ڪتاب جو نالو: اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم
مصنف: محمد ابراھيم جويو
ڇپائيندڙ: سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد سنڌ
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 13 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1934 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 631 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم “ جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. هي ڪتاب سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  •   ٻه اکر
  • مٺڙي تنھنجي ٻولي سنڌ
  • ھنديان را اصطلاح ھند مدح
  • اسان جي سنڌي زبان
  • سنڌي ٻولي – ان جي بقا، بچاءُ
  • سنڌي ٻولي، اَمٽ ٻولي
  • قومي زبان ۽ تعليمي زبان
  • سنڌي زبان ۽ ذريعي تعليم
  • لفظن جي اھميت
  • سنڌي ٻولي – اُن جو ماضي، حال ۽ مستقبل
  • سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آھن
  • اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي
  • تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آھي
  • استدعا

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (212) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب ”اسان جي ٻولي اسان جي تعليم “ جو مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو صاحب آهي.

    هي ڪتاب سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري صاحب جا جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


      ٻه اکر

    معاشري ۾ فرد جي ڳالھ ھجي يا قومن جي برادريءَ ۾ ڪنھن قوم جي، ھيڪلِي ۽ ننڍي ھستي ھميشہ پيارُ چاھي ٿي، ڀروسو چاھي ٿي ۽ مانُ چاھي ٿي – ڇو ته اُن کي پنھنجو جيئنُ عزيز آھي. پر جڏھن اُن تي پڌرو ٿي وڃي ٿو ته اُن سان پيار نه پر ڳَلٿو ٿئي ٿو، اُن تي ڀروسو نه پر شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اُن جو مانُ نه پر اُن سان ڌؤنس روا رکي وڃي ٿي - ۽ اُھو سمورو وقت، اُن جي اُپت ۽ اِثاثي، وسائل ۽ ورثي ۾ ئي ڏاڍي پَکَ جي ھوس ناڪ اک کُتل آھي – تڏھن اُھا 'معاشري' کان. 'برادريءَ' کان، مُنھن موڙڻ تي مجبور ٿئي ٿي، ۽ پنھنجي جيئاپي لاءِ آراڌا جتن ڪري ٿي. اھڙيءَ ڪيفيت جو آخري ۽ واحد عنوان ھيءُ بڻجي ٿو ته اُن جي ڪابه حَقي ڳالھ نٿي ٻُڌجي، اَڌ ٻُڌجي ٿي، ۽ غلط ٻُڌجي ٿي، ۽ ڪڏھن به نٿي مڃجي – ايتري قدر جو، اُن کي يقين ٿي وڃي ٿو ته سواءِ زور جي معاشري يا برادريءَ کان اُن کي حق ملڻو نه آھي. اُن حالت ۾ معاشري يا برادريءَ ۽ اُن ننڍيءَ ھستيءَ جي وچ ۾ ويڇي ۽ ڌاريائپ جي فولادي ڀِت اُڀي ٿي وڃي ٿي، ۽ پوءِ اُھا آراڌي انساني ھستي، فرد جِي يا قوم جِي، پنھنجي ذات ۾ پاڻ ئي جدا ھڪ 'معاشرو'، جدا ھڪ 'برادري'، بڻجي پوي ٿي: ۽ پوءِ موٽ ۾ زور جي عمل سان اُھا انفراديت ۽ اُھا قوميت وري ڪڏھن مات نٿي ٿئي – سواءِ اِن صورت جي، جو مِٽجي وڃي يا پاڻُ ميٽي ڇڏي. اھڙي خودشناس ۽ باشعور انفراديت ياقوميت (جيسين پاڻُ نٿي ميٽي، تيسين) پنھنجي ذات ۾ ھڪُ پاڻَ – زورو ڪرشمو، ھڪَ پاڻَ – پورِي قدرت بڻجي جيئي ٿي، يعني فقط خود- اراديت جي شرط تي، ۽ اُن جي وجود جو ڪُل انساني برادريءَ جي وجود ۾ پوءِ مستقل ۽ مساوي حصو قائم رھي ٿو.
    سنڌي معاشري ۽ سنڌي قوم کي به تاريخ ۾، ڪافي ڪجھ وقت، دنيا جي ٻين اڪثر معاشرن ۽ قومن وانگر، ڌارين جي تسلط ھيٺ، اِن طرح جي ڳلٿي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جو نشانو بڻجي رھڻو پيو آھي. اڄ به اُن جي ڪنھن حَقي ڳالھ کي ٻُڌو نه ٿو وڃي، اَڌورو ٻُڌو ٿو وڃي، ڄاڻي ٻُجھي غلط ٻُڌو ٿو وڃي، ۽ ھرگـز مڃيو نٿو وڃي. اڄ به اُن جي اَنيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آھن، اُن جي پنھنجي قومي ٻوليءَ جي جائز امنگن ۽ حَقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي ساڳيءَ انھيءَ جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رھيو آھي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حرصائي، 'علاقائي' بي آب و گياھ پَٽَن مان ڪڍي، 'قومي' سرسبز چراگاھن ڏانھن نيو وڃي ٿو؛ سگھارن ابلاغي ذريعن – پريس، ريڊئي، ٽيليويزن- کان، 'علاقائي' ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌناري رکڻ ۽ 'قومي' ٻوليءَ کي آڍي مَکي، وڏو ڪري، مُلڪن ۽ ماڻھن مٿان مڙھڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو؛ مملڪتي سھولتن ۽ موقعن کي- ادارائي، تنظيمي، تعميلي، ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ - 'قومي' ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو، ۽ 'علاقائي' ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو وڃي ٿو ته ڀَل ته اُھا پنھنجي مُنھِن مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رھي؛ ھٿرادو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، ھڪ ساھيءَ ۾ مذھب کي قوم جو واحد اِساس چئي، 'علاقائي' ٻوليءَ جي نظراندازيءَ جو جواز، ۽ ٻي ساھيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اِساس چئي، قومي ٻولي جي تقديس جو جواز موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ اِئين اسين جيڪي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلافِ مذھب ۽ ملڪ- دشمن، قوم- دشمن چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني ھيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رھون، پيش پئون، ۽ پنھنجي انفراديت، پنھنجي قوميت، پنھنجي انسانيت تان ھٿ کڻون، ۽ معاشري ۾، قومن جي برادريءَ ۾، ڏاڍن جي شِڪم پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراھ بڻجون.
    ھِن ڪتابچي ۾ ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ جي عنوان ھيٺ، پنھنجن خير طلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جِي پُختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي ويئي آھي، ته اسان کي پنھنجِي اِھا ٻين جي سڻڀي گراھ بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانھي، ۽ اِن انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم ۽ ھر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آھيون ۽ سچا رھنداسين.
    اميد ته خيالن جي ھيءَ ياداشت، جيڪا خاص طرح سنڌي ٻارن ۽ نوجوانن جي مائٽن ۽ استادن، ۽ سنڌ جي تعليم دانن ۽ تعليم ڪارن، ۽ تعليمي عملدارن ۽ اعليٰ حڪومتي اختيار جي صاحبن جي توجھ لاءِ شايع ڪئي ويئي آھي – اِھي اسان جا عزيز، دوست ۽ ڪرم فرما سڀ ڌيان سان پڙھندا، ويچاريندا، ۽ جي اُن سان متفق ٿين ته اُن کي، پنھنجي پنھنجي دائري ۾، عمل ۾ آڻڻ جا پورا جَتن ڪندا- اِھو ئي اسان لاءِ اسان جي ھِن نماڻيءَ محنت جو لائق صد تحسين عِوض ٿيندو.

    حيدرآباد سنڌ
    محمد ابراھيم جويو
    14 آگسٽ، 1985ع


    مٺڙي تنھنجي ٻولي سنڌ

    مٺڙي تنھنجي ٻولي سنڌ
    ---------
    تنھنجي نقشي تان اي سنڌ
    قربان ھي تَن مَن آھي
    ڀلارو تنھنجو نالو سنڌ
    سڀاڳي رکيو ڪنھن آھي؟
    تنھنجا جبلَ، سمنڊُ، صحرا
    ماڻھو، ساھَ، گلَ، تن لئه
    تو ۾ آھي، سنڌو درياءُ
    وھايو ھي درياءُ ڪنھن آھي؟
    اسان کي مِٽي تنھنجي پياري
    پنھنجي ھر زندگيءَ کان آھي
    مٺڙي تنھنجي ٻولي سنڌ
    پھريان ڳالھائي ڪنھن آھي؟
    ھتي شھادت اچي به سنڌ
    توتان ھيءَ زندگي قربان آھي
    دعا آھي مھراڻوي جِي، سنڌ
    آ باد تنھنجو ھي وطن آھي.
    [ماھوار ”الصادق“، شوال 1405ھ، جي ٿورن سان ]













    و من آيات خلق السماوات والارض و اختلاف السنتڪم و الوانڪم ان في ذالڪ لا آيات للعالمين.
    (قرآن حڪيم)
    [ ۽ (سندس) نشانين مان آھي آسمان جو پيدا ٿيڻ ۽ زمين جو پيدا ٿيڻ، ۽ اوھان جي ٻولين جو علحدو (مختلف) ھئڻ ۽ اوھان جي رَنگن جو علحدو (مختلف) ھئڻ – اِنھن ۾ نشانيون آھن ڄاڻن (عالمن ۽ سائنسدانن) لاءِ. ]

    وما ارسلنا من رسول الا بلسان قومہ (قرآن حڪيم)
    [ اسين ڪو رسول موڪليون ٿا ته سندس قوم جي زبان سان / وارو موڪليون ٿا.]

    قرآنا عربيا لعلڪم تعقلون (قرآن حڪيم)
    [اسان قرآن عربي زبان ۾ لاٿو ته جيئن اوھين سمجھو.]

    لو جعلناہ قرآنا اعجميا لقالوا لولا فصلت آياتہ اعجمي و عربي (قرآن حڪيم)
    [جيڪڏھن اسين قرآن عجمي زبان ۾ لاھيون ھا ته ماڻھو چون ھا ته آيتن جا تفصيل ڇونه ڏنا ويا – ھيءَ ڪھڙي ڳالھ آھي، جو رسول عربي ھجي ۽ قرآن عجمي!]


    ھنديان را اصطلاح ھند مدح

    ھنديان را اصطلاح ھند مدح
    سنديان را اصطلاح سند مدح

    (مولانا جلال الدين رومي)






    اسان جي سنڌي زبان

    اسان جي سنڌي زبان
    *****
    علامه ع . م . دائود پوٽو

    اسان جي پياري ' سنڌي '، ھڪ قديم زبان آھي ..... موجوده يورپ جي متمدن ٻولين کان به آڳاٽي آھي. اُھي اڃا وجود ۾ ئي نه آيون ھيون، ۽ اُڙدوءَ جو ته اڃا اير ڀير به معلوم ڪونه ھو، ته سنڌي زبان ھڪ پاڪيزي نموني ۾ ڳالھائڻ ۽ لِکڻ ۾ ايندي ھئي. جھرجھنگ ۾ انڌ جا اھل الله سنڌي بيت ۽ دوھرا جھونگاريندا ھئا. انھن ۾ ايترو سوز ۽ ساز ھوندو ھو، جو ٻڌندڙ محو حيرت ٿي ويندا ھئا؛ ۽ ڪيترائي ڪيفي، ڪباب ٿي، جان فدا ڪندا ھئا. ڇا، مخدوم احمد ڀٽيءَ ھڪ سماع جو بيت ٻُڌندي ساھ نه ڏنو؟ ڇا، ھڪ سيلانيءَ، شاھ لطيف جو ھيٺيون بيت پڙھندي، پنھنجي حقيقي محبوب جي سِڪ ۾ پران نه تياڳيا؟
    ھيڪليائي ھيل، پوريندس پرينءَ ڏي،
    آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل،
    ته ٻيلي آھن ٻيل، سُور پريان جا ساڻ مون!
    انھن قرب جي وٽين ۾ اڃا به ماکيءَ جھڙو مَڌُ آھي، کرو ڪو انھيءَ جي چاشني چَکي-
    جي چَکين ته چريو ٿئين، اِن ميخاني جو مَندُ!
    ڪي سطحي ماڻھو چوندا آھن ته سنڌي ھڪڙي ٺَلھي ۽ سَکڻي زبان آھي، ۽ منجھس ادب بلڪل ٿورو آھي – خصوصًا اسان جا حريف ۽ اڙدوءَ جا دلدادا اھڙي دعوا وڏيءَ ھام سان ڪندا آھن – پر اِھا سندن عظيم غلطي آھي .... سِنڌي ادب بابت ھيترو چوڻ ڪافي آھي ته جڏھن انگريزن ھندوستان ۾ پير پاتو، تڏھن ڪنھن به ڏيھي ٻوليءَ ۾ ايترو علم ادب ڪونه ھو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود ھو..... مطلب ته سنڌيءَ ۾ ھر ڪنھن قسم جي صلاحيت رکيل آھي، جا کيس دنيا جي ادبي ٻولين ۽ ڪَرُ کڻائي سگھي ٿي. شعر جو ته [اسان وٽ] ڪاٿو ئي ڪونھي! ساري مُلڪ ۾ پکڙيو پيو آھي ....[ھيءُ] سڄو نظمي ادب باطراوت، ورجيسن سان ڀريل، طبعزاد، ججھو، لفظن توڙي عبارتن ۾ گوناگون، ۽ ساڳئي وقت سادو ۽ فطرتي آھي .... [تحقيق اسان جي] ' سنڌي '، ھڪ تونگر زبان آھي .... منجھس ھڪ عاليشان ھمه گير ادب جون سڀئي صلاحيتون موجود آھن. ڇا، اھڙيءَ ٻوليءَ کي سنڌي پنھنجي ھٿان وڃائيندا....
    ڀائرو، اوھان ۾ غيرت آھي، ته اُٿو – پنھنجي اباڻي ورثي جي سنڀال ڪريو! جا ٻولي مخدوم عبدالحسن، مخدوم محمد ھاشم، سيد عبداللطيف، بزرگ گروھڙيءَ ۽ ٻين عاليشان ھستين جي ھنج ۾ پَلي آھي، ۽ جيڪا لفظن ۽ اصطلاحن ۽ ٻين ڪلامي خوبين جي ڪري ڪنھن به ٻوليءَ کان گھٽ نه پر گھڻو بلند ۽ بالا آھي، تنھن کي اوھين نڌڻڪو ڇڏي ڏيندا؟ جنھن قوم کي پنھنجو ' ادب ' نه آھي، سان اڄ ڪنھن به قطار ۾ نه آھي: جيڪڏھن اوھان پنھنجو سارو ادب وساريو، ته ڌوٻيءَ جي ڪُتي وانگر نه گھر جا ٿيندا، نه گھاٽ جا! اکيون پَٽيو، جاڳو، پنھنجو ورثو سنڀاليو، - نه ته سُتت اوھان کي پڇتاءَ جون تريون مھٽڻيون پونديون!
    [ ”الوحد“ جو آزادي نمبر، 14 آگسٽ، 1949ع ]


    سنڌي ٻولي – ان جي بقا، بچاءُ

    سنڌي ٻولي – ان جي بقا، بچاءُ
    *****
    علامه آءِ. آءِ. قاضي

    ھن کان اڳ مون برادرانِ وطن جي آڏو ھن نڪُتي کي بار بار پئي دھرايو آھي ته ھر ٻيءَ شيءِ وانگر ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو، ۽ اُن جي تباھي به قانونِ فطرت مطابق آھي. اِن حقيقت لاءِ جيڪڏھن ڪنھن ثابتيءَ جي ضرورت آھي، ته پوءِ قرآن حڪيم جا ھي الفاظ ھڪ قطعي ثبوت سمجھڻ گھرجن:
    ”لِڪُل قوم اجلُ – اِذا جاء اَجَلھُم لاَ يَستَاخرون سَاعَة وَلا يَستقدمُونَ.“
    (ھر ڪنھن قوم لاءِ ھڪ وقت مقرر آھي: جڏھن سندن اھو وقت اچي ٿو، تڏھن نڪي ھڪ گھڙي دير ڪن ٿيون، نڪي جلدي.)
    ھر شيءِ جي بقا جو دارومدار اُن جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آھي. يعني ته ھن ڳالھ تي آھي، ته اُن ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتري قدر وڃي بچيو آھي. ڪنھن به شيءِ ۾ جيڪڏھن تخليق جي قوت باقي نه رھي آھي، ته اُھا زنده رھي نٿي سگھي. بس، يا واڌارو آھي يا موت.
    زبان جو مسئلو سماجي شعور تي ٻَڌل آھي. ظاھر آھي ته جيستائين ھڪ کان زياده ماڻھو نه ھوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگھندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اُسرڻ لاءِ سماج جو ھجڻ ضروري آھي، فقط ھڪ ماڻھوءَ جي وَس کان ھيءَ ڳالھ ٻاھر آھي. انسان فطري طور ' سماجي ' آھي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، ھو ” انسان “ بڻجي نٿو سگھي. بقول قرآن حڪيم، ” خلق لا انسانَ علَم البيان “. اجتماعي زندگيءَ جي ھيءَ فطري تقاضا آھي ته انسان کي بيان جي قوت ھجي، ڇاڪاڻ ته تبادله خيالات ھڪ لازمي ضرورت آھي. اِنھيءَ ڪري ئي قوم جي اجتمائي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي، يا ان کي ترقي وٺائي ٿي، ۽ اُن کي باقي رکي ٿي. جيڪڏھن اِھي ضرورتون باقي نٿيون رھن، ته ٻوليءَ جو باقي رھڻ به بي معنيٰ آھي.
    سنڌي ٻوليءَ کي بھترين ماحول ھوندي به گھٽ ۾ پنج ھزار ورھيه ٺھڻ ۾ لڳا آھن. اُن جي تشڪيل ۽ ترقي ھڪ اھڙي خطي ۾ ٿِي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاھر جو محتاج نه ھو. ھِتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود ھِتي جي باشندن جي ھٿان پوريون ٿي ٿيون. مثلًا، دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپھ پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا، ته ڪي ڪڻڪ اُپائين ٿا، مگر سنڌ اُھي سڀئي اُپائي ٿي. اِنھيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنھنجو پاڻ مڪمل ۽ خود- ڪافي ڀاڱو ٿي رھي آھي. تقريبًا تيرھن سؤ سال اڳ، سنڌ کي تھذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاھران پھتو، جنھن کي ھِن ملڪ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُن کي اڳتي وڌايو، ۽ اُن جو ڦل حاصل ڪيو. اِھو سڀ ڪجھ سنڌ اھڙيءَ ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنھن جو مثال ھِتي جو ڪو ٻيو صوبو پيش ئي نه ٿو ڪري سگھي. اُنھيءَ حاصلات جو نتيجو ھڪ طرف ”لطيف“ ۽ سندس پيغام آھي ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ جا ھزارين پھاڪا آھن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي سمايل آھي، ۽ جي دنيا جي مھذب ترين ٻولين جي پھاڪن جي ڀيٽ ۾ ھڪ امتيازي درجو رکن ٿا.
    تقريبًا ڏيڍ سَؤ سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا ھر نُڪتي کان دنيا ۾ برک ھئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماھر ۽ لغت نويس ھن ننڍڙيءَ اراضيءَ مان طلب ڪيا ويندا ھئا. فقط پوئين ڏيڍ سَؤ سالن ۾ ئي، ڌارين جي غلاميءَ سببان، سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آھي. ھاڻي اوھان جي ھمت ۽ حوصلي تي منحصر آھي، جو اوھين سنڌ جي زندگيءَ ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سِر جياريو، ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فِڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انھيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کان سواءِ ڪنھن به قوم يا ٻوليءَ جو اُسرڻ محال آھي.
    سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان ھٿ ڊگھيرن حماقت آھي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رھي سگھي ٿي، جيستائين اوھين زنده آھيو، ۽ ھڪ صحتمند زندگي گذاري رھيا آھيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوھان جي طفيل زنده ناھي. مگر اُھي، جي ٻه سَؤ سال اڳ جيئرا ھئا، تن خاطر پيئي پساھ کڻي. سنڌ انھن جي نيڪين سببان تَڳي رھي آھي، ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏھن اوھان پنھنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا، ۽ پنھنجي فڪر ۽ قوت تخليق ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جامد جسم بڻجي ويندا، تڏھن قانون فطرت مطابق، نه توھين رھندا، نه توھان جي ٻولي! ڪوبه سياستدان يا داناءُ اُنھيءَ حالت ۾ اوھان کي جياري نه سگھندو، ۽ پڻ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“
    ”فبعداللقوم الظالمين“
    شال ڌڻي اھڙو ڪو ڏينھن نه ڏيکاري – آمين

    [16 سنڌي ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻي، ڏانھن پيغام: ” سماھي مھراڻ “ – 2، 1956ع]



    سنڌي ٻولي، اَمٽ ٻولي

    سنڌي ٻولي، اَمٽ ٻولي
    *****
    مولانا دين محمد وفائي

    سنڌي ٻولي، پنھنجي جھونائيءَ ۽ آڳاٽي ھجڻ ڪري، پنھنجي مٿي ھڪ اَمٽ ٻولي آھي، جنھن جي پاسي ۾ ھندوستان ۽ پاڪستان جي ڪابه ٻولي نٿي بيھي سگھي. عربي مسلمانن جي ڪاھن کان اڳ سنڌي زبان جو ڪھڙو روپ ھو ۽ اُھا ڪيئن ڳالھائي ويندي ھئي، اُن جي کوجنا ڪرڻ ۽ اُپٽار ۾ وڃڻ ڪنھن ٻيءَ صحبت تي اڇلائي، ھت ھي ڏيکارڻو آھي ته ھاڻوڪي سنڌي جا ڳالھائي ٻولھائي وڃي ٿي، تنھن جي ڄمار به ھڪ ھزار ورھين کان وڌيڪ آھي. پوءِ کڻي ان ۾ وقتن ۽ حالتن جي اير ڦير ڪري ڪجھ ڦيرو گھيرو آيو به ھجي. عربن جي ڪاھن ۽ اُن کان پوءِ غزنوي ۽ مغلن جي راڄن ۾ سنڌيءَ ڪي عربي ۽ فارسي لفظ به جھٽي ورتا مگر ان ھوندي به سنڌيءَ جو خزانو، پنھنجي جھونائيءَ ۽ قدامت جي ڪري، ڪو اھڙو کُٽل ڪونه ھو، جھڙو ھاڻي اسان جا ڪي ”خيرخواھ“ سمجي ويٺا آھن.....
    ترڪيءَ 1918ع ۾ انقلاب کان پوءِ، ترڪي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم ھٿ ۾ کنيو تنھن ۾ سڀ کان پھريائين ھنن ترڪي ٻوليءَ جي لغت جوڙائي. ان کان پوءِ ڏٺائون ته پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين زبانن جا ڪيترا لفظ آھن، ۽ انھن جي معنيٰ وارا لفظ اسان جي لغت ۾ لڀن ٿا يا نه؟ ترڪيءَ ۾ ساڳيا ھم معنيٰ لفظ کين ملندا رھيا، اھي قائم رکندي، باقي ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍندا ويا، پر جڏھن کين اھڙا لفظ نه ملي سگھيا، تڏھن ساڳيا عربي ۽ فارسي لفظ اِئين جو اِئين قائم رکيائون. اِن ريت ترڪي ٻوليءَ کي سُوڌي، صفا ڪري، ھڪ علمي زبان بڻائي ورتائون.
    رضا شاھ پھلويءَ جي راڄ ۾ فارسيءَ کي سُوڌڻ جي مھم شروع ڪئي وئي، ته عربي يا ترڪي لفظن کي سُوڌڻ تي مجبور ٿيا. ھن وقت ”ھنديءَ“ جي سوڌ به ساڳيءَ صورت ۾ ھندوستان وارا ڪري رھيا آھن.
    سنڌي زبان جي سُوڌڻ لاءِ به ساڳي سڌريل قومن واري واٽ ورتي ويندي، ته اُن ريت نه فقط ٻوليءَ ۾ سڌارو ٿيندو، پر ايڏو وڏو واڌارو به ٿيندو، جھڙو ٻـين جاندار قومن جون زندھ زبانون ڪري رھيون آھن....
    [ ”سنڌ ۽ سنڌي زبان “- مھراڻ، 4 – 1962ع ]







    قومي زبان ۽ تعليمي زبان

    قومي زبان ۽ تعليمي زبان
    *****
    عثمان علي انصاري

    ڪنھن به ملڪ جي ”قومي زبان“ جي تعين جو حق اُنھيءَ ملڪ جي سياسي مدبرن، يعني حڪومت ھلائڻ وارن، کي ھوندو آھي، ۽ ھجڻ به گھرجي. پوءِ اُھي سياستدان اُنھيءَ مسئلي جا سمورا پھلو اڳيان رکي، عوام جي عام فھم زبان کي قومي زبان قبول ڪندا آھن، ۽ رفتي رفتي اُنھيءَ قبول ڪيل زبان کي غير محسوس طريقن سان وڌائيندا ۽ مالامال ڪندا ويندا آھن. ليڪن ”تعليم جي زبان“ جو تعين ڪرڻ فقط 'تعليم' جو حق آھي: يعني ته تعليم جي ماھرن جيڪو عام حُڪم تعليمي زبان جي باري ۾ ڪيو آھي، ان کي سياست يا حڪومت پُٺي نٿي ڏيئي سگھي، ۽ جيڪڏھن ڪن خاص مجبورين جي ڪري ڏيندي، ته قوم جي تعليمي ترقيءَ جون اميدون ھڪ خواب جي صورت اختيار ڪري منتشر ٿينديون وينديون. تعليم جي ماھرن جو ساريءَ دنيا جي تعليمي زبان لاءِ ھڪ ئي حڪم آھي. ڪھڙو؟ ته ' ٻار کي تعليم فقط اُنھيءَ زبان ۾ ڏني وڃي، جا اُنھيءَ ٻار جي نيم شعوري زبان آھي '- يعني ته اُھا زبان، جنھن ۾ ٻار خواب لھندو آھي – اُھا زبان جا بي اختياريءَ جي حالت ۾ سندس منھن مان نڪري: ڇو ته اھڙيءَ زبان جي ڳالھائڻ يا سمجھڻ ۾ ٻار جي ذھني قوتن تي بار نه پوندو؛ اھڙيءَ زبان ۾ ڪنھن ماستر يا ڪنھن بزرگ جِي سمجھاڻي بنان ڪنھن تڪليف جي سمجھي سگھندو؛ ڪنھن به مشڪل مسئلي کي، جو اھڙي زبان ۾ لکيل ھوندو، ٻار تمام ٿوريءَ ذھني ڪاوش سان ذھن نشين ڪري سگھندو. پر جي تعليم جي زبان سندس خواب جي زبان نه آھي، ۽ ٻي ڪھڙي به دنيا جي بھترين زبان آھي، ته سندس ذھني تازگيءَ جو تمام وڏو حصو فقط انھيءَ زبان جي سمجھڻ ۾ خرچ ٿي ويندو، ۽ معلومات جو نُور سندس ذھن ۾ داخل نه ٿي سگھندو. اھو آھي ”تعليمي زبان“ بابت 'تعليم' جو نظريو، جو بلڪل حتمي ۽ آخرين نظريو آھي، جنھن ۾ ڪابه ردبدل نٿي ٿي سگھي. نيم شعوري زبان جي پڙھيل کي ' تعليم يافته 'چئبو آھي؛ ۽ ٻين کي ' تعليم زده ' چوڻ گھرجي، توڻي جو انھن بي. اي يا ايم. اي جي ڊگريءَ به پنھنجي صحت جو نذرانو ڏيئي ھٿ ڪئي ھجي.
    نيم شعوري زبان ڪھڙيءَ طرح سِکبي آھي، ڪڏھن سِکبي آھي، ۽ ڪنھن کان سِکبي آھي: انھن سوالن جا جواب به تعليم جي نظرين مطابق ھجڻ گھرجن، ڇوته نيم شعوري زبان کي دنيا جي ' تعليم جي بنيادي زبان ' قبول ڪيو ويو آھي.
    ھاڻي پھرين سوال جو جواب آھي ته اُھا زبان غير شعوري طرح ٻار سِکندا رھندا آھن؛ نه پاڻ سِکڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ۽ نه ڪو ٻيو کين سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
    ٻيو سوال آھي ته اُھا زبان ٻار ڪڏھن سِکندا آھن؟ تعليم جو جواب آھي ته اُن وقت سِکندا آھن، جڏھن کين ڪابه زبان ڪانه ايندي آھي: يعني ته بلڪل صاف سليٽ تي، جا پھرين زبان پنھنجا نشان ڇڏيندي ايندي، ۽ ٻار بنا ڪنھن ڪوشش جي اُنھن نشانن کي غير شعوري طور قبول ڪندو ايندو آھي. ھيءَ ته ھڪ قبول ڪيل حقيقت آھي ته خوراڪ کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ ھڪ ٻار جي وندر جو سامان آواز ۾ ٿيندو آھي. ھڪ روئندڙ ٻار کي پرچائڻ جا قدرت ٻه طريقا ھر ھڪ ماءُ کي سيکاريا آھن: ھڪ ٿڃ ڏيڻ، ۽ ٻيو ڪنھن به قسم جو آواز ڪرڻ – مثلًا، يا ته جھِنجھِڻ جو، يا ڪنھن شيءِ تي ٿـَڦ ٿـَڦ ڪرڻ، ۽ يا ٻار سان ڳالھائڻ جو. اھو وقت آھي، جڏھن ٻار غير شعوري طرح سان ڪا زبان سِکندو ٿو رھي، ۽ ماءُ زبان سيکارڻ جي ڪوشش کان سواءِ فقط ٻار کي پرچائڻ يا مامتا جي محبت ونڊڻ جي ڪوشش ۾ ٻار کي زبان سيکاريندي ٿي رھي. تعليم جي ماھرن جو چوڻ آھي ته ڪوبه انسان پنھنجي خوشيءَ سان ۽ قدرتي طرح فقط اھڙي زبان سِکندو آھي، جا اُن وقت سندس ذھن تي پنھنجا نقش ڇڏيندي، جڏھن سندس ٻاراڻي ذھن تي ٻيو ڪوبه نقش موجود نه ھوندو؛ باقي ٻيون سڀ زبانون زماني جون مجبوريون کيس سِکڻ تي مجبور ڪنديون آھن، ۽ اھڙي مجبوريءَ جي موچڙن سان سِکيل زبانن ۾ ڪو به انسان ماھر ٿي ڪين سگھندو آھي، ۽ نه اُنھن زبانن ۾ ھٿ ڪيل علم کيس ' تعليم يافته ' سڏائڻ جو حقدار بڻائي ٿو سگھي. جي اوھان کي اِھو نظريو مشڪوڪ ٿو نظر اچي ، ته پنھنجيءَ ڄاڻ سڃاڻ وارن مان ڪنھن به ھڪ کي نظر ۾ رکي، پاڻ منصف ٿي، پاڻ کي ٻڌايو ته اُنھيءَ شخص کي اوھين ڪنھن ٻاھرينءَ زبان ۾ ماھر سمجھو ٿا؟ اسان مان ھزارين شخص انگريزيءَ ۾ تعليم وٺي پنھنجن ڪمن ۾ ماھر ٿيا آھن، وڪيل ٿيا آھن، انجنير ٿيا آھن، ۽ خدا معلوم ٻيو ڇا ڇا ٿيا آھن، پر ڇاڪاڻ ته اھو ڊاڪٽريءَ جو يا وڪالت جو يا انجنيري جو علم ھڪ اھڙيءَ زبان ۾ پِرايو اٿن، جا زبان مجبوريءَ ھيٺ سِکي اٿن، تنھنڪري نه منجھن تخليقي قوتون پيدا ٿي سگھيون، نه کين جدت جي واٽ مِلي: ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ کڻي چئجي ته ” مجبوريءَ مري ويا، ماھر ٿي نه مُئا“. پري نه وڃو، پنھنجي ڪنھن وڏي کان وڏي ڊاڪٽر جي لياقتن جي ڀيٽ ڪنھن انگريز ڊاڪٽر سان ڪري ڏسو، اوھان کي ھڪ نمايان فرق نظر ايندو. اُھو فرق اِن ڪري نه آھي ته اسان جا جوان ڪنھن به علم پرائڻ ۾ انگريز جوانن کان ذھني قوتن ۾ گھٽ آھن؛ پر اُھو فرق ھن ڪري آھي ته اسان جا جوان اُھو علم ھڪ اھڙي زبان ۾ ٿا حاصل ڪن، جنھن زبان جي سمجھڻ ۾ کين پنھنجي سموري ذھني تازگي خرچ ڪرڻي ٿي پوي، ۽ معلومات کي سمجھڻ لاءِ سندن دماغ ۾ باقي بلڪل ٿوري قوت وڃي ٿي بچي.
    ٽيون سوال آھي ته نيم شعوري زبان اسان جا ٻار ڪنھن کان سِکندا آھن؟ اِنھيءَ جو ڪجھ جواب ته ٻئي سوال جي جواب ۾ اچي چڪو آھي، باقي ھيٺ ٿو ڏجي. ڪوبه ٻار اُھا نيم شعوري ۽ بنيادي زبان اسڪول ۾ ڪونه سِکندو آھي، ڇوته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ واريءَ عمر کان اڳ ھر ھڪ ٻار اندازًا 850 لفظ پنھنجيءَ زبان جا سِکي پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي سگھندو آھي ( اُھو عرصو ڪن ملڪن ۾ 5، ڪن ۾ 6، ۽ ڪن ۾ 7 سال آھي). تنھنڪري، تعليم جي ماھرن جو چوڻ آھي ته اُھا نيم شعوري زبان ھر ھڪ ٻار گھر ۽ گھِٽيءَ ۾ سِکندو آھي. ' گھٽيءَ ' مان مراد آھي، راند ڪرڻ جي جاءِ.
    مٿئين بحث کان پوءِ ھيءُ قطعي فيصلو ٿي چڪو ته ھر اُنھيءَ سنڌي ٻار کي سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ گھرجي، جنھن جي گھر ۽ ماحول جي زبان سنڌي آھي، ۽ جنھن ٻار جو شعوري ۽ نيم شعوري (سجاڳي ۽ ننڊ) حالتن ۾ سنڌي زبان سان واسطو رھي ٿو، ۽ گھڻي کان گھڻو وقت اُھا زبان ڳالھائيندو يا ٻڌندو ٿو رھي.
    ھينئر سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌي زبان ۾ ڪنھن معقول حد تائين تعليم ڏيڻ لاءِ ڪتاب ۽ معلم موجود آھن؟ ۽ سنڌي زبان ۾ ٽيڪنيڪل تعليم ڏيڻ جون صلاحيتون موجود آھن، يا موجود ٿي سگھن ٿيون؟ جواب سڀني سوالن جا بلڪل صاف آھن. ڪجھ ڪتاب آھن، ۽ ڪجھ جا باقي تيار ٿي سگھن ٿا، بشرطيڪ مصنفن جو ارادو پختو ھجي، ۽ حڪومت جون ھمدرديون ساڻ ھجن. مثلًا، انھيءَ ساڳيءَ سنڌي زبان ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ بي. اي تائين ڪورس تيار ڪرايا ھئا، ۽ انھيءَ وقت جي سنڌ گورنمينٽ سڀ قانون جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا ھئا. سائنس ۽ حسابن جا ڪتاب ته اڄ تائين موجود آھن. فلسفي ۽ سائيڪالاجيءَ جا ڪتاب پڻ موجود آھن. انھن کان وڌيڪ ڪتاب، ضرورت آھر تيار ٿي سگھندا. مطلب ته سنڌي زبان ۾ سڀني تعليمي مضمونن تي ڪتاب لکڻ يا ترجمن ڪرڻ جون صلاحيتون موجود آھن. معلم به ابتدائي ۽ ثانوي حدن تائين موجود آھن، ۽ وڌيڪ تيار ٿي سگھندا، جيڪڏھن حڪومت فقط ھن ھڪ ڳالھ تي ھمدرديءَ سان غور ڪري ته سنڌ ۾ به فطري لياقت موجود آھي، ۽ سنڌي به قوم جي تعمير ۾ برابر جي حصي وٺڻ جا اھل ثابت ٿي سگھن ٿا.
    خيال فرمايو ته جنھن ٻار جي نيم شعوري زبان اردو آھي، ۽ کيس تعليم به اُنھيءَ زبان ۾ ملي ٿي، اھڙي ' تعليم يافته ' جي ڀيٽ ۾ ھڪ سنڌي ڪيئن اچي سگھندو، جنھن جي نيم شعوري زبان ته آھي سنڌي، ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اردو، بنگالي يا انگريزي پڙھي ٿو نڪري؟ نه سندس معلومات مڪمل ھوندي، نه زبان، ۽ نه وري سندس تندرستي ٺيڪ ھوندي؛ ڇو ته ٽئين درجي ابتدائيءَ کان پنھنجيءَ زبان سان سندس تعلق گھٽبو ويندو، ۽ ڀٽائيءَ جي فرمودي موجب –
    ” ڌُريان ئي ڌار، جي وڍي وڻ جدا ڪِئا،
    تن سُڪن ڪيھي سار، ته ڪي اُٺا مينھن ملير ۾!“
    اُنھيءَ ٻار کي نه پنھنجيءَ زبان سان پيار رھندو، نه پنھنجيءَ زبان جي جواھر پارن جي ڄاڻ ھوندي. ھوڏانھن، ھڪ مجبوريءَ جي حالت ۾ حاصل ڪيل زبان، ماشا ئي ڦيرائي ڦٽا ڪيا ھوندس: ويھن – ٻاويھن ورھين جي ڄمار ۾ اکين تي سٺ سالن جي پوڙھن وارا چشما لڳا پيا ھوندس، ۽ لغڙيءَ جھڙو بدن، ٽيٽيھر جھڙين ٽَنگن کي کنيون پيو ھلندو. جڏھن به ڪنھن نوڪريءَ لاءِ ويندو، ته بالا آفيسر کيس ڏسي متعدي خطرو محسوس ڪندو ته متان منجھانئس سِلھ نه ٿي پوي! - ۽ ”جاءِ خالي ڪونھي“ جو جواب وٺي، گھر جو پنڌ وڍيندو. فوجي ڀرتيءَ لاءِ ويندو ته اتان کُتو جواب ملندس، ڇو ته اتي به ڪمزورن ۽ اپاھجن جي جاءِ ڪانھي. باقي رھيون پٽيواليون، سي به يا نصيب! ھَرَ ڪاھڻ جي ھمت، يا ڪنھن ٻئي بدني پورھئي جي قوت، ' قومي زبان ' جي حوالي ڪيائين؛ نوڪريءَ کان جواب، ته باقي رھيو پِنڻُ يا لَنگھڻ! سنڌ پاڪستان جو عضوو آھي، ۽ سنڌي فطرتًا وفادار گروھ جا فرد آھن. پاڪستان سٺ لک سنڌين کي پنھنجي اعليٰ خدمتن کان پري نٿو رکي سگھي. تنھنڪري، ھڪ تعليم جي ماھر جي حيثيت ۾، منھنجو پاڪستان سرڪار کي عرض آھي ته ملڪ جي جانثار سنڌين جي تعليم تي وڌيڪ توجھ ڏيئي، اُنھن جي فطري صلاحيتن ۽ خدمتن مان پاڪستان جي ترقيءَ جو ڪم ورتو وڃي. اھو سڀ ڪجھ تڏھن ئي ممڪن ٿي سگھندو، جڏھن سڀني پاڪستانين کي سندن نيم شعوري زبان ۾ مڪمل تعليم ملندي. پر، جيڪڏھن ڪن سياسي مصلحتن موجب اِئين نٿو ٿي سگھي، ته حڪومت قانون پاس ڪري ڇڏي ته ڪابه ماءُ پنھنجي ٻار سان نه سنڌيءَ ۾ ڳالھائي، نه پشتو ۾، نه بلوچيءَ ۾.... يا اڙدوءَ ۾ ڳالھائي، يا بنگاليءَ ۾، يا انگريزيءَ ۾! پاڪستان جي ' تعليمي ماھرن ' جيڪا رپورٽ تازو ڇپرائي پڌري ڪئي آھي، تنھن موجب علاقائي زبانون تعليم جي ميدان ۾ به پٺتي اڇلايون ويون آھن، ۽ نسبتًا ' قومي زبان ' ۽ انگريزيءَ زبان کي نھايت گھڻي اھميت ڏني ويئي آھي. اھا اھميت سياسي پھلوءَ کان ڏسڻ وارن کي شايد نھايت شاندار نظر ايندي ھجي، پر ٻارن جي بدني ۽ ذھني ترقيءَ جي نقطه نظر سان ڏسڻ وارن کي اھڙي روش نٿي ڏيکارجي – بلڪ سمجھجي ٿو ته ڪجھ وقت کان پوءِ اسان جي مدبرن کي اِنھيءَ فيصلي تي مجبورًا نظرثاني ڪرڻي پوندي.
    اسان کي پنجابي، پشتو يا بلوچي زبانن جي صلاحيتن جي، يا سندن موجوده علمي ۽ ادبي ذخيرن جي پوري پوري ڄاڻ نه آھي، ۽ نه وري اسان کي اھا به خبر آھي ته انھن علائقن جي ٻارن جو اڙدو، بنگالي ۽ انگريزي زبانن سان، اسڪول کان ٻاھر ڪيترو ۽ ڪھڙو واسطو ٿو رھي: البت سنڌي زبان لاءِ اسين بنا ھٻڪ جي چئي سگھون ٿا ته اسان جي زبان ۾ ھر ھڪ تعليمي مضمون تي ڪتاب موجود آھن، اسان وٽ پنھنجو ادب آھي، اسان جي زبان ھر ھڪ موضوع تي ھڪ معقول حد تائين خيالن جي اظھار ڪرڻ جي اھل به آھي، ۽ وڏي ڳالھ ته اسان جي زبان ۾ ڪنھن ٻيءَ زبان مان لفظن يا محاورن کي پنھنجو گوديار ٻار ڪري قبول ڪرڻ جي لياقت به آھي. خبر نٿي پوي ته اڌ ڪروڙ انسانن جي اھڙيءَ نيم شعوري زبان کي اسان جي مدبرن ڇو نظرانداز ڪيو آھي! ڇا، پاڪستان کي سنڌين مان ڪنھن جي به خدمت جي ضرورت نه آھي؟ پاڪستان جي تعليمي ماھرن کي ھيءَ ته ضرور ڄاڻ ھوندي ته سنڌي ٻارن جي چوويھن ڪلاڪن جي زبان سنڌي آھي. جي اِئين آھي، ته اسين پڇڻ ٿا گھرون ته ڪھڙي تعليمي نظريي ھيٺ اسان جن ٻارن کي سندن فطري زبان ۾ مڪمل تعليم ملڻ کان محروم ڪيو ٿو وڃي؟
    ”ترڪِ سبب ز روي شريعت ڪجا رواست؟“
    ڪنھن ٽولي جي تعليمي زبان مقرر ڪرڻ لاءِ اسين ٻيو به ھڪ تعليمي نظريو پيش ٿا ڪريون، جو پڻ نيم شعوري زبان جو حق ثابت ڪري ٿو. ڪنھن به اسڪول يا ڪاليج جي ڪنھن به ڪلاس ۾ جڏھن ڪو ماستر صاحب يا پروفيسر صاحب سبق پاڙھي يا ليڪچر ڪري رھيو آھي، ۽ سندس زبان به شاگردن يا ٻڌندڙن جي ماحول جي زبان ھوندي آھي ته به ٻڌندڙَ انھيءَ ليڪچر جو فقط 33 سيڪڙو سمجھي ۽ قبول ڪري سگھندا آھن، ڇو ته ڳالھائڻ واري جي گفتگوءَ ٻڌندڙن جي فھم جي رفتار ۾ فرق ٿيندو آھي؛ پر جيڪڏھن ليڪچر واري جي زبان ٻڌندڙن جي ماحول جي زبان کان ڪا علحده زبان آھي، يعني سنڌي ٻڌندڙن جي اڳيان جيڪڏھن اڙدو يا انگريزيءَ ۾ ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪبي، ته فقط 8 سيڪڙو سندن دماغ ۾ رھي سگھندو، سو به تڏھن، جڏھن کين اڙدو يا انگريزي زبان ايندي ھوندي، ۽ سندس فھم (Intelligence quotient) اوسطًا ھڪ سؤ جي قريب ھوندو. اِنھيءَ جو صاف مطلب ھيءُ نڪتو ته سنڌين کي سنڌيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو تعليمي مضمون پاڙھبو، ته 33 سيڪڙو سندن دماغ ۾ ويھندو؛ باقي ٻيءَ ڪنھن به زبان ۾ فقط 8 سيڪڙو. پوئينءَ حالت ۾ ماستر صاحب يا پروفيسر صاحب جو 92 سيڪڙو پورھيو ئي پاڻيءَ ۾، ته شاگردن جو ڏينھن کَريو. اھڙيءَ طرح، جي ناقص تعليم وٺي ۽ پنھنجي تندرستي وڃائي، جڏھن اسان جا نوجوان اچي گرئجوئيٽ ٿيا، ته آخر ۾ وري به پاڪستان کي ڇيھو رسيو؛ ڇو ته ' مجبورن ' جا ٽولن جا ٽولا نڪرندا آيا، جي ھوند ٻيءَ صورت ۾ ماھر ٿي ٻاھر نڪرن ھا. پوءِ ڇو ڪين اجائي ھٺ ڌرمي ختم ڪري، پنھنجي ٻارن کي سندن ' نيم شعوري زبان ' ۾ تعليم ڏيئي، پاڪستان لاءِ جانٺا خدمت ڪرڻ وارا پيدا ڪريون؟
    ھن وقت تائين اسان جي تعليمي ادارن جيڪي جنسون پيدا ڪيون آھن، تن مان اسان جا اڳوڻا ڌاريا حاڪم مطمئن ھئا يا نه، سا حقيقت ھِن ڳالھ مان ظاھر آھي ته 1920ع تائين اسان جي بھترين ھستين کي به ڪنھن جوابدار عھدي تي اچڻ جو شرف حاصل ڪين ٿيو ھو. بعد ۾، ملڪ جي آزاديءَ ۽ پاڪستان پيدا ٿيڻ کان پوءِ، ڇاڪاڻ ته ' ضرورت ايجاد جي ماءُ ٿيندي آھي '، اسان کي جيڪي ورثي ۾ مليا، تن کي ڪليڪٽريءَ کان وٺي گورنر جنرليءَ تائين کڻي وياسين، ۽ ھِن مغالطي ۾ رھياسين ته پنھنجا حاڪم اِجھي ٿا ملڪ ۾ کِير ۽ ماکيءَ جون نھرون وھائين. پر، واقعي جيڪي ڪجھ ٿيو، سو پاءُ اٽي کائڻ وارن کان ڳُجھو نه آھي. ڪن جزوي ھستين کي ڇڏي (مستثنيات جو ھئڻ ڪُليي کي ثابت ڪندو آھي)، باقي جي لاءِ ھِن چوڻ ۾ اسين حق بجانب آھيون ته اھو سمورو ' خستِ اول ' جو ڪرشمو ھو، جنھن بنياد کان چوٽيءَ تائين عمارت کي ڏِنگو رکيو.
    ڌارين حاڪمن، جن اسان تي ھيءُ موجوده تعليم جو سرشتو مڙھيو ھو، تن تي ڏوھ نٿو رکي سگھجي، ڇو ته اُنھن اُھو تعليم جو سرشتو ھڪ خاص منصوبي تحت سِٽيو ھو. اُھو سرشتو لارڊ ميڪاليءَ جاري ڪرايو، ۽ ماستر صاحبن کي کليل حُڪم ڏنو ھئائين ته ' جي حضوري ' (Courtiers) قسم جا تعليم يافته پيدا ڪريو، جي حاڪمن جي اڳيان ذرڙن جو ڪم ڏين. ظاھر آھي ته ھو انھيءَ ڪم ۾ ڪامياب ٿيا ۽ دنيا ڏٺو ته اسان ' بابُو ' پيدا ڪيا. پر ھينئر ته حالتون نراليون آھن، اسان جن بزرگن کي اکيون کولڻ گھرجن. صوبائي تعصب جا مھڻا ڏيئي اسان کي خاموش ته ڪري سگھبو، پر قوم جي ٻَچن کي آخر ڪيستائين پنھنجين صلاحيتن وڌائڻ کان محروم رکي سگھبو؟ ساڍن ٽن ڪروڙ پاڪستانين جي مشترڪه ذھني سرمايي مان پورو پورو فائدو نه وٺڻ، قوم کي ذھني ڏيوالي ۾ وجھڻ جي برابر ٿيندو. اپاھج ۽ نيم خواندا نه ڪڏھن قوم کي مضبوط بڻائي سگھندا، ۽ نه ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ ڪو دل گھريو حصو وٺي سگھندا. تنھنڪري، سرڪار کي گھرجي ته ملڪ جي تعليمي زبانن کي قومي زبانن کان علحدو وجود ڏئي، ۽ اُنھن جي مڪمل ترقيءَ جا وسيلا نھايت فراخدليءَ ۽ محبت سان مھيا ڪندي رھي – تان جو اسان جون علاقائي زبانون ٻين ترقي يافته ملڪن جي تعليمي زبانن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ڏيئي پنھنجي جاءِ وٺي بيھن، ۽ اسين ڌارين جي ويڻن ٻُڌڻ کان ڇُٽون. ھينئر اغيار اسان تي چٿرون ڪري رھيا آھن ته پاڪستاني ٻارن جي ' گھر ۽ گھٽيءَ جي زبان ' ھڪ آھي، ته ' اسڪول ۽ ڪاليج جي زبان ' ٻي: سوچين ھڪ زبان ۾، ته پڙھن ٻيءَ زبان ۾، تفريح جي زبان ۾ ڪچھريون ڪن، ۽ مجبوريءَ جي زبان ۾ علم پرائين! ' تعليم ' ٿي چوي ته ”ٻارن کي علم اھڙن ذريعن سان ڏيو، جو ھو اسڪولي ڪم کي تفريح ڪري سمجھن، نه عذاب “ - ۽ علم پرائڻ جو وڏي کان وڏو ذريعو زبان آھي.
    ”مُئيءَ جو وس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو!“

    [ روزانه ' مھراڻ '، ڪراچي، جو سالگرھ نمبر – 1960ع ]


    سنڌي زبان ۽ ذريعي تعليم

    سنڌي زبان ۽ ذريعي تعليم
    *****
    مولانا غلام محمد گرامي

    سنڌي زبان نھايت قديم ۽ تاريخي زبان آھي. برصغير ھند و پاڪ ۾ ھن کان وڌيڪ جھوني زبان ٻي ڪانه آھي. ڪن عالمن لکيو آھي ته خود سنسڪرت به سنڌي زبان کان پوءِ پيدا ٿي آھي.
    سنڌي زبان ھڪ علمي ۽ سرمائيدار زبان آھي، جنھن کي پنھنجي لُغت آھي، ۽ اندازي طور منجھس 2 لک لفظ آھن. چيو وڃي ٿو ته انگريزي زبان ۾ به 2 لک کن لفظ مس ٿيندا. اصطلاحات ۽ محاورات جو وڏو انداز انھن کان سواءِ آھي.
    ھن ٻوليءَ کي پنھنجو رسم الخط آھي، جنھن کي عربي – سنڌي رسم الخط چيو وڃي ٿو. اھو پوري اسلامي دنيا – ايران، مصر، افغانستان، بلوچ اراضي، ملايا، انڊونيشيا، ترڪي – جي ٻولين ۽ انھن جي رسم الخط کان تاريخي طور قديم رسم الخط آھي، جو خالص عربي رسم الخط تان ورتل آھي. ان جي مقابلي ۾ فارسي ۽ اُڙدو، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق آھي. فارسي نستعليق خط آھي، ۽ اُڙدو ان تان ورتل آھي. گويا پوري دنيا ۾، عربي رسم الخط وانگر، محفوظ ۽ علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان جو رسم الخط آھي، جنھن ۾ ھزارھا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.
    سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجو گرامر آھي، جو ھر حيثيت سان مستقل ۽ سائنٽيفڪ آھي، جو سنسڪرت ۽ عربي صرف و نحو وانگر ڪامل به آھي، پر ڪِن حيثيتن سان انھن کان به وڌيڪ علمي ۽ فني آھي.
    سنڌي زبان کي پنھنجي عظيم تاريخي حيثيت سان گڏ، رڳو ٻوليءَ جي وجود ۽ ان جي لساني تشڪيل، لغت جي ترتيب، صرف و نحو جي اصولن متعلق وڏو علمي ۽ تاريخي ذخيرو موجود آھي. سنڌيءَ کان سواءِ ھندي، سنسڪرت، پارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ علم الالسنه متعلق تمام گھڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آھن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ادب ۽ لغت متعلق علمي طرح ڇنڊڇاڻ ڪيل آھي.
    سنڌي زبان ذريعي تعليم رھندي آئي آھي. سندس ادبي ۽ شعري ذخيرو اگرچه سمن جي راڄ ۾ پيدا ٿيو، پر ڪلھوڙن جي دور ۾ ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن سنڌي ٻوليءَ کي ديني تعليم لاءِ ذريعي تعليم ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. محمد ھاشم ٺٽوي ۽ ابوالحسن ڏاھري، ملا معين، مخدوم صادق نقشبندي، مخدوم ضياءالدين، ۽ ان کان سواءِ ان دور ۾ پاٽ، بوبڪ، ھالا، چوٽياريون، سيوھڻ، مٽياريءَ ۾ جي به مڪتب ۽ مدرسا ھئا، تن ۾ ديني ڪتاب، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ ۾ به پڙھايا ويندا ھئا. ان کان پوءِ ميرن جي راڄ ۾ اگرچ سرڪاري زبان فارسي ھئي، پر ذريعي تعليم وري به سنڌي ٻولي ئي رھندي آئي آھي. خود انگريزن جي دور ۾ به پوري صوبي جي تعليمي نظام لاءِ ذريعي تعليم سنڌي ٻوليءَ کي قبول ڪيو ويو، ۽ تصنيف ۽ تاليف لاءِ ھندن ۽ مسلمانن ھن ٻوليءَ ۾ ئي پنھنجا ڪتاب لکيا. اھڙيءَ زبان کي پنھنجي تاريخي ۽ تعليمي منصب ۽ حَق کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪوبه علمي ۽ تھذيبي دليل نظر نٿو اچي.
    سنڌيءَ کي مادري زبان ھئڻ جو پڻ حَق ۽ شرف حاصل آھي. صدين کان اھا ٻولي ھن مُلڪ جي ماڻھن جي مادري زبان رھندي آئي آھي؛ ۽ تعليمي نقطي نظر سان ماھرن جي اھا راءِ آھي ته اُھا تعليم ئي ڪاگر ثابت ٿئي ٿي، جا ٻارن کي مادري زبان ۾ ڏني وڃي ٿي....

    ( مھراڻ، 4 – 1959ع )


    لفظن جي اھميت

    لفظن جي اھميت
    *****
    سيد غلام مصطفيٰ شاھ

    لفظن جي اھميت فقط انھن جي لغوي ۽ لساني معنيٰ ۾ نه آھي. لفظن ۾ وڏي طاقت آھي. لفظن ۾ تاريخ آھي. لفظن ۾ جاگرافي آھي. لفظن ۾ روح آھي، ۽ ايمان آھي. لفظن ۾ فلسفو آھي ۽ سائنس آھي. لفظن ۾ جوش آھي ۽ حِلم آھي. لفظن ۾ مٺاس آھي ۽ پرواز آھي. لفظن تان، ۽ انھن سان محبت رکڻ سان، ماڻھن ۽ قومن جانيون قربان ڪيون آھن. لفظ زندگيءَ جو راز آھن. زبان کي مصنوئي لفظن ۾ تصور ڪرڻ ظلم آھي. لفظن کي وسارڻ پنھنجي وجود کي وسارڻ آھي. لفظن سان محبت خودداريءَ جو باعث آھي. لفظن ۾ جنھن شخص لاءِ مقناطيسي اثر نه رھيو، اُھو فضول آھي. زبان سان اجنبيت اختيار ڪرڻ آھي. لفظن ۾ حُب الوطني آھي.
    [ ”سنڌ جو مستقبل ۽ سنڌ جا تعليمي مسئلا “، افتتاحي خطبو، ڪل سنڌ پرائمري ٽيچرس ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ، 24 – مئي، 1970ع ]


    سنڌي ٻولي – اُن جو ماضي، حال ۽ مستقبل

    سنڌي ٻولي – اُن جو ماضي، حال ۽ مستقبل
    *****
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

    .... انسان جي پيدائش جي اِھا ھڪ تقاضا آھي ته کيس پنھنجي خيالن جي بيان ڪرڻ جھي قوت ھجي – يعني ته انسان کي ٻيءَ مخلوق جي ڀيٽ ۾ اھڙي ھڪ مخصوص ٻولي ھجي، جنھن ۾ ھو مسلسل طور پنھنجي اندروني جذبات، احساسات ۽ خيالات کي بيان ڪري سگھي. مطلب ته انسان ذات جي ھر گروھ جي ٻولي، ۽ اُن ۾ خيالات جو اظھار ڪرڻ، اھي ٻيئي ھر گروھ جا پيدائشي حَق آھن. انسان ذات جي مختلف گروھن جي مختلف گروھن جي مختلف ٻولين جو وجود، ۽ انھن جي ساخت ۽ سِٽا، فطرت جو ھڪ ايڏو وڏو معجزو آھي، جنھن تي لسانيات جا ماھر جيئن جيئن ٿا وڌيڪ ويچار ڪن، تيئن تيئن ٿا واھ واھ ڪن. فطرت جي سوانح نگار ۽ انسانيت جي علم بردار جلال الدين روميءَ فطرت جي ھن معجزي کان متاثر ٿي چيو ته:
    ھر ڪسي را اصطلاحي داده ايم – ھر ڪسي را سيرتي بنھاده ايم
    ھنديان را اصطلاح ھند مدح – سنديان را اصطلاح سند مدح.
    ( يعني ته ھر ڪنھن کي پنھنجي جدا ٻولي مليل آھي، ۽ ھر ڪنھن جي ھڪ جدا طرز زندگي آھي: ھند وارن کي ھند جي ٻولي جُڳائي، ۽ سنڌ وارن کي سنڌ جي ٻولي سونھي.) مطلب ته ھر قوم کي پنھنجي ھڪ نرالي ٻولي آھي، ۽ ھڪ نرالو تمدن آھي؛ ۽ جيئن ته اُھي خصوصيتون قانونِ فطرت جي عين مطابق آھن، انھيءَ ڪري انھن جو احترام به لازمي آھي.
    .... جيئن ته بحيثيت قومن جي [ يورپي قومن وٽ ] انصاف، احسان ۽ مساوات جا نظريا ناپيد ھئا، ۽ سڄي راند طاقت جي ھئي، انھيءَ ڪري جنھن قوم جي سياسي آزادي ختم ھئي، اُن جي ٻوليءَ ۽ تمدن جي ڪشمڪش، لڳاتار جھيڙن ۽ جنگين، فسادن ۽ خونريزين جي تلخ تجربي بعد[انھن]
    يورپي قومن به آخر اھو سبق سِکيو ته جيئن قومن کي گھڻي وقت تائين غلام نٿو رکي سگھجي تيئن ملڪ جي اندر ڪنھن ٻوليءَ کي به فنا نٿو ڪري سگھجي. ھر ھڪ ملڪ اندر ملڪي قوم جي مختلف گروھن پنھنجن ٻولين کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪري، آئيني طور پنھنجي ٻولين کي تسليم ڪرايو....
    مطلب ته ڪافي تلخ تجربي بعد، يورپي قومن پنھنجي سياسي شعور ۽ علمي ترقيءَ سان، ھر ملڪ اندر ٻولين جي مسئلي کي جنھن طرح حَل ڪيو آھي، تنھن جو مختصر خاڪو ھيءُ آھي: سئزرلئنڊ ۾ چار قومون آباد آھن ته ملڪ جون قومي توڙي سرڪاري زبانون به چار تسليم ڪيون ويون آھن – يعني فرينچ، جرمن، اطالوي ۽ رومانچ؛ بيلجم ۾ ٻه قومون، ”فليمنگس“ ۽ ”ويلوس“ آباد آھن، ته ٻنھي جون زبانون قومي ۽ سرڪاري زبانون تسليم ٿيل آھن؛ ڪئناڊا ۾ فرينچ ۽ انگريز قومون آباد آھن، ته فرينچ توڙي انگريزي قومي ۽ سرڪاري زبانون تسليم ٿيل آھن؛ آئرلئنڊ ۾ انگريزي توڙي آئرش ٻيئي سرڪاري آھن؛ ناروي جي ملڪ ۾ يڪي ”نارويجن“ قوم آباد آھي، ۽ اصولي طور سڄيءَ قوم جي ٻولي به ساڳي آھي، مگر زماني گذرڻ سان آھستي آھستي شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ فرق ٿي ويو، ۽ ”رڪس مال“ شھري زبان بڻجي ويئي ته ”لئنڊس مال“ ٻھراڙيءَ جي ٻولي. موجوده صورتحال ھيءَ آھي ته ھن ساڳئي ملڪ جي ساڳي قوم، پنھنجي ساڳيءَ ٻوليءَ جي ٻنھي محاورن کي قومي ۽ سرڪاري زبانون قرار ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ ته ملڪ جي ھر باشندي جي تسلي ٿئي، ۽ ملڪ جي ماڻھن ۾ ڪابه رِيس يا عداوت پيدا نه ٿئي.... انگريزن جي ملڪ ۾ اسان جي ھڪ ضلعي جيتري اراضي آھي، جنھن کي ”ويلس“ سڏجي ٿو: اتي جي رھاڪن جي زبان ڪافي آڳاٽي وقت کان ”ويلش“ ھئي؛ سياسي ۽ علمي تجربي بعد، انگريزن ھن ننڍڙي ضلعي جي ننڍڙي ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ ضروري سمجھيو. ھن وقت انگريزن جي منسٽري آف ايڊيوڪيشن ۾ ”ويلش“ ٻوليءَ لاءِ ھڪ جدا ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ جدا يونيورسٽي آھي، انھيءَ لاءِ ته ھيءَ ٻولي زندھ رھي ۽ ترقي ڪري. ويلس جي جملي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ”ويلش“ ٻولي پھريون نمبر مکيه زبان ڪري پڙھائي وڃي ٿي، ۽ خود انگريزيءَ کي اُتي ٻيءَ نمبر ٻوليءَ طور پڙھايو وڃي ٿو.
    زبان متعلق يورپ جي انھن تلخ تاريخي تجربن کان متاثر ٿي، روس جي اندر بڪي حڪومت، جا 1917ع واري انقلاب بعد قائم ٿي، ان ساري ملڪ جي سورھن جدا جدا ڀاڱن جي ماڻھن جي زبانن کي قومي ۽ سرڪاري زبانون تسليم ڪري، پنھنجي ملڪ اندر ٻولين جي مسئلي کي ھميشہ لاءِ حل ڪري ڇڏيو....
    ھن وقت اسان جي آزاد ملڪ پاڪستان – جنھن کي ”اسلامي جمھوري رياست“ قرار ڏنو آھي – اُن ۾ ٻولين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ، اسان وٽ شاندار اسلامي روايات موجود آھن، جن موجب اسان جي ملڪ جون مڙئي خطي وار ٻوليون سنڌي، بنگالي، ڪشميري، پشتو ۽ بلوچي قابل عزت ۽ احترام آھن، ڇاڪاڻ ته اُھي مڙيئي ٻوليون قرآني حقيقت ۽ حڪمت ” خلق الانسان علمہ البيان“ جون آئينه دار آھن ....
    [ صدارتي خطبو، سورنھين سنڌي ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻو، اپريل 1956ع ]


    محمد ابراھيم جويو
    ----------------------


    سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آھن

    سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي امر آھن
    .... سنڌ، سنڌي قوم ۽ سندس ثـقافت ۾ ڪي اھڙيون امتيازي خوبيون موجود آھن، جيڪي جيڪڏھن گُم ٿي وڃن، ته انھن جي پورائي يا تلافي ڪنھن به ٻئي ملڪ، ڪنھن به ٻي قوم ۽ ڪنھن به ٻي ثـقافت ھٿان نه ٿي سگھندي .... جيسين اسان وٽ اھي امتيازي خصوصيتون موجود آھن، تيسين اسان جي سنڌ، اسان جي سنڌي ثـقافت ۽ اسان جي سنڌي ٻولي قائم آھن .... پنھنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي جيڪڏھن اسان پنھنجو ڪري سمجھيو، ۽ ان جي قسمت سان پنھنجون قسمتون ڳنڍيوسين، ته نه فقط اِن ڳالھ جو ڪو امڪان ڪونھي پر اِھو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي ته اُن کي ڪنھن قسم جو ڪو گزند پھچي سگھي ....
    ادب، واندڪائيءَ جي وندر، ناموريءَ جو ذريعو ۽ پئسي پيدا ڪرڻ جو وسيلو به برابر آھي، پر اُن جو اصلي شان ڪنھن زياده اعليٰ ۽ پاڪيزه مقصد لاءِ مخصوص آھي. ادب ذريعي انسانن جي ذھن کي اڇو اجرو ۽ صاف ڪري سگھجي ٿو؛ کين صحيح سمجھ ۽ شعور سان روشناس ڪري سگھجي ٿو؛ سندن دلين ۾ ھن عيبدار دنيا کي بدلائي، نئين سر ٺاھڻ جا جذبا ۽ اُمنگ، ھمتون ۽ ارادا پيدا ڪري سگھجن ٿا؛ منجھن علم جو احترام، سچ لاءِ محبت، ۽ حسن جي صحيح پرک پروڙ لاءِ گھربل جمالياتي حِس، ۽ انسان جي عظمت جو قدر ۽ احساس پيدا ڪري سگھجن ٿا. جيڪڏھن اديب ۽ ناشر، ادب جي انھن اعليٰ مقصدن کي خيال ۾ رکنداسون، ته يقيناً پنھنجي ادبي تخليقن ۽ مطبوعات کي سندن مڙني معنوي توڙي ظاھري وصفن سان پھرين سينگاري ٺاھي، مڪمل ڪري پوءِ ئي پنھنجن محترم پڙھندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري سگھنداسون. جڏھن پنھنجي پڙھندڙن لاءِ عزت ۽ محبت جو اظھار، انھيءَ صورت ۾ اسين ڪنداسون، تڏھن ئي ھنن جي دلين ۾ اسان لاءِ محبت ۽ عزت جا جذبا پيدا ٿيندا؛ ۽ پوءِ اديب، ناشر، ۽ پڙھندڙ ھڪ ئي گڏيل مقصد، يعني ٻوليءَ ۽ ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ، لاءِ مخصوص ڪري سگھندا ....
    [ ”ون يونٽ، اديب، ناشر، ۽ پڙھندڙ“ – ”مھراڻ“، بھار، 1955ع ]
    ٻولي، آواز جو ھڪ مھاساگر آھي
    . اُن ۾ لفظن جي موتين جا ڀنڊار ڀريا پيا آھن. اديب ۽ ليکڪ اُھي سڄاڻ ۽ ساڃاھ وارا غواص آھن، جيڪي ھِن بحر بي پايان مان رڳو املھ ۽ عين گھرج وارا موتي چونڊي ٻاھر ٿا آڻين، ۽ پوءِ اُنھن مان ويھي پنھنجي ادب جون مالھائون ٿا پوئين. لفظن جي اِھا چونڊ ۽ جائيتي جڙت ئي آھي، جيڪا ھڪ اديب جي عبارت کي امتياز ٿي بخشي. ياد رکڻ جھڙي ڳالھ آھي ته ٻوليءَ جو ھر لفظ پس منظر ۾ معنائن جي ھڪ دنيا پاڻ وٽ رکي ٿو: ۽ جڏھن ڪو لفظ ڳالھائجي ٿو يا ٻُڌجي ٿو، تڏھن اُھو پنھنجي اُنھيءَ سموريءَ دنيا سميت اچي ٿو اسان جي سامھون بيھي.
    لفظ جي اُنھيءَ دنيا کي جڏھن سمجھبو، تڏھن ئي اُن جو صحيح ۽ وزنائتو استعمال ڪري سگھبو. اھو ئي سبب آھي، جو دنيا جي مقبول عام اديبن ھميشہ ڌارين ٻولين جي غير ضروري لفظن، اصطلاحن ۽ ترڪيـبن ۽ خود پنھنجي ٻولين جي ڳَرن ۽ غير مانوس لفظن کي استعمال ڪرڻ کان انتھائي پرھيز پئي ڪئي آھي: ۽ اُن جي عيوض ھنن ھميشہ ڏٺل وائٺل، سنوان سِڌا، عام فھم ۽ سادا سودا لفظ پئي ڪم آندا آھن.....

    [ ”لفظن جي چونڊ“ – ”مھراڻ“ سرءُ 1955ع ]

    قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو دارومدار ٻوليءَ تي آھي. پر اُھا ٻولي جيڪا فقط گھرن جي چوديوارن ۾ يا رڳو زندگيءَ جي رواجي ۽ مختصر معاملن ۾ ئي ڪم ٿي اچي، ۽ قوم جي علمي ۽ ادبي ضرورتن ۽ قومي زندگيءَ جي ٻين اھم معاملن لاءِ ڪارگر نه آھي، سا موجوده زماني ۾، قوم ۽ قومي ثقافت جي وجود جو ڪو ڀروسي جھڙو بنياد نٿي بڻجي سگھي. ظاھر آھي ته سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت کي به جيڪڏھن زندھ رھڻو آھي، ته اُن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ زندھ رھڻ گھرجي. نه فقط زندھ رھڻ، بلڪ کيس لازمي طرح ھڪ اعليٰ علمي ۽ ادبي پڻ بڻجڻ گھرجي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقيءَ جا ممڪنات بي انداز موجود آھن؛ پر سندس گذريل صدھا سالن جي تاريخ جا المناڪ داستان شاھد آھن ته کيس پنھنجي فطري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا ڪڏھن به ڪي سازگار موقعا نصيب نه ٿيا آھن. ڌاريان حاڪم سدائين ھِن ڪوشش ۾ رُڌل رھيا ته علمي ۽ ادبي رُتبو فقط سندن پنھنجين ”حاڪمانه“ ٻولين لاءِ ئي مخصوص رھي: تنھن ھوندي به سنڌي ٻولي نه فقط پاڻ کي زندھ رکيو، پر ايڏيءَ مڪمل ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ رھي ڪري به پاڻ وٽ ھڪ اُھو عظيم ادبي سرمايو پيدا ڪيائين، جنھن لاءِ دنيا جي ھر ڪا سُڌريل کان سڌريل ٻولي به مٿس رشڪ ڪري سگھي ٿي. تنھنڪري، ھاڻي جڏھن چيو وڃي ٿو ته سنڌي ۽ سنڌي قوم آزاد آھن، جيڪڏھن سنڌي ٻوليءَ کي اُنھن مڙني بندشن کان آزاد نه ڪيو ويو جيڪي ڌارين مٿس عائد ڪيون ھيون، ۽ وڌڻ ويجھڻ جا اُھي سمورا موقعا جن کان کيس ھيلتائين محروم رکيو ويو ھو، کيس مھيا ڪري نه ڏنا ويا، ته پوءِ اُن کان وڌيڪ بدنصيبي سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ثقافت لاءِ ٻي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي!
    اسان جا پوئين کان پويان ”نئين روشنيءَ وارا“ حاڪم، انگريز، پڻ اسان جي ٻوليءَ کي ھڪ ”ورنيڪيولر“ يعني ھڪ ”غلامن جي ٻولي“ سڏيندا رھيا: جنھن جو مطلب ھيءُ ھو ته سندن سامھون اسان جي ٻولي ھڪ اڻ سڌريل، ۽ علمي شان کان ڪريل ٻولي ھئي. اِھو ئي سبب ھو، جو ملڪ جي تعليمي سرشتي ۾، ھنن پنھنجي ”شاھانه“ ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٻوليءَ کي اُھا غير اھم جڳھ ڏني، جو ھوءَ، خاص طرح علمي ۽ ادبي دائري ۾، اسان لاءِ ڪنھن به ڪم جي نه رھي، ۽ نتيجو ھيءُ نڪتو، جو اسان جي ٻولي خود اسان جي نظرن ۾ ئي ڪري پيئي. پرائمري اسڪولن ۾ سو، پنھنجي مادري زبان جي معرفت، اسان جا ٻار اڌو گابرو انگ اکر سِکي سگھيا ٿي؛ باقي سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ”محڪوم“ ٻولي ڪو شانائتو پير پائي، اُھا ڳالھ ”حاڪمانه“ ٻوليءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگھِي؟ تنھن کان سواءِ، حاڪمن جو بنيادي مقصد ته فقط پنھنجي حڪومت کي قائم رکڻ جو ھوندو آھي: تنھنڪري، انگريزن کي فقط ھڪ محدود تعداد ”تعليم يافته“ غلامن جو گھربل ھو، جن جي ھٿان ھو پنھنجي حڪومت جو چرخو ڪاميابيءَ سان ھلائي سگھن. اُنھيءَ لاءِ پڻ لازمي ھو ته تعليم جو سرشتو اھڙو تجويز ڪيو وڃي، جو ھڪ ته اُھي ”تعليم يافته“ غلام ڪٿي به گھرج کان وڌيڪ نه پيدا ٿي وڃن، ۽ ٻيو ته کين تعليم فقط اُھا ئي حاصل ٿئي جا کين ”غلاميءَ“ لاءِ تيار ڪري ۽ اُن جو خوگر بڻائي. سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاھ لطيف. اھڙن ”تعليم يافته“ غلامن جي تعريف، جن کي ڌاريان حاڪم پيدا ڪرڻ گھرندا آھن، ھِن ريت ڪئي آھي:
    جو ”فارسي“ سِکيو، گولو، توءِ غلام؛
    جو ٻَڌو ٻن ڳالئين، سو ڪِنءَ چائي ڄام؟
    اُڃو تان ”آب“ گھري، بُکيو تان ”طعام“!
    اِيءُ عامن سندو عام، خاصن منجھان نه ٿئي.
    .... اڄ دنيا ۾ ڪوبه ملڪ موجود نه آھي، جتي گھٽ ۾ گھٽ اُھا تعليم جيڪا ھڪ سُڌريل ۽ مھذب شخص لاءِ موجوده دنيا ۾ لازمي سمجھي وڃي ٿي، سا اتان جي ماڻھن کي سندن پنھنجي مادري ٻوليءَ معرفت نه پر ڪنھن ٻيءَ ڌارينءَ ٻوليءَ معرفت ڏني ويندي ھجي .....
    .... اڄ جڏھن تعليم سؤ في صدي عام ڪرڻ قومن جي زندگيءَ جو ھڪ لازمي ۽ بنيادي اصول بڻجي چڪو آھي،- جيڪڏھن انھن حالتن ۾ اسان کي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي نه فقط محفوظ رکڻو آھي بلڪ اُن کي علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ اڳتي وڌائڻو آھي، ته پوءِ اسان کي پنھنجي تعليمي سرشتي جي مدد سان ئي اِھو عظيم مقصد حاصل ڪرڻو پوندو.
    سنڌي ٻار کي صحيح معنيٰ ۾ تعليم سان روشناس ٿيڻو آھي، ۽ ٿيڻ گھرجي: ۽ اُھا تعليم کيس سندس پنھنجي مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿيڻ گھرجي. اِھو اسان جو پيدائشي حق به آھي، ۽ بنيادي فرض به. اُن لاءِ ھڪ ته اسان کي پنھنجي سموري تعليمي سرشتي کي بنھ نئين سِر ٺاھڻو پوندو، ۽ ٻيو ته اُن لاءِ اسان کي سوين مناسب ۽ مفيد ڪتاب يا اصل لکڻا پوندا، يا ترجمو ڪرڻا پوندا. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گھڻگھرن جي سامھون اڄ اِنھن ٻن مقصدن کان سواءِ ٽيون مقصد ڪا اھميت ڪونه ٿو رکي....
    [ ”سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو تعليمي سرشتو“، سماھي ”مھراڻ“، سيارو، 1955ع ]

    ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما ھيون. ڪنھن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنھن سماج جو، ڪنھن قوم جو سرجڻ، ڪن تھذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنھن حڪمران قوت جو، ڪنھن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ، ۽ خود خدا به ته پوءِ ماڻھن سان ماڻھن جي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪلام ٿي ڪيو! ۽ سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو به اِنھيءَ لاءِ ته آخر آزاد نه ٿيا ھئا ته پنھنجي ڳالھ تان دستبردار ٿي، اردو سياسي اقتدار جا غلام بڻجي وڃن.
    [ ”مھراڻ“- 4، 1984ع – ھو جي ھئا ھِت، ص 250 ]
    'ٻولي'، آوازُ – دانھَن ۽ دانھن جو جواب – ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالھيون، زندگيءَ جي وڏي وٿُ آھن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آھن، بلڪ ماڻھن لاءِ ماڻھپي سان جيئڻ جو بنياد آھن. روسي اديب ترگنيف (83 – 1818ع )، جنھن پنھنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنھن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو ھو، پنھنجي روسي ٻوليءَ لاءِ ھڪ موقعي تي چيو ھو: ”جڏھن به مان شڪ ۾ ويڙھجي وڃان ٿو، جڏھن به پنھنجي ملڪ تي ويچاريندي منھنجو مَن لرزجي ٿو، تڏھن او منھنجي عظيم، سگھاري، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿِي ۽ مون کي بچائين ٿِي. جي تون نه ھجِين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجھ منھنجي وطن تي وھي رھيو آھي، اُن کي ڏِسي، آءٌ ھوند ڊھي، بنھ پَٽ اچي پوان: پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگھي ته ھھڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گھٽ ڪنھن قوم کي مليل ھوندي!“ اسين به پنھنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگھون ٿا ته اُھا اسان جو ڏَڍ آھي، آٿت آھي، اسان جا شَڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي؛ ۽ جيڪا ٻولي اسان کي ..... 'سندي ذات ھنجن' جھڙو نثر ڏيئي سگھي ٿي ۽ اُن جھڙي پرک ڏيئي سگھي ٿي، اُھا ٻولي ڪيئن نه عظيم ھوندي! ۽ نيٺ اِئين ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ھھڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گھٽ ڪنھن قوم کي مِلي ھجي؟
    [ ”سندي ذات ھنجن“، 1983ع – مھاڳ، ص 2 - 3 ]






    محمد ابراھيم جويو
    ---------------------


    اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي

    اسان جي مادري زبان ۽ اُن جي
    تعليم ۾ اھميت

    ”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آھي.“
    ..... ..... .....
    ”ھر صاحب علم شخصُ لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آھي.“
    ..... ..... .....
    بي اختيار يا ڪم- اختيار معاشري جي آڏو پنھنجي بنيادي حقَن جي حفاظت لاءِ فقط ٻه رستا موجود رھن ٿا: پھريون، پاڻ کي بااختيار يا زياده بااختيار بڻائڻ لاءِ جدوجھد ۽ قرباني؛ ۽ ٻيو، ”تانسين ڀڳي سان ئي ڀير جانسين رتو راس ٿئي“ – يعني تنھن وچ ۾، حالتن پٽاندر، جو ڪجھ پنھنجي بھتريءَ لاءِ ممڪن ٿي سگھي، اُن تي عمل ڪرڻ.
    سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زندھ انساني معاشرن وانگر، ھڪڙو اھم ۽ بنيادي حق پنھنجي زبان جي حفاظت ۽ فروغ آھي – ڇو ته اُن تي ئي سندس سڄيءَ سڃاڻپ بلڪ پوري وجود ۽ اُن جي افاديت جو دارومدار آھي.
    اقوام متحده جي منشور ۾ ملڪن جي لساني اقليتن جو وجود تسليم ٿيل آھي، ۽ سندس بنيادي انساني حَقن جي دستاويز ۾ اقليتن جي ٻولين ۽ تھذيبن جي بچاءَ جو واعدو ٿيل آھي. ھم مذھب انساني اجتماع ۾ لساني اقليت جو وجود قائم رھي ٿو، ختم ڪونه ٿو ٿئي. ھم مذھب اڪثريت به ھم مذھب اقليت مٿان ڏاڍ ۽ اُن جي حَق تلفي ڪري سگھي ٿي.
    آزاديءَ کان پوءِ ڪجھ جذباتي ترنگ ۾ ۽ ڪجھ گروھي مفاد جي ڇِڪ سبب، اسلام سان گڏ اردوءَ کي پاڪستان جي نظرياتي اِساس جي ھڪ عنصر طور اڳيان آڻيندي، مڪاني ٻولين کي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ تھذيبي حيثيت کي نظرانداز ڪيو ويو، بلڪ اُن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
    ڪراچيءَ ۾ سنڌي پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن جو ڪافي تعداد ۾ بند ٿيڻ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان امتحاني ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ جي يڪ طرفي ترديدَ- اِن سلسلي جا ڪافي ڳرا ۽ مھلڪ قدم ھئا.
    اُن وقت کان پوءِ وقت بوقت، بلڪ مرڪزي حڪومت جي ھر تبديليءَ سان تعليمي ڪميشنن جا انعقاد شروع ٿيا، ۽ ھر ڀيري ”مادري ٻوليءَ“ جي اصطلاح کي ”قومي ٻوليءَ“ جي پرڪشش ۽ رعبدار اصطلاح سان ڍڪيندي، اردوءَ کي سڄي ملڪ ۾ تعليم جي ذريعي طور رائج ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رھيون – جنھن جي نتيجي ۾ پڻ سنڌ ۾ سنڌيءَ جي محڪم بيٺل تھذيبي اھميت ۽ تعليمي درجي کي ڌَڪ لڳڻ جا امڪان اٿندا ۽ نقصان پھچڻ جا انديشا سامھون ايندا رھيا.
    1958ع ۾ پھرئين مارشل لا جي دوران، قومي يڪجھتيءَ جي مفاد ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت طرفان عمل ۾ آندل مساويانه لساني فارمولا کي ختم ڪري، اردوءَ کي يڪ طرفي فوقيت ڏياري ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي معاشري ۾ تھذيبي طور گروھي تفريق ۽ امتياز جي صورت پيدا ٿيڻ جا آثار اُڀري اڳيان آيا، ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ اُن جا ھاڃيڪار نتيجا پڻ نمودار ٿيا.
    تنھن وچ ۾، ۽ پوءِ گھڻي وقت تائين، قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ جا ٻولين جي آئيني حيثيت جي سلسلي ۾ فڪر ۽ عمل جون ڪيئي متضاد صورتون اٿنديون رھيون، ۽ ڪافي ڪشمڪشا کان پوءِ، جنھن ۾ ڪيتريون ئي ناڪاميون ۽ نامناسب ڳالھيون واقع ٿينديون رھيون، نيٺ 1973ع جي آئين ۾ مسئلي جي ھڪ صورت ملڪي سطح تي، ۽ اُن جي آڌار تي خاص طرح سنڌ ۾ صوبائي سطح تي، طئي ٿي، جنھن جي منصفانه تعميل جو سوال اڃا به التوا جي حالت ۾ موجود آھي.
    ھن سڄي عرصي ۾، سنڌي معاشري جي باخبر، ذميدار ۽ حساس حلقن طرفان پنھنجي ٻوليءَ جي وجود جي تسليميءَ ۽ اُن جي تھذيبي ۽ آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب پيش قدمي ٿيندي رھي، ۽ پنھنجي ھن بنيادي انساني حَق جي دفاع ۽ بحاليءَ لاءِ گھربل جدوجھد ۾، سنڌي معاشري جي ڪابه اھڙي اھم شخصيت، ڪوبه ادارو يا جماعت ڪانھي، جنھن پنھنجي وس آھر پورو پورو حصو نه ورتو ھجي. ھزارين پترا، سوين ڪتابچا، ڪيئي ڪتاب، عرضداشتون، ليک، ٺھراءَ ۽ عرض ناما شايع ٿيا، ۽ تقريباً ھر مرڪزي حڪومت آڏو اديبن، عالمن ۽ تعليمدانن جا وفد پيش ٿيندا رھيا، جن مان ھر ھڪ جو ذڪر لازم ته آھي، پر ھن موقعي تي، خاص طرح وقت جي تنگيءَ جي خيال کان، مناسب نٿو لڳي. البت، اُن سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان 9 نومبر 1962ع تي ”يوم سنڌي زبان“ جي ملھائڻ ۽ وسيع پيماني تي دستخطي مھم ۽ جي طوماري دستاويز جي تياريءَ، ۽ 1960ع ۾ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ جي قيام ۽ اُن سوسائٽيءَ پاران 1962ع ۾ ھڪ تفصيلي عرضداشت جي تياريءَ ۽ تڏھوڪي صدر پاڪستان، مارشل محمد ايوب خان، کي وفد جي صورت ۾ ان جي پيش ڪرڻ جي ڳالھين جو ھن موقعي تي، فقط يادگيري طور، ذڪر ڪري ڇڏڻ مناسب ٿو معلوم ٿئي.
    ھيتري ساري لاڳيتي، بي خوف ۽ بي لوث اجتماعي جدوجھد جو ئي نتيجو آھي، جو اڄ اسان جي پنھنجي مادري ٻوليءَ جي حيثيت ھِتي اسان وٽ اُھا ئي قائم آھي، جيڪا آزاديءَ کان اڳ اُن جي ھئي – يعني:
    (1) ابتدائي ۽ ثانوي اسڪولن ۾ ڏھين ڪلاس تائين اسان جي مادري ٻولي اڀياسي مضمون به آھي ۽ ذريعو تعليم به آھي.
    (2) ڪلاس چوٿين کان 12 ڪلاس تائين غير سنڌي تعليم وارن شاگردن لاءِ سنڌي لازمي اڀياسي مضمون جي حيثيت رکي ٿي – جيئن سنڌي ذريعي تعليم وارن شاگردن لاءِ اردو لازمي اڀياسي مضمون آھي.
    (3) ٻارھين ڪلاس کان پوءِ (سنڌ يونيورسٽيءَ) جي بي – اي جي تعليمي سطح تائين پڻ اسان جي مادري زبان اڀياسي مضمون به آھي ۽ اڪثر نصابي ڪورسن لاءِ تعليم جي ذريعي طور پڻ تسليم ٿيل آھي.
    (4) ايم – اي جي سطح جي تعليم سنڌيءَ ۾ (بحيثيت اڀياسي مضمون جي) سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۽ پڻ ڪراچي يونيورسٽيءَ وٽ سنڌيءَ جي ذريعي تسليم ٿيل آھي.
    (5) سنڌ يونيورسٽيءَ وٽ سنڌي ٻولي ڊاڪٽوريٽ آف فلاسافيءَ جي سَنَدَ لاءِ تحقيقي مضمون جي ٻوليءَ طور تسليم ٿيل آھي.
    (6) صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ ملازمتن لاءِ مقابلي جي امتحانن ۾ سنڌي بحيثيت ھڪ مضمون جي ۽ پڻ ڪِن محدود حالتن ۾ امتحاني ٻوليءَ جي، ۽ مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن وٽ پي – سي – ايس جي اعليٰ ملازمت لاءِ مقابلي جي امتحان ۾ فقط بحيثيت ھڪ مضمون جي تسليم ٿيل آھي.
    (7) اسان جي مادري ٻولي، اردوءَ سان گڏ (جنھن کي آئيني طور مرڪزي حيثيت ۾ قومي ٻوليءَ جو درجو به مليل آھي)، سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان طور تسليم ٿيل آھي.
    ھڪ مرڪز پسند وفاقي طرز حڪومت ۾، وفاق جي ھڪ اڪائيءَ جي حيثيت ۾، جيڪا اِڪائي مطلق ۽ مستقل اقليت ۾ ھجي، اسان کي پنھنجي مادري ٻوليءَ جي اِن حيثيت تي خوش ھجڻ جا ڪافي سبب آھن. اِئين برابر آھي ته اُھا اُن جي اصلوڪي حيثيت ھئي ۽ اُن حيثيت کي اسين وڏي اجتمائي جدوجھد کان پوءِ تسليم ڪرائي يا قائم رکي سگھيا آھيون، ۽ اُن لاءِ اسان کي وري وري جدوجھد پئي ڪرڻي پئي آھي، ۽ آئينده به شايد اِئين ٿئي – ”زندگيءَ جي نعمتن لاءِ دائمي سجاڳيءَ جي قيمت“ ڏيڻي ئي آھي، ۽ اُن سلسلي ۾ اسين پوريءَ طرح فقط تڏھن مطمئن ۽ بي خوف ٿي سگھون ٿا، جڏھن تعليم جو شعبو خالـص صوبائي اختيار ۾ ھجي ۽ اُن ۾ مرڪز جي دخل اندازيءَ جو امڪان نه رھي - ۽ اِھو پاڻ کي يعني سنڌي معاشري کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي مسئلن مان ھڪ مسئلو آھي، جنھن لاءِ ھيڻن ۽ اقليتي معاشرن کي جدوجھد ڪرڻ ۽ قربانين ڏيڻ جي ضرورت رھي ٿي. بھرحال، ھِن وقت ائين به برابر آھي ته اسان جي ٻوليءَ جي اِنھن تھذيبي ۽ تعليمي حيثيتن مان ڪي گھڻي قدر ڪاغذ تي ئي موجود آھن ۽ عملي طور اِنھن سڀني حيثيتن جو شرف اُھا پوريءَ طرح اڃا نه ماڻي سگھي آھي، ۽ اُن لاءِ گھڻيءَ حد تائين حڪومت جي انتظامي چرخي ۽ اُن جي ڪِن خاص پرزن جي عدم توجھي، سرد مھري ۽ خصومت ئي ذميدار آھي - ۽ جنھن لاءِ پڻ متاثر ٿيل معاشري تي جدوجھد ۽ قربانيءَ جو فرض لازمي طور عائد ٿئي ٿو.
    ھنن سڀني ڳالھين کان پوءِ، ھِن سلسلي ۾ اسان کي پاڻ به سوچڻو آھي ته موجوده حالتن ۾، جڏھن اسان جي معاشري ۾ اسان جي مادري ٻوليءَ جي تسليم ٿيل تھذيبي ۽ تعليمي حيثيت ايڏي حوصله افزا آھي، تڏھن، اُن جو پنھنجي اُنھيءَ حيثيت سارو معاشري ۾ قدر به ٿئي ۽ اُھا عملي طور پنھنجو اُھو درجو ماڻي به سگھي، ۽ اُن جي وسيلي، تعليم ۽ تھذيب جي دائري ۾، خود اسان جو معاشرو به اُھو فروغ ۽ اُھا پنھنجي صلاحيت حاصل ڪري سگھي، جيڪا اُن کي ھڪ زندھ ۽ باوقار معاشري جي صورت ۾ حاصل ھئڻ گھرجي – اُن سڀ لاءِ اسين پاڻ ڇا ٿا ڪري سگھون، ۽ پنھنجي ڪوشش ۽ عمل سان ڪيتري قدر ۽ ڪھڙيءَ طرح پنھنجي مادري ٻوليءَ جي ان مڃيل حيثيت کي حقيقي صورت ڏيئي سگھون ٿا؟
    منھنجي خيال ۾ اسين ھِن سلسلي ۾ ھيٺيان اقدام ڪري سگھون ٿا:
    (1) اسان جا اديب ۽ عالم انفرادي طرح ۽ اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا، پنھنجن پنھنجن سونپيل ۽ ھٿ ۾ کنيل فرضن ۽ ذميدارين جي تعميل طور، ٻارھين ڪلاس کان مٿي ھر اھڙي تعليمي نصاب جا ڪتاب، جنھن لاءِ سنڌي ٻولي اڀياسي مضمون يا تعليمي ذريعي طور تسليم ٿيل آھي، لکي سگھن ٿا، لکائي سگھن ٿا، ۽ ڇپائي ۽ شايع ڪرائي سگھن ٿا.
    ھن سلسلي ۾ ٻارھين ڪلاس جي تعليمي سطح تائين گھربل درسي ڪتابن جي لکائڻ، ڇپائڻ ۽ موجود رکڻ جي سرڪاري ذميداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تي عائد ٿيل آھي، جنھن کي پورو ڪرڻ اُن جو منصبي فرض آھي، ۽ اُن ڪم ۾ سندس ناڪاميءَ جي حالت ۾ اُن کان پوري پوري جواب طلبي ڪرڻ اسان استادن ۽ مائٽن جو به فرض آھي، ۽ اُھو اسان جو حَق به آھي.
    حڪومت جي تعليمي ۽ ثقافتي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا پنھنجا دردمند ۽ باھمت عملدار، پنھنجي پنھنجي دائري اختيار ۾، ۽ وٽن موجود حڪومتي وسيلن آھر، ھن ڪتابي ميدان ۾ يعني انھن جي تياريءَ، اشاعت ۽ استعمال جي سلسلي ۾ ڪافي ڪجھ ڪري سگھن ٿا.
    (2) اسان جا استاد ۽ تعليمي ادارن جا منتظم ۽ سربراھ، پرائمري تعليمي سطح کان وٺي يونيورسٽيءَ جي تعليمي سطح تائين سنڌيءَ جي تعليم ڏانھن خصوصي توجھ ڏيئي سگھن ٿا – جيئن اڀياسي مضمون طور اُن جي پڙھائي ۽ ذريعي تعليم طور اُن جو استعمال، جديد کان جديد طريقن سان، بھتر کان بھتر نموني ۽ دل جي پوري ذوق ۽ ڪامل ذھني صلاحيتن سان، عمل ۾ اچي سگھي.
    (3) اِنھيءَ حقيقت جي مدنظر ته اڄ اسان وٽ خاص طرح وڏن شھرن ۾، سنڌي ذريعي تعليم وارن اسڪولن ۽ اسان جي ٻارن لاءِ مادري زبان جي بنيادي تعليمي سھوليتن جِي سخت اڻاٺ آھي، اسان کي حڪومت جي ذميدار اختياريءَ وارن کان ھڪ طرف پنھنجي اِن بنيادي حَق وٺڻ جون پنھنجي پنھنجي منھن توڙي جماعتي طور گڏيل ڪوششون ڪرڻ گھرجن؛ ۽ ٻئي طرف اسين ”پنھنجي مدد پاڻ ڪريو“ جي اصول تي عمل ڪندي، پنھنجي محلي ۾ پنھنجن ٻارن لاءِ ٻاراڻا ڪلاس، پرائمري اسڪول ۽ پڻ ھاءِ اسڪول قائم ڪري ۽ ھلائي سگھون ٿا.
    (4) اسين پنھنجي محلي ۾ ۽ پنھنجي ڳوٺ ۾ سنڌي ڪتابن جا مرڪز، لئبررين ۽ پڙھائي گھرن جي صورت ۾، قائم ڪري ۽ ھلائي سگھون ٿا.
    (5) اسان کي، وس پڄندي، ڪڏھن به پنھنجي ٻارن کي ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جي ٻاراڻي ڪلاس يا پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ نه گھرجي. مجبوريءَ کان ڪنھن ٻار جي حالت ۾ جيڪڏھن اِئين ڪرڻو به پوي، ته گڏوگڏ، ڪم از ڪم پنھنجي گھر ۾ پنھنجي اُن غريب ٻار کي اسين پاڻ پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾، پڙھڻ لکڻ به سيکاري سگھون ٿا.
    اسان کي انساني نـفسيات ۽ تعليمي فلسفي جو ھيءُ بنيادي اصول ھميشہ ياد رکڻ گھرجي – جيڪو اقوام متحده جي تعليمي، تھذيبي ۽ سماجي بھبود جي اداري (يونيسڪو) ھيٺين لفظن ۾ قلمبند ڪري، دنيا جي سڀني زبانن متعلق ۽ سڀني ماڻھن جي عام اطلاع لاءِ شايع ڪرايو آھي:
    ”.... ٻار لاءِ بھترين تعليمي ذريعو سندس مادري زبان آھي. بھترين تعليم شاگردن جي مادري زبان ذريعي ئي ڏيئي سگھجي ٿي.... تعليم بھترين نموني سان مادري زبان ذريعي حاصل ٿي سگھي ٿي.... پوءِ ڀلي ته شاگرد ٻارُ ھجي يا بالغُ.... قومي زبان مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري سگھي....“ (يونيسڪو طرفان نومبر 1951ع ۾، ”تعليم ۾ مڪاني زبانن جي استعمال“ تي پئرس – فرانس، ۾ سڏايل سڄيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏيءَ تعليمي ماھرن جي ڪانفرنس جا فيصلا ۽ سفارشون.)
    يونيسڪو جي تعليمي ماھرن جا اِھي فيصلا انساني نفسيات جي ھيٺ بيان ڪيل ھڪ بنھ بنيادي ۽ اَٽل حقيقت تي ٻَڌل آھن:
    ٻار جي تعليم شروع ڪرڻ وقت ڪنھن جي ڪھڙي به نيت ھجي، پر اُن نيت ۾ ٻار جي خود پنھنجي ڪابه دلچسپي ڪانه ھوندي آھي. مائٽن کي، سماج کي ۽ حڪومت کي اُن وقت پنھنجون پنھنجون الڳ الڳ مرادون ۽ نيتون ٿي سگھن ٿيون، جيڪي ڪجھ متضاد ۽ ڪجھ موافقت ۾ به ھونديون آھن، پر اُنھن جي ڪنھن به نيت سان خود ٻار جو شعوري اتفاق يا واسطو ڪونه ھوندو آھي.
    جڏھن مائٽ ٻار کي ٽن سالن جي عمر ۾ ڪنھن ٻاراڻي ڪلاس ۾ يا ٻه سال پوءِ پرائمري ۾ ويھاري ٿو، تڏھن خود ٻار جو پنھنجو فطري اتساھ يا دلچسپي ڪھڙي ھوندي آھي؟ فقط ھڪ: ۽ اُھا ھيءَ ته ھو پنھنجي دنيا کان واقف ٿئي، ۽ اُن واقفيت کيس پنھنجي اُن دنيا تي قابـض ٿيڻ يا ھجڻ جو شعور ۽ خوشي ڏئي ٿي. سندس ھن ڄاڻ جي اتساھ جي پوري ڪرڻ لاءِ ٻار وٽ پنج حواس ته آھن ئي، پر اُن لاءِ ھن کي تنھن وچ ۾ ٻي به ھڪ حاصلات، فطرت جي ھڪ تحفي طور، ھٿ اچي ويندي آھي - ۽ اُھا ھوندي آھي ھن جي ڳالھائڻ جي اٽڪل، يعني ھن جي مادري ٻولي. ھيترو وقت، ھو گھر ۾ پنھنجي مائٽڻ جي محفوظ پناھ ھيٺ رھيو، تنھنڪري ھو نه ڪنھن کان ڊڄي ٿو، نه ڪنھن جو پاڻ ئي مَٺگھرو آھي، ۽ بنھ ھڪ بي ميار معصومَ وانگر پنھنجي مائٽاڻي پناھ گاھ مان نڪري، پنھنجي چوڌاري موجود شين کي ڏسي ٿو ۽ پنھنجي دنيا کي ڪجھ وڌيڪ وسيع ڪرڻ گھري ٿو.
    ھاڻي، بلڪل اِنھيءَ پَلِ، جڏھن ھن جي نازڪ ۽ نرمل دل دنيا جي نيڪيءَ ۽ گھڻگھرائيءَ جي تَرنگ ۾ ڀريل آھي، ٻار کي ھڪ اھڙي وايومنڊل ۾ آڻي وڌو ٿو وڃي، جيڪو ھن جي مادري ٻوليءَ جو وايو منڊل نه آھي! ۽ ھڪدم ھو ڏسي ٿو ته نه ھن کي ڪوئي سمجھي ٿو ۽ نه ھوئي ڪا ڳالھ ٿو سمجھي! ھن جي ڪلاس جي ڪمري ۾ جيڪا ٻولي چالو آھي، سا ھن جي ٻولي ڪانھي! ٻار کي اوچتو صدمو ٿو رَسي – ڌاريائپ جو صدمو - ۽ ھو سڄو نراسائيءَ ۾ ويڙھجي ٿو وڃي. ھِن جي ٻولي، جيڪا ھن لاءِ ھن جي گھُر ھئي، ۽ اُن پَلَ تائين سڄي ھن جي زندگي ھئي، اُھا ھن جي اسڪول ۾ ھن جي ڪنھن ڪمِ ڪانه ٿي اچي. نتيجي ۾، ھو اُن پنھنجي نئينءَ دنيا کان ھميشہ لاءِ، ذھني طور، جذباتي طور، ڪَٽجي ٿو وڃي، ۽ ھن جي مَن ۾ اڪيلائپ جو احساس، پيدا ٿي پوي ٿو. اُن ڌاريائپ واريءَ فضا ۾ ٻار لاءِ اھڙو ڪو خطرو به واقعي ڪونھي ته اُتي ڪو ھن تي اُلر ڪندو، ھن کي ڌڪ ھڻندو يا اھڙو ڪو نقصان پھچائيندو: پر سچو پچو ھڪڙو خطرو ھن کي اُتي آھي، ۽ اُھو اِھو آھي ته اُتي ھو ڌيان تان لھي ويندو، ۽ اِنھيءَ ڪري ھن جو قدر گھٽجي ويندو، ۽ ھو خسيس لڳندو.
    اسان سڀني کي، جن کي پنھنجن ٻارن جي تعليم جي اھميت جو احساس آھي، ياد رکڻ کپي ته ”اسڪول جي دنيا ۾ جيڪي به شغل، دلچسپيون ۽ ڪم ڪار ٿين ٿا، انھن ۾ ھڪ ھڪ کان ۽ سڀني کان وڌيڪ اھم شيءِ اُتان جي ٻولي آھي؛ ۽ اُھا ئي ھڪ شيءَ آھي، جيڪا اُن اسڪول جي دنيا ۾ ھرڪو ٻار پاڻ سان کڻي وڃي ٿو. ڪلاس روم ۾ موجود اُنھيءَ ھڪڙي بنيادي سچ، اُنھيءَ ھڪڙيءَ بنيادي حقيقت، جو اسان سڀني کي احساس ھئڻ کپي، ۽ اُن ھڪڙي ننڍڙي سچ ۽ اُنھيءَ ھڪڙيءَ ننڍڙيءَ حقيقت سان اسان سڀني کي انصاف ڪرڻ کپي: ۽ اسان جي ٻار جي تعليم جي سموريءَ ڪاميابيءَ جو دارو مدار اُنھيءَ ھڪڙيءَ ڳالھ تي آھي – ڇو ته ”تعليم جي سڄي ناڪامي بنيادي طرح ٻوليءَ جي ناڪامي آھي“ ۽ ”ھر صاحب علم شخص لازمي طرح ٻوليءَ جو صاحب آھي.“
    [25 اپريل 1980ع، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪل سنڌ ڪانفرنس، حيدرآباد، جي موقعي تي پڙھيو تقرير- ”ھلال پاڪستان“، 1 – مارچ، 1983ع ]














    تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آھي

    تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آھي
    محمد ابراھيم جويو
    ----------------------


    پھرين ٻولي، جا ٻار ٻُڌي ٿو، سمجھي ٿو، سِکي ٿو ۽ ڪم ٿو آڻي، سا ھُن جي ماءُ جي ٻولي آھي.
    اوسين تائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ئي نه رڳو مؤثر، سڀ کان مؤثر، پر واحد ذريعو سمجھي وڃي ٿي ۽ مڃي وڃي ٿي.
    اُن کان پوءِ به، دنيا جي آزاد ۽ مھذب انساني معاشرن ۾ ھرھنڌ، ۽ سڄيءَ انساني تاريخ ۾ اڄ تائين، تعليم جي نه فقط مؤثر پر سڀ کان سَستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي ويئي آھي ۽ استعمال ٿيندي آئي آھي.
    فقط ٻاھران آيل مذھبَ ۽ ٻاھر جا فاتحَ ۽ حاڪمَ ئي مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اِھا حيثيت ۽ اِھو حق ۽ اُن جي اِھا لياقت قبولڻ کان انڪاري رھيا آھن ۽ انڪار ڪن ٿا - ۽ اُن ۾ ھر طرح اُنھن جا بالادستي ۽ استحصالي مفاد موجود ھجن ٿا.
    غير مادري زبان ذريعي تعليم ورتل قومون يا معاشرا سدائين متعلقه مادري زبان وارين ' تعليمي ' قومن يا معاشرن جا غلام، تابع ۽ محتاج رھيا آھن – اقتصادي، سياسي ۽ سماجي طور – سڌا سنوان ۽ ظاھر ظھور يا اڻ سڌي ۽ اڻ لَکائتي نموني.
    اھڙن زيردست ۽ تابع معاشرن ۾ جڏھن تعليم لاءِ ٻوليءَ جي ذريعي جي ڳالھ ڪجي ٿي، ته تعليم جي سڄي سماجي مانڊاڻ يا ساج سٽاءَ (Mechanism) کي نه، پر فقط اُن جي رسمي پھلوءَ کي خيال ۾ رکي پوءِ اُھا ڳالھ ٿي ڪجي – ڇو ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، ڪتابن، اخبارن، ريڊين ۽ ٽيليويزنن، ۽ ڌارينءَ ٻوليءَ جي مذھبي واعظن ۽ مبلغن ۽ اُن جي اھڙن ٻين حڪومتي يا بالادستي واسطن کان علاوه ۽ انھن کان بلڪل دور رھي ڪري، ماڻھن جو باقي سڄو پنھنجو وقت پنھنجي مادري زبان جي سماجي فضا سان تعلق دوران، کين پنھنجي مادري زبان ۾ ئي حسي تربيت ۽ ذھني تعليم ملندي رھي ٿي. بالادست ۽ استحصالي مفاد کي دراصل اھا عين فطري ۽ قدرتي صورتحال به ڏکي لڳندي آھي، ڇو ته اُن ۾ ھو زيردست معاشري يا قوم کي پنھنجي گرفت مان انيڪ نمونن ۾ آجو ٿيندي ڏسي ٿو – يا ڪم از ڪم، محڪوم قوم جي اُن غير رسمي تعليم جي دائري ۾ ھو پاڻ کي ڪٿي به موجود نٿو ڏِسي، ۽ اِنھيءَ ڪري اُن محاذ تي ھو پاڻ کي ڪمزور ٿو محسوس ڪري، ۽ اِنھيءَ ڪري بي اطمينان، ناخوش بلڪ غصي ۾ ڀريل رھي ٿو. ۽ پنھنجي اِھا بي اطميناني، ناخوشي ۽ ڪاوڙ پوءِ ھو اِئين ظاھر ڪندو آھي، جو ھو تابع معاشري يا قوم جي زبان جي استعمال ۽ اثر بلڪل ختم نه، ته به وڌ کان وڌ ۽ ھر طرح گھٽائڻ ۽ محدود رکڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. اُن ڪوشش ۾ پھريون نشان اُن جي اڳيان اِھو ھوندو آھي ته ڪنھن طرح زيردست معاشري جي ٻوليءَ کي رسمي تعليم جي ذريعي جي حيثيت ۽ عمل کان محروم رکيو وڃي – ريجھ راز ۽ ماٺ ميٺ ۾، نه ته زوران زوريءَ ۽ حڪما حڪميءَ به، بلڪ ٻنھي طريقن جي گڏيل ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ وسيلي.
    رسمي تعليم جي ميدان يا سرشتي ۾، ٻوليءَ جي حيثيت يا اھميت جي ڳالھ ٿي ڪجي، ته اُن لاءِ ٻوليءَ جي ٽن ڪارجن کي خيال ۾ رکڻو پوي ٿو: (1) تدريس جي ذريعي (Medium of Teaching) جو ڪارج – ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ؛ (2) تدريس جي ھڪ مضمون (A subject of Teaching) جو ڪارج؛ (3) اَڻ – اَکرائي (Illiteracy) جي خاتمي لاءِ ذريعي جو ڪارج.
    تدريس جي ھڪ مضمون طور ڪنھن ٻوليءَ جي تعليم کي اُن حد تائين ۽ اُن نوع جي ئي اھميت ملندي، جيتري ۽ جھڙي اھميت اُن کي تدريس جي ذريعي طور سڄي تعليم جي سرشتي ۾ مليل ھوندي. جيڪڏھن تدريس جي ذريعي جو ڪارج اُن کي ابتدا کان وٺي اعليٰ تعليمي درجي تائين ادا ڪرڻو آھي، ته خود اُن جي پنھنجي تدريس يا سِکيا جو اھتمام (ھڪ مضمون جي صورت ۾) اُن ئي معيار يا درجي جو ۽ اُن ئي سطح مطابق ڪرڻو پوندو – جيئن انگريزن جي دور ۾، اسان وٽ، خاص طرح انگلش ميديم تعليم جي متوازي سرشتي ۾، موجود ھوندو ھو؛ يعني، سڄي تعليمي سِٽاءَ ۾، سڄو زور، ابتدا کان اعليٰ سطح تائين، انگريزيءَ جي پڙھائيءَ تي؛ ۽ ڪا ٻولي ثانوي طور پاڙھڻ ۾ ايندي ھئي ته اُھا به فرينچ، لئٽن، جَرمن وغيره – نه سنڌي، نه اردو، ۽ نه وري محڪوم رعايا جي ٻي ڪا ٻولي. دنيا ڄاڻي ٿي ته اُنھيءَ خاص ۽ متوازي انگلش ميڊيم سرشتي تعليم جا پڙھيل امير نسل جا، يا اِئين انگريزي پڙھي نئينءَ مان ڪي امير بڻيل، خاص شخص ئي ھوندا ھئا، جيڪي انگريزي سامراج جي عملداري سرشتي جا ھتي اسان وٽ معتبر ۽ معتمد سُتونَ يا ٿنڀا ھوندا ھئا، ۽ اُھي ' عام رعايا ' جي ڪا ٻولي پڙھندا يا سِکندا به ھئا ته اُھا به فقط پنھنجي عملداريءَ جي ڏينھن ۾، ۽ سا به رڳو پنھنجن آقائن جي مفاد ۾ پنھنجي عملداريءَ جي فرضن ۽ ذميدارين جي ڪامياب ادائگيءَ لاءِ. انگريز سامراجَ، ملڪ جي سڄيءَ سياست کي لڳ ڀڳ اھڙن ئي انگريزي پڙھيل 'دانشورن ' ھٿان آخر تائين پنھنجي ضابطي ۾ رکيو، ۽ پوءِ جنھن حال ۾ ۽ جنھن صورت ۾ اسان جي ھيءَ دنيا ھو ڇڏي ويا، اُھا اڄ به گھڻي قدر سندن ئي پنھنجي عالمي مفاد جو رنگ ۽ روپ اختيار ڪيو بيٺي آھي. تدريس جي ھڪ مضمون طور ٻوليءَ جي تعليم، ٻين ڳالھين کان علاوه، ماڻھوءَ ۾ تخليقي ۽ اظھاري صلاحيتن کي وڌائي ٿي ۽ اُن حد تائين ھن جي مَن ۾ خود پنھنجي لاءِ ۽ اُن ٻوليءَ جي 'معاشري' لاءِ عزت ۽ قدر جو جذبو اُڀاري ٿي ۽ پختو ڪري ٿي - ۽ جيڪڏھن اُھا ٻولي ڪنھن پر ماڻھوءَ جي پنھنجي مادري ٻولي نه آھي ته، ردعمل طور، ھن جي مَن ۾ پنھنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۽ اُن جي وسيع ۽ عام معاشري لاءِ، جيڪو ھن جو پنھنجو اصل معاشرو آھي، بنھ ڌِڪار نه، ته به ھتڪ، ٺٺول ۽ لاغرضائيءَ جا رُخ اڪثر اُڀرن ٿا؛ ۽ اُن سان گڏ، جيڪڏھن ھن کي سندس ذاتي ۽ طبقاتي مفاد به اُن طرح، يعني اُن ڌارينءَ ٻوليءَ جي معرفت، سِڌ ٿيندي ڏيکاري ڏين، ته پوءِ ته ھو پنھنجي ٻوليءَ ۽ پنھنجي جنمي ۽ اصلي معاشري کان پوري بيگانگي اختيار ڪرڻ ۽ انھن جي مفادن جي زيان کي نه رڳو خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ بلڪ اُنھن کي پنھنجن ھَٿن سان پاڻ قربان ڪرڻ کان به ڪين گسندو. اِنھيءَ ڪري ئي مھذب ۽ آزاد معاشرا پنھنجي تعليمي سرشتي ۾ خود پنھنجي مادري زبان جي تعليم لاءِ بلڪل بنيادي ۽ مرڪزي حيثيت مقرر ڪندا آھن ۽ اُن تعليم کي اُن سرشتي جي اعليٰ کان اعليٰ سطح تائين خصوصي اھميت ڏيندا آھن.
    اڻ اکرائيءَ جي خاتمي لاءِ، يعني اڻ پڙھيل بالغن، مَردن ۽ عورتن، جي تعليم لاءِ، ماءُ جي ٻوليءَ کي اڄ، پوري پوري تجربي کان پوءِ، دنيا ۾، پست کان پست معاشرن لاءِ به، واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آھي.
    ساڳيءَ ريت، ابتدائي تعليم لاءِ پڻ، عالمي پيماني تي، ۽ سماجي ۽ انساني مفاد جي سڀني حَلقن ۾ - پوءِ اُھي سياسي نوع جا ھجن، مذھبي نوع ھجن يا تھذيبي نوع جا ھجن – اتفاق راءِ سان، مادري زبان کي ئي واحد، سَستي ۾ سَستو ۽ آسان ۾ آسان ذريعو تسليم ڪيو ويو آھي.
    بالغن جي تعليم توڙي ابتدائي تعليم لاءِ ڪا مادري زبان ذريعي جو ڪم ڏيئي سگھي، اُن لاءِ سڀ کان اول جا ضروري ڳالھ، بطور شرط جي، مڃي ويئي آھي، اُھا آھي اُن زبان جي رسم الخط يا لپيءَ جي موجودگي. ٻيو اُن سان لاڳاپيل، ضمني، شرط اُن لاءِ اھو ضروري مڃيل آھي ته، اُن لپيءَ ۾ لکيل پڙھائيءَ جو اڳ تيار ٿيل، مواد موجود ھجي، ۽ ٽيون ته وڌيڪ پڙھڻ، ۽ پڙھائيءَ کي جاري رکڻ لاءِ شايع ٿيل ۽ شايع ٿيندڙ مواد به ڪافي ڪنھن انداز ۾ موجود ھجي، ۽ چوٿون ته پڙھائيءَ لاءِ تعليمي طور لائق ۽ پڻ تربيت پاتل استاد به موجود ھجن. ھنن ڳالھين سان گڏ، مالي وسيلا، پڙھائيءَ لاءِ مرڪز، ضروري قسم جو فرنيچر ۽ ٻيا گھرج جا سامان به موجود ھجڻ کپن – پر ظاھر آھي ته اُھي تعليم جي نظام لاءِ عام گھرج جون شيون آھن ۽ ڪنھن خاص زبان جي پڙھائيءَ لاءِ ئي فقط لازم نه ھونديون آھن. اِنھيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اُن عام ضرورت جي ساز سامان سان گڏ ڪنھن خاص زبان جي تدريس لاءِ جن ڳالھين جي خصوصي ضرورت آھي – يعني لپيءَ جي، ڪتابن جي ۽ استادن جي – تن جو فوراً (يعني ڪنھن مقرر ڪيل، خاص مدت ۾) موجود ڪرڻ اھڙو ڪو مشڪل مسئلو ڪونھي، جيڪو وقت جي حڪومت حل نه ڪري سگھي: بشرطيڪ اُھا اُن مسئلي کي، پنھنجي ھڪ فرض منصبيءَ طور حَل ڪرڻ گھري، ۽ اُن لاءِ عالمي طور مڃيل ۽ آزمايل اصول اختيار ڪري ۽ طريقا عمل ۾ آڻي. دنيا ۾، خاص طرح ٻيءَ عالمي جنگ کان پوءِ، جڏھن سوين ملڪ مغربي سامراجيت جي بيٺڪي اِشڪنجي مان آزاد ٿي، خودمختيار ٿي ۽ مستقل وطن جو درجو حاصل ڪري چڪا آھن – مثلاً آفريڪا جي ' اونداھي ' کنڊ جا ڪيترا ملڪ – تن جي ڪوڙئين بلڪ سوين مادري زبانن جي تعليم لاءِ اِن قسم جا اھتمام ڪيا ويا آھن، ۽ اُتي اڄ بالغن جي پڙھائيءَ لاءِ، ۽ پڻ ٻارن جي ابتدائي تعليم ۽ درجي بدرجي اعليٰ تعليم لاءِ اُتان جون اُھي مادري زبانون، تدريس جي ذريعي طور ۽ پڻ تدريس جي مضمون طور، استعمال ٿي رھيون آھن.
    اِن سلسلي ۾، يعني مادري زبانن جي اِنھيءَ تعليمي ڪردار (Educational role) جي حمايت ۾، جيڪو مادري زبانن جو فطري ۽ اصولي ڪردار آھي، عالمي پيماني تي، پھريون ڀيرو 1951ع ۾، ”يونيسڪو“ (UNESCO) جي ماھرن جي ميٽنگ ۾، ھڪ زوردار ۽ پُراعتماد آواز اٿيو. اُن ميٽنگ جي ڪاروائيءَ جي رپورٽ پوءِ 1953ع ۾ سڄيءَ دنيا جي قومن جي عام اطلاع طور پڌري ٿي، جنھن ۾ ھڪ مطلق ڪُليي طور، اِھو رايو ظاھر ڪيو ويو ته ”تعليم جو عمل، بھترين قسم جو، ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي ممڪن آھي.... شاگردن کي پنھنجي اسڪولي تعليم ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ئي شروع ڪرڻ گھرجي.... ۽ اُن جو استعمال تعليم جي ممڪن کان ممڪن مٿاھين درجي تائين وڌائبو رھجي.“ (UNESCO), “The Use of Vernacular Languages in Education” Report of UNESCO Meeting of Specialists (1951), Monographs on Fundamental Education V111, p. 47- 8, Paris. UNESCO 1953. اُن کان پوءِ، ھيءُ رايو، ھيلتائين ڪيئي ڀيرا، دنيا جي ماھرن ۾ ۽ تعليم دانن جي قومي ۽ بين القوامي اجلاسن ۾ وري وري پئي اعلانيو ويو آھي. مثلاً، ”انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ آفريڪي ٻولين جو تعليم استعمال“ بابت ڪوٺايل يونيسڪو جي ھڪ خصوصي ڪانفرنس ۾، ھيءُ نتيجو اخذ ڪيو ويو ته ”جيڪو ٻار پنھنجي ٻوليءَ جي ماحول ۾ رھي ٿو، تنھن لاءِ بھترين صورت ھيءَ آھي ته ھن کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي،“ ۽ ٻيو ته ٻارن کي جيتري به زياده ۾ زياده ٿي سگھي اوتري مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گھرجي (ڏسجي: ”آفريڪي ڪامن ويلٿ جي ملڪن ۾ ٻوليءَ ۽ تعليم جو مسئلو“ از بي – ڊبليو- ٽفن، ص. 73 – 78، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، لنڊن، 1968ع )B.W.Tiffin, “Language and Education in Common wealth Africa” in: Daken J. et al (eds.), “Language in Education”, pp. 83- 84, London, Oxford University Press. 1968. اُن کان پوءِ 1972ع ۾ يونيسڪو جي ماھرن جي مشاورتي ڪاميٽيءَ جو ”ٻوليءَ جي تعليم بابت سرڪاري پاليسيءَ جي ترتيب ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو دخل ۽ ڪردار“ جي موضوع تي مذاڪراتي جلسو ٿيو؛ جنھن ۾ ”يونيسڪو“ جي 1953ع واريءَ رپورٽ سان نئين سر اتفاق ظاھر ڪيو ويو، ۽ چيو ويو ته ”خود اھڙين حالتن ۾، جڏھن ڪنھن مادري زبان جا ڳالھائيندڙ ايتري تعداد ۾ موجود نه ھجن، جو اُن ۾ تعليمي مواد جي ڪتابي اشاعت ڪنھن وڏي پيماني تي مناسب لڳي، ڪم از ڪم شروعاتي انگن اکرن جي سِکيا، بھرحال، انھن حالتن ۾ به، مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مفيد ٿيندي“ (ڏسجي، ”ٻولي سِکيا جي عمل ۽ پاليسيءَ ۾ لسانيات ۽ سماجي لسانيات جو ڪردار،“ ص 11، يونيسڪو، پئرس، 1972ع). UNESCO, “The Role of Linguistics and Socio- Linguistics in Language Education and Policy”, p-11, E/D/Ws/286, Paris. UNESCO, 1972.
    ”اقوام متحده جي ”يونيسڪو“ تنظيم طرفان تعليمي اصول ۽ عمل بابت اِھي اظھار ۽ اعلانيه رايا، اِن مسئلي تي عالمي فتويٰ جو درجو رکن ٿا، جن جي تسليميءَ کان انڪار ۽ تعليم کان گريز فقط اُھي حلقا ڪن ٿا، جي پنھنجي استحصالي بالادستيءَ ۽ حاڪميت کي قائم رکڻ چاھيندا آھن، يا اُھي جيڪي پنھنجي زيردست حيثيت يا غلامانه صورتحال تي راضي ھوندا آھن يا اُن تي مطمئن رھن ٿا.
    [ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، ميرپور خاص، جي لطيف يادگار مجلس، مورخه 19- 11- 1981ع، جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي ميڙ ۾ پڙھيل تقرير: ”اخبار تعليم“، سيپٽمبر- ڊسمبر 1981ع ]









    استدعا

    استدعا

    (1) پاڪستاني قوم جي نظرياتي اِساس جو واحد بنياد اسلام آھي: اُن ۾ زبان جو يا ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو اضافو لازمي طور اُن کي لوڏي ۽ ڪمزور ڪري سگھي ٿو.
    (2) ھر سطح جي تعليم جي ذريعي طور مادري زبان کي سڄيءَ دنيا ۾ بنھ قدرتي ۽ سڀ کان مؤثر ذريعو سمجھيو ۽ مڃيو وڃي ٿو: اُن کان سواءِ مادري زبان ماڻھن جي ثقافتي ورثي جو ڀنڊار به آھي ۽ واھَڻُ به آھي. اِنھيءَ ڪري پنھنجي مادري زبان کي، اھڙي ھڪ لافاني قدر ۽ ماڻ جي مظھر طور، پيار ڪرڻ، ۽ ھنئين سان لائڻُ، اُن جي حفاظت ڪرڻُ ۽ اُن کي زور وٺائڻُ اُن جي ماڻھن جو لازمي فرض آھي.
    (3) پاڪستان جي 1973ع جي آئين مطابق اردو اسان جي قومي زبان آھي، سرڪاري استعمال جي ڪارڻَ طور - ۽ اِن ڪارج ۾ اُن کي، سنڌ جي صوبي اندر، سنڌي زبان کي پاڻ سان شامل ڪرڻو آھي، جيڪا اسان جي مادري زبان آھي.
    (4) 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان وٺي، اسان جي ٻارن جي تعليم جي ذريعي طور توڙي سرڪاري استعمال جي سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي رتبي کي ھر نئين وفاقي حڪومت جي آڏو پيش ڪيو، سمجھايو ۽ واضح ڪيو ويو آھي، ۽ اُنھن مان ھر حڪومت، واري واري سان ڪافي ڪجھ ' نه نه ۽ ھا ھا ' ڪرڻ کان پوءِ، اسان جي زبان جو اُھو رُتبو پوري ذميدارانه انداز سان قبوليو ۽ منظور پڻ پئي ڪيو آھي – اِن سلسلي ۾ سندن 1956ع، 1962ع، 1967ع، 1972ع، ۽ 1974ع جا ھائوڪاري اعلان موجود آھن.
    (5) بدقسمتيءَ سان ، پنھنجي زبان تي اسان جي حَق جو اصول ۽ اُن جو استدلال، بھرحال، ساڳيءَ ڪشاده دليءَ سان شايد ڪڏھن به قبوليو نه ويو- اُن کي پوريءَ طرح ماڻڻ لاءِ اسان جي مدد ڪرڻ جو ته سوال ئي پري رھيو. وفاقي انتظاميه جي ماتحت ڪراچيءَ جي علاقي ۾ 1948ع کان وٺي 1956ع تائين سنڌي پرائمري اسڪولن جي حوصله شڪني؛ ون يونٽ جي 1956ع کان 1970ع تائين واري دور ۾، سنڌي زبان ۽ ذريعي جي تعليم جي قيمت تي، اردو زبان ۽ ذريعي تعليم جو سڌو توڙي اڻ سڌو فروغ ۽ حمايت؛ ۽ ذريعي تعليم ۽ سرڪاري استعمال جي سلسلي ۾، اڄڪلھ جو ڏسڻ ۾ ايندڙ ايترو جوش ۽ تاءُ، جنھن ۾ صوبي ۾ سنڌي زبان جا ساڳيا حَق ۽ ساڳيون دعوائون تقريباً مڪمل طور نظرانداز ٿي رھيون آھن- اِھي سڀ ذميدار اختياري دائرن جي دلي خواھشن ۽ ارادن جا واضح نشان پيا معلوم ٿين، ۽ ائين پيو ڏِسجي ته ھو شايد اھڙيءَ ڪنھن صورتحال کي وڌيڪ پسند ٿا ڪن ته اسان جي مادري زبان مرڳو موجود ئي نه ھجي.
    (6) تازو ڪافي ڪجھ فيصلا تعليمي ۽ زبان سان لاڳاپيل پاليسين ۽ ذريعي تعليم ۽ سرڪاري استعمال جي زبان متعلق پڌرا ڪيا ويا آھن. اُھي ۽ اُنھن جي وڏي شھرت جيڪا ريڊيو، ٽي. وي ۽ پريس ۾ ٿي رھي آھي، ۽ خصوصاً اِن قسم جا نعرا جيڪي ابلاغ عامه جي ذريعن تان لڳندا ۽ ٻُرندا ٿا رھن – اِھي سڀ ھڪڙيءَ ڪنھن ڊيڄاريندڙ صورتحال جي نشاندھي ٿا ڪن. ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ڄڻ اسان پاڪستاني قوميت لاءِ اسلام جي واحد اِساسي بنياد کي آڏو آڻي رھيا آھيون. پنھنجي قومي نظريي تان ائين ھٽڻ يا مُڙڻ جا خلاف خاطر نتيجا آسانيءَ سان اسين پنھنجي تصور ۾ آڻي سگھون ٿا.
    (7) ھيءَ عجيب ڳالھ آھي ته پنھنجن مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڻ وٽ اسلام جي رھبريءَ جي موجود ھوندي، اسين گذريل 34 سالن جي عرصي ۾ پنھنجن ٻارن جي تعليمي ذريعي جي مسئلن کي حَل نه ڪري سگھيا آھيون. ڏسجي ٿو ته اِئين رڳو ھڪڙي معمولي سبب جي ڪري ٿيو آھي - ۽ اُھو ھيءُ ته اسين اصولي فيصلا نه ٿا ڪريون، ۽ اُن جي بدران، پنھنجن گروھي مفادن کي اڳڀري ڪرڻ جي سھوليتن پيدا ڪرڻ لاءِ، مسئلن کي منجھيل ۽ مبھم حالت ۾ ڇڏڻ وڌيڪ پسند ٿا ڪريون.
    (8) اڄ، ڪراچيءَ سوڌو سنڌ جي تقريباً سڀني شھري ايراضين ۾، بنيادي ابتدائي سطح کان وٺي مٿي تائين، اسان جي ٻارن جي سنڌي ذريعي تعليم بي حد دکدائڪ حد تائين بي توجھيءَ جو شڪار آھي. اسان جي مادري زبان، قومي زبان سان گڏ، صوبي ۾ سرڪاري ٻوليءَ جي ڪردار ادا ڪرڻ جھڙي ٿي سگھي، جيئن آئين ۾ اُن جي اجازت موجود آھي، اُن لاءِ اُن جي صلاحيتن جي فروغ لاءِ ڪجھ به نٿو ڪيو وڃي. پبلڪ خرچ تي ھلندڙ ٽي . وي ۽ گھڻي قدر ريڊيو به، صوبي جي ھڪ زنده ۽ جديد زبان جي حيثيت ۾ سنڌيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ مشڪل ڪي تيار آھن. پنھنجي ادبي فروغ جي سلسلي ۾ اسان جي ٻوليءَ کي پنھنجي ئي مختصر وسيلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو، ۽ اُن جي پريس جو، ماٽي جي ماءُ جي داٻ ھيٺ، ڏاڍو بُرو حال آھي. درسي ڪتابن جي تياريءَ ۽ پھچ جي سلسلي ۾ سنڌي درسي ڪتابن تي ڪو توجھ آھي ته فقط سڀ کان آخر ۾ ۽ رڳو بار لاھڻ طور. اسان جي ٻارن کي اھو موقعو ۽ وجھ به ڪونه ٿو ملي ته ھو سرڪاري طور اعلان ٿيل ٻارن جي انعامي مقابلن ۾، پنھنجي مادري ٻوليءَ جي نالي ۾ ۽ اُن جي ذريعي ڪو حصو وٺي سگھن.
    (9) پاڪستان جھڙي ملڪ ۾، جتي ھڪ کان وڌيڪ زبانون ڳالھائيندڙ ماڻھو رھن ٿا، زبانن جو مسئلو اِئين حَل ڪونه ٿي سگھندو، جو اُن کي نظرانداز ڪيو وڃي، اُن کان نَٽايو وڃي يا مرڳو اُن کي دٻايو وڃي. محض نمائشي ۽ وعظ جي نموني جا فقرا يا ڳالھيون به اُن کي ڪڏھن حَل ڪونه ڪنديون. اھڙن طريقن سان اسين وڌيڪ مونجھاري ۾ پونداسين، جيئن انھن جي استعمال سان اسين اڳي ئي مونجھاري ۾ آھيون. نِيتن جي سچائيءَ ۽ مقصد جي نيڪيءَ ۽ اخلاص جي بنياد تي مسئلي جو حَل ڪو ناممڪن به ڪونھي. ساڳين حالتن ۾ رھندڙ ملڪ ۽ ماڻھو ھِن مسئلي کي حَل ڪري چڪا آھن. اسان لاءِ اسلام جي راسخ العقيدگي ھن سلسلي ۾ رھبريءَ جو ڪم ڏيئي سگھي ٿي: اسلام دراصل ڪنھن خاص ٻوليءَ جو دوست نه آھي، اسلام سڀني ٻولين کي ساڳئي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿو.
    (10) سچ پچ ته وقت آيو آھي، جو اسين ھن توڙي اھڙن ٻين معاملن ۾ پنھنجي ضمير جي آڏو صاف دليءَ سان، پنھنجي پاسخاطرين ۽ مخصوص دلپسندين جا قبولدار ٿيون، ۽ پنھنجي انفرادي ۽ گروھي رٿابندين ۾ سچي پچيءَ نيڪ تمنا – يعني سڀ جي ڀلائيءَ جي تمنا – کي دخلڪار ٿيڻ ڏيون، ته جيئن ھيءُ يا اھڙا ٻيا مسئلا مٺ محبت سان حَل ڪري سگھون، جنھن ۾ ئي دراصل اسان جي آئندھ نسلن جي دائمي ڀلائي – عادلانه ۽ معتدل ڀلائي – آھي.
    (11) اسان جي مَن ۾ اھڙي قسم جي اخلاقياتي ڦيرو اچي، اُن جي ذميداري اسان سان جيڪي طاقتور گروھ آھن تن جي سِر تي آھي ۽ نه ڪمزور گروھن تي.
    (12) پھرين قدم طور- جيئن اسان ۾ باھمي سلامتيءَ ۽ گھڻگھرائيءَ جو ھيءُ رُخ پيدا ٿئي، ۽ باھمي حسد، بي اعتباريءَ ۽ شڪ جي باھ ٿڌي ٿئي ۽ وِسامي وڃي.... اچو ته ھيءُ ٻولين جو مسئلو اسلامي طريقي سان – يعني بي غرض، ذميدار ۽ سڀ کان وڌ اصول پسند طريقي سان حَل ڪريون. وقت بوقت، رڳو خود- خيال ۽ عقل- ڪُل جي ڏيکاءُ ڏيندڙ اعلانن ۽ پڌرنامن مان ھن سلسلي ۾ ڪو فائدو ٿيڻو ڪونھي.
    (13) ھن معاملي م، جنھن کي اسين پاڪستاني ملت جي مستقبل لاءِ ھڪ بيحد اھم معاملو سمجھون ٿا، اسين سنڌ صوبي جا ھيٺ صحيح ڪندڙ ليکڪ، شاعر، فنڪار، استاد، شاگرد ۽ عام سمجھ رکندڙ ننڍا وڏا ماڻھو سڀ، پوريءَ ذميداريءَ سان گھُر ٿا ڪريون ته ھڪ ”ڪُل پاڪستان ٻولي ڪميشن“ مقرر ڪئي وڃي، جنھن تي سڀني ٻولين جي مفادن کي، خالـص علمي نقطي نگاھ کان ۽ ھڪ جيتري نمائندگي حاصل ھجي، ته اھا پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪري، اُن بابت پوري پوري پڇا ڳاڇا ڪري ۽ ھڪ جامع رپورٽ پيش ڪري، جنھن تي ڪُل – ملڪي پيماني تي آئيني، انتظامي ۽ تعليمي طور عمل ٿي سگھي.
    (14) جيڪڏھن اسان جي ھِن خواھش کي، ڪنھن خيال کان، حد کان مٿي يا ٻاھر سمجھيو وڃي، ته اُن حالت ۾ اسين سنڌي زبان لاءِ ھڪ ”بااختيار اعليٰ حڪومتي انتظاميه“ جي فوري مقرريءَ جي گھُر ڪريون ٿا، جيڪا 1972ع جي سنڌ قانون نمبر 2 جي اغراض و مقاصد جي تعميل لاءِ گھربل موقعا، سھوليتون ۽ وسيلا پيدا ڪري، جيڪو قانون، اسلامي جمھوريه پاڪستان جي آئين جي عين مطابق، سنڌ صوبائي قانون ساز اسيمبليءَ، سنڌ صوبي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي تعليم، ترقيءَ ۽ قومي ٻوليءَ سان گڏ، ھڪ صوبائي ٻوليءَ طور سرڪاري استعمال لاءِ پاس ڪيو ھو.
    (15) اسين گورنمينٽ آف سنڌ کي پوري ادب ۽ اخلاص سان گزارش ٿا ڪريون ته ھوءَ ھِن سلسلي ۾ پنھنجي ذ ميدارين کي سڃاڻي ۽ زبان جي مٿي ڄاڻايل سنڌ قانون کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ گھربل مالي ۽ انتظامي اقدام کڻي ۽ پاڪستاني ملت جي سنڌي ڳالھائيندڙ ماڻھن کي عين احسانمنديءَ جو موقعو عطا ڪري.








    (1) سيد غلام مصطفيٰ شاھ (25) غلام رسول ميمڻ
    (2) پير حسام الدين راشدي (26) پروفيسر اياز قادري
    (3) مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي (27) محمد بخش سومرو
    (4) ڊاڪٽر غلام علي الانا (28) غلام رسول شيخ
    (5) علي احمد بروھي (29) امداد علي اوڍو
    (6) اياز گل (30) محمد اسحاق
    (7) ڊاڪٽر تنوير عباسي (31) زين العابدين
    (8) ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ (32) سڪندر کوسو
    (9) پير شاھ راشدي (33) شيخ اياز
    (10) خادم حسين عباسي (34) نصير اعجاز
    (11) پروفيسر بدرالدين اڄڻ (35) خدا بخش سومرو
    (12) سيد مومن علي شاھ (36) مھرالله سومرو
    (13) نعمت الله ڀٽو (37) ڊاڪٽر خدا بخش
    (14) نقوش سيال منگي (38) خليل مورياڻي
    (15) آزاد جتوئي (39) اشفاق احمد منگي
    (16) گرڏنو پنجابي (40) عبدالسلام
    (17) انور فقير ھَڪڙو (41) نياز پنھور
    (18) فاروق احمد مورياڻي (42) خير محمد کوکر
    (19) غلام حسين ڀٽو (43) عبدالسلام قاضي
    (20) محمد ابراھيم جويو (44) ھدايت الله آخوند
    (21) نذير احمد چنو (45) شوڪت حسين شورو
    (22) خان محمد پنھور (46) عبدالقادر جوڻيجو
    (23) مختيار احمد سومرو (47) قاضي خادم
    (24) ڊاڪٽر سليمان شيخ (48) امداد حسيني
    (49) استاد بخاري (54) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    (50) قادر جوڻيجو (55) عبدالرحمان
    (51) شمس الدين جوڻيجو (56) مولانا عزيزالله ٻوھيو
    (52) عبدالرحمان شيخ (57) محمد ڏتـل سومرو
    (53) مھتاب احمد تنيو **********************


    [ ٻوليءَ جي سوال بابت ھڪَ ياداشت جو سنڌي مَتن، جيڪو حڪومتي اختيار جي صاحبن کي سال 1981ع جي آخر ۾ پيش ٿيو، ۽ اُن کان پوءِ ڪيئي ڀيرا رسالن ۽ اخبارن ۾ پڌرو ٿيندو رھيو آھي؛ جنھن جو سواءِ ماٺ جي، وٽن ٻيو جواب ڪونھي. م - ا – جويو ]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373056
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151963
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ