ڪتاب جو نالو: پسي ڳاڙها گل
مصنف: رسول بخش پليجو
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 11 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 909 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 488 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي مهان ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران 1985ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”پسي ڳاڙها گُل“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪهاڻيون

  • اڄ آڳڙيا آئيا
  • وڍيو هئين ته ويهه
  • بختاور
  • جتي باهه ٻري
  • پسي ڳاڙها گل
  • نظريه اسلامستان
  • سچ جو ڏينهن

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جي مهان ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران 1985ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو مجموعو ”پسي ڳاڙها گُل“ اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.


    ڪهاڻيون

    اڄ آڳڙيا آئيا

    ساجن مُهاڻي سان منهنجي دوستيءَ کي ويهه سال ٿيا آهن. ان وچ ۾ ڪَئِين لاهيون چاڙهيون ۽ ٿڌيون ڪوسيون آهن، پر ڪڏهن به سَنڌو ڪونه پيو آهي. نڀايو اچون.
    اٽڪل ويهارو سال اڳ، هڪڙي ڏينهن سب جج جي ڪورٽ ۾ بيٺو هوس ته ساجن کي پوليس ڏنڊا ٻيڙيون هڻي وٺي آئي. ساڻس ٻه سنڌي ڀائر ڪي سَؤٽ ماسات ۽ ڪي ٻيا هئا. ڪل 9 مڙس هئا. ڪورٽ جي ورانڊي ۾ چؤپچو ٿي ويئي! ڪو “ساجن مهاڻو او اهو اٿئي او!” ڪو چوي “زبردست ڌاڙيل آهي، ٽي خون ڪيا اٿس!” ڪو چئي، “هينئر به خون ۾ آهي.” هرڪو نئون فوجداري وڪيل خواب لهندو آهي ته منهنجا اهڙا مشهور ۽ ناليرا اصيل هجن ۽ آءٌ به اهڙا اهڙا وڏا ۽ ڏکيا ڪيس هلائي سگهان. جيڪي وڪيل اهڙا وڏا ۽ ڏکيا ڪيس هلائيندا آهن، تن کي ننڍا ۽ نوان وڪيل طلسمي ديوَ ڪري سمجهندا آهن ۽ کين پِير ڪري پوڄيندا آهن. آءٌ به تن ڏينهن ۾ ننڍو ۽ نئون وڪيل هوس. مون به اتي بيٺل ننڍن وڪيلن وانگر دل ۾ سوچيو ته، “اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن ماڻهُو چوندا ته انهن مڙسن جو وڪيل او اهو پيو اچي!”
    ڪجهه دير کان پوءِ منهنجو مُنشي مرڪندو مون ڏانهن آيو. چيائين ته، “جي دل جهلين ته اڄ ڪم هڪڙو زبردست ٿي سگهي ٿو!” پُڇيم، “ڪهڙو؟” چيائين، “ساجن مهاڻي جو ڪيس پاڻ کي ملي ته ڪيئن؟!” مون چيس، “اهي هوائي خبرون ڇڏ! ڪم جي ڳالهه ڪر!” خير، خبر پئي ته همراهه جو ڪراچيءَ وارو وڪيل پئسن نه ملڻ ڪري ڪاوڙجي ويو آهي. اڄ ڪونه آيو آهي. جج ڪيس ڪونه ٿو رکي. هلائي ٿو. منهنجي مُنشيءَ الائي ڪهڙا گشاپتا هڻي، ان مجبوريءَ جي حالت ۾ ساجن وارن کي مڃايو آهي ته جيسين وڏي وڪيل جي پئسن جو بندوبست ٿئي ۽ هو اچي تيسين جج جي ضد کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪو هڪڙو اڌ شاهد حاضر آهي، ان کي آءٌ منهن ڏيان. مون وڪالت نامو وڌو. فيءَ جو ته خير مون سوچيو به ڪونه. رڳو اهي پئي دعائون گهريم ته، “شل پَتِ رهجي اچي! مون واري مُنشي جيڪي ٻٽاڪ هنيا آهن، تن جي پَتِ رهي!”
    پر جج صاحب الائي صبح جو گهران وڙهي آيو هو، الائي ڇا، مون واري پَتِ مان ڦَڪو به ڪونه ڇڏيائين! منهنجو خيال هو ته مڙيئي ٻه چار اهڙا سوال پڇي ڇڏيان، جن مان گهڻو فائدو کڻي نه به ٿئي، پر نقصان به نه ٿئي ۽ ٿي سگهي ته ڪجهه لَئي به ٿئي، پر جج صاحب چئي، تون ٿيندو ڪير آهين جو اڄ مون وٽان سگهين لڱين وڃين! جيڪو کڻيو سوال پڇان، تنهن لاءِ گوڙ ڪريو بيهو رهي. چي: “فضول آهي، ٻيو سوال پڇ!” قصو ڪوتاهه، مون کي هڪڙي ٽَڪي جهڙو ڪري ڇڏيائين! مون دل ۾ چيو ته، “زمين جاءِ ڏي ته ان ۾ گهڙي وڃان!” پوءِ اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو. مون لاچار ٿي لِحاظُ ڇڏي، جج صاحب سان خالص قانون جي ڳالهه ڪئي. سوال لکت ۾ نوٽ ڪرايم. جوابن جو لفظ به لفظ لکايم. ڳالهه نيٺ وڌي وئي.
    جج صاحب بنهه بِرُ ٿي ويو ۽ مون قلم 526 ڪپڪ هيٺ ڪارروائي فوراً بند ڪرڻ جي درخواست ڏني. هاڻ ڪيس لازمي طرح رکجڻو هو، سو رکيو. آءٌ ٻُڏندڙ دل سان ٻاهر نڪتس. جوابدار ججن کي ناراض ڪرڻ کان وَنئُون ويندا آهن، خاص ڪري وڏن ڪيسن ۾. وڏا ۽ پراڻا وڪيل مس مس جوابدارن کي جج سان قانوني ويڙهه لاءِ تيار ڪري سگهندا آهن. ڪو مون جهڙو ان وقت جو اڀرو سڀرو رنگروٽ وڪيل، ڪنهن ساجن مُهاڻي جهڙي وڏي جوابدار کي، جنهن جو وڏو وڪيل ڪراچيءَ ۾ ويٺو هجي، تنهن کي جج سان قانوني طرح وڙهڻ لاءِ تيار ڪري سگهي، اها ڳالهه سوچڻ ئي فضول هئي.
    اهي ڳالهيون ڳڻي، آءٌ وڃي بار روم ۾ ويٺس. ايتري ۾ ساجن سڏايو. مون کي چيائين: “مڙس پاڻيءَ وارو ٿو ڏسجين! دل متان لاهين! ڪيس جيئن وڻيئي تيئن هلاءِ! اسان هُن ڀاڙئي وڪيل تان هٿ کنيو. اسان جو وڪيل تون آهين. الائي وڪالت ڄاڻين ٿو ڪ نه ٿو ڄاڻين، اسان کي تون پسند آهين. فيءَ لاءِ دل متان لاهين. اسين ڀاڙيا ڪونه ٿينداسين!” آءٌ رڳو ايترو چئي سگهيس، فيءَ جي ڳالهه ڇڏي ڏي. خدا ڪندو سولي ٿي پوندي.” اهڙيءَ ريت مون هن جا ويهن کان مٿي ڪيس هلايا. مون به محنت ڪئي، هُنن به ڪئي، ڪيس آهستي آهستي ڪري، هڪڙو هڪڙو ٿي ڇُٽي ويا. تان جو پوليس مون تي پُڪارون ڪيون ته، “ان ٽولي هٿان ڌاڙا هڻائي ئي فلاڻو وڪيل ٿو!” حد جي ڪليڪٽر مون کي چيو ته، “انهن جا ڪيس ڇڏ. توکي نقصان نه پوڻ ڏبو! تنهنجون ٻيون ڪيتريون ئي اپيلون وغيره پيل آهن. انهن ۾ ڪسر پوري ٿي ويندي.” مون معذرت ڪئي، جنهن تان ڪليڪٽر صاحب گرم ٿي ويو. ان سان منهنجي ويڙهه به لاڳيتو ٽي سال هلي. پوليس اڳي ئي خاري هئي. باقي ڊي-ايم صاحب پٺيان پئجي ويو. سو معاملو ڪجهه گرم ٿي ويو، پر خدا پَتِ رهائي. ڀاڙيو اسان مان ڪوبه ڪونه ٿيو.
    7-8 سال ٿيا آهن ته آءٌ اچي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو آهيان. ساجن جا جيڪي ڪيس رهيل هئا، سي حيدرآباد مان وڃي هلائيندو هوس. تان جو وڏا ڪيس سڀ ختم ٿي ويا. باقي سنها ٿُلها ڪيس، اتي اڳ منهنجو جيڪو پارٽنر هو، ان کي ڏيئي ڇڏيم. همراهه حيدرآباد ايندو آهي ته جيسين مون سان ملي ۽ ڪچهري نه ڪري، تيسين مٿس حيدرآباد ڄڻ حرام. هڪٻئي کي پراڻيون ڏک سک جون ڳالهيون ياد ڏياريندا آهيون ۽ شڪر ڪندا آهيون جو هاڻ اهي لڙ لهريون لنگهي ويا آهن، پر سال کن ٿيو آهي جو همراهه جو حيدرآباد اچڻ ئي ڪونه ٿيو آهي. سو پئي دل ۾ چيم ته، يا ته نياپو ڪريانس يا ڪي ڏينهن ٻه واندڪائي ڪڍي سگهان ته وٽانئس ٿي، هوا به بدلائي اچان. اڃا اهي پور پئي پچايم ته تنهن ڏينهن وڏيرو امام علي خان مليم. امام علي ڪنهن زماني ۾ مون سان ساڳئي اسڪول ۾ پڙهيو هو. ان حساب سان اسين پاڻ کي هم ڪلاسي سمجهندا آهيون. ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، ساجن جو ذڪر نڪتو. چيومانس: “گڏجيئي ته چئجانس ته مون وٽان ٿيو وڃ.” اها ڳالهه ٻُڌي، منهن ۾ گهُنڊ کڻي وڌائين. پڇيومانس ته چيائين: “توهان به ڪهڙن ماڻهن کي کڻي مٿي تي ٿا چاڙهيو.” آءٌ حيران ٿي ويس. ڇو ته امام علي تَر جي وڏيرن ۾ اهو اڪيلو ماڻهو هو جو ساجن جو ظامن وغيره پوندو هو ۽ ڇوٽيءَ لميءَ مٿس هٿ رکندو هو. هو به سندس واکاڻون ڪندو هو ۽ وجهه پيو ڳوليندو هو ته وڏيري امام علي خان جو ٿورو ڪيئن لاهيان. تنهن جي واتان هن جي گلا ٻُڌي، مون کي حيرت لڳي. چيائين: “فقير محمد خان رنج متان ٿين، پر ساجن جهڙو پال جو پڪل ڀاڙيو ٻيو دُنِيا ۾ ڪونه لڀندو.”
    مون کي ڪاوڙ ته گهڻي آئي، پر چيم ته اول انت ته وٺانس. سو چيومانس: “ڪر خبر، آخر ساجن تي هيءَ اوچتي ناراضگي خير مان ٿي؟” چيائين، “توکي ته خبر آهي ته پاڻ هنن ماڻهن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. تون ڀاءُ ويٺو آهين ته ٻي دنيا ته ٺهيو پر خود ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جهڙا مڙس به مون کي ٻانهن ۾ جهلي چوندا هئا ته، ‘وڏيرا، سُرت ڪر! گندن ماڻهن ۾ هٿ وجهي پنهنجي عزت گهٽ نه ڪجي.’ سَوٽُ مون وارو يعقوب سڃاڻين، سڄو ڏينهن مون کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وجهه پيو ڳولي. تنهن انهيءَ ساجن جو بهانو ڪري، سڄي دُنِيا جا ڪَن منهنجي برخلاف ڀرڻ مان وسئون ڪانه گهٽائي، پر پاڻ به تو وانگر ڪنهن ڳالهه تي بيٺاسين ته پوءِ ڀلي مٿان ريلون مَٽي وڃن، ٻي وائي ڪانه ورندي. تنهنجي ڳالهه ٻي آهي، باقي ٻئي ڪنهن مائيءَ جي لال ۾ آءٌ اهڙي مڻيا ڏسان ئي ڪانه ٿو، جو انهن خَسِيس ماڻهن لاءِ ڪري هنيئن ٻرندڙ باهه ۾ ٽپا ڏي. خير، پوءِ جهڙو حال هو، تهڙو توکي خبر آهي ته ڪونه گهٽايوسون.” مون چيس: “مون کي سڀ خبر آهي، توکي شابس هجي، پر آخر ٿيو ڇا؟” چيائين: “اسان يا عمر مٿس هيڏا ٿورا ڪيا ۽ پاڻ به وسئون ڪونه گهٽايائين، پر هينئر هڪڙن ڀڙون ماڻهن اسان تي اختيار ڪونه آندو. تن کي آڏي ڪاٺي ڏيڻ لاءِ مٿس هڪڙو خَسِيس ڪم رکيوسين ته بيهي راڳ ٻُڌائڻ لڳو. اول گُسائي گُسائي، نٽائي نٽائي، آخر ٽيون ڏينهن ٺڙو پڙو جواب ڏيئي ڇڏيائين! چوندا آهن ته مُڙس کَرَڻ جي مند ئي ڪانهي. هي صفا ويو چَٽُ ٿي. ٻُڌو اٿئون ته هاڻ ڪنانس ٻيا مڙساڻا اکر ويا هليا. هاڻ ٻه ماڻهو ويڙهائي، لائي لڳائيءَ مان پيو پيٽ پاري!”
    آءٌ ساجن بابت اهڙي گهٽتائيءَ جهڙي ڳالهه ٻُڌي، سهي ڪونه سگهيس. ٻئي آرتوار تي ڪماڪمي ڪري، ماڻهو موڪلي، ڳوٺان گهرائي ورتومانس. سڄي خبر سُڻائي، پڇيومانس ته: “ڪر خبر! اهو نڪ تي مَر ڪيئن لڳڻ ڏنو اٿئي؟ وڏيري امام علي خان جهڙي ماڻهوءَ جو ٿورو توکان نه لهي سگهي ها ته مون کي چوين ها. ڪو بِلو ڪري وجهونس ها.” اها ڳالهه ٻُڌي. ان مهل ڪا ورندي ڪانه ڏنائين. رات جي ماني کاڌيسين. ٻين آيلن سان ڪچهري ڪري، جڏهن خلاصا ٿياسين، تڏهن چيومانس، “ها ادا! هاڻ ٻُڌاءِ ڪي خدا جي ڏني مان.” جواب ۾ کِلي چيائين: ،ملڪ ۾ ڪي ڪامريٽي ٿا ٻُڌجن، تو ڪي ٻُڌا آهن؟” مون چيس: “ڳُجهارتون ڇڏ! سنئين ڳالهه ڪر!” چيائين: “الله جو سنهن، چرچو ڪونه ٿو ڪريان! تون پهريائين ٻُڌاءِ ته ڪامريٽي ٻُڌا اٿئي يا نه!” مون چيس: “ڪامريٽي ڪهڙا؟” چيائين: “هي ڪونه جيڪي ‘سنڌ-سنڌ!’، ‘غريب غريب’ ۽ ‘هاري هاري’ ڪندا، وڏيرن، ڪوڙن ڪليمن ۽ چوڌرين پٺيان لٺ کڻيو پيا گهمن ۽ جيلن ۾ پيا پون!” سمجهيم ته شايد انقلابي وطن دوست ۽ هاري ڪارڪنن جي ڳالهه ٿو ڪري. پر پڇيومانس ته: “خير، ڪي هوندا کڻي، پر تون پنهنجي ڳالهه ڪر.” چيائين: “توکي خبر ڪانهي، اڇي ڏاڙهي اٽو خراب، هن عمر ۾ آءٌ به ڪامريٽي ٿي ويو آهيان؟!” ائين چئي، ننڍڙي ٻار وانگر شرارتي نموني مون ۾ نهاري، منهنجو ردعمل ڏسڻ لڳو.
    آخر هن سربستي ڳالهه ٻُڌائڻ شروع ڪئي، “توکي خبر آهي ته اسين اصل اشراف مارو ماڻهو هئاسون، نه ڪنهن جي هنئي ۾ نه کنئين ۾. پنهنجي گَر کنهڻ ۾ پورا هئاسون، پر اسان جي وڏيرن جي گهر اسان کي سڱن تي اچي کنيو. ڪُٽڻن جي چوڻ تي لڳي هرو ڀرو بهانا ڪري، اسان کي چِپڻ لڳا، اسان کان به جيسين، جيڪي سَٺو ٿيو تيسين اهو سَٺوسين. راڄا رشم موجب راڄ ميڙي، سندن واجبي بي واجبي ڏک ڏمر لاٿاسين، پر هنن بدن مان غير نه ڪڍيو. هنن کي وڏي ڪاوڙ انهيءَ ڳالهه تي هئي ته اسان هروڀرو ڪنهن جي اڳيان للو چچو نٿي ڪئي. سو اسان کي ليزم ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي اک ڀڃي ٿي ڇڏيائون ته وارو ڪريو. اچي ڪيس ٿيا، اچي ڪيس ٿيا، اسان جو هلڻ چلڻ بند ٿي ويو. بنهه جيڪو ٽولرن کاڌل ماڻهو هو، سو به اسان تي چڙهندو ٿي آيو. پوءِ ڏٺوسين ته بنهه ٿا ڍونڍ ٿيو مرون، سو ماشاءَ الله ڪري وڌوسين ڏنڊي ۾ هٿ. پوءِ جي سڄي خبر اٿئي برک ٻه ڪري ويهه پنجويهه ڪيس ٿيا، قسمت سان پاڻ به پاڻ ۾ ملي وياسون. تون ماڻهو هئين، جنهن آ انهن سڀني ڪيسن کي مُنهن ڏنو. نه ته ٻئي ڪنهن جي جاءِ ڪانه هئي. مس مس ڪري ڏهه پندرهن ويهه سال راتين جا ڳيتون ڏيئي ڏيئي، پلاند ڪجهه آجا ڪيا اٿئون. ڪجهه اميد الله ۾ آهي ته ٿي ويندا. ان ۾ جن به مدارتون ڪيون، سي اسان جي دل ۾ لکيا پيا آهن.
    وڏيري امام علي اسان سان وکون ڀريون، مڃڻ مراد آهي، نه مڃڻ واري کي حيف آهي. اسين به حلالي مائٽن جا پٽ آهيون، ڪنهن جو ٿورو ڪونه رهايون. هيترا ڏينهن اسان کي به جڏهن به هڪل ڪئي هوندائين ته پوءِ اسان ڪنڌ ڪونه ڪڍايو هوندو. دوداڻي وارو خون به ائين. دوداڻي.، امام علي خان کي ليکيو ئي نٿي. هن اسان کي چيو ته، سندس مال ٻه ٽي ڏينهن ٽاري ڇڏيو ته من اک کُلين. اتفاق سان ڀاڳيا جاڳي پيا. مقابلو ٿي پيو. ڇوري مون واري جو اتفاق ڌڪ لڳي پيو. 5 سال پئي خون جو ڪيس هليو. وڏيري امام علي خان هٿن جي شاباس گهڻي ڪئي، پر خرچ جو اسان ٽڪو به ڪونه ورتس. تو فيءَ جهڙي ڪر ڪانه ورتي ته به ڪيس ۾ ويهه هزارن کان ڳالهه چڙهي وئي. گهر تي ٽانڊو رکي، الائي ڪيئن به ڪري، ڀري وڃي چڙهياسين، پر وڏيري کي منهن ۾ ڳالهه ڪانه ڏنيسين ته، “ادا، تولاءِ ڪري اسين خونن ۾ اڙجي وياسين.” قسمت هئي ۽ تو هٿان سائين شفا ڏني جو ڇورو ڇُٽي ويو. پر جي خدا خير ڪري، هيڏانهن يا هوڏانهن، ته به اسين وڏيري کي اکر به ڪونه چئون ها ته، “هي اسان تو لاءِ ڪري سور سَٺو يا قرباني ڪئي.” خير، دوداڻي، وڏيري امام علي خان سان ته اوئين ڪونه ٺهيا، پر هاڻ اسان جي سر جا ويري ٿي پيا. چيائون پئي ته: “جي وڪيل ڪيس مان ڇڏايو، ته به وير پراڻو ڪونه ٿئي، پلاند ڪنداسون.” سو مون ڇوري کي چيو ته، “سچيت رهج.”
    قصو ڪوتاهه، مهينو کن راتين جو ٿيو آهي ته ٻه ٽي ڏينهن ٻاهر نڪري ويس. واپس اچان ته رن مون واري اونڌو منهن ڪريو پئي آهي. پتو پيو ته ڇورو مون وارو يعقوب ڪيڏانهن جهٽ تي سنگتين سان گڏجي ويو هو. ڀاڳيا جاڳي پيا ۽ پويان پئجي وين. ٻيا موٽي آيا، مونجو ڇورو وريو ڪونه. خبر ناهي ٻڌو يا حال ڀڄي ويو ۽ هئو مئو ٽاري پوءِ ايندو. خير، مون سنگتين کان وڃي خبر ورتي. هيڏانهن هوڏانهن ٺوٺ واٺ ورتم، پتو پيو ته ڇورو واڳن جي وات ۾ پئجي ويو. الائي جيئرو به هو ڪه مورڳو کپي ويو.
    پوءِ خبر پئي ته اتفاق سان جتي هي جهٽ هڻڻ ويا هئا، انهن جو ڪو دوداڻين سان مائٽاڻو رستو هو. اهي وس جا ڏينهن هئا، سو دوداڻي به لڏي اچي انهن جي ڳوٺ رهيا هئا. رات جو ڀاڳيا جاڳي پيا، تن گهوڙا گهوڙا ڪري سڄو ڳوٺ اُٿاري وڌو. ڇورو مون وارو اتفاق سان ڪو وڃي ڪنهن وڻ سان ٽڪريو. سو جهڙو هو تهڙو وڃي هيٺ ڊٺو. مٿان ڀاڳيا رسي ويا. مڙس کي هڻي رنڊي وڌائون. يارو دوداڻي، جنهن جو پٽ ڪنانس مري پيو هو، سو به ڀاڳين سان گڏ هو. ان مڙس سڃاڻي ورتو. ان ته هن کي آسمان ۾ پئي ڳولهيو، سو زمين تي ملي ويس، سو ان کڻي بلاتو ڪيس.
    “مون وڃي ٿاڻن جو سَماءُ ورتو، پر ڪٿي به ڪو فرياد داخل ڪونه هو. ‘چور جي ماءُ روئي گهڙي ۾، ثابتي ٺهي ڪانه.’ چور جن سان گڏ ٻَڌو هو، سي به ڊپ ۾ الائي ڪيڏانهن مٿو کڻي ڀڄي ويا. اهي هجن ها ته به ٿورو ئي هلي پوليس وٽ قبولدار ٿين ها ته ڪو ‘اسين چوري ڪندي ڏسجي پياسين ۽ اسان مان هڪڙو بروقت واردات تي پڪڙجي پيو!’ مٿان وري اهو انديشو ته جي ٿي پوي مون وارن دشمنن وڏيرن کي به خبر ته انهن جو ته مڪو مچي ويندو. تنهنجي خبر هيم ته تون مهيني کن لاءِ لاهور پاسي ويل هئين. هاڻ وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ چار ڏينهن چار راتيون گذري ويون، سوچي سوچي اکين اڳيان انڌ اچي ويم. چيم ته هاڻ ڪجهه نه ڪيم ته چريو ٿي پوندس. چوٿين ڏينهن نڪا ڪيم هم نه تم، سڌو وڃي خود يارو دوداڻيءَ جي گهر جي ٻاهران سڏ ڪيم! ٻاهر نڪري آيو. چيومانس، “مون کي ٻيو ڪجهه ڪونه کپي. توکي ٻيو نه ته تنهنجي جوان جو لاش ته مليو. مون کي به ٻيو نه ته رڳو ايترو ٻُڌائي ڇڏ ته ڇوري جو لاش به ملندو يا...”
    منهن ۾ گهُنڊ وجهي چيائين: “ڇورو ڪنهن جو؟” مون چيس، “گهڻين ڳالهين لڏجن اُٺ، ڳالهه جو اکر هيڪڙو. آءٌ توکي مڙس ماڻهو سمجهي، تو وٽ رڳو ايتري لاءِ لنگهي آيو آهيان ته مون کي رڳو سنئين ڳالهه ٻُڌاءِ. نه ته ڏي جواب ته آءٌ جنهن گس کان آيو آهيان، تنهن تان موٽي وڃان.” اها ڳالهه ٻُڌي باهه ٿي ويو. چيائين: “بي شرما، بي غيرت! ڪو شرم آئي ٿي جو مون ڏانهن آيو آهين! وڏيرن جو دلال ٿي، منهنجو دين دُنِيا ۾ هڪڙو ٻچو ڪُهائي، پوءِ وري ڏاڙهه ٽُورو ڪري آيو آهين، مون کان پنهنجي ڇوري جون خبرون پڇڻ...”
    وڏيرن جي دلاليءَ واري ٽوڪ مون کان ان حالت ۾ به سَٺي نه ٿي. چيومانس: “آءٌ سڄي عمر وڏيرن ۽ سندن دلالن ۽ ڀڙون، ڪڃرن ۽ ڪُٽڻن هٿان تباهه ٿيو آهيان ۽ ساڻن مقابلا ڪندي ڏاڙهي اڇي ڪئي آهيم. تون مون کي ٿو وڏيرن جو دلال چئين!” تنهن تي چيائين: “جيڪي تنهنجي مخالف وڏيرن جي بَڇ تي توسان وڙهن ٿا، تن کي تون دلال، ڀڙوو، ڪُٽڻ ۽ ڪڃر سڏين ٿو. جن جي برخلاف تون ساڳيا ڌنڌا ڪرين ۽ سندن دشمن وڏيرن جي بڇ تي سندن ٻچا ڪُهائين، سي به توکي اهو نه سڏين ته ٻيو ڇا سڏين؟”
    آءٌ پوئتي موٽيس ته منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌائين، چيائين: “هاڻ جي اچي سهڙيو آهين ته هاڻ وري وڃين ڪيڏانهن ٿو؟” ائين چئي مون کي ٻانهن کان گهلي گهر مهندان پڙڇ تي وڃي ويهاريائين. مون سوچيو ئي ڪونه ته ڇا ٿيندو؟ ڇا نه ٿيندو؟ آءٌ جهڙو موڳو هوس، تهڙو ماٺ ڪري پڙڇ تي ڪِري پيس. هو مون کي پڙڇ تي ويهاري، گهر هليو ويو. پهرين چيم ته اُٿي هليو وڃان، پر وڃڻ تي واڪ نه ٿئي، ڳچ دير کانپوءِ هو موٽي آيو ۽ مون کي چيائين ته: “اُٿي!” مون دل ۾ چيو، “هن جيئڻ کان جيڪي ٿئي سو ڀلو ٿئي.” سو اُٿي پٺيان ويومانس. هيءُ مون کي وٺي هڪڙي ڀونگيءَ ۾ ويو ۽ وڃي پڙڇ تي ويهاريائين. اتي هڪڙي وڏي عمر جي مائي ۽ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪري ۽ ٻه ٽي ننڍا ٻار ويٺا هئا. وڏي مائي پنجاهي سالن جي عمر جي هئي. کيس ڪارا ڪپڙا پيل هئا، اکين جي چوڌاري ڪارا پٽا ٿي ويا هئس. ننڍي مائي اڃا ٻار هئي. ٻار به سندس ٿي ڏٺا، مائيءَ کي خدا سونهن صورت جا مٽ ڀري ڏنا هئا. ڪنهن ڏک ڪري بيحال هئي. اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس. ٻنهي مون کي کيڪاريو. ياروءَ ٻنهي ڏانهن منهن ڪري چيو: “هيءُ منهنجو ڀائرن جهڙو يار آهي، حيدرآباد پاسي ٿو رهي. محرم جي ڦاتا (فاتح) ڪرڻ آيو آهي.”
    آءٌ شرم ۾ ٻُڏي ويس. پٽ جو نالو ٻُڌڻ سان وڏي مائي “الله!” ڪري ٽُٻيءَ ۾ پئجي وئي، جوان ڇوڪريءَ جي اندر مان به رڙ نڪري وئي، پر جيئن ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺي هئي، تيئن ڪنڌ مٿي ڪونه کنيائين. ويٺي پٽ کنڊيائين تان جو ڳوڙهن جون لارون سندس منهن تان وهي وڃي پٽ تي ڪِريون. تڏهن منهن اُگهي، پُٺ ڏيئي وڃي ٽانڊو ٻارڻ ويٺي.
    ياروءَ مون ڏانهن مُنهن ڪري چيو: “ادا، پٽ ڀيڻسان ڏاڍا مٺا ٿا ٿين. جي وڃن ٿا ته مائٽن جون چيلهيون جهوريو وڃن....” مون کان دانهن نڪري ويئي، آءٌ پٺ ڏيئي ٻاهر ڀڳس. در وٽ چيومانس: “وڃان ٿو.” هن ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري مون کي ٻانهن مان جهلي چيو: “اها نينگري ڏٺئي نه! اها پٽ کي لاڏ ڪوڏ سان پرڻائي اڃا ٻه مهينا ئي ڪونه ٿيا ته اهو تو وارو وڏيرو امام علي خان اچي ڇتو ٿيو. روز ڪونه ڪو بهانو ڪريو، گهوڙو ڊوڙايو، ڀونگيءَ اڳيان ٽُورو ٿيو بيٺو هوندو هو. هيڪڙي ڏينهن آخرچيومانس: ‘وڏيرا، جهڙو تون سمجهين ٿو اهڙا ماڻهو اسين ڪونه آهيون. اهو خيال لاهي ڇڏ. اڳتي وري هيڏانهن تڪليف نه ڪج.’ بس پوءِ اچي اسان جي پٺيان پيو. چوريون، ڦُريون، ڪيس، ڦڏا، تان جو مون انڌي جي اڳيان هڪڙي ٻچي جي لٺ هئي، سا به کڻي ڀڃي ڏنائون.’ اکين مان ڳوڙهن جون لارون اُگهندي، وري چيائين: ‘منهنجي قسمت خراب هئي. منهنجو ته ڪو واهرو به ڪونه ٿيو. تو جي قسمت زور آهي. توکي ته ازغيبي واهرو به ملي ويا آهن.’ آءٌ حيران ٿي ويس. ڪنن تي اعتبار ئي ڪين آيم ته ڪو سچي پچي اهي اکر ٻُڌا هوندم. چيم: ‘ڪهڙا ازغيبي واهرو....’ چيائين: ‘اها فيصلي مان ئي خبر پوندي.’ مون پڇيس: ‘ڪهڙو فيصلو! ڪير ڪندو فيصلو؟’ چيائين: ‘سڄي ڳالهه جو فيصلو ٿيندو. ڪاميٽي فيصلو ڪندي، پاڻهي توکي اطلاع ملندو.’ مون گهڻو پڇيس ته، ‘ڪاميٽي ڪهڙي، ڪير اطلاع ڏيندو؟’ پر ڪو جواب ڪونه ڏنائين. رڳو ايترو چيائين: ‘هاڻ ڀلي آئين، وڌيڪ مون کان نه پڇ. پاڻهي توکي اطلاع ملندو.’ آءٌ پيرن تي ڪِري پيومانس، هٿ ٻَڌامانس، آزيون ڪيون مانس ته: ‘مون کي رڳو ايتري خبر سُڻاءِ ته منهنجو ڇورو هن جهان ۾ آهي يا ڪونهي؟’ پر رڳو ايترو چيائين ته: ‘مون کي خبر ڪانهي، جيئن رب کي منظور هوندو، تيئن ٿيندو. توکي پاڻهي اطلاع ملندو.’
    آءٌ موٽي آيس، ڪريان سو ڇا ڪريان؟ فرياد به ڪري ڪونه ٿي سگهيس. چيم ته جي فرياد ٿو ڪريان ته چوندا ته شاهد ڪير؟ شاهد ڪٿان اچن؟ چور ته ڪونه پاڻ کي ٻَڌائيندا. ٻيو شاهد ڪٿان اچي؟ تنهن کان سواءِ چؤطرف دشمن. سوچيم ته فرياد ڪندس ۽ شاهد نه هوندم ته اٽلو فرياد ڪوڙو ڪري مون کي ئي چالان ڪري ڇڏيندا، پوءِ ڇوري جو سَماءُ ڪير وٺندو؟ چار ڏينهن چار راتيون چئو ته ڪر ڪنهن سمونڊ ۾ پئي گگٽيون کاڌم، رن مون واريءَ ته جيئن فرش ورتو، تيئن روئي روئي، مت مان نڪري وئي. سکڻو مڙهو هو سو پئي گريو. ٿيو آءٌ به ختم پيو هوس، پر پاڻ کي چيم: ‘ساجن يار، هن عمر ۾ متان ڀاڙيو ٿيو آهين! متان پاڻ تان دشمن کلائين! جيڪي ٿيڻو هوندو، سو هيستائين ٿي ويو هوندو. خدا ڪيو هوندو خير، پر جي هيڏانهن يا هوڏانهن ته به ڀيڻسان جهڙو زهر جو وٽو آهي، تهڙو پي وڃج، گونهن نه ٿج! داڦ متان ڪرين! نه ته ڇورو ته ويو، الائجي بچيو، پر يا عمر دُنِيا ۾ ڪنڌ کڻي ڪونه هلي سگهنداسين.’
    آخر چوٿين ڏينهن فجر جو همراهه ڪنهن اچي سڏ ڪيو. نڪري ويس، ڀرپاسي جي ڳوٺ جو هڪڙو ماڻهو هو، تنهن چيو ته: ‘سڀاڻي رات فلاڻي هنڌ هارين جو جلسو آهي، اتي ڪي فيصلا ٿيندا. توکي به سڏ آهي، پنهنجي سنگت ساٿ کي وٺي اتي اچج!’
    جلسي ۾ ويس، اتي ڪي خلقون اچي گڏ ٿيون. تر جي سڀني راڄن جا ماڻهو هئا. تقريرون شروع ٿيون. تقريرون ڪونه هيون، چئو ڪر ڪتاب پيا پڙهن! برک ٻه ڪري وڏيرن جا سڀ ظلم ٻُڌايائون، تر ۾ جيڪي بيداديون ٿيون هيون، تن جو سڄو پوتاميل ڪڍي رکيائون، ٻئي پاسي جي ملڪن جا مثال ڏنائون ته اتي جا مزور، هاري ۽ غريب ماڻهو ڪيئن وڏيرن ۽ سيٺين کي دسي، پنهنجون بادشاهيون بڻايو ويٺا آهن. مڙس هئا بکيا ۽ غريب پر ڳالهيون ائين پئي ڪيائون ڄڻ ڪو هاڻي ڪورٽ جو جج پيو ججملٽ (ججمينٽ) ڏي. اصل تنگ توري ڇڏيائون. ماڻهوءَ جو وار وار اُڀو ٿي ٿي ويو. پوءِ هڪڙي پاسيري جاءِ ۾ ويهه پنجويهه مڙس گڏ ٿيا. مون کي ۽ يارو دوداڻيءَ کي به سڏيائون. هڪڙي همراهه خبرون ٻُڌايون ته: “يارو دوداڻي جيڪو سنڌي هاري ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي، تنهن پنهنجي ڪميٽيءَ کي اطلاع ڏنو آهي ته: ‘ساجن مهاڻو تنهن ڏينهن مون وٽ آيو ۽ مون کي اچي چيائين ته، منهنجو پٽ گم آهي. تو پاسي ڏَس آهيس. مون کي احوال ڏي!’ هوڏانهن ياروءَ جو پُٽُ چون ٿا ته تنهنجي پُٽُ خون ڪيو هو. هن تعلقي جي سنڌي هاري ڪميٽي، اسان هنن ويهن مڙسن تي بار رکيو آهي ته اسين اوهان جون ڳالهيون ٻُڌي، اوهان جو فيصلو ڪريون. اسان جدا جدا ذاتين ۽ ڳوٺن جا ماڻهو آهيون. اسان جو پاڻ ۾ وڏو واسطو اهو آهي جو اسين غريب عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ ۾ گڏ آهيون ۽ پنهنجي هڪڙي جماعت ‘سنڌي هاري ڪميٽي’ ٺاهي اٿئون. ان جو ڪم آهي غريبن کي سجاڳ ڪري، کين چرپر ۾ آڻي، سندن ٻَڌي ڪرائي، سندن هٿان مڙسيءَ واري ڊگهي ۽ ڏکي هلچل هلرائي، ملڪ کي وڏيرن، سرمائيدارن جي انڌيرنگريءَ مان آزاد ڪرائي. اسين ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجي عقل ۽ سمجهه آهر اوهان جو صحيح ۽ واجبي فيصلو ڪريون. جنهن مان اوهان مان ڪنهن سان به ناحق نه ٿئي ۽ ٻي سڄي غريب خلق جو فائدو به ٿئي ۽ نقصان نه ٿئي. پاڻ سڀني غريبن جا سڄڻ سرها ٿين ۽ دشمن ڦِڪا ٿين.”
    پوءِ اسان کان پڇيائون ته: “ٻئي ڌريون فيصلي لاءِ راضي آهيو ۽ اسان کي ڳالهيون ٻُڌڻ؛ فيصلو ڪرڻ جي موڪل ۽ اختياري ڏيو ٿا؟” اسان ٻنهي هاڪار ڪئي ۽ ٻنهي پنهنجون پنهنجون ڳالهيون پيش ڪيون. همراهه ڪن ڏيئي، پوري ڌيان سان اسان ٻنهي جون ڳالهيون ٻُڌيون. ڪنهن ڪنهن مهل، ڪنهن همراهه صفائيءَ وچان ڪو سوال پڇيو ٿي ته، واه! نه ته چپ چاپ لڳي پئي هئي. ڪنهن جي وات مان اتفاق سان هلڪو يا گٿو اکر نڪتو ٿي ته ان کي نرمائي، فضيلت پر مضبوطيءَ سان هدايت ٿي ڪيائون. ڪو ڳالهيون ڪندي، هڪڙيءَ مان ٻيءَ ۾ پئجي ٿي ويو ته ان کي آهستي آهستي ڪري وري رند تي چاڙهيائون ٿي. مون کين پنهنجون سموريون خبرون ڪري ٻُڌايون ته ڪيئن مون کي وڏيرن تباهه ڪيو ۽ ڪيئن مون سان امام علي خان پير ڀريا ۽ ڪيئن ان جو ٿورو لاهڻ جي خيال کان منهنجي ڇوڪري کان خطا ٿي پئي. تازو جيڪو وهيو واپريو، سو به بيان ڪيم.
    ياروءَ به امام علي خان جي دشمنيءَ ۽ ڪيسن جو سربستو احوال ٻُڌايو. پوءِ چيائين ته: “پٽ مارجڻ کان پوءِ به امام علي خان منهنجي جند نه ڇڏي ۽ مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ پورائي ڇڏيائين. جيل ۾ اتفاق سان هڪڙو سنڌي هاري ڪميٽيءَ وارو يار ملي ويم، ان منهنجا دماغ جا پردا ئي کولي ڇڏيا. هن مون کي سمجهايو ته، ‘پاڻ اڪيلي سر وڏيرن سان ڪونه پُڄي سگهنداسين. وڏيرن سان پوليس آهي، ڪامورا آهن. ڪورٽن ۾ هُنن جي هلندي آهي. جيل به انهن جا آهن. مطلب ته سڄو ڪارخانو انهن جو آهي. پاڻ اڪيلا اڪيلا ٿي ساڻن وڙهنداسين ته رڳو سِرُ وڃائينداسون. سرنداسون پائيءَ جا ڦلا به ڪونه. سو پهريائين آهي پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻي. سنڌي، ڄاموٽ، ٻروچ، سيد، پِيرُ جو فرق مٽائي، سڀني ستايل سنڌين کي هڪڙي ابي، هڪڙي امان جو اولاد ڪري سمجهڻو آهي، دشمن جي هٿ جو باز ٿيڻو ناهي، سَؤ سور هجن ته پاڻ ۾ ڇيهه ڪري دشمن جو کاڄ ٿيڻو ناهي.
    اهڙيون ڳالهيون ٻُڌائي ٻُڌائي، مون کي آهستي آهستي ڪري هارين جو همدرد بڻائي وڌائين. جڏهن ٻاهر نڪتس ته پڇائي وڃي سنڌي هاري ڪاميٽيءَ وارن کي هٿ ڪيم. همراهن به هٿن جون ڇائون ڪري ڇڏيون. منهنجا اهڙا ٻانهن ٻيلي ۽ سچا همدرد ٿي بيٺا، جهڙو ڪو ابي امان جو ڄائو به ورلي ٿئي. آءٌ اڳي هيتري عمر جهڙوڪر مائٽن عزيزن هوندي به نڌڻڪو ۽ بي واهو هوس. هاڻ هڪڙو سر وڃي بچيو هوس ته به ڄڻ ڌڻيڪو ۽ وڏي وڳر وارو ٿي پيس. ڪيڏانهن ويون ريسون ۽ حسد، ڪيڏانهن ويا پاڙن ۽ ذاتين جا فرق ۽ ويڇا، ڪيڏانهن ويئي بدخواهي ۽ دشمني! تر جي آسپاس جو سڀ سمجهو ۽ سجاڳ غريب پاڻ ۾ ائين کير کنڊ ٿي وياسين، ڄڻ هڪڙي ابي، هڪڙي امان جو اولاد آهيون. اسان جا پراڻا خيال به بدلجي ويا. هاڻ اڳوڻيون ڳالهيون ياد اينديون آهن ته، سمجهبو آهي ته اونداهيءَ ۾ حياتي گذاري آيا آهيون. سو جڏهن ساجن پُٽَ ڳولهيندو، مون وٽ اچي نڪتو، تڏهن پهرين ته هن کي ڏسي اکين ۾ رت اچي ويو، پر پوءِ دل ئي دل ۾ پاڻ کي ساڌي، قبضي ۾ ڪري ورتم. مون کي پنهنجي هاري ڪاميٽيءَ وارن همراهن جون هر هر سمجهايل سڀ ڳالهيون دل تي تري آيون ۽ مون رَتُ جي گُرڙي ڀري، هن جون ڳالهيون ٻُڌيون ۽ کيس صحيح سلامت واپس موٽايم. هاڻ اوهان راڄن جي غريب ڀائرن ۽ ساٿين جي هٿ ۾ فيصلو آهي. جيڪي اوهان کي اچي سو ڪريو.”
    همراهن اسان جون ڳالهيون ٻُڌيون، مڙس سڀ داناءُ هئا. هڪڙو ٻئي کان وڌيڪ. واري واري سان هر ڪنهن پنهنجو رايو ڏنو. آخر سڀني مون کي ڏوهاري ڪيو ته: “تو هڪڙي غريبان مار ظالم وڏيري جي موچڙن کان بچڻ لاءِ، ٻئي ظالم ۽ غريبان مار وڏيري کي خوش ڪرڻ لاءِ، پاڻ جهڙي غريب ۽ ماريل ڀاءُ تي حملو ڪرايو. جنهن ۾ هن جي ٻچي جي زندگي ختم ٿي وئي. تو سوچيو ته ان وڏيري جا مون تي ٿورا آهن، سي لاهي، مڙس ماڻهو ٿو ٿيان، پر تو ائين نه سوچيو ته توتي ٿورا ڪرڻ وارو اهو ڪير آهي؟ جن ظالم وڏيرن توتي ظلم ڪيو، انهن کان هيءُ ظالم وڏيرو ڪهڙي ڳالهه ۾ ٻيو آهي؟ هو تو غريب تي ظلم ٿا ڪن، هيءُ ٻين غريبن تي ظلم ٿو ڪري. ڌنڌو ٻنهي ظالم وڏيرن جو ساڳيو آهي. ٻنهي ظالمن ۾ فرق ڪهڙو ٿيو؟ تون هڪڙن ظالم وڏيرن جي ظلم کان بچڻ لاءِ ٻين ظالم وڏيرن جي هٿ جو باز ٿي، پاڻ جهڙن ٻين مسڪينن ۽ ماريلن جو مارو ٿيو بيٺو هئين.”
    ياروءَ جي گهر واري اڳوڻي ڳالهه ياد ڪري ۽ هن سڄي جلسي ۽ ڪچهريءَ جون ڳالهيون ٻُڌي، مون پنهنجي دل ۾ چيو ته، ههڙن مڙسن اڳيان گهٽ وڌ ڳالهه ڪري، بچت وٺڻ مڙس جو شان نه آهي. منهنجي دل ڀرجي آئي. اکيون اُگهي، پٽڪو لاهي کڻي ياروءَ جي پيرن تي رکيم ۽ چيومانس: “ادا، آءٌ بلاشڪ تنهنجو ڏوهاري آهيان. منهنجي ڇوري جي کٽي قسمت! جي ڇڏيو آهيني (اٿيئي) ته قلبان ٿيو! جي جيئرو هجي ته مون کي خدا ڪارڻ ڏوهه بخش ڪر. سڄي عمر ٻئي پيءُ پٽ توجا، توجي ڪاميٽيءَ جا ۽ سڀني ڀائرن جا گولا ٿي گذارينداسين...” ائين چوندي، گلو ڄڻ بند ٿي ويم ۽ کانئن وڌيڪ ڳالهاءُ نه نڪري سگهيو.
    همراهن مان هڪڙي چيو، “ادا! وڏو نالو الله جو، پر الله سائين کي تنهنجي منهنجي معافي ڏيڻ جو لوڙ ڪونهي. بخشش جي گهرج آهي توکي، مون کي، پنهنجي سنڌ جي غريب ڀائرن کي. ڇو ته ذاتي سُور پيئنداسين، ذاتي ڏوهه بخشينداسين، تڏهن هڪٻئي جي دلين مان ڪدورتون وينديون ۽ پاڻ ۾ سڀني جي گڏيل دشمنن جي چنبي مان نڪري پيرن ڀيڙا ٿينداسون.”
    سڀني جون دليون ڀرجي آيون. ياروءَ جي اکين مان لڙڪ وهي اُٿي هليا. هن منهنجو پٽڪو کڻي مون کي مٿي ۾ وڌو ۽ روئي چيائين: “ادا! مون مسڪين ۽ اڀرن سنڌي مارو ماڻهن جي ڀائيچاري جي صدقي پنهنجي ٻچي جو خون توکي بخش ڪيو.” سڀني کيس وڏي سڏ گهڻي دير مبارڪون ۽ شاباسون ڏنيون. منهنجي اکين مان ڳوڙهن جو بند ٽُٽي پيو. ڪجهه دير ترسي، ياروءَ چيو: “جڏهن ساجن جو پٽ منهنجي اڳيان ڌَڪجي ڪِري پيو ۽ ٻَڌجي پيو، تڏهن دل ۾ چيم ‘واه مولا، تون حق وڪيل آهين!ڪورٽ کان ڇُٽي ويو، پر قضا کان ڪونه ڇُٽو. هاڻ نڪو ڪو شاهد، نڪو گواهه! جن جهليو آهي، سي به ابي امان جي اولاد جهڙا ڀائر ۽ يار آهن. ڪُسي ويندا پر گوال ڪونه ٿيندا. هاڻ هن کي کڻي وڃي ڪٿي جبل ۾ خفا خون ڪري، پنهنجو اندر ٿو ٺاريان.’ پر پوءِ پنهنجي هنن، همراهن جو خيال آيم ته متان چون ته، ‘صلاح کان سواءِ ههڙو ڪم ڇو ڪيئي؟’ سو ڇوڪري کي هٿيڪو ڪري سڄي خبر ٻُڌائي مان. هنن منهنجا ترا ڪڍي ڇڏيا! سڄي ڳالهه سمجهائي چيائون:
    “خبردار جو ان ماڻهوءَ کي هٿ لاٿو اٿئي! ان جو تنهنجي پُٽُ سان ڪوبه وير ڪونه هو. اهو خود مظلوم آهي. ڀُليل ۽ گمراهه آهي. اصل قاتل اهي آهن، جن هنن مجبورن کي اهڙي مجبوريءَ ۾ وجهي، کانئن ههڙا ڀڏا ڪم ڪرايا. هن سالن جا سال جيل ۾ لوڙيو آهي. اڃا تازو ڦاسي گهاٽ مان نڪتو آهي. اصل جنگ انهن سان آهي، جيڪي هڪڙن مسڪينن کي ڦُرڻ، لُٽڻ ۽ چِپڻ لاءِ ٻين کي شڪاري جانور ڪري استعمال ڪن ٿا. اهو ماڻهو تو وٽ ۽ پاڻ سڀني غريب ڀائرن ۽ پاڻ هارين جي ڪميٽيءَ وٽ سام آهي. ان جو وار به ونگو نه ٿيڻ کپي.”
    اها ڳالهه ٻُڌي مون کي به خدا ساڃاهه ڏني ۽ مون همراهه وٺي آڻي، هنن همراهن جي حوالي ڪيو ۽ چيومان ته، “هاڻي هيءُ ڄاڻي توهان ڄاڻو!” هنن چيو ته، “رڳو هن کي ڇڏي ڏيڻ سان سچو فائدو ڪونه ٿيندو. اوهان جا خيال نه بدليا ۽ اوهان جي دل مان ڪدورتون نه نڪتيون ته اوهين وري ڪنهن نه ڪنهن جي بڇ تي هڪٻئي جي سِر جا ويري ٿيا، هڪٻئي تي اُڀا ٿيا بيٺا هوندا. چڱو ائين آهي ته فيصلو ڪري دشمنيءَ جي پاڙ ئي هميشه لاءِ وڍي ڇڏجي. ۽ خود هنن ڀُليلن کي به گس تي چاڙهي ڇڏجي!”
    ڇوري جي بچڻ جي اها ڳالهه ٻُڌي، خوشيءَ وچان منهنجا هٿ پير ٺري ويا. ڪنهن مهل کان پوءِ ڪنهن اچي منهنجي پيرن تي هٿ رکيا. مون اکيون کوليون ته مٿان ڇورو مون وارو بيٺو هو! بس پوءِ ته منهنجي جيڪا حالت ٿي سا ته پڇ ئي نه! ايتري ۾ هڪڙي جواڻ مڙس ياروءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: “چاچا، سچي مڙسي اها آهي! سچي غيرت اها آهي! پُٽُ جو وير بيشڪ تو ورايو آهي!‘ سچي مڙسي اها ناهي ته پنهنجا پاڻ جهڙا اڀرا ڀائر چپجن يا انهن کي ڪير لالچائي يا برغلائي کانئن ڪُڌو ڪم ڪرائي، ته انهن کي تباهه ڪجي. سچي مڙسي، سچي غيرت، اها آهي ته ڪيڏو به سور اچي ته پي وڃجي، پر دشمن کي خوش ٿيڻ نه ڏجي. اها آهي سچي دليري. تو پُٽُ جو خون درگذر ڪري، دشمن جي زبردست ۽ قاتل سازش کي ناڪام ڪيو آهي!”
    ٻئي جوان چيو: “هيترو سڄو دنيا جو دؤر ظالمن جي بادشاهي هلي آهي. هاڻ مظلومن جي بادشاهي قائم ڪرڻي آهي ۽ ظلم جو بڻ بُنياد ختم ڪرڻو آهي. ان لاءِ ٻڌي کپي، ضابطو کپي، اورچائي کپي، مڙسي کپي، ڏاهپ کپي.” ٻيون به الاهي ڳالهيون سمجهائيندا رهيا. ان گهڙيءَ مون به پنهنجي دل ۾ قسم کنيو ته “وري ڇا به ٿي پوي، پنهنجن غريب ڀائرن جو مارو نه ٿيندس ۽ سنگت رکندس ته پنهنجن غريب ڀائرن سان ۽ نه دشمن ظالم وڏيرن سان. ڀلي کڻي سڄا سون ٿي پون.”
    ان ڳالهه کي اڃا ٿورا ڏينهن ئي مس گذريا ته تنهن ڏينهن امام عليءَ خان گهرائي چيم ته: “دوداڻي وٽ مال جام ٿي ويو آهي، وڃي هلڪائي ڪري اچينَ!” پهرين چيم ته، سڄي ڳالهه ڪري ٻُڌايانس ۽ چوانس، “وڏيرا! اهي ڏينهن کائي ويا، جڏهن اسان کي ڀاڙيو ڪري استعمال ڪندا هئا.” پر همراهن هدايت ڪئي آهي ته، ‘راز جي ڳالهه ڪنهن سان به ڪرڻي نه آهي. ضابطي ۾ هلڻو آهي.’ سو نٽائي ويس. پر وڏيرو جند ئي نه ڇڏي. هُتان هِتان واريو بيٺو آهي. لاچار کيس صاف جواب ڏيڻو پيم. هاڻ ٻُڌاءِ ته مون ڪهڙي بڇڙي ڪئي؟”
    مون کِلي چيس: “ڀلا جي آءٌ چوان ته تو بي واجبي ڪئي آهي. امام عليءَ جهڙي مڙس کي جواب ڏيڻ تو جهڙي مڙس جو شان نه آهي ته تون منهنجي ڳالهه مڃندين؟” چيائين، “دل واري ڳالهه؟” چيم، “هائو!” چيائين، “ڪونه مڃنيدس! مون کي هاري همراهن جي ڳالهه تي سورهن آنا ويساهه اچي ويو آهي! مرڻ مري ويندس پر ان ڳالهه تان ڪونه لهندس. تون رنج ٿيندين ته توکي پرچائي وجهندس، پر غريبن جي طرف وار ڳالهه ڪونه ڇڏيندس!” مون چيس ته، “پوءِ جيڪي وڻيئي سو ڪر!” پڇيائين، “۽ تون؟” مون چيس، “آءٌ تنهنجي پٺيان!” چيائين، “چرچا ڇڏ! اسين جاهل اوهان جي پٺيان سونهون ڪه توهان اسان جي پٺيان سونهندا؟”
    چيومانس: “جاهلن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا اڻ پڙهيل جاهل ٿيندا آهن، ٻيا پڙهيل جاهل ٿيندا آهن. پڙهيل جاهل، جهڙو ڪنو ۽ گندو جاهل، دنيا ۾ ٻيو ڪونه ٿيندو آهي. غريب جو ٻار ڀلي ڪهڙو به امير ٿي وڃي، پر جي پنهنجي غريباڻي لڏي جو طرف ڇڏي، ڪانوَ وانگر مور جي چال هلڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ دشمن جو دلال ٿيندو ته ان جهڙو مورک ۽ جاهل ٻيو ڪهڙو ٿيندو؟ آءٌ کڻي اتفاق سان وڪيل ٿي ويو آهيان، پر اولاد ته انهن مسڪينن جو آهيان، جن جون ست ڇا ست سؤ پيڙهيون به پورو ڍؤ ڪونه سنڀرن. منهنجا مائٽ اوهين غريب آهيو. هي وڏيرا ۽ سيٺيون جيڪي پنهنجي مطلب ۽ غرض لاءِ پاڻ کي ڳراٽڙيون پيا وجهن، سي مون ۽ تو جهڙن جا مائٽ ڪڏهن به ڪونه ٿيندا. مون کي به پنهنجي پارٽيءَ جو ماڻهو سمجهه!”
    هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مون کي ڀاڪر پائي چيائين: “جوان جا پُٽَ، ته پوءِ پنهنجي آهي به فتح!”

    (ماهوار “تحريڪ”، جنوري 1978ع ۾ ڇپيل)


    وڍيو هئين ته ويهه

    صبح جو سڄو شهر ڄڻ ڏينڀن جو مانارو بڻجي ويو. فضا ۾ هزارين سوال، اطلاع، تصديقون، ترديدون ۽ افواهه ڳِجهن وانگر لامارا ڏئي رهيا هئا. ماڻهن جا آواز ۽ سندن چهرن جا رنگ بدليل هئا.
    ٻيا ته ٺهيو، پر خود “گولي چل گئي!” به اڄ صفا بدلجي ويو. هو هر روز صبح جو ڇهين بجي باقاعدگيءَ سان اخبارن جو ٿهو سائيڪل تي کڻي، سهڪندو سهڪندو اچي ساڳي ڄاتل سڃاتل، هيبتناڪ وحشي رڙ ڪندو آهي: “گولي چل گئي!” ايتري قدر جو جڏهن منهنجي واچ، خراب ٿي ويندي آهي، تڏهن آءٌ “گولي چل گئي!” جي اچڻ يا نه اچڻ مان اندازو لڳائيندو آهيان ته ڇهه لڳا آهن يا نه.
    اڄ صبح جو جڏهن هن پنهنجي دستوري وحشي واڪي بدران ڪجهه دٻيل انساني آواز ۾ دانهن ڪئي، ،لاٺي چل گئي!” تڏهن منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا هئا.
    “اڄ ضرور ڪجهه ٿيو آهي.” مون سوچيو.
    بار روم ۾ گهڙيس، ته ائين لڳم ڄڻ ته ڪنهن جو پٿر وڇايل آهي. آهستي آهستي غصو غم تي غالب پوڻ لڳو. آواز اوچا ٿيڻ لڳا. هڪڙو بزرگ اوچتو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو ۽ واڪو ڪري چيائين، “اچو ته هلون.” اسين ٽي ڄڻا ٻيا به اُٿي کڙا ٿياسون.
    ڪار ڀرڳڙي روڊ وٽان ٿيندي، جڏهن سينٽرل جيل جي احاطي ۾ گهڙي، تڏهن پريان لائوڊ اسپيڪر تان آواز ٻُڌڻ ۾ آيا:
    “هٽ جائو” “هٽ جائو” “پيڇي هٽ جائو!” شاهي دروازي اڳيان هيسيل ۽ پريشان ماڻهن جا ٽولا بيٺل هئا ۽ اسان جا وڪيل وارا ڪارا ڪوٽ ڏسي اسان کي ورائي ويا. “ڇا ٿيندو.” اسان سلپون اندر ڏياري موڪليون. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وڏي در جي چوٿين پتي کُلي. اندر گهڙياسون، سپرنٽينڊنٽ جو ڪمرو ڀريل هو. اسان سندس کيڪار ورائي کيس پنهنجو مطلب ٻُڌايو. چيائين: “ليٽر لکي ڏيو.” ليٽر لکي ڏنوسين. “ملاقات به ڪندؤ؟” “ها هدايتون وٺڻيون آهن.” اسان مان ڪنهن چيو. سپرنٽيندنٽ تمام فضيلت وارو ماڻهو هو، پر ڪير به ڳالهائڻ جي موڊ ۾ ڪونه هو. “معاف ڪجو، سرڪٽ هائوس مان ٿو ٿي اچان. پنج منٽ!” ائين چئي سپرنٽينڊنٽ هليو ويو. اسان معنيٰ ڀريل نظر سان هڪٻئي کي ڏٺو. هڪڙي جي نگاهه چيو: “مٿان هدايتون وٺڻ ويو آهي!” ٻئي جي نگاهه چيو، “ڪا نئين چال کيڏندا!” ٽئين جي نگاهه واچ تان موٽندي چيو، “اڄوڪو ڏينهن لنوائيندا!” چوٿين نگاهه هٻڪندي چيو، “مورڳو پاڻ کي ڦاسائڻ....”
    اسين ٺهي ٺڪي مرڳو اهڙي انداز سان ڪرسين تي ٿي ويٺاسين، ڄڻ ڇا به ٿي پوي ته به ٿڪي بيزار نه ٿينداسين ۽ نڪي ڪنهن بهاني ۾ اچي واپس موٽنداسين.
    جيلر ۽ قيدي آيا ويا پئي. جيل جو ڊاڪٽر اچي ويٺو. ڪجهه دير بعد هڪ برف جهڙين اڇين ٻانهن، باهه جهڙن ڌڳندڙ ڳلن، نيرين، مرڪندڙ ۽ نچندڙ اکين واري 25 سالن جي عورت اچي ويٺي. سڀني جون اکيون بي اختيار منجهس کُپي ويون، پر هڪ دفعو ڏسي وري ڪنهن به ڏاهنس نه نهاريو. اڄ ڪنهن به قسم جو لطف حاصل ڪرڻ ڄڻ انهن جذبن سان غداري هئي، جيڪي اسان جي سينن ۾ پئي ڀڙڪيا. “ههڙي وقت تي...” اسان سوچيو.
    ڪلاڪ گذري ويو. اسين ڪاغذ پٽ تيار ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. هڪڙو قيدي گهڙي آيو، اسان کان پاسيرو ٿي اچي بيٺو، اسان ڏانهن ڏسڻ بنا جيلر سان ڳالهائڻ لڳو. مون بي خياليءَ سان ڏانهس ڏٺو، ٺاهوڪو سنهڙو هلڪڙو نوجوان، ڦاٽل ڪپڙا، کنڊريل وار، وڌيل ڏاڙهي، اُگهاڙا پير، نرم پرباوقار آواز، هن جهُڪي جيلر کي ڪجهه چيو پئي. اوچتو هن اسان ڏانهن لوڻو هنيو ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪ بند ٿي وئي.
    مون کان بي اختيار نڪري ويو، “يوسف لغاري” هن جي چهري تي هڪدم سندس جڳ موهيندڙ، معصوم، پياري ۽ پنهنجائپ واري مرڪ ڇانئجي وئي.
    “يوسف لغاري.... يونين جو صدر؟” هڪ ساٿيءَ پڇيو.
    مون يوسف کي ڀاڪر پائيندي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي.
    “ڪل گهڻا؟” مون پڇيس.
    “207” هن وراڻيو.
    “زخمي گهڻا؟”
    “سڀ.”
    “سخت؟”
    “گهڻي ڀاڱي.”
    يوسف هليو ويو. اڃا ٻه راتيون اڳ هو منهنجي آفيس ۾ پڻس جي جاءِ جي اپيل جا ڪاغذ کڻي آيو هو. چڱو ڀلو ۽ آزاد هو. سندس نس نس مان زندگي پئي ڇلڪي.
    سپرنٽينڊنٽ نيٺ موٽيو. “ٻيا به ملاقاتي آيا آهن. اڳو پوءِ اوهان به گڏ هلو ته يڪي ملاقات ٿي وڃي.” ته چئبو ته ملاقات واقعي ٿي پئي. ٻيا ملاقاتي ۽ اسين سڀ گڏ جيل جا چُن سان لنبيل صاف سٿرا گس ڏيئي اندر وياسين. واٽ تي تعارف ٿيندا هليا.
    “مجيب پيرزادو، انجنيئرنگ ڪاليج!”
    “ڪامل راڄپر، ميڊيڪل ڪاليج!”
    هڪ دروازو کُليو ۽ اسين به سَؤ کن سي ڪلاس قيدين سان ڀريل هڪڙي شاهي اڱڻ ۾ داخل ٿياسون. اڱڻ اندران هڪ کُليل جيل بلڪه کُليل اسپتال ٿي لڳو. قيدي ننڍين، اُداس، ماتمي ٽولين ۾ ورڇيا، اُگهاڙي پٽ تي ويٺا هئا. اسان کي ڏسي سڀ دروازي ڏانهن وڌي آيا.
    فضا ۾ آيوڊين جي بوءِ ڇانيل هئي. پهريائين مون پنهنجي پراڻي دوست علي احمد قريشيءَ جي پٽ اعجاز کي سڃاتو. هو پيرين اُگهاڙو پنهنجي منهن ڪجهه سوچيندو پريان پئي ويو. گوڙ تي ڪنڌ ورايائين ته اسان جون اکيون مليون. مون اڳ ۾ پاڻ کي سمجهائي ڇڏيو هو ته ڪهڙو به نظارو ڏسندس ته به جذبن جو اظهار نه ڪندس. مون کيس ڀاڪر پاتو ۽ هٿ دٻائي فقط ايترو چيومانس: “خوش رهه.” پر پنهنجي جذبن کي وس ۾ رکڻ ايڏو سولو نه هو. قيدين جنهن وقت پنهنجن ڏکويل ۽ غصي ڀريل آوازن ۾ پنهنجي روئداد بيان ڪئي، جڏهن اسان جون نظرون سندن ڦاٽل مٿن، سُڄي بنڊ ٿيل ٽنگن، چچريل منهن ۽ بدن، ليڙون ليڙون ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل ڪپڙن ۽ اُگهاڙن پيرن تي پيون، جڏهن لٺين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي دونهن، لانگ بوٽن، رائيفلن جي ڪنداڪن، گپ ۽ پاڻيءَ ۾ لٿڙيل چيڀاٽيل ۽ چچريل نوخيز انساني جسمن جي تصويرن ذهن تي حملو ڪيو، تڏهن پنهنجي جذبن تي قبضو رکڻ مشڪل ٿي پيو.
    جڏهن هڪڙي زخميءَ منهنجي هٿ کي لوڏي چيو، “ادا! آءٌ توهان جي ضلعي جو آهيان.” جڏهن هڪڙي عرب ڇوڪري ٽُٽل ڦٽل انگريزيءَ ۾ دانهن ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، جڏهن هڪڙي نوجوان منهنجي ڪرسيءَ جي ڀرسان پٽ تي ويهي چيو، “ادا! اسان کي چيائون مرغا ٿيو!” جڏهن ٻئي چيو، “آءٌ هٿ اُڀا ڪري پاڻيءَ مان نڪتس ته مون کي ٻاهر نڪرڻ شرط رائيفل جو ڪنداڪ هڻي ڪيرائي وڌائون، هيءُ ڏسو منهنجو مٿو!” جڏهن هنن ڳوڙهن کي پي، سينا تاڻي، چيو ٿي، “پرواهه ناهي، هيءُ پهريون امتحان هو، اسين هر امتحان لاءِ تيار آهيون!” تڏهن نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسي پئي. ماڻهو ڊڄيو ٿي ويو ته اجهو ٿيون اکيون ڀرجيو اچن. هاڻ ٿا ڳوڙها وهن.
    مون پاڻ کي پٿر بڻائي ڇڏيو، ٻه ڪلاڪ پٿر بڻيو سخت زخمين جون لسٽون ۽ سندن ويل سامان جون لسٽون لکندو رهيس. مون کي خبر هئي ته، ويل سامان ڪونه ملندو، اندريان زخم ڪونه مٽجندا، نه هنن جا ۽ نه اسان جا، پر اسان لکندا رهياسين. ماڻهو ڪنهن نموني رڌل هجي ته سوچڻ کان بچيو پئي. پاسي ۾ ويٺل زخمي، مٿي واري کي چيم، “تون ليٽي پئه، آرام ڪر!” هن پڇيو، “ڪٿي؟” مون لوڻو هنيو، اُگهاڙي پٽ تي وهاڻو به ڪونه هو . مون لڄي ٿي اکيون ڦيرائي ڇڏيون. وري ساڻس ڪونه ڳالهايم. ايتري ۾ آيل ملاقاتين پنهنجي قيدي ساٿين کي گڏ ٿيڻ لاءِ چيو. قيدي منڊڪائيندا، پنهنجا زخمي بدن گهليندا، هڪ هنڌ گڏ ٿيا. تقرير ڪندڙ جو آواز بلند ٿيو: “ساٿيو! اڄ اسين پهرين آزمائش مان لنگهيا آهيون. اڃا به ڏکيون گهڙيون اچڻيون آهن، پر اسين حق لاءِ سڀ ڪجهه سهڻ لاءِ تيار آهيون.”
    آءٌ ميڙ مان هليو آيس. مون کي هنن سان گڏ بيهڻ جو ڪو حق ڪونه هو. هو زخمي هئا ۽ آءٌ سڄن لڱن سان، هو بند هئا ۽ آءٌ آزاد، هو آزمائش ۾ مبتلا هئا ۽ آءٌ پنهنجي ڌنڌي ۾. هو ٻي جنس هئا ۽ آءٌ ٻي جنس. مون کي بي اختيار فارسيءَ جو شعر ياد آيو. “ڪسي ڪه ڪشته نه شد از قبيلئه مان نيست.” (جيڪو ڪُٺل ناهي، اهو اسان جي ساٿ مان ناهي.)
    سهڻي لطيف به ته چيو آهي، “وڍيو هئين ته ويهه نه ته وٺيو وڃج واٽ تون.” مون پنهنجي واٽ ورتي ۽ وري وڃي ڪرسيءَ تي ويٺس.
    اسان جو بزرگ اڳواڻ ۽ ٻيا ساٿي به رڌل هئا. ڪو لکڻ ۾، ته ڪو ٻُڌڻ ۾، سندن چهرن تي سمنڊ جهڙا اونها تاثر هئا. رواني ٿيڻ وقت اسان کي چيائون، “اڄ ڀلا ضامن ٿي ويندو؟”
    مون کين ڪوڙو دلاسو ڏيڻ مناسب نه سمجهيو. مون چينَ: “شايد ٻه يا اڃا به وڌيڪ ڏينهن لڳن. اها تڪليف برداشت ڪرڻي آهي. ڇا ڪجي مجبوري آهي.” تڏهن چيائون، “توهان ڪوبه خيال نه ڪريو. ضامن ٿئي نه ٿئي، پرواهه ڪانهي، اسين سڀ ڪجهه سهنداسين.” موٽندي آفيس ۾ سپرنٽينڊنٽ چانهه گهرائي. ايتري ۾ هڪڙو قدآور، جانٺو، چست ۽ ڦڙت، سهڻو انگريزي لباس پهريل ماڻهو لنگهي آيو. سندس بيحد دلڪش مرداڻي حُسن کي ڏسي، مون پنجن ندين جي پاڻيءَ کي داد ڏنو. سڀ اُٿي بيٺا. هن سپرنٽينڊنٽ جي ڪرسي والاري. سپرنٽينڊنٽ بيٺو رهيو. نئين آيل اسان جن قيدين بابت ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي. سندس گفتگو هڪڙي سَؤ في صدي حاڪم جي گفتگو هئي. هن بار بار “تخريب پسند”، “انتظام”، “حڪومت”، “ذميوارين” جا لفظ پئي دهرايا. اسان کي ائين پئي خطاب ڪيائين، ڄڻ ته اسين به ڪي چڱي چال وارا قيدي هئاسين. مون کي ائين لڳو ڄڻ مون هي يا ههڙو ماڻهو ڪٿي ڪو ڏٺو آهي. اوچتو مون کي فلم “گنس آف يورآن” وارو جرمن گسٽاپو آفيسر ياد آيو. هيءُ به ان ساڳيءَ جنس مان هو. پيدائشي حاڪم، سموري انساني مخلوق کان مٿي، افضل ۽ سمورن انسانن کي قيدي ۽ ڏوهاري سمجهندڙ.
    اسين جڏهن سندس تقرير کي اڌ ۾ ڇڏي اُٿياسين، تڏهن ڏٺوسين ته هُو ناراض ٿي پيو، پر اسان کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين. قيدين بابت ضروري ڪم لاهي، آءٌ شام جو گهر موٽيس. عادت موجب ماني کائڻ سان گڏ اخبار پڙهيم. منهنجي نظر پوئين صفحي تي ڄمي بيهي رهي. مون ان جا پويان اکر وري وري پڙهيا.
    لکيل هو، “ڪوبه خاص زخمي ڪونه ٿيو آهي. ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن، حالتون ٺيڪ ٺاڪ آهن.”
    منهنجي اڳيان 207 قيدي، سوين چچريل ۽ سُڄيل مٿا، منهن، ٽنگون، ڄاڙيون، ٻانهون ۽ پٺا ڦري ويا. “ڪوبه خاص زخمي ڪونه ٿيو آهي، ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن. حالتون ٺيڪ آهن.” مون وري تلخيءَ سان دهرايو ۽ اخبار اُڇلائي ڇڏيم. ٻئي ڏينهن ساڳي اخبار ۾ وڏين سُرخين سان 207 قيدين جي ضمانت تي آزاد ٿيڻ جي خبر پڙهيم، پر جيڪي ويهه پنجويهه ڄڻا نوان قيد ٿيا هئا، تن کي گرفتاريءَ جي خبر ڳولي ڳولي ٿڪجي پيس، پر ڪٿي به نظر ڪانه آئي. مون اخباري ڦاڙي، پرزا پرزا ڪري ڇڏي.

    (ماهوار “تحريڪ” مارچ 1973ع ۾ ڇپيل)


    بختاور

    جنهن مهل تار آئي، تنهن مهل مون شيوَ پئي ڪئي. ڪِريم لڳل مُنهن سان تار واري کان تار وٺي، کيس صحيح ڏئي، کاٻي هٿ ۾ جهليل سيفٽي (جيڪا بي خيالي ۾ ساڻ کڻي ويو هئس) واپس آڻي ميز تي رکيم ۽ لفافو کولي، تار پڙهيم. پنهنجن هٿن ۾ نهاريم، اهي ڏڪيا ڪونه پئي. آرسيءَ ۾ مُنهن ڏٺم: ڪريم لڳل هوندي به سمجهيم ته ان تي ڪوبه تاثر ڪونه هو. هاڻ سمورو ڌيان شيو ۾ لڳايم.
    واچ ڏٺم ته ٻه لڳي 14 منٽ ٿيا هئا، تنهن جي معنيٰ ته سنڌ ايڪسپريس ۾ اڃا منو ڪلاڪ هو.
    “ڪريما!”
    “جي، بابا.”
    “پٽ! منهنجي بئگ تيار ڪر، مون کي ٻاهر وڃڻو آهي.”
    ڪريما اهڙين ڳالهين تي هريل هئي.
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ آءٌ اسٽيشن تي پهچي ويس، بلڪه اسين پهچي وياسين، ڇو ته ڪريما وارا به مون سان گڏ هئا. ريل ۾ چڙهي ويٺاسين. ڏيڍ ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان جي اسٽيشن اچي وئي.
    سول اسپتال جي گيٽ تي پهچي، ڪريما کي چيم: “مون توکي بنهه نٿي آندو، پر تون ڦڏو ڪري زبردستيءَ آئي آهين، ٺيڪ؟”
    “ها بابا.”
    “توکي پنهنجو واعدو ياد آهي؟”
    “ها بابا!”
    هوءَ در کان ٽئين نمبر بستري تي پئي هئي. ٻهراڙيءَ جا پنج، ڇهه زالون، مرد سندس ڀرسان ويٺل ۽ بيٺل هئا. ويٺل به اسان کي ڏسي اُٿي بيٺا: “ڪنهن ڪنهن مهل هوش اچيس ٿو، نه ته ائين ٻُڏل آهي. ٻه گوليون ڪڍيون اٿنس. هڪڙي سٿر مان، ٻي ڪلهي مان.”
    “ڊاڪٽر ويچارا رات ڏينهن پيرن ڀر بيٺا آهن. شابس هجين.... ٻن ڪلاڪن جي آپريشن کان پوءِ وڃي گوليون نڪتيون...”
    پاسيرا ٿياسين ته ڊاڪٽر الهه رکئي چيو: “اسان سڀني وسئون ڪونه گهٽايو آهي. وڌيڪ ته رب جي اختيار آهي... خوشقسمت آهي جو بروقت فرسٽ ايڊ ملي ويس ۽ رت حد کان وڌيڪ ڪونه وهيو. نه ته ٿڏي تي ئي ختم ٿي وڃي ها. سٿر واري گولي به خوشقسمتيءَ سان ٻاهرئين پاسي گوشت ۾ لڳي اٿس. ڪلهي وٽ به هڏيءَ ۾ فرئڪچر ٿيو آهي. هڏو ٻن حصن ۾ ٽُٽي پيو آهي. جوڙيو اٿئون. خدا ڪندو ته لڳي ويندو. اها گولي ٿورو هيڏانهن هوڏانهن لڳي ها ته اڃا به گهڻو نقصان ڪري ها ۽ شايد ٻانهن وڍڻي پوي ها... وري به ڏسجي. خدا ڪري ڪٿي Complications نه ٿين. هونءَ صحتمند ۽ جوان آهي. جي ڪا ٻي پيچدگي نه پيدا ٿي ته وڏي اُميد آهي.”
    تيسين ڪريما سڏ ڪيو. سندس اکيون سُڪل هيون: “چون ٿا ته او گروپ جو رت کپيس. منهنجو رت به او گروپ جو آهي. جڏهن امان اسپتال ۾ داخل هئي ۽ رت کَتو ٿي، تڏهن ٽيسٽ ڪيو هئائون.”
    ڪريما جڏهن رت ڏئي واندي ٿي ته اسين سائين بخش جي گهر وياسين، جيڪو اتان گهڻو پري ڪونه هو. شام جو وري اسپتال پهتاسين. هوءَ هوش ۾ نه آئي هئي. مون کيس جاچي ڏسڻ لاءِ پنهنجي سموري جذباتي ۽ ذهني همت گڏ ڪئي. سندس گلاب جي گل جهڙي ٻهڪندڙ چهري تي ڪاراڻ ڇانيل هئي. اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس. سندس سدائين چهڪندڙ چپ ڪاراٽجي ويا هئا. ڄڻ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ مهاڀاري لڙائي جاري هئي. مون ڪريما ۾ نهاريو. هوءَ بلڪل ماٺ هئي. باقي ڳوڙها هئا، سي اکين مان لارون ڪري پئي وهيس. مون سوچيو، اها واعدي جي ڀڃڪڙي ڪانهي. پنهنجي پياري کي موت ۽ حياتيءَ جي ههڙي ڇڪتاڻ ۾ تڙپندو ڏسي، جيڪڏهن لڙڪ لڙي اچن ته ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه؟ بنيادي شرط اهو هو ته ڪنهن به حالت ۾ روڄ راڙو نه ڪرڻو آهي. سو هن ڪونه ٿي ڪيو. باقي گونگن ڳوڙهن تي ڪهڙي ميار!
    ڪريما آهستي آهستي ڪري ماٺ ميٺ ۾ هن جي سس ۽ ٻين مائٽياڻين کي به اڳڀري ٿي، هن تي قبضو ڪري ورتو. ٻيءَ رات جو هوءَ اسپتال ۾ ئي ترسي پئي. صبح جو ويس ته اوجاڳي سبب سندس اکيون سُڄي ڳاڙهيون ٿي پيون هيون.
    رات جو سائين بخش جي گهر جي اڱڻ ۾ ليٽيو پيو هوس. سرءُ جي پن ڇڻ شروع ٿي وئي هئي. هوا جي جهوٽن تي سُڪل پنن کڙ کڙ پئي ڪئي. چانڊوڪي رات هئي. آسمان صاف هو. رڳو ڪنهن ڪنهن مهل ڪا اڪيلي رولاڪ ڪڪري الائي ڪٿان رلندي اچي ٿي نڪتي ۽ پل لاءِ اک ٻوٽ ڪري وري گم ٿي ٿي وئي. آءٌ ننڊ بدران سوچن ۽ يادن جي دنيا ۾ گم هئس.
    مون کي اُهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن هوءَ پهريون پهريون دفعو اسان جي گهر آئي هئي. رضيه، صفيه توڙي سندن ماءُ جو هونئن ئي مون تي الزام آهي ته آءٌ ڪريما کي گهڻو ٿو ڀانيان ۽ مون کيس لاڏلي ڪري سندس دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي، پر سچ اهو آهي ته مون کي ٽيئي ڌيئرون هڪ جهڙيون پياريون آهن. ڪريما کڻي زوريءَ پاڻ کي سڀني کان معتبر بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن کي ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ بي-اي فائنل ۾ آهي. پڙهائيءَ ۾ سڀني کان ڀڙ، سدائين فرسٽ ڪلاس ۾ اچي. ٻئي پاسي پنهنجي عورتن جي انقلابي دوست تنظيم ۾ به سرگرميءَ سان حصو وٺي ۽ ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي دؤرن تي به وڃي. اخبارون ۽ رسالا پڙهي، بحث مباحثا به ڪري. سڄو ڏينهن پڇ پڇ به لايو ويٺي هوندي آهي. سڀني کي نصيحتون به پئي ڏيندي. وچٽ هوندي به سڀني جي وڏي امان ٿيو ويٺي هوندي. منهنجي سڏ تي به ڊوڙندي اچي، چرچا ۽ اهلون ڪري، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، کِلي ۽ کِلائي به. وطن، عوام، ٽين دنيا، سامراج ۽ بدلجندڙ عالمي صورتحال جي ڳڻتي به سڀني کان وڌيڪ کيس ئي هوندي آهي. گهر ۾ به تنقيد ۽ خودتنقيد جون گڏجاڻيون پئي ڪرائيندي. جيڪڏهن منهنجي ڪا ڳالهه نه وڻنديس ته ڪاوڙجڻ بدران چوندي، “بابا منهنجي توهان تي تنقيد آهي. جڏهن واندا ٿيو تڏهن تنقيدي گڏجاڻي ڪنداسين.” سندس ڪاپين تي قسمين قسمين قول لکيا پيا هوندا، مثال طور، “مطالعو، تنظيم، جدوجهد”، “عمل نظريي بنا انڌو آهي”، “نظريو عمل بنا لولو لنگڙو آهي”، “تنظيم جدوجهد لاءِ، جدوجهد تنظيم لاءِ”، “سادي رهڻي ڪهڻي ۽ اڻانگي جدوجهد”، “وقت جي پابندي ۽ رازداري”، “ڇڙواڳيءَ خلاف جدوجهد ڪريو” وغيره وغيره.
    هڪڙي ڏينهن پڇڻ لڳي، “بابا، ڀلا ٻُڌائي وڃ ته جوينل ڪير هو؟”
    مون وراڻيو: “جوينل يا جوينال (Juvenal) رومي شاعر هو. اڄ کان 19 صديون اڳ جو ، ڇو؟ جوينل کي ڇا ٿيو آهي؟”
    چيائين: “مون پڙهيو آهي ته هو ان وقت جي ظالمن جي مڪر، منافقي ۽ ظلم خلاف شعر چوندو هو؟”
    مون وراڻيو: “بلڪل! اهو سندس ئي قول آهي ته، “ڪاوڙ شعر لکائي ٿي!”
    تنهن ڏينهن شيو پئي ڪيم ته ٻاهران چوندي آئي: “بابا!”
    مون چيو: “جي بابا!”
    “بابا! ڪنهن سان پيو وڙهين؟”
    “ڪنهن سان به نه!”
    “هي جي چيئي پئي ‘انسان ٿيءُ انسان.’ اهو ڪنهن کي پئي چيئي؟”
    “اهو.... اهو ته ماڪوڙي کي پئي چيم... هر هر اچيو هٿ تي چڙهي ۽ شيو ۾ رنڊڪ وجهي.”
    پويان ننڍو ڀاڻس اصغر ڊوڙندو آيو ۽ اچڻ شرط چيائين:
    “بابا! بابا توکي ٻُڌايان! ڪريما اڄ ڇو ايڏي خوش آهي؟ ڇو ته سندس پياري ساهيڙي بختاور اچڻي آهي پنهنجي گهر!”
    بختاور جو نالو مون ڪريما توڙي ٻين واتان گهڻو ٻُڌو هو. هوءَ عورتن جي تنظيم جي برک ڪارڪنن منجهان ٿي ٻُڌڻ ۾ آئي. سندس همت، اورچائي، جاکوڙ، جفاڪشيءَ سان گڏ سندس شعور، قابليت ۽ تقرير توڙي تحرير جي ڏاڍي ساراهه ٻُڌي هيم. ڪريما سندس ڪي خط مون کي پڙهايا هئا. انهن مان سندس جوش، جذبي، سادگي، خلوص، نهٺائي ۽ اعليٰ اُصولن ۽ آدرشن جو پتو پيو ٿي. چيائون ٿي ته ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين، ڪراچيءَ کان ڪارونجهر تائين، زالن کي سجاڳ ۽ منظم ڪرڻ لاءِ پنڌ جهاڳيا اٿس. ايتري ۾ پريان ڪريما جي ماءُ اچي ڪڙڪي:
    “ڌيڻين کي سمجهائين نٿو؟ نه پڇڻ نه آڇڻ، ماڻهن جون دعوتون ڪندي وتي. مهمان گهرايا اٿس. گهر ۾ نه آبروءَ جهڙو هنڌ کٽولو ۽ نه فضيلت وارو گهر، زال مڙس ايندا ته رهندا ڪٿي؟”
    “بابا آءٌ ٻُڌايان؟” اصغر چوڻ لڳو، “زال گهر ۾ رهي ۽ مڙس اوطاق ۾.”
    ماڻس ڪاوڙجي چيس: “تون ته ٽونڪار بند ڪر وچان.”

    (2)

    بهار جي رُت اچي چڪي هئي. اڱڻ ۾ گلاب ۽ موتئي جي ٻُوٽن جي جوڙين ۾ گل ٽِڙيا بيٺا هئا. آسمان ۾ پري پري سرڻين شيل پئي ڪيا. آءٌ ڪنهن سوچ ۾ گم هئس ته ايتري ۾ ڪريما چيو، “بابا! هڪڙو اخباري نمائندو توهان جو انٽرويو وٺڻ آيو آهي.”
    ساڻس گڏ ٽِڪڙن جي ٽوپي پاتل هڪ چئن سالن جو سهڻو ٻار سندس چيچ ۾ هٿ وجهي اچي منهنجي اڳيان بيٺو هو.
    ڪريما چيو: “هاڻ اوهين پاڻ ۾ هڪٻئي سان پنهنجي واقفيت ڪرايو.”
    مون هڪدم ڇوڪر کي چيو: آءٌ تنهنجي ماسيءَ ڪريما جو، پيءُ نور محمد وڪيل آهيان ۽ تون مائي بختاور جو پٽ آهين. ها نه؟”
    ڇوڪر مرڪي هائو ڪئي.
    ڪريما گوڙ ڪندي چيو: “بابا! اِها گِدي آهي... اِها گِدي آهي! توکي هن بي ايمان اصغر اڳواٽ ئي ٻُڌائي ڇڏيو هوندو.”
    اصغر چيو: “آءٌ ٻُڌايان؟ هنن کي گهر ۾ گهڙندي شرط بابا ڏسي ورتو هوندو.”
    مون چيو: “آءٌ ٻُڌايان؟ مون اوهان سڀني جي اتاولائيءَ مان سمجهي ورتو ته هي مهمان اهي ئي هوندا، جن جي ميزبانيءَ جي شرف لاءِ توهان جي مهربان ماءُ اهڙيءَ خوشدليءَ مان اوسيئڙو پئي ڪري.” ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ مرڪي ڏنو.
    ايتري ۾ هڪڙي زائفان لُوهه ڏئي اندر گهڙي آئي ۽ سڌو اچي مون کي پيرين پئي هٿ ڏنائين. مون سندس مٿي تي هٿ رکي قرب مان چيومانس: “امان بختاور، ڀلي ڪري آئينءَ!”
    سندس جواب ٻُڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو، چيائين: “بابا! تون ته چڱو ڀلو خوش آهين؟” هوءَ پنهنجي سموري اٿاهه سونهن، بيباڪيءَ ۽ ڏيا سان، بي پناهه پنهنجائپ ۽ قرب سان ٽمٽار، منهنجي اڳيان بيٺي هئي. آءٌ کيس وائڙن وانگر ڏسڻ لڳس. بي اختيار کانئس پڇيم، “پر تون هتي ڪيئن؟ ڪريما کي ڪيئن سڃاڻين؟”
    ڪريما وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، “پر جناب پيارا بابا صاحب! معاف ڪجانءِ! پهرين تون ٻُڌاءِ ته تون بختاور کي ڪيئن سڃاڻين ۽ ڪڏهن کان سڃاڻين؟ آءٌ ٻن سالن کان ‘بختاور-بختاور’ ڪندي اچان. هيترا خط پٽ پيا لکون ۽ توکي پڙهايون پر تو ته مون کي ڪڏهن چيو ئي ڪونهي ته آءٌ ڪو بختاور کي سڃاڻان؟”
    چيم: “پر بختاور کي سڃاڻي به ڪير ٿو؟ اها آهي ڪٿي؟ اچڻي ته اها هئي نه!”
    ايتري ۾ جوڻم آئي ۽ چوڻ لڳي، “هلو ڌيئڙيون! ماني تيار آهي. اصغر! تون هيڏانهن اچ! وڃي اوطاق ۾ ماني ڏئي اچ.” ائين چئي، هوءَ سڀني کي پاسي واري ڪمري ۾ کنڀي کڻي وئي هلي. منٽ کان پوءِ آيل مهمان تڪڙي مون ڏانهن موٽي آئي. چيائين: “چريا بابا وڪيل صاحب! ماڻهن جا تنظيمي نالا به ته ٿيندا آهن يا نه؟ تنظيم جي ساٿياڻين وٽ آءٌ بختاور آهيان. ٻنهي نالن جي معنيٰ ته ساڳي آهي نه؟ پر هو نالو مائٽن رکيو هو، جڏهن مون ۾ ڪو شعور ڪونه هو. هيءُ نالو مون سمجهه ۽ شعور حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻهي پاڻ تي رکيو آهي. آيو خيال شريف ۾؟” اهو چئي، هوءَ تڪڙي تڪڙي هلي وئي.
    منهنجو ذهن ان ڏينهن کان پنج ڇهه سال اڳ جي واقعن ڏانهن موٽي ويو.
    ..... ...... .......
    تن ڏينهين آءٌ سينٽرل جيل.... ۾ بند هئس.
    هڪڙو اڳيئي ملڪ جي مالڪن کي نٿي وڻياسين. باقي مٿان وري جو قيد ۾ هڙتال ڪئي سون، تنهن تان ڏمرجي، اسان کي انهيءَ جيل مان سزا طور هڪ هڪ، ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪري مختلف جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيو هئائون. مون کي ۽ ڪرم علي شاهه کي سينٽرل جيل.... موڪليائون. جيل ته اڳي ئي جيل، پر هيءُ جيل رب جي قدرت آهي: ڪلر جون ڍٻون ڳولهي هٿ ڪري، انهن مٿان اَڏيو هئائون. جيئن ڏينهن ٿي تتو تيئن ٿي ڪلر مان ٻاڦون نڪرڻ شروع ٿيون. ڌرتي تپيو ٽامڙي ٿيو ويندي هئي. ماڻهن جا بدن پچي ڦلڻا ٿِي ٿي پيا. جيڪي انهيءَ پَٽ جا هئا، سي ته وري به جيئن تيئن، باقي جيڪي اُن پَٽ جي گرميءَ تي هريل نه هئا، تن سان ويڌن هئي! آءٌ هڪ سال اڳ به هتي رهي ويو هئس، پر ان سال گرمي ڪجهه اور هئي. هڪڙي ڏينهن ڏٺم ته منهنجي وارڊ جي انچارج جوابدار رحيم جي ڪنڌ تي هيڏا شاهي ڦلڻا ٿيا بيٺا آهن! ڊڄي ويس ته جي هن مان وچڙي مون کي به ڦلڻا ٿي پيا ته مارجي وينداسون. ڊپٽيءَ کي نياپو اماڻيم. تنهن چوائي موڪليو ته، “شام جو ٻيو ماڻهو موڪلينداسون.”
    برابر، شام جو ٻيو ماڻهو اچي ويو: قيدي-ڪپڙا صفا ميرا، قد جو ڇوٽو، بدن ۾ وچٿرو، منهن تي ماتا جا نشان، رنگ جو ڪارڙو، ڪن وڏا، الائي ڇو مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي اڳيان هڪڙو وڏو شاهي ڪوئو بيٺو هو! چمڙيءَ جي بيماري لڳل نٿي نظر آيس. تنهن ڪري مون سوچيو ته، ڀلي مون وٽ رکن. نالو عبدالجبار ٻُڌايائين. ڳالهايائين آهستي ٿي. ٻولي ۽ لهجو مٺو، پر منجهس بيساختگي بنهه ڪانه هئي. اکر چَٻي چَٻي، پڪائيءَ سان ٿي ڳالهايائين. ڏسڻ ۾ غريبڙو، مسڪين، ڦاٽل ڪپڙا، پر جڏهن ڳالهايائين ٿي ته ڪجهه ٻيو پئي لڳو.
    جيل به ماڻهن لاءِ ٺهيا آهن. پنهنجي حال سارو اسين به ڪنهن زماني کان وٺي ان سان جوڳون ڏيندا اچون ۽ اتي جيڪا وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿئي ٿي، تنهن کان واقف ٿيندا پيا اچون، پر مون کي هن نئين جوابدار ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نظر آئي، جا مون ڪنهن به ٻئي قيديءَ ۾ ڪانه ڏٺي هئي. اها ڳالهه ڪهڙي هئي، ڇا هئي، سو سمجهه ۾ نٿي آيو، پر ڪا ڳالهه هئي ضرور. نرالي، سڀني کان نرالي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ذات لاءِ! ميسڻپائي؟ چالاڪي؟ مڪاري؟ شايد اهي به... پر ڪجهه ٻي به..... اڃا به ڪجهه ٻيو!
    جيئن هر ڪنهن قيديءَ کان پڇبو آهي، تيئن هن کان پڇيم: “ڇا ۾ آيو آهين؟”
    “گيرت ۾.”
    “ڪنهن کي ماريئه!”
    “زال کي.”
    “ٻئي ڪنهن کي به؟”
    “نه.”
    “سزا گهڻي اٿئي؟”
    “بس سائين ڇُٽڻ وارا آهيون! آءِ جي اچڻو آهي. ان ٻه مهينا معافي ڏني ۽ ٻي ڪا ٻوڏ سوڏ جي ٻه چار مهينا معافي ملي ته پاڻ ٻاهر آهيون.”
    “ڪُل سزا گهڻي مليهءِ؟”
    “اڍائي سال- تنهن مان سال سوا ڪاٽيو اٿم. ٻي معافي آهي. بس اوهان جي دعا سان ٻاهر ويٺا آهيون!”
    “تمام ٿوري سزا ملي اٿئي. ماڻهو مارڻ جي عيوض جنم ٽيپون ملنديون آهن.... گهڻا ته ڦاهيءَ چڙهيو وڃن اهڙن ڏوهن ۾.”
    “سائين، اسين گريب ماڻهو وڪيلن ٻڪلين مان ڇا ڄاڻون؟ بس ڪورٽ ۾ گهڙڻ شرط هٿ ٻڌي جج کي چيم، “سائين، مسلمان آهين، تخت سليمانيءَ تي ويٺو آهين، سونو قلم هٿ ۾ اٿئي. ڪجهه مڙيئي گيرتڙي آهي، توسان ڪوڙ ڪونهي. گيرت ۾ ڏوهه جو ڏوهاري آهيان. بي گيرتي برداشت نه ٿي سگهي. خطا ٿي پئي. توکي جيڪا انصافي انصاف سزا ڏيڻي آهي، سا ڀلي ڏينم.” هو به مڙس هو گيرتي ۽ انصافي، تنهن چيو، “هل پٽ! اڍائي سال!”
    هن اها ڳالهه ائين ٿي ڪئي ڄڻ ڪنهن ماڻهوءَ جي خون جي سزا جي ڳالهه ڪانه هئي، جوئر ۽ سارين جي اگهن جي ڳالهه هئي.
    ڪجهه ڏينهن لنگهي ويا. هڪ ڏينهن گرميءَ حد ڪري ڇڏي! شام ڌاري مون کي بخار ٿي پيو. جيل واري اسپتال جي ڪمپائونڊر گوريون ڏنيون ۽ سُئي هنئي پر بخار رهيو. وچينءَ مهل ڪوٽ ڪڙا بند ٿيڻ کانپوءِ نئون جوابدار عبدالجبار منهنجي ڀرسان اچي ويٺو ۽ مون کي زور ڏيڻ لڳو. ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون ڪري پوءِ پنهنجو قصو ٻُڌايائين (هونئن به عام قيدي پنهنجي واردات جو قصو ضرور ٻُڌائيندو آهي):
    “ڪچي ۾ ويٺا آهيون. مسڪين مارو ماڻهو آهيون. پر در تي ٻه ٽي ڍڳيون آهن. ٻه ٻارا زمين جا به آهن. تنهن کان سواءِ بابا پڙهيل آهي. مسيت ۾ امامتون ڪري، شڪر آهي. بک ڪانهي. بابا جي آسپاس گهڻي عزت آهي. بي گيرت جو دشمن آهي. ‘چي زال ذات جو سَڳي سَوٽَ کي به منهن پوڻ جو ضرور ڪونهي.’ هوڏانهن چاچا مون وارا بي گيرت، چاچا ڇا، سڄو ڳوٺ بي گيرت! رنون مرد گڏجيو کِل جو ٺڪاءُ لڳايو ويٺا آهن. ڳوٺ ۾ رانديون پيون ٿين. ڪافيون پيون ڳائجن. ڇوريون ڇورا گڏ پيا پڙهن پاسي واري اسڪول ۾. مطلب ته ٺٺري متي پئي هئي. بابا گهڻو ئي سمجهاين، پر هو هڪڙو ماڻهو ۽ هوڏانهن بيگيرتن جو سڄو راڄ.... بابا ڪاوڙجي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو. وڃي ٻئي پاسي جي مسيت ۾ امام ٿيو. ٻه ٽي سال اتي رهياسين. منهنجي چاچي کي ٽي ڌيئون ۽ هڪڙو ننڍڙو پٽ هو. سڀني کي وڌائين اسڪول ۾. ڌيئرون به ته پٽ به. ٻن ٽن سالن ۾ وڏي اچي ساماڻي ۽ اچي مئٽنگ (مئٽرڪ) کي هٿ وڌائين. ننڍي به اچي اٺين درجي کي رسي. بابا چيو ته، جي اها مئٽنگ پاس ڪيائين ته ڪم ويو هٿان. سو هڪڙي ڏينهن وري لڏي اچي ڳوٺ سهڙياسين ۽ اچڻ شرط وڏيءَ ٻانهن جي گهُر ڪئي سون. پر هو چون ته، ‘اسين ڪو هن شڪاريءَ کي ڏينداسين ڇا؟ اسان جي ڌيءَ لکن جي مٽ. هيءُ سڄو ڏينهن رڳو ٽوڙهو هٿ ۾ کڻيو، وڙهه وڙهان ڪندو وتي، تنهن کي ڪو اسين پنهنجي مومل ڌيءَ ڏينداسين ڇا؟’
    “ماڻهن ۾ اڄڪلهه شرم ڏسو ٿا ڪهڙو وڃي رهيو آهي! ڏهه گهوٽ سنڀريا بيٺا هئا. ڀلا ٻانهن به هئي ٻين ڳوٺ وارين کي آرکاڻن ۽ منهن مهانڊي ۾ ڪجهه سرس، ٻيو هجي پڙهيل، سو سڀ ڪو رن لاءِ ٽُورو ٿيو بيهيو رهي. هوءَ به مون لاءِ چوي ته، “آءٌ هن جي چم مان جُتي به نه گهڙايان.”
    “اسان به چيو ته، مرندي مري وينداسون، پر پنهنجو حق ڪونه ڇڏينداسون. مون چيو ته، ‘جيڪو مائيءَ جو لال سر تان آسرو کڻي، سو اچي ٻانهن جو دعويدار ٿئي.’ هوڏانهن بابا راڄ گڏ ڪري وڌا. هيڏانهن ڪهاڙي منهنجي هٿ ۾. هو بکيا ماڻهو، جيڪي گهر ۾ هئن، سو ڇوريون، ڇورو پڙهائڻ تي دڦ ڪري ڇڏيائون. اٽي لاءِ به لاچار هئا. اسان وٽ چار داڻا هئا. قصو ڪوتاهه، اسان وڏيرا ننڍيرا مولوي مڙا سڀ ٺاهي ورتا. ڏنڊي جو به ٽيڪڙو هو. مون کي سڀني سڃاتو ٿي ته ڪونه مُڙندو. سڀني جي حشمت وٺجي وئي. سڱ جا گهورا هڪڙو هڪڙو ٿي وڃي ڪک پن ٿيا. ڪُسندي ڪُسندي نيٺ سڱ ڏنائون. مون شادي ڪرڻ شرط زال کي نئين سريل ڪهاڙي ڏيکاري چيو، “هيءَ خاص تو لاءِ آهي، سڀ اڳيان پويان حساب ٿيندا! هڪڙي ڏينهن توکي هن هٿان مرڻو آهي، تيار ٿي ويٺي هُج! ٻي ڳالهه ته منهنجي پيءُ جو چيو متان ٽاريو اٿئي. جي بابا چونئي ته سڄو ڏينهن ڪاڙهي ۾ بيٺل هُج ته توکي بيهڻو آهي. بي گيرت گهر پٺيان ڇڏي آئي آهين. هاڻ توکي هتان ٻاهر نڪرڻو ئي ناهي!”
    “پهرين ٻه ٽي عيدون مائٽن جي گهر ڇڏيومانس، پر پوءِ يڪو بند ڪري ڇڏيومانس. ڪهڙو فائدو؟ پڻس ڏاڙهي کڻي آيو عيد تي وٺي وڃڻ لاءِ، پر مون بي عزتو ڪري ڪڍي ڇڏيومانس.
    “ڏٺم ته هتي هي بي گيرت روز بروز ٽُورا ٿي بيٺا هوندا. سو مورڳو لڏي وڃي ٻئي طرف کان نڪتاسين ۽ شهر ۾ وڃي رهياسين. بابا شهر جي مسيت ۾ پيش امام ٿيو. وقت خير جو پئي گذريو. اڀرو سڀرو گذر پئي ٿيو. پاڙي جي هڪڙي ماڻهوءَ سان منهنجو ڪجهه عشقڙو به ٿي ويو. ٻه ٽي مهينا ته وقت خير جو مزي سان گذريو، پر پوءِ هڪڙي ڏينهن اهو ماڻهو مون وٽان موٽندي پڪڙجي پيو. مڙس مٿو ڪوڙي، طلاق ڏئي، گهر مان ڪڍي ڇڏيس. روئندي مائٽن هلي وئي. چيوسين ته مولا وري ڪا ٻي ڏياريندو. ڇا ڪجي سائين؟ توهان ته داناءُ آهيو! زال ڀلي کڻي سون جي هجي، ته به مرد جي دل چوندي ته ڪجهه سواد مٽائجي ته چڱو آهي. زال مون واريءَ جي منهنجي اڳيان مرلي بند هئي. اکئين پئي ڏسندي هئي ته به ڪُڇڻ جي جرئت ڪانه ٿيندي هيس. اصل مِيس مُئل هيس. هڪڙي هڪل ڪندو هوسانس ته بدن ۾ رڦڻي وٺي ويندي هيس. ڇا جو حُسن، ڇا جو علم؟ پنهنجي اڳيان سڀ ڦلهيار هئا. خدا جي حڪم سان ان وچ ۾ ڇوڪرو ڄائو هو. سو به اچي چئن پنجن سالن جو ٿيو. نياڻي ڄائي سا به ٻن سالن جي ٿي.
    “رمضان جي پڇاڙي هجي. هڪ ڏينهن اوچتو وٺي سُر کنيائين ته: “مون کي مائٽ ڏاڍا ياد ٿا پون. مون کي هن عيد تي ڳوٺ وٺي هل.” آخر گهر آهي. مار موچڙو پيو ٿيندو آهي. اڳي خَسِيس ڳالهه تان سٽي ڍير ڪري ڇڏيندو هومانس ته اهڙو ڪُڇي جهڙي ڀِت. پر هن دفعي هڪڙي لٺ هنئي مانس ته وٺي گهوڙا گهوڙا ڪيائين. ڪهاڙي ڪنڌ تي رکي مانس، ته به ماٺ نه ڪري. شهر جهڙي ڳالهه! سڄو پاڙو اچي گڏ ٿيو. ابا خبر ٻڌي ته ڏاڍو ڪاوڙيو. چي: “توکان هڪڙي رن سڌي نٿي ٿئي. هن خواريءَ کان چڱو آهي ته ڇڏي اچينس مائٽن ۾!” آخر چيم ته ڪجهه هيٺاهينءَ کان ڪم وٺي ڏسجي. چيومانس: “رحمت! ڳالهه ٻُڌ! (نالو رحمت هئس) چڱو هينئر ٺهيو! ايندڙ حج جي عيد تي توکي مائٽن ۾ وٺي هلندس. تولاءِ ۽ ٻارن لاءِ ڪپڙا به سبايون. ڪنهن حال ۾ ته ٿي هلون. ماڻهو ڇا چوندا؟” پر هوءَ ڪا مڃي ڇا؟ چيائين: “ڇا به ٿي پوي، مون کي مائٽ ياد ٿا پون. مون کان هڪ گهڙي به هت گهارڻ ڪونه ٿيندو. ڀلي ڌڪ هڻي ماري وجهينم ته ماري وجهه.”
    “دل ۾ خيال ڪيم ته هيءُ قصو هاڻ نه هلندو. گيرت جي ڳالهه آهي. رن هيئن ڇڙواڳ ٿي ۽ جيڪر هيئن ڊپ ڇڏيائين ته پوءِ گهر نه ڪندي. کڻي هزار حملا ڪبا ته به هن جو هينئر هيترن سالن کان پوءِ ڊپ ڇڏي وات کوليو آهي، سا مُئي مارائي بنا ماٺ ڪانه ڪندي ۽ بي گيرت ٿي مري وڃبو.
    “سو نيٺ ڇوڪري کنيم ڪڇ تي. چيومانس: “تيار ٿي ته هلون! تو کٽيو مون هارايو!” ستاويهينءَ جو روزو هجي شب قدر جو. ابا ۽ پٽ کي گهر ڇڏي، ٻئي روانا ٿياسون.
    “لاريءَ رستي پنڌ پندرهن سورهن ميل هو، پر وچان ڪچي مان ڇهه ست ميل هو. چيومانس، ‘گريب ماڻهو، ڀاڙو به بچندو، پهچنداسين به تڪڙا. وچان ٿا پنڌ هلون.’
    “هوءَ ته ويهه ڪوهه ڪرڻ لاءِ به تيار بيٺي هئي. ٽڙي گل ٿي پئي. منٽ ڪرائي ورتائين. ڪپڙن جي هڙ ٻڌي کڻي کنيائين. گَس مون کي ساريل هو. واٽ تي اڌ پنڌ گهاٽو جهنگ هو. اتي پهتاسون ته ڏينهن گهڻو تپي ويو هو. چيومانس: “ڪجهه وقت ترسي ڏينهن ٺاري، پوءِ نڪرنداسين.”
    چؤطرف سُڃ لڳي پئي هئي. ٻئي ليٽي پياسين. ننڍڙي ڌيءَ به جلدي سمهي رهي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جڏهن ڏٺم ته جوڻم جي اک لڳي وئي آهي، تڏهن وڃي مٿان ڪڙڪيومانس. اکيون ڦوٽارجي پيس، گهڻو ئي زور ڏنائين پر مڙس جي اڳيان زال جي ڇا هلندي. مون ٻي ڪار ڪانه ڪئي. نڙگهٽ مان کڻي ورتومانس. ٿڙي ڦٿڙي پر وات مان اکر به ڪونه ڪڍي سگهي. آخر لڇندي ڦٿڪندي، نستي ۽ بي جان ٿي وئي. جڏهن پڪ ٿيم ته هاڻ پوري ٿي وئي آهي، تڏهن وڃي نڙيءَ مان هٿ ڪڍيامانس.
    ڌيءَ کي کڻي واپس شهر ورڻ لڳس. اڃا ٿورو اڳتي هليس ته ويچار آيم ته، ‘جي منجهس ڪو ساهه رهجي ويو هجي ته پوءِ؟ سنئين سڌي ڦاسي کارائي ڇڏيندي!’ سو خاطري ڪرڻ لاءِ موٽي ويس. ڏسان ته کڻي سچ پچ اکيون کوليو پئي آهي! اکين مان ڳوڙها پيا وهنس. مون کي ڏسي، دهلجي سُسي وئي. ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر وات مان اکر به ڪونه اُڪلي سگهيس. آهستي آهستي ٻانهون مٿي ڪري، مون کي کڻي ٻانهون ٻڌائين ۽ معافيون گهرڻ لڳي، پر هاڻي آءُ ڪٿي ٿو ڇڏيانس! ڇاتيءَ تي چڙهي ويٺومانس. اڌ ڪلاڪ سڄو گهُٽا ڏيندو رهيومانس. پوءِ ڪيتريءَ دير تائين سندس نبض جاچي، جڏهن پڪ ڪيم ته صفا ختم ٿي وئي آهي، تڏهن کيس ڇڏيم ۽ ڌيءَ کڻي، گهر ڇڏي، وڃي ٿاڻي تي پاڻهي پيش ٿيس.
    “هڪ پوليس واري ٿوري ٽرٽر ڪئي، پر صوبيدار چيس، “بس ڪر! گيرت وارو آهي. گيرت ۾ آيو آهي. اکر به نه چئينس.”
    “پوءِ ڏاڍيءَ عزت سان مون کي لاڪپ ۾ رکيائون. ان وچ ۾ ڏاڍا مينهن پئجي ويا. چوٿين پنجين ڏينهن واردات واري هنڌ تي وٺي هليا. سڄو جهنگ پاڻي ٿيو پيو هو. لاش ۾ هٿ وڌائون ته ڀَتَ ٿيو پيو هو. ڇڪي کڻڻ سان عضوا ڇڪجي ڌار ٿي پيا.
    “ٻيا ماڻهو ڪيسن ۾ سالن جا سال ڪچا پيا سور چرندا آهن. مون پهرئين ڏينهن درخواست لکائي ڏني ته آءٌ جڏهن قبولدار آهيان ته پوءِ منهنجو ڪيس هڪدم هلائي مون کي جيڪا انصافي انصاف سزا هجي، سا ڏني وڃي. ائين يڪدم منهنجو ڪيس کڄي ويو ۽ پهرينءَ شنوائيءَ تي فيصلو ٿي ويو.
    “هاڻ پُٽڙو جيل جي ڊاڪٽر جي گهر ڇڏيو اٿم ڪم ڪار لاءِ، ان جا چاليهه روپيا مهينو مليم. ٽوپيون ٺاهيان، سؤ کن انهن مان به نڪري. باقي ڇهه مهينا سال آهي. ويندو وقت خير جو گذري.”
    مون پڇيس ته،“ٻاهر نڪري ڇا ڪندين؟”
    “ٻاهر ضرور ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪبو، پر اول گهر جو خيال ڪبو. گهر ۾ زال هجڻ ضروري آهي، زال بنا گهر برباد آهي.”
    مون چيس، “توکي هاڻ هن ڳالهه کان پوءِ ماڻهو سڱ ڏيندا؟”
    چيائين: “ڇو نه ڏيندا؟ هونئن به مون کي ٻين ماڻهن جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ڪهڙي لوڙهه آهي؟ منهنجي سوٽ ويٺي آهي. اڳينءَ زال جي ڀيڻ پڙهي پئي. مئٽنگ پاس ڪئي اٿس. مون اڳئي نياپا ڏياري موڪليا آهن ته ان کي جيڪو ويجهو ويندو، سو پنهنجي سر جو خير نه سمجهي. ويچارا اڳ ۾ ئي مئل ماڻهو آهن. منهنجي هڪل ٻُڌندا ته مُٽ نڪري ايندن. مجال آهي جو انڪار ڪن. ائين سائين تڪبر ڪونهي، پر پنهنجون پرپٺ رڙيون آهن!”
    چيومانس: “هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. جيڪا حقيقت ٿي گذري، جي اُها تو پوليس يا ڪورٽ کي جيئن جو تيئن ٻُڌائي هوندي ته پوءِ دُنِيا جا ڪابه ڪورٽ توکي ايتري ٿورڙي سزا ڏيئي، ڇڏي ڪانه سگهندي. هوءَ چوندي هي سنئون سڌو قتل آهي. غيرت ٻيرت ڪابه ڪانهي. پوءِ توکي ڪورٽ ڪيئن ههڙيءَ آسانيءَ سان ڇڏيو؟”
    هو عجيب نموني کِليو ۽ پوءِ چيائين: “سائين، اوهين هاڻ باليسٽر وڪيل آهيو، اسان اوهان جي اڳيان بي سمجهه ٻار آهيون، پر ايترو عقل اسان بي عقلن ۾ به آهي ته ان ڳالهه ۾ ڦاسي کائي وڃبي. مڙيئي ڳالهه کي وٽ سٽ ڏيئي جان ڇڏائڻي ٿي پوي....”
    آخر اهو وٽ سٽ به ٻُڌايائين، “ڪورٽ کي ٻُڌايم ته واردات واري ڏينهن زال ۽ ڌيءَ کي آءٌ اتي ويهاري، پاسي واري ڳوٺ مان پاڻي کڻڻ ويس ته متان واٽ ۾ سج لهي وڃي ته پوءِ حال روزو ته کوليون جو پوءِ اڳيان ڪا وسندي ڪانه هئي، نڪو پاڻي هو. چڱو اڳتي نڪري ويس ته واٽ تي خيال آيم ته، ‘زال ڀروسي جهڙي ڪانهي. اڳ هڪڙي ماڻهوءَ بابت مون کي مٿس شڪ هو. سوچيم ته متان ان کي ٽئم ڏيئي گهرايو هجيس ۽ ڪا خرابي ٿي پئي. تنهن ڪري. کڻي سويل ڀرو ٿا نڪرون ته تڪڙو وڃي ڳوٺ پهچون.’ واپس اچي ڏسان ته اهو ماڻهو واقعي وٽس اعتراض جوڳيءَ حالت ۾ ويٺو آهي. مون کي ڏسي اهو وٺي ڀڳو. مون کان پڪڙيو نه ٿيو. باقي زال کي گيرت وچان ڪاوڙ مان وٺي گهوگها ڏنم ته اتفاق سان ڳچ زور اچي ويس ۽ اتفاقي نموني مري پئي.”
    “هاڻ سمجهيم.” مون کيس ورندي ڏني. دل ۾ اها ڳالهه به سمجهي ويس، جيڪا اڳ مون کي منجهس نظر ته آئي ٿي، پر سمجهه ۾ نٿي آئي.
    وڏن جيلن ۾ قتل جي ڏوهه جا مجرم الاهي هوندا آهن. گهڻا پاڻ باسيندا آهن ته اسان برابر قتل ڪيا، هنن هنن حالتن ۾، پر اهي ذر گهٽ سموري جا سمورا اتفاقي قاتل هوندا آهن، جيڪي هيڪاندي جوش ۽ حالتن جي مجبورين وچان قتل ڪري وجهندا آهن. هونئن هو بلڪل تو مون جهڙا عام رواجي ماڻهو هوندا آهن. منجهانئن ڪيترا اٻوجهه، سادا سودا، وفادار، نرم دل ۽ غريب طبيعت جا هوندا آهن. ڪي ڪي ته نهايت اعليٰ ۽ لاجواب انسان به هوندا آهن، پر رڳو مجبوريءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن.
    هاڻ مون سمجهي ورتو ته نئون جوابدار هڪ سنئون سڌو قاتل صفت انسان آهي، جيڪو ڏاڍي آرام ۽ وڏيءَ قابليت سان ڪنهن جي به نڙي وڍي سگهي ٿو.
    ان ڏينهن پهريون ڀيرو مون پنهنجي هڪ قيدي ساٿيءَ بابت سوچيو ته، هن کي پوري سزا ملڻ کپي ها. ان ڏينهن ئي پهريون دفعو مون کي هڪڙي قيدي ساٿيءَ کان سچ پچ ڊپ لڳو هو. سوچيم ته، “ههڙو ماڻهو ڪنهن کي به گهُٽو ڏئي، ماري، معصوم بڻجي، چالاڪيءَ سان ڪونه ڪو بهانو ڏئي، سڀني جي اکين ۾ سُرمو پائي، ڏيڍ سال جي ٽيپ ڪاٽي پاڻ کي صاف بچائي سگهي ٿو.”
    انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ سنڌي رسالي تي هڪ ويٽنامي ڇوڪريءَ جي تصوير ڇپي هئي. انهيءَ جواڻ جماڻ ۽ ٺاهوڪيءَ ڇوڪريءَ جي مٿي تي ڪکن مان ٺهيل ٽوپلو هو. هنج ۾ ٻار هئس ۽ هٿ ۾ رائيفل. هوءَ ڪنهن گوريلا دستي جي ڪمانڊر هئي.

    (3)

    رات پئجي وئي. ٻاهر طوفاني هوا پئي لڳي. دروازن جا ڪلف پئي لُڏيا ۽ ڪڙن ٺڪ ٺڪ پئي ڪئي. ان رات گهڻي عرصي کان پوءِ مون هڪ خواب ڏٺو. ڏٺم ته ان تصوير ۾ ڏنل ٽوپلي واري ويٽنامي ڇوڪريءَ جهڙي سنهڙي ۽ سهڻي ڇوڪري ٻن ٽن گوريلن جهڙن هٿياربندن سان گڏ دروازي تي اچي بيٺي. در کي اشارو ڪيائين ته دروازو پاڻهي کُلي پيو. سندس لباس ويٽنامي هو. ٽوپلو ۽ رائيفل به ساڳي هيس. فقط منهن مهانڊي مان سنڌياڻي پئي لڳي. مون هڪدم کيس سڃاتو! هوءَ سامهون پٽ تي سُتل بڇڙيءَ شڪل واري خونيءَ جي سدا ملوڪ زال رحمت هئي. هن وڌي اچي ڪڇ تان ڌيءَ کي لاهي، پٽ تي ويهاريو ۽ رائيفل ٻيءَ گوريلي کي جهلڻ لاءِ ڏنائين. پوءِ پٽ تي ستل جوابدار جي ڇاتيءَ تي چڙهي کيس گهُٽا ڏيڻ لڳي. هن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ گهڻائي زور ڏنا، پر ڇڏائي ڪونه سگهيو. آخر ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڌو ٿي ويو.
    گوريلي ڪمانڊرياڻي ڌيءَ کڻي، رائيفل ڪلهي تي لٽڪائي، ٻين گوريلن سميت واپس هلي وئي. در دروازا ۽ ڪلف ڪڙا ازخود بند ٿي ويا. ايتري ۾ گهُٽا ڏنل ماڻهوءَ آهستي آهستي اکيون کوليون. سندس اکين مان ڳوڙها پئي وهيا! اوچتو دروازو وري به بنان آواز جي کُلي پيو. گوريلا ڪمانڊرياڻي وري پنهنجي دستي سميت ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ هن کي جيئرو ڏسي ڏانهس وڌي. هن روئي، هٿ ٻڌي، کانئس جان جي بخشش گهري. هوءَ ٻه منٽ کيس قهر وچان گهوريندي رهي. پوءِ هڪڙي اٿاهه نفرت ۽ حقارت ڀريل نظر مٿس اُڇلائي، اڳتي وڌي، ڌيءَ کي کنيائين ۽ رائيفل ڪلهي تي رکي، پنهنجي دستي سميت واپس رواني ٿي وئي. در دروازا چپ چاپ وري پاڻهي بند ٿي ويا.
    سجاڳ ٿيس ته ڏٺم ته منهنجو بدن سڄو پگهريل هو. هيٺ نمي ڏٺم ته جوابدار سُتو پيو هو.
    ڪجهه ڏينهن تمام نهٺو، اشراف ۽ غريبڙو ٿي هليو. هڪڙي ڏينهن ماني پچائڻ واري برداشتيءَ کي ٻُڌايم ته، “جوابدار چئي ٿو مون لاءِ فلاڻي (منهنجي نالي) جي ٻوڙ مان الڳ ٻوڙ ڪڍي رکندو ڪر. مان اوهان سان گڏ نه کائيندس.” برداشتي حد درجي جو اشراف ۽ مڙس ماڻهو هو. پنهنجي وات تان لاهي ٻئي گهُرجائوءَ کي ڏيڻ وارو. مون کيس چيو ته ڇڏي ڏينس!”
    اڃا ٻه ٽي ڏينهن مس گذريا ته برداشتي وري آيو. چي، “سائين! هاڻ مون کي هتان بدلي ڪرايو!”
    “خير!؟”
    “سائين! آءٌ ويٺو اخبار پڙهان ته هي ڊوڙ ڪري قرآن شريف کڻيو، اچيو منهنجي مٿان بيهي ۽ اهو ڪچو پڪو زور زور سان پڙهي. آءٌ ڇا ڪريان؟ روڪيانس ته قرآن شريف جي تلاوت نه ڪر، يا ٿورو هٽي ڪنڊ ۾ ويهي ڪر! هن جو مطلب ئي اهو ٿو ڏسجي ته مان اتفاق سان وات مان اهڙوگُٿو اکر ڪڍي وجهان، جو هو سڄي جيل ۾ وٺي هُلائي ته، “مون کي فلاڻو قرآن شريف جي تلاوت ئي نٿو ڪرڻ ڏئي! پوءِ ته آءٌ تباهه ٿي ويس نه!”
    مس مس ڪري اهو جوابدار بدلي ڪرايم. دل ۾ چيم ته ‘ٿي ٿِي بيمار ٿينداسون، سر جو خطرو ته نه رهندو!’
    ان ڳالهه کي سال کن ٿي ويو. آءٌ تنهن وچ ۾ بدلي ٿي سينٽرل جي.... آيل هئس. پهريائين پاڻ ۾ ولر مڙسن جو هئاسون. هاڻ گهٽجي گهٽجي باقي ڇهه ڄڻا رهياسون. ٻه وڪيل هئاسون، ٽي شاگرد هئا، هڪ غيرسياسي بِي ڪلاسي قيدي هو.
    .... .... ....
    جيل ۾ يا آهي ڪم ۽ موچڙو، يا آهن افواهه، اونڌيون سڌيون ڳالهيون ڀوڳ ٺڪاءُ، راڳ روپ جون محفلون وغيره.
    هن جيل ۾ عبدالجبار بابت اُبتڙ افواهه پئي هليا. هڪ افواهه هليو ته عبدالجبار قيد مان ڇُٽي ويو ۽ ويندي شرط شادي ڪئي هئائين ۽ ٻيءَ زال کي به غيرت ۾ قتل ڪري هاڻ وري جيل ۾ پيو آهي. ٻين چيو ته، “نه، زال نه، ڪو ٻيو ماڻهو ماريو اٿس.” ٽئين چيو ته، “مورڳو ٻيءَ زال کيس ئي ماري ڇڏيو.” تصديق ڪانه ٿي سگهي ته ڪهڙو افواهه سچو هو. اسپيشل وارڊ جهڙن وارڊن ۾ بنيادي ڳالهيون ته هونديون آهن سياسي. رات ڏينهن بحث مباحثي جي ڌم لڳل هوندي آهي. ٿوري ٿوريءَ ڳالهه تي ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. هر ڳالهه ڄڻ حياتيءَ موت جو سوال لڳندي آهي، پر آهستي آهستي ڪي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهين وسيلي ٺهي ويندا آهن. پوءِ ذاتي ڳالهين جا سلسلا به نڪري پوندا آهن. ساڳيا ماڻهو سياسي ڳالهه ٻولهه مهل هڪٻئي جا سخت مخالف ڏسبا ۽ وري جڏهن اها ڳالهه پوري ٿي ته پاڻ ۾ قرب واريون ڪچهريون پيا ڪندا ۽ گهر گهاٽ توڙي هوند اڻ هوند جا ڏک سور پيا اوريندا. مطلب ته ٻئي ڪم گڏ پيا هلندا آهن. آهستي آهستي ماڻهو هڪٻئي جي حال احوال کان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڳچ جيترو واقف ٿي ويندا آهن.
    اسين باقي رهيل ڇهه ئي ڄڻا آهستي آهستي پاڻ ۾ ٺهي ويا هئاسون. خيال هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا پر ڪيترين ڳالهين ۾ هڪٻئي جا هڏڏوکي ٿي ويا هئاسون.
    محمد علي خون جي ڪيس ۾ هو، ضامن نه ٿي ٿيس. ٻيو انور هو. بي.اي فائنل پڙهندڙ سهڻو جوان، جنهن جي ڳوٺ ۾ سڱاوتيءَ تان مائٽن ۾ تفرقو هو. سندس شادي جتان ٿيڻي هئي اتان نه ٿي. خانداني جهيڙن سبب راڄ ۾ ٻيو ڪٿان به آسرو ڪونه هئس. ايڏي پهچ ۽ آمدني ڪانه هيس، جو ٻاهران سڱ مليس. سندس خيال تمام سُٺا هئا. پڙهائيءَ جو به گهڻو شوق هوندو هئس. مون وٽ جيڪي چاليهارو کن چڱڙا ڪتاب هئا، تن مان ورلي ڇڏيو هئائين. مطلب ته انور ڏاڍو ڀلو ۽ ڪارائتو جوان هو.
    ٻئي شاگرد جمال جي ماءُ سخت بيمار هئي، معافي وٺڻ کان سواءِ نٿي نڪري سگهيو. معافيءَ لاءِ هو تيار نه هو. هيڏانهن منهنجا ڪيس رُلي دربدر ٿي ويا هئا ۽ وڪالت ختم ٿي وئي هئي. مطلب ته هرڪو هڪٻئي جي مسئلن ۽ عادتن کان واقف هو.
    هڪڙيءَ بهار جي مند ۾ شام جي مهل هئي. دروازا ۽ ڪلف ڪڙا بند ٿيڻ ۾ اڃا ٻه ٽي ڪلاڪ هئا. ڏاڍي وڻندڙ ۽ خمار ڏيندڙ هوا پئي لڳي. اڱڻ ۾ موتئي ۽ گلاب جي گلن جي هٻڪار من کي آزاد فضائن لاءِ آتو پئي ڪيو. سرور جيلر به اچي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو. بحث هلي هلي وڃي فلسفياڻين ڳالهين، تقدير ۽ تدبير، ٿيڻي اڻ ٿيڻي، اتفاق يا قسمت جي لکئي جهڙن موضوعن تي پهتو. سرور تمام سُريلو جوان هو ۽ قيدين کي به انسان سمجهڻ وارن اڻلڀ جيلرن منجهان هڪ هو. وڏي جوش خروش سان بحث ۾ حصو وٺندي چيائين: “سائين، توهان چيو ته ڪيتريون اڻ ٿيڻيون ڳالهيون رڳو ظاهري طرح اڻ ٿيڻيون هونديون آهن، ٿورين وڌيڪ سازگار حالتن ملڻ سان اهي ٿيڻيون ۽ ممڪن ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، مثال ڏيو؟”
    چيم: “مثال طور پاڻ هتي ست ڄڻا ويٺا آهيون. پاڻ ست ئي ڄڻا جيڪڏهن هن نيڪ نيتيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي اعليٰ آدرشن جي ڪري پاڻ ۾ ٻڌي ڪري پنهنجا سمورا وسيلا اورچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان ڪتب آڻڻ جو پڪو پهه ڪريون، ته پاڻ هتي جيل اندر بند هوندي به، ڪئين انساني زندگيون بچائي سگهون ٿا. فرض ڪريو ته هتي ڪو لاوارث قيدي آهي. هو بيگناهه آهي پر ڪيس مٿس سورهن آنا بيهي ويو آهي ۽ گهڻو ڪري سزا کائيندو. هاڻ پاڻ هتي ويٺل ماڻهو هن جيل سارو ۽ پنهنجي پنهنجي حال سارو ويهن ئي ننهن جو زور لڳايون ته گهڻو ڪري پاڻ کيس بچائي وٺنداسين.
    “جي اهو قبولدار هجي ته پوءِ؟” سرور پڇيو.
    چيم، “زوريءَ ورتل قبولداريءَ تان ڦري به سگهي ٿو. ڪيترين ئي حالتن ۾ ڪورٽون به اهڙيءَ قبولداريءَ کي رد ڪري ڇڏينديون آهن.”
    سرور هڪ مٿان ٻيو سوال ڪندو رهيو، “پر جي جوابدار قبوليت تان نه ڦري، تڏهن؟ جي ڦرڻ لاءِ تيار ئي نه هجي ۽ چوي ته مون بدلو ورتو آهي، ته پوءِ ڇا ڪري سگهبو؟”
    مون چيو، “گهڻا گهڻا سال اڳ وڪالت جي شروعاتي دؤر ۾ هڪڙو اهڙو همراهه مون کي به گڏيو هو. غريب هو، پاڻ وڪيل ڪونه ٿي ڪري سگهيو. سو آءٌ سرڪار طرفان مقرر ٿيل Pauper’s Advocate يعني مفلس جوابدار جو نالي ماتر سرڪاري فيءَ تي مقرر ٿيل خيراتي وڪيل ٿيو هئس.
    “چيومانس ته چئو ته ‘مون زال وٽان هڪڙو شڪي ماڻهو ڀڄندي ڏٺو هو، تنهن ڪري اوچتي ڪاوڙ وچان پٽ تي پيل بصر وڍڻ جي ڇري کڻي هڻي ڪڍيمانس.’ ته چئي ته، ‘نه سائين، نه! مون کي شڪ هو، ان ڪري آءٌ ڪماڪمي ڪري بازار مان نئون ڇرو وٺي آيس کيس مارڻ لاءِ. گهر آيس ته سُتي پئي هئي... اڪيلي اڪيلي. ڇرو نڙيءَ تي رکي، نڙي وڍي رکيمانس. ماڻهو ٻاڻهو ان مهل نه ڪو هو نه ئي ڪو ڀڳو!’ اها ڳالهه ٻُڌي مون کيس ڊيڄاريو، دڙڪا ڏنامانس، پوليس وارن کي منٿ ڪري گهوگها ڏياري، کيس ٻُڌايم ته ڦاسيءَ مهل هنن کان به سخت گهوگها ملنديءِ، پر سهي جون ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪانه! چئي، ‘سائين! مون ڏوهه ڪيو آهي، ڀل ته مون کي سزا ملي! آءٌ مئيءَ زال تي ڪوڙ ڪيئن وجهان ته مون وٽانئس ماڻهو ڀڄندي ڏٺو ۽ بصر وڍڻ جي ڇريءَ سان کيس اوچتو ماري ڇڏيم؟’
    “ڪورٽ ۾ بيان مهل مون اُٿي سندس پاران سندس فائدي ۾ بيان ڏنو پر هو به اُٿي بيٺو ۽ ڳالهائڻ جي موڪل گهريائين. سيشن جج کيس ڳالهائڻ جي موڪل ڏني. چيائين: ‘سائين، وڪيل صاحب کي شابس هجي! منهنجي ڀلي لاءِ ٿو ڪري، پر مون خون ڪيو آهي. نڪو ماڻهو نڪو ڇيڻو، نڪو بصر نڪا ٿوم، حڪما حڪميءَ ڪُٺو اٿمانس. تون انصاف ڪر.’
    مون درخواست ڏني ته منهنجو جوابدار اصيل چريو آهي. سيشن ڪورٽ سول سرجن ڏانهن موڪليس. ان لِکي موڪليو ته سورنهن آنا سنئون آهي. سيشن جج کي هن جي ايمانداريءَ سان گهڻي ئي همدردي پر سندس هٿ ٻڌل. سزا ڏنائين- ڦاسي. هاءِ ڪورٽ جو به سزا بحال لاءِ هٿ چيو نه ڪري. اسپيشل طبي بورڊ ويهاريائون پر انهن به چيو، ‘سنئون آهي.’ لاچار انهن به ڦاسي بحال رکي ۽ همراهه ايمانداريءَ جا ڪلما ڀريندو ڦاسي چڙهي ويو.... اهڙا ماڻهو پيا آهن، پر بنهه خاص حالتن کي ڇڏي عام حالتن ۾ قبولداريءَ تي محڪم بيٺل ۽ ‘سزا! سزا!’ ڪندڙ بي گناهه ماڻهن کي به بچائي سگهجي ٿو. بشرطيڪ ڪجهه هڏڏوکي ماڻهو گڏجي سندس پُرخلوص ۽ ڀرپور مدد ڪن....”
    ايتري ۾ سرور کي سڏ ٿيو. هو هليو ويو. بحث سندس پرپٺ هلندو رهيو.

    (4)

    هڪڙي ڏينهن ڪنهن ڪم سان ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ويٺو هئس. سرور جيلر به پاسي ۾ ويٺو هو. ڊپٽيءَ کي وڏي سپرنٽينڊنٽ گهرايو. سو مٿي هليو ويو. اسين ويٺا رهياسين. ڪنهن مهل سرور ٿورڙو نمي، مون کي ڪن ۾ چيو، “سائين، ڀلا ههڙي ماڻهوءَ کي مرڻ گهرجي يا جيئرو رهڻ گهرجي؟” مون اوڏانهن لوڻو هنيو، جيڏانهن نهاريندي هن اها ڳالهه چئي هئي. هڪ سنترياڻيءَ سان گڏ هوءَ بيٺي هئي. ڪي گهڙيون منهنجون اکيون حيرانيءَ سان تڪينديون رهيون. اڄ ڏينهن تائين ڪوبه اهو فيصلو ڪري ڪونه سگهيو آهي ته اصل ۾ حُسن ڇا مان بڻجي ٿو؟ حُسن ڇا آهي؟ حُسن جا ڪُل گهڻا قسم آهن؟ گهڻيون جنسون آهن؟ حُسن ڇا ۾ آهي؟ اکين ۾؟ نڪ ۾؟ هٿن پيرن ۾، يا چپن ۾؟ ٻيو ڪٿي ڪٿي؟ شخصيت جي مجموعي تاثر ۾؟ ڪنهن فارسي شاعر سچ چيو آهي ته: “سهڻن جون ڪئين ادائون اهڙيون آهن، جن تي ڪو نالو رکيل ڪونهي.”
    منهنجون اکيون جتي هيون اتي اٽڪي بيهي رهيون.
    واڱڻائي ڇيٽ جي چولي، سُٿڻ، ڪاري پوتيءَ ۾ سادي سودي چمپل ۾ هوءَ سورهن سترهن ورهين جي هڪڙي اهڙي ڇوڪري هئي، جنهن جا هٿ، پير، نڪ، اکيون عام ڇوڪرين جهڙا يا انهن کان ڪجهه چڱڙا هئا، پر سندس بيهڻ ۽ نهارڻ جو انداز، سندس سموري جسم ۽ چهري مان بکندڙ سندس ذهني ۽ جذباتي شخصيت جو اثر، جادوءَ جو حڪم رکندڙ هو. الائي نئين قيد ٿي آئي هئي يا شنوائيءَ تان موٽي هئي يا الائي پيشي هيس. (جيل ۾ ڪو ڏوهه ڪبو آهي ته وڏي صاحب اڳيان سزا لاءِ وٺي ايندا آهن. اها ٿي پيشي.)
    سرور پڇيو، “سائين! ڪهڙي دُنِيا ۾ آهيو؟ سوال جو جواب ڪونه ڏنوَ؟”
    مون چيو: “ڪهڙو سوال؟... ها.... نه، هن کي جيئرو رهڻ گهرجي!”
    سرور چيو، “مون انهيءَ جي ڳالهه ٿي ڪئي تنهن ڏينهن. مڙس ماريو اٿس. چئي ٿي مون برابر ماريو آهي. پنهنجي ڀيڻ جو بدلو ورتو اٿم. وري جيئرو ٿي اچي ته وري به ماريندي سانس، مون کي ڦاسي کپي، ٻيو ڪجهه به نه کپي. منهنجو مقصد پورو ٿيو. مون پنهنجي مظلوم ڀيڻ جو بدلو ورتو. هاڻ مون کي جيئري رهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي... ڏسو ٿا چريءَ جا ڪم!؟”
    هن شوخيءَ سان وراڻيو: “Mister! Mind your own business.”
    (مسٽر! توهان پنهنجي ڪم جي ڪريو!)
    هن جو اهو انگريزي جملو ٻُڌي، مون کي اوچتو هڪڙو چريائيءَ جو خيال آيو. سوچيم ته ڌُڪو هڻان ۽ ڇوڪريءَ کي حيرت ۾ وجهي، سندس لاپرواهيءَ جي زرهه کي هيڪر ٽوڙي رکان. ڌُڪو وري ڇا جو....؟ ... آءٌ سمجهي ويس ته پڪ ائين هوندو، ٻي ڳالهه ته ٿي نٿي سهي.
    هڪدم کانئس پڇيم، “تون مئٽرڪ پاس آهين؟”
    چيائين: “تڪڙ ڪانهي! ان ۾ توهان جو ڇا؟ توهان پنهنجو ڪم ڪريو.”
    مون وري چيو، “تون ڳوٺ وسندپور جي رهندڙ آهين؟”
    هوءَ ٿوري هٻڪي، “جي آهيان ته ان ۾ ڏوهه ٿي پيو ڇا؟”
    چيم: “تون رحمت جي ننڍي ڀيڻ ڀاڳڀري آهين؟”
    هاڻ هوءَ واقعي حيران ٿي وئي! مون سواءِ ترسڻ جي کيس چيو، “تون عبدالجبار جي ٻي زال آهين؟”
    چيائين، “ها، ها، مون ان کي قتل ڪيو! ڪيو! ڪيو! توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪريو!”
    چيم، “تنهنجي ڀيڻ رحمت کي عبدالجبار، ڳوٺ عبدالله خان جي ڀرسان ڪنڊ جي جهنگ ۾ قتل ڪيو هو؟”
    مون عبدالجبار جي ڪيس جو سڄو فائيل پڙهيو هو ۽ جاءِ واردات جو مَشيرنامو ذهن ۾ هوم. چيائين: “مون به ان ساڳئي هنڌ پورو ڪيومانس. پر.... توهان کي ڪيئن خبر پئي؟ توهان پوليس وارا آهيو ڇا؟”
    “آءٌ جادوگر آهيان.” ورنديءَ ۾ چيم، “مون کي سڀ خبر آهي ته عبدالجبار ڇا هو ۽ جي تو کيس سچ پچ ماري وڌو آهي ته ان ۾ ڏوهه تنهنجو ڪونه هوندو. هن رحمت کي به ري گناهه قتل ڪيو هو... هن کي ته گهٽ ۾ گهٽ ڦاسي ملڻ گهربي هئي.”
    پهريون ڀيرو هن جي چهري جو تاثر بدليو. سندس منهن تي بيباڪي، چئلينج ۽ ويڙهه جي جذبن منجهان اُداسيءَ ۽ درد جا پاڇولا اُڀري آيا ۽ پوءِ سندس نيڻن جي ڪُنڊن مان ٻه ڳوڙها آهستڙي آهستڙي ڳڙيا ۽ هيٺ سُري آيا. هن کين اُگهڻ يا لڪائڻ جي ڪابه ضرورت نه سمجهي. فقط ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. آءٌ جنهن ڪم لاءِ ڊپٽيءَ وٽ آيو هئس، اهو ڇڏي ماٺڙي ڪري اُٿي پنهنجي وارڊ ڏانهن موٽي آيس.
    ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ سرور هڪڙو فائيل کڻي آيو. چيائين، “هي ڀاڳڀريءَ جي ڪيس جا نقل آهن. باقي سندس قبولداريءَ جو نقل انهن ۾ ڪونهي. اهو به آءٌ جيئن تيئن ڪري، پنهنجي خرچ تي هٿوهٿ ليٽر موڪلي يا پاڻ وڃي وٺي ايندس. توهان جي ليڪچر جو ڪجهه اسان تي به اثر پوڻ شروع ٿيو آهي ته هڪٻئي جي جائز مدد ڪجي. خاص ڪري مظلوم انسانن جي بنان لالچ جي مدد ڪجي. هاڻ اوهين ڇهه پهاڙ جيڏا مڙس آهيو. آءٌ اوهان جي ذاتي قانوني قابليت کي ۽ اوهان ڇهن ئي جي خلوص ڀريل انساني همدرديءَ جي جذبي کي تڏهن سلام ڪندس، جڏهن توهان هن ڇوڪريءَ جي زندگيءَ کي موت جي منهن مان بچائي ڏيکاريندا!”
    ٻئي هفتي قبوليت جو نقل به اچي مليو، جيڪو انور پڙهيو ۽ اسان سڀني ٻُڌو:
    “آئون ڀاڳڀري زال عبدالجبار، مسلمان، بالغ، عمر اٽڪل 16 سال، ذات.... چوان ٿي ته مون کي ڪنهن به ڪونه برغلايو آهي. نڪي ڪو آسرو ڏنو آهي يا لالچايو آهي. هوش حواس جي سلامتي ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان هيٺيون بيان ڏيان ٿي:
    “منهنجو نالو ڀاڳڀري ڌيءَ الهڏنو، زال فوتي عبدالجبار، ذات.... ويٺل وسندپور تعلقو... ضلع.... آهي. آءٌ الهڏني جي ٻي نمبر ڌيءَ آهيان.پهريون نمبر ڌيءَ رحمت هئي، جيڪا نائين درجي پڙهندي هئي. فوتي عبدالجبار پهرين منهنجي مائٽن کي ڌمڪائي، ڊيڄاري، منهنجي وڏي ڀيڻ سان شادي ڪئي. پوءِ ان کي بند ڪري ويهاري ڇڏيائين. اسان وٽ اچڻ ڪونه ڇڏيندو هئس. پوءِ مورڳو کيس شهر وٺي هليو ويو. آخر هڪڙي ڏينهن اچڻ جي بهاني، واٽ تي گهُٽا ڏئي، خون ڪري ڇڏيائين ۽ منهنجي ڀيڻ تي ڪوڙو الزام هڻي، غيرت جو بهانو ٺاهي، پاڻ کي ٺڳي ڪري بچائي ورتائين. ڏيڍ سال کان پوءِ هو آزاد ٿي موٽي آيو. مون مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. فوتي وري به منهنجي پيءُ ماءُ کي خون جا دڙڪا ڏئي ۽ راڄوڻي دٻاءُ وجهي، مون سان زوريءَ شادي ڪئي. مون نڪاح ۾ وارث به ڪونه کنيو ۽ صاف انڪار ڪري ڇڏيو، پر مون کي مائٽن ڊپ وچان زبردستي عبدالجبار کي ڏئي ڇڏيو. رڳو اها راڄوڻي ضمانت ڏنائين ته عيدن برادن تي مائٽن کان ڪونه جهليندس. پوءِ هو مون کي به ان شهر ۾ ئي وٺي وڃي رهيو، جتي منهنجي ڀيڻ ساڻس رهندي هئي. هو مون کي اجائي مارڪٽ ڪندو هو. سدائين چوندو هو ته، ‘پڙهڻ ڪري تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي. آءٌ توکي به پورو ڪري ڇڏيندس. وري ٽين شادي به ڪري سگهان ٿو.’ مون کي منجهائنس هر وقت سر جو خطرو رهندو هو. مون دل ئي دل ۾ پاڻ سان وچن ڪري ڇڏيو ته جي ڪو اهڙو وقت آيو ته آءٌ پاڻ کي رڍ ٻڪريءَ وانگر بنا مقابلي جي چپ چاپ ڪُسجڻ ڪانه ڏينديس.”
    “واقعي واري ڏينهن اسين عيد تي شهر کان منهنجي پيءُ جي ڳوٺ پئي آياسين. جڏهن ڳوٺ عبدالله جي ڀرسان جيڪو ڪنڊ جو جهنگ آهي، اتي پهتاسين ته هن مون کي چيو ته، ٿورو آرام ڪنداسين. اسين ويهي رهياسين. آءٌ ڪنڊي جي هڪ ٿلهي وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس. هن وري اهي دستوري ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته عيد تي هلڻ جو ڪوبه ضرور ڪونهي. تون ضد ۽ نافرماني ڪري پئي هلين. آءٌ غيرت وارو ماڻهو آهيان ۽ دلير آهيان. مون کي ڪير به هٿ لائي نٿو سگهي. تون ڀيڻين کان به وڌيڪ هٺيلي آهين.مئٽرڪ پاس ڪيو اٿئي ته پاڻ کي وڏي شيءِ سمجهڻ لڳي آهين. آءٌ توکي اهڙو ٺيڪ ڪندس جو جڳ ڏسندو. هي سامهون جيڪو وڻ ڏسين پئي نه..... ان ساڳئي وڻ هيٺ ڀيڻين کي به سندس هٺ جي سزا ڏني هيم.
    “فوتيءَ جون اهي ڳالهيون ٻُڌي منهنجي من ۾ پنهنجي بيگناهه ڀيڻ جي مظلوميت جي ڏک وچان آگ ٻرڻ لڳي. مون به چئي ڏنومانس ته، “جبار! تون ايڏو تڪبر نه ڪر! قدرت جي قهر کان ڊڄ! قدرت چاهي ته تون به ڪنهن ڏينهن منهنجي ڀيڻ وانگر ڳريل لاش ٿي سگهين ٿو!”
    اها ڳالهه ٻُڌي کيس ڄر وٺي وئي ۽ ائين چوندي ته ،“تنهنجي ايڏي مجال!” ڪهاڙي کڻي مون تي حملو ڪرڻ لاءِ ڊوڙيو.
    “مون کي پڪ ٿي ته اڄ هي مون کي ماري پورو ڪندو. موت کي اکين آڏو ڏسي مون ۾ ڄڻ ازغيبي قوت ۽ ڦڙتي اچي وئي. مون سوچي ورتو ته جي هن حملو ڪيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي. جڏهن هن ڊوڙي مون کي ڪهاڙي هنئي ته آءٌ يڪدم هيٺ جهڪي ويس ۽ ڪهاڙي وڻ ۾ کُپي وئي. لٺ جهڙي هڪ ٿلهي سڪل ٽاري منهنجي پاسي ۾ پئي هئي. جيسين هو ڪهاڙيءَ کي وڻ جي ٿُڙ مان ڇڏائي، تيسين مون وڄ جهڙي تيزيءَ سان سٽ ڏئي اها ٽاري کڻي ورتي ۽ سر جو آسرو پلي تمام زور سان کيس وهائي ڪڍيم. پهريون ئي ڌڪ وڃي لوندڙيءَ ۾ لڳس. مون ڊپ ۾ وارو وار ٻڌي ڏني. نيٺ هو ڪري پيو، پر وري اُٿڻ جي ڪيائين. مون ڊپ وچان کيس تيستائين ڌڪ پئي هنيا، جيسين پڪ ٿيم ته هو ساڻو ٿي ڊهي پيو آهي. پوءِ جڏهن ڏسي پڪ ڪيم ته هو مري ويو آهي، تڏهن اها لٺ جهڙي ٿلهي ٽاري کڻي، پاسي واري عبدالله خان جي ڳوٺ ويس. اتي ماڻهن کي ٻُڌايم ته مون مڙس ماريو آهي. انهن مون کي پوليس ۾ پيش ڪيو.
    مون پنهنجي ڀيڻ جي ناحق خون جو پلاند ورتو آهي ۽ سندس قاتل کي قتل ڪيو آهي. ڪورٽ سڳوري انصاف ڪري.”
    جڏهن بيان جو نقل پڙهجي پورو ٿيو ته سڀ کان اڳ محمد علي خان وڏي هڪل سان تبصرو ڪيو:
    “لخنالت هجنئي! بي غيرت رن! مڙس ماري هاڻي ويٺي آهين تال ڪرڻ! ٿُڪ اٿيئي ڀڙوي!”
    انور تپي ڳاڙهو ٿي ويو. چيائين: “واهه جو انصاف ڪيو اٿئي محمد علي خان! آخر وئين نه پنهنجي رجعت پسند لائين تي!”
    مون همراهَن کي چيو: “نور محمد چارليءَ جي هڪڙي فلم هئي، جنهن ۾ پاڻ ۾ ٽي يار آهن. چارليءَ جي هٿ ۾ هڪ ننڍڙي گهنڊڻي آهي، ڪيڏانهن گهمڻ وڃن ٿا ته هڪٻئي جي ڪنڌن ۾ ٻانهون وجهيو هلن. وچ ۾ چارلي، پاسي ۾ ٻيا ٻه. جتي به چارليءَ کي ڪو خيال اچي ٿو ته فلاڻيءَ ڳالهه تي پاڻ ۾ صلاح ڪريون ته هٿ سان ويٺو گهنڊ وڄائي ۽ زبان سان واڪو ڪريو چوي “ميٽنگ!” اهي آواز ٻُڌيو سڀ بيهو رهن ۽ ائين بيٺي بيٺي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳن ٿا. پاڻ وٽ گهنڊڻي ته ڪانهي پر پاڻ به هاڻ هن مسئلي تي پاڻ ۾ چارلي ۽ سندس يارن وانگر ميٽنگ ڪنداسين.”
    عبدالجبار جيڪا مون سان حقيقت ڪئي هئي، سا مون سربستي “ميٽنگ” کي ٻُڌائي ۽ کين چيو، “هاڻ سموريون معلوم ٿي سگهڻ جهڙيون حقيقتون اوهان جي اڳيان آهن. هاڻ آءٌ سوال ٿو پڇان ته، “ڇا هن ڇوڪريءَ بي واجبي قتل ڪيو آهي؟”
    پهريائين محمد علي خان چيو: “بلڪل بي واجبي! لعنت هجيس!”
    پوءِ انور چيو: “قتل ته ڪيو ئي ڪونه اٿس. پنهنجو سِر بچايو اٿس، پر جي واقعي قتل ڪري ها ته به جائز هو. ڀيڻ جو بدلو وٺڻ سندس فرض هو.”
    جمال چيو: “حق تي آهي! اسان جو کيس سلام آهي!”
    ٻئي شاگرد ڪمال الدين رڳو ايترو چيو: “بي ڏوهي آهي، مٿس سلام آهي.”
    وڪيل محمد اسماعيل چيو: “Self Defence يعني پاڻ بچاءُ جو ڪيس ٿو ڏسجي. بظاهر ڇوڪري سچ ٿي ڳالهائي.”
    مون چيو: “آءٌ گهڻائيءَ جي راءِ سان ٻڌل آهيان، ڇوڪريءَ کي پاڻ بچائڻ توڙي بدلي وٺڻ ٻنهي قسمن جا حق هئا. هوءَ بي ڏوهي آهي.”
    سڀ اُٿڻ لڳا. مون چيو، “اڃا ميٽنگ جاري آهي. منهنجي رٿ آهي ته جي پاڻ متفق هجون ته هن بيگناهه ڇوڪريءَ جي بچاءَ لاءِ پنهنجي حال آهر ڀرپور ڪوشش ڪريون.”
    محمد عليءَ چيو: “آءٌ رٿ جو مخالف آهيان. باقي سنگت جيڪو گهڻائيءَ جو فيصلو ڪندي، سو مون کي منظور آهي.”
    ٻين رٿ سان اتفاق ڪيو. آخر فيصلو بيٺو ته هرڪو پنهنجي وت آهر ڪجهه پئسا ڏئي.
    محمد اسماعيل ڪيس جي حقيقت واري پاسي Fectual Aspect جي قانوني ياداشت Brief ٺاهي. آءٌ قانوني پاسي Legal Aspect جي Brief ٺاهيان ۽ محمد اسماعيل سان گڏجي پنهنجي دوست مسٽر فيض محمد وڪيل کي خط لکان ته هيءُ ڪيس کڻي ۽، جوابدارڻ آزاد ڪرائي. خط کڻي وڃڻ لاءِ ماڻهو محمد علي خان جو وڃي.
    محمد علي خان پنج سَؤ ڏنا، مون ۽ محمد اسماعيل ٻه ٻه سَؤ ڏنا. شاگردن پنجاهه پنجاهه رپيا ڏنا. ڪُل ٿيا 1050 رپيا. ان مان پنجاهه رپيا محمد علي خان جي ماڻهوءَ کي ڀاڙي جا ڏئي هزار رپين ۽ خط سان کيس مسٽر فيض محمد وڪيل ڏانهن موڪليوسون. کيس لکيوسون:
    پيارا مسٽر فيض محمد،
    انسان دوستيءَ جي جذبي وچان اسان هن ڪيس ۾ هٿ وڌا آهن، توهان جي آسري. اوهان هيءُ اسان جو ڄڻ ذاتي ڪم ڪري سمجهندا ۽ ان ۾ ايتريقدر دلچسپي وٺندا. في اسين ڏئي نٿا سگهون. هيءَ ٿورڙي رقم فقط ڀاڙي ڀُتي لاءِ موڪليون ٿا. ڪيس هلڻ وارو هوندو. وڪالت نامو جلد ڏياري موڪليو. پاڻ کي خبر آهي ته عدالت قانون موجب رڳو شاهديءَ جي ٻاهرين روپ Form کي ڪانه ڏسندي آهي، پر تهه ۾ وڃي ان جي اصليت Content کي ڏسندي ـ ٻنهي ۾ ٽڪر جي حالت ۾ حقيقي اصليت کي، ٻاهرئين ڏيک تي فوقيت ڏيندي.
    هن ڪيس ۾ قبوليت کان سواءِ ٻي ڪابه اکين ڏٺي شاهدي Occular Evidence ڪانهي. قبوليت ۾ به تضاد آهي. جيئن واقعو بيان ڪيل آهي، تنهن موجب سر بچايو ويو آهي ۽ اهڙيءَ ريت ذاتي بچاءُ جو قانوني حق استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ڏوهه ناهي. رڳو پڇاڙيءَ ۾ بدلي وٺڻ جو ذڪر ڪيل آهي. ان جملي جو اصل واقعي سان ڪوبه واسطو ڪونهي. اهو فقط پاڻ ۾ هڪڙي نفسياتي آٿت ۽ جواز ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. ڇو ته جوابدارڻ ذاتي بچاءَ جي قانوني حق جي موجودگي ۽ سو به ڪنهن عورت کي اهڙي قانوني حق ميسر هجڻ ۽ اهو به خود پنهنجي مڙس خلاف، تنهن حقيقت کان اڻ ڄاڻ آهي. ٻئي طرف پلاند جي ڳالهه هرڪو پيو ڪندو آهي. ان ڪري هن پنهنجي قانوني طرح جائز (پر سندس اڻ ڄاڻائيءَ ڪري خود سندس نظر ۾ ناجائز) ڪم کي بدلو سڏي، ان لاءِ هڪڙو اخلاقي ۽ جذباتي جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو واقعي کان بعد جو Post Facto جذباتي ۽ نفسياتي ويچار آهي! بس، واقعي جي حد تائين ۾ پلاند جو ڪوبه عنصر Factually موجود ڪونهي. پلاند وارو جملو پاڻ ڇوڪريءَ جي معصوميت، اڻ ڄاڻائي ۽ ايمانداريءَ جو ثبوت آهي، ته هو پاڻ کي هاسيڪار بچائڻ نٿي گهري ۽ جيڪي دل ۾ آيو اٿس، سو سواءِ سوچڻ جي چئي ڏنو اٿس. هن ڳالهه سان گڏ اسان هن ڪيس بابت توهان جي مدد لاءِ حقيقت توڙي قانون جي سلسلي ۾ ياداشتون شامل ڪيون آهن. مناسب سمجهو ته انهن کي به نظر مان ڪڍندا. قانوني سَندون ۽ حوالا ٽي سال اڳ تائين جا آهن. انهن جي چڪاس ڪري باقي ٽن سالن ۾ قانون اندر ٿيل واڌارن کي نظر مان ڪڍي وٺندا، حالات جي شاهدي Circumstantial Evidence پڻ جوابدارڻ جي فائدي ۾ آهي. ڪهاڙيءَ ۽ ان جي وڻ تي نشان جو واردات جي مشيرنامي ۾ ذڪر ٿيل آهي. اميد ته توهان کي ڪا خاص ڏکيائي ڪانه ٿيندي.
    ڪاميابيءَ جا دعاگو
    اسان وٽ وڏن وڪيلن جي في ڪانه هئي. فيض محمد ڪو وڏو يا نالي وارو وڪيل ڪونه هو، پر حياءَ وارو ۽ يار ويس ماڻهو هو. سوچيوسون ته گهڻو بُنِيادي ڪم اسان کيس ڪري ڏنو آهي. ڪيس سُٺو آهي. همٿ ڪندو ته وڃي پار پوندو.
    سرور جيلر وڏن حيلن ۽ اٽڪلن سان ڀاڳڀريءَ کان وڪالت نامي تي صحيح ورتي. ڀاڳڀريءَ جون به رسمي شنوايون پئي هليون، اسان مان به هڪ نه ٻئي جو پنهنجين شنواين تي وڃڻ پيو ٿيندو هو. ائين گسان پنڌان ماڙيءَ يعني جيل جي گيٽ واري آفيس وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڀاڳڀريءَ سان آڏي اُبتي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي.
    هڪڙي ڀيري منهنجي انور جي گڏ تاريخ رکيل هئي، اسين ٻاهر وڃڻ لاءِ ماڙيءَ تي پهتاسون ته هوءَ به شنوائيءَ تان موٽي. مون کي ڏسڻ شرط چيائين: “سڀ خبر اٿم.... پر ايترو ٻُڌائي ڇڏيانوَ ته پنهنجي بيان تان تِر جيترو به ڪانه ڦِرنديس.”
    مون چيس: “توکي الائي ڪهڙي خبر آهي؟ اسان کي ته ڪابه خبر ڪانهي. توکي بيان تان ڦِرڻ لاءِ چوي ڪير ٿو؟”
    ٻئي ڀيري به انور ۽ آءٌ گڏ هجون ۽ ساڻس اهڙي اتفاقي گڏجاڻي ٿي. چيائين: “توهان مون کي ڇڏائڻ لاءِ ڀلي زور لڳايو پر ورندو ڪجهه به ڪونه. آءٌ جا ڇاتيءَ تي هٿ رکيو ويٺي آهيان.”
    “تون سدا ڇاتيءَ تي هٿ هنيو ويٺي هج.” مون وجهه ڏسي انور ڏانهن نهاري چيو: “اسان سڱاوتيون به ڪري ڇڏيون آهن. جيڪي وڻيئي سي خبرون ڪر.”
    ٻئي ڄڻا ڳاڙها ٿي ويا. انور ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ ڀاڳڀري رُکائيءَ سان چيو: “توهان ڪي ماڻهن جا وارث آهيو ڇا؟”
    وراڻيم: “ماڻهو زبردستي مڙس به پيا ٿيندا آهن. اسين رڳو کڻي زبردست وارث ٿياسين ته ڪو ڏوهه ٿي پيو ڇا؟”
    “تڪڙ ڪانهي.” چوندي، هوءَ زور زور سان وِکون کڻدي هلي وئي، پر مون ڏسي ورتو ته ويندي مهل آڏيءَ اک سان انور ڏانهن ڏسي ڪجهه سوچ ۾ پئجي وئي. اسان جو يار انور به ته گهٽ ڪونه هو.
    مون اها ڳالهه اچي همراهَن سان ڪئي. پوءِ ته انور کي “سرڪاري” طرح کڻي گهوٽ بڻايائون ۽ کانئس رونشي ۾ طرح طرح جون سنهيون رشوتون اوڳاڙڻ لڳا. “گهوٽ! پاڻي پيار!” “گهوٽ! ٿورو زور ڏي!” ڪڏهن ته چون “گهوٽ! ٿورو بوٽ ته پالش ڪري ڇڏ. لاڏلو ٿيندين سڀاڻي. اڄ ڪجهه سَروِس-ڙِي ته ڪري ڇڏ!”
    ڪي وري ڪوڙي همدردي ڪري چون: “نه، يار نه! اسان کي پنهنجو يار مارائڻو ڪونهي. ڇوڪري اڳيئي مڙس مارڻي، همراهه اسان جي کان ٿي وڃي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ ڪا ٿوري گهڻي مشٽيڪ! ته هڻي لاهه نه ڪڍي رکيس!” انور به چرچن ۾ گهوٽ ٿيو، رونشي ۾ سڀني جون سروسون پيو ڪندو هو.
    هڪڙي دفعي ڀاڳڀريءَ کي ڀرسان لنگهندي، تڪڙو تڪڙو صاف چئي ڏنم: “اسان سڀني گڏجي تو ۽ انور جي سڱاوتي ڪري ڇڏي آهي. هاڻ وڻيئي ته اسان جي ڳالهه کي پاڻي ڏجان ۽ وڻيئي ته رد ڪجانءِ.” اهي اکر چئي، آءٌ کيس ڪو جواب ڏيڻ جو موقعو نه ڏئي، تڪڙ ۾ اڳڀرو ٿي ويس. باقي ڪم ٻنهي جي سمجهه، همت ۽ قسمت تي ۽ ٻئي طرف سرور جي هوشياريءَ تي ڇڏي ڏنم.
    آخر ڪيس هليو، ڀاڳڀريءَ اهو ئي ساڳيو بيان ڏنو، جيڪو پهرين ڏينهن ڏنو هئائين. ساڳيو جملو چيائين ته، “مون پنهنجي ڀيڻ جو بدلو ورتو آهي.”
    ٽين يا چوٿين شنوائيءَ تي سرور ٻن پهرن مهل تڪڙو تڪڙو وارڊ اندر گهڙي آيو، “مبارڪ! مبارڪ! آرڊر اچي ويا!”
    “ڇا جا آرڊر؟” اسان سڀني حيران ٿي پڇيو.
    “ڀاڳڀريءَ کي ڇڏڻ لاءِ کيس دارالامان موڪلڻ جا آرڊر. جيئن پاڻ فيصلو ڪيو تيئن ٿيو. لک لک مبارڪون.”
    اسان فيصلو ڪيو هو ته متان ڪو ڦڏو ٿئي، تنهن کان جي ڇوڪري آزاد ٿئي ته مائٽن بدران في الحال دارالامان وڃي ۽ پوءِ انور آزاد ٿي وڃي ساڻس ملي پنهنجي قسمت آزمائي.
    جيل جو دستور آهي ته عام طرح جيڪو ماڻهو ٻاهر نڪرندو آهي، سو وري وسئون پويان لؤڻو ڪونه هڻندو آهي. جن جي جيل اندر هڪٻئي کان سواءِ ساعت ڪانه سرندي آهي، تن مان ڪو ٻاهر ويو ته وري ڏَس به مشڪل لڀندس. جيل ۽ ٻاهرين دُنِيا ۾ فرق بلڪه تضاد ئي اهڙو آهي، جو ٻاهر جي ماڻهوءَ کي اندر واري سان ڳالهائڻ لاءِ مناسب لفظ ئي ڪونه ملندا: هڪٻئي کي ڇا چون؟ هُنن جا مسئلا هڪڙا، هنن جا ٻيا. جيل وارن جو ڏينهن ئي مشڪل سان گذري ۽ جيڪي ٻاهر آهن، تن کي مٿو کنهڻ جي به واندڪائي ڪانهي. ‘اُٺان ميهان دا ڪيها ميلا، او چرن جهنگ اور چرن ٻيلا’ واري ڪار آهي.
    ٻن ٽن مهينن کان پوءِ اسان واري لڏي مان ماڻهو نڪرڻ شروع ٿيا: پهرين محمد علي خان جو ضامن ٿيو. پوءِ انور آزاد ٿيو. پوءِ محمد اسماعيل وڪيل. پڇاڙيءَ جو وڃي اصلوڪن مان آءٌ ۽ ڪمال الدين رهياسين. تيسين وري نوان همراهه اچي ويا: ولي محمد، نور علي، احمد خان ۽ ٻيا ڪَئِين اچي ڪَٺا ٿيا. جيل ۽ مسافرخانو خالي ٿيڻا ناهن. هڪڙا پيا ويندا ٻيا پيا ايندا.
    ڪَئِين مهينا لنگهي ويا. هڪڙي ڏينهن ملاقات جو سڏ ٿيو! وڃي ڏسان ته ملاقات جي ڪمري ۾ منهنجي دستوري ملاقاتين مان ڪير به ڪونهي. پوءِ انور تي نظر پيم. سندس پاسي ۾ مائي ويٺي هئي، اجرڪ ۾، اها به سٽ ڏئي، اُٿي، “بابا!” ڪري مون کي پيرين پئي، هٿ ڏيئي گڏي. جي کڻي ڏسان ته ڀاڳڀري! سندس مٿي تي هٿ رکي چيم: “يڪين ٽن ڌيئن جون سزائون اڳي ئي پيو لوڙيان! هيءَ چوٿين سزا ڪهڙي ڏوهه ۾ ملي آهي؟”
    مون لاءِ جيڪي ڪتاب ۽ رسالا وٺي آيا هئا، اهي منهنجي هٿ ۾ ڏيندي ۽ مرڪ دٻائيندي، حجت ڀري شوخيءَ ۽ رعب سان چيائين: “اهو انهيءَ ڏوهه ۾ جو بنان پڇا ڳاڇا جي پرائين ڌيئن جون پرپٺ سڱاوتيون ڪريو ڇڏيو، پوءِ ماڻهو ماڻهن مان ڦاسيو پون ۽ جند ئي ڇڏائي ڪونه سگهن!”
    انور مرڪي چيو ، “سائين ٻُڌي ڇڏيوَ ڳالهيون!”
    ڏٺم ته هوءَ خوش آهي. اڳي بي باڪ ويڙهاڪ ۽ مرڻ مارڻ لاءِ تيار هئي. هينئر انهن صفتن جي مٿان اٿاهه خوشي، سرشاري، خوداعتمادي ۽ انساني رشتن ناتن تي اعتبار ۽ ناز جا احساس ڇانيل ٿي لڳا. پڇيومانس: “انور ڪيئن ٺيڪ ٺاڪ ٿو هلي يا ڪريونس ڪن مهٽ؟”
    ڀاڳڀري مظلوميت جو ڍونگ ڪري چيو: “بس بابا! اوهان جنهن آڙاهه ۾ اُڇليو آهي، تنهن ۾ ويٺا پچون... ڪُڇون پُڇون ڪونه ٿا.”
    انور چيو: “سائين، اسان جي مرلي بند اٿوَ! يارن اڳيئي سمجهائي ڇڏيو آهي ته ڪا “مشٽيڪ” ڪيئي ته پنهنجو به خير نه سمجهجانءِ. تنهن کان سواءِ هاڻي بندوق ٻندوق به هلائڻ سکي وئي آهي. مون کان به سُٺي نشاني باز ٿي وئي آهي. هاڻ پنهنجي چلتي ناهي!”
    ڀاڳڀري رڳو مرڪندي رهي.
    ان کان پوءِ آءٌ به نيٺ آزاد ٿي ويس، وري ملڻ ڪونه ٿيو.

    (5)

    ٽن چئن سالن کان تنهن ڏينهن کيس اوچتو حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ڏسي بي انتها خوشي ٿي هيم. ٻيڻي خوشي ان ڪري ٿي هيم جو بختاور جنهن جي هيتري هاڪ ٻُڌي هيم، سا خود اسان واري ڀاڳڀري هئي. جڏهن مانيءَ تي ويٺا هئاسين، تڏهن ياد اٿم ته پڇيوهومانس: “چري! يڪا سال خط پٽ ڪونه لکيئي؟ حال احوال ڪونه ڏنئي؟”
    چوڻ لڳي: “سوچيم ته ٻه اکر پيٽ ۾ وجهي، ڪجهه اڀري سڀري سمجهه پرائي، ڪجهه ٽڪي پيسي جو انڌو منڊو قومي ڪم ڪار ڪري، منهن ڏيکارڻ جهڙي ته ٿي اچان!”
    مانيءَ کان پوءِ انور سان به خوب ڪچهريون ٿيون هيون، جيل جي گذريل ڏينهن جون، سندن تڏهوڪي زندگيءَ جون. پتو پيو ته ڀاڳڀري ڳوٺ ۾ ماسترياڻي هئي. بي-اي پرائيويٽ پاس ڪئي هئائين. ايم-اي جي تياري پئي ڪيائين. انسانيت، سمجهه، جدوجهد ۽ قربانيءَ جو سبق ڏيندڙ سوين ڪهاڻيون، ناول، شعرن جا ڪتاب، ٻيا علمي ڪتاب چڱي طرح پڙهيا هئائين. پاڻ کي دل جان سان هڪ بهتر دُنِيا اڏڻ جي جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏيو هئائين. موڪلن جي ڏينهن تي ۽ خاص ڪري وئڪيشن ۾ گهر ڪانه ويهندي هئي.
    خود انور به پوئتي پيل ڪونه هو؛ ٻه ڀائر هئس. اهي ٻني ٻارو سنڀاليندا هئا. پاڻ نوڪري اهڙي ڳولهي هٿ ڪئي هئائين، جنهن ۾ پگهار ڪا ايڏي گهڻي ڪانه هئي، پر ٻئي زال مڙس گڏيل ڪمائيءَ مان رُکو سُکو کائي پنهنجي ڪم کي لڳا پيا هئا.
    تنهن کان پوءِ وري به سال ٻه ٽي ٿي ويا. هرڪو پنهنجي پنهنجي پَٽ کوهه ۾ لڳو پيو هو، تان جو اهو ڦِرڪو ڦِريو. ڌرتي تپي ٽانڊا ٿي پئي. هو جٿ ڪٿ بهانا ڪري ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا. انور جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ته ٻارڻ ٻاري ڏنا هئائون.
    تار ملڻ کانپوءِ آءٌ جڏهن ڪريما کي ساڻ ڪري اسپتال پهتس ته ڀاڳڀريءَ جي سس ٻُڌايو هو، “ڏينهن ڏٺي جو وچين وچين مهل اوچتو کڻي ڏسان ته الله ماريا ڳوٺ کي گهيرو ڪري ويا ۽ فير شروع ڪري ڏنائون. اسان جن مان به جنهن وٽ جيڪو هٿيار هو، تنهن ان سان مقابلو شروع ڪري ڏنو. ڪلاڪن جا ڪلاڪ فائرنگ هلندي رهي. ٻنهي طرفن ماڻهو ڦٽيا ۽ مُئا.
    پُٽ اڳيئي ڪاٺ ۾. باقي ننهن کي به الله مارين واڍوڙي وڌو. آخر بي هٿيار ماڻهو ڪيترو وڙهي ڪيترو وڙهندو. دشمن ڌوڪي پيا ڳوٺ ۾. ماري ڪُٽي، راڄ مڙسن جو سلهاڙي کڻي ويا. الله مئن جي ٻچن ۾ رڙ وجهي. راڄن جي ٻچن کي رلائي ڇڏيائون.” مائيءَ توڙي سندس ڀرسان بيٺل مٽن مائٽن جي اکين مان ڳوڙها زاروزار وهي رهيا هئا.
    .... .... ....
    الاهي بخش جي گهر جي اڱڻ ۾ انهن ڳالهين کي ياد ڪندي، ڀاڳڀريءَ جي زندگيءَ تي سوچيندي، الائجي ڪيڏي مهل اکيون پورجي ويم.
    ٽئين ڏينهن صبح جو سڌو ڊاڪٽر الهه رکئي وٽ ويس. سندس منهن تي سرهائي ڏسي سمجهيم ته هوءَ اڃا جيئري آهي ۽ سندس حالت خطري کان ٻاهر ٿي چڪي آهي. حقيقت ان کان به بهتر هئي. سندس صحت، جسم ۽ روح، موت کي پهرين ملهه دسي ڇڏي هئي. هوءَ هوش ۾ اچي چڪي هئي. پنهنجي پياري ساهيڙيءَ کي هوش حواس ۾ ڏسي، ڪريما جو ڪومايل چهرو، خوشيءَ وچان گلاب جيان ٽڙي پيو هو.
    مون پاڻ کي پوريءَ طرح قبضي ۾ ڪري، مُنهن تي رُڪ چاڙهي سندس مٿي تي پاٻوهه وچان هٿ ڦيريندي مُرڪي چيو: “سمجهيو هئم ته تون بنا موڪلائڻ جي بنان ٽڪيٽ رواني ٿي وئينءَ، پر تون ته شينهڻ لڳي ويٺي آهين.”
    سندس چپ چُريا. مون ڪنڌ نوائي جيڪي ٽُٽل ڦٽل اکر چيائين، سي ٻُڌا. اهو ئي سندس پراڻو تڪيه ڪلام: “تڪڙ ڪانهي!”
    ايتري ۾ چپ وري چُريا. ڪريما نِوڙي سندس ڳالهه ٻُڌي ٽهڪ ڏئي چيو: “بابا خبر اٿئي ڇا پئي چوي؟ هينئن چماٽ هڻانئين! چري چئي ته ايڏي تڪليف ڇو ڪيوَ؟”
    اسين ان ڏينهن موٽي گهر آياسين ۽ ٻئي هفتي موٽي وياسين ۽ هر هفتي ايندا رهياسين. ان وچ ۾ سندس ٻار، سندس ماءُ پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ به اچي ويا هئا. سندس تنظيم جون ڪَئِين ساٿياڻيون به ڀائرن يا مڙسن يا لٿي پٿي وڏين ماين سان گڏجي اسپتال ۾ پئي آيون ويون. هر ڪنهن وس آهر سندس هٿ تي ڪجهه نه ڪجهه رکيو. ڪي بيدا، ڪي گيهه مکڻ کڻي آيون. اسپتال ۾ سڀ کيس ڀاڳڀريءَ جي نالي سان سڏڻ لڳيون. ڪريما کين سمجهايو هو ته اهو نالو مٿس ساهرن رکيو هو.
    ٻن مهينن کان پوءِ هوءَ ٺيڪ ٺاڪ ٿي وئي. ڏينهن ٻن ۾ سندس اسپتال مان موڪل ٿيڻي هئي. کانئس موڪلائڻ مهل مون کيس آهستي چيو: “ڀاڳڀري! چئبو هن ڀيري ماڻهو پاڻ کي ملهه ماري ويا!” کيس ڄڻ ڪنهن وڇونءَ ڏنگ هڻي ڪڍيو.
    “ڇو بابا؟”
    سسڻس چيو: “ادا ٽن الله مارين کي ڌيئڙيءَ جي بندوق جي فيرن سان ڪرندي ته مون پنهنجين هنن گنهگار اکين سان ڏٺو، وڌيڪ جي پاڻ کي خبر ڪانهي.”
    مون چيو: “ڀاڳڀري! تون واقعي بختاور آهين! هن نئين دؤر جي بختاور.”


    جتي باهه ٻري

    ڪتي جي باٺ ٿي. سونا ڇرڪ ڀري، رلي منهن تان لاٿي. آهستي ڪري ننڍڙي موسي جي ٽنگ پنهنجي ٽنگ تان لاهي، ان تي رلي وجهي، اونداهيءَ ۾ سنڀالي سنڀالي پير رکندي، در وٽ اچي نهار ڪيائين. ٻاهر ماڻهن جو ڊنب بيٺو هو. ماسي رحمت واري ڳالهه سچي هئي. سندس دل ٻُڏي وئي.
    “خميسا!، خميسا!- ابا آهي ڪو مڙس ماڻهو؟”
    هن آواز سڃاتو. حاجي جمعي جو ڳرو، دهشت ڀريو آواز ڪير نه سڃاڻي!
    “ابا، ابا.” هن ڀڻڪو ڪري پڻس کي سڏ ڪيو. هلندي ديڳڙيءَ تان ٿاٻو اچي ويس، “آئي الله.”
    “ڇوري ڪڄاڙو آ؟” خميسو ننڊ مان باهوڙو ڪري اُٿيو. جوڻس آمي ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي، “هان، ڪنهن سڏ ڪيو؟”
    “ٻاهر ماڙهو بيٺا آهن.” سونا هنڌ تي ويهي رلي مٿان ڪندي چيو. سندس لڱ ساهه ڇڏيندا ويا. دل تي هٿ رکي ڏٺائين، ڌڙ، ڌڙ! جهڙي ريل گاڏي.
    “ڪير آن؟”
    “حاجي جمعو آ، ٻيا ته الائجي ڪير آن!”
    “ڪڄاڙو ويو آهين؟ آڌين جو رُلي مئا آهن!”
    خميسي بڙ بڙ ڪري قميص وجهندي چيو ۽ پڙڇ هيٺان هٿوراڙيون ڏئي ٻيڙيون ماچيس نهارڻ لڳو. “ڀاڻين ڪر ڳل چاڙهيو آهي، ٻيو ڪڄاڙو !” آميءَ چيو.
    “ڀاڻم جو ڪهڙو ڌاڙو هيوآم؟”
    “ڌاڙو هَيو آني تڏهن ته ڦوج چاڙهي آيو آ.”
    “ته ويندو به ڦوج سوڌو گس وٺيو پيو.”
    “تون هير پَتري پوندين. هير ٿا ڦُلي ٻڌيو گڏهه تي چاڙهيني.”
    “گڏهه تي ٿا چاڙهينم جو آهيان پاڳل!”
    “پاڳل ناهينءَ ته ڪهڙو جونت ۾ آهينءَ؟ هير ڌاڌر ٻڌندي ته نچي بيهي رهندين. نالي الله جي، اسين ڪونه ٿا ڀاڻين لا ڪريو، پاڻ کي ڪوري ڪاري ناحق ۾ وجهون. اسان ڪي چريا گهُچ پٽس ٻولي ڪونه کنيا آهن. تنهن کان ماڳي ڌڪ هڻي ماري وجهينس ته هيڪڙو سور ته ٿينون. باقي پاڻ مان ڏٺي وائٺي دوزڪ ۾ ڪونه ويندو.”
    “ڙي هاڻ تون وات ته جهل!”
    “ڙي لڏي ويا، ڪ آهيو؟” حاجي جمعي واڪو ڪري چيو.
    “آيو! آيو!” خميسي باڪس جي تيلي هڻندي چيو.
    “کميس پيو وجهي ڀانيان!” عارب چيو.
    “ڀيڻيان جا پٽ کاڌاسين!” جانوءَ وٺي ٽپ ڏنو. ڪتي سٽ ڏيئي سٿڻ جو ٻُهل ڪڍي ورتس.
    “ڪتو، ڪتو!” خميسي ڊوڙي ڪتي کي لت ٺڪاءُ ڪرائي. ڪتو ‘ڪئون، ڪئون’ ڪندو وٺي ڀڳو.
    “راڄ، ڀلي ڪري آيا، ڙي، ڪو پڙڇ ٻڙڇ ته کڻي آ.”
    “ها، نهاريان پئي.” اونداهي گهر منجهان آميءَ جو آواز آيو.
    “اڃا پيئي آڻينءَ؟ هي ته بيهي بيهي سُڪي ويا.”
    “اي، هاڻ اتي ئي ٿا ويهون. اڇو پٽ لڳو پيو آهي.”
    “نه ڙي نه،... پڙڇ نه آڻينءَ؟” هن جوڻس کي سڏ ڪيو.
    “ڇورا ته کڻان.” جوڻس پڙڇ گهليندي چيو. هٿ گنديءَ جي پلاند سان ڍڪي، سڀني کي ڏنائين.
    “ماما وريام آهينءَ ڪ؟”
    “نظر نٿو پوني ڪ؟ ڀيڻيان آهين ته جڙد مڙد!” عارب کِلي چيو.
    “بس هاڻ اچي اجهيا آهيون، جڙديون مڙديون ويون.” هوءَ گهر موٽي ويئي.
    “خميسا، راڄ کان خبرون وٺ.” حاجي جمعي ڪانب ڪڍي، وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي چيو.
    “ادا ٻُڌايو؟”
    “عارب ٻُڌاءِ خبرون.” حاجي جمعي دستور موجب اول ٻين کي آڇ ڪئي.
    “نه، تون ٻُڌاءِ!”
    “هارون ملان ٻُڌاءِ خبرون!”
    “ٻُڌاءِ، ٻُڌاءِ.”
    “وريام، موسا، جانو؟”
    “ٻُڌاءِ، ٻُڌاءِ. پاڻيءَ هوندي تَيمَم ڪونه ٿيندو.”
    “ادا! اسان جو مڙيئي خير، ڄاڻين سڃاڻين ٿو....”
    “هئو!”
    “ڀارن جا غلام...”
    “مائٽ، چڱا مڙس!”
    “اها پهر، الله ۽ الله جي رسول جي پاڙي ۾، آن ڀارن جي پاڙي ۾ پيا ساٿ گذاريون. اڄ ويو هوس ٻنيءَ تي ور ڪرڻ. ٻني به ماڻهن جي مالن کائي چٽ ڪري ڇڏي آهي، ڪو ٿم، ٿم وڃي ڇڏئون آهي....”
    “مون ڏٺي هئي تڏهن ته ڀلي هئي....”
    “ويئي چٽ ٿي! صفا هٿ جي تري...”
    “ها، هي سمن جو مال ڪنهن کي سگهو ساهه کڻڻ ڪونه ڏيندو. چوئڻ وارو ماڙهو ڪونهي...” سومار مُلين چيو.
    “ابا وَڇ ڪُڏي ڪيري تي. انين جو ٿڙ ڏاڍو آهي. چوڌري زبردست ماڻهو آهي. ڪنهن جي ڪانه ٿي هلي.” حاجي سکئي چيو.
    “اڙي ڇڏيو انين خبرن کي، وٺو ڪم جي ڳالهه کي. سڄي رات ويٺا ڪونه هونداسين.” عارب چيو.
    “سو ڳالهه ٿي ڪيم ته رات جو رُلي آيس گهر. هير گهر سُتو پيو هوس ته ڀاڻي ياقب آيو ته مون سان ميڙ ٿي هلو ڀاڻم خميسو مون سان ڪاوڙيل آهي، تنهن کي هلي پرچائي ڏيو. اسان چوس ادا حاضر. اهڙي سُٺي مت شل خدا سڀني کي ڏي. تنهن لاءِ ڪاهي اچي تو جا پير ورتاسون، ٻيو مڙيئي خير...”
    “گهرجي خير. حاجي خوش آهيو؟”
    “شڪر آ.”
    “جوڙ ڀڙ؟”
    “الحمدالله!”
    “دين ايمان؟”
    “رب جو فضل!”
    “شال خوش هجو!”
    “پانجي مهرباني.”
    “اسان جو سارو خير، سڃاڻو ٿا، ڀارن جا غلام، اها پهر، کير لپ وڪڻيو، آن ڀارن جي اَجهي ۾ پيا ساٿ گذاريون...”
    “الله جو اجهو آ.”
    “اتي ويٺا الله الله ڪريون. بازار ۾ کير لپ ڏيئي، ٿڪي ٽُٽي، اچي ڪريس ته مٿان سڏ ٿيو. آن کي الله آندو، گڏياسين، پير ورتاسين، ٻيو مڙوئي خير.”
    “گهرجي به خير. خميسا خوش آهين؟”
    “شڪر آ.”
    وري ساڳي خوش-جوڙ نئين سر شروع ٿي وئي.
    آمي ٽوٽي دکائي ٻنڀ وٽ، سونا ۽ موسي جي پڙڇ جي ڪنڊ تي ويهي رهي. ميڙ گهر کان ڳچ پنڌ تي ويٺي هئي. فقط ڪنهن ڪنهن مهل ڪو آواز چِٽو ٿي ٻُڌڻ ۾ آيو. هوءَ سوچڻ لڳي. ‘خميسي جو سائو منهن ٿيو! ويٺو پانجن بابن سان رهاڻيون ڪري. اُٿڻ شرط ڪڙو منهن نٿو ڏين، ته جيڏانهن جا آهن تيڏانهن هليا وڃن. ڀاڻس منهن ڪاري کي وڏپڻ ۾ اچي عشق لڳو آهي. هڪڙي رن کي ڍئي ڇڏيئين جا يا عمر جا لينگها لوڏي، ڳوٺن جا گيسمارا ڪري مري وئي. هاڻ آمي پانجي ڌيءَ بدو ڏئي سڦوران ڦنجيءَ جي ٻوٿ- ٽُوري نرمل سان شادي ڪرائيس. سڦوران جي چرئي گهچ پُٽَ کي ڪير ڪُتيءَ جو ٻچو به نٿو ڏي، تنهن کي وري آمي ڌيءَ بدو ڏي ته ياقب خان سيج چڙهي! ٻيو سڄو راڄ چُڪي ويو، باقي آمي نڌڻڪي سڀني کي سولي ٿي هٿ آئي آ. سڀ ڪو ڏاڙهه ڏڪائيندو اچي. حاجي جمي پانجي ڌيءَ لا تپيداريءَ جو کٽيو هٿ ڪيو. عارب ڌڪر جون ڪار-مُنهنيون ڌيون تخت ڌڃاڻيون ٿين؛ باقي آميءَ جي ڌيءَ کي چريون بلائون مٿي ۾ هڻڻ لاءِ ٽُورا ٿي اچي بيٺا آن. خدا ڪا مُئن جي ٻچن ۾ رڙ وجهي، پانجي ڄاين ۾ لهن. مون غريب بي واهيءَ جي پٺيان اچي پيا آهن.’ سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
    ‘سڄي عمر درد ڏٺم. امان مرهياتي تنجڻ ۾ ڇڏي ويئي. ابا سدائين مهاڻين جي پٺيان مياڻين تي پيو هوندو هو. سڄي عمر مامن جي درن تي ڌڪا جهليم، ڇڙٻون سَٺيم، گولپا ڪيم. زال ئي ڪانه ٿيس ته خميسي کي ڏئي ڇڏئونم. گهوٽ ٻيا به هئا، پر زتيمن لاءِ ڪنهن کي ڪسڪاٽ ويندو؟ هجي ماءُ ڀيڻ جنهن کي قياس پوئي. نه ته سومار به ته ابا جي سوٽ جو پٽ هو. ان کي ڪين ڏنئون.’ سومار جو خيال ايندي سندس گهنج گهنج ٿيل منهن تي هڪ شرميلي لڄاڙي مرڪ تري آئي. ‘ڳورو ڳورو جهڙو پٺاڻ، ماڻهو ڀانئين ته بيٺو ڏسانس. دهشت جهلڻ جي ڪانه هوندي هيس. ڏاڍو نڀاڳو هو. پاسي مان مٽيندو هو ته ڊگهو شوڪارو ڀري چوندو هو: “الله! توجي آهيان.” ٻيا ڀائيندا هئا ته وڏو ڪو مُلئون آ، الله کي پيو ياد ڪري!’ تنهن ڏينهن وچينءَ مهل ڦُڙ ڦُڙ پي پئي. تن ڏينهن جمعي جي ٻنيءَ تي ڪالڪان ۾ ويٺا هئاسين. سسڻم وئي متواڻي ۾ ڦاتا ڪرڻ. خميسو مال سان هو. گهر ۾ پکي به ڪونه هو. مون ويٺي گهر ماندان گج ڀريو. ڪنهن مهل ڏسان ته سومار پيو اچي. آءٌ ڪڻس ڏسي اُٿي وڃي گهر جي ڪنڊ ۾ ويٺيس، ته منهن جي پڪائي ڪري، منجهه گهڙي اچي هٿ ڏنئينم. چي، ‘سوٽ خوش ته آهين.’ هاڻ آءٌ ڇا ڪريان! کڻي هٿ ڏنومينس. مُئي اهڙو وٺي زور ڏنو جو مون کان ڪيهه نڪري وئي. اکين ۾ پاڻي اچي ويم. مونجي رڙ ٻُڌي منهن جو پنو لهي ويس. ننڍڙي ٻار وانگر منهن ڀلڪڙو ڪري چيائين، ‘سوٽ، بشڪ ڪرينم، مون کي ڀينسان خبر ئي ڪانه پئي. برانچ تي لاباري لا ٿي ويس. چوم ته مومل سوٽ کان موڪلائي وڃان. حياتيءَ تي ڀروسو ڪونهي. وري يا نصيب، مِلئون يا نه ملئون.’ مونجا لڱ ڪانڊارجي ويا. پر رڳو ايترو چوم ‘ادا، وائي ته سولي ڪر.’ پوءِ ڪي ڪيترا ڏينهن پانجي منهن پئي رنم، الاجي ڪو؟ لکئي جا ليک آن. ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي. انگ لکيل ڪونه هو. جنهن سان لکيل هو، تنهن سان ٿيو.
    ‘خدا جو ڏينهن رکيو آ، خميسي به مون سان وڃائي ڪونه، غربت شاهوڪاري ته آهي الله جي وس. بندي جي وس ڪانهي. باقي مون کي ڏک ڪونه ڏنئين. تکر آهي. اچي ويس رُچڪڙي ته هڻي ڊڙي رکندم. وري ذري ساٿ کان پوءِ اهڙي جو اهڙو. سو به ماند. هاڻ گاريون ڍءُ تي ڏيندو، ڍاڍ اهڙي ڪندو جو ماڻهو ڀائيندو ته بس هاڻ ٿو پورو ڪريم، پر ڌڪ ٻڪ ڪونه هڻندو.’ مڙس جي پل ڀر جي ڪاوڙ جو تصور ايندي سندس دل ۾ پيار جي لهر اچي وئي. ‘سونا تي ته ساهه ٿو ڇڏي. مٿس ماڻس جو نالو رکئين آ، سو اما کان سواءِ سڏ ئي ڪونه ڪريس- اما جي ڳئون، اما جو گابو، اما جا چوڙا، اما جي هيءَ ڳالهه، اما جي هوءَ ڳالهه، گهورجان گهورجان پيو ٿيندو. تينيان سونا ڳري تان پلاند لاهيو، مست ٿيو، بي افعالي نموني ٻانهون هڻندي گهڙا کنيو پئي آئي. تنهن تي اچيم جا بخيلي ته بُجن ۾ جهلي اچيو ٿي ڏونگري کڻيو وٺانس، ته مڙس اچيو ٿو ڪاوڙجي. ڦٽ ماريم، ٻي ڳالهه ڪانهي. چي-‘ههڙي تهڙي نڪر مونجي گهر مان. امان سونا کي روز ٿي مارينءَ’. ماڻس سونا به وڏي رقم آهي. هن مرڪي، لوڻو هڻي، پيار وچان سونا ڏانهن ڏٺو، جا چپ چاپ سُتي پئي هئي. ‘ماٺ ڪريو پئي آهي. حرام جو کڻي چُري. چو ته ڪر ستن ننڊن ۾ ستي پيئي آهي. ناتر ڪنهن جاءِ جي. مون کي ڪر خبر ئي ڪانهي. اسان به ماڻهو چاريا آن. رڳو ڍور ڪونه چاريا اَٿون. ڪڇان ڪانه ٿي ته ڀئي ڪانهي. سمجهان سڀ ويٺي. سڦوران جي پٽ جو نالو ٻڌي، ڇوريءَ جو اندر سڙي ويو آهي. اڄ رحمت سُڻس کنيس ته.... ‘سانجهيءَ چاچهين ميڙ ڪريو ٿو اچي. توکي چاچهين جي بدي ۾ سڦوران جي پٽ کي ٿا ڏين.’ ته جهڙي هئي تهڙي هارجي ويئي. مٿي تان جهڙو گهڙو لاٿئين تهڙو هٿن مان ڪِري پيس. نئون نڪورو گهڙو ڦش ڦش ٿي ويو. اڃا ٽيو ڏينهن وٺي آئي آهيان. مٿي تي هٿ رکي پٽ تي ويهي رهي. دل کي چوم ته ‘گهڙو ته قلبان ٿيو پر ڇوريءَ کي ڇا ٿيو؟’ ڊوڙي وڃي اُٿاريومينس. چومينس- ‘ڌيئڙي تو جون ڪو اچي متيون منجهيون آن؟ دشمنين ماڻهين ته ڪانه مئي آهي جو مٿي کي هٿ ڏيو ويٺي آهينءَ؟ تون ويٺي رنگ ڏس! آئون آهيان مُئي جو سڦوران جو اهو مُئو چريو چرٻٽ مونجي لُڏڻ ڌيءَ سان لائون لهندو!’ دلداري ڏني آمينس تڏهن مس مس وڃي منهن ۾ پاڻي پيس. “هيڪڙي ڏينهن ۾ ڇوري سڄي لڙهي وئي آ!” کانئس ٿڌو شوڪارو نڪري ويو. ست پنج ڪينهم، هڪڙي ڌيءَ آهيم. ٻه تنجڻ ۾ موٽي ويون. پوڻيٺڙيءَ جو پٽ ٻن سالن جو وري ويو. سسڻم چوئي- ‘هن نڀاڳيءَ جو اولاد بچندو ئي ڪونه. خميسا ٻي شادي ڪر. سڄي ڄمار نانگو نپنو ته ڪونه ويٺو هوندين.’ خميسي کي به جهڙوڪر ماڻهس جي ڳالهه وڻي، سو مون کي منهن ئي نه ڏئي. سڄو ڏينهن پيو ماڻهس سان ڪچهريون ڪري. نيٺ الله ڀلو ڪريس، رحمت وڃي بيبي آمنت گاديءَ ڌڃاڻيءَ کان سڳو وٽائي آڻي ڏنم، ستين تي پڙ جدا باسارائيم، تڏهن مس مس وڃي سونا پيٽ ۾ ٿيم. سڀ چون ته ‘ڪانه بچندي.’ آءٌ به لهرين وچ ۾ هيس. پر رحمت کي آفرين آهي. چوئين- ‘چري! بيبي آمنت جو سڳو نه لڳو ته مونجي سينڌ ڪوڙي ڇڏج، مون چٽين اکين آزمودا ڏٺا آهن. تون الله، الله جي رسول تي، مرشيد تي رکيو ويٺي هج. ڏس ته ڪيئن ٿا دشمنن جا ڪارا منهن ٿين.’ ٿيو به ائين. سونا کي ڪوسو واءُ به ڪونه لڳو. اڄ سونا، سونا آهي. جڪو ٿو ڏسي سو چوي ته- ‘ڀيڻيان آمي، هيءَ ڌيءَ ڪٿان ڄائي اني؟’ آءٌ کليو چئان ‘جهنگ مان کڻي آئي آهيان.’ چون- ‘ڀيڻيان، تون ۽ خميسي جو منجهس آرکاڻو ئي ڪونهي. ڇوري جهڙي منڊم آ، ٻي ڳالهه ڪانهي!’ هن سڦوران ڦنجيءَ جو ته مڪو مچي ويو. سڄي ڳوٺ ۾ خواري اُٿارئين، آميءَ، سونا سومار مان ڄائي آ. ڦتح ڳالهه ڪئي ته چوئي ٿي ته رَنون. انڌيون ته ڪونه ٿيون آهيو؟ ڇوريءَ جون اکيون، نڪ، مهانڊو نٿيون ڏسو؟ سومار مان ڪو تر گهٽايئن آهي؟ ڇوري اڇي اڇي جهڙي ڪپاهه. نڙيءَ مان پاڻي پيو بکيس. جهڙي يورپين جي ڌيءَ! اهو اما سومار جو ٻج آهي. ٻئي جي جاءِ ڪانهي.’ ڪوڙي ڪار- منهين! پانجو ته سومار ڏينهن محشر جي ڀاءُ ٿئي. پانلاءِ اهڙو هوندو جهڙو ابا ڌڻو! ٻين تان ڪئين آهي تيتري اجري ويٺي آهي. ڌيڻس ڪار-مُنهينءَ جو ٻوٿ سُوڻل ته پڻس چريو گهچ. سڃاڻي سڱ مليا اٿس.’
    اِتي حافظي جي سمنڊ تي ٻي لهر تري آيس. “سونا پنجن سالن جي هئي. رحمت جن سان گڏ شيخ جيئي جي ڪُنهيءَ تي وٺي ويئي هيس. سرهي صابڻ سان وهنجاري سهنجاري ڳاڙهي سڻيءَ جو ڀرت سان ڀريل چولو ۽ سائي موٺڙي جي سٿڻ وڌامينس. اڇي وائلي جي زريءَ ڀريل پوتي مٿان ڪرائي مينس. ڪنن ۾ اڌ توري جا دُر، نڪ ۾ بولو، ڪنڌ ۾ رحمت جي ڌيءَ واري ڪٺمال، پيرن ۾ ڇير ۽ اکين ۾ سوئيري جي ڪاني وجهي، جهڙائي جهالمڙائي جڏهن ڇوري در مان ٻاهر ڪڍيم تڏهن رنن جا وات ڦاٽي ويا. ماسي رحيمان مرهاتيءَ ڏسندي شرط پويان هڪل ڪري چوم- “گڏهه، گڏهه! هي ڇا ٿي ڪرين؟ متان ڇوري ٻاهر ڪڍين! هڻي ڪا دشمنين نظري وجهنديس....” مرهاتيءَ ٿڪون مکيس ته ڇوري اُگهيو ڇڏي ته هڻيس ٿي آهستي ڪري مُٺ. چي- “مئي، هيءَ ماڻهين دشمني هڻي نظرائي ماري وجهندئي.” آءٌ پيئي کِلان ته ٿي چوئي- “ٿورو ڏند ڪڍ. ڪنوار ڌيءَ به ڄائي آ ملوڪ، جو ڏند ڪڍيو پئي کلي. ڇوري جهڙي شيدين جو منگرمانو.” مون چوس: “هل مائي هل. مونجي ڌيءَ آ ڪونج. اهڙي ڄڻي ته ڏيکار!” ته اکين ۾ ڳوڙها تري آيس- “اڄ جي ڌيڻم مرهاتي هجي ها ته خبر پوني ها. سونا سڄي مونجي مريان تي وئي آ. کلي ٿي ته جيڪا ڳل ۾ کڏ ٿي پوئيس سا به ساڳي ان مرهاتيءَ واري.”
    “ڪُنيءَ تي ڪن دسين جا زالون مڙد مڙي اچي گڏ ٿيا. خليفا خاڪ ڏيئي ڏيئي ٿڪي پيا. پر خلق پوري نه ٿئي. آءٌ ڇوري وٺي سائينءَ وڏي وٽ ويس. هٿ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي چومينس- “مرشيد! ستن پُرين ڪنان توجي در جي گولي آهيان. بي اولادي آهيان، ڏيو وريو وٺيو لاهي. ڏاڏهين کان پني مون کي هي هڪڙو ڦنگ ڇوريءَ جو مڱيو وٺي ڏي. عمر سڄي ماءُ ڌيءَ مرشد جي در جي ٻهاري ڏينديونسين ۽ پاڻي ڀرينديونسين.” سائين مرهاتي ويٺي وظيفو پڙهيو. سو ڪڇيو ڪين. آءٌ به بيٺي هيس. گهڻي دير پڙهي پڙهي نيٺ آڱر سان اشارو ڏنئينم ته ڌيئڙي اورتي ڪر. مون سونا کڻي ماندان بهاريس. سندس منهن ۾ نهاري ڇوڪارو هنئين. چئين- “ابا الله ۽ مرشد کان پني اسان توکي هيءَ بشڪ ڪرائي ڏني. سَو ورهين جي ٿيندي. درگاهه جو در جهليو اچجان. ڀولو ڪونه ٿيندس.” مونجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. ٻه رپيا پلاند مان ڇوڙي پيرن تي رکمينس ته ان مان به اٺ آنا ڪڍي کڻي سونا کي ڏنئين. ڇوري وٺي ئي نه. مون هنيس ڌڪ ته مئي ٿي نصيب کي پٺ ڏي. سائين مشڪي چيو- “ابا! ميشومن تي ڪهڙي ميار! هنين کي ڪهڙي خبر.”
    هن ماچيس جي تيلي هڻي اُجهاڻل ٻيڙي وري دُکائي ۽ هٽي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي سَولي ٿي ويٺي.
    “هن مُئي الله ماري ياقب جي مون سان عمر ڪانه پيئي. ڪوڙهه نڪريس، سڄي ڄمار جوڻس جي چور تي مون کي لٺيون هنيون. جوڻس دادلي سڄو ڏينهن جهنگ پيئي ڦريندي، تنهن کي الفان بي به ڪونه چوندو هو. اها ڀل پيئي مونجون اچيو بچيون، مُيون جيئريون ڪڍي. باقي مون ٿورو چپ چوريو ته ٺا لٺ مغز ۾- ‘ههڙي تهڙي وات ٿي هڻين!’ ڪتا به رت ڪونه چٽيندا هئا. اهو رت-ٿيو مڙسم ويٺو هوندو هو ته رڳو هٿ وجهي به ڪونه ڇڏائيندو هو- ‘اڙي شل ڪا باهه لڳنين، تون هٿ وجهي ڇڏائي ته سهي.’ چي- ‘آءٌ ڪو هن ڀڙوي سان لڳي ڀڙوو ٿيندس ڪ! چوندا رن جو بدلو ٿو کڻي. هن کي ته هونئين شرم ڪونهي، آءٌ به ان جهڙو ٿي جهَڙ- به- جهَڙ ڏاڙهيءَ ڌڻيءَ ڀاءُ جي ڏاڙهي پٽيان؟ بس ڪري ويهه، بس ڪري! ڪانه ڦٽجي پيئي آهين. جوڻس کي اڄ سڀان اهڙي ڪريز ڏيئي ڇڏيندس جو ڀلي ويٺو پها رکيس.”
    “هاڻ مئو بي نڪو ڪهڙو نڪ کڻي آيو آ. سڱ مليس! ٻن جهانن نه مليس. مون جي آڱوٺي سور. مون سان ڪئين آ چڱايون، جو هن لاڪري پانجي ڌيءَ جنجل ۾ وجهان. هن دشمن تي اکيون ٿيون پونم ته رت ٿي ٿيون پونم.”
    “پر هي سڀ رنگ سڦوران جا آن، جنهن ڏيرم کي ڌيرو ڏيئي پاڙهي سيکاريو آ. سندس ٻوٿ سوڻل ڪير ڪونه ٿو قبولي، تنهن کي به ٿي سيج چاڙهي، پٽس به ٿو لاڏو ٿئي ۽ آميءَ جا وار به ٿي پيرن هيٺان ڪري. هيڪڙي ڌڪ سان سڀ مطلب ٿي پورا ڪري. الله، الله جو رسول مطلب پورا ڪونه ڪندس. آءٌ سندس پٽ جي چم مان جُتي به ڪونه گهڙايان! ٻوٿ به ٿو ٺهيس جو مونجي پريءَ جهڙي ڌيءَ ٿي ڏيانس.”
    اوچتو خيال آيس: “جي ائين ٿي پوي ته!” سندس لڱ ئي ڪانڊارجي ويا. “پوءِ مونجي ڌيءَ سڦوران جي ننهن ٿيندي. سڦوران جي موچڙي هيٺ ٿيندي. سڄو ڏينهن ميهڻا ڏينديس. ٽوڪون هڻنديس. پيٽ جي لولي لاءِ سِڪائي مارينديس. سڄو ڏينهن گلائينديس. اڇو ڦلن جهڙو منهن ڪڙهي ڪارو ٿي ويندس، هيءَ آ مائٽن جي دادلي، سڄي ساٿ جي ڌڃاڻي. جنهن کي مون کان سواءِ ڪو هٿ جو ڀونڊو به ڪونه ڏئي، سا هن رن جي رک-رکاڻي ڪندي ڪانه. هڻي پاڻ کي مارائي وجهندي. نه مڙس جو سُک، نه گهر جو. جيئري قبر ۾ پورجي ويندي. دشمنيون رنون مڙي چونديون- ‘آميءَ وڏيون ڪيون هيون سي منهن ۾ پيون آنس. ڌيڻس جا حال هلي ڏسو! اک جي پوڇڙ مان پئي نهاري. سڦوران ٽڪ مان ور ڪڍي ڇڏيو آس.’ جيڪي ويچاريون سوکياڻيون هونديون سي چونديون: ‘ان رن کان ته مئي هئي ته هيڪڙو سور ٿئي ها. آمي نپٽي، الله ماري، تنهن کان نڙيءَ تي گهُٽو نٿي ڏنيس ڪو؟ نه نه، انڌو ته ڪونهي. پانجو ٻچو آهيس. آنڊن تان پيئي آهيس. مري ويندو، ائين ڪونه ڪندو.... پر مڙد جي ذات آ، جهجهن جو منهن جهلڻ ڏکيو آ. الله ڏاڍو، راڄ ڏاڍو. خدا خير ڪري.” سندس روح تي خوف جو جبل ڪڙڪي پيو. دل مروڙجي ويس. بي اختيار سندس چپ چُرڻ لڳا، “درس وريا لاکاڻي. الله، الله جا رسول، مرشد سچا، خميسي کي سنئين من ۾ وجهه، دشمن دفع ڪر، سڄڻ سامهون ڪر، مونجي ٻچڙيءَ کي هن آفت کان بچاءِ. باتشاهه پير، تون ٻڏن جا ٻيڙا اُڪارين، هيڻن جو حامي ٿئين، هن سير مان اُڪارينم. سونا کي سوليءَ ڪنڌيءَ ڪر، هن ڪُن ۾ متان ڪِرڻ ڇڏئينس.’ گرم گرم لڙڪ سندس ڳلن تان وهندا، نارو ڪري، ٽمي اچي سندس وات ۾ پيا. هن ٿُڪ اُڇلائي، گنديءَ جي پلاند سان منهن ۽ نڪ اُگهيو.
    انساني دماغ جي مشينري به ڪيڏي نه عجيب آهي. ڌار ڌار وقتن، وقفن ۽ حالتن ۾ ٿيل، گذريل ۽ وسريل واقعا، ڪنهن اڻ لکي بٽڻ دٻجڻ سان بجليءَ جي تيزيءَ سان حافظي جي پردي تي ائين ڦِرڻ لڳن ٿا، ڄڻ ته ڪنهن ڪاريگر فلمي ڊئريڪٽر لکن تصويرن مان چونڊي چونڊي ڪم جون تصويرون گڏ ڪري، ڪا فلم ٺاهي آهي. جن واقعن جي ٿيڻ ۾ ڪي سال لڳا هوندا، سي سيڪنڊن ۾ اکين اڳيان ڦريو وڃن. جن خيالن کي زبان سان ظاهر ڪرڻ ۾ ڏينهن لڳي وڃن، سي دماغ منٽن ۾ سوچيو وٺي. هيءَ اُها اُڏند کٽولي آهي، جا نه رڳو لمبن فاصلن کي لحظي ۾ اورانگهيو وڃي پر وقت جي ميرانجهڙين، ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ لڪل واٽن، ختم نه ٿيندڙ سڙڪن، ماضي، حال ۽ مستقبل جي منزلن تان وڄ جي تيزيءَ سان پيئي اچ وڃ ڪري. دماغ سچ پچ ته اها ننڍڙي Time Machine (زماني جو سفر ڪندڙ مشين) آهي، جنهن جا ايڇ-جي- ويلس خواب لهندو هو.
    خميسي جي گهر ۾ ان وقت هڪ ٻيو به ننڍڙو پر تيز دماغ، هڪ ٻي به ذهني ڪَلَ ماضي، حال ۽ مستقبل جي سير ۾ محو هئي. ماڻس جو انومان صحيح هو. سونا ستل ڪانه هئي. ان وقت سڄي ڳوٺ ۾ سچ پچ ڪو سجاڳ هو ته سونا. هوءَ گندي مٿان ڪريو، هڪڙي ٻانهن موسي جي سسيءَ هيٺان ڏيو، ٻي مٿان رکيو، چپ چاپ گنگ ٻوڙ ڪريو، پاسيري ليٽي ته برابر پئي هئي پر سندس خيالن جي دنيا ۾ هلچل متل هئي. هن سوچيو پئي:
    “هيءَ ميڙ مون لاءِ آئي آهي. هيڏو سڄو راڄ مونجي سڱ وٺڻ لاءِ گڏ ٿيو آ. سومار مُلئون به آيو آ. هونئن سندس گهر کڻي وڃ ته منهن ۾ شور وجهيو ويٺو هوندو. رن تي، ڇوري تي ڳهي پيئي پونديس، ‘اڙي اڃا ڳوين مان ڦڙي ڪانه نڪتي آ! فلاڻي ڪيڏانهن ويئي؟ هي ته پنج وٺ! کوهر تي ويٺيون مارڪا ڪريو. پٺيان ڇورا روئي روئي ساڻا ٿي پيا آهن.’ تنهن ڏينهن نوهڻس جليءَ کان لڪائي ٻوڙ ڦُري ورتيم ته ڏسي ورتائين. رڙ ڪري، جوڻس کي گار ڏيئي، چيائين- ‘تون ايڏهين ويٺي شيل ڪر، پٺيان نهڻين سبيل کوليو ويٺي آهي. نهار ڪر ته مڇيءَ جي هيڪڙي ڊينڊي رڌي آ، تنهن تي سڄو ڳوٺ اچي مڙيو آ. هيڏو عيال ويٺو آ، هيءَ ڪنوار ويٺي شکاوتون ڪري. رنن کي موچڙي هڻڻ وارو ڪونهي، مغز خراب ٿي ويو آن.’ منهن ئي ڦري ويس. آءٌ ڦِڪي ٿي، ٻوڙ جي وٽي اتي ڇڏي، روئڻهارڪي ٿي وري آيس. اڄ وڏو معتبر ٿي آيو آ سڱاوتيون ڪرڻ.
    سڱ به سڦوران جي پٽ لاءِ ڪرڻ آيو آ! تينيان سڦوران جو پٽ ڪاوڙ کڻي آيو پاڻي ڀرڻ، ته رنن کي مشڪري اچي لڳي. جليءَ چوس- ڇورا رمون! ماڻهين مري ويئي آ ڪَ جو تون پيو پاڻي ڀرينءَ. مئا، پاڻي ته ماديون ڀرين!’ تنهن تي عارب جي ڌيءَ حرمت آهي وڏي حرامزادي چرچائڻ. تنهن پانجي منهن آهستي چيو- ‘آهي به ماديانو ٻيو وري ڪهڙو مڙس آ، ويل ئي ڦري پيئي آس!’ رمونءَ ڪو ٻُڌي ورتو، سو ڪاوڙجي ويو. منهن بڇڙو ڪري، ڪنواٽي اُلاري چئيس- ‘وات بند ڪل نه ته هڻين تو موتڙو.’ رنون نه هجن ها ته حرمت کي ماري وجهي. حرمت چيس- ‘موتڙو وڃي ماڻهين ڦڏيءَ جي ٻوٿ تي هڻ، جيڪا پاڻي ٿي ڀرائيني. مُکي ڪو هڻندين!’ سڀني رنن اچي ورايس، سو ڦٿ ڦٿ ڪندو ڪاوڙ ڪلهي تي رکي، ڦڏڪ ڦڏڪ ڪندو هليو ويو. جنان مُلئينءَ چيو- ‘سڦوران هي املهه ماڻڪ الاجي ڪٿان آندو! ڪارو دانگيءَ جهڙو ٻوٿ ٿو سُنهيس. اکيون ئي ڦريون پيون آنس وري وات جو جهڙو ڪُتو. سڄو ڏينهن ٿو ماڻس کي گاريون ڏئي، ٿوري گهڻي تي موچڙو کڻيو بيٺو آ. هن مروءَ کي الاجي ڪير ڏيندا؟’ ماسيءَ هاجر وڏڙيءَ چيو- ‘اما، سڀ الله جي جوڙ آهي. چريا کريا به ڪڍي ته ڪين ڇڏبا؟ ان چرئي کي به قسمت ۾ لکيل هوندو ته ڪٿان نه ڪٿان ملي پونديس. سڄو راڄ پيو آ. سڦوران به ڏکي بکي ڪانهي. ڌڻ مال جو آهيس. ڪن سڄا سون مان ڳاڙها آهينس. الله جي واٽ ڪانهي. جنهن کي ڏيندي تنهن کان وٺندي. اٽي تي اٽو، کارو نڪي کٽو.’
    اما چيو- ‘آئي ماسي، نالي الله جي هن چرئي گهچ کي ڏيڻ کان ماڻهو ڌيءَ کي کپ جي ٽوئي ۾ وجهي باهه ڏيئي نه ڇڏي؟ اهڙي سون کي باهه ڏجي، ڪنهن جي ڦٽي آ جيڪا هن چريءَ بلا کي ڌيءَ ڏيندي!’ هاجر وڏڙيءَ نڪ کي موڙو ڏيندي چيو- ‘مائي توڀان توڀان ڪر! جيڪي وڏيون ڪن، تن کي وڏيون ڪنڌ ۾ پون. تون به هيءَ ڌيڻي بجڪو وهاريو ويٺي آهينءَ، سا رڌي کيندينءَ ڪ؟ هڏ هڏ جهڙو، چم چم جهڙو، ڪا سيراز مان ڪانه آئي آهين. ضرور ڪنهن نه ڪنهن کي ڏيندينءَ، تڏهن پُٽين موسو پرڻائيندينءَ.’ اما، سٽ ڏيئي، گهڙو مٿي تي کڻي، چيو- ‘ها ماسي ڌيڻم لاءِ ٻيو سڄو راڄ چُڪي ويو آ، باقي وڃي رمون خان بچيو آ. ماسي هاجر توکي به شابس هجي! وڏي آهينءَ، وائي ته سولي ڪڍندي وڃ.’ هاجر وڏڙي پٺيان ٺڪاءُ ڪري چيو- ‘مائيءَ کي مگروڙي ته ڪيڏي آهي!’
    ها، سچي! وري مئو گڏيو ڪين هوم گس ۾!آءٌ ابا کي کيٽ تي ماني ڏيو پيئي اچان ته وڏي نِم وٽ ڏسان ته پريان ڪا شيءِ پيئي اچي. نه ڀانئي مال نه ڀانئي ماڻهو. ويجهو آيو ته ڏڪي ويس. اهو رمون ڄنڊا اُڌويل، نڪ جا ڇونٽا ڦاٽل، ور کنيل، سڄو بدن گپ سان ڀڀوت، منهن بڇڙو، ڀنوارئون، سهڪندو ماندو ٿيندو اچي ويجهو پيم. ڊپ ۾ سڪڙ پئجي ويم. پيرن ۾ چو ته ڪنهن نيهر وجهي ڇڏم! سڄي پيئي رڦان! چوم ته هاڻ الاجي ڇا ٿو ٿئي. پر هو بيهي رهيو. وڏو وات پٽي، وري بند ڪري ڇڏيائين. اکيون مون ڏانهن ڪري وري هيٺ ڪري ڇڏيائين. هڪڙي ٻه ڳيت ڏيئي نيٺ چيائين- ‘ٿونا..... ٿونا..... موندي ڪنوار ٿيندينءَ؟’ چوندي چوندي پگهر اچي ويس. پوءِ ور مان هڪڙي پُڙي ڪڍي، هٿ وڌائي چيائين- ‘پان کيندينءَ؟’ مون کي به ڪا اچي ويئي مت، وٺيو ٿي ڊوڙ وجهان. يڪو پڙ! پٺيان هن جي سڏوسڏ- ‘ٿونا، ٿونا پان وٺيو وڃ!’ پر آءٌ ڪٿي ٿي بيهان؟ اگهي سگهي اُٿي ڀڳيس. ڪنهن مهل وڃيم ٿو پير دُسڙ ۾ ترڪيو، ٺا وڃي هيٺ ڪريس. پريان کمون، عوثو ۽ حيات ڇورا حرامي بيٺا هئا، سي اچي کِل ۾ ڇُٽا. چڱو ٿيو جو رمون پويان ڪونه ڊوڙيو. نه ته ڪر خوار ٿي مران. عوثوءَ مستي ڪري، کنگهار ڪري چيو، ‘کمون، بُربل!’ کمونءَ وري البيلو ٿي پڇيو- ‘ڪٿي؟’... ‘انڌا، ڏسين ڪونه ٿو؟ هوءَ ڪانه واڍوڙ جي ڪري پيئي آ؟’ ‘..... اڙي ها، اها ڦلپٽائين، ملوڪڙي بربل ٿو چئين؟ پکي لاجواب آهي. الائي ڪيئن ڪريو؟’.... ‘بس قسمت!’ عوثوءَ ڏاڍيءَ حرامڙائيءَ سان چيو.
    مون کي هڪڙي ڦڪائي، ٻيو ڌَڪ جو سور ۽ مٿان هنن حرامين جون کِلون. ڪپڙا ڇنڊي، ڪڻن گارين جا دس ڏيئي وڃي گهر نڪتيس. وڏا حرامزادا آهن. ٽيئي ڄڻا پاڻ ۾ صلحي آهن. سڄو ڏينهن وانجهڻ لٺيون هٿن ۾، چيچاٽي بوٽ چرچر ڪرائيندا مُڇون وٽيندا، آڏيون پٽڪيون ٻَڌيو، سينڍون هڻندا ڀوڻن. تينيان کوهر تان پاڻي ڀريو پيئي اچان ته ٽيئي منهن ۾ گڏجي ويم. آءٌ ڳري تان پلاند وجهي، ڪنڌ هيٺ ڪري، وات ۾ گنديءَ پلاند وجهي، پاسي تان مٽيس ته انهيءَ ساڳي عوثو وٺي دانهن ڪئي- ‘نانگ!’ آءٌ سڄي ڏڪي ويس. گهڙا بنهه ڪِرڻ تي هئا. حيات پڇيو- ‘اڙي ڇا ٿيئي؟’.... ‘نانگ کائي ويم!’ کمون ڊوڙي آيو. ٻئي ڄڻا پيا نانگ نهارين. ته ٿو عوثو رڙ ڪري چئي- ‘ڙي هو ڪونه ٿا واسينگ نانگ ڏسو؟’ اتي وڃي خبر پيم ته مُئي مون تان ٿي رونشو ڪيو. آءٌ منهن ۾ سونڍ وجهي ويس هلي. گهر اچي کِلي کِلي پيٽ ۾ سور پئجي ويم. حرام ڪو مُئن کي منهن تي سَر هو. آءٌ سچي پچي وسهي ويس ته ويچاري کي نانگ کاڌو آهي. کيندو ڪنهن ڏينهن مُئن کي نانگ، جي اهڙا افعال هوندن ته، پر آهين نڀاڳا ٽيئي ملوڪ. عوثوءَ جي اکين ۾ ته الائي ڇا آهي، جو نهاري ٿو ته ماڻهوءَ جي دل کي الاجي ڇا ٿيو وڃي. وري کِلندو ته سنهڙا موتين جهڙا ڏند اهڙا ٺهندس، جو ڳالهه ڪانهي.
    امان چئي ٿي ته ڪاڪا ياقب واري ڍڳي جو به انهن ٽنهي ۾ شڪ آهي. هوندا اهي، ٻيو ڪير هوندو؟ چون ٿا ته آڌيءَ تائين مسيت ۾ ويٺا مولود پڙهن. پوئينءَ رات جنهن جو ڍڳو ڍور ڏسن، سو کڻيو ٿين پُٺيرا. بجار کوسو ڪو سڄي ٿو تنهن کي ڏيو اچن. مئن کي ڊپ ئي ڪونهي. راتين جو پيا ڌڪا جهلين. بر پٽن ۾ بگهاڙ پيا هلن. هڻي ڪنهن ڏينهن ڪو بگهاڙ ڦاڙي رکين ته!”
    سندس تصور جي اکين اڳيان سُڃ ۾ پيل ٽي لاشا اچي ويا، جن کي ڪارن، بجر بگهاڙن پئي رانبوٽا هڻيو چيريو ڦاڙيو. سندس بدن ۾ سياٽڙا پئجي ويا. يڪدم چپن ۾ ڪلمو پڙهيائين ۽ دل ئي دل ۾، اهڙن موقعن تي ٻين واتان ٻڌل اکر اُچارڻ لڳي- “خدا شل جڳ جهان جو خير ڪري.”
    ايتري ۾ ٻاهران ميڙ مان وڏي ڳالهائڻ جو آواز سندس ڪنن تي پيا. ڪو کهري، ڪاوڙيل ۽ ڌمڪائيندڙ آواز ۾ چئي رهيو هو، “ڙي خميسا خان هيٺ ٿي ويهه، هيٺ! گهڻو گهڻو ڪندين ته به کڻي راڄ کي مان ڪونه ڏيندين. گس ته ڪونه جهليندين؟ ايڏو تکو ڪو پيو ٿئين!”
    سونا سڃاتو ته آواز عارب جو هو. کيس ياد آيو ته پڻس چوندو هو ته، “عارب ڳالهائڻ ۾ جهڙو بگهاڙ. ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ ۾ ٻڌي چوڙ ڪري ڇڏيندو. چُرڻ ئي ڪونه ڏيندو. عارب جنهن جو پاسو ورتو، تنهن سمجهه ته اڻ پڇيو ميل ماريو. جو عارب سان اٽڪيو، تنهن سمجهه ته ٻه منهين بلا تي پير رکيو . ڀينسان آهي بکيو ڀانگ، پر راڄ ڳوٺ جي ڳالهين ۾ چو ته ڪر شينهن پيو گجي.”
    “تکو تون ٿو ٿئين ڪ آءٌ ٿو ٿيان.” خميسي هيٺ ڀرو ٿي چيو.
    “توکي چڱائيءَ جو ٿو چئجي ته شيک ٿيو وڃين! ميان، ويهي سمهندين، بيهي ڪونه سمهندين. الله ڏاڍ آ راڄ ڏاڍو آ، هيڪڙو ڄڻو مور ٿي ڪونه ٽلندين.”
    “ٻي جوڻس جا آهي!” اهو ياقب جو آواز هو. عارب هڪل ڪري چيس، “ڙي ياقب، وات بند نٿو ڪرين!”
    “ڀڙوا، ڀڙوا ڪرين ٿو موچڙن لاءِ.” خميسي تپي ڳاڙهو ٿي چيو ۽ ٽپ ڏيئي ڀاڻس تي اُٿيو. جانوءَ ڇڪي ٻانهن کان جهلي وهاريس، “ميان فقير ماڙهو ٿيو ماڙهو! خواري کڻي ٻڌي آ نا! ملڪ نه پاڻ تان کِلايو. دنيا ۾ ٻيا به ڀار آهن ڪَ رڳو آئين آهيو؟”
    “اي پر هن کي به ڪو چوئڻ وارو آهي؟ سڄي راڄ کي گهٽ ڪري جوڻس جي پٺيان پيو نچي.”
    “جوڻس ماڙهو ڪانهي ڪَ؟ اها به اسان جي ڀلي ڀيڻ آ. لڄ ڀولڙي کي به مٺي آهي. ضرور گهر جو ڀاتي آهي. ان جي ڳالهه به ٻڌي ته ڪو ڏوهه ٿي پيو ڪَ؟”
    “پر ميان فقير ڏسين ٿو ته...”
    “ياقب خان، اسين ڪي توجا ٽڪن ورتل ڪين آهيون. جي ڀاڻين سان پڙٿو وجهڻو هوءِ ته اسان کي ڪو ٿي آندئي؟ اسين هلون ٿا! هاڻ تون ڄاڻين، ڀاڻين ڄاڻي. وڃي جنڊ ڳچيءَ ۾ وجهي ٻُڏي مرو!” عارب ڪاوڙجي، پٽڪو کڻي، ٽپ ڏيئي اُٿڻ لڳو. حاجي جمعو جو هيستائين ماٺ ۾ هو، تنهن ٻانهن ۾ جهلي چيس، “قسم آنِي جو اُٿيو آهين!” عارب گهڻيون سٽون ڏنيون پر حاجي جمعو کانئس زورائتو هو، سو لوهه ڪري ڇڏيائينس. عارب لاچار ٿي، وري وهندي چيو، “ڀيڻيان ڏچرپو کڻي ٻڌئون آ! هِن کي پٽڪو لاهيو، هُن کي لاهيون، هُن کي لاهيو، هِن کي لاهيون. هڪڙو وڏو ماڻهو ٿيئي ته ٻيو کڻي گهٽ ٿئي. هي ٻئي زمين کان مٿي! اسان به عمر فيصلن ۾ آندي پر ههڙو رنگ ڪٿي ڪونه ڏٺوسين.”
    حاجي جمعي کِلي چيو، “عارب، هيءَ پڃري ڳري آهي. ابا مرهياتو ڳالهه ڪندو هو ته سومرا ۽ سانڌ وڙهيا پاڻ ۾. شاديءَ ۾ لٺ لڳي، ٻنهي پاسي مڙس ڦٽجي پيا. تڏهن راڄ هئا، مڙس به هئا، ههڙي سُڃ ڪانه هئي. فرياد ۽ ڦڏي جي ڳالهه به ڪانه هئي، فيصلو رکيئون. وڏيرا ۽ ننڍيرا آيا. ڳالهيون ٿيون. ٻنهين ڌرين تي رکيئون ڏنڊ. پنج پنج سو رپيا. جيڪي پاڻ ۾ وڙهيا هئا، تن کي اچي ٿي ڀُوتاڙي، سي لٺيون کڻي وڏيرن تي بيهي ويا. چي ‘آن جي هتان گهڙي هتان اکتي. مئاسين به اسين، ڏنڊ به ڏيون اسين.’ ڦٽ مارئون ٿي. راڄ اُٿيا، تن وڏيرن کي ڇڏايو!”
    حاجي جمعي جي گهاٽي، ڊگهي، اڇي سونهاريءَ تي هڪ ڪشادي مرڪ ڦهلجي ويئي ۽ سڀ کِلڻ لڳا. “سو پاڻ به جي گهڻي گهڻي ڪنداسين ته متان اهو حال نه ٿينون!” هن هلڪو خوشطبعيءَ وارو ٽهڪڙو ڏيئي چيو. هو کِلڻ مهل ڏاڍو وڻندڙ لڳندو هو. هڪڙو ڏند اُچو هوس پر اهو ان مهل پاڻ کيس وڌيڪ دلڪش بڻائيندو هو. کن کان پوءِ سندس چهري تي پُرخلوص ۽ بزرگانه ڳنڀيرتا ڇانئجي ويئي. هو ڪانڀ ڇڪي ٻڌي، سڌو ٿي ويٺو: “ابا خميسا، ياقب، اسين آنجا دشمن ڪونه آهيون. هي جي هيترا ڀار مڙي گڏ ٿيا آهن. سي اوهان جي ٺاهڻ لاءِ آيا آهن، ڦٽائڻ لاءِ ڪونه آيا آهن. راڄ جي مرضي آهي ته آنجي گهر مان گدڙ ڪڍي، آنکي کير ڪنڊ ڪري ڇڏيون. هيڪڙي ابي جا پٽ آهيو. لٺ هنئي پاڻي جدا ڪونه ٿيندو. صبح جو آن مان ڪنهن کي ڪنڊو لڳندو ته جهڙو آنکي سور ٿيندو تهڙو ٻئي ڪنهن کي ڪونه ٿيندو. رت دانگيءَ تي به وري پوندو. اسان جو آن ۾ نڪي اچي نڪي وڃي. سڀڪو پانجي گر پيو کنهي، پر ڏسون ٿا ته هو هيڏانهن ٻوٿ ويڙهيو پيو هلي، هو هوڏانهن پٺ ڏيو هلي. هي هُن جي گلا پيو ڪري، هو هِن جي. اها ڳالهه اسان کي نٿي وڻي. ڦٽائڻ وارا گهڻيئي آهن، ٺاهڻ وارو ڪو هيڪڙو هوندو.... اسان تي جو چڱمڙسيءَ جو بار راڄن رکيو آ، تنهن جو ٿو خيال ٿينون. سڀڪو اسان کي چوندو ته، ‘ڙي فلاڻا، تون ويٺو هوئين، توکان ايتري به ڪانه پني، جو رڳو هي ابي امان جا پٽ ٺاهي ڇڏين!’ تڏهن هلي آن وٽ آيا آهيون. نه ته گهر کان واندو ڪير ڪونهي!”
    سڄي ميڙ تي سنجيده خاموشي ڇانئجي ويئي. سڀني جون تحسين ڀريل ۽ تائيد ڪندڙ نگاهون وڏيري ۾ هيون. عارب جي چالاڪيءَ جي هاڪ هئي، پر وڏيري جمعي جي ڳالهه ۾ جو تاثير هو، جيڪو خلوص، پنهنجائپ، همدردي ۽ ڊگهي نظر هئي، سو ويٺلن جون دليون پگهرائي ڇڏيندو هو.
    “خميسا، ادا تون وڏو آهين، سرهال آهين. سڀڪو توکي چوندو. توجي جيئري ياقب کي ڪير به ڪونه چوندو. اڄ ٻنهي جون ڳالهيون ٻُڌيون سين. ياقب توجون چوريون ڪرايون، توکي ڇڏي وڃي ڪانڊيري جو ڪاڄ کاڌائين، اُها چڱي ڪانه ڪيئن، ڪير ڪڻس شابس ڪانه ڏيندو. بڇڙي کي سڀڪو بڇڙو چوندو، چڱو ڪير ڪونه چوندو!”
    “ها، ياقب ته ڌاڙيل آهي!” ياقب ڀڻ ڀڻ ڪري، پنهنجي منهن چيو.
    موسي ٺونٺ هڻي آهستي چيس، “هاڻ جهل وات.”
    “اي ڪنهن وچ ۾ ڳالهاءُ ڪيو؟” عارب ڪرڙي نظر سان ياقب ڏانهن نهاري پڇيو.
    “ڪير ڪونهي. ها، حاجي تون ڳالهه ڪر!” موسي چيو.
    “مون ٿي چيو ته، ياقب ڪي چڱ مڙسيون ڪونه ڪيون آهن. سڀڪو پيو ڏسي، انڌو ڪير ڪونهي، پر اُو به ابا خميسا تونجو، مونجو ڪونهي. بڇڙو آ ڪ چڱو. جهڙو آهي تهڙو، اڄ به تونجو، سڀان به تونجو. صبح جو شل هيتري چهنڊڙي نه پويس، سڀني کان اڳ تون لٺ کڻي بيهي رهندين. اسان کي چوندين، ‘ڀيڻ..... ڀڄي پري ٿيو. مونجي ابي جي پُٽ جو ڇو ٿا نالو وٺو.’” هن هلڪو ٽهڪ ڏنو. سڄي ميڙ ۾ پٺڀرائيءَ جي ڀڻ ڀڻ ٿي ويئي.
    “ها سچي ٿو ڪري.” عارب ٽيڪو ڏنو.
    وڏيرو وري ڳنڀير ٿي ويو: “هيڏو ملڪ خدا جو آهي. سڀ چڱا مڙس به ڪونه هوندا. سڀ بڇڙا به ڪونه هوندا. پنج چڱا ته پنج بڇڙا به هوندا. بڇڙا به ڪڍي ڪنهن ڪونه ڇڏيا آن. اِنين کي به سڌاربو، سيکت ڏبي، ماري مڃائي وري به پانجو ڪبو، تڏهن ٽئم پاس ٿيندو. ياقب به گهڻو ٿڙيو ڦٿڙيو، بڇڙايون ڪئين. توسان وڙهيو، پر راڄ مان ڪنهن به پاسو ڪونه ورتس. سڀني چيو، ‘بڇڙي ٿو ڪري.’ نيٺ هاڻ نڪ ڀِت سان لڳو آس. ڏٺئين ته ابي جي پٽ کان سواءِ نيٺ ڪين سرندي. تڏهن ڀار وٺي ڀالو گِري، تو وٽ اچي پيش پيو آهي. هاڻ وڻنين ته مٿي ۾ مٽي وجهينس، موچڙن جي ڪنڍي ڪنڌ ۾ وجهينس، گڏهه تي چاڙهينس، وڻنين ته ڀارن جو آيو سڃاڻي، معافي ڏئينس. جيئن وڻئي تيئن ڪر. اسان کان يار ايتري پُني، پريان توجي آ خوشي.” عارب ٺهه پهه هڪل ڪري چيو، “اڙي ياقب، اڃا معتبر ٿيو ويٺو آهينءَ؟ اُٿي ڀاڻي کي پٽڪو لاهي ڳراٽڙي وجهه.” ياقب ڪجهه ڍر ڪئي، ته جانوءَ پٺيان ڌڪو ڏيئي آهستي چيس، “ڙي اُٿي.” ياقب ڦڪو ڦڪو ٿي اُٿيو: “ادا مونجو پيءُ آهي. هونئين اچي ماڻهن جي چوئڻ تي لڳي ائين ٿيو آهي.” ائين چئي پٽڪو لاهي کڻي خميسي جي پيرن تي رکيائين.
    “ماڻهن جي چوئڻ تي آءٌ لڳو آهيان جان تون حيا ڇڏي آ؟” خميسي پٽڪو پيرن تان کڻي مٿي ۾ وجهندي چيو، هڪ لحظي لاءِ ٻنهي جون ٻانهون هڪٻئي جي گلي ۾ هيون. خميسي کاٻي هٿ جي تريءَ سان پنهنجي آلين اکين کي مهٽيو. ٻنهي ائين ڏيکارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ڄڻ سندن دلين ۾ هڪٻئي لاءِ اجهل ڇڪ ڪانه پيدا ٿي آهي، ڄڻ هڪ لحظي لاءِ هو وري ننڍڙي هوندي وارا سدائين وڙهندڙ، سدائين پرچندڙ، کمون ۽ ياقو ڪونه بڻجي ويا هئا. ڄڻ کين پنهنجي انهيءَ احساس تي ڦڪائي ڪانه پئي ٿي، ڄڻ پنهنجي آوازن جي سختيءَ، کهرائيءَ ۽ بي پرواهيءَ ذريعي درحقيقت هُنن پنهنجي دلين جي نرمائي ۽ ڪمزوريءَ تي پردو ڪونه پئي وڌو. ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو هو. ٻنهي هڪ ٻئي جي دل جي ڳالهه سمجهي ۽ ٻيئي جسماني توڙي ذهني طور جدا ٿي هڪدم پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل جاءِ تي وڃي ويٺا.
    خميسو سوچڻ لڳو: “هن بي شرمي، بي حيا، يا عمر سنئين اوڙ ڪانه ڏني. مون کي ڀاءُ ڪري ڪونه سمجهيئين. دشمن ڪري سمجهيئين. ابا مري ويو ته مون اولاد ڪري سانڍيس. ابا مرهاتو مرڻ وقت چئي ويو- ‘کمون، ڀاڻي ياقو پرتو آني. اونرو، ارڏو آهي، تنهن ڏانهن متان نهارينءَ. پاڻ ڏانهن نهارج، مون ڏانهن ۽ ماڻهين جي مڙهه ڏانهن نهارج، هن نڀاڳي جو هيڏو سارو سور آم: ابا، مائٽ کي آهي لعنت، اولاد جيئن کريل، تيئن مائٽ کي مٺو. بي-متيو سدائين جڏا ڪم ڪري. الله ساڃاءِ ڏيندس. ابا، وڏا، توکي آن مون عيبدار جون دعائون. الله الله جو رسول ڪندو ڪنهن جو موٿاج ڪونه ٿيندين، ٻيا موٿاج ٿيندي. دنيا جي چوڻ تي متان لڳين. ٻيو کڻي ستر سون ٿي پوئي پر ڀاءُ ڪونه ٿيندو. ابا، ڀار، يار آهن. اهڙو بي-ڪمون ٿو ڏسينس، پر جتي اهو ڪم ايندي اُتي ٻيو ڪونه ايندي. هن جو وار وار پرتو آني.’ ويچارو ابا!” کيس پڻس جو سانورو، گهنج گهنج پيل پر ڏيادار چهرو اکين اڳيان تري آيو. کيس ياد آيو ته مرڻ وقت جڏهن هن چيو هو-‘ابا هاڻ پرتا ڌڻيءَ کي.’ تڏهن سندس ڏرا ڏنل اکين ۾ پاڻي ائين ڏکيائيءَ سان تري، آهستي آهستي اڻ-لکي نموني سنجري آيو هو، جيئن ڪنهن ڦٽل کوهه ۾ پاڻي ڍُڪ ڍُڪ ٿي، آهستي آهستي گڏ ٿيندو آهي. کيس اڄ به چٽيءَ طرح ياد هو ته انهن ڳنڀير، سمجهو ۽ باوقار اکين کي لڙڪن ڳاڙڻ کان به محروم ڏسي، کيس زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پڻس تي، جنهن کان هو سڄي عمر ڪؤ کائيندو هو، قياس آيو هو. اهڙو قياس، جنهن ۾ شرم گڏيل هو. پڻس جهڙو مڙس جنهن حياتيءَ ڪنهن کي ڪنڌ ڪونه ڏنو، سو هيئن ننڍن ٻارن وانگر بي حال، سڪل ٺوٺ ۽ لاچار ڏسي، کيس ائين لڳو ڄڻ هو ڪا اُگهاڙي، نه ڏسڻ جهڙي شيءِ ڏسي رهيو هو. کيس ياد آيو ته پڻس جڏهن سندس ڪمن تي گهڻو خوش ٿيندو هو، تڏهن سونهاريءَ تي هٿ ڦيري چوند هو- ‘سونا، شيشا پاشا آهن، ڪير مرن، ڪير جيئن؟ پر ڏسج ويٺي، جڏهن تڏهن هيءُ خميسو ڀينسان مڙس ٿيندو. باقي اهو چوٽير ياقو، جنهن کي سڄو ڏينهن پئي پڏائينءِ، سو دَلو رڳو پرايون دانگيون چٽيندو. گندي ڪلهي تي ماني راڄن تي، الوڙي واهي. هن کي رڳي گهوم کپي، کرچي کپي، بازار جي چانهه کپي. باقي ڪم جو چونديس ته چؤ ته ڪر ٽيڙ تپ وٺي ويندس.” ماڻس بناوتي ناراضگيءَ سان چوندي هئي- “نالي الله جي، هاڻ خميسو خميسو ڪري، ڇوري جو آڀاري مٿو نه ڪڍ. خميسو به پَرهيو پيو آني. ٽيو ڏينهن چو آمس- ابا، مال آڻائو آ، وڃي ڍنڍ مان چڪ هڻائي اچين، ته لٺ کڻيو ٿي بنهه ڪٽئينم. ڏاڍو ننگ ڀريو آ.” ائين چوندي هوءَ گهڻو سنيجده ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. پر پٽ جي هن واجبي تعريف تي هوءَ پنهنجي خوشي لڪائي ئي ڪانه سگهندي هئي. کيس ياد آيو ته ننڍي هوندي پاڻ مال چاريندو هو. شام جو موٽندي ڪاٺين جي ڀري ڪريو، کڻيو ايندو هو. رات جو مال جي دونهين وجهي، ڏُهائي ڪري، کير وڪڻڻ ويندو هو. ياقو رڳو گابا چارڻ ويندو هو، پر اتي گابا ڇڏي ملهون پيو وڙهندو هو ۽ اِٽيءَ راند پيو ڪندو هو. گابا موقعو ڏسي ڀڄيو اچيو ڳئن ۾ پوندا هئا ۽ هو جيسين ڊوڙايو ڊوڙايو هڪڙي کي جهليندو هو تيسين ٻيا ڌائي ويندا هئا. شام جو پڻس جي ڊپ کان تڙ تڪڙ ۾ لڪائي ڳئون ڏُهي، کٽل کير جيترو پاڻي بخاريءَ جي مٽيءَ مان وجهي، پتري ڀري گوپال جي هوٽل تي ڏيندو هو. گوپال کير چکي چوندو هو- ‘ڀروا، پرهين جي بادشاهي ڏٺي اٿيئي، جو روز روز هي پانريءَ جو گهرو ڀريو اچين. وڃي رستي تي هاري ڇڏ.’ ڪڏهن چوندو هو- “ڙي شرڪاري ڊگلي کڻي اچو ته کير تپاسيون. ڀلي ڀروو جيل کائي؟” اهڙي ڏينهن تي گوپال هميشه کيس پئسا ڪونه ڏيندو هو ۽ چوندو هو، - ‘ڀڄ ڀڄ! وڃي پرهين کي موڪل.’ پوءِ پڻس کيس ڀونڊا، لعنتون ڏيندو هو، موچڙا اُلاريندو هو. ماڻس وچ ۾ پوندي هئي ته اها گاريون ۽ ڪڏهن لتون کائيندي هئي. هوءَ ياقوءَ کي الائي ڪٿي لڪائي ڇڏيندي هئي. هو پاڻ آڌين تائين منهن ٽاري ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هو. ان رات ڪوبه ڀت جي پڇا ڪانه ڪندو هو. ماڻس، ماسي ڦتح وٽان وٽي ان جي اُڌاري آڻي لڪائي چاڙهيندي هئي ۽ سڀني کي ماٺ-مٺيءَ ۾ اڌ اڌ پاٽ رُکي ڀت جي ڏيندي هئي.
    پڻس هر هر چوندو هو، ‘هي ماءَ..... ياقو ڪيڏانهن لڪي ويو؟ ڪڍينس ٻاهر ته اوجهه ڪڍانس.’ وڏو ٿيو ته ڪنهن جي گابي جو مائينڊ کولڻ، ته ڪنهن جي ڳئون جو چڙو کولڻ، رات جو ٻين ڇورن سان گڏجيو ڪڪڙيون چورايو، بچي ڪاڻي جي گهر ۾ رڌيو پيو کائيندو هو. پوءِ اچي ٻڪرين ۽ رڍن جي ڦَرن کڻڻ تي پيو. پڻس ڀرتيون ڀري ڀري ٿڪو، سو هڪڙي ڏينهن گهر ۾ در بند ڪريو اچيو ٿو وٺيس. اهو ڏينهن، اهو شينهن، وري ياقوءَ ڪنهن جو سڳو به ڪونه کنيو. خميسي کي اڄ به چٽيءَ طرح ياد هو ته ان ڏينهن ياقوءَ جون دل ڏاريندڙ رڙيون ٻُڌي هن جو رت ڦري ويو هو ۽ مارڻ وارو جي پڻس کان سواءِ ڪو ٻيو هجي ها ته خميسو اُڦٽ ماري ڇڏيس ها.
    پوءِ خميسي شادي ڪئي. ياقوءَ شادي ڪئي. پوءِ ڪيئن ياقو ڀاڻس کان ڌار ٿيو، راڄ ۽ مولوي ميڙي، کانئس اباڻي مڏي ورهائي ورتائين، ساهرن جو پاسو وٺي خميسي کي ڇڏي وڃي ڀت کاڌائين، سندس چوريون ڪرايائين. اهي سڀ ڳالهيون خميسي جي دل تي لکيون پيون هيون. جڏهن به ياقوءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي، تڏهن هو چوندو هو، ‘ان خنزير جي مون وٽ ڳالهه نه ڪر!’
    پر اڄ جنهن مهل ياقوءَ لاچار، ڦڪائيءَ سان، هٻڪندي ، پٽڪو لاهي سندس پيرن تي رکيو هو ۽ چيو هو، ‘مونجو ته پي آهي...’ ان وقت حافظي جي اسٽيج تي هڪ ٻيو، نرالو، پنهنجو، پيارو، اصلي ياقو نمودار ٿيو هو. هيءُ اُهو ياقو هو، جيڪو ننڍي هوندي ڇورن سان وڙهندي جڏهن نه ڦٻندو هو تڏهن روئندي چوندو هو، ‘آءٌ وڃيو ٿو ادا کي چُئان- ادا، ادا! مون کي عارب پٿر هنيا آن.’ جيڪو ڇورن کي چوندو هو- ‘ڇورا ڀڄو ته کيٽن ۾ هلي ڪُڏون. هتي ادا ڏسندو ته ماريندو.’ کيس گهڻو زمانو اڳ جي هڪ شام ياد آئي. اکين اڳيان هڪ مُڇن جي ساوڪ وارو، ڀريل، مضبوط ۽ آڪڙباز نوجوان آيس، جنهن کي ان شام جو کوهر تي ڪاوڙجي، سڀني جي اڳيان منهن تي مُڪ هڻي ڪڍي هئائين، نوجوان جو منهن ڪاوڙ وچان ٽامڻيءَ جهڙو ٿي ويو هو. سندس اکين مان ڄڀيون ڀڙڪي اُٿيون، منهن وٽجي سٽجي ڀيانڪ ٿي پيو. ائين ٿي لڳو ته اجهو ٿو چيتي وارو ڇال هڻي پاڻ کان ڪمزور خميسي کي ڳچيءَ ۾ جهلي زمين تي ڦهڪو ڪرائي. هن جا هٿ، ٻانهون ۽ بدن تاڻجي، سيٽجي، ڇال مارڻ لاءِ تيار ٿيا. خميسو پاڻ بچائڻ لاءِ هٽڻ تي هو. اوچتو، اک ڇنڀ ۾، الائي ڪيئن، الائي ڇو، نوجوان جا هٿ، ٻانهون، سڄو جسم ساهه ڇڏڻ لڳو. سندس اکيون هيٺ ٿي ويون. چپ ٿڙڪڻ لڳا ۽ اکين تي آهستي آهستي آلاڻ جي چادر پئجي ويئي. هو پٽ تي ڦهڪو ڪري ويٺو ۽ ڪنڌ مونن ۾ هڻي سُڏڪا ڀرڻ لڳو. پٽ تي گرڙي هاريائين، رڳو رت. ڌڪ مهارن ۾ لڳو هوس. جڏهن خميسي وڃي ڀاڪر پائي اُٿاريس ته روئي چيو هئائين، ‘ڇڏ مون کي.’ ٻئي ڏينهن خميسي کيس هڪ جيڏن کي چوندي ٻُڌي ورتو- ‘ادا هو، جي ٻيو ڪير هجي ها ته.....’ ادا- ادا- ادا!’ ڪيڏو نه پيارو لڳندو هو اهو لفظ خميسي کي! هي اکر اهي ماکيءَ ڦڙا هئا، جي سندس خشڪ زندگيءَ جي ڪڙاڻ کي دور ڪندا هئا. پڻس ڀلي کيس دٻائي، گوپال ڀلي کيس ڊگليءَ جا دڙڪا ڏئي، وڏيرو جمعو ڀلي کيس ‘ڙي ڇورا خميسا’ ڪري سڏ ڪري، پر هو به ڪنهن جو ادا هو، وڏو هو، ادب جي جاءِ هو. ڪنهن کي مٿس فخر هو، سندس واسطي عزت هئي، ادب هو، احترام هو. کيس به ڪي خاص حق هئا. هو هڪڙي ڏاڙهيءَ-ڌڻي جوان کي، جنهن کان دنيا ڪن هڻندي هئي، بي پرواهيءَ سان ‘ڇورا’ چئي سڏي سگهيو ٿي. ‘ادا-ادا-ادا-’ ماکيءَ کان به مٺا لفظ. هيترن سالن ۾ ياقوءَ ٻيون سڀ نالائقيون ڪيون هيون، کيس نقصان رسايا هئا، سندس راڄ ۾ گهٽتائي ڪرائي هئي، پر کيس سامهون ڪونه ٿيو هو. هينئر وڏپڻ ۾ به جڏهن خميسو ڪاوڙجي ڇوٽ ۾ گار ڏيئي، مٿس اُلر ڪري ايندو هو، تڏهن ياقو رڳو ايترو چوندو هو، ‘اي، هاڻ ٺهيو، ٺهيو. منجهين آهي ڪڄاڙو؟’ ٻين کي رونشو ٿي ايندو هو. ڪي خميسي کي جهليندا هئا، ڪي ياقوءَ کي اک هڻي مٿس ڪوڙو رعب رکندا هئا. ڪي پريان ئي پيا چوندا هئا، “وٺ ڀيڻيان جا پٽ! چاچا خميسو ڪاوڙيو آهي. اڄ ماما ياقب جو خير ڪونهي.” وڏا هڪ جيڏا چوندا، ‘ڀلي ڀيڻ... کي سڌاري. رڏي سڀ ياقب ۾ آهي.’ پوءِ سڀ کِلي وجهندا هئا، سواءِ خميسي جي. هو کِلي، ياقب تي پنهنجو رعب گهٽ ڪيئن ڪري؟
    اڄ، هيڏيءَ دشمنيءَ هوندي به خميسي کيس ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ گار ڏني هئي، ‘ڀڙوا’. ڪيڏيءَ نه حڄت سان، ڪيڏي نه لڪل پيار سان، ڪيڏي نه فخر سان هن اها گار ڏني هئي ۽ ڄڻ ته ياقوءَ به ان جو مطلب سمجهيو هو ۽ ائين سهي ويو هو ڄڻ ته کيس ڪو انعام مليو هو!
    هينئر جڏهن سندس دل ۾ هڪ گهرو روح تي ڇانئجي ويندڙ سڪون ۽ اطمينان هو ۽ جڏهن هن کِلڻ چاهيو ٿي تڏهن به ڳنڀير هو... هو وڏو ڀاءُ هو... ۽ پوءِ راڄ اُٿي ويو ۽ هو گهر آيو.
    هن باڪس جي تيلي هڻي ڏٺو. آمي هنڌ ۾ سُتي پيئي هئي. هن کي خبر هئي ته هو جاڳي پيئي ۽ ان انتظار ۾ آهي ته خميسو کيس جاڳائي خبرون ٻُڌائي ۽ اڃا هو يعقوب سان پرچاءَ جي ڳالهه ڪري مس ته هوءَ ڏاڪا ٻڌي مٿس چڙهي وڃي. کيس اها به خبر هئي ته جي نه اُٿاريندوسانس ته پاڻهي ڪونه ڪو بهانو ڪري اُٿندي ۽ سوالن جو وسڪارو لائي ڏيندي. هو آهستي اوندهه ۾ سنڀاليندو، آميءَ کي اورانگهي، پنهنجي پاسي اچي ليٽيو. هن ٻي ٻيڙي ڪڍي دُکائي، هتي پهچي کيس محسوس ٿيو ته هو هميشه جيان ڪمزور ٿي ويو هو. کيس شايد نه پرچڻ گهربو هو. هن ويچاريو- ‘ياقوءَ کي هينئر معافي وٺڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. کيس سڦوران جي ڌيءَ جو سڱ کپي، تنهن لاءِ منهنجي ڌيءَ جو بدو کپيس. وڏيرو جمعو ۽ عارب کيس پڙهائي وٺي آيا آهن ته هينئر سنئين سڌي سڱاوتيءَ جي ڳالهه ڪبي ته ڪم ڪونه ٺهندو. تنهن ڪري پهرين هلي پيش پئو ته پوءِ خميسو راڄ کان ٻاهر وڃي ڪونه سگهندو.
    ‘وڏا ٽپتائي آهن!’ هن ٿُڪ اُڇليندي دل ۾ چيو، ‘چڱو، ڏسان ته ڪيئن ٿا مون کان سڱ وٺن.’ هن پاڻ کي تسلي ڏيڻ ۽ پنهنجي نظر ۾ پنهنجي عزت برقرار رکڻ لاءِ چيو، پر اهو احساس دل تان لاهي ڪين سگهيو ته کيس بيوقوف بڻائي ويا آهن.
    ٽي مهينا ماٺ ٿي ويئي- پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن ياقب ڀاءُ تي ميڙ ڪئي، “ڪاڪا جوسب ڳالهه ڪندو هو.” عارب ختاب ۾ گڏيل راڄ جي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، “هيڪڙو شخص هو، سو قسمت سانگي پنهنجو پٽ ۽ ننڍو ڀاءُ وٺيو ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي ويو، واٽ ۾ قضا الاهيءَ سان اچيو ٿو طوفان لڳي. ٻيڙي اچي ٻُڏڻ لڳي. ناکئي چيس- ‘پنهنجي ڀاتين مان هڪڙو سمنڊ ۾ اُڇلاءِ ته ٻيڙي هلڪي ٿئي، نه ته سڀ ٻُڏي مري وينداسون.’ اها ڳالهه ٻُڌي هو ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ته ڪنهن کي سمنڊ ۾ اُڇلايان، آنڊن ڄائي پٽ کي يا ابي جي پٽ کي؟ پهرين چيئن ته ڀاءُ ٿو اُڇلايان، پر پوءِ دل ۾ ويچار ڪيئين ته جي اهو پٽ ويو ته مڙس آهيان، زال ٻيو پٽ ڄڻي وجهندي، پر امان ابا ته ڪونه ويٺا آهن، جو ٻيو ڀاءُ ڄڻي ڏيندم. سو هنيون ڪارو ڪري، اکيون ٻوٽي، آنڊن-ڄائو اُڇلائي وڌئين سمونڊ ۾ ۽ ڀاءُ کي وٺي وڃي ڪناري ڀيڙو ڪيئين.’” هن اٿاهه داد جي جذبي ۾ ٻُڏل آواز ۾ چيو، “هلا ڀيڻان مڙس.” جانوءَ ساڳيءَ عقيدت ۽ ساراهه ۾ ٻُڏل آواز ۾ چيو، “ٻيو ڪير اسان جهڙو هجي ته چوئي پانجو پٽ بچايون، ڀاءُ وڃي کڏ جي تري ۾ پوئي.” ڪامل پوڙهي چيو: “اڄ مڙس آهن ڪٿي؟ مڙس ويچارا ويا مري. اڄ سڀ وڃي رهيا آهيون نالي جا مڙس. اڄ جتي ڪٿي بادشاهي آهي رنن جي. مڙس ويچارا پيا اک جي پوڇڙ مان نهارين ته زال نه متان ڪاوڙجي پئي. ابا ڳالهه ڪندو هو ته، موسي متواڻي جي ڏاڏي سليمت ڪا ننڍي هوندي حد سوهڻي هوندي هئي. چو ته ڪر ڪو پريءَ جو ٻچو آهي، ٻي ڳالهه ڪانهي. نڙيءَ مان پاڻي پيو بکندو هوس’....”
    “اُن مائيءَ جون چؤن ٿا ته، ملڪ ۾ پوڪارون هيون.” جانوءَ چيو، “مون وڏ پڻ ۾ ڏٺي هئي. تڏهن به مائيءَ جي حشمت جهلڻ جي ڪانه هئي.” حاجي جمعي اقرار ڪيو.
    “ننڍي هوندي چؤن ٿا، اهڙي هئي جهڙو هي ماندان گولو رکيو آهنان. جڏهن مائي لائق ٿي تڏهن وڏا وڏا امير خاندان سندس سڱ لاءِ ميڙيون ڪري آيا. سائين عليءَ ڏنو شاهه، هن سائينءَ جو ڏاڏو ته ماڳهين چُون ٿا ته چريو ٿي بيٺو ۽ سڄو ڏينهن سليمت، سلميت، پيو ڪندو هو. سليمت جي پي ياقب کي دين دنيا ۾ اولاد ئي اها هيڪڙي ڌيءَ هئي، تنهن تي ساهه ڇڏيندو هو. ياقب جي وڏي ڀاءُ سلوءَ کي به هيڪڙو پٽ هو.”
    “سِلو نه ڀَلُو. سلو ته ننڍي هوندي چؤن ٿا ته مري ويو.” حاجي جمعي چيو، “ها، ڀلو، سچي ڀلو. ڀلوءَ جو پٽ هو پريو. قدرت خدا جي ويچاري کي ننڍي هوندي کا ڪا لڳت هئي، سو ٻنهي ٽنگن کان صفا چٽ ٿي ويو. بڊيءَ جي بڊي. رڳو ويٺو نهاريندو هو. مغز ۾ به پورو ڪونه هوندو هو. ڪڏهين ڪڏهين ويٺي ڀوتاڙي ايندي هيس ته جيڪا شيءِ پاسي ۾ ڏسندو هو، سا ٺاءُ ڪري هڻندو هو، ڪنهن نه ڪنهن جي مٿي ۾” آن مان ڪن ڏٺو به هوندو.” “مون ڏٺو هو.” ڪنهن چيو. “ها، سو ڀلو مري ويو. باقي وڃي پريو رهيو. سو چئي، ‘آءٌ شادي ڪريان.’ ماڻهن چيو ته، ‘تون ههڙي حال جڏو، تون زال کي ڇا ڪندين؟ توکي ڪير ڏيندو؟’ ته چوئين، ‘مون جي ڪنوار جا ويٺي آهي.’ پڇئونس ته ‘ڪهڙي؟’ ته سليمت ڏانهن اشارو ڪري چيئين، ‘اها جا ويٺي آهي.’ ماڻهن دل ۾ چيو ته، ياقب ٿو هن جڏي مڙس کي ههڙي ڪونج جهڙي ڌيءَ ڏئي. ياقب جي زال جو ٻُڌو، تنهن مڙس کي چيو ته، ‘ڀائٽين جا ننگ ڏس. چئي ٿو ته سليمت سان پرڻبس. ٽنگون به ٿيون ٺهنس، جو ٿو مونجي ڌيءَ جو نالو وٺي.’ ابا، هن جو ايترو چوئڻ ۽ ياقب جو لٺ کڻي کيس وٺڻ! چوئينس، ‘بس ڪر ڀڙوي! مون جي موئي ڀاءُ جي نشانيءَ تان ٿي چٿرون ڪرينءَ. آءٌ ڏيندس ئي ان کي.’ پوءِ ابا، نيٺ اها شادي ٿي. راڄ گڏ ٿيا، ڀت ڪاڄ ٿيا. جڏهن نڪاح ٿي پڙهيو تڏهن ياقب کان اُڇنگار نڪري ويئي. ڪرڙيءَ وانگر پئي لُڇيو. نيٺ ڀلا مائٽ....” “ها سائين مائٽ ڀينسان نيٺ مائٽ!” ڪنهن چيو، “روئي ڌيڻس کي چوئين، ‘ابا اڄ نڙي وڍي ڇڏي آمين. مون جي ڀاڻي اڄ مري وئينءَ. جي حلالياڻي هوندينءَ ته مرڻ مري ويندينءَ پر وات مان ٻڙڪ ٻاهر ڪانه ڪڍندينءَ...’ پوءِ پريو هڻيو مٿا ڦاڙيو رکندو هوس. ڪُتا به رت ڪونه چٽيندا هئا. ياقب اکين ويٺي ڏسندو هو پر ڪڏهن به ڀائٽي کي ڪونه چيئين ته ‘توجي منهن ۾ ڪڄاڙو آهي.’ روئي چوندو هو، ‘مونجي ڌيءَ مون گهڻا ڏينهن ڪُهي ڇڏي، جيئري هجي ها ته آءٌ به ڪڇان.’ هوءَ به اشراف جي ڌيءَ مرندي مري ويئي، پر اُبتو پير ڪونه کنئين. اهڙيون به ماڻهن جون ڌيون هيون ۽ اهڙا به يار مڙس پيا هئا.” “ها ادا، ويچارا مڙس!” “سو ادا، سڦوران جو ڇورو نڪو آهي منڊو نڪو آ ٽنڊو. مڙسن جهڙو مڙس آهي. باقي هاڻ کڻي اهڙو اجايو چالاڪ ۽ هشيار ڪونهي ته تنهن ۾ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه ٿي پيئي. پانجيءَ ڳالهه وارو آهي. مال رزق آهيس. ڪم ڪار جو مڙس ماڻهو آهي. چور بدمعاش ڪونهي. ٻيو هاڻ ڇا کپي؟” “نه سائين ڪم جو اهڙو مڙس ماڻهو آهي، جو ڳالهيون ڇڏي ڏي. تينيان مون سان آبٿ وهيو ته اسين سڀ پوئتي، هي سڀني کان اڳتي. چو ته ڪري جهڙي مشين!” هارون مُلين چيو، “ها، هي پاڻ وارا ڇورا جيڪي سڄو ڏينهن آڏيون پٽڪيون ٻڌيو، سينڊون هڻندا، بازاريون پيا گهمن، سي هن جي جُتيءَ برابر به ڪونهن. هو ڀيڻسان آهي ست دفعا مڙس!”
    “ادا هاڻ خبرون خير، رات گهڻي ٿي ويئي آهي. هاڻ وٺو خميسي کان جواب.”- “ادا خميسو ويچارو هاڻ جواب وري ڪهڙو ڏيندو، اڪ کاڌيءَ ڌيءَ لا ڪري آن هيترن ڀارن ۽ ابي جي پٽ کي بي مانو ڪونه ڪندو. اڃا به پڇوس، متان آءٌ ڀُليل هجان.” هارون مُلين چيو. خميسي کي جيڪي ڳالهائڻو هو، سو اڳيئي ڳالهايو هئائين. جيڪي جوڻس چيو هوس، سو چيائين ۽ جيڪي کيس چوڻو هو، سو به چيائين، پر هاڻ خود کيس به پنهنجا دليل ان لوڻ جي چپٽيءَ جهڙا لڳا، جيڪا پاڻيءَ سان ڀريل وٽي ۾ پوڻ شرط ڳري ويندي آهي. راڄوڻي رسم ۽ ريت جي کيس خبر هئي. سندس دل ئي شاهدي ڏني ٿي ته سندس حجتون ۽ اعتراض ڪيڏا نه ڪمزور، بي معنيٰ بلڪل کِل جهڙا هئا.
    ‘راڄ کي چوان ته مونجي ڌيءَ ۽ زال اهو گهوٽ ڪونه ٿيون قبولين! ڳالهه خواري! ڏاڙهي ڪوڙجي وڃيم! ٻئي ڪنهن جي ڌيءَ گهوٽ ڌُڻي کنيو آهي جو مونجي ڌيءَ کي ڌُڻڪ گهوٽ ملندو! آءٌ به آهيان وڏو بيوقوف! رنن جي چوئڻ تي لڳي راڄ کي منهن ڏيو بيٺو آهيان. سڀ دل ۾ مون تي کِلندا هوندا. ماڻهو اڳيئي پيا خواريون ڪن ته خميسو زال جي چوڻ تي آهي.’ پر پوءِ به ڄڻ جواب سندس نڙيءَ ۾ ڦاسي پيو. سندس اکين اڳيان زال جو ليلائيندڙ، روئڻهارڪو چهرو، ڌيءَ جو هيٺ ٿيل ميار ڏيندڙ ڪنڌ تري آيو. ‘پر آءٌ هُن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ مون جي به ته وس ڪونهي.’آخر هن گلو صاف ڪندي چيو، “ادا، مون پانجي ڌيءَ وڌي آن راڄ جي جهوليءَ ۾. جيئن وڻنا تيئن وڃي ڪُهوس.” سندس اکيون آليون ٿي ويون. ڀاڻس ڊوڙي اچي کيس پيرين پيو. وڏيري ڳراٽڙي وڌيس. هارون مُلين، عارب ۽ جانوءَ پُٺ ٺپري پيار سان چيس، “شابس، شابس!” سندس دل ڀرجي آئي.
    اهڙيءَ طرح سونا جو سڱ سڦوران جي پٽ رمونءَ سان ٿي ويو.


    پسي ڳاڙها گل

    هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پيئي، سندس وات مان رڙ نڪرندي نڪرندي دٻجي ويئي. هن پنهنجي دماغ جي پوريءَ قوت سان آواز ڏانهن ڌيان ڏنو. در وٽ تمام هلڪو پر چٽو ٺڪاءُ ٿيو. در جو تالو ڪڙي سان آهستي ٽڪريو.
    پوءِ ڳچ دير خاموشي ٿي ويئي. منٽ کان پوءِ وري ساڳيو آواز ٿيو. ‘هوا.... نه، ماڻهو!’ کيس محسوس ٿيو ته سندس لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ پيشاني پگهرجي ويئي. هوءَ بي اختيار سٽ ڏيئي اُٿي ۽ هڪ دل ڏاريندڙ گونگي ريهه ڪري وري پڙڇ تي ڪري پيئي. ڳچ دير سور کان ماندي ٿي پيئي هئي، ٻه پاڻياٺ جا کارا ڦُڙا وهي اچي سندس وات ۾ پيا، پوءِ ٻيا ڦُڙا به مٿئين چپ جي اندرئين پاسي کان وات ۾ ٽمندا رهيا. رت، هن سوچيو، دانهن ۽ سور کي روڪڻ لاءِ هيٺئين چپ ڪرٽڻ ڪري نڪتل رت. هن ستي ئي زخمي چپن کي ڀڪوڙي رت جي گرڙي ٻاهر اُڇلي. رت ۽ ٿُڪ سان سڄو ڳل ڀرجي ويس. هن ساڄيءَ ٻانهن کي آهستي آهستي ٺونٺ جي ٽيڪ ڏيئي مٿي چوريو. کيس ائين لڳو ڄڻ سندس ٻانهن سان ان جي ڳوڻ ٻڌي ڇڏي اٿن، جا چرُڻ کان پري آهي. ‘هيءَ سچ پچ منهنجي ٻانهن آهي؟’ هوءَ سوچڻ کان سواءِ رهي نه سگهي. پوءِ ياد پيس ته سندس پٺن، ٽنگن، مٿي، ڳچيءَ، هٿن ۽ منهن تي اهڙيون ڪئين ڳوڻيون لڏيل آهن، جنهن ڪري اُهي به ڪيڏانهن چُري پُري نٿي سگهيا. نيئر واري ڳالهه کيس صفا وسري ويئي هئي. جڏهن ياد پيس تڏهن ساڄيءَ ٽنگ کي سور جي باوجود چوري ڏٺائين. ‘ها، اها اتي ئي هئي.’ ٽي چار هٿ ڊگهي ڏاڍي لوهه جي زنجير، جنهن جا ٻه ور سندس سبتيءَ ٽنگ کي ڏنل هئا ۽ ٻيو ڇيڙو وچئين ٿنڀ ۾ ٻڌل هو. هن ڪنڌ کي سخت تڪليف سان آهستي آهستي ڦيرائي، ساڄي ڪلهي جي ويجهو آندو ۽ ڳل کي چولي سان گهڪا ڏنائين. ڪجهه رت ۽ گگ اڃا به ڳل تي رهجي ويئي هُئي. ‘ڪنڌ جون نسون، شايد هنئين ۽ اکين جي تارن سان مليل آهن.’ هن سوچيو، ‘نه ته ڪنڌ چوريندي، هنئين ۽ اکين جي تارن کي اهڙيون سٽون ڇو اچن، جو ماڻهو ڀانئي ته هنيون پٽجيو ٿو ٻاهر نڪري، اکين جا تارا اجهو ٿا ٻاهر نڪرن؟’
    در تي وري به کڙڪو ٿيو. ڪلف ۾ چاٻي گهمڻ جو آواز- ‘ها بلڪل اهڙو، پڪ ڪو ڪلف کولي رهيو آهي، پر آهستي، ماٺ ميٺ ۾. ڇو؟’ هن سوچيو. ‘مارڻو اٿن ته ظاهر ظهور مارين، لڪن ڇو ٿا؟ ڪير هوندو؟ شايد ادا جمعو هوندو. ڪلف جي چاٻي وٽس برابر ڪانهي. چاٻي وڏيرو جاڙو پاڻ سان کڻي ويو هو.’ ‘متان مائٽ...’ ڪلف نه کُليو. ‘شايد ڪليءَ سان ڪلف پيو ٽوڙي. ڀانئي ته سُتي وڃي ڪهاڙي هڻانس، کيس وري به سياٽو وٺي ويو. ‘دانهون ڪريان’، هن فيصلو ڪيو. ‘دانهون، ايڏيون دانهون جو سڄو ڳوٺ اُٿي پوي. چوان ‘گهوڙا ڙي، مون کي ادا جمعو ٿو خون ڪري.’ ها ۽ چوان، ‘ڙي بابا، ڙي امان، ماما آچار، ماسي آشت، وڏيرا جاڙا، ميانجي سومار، حاجياڻي، بصران، آءٌ خون ٿي ٿيان. ڊوڙي اچي مون کي بچايو، ٻچن جي صدقي، پنهنجين نياڻين جي صدقي، مرشد سچي جي نالي، الله ۽ رسول جي صدقي مون کي بچايو.’ بنا ڳالهائڻ جي سندس گلو ڀرجي آيو. لڙڪ اکين مٿان ڄمي ويل رت جي تهن مان سيرون ڪري سُڄيل، سوڻل ڳلن تان ٽمندا هيٺ ڪريا. نه، ڪير ڪونه ايندو . جي ايندا ته به تڏهن، جڏهن سندس دانهون هميشه لاءِ ختم ٿي چڪيون هونديون.
    هوءَ بلڪل بيوس هئي، بيواهه هئي، ڌڪاريل هئي. ‘اهو سڀ ڇو ٿيو؟’ هوءَ پنهنجي زندگيءَ بابت سوچڻ کان رهي نه سگهي. ‘اڳي ته سدائين هوءَ اهڙي نه هئي..!’
    ننڍڙن ٻارن کي ڀلا سونهن جي ڪهڙي خبر؟ کين ڪهڙي خبر ته ماڻهو سهڻو ڪيئن ۽ ڇو ٿو ليکجي؟ پر هن کي الائي ڪيئن ننڍي هوندي ئي، بلڪل ننڍي هوندي ئي، ڄڻ ته پاڻمرادو خبر هئي ته هوءَ سهڻي آهي. جنيءَ، نيامت، حليمان ۽ سومل سڀني کان سهڻي. هاڻ جڏهن سوچيائين ٿي ته کيس اهو راز سمجهه ۾ اچي ٿي ويو ته ڪيئن کيس ننڍڙي هوندي ئي پنهنجي سونهن جي خبر هئي.
    اول ته ماڻس ۽ پڻس جو لفظ لفظ، هرڪا نگاهه، هرڪا ڳالهه کيس ٻُڌائيندي هئي ته، ‘تون سهڻي آهين.’ ماڻس چوندي هئي: “ملوڪان. امان ملوڪان، مونجي ملوڪڙي، ملڪان پري اچ ته چوٽي ڪرينءَ‘!” سندس اکين سندس چهري ۾ نهاري هوءَ اڻ لکي نموني محسوس ڪري وٺندي هئي ته پاڻ سڀن کان ملوڪ آهي. پڻس جڏهن منهن ۾ گهنج وجهي ماڻس کي چوندو هو، “سڄو ڏينهن ڇا پئي ڪرين؟ رڳو ڇوريءَ کي پاڻيءَ ڍڪ وجهي چولو ڌوئي به ڪونه وڌو اٿئي، جو کڻي ماڻهو بازار وٺي وڃيس. سڄو ڏينهن ٿي بازار بازار ڪري! نهار ته ڪر، ماڻهوءَ جي ڌيءَ آ ڪ ڪنهن ٺوريءَ جي!” ماڻس ته بناوتي چڙ مان چوندي هئي: “اي هاڻ اهڙي ملوڪ آ. آهي به ڪنوار ڏاڍي سهڻي، جنهن لاءِ ولات مان وڳا ايندا! ڊني جهڙو مٿو ٿو سونهيس!” پوءِ کيس خبر پئي ته انهن ظاهريءَ طرح بي پرواهيءَ جي اکرن ۾ ڪيڏو پيار، ڪيڏو فخر ۽ ڪيڏو غرور لڪل هوندو هو.
    ماسيس هاجران ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه دفعا ٿُڪون مکيندي هيس، چماٽون هڻي چوٽي ڪندي هيس، نراڙ تي ڪاراٽ مکيندي هيس. حليمان جڏهن به ساڻس گُڏين تان وڙهندي هئي تڏهن کيس بُجن کان جهلي، ڏند ڪرٽي، هٿن ۾ رانڀوٽا وجهي، نانگ واري ڦوڪ ڏيئي چوندي هيس: “مرڻ، ملوڪڙي ڪا آهين، تنهن ڪري پرايون گُڏيون ڦٽائيندينءَ، هان؟”
    پوءِ شادين ۾، غمين ۾، ٻين ڳوٺن جون زالون سندس ڳوٺ جي زالن کان پڇنديون هيون: “ائي اها ڳاڙهي چولي، موٺڙي جي سٿڻ واري ڇوري ڪير هئي؟” “ڪهڙي؟” “ائي مٺيس، هيءَ جيڪا سوير ڪانه هتي ويٺي هئي، ڳوري منهن، ويٺل مٿي واري؟”- “ائي ها، ملوڪان ٿي چوئين؟ اها، اما، جنان ٻائيءَ جي ڌي آهي.” “ڇوريءَ جي ته حشمت جهلڻ جي ڪانه هئي. چو ته ڪر ڪو سج جو ٽڪر آ ٻي ڳالهه ڪانهي!”
    “ها، ماسي، ڇوري اها لکن ۾ هيڪڙي آ.” پوءِ پوڙهيون چونديون هيون: “اما، سهڻا ته ٽوهه به پٽن ۾ پيا آهن، الله شل صالح ڪريس.” “ها، اما، شل جڳ جهان جي ڌين جي سولي ڪنڌي ٿئي.”
    “۽ پوءِ ڳوٺ جا نوجوان هوندا هئا ۽ سندن اکيون هونديون هيون- شوخ اکيون، گهوريندڙ اکيون، ٿڌڙا ڪڍندڙ اکيون، حيرت ڀريل وائڙيون اکيون، هيسيل اکيون، سوالي اکيون، واجهائيندڙ اکيون، عبادت ڪندڙ اکيون، پيرن هيٺان وڇائجندڙ اکيون، چريون ۽ مست اکيون، ڊيڄاريندڙ، منجهائيندڙ، دل جي تار تار کي ڇيڙيندڙ ۽ خوابن جي دنيا ڏانهن سڏيندڙ اکيون. اهي اکيون کيس ڪنهن اڻڄاتل ٻوليءَ ۾ چونديون هيون: ‘ملوڪان! تون هن ڳوٺ ۾، هن ڌرتيءَ تي، هن آسمان هيٺ اڪيلي ۽ نرالي آهين، تنهنجو ڪوبه ثاني شريڪ ڪونهي. تون سونهن آهين، تون منزل آهين، تون انساني ڪمزورين، مجبورين، خوشين ۽ غمن کان بالاتر آهين، تون ڳوٺ جي سمورين شين ۽ ماڻهن جي مالڪ مختيار آهين، فقط تنهنجي سونهن ۽ تنهنجي جواني اٽل آهي، لافاني آهي، ٻيو سڀ ڪجهه هيچ آهي، بي معنيٰ آهي، فاني آهي.’ ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ ۾ گم، هر شيءِ ۾ موجود، هر شيءِ کان بي نياز، هوائن ۽ موسمن، سج ۽ چنڊ، زندگيءَ ۽ موت کي پنهنجين نازڪ مُٺين ۾ بند ڏسندي، خيالن جي ڪڪرن تي پير رکي، خوابن جي دنيا جي نامعلوم آسماني ٻيٽن جا سير ڪندي رهي.
    پوءِ هڪڙي ڏينهن يارو آيو.
    وچينءَ جي مهل هئي، هن پاڻيءَ جا گهڙا مٿي تان لاٿا ته سامهون کٽ تي کيس ڏٺائين. هو سوڙهو سوڙهو، لڄارو لڄارو، حيران ٿيو ويٺو هو ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل ڪپڙن کي ناسي پٽڪو لاهي پئي ڇنڊيائين. “اما، ڀاءُ کي ڀليڪار ته ڏي، سڃاڻيس ڪانه ٿي؟”
    پوءِ هن سڃاتس، هو مامس هارون جو پٽ هو، جيڪو ننڍي هوندي وٽن ايندو هو، پر پوءِ ٻنهي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو هو. مامس ۽ پڻس پاڻ ۾ ٺهندا ڪونه هئا، ڇو ته پڻس کي ماڻس جو سڱ ڏيڻ جو هارون سخت برخلاف هو، جو پڻس سمون هو ۽ مامس هارون وارا سومرا هئا. ٻين سومرن به سخت شور ڪيو، پر پڻس، سيد پير گڏ ڪري ڪنهن پراڻي آڏي اُبتي مائٽيءَ جو سهارو وٺي، ماڻس کي پرڻي آيو هو. ان بعد هارون ڀيڻ کان ٿڌو هو ۽ سال ٿي ويندا هئا، تڏهن مس ايندو هو.
    “ڏس ته ڪيڏو ٿي ويو آهي! پاڻ واري اسڪول ۾ فينل ڏيڻ آيو آهي. تپيدار ٿيندو.” ماڻس يڪساهي خوشيءَ ۾ چئي وئي هئي.
    ڪيترا ڏينهن، ڪيترا مهينا گذري ويا، يارو ان وچ ۾ بلڪل بدلجي ويو، اڇا ڪپڙا پائڻ لڳو، وار ٺاهڻ لڳو ۽ ٺاهوڪو ٿي پيو. هو عجيب غريب ڪتاب پڙهي ٻُڌائڻ لڳو، سوچ ۾ گم ٿيڻ لڳو، منجهيل ۽ موڳو رهڻ لڳو.
    “يارو ڇا ٿيو آني؟” هڪڙي ڏينهن ملوڪان کيس حد کان وڌيڪ اُداس ۽ ويڳاڻو ڏسي پڇيو هو. ماڻس ان وقت گهر ۾ ڪانه هئي. جمعو مال سان هو. پوءِ ياروءَ ڏانهس نهاريو هو. عجيب نظرن سان، سڌ سرت وڃائيندڙ نظرن سان. هو ڪي گهڙيون ائين نهاريندو رهيو. هوءَ به بي سڌ ٿي ڏانهس نهاريندي رهي.
    “هڪڙي ڳالهه چوان؟” هن آخر هٻڪي هٻڪي، ڏاڍي ايذاءَ ۽ تڪليف سان چيو هو. سندس چهرو بگڙي عجيب، بڇڙو، کِل جهڙو ۽ قياس جوڳو ٿي پيو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ته نڙيءَ ۾ ڪا بصر جي ڳنڍ ڦاسي پيئي هيس. هڪڙي هڪڙي اکر تي اٽڪي ٿي پيو، “آءٌ... مون چيو.... تون....” پوءِ اوچتو هو تيز تيز ساهه کڻي يڪساهي ڳالهائيندو ويو.
    ملوڪان تي ڄڻ ڪا نئين ڪڙڪي ويئي. قسمين قسمين هڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ جذبن جون تيز لهرون سندس ننڍڙيءَ دل کي چئني پاسن کان وڪوڙي ويون. ڇاتيءَ هيٺان ڄڻ ڪا ريل پئي مٽي. هن سمجهيو ته اها نڀاڳي ڌڙ ڌڙ سڄو ڳوٺ پيو ٻُڌندو هوندو. ڊپ ۽ وحشت وچان سندس لڱ ڪانڊارجي ويا ۽ هوءَ اوچتي وٺي ڀڳي.
    “لئي، نپٽي رن، گابو ماري وڌي!” ماڻس پريان ايندي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي، کيس زور سان ڌڪ هڻي، چيو: “مئي رت ٿي! ڪا بغا پٺيان پيئي اٿئي ڪَ جو اکيون پوري وٺي ٽاپيون ڪندي ڀڳي آهين؟ مائي ههڙو ظلم ڪو ڏٺان! ڌيئڙي ڏينهن ڏٺي جو انڌن وانگر آٿڙندي، گگدامن سان ٽڪر هڻندي وتي.” ماڻس ڇا جو ڇا چئي ويئي. هوءَ ڦڪي ۽ ڏوهاري بڻجي، ڪپڙا ڇنڊيندي، اُٿي بيٺي. گابو سندس سٿڻ چٻڻ لڳو. هوءَ کيس آهستي ڌڪ هڻي، ڪنڌ هيٺ ڪري، ٻاهر نڪري، وڃي جنڊ جوٽي ويٺي.
    پوءِ، هوءَ ياروءَ کان پاسو ڪرڻ لڳي. اڳي وانگر ساڻس گهر جي ڀاتيءَ واري حجائتي هلت بند ڪري ڇڏيائين، سامهون ايندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري لنگهي ويندي هئي ۽ ڳالهائيندو هو ته هڪ اڌ اکر ۾ جواب ڏيندي هئي. پاڻ اڪيلي وٺي هوندي هئي ۽ هو مٿان اسڪول مان موٽندو هو ته خوام خواهه اُٿي ڪونه ڪو ڪم ڪرڻ لڳندي هئي. الائي ڇو کيس ياروءَ کان ڊپ ٿيندو هو، سندس لڱ ڏڪڻ لڳندا هئا. متيون منجهي وينديون هيون، پر هو جڏهن ڪونه هوندو هو تڏهن هوءَ بدلجي ويندي هئي. کيس هاڻ ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي کِل ايندي هئي ۽ کِلڻ لڳندي هئي ته يڪي پيئي کلندي هئي، تان جو سندس پاسن ۾ سور پئجي ويندو هو. ساهه گهُٽجي ويندو هو ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ايندا هئس. وٽجي سٽجي زمين تي يا کٽ تي ڪري، سور ڪندڙ پاسن ۾ هٿ وجهي، ڳوڙها ٺونٺ سان اُگهي، هوءَ سمهڻ لڳندي هئي، پر ذري کان پوءِ چوندي هئي: “ائي امان، جمعي ڏانهن ته نهار!” ۽ وري ساڳين ٽهڪن ۾ پئجي ويندي هئي. ماڻس ڳچ تائين پاڻ کِلي کِلي، پوءِ مصنوعي ڪوڙ وچان چوندي هئي، “ڇوري هاڻ ٺهيو! گهڻو ٿيو! سڄو ڏينهن ڏند ڪڍيو بيٺي آهين، حيا به ڪانه ٿي وٺئي.”
    گابو سندس سُٿڻ کي چڪ وجهندو هو ته اڳي وانگر کيس ڪاوڙجي ڌڪ هڻڻ بدران سندس منهن هٿن ۾ ڏاڍو جهلي، ڏند ڀڪوڙي، چپ هڪ خاص پياري نموني ٽيڙي، پيار کان بي قابو ٿي چوندي هئي: “چريا، مست، مار کائيندين!” کيس ماڻس، پڻس، ڀاڻس، ڳئون، گهر، واري، مٽي، هر شيءِ تي پيار اچڻ لڳو. رڳو ياروءَ سان ڄڻ سندس پوندي ئي ڪانه هئي؛ کيس ڏسي منهن گهنجائي ڇڏيندي هئي. آرتوار ڏينهن ماڻس هميشه جيان ياروءَ جا ڪپڙا ڏيئي چيس: “اما! هي وٺ ياروءَ جا ٻه پُچ پاڻيءَ مان ڪڍي وٺ.” تڏهن هن نڪ کي موڙو ڏيئي چيو هو: “تون نٿي ڌوئي ڏينس، مون ڪو سڄي ڳوٺ جو ٺيڪو ٻولي کنيو آ ڪ؟” ماڻس تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، ها امان، تو جو ڏوهه ڪونهي! بڻياتي آهين. پڦهين تي ويئي آهين نه، ماڻهين جو ڀائٽيو آهي، تنهن جو توتي ڪهڙو بار! مون کي ڏي ته آءٌ ٿي ڌوئان.”
    “ڦاٿا آهيون اچي!” چئي، ملوڪان ڪپڙن ۾ هٿ وڌو. مٿان ڪنهن جو پاڇو پيو. لؤڻو هڻي ڏٺائين- يارو. سندس منهن ڳاڙهو ٽامڻيءَ جهڙو ٿي ويو هو- شرم کان، الائي ڪاوڙ کان. ملوڪان اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون.
    وس جا ڏينهن اچي ويا. مُلڪ ڦُل پٽيءَ، مليري، للر، ڇٻر ڳنڍيرن جي گڏيل سڏيل خوشبوئن سان هٻڪارجي پيا. وڻ ٽڻ، برپٽ رنگبرنگي ويسن سان ڍڪجي ويا. چؤطرف مينهن وساڙا ۽ ماڻهو پکڙجي ويا- قسمين قسمين، ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، شام جو فضا، چڙن ۽ سنڀارن جي سُرن، ڌراڙن جي تنوارن ۽ ڪانبي جيڏن اُوهن وارين مينهن ۽ سندن ڦرن جي رنڀن سان گونجي اُٿندي هئي. سومهڻيءَ کان پوءِ وڏ ڪٻل ۽ ونجهوٽيءَ جي سڏن واڪن کي چيري، ڪنهن مولود يا ڪافيءَ جا آلاپ ٻرڻ لڳندا هئا. “هلا ڇورا قادو! تنگ توري ڇڏيءِ!” “احمد واري جوڙي اشي ڪشي زور ٿي ويئي، جسڪاڻين جون سڪون ٿي لاهي.” “ها ادا، ٿينديون وڃن.”
    يارو! جو هيترا ڏينهن اُجهاڻو اُجهاڻو پيو هو، سو ڄڻ ته ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي پيو. جيڪو پل پڙهڻ کان واندو هوندو هو، پنهنجي منهن پيو جهونگاريندو هو. سومهڻيءَ مهل ڪتاب جاري تي رکي هليو ويندو هو.
    وچينءَ جي مهل هئي. ملوڪان ڌونر ڳئون جو گابو نهاري نهاري ٿڪي پيئي، جو سندس سُتي الائي ڪيڏيءَ مهل ڇنائي وٺي ڀڳو هو. هوءَ ڳوليندي ڳوليندي ڳوٺ کان پري جهنگ ۾ هلي ويئي. اوچتو سندس ڪن کڙا ٿي ويا. ڪنهن پريان ڳايو پئي. هوءَ بيهي ڪن ڏيئي ٻُڌڻ لڳي. “رس مَ رسڻ گهوريو، ڇڏ راڻا ريڏائي!” آواز ڄاتل سڃاتل پر ساڳئي وقت بلڪل نرالو هو. ملوڪان کي ائين لڳو ڄڻ ڪو ابهم ٻار روئي روئي سُڏڪن ۾ پئجي وڃي. پوءِ آواز مٿي اُڏامڻ لڳو. اُڏماندو ويو- پوءِ بيهي رهيو ۽ ڪبوتر وانگر مٿي ئي پر ڦڙڪائيندو رهيو. پوءِ اوچتو هيٺ لامارو ڏنائين ۽ ڄڻ واڍوڙجي هيٺ ڪِري پٽ تي بُل ڏيڻ لڳو.
    ملوڪان آهستي آهستي آواز ڏانهن وڌندي ويئي. سندس دل ڏاڍي اُداس ٿي ويئي. کيس ائين لڳو ڄڻ سندس سڄي حياتي اُداس گذري هئي. کيس پاڻ تي، ڳائيندڙ تي، سڄيءَ دنيا تي قياس ۽ رحم اچڻ لڳو. ويجهو اچي ڏٺائين ته ڳائڻ وارو هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اوچين ٽارين تي چڙهيو ويٺو آهي. سندس اٿاهه درد ۽ ڏک ۾ ٻڏل چهرو ڏسي، هوءَ ڏڪي ويئي. هن کي پاڻ تي سخت ڪاوڙ آئي. ‘الا، ويچاري جو حال ته ڏسو.’ هن دل ئي دل ۾ ڦٿڪي چيو. پوءِ کنگهار ڪري چيائين: “ماڻهو ڏاڍا ڪافر ٿي پيا آهن.” ياروءَ ڇرڪ ڀري ڏانهس ڏٺو، “تون هتي ڪٿان؟” ۽ منٽ ۾ لهي آيو. ملوڪان وٺي پويان پير ڪيا. کيس اوچتو وڃايل گابو ياد آيو. “گهوڙا گابو الائي ڪيڏانهن ويو. امان ماري وجهنديم.” سندس ساڄي ٻانهن پٺيان سوگهي ٿي وئي. “الا ڇڏ نه.” هن ڊپ وچان دٻيل دانهن ڪري، سٽ ڏيئي، ٻانهن ڇڏائي. “جاني، مٺي، مومل ڳالهه ته ٻُڌ!” ياروءَ کيس ڀاڪر وجهي ڦيرائي پاڻ ڏانهن منهن ڪيس. هوءَ ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳي. “ڇڏ، ڇڏ، مئا، رت ٿيا. آءٌ ٿي رڙيون ڪريان.” هاڻ ياروءَ جا چپ اچي سندس ڳلن تي لڳا. ملوڪان خوف کان دانهن ڪئي. “مادر... ڇڏين نٿو...” ياروءَ جا هٿ ڍرا ٿي ويا، ڊپ کان سندس گلو خشڪ ٿي ويو، پير ڏڪڻ لڳس، وٺي جهنگ ڏانهن سٽ ڏنائين.
    ملوڪان سهڪندي سهڪندي گهر موٽي. سندس آليون اکيون، روئڻهارڪو منهن ڏسي، ماڻس کي گابو وسري ويو. کهري آواز ۾ پڇيائين، “ڇوري، ڇا ٿيو آني؟”
    گابو اندر بيٺو هو، هن زور سان چماٽ هڻي ڪڍيس. کيس ڇاتين ۾ ڏاڍو سور پئي ٿيو، گهر جي ڪنڊ ۾ پٺ ڏيئي، چولي جو ٻيڙو کولي، اندر ڏٺائين- سهڻي، لسي، پٿرائين گولائيءَ تي ڪاريءَ چوٽيءَ جي آسپاس وارو حصو سڄيل هو. هڪڙي هنڌ تي ڪارو نير بنجي ويو هو. ‘مئي مروان رانبوٽا هڻي....’ هن دل ۾ چيو. هوءَ ڳچ رات سوچيندي رهي. ‘اما يا بابا ڏسي وٺي ها، ته!’ سندس وار خوف ۾ شرم وچان اُڀا ٿي ويا. کيس ائين لڳو ڄڻ پاڻ ناپاڪ ۽ گندي ٿي پئي آهي. هن زالن کي پاڻ ۾ نڪن کي موڙا ڏيئي، ٺٺوليءَ ۽ نفرت وچان چوندو ٻڌو هو، “ائي فلاڻي ڪهڙي نڪ سان ٿي مَرڪي، ڌيڻس بجڪي ڪنواري هوندي جيڪي گل ڪڍيا آهن، تن جي ته ڳوٺ ۾ خواري ٻڌي!” “ائي اُن رن کي ته ٻُڏڻ به نٿو اچي!” “ماسي اها ڇوري متان وٺين، بنهه بدچال آهي.” اهي ڳالهيون ٻُڌي، کيس انهن “بدچال” ڇوڪرين لاءِ بڇان ۽ ڌڪار ٿيندي هئي. بيحيائن کي بدچال ٿيندي شرم به نٿو اچي. هوءَ سمجهي نه سگهندي هئي ته هو ائين ڇو ٿيون ٿين. ننڍڙي ٻار کي به خبر آهي ته بدچال ٿيڻ ڪيڏو خراب آهي. سڄي ڳوٺ ۾ خواري ٿيندي. ماءُ پيءُ وٽ ڪتي جهڙي عزت هوندي. کوهه تي، گس پنڌ تي، شاديءَ مراديءَ تي، سڀڪا رن اشارا ڪري چوندي، “ائي اها ڇوري بدچال آهي.” پوءِ به هرو ڀرو بيوقوفن کي ايترو به عقل ڪونهي يا شايد آهين ئي اهڙيون! کيس پڪ هئي ته کيس ڪو لک رپيا ڏئي يا ڪهي وجهي ته به جيڪر هوءَ بدچال نه ٿئي. بلڪل ائين جيئن ڪو لک رپيا ڏئي يا ڇا به ڪري ته به ماڻهو ڍونڍ نه کائي يا مئل ڪتي جي ڀرسان نه ويهي.
    هن پوءِ خواب ۾ ڏٺو ته هڪڙو ڇتو ڪتو سندس پويان پيو آهي، پاڻ ريهون ڪندي ڀڄندي وڃي، کيس پير ۾ ڪنڊو لڳو آهي. ڏاڍو سور اٿس، پوءِ به منڊڪائيندي ڀڄندي وڃي، وڃي مٿان ٿوهر تي پيئي آهي، ڪتو ويجهو پوندو وڃي، اجهو هاڻ چڪ وجهي ٻوٽ ڪڍي ورتائين. هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي آهي. سندس اک کُلي پيئي. سڄي پيئي ٿڙڪي. بدن پگهر سان شل ٿي ويس. پنهنجي هنڌ تان اُٿي وڃي ماڻس وٽ سُتي. ڳچ تائين دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهندي رهي.
    ڳچ ڏينهن گذري ويا. ملوڪان جو خيال هو ته يارو ضرور پنهنجي حرڪت تي شرمسار ٿيندو ۽ پڇتائيندو يا وري کيس تنگ نه ڪندو، پر ڏسڻ ۾ آيو پئي ته هو اٽلو ملوڪان تي ناراض هو. آرتوار ڏينهن ڪپڙا به ڪونه ڌوئاريائين، شهر جي ڌوٻيءَ کان اڳواٽ ڌوئارائي آيو هو. رات جو اُٿي ويٺي ڪنهن مهل اوندهه ۾ هڪ ٻئي ڀرسان لنگهندا هئا ته ملوڪان کي ڊپ ٿيندو هو ته متان مون کي ٻانهُن کان جهلي يا ڪهڙي خبر چهنڊڙي پائي. پر هو ائين هلڻ لڳو ڄڻ ته ملوڪان نالي ڪو ماڻهو گهر ۾ آهي ئي ڪونه. ملوڪان کي پهريائين عجب ۽ پوءِ ڪاوڙ لڳي. ڏوهه به سندس ۽ رُسي به پاڻ! ڪنهن مهل خيال ٿي آيس ته مون کي گار نه ڏيڻ کپندي هئي. ايڏي رڙ ڪرڻ جو به ضرور ڪونه هو. هو شايد ائين ئي ڇڏي ڏي ها، پر پوءِ سوچيائين ‘جيڪي اهڙا ڪم ڪندا، سي گاريون به کائيندا.
    اڳينءَ جي مهل هئي. ملوڪان ٻاهر اڱڻ ۾ ٿانوَ ويٺي ڌوتا. اندر گهر ۾ ماڻس پريان نماز پئي پڙهي. اندر يارو پڙڇ تي سُتو پيو هو. سندس مُنهن ملوڪان ڏانهن هو. سندس تازو ٺهرايل انگريزي ڪٽ وارن جي هڪ چڳ نراڙ تي گهنڊي هڻيو بيٺي هئي. ڌوٻيءَ جي ڌوتل اڇن کير جهڙن ڪپڙن ۾ هو سڄي ڳوٺ جي ڇوڪرن کان نرالو ٿي لڳو. سندس سهڻي چهري تي عجيب معصوميت ۽ اطمينان هو. اوچتو هڪڙي مک اچي سندس وات تي ويٺي. سُتي ئي سُتي سندس چپ ۽ ڄڀ ازخود عجيب کِل جهڙي نموني پٽجڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. ملوڪان کي اها عجيب چرپر ڏسي کِل اچي وئي. ‘جهڙو ننڍڙو ٻار بُبو پيو ڌائي.’ هن سوچيو. اوچتو کيس هڪڙو پور آيو. هوءَ آهستي آهستي پٻن تي هلي اندران پيتيءَ مان ننڍڙي ٽِڪ ڪڍي آئي ۽ جوٽ هيٺ ڪري ٿانوَ ڌوئڻ لڳي. ڳچ دير ٻڏتر ۾ هئي. آخر کانئس رهيو نه ٿيو ۽ ٽِڪ کي سج جي سامهون جهلي آهستي آهستي اٽڪل سان ڦيرائيندي رهي. روشنيءَ جو هڪ گول چڪرو وڃي ياروءَ جي اکين تي ڪڙڪيو. هن پهريائين اکيون ڇينڀيون، پوءِ هلڪي رڙ ڪري اُٿي ويٺو. ملوڪان جهٽ ڏيئي آئينو لڪائي، ٿانوَن کي جنبي ويئي. هُو هيڏانهن هوڏانهن لؤڻا هڻي، ملوڪان ۾ گهُور ڪري نهاري، ڪجهه بڙ بڙ ڪري، وري ٻئي پاسي منهن ڪري سمهي پيو. ملوڪان کي سندس بڙ بڙ ۽ گهُور تي خار وٺي ويا. هوءَ گهر جي پٺيان ڦِري ڳولي هڪڙي ڳڙکيءَ ڀرسان آرسي کڻي گهمائڻ لڳي. يارو بل ڏيئي اُٿي ويٺو ۽ سٽ ڏيئي جتان اولڙو پئي پيو، اوڏانهن ويو پر ملوڪان کسڪي اچي ماڻس جي ڀرسان بيٺي.
    “امان، تون پڙهي وٺ ته آءٌ به پڙهان.” يارو خار کائيندو رهجي ويو. هوءَ پنهنجي منهن مرڪندي رهي. ٻئي ڏينهن ملوڪان ننڊ مان اُٿي ته کيس راتوڪي ڳالهه ياد پيئي. رات جو کيس ننڊ ۾ ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ سندس ڳلن، چپن، پيشانيءَ ۽ ڇاتيءَ تي ڪنهن جا چپ اڻ لکي نموني پيا ترڪن. هوءَ ننڊ جي گهري هوندي هئي. جيستائين ننڊ مان سجاڳ ٿئي، تيستائين چپ غائب ٿي ويا. ڳل تي هٿ لائي ڏٺائين ته ڀِنل هئا. هن ٽانڊن جيان تپندڙ اکين سان ياروءَ ڏانهن ڏٺو پر هو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. اها حالت کيس ڳچ دفعا محسوس ٿي، پوءِ چور پڪڙجي پيو، پر هوءَ خواريءَ جي ڊپ کان رڙيون ڪري ڪانه سگهي. رڳو چور جو جيڪو عضوو هٿ آيس اتي هڪ زوردار چڪ وڌائين. جڏهن ٻئي ڏينهن ياروءَ سڄيل ڳل تي مٽي لنبي پئي چيو، “رات ڪو ڏينڀو ڏنگ هڻي ويو آهيم.” تڏهن هوءَ مُرڪڻ کان سواءِ رهي نه سگهي. ‘هيٺ!’ هن دل ئي دل ۾ فاتحانه نموني چيو. رات گهڙيءَ کن لاءِ جيڪو خيال آيو هوس ته، ‘امان کي دانهن ڏيئي کيس گهر مان ڪڍائينديس.’ سو سڄيل ڳل ڏسڻ کانپوءِ کيس فضول نظر آيو ۽ واقعي هو لڪل اشراف بڻجي ويو ۽ ڪابه حرڪت نه ڪيائين. باقي هاڻي کيس سدائين پيو ڏسندو هو. سندس اکين تي الائي ڪهڙو خمار چڙهيل هوندو هو. جيڪو وقت هو گهر ۾ هوندو هو، بنا ڏسڻ جي هر وقت کيس محسوس پيو ٿيندو هو، ته اهي تيز ۽ مست اکيون منجهس کُتل آهن ۽ سڀ ڪجهه ڏسن ٿيون. هوءَ اڪثر گهٻرائجي ويندي هئي. مٿي تي پوتي ۽ ڳري تي پلاند هر هر ٺاهي وجهڻا پوندا هئس. هلندي هلندي ڳالهه وسري ويندي هيس. ڳالهين ڪندي، هڪڙي بدران ٻيو جواب ڏيئي ويهندي هئي ۽ پوءِ پشيمان ٿي پوندي هئي.
    هڪڙي ڏينهن هو ڪتاب کڻي زور سان پڙهڻ لڳو. ماسيس کي ٻُڌايائين ته بيت ياد ڪرڻا آهن. پوءِ هو مومل راڻي، سسئي پنهوءَ ۽ سهڻي ميهار جي داستانن جا بيت اهڙي نموني پڙهڻ لڳو، جو سڀني جو ڌيان ڇڪجي ويو. رات جو انهن بيتن کي جهونگارڻ لڳو. آخر آهستي آهستي ڪري سڀن کي خبر پئجي ويئي ته سندس آواز ڪيڏو مٺو آهي. پڦيس ۽ سندس مڙس زور ڪري کانئس ڪافيون ٻُڌڻ لڳا. هوءَ اهي ڪافيون ۽ بيت ٻُڌي سمجهي ويندي هئي ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي. سندس دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويندي هئي ۽ هوءَ الائي ڪهڙين رنگين ۽ طلسمي دنيائن ۾ گم ٿي ويندي هئي. هوءَ هاڻي اڳيان سمورا ڊپ ڊاءَ ۽ انديشا ڀُلجي ويئي. سواءِ هڪڙي شخص جي باقي سڀ ماڻهو فقط پاڇا هئا. انهن جي خيالن، راين، ڪمن ڪارين جي ڪابه حقيقت ڪانه هئي، ڏوهه، ثواب، چڱائيءَ، مدائيءَ بابت سموريون ٻُڌل ڳالهيون کيس بي معنيٰ ۽ اوپريون نظر آيون. آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ هر شيءِ سهڻي، سُٺي، چڱي ۽ ڀلي هئي.
    هڪ ڏينهن جڏهن جمعي کي تپ آيو تڏهن ماسيس گهڻي منَع ڪيس پر يارو رسو ڪلهي تي رکي مال ڪاهي جهنگ تي هليو ويو. پٺيان لوڻو هڻي رڳو ايترو چيائين: “اڄ آچار جي موڪل آهي. پاڻ ٽنگون ساهي ايندس.” شام جو ڏهائي به پاڻ ڪيائين. پوءِ اڪثر ملوڪان جو پيءُ کيس چوندو هو: “ابا يارو، ڌونر ڳئون ته ڏهي وٺ. آءٌ اچيو ٿو ٻيون ڏهان.” جلد ئي هو واندڪائيءَ مهل هر ڪم ۾ هٿ وجهڻ لڳو- ڪاٺيون چيرڻ، بازار مان کڙ کڻائي اچڻ، مال ڏهڻ، دونهي وجهڻ وغيره. چوندو هو، “اسڪول ۾ پاڻ چون ٿا ته هٿ جو پورهيو ڪريو. هونئن به آءٌ ته ننڍي هوندي ئي ڪم تي هريل آهيان.” جڏهن پڻس مُدي جي تپ ۾ ڪِري پيو ۽ سڄي گهر تي موڳائي ۽ مُونجهارو ڇانئجي ويو، تڏهن ياروءَ ماٺ ماٺ ڪري سڄي گهر جو بندوبست پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
    “جمعا، اڄ مال سويرو آڻج، ڪاٺين جي ڀري به ڪريو اچج، آءٌ اسڪول مان ٿي چاچا کي وٺي ننگر اسپتال ويندس. متان دير ٿي وڃي، تون ڏهائي ڪري کير کڻي بازار اچج. پڦي اڄ ڪٿان پنج رپيا هٿ ڪر ته ننگر وڃون.” جڏهن ڏهه پندرهن ڏينهن گذري ويا ۽ مهانگين دوائن، گهر ۾ رکيل چاليهه رپيا کُٽائي ڇڏيا ۽ اُڌار جو آسرو به ڪونه پيو. پڦيس اول هڪڙو ڀيرو پڇيس: “ابا، يارو، هاڻ پئسو ته ڪونهي، هاڻ دوا ڪٿان ايندي؟” هن بي تعلقيءَ سان چيو: “بس ڏسون ٿا.” هڪڙي ڏينهن پنهنجو پڙڇ به ريڙهي آڻي مريض جي ڀرسان وڌائين. ملوڪان يا پڦيس وانديون ڪونه هونديون هيون ته پاڻ ويهي مريض کي زور ڏيندو هو. سڄو وقت پڙهائي، گهر ۾ مريض جي سنڀال ۾ رڌل هوندو هو.
    هڪڙيءَ رات مريض کي اچي آڌيءَ رات جو تپ ٿيو ۽ ڪنجهڻ لڳو، ملوڪان ۽ ماڻس سڄو ڏينهن ٿڪي ٽُٽي سُتيون هيون؛ تن کي سار ئي ڪانه ٿي. يارو جاڳي پيو. اُٿي پيهيءَ تان ٻي رلي لاهي آڻي مٿانئس وڌائين ۽ ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو. پوڙهي تي بخار جا مچ هئا، سڄو ڏڪيو پئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ پوڙهي جي هڪڙي ٻانهن چُري ۽ سندس هٿ آهستي آهستي هٿوراڙيون ڏيئي ڪجهه ڳولڻ لڳو. نيٺ اهو اچي ياروءَ جي ساڄي هٿ تي لڳو ۽ آهستي آهستي ڀڪوڙجي ويو. ياروءَ پنهنجو هٿ اتي رهڻ ڏنو.
    “ابا، الله، الله جو رسول ڪندو، سدائين سُکيو هوندين. آءٌ جي هيڏانهن ڪه هوڏانهن ته پوئين لَڏ پرتي آنين.” پوڙهي ڀڻ ڀڻ ڪري مشڪل سان چيو. ياروءَ کي خوف وٺي ويو. “چاچا، دل وڏي ڪر، هاڻ اچي چڙهيو آهين! ٻن ٽن ڏينهن ۾ نوبنو ٿي ويندين.” هن پوڙهي کي ڏڍ ڏنو. آخر هڻي هڻي بيماري هٽي ۽ هو ٺيڪ ٿيڻ لڳو.
    ڏينهن گذرندا ويا ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون.
    هڪڙي ڏينهن غوثوءَ جي زال سومل، گج کڻي آئي. ملوڪان ۽ ماڻس ويٺيون هيون. “مايون گج وٺنديون؟ موئي پٺاڻ کان پَر ڪپڙا ورتا هئم، سو هاڻ ڏنڊو کڻي اچي در تي بيٺو آهي. 50 جو آهي. آئين کڻي 40 ڏيوم. 4 تولا ته رڳو مقيس لڳو اٿس.” هوءَ گج اُٿلائي ڏيکارڻ لڳي. ستارن ۽ ٽِڪن جي جرڪ جرڪ ملوڪان جي دل ۾ ڪتڪتايون ڪرڻ لڳي. “نه ادي، اسان کي ڪونه کپي... ۽ اسان جو جمعو اڃا ڀلي مچي مڙس ٿئي.” ماڻس ظاهري طرح بي تعلقيءَ سان چوڻ لڳي.
    “ڪو، مائي؟” سومل بگڙي ويئي، “هي ملوڪڙي مومل جا ويٺي آني! ان ڏوهه ڪيو ڪَ؟” “ان جو به ڪو گس ته ٿئي، اڃا ته مون وٽ ويٺي آهي.” ماڻس ڳرائيءَ سان چيو. “لئي مائي، نالي الله جي، هاڻ ڇڏ مُنهن جي پڪائي!” سومل وڏو وات ڦاڙي، شرارت سان چٻرو ڏيئي ڍار سان چيو. ماڻس مرڪي وڌو. ملوڪان سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي. ايتري ۾ يارو الائي ڪٿان اچي نڪتو. سومل جي ڄڻ الله ٻُڌي. “ٺهيو مائي، گج جا ڌڻي اچي ويا.” چئي، گج ياروءَ کي ڏيئي، شوخيءَ سان حڪم ڪيائين: “ابا نينگرا، ڪڍ چاليهه رپيا ٻاهر. پڦهين ڀانئي ٿي ته سڄو جهان انڌو ٿي ويو آهي.” ملوڪان جي ماءُ مصنوعي ڪاوڙ سان چيو، “ابا، تون وڃي پاهنجو ڪم ڪر، هيءَ آهي واندي!” ملوڪان ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر نڪري ويئي، ڄڻ سندس بدن ۾ هزارين لکين، ننڍڙيون ننڍڙيون، مٺو مٺو سور ڪندڙ سُيون لڳي ويون. مائي سومل ياروءَ کي گج آخر مٿي ۾ مڙهڻ بنا نه ويئي ۽ هن پٺاڻ کي منٿون ڪري اٺن ڏينهن جي مهلت ورتي.
    هو مائٽن کان گج جا پئسا وٺڻ ويو ته مورڳو ماڻس به ساڻس گڏجي آئي. مائي گج ڏانهن ڏسيو، وريو ملوڪان ۾ ٿي ڏٺو ۽ هڪ اٿاهه ۽ پياري مرڪ سڄو وقت سندس چپن تي کيڏندي رهي. جيڪي ٻه ڏينهن رهي، سو ملوڪان کي هڪ پل به پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏنائين. ملوڪان کي ائين لڳو ڄڻ ته ڪو مهربان ملائڪ آسمان مان لٿو آهي. ماڻس کيس ڪڏهن انهن نظرن سان نه ڏٺو. خاص ڪري جڏهن يارو ويٺو هوندو هو، تنهن مهل ياروءَ جي ماءُ جو چهرو ڏسڻ وٽان ٿي ٿي ويو، ڄڻ ته هوءَ ڪِن عجيب دنيائن ۾ گم ٿي ويئي هئي. ڪجهه ڏينهن جي اَچ وڃ کان پوءِ نيٺ هڪڙي ڏينهن ماڻس شوخائيءَ سان ملوڪان کي چيو: “نينگري! هاڻ ياروءَ جي منهن نه پوندي وڃ!”
    پوءِ کيس خبر پيئي- رجب جي ڏهين تاريخ وناهه ۽ سترهين شادي.
    ماڻس هاڻ رات ڏينهن ڏاج جي پَٽ کوهه ۾ جنبي ويئي. “ماسي آست، هي سٿڻ جو ڪپڙو ڏس، رنگ ڪيئن آهيس؟” هوءَ چهري تي گهنج وجهي انتظار سان پڇندي هئي. ڪنهن مهل اوچتو ملوڪان تي بگڙي ويندي هئي. “ائي، ڌيئڙي، ساڃاهه ڪر. ويهي نه سٿڻ جا پيرا ڀرين! ڪالهونڪر چيو آمين، اڃا اتي جو اتي پيا آهن.” يا “امان ساهرن کي به اهڙو وڃي ٺاريندينءَ جهڙو مون کي ٺاريو انين! نهار ته ڪر! ڌيئڙي سڄو ڏينهن ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو مارڪا پئي ڪري. آءٌ هيڪڙي ڄڻي، هڻيو هڻيو بيزار ٿيو پوان. حياءَ ئي ڪانه ٿي پئيس.” کوهه تي هڪ جيڏين ته پٽي کوهي ڇڏيس. “ائي ملوڪان، گهوٽين هتي رهائيندئي يا مائٽن وٺي ويندئي؟” “ويندس کڻي پانجي ڳوٺ! هتي ٿو ڇڏيس!” “ائي پو تون منهن به ڪونه ڏيکاريندينءَ؟”
    هوءَ جواب ڏيڻ بدران رڳو منهن گهنجائيندي رهندي هئي. “ويچاري ڌارين ۾ ٿي پرڻجيو وڃي. ائي پنهنجي ساڻن ڏيڻي وٺڻي ته ڪانهي، پوءِ پڻهين الائي ڪو وڃي ڌارين ۾ اُڇلايو آني؟” هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ٻيءَ چيو: “سو آنون ته راڄ به راضي ڪونهي. وڏيري جاڙي جي ڌيءَ ڪالهه کوهر تي ڳالهه ڪئي ته ابا چوي ٿو راڄ جي گهڻن ماڻهن اعتراض ڪيو آهي ته اسين راڄ جي نياڻي ڌارين ۾ ڏيڻ ڪونه ڏينداسين.” “ها، اها آهي واندي! راڄ ڇو بي راضي ٿيندو؟ سڀ ڪو پنهنجي ڌيءَ پٽ جو پاڻ وارث آهي. ائين ته ملوڪان جي ماءُ به ڌارين آهي پوءِ؟ اڳي ڪا ڌاري زال پنهنجي راڄ ۾ نه آئي آهي؟” “سا ته ڳالهه برابر، پر امان هيترو راڄ ستار ويٺو هو، تنهن ۾ جاءِ ڪانه ٿي لڌي، جو وڃي ٻي ذات ۾ ڏنئون! ڳالهه وڏي ڪانهي؛ راڄن ۾ اهڙيون ڳالهيون پيون ٿين. سڀ مسلمان آهيون، پر جي ڪنهن اعتراض وٺي وڌو ته پوءِ گهڻو فساد اُٿي پوندو.” هڪڙيءَ پوڙهيءَ چيو. ملوڪان جو منهن هڪدم پيلو ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن وڇونءَ سندس ڇاتيءَ ۾ ڏنگ هڻي ڪڍيو. مس مس گهڙا لاهي سڌو وڃي ماڻس کي ٻُڌايائين ماڻس به گهٻرائجي ويئي. شام جو پڻس ڳالهه ٻُڌي باهه ٿي ويو. “راڄ جي... کي...! راڄ ڪو اسان کي ڍاڪون ڀري ٿو موڪلي ڪه! ڏسان ڪير ٿو مونجي ڌيءَ پٽ جي ڳالهه ۾ پئي.”
    ٻه ڏينهن گذري ويا، سومهڻي مهل هئي، ڪنهن در اڳيان سڏ ڪيو. ملوڪان جو پيءُ نڪري ويو. “ڪير هو؟” جوڻس موٽندي پڇيس. “رمون هو.” ملوڪان سمجهي ويئي. رمون وڏيري جاڙي جو ڌراڙ هو. جڏهن هو موٽي آيو، تڏهن ڳچ دير سڄي راڄ کي گاريون ڏيندو رهيو. “آءٌ ڪنهن جوڻس... جي ڪڙئي تي ڪونه ويٺو آهيان.” هن غصي ڀريل آواز ۾ چيو. “آءٌ پنهنجي ڌيءَ کڻي ڪنهن ٺوريءَ کي ڏئي ڇڏيان، هنن ڀيڻ.... جو ڇا وڃي؟”
    ٻي رات سڄو راڄ اسڪول ۾ گڏ ٿيو. جڏهن ٽيون دفعو ماڻهو آيو، تڏهن جوڻس مئل آواز ۾ چيو: “هاڻي اُٿي وڃي سامهون ته ٿي.” پوءِ سڄي رات زور زور سان ڳالهاءَ ٿيندا رهيا. ڪتا ڀؤنڪندا رهيا، وڏيءَ آڌيءَ جو مس هو گهر موٽيو. پڇا تي ڪتي وانگر باهوڙو ڪري چيائين: “راڄ مان ٿا ڪڍن- رن....” سڄي گهر ۾ مايوسي ڇانئجي ويئي.
    ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا. ملوڪان موت جي اونداهي غار ۾ ٿاٻڙندي رهي. ياروءَ جي وات مان هڪڙو اکر نٿي اُڪليو. ماڻس ته اونڌي منهن پيئي هئي، رڳو پڻس جي گار جي ڳهي پئي پيئي. سڄيءَ دنيا تي ڪاوڙيو ويٺو هو. ڪتي تي، ڳئون تي، ملوڪان تي، ماڻس تي، ياروءَ تي ۽ جمعي تي. صبح جو سويل جمعي اچي پڻس کي اُٿاريو. “ابا، ڌونر ڳئون آهي ڪانه!. پڻس رڙ ڪري اُٿيو. سڀ ڀاتي اُٿيا. پيرن تي ڳوٺ مان ڪير ڪونه هليو. هي ٽيئي سڄو ڏينهن پير ڪڙي پڪي رستي تي چاڙهي موٽي آيا. سگهو ئي لالي وڏڙي گذاري ويئي. هنن جي گهر وارن کي چتاءُ ڪونه مليو. نڪو احمد جي پٽ جي ڇٽيءَ جي دعوت ملي. هو راڄ مان نڪري چڪا هئا. هاڻ سندن ڪوبه ڪلهي ڪانڌي ڪونه ٿيندو. هڪڙي ڏينهن عوثوءَ جي ڳئون چورائجي ويئي. پيرن تي سڄو راڄ ويو. دستور جي برخلاف پوليس ۾ فرياد ٿيو، پوليس جاچ تي آئي. پيرا ڀيٽ ٿي. پيريءَ جمعي جو پير ڪڍيو. پوليس کيس ٿاڻي تي وٺي ويئي.
    آخر راڄ کٽيو، سڱاوتي ختم ٿي. ياروءَ کي هليو وڃڻو پيو.
    سڄو گهر پاري جي ساڙيل وڻ وانگر اُجڙي ويران ٿي ويو. هرڪو ٻئي ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي ته متان اڳلي جي چهري تي وسندڙ مايوسي ۽ شڪست جي ڌوڙ ڏسي سندس همت ٽُٽي نه پئي. هو ڪنهن ڪل جي پرزن جهڙا ٿي لڳا، جا ازخود پئي هلي. جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جو ذڪر ڪير به چپن تي ڪونه آڻيندو هو. ڳوٺ جون زالون طرحين طرحين حرفتن سان ملوڪان جي ماءُ کي کوٽينديون هيون، پر هوءَ ائين چئي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي: “بس امان لکيو نه هو، سو نه ٿيو. الله ڏاڍو، راڄ ڏاڍو، جبل کي ٽڪر هڻبو ته پانجو مٿو ڦاڙبو.”
    وقت گذرندو رهيو. وري به وس آئي. وري به ماڻهو مڙيا. وري به برن پٽن مان هٻڪارون اُٿيون، وري به چڙا ٻُريا ۽ مال جون تنوارون ٿيون، چنگ ۽ نڙ جي سُريلين لهرن تي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جا آلاپ ترڻ لڳا. وري به ڳوٺ جون جوان دليون مست ٿي پيون. گسن تي شوخ ۽ پُراسرار جملن جون ڏي، وٺون ٿيون. عجيب اشارا ٿيا. تنهن کان وڌيڪ عجيب جواب مليا، انجام ٿيا، شڪ جاڳيا، الزام گهڙيا، آڱريون کڄيون، ڀڻڪاٽ ٿيا، وچ وارا آيا، پويان چاري هليا، پير کنيا، ويساهه مليا، ڪانبن جيڏن اوهن واريون مينهون ۽ ڳاڙهيون رتيون ڳئون اوڳارينديون رهيون، ڦر ريائيون ڪندا ٽپندا ڪُڏندا رهيا، ڳاڙهن، گلابي، هيڊن، واڱڻائي ڪپڙن جا پلاند هوائن ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندا رهيا.
    ماڻس ملوڪان کي گهڙا مٿي تان لهرائيندي چيو: “ڌيئڙي، هيءُ ڇيڇڙي جهڙو چولو ته لاهي ٻيو وجهه، ڪڇن وٽان نڪري ويو آهي.” ملوڪان ڦڪي ٿي، ساڄي ٻانهن ورائي ڏٺي: وچان چير مان پاساڙي جو اڇو گوشت پئي ڏٺو. هوءَ ماٺ ڪري گهر جي ڪنڊ ۾ چولو لاهي، سُئي سڳو کڻي ٽوپڻ ويٺي. ماڻس اُٿي سٽ ڏيئي چولو کسي ورتس ۽ ٻيو نئون سٺيءَ چيٽ جو چولو ڪڍي ڏنائينس. اهو ڏيج جي چولن مان هو. “تو صفا ليڪو کڻي لنگهيو آهي! سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آهي. تون ڪارو ڪفن وجهيو پئي هلين. اسان کي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ ڪانه ڏيندينءَ؟ دشمنيون کڻي پاڻ تان کِلايون آني!” هن بيحد ڏک ۽ بيوسيءَ جي لهجي ۾ چيو. ملوڪان چپ چاپ کڻي نئون چولو وڌو. “مٿو ته ڏس جهڙو ڊڻو! ماڻهن وانگر تيل ڦڙي وجهي ڦڻي ڏيئي وار ڪنهن جاءِ ڪر. جهڙي رڇ ٿي پيئي آهين!” ملوڪان ائين ڪيو. ماڻس وري به اعتراض ڪيو. “ٽڪ کڻي پنهنجو منهن ته ڏس! سڄو ڦلهيار ٿي ويو آهي! منهن ڌوتي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آني؟” جڏهن ملوڪان منهن ڌوئي آئي ته ماڻس مس مس راضي ٿي. کيس ڳراٽڙي وجهي، ڳل تي چمي ڏيئي چيائين: “هاڻ ڏس ته لڏڻ ڌيءَ ٿي ويئي آهين نه! هرو ڀرو پاڻ تان ماڻهو کلائڻا.... هي ڇا! ائي آءٌ مَٺي، ڪيڏانهن وڃان!” هن گنديءَ جي پلاند سان ملوڪان جي اکين مان وهندڙ بي اختيار ڳوڙهن جي لارن کي اُگهندي، بي وس ٿي چيو. سندس اکيون ڀرجي آيون، ملوڪان کڻي ڀاڪر وڌس ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ مٿو لڪائي سُڏڪا ڀرڻ لڳي.
    هوءَ سڄو وقت خيالن ۾ گم رهندي هئي. کانئس ڪو سوال ڪبو هو ته ڇرڪ ڀري وڏيون وڏيون ڪاريون اکيون ڦاڙي وائڙن وانگر نهارڻ لڳندي هئي. سوچي سوچي سندس دماغ ڦاٽڻ لڳندو هو. هڪڙا پور ايندا هئس ته ٻيا ويندا هئس. ڪڏهن خيال ايندو هوس ته، ‘اها سڀ منهنجي مغروريءَ جي سزا آهي، جو مون لکن جي مٽ ياروءَ سان سنئون منهن ڏيئي ڳالهايو به ڪونه.’ ڪڏهن چوندي هئي ته، ‘ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن هو ضرور ايندو ۽ اچي کيس وٺي ويندو. راڄ اعتراض نه ڪندو. هو وڏو ڪامورو هوندو. سڀيئي هٿ ٻڌي کيس سلام ڪري هٽي ويندا.’
    هڪڙي ڏينهن پاڻي ڀرڻ ويئي. کوهه تي ڪير به ڪونه هو. گهڙا رکي، کوهه ۾ پير لٽڪائي سوچيندي رهي. خيالن ۾ ڏٺائين ته کوهه جي تري ۾ يارو ويٺو آهي. ‘ٽپو ڏيئي وڃي ساڻس ملان.’ ڪلاڪ کن سوچيندي رهي. آخر پاڻ ۾ همٿ نه ڏٺائين، ٻئي دفعي زهر کائڻ جو خيال آيس، پر اهو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. خود ماڻس جون قياس ۽ ٻاجهه ڀريل نظرون به کيس نه وڻنديون هيون. کيس اهو بلڪل نٿي وڻيو ته ڪو مٿس رحم کائي. هڪڙي ڏينهن ماڻس کان اوچتو سوال پڇيائين: “امان! پاڻ لڏي نه هلون!” ماڻس وائڙي ٿي ويئي. پڇيائين: “ڪيڏانهن؟” “ڪيڏانهن به!” هن وراڻيو. ماڻس سندس منهن ۾ نهاريندي رهجي ويئي.
    ياروءَ جي اچي کيس وٺي وڃڻ جو خيال سندس دل ۾ گهر ڪري ويٺو رهيو. هڪڙي ڏينهن ماڻس کان پڇي وڌائين، “امان وري ڪڏهن ايندو؟” “ڪير؟” ماڻس نه سمجهندي چيو. هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ماڻس کن رکي چيو، “اما، هاڻ ڇا اچي ڪندو ويچارو.” پوءِ کيس اوچتو ياروءَ تي ڪاوڙ اچي ويئي. ‘هي سڀ سندس قصور آهي. هو چاهي ها ته ڪامورو ٿي هڪدم کيس وٺي وڃي ها. ڪميڻو، بي حيا، بي شرم. باقي هيڏا اُٺ ڪتابن جا ڇا جي لاءِ ٿي پڙهيو؟’ ماڻس جمعي تي ڪاوڙبي هئي ته کيس اهي لقب ڏيندي هئي. ياروءَ جو هڪڙو ڪتاب اتفاق سان رهجي ويو هو. سو هن کڻي ڏاڍيءَ سنڀال سان لڪائي رکيو هو. ان کي لڪي وڃي کولي ڏسندي هئي ۽ ان جي لسن پنن ۽ تصويرن کي پيار سان هٿ لائيندي هئي. هوءَ هڪ ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ وڃي ڪتاب کڻي گهر جي ڪنڊ ۾ ويٺي. “ڪميڻو، بي حيا!” هوءَ خار مان پنا ڦاڙيندي چوڻ لڳي. ڪتاب جون ذريون سڄي گهر ۾ پکڙجي ويون.
    ملوڪان هاڻ پاڻ کي بدلائي ڇڏيو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪينهي. هوءَ هاڻ هميشه وانگر کِلندي، ٽهڪ ڏيندي هئي. زور سان لوڏا ڏيئي جنڊ پيهندي هئي. گهڙي کي اُڇلون ڏيئي، کوهه مان ڇڪيندي هئي. گابي سان رانديون ڪندي هئي. ماڻس سان گڏ نمازون پڙهندي هئي. صبح جو دؤر به ڪندي هئي. فقط ڪنهن ڪنهن ڏينهن اوچتو هوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويندي هئي، پر ترت ئي ڇرڪ ڀري اڳي جهڙي ٿي ويندي هئي.
    ٻيو سانوڻ به اچي ويو.
    اڳينءَ جي مهل هئي. هوءَ کوهه تي ويئي ته اتي هڪڙي اڻ سڃاتل مائي ڏٺائين. سمجهيائين ته وس تي لڏي آيل آهي. مائي ساڻس ڏاڍيءَ اُڪير سان ملي. کانئس نالو پڇيائين: “يارو توجو ڇا ٿئي؟” ملوڪان جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. کانئس ٽنگن تي بيٺو نٿي ٿيو. “تون سڃاڻيس ڇا؟” هن يڪدم پڇيو. ايتري ۾ ٻيون زالون کوهه تي اينديون نظر آيون. مائيءَ هڪدم گهڙن ۾ هٿ وڌا ۽ ڄڻ ته گهڙن کي ٻُڌايائين، “يارو مٿئين آچار رات ان وڻ وٽ ايندو، جتي تو گابو پئي نهاريو.” ائين چئي، هوءَ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. جنهن زمين تي ملوڪان بيٺي هئي، اُها اوچتو ڄڻ گهوماٽي کائي ڦِرڻ لڳي.
    کونگهرا مس مس بند ٿيا. چؤطرف اونداهي هئي. فقط هڪ طرف ڪجهه ڪاراڻ ڇڊي هئي، جنهن مان خبر پئي ٿي ته در ايڏانهين آهي. هوءَ پهرين ٺونٺ کي ٽيڪ ڏيئي پاسي ڀر ليٽي، پوءِ آهستي آهستي ڪري هنڌ تي اُٿي ويٺي. ڪن ڏيئي ٻُڌائين. سندس دل جي زور زور سان ڌڙڪڻ کانسواءِ ڪوبه آواز نٿي ٻُڌڻ ۾ آيو. پوءِ هوءَ ڏڪندڙ گوڏن ڀر رڙهي در کان ٻاهر نڪتي، ۽ جمعي جي کٽ هيٺان سري ٻنڀي کان ٻاهر نڪتي. ڪُتو خوش قسمتيءَ سان در تي ڪونه هو. اڱڻ مان کنيل ڪَري جو پاڻي اتي هاري ڇڏيائين، پوءِ آهستي آهستي سرندي، رڙهندي، لوڻا هڻندي، سهڪندي، هوءَ گهر ڇڏي ٻاهر آئي.
    چؤطرف ٻاٽ اونداهي هئي. طرفن جي ڪابه خبر نٿي پيئي. پريان ڪا وڏي وڏي شيءِ نظر آيس. هوءَ يڪدم بيهي رهي ۽ کپ جي ٻوٽي جي ڀر ۾ ويهي رهي. ڳچ دير اکيون ڦاڙي نهارڻ بعد خاطري ٿيس ته ڪو وڻ آهي، ماڻهو ڪونهي. ڊپ وچان کيس سهڪو ٿي پيو هو ۽ هوءَ سڄي ٿڙڪي پيئي. هوءَ وري به اڳتي هلڻ لڳي. اڳيان ڪا شيءِ سرندي ڏٺائين. نانگ، هن هڪدم سوچيو ۽ گونگي رڙ ڪري بيهي رهي. ڪيتري دير سندس حواس سُن هئا. شايد ڪا ڳوهه هوندي. ٿوري دير بعد اها غائب ٿي ويئي، پر هن مان چُرڻ جي پهچ موڪلائي ويئي. هوءَ اتي ئي پٽ تي ڪرونڊڙي ٿي پيئي هئي. اجهو ڪو ماڻهو اچي نڪرندو، پٺيان بابا ۽ ادا جن سجاڳ ٿي پون ته؟ ڊپ ۽ خوف جا هيبتناڪ واڳو سندس ننڍڙيءَ دل کي ڪرٽي کائڻ لڳا. هوءَ پوئتي وڃڻ لڳي. ٻه ٽي وکون ڀري کيس ياد پيو ته، ‘يارو سڄي رات ويهي ويهي وري هليو ويندو ۽ سڄي عمر ڪونه ملندو. پوءِ؟’
    هوءَ وڌيڪ سوچي نه سگهي. بيوسيءَ وچان سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. نه، هن سوچيو، ‘اڄ مرڻ جو ڏينهن آهي. ڇا به ٿي پوي، ضرور وينديس.’ پوءِ هوءَ ڄڻ اکيون پوري، موت جي ڄاڙين وچان هلندي رهي. مٿس هڪڙو جنون ۽ چريائي سوار هئي. نيٺ وڻ اچي ويو. ڪنهن چيو: “وري ته رڙيون ڪونه ڪندينءَ؟” ٻه مضبوط هٿ سندس چيلهه ۾ لپيٽجي ويا ۽ سندس پير ڌرتيءَ تان کڄي ويا. کيس منهن تي، اکين تي، ڪنڌ تي، سيني تي، جسم جي هر هنڌ تي منهن جا کهرا وار، گرم چپ ۽ ڏند محسوس ٿيڻ لڳا. هوءَ خوشيءَ وچان پاڳل هئي.
    ڳچ رات گذري ويئي. چنڊ نڪري آيو ۽ وڻ جي ٽارين مان هلڪي چانڊوڪيءَ جا ڪِرڻا نظر اچڻ لڳا. هوا ۾ ڳهر ۽ نشو هو. سندس پُٺن جي هيٺان، واري، ريشمي بستري وانگر ٿي لڳي. اوچتو زبردست گهوگهاٽ ٿيو. ڪا ريل گاڏي پئي مَٽي، گاڏيءَ جون بتيون، جهرمر جهرمر چمڪنديون، اونداهيءَ کي اکيون هڻنديون لنگهي ويون.
    پوئينءَ رات ملوڪان چيو، “گهر ڇو ڪونه آئين؟” “اتي اچي تنهنجي مائٽن کي آزار ۾ وجهان؟” “پوءِ تڏهن ڇا ٿيندو؟” “آءٌ بندوبست ڪريان پيو.“ “پوليس وٺي اچي هنن کي موچڙا هڻاءِ.” “هنن کي کڏ ۾ هڻ. پاڻ پنهنجو رستو وٺنداسين.” “ڪهڙو؟” “مائٽن ته توکي ڏيئي ڇڏيو آهي، تون منهنجي ڪنوار ته اڳي ئي آهين.” “پر راڄ ته شادي ڪرڻ نٿو ڏي نه!” “راڄ هتي شادي ڪرڻ نه ڏيندو ته پاڻ ٻئي هنڌ هلي ڪنداسون.” “پر بابا جن لڏين به نٿا نه!” “پڻهين جن نٿا لڏين ته پاڻ زال مڙس لڏي هلنداسين.” ملوڪان شرمائجي ويئي. گهڙي کن رکي چيائين: “سو به زال مڙس ٿيون نه!” “زال مڙس ٿيڻ کي ٻيا سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ مائٽ راضي آهن. پاڻ راضي آهيون. باقي رهيو مُلون. سو به شريعت موجب کپي ته ڪونه، پر اهو به هٿ ڪري وجهنداسون.” ملوڪان هن دليل بازيءَ جو جواب ڏيئي ڪانه سگهي. آخر جواب ڳولي ڪڍيائين، “پر بابا جن ته ائين ڪونه ڇڏيندا نه.” ملوڪان بي وسيءَ سان چيو. “ته پوءِ تون ڀلي پڻهين وٽ رهه، اسان جي موڪلاڻي آهي.” سندس لهجو ملوڪان کي بلڪل ظالم ۽ بي رحم لڳو. کيس هڪڙي لحظي لاءِ کانئس ڊپ ٿيڻ لڳو.
    هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ هو ڄڻ ڌاريو، پرائو بنجي پيو. ملوڪان کي مٿس خار اچي ويا. پوءِ هن کيس کڻي ڀاڪر ۾ ورتو ۽ کيس سمجهائيندو رهيو. مگر کيس ڪجهه به ڳالهه سمجهه ۾ نه ويٺي. اوچتو اَسُر ٿي ويو. هوءَ وڃڻ لڳي. “جواب ڏي، منهنجي ٿيندينءَ يا نه؟” “آءٌ ڀڄنديس ڪانه!” “ڀڄڻ هن ۾ ڪهڙو آهي؟ راڄ پڻهين کي روڪي ٿو. پاڻ سندس جوابداري لاهي پنهنجي سر تي کڻنداسين، بس؟” ملوڪان کي اها ڳالهه ڪجهه برابر لڳي، پر خاطري نه ٿيس. ٻنهي ڀاڪر وجهي موڪلايو. “آءٌ پندرهين ڏينهن وري ايندس.”
    ائين ملاقاتون ٿينديون رهيون. هر دفعي ملوڪان جي سيني تان خوفن ۽ انديشن جي ڪانه ڪا ڇپ لهي ٿي ويئي. سندس دل روز وڌيڪ هلڪي، آزاد ۽ ڀروسو ڪندڙ ٿيندي ويئي. کيس اهو معلوم ڪري ڏاڍي خوشي ٿي هئي ته يارو ماستر ٿي ويو هو.
    شام جا پاڇا لڙي چڪا هئا. ٻيلي جي گهاٽن ٻٻرن جي وڻن تي آکيرن ڏانهن واپس موٽندڙ پکين جي چرچر تيز ٿيندي ويئي. ڏکڻ طرف درياهه ۾ مهاڻن جون ٻيڙيون واپس پئي موٽيون. هڪڙو تنبي وارو درياهه جو ڪپ ڏيو اڃا به اولهارو پئي ويو. هنجن جي هڪڙ ي قطار اچي ڪپ تي لٿي. جيستائين نظر ويئي ٿي تيستائين رڳو درياهه هو.
    يارو اڃا ڀر واري شهر مان ڪونه موٽيو هو. ملوڪان جي دل تي گهري اُداسي ڇانئجي ويئي. درياهه جي هن پار ٻيلي ۾ آئي کين ٻه مهينا ٿي ويا هئا. ياروءَ جي جنهن دوست کين پناه ڏني هئي، سو مٿانئن صدقي پيو ٿيندو هو. هوءَ ۽ يارو ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون هڪٻئي جي جسمن ۽ خيالن جي ڪاڪ محل جو سير ڪندا رهندا هئا. جڏهن هو ڪنهن ڏينهن شهر ويندو هو ۽ هوءَ اڪيلي ٿيندي هئي تڏهن سندس روح اُداس ٿي ويندو هو.
    هوءَ ٽي مهينا اڳ گهران نڪتي هئي. رات جو گهران سڌو اسٽيشن تي چڙهي حيدرآباد آيا هئا. اتي نڪاح وجهايو هئائون. ملوڪان کي سوچي پاڻ تي خفت ٿي ته هڪدم نڪاح سندس ئي زور ڀرڻ تي ڪيو هو، نه ته يارو ايترو جلد حيدرآباد جهڙي شهر ۾ ظاهر ٿيڻ جو خطرو کڻڻ لاءِ تيار نه هو. ملوڪان کي خبر نه هئي ته نڪاح ڪيڏو ضروري هو. ياروءَ جو پيءُ کين في الحال پاڻ وٽ رهائڻ لاءِ تيار نه هو. “راڄن جي ڳالهه آهي.” هن چيو هو. ملوڪان کيس گهڻو ئي سمجهايو ته، ‘بابا ياروءَ کي پاڻ پنهنجو پٽ ڪيو آهي ۽ ڪيئن هو سڄي راڄ کي سامهون ٿي بيٺو هو!’ پر پوڙهي دل پئي هنئي، تنهن ڪري لاچار کين هتي اچي رهڻو پيو هو.
    هڪڙو ننڍڙو چٽڪمڙو تتر ڀڙڪو ڏيئي اچي پريان ٻوٽي ۾ ويٺو. ملوڪان سندس سهڻا رنگبرنگي پک غور سان ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ ڪنهن پٺيان اچي ڀاڪر وڌس. سندس منهن خوشيءَ وچان ٻهڪي اُٿيو ۽ ورائي کيس کڻي ڳراٽڙي وڌائين. کيسي ۾ هٿوراڙيون ڏيئي، پان ڪڍي کاڌائين. پوءِ ٻيئي هلندا درياهه جي ڪپ تي اُن وڻ وٽ آيا، جتي هميشه اچي شام جو ويهندا هئا. ملوڪان پنهنجا پير کڻي پاڻيءَ ۾ وڌا. پاڻي ٿڌو ۽ فرحت بخش هو. سٿڻ کڻي گوڏن تائين مٿي ڪيائين. ياروءَ به ائين ڪيو. پوءِ هن ساڳيو سوال پڇيو: “پاڻ بابا جن ڏانهن ڪڏهن هلنداسون؟”
    “اڃا ٻه ٽي ڏينهن دير آهي.” ياروءَ بي يقينيءَ طرح چيو، “اڃا ته تو واري راڄ جا ماڻهو گوڙ بند نٿا ڪن. روز سيد پير وٺيو بابا جي در تي بيٺا آهن.” پوءِ ٿوري دير رُڪجي چيائين: “پڻهين ۽ ڀاڻهين به ميڙ سان گڏ هئا.”
    ملوڪان وائڙي ٿي ويئي. “بابا جن انهن مروانن سان ڇا جي ڪري آيا؟” پوءِ چيائين، “بابا کي زور ڪري وٺي آيا هوندا ڦڪائيءَ کي پرچائڻ لاءِ باقي بابا ٿو ساڻن اچي!”
    “ائين ئي هوندو.” ياروءَ بي ويساهيءَ سان چيو.
    ملوڪان کي وري پور آيو. “ڪڏهن هل ته رات جو لڪي هلي بابا جن وٽان ٿي اچون. الا، ويچارا ڏاڍا خوش ٿيندا!”
    “ڏنڊا کڻي اچي، پاڻ کي وٺن ته!” ياروءَ مُرڪي چيو.
    “ها، ڏنڊا ٿا کڻن! بابا ته پاڻ ٻنهي تي ساهه ٿو ڇڏي. سڱ به پاڻ ڏنئين. دشمنن شادي ڪرڻ ڪانه ڏني، سو پاڻ اچي هتي ڪئي، تنهن ۾ بابا جو ڪهڙو ڏوهه؟” هوءِ يڪساهيءَ چئي وئي.
    “سو ته آهي، پر متان چئي ته بنا موڪل ڇو ويا؟”
    ملوڪان اهو سوال پاڻ کان ڪيترا دفعا پڇي چڪي هئي. جواب وٽس تيار هو، “بابا هٿ سان موڪل ڏي ته سڄو راج ويچاري تي چڙهي نه وڃي؟ بابا کي ٻُڌائي اچون ها ته به کانئس ويساهه ڪونه وٺن ها؟” هن پنهنجي عقلمنديءَ تي پاڻ خوش ٿيندي چيو.
    “ڏسون ته لڙ پاڻي ڪٿي ٿو بيهي. اڃا ته بابا تو واري راڄ کي پيو آسرن تي هلائي. ويچاري سڱ ۽ ڀرتي به ڏيڻي ڪئي آهي. هو ڪيس جا دڙڪا پيا ڏين. ڏسجي ته ڇا ٿا ڪن.” ملوڪان ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.
    “ڇا پئي سوچين؟” ياروءَ کاڏي مٿي ڪير پڇيس.
    “پوءِ جي پڻهين چوئي ته موٽائي ڏي ته پوءِ مون کي موٽائي ڏيندين؟” هن ڊڄندي ڊجندي لڄي ٿي پڇيو، ڄڻ کيس اهو سوال نه پڇڻ کپي.
    واقعي يارو باهه ٿي ويو، “تو مون کي بي غيرت سمجهيو آهي ڇا؟”
    ملوڪان يڪدم پيار مان ڳراٽڙي پائي چيس، “هاڻ ڪاوڙ ڍري ڪر؛ مون چرچو ٿي ڪيو.”
    الائي ڪيترا ڏينهن گذري ويا.
    هو قلعي کان هيٺ هڪڙي ٻوساٽيل گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. گهر تمام سوڙهو ۽ اونداهو ٿي لڳو. هوءَ زبان سان ڪانه ڪڇي پر دل ۾ چيائين، ‘جيل تڏهن ههڙو هوندو!’ ٻاهر گهٽيءَ ۾ ٻارن، ٽانگن، ماڻهن، گاڏين جو هُل ۽ شور ٻُڌي ٻُڌي سندس مغز ڄڻ ڦاٽڻ لڳو، پر ٻئي ڏينهن جڏهن ياروءَ کيس هڪڙو ڪارو برقعو، سئنڊل، هڪڙو ليڊي هئملٽن جو جوڙو، پائوڊر، ڪريم ۽ هڪڙو نقلي ارينگن جو جوڙو وٺي ڏنو، تڏهن هوءَ خوشيءَ ۾ نٿي ماپي. جڏهن برقعو پائي کيل ڏٺائين، تڏهن ننڍڙي ٻار وانگر ٽپا ڏيڻ لڳي. هڪدم اعلان ڪيائين: “بابا جن کي به ڪڏهن وٺي اچي کيل ڏيکارينداسين نه؟” ياروءَ هائو ڪئي. شهر ۾ ايترا ماڻهو، ايتريون شيون، ايتريون روشنيون ڏسي، هوءَ حيران ٿي ويئي. يارو کيس قسمين قسمين شيون ۽ ميوا وٺي ڏيندو هو.
    پر هو گهڻو وقت شهر ۾ رهي نه سگهيا. غيرحاضريءَ سبب ماستريءَ مان جواب ملڻ بعد يارو حيدرآباد ۾ خانگي نوڪريءَ لاءِ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو پر ڪامياب نه ٿيو. ازانسواءِ شهر ۾ هو کُلم کُلا هلڻ کان به ڊنو ٿي. پڻس جو فصل به هيل ڪونه ٿيو هو، سو ڍل ۾ لاچار هو. آخر هو ٽنڊي محمد خان پاسي هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي رهيا، جتي کيس هڪڙي ننڍڙي زميندار وٽ سٺ رپين جي منشي گيري ملي ويئي.
    جهرڪيءَ جي چرچر تي هوءَ جاڳي پيئي. ڪنڌ هيٺان ياروءَ جي ٻانهن ڪڍي، سندس مٿين ٻانهن لاهي، پاسو بدلائي، ٽنگون آجيون ڪري، پٺ ڀر ٿي ته کيس ٽنگن تي ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي. هن ٽنگ ڊگهيري، پير جي آڱوٺي ۽ وچينءَ آڱر سان هڪڙو ڪپڙو ڇڪي هٿ ۾ ڪيو. پوءِ پاچن جي زنانن بخين کي هٿ لائي، پڪ ڪري، پائڻ لڳي.
    “يارو! يارو!” هن کيس ڌونڌاڙيندي چيو. ياروءَ کيس آهستي ڌڪ هڻي، “ڇڏ ته سهي.” چئي، پاسو ورائي، وري سمهي پيو.
    “مون کي ڇاهي، ڀلي ٻنپهرن تائين اهڙو سُتو پيو هج. ڀلي ماڻهو اچي ڏسنئي!” ملوڪان ناز سان چيو، “بي افعالو!” هن دل ۾ پيار سان چيو. تڏهن کيس ياد آيو ته ڪلهه هو ٻيئي وڙهيا هئا، تمام گهڻو. هونئن ته هو هاڻ اڪثر تکو ٿيندو هو، پر ڪلهه ائين ٿي لڳو ڄڻ هيءُ اهو يارو ئي ڪونه هو. ڳالهه به ڪجهه ڪانه هئي. پاڙي واريءَ مائيءَ جو پٽ بيمار هو، تنهن کي ياروءَ کان پڇڻ کان سواءِ پنجاهه رپيا اُڌارا ڏنا هئائين. مائيءَ خدا جا واسطا پئي وڌا ۽ اڇي سينڌ ڏنائين ته صبح جو ڪڪڙ وڪڻي پئسا موٽائي ڏينديس، پر مائي پئسا موٽايا ڪونه. هوءَ مائيءَ سان وڙهي بيهي رهي هئي، پر مائي قسم کڻڻ لڳي ته ڪڪڙ جا پئسا اڃا مليا ئي ڪونهن.
    يارو بازار ٿي ويو. وٽس پئسو ڪونه هو. ملوڪان کان گهريائين ته هن سڄي ڳالهه ڪري ٻُڌايس. هو باهه ٿي ويو. “اسين ٻيڙيءَ جي ٽوٽي لاءِ پيا سٽون ڏيون ۽ هيءَ ڪنوار سخاوتون ڪندي وتي!” ملوڪان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس اڳي ئي هو پر ياروءَ جو اهڙو ڪڙو ڳالهائڻ کيس ڏکيو لڳو.
    “ڪي لک ڪونه لُٽجي ويا آني، هي وٺ! وڃي وڪڻي پنهنجا رپيا لاهه.” ياروءَ کي ايڏو ڪاوڙيل ڏسي، ٻانهن مان چانديءَ جا چوڙا لاهي کيس اُڇلائي ڏيندي چيائين.
    ياروءَ کي ويتر خار لڳي ويا، “هن جو دماغ ته ڏس ڪٿي آهي؟ ڀيڻيان اسين تو لاءِ ڪري پنهنجو اگر تگر ناس ڪري، روزگار وڃائي، گهر گهاٽ، مٽ مائٽ ڇڏي، شڪارين وانگر لڏا ڪنڌن ۾ وجهي، رُلي مئا آهيون. تو اسان کي کڻي ڀولڙو ڪري نچايو آهي. ٿوري ڳالهه ٿي چئجيئي ته منهن ۾ اٻرڪيو اچين! ڪميني ڪنهن جاءِ جي!”
    ملوڪان جو منهن ڦري ويو. واڪو ڪري چيائين، “تون رُلي مئو آهين باقي آءٌ بشت ۾ ڪَر پيئي آهيان! اهڙو جي گهر گهاٽ وارو هئين ته توکي ڪنهن لاچار ته ڪونه وڌو هو. آءٌ توجي پويان ته ڪانه پئي هيس.”
    “هاڻ وات بند ڪر نه ته هڻئين ٿو پادر ٻوٿ وارو!”
    “ٻوٿ وارو پادر وڃي ما.....” هن جي وات مان نڪري ويو ۽ پاڻ کي روڪي ئي روڪي، تنهن کان اڳ ٿڦڙ ٺڪاءُ ٿي ويو. پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون، هوءَ رُني ڪانه، البته ڳوڙها روڪي ڪانه سگهي. سڄو ڏينهن هڪٻئي سان ڪونه ڳالهايائون. رات جو سُتا ته هوءَ پاسو ورائي سمهي پيئي. ياروءَ مٿس ٻانهن رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها ڌِڪي ڇڏيائين. پوءِ ڄڻ پنهنجي منهن چيائين: “مون کي بابا جن وٽ ڇڏي اچ، نه ته آءٌ منهن مٿو کڻي وينديس هلي.”
    “ٽر ڏيڻ منهنجي سِر تان! صبح جو چوٽيءَ ۾ جهلي، هلي ٿو پڻهين کي ڏيو اچين!”
    “هلي ڏي! پوءِ کٽي منهنجي قسمت. تون به وڃي مائٽن ۾ سُکي ٿيءُ.”
    “آءٌ ٿيان نه ٿيان، تون ته وڃي پڻهين جي هندوري ۾ لُڏ! تون خوش ته آءٌ خوش!”
    “ها، مون لاءِ مريو ٿو وڃين! توکي هئي ٻه ڏينهن پنهنجي دل خوش ڪرڻي، سا ڪيئي، هاڻي...” کانئس جملو پورو نه ٿي سگهيو.
    يارو پاسو ورائي سمهي رهيو. ڪلاڪ گذري ويو. پوءِ ياروءَ کيس اُٿلائي، سندس منهن پاڻ ڏانهن ڪيو. هوءَ پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڦٿڪڻ لڳي، پر سندس زور نه هليو. “مروان مون کي ڇڏ! دشمن! توجو مون ۾ وڃي ڇا؟” هن ياروءَ کي خار مان رانبوٽا هڻندي ۽ چڪ وجهندي ۽ ڌڪ هڻندي چيو، پر ياروءَ جي ٻانهن ۽ ٽنگن کيس سوگهو ڪري ڇڏيو. هوءَ هڻي هڻي نستي ٿي پيئي. ڳوڙهن جي نئن اُٿلي پيئي.
    “سڄي دنيا دشمن ٿي پيئي آهي، ان جا خار تو مان نه ڪڍان ته ٻُڌاءِ ڪنهن مان ڪڍان؟” ياروءَ سندس ڪن ۾ اٿاهه پيار سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو.
    “وڙهبو پنهنجن سان آهي يا پروان سان؟” هن شڪايت جي نموني گهُٽيل گلي سان چيو.
    “توکان سواءِ ٻيو منهنجو دنيا ۾ ڪير آهي؟ تون به ٿي مون کي ستائين!”
    ملوڪان جي دل تان هڪ ڳري ڇپ لهي ويئي. سُڏڪا جاري رهيا، پر هاڻ اهي خوشيءَ جا هئا. ڀرسان سُتل مرد لاءِ سندس دل ۾ پيار ۽ همدرديءَ جي اُٿل اچي ويئي.
    “مون کي پنهنجي بابا جن وٽ ڇڏي اچ!” هن ڳوڙها اُگهندي چيو.
    “۽ آءٌ؟” ياروءَ پڇيو.
    “تون به وڃي پنهنجي مائٽن عزيزن، ڪڙم قبيلي ۽ راڄ ڳوٺ ڀيڙو ٿي!”
    “منهنجو مائٽ عزيز، منهنجو ڪڙم قبيلو، منهنجو راڄ ڳوٺ سڀ تون آهين!” ياروءَ آهستي آهستي هڪڙو هڪڙو اکر چِٽو ڪري چيو. ملوڪان جواب ڏيڻ بدران کڻي ڀاڪر پاتس. انهن لفظن کان پوءِ هوءَ هزارين مارون ٻيون به کائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها.
    راتوڪي ڳالهه ياد ڪري، سندس منهن تي مرڪ تري آئي. ‘ههڙي رانجهن سان ڪهڙا ليکا؟’ هن دل ۾ چيو. يارو سُتو رهيو. صبح جي روشنيءَ جا ڪِرڻا سندس منهن تي پئي پيا. ‘الا ڪيڏو نه لهي ويو آهي. ويچارو رُلي رُلي، ڊوڙي ڊوڙي، ڳڻتين ۾ ڳري فنا ٿي ويو آهي. ڪپڙا ڦاٽي ويا آهنس. بوٽ جو ترو به گسي ويو آهيس. منهن ۾ اڳوڻي مڻيا ئي ڪانهيس. اکيون ئي ڏرا ڏيئي ويون آهنس. مٿان وري کيس آءٌ تنگ ڪريان!’ هن سوچيو، ‘هاڻي ڀلي ڇا به چئي. آءٌ جواب ڪانه ڏيندي سانس.’ هن دل ۾ انجام ڪيو.
    هو پڪڙجڻ جي ڊپ کان هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪري نه سگهيا. ڪيترائي ڳوٺ بدلايائون. هر هنڌ ماڻهن جون اکيون سوال پڇنديون هيون. سندن نرڙ تي ناراضگيءَ جا گهنج ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن نامعلوم دڙڪي جا آثار هوندا هئا ۽ پوءِ نيٺ جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو. رات پئجي ويئي. يارو گهر ڪونه موٽيو. هو پاسي واري شهر ۾ ڪم سان ويو هو. هوءَ در وٽ بيهي بيهي، وري اندر آئي. ڀَت کي ڏوئي ڏيئي وري اچي بيٺي ۽ اتي بيٺي رهي. تان جو ڳوٺ جون روشنايون وسامي ويون، ڪُتا ڀؤنڪي ڀؤنڪي ٿَڪي پيا. ڇوڪرن جي راند جو هُل به ڪڏهوڪو بند ٿي ويو. فقط تارن ڀري رات هئي ۽ پاڻ هئي. ‘ڪنهن دوست سان رِهاڻ ۾ لڳي ويو هوندو. ڳالهين جو شوقين ته اڳيئي آهي، سج لهي ويو هوندس. هاڻ گس ۾ هوندو. هينئر ڍوري مٽي آيو هوندو. ايندي شرط چوندو، “ڀيڻيان اڄ دير ٿي ويئي. ڳالهين ۾ لڳي وياسين. چڱو ڀلا ڀَت ڏي، جلدي ڪر، بُک مان ساهه ٿو نڪريم.” يا جنهن ڪم سان ويو آهي، تنهن ۾ دير ٿي ويئي آهيس. مردن جا ڪم آهن. زال ته ڪانهي جيڪا گهر ۾ واندي ويٺي هوندي.... پر ايڏي دير ڪرڻ نه کپيس، اڄ اچي ته ساڻس فيصلو آهي، چوانس ته، “آءٌ اڪيلي زال ماڻهو، ڪمزور دل، نهاريو نهاريو لاچار ٿيو پوان ۽ تون ايڏنهين سنگت سان رهاڻيون ڪندو وتين.” هن دل ۾ چيو.
    پر جڏهن آڌي ٿي ويئي، تڏهن سوچيائين، ’خدا ڪري رڳو اچي نڪري، دير جو فڪر ڪونهي. اکر به ڪونه چوندي سانس، رڳو الله ڪري ڪٿي ٽِڪي نه پيو هجي! رب منهنجا، رڳو ڪٿي رات نه رهي پوي، باقي دير سان ڀلي اچي. آءٌ ڪُڇنديس به ڪانه.’ هوءَ اچي بستري تي ويٺي. ويهندي ويهندي اڇو ڏينهن ٿي ويس. سندس اکيون سُڄي پيون هيون. سَنڌ سَنڌ ۾ سُور هئس. ڳلن تي هٿ رکي ڏٺائين. مچ پئي ٻريا! سڄو ڏينهن لنگهي ويو. هاڻي هوءَ وڌيڪ وقت پاڻ کي دلاسا ڏيئي ڪانه سگهي، انديشن ۽ خوفن جا زهريلا نانگ هاڻي سندس ڇاتيءَ تي ڊوڙون پائڻ لڳا. ‘مون کي ڇڏي ويو؟ نه. مائٽن سان ملڻ ويو. نه! مون کي ضرور ٻُڌائي وڃي ها. واٽ ۾ ڪنهن بگهڙ... نه نه، متان ڪنهن موٽر يا ڪنهن لاريءَ هيٺان... رب منهنجا، منهنجا مالڪ، خير سلامتيءَ سان آڻيس. آءٌ پڇندي سانس به ڪانه ته ڪٿي هئين؟ مون کي ماري ڇڏ پر کيس موٽائي آڻ، مون اڪيليءَ جي آڌار کي، منهنجي سر جي تاج کي موٽائي آڻ. مون کي ڏوهن جي سزا ڏي، بيمار ڪر، جڏو ڪر، انڌو ڪر، لولو ڪر، پر هن کي ورائي مون کي ڏي. مون بي واهه کي پرديس ۾ ڇورو متان ڪرين منهنجا مولا...’ کيس روئندي، ٻاڪاريندي، ٻيو ڏينهن به لنگهي ويو. ٽئين ڏينهن به هوءَ اونڌو منهن ڪري لاش بڻي پيئي هئي. منجهس هاڻ روئڻ جي پهچ ئي ڪانه هئي.
    وچينءَ مهل هو آيا. اڳ ۾ يارو هو. ياروءَ جو منهن چچريل ۽ سوڻل هو. سبتيءَ اک هيٺان وڏو ڪارو داغ هوس. مڇون پٽيل هيس، هلندي پئي ٿاٻڙيو. سندس اکيون هيٺ هيون، ڄڻ ته تارا ڪليءَ سان ٺوڪيل هئس. مٿي ٿي نٿي سگهيا. سندس منهن تي دهشت ۽ هراس ڇانيل هو. سندس پويان هڪڙو ٿلهو ڪارو ماڻهو پستول سان هو. ٻيو بندوق وارو هو. سڀني کان پويان وڏيرو جاڙو هو.
    ملوڪان دانهن ڪري وڃي ياروءَ کي چهٽي. يارو ڄڻ ڪنهن مشين وانگر ڀوائتي آواز ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري چيو، “ٻه ڏينهن ٽنگيو پئي ماريائون، سچي ڪانه ڪيم. پوءِ امان کي اُگهاڙو...”
    “اڙي بس ڪر اهي ڪهاڻيون. وٺ وڏيرا رن کي چوٽيءَ کان. هاڻي پناهه ڏيڻ وارا رن پُٽ هلي ڏيکار. سچي سچي ٻُڌائج، نه ته وري ساڳيو حال ٿيندي!” ٿُلهي ڪاري پستول واري صوبيدار، ياروءَ کي ٿڦڙ هڻي چيو، “رن، سٿڻ ۾ پونگڙا وجهون ئي ها، پر دعا ڪر وڏيري جاڙي کي، جنهن جو لحاظ اٿئون، نه ته تون به ماءُ... ياد ڪرين ها.” هن ملوڪان کي ٿُڏو هڻندي چيو.
    گاڏي اسٽيشن جي ويجهو پوندي وئي. ‘الائي هن ٽيشن تي لاهيندا يا نه؟ ڪهڙي خبر ٻاهران ئي ٻاهر ڪنهن جي حوالي ڪري ڇڏين. بابا جن کي خبر ئي ڪانه پوندي. رڳو شل بابا جن مان ڪو ماڻهو مون کي ڏسي وٺي!’ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي هن سوچڻ نٿي چاهيو. هن ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي. هاڻ سندس وارو هو. هوءَ ياروءَ کي ضرور حاصل ڪندي. هن سڄي ڳالهه واٽ ۾ ئي سوچي ڇڏي هئي. ‘بابا کي چونديس، ڪيئن به ڪري هن ڳوٺ مان هلي اُتر ۾ رهون. اتي ٻنيون گهڻيون، بابا نه مڃيو ته ڪيئن به ڪري کيس مڃائينديس. ٻيو بابا کي چونديس ته ڪٿان به اُڌارا سڌارا پئسا وٺي صوبيدار کي ڏيئي، ياروءَ کي ڇڏائي اچي. ياروءَ لاءِ بابا سر جي سٽ ڏيندو. پوءِ سڀ گڏجي هلي هيڪاندا رهنداسين.’ هن سوچيو.
    ‘بابا کي سربستي ڳالهه ڪري ٻُڌائينديس ته ياروءَ سان ڪهڙا حال ٿيا آهن. مون سان ڪهڙيون جُٺيون ٿيون آهن. پوءِ بابا ضرور مڃيندو. بابا منهنجي ڳالهه ڪڏهن به ڪونه موٽائيندو. رڳو خدا ڪري بابا سان گڏجڻ ڏينم.’ انهيءَ فيصلي تي پهچڻ بعد هن جي بدن ۾ ڄڻ ساهه پيو. ‘ياروءَ جي ڳالهه ٻُڌي، بابا، امان، جمعو سڀئي باهه ٿي ويندا. آءٌ جڏهن لڏڻ جو چونديس تڏهن بابا پهريائين دل هڻندو، ڳڻتيون پچائيندو، امان ۽ جمعو به ٻُڏتر ڪندا، پوءِ آخر امان منهنجو پاسو وٺندي ۽ جمعو به. پوءِ بابا به مڃيندو، ضرور مڃيندو.’ کيس خبر هئي. سڀ خبر هئي. ‘پر بابا چوندو، تون بنا موڪلائي ڇو وئينءَ؟’ اوچتو ذهن جي ڪنڊ مان هزار دفعا اڳ پيدا ٿيل سوال وري پيدا ٿيو ۽ اُن جو اڳي ئي هزار دفعا سوچيل سمجهيل جواب وري اچي حاضر ٿيو.
    ‘بابا، تون پاڻ بي وس هئين، چيوسين ته، هونئن توتي متان راڄ ناراض ٿئي، تنهن ڪري پنهنجي منهن وڃي جيڪي توکي ڪرڻ نٿي ڏنائون، سو ڪيوسين. پر جي کڻي ناراض به ٿيو ته به بابا جي ڪاوڙ لاهڻ آسان. کيس جڏهن اسان جي حالت جي خبر پوندي، تڏهن ازخود قياس اچي ويندس. مائٽ رحم جو گهڙو آهي. ائين جمعي ڪيترا جڏا ڪم ڪيا آهن، پر ٻه ٽي ڏينهن ڪاوڙجيو وري ٺريو وڃي. مون تي ته جمعي کان گهڻو آر آهيس. بابا مونجو ڍول آهي.’ هن فخر مان سوچيو، ‘رڳو بابا تائين پهچان سهي، پوءِ خير...’ جيئن جيئن انهيءَ ڳالهه تي گهڻو سوچيندي رهي، تيئن تيئن سندس اُميدون وڌيڪ مضبوط ٿينديون ويون. ‘رڳو خدا ڪري بابا سان هڪ ڀيرو ملي سگهان.’ هن دل ۾ چيو.
    کيس اسٽيشن تي لاهي ڳوٺ ڏانهن وٺي هليا. ‘هيءُ گس ته سڌو اسان جي گهر وارو ورتو اٿن.’ هن سرهائيءَ سان سوچيو. پوءِ جڏهن سامهون ڳوٺ جي زالن مڙدن جو ميڙ پنهنجي گهر جي اڳيان ڏٺائين ته کيس خاطري ٿي وئي. ‘گهر!’ هن سڀني ماڻهن وچان پڻس کي سڃاڻي ورتو. ڀرسان ماڻس بيٺي هئي. مردن ۾ جمعو به هو. هوءَ ‘بابا’ چئي، پڻس ڏانهن وڌي..... ۽ پوءِ جمعي کيس لٺ هنئي. ٻانهن ٽڪر ٿي ويئي. هوءَ ٻاڪار ڪري پڻس کي چنبڙي پئي. “بابا!” هميشه وانگر، عادت موجب، جيئن اڳي هريل هئي، ننڍي هوندي وانگر جڏهن جمعو کيس ماريندو هو ۽ پاڻ روئي چوندي هئي: “بابا، بابا! مون کي جمعي مُڪون هنيون آهن.” ۽ پڻس کيس مٿي تان هٿ ڦيرائي، ڀاڪر پائي، جمعي کي ڪن مان جهلي چوندو هو، “ڇو ڙي حرامي! ڀيڻ کي ڪو ٿو مارين؟ دلا، توجو مغز ڦريو آ، ڇا؟”
    پر ڪلهه پڻس کيس مٿي تان هٿ ڦيرائي، ڀاڪر پائي، جمعي کي ڪن مان ڪونه جهليو. سندس اکين ۾ ڌڪار ۽ ڪاوڙ جا مچ هئا، جنهن کي ڏسي هوءَ دهلجي ويئي هئي. هن نفرت مان کيس ڌڪو ڏيئي، مٿان ٿڦڙ وهائي ڪڍي هئي. ڀڳل ٻانهن هوندي به کيس محسوس ٿيو ته ان ٿڦڙ کيس لٺ کان وڌيڪ ايذاءُ ڏنو، ۽ پوءِ جمعي کيس ڪهاڙيءَ جو منڍ مٿي تي هنيو هو. هوءَ پٽ تي رت جي تلاءَ ۾ بُل ڏيڻ لڳي هئي. پوءِ چاچهنس وروءَ مٿان لت هنئي هيس، پوءِ؟.... ۽ پوءِ هوءَ هتي، ههڙي حالت ۾ هئي.
    ‘ان مهل به ڪنهن ڪونه ڇڏايو، هينئر به ڪو ڪونه ڇڏائيندو.’ هن سوچيو.
    اوچتو هڪ عجيب خيال آيس. ‘ادا جمعي کي منٿون ڪريان.’ هن سوچيو، ‘ڳچيءَ ۾ پلاند وجهي، پيرن تي سسي رکي، روئي، ليلڙاٽيون ڪري چوانس: “ادا تون منهنجو امان جو پٽ ڪونه آهين! سُٺو ادا ڪونه آهين! آءٌ تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ڪانه آهيان! جنهن کي تون سدائين ڪلهي تي کڻي گهمائيندو هئين، جيڪا تنهنجي آڱر جهلي، ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري، تنهنجي پويان، ماسي حاجران جي گهران لسي وٺڻ هلندي هئي، جيڪا وڏي ٿي ته توکي پنهنجي خرچيءَ مان گڏ ڪيل پئسن مان ڀِت ۾ ٽُنگ ڪري، چار چار آنا ٻيڙين لاءِ ڪڍي ڏيندي هئي، جيڪا امان مري وڃڻ کان پوءِ توکي ٽولر ڪڍندي هئي، ڪپڙا ڌوئي ڏيندي هئي، جنهن کي تون وڏيري جاڙي جي ڌيءَ جنان ڏانهن نياپو پهچائڻ لاءِ موڪليندو هئي، جيڪا توتان راڳ ڪڇندي هئي.
    “ادل منهنجو چوڏهين جو چنڊ، ڀينر ڀلي ڀلي ٿو اچي.” جيڪا جڏهن پوليس توکي وڏيري جاڙي جي ڍڳي جي چوريءَ ۾ جهلي ويئي هئي، تڏهن ٽي ڏينهن ٽي راتيون ٻاڪاريندي رهي هئي، توکي مڇون پٽي، منهن سُڄائي، مار ڏيئي، مرڻينگ ڪري، گهر موڪليو هئائون، تڏهن جنهن توکي پاڙي جا پورهيا ڪري گيهه جا ڍڪ ڀرايا هئا ۽ راتين جون راتيون تنهنجي کٽ جي ڀرسان ويهي وهانئي ڇڏيون هيون. ادا، جمعا، منهنجا ڀاءُ مون کي جيئندان ڏي، پوءِ آءٌ توکي ڪلهوڪا ڪهاڙين جا ڌڪ، رتن جا وهيل ڪٽورا ۽ هيءَ حالت به دل جان سان معاف ڪري ڇڏينديس ۽ جيئن چوندين تيئن ڪنديس.”
    لڙڪن جون سيرون پاڻمرادو وهي اُٿي هليون. سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا. وات ٿورو پٽيو، ڄڀ تارونءَ طرف اُڀري پر سور وچان کانئس سُڏڪو نڪري نه سگهيو. نه، هن سوچيو. سندس اکين اڳيان ڪلهوڪو جمعو ڦِري آيو. هن سوچيو ته، اهڙي شيءِ اڳ به ڪٿي ڏٺي هيم. هوءَ ياد ڪرڻ لڳي ۽ ياد اچي ويس. سندس ٻلي ڏاڍي شرير هوندي هئي. روز الائي ڪٿان ڪوئا جهلي ايندي هئي. سڄو ڏينهن پئي رانديون ڪندي هئي، جاري تان ڦيهيءَ تي، ڦيهيءَ تان سندس ڪلهي تي، اتان وري ڇت ڏانهن پيئي ٽپندي هئي. هڪڙي ڏينهن هن ٻليءَ جون دانهون ٻُڌيون، ڊوڙي وڃي ڏٺائين ته ڪڙو وڏو رڇ جهڙو بجر ڪُتو ٻليءَ کي دسي، رانبوٽن سان چيري رهيو هو. ڪُتي جي منهن تي هڪ عجيب، ڊيڄاريندڙ ڌِڪار ۽ خونخوار وحشت هئي، جيڪا هن اڳي ڪنهن به شيءِ ۾ ڪانه ڏٺي هئي. پوءِ ڪيترا دفعا خواب ۾ ان بجر ڪُتي جي شڪل ڏسي ڊڄي اُٿندي هئي. ڪلهه جمعي جي شڪل کيس ڪيترا سال اڳ جي اها وساريل وحشي ۽ ڌِڪار ڀريل شڪل ياد اچي ويئي. اهڙي خونخوار شيءِ اڳيان ليلائڻ! هن ٿُڪ اُڇلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٿُڪ سندس سُڄيل چپن کان ٻاهر وڃي نه سگهي.
    ٻاهر ڪو ڪُتو ڀونڪي اُٿيو. ٻيو ڪُتو ڀونڪيو، پوءِ ڪيترا ڪُتا ڀونڪڻ لڳا. هن جو مٿو سور کان هاڻ بلڪل ڦاٽو ٿي. کيس چپن تي ۽ گلي ۾ خشڪي محسوس ٿيڻ لڳي، “پاڻي!” تصور ۾ اهو سوچي هوءَ ڏڪي ويئي ته هاڻ پاڻي شايد سندس لاش کي پٽي تي نصيب ٿئي، سندس دل زور زور سان ڏڪڻ لڳي، پر پوءِ کيس پنهنجو پاڻهين سڪون اچي ويو. هن جو دماغ وري سوچڻ لڳو. جيڪڏهن سوچڻ بند ٿي ڪيائين ته بدن جي زخمن جو سور برداشت نٿي ٿي سگهيو. سوچڻ ڪري سندس ڌيان ان چرئي سور تان ڪجهه هٽي ٿي ويو. هن خوامخواه سوچيو ته جيڪڏهن جيئري رهيس ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن تصور ۾ پاڻ کي پوڙهي عارب جي زال 13 سال اڳ مري ويئي هئي، تنهن سان نڪاح ۾ ڏٺو.
    کيس ياد آيو ته جڏهن خميسي مُلين جي ڌيءَ بچان، موسي ماستر سان ڀڄي ويئي هئي، تڏهن ان کي سيکت ڏيڻ لاءِ کيس حاجي جمعي سان پرڻايو هئائون. بچان سڄي ڳوٺ جو نڪ هوندي هئي. اڇي اڇي جهڙي پٺاڻي. ليمڪ ڀريل ڪاريون ڪٽوريل اکيون، چيلهه تائين وار، ڪپڙي لٽي، ٺاهه ٺوهه جي شوقين. شاديءَ غميءَ تي ٻاهر منجهه نڪرندي هئي ته ماڻهن جا وات ڦاٽي ويندا هئا. حاجي جمعي سان پرڻجڻ کان پوءِ ٻارهن مهينن ۾ چؤ ته الائجي ڇا مان ڇا ٿي ويو. سڄي سڙي سُڪي ڪاراٽجي ويئي. مُنهن جا هڏ نڪري آيس، ڏيرن ماري ماري، منهن مٿا ڀڃي پٽ ڪري ڇڏيس. اها بچان ڏسيو ماڻهن کان هاءِ نڪري ٿي ويئي. سڀڪا چوندي هئي، “بس امان قسمت!” عارب سان گڏ سمهڻ جو تصور ايندي ئي سندس لڱ ڀؤ، ڪراهت ۽ نفرت وچان ڪانڊارجي ويا. بار بار کيس هڪ ڀوائتي ڪُتي جون خونخوار نظرون پاڻ کي ڏاڙهينديون نظر آيون.
    هن هڪ هڏن جي پڃري کي گهڙا مٿي تي کڻي هلندو ڏٺو، جنهن جا بغل ڦاٽل هئا، پير هلندي هلندي ٿاٻڙيا پئي. زالن کيس ڏسي پاڻ ۾ سُس پُس ڪري پئي چيو، “امان شل نه ڪنهن جو ڀاڳ ڦِٽي!” هن محسوس ڪيو ته اڄ کان پوءِ هوءَ ڪڏهن ڪنهن کي سچي دل سان ادا ۽ ابا سمجهي نه سگهندي. هوءَ ڪنهن مئل ڀوت وانگر هيڏي هوڏي ڀٽڪندي رهندي ۽ پوءِ جنهن تصوير کي هن در دروازا ڏيئي، ڪلفن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، سا اوچتو در دروازا ڀڃي، ڪلف ٽوڙي سندس سامهون اچي بيٺي. چچريل ۽ سوڻل منهن. اک هيٺان وڏو ڪارو داغ. هيٺ کُتل اکيون ۽ اهو غيرانساني ڀوائتو آواز. ‘ٻه ڏينهن ٽنگي پئي ماريائون، سچي ڪانه ڪيم. پوءِ امان کي اُگهاڙو...’ هوءَ وڌيڪ سوچي نه سگهي. هن وڌيڪ سوچڻ نٿي چاهيو ۽ سندس دل مان جيئڻ جو چاهه ۽ مرڻ جو ڊپ صفا ختم ٿي ويو. اوچتو در کُلي پيو. سندس دل جي ڌڙڪ رُڪجي ويئي. هن پنهنجي بدن کي سيٽي، ڪهاڙيءَ جي ڌڪ لاءِ تيار ڪيو. هن پنهنجي بدن ۽ روح ۾ موت کي گهڙندي محسوس ڪيو. ڪو اندر گهڙي آيو.
    “ڇوري ڪيئن آهين؟” هن پڻس جو هٿ پنهنجي مٿي تي ڦرندو محسوس ڪيو. سندس روح مان گونگي ريهه نڪتي، “بابا!” هن سُڏڪا ڀري چوڻ چاهيو، “بابا! تو مون کي ڇو ماريو؟ بابا؟ بابا!”
    “مائٽ کي لعنت آهي ابا!” پڻس آهستي چيو، “ننگ جهڙي ڳالهه آهي، نه ته...” سندس گلو ڀرجي آيو. پوءِ هو ڀڻ ڀڻ ڪندو ڪجهه چوندو رهيو، پر هن ڪجهه ڪونه ٻُڌو. ‘سڀ ڪوڙ’ هن سوچيو، ‘سڀ ڪوڙ! ڏکيءَ مهل زال ذات جو ڪهڙو پيءُ ڪهڙي ماءُ’ کيس ائين لڳو ڄڻ هن جهان ۾ هوءَ اڪيلي آهي. چؤطرف رات ئي رات آهي. الائي ڇو روح تي ان خوفناڪ رات پئجي وڃڻ ڪري هوءَ عجيب سڪون محسوس ڪرڻ لڳي. کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ پاڻ ڪا ٻي آهي ۽ هيءَ تڏي تي پيل، ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخميل روح واري ڇوڪري ڪا ٻي آهي. کيس اُن ڇوڪريءَ تي ڏاڍو قياس اچڻ لڳو، ‘ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي ويچاري.’ هن سوچيو، ‘سمهي رهه ملوڪان، ادي سمهي پؤ!’ هن دل ئي دل ۾ همدرديءَ سان اُن ڇوڪريءَ کي چيو ۽ ڇوڪريءَ جو بدن ڍلو ٿيڻ لڳو. کيس ننڊ اچڻ لڳي.
    “پاڻ کي گهڻو جهليم گهڻو جهليم، پر مائٽ جي دل نه رهي. ڀاڻين کان لڪي آيو آهيان. مون کي معاف ڪر، ڇوري! ابا! ملوڪان!”


    نظريه اسلامستان

    ( گذريل مهيني 8 جون 1990ع تي، دولت خداداد اسلامستان جي ڏهين سالگرهه جي موقعي تي، اسلامستان جي مردِ آهن، قائدِ اسلام، حضرت “ناتوان لکنوي” آمريڪا جي مشهور اخبار “نيويارڪ ٽائمز” جي نمائندي “پيٽر هئز لهرٽ” کي هڪ تاريخي انٽرويو عنايت ڪيو، جنهن ۾ قائدِ اسلام، اسلامستان جي فلسفي، نظريه ۽ مقصدن تي ڀرپور روشني وڌي. اسين نهايت فخر سان قائدِ اسلام جي منظوري ۽ نيويارڪ ٽائمز جي شڪريه سان مذڪور تاريخي انٽرويو جو ترجمو قارئين “هلال اسلام” جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. 7 جولاءِ 1990ع، ايڊيٽر هلالِ اسلام، دهلي جديد.)

    پيٽر: اڄ مملڪتِ خداداد اسلامستان کي قائم ٿئي ڏهه سال پورا ٿيا آهن. اسلامستان جي تصور، نظريه ۽ تاريخ بابت سوين ۽ هزارين ڪتاب لکجي چڪا آهن، پر نيويارڪ ٽائيمز جا پڙهندڙ اسلامستان جي ڪهاڻي توهان جي واتان ٻُڌڻ چاهين ٿا؟
    قائدِاسلام: اڄ جنهن بهشت جي ٽُڪري، کي اسين دولت خداداد اسلامستان چئون ٿا، سو1980ع کان اڳ هڪ اونداهو ۽ ويران رِڻ پَٽ هوندو هو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي جانور ۽ بلائون رهنديون هيون.
    پيٽر: اڇا!
    قائدِ اسلام: جي. فقط ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن تي ڪي قديم غيرمهذب وحشي قبيلا رهندا هئا. ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ڳوٺ به هئا، جن کي وحشي ماڻهُو پنهنجا شهر سڏيندا هئا. پوک لاءِ ته ٺهيو، پر پيئڻ لاءِ به پاڻي ڪونه ملندو هو. تنهن ڪري پوک جو نالو نشان به ڪونه هو.
    پيٽر: واقعي! پر معاف ڪجو...
    قائدِ اسلام: توهان کي حيرت ٿي آهي، واقعي آهي به حيرت جهڙي ڳالهه. اسلامستان جي ههڙن عاليشان جرڪندڙ شهرن ۽ شاندار ٻنين کي ڏسي ڪير اعتبار ڪندو ته هيءُ ساڳيو اهو ويران رِڻُ پٽ آهي. جنهن ۾ ٿورا سال اڳ گدڙ اونايون ڏيندا هئا. اسلامستان جي حيرت انگيز ترقي هن صديءَ جو سڀ کان وڏو واقعو آهي.
    پيٽر: توهان بجا فرمايو ٿا، پر مون کان شايد ڪٿي سمجهڻ ۾ ڪا غلطي ٿي آهي. ڇا توهان واقعي چيو ته هتي اڳ رڳو رِڻُ هو؟
    قائدِ اسلام: جي بلڪل.
    پيٽر: ۽ هتي رڳو جهنگلي ماڻهُو رهندا هئا؟
    قائدِ اسلام: بلڪل.
    پيٽر: ۽ ... ۽ هتي پاڻي به ڪونه هو ۽ شهر به ڪونه هئا؟
    قائدِ اسلام: اصل نه. مثال طور اسلامستان جو هيءُ تخت گاهه دهلي جديد، جنهن تي سڄي ايشيا فخر ڪري ٿي، سو ۽ هوڏانهن نئون لکنؤ، الهه آباد ثاني ۽ نئون آگرو، اهي سڀ اڳي گمنام ڳوٺڙا هئا...
    پيٽر: پر اهي ته جڳ مشهور تاريخي شهر قاهره، بغداد، دمشق ۽ بيت المقدس آهن، جن تي اوهان نوان نالا رکيا آهن!
    قائدِ اسلام: ٿي سگهي ٿو ته مقامي جهنگلي پنهنجن اڳوڻن ڳوٺڙن کي شايد قاهره وغيره جهڙن کِل جهڙن نالن سان سڏيندا هجن.
    پيٽر: انهن جا نالا هاڻي برابر ٻيا آهن، پر اهي اسلامستان کان اڳ به سڄيءَ دُنِيا ۾ مشهور شهر هئا.
    قائدِ اسلام: اها اسلامستان جي دشمنن جي پروپيگنڊا آهي. اڳ هتي ڪوبه شهر ڪونه هو.
    پيٽر: اڇا! ڀلا توهان چيو ته هتي پاڻي ڪونه هو. اسان پڙهيو آهي ته هن علائقي ۾ هزارين سالن کان نيل، فرات ۽ دجله جهڙيون زبردست نديون وهنديون آهن. اُهي ڪيڏانهن ويون؟
    قائدِ اسلام: معاف ڪجو مون کي، قديم جاگرافيءَ سان ايتري گهري دلچسپي ڪانهي. ٿي سگهي ٿو ته هتي اسلامستان کان اڳ ڪي برساتي نيون وغيره وهنديون هجن، جن جا اهڙا واهيات نالا هجن. بهرحال هينئر اسان ئي عظيم الشان درياهه وهايا آهن. يعني نئين گنگا، نئين جمنا ۽ نوتوان ندي، جا هن خاڪسار جي نالي پٺيان سڏجي ٿي.
    پيٽر: منهنجي خيال ۾ اها اڳي نيل ندي سڏبي هئي؟
    قائدِ اسلام: مون اڳ ئي عرض ڪيو آهي ته اڳي هتي ڪابه ندي ڪانه هئي.
    پيٽر: جيڪڏهن آءٌ ڪا غلط ڳالهه ڪريان ته مون کي معاف ڪجو. بهرحال، آءٌ فقط وضاحت چاهيان ٿو. تاريخ ۾ اسان اهو پڙهيو آهي، ته جنهن علائقي جو نالو اسلامستان رکيو ويو آهي، سو عراق، شام، مصر ۽ فلسطين جي مشهور ملڪن کي گڏي هڪڙو ملڪ بڻايو ويو آهي. انهيءَ اتحاد جي تحريڪ عرب اڳواڻن صدر ناصر، صدر سادات، ڪرنل معمر القذافي، ياسر عرفات ۽ ٻين عرب اڳواڻن جي اڳواڻيءَ هيٺ هلائي وئي ۽ هڪ لمبي جدوجهد کانپوءِ فلسطين کي آزاد ڪرائي هڪ يڪي عرب رياست ٺاهي ويئي. جنهن تي پوءِ اوهان بِهار مان آيل مهاجرن اسلامستان نالو رکيو.
    قائدِ اسلام: (مُرڪي) منهنجي خيال ۾ في الحال ايتريون غلط بيانيون ڪافي آهن. دنيا کي خبر آهي ته اسلامستان1980ع ۾ ٺهيو. ان کان اڳ هتي ڪجهه به ڪونه هو. ناصر، سادات ۽ ٻيا مقامي ماڻهو، جن جا عجيب نالا توهان ورتا، اهي ايڏيون وڏيون ڳالهيون سوچي به نٿي سگهيا. تاريخ گواهه آهي ته جڳ مشهور اسلامي مفڪر حضرت وهي وهانوي اسلامستان جو خواب ڏٺو. حضرت ظريف جبلپوريءَ ان جو تصور پيش ڪيو. حضرت نقش فرياديءَ ان تصور جي تصوير چِٽي. حضرت بيانبازي ان جي حمايت ۾ تقرير جا شعلا ڀڙڪايا. حضرت ترت تماشائيءَ ان جي حمايت ۾ مظاهرن جو انتظام ڪيو ۽ پنج لک اردو پرستن هن حقير فقير جي اڳواڻيءَ هيٺ مشرقي پاڪستان مان هجرت ڪري اچي اسلامستان بڻايو.
    پيٽر: اڇا!.... خير وڏي ڪمال جي ڳالهه آهي جو توهان عربن جهڙي سرڪش قوم جي اڳواڻي حاصل ڪري سگهيا آهيو.
    قائدِ اسلام: پيٽر صاحب! معاف ڪجو، توهان اسلامستان جي قانون جي زد ۾ اچي رهيا آهيو. توهان کي معلوم هجي ته اسلامستان ۾ “عرب” ۽ “قوم” جا لفظ ممنون ٺهرايا ويا آهن... پر خوشقسمتيءَ سان اسان کي پاڪستان تي قبضو ڪرڻ... منهنجو مطلب آهي ان کي پاڪ بنائڻ جو وسيع تجربو هو.
    پيٽر: جي ها! پاڪستان تي قبضي ڪرڻ ۾ واقعي توهان جي ماڻهن ڪمال ڪيو.
    قائدِ اسلام: اها اوهان جي زره نوازي آهي! بهرحال، اسان کي مشرقي پاڪستان ۾ اسان جي مظلوميت واري ڳالهه ڪم آئي. مقامي جاهل وحشي اسان جي مظلوميت جا قصا ٻُڌي چڪر ۾ اچي ويا، ۽ اسان کي پاڻ وٽ اچي پناهه وٺڻ جي دعوت ڏنائون. ڄٽن پنهنجي وڌيڪ معتبري ڏيکارڻ ۽ اسان تي رُعبُ وجهڻ لاءِ اسان جون دعوتون ۽ مهمانيون ڪيون. پنهنجا گهر ۽ ڳوٺ اسان کي رهڻ لاءِ ڏنائون. پوءِ توهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا.
    پيٽر: جي ها! توهان ٻن سالن اندر پنجاهه لک ٿي ويا.
    قائدِ اسلام: جي ها. هر ڪنهن پنهنجا مائٽ عزيز ۽ واقف گهرايا... پر پوءِ به ڪافي محنت ڪرڻي پئي. مقامي ڄٽن جي خوشامد ۽ تعريف جا درياهه واهڻا پيا. کين اردودانيءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻا پيا. رڍ جهڙن ڊڄڻن ماڻهن کي بگهڙن، چيتن، شينهن، هاٿين ۽ گينڊن جا رُعبدار لقب ڏيڻا پيا. مطلب ته ڇا ڇا نه ڪرڻو پيو! نيٺ خدا جي فضل و ڪرم سان ڪوششون ثاب پيون ۽ مقامي جاهل پاڻ ۾ اهڙو وڙهي پيا جو لاچار ملڪ جي سالميت، بقا ۽ سندس نظرياتي سرحدن جي حفاظت لاءِ حڪومت جو سڄو بار اسان کي کڻڻو پيو.
    پيٽر: معاف ڪجو اهي نظرياتي سرحدون ڇا آهن؟
    قائدِ اسلام: اها اسان جي سياسي ۽ نظرياتي ايجاد آهي. جنهن جو راز فاش ڪرڻ في الحال ملڪي مصلحتن جي خلاف آهي.
    پيٽر: جناب قائدِ اسلام، آءٌ، منهنجي اخبار ۽ ان جا پڙهندڙ اوهان جي هن حقيقت افروز انٽرويوءَ لاءِ توهان جا بيحد ٿورائتا آهن. هاڻي مهرباني ڪري هڪ ٻئي مسئلي تي ڪجهه روشني وجهندا. هتي جي مقامي ماڻهن کان ٻُڌجي ٿو ته کين ڪي شڪايتون آهن. سندن چوڻ آهي ته سندن زمينون، ڌنڌا، ٻولي ۽ ثقافتون کسيا ويا آهن؟
    قائدِ اسلام: اها يهودين ۽ سندن شرپسند ايجنٽن جي پروپيگنڊا آهي. سرزمين اسلامستان خدائي امانت آهي، جيڪا سنڀال لاءِ ڪجهه وقت مقامي ماڻهن جي حوالي هئي. هندستان مان اسان مهاجرن جي اچڻ بعد اها امانت صحيح وارثن کي ڪليمن تي ڏني ويئي، ۽ مقامي ماڻهن کي امانت جي ڳري بار کان آجو ڪيو ويو. اسلامستان جي حڪومت قومي اتحاد، استحڪام، اسلامي عدل ۽ انقلابي سُڌارن جي علمبردار آهي. حڪومت جي نظر ۾ مقامي ۽ مهاجرن جو فرق رکندڙ غدار آهن. اسلامستان جا سڀ باشندا هڪجهڙا آهن، سڀ مهاجر آهن. انهيءَ قومي مقصد خاطر ئي مقامي ماڻهن کي سندن مال ملڪيت ۽ گهرن کان آجو ڪري، ڳوٺن شهرن مان ڪڍي صحرائن ڏانهن موڪليو ويو آهي، ته جيئن اهي به مهاجر سڏائڻ جا هڪجهڙا حقدار ٿي سگهن، چنانچه هو وڏي فخر وچان پاڻ کي نوان سنڌي سڏائين پيا.
    ٻوليءَ بابت ڪنهن به قسم جو فرق، زيادتي، مجبوري يا پابندي ڪانهي. هر ڪو آزاديءَ سان اردو ڳالهائي لکي پڙهي سگهي ٿو. مقامي ماڻهن کي تازو مشاعرن ۾ شامل ٿيڻ ۽ شعراءِ ڪرام کي داد ڏيڻ جو به حق ڏنو ويو آهي. اردو بابت ڪابه زبردستي ڪانهي. جيڪو اردو نٿو ڳالهائي سگهي، تنهن کي تازن لساني اصلاحن ۾ چپ رهڻ جو مڪمل حق ڏنو ويو آهي. اردو نه ڳالهائي سگهڻ جي ڏوهه ۾ جيڪي مجرم سزائون ڪاٽي رهيا آهن، تن سڀني جون سزائون اڌو اڌ گهٽائڻ جو مون تازو اعلان ڪيو آهي. جن جون اڌ سزائون پوريون ٿيون تن کي آزاد ڪيو ويو آهي.
    جيتري قدر مقامي جاهلن جي عربي لهجي ۾ ڳالهائڻ تي قانوني بندش جو تعلق آهي، ته تجرباتي طور ڇهن مهينن لاءِ رات جو 12 وڳي کانپوءِ صبح جو 5 وڳي تائين پنهنجي گهر ۾ مقامي عربي لهجي ۾ ڳالهائڻ وارن تي ڪوبه قدم نه کنيو ويندو. توقع آهي ته انهيءَ عرصي اندر هو ايتري اردو سِکي وٺندا جو گهرن ۾ نظريه اسلامستان ۽ ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان بچي پوندا.
    جيتري قدر نوڪرين جو تعلق آهي، ان سلسلي ۾ ڪوبه فرق روا نه رکيو ويو آهي. اسلامستان هڪ ترقي پذير معاشري کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ هر شخص پنهنجي صلاحيتن جو جوهر ڏيکاري گڏيل خوشحاليءَ ۾ هڪ جهڙو ڀائيوار ٿي سگهي ٿو.
    نوان مهاجر عرف سابق مقامي ماڻهُو باوجود علمي طرح پوئتي هئڻ جي نهايت اعليٰ صلاحيتن ۽ لياقتن جا مالڪ آهن، جن جي اظهار جو کين ڀرپور موقعو ڏنو ويو آهي. مثال طور: سابق مقامي ماڻهُو بهترين ميزبان، اعليٰ درجي جا شتربان، باڪمال ڪاٺير، هوشيار گڏهيون چاريندڙ... ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته لائق ۽ فرمانبردار ڪُڙم جا وَيري آهن. تنهن ڪري اهي ڌنڌا ملڪ جي سابق مقامي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن هڪ طرف نوان مهاجر عرف سابق مقامي ماڻهُو اصلي مهاجرن لاءِ مخصوص ڪيل چند ڌنڌا ملڪ جي سابق مقامي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. جيڪڏهن هڪ طرف نوان مهاجر عرف سابق مقامي ماڻهو اصلي مهاجرن لاءِ مخصوص ڪيل چند ڌنڌا نٿا ڪري سگهن. ته ٻئي پاسي اصلي مهاجر به نون مهاجرن يا سابق مقامي ماڻهن لاءِ مخصوص ٿيل ڌنڌن ۾ هٿ وجهي نٿا سگهن. مثال طور: ڪوبه مقامي ماڻهُو سرڪاري ملازم، واپاري، وڪيل، ڊاڪٽر، آبادگار، مل مزدور، اخبار نويس، گورنر، وزير يا صدر وغيره جا چند مخصوص ڌنڌا قانوني طور نٿو ڪري سگهي، ته ساڳئي وقت اصلي مهاجر وري ڪاٺيرن، گڏهيون چاريندڙن ۽ بار ڍوئيندڙن، ڪُڙم جي ويرين جي پيشن ۽ ڪاروبارن ۾ دست اندازي نٿا ڪري سگهن. مطلب ته اسلامستان جي فلسفه مساوات ۽ اسلامي عدل کي پوريءَ ريت نافذ ڪيو ويو آهي ته جيئن هرڪو پنهنجي پيداشي صلاحيتن کان ڪم وٺي اسلامستان جي مملڪت خداداد کي گل و گلزار بنائي.
    پيٽر: مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ قرآن اسان جي عربي ٻوليءَ ۾ لٿو. اسلام جو پيغمبر اسان منجهان هو. اسلام پهريائين اسان وٽ آيو ۽ اسان ئي اهو دُنِيا ۾ ڦهلايو. اسلام جا مقدس شهر اسان جي ملڪ ۾ آهن، ته به اسلامستان جي حڪومت ۾ اسان کي مسلمان نٿو ليکيو وڃي؟
    قائدِ اسلام: ممڪن آهي ته ڪي مقامي شرپسند ۽ يهودي ايجنٽ انهيءَ يهودي پروپيگنڊا کي ڦهلائيندا هجن. انهيءَ پروپيگنڊا جو جواب اسان جي پريس ۽ ريڊيو وغيره بار بار ڏيئي چڪا آهن، تڏهن به آءٌ هڪ دفعو وري به دُنِيا اڳيان وضاحت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پهرين ڳالهه ته عربيءَ نالي دُنِيا ۾ ڪابه ٻولي ڪانهي...
    پيٽر: جي!؟
    قائدِ اسلام: مون عرض ڪيو ته عربيءَ نالي دُنِيا ۾ ڪابه ٻولي ڪانهي. لکنؤ جي آسپاس جي هڪ ديهاتي علائقن جا ماڻهو اردو ڳالهائڻ ۾ ‘اري بهئي، اري بهئي’ جو تڪيه ڪلام گهڻو استعمال ڪندا آهن. انهيءَ تڪيه ڪلام سبب سندن اردو لهجي کي ‘اري بهئي’ لهجو سڏيو ويندو آهي، جو لفظ پوءِ ڪثرت سان استعمال ٿيڻ سبب بگڙجندو بگڙجندو اربي يا عربي لهجو ٿي پيو. اها آهي حقيقت، جنهن کي يهودي پروپيگنڊا بازن ڦيرائي هڪ ٻولي بڻائي وڌو آهي.
    پيٽر: اڇا!.... پر... پر.... پيغمبر اسلام کي به ته شايد رسول عربي سڏيو ويندو آهي. اسان پڙهيو آهي ته پاڻ عرب شهر مڪيءَ ۾ ڄاوا ۽ مديني ۾ رهيا. اهي شهر به ته عرب شهر آهن نه....
    قائدِ اسلام: اوهان شايد اردو پريس جي تازي تحقيقات جو گهٽ مطالعو ڪيو آهي. ان تازي تحقيقات مطابق مڪو ۽ مدينو دراصل اَوڌ جي پهاڙي علائقي جا ٻه قديم شهر هئا. جتي پاڻ سڳورا تولد ٿيا ۽ رهيا. ممڪن آهي ته هتي جي مقامي وحشي قبيلن انهن شهرن جي هاڪ ٻُڌي، پنهنجي رڻ پٽ جي بستين تي به اها نالا لکيا هجن. باقي رهيو رسول پاڪ کي غير اردو علائقي جو باشندو سڏڻ جو سوال، سو جناب پيٽر صاحب، ڪوبه مسلمان ۽ اسلامستان جو اصلي مهاجر باشندو رسول پاڪ جي شان ۾ اها گستاخي ۽ توهين هرگز برداشت نه ڪري سگهندو. اسان ناموس رسول تان سِر ڪٽائڻ وارا غلام اهڙين ذليل تهمتن هڻڻ واري جي زبان تارونءَ کان ڇڪي ڪپي ڇڏيندا آهيون....
    پيٽر: معاف ڪجو، مون کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ تي بيحد ندامت ۽ شرم آهي. اميد ته توهان منهنجي جهالت کي نظرانداز ۽ معاف ڪندؤ...
    قائدِ اسلام: جناب اسين مهذب ۽ شائسته قوم آهيون. اسان توهان کي نه، پر شرپسندن ۽ يهودي ايجنٽن کي مجرم سمجهون ٿا. هونئن به نقل ڪفر، ڪفر نه باشد.
    پيٽر: ڀلا خير، ٻيو نه ته به هتي جا ماڻهُو اصل کان وٺي مسلمان ته آهن نه....
    قائدِ اسلام: پيٽر صاحب توهان به واقعي ڪمال ٿا ڪريو! جڏهن اڃا هتي نظريه اسلامستان ۽ مملڪت اسلامستان ئي ڪونه ٺهيا هئا. اڃا اسان هجرت ڪري هتي آباد ئي ڪونه هئاسين، ته پوءِ هتي اسلام ڪٿان آيو، جو هتي جا ماڻهُو اصل کان مسلمان هجن؟
    پيٽر: جناب قائد اسلام مون کي خبر نٿي پوي ته ڪهڙو سوال پڇان ڪهڙو نه پڇان! اسان ماڻهُو ڪيترا نه اڻ ڄاڻ آهيون!.... ڀلا هاڻ جڏهن اسلامستان ٺهيو آهي ۽ توهان خيرن سان هجرت فرمائي هتي تشريف فرما ٿيا آهيو، تڏهن ته ڀلا هو مسلمان چئبا نه؟
    قائدِ اسلام: جناب هاڻ توهان خود مون کي حيرت ۾ ٿا وجهو! توهان جي ملڪ آمريڪا ۾ سوين سالن جي گڏ رهڻ کانپوءِ به گهڻا ريڊ انڊين وحشي ۽ گهڻا ڪارا شيدي بدلجي مهذب گورا نه ٿي سگهيا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ رڳو گذريل ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾ سوين مقامي وحشي پورا مسلمان تسليم ٿي چڪا آهن. هزارين وحشين کي اڌ مسلمان ۽ انهن کان ٽيڻن کي پاءُ مسلمان جون سَندون ملي چڪيون آهن.
    پيٽر: پاءُ مسلمان؟ سَندون؟
    قائدِ اسلام: ظاهر آهي ته هرڪو لَلُو پنجُو ته مسلمان ٿي نٿو سگهي! تنهن کانسواءِ جي ڪنهن ۾ کڻي اهڙيون لياقتون هجن به، ته به ماڻهُو هڪڙي ڏينهن ۾ ته مسلمانيءَ جو سڄو ڪورس پاس ڪري ڪونه سگهندو.
    پيٽر: اڇا! واقعي.... بجا فرمايو ٿا. ڀلا مسلمانيءَ جي ڪورس ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪم شامل آهن؟
    قائدِ اسلام: اهو ڪورس هرو ڀرو ايڏو لمبو چوڙهو ڪونهي. بس اردو ٻولي ۽ ادب لکنوي انداز بيان، ٻوليءَ جي ثقافت، مغل درٻارين جي تهذيب تي مڪمل عبور ۽ قدرت هجڻ کپي. مثال طور: جيڪو مقامي ماڻهو عرف نئون مهاجر پان ٺاهڻ جا 72 طريقا، فرشي سلام جا 63 قسم، چوڙيدار پاجامن جون 32 طرزون، نڙيءَ مان اردو اُچار ڪڍڻ جا 163 نمونا، ٺمري ۽ دادري جا 420 پَلٽا، مني پور ناچ جون 117 ڦيريون پائڻ سکي وڃي ٿو. تنهن کي اسين هڪدم پاءُ مسلمان ڪريون ٿا ۽ باقاعدي کيس اهڙي سَند ملي ٿي. مڪمل مسلمان ٿيڻ جو ڪورس البت ڪجهه وڏيرڙو ۽ ڪجهه وڌيڪ ڏکيرڙو آهي، پر ڪو واقعي ذهين ۽ محنتي ماڻهُو ڏهاڪو کن سال لڳاتار محنت ۽ جانفشاني ڪري ته ڪو سبب ناهي جو کيس ڪاميابي نصيب نه ٿئي. هيستائين سڄا سارا 203 ماڻهُو مسلمانيءَ جو فل ڪورس پاس ڪري مسلمان سڏائڻ جو مڪمل حق حاصل ڪري چڪا آهن. بهرحال سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي محنت ۽ ڪوشش جو ڪم آهي.
    پيٽر: برابر، هاڻي ڀلا آئيندي جي پروگرام تي ڪجهه روشني وجهندا؟
    قائدِ اسلام: اسان جي آئيندي جو پروگرام سڄيءَ دُنِيا کي معلوم آهي – انسان ذات کي متحد ۽ منظم ڪرڻ، انسانيت جو شان بلند ڪرڻ ۽ اسلامي تهذيب کي عام ڪرڻ.
    پيٽر: انهيءَ سلسلي ۾ ڪي ٺوس قدم؟
    قائدِ اسلام: اسان دُنِيا جي ڪيترن ملڪن لاءِ نظريا تيار ڪري ورتا آهن. ڪن لاءِ ڪري رهيا آهيون. مثال طور: نظريه ايران ۽ نظريه افغانستان تيار ٿي چڪا آهن. انهن ٻنهي نظرين جا خواب به ڏسجي چڪا آهن ۽ تصور به پيش ٿي ويا آهن. هاڻ رڳو آخري منزل وڃي رهي آهي يعني مظلوم ۽ ڦُريل لُٽيل مهاجرن جي هجرت جي. سو عنقريب پاڪستان ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهُو پنهنجي هم وطنن سان فساد شروع ڪرڻ وارا آهن. انشاءَ الله تعاليٰ سال اندر خونريز دنگا شروع ٿي ويندا ۽ اسان جا ‘ڦُريل لُٽيل مظلوم’ جا قافلا رٿيل ملڪن ڏانهن هجرت شروع ڪندا.
    پيٽر: اتحاد به هميشه جي دستور موجب....
    قائدِ اسلام: جي ها! بس ڪِليم، جاين ۽ زمين جون الاٽمينٽون، نظريه افغانستان ۽ ايران جو پرچار، نظرياتي سرحدن جي حفاظت ۽ نيٺ سڄي ملڪ جي ذمي واري کڻڻ.
    پيٽر: جي ها، مون سمجهيو... ڀلا روس ۽ آمريڪا بابت توهان جا ڪهڙا خيال آهن؟
    قائدِ اسلام: چڱو ٿيو جو ياد ڏياريو. توهان کي مبارڪ هجي جو نظريه آمريڪا به تيار ٿي چڪو آهي، بلڪه ان تي عمل به ٿي چڪو آهي. توهان قائد آمريڪا جناب فساد الله آبادي جو واشنگٽن ۾ ڏنل ڪلهوڪو پريس بيان پڙهيو آهي؟
    پيٽر: اهو صاحب انهن 5 هزار بِهاري مهاجرن مان ته ناهي، جيڪي آمريڪا سرڪار آمريڪا ۾ اچڻ ڏنا هئا...
    قائدِ اسلام: جي ها، فرمايو اٿن ته آمريڪا کي ريڊ انڊين شيدين سان اندروني ۽ ڪيوبا، ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا مان ٻاهريون خطرو آهي. اڌ لک مهاجر آمريڪي پنهنجي خون جي آخري قطري تائين آمريڪا جي نظرياتي سرحدن جي حفاظت ڪندا ۽ غدارن، وطن دشمنن ۽ ڌارين جي ايجنٽن جي پاڙ پٽي ڇڏيندا.
    پيٽر: چئبو ته نظريه آمريڪا به ٺهي ويو ۽ قائدِ آمريڪا به بنجي ويو!... تمام سُٺو. مون کي خبر ئي ڪانه پئي ته هيترو سارو ڪم ٿي ويو!
    قائدِ اسلام: توهان کي اڃا گهڻيون خبرون ناهن، پيٽر صاحب! مثال طور: توهان کي خبر آهي، ته توهان اڄوڪي ڏينهن ۾ ڇا ٿي ويا آهيو؟
    پيٽر: جي نه!؟
    قائدِ اسلام: توهان جو نالو اڄ صرف جناب پيٽر هئز لهرٽ آهي. سڀاڻي کان اسلامستان جي سموري پريس، ريڊيو ۽ ٽيليويزن توهان کي توهان جي نئين نالي ۽ لقب سان ياد ڪندا. اڄ کانپوءِ توهان جو سڄو نالو آهي- رئيس الانصار، شيرِ آمريڪا، حڪيم الامم، دانائي مغرب، حضرت بطرس النيويارڪي دامه اقباله!.... ڪيڏانهن ڪيڏانهن؟
    پيٽر: معاف ڪجو! مون کي مٿي ۾ چڪر اچي ويو آهي.... آءٌ هلان ٿو...
    قائدِ اسلام: ترسو! ترسو! اڃا منهنجو ڪلام ڪٿي ٻُڌو اَٿوَ؟ ترسو! اڙي! حضرت پطرس کي روڪيو!.......

    (نيويارڪ ٽائمز تاريخ1 جولاءِ 1990ع تان ورتل)

    (ماهوار سهڻي 1972ع)


    سچ جو ڏينهن

    دل، گردي ۽ ڦڦڙن بدلائڻ جي ڪامياب آپريشن کان پوءِ دنيا جي چوٽيءَ جي سائنسدانن جي ذهنن ۾ هڪ اڃا به انوکي ۽ انقلابي ايجاد ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو! ڇا ائين ممڪن نه آهي ته، ڪا اهڙي دوا ايجاد ڪجي، جنهن جي کارائڻ سان ماڻهن جو ذهن بدلجي وڃي؟
    مثلاً، ڪو ڪنجوس آهي ته ان دوا جي استعمال سان سخي ٿي پوي، گيدي بهادر ٿي پوي، شرابي پرهيزگار ٿي پوي وغيره؟ ڪن سائنسدانن جا خيال اڃا به مٿي اُڏامڻ لڳا. ڇو نه سڄين قومن جون ذهنيتون هڪ ئي ڌڪ سان بدلائي ڇڏجن؟
    درحقيقت ڪيترن سائنسدانن اهو ڪم لِڪ ڇُپ ۾ ٻي جنگ عظيم کانپوءِ ئي شروع ڪري ڇڏيو هو پر ڪاميابي هر ڀيري کانئن گُسائي ٿي وئي. آخر 1968ع جي زبردست ڪاميابين سندن راهه مان آخري رڪاوٽون دور ڪري ڇڏيون.
    - آمريڪا ۽ جرمنيءَ جي سائنسدانن اهڙا انجيڪشن تيار ڪري ورتا، جن جي ڇهن مهينن جي ڪورس استعمال ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن جي ذهنيتن ۾ زبردست ڦيرو اچي ويو پر انجيڪشنون مهانگيون ٿي پيون ۽ عرصو وڌيڪ درڪار هو، تنهن ڪري سئزرلينڊ جي مشهور نوبل پرائيز مليل سائنسدان ڊاڪٽر پال هارجورڊ جي اڳواڻيءَ هيٺ وڌيڪ تحقيقاتون ڪري نيٺ اهڙو پائونڊر تيار ڪيو ويو، جو تمام سستو هو ۽ هڪدم فائدو ٿيو ٿي.
    اوائلي تجربن لاءِ دنيا جي مختلف چونڊيل علائقن تي هيلي ڪاپٽرن ذريعي پائونڊر ڇٽڪارڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. اهي ٽڪرا ڪهڙا هئا، تنهن جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي. مختلف علائقن تي مختلف ذهنيت پيدا ڪرڻ وارو پائوڊر ڇٽڪاريو ويو. مثلاً: ڪٿي رحم ۽ قربانيءَ جو ، ته ڪٿي حيا ۽ اخلاق جو، ته ڪٿي حب الوطنيءَ ۽ حق گوئيءَ جو وغيره.
    اتفاق سان دنيا جي انهن ٽڪرن ۾ سنڌ کي به شامل ڪيو ويو ۽ مٿس رات جو سچائيءَ وارو پائوڊر ڇٽڪاريو ويو. ٻئي ڏينهن فجر جو جيئن ئي هاڪرن، اخبارون پهچايون، تيئن ئي پائوڊر جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا.
    اخبارن جا ٻيا ته سمورا صفحا پائوڊر ڇٽجڻ کان اڳ ۾ ڇپجي چڪا هئا، باقي ايڊيٽوريل صفحا رهجي ويا هئا، جي سڀ کان آخر ۾ ڇپيا هئا. هڪڙي اخبار جا سڄو وقت پنهنجي مالڪ جي حمد و ثنا ۾ مشغول هجڻ ڪري بدنام هئي، تنهن پنهنجي ايڊيٽوريل نوٽ ۾ لکيو هو، “ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي جو اسين چند چانديءَ جي سِڪن جي عيوض پنهنجو ايمان وڪڻندا رهيا آهيون ۽ وطن جي غدارن ۽ قوم فروشن جي شان ۾ قصيده پڙهندا رهيا آهيون! جنهن ڀنڀور کي باهه لڳل هئي، ان ۾ ويهي پيٽ خاطر وطن کي وساري خود مطلب چمچن جي ساراهه جا ڍُڪ ڀرڻ ڪيڏي نه بي حيائي آهي!...”
    ٻي اخبار جنهن جو پيشو ئي وطن دوستن تي چغليون هڻڻ، مٿن بهتان مڙهڻ، نوجوان نسل کي خوار خراب ڪرڻ هو ۽ جنهن بابت سڀني کي خبر هئي ته اها آمريڪا جي جاسوسي کاتي جي پاڪستاني ملازم جماعت جي اثر هيٺ آهي، تنهن لکيو: “ڪير ٿو چئي ته اسين ٻين کان پوئتي آهيون؟ جيڪا قوم اسان جي اڄوڪن عظيم شاعرن ۽ اديبن جهڙو لافاني ۽ بي مثال شعر ۽ ادب پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪا قوم اسان جي اڄوڪي انقلابي نوجوان نسل جهڙو املهه انساني فصل اُپائي سگهي ٿي، تنهن کي گهٽ ۽ پوئتي چوڻ وارا يا بيوقوف يا بي ايمان آهن.”
    اها ڪا گهٽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جتي آمريڪا جو جاسوسي کاتو هيڏي آسانيءَ سان ۽ هيڏي وڏي تعداد ۾ هر طبقي مان پنهنجا ايجنٽ ۽ چمچا تيار ڪري سگهيو آهي، اتي اهو بدنام ۽ رسوائي زمانه جاسوس ادارو اسان جي وطن ۾ بريءَ طرح ناڪام ويو آهي ۽ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ايجنٽ هٿ ڪري سگهيو آهي، سي به عوام ۾ خوار ۽ خراب ٿي چڪا آهن.
    “...بهرحال، اسين مطالبو ڪنداسين ته، جيڪي اخبارون ۽ سياسي جماعتون آمريڪي جاسوسي کاتي جي اشاري تي نچي ۽ پنبي رهيون آهن، انهن تي فورن بندش وڌي وڃي ۽ وڌيڪ بدنام فردن ۽ اخبارن کي فورن بند ڪيو وڃي.”
    جيڪي هفتي وار اخبارون ان ڏينهن ڇپيون، تن ۾ به نئين دوا جو اثر ظاهر ٿيو. هڪڙي هفتي وار اخبار، جا سال ۾ ڪُل ست پرچا ڪڍندي هئي ۽ ستن ئي ۾ هڪڙي ئي ڪاموري جي تعريف لکيل هوندي هئي، تنهن ان پرچي ۾ ان ڪاموري جو نالو وٺي لکيو، “ههڙا عوام آزاريندڙ ڪامورا فوراً ڊسمس ڪرڻ کپن ۽ مٿن جرڳن ۾ مقدما هلائي کين نه رڳو جيل جون ڳريون سزائون ڏيڻ کپن، پر کين شهر جي چؤنڪ ۾ چهبڪ هڻائي، ٻين لاءِ عبرت جو سامان پيدا ڪرڻ کپي.”
    مريدپور ٿاڻي جو صوبيدار، صبح جو نيرن ڪري، اڇا اُجرا ڪپڙا پائي، اچي ٿاڻي ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو. وڏي منشيءَ ڪاغذ پٽ اڳيان آڻي رکيس. پريان جان محمد پوليس وارو، چئن چيلهه ۾ رسن پيل ماڻهن کي وٺي اندر آيو ۽ سليوٽ ڪري کڙو تڙو ٿي بيهي رهيو. صوبيدار پڇيس، “هي ڪير آهن؟”
    جان محمد ادب سان چيو، “سرڪار! رات ناڪي بندي ڪندي، موريءَ وٽان هنن کي شڪي حالت ۾ گرفتار ڪيو اٿئون. هڪڙي وٽان بنا ليسن جي ريوالور....” ائين چئي، هو بيهي رهيو.
    “اڙي ڳالهه ڪر!” صوبيدار ڪڙڪو ڪري چيو.
    “سائين عرض آهي! آءٌ هنن کي سندن گهرن مان وٺي آيو آهيان!” جان محمد بلڪل بدليل آواز ۾ چيو.
    صوبيدار رنڀ ڪري چيو، “ڇا!...ڇو؟”
    جان محمد واري واري سان هڪ هڪ تي هٿ رکندي چيو، “هن لاءِ وڏيري جاڙي خان چيو هو ته، هن کي 110 ۾ ٻڌجو. ان لاءِ مون کي ٽيون ڏينهن پنجاهه رپيا ڏنا هئائين. هن جي زال ٺاهوڪڙي آهي، سو وڏيري جي مرضي آهي ته سال کن ٽريل هجي ته چڱو. هن رئيس يعقوب خان کي ووٽ ڪونه ڏنو هو، ان لاءِ وڏيري جو بار پيل هو. هيءُ ڀڙوو آهي ۽ جمعدار باگي خان جي سنگتياڻي ٻين کي ٺاهي ڏني اٿس. باقي هيءُ هوٽل ۾ نوڪر آهي. مون تي ڪي ٻه ٽي پئسا رهجي ويا هئس، تنهن لاءِ مون کي روز تنگ ڪندو آهي. ڪالهه مون سان منهن ماري ڪري بيهي رهيو.”
    ايتري ۾ هڪڙو ٻهراڙيءَ جو ماڻهو منهن مٿو پِٽيندو آيو.
    “اڙي ڇاهي؟” صوبيدار گارين جو هڪڙو دس ڏيئي چيو. (ڇٽڪاريل دوا ۾ فضيلت جو پائوڊر پيل ڪونه هو.)
    “سائين رات مون سان ظلم ٿي ويو آهي. يارو خاصخيلي ۽ سندس پنجئي پٽ ڌاڙو هڻي منهنجي زال کڻي ويا آهن.” ائين چئي سندس اکين ۾ عجيب چمڪ اچي ويئي، “سائين مون ڌاڙيل چڱيءَ ريت سڃاتا ڪونه.”
    “اڙي اڳهڻون جو چيئي ته مون سڃاتا...؟”
    “سائين يارو منهنجي ڀاءُ کي ڏنل سڱ ويهاريو ويٺو آهي. تنهن ڪري سندس ۽ سندس پٽن جا نالا لکرايم، سائين مهرباني ڪري سرزمين کي هلي تپاسيو، نه ته ٻانهن صفا خون ٿي ويندي.”
    صوبيدار گار ڏيئي چيس، “اڙي، جانچ ڪهڙي ڪريان؟ مون ئي ته چيو هو رئيس خير محمد خان کي ته بي ڌڙڪ رن کڻائي وٺ! آءٌ ويٺو آهيان!” هي ابلق گهوڙو ڪلهه جو موڪليو اٿس، سو تڏهن خدا ڪارڻ موڪليو هئائين؟ وڃي ڪا ٻي رن هٿ ڪر! اِها ڇُٽي!”
    ڪورٽن ۾ ته قيامت ٿي وئي. شاهدن وڏا ڪلما ڀري طوطن وانگر سيکاريل بيان ڏئي اوچتو سڄو ڀانڊو ڦاڙي وڌو. هڪڙي اندازي موجب ڏهه هزار ڪيس ان ڏينهن بيٺي بيٺي فيصل ٿي ويا. گهڻو ڪري فريادين تي ڏنڊ پيا ۽ ٻين سَون کي ڪوڙي ڪيس ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چالان ڪيو ويو. ڪيترن وڪيلن دليل بازي ڪندي، اوچتو وٺي چيو، “حضور اهي رولنگون جي هينئر پيش ڪيم، سي بعد ۾ رد ٿيل آهن ۽ هن ڪيس سان ڪوبه تعلق ڪونه ٿيون رکن!” ڪيترا جوابدار ڏوهن جا قبولدار ٿيا. خود پوليس پراسيڪيوٽر جيڪي گراموفون جي ڀڳل رڪارڊ وانگر هميشه هڪڙي ساڳي سِٽ چوندا آهن، “سائين! سرڪار پنهنجو ڪيس پوريءَ طرح ثابت ڪيو آهي. جوابدار رهزن ۽ عادتي ڏوهاري آهي!” سي دليلن سان ثابت ڪرڻ لڳا: “سرڪار شاهدن جا بيان جڙتو، بناوٽي ۽ اڻ وسهڻ جوڳا آهن. جوابدار تي ڏوهه ثابت ناهي!” ڪيترن ججن پنهنجي بالادستن کي لکي موڪليو ته هي ڪيس اسان وٽان ٽرانسفر ڪيا وڃن. هڪڙي جج لکيو، “هن ڪيس ۾ جوابدارن جو وڪيل بڪبڪيو ۽ ٽيڙي باز آهي. هميشه ڄٽ اصلين کي مرعوب ڪرڻ خاطر يخي هڻي، مون کي مٿي ۾ سور وجهندو آهي. ان وڪيل جو اصيل منهنجي هٿان ڇُٽي، سو ناممڪن آهي. اهو ڪيس ڪو ٻيو هلائي.”
    حيدرآباد جي دلشاد هوٽل دستور موجب، گراهڪن سان ڀري پيئي هئي. مسٽر نواز علي هيڊ ڪلارڪ دستور موجب قورمو گهرايو ۽ قورمي ۾ گرهه ٻوڙيندي پڇيائين: “اڙي آهي ته ننڍو گوشت نه؟”
    بيري ادب سان وراڻيو، “سائين پوڙهي ڳئون جو آهي.”
    نواز علي خان دوڏا ڦاڙي، ڪاوڙ ۾ لال پيلو ٿي چيو: “چِڪن کڻي اچ!”
    بيرو چستيءَ سان موٽڻ لڳو. مسٽر نواز علي پڪائيءَ خاطر رڙ ڪري چيس، “اڙي ڏسجين متان اها به پوڙهي نه هجي!”
    بيري پُٺ ورائي جواب ڏنو: “نه سائين، ڪڪڙ پوڙهي ناهي، مئل آهي.”
    مسٽر نواز عليءَ آپي کان ٻاهر ٿي پڇيو، “ڇا مطلب...؟”
    “سائين، اسين هميشه بيماريءَ وگهي مئل ڪڪڙ رڌيندا آهيون.” بيري نهايت ادب ۽ نِوڙت مان چيو.
    مسٽر نواز علي ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ سڌو سيٺ وٽ پهتو. سيٺ سندس جوشيلو احتجاج ٻُڌي، نهايت ٿڌائيءَ سان سمجهائڻ لڳس، “نواز علي خان، گوشت مهانگو آهي. مئل ڪڪڙيون ۽ ڳئون نه هلايون ته پورت ڪٿان پوي؟ سڀ گراهڪ هميشه کايو خوش ٿيو وڃن. ڪنهن به اڄ ڏينهن تائين گِلا نه ڪئي آهي، خود توهان به نه. توهان حيدرآباد جا گراهڪ خوشنصيب آهيو، جو حلال مال ٿا کائو. ڪراچيءَ ۾ ته گڏهيون ڪُهيو پيا کارائين!”
    گوڙ تي ڪيترا گراهڪ اچي گڏ ٿيا ۽ ڏسندي ڏسندي پوري هوٽل خالي ٿي ويئي.
    اتفاق سان ان ڏينهن حيدرآباد ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ليڊرن جون درپور سياسي ميٽنگون رکيل هيون.
    ظهر جي نماز کان ڪلاڪ کن پوءِ لطيف آباد جي هڪ ڪوارٽر ۾ درجن کن صاف، اُجرا، ڪَلف لڳل نوراني چهرا، مقدس سونهارين ۽ شرعي چال سان هڪڙي ڪوارٽر ۾ داخل ٿيا. تلاوت قرآن مجيد بعد هڪڙو بزرگ ٽن مهينن جي ڪارروائيءَ جي رپورٽ پيش ڪرڻ لڳو. هر صالح مومن کان چندي ۾ گڏ ڪيل ڏوڪڙ، قربانيءَ جي کلن وغيره جو ليکو صاف ڪري وٺڻ کان پوءِ هن چيو: “حضرات! جماعت جي اڳيان، دنيا اندر اسلامي نظام حڪومت قائم ڪرڻ جو جيڪو نصب العين آهي، تنهن لاءِ اسان پنهنجي وت آهر هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ جا لک لک احسان آهن....” چوندي چوندي، بزرگ کي هڏڪوئي آئي ۽ بدن ۾ سياٽو وٺي ويو. هڪ لحظي کان پوءِ سندس چپ وري کُليا، پر سندس آواز بدليل هو:
    “حضرات! منهنجي خيال ۾ پنهنجا پاڻ ۾ آهيون ۽ بهتر آهي ته صاف گوئيءَ کان ڪم وٺون. اسان جي سپرد هڪ نهايت نازڪ فرض آهي. هن علائقي ۾ اها ذميواري اسان تي رکيل آهي ته اڌ ڪروڙ سنڌين کي آفيمي پنڪين مان بيدار ٿيڻ نه ڏيون. ڪو پاڻ سجاڳ ٿئي يا ٻين کي سجاڳ ڪرڻ جي شرارت ڪري، ته ان کي رستي مان هٽائي ڇڏيون. بدقسمتيءَ سان اسان جي وڏن ليڊرن کي اندازو ئي ڪونهي ته اسان جي اڳيان ڪيڏيون مشڪلاتون آهن. هو سمجهن ٿا ته مذهب هڪ اهڙي زرهه آهي، جنهن کي پهري اسين سلامتيءَ سان جيڪي وڻي، سو ڪري ٿا سگهون، پر اوهان کي خبر آهي ته هتي ماڻهن ۾ ۽ خاص ڪري نوجوانن ۾ وطن جي نالي تي ڪيڏي نه سورش آهي. خير، خدا جي فضل و ڪرم سان اسان مڙس ٿي منهن ڏنو آهي ۽ هر هنڌ سَون جي تعداد ۾ مير جعفر ۽ مير صادق تيار ڪيا آهن، جي اسان جي حڪمن مطابق عمل ڪري، سنڌيت جي تحريڪ جي پٺ ۾ ڇُرا هڻي رهيا آهن. اسان جي هٿ ۾ هڪ روزاني سنڌي اخبار آهي، جا رات ڏينهن سنڌين جي ئي خرچ سان سنڌي نوجوانن جي پويان باهه ٻاريو بيٺي آهي. چغليون هڻڻ، منافقيون ڪرڻ ۽ انتشار ڦهلائڻ ۾ سي آءِ ڊي کي مات ڏيو بيٺي آهي. اسان صالح سنڌي، اخبار وسيلي، پنهنجي سنڌي مريدن هٿان سنڌين جي خلاف زهر ڦهلائيندا رهون ٿا. سنڌي شام کي بند ڪرائڻ، سنڌي شاگردن ۽ اديبن ۾ ڦوٽ وجهڻ ۽ ٻين اهڙن نيڪ ۽ صالح ڪمن ۾ اسان توقع کان وڌيڪ نوان ۽ شاندار ڪم ڪيا آهن، انهيءَ کان سواءِ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ خاطر اسان تازو سنڌين جي ڪن مطالبن جي تائيد ڪرڻ جو به ڍونگ رچايو آهي.”
    اهو بزرگ اڌ ڪلاڪ ڳالهائيندو رهيو. ان بعد، ٻين مقررن به تقريرون ڪيون. جن تفصيل سان انهن اٽڪلن، حرفتن ۽ عيارين جو ذڪر ڪيو، جن سان هو سنڌيت جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان بعد هر ڪنهن کي نوان نوان ڪم ڏنا ويا. جماعت جي نيڪ مقصدن جي پورائيءَ لاءِ بارگاهه ايزديءَ ۾ صميم قلب سان دعا گهرڻ کان پوءِ جلسو ختم ٿيو.
    ٻي ميٽنگ گاڏي کاتي ۾ ٿي. هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ اٽڪل 11، 12 ماڻهو اچي گڏ ٿيا. منجهن ٽي ڇوڪراٽ هئا ۽ ٻيا ڪروڙڍ. ٻن ٽن کي سٿڻون پاتل هيون. ٻين کي پاجاما هئا. ڪمري جي ڀتين تي ڪارل مارڪس ۽ لينن جون تصويرون ٽنگيل هيون. هڪڙيءَ ميز تي ڍڳ جيترا انگريزي ۽ اردو ڪتاب هڪٻئي مٿان سٿيا پيا هئا. هڪڙو 40، 45 سالن جو سنهڙو سڪل ماڻهو اُٿي بيٺو. عينڪ کي صاف ڪندي معصوميت ڀريل مگر ڳنڀير آواز ۾ چيائين:
    “ساٿيو! اڄوڪو خاص اجلاس سنڌ اندر پنهنجين ڪارگذارين جي مڪمل جائزي وٺڻ لاءِ سڏايل آهي.”
    “رفيقو! اسان جو نصب العين هڪڙو ئي آهي: عام طرح پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سمورن عوامي طبقن ۽ فردن کي متحد ۽ منظم ڪري، کين پاڪستاني قومن جي برادريءَ جي هڪ برابر ۽ خوددار قوم جي حيثيت سان صحيح، سچي ۽ عوامي جمهوريت جي انقلابي شاهي سڙڪ تي هلائڻ.....” چوندي چوندي، اوچتو سندس هٿن کي ٿورو جهٽڪو آيو ۽ سندس عينڪ هيٺ ڪري پيئي! هن نمي عينڪ کنئي. ان کي صاف ڪري، چوڻ لڳو:
    “سو ساٿيو! مون عرض پئي ڪيو ته، اسان جو نصب العين هڪڙو ئي آهي: عام طرح پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي سمورن عوامي طبقن ۽ فردن ۾ ڏڦيڙ وجهي، کين منتشر ڪري، سندس محڪوميت واري حالت قائم رکي، کين صحيح، سچي ۽ عوامي جمهوريت جي انقلابي شاهي سڙڪ تان ٿيڙڻ ۽ گمراهه ڪرڻ...”
    “آمريڪي سامراج ۽ سندس مڪاني ايجنٽن جو پڻ اهو ئي آخري نصب العين آهي، پر اسان ۽ هنن ۾ وڏو بنيادي فرق آهي. هو ٻاهران حملو ڪن ٿا، اسين اندران کاٽ هڻون ٿا. هو ڏنڊي کان ڪم وٺن ٿا، اسين همدرديءَ جا ٻول ٻولي ڪم ڪڍون ٿا. هو ڌاريا لڳن ٿا، اسين پنهنجا ٿي لاهه ڪڍون ٿا، هو مذهب ۽ قومن جي آڙ وٺن ٿا، اسين انقلاب جو نعرو هڻون ٿا.
    “انهيءَ لاءِ اسان هڪ منظم ۽ رٿيل پروگرام مرتب ڪيو آهي. سڀ کان اول اسان هميشه سنڌ جي نئين ۽ باشعور نسل کي سندس هڏڏوکي ۽ سرويچ رهنمائن کان بدظن پئي ڪيو آهي.”
    “ٻيو ته اسان هميشه سنڌ جي اصلي ۽ حقيقي مسئلن کي نظرانداز ڪري مصنوعي مسئلن جا نعرا هنيا آهن. جڏهن اتفاق سان اسان جي هٿن مان ڳالهه نڪري ويئي آهي ۽ ڪا عوامي تحريڪ ازخود اُڀري آهي ته اسان ان تحريڪ کي بدنام ڪري، ڪچيءَ ۾ ڪُچلڻ ۾ ٻين کان گوءِ کنئي آهي، پر جڏهن پوءِ به ڪم نه ٺهندو آهي، تڏهن انهيءَ تحريڪ ۾ گهڙي انهيءَ جا ترا ڪڍندا آهيون.”
    “ٽيون ضروري ڪم اسان اِهو ڪيو آهي، جو اسان سنڌ جي نئين نسل جي باشعور فردن کي انقلابي نظرين ۽ انقلابي ادب جي گهري مطالعي کان بدظن ڪري، اڻسڌيءَ طرح کين روڪيندا رهيا آهيون، ته جيئن ‘ٻلي شينهن پڙهايا، ول ٻلي ڪون کاوڻ آيا’ وارو ڪم نه ٿئي ۽ هو اهڙا هوشيار نه ٿي وڃن، جو سڄي ڳالهه سمجهي، پنهنجن پيرن تي بيهي، مورڳو اسان جي چنبن مان ئي نڪري وڃن.”
    “درحقيقت اسان پاڻ انقلابي نظرين جي مطالعي ۽ پروڙ کان لهرائيندا آهيون. اسان پنهنجي ترقي پسند گادي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي رڳو ان گاديءَ جا مريد ڪندا پيا وڃون. اصل ڳالهه ڇا هئي، تنهن سان اسان جو واسطو ڪونهي. سچ پچ ته ترقي پسند اڪابر جيڪڏهن پنهنجين قبرن مان نڪري اچن، اسان جا پروگرام ۽ طريقا ڏسن، ته ڀائين ته ڪنهن مندر يا ڪليسا ۾ اچي نڪتا آهيون.
    “اهو اسان جي اڻٿڪ ۽ هوشيار ڪوششن جو نتيجو آهي، ته سنڌ ۾ ٻين ننڍين پاڪستاني قوميتن جي ترقي پسند جدوجهد، هيتري جذبي، ههڙين حالتن ۽ ههڙن ماڻهن جي باوجود اڃا ڀٽڪندي رهي آهي. اسان انهن کي ويساهي ڇڏيو آهي، ته سڀني رازن جا ڄاڻو اسين آهيون. سڀني کان وڌيڪ مٿي ۾ سور اسان کي آهي. جيڪي ڪرڻو هوندو، سو اسين ڪنداسون ۽ ڪريون پيا. انهيءَ آسري ۾ سڀ سري کي ٻانهن ڏيو، اسان جي سڏ جو انتظار پيا ڪن. تان جو ويهه سال گذري ويا آهن ۽ ٻوٽو ڪونه ٻريو آهي. اسان جو آسرو نه هجين ها ته الائجي ڪيترا ممڻ مچي پون ها. درحقيقت اسان اهو ڪجهه ڪيو آهي ۽ اهو ڪجهه ڪريون پيا، جيڪو ننڍين قومن جي ڪنهن به ويريءَ کان ڪونه پهچندو. اهي قومون چورن کان ڇٽي، اسان جي گهل تان پيون آهن. جيسين پنهنجي دم ۾ دم آهي، تيسين اُميد ته نعرن کان سواءِ ڪجهه نه سرندن.
    “پر هاڻ حالتون بگڙنديون نظر اچن ٿيون. ننڍين قومن جا ماڻهو ۽ نوجوان انقلابي رازن کان واقف ٿيندا وڃن. ترقي پسند فلسفي، نظريي ۽ تحريڪ جي تاريخ جو گهرو ڳوڙهو مطالعو ڪري، ڪيترائي ماڻهو خود سڀ ڪجهه سمجهڻ، سوچڻ ۽ ڪرڻ جهڙا ٿي ويا آهن. انديشو آهي ته متان هيءَ گادي اسان کان کسجي وڃي ۽ ترقي پسنديءَ تان اسان جي هڪ هٽي ختم ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته، ننڍين قومن جا ماڻهو ڪا واقعي ترقي پسند تنظيم ٺاهي، پنهنجو گهر پاڻ سنڀالي ۽ هلائي، اسان کي ٽڪيٽ وٺائي ڇڏين. تنهن ڪري اسان مان هرهڪ کي پنهنجي هڪ هٽي بچائڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ پاڻ پتوڙڻ کپي.”
    پوءِ ٻين سڀني واري واري سان تقريرون ڪيون ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويزون ڏنيون.
    ٽيون جلسو، صدر ۾ هڪڙي وڏي سنڌي زميندار جي بنگلي تي، شام جو ڇهين بجي ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن ليڊرن شرڪت ڪئي. جلسي جو خاص مطلب ايندڙ اليڪشن ۾ سيٽن جي ورهاست بابت صلاح مصلحت هو.
    سنڌي رواج موجب شروعاتي خبرن چارن ۾ ئي وڏيرا، رئيس، مير، پير، پاڻ ۾ اٽڪي پيا. دستوري طعنن مهڻن ۽ ڏاڙهيءَ پٽ بعد هڪڙو ڀوتار اُٿي بيٺو، “ادا خبرون خير، اوهين ته ڀلي پيا مهڻا ڏيو، پاڻ هميشه سنگت لاءِ سر ڏنو آهي.” ائين چئي، مڇون مروڙي، ڪياڙي کنهي ڪجهه وڌيڪ چوڻ وارو هو، ته اوچتو ڄڻ ڪا شيءِ نڙيءَ ۾ ڦاسي پيس... ٻه ٽي ڳيتون ڏنائين. پوءِ چيائين: “سو ڳالهه ٿي ڪيم ته پاڻ هميشه سنگت جو سر وڍيو آهي... جڏهن کان سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي آهي، تڏهن کان ميمبر ٿيندا اچون، جيڪو پاسو سرس ٿيندو ڏسون، اوڏانهن ميمبر ٿيندا ويندا آهيون. پنهنجي ڪنهن سان مائٽي ڪانهي. سُنهن، قسم جي پرواهه پاڻ کي ڪانهي. کڻي ڏهه قرآن ڏيندا ته به کڻي وينداسون ۽ ڪنداسون اهو، جيڪو سڀري ڌر چوندي. شينهن جي وات ۾ چوندا ته هليا وينداسون. باقي ڪنهن ڪاموري اڳيان پاڻ کان ٻڙڪ ٻاهر نه نڪرندي. پادر سان ووٽ وٺون ۽ جنهن وٽ سڀ کان وڏو پادر ڏسون، تنهن کي ڏيون ۽ ڏياريون. مطلب ته ڇٽيهه لکڻي موچڙي جا سلامي آهيون. سنڌين جي اچي ڦٽي آهي، جو اسان اڳڙيءَ جي گُڏن کي پنهنجو اڳواڻ سمجهيو، اسان جي آسري تي پيا پادر کائن. ڀلي پيا ڀوڪ لوڙين، پنهنجو ڇا؟”
    هڪڙو ٻيو ڪروڙڍ ڀوتار ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو: “آءٌ اوهان کي ٻُڌايان، هيءُ سڄو خلم پڙهائيءَ مان ٻريو آهي. ڪورين موچين جا پٽ ڏس ته چئو ته ڄڻ خان، خان جا پٽ پيا هلن! جنهن کي ڏسو ‘سنڌ’ ‘سنڌ’ پيو ڪري. پڇون، ڀڙوا، اوهان جو ڇا؟ اوهان ڄٽ، ڄٽ جا پٽ، وڃي پنهنجي اباڻي ڪرت ڪريو. اوهان جو ٻين ڳالهين ۾ وڃي ڇا؟ ماءُ موري، پيءُ پتائي گجر! گولاڙن جا ڦر نڪتا آهن، حڪومتون ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ! وڇئين جي ٿُڪ ۽ ڪرهين جي ڦوڪ مان ڇا ٿيندو!؟”
    “سائين ڪا ڳالهه آ!” ٽئين مينهن جهڙي متاري معتبر چيو، “منهنجو وڏو ڇوڪرو رئيس الله ڏتو خان ته ڏٺو هوندو! ست پيڙهيون خانداني ٻار، ننڍي لائي حڪومت جي ستي پيل، ٻالپڻ کان اميراڻين ڪچهرين ۾ اُٿيل ويٺل، گورنرن، ڪليڪٽرن ۽ ڪمانين جو ڪيڙيل، اڃا ايترو هوندو ته دهشت جا وٺي ڪندو هو ته هارين نارين، للو پنجو وڏيرن جا مُٽ سُڪي ويندا هئا. ڪليڪٽر اچي ضد ٻڌو. چئي، “رئيس ننڍي کي انگريزي پڙهاءِ! حڪومت جي ڪم جي لائق آهي.” اڃا اسڪول پئي پڙهيو ته شاهي جنگاڻ ڪري وڌائين.
    “ڪولهڻ کنئين هئائين نه؟” ڀرسان ويٺل هڪ ڀوتار پڇيس.
    “هائو، هائو! ڪولهڻ جي ڦڏي ۾ مون کي چاليهن هزارن جي چپيٽ ڏياري ڇڏيائين. پر مُڙيو ڪونه.
    “سامهون به جبري ڌُر هجي. نيٺ سائينءَ سبب ڪيو. ون يونٽ لاءِ ووٽن جي گهُر ٿي. اسان ٻانهون ٻڌي، سرڪار جو چوڻ ڪري ون يونٽ کي ووٽ ڏنوسين. ويچاريءَ سرڪار بهادر وڙ ڪيو، تڏهن وڃي جان ڇُٽي سون. سو ابا، تنهن ڏينهن ڪاليج جي جلسي ۾ ڏسان ته رئيس اجرڪ ڪلهي تي ويڙهيو، اسان جي ڳوٺ جي اوڏ جي پٽ جي ڪلهي تي هٿ رکيو، اسٽيج تي هو جمالو پيو ڳائي ۽ ‘جيئي سنڌ!’ جي نعرن جي هوڪ لڳايو بيٺو آهي! وري سمجهاءِ جو کڻي ته مڙس هٿن مان پيو وڃي. چيومانس: ‘دانائن جو اولاد آهين، داناءُ ٿي! هوش ڪر! مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، پنهنجو ۽ ڀلو ڪم عملدارن ۽ حاڪمن سان. سنڌ کي باهه ڏيون ڇا ڪريون؟ هي زمينداريون، هي ملڪيتون، هي بادشاهيون حاڪمن جي مهربانيءَ سان مليون آهن يا انهن ڄٽن جي پُٽن سنڌين ڏنيون آهن؟ وڏڙن کي دعا ڪر، جن هي رنگ ڪرايا اٿئون. نه ته انهن ڄٽن سان گڏ تغاريون پيا کڻون ها! وڏن کان ٻُڌو اٿئون ته پنهنجو پڙ ڏاڏو، ميرن جي راڄ ۾ معمولي ماڻهو هو، پر عقل جو اڪابر هو. بخت ڀڙايس، ته دُٻي واري جنگ لڳي پيئي. ڏاڏو مير شير محمد جي فوج ۾ هو. داناءُ مڙس اڳيئي هو. ڳالهه کي سمجهي ويو ته ساري انگريزن جي آهي. سو موقعو ڏسي، مير علي مراد خان جي ماڻهن سان ملي، وٺي ٿو مير شيرمحمد جي بارود کي باهه ڏئي! پوءِ ته سائين منٽ ٿي ويا! مير ڀڄي ويو. ڏاڏي دهشت جهلي، وڃي گوري کي سلام ڪيو. انگريز ڀيڻسان انصافي، تنهن اتي جو اتي 20 هزار جريبن جي جاگير جو پروانو لکي ڏنس!”
    ٻئي ڀوتار کان رهيو نه ٿيو. چيائين: “اسان جو پڙ ڏاڏو ته توڙ کان مير علي مراد خان سان گڏ هو ۽ حيدرآباد ۾ ميرپورخاص وارن ميرن جي فوج جون پڪيون پڄائي ڇڏيائين.”
    ٽئين چيو: “اسان جو تڙ ڏاڏو مرحوم گورنرن جو خاص شڪاري هو....”
    چوٿون، جو تعليم يافته هو، تنهن چيو: “سرڪار! جيڪي ويٺا آهيون سڀئي انهيءَ ڪاڪ جا ڪڪوريل آهيون. جيڪي ڀُوڪ انگريزن جا سلامي نه ٿيا، تن جو نالو نشان به ڪونهي.”
    پنجين چيو، “ادا! جهڙو لڳي واءُ تهڙي ڏجي پُٺ. آسمان ۾ ٿُڪ اُڇلائبي ته موٽي اچي منهن ۾ پوندي. جبل سان ٽڪر هڻبو ته پنهنجو مٿو ڦاڙبو. جبل کي ڪجهه ڪونه ٿيندو....”
    ڇهين ڪجهه سوچي چيو: “سو ته برابر، پر هي جو پڙهيل ڇورا پيا چون ته پاڻ اصل کان وٺي سنڌ جا غدار ۽ ڌارين جا هٿ ٺوڪيا آهيون، سو چئبو ته ڪوڙا اهي به ڪونهن!”
    ٻئي وراڻيو: “تڏهن وري ڇا؟ ملڪ جا حال تڏهن ائين ٿيا آهن ڇا؟ اها سڀ ڀائرن جي ڀلائي آهي.” “پر ادا، ڪجي ڇا؟ ائين نه ڪريون ها ته ڀلا رڳو هي هاري ناري ۽ ڄٽ ڄاموٽ به پاڻ کي جهل ڏين ها ڇا؟ عملدارن جو پاڻ تي هٿ نه هجي، پوليس ۽ ڪامورا پاڻ سان ٺهيل نه هجن ته هي ڄٽ پنهنجي موچڙي هيٺ ڪيئن رهن ها؟ هو ڪو پاڻ کي ڇڏين ها ته توهان ڀلي ويهي عيش ڪريو. اسين ويهي ٿا اوهان لاءِ ڪمايون ۽ توهان ۽ ڪامورن جا پادر جهليون!”
    اٺين چيو: “ادا! ڪامورن کي به پاڻ مان گهاٽو ڪونهي. پاڻ اَٺ ئي پهر ڄٽ مٿان پادر کنيو، سندن سَنڌ سڪايو نه ويٺا هجون ها، ته ڀانيون ٿا ته هي ڄٽ ڪامورن کي به ڪو سک جو ساهه کڻڻ ڏين ها؟ انهن کي اهي رنگ به اسان ويٺا ڪرايون، نه ته خبر پئجي وڃين ته گهڻين ويهين سؤ آهي. جنهن مهل نه هيءَ پنجاهه لکن جي ياجوج ماجوج جي قوم اُٿي کڙي ٿئي ها، تنهن مهل ڪيڏانهن وڃن اهي يونٽ، ڪيڏانهن ٻيا ٽڪساٽ! پر دعا ڪن پاڻ کي، جي هن سموريءَ ڪُت-خلق مٿان ڇِپ ٿيا ڪِريا پيا آهيون ۽ ڪنهن کي چُرڻ به ڪونه ٿا ڇڏيون...”
    اتي جنهن ڳالهايو پئي، تنهن ڳالهه ڪاٽي پڇيو، “ها رئيس، پوءِ آيو ڪو توهان جي پُٽ جو هوش ٺڪاڻي؟”
    رئيس وراڻيو: “سائين منهنجا ڪٿي! ڇورو الاجي ڇا جو ڇا پيو بڪي. چي: ‘سنڌ هينئن، سنڌ هونئن، فلاڻا غدار، ٽرڙا، بزدل ۽ وطن دشمن’ چي: ‘اسان نوجوان توهان جو ڪيتو پيا لوڙيون ۽ وڏن جي گناهن جو ڪفارو پيا ڀريون!’
    “هاڻ سائين ڏيو جواب! بس رئيس وڏا، چوڏهين صديءَ جو اولاد اِجهو اِهو اَٿوَ. هاڻ قيامت ۾ به گهڻي دير نه سمجهجو. آئي بيٺي اٿوَ...”
    جلسو سنڌي دستور موجب بنان ڪنهن فيصلي ۽ اتفاق جي، خير خوبيءَ سان ختم ٿيو.

    (“روح رهاڻ”، آڪٽوبر 1978ع ۾ ڇپيل، ٿورو گهٽايل)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515384
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ