ڪتاب جو نالو: سج لهڻ کان پوءِ به
مصنف: منظور ڪوهيار
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1995
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 13 جولائي 2016 ع
پڙهيو ويو: 570 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 331 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”سج لهڻ کانپوءِ به “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي.پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت به کيس حقيقي حسن بخشي ٿي. ڪلاسيڪل افساني جي اها صورت اسان کي منظور ڪوهيار جي افسانن ۾ با ضابطه طور تي نظر اچي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • پيش لفظ
  • ڪهاڻيون/ افسانه

  • عالي جناب جو استقبال
  • انصاف
  • ساڌُ
  • سج لهڻ کانپوءِ به ...
  • ورجاءُ
  • بنيادي غلطي
  • ناستڪ
  • سياڻن جي شهر ۾ پاڳل ماڻهو
  • وٽيل رئو
  • ايڪسپلينيشن ڪال
  • قصو هڪ بي بها نسخي جو
  • زندگي
  • نئين راند
  • نازڪ، ٿلهي ۽ سستي کل
  • ٻاڙ
  • اندر جو آواز
  • دوزخ جو ترو
  • ٽيون سبب
  • اسرندڙ زندگي نسرندڙ پيڙا
  • ڪلچرل ڪهاڻي جو جائزو: چندر ڪيسواڻي
  • تعارف

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (215) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سج لهڻ کانپوءِ به “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي.پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت به کيس حقيقي حسن بخشي ٿي. ڪلاسيڪل افساني جي اها صورت اسان کي منظور ڪوهيار جي افسانن ۾ با ضابطه طور تي نظر اچي ٿي.

    هي ڪتاب 1995ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    منظور ڪوهيار جي افسانن جي مجموعي تي هڪ نظر
    ڪليم لاشاري

    افساني کي ننڍي ڪهاڻي يا short story سڏيو وڃي ٿو.علم وادب جي دنيا ۾ان جي اها ئي سڃاڻپ آهي. ننڍي ڪهاڻي نالي پوڻ سان کيس ڪو فائدو پهچي يا نه پر هڪ نقصان ضرور پهتو آهي.گھڻا ماڻهو ننڍي ڪهاڻي سمجھي ان صنف جي حيثيت کي پڻ گھٽ وقت ڏيڻ جا روادار ٿيا آهن. ناول بيشڪ ادب جي هڪ تابنده صنف آهي، جنهن پنهنجي اندر لڪل سچائين ۽ ان سان لاڳو ٻين سببن ڪري دنيا ۾ لا محدود عزت ماڻي آهي. اڄوڪي دنيا جي معتبر ناول نگارن جي وقار جو مکيه سبب انهن جي حقيقت نگاري جي بي انتها قوت آهي. هوئي سبب آهي ته ناول جي ڇڙي هڪڙي خصوصيت ان کي حيران ڪندڙ حيثيت ڏياري آهي. ناول جي معجزاتي تاثر سبب اهو داستان ، قصي ۽ ڪٿا کان علحده ۽ ارفع شئي سمجھي وئي. انڪري ئي ان جو نالو نئين ۽ انوکي شئي يعني ناول پئجي ويو. ايئن جديد ادب جو ڏاڏو آدم پيدا ٿي پيو. پر جيئن روايت آهي ،ته ڏاڏو آدم گھڻو وقت اڪيلو نه رهيو.ان جي کاٻي پاسراٽيءَ مان ڏاڏي حوا افساني جي صورت ۾ پڻ تخليق ٿي. افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي.پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت به کيس حقيقي حسن بخشي ٿي.
    ڪلاسيڪل افساني جي اها صورت اسان کي منظور ڪوهيار جي افسانن ۾ با ضابطه طور تي نظر اچي ٿي. اڄوڪي سنڌي افساني ۾ هونئن ته منظر نگاري جي حوالي سان معياري نثر جي کوٽ هرگز ناهي. پر اهڙا ڪي چند افسانه هوندا، جن ۾ بيان ۽ ڪلام ٺيٺ مقامي ۽ لاڳاپيل محاوري ۾ ادا ٿيل هجي. افساني جي زبان ته سنئين سڌي سنڌي چئبي، پر هر جڳھ ۽ هر پاسي جي ٻوليءَ ۾ فرق ملي ٿو. نه صرف ڳالهائڻ ۽ ادائگي ۾ فرق آهي،پر معنائن ۽ مفهومن جو ڦيرو به مزيدار آهي. هر هنر جو وکر پنهنجو،هر ڪرت جو استعارو جداگانه ۽ هر شريعت ۽ طريقت جو محاورو يگانه آهي.
    جڏهن ڪهاڻي ڪنهن هڪ ماحول مان سرجي ٿي، ته ان جي ٻولي پڻ ان ماحول مان ئي هئڻ گھربي آهي.ڪوهيار جي اها قابليت رهي آهي ته هن هر ماحول کي موزون زبان سان ادا ڪيو آهي. جڏهن اوڏن جي وسنديءَ ۾ ڪو واقعو جنم وٺي ٿو، ته انهن جي سماج جي هڪ مڪمل تصوير آڏو اچي وڃي ٿي. اڳ ۾ به اسان وٽ ”اوڏ“ چند افسانن جا موضوع بڻيا آهن. پر لاڳاپيل ٻولي ۽ ماحول جي حقيقي تصويرڪشي نه هئڻ ڪري سندن سماجي تعلق ۽ اٿاويٺي مڙيئي اکين کان اوڏو رهي آهي.
    ”ساڌ“ ڪهاڻي انهن سڀني پراڻن مثالن کان جدا هڪ اهڙي ڪوشش آهي ، جنهن جي پڙهڻ سان ان ۾ اهڙي ڪا به تشنگي نه ٿي رهي. اوڏن جو اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ،سوئنسا يا وسوسا مطلب ته سندن سماج جي پوري تصوير افساني جي پسمنظر ۾ رهي ٿي. انهيءَ فريم ورڪ ۾ ڪهاڻي پلجي وڏي ٿئي ٿي ۽ پنهنجو جوڀن ڏيکاري ٿي. حقيقت نگاري جواهو اعلي مثال هڪ اعلي افساني ۾ ڪيئن ٿو ڍلجي اهو هڪ جداگانه ڪمال آهي. هن افساني ۾ رومانيت جو دوآتشه جذبو به سوڍي جي ڪردار ۾موجود آهي.جنهن جي ڪردار کي نهايت گھرائي سان پيش ڪيو ويو آهي.
    ڪهاڻي ”سج لهڻ کان پوءِ به“ ،ان درد جو عڪس آهي،جيڪو هر صاحب دل ۽اهل علم دنيا جي ناقدر شناسي تي محسوس ڪندو آهي. هي افسانو سماج جي مختلف حلقن ۽ انهن جي نمائنده ڪردارن جي تصوير پيش ڪندو وڃي پنهنجي مقصد تي پهچي ٿو. ان افساني جو خاتمو ڪنهن روايتي ڪلائيميڪس جيان ڪو cotrast يا تصوراتي ڪيفيت نٿو پيش ڪري، تنهن هوندي به ان جو تاثر ان کي هڪ ڪلاسڪ جو درجو ضرور عطا ڪري ٿو. افساني جي پڄاڻي ۾ ڪا نئين ڳالھ ته ناهي. سائيٽ اٽينڊنٽ جي انهيءَ عادت جو ذڪر ته اڳ ۾ ئي ٿيل آهي، جنهن ۾ٿيندڙ بي قدرين تي سندس اندر جون رڙيون ته هر پئرا گراف کانپوءِ ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ظاهر آهي ته پڄاڻي ڪنهن نئين ۽ انوکي situation تي ٿيڻ کپندي هئي. جيئن افسانويت جي سرڪي ملائڻ سان ئي افساني جي مزاج جو مزو چکي سگھجي ها.افساني نگار جي هنر جو هي رنگ حقيقت ۾ ڏسن وٽان آهي، جتي هو contrast سان نه بلڪه اثبات / هائوڪار سان پنهنجي مقصد جي تائيد سان بندوبست ڪري ٿو۽ حيرت آهي ته هو ان ۾ حد درجه ڪامياب به ٿئي ٿو.
    ايئن سماج جي مختلف حلقن مان سير ڪرائي ٿانيڪو ڪرڻ جي روش ادب م ڪا نئين ناهي. والٽيئر ،سيمئول جانسن ۽ برنارڊشا جھڙن اعلي اديبن ۽ مدبرن ان ڏس ۾ دنيا کي شاهڪار ڏنا آهن. سندن تحريرن جو زور سماج جو tour de force رهيو آهي. پر منظورڪوهيار هت افساني جي هڪ ننڍڙي آڳر ۾ هڪ لطيف ڌيرجsublime humality سان، دنياوي طرح هڪ ڪمتر ڪردار ذريعي، بي علمي جهالت ،ارڏائپ شوخي ،بود ۽ تفخر جي ڏاڍ کي کلي کيڏڻ جو موقعو ڏيندي؛ان معمولي ڪردار جي ڏک ۽ بيوسي جي پيڙا پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو ڪمال سرانجام ڏنو آهي. اهو ڏک اسان جي رڳن ۾ ان وقت پيهجي وڃي ٿو،.جڏهن اهو معمولي شخص جهل، ضد، وڏائي ۽ طاقت جي اجگرن جي واتن مان نڪرندڙ باه جي اُلن جي ڄر جو ساڙيل هوندي به پنهنجي سچائيءَ سان سچو رهندي، ٿيل نقصان جي ازالي ۾ جنبجي وڃي ٿو.ايتري قدر جو ڊيوٽي پوري ٿيڻ کانپوءِ به هو من جي سچائي کي عمل جي سچائي ۾ ڍاري ٿو ڇڏي.
    اسانجو سياسي نظام جن بنيادن تي ٻڌل آهي.انهن جو اسان جي اصل معاشرتي ڪيفيتن سان ڪو تعلق ناهي هوندو. هن فرضي اصولن تي طئي ٿيل نظام مان مخصوص طبقو فيضياب ئي ٿيڻو آهي.اها هڪ اهڙي کليل حقيقت آهي، جنهن جو ادراڪ سماج جي علم رکندڙن کي هوندو آهي . باقي سڀئي نام نهاد پڙهيا لکيا جاهل سولائي سان گمانن ۽ خوش فهمي جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ائين پاڻ کي خود فريبي ۾مبتلا رکڻ جو جوڳو انتظام ڪري ڇڏيندا آهن.
    اديب جيئن ته سماجي نفسيات کي هڪ علم طور تي پڙهندو آهي.انڪري اڪثر انهيءَ جي نظر آڏو اها حقيقت پنهنجي مختلف روپن ۾عيان هوندي آهي. پنهنجي ان مشاهدي کي عام تائين پهچائڻ لاءِ کيي گمانن ۽ خوش فهمين جي اصل صورت ڏيکارڻ لاءِ، اهو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيندو آهي. جيئن ته عوام جي هيڏي ساري اجتماعي طاقت کي سڌو سنئون غلط قرار يا سندن سياسي جذبن کي خام خيالي ۽ وهم سڏڻ جو ڪم ڏاڍو ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي. تنهن ڪري اديب اهڙي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ مزاج جي تير کي مُڇي ،ظرافت جي ڪمان تي چاڙهي ،پوءِ نشانو وٺندو آهي. اسان ڏٺوآهي ته اديب هميشه سياسي دنيا جي شعبده بازن جي ڪاريگري تان پردو لاهڻ لاءِ satyre جو سهارو ورتو آهي. خاص طور تي مشرق ۾ ان کانسواءِ چاڙهو به ڪونهي. جتي رواداري ۽ درگذر اسان جي سرشت ۾ شامل ئي ناهي. جتي علم کي سمجھ وڌائڻ بدران سمجھائڻ جو هٿيار سمجھيو ٿو وڃي. جت جھالت، هيٺائين بجاءِ هوڏ کي جنم ڏئي ٿي. ات اديب مزاح جي هٿيار کي استعمال ڪري ٿو. سعادت حسن منٽو هڪ نهايت بيباڪ اديب ٿي گذريو آهي. جنهن سماج جي ڏاڍ، گناھ، ڪدورت ۽ انساني فطرت جي ڪمزورين کي بيرحمي سان اگھاڙو ڪيو. پر جڏهن کيس سياسي عقيدن ، يقينن ۽ طريقن جوذڪرڪرڻو پئجي ويو يا جڏهن کيس انهن جي بدڪارين کي ٻڌائڻ لازم ٿيو ته هن به مزاح جو دڳ ورتو.
    ڪهاڻي ” عالي جناب جي استقبال“ ۾، منظور ڪوهيار پڻ ظرافت جي لوئي اوڍي اقتدار جي وڏ ڌڻين ۽ سندن نيچ موقع پرست چيلن جي عمومي نفسيات جو درشن ڪرائڻ لاءِ اچي موجود ٿئي ٿو. اها ڪهاڻي ان ڳالھ جي شاهد آهي، ته آخر ۾ ليکڪ جو مزاح زهر خنده ٿيو وڃي. سندس لهجي جي تلخي ان ڳالھ جي شاهد آهي، ته هاڻي اهو وقت جو گھڻو پري ناهي رهيو،جڏهن عام ماڻهن کان اهي ڏاڍايون وڌيڪ برداشت نه ٿينديون.
    اسان وٽ ڳوٺاڻو سماج ، ملڪي آبادي جو مکيه حصو آهي. ان ۾ جاگيردارانه سماج جا اهي قدر جيڪي ڏاڍ ۽ زبردستي تي ٻڌل آهن، سي اسان جي پوري ۽ معتبر معاشري کي بدبودار ۽ ڏکيو ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اهڙوسماج بڻجي ٿو، جنهن ۾ ڪمزور تي ڏاڍي کي خوش ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو. جنهن ۾ غريبي تي اميري ناچ ڪندي نظر اچي ٿي. جنهن ۾ معصوميت تي درندگي پروان چڙهي ٿي. جنهن ۾ بيوسي تي وس جو اوج هلي ٿو. جنهن ۾ عزت آساني سان پائمال ٿي ٻلوان جو ناموس بڻجي ٿي. جنهن ۾ حق جي پوئيواري نه هئڻ ڪري ناحق کٽي وڃي ٿو. اهڙي فيوڊل سماج ۾انصاف هڪ جداگانه شئي بڻجي وڃي ٿو .ان معاملي کي سمجھڻ لاءِ اسان کي ”ڪوهيار“ جي ڪچهري ۾ هلڻو پوندو. ڪهاڻي ”انصاف“ هڪ اهڙي مدي خارج سماجي نظام جي قدرن واري ڪردارن جي عڪاسي آهي. جنهن وسيلي اسان کي جاگيردارانه سماج جي اوڻاين پوڻاين کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.
    جنسي حوالي سان روا بندشون ،عام صحتمند رجحانن جي پيداوار ۾ رڪاوٽ آهن. نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ غير معمولي افعالنsexual perversions جو ذڪر ڪيترن افسانن جو موضوع رهيو آهي. منظور ڪوهيار جو افسانو ”ٽيون سبب“ ان موضوع تي هڪ ڀرپور افسانو آهي. جنهن جي بي انتها حقيقي سيٽset تي جيئري جاڳندي زندگي ۾ اسان جي اکين آڏو ،اها منظر نگاري سامهون اچي ٿي. جنهن مان غير صحتمند جنسي رجحانن جي خمير جي خبر پوي ٿي،بلڪه يقين ٿيڻ لڳي ٿو ته اِصلاح احوال لاءِ اسان وٽ اڃا تائين ڪو جوڳو انتظام به نه ٿي سگھيوآهي . ان افساني جي ٻولي، ماحول جي ڪيفيت کي وڏي سولائي سان سمجھڻ لائق بڻائي ٿي. لڳي ٿو ته ”جهانِ گم گشته“ جي هڪ صورت اکين آڏو اچي بيٺي آهي. اڄوڪن پڙهيلن لاءِ مدرسو هڪ نئين ڳالھ آهي. پر ڪوهيار مدرسي جي ماحول ۽ ان جي شب و روز جو ذڪر نفيسsubtle مزاح ۽ رواني سان ڪري ٿو،جيڪي سندس هنر ۽ علم جو ڌاڪو ويهارڻ لاءِ ڪافي آهي.
    تازو شايع ٿيل ڪهاڻين جو مجموعو ”سج لهڻ کانپوءِ“ سنڌي ادب ۾ هڪ قابل قدر اضافو آهي.اهو جيتوڻيڪ ”منظور ڪوهيار“ جو پهريون مجموعو آهي.پر هنري بالغ نظري ۽ مشاهدي جي جامعيت جي لحاظ کان”اڳلن“ کان اڳرو ۽ ”ڏاڍن“ کان ڏاڍو آهي.
    منظور ڪوهيار پاڻ تعليم ۽ ڪرت جي لحاظ کان سماجي علم جو ماهر چئجي. هن يونيورسٽي ۽ عام زندگي ۾ هميشه سماج جو مطالعو جاري رکيو. هن فرد جي عمل کي سماجي روين جي ڪسوٽي تي پرکيو آهي ۽ سماجي چرخي کي فرد جي ٻل تي ڦرندي جاچيو آهي. هو سماجيات جي ماهرن جي نظريئ کي ،ماڻهن جي لوڏ ۽ روين ۾ ڳولي ڪڍي ٿو.اهڙي طرح هن جون ادبي ڪاوشون پڙهندڙن کي گھري نظر عطا ڪن ٿيون.
    لکت ۾ محنت جو قائل هي اديب ادب کي امير ۽ ٻولي کي سرهو ڪندو نظر اچي ٿو.اميد ته ڳوٺاڻي زندگي سان سندس ويجھڙائپ اسان جي ٻولي کي روايتي رستن کان ٻهراڙي جي انيڪ پيچرن تي وٺي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرت ۽ احساس جي ترجماني جو هڪ نئون بندوبست ممڪن ٿي ويندو.

    (ڇپيل روزاني عوامي آواز ڇنڇر ۳ فبروري ۱۹۹۶ )


    ڪهاڻيون/ افسانه

    عالي جناب جو استقبال

    شهر عجيب ٿَرٿلي ۽ ڪهرام ۾ ورتل هيو. شهر جي سرڪردن ۽ نگهبانن جي ننڊ حرام ٿي چڪي هئي. آفيسر اُڻ تُڻ ۽ ڳڻتيءَ وچان بندش پيل شراب ڏوگهي رهيا هيا. چئوطرف افراتفري هئي، ته خبر ناهي ڪم ڪيئن ٿيندو؟
    ڇو ته اڄ ملڪ جي عالي مرتبت، عالي جناب، فخرِ جھموريت، هڏ ڏوکي، همدرد، هردلعزيز، غريب پرور ۽ محبوب اڳواڻ جي آمد هئي. هر قسم جو اڳواٽ ئي اعلي انتظام ٿيل هيو. ٽي ڏيهاڙا اڳ سرڪاري ۽ خانگي بسون ۽ ويگنيون ٿاڻن تي جمع ڪرايون ويون هيون. سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد ٿي چڪيون هيون. ايستائين جو اڄ سرڪاري طور تي، ڪنهن کي مرڻ جي اجازت به ڪونه هئي. سڀني سرڪاري ملازمن کي سرڪاري عهديدارن طرفان پروانا ملي چڪا هيا، ته پنهنجن سمورن نمڪ حرام ۽ نمڪ حلال اسٽاف سان گڏ اسٽيڊيم جي وسيع ميدان تي جمع ٿين . شهر جي خوشامدي ۽ برآمدي ماڻهن پنهنجن گوڏن کي تيل هڻي ۽ نڙين کي لوڻ جي گرڙين سان سڌو ۽ صاف ڪري ، پنهنجن کيسن ۾ عرضداشتون ۽ درخواستون رکي ڇڏيون هيون،ته جيئن بر وقت خدمتِ اقدس ۾ پيش ڪري نوٽ هڻائي ڇڏين . بي رحم ۽ سفاڪ مقامي سردارَ ۽ اڳواڻَ پنهنجين ڪَرڙين اکين ۾ مصنوعي چمڪ ۽ لبن تي مڪاريءَ سان ڀريل معصوم مرڪ سجايون آرام ڪرسين تي ٽيڪيل هيا. سندن اشارن تي، جُوءِ جي لاٺڙين راڄ جي ماڻهن کي صبوح کان اسٽيڊيم ۾ آڻي واڙي ڇڏيو هيو. ٻهراڙيءَ مان آيل ماڻهن بک ۽ بيزاري مان بيٺي اهڙيون حرڪتون پئي ڪيون، جيڪي شهر جي مهذب ماڻهن کي ناگوار پئي لڳيون . شهري ماڻهو وقت ڪاٽڻ لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ گهورڙين کان پڪوڙا ۽ پاپڙ وٺي گذارن ڪري رهي هيا. موٽ ۾ ٻهراڙيءَ جي مجبور ماڻهن کين حقارت سان پئي ڏٺو ۽ هَڏي ڀت جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن لوءڻا پئي ڦيرايا. جلسي گاهه جو پنڊال خصوصي طور شهر جي چالاڪ ۽ حسين عورتن سان سجايو ويو هيو، جيڪي ذهني ۽ جسماني طور تي، معزز مهمانن جي استقبال لاءِ مخصوص صوفن تي آتيون ويٺيون هيون. بيشمار اڃايل ، بکايل نظرون، سندن وارن جي چوٽين ۾ لڳل رنگين ڪانٽن کان وٺي چمڪندڙ سينڊلن جي چهنبيارين کڙين تائين ڪنهن ڄور جيان چهٽيل هيون.
    ظاهر ۾جلسي گاهه جو سمورو انتظام مڪمل پئي لڳو، پر پوءِ به اسٽيڊيم جو وسيع ميدان جيڪو اندازن ڏهن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل هيو، نه ڀرجي سگھيوهيو. عام ماڻهوءَ جو رد عمل انتهائي غير متوقع ۽ مايوس ڪندڙ هيو. ايئن محسوس ٿي رهيو هيو، ته ڄڻ هو سياسي کيل تماشي کان تنگ اچي چڪا هيا. هنن کي ڄڻ احساس ٿي ويو هيو ته ڪجهه به نه ٿيندو . هاڻي به ايئن ئي ٿيندو، جيئن ٿيندو آيو آهي. شهر جي بلديه عظمي جو نام نهاد اڳواڻ حد کان وڌيڪ پريشان هيو. پيڙا ۽ نحوست سندس منهن تان ٻنڀ ڏيئي نڪري رهي هئي، ڇو ته هن ئي شهر جي وڏي اسٽيڊيم ۾ جلسي جي تجويز ڏني هئي. بهار جي موسم ۽ خوشگوار جُهڙالي ڏينهن جي باوجود، شهر جي منتظم اعلي جي لوندڙين مان پگھر لار ڪري وهي رهيو هيو. شهر جونگهبانِ اعلي گهڻي پيئڻ ڪري هر هر بيت الخلا ڏانهن پئي ويو. هنگامي ميٽنگ ۾ شهر جا سڀيئي سرڪرده ان ڳالھ تي متفق ٿيا، ته ايئن ڪرڻ گهرجي جيئن ڪيو ويندو آهي. عوام کي بنان ڪنهن امتياز جي رڍن جي ڌڻ وانگر هڪلي ميدان ۾ واڙجي، ڇو ته سندن نظرن ۾ عوام ۽ رڍن ۾ اصولي طور تي ڪوبه فرق ناهي هوندو.
    حاڪمن جو حڪم ٿي ويو. حڪم جا بندا شهر جي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جا بندا بُج بُج ٿي ڪٺا ٿيڻ لڳا. جنهن کي جتان، جهڙي عمر جو ماڻهو مليو، پڪڙي جڪڙي پهچايائون. پر ميدان اڃا ’هل من مزيد!‘ چئي رهيو هيو. اسٽيڊيم جو ميدان نه ڀرجڻ ڪري حڪم جا بندا هميشه وانگر خسيس پڻي ۽ ڇتائپ تي لهي آيا هيا. اخلاق ۽ شهر جون حدون اورانگهيندي هر ڪمي ڪاري ايندڙ ويندڙ واٽهڙوءَ کي جهلي پهچائڻ لڳا.....
    ائين هو به جهلجي پيو..... سندس گهر شهر جي حدن کان ٻاهر، شاهراه لڳ ، ڪچي آباديءَ کان به وڌيڪ پٺتي پيل ڳوٺ ۾ هيو. ان وقت هن پنج هزار سال پراڻي ڊيل ڊوءل واري ڏاند گاڏيءَ جي سرائي پئي مُڇي، ته اوچتو پيٽ ۾ وڪڙ پئجي ويس. وڪڙ جو سبب ڳوٺ جي کامن مان ماري کاڌل ڄرڪيون يا شاڪُرَ هيا . پيٽ جي وڪڙ کي سڌي ڪرڻ لاءِ هن واهولو اڇلي، انڊس هاءِ واروشاهي روڊ پار ڪري، اوڏانهن تيزيءَ سان رخ رکيو ، جيڏانهن ڳوٺ جا هڙيئي مرد جهنگ جي خيال سان اَڪن ۽ کبڙن کي ڀاڻ ڏيندا آهن. هو هر گز نه بيهي ها، جيڪڏهن سندس نظر ڀنڀي ڏاڙهي واري پوليس واري تي نه پوي ها، جنهن کيس هلندڙ پوليس ٽرڪ مان بيهڻ لاءِ سختيءَ سان اشارو ڪيو هيو. پوليس وارو هيبت ۽ دهشت ۾ خوفناڪ پئي لڳو. هو جيئن ئي بيٺو ، کيس پوليس ٽرڪ ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ويو. ٽرڪ ۾ اَٺ ماڻهو اڳيئي پڪڙي ويهاريا ويا هيا. هن ٻڌائڻ ضروري سمجھيو:
    ”سائين ، مان جهنگ جي خيال سان .....“
    ڪهوءَ جي لٺ هڪدم اُڀي ٿي ۽ سندس پٺو سيڪاٽجي ويو. هو خوف وچان ٽرڪ ۾ چڙهي پيو، ۽ پوءِ ٻڌائيندي پڇڻ لڳو:
    سائين، مان غريب سومر واڍو آهيان ..... مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو؟“
    ”توکي جلسي گاهه ۾ وٺي ٿا هلئون ، جتي شهر جي غريبن کي هلي وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏيڻو آهي، “، هڪ پوليس جمعدار طنزيه انداز ۾ کيس جواب ڏنو.
    ”پر سائين مان ته جهنگ جي خيال سان..... “، کيس پٺي وارو وري زورائتو ڪنداق لڳو ۽ هو ٻين خدا جي بندن سان گڏ هيٺ ويهي رهيو. جلسي گاهه ۾ پهچڻ تائين هن ٻڙڪ به نه ڪڇي . مار جي خوف کان پيٽ جو وڪڙ ڄڻ سندس هيانءَ تي چڙهي ويو. هاڻي اسٽيڊيم جو وشال ميدان ، نگهبان اعلي جي حڪمت عمليءَ سان مُنوکن ڀرجي چڪو هيو. شهر جي پيرسن ۽ انتهائي غليظ صورت ۽ سيرت واري مقامي سياستدان، سازشي انداز ۾سس پس ڪري منتظمِ اعلي ۽ بلديه عظمي جي اڳواڻ کي صلاح ڏني ته هاڻي عالي مرتبت جي آمد ٿيڻ گهرجي جو اوندهه ٿيڻ واري آهي. سڀني ان راءِ کي مناسب قرار ڏنو ۽ عالي مرتبت جي وقتي رهائش گاهه ڏانهن هڪدم پيغام اماڻيو ويو . عالي مرتبت جي آمد کان اڳ مخصوص روڊرستا سخت چوڪسي هيٺ اچي ويا. ايرو غيرو نٿو خيرو، هر هڪ پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو.ايستائين جو ايمرجنسي ۾ايندڙ ويندڙ ايمبولنس گاڏيون به بيهجي ويون ۽ انهن ۾ اندر پيل مريض آخري ساه کڻندي ڏکن واري زندگيءَ کان نجات حاصل ڪندا ۽ پر سڪون ٿيندا پئي ويا. عالي مرتبت سائرن جي انتهائي تيز آواز ۽ گاڏين جي زوڪاٽن سان، اجائي شور ۽ نعرن جي غوغاءَ ۾ پنڊال تائين پهچي چڪو هيو. جتي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن، پنهنجن بگهڙ ۽ لومڙ صفت وڏن جي چوڻ تي عالي مرتبت کي ٻه گلدستا پيش ڪيا ۽ ٻارڙا ان ڳالهه کان قطعي بي خبر رهيا، ته سندن والدين کين مستقبل جو منافق ۽ رياڪار بڻائڻ چاهن ٿا.
    اسٽيج تي،مائيڪ ۾ منهن هڻي ملڪ جي بدنام ۽ وقت جي حاڪمن جي منظورِنظر ڪمپيئر پيٽ ڍوائي ۾ پنهنجي رعبدار آواز سان نعرا پئي هڻايا:
    ”عالي مرتبت! ..... عالي جناب!؟....“
    اڳيان ويٺل سرڪاري ۽ غير سرڪاري نمڪ خوارن، سدابهار چمچن ۽ پارٽي جي پگھاردار ڪارڪنن پاڻ ڦاڙي نعرا پئي هنيا:
    ”زنده آباد!...زنده باد!....“
    پر پٺيان، بالڪل پٺيان عام ماڻهن وٽان مناسب موٽ نه پئي آئي؛ جنهن کي ڏسي ڪمپيئر پريشان ٿي ويو:
    ”هي غريب پرور جو جلسو آ، پٺيان زور سان جواب اچڻ گهرجي ، خاص ڪري غريبن طرفان!.....“، ڪمپيئر ڏک ، شڪايت ۽ ڌمڪي آميز لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ نعري کي ڄڻ ڦٽاڪي وانگر هوا ۾ ڦٽو ڪيو:
    ”عالي مرتبت!؟“
    عام ماڻهن جي پٺيان بيٺل سپاهين جون لٺيون اُڀيون ٿي ويون ۽ پوءِ زٽڪ !زٽڪ! جي آواز تي دلخراش نعرا بلند ٿيا:
    ”زنده آباد!..زنده آباد ..زنده آباد!“
    سومر واڍي لٺ کائيندي به نعرو نه هنيو. ٻيو دفعو جڏهن اهڙو موقعو آيو، ته هن احتياط کان ڪم وٺندي ڏند ڀڪوڙي ڇڏيا ، ڇو ته ان مهل کيس پيٽ ۾ سخت وڪڙ پئجي چڪو هيو. کيس ڀئو هيو ته متان ’زنده آباد!‘ چوڻ ڪري، وڪڙ کلي نه پوي ۽ سندس رهي سهي عزت ماڻهن جي وچ ۾ خاڪ نه ٿي وڃي. هو سختي سان پاڻ روڪيو بيٺو رهيو، پٺيان بيٺل انتهائي فرض شناس پوليس واري سندس ڪوتاهي پڪڙي ورتي هئي. ڪمپيئر نعرا هڻائڻ کانپوءِ بلديه عظمي جي اڳواڻ کي نينڍ ڏني ته هو عالي مرتبت جي خدمتِ اقدس ۾ باادب آجياڻو پيش ڪري. بلديه عظمي جو اڳواڻ پنهنجي لکيل تقرير پڙهڻ لڳو، جيڪا شهر جي مشهور چاپلوس، چالاڪ ۽ هميشه بيمار رهندڙ اديب کان لکرائي وئي هئي. هن لفظن جي عجيب ڦير گهير سان عالي مرتبت جي آمد کي شهر جي ايندڙ نسلن تي احسان ڄاڻايو ۽ ان کان پوءِ شهر جي نه کٽندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي رقم جو مطالبو ڪيو. ان ۾ اهو خرچ به شامل هيو، جيڪو بلديه عظمي جي اڳواڻ، عالي مرتبت جي آمد تي هر طرح جي کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ جهنڊين، اشتهارن،وڏين گيٽن،گاڏين جي پيٽرول، رستن تي هاريل اجائي چوني ۽ اهڙين تصويرن يا بينرن تي خرچ ڪيو هيو، جنهن ۾ عالي مرتبت جو گنجو مٿو سياه وارن سان ۽ سياه ڪرتوت سونهري ڪارنامن سان ڍڪيل هيا.
    عالي مرتبت خوشامدانه ۽ انتهائي لالچ سان ڀريل حجت واري تقرير ٻڌڻ کان پوءِ اندازو ڪري چڪو هيو، ته هن پنهنجي حيثيت کان تمام وڏي صدا هنئي آهي. جنهن جو حق صرف رياست جي مخصوص اداري جي سربراه کي هوندو آهي، جنهن جي ٽيڪ ۽ سهاري کانسواءِ حڪومت نه هلي سگهندي آهي.
    جڏهن ڪمپيئر، عالي مرتبت کي لازوال،لاريب، لافاني ۽ لاجواب خطابن سان نوازي، سمونڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ بي قرار عوام کي خطاب ڪرڻ لاءِ چيو؛ ته ڪيترو وقت عالي مرتبت نعرن ، تاڙين ۽ هُوڪرن جي ڪري لکيل تقرير جي شروعات نه ڪري سگهيو. ۽ اهو سوچي مرڪندو رهيو، ته سندس ملڪ جا ماڻهو ڪيترا نه ويسارا، ويچارا ۽ درگذر ڪرڻ وارا آهن. عالي مرتبت پهريائين ته لکيل تقرير تحت ماڻهن جي پاڻ مرادي اچڻ جو شڪريو ادا ڪيو. سندن صبر، انتظار، حب الوطني ، ايمان، شرافت ۽ ساڻس دل لڳيءَ جو داد ڏنو .پوءِ پنهنهجي مخالفن کي ڏاڍي مهذب انداز ۾ ست سريون ٻڌايون ، جيڪي پريس جي سنجيده ۽ شرارتي صحافين پوري ايمانداريءَ يا بي ايماني سان نوٽ پئي ڪيون. جڏهن لکيل تقرير کي ڇڏي، في البديھ انداز ۾ هن ملڪ جي موجوده اقتصادي صورت حال جي باري ۾ ٻڌايو، ته مقامي اڳواڻن ۽ سردارن جا مايوسيءَوچان منهن جا پنا لهي ويا. پر جڏهن خوش آئنده اقتصادي صورت حال جي تصوير ڪشي ڪيائين، ته سڀن جي وات مان خيالي گگ ڳڙڻ شروع ٿي وئي. اهو رد عمل ڏسي عالي مرتبت کي نهايت خوشي ٿي. هن کي اعتماد ٿيڻ لڳو، ته ملڪ جي سياسي جهنگ جو، هو هڪ بهترين جوڳي آهي، جيڪو تقرير جي مرليءَ تي سماج جي عام جيت جڻين کان وٺي، مخصوص نانگن ۽ بلائن کي به رُلائي يا ريجهائي سگهي ٿو.
    پوءِ عالي مرتبت ، بلديه عظمي جي اڳواڻ کي تقريري جواب ۾دم دلاسا ڏيئي، سندس مڙني مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو، سواءِ هڪ اڌ مطالبي جي. بلديه عظمي جي اڳواڻ کي ايئن لڳو ، ڄڻ سوء رپئي جي صدا هڻڻ واري فقير جي جهوليءَ ۾ کوٽو پئسو اڇلايو ويو هجي. ان جو اندازو عام ماڻهن کي ته نه ٿيو، ته بلديه عظمي جي اڳواڻ جو چهرو بي رونق ۽ بي رخو ڇو ٿي ويو آهي. البت بلديه عظمي جي مڙني ملازمن کي احساس ٿي چڪو هيو، ته هاڻي کين ٽي مهينا پگهار نه ملندي ۽ ان عرصي دوران هنن کي تِرن يعني عام ماڻهن مان تيل ڪڍڻو پوندو. مصيبت جي ماريل ڀنگين کي نسل در نسل ٿيندڙ زيادتين جي مشاهدي مان اندازو ٿي چڪو هيو، ته کين گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا پگھارون نه ملنديون. پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ کين ۽ سندن عورتن کي ڪيترين ئي ذلتن واري مرحلي مان گذرڻو پوندو.
    هاڻي عالي مرتبت ، هوش ۽ ڌيرج مان نڪري پوري جوش ۾ اچي چڪو هيو، ڇو ته سندس تقرير جو اهو آخري حصو غريبن لاءِ مخصوص هيو:
    ”آءُ هاڻي غريبن کي صاف لفظن ۾ ٻڌائڻ ٿو چاهيان، ته هن ملڪ جا غريب هر طرح جي ظلم کان آزاد آهن، اُهو .. اهو وقت گذري ويو، جڏهن غريبن تي ظلم ٿيندو هيو ۽ غريب سهندو هيو. هاڻي، جنهن به ظالم ڪنهن غريب تي آڱر اُڀي ڪئي، ته اها آڱر وڍي ويندي. جنهن هٿ کنيو، اهو هٿ ڪپيو ويندو ... ڇو ته هاڻي آءُ توهان جو خادم هن ملڪ جو سربراه آهيان ...... توهان جودوست آهيان .....بس اوهان جي سڏڻ جي دير آهي.....ايئن سمجهو ته هر وقت توهان سان ساڻ آهيان!“ ، عالي مرتبت هڪ ساهي ۾ تقرير جو آخري حصو پورو ڪندي ڳاڙهو ٿي ويو.
    اهڙا جوشيلا ۽ هوش خطا ڪندڙ جملا ٻڌي ، سومر به جذباتي ٿي ويو. پنڊال مان زوردار نعرا لڳڻ شروع ٿيا:
    ”قدم وڌايو دوستو!..... همدرد توهان سان ساڻ آ..... غريب پرور، عالي وقار ۽ عالي مرتبت!!!.....“
    ”زنده آباد!..... زنده آباد...“، هاڻي سومر واڍي ، ظالم کان ٿڏي تي پلئه ڪرڻ جي جذبي تحت، پٺيان بيٺل سپاهي کي حقارت سان گهوريندي نعرن جا دل کولي جواب ڏيڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ سندس پيٽ ۾ سخت احتجاجي مروڙ شروع ٿي چڪا هيا ۽ ڳالهه سندس وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وئي .هو تڪليف سهندي به نعرن ۾شريڪ هيو.اڄ هن کي پهريون دفعو ظلم کان نجات جو احساس ٿيو هيو. وڏي ڳالهه ته نجات ڏيندڙ ملڪ جوسربراه ۽ غريبن جو دوست هيو .....
    جيئن ئي عالي مرتبت نعرن جي گونج ۾ اسٽيج تان لٿو، ته پٺيان سپاهيءَ جو هٿ سومر واڍي جي گريبان ۾ پئجي ويو،”تون ، اڙي! مون کي ٻلي وانگر گهوريندي نعرا ڇو پئي هنيا؟“
    ”هڻندس!..... تون ڇا ڪندين!؟“ ،سومر همٿ ڪري سپاهيءَ کي هُڏي ڏني ۽ سٽ ڏئي گريبان ڇڏايو.
    ”ڇا ڪندس؟..... چڱو ٻڌايانءِ ٿو !.....“ ، ائين چئي هن ٻين سپاهين کي سومر ڏانهن اشارو ڪندي بڇ ڏني ، ”اڙي ، هي لوگھو! وري مون کي اکيون ٿو ڏيکاري !..... وٺوس ته.....“
    مڇريل سپاهين جون لٺيون هڪ ئي وقت اُڀيون ٿي، سومرواڍي کي ورائي ويون . انهيءَ دوران هن عالي مرتبت کي ڏاڍا سڏ ڪيا ۽ نجات لاءِ ٻاڏايو. جڏهن ڪا موٽ نه ملي، ته کيس پڪ ٿي وئي ته هاڻي داد رسي نه ٿيندي. تڏهن هن بي وسيءَ ۾ سختيءَ سان جهليل پيٽ جو وڪڙو ڍرو ڪري ڇڏيو......


    انصاف

    وڏڙا ڳالهه ڪندا آهن ته اڳي راڄوڻا فيصلا ٿيندا هئا. فيصلا ائين ٿيندا هئا ڄڻ مکڻ مان وار نڪري ويو. وڏيرا وڏ ڌڻي ڪنهن ڌر جي ماني نه کائيندا هئا. ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ڪن ڏئي ٻڌندا هئا. پڪڙ پڇاڙ ۽ آڏا سوال اهڙا ڪندا هئا، جو کير جو کير۽ پاڻيءَ جو پاڻي ٿي ويندو هو. سچ وارو نچندو هو، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ هوندي هئي.
    سچ ڪوڙ وڏن جي کاتي ۾، پاڻ به ڀوتارن جا انصاف اکين ڏٺاسين، ڪنين سئاسين..... هرو ڀرو ننڍا نيٽا پاڻ به ناهيون ۽ نه وري واتان کير ٿو ڳڙي..... مرحيات ڀوتار کي اللھ جنت نصيب ڪري، نالو نه کڻبو، پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن کي قدرت ڏات اهڙِي ڏني هئي جو چوريءَ کان اڳ چور پڪڙيندو هو، ڌاڙي کان اڳ ڌاڙيل سُڪ ۽ زيان ڪرڻ کان اڳ، زيان خور سوگھو .... مون به جڏهن سندس اهڙو انصاف ڏٺو هو ته مرحيات جي ان وقت عمر ساٺيڪو سال کن هئي، پر دل جوان هيس. هيشه تر ماريندو هو، پَرَ جي اوڏو ئي ڪو نه .....
    اوچتو ڪنهن ٽُنگر ٻڌايس ته ميري ڪنڀر جي گهر ۾ ڇوري ناهي، پر جهڙو پٻڻ جي ڏوڏيءَ جو ڪچو گورو. ڀوتار جيڪو سڄو ڏينهن مصلي تي پيو عاقبت سنواريندو هو، تنهن هڪدم حڪيم علي مراد کي گهرائي چيو، ”وارو ڪر، ڪا درد جي دوا ڪر، جو وات پاڻي پاڻي ٿو ٿئي!“
    حڪيم علي مراد پنهنجي منهن تي ٻئي چنبا هڻندي چيو، ”مان سائين، ڪهڙو منهن ڪارو ڪيان! اهڙي دوا ڪاڏنهن آڻيان، جو جوانيءَ جا جوهر ڏيکاريو..... هڪ عمر اها ڪونه، ٻيو ذيابيطس جي بيماري، ٽيون اختلاج القلب!..ٻڌايو ته ڇا ڪيان؟....“
    پر ڀوتار هڪ نه ٻڌس، پيار ۽ ڌمڪي گاڏڙ لهجي ۾ چيائينس، ”استادي استاد جي، استادي لقمان حڪيم جي چئي مٿو کٿو ڏي!.. پر جي ڪاميابي نه ٿي ،ته پاڻ کي جيئري گڏه جي پيٽ ۾ سمجهه!“
    حڪيم پنهنجي ڪم سان لڳو، ڀوتار پنهنجي ڪم سان .....ميري ڪنڀر جو گھر ، مسجد شريف جي ڀر ۾هيو....ڀوتار جي به مسجد شريف ۾ پنجئي وقت نماز سانگي اچ وڃ ٿيڻ لڳي. گهڻن سادن سودن ماڻهن ائين پئي سمجهيو ته ڀوتار جي پڇاڙيءَ جو پهر آهي، متان گناهه بخشرائيندو هجي . پر ڳوٺ جون زائفون ان معاملي ۾ تيز هيون، تن سمجهي ورتو هو ته اهو ڳڙو ميري ڪنڀر جي گهر ڪرندو.
    هڪ ڏينهن ڀوتار ٽپهري نماز لاءِ لانگهائو ٿيو. ڏٺائين ته ميري ڪنڀر جي گهر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک . البت، گهر ۾ هڪ گڏهه وڏي بي حيائيءَ ۽ بي شرمي سان پسار پئي ڪيا....اها بدشگوني ڏسي ڀوتارڪي ڪاوڙ ڪر کنيو.....نماز ئي نه پڙهيائين، اُتائين موٽ کاڌائين... ٻنهي نوڪرن سوني ۽ صابوءَ کي هڪدم حڪم ٿيو، ته ميرو ڪنڀر حاضر ٿئي ..... سومهڻيءَ کانپوءِ، ميرو ڪنڀر اوطاق ۾ حاضر ٿيو .....ويڙهن جا چڱا مڙس ويـٺا.... ڀوتارڪي عدالت لڳي ..... سوال جواب شروع ٿي ويا:
    ”اڙي احوال ڪر معتبر ڪاٿي هئين؟“
    ”سائين جي بادشاهيءَ جو خير! ..... ڀوتار ! اڄ هئي ڌيئڙيءَ جي شادي، وڏي ڀاءُ جي پٽ سان. سو الله توهان کي نيڪي ڏئي، ويا هياسي اباڻي ڳوٺ پيري ديري .....مٽ مائٽ ۽ سڀن جو خيال هيو ته گهر ۾ کڏ هجي ته ٻُوهر ٻاهر ئي نه ڪڍجي ..... اڃا نڪاح پڙهائي بس ڪئي سي، ته توهان جا همراه سونو ۽ صابو اچي پهتا .... پيري ديري مان انهيءَ پير تي نڪتاسين...هتي پهتاسين.... سائين سان ملياسين، ٻيو مڙئي خير!“، ميري ڪنڀر سربستو احوال ڏنو. ڀوتار جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، پر انصاف به ڪا شيءِ ٿيندي آهي.... سوال ڪيائين:
    ”ڌيءَ جو ته منهن ڪارو ڪيئي، پر تو کي ڪنهن ڳوٺ جي وڏي سَڏي جي عزت جو به خيال آهي يا نه!؟“
    ”سائين الله اکيون ڏنيون ٿم..... ڪهڙي اربع خطا؟“، ميري ڪنڀر گهٻرائجي پڇيو.
    ”اکيون نه ٿي، متيرا ٿي ..... جي اکيون هجني ها ته ائين گڏهه کي گهر ۾ ڇڙواڳ نه ڇڏين ها! ..... جي اهو حرامي گڏهه ڀڄي اچي مون کي اِٽ هڻي ها ته پوءِ؟“، ڀوتار ٿيندڙ وڏي نقصان جي انديشي کان آگاه ڪندي پڇيس.
    ”پر سائين گهر جي ڳلي ڍنگرن سان بند هئي، هرو ڀرو گڏه ڇو اِٽ هڻي ها، ڪو چريو .....“، هن اڃا جواب ئي پورو نه ڏنو، ته سوني ڳٿڙ جهليس ۽ صابو چنبن سان کپي ويس:
    ”اڙي وري، هودرا ڀوتار کي!... تنهنجي ته ڪري .....“
    ميرو ڪنڀر اوطاق جي وچ ۾ آسرنهه جي ٿڙ سان ٻڌجي ويو... ماڪوڙن جي ٻرن ۾ پاڻي هارجي ويو، ميري ڪنڀر رکي رکي دانهون پئي ڪيون ۽ چئن چڱن پئي چيو:
    ”جائي ته چوي ٿو ڀوتار!..... نمازي ماڻهو ..... هر هر لنگهي به اتئون ..... جي ڀوتار کي ڪجهه ٿي پوي ها، ته پڻهنس پورو پوي ها!؟“.....................


    ساڌُ

    دادن جي ٽڪريءَ تي ڀنگ جو پيالو هڻي، ڪچيون گاريون ڏيندي ۽ وٺندي جڏهن جوا کيڏي رهيو هيو ته اوچتو نارو پئنچ آيو ۽ اوڏڪي ۾ٻڌايائينس، ”ادا سوڍا! تڌا ٻا مرتي گيلاهي!“ پيءَ جي مرڻ جو ٻڌي ، هٿ مان تاس جا پتا ڇڏائي وڃي پٽ پيس. مٺ جيترا کٽيل روپئي روپئي جا مروڙيل سروڙيل نوٽ به کڻڻ وسري ويس. تيزيءَ سان ڪانهن جي ٺهيل اوڏڪن پکن ڏانهن ٻرانگهون هنيائين ، سرڪي (پکي) ۾ گهڙيو ته ڀيڻس ۽ جوڻس ، ٻين عورتن جي ڀاڪرن ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. پٽهنس رامن خوف وچان ڪرونڊڙو ٿيو سُسيو ويٺو هيو. مکي هرچند پئنچن سان گڏ ڪڇ ۾ ڪيسري پٽڪو ڪيون بيٺو هيو. بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مکي ۽ پئنچن جون ٽانڊي جهڙيون اکيون ۽ ڪنن جون سونيون ڪيوٽيون پئي چمڪيون. ڪاوڙ ۾ مکيءَ جو هڪ هٿ وڌي اچي سندس پڳڙيءَ ۾ پيو،”هائوڙي سوڀا! تنهنجي ڪا ادا!... پٽهين ته ايترو به ناهي سکيو، ته جنهن جا پيئر مردا آهن ، اهي پڳا ناهن پائيندا “. مکي سندس پڳڙي لاهي سرڪيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلي ۽ پوءِ پنهنهجي پڳ ان جي مٿان رکيائين . آهستي آهتي ڪنڊ ۾ پڳن، پٽڪين ۽ انگوڇن جو ڍير لڳي ويو.
    ”واڏڻ کڻي لاش ڪڇي ڇڏيو بابا، نه ته صبح سان وڏو ٿي ويندو!“ ، مکي اوڏڪو سونسو ڪندي رڙ ڪئي. وزيري پئنچ نئين واڻ جي نوڙي ڪڍي لاش ڪڇي، اهو ٽڪرو ڪوڏر سان ڪپي لاش جي سرانديءَ ڪري رکيو.
    ”نارو! ڪاڏي ڪاڏي ماڻهو مڪا ٿو؟“، مکيءَنارو پئنچ کان پڇيو.
    ”مکي ، باڊه وارن جيپڙوتن ڏي ، مديجي وارن گڏاهين ڏي ،ڳيريلي وارن گڙگٽن ڏي “،ناروءَ وراڻيو.
    ”اڙي لاڙڪاڻي وارن کروڙن ڏي به ماڻھو ڪيو، ڏوڪريءَ وارن ڏيواتن کي به ٻڌايو، ڪنڊياري وارن ڪليھن ڏي به مُنجو .... ڀيڻان سوڀو ساڌ هو ، ڪو جهڙو تهڙو هو ڇا؟“
    ”جي مکي!“ ،ائين چئي نارو سرڪي مان ٻاهر نڪري ويو.
    ”هائو مکي! چئين سچ ٿو، سوڀو مور هو مور، وڏي مڃتا هئي سوڀي جي بابا!....اوڏ ته ڇڏيو، گوچا (مسلمان ) به فيصلن ۾امين واريندا هيس!“، ائين چئي هڪ همراه روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو.
    ”ڀائي! ڪو جهڙو تهڙو ساڌ هو ڇا؟ پيڙهياتو هو پيڙها تو !.....اڙي ادا اڄ هرچند اڪيلو ٿي پيو.“ ،مکي هرچند جو هيانءُ ڀرجي آيو ، نڙيءَ ۾ کانگهارو اٽڪي پيس. هن زور سان ڪڍي ٻاهر اڇليو ، کانگهارو نڙيءَ مان نڪتو ته ڪنڌيءَ جي ڪانن کي چنبڙي پيو.
    ”بس ڀائي، جنهن جو هتي به کَپ ته، اُتي به!“، ٻي ڪراڙي اوڏ ٿڌو ساهه کڻي گوڏ جي پلئه سان نڪ جو ريشو اُگهندي چيو.
    ”ڪهڙي بات ڪجي، سوڀي ساڌ جي ڀائي! ... آنڌي مانجهي ، ٿڌي ڪوسي، مَرُ جيءُ ۾ جاڏي هڪليس ته گوهي نه ڪندو هو... ڪچهري ۾ چوندو ٻه اکر، پر نبيري وارا... اوڏڪي ڪَل جو لال هو ڀائي!.... تڏهن ته ڀڳوان گهر ڀري ڇڏيس، اهڙا ڀلا گڏه جو ڪنهن جي سرڪي ۾ نه، اهڙي سيبتي ننهن جو ويڙها ڳولھ ته نه لڀي ... پر پٽنهس ۾ اها مڻيا ڪونه ... بس ڌڻي اڳنان مت ڏيندس!“، وزيري پئنچ جي اها ڊيگهه، سوڍي کي ائين لڳي ڄڻ لوسي گڏهه بي مهلي هينگ ڪئي هجي. هن اندر ۾ ڪَٽ کائيندي چيو، ”وزيرا! جي پيءُ مئل نه هجي ها، ته اڄ پٽڪو ڌوڙ ۾ روليانءِ ها، پوءِ جيڪي ٿئي ها ڏٺو وڃي ها“.
    رکي رکي هوا جي جهوٽي تي اڇي چادر جو پلئه لاش مٿان کڄي پئي ويو، جنهن کي ماڻهن هر هر ٺاهي پئي وڌو . سوڍي پيءَ جي لاش کي اچرج وچان پئي ڏٺو، ڄڻ کيس يقين ئي نه پئي آيو، ته واقعي سندس پيءَ مري ويو آهي يا ڌرتيءَ تي نئون سنئون ٿيو ڇهند ڪيون ستو پيو آهي. هن پڪ ڪرڻ خاطر، جيئن ئي پيءَ جي لاش مٿان چادر هٽائي ته پڻهس جون ٻوٽيل اکيون ۽ بند ٿيل ساهه کيس جهنجهوڙي وڌو . بي اختيار ”بابا!... بابا!.....“چوندي سندس بي رخين اکين مان پاڻي ائين ٻنڀ ڏئي ٻاهر آيو، ڄڻ کوهه کوٽيندي، ڳر ۾ ڪوڏر جو لپو لڳي ويو هجي.
    ”بس منهنجا لال بس!... اڙي بس!“، مکي هر چند کڻي سيني سان لاتس، هڏڪين ۽ سڏڪن ۾ مکي کي ننڍڙي ٻار جيان چنبڙي پيو.
    ”هين ڀيڻان گاڙا(گڏهه) رنن وانگر ٿو روئين ... اڙي مڙس ٿيءُ!... اڳتي زندگيءَ جو بار ڪيئن ڍوئيندي؟“، آرام سان سمجهائيندي ، مکي تڏي تي ويهاريس.
    رات جي پيٽ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان اوڏڪو راڄ ’ڄام پور‘ ۾ ڪهي آيو هيو، جن سوڀي جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائيندي ساري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏي.
    ماڻهو بيهي هٿ مٿي ڪري، ايڏي گهري، ٻه هٿ موڪري، پنج هٿ ڊگهي قبر تيار ٿي وئي هئي. ڪچڙي منجهند جو سوڀو سينگارجي گهران ٽٽري (ارٿي) تي ڍونڍڪارن ۽ اوڇنگارن ۾ کڄيو ته مکي ماڻهن کي جهليو، ”ڀائي نه روئو!..... پنهنجي ڌرتي ماتا ڏي ٿووڃي ، متان ماتا ڪاوڙجي کيس پيڙي نه!“
    سوڀي جو لاش ڏاڍي ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان قبر ۾ رکيل نئين رلهيءَ تي لاٿو ويو. مٿان چادر جهلي مٽي آهستي آهستي ريڙهي وئي ۽ پوءِ ڌرتي کيس ائين ڍڪي ڇڏيو، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪپڙي جي پلئه سان ڍڪي ڇڏيندي آهي.
    امر لٽ کانپوءِ ڪانڌين ڪانڌپو کائي بس ڪيو، ته سوڍي کي مٽن وهنجاري سنهجاري، ٺاهي ٺڪي وٺي وچ تڏي تي ويهاريو. مکي پئنچن ۽ چڱن مڙسن کيس راڄ اڳيان ور ڏئي نئين پڳ ٻڌائي . هرچند مکيءَ جي حيثيت سان کيس نصيحت ڪئي ، ”پُٽ سوڍا! تونجو پيءَ اوڏان ويو، جاڏي سڀ ڪو ويندو آ.. اڄ گهر جو وڏو تون آ... راڄ ۾ اُٿي ويٺي توکي ڪرڻي آ ... هاڻي تون اهو ناهين جو ٻاراڻيون ڪرين ۽ راڄ سهي!“
    سوڍي کي مکيءَ جي نصيحت ائين پئي لڳي، ڄڻ راڄ اڳيان کيس هٿ وٺي بڇڙو ڪندو هجي. ڀيڻيوي راول ، جڏهن اوڏڪي رسم مطابق گڏهه جا آٿر آڻي هٿن تي رکيس، ته هن کي ائين لڳو ڄڻ سنئون سڌو چيوهجائينس، ته هاڻي هو ننڍڙو کوتڙو ناهي، جيڪو زماني جي بارن کان آجو پستيءَ تي پستي ڏيندو وتي. هاڻي هن کي ڀڙ گڏه جيان زماني جا ٻورا ڍوئڻا آهن. ان سمئه، پيءَ جي هڪ هڪ ڳالهه ياد پوندي ويس، ته پڻهنس هوندي کيس ڪنهن ڳالهه جي ڳڻتي ئي ڪونه هئي. هن ته ماءُ مئي به پاڻ کي ڇورو نه سمجهيو هيو، پر هاڻ پاڻ کي بي واهو ٿي سمجهيائين . جنهن کي هر ڪنهن واڏائي چيو هو، ته هاڻي ڪوئي به ڪونهي جيڪو سندس ڪَئي جا ڏنڊ ڀري يا ڇَل ڪپٽ اکين تي رکي. اهڙيون ڳالهيون ذهن تي رکندو ويو ته اکيون ڀنل لئي جون ٽاريون ٿي ٽمڻ شروع ٿي ويس، جن کي انگوڇي جي پلئه سان هر هر پئي اُگهيائين.
    مکي، پئنچ ۽ راڄ جا ماڻهو ، پنهنجا لٿل پٽڪا، پٽڪيون ، انگوڇا ڇنڊي ڦوڪي مٿن سان ٻڌي چڪا هيا . سڄي رات ۽ ڏينهن جي اوجاڳي ۽ ٿڪ ڪري گھر آرام ڪرڻ واسطي موڪلائڻ لاءِ آتا هيا. هن اُٿي ، ويٺل نڙيءَ سان سڄي راڄ کي ڪرڻين جو ٻڌايو، ”ڀائي !ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪرڻين جو ٻڌو هجيوَ! “ راڄ وارا ڪرڻين واري ايندڙ وار جو حساب آڱرين تي ڪندا اُٿي ويا.
    ڪرڻين واري ڏينھن تي، جڏھن نياڻين سياڻين ڌاڳي ٻڌل ڪوري دکيءَ مٿان رکيل ماني کائي، بچايل ٽڪر ۽ جل دان ڪري سوڀي جي قبر طرف اڇلايا، ته براھمڻ شنڪر لال سوڍي کي ٻڌايو، ”ڀائي، ھاڻي تنھنجو برت پورو ٿيو!“
    ھن اڃا مانيءَ جو گره ڀڃي گيھ ۽ مٺائي ۾ ٻوڙي وات ۾ پئي وڌو ته مکي پڇيس،”ڀائي! ڪرڻيون ته خير سان ٿي ويون، ھاڻي سکو ڊاڙ ڪڏھن ڪندين؟“ ھن کي لڳو ڄڻ مکي کيس ساھي پٽڻ نه ڏيندو. ھو اڃا ويچارن ۾ھيو ته ڪھڙو جواب ڏي، ته مکي لفظن جون وري ٻيون سونٽيون وھائي ڪڍيس، ”سوڍا! ھتي گھڻا پڻھين جي وھي وارا ويٺا ٿي، جنھن کان وڻئي، تنھن کان پڇ ته ڏاڏنھن جيئل جي ڪرڻين جي ٻي ڏينھن تي سوڀو جيءَ چڙھيو ته متان پتا جي آتما کي ان ۽ جل جو دان نه ملي . تون ٻڌاءِ، پنھنجي پيءُ جي آتما کي گھڻا ڏينھن ترسائيندي....مھينو اڌ، سال يا سدائين لاءِ؟...“
    سوڍو سمجهي ويو ته مکي سندس اندر جي گدڙ کي سڃاڻي ورتو آهي، هاڻي کيس سڄي راڄ ۾ ڏِٺو پئي ڪيائين. سوڍي جنهن سڄي عمر رڏيءَ ۾ گذاري هئي،تنهن مکيءَ کي مند جي ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي:
    ”هونهه!..... بار گڏهه تي چنگهي کوتي.... مکي، ساڌن جا پٽ ساڌ ٿيندا ڪو تنهنجا يا چورن جا ته نه ٿيندا.... هفتي کانپوءِ ڀلي مهاراج گهرائي سکو ڊاڙ ڪريو.“
    مکي اهو سوچي کيس ڪا ورندي نه ڏني ته گپ گپ سان نه ڌوئبي آ. جي وارو ڏنو ٿئين، ته لٺ وهائي ڪڍجيس ته پاڻهين سڌو ٿي ويندو. هن مهاراج شنڪر لال سان سس پس ڪري هڪدم صلاح ڪري ورتي. پوءِ مکي هرچند وڏي واڪي ويٺل راڄ کي ٻڌايو ،”ٻڌو هجيو ڀائي!... آرتوار آتوار اٺ، نائون سوموار، ڏهون منگل وار ... منگل وار تي سکو ڊاڙ ٿيندي.“
    سکو ڊاڙي واري ڏينهن تي سوڍي جي سَرڪي ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به ڪونه هئي. جنهن ٻڌو هيو، سو آيو هيو، ڪو سڏ تي ڪو بي سڏيو رونشي خاطر. سرڪيءَ جي اڱڻ تي پپر جي وڻ هيٺان بالڪل وچتي مکي هرچند ، سوڍو ، مهاراج شنڪر لال ۽ڪجھ پئنچ پلٿيون هنيون ويٺا هيا. مهاراج شنڪر لال اوڏن جي ڌرمي ڏاڏي ’ڀاڳيرٿ‘ جي ڪٿائن سان راڄ ريجهايون ويٺو هيو.
    ”سائين ڪانن جي نئين مڙهي تيار آ“، وزيري پئنچ سرڪي ۾ گهرندي مهاراج شنڪرلال جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
    ”هر شيءِ تيار ڪري رکي اٿو؟ ... ڪانن جو پڃرو ، جل ڀريل دلو، پرساد ۽ چئومکي واري ٿالهي ؟“، مهاراج پڇيو.
    ”هر شئين تيار آ!“، وزيري پئنچ وراڻيو.
    ” بس ته پوءِ اُٿو!“، مهاراج شنڪر لال سڀن کي اُٿڻ جو اشارو ڪيو. مڙهيءَ ۾ گهرڻ کان اڳ، سوڍي ۽ شنڪر لال جدا جدا اشنان ڪري، پنهنجي پنهنجي ڍنگ جا ڪپڙا پهريا. ڪانن جي مڙهيءَ اندر مهاراج شنڪر لال ۽ سوڍو گهريا، باقي سڄوراڄ، مکي ۽ پئنچن سان گڏ ٻاهر بيٺو رهيو.
    سوڍو انگوڇي جو گهونگهٽ هنيون ، مهاراج شنڪر لال اڳيان، نئين نويلي ڪنوار جيان ڪنڌ جهڪايون ويٺو هيو. مهاراج منتر ۽ اشلوڪ پئي پڙهيا. سوڍي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ مهاراج کيس هڪ نه سمجهندڙ دنيا ۾ پٽيون کنيون پئي ويو. انهيءَ ڪري کيس هڪ عجيب قسم جي آسيس ۽ آنند پئي آيو. جڏهن مهاراج منتر پڙهي پورا ڪيا، ته هن ٻن پتل وارين ٿالهين کي جيڪي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل هيون، سوري وچ تي ڪيو. هڪ ٿالهيءَ ۾ کوپرو ، ڇونهارا ۽ پرساد پيل هيو. ٻي ٿالهيءَ جي وچ تي اٽي جو چومکو ٻري رهيو هيو. پاسن کان اٽي جا ٻه چاڻا پيا هيا. هن هڪڙو بوتو ڪڻڪ جي اٽي مان ۽ ٻيومڱن جي اٽي مان ٺاهيو. ٻنهي بوتن جي نرڙ تي سندور جو ڳاڙهو ٽڪو ڪڍي، پوءِ سوڍي کان پڇڻ لڳو:
    ”ڀائي سوڍا مل! تون مري ويل ساڌ سوڀي جي جيءَ چڙهين ٿو؟“
    ”جي مهراج!“ ، سوڍي آهستگيءَ سان وراڻيو.
    ”ڪام ، ڪروڌ ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار کان پاسو ڪندين؟“
    ”ها ، مهراج!“
    ”آسري گڻن، پاکنڊ ، گهمنڊ ، اڀمان ، ڪروڌ، ڪٺورتا ۽ اگيان جي اوڏو نه ويندين؟“
    ”نه!“
    ”هميشه سچ کي پنهنجو ڌرم سمجهندين؟“
    ”ها، مهراج!“
    ”سوڍا جي تون پنهنجي وچن جو پالن نه ڪيو، ته پوءِ توکي ڪشٽ ڀوڳڻا پوندا. تنهجي پوجيه پتا جي آتما رلي ويندي. تنهنجي ڪئي جي ڀوڳنا، تنهجو ابهم ڀوڳيندو. تنهنجو پريڻام اهو ٿيندو جو تون اڳلي جنم ۾ ڪتي جي پيٽ ۾ ڪينئين جي صورت ۾ پيدا ٿيندي!“
    مهاراج شنڪر لال جون بي سريون ڳالهيون ٻڌي سوڍي کي هيڪر جوجڪي آئي، ته چئي ڏيس،” کڻ پنهنجو ساڌپو، مان هي ٿو وڃانءِ!.. اهڙو سون ئي ٻَن ، جوڪن ڇني“، پر چئي نه سگهيو جو اهو به سوچيائين پئي، ته جيڪو ٻڌندو سو کلندو ۽ سڄي عمر ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو.
    مهاراج شنڪرلال ديوين ۽ ديوتائن جون ڪٿائون ٻڌائيندي آخر ۾ سُر سان نصيحت ڪندي چيس،”سوڍا اڄ کانوٺي تون سچ جي ٻيڙي تي سوار آن. سچ جي ٻيڙي لڏندي آ ، پر ٻڏندي ڪونهي . ڀڳوان جي پيارن کي ڪٺنائيون پيون اينديون آهن؛ جيڪو ان مان پار پيو ،تنهن کٽيو.“
    مهاراج جون اهڙيون سڀاويڪ ۽ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌي ، سوڍي جو اندر ماٺار ۾ اچي ويو. هن پڪو پھ ڪري ڇڏيو ته جي ڪلهو ڏنو آ ته توڙ نڀائبي، پر پيءُ جي آتما نه رولبي. نه پاڻ اڳلي جنم ۾ ڪتي جو ڪينئون ٿيندو ۽ نه وري پنهنجي ڪرمن جو ڪڙو ڦل رامن کي کارائيندو.
    مهاراج وري اشلوڪ ۽ منتر پڙهندي ٿالهيءَ مان ٻه بوتا کڻي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪانن جي پڃري ۾ وڌا. پوءِ جڏهن پرساد جي ٿالهيءَ سان گڏ سوڍي کي وٺي مڙهيءَ مان ٻاهر نڪتوته پرساد ورهائجڻ وقت مهاراج کي اوڏڪي راڄ جي هٿن جو گهيرو ٿي ويو، جيڪي کانئس پرساد وٺي نه ڄڻ ڦري رهيا هيا؛ گڏوگڏ سوڍي کي واڌايون به ڏئي رهيا هيا:
    ”واڌايون سوڍا!..... واڌايون ڀائي!.... وا.... ڌا..... يون!.....“
    واڌاين جي مڌر آوازن تي سوڍو اندران ئي اندران ٻلوان ٿيندو پئي ويو . کيس وشواس ايندو پئي ويو، ته هاڻي هو اڳيون پاکنڊي ، ٺڳ ۽ چور ناهي رهيو. هاڻي سندس اندر مان هڪ نئين سوڍي جنم ورتو آهي، جيڪو سچو، ڌرمي ۽ ديوتائن جو ماڻهو آهي. هن جو پاڻمرادو ڪنڌ جهڪي ويو هيو. نظرون هيٺ زمين ۾کپي ويس . کميا ۽ ڌيرج سان پئي هليو، هر ننڍي وڏي اڳيان پئي جهڪيو. هن کي ڏسندي مکي هرچند کي ته ڄڻ يقين ئي نه پئي آيو، ته ڪڏهن پاپي شخص جي به ڪا ائين ڪايا پلٽبي آهي.
    هفي اندر نه صرف مکي، پر پئنچ به اچرج ۾ اچي ويا هيا. جڏهن وزيري پئنچ جهڙي مخالف ، جنهن کي اڳ سوڍو ڏٺي نه وڻندو هيو، تنهن به پئنچن جي ڪچهريءَ ۾ سوڍي جي ساراه پئي ڪئي، ”مان کي هاڻي لڳي ٿو ته سوڍو ، سوڀي جو پٽ آ، نه ته ڀڳوان ٿو ڄاڻي اڳي شڪ هو.“
    نارو پئنچ جنهن ويٺي چلم پئي ڇڪي،اوچتو نڙ هٿ مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پيس. ”اهو وري ڪيئن؟“، نارو پئنچ پٽ تان نڙ کڻندي وزيري کان حيرت مان پڇيو.
    ”ڪلهه ڪو سوڍي سان وڏيري خان محمد جو ڪمدار خيرو واٽ تي گڏيو ، ته چيائينس هزار سوا ڪانو ڪَڙ ڪڍائڻي آ، تنهان اوڏن ۾ ڪهڙو هوشيار آ، جو ڪم جود ۾ ڪرائي ڏي، ته مانجو نالو کنيائين... اچئي ٿي پت!؟“
    ”تون چوين ٿو ته پت اچي ٿي، نه ته تنهنجو نالو وٺندي ته ڪُتڙيون چڙهنديون هيس. اڳي ته تنهنجا ٺهيل ڪم به ڊاهيندو هيو“، نارو پئنچ عجب مان وراڻيو.
    ”چڱو ٿيو ڀائي، ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي ، سا به نه چئبو ڀلي!“، مکي سک جو گھرو ساهه کڻندي چيو .
    ”پر اڃا ته پاٽي به ناهي پيٺي، مکي!... اڳتي ڏسجي ته ڪهڙا ٿو ڪلياڻ ڪري؟“، نارو کي اڃا به ڳڻتي هئي، ته سوڍو ڪهڙي مهل به بلٽ کائي سگهي ٿو.
    اهو چئوٻول نه صرف چئن چڱن جي ڪچهريءَ ۾، پرڳوٺ ۾ ممدي عارباڻيءَ جي چانهه جي مانڊڙيءَ تي به لڳو پيو هيو. سندس سڀئي ڏٺل وائٺل ۽ جهُٽ حيران هيا، ته سوڍو جيڪو پهرئين درجي جو ڪوڙو، قسمي، جواري، چور، ٺڳ ۽ اوڙي پاڙي جي ننگن جو دشمن هيو، سو ڪيئن ساڌ ٿي ويو؟..... جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون، ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ’جوَ ڍيري گڏھ رکپال‘ڄڻ ڪنهن کان به صحيح نموني جوکوڙو ئي نه پئي لڳو. سيتل جيڪو اِيرکا جي آنچ ۾ جلي رهيو هيو، تنهن ڀڙڪو کاڌو،”ماڻهو ڪجهه به چون ، پر مان کي ڳالھ دل سان لڳي ئي نٿي ته سوڍو ۽ ساڌ؟.... ساڌ ٿيڻ ڪو ڀوڳ يا مشکري آ ڇا؟... مکڻ سيخ پچائڻو آ، مکڻ سيخ ! ... مڙيئي مکي سکوڊاڙ جي رشم ڪرائي ، گڏه جي مٿان گهوڙي جا سنج رکايا هن! “
    ”تون ڇو ٿو اَرهو ٿئين ؟.. جنهن کي ڌڻي سمڪ ڏي ته دير ئي ڪانهي.“، شهزادو اوڏ جيڪو سوڍي جي ساڌ ٿيڻ تي سرهو ۽ سنتوش ٿيو ويٺو هيو، تنهن ورندي ڏنس .
    ”مان ارهو نٿو ٿيان، پر سچ ٿو چوان .... سڄي جڳ کي خبر آ ته ٽيون ورهيه ، مانجو گڏه لغڙي چوري ٿي وڃي پار واري قرآني حاجي ڪوڙي کي پهتو . خبر پاڻ کي ٿي ته حاجي ڪوڙي وٽ گڏھ پهتو ته ڄڻ واڳو جي ور چڙهي ويو. گڏهه ته نه موٽيو پر اها خبر پئي، ته چور سوڍو آ.... غلامو دايو ۽ ممو ڪنڀر جهڙا حرامي ڪاٽڪو رُوبڪا بيهاريا مانس ته به نه باسيائين. اڙي! ديوي جي ٿانَ جو قسم پئچائت اڳيان ڏنو مانس، ته به ڌڙڪ ئي نه ٿيس... تون الائي ڇا ٿو ڳالهائين؟“، سيتل سگريٽ دکائي مُٺ تي ڪڇ هڻي وري نڙيءَ تي زور ڏنو،”هيڏي شهزادا!.... هي سڀئي ٻڌني ٿا!.. ٻه ٽي ڏينهن ٻيا گذرڻ ڏي، جي سوڍو اڃا ٻه هٿ وڌيڪ حرامي نه نڪري ته مانجا شهپر مُٽ سان ڪوڙجانءِ!“... مانڊڙيءَ تي ويٺل سڀئي کلڻ لڳا، ته شهزادي جو ماتا وارو چچريل چهرو ويتر ڀوائتو ٿي ويو. سيتل جي ڳالھ نرڙ تي گهنڊ وجهي ڇڏيس ۽ هو سوچڻ لڳو، ته ’جي سوڍو اڃا حرامي نڪتو ته پوءِ هن جي ننڊ ته جائي حرام ٿي وئي. هن کي وري پنهنجي جوءِ لاڏڪي پٺيان لڪي لڪي ڪڍ لڳڻو پوندو‘ . هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته ’هاڻي جي کيس ٻئي ڪنهن واهه جي گهير ۾ ٻٽ هٿ اچي يا، ته اوڏڪي رسم ڀڃ (طلاق) جو نه سوچيندو ، سنئون سڌو ٻروچن وانگر ٻنهي کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڪهاڙي لوڏيندو وڃي ٿاڻي تي پيش پوندو.‘ اهڙو تصور ڪيائين ته ڏڪي ويو. تڙ تڪڙ ۾ ڪوسي چانهه جو ڍُڪ هنيائين ته خيال مٽ ٿي ويس ،ته ٻي رُخ سان سوچڻ لڳو، ’لاڏڪي ڪجهه به صَحي، پر سندس سرڪيءَ جي سونهن آ؛ سڄي راڄ ۾ ڪو سندس پير جي پُٺيءَ مَٽُ به ڪونهي، تڏهن ٿو هر ڪو سڙي . سيتل ته اڳ ۾پنهنجي ڦِنجهي جوءِ سنڀالي ۽ پوءِ ٻين ڏي اُڇل ڏي.‘
    هن جڪون کائيندي سيتل کي آخرڪار ٺاهوڪي موٽ ڏني، ”سچ آ ادا، ته ڪتو ڪتي کي ناهي سهندو ، هاڻ سوڍو ٿيو آ ساڌ، ته توکي هيانءَ ۾ ڦٽ ٿي پيا آهن !“
    ”پوءِ رک ڀلا شرط سڀاڻي آزمايونس ، جي هوندو ساڌ ته اڳيون پويون سچيون ڪندو . نه ته اڳي وانگر قسم ائين رهڙي ويندو ، جيئن بَرو ٻڪر سڱر کائي وڃي... ڪيئن ممدا؟“.... ممدو جيڪو چانهه کي ململ جي ميرانجهڙي ڪپڙي سان ڇاڻي ڪوپن ۾ وجهي رهيو هيو، سيتل تنهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو.
    ”ٿي وڃي شهزادا!“، ممدي ٻين ويٺلن گراهڪن کي اک هڻندي، شرارتي انداز سان شهزادي کي ٽيڪر ڏني. شهزادي ٽيڪرن کي سمجهندي به سيتل سان سئو روپين جي شرط لڳائي ڇڏي. ڇو ته کيس اها پڪ ڪرڻي هئي، ته سوڍو واقعي ساڌ ٿي ويو آهي يا اڃا ڦند ڦيراٿس .جي اٿس ته پوءِ لاڏڪي سان وري اونئن ئي وهنوار رکي.
    صبوح جو سج نه اُڀريو ته سوڍي کي سَرڪي ٻاهران سڏ ٿيو . سوڍو ، ”رام نام ست هئي!“، چوندو ٻاهر نڪتو؛ ڏٺائين ته سيتل ، شهزادو ۽ ممدو بيٺا آهن. هن سڀني کي وڌي وڃي نوڙت سان هٿ ڏيندي چيو، ”ڀائي، حڪم!؟“
    ”حڪم خيرا چا، حوال پوڇ! “، سيتل اوڏڪي ۾وراڻيو . سوڍو سمجهي ويو ته ڳالهه ڪا ڏکيرڙي آهي. هن سڀن کي سڏي اڱڻ ۾ کٽ تي ويهاري پڇيو، ”ڏي ادا! حوال.... جيءُ!؟“
    ”حوال خيرا، چي سوڍا !.... توکي ياد آ ته مانجو لغڙي گڏهه چوري ٿي ويو هو ؛ توکي شڪ ۾ ساک به ڏني هيم ، پر ڀڳوان ٿو ڄاڻي مانجو دلئون شڪ نه ويو هو. هاڻي جڏهن کان تون ٿيو آ ساڌ ، ته تنهنجي زبان تي ايتبار آ. رڳو هڪڙو دفعو ساڌڪي زبان سان چئه ته تونجو چوري ۾ هٿ نه هو ته هي ٻئي ڄڻا ٻڌن ٿا، ته مان پوري جندگاني شڪ جو لئوظ به نه آڻيندس... توسان گڏياسي، ٻيو مڙيئي خير!“
    سوڍي کي ڍڪر چڙهي ويا. ڪي گهڙيون ته اندر جي ساڌ ۽ چور جي ڪشمڪش هلي، پر پوءِ مهاراج شنڪرلال جي نصيحت ياد آيس، ته سچ واري جي ٻيڙي لڏندي آهي پر ٻڏندي ڪونهي. نيٺ ڪُوڙ جي ڀئنور ۾ ڦاٿل سندس اندر جو ساڌ ٿاڦوڙا هڻندو اچي سچ جي ساحل تي رسيو.
    ”گهرجي به خير ڀائي!.... مان ڏوهي !“، سوڍي شرمساري منجھان ڪنڌ جھڪائي پنهنجو ڏوھ مڃيندي وراڻيو .
    ”ساڌ، پاڻ نبيريندي يا پئنچائت؟“،سيتل هڪدم سوال ڪيس.
    ”واڙ مان جيڪو گڏھ وڻئي، سو وڃي ڪاھ!“، سوڍي اتي جو اتي پاڻ فيصلو ڪندي چيو ته متان ڳالھ وائرجي ۽ بدنامي ٿئي.
    سيتل دير ئي نه ڪئي، اهو سوچي ته زبان آ آلو لڪڻ متان پوءِ سوڍو ڦري وڃي. ڊڪي وڃي واڙ مان ڀلوڙ گڏه ڪڍي آيو ۽ سوڍي جي هيانو تي مڱ ڏريندوهليو ويو. سوڍي جي زال لَکان، سرڪيءَ جي وٿين مان سڄو تماشو پئي ڏٺو ۽ ٻڌو. جڏهن سوڍو سرڪي ۾ اندر آيو ته پڪ خاطر پڇيائينس ، ”ڳالھ ڇا هئي؟“....سوڍي ٿڌو ساه کڻي سڄي ڳالهه، سچي ڪري ٻڌايس. لکان کي پهريون دفعو ويساهه آيو ، ته سوڍو سچ به ڳالهائي سگهي ٿو.
    ممدي عارباڻيءَ جي مانڊڙيءَ تي ڄڻ ميلو لڳي ويو . جنهن ٻڌو هو، تنهن کي ڏندين آڱريون هيون. سيتل ۽ شهزادو خوشيءَ ۾ کٿي نٿي ماپيا. اهڙي ڳالهه جو ٻنهي ڀائرن درشن ۽ ٻيلي ٻڌي ته دير ئي نه ڪيائون، ڊگ ڀڄندا اچي سوڍي جي سرڪيءَ ۾ پهتا . هنن کي ڏسندي سوڍي جو هيانءَ کاڄي ويو. پر دل ٻڌي مُک تي ساڌڪي مرڪ سجائيندي کين کيڪاريائين، ”ڀائي! جي ڪيانَو!؟“
    ”اسان کي خبر پئي آ، ته هاڻي تون سچو ساڌ ٿي ويو آن؟“ ، ٻيلي اٿندي سوال ڪيس ته ڀاڻس درشن وري ٽيڪر وارو جواب ڏنس ،” ڇو نه ٿيندو سچو ساڌ ٻيلا! ڀت ته نيٺ بڻيات تي ويندي آهي يا نه!؟“
    ”جيئن سمجهو ڀائي!“ ، سوڍي نهٺائيءَ سان جواب ڏنو.
    ”اسان تڏهن سمجهئون جڏهن اسان کي به پنهنجو حق ڏين!“، ٻيلي هاڻي سنئين سڌي ٻه هٿياڙي ڪري لفظن جي منهائين هنيس.
    ”ڪهڙو حق ڀائي!؟“، سوڍي سمجهندي به، نه سمجهڻ واري انداز ۾ پڇيس.
    ”ياد ڪر اُتر، جيڪو دينا داستي کائي ويو هئين، ٻيو ڪهڙو؟“، ٻيلي ٿورو تِکو ٿيندي ياد ڏياريس . هونئن ته هن کي سڀ ڪجھ ياد هيو، ته گڏهن جي سودي ۾ هن اُتر ڏيڻو ڪيو هيو. پر پوءِ اڳتي هلي اتر کان آڱوٺو ڪڍي ڏنو هيائين. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڀري ڏي يا انڪار ڪري. انڪار ڪرڻ لاءِ گنجائش ڪونه هئي، جو مهاراج سان ٿيل وچن جو پالن پئي ياد آيس. ڀري ڏيڻ لاءِ اندر جو گهمنڊي سوڍو ڀت لڳو بيٺو هيو، جنهن کي اورانگهڻ ڏکيو پئي لڳس. هن همٿ ڪري گهمنڊ ۽ اهنڪار واري ڀت اورانگهي ته زبان ڏوهه باسي ويٺي، ”ها، ڀائي ...ياد آيو!“، ائين چئي سرڪيءَ ڏانهن ڀڳو، پيءَ جي ڪاٺ واري صندوق کولي ٻه هزار روپيا ڳڻي اچي ٻيلي جي هٿ تي رکيائين . گهر وريو ته وري به لکان پُڇ پُڇ ڪيس، جواب ۾ هن پنهنجي ڇل ڪپٽ جي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايس. لَکان کي هاڻي سوڍي تي روپئي جو روپيو ويساه ٿي ويو، ته سوڍو اهو ناهي رهيو، جيڪو ڪوڙن جو گهڙيل هوندو هيو. هاڻ جيڪو به پڇبس ته ڌڌڙ ۾ پير نه هڻندو، سنئون سڌو سچ ڳالهائيندو. لَکان اها ڳالهه دل ۾ رکي خاموش ٿي وئي.
    رات جو لکان گهر جا اوکا پوکا لاهي پنهنجي پٽ رامن کي ٻي کٽ تي سمهاري، سوڍي جي گوڏن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳي ته سوڍي جي ڏکندڙ لُونءَ لُونءَ ٺرڻ لڳي .
    ”رامن جا پيءُ توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟“ ، لکان جي اندر ۾سانڍيل سوال ٻاهر نڪتو.
    ”پڇ!؟“
    ”سچ ته ڳالهائيندي نه؟“
    ”اڳي توسان ڪوڙ ڳالهايو ٿم ڇا؟“
    ”اڳي ڪوڙي سوڍي کان پڇندي هيس، هاڻي سچي ساڌ کان ٿي پڇان“، سوڍي کان ستي ڇرڪ نڪري ويو. هن کي اندر ۾ هُٽ کُٽ ٿيڻ لڳي، ته هاڻي وري الائي ڪهڙي ڳالهه مُنهن ڪڍندي ؛ مجبوريءَ مان چئي ويٺو، ”ڀلي پڇ!“
    ”رڳو اهو ٿي پڇانءِ ته لاڏڪي تنهنجي ڀيڻ جان هئي يا سنگتياڻي؟“
    سوڍو ڪي گهڙيون ته گهوماٽن ۾ اچي ويو. هن ته ائين سمجهيو هيو ته هن وقت تائين لکان سندس ڪوڙن کي سچ سمجهندي رهي آهي. پر اڄ کيس لڳو ته عورت ذات هروڀرو بيوقوف به ناهي، جيئن هو سمجهندو آيو آهي.
    ”لکان! مان پاپي هيس، اڳ مان توسان ڪوڙ ڳالهايو هيو. “، سوڍو هاڻ لکان آڏو پاڻ لڪائي نه سگھيو.
    ”تون ته مان سان مها پرشَ ڏاڏي مَنشي جي قبر تي هٿ رکي ساک کنئي هئي، ته لکان تنهنجي ڀيڻ سمان آهي؟“
    ”ان ڳالهه کي ڇڏ لکان، جيڪا ٿي سا گذري!“، سوڍي سندس ڪانچڙيءَ کان ڇڪي ڀر ۾ سمهارڻ پئي چاهيو، پر لکان کي ڄڻ باه جي ڄر وڪوڙي وئي. ڀڙڪو کائي کٽ تان لهي بيٺي،”مان به ڏاڏي مَنشي جي قبر تي دل ئي دل ۾ قسم کنيو هيو، ۽ وچن ڪيو هيو ته جي اها ڳالھ سچ نڪتي ته مان به ڀڃ ڪرائڻ ۾ دير نه ڪيندس!“
    سوڍو جيئن سمجهائڻ لڳس، تيئن لکان ڪاڪڙي تي زور ڏيڻ لڳي. سوڍو خاموش ٿي ويو ته متان خواري وڌي يا ڪو نئون بنبال کڙو ٿئي، سو خاموش ٿي کٽ تي اڪيلو ليٽي پيو. اهو سوچي ته امرت ويلا تائين لکان ڪجهه ٿڌي ٿي ويندي، ته هو کيس ڌيرج ۽ پيار سان سمجهائي ڇڏيندو .
    امرت ويلا جو ٻئي اُٿي کڙا ٿيا هئا، پر امرت ويلا زهر ويلا ٿي وئي. لکان ڏاج واري پيتي ۽ رامن کي کڻي ٻاهر نڪتي، ته ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪ ڇڪان ٿي وئي.اوڙي پاڙي ۾ جنهن نه ٻڌو هيو، تنهن کي به خبر پئجي وئي، ته لکان ڇو ٿي رٺي وڃي. ويندي ويندي کيس ڌمڪيون به ڏيندي وئي ته سڀاڻڪي سج ۾ پئنچائت ڏانهن پيڪا موڪلي هوءَ ساک تي ڀڃ ڪرائيندي . هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته ڇاٿيندو، جڏهن پئنچائت کانئس ساک پت گهرندي؟....هو سوچڻ لڳو، جي سچ ڳالهائيندو ته سندس هڙ هلي ويندي، جي ڪوڙ ڳالهائيندو ته جنم جنم جو پاپي ٿيندو . پٽهنس رامن سندس ڪيل ڇَل ۽ ڪپٽ جا ڪشٽ ڀوڳيندو . هن کي هاڻي ساڌپي کان نفرت ٿيڻ لڳي. پر ڏڌو کير ٿڻي ڪيئن وجهي؟.... ڪيئن اهو ساڳيو چور ۽ ٺڳ سوڍو ٿئي، جنهن سان سڀ ڪو سڌو هيو. هن پنهنجي ذهن کي ائين ولوڙيو جيئن کير ۾ سيباڻ وجهي چاڏيءَ ۾ ولوڙبو آهي. ٿوري دير کانپوءِ سڻڀ جي ڦٽين جيان ذهن تي ڳالهه تري آيس، ته جنهن کيس ساڌپي جو سنگهر وڌو هيو، سو ئي لاهي سگهي ٿو. هن پڪو پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري ان جنجال مان جان آجي ڪرائيندو . پوءِ کڻي مهاراج آڏو گهرٽان ۽ گيسيون ڪرڻيون پونس يا ڌن جي جهجهي دان سان رام ڪرڻو پويس، ته به ڪندو. ان کان اڳ جو اوڙي پاڙي ۾ گھڻي هُو هواءِ ٿي، ماڻهو گڏ ٿي پڇ پڇ ڪنس، سوڍو اُٿي کڙو ٿيو.....
    لاڙڪاڻو شهر، ڳوٺ کان پرتي ڪونه هيو، ڪلاڪ سوا جو پنڌ هيو . مهاديو جو مندر ڏٺل هيس، پيءُ سان ڪيئي ڀيرا آيو ويو هيو. مندر ۾ پهتو ته مهاراج شنڪر لال منهن سامهون ٿي ويس . سوڍو مهاراج اڳيان پاڻ ڇڏيندي ائين رنڀڻ لڳو، جيئن سوئا ڍڳي کير کان وڇڙي وئي هجي.
    ” ڇا ٿيو ساڌ؟“، مهاراج شنڪر لال حيرت وچان پڇيس.
    ”مهراج سائين ! تو چيو هو، ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آ، پر ٻڏندي ڪونهي.... پر مانجي ته سچ هڪڙي ڏيهن ۾ ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي! “، سوڍو ڍنڍڪار ڏئي روئي پيو.
    ”ڪهڙي ويڌن ٿي وري توسان؟“
    ”ساڌن جو زمانوناهي مهراج!.... مان چور هيس، ٺڳ هيس ته سڀڪو سڌو هيو . جڏهن کان ساڌ ٿيو آن ته هر ڪو ڪڍ پئجي ويو آ. هڪڙو سچ ڳالھايم ته ڀلو گڏھ واڙ مان نڪري ويو....ٻيو ڳالهايم ته پورا ٻه هزار هليا ويا......ٽيون ڳالهايم ته جوءِ ڀڃ ڪرائڻ جو وچن ڪري گھر ڇڏي وئي آهي. سڀاڻڪي سج ۾ پئنچائت ۾ساک به کڻائيندي ته منهنجو لاڏڪي سان ڪهڙو وهنوار هيو .هاڻي خبر ناهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟...“، سوڍي روئيندي روئيندي مهاراج کي پنهنجا سمورا سور سڻايا.
    برهمڻ شنڪر لال سندس اوڏڪي لانڍ مان تنگ ٿي چڪو هيو، تنهن ڪاوڙ وچان چيس،”ڀائي ، مان ته ڪونه چيو هيومانءِ ته پنهنجي پِتا جي جيءَ چڙه!..... پر جيڪي اُکرين ۾ مٿو وجهندا آهن، اهي مُهرين کان ته ناهن ڊڄندا ....پاڻ ۾ شڪتي نه پئي سمجهئي، ته ساڌ ڇو پيو ٿئين؟“
    سوڍي کي يقين ٿي ويو ته هاڻي روئڻ ۽ دانهن ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، ته هن گوڏ جي پلئه مان پئسا ڇوڙي مهاراج شنڪر لال جي اڳيان رکيا، ”مهاراج! هي ٻه هزار روپيا دان جا ٿي! .... مانجو ڪو ٽِڪو پنجو ڪر... مان گريب جي جان آجي ڪراءِ ساڌپي مان!“
    برهمڻ شنڪر لال دان جا پئسا گوڏي هيٺان ڪري ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ هليو ويو. چڱي جهٽ کانپوءِ سوڍي کي چوڻ لڳو، ”سوڍا! توکي اها اٽڪل ٿو ٻڌايانءِ، جيڪا ڀڳوان ڪرشن مهاڀارت جي يڌ ۾، دروڻ آچاريه کان جيتڻ لاءِ ارجن ۽ يڌشٽر کي ٻڌائي هئي“. سوڍو وات ڦاڙي ۽ ڪن سرلا ڪري مهاراج کي غور سان ٻڌو ڻ لڳو:
    ”تون به ائين ڪر، جيئن يڌ شٽر دروڻ آچاريه اڳيان زور سان رڙ ڪندي چيو هيو، ”اشوٿوما!“ پوءِ صفا آهستي چيو هئائين، ”هاٿي!“ ۽ پوءِ وري ٻوڪٽ ڪري چيو هئائين، ”مري ويو!“.... وير دروڻ آچاريه ائين سمجهيو، ته سندس پيارو پٽ اشوٿوما مري ويوآهي. پوءِ ان وير دک وچان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ يڌ هارائي.... ڳالهه سمجهه م آيئه؟“
    سوڍي ڪنڌ ڌوڻي، ڳٽڪ ۾ نهڪر ڪئي.
    ”اڙي ڀوڪ! تون به لکان کي جيتڻ لاءِ پئنچائت ۾ ساک کڻي ڏاڍيان چئه ، ’منهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو!‘ ۽ دل ۾ چئه ’نه!‘ ۽ پوءِ وري ڏاڍيان چئه،’وهنوار هيو.‘ سڄي پئنچائت سمجهندي ته تنهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو وهنوار هيو. ائين لال به لڀندو، پريت به رهجي ايندي. .... ڀيٽو! هاڻي ته سمجهه ۾ آيئه نه ڌرمي اٽڪل!؟“،مها راج شنڪر لال مشڪندي سمجهايس.
    ”اي مهراج!..... ڪاٿي ڀڳوان ۽ مهاويرن جو ديماڪ، ڪاٿي مان غريب اوڏ جو .... اتي وري ڪو تو جهڙو پڙهيل هجي ، جيڪو سچ ۾ ڪوڙ ملائي ۽ ڪوڙ ۾ سچ ، ته خبر ئي نه پوي .... مهراج سائين! مان ته سنئون سڌو سچ ڳالهائڻ ڄاڻان يا سنئون سڌو ڪوڙ . مان سان ڪو اهڙو جڳاڙ ڪر جو اهو ساڌپي جو گنگڻ لهي وڃي، پوءِ سڄي هند سنڌ جي اوڏڪي راڄ کي موڪل آ، جو مان کي پڄن. باقي مان ان اٽڪي ٻٽڪي مان نه ڄاڻان!...“، مهاراج شنڪر لال کي سندس ڄٽڪي جواب تي ڏاڍي مٺيان لڳي . هن خار مان ڀڀڪي پٽيس، ”نڪري وڃ چوانءِ ٿو ڄٽ ڄٽ جا پٽ !..... گڏه هڪليندڙن کي گڏه وارو عقل هوندو نه!؟..... جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪارو منهن ڪر!.... پنهجي پتا جي آتما رول يا جنم جنم جو پاپي ٿي، منهنجو ڇا!“
    مهاراج شنڪر لال ، پئسا مٺ ۾ ڪري اُٿيو ۽ مندر ۾ اندر گھري ڀڳوان شو جي مورتي اڳيان مٿو ٽيڪي پرارٿنا ۾ لڳي ويو. سوڍو به سندس پٺيان ڪڍ لڳو آيو ۽ کيس چڱي مهل تائين نماڻن نيڻن سان نهاريندو رهيو. بي رخي مهاراج پٺتي لئوڻو نه هنيو، ته هن کي ائين لڳو ڄڻ شو ڀڳوان کي سندس خلاف مڇرائيندو هجي. هن شِوَ جي مورتي ڏانهن به نماڻو ٿي ڏٺو، ته ائين محسوس ڪيائين ، ڄڻ ڀڳوان به ڪاوڙ ۾ترشول کنيون کيس گهوري رهيو آهي. هن ڪنڌ ڦيرائي مندر جي ڀتين تي ٽنگيل ديوين جي چترن ڏانهن به نهاريو، ته اهي به کيس دياوان نه لڳيون. هن کي لڳو ته سڀئي کائنس چڙيا ۽ ڏمرياويٺا آهن. جڏن به سندس ڪاوڙ چوٽ چڙهي ته گڏجي سندس ساه نپوڙي ڇڏيندا . هن جو شرير ڏڪڻ لڳو ،ڪنبڻي وڌي ويس. هو مايوسيءَ وچان ٿڙڪندي پوئين پير مندر مان ٻاهر نڪري آيو.
    سج لهي ٻڏي رهيو هيو ته بس مان لهي ڳوٺ جي لاڙي تي رسيو .مايوسيءَ وچان گهلبو گهلبو گهر پهتو. هن ڏڪندي ڏڪندي بتي ٻاري سرڪيءَ جي ٿوڻيءَ ۾ ٽنگي، کٽ تي آهليو ته ڄڻ لڱن مان ساهه ڇڏائجڻ لڳس.
    بتيءَ جي روشنيءَ تي اوڙي پاڙي ۾ چئوپچوءَ ٿي وئي، ته سوڍو ساڌ گهر پهچي ويو آهي. مکي هرچند ۽ پئنچن کي اڳيئي ڳڻتي هئي، جو کين لَکان ۽ سوڍي جي جھيڙي جي خبر پئجي چڪي هئي ، تن جو ٻڌو ته سرڪي ۾ ڌوڪي آيا. سوڍي، مکي ۽ پئنچن کي ڏسي اُٿڻ جي ڪئي ته اُٿي نه سگهيو.
    ”هئي ڀڳوان!..... سک شانت ته آهي سوڍا ساڌ؟“، مکي سندس ويجهو ايندي رڙ ڪئي.
    ”ها ، بس مکي!.... “، سوڍو صرف ايترو چئي سگهيو.
    ”بس ڇا ؟ .... ٻڌاءِ ته سهي ٿيو ڇاهي توکي؟“ ، مکي هرچند زور ڀريندي چيس ۽ پوءِ سوڍي جي پيشاني تي هٿ رکيائين ته کيس ايئن لڳو، ڄڻ جنسي ٽانڊا پئي ٻريا.
    ”مکي!..... مان منهن مٽايان ..... ته رامن کي .... ساڌ نه ڪجو .... ڀل مانجي آتما کي .... اَن ۽ جَلَ جو .... دان نه ملي!..... “، سوڍي وڏي مشڪل سان، ساهيون کڻندي مکي ۽ پئنچن کي وصيت ڪئي.
    ”خير جي وائي ڪڍ ساڌ!..... ائين ڇو ٿو چئين؟.... ڌڻي خير ڪندو!“ ،پئنچن هڪ ٻئي پٺيان زور سان رڙ ڪندي چيس، ڄڻ ڪنهن ٻوڙي سان ڳالهائيندا هجن.
    ”آڄ.... ساڌان چا... و... ک... ت ڪو ...نهي.... ادا!.... آ.....ڄ... سا... ڌا.... ن... چا...“، سوڍو اوڏڪي ٻولي ۾وڌيڪ نه چئي سگهيو، تيز بخار جي ڪري مٿائنس غش چڙهي ويو.


    سج لهڻ کانپوءِ به ...

    هو حد درجي جو سودائي ۽ عجيب قسم جو تصوراتي ماڻهو هيو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن تصور جي اک اهڙي ڏِک به ڏيندي هئي. ڄڻ ”موهن جي دڙي“ جا آثار پنهنجين ڀتين ڇتين سميت جُڙي پيا آهن ۽ زندگي هر گهر جي اڱڻ تي ڪر موڙي اُٿي آهي. هو’پوڄاري بادشاه‘ جيان، اوچين ڀتين تان شهر جو جائزو وٺندي، رٿابندي ۽ بچاءَ جي اوني ۾ غرق آهي. سندس سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين ۾ ڄڻ پورالي سنڌوءَ جي ادائن ۽ جفائن کي هٿ ڪرڻ جي حسرت سمايل آهي. پر اهڙي تصوراتي مانڊاڻ ۾ تڏهن مانڌاڻ پوندو هو.جڏهن ڏسڻ وارن جا ٽولا هلان ڪري سندس حد ۾ داخل ٿيندا هيا. تڏهن سندس چهري تي فڪر جي ريکائن ۾اڃا اضافو ٿي ويندو هيو ۽ هوپنهنجي ويران شهر جي باقي آثارن کي بچائڻ ۾ ائين جنبي ويندو هيو ، جيئن شايد ’پوڄاري بادشاه‘ هن وسنديءَ کي ويران ٿيڻ کان اڳ ، آخري ڪوشش ڪندي بچايو هجي.
    هيءَ ڪهڙي قسم جو سائيٽ اٽينڊنٽ هيو!؟...... اها ڳالهه ’ڪيوريٽر‘ کان وٺي ’اسسٽنٽ ڪيوريٽر‘ تائين ڪنهن کي به سمجهه نه آئي هئي. البت، انهن پنهنجي سمجهه مطابق اهو نتيجو ڪڍيو هيو ته هن جو ڊيوٽيءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ اچڻ ۽ وقت پوري ٿيڻ کان پوءِ وڃڻ ۾ ضرور ڪو مقصد آهي . ڀلا ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، سواءِ ان لالچ جي ته ڪنهن دير سوير ايندڙ پرڏيهي کان بخشش ڳنهجي. پر اهو الزام باوجود ڪوششن جي به هو مٿانئس ثابت نه ڪري سگهيا هيا.
    اڄ به هميشه وانگر وقت کان اڳ، ’ايس ڊي ايريا‘ ۾ پهچي چڪو هيو. هر هڪ ڀت کي جاچڻ ۽ هر هڪ ٿڙيل سر کي ٺاهڻ واري اجائي جُوفي ۾ جنبيل هيو . جنهن مان کيس ڪابه هڙ حاصل ٿيڻي نه هئي. اهو طعنو، سندس ساٿي سائيٽ اٽينڊنٽ اڪثر ڪري کيس سمجهائيندي هڻندا هيا ، ”سچيڏنا، اجايا هڏ ٿو هڻين،ورندءُ ڪجهه به نه!..... “ پر پوءِ به اهو طعنو سندس پِتي تي نه پوندو هيو.
    هن هيشه وانگر ’اسٽوپا‘ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻين تي چڙهندي،اوڀارئين طرف منهن ڦيرائيندي وهندڙ سنڌوءَ کي حسرت سان ڏٺو . سج جا سونهري ڪرڻا، سنڌوءَ جي جهرين کي جرڪائي رهيا هيا. هن هميشه وانگر من ۾ سمايل ان آکاڻيءَ کي ياد ڪيو، جيڪا ڏاڏنهس کيس هنج ۾ ويهاري، سامهون نظر ايندڙ سنڌوءَ جي ٻيٽهري ۾ ٻڌائي هئي:
    ”ابا، جڳن جي ڳالهه آهي.... “، پوءِ ڏاڏنهس ڏڪندڙ هٿن سان ڦٿل آثارن ڏانهن اشارو ڪندي چوندي هئي، ”ابا، وڏڙا ٻڌائيندا هيا ته اتي مونهين جو شهر هيو“..... تنهن کانپوءِ سيني ۾ ان سانڍيل قصي کي ڪڍي ٻڌائيندي هئي، ” جيڏو هيو شهر سهڻو، تهڙا هيا ماڻهو منهن مهانڊي وارا... مٿان وري هيو راج ڪوڏيو ۽ بختاور ... مونهين جي هاڪ هئي .... ڏيهن کان ماڻهو مونهين کي ڏسڻ ايندا هيا.... سڌون پيا ڪندا هيا، ته ان شهر ۾رهجي .... شهر ۾ رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ٿيندي هئي... جي سندس چڱي هلت چلت ڏسي راءِ راضي ٿيس، ته پوءِ جيئن چئبو آهي ته جنهن تي راءِ راضي ،ان جي جھوليءَ چنڊ جُھليو.......... ڏسندي ڏسندي اهو به مونهين جو ٿي ويندو هيو ۽ مُونهون ان جو .....“
    ”پوءِ ڏاڏي ڇا ٿيو؟“، هو اڪثر پڇي ويهندو هيو.
    ”ٻچڙا، ڪو ته ڪَلُور ٿيو هوندو، جو سکيو ستابو مونهون اُجڙي ويو ۽ مونهين وارن الائي ڪاڏي بر منهن ڪيو“، هوءَ ناس جي دٻلي مان چهنڊي ڀري، نڪ ۾ سڻڪندي ، ٿڌو ساهه ڀري چوندي هئي.
    ان ڪلور واري قصي جي ڪڏهن به هن کي سڌ نه پئجي سگهي هئي ،ڄڻ هن جي نظر ۾ اهو قصو درياهه جي پيٽ ۾ اچي ويو هيو. جنهن کي وقت جي وير اهڙو ته لٽي ۽ دٻائي ڇڏيو هيو، جنهن جي پوري خبر هن جي وڏڙن کي به نه پئجي سگهي هئي.....
    ”ڪهڙو ڪلور ٿيو هوندو؟“، هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو .
    پوءِ پنهنجي اندر مان جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڪيائين، ”ايئن ته نه ٿيو هيو، جيئن هاڻي ٿئي پيو!؟.. پاڻ جيئن ڌاڙيلن جي اُره زورائي ۽ پوليس جي ڏاڍ ڪري، ڪچي جا پکا ڇڏي پڪي تي اوڪڙو ويٺا آهيون“... هن مونهين جي ڪُکِ ۾، اولهائين پاسي کان پنهجن اڏيل ڀونگن ۽ لانڍين تي نظر وجهندي، ڏکارو ٿي سوچيو،” متان ائين ٿيو هجي، انهيءَ وقت به ڏاڍن ڏاڍ ڪيا هجن ۽ زورآورن زورآوريون!؟.....“
    هن کي ائين پهه پچائيندي ڳچ وقت ٿي چڪو هيو. هن چوڌاري نظرون ڦيرائيندي ڏٺو هيو، ته ’ايل، ايڇ آر، وي ايس، ڊي ڪي ۽ منيرا ايريا‘ تي سڀئي سائيٽ اٽينڊنٽ رکوالي لاءِ پهچي چڪا هيا. هاڻي هو پٺ ورائي اسٽوپا جي باقي بچيل ڪچي پڳوڙي جي سامهون اچي بيٺو هيو. ڪچي پڳوڙي کي جاچيندي ، ڪجھ ساعتون ته ڪنهن گھري فڪر ۽ ويچار ۾ غرق ٿي ويو. ڄڻ ڪچو پڳوڙو ساڻس مخاطب هيو يا هوان سان. اسٽوپا جي اهو ئي پڳوڙو، جيڪا هر ايندڙ جي پري کان آجيان ڪندو هيو ۽ هر ڏسندڙ کي سڏي پنهنجي اندر جا هزارين داستان ٻڌائيندو هيو، بشرطيڪه ڪو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو هجي. هن ڏٺو ته جنهن کي صدين جو بي درد وقت به نه جهڪائي سگهيو هيو، هاڻي انهيءَ کي ماڻهو پنهنجن پيرن هيٺان بيدردي سان لتاڙي رهيا هيا. شايد ڏينهون ڏينهن ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارا گهٽبا پئي ويا ۽ رونشي ڪوڏيا وڌندا پئي ويا.
    هو اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي سان اندر اوري، هاڻي اوڻٽيھ ڏاڪن واري ڏاڪڻ جي منڍ تي، اتر منهن ڪيون، اڄوڪي ڏينهن تي اچڻ وارن جي آجيان لاءِ اچي بيٺو هيو.اها سڌ ڪندي ته من! مونهين کي ماڻهو انهيءَ اک سان ڏسن، جنهن اک سان هن ڏٺو آهي يا وري اهڙي ئي حيرت واري انداز ۾ ڏسن، جيئن پرڏيهين جا ٽولا پيار ۽ پاٻوهه ۾ هن اجڙيل نگرکي ڏسي، عجب کائيندا ويندا آهن. هن ڪيترائي دفعا ڏٺو هو ته پرڏيهين جا ٽولا، گائيڊ جي اڳواڻي ۾ هتي پهچي ، اڪثر شوق ۽ ذوق ۾ گائيڊ کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندا هيا. سواءِ انهن پوڙهن ۽ پوڙهين جي، جيڪي پنهنجي سست رفتاري جي ڪري ان کي ٻڌڻ لاءِ مجبورهوندا هيا. اها ڳالهه ته وري سندس دل وٽان ٿيندي هئي، جڏهن پرڏيهي گهمندڙ ، مونهين جي هڪ هڪ گهٽي ۽ گهيڙ کي پنهنجي ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪندا هيا. ان وقت هن کي ائين لڳندو هيو، ڄڻ مونهين جي هڪ هڪ سِر کين پراڻي ڪال جا قصا ٻڌائيندي ويندي هئي ۽ پاڻ ئي مونهون سندن سونهون ٿي ويندو هيو.
    هن اُڀين پيرين اهڙائي دل کي ڏڍ پئي ڏنا ته اڄوڪن پانڌيئڙن مان ڪو اهڙو نه هوندو، جيڪو بي بڻيادن يا ڌرتي ڌڪاڻن جيان مونهين کي نفرت ۽ ڌڪار مان نهاري چوندو ، ”سڀ بڪواس آ!... سڀ فضول آ يا هيءَڪافرن جي تهذيب آ...“ هن هيشه وانگر اڄ به ساڳي سڌ رکي هئي ته اڄوڪو ڏينهن سرت ۽ ساڃاهوندن جو هوندو، ڏسڻ ۽ سوچڻ وارن جو هوندو. ائين اندر اوريندي اوريندي سندس انتظار جون گهڙيون پوريون ٿي چڪيون هيون. ٻه بسون زوڪاٽ ڪنديون ، ’ايس ڊي ايريا‘ جي لوهي گيٽ جي سامهون اچي بيٺيون هيون. اندازن سئو سوا گلن جهڙا ٻارڙا هيٺ لهي چڪا هيا. مالهين جهڙا ڇهه برجستا استاد چهبڪن ۽ چپاٽن جي زور تي کين چپ ڪرائي رهيا هيا. بندرو ۽ گهاٽي ڏاڙهي وارو استاد، جيڪو ٻين کان عمر ۽ عهدي ۾ ڪجهه سرس پئي لڳو، تنهن ٻارڙن کي خالص لاڙڪاڻي واري لهجي ۾ سمجهائڻ شروع ڪيو:
    ”اڙي شورئو! ... هي ٿوءَ مو ... هن جو ... دڙو!... هتي .... اڻ... آريا .... رهندا .... ... هيا!.... ڪچي، .... مشي... ۽ ڪچو گوشت ... کائيندا هيا ... ٻڌئو!؟“.
    ٻارڙن ٽهڪڙا ڏيندي ڪورس واري انداز ۾ جواب ڏنو، ”جي سائين!!!“
    ”هاڻي هي .... سامهون ٿو ... اسٽوپو! ... گهمڻ گهتڻ لاءِ ... متان پوءِ گهر وڃي پهنجي وڏن کي دانهن ڏيو ته سائين وڏو يا استاد چندو وٺي کائي ويا ۽ ڏيکاريائون ڪجهه به نه!“
    ”جي سائين!!!“، ٻارڙن زور سان بيزاريءَ ۾ جواب ڏنو.
    ”هاڻي مٿي هلو، شاباس!“، استاد ڏِسڻي آڱر سان اسٽوپا طرف اشارو ڪندي، ڪنهن فوجي آفيسر وانگر چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو. ٻارڙا حڪم جي تعميل ڪندي جنگي سپاهين وانگر اسٽوپا کي وڪوڙي ويا.
    ’استاد وڏي‘ جي انوکي ڄاڻ ، هن کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. هاڻ هن ٻي سڌ ڪئي هئي ته جيڪر مٽي ۽ واريءَ جو وڏو طوفان لڳي ۽ هن ڦٽل شهر جي آثارن کي مڻ مٽين ۾ ملائي ڇڏي . پر هن کي اها به خبر هئي ته اندر جون سڌون صرف سڌون ئي هونديون آهن، ساڀيا نه ٿينديون آهن.
    ٻارڙا هاڻي اڇاتري ڌڻ وانگر بي قابو ٿي چڪا هيا. اهو ئي ٿيو، جنهن جو کيس ڀئو هيو. هن ڏٺو ته ٻارڙا اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي تي چڙهي رهيا هيا. هن ٻارن کي ڪاڪڙي تي زور ڏيندي گهڻيون هڪلون ڏنيون ، پر بي چَين ٻارن تي بي اثر ثابت ٿيون . پاڻ کي بيوس سمجهندي هن بيٺل تماشائي استادن کي التجا واري انداز ۾ چيو:
    ”سائين ، مهرباني ڪري ٻارڙن کي هيٺ لاهيو، زيان ٿو ٿئي“.
    اسٽوپا کان هيٺ ڊٺل مڙهين يا حجرن وارن آثارن تي بيٺل ’سائين وڏي‘ جي دل کي جهُٻو اچي ويو. تنهن کيس آٿت ڏيندي ، ”حاضر بابا!“ چئي، پنهنجي ڀرسان بيٺل ننڍڙي ڇوڪري جو هٿ پڪڙيندي، اسٽوپا تي چڙهي پوري طاقت سان چنبو کنڊيريندي،اتي بيٺل ٻارن کي هڪ زوردار ڀونڊو ۽ ڪڙڪيدار دڙڪو ڏنو:
    ”لخ جي لعنت ٿو شورئو!.... ڪتي جا پٽئو، لهو هيٺ!“
    ان زوردار ڀونڊي ۽ دڙڪي جو اثر ٻارن تي وقتائتو ٿيو. ٻارڙن پڳوڙي جي ڏاکڻي ڪنڊ کي پنهنجن ننڍڙن بوٽن سان ضربون ڏيندا ، ”ٽپ!..... ٽپ!..... ڪندا، مٽيءَ جا ڀور ڪيرائيندا هيٺ لهي ويا. هن دل ئي دل ۾ استاد وڏي جو شڪريو ادا پئي ڪيو ته استاد وڏي جي نينگرڙي سٻاجهي انداز ۾ انگل ڪري وڌو:
    ”بابا، مان کي به مٿي!؟....“
    استاد وڏي معصوم ٻارڙي جي انگل کي پوري ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. پڳوڙي تي ڏاکڻي پاسي کان پنهنجي پير ۾ پيل ڪاري بوٽ کي ڦٻائيندي چڙهي پيو. سچيڏني کان رڙ نڪري وئي:
    ”اڙي سائين!..... تون پنهنجي سِر به!؟“
    ”چاچا ، ڇو ٿو هيانءُ لاهين ، مڙيئي پُٽڙي کي ريجهايان ٿو“، سائين وڏي سمجهائڻ واري انداز ۾ جواب ڏنس.
    ”پر ابا، آفيسرن جي جهل آ ۽ اهو قانوني ڏوهه به آ“
    ”چاچا، ماستر سمجهي دڙڪا نه ڏي قانون جا، اسان کي به قانون جي خبر آهي. هن ڀت تي چڙهندي ، جيڪا ٻين کي ڦاهي ڏني اَٿو، سا سڀاڻي اسان کي به ڏيارجو، بس نه!؟“
    ”ابا، دڙڪا ته ڪونه ٿو ڏيانءِ ، پر چڱائي پئي چيم!“، سچيڏني هيٺيائين وٺندي وراڻيو.
    ”چاچا ، ڀت سرڪاري آ، جي ڀڄي پوندي ته ٻي ٺهندي، تون اجايو پڇڙيون نه هڻ!“
    سچيڏني ، سندس ڳالهائڻ مان اندازو هنيو ته استاد وڏو پاڻياٺو ۽ ڦڏئي آهي. ان ڪري خاموشي سان استاد کي رڳو حيرت مان ۽ پڳوڙي جي ڀور ڀور ٿي ڪرندڙ مٽيءَ کي حسرت سان ڏٺو، جنهن تي لهڻ چڙهڻ ڪري ،هاڻي ڄڻ ته ڏاڪا ٺهي ويا هيا.
    استاد وڏو، وڏي ڊٺائپ سان پنهنهجي ۽ پنهنجي ٻارڙي جي حسرت ماري هيٺ لهي استادن ۽ ٻارن جي ڊَلي ۾ شامل ٿي چڪو هيو. جيڪو وڏي حوض کي لتاڙي، ”ايل ايريا“ ۾ ڍومان هڻي رهيو هيو. هن جون نظرون اڃا استاد ن ۽ ٻارن جي جو پيڇو ڪري رهيون هيون ،ته هن اترئين پاسي کان ايندڙ مرد ۽ عورت جي مليل جليل ٽهڪن تي پنهنجو منهن ڦيرائي اوڻٽيھ ڏاڪڻ واري ڏاڪڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. جنهن تان هڪ بي جوڙ جوڙو آهستي آهستي مٿي اچي رهيو هيو. گول مٽول مرد جو پيٽ، ڊگھي ۽ اڀي ڏاڪڻ چڙهڻ ڪري هلچل ۾ اچي ويو هيو ۽ پگهر سندس خضاب ٿيل وارن مان ڳڙيِ، سندس ٿلهي گردن تان لڪيرون ٺاهي پئي هليو . پر پوءِ به هو انهيءَ اذيت واري حالت ۾، ميڪ اپ سان ڀرپور نخريلي جوانڙيءَ جي اکين ۽ هٿن جي ادائن سهاري چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هيو . هن چڙهندي ٿڪاوٽ وچان هڪ وڏو ساه کڻندي چيو، ”اُف!“ ۽ پوءِ نوجوانڙي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”اڙي اهو ٿئي راجا موهن مل جو بنگلو!“
    ”هو..اون!“، نوجوانڙي حيران ٿيندي ۽ پوءِ اسٽوپا جي چوڌاري مڙهين جي آثارن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيس، ”۽اُتي؟“
    ” اتي راجا جو سپاه رهندو هو“.
    ”ڪهڙي ڪمائي هوندن، بنگلي تي ڊيوٽي ڪندي!“، نوجوانڙيءَ نخري سان چٻارو ڪڍندي اندازو لڳايو.
    ”بس سمجهه ته لائن ۾“، گول مٽول مرد سندس ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو.
    ”مون کي به ته بنگلو وٺي ڏي نه، واعدو جو ڪيو هيئي؟ “ ،نوجوانڙي کي بنگلي واري ڳالهه تان سندس ڪيل واعدو ياد اچي ويو.
    ”اڙي وٺي ڏيندو مانءِ ... رڳو ٻه ٽي ڏينهن ڇڏ ... ٿاڻي تي آئي ڪهڙا ڏينهن ٿيا آهن،ٻڌاءِ؟..“
    ””چڱو واعدو ڪر ڪڏهن ؟“
    ”ڏاڙهي آ، اڳلي مهيني“، مرد پنهنجي ڪوڙيل ڏاڙهي تي کاٻو هٿ ڦيرائيندي وراڻيو.
    ”اڙي اهو ته ٻڌاءِ ته هن بنگلي جي ڪچي ڀت تي بيهي راجا ڇا ڪندو هو؟“، نوجوانڙي اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي جي اڏاوت کي نه سمجهندي پڇيس.
    ”راجا ڇا ڪندا هيا؟!“، مرد ساڳيو ئي سوال ڦيرائي نوجوانڙي کان ڪيو.
    ”مون کي ڪهڙي خبر ته ڇا ڪندا هيا؟“، نوجوانڙي سمجهندي به کانئس وضاحت گهري.
    ”پري کان نظرن سان گھرن جي جھڙتي وٺندا هيا، ته ڪهڙي ڪهڙي گھر جون ڇوريون تير ڪمان لڳيون پيون آهن“، مرد اک هڻندي ٻڌايس.
    ”هون..اون!..چئبو ته وڏو نظروت هيو“، نوجوانڙي سمجهندي مشڪي پئي.
    ”اونئين ، جوڻهنس ته وري ٻيڻي شوقين هئي“ ،گول مٽول مرد وڌيڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايس.
    ”نه ، نه!“، نوجوانڙي کان شوق ۽ جستجو مان رڙ نڪري وئي.
    ”جوڻهنس وري اهڙي سُرنگهه ٺهرائي هئي ، جتان پنهنجي يار سان وڃي ملندي هئي. توکي به هاڻي ڪا اهڙي سرنگهه ٺهرائي ڏيان ، باقي هڪ اڌ نياپي کي ته ليکي ئين نٿي“، مرد ميار ڏيندي چيس.
    ”مان ڪو مڙس کان ڊڄڻ واري آهيان ڇا!؟ ... هي سينڌ آ، تون هيڪر بنگلو وٺي ڏي، دنيا کي ڏيکاري توسان نه ويٺس، ته اچي مٿو ڪوڙجانءِ!.....“
    ”اڙي اها سرنگهه هتان اولهائين پاسي کان ٿي!“،گول مٽول مرد بنگلي واري ڳالھ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نئين ڳالهه ٻڌايس.
    ”ائي، ڪاٿي آ سرنگهه ڏيکار ؟“،نوجوانڙي جستجو وچان پڇيس.
    ”چڱو هن ڀت تي چڙهي ، اولهائين پاسي ڏي ڏس!“
    ”تون به ته چڙهه نه ؟“، نوجوانڙي ضد ڪندي چيس.
    ”اڙي اسان هاڻي کائي کائي ٿي پيا هون سانَھ!، ڪاٿي ٿا چڙهي سگهون“، مرد پنهنجي ٿوٿريل جسم تي ناز ڪندي چڙهڻ کان صاف لنوائي ويو ۽ پوءِ نوجوانڙيءَ کي چيائين،”اڙي، هلي آ ته ٽيڪ ڏيئي چاڙهيانءِ “، گول مٽول مرد نوجوانڙي کي سڏ ڪندي ،اڃا چيلهه ۾ هٿ وجهي ڏاکڻي پاسي کان ڀت تي چاڙهڻ لڳو ته سچيڏنو جيڪو پرڀرو بت بڻيو کين حيرت مان تڪي رهيو هيو، تنهن کان رڙ نڪري وئي:
    ”اڙي ابا!... تون پڙهيل ڪيل!... عملدار!.... تون به جو ائين ڪرين ته باقي؟.....“
    گول مٽول سندس ظاهري شڪل کي ڏسندي بي پرواهي سان نوجوانڙيءَ کي پڳوڙي جي ڪچي ڀت تي چاڙهڻ ۾ مشغول رهيو. نوجوانڙي ڪوشش جي باوجود به نه پئي چڙهي سگهي، رڳو ٿڙ ڦٿڙ ۾ سينڊل جي کڙين سان پڳوڙي کي رهڙا پئي ڏنا.
    ”او، ابا!.... ٻيلي ... ڪيڏا نه ايلاز ٿو ڪيانءِ ... ٻڌي ئي نٿو؟“، سچيڏنو چوندو رهيو.
    ”ڍِڪ لڳي ٿي وڃئي ڪراڙا، هانءُ ٿو ڦاٽئي ڀت لاءِ... ڀت نه هوندي ته ملڪ نه هلندو. اسان ماڻهو ڊاهي ڇڏيندا آهيون ته ڪو چوڻ واروناهي هوندو. باقي هيءَ ڀت اچي موتبر ٿي آ... ڪير آ ڙي؟“،گول مٽول مرد پنهنجي پوليسڪي رڳ ڏيکاريندي پڇيس.
    ”سائين، مان سائيٽ اٽينڊنٽ!“، سچيڏني هيسجي جواب ڏنس.
    ”ماکي ته منهن مهانڊي ۾ ڌاڙيل ٿو لڳين“، هن سندس اڇي پڳ ۽ ٺپيل ڏاڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ”نه سائين، مان ته غريب ماڻهو آهيان“.
    ”هجي ها ٿاڻي تي، ته دونهان ڪڍي ڇڏيانءِ ها.... پر ڪاڏي ويندي !“، گول مٽول مرد ڪاوڙ ۾ سندس سوا پنجن فوٽن جي قد کي گهوريندي ڌمڪي ڏني ۽ پوءِ سرنگهه ڏيکارڻ لاءِ اسٽوپا جي ڏاکڻي، ڏاڪڻ تان نوجوانڙي سان گڏ لهي ويو.
    سچيڏني پنهنجي موڪري مُنهن تان آيل پگهر کي ، اڇي قميص جي پلوءَ سان اگهي ، منهن اوڀارين پاسي ’ڊي ڪي ايريا‘ ڏانهن ڪري ڇڏيو . هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هو مونهين جي ڪنهن وڏي ۽ گهري کوهه ۾ اُڇلايل ماڻهوءَ جيان آهي، جتان ڪو به سندس آواز کي ٻڌي يا سمجهي نٿو سگهي.
    هو وساڻل وساڻل اسٽوپا جي اترئين پاسي هڪ پڪ سري ڀت تي اچي بيهي رهيو هيو. هن جون نظرون مونهين جو طواف ڪنديون جڏهن ’ايس ڊي ايريا‘ جي گيٽ مان داخل ٿيندڙ پنج عدد عالم سڳورن تي پيون . جيڪي دستار مبارڪ ۽ لنڊين سٿڻن سان نرڙ تي عالماڻو گهنڊ سجايون تيزيءَ سان اسٽوپا ڏانهن اچي رهيا هيا. سندن سونهارين ۽ اڇن اجرن ڪپڙن کي ڏسي سچيڏني جي دل ۾ سندن لاءِ عزت ۽ احترام وڌي ويو هيو. هن سوچيو، جيترا هو ٻاهران اڇا اجرا ۽ نيڪ ٿا لڳن ، اوترا اندر جا به ضرور هوندا. من! هنن جي گفتگو، سندس هيانءَ تي ڇنڊو وجهي وڃي . هن دل ئي دل ۾ پھ ڪيو ته انهن جي پٺ وٺبي ، سندن ڳالهائڻ ٻڌبو ۽ هيئين سان هنڊائبو.
    هاڻي عالم سڳورا اسٽوپا تي پهچي چڪا هيا. عمر رسيده عالم سڳوري گوڏن جي سور جي دانهن ڪندي ۽ گھروساه کڻندي چيو ، ”ابئول! گوڏا ئي وٺجي ويا ، ڪافر ڪيڏو نه مٿي رهندا هيا“.
    ”توهان بجا فرمايو ، استاد محترم!“، نئين ريهه لٿل عالم سڳوري ڪنڌ ڌوڻي سندس تائيد ڪئي.
    ”اڙي عبرت حاصل ڪيو، عبرت! ... هن منڪرن جي شهر مان...“،عالم سڳوري ٺاهوڪي اوٻاسي ڏيندي اوڀارين ۽ ڏاکڻي پاسي آثارن طرف اشارا ڪندي انڪشاف ڪيو:
    ”ڪتابن ۾ آيو آهي ته بادشاهه ڏاڍو ظالم، زاني، شرابي ۽ رب جو وڏو نافرمان هيو... چوندو هيو، مان رب آهيان!“
    ”لخ لعنت جا پها ٻڌانس!“، فرط جذبات ۾ ڏند ڪرٽيندي، هڪ اڌوهي مولانا خار مان رايو ڏنو.
    ”هي سڄو شهر سمجهه ته شيطاني چرخو هو، مولانا محمد صادق!.... رنا ڇيڪ ڇڙيون وتنديون هيون... گهر گهر ۾ ڇير پئي ڇمڪندي هئي. اڳيان رن ته پٺيان مرد ... محبت موڪلائي وئي، مرد کي مرد کان نفرت ٿي وئي .... پوءِ ته خدا جي رحمت کي اهڙو جوش آيو، جو ملائڪ سڳورا موڪلي مٿائن اهڙوته قهر نازل ڪيائين، جو هي سڄو ڪفرستان قبرستان ٿي ويو“.
    ”چڱو ڪيائينِ!“، مولانا محمد صادق ڪافرن جي انجام تي خوش ٿيندي وراڻيو.
    ”پوءِ جڏهن هتي انگريز بي دين آيا. تن کوٽائي ، بت ڪڍي ، ڪجهه پنهنجي ملڪ کڻي ويا. ڪجهه هتي ڇڏي ويا. هاڻي هتان جا منافق ۽ مشرڪ کين پنهنجن ابن ڏاڏن جون نشانيون سمجهي پيا سانڍين ۽ رڙيون ڪن ته هتان جا ماڻهو وڏا سڌريل هيا“.
    ”ڪو دانگي سان مهڪارو ٿين!“، مولانا محمد صادق، جذباتي انداز ۾وراڻيو.
    ”ڀلا، استاد عزت ماب !... هي ڪچي ڀت جو ٻنوڙو. ڇا لئه ڪافرن اڏايو هيو؟“ ننڍي نيٽي عالم سڳوري اسٽوپا واري پڳوڙي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
    ”ان تي چڙهي پراوا ننگ ڏسندو هيو، ٻي ڇا ڪندو هو، ڪُني مهٽيو!“
    ”استاد محترم، ان تي چڙهي ڏسان!؟“، ننڍي نيٽي عالم ، وڏي عالم سڳوري سان حجت ڪندي پڇيو.
    ”چڙهه ، چڙهه!... ڪير ٿو جهلئي!“، وڏي عالم سڳوري خوشيءَ مان اجازت ڏيندي وراڻيس.
    ”او ننڍڙا ، مولانا... نه چڙهه!... نه چڙهه پڳوڙي جا چاپڙ ڪري پوندا قبلا!....“، پويان بيٺل سچيڏني عاجزي ۽ انڪساري ڪندي منع ڪيس.
    ”اهي ڪفر جا نشان ڊهن ته چڱو نه!“، وڏي عالم سڳوري نخوت سان جواب ڏنس.
    ”قبلا سائين انهن کي بچائڻ لاءِ ته سرڪار اسان کي پگهار ڏي ٿي.. وري سرڪار نامدار کي، دنيا جا ٻيا ملڪ به انهيءَ ڪري امداد ڏين ٿا، ته اهي آثارڙا بچن.“، سچيڏني وڏي عالم سڳوري جي اڳيان ڏاڍي ادب سان وضاحت ڪئي.
    ”اڙي، جنهن کي خدا تباهه ڪيو آ، ان کي تون ڇا بچائيندي؟... تنهنجي سرڪار ڇا بچائيندي ۽ ٻي دنيا وارا ڇا بچائيندا ؟... ڦٺ آ توکي، تنهنجي سرڪار کي ۽ ٻي دنيا وارن ملڪن کي... هونهه ! ... اهي ته مشرڪ! .... پر خدا تنهنجو به اڇي ڏاڙهي ۾ خانو خراب ڪيو آ.... جي اها پگهار ان ڪري ٿو وٺين ته ڪافرن جا نيشان بچن، ته پنهنجي قيامت ڪاري ٿو ڪرين!!“
    انهيءَ تقرير دوران، ننڍو نيٽو عالم سٿڻ جي ٻچي سڌي ڪري، ور کنجهي صفائي سان ملتاني گهيتلي سوڌو ڀت تي چڙهي ، ڪجهه چاپڙ ڪيرائي ثوابِ دارين حاصل ڪري چڪو هيو. چوڌاري نظرون ڦيرائيندي، حيرت مان کانئس رڙ نڪري وئي هئي:
    ”جهَلِ استاد!... چئين سچ ٿو !.... وڏو ڪفر ستان هو، چئبو!“
    ”هل ، هل! .. ته دوزخي حوض به ڏيکاريانو، جتي ڪافر وهنجندي ،اِغلام بازي به ڪندا هيا“، وڏي عالم سڳوري انڪشاف ڪندي سڀني جي جستجو وڌائي ڇڏي هئي. پوءِ عالم سڳورا شوق ۽ ذوق ۾ طُرليون لوڏيندا، دوزخي حوض طرف وڃڻ لڳا. پر سچيڏنو سندن وڃڻ کانپوءِ به ڪافي دير تائين، نظرن سان سندن پيڇو ڪندو رهيو. جيستائين عالم سڳورا ان حوض کان ٿيندا ’ايل ايريا‘ جي گهٽين ۾گم نه ٿي ويا . هو سوچڻ لڳو، موهين جا اڏيندڙ ۽ هاڻي آثار بچائيندڙ گناهگار آهن؟... شهر کي تباهه ڪرڻ ۽ آثارن کي ميسارڻ وارا ثواب ڪمائيندڙ آهن يعني ٺاهڻ گناهه ۽ ڊاهڻ ثواب آهي. سندس اندر ڪڻڪ جي داڻن جيان، ڄڻ جنڊ جي ٻن پڙن وچ ۾ ڏڏرجندي پئي ويو. اندرئين ڪشمڪش جي ڪري هن جا ويڪرا ۽ سڌا پٺا هيٺ لڙڪي پيا هيا. کيس محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هو صدين جو گناهگار آهي.
    هو پاڻ گهليندو اترئين پاسي واري ڏاڪڻ تان هيٺ لهي’ايس ڊي ايريا‘ جي گيٽ ڀرسان ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان بيهي گناهن ۽ ثوابن جي ڳڻ ڳوت ۾ لڳي ويو..........اوچتو ”ڊز!... ڊز!...ڊزڪ، ڊز!...“ جي ڌماڪيدار آوازن تي سچيڏني کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڏٺو ته پنجاهيڪو کن نوجوان هڪ مِني بس تان هيٺ لهي، گيٽ طرف ڌوڪيندا اچي رهيا هيا. ڪجهه نوجوانن کي هٿن ۾ ٽيپ رڪارڊر هيا، جيڪي فل آواز سان وڄي وايو منڊل ۾ ٿرٿلو پيدا ڪري رهيا هيا. هن سندن افعالن مان اندازو ڪري ورتو هيو، ته پڪ سان اهي ڪاليجي شاگرد هوندا. هن ڏٺو ته گهڻن نوجوانن اسٽوپا ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ تان چڙهڻ مناسب نه ڄاتو، ٺهيل ٺڪيل پيچرن تي هلڻ بجاءِ پنهنجا نوان گس ۽ پيچرا جوڙڻ لڳا . جنهن ڪري ڪيتريون ئي سرون جيڪي رڳو اٽڪاءَ تي بيٺيون هيون ، پنهنجين جاين تي ٿڙندي هيٺ ڪري چڪيو هيون. نه چاهيندي به هو هيانءَ جي ڏڍ تي سندن پٺيان هلڻ لڳو. سمورا نوجوان ’ايس ڊي ايريا‘ کي ائين ورائي ويا هيا ،ڄڻ ڪنهن وڏي ڀاڄ کانپوءِ خالي شهر غنيمن جي ور چڙهي ويو هجي. حوض وارو پاسو ڄڻ ميدانِ جنگ بڻجي چڪو هيو، جتي نوراڪشتي کان وٺي مارشل آرٽ جو مظاهرو ٿي رهيو هيو. مضبوط سرون به پنهنجين جاين تان ٿڙڪي ۽ پٽجي کين داد ڏيئي رهيون هيون. انهن مان ڪجهه نوجوان جيڪي فنڪارانه طبعيت جا مالڪ ۽ ويڙهه کي انسان جي بري جبلت سمجهند هئا؛ تن اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي تي وڃي ديرو دمايو هو. انهن مان هڪ جوڙي فنڪارن جي اسٽوپا جي پڳوڙي تي بريڪ ڊانس ڪندي فوٽو ڪڍرائي رهي هئي. سچيڏني اهو سمجهندي به ته سندس ميڙ منٿون بي اثر ثابت ٿينديون ، پر پوءِ به عادت کان مجبور ٿي اڳتي وڌيو هو. هن انهن شوخ ۽ چنچل ڇوڪرن کي جيڪي ڀت تي ڦيراٽيون پائيندي ۽ بدن جي هڪ هڪ انگ کي ڦڙڪائيندي پڳوڙي جا چاپڙ لاهي رهيا ها، تن کي ايلاز ڪرڻ شروع ڪيا:
    ”او پُٽ!... ٻيلي، الله جو نالو ٿَو، ..... هي! ..... هي ته ڏسو ڪيئن نه پڳوڙو ڀورڀور پيوٿئي!؟“
    ”چاچا!... اسان، توکي موئن جي دڙي جي نچڻيءَ وانگر نٿا لڳئون؟...“، نوجوانن نچڻيءَ جو پوز ٺاهيندي پڇيس.
    ”ها، ابا!... ان کان به وڌيڪ پر.....“
    ”باءِ گاڊ!... تو به ڪنگ پريسٽ کان گهٽ ڪونهين ..... هلي آ ته گڏجي ڊانس ڪيون“. هڪڙي نوجوان فنڪار رقص جي دعوت ڏيندي چيس.
    ”ابا، مان ڇا ڄاڻان،انهن ڳالهين مان...“
    ”چاچا، سون جو پٽُ ڪاڏي ڪيئه؟“، ٻئي نوجوان خوامخواه چيڙائڻ لاءِ سوال ڪيس. سچيڏني خاموشي ۾ عافيت سمجهندي، کين ڪوبه جواب نه ڏنو. فنڪار نوجوانن جهمريون پائيندي، سچيڏني کي چيڙائڻ واري انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.
    سچيڏنو مٿين کان نا اُميد ٿي هيٺ حوض واري پاسي لهي آيو هيو. هڪ نوجوان جنهن کي گهيريدار سفيد سٿڻ ۽ بوسڪي جي قميص پهريل هئي. هو نيپولين بونا پارٽ جيان ٻئي هٿ پٺتي ڪيون ،انهيءَ ويڙھ واري مظاهري مان لطف وٺي رهيو هيو، تنهن کي پاسو ڏيندي چيائين، ”پٽ، تون سياڻو سيبتو ٿو لڳين، هنن کي جهلين نٿو!“
    ”چاچا، اهي چريا پٽ هن، نه مڙندا!“، ان کيس ٺپ جواب ڏنو.
    ”ابا، پڳوڙو ڊهي پوندو ته ڄڻ مونهين جو موڙ ٽٽي پوندو ... اهو سڀ ڪجهه توهان جو ته ورثو آ، توهان پاڻ خيال نه ڪندءُ ته ٻيو ڪير ڪندو؟...“
    ”تون دل نه لاهه چاچا!... جي ڀڄي پيو ته سڄو اسٽوپا، سيمينٽ يا سنگ مرمر سان ٺهرائڻ جو حڪومت کان مطالبو ڪبو... اڄڪلھ پنهنجي حڪومت آ، سڄي سنڌ کي موئن جو دڙو بڻائي سگھون ٿا، تون خوامخواه پريشان نه ٿي!“
    ”پر ابا، اهي آثا... رڙا.. ته نه رهندا نه؟...“، هن نهايت عاجزيءَ سان کيس عرض ڪندي چيو.
    ”ڀيڻان، مٿو ئي چٽي ويو آن!... پنهنجي ورثي جي حفاظت ڪرڻ اسان جو ڪم آ يا تنهنجو؟ ..... اسان تي هتي اچي مئلن جي شهر کي زندگي بخشيون ٿا، تنهنجي آ جو ٽر!ٽر! لڳي ٿي وڃي!“، نوجوان سچيڏني تي چڙي پيو.
    ”وڏا ڇا هي؟“، ٻيو نوجوان جيڪو پرڀرو زور زور سان ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، تنهن ڪنڌ ڦيرائي پڇيس.
    ڪجهه ناهي، مڙيئي ڪُراڙي کي ازل کنيو آ!“
    ”لاهيونس ڀلا ڇنڇري!؟“، ٻي نوجوان ڄڻ اجازت گھرندي وراڻيس.
    سچيڏني ڇنڇري لهرائڻ کان اڳ ئي کڙين تي زور ڏنو ۽ اسٽوپا جي اترئين پاسي واري ڏاڪڻ تان لهي، ”ايس ڊي ايريا“ جي سامهون واري باغيچي ۾ اچي ساهي پٽي هئي. هو ڪنهن ڊنل سهي جيان سهڪي رهيو هو. هن جي دل وري هڪ انوکي سڌ ڪئي هئي ته ڪاش! هن کي ديون جيڏي طاقت هجي ها، ته مونهين کي ڪنهن چڪيءَ جيان پٽي ڪنهن سانتيڪي جوءِ تي رکي اچي ها. جڏهن سڌن جي تصور مان نڪتو ته ٻانهن ۾ پاتل سستي گهڙيءَ تي نظر وڌائين. پورا ٻه وڳا هيا. هو ماني کائڻ لاءِ باغيچي ۾ رکيل ڪاٺ جي بئنچ تي اچي ويٺو. پاسي واري کيسي مان، رومال ۾ ويڙهيل چانورن جا ٻه سنها چِلا ۽ ڳڙ ڪڍي کائڻ لڳو. هن ماني کائيندي ٻٻرن جي پاڙ ۾ رکيل مٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس هڪ ٻئي مٿان ڏوگهي ورتا هيا، ڄڻ اڌ ڏينهن ۾ مليل توائين جي تاس اجهائڻ پئي چاهيائين. اڄوڪي اٻاڻڪائي ۽ نراسائي کيس ڪٿان جو ڪٿان نيو پئي ويئي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري؟... هن پنهنجي منهن ڀڻڪڻ شروع ڪري ڏنو ڄڻ پاڻ کي متيون ڏيندو هجي:
    ”ڪنهن ڪنهن کي سمجهائيندي سچيڏنا!..... ڪنهن ڪنهن اڳيان ليلائيندي؟..... هتي جو هڙيئي ڪفن چور... وڏڙن جي وٿ لوئڻ ۽ لٽڻ وارا ... خبر به اٿئي ته مٿان کان هيٺ ائين ڪم پيو هلي... تون به ٻين وانگر هاهڙ هوهڙ ۽ لپڙ سپڙ ڪري ڪم ٽپاءِ ... ڪنهن لاءِ جهوراڻو؟..... ڇا لئه اُسڙڪڻ؟.... اجايو لالانگهرو ته اڪن مان انب ملندا ۽ ٻٻرن مان ٻير؟... هي لکيل پڙهيل جاهلن جو ملڪ آ...“، هن پاڻ جهيڙيندي گهرو ساهه کنيو ، پوءِ وڏي پيڙا ۽ اذيت پسنديءَ سان آخري فيصلو ڪري ڇڏيائين:
    ”اڳتي ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪبو... هاڻي جاڙي به جڳ سان !.... “
    اهڙي فيصلي کانپوءِ کيس ائين لڳو ڄڻ سندس سالن جي پيڙا ۽ پريشاني ختم ٿي وئي هئي ۽ کيس تڙپائڻ ۽ ترسائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو هيو. ڪاٺ جي بئنچ کي ٽيڪ ڏيئي اڦرو ٿيو پئي اوجهريو، ته سيلنسر ڦاٽل سوزوڪي وين بوهيارا ڪندي، ’ايس ڊي ايريا‘ جي گيٽ تي اچي بيٺي. هن جون ٻوٽيل اکيون وري پٽجي ويون. هن ڏٺو ته ڳاڙهي رنگ جي کليل سوزوڪي وين مان پنج ڇهه همراه ڌوڙ هنيا ڪپڙا ڇنڊيندي گيٽ وٽ لهي چڪا هيا . هن سندن ڪارين الفين ، رنگين چتين وارين ٽوپين، ساون ڳاڙهن ڳانن ۽ ٻانهن پهريل ڪولابن مان اندازو لڳائي ورتو هو، ته همراه فقيري خيال جا آهن .شايد ڪنهن درگاه يا ميلي تان موٽ ڪئي هيائون . اهي سڀيئي سٻيليا ٿيا، ڪرڙوڍ فقير جي اڳواڻي هيٺ مست هاٿين جي ٽولي وانگر جهومندا، اسٽوپا ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳا.
    کين ڏسندي سچيڏني جو من وري بي چين ٿي ويو. هو دليون هڻڻ لڳو، سندن پٺيان وڃڻ گهرجي يا نه؟... سندس هڪ دل چيو، ”نه اجايو ڪهڙو فائدو پٺيان لڳڻ ۾ ..... رهندو سهندو دل ڏکائي وجهن ته پوءِ؟....“ٻي دل چيس، ”ڪهڙي خبر متان اهي گهر گنڀير ۽ دلڌير هجن ..... ڪک هيٺان لک پيو آهي. من انهن وٽ ڪا ٻڌ سڌ هجي، ته مونهون پاپ نگر نه پر پريم نگر هيو.
    سچيڏنو اندر ۾ ڦٿڪندو، ڏجهندو، ڪُرڪندو، پنهنجي عادت کان مجبور ٿي سندن پٺيان رڙهڪڻ لڳو. ڪرڙوڍ فقير، آخري ڏاڪڻ تي رسندي هڦجي پيو هيو،”يا حسين، نانگا! ڏاڍي چڙهائي آ!؟“
    ”هائو باغ علي فقير!“، نانگو جنهن کي صرف ڪاري الفي اوڍيل هئي، تنهن سهڪندي جواب ڏنس.
    ڪجهه ساهي پٽڻ کانپوءِ فقيري لڏي ، اسٽوپا جي مٿانهين حصي تي چڙهندي خوشيءَ مان نعرو هنيو، ”حق، حق!.. نور شاه !... ڪچي ۾ به باه!.... ته پڪي ۾ به باه !... “
    نانگي فقير ڪلهي ۾ لڙڪيل نفيل جي سورخدار چوٽيءَ کي چپن تي چاڙهي ڦڦڙن جي پوري طاقت سان ڦوڪ ڏني ته نفيل جو آواز گونجڻ لڳو، ”اون .... اون... او...ن ... ترڙوت!... ترڙوت... ترڙوت!“
    ”صدقاڙي، صدقا نانگا!“ ، سڀني فقيرن کيس دل سان داد ڏنو.
    ”ابا، هاڻي هيءَ ٿو راجا موهين جي نگري“، وڏي فقير ڪاري ڏنڊي سان اشارو ڪندي سڀني فقيرن کي ٻڌايو.
    ”هائو ، باغ علي فقير!؟“، سڀني حالين موالين عجب کائيندي پڇيس.
    ”وڏا فقير، هن نگريءَ کي ڪنهن اونڌو ڪيو هيو؟“، هڪ ٻئي فقير آثارن کي پنهنجي پر ۾ اونڌو سمجهندي سوال ڪيس.
    ”پنهنجي مرشد، ٻيو ڪنهن!“
    ”ڪيئن؟“
    ”اهو هيئن ته راجا هيو، وڏو آڙيڪاپ. جڏهن به ڪنهن نئين نويل ڪڃري تي عاشق ٿيندو هيو، ته ان کي اصلي هتي، جتي اسان بيٺا آهيون گهرڙي گهوٽي پي ڇڏيندو هيو“.
    ”ڀلا، ڇ ..... ڇ..... ڇوڪرو وڏا فقير؟“، هَڪڙ ۽ قديلي ملنگ جنهن کي کٻي ڪن ۾والو پيو هيو، تنهن کان ازخود نڪري ويو.
    ”ملنگ ، توکي ته رڳو پنهنجي!“، وڏي فقير ٿوري پيار واري خار کائيندي چيس، ”ٿي سگهي ٿو، اهو تو وارو شوق به ڪندو هجي... شوق جي ته ڪا بها ئي ناهي نه بابا!“
    ٻين فقيرن انهيءَ ملنگ کي نظر انداز ڪندي وڏي فقير کي لاڳ ڏيندي چيو، ”ڇڏ، انهيءَ کي وڏا فقير.... جيءَ بابي کي چوان!.. توهان راجا آڙيڪاپ جي ڳالھ پئي ڪئي؟“
    وڏي فقير وري قصي کي اتان کنيو، جتي ڇڏيو هيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو جو، هڪڙي ’آنگيلي‘ نالي ڪڃري هئي پنهنجي مرشدنور شاه جي، تڙ ڏاڏي سائين مور شاه جي مريدياڻي. اهڙي جھمريل هئي، جو جھمر هڻي ته مئلن ۾ به ساه پئجي وڃي. ناز نخرا ۽ انگل ڪري ته چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي ڇتو ڪري ڇڏي!“
    ”اها مولائڻ... وڏي مرشد سائين جي مريدياڻي ڪيئن ٿي؟“، سوزڪي جي لسڙاٽ ڊرائيور، جيڪو باغ علي فقير جو نئون چڳ وڍيو مريد ٿيو هيو، تنهن پڇيس.
    ”اهو وڏو قصو آ، محبوب سائين!“، وڏي فقير نئين مريد کي اک هڻندي، حال في الحال راز کي راز ۾ رهڻ اجو اشارو ڪيو ۽ پوءِ قصي کي اڳتي وڌائيندي ٻڌايائين، ”جڏهن ان آڙِيڪاپ راجا آنگيليءَ جو ناچ ڏٺو ته صفا گگ ڳڙي پيس. پوءِ ڇت-ڪتائي ۾ اچي ان مولائڻ جا سمورا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيئين“
    ”اها نه جنهن جو بت ٻاهر باغيچي ۾ به لڳل آ، اُگھاڙي لڳي هٿ ۾ وٽو جھليون بيٺي آ“، نانگي فقير پڪ ڪرڻ خاطر پڇيس.
    ”او اِها ، واه جو سڃاتو ٿسين!“، باغ علي وراڻيو.
    ”پ....پوءِ؟“، هڪڙَ ملنگ تجسس وچان پڇيس.
    ”پوءِ ته وٽو گوڏي تي رکي ڪرئين ٿي سائين کي سڏ، ته آءُ منهجا مور ،تنهنجي گھر ۾ گھڙني ٿا چور!.... سائين مور شاه ته واقعي چورن مٿان مور هيو، ڪا گھٽ ڳالھ ته ڪونه هئي نه؟.. جلال ۾ اچي، هيئن جو ڏنڊو کڻي ڦيرايائين ته سڄو ملڪ ئي اونڌو!“، وڏي فقير جو ڏنڊو اسٽوپا جي پڳوڙي جي ڏاکڻي پاسي اٽڪاءَ تي بيٺل چاپوڙي کي ٺڪاءُ ٿي ويو. سچيڏني کان لاشعوري طور تي رڙ نڪري وئي،”ابا، فقير! خيال سان!“
    ”ڀت ۾ ڪٻر، تون وري ڪير آن؟“، باغ علي فقير کي هن جي اوچتي وچ ۾ ٽپي پوڻ تي بڇان لڳي.
    ”فقير سائين مان سرڪار طرفان هن هنڌ جي رکوالي ڪندو آهيان“، سچيڏني کيس ٻڌايو.
    ”رکوالي ڪبي آ ميخانن ۽ مڪانن جي ... هيءَ ڪهڙي رکوالي ٿو ڪرين؟..... هڻ نعرو، ٿيءَ مريد ته ٺاهيون ميخانو هتي... پوءِ ڏس رنگ مولا جا... ڇا ٿي مرضي؟“، باغ علي فقير کائنس عجيب قسم جو سوال ڪري ششدر ڪري ڇڏيو.
    سڀئي فقير ”برحَق!“ چوندي سچيڏني تي کلڻ لڳا . سچيڏني باغ علي فقير جي ڏنل صلاح جو ڪوبه جواب نه ڏنو، خاموشيءَ مان رڳو سندس منهن تڪيندو رهجي ويو.کيس اها خبر هئي ته اڄڪلھ اهي مجاور چورن ۽ ڌاڙيلن جون نانيون ۽ ڇاڙتا آهن ، ان ڪري انهن سان ڊيگھ ڪرڻ اجائي آهي.
    ”پوءِ ڇا ٿيو مولائڻ جو؟“، هَڪڙ ملنگ، جنهن غور سان قصو پئي ٻڌو، تنهن باغ علي فقير کان تجسس منجهان پڇيو.
    ”شينهن فقير!... مرشد رڳو ان مولائڻ کي سرنگهه ٺاهي جيئدان ڏنو، باقي ٻيا منڪر راجا آڙيڪاپ سميت اصلي ڪٽو ٿي ويا.“
    ”ح....حق، ح...حق مور ش..شاه بادشاه!...ھ..هِتي به و..وه واه !..ته..ته هُتي به وه واه !“، شينهن فقير هٻڪي هٻڪي نعره هڻندي وراڻيو.
    ”ڀلا ان سرنگهه جو ديدار وٺندءِ؟“، باغ علي فقير سڀني فقيرن کان پڇيو.
    ”ها نه ، بابا!... مرشدي سرنگهه ڪيئن نه ڏسبي“، سڀني فقيرن هڪ آواز ٿي وراڻيو.
    پوءِ اهو فقيراڻو ٽولو ٽاڪ منجهند جو، مرشدي سرنگهه جي ديدار لاءِ اسٽوپا تان هيٺ لهي حوض طرف هليو ويو، جتي قديمي حوض جي ڀر ۾ پڪ سري ڍڪيل وڏي نالي ٺهيل هئي.
    سچيڏنو سندن گفتگو ٻڌڻ کانپوءِ خيالن جي ٻوڏار ۾ اچي ويو. مايوسي وچان وَرن وَرن ٿيل چهري سان هن اڃا لهڻ جي پئي ڪئي، ته اسٽوپا جي ڏاکڻي پاسي ايل ايريا کان ٻهراڙيءَ جا ڇهه ڳڀرو ٽهڪ ڏيندا ۽ تاڙا ملائيندا اچي رهيا هئا. مٿن تي ڳاڙها ٽوپ، ڪلهن تي ڪارا رومال، نيون گوڏيون پهريل، دُڙڪَ هڻندا اچي اسٽوپا تي پهتا. سچيڏني کي هميشه وانگر اُميدن جا اجايا ونگ پيرن ۾پئجي ويا. بيهي رهيو انهيءَ خواهش ۾، ته من انهن وٽان ڪو اهڙو قصو ٻڌي، جنهن کي ٻڌي سندس دل باغ و بهار ٿي وڃي.
    مساڳ لڳل، ڪاري قميص ۽ ريشمي گوڏ پهريل نوجوان جنهن جي عمر ويهن پنجويهن جي وچ ۾ هئي. تنهن اسٽوپا جي چوٽيءَ تي چڙهندي هڪ وٽر سٽر جوان کي ٻڌايو، ”قادو ڪمينا، هي ٿئي مونهون!“
    ”ڀلا، هي جنهن تي بيٺا هون، اهو ڇاهي، جانو ڀڙوا؟،“ قادو جيڪو هن جُوءِ کان ڪجهه اڻ واقف پئي لڳو، تنهن گار جو جواب گار سان ڏيندي پڇيس.
    ”هي بادشاهي ڪوٺو آ، قادو!“، جانوءَ جواب ڏنس.
    ”بادشاهه ڇا ڪندو هو، ڪوٺي تي؟“
    ”شام جو بادشاهه ڪوٺي تي بيهي تاڙ ڪندو هو“.
    ”ڇا جي؟“
    ٻي ڳڀرو چٿر ڪندي ٻڌايس، ”اڙي چريا! تاڙو هو رنن جو، ٻيو ڇا!؟....“
    ”ها ائين چئه نه خيرا... هاڻي ڳوٽ ڀڳي“، قادو سمجهندي پوءِ پڳوڙي جي اولهائين ٽنگڙي ۾ منهن هڻندي پڇي ويٺو، ”اڙي، هي کلڳو ڇا جو آ؟“
    ”اتان وري هود (حوض) ڏي تاڙ ڪندو هو“، ٽين همراه جواب ڏنس.
    ”هود ۾ ڇا ٿيندو هو؟“، هو سوالن مٿان سوال ڪندو ويو.
    ”ائين سمجهه ڄڻ پار وارو رامي جو تڙ ۽ ڀيلياڻيون.... “، خدوءَ مام ۾ سمجهايس.
    ”الا!...“،نوجوان کان رڙ نڪري وئي، ڳالهه سمجهه ۾ آيس ته چيائين، ”چئبو ته اسان واري چڱي مڙس گهرام جهڙو ٽِسينگ حرامي هو نه!....“
    ”گهرام جي بات آ“، جانوءَ سندس مثال کي اڃا کٽل سمجهندي وراڻيو.
    ”پوءِ ته بادشاهه جا لاٺڙيا مزي ۾ هوندا“، قادو ٽنگا ٽيڙي، چڏا کنهندي رايو ڏنو ۽ پوءِ جانوءَ کان پڇيائين، ”اڙي جانو، هن ڀت تي چڙهان ته پار نظر ايندو؟“
    ”چڙهي ڏس، ادا!.... متان پنهنجوڳوٺ نظر اچئي، مهينا ٿيا ٿي ڳوٺان نڪتي“، جانوءَ ساڻس ڀوڳ ڪندي، ٻين کي کلائي وڌو.
    سچيڏني نوجوان کي زور سان رڙ ڪندي منع ڪئي، ”اڙي ابا نه چڙهجانءِ ان تي!“
    ”اڙي چاچا، ڇو ٿو روڪينس، عمر ڀتن تي چڙهندي گذري ٿس، ڪونه ڪرندو“، جانوءَ ڀتين تي چڙهڻ جو تجربو ٻڌائيندي چيس.
    ”پر ابا، هيءَ اها ڀت تي ڪونهي .... هيءَ ته .....“
    ”چاچا، خبر آ باشاه جي گهر جي ڀت هوندي. پر ڪي جوان ته اتان به نه مڙيا هوندا“، جانوءَ مساڳ لڳل چپن مان اڇا ڏند ڏيکاريندي وراڻيس. قادو ڇال ڏئي پڳوڙي تي چڙهي بوٽ سان ڪچي گاري ۽ سِر جو چڱو ڀلو ٽڪر لاهي وڌو هو.
    ”اڙي پار ته ظاهر ڪونه ٿو ٿئي، رڳو ٻيٽهرو ٿو نظر اچي!“، قادوءَ ڀرنئن تي ساڄي هٿ جو ڇاڄو ٺاهيندي اوڀر طرف جھُوھ هڻندي چيو.
    ”اڙي، لهه ته هڻنئي نه شمون گولي!.. اڳيئي آهيو ڏورڻي، اڄڪلهه نبن وارن سان انهيءَ ٻيٽهري ۾ ويٺو ٿي!“، جانو چيڙائيندي چيس.
    ”اڙي تنهجي دعا کپي ... شمون ٿو گولي هڻي!... ٻه ٽي ڪچيون پنڊيون ميمڻ، شيخ ۽ واڻيا کڻي مڙس ماڻهو ٿي ويو آ... ائين ڪڏهن اچي ويو نه، پنهنجي ور ۾، ته بشٽ ئي هڪڙو هڻندو مانس!“، قادو گجندو هيٺ لهي پيو. پوءِ هڙيئي ڳڀرو جوان جيئن تيزيءَ سان آيا هيا، تيئن دڙڪ هڻندا واپس هليا ويا.
    سچيڏنو سمجهي چڪو هو ته هڙيئي همراه، پهريائين ڪچي جا ڪاٽڪو ۽ هاڻي ڀاڳيلا آهن. سندن ڪرتوتن جي ڪري ڪيترا بيگناهه گولين جو بَک بڻجي ويا. ڪيترن کي پنهنجا پراڻا پکا ڇڏڻا پيا ۽ هاڻي پڪي تي در در جون ٺوڪرون پيا کائين. سچيڏني کي پنهنجا سور ياد اچي ويا، ته ڪيئن نه پوليس آپريشن دوران سندن گهر ٻهارجي ويا، ڍور ڍڳا ڪاهجي ويا. آخر گهرن کي باهيون ڏيئي ڏيکاريو ويو، ته انهن ڌاڙيلن جا ٿاڪ ساڙيا آهن. نه کٽڻ وارا سور ياد ڪندي کيس وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو هيو.
    هن جڏهن پنهنجي گهڙي تي نظر وڌي ته شام جو ساڍا چار ٿي رهيا هيا. باقي سندس سرڪاري ڊيوٽي ختم ٿيڻ ۾ اڌ ڪلاڪ هيو. هو اڄوڪي ڏينهن تي ايندڙن کان گهڻو مايوس ٿي چڪو هيو. ڇو ته هن اڄ ٻڌي هئي ته رڳوٺٺول ۽ چٿر، جي محسوس ڪئي هئي ته بي حسي ۽ بيوسي. پر پوءِ به آس جي ڏياٽي اڃا سندس دل ۾ جهمڪا ڏيئي رهي هئي. اوڀارين پاسي کان اسٽوپا جي ڇانو ۾ بيٺي ڄڻ آخري ٽولي جو انتظار پئي ڪيائين ، انهيءَ آسري ۾ ته من ڪو سج لهڻ کان اڳ سندس آس جي ڏياٽي ۾ ڪو اُميدن جو تيل وجهي وڃي.
    آخر ڪار هن کي’ايس ڊي ايريا‘ جي سامهون روڊ تي ٻه گاڏيون بيهندي نظر آيون. هڪ ڊبل ڪيبن گاڏيءَ مان رعب تاب سان فل سوٽ پهريل مرد، ميڪ اپ سا ڀرپورساڙهي پهريل اڌيڙ عورت ۽ پينٽ شرٽ پهريل سمارٽ ڇوڪري لٿي . ٻي گاڏيءَ مان هڪ عام شلوار قميص پهريل همراه، جنهن جي هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو ڪولر ۽ ٻي هٿ ۾فروٽ جي ڇلي هئي ۽ ٻه ڪلاشنڪوف بردار باڊي گارڊ لٿا، جيڪي سندن پٺيان پٺيان وڏي عزت ۽ احترام سان اچي رهيا هيا. هن پنهنجي تجربي مان اندازو لڳائي ورتو هيو، ته اسٽوپا تي ايندڙ هي آخر ٽولو، سياسي يا آفيسر گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جڏهن اهو ٽولو آهستي آهستي اسٽوپا ويجھو ٿيو، ته ساڙهي پهريل عورت کي اُڃ لڳي چڪي هئي. هن دانهن ڪئي، ”اڙي گلو! پاڻي ته پيار!“ گلو ڪولر هيٺ رکي ”حاضر بيگم صاحبه !“، چئي باادب ٿي گلاس ڀري ڏنو .
    تنهن کانپوءِ فل سوٽ پهريل همراه گلوءَ کي حڪم ڏنو، ”گلو! ڇليءَ مان فروٽ ڪڍ!“
    ”حاضر صاحب!“ چوندي، گلو ڇليءَ جو منهن کولي فروٽ ڪڍي سڀن کي ڏنو. سڄي اسٽوپا تي ڪيلن ۽ نارنگين جون کلون وکري ويون . انهن جي انهيءَ روش تي سچيڏنو بيٺي بيٺي حيران ٿي رهيو هيو، ته هي اسٽوپا ڏسڻ آيا آهن يا پڪنڪ ملهائڻ!؟..... کائڻ پيئڻ کان فارغ ٿي اهو گهراڻو اسٽوپا جي مٿانهين هنڌ تي اچي بيٺو هيو ۽ آٽوميٽڪ ڪيميرا سان فوٽو گرافي ۾ مشغول ٿي ويو. بيگم صاحبه ۽ سمارٽ ڇوڪري مختلف پوز ٺاهي پئي فوٽو ڪڍرايا.
    ”پاپا !... هڪ فوٽو، هن ديوار تي ٿي وڃي!“، سمارٽ ڇوڪري، پڳوڙي تي بيهي فوٽو ڪڍڻ جي خواهش ڏيکاري.
    ”نو بي بي!... چوٽ لڳندي“، صاحب، ڇوڪريءَ کي منع ڪندي چيو..
    ”پاپا پليز!؟... “، ڇوڪري زور ڀريندي چيس.
    ”ڇڏيس ، ڀلي چڙهي فوٽو ڪڍرائي!.. ان ۾ ڇاهي!“، بيگم صاحبه، صاحب جي منع واري حڪم کي رد ڪندي چيو.
    ”اوڪي بي بي !... بٽ ڊونٽ بي ڪيئرليس!“،صاحب، ڇوڪري کي اجازت ڏيندي تاڪيد ڪئي .
    ”ٿينڪ يو پاپا!“، ائين چئي نوجوان ڇوڪري پڳوڙي تي، پيرن ۾ پيل فِليٽ کي کپائيندي چڙهڻ لڳي.
    ”امان، او امان !.... تون سياڻي سيبتي ، الله ڀاڳ ڀلو ڪرئي، نه چڙهه پڳوڙي تي.... نقصان ٿيندو منهنجي ماءُ!...“، سچيڏني جي بيٺل زبان ڄڻ ازخود اُٿلي پئي.
    ”پاپا، هي ڏسو!... هي ڀائي جهلي ٿو!“، نوجوان ڇوڪري، صاحب کي دانهن ڏيندي چيو،ته باڊي گارڊ به اڳتي وڌي آيا ۽ صاحب جي حڪم جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳا.
    صاحب پٺ ورائي، غيض ۽ غضب ۾ سچيڏني کي ڏٺو ۽ پوءِ آڏي پڇا ڪرڻ شروع ڪيائينس،”اڙي ڪير آ، تون ڄٽ! ... هيڏي آءُ!“
    سچيڏنو باادب ٿي سندس سامهون آيو ۽ جواب ڏنائين،”سائين، مان سائيٽ اٽينڊنٽ!“
    ”ڊريس ڪٿي آ تنهنجي؟“، صاحب سوال ڪيس.
    ”سائين چئن سالن کان نه ملي آ، صاحب چون ٿا ته هاڻي ڊريس جا پيسا بجيٽ ۾ نٿا اچن“.
    ”اڇي ڏاڙهي ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي شرم نٿو اَچئي .. کائو پاڻ هڻو آفيسرن تي!“، صاحب، آفيسر شاهي جو بچاءَ ڪندي ڇڙٻ ڏنس. هن کيس ڪوبه جواب نه ڏنو، اهو سوچيندي ته واقعي صاحبن جو ڪوڙ به سچ هوندو آهي ۽ ننڍن ملازمن جو سچ به ڪُوڙ.
    ”سروس ڪارڊ ڪٿي ٿئي؟“، صاحب کانئس ٻيو سوال ڪيو.
    سچيڏني سروس ڪارڊ کيسي مان ڪڍندي، ڏڪندڙ هٿن سان صاحب کي ڏنو. صاحب سندس ڪارڊ تي سرسري نظر ڦيرائيندي پڙهيو:
    ”نالو، سچيڏنو ولد ڀليڏنو، ذات درياڻي... عمر ۵۷ سال... سائيٽ اٽينڊنٽ .... گريڊ پهريون... ائڊريس ، گهر پنهنجا، لڳ موهن جو دڙو.“
    صاحب سندس ڪارڊ ، نفرت سان اُڇلائڻ واري انداز ۾ موٽائيندي چيس، ”اڙي پهرين گريڊ جو ملازم ۽ ايڏو مٿو خراب!... توکي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي عزت جو خيال ئي ڪونهي. توکي اهو ڪنهن سيکاريو آهي، ته تون اسان جي ٻارن تي حڪم هلائين ۽ کين ڊپريس ڪرين .... هان!؟....“
    ”مان ته ايمانداري سان ڊيوٽي ٿو ڪيان، صاحب!“، سچيڏني هٿ ٻڌندي ڄڻ ته معافي گهرڻ واري انداز ۾ جواب ڏنو.
    ”ڊيوٽي جا پُٽ!...... هليو وڃ هتان، نه ته اتي جو اتي اهڙا پادر هڻائيندوسانءِ، جو مالڪ به نه سڃاڻيندئي!“، سچيڏني کي سندس کُڙڪي ۽ رعب تاب مان هاڻ پڪ ٿي چڪي هئي، ته هو ڪو وڏو ماڻهو آهي، تڏهن ايڏو بدتميز آهي. هن ”حاضر سائين!“ چئي پويان پير ڪري اچي اترئين ڏاڪڻ جي منڍي تي ٿي بيٺو . هن پري کان نوجوان ڇوڪريءَ کي اسٽوپا جي پڳوڙي تي بيهي فوٽو ڪڍائيندي پئي ڏٺو ۽ ٻڌو، جيڪا چئي رهي هئي:
    ”پاپا، هتان جا ڀائي بيوقوف هيا نه؟... جو بنا ڇتين وارين جاين ۾ رهندا هيا؟“ سمارٽ ڇوڪريءَ جي انهيءَ معصوم ۽ وڻندڙ اڻڄاڻائپ تي صاحب ۽ بيگم صاحبه کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويا هيا. اهڙيون ڪيئي وڻندڙ ۽ اڻڄاڻائپ واريون ڳالهيون سچيڏنو نه ٻڌي سگهيو هيو، جيڪي ان گهراڻي سندس ايريا ۾ گھمندي ڪيون هيون. ٿوريءَ دير کانپوءِ اهو آفيسر گهراڻو به سندس ايريا کي ڇڏي ، گاڏين ۾ چڙهي، سندس اکين اڳيان الوپ ٿي چڪو هيو.
    ڊيوٽي جو ٽائيم ختم ٿي چڪو هيو. ان ڪري سڀ سائيٽ اٽينڊنٽ پنهنجيون پنهجيون جڳهون ڇڏي چڪا هيا. ڪيوريٽر ۽ اسسٽنٽ ڪيوريٽر پنهنجي روزي حلال ڪرڻ خاطر، پهريون ۽ آخري چڪر ”ايس ڊي ايريا“ جي گيٽ تائين ڏئي هلياويا هيا. آهستي آهستي سج جا سونهري ڪرڻا اسٽوپا جي جھرندڙ پڳوڙي ۽ وڏي حوض جي ڀرندڙ ڀتين کي چميون ڏيندي موڪلائيندي پئي ويا. پر سچيڏنو سج لهڻ کان پوءِ به انهيءَ اجائي جُوفي ۾ جنبي ويو هيو، جنهن مان کيس ڪا به هڙ حاصل نه ٿيڻي هئي.


    ورجاءُ

    پاڻ کي ٻين جي اڳيان آڇيندي آڇيندي تنگ اچي چڪي هئي، ليڪن حياتي هئي، جنهن کٽڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. وارن ۾پيل چانديءَ جي تارن کي ته ڪارو ڪري پئي وئي، پر اکين جي هيٺان وڌندڙ ڪارن داغن کي ڇا ڪري؟..... ڦڪن ڳلن کي پئوڊر هڻي اڇو ته پئي ڪيائين، پر ڳلي ۾ پوندڙ گهنجن جو بلو ڪيئن ڪري؟ جيڪي چوري چوريءَ وڌندڙ عمر جا نشان ٺاهيندا ۽ جواني کي کاٽ هڻندا پئي ويا. ڪريم، پائوڊر ۽ لاليءَ جي باوجود به رات جي وڳڙي ۾ چالاڪ گراهڪن کيس سڃاڻي پئي ورتو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو، ته هوءَ سونيءَ جي اڏي تان سگريٽ ڦوڪي اُٿي ايندي هئي. ڪڏهن ته سوني خفي ٿي ٺِڙڪ به هڻي ڪڍندي هيس،”ادي شاهدان! تون اسان آهيون هاڻي رستي جو مال.... هلي ڪو پاڻ کي رستي ۾ وڪڻئون، باقي بازار ۾ هر ڪنهن کي تازي ڀاڄي کپي!... “
    هوءَ سمجهندي به زهر جو ڍڪ ڀريندي، منهن جي ڦڪائي سان چوندي هئي، ”ادي، رستي جي مال ٿيڻ کان بهتر آهي، ته ماڻهو ٻڏي مري!“
    اڄ شام، هن جي دل ته بنهه نه پئي چاهيو، ته گهر جي چانئٺ کان ڪا ڳيري جيتري وک به ٻاهر ڪڍي، پر هن جڏهن نڪمي ۽ پانڊيءَ پٽ جا اهڙا ئي بڇڙا تارا ڏٺا، جيڪي هن جوانيءَ ۾ پهريائين پيءَ ۽ پوءِ مڙس جا ڏٺا هيا، ته ڇرڪجي وئي هئي.
    ”مان ٿو چوانءِ، ته اڄ ڪاڏنهن به ڪري ماکي پئسا آڻي ڏي!“، پٽهنس هڪ هڪاڻيءَ واري انداز ۾ تارا ڦيرائيندي چيو هيس.
    ”اڄ، ڪاڏنهئون اوڌر سوڌر وٺي وڃي ڌوڙ پاءِ!“، هن خفي ٿيندي ۽ سمجهائيندي چيو هيس.
    ”ٻڌايانءِ ته اها وري پڻهين يا مڙسهين جي قبر کوٽي اوڌر وٺان ڇا؟“، پٽهنس توائي ٿي وراڻيو هيو.
    ”ته وڍيا، ايڏا پئسا ڪاڏنهن آڻيان جو گهر به هلايان ۽ توکي روز جوا ۽ چرس لاءِ به ڏيان!“
    ”روز ٿا خدو ۽ شاهو وارا ٽِڪريءَ تي ڦوري لاهن ۽ طعنا ٿا هڻن ته، جي ماڻهين ڪانگهاري ٿي وئي ٿي، ته ڀيڻين ته ويٺي ٿئي!..... مان ٻڌايانءِ ٿو جي اڄ نه مليا ته !......“
    ”ته!؟“، هن سمجهندي به پٽ جا ارادا ڪنن سان ٻڌڻ پئي چاهيا.
    ”ته زُبيءَ کي مان پاڻ اڏي تي ڇڏي ايندس، هاڻي ڏنڊي ڏوٽي آ پاڻ به ڪمائي، اسان کي به کارائي!“، پٽهنس ڪچ بالغ ڀيڻ ڏنهن اشارو ڪندي چيو. جنهن جو ڪنڌ، ڀوءَ کان فريم ۾ ڦاٿل ڪپڙي تي آر هڻندي ويتر جهڪي ويو.
    اهو ٻڌندي شاهده جي ڪپڙن کي به ڄڻ باه لڳي وئي :
    ”خبردار! پانڊيءَ جا پٽ، جي هن جيتامِڙيءَ جو نالو ورتو ٿئي. مان اڃا جيئري آهيان. جيسين دم ۾ دم آهي، منهن ڏيندي رهندس، نانگڻ ناهيان جو ٻچا کائينديس!“
    هن هڪدم پراڻي شو ڪيس جي آئيني سامهون پاڻ سنوارڻ شروع ڪيو. پر هن کي اڄ به آئيني ڄڻ احساس ڏياريو هيو، ته وقت جي آڏو حُسن ڏاڍو ويچارو ۽ بي وس آهي. جيترو وقت آئيني اڳيان ويٺي رهي، پاڻ کي پريشانيءَ وچان سنواريندي رهي. پاڻ زوري پُٽَ جي اڄوڪي دڙڪي سندس ڪن کڙڪائي ڇڏيا هيا. هن کي پٽ جي اکين مان ان بي حيا ۽ بي غيرت مرد جو عڪس صاف نظر اچي رهيو هيو؛جيڪو لاهي پائي جڏهن پنهنجيءَ تي ايندو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪندو آهي، جنهن جو تصور ايندي ئي هن جا ڏوهه ڏڪي ٿي ويا. هن پنهنجي حياتيءَ جو ورجاءُ ڌيءَ ۾بالڪل ڏسڻ نه پئي چاهيو. هن اٽل ارادي سان رڍ جھڙي معصوم ڌيءَ تي آخري نظرون وجهي گهر کي پٺ ڏني هئي، ته ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ڌيءَ کي انهيءَ ذلل ۾ نه وجهندي، جنهن ۾ هوءَ پاڻ پيل آهي.
    سونيءَ جي اَڏي تي پير سوريندي پهتي هئي. پر هن ڏٺو ته اڳيئي اَٺ ڄڻيون پنهنجي پنهنجي نصيب جي انتظار ۾ ويٺي،سگريٽ ۽ ٻيڙيون ڦوڪي رهيون هيون. هن کي ائين محسوس پئي ٿيو ،ته جيئن پوءِ تيئن شهر ۾ بيروزگاري ۽ بک جو راڪاس ڪاهيندو پيو اچي يا وري هاڻي جسم وڪڻڻ فيشن ٿي پيو آهي.
    گراهڪ ايندا ويا، پنج ڄڻيون پنهنجي پنهنجي نصيب جو داڻو پاڻي چڳڻ هلي ويون هيون . ليڪن اڃا هن سوڌو ٻه ڄڻيون پنهنجي نصيب جي داڻي پاڻي جي انتظار ۾ويٺيون رهيون. کين ويٺي ذري گهٽ ٽي ڪلاڪ ٿي چڪا هيا. سندن چهرن مان هڪ عجيب قسم جي بي وسي ۽ بي قراريءَ جا آثار بکي رهيا هيا. جن سندن ميڪ اپ ٿڦيل چهري ۾ ڏار وجهي کين ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هيو. ليڪن سڀن کا وڌيڪ شاهده بي چيني ۽ بي قراري ۾ پاسا پئي ورايا. کيس معصوم ڌيءَ جي ڳڻتي ۽ اُگهليل پـٽ جي الڪي اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڇڏي هئي. هوءَ سوچي رهي هئي، ته سندس زُبيده ڪيئن هلي سگهندي، هن ذلالت ۽ رزالت واري ڌنڌي ۾؟... هوءَ ته جيئري ئي مري ويندي !....هن کي ڪنهن شريف گھراڻي ۾ پرڻائي ڏيان ته جيئن عزت جي زندگي گذاري....پر ڪيئن؟.... ڇا هڏ حرام پٽ منهنجي مڃيندو ۽ ڇڏي سگهندو، پيءُ ڏاڏي جي ڀڙوت واري ڌنڌي کي؟..... هُوءَ اهڙي اندر جي وسوسن ۾ لڳي پئي هئي، ته سوني اوڙاپي تي سڀن کي چيو، ”اديون، ويهو منهنجين اکين تي ... باقي هاڻي اڃا ڪهڙو آسرو ٿيون ڪيو!؟ ...رات جا يارنهن ٿيا آهن..... ڏسو پاڻ ٿيون ته اڄڪلهه هرڪو شوقين آ ننڍي گوشت جو، وڏي جي ته ڄڻ سڀني کي رک آ“. ٻيون ته نڪ پڪو ڪري ويهي رهيون، پر هن کان سٺو نه ٿيو. هن کي هيڪر ته دل ۾آيو ته سونيءَ کي سڌيون ٻڌائي ۽ کيس اهو وقت ياد ڏياري، جڏهن سونيءَ جي اَڏو سندس نالي تي هلندو هيو. ٻه ڏينهن نه ويندي هئي، ته نياپا موڪليندي ۽ ميارون ڏيندي هئي. پر پوءِ اهو سوچي چپ ٿي وئي ته، ڪير ٿو ياد ڪري پراڻي وقت کي. هونئن به هي ڌنڌو ئي اهڙو آهي، جتي صرف تازي گوشت جو ملهه هوندو آهي.
    سوني جي اڏي تان، هوءَ اهو پڪو پهه ڪري اٿي هئي, ته زُبيده جي ڪري کيس رستي جو مال ٿيڻو پيو ته به ٿيندي . پر پنهنجي ڌيءَ کي انهيءَ رستي تي نه لائيندي، جنهن ۾ رڳو ڪاريءَ وارا ڪک ۽ ڌوڙ وارا دڳ آهن. هوءَ ميرالي بازار ڏانهن هلڻ لڳي. هن دل ئي دل ۾ خاڪي شاه تي پنهنجي جان جي صدقي ڏيڻ جا پنجاه روپيا باسي ڇڏيا هيا. ڇو ته ميرالي بازارمان ٽنهي طرفن ڏانهن اهي سنهيون گھٽيون نڪرنديون هيون، جتان هلندي هلندي جسمن جو به واڪ لڳي ويندوهيو.
    هن کي اتان هلندي ڏاڍو عجيب محسوس ٿي رهيو هيو. ڇو ته ان کان اڳ گراهڪن هميشه کيس جسم جي دوڪان تي اچي ڳولهيو هيو. پر هي پهريون دفعو هيو، جڏهن هو جسم جو وکر کڻي گهورارڻ ٿي گھٽين ۾ هوڪو ڏئي رهي هئي. گھٽين ۾ هلندي خوف وچان هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ شروع ڪري ڏنو هيو. هوءَ سوچيندي هلي رهي هئي ته، ’جي اڄ هتي به نه کتي ته ڇا ٿيندو؟.....‘ اهو سوال سندس اندر ۾ مسلسل هيانوَ پٽ ڪندو پئي هليو.
    پر هن اندر جي وسوسن ۽ ڊپ کي دٻائي، آڙيڪاپ ڇيڪ عورت جيان خوامخواه هيڏانهن هوڏانهن شڪ هڻڻ شروع ڪري ڏنا. سندس اندازو هيو ته اهڙو انداز شوقينن کي ايئن ڇڪيندو جيئن چقمق لوهه جي ذرن کي ڇڪيندو آهي. ان جو اثر اهو ٿيو ، ته گھٽين مان لنگھندڙ ماڻهن کيس مڙي مڙي ۽ گهوري ڏسڻ لڳا. مخصوص گھٽين منجهان هلندي ،هن ائين محسوس ڪيو، ته اهي گھٽيون ڪچن چرچن، اُڇلن ۽ چٿرن جي ڪنڊن ۽ سُين سان سٿيل آهن. ڪنهن کيس اُڇل ڏني هئي، ”سهڻا کل ته سهي!.... کلڻ ۾ گسي ته نه ويندئو!“... ڪنهن ساڻس ڪچو ڀوڳ ڪيو هيوته ڪنهن چٿر ڪئي هيس، ”چمڙي جا جهاز، ڪاڏي چڙهائي آ، ها ته ڪر، پوءِ به سودو رضائي آ!“.......... ڪنهن گھٽيءَ ۾ مخصوص هوٽل جي مانڊڙيءَ ۾ ويٺل بسيءَ ۾ چانهه پيئندي صلاح هنئي هيس، ”چانهه ٻانهه پي وڃو!..... ڪو بسڪوٽ ڌسڪوٽ کائو!“
    هن جو به سڄي عمر ماڻهن سان وهنوار رهيو هيو، هن به ڪي ڍور ته ڪونه چاريا هيا. هن کي اندازو هيو، ته اهي سڀئي ٺڙڪائو عاشق آهن. جيڪي گهران کيسي ۾ چانهن جي ڪوپ جيترا پئسا کڻي ٻاهر اچي هوٽلن تي ويهندا آهن، ڊاڙان ڊشان هڻي وات جو چشڪو وٺي وري گهر موٽي ويندا آهن. هن هلندي ترڇين نگاهن سان ڏسي ورتو هيو ته هڪ اوفٽو شخص هوٽل جي مانڊڙيءَ مان نڪري پاڇي جيان سندس ڪڍ لڳي پيو آهي. ڳپل پنڌ هلڻ کانپوءِ ، اهو ساڻس بي حد حجائتو ٿيندو پئي ويو. سندس پٺيان ڪنهن وهريل ڍور جيان رڀندو پئي آيو، ”ڪنهن جي تلاش ۾ آن؟......... اسان به نوڪري واهه جي ڏيندا سي.... آزمائي ڏس !....... مولا ٿو ڄاڻي ته اڳيان وسري ويندئي! ........ ڇا ٿي مرضي؟........ ها يا نه؟“. آس پاس لنگھندڙ ماڻهن سندس فحش جملن تي ڏند ڪڍي، کک! کک! ڪندا گذرندا پئي ويا. هيڪر هن جي دل ۾ آيو، ته موٽ ۾ کيس ڪچيون گاريون ڏي. هن سان گڏ ٻين ماڻهن کي به ٻڌائي، ته هوءَ مردانگي طاقت جي تلاش ۾ ناهي نڪتي. پر هوءَ انهيءَ پئسي جي تلاش ۾ نڪتي آهي، جنهن جي طاقت اڳيان مردانگي طاقت به پٺ هڻائيندي آهي. پر ان ڪري ڪُڇي نه سگهي، جو پهريون ڀيرو رستي جو مال ٿي آئي هئي. تنهن ڪري کيس هر مرد جو واڪ ڪن کولي ٻڌڻو هيو ۽ پاڻ وڪڻڻو هيو. ٿورو اڳتي هلڻ کانپوءِ ان اوفٽو ماڻهوءَ آسرو نه سمجھي پويان پير ڪيا هيا. هن دل ئي دل ۾ شڪر ڪيو هيو ته ايتري ۾ سندس جان ڇُٽي هئي، نه ته خبر ناهي ته کيس انهيءَ چچڙ مان جان آجي ڪرڻ لاءِ ڪهڙو جتن ڪرڻو پوي ها؟
    هوءَ هاڻي هڪ اهڙي گھٽيءَ ۾ اچي پهتي هئي، جتي ڇدا پاڊا ماڻهو گذري رهيا هيا. هن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هاڻي ڇا ڪري، ڇا نه ڪري؟..... هوءَ انهيءَ ڪشمڪش ۾ پاڻ سان ڏي وٺ ڪندي پئي هلي، ته هن اهڙين گهمندڙ عورتن واتان ڪيئي دفعا ٻڌو هيو، ته بي گاهه وقت ڪنهن سنسان گھٽيءَ مان چڱڙي عورت جو اڪيلو گهمڻ ائين هوندو آهي، جيئن ڳوهه جو شڪارين جا گهر ڳولڻ. ته پوءِ اهي شڪاري ڪيڏانهن مري کپي ويا؟.... هوءَ ٻڏتر جي حالت ۾ دليون هڻندي هڪ ويڪري روڊ تي اچي پهتي هئي، جنهن تان ڪافي ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ هلي رهيا هيا. ڳپل پنڌ هلڻ کانپوءِ هن رڪشا جي ”ڊرر! ڊرر!“ جي آواز تي پٺتي لئوڻو هڻي ڏٺو، ته هڪ رڪشا سندس پيڇو ڪندو اچي رهيو هيو. هن کي ياد اچي ويو ته هڪ اهڙي عورت کيس ٻڌايو هيو ته وڏن روڊن تي ڪار، رڪشا يا ٽانگو ڪڍ لائيندڙ باز مثل هوندا آهن، جيڪي جھپڙ هڻي هنيون کنيون ويندا آهن،پوءِ جيڪو نصيب. هن سوچيو، ٿي سگھي ٿو اُهي هجن. جهٽ کان پوءِ رڪشا جي پٺئين سيٽ تي ويٺل هڪ بي ڊئولي شخص، بغير ڪنهن جهجهڪ جي ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو:
    ”هلي هلي ٿڪجي پئي هونديئَين!..... اچي ويهه!......... حساب ڪتاب ۾ ٺهي پونداسي!“، هن کي ان شخص جو اهو پنهنجائپ وارو انداز ڏاڍو وڻيو. هن کي ائين لڳو هيو، ڄڻ سندس ڪنن ڪنهن جوڳيءَ جي سوز ڀري مرلي ٻڌي هئي. هوءَ بغير ڪنهن اڳ ڳڻتيءَ جي ڪنهن مست نانگڻ جيان ٽپو ڏيئي، رڪشا ۾ چڙهي ويٺي ۽ پوءِ رڪشا هڪ وڏو رانڀاٽ ڪندي روڊ تي ڊوڙڻ لڳو. ان وقت ڪاميابي جي احساس، سندس اندر جي چنتا واري آڳ تي ڪجهه ڇنڊو هنيو هيو.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ رڪشا وروڪڙ هڻندو، هڪ ڪچي آباديءَ جي سوڙهين گهٽين مان ٿيندو، هڪ بند گهٽيءَ جي سامهون اچي بيهي رهيو. هن رڪشا تان لهڻ کان اڳ ۾ ان شخص کان صرف ايترو پڇيو هيو، ”تون مون کي ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي؟“
    ”پنهنجي گهر!“، ان شخص مختصر جواب ڏنو هيو ۽ پوءِ هوءَ ڪنهن رڍ جيان سندس پٺيان هلڻ لڳي هئي. ان شخص اڳتي هلي هڪ پراڻي جاءِ جو دروازو کڙڪايو. دروازو کلڻ کانپوءِ اهو شخص کيس اندرئين ڪمري ڏانهن وٺي آيو هيو. جتي ٽي مرد اڳيئي ڄڻ سندس انتظار ۾ ويٺا هيا. هن حيرانگيءَ مان پڇيو:
    ”هي ڇا آهي؟“، هن پنجن مردن کي پريشانيءَ وچان ڳڻيندي پڇيو.
    ”پنجني سان منهن ڏيڻو پوندئي!“، ان شخص مشڪندي وراڻيو.
    ”پر مان ته هڪ سمجھيو هيو“.
    ”نئين آ ڇا؟.. چئه، گهڻو؟“، ان شخص بي رخي انداز مان کانئس پڇيو. گهڙيون اڳ منهن جو مٺڙو شخص هاڻي کيس وِهه جهڙو ڪؤڙو پئي لڳو. هن جي دل ۾ آيو، ته سنئون سڌو انڪار ڪري، پر ٻي دل ۾ زبيده جو خيال آيس ته سوچڻ لڳي، گپ ۾ گهڙڻ کانپوءِ ڦينگن جو ڪهڙو ڀؤ.
    ”ٻه هزار!“، هن پنهنجو ريٽ ٻڌائيندي چيو.
    ”پنج سؤ!“، ان شخص هن جو ملهه ڪيرائيندي وراڻيو.
    ”نه اصلي نه!“، هن فيصلي واري انداز ۾ نهڪر ڪئي.
    ”ته پوءِ آخري ڳالھ، هزار!“
    ”نه پندرنهن سَو!“
    ”وڌيڪ تنهن جي آ، مرضي!“، ان شخص ٺپ جواب ڏنس.
    هڪ دفعو زبيده جو معصوم چهرو وري اکين اڳيان ڦري ويس، ”چڱو ٺيڪ آ!“، هن بي دلئي انداز سان ائين هائوڪار ڪئي هئي، جيئن ڪو چوندو هجي، ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون. پوءِ هوءَ رات جو ٻي وڳي تائين بازن جي چنبن ۾ پٽ ڳيريءَ جيان ڦٿڪندي رهي ۽ منهن ڏيندي رهي. جڏهن جان آجي ڪرائي، رڪشا تي موٽ ڪري رهي هئي، ته رکي رکي سندس اندر مان ڪا اڳئين ياد ۽ ڪو پراڻو سور سٽ ڏيئي پئي اڀريو. ماءُ جي اها نصيحت کيس ياد اچڻ لڳي، جڏهن ماڻهنس جو آخري وقت ڀرجي آيو هيو، ”ڇوري! پڇاڙيءَ لاءِ ڪا پاڇي بچائجانءِ، نه ته ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندءِ!“ پر ڪيئن بچائي ها؟...... جواني ۾ ڪمايائين ته پهريان پڻهس اُڏايو ۽ پوءِ مڙسنهس. رهيل سهيل ميڙي چونڊي، ڳهه ڳٺا مڙسهنس جي ڊگهي ۽ چيڙهالي سلھ ۾ ڳري پاڻي ٿي ويا. ماڻهو سچ چوندا آهن، ته هن ڌنڌي ۽ ڦيٿي جي ڪمائي ڪنهن ڪنهن کي ڦَرندي آهي. جي اها ڦَرڻ جهڙي هجي ها ته سڀئي ان ڌنڌي وارا سونيون جايون نه جوڙائين ها؟.. ماريءَ جي گھر ۾ هڏن جو ڍير. هوءَ ماءُ جي نصيحت جي جواب ۾ پاڻ وٽ رکيل دليل ۽ ڳالهيون ڊوڙائيندي رهي. ماءُ جي ياد ايندي، سندس اکين جي تنرن ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هوءَ رڪشا واري کي پنهنجي گھر جو رستو ٻڌائيندي، وري پنهنجي معصوم زبيده بابت سوچڻ لڳي، ’ڇوريءَ جو ڪو الله ڀاڳ ڀلو ڪري نه ته!؟‘.... هن جون اهڙين سوچون تڏهن ختم ٿيون، جڏهن رڪشا گھر ڀرسان پهچي چڪو هيو. رڪشا مان لهڻ وقت سندس چهري مان ڪاميابي ۽ اطمينان جو احساس جھلڪيون پئي ڏنيون. هن گهر جي دروازو کڙڪايو مس، ته پٽهنس ڀڄندي اچي تاڪ کوليا. پٽ کي هميشه وانگر بي صبرو ٿي کانئس پئسا نه گهرڻ ۽ مٺ تي سگريٽ جا ڪش آرام سان هڻندي ڏسي، کيس حيرت ٿي. هن اندر جي هُٽ-کُٽي کي مارڻ لاءِ وري به پٽ کان پڇي ورتو:
    ”اَڪو، زبي ته ڪمري ۾ ننڊ پئي آ نه؟!“
    ”امان، تو دير ڪئي ته مان سمجهيو ته اڄ به جهونيءَ کي گراهڪ نه مليو...... امان، زُبي ڇوريءَ جا ڀاڳ ته ڏس، اُٿندي ئي پندرهن هزارن جو گراهڪ مليس... پئسا کپنئي امان؟“
    ”بي ديدا!... بي غيرت !.... ڀيڻ کي ڪاٿي ڇڏي آئين!؟“، شاهده کي ڄڻ وڇونءَ ڏنگ هڻي ڪڍيو هجي.
    ”ماسي سونيءَ جي اَڏي تي!... پر تون ڪاٿي هُئينءَ!؟“، پٽنهنس مٿانئس هلڪي ڪاوڙ ڪندي پڇيو.
    شاهده پٽ کي جواب ڏيڻ بجاءِ بي وسيءَ ۾ زور سان چنبو پنهنجي منهن تي هڻي ڪڍيو ۽ پوءِ رات جي پيٽ ۾ ڳڀرو پٽ کي هٿ کڻي پاراتو ڏنائين:
    ”الله ڪندو سڙيا!.. ڪو پيءُ وانگر سلهه ۾ لوڙي چوڙي مرندي!؟“
    پٽنهس چرس ڀريل سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي کِلَ ۽ کنگهه ۾ ٻٽجي ويو. شاهده ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪلهوڪو ڏينهن هيو؛ جڏهن ماڻهنس به پڻهنس کي رات جي پيٽ ۾ ائين هٿ کڻي پاراتا ڏنا هيا ۽ پڻهنس به اهڙي شيطاني کِلَ ۾ ٻٽجي ويو هو.


    بنيادي غلطي

    هو ڪلاس ۾ وڏائي چوندو هيو، ”بابا جنهن کي ٻارن جي نفسيات يعني child psychology تي ليڪچر سمجهه ۾ نه آيو هجي، اهو اٿي سوال ڪري!“ پر هن جي پورن ڏهن سالن جو تجربو هيو ته سواءِ هيڪڙ ٻيڪڙ شاگرد جي، هن کان ڪنهن به سوال نه ڪيو هيو. هن کي شاگردن اڳيان ليڪچر ڏيندي ائين محسوس ٿيندو هيو، ته ڄڻ بي جان پٿرن اڳيان جهڳي هڻندو هجي ۽ پنهنجو مٿو کپائيندوهجي. اهو احساس ته ايندڙ نسل جو ڇا ٿيندو، اڪثر کيس ستائيندو رهندو هيو. انهيءَ ڪري ئي هو ڪڏهن ليڪچر دوران شاگردن تي چڙي جُلهَه به ڪندو هيو، ”مان مڃان ٿو ته child is father of man، پر توهان موڳن مٽرن کي ڏسي احساس ٿيندو آهي، ته جيڪڏهن توهان جهڙا آئينده جا ابا ٿيا ته پنهنجي معاشري جو حشر ڇا ٿيندو؟.. ان معاشري جو اهو ڪيڏو نه الميوآهي، ته سندس ايندڙ نسل عقل ۽ علم جو دشمن هوندو.“ ليڪن انهن چڙ ۽ جوش ڏياريندڙ جملن جو به سندس شاگردن تي اثر ڪونه ٿيندو هيو. هن کي ان وقت ايئن محسوس ٿيندوهيو، ته هو ڄڻ بي جان ٿنڀن ۽ ڀتين سان مخاطب آهي. جن جي ذهنن ۾ انساني شعور کي وڌائيندڙ ڇو، ڪيئن، ڪٿي، ڪهڙو، ڇاڪاڻ ۽ ڇالاءِ جهڙن بنيادي سوالن اڃا جنم ئي ناهي ورتو . ان ڪري هو شاگردن لاءِ اها راءِ ڏيندي بنھ نه هٻڪندو هو ته، ”اهي عام ٻاراڻي اوستا کان به گهٽ باشعور آهن“.
    هميشه وانگر جڏهن اڄ به ڪلاس مان ايئن جهڳي هڻي نڪتو هيو، ته انهيءَ مونجهاري سان سندس ليڪچر، جيڪو سوين ڪتابن جو نچوڙ ۽ مشاهدي جي عرق ريزي هيو؛ تنهن مان سندن شاگردن لاڀ پرايو هوندو به يا نه ؟....
    عام ڏينهن وانگر اڄ ڪلاس وٺڻ کان پوءِ کيس ايتري فرصت ڪو نه هئي، جو ٽيچرس ڪامن روم ۾ ٻين استادن سان گڏ ويهي شاگردن جي حالت زار تي اهو تجزيو ڪري، ته شاگردن جي نه پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو وڏو سبب سندن ڪٽنبن جي بي توجهي آهي. ڇو ته هو انهيءَ نظريي سا متفق هيو ته ، بنيادي طور تي ڪٽنب ئي ٻار جو پهريون درسگاهه آهي، جتان کيس سوچڻ ، سمجهڻ جي صلاحيت ملي ٿي ۽ انساني فڪر ۽ شعور کي وڌائڻ وارن بنيادي سوالن جا جواب ملن ٿا. ان ڪري هو شاگردن کي delinquent childrenيا ”کريل ٻارن“ جي اصطلاح سان سڏيندو هيو. سندس خيال م اهڙن نوجوانن کي ڪاليجن ۾ هئڻ جي بجاءِ اصلاح لاءِ ڪنهن بورسٽيل جيل ۾ موڪلڻ کپندو هيو. گهڻو ڪري سڀيئي استاد سندس ان پيچده مگر پر مغز ڇنڊ ڇاڻ سان اتفاق ڪندا هيا ۽ حمايت ۾ پنهنجو رايو به ڏئي ڇڏيندا هئا.
    جيئن ته سندس کيسي ۾ جوڻهنس جي سودي سلف لاءِ ڏنل لسٽ ۽ صبح سان ورتل تازي پگهار پئي هئي. تنهن ڪري هن جو ساه ٽَنگ ٿي پيو هيو، خريداريءَ جي لاءِ .... کيس ڪچڙي منجهند ته ڪاليج ۾ ئي ٿي وئي هئي، ڏينهن تپندو پئي ويو. وقت ۽ قوت کي بچائڻ خاطر رڪشا جو سهارو وٺي، شاهي بازار پهچي چڪو هيو. بازار ۾، گهر واريءَ جي ڏنل لسٽ ۽ سرڪار جي ڏنل پگهار جي جڏهن پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيائين ، تڏهن اهو احساس کائي ويس ته طلب تمام گهڻي ۽ قوتِ خريد تمام گهٽ آهي. ڪافي شيون ڪٽڻيون پيس يا گهٽ تعدا ۽ مقدرار۾وٺڻيون پيس. ايئن سڄي بازار ۾ اگهه پڇائيندي، شين تان لاهه گاهه ڪرائيندي شام ٿي ويس. جڏهن سج لٿي گهر پهتو، ته جوڻهس مرچ لوڻ کان وٺي ڪپڙي لٽي تائين اهڙي آڏي پڇا ڪيس، جيئن ڪو اٻوجهه ماڻهو پوليس چوڪي وارن جي ور چڙهي ويو هجي. صبر ۽ ضبط سان هر سوال جو جواب ڏيڻ کان پوءِ به اهو ساڳيو رايو مليس ته، ”پاڻ ڦرائي آيو آ!“
    وهنجڻ سهنجڻ کان پوءِ پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪيائين. ڊائننگ ٽيبل تي رکيل منجهند واري ماني اطمينان سان ويهي کائڻ لڳو. ان سان گڏوگڏ سندس نظرون ننڍڙي پٽ جو پيڇو ڪري رهيو هيون. جيڪو جوڻهس جي پٺيان پٺيان سندس چولي جي دامن کان ڇڪيندي ڪجهه پڇي رهيو هيو ۽ هوءَ بيزاريءَ مان چولي جو دامن ڇڏائيندي کيس ڇڙٻون ڏيئي رهي هئي.
    ”اڙي ڇاهي!؟.... ڇاٿو پڇئي؟“، هن رڙ ڪندي زال کان پڇيو.
    جوڻهس، جيڪا رات جي ماني جي تياريءَ لاءِ رڌڻي ۾اچ وڃ ڪري رهي هئي. تنهن پٽهنس کي ٻانهن کان گهليندي سندس سامهون آڻي بيهاريو:
    ”هاڻي هي پٽهين ته منهنجي لاءِ مصيبت ٿي پيو آ، اهڙا اهڙا ٿو سوال ڪري جو، هجي ڪو واندو جو هن کي ويهي جواب ڏي!“
    ”آخر پڇي ڇا ٿو؟“،هن ماني جو آخري گره کائيندي پڇيو.
    ”ڪڏهن پيٽ ڏانهن اشارو ڪندي پڇي ٿو ته هن پيٽ ۾ ڇا آهي؟..ڏيس جواب ته ادڙو اندر سمهيو پيو آهي.... ته چئي ٿو، اندر ڇو ويو آ... ڏيکار!؟..... ڇا لاءِ ايڏي ننڊ ڪري ٿو؟..... ڪلهه ته پاڙي وارين ماين جي اڳيان اهڙو اچي تنگ ڪيائين، جو ٿڦ هڻي بس ڪرائڻي پئي.... هاڻي هن کي اسڪول ۾ داخل ڪراءِ ته منهنجي جان ڇٽي!“، هن مڙس کي پٽ جي عجيب ۽ غريب سوالن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي بيزاري وچان ٻڌايو.
    ”ان ڳالهه تي ٻار کي هيسائين ۽ مارين ٿي!؟“، هن زال تي هلڪو غصو ڏيکاريندي چيو.
    ”ته پوءِ سنڀال پنهنجي کي!... ڏيس سوالن جا جواب ته پوئي خبر!...“، جوڻهس خفي ٿيندي، وري رڌڻي ۾ گهري وئي. ڳورهاري زال جي اڀريل پيٽ کي ڏسي سوچڻ لڳو، جيڪڏهن هيءَ هڪ ٻار کي سنڀالي نه ٿي سگهي ته پوءِ ايندڙ مهمان سان ڪيئن منهن ڏيندي؟..... ان وقت هن کي احساس ٿيو ڄڻ هن شادي ڪري وڏي غلطي ڪئي هجي. ماني کائڻ کان پوءِ هن جلدي ۾ هٿ ڌوئي ورتا ته جيئن ڪجهه جهٽن لاءِ پٽ کي ريجهائي سگهي. هن پيار مان پٽ کي کڻندي چيو، ”بابا!..... پاڻ مٿي ڇت تي هلي ٿا چنڊ ڏسئون... ٺيڪ آ نه بابا؟“.
    ”ٺيڪ آ!“، پٽهنس خوش ٿيندي جواب ڏنو.
    ڇت تان چنڊ چٽو پٽو صاف آسمان ۾ نظر اچي رهيو هيو. هن جي اندازي مطابق چوڏهين يا پندرهين تاريخ جو هيو. سندس ٿڌي ٿڌي روشني پيءُ ۽ پٽ ٻنهي کي فرحت پئي ڏني. چانڊوڪيءَ جو سحر ٻنهي تي طاري ٿي ويو. ليڪن ننڍڙي ٻار جي جستجو ۽ سوال ڪرڻ واري فطرت ان سحر کي ٽوڙي وڌو:
    ”بابا،چنڊ ڇو ٿو چمڪي؟“
    ”چنڊ ۾ روشني آ بابا!“، هن پٽ کي پيار ۾ ڳلن تي ٿڦڪي ڏيندي جواب ڏنو.
    ”ڪيئن؟“
    ”جيئن بلب ۾!“، هن پٽ کي مثال سان سمجهائيندي چيو.
    ”بلب ۾ ته تار هوندي آهي!“، پٽهنس مشاهدي تحت آڏي پڇا ڪيس. اهڙي آڏي پڇا احساس ڏياريس ته سندس پٽ هاڻي ڪافي ذهين ٿي چڪو آهي، جتوڻيڪ اڃا پورن پنجن سالن جو به نه ٿيو آهي. هن پهرين ڪوڙ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوڙ هنيو، ”چنڊواري تارلڪيل آهي، بابا!“
    ”ڪنهن لڪائي آ؟“، پٽهنس ڄڻ لڪائيندڙ واري جي چوري پڪڙڻ وار خواهش جي تحت سوال ڪري وڌس.
    ”الله سائين!“، هن اهو الزام انهيءَ تي ئي مڙهي ڇڏيو ، جنهن تي هر بي دليل ماڻهو مڙهي ڇڏيندو آهي.
    ”الله سائين، ڪٿي آ؟“، پٽهنس قديم پر ڏکيو سوال ڪري وڌس.
    ”الله سائين پ...ري.......پ......ري!....... آسمان ۾ رهندو آهي.“، هن هٿ کي آسمان ڏانهن ٽي فوٽ کن مٿي ڇڪيندي پٽ کي خدا کا ن گھڻو پري ڪندي سمجهايو.
    ”بابا، الله سائين،اسان کان ڇا لاءِ پري آهي؟“، پٽهنس معصوميت مان حيران ٿيندي پڇيس.
    هاڻي هن جي ڪوڙن جوابن جو پيمانو خالي ۽ ڪاوڙ جو پيمانو لبريز ٿي چڪو هيو:
    ”چيم، جو پري آ!“،هن رڙ ڪندي پٽ کي جواب ڏنو.
    ”ڇو؟.....“، پٽهنس به ضد واري انداز ۾ پڇيس.
    ”ان کان ڪير پڇي، سندس مرضي آ.“
    ”ڇا لئه ان جي مرضي آ؟“
    ”ڇو ۽ ڇا لاءِ جا پٽ! يڪو مٿو ئي کائي ويو آ!“
    ٻارن جي نفسيات جي استاد اهو ئي طريقو اختيار ڪيو، جيڪو هر وڏي جو ننڍي کي خاموش ڪرائڻ لاءِ هوندو آهي. هن ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي ٿڦ وهائي ڪڍي ۽ اهو وساري ويٺو ته کانئس به ڪا بنيادي غلطي ٿي رهي آهي.


    ناستڪ

    جيئن ٻڌبو هو، ته ڪو اهڙو وقت ايندو جو تڙن وارا تڙجي ويندا، بي تڙا تڙيا ٿيندا. اصلي تڙ ڊهندا، نوان تڙ ٺهندا. ڀاڳين جي ڀينگ ٿيندي، چورن جا ورا ٿيندا، ائين ئي ٿيو هيو، مکي محلي سان. جو خبر ئي نه پئي، ته تڙن وارا ڪيئن تڙجي ويا. باقي رهيا ها، کاکڙ کوکڙ ملائي سلائي سڄي محلي ۾ سندن ويهه گهر به نه هيا. جيڪي هيا تن ۾ به ٺاه ڪو نه. هميشه ڊنل ڪبوترن جيان، ساه مٺ ۾. تنهن هوندي به اَنڌي منڊي پئنچائت کين گهلي پئي هلائيندي هئي.
    مکي چندن مل جي اوطاق تي چلم آخر پساهه پئي ڏنا. آڳر تي مکي، اَٺ سلي تي کاڏي کي هٿ ڏيون الائي ڪهڙي سوچ ۾ گم ويٺو هيو. پئنچن ويٺي زماني جو پِٽڻو پئي پٽيو، سور پئي سليا. اوچتو شيوڪ رام ڏرا ڏنل اکين سان اوطاق جي در مان داخل ٿي هٿ جوڙي، اکيون ڍاري ”رامست!“ چئي سندن اڳيان اچي بيٺو. کيس وائڙو ڏسي مکي چندن مل حيرانگيءَ مان پڇيس، ”سک ته آهي شيوڪ؟“
    ”مکي، سک هجي ها ته ڇو اچان هان.... دادا کي ڦڦڙن جو ڪينسر ٿي پيو آ، ٽن مهينن کان اسپتال داخل هيو، اڄ اسپتال وارن به جواب ڏنو ... گهر کڻائي آيو آهيانس!“، شيوڪ رام اکين جي ڳوڙهن کي روڪيندي،سڏڪن کي نڙ گهٽ م دٻائيندي وري چيو،”گهڙين جو مهمان آ مکي.... انتم سنسڪار جي چنتا ۾ آهيان ... ڪيئن ٿيندو ڪم؟..... مهاراج چڙيل آ.... اوهان به رٺل آهيو دادا کان !“
    ”جهليندو هو مانس ته ائين ديوين ۽ ديوتائن لاءِ شبد نه ڪڍ، ته ڪندو هو چوڻ!؟“، پئنچ پمن داس وچ ۾ ڳالهائيندي اکيون ڦوٽاريندي پنهنجي پراڻي ڪاوڙ ڪڍي.
    ”چوندو هو، نه مينجو هندن جي ڌرم سان واسطو، نه مسلمانن جي مهذب سان!“، ديالي پئنچ به جوڳيءَ جي پڪڙيل ڪاريهر وانگر ڀڳل ڏندن مان ڦوڪان ڏيندي ،پنهنجي دٻايل ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
    ”مان، دادا جي بدران اوهان کان معافي ٿو وٺان!“، شيوڪ ٿڌو ساهه ڀريندي سڀني جي اڳيان هٿ جوڙيا.
    ”پانهنجو نه وڃي!“، دوراڪي پئنچ جنهن جو ڪنڌ هونئن ئي بيماري ڪري ننهن! ننهن! ڪندي هلندو هيو. تنهن ڪنڌ کي مڪني هاٿيءَ وانگر ڌوڻيندي ننهن جا نوَ ڪوٽ ڏئي ڇڏيا. مکي چندن مل شيوڪ کي گهوريندي پڇيو:
    ”مهاراج، ڀوڄي مل کي پرچايو ٿئي؟“
    ”نه مکي، اهو به اوهان جي چوڻ کانسواءِ ڪيئن هلندو؟“، شيوڪ وراڻيو.
    ”پوءِ کيئل تون ڇا ٿو چئين؟“، مکي کيئل پئنچ ڏانهن منهن ڪندي چيو. جيڪو وري ڪنهن وڏي ٽٻ ۾آيل هيو. تنهن وڏو گهرو ساه کڻندي، ڪاري بج واري مخملي ٽوپيءَ کي پنهنجي گنجي مٿي تي ڦٻائيندي، ڪنڌ مٿي ڪري مکيءَ کي پنهنجي صاف آواز ۾ راءِ ڏني:
    ”مکي، هنن سان حساب ڪنداسين ته نه هي پڄندو ،نه ڀاڻس نول!.. مهل نڀائڻي آ ته پوءِ ڪهڙا ليکا چوکا!... در آئي جو آدر آ.....مهاراج کي کنڀي کڻي ٿا هلئون.“
    مکي چندن مل کي، کيئل پئنچ جي ٽيڪ گهربل هئي. پر پوءِ به هن شيوڪ تي ٻاهريون دهمان ڪندي، ناراض پئنچن جي رکڻي رکندي پڇيو، ”اڙي شيوڪ !..... مڙيئي ائين ٿو چئين يا جائي ڳالهه اتي وڃي پهتي آ!؟“
    ”ها مکي، آخري پراڻ!“، شيوڪ جون اکيون ڳوڙهن سان وهي هليون.
    مکي چندن مل، هونئن ئي دل جو ڪونئرو هيو.؛ ويتر جو شيوڪ کي روئيندي ڏٺائين ته صفا رجي ميڻ ٿي ويو:
    ”هاءِ!..... هاءِ!....نول جا ننڍڙا ٻچڙا .... مرڻ جي وهي ته ڪونهي ... هٿن جو ٻار! ..... ڪهڙا ليکا چئوکا ڪيون، پمن داس؟..... ڪهڙا حساب ديال داس!؟ .... اٿو ته هلئون دوارڪا!“، مکي سڀني پئنچن کي مخاطب ٿيندي پنهنجي اِڇا ظاهر ڪندي اٿي پيو. مکي چندن مل جي اٿڻ سان ٻيا پئنچ به پاڻ کي ٽيڪان سيڪان ڏئي اٿي پيا.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ سڀئي ٽنڀ جهڙي براهمڻ ڀوڄي مل اڳيان مڙيا سڙيا ويٺا هيا. مکي چندن مل، براهمڻ کي ٿڌو پئي ڪيو، ”جيڪو ٿيو سو ٿيو... هاڻ کڻي معاف ڪرينس... سندن سڄو پريوار پريشان آ!“
    ”ڪرڻو هيو، سونا ڪيو، پڙيو لوڀ ڪي سنگ.... نانڪ سمئه رم گيو، اب ڪيون روت اَنڌ؟.... جڏهن سمئه گذري ويو، هاڻي کين لڳي آ، ڌرمي ڪريا ڪرم جي!“، مهاراج ڀوڄي مل گرونانڪ جي واڻي ٻڌائيندي خار وچان وراڻيو.
    ”هر ڪو پنهنجا ڪرم پاڻ سان کڻي ويندو، تون اپڻي توڙ نڀاءِ!“، کيئل پئنچ کيس سمجهائيندي چيو.
    ”مان هڪڙي ڳالهه چوانءِ “، ڀوڄي مل، کيئل کان سوال ڪندي پڇيو.
    ”چئه!“، کيئل وراڻيو.
    ”چڙندي ته، نه!؟“
    ”نه، تون هزار دفعا چئو!“
    ”هن سڄي هندو برادريءَ جو اڇو منهن ئي تو ڪيو آ.... ڌرمي پستڪن ۾ آيو آ ته شتروءَ تي ڪڏهن به ديا نه ڪجي. اهڙين کي شام دام ، دنڊ ۽ ڀيد سان مٽائي ڇڏجي. جي اڄ هنن کي سزا ملندي ته ٻيا به ڪئه کائيندا ۽ ڪَن هڻندا...“، ڀوڄي مل، کيئل کي دوشي ٺهرائيندي چيو.
    ”هوڏانهن چئو ته ديا ڌرم جو مول آ، ناسمجهن کي سمجهائڻ گهرجي. هاڻي وري ڪو شرڻ آيو آ ته نڀاڳي مڱڻهار وانگر گهور تي ٽورو.... انهيءَ تيسي ته تيلو ڪيو ٿي!... نيت صاف هجئي ته اسان وانگر ٿلهو ٿنڀرو نه هجين!؟ “، کيئل پئنچ کلندي ڀوڳ جو ڀوڳ ڪيس، سچ جو سچ چيس. رهندو سهندو براهمڻ ڀوڄي مل کي ڪُتڙيون چڙهي ويون:
    ”اڳ ۾ ڳالهائڻ جي خبر پوندي ٿي... خبر ئي ڪانهي نولَ جي ... ٻالو ڀولو آن.... ڪٽر ڪمونشٽن جو چيلو ... جيڪي چون جڳت استيه بنا آڌار، بنا ايشور جي آهي. تتون جي هڪ ٻي سا ميلاپ ڪري اتپن ٿيو آ.... اهڙن ماڻهن کي ڪهڙو آڌار پوترتا جو، آچار جو، سچ جو، مينجي ته اها انتم پرتگيا آ ته نه نوَل جي اگني سنسڪار ۾ هٿ وجهندس، نه سندس نياڻين جي ويڏي پڙهندس.“، ڀوڄومل پئنچ کيئل سان ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيٽ پئجي ويو.
    ”ها، باقي جڏهن ڪنهن هندوءَ جو پٽ مسلمان ٿئي يا ڪنهن جي ڌيءُ، ته ان وقت هنگ ترڪڻ ٿي! ياد ٿئي ڌرمداس جو پٽ مسلمان ٿيو، سڀني کي خبر هئي ته ڪجهه نه ٿيندو. پر تون ڇا پئي چيو، ننهن چوٽيءَ جو زور لايو، متان موٽي پئي!“، کيئل پئنچ به کيس ٺاهوڪي موٽ ڏني.
    ”ها مان چيو هو، ڪونه چيو هو ڇا؛پراهو سڀ ڪجھ ڌرم خاطر!“، ڀوڄي مل وراڻيو.
    ”پوءِ اڙي، هاڻي به ڪيون ٿا ڪوشش جي ناستڪ آيو ڌرم تي، ته ٺيڪ آ، نه ته شيوڪ کڻي پوريس يا گند جي ڍير تي اڇليس ، ڪيئن مکي؟“، کيئل پئنچ جي دليل ڀوڄي مل کي لاجواب ڪري ڇڏيو، پر پوءِ به ڀوڄي مل پنهنجي ڳالهه تي ڳت ڏيندي کيئل کي خبردار ڪيو:
    ”جيڪڏهن اسان کي نوَل مهت نه ڏنو، ته هي سڄي پنچائت ٻڌئي ٿي، تومان ڀائيندا سين“
    ”ها، ها!.... مون مان ڀائنجو... مهت نه ڏيندو، جو بس پئي آ.... پڻهس ليلارام بجاج به جيئرو هجي ها، ته اهو به مهت ڏئي ها... مينجو ذموآ، اوهان رڳو هلو!“، کيئل ڀوڄي مل جون هڙيئي راهون بند ڪري کيس هلڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو.
    ڏاڙهي وڌيل چاليهن سالن جو نول راءِ، ڪڏهن جنهن جي ڳٽن مان ڄڻ رت ٽمندي هئي، تنهن هيڊي چهري سان اڌوراڻي پلنگ ي لکشمي سمان سندر سشيل پتني نرملا جي ٻانهن ۾ اکڙيل اکڙيل ساهه پئي کيا. نرملا ٻانهن ۾ جهليو کيس وات ۾ ’ان هيلر‘ پئي ڪيو. نول جا ساهه جڏهن ڪجهه سڌير ٿيا ته هن پنهنجي سامهون مڙني پئنچن ۽ براهمڻ کي ويٺل ڏٺو.هن آهستگيءَ سان مگر مشڪندي کين کيڪاريو:
    ”اسان جا وڏا ڀاڳ جو اسان جو براهمڻ ۽ پئنچ پنهنجي گهر لڙيا آهن“.
    ڀوڄو مل جيڪو سند ڀرسان مٿن واري پاسي کان صوفي تي ٿي ويٺو هيو، تنهن سينو تاڻيندي وراڻيو، ”نول اَوس اسان کي ئي اچڻو هو، اوهان اسان جي واڙي آهيو ۽ اسان پوک سنڀاليندڙ!“
    نول پاڻ سنڀاليندي، لفظن کي پوري ريت ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي جواب ڏنو، ”پوک سنڀاليندڙ يا پوک کائيندڙ، جيڪي مرڻو به کائن ته پرڻو به!“
    ”اسان آيا آهيون تنهنجو ڀلو ڪرڻ، تون وري هُڏيون ٿو ڏين!.. سچ چيو اَٿئون؛ عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، چُڻ چُڻ ڪنڊا کاءِ!“، جواب ڏيندي براهمڻ ڀوڄو مل جا ڪاوڙ ۾ ڏٻا ڪن ڳاڙها ٿي ويا.
    ”مهاراج، ڪاوڙجين ڇو ٿو؟.... مڙئي چرچو ٿو ڪيانءِ!..... شيوڪ!.... مهاراج کي ڪي بسڪوٽ کاراءِ، چانهن پيار، ته ڪاوڙ لهيس!“، نول پنهنجي ڀاءُ شيوڪ کي سڏيندي چيو.
    ”تنهنجي چانهه بسڪوٽ کان بس ڀلي آ. مان توکي گيتا جا اڌياءَ ٻڌائڻ آيو هيس، ته ڪو جنم سڦل ٿيئي!“
    نول سهڪندي سهڪندي وراڻيو، ”سوامي، ڪجهه آتما ۾ پئي ته پرماتما لاءِ به سوچجي، اوهان نه کائيندئو ته پوءِ پئنچ مکي ۽ اسان ڪيئن کائينداسين... کڻي آءُ ، شيوڪ!... تون ڇو منجھيو بيٺو آ!..“، شيوڪ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو ضد ڏسي منجهيو بيٺو هيو؛ تنهن گهرجي اندرئين ڪمري ڏانهن ڊوڙ پاتي، جتي سندس پتني سائوتري پنهجن ۽ ڏيرياڻيءَ جي ٻارن کي دم دلاسا پئي ڏنا ۽ پرچايو ته متان ٻار دل لاهي، روڄ راڙو شروع ڪن. شيوڪ ٻه ٽي دفعا آيو ويو ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان کڻي اچي سڀني آڏو رکيو. پئنچن ۽ مکي مڙيئي نالي ماتر پئي کاڌو، پر مهاراج ڀوڄو مل بسڪوٽن ۽ پاپڙن سان مهاڀاري يڌ ۾ مشغول ٿي ويو. چانهن جي آخري ڍڪ هڻڻ کان پوءِ ڀوڄي مل کي سُرت آئي ته کيس نول راءِ کي ڌرمي اُپديش به ڏيڻو آ، ته هن کيس سمجهائڻ شروع ڪيو:
    ”نول! سوامي هر ديال جي مهاراج چيو آهي ته، ’ايندو بن جون مندنيش، مند ڪنج بن تال، جو مند تيون بن تاتي، ڌرم نه تال‘. ان جو ارٿ اهو آهي، ته چندرما کانسواءِ رات سهڻي نٿي لڳي، جنهن تلاءَ ۾ ڪمل جو گل هوندو آهي، اهو تلاءُ سهڻو لڳندو آهي. ڌرم کانسواءِ جِيوءُ بيڪار آهي. ڌرم کي نه ڇڏڻ گهرجي، ان ڪري هر دم ايشور کي سمرڻ ڪرڻ گهرجي“.
    نول جو ساهه ڇِڪجڻ لڳو ته نرملا، پتيءَ جي وات ۾ وري ’ان هيلر‘ ڪري ڇڏيو. نول ڪجهه سامت ۾ آيو ته براهمڻ کان سوال ڪيائين:
    ”مهاراج، ايشور ڇاهي؟“
    براهمڻ کي ائين لڳو ڄڻ ناستڪ، هاٿيءَ کي هندوستان ڏيکاري ڇڏيو. تڪڙ تڪڙ ۾ چوڻ لڳو ”ايشور؟.... ايشور سو روپ، سرب سگتيمان، سرو انتر يامي، ديالو، اجنمان، انت، انادي، انوپم، اجر، امر، اڀيته نيتا ۽ سرشٽي ڪندڙ آهي“
    ”ڀلا ڌرم ڇا هي؟“
    ”نول، ڏاڍو سٺو سوال ڪيو ٿي“، براهمڻ ڀوڄو مل خوش ٿيندي وراڻيو. پوءِ ڄڻ کيس چاٻي اچي وئي، ”ويدن ۾ آيو آ، ستيو پرائمو ڌرما، مطلب سچ وڏو ڌرم آهي .... ... اهينو پرائمو ڌرما، ارٿ اهو آهي ته ڌرم ۾ ڪا دوئي ڪونهي.“
    ”مهاراج ، پوءِ ته ان جو مطلب اهو ٿو نڪري ته سچ وڏو ڌرم آهي، نه ڪي ڌرم وڏو سچ آهي... هر سچار ماڻهو ڌرمي ۽ هر ڪوڙو اَڌرمي آهي... ائين نه؟“، نول، سوالن جي سرڪڻ ڦاهي ٺاهي، برهمڻ جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏي. اتي برهمڻ ڀوڄو مل اندر ۾ ڦٿڪندي، ڏند ڀڪوڙي، پاڻ تي ضابطو رکندي چوڻ لڳو:
    ”ڌرمي ماڻهو ايستائين ته نه ٿيندو، جيسيتائين ماڻهو ڌرماتمائن کي نه مڃيندو. بنا ست پرشن جي سنگ کانسوءِ گيان ويچار پراپت ناهي ٿيندو ۽ رام جي ڪرپا کانسواءِ ست پرش ناهن ملندا“
    ”مهاراج، اهو به ته ٻڌو ٿي نه، ته ’رام!رام! ڪهي هر ڪو ٺگ ٺاڪر اور چور...‘ ڌرم رڳو تپ جٽا، گيڙو ڪپڙا پائڻ ، ڌوڻي دکائڻ يا مندر ۾ مٿي ٽيڪڻ سان ته ناهي نه!؟“، نول ڄڻ کيس سوالن جي سنگهرن ۾ ويڙهي ڇڏيو. نرملا ۽ شيوڪ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اها شڪتي نولَ کي ڪاڏنهن ٿي اچي، جو آخري گهڙين ۾ به سوالن جوابن کان نٿو مڙي. پر براهمڻ ڀوڄو مل به ايترو سئولو ڪونه هو جو وٺ ڏئي، چوڻ لڳو:
    ”ڀائي، جيڪو ايشور ۽ ڌرم کي ئي نه مڃيندو، ان ۾ايشوري گڻ ڪاڏنهن پيدا ٿيندا؟.... ان ۾ ڪاڏنهن سنجم، سرلتا، اهنسا، سچ، اڪروڌ، شانتي، تيج، کميا، ڌيرج، اندرين ٻاهرين پوترتا، ماتا پتا، ڀيڻ ڀاءُ ۽ پتني جي ساڃاهه پيدا ٿيندي.“
    ”پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته مون ۾اها ساڃاهه ڪيئن پيدا ٿي؟... هتان جي سڄي هندو جاتي ۽ پريوار شاکسي آهي، ته مان پنهنجي ماتا پتا جي آخري دم تائين شيوا ڪئي. پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پنهنجي شرير جو اڌ سمجهي پالنا ڪئي. پنهنجي پتني کانسواءِ ، ٻي ڪنهن عورت جو انگ ناهي ڏٺو. سڄي شهر جي ڄاڻ سڃاڻ وارا شاهد آهن ته مان اڄ تائين ڏيتي ليتي ۾ ڪپت ڪونهي ڪئي.... ساهن جي ڏور ڍري ٿيڻ تائين به مان سنتوش آهيان. اوهان جي ئي ڌرمي پستڪن ۾ لکيل آ، سنتوش هئڻ سرڳ کان به وڌيڪ آهي. ڀل کڻي ايشور کي نه مڃان پر اهي گڻ اوهان مونکان کسي نٿا سگهو... ڪيئن ڪاڪا کيئل ۽ مکي، ڪن مان غلط ٿو چوان؟....“، نول، کيئل ۽ چندن مل ڏانهن سواليه نظرن سان گهوريندي کائن پڇيو. پئنچن ۽ مکي، جن نول کي ٽِڪ هنيون پئي تڪيو، کين سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته هي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي؛ جو مرڻ ڪنڌيءَ تي به ايڏو نرڀئه ۽ اهنڪاري آهي!؟... مکيءَ کان ازخود نڪري ويو:
    ”ها، اها ڳالهه ته مڃبي، ته تو اڄ تائين ڪوپاپَ جو ڪم ناهي ڪيو... نيتِ پت ۾ سر جي ڪاني جيان سڌو رهيو آهين!“
    براهمڻ ڀوڄي مل کي مکيءَ جو اقرار ۽ پئنچن جي خاموشي ائين لڳي، ڄڻ پئنچن ۾ پرميشور نه پرناستڪ واسو ڪري ويو هجي. مکي ۽ پئنچن ڏانهن منهن خراب ڪندي چيائين:
    ”منو سمرتي ۾ لکيل آ، ’آچار هينو نه پونتي ويدا‘ ان جوارٿ اهو آهي ته جنهن جا آچار هِين آهن، ويچار هِين آهن، انهيءَ کي چارئي ويد پوتر نٿا ڪري سگهن... توهان ڄاڻو ۽ هي ناستڪ، مان اٿان ٿو“.
    براهمڻ ڀوڄو مل ڄڻ شڪست کائي اٿيو ته پئنچن ۽ مکي به اٿڻ جي ڪئي. شيوڪ جي منهن جو پنو لهي ويو، ته سندس وڏي ڀاءُ ، سندس سڄي ڪئي ڪرتي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. کيئل پئنچ جنهن پنهنجي پراڻي بج بج ٿيل مخملي ٽوپي، هر هر پريشاني ۾ پئي ٺاهي تنهن براهمڻ ۽ ٻين کي روڪيندي چيو، ”ڌيرج رکو!... شانت ٿيو!.... هي ڪير ٿيندو آ، جو پئنچائت جي آڏو اچي... تهان رڳو ٻي ڪمري ۾ هلي ويهو، مون کي هن سا نويڪلو ٿي ڳالهائڻو آ.... شيوڪ تون به! ... مائي نرملا، تون به اٿ!“
    سڀني کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته کيئل ساڻس ڇا ڳالهائيندو. پر سڀن کي سندس دردتا جي خبر هئي. آهستي آهستي سڀيئي ڀرسان واري ڪمري ٿي بيٺا. جتان کين کيئل جو دڙڪي دهمان وارو ۽ نول جو جهيڻو آواز صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو:
    ”مينجي، ڪا توسان بيث (بحث) جي ڀيڻي آ.... مان کي خبر آ، سڄو جڳ هڪ پاسي، اوهان ناستڪ هڪ پاسي... پر چئن چڱن کي موٽائڻ چڱو ناهي ... ننهن کان ها چڱي آ... اهنڪار چڱو ناهي!.....“
    ”جيستائين ڪاڪا، ست است جو ڀيد پلئه نه پوندو .ٻي جي چوڻ تي ست کي است يا است کي ست ڇو چئجي؟“، نول جي وراڻي هئي.
    ”ست است جا پٽ!... مان ڪو توسان بيث (بحث) ٿو ڪيان ڇا، جو مان کي به گڏھ واري لت ٿو هڻين. ڏسان ته هاڻي ڪيئن نه ٿو ها ڪرين؟.... ڪر اپمان!... هڻ گڏه واري لت پنهنجي پُرکن جي عزت کي!.. ڪر پنهنجي پريوار ۽ اسان کي دُکي!.... کلاءِ خلق!.... “، کيئل پئنچ جي گهوگهه ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
    ”ڪاڪا، دل نه مڃي، پوءِ به !“، نول جو سوال هيو.
    ”ها، پوءِ به !“، کيئل جو جواب هيو.
    ڪي گهڙيون ته خاموشي ٿي وئي. ٻي ڪمري ۾ بيٺلن پنهنجا پنهنجا انومان پئي ڪڍيا. نرملا جو ساهه پئي سڪو. شيوڪ جا لڱ پئي ڏڪيا ته جيڪڏهن نول، ڪاڪي کيئل کي به مهت نه ڏنو ته ڇاٿيندو؟
    رام، رام ڪندي خاموشي ٽٽي، نول جو جهيڻو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”ڪاڪا، اوها پتا سان آهيو... مان ها ڪئي... “،
    سڀن کي ائين لڳو ڄڻ نول جي بحث وارا هڙيئي استر شستر ٽٽي پيا هجن ۽ هن بي وسي ۾ آڻ مڃي ورتي هجي. تنهن کانپوءِ سڀني کي کيئل جو سڏ ٿيو ”مکي چندن، مهاراج! شيوڪ!... او مائي نرملا!... هليا اچو هاڻي....“
    سڀيئي ٻرانگهون هڻندا، هڪ ٻئي پٺيان ڪمري ۾حيرانگي سان داخل ٿيا ته کيئل مٿانس ڪهڙو منتر پڙهيو، جو اهڙو چمتڪار ٿي ويو. پر سڀيئي اهو سوچي پرسن پئي ٿيا ته ڀڳوان چيتنا ڏي ته دير ئي ڪونهي.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ براهمڻ ڀوڄي مل گيتا جو ارڙهون اَڌياءُ پئي پڙهيو، نول اکڙيل اکڙيل ساهن سان گيتا جا شبد پئي اچاريا:
    ”مچه چتتهه... سَرو .... دُرگاڻي.... مت پرسادات تر شبيسي اُٿ چيت تومَ اهنڪاران .... نه ش ......رو شب ........يسي....... ون......ن .........ک .... ش....ي....س ......ي.!.....“
    مکي محلي مان صبوح جو نوَل جي ارٿي کڄي ته ڪنهن ڌرمي پرش جيان. وڏي عرصي کانپوءِ شهر جي سموري ڪٺي ٿيل هندو جاتي پاڻ کي ٻلوان ۽ سمرٿ محسوس ڪندي زور زور سان ”رام رام سنگ هئي، رامست سنگ هئي!“ جا نعرا پئي هنيا، انهيءَ ڀاونا سان ته انهن ڪو ته موٽائي پنهنجو ڪيو هو. پر اها خبر ته رڳو کيئل پئنچ کي هئي، ته هڪ ناستڪ پيرن ۾ رکيل پراڻي ٽوپي جي لڄ ڪيئن رکي؟......


    سياڻن جي شهر ۾ پاڳل ماڻهو

    پراڻي الماري ۾ فائل اُٿلائيندي پٿلائيندي خطن جي هڪ فائل تي نظر پئجي ويس. هن فائل کي چڱيءَ ريت ڇنڊيو ۽ پوءِ فائل کي کولي خطن جي مٿان سرسري نظر وجهڻ لڳو. ڪن خطن جا پنا رنگ مٽائي ويا هئا. پر لفظن ۾ اڃا سحر ساڳيو هو. هو آهستي آهستي فائل ۾ گم ٿي ويو. هڪ خط پڙهندي ته پاڻ وڃائي ويٺو هو. ورائي ورائي پڙهڻ لڳو:
    منصور ڀائي،
    اسلام عليڪم!
    خيريت طرفين مطلوب
    احوال هن ريت آهي ته ڪجهه ڏينهن کان وٺي پنهنجي پاڙي ۾ لساني ۽ نسلي پرچار وڌي ويو آهي. ائين لڳي رهيو آهي، ڄڻ محبت جون حدون محدود ۽ نفرت جون حدون لامحدود ٿيندو ٿيون وڃن . ماڻهو کوه مان نڪري کڏ ۾ ڪرڻ لاءِ آتا آهن. زندگي جي هر شعبي ۾ ڄڻ اجتماعي خودڪشي پئي ٿئي.
    مون کي ته هاڻي ائين لڳي ٿو، ته ڄڻ ٻين شوقن جيان خودڪشي به هڪ شوق ٿي ويو آهي. محبت کي اڪسير سمجھڻ وارو ماڻهو ڪنهن پاڳل جيان آهي، جڏهن ته نفرت کي آبِ حيات جو بي بها نسخو سمجھي واپرايو وڃي ٿو. سماج جا قدر ايترا ڪري پيا آهن، جو پاڳل ڪتي کان وڌيڪ بدترين انسان کي هيرو سڏيو ٿو وڃي. جڏهن ته پاڳل ڪتو ڪهڙي به نسل يا رنگ جو هجي، پاڳل ڪتو ئي سمجهيو ويندو آهي. جنهن جو ڪم آهي، هر آئي وئي کي بلا امتياز چڪ پائڻ. اها ڪيڏي نه ستم ظريفي ۽ سماجي ناانصافي آهي، جو دهشتگرد ۽ قاتل کي سندس ڪرتوتن جي بنياد تي نه، پر نسلي ۽ لساني بنيادن تي پرکيو ۽ تحفظ ڏنووڃي ٿو. ان ڪري سندس ڪيل ڏوه به ڪارنامو بڻجي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال جي ڪري نوجوان نسل ڄڻ سائنائيڊ زهر جو اسير ٿي چڪو آهي. جنهن کي موت سان ايڏي محبت آهي، جيڏي ڪنهن کي زندگي سان هجي.
    سماج ۾ تو جهڙا ۽ مون جهڙا ماڻهو کوڙ آهن، جن جا ڏک ۽ غم ساڳيا آهن. پر اهي گڏجي ڏک ونڊي نٿا سگهن. خبر ناهي ڇو، اهي ماڻهو ڳهي رهيا آهن، پر ڪڇن نه ٿا؟
    منهنجا پيارا دوست،
    مون پنهنجي عادت کان مجبور ٿي، شهر جي، حد کان وڌيڪ سياڻن ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيم ته، اوهان ڪنهن ٻه ٽنگي ڪانو جيان ڦاسي پوندئو، ته پهريائين دڙڪا دهمان مليا ۽ هاڻي آخري الٽيميٽم .... پنهنجي ۽ پنهنجن ٻارن جي سر بچاءَ خاطر، اڄڪلهه ٻي ايريا ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهيان. پنهنجي ننڍي شهر جي ڳلين ، سرسبزکيتن ۽ فضائن کي ياد ڪري ٿڌا ساه ڀري رهيو آهيان. خبر ناهي جنم ڀومي جي ايڏي ڇڪ ڇو ٿي ٿئي؟
    مهرباني ڪري، هن سال اوهان اسان جي نئين آشياني کي ڏسي وڃو. آئينده سال اسان ايڏانهن ايندا سي.
    اوهان جي خط جو انتظار رهندو. سلام منهنجا ۽ سلمي جا، سڀني گھر ڀاتين کي ڏجو.
    اوهان جو اهو ئي دوست،
    سيد محمد رضا
    هن خط جي لکيل تاريخ تي هڪ ڀيرو ٻهر نظر وڌي:
    چوويهه جولاءِ ۱۹۹۳ع
    هن ذهن تي زرو ڏنو ۽ اهو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن کيس ڪهڙو جواب ڏنو هو؟ پر هن کي ڪجهه به ياد نه آيو. هن ٿڌو ۽ گهرو ساه کنيو ۽ ويچاريو ته ڪيئن نه نفسا نفسي جي ڪري، هڪ دوست ٻي دوست کي وساري ويهي ٿو ۽ پوءِ اجايا عذر ڏيئي، ضمير جي لعنت ملامت کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن پهريائين سوچيو ته هڪ خط لکي کانئس معافي گهري ۽ کيس اچڻ جو ٻڌائي ڇڏي. پر پوءِ اهو ويچاري فيصلو ڪيائين ته اونهاري جي موڪلن ۾ وڃي پنهنجي وساريل دوست سان ملندو ۽ کيس پرچائي ڇڏيندو. هونءَ به ننڍپڻ جي دوستي جي پاڙ دل ۾ کتل هوندي آهي ۽ محمد رضا سان ته سندس اهو رشتو رهيو آهي، جنهن کي زماني جي متعصب هوائن به نه ڌوڏيو ۽ نه لوڏيو. توڻي جو ٻنهي جي وڏن ٻنهي کي ائين تعصب پئي سيکاريو، جيئن ڪنهن کي اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکاري وڃي.
    هُنَ جي وڏن پنهجي ايندڙ نسل کي وڏي رياڪاري سان اهو پئي سيکاريو،”انهن سنڌين کي اسان هندن کان آزادي ڏياري ۽ تهذيب سيکاري، نه ته اهي هندن جا غلام ۽ جھنگلي هئا“.
    اسان جي وڏن وري وڏي مڪاري سان اهو پئي سيکاريو، ”اهي مهاجر جڏهن هجرت ڪري هتي پهتا هئا، ته ڏيڏر نالين مان ڪڍي کائيندا هئا .کين ڪاڪوس خاني ۽ رنڌڻي جي به خبر ڪونه هوندي هئي.!....“
    وڏن جون اهڙيون متضاد ڳالهيون ٻڌي ٻئي هڪ ٻئي کان پڇندا هئا، ته سندن وڏا ائين ڇو ٿا چون؟ .....ائين ته ناهي ته انهن وٽ آزاديءَ جو مطلب ٻيو هيو ۽ ڪتابن ۾ لکيل ڪجهه ٻيو آهي!؟... سندن خيال هو ته شايد اڳتي هلي، جڏهن سندن وڏن به رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويهي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي، موهن جو دڙو گڏجي گهمڻ شروع ڪيو، ته سندن هڙئي شڪوه شڪايتون دور ٿي وينديون. پر ائين نه ٿي سگهيو. سندن سڀئي ڳالهيون ۽ ويچار غلط ثابت ٿيا. وڏن جون اندر ۾ويهاريل کپر ۽ لنڊيون اجگر بلائون ٿي ويون.
    ۱۹۷۳ع ۾ جڏهن رضا جي پيءُ لاڙڪاڻي مان لڏڻ جو فيصلو ڪيو، ته هن کائنس پڇيو هيو، ته آخر ڪهڙي ڏک ڪارڻ هو لڏيو ٿا وڃن؟.... رضا روئيندي کيس ٻڌايو هو ته اسان کي نه صرف شهر وارا ماڻهو، پر گهر ۾ بيٺل سرنهن جا پيلا پاپڙ به کڙڪندي ۽ لڏندي ننهن! ننهن! ڪندي روڪين ٿا. پر بابا بضد آهي، ته هتي اسان جو مستقبل روشن ناهي.
    توڻي جو محمد رضا ڪراچي جا وڻ وسايا هئا، پر پنهنجي شهر جي ڪنڊن ڪرڙن کي نه وساري سگهيوهو. هي وري رضا جي يادگيرن کي، جيڪي لاهوري محلي کان وٺي انٽرميڊيٽ ڪاليج تائين وکريل هيون. ان ڪري ٻئي ڏور هوندي به ويجها هئا. هڪ ٻئي جي مَرُ جيءُ، شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿيندا رهندا هئا. ڪو اهڙو سال نه هيو، جنهن ۾ اچ وڃ نه ٿي هجي. پر خبر ناهي ڇو، ٻنهي جي وچ ۾ ائين ذري گهٽ ٻن سالن جي وٿي اچي وئي هئي؟ هن خط جي حاشيءَ تي ڏنل نئين ائڊريس نوٽ ڪري ورتي:
    سيد محمد رضا، فليٽ نمبر ۱۹، رضوان اپارٽمنٽ ملير سٽي ڪراچي.
    موڪلن ۾ بيگ ٺاهي، ٺهي ٺڪي گهران نڪتو هو. محمد رضا سان ملڻ، بيگ ۾ وڌل ٻه جوڙا ڪپڙن جا، هڪ اڌ ڪتاب، ڪِر تي پڪل مٺي ماني وارو خاص تحفو ۽ ٻي زناني رش پش، جيڪا جوڻس محمد رضا جي گهرواريءَ لاءِ ڏني هئي.
    صبح جو ڳوٺان نڪتل، جڏهن شام جو ڪراچي ۾ پهتو هو، ته بس سندس هڏ گڏ ۽ پاسراٽيون ڀڃي ڇڏيون هيون. سهراب ڳوٺ مان، ملير ڏانهن ويدڙ هڪ مني بس تي چڙهيو. جنهن تي اڳيئي ڪمن ڪارن کان موٽندڙ ٿڪل ٽٽل بيزار ماڻهو چڙهيل هئا. ڪنڊيڪٽر زور زور سان بس جي باڊي کي وڄائيندي ڄڻ مني بس ۾ سٿيل مسافرن کي چيڙائي رهيو هيو.
    ”نيپا گلشن!ڊرگ روڊ ... ملير! قائد آباد! لانڍي ئي لانڍي !“
    ”اري اب چلو ڀي!.... ڀر گئي هئي!“، پئسينجر چڙوچان رڙيون ڪري رهيا هئا. پر هو گونگو ۽ ٻوڙو لڳو پنهنجي خيالن ۾ گم سم ويٺو هو ۽ تصور ئي تصور ۾ انهيءَ منظر کي پئي ڏٺائين، جڏهن اوچتو محمد رضا ۽ سندس جوءِ سلمي، کيس پنهنجي در تي بيٺل ڏسندا. پهريائين ته خوشيءَ مان کانئن رڙيون نڪري وينديون ۽ پوءِ شروع ٿينديون حڪايتون ۽ شڪايتون. جيڪي ٿوري دير کان پوءِ ائين غائب ٿي وينديون، جيئن جر جا فوٽا ڦسي پاڻي سان گڏ پاڻي ٿي ويندا آهن.
    اوچتو هاڪرن جي دل دهڪائيندڙ هوڪن کيس ڌوڏي ڇڏيو:
    ”آگيا آج ڪا تازا اخبار .... اورنگي ۾ ايڪ بچي اور پانچ آدمي هلاڪ!..... بوريون ۾ سي پانچ لاشين بر آمد... گلبهار ۾ نامعلوم افراد اور پوليس ۾ زبردست مقابلا!... اب يه آخري الٽيميٽم هئي!“
    هو اخبار وٺي پڙهڻ لڳو. کيس ائين لڳو ڄڻ اخبار جي هڪ هڪ سٽ ۾ موت رقص ڪري رهيو آهي. هڪ هڪ سٽ ۾ سسپينس، دهشت ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ منظر نگاري هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ اخبار وارا رومن ايمفيٿيٽرس جا اهي بدذوق تماشائي هجن، جيڪي هن وشال شهر ۾ وهندڙ انساني خون کي ڏسي خوشي وچان، خون جي پياسن کي هُشيون ڏيندا هئا. هو وڌيڪ نه پڙهي سگهيو، سندس مٿي کي ڦيري اچي وئي، هو دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو ۽ هن سوچيو،ملڪ ۾ محبت جو فصل سڳداسي چانورن جيان ڪيڏو نه ٿورو ۽ اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ نفرت ائين اُڌي آهي، جيئن ايري چانورن جو فصل لٿو هجي. هڪڙو هٿ اوچتو وڌيو، کانئس اخبار کسي پڙهڻ لڳو. هن ڪنڌ ورائي، صرف هڪ نگاه ۾ ان همراه جو جائزو ورتو. هن ڏٺو اهو سرخين کي ڄڻ پنهنجين حريص نگاهن سان هڙپ ڪندو پئي ويو. آخر ۾ ان ڏند ڪڍي تبصري سا گڏ اخبار واپس ڪئي:
    ”آدمي ڪل اور پرسون سي ڪم مرين هين“
    ”اڇا!؟“، ٻئي ڀرسان ويٺل شخص کي ڄڻ عجب لڳو، هن وچ م ئي اخبار،”ايڪ منٽ!“ چئي جهٽي ورتي. ائين هٿ کس واري انداز۾اخبار گاڏيءَ جي پٺين سيٽن تي ڦِرڻ لڳي. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ماڻهن کي ماڻهن جي مرڻ گهٽ مزو آيو هو. هن دل ۾ سوچيو، عام ماڻهو به ڪيڏو نه اذيت پسند ٿي ويو آهي، جوهاڻي اذيت پسندي سندس عادت بڻجي چڪي آهي.
    مِني بس، بريڪن جي جهٽڪن سان روڊ تي ور وڪڙ هڻندي، ڪڏهن تمام تيز ڪڏهن تمام آهستي ڊوڙي رهي هئي. هن کي ائين پئي لڳو، ڄڻ ڊرائيور به اذيت پسندي جو عادي ٿي چڪو آهي. جنهن کي زندگين سان کيڏڻ ۾ لطف پئي آيو.
    ملير سٽيءَ جو اسٽاپ آيو، ته هو لهي پيو. عام ماڻهو تيزيءَ سان پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن پئي ويا، ڄڻ کين خوف جي بلا بڇايل هئي. روڊ جي کاٻي پاسي پوليس جي چوڪي هئي. جنهن ۾ سپاهي مارڻ يا مارائڻ جي انتظار۾الرٽ لڳا بيٺا هئا. هوپڇائيندو پڇائيندو رضوان اپارٽمينٽ جي وائٽ واش ٿيل بلڊنگ تائين رسيو، جيڪا کيس تصوراتي ڊراڪولا جي سفيد تابوت جيان پئي لڳي.
    ڏاڪڻ جي هڪ هڪ ڏاڪي تي پير رکندو ۽ فليٽن جي نمبر ڳڻيندو پئي ويو. فليٽ نمبر۱۹ جي ڪال بيل جي بٽڻ تي هٿ رکي ، پر ڀرو ٿي ڪشمڪش جي حالت ۾ ڪجهه سوچيندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ در جي ٻيڪڙ مان هڪ منڍي نڪتي، جنهن تي سجدن جي سياه داڳن نمازي هئڻ جي چغلي پئي هنئي:
    ”جي!... فرمائين ؟“ اُن تيزيءَ ۽ ڪرختگيءَ وچان پڇيو
    ”جي، اڌر ڪو ئي سيد محمد رضا صاحب رهتي هين؟“
    ”نهين!“
    منڍي اندر وئي ۽ ٺڙاڪ سان در جا تاڪ بند ٿي ويا. هن ڪجهه پڇڻ گهريو پئي، پر هَڪو ٻڪو ٿي بيهي رهيو. هن جي مک تي اميدن جا ٻرندڙ ڏيئا، هڪ هڪ ٿي وسامڻ لڳا. هو وسامجي ويو ته ڪٿان ڳولي، هيڏي ساري شهر مان انهيءَ دوست جو پتو، جيڪو کانئس وڃائجي ويو آهي.
    هو موٽڻ تي هيو ته هڪ ٻيو شخص، جيڪو مٿان کان هيٺ لٿو پئي آيو، تنهن کيس اوپرو ڏسي پڇيو:
    ”آپ اڌر ڪيون کڙي هين؟“
    ”دوست ڪا پتا پوڇني آيا ٿا!”
    ”ڪون هئي!؟“
    ”سيد محمد رضا!“
    ”ڪيا ڪرتا ٿا؟“
    ”اسڪول ۾ ٽيچر ٿا!“
    ”آپ ڪا نام؟“
    ”منصور احمد!“
    ”ڪيا ڪرتي هين؟“
    ”ٽيچر هون!“
    ”ڪهان سي آئي هين؟“
    ”لاڙڪانه سي!“
    اهو شخص ٿورو ڀڻڪيو، ”سنڌ سي!“، پوءِ، چوڻ لڳو، ”آئو، تمهين تيري دوست سي ملاتا هون!“
    هو هلڻ ۾ڪجهه عجيب پئي لڳو، هن کي رکي رکي وسوسا پئي ٿيا. هن پنهنجي دل جي ڌڪ، ڌڪ صاف پئي ٻڌي ۽ سوچيو، ’ائين ته ناهي ته اهو شخص کيس ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وٺي گولي هڻي ڇڏيندو‘. ان وقت کيس پنهنجي زال جا اهي لفظ ياد پئي آيا ته، ”نه وڃ، ڪراچي!... ٻڌئون ٿا ته اوڏنهن گوڙ لڳاپيا آهن.“ پر هن زال کي دلجاءِ ڏني هئي ته، اڄڪلهه ٺاپر ٿي وئي آهي. هونءَ به اهو سندس ايمان هو ته موت ڪٿي به اچي سگهي ٿو، ان ڪري ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ اجايو آهي.
    هو کيس اپارٽمينٽ جي ڀر ۾هڪ چانهن جي هوٽل تي وٺي آيو، جتي ڪجهه جوان چانهن پي رهيا هئا، هن هڪڙي کي سڏ ڪيو، ”تقي مرزا، اڌر تو آئو!“
    هڪ نوجوان ٽيلار ڪندو، سندس ڀرسان آيو. هن کيس رازداريءَ واري انداز ۾ مشڪندي چيو، ”اس صاحب ڪو محمد رضا ڪا فليٽ تو دکائو!“
    هن کيس معني خيز انداز ۾ ڏٺو ۽ پوءِ مرڪي ڏنو. هن جي اندر جو پکي خوف وچان ڦٿڪڻ لڳو. پر هن ان کي دم دلاسا پئي ڏنا ته اهو سندس اجايو وهم ۽ ڀئو آهي. هروڀرو ايڏو به انڌ به ناهي، جو هڪ انهيءَ شخص کي خوامخواه ماريو وڃي، جيڪو ڪنهن جو به مندو ناهي.
    سندس دوست جو نئون گهر ڏيکاريندڙ سونهون همراه، بنهه نوجوان هيو. سندس ڳلن تي نئين ريهه لٿل هئي. هن کانئس محمد رضا جي باري ۾ ڪجهه اهڙي قسم جا عجيب و غريب سوال پئي ڪيا ته محمد رضا هن بلڊنگ مان شفٽ ڇو ٿي ويو آهي؟... توهان ان جا ڇا ٿيو؟ وغيره. پر انهيءَ همراه، هن جي ڪنهن به سوال جو جواب نه پئي ڏنو، جنهن تي هن کي حيرانگي پئي ٿئي. سندس ٻانهن لوڏ ۽ هلڻ ۾عجيب قسم جي ارڏائي هئي. منصور هلندي سوچي رهيو هيو ته ’هي نوجوان ايڏو بي رخو ڇو آهي؟...... هن کي ته پنهنجي وهيءَ جي حساب سان معصوم ۽ لڄارو هئڻ گهرجي‘. پرپوءِ کيس ٻيو خيال به اچڻ لڳو، ته ’جنهن نسل نفرت ۾ جنم ورتو هجي، نفرت کاڌي هجي ۽ نفرت اوڙهي هجي. ان نسل ۾ سادگي ۽ معصوميت ڪٿان ايندي؛ جيڪا اعلي انساني قدرن جو مَرڪُ هوندي آهي. شهر جيڪي گهڻن ماڻهن سان ٻڌل ۽ انساني تهذيب جو مرڪز هوندا آهن. انهن جو حال اهو آهي، جو اتان جي ماڻهن مان ماڻهپو نڪرندو ٿو وڃي. ائين لڳي ٿو ته جتي گهڻا ماڻهو آهن اتي ئي عقل جي ڪل ٿڙيل آهي.‘،هودل ئي دل ۾پنهنجن ئي اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندو،ان نوجوان جي پويان ور وڪڙ هڻندي پئي هليو.
    ”محمد رضا، اوپر فليٽ نمبر ۱۵ ۾ رهتي هين، آپ ان سي جا ڪر مل سڪتي هين“، ان نوجوان هڪ پيلي بلڊنگ جي طرف اشارو ڪندي چيو؛ جنهن تان رنگ لهڻ ڪري تجريدي انداز۾ دڙڳ دڙڳ ٿي پيا هئا.
    هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته محمد رضا ان پراڻي ۽ ڪجهه ڪجهه ويران بلڊنگ ۾ ڇو اچي ويٺو آهي؟.... هو اضطراب ۽ پيڙا واري ڪيفيت سان هڪ هڪ ڏاڪي تي چڙهڻ لڳو. هيڪر هن جي دل ۾ آيو ته موٽي وڃي، پر موٽي نه سگهيو. هٿ غيرارادي طور تي کڄي وڃي، ڪال بيل جي بٽڻ تي پيس.
    ٿوري دير کان پوءِ دروازي جي ٻيڪڙ مان هڪ ٿلهو ٿنڀرو شخص ٻاهر نڪتو. هن اکين تي زور ڏيندي کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هتان جي کيس اها ڳالھ سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته روشنين واري شهر ۾ اونداهين ڏاڪڻين جو رواج ڇو آهي؟ ....آخر جڏهن اونداهيءَ ۾ اکين جو پتليون ڦهلجي، ٻنهي کي ڏسڻ جي لائق ڪيو، ته هن ڏٺو ته اهو شخص ڪلاشنڪوف سان گڏ سندس استقبال ۾ بيٺو مشڪي رهيو هو. هن ڳيتان ڏيندي ٻڌايس:
    ”سيد محمد رضا صاحب سي ملنا هي!؟“
    ”ڀائي، اس ڪو پاڳل ماشٽر محمد رضا سي ملائو! جو امن، محبت اور سڪون کي باتين ڪرتا ٿا.“، ان همراه کيس ڳلي کانوٺي اندر ڇڪيندي، اتي ٻئي بيٺل همراه جي حوالي ڪندي چيو.
    ٿوريءَ دير کان پوءِ هو هڪ ڪمري ۾ هٿ پير ٻڌل، سامهون سرڪڻ ڦاهي، هٿوڙن ۽ ڊرل مشين کي ڏسندي سوچي رهيو هو، ته حد کان وڌيڪ سياڻن جي شهر ۾، سندس پاڳل دوست کي، ان راه تان گذري، خبر ناهي ڪيترو عرصو ٿيو هوندو؟


    وٽيل رئو

    صبح جو ڪڪڙن آرام سان سڄي پڌر تي وٺيون پئي لاٿيون، کين اها ڪل ئي ڪونه هئي، ته اوچتو ڪا ڪاتي سندن ڪنڌ تي اچي پوندي.......................
    امان حاجاڻي کي جڏهن ڳوٺ جي مولوي، حڪيم ۽ بنا ڊگر واري ڊاڪٽر لا علاج ڪيو ته هاڻي ڦيڻن، ڦڪين ۽ دوائن کان ڪم چڙهي ويو آهي. باقي رڳو گهڙين جي ڪسررهيل آهي، ته پوءِ ٽنهي نڪمن پٽن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڏيٺ وائٺ، مٽن مائٽن ۾اڳواٽ ٻڌائي ڇڏجي، ته جيئن ميارن کان بچي سگھجي ۽ مرڻ وقت ٿڏي تي پاهت وٺي ڇڏجي.
    اها خبر، تر ۾ باه وانگر پکڙجي وئي. مايون ۽ مرد مٿي ۾ ميٽ هئڻ جي باوجود به ٽانگن ، گڏه گاڏن، ٽريڪٽرن ، سوزڪين ۽ ڏاند گاڏين ۾ سندس منهن ڏسڻ لاءِ نڪري پيا هيا.
    امان حاجاڻي جڳ جي دائي، لال وڌائي هئي. ڪيترين عورتن ۽ مردن لاءِ ڇپر ڇانو هئي. راڄن جي عورتن ۽ مردن تي سندس احسانن جا ٺپا لڳل هيا. هن کي خبر هئي ته الله بخش جو پٽ سائينداد جي گهر ۾ آهي ۽ سائينداد جي ڌيءَ رب رکئي جي گهر ۾ پلجي ٿي. سندس سيني ۾ ايترا ته راز دفن هيا جو ڪيترن مهمانن کي سڪون پئي محسوس ٿيو، ته سندس رازن کي فاش ڪرڻ واري هاڻي دفن ٿيڻ واري آهي ۽ ڪيترن کي بي چينيءَ، ته هاڻي سندن اڳ پوءِ ڪير ڪندو؟
    مهمانن اچڻ سان، امان حاجاڻي جي منهن جي تختي ڏسڻ کانپوءِ کائڻ پيئڻ، سمهڻ ۽ حاجت فراغت جي ڳڻتيءَ ۾ لڳي ويا هيا. جن مهمانن اڳ ڳڻتي ڪئي هئي، تن کي گهرجي ڪا چڱي چوکي ڪنڊ، بسترو ۽ ماني نصيب ٿي هئي. جيڪي منهن جا ڪوئنرا هيا، سي سراسر نقصان ۾ ويا. پر انهن اهو سوچي صبر ڪيو ته ڏکي سکي رات آ گذري ويندي.
    ٻئي ڏينهن تي، ڪچڙي منجهند تائين امان حاجاڻي جو سڄو گهر مهمانن سان ڀرجي چڪو هيو. پر امان حاجاڻي جو ساه لُڪي ۾ هلي رهيو هيو. مهمانن جي خاطر مدارت لاءِ ٽنهي ننهرن ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي هئي. امان حاجاڻي جي باقي بچيل ڪڪڙن کي گهرجي ٻارن ڊوڙائي ڊوڙائي پئي جھليو. جيڪي ڪڪڙ موت جي خوف کان کٽن هيٺان لڪيا پئي، تن کي ٻارن پڇن کان پڪڙي ڪهڻ وارن کي ڪڍي پئي ڏنا.
    ٻيو ڏينهن به انتظار ۾ گذري ويو. جڏهن ته ننهرن غلاف جو ٽڪرو، جافر، زم زم جو پاڻي، عطر، ڪافور ويندي ستر پوشي، نقابو، ڪفني ۽ ٻِٽُن تائين هر شيءِ تيار ڪري رکي هئي، رڳو امان حاجاڻي جي مرڻ جي دير هئي.
    ورندو ٽيون ڏينهن خدا جو ٿيو. هاڻي امان حاجاڻي جي گھر ۾ نم واري اڱڻ تي، نئين ڦٽل ٻور جي خوشبوءِ جي باوجود ، مهمانن جي ٻارن جي بي وقت حاجت فراغت، هڪ ساڙيندڙ بانس ڦهلائي ڇڏي هئي. ڪافي مهمانن تي بيزاري جا آثار نمايان ٿيڻ شروع ٿي چڪا هيا. خاص ڪري وڏين عمرين وارن مڙسن کي، جن کي پنهنجين نوجوان زالن تي شڪ ٿيڻ شروع ٿيو هيو، ته انهن پنهنجي جوانيءَ جا رنگ روغن ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن. سندن عورتن جي بي باڪ مرڪن ۽ لوڏَ کين پريشان ڪري وڌو هيو.هو سوچڻ لڳا، ته ائين نه ٿئي جو کين ڪارو ڪاري جي ڪيسَ ۾جيل ڀوڳڻو پئجي وڃي ۽ هو زندگي جي آخري لذتن کان به محروم ٿي وڃن.
    چوٿين ڏهاڙي گهر جا سڀيئي ڪڪڙ، پٽاٽا ۽ بصر ختم ٿي چڪا هيا. گهرجي مالڪن ۽ مهمانن دل ئي دل ۾ڄڻ هڪ آواز ٿي پئي چيو، امان حاجاڻي رضا ڪرڻ ۾حد ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته سندس ٽنگيل ساه کي هيڏي هوڏي ڪرڻ لاءِ سياڻين سيبتن عورتن ٽڪا پنجا ڪندي کيس ڪن ۾، نه آيل مٽن مائٽن جا سلام ڏنا هيا. ڳوٺ جي مُلياڻي جي چوڻ تي، پنج پنج روپيه ڏيئي کيس جيئري قرآن بخشرايو ۽ ياسين سڳوري جو دم ڪرايو ويو هيو. پر امان حاجاڻي جو ساه جڏهن ساڳي ٽِڪ هنيو بيٺو رهيو، ته پٽن ۽ ننهرن مولوي عبدالقادر کي گهرايو. مولوي عبدالقادر ڏاڙهي کي مُٺ ۾ ڪندي پاڻ حيرانگي جو اظهار ڪيو، ته رسول جي چانئٺ چمندڙ ٻانهي جي سڪرات ۾ سختي کيس سمجهه ۾ نٿي اچي. هن سڪرات سولي ڪرڻ لاءِ مالڪن کي آسان نسخو ٻڌايو، ته مال جو صدقو ڪڍيو وڃي. گهر جو سوکو ڪونهون ڪسجي پيو ته دليون هڻندڙ مهمان به ٽڪي پيا.
    صدقي ڪڍڻ کانپوءِ، پنجين ڏهاڙي تي هر ڪنهن کي اهو آسرو هيو، ته اهو ڏينهن امان حاجاڻي جو آخري هوندو.انهيءَ ڪري هرننهن پنهنجي پنهنجي حساب سان مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي، ته ڪنهن کي پار ڪڍي روئڻو، ڪنهن کي منهن ۾ چنبو هڻڻو ۽ ڪنهن کي ڏندڻ پوڻا آهن . ليڪن ائين نه ٿي سگهيو، امان حاجاڻي جو ساه اکڙجندو رهيو، پر نڪرڻ کان نابري واري ويٺـو. سندس ننهرن جن پنجن ڏينهن کانوٺي صبر جو مظاهرو ان آسري تي ڪيو هيو، ته سس جي جمعاڻي کانپوءِ گلا شروع ڪنديون، تن ان انداز سان گلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي، ته ”مائي ڪرند پسند آ ..... ڪنوارين جا ڪچا ٻار ڪيرائي پراوا ساه وٺندي هئي.... اڄ پنهنجوساه قذرت واري کڻي ٽنگيو اٿس“.
    ڇهين ڏينهن تي گهر ۾ عجيب مامرو ٿي ويو. جڏهن امان حاجاڻي صبح جو اکيون پٽي، هٿ جي اشاري سان پاڻي گهريو. پاڻي پيئڻ کانپوءِ جڏهن ڪَنن تي هٿ هڻي، مٿان بيٺل ننڍي پٽ کان اشارن سان سونين والين جو پڇيائين، ته سندس ننڍي پٽ زور سان رڙ ڪندي پڇيو:
    ”امان جون واليون ڪنهن لاٿيون آهن؟“
    سڄي گهر ۾ ان آواز جو پڙاڏو گونججي ويو، ”واليون ڪنهن لاٿيون آهن؟“
    ”پوئين اَسر تائين ته واليون هيون، پوءِ ادي جنان سيرانديءَ کان ويٺي هئي“، ننڍي ننهن تڪڙ ۾ پنهنجي مڙس جي سوال جو جواب ڏيئي پنهنجي جان آجي ڪرائي.
    ”جنان ڪاڏي مري وئي؟“، گهر ۾ وڏي پٽ جو سوال گونجيو.
    وڏي ننهن ڀڄندي آئي،”مان وٽ آهن مان وٽ!.... امان رات هر هر پئي ڪَن کنهيان، ته مون سمجهيو ته واليون ٿيون تنگ ڪنس الائي ڇا؟...سو لاهي کڻي پاڻ وٽ رکيم ..... ٻيو ته خير آهي!؟“، جنان سياڻپ سان ڳالهه کڻي وئي . چوويهه سونيون واليون رومال جي ڳنڍڙيءَ مان نڪتيون ۽ هڪ هڪ ٿي، امان حاجاڻي جي ڪنن ۾ وري پئجي ويون.
    ٽنهي ڏيراڻين جي منهن جا پنا لهي ويا هيا، ته جيڪڏهن امان حاجاڻي جي زبان کلي پئي ته انهن جيڪو رات جي وڳڙي ۾ چيو آکيو هيو، ان جو ڇا ٿيندو؟..... ٿوري دير کانپوءِ، جڏهن امان حاجاڻي جون اکيون وري وڃي ڇت ۾ لڳيون ۽ نڙيءَ ۾ کرکرو ٿيڻ شروع ٿيس ته انهن کي ڪجھ دلجاءِ ٿي.
    ستين ڏينهن، تي مايوسي پهنجي انتها تائين پهچي چڪي هئي. آيل مهمان پاڻ ۾ ٿوري گهڻي تي، ٺڪرن جيان ٺهڪڻ لڳا هيا. گهر ڀاتين ۾ بيزاري عروج تي پهچي چڪي هئي. گهر جا ٻار خواه مخواه ڪٽجڻ سٽجڻ لڳا هيا. ننهرن مسلسل ڪم ڪار ۽ مٿي جي سور ڪري پنهنجن مٿن سان ڀينڊيون ٻڌيون هيون. پٽن ۾ ڇتڪتائي اچي وئي هئي. ڪُڇي نه پئي سگهيا جو ماءُ ماتا هئي، ڄڻي ڏيهه ڏيکاريو هيائين.
    ”آخر ڇا ٿيندو ؟“، سمورن گهر ڀاتين مسجد ۾ وڃي، مولوي عبدالقادر کان پڇيو.
    ”هڪ ٻيو ڪونهون صدقي ۾ ڏجي.“، مولوي پڇيل سوال جو ترت جواب ڏنو.
    ”ٻيون ڪونهون!؟“، سڀني حيرانگي ۾ گڏيل رڙ ڪئي.
    ” ان کانسواءِ ٻيو حل ڪونهي!جيئن ڪتابن ۾ لکيل آهي، اوئين ٿو ٻڌايانوَ.“، مولوي سنئون سڌو جواب ڏيندي چيو.
    وچين پٽ پنهنجو ڪونهون ڪسندي ڪسندي، ماءُ جي سڪرات سولي ڪرڻ يا جڳ کي ڏيکارڻ لاءِ ڏنو، ته مهمان ويندي ويندي، اهو سوچي رهي پيا ته هڪ منو خفو ڇڏائي گهر ڀيڙو ٿجي ته بهتر آهي.
    اٺين ڏينهن تي، امان حاجاڻي جي مرڻ جي شدت سان انتظار ٿيڻ لڳو. نه صرف گهر وارا بيزار ٿي چڪا هيا، پر ڳوٺ وارا ماڻهون پڻ. جيڪي ڏٺل وائٺل مهمانن جا ويلا جهلي جهلي ٿڪجي پيا هيا. ڊگهي مهمان نوازي کين ڳچيءَ ۾ پئجي وئي هئي. سواءِ ڳوٺ جي دوڪاندارن جي، جن امان حاجاڻي جي سڪرات واري حالت جي وڌڻ جون دعائون پئي گهريون .
    امان حاجاڻي اٺين ڏينهن به هِڏڪيون ڏيندي رهي ۽ سڀيئي ويچارا ٿي کيس ڏسند ا رهيا. ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته انهيءَ ۾ آخر قدرت جو ڪهڙو راز آ!؟“
    مولوي عبدالقادر وٽ، گهر جا ڀاتي ڄڻ آخري فيصلي لاءِ پهتا هيا، ”تو چيو هيو، امان جي سڪرات سولي ٿيندي؛ ٻن ڪونهن جي قربانيءَ کانپوءِ به، ڇوٽڪارو نه ٿو ٿئي، آخر ڇو؟“، اهو سمورو گهر ڀاتين جو گڏيل سوال هيو.
    ”جڏهن الله جو اَمر ٿئي ،باقي اوهان مال جي قرباني ڪندا رهو!“، اهو مولويءَ جو جواب هيو.
    ”ادا مولوي! تون قرآن جو پڙهيل آ، توسان ڪوڙ ڪهڙو. هاڻي رڳو منهنجي وڇ بچي آ، سا به پيران پير جي باسيل آ.... مينهون ڀٽاريون ته اڳيئي ڍڪيون آهن!“، جنان، مولوي کي ڄڻ گهرجي باقي بچيل ڍور ڍڳين جي صورتحال ٻڌائيندي پارت ڪري ڇڏي.
    ”ان کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي، مائي!“، مولوي به مجبوري ڏيکاري .
    مولويءَ جي انهيءَ اڻڀي جواب تي امان حاجاڻي جو وڏو پٽ چڙي چيو:
    ”باقي ، تون ٺوٺ جيڏي ڏاڙهي رکائي، مولوي ڇا تي ٿيو آ؟.... گهر جون گُنديون وڃي تري سان لڳيون آهن ۽ تون آ جو سڌو دڳ ٻڌائين ئي نٿو!.....“
    مولوي عبدالقادر پراڻي رستي، گراهڪي ۽ ٻين ڳالهين جو لحاظ ڪري خفي نه ٿيو. کانئن ڪجهه گهڙين جي مهلت گهري حُجري ۾ ويو. هن ورق ورق ٿيل پارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتاب اٿلايا. ڪا جهٽ کن اکيون ٻوٽي استغراق ۾ هليو ويو ۽ جڏهن اُٿيو ته مشڪندي اچي مالڪن کي ٻڌايائين:
    ”مبارڪون هُجنو!..... سڄي خبر پئجي وئي!“.
    ”جائي ادا، اڄ امان حاجاڻي گذاري ويندي؟“، وڏي ننهن اندر جي خوشي لڪائي نه سگهي.
    ”نه!“، مولويءَ جواب ڏنو.
    ”ته پوءِ!؟ “، سڀني ڀاتين حيرت ۾ وراڻيندي پڇيو.
    ”ڇڪ ڇڪان لڳي پئي آ، ملائڪ سڳورن ۽ پيرن فقيرن ۾ ..... ٻئيءَ ڌريون امان حاجاڻيءَ کي ڇڪيون بيٺيون آهن“.
    ”ادا، امان حاجاڻي جي پاسي پير الائي ڪهڙا؟“، جنان وري وچ ۾ ٽنبڪو هڻندي ڳڻتيءَ منجهان پڇيو.
    ”مائي ڊنب هيو ملائڪن ۽ پيرن جو، مان هڪ هڪ کي چتائي ته نه ڏٺو!“، مولوي خفي ٿي ويو.
    ”ڏيکاري ائين ٿيندي آ، تون بس ڪر!“، مڙسنهنس جنان کي ڇينڀيو.
    ”ڇاٿو سمجهين چاڙهو ٿيندو يا؟“، ننڍي پٽ ڳڻتيءَ ۾ڪياڙي کنهندي پڇيو.
    ”انشاءَ الله!.....لڳي ٿو ته امان حاجاڻيءَ جا پير زور ٿيندا!“، مولوي وراڻيو.
    گهر جا ڀاتي مسجد مان موٽي آيا ته گهر ۽ ڳوٺ ۾ چؤٻول ٿي ويو. هر ڪنهن مولوي عبدالقادر جي ڳالهه تي ويساهه ڪيو، ڇو ته کين يقين هو ته کيس پراڻن ۽ شهيد ٿيل ڪتابن جو وڏو علم آهي.
    ٽنهي ننهرن کي ڍڪر چڙهي ويا هيا. پاڻ ۾سس پُس پئي ڪيائون ته ان ڪاٺ جي پيتيءَ جو ڇا ٿيندو، جيڪا انهن وڏي مشڪل سان امان حاجاڻي جي کٽ هيٺان صفائيءَ سان ڪڍي؛ هُريءَ ۾ لڪائي، اڃا کولي به نه ڏٺي آهي، ته منجهنس ڇاڇا پيل آهي.
    سڪرات جي نائين رات هئي. امان حاجاڻي جي نڙ گهٽ مان کرکرو ڪڏهن تيز ڪڏهن آهستي هلي رهيو هيو. جنهن مان ظاهري طور تي ڪو به اندازو نه پئي ٿي سگهيو ته امان حاجاڻي ڪهڙي ڀر ٿيندي. پر مهمانن ۽ گهر جي ڀاتين کي مولوي عبدالقادر تي اعتبار هيو. ان ڪري ڪيترن مهمانن سمهڻ کان اڳ اهو پڪو فيصلو ڪيو هيو، ته ڇا به ٿئي، هو سڀاڻڪي سج ۾ ڪک پن ٿي ويندا. ٽنهي پٽن، ماءُ تي آخري صلوات شوڪاري ۽ پوءِ چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ، زالن کي ماءُ وٽ ڇڏي، پاڻ ٻاهر وڃي آرامي ٿيا.
    سڄي عمر ماءُ جيِ ميڙي چونڊي کائيندڙ پٽن، جن ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو هيو. اڄ بيلچي هڻڻ ۽ کاٽي کڻڻ جهڙن ڀوائتن خوابن کانسواءِ مٺي ننڊ پئي ڪئي. کين اطمينان ٿي چڪو هيو ته ماءُ جي پورهئي مان اڃا سندن داڻو پاڻي لکيل آهي.
    مڙسن جي هدايت مطابق ٽنهي ڏيرياڻين کي ويهي ڏينهن ڪرڻو هيو. انهيءَ ڪري نه ته، امان حاجاڻي جي رضا ڪرڻ جي صورت ۾، کين اکيون وٺڻيون يا وات بند ڪرڻو هيو. پر تاڪيد سان چيل هين ته کيس سرت ايندي ئي پڙهايل کير جو هڪدم ڍُڪ ڀرايو وڃي. ٽنهي ڏيرياڻين جون وسوسي ۽ هُٽ کٽي ۾ گهڙيون پئي گذريون ۽ دل پئي هلي. انهن کي رڳو ان ڳالهه پئي ماريو ته امان حاجاڻي سرت ۾ اچڻ کانپوءِ جي کٽ جي هيٺان ليئو پائي ڏٺو ته ڇا ٿيندو؟......... هر ڏيرياڻي کي ٻي جي ساٿ ۽ سچائي تي گهٽ اعتبار هيو، توڻي جو قسما قسمي ٿيل هئي. رکي رکي هٿن ۽ اکين جي عجيب وغريب اشارن ۾ هڪ ٻئي سان ڪو مخفي انداز ۾ اظهار به پئي ڪيائون.
    هئو مئو ٽري چڪو هيو. گدڙن جون اوناڙيون ڪڏهن تيز، ڪڏهن آهستي ٿيڻ لڳيون هيون. جواب ۾ ڪنهن ڪُتي جي ڀوءنڪ يا رُوڙ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. رکي رکي ٽيٽهر جي ’ٽر! ٽر!‘ رات جي سانت کي پئي چيريو.... رات پنهنجا ٻه پهر ٽپائي، ٽئين پهر ۾ داخل ٿي چڪي هئي. هر ڪو گهُگهَه ننڊ ۾ هيو، سواءِ بي چين عاشقن ۽ بيمارن جي، جن بي چينيءَ وچان پاسا ورائيندي پئي کنگهيو ۽ ٿُڪيو. ڪڪڙن آهستي آهستي هڪ ٻئي پٺيان دَس هڻڻ شروع ڪري ڏنا هيا. خير سان وڏو اَسرُ ٿي چڪو هيو. پر اوچتو ئي اوچتو ناخيري ڏکوئيندڙ آوازن، ستل مهمانن ۽ گهر جي ڀاتين ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي. سڀني امان حاجاڻي جي ڪمري ڏانهن وٺي ڊوڙ پاتي ۽ اندر گھريا. بتي جي جهيڻي روشني ۾ ڏٺائون ته امان حاجاڻي جو وات کليل ۽ اکيون ڦوٽاريل هيون. گهڻن ڏينهن جا روڪيل سڀني مردن ۽ عورتن جا ڍنڍڪار، وچئين ننهن جي اوسارن ۽ ننڍي ننهن جي پِٽڪي سان شروع ٿي ويا. اُڀ ڏاريندڙ روڄ ۽ راڙي ۾ ڪنهن سار ئي نه لڌي؛ ته بيهوش ٿيل وڏي ننهن کي ڪو پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي اُٿاري ۽ سندس ڀڪوڙيل هٿن مان وٽيل رئي کي ڇڏائي.


    ايڪسپلينيشن ڪال

    جڏهن مليل ايڪسپلينيشن ڪال ۾لکيل هڪ هڪ الزام کي پڙهي پورو ڪيائين، ته هن ائين محسوس ڪيو، ڄڻ زهر جو هڪ هڪ ڍڪ ٿي سڀئي الزام سندس نڙي ۾لٿا هجن. سندس وات خشڪيون هڻي ويو هيو. هن ويسٽ پيپر باسڪيٽ ۾ ٿڪ اڇلائڻ چاهي، نه نڪتي. هن ڳيت ڏيڻ چاهي ته نه ڳهي سگهيو. پوءِ هن کيسي مان پَنَ جي ٻيڙي ڪڍي، چڪ ۾ ڪري دکائڻ جي ڪوشش ڪئي. تيلي ماچيس جي گندرڦ واري پاسي تي ٻه ٽي دفعا گَسڻ کان پوءِ ، هڪ دفعو اتفاق سان صحيح هنڌ تي لڳي،پوءِ ٻري پئي . ٻريل تيليءَ جيئن ئي سندس پَن جي ٻيڙيءَ کي دکايو ته ان سان ڄڻ هن جو اندر به دکندي ٻري پيو ۽ پوءِ هڪدم توائي کائي ڪرسيءَ تان اٿيو. لفظ سندس وات مان ڄڀيون ٿي نڪرڻ لڳا:
    ”ظلم جي به ڪا حد ٿيندي آ.... تيرنهون سال رنڱائيندي ٿيو آهي، هتي!..... اهڙي زيادتي ڪڏهن نه ٿي.... هيءَ ٻي ايڪسپلينيشن ڪال ڪهڙا ڙي ڌاڙا هنيا اٿم، جو مون تي الزام ٿا مڙهينِ؟.... پاڻ ڄڻ مسيت جا ڪک آهن ..... رڳو نڌڻڪو مون کي لڌو ٿئون، ڄڻ ڪو مان لولو مل جو ڪڙمي آهيان. آءُ به سينئر آهيان ، لکڻ پڙهڻ ايندو آ. اهو جواب ڏيندو مانِ جو ڪنن مان دونهان نڪري ويندن!“
    ”اڙي ! هاڻي بس ڪر، گهوگهه نه هڻ. خوامخواه، وڌيڪ پنهنجي لاءِ آزار ڪندين!“، ڀرسان ويٺل ڊسپيچر کيس اڌ ۾ ڪٽيندي سمجهايو.
    ”تون ته بس ڪر چمچا! جمعو جمعو اٺ ڏينهن ٿيا ٿئي، مون کي ٿو پڙهائين!“، هن جي ڇڙٻ تي ڊسپيچر اسٽئمپ رجسٽر ۾ منهن هڻي، کٽل ٽڪلين کي پوري ڪرڻ جي حساب ۾ لڳي ويو.
    هن جي اهڙين اجاين دانهن ڪوڪن تي، ڪنهن ڪنڌ ورائي کيس چَکي به نه ڪيو. ڄڻ سڄي ورڪس برانچ ۾ ويٺل اسٽاف جي واتن تي ڪنهن اسڪاچ ٽيپ هڻي ڇڏي هئي. هو دبرندي دبرندي ساڻو ٿي ڪرسيءَ تي ڪري پيو هيو. سندس ڪرڻ سان ڪرسيءَ جون ڪجهه واڻيل پراڻيون پلاسٽڪ جون تندون ٽڙڪي هيٺ لڙڪي پيون هيون. وڏا ڪڇ هڻندي، نڪ مان دونهان ڪڍندي، تيز نگاهن سان سامهون ويٺل سپرنٽيڊنٽ کي ڪاوڙ مان جهوت پائي گهورڻ لڳو. سندس تڪڙن ساهن مان ائين محسوس ٿي رهيو هيو، ته هو پنهجي سنهڙي سيپڪڙي جسم اندر واڳونءَ جهڙي سپرنٽيڊنٽ کي ڳڙڪائي ڇڏيندو. جڏهن ته سپرنٽيڊنٽ ٽيبل تي پيل ڪاغذن کي اٿلائيندي، سرد مهر چهري سان بظاهر پر سڪون نظر اچي رهيو هيو، ڄڻ ته ارباب جهڙن تي سندس اک ئي نه ٻڏندي هئي.
    خبر ناهي ڇو، هن کي خاموشيءَ کان نفرت هئي. ڪيترا ئي اهڙائي راز جيڪي ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ روم واري قبرستان ۾ دفن ٿي ڳري سڙي ويا هيا. اهي هن پنهنجي اندر جي ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ تي محفوظ ڪري رکيا هيا ۽ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪمپيوٽراسڪرين تي پيش ڪري ڇڏينديو هيو. ته فلاڻو پراجيڪٽ، جيڪو فلاڻي آرڪيٽيڪٽ ۽ انجنيئرنگ ڪمپني کي ٺيڪي تي مليو هيو؛ ان ۾هرهڪ صاحب ڪيتري پرسنٽيج ورتي هئي. ڪنهن پراڻي فائيل جي پڪڙ پڇاڙ تي ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ڪندو هو، ته اهو فائيل پنهنجي ڳاڙهي ڪفن سوڌو رڪارڊ روم مان ڪيئن چوري ٿيو۽ ڪنهن ڪرايو.
    سندس اهڙين حرڪتن جي ڪري ڪيترا دفعا سندس پيشي وڏن صاحبن وٽ ٿي چڪي هئي. جيڪي کيس زباني داٻ دڙڪا ڏيئي معاف ڪري ڇڏيندا هيا. پر اهڙين حرڪتن جو هو تيرنهن سالن کان عادي هيو ۽ اڳين سپرنٽيڊنٽن سندس اهڙين حرڪتن جي باوجود به کيس بي ضرر واتوڙي سمجهي هلائيندا آيا هيا. پر جڏهن کانوٺي سپرنٽيڊنٽ صالح بيگ سياسي سفارش تي ٻي کاتي مان بدلي ٿي هن کاتي ۾ آيو هيو، ته هو هنجي اهڙين حرڪتن تي ڪاوڙجي پيو هيو. صالح بيگ وڏو زماني شناس ۽ چالاڪ شخص هيو. هو ڪيترن ئي کاتن کي کائي کپائي هتي پهتو هيو. هُن اها ڳالهه هر آفيسر جي ڪَن ۾ وجهي ڇڏي هئي ته ڪنڊو کڻي ڪيترو به ننڍو هجي، پر پير مان ڪڍڻ گهرجي؛ نه ته ان جي چُڀ چُڀ ڪڏهن به پڪريز ڪري سگهي ٿي. هو خاموشيءَ سان پنهنجي هيڊ ڪلارڪ جي ٽيبل تي شارٽ لِيو رکي، آفيس مان ڳرن قدمن سان نڪتو هو. پوءِ اندر ۾ لڇندي، خيالن ئي خيالن ۾ جوجڪيون کائيندي، سڀني آفيسرن کي سپرنٽيڊنٽ سميت ويٽ پيپرن سان سنگسار ۽ ڪٽرن سان رتو ڇاڻ ڪندي دامن علي فقير جي اوتاري تي پهچي چڪو هيو.
    هن کي دامن علي فقير جي اوتاري تي، ڳچ وقت تائين استاد ڇٽل اڳيان تڏي تي ويهڻو پئجي ويو. استاد ڇٽل پنهنجي زماني ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ جو جهيڙيڪار ۽ بغاغي-باز هيڊ ڪلارڪ ٿي گذريو هيو. انگريزي لکڻ جو وڏو ڀڙ هيو، تنهنڪري پاڙيوارن جي لاءِ فرسٽ ايڊ جي مثال هيو. پاڙيوارا نوڪرين کانوٺي، ٻارن جي جهيڙن تائين درخواستون لکرائي ويندا هيس ۽ پوءِ سڄي عمر پوليس ۽ ڪورٽن جي چڪرن ۾اڙجي ويندا هيا. پر ان وقت استاد ڇٽل خلافت ۽ امامت جي چوڏنهن سئو سالن واري پراڻي ڳنڍ کي کولڻ ۾ مصروف هيو. جنهن تي دامن علي فقير ۽ ٻيا حالي موالي رکي رکي کيس ”بر حق! بر حق!“ چئي داد ڏئي رهيا هيا. ارباب، استاد ڇٽل جي ڳالهه کي نه کُٽندي ڏسي، پنهنجي صبر جو پئمانو ڇلڪائي وڌو :
    ”استاد وڏا، چوڏنهن سئو سالن جو پراڻو ۽ پيچيده مسئلو ته حل ڪري ٿا وڃو، پر اڄوڪو حق ۽ ناحق جو مسئلو جيڪو ڪلارڪن ۽ صاحبن جي وچ ۾ آهي، اهوبه حل ڪري ڏيکاريو ته مڃانوَ!“.
    استاد ڇٽل، پاڙيسري ارباب جي اها سنئين سڌي چئلينج برداشت نه ڪري سگهيو. پنهنجو قصو اڌ ۾ ڇڏي کانئس هڪدم روداد پڇي ورتي ۽ پوءِ ڇٽل هن کي هڪ ڊگهو ۽ سربستو جواب لکرايو. جنهن ۾ هن پنهنهجي زندگيءَ ۾ ڪيل سرڪاري ڦڏن ۽ تجربن جو نچوڙ وڌو ۽ انگريزي جا اهڙا ڏکيا لفظ ٺوڪيا هيا، جو آخر ۾ پاڻ ئي گيرنٽي ڏيندي چيائينس:
    ”ارباب! منهنجي انگريزي کي تنهنجو ڊائريڪٽرجنرل ته ڇا، پر تنهنجي ڊپارٽمينٽ جوسيڪريٽري به نه سمجهي سگهندو“.
    ٿيو به ائين جڏهن هن ٻئي ڏينهن تي اهو جواب ٽائپ ڪري پيش ڪيو ته، سندس ڏنل جواب کي ڪو به سمجهي نه سگهيو هيو. اهوئي ٿيو، جنهن جو کيس ڀئو هيو، يعني شوڪاز نوٽيس.....
    هو ايڪسپلينيشن ڪال وٺڻ جو ته عادي هيو. پر شوڪاز نوٽيس کيس تيرنهن سالن جي نوڪري ۾ پهريون دفعو مليو هيو. هن غور سان پڙهڻ کانپوءِان جو هي مطلب ڪڍيو هيو ته ڊائريڪٽرجنرل اِفيشنسي ۽ ڊسيپلينري قانون تحت هڪ فيصلي ڪندڙ اٿارٽي آهي. ان ڪري مٿانئس لڳل الزامن، جنهن ۾ آفيس جي ڪمن ۾ دلچسپي نه وٺڻ، آفيس ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي صاحبن سان بدسلوڪي سان پيش اچڻ وغيره جي بنياد تي، کيس نوڪريءَ مان ڪڍي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو ۱۴ ڏينهن جي اندر انڪوائري ڪميٽي کي لکت واري جواب يا روبرو بيان ۾ مطمئن نه ڪري سگهيو.
    شوڪاز نوٽيس وٺڻ کانپوءِ تيرنهن ڏينهن هو مسلسل سوچيندو رهيو ته، هن ايڏي وڏي ڪوڙ جو هو ڪهڙو جواب لکي. هن کي شدت سان اهو محسوس ٿي رهيو هيو ته هن آفيس ۾ جيڪي ننڍڙا ننڍڙا سچ ڳالهايا هيا. اڄ انهن جي کيس ڪيڏي نه وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
    ’جيستائين ڪوڙ، ڪوڙ ثابت ٿئي؛ تيستائين ڪوڙ هڪ وڏو سچ آهي‘، اها ڳالهه آفيس جي ٻن ٽن همدرد ڪلارڪ دوستن کيس ڪيترا دفعا سمجهائيندي ٻڌائي ۽ پوءِ صلاح ڏني هئي، ته هو پنهنجا ٻار ٻچا وٺي سپرنٽينڊنٽ ۽ صاحبن جي درن تي وڃي؛ آزيون نيزاريون ڪندي معافي وٺي ۽ پنهنجي جان ڇڏائي.
    پر هن جي مٿي ۾خود داريءَ جو الائي ڪهڙو اُٺ ويٺل هيو، جو پنجن ٻارن جي پيءَ هوندي به هن ايئن نه ڪيو. جيتوڻيڪ هو ڪڏهن ڪڏهن نوڪريءَ تان لهي وڃڻ جو سوچي پريشان ٿي ويندو هيو، ته سندس زال ۽ ٻار جيڪي حال في الحال انهيءَ مامري کان بي خبر آهن، پر جڏهن فاقن ذريعي باخبر ٿيندا ته سندن حال ڇا ٿيندو؟.... ان ڪيفيت جو اندازو لڳائيندي، کيس سخت ڳڻتي وٺي ويندي هئي.
    شوڪاز نوٽيس جي تياريءَ لاءِ خبر ناهي سڄي رات ڇا سوچيندو ۽ پنن تي لکندو رهيو. هن ڪهڙيون ڪهڙيون حڪايتون ۽ شڪايتون لکيون هيون. ان جو اندازو پاڻ کان سواءِ کٽ تي بي چينيءَ سان پاسا ورائيندڙ جوڻهس کي به نه ٿي سگهيو هيو. جيتوڻيڪ ٻه ٽي دفعا پڇڻ جي ڪوشش به ڪئي هيائينس، پر هڪ ئي دڙڪي ملڻ تي خاموش ٿي وئي هئي. پر پوءِ به جوڻهس سندس چڙ مان اندازو لڳائي ورتو هو، ته هو ڪنهن وڏي مصيبت ۾ آيل آهي، ان ڪري هوءَ به ڄڻ ڪنهن اڻڄاتل خوف وچان سراپجي وئي هئي.
    هن اها رات ويهي ڏينهن ڪري ڇڏي هئي. هن پنهنجي پَرِ ۾ اهي سڀ حقيقتون لکي ورتيون هيون جيڪي پنهنجي جڳهه تي سئو فيصد صحيح هيون.صبح جو گهران بغير ڪنهن ناشتي جي نڪري چڪو هيو. ليڪن هن اها تياري مڪمل ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ هن کي انڪوائري ڪاميٽيءَ اڳيان بنان ڪنهن رک رکاءَ جي حقيقتون پيش ڪرڻيون هيون.
    ڏهن ۾ ڏهه منٽ هيا ته هو آفيس جي وڏي گيٽ مان اندر داخل ٿي چڪو هيو. کيس ڪجهه پنا هٿن ۾هيا، جيڪي هووڏي اعتماد سان لوڏيندي، ٺيڪ ڏهين وڳي مقرر وقت تي ڊائريڪٽر جنرل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن پهريائين ڏٺو ته انڪوائري ڪاميٽيءَ جا سڀيئي ميمبر پنهنجين ڪرسين تي سنگ مرمر جي ويٽ پيپرن جيان بي جان لڳا ويٺا هيا. هن جي اندر اچڻ سان ڄڻ انهن ۾ چر پر اچي وئي هئي.
    هن جو غور سان جائزو وٺندي ڊائريڪٽر جنرل مصنوعي کنگهڪر ڪندي، انڪوائري ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”ها ته، پنهنجي بچاءَ لاءِ تو لکت ۾ ڇا آندو آهي، مسٽر ارباب؟“
    ارباب پنهنجي ارڏائپ کي برقرار رکندي ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”اڄ آءُ لکت ۾ اوهان صاحبن جي ايڪسپلينيشن ڪال ڪڍي آيو آهيان. مهرباني ڪري الزامن کي ٻڌو ۽ پوءِ سوچي سمجهي پنهنجي ذهن۽ ضمير تحت جواب ڏيو، نه ته ٻي صورت ۾ الله جي عذاب کان نه بچي سگھندءُ!“، هن ايئن چئي هٿ ۾ جهليل پنا مٿي ڪري پڙهڻ شروع ڪيا:
    ”يو آر هيئر باءِ ڊائريڪٽيڊ ٽو ايڪسپلين دي فالونگ چارجز ....فرسٽ دئٽ يو آر......“
    ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ايڪسپلينيشن ڪال جو هڪڙو هڪڙو الزام سندس پِن ڪشن جهڙي جسم ۾ ڪنهن تيز ٽاچڻيءَ جيان گهرندو پئي ويو.جنهن ۾سياسي سفارشن جي بنياد تي نوڪريون ۽ پروموشن ڏيڻ، ڪرپشن جا عجيب وغريب مثال قائم ڪرڻ، فنڊز جو غلط استعمال ڪرڻ، اقربا پروري ڪرڻ وغيره هيا. انهن سڀني ڄاڻايل الزامن کي هن مڪمل ثبوتن سان پئي پيش ڪيو .
    ”سر ٻڌو ٿا، ته هي ٽَڪي جو ڪلارڪ ڇا پيو بڪي!؟“، ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄڻ خوفَ وچان رڙ ڪري ڊائريڪٽر جنرل جو ڌيان ڇڪايو.
    پر هو ڪاريهر نانگ جيان ڦڻ ڪڍيو بيٺو رهيو، ڄڻ اڄ سڀئي صاحب کائنس عهدن ۾وڏا هوندي به ننڍا هيا. ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن جيڪو رومال سان ٻه ٽي دفعا نرڙ تان پگهر اگهي چڪو هيو، تنهن پريشانيءَ منجهان راءِ ڏني، ”سر! قانون ۾ اهو ڪٿي آهي، ته هڪ ڪلارڪ صاحبن جي ايڪسپلينيشن ڪال ڪڍي ! .... سر، هي پاڳل ٿي چڪو آهي!....“
    ڊائريڪٽر جنرل ڳالهه کي هڪدم سمجهندي، جوالا مکيءَ وانگر ڦاٽي پيو، لفظن جو لائو رڙ جي صورت ۾ ٻاهرنڪتو:
    ”نائب قاصد !....نائب قاصد! اڙي هن چريي کي ٻاهر ڪڍو!....گيٽ هم آئوٽ!.... گيٽ هم!“، ڊائريڪٽر جنرل جو آڱوٺواليڪٽرڪ ڪال بيل جي بٽڻ تي مسلسل پٽيوالن کي سڏيندي هيٺ مٿي پئي ٿيو. ايستائين جيستائين هو پٽيوالن جي هٿان کنڀجي نه ويو.
    ٿوري ديرکانپوءِ انڪوائري ڪاميٽي مڪمل اتفاق سان ڪلارڪ ارباب علي کي پنهنجي بالا آفيسرن سان غير اخلاقي ورتاءُ ۽ ڌمڪين سان پيش اچڻ جو مرتڪب قرار ڏئي، برطرف ڪري ڇڏيو.


    قصو هڪ بي بها نسخي جو

    ”اڳتي جو ڇا ٿيندو؟“
    اهو سوال عمومن توهان کان گهر ۾، اسڪول ۾، ريل ۾، بس تي، آفيس ۾، نجي ڪچهريءَ ۾، جيل ۾ (جيڪڏهن توهان جيل جا عملدار يا قيدي آهيو ته) اڪثر ماڻهن پڇيو هوندو. پر ٿي سگهي ٿو ته توهان پنهنجي علمي بصارت ۽ سياسي سمجهه تحت کين مطمئن ڪندا هجو. پر پنهنجا ته پگهر ئي نڪري پوند آهن، جيڪڏهن ڪو پڇي ويهندو آهي. ان وقت مان سوچڻ لڳندو آهيان ته، ڪاش! مان ڪو خدا جو خاص ماڻهو هجان ها. جي خاص الخاص نه سهي، پر هلڪو سلڪو قطب، ڪو ولي، ڪو پير ، ڪو فقير، ڪو انجم شناس، ڪو پئرا سائيڪالاجسٽ ئي سهي. ڪجهه ته ايندڙ مستقبل لاءِ هام هڻان ها .دانيال پيغمبر وانگر ڪنهن وقت جي بخت نصر کي خوابن جي تعبير ٻڌائي خوش ڪري سگهان ها... ڪنهن ولي يا قطب وانگر سنڌ واسين کي ڊيڄاري سگهان ها، ته سنڌ چاليهه سال اڳ غرق ٿيندي. ڪنهن انجم شناس وانگر ستارن جي گردش تحت ثابت ڪري سگهان ها، ته ايندڙ جنگ ۾ پنهنجو جهنڊو دهليءَ جي لال قلعي تي جهولندو ۽ جڳ ڏسندو. ناسٽر ڊامس وانگر ڪي اڻ کٽ اڳڪٿيون لکان ها يا ماموئي فقيرن وانگر بيتن ۾ پيش گوئي ڪري سگهان ها ته ”جڏهن راجا ٿيندو راڪاس، ته مندين نه وسندا مينهن ، ڦري ڦري شينهن ڪندا سلامي سيهڙ کي!“. ماڻهو ٻيو نه ته، ائين ئي رڳو چون ها ته ”واه ڙي واه فقير، واه جي ڳالھ ڪئي اٿئي!“، ته به ڄڻ لک کٽيان ها. پر ڇا ڪجي نه اهڙي ڏات ملي، نه عقل جي ڏاٺ ئي ڄائي . بس پنهنجي قسمت ۾ اهو لکيل ئي ڪونه هو، ته ڪا اڳڪٿي ڪري عزت ۽ شهرت ماڻجي......
    پر ان ڏينهن انهيءَ احساس ڪمتري مان آجو ٿي ويس. جڏهن هڪ همراهه ڳالهه ٻڌائي. ڳالهه ڇا هئي، بس بي بها نسخو... جيڪڏهن توها به انجم شناس ناهيو، گياني ڌياني پير فقير ناهيو، صرف عام ماڻهو آهيو ته پوءِ هي نسخو اوهان کي به نذرِ الله نيازِ حسين مفت ۾ ڏجي ٿو. بس نسخي ڏيڻ واري جي حق ۾ دعا گهرجو، ته هن جهان ۾ سندس عزت ۽ خير جي گذري، باقي اڳلي جهان ۾ پاڻ ڄاڻي ۽ اهو ڄاڻي........
    ها! ته نسخي وارو قصو هيئن آهي ته، ٿر جي ڪنهن نگر ۾، رات جي اونداهي ۾، ڪنهن پراڻي مندر ۾. مهاراج هيرا لال بغير ڏيئي ۽ بصر جي، ويٺي مالها پئي جپي يا ڦيڻو پئي پڙهيو ته اوچتو مهاراج کي ڪک سنگھي وڌو. مهاراج هانءُ ڦاڙ رڙ ڪئي، ”اي مونکي الائي ڪهڙي بلا کائي وئي!؟“
    اهو ٻڌي چيلا بتيءَ کڻي ڀڄندا آيا، ”هاءِ رام!“ جي دهائي ڏيندا آيا. بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏٺائون ته مهاراج پگهر ۾ شل، آخري پساهن وارا ڊگھا ساه پئي کنيا. مرڻ کان اڳ اهو آديش ڏنائين ،”ماهجي مرتيه کان پوءِ...... ماهجي آسڻ تي........، ماهجي سئوٽ بنسي لال کي...... گهوٽڪي مان گهرائي ويهارجو!... .“ مهاراج جو هو ڏانهن ڪِريا ڪرم پئي ٿيو. هيڏانهن چيلن ٿريلن جي صلاح پئي هلي، ”اڳيئي گھوٽڪي جي سرڳواسي مهاراج نڪ ۾ دم ڪيو هو. وري مٿان مهاراج جي سئوتر کي گهرين آڻين جهڙوڪر پيئڻ کي پاهجي وات تي ويهاريون. نه ڀائي نه، اتراڌين کان ڀڳوان بچائي!“
    ساٺن سنئوڻن کان پوءِ نگر جي مکي ۽ سر پئنچن کي چيلن گهرائي چيو، ”پئنچائت ٻڌي ڇڏي ته سرڳواسي مهاراج چيلي چيتن داس کي سڀوئي پُستڪ پڙهايا هئا. پاڻ پراڻ ڇڏڻ کان اڳ ائين آديش ڏنائون ته، سندس ديهانت کان پوءِ سندس پيارو شِش چيتن داس مهاراج ٿيندو!“
    مکي ۽ سر پئنچن ڳالهه ٻڌي کڻي اکين تي رکي ۽ چيائون، ”جيڪا سرڳواسي مهاراج جي اِڇا سا پاهنجي به!.....“
    جڏهن تاڙو تنوارڻ لڳو. اکيو ابر آسري لڳيون . تڏهن مکي موٽڻ داس سرپئنچن سوڌو مهاراج چيتن داس جي چرنن ۾ اچي ويٺو ،هميشه وانگر هٿ ٻڌي وينتي ڪيائين: ”ٻيو خير کين، مهاراج! ڪرپا ڪري اهو ته ٽپڻو ڪڍي ٻڌايو ته هيلوڪي ورساري ۾ وس ٺاهوڪي ٿيندي يا نه؟“
    چيتن داس جون وايون بتال ٿي ويون. چيلا پنهنجي ليکي پريشان ٿي ويا. پراڻن پستڪن ۾ منهن هڻندي ، ڪورن ڪاغذن تي لکندي مهاراج چيتن داس پريشانيءَ ۾ ڌوتيءَ جي پلاند سان نرڙ تان پگهر اگهندي چيو، ”ڀائي هيل وڏو خرابو ٿيندو!“
    ”تاهجي ته نالي تان گهور وڃان مهاراج!.... پاڻ پڇيو پيا ورساري جو؟“، مکي پريشان ٿيندي سوال کي ٻين لفظن ۾ ورجايو.
    ”اڙي، ٻڌءِ نه! ته هيل وڏو خرابو ٿيندو!“، چيتن داس تڙيءَ سان جواب ڏيندي منهن ڀت ڏانهن ڪندي چيو.
    مکي ۽ سرپئنچ حيران ۽ پريشان ٿي موٽي ويا، پر چيلا سڀ چڙي پيا، ”واه ڙي واه ٻڳلا ڀڳت! پاڻ روڙو مهاراج آ، جو مکي توکان پڇي هيڪ ته ٻڌائين ڏون!“
    ”آءُ ڪينئن ٻڌايان، پاڻ کي ٽپڻي جي ڪهڙي سڌ !؟..... پر پاهجو جواب آهي اهڙو، جو مهاراجي جو ڀرم رهجي ويندو “.
    ”ڪيئن!؟“، سڀن چيلن حيرانگيءَ مان پڇيس.
    ”اڙي مورک ٻڌو! جي مينهن وسيو ته پوکون ٿينديون ... پوکون ٿينديون ته پئسو ٿيندو.... پئسو ٿيندو ته پيٽ ڀرائي ٿيندي ... پيٽ ڀرائي ٿيندي، ته جهيڙ ا ٿيندا ... جهيڙا ٿيندا ته خرابو ٿيندو!“
    ”پر جي وس نه ٿي ته؟“، چيلن ڦيرائي وري سوال ڪيس.
    ”جي وس نه ٿي، ڏيهه ڏڪاربو، ڏيهه ڏڪاربو ته مال مرندو، ماڙهو پاهه ٿيندا ... مال مرندو ۽ ماڙهو پاهه ٿيندا ته ڪو چوريون ڪندو، ڪو سينا-زوريون !..ٻنهي صورتن ۾ جهيڙا ۽ فساد ٿيندا... جھيڙا ۽ فساد ٿيندا ته خرابو ٿيندو!....“
    ”اي ٻيو! صحيح ٿو چئي ... پاڻ سمجهيو ڪو نه!“، سڀني چيلن گڏجي سندس عقل ۽ ٻُڌي جو اعتراف ڪيو ۽ انهيءَ بي بها نسخي کي رٽي ڇڏيو، ته پاڻ وٽ هر صورت ۾ خرابو ئي ٿيڻو آهي.


    زندگي

    سج سوا ڪانو چڙهي آيو هيو. جاني، اسڪول وڃڻ کان گهه گوٿ پئي ڪئي. ماڻهس زوري قميص ۽ سٿڻ پارائيندي پئي چيس، ”پيءُ وانگر هر هلائيندين ڇا؟... ڪن چاچن ۽ مامن وانگر ڏاندن جا پڇ جهليندين؟“
    جانيءَ رينگٽ ڪيا ته ڏاڏهنس، جنهن چاڏيءَ مان لسي پئي پيٽي، تنهن زور سان رڙ ڪئي:
    ”او، پيءُ ۽ چاچا نه قطاريس مائي!... مان پاڻهين ٿي وٺي وڃانس، رڳو مڙسنهن کي چؤ ته منجهند جو سنڀاري وٺي اچيس“.
    ماڻهس مڙيئي سڙيئي ٻوٿ ۽ وارن کي تيل جا لينگها ڪڍيس. ڏندن ڀڳل ڦڻيءَ سان سينڌ ڏنس. پيرن ۾ پلاسٽڪ جي چئونپل وڌس، پوءِ کڻي کيس ڏاڏنهنس جي اڳيان بيهاريندي چيائين،”وٺي وڃ، پنهنجي کي!“
    ”مان نه ويندس، سائين ماريندو!“، جاني ءَ ضد ڪيو.
    ”ڇو ماريندو مستر ابا؟ ... توکي ماري ته ، مارئي جو ساهه نه ڪڍان! .. هي ڏس، مان تنهنجي مَستر لاءِ مکڻ به کنيون پئي هلان ... ڏئي چوندي مانس ته ابا، منهنجي جانيئڙي جو خيال ڪجانءِ . “
    ”اڄ ڇڏيس آئي!.... اڄ گههُ ڪيو ٿئين، ته نه ويندو!“، پڻهس مانيءَ جو گرهه چٻاڙيندي مٿان لسيءَ جو ڍڪ ڀريندي چيو.
    ”ما کي خرچي به ڪونهي ملي“، جانيءَ ٻيو بهانو گهڙيو.
    ”اها ابا، ڪِينَ جو ڪنو چاڙهيون ويٺي آ..... الائي ڪاڏي ٿي ڪري..... هان وٺ، مان ٿي ڏِيان، پنهنجي ٻچڙي کي!“، ڏاڏنهس ٻچڪر ڏيندي، پوتيءَ جي پلوءَ مان ڊينگلو روپيه ڇوڙي جانيءَ کي ڏنو. جاني اُٿلائي پٿلائي ڏسي کڻي پاسي واري کيسي ۾ وڌو. پوءِ جلدي ۾ صندل تي رکيل سليٽ، پوش ڦاٽل پهرين درجي جو ڪتاب ۽ ڦرهي کڻي ڪڇ ۾ ڪئي.
    ماڻهنس، ڏاڏهنس کي هڪدم ٺاهوڪي موٽ ڏني، ”ڪهڙا پٽهين لک آڻي ڏناهن، جو پيڪن کي کارائي ڇڏيم!“
    ”جائي چيو اٿن، سچ چئي دشمني وهاءِ !.. ابا، هل ته هلئون!“، هوءَ دبرندي جانيءَ کي وٺي گهر کان ٻاهر نڪتي.
    ڏاڏي ۽ پوٽو ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، ٻنين جي وچ وارن ٻنن تي هلڻ لڳا. هوا ٻنين ۾ بيٺل نسريل سارين مٿان اول گهول پئي وئي. ميرانجهڙا ۽ اڇا ٻڳهه ٻني جي وٽ تان جهوت وجهيون ڪنهن جيت جڻيي جي تاڙ ۾ ويٺل هئا. جيڪي هنن کي ايندو ڏسي واري وَٽي سان اڏندا پئي ويا. هنن جي گذرڻ کانپوءِ لامارو ڏيئي ساڳي جاءِ تي وڃي ويٺا. جاني، جيڪو پهريائين آهستي آهستي هلي رهيو هيو. سو ڏاڏيءَ کان ٻه وکان اڳتي پئي هليو. ڏاڏهنس پويان چئونري ڪڇ ۾ ڪيون، وکون هڻندي ڄڻ گھلبي پئي آئي. چئونريءَ ۾ مکڻ جو چاڻو لسيءَ جي ڇلڪن ۾ ٻڏي تري رهيو هيو.
    ”ابا آهستي هل!..... مان به ته پڄانءِ نه!؟ “، ڏاڏنهس پٺيان منٿ ڪندي چيس.
    ”تون به ڊڪندي اچ !“، جاني وراڻيس.
    ”مان ابا، هڪ مڙهي، ٻيو سنڌن ۾ سور، ٽيون ڏکن جي ڏڌيل ڪاٿي ٿي توسان پڄي سگھان!“
    هلندي هلندي، اوچتو جانيءَ جي نظر ٻني جي وٽين تي ڦٽل گاهن جي مختلف گلن تي پئجي وئي. جيڪي پنهنجي وت آهر ڇٻر مان ڪر کنيون بيٺا هئا، تن کي ويهي پٽڻ لڳو.
    ”ابا، وري ڪهڙي جُوفي سان لڳين وئين؟ هسڪول ۾ دير ٿيندءِ، ته ڳاٽي ڀڳو مستر ڪرئي نه ڪاوڙ!“
    ”گل ٿو پٽيان!“
    ”ڇا ڪندين ڀَتَرِ، ڀنگوري ۽ ڦُلر جا گل!؟“
    ”تو کي ڳاڙهو ٽِڪو هڻي لال ڪنوار ڪندس، آئون تنهنجي نڪ ۾ ڀَتَر جي گل جي نسبي به وجهندس!“
    ”هاڻي مان کوڳَ ٺوڳَ کي ڪهڙا سنج وجهندين؟“
    ”چوانءِ ٿو ويهه!“، جانيءَ ضد ڪندي چولي جي دامن کان ڇڪي هيٺ ويهاريس، ته ويهي رهي.
    ”ابا، ماڻهو، ڏسندا ته ڇا چوندا؟“
    ”مَرجان ڏسن!“
    ”صفا ڏاڏهين تي ويو آ ضد ۾، ذري به نه لاٿي ٿي... اهو به ائين ڪندو هو. پنهنجي هٿن سان سونيون نسبيون پارائيندو هيو، واليون وجهندو هيو. سڀئي ڳاري پٽن جا ڪاڄ ڪيم، پوءِ به ڪائنياري ته ڪجھ نه ڪيم....هاءِ ڙي قسمت!“
    هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٻنيءَ تي اوڪڙو ٿي ويٺي. جانيءَ پهريائين ڀَتَر جي گل جي ڏانڊين مان نڪتل ڳاڙهي پاڻيءَ سان نرڙ تي ٽِڪو ڪڍيس. پوءِ نڪ ۽ ڪنن جي سوراخن ۾ گل اٽڪائي انگل پورو ڪري اٿيو. ڏاڏهنس به آهستي آهستي سڀئي گل لاهي کڻي پاسي واري گيدي ۾ وڌا.
    هوءَ ڪجهه گهڙيون ته يادن جي وڻ ويڙهيءَ ۾ وڪوڙجي وئي ۽ خاموشيءَ سان هلندي رهي.
    ”مان توسان نه ڳالهائيندس!“، جانيءَ اوچتو ڪنڌ ورائي ڌمڪي ڏنس.
    ”وري ڇا تي رُٺين ڏاڏهين وانگي!“، ڏاڏِهنس خيالن مان موٽ کائيندي پڇيو.
    ”منهنجي ڪڪڙ ڇو ڪٺي هيو، انهيءَ ڏينهن؟“
    ”ابا، اهو ڏائڻ تپيدار جو آيو، ته پڻهين کڻي ڪٺي“.
    ”تو به نه جهليس، نه!؟“
    ”ابا مان پڻهين کي گهڻيو گِهرٽان ڪيون .... ماڻهي وڍيءَ کي ڪير پڄي، پڪڙي کڻي هٿ ۾ ڏنائينس ... هچا پئي ماريي تپيدار کي، روز ٽينگريو بيٺو آ. پڻهين کڻت ۾ اڍائي جريب ڇا هن کنيا، هڪ نه ٻئي ڏينهن ، جاڙا خان ڪتي کان بيهجانءِ!“
    ”تون نه ڏين ها نه!... هاڻي مان توسان نه ڳالهائيندس!“
    ”بس ابا جي تون به نه ڳالهائين، ان کان ته ڀلو آ، مان مري وڃان؟“
    ”ڀلي مري وڃ!“، جانيءَ ڪاوڙ ۾ وراڻيس.
    ”هائو ابا، هاڻي هرڪو مون مان تنگ آ... ماڻهين ته پِير پئي سوري ته اڄ مري، سڀاڻو نه ٿئي ... ٻئي ننڍا پـٽ الله حياتي ڏين، ته گوش ئي نه ٿا ڏين ته ڪا ماءُ آ.... پڻهين جا حال اِهي .... هڪڙو ننڍي پٽ جو سِر هيو، جنهن جي مون سان دل هئي... پوليس ري گناهه ڌاڙيل ڪري ماريس... ڪاٺڙيون ڪيون پئي آيو جهنگ مان! “، وڌيڪ نه چئي سگهي، اکيون ڀرجي آيس، ڳوڙها ڳلن تان لڪيرون ٺاهيندا، کاڏيءَ جي وٽين تان، ڦڙو ڦڙو ٿيندا سندس چولي جي دامن ۾ جذب ٿي ويا.
    هوءَ وري دبرڻ لڳي، ”ماءُ ڄڻي پوءِ مري وڃي. نه هوندي، نه ڏک ڏسندي. گونهه، مٽ ڌوئي، تاتي پالي وڏو ڪري.. وڏا ٿين ته سڃاڻن ئي ڪو نه، ته ڪا ماءُ به آهي. تنهنجو آسرو هيو، تو به اڄ دل کي ڌڪو ڏنو...“
    ڏاڏنهس روئڻهارڪي ٿي چوڻ لڳي، ”ڏاڏنهن مري مون کي اڪيلو ڪري ويو!“
    هوءَ سڏڪندي پئي هلي، جاني ڪنهن خيال ۾ گم هيو. اوچتو جاني ڪجھ سوچيندي پڇيس، ”تون مري ويندءِ، ته توکي به مٽيءَ ۾ پوريندا ڏاڏي ؟“
    ”ها ابا، مون کي به مٽيءَ ۾ پوريندا.“
    ”ايذاءُ نه ايندءِ؟“
    ”ابا مرڻ کانپوءِ ڪهڙا ايذاءُ .... جيئرو انسان آ ته ايذاءَ ئي ايذاءَ آهن!“، ڏاڏهنس ٿڌو ۽ گهرو ساهه کڻندي وراڻيو.
    ٻنو جيڪو، ڳوٺ کان اولهه اڀر ٻنين وچان نڪتل سينڌ ٿي پئي هليو، تنهن گڙنگ واهه تي اچي دنگ ڪيو هو. هاڻ ٻئي ڄڻا واهه جي ڏاکڻي ڪَڙَ وٺيون پئي هليا، ته هلندي جانيءَ جي نظر، واهه جي ڪڙئي تي ڦٽل ڪَنڊن ۽ سَرَن تي ويهندڙ ۽ اڏرندڙ رنگ برنگي ڀنڀورين تي پئجي وئي. سليٽ ڦرهي ۽ ڪتاب کي ٻني تي سَٽي، ڪنهن جڙڏاند وانگر لڙي پيو.
    ”وري ايڏنهن ڪاڏي؟“، ڏاڏهنس رڙِ ڪئي.
    ”حجم ٿو پڪڙيان!“، جانيءَ جواب ڏيندي ڪارسري ٿلهي ڀنڀوريءَ جي ڪڍ لڳو، ته اوچتو ٿاٻو آيس، ڪري پيو ۽ روئڻ لڳو. ڏاڏهنس تڪڙ ۾ ٻني تي چئونري رکي پٺيان ڀڳس. اٿاري کڻي سيني سان لاتس:
    ”ابا مان تو تان صدقو!.... ايڏنهن ڪاڏي پيو وڃي!؟“، پوتي لاهي ميرو ٿيل ٻوٿ اگهيائينس، لٽا ڇنڊيائينس، ”بس منهنجا پنهل بس!..... صبح سان ئي ماڻهين ڏائڻ ڪروڌ ڪيو، تڏهن ڌڪ لڳئه نه! ... هي ته ڏس ڪوِلي ماري وڌءِ!“
    ”ڪاٿي؟“، جاني سُڏڪندي ڪوِلي ڏسڻ لڳو، ته سندس ڌيان ڌڪ تان هٽي ويو. ڏاڏيءَ جي نظر جانيءَ جي نڪ مان نڪتل سنگهه جي ٽيڻي تي پئي جيڪو سون! سون! جي آواز سان هر اندر ۽ ٻاهر پئي ٿيو . ڏاڏهنس پوتيءَ جي پلئه سان چپٽي ٺاهي سنگهه کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ان سان گڏ اندر جو اوڳر پڻ، ”سئو دڦا رن کي چيو ٿم ته ٻچڙي کي نيراني ماکي چٽاءِ.! پر منهنجو ڪاٿي ٿي ٻڌي ڇيڪ!... آنڊا ته مهنجا ٿا ڇڪجن، هن جي آڱوٺي کي سُور!“
    اسڪول جي عمارت اچي سڻائي ٿي هئي. کين واهه جي رڳو ٻنڌ ٽپڻي هئي.
    ”تڪڙ نه ڪجانءِ اڻانگي ٻنڌ آ، مهنجا مور!“، ڏاڏيءَ جانيءَ کي هميشه وانگر نصيحت ڪئي، پر جاني هميشه وانگر نصيحت اڻ ٻڌي ڪري، تڪڙ ۾ ٽپي ويو.
    ”پيءُ وانگر اونٿرو آ!... پيران پير تون سئولي سڻائي ڪجانءِ! ... قلندر سهڻا، تون والي واهر ٿجانءِ!... شاهه گودڙيا!توکي پارت آ“، ڏڪندي ڏڪندي پير گڏ ڪندي ٻنڌ ٽپي ته شوڪارو ڀريائين، ”هاءِ، هاءِ! هاڻي الله کڻي ماري، انهيءَ روز روز جي لُجهڪڻ کان.“
    ”ڏاڏي مان ڪڏهن مرندس؟“، جاني معصوميت مان پڇيس.
    ”ڇو ابا، خير گهر!؟“
    ”مان ڀي ته روز روز اسڪول ٿو وڃان نه!؟“، جانيءَ وراڻيو.
    ”نه منهنجا راڻا، تون ته ائين نه چوندو ڪر! ... تنهنجي بدران ماڻهين ڏائڻ مري.!...تنهنجي تيرنهن تالي نانهن مري ....پوءِ مان مران!.... الله ڪري تون پڙهي وڏو صاحب ٿئين.... مينديون لائين... وني آڻين... آڍڙو ٻڍڙو ٿئين، اهل عيالَ وارو ٿئين...“
    ٻئي ڳالهائيندا ٻولهائيندا ٻن ڪمرن واري اسڪول ۾ گهڙيا . ڪلاس ۾ پهتا ته ماستر هٿ ۾ لڪڻ جهليون سيکاري رهيو هيو: ”صاحب جيئن ئي اچي سڀئي اُٿي زور سان چئجو، اسلام عليڪم!“
    ”او ابا، مستر!.... مان پنهنجي جانيئڙي کي وٺي آئي آهيان!“، ڏاڏيءَ ماستر جي تيارين ۾ رخنو وڌو.
    ”ڪراڙي هي وقت آ اسڪول ۾ وٺي اچڻ جو .... ڇوڪري کي نه پڙهائڻو ٿئو، ته کڻي ٻڌايو ته ڪڍانس نالو“، ماستر ڏاڏيءَ تي ناراضگي ڏيکاريندي چيو.
    ”اڙي ابا، ڳپل پنڌ جو آ، هي پٿوئڻون ويچارو ، مان پوڙهي...... پنهنجي ڳوٺ جو هسڪول وڏيري جي اوطاق نه ٿئي ها، ته ائين دڙڪا ڏين ها.!؟.... ابا الله توکي وڌائيندو!....... مان هي تنهنجي لاءِ مکڻ به آندو آهي“، جانيءَ جي ڏاڏي ساهين ۾ هيٺاهين مٿاهين وٺندي ماستر جي اڳيان چونئري جهلي. ماستر چئونري ۾ نظر وڌي ته اڌ ڪلي جيترو چاڻو نظر آيس. ماستر هڪدم مکڻ جيان نرم ٿي ويو، ”ماسي دل ۾ نه ڪر... اڄ سپروائيزر اچڻو آهي، انهيءَ ڪري کڦڙ تال ۾ آهيون. اچي ته جان ڇٽي ... پوءِ وري ساڳيا لاٽون ، ساڳيا چڳهه. ڪڏهن ٻار نه، ته ڪڏهن اسان نه!“، ماستر کلندي وراڻيو.
    ”اِهو شفر واشر ڪير آ، ابا؟“
    ”ماسي، اهو اسان جو صاحب آ.... اڄ تو وارو مکڻ وڏو ڪم ڪندو. باقي هن ڳوٺ وارن ۾ ته حياءُ ئي ڪونهي. پورا پنج سالَ اسڪول جي عمارت ۾ ڍور ٻڌئون، اسان کين اکر به نه چيوسي!“، اهو چوندي ماستر چئونري وٺي کڻي دريءَ ۾رکي.
    ”هائو ابا، رِپن مٿان رپان!..... مان تنهنجي لاءِ ٻيو مکڻ به آڻيندس، منهنجا لال! رڳو منهنجي جانيئڙي جي پارت هجئي .“
    ”ماسي، روحل جي نه!؟
    ”ابا، مان ڪيئن نالو وٺانس ... ان جو نالو ٿس.... منهنجو ته رڳو جانيئڙو آ“، ڏاڏي شرمائيندي وراڻيو.
    ”ماسي، تون دلجاءِ ڪر!“
    ”ابا! چئونري واندائي پوءِ پڻهس کي ڏئي ڇڏجو،جنهن مهل اهو جانيئڙي کي وٺڻ اچي“.
    ”هائو ماسي هائو، رڳو دعا ڪر ته خير جو ڏينهن گذري!“
    ”ابا الله جي دعا ٿو!“، هوءَ چوندي هلڻ لڳي، ته جانيءَ کي هڪدم خيال آيو، سڏ ڪيائينس:
    ”ڏاڏي!؟“
    ” جيءُ ڪيانءِ!“، ڏاڏيءَ ڪنڌ ڦيرائيندي جواب ڏنس.
    ”هيڏي ته ڪن ڪر!“، جاني ڏاڏيءَ کي راز واري ڪا ڳالھ ٻڌائڻ پئي چاهي.
    ڏاڏي جهڪي جانيءَ جي وات آڏو ڪن جهليو.
    ”هاڻي نه !..... رات به نه!....سڀاڻي به نه!...... جڏهن مان بابي جيڏو ٿي وڃان، پوءِ ڀلي مرجانءِ!“، جاني سڙٻاٽن ۾ چيس.
    ”ابا، هاڻي الله ڏينهن کٽائي ته چڱو نه!؟“
    ”چيومانءِ ته نه مرجانءِ!“، جانيءَ زور سان رڙ ڪندي ڄڻ نه مرڻ جو حڪم ڏنس.
    ”هائو ابا، جيئن تو چيو!“، ڏاڏيءَ ڄڻ سندس حڪم اکين تي رکيو.
    موٽندي جڏهن اڻانگي ٻنڌ ٽپڻ لڳي ته پِيرَ سورڻ به وسري ويس. چپن تي مرڪ ۽ اکين ۾ زندگيءَ جي ڀرپر چمڪ هيس. تڪڙيون تڪڙيون وکون پئي کنيائين، ڄڻ جانيءَ جي لفظن کيس جواڻ جماڻ ڪري ڇڏيو هو.


    نئين راند

    ”رات باه ڇو ٻاري هُيوَ؟“
    ”مامڙا آيا ها!“
    ”مامڙن ڇا آندو هو؟“
    ”تيل ميٽ!“
    ”تيل ميٽ ۾ ڇاهيو؟“
    ”ڦڻي!“
    ”ڦڻي ۾ ڇا هيو؟“
    ”جونءَ!“
    ”جونءَ ۾ ڇا هيو؟“
    ”لِيکَ!“
    ”لِيکَ ۾ ڇا هو؟“
    ”ڄئي!“
    ”ڀڃان سسڻهين جي تئي، ڪوسا ڪوسا هٿ ڏيکار!“
    ٻارڙا هٿن جون تريون مهٽيندي هڪ ٻئي کي ڪوسا ڪوسا هٿ ڏيکاري رهيا هيا.
    ”اڙي مڙو ڪونه ٿا،دلبر!؟ “، ڪرڙوڍ همراه جيڪو اَچت ٿيو باهه جي لپڪندڙ ڄيرن مٿان پير ۽ هٿ سيڪي رهيو هيو، تنهن سڀني کان شرارتي ٻار کي دڙڪو ڏيندي چيو.
    ”ڏاڏا خيرا، کيڏي پوءِ سمهي ٿا پئون!“، دلبر جواب ڏنس.
    ”ابا، جهلين سڄي تنهنجي پلال واري پاٿاري خراب ڪري ڇڏيئون“، نوجوان عورت، ڪرڙوڍ همراه کي دانهن ڏيندي ٻڌايو.
    ”ڀلا، اهي اَواچَ مڙندا!؟“
    ”ابا، تو مٿي تي چاڙهيو ٿن!“، نوجوان عورت کلندي وراڻيو.
    ”هائو، مائي قائمان هائو!.... مان مٿي تي چاڙهيو ٿمان! بس نه!... نُنهن ٿي پئي آ، نه ته اهڙي ٻڌايانءِ!“
    قائمان تئي تي تڪڙيو تڪڙيون مانيون وجهندي پئي ويئي، پورو کارو مانين جو پچي تيار ٿيو هيو. جستي وڏو ديڳڙو ٻوڙ جو اڳيئي ٽچڪي رهيو هيو.
    ”ماني تيار آ؟“، هڪ قداور ڪوپي جوان لانڍيءَ ۾داخل ٿيندي پڇيو.
    ”ها تيار ٿي وئي آ“، قائمه ٻڌايس.
    ”کڻي وڃان؟“
    ” ها ڀلي!“، قائمه وراڻيو.
    ماني کڻي وڃڻ کان اڳ ڪروڙڍ همراه،نوجوان کي خبردار ڪندي چيو، ”کارائي جان ڇڏائجانءِ .... چئجانءِ ته ٻيلي چُپاتا نڪري وڃو... نه ڪتو ڏسي نه ڀونڪي... ماڻهو مال هجين ته نه وٺجانِ، چئجان ته اسان وٽ چانجوسي گهڻي آ... ڍڳو ڍور هجين ته به محبت خروس وارين دڻين ڏانهن اماڻي ڇڏجانءِ.... جانب، سمڌءِ نه مان واري ڳالهه؟.... متان هلڪڙائپ ڪري جنجار ۾ وجهرائين....“
    ”ساهه نه وڃئي، ابا!..... ٻڌايو مانءِ ته مال ڪونهين، اڃا شڪار تي وڃن پيا“، جانب ڪاوڙ ۾ وراڻيس.
    ”ساهه جا سَڪا، منهن ته پوءِ مان ٿو ڏيان نه، اوهان ته ڊونڊا ٿي لڪي ٿا وڃو.“، ڪَرِڙِوَڍِ همراه جانب تي ڪاوڙ کائيندي چيو. جانب مانيءَ جو کارو مٿي تي رکيو، هٿ تي لٽي جو سينهو ٺاهي ان تي ٻوڙ جو ديڳڙو رکرائي ٻاهر نڪرڻ لڳو، ته قائمه اَٽي واري ٿالهه ۾ پنهنجا هٿ ڌوئيندي ڄڻ اَڄاتي خوف وچان چيس، ”اڙي، جود ڪجانءِ متان کُپ کوڙي ويهي رهين. “
    ”هائو ٻڌم! هاڻي گھڻو مٿو نه کاءُ، وڃڻ ڏي!“، جانب بيزاريءَ مان وراڻيس.
    ٻارڙا جيڪي پاٿاريءَ جو پلال هيٺ مٿي ڪري کنڊيري رهيا هيا، تن کي ڏسندي ڪَرِڙِوَڍِ همراه ڌڌڪر پٽيندي چين، ”اڙي هاڻي اٿو، ته هڻانوَ نه کلا!“
    ٻارڙا کِل وِل ڪندا ويڙهي جي گهرن ۾ پنهنجن پنهنجن هنڌن ڏانهن وٺي ڀڳا، سواءِ دلبر جي، جيڪو ٽپو ڏيئي ڪرڙوڍ جي جهولي ۾ ويهي رهيو.
    صبح جي اتر جي هوا واڪا ڪندي وانڍين ۾ ڪاهي پئي هئي. مڙد عورتون ٻُٽان ۽ ٻُڪل هنيون پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارن ۾ مشغول هيا. ائين پوليس جون ٻه جيپيون گاڏين جي چارن تان ڦرڙاٽ ڪنديون، وانڍ جي اوطاق ۾ اچي پهتيون. اوطاق ۾ ڪرڙوڍ همراهه ڍلي ٿيل کٽ جي تانگهه بيٺي پئي ڇڪي، دلبر ٻوڪي ٻڌيون پٽيل ڪنگو ٽارن سان بيٺي پئي کيڏيو.
    ”اڙي، وانڍ جو چڱو مڙس ڪيرآ؟“، صوبيدار جيپ مان لهڻ سٽ ڪڙڪي سان پڇيو. ڪَرِڙِوَڍِ تانگهه کي ڇڏي ساڻن مُنهان منهن ٿي کين هٿ ڏنو.
    ”نالو؟“، صوبيدار کانئس پڇيو.
    ”خيرو!“
    ”خيرو، خيرو تون آ؟“، صوبيدار هيٺان کان مٿي تائين گهوريندي پڇيس.
    ”هائو!“، خيري ڇهپرن جي پڇڙين کي تاءُ ڏيندي وراڻيو.
    ”وانڍ ۾رات ڪير آيا هئا؟“، صوبيدار پڇيس.
    ”ڌاڙيل!“
    ”ڌاڙيلن ڇا آندو هو؟“
    ”هٿيار، باروت ۽ گوليون !“
    ”ٻيو؟“
    ”ٻيو ڪجهه به نه!“
    ”ڪهڙا ؟“
    ”ربن وارن جو ٽولو!“
    ”انهن کي ماني به کارايئه؟“
    ”هائو! .... اسان وٽ جڳ لَڪي چَٽي ويندو آ“، خيري بغير ڪنهن هٻڪ جي ٻڌايس.
    ”توکي خبر ناهي ته ڌاڙيلن کي ماني کارائڻ ڪيترو ڏوه آ؟“، صوبيدار اکيون ڦوٽاريندي پڇيس.
    ”اهڙو مٿانگر هُئين ته رات اچين ها! وٺين ها نه اڳ؟“، خيري ڏٺو ته صوبيدار وڌندو ٿو وڃي ، سڌي ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ڪيائينس.
    ”ٻچا رولي ڇڏيندو سانءِ، خيرا!“، صوبيدار دهمان ڪيس.
    ”پوءِ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، خيرو بلهذير به منهنجو نانءُ ٿي!“، خيري به دهمان سان دهمان ڪيس. جمعدار ڏٺو ته ڳالهه وڃي ٿي وڌندي ، سو ڳالهه کي ٺاهڻ لاءِ خيري جي ويجهو آيو،”ڪاڪا خيرا ٿورو هيڏي ته آءُ!“
    خيرو سريو، ته جمعدار خيري کي ڳراٽري پائي ٿڌو ڪرڻ لڳو:
    ”خيرا، تون زماني جو ماڻهوآن، توکي چونڪي تي آيل نئين صاحب سان ائين تڪڙو ڳالهائڻ لائق نه هو“،جمعدار ميار ڏيندي چيس.
    ”پوءِ جمعدار خانڻ، هنکي واجب هو ڇا، جو مان سان ائين ڳالهائي؟... رهي درياهه ڀڪ، وجهي واڳن سان وير!....سمجھائينس!“، خيري به ميار جو جواب ميار سان ڏنس.
    ”اسان کي سڻس پئي، آيا سي ته ڪاڪو خيرو ڪوسا ڪوسا نوٽ ڏيکاريندو ته اسان چئونڪي وارن جو سيءُ لهي پوندو.... بڻيادا ٻڌي ڇوڙي وارا آهيو، تهان ۾ اسان جون لک حجتون ۽ حصا آهن.“، جمعدار اشارن ڪناين ۾ پنهنجو مطلب سمجھايس.
    ”رب ڏسي پسي ٿو، ته همراهه لانگهائو ٿيا ها.... باقي ٿيو خير!“، خيري، جمعدار سان ٿڌو ٿيندي سنئين سڌي ڳالهه ڪئي.
    ”پوءِ ائين خالي موٽائيندي ؟“، جمعدار نماڻائي سان چيس.
    ”در لنگهي آيا آهيو ته ٻوهڻي ڪرايانو ٿو، باقي اجائي اميد نه رکندا ڪيو!“،ايئن چئي خيرو گهر ويو. ويڙهي مان پٽ سٽ ڪري روپين جو هزار ڪٺو ڪري، جنهن پير تي ويوانهيءَ پير تي موٽي آيو.
    ”بس، اسان وٽ اهو اٿوَ!“، خيري سئين سڌي ڳالهه ڪين.
    ”اهو به گنج آ، چڱو سلام عليڪم!“، جمعدار پئسا وٺي صوبيدار کي ڏنا ۽ موڪلايو.
    ”ماليڪم سلام!“، خيري ڪنڌ ڌوڻيندي ائين سلام ورايو ڄڻ چيو هجين ته، ’چڱو، هاڻي هلي پئو، ته ڪو ڏسي نه وٺيوَ‘.
    اهو سڄو لقاءُ دلبر هٿن ۾ ڪنگو ٽارا جهليون بت بڻيو، اچرج وچان کين ڏٺو پئي ۽ چيتاريو.
    شام جو لوَن جا پاڇا ٻيڻا ٽيڻا ٿيندا پئي ويا. سياري جي سج اُلهي کانپوءِ ماحول ۾ چوڌاري ڌنڌڪار ۽ خُنڪار وڌي ويئي هئي. لانڍيءَ ۾ باهه جي ڀڀڙ چوڌاري وڏڙا سڏڙا پير ۽ هٿ سيڪي رهيا هئا. ٻارڙن پاٿارين تي ليٽندي پيٽندي المستائيون پئي ڪيون.
    اوچتو ڪنهن ٻار شِرُ ڪڍيو:
    ”ابا ، اچو ته مامڙن واري راند ڪيون!....“
    هڪڙي ٻار چيو، ”رات ڪير آيا ها؟“
    ٻئي چيو، ”مامڙا!“
    دلبر وچ ۾ ڦڏو ڪري بيهي رهيو:
    ”هاڻي مامڙن واري راند ختم!“
    ”ٻارڙن چرڙاٽ ڪندي حيرانيءَ مان پڇيس؛ ”ڇو!؟“
    ”هاڻي ٻي راند کيڏنداسين!“، دلبر جواب ڏنن.
    ”ڪهڙي؟“، سڀن ٻارن سوال ڪيس.
    دلبر چوڻ لڳو، ”ابا ..... مان صوبيدار هوندس..... آئون پڇندس، رات ڪير آيا ها؟.... تهان چئجو، ڌاڙيل!... مان چوندس ڌاڙيلن ڇا آندو هو؟.... تهان چئجو، هٿيار، باروت ۽ گوليون.. مان چوندس، ڪوسا ڪوسا نوٽ ڏيکاريو، نه ته تهان جا ٻچا ٿا روليون!.... پوءِ ابا، تهان مونکي ڪوسا ڪوسا نوٽ ڏيندءُ!“
    ”نه ابا، نه!“، ٻين ٻارن احتجاج ڪندي چيو.
    ”اڙي، هاڻي رات جو مامڙا ناهن ايندا!.... هاڻي ته رات جو ڌاڙيل ايندا آهن ۽ ڏينهن جو وري پوليس ايندي آ“، دلبر ٻين ٻارن کي سمجهائيندي چيو.
    ”ايها سٺي راند ناهي!“، سڀني ٻارن اهڙي راند نه کيڏڻ جو اظهار ڪيو.
    ”جي ايها ناهي سٺي، ته پو ڀلا ڏاڏا ۽ پوليس وارن اڄ اوطاق ۾، ايها راند ڇو کيڏي هئي؟“، دلبر صبوح جو وڏن جي کيڏيل راند بابت ٻڌائيندي، سڀني کان سوال ڪيو.
    ”ها، ڏاڏا؟“، سڀني ٻارن خيري کان سوال ڪيو، ته خيري ڪنڌ ڌوڻي هائوڪر ڪئي.
    اهو ٻڌي سڀن ٻارن راضپو ڏيکاريو، ”چڱو ڀلا، ايها راند ٿا کيڏون!“
    پوءِ ٻارن نئين راند شروع ڪري ڏني:
    ”رات ڪير آيا ها“
    ”ڌاڙيل!“
    ”ڌاڙيلن ڇا آندو هو؟،
    ”هٿيار، باروت ۽ گوليون!“
    قائمه جنهن چلهه ۾ وڌل ڦوڙاٽين کي اکيون چنجهيون ڪري ڦوڪان پئي ڏنيون، تنهن منهن مٿي ڪري خيري کي چيو: ”ابا ٻڌين ٿو، ٻار ڇا ٿا چون؟ “
    خيرو جيڪو گرم لوئيءَ ۾ پاڻ ويڙهيون سيڙهيون ڪرونڊڙو لڳو ويٺو هيو. تنهن زوردار ٽهڪ ڏيندي، پوءِ قائمه ڏانهن منهن ڪندي وراڻيو: ”مائي قائمان! اڄ ننڍا سڀان وڏا، ايئن ته سکندا نه!“


    نازڪ، ٿلهي ۽ سستي کل

    وڏي شهر ۾، سرڪاري آفيسر وچ بازار ۾، سرڪاري گاڏي ”نو پارڪنگ“ واري جاءِ تي بيهاري هلڻ لڳو. هلندي هلندي پگهر ۾ شل ٿي ويو. پريشانيءَ منجهان، ماڻهن جي پيهه ۾ وات پٽيون پئي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. آخر ڪار، روڊ جي پرئين ڀر ۾ کيس اهو دوڪان نظر اچي ويو، جنهن جي تلاش ۾ نڪتو هيو. روڊ پار ڪرڻ لاءِ ٻنهي پاسن ڏانهن نظر ڊوڙايائين. بي انتها رش هئي، بسين، رڪشائن، موٽر سائيڪلن، ڪارين ۽ جيپن جي قطارن ۽ دونهين منجهان، نيٺ ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. دوڪان تي چڱي ڀلي رش هئي. ڪائونٽر تي تيز ترار دڪاندارن اُڀئين پيرين گراهڪن کان پئسا پئي ورتا. دوڪان تان لهندڙ گراهڪ، مرد ۽ عورتون روح جي گهراين تائين کيس سرها ۽ مطمئن پئي نظر آيا، ڄڻ کين اطمينان جوڳي گهربل شيءِ ملي چڪي هئي. هو دڪان تي جيئن ئي چڙهيو، ته دڪان تي بيٺل هڪ سيلز مين جي واپاري مرڪ ۽ آڌرڀاءُ جي ورِ چڙهي ويو:
    ”اچو، اچو سر!.... ڇا گهرجي؟“
    ”کل!!....“، هن ورڻيو.
    ”ڇاجي؟“، دوڪاندار پڇيو.
    ”بس، ڪابه سٺي کل هجي.“
    ”کلون ته سڀ سٺيون آهن“.
    ”اهڙي نرم، نازڪ ۽ ٿلهي کل ڏيکار، جيڪا وڏن صاحبن کي تحفي ۾ ڏيڻ جي ڏانو جي هجي.“،هن وراڻيو.
    ”سر، اسان وٽ ته نانگ ۽ ٻلي کان وٺي لومڙ، بگهڙ، سره، گڊ، هرڻ ويندي شينهن جون کلون موجود آهن، سواءِ انساني کل جي... جيڪڏهن ان جي به رکڻ جي اجازت هجي ها، ته هو گراهڪن کي هرگز مايوس نه ڪن ها.“
    هن سيلزمين جي لفاظي کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ، کيس سڌن لفظن ۾ چيو، ”مون کي ڪنهن خاص جانور جي کل لاءِ ته ناهي چيو ويو. پر ايترو ضرور چيو ويو آهي ته، کل بهترين ۽ شايانِ شان هجڻ کپي.“
    ”توهان کي ڪنهن چيو آهي؟“، سيلزمين پڇيو.
    ”صاحب جي، پرسنل اسسٽنٽ!“، هن وراڻيو.
    ”توهان کي واضع نموني پڇڻو هيو، ته تحفو صاحب کي کپندو آهي يا بيگم صاحبه کي.!...“
    ”اها ئي ته منهنجي غلطي آهي، جنهن مون کي ڪشمڪش ۾ وجهي ڇڏيو آهي.“، هن وراڻيو.
    ”جيستائين اوهان ڪو فيصلو ڪريو، ايستائين مون کي اجازت ڏيو، ته آءُ ڪنهن ٻئي گراهڪ کي ڇڏائي اچان“.
    ”ٻڌ!.... هيءَ کل ڪنهن جي آهي؟“، هن هڪ شو ڪيس ۾رکيل راڊن ۽ بلبن جي چمڪندڙ روشنيءَ ۾ اڇي کير جهڙي سفيد کل ڏانهن اشارو ڪندي، سيلزمين کي ڀڄڻ کان روڪي وڌو.
    ”اها توهان جي ڪم جي ناهي، سَرِ!“
    ”ڇو؟“
    ”اها سهي جي کل آهي،جيڪا عام ماڻهن جي پسند آهي.“
    ”واقعي، هتان جي عام ماڻهوءَ جي پسند جي کل آهي، وڏا ماڻهو سهي جي کل نٿا رکي سگهن!“، هو ڀڻڪيو هن کي لڳو ته سيلز مين رڳو چاپلوس نه آهي، پر ان سان گڏ سمجهه ڀريو به آهي .
    ”هيءَ ننڍڙي ۽ گري کل ڪهڙي جانور جي آهي؟“، هن ڀرسان واري شو ڪيس ۾ جهاتي پائيندي پڇيو.
    ”ڳوهه جي آهي. تمام سٺي ۽ بي عيب کل آهي. هن مان عورتاڻا پرس ٺهندا آهن“، سيلز مين جواب ڏنو.
    ”ڳوهه جي کل ۽ بي عيب کل!؟“ هن بڇان کائيندي حيرت وچان راءِ ڏني.
    ”سائين، اڄڪلهه اها ڏاڍي پسند ڪئي وڃي ٿي. خاص ڪري بيگم صاحبائون انهيءَ جون ديوانيون آهن... توهان ضرور وٺو... گهڻو ڪري ته ’پي اي‘، بيگم صاحبه جي فرمائش اوهان سان ڪئي هوندي ۽ اِهي پرسنل اسسٽنٽ، صاحبن جا گھٽ، ڳوهن جا... منهنجو مطلب آهي، بيگم صاحبائن جا وڌيڪ آهن“، سيلزمين پنهنجي آلي لڪڻ جھڙي زبان کي درست ڪندي چيو.
    هن کي ڳالهه ڪجهه ڪجهه دل سان لڳي، ته سيلزمين کيس ٻين شو ڪيسن ڏانهن متوجهه ڪندي سندس معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لڳو، ”سائين، هيءَ لومڙي جي کل آهي، خاص انگلينڊ مان گهرائي وئي آهي. اها به اڄڪلهه بيگم صاحبائن ۾ ڏاڍي مقبول اٿو... هي ترڪيءَ جي ٻلين جون کلون!.... هي فلپائن جي چمڙن جون ۽ هي فرانسيسي ڏيڏرن جون .... اهي سڀيئي هن شهر جي امير ترين بيگم صاحبائن جي فرمائش تي گهرايل آهن.... انهن جي اڄڪلهه وڏي هلت آهي... سمجهو ٿا نه منهنجي ڳالهه!؟“
    ”تون مون کي چرچائي ٿو لڳين“، هن سيلز مين کي ٽوڪيو، ”ائين هجي ها ته ’پي اي‘ ضرور ڪنهن نموني سان هدايت ڏئي ها“.
    ”ٺيڪ، ٺيڪ ... آءُ سمجهي ويس ته توهان کي وڏي صاحب لاءِ تحفو گهربل آهي... ته پوءِ اچو ته پَرين شو ڪيسن ڏانهن ٿا هلئون ... بلڪل نئون ۽ تازو مال آيل آهي.“
    سيلز مين کيس بلڪل دڪان جي اندر ۽ آخري ڇيڙي تي اچي بيهاريو ۽ کيس ڏيکارڻ لڳو:
    ”سرِ، هي انهيءَ سانڊي جي کل آهي، جيڪو تمام تيزيءَ سان رنگ بدلائيندو آهي. هن ۾ ٻه ورائٽيون آهن، هڪڙي ديسي ۽ ٻي ولايتي.... “
    ”پر هيءَ ته تمام ننڍڙي آهي.“، هن اعتراض ڪندي چيو.
    ”ننڍڙي آهي، پر صاحبن جي پسند جي کل آهي، هن مان ڀاڳ وارا مرداڻا پرس ٺهندا آهن. سچ پڇو ته اهڙا پرس صاحبن وٽ سدائين ڀريل رهن ٿا!..ڇو ته سانڊو اڄڪلھ ڀاڳ جي علامت سمجھيو وڃي ٿو.“
    ”مون کي مزو نه آيو!“، هن کل تي غور ڪرڻ کانپوءِ چيو.
    ”خير آهي، ته پوءِ ڀلا هيءَ ڏسو ڪُتي جي کل!؟“
    ”ڪتي جي کل!؟“، هن نڪ سڪوڙيندي چيو.
    ”هيءَ ڪا عام رولو ڪتي جي کل ناهي، سر!... امپورٽيڊ آهي .... وفاداري، ديانتداري ۽ بهادري جي نشاني ....اڄڪلھ سرڪاري ملازم جي شان وٽان آهي!“
    ”هي ڪو يورپ ڏٺو ٿي، جو ڪتي کي ايتري اهميت ملي... هتي، ڪتو ڪتو آهي. خبر ناهي، تون منهنجي گهُرجَ کي ڇو نه ٿو سمجهين!؟“، هن بيزاري منجهان وراڻيو.
    ”چڱو سر، اوهان صرف ايترو ٻڌايو ته توهان جي صاحب جي فطرت ڪهڙي جانور سان وڌيڪ ملندڙ جلندڙ آهي، بس پوءِ توهان ڇٽل آهيو.!..“، سيلزمين کانئس پڇيو.
    ”منهنجو صاحب!...“، هو سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”دراصل، آءُ اڃا تائين کيس سمجهي ناهيان سگهيو... نئون نئون آهيان ... چيو وڃي ٿو ، ڏاڍو خطرناڪ آهي... ڏنگي ته بچڻ مشڪل .... ظاهر ۾ سندس نظر جي گهور ڏاڍي تيز ۽ چڀندڙ آهي!“.
    ”بس، بس! اهو ڪافي آهي، مان سمجهي ويس،سندس فطرت کي... منهنجي صلاح وٺو“، سيلزمين رازداري سان آواز کي آهستي ڪندي صلاح ڏيندي چيس، ”اوها نانگ جي کل وٺو.... اسان وٽ مصر جي ميوزم مان چورايل، فرعونن واري دور جي ڪاري نانگ جي ڪلاسيڪل کل پئي آهي... لاجواب آهي..... هن کي ڏسي اوهان جو صاحب لهر نه هڻي ته مون کي چئجو !....“
    هاڻ، هو منهنجي پيو، سيلزمين سندس ڀڄڻ جون سڀ راهون بند ڪندي پئي ويو، هو راهه جي تلاش ۾ ذهن تي زور ڏيڻ لڳو ۽ جڏهن کيس ياد آيو. ته دهرائڻ لڳو:
    ”نرم، نازڪ ۽ ٿُلهي کل!....’پي اي‘ ڪجھ اهڙي ئي هدايت ڏني هئي، جڏهن ته هيءَ بلڪل سنهڙي آهي.“
    ”ته پوءِ هيءَ کڻو انڊين ٽائيگر جي، ٿلهي ۽ مضبوط کل! ... انڊيا مان خاص ڪري، اوهان جهڙن قدردانن جي ڪري اسمگل ٿي اچي ٿي!“.
    انڊين ٽائيگر جي چمڪندڙ ۽ من موهيندڙ کل جي سحر ۾ اچي قيمت پڇي ويٺو:
    ”قيمت؟“
    سيلزمين آرام سان ٻڌايس، ”صرف پنج لک روپيه! “
    ڳري رقم جو ٻڌي، هن جا ڪن ٺري ويا. پر هن جي ذهني پهچ ايتري به گهٽ ڪونه هئي، جو هڪ سيلزمين کيس منجهائي وجهي. آخر ته ’سي ايس ايس ٿيل هيس‘؛ چوڻ لڳو، ”اها مون کي ذاتي طور تي خبر آهي، ته صاحب انڊيا جي سخت خلاف آهي ۽ اهڙي ملڪ جي شيءِ تحفي طور وٺڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي“.
    ”اهو صرف ملڪي محبت جو ڏيکاءُ آهي. اوهان بسم الله ڪري کڻي وڃو!.. جي واپس ڪري ته اها ساڳي کل موٽائي اچي مون کي منهن ۾ هڻجو“.
    ”نه! ٻي ڪا ڏيکار. آءُ اڃا جونيئر آفيسر آهيان، منهنجي ڪيريئر جا اڃا پهريان سال آهن. بالا آفيسر جي ڪاوڙ جي رسڪ نٿو کڻي سگهان . هن کي ته منهنجي اي سي آر به لکڻي آهي.“
    ”ته پوءِ، توهان هيئن ڪيو، جو هيءَ کل کڻو!“ ،سليز مين هڪ بهترين سجيل شو ڪيس ۾ ٽنگيل کل ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايس، ”مهانگي ضرور آهي پر صاحبن جي ڊرائنگ رومس جو شان آهي. هي خوبصورت آمريڪن سوئر جي کل آهي!“
    ”سوئر جي کل!“، هن کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. چوڻ لڳو، ”صاحب، الحمد لله مسلمان آهي، کل وٺڻ ته ٺهيو، ان جانور جي نالي کان به کيس نفرت هوندي آهي.“
    ”آمريڪا کان به؟“، سيلز مين سوال ڪيس.
    ”نه سوئر کان!“، هن وراڻيو.
    ”توهان کي ان جانور جي عربي يا پنهنجي ٻولي ۾ نالي کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بس ڏيڻ مهل توهان کي اهو چوڻو پوندو، ته هي آمريڪن وائلڊ بور Amrican Wild Boar جي نرم، نازڪ ۽ ٿلهي کل آهي، ڏسجو ته ڪيڏو نه شاندار شرفِ قبوليت ملي ٿو.“
    ”پر هتي ته، هن جانور کي ڪو ليکيندو به ناهي ۽ تون؟....“
    ”سر، آءُ توهان کي ڪيئن سمجهايان ته هتان جي سوئر ۽ آمريڪي سوئر ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.“، سيلز مين کيس سمجھائيندي چيو.
    ”هن جي رقم؟“، هن بي چين ٿي کيس اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    ”صرف ڇھ لک روپيا!.... سو به توهان جي سر کان!.... نه ته هيءَ کل، ستن اٺن لکن ۾ به وڪامي آهي.“
    ”اهو کل وٺڻ ته نه ٿيو، کل لهرائڻ ٿيو.“، آفيسر احتجاج واري انداز ۾ ڀڻڪيو، جيڪو سيلزمين چڱيءَ ريت ٻڌي ورتو.
    ”اهو ته هتان جو عام اصول آهي، ته ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ پهريائين کل لهرائڻي پوندي آهي ۽ پوءِ اهو ماڻهو ٻين ماڻهن جي کل لاهڻ جي اهل ٿي ويندو آهي. اوهان سمجهو ڇو نه ٿا، ته هيءَ لاڳت آهي“، سيلزمين معني خيز مشڪ چپن تي آڻيندي چيو.
    هن کي لڳو ته سيلزمين پهريائين دانشور هيو. پوءِ بک ۽ بيروزگاري کان مجبور ٿي، اهو ڌنڌو اختيارڪيو اٿائين. هن جي دل هيڪر چاهيو ته سيلزمين کي جهڪي سلام ڪري. پر پوءِ پنهنجي حيثيت جو احساس ٿيس ته شينهن مري ته به ڊڀ نه چري. تنهن ڪري سندس بيورو ڪريٽڪ سيٽ برقرار رهي.
    ”سچ ته آءُ اها کل حال في الحال اَفورڊ نٿو ڪري سگهان... ڇا تون ڪا اهڙي سستي کل نٿو ڏيکاري سگهين، جنهن جي قيمت مناسب هجي؟“، هن سيلزمين کي گذارش واري انداز ۾ چيو.
    ٻيون سر، ديسي کلون آهن. هرڻ جي، گڊ جي، سره جي، ڦاڙهي جي.... جيڪي دڪان جي وچ وارن شو ڪيسن ۾ پيون آهن“
    هو دڪان جي وچ تي سُري اچي، ديسي کلون چتائي ڏسڻ لڳو ۽ منجهي پيو ته ڪهڙي خريد ڪري يا نه ڪري. آخرڪار، اهو فيصلو ڪيائين ته اگهه پار پڇي پوءِ فيصلو ڪندو.
    ”اهي گهڻي گهڻي جون آهن؟“،هن پڇيو.
    ”ٻن ٽن لکن جي درميان ۾ آهن!“، سيلزمين وراڻيو.
    ”تون جيئرن جانورن جا اگهه ٿو ٻڌائين ڇا؟“، آفيسر حيرانگي وچان پڇيس.
    ”سر، کلون جيئرن جانورن کا مهانگيون ٿينديون آهن. سالم کل لاهڻ هڪ وڏومحنت طلب ڪم آهي.... جانورن کي ڌوڪي سان ڦاسائڻ، مارڻ کلڻ، تنهن کان پوءِ لوڻڻ، سڪائڻ، پريس ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ ٽيڪس بچائڻ جا مرحلا الڳ آهن. ان مان اندازو لڳايو ته ان ڌنڌي ۾ ڪيڏو نه کڦڙتال آهي!؟“
    هن کي لڳ ته سيلز مين مڇڏو آهي. هن ساڻس بحث ڪرڻ جي بجاءِ سنئين سڌي ڳالهه ڪرڻ مناسب سمجهي، ”تون مون کي صفا سستيون کلون ڇو نه ٿو ڏيکارين؟“
    ”سر،ناهي صرف معصوم ليلن ۽ ڇيلن جون هونديون آهن. جن مان قراقلي ۽ جناح ٽوپيون ٺهي سگهن ٿيون. اهي اوهان کي ڪنهن عام دڪان تان ملي وينديون. اسان اهڙيون سستيون شيون نه رکندا آهيون!“. سيلزمين کي پورو پورو اندازو ٿي ويو هيو ته هو ڪنگلن ۽ بيوقوف بيوروڪريٽن منجھان آهي، جيڪي رڳو پگهار جي سهاري تي هلندا آهن. تنهن ڪري هن کيس ٺهه پهه ۽ ڪجهه سخت لهجي ۾ جواب ڏنو.
    ”نه، نه!... هروڀرو ايتري به سستي نه هجي. منهنجو چوڻ آهي، ڪا اهڙي کل، جيڪا نرم نازڪ ٿلهي هجڻ سان گڏ، ڪنهن حد تائين سستي به هجي. جنهن مان وڏو صاحب چاهي ته ڊرائنگ روم سجائي يا بيگم صاحبه جي دل ڪري ته سٺو پرس ٺهرائي!“، ڪجھ لڄارو ٿي، هن کيس وضاحت سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ته پوءِ اهڙي کل، اوهان جي پنهنجي ٿي سگهي ٿي!“، سيلزمين کيس وقت جو زيان سمجهندي. خار وچان گهوريندي هليو ويو.
    جونيئر آفيسر سندس بدتميزي واري انداز تي بلڪل نه چڙيو. هن جو هٿ ازخود کڄي، پنهنجي ٻانهن ۽ ڪنڌ تي ڦرڻ لڳو. کيس ائين محسوس ٿيو ته سيلزمين، واقعي سؤ في صد صحيح ريمارڪس ڏنا هيا.


    ٻاڙ

    سج جا ڪرڻا گهر جي اڱڻ تي بيٺل ٻير جي چوٽيءَ کي ڇهندي غائب ٿي رهيا هيا. سوچي سوچي آخر ساڻو ٿي ليٽي پيو هو. سمهڻ ئي حقي جو نڙ وات ۾ وجهي ڦوڪ ڀريائين، ته خالي گڙ! گڙ! کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هن زور سان ڦوڪ ڀري ته تماڪ جي ڪچي ڦوڪ وڃي نڙي ورتس، ڄڻ انهيءَ وقت حقو به کيس چيڙائي رهيو هو.
    هي ڪو هروڀرو حقي جو ٻاڙي به نه هو. پر ڇا ڪري، مڙس جڏهن کان جڏو ٿيو هو، تڏهن کان حقو ڄڻ سٻيلي ٿي پيو هيس. حقو ۽ پاڻ پيا مڙيئي نڀائيندا هيا. پر حقي جي ڦوڪ سندس اندر جي انهيءَ ٻاڙ کي نه ماري سگهندي هئي، جيڪا ڇهن مهينن کان وٺي سندس سيني ۾ سانڍيل هئي. نه پٽهنس پاڻ هُرتڙائي ڪري، شاهه اسماعيل جي ميلي تان موٽندي ڏاند گاڏي ڀڄائي ها، نه شيخن جي ڳوٺ واري لاڙي تان گاڏي اونڌي ٿئي ها ۽ نه ئي وري ڪاڪي جاڳڻ جي ڄنگهه ڌڪجي ها. هر پڇڻ واري جو اهو خيال هيو ته اهو ڌڪ ڪاڪي جي قست ۾ لکيل هيو. پر ڪاڪي جاڳڻ جو پنهنجو خيال هيو ته، ان ڌڪ ۾ قسمت جو هٿ گهٽ، پر علي بخش نظريل جو هٿ وڌيڪ هو. نه علي بخش ميلي تي سندس گوبر ڏاندن کي جوه پائي رڙ ڪري چوي ها، ”اَئي!جاڳڻ ڏاند ته واه جا ٿي!...“ ۽ نه سندس ميلي جي موٽ اهڙي بڇڙي ٿئي ها . هن آئي وئي ۽ ننڍيري وڏيري کي اها دانهن ڏني هئي، ته کيس علي بخش کان چٽي وٺي ڏيو.جي چٽي نٿا رکوس ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي بدلي ۾ سندس کڙي ڏنڀيو. پر هر ڪنهن ڪن لاٽار ڪئي هئي يا هائو! هائو! جي دلاسي ۾ کيس رهائي ويو هو. ان ڪري اڪثر ٿڌا ساهه ڀري چوندو هيو، ”بيٺي جو هر ڪو ئي آ، ڪرئي جو ڪوئي ڪونهي!“. دراصل ڳالھ اها هئي ته پٽهنس ۾ پاڻ وارا افعال ڪونه هيس، نه ته ڇا علي بخش ۽ کيس منهن نه ڏئي. کيس پنهنجي بي وسي جو احساس ستائيندو هيو. دل ئي دل پيو پڄرندي سوچيندو هيو، ته جائي چيو اٿئون ته ويٺي کوه ناهن کڄندا. پنهنجن ڪرايل جھيڙن کي ياد ڪندي ٿڌا ساه ڀريندو هيو. اهڙن جھيڙن مان قادوءَ ۽ صادق وارو جھيڙو ته مشهور هيو. ڳالھ ته ڪا وڏي به ڪونه هئي.بس صادق جي گابي، قادوءَ جي ٻنيءَ مان ڍڍي جي سارين جا ٻه ٽي چڪ هنيا هيا. قادوءَ رڳو گابيءَ کي هڪ ڌاريندي واري گار ڏئي ۽ ٻه لٺيون هڻي ٻاهر ڪڍيو هو، جيڪو هر ٻنيءَ جو مالڪ پرائي ڍور کي ڏيندو آهي. پر اها جاڳڻ جي حرفت هئي، جنهن ٻنهي کي ايتري پساري پهچايو، جو ڪهاڙين جا ڦر اڀا ۽ بندوقن جا منهن سڌا ٿي ويا هيا. پر ڳوٺ جا اهي ٻه گھر ته ڪونه هيا، جن کي ساڙي هن پنهجا هٿ سيڪيا هيا. هن ته ويڙهن کي ويڙهائي ازلي دشمن بڻائي ڇڏيو هو.
    هاڻي ڪري ته ڪيئن ڪري؟.. ڪهڙي چور کي چوي ته چوري ڪر، ڪهڙي ڀاڳئي کي چوي ته چور اچئي ٿو!..... نه ڪو ٻڌڻ وارو، نه ورائڻ وارو. جيئن پوءِ تيئن ساهي منجهائڻ سندس وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وئي.
    اڄوڪي شام، ته سندس هيانوَ تي مڱ پئي ڏريا. شادي ته سندس سئوٽ جي ننڍي پٽ جي هئي. پر صبح شام سهرن جا آواز، دهلن جا ڌڌڪا۽ کِل کلِ هن جي وجود ۾ ٽاڪوڙا پئي وڌا. جي ڏاڍ مڙسي ڪري ڪاٺ جي گهوڙيءَ جي سهاري هلي پيو، ته سور سٽان ڏيئي اڀري پئي پيس. جي منجهس سئوٽ جي ويڙهي ۾ پهچڻ جيتري به طاقت هجي ها، ته دهل جي ڌڌڪي جي بجاءِ لٺين جا سٽڪا هجن ها. سهرن جي بجاءِ گارين جا دسَ هجن ها.... لاچار کي ٻيو ڪهڙو آ، چار. چارو نه سمجهي ويچارو لڳو ويٺو هيو. هن خار مان نڙ کي اڇل ڏيئي رڙ ئي:
    ”او ٽُنڊي ڇوري! ڦل ته ٺاهي ڏي، ڪاڏي مري وئينءَ؟.“
    جواب ڪجهه به نه مليس ته ڪاوڙ مان کٽ تي ويٺي چوڌاري اڱڻ تي نظر ڦيرايائين، ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا هيا.
    ”ڏاڏن جي سهرن تان اڃا ڪونه موٽي آ!..... لک لعنت جا پها ٻڌانس!“، هن دبرندي ننهن تي ڇوهه ڇنڊيا. کٽ تان ڪاٺ جي گهوڙي سوڌو لهي ٿڙندو ٿاٻڙندو چلهه تائين پهتو. چمٽو کڻي پوريل ٽانڊو کوٽي ڦل ۾وجهڻ لڳو. کوٽيندي کوٽيندي، اوچتو ڪاوڙ ۾ ڳتيل اڇا ڀرئون خوشيءَ منجهان هڪدم مٿي ڇڪجي آيس. سوچيندي سوچيندي ڳاڙهن ٽانڊن ۽ ڪِر سان ڀريل ڦل، گوءِ تي رکي مزي مزي سان ڦوڪان ڀرڻ لڳو. حقو ڇڪيندي ڇڪيندي هر هر سندس نظرون گهر جي وڏي در ڏانهن هليون پئي ويون، جيڪو اڌ ٻيڪڙيل هيو.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ در جو تاڪ چيڪٽ سان پاسيرو ٿيو. پٽهنس جنهن جي نيري قميص پگهر ۾ شل هئي، مٿي تي گاهه جي ڀري کنيون، پويان جوڙو ڏاندن جو ڪاهيون اندر آيو. اڱڻ تي پهچڻ سان ئي پٻن تي زور ڏيئي ڀريءَ کي اڇلائي، ٻير جي پاڙ ۾ لڳل ڪُونرَ تي ڏاندن جي جوڙي سان اچي بيٺو. ڪونر ڏانهن ڏسي، ڪاڪي جاڳڻ ڏانهن ڏٺائين، جيڪو وڏي اتساهه سان کيس ڏسي رهيو هيو.
    ”ابا! ڇو ائين ڪونر خالي پيو آ؟“، هن پيءُ کان سوال ڪيو . جاڳڻ پٽ جي سوال جو اڳيئي ٺهيل ٺڪيل جواب ڏنو:
    ”شمن، وڏڙا چئي ويا آهن، ته؛ ”سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسو، زال گر! پوءِ سائين جيئن پئي آکي تيئن پيو ٽُر!“... سو ابا تنهنجو به ڏوه ڪونهي!“
    ”ڀيڻسان، اڄ به ڀٽارن ٿاٻو کاڌو، اڃا سهرن تان ڪا نه موٽي آ ڇا؟“، شمن، پيءُ جي پيراندين کان ويهندي، کٽ تي پيل اڌوراڻو وڃڻو هڻندي آهستگيءَ سان پڇيو:
    ”ساجهر ڇو موٽندي ؟.... ڪا مار، ڪو موچڙو، ڪا گار، ڪا دٻ، ڪو دڙڪو؟..... چاڳلي ڪئي ٿئي، ته پاڻ ڄاڻ!“
    ”ابا، هاڻي ڀاءُ جي شادي اٿس.... ڇا ڪيانس؟..... جھليانس، وڙهانس، ڪهاڙيون هڻانس؟... آخر ته جوءِ آ، ڪو جانور ته ڪونهي، جو ڪلي ۾ ٻڌي ڇڏيانس!“ شمن، پيءُ کي جواب ڏيندي ٿورو کهرو ٿي ويو.
    ”هائوڙي هائو، ان کي جوءِ چيئي ته جڳ مَٺو!....“
    ”ڀلا ابا، جوءِ ناهي؟“، شمن کلندي پيءُ کان پڇيو.
    ”اڙي جوءِ هجي ها ڀاڙي شهرن جا، ته ائين ڀٽارا ٿاٻو کائن ها ۽ هيءَ موتبر جي ڌيءُ وتي ها سهرا چوندي.... ٻيو ڏينهن آ خدا جو، رنن جو راڙي مان پيٽ ئي نه ٿو ڀرجي.... الائي ڪهڙي اها وري نئين رشم سهرن جي ڪڍي ٿئون، جيڪا کٽي ئي نه ٿي“.
    ”ڀلا جيئن تون چوين، اونئين ئي ڪيان؟!“، پٽهنس هلڪي تلخي مان پڇيس.
    ”مان ڇا چوانءِ؟.... انڌو آ نٿو سمجهين؟ ... ماڻهين مرحيات ائين ڪري ها ته هن وقت اُڦٽ لڳي پئي هجي ها“، جاڳڻ ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي مرحيات زال کي ياد ڪرڻ لڳو، ”هئه ڙي هي سدوري تنهنجي ڪا!.... واقعي جوءِ هُئيئن!.... اڄ ڪلهه ته ڪارنهن جا چٽا پيا هن ... اڙي، مڇربو هو مانس ته ائين ڪٽيندو هو مانس جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آ! ... پر اهي وکت ئي ٻيا هيا .... ب....لي!“، هن لانڍ سان آخري لفظ چئي، نڙ مان زور سن ڦوڪ ڀريندي، ساڳئي وقت پٽ جو جائزو ورتو ۽ پوءِ وري ڳالهائڻ شروع ڪيائين:
    ”اهي وکت ئي ويا، جڏهن مڙسن ۾ مڙسيون هونديون هيون. جنهن به گھٽي يا سَير سان لنگهندو هوس، ته پنهجيون رنا ته ڇا، پرائيون به وات کي ڀتر ڏيئي ڇڏينديون هيون. هاڻي ڪاٿي آ مڙدن ۾اها حشمت!؟. ماڻهين سدوري کي ڦڪي ٻوڙ چاڙهڻ تي جهلي جو ڪن واري ٿڦ هنيم ته سڄي عمر لاءِ ٻوڙي ٿي وئي ... خدا جي قذرت آ ابا، ڪو تنهنجو به ڏوهه ڪونهي، زمانو ئي ڀاڙ جي ترن جو ٿي ويو آ،هاڻي!....“
    شمن کي پيءُ جي انهن آخري ڍيڪ ساڙي وڌو. هو سوچڻ لڳو، هو ڀاڙ جو ترو ڇا ۾ آهي؟..... جڏهن ته پڻهنس کي به خبر هئي، ته شمن کان چڱا ڀلا ڪاٽڪو ۽ تر جا قنڌار به ڪئه کائيندا آهن.. پر سال، چوري ٿيل مينهن جنهن مڙسيءَ سان شمن موٽائي هئي ، تهن وڏيري غلام قادر کي به ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون هيون ۽ چيو هئائين ته، ”بيشڪ جوان آن!“ ... پر پڻهنس کي الائي ڇا ٿي وي هيو جو، تنهن ويٺي بڇڙو پئي ڪيس. ان جي جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته مٿي ۾ نايون هجنس ها.... هن رڳو ڪاوڙ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري، گپ لڳل پير پئي مهٽيا.
    سهرن جو آواز اڃا تائين وڏي زور ۽ شور سان کين ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هيو.شمن ورانڊ ي ڏانهن نگاهه ڊوڙائي، جتي گهگهه اوندهه لڳي پئي هئي، هن خار مان دبرند چيو:
    ”لڳي ٿو بتي به مون کي ٻارڻي پوندي، پاڻي به مون کي ڀرڻو پوندو!“
    ڪاڪي جاڳڻ جو بند ٿيل وات وري کلي پيو، ڄڻ کيس گم ٿيل ڪڙي ملي وئي هجي:
    ” اڙي اهي حال ٿي ته اڳنان سانجڻ به ڪرڻي پوندئي!...ٽارو ٻهارو به ڪرڻو پوندئي!...“
    پيءُ جو اهو زومائتو ڌڪ، شمن کان سَٺو نه ٿيو، ته چئي ويٺو:
    ”ابا هرڀرو مَڄُو ڏٺو اٿي ڇا!؟... اچي ته اهڙا ٿو هَڏ گڏ ڀڃانس جو پاڻهي مذرا ڏيندي.“
    ”مذرا تو ورتا!؟...“، جاڳڻ طنزيه انداز ۾ وراڻيو.
    ”ڏسجانءِ نه اڄ!“، شمن لهجي ۾ سختي آڻي ڄڻ عهد ڪندي چيو. پٽ جو پڪو ارادو ڏسي، جاڳڻ کي آسرو ٿيو، ته هن لهجي مان ڪؤڙاڻ کي ختم ڪري، هڪدم هيٺائين ورتي:
    ”اڙي وڏڙا چئي ويا آهن، ته؛ ”رن کي رات جو ران سان ۽ ڏينهن جو موچڙي سان ٻڌل رکجي“... سچ آهي ڪن نه!؟....
    ”آهي ته ائين ابا!“، شمن وڏڙن جي چيل ڳالھ کي مڃيندي چيو.
    ”هيئن شابس!... ننگ پنهنجو ٿي، جهڙو بڻائيندينس، تهڙو بڻبو.... سڄي ڳالهه پنهنجي هٿ وس آ! “
    ”ايئن ته آهي!“، شمن وراڻيو.
    ”اڄڪلهه ڏسين ٿو ته؛ ’زمانو زهير لڳو پيو آ‘ ... هاڻي نه اهي اڳي واريون محبت، نه قربت! ... اڄ ڀاءُ، ڀاءُ جي ننگ ۾ اکيون وجهي ويٺو آ.... اڙي شمن سچ آ يا ڪُوڙ آ؟.....“
    ”ها ابا، اڄڪلهه ملڪ ٻري ويو آ!“، شمن پيءُ سان اتفاق ڪندي چيو.
    ”سياڻا چئي ويا آهن، ته مڙس کي جوءِ لاءِ محبت دل ۾ هجي، باقي ٻاهرئون اٿندي ويهندي کلو ڏيکارجيس .... اصلي ان ليکي تي جيڪو هليو، تنهن کٽيو!“، جاڳڻ کنگهندي کنگهندي شمن کي آخري پاڻي پئي ڏنا، ته ايتري ۾ سبحان به در مان اچي منهن ڪڍيو.
    ”آئي ٿي ڇٽيهه لکڻي!“، جاڳڻ پٽ کي ڄڻ بڇ ڏيندي چيو. شمن لئوڻو ڦيرائي جوءِ کي ڏٺو، جيڪا ڊيل جيان ٽلندي ۽ مشڪندي سندس ڀر ۾ اچي بيٺي ۽ ٻڌائڻ لڳي:
    ”اڄ به دير ٿي وئي! ...ويچارن ڀٽارن ٿاٻو کاڌو هوندو! ..... پر مان به ڇا ڪيان ،امان به اصلي ڄئور وانگر چنبڙي ٿي پئي ته هي سهرو ڀاءُ لاءِ چئه ، هو چئه !... مان ڪونر جلد ٿي ڀريان... گاهه جي ڀري ڇوڙي، مال جي اڳيان وجهي ٿي اچان!“، سبحان ڄڻ غلطي تسليم ڪندي، تيزيءَ سان ڪم اڪلائڻ خاطر ڪونر کي پاڻي سان ڀرڻ لاءِ بالٽي کنئي، پر شمن ڪاوڙ وچان زال جي هٿن مان بالٽي کسي پري اڇلائي. هن سٽ ڏيئي پٽائين لٺ مَنھَ مان ڪڍي زال تي وسائڻ شروع ڪري ڏني. زوردار رڙين ۽ کيکراٽن تي دهل جو ڌڌڪو بند ٿي ويو. اوچتو ئي اوچتو جاڳڻ جي گهر ۾ عورتن ۽ مردن جو هڪ وڏو هُنڀ ٿي ويو. جاڳڻ کي ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ ڪافي عرصي کان پوءِ سندس ٻاڙ مئي هئي.


    اندر جو آواز

    هن کي اهي لفظ الائي ڪٿان ۽ ڪڏهن هٿ آيا هيا، ته لفظن جو غلط استعمال دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. هن سودائيءَ کي عجيب خبط ٿي بيٺو هيو، ته جيڪو ماڻهو سماج کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جي دعوا ڪن ٿا، تن کي لفظن جي غلط استعمال کان روڪجي. انهيءَ لاءِ سڀ کان پهريائين اُنهيءَ سياستدان ڏانهن گذارش کڻي ويو، جنهن جي گار ڏيڻ کانسواءِ ماني هضم نه ٿيندي هئي. هن آهستگيءَ سان کيس عرض ڪيو، ”سائين، اوهان پهنجي مخالفن کي گاريون ڇو ڏيندا آهيو؟“
    سياستدان ڏند ڪرٽيندي، کيس سمجهائڻ شروع ڪيو:
    ”بابا، گار سماج ۾ ڏني وڃي ٿي، نه ڪي سماج کان ٻاهر ۽ انسان جيئن ته سياسي جانور آهي، تنهنجي ڪري اهو گار ڏئي ٿو. گار بذاتِ خود هڪ احتجاج جو انداز آهي. ان انداز کي استعمال ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي. سو ان بنياد تي مان پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪيان ٿو.“
    ”پر سائين، گار ته بدمزگي جو بنياد آهي. نفاق جي پاڙ آهي ۽ نفرت جو گهرآهي ۽ اتحاد جي لاءِ هاڃيڪار آهي. ان کان وڏي ڳالهه ته لفظن جو...“
    سياستدان هڪدم سندس ڳالهه ڪٽيندي کيس ڇينڀيو، ”غلط استعمال آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. خبر آهي، انهيءَ لاف زنيءَ جي. دراصل اها هڪ پراڻي اخلاقيات آهي، جنهن جي هن دور ۾ ڪا ضرورت ڪونهي. تون ڇا ٿو چاهين ته جيڪي سياسي يا نظرياتي مخالف آهن، تن کي سٺن لفظن سان ساراهيو وڃي!؟... هي دور درگذر جو ناهي، پر سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻو آهي.“
    هو بي دليو ٿي ٻاهر نڪتو. هاڻي هو انهيءَ اديب وٽ آيو هيو، جيڪو ٽيبل تي ڄنگهون رکيون، خلائن ۾ جهوت وجھيون، آڱرين ۾ سگريٽ جهليون، شايد ڪنهن اوکي ۽ تجريدي تخليق جي تلاش ۾ هيو. تنهنجي تخليقي تنهائيءَ ۾مداخلت ڪندي عرض ڪيائين، ”سائين، توهان جي تخليقن ۾ عورت صرف جنسي ڪشش جو سامان ڇو هوند آهي ۽ ڇا اهو لفظن جو غلط استعمال نه آهي؟“
    اديب سگريٽ جو ڪڇ هڻندي، گنڀيرتا سان ٻڌائڻ لڳو، ”در اصل، اوهان منهنجين تخليقن کي سمجهيو ئي ناهي ۽ ان ۾ توهان جو ڏوهه به ڪونهي، ڇو ته توهان پڙهو گهٽ ٿا ۽ آءُ توهان جي سمجهه ۽ توقع کان لکان ٿو مٿي، تمام مٿي.....“
    اديب سگريٽ جي ڦلي کي ڇنڊيندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”حقيقت ۾ آ ان عورت کي هن سماج ۾ تخليق ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مڪمل حسن جو عڪس هجي. هر طرح سان ان کي رڳو پدمڻي يا ڪامڻي چئي جان نه ڇڏايان. نه سندس چال جي تشبيهه مور جي ٽلڻ، هرڻ جي چُنگَ يا گنير گت سان ڏيڻ چاهيان ٿو. نه وري سندس جوانيءَ کي ڪنهن سمرقند جي صوف يا انب جو ٽاريءَ ۾ پڪل ٽپڪي سان ڀيٽڻ گهران ٿو. منهنجي ذهن ۾ مختلف بالڪل مختلف تصور آهي، عورت جو؛ هن جي جسم جي بيهڪ وينس آف مائلو جي بت جهڙي، جنسي ڪشش ڪلوپيٽرا جيان ۽ مرڪڻ جو انداز مونا ليزا وارو ۽ پيش ڪش وينس آف اربينو جهڙو آهي. جيئن ته مون سيڪس تي ستيانا ۽ شيخ نفزاوي، کانوٺي فرائڊ تائين سڀن کي پڙهيو آهي. سو پاڻ وٽ عورت جو تصور گليشيئر جهڙو نه، پر جوالا مکيءَ جيان آهي. بس تون ائين کڻي سمجھ ته دنيا جي ٽن مشهور اداڪارائن جينا لولو برجيڊا، الزبيٿ ٽيلر ۽ راڪيل ويلچ کي جواني ڏيئي ملائي هڪ ڪيو وڃي. ڇاٿا سمجهو اهڙي عورت جو تصور ۽ هجي به اُگھاڙي ؟.. لفظن ۾ اهڙي عورت جو تصور سڀني جي تن ۾ تازائي آڻيندو. جيڪي زندگي جي نفسانفسي ۾ جمالياتي حسن کان محروم آهن، اهي به فريش ٿي ويندا.“
    ”ليڪن اهو عورت جو ماڊل ته جنسي بي راه روي پيدا ڪندو ۽ عورت کي وڌيڪ غير محفوظ ڪندو. جڏهن ته عورت انساني زندگي جي شروعات کان آخر تائين ڀاڱي ڀائيوار آهي. ان کي صرف جنسي تسڪين جو سامان بڻائڻ لفظن جو غلط استعمال نه آهي؟“، هن پڇيس.
    ”۽ ائين به چئه ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. مون کي خبر آهي ته اها پٿر جي دور جي بڪ، هڪ ڇڙواڳ فلسفي جي آهي. تنهنجي خيال ۾ آءُ پنهنجي تخليقن ۾ مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جهڙي عورت جو ڪردار پيش ڪيان يا وري ڪنهن ڪنگيءَ ورتل ڪولهياڻيءَ جو يا وڌ ۾ پريشان حال ماسترياڻيءَ جو؛ جيڪا پنهنجي ڪٽنب کي سهارو ڏيندي ڏيندي، پنهنجي جواني کائي رهي هجي. اهو اڄ جو ڪيڏو نه الميو آهي، ته مون جهڙو جينئيس وقت کان اڳ پيدا ٿي پيو آهي... هاڻي هلي پئه ، مٿو نه کاءُ !.....وري نه اها بڪ ورجائجان، نه ته مون کي گاريون ڏيڻ به اينديون آهن!“، اديب ڪاڙ ۾ ڳاڙهو پيلو ٿيندي وراڻيو.
    ڪنهن حد تائين مايوسيءَ جوشڪار ٿيڻ کانپوءِ هن همت نه هاري هئي. هلي آيو هيو هڪ اهڙي شخص ڏانهن، جيڪو گھڻ-پاسائي شخصيت هيو. هو هڪ ئي وقت سياستدان، سماجي ماهر، دانشور، صحافي، محقق ۽ سماجي ورڪر هيو.
    ”سائين، اوهان پنهنجي اَنا ۾ ايڏا ڇو گم آهيو؟.... پاڻ کي هروڀرو عقلِ ڪُل ڇو ٿا سڏيو؟... پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ڇو ٿا سمجھو؟..... اوهان کي جيڪڏهن ڪو سچ ٿو چئي، ته چڙي ٿا پئو۽ ان شخص جي تذليل ڪندي دير ئي نٿا ڪيو، سو ڇو؟...... آخر اهو لفظن جو غلط استعمال ڪيستائين ڪندا رهندءُ؟...“
    ”مون کي ٿو سمجهائين !؟.... سو به انهيءَ کي جنهن رگويد کان وٺي زيند اوستا تائين پڙهيو هجي... عهد نامه قديم کانوٺي فُرقان تائين ڳوڙهو مطالعو ڪيو هجي.......حي بن يقظان کان وٺي مجموعته البحرين کي سمجهيو هجي. دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ عالمن کي پروڙيو هجي. ڪاش!.... زمين ڏري پوي ها ۽ آسمان ڦاٽي پوي ها، جنهن وقت تو جهڙو ابوجهل مون کي ”خودي“ ۽ ”انا “ جي باري ۾ درس ڏيندو هجي... اڙي، پڙهيو تي جارج ميڊ کي؟.... سي ايڇ ڪُولي کي؟.... نٽشي کي؟.. علامه اقبال کي ؟..ٻڌي ڇڏ!.... جنهن ماڻهو ۾ خودي نه هوندي، ان ۾ خود اعتمادي نه هوندي. پاڻ خوديءَ جي سٺائيءَ جا قائل آهيون. مثبت رويا رکندڙ آهيون. تو شايد خوديءَ جو مشهور مثال نه ٻڌو آهي، جنهن ۾ مون جهڙي هڪ خوددار شخص چيو هيو، ته سڄي دنيا ۾ سٺي ۾ سٺو ملڪ منهنجو آهي. سڄي ملڪ ۾ سٺي ۾ سٺو شهر منهنجو، سڄي شهر ۾ سٺي ۾ سٺو گهر منهنجو ۽ سڄي گهر ۾ سٺي ۾ سٺو ماڻهو مان آهيان.“
    ”سائين، اهو ته پاڻ-پُڻو آهي. ڀلا، نٽشي جي فوق البشر ڇا ڏنو دنيا کي ؟.... مان! مان! ڪرڻ وارا پنهنجي ئي خول ۾ ڇڙيون هڻي مري ويا ۽ قومن کي انفراديت پسنديءَ جو زهر ڏئي ويا. جنهن جي سزا سڄي دنيا جي قومن کي ڀوڳڻي پئي.. نتيجي ۾ ٻه مهاڀاريون جنگيون ۽ نه کٽندڙ ويڙهاند جو سلسو جاري وساري آهي....ڇا اهو لفظن جوغلط استعمال نه آهي؟“
    ”بس، بس! مون کي نه تاريخ پڙهاءِ ۽ نه فلسفو سمجهاءِ. آ تو کي ڪچيون گاريون ڏيان ها. پرجيئن ته پنهنجا اخلاقيات تي بهترين ڪتاب پڙهيل آهن، تنهن ڪري توکي معاف ٿو ڪيان، نه ته!......“
    هو ٽٽل دل سان ان شخصيت وٽ پهتو، جيڪو بيرو ڪريٽ هجڻ سان گڏ ٽيڪنوڪريٽ به هيو پنهنجي وڏي ڪرسي تي ويٺي ڪنهن اهڙي پاليسي يا پروگرام ٺاهڻ ۾ مصروف هيو. جنهن جي باري م سندس خيال هيو ته اها هتان جي ماڻهن جي تقدير بدلائي ڇڏيندو. هو ڏڪندي ڏڪندي سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو کيس اڪيلو ڏسي، وڏي ادب ۽ خوشامندي لهجي سان گذارش ڪيائين:
    ”اوهان جي اقبال جو ستارو بلند رهي. اوها جي علم ۽ ذهانت تي ڪو شڪ شبهو ڪونهي. اوهان سخت مقابلي وارو امتحان پاس ڪري هيءَ منزل ماڻي آهي. قومي ۽ بين الاقوامي تربيت گاهن مان تربيت ورتي آهي. بيشمار ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ ويا آهيو. مختلف وڏن ۽ اهم عهدن تي فائز رهيا آهيو. پر اوهان جون ڏنل پاليسيون ۽ پروگرام ناڪام ڇو ٿيندا آهن؟.... باوجود انهيءَ هام جي ته، اهي پاليسيون ۽ پروگرام قوم جي تقدير بدلائي ڇڏيندا ...ڇا اهو لفظن جو غلط استعمال ناهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي؟“
    ”آ قطعي، ناڪامين جو ذميوار ناهيان. انهيءَ جا وڏي ۾ وڏا سبب آهن؛ سياسي عدم استحڪام ، سماجي انتشار، بين الاقوامي صورتحال، سرڪار ادارن ۾ هيٺين ملازمن جي عدم دلچسپي ۽ عام ماڻهن ۾ جاڳرتا جي گهٽائي وغيره.“، هن ٺهيل ٺڪيل مختصر مگر جامع جواب ڏيندي پنهنجا پلاند آجا ڪرايا.
    مگر هن مَڇڏو کيس نه ڇڏيو،چوڻ لڳو، ”سائين ائين ته ناهي، ته اوهان جيڪي مٿان کان هيٺ واري پهچ يعني Top to bottom approach جي اصول تحت پروگرام ٺاهيو ٿا، سي هوائي قلعه ثابت ٿين ٿا؟“
    ”بي وقوف! هي ڪو سڌريل ملڪ آهي. جتان جا عام ماڻهون ايترا ذهين هجن جو اُهي تجويزن ڏين ۽ اسان هيٺان کان مٿي واري پهچ Bottofm to top Approch جي بنياد تي هلي پنهنجو وقت وڃايون؟“، هن سينو تاڻيندي جواب ڏنو.
    ”سائين صاحب، ته پوءِ هيل تائين جيڪا قوت، وقت ۽ پئسي جو زيان ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. ان جو ذميوار ڪير آهي؟“
    ”ڪير به ناهي ،سواءِ ان ملڪي صورتحال جي ،جنهن کي اسين ڪجھ به نه ٿا ڪري سگھون ..... شايد تون منهنجي ڊيولپمينٽ پاليسين ۽ اسڪيمن جي ناڪامين بابت رپورٽ ناهي پڙهي. جيڪا آءُ آمريڪا ۾ گذريل ڪانفرنس ۾ پڙهي هئي، ان جي اتي به ڏاڍي ساراهه ٿي هئي“.
    ”پاليسيون ۽ پروگرام به اوهان ٺاهيو ۽ رد به اوهان ڪيو.... سائين منهنجا، اهو لفظن جو غلط استعمال ناهي، ته ٻيو ڇا آهي؟“، هن کان سچ نڪري ويو.
    ”تو کي مون سان ائين بحث ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿي!؟... لفظن جي غلط استعمال جا ٻچا!...نڪري وڃ هتان!...“، بيوروڪريٽ انتهائي غصي جو اظهار ڪندي کيس دڙڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    هن کي خبر هئي ته صاحبن جي درٻار ۾ ان قسم جي ڳالهائڻ جي سخت منع ۽ بيهودگي هوندي آهي. تنهنڪري هن آفيس مان جلدي نڪري وڃڻ ۾ عافيت سمجهي.
    هاڻ هو گهڻي حد تائين مايوس ٿي چڪو هو. پر پوءِ به آخري اُميد جي سهاري، هو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڊرن نوجوان جي ڪمري ۾ پهتو هيو. جيڪو تيزي سان خط لکندو، ڳاڙهن پيلن لفافن ۾ وجهندو پئي ويو. هن سندس خط پڙهڻ کان پوءِ کيس ٽوڪيندي چيو، ”محبت جو اهو انداز لفظن جي غلط استعمال تي ٻڌل آهي ۽ لفظن جو غلط استعمال دنيا جو .......“
    نوجوان سمجھندي ته سندس مطلب ڇا آهي، سندس جملو ڪٽيندي وراڻيو، ”وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي، ها نه!؟.... آ انهن ڇوڪرين کي دل جي گهراين سان، پيار ۽ محبت ۾ جيڪو لکيو آهي، ته اي حسين نازنين !تون کلين ته مکڙيون ٽڙن.... تون هلين ته وڻ ٽڻ ۽ پهاڙ سجدو ڪن..... آ تنهنجي چوڻ تي آڪاش مان سج چنڊ تارا به لاهي سگهان ٿو.... بس منهنجي صرف اها خواهش آهي ته تون منهنجي من مندر جي ديوي هجين ۽ آ تنهنجو شيواڪاري.... هاڻ اها تنهنجي مرضي آهي ته آ ائين نه لکان؟“
    ”بلڪل صحيح، ڇو ته اهو لفظن جو وڌاءُ ۽ نسورو ڪوڙ آهي. اوهان جهڙن ذهين نوجوانن کي زيب نٿو ڏئي ته لفظن جي غلط استعمال ذريعي، پنهنجي هم نفس سان دوکو ڪن“
    ”واه ڙي واه، ڏاها!... تنهنجي مرضي آهي ته آ پنهنجين محبوبائن کي هيئن لکان، ته اي حسينه! تون مڪمل هوموسيپين آهين.... تنهنجي کوپِڙي پُوري پني، جنهن جي ماپ تيرنهن سئو ٽيهونجاهه ڪيوبڪ سينٽي ميٽر کان گهٽ ناهي..... تنهجي هڏائين پڃري م ڪا کوٽ ڪونهي، پورو ٻه سؤ سورنهن هڏن تي مشتمل آهي..... جنهن ۾ ڪيئلشم جي ڪابه ڪمي ڪونهي..... تنهنجا ڦڦڙ، بڪيون، جيرا، آنڊا ، تري ۽ دل سئو في صد صحيح آهن.... تنهنجي انٽيلجنس ڪوالٽي جو نمبر ٻه سئو پنجاهه آهي...... جيئن ته تون هڪ سٺو ٻن ٽنگن تي هلندڙ ماده جانور آهين..... ان ڪري آءُ توکي پسند ڪيان ٿو...... سچائي اها آهي ته توکان اڳ ٻن ٽن ٻين ڇوڪرين کي به ان بنياد تي پسند ڪري چڪو آهيان ....... پوءِ ڇا ٿو سمجهين ته اهي حسين ڇوڪريون مون کي حقيقت پسند سمجهي منهنجي خطن جو جواب ڏينديون ۽ منهنجي سائينٽفڪ اپروچ کي پسند ڪندي، مون سان محبت جو اظهار ڪنديون ..... ائين نه!؟“، نوجوان طنزيه انداز ۾ جواب ڏيندي پڇيس.
    ”هرگز، اهو منهنجو مطلب نه هيو پر..“، هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي کيس پنهنجو نقطئه نظر دليلن سان ٻڌائڻ پئي گهريو؛ پر نوجوان توائي باز هيو، کيس وڌيڪ ٻڌي نه سگهيو:
    ”خبردار! جو هڪ لفظ به ڪڍيو ٿي!.... انهيءَ کان اڳ، جو تون منهنجي هٿن ۾ مري وڃي، ڀلائي ان ۾ ٿي ته ڀڄي وڃ! “
    هن مرڻ کان ، ڀڄڻ مناسب سمجهيو. پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عادت کان مجبور ٿي موٽ کائيندو آهي. ڪنهن نه ڪنهن جي ڪن يا دل ۾ گھري آواز ڏيندو آهي:
    ”لفظن جو غلط استعمال ، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي!“،پر ماڻهو سمجهندي به ته اهو سندن ئي اندر جو آواز آهي، ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن.


    دوزخ جو ترو

    اتر سنڌ ۾، ٽاڪ منجهند جو، آرهڙ ۾گرم جهولو ايئن پئي لڳو ڄڻ دوزخ جو در کلي ويو هيو. اُڀن شاهه جي درگاه کان ٻاهر ڪجهه ماڻهو کبڙن ۽ ٻٻرن جي ڇانون هيٺان اولڙ گاهه جيان کنڊريا پيا هيا ۽ ڪافي ماڻهو ساڄي، کاٻي ٺهيل مسافر خانن ۽ ڪافين ۾، گهري ننڊ ۾ ستل هيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کير پياڪ ٻار جي ريهاٽ ان خاموشيءَ ۾ خلل پئي وڌو، پر بُبي جي چڳڙ ان کي به خاموش پئي ڪري ڇڏيو.
    ايڏي سانت سانت ۽ چپ چپات واري ماحول ۾ ٻن ماڻهن جي اکين مان ننڊ ڪوهين ڏورهئي. هڪ مجاور جي، جيڪو روضي اندر ڪنهن وڏي ويچار يا وظيفي ۾ غرق هيو. رکي رکي ڪنهن سُرمائي رنگ جي ڪبوتر جي ڦڙ! ڦڙ! يا پکي جي هلڪي چخ !چخ! کانسواءِ روضي اندر هڪ پر اسرار خاموشي ڇانيل هئي. ٻي ننڊ حرام هئي ته شمل جي جيڪا مسافر خاني جي ڪچي پڪي ٺهيل ڪوٺيءَ ۾ رلهيءَ سان گڏ ڄڻ وڇائي پئي هئي. ڪن پهرن کانوٺي ڇت واري پکي جي پرن ۾ سندس جهوت هئي. پکو سنها چيڪٽ ڪندي، ڪنهن مست مواليءَ وانگر مٿانئس جهومي رهيو هيو.
    اڄ هوءَ ڪنهن وڏي ٽٻ ۾ هئي. هُنَ جون سوچون پکي جي پرن جيان آهستي آهستي ڦيرا پائي رهيون هيون .هوءَ دل ئي دل ۾چئي رهي هئي،” آخر ڪيستائين، کيس بي اولاد ٿي رهڻو پوندو ۽ سندس ڪُک سائي نه ٿيندي ؟“. هن سوچيندي پنهنجو پاڻ کان هڪ سوال ڪيو، ”ايسيتائين جيسيتائين هو نه مرندو؟.... پوءِ به خبر ناهي، الائي ڇا؟ ... الائي ڀائرن جي درن تي ڀاڄاين جا اوڙاپا سهندي مران يا وري قسمت ۾ ڪو ٻيو ٺڪر جھڙو مرد لکيل هجي، جيئن هاڻي لڳل آهي!...“ هوءَ سوالن ۽ جوابن جي ڄار ۾ ڦاسندي وئي، ”ان ڏينهن به ته هٿ پير ٺري ويا هيس، اکيون وڃي ڇت ۾ لڳيون هيس. سڀيئي مِٽ پڇڻ جي بهاني مٿان ائين مڙيا هيس، جيئن ڍونڍ تي ڳجهون . هيڏانهن هو مري ته هوڏانهن هو وارثي ڪنس“.
    ائين سوچ ڊگهي ٿيندي، کيس ماضيءَ ۾ کڻي وئي، ”ابي امان به ڏسي وائسي کڻي باه ۾ اڇليو هيو. اڌ رنگي سان اٽڪائي چيو هئائون ، اَن پلي ذات ڀلي ... ڇورو ڇنو آ،پر مال ملڪيت وارو آ.... راڄ ڪندينئن!“ پوءِ پاڻ ئي راءِ ڏيندي چيائين،”هونھ! راڄ ٿي ڪيان يا عذاب ٿي سهان! “
    هن جي اندر جا ٻيون حسرتون به ڪري موڙي اُٿيون هيون، جن سندس اندرين ڦٽن کي کولي وڌو هو، ”ٻارنهن سال خدا جا ٿيا آهن، اولاد لاءِ سڪندي، ڪو آسرو ته هجيم ها!..... ڪيڏانه حيلا هلايا اٿم. اهي دايو مايون، حاذق حڪيم، پير فقير، بيبيون، جوڳين جا ڍارا، ڦيڻان، ڦارون...... رڳو ڪوڙو آسرو مليو!“
    هن ٿڌا ساهه ڀريندي ڀرسان ستل ماءُ کي ڏٺو، جيڪا گهري ننڊ ۾ ڦڙهه لڳي پئي هئي. هن جون سوچون اڃان سندس اندر ۾ اڌ وسايل چوچڙين جيان دکي رهيو هيون، ”ان ڏينهن هُن به ته چيو هيو، ته اڙِي! ڪو وارث پيدا ڪري وجھين ها، نپٽي آئٽي! منهنجا مائٽ ته ملڪيت ۾ ٻلي جيان تاڙ وجهيون ويٺا ٿي؛ مان مُئي کانپوءِ پل به ترسڻ نه ڏيندءِ گھر ۾... ڇا چوانس، ته تو ۾ جو مڙسي ڪونهي ته ان ۾ منهنجو ڏوھ!..... چپ ڪئي هيم ته ويتر اچر چرچي ۾ پيو، ته هاڻي ٻي شادي ٿو ڪيانءِ، تو مان ته ڪجهه نه ٿيو!..... پوءِ مان به منهن لائي چئي ڏنو مانس ته وارو ڪر؛ مان به ڏسان ته اُها چـڱي رنَ ڏيڍيءَ تي ڇڻڪار ڪرڻ واري سان ڪيئن ٿي نڀائي؟.... پوءِ ته شڪي ٿي اکيون هيٺ ڪري چيو هيائين، اڙِي! مان ته ڪجھ ڏينهن جو مهمان آهيان؛ پوءِ تون ڄاڻ ۽ تنهنجي قسمت ڄاڻي!....هن جا اهي اکر ته اندر ۾ وڍ وجهندا آهن. الله حياتي ڏئيس، جهڙو تهڙو به منهنجي لاءِ، ته ڇپر ڇانو آهي!“
    هن ستل ماءُ کي ڏٺو ته ويتر سندس اندر ٽهڪڻ لڳو، ”هاڻي هيءَ به ماءُ آ... ويٺي ابتا سبتا ڏَس ڏي ته هينئن ڪر، هونئن ڪر!... مون کان ته نه ٿيندو ائين!“. هن ستل ماءُ کي نفرت سان ڏٺو، جيڪا اڃا بي سڌ لڳي پئي هئي. هن سندس ڏنل ڏسن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو، ”چئي ٿي، جيئن تيئن ڪري وارث پيدا ڪر! نه ته نه رهنديئن مئن ۾، نه جيئرن ۾... سڀ ڪجھ سمجھان ٿي ته حرامي ٻار ڄڻيان ته جيئن هن جو ڀلو ٿئي. پوءِ مون کي چَڪي پٽي، پٽن کي ڏيندي رهي. پر هن ويچاريءَ جو به ڪهڙو ڏوهه. جوان هئي ته مڙس اڳيان مجبور، پوڙهي ٿي ته پٽن اڳيان لاچار. مڙيئي مڙدن جي آ سرسي هن دنيا ۾.... هاڻي هي وري نئون ڏس مليو آ اڀن سرڪار جو، جيڪ سڪا ٿو ساوا ڪري..... الائي ڪيئن ٿو ڪري؟“، هوءَ دليل ويڙهائيندي منجهي پئي ۽ اندر ئي اندر جڪ کائڻ لڳي:
    ”صبح به، ته اڀن سرڪار جي مجاور ساڳيا ئي ٽِڪساٽ ٻڌايا، چئي ست ڏينهن کبڙ پيءُ!.. درگاهه جي مٽي مٺائي ڪري کاءُ!... ساندهه ست مهينا درگاهه تي نذرانو ڏئي وڃ!.... ڪهڙي نئين ڳالهه ڪيائين جيڪا مون نه ٻڌي هئي. اها خبر هجيم ها ته اچان ئي نه ها. پر مڙئي مون واري ماءُ جو کڻي سائين جي درگاه جي ساراهه ڪئي، ته منهنجي مڙس به کڻي ڇيڏڪ هنيو، ته وڃ متان ڪا واهر ٿي پئي!..“
    هاڻ هوءَ سوچيندي سوچيندي پاسا ورائي ٿڪجي پئي هئي ۽ پوءِ بيزاري مان اٿي، ٻيڪڙيل دروازو کولي ٻاهر ڏٺائين. جهولي جي سَٽڪي کيس احساس ڏياريو ته ٻاهر قهر جو ڪاڙهو لڳو پيو آهي، پر پوءِ به هن جي اندر جي ڪاڙهي کان ڄڻ گهڻو گهٽ هيو.
    هوءَ اوچتو ڪنهن اٽل ارادي سان پيرن ۾ چپل ڪري، منهن تي پلئه ڏئي درگاه ڏانهن هلڻ لڳي. درگاهه جي چائنٺ تي جتي لاهي، صحن تي پهتي ته صحن جي تتل ٿوٻيءَ جهڙن گرم سرن کيس روضي ڏانهن ڊوڙڻ تي مجبور ڪري وڌو. هوءَ ڊوڙندي ڊوڙندي جڏهن روضي ۾ داخل ٿي ته سندس پير درگاهه ٻاهران لنگرخانه جي ڪنهن روٽ جيان پچي چڪا هيا. هوءَ کن پل ته روضي جي اندر ڪاشِيءَ جي سرن واري فرش مٿان، پيرن جون تريون رڳڙيندي رهي ۽ سهڪندي رهي. انهيءَ سڄي عمل دوران روضي اندر ويٺل مجاور پنهنجو منهن مونن مان ڪڍي ، سندس ظاهر ۽ باطن کي گھرين نظرن سان توري چڪو هو ۽ پوءِ ظاهر ۾وري ڪنڌ جهڪائي ڄڻ مراقبي ۾ هليو ويو. هن جڏهن روضي اندر ٿڌي ڇانو، پکي جي هوا، گلن ۽ اگر بتين جي نڪ ۾ گهرندڙ تيز خوشبوءِ ۾ ساهه پٽي ورتو ته منهن ۽ ڪنڌ تان رئي جي پلئه سان پگهر اگهندي هلڪي کنگهڪر ڪيائين . مجاور منهن مونن مان ڪڍي ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڳاڙهين خماريل اکين سان ڏٺو ته هن کيس نماڻائي سان عرض ڪيو:
    ”فقير سائين، هڪڙو عرض کڻي آئي آهيان!؟ “
    ”چئو بابا!“، مجاور کيس سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو.
    ”فقير سائين، اڀن سرڪار کي تون ئي حجت ڪري چئه، ته مونکي الله جي درٻار مان پٽ وٺي ڏي؟“. مجاور پنهجي ڪيس ڪيل چيروين ڏاڙهيءَ ۾ هٿن سان ڦڻي ڪندي کيس سمجهايو، ”بابا! جيئن صبح جو توکي چيم ته، تون مرشد کي سنڀالي وڃي اونئن ئي ڪر، مرشد ڪندو ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ .....پاڻهي هڪڙي ڏينهن هتي اچي پُٽڙي جي جهنڊ لهرائي ويندينءَ“
    پر ان آٿت کيس ڪا به دلجاءِ نه ڏني. هن هڪ هڪاڻي واري انداز ۾ ڪنهن ضدي ٻار وانگر چيس، ”فقير! اهي کبڙ ڌبڙ به گهڻا کاڌا آهن، ته اهي مِٽيون به گهڻيون ڦڪيون آهن. هاڻي ڳالهه ڪر هڪڙي، پٽ وٺي ڏيندين يا نه!؟“
    سندس، انهيءَ ضد واري انداز تي مجارو، جهٽ کن خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ وڏي ٿڌائپ سان کيس سمجهائيندي چيائين، ”بابا حجت ناهي ڪبي، مالڪن کي عرض ڪبو آ. “
    پر شمل ڪنهن انتهائي نٺر ٻارجيان رڏي ڪيس، ”پر فقير، هاڻي ها ڪر يا ننهن ڪر!.. وڌيڪ نه ٻڌنديسانءِ!“
    مجارو پنهنجي بردباري جو ڀرم رکندي، کيس آهستگيءَ سان سمجهايو، ”بابا! ٻڌو نه ٿي ته، حجت ناهي هوت سان منهنجي ٻانهپ جي ٻولي!“
    ”فقير! مان ائين نه ويندس جيسين، ها نه ڪندين“، ائين چئي، هوءَ مجاور جي سامهون ڪنهن نٺر ٻار جيان، ڇڙيون هڻڻ واري انداز۾ويهي رهي. سندس وڏين وڏين اکين ۾ آيل پاڻي ۽ سندس چهري تي بي وسيءَ جي ريکائن ڄڻ مجاورکي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو. مجاور هڪ وڏو گھرو ساهه کڻندي ۽ ڪجهه گهڙيون غور ڪندي، سندس اڳيان هڪ راز فاش ڪري ويٺو:
    ”تون ته مائي ماري وڌو!... اڀن سرڪار طرفان مونکي ته هن سال رڳو هڪڙي پٽ ڏيڻ جي اجازت مليل آهي.... هتي ته هزارين سوالي. فقير ڌڻي بخش وڃي ته ڪاڏي وڃي؟!“، مجاور ڌڻي بخش پنهنجي پريشاني ظاهر ڪندي، ٿڌو ساه ڀريندي وري منهن مونن ۾ هڻي ڇڏيو.
    شمل جي اکين ۾ هڪدم ننڍڙي ٻار جو تصور اچي ويو، جيڪو سندس گود ۾ هونگڙيون ڏئي رهيو هيو. هوءَ ويتر اتاولي ٿي وئي:
    ”وارو ڪر فقير، اهو ٻار مونکي وٺي ڏي. هي پيرين ٿي پوانءِ!“، شمل سندس پيرن تي هٿ رکندي ليلائيندي چيو. مجاور ڌڻي بخش هڪدم منهن مٿي ڪري سندس وڏن وارن تي هٿ ڦيرائي رحم کائيندي وراڻيو:
    ”اٿ مائي اٿ! وڏي ڪا قسمت واري آ“، ائين چئي هن پاتل ڪاري الفي جي سڄي پاسي واري کيسي مان ست رنگا ڌاڳا ڪڍيا. جنهن کي ست ڳنڍيون ڏيئي اڀن شاهه جي مزار سان گهندي ۽ پوءِ شمل کي هٿ ۾ ڏيندي کيس سختي سان هدايت ڪئي:
    ”مائي هان وٺ، هي چيلهه سان ٻڌي هر سومر تي مڙس ڏي وڃجانءِ.... سورنهن سومر لاڳيتا... گسائڻو نه آ... سمجھيئي يا اڃا کولي سمجھايانءِ!“
    شمل ڌاڳو وٺندي، شرم کان ڪنڌ جهڪائيندي جهيڻي آواز ۾ چيو:
    ”فقير، مڙس ته منهنجو عليلڙو آ....... ڀلا سومر ضروري آ ڇا؟“
    ”ها نه، بابا! ائين ڪرڻو ضروري آهي!“، مجاور ’ضروري‘ تي زور ڏيندي وراڻيو.
    ”جي نه ٿي سگهي ته پوءِ!؟“، شمل هٻڪندي ۽ جملي کي کائيندي چيو.
    مجاور، سندس مونجهڪاري مان اندازو لڳائي چڪو هو، ته هوءَ اڃا فقيري رازن کان اڻواقف آهي. پوءِ سندس مشڪل پاڻ ئي حل ڪندي چيائين، ”مائي، درگاهه تي هر سومر جو، اسان وٽ حاضري ڀرجانءِ، پوءِ کڻي اها ڊوٽي به اسان ڏينداسين؛ مڙئي تنهنجو بلو ته ڪرڻو آهي نه! “
    مجارو جي انهيءَ جملن، شمل جا ڪن ٺاري ڇڏيا. هن کي ائين لڳو، ڄڻ زندگي دوزخ جو ترو آهي، جنهن مان نڪرڻ جي ڪا واهه ئي ڪونهي ............


    ٽيون سبب

    اصلي سبب؟.....
    مسب السباب کي معلوم. پر الحاج رئيس جان محمد جي خيال ۾، مدرسي جي اجڙڻ جا ٻه سبب ٿي پئي سگهيا . هڪ ته اهي اڳيان استاد نه رهيا، جن کي علم سان عشق هيو ۽ ٻيو نه وري اهي طالب جن کي علم سان محبت هئي. هاڻي هيا به ته استاد نانءَ جا، جن کي عالم ٿيڻ جو اشتياق گھٽ ،کين رڳومرڻو پرڻو کائيندڙ ملان ٿيڻ جو شوق وڌي ويو هو. طالب به اڻ گهڙيا ڪاٺ ۽ کٽيءَ کل وارا ڪي اوستي محمد ۽ ڳڙهي خيري جا ٻروچ ته ڪي خضدار جا بروهي. جن کي پڙهائڻ ائين هيو، جيئن ڪاري ڪلر ۾ ڪڻڪ پوکڻ.
    رئيس جون اکيون تر ٿي ويندون هيون، جڏهن پورن ٽن ايڪڙن جي مدرسي ۾ ٽيهارو کن طالب مس ڏسندو هيو. ڪڏهن ته اتر سنڌ ۾ ڳوٺ غازي خان جو مدرسو چئي کڻي بس ڪيو. ناظره، حفظ، فارسي، عربي، فقه و تفسير، حديث ويندي علم ميراث به پڙهايو ويندو هيو. پر جڏهن کان فارسيءَ جو استاد به ڇڏي ڀڄي ويو هيو، ته رئيس کي ائين لڳو ته ڄڻ خانداني مدرسو اجڙيو ڪي اجڙيو.باقي وڃي ناظره ۽ حفظ بچيو هيو. ناظره مولوي عبدالحليم پنجن سالن کان پڙهائيندو ايندو هو. سندس ايتري ٽڪڻ جو سبب قناعت پسندي هئي يا تن آساني. حافظ شمس الدين ٽن سالن کان حفظ ڪرائيندو هو. جيتوڻيڪ حافظ جو طالبن تي ڏنڊو کڻي پڙهائڻ مشهور هيو، پر اهو به هُلايل هيو ته حافظ ڪجهه بد عادتو به آهي. ان ڪري بداڇا بدنام برا واري محاوري به کيس رهڻ تي مجبور ڪري وڌو هو، نه ته اڄڪلھ علت المشائخ واري اوڻائي پوڻائي ڪٿي ناهي.
    فارسيءَ جي استاد کانسواءِ رئيس کي مدرسو ٻُسو پئي لڳو. رئيس پاڻ انهيءَ مدرسي ۾ پڙهيو هو. مدرسي جواوج اکين ڏٺو هيائين. فارسيءَ جو ته عاشق هيو. گلستان بوستان کان وٺي ، يوسف زليخا، مثنوي شريف مولانا ۽ مامقيما تائين پڙهيل هو. ان ڪري فارسيءَ جي استادن جو قدردان هو. پر خبر ناهي ڇو فارسيءَ جا استاد سندس مدرسي ۾ ٻن ٽن مهينن کان وڌيڪ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندا هيا. رئيس هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي جماعت آڏو انجام اقرار ڪري ڳوٺان نڪتو، ته جيستائين مدرسي جي لاءِ فارسيءَ جي استاد جو بندوبست نه ڪندو، تيستائين ڳوٺ نه ورندو.
    ٿيو به ائين، موٽيو ته سرخرو ٿي، ساڻس هڪ خوبرو گڏ هيو. عشاءِ جي نماز کان پوءِ رئيس ، جماعت آڏو سندس تعارف ڪرائڻ لڳو،”سائين جن جو اسم شريف سعد الله خان آهي. پاڻ اصل مٽياري شريف جي ڀرپاسي رهن ٿا. پنهنجي ملاقات ساڻن، سائين ڏنل شاه جي مدرسي ۾ ٿي .پهرين ملاقات ۾سندس ننڍي وهي کي ڏسي، مان ته ائين سمجهيو ته وڌ ۾ ڪريمه، نامه حق، پندنامه، يا گلستان بوستان پڙهيو هوندو. پر جڏهن ’مامقيما‘ جي ڳالهه ڪيائين، ته مان به آزمودي خاطر ’مامقيما‘ مان پهرئين سٽ پڙهي:
    مامقيمانِ ڪوئي دلداريم؟
    ته استاد سعد الله هڪدم ٻي سٽ پڙهي: رخ به دنيا ودين نمي آريم.
    مان اتي شعر جي پنجين سٽ پڙهي، ته ڏسان ڇا ٿو چئي؟
    به چشمانِ دل مبين جز دوست؟
    ته هن ٺھ پھ جواب ڏنو: هر چه بيني بدان ڪه مظهر اوست!
    اتي مان بي اختيار ٿي، اٿي سندس ڪنڌ تي چمي ڏني ۽ چيم، ته بيشڪ تون اهو گوهرِ يڪته آهين، جنهن جي مونکي تلاش هئي. هل، هلي منهنجي مدرسي کي آباد ڪر. پهريائين ته استاد سعدالله اُسگس ۽ نٽ نٽاءَ ڪيو، ته اتر جي سخت موسم ۽ ماڻهن ۾ جالي نه سگهندس. پر پوءِ جڏهن فارسي واري پهاڪي تحت يقين ڏياريومانس، ته ’پنج انگشت برادرند، برابر نيستند‘ يعني ڀائرن جون به پنجئين آڱريون برابر ناهن هونديون. الله ۽ الله جو حبيب ڪندو ته تنهنجي دل لڳي ويندي، باقي جيڪو وظيفو طلبيندي، سو توکي ملندو....“
    انهيءَ سڄي تعارف دوران استاد سعد الله جو ڪنڌ هيٺ هيو. شرمائيندي ڪنڌ مٿي کنيائين ته سڄي جماعت کيس هيٺان کان مٿي ائين ڏٺو، جيئن ڪنهن وهڙي کي کُرن کانوٺي سڱن تائين جاچجي. جيئن چئبو آهي ته جُوءِ جي خبر گابن مان پوندي آهي. تيئن اتراڌين، استاد جي ڳر مان اندازو پئي هنيو ته ڪنهن چڱي جُوءِ جو پليل جوان آهي. ڪڻڪ رنگو، ڀريل ڳل، مٿان وري پوري پني ٺهندڙ سونهاري، چيروين اکين ۾ حيا ۽ لڄ الڳ. مٿي تي کير جهڙي اڇي ململ جي دستار. جي رئيس سندس ڳورو تعارف نه ڪرائي ته ڪير پت ڪري ها، ته هي ڳڀور به ڪو استاد آهي.
    ”جي آيا، ڀلي آيا... استاد صحب!.... اساڏي سر دا سائين اي!“، جماعتن مان سرائي خداداد پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ کي ٺيڪ ڪندي، بلب جي روشنيءَ ۾ استاد جو گھرائيءَ سان جائزو وٺندي چيو.
    رئيس وري کنگهي کڙڪي، سڄي جماعت کي هدايت ڪئي:
    ”بابا، سڄي جماعت کي پارت ٿي ڪجي، ته استاد جو خاص خيال رکن. ائين نه ٿئي ته اتراڌين کي گلارو ڪري وجهو... اڳيئي لاڙ ۽ وچولي وارن کي گهڻيون شڪايتون آهن“.
    ”انشا الله !... ڪا شڪاس نه ٿيندي، رئيس !.... استاد، ائين نه سمجهي ته ڪو مزمان آ، پر ايئن سمجھي ته پنهنجي گهر ويٺو آ.“، جماعت پاران اڳ اڳ ڪندي، ڪمدار الهورائي گرمجوشيءَ سان آجيان ڪندي چيو؛ جنهن استاد جي ڪتابي چهري کي مخصوص اتراڌي انداز ۾ ڪافي دير کانوٺي پئي تڪيو.
    مولوي عبدالحليم روايتي انداز ۾، رئيس کي يقين ڏياريو: ”رئيس! الله کي پارت آ...باقي اسان وسان نه گھٽائينداسي!“
    حافظ شمس الدين ته رئيس کي بالڪل پڪو آسرو ڏنو،” استاد سعدالله جي هر طرح سان خدمت ٿيندي...او، اصلي جيئن چوندو !“
    ٻن ٽن ڏيهاڙن ۾، استاد سعد الله کي مدرسي جي حالتِ زار جو اندازو ٿي ويو؛ طالبن جي نشست و برخواست ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ته منجهن اخلاقِ حميده اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سندس مشاهدي موجب شاگرد ادب آموخته ڪيئن ٿين، جڏهن ته استادن جي حالت اها هئي، جو مولوي عبدالحليم اول درجي جو آرسي ۽ ڪاهل هيو. جڏهن ته حافظ شمس الدين، خدا سندس شڪل شبيهه تي پنهنجو ڪرم ڪري، ڇڙو ڇانڊ هئڻ جي باوجود به، منجهس وضوءَ کانسواءِ وهنجڻ جي عادت الاماشي هئي. سونهاري اهڙي اونهاري اڻڀي ۽ وچڙيل، جو ڪرڙِي هڪ دفعو گهڙي وڃي ته وري نڪري نه سگهي. پري کان سندس بدن مان ٽاڪرو ٻڪر واري ڇٽ کنيون پئي ايندي هئي. هن ان ڪري دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته طالبن کي اخلاقِ ذميمه مان آجو ڪرائجي. ان ڪري پهريون هفتو ته هن ويهي طالبن کي اهو سمجهايو، ته صفائي اڌ ايمان آهي. کين نشست و برخواست جا ادب آداب ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا طريقا سمجهايا.
    جمعي جي ڏينهن، جڏهن طالبن فجر جي نماز کانپوءِ استاد جي چوڻ تي نم، کبڙ ۽ مساڳ سان پنهنجا ڏند مهٽي سهٽي اڇا ڪيا. ڳچيءَ، سيني، ٺوٺين، مُرن ۽ پيرن جي مَرُ؛ سروٽن سان رڳڙي رڳڙي صاف ڪئي. ڌوتل پوتل ڪپڙا پهري جمعي جي نماز کان اڳ استاد سعدالله جي حجري ۾ اچي ويٺا، ته استاد کي پنهنجين ئي نظرن تي يقين نه پئي آيو، ته اهي ساڳيا طالب هيا، ڪي ٻيا. کيس ائين لڳو ڄڻ صدف جو سينو چيري گوهر ٻاهر نڪري آيا هجن. طالبن جي سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين جي اڻين ۽ تيل ۾ جرڪندڙ رخسارن ۾ سندس نظرون اٽڪي اٽڪي پئي پيون. پهريون دفعو دل ئي دل ۾ انهيءَ هلايل ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيائين ته اتر ۾ رڳو، ڪو جن ڀوت رهندا آهن.
    مٿئين طبقي وارا طالب، جن جي عمر اندازن چوڏنهن کان ويهن سالن تائين هئي. جيڪي پهريائين ڏٺي نه وڻندا هيا. سي سڀ تراش خراش کان پوءِ آهستي آهستي مثلِ الماس، پکراج، مرجان، موتي، زمرد ۽ زرقون ٿيندا ويا، سواءِ هڪ ٻن طالبن جي.
    سڀني طالبن ۾ وري جيڪو مثل ياقوتِ احمر پئي لڳو، سو هيو لعل جان. جهڙو نالو تهڙا گڻ هيس، بنھ اسم با مسمي. لعل جان جي عمر چوڏنهن سال، الف قد، صاف رنگ، نرگسي اکيون، ابرو ڪمان، بيني صراحي، مٿان وري آواز ۾ ميٺاج ڄڻ لحنِ دائودي. مولود يا نعت ٻڌائي ته بدن مان سيسراٽيون ڪڍي ڇڏي، ڳالهائي ته صراحي جي قُل!قُل!... اهي سڀيئي ڳالهيون استاد سعد الله کي متوجهه ڪنديون ۽ موهينديون ويون. پهريائين چڱڙو، پوءِ چڱو ۽ آخر ۾ سندس لاءِ خورشيدِ درخشان ٿي پيو. گردانن جي حوالي سان فارسيءَ جي فعل شناسي، ”ڪُشتم ڪُشتيم، ڪُشتي ڪُشتيد، ڪُشت ڪُشتند!“ ڪندي، جڏهن صراحيدار گردن مٿي کڻي، نرگسِ شهلا جهڙين اکڙين ساڻ نهاريندو هو؛ ته استاد جو مرغِ دل اڌ ڪٺو ٿي ڇاتيءَ ۾ ڇڙهيون هڻڻ لڳندو هيو. هر روز رات جو اڪيلائي ۾ استاد کي مرغِ دل جي منڍيءَ کي عقل جا ٽانڪا هڻي ڳنڍڻو ۽ سمجهائڻو پوندو هيو، ته ائين نه ٿئي جو هو فارسيءَ جي انهيءَ مشهور چوڻي جيان ٿي وڃي، ’آمدم، ثواب ڪنم، ڪباب شدم‘. جيئن جيئن دلِ نادان کي جهلڻ لڳو، تيئن کنچا تاڻ وڌڻ لڳس. جيئن سمجهائڻ لڳو، تيئن ضد ڪرڻ لڳس. جيئن لوپڻ لڳو، تيئن جهيڙڻ لڳس. آخر بي چئي دل جي چوڻ تي لعل جان اڳيان دل جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر حيا، لڄ ۽ خوف ڪري زبان مان هڪ اکر به نه اڪلي سگهيس. اهو به دل ۾ آيس ته آسان سنڌيءَ ۾ اشتياق نامو لکي کيس هٿ ۾ ڏئي، پر دل نه جهلي سگهيو، ته متان اهو اشتياق نامو رقيب رو سياهن وٽان ٿيندو، رئيس وٽ نه پهچي وڃي. هونئن به کيس ڀليءَ ڀت احساس هيو، ته اهڙي ياقوتِ احمر کي هٿ ڪرڻ لاءِ رستم و سهراب جهڙي دل کپي، جيڪا وٽس نه هئي. آخر ڪار دليل ڊوڙائي اهو فيصلو ڪري ورتائين، ته جيڪا ڳالهه سولي سنڌيءَ ۾ نٿو ڪري سگهي، سا فارسيءَ جي محابي سمجهائي سگهي ٿو. ڇو ته کيس استادن جو اهو ٻڌايل هيو ته سنڌي ٻولي اهڙي صاف ۽ سڌي آهي، جنهن ۾ چنڊ کاري هيٺان نٿو لڪي سگھي.
    پوءِ ماڻهن ڏٺو ته استاد سعد الله ڏينهن رات ڪري ڏنو هيو، فارسي سيکارڻ. اهڙي لائي ٻاري ڏنائين جو پهرين مهيني ۾ پهلي فارسي، دعايو، ٽوائيو ۽ ڪريما مدرسي جا طالب ائين رٽي ويا، جيئن بنگالي طوطا ڇھ ئي ڪلما ياد ڪري وڃن. مدرسي ۾ هر سوُ فارسيءَ جي ”ٽيون! ..ٽيون“ لڳي پئي هوندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو حيران ته انهن اڳ اهڙو استاد ڏٺو نه ٻڌو. رئيس ته هونئي فارسيءَ جي استادن جو قدردان هيو. اهڙي محنت ڏٺائين ته خصوصي قربت ۽ توجهه الڳ ڏيڻ شروع ڪيائينس. پوءِ ته استاد سعدالله جي محنت ضرب المثل ٿي پئي، مدرسي جي مولوي ۽ حافظ لاءِ عذاب ٿي پئي.
    استاد سعد الله جي محنت جو جڏهن ڪچهري ۾ ذڪر ٿيندو هو، ته مولوي ۽ حافظ کي ندامت ۽ شرمساري ٿيندي هئي. ڪچهري ۾ آيو ويو، عمومن رئيس کي چوندو هيو ته، ”رئيس! استاد باڪمال آندو ٿي... اسان کي ته اهو ڀئه آهي، ته جي استاد سال کن رهيو ته اوهان جو سڄو ڳوٺ سنڌيءَ بدران فارسي ڳالهائيندو وتندو.“
    ”انشاالله! اوهانجي زبان مبارڪ ٿيندي!“، رئيس فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري وراڻيندو هو.
    رئيس جي غير حاضري ۾وري سرائي ۽ ڪمدار، وچ ڪچهري ۾ويٺا، استاد سعد الله جي تعريف جا ڌُڪڙ وڄائيندا هئا، جي سرائي هڻندو هو، ته ڪمدار کڻندو هو.
    ”استاد صاحب!... هيرا ئي هيرا... اِهندا ٽرڻ، اهندا ٻهڻ، اهندا الاوڻ، اهندا مسڪاوڻ، ميڪون ايڏا وڻندا اي، ڪي دل ڪريندي اي ڪه اهنڪو اپڻي سيني نال چائي رکان....“
    ”سرائي هاڻي تنهنجي وهي آ، هيرن کي سيني سان لائڻ جي؟“، جيڪڏهن ڪنهن ڪچهري ۾ ٽوڪيس ته سرائي چڙي پوندو هيو:
    ”تيڪون ڪهڙي خبر، چليا!.... استاد، پارس ئي پارس، سَڃي ته سون ڪر ڇوڙي... الهورايا، ڪن مين غلط اکيندا آن؟“
    ڪمدار الهواريو به گهٽ نه ڪندو هيو، ”استاد ڏيکارڻ جو ڳڀروڻو آ... باقي الله حياتي ڏيس، پڙهائي جا اهڙا پانور ٿس، جو مان جهڙي ڳوڌ کي به پڙهائي ته اهڙو کتاڀي ٿي وڃان، جو هارين کي سڄو ڏينهن فارسيءَ ۾ ويٺو ٿڪ بُجوڪيان“.
    استاد سعد الله خان، ٻنهي جي دل ۾ نه ڪندو هو. ڇو ته کيس ايترو اندازو هيو ته ٻئي ڦڙٻاٽي آهن ۽ عمر جي ان حصي ۾ آهن؛ جنهن ۾ جواني نانگ وانگر نڪري ويندي آهي ۽ پوڙهائپ ان جو پئي ليڪو پٽيندي آهي. پر هن جي اندر جي ڪنڊ ۾ ڪو لڪل خوف تڏهن ڪر کڻي اٿندو هو. جڏهن حافظ شمس الدين ڪنهن جماعتي سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هن کي ڏسي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پريشاني۾ مروٽا ڏيڻ شروع ڪندو هو. ان وقت کيس خيال ٿيندو هو، ته حافظ جي دل ۾ ڪا اَلا بلا ضرور آهي. پر پوءِ ان ڳالهه کي ايترو وزن به نه ڏيندو هو. اهو سمجھندي ته تازو رئيس جان محمد مدرسي ۾ طالبن کي سنڀالڻ جي ذميواري کيس سونپي هئي.شايد اها ذميواري کڻڻ لاءِ رئيس کي پارت سفارت ڪرائيندو هجي. باقي هن ته ان ذميواري کڻڻ وقت ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري هئي، رهندو نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي، رئيس کي چيو هيائين:
    ”رئيس! مولوي عبدالرحيم صاحب جي هوندي، آ ذميواري کڻڻ جو پاڻ کي اهل نه ٿو سمجهان !“
    رئيس کيس سمجهائيندي چيو هو، ”دراصل، مولوي صاحب پاڻ انهيءَ ذميواري کان دستبردار ٿيڻ گهري ٿو. ڇو ته ويچاري کي ٻه زالون ۽ ولر ٻارن جو آهي ۽ رهي به مدرسي کان ٻاهر ٿو. کانئس طالب سنڀاليو نه ٿا سنڀالجن. ان ڪري مولوي صاحب کي رڳو رڌي پڪي واري معاملي جي نظرداري کانسواءِ باقي ذميوارين کان آجو ڪيون ٿا.“ هن وري ٻيو عذر ڏنو هو، ”رئيس! حافظ شمس الدين مون کان وڌيڪ عمر رسيده ۽ تجربيڪار آهي، بهتر اهو نه ٿيندو ته اها ذميواري ان کي ڏني وڃي؟ “
    ”حافظ صاحب کي ان ڪري ذميواري نه ٿو سونپيان جو ان کي رڳو ڏنڊو ڦيرائڻ اچي، باقي طالبن کي ڪيئن پيار ۽ محبت سان اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکارجي، ان هنر کان اڻواقف آهي. تنهنجيءَ ڀلي روش ۽ رويي ڪري ته مدرسي جي طالبن ۾ سراسر اڌ جيتري واڌ ٿي آهي. سڄي تر ۾ تنهنجي تعريف هلي ٿي.“، ان دليل ڏيڻ کان پوءِ رئيس مٿانئس زور ڀريندي چيو هو:
    ”استاد سعد الله خان، مان هن مدرسي کي باقاعده پنهنجي والد بزرگوار جي زماني وارو ادب گاه ڏسڻ گهران ٿو. اُميد آهي اوهان انڪار نه ڪندئو، باقي اهو منهنجو سخن آهي ته جيڪو توهان وظيفو چوندئو، اهو ئي اوهان کي ملندو.“
    جيئن ته رئيس جان محمد ڳالهائڻ لاءِ ڪا گنجائش نه ڇڏي هئي، تنهنڪري اها ذميواري کيس کڻڻي پئجي وئي. استاد سعد الله کي مٿين ۽ وچئين طبقي وارن طالبن کي ته سنڀالڻ ۾ ڏکيائي ڪو نه پئي ٿي. پر ٽئين طبقي جي چيچ ٻاچ يعني معصوم طالبن کي سنڀالڻ ۾ ڏکيائي ضرور ٿيندي هئي. جيڪي اڪثر رات جو اڪيلائي ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن کي ساري روئيندا هئا.
    استاد سعد الله خان، جيڪو پهريائين مدرسي جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾، الڳ ٿلڳ حجري ۾ رهندو هيو. سو ڦري وچ مدرسي واري ڪمري ۾ ٿي ويٺو ۽ حافظ شمس الدين سندس جاءِ تي. سندس ڪمري سان لڳو لڳ، کاٻي ۽ ساڄي وڏن ڪمرن ۾ ٻي ۽ ٽين طبقي وارا ساٺيڪو کن طالب رهندا هيا. طالبن جي سمهڻ کان اڳ، استاد کين اخلاق ۽ تهذيب تي هڪ ننڍڙو خطبو ڏيئي، کين شب بخير چئي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ويهندو هيو. جتي سندس شب بيداري شروع ٿي ويندي هئي. اهو سوچي پيو ڪڙهندو هو، ته جنهن تي مفتون آهي، ان کي سندس حال جي خبر ڪونهي. جي خبر آهي ته وري احساس ڪونهي. اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي. جيڪو سندس درد جي دوا آهي، سو کائنس ڏھ پندرنهن قدم به پرتي ناهي. پهريون دفعو کيس احساس ٿيو هو، ته ويجهو هوندي به ڏور ڇا ٿيندو آهي؟
    استاد سعد الله، جيڪو ٻه مهينا اڳ ڪچي جي ماچ کاڌل ڍور جيان پاسا هڻي پيو هلندو هيو. سو اهڙي لاٿ ڪري ويو، ڄڻ ڀاڳ ناڙيءَ جي بکن ۾ پاه ٿيل وهٽ هجي. گھڻن ڳوٺ وارن ايئن پئي سمجھيو ته شايد پرديسي کي هتان جو پاڻي ڀيت نه پيوآهي . پر اها خبر ته هڪ استاد سعد الله کي ۽ ٻي ان سميع و بصيرکي هئي؛ جنهن جي آڏو آڌيءَ جو ويهي اِلاهون ڪندي، ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرندو هيو. جن جو خاتمو وڃي حافظ جي ان شعر تي ٿيندو هيو:
    حافظ وظيفه تو، دعا گفتن است وبس
    در بند آمباش، ڪه نشنيتد يا شنيتد
    (اي حافظ! تنهنجو ڪم رڳو دعا گهرڻ آهي ۽ بس ان ۾نه پئه ته هن ٻُڌي يا نه ٻُڌي)
    طالبن جڏهن صيغه هائي زبان فارسي ۽ گردانن ۾ گهڻي حد تائي عبور حاصل ڪري ورتو، ته استاد سعد الله هڪ ڏينهن سندن پاڻي ڪڇڻ خاطر، فارسيءَ جو هڪ شعر طالبن اڳيان پڙهيو:
    ما وتو از يڪ گلستانيم، از ما رو متاب
    قدرت قادر ترا گل ڪرد، مارا ڪرد خار
    پوءِ طالبن ڏانهن ڏسندي، کين للڪاريائين، ”ڪير آ، جيڪو ان شعر جي آسان سنڌيءَ ۾ صحيح معني ڪندو ۽ پاڻ ملهائيندو؟“
    هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن سڀ کان پهريائين لعل جان جا لبِ لعلين، جيڪي تکي مساڳ جي ڪري ريٽانهان ٿي پيا ها، کلي پيا:
    ”استاد، جي اجازت هجي ته ان جي معني مان ڪيان!؟“
    ”بالڪل، اجازت آهي!“، استاد سعدالله کُليءَ دل سان وراڻيو.
    اجازت ملڻ کانپوءِ لعل جان شعر جي معني ڪرڻ لڳو:
    ”مان ۽ تون هڪ باغ مان آهيون، تنهنڪري مون کان منهن نه موڙ. قادر جي قدرت تو کي گل ۽ مون کي ڪنڊو بڻايو آ .“
    استاد سعد الله خوشيءَ وچان داد ڏيندي ايترا دفعا ته واه! واه! سبحان الله! جو ورد ڪيو، جو هڙني طالبن کي سندس بي خودي ۽ بي اختياري تي حيرانگي لڳي. پر حقيقت اها هئي ته استاد اهو داد لعل جان کي نه، پر پنهنجي سَڪارتي محنت کي پئي ڏنو. پهريون ڀيرو مايوسيءَ جي بحر مان، کيس اُميدن جو ساحل نظر آيو ۽ آسرو ٿيس ته اهو ڏينهن ڏور ناهي، جنهن ڏينهن تي هو هجر ۽ فراق جي عذاب کان آجو ٿي، وصال کي ويجهو پوندو. پوءِ سندس هر روز، روزِ عيد ٿيندي ۽ هر رات شب برات......
    اهو پوءِ استاد جو معمول ٿي ويو، ته هر روز هو ڪو نه ڪو شعر طالبن اڳيان رکندو هو ۽ ڪوشش ڪري ان جي معني لعل جان کان ڪرائيندو هيو، ته جيئن لعل جان اشارن ڪناين ۾ سندس دل جي درد کي سمجهي وٺي. پر اڳيان به اتراڌي معشوق هيو، جيڪو معني ڪرڻ کان پوءِ به نظامي گنجوي جي مشهور شعر جو اهو بند بڻجي ويندو هيو. جنهن ۾ معشوق جي اک جي پڪائي جو بيان فرمايل آهي:
    مارا به غمزه ڪشته، قضا را بهانه ساخت
    خود سوئي ما نه ديد، حيا را بهانه ساخت
    (مون کي ادائن سان ڪهي، قضا کي بهانو ٿو بڻائي
    هاسڪار نه ڏسي ڪري، حيا کي بهانو ٿو بڻائي)
    طالب جڏهن فارسي مان سنڌي ڪرڻ ۾ڀڙ ٿي ويا ته رئيس جان محمد جي خاص الخاص هدايت تي، استاد سعدالله هڪ نئون مرحلو شروع ڪرائي ڏنو، يعني سنڌيءَ مان فارسي ڪرڻ جو.
    رئيس جان محمد جڏهن به اهڙي چٽا ڀيٽي ڪندي طالبن کي ڏسندو هيو ته کيس پنهنجو ننڍپڻ ۽ شفيق استاد مرحوم ومغفور مولانا درمحمد خاراني ياد اچي ويندو هو. جنهن جو ذڪر، رئيس شدومد سان جماعت آڏو پيو ڪندو رهندو هو . ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو، جنهن ۾ سندس هم جماعت طالب سنڌيءَ مان غلط فارسي ڪرڻ ڪري استاد جي عتاب جو شڪار ٿيندا هيا.
    معمول مطابق مدرسي جي دالان ۾سنڌيءَ مان فارسي ڪرڻ جي مشق هلي رهي هئي. استاد سعد الله جيڪو ننڍي استنجا ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتل هيو. وَٽُ ڪرڻ کان فارغ ٿي جڏهن موٽيو پئي آيو، ته اوچتو ڪنهن ناخلف جي آواز کيس ڇرڪائي وڌو جيڪو ببانگ دهل چئي رهيو هو:
    ”استاد جو ڇيلو وهريو آهي، جيڪو ان جي فارسي ڪري ڏيکاري ته انعام ڏيانس!“
    ”انعام ۾ ڇا ملندو؟“، ٻين طالبن ٽهڪ ڏيندي کانئس پڇيو.
    ” گھڻو ڪجھ ملندو، رڳو توهان ڪري ڏيکاريو!“
    پوءِ هڪ ٻي ناخلف طالب ان جي فارسي ڪرڻ شروع ڪئي:
    ”بزءُ استاد.... “، استاد سعدالله وڌيڪ نه ٻڌي سگھيو. هڪدم انهن نامعقولن کي روڪڻ لاءِ اندر ٽپي پيو:
    ”خاموش، بي ادب!... گستاخ!....“، استاد ڌمڪي آميز رڙ ڪندي کين روڪيو.
    سڀني طالبن تي سڪتو طاري ٿي ويو. استاد ڪاوڙ ۾ ٻنهي بد ڪلام طالبن رحيم بخش ۽ الهداد کي گهوريندي بيد جيان لرزي رهيو هو ۽ سوچيو پئي ته طالبن جي اٺ مسيت تي چاڙهڻ جهڙي شرارت ته برداشت ڪري سگهجي ٿي. پر هيئن اخلاق جا ليڪا لتاڙڻ ۽ استاد جي نانءَ تي ٽوڪ يا مخول ڪرڻ واري حرڪت ناقابل برداشت آهي. هن ڪجهه ساعتن لاءِ، ٻين طالبن کي دالان مان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ خطاڪار طالبن سان سخت انداز ۾ مخاطب ٿيو:
    ”مون ته ائين سمجهيو هيو ته اوهين صرف بُزءِ اخفش وانگر بيوقوف ۽ ناسمجھ آهيو. پر هاڻ خبر پئي ته اوهين بد گو ۽ بد تميز به آهيو ۽ يقينن ٻيو ڪجهه به ...“
    الهداد ۽ رحيم بخش ٻئي کيس ڪنڌ هيٺ ڪيون ٻڌي رهيا ها.
    رحيم بخش همٿ کان ڪم وٺندي عاجزيءَ سان چيو:
    ”استاد صاحب، اوهان ئي ته ٻڌايو هيو ته ’بشر جايزالخطا است‘ يعني انسان خطا جو گهر آهي. خدا جي واسطي، اسان جي خطا معاف ٿئي!“
    انهيءَ عرضداشت جو استاد مٿان ڪو به اثر نه پيو، اٽلندو استاد ڪاوڙ ۾وراڻيو:
    ”ڇا مان اوهان کي ناهي ٻڌايو، ته خطا لاءِ سزا جو حڪم آهي ۽ ان خطا جي سزا اوهان کي رئيس پاڻهين ڏيندو!“
    اها ڳالهه ٻڌي، ٻئي طالب ڊڄي ويا، کين اندازو هيو ته اهڙي گستاخي واري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ رئيس کين مدرسي مان، بنان دستاربندي جي ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. الهداد ۽ رحيم بخش، ٻئي ڄڻا آزين نيزارين سهاري اِلاهون بِلاهون ڪرڻ لڳا. پهريان الهداد هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو، ”استادِ محترم، اوهان اهو به ته سيکاريو آهي، ته ننڍن کان خطائون وڏن کان عطائون، سو اوهان جي عطائن جا طلبگار آهيون؟“... پر استاد جيڪو باه جي مچ تي رکيل ديڳ جيان تپي چڪو هيو، سو ٿڌو ئي نه پئي ٿيو. اهو ڏسي رحيم بخش دهلجي ويو، تنهن اوچتو پاڻ کي استاد جي پيرن تي ڇڏيندي چيو، ”سائين، اوهان کي لعل جان جو قسم!... بس هي ڀيرو خطا معاف ٿئي!“
    استاد سعدالله کان اوچتو ڇرڪ نڪر ويو. کيس ائين لڳو ڄڻ سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هجي. هن ته ائين سمجهيو هو ته سندس عشق جي ٻاٻور، ڪرامن ڪاتبين کي به نه هوندي، پر هنن نامعقولن کي ڪيئن پئجي وئي؟... هو اڃا حيرت ۾ هيو ته الهداد به ساڳي ڪار ڪئي ۽ چوڻ لڳو:
    ”جيڪڏهن اوهان معاف ڪندئو ته انشاءَ الله، اوهان جي هجر جي مهجوري چند ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي!“
    هاڻي ته استاد سعدالله، سراپا عجب جي نشاني بڻجي ٻنهي کي تڪڻ لڳو ۽ جن طالبن کي هو چاچول باز ۽ ڪند ذهن سمجهندو هو، سي ته وڏا حرفتي ۽ رمز شناس نڪتا. استاد چند گهڙيون ته خاموش رهيو ۽ پوءِ پرڀرو بيٺل طالبن کي واپس اچڻ لاءِ سڏ ڪيائين. طالب جڏهن واپس آيا ته اهو ڏسي کين حيرت ٿي ته استاد سعدالله، جنهن پهريائين ويڙهي ڏاند جيان تارا اڀا ڪيا ها، سو ڪنهن پوسل ۾ ليٽيل مينهن جيان ٿڌو ٿي چڪو هو. تنهن ڦوڪٽ هڻندي رڳو ايتري تنبيهه ڪئي، ”سزا ڏيڻ کان معاف ڪرڻ بهتر آهي، ان ڪري اوهانکي معاف ڪيان ٿو، پر انهيءَ شرط سان ته آئنده ’خوش زبان باش، در امان باش‘ جي اصول تي هلندئو!“
    رحيم بخش ۽ الهداد توبهن ڪندي ڪنن تي هٿ رکيا ۽ واعدو ڪيو. پوءِ ايئن لڳو ته ڳالهه آئي وئي. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مدرسي جي طالبن استاد سعدالله ۾ هڪ عجيب تبديلي ڏٺي؛ ته استاد جيڪو الهداد ۽ رحيم بخش تي سندن ڪاهليءَ جي ڪري جٺ ڦٺ پيو ڪندو هيو تن کي درگذر جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو هيائين. نه صرف ايترو پر پهرن جا پهر پنهنجي ڪمري ۾ ويهاري ساڻن جُهڻ ڀُڻ به پئي ڪيائين.
    حقيقت حال به اها هئي ته استاد سعدالله هاڻي رحيم بخش ۽ الهداد سان دل جو حال اورڻ لڳو هو، انهيءَ شرط سان ته راز راز رهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سندس عشق، مشڪ نه بڻجي وائرجي. ٻنهي ڄڻن قسم کڻي ساڻس قول واقرار ڪيو هو ته سندس رازِ عشق راز ئي رهندو، فاش نه ٿيندو. ٻئي ڄڻا سندس همراز ۽ حال محرم بڻجي چڪا هيا. روز ٻئي نامه بر بڻجي کيس روزِ وصلت جي واعدن جا آسرا ڏيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن استاد کي ٻنهي طالبن جي ’امروز و فردا‘ وارن واعدن تي شڪ به ٿيندو هو ۽ کيس لڳندو هو ته انجامي ڪوڙا آهن. پر کيس اهو به احساس هيو ته اتراڌي معشوق، لاڙ يا وچولي جي معشوق جيان نرم خُو ۽ نرم دل ڪونهي جو هڪ اڌ نياپي ۾ پاڻ هاري ويهي. اهو ته جھولن جي سٽيل سخت جان چيلاٽي مثل آهي. جيڪو عشق جي لُڪن ۾ اڃا به وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو آهي. جڏهن ته لعل جان ڪو جهڙو تهڙو معشوق نه هو. منجهس حافظ ۽ خيام جي معشوقن واريون هڙيئي خصوصيتون ۽ خصلتون يعني ناز وادا، شوخي، سنگدلي، بي پرواهي ۽ جورو جفا موجود هيون. تنهنڪري وصل جي ايتري تڪڙي آرزو ڪرڻ اجائي هئي. پر ڇا ڪري، انتظار بي قرار، لب زرد ۽ آه سرد وارين ڪيفيتن کي؟.............
    آخر اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو کيس اعتبار نه پئي آيو. جڏهن رحيم بخش ۽ الهداد کيس مبارڪون ڏيندي، انتهائي رازداري ۾ خوشخبري ٻڌائي هئي، ته اڄ رات جو لعل جان ملاقاتِ وصل لاءِ صفا راضي پازي ٿي ويو آهي.استاد سعدالله کي فارسيءَ جو اهو پهاڪو هڪدم ياد اچي ويو، صبر تلخ است وليڪن بهره شيرين دارد (صبر تلخ آهي، ليڪن ان جو ڦل مٺو آهي). از خود سندس تن تنبورو ۽ رڳون رباب ٿي ويون. کيس يقين ٿيڻ لڳو ته سندس دل جو درمان ٿيڻ وارو آهي. هن نهايت رازداري واري انداز ۾ آهستگيءَ سان پڇيو، ”منزلِ وصل ڪٿي هوندي؟“
    ٻنهي نامه برن سڙُٻاٽن ۾وراڻيو، ”مدرسي جي پٺ ۾ .... ڦٽل کوه جي ڀر سان..... جتي وڏن کبڙن جا جُھنڊ پاڻ ۾ امبل چمبل آهن!“
    ”۽ ساعتِ وصل ؟“، هن پنهنجي اندر جي شادمانيءَ کي لڪائيندي، سرگوشي واري انداز ۾ ٻيو سوال پڇيو.
    ”پوري هڪ وڳي رات جو، جڏهن هئو مئو ٽري ويندو آهي“، رحيم بخش وراڻيو.
    ”آ پوري وقت تي رسي ويندس. بس ان سنگِ پارس کي چئجو ته انتظار نه ڪرائي، جو انتظار جي هڪ هڪ گھڙي عاشقن لاءِ قيامتِ صغري مثل هوندي آهي.“، هن بليغ انداز ۾ کين پارت ڪندي وراڻيو.
    ”پڪ سمجھو ته اوهان جو محبوب، اوهان جو منتظر هوندو، بس اوهان رڳو پوري وقت تي پڄڻ جي زحمت فرمائجو.“، الهداد کيس پڪ ڏيندي، تاڪيد پڻ ڪري ڇڏي.
    سياري جي سرد رات ۾، استاد سعدالله جي رڳ رڳ ۽ نس نس ۾ خون ڊوڙي رهيو هيو. کيس ايئن پئي لڳو ته سوزِ عشق ۾ ڄڻ سڄي دنيا تپي ڳاڙهي ٿي وئي آهي. هن چاٻي واري ويسٽرن گهڙي تي هر هر نظر پئي وڌي، جنهن جا پرنور ريڊيم لڳل ڪانٽا، آهستي آهستي سندس صبر آزما گهڙين کي ڳڻيندي اڳتي پئي وڌيا. جڏهن انهن رات جو پورو هڪ ڏيکاريو ته هو پير پير ۾ ڏئي، وڏي احتياط سان ٿري لوئي جي ٻڪل هڻي ڪمري مان ٻاهر نڪتو. تھ سياري جي اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾، چرخ بي پير (بي پِيري آسمان) تي وکريل تارن جا ميڙ ڄڻ سلطاني شاهد بڻجي کيس ڏسي رهيا هيا. هن کين ڏسندي سوچيو، ڪاش! اڄ اهي شاهدِ حال به سياه بادلن جي اوٽ ۾ هجن ها ته بهتر ٿئي ها. هن هڪ نظر ان ڪمري ڏانهن به ڊوڙائي، جتي سندس رقيبِ روسياه، حافظ شمس الدين لت ڏيون ستو پيو هو. پوءِ هوش کي پٺـتي اڇلي، جوشِ عشق ۾ ڦٽل کوه ڏانهن ٻرانگھون هڻندي روانو ٿيو. هر طرف خاموشيءَ جو راڄ هيو، رکي رکي ڪنهن ڪتي جي ڀونڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي،جيڪا به هن کي بي وقتي ۽ اجائي پئي لڳي. هوڌڙڪندڙدل سان هلندو هلندو ڦٽل کوه جي ڀرسان اچي پهتو هيو. گھاٽن کبڙن هيٺان بِب اونداه کي ڏسي هڪ ڀيرو ته سندس دل ۾ هٽ کٽو ۽ هول پيدا ٿيو، پرعشق جي تقاضا ۽ وصل جي شديد آرزوکيس اڳتي وڌڻ تي مجبور ڪري وڌو. هن کي فارسي جي اهو مشهور پهاڪو ياد آيو، ته ’مرد بايد ڪه هراسان نه شود، مشڪلي نيست ڪه آسان نه شود‘ (مڙس ماڻهوءَ کي هرگز ڊڄڻ نه گھرجي، دنيا ۾ڪا اهڙي مشڪل ناهي جيڪا آسان نه ٿئي). پوءِ هن دل ٻڌي پهرين، ٻي ۽ ٽين وک کڻي مردِ ميدان بڻجي اندر گهڙيو. گھڙڻ شرط ڪاري ٻاٽ کيس ايئن وڪوڙي وئي، جيئن بکايل اجگر، ڪنهن شڪار کي جهٽ هڻي سوگھو ڪري ڇڏي. ان ڪاري ٻاٽ ۾ هو گھڻو ٿڙيو ڦٿڙيو ۽ ڇڏ! ڇڏ! ڪندي هٿ پير هنيا، پر هن محسوس ڪيو ته ڄڻ هو ڪنهن آهني شڪنجي ۾ اچي ويو آهي. ڪجھ دير تائين گھاٽن کبڙن هيٺان سندس ڀرپور مزاحمت ۽ ڪشمڪش جي ڪري چنگھڻ، سهڪڻ ۽ سڪل پنن جي کڙڪڻ جا آواز ٿيندا رهيا. جڏهن کيس فارسيءَ جي اها مشهور چوڻي ياد اچي وئي، ’آمدن به ارادت، رفتن به اجازت‘ ته پوءِ هن جي اها مزاحمت به ختم ٿي وئي ................
    وڏي اَسر جو، جڏهن کبڙن جي اونداهي کيس اوڳاڇيو ته استاد سعدالله جي ورڻ جو منظر باب السماءُ (تارن جي ميڙ) حيرت ۽ عجب وچان پئي تڪيو. استاد جي پيشاني عرق آلود ۽ دستار ڳچيءَ ۾ ڦاٿل هئي. گوڏا رهڙيل ۽ جان ۾ رڦڻي هيس. هلندي هلندي پير پئي وچڙيس. مدرسي ڏانهن ورندي، خوف وچان پٺتي شڪ پئي هنيائين...........
    فجر جي نماز تي، رئيس جان محمد، استاد سعد الله کي غير حاضر ڏٺو، ته کيس ڪجهه اُڻ جُهڻ ٿي پئي. رئيس سوچيو، شايد گهڻي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڪري کيس گھري ننڊ اچي وئي آ يا وري سندس دشمنن جي طبعيت ناساز آهي. نماز کان پوءِ اندر جي اُڊڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ رئيس جان محمد اٿي اچي، سندس ڪمري ۾ جهاتي هنئين؛ ڏٺائين ته ڪاريءَ وارا ڪک، نه استاد نه استاد جو سامان. البت هڪ چٺي تڏي تي، سندس هٿ اکرن سان پئي هئي. هن کڻي پڙهي، جنهن تي لکيل هو:
    ”الحاج رئيس جان محمد،
    السلام عليڪم!
    خيريت طرفين مطلوب
    مطلب احوال ته، آ پنهنجي وطن وڃان پيو. افسوس، جو اوهان جي ملڪ ۾ جالي نه سگهيس. ڳالهايو ٻولهايو بخشجو.
    خيرانديش
    استاد سعد الله خان.“
    الحاج رئيس جان محمد جا تاڪ لڳي ويا. کيس سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته آخر سبب ڪهڙو هيو، جو نه موڪلائڻ نه توڪلائڻ، ائين الله توهر!؟.........................


    اسرندڙ زندگي نسرندڙ پيڙا

    ”ياسمين!... يا!.... سي!“
    ”پريزنٽ ميڊم!“، هڪ ڇوڪري پٺئين بئنچ تان ڪچي ننڊ مان ڇرڪ ڀريندي چيو. ڪلاس ۾ ويٺل سڀ ڇوڪريون کلڻ لڳيون.
    ”هي پڻهين جو گهر ناهي... ٺهي ويهه!.... حساب سمجهيئه؟“، ڪلاس ٽيچر دڙڪو ڏيندي پڇيس.
    “ جي !...مِس!؟ “، هن ها ۽ نه جي وچ واري ورندي ڏني.
    ”ٻڌاءِ؟“
    هوُءَ اٻاٽجي بيهي رهي. سندس چوري پڪڙجي پئي. ذهني طور سزا کائڻ لاءِ تيا ٿي وئي، ته اوچتو رسيس جو گهنڊ وڳو. سڀيئي ڇوڪريون رڙيون ۽ سنهيون چيٽان ڪنديون، ڪلاس روم مان نڪري ويون. ڪلاس ٽيچر به چاڪ جو آخري ٽوٽو خار مان اڇلي ٻاهر هلي وئي. هوءَ ڊيسڪ تي ويٺي رهي ۽ اندر ئي اندر ۾ اُٻرڻ لڳي:
    ”ياسمين ته مهنجو ڄڻ نالو ئي ناهي... هتي به ياسي ... پاڙي ۾ به ياسي... گهر ۾ به ياسي ... شڪر ٿيو اهو نڀاڳو گهنڊ وڳو، نه ته مار پڪي هئي، اڄ!... ڇا ڪري ها، مِس وڌ ۾ وڌ ٻه چانٽا يا چوٽيءَ کان ڇڪ؟.... هونئن به هاڻي مار کائي کائي پڪي ٿي وئي آهيان..... ڪڏهن فيءَ تي مار، ڪڏهن ڪتابن تي، ته ڪڏهن هوم ورڪ تي... اهي حساب ته ماريا سمجهه ۾ اچن ئي ڪونه ٿا.“
    ياسمين بورڊ کي گهورڻ شروع ڪيو، جنهن تي لکيل هيو:
    وراثتي سرشتو
    هڪ ماڻهو پنهنجي وفات تي۳۵۰۰۰ روپيا ملڪيت ڇڏي. وارثن ۾ هڪ زال، هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين. جيڪڏهن زال کي ۱/۸ حصو ۽ پٽ کي ڌيءَ کان ٻيڻو حصو ملي ٿو، ته هر هڪ جو حصو لهو.
    هن جي چپن تي طنزيه مشڪ اچي وئي. هوءَ وري دبرڻ لڳي:
    ”ڪنهن کي ڪهڙو مٿي ۾ سور پيو آ، جو اهڙا حساب ويهي ڀڃي... ڀلي اهي ڀڃن جن جا پيئر هجن شاهوڪار، آفيسر، دوڪاندار،سيٺ.... منهنجو پيءُ ته هيروئني آ... اسان کي ته گهر ۾ ڪجهه به ڪونهي .... اسان ته رهندا به اوڌر تي ناني ملان وارن جي جاءِ ۾ آهيون... “
    ياسمين گهرو ٿڌو ساه کڻي آرس ڀڳو. اندر جي ٻاڦ ذهن جي بند ٿيل ڪُنيءَ جي ڍڪڻ سان ڄڻ ٽڪرائجڻ لڳي:
    ”ڏاڍي ٿڪجي پوان ٿي، نه ڏينهن جو ننڊ، نه رات جو ... ڪلاس ۾ ننڊ نه ڪندس ته ٻيو ڪاٿي ڪندس؟..... اسڪول کان پوءِ ڇٻي مٿي تي، سڌو گهٽيءَ ۾،پوءِ هوڪا شروع: ٽافيون وٺو! سڱر وٺو!..... ڪاڪا دوڪاندار ته اهڙا ساڙ سڙيا، جو دڪانن جي ڀر ۾ ويهڻ ئي نه ڏين... ويهان به وڃي گٽر جي مٿان... پاڙي جا ڇورا اهڙا حرامي ۽ بي شرم جو هاسڪار ٺڪاءُ کڻي گٽر ۾ ڀينڊ ڪرائن، سڄيون ٽافيون ۽ پاپڙ خراب.....امان چوندي آ، ڇوري! تون هاڻي ڪني ٿي پئين آ، گاريون ٿي ڪڍين... ڀلا جيڪي ڇوڪريون گهٽين ۾ شيون وڪڻنديون، اهي گاريون نه سکنديون ته قرآن پڙهنديون!؟ .... انهن گارين سان ته ڇورن کي سڌو ڪندي آهيان. اهڙا ڪنا، ذليل، جو هڪڙِي ڏينهن ناليءَ مان ڏيڏر ڪڍي منهنجي ڇٻيءَ ۾ کڻي اڇليون؛ مان ته ڀوءَ کان وٺي ڀڳس گهٽيءَ ۾ ... موٽيم ته هڪڙ کٽمٺڙو به ڪونه، هڪڙي ٽافي به ڪو نه .. گهر جي موچڙن جي ڀوءَ کان اهڙيون اهڙيون ته ڪچيون گاريون ڏنيون مانِ، جو سڄي گهٽي کڻي مٿي تي کنيم .تڏهن وڃي دوڪانن تي بيٺل ڪاڪن، ڏانئڻن کان پادر هڻي شيءِ موٽرائي ڏني... توبهن! الله جو ڏوه به نٿو ٿين، ويچارن ڏيڏرن کي ڪڍي انهن کي سروٽا هڻندا آهن... منهنجي ناني ملياڻي چوندي آ، جيڪو ڏيڏرن کي ماريندو، تنهنجي مينهن ٽڀي پوندي آ، پر جن کي مينهن ئي نه هجي ته پوءِ!؟....“
    هن ٿڌو ساهه کڻي بورڊ تان نظرون هٽائيندي، منهن تي آيل پگهر کي مٿي تي رکيل ميرانجهڙي لينگهڙيءَ سان اگهندي پکي ڏانهن ڏٺو، جيڪو وچ تي ڦرڙاٽ ڪري هلي رهيو هيو. هن پکي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”مون کي ته اهو باه لڳو پکو لڳي ئي نه ٿو ... پٺين بئنچن وارين غريب ڇوڪرين کي اهو پکو ڪاڏهن لڳندو؟.... مان ته وري جَڏي به آهيان، ته ڏُڏي به ... پڙهان به ته ڪيئن پڙهان، هجي واندڪائي ته پڙهان به نه؟ .... سج لٿي جو شيءِ وڪڻي گهر موٽان ته امان جا دڙڪا، اڄ وري گهٽ پئسا؟.... جڏهن ڇِتي ٿي چوندي آهيانس، ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوه ، ٻار شيون وٺن به ته نه !؟.... تڏهن وڃي بس ڪندي آ........اڃا اهوڪم کٽي ته چون ، ته فلاڻن جي گهران الله نانءَ جي ماني وٺي اچ!.... ماني اڃا مس وٺي اچان ته چون، هوٽل تان ادڙي لاءِ کير وٺي اچ! ....جيستائين ڪاڪو هوٽل وارو کير ڏيندو آ، ٽي وي ڏسي وٺندي آهيان ... هڪڙي ڏينهن خبرن واري ڪاڪي ٽي وي ۾ اهڙا ڪوڙ هنيا، اهڙا ڪوڙ هنيا، جو الا منهنجي توبهن!.... چئي پيو، ٻه ٽي مڻ پوليس وارن هيروئن پڪڙي آ....سڀ ڪوڙ!.... اسان جي پاڙي ۾ ڪاڪو پوليس وارو پاڻ هيروئن وڪڻندو آ، ته پيئندو به آ!..... امان ٻڌائيندي آ ،تنهنجي پيءُ کي به ان مئي کري خراب ڪيو، نه ته سرڪاري آفيس ۾ چڱي ڀلي پٽيوالي ڪندو هيو.... مون کي ته ٽي وي ۾ خبرن واري مائي ڏاڍي وڻندي آ... ڪنن ۾ ڪيڏا نه سٺا والا پيل هوندا اٿس!.... مان به وڏي ٿي ٽي وي واري مائي ٿيندس!....خبرون پڙهندي هر هر مرڪندس...... پر امان چوندي آهي، ته ڇوري تون وڏي ٿي ماسترياڻي ٿجانءِ، پنهنجو پيٽ ته چـڱيءَ طرح پالجانءِ...... پر هروڀرو به ماسترياڻي ڇو ٿيان ؛ڇو غريب ٻارن کي چپاٽون هڻان، بئنچن تي بيهاريان، پِٽان جهليان؟ ....... تڏهن ته ان ڏينهن هڪڙي مِس ٻي مِس کي چيو پئي، الائي ٻارن جون پٽان ٿيون لڳن، جو شادي ئي نٿي ٿئي... پر جي ماسترياڻي ٿيس به سهي، ته عربي ٽيچر ٿيندس. بس ان وانگر ننڊ ڪندس، رڳو ننڊ!......“
    ياسمين کي کليل دريءَ مان آيل ٻاهرين هوا جي جهُلڪي ڪجهه فرحت ڏني، ته ٿورو اٿي دريءَ مان آرسيلن نيڻن سان جهاتي پائي ڏٺائين؛ ٻاهر ڪجھ ڇوڪريون شيون کائي ۽ ڪي راند ڪري رهيون هيون. انهن کي ڏسندي کيس پنهنجيون مجبوريون آڏو اچڻ لڳيون:
    ”مان ته انهن مئين سان کيڏي به نه ٿي سگهان، کيڏان ته چونپل ڇڄڻ جو ڀئو ... انهن ڏانئڻين کي ته بوٽ هن نه !.... اڳي دفعي جڏهن ٺپي راند ڪندي هڪڙي چونپل جي ڪهي ڇڄي پئي هئي، ته امان هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هئا.. نه ڪنهن سان کيڏي ٿي سگهان ، نه ڪجهه خرچي ٿي سگهان.... اهي ڇوريون اهڙيون ڇتيون آهن، جو ڀرسان بيهانِ ته چون، آئي اَٿوَ هيروئني جي ڌيءَ ... دل ۾ چوندي آهيان، الله هيروئني ڪيو اٿس، ڪو توهان ڪيو ٿس يا توهان جي پيءُ ڪيو اٿس!....“
    ياسمين وري اچي پنهنجي ڊيسڪ تي ويٺي ۽ پاڻ تي سوچڻ لڳي:
    ”منهنجي دل به الائي ڪيئن آ، الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون سوچيندي آ!؟... اهڙا اهڙا سوال ڪندي آ.... مثال الله ڪنهن کي هيروئني ڇو ٿو ڪري، ته ڪنهن کي آفيسر، ته ڪنهن کي شاهوڪار،ته ڪنهن کي صفا غريب!؟..... مان اها ڳالهه هڪ دفعي ناني ملياڻي کان پڇي هئي، ته نڪ کي موڙو ڏيندي چيائين، الائي مائي؟ ... پوءِ ٻيو سوال ڪيومانس ته پوءِ ڀلا الله قيامت ۾ پڇاڻو ڇو ٿو ڪري؟ .... ته چيائين ڌيءُ ڌڻ اهڙا سوال نه ڪندي آهي ... پڇيو مانس، ڇو؟.....ته چيائين، ماڻهو ڪافر ٿي ويندو آهي..... پڇيومانس، ڪافر ڀلا شاهوڪار ٿيندا آهن؟.... چيائين ها!.... مون چيو، پوءِ مان به ڪافر ٿيندس! ... مون کي کڻي گهروڙي بجو ڏيندي چيائين، هي ته وٺُ! ...مون کي اها ڳالھ سمجھ ۾ ناهي ايندي، ته وڏا پنهنجن ٻارن کي هروڀرو بُجا ڇو ڏيندا آهن؟.... ان ڪري ته جيئن اهي پاڻ کان ننڍن کي ڏين ... تڏهن ته مان به پنهنجي ننڍي ڀيڻ عابيءَ کي منهن سان لائي بجا ڏيندي آهيان ... آهي به ترڙ نڀاڳي ندوري... چانهه تي ڪروڌ، مانيءَ تي ڪروڌ... پيٽر آ، پيٽر! ... امان چوندي آ ته سندس پيٽ ۾ ڪينئان آهن... سڄي رات مون کي به ننڊ ڪرڻ ناهي ڏيندي.... ڏانئڻ وٺي دانهون ڪندي آهي، ته کٽ تي ڪوليون چڙهي آيون آهن. سڪل ۽ سنهيون ڪوليون اهڙا ته چڪ پائينديون آهن، جو جسم تي رٻڙ ٿي پوندا آهن. ڀلا اهي ڪِوليون شاهوڪارن جي گهرن ۾ ڇو نه ٿيون وڃن؟........ پر شاهوڪارن جي گهرن ۾ به ته شاهوڪار ڪِوليون رهنديون هونديون. اُهي ڪِوليون ته اهڙين سڃين ڪِولين کي پنهنجن ٻرن جي درن تي بيهڻ به نه ڇڏينديون هونديون، جيئن اسان جا شاهوڪار مائٽ اسان کي ڏسي پنهنجا در بند ڪري ڇڏيندا آهن. ... بکين جي گهرن ۾ ته ڪِوليون به بکيون، ته مڇر به بکيا، ته ڪرڙيون به بکيون، ته سڀ بکيا!....“
    ياسمين جو ڌيان هٽي ان ڇوڪريءَ ڏانهن ٿي ويو، جيڪا رسيس بند ٿيڻ کان اڳ ڪلاس ۾ داخل ٿي هئي. ان کي ڏسي دل ئي دل ۾ تبصرو ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين:
    ”آئي، ٿاٻا کائي، سلمان سِڪڻي!.... غريب موچيءَ جي ڌيءَ ... لڀي کيسي ۾ روپيو به ڪونه .... ٻيون کائينديون هونديون، هيءَ پئي ڏسندي ۽ سڪندي ...... شرم به ڪو نه ٿو اچيس ... مان ته چوندي آهيان، ائين روز روز سِڪي مرڻ کان ماڻهو هڪ دفعو مري وڃي ته چڱو آ... الله ڪري، ته مان به جلدي مري وڃان، ته جيئن منهنجو روح به اڏامي!.... پر اڏامندو الائي ڪيئن؟... الائي لغڙ وانگر!؟... الائي هوائي جهاز وانگر ؟..... الائي ڪانوَ يا ڪبوتر وانگر.... جيئن به اڏامي، منهنجو روح ته شهر جا چڪر هڻي، بيڪرين مان پيسٽريون ڪڍي کائي ، باغن جي گسڪڻين تي گسڪي، جهولن تي مزا وٺي پوءِ مٿي ويندو .... آسمان تي به کائڻ لاءِ ڪجهه هجي الائي نه !؟....“
    سلمان تي تبصرو ڪندي ،ياسمين روحن بابت سوچڻ لڳي:
    ”ان ڏينهن امان چئي پئي، ته روحن کي بک ناهي لڳندي .... نه لڳي ته پوءِ الله جي ماني، مئن جي نالي تي ماڻهو ڇو ڏيندا آهن ؟....ڀلا روحن ويچارن کي جو آسمان تي ڪجهه نه ملندو هوندو، تڏهن ته بک ۾ ٺيهان کائي هيٺ لهي ايندا هوندا نه!؟ ... مون کي ته هاڻي پنهنجي بکئي پيءَ کان ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي،روزانو چتائي پيو ڏسندو آهي.... هڪڙي دفعي امان چيس، ياسي، هاڻي ڇهون ٿي پڙهي ؛ ڄاڻ اُڌي ساماڻي، ڪيئن شيءِ وڪڻڻ لاءِ ٻاهر ويهاريانس؟.. تون ويهندو ڪر!...ته موٽ ۾ چيائين، رڳو اُره انبورجنس ته پئسن تي وڪڻندو مانس...رنگ ۽ نقش سٺا ٿس، ڀلو اَگھُ ڪندي!.....پوءِ ته امان ڏاڍيون گاريون ڏنس،نه ڇڏيائينس ننڍي ۽ وڏي......ڇا واقعي مون کي به پنهنجو پيءُ ائين وڪڻندو، جيئن مان ٽافيون ۽ پاپڙ وڪڻندي آهيان؟..... پوءِ ماڻهو مون کي به پاپڙن ۽ ٽافين وانگر چٻاڙي کائي ويندا!؟.............................“
    گهنڊ لڳڻ سان رسيس ختم ٿي، ڇوڪريون ڀڄنديون اچي ڪلاس روم ۾ ويٺيون. سندن جسم مان نڪرندڙ پگهر بانس ۽ واتن مان نڪرندڙ ڇولن، چاٽن، ٽافين جي گڏيل خوشبوءِ سڄي ڪلاس ۾ پکڙجي وئي. آهستي آهستي ياسمين جي اکين جا ڇپر ڳرا ٿيندا ويا ۽ هوءَ جھوٽڻ لڳي.


    ڪلچرل ڪهاڻي جو جائزو: چندر ڪيسواڻي

    انفرميشن ايج جي اڄوڪي دور جتي سماج اندر رهڻي ڪهڻي جي ڍنگ ۽ روين ۾ تيزي سان تبديلي آندي آهي. تتي ترقي پذيري ۽ وسعتن جي اثرن سماج جيان ادب جي مختلف صنفن، فارميٽ ۽ اظهار جي ڏانءُ کي به ٽوڙي تبديلي واري اڻ ٽر دور مان گذارڻ شروع ڪيو آهي. ماضي واري روايت جي پاسيداريءَ ۾ تخليق ٿيندڙ سنڌي ڪهاڻي، جيڪا فن ۽ موضوع جي بنياد تي اڪثر ڪهاڻيڪار هٿان يڪسانيت ۽ ورجاءُ جو شڪار ٿي آهي. اڄوڪي دور جي خاصيتن ۽ سرگرمي ۾ گهڻو پٺتي رهجي ويئي آهي. پراڻي ڪهاڻي جو فارميٽ ۽ تاڃي پيٽو چٽاڀيٽي جي اڄوڪي دور ۾ ڪو گهڻو ڪارگر نه رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي سرجندڙ مختصر سنڌي ڪهاڻي فن ۽ فڪر جي علمي تجربن، ٽيڪنڪ توڻي اسلوب جي بنياد تي سرجندڙ نئين ڪهاڻي جي طور تي آڏو آئي آهي، جيڪا نوجوان ڪهاڻيڪار هٿان موضوع توڻي اڻت جي ٿيندڙ نون تجربن وسيلي گهڻو اڳتي نڪري ويئي آهي. نوجوان ڪهاڻيڪار پنهنجي غير معمولي تخليقي انفراديت کي نئين ڪهاڻي جي تت ۾ شامل ڪيو آهي. جنهنڪري هي صنف مشاهداتي سگهه ۽ موضوعاتي نواڻ جو اهڃاڻ هوندي، پنهنجي وقت ۽ ماحول سان سلهاڙيل، عصري شعور جي هڪ وڏي ڪئنواس تي پکڙجي ويئي آهي. نئين ٽهيءَ جي نوجوان ڪهاڻيڪار نه رڳو زندگي جي تبديل ٿيندڙ حقيقتن ۽ مصروفيتن، تجربن جو ڪهاڻي اندر ادراڪ ڪيو آهي. پر سماج جي گوناگون مسئلن، رواج ۽ ڪيفيتن سان جڙندڙ موضوع ۽ ڪردار کڻي ڪهاڻين ۾ وائکا ڪيا آهن. اهوئي سبب آهي جو معروضي ماحول جي پس منظر ۾ تخليق ٿيندڙ نئين ڪهاڻي پنهنجي پر ۾ اڄوڪين تقاضائن جي گهرج پٽاندڙ زندگي جي طرفداري واري رويي کي نمايان ڪندي نظر ٿي اچي. زندگي جي ڀرجهلو روين ۽ سرگرمي واريون اهڙيون ئي ڪي ڪهاڻيون نوجوان ڪهاڻيڪار ”منظور ڪوهيار“ جي ڪهاڻي ڪتاب ”سج لهڻ کانپوءِ به ....“ ۾ پڻ ملن ٿيون. جيتوڻيڪ منظور جي ڪتاب ۾ آيل هي ڪهاڻيون سندس شروعاتي مشق جو حصو آهن. پر هن پنهنجي پر ۾ ڪهاڻين اندر سادگي ۽ سچائي جو احساس وڏي خصوصيتن سان اوتيو آهي. هن پنهنجن ڪهاڻين جو بنياد واقعن ۽ خيال جي زور تي اڏيو آهي. جنهنڪري هن پاڻ جيڪو تاثر معاشري جي جاري زندگي مان ماڻيو آهي. اهو جيئن جو تيئن پڙهندڙ جي اندر تائين لاهڻ ۾ به ڪامياب ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو زندگي کي گهرائي سان ڏسڻ، سمجهڻ ۽ ڇيد ڪرڻ جو فڪري رويو هن جي ڪهاڻين ۾ نمايان ادبي قدر جي طور تي اڀري آيو آهي. توڻي جو ڪتاب جون ڪيتريون ڪهاڻيون پنهنجي اڻت، موضوع توڻي ٽيڪنڪ جي آڌار تي روايتي سانچن ۾ فٽ ٿيل نظر اچن ٿيون. پر بدحالي، ظلم ۽ جبر هٿان سٽيل هيٺين وچولي طبقي جي ڪردارن جي اڀاريل شڪلين وسيلي، هو پنهنجي ڪهاڻين اندر جدت ۽ نواڻ جون شخصي ڪوششون ڪندي ضرور نظر اچي ٿو. هن جا سوڍو، سچيڏنو، ميرو ۽ سومر جهڙا تخليق ڪيل تاثراتي ڪردار نهايت کرا ۽ بي جوڙ ڪردار آهن. جيڪي زندگي جي مختلف وکريل روين جو عڪس هوندي ڪهاڻين اندر موضوعاتي وسعت جو ڪارڻ به بڻيا آهن. منظور پنهنجي ڪجهه ڪهاڻين ۾ ڪن نون موضوعن کي به ڇهيو آهي. سندس ڪهاڻين ”ساڌ“، ”ناستڪ“ ۽ ”سج لهڻ کان پوءِ به“ جا مرڪزي خيال ۽ موضوع اڇوتا هوندي اڳ ڪڏهن سنڌي ڪهاڻي جو حصو نه بڻيا آهن. هن جون ڪهاڻيون سنڌيت جي پس منظر ۾ پيدا ٿيندڙ ثقافتي موضوعن وسيلي وڏي دردمندي، گهرائي ۽ اتساه سان سرججي آڏو آيون آهن. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٺيٺ اترئين لهجي، چوڻين ۽ پهاڪن جو به شاندار استعمال ڪيو آهي، جنهن ڪري هر ڪهاڻي فطري انداز ۾ پنهنجي ماحول ۽ ٻولي سان سلهاڙجي بيان ٿي آهي.
    ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي” عالي جناب جو استقبال“ گهڻي سادي ۽ بيانيه انداز ۾ لکيل ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي جو پلاٽ سنڌ اندر اينگهجندڙ اهو سياسي ڪلچر آهي. جنهن وسيلي بيوس ماڻهن کي باندي بڻائي سياسي جلسن ۾ آندو ويندو آهي. ڪهاڻي جو هي پلاٽ سياسي ڪلچر ۽ عوام جي سوچ وچ ۾ پيدا ٿيل وٿي جي نقطي تي جڙيو آهي. ڪهاڻي ۾ رياستي ڏاڍ ۽ دٻاءُ کي طنز وسيلي وائکو ڪيو ويو آهي. منظور ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ ميونسپالٽي وارن ڀنگين کي پگهار نه ملڻ ڪري سندن ممڪن نتيجن کي وائکو ڪندي لکي ٿو ته” پورت لاءِ عورتن کي شهر جي شريف ۽ لفنگن سان بغير امتياز جي واسطو رکڻو پوندو“ جيتوڻيڪ ڪهاڻي اندر ڪردار نتيجو پڙهندڙ پاڻ اخذ ڪندو آهي. پر Between The Lines حالتن جي ردعمل ڪري پلاٽ اندر جڙندڙ ”بين السطور“
    هن ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار پاڻ اهڙي نتيجي طرف اشارو ڪري غير ضروري وڌاءَ کان ڪم ورتو آهي. جنهن ڪري ڪهاڻي جي فني دلچسپي متاثر ٿي آهي. ڪهاڻي جا هڙيئي ڪردار ڪهاڻيڪار جي ڏنل هڪ نه ٻئي تشبيهن واري اجائي ردعمل جو شڪار به ٿيا آهن. جنهنڪري انهن جي فطري بيهڪ ۽ کرائپ گهڻي متاثر ٿي آهي. پر ڪهاڻي جو لهجو به وڌاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڪهاڻي ”انصاف“ ريئلسٽڪ ايپروچ رکندڙ پُر اثر ڪهاڻي آهي. جيڪا وڏيرڪي سماج جي روايتي جڪڙ ۽ بي وسي تي وَس وارن جي زور جو ڏس ڏيئي ٿي. هنري مشاهدي جي زور تي لکيل هن ڪهاڻي جا ڪردار ۽ پلاٽ پنهنجي پَر ۾ چٽا ۽ فني وزن رکندڙ آهن. جيڪي ڪهاڻيڪار جي ڳوٺاڻي زندگي سان عملي ويجهڙائپ جو ڏس ڏين ٿا. مختصر فريم ۾ لکيل هي ڪهاڻي سنڌي جي شاهڪار ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ”آمين ثم آمين“ دعائن جي بڻ بنياد ۽ تاريخ بابت لکيل احوال آهي. جيڪو ڪهاڻي جي فن توڻي جوڙجڪ جي ابتڙ فقط نثري ڪالم جي خاصيت رکي ٿو. ڪهاڻيڪار هن ڪهاڻي ۾ پنهنجي مرضي پٽاندڙ سوچ ۽ نڪته نظر کي ترجيح ڏيندي ڊگهن جملن ۾ گهڻي منجهائيندڙ تمهيد ٻڌي آهي. جنهنڪري ڪهاڻي جو فني پوراءُ مرڪزي خيال، ڪردارن جو وجود ۽ چرپر ناپيد هوندي پورو مواد ڳورو بڻجي پيو آهي.

    ڪهاڻي ”ساڌ“ ڪلچرل پس منظر رکندڙ هڪ انوکي ۽ شاندار ڪهاڻي آهي. جيڪا عام ماڻهو اندر ڌرمي عقيدي جي پس منظر ۾ ٿيندڙ ٺڳي، تضاد ۽ موقعي پرستي ڪري پيدا ٿيندڙ ذهني اذيت ۽ ڪشمڪش جي پس منظر ۾ لکي ويئي آهي. اوڏن جي وسندي مان ڦٽندڙ هن ڪهاڻي جو ماحول، ڊائيلاگ ۽ منظر وڏي فن ۽ ڪريگري وسيلي اڻيا ويا آهن. ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار هڪ ڏوهاري اوڏ ”سوڍو“ آهي. جيڪو پيءَ جي مُئي پڄاڻان مذهبي رسمن جي پوراءُ واري تعليم ۽ سکيا کان متاثر ٿي، براين جي ڀر ڇڏي، وڃي چڱاين جي راه وٺي ٿو. ماضي ۾ براين جو انبار رکندڙ هي ڪردار ماضي جو حساب ڏيڻ بنا، فقط حال جي چڱاين وسيلي سماج اندر مڃتا ۽ قبوليت جي گهر ڪري ٿو. هو ماضي جي براين جي نتيجن کان بي پرواه پنهنجي سرگرمي کي جاري رکي ٿو. ماضي جي هڙني ڪيل سندس ڏوهن کان متاثر ماڻهن پاران ڌرم ۽ چڱاين جو واسطو وجهي کيس سچي ڪرايو وڃي ٿو. جنهنڪري هن جي زندگي ۾ ڏوهن جي باس ڪري ڀوڳنائن ۽ ڪشمڪش جو اڻ کٽ دٻاءُ شروع ٿي وڃي ٿو. هو ان دٻاءَ مان نجات ماڻڻ لاءِ چڱاين کي برحق سمجهڻ خاطر پنهنجي گرو ڏانهن وڃي ٿو. پر گرو موقعي پرستي جو ڏيک ڏيندي ڌڪار وچان کيس ڪڍي چڏي ٿو. ڪردار (سوڍو) چڱائي جي رستي کي اجايو سمجهندي نراسائي جو شڪار ٿي غشي جي ور چڙهي وڃي ٿو. پوري ڪهاڻي ۾ اوڏن جي ثقافتي ٻولي، لاڳاپيل محاوري، چوڻين ۽ پهاڪن جو خوبصورت ۽ بي مثال استعمال ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي جا هڙيئي ڪردار بيهڪ توڻي جوڙ جي حوالي سان حقيقي ماحول رکندڙ پختا ۽ اصلوڪي شڪل ۾ وائکا ٿيا آهن. منظور جي هي ڪهاڻي سنڌي جي وڻندڙ ۽ فني ڪهاڻي آهي.

    ڪتاب جي طويل ٽائيٽل ڪهاڻي ”سج لهڻ کان پوءِ به“ لاجواب ڪهاڻي آهي. جيڪا موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ تاريخ کي بي سمجهي ۽ اڻ ڄاڻائي سان ڊفائين ڪندڙ مختلف فڪري روين جي پس منظر ۾ لکي وئي آهي. ڪهاڻي ۾ تهذيبي تشريح جا مختلف فڪري رويا سماج جي مک ماڻهن جي سيگمينٽس وسيلي پڌرا ڪيا ويا آهن. جيڪي پنهنجي پر ۾ تهذيبي بي قدري ۽ لاتعلقي جو شڪار ٿيل آهن. ڪهاڻي جو مک ڪردار ”سچيڏنو“ دڙي ۽ اسٽوپا جو نسبتن گهٽ پڙهيل پر ڌيرج وند سائيٽ اٽينڊنٽ آهي. جيڪو پاڻ دڙي جي بچاءُ ۽ تهذيبي شناس جي ڳڻتي ۾ ورتل آهي. ڪهاڻي جو هي ڪردار گهڻو باشعور آهي. جيڪو سنڌو جي ڪپ تي پيدا ٿيندڙ ڪلچرل اسپرٽ کڻي جوان ٿيو آهي. ڪردار موهن جي دڙي جي سندرتا ۽ ماضي جي ڪهاڻي پنهنجي ڏاڏي واتان سندس هنج ۾ ويهي ٻڌي آهي. ڪهاڻي پٽاندڙ جيڏو هيو شهر، تهڙا هيا ماڻهو منهن مهانڊي وارا، مٿان وري هيو راجا ڪوڏيو ۽ بختاور.... مونهين جي هاڪ هئي ديسن کان ماڻهو مونهين کي ڏسڻ ايندا هيا. سڌون پيا ڪندا هيا ته شهر ۾ رهجي. شهر ۾ رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ٿيندي هئي. جي پارت سفارش تي راءِ راضي ٿيس ته پوءِ ڀلو ٿيو رهڻ واري جو. راڄ وارا کڻي جيءَ ۾ جايون ڏيندس. ڦوڙيون ڪري پيا گهر ٺهرائيندس. ڌنڌي جو ڌڻي ڪندس. ڏسندي ڏسندي اهو به مونهي جو ٿي ويندو هيو ۽ مونهو ان جو.....“ موهن جي دڙي جي اجاڙ ۽ تباهي بابت ڪردار ”سچيڏنو“ ڌاڙيلن ۽ پوليس هٿان پنهنجي ڪچي جي گهرن جي تباهي پارن حالتن سان ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته ” متان ائين ٿيو هجي، انهي وقت به ڏاڍن ڏاڍ ڪيو هجي ۽ زوراوريون.“

    سچيڏنو پنهنجي اهري آئيڊيل سوچ وسيلي موهن جي دڙي جي تباهي ۽ بربادي کي ڏسي ۽ سمجهي ٿو. ڪهاڻي اندر کيس اها تقاضا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته هر ايندڙ ويندڙ سياح سندس ئي اک ۽ سوچ پٽاندڙ موهن جي دڙي کي ڏسي ۽ سمجهي. ڪهاڻيڪار دڙي تي ايندڙ سنڌي سماج جي مختلف حلقن جي چونڊ ماڻهن جهڙوڪ استاد، ڪاليجي شاگرد، پوليس عملدار، عام ڳوٺاڻا، مذهبي عالم، بيوروڪريٽ ۽ جج وسيلي سندن نڪته نذر پٽاندڙ دڙي جي تباهي ۽ سڀيتا واريون مختلف روايتون بيان ڪيون آهن. هر ماڻهو جي بيان ڪيل روايت پنهنجي زور تي بيٺل آهي.ڪردار سچيڏنو دڙي هي تباهي بابت پنهنجي خيال جي ابتڙ بيان ٿيبدڙ اهڙين ڪهاڻين کي ماڻهن جي اڻ ڄاڻائي، فڪري اٻوجهائپ ۽ بي سمجهي سان ڀيٽي ٿو. پڙهيل ڳڙهيل پر بي شناس ماڻهن ۽ اڻ پڙهيل پر باشناس (سچيڏنو) ماڻهو وچ ۾ پنهنجي تهذيب بابت ڄاڻ ۽ قدرن جو اهو تضاد ئي هن ڪهاڻي جو مرڪزي احساس آهي. جيڪو سچيڏني وسيلي بي علمي ۽ جهالت وارن روين آڏو پختي شعور جي شڪل ۾ کڙو ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي جو ڪلائمڪس ڪنهن روايتي تضاد يا تصوراتي ڪيفيت جي ابتڙ ڪردار جي جذبن جي تائيد واري تاثر، جنهن هيٺ ڪردار پنهنجي اندر جي سچائي ڱي عمل جي سچائي ۾ تبديل ڪندي دڙي جي ٺاه ٺوڪ ۾ داٻن دڙڪن باوجود وري جنبي وڄي ٿو، تي ٿئي ٿي. هي موضوعاتي حوالي سان سنڌي ڪهاڻي جو نرالو ۽ نئون ڍنگ آهي. جيڪو اثر ڇڏيندڙ احساس وسيلي گهڙيو ويو آهي. ڪهاڻي ”ورجاءُ“ هڪ پرٽوٽائيپ ڪهاڻي آهي. جاڪا موضوع جي بنياد تي اڳ سنڌي ڪهاڻي اندر گهڻو ورجائجي چڪي آهي. ڪهاڻي جو مک ڪردار هڪ ”عورت“ آهي. جاڪي خاندان ۽ حالتن جي دٻاءُ تي وئيشيا بڻجي ويئي آهي. ڪهاڻي ۾ سندس اهڙي حالت جو ذميدار مڙس، پڻهس ۽ پٽ کي ڏيکاريو ويو آهي. جيڪي خانداني طور تي ان ڌنڌي سان واڳيل آهن. وئشيا پنهنجي اڪيلي ڌيءَ کي ان ڌنڌي کان پاسيرو رکڻ لاءِ گهڻا جتن ڪري ٿي. پر پٽ سندس غير حاضري ۾ پنهنجي ڀيڻ کي چڪلي تي ڇڏي ٿو اچي. ڪهاڻي ۾ مڪالمن، تشبيهن ۽ منظرن جو ٺهڪندڙ ۽ خوبصورت استعمال ڪيو ويو آهي. توڻي جو ڪهاڻي جو نئين ديسي ڍنگ ۽ ماحول ۾ لکيل آهي. پر ڪهاڻي جو انت يا پڄاڻي بنه جڙتو ۽ روايتي انداز ۾ ڪئي پيئي آهي. جنهنڪري ڪهاڻي جو تاثر انت ۾ جهڪو ٿي، تصور ۽ روايت جي ور چڙهي ويو آهي. ”ناستڪ“ وزندار مشاهدي ۽ احساس جي زور تي لکيل کري ڪهاڻي آهي. جيڪا هندن جي سماج وهنوار ۽ نفسيات ۾ پاهي لکي پيئي آهي. ڪهاڻي جو ماحول موزون زبان، محاوري ۽ منظر نهاري وسيلي وڏي خوبصورتي سان اڻيو ويو آها. ڪهاڻيڪار حد درجي ڪمال تائين ان سوچ جي گهرائي ۽ تاڃي پاٽي کي وائکو ڪيو آهي. جيڪو هندن جي ڪرت ۽ ريتن رسمن جو بنيادي نقطو آهي. ڄاڻ ۽ لياقت جي وڏي تناسب سان لکيل منظور جي ها ڪهاڻي واقعي حقيقت نهاري جو هڪ شاهڪار مثال آهي. جنهن جو ماحول گروگرنٿ ۽ گيتا جي سلوڪن وسيليگهڻو دلچسپ ۽ وڻندڙ بڻجي پيو آهي. ڪهاڻي جو پورو مرڪزي خيال هڪ جيئري احساس جو نماءُ آهي. جيڪو پڙهندڙن جي اندر ڱي ڇهي ٿو.

    سنڌ اندر لساني بنيادن تي پيدا ٿيل هاڻوڪي نسلي ورهاست سماجي طور تي گهڻو هاڃو رسايو آهي. جنهنڪري رواجي ماڻهپو، شائستگي ۽ محبتن جا قدر نفرتن جي ور چڙهي وڃيئجي ويا آهن. نسلي ڇڪتاڻ جي ان ٻوهي ۾ ڪيترن ئي خاندانن کان سواءِ گهڻا سياڻا سيبتا ۽ هوشمند ماڻهو پڻ ٻري ويا آهن. ڪهاڻي ”سياڻن جي شهر ۾ پاڳل ماڻهو“ به ان ذهين نوجوان جي وارتا آهي. جيڪو پنهنجي سوچ ۽ ان جي تبليغ ڪري ڪراچي ۾ ماريو وڃي ٿو. ڪهاڻي جو هي ڪردار گهڻو پختو ۽ باشعور آهي. جيڪو ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو ته ” ڄڻ محبت جون حدون محدود ۽ نفرت جون حدون لا محدود ٿينديون ٿيون وڃن. ماڻهن خوابن جي واپارين جي چوڻ تي، پاڻ کي کوه مان کڻي کڏ ۾ اڇلڻ لاءِ آتا آهن. زندگي جي هر شعبي ۾ ڄڻ انتماعي خودڪشي پئي عئي. نفرت ڪنهن بي بها نسخي جيان آهي. جنهن جي ڪري نوجوان نسل ڄڻ سائنائيڊ زهر جهڙو موت مارنسل ٿي چڪو آهي. جنهن کي موت سان ايڏي محبت آهي. جيڏي ڪنهن کي زندگي سان هجي.“ هن ڪهاڻي جو پس منظر انساني رشتن جو احترام ۽ مڃتا جي گهر ڪندڙ خيال آهي. جيڪو چڱين وسيلي ماڻهپي کي وڌائڻ جو حوصلو اڀاري ٿو. ڪهاڻي اڻت توڻي اسلوب جي آڌار تي لکيل هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. پڇاڙڪي پونجي جي آسري ۾ ماءُ جي مرڻ واري انتظار جو خيال لوڪ ڪهاڻين جو پراڻو نصيحت آموز موضوع آهي. جيڪو اسانجي اڄوڪي قومي نفسيات جو نه حصو بنجي چڪوآهي. ڪهاڻي ”وٽيل رئو“ ڳوٺاڻي نفسيات ۽ توهم پرستي جي اهڙي اظهار واري سادي ڪهاڻي آهي. جاڪا ماءُ جي موت بابت اولاد جي غير رواجي روين واري مرڪزي خيال تي ٻڌل آهي.

    ڪهاڻي ”نئين راند“ ۽ ”زندگي“ محض پوراءُ ۾ لکيل ڪهاڻيون آهن جيڪي سوڙهي مرڪزي خيال ڪري فني طور تي مڪمل شڪل ۾ وائکيون ٿي نه سگهيون آهن. ٻنهي ڪهاڻين جو ڪلائميڪس پنهنجي خيال سان فطري ڳانڍانپي بجاءِ ڪهاڻيڪار سان ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو. جنهن ڪري ڪهاڻين اندر پيدا ٿيندڙ ڪرادارن جي مجموعي چرپر ۽ پس منظر وڃائجي خيال کي محدود ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا آهن. ڪهاڻي ”ٽيون سبب“ ڪتاب جي منفرد ۽ پختي ڪهاڻي آهي. جيڪا خيال جي وهڪري واري ڪيفيت ۾ لکي ويئي آهي. ڪهاڻي پنهنجي ماحول سان سهڻن تشبيهن ۽ محاورن جي وسعت وسيلي جڙي بيان ٿي آهي.ڪهاڻي جو مرڪزي خيال مدرسي جو ماحول ۽ان سان لاڳاپيل استادن اندر پيدا ٿيندڙ جنسي لاڙن وارو مزاج آهي. جاڪو خوبصورت شاگردن تائين رسائي جي ڇڪ رکي ٿو. منظور جي هي ڪهاڻي رواني ۾ ڪليل نهايت نفيس ۽ جيئري ڪهاڻي آهي. جيڪا پس منظر ۾ زندگي جي غيرصحتمند جنسي لاڙن کي طنزيه انداز ۾ وائکو ڪري ٿي.


    تعارف

    نالو: منظور حسين
    ولديت: ولايت خان
    قلمي نالو: منظور ڪوهيار
    جنم ڀومي: لاهوري محلا لاڙڪاڻو
    پيدائش جي تاريخ: ۲ جون ۱۹۵۵
    تعليم: ايم اي سوشيالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    :ايل ايل بي گورنمينٽ لا ڪاليج لاڙڪاڻو
    :پوسٽ گريجويٽ ڊپلوما اِن هائوسنگ، پلاننگ اينڊ بلڊنگ هالينڊ
    ڇپيل ڪتاب:
    1. سج لهڻ کان پوءِ به (مختصر ڪهاڻين جو مجموعه سال ۱۹۹۵)
    2. فراق جي منزل (صوفي ڪهاڻين جو مجموعه سال ۲۰۰۷)
    3. فڪر ڦرهي هٿ ۾ (تاريخي، سياسي ۽ سماجي ڪالم سال ۲۰۰۸)
    4. سچا ڪوڙا رشته (مختصر ڪهاڻين جو مجموعه سال ۲۰۰۹)
    5. ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر (شخصي خاڪا ۽ تاثر سال ۲۰۱۰)
    6. ڀئونرن جي انتظار ۾ (مختصر مختصر ڪهاڻيون سال ۲۰۱۲)
    7. راج ڪرتھ (اسٽيج آرٽ ڊرامه سال ۲۰۱۳)
    لکيل ٽي وي ڊرامه
    1. ”تپش“ ڊرامه سيريل (موضوع : معاشري ۾ اڻسهپ ۽ حسد جون اره زورايون) سال ۲۰۰۳، پيشڪش KTN
    2. ”رواج“ ڊرامه سيريل (موضوع: ڳوٺاڻي سماج ۾ پراڻن رسمن ۽ رواجن ۾ ڦاٿل ماڻهو) سال ۲۰۰۴ پيشڪش KTN
    3. ”مسٽر سنڊي“ ڊرامه سيريز (موضوع: ٻارن جي حوالي سان نصيحت آموز۽ سبق آموز نقطه) سال ۲۰۰۴ پيشڪش KTN
    4. ”عالي ۽ لالي“ ڊرامه سيريز (موضوع: سنڌ جي ماڳن، مڪانن، شهرن، درياھ ۽ ثقافت تي ڊاڪومينٽري ڊرامه) سال ۲۰۰۵ پيشڪش سنڌ ٽي وي چينل
    5. ”روش“ ڊرامه سيريل (موضوع: پريمي جوڙن جي مسئلي تي طائرانه نظر) سال ۲۰۰۵ پيشڪش KTN
    6. ”سياست“ ڊرامه سيريل (موضوع: سياست جي نالي تي ٿيندڙ منفي روين ۽ ڏوھ) سال ۲۰۰۶ پيشڪش سنڌ ٽي وي چينل.
    7. ”وفائون منتظر آهن“ ڊرامه سيريل( موضوع: ڳوٺاڻي زندگيءَ جا عام مسئلا ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ مثبت ۽ منفي روين جي وچور)سال ۲۰۰۷ پيشڪش KTN
    8. ”ڪارا ڪڪر“ سوپ سيريل ( موضوع: جاگيرداراڻه قدرن تحت ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙڪردار ) ۲۰۰۸ پيشڪش KTN
    9. ”سچا ڪوڙا رشته“ سولو ڊرامه (موضوع: ويجهن ۽ سڳن رشتن جي بي حسي) سال........پيشڪش KTN
    10. ”ريهرسل“ سولو ڊرامه (موضوع: عام فنڪارن جا مسئلا ۽ پريشانيون.) سال..... پيشڪش KTN
    11. ”زندگي“ سولوڊرامه (رشتن جي محبت ۽ قرباني وارا مثبت جذبا) سال...پيشڪش سنڌ ٽي وي چينل.
    12. ”وٽيل رئو“ سولو ڊرامه (خاندان ۾محبت، نفرت ۽ بيحسي جي رويا ۽ اڀرندڙ احساس) سال..... پيشڪش سنڌ ٽي وي چينل.
    اسٽيج ڊرامه
    ۱ پريميڪا) پيشڪش ”مئسيج گروپ ۽ لبرل فورم لاڙڪاڻو“، سال ۱۹۹۹ ii پيشڪش مئسيج گروپ ۽ هولي فيسٽوئل آرگنائيزر ايڊوڪيٽ ڪلپناديوي لاڙڪاڻو، هدايتڪار ممتاز ابڙو۲۰۰۱)
    ۲ بادشاه سلامت (پيشڪش ”مئسيج گروپ ۽ لبرل فورم لاڙڪاڻو، هدايتڪار ممتاز ابڙو، سال ۱۹۹۹)
    ۳ فرنگي (پيشڪش ”مئسيج گروپ ۽ لبرل فورم لاڙڪاڻو“، هدايتڪار ممتاز ابڙو، سال ۱۹۹۹)
    ۴ ديسي حاڪم (پيشڪش ”مئسيج گروپ ۽ لبرل فورم لاڙڪاڻو“، هدايت ڪار ممتاز ابڙو، سال ۱۹۹۹ )
    ۵ ريهرسل (پيشڪش” مئسيج گروپ لاڙڪاڻو“، هدايت ڪار ممتاز ابڙو سال ۲۰۰۲)
    ۶ آواز (پيپلز ڪلچرل ونگ لاڙڪاڻو، هدايتڪار ستار کهاوڙ، سال ۲۱جون۲۰۰۶)
    ۷ نظريه ضرورت (لکيل)
    ۸ سياسي سوداگر (لکيل)
    ۹ شاه بهارو (لکيل)
    ۱۰ پوجيه راج (لکيل)
    ۱۱ جھڪر مها ڏاهو (لکيل )
    ۱۲ رسمن جي انگاس تي (لکيل)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372987
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151941
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ