ڪتاب جو نالو: ڪورٽ ڪهاڻيون
مصنف: رسول بخش پليجو
ڇپائيندڙ: سي پي سي ايس CPCS
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 12 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1322 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 717 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪهاڻيون

  • ڪرشن نگر جي ڪنوار
  • ثمينه خاتون جا دعويدار
  • خورشيد بيگم – پوليس جاچ ۾
  • برجستو پوليس آفيسر
  • غيرتي پُٽُ
  • سانگوٽا ۽ ستيون
  • ڏوٿي سا ڏورين
  • ڪئٿرائين دُنِيا جو سير ڪيو
  • شاهي مهمان ۽ سيفٽي ائڪٽ
  • رئيس وڏي جون ٽوپيون
  • دؤر ٻيو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (217) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڪورٽ ڪهاڻيون“ نامياري ليکڪ، وڪيل ۽ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي ڪورٽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    ياد رهي ته هي ڪهاڻيون سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي پاران پليجي صاحب جي ڇپايل ڪتاب تخليقي ۽ تنقيدي ادب تان ورتل آهن جيڪو 2012ع ۾ ڇپايو ويو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڪهاڻيون

    ڪرشن نگر جي ڪنوار

    ڪو نوجوان ڇڙو، واندو ۽ سکيو هجي، کيس ٻن شين جي سخت ضرورت پوندي آهي: دوست ۽ محبوبه. ڪنهن حال ڀائي ۽ رازدان دوست بِنا عشق ڪهڙو؟ عشق جي نازڪ ۽ پيچدار ڪاڪ محل ۾ سونهين کان سواءِ عاشق جون وايون ئي بتال هونديون آهن. ڪو صلاح ڏيڻ وارو، ڪو همت ٻَڌائڻ وارو ۽ ڪو ڪاميابين تي مبارڪون ڏيڻ وارو نه هوندو ته ويچارو جهڙو وائڙو! ۽ وري ڪنهن ناز اُڀريل نِهار ۽ سُرهين سُرهين، ڪارِين ڪارين ريشمي چڳن جي داستان کان سواءِ دوستن جي محفل به ڄڻ ڪنهن ٽُٽل سُرندي وانگر بي سُري پئي لڳندي آهي.
    ... لاهور جي ڪرشن نگر پاڙي ۾ سراج بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي فليٽ ۾ رهندڙ 23 سالن جي راجپوت نوجوان منظور حسين کي خوش قسمتيءَ سان هڪ دل گهريو دوست ۽ هڪ من موهيندڙ محبوبه ٻئي هڪ هنڌ ملي ويا.
    منظور حسين اوڪاڙه جو ويٺل هو، جتان مئٽرڪ پاس ڪري 1956ع ۾ لاهور اچي ديال سنگهه ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ سراج بلڊنگ ۾ ڪمرو مسواڙ تي وٺي اُتي رهڻ لڳو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن ذاڪر حسين نالي هڪڙي قانون جي پهرئين سال جي شاگرد کي به پاڻ سان رهايو، پر معلوم ٿو ٿئي ته ذاڪر سان سندس ڪابه گهرائي ڪانه هئي. سندس دلي دوست هڪ پٺاڻ شيرين خان هو. شيرين خان باٽا ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو ۽ ساڳئي ڪرشن نگر پاڙي ۾ پنهنجي مامي سعيدالزمان جي گهر رهندو هو، جو لاهور ۾ ڊپٽي چيف انسپيڪٽر آف بائلرس جي عهدي تي فائز هو. شيرين خان به ڪنوارو هو، سندس عمر 30 سال هئي.
    منظور حسين جي شيرين سان ملاقات پهريون دفعو ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي، سا خبر ناهي، بهرحال هُو پاڻ ۾ تمام گهرا ۽ پيارا دوست ٿي ويا، شيرين خان واندو ٿيندو هو ته منظور حسين جي فليٽ تي وڃي پتي راند ڪندو هو. شام جو فلمون ڏسندا هئا، يا انارڪليءَ ۽ مال روڊ جي من موهيندڙ حَسين نظارن سان دل وندرائيندا هئا.
    ڪڏهن ڪڏهن هُو شيرين خان جي مامي جي گهر رهاڻ ڪندا هئا.
    پوءِ هڪڙي ڏينهن منظور حسين کي پنهنجي محبوبه ملي وئي. هُو شيرين خان کي سڏڻ ويو هو. شيرين خان ڪونه هو، نڪو ٻيو مرد ماڻهُو هو. هڪڙي خوبصورت پٺاڻ ڇوڪري نڪري آئي. ڇوڪريءَ جي عمر 17-18 سال هئي، اچڻ شرط کيس سوٽ بوٽ پاتل ڏسي سوساٽ ڪندڙ انگريزيءَ ۾ ساڻس ڳالهائڻ لڳي ۽ منظور حسين جي انگريزيءَ سان گهڻي ڪانه پوندي هئي، رُڳو ڪم مس ٽپائيندو هو. هُو رُڳو ڇوڪريءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل، ٽڙندڙ جواني، سندس بيباڪ ۽ مست ادائن کي ڏسندو ۽ سندس ٻولن جي عجيب غريب ولائتي موسيقي ٻُڌندو رهيو. ڏٺائين ته ڇوڪري حيرت وچان کيس ڏسي رهي هئي، ائين جيئن ڪنهن عجيب جانور کي ڏسندي هجي. اتي ياد پيس ته ڇوڪري کيس پئي چيو ته، “اوطاق ۾ ويهه، شيرين خان اجهو ٿو اچي.” پاڻ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو هئائين. ڇوڪريءَ جي عجب جو اهو ئي سبب هوندو. ايتري ۾ شيرين خان آيو. منظور کانئس ڇوڪريءَ بابت پڇيو. “اها منهنجي ماروٽ هئي.” شيرين خان چيو.
    ان ڏينهن تاريخ هڪ دفعو وري پاڻ کي دهرايو. راجپوت جي دل جي مندر کي پٺاڻ لُٽي ويو. منظور حسين ڦُرجي فقير ٿي گهر موٽيو. هاڻ هُو اڪثر شيرين خان کي وٺڻ ويندو هو. شيرين خان نه هوندو هو ته هُو پڇا ڪندو هو، پاڻي گهرندو هو، جلد ئي راجپوتي رَتُ به پنهنجو روايتي اثر ڏيکاريو. فاتح خود مفتوح بڻجي ويو. پٺاڻ به آهستي آهستي راجپوت جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيو.
    انارڪلي ۽ جهانگير واري لاهور اصل کان عاشقن جي جنت آهي. راويءَ جو ڪنارو، شاليمار باغ، انارڪلي، مال روڊ، بي انداز ڪشادا ۽ دلفريب پارڪ ڄڻ آهن ئي پيار ۽ محبت جي رنگين افسانن کي خلقڻ يا نپائڻ لاءِ.
    شيرين خان جي ماروٽ سعادت سلطانه ليڊي مئڪ لئگان هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پڙهندي هئي. منظور حسين هاڻ ڪاليج بدران مئڪ لئگان هاءِ اسڪول جو طواف ڪرڻ لڳو. چٺيون ۽ نياپا آيا ويا. گس هلندي، باغن ۾ ملاقاتون ٿيون. چنڊ ۽ تارن کي شاهد بڻائي سڄي زندگي گڏ گذارڻ جا قسم سُنهن کنيا ويا. انهيءَ وچ ۾ منظور حسين انٽر آرٽز جي امتحان مان فيل ٿي جِند ڇڏائي ورتي ۽ وري پنهنجي عشق جي امتحان جي نيازيءَ ۾ جُنبي ويو.
    هن شيرين خان سان اهو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجهيو.“دوستي دوستي آهي، پر وري به ماروٽ اٿس.” هن سوچيو.
    “آخر ڪيستائين هيئن لڪندا ڇپندا رهنداسون؟” سعادت هڪ ڏينهن چيو.
    “ڇا ڪريون؟”
    “توکي خبر ڪانهي مون کان پيو پڇين؟” سعادت ڪاوڙجي چيو.
    “پڻهين ڪيئن ڏيندو؟ ذات ٻي، نه ڄاڻ نه سُڃاڻ!”
    “بابا ڪو جهنگلي ڄٽ ڏٺو اٿئي ڇا جو ذات پات جو پراڻو قصو کڻي ويهندو!”
    اهڙي ريت هو دل جهلي سعادت جي پيءُ سعيد الزمان وٽ وڃي حاضر ٿيو. ڳالهه ڪندي سندس گلو ڀرجي آيو، “آءٌ سڄي زندگي توهان جي در جو ڪُتو ٿي رهندس...” جيئن تيئن عرض ختم ڪري هو بُري کان بُري جواب ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو پر جيڪو جواب سعيدالزمان ڏنس، تنهن جو کيس خواب خيال به ڪونه هو: “پٽ! تون شيرين خان جي ڪري منهنجو ٻچو آهين، پر مون گهڻو وقت اڳ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اهو ٻار تنهنجي دوست شيرين خان کي ڏيندس.” منظور کي ڄڻ ڪا پِيڻِ سونگهي ويئي.
    پوءِ 6 فيبروري 1959ع تي سعادت جي ڳچيءَ ۾ مڱڻي جو رسمي پٽو وجهي کيس خاندان جي دفتر ۾ شيرين خان جي ملڪيت جي کاتي ۾ داخل ڪيو ويو، پر سعادت سلطانه جي دل جي دفتر ۾ اڻ ڊهندڙ اکرن ۾ لکيل منظور حسين جو نالو ميسارجي نه سگهيو. هوءَ بدستور منظور کي خط لکندي رهي. منظور ٻن باهين ۾ ڦاسي پيو. هيڏانهن دلبر، هوڏانهن دوست! انهيءَ وچ ۾ سعادت جي ماءُ کي سُڻس پئجي وئي، جنهن ڌيءَ کي ڏاڍي مار ڏيئي کيس منظور کان توبهه ڪرائي پر اها توبهه جٽاءُ ڪري نه سگهي. آخر شيرين خان کي به پتو پئجي ويو. کيس معلوم ٿيو ته منظور وٽ سعادت جو فوٽو ۽ سندس خط آهن.
    شيرين خان خبر ناهي ڪهڙي قسم جو ماڻهُو هو. ڪو عام پٺاڻ هجي ها ته سڌو منظور کي يا سعادت کي ڇُرو هَڻي ها يا طوفان مچائي جهيڙو ڪري مڱڻو ٽوڙي وجهي ها. ممڪن آهي ته مامي جي احسانن ڪري يا سعادت سان بيحد پيار سبب يا پڙهيل ڳڙهيل، بُردبار ۽ شريف هئڻ سبب هن ڳالهه کي ماٺ مٺيءَ ۾ ختم ڪرڻ ٿي چاهيو يا ممڪن آهي ته هُو تمام اونهو ماڻهُو هجي. بهرحال هن سعادت کي هڪ عجيب خط لکيو: “مون کي ٻُڌاءِ ته تون منظور سان ڪيتري گهري هئينءَ؟ ڇا تون پنهنجي عصمت به وڃائي چڪي آهين؟ تنهنجا وٽس گهڻا فوٽو ۽ خط آهن؟” سعادت کيس جواب ڏنو، ڇا لکيائين، سا خبر ڪانهي. شيرين خان وري ٻيو خط لکيس- ان جو جواب مليس يا نه سا به خبر ڪانهي. شيرين خان انهيءَ وچ ۾ منظور سان ان باري ۾ اکر به نه ڳالهايو ۽ شايد ساڻس بدستور ملندو به رهيو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو.
    سڄو فيبروريءَ جو مهينو اها سَنگين لڪ لڪوٽي راند هلندي رهي. هنن ٽن انسانن جي تقدير جي ٽرين، پيار ۽ حسد جي ڀڙڪندڙ ٻارڻ تي طوفاني رفتار سان ڊوڙندي رهي. نيٺ هڪڙي ڏينهن اها پٽن تان لهي ويئي.
    منظور حسين جي ڪمري جو ڀائيوار ذاڪر حسين 26 فيبروري 1959ع تي پنهنجي ڳوٺ منٽگمري ويو ۽ 1 مارچ 1959ع تي شام جو موٽي آيو. ڪمري جي چاٻي هڪڙي هئي. ٻي ڪجهه ڏينهن اڳ وڃائجي ويئي هئي. تنهن ڪري ٻنهي مان جيڪو روم ۾ هوندو هو، سو ٻاهر نڪرڻ وقت چاٻي مقرر ڪيل هنڌ تي رکي ويندو هو. ذاڪر حسين آيو ته ڪمرو بند هو ۽ تالو آيل هوس. مقرر ڪيل جاءِ تي چاٻي ڳوليائين ته رکيل ڪانه هئي. شايد منظور کي رکڻ وسري ويئي هئي. هن ڪلاڪ کن انتظار ڪيو. پوءِ هڪڙي پاڙيسري محمد سليم کان چاٻيون وٺي اچي ڪُلف تي هڻي ڏٺائين پر ڪابه نه لڳي. لاچار هيٺئين بوٽن جي ڪارخاني مان آر اوڌاري وٺي اچي ڪلف کوليائين. محمد سليم به ساڻس گڏ هو. ڪمري ۾ گهڙڻ شرط شيرين خان تي نظر پين- هو پَٽَ تي هڪڙي رَتُ جي دُٻي جي وچ ۾ پيو هو. پريان هڪڙو رَتُ سان ڀريل ڇُرو پيو هو ۽ ڪمري جي بتي ٻري پئي.
    ذاڪر حسين ۽ محمد سليم هڪڙي پاڙيسري علي اڪرم کي ساڻ ڪري ڪرشن نگر پوليس چوڪيءَ تي ويا. رات جو 12 لڳي 20 منٽن تي سندن ڪچو فرياد وٺي کين انارڪلي پوليس ٿاڻي تي باقاعدي فرياد داخل ڪرائڻ لاءِ موڪليو ويو.
    انارڪليءَ جو هڪڙو اي ايس آءِ سرزمين تي آيو، لاش اسپتال موڪليو ويو. ڪُلف، آر رت ٻُڏل ڇُرو هٿ ڪيا ويا، ۽ لاش جي هيٺان پيل رَتُ واري مِٽِي کرڙي تپاس لاءِ موڪلي ويئي، ڏيڍ وڳي صوبيدار آيو. کٽ تي پيل رَتُ ٻڏل پتلون، شرٽ، گوڏ، 4 فوٽا، جن ۾ هڪڙي ۾ سعادت ۽ منظور گڏ هئا، چار خط ۽ ريشمي صدري هٿ ڪيا ويا. صدريءَ ۾ ٻن لفافن ۾ پيل ٻه ٻيا خط، 16 روپيا روڪڙا ۽ شيرين خان جا ٻه فوٽا هٿ ڪيا ويا.
    ڊاڪٽري تپاس ٿي، شيرين خان جي گلي تي ٽي تيز اوزار جا اُونها زخم هئا، جي نڙگهٽ چيري وڃي ڪنڌ جي پُوڇڙ سان لڳا هئا، پر ڪرنگهي واري ڏوري سلامت هئي، ٻيا زخم ڇاتيءَ تي هئا، جيڪي وڃي ڦڦڙن تائين پهتا هئا. سندس هٿن جي آڱوٺن ۽ آڱرين ۽ هٿ جي پُٺ تي به زخم هئا. ڪُل 9 تکي اوزار جا زخم ۽ 6 رهڙون هيون.
    پوليس جاچ ڪئي- منظور حسين لاپتا هو- اشتهاري روپوش ٺهرايو ويو. ٻه سال گذري ويا.
    25 مارچ 1961ع تي منظور حسين لاهور جي هڪڙي ماجسٽريٽ اڳيان پيش پيو. آخر مقدمو ايڊيشنل سيشن جج لاهور وٽ ڪمٽ ٿيو.
    سرڪار جي پاران جيڪي شاهديون پيش ڪيون ويون، تن ۾ ڏيکاريو ويو ته منظور حسين، سعادت سلطانه جي ڪري شيرين خان کي پنهنجي رستي تان هٽائڻ لاءِ کيس خون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
    هڪ رڪشا واري شاهدي ڏني ته واقعي کان ٻه ڏينهن اڳ منظور حسين رڪشا ۾ چڙهي شيرين خان جي ڪارخاني تي هليو هو. واٽ تي چيو هئائين ته شيرين خان منهنجي محبوبه سان مڱيو آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس پنهنجي رستي تان هٽائيندس. سعادت سلطانه جي پيءُ ۽ شيرين جي مامي سعيدالزمان شاهدي ڏني ته خون واري ڏينهن صبح جو منظور منهنجي گهر شيرين خان کي سڏڻ آيو، ٻنهي هٿ ملايو ۽ گڏجي روانا ٿيا. سراج بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي رهندڙ دڪاندار خدا بخش چيو ته ان ڏينهن 11 وڳي ڌاري منهنجي اڳيان ٻئي ڄڻا ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويا- پاڙي جي هڪڙي ماڻهُو رياضت حسين، هڪڙي چانهه واري ڇوڪري محمد صديق به ساڳي شاهدي ڏني ته انهن کيس مٿي ويندي ڏٺو ۽ وري اڪيلي منظور کي لهندو ڏٺوسين. ڪمري اندر ڇا ٿيو، تنهن بابت ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه هو.
    پوءِ ڪيس جي سڀ کان ڊرامائي ۽ دردناڪ گهڙي آئي، سرڪار جو شاهد نمبر 18 پڃري چڙهيو. شاهد ۽ خون جي جوابدار جون نگاهون هڪ سيڪنڊ لاءِ هڪٻئي کي چُمي هيٺ ٿي ويون. جوابدار جي نگاهن ۾ ڏوراپو هو (تون به؟) ۽ شاهد جي نگاهن ۾ معافيءَ لاءِ التجا هئي (ڇا ڪريان! مجبوري) سرڪاري شاهد نمبر 18 مسمات سعادت سلطانه چيو ته، “جوابدار ۽ منهنجو پيار هو. اسين هڪٻئي کي خط لکندا هئاسون ۽ گڏ فوٽا ڪڍياسون، پوءِ منهنجو مڱڻو ٿيو ته جوابدار چيو ته، ‘آءٌ شيرين خان کي نه ڇڏيندس، انهيءَ رنڊڪ کي رستي تان هٽائيندس.’”
    منظور حسين پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “سعادت سلطانه سان منهنجو پيار برابر هو، پر مڱڻي کان پوءِ منهنجي دلچسپي گهٽجي وئي، پر سعادت سلطانه جي مرضي هئي ته ڪيئن به ڪري مون سان
    (نوٽ اخباري ڪالم صحيح فوٽو اسٽيٽ نه هئڻ جي ڪري ڪمپوزنگ نه ٿي سگهيو آهي)
    هئي ته رُڳو سعادت سلطانه کي هئي. ٻيو ته هوءَ مڱڻي بعد به ساڻس ملي پئي، پوءِ خون ڪرڻ جو کيس ڪهڙو ضرور هو. ٽيون ته جيڪڏهن خون انهيءَ ڪمري ۾ ٿئي ها ته آسپاس جا ماڻهُو ضرور دانهن ڪُوڪ ٻُڌن ها. چوٿون ته بتيون ٻريون پئي، سو ڏيکاري ٿو ته خون جو وقت رات آهي، ۽ نه ڏينهن، جيئن شاهد چون ٿا ته هن اشاري طور چيو ته شڪ آهي ته خود سعادت سلطانه ئي خون ڪرايو هجي.”
    سيشن جج جوابدار جون سموريون حُجتون رد ڪري کيس شيرين خان جو قاتل ٺهرايو ۽ کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏنائين.
    هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ سيشن جج جي راءِ کي قبول نه ڪيو. هن فيصلو ڪيو ته: سعيد الزمان غيرجانبدار شاهد نه آهي، اهو وسهي نٿو سگهجي ته ڪو منظور حسين ائين سندس گهر ويو هوندو. سعادت سلطانه اعتبار جوڳي نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو پيءُ جي وس آهي ۽ رڪشا واري جي ڳالهه بلڪل وسهڻ جوڳي نه آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ماڻهُو پنهنجي خوني ارادن جو سڄي دُنِيا کي اشتهار ڪونه ڏيندو وتندو. ٻريل بتين هجڻ، دانهن ڪُوڪ نه ٻُڌجڻ ۽ ٻين حالتن سبب ڪورٽ سرڪاري شاهد کي “خلاف قياس، اڻ وسهندڙ ۽ اُبتڙ ڳالهين سان سٿيل” ٺهرايو. هاءِ ڪورٽ چيو ته معاملو شڪ کان خالي نه آهي. 10 ڊسمبر 1962ع تي منظور حسين کي بيڏوهي ٺهرائي آزاد ڪيو ويو.
    هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ فيصلي خلاف شيرين خان جي پيءُ ۽ مغربي پاڪستان سرڪار ٻنهي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون. اپيلون پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس ڪارنيليس ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن جسٽس حمودالرحمان ۽ جسٽس محمد يعقوب ٻُڌيون. سرڪار پاران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل اسلم رياضي، شيرين خان جي پيءُ طرفان مشتاق حسين خان ۽ منظور حسين پاران اڳوڻي اٽارني جنرل پاڪستان مسٽر نذير احمد خان وڪالت ڪئي. ٽي ڏينهن لڳاتار ٻنهي ڌرين جا وڪيل دليل بازي ڪندا رهيا. فتويٰ جسٽس حمودالرحمان لکي ۽ چيف جسٽس ۽ جسٽس يعقوب علي ساڻس شامل راءِ ٿيا- اهڙيءَ ريت اصل واقعي کان 7 سال پوءِ هن سال 15 اپريل 1966ع تي هن معاملي جو آخري قانوني نيڪال ٿيو، سپريم ڪورٽ جي اڳيان اهم سوال هئا: (1) آيا منظور حسين شيرين خان کي واقعي واري وقت گهران وٺي ويو هو، آيا شيرين خان جي زندگيءَ ۾ آخري ماڻهُو جيڪو ساڻس گڏ ڏٺو ويو هو، سو منظور حسين هو؟ (3) فرض ڪجي ته اهي ٻئي ڳالهيون تسليم ڪجن ته پوءِ به ڇا سڌي، اکين ڏٺي ثابتيءَ جي نه هوندي فقط حالتن ۽ صورتحال مان اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته شيرين خان جو موت منظور حسين کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به هٿان نه ٿيو آهي؟ (4) فرض ڪجي ته منظور حسين ئي کيس ماريو آهي ته به ڪهڙي خبر ته اهو چاقو ڪنهن جو هو ۽ ڪنهن ان کي پهريان استعمال ڪيو؟ ڇا اهو ممڪن ناهي ته حملو شيرين خان ئي ڪيو هجي ۽ منظور حسين پنهنجي بچاءُ ۾ کيس ماريو هجي؟ اهڙيءَ حالت ۾ ڇا منظور حسين کي خون جو ڏوهاري ٺهرائڻ لاءِ قطعي ۽ يقيني ثبوت آهي؟ ڇا منظور حسين اڳواٽ رٿيل رِٿَ موجب کيس قتل ڪيو هو؟
    سپريم ڪورٽ سعادت جي پيءُ سعيدالزمان، محمد صديق چانهه واري، رياضت حسين ۽ ڀاڄيءَ واري خدا بخش جي شاهدين کي ڀروسي جوڳو ٺهرائي اهو فيصلو ڏنو ته منظور حسين واقعي شيرين خان کي گهران وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيو هو ۽ اهو ئي آخري ماڻهُو هو جيڪو شيرين خان جي زندهه هجڻ وقت ساڻس گڏ هو.
    سڌي، اکين ڏٺي ثابتي نه هجڻ بابت سپريم ڪورٽ چيو، “اهڙن ڪيسن ۾ اهو چئي ڇڏڻ ڪافي ناهي ته جيئن ته جوابدار کي سنگين ڏوهه جو ڏوهاري ثابت ڪرڻ لاءِ سڌي ثابتي ڪانهي، تنهن ڪري ڏوهه لاءِ ڪنهن کي به ڏوهدار ٺهرائي نٿو سگهجي، منهنجي خيال ۾ بنهه اهڙا ڪيس ئي آهن، جن ۾ عدالت جو فرض آهي ته فوتيءَ جي زخمن جي نوعيت، جاءِ واردات جي صورتحال ۽ حالت، اتي لڌل شين، ڏوهه جي ڪارڻ ۽ آسپاس جي حالتن جي روشنيءَ ۾ تپاس ڪري ته انهن مان ڪهڙا قوي گمان پيدا ٿين ٿا. منهنجو ارادو آهي ته هن ڪيس ۾ آءٌ پاڻ به ائين ڪريان.”
    انهيءَ تپاس بعد سپريم ڪورٽ چيو ته جنهن صورت ۾ منظور حسين، شيرين خان کي وٺي آيو هو ۽ آخري دفعي ساڻس گڏ هو، تنهن ڪري مٿس اهو ثابت ڪرڻ جو ڳرو بوجهه پوي ٿو ته آخر ڪمري ۾ ڇا ٿيو جو شيرين خان هينئن مري ويو. جيئن ته اهڙي ڪابه سمجهاڻي جوابدار طرفان نه ڏني وئي هئي، تنهن ڪري ڪورٽ فيصلو ڪيو ته شيرين خان جو موت منظور حسين هٿان ئي ٿيو آهي.
    انهيءَ فيصلي تي پهچڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ انهيءَ سوال تي غور ڪيو ته آيا اهو قتل ڄاڻي ٻجهي، اڳواٽ رِٿ رِٿي پوءِ ڪيو ويو آهي، جيئن سرڪاري شاهدن چيو ٿي؟
    رڪشا واري ۽ سعادت سلطانه چيو ٿي ته منظور اڳي ئي چيو پئي ته آءٌ شيرين خان کي پنهنجي رستي تان هٽائيندس. سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ سان انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اهي ٻئي شاهديون اعتبار جوڳيون ناهن. حالتن مان ثابت هو ته منظور حسين جو مطلب پورو پئي ٿيو. سعادت کيس باقاعدي پئي ملي. ان ڪري کيس شيرين خان کي قتل ڪرڻ جو ڪوبه سبب ئي ڪونه هو. پاڻ اها ڳالهه ثابت هئي ته شيرين خان منظور کان سعادت سلطانه جا خط ۽ فوٽا هٿ ڪرڻ لاءِ آيو هو ته جيئن شاديءَ بعد هو ڪابه خواري مچائي نه سگهي.
    ان کان سواءِ شيرين خان جي بدن جي زخمن به ڏيکاريو ٿي ته مٿس اول ڇُري سان وار نه ٿيا آهن- کيس ڇهه رهٽون هيون، جن مان ظاهر هو ته اول ٺونشيبازي ٿي آهي، جيڪڏهن منظور کيس خون ڪرڻ لاءِ ڀنڀلائي وٺي اچي ها ته جيڪر يڪدم مٿس چاقوءَ سان حملو ڪري ها ۽ ٺونشيبازي نه ٿئي ها.
    ته پوءِ ڇا ٿيو؟
    انهيءَ سوال تي ڳوڙهو غور ڪري سپريم ڪورٽ هن نتيجي تي پهتي ته شيرين خان منظور حسين کان فوٽا ۽ خط گهُريا آهن، جنهن تان ٻنهي ۾ “تون ڇا تون ڇا” ٿي آهي ۽ پوءِ هو پاڻ ۾ ٺونشيبازي ڪرڻ لڳا آهن. پوءِ ٻنهي مان ڪنهن (اهو ثابت نه ٿيو ته ڇُرو ڪنهن جو هو) چاقو ڪڍيو آهي. غالب گمان اهو آهي ته ڇُرو شيرين خان پٺاڻ وٽ هو ۽ منظور کانئس ڦُري مٿس وار ڪيا آهن.
    انهيءَ گمان جي آڌار تي سپريم ڪورٽ منظور کي انهيءَ حد تائين شڪ جو فائدو ڏنو ته اهو ثابت نه ٿيو آهي ته ڪو هن سِٽَ سَٽي خون ڪرڻ جي ارادي سان قتل ڪيو آهي.
    انهيءَ ڪري کيس 302 پاڪستان پينل ڪوڊ (ڄاڻي ٻُجهي خون ڪرڻ) جي ڏوهه بدران قلم 304 (حصو پهريون) پاڪستان پينل ڪوڊ (خون جي ارادي بِنا ماڻهُو مارڻ) جي ڏوهه جو ڏوهي ٺهرائي ڦاسيءَ بدران 7 سال سخت پورهئي سان سزا ڏني. هن وقت هُو سينٽرل جيل لاهور ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي. سعادت سلطانه جي خبر ناهي ته ساڻس ڪهڙو حشر ٿيو؟
    (پي-ايل-ڊي 1966ع، لاهور 664)


    ثمينه خاتون جا دعويدار

    (نوٽ: پهريون ڪالم صحيح فوٽو اسٽيٽ نه هئڻ ڪري ڪمپوزنگ نه ٿي سگهيو آهي- آپريٽر)

    مسٽر راڊ گرس جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ جي شادي ٿي وئي ۽ هوءَ ته پنهنجي مڙس سان گڏجي ڏکڻ آفريقا هلي وئي، باقي ٻه ڌيئرون رهيون، جي ٻئي ڀيڻون ڪارچيءَ جي هڪ مشنري اسڪول ۾ پڙهنديون هيون، اهو اسڪول ڪيٿولڪ فرقي جو هو، ۽ ان ۾ عيسائي توڙي ٻين مذهبن جا ڇوڪرا ڇوڪريون پڙهندا هئا.
    ڏکڻ يورپ جا ماڻهُو ايڏا حَسين ڇو ٿا ٿين؟ تنهن جو راز اڃا سائنسدان معلوم نه ڪري سگهيا آهن. الائي سامونڊي ۽ برفاني جابلو هوائن جو گڏيل اثر آهي يا انگور جي ڇُڳن ۽ ميون سان جهنجهيل ڌرتيءَ جي قدرتي سُونهن جو ڪرشمو- پتو ڪونهي. بهرحال مسٽر راڊگرس جي ٻنهي ڌيئرن جو سڄي اسڪول ۾ مَٽُ ڪونه هو. خاص ڪري وڏي ڇوڪريءَ گريس جو- جيستائين هوءَ مٿين درجي ۾ آئي تيستائين هوءَ ته سڀني نوجوان ڇوڪرن لاءِ ڄڻ لازمي درسي ڪتاب بڻجي وئي. هونئن ته هرڪو انهيءَ خوبصورت ڪتاب جو ڳوڙهو مطالعو ڪندو هو، پر هڪڙي شاگرد پاڻ کي ان مطالعي ۾ صفا غرق ڪري ڇڏيو. هن گريس راڊگرس کي حاصل ڪرڻ پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بڻائي ڇڏيو. هُو مسلمان هو. سندس نالو هو عبدالهادي حقاني- هڪ ديسي مسلمان ڇوڪري لاءِ ڪٽر عيسائي ڪيٿولڪ فرقي جي گوري نازنين کي حاصل ڪرڻ جي تمنا ڄڻ ته هماليه جبل جي چوٽيءَ کي سر ڪرڻ جي تمنا جي برابر هو، پر عبدالهادي به پنهنجي نموني جو شير پاتيسنگهه ڪوهه پيما هو. هن گريس جي نسلي غرور ۽ نماڻي حُسن جي ڪڪرن سان گسندڙ چوٽين کي فتح ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي. ٽي سال لڳاتار هُو پنهنجي رياضت، قابليت ۽ اورچائيءَ ۽ ذاتي دلڪشيءَ جي زور سان گريس جي دل تي بار بار حملا ڪندو، کيس گهيري ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو.
    پورچوگيز پريءَ جي قلب جو ڪوٽ ايڏي لمبي ۽ مسلسل گهيري جو تاب جهلي نه سگهيو. کيس نيٺ هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃڻي پئي، ٻنهي اقرار ڪيو ته شادي ڪنداسين ته پاڻ ۾ ،نه ته اصل نه ڪنداسين. ڪي نوجوان فقط زباني جمع خرچ کي عشق سمجهندا آهن. عبدالهادي انهن مان نه هو. هن وري پنهنجو سمورو توجهه تعليم تي ڏنو ته بي اي پاس ڪري پاڪستان نيوي ۾ ليفٽيننٽ چونڊجي ويو.
    ان بعد ٻنهي گڏجي مذهب ۽ نسل جي اوچن پهاڙن کي رستي تان هٽائڻ جي مهم شروع ڪئي، پر سندن مائٽ سخت مذهبي ماڻهُو هئا، جن ڪنهن به قيمت تي نٿي چاهيو ته اها شادي ٿئي. هر ڪنهن ڌُر جي مرضي هئي ته شادي پنهنجي نسل ۽ مذهب واري سان ٿئي. عبدالهادي ته خير پنهنجي وطن ۽ قوم ۾ هو، پر گريس جو دين دُنِيا ۾ هو ئي هڪڙو گهر، پرديس ۾ سندس ٻيو ڪوبه مٽ مائٽ ڪونه هو. ان سان ڦٽائڻ سندس واسطي موت جي برابر هو. هوڏانهن عبدالهادي به ڪيٿولڪ ٿيڻ لاءِ تيار ڪونه هو. لاچار گريس عبدالهاديءَ جي مائٽن جي مخالفت جهَڪي ڪرڻ لاءِ نالي ماتر اسلام قبول ڪيو. سندس اسلامي نالو شاهده رکيو ويو. 23 نومبر 1945ع تي شادي ٿي. گريس جي مائٽن چيو ته اسان جي ڌيءَ مري وئي.
    هوڏانهن عبدالهاديءَ جي مائٽن به گريس کي ڪڏهن به ننهن تسليم نه ڪيو. گهوٽ ڪنوار انهيءَ ٻِٽي بائيڪاٽ کي نظرانداز ڪري پنهنجين خوشين ۾ مگن ٿي ويا.
    25 آگسٽ 1955ع تي کين هڪڙي ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو رکيائون ثمينه. وقت گذرندو رهيو. گريس کي ماءُ پيءُ جي جدائي بيحد محسوس ٿيندي هئي. خاص ڪري ساهرن جي مخالفانه رويي ۽ بائيڪاٽ ڪري کيس سخت اڪيلائي محسوس ٿيندي هئي.
    کيس اهو به محسوس ٿيڻ لڳو ته سندس ماحول ۽ مڙس جي ماحول ۾ ڪيترو نه فرق هو. هوءَ اهو سوچڻ کان سواءِ رهي نه سگهي ته ماڻهُو ڪيڏو به کڻي پاڻ کي بدلائي ۽ هيرائي ته به ڌاريون ماحول، ڌارين تهذيب ۽ اوپرا دستور ڪيڏا نه ناقابل برداشت ٿين ٿا. خود سندس مڙس، سندس عادتون، ذهني لاڙا ۽ سوچ جا طريقا به کيس اوپرا ۽ ڌاريا نظر ايندا هئا. جيڪڏهن کيس عبدالهاديءَ سان بيحد پيار نه هجي ها ته جيڪر هوءَ ته هڪ منٽ به اهڙو ماحول برداشت نه ڪري ها. اهي احساس مائٽن کان وڇوڙي جي پڇتاءَ کي وڌيڪ تيز ڪندا هئا، پر جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو هو. هاڻي ڪجهه به ٿي نٿي سگهيو.
    انهيءَ وچ ۾ هڪڙي ڏينهن سندن گهر ۾ هڪ اهڙو زلزلو آيو، جنهن سڀ ڪجهه غرق ڪري ڇڏيو. ليفٽيننٽ عبدالهادي حقانيءَ کي هڪ ڏينهن علي الفجر ملٽري پوليس گرفتار ڪري وئي. مٿس الزام هو ته هُن سرڪاري راز ظاهر ڪيا آهن. مقدمو ڪيترو عرصو هلندو رهيو. پُٺيان گريس ۽ ثمينه جو ڪوبه سهارو ڪونه هو. لاچار گريس روئي پنهنجن مائٽن وٽ وئي ۽ چيائين ته منهنجي معصوم ڌيءَ سنڀاليو ته آءٌ ڪٿي نوڪري ڪري گذر ڪريان. هنن انهيءَ شرط تي اها ڳالهه قبول ڪئي ته ٻئي زال مڙس ثمينه لاءِ لکي پڙهي کين ڏئي ڇڏيندا. گريس عبدالهاديءَ سان ڳالهه ڪئي. هن کي چؤطرف اوندهه نظر آئي ٿي. گريس ۽ هنن ٻنهي 10 آگسٽ 1956ع تي ڌيءَ تان دستبرداري لکي ڏني.
    ننڍڙي ثمينه جو نالو ۽ مذهب رات وچ ۾ بدلجي ويا. هوءَ هاڻي ثمينه خاتون مان ڦري جاسنتا ماريا لوينيا، ڪيٿولڪ عيسائڻ بڻجي وئي. ديول ۾ باقاعده سندس عيسائي بڻجڻ جي رسم ادا ٿي.
    ٻن مهينن کانپوءِ عبدالهاديءَ جي مقدمي جو فيصلو ٿيو ۽ کيس 3 سال سخت پورهيي سان قيد جي سزا ملي. (انهيءَ واقعي جو احوال پريس ۾ مفصل آيو هو.)
    هيتري تعليم ۽ تربيت بعد حاصل ڪيل سُٺي ۽ باعزت نوڪريءَ جو کسجڻ، خواري ۽ بدنامي، محبوب زال ۽ ڌيءَ، مٽن مائٽن کان وڇوڙو، قيد جون سختيون ۽ ذلتون، عبدالهادي جيئري دفن ٿي ويو. جيڪي ڪجهه ان کان پوءِ ٿيو، تنهن جي ڀيٽ ۾ اهي واقعا ڄڻ ڪجهه به ڪونه هئا.
    گريس حقانيءَ مٿان ڪريل مصيبتن جي پهاڙ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪمرڪشي- گهڻي رولڙي بعد کيس ڊچ هوائي ڪمپني ڪي ايل ايم ۾ گرائونڊ هوسٽيس جي نوڪري ملي. مالي مشڪلاتون دور ٿيون ۽ ان کان سواءِ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه ٿيو. هوائي اڏي تي روز ڪَئيِن ولايتن جا ماڻهُو اچن ٿا- گهڻو ڪري اوچي درجي جا، خوشحال، قسمين قسمين ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. ماڻهُو ماڻهن کان وڌيڪ پيا آهن. گريس، جا اڳ عبدالهاديءَ کي دُنِيا جو خوبصورت ترين ماڻهُو سمجهندي هئي، تنهن هڪڙي ماڻهُوءَکي ڏٺو، جنهن جي مقابلي ۾ کيس دُنِيا جو هر مرد ڀنگي نظر اچڻ لڳو- ان جو نالو مسٽر بارٽلس هو. هُو ڪير هو، ڇا ڪندو هو، ڪهڙي شڪل ۽ چال چلت جو ماڻهُو هو، اسان کي خبر ڪانهي. اسان کي رُڳو ايتري خبر آهي ته هُو گريس کي ڏسڻ شرط مٿس فدا ٿي پيو. گريس کي ائين لڳو ته جنهن شهزادي جا خواب هن ٻالڪپڻي ۾ ڏٺا، سو اهو ئي هو. منجهس خدا ڄاڻي ڪهڙا اسرار هئا، گريس چري ٿي پئي. بارٽلس پاڪستان ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ هڪڙي بنگلي ۾ رهندو هو. گريس ڪنهن جوڳيءَ جي منتر ۾ ڦاٿل انسان وانگر چُپ چاپ سندس پويان سندس گهر هلي وئي ۽ اتي رهي پئي. بدنصيب عبدالهادي سندس پيار، شادي، ڌيءَ، مائٽ سڀ کيس ڪنهن بري ڀيانڪ خواب وانگر نظر اچڻ لڳا. گريس کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ دُنِيا ۾ آئي ان وقت هئي جڏهن بارٽلس کيس مليو هو. هو يورپي ماڻهُو هو، سندس عادتون، اُٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ يورپي هئا، اهڙا جهڙا گريس پنهنجي دل جي گهراين ۾ چاهيا ٿي. گريس دُنِيا و مافِيها کي وساري بارٽلس سان محبت ڪرڻ لڳي. هن عبدالهاديءَ کي لکيو، “مون کي خبر آهي ته مسٽر بارٽلس سان جنهن ڏينهن کان آءٌ ملي آهيان، تنهن ڏينهن کان وٺي آءٌ قصوروار آهيان... آءٌ پنهنجي ڏوهه جي کُلم کُلا قبولدار آهيان... آءٌ کيس ڇڏي نٿي سگهان، مون کي بخش ڪر...” بدنصيب عبدالهاديءَ کي هن منحوس خبر جي وِڄ ڄڻ ته ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو.
    هُو پنهنجي پر ۾ مغربي ماحول ۾ پڙهيو ۽ پليو هو. ان ماحول ۾ ڪنهن اهڙي عورت جي ڳچيءَ ۾ لڙڪي پوڻ جيڪا ماڻهُو کي نه چاهي ۽ اٽلو ڪنهن ٻئي کي پسند ڪندي هجي، سا ڳالهه مرداڻي شان ۽ وقار جي خلاف ليکي ويندي آهي. زال مڙس جو پيار پسند جو سودو آهي. ان ۾ زور زبردستي، وٺ وٺان ۽ ڌمچر بازيءَ کي بدتهذيبي ۽ بي حيائي تصور ڪيو ويندو آهي.
    عبدالهادي جڏهن جيل مان نڪتو تڏهن هن گريس جي پُٺ وٺڻ يا ڪو هنگامو کڙو ڪري پنهنجو خواري ۽ ذلت جو ڍنڍورو پٽڻ مناسب نه ڄاتو. هُو پنهنجو سڀ ڪجهه عزت، آبرو، روزگار، وقار وغيره ڦُرائي چُپ چاپ ويهي رهيو. هن جيڪي ڪجهه وڃايو هو، تنهن جي تلافي ڪنهن به قِسم جو انتقام ڪري نٿي سگهيو.
    جڏهن گهڻي رولڙي ۽ دربدريءَ کان پوءِ کيس هڪڙي مڇي مارڻ جي ٽرالر تي نوڪري ملي ته هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجن ساهرن کان پنهنجي ڌيءَ جي گهر ڪيائين، هنن انڪار ڪيو.
    عبدالهادي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو. هن ڪراچيءَ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڇوڪريءَ جي قبضي لاءِ درخواست ڏني. ڪورٽ نوٽيس ڪڍيا، ثمينه جا ڪيترائي دعويدار کڙا ٿي ويا. گريس، سندس ماءُ جوليٽ، عبدالهادي، سندس ماءُ زينب خاتون ۽ سندس ڀيڻ مس طاهره، سندس ڀاءُ مسٽر حميد ڪل ڇهه دعويدار هئا.
    گريس جي ماءُ مسز جوليٽ چيو ته منهنجي ڏوهٽي مون کي مائٽن لکي پڙهي ڏني آهي ۽ مون نپائي آهي. هي ته مائٽن جي رضا خوشيءَ سان ڪئي وئي آهي. عبدالهادي مسلمان آهي ۽ دستبردار به ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس نه ملڻ گهرجي. هن پنهنجي ڌيءَ جي دعويٰ جي مخالفت ڪئي. چيائين ته منهنجي ڌيءَ بدچال آهي. اها ڇوڪريءَ جو اخلاق خراب ڪندي. عبدالهادي جي ماءُ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو ته ڪو واسطو ئي ڪونهي. گريس چيو ته منهنجي ڌيءَ رهندي برابر اسان جي مائٽن وٽ هئي پر خرچ پکو آءٌ ڏيندي هيس. عبدالهاديءَ چيو ته مون مونجهاري ۽ پريشانيءَ واري دؤر ۾ مجبور ٿي ڌيءَ تان دستبرداري لکي ڏني هئي، جڏهن ته منهنجي اها نيت هرگز ڪانه هئي.
    ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ثمينه عبدالهادي، گريس توڙي جوليٽ کي نه ڏياري، اها سندس ڏاڏيءَ زينب خاتون کي ڏياري وئي، جنهن اقرار ڪيو ته هوءَ پوٽي ثمينه جي کاتي 10 هزار رپيا بئنڪ ۾ رکائڻ لاءِ تيار آهي. ڪورٽ حڪم ڪيو ته زينب خاتون جدا گهر وٺي ثمينه کي پاڻ وٽ رهائيندي.
    هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون ويون.
    هاءِ ڪورٽ اڳيان 8 مکيه سوال هئا: (1) صَغيِرُ ڇوڪري مسلمان ليکجي يا عيسائي ڪيٿولڪ؟ (2) پيءُ ماءُ لکت ۾ دستبردار ٿيڻ کان پوءِ هن جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا؟
    هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪيو ته (1) صَغيِرُ ٻار جو مذهب اهو آهي جيڪو ڄمڻ وقت هجي. صَغيِرُ جو اباڻو مذهب تيستائيب بدلجي نٿو سگهي جيستائين هو بالغ ٿئي. ٻيو ته ڪورٽ جي اڳيان سڀ کان اهم ڳالهه اها ته صَغيِرُ ٻارجو ڀلو ڪنهن جي سنڀال ۾ رهڻ ۾ آهي. ٻيون ڳالهيون کڻي ڪهڙيون به هجن ته به مُکيه سوال ٻار جي چڱائيءَ جو آهي. هاءِ ڪورٽ چيو ته مجبوريءَ جي حالت ۾ لکي ڏنل دستبرداري ڪابه دستبرداري ڪانهي، پر کڻي هجي به ته ٻار جو ڀلو جنهن ڳالهه ۾ ڏسجي تيئن ڪجي، پوءِ چاهي لکت پڙهت کڻي ڪهڙي به ٿي هجي، ان کان سواءِ مسز جوليٽ پاڪستاني شهري نه هئي، خود گريس به پورچوگيز شهري هئي. اهڙيءَ حالت ۾ کين پاڪستاني ٻار ڏئي نٿو سگهجي. ان کانسواءِ گريس جي چال اهڙي آهي جو ٻار تي سندس صحبت جو برو اثر وجهندي. مسز جوليٽ وٽ به گريس جو اچڻ وڃڻ گهڻو هوندو. انهيءَ ڪري هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪيو ته ثمينه خاتون، ثمينه خاتون آهي ۽ نه جاسنتا ماريا لوينيا، ۽ ان جي سنڀال عبدالهادي ۽ سندس ماءُ زينب خاتون جي حوالي ڪئي وئي ۽ کين حڪم ڪيو ويو ته 15 ڏينهن اندر ثمينه جي کاتي ۾ ڏهه هزار روپيا ڪورٽ ۾ جمع ڪرائين ۽ ان بعد ڇوڪري پنهنجي حوالي ڪن، جدا گهر وٺڻ جي پابندي لاٿي وئي. وڌيڪ حڪم ڪيو ويو ته گريس ۽ مسز جوليٽ هر آچر تي ثمينه سان ملي سگهندا. ان کانسواءِ مسز جوليٽ هر هفتي 4 ڪلاڪن لاءِ ثمينه کي پاڻ سان وٺي وڃي سگهندي.


    خورشيد بيگم – پوليس جاچ ۾

    لاهور کان ريل رستي راولپنڊي وڃبو، ته راولپنڊيءَ کان 24 ميل اوريان ماندرا ريلوي جنڪشن ايندي. اتان وري هڪ ٻي ريلوي لائين نڪري ٿي، جا 47 ميل ڏکڻ اولهه طرف وڃي ڀئون اسٽيشن تي ختم ٿئي ٿي. ڀئون پهچڻ کان اڳ آخري اسٽيشن آهي چڪوال. چڪوال هڪڙو ننڍڙو شهر آهي. منجهس ٻين سرڪاري آفيسن سان گڏ هڪ پوليس اسٽيشن به آهي.
    جنهن زماني جي اسين ڳالهه پيا ڪريون يعني جون 1957ع، تڏهن ان ٿاڻي جو صوبيدار ملڪ علي حيدر هو. سندس اسٽاف ۾ هڪ اي ايس آءِ، ٽي جمعدار ۽ 8 ڪنسٽيبل هئا. انهن مان اسان کي رُڳو جمعدار غلام علي ۽ ڪنسٽيبل منظور حسين ۽ بلي شاهه جا نالا معلوم آهن.
    چڪوال کان 5 ميل اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو آهي جالگا. هيءُ ڳوٺ اُتر پنجاب جي عام ڳوٺن جهڙو ڳوٺ آهي. زمين وارياسي ۽ ٽڪرائتي، وڻ ڇڊا، ڀرسان مٽيءَ جون عجيب غريب شڪلين واريون هنڌان هنڌان کاڌل ٽڪريون. ڳوٺ ۾ خاص ڳالهه ڪانه هئي، ساڳيا عام ٻهراڙيءَ جا ماڻهُو، ساڳي سست رفتار زندگي، مال ۽ پوک ۾ اکيون، قديم دوستيون، پراڻيون عداوتون، سنهيون ٿلهيون مال جون چوريون، سڀ ڪا ڳالهه عام هئي- سواءِ خورشيد بيگم جي.
    خورشيد بيگم بابت اسان کي گهڻي خبر ڪانهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُ بدصورت هجي يا شايد ماڻهن جهڙي ماڻهُو هجي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هوءَ هڪ باهه جو اُلو هجي، پنجن پاڻين جي ڌرتيءَ جو حَسين ترين پهاڙي گُل هجي. خاطري ڪانهي، اسان کي رُڳو هيتري خبر آهي ته هوءَ 20 سالن جي هڪ البيلي، ضدي، دلير ۽ سرڪش ڪنواري ڇوڪري هئي.
    ڳوٺ وارن ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته ڳوٺ جي شوخ ۽ شهزور جوانن مان هڪڙو اهڙو به هو، جنهن کي ڏسي خورشيد بيگم جي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويندي هئي ۽ سندس اکين جي تارن ۾ ستارا نچڻ لڳندا هئا. ان خوش نصيب يا بدنصيب جو نالو به اسان کي معلوم آهي: مشتاق احمد. شايد سندن شادي ٿيڻ واري هئي- خورشيد بيگم جو پيءُ ڪراچيءَ ۾ پوليس کاتي ۾ ملازم هو. هوءَ پنهنجي چاچي نشان علي، ماءُ الهه رکي ۽ ڀاءُ احمد خان سان گڏ رهندي هئي.
    3 جون 1957ع جو ڏينهن هميشه جيان گذري ويو. خورشيد بيگم، ماڻس، ڀاءُ ۽ چاچس پنهنجي گهر ۾ هئا، هرڪو پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو. ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، ته ايندڙ رات سنهڙي ننڍڙي ڪکائين آکيري تي ڪا وِڄ ڪرڻ واري آهي.
    سج لٿو، ڏِيا ٻريا، اوچتو ٻاهران سڏ ٿيو ته پوليس ڀاءُ، ڀيڻ، ڏير ڀاڄائيءَ کي کنڀي کڻي نمبردار نورخان جي اوطاق تي ويا. صوبيدار ملڪ علي حيدر پاڻ لٿل هو. ساڻس گڏ هڪ ڳوٺ جو ماڻهُو محڪم دين هو. “محڪم دين جي چوري ٿي آهي، مشتاق احمد ڪٿي آهي؟” صوبيدار سڀني کان پڇيو. هو وائڙا ٿي ويا. بيڪسي ڏيکاريائون، قسم سُنهن کنيائون، “اسان جو مشتاق احمد سان ڪوبه واسطو ڪونهي، هن ۾ اسان جو ڪجهه به ڪونه وڃي.” هنن ليلائي چيو.
    “مون کي سڀ خبر آهي، هن ڇوريءَ جو يار آهي، انهيءَ کي خبر آهي.” صوبيدار خورشيد بيگم ڏانهن اشارو ڪري چيو. خورشيد بيگم روئي ڏنو.
    خورشيد بيگم ۽ ماڻس کي نورخان جي اوطاق جي هڪڙي ڪمري ۾، ۽ ڀاڻس احمد خان ۽ چاچس نشان علي کي ٻئي ڪمري ۾ پوريو ويو. سڄي رات ڪنهن اک به ڪانه پوري.
    ٻئي ڏينهن الهه رکيءَ کي ڪڍي ڇڏيائون. احمد خان ۽ نشان عليءَ کان به پئسا وٺي کين ڇڏيائون، باقي خورشيد بيگم لاءِ چيائون ته، “جاچ ۾ گهربل آهي.”
    محڪم دين فرياد ۾ ڪنهن جو به نالو ڪونه ڏنو هو، پوليس جو شڪ مشتاق احمد ۾ هو. خورشيد بيگم تي ڪوبه الزام ڪونه هو. هوءَ باقاعدي گرفتار به ڪانه هئي. رُڳو “جاچ ۾” هئي، ڪنهن کي ڪيترا ڏينهن بند ڪري ويهاري سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ چڪوال ٿاڻي جي پوليس جو اهو ئي خيال هو.
    ٻنپهرن ڌاري صوبيدار ٿاڻي تان جمعدار غلام علي ۽ ڪنسٽيبل منظور حسين ۽ بلي شاهه کي گهرايو ۽ جاچ غلام عليءَ جي حوالي ڪري، پاڻ سيشن جي شاهدي ڏيڻ هليو ويو. خورشيد بيگم بند هئي.
    5 جون جي صبح جڏهن الهه رکي ماني کڻي وئي، ته قيدڻ ڌيءَ جي حالت ڏسي سندس هنيون ڏري پيو. خورشيد بيگم جا وار ٽڙيل پکڙيل هئا. سندس هٿ پير سُوڻَلُ هئا. هن مانيءَ جو گرهه به وات ۾ نه وڌو. فقط ايترو چيائين، “مون کي سڄي رات عذاب ڏنا اٿن.”
    بدنصيب ماءُ چري ٿي پئي. گهر وڃي ڳالهه ڪيائين، پر پوليس جي “جاچ” سڀ ڪو چوي “پوليس کي جاچ ۾ سڀ پاور آهن، ڪير ڪُڇي؟ ڊيوٽيءَ ۾ اٽڪاءُ ٿي پوي.”
    جبل جيڏيون ٻه راتيون لنگهي ويون، ۽ صبح جو الهه رکيءَ کان وڌيڪ پاڻ جهليو نه ٿيو، صبح جو چانهه کڻي قيدڻ جي ڪمري ۾ گهڙي. خورشيد بيگم جي حالت بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي، “مون ۾ وڌيڪ سهڻ جي طاقت ڪانهي.” هن اوڇنگارون ڏئي چيو، “مون کي... مون کي... مون سان زوري زنا...” سندس گلو ڏک وچان گهُٽجي ويو، هن چانهه کي هٿ به نه لاتو.
    جڏهن سڀ واهون بند ٿي وينديون آهن، تڏهن يا ته ماڻهُو صفا بزدل ٿي ويندو آهي يا صفا شينهن. خورشيد بيگم کي هيترن عذابن ۽ فاقن به زير نه ڪيو. پوليس الائي کيس ڇا ٿي چيو، الائي کيس مشتاق تي ڪوڙو شاهد ٿي ڪيائون ۽ کانئس ڪا قبوليت ٿي ورتائون. بهرحال هوءَ زبردستي ڪابه ڳالهه مڃڻ واري ڇوڪري نه هئي. ان ڏينهن الائي هن ڇا سوچيو، شايد سوچيائين ته هن هيڏي ساري بيعزتيءَ کانپوءِ ڳوٺ ۾ سندس ڪهڙي عزت رهندي. يا شايد ڊني ٿي ته آخر سندس همت ۽ سهپ جواب ڏئي ويندي. آخر هوءَ پوليس جو چوڻ مڃي ويهندي ۽ پوءِ پنهنجي مشتاق کي ڪهڙو مُنهن ڏيکاريندي، يا الائي وڌيڪ عذاب برداشت ڪري نه سگهي.
    بهرحال ماڻس جي وڃڻ کان پوءِ، هوءَ قيد مان ڀڄي نڪتي. ڪيئن نڪتي، سا خبر ڪانهي. رُڳو ايتري خبر آهي ته گلناز بيگم، غلام فاطمه ۽ ڳوٺ جي ٻين زالن هن کي ڏٺو ته هوءَ يڪي ڊوڙ کوهه ڏانهن ڀڳي وئي ۽ پٺيان پوليس وارا مڙندا ويس. سڀني جي ڏسندي، هن وٺي کوهه ۾ ٽپ ڏنو ۽ پوليس توڙي زندگيءَ جي قيد مان آزاد ٿي وئي. پوليس جي ختم نه ٿيندڙ “جاچ” هن پاڻ ختم ڪري ڇڏي.
    ڊاڪٽر جي سرٽيفڪيٽ موجب کيس وِهَڪَ جي جاءِ “پُٺ”، ساڄي ڪلهي ۽ ساڄي ٻانهن تي رهڙون ۽ ساڄي گوڏي جي هيٺان کاٻي لوڻي وٽ چچريل زخم هئا. ڪرنگهي جو هڏو ڇيڙي وٽ چيڀاٽيل هوس. وِهَڪَ جي هنڌ جا هڏا ڀڳل هئا.
    ڪاغذي بازيگري ٿي، دانست ناما ٺهيا، رپورٽون ۽ ڊائريون نڪتيون. خورشيد بيگم جي موت لاءِ کيس ئي جوابدار ٺهرايو ويو. ايترو به چڱو جو خودڪشيءَ ۾ ڪامياب ٿي. نه ته خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چالان ڪنس ها- ڳالهه لئي مٽي ٿي وئي – نه ٿي وڃي ها، بشرطيڪ خورشيد جو پيءُ پوليس کاتي جو ملازم نه هجي ها.
    بدنصيب ڇوڪريءَ جي پيءُ نورحسين ڪراچيءَ مان اچڻ شرط گهوڙا گهوڙا ڪئي، چؤطرف پُڪارون ڪيائين، آخر دُکي دُکي عدالت جو ٽانڊو ٻريو- صوبيدار هٿين پيرين پئي، سُنهن قسم کڻي جند ڇڏائي.
    بهرحال جمعدار غلام علي، ڪانسٽيبل منظور حسين ۽ بلي شاهه چالان ۽ مٿس قلم 330 (ڪنهن کان زبردستي قبوليت وٺڻ لاءِ کيس زخم رسائڻ) ۽ قلم 342 (ناحق روڪ ناحق بند) هيٺ چارج رکي وئي. مئجسٽريٽ صاحب ٻنهي ڪانسٽيبلن کي ڇڏي ڏنو- باقي جمعدار غلام عليءَ کي 6 سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ۽ 500 روپيا ڏنڊ وڌائين. ڏنڊ مان 300 روپيا خورشيد بيگم جي پيءُ نورحسين کي خرچ طور ڏياريائين. ڪورٽ جي راءِ هئي ته ڪانسٽيبلن، جمعدار جو حڪم مڃيو هو، تنهن ڪري هو پنهنجي سِرُ ڏوهاري ٺهرائي نٿا سگهجن.
    جمعدار غلام علي انهيءَ فيصلي خلاف، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. جمعدار غلام عليءَ پاران لاهور جي مشهور وڪيل مسٽر محمد انور (جو پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو) وڪالت ڪئي- اپيل جسٽس محمد شفيع ٻُڌي ۽ 9 جون 1959ع تي رد ڪيائين.
    اپيل رد ڪندي هاءِ ڪورٽ ڪيترن اهم قانوني نُقطن بابت فيصلا ڏنا. پهريون هيءُ ته “پوليس کي جاچ ۾ ڪنهن کي به روڪي وهارڻ جو حق ڪونهي- سواءِ باقاعدي گرفتاريءَ جي ڪنهن به شڪيءَ يا جوابدار کي ٿاڻي تي ويهارڻ به قانوني جرم آهي.” هاءِ ڪورٽ چيو ته، “جاچ ڪندڙ عملدار جڏهن ڪنهن ماڻهُوءَ کي بيان لاءِ گهرائي ته سندس فرض آهي ته ان جو بيان وٺي کيس ڇڏي ڏي ته گهر هليو وڃي.” جيڪڏهن ڪو شڪي آهي يا ڏوهه ۾ گهربل آهي ته، “کيس گرفتار ڪري 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.” ماڻهن کي “جاچ ۾ ويهارڻ” واري پوليس جي دستور تي راءِ زني ڪندي، جسٽس شفيع فيصلو ڏنو، “مون کي اهڙو ڪوبه قانون ڪونه سُجهي، جو انهيءَ ڳالهه جي اجازت ڏيندو هجي ته پوليس جاچ جي بهاني ماڻهن کي ٿاڻي تي ويهاريو يا بند ڪريو ويٺي هجي. اهو سنئون سڌو ناحق روڪ ناحق بند جو ڏوهه آهي. اهو جاچ ۾ ويهارڻ جو دستور جو هن ملڪ ۾ عام آهي ۽ جيڪو پوليس کي سهڻو موقعو ٿو ڏئي ته ماڻهن کي ايذاءُ ڏئي، تنهن جي فوراً پاڙ پٽڻ گهرجي ۽ ان کي نيست و نابود ڪرڻ گهرجي، ڪوبه قانون انهيءَ جي اجازت نٿو ڏئي.”
    هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر خلاف ريمارڪ پاس ڪيا، جو ان خورشيد بيگم جي لاش جي چڪاس ۾ اها ڳالهه نه ڏيکاري هئي ته ساڻس زوريءَ زنا ٿيل هو يا نه.
    ان کانسواءِ هاءِ ڪورٽ هيٺين ڪورٽ تي به ريمارڪ پاس ڪيا، جو ان ڪانسٽيبلن کي ڇڏي ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته بي قاعدي حڪم جي تعميل ڪرڻ وارو سزا کان بچي نٿو سگهي. هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪيو ته ٽيئي هڪجهڙا جوابدار آهن.
    خورشيد بيگم جي دردناڪ موت سبب اها ڳالهه قطعي طرح فيصل ٿي وئي ته “سواءِ باقاعدي قانوني گرفتاريءَ جي ڪنهن کي به جاچ ۾ ويهارڻ يا روڪڻ 342 پاڪستاني پينل ڪوڊ هيٺ سزا جوڳو ڏوهه آهي.”
    هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو پاڪستاني قانوني فيصلا نالي ماهوار رسالي جي 1950ع واري جلد ۾ لاهور واري حصي جي صفحي 665 تي ڏنل آهي.

    (آڪٽوبر 1966ع)


    برجستو پوليس آفيسر

    دُنِيا جي سڌريل ملڪن جون يونيورسٽيون رُڳو ڪلاسن ۾ ڪتاب ڪونه چَٽائينديون آهن. آمريڪا ۽ يورپ جون يونيورسٽيون سائنسي ۽ علمي کوجنا جا عظيم ڪارناما سرانجام ڏينديون آهن. سندن پروفيسر ۽ شاگرد دُنِيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پنهنجي پنهنجي علمي شعبي بابت تحقيقون ڪري نوان نوان انڪشاف ڪندا آهن.
    يورپ جي نقشي تي نظر وجهبي ته فنلينڊ جي اوڀر ۽ روس جي اُتر ۾ بئرينٽس سمنڊ نظر ايندو. هيءُ سمنڊ اُتر قُطبُ جي ويجهو آهي ۽ اڪثر ڄميل رهندو آهي. وچ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيٽ نظر ايندو، نه ته هزارين ميلن ۾ رُڳو ڄميل برف سان ڍڪيل سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ان جا ٻه وڏا ٻيٽ آهن نرويازيمانيا ۽ ڪولگوبيو.
    ڪولگو بيو ٻيٽ ماسڪو کان اٽڪل 900 ميل اُتر ۾ آهي. منجهس عجيب قسم جا پکي ۽ جانور رهن ٿا. ماسڪو يونيورسٽيءَ ڪولگوبيو ٻيٽ جي عجيب ساهوارن جي مطالعي ۽ انهن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ علم حيوانات جي ٻن ماهرن جي هڪ مهم اوڏانهن رواني ڪئي. اهي ماهر هئا پروفيسر بوزوو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو. کين هڪ سال ڪولگوبيو ٻيٽ تي رهي تحقيق ڪري يونيورسٽيءَ کي رپورٽ ڪرڻي هئي.
    اتفاق سان پروفيسر بوزوو ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو هڪٻئي سان اصل نه ٺهندا هئا. ٻنهي کي هڪٻئي لاءِ سخت نفرت هئي.
    يونيورسٽيءَ جي ٻين پروفيسرن هنن ٻنهي جي گڏ انهيءَ ڏورانهين برفاني ٻيٽ ڏانهن موڪلجڻ جو ٻُڌي چرچي طور چيو، “شايد کين ڄاڻي ٻُجهي انهيءَ لاءِ موڪليو اٿن ته ڪجهه گرمي ڇنڊي ٿڌا ٿي اچن...!” ڪن وري چيو، “ڏسجو ويٺا، هڪٻئي جا مٿا نه ڦاڙي وڌائون ته چئجو!”
    پروفيسر بوزوو پنهنجي پهرئين خط ۾ دوستن کي پنهنجي پهچڻ جو اطلاع ڏيڻ ۽ ٻئي حال احوال ڏيڻ کان پوءِ لکيو، “جي اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو جيڪو خود مطالعي جي لائق عجيب جانور آهي، سو گڏ نه هجي ها ته جيڪر زندگي ڏاڍي مزي سان گذري ها، هيءُ شخص منهنجي زندگي زهر ڪندو رهي ٿو.”
    اڃا مهينو ئي ڪين گذريو ته ٺڪ هڪڙي تار اچي سهڙي! “پروفيسر بوروو کي اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو اک ۾ چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.”
    قتل جي جاچ ماسڪو جي پوليس انسپيڪٽر ليوشينين جي حوالي ڪئي وئي.
    انسپيڪٽر ليوشينين ماسڪو جو برجستو پوليس آفيسر هو. برجستا پوليس آفيسر دُنِيا جي هر ملڪ ۾ آهن. البت برجستو پوليس آفيسر ڪهڙين لياقتن واري آفيسر کي سڏجي، تنهن جو مدار ملڪ ملڪ تي آهي.
    مثلاً اسين پنهنجي ملڪ ۾ “برجستو” پوليس عملدار عام طرح ان کي ليکيندا آهيون، جيڪو تر جي وڏي ڀوتار اڳيان پاليل ٻليءَ جهڙو فرمانبردار ۽ عام خلقت لاءِ بگهڙ جهڙو خونخوار هجي، قانون جي نالي ۽ اوٽ ۾ ڦُريون، ڌاڙا، بلڪه خون ڪرڻ به ڏائي هٿ جو کيل سمجهي- مطلب ته “ڌو-پار” ۽ “مڙس ماڻهُو” هجي!
    پر ٻين ملڪن ۾ “برجستو پوليس عملدار” ليکجڻ لاءِ وري ٻيون ڳالهيون ضروري آهن. پنهنجي پنهنجي پسند آهي.
    انسپيڪٽر شينين هڪدم ڪولگوبيو ٻيٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر معلوم ٿيس ته آسپاس سمنڊ سڄو ڄمي چڪو آهي. ڪوبه جهاز اوڏانهن وڃي نٿو سگهي، پر هيءُ مُڙڻ وارو ڪونه هو. هن معلوم ڪري ورتو ته ڪولگوبيو ٻيٽ جي آسپاس هڪڙو برف چيريندڙ جهاز برف پيو چيري. هن ان جهاز جي ڪيپٽن کي ريڊيو رستي پيغام موڪليو ته ٻيٽ تي وڃي پروفيسر بوزوو جي لاش کي سردخاني ۾ رکي ماسڪو پهچائي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ووردنوو کي به گرفتار ڪري وٺي اچ. کيس اهو به چيائين ته جاءِ واردات جي تپاس ڪري شاهدن جا بيان لکي اچ.
    ڪجهه عرصي بعد ٻئي پروفيسر، هڪڙو سردخاني ۾ ۽ ٻيو هٿڪڙين ۾ ماسڪو پهتا.
    شاهدن جي لکيل بيانن مان معلوم ٿيو ته ٻئي پروفيسر گڏجي شڪار تي ويا هئا، ساڻن ٻيو ڪير به ڪونه هو. واپس فقط جوابدار موٽيو. ماڻهن وڃي ڏٺو ته فوتي پروفيسر جي اک ۾ چاقو ٽُنبيو پيو هو. اکين ڏٺو شاهد ڪوبه نه هو.
    انسپيڪٽر جوابدار کان اول سندس زندگيءَ جو احوال مختصر طور معلوم ڪيو. معلوم ٿيو ته هن وڏيون کوجنائون ڪيون هيون ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا هئائين.
    “تنهنجا پروفيسر بوزوو سان ڪهڙا تعلقات هئا؟”
    “بدقسمتيءَ سان اسان جا تعلقات سُٺا ڪونه هئا!”
    “هو توهان کي نه وڻندو هو يا توهان کيس نه وڻندا هئا؟”
    “اسين ٻئي هڪٻئي کي نه وڻندا هئاسون.”
    “توهان جي هڪٻئي لاءِ ناپسندي ڪيتريءَ حد تائين هئي؟”
    “سخت نفرت جي حد تائين!”
    “قتل واري ڏينهن شڪار تي اوهان ٻنهي سان گڏ ٻيو ڪوبه هو ڇا؟”
    “نه.”
    “پروفيسر بوزوو جي اتي ڪنهن ٻئي سان به اڻبڻت ٿي پئي هئي ڇا؟”
    “نه، هو پنهنجن ئي پُورن ۾ هوندو هو. ٻيو ته هونئن ٻين ماڻهن سان هو بلڪل خوش طبع هوندو هو.”
    “دشمني فقط اوهان سان هيس؟”
    “فقط مون سان!”
    “ڪڏهن توهان انهيءَ نفرت جو ساڻس اظهار به ڪيو؟”
    “ڪيترا دفعا- جڏهن هن منهنجي کوجنائن تي چٿرون ڪيون، تڏهن مون کيس چيو ته دل ٿي چويم ته...”
    “جملو پورو ڪريو!”
    “...چيومانس ته دل ٿي چويم ته تنهنجو مٿو ڦاڙي وجهان.”
    “اوهان جي پاڻ ۾ آخري چڪري واقعي کان گهڻا ڏينهن اڳ ٿي؟”
    “ٻه ڏينهن اڳ....”
    “پروفيسر، اوهان جي خيال ۾ ڀلا ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته پروفيسر جو ڪو دشمن ماسڪو کان آيو هجي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ لڪو پيو هجي ۽ شڪار جي موقعي تي لڪ ڇپ ۾ توهان جي بي خبريءَ ۾ کيس خون ڪري ڀڄي ويو هجي؟”
    “آءٌ نٿو سمجهان ته سندس ڪو اهڙو دشمن ٿي سگهي ٿو. هو سڄو وقت ڪتابن ۽ کوجنائن جي دُنِيا ۾ غرق هوندو هو، کيس ٻين ماڻهن سان دشمنيون رکڻ جو وقت ئي ڪونه هو.”
    “آخري سوال پروفيسر! اهڙا ڪي سبب آهن جو ڪورٽ کي سفارش ڪري سگهجي ته توهان کي ڦاسيءَ جي بدران جنم ٽيپ ڏئي...مثلاً پنهنجي بچاءُ ۾ ڌڪ هڻڻ وغيره؟”
    “نه.”
    معاملو بلڪل صاف هو. جوابدار خلاف اڻ سڌيءَ طرح مڪمل ثابتي هئي. ٻه گڏ شڪار تي ويا هئا. منجهانئن هڪڙو قتل ٿيل ڏٺو ويو. جيئرو مئل جي موت بابت ڪابه سمجهاڻي نٿو ڏئي سگهي، حالانڪه خون وقت ٻئي گڏ هئا. انهيءَ مان انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو انومان نڪري سگهي ٿو سواءِ انهيءَ جي ته هڪڙي ٻئي کي پورو ڪيو هو. خاص ڪري جڏهن هُو خود قبولدار هو ته کيس فوتيءَ لاءِ سخت نفرت ۽ ڌِڪار هئي، ڪنهن به مهذب ملڪ جي عدالت ۾ حالتن ۽ ماحول مان اهي ثبوت جوابدار کي ڏوهي ٺهرائڻ لاءِ ڪافي آهن. اسان جو ڪوبه صوبيدار هجي ها ته رهيل ڪسر به منٽن ۾ پوري ڪري ڇڏي ها ۽ ٻه ته ڇا چار اکين ڏٺا شاهد به موجود ڪري وجهي ها ۽ سندن 164 جا بيان به وٺائي ڪيس لوهه ڪري ڦاهو کارائي ڇڏي ها.
    پر انسپيڪٽر شينين پنهنجي وطن جي معيار مطابق برجستو ۽ تجربيڪار پوليس انسپيڪٽر هو. کيس ڪنهن ڇهين حواس ٻُڌايو ته سامهون ويٺل پيلو ۽ ڊنل پروفيسر سچ پيو ڳالهائي. سندس خلاف ثبوت برابر مضبوط هئا ۽ وٽس ڪو بچاءُ به ڪونه هو پر انسپيڪٽر جي تجربيڪار ذهن اها ڳالهه مڃي نٿي ته ڪو قاتل هيءُ ماڻهُو آهي، پر ڦاسي گهاٽ جي هن نئين پانڌيئڙي کي ڦاسي گهاٽ جي موتمار زيارت کان بچائڻ لاءِ کُليل ۽ چِٽي ثبوت جي ضرورت هئي. انسپيڪٽر عزم ڪيو ته جي پروفيسر بيگناهه آهي ته هُو کيس هرگز مرڻ نه ڏيندو. جيئن ته کيس پورو گمان هُو ته هو بي ڏوهي آهي، تنهن ڪري کيس حوالات ۾ رکڻ به ظلم چئبو. “جيڪڏهن اسين اصل حقيقت معلوم نه ڪري سگهيا آهيون ته ان ۾ هن جو ڪهڙو قصور؟” هن سوچيو. آخر هن پروفيسر کي چيو، ممڪن آهي ته آءٌ سنگين غلطي ڪري رهيو هجان پر منهنجو خيال آهي ته توهان سچ ٿا چئو. بهرحال آءٌ وڌيڪ جاچ ڪريان ٿو. توهان ٽيليفون ڪري ڪو ضامن گهرائي وٺو. في الحال مان توهان کي پنهنجي ذمه داريءَ تي ضامن تي آزاد ڪريان ٿو.
    انسپيڪٽر شينين سڌو اسپتال ويو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ پڙهيائين. ڊاڪٽر سيميو نووسڪي رپورٽ ۾ لکيو هو، “فوتيءَ جو موت کاٻي اک ۾ چاقو لڳڻ ڪري ٿيو آهي. اهو ڌڪ بي انداز بلڪه وحشي قوت سان هنيو ويو آهي.”
    “وحشي قوت مان توهان جي ڪهڙي مراد آهي؟” انسپيڪٽر ڊاڪٽر کان پڇيو.
    “منهنجو مطلب آهي ته ايتري قوت سان جيتري رواجي طرح انسان ۾ نه ٿيندي آهي، پر آءٌ ٻُڌائي نٿو سگهان ته ڪهڙي قسم جي.”
    فوتيءَ جي بندوق ۽ خوني چاقو رواجي قِسم جا هئا. چاقو جاچيندي انسپيڪٽر ڏٺو ته ان ۾ ٿورڙو نقص هو، ان جي ڪاٺ جي ڳن واري پوڇڙي وٽ وچ واري رڪ جي سنهي پٽي ٿوري ٻاهر نڪتل ۽ چهنبياري هئي. اوچتو کيس ڪو خيال آيو ته هو ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو- ڪلاڪ اندر هن پنهنجي آفيس ۾ هٿيارن ۽ شڪار جي ماهرن جو هڪڙو ٽولو گڏ ڪري ورتو ۽ ڳچ دير کانئن پڇا ڪندو رهيو.
    انهيءَ وچ ۾ ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ ٿرٿلو مچي ويو. فوتيءَ پروفيسر بوزوو جا دوست ۽ عزيز مجرم جي ضامن تي آزاد ٿيڻ جو ٻُڌي باهه ٿي ويا. ٽيليفونون ٿي ويون، فوتيءَ جي ڀاءُ ڪورٽ ۾ سڌو فرياد داخل ڪيو- جوابدار تي ڪيس هلايو ويو- سموري ثابتي پيش ڪئي وئي. جوابدار کان پڇيو ويو، “ڪو بچاءُ ڏيندين؟”
    “مون وٽ ڪوبه بچاءُ ڪونهي.” هن مايوسيءَ مان وراڻيو.
    “آءٌ هن جو بچاءُ ڏيڻ گهران ٿو، مون کي خبر آهي ته هيءُ خون ڪيئن ٿيو آهي؟”
    جج جويءَ ۽ وڪيلن جون نگاهون وچ ۾ ڳالهائيندڙ ڏانهن کڄي ويون، اهو انسپيڪٽر شينين هو.
    جج بچاءُ جي وڪيل ڏانهن سوالي نگاهن سان ڏٺو. بچاءُ جو وڪيل مُنجهي پيو ته هيءُ پوليس انسپيڪٽر الائي ڪهڙي ڳالهه ڪندو. هُو خاموش رهيو.
    جج ڪجهه سوچي چيو، “توهان کي ڪورٽ جي شاهد طور شاهدي ڏيڻ جي اجازت آهي.”
    انسپيڪٽر شينين چيو، “جناب جج صاحب، منهنجي درخواست آهي ته انصاف جي بهتريءَ لاءِ ماسڪو يونيورسٽيءَ جي مڪينيڪل شعبي جي شڪاري، هٿيارن جي ماهر پروفيسر دوبدوسڪي کي سڏايو وڃي ۽ مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ کانئس ڪي سوال پڇان؟”
    وڪيلن ۽ جج جي وچ ۾انهيءَ قانوني نقطي تي بحث هليو ته آيا ائين ڪري سگهجي ٿو؟ آخر جوابدار کان پڇيو ويو ته، “توکي اها ڳالهه قبول آهي؟” هن هائو ڪئي.
    جڏهن پروفيسر دوبدو وسڪي آيو، تڏهن انسپيڪٽر شينين کانئس پڇيو:
    “توهان شڪاري هٿيارن جي ماهر جي حيثيت ۾ بين الاقوامي شهرت رکو ٿا؟”
    “آءٌ ماسڪو يونيورسٽيءَ جي هٿيارن ۽ بارُود جي علم واري شعبي جو صدر آهيان. انهيءَ علم بابت ڪجهه ڪتاب به لکيا اٿم، جي دُنِيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن ۽ ڪن غيرملڪي يونيورسٽين ۾ اهي ڪتاب ڪورس طور پڙهايا ويندا آهن. باقي ڪا خاص بين الاقوامي شهرت آهي يا نه، سا مون کي خبر ڪانهي.”
    “خير ٺيڪ آهي، توهان پاڻ مشهور آزموديگار شڪاري آهيو.”
    “مشهور ۽ آزمودي گار شڪاري هجڻ بابت ته...”
    “خير ٺهيو.... ننڍي هوندي هر قسم جو شڪار گڏجي ڪندا رهيا آهيون؟”
    “ها.”
    “جيڪڏهن ڪارتوس مِس ٿي پون ۽ ڪنهن ٻئي سبب بندوق جي نڙيءَ ۾ وجهندي ڦاسي پون ته توهان ڇا ڪندا آهيو؟”
    “ان کي آهستي ڪنهن شيءِ سان ٺوڪي ٺوڪي اندر ڪندا آهيون.”
    “مثلاً شڪار جي چاقوءَ جي ڳن سان.”
    “ها.”
    “هي چاقو ڏسو، سندس چُهنبدار پوڇڙي ڏسو.”
    “جيڪڏهن هن چاقوءَ جي ڳن سان اهڙي ڪنهن ڪارتوس کي ٺوڪي بندوق ۾ اندر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ڪارتوس جي مُنهن تي هيءَ ڳن جي چُهنب لڳي ته ڪجهه ٿي سگهي ٿو.”
    “ها ممڪن آهي ته ڪارتوس ڦاٽي پوي!”
    “پوءِ چاقو ڪيڏانهن ايندو؟”
    “اهڙو اتفاق ٿي پوي ته پوءِ چاقو مخالف طرف ڏانهن زور سان ڌِڪبو.”
    “مخالف طرف معنيٰ جيڏانهن ڪارتوس وجهندڙ ماڻهُو هوندو؟”
    “ظاهر آهي.”
    “توهان حساب ڪتاب لڳائي اهڙو چارٽ ٺاهي پيش ڪري سگهندا، جنهن سان اهو معلوم ٿئي ته اوچتو ڦاٽل ڪارتوس جي ڌِڪيل چاقوءَ جو صحيح رُخ ۽ ڪارتوس وجهندڙ جي بدن جي جنهن هنڌ تي اهو لڳندو، تنهن جي پوزيشن معلوم ٿي سگهي؟”
    “ها، بشرطيڪ مون کي اهڙي آزمائش ڪرڻ ۽ چارٽ ٺاهڻ لاءِ هڪ ڏينهن مهلت ملي؟”
    ٻئي ڏينهن هن چارٽ پيش ڪيو ۽ چيائين، “اهڙي اتفاق جي حالت ۾ ڦاٽل ڪارتوس جو ڌِڪي اُڇليل چاقو ڪارتوس ڀريندڙ جي ساڄي اک ۾ لڳندو.”
    “ڦَر واري پاسي يا ڳن واري پاسي؟”
    “ڦَر واري پاسي، مُنهانتو.”
    “اک ۾ گهڙي ويندو.”
    “بلڪل.”
    “آهستي يا زور سان.”
    “بي انداز، غير انساني زور سان.”
    “ڄڻ ته ڪنهن وحشي قوت جو هنيل هجي؟”
    “بلڪل.”
    جج وچ ۾ چيو، “انسپيڪٽر شينين پروفيسر دوبووسڪيءَ جي شاهديءَ واقعي ڪيس ۾ نوان امڪان پيدا ڪيا آهن، پر هڪڙي ڳالهه سموري شاهديءَ کي بي معنيٰ بڻائي ٿي ڇڏي، توهان کي شايد معلوم ناهي ته فوتيءَ کي چاقو کاٻي اک ۾ لڳل آهي ۽ نه ساڄي اک ۾.”
    “جناب، مون کي چڱيءَ طرح معلوم آهي، آءٌ انهيءَ تي به اچان ٿو... پروفيسر صاحب، توهان جيڪو حساب لڳايو آهي، سو انهيءَ بُنِياد تي ته ڪارتوس ڀريندڙ ڪارتوس ساڄي هٿ سان ٺوڪيندو هوندو... ائين نه؟”
    “جي ها- ظاهر آهي...”
    “پر ڪي ماڻهُو کاٻڙ به ٿيندا آهن... اهو ماڻهُو ڪارتوس کاٻي هٿ سان ٺوڪيندو... ائين نه؟”
    “ظاهر آهي.”
    “ساڄڙ ۽ کاٻڙ، مختلف طرفن کان ٺوڪ ڏيندا ۽ ردعمل به مختلف ٿيندو، يعني چاقو جنهن طرف موٽ کائيندو، سو ڌار ڌار هوندو؟”
    “ها.”
    “هاڻي فرض ڪريو ته ڪارتوس ٺوڪيندڙ کاٻڙ آهي ته پوءِ ڪارتوس ڦاٽي پوي ٿو ۽ چاقو پوئتي ڌِڪجي ٿو، اهو ڪهڙي پاسي ويندو؟ اهڙي ماڻهُوءَ کي ڪهڙي عضوي ۾ لڳندو؟”
    “کاٻي اک ۾.”
    انسپيڪٽر فوتيءَ جي ڀاءُ کي وري پڃري ۾ سڏايو ۽ کانئس هڪڙو سوال پڇيو، “توهان جو ڀاءُ ساڄڙ هو يا کاٻڙ؟”
    “کاٻڙ.”
    پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر کان پڇيو ويو، “جنهن وحشي قوت جو توهان ذڪر ٿي ڪيو، سا ڪنهن بارود جي ڇُٽڻ جي ٿي سگهي ٿي؟”
    “بلڪل.”
    “انسان جي هٿ جي نه؟”
    “بلڪل نه؟”
    هاڻي فريادي اُٿي بيٺو، هو پاڻ پروفيسر هو.
    “جناب اعليٰ، مون هاڻ سمجهيو ته منهنجي ڀاءُ جو موت حادثي سبب ٿيو آهي ۽ کيس ڪنهن به خون نه ڪيو آهي. آءٌ فرياد تان دستبردار ٿيان ٿو ۽ پروفيسر ووردنوو کي غلط فهميءَ سبب پهتل تڪليف لاءِ کانئس معافي ٿو وٺان.
    اهڙيءَ ريت پويلس انسپيڪٽر شينين هڪ دفعو وري به هڪ “برجستي” پوليس آفيسر سڏجڻ جو حق محفوظ ڪري ڇڏيو.
    (رسالو سوويت يونين صفحو 40 ماسڪو، 1966 نمبر 199)


    غيرتي پُٽُ

    ملڪ ۾ ضياءَ شاهيءَ جا قهري ڪلور چوٽ چڙهيل هئا، گرفتارين ۽ ڦٽڪن جي بازار گرم هئي، جيل سٿيل هئا، غدار مخلوق جي چاندي هئي، وطن جا بي انداز غيرتمند فرزند ۽ نياڻيون سالن کان فوجي راڄ جي راڪاس سان مهاڏو اٽڪايو لاڪپن، قيدخانن ۽ بند وارڊن مان جبر سان جنگ جوٽيون بيٺا هئا.
    جون جو مهينو اچي سهڙيو هو ۽ سنڌ ۾ اونهارو پنهنجي عروج تي هو. سال 1983ع جو 14 اگسٽ وارو آزاديءَ جو ڏينهن ۽ ضياءَ شاهيءَ خلاف دڪڙ تي اٽو لڳڻ جو ڏينهن فقط ٻه مهينا پري هو، سنڌ پنهنجي جدوجهد جي شاندار ترين دؤر ۾ داخل ٿيڻ واري هئي ۽ سڄيءَ دُنِيا کي پنهنجي وجود ۽ غيرت جو چتاءُ ڏيڻ واري هئي.
    ان وچ ۾ ٻيا ڌنڌا به پئي هليا، ماڻهن مال پئي چاريا، ٻنيون ٻارا ۽ وڻج واپار پئي ڪيا. وڏيرن جي اوطاقن، ٿاڻن ۽ ڪورٽن ۾ فيصلا پئي هليا، سڀ شوق شڪار، ملهون، ٻيلهاڙا، اٽي ڏڪر، “ڪارو ڪاري” اڳي وانگر هئا.
    جون 1984ع جي 11 تاريخ لاڙڪاڻي جي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ عبدالفتاح جي ڪورٽ ٻاهران هڪڙي هٿڪڙيون لڳل قيديءَ کي وٺي آيا.
    “هيءُ جوان ڇا ۾ آندو اٿوَ؟”
    هڪڙي ماڻهُوءَ پوليس واري کان پڇيو.
    پوليس واري جواب ڏنو:
    “خون ۾ آهي.”
    “بابا غيرت ۾ آيا آهيون.” قيديءَ ڳاٽ اوچو ۽ آواز مٿي ڪري، پوليس واري جي آواز کي ڪٽيندي چيو. سوال پڇندڙ ٿورڙو هيسجي، ڪجهه هيٺائين آواز ۾ چيو، ڄڻ پنهنجي مُنهن چوندو هجي:
    “ابا گيرت جون پاڙون آهن دوزڪ ۾.”
    آسپاس بيٺلن مان ڪنهن وراڻيو:
    “برابر!”
    ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي سرشتي دار قيديءَ کان پڇيو، “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
    “وسايو.”
    ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ڳنڀير آواز ۾ وسائي کي مخاطب ٿيندي چيو، “ڏس بابا! هيءَ ڪورٽ آهي، تون قبولداري ڏين نه ڏين وَس وارو آهين. قبولداري ڏين ته اها ڳالهه تنهنجي خلاف ڪم اچي سگهي ٿي، نه ڏيندين ته آءٌ وري توکي پوليس حوالي نه ڪندس. سڌو جيل موڪليندس، مون توکي ٻه ڪلاڪ سوچڻ جو ٽائيم ڏنو آهي، هاڻي ٻُڌاءِ تون پنهنجي رضا خوشيءَ سان قبولداري ڏيڻ چاهين ٿو ڇا؟”
    “ها سائين! آئون پنهنجي خوشيءَ سان قبولدار ٿيان ٿو.”
    ماجسٽريٽ 164 ڪپڪ جي سائن سان لاڳو شرطن جي پورت ڪندي چيو:
    “توکي ڪنهن لالچ يا دڙڪو ته ڪونه ڏنو آهي ته هرڀرو قبولدار ٿي؟”
    “نه سائين مون کي ڪنهن ڪجهه ڪونه چيو آهي، مون فقط غيرت ۾ اچي ڪيو آهي.”
    “ته ٻُڌاءِ تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟”
    وسائي پنهنجو بيان شروع ڪيو:
    “ڪارو فوتي امير بخش اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو، مون کي مٿس شڪ هو ته هُو منهنجي ماءُ سان ڪارو هو، گذريل سومر جي ڏينهن يعني 6 جون 1983ع تي آئون صبح جو سويل جاڳيس ته مون ڏٺو ته اندرين ڪمري ۾ هو منهنجي ماءُ سان گڏ سُتو پيو هو. آئون ڪهاڙي کڻڻ لاءِ موٽيس. ايتري ۾ هن کي مون ڏٺو ۽ هن مون کي ڏٺو ۽ هو پنجابيءَ جي ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو، آئون ڪهاڙيءَ سان کيس پُٺيان پيس ۽ ان ٻنيءَ تي وڃي کيس ڪهاڙيءَ سان ماريم ۽ پوءِ هڪدم آئون گهر آيس ۽ پنهنجي ماءُ کي ڪاري ڪري ساڳي ڪهاڙيءَ سان قتل ڪري ڇڏيم...”
    ٿورن ڏينهن کان پوءِ وري کيس ٻيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
    سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻي جي ريڊر کيس مٿس لڳايل ٻِٽي قتل جي تُهمت پڙهي ٻُڌائي.
    هن چيو، “آئون بي قصور آهيان، مون کي تهمت قبول ناهي.”
    “توکي وڌيڪ ڪجهه چَوڻو آهي؟”
    “آئون پنهنجي گهر هئس، آئون ٻنيءَ تي ويس، مون پنهنجي ماءُ مسمات ساران ۽ امير عليءَ کي زنا ڪندي ڏٺو، ٻئي اُگهاڙي حالت ۾ هئا، انهن کي ڏسي مون کي ڪاوڙ آئي، منهنجي هٿ ۾ ڪهاڙي هئي، جيڪا آئون عام طرح کڻي هلندو آهيان. امير علي ڪاري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، مون ڪاري کي ماريو، منهنجي ڌڪن هڻڻ ڪري هُو ڪري پيو. مون ڪاريءَ کي (پنهنجي ماءُ کي) به ٿڏي تي ماري ڇڏيو، مون ٻنهي کي سخت ۽ اوچتي اشتعال جي ڪري ۽ پنهنجي خانداني غيرت بچائڻ جي خاطر ماريو.”
    پوءِ شاهديون شروع ٿيون.
    پهرين فريادي يعقوب آيو، سندس شاهديءَ جو تت هيءُ هو ته جوابدار جو پيءُ مري ويو هو، سندس ماءُ ساران کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو هو پاڻ ۽ ٻيو هو ڀاڻس علي محمد. فرياديءَ جي ڀاءُ امير علي جو نڪاح مائي ساران سان ٿيڻ وارو هو. ان جي عيوض يعقوب پنهنجي ڌيءَ ساران جي پُٽُ علي محمد کي بدلي ۾ ڏيڻي ڪئي هئي. وسايو ان جي ڪري ماڻس تي ڪاوڙيل هو. هن اها ڇوڪري پاڻ لاءِ وٺڻ ٿي چاهي. ڇَهه جون 1983ع تي فجر جو فرياديءَ جي ڀاءُ امير عليءَ ديهه گاد ۾ ناليءَ جي کاٽي پئي کنئي ته صبح جو اَٺين وڳي وسايو مٿس ڪهاڙيءَ سان ڪڙڪيو ۽ ڪهاڙيءَ جو وسڪارو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيائين. اُن وقت فريادي يعقوب جو پٽ گل محمد جيڪو پنهنجي چاچي علي محمد جي نيرن کڻي ويو هو، سو به اچي اُتي سهڙيو. حقيقت ڏسي هن دانهون ڪيون، جنهن تي پاسي وارين ٻنين مان حڪيم ۽ رمضان ڊوڙي آيا، تن واقعو ڏٺو، پوءِ وسايو اتان ڏيڍ فرلانگ پنڌ ڪري ان جاءِ تي ويو جتان ماڻس ساران ٻنيءَ تي ڪم پئي ڪيو ۽ کيس ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيائين. گل محمد اها حقيقت ڊوڙي اچي پنهنجي پيءُ يعقوب سان ڪئي، جنهن سرزمين تي وڃي ٻنهي جا لاش ڏٺا ۽ اتان سڌو ڌامراهه پوليس ٿاڻي تي وڃي فرياد داخل ڪرايائين. اُن وقت صبح جا ساڍا نوَ ٿيا هئا. ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد ياسين بروقت جاچ شروع ڪئي. اي ايس آءِ شاهدي ڏيندي چيو ته فرياد داخل ٿيڻ شرط بروقت هُو سرزمين تي ويو. مُشيرن جي روبرو فرياديءَ جي ڏيکارڻ تي جاءِ واردات ڏٺائين. مُشيرنامو تيار ڪيائين. لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي موڪليائين. چئن ڏينهن کانپوءِ وسايو گرفتار ٿيو ۽ مشيرن جي روبرو هڪ کٻڙ جي وڻ هيٺان زمين مان رَتُ ۾ ٻڏل ڪپڙا ۽ ڪهاڙي ڪڍي ڏنائين.
    حڪيم شاهدي ڏيندي چيو، “مون پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم پئي ڪيو، رمضان به ان وقت اتي هو، مون يعقوب جي پُٽُ گل محمد جون دانهون ٻُڌيون ۽ آءٌ ۽ رمضان دانهن طرف ڊوڙندا وياسين. جڏهن اسين اُتي پهتاسين تڏهن جوابدار وسائي کي ڀڄندي ڏٺوسين. گل محمد رڙيون پئي ڪيون ۽ امير علي زخمي حالت ۾ پَٽَ تي پيو هو، جوابدار وسائي اسان کي چيو، ‘مون کي ويجها نه اچو، مون ڪارو ماريو آهي...’ فوتڻ مائي ساران واردات کان اٽڪل فرلانگ کن پري مُئي پئي هئي.”
    آڏي پڇا ۾ هن چيو ته، “فوتڻ ساران ۽ امير عليءَ جا پاڻ ۾ ناجائز تعلقات هئا، جوابدار وسائي کين خراب حالت ۾ ڏٺو ۽ قتل ڪيائين.”
    شاهد رمضان به ساڳي ڳالهه ڪئي. آڏي پڇا ۾ هن شاهد چيو، “اها ڳالهه برابر آهي ته مائي ساران ۽ امير عليءَ جا ناجائز تعلقات هئا، ان ڪري وسائي کين ڪارو ڪاري ڪري ماري ڇڏيو.”
    چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر دوست محمد پنهنجي شاهديءَ ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه به ڪئي ته، “فوتي امير عليءَ جو آنڊو کاڌي کان خالي هو.”
    ڪيس جي پوري ٿيڻ ۾ سڄا سارا ڇهه سال لڳي!
    22 جون1989ع تي لاڙڪاڻي جي ٻئي ايڊيشنل سيشن جج وسائي کي قتل جو ڏوهي ٺهرائي کيس موت جي سزا ڏني ۽ سزا جي تصديق لاءِ هاءِ ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪليائين. وسائي به موت جي سزا خلاف هاءِ ڪورٽ کي جيل مان اپيل موڪلي، جيڪا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪڙي ڊويزنل بينچ ٻُڌي. ڊويزن بينچ جا جج هئا مسٽر جسٽس عبدالرحيم قاضي ۽ مسٽر جسٽس قيصر احمد حامدي. پورن چوڏهن مهينن کانپوءِ 22 آگسٽ 1990ع تي ڊويزن بينچ ريفرنس ۽ اپيل ٻنهي جو فيصلو ڪيو. اهو فيصلو لکيو مسٽر جسٽس قيصر احمد حامديءَ. ڪورٽ اڳيان مُکيه سوال هو ته ٻن ڳالهين مان ڪهڙي ڳالهه سچي آهي. مسئلو ڪارو ڪاريءَ جو هو يا سڱ نه ملڻ ۽ ماءُ جي ٻئي نڪاح ڪرڻ جي فيصلي خلاف کائنس انتقام وٺڻ جو؟ جي واقعي بدران پنهنجين اکين سان ڪارو ڪاري ڏسي غيرت وچان ٻه قتل ڪيا هئا ته ان حالت ۾ کيس ڦاسي يا جنم قيد بدران گهٽ سزا ملڻي هئي. جي ڪارو ڪاريءَ جي آڙ وٺي ماءُ ۽ ٿيڻ واري مڙس کان انتقام ورتو ويو هو ته قاتل کي ڦاسيءَ کان گهٽ سزا جو ڪوبه قانوني جواز ڪونه هو.
    عام ماڻهن چواڻي انصاف جا ڪوڏيا جج صاحب “سونو قلم هٿ ۾ کنيو تخت سليمانيءَ تي ويٺا انصاف ڪن.” دراصل جج صاحبان پنهنجي سموري علم ۽ اڪابريءَ، پنهنجين سمورين برترين ۽ فضيلتن ۽ سونن قلمن ۽ سليماني تختن سميت ماڻهن جهڙا ماڻهُو آهن. هُو هن سماج جو حصو آهن ۽ ان جي سمورين روشن توڙي اوندانهين سماجي روايتن ۽ ذهني فڪري رَوَين ۽ تعصبن جي زَد ۾ رهندڙ آهن.
    سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ جو الزام معنيٰ ڪُتي کي پُڙي. ڪنهن ڪار-ڄڀي زبان مان ڪنهن جي نالي ڪاري يا ڪاريءَ جو اکر نڪتو ناهي ته اهو مڙس يا مائي ختم ٿي ناهي. ڄڻ مائرن انهن کي ڄائو ئي ڪونه هو. “ڪاري ڪاريءَ” جي ڪوڙي الزام کان وڌيڪ سَولو يا وڌيڪ هڻ-کڻ الزام سموري انساني سماج اڃا ايجاد ئي ڪيو ڪونهي. انهن الزامي اکرن ٻُڌڻ شرط ماڻهن جي اکين تي پردا چڙهيو وڃن. سندن دماغ مائوف ٿيو وڃي ۽ هُو هڪڙي لحظي ۾ عقلمند انسان مان ڦِري ڪجهه ٻيو ٿيو پوي، “ڪاري ڪاريءَ” جو الزام هڻي ماري ڇڏڻ جي روايت سماج جي شعور کي جنهن حد تائين متاثر ڪيو آهي، تنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن پنهنجن ڪيترن فيصلن جهڙوڪ غلام رسول جو ڪيس (جسٽس ڪارنيلس)، خداداد جو ڪيس (جسٽس انوارالحق) ۾ چيو آهي ته هن قِسم جو تصور هن ملڪ جي روايت جو حصو آهي. ان ڪري ان الزام جي حوالي سان ڪيل قتل جي ڪيس ۾ قتل کي ڦاسيءَ بدران ٻي هلڪي سزا ڏني وڃي. اهڙي سماجي سوچ ۽ عدالتن ۽ سماج جي ٻين شعبن تي ان سوچ جي وڌل اثرن جي ڪري “ڪارو ڪاريءَ” جي ڪاروبار جهڙو سستو سودو ٻيو ٿيندو ئي ڪونه. ڪاري ڪاريءَ جو الزام جو اکر وات مان ڪڍي ڀلي کڻي ست خون ڪري ڇڏجن، مجال آهي جو کڻي ڪو الف مان ب چوي. خود ماريلن جا ماءُ پيءُ ۽ ڀائر اکين بيٺا ڏسندا ته به هٿ وجهي ڇڏائڻ جي جرئت نه ڪندا. ڪو لاش کڻڻ وارو مشڪل سان ملندو، اول ته فرياد ٿيندو ئي ڪونه، جي ٿيو ته ڪو شاهد ئي ڪونه ملندو، جي في الحال مليو ته ڪورٽ ۾ ڦِري ويندو. گهڻو گهڻو ٿيو ته همراهه ٻه ٽي سال ڪاٽي وڏي رُعبُ تاب ۽ شان مانُ سان موٽي ايندو. دوست دشمن هرڪو چوندو، “ههڙو مٿير غيرتي مڙس ٿيو ئي ڪونه!”
    جسٽس حامديءَ پهريائين ته ان قانوني تقاضا جي پورائي ڪئي ته اهو باقاعدي نموني رسمي طرح طئي ڪيو وڃي ته ڪارو ڪاريءَ جي ناتي سان جنهن جوڙي کان زندهه رهڻ جو حق کسيو ويو هو تن کان زندگي ڪنهن کسي؟ هن جوابدار جو ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻي اڳيان ڏنل بيانن ڪيل قبولتن کان سواءِ ٻيا پنج ثبوت نوٽ ڪيا. (1) گل محمد جي شاهدي، (2) رمضان ۽ حڪيم اڳيان وسائي جي غيرعدالتي قبوليت، (3) فريادي يعقوب جي تائيدي شاهدي، (4) وسائي معرفت رُتَ ٻُڏل ڪپڙن ۽ ڪهاڙيءَ جو هٿ اچڻ، (5) 11 جون 1983ع تي ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ لاڙڪاڻي اڳيان ڏنل عدالتي قبولداري.
    هن فيصلو ڪيو ته اهي قطعي طور ثابت ٿا ڪن ته فوتين کي مارڻ وارو وسايو هو ۽ ٻيو ڪوبه نه.
    هن ٻيو سوال پڇيو، “هاڻ جيڪو سوال اُٿي ٿو، سو هيءُ آهي ته اپيل ڪندڙ (وسائي) ڄاڻي ٻُجهي سوچي سمجهي بي رحميءَ سان پنهنجي سڳي ماءُ سميت (جنهن جو ڪوبه نعم البدل ڪونهي) ٻن معصوم انسانن جو خون ڪيو يا هن کين خراب حالت ۾ ڏسي کيس پنهنجن جذبن کان بي وس ٿي ائين ڪيو؟ پنهنجو پاڻ ئي جواب ڏيندي هن نوٽ ڪيو ته (1) ساران جو لاش امير عليءَ کان ڏيڍ فرلانگ پري پيل هو، جي اهي ٻئي گڏ هئا ته جيتري دير ۾ وسائي امير عليءَ کي ڪيرايو، ايتريءَ دير ۾ ساران ڏيڍ فرلانگ پري وڃي ڪانه سگهي هوندي، (2) ٻنهي لاشن کي ڪپڙا پاتل هئا، (3) جوابدار جا مختلف بيان هڪٻئي سان اڻ ٺهڪندڙ هئا، (4) جاءِ واردات بابت مشير کان ڪابه اهڙي آڏي پڇا ڪانه ڪئي وئي هئي ته اتي ڪي به اهڙا وڻ ٻوٽا هئا، جتي فوتي ڪو جنسي فعل ڪري سگهن ها، (5) ڊاڪٽر دوست محمد جي شاهديءَ مطابق فوتي امير عليءَ جو پيٽ کاڌي کان خالي هو. هن اڃا نيرن ڪانه ڪئي هئي. ان ڳالهه گل محمد جي ڳالهه کي ٽيڪو ٿي ڏنو.
    ٻن شاهدن رمضان ۽ حڪيم پنهنجي آڏي پڇا ۾ ڪاري ڪاريءَ واري ڳالهه جي پٺڀرائي ڪئي هئي. جج انهن بيانن کي اهميت ڏيڻ نه ٺهرايو ۽ چيو ته اهي جوابدار کي بچائڻ لاءِ ڏنا آهن.
    شاهديءَ جي ان پاسي جي سلسلي ۾ هن اٽڪل پاءُ صدي اڳ نئين ڪوٽ، تعلقي اوٻاوڙي ضلعي سکر ۾ ٿيل هڪڙي قتل جي ڪيس جو حوالو ڏنو، جيڪو پاڪستان ليگل ڊسيشن نالي قانوني رسالي جي سال 1964ع واري اشاعت جي صفحي 437 تي ڇپيو هو. تن ڏينهن ۾ ون يونٽ هو، مغربي پاڪستان يڪو صوبو هو ۽ ان جي گڏيل هاءِ ڪورٽ يعني مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ هئي، ان هاءِ ڪورٽ جي ڪراچي بينچ جي جنهن ڊويزنل بينچ هن ڪيس جي اپيل جو فيصلو ڪيو هو، ان جا جج صاحب هئا اي ايس فاروقي ۽ نانا غلام علي. ان ڪيس ۾ چيو ويو هو ته هڪڙي ماڻهُوءَ کي ٻاهران ڇڪي اڱڻ ۾ آندو ويو. وري هڪڙي مائيءَ کي گهر منجهان گهلي ساڳئي اڱڻ ۾ آندو ويو، ٻنهي کي گڏي ڪارو ڪاري ڏيکاري قتل ڪيو ويو هو. جوابدار جي وڪيل اعتراض ڪيو هو ته ٻاهرين ماڻهُوءَ کي جي هرو ڀرو مارڻو هو ته ٿڏي تي ئي ڇو نه قتل ڪيو ويو؟ اندر گهلي ڇو آندو ويو؟ ڪورٽ جي فتويٰ لکندي جسٽس فاروقيءَ چيو هو ته، “جي ائين نه ڪيو وڃي ها ته پوءِ سنئين سڌي قتل کي هٿرادي نموني ڪاري ڪاريءَ جو واقعو ڏيکاري سزا کان پاڻ بچائي نه سگهجي ها.” ڪورٽ چيو هو: “اهڙا ڪيس معلوم ٿيا آهن، جتي ماڻهُوءَ کي ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪري کيس ڪنهن عورت جي گهر ۾ يا ان جي ڀرسان آندو ويو آهي ته ڪيس ۾ قاتل طرفان چئي سگهجي ته مون کي اوچتو سخت غيرت وٺي وئي. اهو پڻ معلوم ٿيو ته جتي قتل دشمنيءَ سبب ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سان عورت ذات جو واسطو ئي نه هوندو آهي، اتي به هڪڙي عورت کي ماري جنسي ڏوهه جو ڏيکاءُ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اوچتي سخت غيرت جو بهانو ڏيئي سگهجي.
    تنهن ڪري اها ڳالهه ته:
    .... (ان ڪيس ۾ قتل ڪيل مرد) کي ٻاهران گهٽيءَ مان گهلي اندر آڻي ماريو ويو ۽.... (ان ڪيس ۾ قتل ڪيل عورت) کي به گهر مان ڪڍي اڱڻ ۾ آڻي قتل ڪيو ويو، سا ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي. ڇو ته هيءُ بدقسمتيءَ وارو غيرت جو وحشي تصور ۽ ان جي آڙ ۾ ڪوڙا سچا غيرت جا عذر ڏيئي بي گناهه ماڻهُو ماري ڇڏڻ جو دستور هن ملڪ ۾ عام آهي.” (پي ايل ڊي 1964ع م پ ڪراچي 338) ان ڪيس ۾ جوابدار جو وڪيل مسٽر اي ڪي بروهي هو.
    هن ڪيس ۾ جسٽس قيصر احمد حامديءَ چيو ته، “ان سڄي بحث جي روشنيءَ ۾ اهو ثابت ٿئي ٿو ته جوابدار خُون ڪيا آهن ۽ ايڊيشنل سيشن جج کيس جائز طرح ڏوهي ٺهرايو آهي، حالانڪه ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جوابدار جي ڪيس جي پُٺڀرائي ڪئي آهي.”
    سزا جي سلسلي ۾ هن چيو ته، “جوابدار سوچي سمجهي هڪ وحشياڻو قتل ڪيو آهي ۽ ان کي غيرت جو ڪوڙو رنگ ڏنو ويوآهي ۽ ائين ڪرڻ لاءِ هن خود پنهنجي ان ماءُ کي قتل ڪيو آهي، جنهن کيس ڄڻيو نپايو آهي. تنهن ڪري کيس سزا ۾ رعايت ڪرڻ جو ڪوبه جواز ڪونهي. ان ڪري سندس ڦاسيءَ جي سزا قائم رکجي ٿي. سندس اپيل رد ڪجي ٿي ۽ ايڊيشنل سيشن جج جو موت جي سزا جي تصديق لاءِ موڪليل ريفرنس قبول ڪجي ٿو.”
    ٻئي جج جسٽس عبدالرحيم قاضيءَ ان فيصلي سان اتفاق ڪيو.
    (هيءُ فيصلو پي ايل ڊي (پاڪستان ليگل ڊسيشنز) “پاڪستان جا قانوني فيصلا” نالي انگريزي قانوني رسالي جي سال 1990ع واري پهرئين جُلد جي صحفي 234 تي ڇپيل آهي. جوابدار، فوتين ۽ سندن ڳوٺ وارن شاهدن جا نالا بدلايا ويا آهن. اصل نالا مٿي ذڪر ڪيل ڇپيل فيصلي ۾ لکيل آهن. ٻين شاهدن جا نالا ساڳيا ڏنا ويا آهن.


    سانگوٽا ۽ ستيون

    بابا کي اچي شوق جاڳيو ته، ‘پُٽ کي پڙهائيندس.’ مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته، بابا منهنجي ڏٻري جسم ڏانهن نهاريندي چوندو هو ته، “منهنجي نظر جو بدن کاٽي کڻڻ جهڙو ناهي، نه وري هن کي زميندارن جا ميهڻا سهڻا آهن. هن کي پڙهائيندس، مَن ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهڻ جهڙو ٿي پوي!’ تڏهن آءٌ سوچيندو هوس ته برابر کاٽي ته مون کان ڪانه کڄندي پر زميندار گاريون ڇو ڏيندو؟ اڃا ڇهين (نائين) درجي انگريزيءَ ۾ هوس ته بابا گذاري ويو، جيئن تيئن ڪري مئٽرڪ پاس ڪيم ۽ ڪلارڪي ملي ويم. قسمت سانگي چڱي ٽيبل ملي هئي. چوڻ آکڻ واري پهر ڪانه هئي. مفت جو پئسو، خوب عيش ڪيم، پر ايڏي عيش هوندي به آرام ڪونه هو، صبح جو سوير آفيس وڃڻ شرط صاحب گهرائي بيعزتي ڪندو هو، پنهنجي حصي کان گهڻو کڻندو هو، تڏهن به راضي ڪونه ٿيندو هو،جڏهن خوش هوندو هو ته چوندو هو، “هميشه يه اُصول ياد رکو، کائو اور غُرائو.” اهو اُصول پنهنجي سنڌي ڀائرن تي ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، پر هڪڙي چوڌريءَ سان ٿو ٽڪران، تنهن ڪم ڪڍي، اهڙو ڌڪ ڏنم جو نوڪري ته وئي پر جان به مس مس ڇُٽي. پاڇي رقم ڊوڙن ڊُڪن ۾ ختم ٿي وئي. ڏاڍو پريشان ۽ محتاج ٿي پيس. اڃان اهو ڌڪ پچايم ئي ڪونه ته مٿان ٻيو ڪاپاري ڌڪ ٺڪاءُ ٿي ويم. ذڪيا سان ڪافي عرصي کان مثالي تعلقات هئا.
    روئي روئي پنهنجي پيار جو اعتبار ڏياريندي هئي، آءٌ کيس هفتي ۾ ٻه ڀيرا ريشمي گهٽيءَ ۾ خريداريءَ لاءِ وٺي ويندو هوس، جتي ڀيري ڀيري ٻه ٽي سَؤ روپيا ڳاريندو هوس. ان هڪڙي ڏينهن اوچتو اهو جواب ڏيئي موٽائي ڇڏيو ته، “منهنجو خالا زاد ڀائي برما مان اڄ پهتو آهي، هفتي ۾ اسان جي شادي ٿيڻ واري آهي. تون مهرباني ڪري آئيندي هيڏانهن نه ايندو ڪر!” پنهنجي مثالي ۽ وڏي قيمت ڏيئي حاصل ڪيل پيار کي هيئن پرزا پرزا ٿيندو ڏسي منهنجون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي رهجي ويون، انهن بي عزتين، بدنامين، ناڪامين ۽ بيروزگاريءَ جي ڳڻتين منهنجو اڌ مٿو اڇو ڪري ڇڏيو. ڪا آٿت واري به پَهَرَ نه هجي.
    سائين وڏي کي منٿون ڪري سفارش ڪرايم، صاحب سنڌي ماڻهُو هو ، 500 روپيا ورتائين. سنڌي ماستر جو آرڊر مليو. وڃي نوڪريءَ تي چڙهيس. ماني وڏيري جي گهران ملندي هئي. وڏيري جي اوطاق تي وڏن وڏن عملدارن جون مهمانيون ٿينديون هيون، منهنجو ڪم هوندو هو معزز مهمانن جي خدمت چاڪري ڪرڻ. ڪجهه ڏينهن ۾ معلوم ٿيو ته مهمانن جي خدمت منهنجي وَسَ جي ڳالهه ڪانهي. هڪ نه ٻئي ڏينهن جيپ تي چڙهي وڃي شهر مان رنون وٺي اچڻ ۽ جي تڪڙ هجي ته هارياڻين مان پُورت ڪرڻ لاءِ ڪمدار کي چوڻ منهنجي ڊيوٽي ٿي پيئي، ان هوندي به وڏيرو جڏهن جلال ۾ ايندو هو ته مون کي ڏاڍيون گاريون ڏيندو هو. مون آهستي آهستي اوطاق تي وڃڻ بند ڪري ڇڏيو.
    آخر ٻي وِندر نه ڏسي اوتاري ۾ وڃي موالين سان ڪچهري ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن ۾ انهن سان هري مري ويس. هڪ ڏينهن خُدو موالي هڪ رسالو ڪڍي مون ڏانهن وڌائيندو چيو، “ماستر صاحب! هيءُ ته پڙهي ڪچهريءَ کي ٻُڌائجو!” آءٌ هميشه اردو ناول ۽ ڊائجيسٽون يا سنڌيءَ ۾ “ڪوڪ شاستر” يا “شاديءَ جا ڳُجهه” جهڙا لذتي ڪتاب پڙهندو هوس. سو پهرين ته هي سنڌي رسالو مون کي سمجهه ۾ نه اچي. آهستي آهستي سمجهڻ جي ڪيم. تڏهن پتو پيو ته هي ڇورا “سنڌ! سنڌ!” ڪريو ڇو پيا رڙيون ڪن ۽ ٻَڌجن. اها به سُڌ پيم ته ووٽ ان لاءِ وٺبا آهن ته اهو فيصلو ٿئي ته ايندڙ پنج سال غريب ماڻهن کي ڦُرڻ، ٻَڌڻ ۽ دٻائڻ جو وارو وڏيرن جي ڪهڙي ٽولي کي ملي.
    ٻيون به ڪَئِين ڳالهيون معلوم ٿيون، ڪَئِين راز کُليا.
    آءٌ هارين کي ڪتاب ۽ رسالا پڙهيو ٻُڌائيندو هوس. پوءِ بحث ٿيندا هئا، موالي سُلفيءَ جو سوٽو ڀري ڏاڍي نماڻائيءَ سان ڏک سُک اوريندا هئا. ٻيا به پيڙهيل اچي گڏبا هئا، ڪچهري مچڻ لڳي. هاري به گسين پنڌين پيا خبرون ڏيندا وٺندا هئا.
    هڪڙي ڏينهن ٻار ويٺي پڙهايم ته پوليس جي گاڏي ڀرجي آئي. ان ۾ ٻه وڏا آفيسر ۽ ويهارو کن سپاهي هئا. هُو اسڪول کي چؤطرف ڦِري ويا، رائفلن جو مُنهن ڪلاس ڏانهن ڏسي چيم: “خدايا خير!” سمجهيم ته شايد اسڪول جي آس پاس ٽوهه چانڊيو يا مراد علي جت جهڙو ڪو ڌاڙيل اچي لِڪو آهي، پر جڏهن صوبيدار رعبدار آواز ۾ چيو، “هٿ مٿي ڪر! تون D.P.R (پاڪستاني بچاءَ واري قانون) هيٺ گرفتار آهين.” دل ۾ سوچيم ته “موالين سان ڪچهريءَ ۾ پاڪستان کي خطرو ڪيئن ٿيو؟”
    پوءِ مون کي خبر پئي ته مون تي ملڪ دشمني، بغاوت، ٻارن کي حڪومت خلاف اُڀارڻ ۽ ڪفر جي پرچار ڪرڻ جهڙا سنگين الزام هئا.
    هفتي کن کان پوءِ زال ملاقات تي آئي. ٻارن جي خبرچار پڇيم. چيائين: “پرواهه نه ڪر! سڀ ٺيڪ آهي!”
    چيم، “سو وري ڪيئن؟”
    چيائين: “تو وارا هاري ۽ موالي يار تنهنجي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ اڌ اڌ مڻ اَن جو ڪري، ڏهه مڻ اَن، هڪ ڍڳي ٻارن جي کير پيئڻ لاءِ، ڪاٺين جي گاڏي ۽ پنجاهه روپيا خرچ پکي لاءِ روڪڙا ڏيئي ويا. روز حال احوال وٺڻ ايندا آهن.”
    اها ڳالهه ٻُڌي سوچيم، “پنهنجن کي ڦُري پئسا گڏ ڪري عيش واري زندگي گذارڻ ڄڻ ته ڇلرن جو واپار هو. هي آهي اصل واپار قوم جي عوام سان پيار ڪرڻ ۽ سندن پيار جا ماڻڪ ۽ موتي حاصل ڪرڻ!”
    زال دلداري ڏيئي ويندي رهي ۽ آءٌ هي شاهه جو بيت جهونگاريندو وڃي کٿي تي ليٽيس:
    سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
    ڇلر جي چوئين، تن سانگوٽا ۽ ستيون.

    ماهوار تحريڪ نومبر 1983ع


    ڏوٿي سا ڏورين

    ڪنڊو طبيعت جو ماٺيڻو هو؛ ڪچهريءَ ۾ سڀ ڳالهائيندا آهيون، پر هي همراهه رُڳو ٻُڌندو هو. جنهن ڪري ڪنهن کي به ڪنڊي جي اندر جي سُڌ نه پئي ته هو ڇا پيو سوچي. پڻس جي مرڻ کان پوءِ سندس ڏاڏي کيس لاڏ ڪوڏ سان پاليو، پر ماستر جي مار کان کيس غيرت آئي، ڪنڊي کي اسڪول ڪونه موڪليائين.
    هينئر پاڻ جواڻ آهي، ته ڏاڏس مرڻ ڪنڌيءَ تي. اباڻي بلاڪ کن زمين هيس، پر ون يونٽي دؤر ۾ چوڌري اشرف پنهنجي ذات وارن هارين سميت اچي ڪڙڪيو ۽ چيائين ته، “مون ڪليمينٽ کان خريد ڪئي آهي.” هيءُ مسڪين وَس آهر ڏاڍو ڊوڙيو ڊُڪيو، مگر چوڌري اثر وارو ماڻهُو آهي. هن کي جواب مليو ته، “توهان جي زمين گرويءَ ۾ واڻين وٽ هئي، جيڪا هينئر ڪليم ٿي ۽ چوڌريءَ خريد ڪئي!”
    ڪنڊو پنهنجي اباڻي ٻنيءَ تان لوڌجي، ڪڏهن ماستر عثمان جي ٻني ڪندو هو، ته ڪڏهن نظاماڻين وٽ. هينئر هو رئيس جانڻ خان وٽ پنهنجي جوڙي تي هاري آهي. رئيس ساڳئي ڳوٺ ۾ ذات وارو هوس. هن سال بصرجو اگهه سُٺو ٿيو. رئيس بصر ٺيڪيدار کي ڏيئي، ٻيئي حصا “هاري ۽ زمينداري” کڻي وڃي لطيف آباد ۾ بنگلي لاءِ پلاٽ خريد ڪيو ۽ مزورن عيوض هارين کي وٺي ويو. ڪنڊو به ويو، جتي کيس سيمينٽ جون تغاريون کڻايائون. جنهن ڪري سندس هٿن جي تِرين جون کلون لهي ويون ۽ ٺونٺين تائين ٻانهون ڦاٽي پيون. همراهه ڏهه پندرهن ڏينهن ڪم کان ويهجي ويو.
    خير ڪنڊي جا هٿ ڇُٽي ويا. ڪنڊي ڪنهن سان به شڪايت نه ڪئي. پنهنجي ڌُن ۾ رهيو، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هو. زميندار وري ٽيوب ويل جي کوٽائيءَ ۾ ونگار سڏي، ته ڪنڊي جواب ڏنو ۽ ٻين کي به منع ڪيائين. رئيس کي جا خبر پيئي، ته هي پاڻ ته نمڪ حرام ٿيو ۽ ٻين کي به هاڻ کاريندو وتي، تنهن ڪنڊي کي قرض کڻائڻ بند ڪري ڇڏيو، وونئڻن لاءِ نه پورو پاڻي ڏنائينس نه ڀاڻ، جنهن ڪري هن جو فصل سُٺو نه ٿيو، پر ڪنڊي کي ڄڻ ته پرواهه ئي ڪانه هئي.
    هڪ ڏينهن ڪمدار ڏنو خان (جنهن کي سندس پاڙي جي ٻن چئن گهرن تازو پٽيليءَ پڳ ٻڌرائي هئي) ڪنڊي کي سڏڻ آيو ته، “توکي رئيس ٿو سڏي.” هن چيو ته، “تون هل ته آءٌ اچان ٿو.” ڪمدار الائي ڪهڙا وڃي مرچ ملايا، جو ڪنڊي جو پهچڻ ۽ رئيس مٿس گرم ٿي ويو. ان وقت ڪنڊي، رئيس جانڻ ۽ ڪمدار کان سواءِ اوطاق ۾ ٻي ڪا پَهَر ئي ڪانه هئي. رئيس نڪا ڪئي هم نڪا تم، اچڻ شرط اچي ڪنڊي کي ورتائين، ڪنڊي به ڏنس ڌِڪو ته رئيس وڃي اونڌو ٿي ڪريو، ڪنڊو سٽ ڏيئي ٻاهر هليو آيو.
    هاڻي هڪ پاسي رئيس ڪنڊي کان جان ڇڏائڻ ۽ کيس نقصان رسائڻ جا طريقا ڳولهڻ لڳو ته ٻئي پاسي ڪنڊي جي چاچن، مامن ۽ فائنل پاس ماستر اچي کيس ورايو ته، “ميان ڇڏ ٻني، رئيس جبل آهي، ان سان ٽڪر کائي پنهنجو مٿو ڪونه ڦاڙائبو.” ڏاڏس به هدايت ڪيس ته، “ابا هن عمر ۾ ٿاڻو نه ڏيکارجانءِ....!” پنهنجي مُنهن ڀڻڪندي چيائين ته، “ٻنيون مليون ته ڪونه، باقي هو هارپو، سو به ويو. اسان جي ته الله به ڪونه ٿو ٻُڌي، ته ماڻهن جي واعدن جو ڪهڙو ڀروسو...!” هو مُنجهي پيو. هن کي پنهنجي ڪمايل ۽ تيار ٻني ڇڏڻ تي دل ئي نه وري، پر ڇا ڪري!؟
    آخر ڪنڊو ورڪر خدا بخش سان مليو، جيڪو ميرن،پيرن ۽ وڏيرن کي گاريون ڏيندو هو ۽ اليڪشن ۾ زبردست ورڪ ڪيو هئائين. ايترو جو ٻئي پاسي جيان هتي به سندس پارٽي ڪامياب ٿي. ان کان پوءِ، جن وڏيرن کي خدا بخش گاريون ڏيندو هو، انهن هن جي حڪومت سان ملي، هن جا ڍڳا چوري ڪرايا. هيءُ ڏاڍو ڦٿڪيو پر ڪنهن کنگهيس به ڪونه، تنهن به ڪنڊي کي چيو ته، “مون کي سائينءَ چيو آهي ته، اسان جي حڪومت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪيئي ٺاهه ٺاهيا پيا وڃن، پڪ توکي رئيس زرعي اصلاحات کي ناڪام بڻائڻ لاءِ بي دخل ڪيو آهي، پر هيءُ وقت صبر جو آهي. دانهن ڪرڻ معنيٰ حڪومت کي ڊاهڻ، تنهن ڪري ترسو. اسان کي ڪجهه وقت گهرجي.” پر ڪنڊي چيو ته، “ادا! آءٌ ته ترسان، پر بُک، بيماري ۽ بيڪاري مون کي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، آءٌ ڇا ڪريان؟”
    ائين چئي ڪنڊو اُٿي ويو. باقي هن کي معتبر مولوي ٿي سُجهيو. سو لنگهي ويو مسجد ۾. مولويءَ هن کي ايندو ڏسي وٺي ڏاڍيان تلاوت شروع ڪئي، پرڪنڊو ويٺو رهيو. نيٺ مولوي صاحب ٿَڪو، ته ڪنڊي پنهنجو احوال ٻُڌايس، ته وراڻيائين، “خدا ڪنهن تي به سهپ کان وڌيڪ بار نٿو وجهي. صبر ڪر ۽ هن ناشڪريءَ وارن ڪمن کان توبهه ڪر. بندو ڪجهه نٿو ڪري سگهي.”
    پر ڪنڊي تي مُلي جي حديثن ۽ قسمت جي ذلت جي دليلن ڪو اثرڪونه ڪيو، ۽ هيئن چوندي اُٿيو ته، “اوهين سڀ رئيس جا دلال آهيو، اوهين سڀ ٺڳ آهيو. پاڻ رئيس جي ماني کايو، ٻين کي ماني ڪمائي کائڻ جي رستن کان ويٺا ٿيڙيو.”
    اُن کان پوءِ ڪنڊو ماٺيڻي مان ڦري ڳالهائڻو ٿي پيو. پنهنجن هاري ڀائرن سان هر هنڌ پيو ڪچهريون ڪندو هو. انهن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو ۽ کين پنهنجون ڳالهيون ٻُڌائيندو هو. هوائي ڳالهين، اوائي ڳالهين ۽ توائي ڳالهين کان پاسو ڪندو هو ۽ ٻين کي به انهن کان جهليندو هو. “هارين جي ٻَڌي، هارين جي ٻَڌي، هارين جي ٻَڌي”، اهي ئي سندس ڳالهيون هونديون هيون ۽ اهي ئي سندس نعرا هوندا هئا.
    اڄ رجوءَ ٻُڌايو ته ڪالهه ڪنڊي جي ونگار هئي، جنهن ۾ آسي پاسي جا 80 جوڙا هئا، رئيس خاص پنهنجن هارين کي وڙهڻ لاءِ چيو. هنن گڏجي وراڻيو ته، “اسين پنهنجي هاري ڀائرن سان نه وڙهنداسون.” رئيس مجبور ٿي پيو. لاچار ٺاهه جي موڊ ۾ آيو، پر پنهنجي اندر جي شڪست جي باهه کي لڪائيندي، ڦِڪي مُرڪ مُرڪندي سڀني کي چيائين ته، “ابا ڪنڊو منهنجو ٻچو آهي، ٻار مائٽ پاڻ ۾ وڙهندا ۽ ٺهندا آهن. اڄوڪي ونگار ڪنڊي جي نه پر منهنجي آهي. هن کي ڀت آءٌ کارائيندس!” اتي ڪمدارن ٿوري پاڻ ۾ سُس پس ڪئي، پر رئيس ڪاوڙجي، مُنهن ورائي اک ڀڃي چين، “بس ڪريو ڪُتا! اوهان ته مون کي ڪنڊي سان ٿا ويڙهايو، اوهين سڀ ٺڳ آهيو...”

    ائين ڪنڊو پنهنجن سڀني هارين ڀائرن کي پاڻ سان ملائي، منجهن هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو مادو پيدا ڪري ۽ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ جو رستو ڏيکاري، رئيس جانڻ خان ۽ سندس پاليل ڪاٽڪو ڪمدارن جي دٻدٻي ۽ لتڙ کان سڀني کي ڪجهه قدر ويساند ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر ڪنڊي جو اصل ڪم اڃا اڳتي هو ۽ هو پنهنجو اُهو ڪم اڳي کان به وڌيڪ جوش سان ڪندو رهيو.
    سيپٽمبر 1984ع


    ڪئٿرائين دُنِيا جو سير ڪيو

    يورپ جي نقشي تي نظر وجهبي ته هڪ طرف روس جهڙا اجگر ملڪ ڏسبا ته ٻئي طرف البانيا ۽ بيلجم جهڙا ننڍڙا ملڪ به نظر ايندا، انهن ننڍن ملڪن ۾ سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي لڪسمبرگ. جرمني، فرانس ۽ بيلجم جي وچ ۾ هيءُ فقط هڪ هزار چورس ميلن جي ايراضيءَ ۽ 30 لک ماڻهن جي آدم شماريءَ جو پتڪڙو ملڪ آهي. ماڻهُو اڪثر جرمن نسل جا آهن. زالون مڙس محنتي، جفاڪش ۽ دلير آهن.
    ڪئٿرائين سال 1941ع ۾ ڄائي، جڏهن سڄو يورپ نازي جنگ جي شُعلن ۾ سڙيو پئي، هن اوائلي تعليم پنهنجي وطن لڪسمبرگ ۾ ورتي. هن ننڍڙي ملڪ جي ننڍڙي ڇوڪريءَ جي دل ۾ ننڍپڻ کان الائي ڇو هڪڙي زبردست خواهش پيدا ٿي. سندس آرزو هئي، ته ڪنهن ڏينهن، ڪنهن وڏي ملڪ، ڪنهن وسيع دُنِيا، بلڪه سڄيءَ دُنِيا جو سير ڪريان. هن رُڳي ٺلهي خواهش نه ڪئي، پر پنهنجي زندگي، ان خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.
    لڪسمبرگ مان اخبار نويسيءَ ۾ ڊپلوما وٺي، هوءَ سئزرلينڊ جي غيرملڪي ٻولين جي ڪاليج ۾ داخل ٿي. سندس مائٽ مسڪين هئا. پڙهڻ جو خرچ ڪجهه مائٽن جي مدد سان ۽ ڪجهه سرڪاري اسڪالرشپ مان پورو ڪندي هئي، ان کان سواءِ هوءَ جرمنيءَ ۽ لڪسمبرگ جي اخبارن لاءِ مضمون لکي اتان به ٿورو گهڻو ڪمائيندي هئي. هوءَ اها ٻاهرين اُپت بچائي رکندي ويندي هئي. اڄ کان پورا ٻه سال اڳ، يعني سيپٽمبر 1964ع ۾ هن پنهنجي آرزو پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سندس عمر ان وقت 23 سال هئي.
    هوءَ پاڻ سان هڪ بئگ ۽ هڪڙو وڏو ٿيلهو کڻي لڪسمبرگ کان اڪيلي سِرُ رواني ٿي. فرانس مان بحري جهاز ۾ چڙهي ائٽلانٽڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو ڏيئي، جبرالٽر وٽان ڦري، ڀونوچ سمنڊ پار ڪري، هوءَ اٽليءَ جي نيپلس شهر ۾ پهتي. اتان وري بحري جهاز رستي، اوڀر طرف مصر جي اسڪندريه بندر تي آئي. اتي ڪجهه ڏينهن رهي، جهاز رستي اُتر طرف لبنان جي تخت گاهه بيروت آئي. بيروت کان خشڪيءَ رستي شام، اردن، عراق لتاڙي ٻن مهينن کانپوءِ ڪويت پهتي، اهو خشڪيءَ جو سفر هن بِنا ڀاڙي ڪيو. هوءَ پنهنجي بئگ هٿ ۾ ۽ وڏو ٿيلهو هٿ ۾ وجهي، رستي تي اچي بيهندي هئي، اڳتي ويندڙ ڪارن مان ڪونه ڪو مهرباني ڪري، کيس ڪجهه منزل اڳتي پهچائي ڇڏيندو هو، پوءِ وري اڳتي، وري اڳتي.
    يورپ ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن وٽ جام ڪارون آهن ۽ غريب مسافر اڪثر ائين ڪندا آهن.
    ڪويت کان هوءَ هوائي جهاز ذريعي ايراني نار جي شهر دبئي مان ٿيندي، 12 مئي 1956ع تي هوءَ ڪراچي پهتي.
    ڪراچيءَ ۾ چار ڏينهن ترسڻ کانپوءِ، هوءَ روڊ رستي ٺٽي آئي ۽ مڪليءَ جون تاريخي جايون ڏٺائين. پوءِ هوءَ موهن جي دڙي وئي ۽ 7 ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ منزل ڪيائين. لاڙڪاڻي مان ٽرين رستي سفر ڪري 24 مئي تي 3 وڳي شام جو روهڙي پهتي. اتان روڊ رستي لاهور وڃڻ جو ارادو هوس.
    هوءَ ٽرين مان لهي شاهي روڊ تي وڃي بيٺي، کيس اميد هئي ته بيروت کان ڪويت واري سفر وانگر، روهڙيءَ کان لاهور جو سفر بِنا ڀاڙي ٿي سگهندو. ڪو نه ڪو موٽر وارو مهرباني ڪري اڳتي وٺي هلندو.
    ڏهن منٽن کانپوءِ سندس اميد پوري ٿي، هڪ جيپ آئي، منجهس ٽي ڄڻا ويٺل هئا، سندس هٿ ڏيڻ تي جيپ بيٺي. “معاف ڪجو، جي لاهور طرف ويندا هجو ته مون کي مهرباني ڪري چاڙهي هلو.” هن کين انگريزيءَ ۾ منٿ ڪئي. منجهانئن هڪڙي چيو، “اسين هتان 20 ملي اڳتي پني عاقل تائين وڃون ٿا. اوستائين هلين ته اکين تي کڻي هلون.” ڪيٿرائين سندن ٿورو مڃي جيپ ۾ چڙهي.
    جيپ ۾ ويٺلن ۾ هڪڙو پي ڊبليو جو ايس ڊي او، ٻيو اوورسيئر ۽ ٽيون ڊرائيور هو. اسان کي سندن صحيح نالا اچن ٿا، پر نالن ۾ ڇاهي؟ اچو ته ايس ڊي او کي کڻي ڪمال الدين سڏيون. اوورسيئر کي نظير سڏيون. باقي ڊرائيور جو نالو اصلوڪو ئي ٿا کڻون- عبدالعزيز.
    نظير اڳين سيٽ تان اُٿي ڪيٿرائين کي جاءِ ڏئي پاڻ پوئين سيٽ تي وڃي ويٺو. ڪمال الدين ۽ ڪئٿرائين اڳيان ويٺا. 20 ميل خبرن چارن ۾ گذري ويا. ڪمال الدين چيس ته جي رات پني عاقل ۾ رهي پوين ته سڀاڻي آءٌ 100 ميل اڳتي وڃڻو آهيان. توکي به کنيو هلندس. ڪئٿرائين پڇيو ته پني عاقل ۾ ڪو ريسٽ هائوس آهي؟ ڪمال الدين چيس ته هائو. تنهن ڪري هوءَ رات رهي پوڻ تي تيار ٿي.
    هُو 4 وڳي شام جو پني عاقل پهتا. جيپ هڪڙي باغ ۾ وڃي بيٺي. باغ ۾ ٻه گهر هئا، هڪڙو چيائون ته ريسٽ هائوس ۽ ٻيو ڪمال الدين جو گهر. ڪمال الدين ڪئٿرائين کي صلاح هنئي ته ڪجهه دير منهنجي گهر هلي ويهه. ڪئٿرائين خوشيءَ سان هلي.
    “وسڪي پيئندؤ يا بيئر؟” ڪمال الدين پڇيو، کيس مغربي ماڻهن جي عادت جي خبر هئي، ته ٿَڪ لاهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پيئندا آهن. ڪئٿرائين چيو ته بيئر ٺيڪ ٿيندو. ٻنهي بيئر پيتو. نظير موڪلائي هليو ويو.
    ڏسجي ته ڪمال الدين اتفاق سان هڪ رنگين مزاج ايس ڊي او هو. معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ سلسلي ۾ هُو ڪو سيکڙاٽ ڪونه هو. کيس انهيءَ سفر جي سمورين لاهين چاڙهين جي خبر هئي.
    بيئر پيئندي، هن کي پنهنجي بخت تي ناز ٿيڻ لڳو. هزارين ميلن کان ڪهي آيل هيءَ جرمن نازنين، ڄڻ ته قدرت طرفان سُوکڙي طور وٽس موڪلي وئي هئي. هن سوچيو: “هتي جي شڪارن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيڏو اوسيئڙو، ڪيڏي ڪوشش، ڪيئن لڪ ڇپ ڪرڻي ٿي پوي! ڪيترا ساوا نوٽ قربان ڪرڻا ٿا پون!” هيءَ ڀوري ڀوري، ڳوري ڳوري شهزادي ست سمنڊ پار ڪري ڪنهن اڻ ڏٺل ڏور ۾ ڇڪي، پنهنجو پاڻ اچي سندس هنج ۾ ڪري هئي. هن سندس چهري ۾ چتائي ڏٺو. بيئر سندس اکين ۾ هلڪو خمار ڀري ڇڏيو هو. سندس ڳل باهه جي اُلن جهڙا لال ٿي ويا هئا. صاف ظاهر هو ته هوءَ بلڪل آزاد خيال هئي ۽ ڪوبه حجاب ڪونه هوس. ڪمال الدين جو هرڪو چوڻ مڃيائين ٿي. اجايو ڊڄڻ بيڪار هو. رازي، زر يا زور- ڪنهن نه ڪنهن مان ڪم ٿي ويندو. هن ڪرسي سيري ڪئٿرائين جي ويجهو ڪئي. هوءَ ڏانهس ڏسندي مرڪندي رهي. هن وڌي سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي کيس چيو: “هڪڙي چُمي!” ڪئٿرائين مُرڪي انڪار طور ڪنڌ لوڏيو. اهڙا انڪار هن گهڻي ئي ٻُڌا هئا، هن وڌي کيس ڀاڪر پاتو. ڪئٿرائين ڇڏائڻ لڳي پر ڪمال الدين کيس لوهه ڪري ڇڏيو.
    ڪئٿرائين دانهن ڪري ڊرائيور کي سڏ ڪيو- ڊرائيور ڊوڙي ته آيو، پر اچي پاڻ در دريون بند ڪري ڇڏيائين، پوءِ ٻنهي گڏجي ڪئٿرائين کي غاليچي تي دسيو. ڪئٿرائين کين سندن الله ۽ رسول جا واسطا وڌا. ڪمال الدين چيس، “جي چُپ نه ڪندينءَ ته خون ڪري ڇڏينداسونءِ.” پر ڪئٿرائين ساڻن لڙندي رهي، آخر هوءَ ساڻي ٿي پئي....
    جڏهن ايس ڊي او جي فارغ ٿيڻ کانپوءِ وري ڊرائيور ڏانهس وڌيو تڏهن ڪئٿرائين ڪمال الدين کي فرياد ڪندي چيو، “اهو ظلم ته نه ڪريو.... ڊرائيور کي ته روڪ...” مٿس بيهوشي ڇانئجڻ لڳي. جڏهن هوش ۾ آئي تڏهن ڪمال الدين چيس ته غسل خاني ۾ وڃ، هن پنهنجو پرس کنيو، ڊرائيور ۽ ايس ڊي او کيس ٽيڪ ڏئي غسل خاني پهچايو. غسل خاني ۾ وهندي هن ڏٺو ته ڀتيون ننڍيون آهن. بالٽي اونڌي ڪري ان تي پير رکي ڀت چڙهي وئي ۽ هيٺ ٽپو ڏئي وٺي ڀڳي.
    بالٽيءَ جي ٺَڪاءُ تي ڪمال الدين ۽ ڊرائيور ڊوڙي آيا، ڪئٿرائين پريان ئي وحشت انگيز رڙيون ڪرڻ لڳي، “مون کي ڇڏيو، مون کي ڇڏيو!”
    ڪمال الدين هاڻ هيٺائين ورتي، “جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو، رات رهه، سڀاڻي توکي اڳتي پهچائي ايندس.” ڪئٿرائين نه بيٺي، رُڳو هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو گهُريائين ۽ پيتائين. ڪمال الدين ڊرائيور کي چيو ته گاڏي آڻ- ڊرائيور گاڏي آندي، هڪڙي پاسي ڊرائيور، ڀرسان ڪئٿرائين ويٺي، ٻئي پاسي ٻيو نوڪر عبدالله ويٺو- ڪئٿرائين هن کي پاسي ۾ ويهڻ نه ڏنو هو، پُٺيان وڃي ويٺو. سندس سامان به جيپ ۾ رکيائون، “ڊرائيور توکي پني عاقل کان 20 ميل اڳتي ڇڏي ايندو.”
    جيپ جڏهن پڪي روڊ تي آئي تڏهن ڪئٿرائين وٺي جيپ مان ٽپ ڏنو. ڊرائيور اسٽيرنگ ويل ڇڏي سٽ ڏئي کيس جهليو ۽ جيپ ازخود بيهي رهي. هوءَ پاڻ ڇڏائي لٿي. نوڪر سامان لاهي رکيو ۽ ڊرائيور جيپ کڻي روانو ٿي ويو.
    ڀرسان پئٽرول پمپ تان پُڇا ڪري هڪڙي ٽيڪسي واري عبدالڪريم کي ساڻ ڪري هوءَ پني عاقل پوليس ٿاڻي پهتي- ان وقت شام جو ست ٿيا هئا.
    انهيءَ وچ ۾ ڪمال الدين بندوبست ڪري چڪو هو. اي ايس آءِ پوليس مسلم عليءَ سندس فرياد داخل ڪرڻ ۽ کيس بروقت ڊاڪٽري تپاس لاءِ موڪلڻ بدران کيس فقط زباني دلداري ڏني ته، “آءٌ فوراً ڪارروائي ڪريان ٿو.” سندس مطلب هو ته ڪنهن طرح کيس ٽاري ڇڏجي يا ڳالهه تان لاهجي- نه ته به فرياد ۾ گهڻي ۾ گهڻي دير وجهبي، ته جيئن ڊاڪٽر کي تپاس ۾ ڪو ثبوت نه ملي. ڪئٿرائين ائين ٺڳجڻ واري ڪانه هئي. هن سڄو فرياد پنهنجي هٿ اکر لکي ڏنس- مسلم علي هاڻ ٻي چال هليو، هيءُ نازڪ معاملو آهي، ايس پي کان اجازت وٺڻي پوندي، پوءِ فرياد داخل ڪبو-
    ڪئٿرائين چيو، “آءٌ به هلان ٿي.”
    نائين ڏهين ڌاري هو گهوٽڪي پهتا، اتي مسلم عليءَ چيو، “ايس پي صاحب نڪري ويو آهي، سڀاڻي ملندو.” هُو موٽي پني عاقل آيا، رات جو هوءَ مسلم عليءَ جي ٻارن ٻچن ۾ رهي. صبح جو مسلم عليءَ کيس چيو، “تون پرديسڻ آهين. ڪيس مان توکي ڪوبه فائدو نه پوندو. اجايو رُلندينءَ ۽ خوار خراب ٿيندينءَ، جوابدار سخت پشيمان ٿيو آهي. مون تي تمام گهڻا زور بار آندا اٿس. تون جيڪي گهرين، سو توکي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. توکي پنج، ڏهه هزار وٺائي ٿا ڏيون- ڪيس تان هٿ کڻي ڇڏ.”
    ڪئٿرائين اهو ٻُڌي چيس، “مسلم علي، ڳالهه ٻُڌ! آءٌ ڪابه ڳالهه نه ٻُڌنديس، آءٌ سکر وڃي پڪارينديس.” اتي مسلم علي سمجهي ويو ته هي پئسن تي خريد ٿيڻ واري ڇوڪري ناهي. هن لاچار فرياد داخل ڪيو. فرياد ۾ تاريخ اڳئين ڏينهن واري وڌائين، وقت رات جو 9 وڳي ڏيکاريائين، هن احتياط طور 154 جي ڪتاب توڙي اسٽيشن ڊائريءَ ۾ اڳئين ڏينهن شام کان وٺي ڪابه داخلا نه ڪئي هئي.
    ڊاڪٽر ڏانهن ليٽر ڪڍي ان تي اڳئين ڏينهن جي تاريخ وجهي رڪارڊ جي پورائي ڪيائين. باقي ڪئٿرائين کي ان ڏينهن به دير ڪرائي ڏيڍ وڳي ٻنپهرن جو اسپتال موڪليائين. ڪمال الدين واقعي ڪمال جو بندوبست رکيو. ڊاڪٽرياڻي مس ايس ايم ميمڻ جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو، تنهن ۾ زوري زنا جو ڪوبه ذڪر ڪونه هو. پُٺ جي ڪنڊي، کاٻي هٿن جي پُٺ تي زخمن جو بيان هو. ڪيميائي ماهر جو سرٽيفڪيٽ به ڪئٿرائين جي خلاف نڪتو. ڏسڻ ۾ ائين آيو ته ڄڻ ڪئٿرائين جو جسم مڙدو بڻجي چڪو هو! ڪورٽ جو ڪم رُڳو اهو رهيو هو، ته ان لاش کي رسمن رواجن مطابق دفن ڪري، ڪيس سکر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ چالان ٿيو. ڪمال الدين پاڪستان جي مشهور وڪيل مسٽر طفيل علي عبدالرحمان (جو پوءِ پاڪستان جو اٽارني جنرل ٿيو) جون خدمتون حاصل ڪيون. مسٽر طفيل علي، ڪئٿرائين کان زبردست آڏي پڇا ڪئي، کانئس سڄي واقعي جو احوال ورتائين. کانئس قبول ڪرايائين ته هوءَ ڪنواري هوندي به ڪنواري رهي. اهو به قبول ڪرايائينس ته هوءَ لاڙڪاڻي ۾ پورو هفتو هڪڙي ڇڙي ڇانڊ سيد نوجوان جي گهر رهي هئي.
    جوابدار ڪورٽ ۾ لکيل بيان پيش ڪيو، جنهن ۾ لکيائين ته، “ڪئٿرائين مون سان روهڙيءَ کان پني عاقل ايندي جيپ ۾ ئي ٺهي وئي هئي. رات رهڻ لاءِ مون کان اڍائي سَؤ روپيا گهريائين، جي مون ڏيڻا ڪيا، پر پوءِ مون کي خبر پئي ته کيس ڪپڙا آهن- تنهن ڪري پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيم. انهيءَ تي هوءَ ڪاوڙجي پئي ۽ وٺي گوڙ ڪيائين. مون آخر 100 روپيا ڏئي جند ڇڏائي، هيءُ ڪيس انهيءَ ڪري مون تي ڪيو ويو، جو مون پورا پئسا ڪونه ڏنا.”
    اي ڊي ايم سکر فريادڻ جي ڳالهه کي سچو ٺهرائي، جوابدا کي قلم 376 (زوري زنا) ۾ 5 سال سخت قيد ۽ 2 هزار ڏنڊ ۽ قلم 366 (ڪنهن کي زوري زنا لاءِ برغلائي وٺي وڃڻ) ۾ 3 سال سخت قيد ۽ هڪ هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ڏني.
    مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي ڪراچي بينچ ۾ اپيل ڪئي وئي. جوابدار هاءِ ڪورٽ ۾ مسٽر طفيل عليءَ کان سواءِ، پاڪستان جي هاڪاري قانوندان مسٽر بروهيءَ کي به وڪيل ڪيو.
    مسٽر بروهي هيٺين ڪورٽ جي فيصلي تي سخت قانوني ۽ منطقي جهلون ڪيون.
    هن چيو ته (1) ڪوبه اکين ڏٺو شاهد ڪونه هو، جو فريادڻ جي پٺڀرائي ڪري. هڪڙي عورت جي بيان تي اعتبار ڪري، سزا ڏيڻ خطرناڪ ڳالهه آهي. (2) ڊاڪٽري شاهدي فريادڻ جي خلاف هئي. ڪئٿرائين ڄاڻي ٻجهي ڊاڪٽر وٽ ڪانه ويئي هئي. حالانڪه کيس ليٽر اڳئين ڏينهن ڏنو ويو هو. (3) ڪيميائي تپاس جو نتيجو به فريادڻ جي ڳالهه جي پٺڀرائي نٿو ڪري. (4) فريادڻ جو پسمنظر ۽ چال ڏيکاري ٿي ته جوابدار جو بيان سچو آهي. هوءَ اول راضي ٿي، پوءِ پئسن نه ملڻ ڪري ڪوڙو ڦڏو ٿي ڪري.
    اپيل مسٽر جسٽس عبدالسلام فاروقي ٻُڌي. هن هر هڪ نُقطي تي تفصيل سان بحث ڪندي، جوابدار جي بيان کي ڪوڙو ۽ ڪئٿرائين کي سچو ٺهرايو. شاهد نه هجڻ جو ذڪر ڪندي هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته: “هن قِسم جي مقدمي ۾ جيڪڏهن سڀني حالتن تي غور ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچجي ته فريادڻ ايمانداريءَ سان شاهدي ڏني آهي ۽ اها سمورن غالب امڪانن سان ٺهڪي ٿي ته پوءِ ڪورٽ کي جوابدار کي سزا ڏيڻ کان انڪار نه ڪرڻ کپي، توڙي جو فريادڻ جي بيان جي ٻئي ڪنهن کڻي تصديق نه به ڪئي هجي.”
    هاءِ ڪورٽ مسٽر بروهيءَ جي اها ڳالهه قبول ڪئي ته 366 جو قلم لاڳو نٿو ٿئي. 376 (زوري زنا) جو ڏوهه ثابت ٺهرايو ويو. رُڳو انهيءَ ڳالهه کي خيال ۾ رکي ته جوابدار جي نوڪري ازخود ختم ٿي وئي. تنهن ڪري سندس سزا 5 سال مان گهٽائي 2 سال ڪئي وئي.
    هاءِ ڪورٽ مسلم علي صوبيدار خلاف سخت رمارڪس پاس ڪيا ۽ ڪئٿرائين جي اُصول پرستي ۽ اعليٰ ڪردار کي خراج تحسين ڏنو، جو هن بي يارو مددگار ڇوڪريءَ، وطن کان هزارين ڪوهه پري، پرديس ۾ هيڏي مشڪلاتن هوندي، هيڏي لالچ کي ٺوڪر هڻي، ڪمال الدين جهڙي بااثر آفيسر ۽ پوليس جي سازش کي ناڪام بنائي ڏوهيءَ کي سزاياب ڪرايو ۽ پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو ورتو. ڪيٿرائين سڀني کي ڏيکاريو ته سڌريل ملڪن جا مرد توڙي عورتون نه رُڳو پنهنجي وطن پر ڌارين ملڪن ۾ به پنهنجي جائز قانوني حقن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. ڪابه لالچ ڪوبه دڙڪو، ڪابه تڪليف بلڪه خواري خرابي ۽ بدنامي به کين پنهنجي حق جي حفاظت کان روڪي نٿي سگهي.
    اهو فيصلو پي.ايل.ڊي (ماهوار رسالو “پاڪستاني قانوني فيصلا” ) جي سال 1966ع جي مارچ مهيني جي ڪراچيءَ واري حصي جي صفحي 101 تي شايع ٿيل آهي.
    ان کان سواءِ سنڌ جي مشهور افسانه نگار امر جليل پڻ انهيءَ واقعي بابت هڪ لاجواب افسانو “هن ڄار ۾” لکيو آهي، جو رسالي “روح رهاڻ” جي گذريل سال جي هڪ پرچي ۾ شايع ٿيو آهي.


    شاهي مهمان ۽ سيفٽي ائڪٽ

    محمد علي افغان قونصل وٽ ويو، کيس سڄي ماجرا ٻُڌايائين، هن يڪدم کيس پاسپورٽ ڪڍي ڏنو- اهڙيءَ ريت هيءُ محب وطن، غيرتمند ۽ ڏتڙيل شاهي خاندان 34 سالن جي جلاوطنيءَ بعد وري پنهنجي وطن جي وڻن ڏانهن واپس اُسهيو. انهيءَ عرصي ۾ ڪيترا موت ٿيا هئا، ڪيترا نوان ٻار پيدا ٿيا هئا، جن افغانستان جو رُڳو نالو ٻُڌو هو.
    هو نيٺ ڪابل پئي موٽيا، اهو ڪابل جتي سندس ڏاڏي دوست محمد شاهي تخت ماڻيو هو، جنهن جي گهٽين ۽ پسگردائيءَ ۾ سندس چاچي اڪبر خان- جنرل ناٿ، جنرل شيلي، جنرل انگلينڊ ۽ رنجيت سنگهه جي فوجن کي ٽوٽا چٻايا هئا، جتي سندن جيءُ جڙيل هو.
    جولاءِ 1948ع ۾ هيءُ جلاوطن شاهي قبيلو ريلوي رستي هندستان جون سرحدون لتاڙي پاڪ سرزمين ۾ داخل ٿيو. خاندان ۾ ڪُل 12 ڀاتي هئا. سردار محمد علي، سندس اهليه صاحبزادي امير بيگم، سردار محمد اقبال علي خان، سردار حسن علي خان، سردار عبدالرحمان خان، سردار ظفر علي خان، سردار حامد علي خان، آفتاب علي خان، عائشه سلطان، شاهه گل، بيبي گل، باقي هڪ وٽ ته باقائدي افغان پاسپورٽ آهي، دهليءَ جي افغان سفير جو.
    “معاف ڪجو آءٌ توهان سان بحث ڪرڻ نٿو چاهيان، آءٌ حڪم جو بندو آهيان... توهان ٿورو ترسو، الله مڙئي چڱي ڪندو.”
    “پر هتي رهون ڪٿي؟ هتي اسان جو آهي ڪير؟” فيل مست انگريز کي گوڏن ڀر جهُڪائڻ واري شهزادي اڪبر خان جي خوددار ڀائٽي بيوسيءَ وچان ذري گهٽ روئڻهارڪي ٿي چيو.
    “اتي اسٽيشن تي ئي رهيا پيا هجو. ڏينهن ٻن ۾ اميد ته اجازت اچي ويندي.” سفارتي نمائندي کيس دلاسو ڏيندي چيو.
    جلاوطن سردار سيني تي پٿر رکي، ڪنڌ جهڪائي چُپ چاپ سفارتخاني مان نڪري آيو. هن کان ته انگريزن جو قيدخانو بهتر هو! هن دل ۾ چيو. ايترو چيائون ٿي ته هتي رهو، وڃو نه! گهٽ ۾ گهٽ انگريز جيلر کي ته اسان جي گهُرج هئي. هاڻي ته هندستاني چوي، “نِڪرو” ۽ افغانستان چوي “نه اچو!” هن هيڏي ساري جهان ۾ شاهه دوست محمد خان جي خاندان لاءِ ڪٿي به جاءِ ڪانهي، سندس اکين ۾ لُڙڪ تري آيا.
    رات سڀني گاڏيءَ ۾ ئي گذاري..... “ڪراچيءَ مان پروانو اچي تيستائين منهنجي ٻچن کي مٿي لڪائڻ لاءِ ڪا جاءِ ڏيو. ڪليڪٽر همدرديءَ سان سندس احوال ٻُڌو ۽ چيائين، “توهان کي جلد احوال ڏنو ويندو.”
    جيستائين جواب اچي، تيستائين هو گاڏيءَ ۾ رهيا پيا هئا. پردي لاءِ ڀرسان پليٽ فارم جي هڪڙي پاسي قناتون هڻي ڇڏيائون.
    ڏينهن گذريو، هفتو گذريو، مهينو گذريو. ڪابل ۽ ڪليڪٽر ڪراچيءَ وٽان ڪوبه جواب ڪونه آيو. اٽلو ريلوي وارن حڪم ڏنو ته، “گاڏو خالي ڪريو!” گاڏو خالي ڪن ته فٽ پاٿ کان سواءِ ٻي جاءِ ڪانه هئي. هُو گاڏي ۾ ئي ويٺا رهيا. شهر جا ڪي پٺاڻ به هن بدنصيب خاندان جي اچڻ جو ٻُڌي اچي گڏ ٿيا.
    25 ڊسمبر 1948ع تي هڪڙو آفيسر پوليس ۽ فوج جي دستن سان اچي گاڏيءَ اڳيان بيٺو. “گورنر جنرل پاڪستان خواجه ناظم الدين هتان گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻو آهي. هڪدم گاڏي خالي ڪريو. ورنه زبردستي ڪئي ويندي.”
    هڪ پٺاڻ، ٻيو پراڻي شاهدي، حڪم جي تعميل ڄڻ سکيا ئي ڪونه هئا. اهو آفيسر ڪراچيءَ جو ايڊيشنل... جو پٽ سردار حسن علي خان جيل ۾ گذاري ويو، کيس اوچتو ڇا ٿيو سا خبر ڪانهي، بهرحال پُٽُ جي موت بعد سردار محمد علي پنهنجي هار مڃي ۽ اپريل 1949ع تي کين آزاد ڪيو يو.
    آزاد ٿيڻ کان ڪجهه وقت پوءِ سردار محمد علي ۽ سندس اهليه صاحبزادي امير بيگم پاڪستان سرڪار خلاف پنهنجن زيورن ۽ ملڪيت لاءِ 332745 روپين جي، ذهني صدمي، جسماني تڪليف ۽ بيعزتيءَ لاءِ 2167465 روپين جي دعويٰ ڪئي. اها دعويٰ مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي ڪراچي بينچ جي هڪڙي جج وٽ هلي. دعويٰ هلندي صاحبزادي امير بيگم به گذاري وئي، ان ڪري فقط سردار محمد عليءَ جو دعويٰ جو نبيرو ڪيو ويو. ڪورٽ فيصلو ڪيو ته اهو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته سردار صاحب جي واقعي ايتري ملڪيت زيان ٿي آهي، ان ڪري حڪم ڪيو ويو ته سندس جيڪا ملڪيت مال خاني ۾ رکيل آهي، سا کين ڏياري وڃي. باقي گهُر رد ڪئي وئي. وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته مدعيءَ کي جيڪا جسماني تڪليف ۽ اذيت پهتي آهي، تنهن لاءِ هُو پاڻ جوابدار آهن، جو زبردستيءَ ريلوي..... حڪومت پاڪستان جوابدار آهي ڇا؟ خاص ڪري تڏهن جڏهن سرڪار جي ڪابه بدنيتي ڪانه هئي، ۽ سڄي گڙٻڙ جي ذميدار خود سردار صاحب جي هٺ ڌرمي هئي.
    هاءِ ڪورٽ اڳين قانوني فيصلن جو حوالو ڏئي فيصلو ڏنو ته، “هاڻي اهو قانون جو طئي ٿيل اُصول آهي ته حڪومت جا نوڪر ڪنهن ماڻهُوءَ جو ڪو ناجائز زيان ڪري وجهن ته حڪومت ڌڻين کي انهيءَ زيان جو خرچ ڏيڻ لاءِ تڏهن ٻڌل آهي، جڏهن ته ان ڪم ڪرڻ جو حڪم خود سرڪار ڏنو هجي يا ان سرڪاري نوڪر جي ناجائز حڪم کي سرڪار پوءِ پنهنجو ڪيو هجي يا ان جي تصديق ڪئي هجي.” هن حالت ۾ سرڪار ناجائز حڪمن کي پنهنجو ڪيو هو ۽ انهن جي تصديق ڪئي هئي.
    سرڪار جي نيڪ نيتي يا بدنيتيءَ جي سوال جو ذڪر ڪندي هاءِ ڪورٽ چيو ته، “ناجائز گرفتاري، نظربندي يا ٻيو ڪو اهڙو ناجائز زيان جهڙو ڪم ڪهڙي به نيڪ نيتيءَ سان ڇو نه ڪيو وڃي پر ڇاڪاڻ ته اهو ناجائز ۽ بي قاعدي آهي، تنهن ڪري ان جو هرج خرچ ڀرڻو آهي.”
    سرڪار طرفان آخر چيو ويو ته جنهن صورت ۾ سڄو ڏوهه سردار محمد عليءَ جو هو، تنهن ڪري جيڪڏهن کڻي سندس نظربنديءَ جي آرڊر ۾ ڪا غلطي به ٿي وئي هجي ته به ان جي عيوضي چٽي صرف نالي ماتر ڀرائي وڃي. (ڪن حالتن ۾ ڪورٽن هڪ روپيو يا هڪ شلنگ عيوضو به ڏياريو آهي، ان کي نالي ماتر عيوضو چوندا آهن.) هاءِ ڪورٽ پروي ڪائونسل جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙي حالت ۾ نالي ماتر نه پر ڪافي هرج خرچ ڏيارڻ لازمي آهي ته جيئن اختياريءَ وارن کي خبر پوي ته هُو بي قاعدي هلت ڪري نٿا سگهن. جڏهن سرڪاري ڪامورا نيڪ نيتيءَ سان ڪو بي قاعدي زيان ڪري وجهن ته پوءِ ساڻن رُڳو ايتري رعايت ٿيندي جو مثالي هرج خرچ بدران صرف ڪافي هرج خرچ ڏياربو.”
    هاءِ ڪورٽ اهڙيءَ ريت اڳ ڪيل فيصلو بحال رکيو ۽ دعويٰ جو سمورو خرچ پاڪستان سرڪار کان ڀرايو ويو.
    (پي.ايل.ڊي 1965ع ڪراچي)


    رئيس وڏي جون ٽوپيون

    جڏهن اهو ٻُڌم ته سندس والد رئيس الهندي خان جي ڇڏيل لائبريريءَ ۾ انگريزن جي واريءَ جا ڪي دلچسپ دستاويز آهن، تڏهن رئيس محبت خان جي دعوت کان معذرت ڪرڻ جو ارادو بدلائي، ساڻس وعدو ڪيم، ته 15 ڊسمبر تي اول خير، ڪراچيءَ مان سندس ڪيس هلائي، ساڻس گڏجي، سندس ڳوٺ هلبو.

    رات جو ڪجهه دير رهاڻ ڪري ٿَڪ سبب ڪجهه جلد سمهي پياسين. ٻئي ڏينهن نيرن ڪري رئيس وڏي جي ڪاغذ پٽن کي جاچڻ ۾ جنبي وياسين. ماضي هرهڪ کي حيرت ۾ وجهي ٿو، خاص ڪري انهن کي جيڪي ماضيءَ کي حال وانگر جيئرو جاڳندو محسوس ڪرڻ جي تصور ۽ تخيل جي ذهني قوت رکندا هجن. عجيب دُنِيا هئي، خانداني شجرا، قرآن شريف مٿان لکيل خاندان جي ڀاتين جي ولادت ۽ رحلت جون تاريخون، خانداني فيصلا، انگريز آفيسرن ڏانهن موڪليل درخواستون، انهن جا مختصر، تز ۽ مغرور فضليت وارا جواب، شڪار جا بندوبست، انهن جي باري ۾ شڪرگذاريءَ جا خط، صاحب بهادرن کي رعيت جا ڏنل فصاحت، بلاغت ۽ عاجزيءَ ۽ احسانمنديءَ جا فخر ڀريل نماڻائيءَ سان ڇلڪندڙ سپاسناما، صاحب بهادرن سان گڏ ڪڍايل فوٽا جن اڳيان صاحب ۽ ميم صاحبون ۽ پويان رئيسن جا ميرن جي واري جي يادگار لباس ۾ ٻهڪندڙ، فرمانبردار ۽ تابعدار ديسي چهرا، پراڻي ابوالحسن واري سنڌيءَ جهڙي صورتخطين ۾ لکيل پراڻا طبي ۽ ٻيا ڪتاب، سنڌي ۽ فارسي شعر. مطلب ته هڪڙي پوري دؤر جي ڪهاڻيءَ جا مختلف عنوان اکين اڳيان هئا.
    ان دؤر ۾ ان جي سماجي مزاج جا گوناگون رنگ ڏسي ماڻهُوءَ لاءِ اهو تصور ڪرڻ به مشڪل ٿي، ٿي پيو ته هن هڪڙي ساڳيءَ ڌرتيءَ تي ههڙا مختلف بلڪه هڪٻئي جي اُبتڙ جهان ڪيئن ٿا آباد رهي سگهن.
    جڏهن سڄو ڏينهن اهي گذريل زمانن جا دفتر ڏسي ۽ پڙهي، ماني کائي، ٿورڙي ننڊڙي ڪري اُٿياسين، ته معلوم ٿيو ته مطالعي ۽ مشاهدي جي هڪڙي منزل اڃا به رهيل آهي.
    رئيس چيو، “سڀاڻي اول خير نئين ۽ پراڻي زماني جي پوشاڪن جو فرق ڏسي وٺجو، پوءِ شام جو هليا هلنداسين حيدرآباد.”

    رئيس وڏي ۽ وڏن رئيسن جا لباس هونئن ته اڄ جي لباس جي ڀيٽ ۾ بلڪل اور ٿي لڳا پر جيئن ته منهنجا قديم سنڌي لباس اڳيئي ڏٺل هئا، ان ڪري انهن ۾ مون کي ڪا خاص نواڻ نظر نه آئي، پر ته به اخلاقاً سمورا سٽاءَ ڏٺم ۽ پنهنجي پسند جو دستوري اظهار ڪيم.
    جيئن ئي پراڻين پوشاڪن واري ڪمري جي در وٽ آياسين ۽ ڀانيم ته هاڻي موٽي اوطاق ڏانهن هلبو، تيئن رئيس چيو، “بس هاڻ رڳو رئيس وڏي جون ٽوپيون رهيون آهن، انهن تي به هڪڙي نظر وجهي ڇڏيو ته بهتر.”
    پوڙهو مگر چست، اڃا کڙو تڙو ملازم، ٽوپيون ڪڍي ڏيکارڻ لڳو. اهو معلوم ڪري خوش ٿيس ته هو نه رڳو چار درجا انگريزي به پڙهيل هو پر پنهنجي علميت ۽ قابليت جو ثبوت ڏيڻ ۽ ان جو داد وٺڻ لاءِ به تيار بلڪه بي چين هو. هر ٽوپي کڻي ان جو احوال تفصيل سان سمجهائڻ لڳو. مون کي لڳو ته جي هي ڪنهن ٻئي چڱي ملڪ ۾ هجي ها ته، سير سفر جي شوقين ماڻهن جو سُٺو سونهون يا ٽوئرسٽ گائيڊ ثابت ٿي سگهي ها.
    جڏهن ڏٺائين ته آئون رئيس وڏي جي ٽوپين جون عجيب غريب ڊزائنيون ڏسي پنهنجو اچرج لڪائڻ جي ڪوشش پيو ڪريان، ته ادب سان چوڻ لڳو:
    “سرڪار، توهان کي هيتريون ڀانت ڀانت جون عجيب غريب ڊزائين واريون ٽوپيون ڏسي عجب ته ضرور لڳندو، قدرتي ڳالهه آهي، هيتريون ۽ ههڙيون ٽوپيون توهان کي ڪنهن به سنڌ جي سکر جي پوشاڪ خاني ۾ مشڪل نظر اچن. ڳالهه هيئن آهي، منهنجا سائين، ته رئيس وڏو لباس ۾ٽوپيءَ کي مرڪزي اهميت ڏيندو هو.”
    منهنجي چهري تي لکيل ٻيو سوال به ڄڻ پڙهي ورتائين، “سائين! رئيس وڏو راڄن ڀاڳن ۽ سکرن ۾ پڳ ٻڌڻ پسند ڪندو هو، پر سرڪارين درٻارين ۾ ٽوپي پائڻ وڌيڪ مناسب سمجهندو هو ۽ جيڪڏهن ٽوپي ڪنهن مختلف ڊزائين جي هجي ته ان کي عيب بدران خوبي سمجهندو هو.”
    “ته هي هيتريون ۽ هنن قسمن جون ٽوپيون سڀ رئيس وڏي جون هيون؟”
    “سرڪار، رئيس وڏي جو اُصول هو ته هر موقعي ۽ مهل لاءِ جدا لباس ۽ خاص ڪري جدا ڊزائين واري ٽوپي هجڻ لازمي آهي، مثلاً”، هن کِلندي چيو، “قائداعظم اڳيان ته توهان ڪانگريسي ٽوپي پائي ته نه وڃي سگهو ها نه!”
    مون چيو، “برابر، پر هيءَ ٽوپي...؟”
    “ها، اها ئي ته ڪانگريسي ٽوپي آهي نه! اها رئيس تن ڏينهن گهڻي پائيندو هو، جڏهن سيٺ خوبچند ۽ ٻيا ڪانگريسي سندس مددگار ۽ پاڻ سندن مدد سان ڊسٽرڪٽ بورڊ جو صدر ۽ ضلعي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ ٿيو هو.”
    “۽ هيءَ....؟”
    “اها قائداعظم ڪيپ پائي رئيس وڏو 1936ع ۾، ڪراچيءَ واري مسلم ليگ جي ڪانفرنس ۾، قائداعظم جي خدمت ۾ پيش ٿيو هو ۽ پاڻ کي ضلعي مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪرائي موٽيو هو.”
    “۽ هيءُ ٽوپلو....؟”
    “توهان کي ياد هوندو ته صدر اسڪندر مرزا اڪثر ٽوپلو پائيندو هو. جڏهن رئيس وڏو ليگ ڇڏي، ريپبلڪن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ هيءُ ٽوپلو پائي، وڃي صدر جو سلامي ٿيو، ته ضلعي ڇا، سڄي سنڌ جا وڏيرا اندر ۾ سڙي ويا! اسڪندر مرزا واري ٽوپلي جهڙو ٽوپلو پائڻ جو خيال ڪنهن کي به ڪونه آيو. سائين دماغ به ته کپي اهڙين ڳالهين لاءِ! اسان جي سنڌ جي وڏيرن وٽ اهڙا دماغ هجن ها ته هيئن ڌڪا ڇو کائون ها؟ ڀلا هيءَ شڪاري ٽوپي، ٻُڌايو ڪهڙي حاڪم جي پسند جي هئي؟”
    مون کان جواب نه ملندو ڏسي، چيائين:
    “سڃاڻو نٿا؟ ٿورو ياد ڪريو! صدر ايوب شڪار تي ڪهڙي ٽوپي پائيندو هو؟”
    “۽ هيءَ مائو ڪيپ؟”
    “توهان خيرن سان ٺپ هڻي ڏسو!”
    “ذوالفقار علي ڀُٽو؟”
    “هان شاباس!” هن ٽهڪ ڏيئي داد ڏيندي چيو، “نيٺ به ته سائين باليسٽر وڪيل آهيو. ڪا گهٽ ڳالهه ته ناهيو! ۽ سائين منهنجا! اٿوَ اها ترڪي ٽوپي، جيڪا رئيس وڏو تڏهن پائيندو هو، جڏهن خلافت تحريڪ زور شور سان پئي هلي. هندستان ۾ وڏو خلافتي هو، سائين، اُن زماني ۾. پنهنجو رئيس وڏو! مولانا محمد علي ۽ مولانا شوڪت عليءَ سان گڏ اڳهڙو سندس گروپ فوٽو نه ڏيکاريومانوَ؟ هاڻي هيءَ به ڏسو مودودي ڪيپ. هي مولانا نيازيءَ وارو ڪُلو. هيءَ احراري ٽوپي....” هن درجن کن ٽوپيون ڏيکاريندي سندس سياسي قبيلا ٻُڌايا. هڪڙي ٽوپي نڪا ٿي لڳي ڪانگريسي نڪا ليگي.
    “اها؟ اها سائين. بنگالي بابوئن سان ياريءَ جي نشاني آهي. تن ڏينهن رئيس وڏو ۽ خواجه ناظم الدين ڄڻ پڳ مٽ يار هئا. هاڻ اصول ته طئي ٿيل هو ته سائين منهنجا! ته جنهن جي پارٽيءَ ۾ داخل ٿبو، ان جي ٽوپي پائبي.”
    مون چيو، “۽ جڏهن پارٽي بدلائبي تڏهن ٽوپي به بدلائبي؟”
    “هان شاباس! توهان جا پُٽ بچن! جيئن ئي هڪڙي ڏينهن ڪو حاڪم لٿو، تيئن ئي خبر ٻُڌڻ شرط، ان جي ٽوپي لاهي ڦٽي ڪبي ۽ نئين حاڪم جي ٽوپي مٿي ۾ پائبي... سائين ڪنهن کي به خبر ڪانه اٿو! ڪنهن کي به نه! معاملو ئي اهڙو هو نه! پر هنن گنهگار اکين رئيس وڏي کي اَسر مهل ماٺ مٺيءَ ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، هر هر هيئن سلام ڪندي ڏٺو آهي!”
    هن سختيءَ سان ٻانهن گوڏن کان مٿڀري اڳتي ڌڪي، نازي سلام ڪري ڏيکاري.
    “مشق پئي ڪيائين، منهنجا سائين، مشق! ڪهڙي خبر؟ ڇا به ٿي سگهيو ٿي! هٽلر نامراد کي مصر مان يا ايران مان سٽ ڏيئي، سنڌ پهچي وڃڻ ۾ دير گهڻي لڳي ها؟ ماڻهُو هڪڙي بدران ٻي ٽوپي پائي وڃي، هٽلر جهڙي رهزن کي سلام ڪري، ته اُبتي کل نه لهرائي ڇڏي؟ عزت ئي نه ڌوڙ ٿي وڃي؟” منهنجي چهري جي تاثر کي پسنديدگيءَ سان ڏسندي چيائين، “۽ سائين! ٿورڙي هن پاسي به قرب جي نظر ٿئي. هي به بندوبست هئا!”
    پراڻي اخباري ڪٽنگ ۾ مشهور هندستاني باغي ليڊر سباش چندر بوس فاتحانه شان سان جپان جي فوجي وزيراعظم جنرل ٽوجو سان گڏ ويٺو هو.
    “جپانين جي حاڪم جنرل ٽوجو جي جِنَ کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ٽوجو جي ٽوپي به خيرن سان موجود هئي! اجها هيءَ چٻي ٽوپي ان چنگيز صفت جنرل جي! دورانديشيون ڏسندا هلو، قبلا! چرچو ناهي؟ پر افسوس جو قوم جهڙو چئجي تهڙو قدر نه ڪيو!” هن ڏک وچان چيو، منهنجي وات مان بي اختيار نڪري ويو، “سبحان الله! پوءِ ته رئيس سوشلسٽ به ضرور هوندو!”
    “فرمايو ڇا ٿا قبلا! رئيس وڏو سؤ سال ڇا، سؤ صدين کان پوءِ ٿيڻ جوڳيون ڳالهيون به خيال ۾ رکندو هو.” ايئن چئي هو وري اندر هليو ويو. سندس هٿ ۾ ٽي ٻيا ٽوپلا ۽ ٽي ٻيون ٽوپيون هيون.
    “هيءُ خاص ٽوپلو ان لاءِ وٺي رکيو هئائين ته جي اتفاق سان وري به انگريزن اهنجارن جي حڪومت موٽي اچي ته ههڙو ٽوپلو هڪيو حاضر هجي، جيڪو پائي سڌو صاحب جي سلاميءَ تي هليو وڃجي.”
    “هي فليٽ هيٽ؟”
    “۽ هي فليٽ هيٽ ۽ هوءَ پريان ٽنگيل صدري ان موقعي لاءِ هئا ته جي ڪنهن ڏينهن، خدا نه ڪري، هتي هندو ڪافرن جي حڪومت وري قائم ٿي وڃي، ته پوءِ اهو جواهر لال نهرو جو فليٽ هيٽ ۽ هوءَ سندس دلپسند صدري پائي، کيس ڪراچيءَ ۾ وڃي هار پارائي، ڳوٺ دؤري تي وٺي اچجي. رئيس جو دماغ ڏسي ڪانگريسي ڌوترن جا عقل نه چرخ ٿي وڃن ها!”
    “۽ هيءَ ٽوپي ڪهڙي حاڪم جي آهي؟”
    “اهو کڻي توهان ٻُڌايو!”
    جڏهن گهڻي ڪوشش کانپوءِ مون کان ڳُجهارت ڀڳي نه ٿي، ته هو امالڪ اندر ويو ۽ هڪڙي فريم واري تصوير کڻي آيو، “ڀلا هن تصوير واري ٽوپيءَ تي نظر ڪريو. هيءُ همراهه ڀلا سڃاڻو ٿا؟ زبر زنگ وڪيل آهيو. ضرور سڃاڻندا هوندا.” هن مون ڏانهن دوستاڻي چئلينج وارين مُرڪندڙ نظرن سان ڏسندي چيو. تصوير ۾ هڪڙو ماڻهُو هوبهو اهڙي ٽوپي پايو ويٺو هو، جهڙي رئيس وٽ هئي. اهو ماڻو روسي سوشلٽ انقلاب جو باني ۽ ان جو معمار ولاديمير لينن هو.
    “سائين قهر جو ماڻهُو هو رئيس وڏو. چي، ‘ڪهڙي خبر اوچتو ڪميونزم ڪڙڪي پوي ته ڇا ڪبو؟’ آمريڪا کان به غافل نه هو. چوندو هو، ڏسجو ويٺا! پس پيش آمريڪا توهان کان ملڪ کسيندو، نه مُرندو اصل نه، هي اٿوَ صدر جانسن وارو وڏو ٽوپلو. آمريڪي اچن ها ته رئيس جي مٿي تي اڳواٽ ئي جانسن وارو ٽوپلو ڏسي ششدر نه ٿي وڃن ها!؟”
    حيدرآباد موٽندي مون رئيس محبت خان کي چيو، “چوٿين تاريخ شام جو آفيس ۾ اچجو ته ڪيس بابت ڪجهه صلاح مصلحت ڪري وٺجي.”
    چيائين: “چوٿينءَ بدران ڇهين رکجي ته ڪيئن ٿئي؟”
    مون چرچو ڪري چيومانس، “چوٿين تاريخ ڪنهن دلبر جي درٻار ۾ حاضري آهي ڇا؟”
    چيائين، “نه سائين! اهڙا ڀاڳ ڪٿي؟ اڄڪلهه ڏسو ٿا ته حُسن جون سرڪاريون ڪرسيءَ وارين سرڪارين کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن اک کڻي نهارڻ لاءِ به تيار ناهن.”
    “ته پوءِ؟”
    “ٻيو خير آهي، ٽوپيون پراڻيون ٿي ويون آهن، ڪجهه نيون وٺڻيون آهن. مڙيئي وڏن جي ريت کي منهن ڏيڻو ٿيو.”
    شنوائيءَ واري ڏينهن ڏٺومانس ته هڪڙي نئين ۽ نرالي ڊزائين واري ٽوپي پاتل هيس. ان ڏانهن اشارو ڪندي کِلي چيائين:
    “بلڪل نئون فيشن آهي!”
    ڪپڙي جي چَتيءَ تي ٽوپيءَ جو نالو هلڪي اڻ لکي رنگ جي سنڌ جي نقشي هيٺان لکيل هو، “خالص قوم پرست.”
    الائي ڪهڙو خيال آيس. اوچتو سنجيدو ٿي چيائين، “هڪڙي ڳالهه چوان؟ دل ۾ ته نه ڪندؤ؟ ڪڏهن صدر ۾ قومي ڪئپ هائوس تان هلي ڪي يڪيون ٻَه ٽي درجن ڪم جهڙيون ٽوپيون وٺي ڇڏيو! سڄي عمر لاءِ جان ڇُٽي پوندي. موقعي ۽ موسم آهر ٽوپي پائي، پوءِ ماڻهُوءَ کي جيڪي وڻي، سو پيو ڪري، ڪير پڇڻ وارو ڪونه هوندو.”


    دؤر ٻيو

    21 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر... هڪ ڊگهيءَ غشيءَ ۽ غنودگيءَ جا اَٺ ڏينهن ۽ اَٺ راتيون. وچ وچ ۾ سُرت ۽ سجاڳيءَ جون گهڙيون، يادگيريءَ جون اڌ گيديون جهلڪيون، ڌُنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل چهرا، جملن جي اڌڙ، ڪمپائونڊر، ڊاڪٽر، انجيڪشنون، گوريون، ملاقات:
    “ڪيئن آهين!”
    “دعا آهي!”
    “ڇا ٿو ٿئي!”
    “بخار... پاسي ۾ سُور.”
    29 تاريخ امام ۽ ادا، شميم لطيف، پناهه گهر وارا. ڪار، سول اسپتال، ڊاڪٽر عالماڻي. وري به ڪار، ڄامشوري جي پُل، ڄامشورو اسپتال.
    پرائيويٽ وارڊ 14، روم نمبر 3، نرسون، گلوڪوز جي ڊرپ، انجيڪشنون، گوريون، دوائن جا وزن، ايڪس ري. مائٽ، ڪلهي ۾ چوويهه ڪلاڪ سُور جا ڏنگ، ڏينهون ڏينهن ڪمزوري، راتين جون راتيون تڙپڻ، اوجاڳا، مريضن جي ٻارن جون ورانڊي ۾ ڊوڙون ۽ ڌمچر، ملاقاتي، ڊاڪٽر.
    “ڪهڙو حال آهي؟” ڊاڪٽر صالح مرڪي پڇيو.
    “ڪلهه کان وٺي سخت اُلٽيون آهن.”
    “ڇو ڀلا؟”
    “بڻرلجين جي انجيڪشن ۽ گورين سان اچيو اُلٽيون ٿين، ڪلهه کان وٺي اها حالت آهي.”
    “تڏهن ائنلجين ڏيوس... ڀلا ايميٽين شروع ڪيوَ؟”
    “نه. بي پي 105 هو. تنهن ڪري ڊاڪٽر عالماڻيءَ چيو ته في الحال نه.” ڊاڪٽر پير ادب سان جواب ڏنو.
    “فڪر ناهي. شروع ڪري ڇڏيو... ٺيڪ ٿي ويندا، فڪر نه ڪريو... کاڌو کائو... وري به ايڪس ري ۽ اسڪئننگ ڪرائي ڏسوس!”
    “حاضر.” ڊاڪٽر پير وراڻيو.
    “توهان سڏايو؟” سسٽر زرينه ڪمري ۾ گهِڙندي چيو.
    “ها سسٽر. ڪُلهي ۾ سخت سور آهي. ائنلجين لڳايو؟”
    “چڱو.”
    نس ۾ سُئيءَ سان گڏ ڄڻ هزارين وڇونئن جا زهريلا ڏنگ گهِڙي ويا ۽ ڦهلجڻ لڳا. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ آرام آيو.
    سسٽر عزيزه گهِڙي آئي.
    “هي سڀ ڪيڏانهن ويا؟”
    “ننڍڙي بيمار هئي. امان اوجاڳا ڪري پاڻ بيمار ٿي پيئي، ڀاءُ اڳيئي چاڪ ڪونهي. هتي زڪام ۽ بخار ٿي پيس.”
    “ڇا! هاڻي باقي اوهين ٽي، بس؟”
    “بس!”
    “ڊرپ لڳي اٿن؟”
    “ها سسٽر!”
    “کاڌو ڪهڙو کاڌو اٿس؟”
    “سسٽر کاڌو وڻيس ئي نٿو. ڪجهه نٿو کائي.”
    “پوءِ ايئن ڪيئن ڪم هلندو. آءٌ توهان کي پنهنجي ميس مان سُوپ موڪليان ٿي. اهو پِي ڏسجو. قَسم سان ڏاڍو مزيدار آهي. ضرور پِي ڏسجو.”
    “چڱو.”
    سندس پاڻ ۾ ڳالهيون . سسٽر حميده جون وچ وچ ۾ هلڪيون چيخون “ائي الله!” دٻيل ٽهڪڙا، مريضن ۽ سسٽرن جا قصا، اچرج، خوشي، ناپسنديءَ، ٽوڪ جا هٿن ۽ اکين سان اشارا... غنودگي.
    ... ... ...
    گهنٽي.
    “توهان سڏ ڪيو؟”
    “ها سسٽر، هن جي طبيعت سخت خراب ٿي پيئي آهي. ڊاڪٽر کي گهرايو.”
    “چ! چ! چيومانس سڄي رات اوجاڳو نه ڪندي ڪر. پنهنجي صحت جو خيال ڪندي ڪر.”
    ڊاڪٽر پير آيو.
    “هيءُ ڪنهن سرجن جو ڪم آهي. آرتوار جي رات ڪوبه سرجن گهر ڪونه هوندو... رات جا اَٺ ٿيا آهن. سرجن غنيءَ کي فون ڪريان ٿو، خدا ڪري هجي.”
    “ها ڊاڪٽر، ذاتي ڪوشش وٺي ڪونه ڪو فوراً انتظام ڪريو. نازڪ حالت آهي. مڙس ماڻهُو ٿي.”
    “حاضر ادا.” اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سرجن غني، تپاس.
    “ڪڏهن کان وٺي تڪليف آهي؟”
    “پنجن ڏينهن کان.”
    “اُلٽي به ٿي هئي؟”
    “ها اڄ ٻنپهرن جو اُلٽي ٿي هئي.”
    ٺيڪ آهي. هينئر ئي داخل ڪري، بئرالجين ڊرپ ۾ ملائي هڻوس. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.”
    ٻيو ڏينهن ڏهون نمبر ڪمرو، گلوڪوس جي ڊرپ، بئرلجين، ڪلورو فائيٽين.
    وارڊ بواءِ، ڊرپ جو اسٽئنڊ، گلوڪوس جي ٿيلهي. پويان سسٽر زرينه.
    “تڪليف ٿئي ته ٻُڌائجو.” سسٽر زرينه نس مان سُوئو ڪڍي وري ٻيو دفعو ٽُنبندي چيو. جواب ۾ سُور، طنز، خودقياسيءَ ۽ صبر ڀريل اڻ لکي مُرڪ.
    گلوڪوس جي ٽنگيل ٿيلهيءَ مان گلوڪوس جا ڦُڙا ڳڙڻ لڳا. ٽِپ! ٽِپ! ٽِپ!
    “اڪيلا رهجي ويا آهيو.” سسٽر زرينه همدرديءَ، قياس واري مُرڪ مُرڪندي چيو.
    “هائو... ڏهين نمبر جو ڪهڙو حال آهي؟”
    “ان کي به گلوڪوس لڳل آهي. رات ڪجهه ننڊ ڪيائين... سرجن غني رات 12 بجي ڏسڻ آيو هوس... سڀاڻي ايڪسري ٿيندو. رات لاءِ ايميٽين جي انجيڪشن آهي؟”
    “نه شهر مان وٺڻ ويئي آهي، هن اسٽور تان نٿيون ملن.”
    “ويچاري ڏاڍي تڪليف ۾ پئجي ويئي آهي. ساڳئي وقت ٻئي ڄڻا بيمار. سڄي رات ماڻس سان اوجاڳو ٿي ڪري، ڏينهن به سڄو! ٻنهي جي چاڪريءَ ۾ آهي... ڏاڍي سُٺي ڇوڪري آهي!” سسٽر عزيزه ڪمري جون ٽِڙيل پکڙيل دوائون ۽ سامان ٺيڪ ڪندي چيو.
    در کُليو، هوءَ ٽوڪري کنيو سهڪندي، مُرڪندي پريان ئي زور سان ڳالهائيندي آئي...
    “دوا ملي ئي نه. رُلي رُلي مس ملي آهي. سنڌي رسالا ڪونه مليا. ٽائيم اڃا ڪانه آئي آهي، پپيتو سڄي بازار ۾ ڪونه ٿو ملي.”
    ٽوڪريءَ مان ساوا مرچ، هفتيوار نيوز ويڪ، موسميون، پالڪ، سنڌي اخبارون هفتيوار پيڪنگ رويو، انجيڪشنون، دوائن جون شيشيون ڪڍي ڪٻٽ ۾ وجهندي وئي.
    “تڪڙ ۾ ڪلورومائيٽن وسري ويم. اما ڪاوڙبي. خير اڄ لاءِ ته آهي. سڀاڻي کڻي وٺبي... امان وٽان ٿي، اچي اوهان کي سُوپ ٿي ٺاهي ڏيئي وڃان.”
    ڏينهن گذريا، ڪمرو 10 خالي ٿيو. ڪمرو نمبر 3 بدلائي ڪمرو نمبر 6 ورتو ويو.
    “ڇا پڙهي پڙهي ٻُڌايان – اخبارون يا ناول؟”
    “پهرين اخبارون پڙهه!”
    “سنڌ جي ملازمن سان زيادتيون ختم ڪيون وڃن...
    “سياسي رهنمائن کي بنيادي مسئلن تي ٺاهه ڪرڻ جي اپيل...
    “175 اعليٰ آفيسر سبڪدوش ڪيا ويندا...
    “حيدرآباد ۾ نوجوان شاگردن جو جلوس...
    “اهو پڙهه!”
    “حيدرآباد ۾ نوجوان شاگردن جو جلوس... هڪ شاگرد رهنما بُک هڙتال شروع ڪئي... ون يونٽ ٽوڙڻ، ووٽرن جون لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ ۽ تعليمي ادارن جي سنڌي سربراهن خلاف سازشون ختم ڪرڻ جا مطالبا...”
    خبر پڙهي پوري ڪري پڇيائين:
    “مطالبا منظور نه ٿيا ته پوءِ؟”
    “پوءِ ڇا؟”
    “پوءِ بک هڙتال ختم ڪندو يا...”
    “خبر ناهي... ماڻهُوءَ ماڻهُوءَ تي مدار آهي.”
    “ڪي موت تائين بک هڙتال ۾ مري به ويندا آهن؟”
    “ها تازو هڪڙو سِک هندستان ۾ مُئو آهي.”
    هوءَ سوچ ۾ پئجي ويئي.
    “هاڻ ڇا پڙهون؟”
    “ناول.”
    “چڱو پهريائين ڀلي امان پڙهي.”
    “ڪٿي ڇڏيو هيوسين؟” ماڻس پڇيو.
    “جتي نعيم جي ڪمپني بيلجم پهتي آهي ۽ هاڻ جنگ جي محاذ تي اچي پهتا آهن.”
    ماڻس عبدالله حسين جو ناول ‘اُداس نسلين’ ڪٻٽ مان ڪڍي پنا اُٿلائي، آخري نشان ڳولي لهي پڙهڻ شروع ڪيو:
    “برف ڪِرڻ بند ٿي ويئي، چنڊ ڪڪرن کي چيري نِڪتو ۽ چوطرف سموري فضا برف جي اڇاڻ سان جرڪڻ لڳي. دشمن جي مورچن ۾ ڪنهن گِٽار جو يڪتارو بار بار پئي وڄايو، جنهن جو ڳنڀير ۽ نرم آواز اڇي ۽ گِهري صاف ڀريل رات جي جادوءَ کي پئي وڌايو...
    “ٻئي ڏينهن وچينءَ جو حملي جو حڪم مليو. ساڻن گڏ نمبر هڪ نمبر ٻه نمبر ٽي ڪيولري برگيڊ جا وڏا حصا هئا. حملي جي رٿ هيءَ هئي: نمبر ٻه ڊبل ڪمپني جيڪا ميجر همفري جي ڪمان ۾، هولي بئنڪ واري سيڪشن جي خندقن تي قابض هئي، سا اڳتي وڌي ڇهه سؤ والن جو محاذ گهيريندي. نمبر پهرين ڪمپني ڪئپٽن ايڊيئر جي ڪمان ۾ روز بڪت تي قبضو ڪندي. جنهن مهل نمبر ٻه ڪمپني سندس ڀرسان اچي پهچندي، تنهن مهل نمبر ٻه ڪمپني چڙهائي شروع ڪندي...
    ٽين بجي فائرنگ شروع ٿي، ريجمينٽ، دشمن جي مشين گن ۽ رائيفل فائر جي اڳيان اچي ويئي... هوا ۾ بارود جي بوءِ هئي...
    “ڪنڊ 39 – ڏکڻ اوڀر – فائر!” ڪمپني ڪمانڊر رڙ ڪئي – زخمي سپاهي ٻنهي هٿن سان پيٽ کي جهليو گوڏن ڀر ويٺو هو “پاڻي!” هن خوفناڪ غيرانساني آواز ۾ چيو ۽ جهُڪي پيو. سندس مٿو وڃي زمين سان لڳو ۽ هو ان حالت ۾ ڪمزور ۽ مئل آواز ۾ ڪجهڻ لڳو. ٻن سپاهين کيس سنئون ڪري ليٽايو ۽ پاڻيءَ جي ڇل کڻي وات تي رکيائونس. سندس نڙيءَ مان هڪڙو ڍُڪ مس هيٺ لٿو. ٻيو پاڻي واڇن مان وهڻ لڳس، سخت سُور کان سندس چهرو بڇڙو ٿي ويو هو ۽ موت جي خوف ڀريل نگاهن سان هُو ٽِڪ ٻَڌي آسمان کي تڪيندو رهيو. جنهن مهل نعيم آخري دفعو کيس ڏٺو، تنهن مهل هن پنهجين اکين سان پنهنجي پيٽ ڏانهن اشارو پئي ڪيو، جنهن کي اڃا تائين سندس رت ڀريل هٿ سوگهو جهلي ويٺا هئا...
    “هو سال تائين بيلجم ۽ فرانس جي علائقن ۾ لڙندا رهيا... پنهنجن توڙي دشمن جي مورچن ۾ هن هزارين سپاهين کي مرندي ڏٺو. ڪن کي آسانيءَ سان مرندي ته ڪن کي سيٽجي مرندي، ڪن جي چهرن تي اَڇاڻ ۽ معصوميت هئي ته ڪن جي چهرن تي موت جي نيلاڻ ۽ سُور. ڪن جي اکين جيئري ماڻهُوءَ وانگر جهاتيون ٿي پاتيون ته ڪن جون اکيون انڌن شيشن وانگر پيشانيءَ تي جڙيون پيون هيون. ڪن جي کيسن ۾ سُڪل راشن ۽ ٻه ٽي گوليون هونديون هيون ته ڪن وٽ ٻارن ۽ سُهڻين ڇوڪرين جا فوٽا سندن ڪارين چوٽين جي چڳن جون نشانيون. هو سمورا ڪي پٿرن تي ته ڪي خندقن ۾ سُڪل نالن ۾، ته ڪي برف تي يا گپ ۾ مُئا پيا هوندا هئا. وقت هجي ها ته نعيم ڪنهن نوجوان سڪون ڀريل چهري وٽ بيهي رهي ها. سندس کيسا ڦلوري فوٽا ۽ خط ڪڍي ها. انهن عورتن جو تصور ڪري ها، جيڪي ڳوٺ کان ٻاهر نين ۽ نالن جي ڪنڌين تي پنهنجين پيارين شڪلين لاءِ سِڪنديون پيون هونديون ۽ خبر ئي ڪانه هوندين ته انهن محبوب مهانڊن جا چپ ٿڌا ڪري ڇڏيا ويا آهن، اهي بدن ۽ جسم جن کين بي پناهه خوشين جون راتيون بخشيون، سي هزارين ميل پري ڌوڙ ۾ ٽِڙيا پکڙيا پيا آهن، ۽ هو اجايو پيون واٽون نهارين. هو جيڪر انهن ٻنين بابت سوچي ها، جي نوجوان هٿن کان سواءِ غيرآباد ۽ ويران ٿي ويون.”
    هاڻ بس!” چئي ماڻس ڪتاب بند ڪري هٿ وڌائي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکيو.
    سامهون اُلهندي پاسي واري کُليل دروازن مان سياري جي شام جي اُداس ۽ ٿڪل سج جي روشنائيءَ ۾ لان جي ڇٻر جو رنگ سائو سونهري ٿي پيو هو. ڦوهاري جي آس پاس رنگبرنگي ٻوٽن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون جهرڪيون پَرَ سوئي پاڻ ۾ راند پئي ڪُڏيون ۽ رَکي رَکي “ڦَر!” ڪري اُڏامي گوهيون ڏيڻ ٿي لڳيون.
    “زبردست ناول آهي.” ٿوري دير رکي چيائين، “ماڻهُو هڪٻئي تي ظلم الائي ڇو ٿا ڪن؟” سندس گلو ڀريل هو. ماڻس به خلا ۾ گهُورڻ لڳي. ۽ پوءِ چيائين، “بس اصل کان وٺي هڪٻئي کي ڪُهڻ جو دستور هليو اچي. نظام ئي اهڙو آهي.”
    هن چيو، “اهو نظام ئي ختم ڇو نه ٿا ڪري ڇڏين... منهنجو وس هجي ته انهن سڀني جنگ ڪرائڻ وارن کي شوٽ ڪري ڇڏيان.”
    “اهو شوٽ ڪرڻ به ته ماڻهُو مارڻ ٿيو.”
    “ها، پر اهو سُٺي مقصد لاءِ ٿيو... اهڙا انسانن جا دشمن مُئا ڀلا آهن.” ماءُ، ڌيءَ هڪ ٻئي پويان چيو.
    “ڪير ماري؟”
    “ماڻهُو... عوام.” هن چيو.
    “اهي ته نه ٿا اُٿن.”
    “ٻيا سُٺا ماڻهُو کين اُٿارين.” ماڻس چيو.
    “شاگرد، نوجوان، پاڻ سڀ اُٿي پئون.” هن زوردار تائيد ڪئي، “چين وارن به ته ائين ڪيو نه! ويٽنام وارن ڏسو ڇا ڪيو آهي!” “اُتي ته مرد عورتون، ٻار، ٻُڍا به سِر ترين تي رکيو بيٺا آهن.”
    “اسين به ايئن ڪنديون سين. خدا جو قسم هتي ماڻهُو اُٿي بيهن ته آءٌ جيڪر اڄ ئي ساڻن هلي وڃان...”
    “پوءِ فلمون ڪير ڏسندو؟”
    “فلمون! مون کي ته هاڻي انهن فلمن لاءِ نفرت آهي. سڀ ڪوڙ! پنهنجي زندگي سڄي غلط آهي. ايمان سان آءٌ ته چوان ٿي ته آءٌ ڇوڪرو هجان ها ته ويٽنام هلي وڃان يا فلسطين. عظيم انسان اهي آهن. هتي ته اسين رڳو حيوانن جي حياتي گذاريون ٿا....”
    “اهي ويچارا ته روز مرن ٿا.” ماڻس افسوس سان چيو.
    “ڀلي مرن، مرڻ ۾ ڇاهي. انسان ته ٿي مُئا. مربو ته ائين ئي. پنهنجي قوم لاءِ سِر ڏيئي مرجي يا اُنهن انسانن وانگر سڄي عمر لِپ اسٽڪون هڻي، فئشن ڪري، فلمون ڏسي، مانيون پچائي، زنانا جهيڙا ۽ گلائون ڪري ڪُتن وانگر مري وڃجي...” هن جوش ۽ نفرت وچان ڳاڙهو ٿي چيو.
    گهوڙي وانگر تيزيءَ سان آيل بيماري جونءَ وانگر آهستي سُرندي موٽ کائي رهي هئي.
    “سڀاڻي کان توهان صبح جو 7 بجي لان ۾ وڃي ٿورو هلجو ۽ اُس تي ويهجو.” سسٽر زرينه رات پنهنجي پنجابي اردوءَ ۾ حڪم ڏنو. سندس مهربان ۽ ٻاجهاري منهن تي چڙهيل پُرسڪون سنجيدگيءَ جي نقاب مان سندس سرهائي ۽ فتح جون جهلڪيون نظر پئي آيون. سندس سنڀال ۾ ڏنل مريض ٺيڪ ٿي رهيو هو.
    لان جي چوڌاري بينچن مان هڪ تي فتح مل واري ڇوڪري ۽ سندس ماءُ ويٺيون هيون. مينديءَ جي ٻُوٽن تي جهرڪيون چرچر ڪري پاڻ ۾ وڙهي رهيون هيون. ننڍڙو اياز لطيف سُٿڻ پائڻ کان انڪار ڪري گُسائي ڦوهاري ۾ هٿ پير پُسائي نعرا هڻي رهيو هو، “سنڌ جو بهادر!” “لالا قادر!” “سنڌ جو بهادر!” “لالا قادر!”
    “هي نعرا ڪٿان سِکي آيو آهين؟”
    “ڪٿان نه!”
    “شهر ويو هو، اُتان ڇوڪرن کان ٻُڌا هوندائين.” ماڻس ٻُڌايو. ڇٻر اڃا آلي هئي. فراسي وڇائي ويئي.
    “نيٺ ڀلا ڇا ٿيندو؟ مطالبا مڃيندا؟” هن پڇيو.
    “خبر ناهي.”
    “پوءِ بس ويچارو ڀلي مري وڃي! سرڪار کي احساس به ڪونه ٿيندو!”
    “خبر ناهي... اڄ پاڻ به شهر ٿا هلون. خبر وٺجي. قاضي فيض محمد به اچي ويٺو آهي.”
    “قاضي فيض محمد تمام سُٺو ماڻهُو چئبو. ٻيا ليڊر ته گهر سُتا پيا آهن.”
    “وڏو سچار سنڌي آهي... سنڌ جو آزمايل سپاهي آهي.”
    شهر کان موٽندي واٽ ۾ اها ئي ڳالهه ٿيندي رهي.
    “قاضيءَ جي اچڻ تي شاگرد ليڊر ڇو ناراض ٿيا آهن؟”
    “چون ٿا ته سياسي ليڊرن جي شامل ٿيڻ ڪري معاملي کي سياسي رنگ اچي ويندو، حڪومت هروڀرو ضد ٻَڌندي.”
    “پوءِ ڇا ٿي پيو. سياسي معاملو اوئين ئي آهي.... قاضي ويچاري کي ته ارمان ٿيو هوندو.” ماڻس چيو.
    “ها، ڳالهه ڪندي سندس گلو ڀرجي آيو. مون کي خود شرم پئي آيو.”
    “ڇو؟”
    “بس، قومي سياسي شعور جي پختائي ناهي. اڃا هرڪو پنهنجي ديڳڙي الڳ رڌڻ کائڻ ٿو گهري. هڪڙي بزرگ فدائي قربانيءَ لاءِ اچي ۽ ان جو اهو قدر ٿئي!”
    هوا تي نڪرڻ ڪري طبيعت خراب ٿي پيئي. بخار... اُلٽيون... شام جو ڪجهه سامت آئي.
    “ڪجهه پڙهجي.”
    “چڱو ناول پڙهون؟”
    “نه. انهيءَ مان طبيعت مورڳو اُداس ٿيو پوي. اڄڪلهه اهڙو ادب پڙهجي، جنهن سان همت وڌي، فتح ۾ يقين ٿئي، آئندي ۾ اعتماد ٿئي...”
    “ٺيڪ آهي. تڏهن امان تون شاهه جو رسالو پڙهي ٻُڌاءِ.”
    “ڪهڙو سُر.”
    “کاهوڙي.”
    “پيئي جنين باس گنبي ڏونگر گام جي،
    ڇڏي لوڪ لباس، لوچي لاهوتي ٿيا.”
    سڄو سُر پورو ڪري پڇيائين، “هاڻ وري اياز.... ائن؟”
    “ها.”
    “ڪتاب ته گهر رهجي ويو. ياد ٿا پڙهون. پهريائين تون هُو ٻُڌاءِ، اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!”
    “اسين ته ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
    سُتي ساهه جاڳي وڃي دور دور،
    ستارا لتاڙي اسان جو شعور...
    جڏهن موٽ کائون
    سوين راز آڻيون
    سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون
    سوين چنڊ چايون،
    ستارا تڳايون،
    انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
    اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
    اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!”
    ٻاهر اوندهه هئي. پريان وڻن جي پنن جي هلڪي سر سر جا ڀُڻڪاٽ پئي آيا. واري واري سان سهڻي لطيف ۽ اياز جو ڪلام پڙهجي رهيو هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪمري نمبر 6، وارڊ 14 مان سڄي ايل.ايم.سي اسپتال مان سموري سنڌ مان سڀ مرض ۽ بيماريون ڌوپي رهيون هيون، ماڻهُو هنڌ ۽ بسترا ڇڏي، گهرن جون ڪُنڊون ڇڏي، گام ۽ گهٽيون ڇڏي، مڙي سڙي ولر ۽ ٽولا ڪري، قطارون ٺاهي، لشڪر بڻجي مست ٿي، نچندا ٽِپندا، ڳائيندا، ظلم ۽ قهر جي ڪوٽن تي، غلاميءَ جي مورچن تي، نڪري دوکي جي ديوارين تي هلائون ڪرڻ لاءِ لهرون لهرون ٿي وڌي رهيا هئا.
    او شال عُقابن سان اٽڪان
    مان وار ٿي واهرن جي
    ٿي ساري سنڌ اياز پني
    ڇا ڇم ڇم آندئي ڇيرن جي!”
    “ڏونگر ڏکوين کي تپي ڪندين ڪوهه،
    تون جي پهڻ پٻ جو ته لڱ به منهنجا لوهه،
    جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه سا پٿون ٿيندي پير تي.”
    اکين ۾ حوصلي ۽ همت ۽ جذبي ۽ جولان جا ڏيئا جرڪي اُٿيا.
    “هاڻ قائد انقلاب پڙهجي.”
    هن ڪتابڙو ڳولي هٿ ڪيو ۽ پڙهڻ لڳو.
    “سڄي دُنِيا جا عوام پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي وڃو ۽ آمريڪي اڳرائي ڪندڙن ۽ سندن شڪاري ڪُتن کي شڪست ڏيو. سڄي دُنِيا جا ماڻهُو مڙسي ڪريو، ڪمر ڪشيو وڙهڻ جي جرئت ڪريو، مشڪلات کان نه ڊڄو ۽ لهرن پويان لهرون ٿي اڳتي وڌو. پوءِ سڄي دُنِيا عوام جي ملڪيت ٿي ويندي. سڀني قسمن جا راڪاس تباهه ڪيا ويندا.”
    “انساني تاريخ ۾ سدائين سمورين مرڻينگ ۽ مُردار قوتن پوين پساهن تي اچي، انقلابي قوت جي خلاف سِر ٽوڙ مقابلو پئي ڪيو آهي ۽ ڪي انقلابي اڪثر دشمن جي انهيءَ ظاهري طاقت ۽ اندروني ڪمزوريءَ کي ڏسي ڪجهه دير لاءِ دوکي جو شڪار ٿي ويندا آهن. کين خبر ئي نه پوندي آهي ته دشمن تباهيءَ جي ويجهو پيو پهچي ۽ هو پاڻ فتح جي ويجهو پيا پهچن...”
    “اسان کي کپي ته پنهنجي طرف مان ڪمزوري ۽ بي وسيءَ جا سمورا خيال ختم ڪري ڇڏيون. دشمن جي طاقت کي اجايو گهٽ سمجهڻ جا سمورا خيال غلط آهن.”
    “مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن کي اهو ڪڏهن به نه سمجهڻ کپي ته ڪو عوام کي غلام بڻائيندڙ سامراجين کي ڪڏهن نه ڪڏهن حياءُ پئجي ويندو ۽ هو سندن ڳچيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيندا. هو فقط تڏهن ڪامياب ٿيندا، جڏهن پنهنجي ٻڌيءَ کي مضبوط ڪندا ۽ پنهنجي جدوجهد تي ثابت قدم رهندا. سچو پچو رُڪ جو قلعو عوام آهي، لکين ڪروڙين عوام جيڪي سچائيءَ ۽ صاف دليءَ سان انقلاب جي پُٺ ڀرائي ڪن. اهو آهي صحيح معنيٰ ۾ رُڪ جو قلعو، جنهن کي ٽوڙڻ ڪنهن به طاقت جي وس جي ڳالهه ناهي...”
    “جنهن هنڌان جنگ ڪرڻ جي ڀرپور طاقت جو چشمو ڦُٽي نڪري ٿو، سو عوام ۾ لِڪل آهي، هيءُ جو دشمن کي ايڏي مجال ٿي آهي جو اسان تي آڪڙ ۽ رعب پيو ڪري، ان جو خاص سبب اهو آهي جو عوام اڃان ڇڙوڇڙ ۽ غيرمنظم حالت ۾ آهي. جڏهن اها گهٽتائي نڪري ويندي، جڏهن اڳرائي ڪندڙ اسان جي لکن ڪروڙن عوام جي وڪڙ ۾ اچي ويندو ۽ جهنگلي ڍڳي وانگر شعلن ۾ وڪوڙجي رنڀو ڪري ٽڪر هڻندو ۽ ڊوڙون پائيندو، اسان جي آواز جي گجگوڙ ئي سندس دل ۾ دهشت وجهي ڇڏيندي ۽ هو سڙي رک ٿي ويندو.”
    اونداهي گِهري ٿيندي ويئي. ڳالهين مان ڳالهيون نڪري اُسري نسري سياڻپ ۽ سورهيائيءَ جا سنگ ڪڍي رهيون هيون.
    هن اوچتو پڇيو:
    “آءٌ هڙتال ڪري سگهان ٿي؟”
    “ڇو نه؟”
    “ماڻهُو کِلندا ته ڪونه؟ چوندا ته ڪونه، ته نياڻي ڌيءَ هڙتالون پيئي ڪري...”
    “ڪي ضرور کِلندا، ٽوڪون ڪندا، اول شايد سڀ ناپسند ڪن، هر نئين ڳالهه تي ماڻهُو کِلندو ۽ چٿرون ڪندا آهن.”
    “پوءِ....؟” هن اُداس ۽ مايوس ٿي چيو، “مرشد سائينءَ جو فرمان آهي:
    “ڪاريءَ رات ڪنن ۾ آهي ڪاڻيارين ڪم
    “ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ڏي ڏراپا ڏم
    هي هڏو ۽ چم گهوريو محب ميهار تان.”
    “چڱو!” هن محڪم ارادي سان چيو، سندس اکين ۾ عزم جا شعلا هئا.
    ... ... ...
    ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ بک هڙتالين کي رتورت ڪري گرفتار ڪرڻ جون خبرون شايع ٿيون.
    “هاڻ؟” هن اخبار پڙهي پڇيو، “خبر ناهي؟”
    “هاڻ ته مڇرجي پيا آهن. هاڻ جيڪو بک هڙتال ڪندو تنهن کي ماريندا.”
    “نه؟” “ها،”
    “رتورت ڪري ڇڏيندا؟” “شايد.”
    “پر جي ڪجهه نه ڪبو ته تحريڪ ته ناڪام ٿي ويندي؟ نه؟ چوندا ته سنڌي ڊڄي ويا؟ نه؟”
    “ها.”
    “ٻيا ڇوڪرا ته هاڻ ڪونه ويهندا؟”
    “خبر ناهي. شايد نه ويهن.”
    “آءٌ وڃان ٿي!” هوءَ اوچتو ٽپ ڏيئي اُٿي کڙي ٿي ۽ وِڄ جي تيزيءَ سان هلي وئي.
    “بسترو کڻي وڃج!” ماڻس پويان سڏ ڪري چيو ۽ پوءِ پاڻمرادو ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيائين، “ويئي هلي سڏ ڪونه ٻُڌائين.”
    سسٽر زرينه سُئي هڻڻ لاءِ گهڙي آئي.
    “هينئر اختر تڪڙي تڪڙي ڪيڏانهن پئي ويئي؟”
    “جيل!” ماڻس سنجيدگيءَ سان چيو.
    سسٽر منهن تڪيندي رهجي ويئي.
    شاهه جو بيت اُڀري اکين اڳيان اچي بيٺو:
    “پيئي جن پروڙ گنجي ڏونگر گام جي،
    ڇڏي سڀ ضرور، لوچي لاهوتي ٿيا!”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 465652
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 186505
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ