن جي تعريف ڪرڻ لڳي ٿو)
    ٿي، نالوجھڙو ماهتاب
    اهڙي آهين تون جناب
    چوڏنهين جو چنڊ آ
    يا ڪي مثلِ آفتاب
    توکي ڏسندي ڪامڻي
    مان ته ٿي ويو آ ڪباب
    مان ته ٿي ويو آ ڪباب
    (سيٺ دلبر،ماهتاب جو حسن ڏسي ٿاٻڙجي هيٺ ڪري پوي ٿو. )
    ماهتاب: (پريشاني وچان، مٿان بيهي چوندي) اي عمر رسيده عاشقِ بيمار !..ڇا تون هن دنيا مان شرمساري يا بيماريءَ جي ڪري موڪلائي وئين؟...پر خدا جو قسم ! ته تنهجي بي وقتي موڪلائڻ يا توڪلائڻ ۾منهنجو ڪو هٿ ڪونهي. لڳي ٿو تو کي مظلوم عاشقن جون پِٽون کائي ويون.
    (دلبر سيٺ ،ڇڙي کي ٽيڪ ڏئي ڪپڙا ڇنڊيندي ڏڪندو ڏڪندو اٿي ٿو)
    دلبر: ( مهتاب سان کِلي مخاطب ٿيندي) اي ماه رخ!... نه موڪلايو آهي، نه توڪلايو آهي....بس هي بنده ،تنهنجي حسن جو جلوو ڏسي، ٿورو ٿاٻڙجي ڪريوآهي ... ٻيو ته توسان شادي ڪري نه شرمسار آهيان، نه بيمار آهيان. مان ته هن شهر جي عاشقن جو سردارآهيان.
    ماهتاب: سيٺ دلبر خان !کڻي،تون سردار هوندين،مگر وهي کانسواءِ بيڪار هوندين .
    دلبر: (سمجھائيندي) ماهتاب، هي حسن ،هي جواني بي بقا شيون آهن. انهن جو ذڪر ڪرڻ اجايو آهي .هڪ ڏينهن اها وهي وهي ويندي،ڳالھ دل جي رهي ايندي. بس دل جوان آهي، ته عشق آسان آهي. نيت صاف آهي، ته منزل قريب آهي.
    ماهتاب: (ٿڌو ساه ڀريندي) پر، سيٺ دلبر خان! ان ۾ ڪنهنجو ڏوه ناهي، هڪ طرف پئسي جو بود ۽ ٻي طرف قسمتِ جي ماريل عورت. نه ته ڪٿي ڪراڙپ، ڪٿي شباب....تون ٽٽل شرناءِ وانگر، مان مثل چنگ ورباب!...
    دلبر: تون مون کي سيٺ دلبر نه چوندي ڪر، حجت ڪري دِلو چوندي ڪر...دِلو،!...جي دلو دل تي نه ٿو چڙهئي ته ڪهڙو به اڌوگابرو نالو رک، قبول آهي. ( وري کنگھ جو دورو چڙهي وڃيس ٿو) انھ! انھ!..اڳ کان ٿوري آهي....ڪيڏو به روڪيان ٿو ڪميني کي، پر پاڻ زوري آهي .....
    ماهتاب: (بڇان وچان ) سيٺ دلبر خان تون ائين کنگھندي ته مان توسان ته هڪ گھڙي به نه گذاري سگھندس. پر جي تون زور ڀريندي ته مان پاڻ ماريندس.
    دلبر: (جھليندي) مرن تنهنجا دشمن!...عقل ڪجانءِ!...پورو هڪ لک چانديءَ جا سڪا ڀريا آهن .ايتري اگھ تي حسن کي ڳنهڻ ڪو چرچو ناهي.... مان اهو واعدو ٿو ڪيان ته سڀاڻي ئي شاهي بازار جي مشهور ۽ مهانگي حڪيم هوندي مل کان علاج وٺندس. جيستائين ان رقيبِ روسياه کنگھ جو خاتمو نه ٿيندو ،تيسين تو ڀر ويهڻ حرام هوندو.
    ( دلبر ڇڙي ٽيڪيندو، کنگھندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ ماهتاب مٿي کي هٿ ڏيئي ڳائي ٿي.)
    منهنجي قست آهي اهڙي
    ڪنهن تي ڪونه ميار....
    پنهنجن به آڇني ڇڏيو
    ڪو نه لڌئون ڪا سار......
    ڄاتو جنهن کي پريتم
    اهو به ٿي ويو ڌار......
    محبت ڇا بيماري آ
    ۽ عشق وڏو آزار؟......
    [ ماهتاب مايوسيءَ وچان ڳائيندي ڳائيندي سمهي پوي ٿي. ]


    ڏيک چوٿون

    ] رنگ ڀومي تي روشني ۽ پکين جي آوازن جي پس منظر سان صبوح جي منظر نگاري وارو احساس ڏياريو وڃي ٿو. ماهتاب ڄڻ ته محوِ خواب آهي، ساڄي پاسي کان سندس ڀيڻ نورجھان پير پير ۾ ڏيندي اندر داخل ٿئي ٿي ۽ ماهتاب کي ڇيڙيندي اٿاري ٿي.[
    نورجهان: (ماهتاب جي چوڌاري ڦرندي ، تاڙيون وڄائيندي، نچندي ۽ ڳائيندي )
    نينهن نياپو، آيو نياپو!
    آيو نياپو!.............
    نيارو نياپو، نيارونياپو!
    آيو نياپو!...........
    ماهتاب: ( ڄڻ ته چڙ وچان اٿي سر سان پڇندي )
    ڇو ٿي ڪرين تون
    مون سان مذاقون
    ڪهڙو نياپو،
    ڪنهن جو نياپو؟
    نورجھان:
    پياري تنهنجي جو
    پيارو نياپو
    آيو نياپو!
    مهتاب: جلدي ٻڌاءِ تون
    جلدي نياپو!
    هان، جلدي نياپو!
    نورجھان: اڄ گھاڙ ڪناري
    ٿيندءِ ميلاپو
    اهڙو نياپو،
    آيو نياپو
    ماهتاب: هاڻ وڃان ٿي
    ان سان ملان ٿي
    جيئه جياپو!
    آيو، نياپو!..

    ]ماهتاب خوشيءَ وچان نچندي ،هيڏانهن هوڏانهن واجھائيندي، رنگ ڀوميءَ جي کاٻي طرف ڄڻ گھاڙ واه ڏانهن وڃي ٿي[


    ڏيک پنجون

    ]آفتاب، رنگ ڀومي جي کاٻي پاسي کان داخل ٿي ڄڻ گھاڙ ڪناري پهچي ٿو ، اوچتو ماهتاب جي مٿائنس نظر پئجي وڃي ٿي.[
    ماهتاب: ( ڏسندي، بي تابي وچان )
    او آفتاب!.. پيارا منهنجا آفتاب
    منهنجي لاءِ بڻجي ويو آ خواب
    ڪاٿي هئين، ڪيئن هئين؟
    جلدي ٻڌاءِ!جلدي سڻاءِ!............................
    آفتاب: (ڪاوڙ ۾ گھوريندي )
    بي وفا ، او بي وفا،او بي وفا!..
    ڇو ڪيئي مون سان جفا،
    اهڙي جفا،او بيوفا؟
    ماهتاب: (ٻڌائيندي )
    ڪون ڪئي آهي جفا، توسان صفا!
    روئندي رهيس،رڙندي رهيس
    هر گھڙي مرندي رهيس
    جيئندي رهيس!
    توکي اچڻو هو، مگر آئين نه تون
    مون نهاري راه تنهنجي ڪيئي دفعا .
    تون ٻڌاءِ ڪيئن هئين، ڪاٿي هئين ،
    ڇو وقت تي پهتين، نه تون منهنجا مٺا؟
    آفتاب: ( غمگين لهجي ۾ ٻڌائيندي )
    ڇا ٻڌايانءِ محبوب ، منهنجا ڇا ٿيو
    جيڪو ٿيو، بس اهو قسمت ڪيو
    ايندي سکر کان وئي ٻيڙي ٻڏي
    ان ڪري پنهنجي قسمت وئي ڦِٽي
    جيئن موٽيس، پئي خبر
    ائين لڳو وڄ ڪا مونتي ڪري
    ماهتاب: ( ٻڌائيندي )
    جي تون هُتين ڦاٿل هئين
    ته مان هتي مجبور هيس
    ڇا ٻڌايان حال هت ماڻهن جو مان
    ڪهڙي ڪهڙي ڳالھ مان توسان ڪيان
    لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو آ مگر
    پر رقيبن جو به مرڪز آ شهر
    هن شهر ۾ سيٺ ڪيئي ٿا رهن
    پئسي سان هر شيءِ خريدي ٿا وٺن
    تن بدن وڪجي وڃن ته به خير آ
    پر روح به هت وڪامي ٿا وڃن
    ماءُ وڪڻي ڇڏيو مونکي، مٺا
    مان ڇا ڪيان، مجبور هيس،
    مان ڇا ڪيان؟... مان ڇا ڪيان؟
    (ماهتاب ڍنڍڪار ڏيئي روئڻ لڳي ٿي )
    آفتاب : ( مضبوط ارادي سان سمجھائيندي )
    ٻڌ! ڏڌو کير نه ٿڻي پوندو آهي
    ڇٽل تير ڪمان ۾ نه ورندو آهي
    پرآهي، عشق اهو ترياق ،سانئڻ!
    لڳڻ سان ناسور به ڇٽي ويندو آهي
    ماهتاب: ( پڇندي ) مون اڃا تائين اهو نه ڄاتو آهي؟
    ته، عشق ترياق ڪيئن بڻبو آهي؟
    تو وٽ حل آهي ته ٻڌائي ڇڏ
    جلدي ڪر، ڪا ترڪيب سڻائي ڇڏ!
    آفتاب:
    ڪن هيڏي ڪر ته ٻڌايانءِ توکي
    راز مگر راز رهي، افشان نه ٿئي .
    (ماهتاب پنهنجو ڪن آفتاب ڏانهن ڪري ٿي. آفتاب، ماهتاب جي ڪن ۾ سس پس ڪري ٿو)
    ماهتاب : ( مشڪندي )
    چڱو ٺيڪ آ!
    ته پوءِ ملي وٺنداسين
    جيڪو به قسمت ۾ هوندو
    اهو ڏسي وٺنداسين.
    آفتاب: ( الوداع چوندي ) چڱو،خدا حافظ!
    ماهتاب: الله حافظ!
    ] آفتاب رنگ ڀومي مان نڪري وڃي ٿو.ماهتاب گھونگھٽ هڻي هيڏانهن هوڏانهن شڪَ هڻندي گول ڦيرا پائيندي ، موٽڻ لڳي ٿي؛ ته اوچتو سيٺ دلبر رنگ ڀومي جي ساڄي پاسي کان اندر داخل ٿئي ٿو، سندس نظر ماهتاب تي پئجي وڃي ٿي.[


    ڏيک ڇهون

    ] آخر ڪار جڏهن ماهتاب رنگ ڀومي جي ساڄي پاسي ڄڻ گھر ۾ پهچي ٿي،ته دلبر کيس ڪاوڙ وچان گھورڻ لڳي ٿو.[
    دلبر: ( ڪاوڙ وچان پڇندي)
    شهر ۾يل گھمندي ٿي وتين
    سونهن پنهنجيءَ کي رلائيندي وتين؟
    بي شرم او بي حيا ڪجھ هوش ڪر
    منهنجي عزت کي به ڏس، ڪجھ ڌيان ڌر
    ماهتاب:( ست سريون ٻڌائيندي )
    هجي ناڻو ته گھمجي لاڙڪاڻو
    هت پئسي بنان ناري ته ڇا،
    نر به ويڳاڻو!.......
    ڇا پنهنجن سان ملڻ آهي گناه
    جن سان جڙيل جند ۽ آهي ساه؟
    ڇا منهنجي قسمت ٿي وئي آهي، بد
    جو هر خواهش منهنجي ٿي آهي رد؟
    دلبر:( نرم ٿيندي)
    هر دفعي ائين پنهنجي قسمت نه لوءِ
    اي گلربا! هار ۾ ڪنڊا نه پوءِ!
    بس، حڪم ڪر! هاڻي توکي ڇا کپي؟
    جيئن چونديئن، اونئن ئي ٿيندو، هر دفعي
    ماهتاب: ( پڇندي) سچي، پچي تون ڪرين ٿو واعدو،
    ائين آهي ته، پوءِ کڻ منهنجو قسم؟
    دلبر:
    سچي دل سان مون ڪيو آ، واعدو!..
    منهنجي مٺڙي ماهتاب ، تنهنجو قسم!...
    ماهتاب: (جھمر هڻندي لوڪ گيت واري انداز ۾ ڳائيندي پنهنجا مطالبا پيش ڪريس ٿي.)
    منهنجا مور لاڏا
    او شهزور لاڏا!....(شهزور لفظ ٻڌڻ تي ،دلبر فخر وچان پنهنجو سينو تاڻيندي نچڻ ٿو)
    جلدي ڪر تون مون کي
    هاڻي هاڻي وٺي هل
    شاهي بازر گھماءِ
    سٺا وڳا تون ڍڪاءِ
    منهنجا مور لاڏا
    او شهزور لاڏا.......
    سرهيه پڌر پساءِ
    عطر عنبير هڻاءِ
    منهنجا مور لاڏا
    او شهزور لاڏا!......
    نانو پڌر گھماءِ
    شيءِ شَڪلِ کاراءِ
    منهنجا مور لاڏا
    او شهزور لاڏا!.......
    صرافڪي بازر هليِ
    خاشي دهري ڏي ٺهراءِ
    منهنجا مور لاڏا
    گھاڙ واه تي هلي
    چڪر ٻيڙيءَ تي کاراءِ
    منهنجا مور لاڏا
    او شهزور لاڏا!....
    ]ماهتاب ڳائي پورو ڪري ٿي ته سيٺ دلبر کيس ٻانهن کان وٺي رنگ ڀومي جي وچ تي ڄڻ شهر ۾ وٺي اچي ٿو.[


    ڏيک ستون

    ] رنگ ڀومي ڄڻ بازار جو منظر پسائي ٿي، جنهن ۾ ماڻهونچندي، ٽپندي، ايندا ۽ ويندارهن ٿا. ٻئي ڄڻا موسيقي جي ڌن تي نچندا گھمن ٿا. مختلف ماڻهن کان خيالي انداز ۾ ڪپڙا، زيور، شيون وغيره وٺن ٿا. اوچتو شهر جو گامو مسخرو کاٻي پاسي کان داخل ٿي، سندن ڀر مان گذري ٿو. ٻنهي کي حيرت سان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ڍونگل اڇلي ٿو.[
    گامو:( ٻين ماڻهن کي سڏي ٻڌائيندي)
    او ڀائو!....او ادا!...او سائين!....
    هيڏي ته نهار!...هيڏي ته نهار
    ڏاڏي جيڏي ڏگھ سان,
    ٽنگ جيڏي ڪنوار.........
    ڪنوار ڪڏي ٿي هرڻي جان
    هي هلڻ کان لاچار.......
    ڏاڏي جيڏي ڏگھ سان
    ٽنگ جيڏي ڪنوار..........
    (واٽهڙو انهن کي ڏسي ٽهڪ ڏين ٿا ۽ ڪورس واري انداز ۾ ڳائيندي ٻنهي کي چيڙائن ٿا)
    واٽهڙو: ڏاڏي جيڏي ڏگھ سان،
    ٽنگ جيڏي ڪنوار.......
    گھوٽ آهي پيءُ جيڏو،
    ڌيءَ جيڏي ڪنوار........
    ڏاڏي جيڏي ڏگھ سان،
    ٽنگ جيڏي ڪنوار.........
    دلبر: ( ڪاوڙ وچان گامو مشڪري تي ڇڙي اولاريندي )
    اڙي،ڪنهن کي ٿو پوڙهو چوين؟
    پوڙهي هوندي ماءُ تنهنجي
    پوڙهو هوندئي پيءُ!
    دل آهي منهنجي جوان
    اي بي حيا، اي بد زبان!
    گامو : (ويجھو ايندي)
    چڙ نه چاچا، مهربان!
    مان چوان ٿو ڪونه، پر ماڻهو چون ٿا
    ( سامهون ويٺل درشڪن ڏانهن اشارو ڪندي)
    اڇي ڏاڙهي پوڙهي جي، اٽو خراب
    آ هن عمر ۾ ان جو ٿيو خانو خراب!
    دلبر: (ڇڙي اولاريندي)
    او مشڪرا، مٿي ڦريا، ڳالهين ڳريا
    ڀڄ هتان تون ڀڄ! او سورن سڙيا.
    تون سڃاڻي ڪونه، مان آهيان ڪير
    رهين ٿو لاڙڪاڻي ۽ وجھين ٿو مونسان وير؟
    (سيٺ دلبر مشڪري گاموءَ کي ڇڙي هڻندي ڊڪائي ٿو ، گامو ۽ عام ماڻهو کلندي، ٻاهر ڀڄي وڃن ٿا .سيٺ دلبر کي ماهتاب سمجھائيندي چوي ٿي.)
    ماهتاب: جي دنيا سڙي ٿي، ته ڀل دنيا کي سڙڻ ڏي
    جي ڪنهن دل جلئي، جي دل جلي ٿي، ته جلڻ ڏي!
    منهنجا پيارا گھوٽ، اڻموٽ! پاڻ کي پرواه ناهي
    خلق جو ڪم آهي کلڻ، کلي ٿي ته کلڻ ڏي.
    دلبر: منهنجي پياري ماهتاب!...دل خوش ڪري ڇڏيئي!... هيانءُ ٺاري ڇڏيئي!... ناهي دنيا جي، اسان کي ڪائي پرواه !... تن جدا آهن ضرور، پر آهن ٻنهي جا گڏيل ساه!...ڪري ڌار دنيا جي ڪا طاقت نه سگهندي، ڀل هجن ڪيڏا رقيبِ رو سياه.......هاڻي، هل ته توکي مان گھمايان گھاڙ واه!..
    ]ٻئي ڄڻا نچندي ڪڏندي،رنگ ڀومي جي کاٻي پاسي ڄڻ گھاڙ واه جي ڪناري ڏانهن وڃن ٿا.[


    ڏيک اٺون

    ] سيٺ دلبر، ماهتاب جو هٿ وٺي کيس پيار ڀرين نظرن سان ڏسندي،کيس اشارن سان وهندڙ گهاڙ واه هلندڙ ٻيڙين جا منظر ڏيکاري ٿو. ماهتاب پريشانيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي، ڄڻ کيس ڪنهن جو شدت سان انتظار آهي.[
    دلبر: ( ماهتاب سا مخاطب ٿيندي) ماهتاب! هن وهندڙ گھاڙ واه ۾ سنڌوءَ جي پاڻي جو سنهن کڻي وچن ڪر، ته تنهنجو منهنجي پيارجو رشتو ائين قائم رهندو جيئن گھاڙ واه ۽ لاڙڪاڻي جو؟...
    ( اوچتو آفتاب جنهن کي چيلھ سان ٻڌل تلوار آهي،رنگ ڀومي جي کاٻي پاسي کان داخل ٿئي ٿو.)
    آفتاب: (غصي وچان دلبر سيٺ سان مخاطب ٿيندي)
    او پيار جا دشمن پوڙها
    اڄ ٿيندا توسان جھيڙا!
    تو پيار تي ڌاڙو هنيو آ
    محبوب منهنجو تو کنيو آ
    تو جوانيءَ سا جھيڙيو آ
    تو قهري ڪانُ هنيو آ
    دلبر: (حيران ٿيندي ۽ پوءِ کنگھندي)
    جسم پوڙهو آ،مگر
    دل منهنجي آهي جوان
    هن شهر جو سيٺ مان
    نانءُ آهي دلبر خان
    تون ٻڌاءِ، ته ڪير آ،
    اي ندورا،پاڻ زورا
    ڇيڪ ڇورا؟..........
    آفتاب: اڇي ڏاڙهي،
    نانءُ دلبر؟
    (دلبر کي شرمائيندي)
    ڪجھ حيا ڪر،
    ڪجھ شرم ڪر!
    منهنجو نالو آفتاب!
    ( ماهتاب ڏانهن اشارو ڪندي )
    هيءَ آ منهنجي ماهتاب!
    دلبر: (طنزيه انداز ۾ جواب ڏيندي)
    اي! ڇورا، ندورا بي ثمر
    منهنجا اکر تون ياد ڪر
    دولت بنان هرڪو دِگر
    پئسو بڻائي خاني خان
    پئسو جي، آهي اگر
    تون سڃو ڪنگال ،تِڇ!
    مايا جي مونتي مهر
    پئسي بنان ڪهڙي محبت
    بڪواس پنهنجي بند ڪر!
    ( سيٺ دلبر، ماهتاب ڏانهن منهن ڪندي)
    منهنجي پياري ماهتاب
    هن چرئي کي تون ٻڌاءِ!
    پوڙهو هجي يا ڪي جوان
    پر پئسي جو آهي جهان
    ماهتاب: (دلبر کي سمجھائيندي .)
    پئسي جو ناهي جهان
    پئسو آهي مر هٿن جي
    پئسو آهي ڍؤ اکين جو
    مال، ملڪيت ۽ مڏي
    هر ڪو ڇڏيندو هي جهان
    عشق آ سڀ کان اتانهون
    عشق جو اعليٰ مقام
    دلبر: (ڪاوڙ ۾ مهتاب کي جواب ڏيندي)
    تو چري نادان کي ڪهڙي خبر
    ته زماني جو، پئسو آ زيرو زبر
    پئسو زماني جو آهي خدا
    ڪري ڪيئن سگھندو،
    ڪو ان کان جدا؟
    پئسو محبت ۽ پئسو آ دل
    پئسي مٿان آهي، سڀڪو فدا
    پئسو حسن ۽ پئسو آ عشق
    پئسو ئي بڻجي ٿو، سڀ جي صدا
    آفتاب : ( جواب ڏيندي)
    ٻڌي ڇڏ!ٻڌي ڇڏ!..
    زماني جا سيٺ!
    ته پئسو زماني جو ناهي خدا
    خدا ئي زماني جو آهي خدا
    محبت، محبت سان ملڻي آهي
    اها عشق جي آهي ازلي ادا
    (آفتاب، ماهتاب جي هڪ ٻانهن کان جھلي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو، ته دلبر سيٺ به هڪدم ماهتاب جي ٻي ٻانهن کان پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيٿو. ماهتاب ڪشمڪش ۾هيڏانه هوڏانهن ٿيندي رهي ٿي.)
    دلبر: (ڪاوڙ وچان ماهتاب کي ڇڏي ،تلوار ڪڍي آفتاب کي للڪاري ٿو)
    جي جواني جو تو کي وڏو ناز آهي
    ته مون وٽ وڙهڻ جو به انداز آهي.
    چڙهيل وڄ جا پاڻي هن تلوار کي
    تو ڏنو موت پنهنجي کي آواز آهي
    آفتاب : (آفتاب به ڪاوڙ وچان تلوار ڪڍندي، وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو )
    عاشق نه ڊڄندو آ تلوار کان
    نه تير وتفنگ، ڪنهن نه هٿيار کان
    عاشق جو سرڙو سدائين اَڏيءَ تي
    ڊڄي ڪنهن نه سردار ڀوتار کان.
    (دلبر سيٺ ۽ آفتاب تلوارن سان وڙهن ٿا .دلبر سيٺ ڌڪ کائيندي ڪري ٿو ۽ وري اٿي ٿو.پر آخر ويھ گھاءَ جھلي ڪري کنگھندي کنگھندي ڪري پوي ٿو۽ مري وڃي ٿو. نوجوان سندس تلوار،خنجر ۽ پٽڪو کڻي ،مهتاب سان گڏ نچندو ٽپندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.سيٺ دلبر جو لاش وچ رنگ ڀومي تي پيو آهي .نورجھان يڪ تارو کنيون گيت ڳائيندي داخل ٿئي ٿي.)
    پئسي سان هر شئي خريدي
    ڪو نه سگھبي آ، سڄڻ!.....
    محبتن جي دنيا ۾
    دل جي ٻُڌبي آ، سڄڻ!
    پئسي سا هر شيءِ خريدي.......
    سن کي سن مان ايندو ساءُ،
    عمر ڏسبي آ، سڄڻ!
    پئسي سان هر شيءِ خريدي..............
    هيءَ دنيا فاني آهي،
    فاني سڏبي آ، سڄڻ!....
    پئسي سان هر شيءِ خريدي...........
    باقي رهندو نانءُ مولا
    ۽ عشق مولا جو، سڄڻ!
    پئسي سان هر شيءِ خريدي.............
    ]نورجھان گيت ختم ڪري رنگ ڀوميءَ کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. دلبر جو لاش وچ تي پيو رهي ٿو.[

    پردو ڪري ٿو


    گام جي عزت (سماجي ناٽڪ)

    ڪردار

    جڳت راءِ: مکي
    باشو مل : پئنچ ۽ سيٺ
    ساڌ رام: پئنچ
    خوبچند: پئنچ
    ايسرداس: پئنچ
    جھمٽ مل: سيٺ
    موتيرام: سيٺ
    قيمت راءِ ڀلاوڻو
    پيسو مل: ڀلاوڻو
    اربيلي : ڳائڻي
    سيتا: موتي رام جي ڌيءُ
    سورٺ: کدڙو فقير
    ٽوئنر مل: باشي مل جو نوڪر
    رکيل: جڳت راءِ جو نوڪر
    ڀيرومل: چنچل داس جو دوست
    الھ رکيو ڪمدار، سڀايو نوڪر، وڪيو باجي وارو، توتاري وارو ۽ طبلائي وغيره


    نوٽ

    هي ناٽڪ، لوڪناٿ جيٽلي جي ڪهاڻي ”گام جي عزت“ کي سامهون رکي ڪري لکيوويو آهي. اها ڪهاڻي سندس مجموعي ”وساريان نه وسرن“ مان کنيل آهي .هن ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ان دور جي سٺن سماجي قدرن کي ڄڻ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ هڪ سردار يا جاگيردار ”غيبي خان چانڊيه“ جي سراهنا ڪئي وئي آهي، ته ڪيئن ان قمبر شهر جي پئنچائت کي آدر ڏئي، قنبر واسين جي عزت ۽ آبرو رکي.جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اڳ جاگيردارن وٽ به ڪي سماجي قدر هيا. پر هاڻي ته اُ گھَ لڳي پئي آهي. پر ان ڊرامي ۾ مون ”ٽڪي مانَ“ واري ٻُڌل هڪ پئنچائتي ڪهاڻي کي به سلهاڙيو آهي، ته جيئن ڪهاڻيءَ کي مناسب ڊرامائي موڙ ڏئي سگھجي. لوڪ ناٿ جيٽلي سنڌي ٻوليءَ جو برجستو ليکڪ رهيو آهي. جنهن کي نه صرف سنڌ جي اديبن ۽ ادب دوستن وساري ڇڏيو، پرافسوس اهو آهي جو قنبر وارن به سندس سار نه لڌي. هي ڊرامو هڪ ئي وقت ٻنهي شخصيتن (سردار غيبي خان چانڊيي ۽ لوڪ ناٿ جيٽلي) کي عزت و احترام سان سارڻ جو سامان آهي.


    ڏيک پهريون

    پردو کلي ٿو

    ]رنگ منچ (چوڪنڊي کليل اسٽيج) تي هلڪي روشني ڄڻ رات جي منظر کي ظاهر ڪري رهي آهي. وچ اسٽيج تي گاسليٽ وارو گولو ٻري رهيو آهي. هڪ خوبصورت ڳائڻي اربيلي قنبر شهر جي نيرولي گھٽيءَ جي وچ تي بيٺي آهي. ڀر سان باجي وارو ۽ ڌڪڙائي سر ملائي رهيا آهن. آهستي آهستي ماڻهو گڏ ٿيندا وڃن ٿا.[
    اربيلي: ( ٿڌو ساه ڀريندي، ڪن تي هٿ رکي ڳائڻ شروع ڪري ٿي)
    عمر اباڻا،
    الائي ڇو نه آيا........
    اٿن زنگ ڪهڙو
    انهن ڏينهن لايا
    عمر اباڻا!........
    بس ته ويهان نه
    تن کي وساري
    ملڪ ملير جو
    ڏاتر ڏيکاري
    انهن جي درميان
    دونهان ته دکايا
    عمر اباڻا..............
    گڏجي گلڻ شل
    تن سان گذاريان
    نيڻ کڻي هتئون روز نهاريان
    سيد ڪندو سولي
    ساه ستايا...........
    عمر اباڻا!
    (ماڻهو جھومڻ لڳن ٿا. جيئن ئي اربيلي ڪلام ختم ڪري ٿي. صرف هڪ ماڻهو باجي واري جي ڀرسان وڇايل ڪپڙي تي هڪ چانديءَ جو روپيو اڇلائي ٿو ۽ ٻيا ماڻهو ڪنڌ کنهندا ڄڻ اڻهوند جو اظهار ڪندي نڪرڻ لڳن ٿا)
    اربيلي: ( حيرت وچان باجي واري کي ڏسندي) وڪيا فقير!..قنبر ۾ ڪڏهن کان وٺي ايڏو ڪال پيو آهي،جو اڄ پڙ ۾ صرف هڪ روپيو پيو آهي.اڳ ته اسان جو قنبر امبر هوندو هيو، پنجاه سو روپيه ته ڪاڏي نه ويا؟
    وڪيو: اربيلي، جڏهن کان خريف جي فصل کي جيت لڳو ۽ ربيع جي فصل کي پاري سٽيو، تڏهن کان اهي حال ٿيا آهن.
    اربيلي: (حيرت ۽ مايوسيءَ وچان ) قنبر ۾ اهڙو ڪال ته ڪڏهن نه ٻڌوسي !؟
    وڪيو:اربيلي، هڪ سج ٻه پاڇا...هاڻي هتي رهنداسي ته بک مرنداسي....هل ته لاڙڪاڻي ساه سيباڻي هلئون!
    اربيلي: ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان....لاڙڪاڻي هلي پاڻ نه لڄائبو...جن سکن ۾ ساٿ ڏنو ،انهن کي ڏکن ۾ ڏسي ڇڏي نه وڃبو....لطيف سائين چيو آهي وڪيا!
    ڏک سکن جي سونهن،
    گھوريا سک ڏکن ريءَ
    وڪيو: جيئن تنهنجي مرضي، اربيلي!...جتي تون اتي اسان. پوءِ جيڪو داڻو پاڻي نصيب ۾ هوندو پيا چڳنداسي.
    ]باجي وارو ۽ ڌڪڙائي سامان کڻن ٿا ۽ اربيلي سان گڏ ٻاهر نڪري وڃن ٿا.[


    ڏيک ٻيو

    ]رنگ منچ تي ٻه ٽي کٽون ۽ ڪجھ موڙها پيا آهن. جنهن مان هڪ ننڍي شهر جي مکي جي اوطاق جي ڏِکَ ملي ٿي . هڪ مکي ۽ چار پئنچ ويٺا آهن. وچ تي چؤسلي چِلم پئي آهي. مکي وچين کٽ تي، پريشانيءَ وچان، مٿي کي هٿ ڏيون ويٺو آهي.[
    جڳت راءِ: ( هڪ پئنچ سان مخاطب ٿيندي ) ساڌ رام! لڳي ٿو ته هيءَ مند به ڀاري گذرندي ؟....
    ساڌرام : ( ٻئي کٽ تي ويٺل پئنچ ،موٽ ڏيندي) ها مکي، هن ڀيري به ٻئي فصل هليا ويا....خبر ناهي ته ڇا ٿيندو؟.
    خوبچند: ( ٽيون پئنچ جيڪو ساڌرام جي ڀر ۾ ويٺو آهي، شهر جي حالت جي باري ۾ ٻڌائيندي) ڇا ٻڌايانوءَ، قنبرگام جي حالت؛ عام ۽ خاص ماڻهن جي کيسي مان ته ڄڻ پئسو ئي نڪري ويو آهي.
    ايسرداس: ڪلھ جي ڳالھ آهي ،ته وڏي گھٽي م اربيلي اچي ڳايو،ته ويچاري کي صرف هڪ روپيو پيو. باجي واري چيس ته ڇڏ قنبر کي هل ته لاڙڪاڻي هلئون، ته چيائينس ته جن سکن ۾ ساٿ ڏنو،انهن کي ڏکن ۾ ڇڏي نه وڃبو.
    جڳت راءِ: ماڻهو ويچارا ته اڃا به آسرو ڪيون ويٺا آهن ....ڌڻيءَ کي پارت آ ...باقي ته چڱا ڀلا زميندار به وڃي گوڏن ڀر لڳا آهن،سواءِ نواب غيبي خان جي.
    باشو مل: ماتو، نواب غيبي خان کي ڪهڙي لکا پوندي...زمين جو ته ڪاٿو ئي ڪونهيس .غيبي ديري کان هل، هڪ پاسي حمل ته ٻئي پاسي جھَل کڻ، ايڏيون زمينون.
    ساڌ رام: صرف نواب صاحب آسودو ناهي ،نواب صاحب جي ڳوٺ جا واڻيا به آسودا آهن...هرهڪ وٽ ڪين هوندي ،ته به لک سوا لک جي املاڪ هوندي.
    جڳت راءِ: جي واڻيا آسودا ٿيا آهن ته به نواب مان...نواب صاحب جو اصول ئي اهڙو آ، ته هو سودو پادو سمورو هڪ ئي واڻئي کان ڀريو سال وٺندو. بس سال ۾ واڻيو آسودو ٿي ويندو.وري نواب صاحب ٻئي سال سودو وٺندو ٻئي واڻئي کان ته اهو به سيٺ !.
    خوبچند: نواب غيبي خان جي ڪهڙي ڳالھ ٿا ڪيو،جڏهن سَرِ گرهام سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته ساڻس ڪوٽ ۾ ملڻ ويو ، ته نواب صاحب ڪوٽ جي در کان وٺي اوطاق تائين چانديءَ جا روپيه وڇرائي ڇڏيا هيا.
    جڳت راءِ : پر اهو به ته ٻڌاءِ نه، ته اُهي روپيه نواب صاحب ديري جي ڪڙمين، ڪاسبين ،ڌنارن ۽ اوٺين ۾ ورهائي ڇڏيا هيا. خوبچند!....ملڪيتن وارا نواب ته کوڙ ملڪ ۾ ،پر ڌڻي ڪنهن کي دل به ته نواب ڏي نه!؟... اهڙي دل صرف نواب غيبي خان وٽ آهي.
    باشومل: ڇو ڀلا اڄ نواب نواب کڻي کنيو اَٿو...ما تو، نواب آ ته هرڪو پنهنجي لاءِ، جي سخاوت ڪئي ٿئين ته پنهنجي مشهوريءَ لاءِ.....هرڪو پنهنجي چنتا ڪري .....نياپو آيو آهي، ته ٽن چئن ڏينهن ۾ سکرائي ۽ شڪارپوري ڀلاوڻا ٻڌي ڪيون ٿا اچن،ته هر صورت ۾ قنبر وارن کان پائي پائي جي اڳاڙي ڪبي.
    جڳت راءِ: انهيءَ چنتا ۾ ته ڳران ٿو،ٻه مندان ته سيٺين رکت ڪئي،پر هاڻي لڳي ٿو ته ڪونه رکندا .جي سختي سان گھر ڪيائون ته ڇا ٿيندو؟
    باشو مل: مکي، توڏي ايڏي رهت اٿن ڇا؟
    جڳت راءِ: منهنجو ته خير آهي .مون ڏي ته کڻي وڌ ۾ ست اٺ سو هوندن،پر ٻيا به ته آهن نه؟
    باشو مل : ماتو، مونڏي به وڌ ۾ وڌ ايترا هوندن ،ڪِرڪِر ڪيائون ته ٻوٿ ته هڻي ڇڏيندومانِ.
    ايسرداس: تون ته آ،کارُ جو واپاري،پر اسان اَن جا واپاري ته پاڻ کي چڪ ٿا وجھئون . اهو ڪونهي جو صوتلي وٺي ڦاهو کائون.اَن جي سٽي ۾ ڳاٽي ڀڳو گهاٽو پائي وڃي ڏيوالپڻي تي پهتا آهيون.
    جڳت راءِ: ڳالھ صرف اسان جي ناهي،پر ڳالھ آ سڄي قنبر گام جي، سڄي شهر جي سيٺين ۽ وڻڪن جي...اهي نه ڏئي سگھيا ته به اسان جي بي عزتي آ. ڳالھ سمجھندو ڪر، باشو مل!
    باشومل: ( اٿندي ) مکي هرڪو پنهنجو پاڻ ڄاڻي ،تون هروڀرو پرائو سور پنهنجي مٿي ۾ وڌو آهي .
    ]باشو مل نڪري ٿو. مکي ۽ ٻيا پئنچ به آهستي آهستي نڪري وڃن ٿا [


    ڏيک ٽيون

    ] هڪ همراه توتارو هٿ ۾ کنيون رنگ منچ اندر اچي ٿو.[
    توتاري وارو : (ٻڌائيندي) رامداس بامبي والا ٿيٽر ڪمپني ،پاران اڄ قنبر ۾ هير رانجھا ڊرامو پيش ڪيو ويندو. جنهن ۾ هندستان جا مشهور اداڪار شام ڪمار، عيدن ٻائي ،راجا جاني ۽ حُسن جي پري نيلم ٻائي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي.
    ( لنگھندڙ چار پنج نوجوان سندس چوڌاري گڏ ٿي وڃن ٿا)
    توتاري وارو: شهر جي شوقين حضرات کي گذارش آهي ته پوليس گرائونڊ تي پهچي، شام جو جلدي ٽڪيٽ وٺن...پهريان اچو ۽ پهريان وٺو...نه ته ٻي صورت ۾ مايوسي جا ذميوار پاڻ هوندا....اڳين سال کان به ٽڪيٽ سستي، آنڪ نه !..صرف هڪ ٽڪو..هڪ ٽڪو!.. وڻيو ته گھور ڏجو، نه ته موٽائي کڻي وڃو!
    ( توتاري وارو نڪري وڃي ٿو)
    هڪ نوجوان: ( ٻئي کي چوندي )اڙي ڀيڙو مل!(ڀيرو مل) هل ته گھڙئون (گھرئون) پئسا وٺي شام جو ٿيٽڙ ڏسئون.
    ڀيرومل:نه يارچنچل ، مونکي ته پنهنجو پيءُ ماريندو.
    چنچل : تنهنجو پئءُ ايسڙداس ،ڪنجوس مکي چوس آ...مان پنهنجي پيءُ کان ڙوپيو گھڙندس ته ڙوپيو ڪڍي ڏيندو...چوندو ،وڃ !...وڃي منهنجا چچ مچ چنچلداس عيش ڪڙ!...
    ڀيرومل: تنهنجو پيءُ باشو مل ته کار جو وڏو واپاري آ...توهان کي ته لکا ئي ڪونهي...۽ تون پٽ به اڪيلو آهينس.اسان ته ڏھ ڀائر ڀينر آهيون.
    چنچلداس: ماڻهين جيتلي ٻائي، ٻاڙ ڄڻيندي ڍنگڙن تي اڇليندي ٿي وڃي،ان ۾ باشي مل جي پٽ جو ته ڏوھ ڪونهي ني!...پڙ تون پڙواه نه ڪڙ!..مان وڏو ٿي ٿيٽڙ ڪمپني کوليندس،’چچ مچ چنچلداس قنبڙ والا ٿيٽڙ ڪمپني...تون اچي مفت ۾ ڊڙامو ڏسي وڃجانءِ....
    ڀيرومل : (ايلاز ڪندي ) يار، تون مونکي ان ۾ هيرو ضرور ڪجانءِ!
    چنچل داس: نه مان پاڻ هيڙو ٿيندس.
    ڀيرومل: ڀلا اهو ٻڌاءِ، نيلم جھڙي هيروئن ڪاٿئون آڻيندي؟
    ( اوچتو هڪ ڪچ کدڙي تاڙيون وڄائيندي لانگھائو ٿئي ٿي)
    چنچلداس: ( کدڙي فقير کي ڏسندي ۽ ان جي ٻانهن جھليندي) مان هن کي پنهنجي هيڙوئن ڪندس!...او منهنجي پياري هيڙ ڇا حال ٿئي؟...ڇا چال ٿئي؟... پنهنجي ڙانجھي کي ڇڏي ڪاڏي ٿي وڃي ؟
    ڪچ کدڙي : ( ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي) منهجو نانءُ سورٺ آ ...مون سان کڇٽ نه ڪر نه ته مکي جڳت راءِ کي دانهن ڏئي دمچي ڪٽائي ڇڏيندي سانءِ.
    چنچلداس: ڇا ڪندو مکي چُکي جڳت ڙاءِ!؟.. مکي جڳت ڙاءِ کان ته منهنجو پيءَ باشو مل شاهوڪاڙ آ...
    سورٺ : چئبو ته تون مکي جڳت راءِ کي ڪجھ نه ٿو سمجھين؟...شام جو پاڻهين خبر پئجي ويندئي.
    ڀيرومل : ( وچ۾ پوندي) چنچل، ڇڏيس ته جائي وڃي پئنچائت ۾ دانهن نه ڏيئي!
    چنچل داس : ( سورٺ کدڙي جي ٻانهن ڇڏيندي) ياڙ، ڀيڙومل ! تون اجايو گھٻڙائيندو آ...مان سيٺ باشي مل جو پٽ آهيان ،ڪو ٺاشي مل جو ناهيان.
    (سورٺ ڪاوڙ ۾ تاڙيون وڄائيندي، جلدي ٻاهر نڪري وڃي ٿي )
    ڀيرو مل: هرڀرو پنهنجي پئيءُ تي ايڏو بانور نه ڪر !
    ] ٻئي ڄڻا چنچلداس ۽ ڀيرو مل رنگ منچ کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا.[


    ڏيک چوٿون

    ] رنگ منچ تي مکي جي اوطاق جو منظر، مکيءَ جي ڀر ۾پئنچ ويٺا حال احوال ڪن ٿا[
    ساڌرام: خبر ناهي ته ڇا ٿيندو،مکي؟
    جڳت راءِ: بس اڳتي جو ڌڻيءَ کي ننگ آ!
    خوبچند: (پريشانيءَ وچان ) ٻڌئون ٿا ته قنبر جا ڪافي ماڻهو لاڙڪاڻي لڏڻ جو سوچن پيا....
    باشومل: ماتو،ڀلي لڏن،ڀڳڙن مٺ تي مال مڏي ويندن!
    ساڌرام: پر اهو به وٺندن ڪير؟..هرڪو جو ٺن ٺن گوپال لڳو پيو آهي.
    باشو مل: ( ٽهڪ ڏيندي ) مان وٺندو مانِ!...وري جڏهن موٽيا ته ٻيڻي اگھ تي ڏيندومانِ.
    جڳت راءِ: باشومل هيءَ دنيا دم گذر آ..ڪنهن جي مجبوري جو فائدو نه وٺجي.ڪهڙي خبر سڀاڻي اهو وقت توتي به اچي.
    ( سورٺ اندر داخل ٿئي ٿي.سڀني جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو )
    سورٺ: ( ٻانهون ٻڌندي) نياز ٿئي مکي جڳت راءِ...سدا آباد رهي قنبر جي پئنچائت!..
    جڳت راءِ : ڪيئن اچڻ ٿيو آ فقير؟
    سورٺ: مکي، توکي دانهن ڏيڻ آئي آهيان.
    جڳت راءِ: چئو، بابا؟
    سورٺ: سيٺ باشو مل جي پٽ،چنچل وڏي گھٽيءَ ۾ مونکي ماڻهن جي سامهون ڇيڙيو ۽ ٻانهن به مروٽي اٿئين!..مونکي چئي پيو ته تون منهنجي هير آهين؟
    باشومل: ( کلندي ۽ خوش ٿيندي) ماتو،ڇيڙيائين ته خير آ، پر ٻانهن به مروٽيائين؟...ڏاڍو شرارتي ٿي پيو آهي...ماتو سمجھائيندومانس!...
    ساڌرام: سمجھائڻ مان ڪم نه هلندو...ڪن مهٽ ڪريس!
    باشومل: ساڌرام ، مون کي هڪڙو پٽ آ..دادلو ڪري نپايو اٿم..ما تو ان تي آڱر به اڀي نه ٿو ڪري سگھان ..باقي جيڪو پئنچائت ڏنڊ هڻندي، ڀري ڏبو!
    جڳت راءِ: بابا فقير، جيئن تون چئين هاڻين؟
    سورٺ: مکي، مان فقيرياڻي ڪهڙو ڏنڊ وٺندس، بس اڳتي اها حرڪت نه ٿئي..باقي دان ۾ جيڪو سري سگھيو ،ڏئي ڇڏيو.....
    (مکي ۽ پئنچ کيس دان ۾ سڪا ڏين ٿا، جيڪا سورٺ رئي جي پلوَ ۾ وٺي ٻاهر نڪري وڃي ٿي)
    جڳت راءِ: ( باشي مل کي ڏسندي) باشو مل!.ڇڙيءَ جو صرفو ڪبو ته ٻار کرندو.
    ( باشو مل جواب ڏيڻ بجاءِ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اٿي وڃي ٿو...سڀئي کيس حيرت ۾ تڪيندا رهجي وڃن ٿا)
    ساڌرام : ( رايو ڏيندي ) پٽ، ڀلي هڪڙو هجي ،پر ايڏو موه به چڱـو ناهي!
    ]سڀئي سندس راءِ سان اتفاق ڪندي ڪنڌ ڌوڻين ٿا [


    ڏيک پنجون

    ] رنگ منچ تي قنبرشهر جي وڏي گھٽيءَ جو منظر.سنجھا جو وقت.هڪ خوبصورت ڇوڪري (سيتا) ٿالهيءَ ۾ پرساد ۽ جوت وارو ڏيئو کنيون ولايت راءِ جي درٻار ڏانهن وڃي رهي آهي.[
    چنچل: ( وڏي گھٽيءَ مان لنگھندي، سيتا کي ڏسي، هڪدم شرارتي انداز ۾ ڦوڪ سان ڏيئو وسائي،پرسا د کڻي پوءِ مخاطب ٿيندي) سيتا! جڏهن تنهنجي حسن جي ڙوشني،قنبڙ شهڙ کي ڙوشن ڙکڻ لاءِ ڪافي آهي،ته پوءِ هن ڏيئي کي ٻڙڻ جي ڪهڙي جڙوڙت آهي؟..
    سيتا: ( ڪاوڙ وچان ) بي شرم راوڻ! تون ولايت راءِ جي درٻار جي جوت وارو ڏيئو وسائي چڱو ناهي ڪيو!...مان تنهنجي ماتا پتا کي ٻڌائيندس۽ توکي چِٿ ڏياريندس..
    چنچل: اهي مونکي ڪجھ نه چوندا ..اهي ته مونسان پياڙ ڪندا آهن،پياڙ!..... تون به پياڙ جي ڪا نشاني ڏي (سيتا اڳيان ڳائيندي ۽ نچندي )
    اڙي! مان ته چچ مچ چنچلداس
    چنچلتا جو پتلو آهيان
    آهيان برڙ باڪاس
    اڙي مان ته، چچ مچ چنچلداس...
    گُھڙجي ٿي مونکي پياڙ نشاني
    ڏئي وڃ، ڇلو ڪوئي خاص
    مان ته چچ مچ چنچلداس!....
    ( سيتا جي چني لاهيندي) ڀلا، هيءَ ئي نشاني ڏئي وڃ!
    سيتا: ( ڪاوڙ وچان ) اڙي دشٽ ! مون کي پنهنجي چني موٽائي ڏي،نه ته مان توکي چڱيءَ طرح چِٿَ ڏياريندس!
    چنچل: ( ڌمڪي ڏيندي ) اهي ٻئي ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، جھمٽ مل جي ڌيءُ!...قنبڙ شهڙ ۾ چچ مچ چنچل داس کي ڏياڙڻ واڙو اڃا ڪو ڄائو ئي ڪونهي...جنهن کي چوڻو ٿي وڃي چئو...مان سيٺ باشي مل جو پٽ آهيان، ڪو ٺاشي مل جو ناهيان!..جو مون کي ايئن ڊيڄاڙين ٿي.
    سيتا : چڱو ڏسجانءِ ته مان توکي ڪيئن نه ٿي ذليل ڪرايان!..ٿڪاڻڪا!
    ]سيتا ڪاوڙ وچان نڪري وڃي ٿي...چنچل، سيتا جي چني کڻي هٿن ۾ وڪوڙيندي ٻئي پاسي کان ٻاهر هليو وڃي ٿو [


    ڏيک ڇهون

    ] رنگ منچ تي مکيءَ جي اوطاق جو منظر. مکي ۽ ٻيا پئنچ ويٺا آهن،سواءِ باشي مل جي. سيٺ جھمٽ مل اندر اچي ٿو[
    جھمٽ مل: ( هٿ جوڙيندي) سڀني کي رام!..رام!...
    سڀئي: ( جواب ڏيندي) رام،رام!....
    جڳت راءِ: ( پڇندي) سيٺ جھمٽ مل!..جوڙ، ڀڙ،سک،شانت،پرسن!؟
    جھمٽ مل: (جھمٽ مل ٿڌو ساه ڀري ،هڪ موڙهي تي ويهندي) ڌڻيءَ جي ڪرپا آهي، باقي پنهنجو قنبرگام هاڻي رهڻ جي لائق ناهي رهيو....
    ساڌرام: (نه سمجھندي) زماني ۾ اهي ٿڌيون ڪوسيون پئي اينديون آهن....پر اهي ڏک ڏولاوا حياتيءَ جو حصو آهن ،ڌڻي ڪندو ته پار پئجي وڃبو.....هڪڙي ڏينهن وري قنبر امبر ٿي ويندو.
    جھمٽ مل: مان اها ڳالھ نه ٿو ڪيان!
    ايسرداس: ( حيرت وچان ) باقي ڪهڙي ٿو ڪرين؟
    جھمٽ مل: مان ڳالھ ٿو ڪيان ،ان بي حيائي جي جيڪا قنبرگام ۾ ڪاهي پئي آهي.
    خوبچند: سيٺ جھمٽ مل،ڪجھ ته ٻڌاءِ..لڳي ٿو توسان ڪا ويڌن ٿي آهي؟
    جھمٽ مل : ( جذباتي ٿيندي ) ويڌن!؟..جلم ٿيو آ،مکي جڳت راءِ....اهو سڀ توهان پئنچائت جي هيڻائپ جي ڪري ٿيو آهي....
    جڳت راءِ: ڪجھ ته خبر پوي؟
    جھمٽ مل: اڄ سج لٿي سيٺ باشي مل جي پٽ چنچل، منهنجي نياڻي سيتا جيڪا ولايت راءِ جي درٻار ڏانهن پرساد ۽ جوت به کنيون پئي وئي، پرساد به ڦريو ٿئين ،ڏيئو به وسايو ٿئين ۽ ان جي چني به لاهي کڻي ويو آهي...هاڻي ٻڌاءِ قنبر گام ۾ رهجي يا لڏجي؟
    جڳت راءِ: ڀائي جھمٽ مل، اهو اسان جو دوش آهي، جو اسان اک نه پٽي سي.....اسان هاڻي ئي باشي مل کي گھرايون ٿا... تنهنجي نياڻي جي عزت سڄي قنبر گام جي عزت آ...
    ايسرداس: مکي ،باشو مل ويو آ ناناڻي شهر شڪارپور ،ڪالھ مونکي ٻڌايو هيائين ته سڀاڻي ايندو...
    جڳت راءِ: سڀاڻي دوڪان تي وڃي ٻڌائجانس، ته پئنچائت شام فيصلو رکيو آ
    ايسر داس: سڀاڻي ئي فيصلو! ؟
    جڳت راءِ: ها سڀاڻي ئي فيصلو ٿيندو . نياءَ ۾ دير ڪرڻ ، اَنياءُ ڪرڻ جي برابر آهي...جي جھمٽ مل جي ڳالھ صحيح نڪتي، ته ايڏو ڏنڊ هڻبس جو ڪڏهن ڪنهن پئنچ تي نه پيو هوندو.جي پيهر ئي پوک کائي،ته ڀائي پيهر تي اعتبار ڪير ڪندو؟
    جھمٽ مل: مکي، مون کي نياءُ کپي، انياءُ ٿيندو ته مان لڏي ويندس. سڄي دنيا کي ٻڌائيندس، ته قنبر ۾ هيئن به ٿئي ٿو.
    جڳت راءِ: جھمٽ مل چوين ته مان هيءَ پڳڙي پيرن تي رکانءِ....مهرباني ڪري اها ڳالھ نه ڪر!....جي ڪندين ته پنهنجي ئي گام جي عزت لوئيندي ...
    جھمٽ مل: مان هلان ٿو،سڀاڻي قنبر جي پئنچائت جو نياءُ ڏسبو،ته پنهنجي پئنچ جي وٽ وراڻي ٿي ڪري يا وري باشي مل کي سيکت ٿي ڏئي! ( اٿي هلندي) چڱو رام، رام!....
    سڀئي: ( جواب ڏيندي) رام، رام!...
    ] جھمٽ مل نڪري وڃي ٿو...مکي ۽ پئنچ به اٿي موڪلائن ٿا[


    ڏيک ستون

    ]رنگ منچ تي دوڪان جو منظر.باشو مل دوڪان تي ويٺو ،هڪ گراهڪ سان حساب ڪتاب ٿوڪري. [
    باشو مل: ماتو، اڳلو حساب ڇڏائيندي ،ته مال ملندئي، نه ته ڇڪِ پنڌ کي!
    همراه: سيٺ ائين نه ڪر،ڏسين پاڻ ٿو، ملڪ ۾ جُوکائي لڳي پئي آهي...
    باشو مل : ماتو،پوءِ مان ڇا ڪيان؟....اسان کي به ته منهن ڏيڻو آهي،نه...ٻئي ڏيهاڙي ڀلاوڻا ۽ دلال اچن ٿا .اسان کي به اوڌر چُڪتو ڪرائڻي آهي.
    گراهڪ: چڱو، سڀاڻي پٽي سٽي ڪٿان نه ڪٿان آڻبو، پوءِ ته ڏيندي نه؟
    باشومل: ماتو،حساب ڪتاب ڇڏاءِ کوڙ مال!
    (گراهڪ اٿي ٻاهر هليو وڃي ٿو، ايسرداس اندر اچي ٿو)
    ايسر داس: رام، رام ڀائي!
    باشو مل : ( اٿي هٿ ڏيندي ) رام رام!...اچ اچ ايسرداس..( هڪ موڙهي تي ويهڻ جو اشارو ڪندي) ويھ!
    ايسرداس: ( موڙهي تي ويهندي) تڪڙو حوال وٺ! ..ڳالھ به ضروري ڪرڻي آهي...تنهنجي گراهڪي به جيئن خراب نه ٿئي.
    باشو مل: جيءُ!؟
    ايسرداس: حوال خير، تنهنجي لاءِ تنهنجي پٽ قنبر ۾ باه ٻاري ڇڏي آهي.
    باشو مل : ماتو خير ته آهي !؟
    ايسرداس: خير وري ڪهڙو؟ تو واري ڇوڪري سيٺ جھمٽ مل جي نياڻي سان ڇيڙڇاڙ ڪئي آهي...۽ ان جي چنري به لاهي کڻي ويو آهي!
    باشو مل: جواني ديواني هوندي آ، ايسر داس !...ماتو، ويھ اوڻويھ ٿي ويندي آهي.اها ڪا ايڏي وڏي ڳالھ ته ڪونهي ...مان سمجھيو ته ڪو خون ڪيو اٿئين !؟
    ايسرداس: مکي جڳت راءِ ڏاڍو ڏمريو ويٺو ٿي.چئي ٿو ايترو ڏنڊ هڻندومانس ،جو چيلھ چٻي ڪري ڇڏيندو مانس...شهر ۾ منهن ڏيکارڻ جھڙو نه هوندو....ڀلو ان ۾ ٿي ته هلي جھمٽ مل کان معافي وٺ!
    باشومل : معافي ته باشي مل جي جتي به نه وٺندي. ماتو، ڪيترو ڏنڊ هڻندومکي، ڪو توکي اندازو آهي؟
    ايسرداس: جي پنج سو هڻئي ته پوءِ؟
    باشومل: اتي جو اتي ڏيندس....
    ايسرداس: مکي شام جو فيصلو رکيو اٿئين ،چيو هيائين ته ٻڌائي ڇڏيس ته پنهنجي ڇوڪري کي به وٺيون اچي....منهنجو ڪم هيو توکي ٻڌائڻ ،وڌيڪ پاڻ منهن ڏجانءِ!
    باشومل : ماتو،تون ڳڻتي نه ڪر! ...مان هزار کنيون ايندس..باقي پنهنجي چنچل تي آنچ آڻڻ نه ڏيندس...مکي ته آ نڀاڳو جو هڪڙو پٽ به نه بچيس....جيئي منهنجو چچ مچ چنچل داس!....ڀلي وٺي قنبر جي ولڙين جو واس!
    ايسرداس: ايڏو به اڀمان چڱو ناهي،ڀائي!..
    باشو مل: ماتو،ڌن، دولت ۽ اڀمان به ڌڻي ٿوڏي نه...جي ڏي ٿو ته ڇو نه ڏيکارڻ گھرجي؟
    ايسرداس: چڱو ڀائي مان هلان ٿو.
    ( ايسر داس اٿي وڃي ٿو.)
    باشو مل: (اٿي ٽهڪ ڏيندي) مکي جڳت راءِ!...سيتا جي چنري لاهڻ جو ملھ گھڻو پنج سو يا هزار؟....ماتو،چچ مچ چنچلداس جي مٿان گھوري ڏيندس!
    ] دوڪان تي باشو مل مڳيءَ ۾ ٽهڪ ڏيندو رهي ٿو[


    ڏيک اٺون

    ] منچ تي مکي جي اوطاق جو منظر.مکيءَ جي اوطاق تي ،مکي پئنچن سان گڏ ويٺل آهي.هڪ پاسي باشومل ۽ ٻئي پاسي جھمٽ مل ويٺو آهي.ڳالھيون هلي رهيون آهن[
    جڳت راءِ: (باشي مل سان مخاطب ٿيندي) تو جھمٽ مل جي ڳالھ ٻڌي ، هاڻي ڇاٿو چئين؟
    باشومل: ها، ٻڌي ...برابر ٻار ٻاراڻي ڪئي آهي. مان هيءَ چنري موٽائي کڻي آيو آهيان...( چنري مکيءَ آڏو رکي ٿو)
    مکي: هيءَ چُنري وڏي ڏنڊ ڏوھ سان کڻبي....تنهنجو اهو ڇٽيھ لکڻو پٽ ڪٿي آهي؟
    باشو مل: ماتو، دست ٿي پيا اٿس..هلڻ جھڙو ناهي،نه ته حاضر ٿئي ها...باقي مان حاضر آهيان..جيڪو ڏنڊ ڏوھ رکو، ڀري ڏبو!
    مکي: ڀري سگھندين؟...
    باشومل: (بي پرواهيءَ سان) مکي،سيٺ پوپٽ مل شڪارپوري جو ڏوهٽو آهيان،جنهن جون ڪوٺيون قنڌار،يارقند ۽ سمرقند ۾آهن...ماتو، تون ڳڻتي نه ڪر!...
    مکي: اهو ته برابر آهي ،پوءِ رڙيون ته نه ڪندين نه؟
    باشومل: ڏنڊ ڪو خون جو ته ناهي نه....باقي جيڪا راڄ رسم آهي،واه جو منهن ڏبو!
    جڳت راءِ: ( جھمٽ مل ڏانهن منهن ڪندي ) جھمٽ مل،اسان پئنچائت جو جيڪو فيصلو ڪيو،اهو توکي قبول هوندو؟
    جھمٽ مل: پئنچن ۾ پرم ايشور آ... وڻيو ته ابتي ڪاتي سان ڪهو،وڻيو ته سبتي سان......ڪنڌ نه ڪڍائبو.
    جڳت راءِ: ( پئنچن کي چوندي) اٿو ته نويڪلائيءَ ۾ هلي هڪ راءِ ٿي فيصلو ڪيون!
    ( رنگ منچ تان سڀئي اٿي ٻاهر نڪري وڃن ٿا . باشومل وڏائيءَ ۾ ويٺو مڇون وٽي ٿو.کيسي مان پئسا ڪڍي هر هرڳڻي ٿو. جڏهن ته جھمٽ مل ڪاوڙ ۾ کيس ڏسندو ۽ چيٻارا ڪڍندو رهيس ٿو. ٿوري دير کانپوءِ مکي ۽ پئنچ اندر داخل ٿين ٿا ۽ پنهنجين پنهنجين جاين تي ٿي ويهن ٿا)
    جڳت راءِ: باشومل ۽ جھمٽ مل پئنچائت جو فيصلو ٻڌايون؟
    باشومل : ماتو،ڀلي!
    جھمٽ مل: ( هٿ ٻڌي نماڻائيءَ سان چوندي) جيئن توهان جي اِڇا!
    جڳت راءِ : ته پوءِ پئنچائت جي صلاح سان اسان باشي مل تي ....
    ( باشو مل وڏائيءَ مان شهپر وٽڻ لڳي ٿو.جڏهن ته جھمٽ مل پريشانيءَ ۽ ڪاوڙ وچان ڪن اوپڙا ڪري ٻڌي ٿو)
    جڳت راءِ : (ورجائيندي) ته پوءِ پئنچائت جي صلاح سان اسان باشي مل تي ٽڪو ڏنڊ رکئون ٿا.
    باشو مل: ( ٽهڪ ڏيندي) مان ته سمجھيو هيو ته مون تي ڪو هزار روپين جو ڏنڊ رکندئو...ماتو رڳو، ٽڪو ڏنڊُ!؟
    ساڌرام: باشومل، ماڻهوءَ جو ملھ ڪٿي ڏنڊ رکبو آهي.
    باشومل: ( ڪاوڙ ۽ حيرانگي وچان ) ان جو مطلب ته منهنجو ملھ ! ؟.... مکي جڳت راءِ ،جيڪو وڻئي سو ڏنڊ هڻ ،پر اهو فيصلو توکي واپس وٺڻو پوندو.
    جڳت راءِ: ( جھمٽ مل سان مخاطب ٿيندي) جھمٽ مل توکي اهو فيصلو قبول آهي؟
    جھمٽ مل :( خوش ٿيندي) مکي ،مون سان نياءُ ٿي ويو..ٽڪي جي ماڻهوءَ تي ٽڪو ڏنڊ رکي، اوهان سندس ٽڪو مانُ ڪري ڇڏيو.مون کي باقي ٻيو ڇا کپي.
    باشو مل: ( ڪاوڙ وچان اٿندي) پئنچائت، قنبر گام جي وڏي سيٺ جي بي عزتي ڪري توهان چڱو نه ڪيو.
    خوبچند: اڙي، بي عزتي ٿيندي آهي عزت وارن جي..تون ڇو ٿو گھٻرائين ؟
    باشو مل: سڀني کي ڏسي رهندس.. سڀني کي!
    ]باشومل ڪاوڙ ۾اٿي هليو وڃي ٿو[


    ڏيک نائون

    ]رنگ منچ تي دوڪان جو منظر.دوڪان تي باشو مل ويٺو آهي.ڀرسان هڪ نوڪر بيٺو اٿس گراهڪ ايندا ويندا رهن ٿا. ٻه ڀلاوڻا اندر اچن ٿا[
    باشومل : ( ڏسندي) اچو، اچو موٽو مل،قيمت راءِ!... ويهو،ويهو!
    (موٽو مل ۽ قيمت راءِ، ٻئي ڄڻا سندس ڀرسان ويهن ٿا.)
    باشومل: (پڇندي) ڇا کائيندءُ، ڇا پيئندءُ؟
    موٽو مل: (ڪاوڙ وچان) ڀائي، اسان کائڻ پيئڻ ناهيون آيا.اسان ليکو چوکو چڪتو ڪرڻ آيا آهيون.
    قيمت راءِ: ( ڍيڪ واري انداز ۾) جنهن به قنبرائي سيٺ ڏانهن وڃئون ٿا، ني!... ته اهو رڳو کائڻ پيئڻ جي صلاح ٿو ڪري ، ڏيڻ جي ته ڪري ئي نه ٿو،ني!....
    باشو مل: ماتو، مان انهن ٺوٺيوال سيٺين مان ناهيان ،ٻڌايو حساب گھڻو آهي .پوءِ ٿا باقي ڪچهري ڪيون؟
    موٽو مل: ( نظر واري عينڪ پائي ،بندي ڪڍي ڏسندي) ست سو سترنهن روپيه،پنج آنا ،هڪ پئسو.
    باشو مل: ( اٿندي) توهان ويهو ،مان ٻي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ٽجوڙي مان پئسا ڪڍي اچان ٿو.
    قيمت راءِ: جلدي کڻي اچجانءِ ني!..ايئن نه ته گم شم جي ٽوپي پائي هليو وڃي ني!... ۽ اسان ويٺا انتظار ڪيون.
    موٽو مل: نه چئيس، خبر نه ٿي، ته سيٺ پوپٽ مل شڪارپوري جو ڏوهٽو آ.
    قيمت راءِ :( کلندي) اهو به تڏهن مڃون ،ني !...جڏهن روڪڙا اکين سان ڏسون.
    باشو مل : ( ڳوٿري ۾ پئسا کنيون داخل ٿئي ٿو ۽ سندن آڏو پئسن جي ڳوٿري رکندي) ماتو، هي توهان جا پئسا،هاڻي ويهي ڳڻيو.
    موٽومل:هاڻي ڀلي پاپڙ کاراءِ ، بھ کاراءِ، ددن ڪراءِ!
    باشو مل: (نوڪر کي سڏ ڪندي) ماتو، سڀايا،ڀلاوڻن لاءِ ڀلي ماني ٺهراءِ!..کائن ته چپ چٽيندا رهجي وڃن!
    سڀايو : حاضر، سيٺ!
    (سڀايو ٻاهر نڪري وڃي ٿو. موٽو مل ڳوٿري کولي پئسا ڳڻڻ لڳي ٿو)
    قيمت راءِ: باشو مل ،تو وٽ جڏهن روڪڙا آهن ني،ته پوءِ ٻيا ڪيئن جواب ٿا ڏين ني؟.... ڀائي، سکديو جھڙو سيٺ،اسان کي ڏسي، لاهي چاڙهي واري گھٽي وارو دوڪان ڇڏي کسڪي ويو.
    باشو مل: ماتو، قنبر جا ٻيا هڙئي سيٺ ڪنگال ٿئي...ٺن ٺن گوپال ٿئي،مونکان سواءِ....
    موٽومل: ( پڇندي) ۽ مکي؟
    باشومل: هڙ ۾ هريڙون،گوڏ ۾ پتاشا
    اندر اڳڙيون ،ٻاهر ٺاشا
    قيمت راءِ: پوءِ مکي ته توکي هجڻ گھرجي ني.
    باشومل:ماتو، قنبر جي سيٺين ۽ پئنچن جو ڪارو آ منهن،نيرا اٿن پير...پر اوهان چاهيو ته مکي کي چُکي بڻائي سگھو ٿا...جي ان صدمي ۾ مکي چکي ٿي مئو،ته پٺيان ڪجھ ڪونهيس،پوءِ متان مون کي وارو ملي وڃي. نيٺ ته مان به ته پراڻو پئنچ آهيان،گھٽ ته ناهيان.
    موٽو مل : اهو ڪيئن،مکي چُکي واري ڳالھ ته سمجھاءِ؟
    باشومل: (سڙٻاٽن ۾ ڳالهائيندي) ماتو، قنبر جي سيٺين کان قرض نه گھرو،سنئون سڌو مکيءَ تي زوربار رکو ، ته سڀني قنبرائي سيٺين کي گھرائي پئسا وٺي ڏي يا ٻڏي کنڌي لکرائي. ٻڏي کنڌي لکرائي ويئو، ته پورو هزار ڏيندوسانو ۽ ان خوشيءَ ۾ انگريزي دارون به پياريندسانوَ.
    قيمت راءِ : ڏسندو وڃ ته اسان ڪهڙو ٿا ڇيڏڪ وجھئون ني. قنبر جي مکي کي چُکي نه بڻايوسي ته اسان ٻنهي جو نالو ڪارن ڪتن تي رکجانءِ ني!....
    ] ٽنهي جا مڪروه ٽهڪ فضا ۾ گونجڻ لڳن ٿا[


    ڏيک ڏهون

    ] رنگ منچ تي مکي جي اوطاق جو منظر.مکي اوطاق تي ويٺو آهي.ڀرسان سڀئي پئنچ ويٺا اٿس.[
    باشومل : ( ٻڌائيندي) مکي، سکرائي واپارين جو ڀلاوڻو موٽومل ۽ شڪارپوري سيٺين جو ڀلاوڻو منشي قيمت راءِ قنبر ۾ باه ٻاري ڇڏي آهي. ماتو،چڱي ڀلي جي بي عزتي ڪندي ،کين ڀوء ئي ڪونه ٿو ٿئي. چون ٿا ته اسان سڀني قرضي قنبرائن کي ڪورٽ ۾ ڇڪرائينداسي. مان کين ڪلھ ويهي سمجھايو، ته ايئن نه ڪيو. جيڪو به مسئلو آهي ،پئنچائت ۾ پيش ڪيو.پوءِ جي اهو مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ کڻي ڪورٽ ۾ دانهين ٿِجو.
    جڳت راءِ: (معني خيزانداز ۾ جواب ڏيندي ) توکي وڏي شابس آهي!
    (موٽومل ۽ قيمت راءِ داخل ٿين ٿا)
    باشو مل: ( ڏسندي) ماتو، وڏي حياتي اٿن ، اچي ويا.
    موٽو مل ۽ قيمت راءِ: رام، رام ڀائي!
    مکي ۽ پئنچ: (ساڻن اٿي ملندي) رام ،رام!( موڙهن ڏانهن اشارو ڪندي) ويهو،ويهو!
    موٽو مل: ( ويهندي) مکي جڳت راءِ صاحب، اسان تو وٽ دانهين آيا آهيون.تنهنجي گام جا سيٺ ۽ وڻڪا اوڌر ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.چون ٿا ٻئي مندون مري ويون آهن.
    جڳت راءِ : چون ته سچ ٿا.
    قيمت راءِ: ( موڙهي تي ويهندي) اسان جي سيٺين جو ڇا وڃي ربيع ۽ خريف سان...يا روڪڙ ڪڍو يا روڪڙا جواب ڏيو...جي چئو ته لکئون ٻڏي کنڌي؟
    جڳت راءِ: ڀائي قيمت راءِ، وڻ وڻ تي ناهي پوندو،ماڻهو ماڻهوءَ تي پوندو آهي.جي اڄ قنبرائن تي ڪٺن وقت آيو آ، ته اهو وقت به گذري ويندو. هڪ سج ٻه پاڇا ، توهان ڪجھ خيال ڪيو.باقي ٻڏي کنڌي ڪونه لکرائبي،ڪجھ نه ڪجھ ڪري ،اوهان کي راضي ڪبو.
    موٽو مل: مکي، توکي اهو ٻڌائي ٿا ڇڏيون ته هاڻي هُنڊي پانڊي ڪونه هلندي.ان ڪري سڀان جو سورج اڳهي، تهان اڳ ليکو چڪتو ڪرڻو پوندءُ.نه ته پوءِ اسان تي ميار ڪونهيوَ!
    خوبچند: ( وچ ۾ ڳالهائيندي )مکي منهنجي ته صلاح اها آهي ته هي جواسان قنبر وارن جو ٽڪو مانُ ڪن.ڀلو اهو آهي ته آريجن واري سيٺ گنگارام کان وياج تي پئسا وٺي هنن کان ته جان ڇڏائجي.
    ايسرداس:خوبچند! پر گنگارام اهڙو ڪٺور وياجي آهي ،جو پندرنهن ڏيندو آ، ته پنجويهين جو سون گروي رکندوآ.
    باشومل: ته پوءِ ان ۾ ڇا آهي،مکي!..ماتو، قنبر گام جا سيٺ ۽ وڻڪا حالي ته ڳهڻا گروي رکي، هنن مان جان آجي ڪرائن ،پوءِ ڏٺو ويندو.
    جڳت راءِ: اسان اڃا مئا ناهيون، جو سهاڳڻين جا ڳهڻا لاهي کين ڏهاڳڻيون ڪري خلق کلايون.
    باشو مل: مکي ! ماتو،جي اوهان ايئن نه ڪندوء ته هي ڀلاوڻا ۽ منشي به ته مڇڏو آهن!؟
    قيمت راءِ: ها ڀائي، اسان ڪيئن به ڪري سڀاڻڪي سج ۾ پنهنجو حساب ڇڪي وٺنداسي يا ٻڏي کنڌي لکرائينداسي يا وري ڪورٽ ۾ ڇڪرائينداسي.پوءِ ڀلي ته قنبر وارن جي سڄي سنڌ ۾ ڪارپت خراب ٿئي ٿي، ته ڀلي ٿئي ني!
    جڳت راءِ: ( ڪاڙ وچان ) وڌيڪ نه ڳالهايو...رڳو اهوٻڌايو ته قنبر جي سيٺين وڻڪن جي کڻت ڪيتري آهي؟
    موٽومل:( بندي کولي حساب ڪندي ) ڪل پندرنهن هزار پنج سوء اوڻويھ روپيه، ٻه آنه ،ٽي پيسه،هڪ پائي.
    قيمت راءِ: مکي ،توهان جي عورتن جي ڳهڻن جي ماليت ،جي اوتري هوندي ته اها به قبول آهي ني،زيور ئي کڻي ڏيو.
    جڳت راءِ: ( ڪاوڙ وچان ) بس، وڌيڪ هڪڙو اکر به نه ڪڍجانءِ، قيمت راءِ!.. آئي جو آدر آ،نه ته ؟...اهو ٻڌي ڇڏ ته اسان جي عورتن جي ڪوڪي جي قيمت به اڻڪٿ آ....مهرباني ڪري اوهان هاڻي هلو، سڀاڻڪي سج ۾ اوهان کي پئسا ملي ويندا
    قيمت راءِ: ( اٿندي ) اسان کي پئسن سان ڪم مکي، وڙهڻ ته اسان به ڪونه آيا آهيون ني!...
    موٽو مل : ( نمستي ڪندي ) مکي !سڀاڻڪو سج به پري ناهي....(باشي مل کي ڏسندي ) ڀائي اسان کي ولايت راءِ جي درٻار تي ته وٺي هل،گڏجي ڪا پرارٿنا ڪيون ته سڀ جو ڀلو ٿئي....(طنزيه انداز ۾ کلندي ) هنھ!،، هنھ!
    باشو مل : ( اٿندي ) ماتو، حاضر، حاضر!...
    (موٽو مل، قيمت راءِ ۽ باشو مل ٽئي ٻاهر نڪري وڃن ٿا )
    خوبچند : ( مکي کان پڇندي ) مکي ، ڌڻي ٿو ڄاڻي ته اسان کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، ته تون سڀاڻڪي سج ۾ايڏا پئسا ڪٿان آڻيندي؟
    جڳت راءِ: نواب غيبي خان تي ستيا ڪئي اٿم،ڌڻي لڄ رکندو.
    ايسرداس: پر جي نواب صاحب نه ڏيئي ته پوءِ؟
    جڳت راءِ: ( جذباتي ٿيندي) مان هڪ گام جو مکي آهيان،ته به ايڏي ڳڻتي آهي. هو ته وسپتي آهي.گامن ۽ ڳوٺن جو ڌڻي آهي. هندن ۽ مسلمانن جي پتا سمان آهي. چانڊڪا جي هر گام ۽ ڳوٺ جي عزت سندس عزت آهي. مان هاڻي تياري ڪيان ٿو. وڏو اسر ڏئي غيبي ديري ويندس .
    خوبچند : اويلو ۽ اڪيلو ويندءُ ڇا؟
    جڳت راءِ : وڏو اسر ڏئي، پنهنجي ڪمدار الھ رکئي کي ساڻ ڪيون ويندس.
    ايسرداس: سائين ولايت راءِ سڻائي ڪندو. پوءِ ڀلا اسان کي اجازت ،سڀاڻي شام جو وري ملنداسين.
    ] سڀئي آهستي آهستي نڪري وڃن ٿا[


    ڏيک يارهون

    ] رنگ منچ تي باشومل جي اوطاق جو سيٽ. چار پنج موڙها ۽ هڪ ٽيبل پئي آهي. باشومل وچتي قيمت راءِ ۽ موٽومل پاسن وارن موڙهن کان ويٺل آهن .سندن هٿن ۾ گلاس آهن ،جن ۾ شراب ڇلڪي رهيو آهي .ٽيبل تي ولايتي شراب جي خالي بوتل پيئي آهي.[
    موٽو مل: (پيگ جو آخري ڍڪ ھڻندي) مجو اچي ويو!
    قيمت راءِ: ( آخري ڍڪ پيئندي ۽ پڇندي) اڃا آهي؟
    باشو مل: ( بوتل اونڌي ڪري ڏيکاريندي) ختم!...ماتو باقي سڀاڻي اوهان مکي جڳت راءِ کي مکي مان چُکي ڪري ڏيکاريو ته پوءِ توهان کي ولايتي شراب سان سنان ڪرائبو.
    موٽو مل: ( نشي ۾ لڙکڙائيندي اٿي ٿو)رڳو سڀاڻي ٿيڻ ڏي ، جي مکي ءَکي چکي نه ڪيوسي ته اسان جي سڪي ڏاڙهي ،مڇان مٽ سان ڪوڙائجانءِ...
    قيمت راءِ: (اٿي ، نشي ۾ جھومندي ) جرور مکي مان چکي ٿيندو ني!..جي آريجن واري سيٺ وٽ ڳھ گروي رکرايائين ،ته به سندس بدنامي،پر جي اسان کي ڏنائين ،ته ٻيڻي بدنامي!....
    باشومل : ماتو، هڪ ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته اهو ڪيئن چيائين ته سڀاڻي پئسه ملي ويندا!؟
    موٽو مل: ( کلندي)اڙي ڀائي ڪاڏنهن آڻيندو،مڙئي زٽُ هنيائين، لئي ويهارڻ لاءِ ؟ (کل ۾ ويڙهجندي) ڀلا، ڪنهن کي ڌاڙو هڻندو يا خجانو لڀي پوندس ؟...
    قيمت راءِ: ( نشي ۾ڳائيندي) مکي چکي ٿيندو ني....اسان جي چرنن ۾ ويهي ،اسان کان ماڦي وٺندوني...ٻڏي کنڌي لکندوني....ڏاڍو خوار ٿيندوني...ڏاڍو ڪنو ٿيندوني!...مکي چُکي ٿييندو ني!
    ] سڀئي نشي ۾ ٽهڪ ڏيندي موٽو مل جو ساٿ ڏيڻ لڳن ٿا[


    ڏيک ٻارهون

    ]رنگ منچ تي مکي جي اوطاق ج منظرمکيءَ جي اوطاق تي پئنچ ۽ ڀلاوڻا ويٺا مکيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن[
    موٽومل: ( بيچينيءَ منجھان ) ڀائي، مکي وچن ڪيو هو ته سڀاڻڪي سج ۾ ليکو چڪتو ڪري ڏيندو، ٽپهري ٿي وئي آهي، ڄاڻ سج لٿو؟
    قيمت راءِ: ڳهڻا کڻي آريجن جي سيٺ گنگارام ڏي ته نه ويو آ ني!؟...
    ساڌرام: ڀائي، ڌيرج رکو، ٿهمر ڪيو!...هيڏانهن نه هوڏانهن ڄاڻ مکي آيو.وچن ڪيو ٿئين ته پورو ڪندو.
    باشومل: ( پڇندي )ماتو، نيٺ ويو ڪاڏي آ؟...
    خوبچند : اسان کي ڪا خبر ڪانهي.
    موٽومل : ايئن ته ناهي جو شرم کان بر منهن ڪيو اٿائين.
    ( باشومل، قيمت راءِ، کلڻ لڳن ٿا. اوچتو جڳت راءِ اندر داخل ٿئي ٿو.)
    قيمت راءِ: ( جڳت راءِ کي ڏسندي) مکي ،اسانجو ڪم ٿيو يا نه ته لکئون کنڌي ٻڏي؟
    موٽو مل: جي نه ته زيور ئي کڻي ڏيو.
    جڳت راءِ: ( سڏ ڪندي ) او الھ رکيا! جلدي اچ.
    الھرکيو: ( اندر داخل ٿيندي ) آيو، آيومکي!
    (الھ رکئي جي پٺيءَ تي خرزين آهي.جن کي ڏسندي موٽو مل ۽ قيمت راءِ وائڙا ٿي وڃن ٿا)
    جڳت راءِ : (ايسرداس کي ڏسندي) ايسرداس، تون ٻي ڪنڊ ۾ويهي هنن کي پئسا ڳڻي ڏي ،پوءِ رسيد وٺي ڇڏين....
    ايسرداس: جي مکي!..
    ( ايسرداس ،قيمت راءِ ۽ موٽڻ مل اٿي هڪ ڪنڊ ۾الھ رکئي سان گڏ ويهي پئسا ڳڻين ٿا)
    باشومل: ( حيرت وچان) مکي ! ماتو،رات ڪنهن کي ڌاڙو هنيو ٿئي ڇا، جو ايڏا پئسا آندا اٿئي!؟
    جڳت راءِ: ها!ڌاڙو هنيو اٿم.
    باشومل:ماتو، ڪنهن کي؟
    جڳت راءِ : نواب غيبي خان کي!
    باشومل: پوءِ ان توکي ڪجھ به نه چيو؟
    جڳت راءِ: چيائين ته جي اڃا به گھرجئي ته کڻ ، جو پنهنجي گام جي عزت آ...قنبر جي عزت معني منهنجي عزت!
    باشو مل: ماتو، ٻيو وڌيڪ ڇا چيائين ؟
    جڳت راءِ: ٻيو چيائين،ته قنبر جي پئنچائت کي سلام ڏجو ۽ چئجونِ ته ڪارو منهن ڪُتي جو رٻ اوتري جي اوتري!....ٻيو وڌيڪ اهو به فيصلو ڪندي چيائين ته جيڪو پنهنجي گام يا جُوءِ جي عزت نه رکي،ان کي ان گام يا جُوءِ ۾ رهڻ جو ڪو حق ڪونهي.
    باشومل: (پريشان ٿيندي) ماتو، نواب صاحب کي سڀ خبر آ؟
    جڳت راءِ : ها،مان ٻڌايو مانس.
    باشومل: ( مکي جي پيرن تي ڪرندي) مکي!اڳ۾ تو ٽڪو مانُ ڪيو..نواب صاحب جي نياپي ۽ فيصلي کانپوءِ هاڻي ته منهجو مان ڪوڏيءَ جو به نه رهندو...مان کي سڄي سنڌ ۾ ٿڪان لڳنديون. مان ٿڪاڻڪو ٿي ويندس،مونکي نواب صاحب کان ماڦي وٺرائي ڏي.مون کي منهنجي گام مان نه لوڌيو، ماتو!..مان سچي دل سان سڀن کان معافي وٺندس.
    جڳت راءِ: انکي مون عرض ڪيو هيو ته جي سچي دل سان معافي وٺي ته پوءِ ڇاڪجي؟..خبر ٿي نواب صاحب جو فيصلو پٿر تي ليڪ آهي.
    باشومل: نه مڃيائين ڇا؟ ... ماتو،ڇاچيائين؟
    جڳت راءِ: چيائين، ته جيڪو سچي دل سان معافي وٺي ته معاف ڪري ڇڏجوس. ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آئي، سابه نه چئبي ڀُلي
    ( باشو مل شرمنده ٿي ،جڳت راءِ کي جھڪي سندس پير ڇهي ٿو،جڳت راءِ اٿاري کيس سيني سان لائي ٿو)
    موٽو مل: ( اٿي جڳت راءِ کان موڪلائيندي) مکي پوراپئسا آهن ...تو پنهنجو وچن پورو ڪيو،اسان کي ماڦ ڪر!
    قيمت راءِ: اسان رسيد به ايسرداس کي ڏئي ڇڏيسي ،ني! ..بس هاڻي الھ رکئي کي چئو ته اسان کي پوليس ٿاڻي تي پهچائي ،ني!.. جو پوليس جي حفاجت ۾ پئسا کڻي وينداسي، ني!..
    جڳت راءِ: الھ رکيا! هنن کي ٽانگي تي وٺي ٿاڻي تي حفاظت سان پهچائي اچ.
    الھرکيو: جي سائين!
    (قيمتراءِ، موٽومل سڀن کان موڪلائيندي ، الھ رکئي سان گڏ ٻاهر نڪري وڃن ٿا.اوچتو پس منظر ۾ اربيلي ڳائڻي جو آواز گونجڻ لڳي ٿو.سڀئي ڪن ڏئي ٻڌن ٿا)
    گيت:
    گھڙيون گذري وينديون
    ڳالهيون ياد رهنديون....
    او! دنيا دم گذر آ
    نيڪيون ياد رهنديون......
    جڳت راءِ: ( پڇندي )اهو آواز اربيلي جو آهي نه؟
    خوبچند: ها،مکي!..بک ڏک تي به هن ڳائڻي شهر نه ڇڏيو.
    ساڌرام: ان جو مطلب ته هن به گام جي عزت رکي.
    جڳت راءِ: پوءِ هلو، ته اڄ هن کي به دل کولي گھور ڏيون.
    ايسرداس: ها مکي، هن جو به اسان تي حق آهي.
    ]رنگ منچ مان سڀئي ٻاهر نڪري وڃن ٿا. پس منظر ۾ اربيلي جو گيت گونجندو رهي ٿو[

    پردو ڪري ٿو


    ديسي حاڪم

    ڪردار

    حاڪم خان: ديسي حاڪم
    همراز: ڊبل منسٽر
    ناسپاس: نواب
    مکڻ خان : شاعر
    دورانديش: دانشور
    فقيرو: غريب شخص
    دعوت خان: واپاري
    دلبر ناز: فنڪاره
    ڊاڪٽر ڊيل: غير ملڪي ڊاڪٽر
    سيڪريٽري: فنانس سيڪريٽري
    محافظ جان: سڪيورٽي انچارج
    پبلڪ جا ماڻهو وغيره


    نوٽ

    مزاحمتي ناٽڪ بنيادي طور تي سماجي حقيقت پسندي جو عڪس هوندو آهي. جنهن ۾ سماجي بي انصافيون ۽ انهن جي خلاف مزاحمت تي ٻڌل روداد هوندي آهي؛ برائي جي خاتمي ۽ چڱائيءَ لاءِ تڙپ هوندي آهي. ٽيون ناٽڪ ” ديسي حاڪم “ دراصل ”راجڪرتھ“ سيريز جي هڪ ڪڙي هئي. جنهن ۾ مون پنهنجي سماج ۾ جيڪا مسلسل سماجي ۽ سياسي اٿل پٿل ايندي رهي آهي ، ان کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛ ته ڪيئن نه سماجي برايون تسلسل سان اسان جي سماج ۾زور شور سان هلي رهيون آهن . ائين ٿو لڳي ته سماجي براين جو انت ئي ناهي ٿيڻو. هڪ ڌوڪي کان پوءِ ٻيو ڌوڪو ٿي رهيو آهي . هي ڊرامو محترم ممتاز ابڙي پنهنجي ڊراماٽڪ سوسائٽي ” مئسيج گروپ“ ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سرگرم عهديدار ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي جي تعاون سان لاڙڪاڻي ۾، سال 2000ع ۾ پيش ڪيو هيو.
    سياسي ۽ سماجي حقيقت نگاري وارن ڊرامن ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي، ته پڙهن ۽ پوءِ پنهنجي راءِ ضرور ڏين.


    ڏيک پهريون

    پردو کلي ٿو

    [اسٽيج تي هلڪي سائي رنگ جي روشني ڦهليل آهي. پس منظر ۾ هارمونيم جي ڌن تي راوي جو پس پرده آواز گونجي ٿو.]

    راوي: انگريز فرنگي فيل مست ها. اُنهن سمجهيو پئي ته سندن دؤر ۾ شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرن ٿا. پر حقيقت ۾ اِهو هڪ ڏيکاءُ هيو. اُنهن عام ماڻهن کي نظر انداز ڪري چوڌرين، سردارن ۽ وڏيرن کي مٿي تي چاڙهيو ۽ مضبوط ڪيو. جيڪي درٻار شاهي ۾ رسائي حاصل ڪرڻ ۽ خطابن وٺڻ لاءِ سرگردان هوندا هيا. جاگيرون، آفرين ناما ۽ لنگيون وٺڻ سندن زندگيءَ جو مقصد هو. هڪ ڏينهن تقدير ۽ ديسي ماڻهن جي جدوجهد رنگ لاتو. فرنگي حاڪم برصغير مان نڪري وڃي ولايت برطانيه پهتا.
    ديسي ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ته هاڻي کين پنهنجو ديسي حاڪم ملندو. جيڪو هم زبان، هم خيال ۽ حال محرم هوندو. جنهن جي نتيجي ۾ هر طرف سک ۽ چين جي بانسري وڄندي ۽ دردوندن جي ديس ۾ امن، سڪون ۽ خوشحالي ايندي.


    ڏيک ٻيو

    [اسٽيج تي روشني ٿئي ٿي ۽ اقتدار اعليٰ جي ايوان جو سيٽ سجايل آهي. ڇھ ماڻهو اندر داخل ٿين ٿا، جيڪي سماج جي مختلف طبقن جي نمائندگي ڪن ٿا.]
    حاڪم خان: (قراقلي ٽوپي ۽ شيرواني پهريل پبلڪ کي خطاب ڪندي) عزيز هم وطنو! ڀائرو، ڀينرو!... اسلام عليڪم! رب سائين جي مهربانين ۽ اوهان جي گڏيل ڪوششن ڪري اڄ انگريز يعني گونگا حاڪم ٽپڙ ويڙهي وڃي ولايت پهتا آهن. اڄ خدا جي فضل سان اوهان آزاد آهيو.... مان آزاد آهيان... جيئن وڻندو تيئين ڪنداسين.... وڻي ته ڀت رڌيون... وڻي ته ماني پچايون....
    همراز: (فل سوٽ پهريل نعرا هڻندي) اڙي گونگا ٻونگا؟؟
    ٻيا: هاءِ! هاءِ!
    همراز: اڙي گونگن تي؟
    ٻيا: لعنت!
    حاڪم خان: (پر جوش انداز ۾) دوستو!....... اڳي گونگا اوهان کي بد شد ڳالهائيندا هئا ، ته اوهان سمجهندا هيئو، ته نصيحت ٿا ڪن. اوهان ڳالهائيندا هيئو، ته اهي سمجهندا ها، ته ايلاز ٿا ڪن. پر هاڻي اوهان کي هڪ اهڙي ديسي حاڪم جي ضرورت آهي. جيڪو اوهان کي ڳالهائي، اوهان سمجهو، اوهان ڳالهائيو اهو سمجهي.
    ٻيا: بيشڪ، بيشڪ!
    حاڪم خان: عزيز دوستو! ڪانون جي ٻولي ڪانءَ سمجهندا آهن..... ٻڌايو هن سڄي ملڪ ۾ مون کان وڌيڪ ڪو سياڻو ڪانءُ آهي؟ (پاڻهي جواب ڏيندي) يقينن ناهي!.... پر مون کي اقتدار جي بک ناهي.... مان اقتدار جو بکيو ناهيان..... مان اهڙي ڪرسيءَ تي لعنت ڪندو آهيان. جيڪا ڪرسي عوام کي حق نه ڏياري سگهي، ان ڪري مان ان ڪرسيءَ تي نه ويهندس.
    همراز: (ايلاز ڪندي) سائين، ائين نه ڪيو..... ٻيلي الله کي مڃيو.
    حاڪم خان: مون کي اوهان ڀلي ايلاز ڪيو، پر مونکي جيئن ته ان ڪرسيءَ لاءِ محبت ناهي، نه ويهندس، نهن کي نؤ ڪوٽ!......
    فقيرو: (ڦاٽل ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻهو هٿ ٻڌندي) سائين، اسان غريبن جو دامن تار تار آهي. اسانجا مسئلا ٻيو ڪير حل ڪندو، جي اوهان ان ڪرسيءَ تي نه ويهندؤ.
    حاڪم خان: ته پوءِ هڪ شرط آهي. مان اکيون ٻوٽيان ٿو. اوهان مون کي زوريءَ کڻي ڪرسيءَ تي ويهاريو.

    ) سڀئي گڏجي ديسي حاڪم کي ڪلهن تي کڻي ڪرسيءَ تي ويهارن ٿا.(

    همراز: (عام ماڻهن ڏانهن ڏسندي) هاڻي غريب عوام کي گذارش ڪجي ٿي ته پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي، جيسيتائين اسان حڪومتي ڪاروهنوار کي سڌو ڪري وٺئون. باقي خاص الخاص بيٺا رهن.

    ) فقيرو ۽ عام ماڻهو ٻاهر هليا وڃن ٿا ۽ خاص الخاص ماڻهو بيٺا رهن ٿا.(

    حاڪم خان: (ڪرسيءَ تي ويهندي) مهرباني!.... مهرباني!..... عزيز ساٿيو.... مان هن اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي اوهان سان هڪ واعدو ٿو ڪيان، ته اڄ کان وٺي رڳو پنهنجائپ هلندي... پنهنجن کي ڳولهي ڳولهي نوازيو ويندو. اوهان اهو پهاڪو ضرور ٻڌو هوندو، ته پرائو ماري اس ۾ اڇليندو آ ۽ پنهنجو ماري ڇانؤ ۾.... انشاءَ الله هن ملڪ ۾ گهٽي گهٽي ۾ وڻ پوکائي ڇڏبا...... شاهراهن تي ڇاپرا ٺهرائي ڇڏبا.
    همراز: ڇا ته پنهنجائپ آ!.....
    (سڀئي بيٺل زور سان تاڙيون وڄائن ٿا.(
    حاڪم خان: (مٿي کي هٿ ڏئي) ڏاڍو مٿو هينو اٿم.... هاڻي جلدي ڪيو.... جيڪي مسئلا هجن دل کولي ٻڌايو، اصل نه لهرايو. پرهڪڙو پان به کارايو.

    ( همراز کيسي مان پان ڪڍي سندس وات ۾ وجهي ٿو.(

    نواب ناسپاس: (شيرواني پهريل شخص اُٿندي) جناب اعليٰ!مان نواب ناسپاس، عرض ٿو ڪيان ته اسان گونگن حاڪمن کي ڀڄائڻ لاءِ وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون. پنهنجا جوان ڇيلا ڪهرايا.....پوڙها ٻڪر مارايا......ظالم ڍڳيون ڍڪ تي ڪاهي ويا، مينهون مال پڙي تي پهتيون، پر اسان کي ڇا مليو؟...ڪجھ به نه!.... (سڏڪا ڀريندي) خدا ڏسي پسي ٿو ته هاڻي ايترو به ڪونهي، جو پنهنجي پياري زال روشن آرا بيگم کي هيرن جو هار پارائي سگهان. (روئندي) منهنجا ويھ خانداني نوڪر ٽن ڏينهن کان بکيا آهن. جڏهن انهن جا ننڍڙا ننڍڙا ٻچا روئن ٿا، ته منهنجي نڙيءَ ۾ نرگسي ڪوفته ڦاسي پون ٿا. (اکيون رومال سان اگهندي) ديسي حاڪم، غربت جو حال اهو آهي ته مون کي سيڪنڊ هينڊ ڪار آهي. مان خانداني ماڻهو شرم کان ٻاهر نڪري نه ٿو سگهان.... جي نڪران به سهي ته زمين ڪونهي جو ان تي ڪو چڪر چاڙي هڻي سگهان....
    حاڪم خان: بس، بس!... تنهنجي غربت جو ٻڌي مون کي به روئڻ ٿو اچي...... مون سان به ساڳيو حال آهي... اوهان ٻڌايو ته ان مسئلي جو حل ڪهڙو آهي؟....
    همراز: ديسي حاڪم، مون وٽ حل اهو آهي، ته خانداني ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ ڪليمن جي حوالي سان هڪ قبضه گير اسڪيم کولي وڃي.
    حاڪم خان: قبضه گير اسڪيم!؟
    همراز: جي سائين!...... ان اسڪيم تحت جنهن کي جتي به ڪو گهر، زمين، پلاٽ، پارڪ ۽ اسڪول خالي نظر اچي قبضو ڪري ڪليم داخل ڪري ڇڏي.
    حاڪم خان: (ساراھ آميز نظرن سان ڏسندي) واھ جي اسڪيم ٻڌائي ٿئي، اڄ کان وٺي خانداني ماڻهن کي اجازت ڏني وڃي ٿي، ته قبضه گير اسڪيم مان ڀرپور فائدو وٺن ۽ منهنجي لاءِ به ڪجھ ڇڏيندا وڃن.....
    همراز: پهريان اوهان ۽ پوءِ اسان.....
    نواب ناسپاس: (نعرا هڻندي) اڙي ديسي حاڪم؟.
    همراز: زنده باد!.......
    نواب ناسپاس: اڙي ديسي دلبر!
    همراز: زنده باد!.......
    (نواب ناسپاس فرشي سلام ڪندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.(
    حاڪم خان: (ڦونڊجي) هاڻي ٻيو ڪو مسئلو ٻڌائي؟.......
    مکڻو خان: (فرشي سلام ڪندي) عرض ڪيو آ ته!
    اها مسرت جي ڳالھ آ
    ته ديسي حاڪم ٿيو بحال آ
    پر مون سان وڏو جنجال آ.
    حاڪم خان: تون ڪير آن؟... تو سان ڪهڙو جنجال آ، گاسليٽي شاعر!؟...
    مکڻو خان: مکڻ در مکڻ، اوهان جي هٿن پيرن جو مکڻ.... هن مکڻي کي مکڻ خان مسڪه سڏيو ويندو آهي.... افسوس اهو آهي، جو ڪڏهن اسان جهڙن شاعرن جو منهن موتين سان ڀريو ويندو هو ۽ عجيب زمانو آ جو اڄ ڪلھ مکڻ پئي مٿو ٿو سڙي.
    همراز: مسڪه بازي ڇڏ، ديسي حاڪم کي سنئين سڌي ڳالھ ڪري ٻڌاءِ.
    مکڻو خان: ديسي حاڪم، هي ڪهڙو انصاف آهي جو هاڻي ڪو اسانجا رڳو پنج غزل، ڏھ رباعيون ۽ ويھ مسدس ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي... شهر جي چونڪ تي ان ڏينهن رڳو ٻه ٽيڙو نما غزل ٻڌايم، ته ماڻهن گندن انڊن سان داد ڏنو آهي.... ان ڪري التماس آهي ته ماڻهن کي ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي....
    حاڪم خان: مکڻ خان مسڪه، اهو ناممڪن آهي.
    همراز: ديسي حاڪم، اهو ممڪن آهي...... هن کي قومي شاعر قرار ڏئي، سرڪاري ميڊيا تي ماڻهن جي مٿي کائڻ جو پروانو عطا ڪيو وڃي، نه ته هي اوهان جو مٿو چٽي ڇڏيندو.
    حاڪم خان: پوءِ وڃ وڃي ماڻهن جو مٿو کاءُ..... اڄ کان وٺي تون قومي شاعر آن.....
    مکڻو خان: اها مسرت جي ڳالھ آ....... ته ديسي حاڪم ٿيو بحال آ......
    (مکڻو خان شعر چوندي ٻاهر هليو وڃي ٿو(
    حاڪم خان: (هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي) آهي ڪو ٽيون؟
    دورانديش: (اڳتي وڌي پنهنجي ڀڳل عينڪ ٺيڪ ڪندي) خواتين و حضرات.... السلام عليڪم..... منهنجو نالو دورانديش آهي.... مان جيئن ته قوم جي درد ۾ لڙهندڙ دانشور آهيان. ان ڪري مون کان سواءِ، هن ديس جي مسئلن تي ٻيو ڪير به نه ٿو ڳالهائي سگهي. (زوردار انداز ۾ تقرير ڪندي) جناب اعليٰ!... هن ديس جا ڪيترائي مسئلا آهن.....جيئن ته بک جا، بيماريءَ جا!....... مزدور جا، هاريءَ جا!...... مجبور جا، محصور جا!........ بَرَجا، بحر جا!.....
    حاڪم خان: (پنهنجي مٿي کي ڌڪ هڻندي) اڙي تون ته ڪو درد سر آن.... جلدي ڪر مسئلا ٻڌاءِ، جان ڇڏاءِ........
    دورانديش: ديسي حاڪم!..... مون کي خبر آهي ته اوهان مسئلن کي گهرائي سان ٻڌڻ جا عادي نه آهيو. اهو به ممڪن ناهي ته مان رڳو ٻارنهن ڪلاڪن ۾ سڀني مسئلن کي بيان ڪري ڇڏيان. ان ڪري مون کي هڪ هڪ مسئلي کي بيان ڪرڻ لاءِ، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن ڏيڻو پوندو، ته جيئن اوهان کي ديس جي مسئلن کان آگاهي حاصل ٿئي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ٿين......
    حاڪم خان: (پريشان ٿيندي) اڙي ان حساب سان ته تون پورا پنج سال ڳالهائيندي..... پوءِ مان ته گذاري ويندس.... (هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي) آهي ڪو الله جو ٻانهو جيڪو هن بوا مان جان ڇڏائي؟

    همراز: اوهان پريشان نه ٿيو. مان هن سان پاڻهين پڄان ٿو. (دانشور کي مخاطب ٿيندي) اي درد سر دانشور، تون واقعي هڪ حقيقي، سچو ۽ درٻاري دانشور آهين..... ان ڪري توکي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ ثقافت کاتي کان تنهنجو ماهيانو وظيفو پڻ مقرر ڪرايو وڃي ٿو.... هاڻي تون ٻين پوڙهن، ٺوڙهن دانشورن کي گڏ ڪري حڪومت جي حق ۾ سيمينار ۽ ڪانفرنس ڪرائيندو وت، هر سال توکي ڪو نه ڪو سرڪاري ايوارڊ ڏنو ويندو. هاڻي تون وڃي سگهين ٿو.

    دورانديش: (خوشيءَ مان ڦونڊجي) اهڙو انصاف ڪنهن مائي جي لال اڄ تائين نه ڪيو هوندو... هاڻي ديسي حاڪم جي ڪرسيءَ کي دنيا جي ڪا به طاقت نه ٿي لوڏي سگهي.... تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنهن جو نالو به حاڪم خان آهي. اهو ئي حڪومت ڪرڻ جي لائق هوندو آهي.

    همراز: درد سر دانشور، اهو ٻين کي وڃي ٻڌاءِ..... اسان کي ڇا ٿو ٻڌائين؟...

    [دورانديش فرشي سلام ڪندو ٻاهر وڃي ٿو ۽ حاڪم خان ٿڪاوٽ واري انداز ۾ ٿڌو شوڪارو ڀري ٿو.]


    ڏيک ٽيون

    [اقتدار اعليٰ جي ايوان جو ساڳيو منظر. هڪ غريب شخص اندر داخل ٿئي ٿو.]
    حاڪم خان: (غريب شخص ڏانهن واجهائيندي) تون ڇو آيو آهين؟.... توسان ڪهڙو مسئلو آهي؟ جلدي بيان ڪر جو اسان کي وقت ڪونهي......
    فقيرو: (عاجزيءَ سان) سائين اسان به انسان آهيون، اسان وٽ ٻي ميراث ڪو نه آهي، اوهان جي حڪومت ۾ هڪڙي عزت هئي، اها به هلي وئي..... بس اسان جو عرض اهو آهي، ته اسان کي اسان جي عزت موٽائي ڏني وڃي.
    حاڪم خان: عزت جوان هئي؟
    فقيرو: سائين! عزت به ڪڏهن ڪراڙي ٿيندي آ.. اها ته هر دم جوان هوندي آهي...
    حاڪم خان: چڱڙي هئي؟.
    فقيرو: غريبن جي چڱي ڀلي عزت هوندي آ، سائين!...
    حاڪم خان: تون اهو چاهين ٿو، ته اها توکي موٽي ملي؟
    فقيرو: جي سائين!....... اسان اهو به چاهيون ٿا ته اڳتي ڪير اسان جي عزت سان نه کيڏي.
    حاڪم خان: (ٽهڪ ڏيندي) تون ڏاڍو سادو آهين. پر جيڪو به کيڏي ٿو، کيڏڻ ڏيس... کيڏي کيڏي پاڻهي ٿڪجي پوندو. مان پاڻ عزتن سان راند کيڏڻ جو شوقين آهيان.
    فقيرو: (ڪاوڙجي) اوهان ڇا ٿا چئو!؟..... ته جيڪو اسان جي عزتن سان کيڏي، ان کي کيڏڻ ڏيون؟.... ڪو اسان جي عزتن کي لُٽي ان کي ڇڏي ڏيون؟... (ڪاوڙ ۾ ڪرسيءَ کي پڪڙي لوڏي ٿو) ائين نه ٿيندو (ديسي حاڪم ڪرسيءَ کي چنبڙي پوي ٿو) هرگز ائين نه ٿيندو!
    همراز: (وچ ۾ پوندي) توکي اقتدار جي ڪرسيءَ کي لوڏڻ جي جرئت ڪيئن ٿي؟... اڙي تون آهين ڪير، پنهنجو تعارف ته ڪراءِ؟
    فقيرو: منهنجو نانءُ فقيرو آهي.
    همراز: ذات!؟
    فقيرو: مسڪين!
    همراز: ويٺل؟
    فقيرو: غريب آباد!
    همراز: (طنزيه انداز ۾) نالو فقيرو، ذات مسڪين، ويٺل غريب آباد جو، پوءِ توکي عزت ڪاڏهون ملندي؟.... پهريون نالو، ذات ۽ جڳھ مٽاءِ، پوءِ اچي ڳالهاءِ.
    فقيرو: نه مان نالو بدلائيندس... نه ذات، نه جڳھ پر اوهان کان عزت سان رهڻ جو حق ضرور وٺندس.
    همراز: اڙي، ته پوءِ توکي عزت ڪاڏنهن ملندي؟
    فقيرو: (مڇرجي) جي نه ملندي ته پوءِ توهان جي گريبانن ۾ اسان جا هٿ هوندا. (ديسي حاڪم جي گريبان ۾ هٿ وجهندي) ايستائين جيستائين اوهان غريبن کي عزت سان رهڻ جو حق نه ٿا ڏيو.
    حاڪم خان: (ٻوڙن وانگر) منهنجي ڪنن کي الائي ڇا ٿو ٿئي؟...... تون چپن ۾ الائي ڇا ٿو ڀڻڪين؟..... ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي؟......
    فقيرو: (طنزيه انداز ۾) توکي ڪجھ سمجھ ۾ نه ٿو اچي..... (ڪن ڀرسان وات رکي رڙڪندي) ڪن ڪن ڪور!... ڪن ڪن ڪور!. او ديسي حاڪم، ياد رکي ڇڏ!... جيستائين تون غريبن کي عزت سان رهڻ جو حق نه ڏيندين، تيستائين تنهنجي اقتدار جي ڪرسي لوڏن ۾ هوندي.....
    همراز: (گهٻرائجي رڙيون ڪري ٿو) محافظ جان! جلدي اندر اچي هن چرئي کي ته پڪڙ!..... اسان جي ديسي حاڪم جو عزتن سان ڇا وڃي!
    ) محافظ جان اندر اچي، فقيري کي حاڪم خان کان الڳ ڪري ٿو. حاڪم خان ڪنن کي هٿ ڏئي وڪوڙجي، سڪوڙجي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو(
    همراز: (پريشاني مان) خبر ناهي ڇا ٿيو سائين جي ڪنن کي؟... سائين ڪجھ ٻڌو ٿا؟
    )حاڪم خان نه ٻڌڻ واري انداز ۾ ڪنائي ٿو ۽ نه سمجهڻ جا هٿن سان اشارو ڪري ٿو(
    همراز: سؤ دفعا جهليواٿم پبلڪ کي ته آهستي ڳالهايو، آهستي ڳالهايو... هي ڪو هاڻي ديسي حاڪم جا ڪن ناهن، پر سرڪاري ڪن آهن... سرڪاري ڪن ڪچا ٿيندا آهن، نازڪ ۽ نفيس هوندا آهن. پر جيڪو اچي ٿو سو ٻوڪٽ ڪندو. ( فقيري ڏانهن اشارو ڪندي) هن فقيري کي سرڪاري ڪنن سان زيادتي ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ٽي سال ٽيپ ڏئي ڇڏيو، ته جيئن ٻين کي عبرت حاصل ٿئي.
    [محافظ جان فقيري کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي وڃي ٿو.]


    ڏيک چوٿون

    [اسپتال جي هڪ ڪمري جو منظر. بيڊ تي حاڪم خان ليٽيو پيو آهي. همراز سندس ڀرسان پريشان بيٺو آهي.]
    همراز: (پنهنجي منهن ڳالهائيندي) خبر ناهي ته الائي ڪيترو خرچ ايندو؟... اڳيئي غريب ملڪ، مٿان وري تيرنهون مهينو لڳو پيو آ... خزاني ۾ ڪجھ آهي به، الائي نه... فنانس سيڪريٽري کان پڇي ٿو ڏسان... سيڪريٽري! او سيڪريٽري!.....
    سيڪريٽري: (داخل ٿيندي) جي سر!
    همراز: ايترو ته پئسو آهي نه، جنهن سان سرڪاري ڪنن جو علاج ٿي سگهي؟
    سيڪريٽري: نه هوندو، ته به ٿي ويندو.
    همراز: هاڻي هيئن ڪر، جو ولايت مان دنيا جو مشهور ڪن، نڪ ۽ ڳلي واري ڊاڪٽر ڊيل (Dr: Dale) کي وٺي اچ، ته جيئن سرڪار جو ٻوڙٽ ختم ٿئي. پر خيال سان متان تون اُن سان پنهنجو ڊيلُ ملائين.... اڳيئي سرڪار کوٽ ۾ هلي ٿي.
    سيڪريٽري: جي سر!
    )سيڪريٽري ٻاهر وڃي ٿو.(
    همراز: (پريشانيءَ منجهان) خبر ناهي ته اسان جي عوام کي ڪڏهن عقل ايندو. ڪڏهن کين خبر پوندي ته وقت جي حاڪمن سان نرم نرم ڪيئن ڳالهائبو آهي.
    )سيڪريٽري سان گڏ، ڊاڪٽر ڊِيل پنهنجي بئگ سوڌو اندر داخل ٿئي ٿو.(
    ڊاڪٽرڊيل: گڊ ايونگ!
    همراز: گڊ ايونگ، ڊاڪٽر!
    ڊاڪٽرڊيل: واٽ هيپنڊ؟
    همراز: (ٻڌائيندي) ديسي حاڪم بڪم ٻوڙو اينڊ گهل..... آءُ مين ڊيف اينڊ ڊمب.
    ڊاڪٽرڊيل: ڊؤنٽ وَري!.... ڊؤنٽ وري!
    )ڊاڪٽر ڊيل بئگ کولي مختلف اوزار ڪڍي ٿو. ديسي حاڪم جا ٻئي ڪن جاچي ٿو ۽ سندن ڪنن سان عجيب و غريب حرڪتون پڻ ڪري ٿو(
    همراز: (پڇندي) آهي ڪو آسرو؟... اِز ديئر ايني هوپ؟
    ڊاڪٽرڊيل: ويري ڪامپليڪيٽڊ ڪيس.... سڪس ملين ڊالرس شل بي دي ڪاسٽ آف ٽريٽمينٽ ! ڊو يو ايگري؟
    همراز: سٺ لک ڊالر لڳندا!؟... پوءِ اسان جي دش ڪش.... آءُ مين ڪميشن!......؟
    ڊاڪٽرڊيل: (ٽهڪ ڏيندي) آءِ نوknow) )... آءِ نو know) ).. ففٽي! ففٽي!
    همراز: سمجهي وئين نه!؟...ته پوءِ ڊنdone) )،ڊنان ڊن، ڊن!....
    (ڊاڪٽر ڊيل گڏھ جي ڪنن جهڙا ٻه مصنوعي پلاسٽڪ جا ڊگها ڪن بيگ مان ڪڍي ديسي حاڪم کي لڳائي ٿو.(
    ڊاڪٽرڊيل: (ديسي حاڪم کان پڇندي) ڊويولسٽن مي؟.
    حاڪم خان: (خوش ٿيندي) ييس!...ييس!....
    همراز: ديسي حاڪم!.... هن ولايتي ڊاڪٽر ڊيل اوهان کي سڪس ملين ڊالر وارا ڪن هڻي نئين ٻڌڻ جي سگهه عطا ڪئي آهي.
    حاڪم خان: پر گهڻي ڪميشن ۾؟
    همراز: ففٽي، ففٽي!... اڌواڌ....
    حاڪم خان: (ڊاڪٽر ڏانهن ڏسندي) ٿينڪ يو ڊاڪٽر ڊيل... يو آر دي گريٽ ڊاڪٽر آف دي ورلڊ.
    ڊاڪٽر ڊيل: (ديسي حاڪم ڏانهن ڏسندي ۽ کيس سمجھائيندي) اٽ از ماءِ ايڊوائيز دئٽ يو هيو ٽو لسٽن دي سافٽ وائسز آف برڊس... چرپ!... چرپ!... اينڊ ميلوڊي سانگس آف بيوٽيفل وومينس... آءِ لو يو!... بٽ ڊونٽ هيئر دي هارش سلو گنس آف دي پبلڪ....
    حاڪم خان: بلڪل تنهنجي تجويزن تي عمل ڪبو.
    ڊاڪٽر ڊيل: (موڪلائيندي) اوڪي!.. بٽ ويئر از ماءِ ڪيش؟
    همراز: (سڏيندي) سيڪريٽري، او سيڪريٽري!...
    سيڪريٽري: (اندر داخل ٿيندي) جي سر!؟...
    همراز: ڪميشن ڪٽي، ڊاڪٽر ڊيل کي باقي ڪيش ڏئي ڇڏ.
    سيڪريٽري: ييس سر!
    [ڊاڪٽر ڊيل، ديسي حاڪم ۽ همراز سان الوداعي هٿ ملائيندي بئگ کڻي سيڪريٽري سان گڏ ٻاهر نڪري وڃي ٿو.[


    ڏيک پنجون

    [اقتدار اعليٰ جي ايوان جو منظر. هڪ وڏي ڪرسي تي حاڪم خان ويٺو آهي. ڀرسان همراز با ادب طريقي سان بيٺي کيس سمجهائي رهيو آهي.]
    همراز: ديسي حاڪم، اوهان هاڻي، صرف پکين جي چهه ٻهه ۽ خوبصورت عورتن جي ٽھ ٽھ ٻڌي سگهو ٿا. نه ٿا ٻڌي سگهو ته، ماڻهن جا مطالبا، يتيمن جون دانهون ۽ مسڪينن جون آهون... اوهان کي سچ ته صفا ناهي ٻڌڻو جو ڪرخت ٿئي ٿو... جي اوهان اهڙا آواز ٻڌندوء ته پوءِ بنھ ٻوڙا ٿي ويندؤ، حڪومت ڪرڻ جي اهل نه رهندؤ.
    حاڪم خان: تو جهڙو صلاحڪار هجي ته پوءِ ڪهڙي ڳڻتي.... پر مون تو کان اڃا تائين اهو ناهي پڇيو، ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟.
    همراز: ديسي حاڪم! نالن ۾ ڇاهي رکيو.... اڃان تائين ته مون تي ڪنهن ڍنگ جو نالو ناهي رکيو.. بس هرڪو مون کي پنهنجو همراز سمجهندو آهي.
    حاڪم خان: ته پوءِ اسان ٿا رکئون ڍنگ جو نالو.... توکي ٻه نالا ڏيون ٿا... هڪڙو فنانس منسٽر ۽ ٻيو هوم منسٽر، توکي ڪهڙو پسند آهي؟
    همراز: ديسي حاڪم!... اوهان جيڪو ڏيندوءَ، انڪار ناهي..... باقي ٻئي نالا اکين تي آهن.
    حاڪم خان: تون تمام ذهين ۽ چالاڪ آهين... چڱو خزاني جي صورتحال تي تبصرو ڪر؟
    همراز: صورتحال ڏاڍي خراب آهي. جيڪو هيو سو خرچ ٿي ويو.
    حاڪم خان: پوءِ ڇا ڪجي صلاح ڏي!؟.
    همراز: اهو ڪي ڪجي جي آئي ويل ڪم اچي.
    حاڪم خان: مطلب؟
    همراز: مطلب صاف ظاهر آهي ته قرض کڻجي.
    حاڪم خان: عام طور تي چيو ويندو آهي، ته قرض وڏو مرض آهي ؟
    همراز: سائين ديسي حاڪم، اهو پراڻو پهاڪو آهي. پر اڄڪلهه قرض وڏو فرض آهي، جي چوڻي عام آهي.
    حاڪم خان: (حيرانگيءَ مان) هان اها ڳالهه آهي!... پر اهو ته ٻڌاءِ قرض ڪنهن کان کڻجي؟
    همراز: پهريائين ميڊم ورلڊ بئنڪ کي لوڏي ٿا ڏسئون ۽ پوءِ مس آءِ ايم ايف کي ڌوڏي ٿا ڏسئون.
    حاڪم خان: پوءِ ان فرض کي پوري ڪرڻ ۾ دير ڇا جي، هل ته هلئون انهن وٽ.
    همراز: ديسي حاڪم، اسان ڇو هلئون انهن کي هتي دعوت ڏئي گهرائي ٿا وٺون.
    حاڪم خان: جيڪو به ڪرڻو ٿئي، سو جلدي ڪر.
    همراز: (سڏيندي) سيڪريٽري!؟
    سيڪريٽري: (ڀڄندو اچي ٿو) جي سر!؟
    همراز: وارو ڪر ميڊم ورلڊ بئنڪ ۽ مس آءِ ايم ايف جي خوشامد ڪندي کين هيڏي وٺي اچ.
    سيڪريٽري: جي سر!...

    )سيڪريٽري ٻاهر نڪري وڃي ٿو)

    حاڪم خان: ( پڇندي) ورلڊ بئنڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ چڱي آ؟
    سيڪريٽري: ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي سخت آ.باقي ڏيڻ وٺڻ ۾ چڱي آ!..

    (ٿوري دير کانپوءِ سيڪريٽري هڪ ٿلهي عورت سان اندر داخل ٿئي ٿو. جنهن جي پٺيءَ تي ورلڊ بئنڪ جو اسٽيڪر لڳل آهي. حاڪم خان ۽ همراز ٻئي اٿي سندس استقبال ڪن ٿا.(

    حاڪم خان ۽ همراز: (گڏيل آواز ۾) ويلڪم، ميڊم ورلڊ بينڪ!...
    ورلڊ بئنڪ: او ٿئنڪس، ٽين دنيا جا عياش ۽ سست حاڪمو!... ڇا حڪم آهي؟
    حاڪم خان: حڪم نه، پر عرض آهي.
    ورلڊ بئنڪ: ڪهڙو عرض آهي؟
    حاڪم خان: پنهنجي صحت جي صدقي ، هن ڪنگال ملڪ کي قرض ڏيڻ جو.
    ورلڊ بئنڪ: مان ڳري وياج تي قرض ڏيندي آهيان، جي منظور آهي ته ٺيڪ آهي.
    حاڪم خان: جيڪو وڻئي سو وياج هڻ ، پر دل کولي قرض ڏي.
    ورلڊ بئنڪ: (کيسي مان هڪ ڪاغذ ڪڍي حاڪم خان کي ڏيندي) هي منهنجون شرطون آهن، هن کي غور سان پڙهي پوءِ صحيح ڪر.
    همراز: حاڪم خان کي غور سان ڏسي پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
    حاڪم خان: مان اکيون ٻوٽي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ، تون رڳو اسان کي چيڪ ڏي.
    ورلڊ بئنڪ: (کيسي مان چيڪ ڪڍي ٽهڪ ڏيندي) ان معاملي ۾ ٽين دنيا جا حاڪم واقعي اکين ٻوٽ هوندا آهن. پر پهريان صحيح پوءِ چيڪ!

    (حاڪم خان همراز کان پين وٺي ڪاغذ تي اکيون ٻوٽي صحيح ڪري ٿو ۽ ڪاغذ ورلڊ بئنڪ کي واپس موٽائي ڏئي ٿو. ورلڊ بئنڪ همراز کي هٿ ۾ چيڪ ڏئي ڇڏي ٿي.(

    ورلڊ بئنڪ: هاڻي مونکي اجازت؟
    همراز: پنهنجي ئي ڏنل قرض مان دعوت ته کائي وڃو؟
    ورلڊ بئنڪ: بس وقت سر وياج سوڌو قرض موٽائجو، اها ئي منهنجي وڏي دعوت هوندي.

    (ميڊم ورلڊ بئنڪ کي ادب و احترام سان سيڪريٽري ٻاهر وٺي وڃي ٿو. )

    حاڪم خان: آءِ ايم ايف ڪيئن آ؟
    سيڪريٽري: اها سُريلي به آ، ٺاهوڪي به آ.پر معاهدي ڪرڻ جي ڪني آ.
    ( سيڪريٽري هڪ ٻي خوبصورت عورت کي وٺي اندر داخل ٿئي ٿو، جنهن جي پٺيءَ تي آءِ ايم ايف جو اسٽيڪر چنبڙيل آهي.)

    حاڪم خان ۽ همراز: (استقبال ڪندي) خوش آمديد، خوش آمديد !.... سوهڻي من موهڻي !..مس آءِ ايم ايف.
    آءِ ايم ايف: (نخري سان جواب ڏيندي) شڪريه، شڪريه!.... اوهان مونکي ڪيئن ياد ڪيو؟
    همراز: اسان کي پنهنجي ملڪ خداداد جي لاءِ بي تحاشه قرض کپي.
    آءِ ايم ايف: توهان کي شايد خبر ناهي، ته مان ڳاٽي ڀڳن شرطن تي قرض ڏيندي آهيان.
    حاڪم خان: اسان به ڳاٽي ڀڳا آهيون، هر شرط تي قرض وٺنداسي.
    آءِ ايم ايف: متان پوءِ رڙيون ڪيو؟
    همراز: رڙيون پويان ڪندا، توهان پنهنجي حسين ادائن جي صدقي جيڪو سري سگهيوَ ته ڏئي وڃو.
    آءِ ايم ايف: (شرطن وارو ڪاغذ همراز کي ڏيندي) ته پوءِ هن ڪاغذ کي پڙهو ۽ صحيح ڪيو.
    همراز: (حاڪم خان کي ڪاغذ ۽ پين ڏيندي) پڙهڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي، حاڪم خان اکيون ٻوٽي صحيح ڪري ڇڏيندو!
    حاڪم خان: بلڪل اکيون ٻوٽي صحيح ڪبي.

    )حاڪم خان ڪاغذ کي پڙهڻ کانسواءِ صحيح ڪري ڪاغذ آءِ ايم ايف کي ۽ پين همراز کي ڏئي ٿو.(

    آءِ ايم ايف: (چيڪ همراز کي ڏيندي) هي وٺو چيڪ ۽ ياد رکو ته انهن پئسن کي وياج سوڌو امانت سمجهي اوهان کي موٽائڻو آهي.
    همراز: بلڪل موٽائبا، اوهان ڪو فڪر نه ڪيو. امانت، ديانت ۽ صداقت ته اسان جا سونهري اصول آهن.
    آءِ ايم ايف: هاڻي مونکي اجازت ڏيو.
    حاڪم خان: دل ته نٿي چئي ته اوهان کي الوداع چئجي، پر ڇا ڪجي اسان کي به ملڪ خداداد جي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ اوهان کي به ٽين دنيا جي ٻين ملڪن سان منهن ڏيڻو آهي.
    آءِ ايم ايف: اوهان صحيح ٿا چئو. چڱو خدا حافظ!....

    )مس آءِ ايم ايف کي سيڪريٽري ادب و احترام سان ٻاهر وٺي وڃي ٿو.(

    حاڪم خان: (همراز کان پڇا ڪندي) ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي طرف کان هاڻي اسان کي قرض جا ڪيترا پئسا مليا آهن؟
    همراز: (سمجهائيندي) ديسي حاڪم! دنيا جي ڪلاسيڪل قرضين جو اهو قول آهي، ته قرض جا پئسا ڳڻبا ناهن، نه ته اهي کٽي پوندا آهن.
    حاڪم خان: (پڇندي) ڇا اسان کي اها رقم وياج سوڌو واپس ڪرڻي پوندي؟
    همراز: اسان جي سونهري اصولن تحت، هرگز نه !...
    حاڪم خان: (پڇندي) تنهنجي ٻڌايل سونهري اصولن تحت ته امانت ۾ ديانت ۽ صداقت جو مظاهرو ڪرڻو آهي؟
    همراز: مون پورا سونهري اصول مس آءِ ايم ايف کي ڪو نه ٻڌايا هيا. جڏهن ته اسان جا پورا سونهري اصول آهن، امانت، ديانت، صداقت ۽ پوءِ آخر ۾ خيانت.
    حاڪم خان: (زوردار ٽهڪ ڏيندي) سمجهي ويس!.... سمجهي ويس، هاڻي ٻڌاءِ ته هن مليل قرض وارن پئسن کي ڪيئن خرچ ڪجي ؟
    همراز: ديسي حاڪم، هنن پئسن کي وڏي ايمانداري ۽ سچائي سان فضول خرچي جي تحت خرچ ڪجي.
    حاڪم خان: (ٽهڪ ڏيندي) سمجهي ويس!... سمجهي ويس!...

    [حاڪم خان ۽ همراز زور زور سان ٽهڪ ڏيندا رهن ٿا.]


    ڏيک ڇهون

    [اقتدار اعليٰ جي ايوان جو ساڳيو منظر. حاڪم خان ڪرسي تي ويٺو آهي ۽ همراز سندس ڀر ۾ بيٺو آهي. محافظ جان اندر اچي ٿو.]

    محافظ جان: (ٻڌائيندي) هن ملڪ جي مشهور ۽ بدنام شخصيت دعوت خان اوهان سان ملڻ چاهي ٿو.
    حاڪم خان: موڪل! موڪل!... عجيب شخصيت آهي، هڪ ئي وقت مشهور ۽ بدنام!؟...هونئن به اڄڪلهه مشهوري ۽ بدنامي ۾ ٿورو فرق آهي. ضرور موڪل!... لڳي ٿو ته ان سان ملڻ کانپوءِ اسان جي به نيڪ نامي ضرور ٿيندي.
    )محافظ جان ٻاهر وڃي ٿو ۽ پوءِ دعوت خان کي وٺي اندر اچي ٿو.(
    دعوت خان: (سلام ڪندي) ديسي حاڪم، مان هر دؤر جي حاڪم کي دعوت ڏيندو آهيان، توهان وٽ ايندي ايندي ڪجھ دير ٿي وئي.... (مصنوعي کنگهڪار ڪندي) اوهان ڪهڙي دعوت کائڻ پسند ڪندؤ؟... دعوت گناھ يا دعوت ثواب؟... دعوت حلال يا دعوت حرام؟... دعوت سُر يا دعوت سرور؟... دعوت ديدار يا دعوت دل ٺار؟...
    حاڪم خان: ڇا چيئي دعوت؟... بالڪل بابا، بالڪل.... محبت سان ڏيندي ته اکين تي آ.... پر سريلي هجي جو بي سُري جي رک آ.... اهو ته ٻڌاءِ دعوت ۾ ڇا ڇا هوندو؟
    دعوت خان: ڇا نه هوندو، اهو پڇو.
    حاڪم خان: ڇا نه هوندو، اهو ٻڌاءِ؟
    دعوت خان: دنيا جا غم، تڪليفون ،اهنج ۽ايذاءُ نه هوندا.
    حاڪم خان: ان جو مطلب ته جنتي ماحول هوندو. سڪون ئي سڪون، خوشيون ئي خوشيون، نعمتون ئي نعمتون، راحتون ئي راحتون ، فرحتون ئي فرحتون.
    دعوت خان: توهان جو اندازو صحيح آهي.
    حاڪم خان: ته پوءِ اهڙي دعوت جو، هتي جلد از جلد اهتمام ڪرته اسان اهڙي دعوت مان محضوظ ٿيئون.
    دعوت خان: زهي نصيب!... جلد از جلد اهتمام ٿي ويندو.
    )محافظ جان ۽ دعوت خان ٻاهر هليا وڃن ٿا.(

    همراز: (ڪاوڙجندي) هي ڪو وقت هو، دعوت قبول ڪرڻ جو، سو به محافظ جان جي سامهون؟.... سو به هتي ؟....
    حاڪم خان: ڊبل منسٽر!..... اهو ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ته جيئن مذهب جي نالي تي سڀ ڪجھ ٿي سگھي ٿو؛ ائين ثقافت جي نالي تي به گھڻو ڪجھ ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن ڪو مون کي محبت سان دعوت ڏيندو، ته مون کان انڪار نه ٿيندو.... ها، هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو اصول آهي. باقي رهيو مسئلو محافظ جان جو، ان کي به داڻو اڇلائي ڇڏبو، ته پاڻهي پالتو ڪڪڙ بڻجي ٻانگون ڏيندو.
    همراز: ديسي حاڪم اهو ڪڪڙ ناهي، پر اهو ڄرڪو آهي جيڪو توکي ۽ اسان کي به ڳهي ويندو.
    حاڪم خان: اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪڪڙ ڪير ۽ ڄرڪو ڪير آهي.
    [حاڪم خان، همراز کي ڪاوڙ ۾ ڏسندو رهي ٿو.]


    ڏيک ستون

    [اقتدار اعلي جي ايوان جو سيٽ .حاڪم خان ، همراز ۽ ٻيا ويٺا آهن . دعوت خان هڪ خوبصورت ڳائڻي کي وٺي اندر داخل ٿئي ٿو.]
    دعوت خان: (ڳائڻي جو تعارف ڪرائيندي) هيءَ ملڪ جي وڏي خوش آواز، مايه ناز ڳائڻي دلبر ناز آهي. جي اجازت هجي ته اوهان کي ڪجهه ٻڌائي؟
    حاڪم خان: اسان پوري انتظامي پروٽوڪول سان هن کي ٻڌنداسي.
    دلبرناز: (فرشي سلام ڪندي) جي اوهان ٻڌي سگهو ته آداب عرض!...
    حاڪم خان: اسان ته تنهنجو آواز سمنڊ جي تري مان به ٻڌي سگهون ٿا، ته جبل جي چوٽيءَ تان به... تنهنجي آواز ۾ مٺاين جا مڻ ۽ ٽن مصرين جا آهن... ڳالهاءِ ته منهنجا ڪن ٺرن.
    دلبرناز: (حيرت کائيندي) چئبو ته مون غلط ٻڌو هو ته اوهان ٻوڙا ٿي ويا آهيو!؟
    حاڪم خان: اهو سڀ ڪجھ ناديده دشمنن جو هلايل آهي... اڄ جيڪو وڻئي سو ٻڌاءِ... رڳو ٺمريون نه هڻجانءِ، باقي مون کي ته غزل پسند آهي.
    دلبرناز: جيڪو حڪم اوهان جو....

    )دلبرناز فرشي سلام ڪندي، موقعي جي مناسبت سان غزل ڳائي ٿي.(

    حاڪم خان: (غزل ختم ٿيڻ کان پوءِ داد ڏيندي) تنهنجو آواز بلند پرواز، تنهنجيون ادائون ممتاز... اي دمساز... دلبر ناز!.... قبضه گير اسڪيم جي تحت شهر جي ڪنهن به جاءِ، پلاٽ يا زمين تي وڃي قبضو ڪر، توکي اجازت آهي.
    دلبرناز: ديسي حاڪم، ڇا چيئه!... قبضو؟.... مان ته هڪ بي ضرر فنڪاره آهيان، مان پرائي زمين، پلاٽ يا جاءِ تي ڪيئن قبضو ڪندس؟
    همراز: (ٻڌائيندي) ديسي حاڪم، پرائي زمين يا پلاٽ تي قبضي ڪرڻ لاءِشينهن جھڙي دل ۽ لغڙبگي جھڙي بي حيائي کپي. هنن فنڪارن وٽ اها دل ڪٿي آهي.
    حاڪم خان: ته پوءِ ڪا نئين اسڪيم يا سازش سوچ. آخرڪار هنن بي ضرر فنڪارن کي به ته ورسائڻو آهي.
    همراز: اسڪيم اڳواٽ سوچيل آهي. انعام و اڪرام اسڪيم تحت فنڪارن، رانديگرن وغيره کي اکيون ٻوٽي سرڪاري زمينون ڏبيون، وظيفا ڏبا ۽ نالو ڪمائبو.
    حاڪم خان: ته پوءِ دير ڇا جي آهي، دلبر ناز کي سئو ايڪڙ سرڪاري زمين انعام طور ڏني وڃي.
    دعوت خان: ديسي حاڪم, مان به ڪيترن سالن تائين سئو ايڪڙ سرڪاري زمين تي قابض آهيان، پر مالڪاڻا حقوق نٿا ملن. ان جو به ڪو سولو قانون ڪڍو ته اوهان جي آل و اولاد جو شڪر گذار رهندس.
    حاڪم خان: )همراز ڏانهن ڏسندي) دعوت خان ته سدا بهار شخصيت آهي ان جي لاءِ به ڪو اهڙو قانون ڪڍ جو کيس مالڪاڻا حقوق ملن.
    همراز: ان جو به حل نڪري ويو.... پراڻي قبضي جي حق واري قانون تحت هاڻي سڀني قبضي خورن کي مالڪاڻا حق ملي ويندا.
    دعوت خان: بس اهڙا سٺا قانون هن ملڪ ۾ نافذ ٿيا ته اسان کي نه عدل و انصاف جي لهر لوڙهيندي ۽ نه وري اوهان جي حڪومت کي ڪو لوڏو ايندو.
    دلبر ناز: آمين!....
    ]دعوت خان ۽ دلبر ناز فرشي سلام ڪندي ٻاهر نڪري وڃن ٿا.[


    ڏيک اٺون

    [اقتدار اعليٰ جي ايوان جو منظر. حاڪم خان ڪرسي تي ويٺل آهي. سندس ڀرسان همراز بيٺو آهي.]
    حاڪم خان: (پڇندي) ڊبل منسٽر! پهريان ڪليمن جي تحت جڳهون ۽ زمينون بغير ڪنهن حساب ڪتاب جي قبضه گير اسڪيم جي تحت هليون ويون ۽ هاڻي انعام اڪرام جي اسڪيم تحت ۽ پراڻي قبضي جي حق واري قانون تحت سرڪاري پلاٽ ۽ زمينون وڃن ٿيون. ائين نه ٿئي ته سڄو ملڪ قبضه گيرن جي هٿن ۾ هليو وڃي ۽ عوام اسان جي خلاف اٿي کڙو ٿئي؟
    همراز: (ٽهڪ ڏيندي) ديسي حاڪم هن ملڪ ۾ اڃا گهڻو ڪجهه آهي.
    حاڪم خان: (حيرانگي وچان پڇندي) مثلن؟
    همراز: جبل آهن.... ٻيلا آهن.... ٻيٽ آهن.... ڍنڍون آهن.... ڍورا آهن.... سمنڊ آهي، ساحل آهي.
    حاڪم خان: مون ته اهو سوچيو ئي نه هيو، ڊبل منسٽر! تون واقعي ڏاڍو چالاڪ ۽ ذهين آهين.
    ] اوچتو پس منظر ۾ منشي ابراهيم جو نظم ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.[
    جهنڊا کڻو نعرا هڻو وڙهندا هلو رڙهندا هلو،
    هي رات جو پويون پهر، جهاڳي چڙهيا آهيو جهڳر،
    ڪڍيا هو سج ڪرڻا ڏسو ۽ جهڙ اندر جهرڻا ڏسو،
    ٿاڻن حويلين ٿرٿلو، آهي زمين ۾ زلزلو،
    رهزن ۾ جيسين رت ڦڙو، مارڻ مرڻ کان نا مڙو،
    ساٿي سنڀاريندا هلو ۽ ڏاڍ ڏاريندا هلو، جهنڊا کڻو!.....

    حاڪم خان: (همراز کان پڇندي) هي ڪير آهن، جيڪي اسان جي خلاف جھنڊا کڻڻ چاهين ٿا؟ همراز: (حيرت کائيندي) خبر ناهي ته اهي وري ڪهڙا سورهيه ساماڻا آهن، جيڪي اوهانجي عوامي حڪومت جي مخالفت ڪري رهيا آهن.
    محافظ جان: حڪم ڪيو ته کين پڪڙي ۽ جڪڙي وٺي اچان.
    حاڪم خان: محافظ خان جي مدد سان انهن باغين کي پڪڙي ۽ جڪڙي وٺي اچ!.... دير نه ڪر!.
    (همراز هڪدم ٻاهر نڪري وڃي ٿو)
    حاڪم خان: ( ڪاوڙ وچان ورجائيندي) جھنڊا کڻو، نعرا هڻو!...وڙهندا هلو، رڙهندا هلو!..ٻيو ڪم ئي ڪونه اٿن.
    (محافظ جان ۽ همراز ٻن ماڻهن کي پڪڙي وٺي اچن ٿا.(
    همراز: (ٻڌائيندي) ديسي حاڪم! هي آهن جيڪي اوهان جي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. (هڪ ماڻهوءَ طرف اشارو ڪندي) هي پاڻ کي هارين جو سرواڻ سڏائي ٿو. (ٻئي ماڻهوءَ طرف اشارو ڪندي) هي وري پاڻ کي پورهيتن جو اڳواڻ سڏي ٿو.
    حاڪم خان: (خار وچان ڏسندي) اوهان ٻنهي سان ڇا مسئلو آهي؟
    هارين جو سرواڻ: ديسي حاڪم! تون سرڪاري زمين انعام و اڪرام اسڪيم تحت ورهائي اسان سان ظلم ڪري رهيو آهين. جڏهن ته ان زمين جو اصلي حقدار هاري آهي. جيڪو صدين کان وٺي ڌرتي جو سينو چيري اَنُ اپائي ٿو. هو بک ۽ ڏک ۾ رهي ڪري ان ڌرتي جي سارسنڀال ڪري ٿو. پر اوهان اها زمين انهن فنڪارن، رانديگرن ۽ ماڻهن کي ڏيو ٿا، جن جو ان زمين سان ڪو به سنئون سڌو تعلق ڪونهي. ڇا اها نا انصافي ناهي؟
    همراز: (پڇندي) ڇا فنڪار، رانديگر ۽ جوان هن ڌرتي جا ماڻهو ناهن؟.... ڇا انهن جو هن زمين تي حق ناهي؟.....
    هارين جو سرواڻ: (جواب ڏيندي) بيشڪ، اهي به هن ڌرتي جا ماڻهو آهن. انهن کي انعام و اڪرام ۾ نقد رقم ڏئي سگهجي ٿي يا کين ٻيو ڪو صلو ڏئي سگهجي ٿو، پر بي زمين هاري جو حق کسي کين انعام ڏنو وڃي ته اهو ظلم چئبو. جيڪڏهن اسان بي زمين هارين کي حق پلئه نه پيو ته پوءِ اقبال جو اهو شعر اوهان کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي، ته

    جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نه هو روزي
    اس کيت ڪي هر خوشه گندم ڪو جلادو

    همراز: (ٻئي ماڻهو ڏانهن منهن ڪري پڇندي) اي پورهيتن جا اڳواڻ تون ٻڌاءِ توسان ڪهڙو مسئلو آهي؟..... جڏهن ته تنهنجو سرڪاري زمين تي ڪو حق ٺهي ئي نٿو؟....
    پورهيتن جو اڳواڻ: (جواب ڏيندي) پورهيت يا مزدور به هن ڌرتي جو وارث آهي. اهو پورهيت ئي آهي جيڪو شاهي محلن، بنگلن، سرڪاري عمارتن، گرجائن، مندرن ۽ مسجدن جو معمار آهي. اهو عظيم معمار بي گهر ۽ دربدر هجي ته اها هن سماج جي وڏي بي انصافي چئبي. ان ڪري جيڪا زمين مهاڳ حق يا پراڻي قبضي جي حق واري قانون تحت قبضي خورن، ڀوتارن، واپارين ۽ آفيسرن کي ڏني وڃي ٿي، دراصل ان تي بنيادي حق پهريان پورهيت جو آهي. جيسيتائين اوهان ان بي انصافي کي ختم نه ڪندئو ،تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.
    حاڪم خان: ان جو مطلب ته سڄي ملڪ جي سرڪاري زمين اسان هارين ۽ مزدورن ۾ ورهائي، ان طبقاتي فرق کي مٽائي ڇڏيون جيڪو هزارن سالن کان هلندو اچي ٿو.
    پورهيتن جو اڳواڻ: ها اها ئي انساني شعور جي تقاضا آهي ته هاڻي طبقاتي نظام کي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته اهو استحصالي نظام آهي، جيڪو انساني ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.
    همراز: (سمجهائيندي) ديسي حاڪم! هي مزدور ۽ هاري هن ملڪ ۾ اشتراڪيت آڻڻ گهرن ٿا. اهي هن ملڪ ۾ غير ملڪي نظرين کي رائج ڪرڻ گهرن ٿا، هي ملڪ جا غدار ۽ اسان جي حڪومت جا دشمن آهن.
    هارين جو سرواڻ: (جواب ڏيندي) ديسي حاڪم ۽ ديسي وزير! نه اسان ملڪ جا غدار آهيون ۽ نه وري اسان غير ملڪي نظريو هتي آڻڻ گهرون ٿا. اسان جو نظريو ۽ نعرو ته شاهه عنايت شهيد جو نظريو ۽ نعرو آهي. جنهن چيو هو ته جو کيڙي سو کائي. اسان ڪالهه به انهيءَ نظريه ۽ نعري جي حمايت ۾ ڪٺا ويا هيا سين ۽ اڄ به ڪسجڻ جي لاءِ تيار آهيون.
    پورهيتن جو اڳواڻ: (ساڳي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي) اي ديسي حاڪم ۽ وزير! اسان هر انهيءَ نظريي کي عزت و احترام جي نظرن سان ڏسنداسي، جيڪو نظريو اسان جي حقن جي حمايت ۽ حفاظت ڪندو. چاهي اهو سوشلزم هجي، ڪميونزم هجي يا وري اها حديث ته ال ڪاسب حبيب الله يعني پورهيت خدا جو دوست آهي.
    همراز: (پورهيتن جي اڳواڻ جي ڳالهه ڪٽيندي) ديسي حاڪم!.... هنن جي هڪ به نه ٻڌي وڃي، ڇو ته بحث مباحثي ۾ هنن سان نه پڄي سگهبو ۽ خوامخواهه پنهنجو وقت وڃائبو. ان ڪري اکيون ٻوٽي هنن کي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي.
    حاڪم خان: محافظ جان!.... هن حڪومت ۽ ملڪ دشمن ماڻهن کي عبرت جو نشان بڻائي اسان کي رپوٽ ڏني وڃي.
    محافظ جان: اوهان جي تصور کان به وڌيڪ هنن کي سخت سزا ملندي.
    (محافظ جان ۽ سپاهي هارين جي سرواڻ ۽ پورهيتن جي اڳواڻ کي وٺي وڃن ٿا.(
    حاڪم خان: (ڪنن جون پاپڙيون ڇهندي) خدا جي پناهه!.... اسان ته اهو سوچي به نه پئي سگهياسي ته هڪ هاري ۽ مزدور به ائين سوچي سگهن ٿا.
    همراز: (رازداري واري انداز ۾ ٻڌائيندي) ديسي حاڪم! اسان انهن هارين ۽ پورهيتن کي اهڙي نظرياتي سيکت ڏينداسي جو انهن جا ايندڙ نسل به ياد ڪندا.
    حاڪم خان: سمجهه ۾ نه آيو!؟....
    همراز: جيئن زهر زهر کي ماريندو آهي، جيئن لوهه لوهه کي ڪٽيندو آهي. ائين اسان به سماجي مساوات جا نعرا هڻائينداسين. اجهي، اٽي ۽ لٽي جي ڳالهه ڪنداسين. مزدور ۽ هارين جا نام نهاد اڳواڻ پيدا ڪنداسين، جيڪي انهن ئي هارين ۽ پورهيتن جون متيون منجهائي ڇڏيندا ۽ پوءِ اهو نظريه پاڻهي بدنام ۽ رسوا ٿي ويندو .
    حاڪم خان: تون واقعي منهنجو همراز ۽ هم رڪاب آهين. مان توکي ائين ڪرڻ جي اجازت نه پر ڇوٽ ڏيان ٿو ته جيئن ان ايندڙ ڳاڙهن جھنڊن واري خوني انقلاب کان بچي سگهجي.
    (محافظ جان اندر داخل ٿئي ٿو.(
    محافظ جان: (ٻڌائيندي) هر هاري سرواڻ ۽ پورهيت اڳواڻ کي پابند سلاسل ڪري ڇڏيو آهي. باقي انهن جا ڪجهه حمايتي شاعر، اديب ۽ دانشور بچيا آهن. حڪم ڪيو ته انهن کي به اندر ڪري ڇڏيون؟
    حاڪم خان: بلڪل انهن کي به سيکت ملڻ گهرجي، کين خبر پئي ته غلط نظرين جي حمايت ڪرڻ ڪيڏو نه سنگين جرم آهي.
    محافظ جان: بلڪل ائين ئي ٿيندو، جيئن اوهان جو حڪم آهي.
    (محافظ جان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مڙي ٿو. (
    حاڪم خان: (روڪيندي) محافظ جان، اسان تنهنجي ڪارڪردگي مان ڏاڍا مطمئن آهيون. ٻڌاءِ، ته اسان توکي ڪهڙو انعام ڏيون؟
    محافظ جان: (ڏند ڪڍي شرمائيندي) هر سرڪاري ملازم جي اها آرزو هوندي آهي ته هو وڏي ۾ وڏو عهدو ماڻي. منهنجي به اها خواهش آهي ته مان محافظ اعليٰ ٿيان، پر منهنجي مٿان ڪجھ سينئر ويـٺا آهن انهيءَ جو حل اوهان ڪڍي سگهو ٿا.
    حاڪم خان: (همراز ڏانهن ڏسندي) ڇا انهيءَ جو حل نڪري سگهي ٿو؟
    همراز: ديسي حاڪم! جيئن شينهن کي پنهنجي طاقت جو اندازو ناهي هوندو، تيئن اوهان کي به خبر ناهي ته اوهان جا ڪهڙا پاور آهن.
    حاڪم خان: ته پوءِ مونکي منهنجي طاقت يا پاور جي باري ۾ ٻڌايو وڃي؟
    همراز: اوهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا، جي اوهان چاهيو ته، پنهنجي هن وفادار کي محافظ جان مان محافظ اعليٰ بڻائي سگهو ٿا .....
    حاڪم خان: پر پوءِ اها رائج ٿيل طريقي ڪار ۽ ميرٽ جي لتاڙ نه ٿيندي؟
    همراز: سينئر ۽ جونيئر وارو قانون انگريزن جو رائج ٿيل هيو.اسان آزادي انهيءَ ميرٽ واري قانون کي ته ختم ڪرڻ لاءِ ورتي هئي.
    همراز: تون صحيح ٿو چوين. هونئن به اسان جي جاگيرداراڻي ثقافت ۾ حاڪمِ اعلي جو حڪم قانون هوندو آهي.ها، ته تون ڪجھ ٻڌايو پئي؟
    همراز: اوهان جيڪڏهن انڌي هاٿي وانگر پنهنجا پاور استعمال ڪندوء ، ته اوهان جي پيرن هيـٺان هر شئي لتاڙجي سگهي ٿي. اوهان اهو ته ٻڌو هوندو ته قانون ڪوريئڙي جو ڄار آهي جنهن ۾ مک ڦاسي پوندي آهي ۽ هاٿي لنگھي ويندو آهي. ان ڪري اوهان جنهن کي سينئر سمجھو اهو سينئر آهي، جنهن کي جونيئر سمجھو اهو جونيئر آهي. جنهن کي لائق سمجھو، اهو لائق آهي ،جنهن کي نالائق سمجھو اهو نالائق آهي.
    حاڪم خان: ( خوش ٿي حڪم ڏيندي) ته پوءِ اهو اسان جو حڪم آهي ته محافظ جان کي محافظ اعليٰ بڻايو وڃي، ڇو ته هي وفاداري ۽ انڪساريءَ ۾ سڀن کان وڌيڪ سينئر ۽ معتبر آهي.
    همراز: بلڪل ديسي حاڪم! هن جي انڪساري جو اهو عالم آهي، جو هي اوهانجي پرپٺ اوهان جي فوٽوکي به سلوٽ هڻندو آهي.
    حاڪم خان:(مشڪندي) هن جا اهي ئي ته منفرد انداز آهن، جن کان مان متاثر آهيان.
    محافظ جان: (يقين ڏياريندي) اوهان جي خاص مهرباني سان محافظ اعليٰ ٿيڻ کانپوءِ هاڻي اوهان جي اشاري جي دير آهي. اوهان جي هر مخالف کي مليا ميٽ ڪري ڇڏبو.
    حاڪم خان: اسان کي تو مان اهي ئي اميدون آهن.
    [محافظ جان سلوٽ هڻي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.]


    ڏيک نائون

    [اقتدار اعليٰ جي ايوان جو ساڳيو منظر. حاڪم خان ڪرسي تي ويٺو آهي. ڀرسان همراز بيٺو آهي.]
    همراز: (اعتماد ٻڌائيندي) ديسي حاڪم! هاڻي ائين سمجهو ته اوهان جي حڪومت تا قيامت بغير ڪنهن مخالفت جي هلندي رهندي ۽ ڪنهن کي به چون چران ڪرڻ جي جرئت ئي نه ٿيندي.

    (اوچتو پس منظر ۾ پر جوش نعرن وارا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.(

    آواز: ديسي حاڪم؟
    مرده باد!
    ديسي حاڪم؟
    هاءِ هاءِ!
    حاڪم خان: (گهٻرائجي) همراز هي ڇا آهي؟
    همراز: سمجهه ۾ نٿو اچي، شايد اوهان جي خلاف ڪا وڏي سازش ٿي رهي آهي.

    (پس منظر ۾ نعرن جا آواز وڌندا رهن ٿا.(
    آواز: نه کپي!... نه کپي!...
    ٻوڙو حاڪم؟
    نه کپي!....
    ٻوڙي تي؟....
    لعنت!....
    حاڪم خان: (پريشاني وچان پڇندي) هي ڪرخت آواز ڇا جا آهن؟
    همراز: ديسي حاڪم! لڳي ٿو ته ماڻهو اوهان جي خلاف نعره هڻي رهيا آهن، مان هلان ٿو!
    حاڪم خان: ڀلي هل!. تو جهڙا کوڙ وزير... هڪ ڦوسي اڏڻ سان جبل بيٺو رهندو.
    همراز: پاڻ کي جبل سان تشبيھ ڏيڻ بيڪار آهي. اوهان ته ان شڪري جيان آهيو، جنهن جي آشياني کي وقت جو واچوڙو اڏائڻ وارو آهي.
    حاڪم خان: مون کي هن ڪرسيءَ تان ڪير به نٿو لاهي سگهي. منهنجي بازن ۾ وڏو ٻل آهي.

    (اوچتو محافظ جان ۽ سندس ماتحت اندر اچن ٿا، همراز صفائيءَ سان کسڪي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.)

    محافظ جان: (حاڪم خان سان مخاطب ٿيندي) اوهان نا اهل ۽ ڪرپٽ حڪمران آهيو.... هاڻي قوم اوهان کي وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگهي، انڪري اوهان کي هيءَ ڪرسي خالي ڪرڻي پوندي.
    حاڪم خان: تون!؟....منهنجي جان جو محافظ ٿي ڪري!؟....
    محافظ جان: مان صرف تنهنجي جان جو محافظ نه، پر سڄي قوم جو محافظ آهيان.
    حاڪم خان: اها آئين سان غداري آهي.
    محافظ جان: پر پنهنجي خيالن سان وفاداري آهي.
    حاڪم خان: توکي خبر آهي ته آئين سان غداري جو نتيجو موت آهي.
    محافظ جان: مان نوي ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائي آئين سان وفاداري جو ثبوت ڏيندس.
    حاڪم خان: مان نه لهندس.... هيءَ ڪرسي منهنجي آهي.....
    محافظ جان: هونهه!.... اِها ڳالھ آهي، ته پوءِ ڏسئو ٿا ته تون ڪيئن نٿو ڪرسيءَ تان لهين !؟...

    ]محافظ جان، حاڪم خان کي گريبان کان ڇڪي ڪرسي تان زوري اٿاري ٿو ۽ محافظ جان جا ماتحت حاڪم خان کي گرفتار ڪري ٻاهر نڪري وڃن ٿا ۽ پس منظر ۾ نعرن جا آواز گونجندا رهن ٿا.[

    آواز: ديسي حاڪم تي؟
    لعنت!.
    ٻوڙو ڌوڙو؟
    هاءِ! هاءِ!
    ديسي حاڪم!
    مرده آباد!

    [پس منظر ۾ وائلن جي ڏکوئيندڙ ڌن گونجڻ لڳي ٿي.]

    پردو ڪري ٿو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465653
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ