ڪتاب جو نالو: رني ڪوٽ جو خزانو
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 16 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 811 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 510 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪهاڻين جو هي ڪتاب ”رني ڪوٽ جو خزانو “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار امر جليل جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.
امر جليل لکي ٿو جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : خاموشيءَ جو آواز
  • گهاءُ
  • محرم علي
  • هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا
  • آدم جي ماءُ
  • ساڻو ساڻو ساهه
  • مان ديواس نه آهيان
  • ڇتي ڪتي جو موت
  • ڪپيل ٻانهن جو وارث
  • هڪ دور جو ماتم
  • سنڌي گدڙ اِن (IN) اسلام آباد
  • رني ڪوٽ جو خزانو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (218) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪهاڻين جو هي ڪتاب ”رني ڪوٽ جو خزانو “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار امر جليل جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.
    امر جليل لکي ٿو جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ : خاموشيءَ جو آواز

    تون ايتريقدر سان مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين!
    مان ڪارونجهر آهيان. مان موهن جو دڙو آهيان. هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. منهنجي وجود ۾ ڪو به آواز نه آهي. منهنجي وجود ۾ زندگيءَ جو ڪو به آثار نه آهي. مان تاريخ جو بيزبان شاهد آهيان. ماٺ جي بيابانن ۾ گم ٿي ويو آهيان. سانت جي سمنڊ ۾ لڙهي ويو آهيان.
    پر، تون ايتريقدر غور سان مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين! اهو ڄاڻندي به، ته مان هينئر هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان، تون ضد ٻڌي بيٺو آهين ته مان ڳالهايان. ڪجهه چوان! تعجب آهي. سوچيو هيم، تون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مون کي ڳالهائڻ نه ڏيندين- مون کي چپ چورڻ نه ڏيندين. شايد، مون کي ڪڏهن به ڳالهائڻ لاءِ نه چوندين! سچ پڇين ته مون پنهنجيءَ دل مان ڳالهائڻ جي تمنا کي تڙي ڪڍي ڇڏيو آهي ڇا رکيو آهي ڳالهائڻ ۾ ۽ ڪجهه چوڻ ۾! ائين برابر آهي ته شروعات ۾ مون کي پنهنجي ماٺ کان وحشت ٿيندي هئي. خاموشي ازل جي عذاب وانگر محسوس ٿيندي هئي. پر پوءِ، تاريخ جي هڪ دور کان ٻئي دور تائين آواز کان محروم زندگي گذارڻ کانپوءِ ،منهنجي وجود مان خاموشيءَ جي احساس جو ڊپ نڪري ويو آهي. ڪوبه خوف جو واسينگ دامنگير نه آهي. مون ماٺ جو زهر پي ڇڏيو آهي. مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان.
    پر، مون کي خاموش ڏسي تنهنجي چپن تي مڪروهه مُرڪ ڇو تري آئي آهي! متان اهو سمجهين ته مون ڪو خاموشين سان ٺاهه ڪري ورتو آهي! نه. هرگز نه. اهو امڪان کان ٻاهر آهي. خاموش ٿيڻ جو مطلب خاموشين سان ٺاهه نه آهي. ها، ائين ضرور آهي، جو لاڳيتو خاموش رهندي، آواز کان محروم زندگي گذاريندي. مان هينئر خاموشيءَ جي علامت ٿي پيو آهيان. مان ڪنهن سنگتراش جو اڻپورو بت آهيان. تڪميل جي آس ۾ مون ڇيڻيءَ جي آواز لاءِ واجهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. تون منهنجو سنگتراش نه آهين. مان تنهنجي تخليق نه آهيان. تنهنجي هٿ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاو جو ٽيڪم ڏسي مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. تاريخ جو وهڪرو خاموشين جي رڻ ۾ جذب ٿي ويو آهي. منهنجي تاريخ لکڻ واري مورخ پنهنجي قلم سان پنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن. پر، صدين تائين مون کي خاموش ڏسڻ جي باوجود توکي ڪيئن خيال آيو ته مان هينئر ڳالهايان، ڪجهه چوان! تنهنجا لک ٿورا، جو مون کي ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿئي. مان تنهنجو احسان وساري نه سگهندس.
    سمجهان ٿو، تنهنجا ڪن منهنجو آواز ٻڌڻ لاءِ منتظر آهن. ڏسان پيو ته منهنجي خاموشي توکي بيچين ڪري رهي آهي. پر، ڇا ڪريان جو تنهنجي حڪم جي پيروي منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي مسلسل ماٺ کي پنهنجي حڪم جي خلاف ورزي نه سمجهجانءِ! مان تنهنجو ڪوبه حڪم ٽاري نه سگهندس. تنهنجو هر حڪم منهنجي لاءِ هٿ ٺوڪيو قانون آهي. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس. تو مون کي ايتريقدر خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو آهي، جو تنهنجو هاڻوڪو حڪم اوپرو ٿو لڳي. مان ڪجهه به چئي نه سگهندس. خاموشين جي آواز مان موٽي نه ايندس. ڪنهن سيتا جو سڏ نه ٻڌندس.
    ڄاڻان تو، تون منهنجي واتان ڪجهه ٻڌڻ چاهين تو، منهنجي هٻڪ ۾ پنهنجي ڏهڪاءُ جو عڪس ڏسڻ چاهين ٿو. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. متان سمجهين ته مان ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان! نه نه. ائين نه آهي. مون کي سمجهڻ ۾ متان ڪا غلطي ڪئي اٿئي. تون اجايو شڪ جو شڪار ٿي رهيو آهين. هن دور ۾ چاهيندي به مان ڳالهائي نه سگهندس. ها، تاريخ ۾ اهڙا انيڪ دور آيا ۽ گذري ويا، جڏهن مون ڳالهائڻ لاءِ ضرورت محسوس ڪئي هئي. مون گهڻو ڪجهه چوڻ ۽ توکي ٻڌائڻ چاهيو هو. اهو دور گذري ويو. مون صدين کان ڳالهائڻ لاءِ ڪابه ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. بيڪار سمجهان ٿو ڳالهائڻ کي! هينئر مان هر دور ۾ خاموش رهندس. چاهڻ جي باوجود ڳالهائي نه سگهندس. ٻڌمت جو اسٽوپا ٿي جيئندس.
    خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ انسان ڏاڍا عجيب خواب ڏسندو آهي. هو اهڙا خواب ڏسندو آهي، جن جي تعبير هو پنهنجين اکين سان ڏسي نه سگهندو آهي. مان به خواب ڏسندو آهيان. چاهڻ جي باوجود مان پنهنجن خوابن جو ذڪر توسان ڪري نه سگهندس. تون خوابن جو دشمن آهين. توکي ڪجهه ٻڌائي نه سگهندس. مون کي اِن ڳالهه جي به پڪ آهي ته خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ جيڪي خواب مان ڏسندو آهيان، انهن خوابن جي تعبير مان پاڻ ڏسي نه سگهندس. منهنجي بدران، منهنجن خوابن جي تعيبر ٻيو ڪو نسل ڏسندو ۽ منهنجي خاموشيءَ جو ذڪر نوحن ۾ ڪندو. خاموش رهڻ وارن جو هڪ نسل، باهه جو مچ ٻاري، اونده ۾ الاءُ ڪري گذري ويل خاموش نسل جو ذڪر ڪندو آهي. کين ڳيچن ۽ ڪهاڻين ۾ ياد ڪندو آهي. اهڙي گذري ويل نسل جو ذڪر تاريخ ۾ ورلي ايندو آهي. اهڙو نسل ادب جي ميراث ٿيندو آهي.
    تون اڃا تائين حيران آهين، ته مون وات مان اکر نه اڪليو آهي! مون ڳالهايو ڇو نه آهي! سمجهان ٿو، منهنجي خاموشيءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي اٿئي. تعجب آهي! تو چاهيو هو ته مان خاموش ٿي وڃان. تو چاهيو هو ته مان چپ سبي ڇڏيان. تو چاهيو هو ته مان پنهنجي خيالن کي اظهار لاءِ آواز کان محروم ڪري ڇڏيان. مون ائين ئي ڪيو آهي، جيئن تو چاهيو آهي. ورهين کان مان خاموش ٿي ويو آهيان. هينئر تنهنجي حڪم جي باوجود مان ڳالهائڻ جهڙو نه آهيان. ڪوشش اجائي آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي خاموشي تنهنجي مقدر ۾ اضطراب جو سبب ٿي ويئي آهي. منهنجي ماٺ تنهنجي دشمن ٿي پيئي آهي.
    جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.
    مونکي ياد ڪونهي، ته تاريخ جي ڪهڙي دور ۾ تو مون سان، ۽ مون توسان آخري دفعي ڳالهايو هو. مان تاريخ جو اُهو گمشد، باب ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان، جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ٿيل اختتامي گفتگوءَ جو ذڪر آهي. مون کي ان گفتگو جو هڪ لفظ به ياد نه آهي. مون کي ڪجهه به ياد نه آهي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته، تو چاهيو هو ته مان خاموش رهان. مان خاموش رهيس. مان خاموش ٿي ويس. هميشه لاءِ. مان خاموشيءَ جي اسرار کان آگاهه نه هوس. تو مون کي آگاهي ڏني آهي. مان تنهنجو احسانمند آهيان. سچ تي ڳايل ڳيچ کي قتل ڪري سگهجي ٿو. رت ۾ ٻڏل آڱر سان لکيل تحرير کي قتل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. خاموشيءَ سان وڙهڻ ممڪن ئي نه آهي. تون مون سان وڙهي سگهندين، منهنجي خاموشيءَ سان وڙهي نه سگهندين. تون يقين ڪر، منهنجي تون سان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويوآهيان. ماٺ ٿي ويو آهيان. مان چاهڻ جي باوجود توسان ڳالهائي نه سگهندس. مان خاموشيءَ جي حد ۾ بيٺو آهيان. تنهنجو ڪو به قاعدو ۽ قانون مون کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري نه سگهندو. دنيا جا سمورا قانون خاموش ڪرائي ته سگهندا آهن، پر، خاموشي ٽوڙائي نه سگهندا آهن! توکي ڏاڍي چڙ آهي نه خاموشيءَ تي! پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، جو خاموشيءَ جي رمز کان تون مون کي آگاهه ڪيو آهي. منهنجي مسلسل ماٺ آڏو تون بيوس آهين.
    تون اڃا تائين ڪاوڙ وچان مون ڏانهن ڏسي رهيو آهين! يار، مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس. مان خاموش ٿي ويو آهيان. هميشه لاءِ توسان ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته مان تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي خودڪشي ڪري ڇڏيان.
    ڪٿي ائين ته ناهي، ته تون منهنجي مسلسل ماٺ ۽ خاموشيءَ کي پنهنجي لاءِ موت جو پروانو، يا ايندڙ ڪنهن طوفان جي علامت ۽ پيش خيمو سمجهي رهيو آهين! ها، ائين برابر آهي، ته جڏهن به ڪنهن قوم لاءِ تاريخ جي هڪ دور ۾ تعزپراتن ۽ وقتي ضرورتن مطابق ٺاهيل ۽ نافذ ڪيل قانونن جا ڪوٽ کڙا ڪري، کيس آواز کان محروم ڪري، خاموش ڪيو ويندو آهي، سا قوم تاريخ جي ٻئي ڪنهن دور ۾ پنهنجي چچريل، چيٿاڙيل ۽ گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پوندي آهي. اهڙن دورن جي وچ ۾ ڪڏهن صدين جي، ته ڪڏهن ڏهاڪو سالن جي، مهينن، ڏينهن ۽ ساعتن جي وڇوٽي هوندي آهي.
    مان تنهنجي چال ۽ چالاڪي سمجهي ويو آهيان. ڪنهن به قيمت تي مان توسان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پنهنجي گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان. پر، مان اڪيلو نه آهيان. منهنجي آڏو، منهنجي اڳيان پنهنجي آواز جا انت کان ٻاهر وارث آهن. منهنجي پوئتان، منهنجي پٺيان پنهنجي آواز جا وارث آهن. آوازن جي وارثن جو قافلو تنهنجي تعزيرات جي رڻ مان گذري رهيو آهي.
    تنهنجي چوڻ تي، سائين منهنجا، مان نه ڳالهائيندس. اسان جي توسان ڪا به گفتگو نه ٿيندي، مهربان!


    امر جليل
    شعبو، ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي،
    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد.
    پهرين آگسٽ 1988


    گهاءُ

    اسلام آباد ۾ ڌڻي بخش سان ڏاڍي عجيب ۽ حيران ڪندڙ واردات ٿي آهي. ڄڻ ڏند ڪٿا آهي. مشين گن جي هڪ گولي سندس دل مان آرپار ٿي ويئي آهي. گهائل دل مان رت جو هڪ ڦڙو نه نڪتو اٿس. سندس رت هڪ گمنام پريس جي مشين ۾ مسُ وانگر استعمال ٿي رهيو آهي، جتي هڪ گمنام مورخ جي گمنام تاريخ جو سنڌ بابت گمنام باب ڇپجي رهيو آهي. واردات کي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. پر، ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. ڄڻ اڄوڪي ڳالهه آهي. ڪي پل صديون ٿي پوندا آهن ۽ ڪي صديون پل ۾ گذري وينديون آهن.
    واردات جي شروعات تمام رواجي نموني ٿي هئي. ڌڻي بخش ۽ مان آبپاره جي يوٽيلٽي اسٽور تان ذري گهٽ آڌ پگهار جيتري شاپنگ ڪري نڪتا هئاسين. خوش هئاسين. ڪپڙن ۾ نه پئي ماپياسين. ڪسٽم طرفان ضبط ڪيل شيون وٺي نڪتا هئاسين. ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ لاڳيتو اشتهار پئي آيو ته، وارو ڪريو. ولايتي شيون باڙا بازارين بدران يوٽيلٽي اسٽورن تان خريد ڪريو ۽ پنهنجي حُب الوطنيءَ جو ثبوت ڏيو. نيڪ ڪم ۾ دير نه ڪريو! لاڳيتا اشتهار پڙهي، اسان جهڙا، مت جا موڙها، پهرين تاريخ پگهار کيسي ۾ وجهي ڪنهن يوٽيلٽي اسٽور تي وڃي واڪو ڪندا آهيون. اڌ پگهار حق بحقدار رسيد ڪندا آهيون. موٽ ۾ ردي سدي ولايتي مال وٺي ٻاهر نڪرندا آهيون ۽ کڳيون هڻندا آهيون. اسان کي خبر آهي ته سٺو سمگل ڪيل سامان فقط باڙا بازارين مان ملندو آهي. سُئي ڌاڳي کان وٺي، ويندي پائخانن جي سامان ۽ بارود بم گولن تائين، سڀ ڪجهه باڙا بازارين مان ملي سگهندو آهي . پر، اسين ۽ اسان جهڙا ڪنگلا، ولايتي سامان فقط يوٽيلٽي اسٽورن تان خريد ڪندا آهيون ۽ محب وطن هئڻ جو ثبوت ڏيندا آهيون. اعليٰ عملدارن جون بيگمات به محب وطن هونديون آهن. بلڪه ضرورت کان وڌيڪ محب وطن هونديون آهن پر، ولايتي سامان يوٽيلٽي اسٽورن بدرران باڙا بازارين مان وٺنديون آهن.
    ڌڻي بخش ۽ مان اعليٰ عملدار نه آهيون نه ئي بيگمات قسم جي عورتن جا مڙس آهيون. اسين ٻئي ڄڻا روزگار جي تلاش ۾ اسلام آباد کان اچي نڪتا آهيون. انگ اکر گڏ ڪرڻ واري هڪ کاتي ۾ ڪم ڪندا آهيون ۽ انگ اکر گڏ ڪري حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿيندا آهيون. جيڪا حالت انگن اکرن جي آهي ساڳئي حالت اسان ٻنهي جي آهي!.
    ڏهاڪو کن سال ٿي ويا آهن ڌڻي بخش ۽ مون کي نوڪري ڪندي. اسلام آباد ۾ مون کي ته ڪا بيگم وغيره نه آهي البت، ڌڻي بخش کي هڪ عدد بيگم آهي، جنهن جو نالو الهو سائي آهي ۽ هو کيس ڳوٺ ۾ ڇڏي آيو آهي. ميڊم الهو سائي، هڪ شجري مطابق، مارئيءَ جي مائٽياڻي آهي ۽ ڳوٺ ۾ ڌڻي بخش جي چئن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي پرورش ڪري رهي آهي. ڌڻي بخش جو هڪ پٽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾، ٻيو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾، ٽيون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ۽ چوٿون پٽ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهندو آهي. سندس ٻئي ڌيئر نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج پڙهنديون آهن. اوهين ڌڻي بخش سان ملندا ته يقين نه ڪندا ته هو ڪو ڇهن جوان ٻارن جو پيءُ آهي، قداور، طاقتور، ٺاهوڪو ڪسرتي! شڪل شبيهه مان ٽيهن- پنجٽيهن جو مس لڳندو آهي. پر اصل ۾ مڙس پنجاهه جي لڳ ڀڳ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو اسرار گندو آهي. خاص ڪري، دل ۾ گولي لڳڻ واري پر اسرار واردات کانپوءِ ۽ ويٺي ويٺي ڄڻ ڪيڏانهن هليو ويندو آهي ڄڻ اُڏامي ويو آهي. پرهن جا پهرن جا پهر آسمان ڏانهن ڏسندو رهندو آهي ڪنهن ڪنهن مهل هو ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ دل تي هٿ رکي فقط مُرڪندو رهندو آهي.
    جنهن ڏينهن جو هيءُ واقعو آهي، تنهن ڏينهن ڌڻي بخش ۽ مان يوٽيلٽي اسٽور تان ولايتي سامان وٺي ٻاهر نڪتاسين. سياري جي شروعات هئي. آبپاره وٽ مئل انگريزن جا گرم ڪپڙا ۽ سوئيٽر وڪامي رهيا هئا. اسان به وڃي ڳاهٽ ٿياسين. ڪجهه ڊپٽي سيڪريٽري قسم جا ڪامورا اسان کي ڏسي، اک بچائي هجوم مان نڪري ويا. اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽرين جو ڪال ڪونهي. پٿر کڻي پنهنجي ساءِ هيڏانهن هوڏانهن اُڇلائيندو، ته سڌو وڃي ڪنهن ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي ٺوڙهه تي لڳندو.
    ڌڻي بخش ۽ مان ڪجهه سوئيٽر ۽ ڪجهه گرم ڪپڙا خريد ڪري، انگريزن جي آل اولاد ۽ راڻي وڪٽوريا ۽ گنجي بادشاهه کي دعائون ڏيندي هجوم مان ٻاهر نڪتاسين. وک کن مس هليا هونداسين، جو ڌڻي بخش چوتاڪ ٿي فٽ پاٿ تي ڪري پيو. يوٽيلٽي اسٽور تان خريد ڪيل سامان ۽ مثل انگريزن جا سوئيٽر ڪامران ريسٽورنٽ آڏو پکڙجي ويا. ڌڻي بخش جي ڪرڻ تي مون کي کِل آئي، سوچيم، پڪ ڪنهن ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي بددعا لڳي اٿس، تنهنڪري ڪيلي جي کل تان ترڪي ڪريو آهي. پر پوءِ جڏهن منهن ورائي ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺم، تڏهن تعجب ۾ پئجي ويس. ڌڻي بخش سُڌ ٻُڌ کانسواءِ فٽ پاٿ تي پيو هو. اکيون کليل، اُڀ ۾ اٽڪيل! سندس ساهه زور زور سان هلي رهيو هو. هو ڄڻ آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هو. ڄڻ آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن جو اهڙي نموني آسمان ڏانهن ڏسڻ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت به ايندو آهي. جڏهن آسمان ڏانهن ڏسبو آهي، پر اهڙي نموني نه جو ماڻهو وائڙو وائڙو نظر اچي!
    ماڻهو اچي مڙيا. ٻانهن ۾ هٿ وجهي مون ڌڻي بخش کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر،ڌڻي بخش اهڙو چُري جهڙي ڇپ! سوچيم، مڙس قداور آهي- چڱي مٿاهينءَ تان ڪريو آهي. ڌڪ جهلي نه سگهيو آهي. ضرور ڪيپراٽي وڃي فٽ پاٿ سان لڳي اٿس. مرڪز وانگر، اسلام آباد جون فٽ پاٿون به سخت ۽ مضبوط آهن. بس، ڪِرڻ جي دير آهي. مٿو چٽ!
    ڪجهه نوجوان ڪامران ريسٽورنٽ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيا. مون ڌڻي بخش کي پٺن هيٺان هٿ ڏيئي مٿڀرو ڪيو. آسمان مان اک نڪتس. پاڻيءَ جا ٻه چار ڍڪ ڀري سامت ۾ آيو.
    پڇيو مانس. ”ڪيلي جي کل تان ترڪيو آهين ڇا؟“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين.
    ”ته پوءِ؟“
    هو وري آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    ”پير وچڙيو هُيئه؟“
    وري به انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين. پر، آسمان مان اک نه ڪڍيائين.
    “ٿاٻڙيو آهين؟“
    وري به جواب ۾ ڪجهه نه چيائين. انڪار ۾ فقط ڪنڌ لوڏي ڇڏيائين.
    کيس ڪلهي تي هٿ رکيم. هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ ڏاڍي اُڻ تُڻ هئس. پڇيم، ”ڪِري ڪيئن پئين؟“
    ٿڌو ساهه کڻي آسمان ڏانهن ڏٺائين. پوءِ، تمام جهيڻي آواز ۾ چيائين،”مون کي دل ۾ گولي لڳي آهي.“
    چرچي لاءِ مهل موقعو نه هو. ڌڻي بخش جو جواب مون کي سمجهه ۾ نه آيو. سوچيم، ڌڪ سنڌائتو لڳو اٿس، تنهنڪري وڦلي پيو. ان وچ ۾ ڪجهه سياڻن پوڙهن رايو ڏيندي چيو ته، توهين ٻئي پرديسي بيوطن ٻيا ڏسجو. ٻولي به ٻي ڪا پيا ڳالهايو- ضرور ڪنهن گرم ملڪ جا آهيو- هن يار کي اسلام آباد جي سيءَ سٽي وڌو آهي. کيس گرم کير ۾ ٻه بيدا وجهي پيئار، ٺيڪ ٿي ويندو!
    پر، ڌڻي بخش سيءَ هٿان سٽجڻ وارن منجهان نه هو. هو موسمن تي حاوي هو. مون سياڻن جي مشوري تي ڌيان نه ڏنو. يوٽيلٽي اسٽور تان خريد ڪيل سامان ۽ پراڻا سوئيٽر مون فٽ پاٿ تان کڻي پلاسٽڪ جي ڇليءَ ۾ وڌا. ماڻهو گڏ ٿيندا ويا. مون ڌڻي بخش جي ڪنڌ، ڪلهن ۽ ڪيپراٽيءَ کي جاچي ڏٺو. نه سوڄ، نه رت!
    ڌڻي بخش چيو، ”مون کي دل ۾ مشين گن جي گولي لڳي آهي. مان نه بچندس. مري ويندس. مون کي گهر وٺي هلُ.“
    ڌڻي بخش جي لهجي تي مون کي تعجب ٿيو.
    چيائين، ”دير نه ڪر.“
    مون عجب وچان ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺو.
    مون کي يقين نه پئي آيو ته فٽ پاٿ تي ڪرڻ سان ماڻهو عقل وڃائي ويهندو آهي! دل ۾گولي لڳي ۽ سا به مشين گن جي ۽ ماڻهو جيئرو جاڳندو ۽ ڳالهائيندو هجي، امڪان کان ٻاهر آهي! سوچيم، ڌڻي بخش آهي ته جانٺو، پر ڌڪ پنائي وڌو اٿس. وڦلي پيو.
    ”سوچين ڇا پيو، يار!“ ڌڻي بخش ٻڏندڙ آواز ۾ چيو، ”دير نه ڪر، مون کي گهر وٺي هل- مون کي ڳوٺ وٺي هل. هينئر جو هينئر، دير نه ڪر.“
    ڌڻي بخش جون ڳالهيون ٻڌي مان وائڙو ٿي ويس. ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا. هٿ ڏيئي ٽيڪسيءَ واري کي بيهاريم. ماڻهن جي مدد سان ڌڻي بخش کي ٽيڪسيءَ ۾ ويهاريم. هن مٿو سيٽ جي پٺيءَ سان لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. مون ٽيڪسيءَ واري کي ڪراچيءَ ڪمپنيءَ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. ڪراچي ڪمپني اصل ۾ سوڙهن ۽ بدنما فليٽن جي سلسلي جو نالو آهي، جتي ڌڻي بخش ۽ مون جهڙا مولائي رهندا آهن.
    واٽ تي اوچتو مونکي خيال آيو ته ڪٿي ڌڻي بخش کي دل جو دورو نه پيو هجي! مون سندس نبض ۾ هٿ وڌو. سندس نبض تمام تيز هلي رهي هئي. منهن ۽ ڪنڌ تي پگهر هوس. مون اڻڄاڻ لاءِ اهي ٻئي نشانيون دل جي دوري جون نشانيون هيون. مون ڌڻي بخش کي چيو، ”ڌنا، توکي اصل ۾ دل جو دورو پيو آهي. اسين اول پولي ڪلينڪ هلنداسين ۽ پوءِ گهر.“
    ”نه نه.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”مون کي دل جو دورو نه پيو آهي. مون کي دل ۾ مشين گن جي گولي لڳي آهي.“
    ”جڏهن دل جو دورو پوندو آهي، تڏهن ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.“ سندس منهن تان پگهر اُگهندي چيم، ”ياد اٿئي، پرُ سال مون کي جڏهن دل جو دورو پيو هو، تڏهن مون به دل ۾ خنجر لهندي محسوس ڪيو هو.“
    ”هيءُ دل جو دورو ناهي، چريا.“ ڌڻي بخش يقين سان، پر نٻل آواز ۾ چيو، ”مون کي دل ۾ گولي لڳي آهي. مون گوليءَ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو هو.“
    ڌڻي بخش ڏاڍو بُردبار آهي، فهميدو آهي. چرچائي آهي، پر مون کيس مکر ڪندي ڪڏهن نه ڏٺو آهي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ڌڻي بخش جي نه دل جائيتي آهي ۽ نه دماغ گهوماٽين ۾ آهي. مون ٽيڪسيءَ واري کي چيو. ”اسان کي پولي ڪلينڪ وٺي هل.“
    ”نه نه.“ ڌڻي بخش احتجاج ڪندي چيو، ”منهنجو وقت نه وڃاءِ. مون کي ڳوٺ پڄائڻ جو ڀلو ڪر.“
    ”ڳوٺ هلبو، ضرور هلبو.“ چيم، ”پر ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ ۾ ڪو ڀولو ڪونهي.“
    چيائين، ”الائي ڪهڙن چڪرن ۾ پئجي ويو آهين! اڙي ڀوڪ، منهنجو وقت پيو وڃائين.“
    کيس دلاسو ڏيندي چيم. ”سمجهان ٿو، ڊاڪٽر فضل ڌاريجو ڊيوٽيءَ تي هوندو. منٽن ۾ توکي تپاسي وٺندو.“
    ”دير ٿي ويندي يار.“ ڌڻي بخش نيزاري ڪندي چيو، ”پٽ سٽ ڪري ڏوڪڙ هٿ ڪر. سکر تائين هوائي جهاز ۾ هلنداسين. اُتان ڳوٺ پري ڪونهي. تون منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه!“
    ”ها. سڀ ڪجهه سمجهان پيو.“
    ”ته پوءِ دير ڇو پيو ڪرين؟“
    ”ڏهن- پنڌرهن منٽن ۾ ڊاڪٽر توکي تپاسي وٺندو.“
    ”اجايو وقت ٿو وڃائين.“
    ”ضد نه ڪر ڌنا.“
    هڪدم ڦيرو کائي ڌڻي بخش منهنجي ٻانهن ۾ مُٺ وجهي ڇڏي. منهنجين اکين ۾ اکيون وجهندي چيائين، ”مان چئن جوان پٽن جو پيءُ آهيان. منهنجن پٽن جيڪڏهن مون کي ڪلهو نه ڏنو، ته پوءِ مان دل ۾ مشين گن جي گوليءَ جو گهاءُ کڻي قيامت تائين جيئرو رهندس. *مري نه سگهندس.
    مون پنهنجي وجود ۾ ڪنبڻي محسوس ڪئي. ڌڻي بخش سچ پچ مري رهيو آهي! يا منهنجو گمان آهي!
    ٽيڪسيءَ واري پولي ڪلينڪ جي ايمرجنسي وارڊ وٽ ٽيڪسي بيهاري ڇڏي. ڌڻي بخش ٽيڪسيءَ مان لهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيائين، ”منهنجي ڳالهه ڇو نه پيو سمجهين،
    کيس ايلاز ڪندي چيم، ”ڏهن منٽن جي ڳالهه آهي، ڌنا.“
    هڪدم هٿ وڌائي، سٽ ڏيئي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتائين. تمام پختي ۽ يقين واري لهجي ۾ چيائين، ”مشين گن جي گولي منهنجي دل مان پار ٿي ويئي آهي.“
    مون تعجب وچان سندس پگهر ۾ آلي ٿيل منهن ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”مشين گن جي گولي منهنجن جوان پٽن جو پيڇو ڪري رهي آهي. مشين گن جي گوليءَ کان اڳ مون کي ڳوٺ پهچڻو آهي.“
    ڌڻي بخش جي ذهني حالت آڏو مون پاڻ کي بيوس محسوس ڪيو. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ ڇا چوڻ گهرجي! مون پاٻوهه ۽ پيار مان کيس سمجهائيندي چيو، ”ڏس نه ڌڻي بخش. آڱر کي چير ايندو آهي ته رت وهي نڪرندو آهي.“
    ”يار، تون پنهنجو فلسفو بند ڪر.“ ڌڻي بخش بيزار ٿيندي چيو، ”مون کي ڳوٺ پهچائڻ جو بندوبست ڪر. هڪدم دير نه ڪر. ان کان اڳ جو منهنجي دل مان پار ٿيل گولي منهنجن پٽن تائين پهچي، مون کي ڳوٺ پهچاءِ.“
    ”خدا جي واسطي منهنجي ڳالهه ٻڌ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“ کيس سمجهائڻ واري نوع ۾ چيم، ”تنهنجي چوڻ مطابق، جيڪڏهن مشين گن جي گولي دل ۾ لڳي اٿئي. ته پوءِ تنهنجو رت ڇو نه وهيو آهي؟ توکي گولي نه لڳي آهي، ڌنا. توکي دل جو دورو پيو آهي.“
    ڌڻي بخش چتائي مون ڏانهن ڏٺو. سندس گهور عام رواجي گهور نه هئي. هن چيو، ”زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي ملندو آهي ۽ رت ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي.“
    ڌڻي بخش جي ضد آڏو مان بيوس ٿي پيس. کيس چيم، ”هيئن ٿا ڪريون ڌنا. تون ٽيڪسيءَ ۾ ويٺو رهه. مان هڪ منٽ ۾ ڊاڪٽر فضل ڌاريجي کي وٺي ٿو اچان. هو اتيئي توکي تپاسي وٺندو.“
    اِن کان اڳ جو ڌڻي بخش ڪجهه چوي، مان ٽيڪسيءَ مان نڪري ويس. پولي ڪلينڪ جي ڪائونٽر تي ويٺل رسيپثنسٽ کان داڪٽر فضل ڌاريجي بابت پڇا ڪيم. ٻڌايائين ته سنڌ ويل آهي. ڊيوٽيءَ تي هڪ نوجوان ڊاڪٽر موجود هو. مون کيس سربستوو احوال ٻڌايو. ڊاڪٽر وائڙو ٿي ويو. مون کي چيائين، ”ڏاڍو ڪو لاپرواهه آهين. دل جي دوري واري شخص کي ٽيڪسيءَ ۾ هيڪلو ڇڏي آيو آهين!“
    هو اٿي کڙو ٿيو. اسٽريچر کڻائي ٻاهر آيو، پاڻ ٽيڪسيءَ جو در کوليائين.
    مون ڌڻي بخش کي چيو، ”فضل سنڌ ويل آهي. هيءُ ڊاڪٽر توکي وٺڻ آيو آهي.“
    ڌڻي بخش کي ڪاوڙ لڳي. هن انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر کي چيو، ”مون کي دل جو دورو نه پيو آهي، ڊاڪٽر. مون کي دل ۾گولي لڳي آهي.“
    نوجوان ڊاڪٽر وراڻيو، ”دل جي دوري ۾ ائين ئي محسوس ٿيندو آهي.“
    ”پر، مون کي دل جو دورو نه پيو آهي.“ ڌڻي بخش سخت احتجاج ڪندي انگريزيءَ ۾ چيو، ”منهنجيءَ ڳالهه تي يقين ڪريو. مون کي مشين گن جي گولي دل ۾ لڳي آهي ۽ اُها گولي منهنجيءَ دل مان پار ٿي ويئي آهي.“
    ”ٽيڪسيءَ مان نڪري، تون اسٽريچر تي ليٽي پئُه،“ ڊاڪٽر چيو، ”ٽيڪسيءَ ۾ توکي تپاسڻ ممڪن نه آهي.“
    ”مون کي ڪنهن به قسم جي طبي امداد جي ضرورت نه آهي.“ ڌڻي بخش ڪاوڙ واري نوع ۾ چيو، ”مون کي هڪدم ڳوٺ پڄائڻ جو بلو ڪريو.“
    ڊاڪٽر مون کي انگريزيءَ ۾ چيو، “تڪليف سبب هن جو دماغ جائيتو ڪونهي. هن کي زوريءَ ٽيڪسيءَ مان لاهڻو پوندو.“
    ڌڻي بخش هٿ وڌائي ڊاڪٽر کي ڪنڌ کان جهلي ٽيڪسيءَ ۾ اندر ڇڪي ورتو. الاءِ ڪٿان ايڏي سگهه موٽي ملي هيس! ورنه، ٿورڙي دير اڳ تائين هو ڏاڍو نٻل ۽ ڪمزور هو.
    ڊاڪٽر جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيائين، ”مشين گن جي گولي منهنجي دل مان پار ٿي ويئي آهي ۽ منهنجن پٽن جو پيڇو ڪري رهي آهي.“
    ڊاڪٽر نوجوان هو. سٽ ڏيئي، ڪنڌ ڇڏائي ٽيڪسيءَ مان نڪري آيو. ڪپڙا ٺيڪ ڪندي مون کي چيائين، ”وارڊ بوائز کي گهرائڻو پوندو.“
    ڌڻي بخش ٽيڪسيءَ مان ٻئي ٻانهون ڪڍي ۽ هٿ جوڙيندي چيو، ”مشين گن جي گولي منهنجي جوان پٽن جي ڪڍ آهي. مان هڪ دفعو وري مشين گن جي گوليءَ آڏو ايندس. هن دفعي گوليءَ کي دل مان پار ٿيڻ نه ڏيندس. مان مري ويندس پر پنهنجو نسل بچائي وٺندس،“
    ڊاڪٽر غور سان ڌڻي بخش کي ڏٺو، پوءِ مون کي ٽيڪسيءَ کان پر ڀرو وٺي ويو. چيائين، ”دل جي دوري وارو مريض ممڪن آهي ته ائين ڳالهائي ۽ هٿ پير هلائي، تون هن کي داڪٽر شاميءَ ڏانهن وٺي وڃ. هيءُ پنهنجي سُڌ ٻُڌ وڃائي ويٺو آهي. ذهني مريض آهي.“
    ڊاڪٽر پولي ڪلينڪ ڏانهن موٽي ويو.
    مان موٽي وڃي ڌڻي بخش جي ڀرسان ٽيڪسيءَ ۾ ويٺس.
    ڌڻي بخش چيو، ”مون کي پهچائڻ جو بلو ڪر.“
    سڀ ڪجهه ايترو جلد ۽ ايتري تيزيءَ سان ٿي رهيو هو، جو منهنجي سمجهه، فهم ۽ فراست کان ٻاهر هو. نوجوان ڊاڪٽر جي ڳالهه مون کي دل سان نه لڳي. ڌڻي بخش ذهني طرح بلڪل ٺيڪ، ٺاڪ، چڱو ڀلو پئي لڳو. مون اوچتو محسوس ڪيو ته، جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، سو سڀ غير معمولي هو. انسان في الحال فقط هڪ ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. هڪ ڪائنات جي رمز کي سمجهڻ لاءِ سرگردان آهي. پر اهڙيون انيڪ ڪائناتون آهن، جيڪي انسان جي پهچ ۽ سمجهه کان ٻاهر آهن. الاءِ ڇو ۽ ڪيئن مون محسوس ڪيو ته، هر انسان پنهنجي ذات ۾ هڪ ڪائنات آهي. منجهس پنهنجو پنهنجو هڪ چنڊ ۽ هڪ سج آهي! پنهنجا سمنڊ ۽ اُپ سمنڊ آهن! پنهنجا رڻ ۽ پنهنجيون وستيون آهن! پنهنجا پهاڙ ۽ پنهنجا وڻ آهن! پنهنجا جبل، ۽ پنهنجا درياهه آهن! منجهس خوف جي طويل رات ۽ اميدن جو صبح آهي! هر انسان جي ڪائنات کي پنهنجو عروج ۽ پنهنجو زوال آهي! مان ڌڻي بخش جي الميي کي سمجهي نه سگهيس.
    مون ٽيڪسيءَ واري کي ڪراچي ڪمپنيءَ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. سڄي واٽ ڌڻي بخش نه ڳالهايو. هو ماٺ ۾ غلطان رهيو. سوچيندو رهيو. پگهر سندس نِرڙ ۽ لوندڙين تان وهندو رهيو. هن جي چُپ مون کي کائڻ لڳي. هن جون اکيون کليل هيون ۽ هو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو.
    ڏس تي ٽيڪسيءَ وارو ڪراچي ڪمپني ۾ اسان جي فليٽ وٽ اچي بيٺو. ڌڻي بخش کي فليٽ تائين پهچائڻ ۾ ٽيڪسيءَ واري منهنجي مدد ڪئي.
    فليٽ ۾ پهچڻ کانپوءِ ڌڻي بخش کٽ تي ليٽي پيو. هو ٽڪ ٻڌي ڇت ڏانهن ڏسڻ لڳو. ميز جي خانن ۽ ڪٻٽ مان پاسيرا ڪري رکيل ڏوڪڙ مون ڪڍي ورتا. ڳڻي ڏٺم ته رقم ريل جي هڪ سيڪنڊ ڪلاس ٽڪيٽ جيتري به نه هئي. يوٽيلٽي اسٽور تان بچائي آندل رقم ڳڻيم. سيڪنڊ ڪلاس جي ٻن ٽڪيٽن جيترا پيسا ڳڻي، مٺ مضبوطيءَ سان بند ڪري ڇڏيم. ڌڻي بخش ڏانهن ڏٺم هو مسلسل ڇت ڏانهن ڏسي رهيو هو. سندس گهور پُراسرار هئي. مون اهڙي ڪيفيت ۾ ڌڻي بخش کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن جو چهرو پگهر ۾ آلو هو ۽ سينو ڌنوڻيءَ وانگر ڦوڪجي ۽ سُسي رهيو هو. ٻنهي هٿن جون مٺيون ڀيڪوڙيل، ۽ رڳون وٽيل واڻ وانگر سندس ٻانهن تي اُڀري آيون هيون. هُن تمام ٿڪل آواز ۾ چيو، ”فقط ڪجهه ڪلاڪ آهن، مون وٽ مان ريل جو سفر ڪري نه سگهندس. هوائي جهاز جي ٽڪيٽن جو بندوبست ڪر، يار.“
    ڏانهس ڏٺم، هو ڄڻ ڇت کان پري ڪجهه ڏسي رهيو هو. ظاهري طرح سندس اکيون ڇت ۾ اٽڪيل هيون، پر لڳو پئي، هو آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙهي رهيو هو.
    چيم، ”مان سنگت کان پٽ سٽ ڪري اچان ٿو. تون فليٽ کان ٻاهر نه نڪرجانءِ.“
    ”دير نه ڪجانءِ.“ ڌني چيو، ”منهنجيءَ دل مان پار ٿيل گولي، پٽن جو پيڇو ڪري رهي آهي. دير نه ڪجانءِ.“
    مان فليٽ مان نڪري ويس. جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، سو قطعي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو. ڌڻي بخش کي ڪهڙي قسم جي گوليءَ گهائي وڌو هو جو رت جو هڪ ڦڙو سندس جسم مان نه نڪتو هو ۽ هو مري رهيو هو! اڳ ڳالهايل سندس جملو منهنجي ذهن ۾ پڙاڏا ڪري رهيو هو ته ”زندگيءَ ۾ هڪ گولي اهڙي به لڳندي آهي، جنهن جو گهاءُ هڪ نسل کي ملندو آهي ۽ رت ٻئي نسل جي دل مان وهي نڪرندو آهي.“ مون اُن جملي ۾ مفهوم، يا معنيٰ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون کي ان جملي ۾ به ڪو مفهوم مليو ۽ نه ئي ڪا معنيٰ سمجهه ۾ آئي. اِن ۾ ڏوهه ڌڻي بخش جو نه هو. سمورو ڏوهه منهنجو هو. هونءَ به ڌڻي بخش سموري سنگت ۾ سڀني کان وڌيڪ ذهني، تيز فهم، حساس ۽ سج ڏانهن ڏسڻ واري اک جو مالڪ آهي. هر انسان جي وجود ۾ هڪ جهٽيندڙ (Reciever) هوندو آهي. ڪن جو جهٽيندڙ طاقتور ۽ ڪن جو ڪمزور هوندو آهي. طاقتور جهٽيندڙ غيبي ٽرانسميٽر تان نشر ٿيل اطلاع، نياپا ۽ اشارا جهٽ جهٽي وٺندو آهي. ڪمزور جهٽيندڙ ان قسم جا اشارا ۽ اطلاع جهٽي نه سگهندو آهي. مون محسوس ڪيو ته منهنجي وجود جو جهٽيندڙ ڪمزور آهي. ڌڻي بخش جي وجود ۾ جهٽيندڙ جيڪي ڪجهه ٻڌو آهي، يا ڏٺو آهي، سو مان نه ٻڌي سگهيو آهيان ۽ نه ڏسي سگهيو آهيان. مان انهن انسانن جي انڀوهه مان هڪ آهيان. جن کي اکيون ته هونديون آن پر هو ڏسي نه سگهندا آهن. کين ڪن ته هوندا آهن، پر ٻڌي نه سگهندا آهن کين وات ته هوندا آهن پر هو ڳالهائي نه سگهندا آهن. مون کي پنهنجي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳي. مان ايڏو ڏڏ ڇو آهيان!
    ڪراچي ڪمپنيءَ جي ٻاهران مان فٽ پاٿ تي بيهي رهيس. ڪنڌ ورائي انيڪ فليٽن جي سلسلي ڏانهن ڏٺم. ڪيترائي دوست ۽ واقفڪار اتي رهيل آهن- پر، سڀيئي اسان جهڙا مولائي آهن. مون ايف- سيون (7) ۽ ايف- ايٽ (8) ۾ رهندڙ واقفڪارن متعلق سوچيو. ڪجهه ڄڻا دل تي تري آيا. هِتي هُتي ملندا، ته کلي ملندا آهن- ”ڪو ڪم ڪار! ايندا ڪريو! حڪم ڪريو!“ سوچيم، انهن سان ملندس. وڏي وس وارا آهن- پهچ وارا آهن- سنڌ لاءِ احساس محروميءَ جي خاتمي جي علامت سمجهيا ويندا آهن.
    اهو ضروري نه آهي ته هڪ در بند ٿيڻ کان پوءِ انيڪ در کلي پون. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو هڪ در بند ٿيڻ کانپوءِ سمورا در بند ٿي ويندا آهن. ان درن جو ڏوهه فقط ايترو هوندو آهي جو اُهي در هڪ ئي نوعيت جا هوندا آهن. مون کي ذري گهٽ سمورا در بند مليا. بند درن ۾ هڪ در کليل مليو. ماڻهو دلبر. کِلڻو مِلڻو. چرچائي. هر دور ۾ هر دلعزيز! مون کي ڏسي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين. ”يار ڪيئن آيو آهين! ڀلجي ته نه پيو آهين! اصل وساري ڇڏيو اٿئي.“ ڳالهائي ته ڄڻ مصري!
    ”اصل ۾ ڪجهه پيسن جي ضرورت آهي.“
    ”هون! پيسن جي!“
    ”پيسن جي به نه. مون کي سکر تائين پي آئي اي جون ٻه ٽڪيٽون گهرجن.“
    ”هون! پي آئي اي جون ٻه ٽڪيٽون!“
    ” ڌڻي بخش بيمار ٿي پيو آهي. کيس ڳوٺ پهچائڻو آهي.“
    ” ڌڻي بخش ۽ بيمار! يار، تون به ڪمال ٿو ڪرين!“
    ”اسلام آباد ۾ ڪجهه ٽريول ايجنٽ اوهان جا واقفڪار آهن. مان موٽڻ شرط اوهان جو قرض لاهيندس.“
    ”پر، ڌني کي ٿيو چاهي؟“
    ”ڪا پُر اسرار ڳالهه آهي. مان ته سمجهي نه سگهيو آهيان.“
    ”ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿئي؟“
    ”ها. ڊاڪٽر کي به خبر نه ٿي پوي.“
    ”داڪٽر ڇا چيو؟“
    ”چيائين ته دماغ جائيتو ناهيس.“
    ”ماليخوليا ٿي پئي اٿس ڇا! پڪ ماليخوليا ٿي پئي هوندس. افعال ئي اهڙا هئس.“
    ”پر، مان نه ٿو سمجهان ته ڌني کي ڪا ماليخوليا آهي.“
    ”ته پوءِ تڪليف ڪهڙي اٿس؟“
    ”چوي ٿو، دل ۾ گولي لڳي اٿس.“
    ”دل ۾ گولي لڳي اٿس! ها ها ها! ۽ جيئرو آهي!“
    ”چوي ٿو، گولي دل مان پار ٿي ويئي اٿس.“
    ”وڏو ڪو چرچائي ٿي پيو آهي!“
    ”مان سمجهان ٿو، ڌڻي بخش مري ويندو.“
    ”مکر ٿو ڪريئي. اهو ڌنو اصل نه مرندءِ. اصل پڪ ڄاڻ.“
    ”پي آئي اي جون ٻه ٽڪيٽون.“
    ”يار، اوچتو ئي اوچتو، ايجنسين جا مينيجر ڪنهن اخلاس تي هليا ويا آهن. هونءَ به ٻن ڏينهن تائين پي آئي اي ۾ هڪ به ٽڪيٽ ملي نه سگهندي. هڪ ٻئي دوست لاءِ ٿورڙي دير اڳ فون ڪئي هيم.“
    ڪي کليل در نظر جو فريب هوندا آهن. اهڙا کليل در، بند درن کان مختلف نه هوندا آهن.
    مان ڊوڙندو ڪراچي ڪمپنيءَ وارن فليٽن تي پهتس. مولائي لڏي، کي سڏ ڪيم. ڄڻ پتنگ هئا. سَچَ تي مڙي آيا. ڀڄ ڊڪ ڪئي سين. پَٽَ سَٽَ ڪئي سين. کنڌا کناسين. هڻي، ماري، وڃي هنڌ ڪيوسين. ڦڙيءَ ڦڙيءَ مان تلاءُ ڪري وڌوسين. پر، اِن ڪم ۾ وقت هٿن مان نڪري ويو. پي آئي اي جي بڪنگ آفس پهتس ته خبر پئي اسلام آباد کان ملتان- ۽ سکر واري فلائيٽ ڪلاڪ کن اڳ رواني ٿي ويئي هئي. مون ٻئي ڏينهن لاءِ ٻه ٽڪيٽون خريد ڪيون.
    ڊوڙندو فليٽ تي پهتس.
    ڌڻي بخش جون اکيون در تي کتل هيون. انتظار ڪندي ڪندي سندس پُتلين جو پاڻي سڪي ويو هو. اک ڇنڀڻ بنا هو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو.
    ”ڌنا.“ مون کٽ تي ويهندي چيو، ”يار، اڄوڪي فلائيٽ مِس ڪري ويٺا آهيون. سڀاڻي هلنداسين. مان هوائي جهاز جون ٽڪيٽون وٺي آيو آهيان.“
    ”تو اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.“ ڌڻي بخش ٻڏل آواز ۾ چيو ”تو اچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي.“
    ان وچ ۾ سموري سنگت گڏ ٿي ويئي. ڌڻي بخش جي حالت ڏسي، تعجب وچان سڀئي ساٿي وائڙا ٿي ويا.
    ڌڻي بخش چيو، ”ٽڪيٽون وڃي موٽائي اچ.“
    تعجب وچان پڇيم، ”ڇو يار؟“
    ”بس.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو، ”دير ٿي ويئي آهي. منهنجيءَ دل مان پار ٿيل گوليءَ ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي.“
    وائڙو ٿي پڇيم، ”ڇا جو ڪم؟“
    خشڪ پتلين تي پاڻيءَ جو تهه تري آيس. هو خاموش ٿي ويو. تڏهن کان ڌڻي بخش گهڻو ڪري خاموش رهندو آهي. سوچيندو رهندو آهي. آسمان تي لکيل ڪا تحرير پڙهي وٺندو آهي. کيس پڪ آهي ته مشين گن جي هڪ گولي سندس دل مان پار ٿي ويئي آهي ۽ اُن ڳوليءَ جنهن جنهن کي گهايو ۽ ماريو آهي، سو سندس پٽ آهي.


    محرم علي

    مان ڪجهه دير سان گهر پهتس، ٿڪل هوس. منهنجي زال مونکي در مان داخل ٿيڻ شرط چيو، ”هو ٻُچيءَ ڏاڙهيءَ وارو پساري آهي نه- ڇا نالو اٿس؟“
    ” محرم علي.“ کيس پساريءَ جو نالو ياد ڏياريم.
    ”ها. مئو محرم علي.“ منهنجيءَ زال چيو، ”هن توکي سڏايو آهي. چوايو اٿائين، جيئن ئي ماستر صاحب گهر پهچي کيس هڪدم مون ڏانهن موڪلجو.“
    ”وري هوندس ڪا درخواست لکائڻي!“ بيزار ٿيندي چيم، ”مان ان پوڙهي سيهڙ مان اچي ڦاٿو آهيان.“
    محرم علي اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. گهر جي مهڙ ۾ پسارڪو دڪان هوس، پر وڪڻندو کٽمٺڙا ۽ ڀڳل بسڪوٽن جي ڀور هو. پوڙهو، ٺوڙهو، منهن سڪل، جهڙو ڇوهارو! ڄاڙين تان وار غائب هئس. آٺ- ڏهه چٻا ٽنڊا، گهنڊيدار وار کاڏيءَ تان لٽڪندا رهندا هئس. ان عجيب اوسر کي سڏيندو هو سونهاري! ماڻهو سادو هو، جهڙي موري. هرڪو هضم ڪري ڇڏيندو هوس. ٻڌو هئائين ته ماڻهو ٽي ويلا ماني کائيندا آهن. پر محرم علي ۽ سندس ڪٽنب ٻه ويلا ماني کائيندا هئا.
    ________________________________________
    * مستقل عذاب ۾ چيچلائيندو رهندس. اڻ لکيل تاريخ جو باب ٿي پوندس.
    * ڪند فهم
    محرم علي منهنجو مٿو به کائيندو هو. مان سندس پاڙيسري هوس. مون کان ذري گهٽ روزانو سرڪار کي هڪ درخواست لکائيندا هو. ڪراچيءَ کان ٽيهه- چاليهه ميل پري، پپري- داٻيجيءَ وٽ اباڻي زمين هئس، جنهن جي ايراضيءَ جي کيس ڪا به خبر نه هئي. ان زمين ۾ عرصي کان نانگ بلائون رهندا هئا. پر پوءِ، جڏهن ڪراچيءَ جو شهر آباديءَ سان ڇلڪڻ لڳو ۽ هر طرف کان فيڪٽرين ۽ ڪارخانن جي گهيري ۾ وٺجي ويو، تڏهن ماڻهن محرم عليءَ جي اباڻيءَ زمين تان نانگ بلائڻ کي لوڌي ڪڍيو ۽ زمين تي قبضو ڪري ورتو. زمين جو ملهه وڃي آسمان سان لڳو. سرڪار سڳوريءَ اٿندي ئي اها زمين اتان جي غيرقانوني رهاڪن ۾ ورهائي ڇڏي. تڏهن وڃي محرم عليءَ کي به هوش آيو. دستگير جي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهيو. چيائين، ”پنهنجي موروثي زمين اٿم. ضرور هٿ ڪندس. عوامي دور آيو آهي- ضرور عرض اگهبو.“
    بس سائين، زمين محرم عليءَ جي، قلم منهنجو ۽ ٻولي انگريز جي! مهينن جا مهينا لنگهي ويا، پر محرم عليءَ جي درخواست تي نه ٿي ڦوٽ، نه ڪا ٻوٽ! هڪڙي ڏينهن محرم عليءَ کي سمجهائيندي چيو هوم، ”يار محرم علي نانگ بلائن کان زمين جو قبضو ڇڏائڻ سولو آهي، پر ماڻهن کان ڦٻايل زمين جو قبضو موٽائي وٺڻ ناممڪن آهي.“ پر محرم علي نه مڙيو. مڙس اميد جي ٻٻر کي چنبڙي پيو هو، سو ٻيرن جي آس تان ساهه کڻيئي نه. اسان جي اک ۾ شرم، انڪار پڄيئي نه! نيٺ هڪڙي ڏينهن، جڏهن محرم عليءَ جي اميد ٽٽڻ لڳي، تڏهن سرڪار سڳوريءَ جي ڪنهن ڪاموري جو محرم عليءَ جي نالي خط آيو، جنهن ۾ لکيل هو ته، ”پپري داٻيجيءَ جي ڏاکڻي طرف سروري نمبر فلاڻي مطابق جيڪا زمين آهي، سا برابر محرم عليءَ جي ملڪيت آهي، پر اها زمين سرڪار غريبن ۾ ورهائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري محرم عليءَ کي زمين جي قبضي بدران ڪو مناسب معاوضو ڏنو ويندو.“
    ان خط اچڻ کان پوءِ محرم عليءَ جي درخواستن جي نوعيت بدلجي ويئي. اڳ زمين جي قبضي بابت سرڪار کي درخواستون لکارائيندو هو، پوءِ معاوضي جي ترت وصوليءَ لاءِ سرڪار کي درخواستون لکائڻ لڳو.
    جنهن ڏينهن جي ڳالهه مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان، تنهن ڏينهن مان درخواست وغيره لکڻ جي موڊ ۾ نه هوس. مون پنهنجي زال کي چيو، ”الهه بچائي، اڄ مان محرم عليءَ کي ڪابه درخواست لکي نه ڏيندس. اڄ مان بيحد ٿڪجي پيو آهيان.“
    ”ڇو!“ الهه بچائي، يعني منهنجيءَ زال پنهنجو هٿ منهنجي نرڙ تي رکيو، جنهن مان ٿوم جي ڌپ نڪري رهي هئي. پڇيائين، ”دشمنن جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“
    ”خدا ڪري ته دشمنن جي طبيعت ڪڏهن به ٺيڪ نه هجي!“ کٽ تي ويهندي چيم، ”الله بخش، خدا بخش، قادر بخش ۽ مولا بخش لاءِ خيراتي اسپتال مان دوا وٺڻ ويو هوس. پيهه ايڏي ڄڻ خدا جو سمورو ملڪ بيمار هجي. پيهه جي ٿيلهن ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ جهڄي پيو آهيان.“
    الله بخش منهنجي وڏي پٽ جو نالو آهي ۽ خدا بخش ٻئي نمبر پٽ جو. منهنجي ٽئين نمبر پٽ جو نالو قادر بخش آهي ۽ چوٿين نمبر پٽ جو نالو آهي مولا بخش. ڪهاڻيءَ ۾ جيئن ته منهنجن پٽن جو ذڪر آيو آهي، تنهنڪري مان پنهنجو ذڪر پڻ ضرور ڪندس. منهنجو نالو علي بخش آهي. مان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ جي سڀ کان وڏي علائقي، نيوڪراچيءَ جي سڀ کان ننڍي اسڪول ۾ ماستر آهيان. منهنجي چئني پٽن کي دائمي کنگهه لڳل آهي. مان کنگهڻ کي عام رواجي بيماري نه سمجهندو آهيان. جيڪو شخص زندگيءَ ۾ کنگهندو آهي، سو ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو آهي ۽، جيڪو شخص زندگيءَ ۾ ڪنهن تي به نه کنگهندو آهي، سو شخص ترقيءَ جون منزلون طي ڪري ڪاميابين جي مٿئين سطح تي وڃي پهچندو آهي. جيڪو شخص هر ڪنهن تي کنگهندو آهي ۽ هر ڪنهن کي ڪٿ ۾ آڻيندو آهي، سو شخص زندگيءَ جي پاتار ۾ لهي ويندو آهي. زندگيءَ۾ ڪنهن تي کنگهڻ ۽ ڪنهن تي نه کنگهڻ جي عادت انسان کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ پوندي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته منهنجا چاريئي پٽ کنگهڻ جي مرض ۾ مبتلا ٿين ۽ پوءِ وڏي هوندي هر ڪنهن تي کنگهڻ جي مشق جاري رکن ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن زندگي جي پاتار ۾ لهي وڃن! مان تنهنڪري پنهنجي پٽن جي کنگهه جو لاڳيتو علاج ڪرائيندو آهيان. پر، علاج جي باوجود نه کنگهه منهنجن ٻارن کي ڇڏيو آهي ۽ نه ئي منهنجن ٻارن کنگهه کي ڇڏيو آهي.
    مون دوائن جون شيشيون ميز تي رکي ڇڏيون.
    منهنجي زال چيو، ٻچي ڏاڙهيءَ واري پساريءَ جو ٽيون نمبر پٽ توکي ٽي دفعا سڏڻ آيو هو.“
    ان وقت در کڙڪيو. الهه بچائيءَ وڃي در کوليو. محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ اندر آيو. هو شاهراهه پاڪستان جي چوواٽي تي سائيڪلن جا پنڪچر ڳنڍيندو هو، هن چيو، ”چاچا، توکي ني بابا سڏايو آهي.“
    مون دل ۾ پاڻ کي، محرم عليءَ جي چوٿين نمبر پٽ کي ۽ محرم عليءَ کي پاراتا ڏنا. پوءِ، بيدليو محرم عليءَ جي گهر هليو ويس.
    محرم عليءَ کي ڏسي، مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هو وائڙو وائڙو پئي لڳو- ڄڻ ڪنهن سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا هيو. مون کي ڏسي اُٿي بيٺو. مئل ڏنڀري جي اکين جهڙين اکين ۾ زندگي موٽي آيس. ڪنبندڙ آواز ۾ چيائين، ”ڪٿي آهين يار علي بخش! اصل ماري وڌو اٿئي.“
    ”خير ته آهي نه، محرم علي؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”ها، هون ته مڙيئي خير آهي.“ هن پنهنجي چوٿين پٽ کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”اڙي تون اڃا تائين ڇو بيٺو آهي! هل هتان، هل.“
    محرم عليءَ جو چوٿون نمبر پٽ هليو ويو. ڪوٺيءَ ۾ مان ۽ محرم علي اڪيلا رهجي وياسين.
    محرم عليءَ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، خبرداريءَ سان پنهنجي سٿڻ جي اُبداڻي مان هڪ ڪاغذ ڪڍي مون کي ڏنو. چيائين، ”هيءُ خط منهنجي وڏي پٽ ڏسي ورتو آهي. بدبخت انگريزيءَ جا ٻه چار اکر پڙهي ڄاڻي. چيائين ته معاوضي جي رقم بابت ڪا ڳالهه آهي.“
    مون ڪاغذ پڙهي ڏٺو. عقل چرخ ٿي ويو. محرم عليءَ کي ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙيندي چيم، ” محرم علي، تنهنجا ته وارا نيارا ٿي ويا آهن. سرڪار سڳوريءَ توکي چئن لکن رپين جي معاوضي جي آڇ ڪئي آهي.“
    ”آهستي!“ محرم عليءَ منهنجي وات تي پنهنجو هڏائون هٿ رکي ڇڏيو. چيائين، ”آهستي ڳالهاءِ علي بخش. منهنجي زال، پٽ ۽ ڌيئون پيسن جي ڳالهه نه ٻڌي وٺن.“
    ڏسندي ئي ڏسندي محرم عليءَ کي ڪنبڻي وٺي ويئي. مون کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري، آڻي ڏنو. هو يڪ ساهي پاڻيءَ جو گلاس پي ويو. هو ڪجهه ڪجهه سامت ۾ آيو. چيائين، ”منهنجو وڏو پٽ چور آهي. هن هيءُ ڪاغذ ڏسي ورتو آهي.“
    ”تنهنجو وڏو پٽ ته ڏاڍو نيڪ آهي، محرم علي.“ چيم، ”هو ويچارو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻي پنهنجو خرچ پکو ڪڍندو آهي- توتي بار ته نه آهي.“
    ”تو کي خبر ڪونهي علي بخش.“ محرم عليءَ چيو، ”دولت بڇڙي بلا آهي.“
    محرم علي ٻئي هٿ مٿي تي رکي کٽ تي ويهي رهيو، ۽ سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ پڇيائين، ”پڪ اٿئي نه مون کي پيسا ملندا؟“
    ”ها محرم علي.“ چيم، ”تون عنقريب لکاپتي ٿي ويندين.“
    محرم علي ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجي گهر جي ڪچي ڇت ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڀتين ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”هن ڪچي گهر مان چور ۽ ڌاڙيل منهنجا چار لک رپيا چورائي ته نه ويندا؟“
    وراڻيم، ”چار لک رپيا وصول ڪرڻ کانپوءِ تون هن ڪچي گهر ۾ ڇو رهندين!“
    پڇيائين، ”ته پوءِ ڪيڏانهن ويندس؟“
    ”ڪنهن سٺي، سهڻي ۽ ٺاهوڪي بنگلي ۾.“
    ”ته ڇا، هيءُ اباڻو اجهو مونکي ڇڏڻو پوندو؟“
    ”ها محرم علي.“ چيم، ”دولت ملڻ کانپوءِ ماڻهو سمورا پراڻا رشتا ٽوڙي، نوان رشتا جوڙيندو آهي.“
    ان وقت محرم عليءَ جو وڏو پٽ، جيڪو خالي دٻا ۽ بوتلون وڪڻندو هو، اندر آيو. مون کان پڇيائين، ”چاچا، ڪاغذ ۾ پيسن جي ڳالهه لکيل آهي نه؟“
    ”اڙي هل هتان.“ محرم عليءَ کيس ڇڙٻ ڪڍندي چيو، ”تنهنجو ڪهڙو ڪم ته ڪاغذ ۾ ڇا لکيل آهي!“
    هو ويچارو خالي دٻي جهڙو منهن کڻي هليو ويو. محرم علي کٽ تي ويٺو رهيو ۽ سوچيندو رهيو. پوءِ هٿن جون تريون مهٽيندي مون کان پڇيائين، ”يار علي بخش، چار لک رپيا مان ڪيڏانهن ڪندس؟“
    ”سوال اهو ناهي محرم علي ته چار لک رپيا تون ڪيڏانهن ڪندين.“ چيم، ”ڏسڻو اِهو آهي ته، اِهي چار لک رپيا توکي ڪيڏانهن ٿا ڪن.“
    محرم علي وڌيڪ پريشان ٿي ويو. پڇيائين، “يار، مان ڪيڏانهن گم ٿي ويندس ڇا؟“
    ”ممڪن آهي.“ چيم، ”پر، في الحال ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.“
    محرم عليءَ کي جڏهن ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، تڏهن پڇيائين، ”تون ئي ڪا صلاح ڏي. مان ته آهيان ڪورو ڄٽ. مون کي سمجهاءِ ته مان چئن لکن کي ڪيڏانهن ڪريان.“
    ”چار لک نه.“ چيم، ”ٽن لکن جي ڳالهه ڪر محرم علي.“
    محرم عليءَ ڪجهه ڪجهه حيران ٿيندي چيو، ”رقم ته چار لک رپيا ڏيڻي ڪئي اٿائون نه!“
    ”ها.“
    ”پوءِ سڄو سمورو هڪ لک ڪيڏانهن ويندو؟“
    ”هنود قاصائيءَ جي کڏ ۾.“
    ”هان!“ وات ڦاٽي ويس.
    ”خط ۾ توکي چار لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي اٿائون. توکي چئن لکن جو چيڪ نه موڪليو اٿائون.“ محرم عليءَ کي ڪامورڪي لڏي جو سرشتو سمجهائيندي چيم، ”تون جڏهن چئن لکن جو چيڪ وٺڻ ويندين، تڏهن گهٽ ۾ گهٽ 25 سيڪڙو رقم صاحبن ۽ صاحبن جي چمچن کي نذر نياز ۾ ڏيئي ايندين.“
    پڇيائين، ”۽ جيڪڏهن نه ڏيان ته پوءِ؟“
    ”ته پوءِ اها رقم تنهنجن پڙپوٽن کي به نه ملندي.“
    ”سو وري ڇو؟“
    ”اهو ڪامورا شاهيءَ جو اڻلکيل دستور آهي.“
    محرم علي ڊڄي ويو. منهن جا گهنج وڌيڪ چٽا ٿي پيس. نرڙ ۾ گُنڊ پئجي ويس. پوءِ، هو کٽ تان اٿيو. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ ڏيئي، ڄڻ سيءُ ٿيندو هجيس، هو ڪوٺيءَ جي ڪنڊ ۾ وڃي بيٺو.
    محرم عليءَ جي حال تي مون کي رحم آيو. مون وڌي وڃي سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. پڇيومانس، ”ڇا پيو سوچين، محرم علي؟“
    هن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ مظلوماڻي لهجي ۾ چيائين، ”تون ئي ڪا صلاح ڏي، علي بخش. مان ڇا ڪريان.“
    مان سوچ ۾ پئجي ويس. ڪا صلاح سمجهه ۾ نه آئي.
    ”ڪجهه ته ڳالهاءِ. محرم عليءَ التجا ڪندي چيو، ”يار، ڪا ته صلاح ڏي.“
    ”مان ڪهڙي صلاح ڏيانءِ، محرم علي.“ چيم، ”مان پاڻ مولائي مڙس آهيان. مون کي ڪهڙي خبر ته ايڏن پيسن مان ڇا ڪري سگهجي ٿو!“
    ”ڳالهه ته ٺيڪ پيو ڪرين، يار.“ محرم عليءَ چيو، ”تون اخبار پڙهندو آهين. ووٽن ۽ چونڊن جون ڳالهيون ڪندو آهين تون ڪانه ڪا چڱيرڙي صلاح ڏيئي سگهين ٿو!“
    گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ به مون کي ڪا صلاح سمجهه ۾ نه آئي. محرم عليءَ کي چيم، ”هيئن ڪر محرم علي، سموري رقم الله جي نالي ۾ مسڪينن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏ.“
    محرم عليءَ اکيون چنجهيون ڪري مون ڏانهن ڏٺو- ڄڻ، منهنجي صلاح نه وڻي هجيس. پوءِ، ڪياڙي کنهندي چيائين، ”يار، مون مسڪين کي الله سائينءَ جيڪا رقم ڏني آهي، سا رقم ٻين مسڪينن ۾ وري ڪيئن ورهائي ڇڏيان! اها ته الله سان ٺڳي ٿيندي.“
    ”ته پوءِ يتيم خانو هلاءِ.“
    ”يتيم خانو هلايان.“
    ”ها. ثواب جو ثواب، نيڪيءَ جي نيڪي، ۽ فائدي جو فائدو.“
    ”فائدو وري ڇا جو؟“
    ”اول ته يتيمن کي ڪو سود مند ڌنڌو سکارجانءِ، جهڙوڪ: گلم غاليچا ٺاهڻ، پيتيون ٺاهڻ، خيرات گهرڻ، چوريون ڪرڻ، کيسا ڪترڻ وغيره. پوءِ، ويٺو لکين رپيا ڪمائجانءِ.“ محرم عليءَ کي زماني سازيءَ جو درس ڏيندي چيم، ”۽ ٻيو ته، ان ڪم مان نامياچار ٿيندو. انسان دوست ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي سڏبين. هر سال، سرڪار کان يتيم خاني لاءِ هزارين رپين جا فنڊ ويٺو وصول ڪندين.“
    محرم عليءَ عجب وچان مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، علي بخش ڀنگ ته نه پيتي اٿئي ”ڀنگ اسان جي معاشري پي ڇڏي آهي“ چيم ”جيڪي زماني ۾ ڏٺو اٿم، سو ئي ويٺو ٻڌايانءِ.“
    ”يار زماني جي ڳالهه کي باهه ڏي.“ محرم عليءَ چيو، ”ڪو مفيد ڌنڌو ٻڌاءِ، جنهن ۾ سموري رقم لڳائي ڇڏيان.“
    الاءِ ڪيئن، ذهن ۾ هڪدم هڪ خيال اُڀري آيو. چيم، ”پنهنجي ڪٽنب سميت، بلڪ مائٽن مٽن ۽ اوڙي پاڙي سميت عمري ڪرڻ جو ڌنڌو شروع ڪر.“
    مون کي اک ڏيکاريندي پڇيائين، ”اڙي علي بخش، عمرو ڌنڌو آهي؟“
    ”اڳين وقتن جي مون کي ڪا خبر ڪونهي. باقي ويهين صديءَ جي پوئياڙيءَ ۾ عمرو ڌنڌو ٿي پيو آهي.“ مون کي پنهنجو لهجو زهريلو محسوس ٿيو ۽ بنهه نه وڻيو. چيم، ”تون پنهنجي ڪٽنب ۽ آڪهه سميت هر سال عمرو ڪجانءِ ۽ اتان واچون، ريديا، ٽيپ رڪارڊر، ولايتي ڪپڙو ۽ سون آڻي پنجوڻي بلڪ ڏهوڻي قيمت ۾ ويٺو وڪڻجانءِ ۽ موج ڪجانءِ.“
    ”نه بابا، نه.“ محرم عليءَ چيو، ”مونکان ڦڏي جو ڪم نه ٿيندو.“
    ”تون عمري کي ڦڏو ٿو سمجهين!“ مون محرم عليءَ کي چيو، ”تون ڪفر ٿو بڪين.“
    هڪدم چيائين، ”حج ۽ عمرو ڪندس، پر اهو ڪم نه ڪندس.“
    مان کليس- محرم عليءَ جي سادگيءَ تي. چيم، تون اهڙا اهڙا ڪم ڪندين، جو خود حيران ٿي ويندين.“
    ڊڄي ويو. پڇيائين، ”ڪهڙا ڪم ڪندس؟“
    ”تون ادبي مذاڪرن، سنگيت جي محفلن ۽ مشاعرن جي صدارت ڪندين.“
    ”مان!“
    ”ها، تون.“ چيم، ”تون پينٽنگن جي نمائش جو به افتتاح ڪندين.“
    هو منجهي پيو. چيائين، ”پر مان ڪورو ڄٽ آهيان.“
    مونکي محرم عليءَ تي کل آئي. چيم، ”دولت اچڻ کانپوءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري سگهندو آهي.“
    ”يار!“ چيائين، ”ٻيو ڪو ڌنڌو ٻڌاءِ- ڪم جو هجي.“
    ”مڇي مارڻ جون ٻه لانچون خريد ڪر.“
    ”مهاڻو ٿيان؟“
    ”نه. سمگلر ٿجانءِ.“
    ”سمگلر؟“
    ”مڇي مارڻ جي بهاني جهاز ۾، چرس ۽ آفيم پيو کڻي وڃجانءِ ۽ موٽ ۾ سون ۽ واچون پيو کڻي اچجانءِ،“
    ”يار تون ته ابتيون صلاحون پيو ڏئين.“ محرم عليءَ چيو، ”ڪا سئين سڌي صلاح ڏي.“
    ”ته پوءِ غور سان ٻڌ.“ چيم، ”سياست ۾ ڪاهي پئه.“
    ”سياست ۾ ڪاهي پوان! مان؟“
    ”ها، تون.“
    ”پر مان ته ٻه درجا به پڙهيل نه آهيان.“
    ”ان لاءِ علم جي ضرورت نه هوندي آهي.“ چيم. ”سچ پڇين ته محرم علي، تو جهڙا ماڻهو سياست ۾ ڏاڍا ڪامياب ٿيندا آهن.“
    ”ڀوڳ نه ڪر، يار.“
    ”ڀوڳ نه ٿو ڪريان.“ چيم. ”تون ڇوٽ ۾ ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“
    محرم علي سوچ ۾ پئجي ويو.
    مون چيو، ”پر پارٽي مضبوظ ۽ طاقتور هئڻ گهرجن. ٻڏندڙ ٻيڙي ۾ پير رکڻ نه گهرجي.“
    محرم عليءَ مون ڏانهن ڏٺو.
    مون چيو، ”۽ پوءِ توکي قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ چونڊ لڙڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.“
    محرم عليءَ هٻڪندي هٻڪندي پڇيو، ”مون ٻڌو آهي، چونڊن جي چڪر ۾ قارون جا خزانا به ختم ٿي ويندا آهن؟“
    ”ها، ائين برابر آهي.“ چيم، ”تون سياست ۾ اچڻ کانپوءِ جڏهن ماڻهو نه رهندين ۽ ليڊر ٿي پوندين، تڏهن ٻه- چار بنگلا ته تڙي کڙي ٺاهرائي سگهندين ۽ ٻه- چار موٽرون به درتي بيهاري سگهندين.“
    ان وقت محرم عليءَ جون ٽيون نمبر پٽ اندر آيو ۽ پيءُ کان هريڙ گهرڻ لڳو. پيٽ ۾ گڙبڙ هئس. پڻهس ڇڙٻ ڏيئي ڀڄائي ڪڍيس. هو هليو ويو.
    محرم عليءَ چيو، ”ته تنهنجي صلاح آهي ته مان سياست ۾ بهرو وٺان؟“
    ”ها.“ چيم، ”ملڪ کي تو جهڙن قابل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.“
    محرم علي قائل ٿيڻ لڳو. پڇيائين، ”ته پوءِ شروعات ڪيئن ڪجي؟“
    ”ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس سڏائي، ڪنهن مضبوط سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏ.“ چيم، ”پر اعلان ڪرڻ کان اڳ هڪ ڳالهه جو خيال ضرور رکجانءِ، ته جنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرين، تنهن پارٽيءَ جي 1976ع وارين چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني هجي. ان باري ۾ اول خوب سوچبو.“
    اندران محرم عليءَ جي زال جو آواز آيو. چيائين، ”اڪبر ڏنڊو هڻي جهانگير جو مٿو ڦاڙي وڌو آهي. هينئر شاهجهان ٻنهي ڀائرن کي مار ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو آهي.“
    ”اورنگزيب کي چئي. ٽنهي کي ڪڪڙ ڪرائي ڇڏ.“ محرم عليءَ جواب ڏيندي چيو، ”مان هن وقت سخت مصروف آهيان. علي بخش کان سرڪار سڳوريءَ کي درخواست لکائي رهيو آهيان.“
    پڇيومانس، ”ته پوءِ ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي. سياست ۾ بهرو وٺندين يا سمگلر ٿيندين؟“
    ”مان سمجهان ٿو، ملڪ کي منهنجي ضرورت آهي.“ محرم عليءَ گنڀير ٿيندي چيو، ”مان سياست ۾ بهرو وٺندس، علي بخش.“
    مون محرم عليءَ کي چيو، ”توکي ٻي شادي به ڪرڻي پوندي.“
    ”ٻي شادي!“ محرم عليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين، ”ڇو؟“
    ”تنهنجي زال معاف ڪجانءِ، پڙهيل ناهي ۽ نه ئي وري ڪا سهڻي آهي.“ محرم عليءَ کي سمجهائيندي چيم، ”توکي ڪا اهڙي زال ڪرڻي پوندي، جيڪا عورتن جي فلاح ۽ بهبوديءَ تي تقريرون ڪري سگهي ۽ ميلاد جي محفلن جي صدارت ڪري سگهي.“
    ”نه بابا.“ محرم عليءَ چيو، ”مان ٻي شادي هرگز نه ڪندس.“
    چيم، ”ته پوءِ سياست ۾ بهرو وٺڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
    پڇيائين، ”ڇو ڪڍي ڇڏيان؟“
    وراڻيم، ”ڇو جو گهڻي پڙهيل، پر چالاڪ، سهڻي ۽ فيشني زال کان سواءِ اڄڪلهه جي سياست اڻپوري سمجهي ويندي آهي.“
    محرم علي ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ چيائين، ”مان اڌ اکري جيڪڏهن چونڊجي ويس ته اسيمبلي ۾ وڃي ملڪ لاءِ ڇا ڪندس؟“
    ”ملڪ جو گاڏو پيو گيهلجي.“ چيم، ”تون رڳو پنهنجو فڪر ڪر محرم علي.“
    مان اڳتي توهان کي ڪجهه نه ٻڌائيندس. ته اڄڪلهه محرم علي ڪٿي آهي، ڪيئن آهي ۽ ڇا ڪندو آهي! مان توهان کي فقط ايترو ٻڌائيندس، ته هو اڄڪلهه نهايت اهم شخص آهي. اک جي اشاري سان ڪنهن جا به لاهه ڪڍائي سگهندو آهي.


    هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا

    مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. اُهو فرشتو ڪا آسماني مخلوق نه هو. هو اسان وانگر حرڪتَ مان برڪت ۾ آيو هو ۽ ماڻهو، ماڻهوءَ جو پُٽ هو. فرشتو سندس نالو به نه هو. مان جنهن کاتي ۾ نوڪري ڪندو آهيان، تنهن ۾ جيڪو وڌيڪ چست ۽ برجستو هوندو آهي، تنهنکي فرشتو سڏيو ويندو آهي. مان توهانکي پنهنجي کاتي جو نالو نه ٻُڌائيندس. نالو ٻُڌائڻ ڏوهه آهي. توهان منهنجي کاتي جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا، ته نوڪريءَ ۾ چونڊجڻ کانپوءِ جڏهن پهريون دفعو کاتي جي سربراهه، يعني صاحب بهادر آڏو پيش ٿيو هوس، تڏهن منهنجي بدني بناوت ۽ وجود جي ڀڙڀانگ جاگرافيءَ کان بنهه بيپرواهه ٿيندي، هن مونکي چيو هو، ”هينئر مملڪت خداداد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي بقا، سالميت ۽ يڪجهتيءَ جو بار تنهنجن ڪلهن تي آهي. ايمانداريءَ سان اِهو بارکڻندين ته جلد ترقي ڪندين ۽ مون واري ڪرسي ماڻيندين. صاحب بهادر جي ڳالهه ٻڌي مون سوچيو هو مان جيڪو پنهنجي گهر جو بار سهندي کڻندي ڳچيءَ تائين فڪرن جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿي ويو آهيان، سو هيڏي ساري مملڪتِ خداداد اسلامي جمهوريه پاڪستان جو بار ڪيئن کڻي سگهندس، جنهن جي آدمشماري ٻارنهن ڪروڙ ۽ جنهن مان 99.09 سيڪڙو آدم مون وانگر جُوکيو آهي! تڏهن سوچيو هوم، ته مان اُن ملڪ جي سلامتي، يڪجهتي ۽ بقا جو ڀَرجهلو ڪيئن ٿي سگهندس، جنهن جي چئن صوبن جي تهذيب تمدن، تاريخ ۽ ثقافت کي ملياميٽ ڪري، ابوجهل قسم جي سياستدانن ون يونٽ ٺاهڻ جو تاريخي ڏوهه ڪيو آهي! پر پوءِ پاڻکي سمجهايو هوم، ته مونکي جيئن ته پنهنجي ڪٽنب جو بار کڻڻ لاءِ نه پرمٽ آهي ۽ نه پروانو، تنهنڪري مونکي مملڪت خدا داد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي بقا جو بار کڻڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالڻو پوندو. تنهنڪري، گذريل چوويهه سالن کان ملڪ جي يڪجهتي ۽ سالميت جو بار مون پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي، جنهن جي عيوض مونکي هڪ سوپنجهتر رپيا ۽ پنجهتر پيسا پگهار ۾ ملندا آهن.
    فرشتو چوڌري ڪرم الاهي به مون وانگر ملڪ جي بقا جو ڀرجهلو آهي. هو بيحد برجستو آهي، يعني فرشتو آهي. هو مونکان وڌيڪ پگهار کڻندو آهي ۽ کاتي جي صاحبن کي وڻندو آهي. چوڌري ڪرم الاهي، عرف فرشتو ان بار هيٺان بيحد خوش آهي. اهو بار کڻڻ لاءِ هن وڏي قرباني ڏني آهي. هن پاڪستان کي ٽُڪر ٽُڪر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي وطن جلال پور جٽان کي خيرآباد ڪري سنڌ جا وڻ اچي وسايا آهن ۽ هتي ڪيترن ئي يارن جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. هڪ دفعي ذري گهٽ منهنجا وڻ وڄائي ڇڏيا هئائين. پڇيو هومانس، ”يار فرشتا، اهو ڪهڙو راز آهي، جو پاڪستان جي سالميت کي سنڌ مان خطرو آهي ۽ تو جلال پور جٽان مان هجرت ڪري، پاڪستان جي بقا لاءِ سنڌ ۾ اچي واسو ڪيو آهي؟“ فرشتي ڏاڍي رازداريءَ مان ٻڌايو هو، ”هُتي، سنڌ ۾ زيرِ زمين تحريڪون هلي رهيون آهن.“ مونکي ڏندين آڱريون اچي ويون هيون. پڇيو هومانس، ”سنڌ جي تپاس جو ٿرماميٽر سنڌ کان باهر آهي ڇا؟ تون زيرِ زمين تحريڪن جي ڳالهه ٿو ڪرين. هتي زيرِ زمين تحريڪ جو به نالو نشان ڪونهي.“ فرشتي تمام خوفناڪ، راڪاس جهڙو ٽهڪ ڏيندي چيو هو، ”تون به ڪنهن زيرِ زمين تحريڪ جو ڪارڪن آهين.“ فرشتي جي ڳالهه ٻڌي منهنجا وائيسر ڍرا ٿي ويا ۽ مون پاڻکي پنهنجي ڪٽنب سميت صليب تي چڙهندي محسوس ڪيو هو.
    ڊپٽي صاحب فرشتي کي سڏائي ورتو هو ۽ مان فرشتي جو انتظار ڪري رهيو هوس. فرشتو ڊپٽي صاحب جو خاص چمچو آهي ۽گرائين به آهي. ڊپٽي صاحب گهڻو ڪري کيس گُهرائي وٺندو آهي ۽ کانئس سنڌ جي خراب ٿيندڙ سياسي حالت جو احوال وٺندو آهي.
    ٿوري دير کانپوءِ فرشتو موٽي آيو. منهن لٿل هوس. مون ڏانهن نه ڏٺائين. بازار ڏانهن کلندڙ دريءَ وٽ وڃي بيٺو.
    ان وقت شام جو وقت هو. سمورو عملو ڊيوٽيءَ تي وڃي چڪو هو. ان ڏينهن شهر ۾ ٻه- ٽي جلوس نڪتا هئا. ٻن- چئن هنڌن تي اسٽرائيڪون ٿيون هون، پٿربازي ٿي هئي ۽ باهين لڳڻ جا واقعا ٿيا هئا. ڪجهه شاگرد بک هڙتال تي ويٺا هئا. شام جو پڪي قلعي، ڪچي قلعي ۽ لطيف آباد ۾ جلسا ٿيڻا هئا. اهو دور ون يونٽ خلاف ٻرندڙ جبل وانگر پڄڙندڙ ۽ کامندڙ دور هو. اسانکي گهڙيال جي ڪانٽن وانگر چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو. پر تنهن هوندي به مٿان فون تي فون پئي ايندي هئي ته سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي! ايڏو گوڙ، ايڏو گهمسان ڇا جو آهي، جو سموري اولهندي پاڪستان ۾ ٻئي ڪنهن صوبي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي!
    فرشتو دريءَ وٽان هٽي، منهنجي ميز وٽ اچي بيٺو. ان وقت مان کانئس موڪلائي گهر وڃڻ لاءِ سوچي رهيو هوس. فرشتي ٻئي هٿ ميز تي رکي مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊبو، توتي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي.“
    پڇيومانس، ”ڪنهن هٿراڌو زيرِ زمين تحريڪ ۾ منهنجو نالو شامل ته نه ڪيو اٿئي؟“
    چيائين، ”وڃ، ڊپٽي صاحب ٿو سڏيئي.“
    مان ڏڪندو ۽ ڪنبدو، ڏاڍي احترام ۽ ادب سان ڊپٽي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. ڊپٽي صاحب پنجاهه- پنجونجاهه ورهين جي لڳ ڀڳ آهي، پر اکروٽ جهڙو سخت ۽ ڏاڙهونءَ جهڙو ڳاڙهو آهي. بدن جو ڀريل، قداور ۽ طاقتور آهي. مونکي ڏسنديئي بُل ڏنائين، ”اوئي ڦٽي مونهه! مفت جو پگهار ٿو کائين؟“
    ائين ٻاڏايم، جيئن آسمان ڏانهن هٿ کڻي اڻڏٺي الله جي درگاه ۾ ٻاڏائبو آهي. چيم، سائين، حلال جو پگهار ٿو کاوان. هڪ سوپنجهتر رپين ۽ پنجهتر پيسن جي عيوض مان چوويهه ڪلاڪ لاڳيتي ڊيوٽي ڏيندو آهيان. شاگردن ۽ مظاهرو ڪندڙ مزدورن جا پادر ۽ پٿر کائيندو آهيان. ماڻهن جي ملامت سهندو آهيان. هي ڏسو،“
    مون ڊپٽيءَ صاحب کي بدن جا مختلف عضوا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جن تي مظاهرن جي مُهر لڳل هئي. کيس پنهنجي ڏائي اک ڏيکاريندي چيم، ”ڏسو، هڪ ڪاليجي ڇوري اهڙو ته چتائي ٽماٽو وهائي ڪڍيو، جو ذري گهٽ راجا رنجيت سنگهه ٿيندي بچي ويو آهيان ۽ سائين هي ڏسو.“
    ٽوپي لاهي ڊپٽي صاحب کي پنهنجي ٽڪڻ ڏيکاريندي چيم، ”هي ڊُولو ڏسو. روهڙيءَ وارا چوندا آهن- حج قبول، مٿي ۾ ڊول. پٿر گول ۽ لسو نه هجي ها، ته جيڪر ٽڪڻ جو پنچر ڪري ڇڏي ها ۽ هيءُ ڏسو.“
    قميص مٿي ڪري ڊپٽي صاحب کي پٺي ڏيکاريندي چيم، ”مان ڏسي نٿو سگهان. فقط عذاب محسوس ڪيان ٿو. هڪ مڇريل مزور پُٺيءَ تي هاڪي هڻي ڪڍي. هيءَ ٺونٺ ڏسو، سوڍا واٽر جي بوتل لڳي هئي ۽ هيءَ پني ڏسو، هڪ شاگرد باٺو هنيو هو ۽ هي ڏسو.“
    مون پتلون لاهڻ لاءِ ٻئي هٿ بٽڻن ۾ وڌا، چيم، ”هيءُ ڌڪ به ڏسو.“
    ”بس بس.“ ڊپٽي صاحب رڙ ڪئي. چيائين، ”قوم لاءِ جان قربان ڪبي آهي. تون معمولي ڌڪن ۽ رهڙن کان ٿو گهٻرائين، اوئي ڦٽي مونهه.“
    عرض ڪيم، ”اهي ڌڪ مونکي قوم هنيا آهن.“
    ”اوئي ڦٽي مونهه.“ ڊپٽي صاحب جو پارو چڙهي ويو.
    ڊپٽي صاحب جي وات تي ”اوئي ڦٽي مونهه،“ ائين چڙهيل آهي. هو اصل امرتسر جو ويٺل آهي. پوءِ، 1942ع ۾ جڏهن انگريزن حُرن تي هوائي جهازن مان بمباري ڪري سندن ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيا، تڏهن ڊپٽي صاحب، جيڪو ان وقت کاتي جي سڀ کان هيٺين خاڪي ۾ هو، انگريزن جي اشاري تي امرتسر مان هجرت ڪري سانگهڙ اچي وسايو.ان وقت کان، يعني 1946ع کان ڊپٽي صاحب سنڌ ۾ آهي. هو ان عرصي ۾ سنڌي ڳالهائڻ ٻولهائڻ به سکي ويو آهي. ڪل اٽڪندي اٿس فقط هڪ جملي تي- ”اوئي ڦٽي مونهه،“
    ڊپٽي صاحب ميز تي بيد جو لڪڻ وهائيندي پڇيو. ”اوئي ڦٽي مونهه، اسٽيشن روڊ تي ليڊي ڊفرن استپال جي ڀت ڏٺي اٿئي؟“
    ”ها سائين، ڏٺي اٿم.“
    ”ڪيئن آهي؟“
    ”تمام مضبوط آهي.“
    ”اوئي ڦٽي مونهه.“
    هڪدم چيم، ”ها، ڀت تمام اُڀي آهي. ڪا به عورت ويم ڪري بنا پيسن ڏيڻ جي اُها ڀت ٽپي ڀڄي نه سگهندي.“
    جواب ٻڌي ڊپٽي صاحب آپي مان نڪري ويو. تمام کُهري لهجي ۾ چيائين، ”ڦٽي مونهه! اها ڀت ڏسي توکي پنهنجو فرض ياد نه ايندو آهي؟“
    مان هڪدم سوچ ۾ ٻڏي ويس. سوچيم: ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مونکي ڪهڙو فرض ياد اچڻ گهرجي! ائين برابر هو، ته انهن ڏينهن ۾ منهنجي گهر واري خير سان ڏهون دفعو اُميد سان هئي ۽ مان سخت نا اُميد هوس. پر منهنجي گهر واريءَ جي اُميد ۽ مان سخت نا اُميد جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان نه سڌو ۽ نه وري ڪو اڻسڌو واسطو هو. مون خواب ۾ به نه سوچيو آهي، ته مان پنهنجي گهر واريءَ کي ملڪ جي آدمشماريءَ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ليڊي ڊفرن اسپتال ۾ داخل ڪرائي سگهندس. مون ڦليلي پار پريٽ آباد جي هڪ دائيءَ سان ٻڌي ليکي سودو ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ هر سال محرم جي مهيني ۾ بنا سڏائڻ جي هلي ايندي آهي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي هڪ عدد ٻار ڄڻائي موٽي ويندي آهي. تنهنڪري منهنجو، يا منهنجي زال جو ليڊي ڊفرن اسپتال سان ڪو به واسطو نه هو، نه آهي ۽ نه رهندو.
    جڏهن خاموش رهندي ۽ سوچيندي ڪافي دير ٿي ويئي، تڏهن ڊپٽي صاحب رڙ ڪندي چيو، ”اوئي ڦٽي مونهه! ليڊي ڊفرن اسپتال جي اُُٺ جيڏي ڀت ڏسي، توکي ڪو خيال نه ايندو آهي!“
    تڏهن اوچتو هِڪَ خيالَ ذهن کي روشن ڪيو. هڪدم وراڻيم، ”سر، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏسي مونکي هڪ خيال ايندو آهي.“
    ”ڪهڙو خيال؟“ ڊپٽيءَ پڇيو.
    ”جنهن رفتار سان اسين جيل ڀري رهيا آهيون، تنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته انشا الله تمام جلد سينٽرل جيل ۽ نارا جيل ۾ هائوس فل ٿي ويندو.“ پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيم، ”هنگامي حالتن ۾ ليڊي ڊفرن اسپتال کي جيل بدران استعمال ڪري سگهجي ٿو. مجال آهي جو ڪو شاگرد، مزور يا سياسي قيدي اها اُڀي ڀت ٽپي ڀڄي سگهي!“
    ڊپٽي صاحب جي منهن ۾ گُنڊ پئجي ويو. شوڪي ڏٺائين. پوءِ چيائين، ”تون لاپرواهه آهين. مان تنهنجي بدلي لورالائي ڪرائي ڇڏيندس،“
    ”اهڙو ظلم نه ڪجو سائين.“ عرض ڪيم، ”پرديس ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو رڪارڊ خراب ڪيم ته پادر کائيندس. خدا جي واسطي منهنجي بدلي لورالائي نه ڪجو.“
    ڊپٽي صاحب جي ڪاوڙ ڍري ٿي. پڇيائين، ”ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت ڏٺي اٿئي.“
    ”ها سائين.“
    ”ان ڀت تي طرحين طرحين جون لکڻيون نظر اينديون آهن. آهن نه.؟“
    ”ها سائين.“
    ”هاڻي هڪدم ٻڌاءِ ته ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي ڇاڇا لکيل هوندو آهي.“
    مون حافظي تي زور ڏنو. منهنجو حافظو اسانجي هوش وانگر ڪمزور آهي. گهڻي سوچ ويچار ۽ ذهني ولوڙ کانپوءِ ڀت تي لکيل ڪجهه جملا ۽ نعرا ياد آيا.
    چيم، ”سائين، ڪجهه جملا ياد آيا آهن.“
    ”ٻڌاءِ.“
    مون کيس جملا ۽ نعرا ٻڌائڻ شروع ڪيا، اهڙي نموني، جهڙي نموني منهنجي ذهن ۾ ايندا ويا. چيم، ”سائين، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ٻاهرين ڀت تي لکيل هوندو آهي: اسلامي سوشلزم مڙده باد- مزدور ڪا مطالبه اسلامي نظام- وڃايل طاقت ۽ جواني ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ اچو، هوندو لولو هيلٿ سينٽر ۾- ڪميونسٽون ڪا قبرستان، پاڪستان پاڪستان- شاليمار ۾ ڏسو يڪي والي فلم ۾ مسرت نظير جا هوشر باناچ- پاڪستان ۾ قرآني قانون نافذ ڪيو- ڏهن ڏينهن ۾ ٽائيپ ڪرڻ سکو- زناني ۽ مرداڻي پوشيده بيمارين لاءِ ياد رکو حڪيم جالينوس رامپوري- راجا ڏاهر مڙده باد- جاگو جاگو مهاجر جاگو- محمد بن قاسم زنده باد- سابق صوبه سنڌ ڪا نام باب اسلام رکا جائي- باٽا جا بوٽ مضبوط ۽ پائدار آهن- ڊالر انڪ،“
    ”بس.“
    ”بس سائين.“
    ”اوئي ڦٽي منهه!“ ڊپٽيءَ چيو، ”انهن نالن جي وچ ۾ لکيل هوندو آهي- ون يونٽ مڙده باد- ون يونٽ ختم ڪريو.“
    ”ون يونٽ کي ختم ڪريو!“
    ”ها، ون يونٽ کي ختم ڪريو.“ ڊپٽي چيو، ”پاڪستان جي سالميت ون يونٽ ۾ آهي، جيڪو شخص ون يونٽ جي خلاف آهي، سو پاڪستان جي خلاف آهي، پاڪستان جو دشمن آهي. هي ملڪ اسلام جي نالي ۾ ورتو ويو آهي، تنهنڪري اسين سڀئي اسلامي اخوت ۾ ٻڌل آهيون. اسين هڪ مذهب جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهيون. صوبن جو بحال ٿيڻ ڪفر آهي.“
    ________________________________________
    * 1970ع جا انگ اکر، مغربي ۽ مشرقي پاڪستان لاءِ.
    پوءِ، هڪ پَهَرُ اهڙو به آيو، جيڪو سوچ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيو. ڊپٽيءَ جي کُهري آواز منهنجن خيالن ۾ خال وڌو. چيائين، ”ويچارا منسپالٽيءَ وارا ”ون يونٽ مرده باد“ جي نعري تي روز پوچي ڦيرائيندا آهن پر ڪو خطرناڪ سنڌ پرست انقلابي راتو واهه ٻيهر ون يونٽ خلاف نعرو لکي ٿو وڃي.“
    چيم، ”اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي.“
    ساڳي لهجي ۾ چيائين، ”توکي اُهو خطرناڪ، تخريبڪار ۽ پاڪستان جو غدار ڳولڻو پوندو. جيستائين ان باغيءَ کي هٿ نه ڪندين، تيستائين سمجهه ته نوڪري خطري ۾ اٿئي. صبح تائين جيڪڏهن ان بدمعاش کي گرفتار نه ڪري سگهين، ته پوءِ ياد رک، تنهنجي بدلي لورالائي ڪرائي ڇڏيندس.“
    مون حسرت ڀريل نگاهن سان ڊپٽي صاحب ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ کيس سلام هڻي ( منهنجي کاتي ۾ سلام ڪبو ناهي ، هڻبو آهي) موٽڻ لاءِ ڦريس. درتائين مس پهتو هوندس جو صاحب چيو، ” اوائي ڦٽي منهه ، صبح تائين اهو خوفناڪ ملزم منهنجي سامهون هئڻ گهرجي. سمجيئه.“
    مان پنهنجي ڪمري ۾موٽي آيس . پگهر اُگهي فرشتي ڏانهن ڏٺم. هو مون ڏانهن ڏسي رهيو هو . مون فرشتي کان پڇيو ، ” يارفرشتا، ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت تي هزارين نعرا لکيل آهن . ڊپٽي صاحب ” ون يونٽ مرده باد“ تي ڇو اچي مڇريو آهي.“
    ”ڇو جو اهو نعرو ملڪ ۽ ملت جي خلاف آهي. “
    ” ۽ برباد جواني حاصل ڪرڻ ، ۽ مسرت نظير جا هو شربا ناچ !“
    ”اهي ٽانڪ آهن.“ فرشتي چيو. ” جيڪڏهن صبح تائين ان دشمن کي پڪڙي نه سگهئين ، ته پوءِ يار، اسانکي پڪ ٿي ويندي ته تون افقلابي ۽ سنڌ پرست گروهه سان سٽل ۾ آهين. “ مان فرشتي سان هٿ ملائي ، خيال ڊوڙائيندو، سنڌ پرست کي گرفتار ڪرڻ جون ٽدبيرون سوچيندو. گهر آيس.مان جنهن وقت گهر پهتس ، تنهن وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا. منهنجي گهر واري چلهه وٽ ويٺي هئي ، ٻارن لاءِ ڊنر تيار ڪري رهي هئي ، يعني دال چانورن جي کچڻي رڌي رهي هئي ۽ شُڪر ڪري رهي هئي.
    مٿي تي رئو رکندي پڇيائين ، ” اڄ ڪلهه ڏاڍي دير سان گهر ٿا اچو؟“
    ” ڇا ڪريان، ڪم وڌي ويو آهي.“ آهستي وراڻيم. خوش ٿيندي پڇيائين، ” فقط ڪم وڌي ويو اَٿوَ، يا پگهار ڊوڌي اٿَوَ. ٻڏايو مانس ته، نه فقط ڪم وڌي ويو آهي پر پراٽي، چانور ۽ دال جي قيمت به وڌي ويئي آهي. پگهار نه وڌي آهي.
    مون ڏانهن نهاريندي پڇيائين . ” ڏاڍا فڪر مند پيا ڏسجو . خير ته آهي نه ؟ “
    وراڻيم، ” ملڪ جي سالميت خطري ۾ آهي .“
    ” ملڪ ته ٻاويهه سالن کان خطري ۾ آهي.“ باهه کي ڦوڪ هڻندي چيائين ، ” محمد علي جناح جي ڏينهن به توکي ملڪ خطري ۾ نظر ايندو هو. خوا جه ناظم الدين جي ڏينهن به تون چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي . غلام محمد لنگڙي ۽ سڪندر مرزا جي ڏينهن ۾ به چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ به چوندو هئين ته ملڪ خطري ۾ آهي. هينئر جنرل آغا يحيٰ خان جي ڏينهن ۾ به چوين ٿو ته ملڪ خطري ۾ آهي . اهو ماريو خطرو آخر ڪڏهن ٽرندو؟“
    ” اهو خطرو نوڪري ءَ مان رٽائر ٿيڻ کانپو ءَ ٽرندو .“ کيس اجائي بحٽ کان ٽارڻ لاءِ ڇيو . ” کچڻي ءَ ذرو ڏي ته کائي رات پالي ءَ تي وڃان. “
    گهر واري پاٽڙيءَ ۾ مونکي ۽ ٻارن کي کچڻي وجهي ڏني. مان کچڻي ءَ جا ڪوسا ڪوسا گرهه کائيندو ويس ۽ ٻارن جي آدمشماري به ڪندو رهيس ، منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن غائب هو . گهرواري ءَ کان پڇيم، ” اهو رولو ڇورو حاجن اڃا نه موٽيو آهي ڇا؟“
    ” شام ڌاري آيو هو. “
    ” پو ڪيڏانهن ويو.“
    ” پاڙي وارن ٻارن سان ونجهه وٽي راند ڪرڻ ويوآهي.“
    ”منسپالٽي ءَ وارا گهٽي ءَ ۾ وري بلب هڻي ويا آهن ڇا ؟ “
    ” ها. “
    ” پو ويندي ويندي پٿر هڻي ڀڃي ٿو وڃانس .“ چيو، ” نه هوندو بلب ۽ نه ئي ڇوارا رات جو سڙڪن تي ونجهه وٽي ڪندا.“ گهر واري پڇيو، ” وري ڪڏهن موٽندﺂ؟ “
    ” شايد صبح تائين نه موٽان .“ وراڻيم، ” اڄ رات مون کي خطر ناڪ سنڌ پر ست گرفتارڪرڻو آهي.“
    خوف وچان چيائين .” متان پاڻ مارائي اچين .“
    ” پرواهه نه ڪر. “ وراڻيم ” منهنجي کاتي منهنجو اٺ سو رُپين جو انشوئرنس يعني ويمو ڪرايو آهي. مري .ويس ته ان قاروني رقم مان سڄي عمر ٻارن سميت عيش ڪجان .“
    ان کان اڳ جو منهنجي فرما نبردار ۽ چئيواري زال منهنجي موت جي تصور کان هنجون هاري ، مان گهر کان ٻاهر نڪري آيس . گهٽيءَ ۾ اچي مون پٿر کڻي منسپالٽيءَ جو بلب ڀڃي ڇڏيو ۽ گهٽيءَ ۾ گگهه اونده ٿي ويئي .
    مان سنڌ پرست جي ڳولا ۾ نڪري پيس .
    مون سڀ کان اڳ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت جو جائرو ورتو. برابر . برباد جواني ۽ سوشلزم مرده باد جي وچ ۾ لکيل هو، ” ون يونٽ ختم ڪريو.“
    مون اسٽيشن روڊ تي نظر ڊوڙائي. سامهون وارين سوڙهين گهٽين ڏانهن شڪي نگاهن سان ڏٺو . انهن گهٽين مان هڪ گهٽيءَ ۾ ٻه سنڌي افسانه نگار رهندا آهن ، جن مان هڪ رسالو به ڪڍندو آهي. ٻئي گهٽيءَ ۾ به هڪ افسانه نگار رهندو آهي. منهنجو خيال انهن ٽنهي ڏانهن ڇڪجي ويو . انهن ٻن گهٽين ۾ ڪجهه سنڌي شاگرد به رهندا آهن . انهن تي به شڪ پيو . خيالن جا لغڙ پئي اُڏايم، جو پريان هڪ شخص کي ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت وٽ بيهندي ڏٺو کيس ڪوٽ پتلون پاتل هو ۽ وار جائيتا هئس . ڀانيم. اهوئي بدمعاشي آهي جيڪو اُٿڻ شرط هٿ لڳو آهي. ڀرسان وڃي . پٺيان بيهي کانئس پڇيو، ”ڇا پيو ڪرين. “
    وراڻيائين، ” انڌو آهين ڇا! ڏسين نه ٿو، پبشاب پيو ڪريان.“ مان ڪياڙي کنهندي پري هليو ويس . ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت فرلانگ کن ڊگهي آهي اڻپوري روشني ءَ ۾ سڄي ڀت تي نظر رکڻ مشڪل محسوس ڪيم، تنهنڪري ڀت آڏو هلڻ شروع ڪيم،
    اسپتال جي اوائلي در کي بند ڪيو ويو آهي . ان در آڏو بڙ جو وڻ آهي جنهنجي اوٽ ۾ اوائلي در جي ڏاڪڻ جا پنج ڏاڪا آهن . انهن ڏاڪن تي ٻه شخص ويٺا هئا ، سگريٽ ڇڪي رهيا هئا . کين غليظ ڪپڙا پاتل هئاشڪل شبيهه مان موالي پئي لڳا . هو مونکي ڏسي سس پس ڪرڻ لڳا ٻه چار چڪر هڻڻ کانپوءِ سوچيو ته ٿي سگهي ٿو سنڌ پرست غدار ٻهروپيو ٿي پنهنجو ڪم ڪندو هجي ، تنهنڪري چڪر هڻندي ، ڏاڪن جي ويجهو ٿي لنگهيس . هو چرس ڇڪي رهيا هئا هڪ ڄڻي کنگهڪار ڪندي چيو ” باشائو، گولي شولي گهرجيئي ؟“
    مان اُتان گولي ٿي ويس . روڊ جي ٻئي پاسي هلڻ شروع ڪيم. اک اسپتال جي ڀت تي رکيم هردم اهو اونو لڳل هوم ته ڪٿي اهو غدار اک بچائي نعرو لکي الوپ نه ٿي وڃي هلندي هلندي، ايندي ويندي ، اک ڀت تي رکيم . ٻه چار دفعا فٽ پاٿ تي ٿاٻا به کاڌم، پرڀت تان اک نه ڪڍيم. فردوس هوٽل ٻاهران ڪجهه نو جوانن جو ٽولو بيٺو هو هو پاڻ ۾ اڙدو ڳالهائي رهيا هئا . تنهنڪري مٿن شڪ نه ڪيو . سوچيو ، هنن جو ون يونٽ سان ڪهڙو ويو!
    جڏهن سندن پاسي مان لنگهيم، تڏهن هڪڙي ڄڻي مونکان پڇيو ، ” ڪنهن لذرس جي چڪر ۾ آهين ڇا.“
    ڏاڍو ککو وکو ٿيم. جواب ڏيڻ بدران تڪڙو تڪڙو اُتان هليو ويس .صالح بلاول گهٽيءَ وٽ بجلي ءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس. ۽ ليڊي ڊفرن اسپتال جي ڀت ڏانهن ڏسندو رهيس گاڏي کاتي کان ٽي ڇوڪراٽ اسپتال ڏانهن اچي رهيا هئا پريان ٽي تاڙي ورتم ته هو ڪنهن زبردست بحث ۾ مبتلا هئا ۽ هڪ ٻئي کي مات ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا مان هڪدم روڊ ٽپي اسپتال جي ڀت وٽ وڃي بيٺس . هو ڳالهائيندا منهنجي پاسي کان اچي لنگهيا. ڪا انگريزي فلم ڏسي موٽيا هئا، جنهن جا مڪالما کين سمجهه ۾ نه آيا هئا. مڪالمن جي معنيٰ ۽ مفهوم تي بحث ڪري رهيا هئا مان مايوس ٿي موٽي اچي بجليءَ جي پول وٽ بيٺس . بيٺي اڌ ڪلاڪ کن مس گڏريو هوندو، جو هڪ سائيڪل اسپتال جي ڀت وٽ اچي بيٺي . سائيڪل تي ڊبل سواري هئي هڪ ڄڻي جي هٿ ۾ دٻو هو ۽ ٻئي جي هٿ ۾ برش . هنن سائيڪل فٽ پاٿ تي بيهاري ڇڏي ۽ ڀت تي ڪا خالي جا‎ءِ ڳولڻ لڳا . مان ڪوڙي اک سان کين ڏسندو رهيس ۽ ٻنهي کي هڪ ئي مهل گرفتار ڪرڻ جي ترڪيب سوچڻ لڳس. هنن کي هڪ هنڌ ڀت تي خالي جاءِ نظر آئي. هڪ ڄڻي بنا هٻڪ جي دٻي ۾ برش ٻوڙي ڀت تي لکڻ شروع ڪيو.
    مان ذري گهٽ ڊوڙندو مٿن وڃي ڪڙڪيس. ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ اکر نه پئي اُڪليو . سندن سائيڪل ۾ هٿ وجھي بيهي رهيس. جنهنجي هٿ ۾ دٻو هو، تنهن پڇيو ، ” اڙي، سائيڪل چور ته ناهين؟“
    ”نه ، نه. “ مون کين وراڻيو، ”توهين اطمينان سان جيڪي وڻيوَ لکو؟“
    هڪ ڄڻي ڏاڍي چستي ءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڀت تي لکيو ، ” قسمت جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ملو – پروفيسر آر آر ڪي ڪي پرديسيءَ سان.مايوسي مَنَ کي وڪوڙي وئي. موٽي وڃِي بجليءَ جي پول وٽ بيٺس.ڪجهه دير لاءِ ائين محسوس ڪيم، ته رات جا اٺ پهر اُڏامي ويندا ، پر خطر ناڪ سنڌ پرست باغي هٿ نه ايندو ۽ صبح جو ڊپٽي صاحب منهنجي بدلي لورالائيءَ ڏانهن ڪرائي ڇڏيندو. مان دل ۾ ون يونٽ ، سنڌ پرست باغيءَ ۽ ڊپٽي کي پاراتا ڏيندو رهيس . ڪجهه دير کانپوءِ ٽريفڪ جي آمدرفت گهٽ ٿي ويئي . ماڻهن جو لنگهڻ به گهٽ ٿي ويو . پول وٽان منهنجي نگاهه سموري ڀت تي پئجي رهي هئي. اوچتو هڪ شخص کي ڀت ڏانهن وڌندي ڏٺم. هو ڀت جي پرئين پاسي هو، ۽ چڱي ءَ طرح نظر نه پئي آيو. مان هڪ دم پاڇي جي سنوت ۾ هليو ويس. بڙ وٽ بيهي ڏانهس ڏٺم. هڪ ڦاٽل پُراڻن ڪپڙن وارو ملنگ ڀت وٽ گودڙي وڇائي ليٽي پيو. سوچيم. هيءَ ئي اُهو سنڌ پرست باغي آهي. روپ بدلائي آيو آهي، ۽ اڌ رات جو ڀت تي ون يونٽ خلاف نعرو لکي ڀڄي ويندو . مان سندس ڀرسان وڃي بيٺس. هن مونڏانهن اک کڻي به نه نهاريو . هو ٻئي ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو.پڇيومانس، ”ڪير آهين، ۽ هت ڇو سمهيو پيو آهين.“ ورائي پڇيائين، ”تون ڪير آهين، ۽ اهڙو واهيات سوال ڇو ٿو پڇين؟“
    مان منجهي پيس. ڪجهه نه اُڪليو ته چيومانس، ” مان به ڀت وٽ سمهڻ چاهيان ٿو.“
    ” مون وانگر بي گهر آهين؟“
    ” ها.“
    ”لت کوڙي سمهي پَئهَ .“ چيائين . ” اڌ رات جو جڏهن چوڪيدار ايندو، تڏهن کيس پائلي ڏيئي ڇڏجانءِ .“
    مان سندس ڀرسان ويهي رهيس. کيس کوٽڻ لاءِ چيم، ” ون يونٽ به وڏي لعنت آهي. اسانکي بي گهر ڪيو اٿائين.“ پڇيائين، ” ون يونٽ ڇاهي؟“وراڻيم، ” سالميت جي نالي ۾ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙڻ واري حرڪت.“
    لاپرواهيءَ وچان پڇيائين . ” ۽ اهو پاڪستان وري ڇاهي؟“ مون حيرت مان ڏانهس ڏٺو. چيم، ” نشي ۾ ته نه آهين جو پاڪستان جي به ڪا خبر نه اٿئي .“
    پڇيائين ” پاڪستان ڪنهن ملڪ جو نالو آهي ڇا ؟ “
    ” ها.“ هڪدم وراڻيم ، ” پاڪستان دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ آهي. جيئن هندستان ملڪ آهي، تيئن پاڪستان به هڪ ملڪ آهي.“ آرام سان پڇيائين ، ” ۽ اهو هندستان وري ڪٿي آهي؟ “
    ” ايشيا ۾ .“
    ” ۽ ايشيا ڪٿي آهي؟“
    مان مٿي کي هٿ ڏيئي اُتان اُٿي ويس.
    اميد جي تند ٽٽڻ لڳي. لورالائي ڏانهن بدلي ٿيڻ جي پڪ ٿيندي ويئي. سوچيم گهر موٽي وڃان. زال ۽ ٻارن کي لورالائي ءَ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جواطلاح ڏيان . اُتي بيهڻ بيڪار ڀانيم. موٽڻ لاءِ مُڙيس. وڃڻ کان اڳ هڪ دفعو ڀت ڏانهن ڏسڻ جو خيال جا ڳي اُٿيو. منهن ورائي ڀت ڏانهن ڏٺو.
    منهنجي حيرت جي حد نه رهي. هڪ ڊينڊو شخص ڀت تي ڪجهه لکي رهيو هو. مان پير پير ۾ کڻندو، آهستي آهستي هلندو، سندس پٺيان وڃي بيٺس. هنجي مونڏانهن پٺي هئي . قدبت مان هو ڇوڪراٽ پئي لڳو . هو ڀت تي لکي رهيو هو – ون يونٽ مرده باد . مون وڌي سندس ڪنڌ تي مُڪ وهائي ڪڍي . هو ڦيري کائي فٽ پاٿ تي ڪري پيو. ٽيوب لائيٽ جي روشني ءَ ۾ ڏانهس ڏٺم . هو منهنجو ٽيون نمبر پٽ حاجن هو.

    ________________________________________
    * هيءَ ڪهاڻي 1970ع جي آهي.


    آدم جي ماءُ

    جنهن ڏينهن مون آدم جي ماءُکي ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو ، تنهن ڏينهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته آدم نه بچندو. آدم مري ويندو. آدم خان اسان جي آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪ هو. سڄو سڄو ڏينهن ٽائيپ ڪندوهو ، کنگهندو هو، ۽ رت ٿو ڪاريندو هو. شروعات ۾ هو تمام تيزيءَ سان ٽائيپ ڪري سگهندو هو. تڏهن ، آدم نه کنگهندو هو، ۽ نه ئي رت ٿو ڪاريندو هو . جنهن ڏينهن کان هن سيني تي هٿ رکي کنگهڻ شروع ڪيو، تنهن ڏينهن کان سندس ٽائيپ ڪرڻ جي رفتار ڍري ٿيڻ لڳي. هو هڪ منٽ ۾ سٺ بدران چاليهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو.۽ رت ٿوڪارڻ لڳو . تڏهن آفيس سپريڊنٽ پاران کيس پهرين وارننگ ڏني ويئي.
    آدم سترهن ارڙهن سالن جو هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ هو اسان واري آفيس ۾ اچي جونيئر ڪلارڪ ٿيو هو. جنهن ڪمري ۾ بشير ڪافر، وهاب ٽارزن ۽ مان ويهندا هئا سين ان ڪمري جي ٻاهران ، کليل وارنڊي ۾آدم کي ويهاريو ويو هو ، اسين ٽيئي پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان آدم ڏانهن ڏسندا هئاسين ۽ ٽائيپ رائيٽر تي سندس اگرين جي رفتار ڏسي حيران ٿيندا هئاسين هڪ دفعي بشير ڪافر چيو هو ، ” آدم جيڪڏهن ماڻهوءَ بدران کهوڙو هجي ها، ته جيڪو ڊربي ءَ جي ريس کٽي اچي ها.“
    پر، آدم ڪابه ريس کٽي نه سگهيو . هن کي ڪو مرض وڪوڙي ويو هو. سندس صحت ڪرڻ لڳي ۽ ٽائيپ جي رفتار گهٽ ٿيڻ لڳي ۽ جنهن ڏينهن کس آفيس سپريڊنٽ پاران وارننگ ملي، تنهن ڏينهن هو ڪنبي ويو سندس ساهه وڃي پيرن ۾ پيو.
    آدم جي نوڪري نه فقط ڪچي هئي، بلڪ هڪ سال اندر ڪنهن به وقت ختم ڪرڻ جو ڳي هئي . اهي سموريون ڳالهيون کيس اپائنٽمنٽ آرڊر ۾ تحريري طور ٻڌايون ويون هيون آدم کي نوڪري ڪندي فقط اٺ مهينا ٿيا هئا، جو کيس پهرين وارنگ ملي هئي. وارننگ وٺڻ کان پوءِ هو ٽائيپ رائيٽر تي جهڪي ويو. هو ڏاڍي جاکوڙ کان پو هڪ منٽ ۾ ويهين بدران پنجويهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو ان کان مٿي هو ٽائيپ ڪرڻ جي رفتار وڌائي نه سگهيو .
    هڪ منٽ ۾ پنجويهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ وارو مدو آدم لاءِ مختصر ثابت ٿيو هو جلد ئي هڪ منٽ ۾ اول پنڌرهن ۽ پو ڏهه لفظ ٽائيپ ڪرڻ لڳو نيٺ اُهو ڏينهن به آيو جڏهن آدم هڪ منٽ ۾ ڪوشش جي باوجود پنج لفظ ٽائيپ ڪري نه سگهيو ان ڏينهن هن ورانڊي جي ٺلهه سان لڳي رت جي الٽي ڪئي هئي الٽي ڪرڻ کان پو هو ساڻو ٿي پيو هو ٺلهه سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو هو ان ڏينهن شام جو آدم گهر ويو ته ٻئي ڏينهن آفيس موٽي نه آيو ٽئين ڏينهن آدم جي ماءُ موڪل جي درخواست کڻي آئي موڪل جي درخواست ڏسي آفيس سپريڊنٽ باهه ٿي ويو . هن موڪل جي درخواست تي ڳاڙهي مس سان لکي ڇڏيو ته آدم ڪم چور سست ۽ نالائق آهي- کيس موڪل وٺڻ جي عادت آهي – جيستائين ڪنهن ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪندو سندس موڪل جي درخواست منظور نه ڪئي ويندي.
    مهيني کان پو آدم جي ماءُ خيراتي اسپتال جو سرٽيفڪيٽ کڻي آئي ، جنهن ۾ ڄاڻايوويو هو ته آدم کي سلهه هئي .آدم جي سلهه جي خبر آفيس ۾ باهه وانگر پکڙ جي ويئي مون ٽائيپ رائيٽر ڏانهن ڏسندي چيو ، ” مشين آدم کي کائي ويئي.“
    ” مشين آدم کي نه کائيندي آهي. “ بشير ڪافر چيو . “ آدم ، آدم کي کائي ڇڏيندو آهي.“ وهاب ٽارزن ۽ مون بشير ڪافر ڏانهن ڏٺو . هو ڏينهن رات طرحين طرحين جا ڪتاب پڙهندو هو ، ۽ توائي ڳالهيون ڪندو هو . بشير ڪافر چيو ، ” پاڪستان ۾ پيغمبرن تي پابندي لڳائي ويئي آهي، ورنه گنجو آفيس سپريڊنٽ پاڻ کي پيغمبر چوائي ها.“
    وهاب ٽارزن کيس ڇڙٻ ڪڍندي چيو ” تون پنهنجي بڪواس بند ڪر. هن وقت مان بيحد اُداس آهيان .“
    ” اُداس ماڻهو ٿيندا آهن.“ بشير ڪافر چيو ” تون فقط ٽارزن آهين.“
    وهاب ٽارزن جهٽ ڏيئي ڪرسي کڻي ورتي. ” ثبوت جي ضرورت ناهي.“ بشير چيو، ” مون قبول ڪيو آهي، ته تون ٽارزن آهين.“
    وهاب ٽارزن ڪرسي رکي ويهي رهيو . بشير ڪافر ڏانهن خارن مان نهاريندي چيائين ، ” تون وڏو ڪڃرآهين .“
    مون کي ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي. “ بشير ڪافر چيو ” پر خدا جو شڪر آهي جو مان تو وانگر ٽارزن نه آهيان وهاب هڪدم ڪرسي کڻي ورتي بشير تي الر ڪندي چيائين ” تون ڪافر آهين خبرادر جو پنهنجي غليظ ۽ ناپاڪ زبان تي خدا جو نالو آندو اٿئي!“
    ”ڇو؟“ بشير پڇيو ، ” تون خدا جو باڊي گارڊ آهين ڇا!“ وچ ۾ نه پوان ته جيڪر جهيڙو ٿي پوي . وهاب ٽارزن کي چيو، ” بشير ڪافر، برابر ڪافر آهي، مرڻ شرط انشاالله تعاليٰ دوزخ ۾ ويندو.“
    وهاب ٽارزن ڪرسي رکي ڇڏي ، ويهي رهيو ، چيائين ءِ ” تنهنجي چوڻ تي ڇڏي ٿو ڏيان مردود کي ورنه جيڪر ٿڏي تي دوزخ روانو ڪريانس ها.“
    ” اهو ڪم الله سائين ءَ جو آهي، تون الله سائين ءَ جي ڪم ۾ دخل اندازي نه ڪر.“ پوءِ مون بشير ڪافر کان پڇيو ، ” آفيس سپريڊنٽ ڪونئون انڪشاف ڪيو آهي ڇا ؟“
    بشير چيو، ” سپريڊنٽ فيصلو ڏنو آهي ته نوڪري ءَ ۾ اچڻ مهل آدم صحت جو جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو هو، سوجڙتو هو.“بشير جي ڳالهه ٻڌي مون کي تعجب ٿيو. کانئس پڇيم، ” نوڪري “ ۾ اچڻ کان اڳ آدم کي سلهه هئي ڇا؟“ بشير چيو ، ” ماڻهو ٿو لڳيئي ياگينڊو!“
    وهاب آپي مان نڪري ويو بشير کي مارڻ لاءِ کڙو ٿيو. ” ترس ٽارزن .“ کيس ٻانهن۾ هٿ وجهندي چيم ، ” ڳالهه ٻڌڻ ڏي.“ بشير چيو ، ” هڪڙي ڏينهن آدم اڌ سير جليبين ۽ سيد کير جي شرط تي وهاب ٽارزن سان چنبو وڙهايو هو.“ مون اچرج وچان وهاب ڏانهن ڏٺو. وهاب آفيس اچڻ کان اڳ ٻه ڪلاڪ ، ۽ شام جو روزانو چار ڪلاڪ ڪسرت ڪندو هو. ڀولوءَ جي آکاڙي جو باقاعدي ميمبر هو.بشير جي ڳالهه ٻڌي هو ڦڪو ڦڪو پئي ٿيو. يقين نه آيو . وهاب کان پڇيم ، ” بشير ڪافر سچ پيو چوي؟“ وهاب ميز تان مَر لاهيندي چيو، ” آدم ۾ ببپناهه طاقت هئي.“
    وهاب ۽ بشير ڏانهن ڏسندي چيم، ” توهين ٻئي پلستر آهيو .مون کان ايڏي وڏي معار ڪي جي خبر لڪائي آٿَوَ !“
    بشير چيو، ” وهاب جو امبج بچائڻ خاطر اها خبر تو کان لڪائي هئي سين.“
    ساڳي ڏينهن وهاب ٽارزن، بشير ڪافر ۽ مان آدم جي گهر وياسين.ڀيم پوره جي هڪ غليظ ۽ اوندهي گهٽي ءَ ۾ آدم جو گهر هو جتي هو پنهنجي پوڙهي ماءُ سان رهندو هو. ان گهر ۾ هڪ ئي ڪمرو هو، جيڪو آدم جي ماءُ لاءِ بيڊروم، ڊرائينگ روم ، ڊائننگ روم ، باٿ روم اسٽور روم ۽ ڪچن جو ڪم ڏيندو هو .
    اسان کي ڏسي آدم جي خشڪ ۽ ڪومايل چپن تي اُداس مرڪ تري آئي . هو واڻ جي ڇڳل کٽ تي وڇايل هڪ بيحد گدلي هنڌتي ليٽيل هو. سندس هڏين تان ماس ڳري ويو هو . ۽ سندس رنگت هيڊ جهڙي ٿي ويئي هئي. اکيون اُجهاميل وار وکريل! کٽ جي ويجهوڪٽ کاڌل بالٽي ۾ رت ۽ بلغم پيو هو. وحشت وچان مون بالٽيءَ تان نظرون هٽائي ڇڏيون . نيم تاريڪ ماحول ۾ ڪمري جي ڀتين ڏانهن ڏٺو ڀتين جا چاپڙ لٿل هئا چاپڙن تي ڪوڙهه جوگمان ٿيو. ڇت ڏانهن ڏٺم ڇت اُماوس جو آسمان نظر آئي . ڪنڊن کان ڄارو لڙڪي رهيو هو ڪمري ۾ هڪ ئي روشندان هو جنهن جو شيشو دز ۽ دونهي سان لٽجي ويو هو.
    سمورو منظر ڪنهن المناڪ اسٽيج ڊرامي جو آخري منظر محسوس ٿيڻ لڳو سوچيم اوچتوئي اوچتو پڙدو کڄندو ۽ زمانو آدم جو انجام ڏسي سگهندو پر ائين نه ٿيو جتي مان بيٺو هوس، سا اسٽيج نه هئي اُتي نه پڙدا هئا ۽ نه پڙدن پٺيان تاڙيون وڄائيندڙ تماشائي هئا. اُتي مان هوس ، ۽ مون سان گڏ هئا وهاب ٽارزن ۽ بشير ڪافر.
    بشير مون کي ڪن ۾ چيو، ”آدم قدرت جي تجريدي آرٽ جو نادر نمونو ٿي پيو آهي.“
    مون سڙٻاٽن ۾ بشير ڪافر کي ڇِڀَ جيڏي گار وهائي ڪڍي.
    بشير ڀڻڪن ۾ چيو، ”ايڏي وڏي گار ٻڌڻ کان پوءِ چاليهن ڏينهن تائين مون تي دنيا جي ڪابه گار خاطر خواه اثر ڇڏي نه سگهندي.“
    وهاب ٽارزن آدم کان پڇيو، ”ڪيئن آهين، آدم.“
    آدم اُٿي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ويهي نه سگهيو. چپن تي ساڳي اُداس ۽ وياڪل مرڪ تري آيس. جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”خيراتي اسپتال جي ڊاڪٽر چيو آهي ته مان تمام جلد ٺيڪ ٿي ويندس- گهٻرائڻ جهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي.“
    ”ڊاڪٽر ٺيڪ چيو آهي، آدم.“ وهاب ٽارزن پنهنجن فولادي هٿن ۾ آدم جو ڪمزور ۽ نٻل هٿ جهليندي چيو، ”تون ضرور ٺيڪ ٿي ويندين- نوبنو، چاڪ چڱو ڀلو. مايوس نه ٿيءُ. الله تي ڀروسو رک.“
    آدم جي چپن تان مرڪ غائب ٿي ويئي. هن پنهنجيون آجهايل اکيون وهاب ٽارزن جي اکين ۾ اٽڪائي ڇڏيون وهاب جي عقاب جهڙين اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. هن منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
    بشير ڪافر سڙٻاٽن ۾ مون کي چيو، ”معاملو الله سائين جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي.“
    سڙٻاٽن ۾ بشير ڪافر کي ڦٽ لعنت ڪندي چيم، ”تون وڏو جهنمي آهين. تنهنجو حشر عبر تناڪ ٿيندو.“
    ”تون منهنجو فڪر نه ڪر.“ بشير مون کي ڪن ۾ چيو، ”في الحال آدم جو حشر عبرتناڪ آهي.“
    وهاب ٽارزن اسان جي گفتگو ٻڌي نه سگهيو. هن آدم کان پڇيو، ”آدم، سينيٽوريم ۾ داخل ٿيندين؟“
    بشير ۽ مون اول وهاب ڏانهن ۽ پوءِ آدم ڏانهن ڏٺو.
    آدم عجيب لهجي ۾ پڇيو، ”ڇا اِهو ممڪن آهي؟“
    ”ڇو نه ممڪن آهي!“ وهاب ٽارزن مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”اوجها سينيٽوريم جي هڪ سهڻي نرس سان گدڙ جي سخت ياري آهي. ان ڪم ۾ هوءَ گدڙ جي چوڻ تي ضرور اسان جي مدد ڪندي. ڪيئن گدڙ!“
    ”ها، ها. ڇو نه مدد ڪندي!“ چيم، ”ڊمپل سوين دفعا مون کي سينيٽوريم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ايلاز ڪري چڪي آهي.“
    ”آدم سان چرچا نه ڪر، شڪر!“ بشير ڪافر مون کي ڪن ۾ چيو، ”ورهيه ٿيا جو آدم پنهنجي زندگي جو آخري ٽهڪ ڏنو هو. هينئر هو تنهنجي ڪنهن به ٿرڊ ريٽ لطيفي تي کلي نه سگهندو.“
    آدم ويران نگاهن سان ڄاري واري ڇت ڏانهن ڏسندي چيو، ”مون کي گذريل مهيني جي پگهار به نه ڏني اٿائون.“
    ”اسان جي ملڪ ۾ دفتري قاعدن جي بالادستي آهي، آدم.“ بشير چيو، ”تون ايڊهاڪ نوڪريءَ ۾ آهين. ايڊهاڪ وارن کي موڪل دوران پگهار نه ملندي آهي.“
    بشير جي جملي ماحول کي وڌيڪ اُداس ڪري ڇڏيو. وهاب ٽارزن پنهنجو فولادي هٿ بشير جي ٻانهن ۾ وجهندي چيو، ”تون ماٺ ڪر، قاعدي قانون جا پٽ.“
    ڪجهه گهڙين جي ماٺ ماحول ۾ اچي واسو ڪيو.
    آدم اُماس جهڙي ڇت ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڊاڪٽر مون کي کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا کائڻ لاءِ چيو آهي.“
    ”ته پوءِ کائين ڇو نٿو!“ بشير ڪافر زهريلي لهجي ۾ چيو، ”کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا، الله سائينءَ جون نعمتون آهن ۽ اهي نعمتون انسان لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن.“
    وهاب ٽارزن جهٽ ڏيئي، بشير ڪافر کي ڪنڌ کان وڃي ورتو. کيس ڌونڌاڙيندي چيائين، ”سڄو معاشرو تو جهڙن ڪڃر ڪافرن سان ڀرجي ويو آهي، جن الله جي نعمتن تي قبضو ڪري ورتو آهي.“
    ”الله جون نعمتون نه ٿيون، ڄڻ واڻين جون ڇڏيل ملڪتيون ٿيون- جنهن چاهيو، ڪليم ڀري قبضو ڪري ورتو.“ بشير پنهنجو ڪنڌ ڇڏائيندي چيو، ”اسان جي معاشري ۾ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ٿيندا آهن.“
    وهاب ويهي رهيو، پر ڏند ڪرٽيندو رهيو ۽ چپن ۾ بشير کي بدشد ڳالهائيندو رهيو.
    آدم پڇيو، ”اڄڪلهه بيدو گهڻي ملندو آهي؟“
    دل گهاڻي ۾ بيڙجي ويئي.
    ”الله جي نعمتن جي هونءَ ته ڪا به قيمت نه هوندي آهي آدم.“ بشير ٽيڏي اک سان وهاب ٽارزن ڏانهن ڏسندي چيو، ”پر معاشري ۾ جڏهن الله جا باڊي گارڊ پيدا ٿيندا آهن، تڏهن اُهي الله جي تعمتن تي قبضو ڪري، انهن نعمتن جي قيمت مقرر ڪري ڇڏيندا آهن.“
    ”مان وڌيڪ هڪ لفظ برداشت ڪري نه سگهندس.“ وهاب ٽارزن هٿ مهٽيندي مون کي چيو، ”گدڙ، تون هن ڪافر جي اولاد کي سمجهاءِ ته پنهنجي بڪواس بند ڪري، ورنه خدا ٿو ڄاڻي چيري ڦاڙي ڇڏيندومانس.“
    مون بشير کي چيو، ”اڙي ڪافر، تون ڪجهه دير لاءِ پنهنجي بڪواس بند نه ڪندين! توهين آدم کي ڏسڻ آيا آهيو، يا ڊبيٽ ڪرڻ آيا آهيو!“
    بشير ۽ وهاب هونءَ ته ماٺ ڪري ويهي رهيا، پر هڪٻئي ڏانهن شوڪي ڏسندا رهيا. آدم چيو، ”هڪڙي ڏينهن منهنجي ماءُ صوف وٺڻ ويئي، ته ميوي واري کيس ڦٿل ناشپاتي ڏيئي ڇڏي.“
    ”اسان کي صوف بدران ڦٿل ناشپاتي نصيب ٿيندي آهي، آدم.“ چيم، ”۽ اسين ڦٿل ناشپاتيءَ کي صوف سمجهي کائي ڇڏيندا آهيون.“
    ان وقت آدم جي ماءُ ٻاڪڙي واري کان ڪڙڪ چانهه جا چار گلاس کڻائي آئي- ٽي گلاس اسان ٽنهي لاءِ ۽ هڪ گلاس آدم لاءِ. آدم جو گلاس کٽ جي پاٽيءَ تي رکي هن ٻانهن جو سهارو ڏيئي آدم کي مٿڀرو ڪيو. وهاب هڪدم وبهاڻو ٻيڻو ڪري آدم جي پٺن هيٺان ڏيئي ڇڏيو. آدم ايتري تڪليف به برداشت ڪري نه سگهيو. هو سهڪي پيو. سندس نرڙ تي پگهر جي آلاڻ اُڀري آئي. اکيون بند ٿيڻ لڳس. وهاب هن جي پاسي کان ويهي رهيو. کيسي مان رومال ڪڍي آدم جو پگهر اُگهڻ لڳو. آدم اکيون کولي وهاب ٽارزن ڏانهن ڏٺو. وهاب کٽ جي پاٽيءَ تان چانهه جو گلاس کڻي آدم ڏانهن وڌايو. آدم ڪنبندڙ هٿن ۾ چانهه جو گلاس جهلي، سُرڪي ڀري. ڪجهه ڪجهه سامت ۾ آيو. چيائين، ”کير مهانگو ٿي ويو آهي نه، تنهنڪري مان چانهه پيئندو آهيان. ٻاڪڙي واري جي چانهه ۾ سرس کير هوندو آهي.“
    ”کير، مکڻ، بيدا ۽ ميوا توکي سينيٽوريم ۾ جام ملندا. تنهنجو علاج به چڱي طرح ٿي سگهندو.“ وهاب جي آواز مان سندس دل جو درد جهاتيون پائڻ لڳو. هن آدم جي نرڙ تان وار هٽائيندي چيو، ”ڏسجانءِ. سينيٽوريم مان تون نوبنو ٿي نڪرندين ۽ وري منٽن ۾ منهنجو پنجو ميز سان لڳائي سگهندين.“
    آدم جي اکين ۾ اُميدن جا غوراب غرق ٿي ويا.
    ”مون کي سمهاري ڇڏيو.“ آدم چيو، ”مان ٿڪجي پيو آهيان. مون کي سمهاري ڇڏيو.
    وهاب آدم کي ڀاڪر ۾ ڀري مٿڀرو ڪيو. بشير آدم جي پٺن هيٺان ويهاڻو ڪڍي ورتو. وهاب آهستي آهستي آدم کي ليٽائي ڇڏيو.
    آدم جون اکيون بند ٿي ويون.
    اسين آدم جي گهر مان ٻاهر نڪري آياسين. گهر ٻاهران آدم جي ماءُ پَٽَ تي ويٺي هئي ۽ آسمان ڏانهن ڏسي رهي هئي. ۽ اُن کان پوءِ، ٽن مهينن تائين آدم اسان کان وسري ويو. هڪڙي ڏينهن مون آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو. هوءَ فوٽ پاٿ تي ويٺي هئي ۽ پاسي کان ايڪسري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس.
    آفيس پهچڻ شرط مون آدم جي ماءُ جي باري ۾ وهاب ٽارزن ۽ بشير ڪافر سان ذڪر ڪيو. بشير کي منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار آيو. پر، وهاب منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. چيائين، ”گدڙ جي ڳالهه تي ائين ئي اعتبار نه ڪندس. سڀ ڪجهه وڃي اکين سان ڏسي ايندس.“
    پڪ ڪرڻ لاءِ وهاب ٽارزن ريگل بس اسٽاپ ڏانهن هليو ويو. ڪجهه دير ۾ موٽي آيو. لوهه جهڙو جوان، بيد جي لڪڻ وانگر ڪنبي رهيو هو. چيائين، ”برابر آدم جي ماءُ فٽ پاٿ تي ويٺي هئي. پاسي کان ايڪسري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس. هوءَ پني رهي هئي.“
    اسان ٽنهي بيٺي پير آدم لاءِ آفيس مان چندو وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پڪو پهه ڪيوسين ته چندو آدم کي اڄ ئي گهر پهچائينداسين ۽ ٻئي ڏينهن هر حال ۾ آدم کي سينيٽوريم ۾ داخل ڪرائينداسين.
    وهاب ٽارزن، بشير ڪافر ۽ مان آدم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم تي نڪري پياسين.
    سڀ کان اڳ آفيس جي ايڊمنسٽريٽر کان چندو وصول ڪرڻ وياسين. کيس ٻڌايوسين، ته اسان آدم جي ماءُ کي پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.
    ايڊمنسٽريٽر چيو، ”توهين ٽيئي پلستر آهيو ۽ ڪوڙ پيا ڳالهايو.“
    وهاب ٽارزن اکين تي هٿ رکندي چيو، ”مون پنهنجين اکين سان آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.“
    ”امپاسيبل- ناممڪن!“ ايڊمنسٽريٽر ميز تي مڪ هڻندي چيو، ”آدم کي نه هئي ڪا ماءُ ۽ نه ئي هو ڪو پيءُ.“
    ”ڳالهه ڏاڍي آدم جي ناهي.“ بشير چيو، ”اسين جونيئر ڪلارڪ آدم خان جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.“
    ”اڇا اڇا، اهو آدم!“ ايڊمنسٽريٽر ٻٽونءَ مان پنجاهه پيسن جو سڪو ڪڍي اسانکي ڏيندي چيو، ”مون آدم جي موڪل منظور ڪئي آهي. پر، موڪل دوران پگهار نه ملندس. مجبوري آهي. مان قانون بدلائي نه ٿو سگهان.“
    ايڊمنسٽريٽر جي ڪمري مان نڪري اسين سپريڊنٽ جي ڪمري ڏانهن روانا ٿياسين.
    نڪتو. اسان ٽنهي کي ورانڊي ۾ ڏسي چيائين، ”توهين ٽپتائي ڇا ڪري رهيا آهيو.“
    چيم، ”اسين آدم جي دوا ۽ خوراڪ لاءِ چندو گڏ ڪري رهيا آهيون.“
    ”توهين غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهيون.“ هن چيو، ”آفيس ۾ چندو گڏ ڪرڻ ڏوهه آهي.“
    بشير ڪافر چيو، ”اسان آدم جي ماءُ کي پنندي ڏٺو آهي، مسٽر سپريڊنٽ!“
    وهاب ٽارزن سپريڊنٽ جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو ڏوهه آهي جو آدم جي ماءُ پني رهي آهي- خيرات گهري رهي آهي.“
    سپريڊنٽ هيسجي ويو. کيسي مان ٻه رپيا ڪڍي اسان کي ڏنائين.
    پنجن ڇهن ڪلاڪن جي جاکوڙ ۾ پنجيتاليهه رپيا گڏ ڪري ورتاسين. اهو مناسب نه سمجهيوسين ته چندي جا پيسا آدم جي ماءُ کي ريگل بس اسٽاپ وٽ وڃي ڏيئي اچئون. سوچيوسين، شام جو آدم جي گهر وينداسين آدم کي ڏسي اينداسين ۽ سندس ماءُ کي پنجيتاليهه رپيا ڏيئي ڇڏينداسين ۽ پوءِ، سچ پچ آدم کي اوجها سينيٽوريم ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    شام جو اسين ڀيم پوره وياسين. غليظ ۽ بدبودار گهٽيءَ ۾ جتي آدم جو ڪچو گهر هو، اتي پڪي اڏاوت واري عمارت ڏٺي سين. عجب ۾ پئجي وياسين.
    وهاب ٽارزن در کڙڪايو.
    ٺاهوڪي لباس ۾ هڪ نوجوان ٻاهر نڪري آيو. مون نوجوان کان پڇيو، ”هتي اڳ هڪ ڪچي جاءِ هوندي هئي، جنهن ۾ هڪ پوڙهي پنهنجي بيمار پٽ سان رهندي هئي.“
    نوجوان اسان ٽنهي ڏانهن ڏسندي پچيو، ”توهين ان پوڙهيءَ جا مائٽ آهيو؟“
    ”مائٽ ته نه .......“ ڪو جواب سجهي نه آيو. چيم، ”اصل ۾ اسين .... ٽيئي...... منهنجو مطلب آهي، بشير ڪافر، وهاب ٽارزن ۽ مان..... آدم جا.....“
    نوجوان چيو، ”ٻه اڍائي مهينا اڳ ان پوڙهيءَ جو بيمار پٽ مري ويو هو.“
    ”ڇا!“ اسان ٽنهي جي وات مان رڙ نڪري ويئي، ”آدم مري ويو!“
    ”ها، آدم مري ويو.“ نوجوان چيو، ”پوڙهي پنهنجي ڪوٺيءَ جي مسواڙ ڏيئي نه سگهندي هئي. هوءَ هتان هلي ويئي. مون کيس ريگل بس اسٽاپ وٽ پنندي ۽ خيرات گهرندي ڏٺو آهي.“
    منهنجو ساهه لُڪيءَ ۾ اٽڪي پيو. مون پنهنجو هٿ وهاب ٽارزن جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. وهاب برف وانگر ٿڌو ٿي ويو هو. بشير پٿر وانگر خاموش هو.
    اسان کي گُم سم ڏسي، نوجوان چيو، ”لڳيم ٿو توهين ٽيئي اُن پوڙهيءَ جا مائٽ آهيو.“
    اسين کيس ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهياسين.
    ۽ پوءِ، اسين هڪ ئي سوچ ۽ هڪ ئي جذبو کڻي ريگل بس اسٽاپ ڏانهن روانا ٿي وياسين.
    ريگل بس اسٽاپ تائين اسان ٽنهي مان ڪنهن نه ڳالهايو.
    خاموش رهياسين. ڪنڌ جهڪيل، ذهن سوچ ۾ وڪوڙيل! هلندا رهياسين.
    ريگل بس اسٽاپ جي ڀرسان آدم جي ماءُ فٽ پاٿ تي ويٺي هئي. پاسي کان آدم جو ايڪس ري ۽ دوا جي خالي بوتل رکي هئس. سندس ڪنڌ نميل ۽ گوڏي تي رکيل هٿ کليل هو.
    کيسي مان پنجيتاليهه رپيا ڪڍي ورتم. وک کڻڻ چاهيم، پر کڻي نه سگهيم. پير ڌرتيءَ کي چنبڙيءَ پيا. مون ۾ ايتري همٿ نه هئي جو چندي جا پيسا آدم جي ماءُ جي کليل هٿ تي رکي اچان. سندس کليل هٿ جي ريکائن مان مونکي وحشت محسوس ٿيڻ لڳي. سندس کليل هٿ جي ريکائن ۾ مون
    سندس کليل هٿ جي ريکائي ۾ مون کي اُها تحرير نظر آئي جنهن کي صدين کان ڪوبه ڏاهو پڙهي، سمجهي ۽ پروڙي نه سگهيو آهي. مان پر اسرار تحرير تي پنجيتاليهه رپيا رکي نه سگهيس.هڪدم پيسا وهاب ٽارزن کي ڏيندي چيم، ” آدم جي ماءُ کي پيسا ڏيئي اچ.“
    ” نه ، نه.“ وهاب ڪنبندي چيو، ” مان اهو ڪم ڪري نه سگهندس . نه ، نه مان آدم جي ماءُ کي خيرات ڏيئي نه سگهندس.“ تڏهن، بشير ڪافر بنا ڪجهه چوڻ جي منهنجي هٿ مان پنجيتاليهه رپيا کڻي ورتا. هُن اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو، ۽ پوءِ آدم جي ماءُ ڏانهن وڌي ويو.
    بشير آدم جي ماءُ جي ڀرسان وڃي بيهي رهيو. هو کليل هٿ ڏانهن ڏسندو رهيو .
    وهاب ٽارزن ۽ مان بشير ڪافر ۽ آدم جي ماءُ ڏانهن ڏسندا رهياسين .
    بشير ، آدم جي ماءُ جي ڀرسان فٽ پاٿ تي اوڪڙون ويهي رهيو. هن ڪنبندڙ هٿ سان پنجيتاليهه رپيا آدم جي ماءُ جي تريءَ تي رکي ڇڏيا. صدين جي پراسرا تحرير . جنهن کي ڪوبه پڙهي ۽ سمجهي نه سگهيو هو، پنجيتاليهه رپين سان ڍڪجي ويئي . بشير هڪدم اُٿي، ڄڻ واچوڙن ۾ ٿيڙ کئيندو، اسان ٻنهي وٽ اچي بيٺو. پنهنجي سموري وجود سان ٿڙڪي رهيو هو. اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئس. ۽ پوءِ ڀڳل ۽ ٽٽل ڊٺل ۽ مسمار ٿيل لهجي ۾ چيائين ، ” مان آدم جي ماءُ کي خيرات ڏيئي آيو آهيان.“ ۽ پو ءِ ، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو بشير کي مون سڏڪن سان روئيندي ڏٺو.


    ساڻو ساڻو ساهه

    هيءُ منظر يونيوررسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽي ءَ مان ذري گهٽ سمورن ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ ليڪچرارن ۽ پروفيسرن ڏٺو.
    سامهون ميدان ۾، اٺن ڏهن ڇوڪرن جي هٿن ۾ خُردم، هاڪيون . بيد جا لڪڻ ۽ کليل چاقو هئا. هو گولائيءَ ۾ بيٺا هئا . سندن وچ ۾ مجيد ڌرتيءَ تي اونڌي منهن ڪريو پيو هو. سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا هئا . ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ جسم جي کل لهي ويئي هئس. سندس سنڌ سنڌ مان رت وهي رهيو هو. گولائيءَ ۾ بيٺل شاگرد مان هڪ شاگرد جي هٿ ۾ پستول هو. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ڏانهن پستول سڌو ڪندي پنڊپهڻ ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ اُستادن کي رڙ ڪري چيو،”جيڪو شخص عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مخالفت ڪندو، تنهن جو مجيد جهڙو حال ڪيو ويندو.“
    جنهن شاگرد پستول تاڻي سوين شاگرد کي هبسائي ڇڏيو هو، سو قد جو بندرو هو. نڪ نبات جهڙو هوس. چپ ٿُلها، اکيون چنجهيون، ۽ نڪ شرناءِ جهڙو هوس. منهن جي کل گهڻن موئيڙن سبب گهنججي ويئي هئس. هو پريان ڏسڻ ۾ هوبهو ڪريلي جهڙو پئي آيو . هنجو اصلي نالو مان توهانکي نه ٻڌائيندس. هن ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ سندس ذڪر قاسم جي نالي سان ڪنداسين.
    قاسم پنهنجي هڪ ساٿيءَ کان خردم وٺي، مُٺ ۾ قابو ڪري هوا ۾ ڦيرائيندي وڏي واڪ چيو، ” سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو اسان خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. آهي ڪٿي ڪو مجيد جو ساٿي - سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو ڪو ميمبر؟“
    آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ۾ بيٺل شاگرد جو ساهه سُڪي ويو. جن سڙٻاٽن ۾ ڳالهايو پئي، سي خاموش ٿي ويا .
    قاسم ڪريلو آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت آڏو ٻرانگهه کولي بيهي رهيو . پوءِ هن هٿ مٿي ڪري پستول مان ٽي هوائي فائر ڪيا ورانڊن ۾ بيٺل شاگرد ۽ استادن۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. ترسوي. منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو. اسين عوامي اسٽوڊنٽس فيبرريشن جاشاگرد نئين پاڪستان جي نئين سنڌ جا مالڪ آهيون . قاسم ڪريلي چيو ” اڄ کانپوءِ ڪوبه شخص، شاگرد يا استاد، يونيورسٽي ڪيمپس ۾ سنڌ جو نالو نه کڻندو. جيڪو ڄڻو جيئي سنڌ چوندو ، تنهن جي زبان تارون ءِ مان پٽي وٺبي.“
    شاگرد ۽ استاد آهستي آهستي ٿي ورانڊن مان کسڪڻ لڳا. هو عمارت مان نڪري سامهون واري بس اسٽاپ تائين وڃڻ بدران، هيسيل ۽ ڊنل ، عمارت جي پوئين پاسي کان نڪري ، ايڊمنسٽريشن واري بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳا. ٿوري دير ۾ ورانڊن مان اڌواڌ شاگرد ۽ ڪافي تعداد ۾ استاد هليا ويا.
    قاسم ڪريلو موٽي وڃي پنهنجن ساٿين وٽ بيٺو، جيڪي قاسم جي مٿان ڳجهن وانگر ڪانڀ ڪڍي بيٺا هئا. قاسم سڌو مجيد جي مٿان وڃي بيٺو. ڪجهه دير تائين ڏانهنس ڏاڍي نفرت ۽ حقارت مان ڏسندو رهيو. پوءِ پستول کاٻي هٿ ۾ جهلي، ساڄي هٿ سان خردم ڦيرائي ، سموري طاقت سان مجيد جي چيريل چچريل پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائين .مجيد جي رت هاڻن ڇٿيل چپن مان آه نڪري ويئي هو گهڙي کن لاءِ ڦٿڪي پيو، خردم جو ڌڪ ايڏي شدت سان لڳو هوس، جو ڪرنگهي وٽان سموري قميص ذراذرا ٿي ويس. هن پاسو ورائي پنهنجي مٿان بيٺل اٺن ڏهن ڄڻن ڏانهن ڏٺو جيڪي کيس رتو رت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي رهيا هئا. ڪريلي وڌي اچي پنهنجو پير مجيد جي سڀني تي رکي ڇڏيو.سندس ساٿين ٽهڪ ڏنو.
    ڪريلي خردم جو لوهي ڳنڍ وارو پاسو مجيد جي منهن ۾ هڻندي چيو، ” اڄ کان توهانجي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو دور ختم ٿيو، ۽ سنڌ عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو دور شروع ٿيو آهي. اسين نئين سنڌ جا مالڪ آهيون.“ مجيد ويڻيءَ سان پنهنجن چپن تان رت اُگهي ، ڪريلي ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اکين جي پنبڻين ۾ رت جا ذرڙا ڄمي ويا هئس هو چٽيءَ طرح ڪريلي کي ڏسي نه سگهيو. هن هٿ جي تري سان اکين تان رت اُگهي ڇڏيو کيس ڪريلو چٽو ڏسڻ ۾ آيو.ڪريلي پنهنجي هڪ ساٿي کان چاقو وٺي هيٺ جهڪي مجيد جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو مجيد جو سڄو منهن ٺونشن ۽ بيد جي لڪڻن لڳڻ سبب ڦاٽي پيو هو،مٿي ۾ هاڪيون ۽ خردمن جا لوهه لڳا هئس مٿي ۽ نرڙ مان وهندڙ رت منهن جي سوچ ۽ نيراڻ سان ملي وڍن ۾ ڀر جي ويو هوس کيس ايترا ڌڪ لڳا هئا جو ڌڪن جو احساس ختم ٿي ويو هوس. هن ڪنڌ پاسيرو ڪري رت جي گرڙي ڪري ڪريلي ڏانهن ڏ‎ٺو ڪريلي چيس، مجيد جيڪڏهن اسين تنهنجا آنڊا ڪڍي ڇڏيون، تڏهن به اسانجو وار ونگو ٿي نه سگهندو.“ ” تون فقط منهنجا آنڊا ڪڍي سگهندين، قاسم.“ مجيد ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو ” پر، تون تاريخ جا آنڊا ڪڍي نه سگهندين. تاريخ تنهنجا انڊا ڪڍي ڇڏيندي.“
    قاسم ڪريلي، مجيد جي منهن ۾ ٿڪ هڻي ڪڍي. مجيد ٻئي هٿ پنهنجي سڀني تي کپايل قاسم جي ٽنگ ۾ وجهي ڇڏيا ۽ پوءِ رهيل کهيل سموري سگهه سان قاسم جي ٽنگ کي مروڙي ، قاسم کي پنهنجي پاسي ۾ ڪيرائي ڇڏيو قاسم ڪويلو چوطاق ڪرڻ کانپو وائڙو ٿي ويو مجيد پاسو ورائي مٿان وڃي پيس ان جدوجهد جي اکين اڏو اوندهه اچي ويئي هڪ ٿلهي بيڊولي ۽ ڀوائتي شاگرد جنهنجي منهن تي وڏيون وڏيون مڇون هيون ۽ پاڻ ڪنهن وڏيري جي اولاد لڳي رهيو هو تنهن پوري زور سان مجيد کي پاسراٽين ۾ لٽ وهائي ڪڍي.
    مجيد عذاب ۾ ٻيڻو ٿي ويو گوڏا وڃي سڀني سان لڳس . قاسم ڪريلي موقعو وٺي هڪدم منهن تي پستول جي نالي هڻي ڪڍيس لوهي نالي نڪ تي لڳس ۽ نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس مجيد ٻئي هٿ منهن تي رکي قاسم جي مٿان هٽي ويو ٿلهي ۽ ڀوائتي شاگرد کيس پيٽ ۾ لت هڻي ڪڍي ۽ هو ڌڪ کائي پٺي ڀر وڃي مٽي ۾ ڪريو
    قاسم ڪريلو ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو هو هڪ گهڙي جي شڪست ۾ پڄرڻ لڳو هواٺن ڏهن سنڌ عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي پهلوانن جو اڳواڻ هو کيس پنهنجي ڪرڻ جي احساس ڏنڀ ڏئي ڇڏيو هو ذري گهٽ ڇتو ٿي پيو هن هيٺ جهڪي چاقوءَ جو ڦرو مجيد جي لوندڙي ۾ ٽنبي سٽ ڏيئي سندس نرڙ کي ڦاڙيندي چاقوءَ ٻي لوندڙي ۾ وڃي ٽنبيو. تڏهن هڪ آهه يونيورسٽيءَ جي بيرحم ۽ سخت ڏونگرن سان مٿو هڻندي، پڙاڏا ڪندي، ڪارونجهر ۾ لاکي ڦلاڻي ءَ جي آهه سان وڃي ملي.
    قاسم ڪريلي، سندس بهادر ساٿين، ۽ ورانڊن ۾ بيٺل بچيل سچيل شاگردن آرٽس فيڪٽيءَ جي ٻاهرين ٺلهه ڏانهن ڏٺو جتان عرش کان اوچي آهه اڀري هئي.
    ٻاهرين ٺلهه وٽ هڪ سانوري ڇوڪري بيٺي هئي. کيس ڇيٽ جا ڪپڙا پاتل هئا. سندس ٻئي هٿ ٺلهه ۾ قابو ٿي ويا هئا، ۽ هوءَ ٺلهه جي موزيڪ سان لڳي روئي رهي هئي جنهن وقت قاسم ڪريلي مجيد جي لوندڙي ۾ چاقو ٽنبي سٽ سان سندس نرڙ چيري ڇڏيو هو، تڏهن هن چاهيو هو ته هوءَ ڊوڙندي وڃي ۽ مجيد کي پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي سندس رتوڇاڻ منهن پنهنجي سڀني ۾ لڪائي ڇڏي پر هو ائين ڪري نه سگهي هئي صدين جي روايت کي ٽوڙي نه سگهي هئي ٽوڙي سگهي هئي ته پنهنجي دل ! جڏهن ضبط ڪري نه سگهي،تڏهن هڪ آهه اندر مان اڀرندي هوائن کي چيريندي جبلن ٽڪرن مان وچڙندي آڪاس تائين هلي ويئي هئي هو ڦتڪندڙ دل، ۽ آلين اکين سان ميدان ڏانهن ڏسي رهي هئي جتي مجيد ڌرتيءَ تي پيو هو، ۽ قاسم ڪريلو ۽ سندس سورهيه ساٿي دائري ۾ بيٺا هئا.
    ” ثريا، ڏسي ڇڏ مجيد ڀڙوي جي حالت. قاسم ڪريلي مجيد ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪري چيو، ” هن ماءُ جي تنهنجين اکين ۾ شاهه لطيف جو سُر سارنگ ڏٺو آهي تون ئي سمجهائينس ته ماڻهوءَ جو پٽ ٿي ۽ اسان جي مخالفت ڇڏي ڏئي ورنه بڇڙو ڪري مارينداسينس.“
    ثريا روئيندي رهي. هوءَ مجيد سان گڏ سوشيالا جي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندي هئي. هوءَ سانوري جنهنجي اکين ۾ مقناطيس جهڙي ڪشش هئي، ۽ جنهن تي يونيورسٽي ءَ جا اڌ کان وڌيڪ شاگرد ۽ استاد عاشق هئا، سا فقط مجيد لاءِ ماندي هئي. کيس فقط مجيد وڻيو هو، جيڪو خالي پيرڊن ۾ ۽ موڪل کان پوءِ کيس شاهه لطيف جي بيتن جي عجيب ۽ حيران ڪندڙ معني ۽ مفهوم ٻڌائيندو هو. ساڻس چيگيوارا، هوچي منهه، ياسرعرفات، ۽ جپان جي آپگهاتي گوريلن جون ڳالهيون ڪندو هو. ۽ پوءِ جڏهن سرڪاري ڪامورن وڏن فنڊن سان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي وجود ۾ آندو، ۽ شاگردن کي واڱڻ، ڀينڊين ۽ پٽاٽن وانگر خريد ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن ثريا سمجهي ويئي هئي، ته مجيدجنهنجو وچن ويڙهيچن سان آهي، سو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ڇڏي ڪنهن به آڇ ، ڪنهن به لالڇ ۽ ڪنهن به واعدي تي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل نه ٿيندو.
    مجيد عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل نه ٿيو هو. هن عوامي اسٽوڊيشن فيڊريشن جي آقائن ۽ سرپرستن جي هرڪا آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي. هن پاڪستان جي شاگرد وفد سان گڏ آمريڪا ۽ يورپ گهمڻ جي آڇ تڏي - پنج سورپيا هر مهيني جي کيسي خرچيءَ جي لالڇ ٿڏي ڇڏي. هونڊا موٽرسائيڪل ۽ ويسپا اسڪوٽر جي پيشڪش ٿڏي ڇڏي. هو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل هو. هن پاڻکي وڪڻڻ بدران عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مخالفت ۾ بيهاري ڇڏيو. کيس ان مخالفت جي قيمت جي خبر هئي. هو قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين سان اڪيلي سر وڙهي، فرد جي اهميت، ۽ انفراديت متعلق پنهنجي نظر يي کي سچو ثابت ڪري رهيو هو.هو اڪثر چوندو هو ته ؛ قومون، گروهه، ۽ جماعتون شڪست کائي سگهن ٿيون، پر فرد، هڪ هيڪلو انسان، ڪڏهن به شڪست کائي نه ٿو سگهي. هو رتوڇاڻ ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجي نظريي تي قائم هو. قاسم ڪريلي جي حڪم تي ٻن ڄڻن مجيد کي ٻانهن کان جهلي. ڇڪي ، اُٿاري بيهاريو.
    بيهڻ شرط سمورو يونيورسٽي ڪيمپس مجيد جي نگاهن ۾ ڌڏي ويو. هن رت هاڻين اکين سان آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت ڏانهن ڏٺو. سموري عمارت کيس ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظر آئي. هن ويڻي جي پٺ سان اکين تان رت اُگهي، ٻيهر عمارت ڏانهن نهاريو . کيس عمارت ڪجهه ڪجهه چٽي نظر اچڻ لڳي.
    ” مجيد سوئر جا پٽ ماءُ جا – غور سان ڏس . سامهون ٺلهه وٽ ثريا رنڊي بيٺي اٿئي، جنهنجي اکين ۾ تو شاهه جو سُر سارنگ ڏٺو آهي.“ ڪريلي خارن مان مجيد کي وارن کان وٺي ڌونڌاڙيندي، ڏند ڪرٽيندي چيو، ” تون جيڪڏهن اسانجي مخالفت بند نه ڪندين، ته خدا رسول جو قسم آهي، اسين ثريا کي زوريءَ کڻي وينداسين ۽ پوءِ خبراٿئي اسين ساڻس ڪهڙي تعدي ڪنداسين؟“ ” قاسم.“ مجيد ساڻي ساڻي ساهه سان ۽ ڀڳل ٽٽل لهجي ۾چيو، ” توهين ثريا سان اُها ئي تعدي ڪندا، جيڪا جميله ۽ ليليٰ سان فرانسيسي ۽ يهودي دهشت پسندن ڪئي هئي . ان کان وڌيڪ توهان ثريا سان ڪابه تعدي ڪري نه سگندا.“
    قاسم ڪريلي ، ڀر ڪري مجيد کي منهن ۾ چماٽ وهائي ڪڍي. پنهنجي سائين کي حڪم ڏيندي چيائين، ” اڙي وٺي هلو ماءُ جي – کي فيڪلٽي بلڊنگ ڏانهن.“
    پوءِ ، اٺ ڏهه عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا پهلوان، ۽ جوڌا جوان هيڪلي مجيد کي لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا، ڌڪاڏيندا آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت ڏانهن ٿڏينداآيا.هو جڏهن عمارت جي ڏاڪڻ ڀرسان ٻاهرين ٺلهه وٽ پهتا، تڏهن ڪريلي جي حڪم تي بيهي رهيا. ڪريلي مجيد جي وارن ۾ مٺ وجهي، سندس منهن مٿي ڪندي چيو، ” ڏس، ٺلهه وٽ ڪيو بيٺي آهي؟“
    ايترن ڌڪن کائڻ کانپوءِ به مجيد هوش ۾ هو ، سامت ۾ هو. هن ٺلهه ڏانهن ڏٺو.
    ٺلهه جي ميوزيڪ تي منهن رکي ثريا روئي رهي هئي. مجيد ڦاٽل چيريل ۽ ڇٿيل چپن سان مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي انگريزيءَ ۾ ڇيو، Forgive them,o. Lord for they donot know what they are doing“ ان وقت هڪ ڇوڪري، کيس پٺن تي هاڪي وهائي ڪڍي ۽ هويولاٽيون کائيندو سڌو وڃي ثريا جي پيرن وٽ ڪريو ثريا صدين جي قدامت پرست روايتنجا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا هن مجيد جو رتوڇاڻ منهن پنهنجن ٻانهن ۽ سڀني ۾ لڪائي ڇڏيو گهڙي کن لاءِ آرٽس فيڪلٽي جي ورانڊن ۾ چوٻول ٿيو ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ويئي.
    ” پنهنجي- جي حياتي چاهين ٿي ، ته سمجهانئينس. مُڙي وڃي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مخالفت ڇڏي ڏي.“ ڪريلي ثريا کي چيو ، ” مجيد جيستائين عوامي اسٽوڊنٽس جي حمايت ۾ بيان نه ڏيندو تيستائين کيس يونيورسٽي ڪيمپس مان جيئري ٻاهر وڃڻ نه ڏينداسين .‎“
    ثريا کين جواب نه ڏنو . هو ءَ روئيندي رهي. ” سمجهائينس ميس ميس نه ڪر.“ قاسم ڪريلي ثريا کي چيو ، ” اجايو مفت ۾ مارجي ويندو.“ ” مجيد ، مجيد.“ ثريا ساهه روڪي، سڏڪن ۾ چيو، ” هيءُ توکي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ ڪجهه لکرائڻ ٿا چاهين.“ مجيد جي ندڙ مان وهندڙ رت ثريا جي قميص جو آڳو آلو ڪري ڇڏيو . ثريا سندس منهن پنهنجي سيني کان ڌار ڪندي چيو ، ”مجيد اکيون کول. مونڏانهن ڏس.“ مجيد رت هاڻيون اکيون کولي ثريا ڏانهن نهاريو. هوءَ مجيد جي اکين ۾ تڪليف جو احساس ڏسي نه سگهي. مجيد مُرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ” اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“ ” ائين نه چئه ائين نه چئه .“ ثريا مجيد جي چيريل چچريل منهن وري پنهنجي سڀني ۾ لڪائي ڇڏيو. پوءِ قاسم ڪريلي ڏانهن ڏسندي چيائين ، ” ڏسو ته توهان مجيد کي ڇا ڪري ڇڏيو آهي. هينئر کانئس پنهنجي حمايت ۾ بيان ٿا ڪڍايو!“ ” ها . جيستائين دم ۾ دم اٿس ، کيس هر حال ۾ عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان ڪڍڻو پوندو.“ قاسم پستول سڌو ڪندي چيو ” نه ته مجيد جو موت يقيني آهي.“ مجيد ثريا جي سڀني مان منهن ڪڍي وسامندڙ اکين سان قاسم ڏانهن ڏسندي ، تمام جهيڻي آواز ۾ چيو ” مونکي موت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ ، قاسم.“ ” موت!“ قاسم حيران ٿي ويو. چيائين، ”موت ،بس موت آهي.“ ” توکي خبر ناهي قاسم . ته ڪجهه انسانن لاءِ موت ابدي زندگي جو سبب ٿي پوندوآهي!“ ” بڪواس پيو ڪرين .“ ” ۽ ڪجهه ڪانيرن لاءِ زندگي چپي چپي تي مرڻ جو سلسلو ٿي پوندي آهي.“ ”مٿي تي هاڪيون لڳيون اٿئي تنهنڪري وڦلين پيو.“ مجيد ساڻو ٿي ، پاڻکي ثريا جي پيرن وٽ ڏاڪي تي ڇڏي نرڙ تي رکيو.
    جنهن ٿُلهي، ۽ بيڊولي شاگرد مجيد کي پاسراٽين ۾ لت هنئين هئي، تنهن وڌي اچي ڪريلي جي ڪن ۾ ڪجهه چيو. ڪريلي هڪدم منهن ورائي پوئتي نهاريو. پريان ، ڪاري رنگ جي هڪ سرڪاري ڪار اچي رهي هئي. ڪار، آرٽس فيڪلٽي جي عمارت کان ڪجهه پرڀرو بيهي رهي ۽ سندس ساٿي ڪار ڏانهن هليا ويا. لڙيا ڪريلو مجيد کي ڪلهي کان وٺي ڌونڌاڙيندي سڏ ڪيو، ” مجيد، مجيد.“ مجيد اکيون کولي ثريا ڏانهن ڏٺو . پوءِ جهيڻي آراز ۾ چيائين، ” مونکي هتان وٺي هل، ثريا.“ ” پر،.......“ ” دير نه ڪر، ثريا مونکي ڪيمپس مان وٺي هل.“ ” پر مجيد هن قاسم.“ ” مان ڪجهه دير کانپو مري ويندس .“ مجيد چيو، ” مونکي ڇهن سالن جو هڪ ننڍڙو ڀاءُ آهي . مان هنجي سامهون پويان پساهه پورا ڪرڻ چاهيان ٿو.“ ” ائين نه چئه، ائين نه چئه مجيد .“ ثريا روئي پئي . چيائين، ” تون نه مرندين . مان توکي مرڻ نه ڏيندس.“ ” اسان رڻ ۾ لائون لڌيون آهن.“ مجيد آهستي آهستي چيو، مونکي سهاڙو ڏيئي اُٿاري بيهار ، ثريا.“ ” پر قاسم چيو آهي ته تون جيستائين عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان نه ڪڍندين ، تيستائين توکي ڪيمپس مان ٻاهر وڃڻ نه ڏيندا.“ ” مونکي ڪوبه روڪي نه سگهندو.“ مجيد چيو. ” مان پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ويندس مونکي اٿاري بيهار ثريا.“ ثريا مجيد کي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي، اک ٽيٽ ڪري قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين ڏانهن ڏٺو. قاسم ڪريلو ۽ سندس ساٿي سرڪاري موٽر ۾ ويٺل هڪ نو جوان ڪاموري سان ڳالهائي رهيا هئا. ثريا ڪوشش ڪري مجيد کي اٿاري ويهاريو پوءِ کيس پنهنجي ٻانهن ڏيندي ٺلهه جو سهارو وٺندي آهستي آهستي اٿاري بيهاريو پيرن تي بيهڻ شرط مجيد کي اکين آڏو اوندهه اچي ويئي مڙهيل چاڪ چڪي پيس ڪرڻ تي هو جو ثريا سهارو ڏيئي ٺلهه جي ميوزيڪ سان بيهاري ڇڏيس مجيد ساڻي ساڻي ساهه سان پاڻ سنڀالي ورتو پو هڪ هٿ ثريا جي ڪلهي تي رکي ٻئي سان سڀني جي زخمن مان وهندڙ رت کي روڪيندي هو ٺلهه وٽان هٽي ويو ۽ پو ٽي ڏاڪا لهي فيڪلٽي عمارت جي سامهون ميدان ۾ وڃي بيٺو ورانڊي ۾ بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو وات ڦاٽي ويو هو اچرج وچان مجيد ۽ ثريا ڏانهن ڏسڻ لڳا. مجيد ٿڙندو ٿاٻڙندو ثريا جو سهارو وٺندو فيڪلٽي عمارت جي سامهون رستي جي وچ ۾ وڃي بيٺو اُتان ڦري قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. قاسم ڪريلو ۽ سندس ساٿي نوجوان ڪاموري سان ڳالهائي گد گد ٿي رهيا هئا. ڪامورو سندن ڪارڪرد گيءَ تي خوش هو ۽ کين چئي رهيو هو ” توهين نئين پاڪستان جي نئين سنڌ جو نئون نسل آهيو اوهين انقلابي شاگرد اسانجي سڀ کان وڏي طاقت آهيو قوت آهيو توهان سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کي مڪمل طرح ختم ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ خاص ڪري اڄ ته توهان ڪمال بهادري جو ثبوت ڏنو آهي اهڙا جوڌا جوان ورلي پيدا ٿينداآهن.“ ڪريلي خوش ٿيندي ڇيو، ” سائين اوهانجا ٻانها آهيون .“ ڪاموري هڪدم چيو، ” قاسم تنهنجو هي ٽولو تنهنجي سربراهي ءَ ۾ اسين يورپ جي دوري تي موڪلينداسين.“ ” مهرباني، مهرباني.“
    ” اسان توهان سڀني لاءِ گزيٽيڊ نوڪرين جو به بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“ ” لک ٿورا، سائين .“ ” توهانکي پلاٽ ۽ پرمٽون به ڏنيون وينديون.“ ” سائين.“ هڪ جانٺي جانٺي شاگرد چيو ”مونکي ڪجهه نه گهرجي مون کي فقط ڪنهن ٿاڻي جو صوبيدار ڪرائجو.“ ” سڀاڻي آرڊر منهنجي آفس مان کڻي وڃجانءِ. “ ” ۽ سائين مونکي ايڪسائيز ۽ ٽيڪنيشن آفيس ۾ لڳرائجو.“ ” تون به آرڊر سڀاڻي منهنجي آفيس مان وٺي وڃجان.“ پوءِ قاسم کان پڇيائين . ” قاسم توکي ڪا خاص نوڪري وغيره گهرجي ڇا؟“ ”مونکي چانور ۽ بنا گيهه پستي سمگل ڪرڻ جي پرمٽ وٺي ڏيو .“ قاسم ڪريلي چيو. نوجوان ڪاموري ٽهڪ ڏنو. چيائين . ” تنهنجي لاءِ اهو ڪم ڪيو باقي مجيد جو ڇا ٿيو؟“ ” سوئر کي اُها ڌمال ڪڍي اٿئون جو سڄي ڄمار ياد رکندو“ ” عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان ڏنو اٿائين؟“ نوجوان ڪاموري چيو، جيڪڏهن بيان نه ڏنو اٿائين، ته پوءِ حرامزادي کيTortureڪري به بيان وٺو اهو تمام ضروري آهي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيز يشن کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ لاءِضروري آهي ته مجيد کان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾بيان ڪڍائجي.“ ” بيان ڪيئن نه ڏيندو. سائين.“ قاسم ڪريلي چيو اسان چيو اٿس ته جيڪڏهن عوامي اسٽوڊنٽس جي حمايت ۾ بيان نه ڏيندو ته کيس جيئري يونيورسٽي ڪيمپس مان باهر وڃڻ نه ڏينداسين.“ ” مان يونيورسٽي ڪيمپس مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان قاسم.“ مجيد رهيل سهيل سگهه سان وڏي واڪ چيو، ” مان وڃي رهيو آهيان .“ قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين کان ڇرڪ نڪري ويو هنن هڪدم منهن ورائي مجيد ڏانهن ڏنو . مجيد بس اسٽاپ ڏانهن وڌي رهيو هو. سامهون بس اچي رهي هئي . قاسم ڪريلي پستول سڌو ڪيو. رڙ ڪندي ڇيائين، ” بس ڏانهن وک وڌائيندين ، ته اڦٽ ماريندوسان.“ بس، بس اسٽاپ وٽ اچي بيٺي مجيد ثريا جو سهارو وٺندو آهستي آهستي بس ڏانهن وڌڻ لڳو . ” بيهي رهه مجيد.“ قاسم چيو ، ” نه ته مان گولي ٿو هلايان .“ مجيد بس وٽان منهن ورائي پوئتي نهاريندي چيو ، ” سيئي حوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا.“ ” ته پو ڪرڻ لا تيار ٿي “ قاسم پستول جي گهوڙي تي آڱر رکي ” ترس “ ڪاموري کيس گولي هلائڻ کان روڪي ڇڏيو ڇيائين ” مجيد کي وڃڻ ڏيو“ مجيد بس جي فٽ بورڊ وٽ ڪري پيو ثريا ۽ هڪ ٻن سهارو ڏيئي اٿاري بس ۾ آندو. نوجوان ڪاموري ڪريلي کي چيو” مون کي هڪدم فون ڪرڻي آهي ”اچو سائين“ ڪريلي چيو آرٽس فيڪلٽي جي ڪنهن به ڊپارٽينٽ امان اوهين فون ڪري سگهوٿا “ نوجوان ڪامورو قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين سان گڏ فون ڪرڻ لاآرٽس فيڪلٽي جي بلڊنگ ڏانهن هليو ويو جنهن وقت هو ٻاهرئين ٺلهه وڏان ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي ورانڊي ۾ داخل ٿي رهيا هئا ان وقت بس زوڪاٽ ڪندي شهر ڏانهن رواني ٿي ويئي بس جا سمورامسافر جيڪي سائنس فيڪلٽي جا شاگرد ۽ ڪيمپس جا ملازم هئا “ حيرت وچان مجيد ڏانهن ڏسڻ لڳا هو پاڻ ۾ ڀڻڪا ڪري ڳالهائڻ لڳا مجيد هنن لاءِ نئون نه هو ثريا به هنن لاءِ نئين نه هئي پر ٻنهي کي رت هاڻو ڏسي سڀئي تپرس ۾ پئجي ويا هئا .
    مجيد جون اکيون بند هيون ۽ هن پنهنجو منهن ثريا جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو هو ثريا دري کان ٻاهر ڪيمپس جي عماتن ڏانهن ڏسي رهي هئي سندس اکين جا لڙڪ سڪي ويا هئا هزارين وسوسا ۽ سوداءَ کيس ورائي ويا هئا هوءَ محسوس ڪري رهي هئي ته مجيد هڪ هڪ گذرندڙ گهڙي سان گڏ ختم ٿي رهيو هو وسامي رهيو هو . ثريا کيس ڇوهيندي چيو ” مجيد مجيد ڪيئن آهين؟“
    مجيد اکيون کوليون. ” ڪيئن آهين؟“ مجيد ٻڏندڙ آواز ۾ چيو. ” سر سوري ڌڙ ڪنگرين متان ڪڇين ڪٽ !“ ثريا اشارو سمجهي ويئي سندس سمورو وجود وڍجي ويو. ” ثريا .“ مجيد ڀڻڪن ۾ ڳالهايو. ” جيءُ“ ” شاهه جو هيءُ بيت ٻڌو اٿئي؟“ ” ڪهڙو“” سڪ نه آهي سٿري کڻ پروڙي پير، ڪسڻ ڌاران ڪير ڪري سڌ سڪڻ جي؟“ ”ها تو اڳ به ٻڌايو هو.“ ” ان بيت جي معني سمجهين ٿي .“ ” ها.“ ثريا ذري گهٽ روئي پئي . بس جڏهن ڪيمپس جي حدن مان نڪري شهر ڏانهن ڊوڙن لڳي تڏهن مجيد اکيون کولي منهن ورائي ثريا ڏانهن ڏٺو پڇيائين ” روئين پئي چري؟“ ”مان نه نه.“ ”ثريا“ ” جيءُ “ ” جڏهن جرمن نازي فوجون ماسڪوکي گهيرو ڪري ويون هيون تڏهن خبراٿئي ته روسي ماڻهوڪهڙي جذبي سان جرمن فوجن سان وڙهيا هئا؟“
    ثريا محسوس ڪري رهي هئي ته مجيد کيس سرچائڻ ۽ سندس خيال بدلائڻ لاڳالهائي رهيو هو نه ته جهڙي نموني هو هيڊو ٿيندو وسامندو ۽ ڀڄندو ڀرندو پئي ويو هن جو ڳالهائڻ ناممڪن هو پر ثريا کي اها خبر هئي ته مجيد غير معمولي ارادي جو مالڪ هو هو سوري کي سينگار سمجهندو هو خبر اٿئي روسي ماڻهن خونخوارجرمن فوجن جو ڪهڙي جذبي سان مقابلو ڪيو هو.
    ”نه، نه.“
    ”؟؟؟؟ جي جذبي سان روسي ماڻهن جرمن فوجن جو مقابلو ڪيو.“ مجيد چيو، ”جڏهن انسان فقط مرڻ ۽ مارڻ لاءِ جنگ لڙندو آهي، تڏهن فتح سندس پير اچي چمندي آهي.“
    ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ مجيد پنهنجي ساءِ چيو ”مان سمجهان ٿو، مان مجيب وٽ پهچڻ کان اڳ مري ويندس.“
    ”ڇا!“ ثريا کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ ذري گهٽ رڙيون ڪري روئي پوي ها، پر هڪدم ضبط ڪري ويئي. مجيد کي پيار منجهان ڇوهيندي فقط ايترو چيائين، ”تون رهندين، توکي رهڻو آهي.“
    مجيد اکيون بند ڪري جهونگاريو:
    ”ڇَپرَ چَمَر ڀائيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
    پٻ وجهنديس پٺ تي، صبح سوارو،
    وڃڻ مون وارو، ڪين وهنديس وچ ۾.“

    ضبط جي باوجود ثريا جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا هو شهر تائين ، آهه کي روڪي ، سڏڪن کي سانڍي ڪارونجهر جي ڪونج وانگر روئندي رهي بس جو ڪنڊيڪٽر مجيد جو واقف هو هن ثريا کان پڇيو اسپتال هلندو نه“ جواب مجيد ڏنو نه مونکي گهر وٺي هلو مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“
    ڪنڊيڪٽر بس کي گاڏي کاتي وٽان کوکر محلي ڏانهن ڦيرائي وٺي ويو کوکر محلي وٽ هن ثريا سان گڏ جي مجيد کي بس مان هيٺ لاٿو ۽ کيس گهر جي در تائين ڇڏڻ آيو.
    گهر ۾ مجيد ۽ سندس ڀاءُ هيڪلا رهندا هئا. مٽ مائٽ ڳوٺ ۾ هئن.
    گهر جو در کليو پيو هو مجيد جڏهن چانئٺ ٽپي اندر داخل ٿيو تڏهن سندس ڇهن ستن سالن جو ڀاءُ اڱڻ ۾ پنهنجي سليٽ کي ڪوئلي سان ڪارو ڪري رهيو هو . هو پنهنجي ڀاءُ جي حالت ۽ ساڻس اوپري ڇوڪري ڏسي حيران ٿي ويو هو عجب وچان ڀاءُ ڏانهن ڏسندو رهيو .
    ثريا مجيد کي سهارو ڏيندي ورانڊي ۾ وٺي ويئي مجيد ورانڊي ۾ رکيل موڙي تي ويهي رهيو. اکيون بند ٿيڻ لڳس ساهه جو پکي سڀني جي پڃري ۾ پرڙا هڻڻ لڳس. هن آهستي آهستي اکيون کولي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ڏٺو .
    ” مجيب .“ مجيد ٻانهون کوليندي چيو “ مجيب “ مجيب سڌو اچي ڀاءُ جي چچريل ۽ وڍيل سيني سان لڳو مجيد کيس ڪمزور ۽ نٻل ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيو.
    مجيب حيرت وچان ڀاءُ ڏانهن ڏسندي چيو، ” ادا، تون ان بيت جهڙو پيو لڳين، جيڪو مونکي روز رات جو سمهڻ مهل ٻڌائيندو آهين.“
    مجيد ڀاءُ کي رت هاڻن چپن سان مٺي ڏيندي پڇيو،”توکي اهو بيت ياد آهي مجيب.“
    ” ها ادا .“
    ”مونکي اُهو بيت ٻڌاءِ.“ مجيد چيو، ”منهنجي سيني سان لڳي مونکي اُهو بيت ٻڌاءِ.“
    ننڍڙو مجيب پنهنجي وڍيل ۽ زخمي ڀاءُ جي سيني سان لڳي بيت ٻڌائڻ لڳو :
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن واهي رڻ جا.“

    ثريا رئو وات ۾ وجهي سڏڪا ضبط ڪري ويئي. مجيب ڏانهنس ڏسندي پنهنجي ڀاءُ کان پڇيو ” هي ڪير آهي ادا؟“
    ”هيءَ ڪير آهي!“ مجيد اجهاڻيل اُجهاڻيل اکين سان ثريا ڏانهن ڏسندي چيو، ”هن کي به مون شاهه سائين جي بيت جي هڪ سٽ ٻڌائي هئي هي اڄ مونکي اها سٽ ٻڌائڻ آئي آهي هان نه ثريا؟“
    ثريا ڪنڌ لوڏيو.
    ” مونکي سمورا ڌڪ منهن ۾ لڳا آهن مجيد جهيڻي آواز ۾ چيو ڪجهه ڌڪ پٺي تي به لڳا آهن پر اهي ڌڪ مونکي ڀڄندي نه لڳا آهن ”ته پڻ لڄ مران جي هونس پٺ ۾.“ ائين نه چئجان ثريا.“
    مجيد پنهنجو ڪنڌ موڙي جي پٺي سان لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون هو ڪجهه دير تائين وات مان ساهه کڻندو رهيو پوءِ ثريا کي چيائين ”ثريا مونکي شاهه سائين جي بيت جي اها سٽ ٻڌا جيڪا تو اڄ تائين نه ورجائي آهي.“
    ثريا انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    ”اها سٽ ٻڌاءِ ثريا.“
    ثريا وات تان رئو پري ڪري ڇڏيو پوءِ، ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيائين ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان.“
    ان وقت، ٻاهرين در وٽ جيپن ۽ لارين بيهڻ جو آواز آيو. لارين ۽ جيپن مان لانگ بوٽن جي لهڻ ۽ ڊوڙڻ جو آواز آيو. پوءِ پنڌرهن - ويهه سپاهي ۽ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا جوان روالور ۽ رائيفلون تاڻي اندر گهر ۾ ڪاهي آيا. هنن سان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ٻه ميمبر به ساڻ هئا.
    اندر گهڙڻ شرط سندن نگاهه مجيد تي پئجي ويئي هو کيس گهيرو ڪري ويا صوبيدار رڙ ڪري چيو هڻو هٿڪڙيون بدمعاش کي يونيورسٽي ۾ اسٽرائيڪ ڪرائي، فساد ڪرائي، ڀڄي گهر ۾ اچي لڪو آهي!“
    ٻن سپاهين وڌي وڃي مجيد جي ڀڳل چٿيل ۽ چچريل ٻانهن ۾ هٿڪڙيون هنيون .
    مجيد اُجهاڻين اکيون کولي سپاهين ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ” اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“
    ننڍڙي مجيب ثريا کي ٻانهن کان جهليندي پڇيو، ”ڪيڏانهن پيو وڃي؟“
    ثريا کيس ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهي هن وٽ جواب نه هو.


    مان ديواس نه آهيان

    اُن ڏينهن مان ڏاڍو اُداس هوس. اُداس ٿيڻ کانپوءِ مان مرحوم سي ايڇ آتما سنڌيءَ جو ڳايل اردو گانو جهونگاري رهيو هوس ۽ وڌيڪ اُداس ٿي رهيو هو.س گاني جا ٻول هئا، ”روئون مين ساگر ڪي ڪناري، ساگر هنسي اُڙائي.“
    جذباتي ۽ فنڪار قسم جو ماڻهو اُداس ٿيڻ کانپوءِ ٻه ڪم ڪندو آهي - هو گانو ڳائيندو آهي، يا سگريٽ ڇڪيندو آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي به ڪندو آهي. پر، خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هڪ عدد گانو ضرور ڳائي وٺندو آهي ۽ هڪ سگريٽ به ضرور ڇڪي وٺندو آهي. هڪ دفعي اُداس ٿيڻ کانپوءِ مون سگريٽ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ مان گانو ڳائڻ جي قابل نه رهيو هوس. سگريٽ ڇڪڻ کانپوءِ ڪيتري دير تائين مان کنگهندو رهيو هوس ۽ کنگهي ساڻو ٿي پيو هوس. مونکي کنگهندو ڏسي پارو چيو هو، ”ڳالهه ٻُڌ. سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏي.“
    مون غور سان پارو ڏانهن ڏٺو هو. هوءَ سرت چندر جي ناول ديواس واري پارو نه هئي. پر، تنهن هوندي به هوءَ الائي ڇو مونکي پارو لڳندي هئي. هوءَ پارو وانگر سانوري ۽ سهڻي هئي. هوءَ ڳالهيون به پارو وانگر ڪندي هئي.
    مون پارو ڏانهن ڏسندي چيو هو، ”فقط بنگالي سرت چندر جي ديوداس محبت ۾ مرڻ جو ٺيڪو نه کنيو هو. اسلام آباد ۾ به هڪ ديو داس پنهنجي پارو لاءِ مري سگهي ٿو.“
    ”توکي مرڻ کان ڪير ٿو روڪي!“ پارو چيو هو، ”سگريٽ پيئندي تون جڏهن پنهنجي وات ۽ نڪ جي ناسن مان دونهون ڪڍندو آهين، تڏهن هوبهو پراڻي دور جي ڪاري ريلوي انجڻ جهڙو لڳندو آهين.“
    مون نٿي چاهيو ته پارو مونکي ريلوي جي ڪاري انجڻ سمجهي اُداس ٿيڻ کانپوءِ سگريٽ ڇڪڻ جو خيال مون دل مان ڪڍي ڇڏيو. اُداس ٿيڻ کانپوءِ مون فقط گاني ڳائڻ جو پروگرام جاري رکيو. هينئر، جڏهن به اُداس ٿيندو آهيان، هڪ عدد گانو ضرور ڳائيندو آهيان، پر سگريٽ نه ڇڪيندو آهيان.
    ان ڏينهن مون پارو کي براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي لان (ڇٻر) تي جميل نالي هڪ شخص سان چانهه پيئندي، ڳالهائيندي ۽ کلندي ڏسي ورتو هو. جميل کي پريان مون خاتون انائونسر جميله سمجهيو هو. پر، ويجهو وڃي ڏسڻ کانپوءِ هو جميل نڪتو. ڏاڍو ٺاهوڪو جوان هو. ڪنهن به عورت لاءِ خوابن جو شهزادو هو. هن سنڌ نه ڏٺي هئي، پر هو سنڌ متعلق ڏاڍي يقين ۽ اعتماد سان ڳالهائي سگهندو هو. اصل ۾ هن وٽ سنڌ جا ٻه رورل ڊوميسائيل هئا – هڪ سانگهڙ جو ۽ ٻيو نوابشاهه جو. منهنجي باري ۾ هن پارو کي ٻڌايو هو ته رڇ جهڙو هيءُ شخص نه رڳو ڏسڻ ۾ خطرناڪ آهي، پر هونءَ به خطرناڪ آهي.“ وڏو ڦڏيئي آهي. سنڌ ۾ پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي گهربل آهي. سنڌ ۾ مينهون چورائيندو هو. پڪڙبو انڪري نه هو جو هن جو پنهنجو رنگ ڪنهن مينهن کان گهٽ ڪارو نه آهي. کيس جيئرو يا مئل پوليس آڏو پيش ڪرڻ واري کي ٺٽي يا بدين ۾ پنج هزار ايڪڙ زرعي زمين انعام ۾ ڏني ويندي. اڄڪلهه سنڌ مان فرار ٿي اسلام آباد پهچي ويو اهي ۽ گاديءَ واري هنڌ جي پاڪ صاف هوائن ۽ فضائن کي خراب ڪري رهيو آهي؛ پنهنجي مڪروهه وجود سان اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جهڙين مقدس شين کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
    تڏهن، مون سوچيو هو ته پنهنجي صفائيءَ ۾ مان پارو سان چرچ ڪندس، کيس ٻڌائيندس ته مان مينهون نه چورائيندو هوس. مان خواب چورائيندو هوس. اهوئي سبب آهي جو مان اسلام آباد جي رڃ ۾ بيٺو آهيان. منهنجي هنج ۾ خواب آهن ۽ مان پنهنجي عبرتناڪ انجام جو منتظر آهيان. پر ان کان اڳ جو مان پنهنجي صفائيءَ ۾ ڪجهه چوان، هڪڙي ڏينهن پارو منهنجي هٿ مان چانهه جو ڪوپ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو، ”مان ڪنهن رڇ جي هٿ جي ٺاهيل چانهه قبول نه ڪنديس.“
    ۽ پوءِ، پارو ٺاهوڪي جميل جي هٿ مان مرڪندي چانهه جو ڪوپ کڻي ورتو هو ۽ پوءِ هو ٻئي مرڪندا، سڙٻاٽين ۾ ڳالهائيندا، براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي هڪ نويڪلي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺا هئا. هنن مون ڏانهن ڏسي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايو ۽ پوءِ، ٻئي ٽهڪ ڏيئي کلي پيا هئا. تڏهن مون گهاٽن وارن سان ڍڪيل پنهنجين ڳورين ٻانهن ڏانهن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته، منهنجي ماءُ کانسواءِ دنيا جي ٻي ڪابه عورت منهنجي هٿ جي ٺاهيل چانهه قبول نه ڪندي؛ مونکي ڪنهن ڪنڊن واري ٿوهر جي ڀرسان ويهي اڪيلي سر چانهه پيئڻي پوندي.
    اُداس ٿيڻ کانپوءِ مان مرحوم سي ايڇ آتما سنڌيءَ جو ڳايل هڪ اردو گانو جهونگاري رهيو هوس. گاني جا ٻول هئا، ”روئون مين ساگر ڪي ڪناري، ساگر هنسي آرائي.“
    اُن وقت امان منهنجي لاءِ پڪوڙا تري رهي هئي. امان چيو، ”اهو گانو اسلام آباد ۾ ڳائڻ اجايو آهي.“
    ”ڇو اجايو آهي!“ مون اچرج وچان پڇيو.
    ”اسلام آباد ۾ نه آهي سمنڊ ۽ نه آهي سمنڊ جو ڪنارو.“ امان چيو، ”اهو گانو ڪراچيءَ ۾ ڳائيندين ته ٺهندين.“
    چيم، ”آهي سوچڻ جهڙي ڳالهه.“
    امان پڇيو، ”اهو راڳ استاد محمد جمن جو ڳايل ته نه آهي!“
    وراڻيم، ”اهو راڳ مرحوم سي ايڇ آتما جو ڳايل آهي.“
    امان هڪدم چيو، ”سي ايڇ آتما مرحوم ٿي نه ٿو سگهي.“
    ”هو مري ويو آهي امان.“ چيم، ”ٻه ٽي سال ٿيندا جو هو گذاري ويو آهي.“
    ”اهو ٺيڪ آهي ته هو گذاري ويو آهي.“ امان چيو، ”پر، هن کي مرحوم چئي نه ٿو سگهجي.
    پڇيم، ”ته پوءِ هن کي ڇا ٿو چئي سگهجي؟“
    ”سورڳ واسي.“ امان چيو، ”سي ايڇ آتما هندو هو. تون کيس سورڳ ڳواسي سي ايڇ آتما چئي سگهين ٿو.“
    مون تعجب وچان پڇيو؛ مرحوم ۽ سورڳ واسيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“
    امان چيو، ”جڏهن ڪو مسلمان مري ويندو آهي ته کيس مرحوم چئبو آهي ۽ جڏهن ڪو هندو مري ويندو آهي ته کيس سور ڳواسي چئبو آهي.“
    پڇيم ”۽ جڏهن انسان مري ويندوآهي، تڏهن کيس ڇا چئبو آهي؟“
    امان چُلهه وٽان اٿي منهنجي سامهون اچي بيٺي. ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    ”ڇا پئي ڏسين، امان!“ چيم، ”مان في الحال جيئرو آهيان. منهنجي مرڻ کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته مان مرحوم سڏيو وڃان يا سور ڳواسي يا ٻيو ڪجهه.“
    ويجهو اچي امان پنهنجو هٿ منهنجي مٿي تي رکيو ۽ ٿڌو ساهه کنيو.
    مٿي تان امان جو هٿ هٽائيندي چيم، ڏاڍي محنت سان سور ڳواسي وحيد مراد جي اسٽائيل ۾ وار سيٽ ڪيا اٿم.“
    امان چيو، ”وحيد مراد کي سور ڳواسي سڏي نه ٿو سگهجي. هو مسلمان هو. تنهن ڪري مرحوم آهي.“
    ”پڇيم، ”سور ڳواسي چوڻ سان هو موٽي ايندو ڇا؟“
    امان غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”تنهنجي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڳالهيون ٻڌيون اٿم سي غلط نه آهن.“
    رازداريءَ واري نوع ۾ کانئس پڇيم، ”ماما مجيد سي آءِ ڊي ۾ وڃي نوڪري ڪئي آهي ڇا؟“
    ”اجائي بڪ نه ڪر.“ امان مونکي پيار وچان دڙڪو ڏيندي چيو، ”مان تنهنجن سمورن ڀڏن ڪمن کان واقف آهيان.“
    ”تون منهنجي ماءُ آهين يا ڪمپيوٽر!“ چيم، ”ڪو ته هڪ ڀڏو ڪم اهڙو به هجي ها، جنهن کان تون واقف نه هجين ها!“
    امان غور سان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٻڌو اٿم، جادو منتر جي زور تي تون ڪڏهن ڪڏهن رڇ ٿي پوندو آهين!“
    پيٽ تي هٿ هڻندي چيم، ”پيٽ دنيا جو سڀ کان وڏو جادومنتر آهي. مان بيڪار وقت ۾ مئل رڇ جي کل پائي جانورن واري باغ جي هڪ خالي پڃري ۾ ويهي رهندو آهيان ۽ پنج رپيا ڪمائي وٺندو آهيان.“
    امان کي شايد منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه آيو. سندس منهن تي مرڪ تري آئي.
    چيم، ”مان جيڪڏهن مئل رڇ جي کل کڻي نه به پايان ۽ ائين ئي پڃري ۾ ويهي رهان، تڏهن به مت جا موڙها ماڻهو مونکي رڇ سمجهندا.“
    ٻئي هٿ منهنجن ڳٽن تي رکي امان مونکي نرڙ تي پيار ڪيو. چيائين، ”تون ته منهنجو چوڏهينءَ جو چنڊ آهين.“
    چيم، ”جيڪڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ آهيان ته پوءِ پڪ ڄاڻ ته دنيا جي هر سهڻي ڇوڪري ڪنهن رڇ يا بن مانس سان محبت ڪندي. ٺاهوڪا مرد پيا جهانجهه وڄائيندا.“
    آڏي پڇا واري نوع ۾ ڳالهائيندي امان چيو، ”مون ٻڌو آهي، هر آچر تي تون ڊمپل ڊسوزا نالي ڪنهن ڇوڪريءَ سان ملندو آهين!“
    ”اها پروپو گنڊا منهنجي دشمن ابراهيم گنجي جي آهي.“ چيم، ”هن اڄڪلهه انگريزي فلمن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري منهنجي ڪڍ لڳل آهي.“
    امان مرڪندي چيو ۽ مون اهو به ٻڌو آهي ته هر سومر تي تون ثريا ڀوپالي نالي هڪ ڇوڪريءَ سان ملندو آهين.“
    ”آهستي ڳالهاءِ.“ مون هڪدم امان جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. چيم، ”اجايو ڀوپالي قتل ڪيس ۾ نه ٻڌرائي وجهين.“
    امان چيو، ”۽ مون ٻڌو آهي ته اڱاري ڏينهن تون ڪنهن انگريز ڇوڪريءَ سان ملندو آهي ۽ شيڪسپيئر جي ڊرامن مان ڊائلاگ ڳالهائيندو آهين.“
    ”اهو منهنجي مٿان سراسر الزام آهي.“ چيم، ”تون جنهن کي انگريز ڇوڪري ٿي سمجهين، سا اصل ۾ اڇي رنگ واري بدڪ آهي. منهنجي ساڻس ملاقات جانورن واري باغ ۾ ٿي هئي. هوءَ جيئن ته اڇي رنگ جي آهي، تنهنڪري فقط شيڪسپيئر جي ٻولي سمجهي سگهندي آهي.“
    ۽ پوءِ مان سوچ ۾ پئجي ويس ته منهنجي باري ۾ ايترن الزامن جي فهرست ڪنهن تيار ڪئي آهي! اول مونکي ابراهيم گنجي جو خيال آيو ۽ پوءِ حسين ۽ جميل مسٽر جميل جو خيال آيو. جميل بابت منهنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو. جميل وٽ جيئن ته سنڌ جا ٻه رورل ڊوميسائيل هئا، تنهنڪري هو قانوني طرح منهنجي باري ۾ يقين سان ڳالهائي سگهندو هو. هن جي دعويَ هئي ته هو منهنجي باري ۾ مون کان ۽ منهنجي ماءُ کان وڌيڪ ڄاڻيندو هو. ان ۾ ڪمال جميل جو نه هو. سمورو ڪمال سانگهڙ ۽ نوابشاهه جي رورل ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽن جو هو. مون کان بددل ۽ بدگمان ڪرڻ لاءِ جميل پارو کي ٻڌايو هو ته عورتن جي باري ۾ سنڌي ڏاڍا جذباتي هوندا آهن ۽ سهڻي عورت ڏسي جلد ترڪي پوندا آهن. هيءُ رڇ پڻ سنڌي آهي. بلڪه ڪٽر قسم جو سنڌي آهي. تنهن ڪري توکي ڏسي ترڪي پيو آهي. هيءُ سنڌ ۾ به ترڪي پوندو هو. گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي صدر ۽ طارق روڊ وارن علائقن ۾ ترڪي پوندو هو. جڏهن کان اسلام آباد آيو آهي، ترڪڻ جاري رکيو اٿائين. هيءُ رڇ ڪنهن زماني ۾ فيملي پلاننگ واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو. اُتي، سهڻيون، من موهڻيون ڊاڪٽرياڻيون ۽ ليڊي هيلٿ وزٽرس ڏسي پندرهن دفعا ترڪي پيو هو. پارو کي يقين ڏياريندي جميل چيو هو ته، مان پڪ سان پئي سگهان ٿو ته هن رڇ جا به چار لاڳيتا رومانس هلي رهيا آهن. هڪ حيدرآباد ۾، هڪ ميرپورخاص ۾، هڪ ميرپور ماٿيلي ۾، هڪ ميرپور بٺوري ۾، هڪ ميرپور آزاد ڪشمير ۾، هڪ سکر ۾، هڪ شڪارپور ۾ ۽ اڌ ڊزن کن ڪراچيءَ ۾؛ تنهنڪري تون رڇ کان پاسو ڪجانءِ.
    مون تي سراسر الزام هو، بهتان هو. ابراهيم گنجي جو خيال آهي ته جيڪا ڇوڪري خودڪشيءَ جو ارادو ڪندي، دنيا مان بيزار هوندي، سا فقط مون سان محبت ڪندي. هوس حواس، عقل فهم واري ڪابه ڇوڪري مون سان محبت نه ڪندي. ابراهيم گنجي سان منهنجا پنجيتاليهه اختلاف آهن. پر، ان معاملي ۾ مان ساڻس متفق آهيان. زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعي هڪ بي انتها سهڻي عورت اک ڇنڀڻ بنا لاڳيتو پنجيتاليهه منٽن تائين مون ڏانهن ڏٺو هو. ان وقت مان صدر ڪراچيءَ جي الفنسٽن اسٽريٽ تي حميد ڪاشميريءَ جي ڪتابن جي دڪان ڀرسان بيٺو هوس ۽ هڪ ڪتاب چورائڻ جي ترڪيب سوچي رهيو هوس. هوءَ ايلفيءَ جي ٻئي پاسي ثناءُ الله جي دڪان ۾ بيٺي هئي ۽ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. لاڳيتو ڏسي رهي هئي. مان وائڙو ٿي ويس. دنيا جي ڪنهن به عورت پنجيتاليهه سيڪنڊن تائين مون ڏانهن نه ڏٺو هو. مون واچ ۾ وقت ڏٺو. هوءَ دنيا جي واحد سهڻي عورت هئي جنهن اک ڇنڀڻ بنا لاڳيتو مونڏانهن ڏٺو هو. پورن پنجيتاليهه منٽن تائين مونڏانهن ڏٺو هو! مون ڪنڌ کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو. چيم، تو وٽ دير آهي، پر انڌير نه آهي، موليٰ. مون حميد ڪاشميريءَ جي دڪان تان ڪتاب چورائڻ جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو قينچيءَ وانگر هلندڙ موٽرن ٽيڪسين ۽ موٽرسائيڪلن جي ٽرئفڪ کان بچندو، ايلٽيءَ جي ٻئي پاسي، مان ثناءُ الله جي دڪان ٻاهران وڃي بيٺس. هوءَ بي انتها سهڻي هئي. لاڳيتو مونڏانهن ڏسي رهي هئي. ملڪ ڪافور کانپوءِ تاريخ ۾ مان واحد ڪارو شخص هوس جنهن ڏانهن هڪ بي انتها سهڻي عورت پنجيتاليهه منٽن تائين ڏٺو هو. تڏهن مون محسوس ڪيو ته هوءَ شيشي جي شوڪيس ۾ بيٺل، سپر ميش جو ماڊل هئي. هوءَ جيئن به هئي، خدا ٿو ڄاڻي، ڏاڍي سهڻي هئي.
    رابعه جي خيالن ۾ گم ٿي ويو آهين ڇا!“ امان جي آواز تي مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    پڇيم، ”ڪهڙي رابعه؟“
    ”ڪهڙي رابعه!“ امان مرڪندي چيو، ”جنهن سان اربعه ڏينهن اربن ڪوآپريتو بئنڪ ٻاهران ملاقات ڪندو آهين!“
    ”ڪهڙي اربن بئنڪ!“ تعجب وچان چيم، ”اسلام آباد ۾ اربن بئنڪن بدران عربن بئنڪون آهن. پر، مان ته ڀُل چُڪ ۾ به ڪنهن بئنڪ جي ڀرسان نه لنگهندو آهيان.“
    امان اچرج وچان پڇيو، ”ڇو!“
    چيم، ”هڪ ته آهيان سنڌي ۽ مٿان وري اتفاق سان ڪري ويٺو آهيان. ايم- اي. بئنڪ ٻاهران لنگهندي ڏسي ورتائون ته ڌاڙيل ڪري ٻڌڻ ۾ دير نه ڪندا. ٻئي ڏينهن اخبارن وارا لکندا. اسلام آباد ۾ اربن بئنڪن بدران عربن بئنڪ جي ڀرسان نه لڳندو آهيان.“
    امان اچرج وچان پڇيو، ”ڇو!“
    امان اچرج وچان پڇيو، ”ڇو!“
    چيم، ”هڪ ته آهيان سنڌي ۽ مٿان وري اتفاق سان ڪري ويٺو آهيان. ايم – اي. بئنڪ ٻاهران لنگهندي ڏسي ورتائون ته ڌاريل ڪري ٻڌڻ ۾ دير نه ڪندا. ٻئي ڏينهن اخبارن وارا لکندا.ا سلام آباد مين سنڌ ڪا مفرور ڊاڪو گرفتار. وه بئنڪ لوٽني ڪي تياري ڪر رها ٿا. وه اقتصاديات مين ايم – اي هي.“
    امان وائڙي ٿي ويئي. پڇيائين، ”ڇورا، چريو ٿي پيو آهين ڇا!“
    ٿڌو ساهه کنيم. چيم، ”مان سڄو ڪڏهن هوس امان.“
    امان کلندي چيو، ”ڏاڍو چرچائي ٿي پيو آهين!“
    ”حالات ني هم ڪو چارلي ڪا باپ بنا ديا هي، ميري مدر انڊيا.“ چيم، ”تون پنهنجي آڏي پڇا جاري رک!“
    ”اڇا“ امان چيو ”ته ڏي پڇا جاري رکان؟“
    چيم، ”جيڪڏهن چاهين ته ڪنهن کڙپيل ايس ايڇ او ۽ بن تجربيڪار هيڊ ڪانسٽيبلن کي به گهرائي سگهين ٿي. مان انيڪ نه ڪيل ڏوهن ۽ گناهن جو اعتراف ڪري وٺندس.“
    امان پيار وچان مون ڏانهن ڏسندي چيو، ”مون ٻڌو آهي ته خميس ڏينهن تون افغان مهاجرن جي خيمه بستيءَ ٻاهران هڪ افغاني ڇوڪريءَ سان ملندو آهين.“
    ”دوکو کاڌم هوم.“ چيم، ”پريان مون کيس آمريڪا جي وائيس پريزيڊنٽ جارج بش جي زال بار برابش سمجهي ورتو هو. سوچيم، سندس سخي مڙس ويهه ڪروڙ ڊالر امداد ۾ ڏيئي ويو آهي. ڇو نه مان به خالص انساني همدرديءَ جي بنيادن تي ڪجهه رقم فارين ايڪسچينج ۾ هٿ ڪريان ۽ سئرزلينڊ جي بئنڪ ۾ رکائي ڇڏيان.“
    امان مرڪندي پڇيو، ”پوءِ ڪجهه رقم فارين ايڪسچينج ۾ هٿ ڪيئه؟“
    ”ڌوڙ!“ چيم، ”امداد جي آسري ۾ جڏهن کيس ويجهو وڃي ڏٺم ته هوءَ جارج بش جي زال باربرا نه هئي. اصل ۾ هوءَ مرسڊيز موٽرن ۽ ٽرڪن واري هڪ غريب افغان مهاجر دولت خان جي زال بابرا هئي. هن خالص انساني همدرديءَ جي بنيادن تي امدادي رقم مان فارين ايڪسچينج ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو. تون شڪل شبيهه مان افغان مهاجر نٿو لڳين. تون اڇو به نه آهين. رنگ جو ڪارو آهين. تنهن جو نڪ ڪجهه پڪوڙي جهڙو آهي. پڪ آفريڪا جو آهين. توکي خالص انساني همدرديءَ جي بنيادن تي هتان امداد نه ملندي. آفريڪا هليو وڃ. نميبيا جي شيدي مهاجرن سان ڏاڍو ٺهي ويندين.“
    امان معنيٰ خيز مرڪ سان ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”۽ جمعي ڏينهن جمعه بازار ۾ هنداڻي واري وٽ هڪ ٿلهي ڦڦ سان ملندو آهيان!“
    ”اهو سراسر الزام آهي.“ مون رڙ ڪندي چيو، ”مان وڌيڪ براشت ڪري نه سگهندس. مان بدمعاش جميل جو مٿو ٽوڙي ڇڏيندس. هن ابراهيم گنجي سان ملي پارو جي نظرن ۾ مونکي خوار ڪرڻ لاءِ اهي الزام مڙهيا آهن. پر مان هينئر پارو کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. سڀڪجهه، ته خوف ۽ هراس ۾ جيئڻ وارو هڪ شخص ڪيتري قدر سچائيءَ سان محبت ڪري سگهندو آهي. مان پارو کي پنهنجي جوش ۽ چپچاپ محبت جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.“
    ”۽ اها پارو ڪير آهي؟“ امان مرڪندي پڇيو.
    ”پارو!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ها، پارو.“ امان مرڪندي رهي. پڇيائين، ”ڪير آهي پارو؟“
    مون مٿو کنهندي چيو، ”براڊ ڪاسٽنگ هائوس ۾ مونسان ڪم ڪندي آهي. منهنجي ڪليگ آهي.“
    امان پيار مان پڇيو، ”توکي ڏاڍي وڻندي آهي؟“
    مون جواب نه ڏنو. مون دريءَ کان ٻاهر آسمان ۾ ٻرندڙ سج ڏانهن ڏٺو.
    منهنجي ويجهو اچي، مون کي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي امان پڇيو، ”تنهنجي شادي ڪرايان پارو سان؟“
    ”جنهن سان محبت هوندي آهي، تنهن سان شادي ٿي ته سگهندي آهي.“ مون کي پنهنجو لهجو ڀڳل ٽٽل محسوس ٿيو. چيم، ”خبر اٿئي، امان، ته سرت چندر جي ديو داس جي به پارو سان شادي ٿي نه سگهي هئي. پارو جي شادي ٻئي ڪنهن شخص سان ٿي ويئي هئي.“
    ”پر، چريا!“ امان تعجب وچان چيو، ”تون ديوداس نه آهين.“
    ”ڄاڻان ٿو، مان ديوداس نه آهيان.“ پنهنجي وجود ۾ مون خوابن جي روپ ماڙِيءَ کي ڊهندي ڏٺو. چيم، مونکي اها به خبر آهي ته منهنجي نصيب جو ڪاتب سرت چندر نه آهي؛ پر تنهن هوندي به منهنجي شادي پارو سان نه ٿي سگهندي.“
    ”ڇو نه ٿي سگهندي؟“ امان منهنجي اندر ۾ ليئو پائيندي چيو، ”ڇو تنهنجي شادي پارو سان نه ٿي سگهندي؟“
    مان وڌي وڃي دريءَ وٽ بيٺس. امان کي سندس سوال جو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيس. هڪ دفعو ٻيهر آسمان جي رڻ ۾ ٻرندڙ سج ڏانهن ڏٺم. ان وقت مونکي ثناءُ الله جي دڪان ٻاهران شيشي جي شوڪيس ۾ بيٺل پيپرميش جي ماڊل ڏاڍو ياد آئي. هن اک ڇنڀڻ بنا لاڳيتو مون ڏانهن ڏٺو هو. هن هميشھ لاءِ مون ڏانهن ڏٺو هو . هوءَ چانهه جو ڪوپ کڻي براڊ ڪاسٽنگ هائوس جي لان ۾ ڪنهن اجنبيءَ سان ويهي ڳالهيون نه ڪندي آهي. هوءَ ڪنهن غير ڏانهن ايڏي پاٻوهه مان نه ڏسندي آهي. هوءَ شيشي جي شوڪيس ۾ بيهي، ماڻهن جي جهنگ ۾ فقط پنهنجي ديوداس ڏانهن ڏسندي رهندي آهي!
    ان ڏينهن مان اسلام آباد جي سيڪٽرن ۽ ماڻهن ۽ محبتن کي جدا ڪندڙ رستنتي دور تائين هلندو رهيس. هڪ لاحاصل محبت جي چڀڪي کي دل ۾ محسوس ڪندو رهيس. هڪ گم ٿيل گيت کي ڳوليندو رهيس.


    ڇتي ڪتي جو موت

    (شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي. ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي. شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! شهمير جيستائين ڪنهن فيصلي تي پهچي، مان توهانکي اڄ شام جي واقعن جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيان.)
    سانجهيءَ ڌاري شهر تي عجيب قسم جو ڪوهيڙو لهي آيو. خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ اوچتو، اول اڻچٽا ۽ پوءِ چٽا آواز، رڙيون، ڪيڪون ۽ گوڙ گهمسان ٻڌڻ ۾ آيو. مان پنهنجي فليٽ جي بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺس. ٻاهر نهاريم. ڌنڌ سبب ڪجهه ڏسڻ ۾ نه آيو.
    پٺيان در کڙڪڻ جو آواز آيو. مون بالڪونيءَ مان موٽي وڃي ٻاهريون در کوليو. ماستر دائم جو ستن سالن جو پٽ قائم بيٺو هو. سهڪي رهيو هو. منهن مان وحشت ظاهر ٿي رهي هئس. وچڙندڙ آواز ۾ چيائين، ”ادا، ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“
    ”ڪارو ڪتو ڇو ٿي پيو آهي!“
    ”ها ادا.“
    ”ڪڏهن کان؟“
    ”شام کان.“
    ان وقت مونکي يوسف جي ڳالهه ياد آئي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته ڪارو ڪتو ڇتي ٿيڻ جا آثار پيو ڏيکاري. مون يوسف جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو.
    قائم چيو، ”ادا، ڪاري ڪتي دينو پخاليءَ جي پٽ کي ٻنڊڻ ۾ چڪ هنيو آهي.“
    ”ليمي کي؟“
    ”ها، ليمي کي.“ قائم چيو، ۽ شام جو ابراهيم مستريءَ کي چڪ پاتو هئائين.“
    ان وقت يوسف ڊوڙندو آيو. يونيورسٽيءَ کان موٽيو هو. يوسف، شهمير، اقبال ۽ مان هڪ فليٽ ۾ رهندا آهيون ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهيون.
    ڪتاب ميز تي رکي، يوسف منهنجي سامهون اچي بيٺو چيائين، ”تو منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو. ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“
    ”مون ٻڌو آهي.“
    مون ڏٺو آهي.“
    اسين بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺاسين. ڌنڌ سبب ڪجهه نظر نه پئي آيو. بجليءَ جا بلب ڏيئن جيان پئي ٽمڪيا. ماحول مبهم هو. فقط رڙيون، ڪيڪون ۽ ماڻهن جي ڀڄڻ ڊڪڻ جا آواز چٽا ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
    قائم ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”ادا، مونکي گهر ڇڏي اچ. مونکي ڀؤ ٿو ٿئي.“
    مون ستن سالن جي قائم ڏانهن حيرت مان ڏٺو. هو پوئين گهٽيءَ ۾ رهندو آهي. هن ڪاري ڪتي جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي. صبح جو اسڪول وڃڻ کان اڳ ڪاري ڪتي کي مارڪيٽ مان ڇيڇڙا آڻي کارائيندو هو. قائم جي سموري سنگت جا ٻار اسڪول کان ايندي ويندي ڪاري کي پيار ڪندا هئا. ڪارو پڇ لوڏيندو هو. ٻار خوش ٿيندا هئا.
    مون قائم کان پڇيو، ”سچ پچ ڪاري کان ڊڄين ٿو؟“
    ”ها ادا.“
    ”ڪاري سان ته تنهنجي ياري هئي!“
    ”هئي ادا. پر هينئر ڪارو ڇتو ٿي پيو آهي. کائڻ ٿو اچي.“ قائم ايلاز ڪندي چيو، ”مونکي گهر ڇڏي اچ، ادا.“
    ”هن وقت تنهنجو هيٺ لهڻ چڱو ناهي قائم.“ يوسف چيو، ”ڇتو ڪتو احسان فراموش هوندو آهي. پنهنجي محسن کي ته سڀ کان اول کائيندو آهي. تنهن ڪري تنهنجو هيٺ لهڻ ٺيڪ ناهي، قائم.“
    مون يوسف کي چيو، ”اسانکي ڪاري جي باري ۾ جلد ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي.“
    ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ يوسف چيو، ”مان پاڙي جا چار چڱا مڙس وٺي ٿو اچان.“
    ”پاڙي وارن جو ڇا وڃي!“
    ”سموري پاڙي وارن ڪارن کي پاليو آهي. تنهنڪري جيڪو به فيصلو ڪبو، سو پاڙي وارن جي رايي مطابق هوندو.“ يوسف جواب ڏيئي پاڙي جي چڱن مڙسن کي سڏڻ لاءِ هليو ويو.
    قائم کي اتتڻ ٿي پيئي. چيائين، ”توهين ڪاري ڪتي کي ڇا ڪندا، ادا؟“
    وراڻيم، ”شايد منسپالٽيءَ جي حوالي ڪيونس.“
    ”توهين ڪاري کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪندا!“
    ”گهڻو ڪري.“
    قائم جي منهن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، ”ڪاري کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي نه ڪجو. هو ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“
    ”دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڇتن ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“ چيم، ”مان سمجهان ٿو، چڱا مڙس ڪاري کي مارائڻ لاءِ منسپالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ جي رٿ ڏيندا.“
    قائم جو منهن لهي ويو.
    يوسف موٽي آيو. پاڻ سان پاڙي جا چار- پنج چڱا مڙس وٺي آيو. انهن ۾ ماستر دائم به هو. پنهنجي پٽ قائم کي ڏسي دائم خوش ٿيو. کڻي ڳراٽڙيءَ ۾ قابو ڪيائينس.
    قائم پيءَ کي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهندي چيو، ”بابا، ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي نه ڪجو. منسپالٽيءَ وارا ڇتن ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“
    مون قائم کي پيار ڪندي چيو، ”مان به جڏهن تو جيترو پتڪڙو هوس، تڏهن ڇتن ڪتن تي ڪهل ڪندو هوس، پر پوءِ، جڏهن جوان ٿي تاريخ جو مطالعو ڪيم، تڏهن محسوس ڪيم ته ڇتي ڪتي کي مارڻ لازمي هوندو آهي. ڇتي ڪتي کي نه مارڻ قومن لاءِ تاريخي سانحو ٿي پوندو آهي. تنهنڪري مان ۽ يوسف ڪاري ڪتي کي مارڻ يا مارائڻ جي حق ۾ آهيون.“
    منهنجي ڳالهه جو قائم تي ذرڙو کن اثر ٿيو. هن پيءُ جي ڳچيءَ مان ٻانهون ڪڍي ڇڏيون.
    يوسف سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو، ”توهان سڀني کي خبر هوندي، ته ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن شام کان، ٽن- چئن ٻارڙن، ڪريم، خانوند، ابراهيم مستري ۽ ڌڻي بخش کي چڪ هنيا آهن.“
    آواز آيو، ”اسانکي ان ڳالهه جو افسوس آهي.“
    سڀني جو ڌيان ڳالهائيندڙ ڏانهن ڇڪجي ويو. هو پاڙي جو سماجي ڪارڪن عبدالله هو. ماڻهو مُنجهائڻ سندس ڌنڌو آهي. يوسف، شهمير ، اقبال ۽ منهنجي باري ۾ بدظن آهي.
    يوسف گهور وجهي عبدالله ڏانهن نهاريو. چيائين، ”اسين پنهنجي ساءِبه ڪاري ڪتي کي ماري ڇڏيون ها، پر توهان وڏڙن کي آگاهه ڪرڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ ضروري سمجهيوسين، تنهنڪري توهانکي تڪليف ڏيئي هتي وٺي آيا آهيون. مان هڪ ڳالهه بلڪل واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، ته اسين ڪاري ڪتي کي مارڻ لاءِ مشورو ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون. افسوس ظاهر ڪرڻ لاءِ نه.“
    سماجي ڪارڪن عبدالله چيو، ”مون ڪتي جي کاڌلن کي ترت سول اسپتال پهچائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. تازن کاڌلن کي به بنادير جي اسپتال پهچايو ويندو. توهين فڪر نه ڪريو.“
    يوسف باهه ٿي ويو. تمام کهري لهجي ۾ چيائين، ”اسانکي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، ته ڪاري کي ڇا ڪيو وڃي.“
    ”ڪاري جي باري ۾ ڪو به جذباتي فيصلو نه ڪيو وڃي.“ رٽائرڊ پوڙهي مختيار ڪار چيو، ”جذباتي فيصلا هميشه نقصانڪار هوندا آهن.“
    ”توهين مختيار ڪار رهي چڪا آهيون، تنهنڪري مختيار- ڪاري نوع ۾ پيا ڳالهايو.“ اقبال جو آواز آيو. هو در وٽ بيٺو هو. هٿ ۾ هاڪي هئس. چيائين، ”ڪاري جي باري ۾ جيڪو به فيصلو ڪيو وڃي، سو جلد ڪيو وڃي.“
    چڱن مڙسن ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ به هو. هو سنهڙو، ڊگهو ۽ پرسا جي مناري وانگر هڪ طرف جهڪيل هو. هن چيو، ”ڪاري جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ، اسانکي ڪاري جو ڪانفيڊينشل فائيل ڏسڻو پوندو.“
    مون گُهنڊ وجهي يوسف ڏانهن ڏٺو.
    عبدالله چيو، ”سماج سڌارڪ جي حيثيت مان اها صلاح ڏيان ٿو، ته اسين هڪ وفد وٺي ڪاري کي سمجهائڻ لاءِ هلون.“
    ”بڪواس.“
    آواز تي سڀني ڪنڌ ڦيرائي پوئتي نهاريو. اقبال جي ڀرسان شهمير بيٺو هو- قداور، جانٺو ۽ گنڀير. هنجي هٿ ۾ رائيفل هئي.
    شهمير چيو، ”اسين ڪاري ڪتي کي ماري ڇڏينداسين.“
    ”اهو جذباتي فيصلو آهي.“ پوڙهي رٽائرڊ مختيار ڪار چيو، ”اهو فيصلو ٺيڪ ناهي.“
    ”توهانجورايو به توهان وانگر رٽائرڊ ٿيل آهي. مختيار ڪار صاحب.“ اقبال چيو، ”اسانجو وقت خراب نه ڪريو.“
    سماج سڌارڪ عبدالله چيو، ”منهنجو خيال آهي، اسين ڪاري جي ننڍڙين ننڍڙين غلطين کي نظر انداز ڪري ڇڏيون.“
    ”نظر انداز ڪري ڇڏيون!“ يوسف چيو، ”عبدالله صاحب، ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“
    ٿوري دير تائين ڪنهن نه ڳالهايو. ڪمري ۾ ماٺ جو مانڊاڻ رهيو.
    ڪجهه دير کانپوءِ ماستر دائم پنهنجي پٺ قائم ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجي صلاح آهي، ته اسين ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون.“
    ننڍڙو قائم پنهنجي پيءُ دائم جي ڳالهه ٻڌي روئڻ لڳو. يوسف کيس پرچائڻس لڳو. چيائين، ”ڳالهه ٻڌ قائم. ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن تنهنجي اسڪولي سنگت جي چئن ڇوڪرن کي چڪ هنيو آهي. کين چوڏهن- چوڏهن اينٽي ريبيز سيون لڳنديون. انهن سُين ۾ ڏاڍو عذاب هوندو آهي.“
    ”۽ قائم.“ اقبال چيو، ”ٿي سگهي ٿو، سيون اثر نه ڪن ۽ تنهنجو ڪو سنگتي ڇتو ٿي، دردناڪ موت مري وڃي.“
    قائم پنهنجو منهن، پنهنجي پيءُ دائم جي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. ماستر دائم اسان ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”توهان شاگرد لڏي، جو ڪهڙو خيال آهي؟“
    شهمير هڪدم وراڻيو، ”اسين ڪاري کي اُڦٽ مارينداسين.“
    رٽائرڊ مختيار ڪار، سماجي ڪارڪن ۽ سنهڙي هيڊڪلارڪ چيو، ”تڪڙ نه ڪريو. توهين نوجوان آهيون. توهانجو رت گرم آهي. ماستر دائم جي صلاح مناسب آهي. ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“
    يوسف، اقبال، شهمير ۽ مون هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.
    مختيار ڪار کي گوڏن ۾ وائي سور هو. هو گوڏن تي هٿ رکي اُٿيو، ”مان پنهنجي گهران فون ڪري منسپالٽيءَ وارن کي گهرائي ٿو وٺان. ٻاڻهيئي اچي کيس سوگهو ڪندا.“
    رٽائرڊ مختيار ڪار هليو ويو. هو جيستائين نه موٽيو، تيستائين ڪنهن ڪجهه نه ڳالهايو. ڪمري ۾ خاموشي رهي. ٻاهران رڙين، گوڙ گهمسان ۽ ماڻهن جي ڊوڙڻ ڊڪڻ جا آواز ايندا رهيا.
    ٿوري دير کانپوءِ رٽائرڊ مختيار ڪار موٽي آيو. چيائين، ”ميونسپالٽيءَ وارن چيو ته اسين سج لهڻ کانپوءِ ڪتا نه جهليندا آهيون.“
    ”پوءِ؟“
    هن چيو، ”صبح تائين اسانکي ڪاري جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صبح جو منسپالٽيءَ وارا کيس پاڻهيئي پڪڙي ويندا.“
    ”حفاظت! ڇتي ڪتي جي حفاظت!“ شهمير چيو، ”هوش ۾ ته آهيو؟“
    اقبال چيو، ”اسين ڪاري کي مارينداسين.“
    ”هينئر، اصل هن وقت،“يوسف چيو.
    پاڙي جي پوڙهن، اسانجي بزرگن ۽ چڱن مڙسن جو وات ڦاٽي ويو. هو حيرت ۽ اچرج مان اسان ڏانهن ڏسڻ لڳا. سماجي ڪارڪن چيو، ”توهين ظالم آهيو“
    ”اسين ظالم آهيون!“
    ”ها.“ هن وراڻيو،” اسان سالن جا سال سندس سار لڌي آهي. افسوس، جو اڄ توهين نوجوان، ويچاري ڪاري کي اُڦٽ مارڻ جون وايون پيا ڪڍو. افسوس افسوس!“
    ”ڪارو ڇتو ٿي پيو آهي.“ مون چيو، ”اسين کيس ضرور مارينداسين.“
    ”اهو وحشي فيصلو آهي.“
    ”وحشي فيصلو!“ يوسف ذري گهٽ رڙ ڪئي. چيائين، ”ڪاري توهان کي، توهانجي ٻارڙن کي، توهانجي عورتن کي کاڌو آهي، پر تڏهن به توهين مٿس مهربان آهيون!“
    ”اسين کيس ضرور مارينداسين،“ شهمير چيو.
    اقبال چيو، ”دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڇتن ڪتن کي ماريو ويندو آهي.“
    شهمير، اقبال، يوسف ۽ مونکي چيو، ”هلو. دير نه ڪريو. رات جو پهريون پهر شروع ٿيو آهي. پهرين پهر ۾ اسانکي ڪارو ڪتو مارڻو آهي.“
    مون ڪهاڙي کڻي ورتي.
    اسين چاريئي دوست ڪاري ڪتي کي مارڻ لاءِ بلڊنگ مان نڪڙي سڙڪ تي اچي بيٺاسين.
    چوواٽي تي بيهي يوسف وڏي واڪ چيو، ”پاڙي وارؤ، ٿانئيڪا ٿيو. لڙ بکيڙي ۾ ڪاري جي ورنه چڙهو. پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو.“
    ڪوهيڙي جي پڙدن مان ڌوڪي ايندڙ رڙيون، واڪا ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ جا آواز ڍرا ٿيڻ لڳا. ٿوري دير کانپوءِ سموري پاڙي ۾ ماٺ ڇائنجي ويئي.
    ڪوهيڙي ۽ اونده سبب ڪاري جو پتو نه پئي پيو. اسين خبرداريءَ سان وڌڻ لڳاسين.
    اقبال چيو، ”اونده ۽ ڪوهيڙي ۾ ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي. خيال ڪجو. متان ڪارو اوچتو ئي اوچتو حملو ڪري ويهي.“
    تڏهن اوچتو اونده مال بل کائي ڪارو ڪتو منهنجي مٿان اچي پيو. سڻڀ تي پليل هو. جهڙو سوئر، مان ڦهڪو ڪري، ڪري پيس. ان کان اڳ جو ڪارو پنهنجا ڏند منهنجي ماس ۾ وجهي، اقبال هاڪي وهائي ڪڍيس. هاڪي کائي ڪاري هڪدم اقبال تي اُلر ڪئي. پر اقبال تيار بيٺو هو. موٽ ۾ ڪيپراٽيءَ واري هاڪي وهائي ڪڍيائينس. ڇتا ڪتا ڀونڪندا ناهن. ڪارو هاڪي کائي ملان جي حجري ڏانهن ويندڙ سڙڪ طرف رخ ڪيو. شهميرٻه گوليون هڪ ٻئي جي ڪڍ هلايون. پر ٻئي گوليون گُسي ويس. اهو سمورو ڊرامو هڪ منٽ ۾ ٿيو.
    مان ڪهاڙي کڻي اٿي بيٺس. ڏند ڪرٽيندي چيم، ”ڪاري کي نه ڇڏيو.“
    ان وقت ڪنهن عورت جي رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا- ”بچايو- بچايو.“
    آواز ان طرف پئي آيو، جيڏانهن ڪارو ڪتو ڀڳو هو. اسين ڪوهيڙي ۽ اونده ۾ ڊوڙڻ لڳاسين. حجري کان اورتي ڏٺوسين ته هڪ عورت هيٺ ڪري پيئي هئي ۽ ڪاري پنهنجا ڏند سندس ڪلهي ۾ قابو ڪري ڇڏيا هئا. هوءَ رڙي رهي هئي. ڦٿڪي رهي هئي.
    مون ڪهاڙي اُڀي ڪئي. شهمير بندوق سڌي ڪئي. پر يوسف اسانکي روڪيو، چيائين، ”متان گُسي وڃو ۽ مائي ماري وجهو.“
    يوسف وٽ لوڙهه هئي جنهن جي هيٺائين حصي تي لوهه ويڙهيل هو. يوسف لوڙهه ورائي ڦيرائي ڪاري جي پٺيءَ تي ڦهڪائي ڪڍي.
    ڪاري جا ڏند مائي جي ڪلهي مان ڇڏائجي ويا. مائي ٽپ ڏيئي اُٿي کڙي ٿي. ان وقت ڪاري ٻيهر ڦيرو کاڌو ۽ پنهنجا ڏند مائيءَ جي پنهيءَ ۾ پختا ڪري ڇڏيا. مائي چوتاڪ ٿي ڪري پيئي. اقبال ڪاري کي ڪنڌ واري هاڪي وهائي ڪڍي. ڪاري اُڇل کاڌي. اڇل کائي مائيءَ جي ٻانهن ۾ وڃي چڪ هنيائين. اوچتو شهمير بندوق ابتي ڪري، زوم مان ڪنداق نڪ ۽ ڪيپراٽيءَ جي وچ تي وهائي ڪڍيس. ڪاري جا ڏند مائيءَ جي ٻانهن مان نڪري آيا. ڪنداق جو ٻيو ڌڪ کائي ڪارو وٺي ڀڳو.
    اقبال ۽ يوسف مائيءَ کي اسپتال تائين پهچائڻ ۾ لڳي ويا. شهمير ۽ مان ڪاري ڪتي جي ڪڍ لڳاسين. ڪوهيڙو ڇڊو ٿي ويو هو. ٽيوب لائيٽ جي روشنين ۾ ڪاري ڪتي کي ڊوڙندي ڏٺوسين.
    ڪارو ڊوڙندو، گڦ وهائيندو، سڌو ملان جي حجري ۾ هليو ويو. اسين سندس ڪڍ. پر ان کان اڳ جو اسين ڊوڙندا حجري ۾ هليا وڃون. ٿُلهو، متارو ملان، حجري جي در ۾ پيٽ ڪڍي بيهي رهيو.
    ملان ٺپ اڻپڙهيل آهي. قرآن ۽ حديث کان اڻواقف، پاڻ کي ڪڏهن مولانا ۽ ڪڏهن علامه سڏائيندو آهي. تعويذ ڳنڍا ڪرڻ سندس ڌنڌو ۽ پيشو آهي.
    ملان کي حجري جي در وٽ ڏسي شهمير رڙ ڪنديي چيو، ”هٽي وڃ، ملان .تنهنجي حجري ۾ هڪ ڇتو ڪتو ڪاهي آيو آهي.“
    ”ڪاري منهنجي حجري ۾ پناهه ورتي آهي.“ ملان چيو، ”سندس حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.“
    ”ڇتي ڪتي جي حفاظت تنهنجو فرض آهي!“
    “ها. خاص ڪري جڏهن هن منهنجي حجري ۾ پناهه ورتي آهي.“
    ”ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن پاڙي سان ويل وهائي ڇڏيا آهن.“
    ”ڪارو ڪتو ڇتو ناهي. ڇتو هجي ها ته مون کي چڪ نه وجهي ها؟“
    ”اِها ڳالهه سوچڻ جوڳي آهي.“ مان سچ پچ سوچ ۾ پئجي ويس. ملان جي ڳالهه ٻڌي مون کي تعجب ٿيو. واقعي! ڇتي ڪتي ملان کي ڇو نه کاڌو هو! ڪهڙو تعلق آهي ٻنهي جو پاڻ ۾!
    ”تون ڪهڙي ٻڏتر ۾ پئجي ويو آهين!“ شهمير چيو، ”اسين ڪاري کي جيئرو نه ڇڏينداسين.“
    مون ڇرڪي شهمير ڏانهن ڏٺو.
    شهمير بندوق سڌي ڪندي چيو، ”هٽي وڃ ملان. مان ڪاري جا ڦڦڙ ڪڍندس.“
    ملان حجري جي در وٽان پري نه ٿيو.
    ان وچ ۾ ڪارو ڪتو حجري اندران ظاهر ٿيو ۽ اسان تي حملو ڪرڻ بدران ملان جي پُٺ وٺي بيٺو ۽ اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.
    شهمير ڪروڌ ۽ ڪراهت وچان بندوق سڌي ڪندي وڏي واڪ چيو، ”پري ٿيءُ. هٽي وڃ. وچ ۾ نه اچ. اجايو مارجي ويندين، ملان. اسان جو جهيڙو توسان نه، ڇتي ڪتي سان آهي.“
    ملان اهڙو چُري جهڙي ڀت! پر، دهشت وچان ويو هيڊ ٿيندو. اکر لُڪيءَ ۾ اٽڪي پيس.
    ملان جي ماٺ ۾ شهمير کامڻ لڳو. ڏند ڪرٽيندي ۽ بندوق جي گهوڙي تي آڱر رکندي شهمير چيو، ”ڇتي ڪتي کي پناهه ڏني اٿئي! اڙي، شرم نه ٿو اچيئي ملان!“
    تڏهن، اُتي جو اُتي، سمورو ماحول زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد ٿي ويو. تاريخ جا ورق ورڻ لڳا. مون محسوس ڪيو، صدين کان جابر ۽ ظالم، رياڪار ۽ وحشيءَ احتساب کان بچڻ لاءِ هر دور ۾ ڪنهن ملان جي اوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي آهي ۽ هر دور ۾ هڪ شهمير بيوس ٿي ڏانهس ڏسندو رهيو آهي.
    اک ڇنڀ ۾ وري سمورو ماحول زمان ۽ مڪان جي پابندين ۾ جڪڙجي ويو. مون شهمير ڏانهن ڏٺو.

    [شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي. ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي. شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري، يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! ]


    ڪپيل ٻانهن جو وارث

    سول اسپتال جي مڙدي، خاني ٻاهران عورتن، مردن ۽ ٻارن جو انبوهه هو. انبوهه مان روڄ راڙي ۽ اوڇگارن جا آواز پئي آيا.
    ماڻهن جي انبوهه پٺيان ميدان ۾ پوليس جون ٻه لاريون، هڪ ٽرڪ، هڪ پڪ اپ، ٻه جيپون ۽ ايس پيءَ جي نيري رنگ جي فوڪس ويگن ڪار بيٺي هئي. ڪجهه پر ڀرو پپل جي وڻ هيٺان ميجسٽريٽ صاحب جي اڇي رنگ واري مزدا ڪار بيٺي هئي.
    مڙدي خاني جي ڀوائتي ورانڊي ۾ نوجوان ميجسٽريٽ ۽ وچولي عمر وارو ايس- پي بيٺا هئا. ايس- پيءَ جو پيٽ گولائيءَ ۾ ڪجهه سرس هو، جنهن مان سندس مالي خوشحالي ظاهر پئي ٿي. ميجسٽريٽ اڃا نئون نوڪري ۾ گهڙيو هو، تنهنڪري پوريءَ ريت خوشحال ٿي نه سگهيو هو. هو ٻئي ڄڻا نڪ تي رومال ڏيئي مڙديخاني جي ورانڊي ۾ بيٺا هئا.
    مڙدي خاني ۾ تازن فسادن ۾ مئل ماڻهن جا لاش پيا هئا، لاشن تي قانوني ڪارروائي ٿي چڪي هئي. لاشَ هڪ هڪ ڪري ميجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ وارثن کي حوالي ڪيا پي ويا. سول اسپتال جي تاريخ ۾ اڳ ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو، جو ميجسٽريٽ ۽ ايس- پيءَ جي موجودگيءَ ۾ پوسٽ مارٽم ڪيل لاش وارثن کي حوالي ڪيا ويا هجن. اُهو موقعو عجيب هو. ڪنهن به طرح عام رواجي نه هو. لاتعداد اخباري نمائندا، سماجي ڪارڪن، فوٽو گرافر اُتي موجود هئا.
    مڙدي خاني جي غليظ، اونداهي ۽ هيبتناڪ ڪمري ۾ ڪجهه لاش پيا هئا. لاشن وٽ اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر، ٻه ڊاڪٽر، ڇهه – ست وارڊ بواءِ، ڪجهه سپاهي ۽ هڪ صوبيدار بيٺا هئا. ڌپ کان بچڻ لاءِ هن نڪ بند ڪري ڇڏيا هئا.
    صوبيدار هڪ هڪ ڪري لاش ٻاهر کڻائي پئي آيو. ٻاهر ورانڊي ۾ بيٺل مئجسٽريٽ ۽ ايس – پي آڏو لاش ترسائي، لاش سان گڏ ٻنهي صاحبن جو فوٽو ڪڍائي، لاش انبوهه ڏانهن کڻائي پئي ويو. فوٽو ڪڍائڻ مهل مئجسٽريٽ ۽ ايس – پي نڪ تان رومال هٽائي پي ڇڏيو.
    نوجوان مئجسٽريٽ کان وڌيڪ ايس پي تجربيڪار هو. هن نوجوان مئجسٽريٽ کي سمجهائي ڇڏيو هو، ته اهي فوٽا اخبارن ۾ ڇپبا. حاڪمن تائين وڃي پڄندا ، تنهن ڪري اسان جي منهن مان بيزاري ظاهر ٿيڻ نه گهرجي.
    صوبيدار مڙدي خاني مان هڪ هڪ ڪري لاش کڻائي پئي آيو ۽ ورانڊي ۾ مئجسٽريٽ ۽ ايس پيءَ کي ٿي ڏيکاريو، جن نڪ تان رومال هٽائي، ڪجهه هيٺ جهڪي، منهن تي ڪجهه غم ۽ رنج جا تاثر آڻي، ڪمال اداڪاريءَ سان فوٽو ڪڍائي پئي ورتو. ان ڪارروائيءَ کانپوءِ صوبيدار لاش وارثن جي حوالي ڪندو ٿي ويو.
    ڪجهه دير کانپوءِ مڙدي خاني مان اسپتال جو ايڊمنسٽريٽر ٻاهر آيو. هو توائي پئي ڏٺو. جنهن ڪم تي کيس بيهاريو ويو هو، سو پنهنجي مرتبي کان هيٺ پئي ڀانيائين. هو مئجسٽريٽ ۽ ايس پي وٽ اچي بيٺو. رومال سان منهن اُگهندي چيائين، ”سمورا لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. مان وڃان ٿو.“
    مئجسٽريت پڇيو، ”ڪل گهڻا لاش هئا؟“
    ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”چوڏهن“
    ”پڪ؟“ مئجسٽريٽ پڇيو.
    ”ها سائين، پڪ،“ ايڊمنسٽريٽر بيزار ٿيندي وراڻيو.
    مئجسٽريٽ هڪ ته جوان هو، مٿان بي انداز اختيار مليل هئس. ڏاڍي رعبائتي نموني ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي ايڊمنسٽريٽر کان پڇيائين، ”مڙدي خاني کي گهڻا در ۽ گهڻيون دريون آهن؟“
    ايس پي حيرت مان نوجوان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.
    ايڊمنسٽريٽر وراڻيو، ”مڙدي خانيءَ کي ٻه دريون ۽ چار روشندان آهن ۽ هڪ در آهي.“
    ”درين کي لوهي شيخون لڳل آهن؟“
    ”ها.“
    ”۽ در؟“
    ”در کي تالو لڳل هوندو آهي.“
    ”ڀلا روشندان فرش کان ڪيترو مٿي آهن؟“
    ”اٽڪل ٻارهن فوٽ کن مٿي آهن.“
    ”روشندانن کي لوهي شيخون آهن؟“
    ”نه.“
    ”هون!“ مئجسٽريٽ وڏي سوچ ۾ پئجي ويو. اهڙو گنڀير ٿي ويو، ڄڻ خون جي ڪيس ۾ مغز ماري رهيو هو.
    ايڊمنسٽريٽر ڪجهه خارباز طبيعت جو هو. هن چيو، ”سائين، يقين ڪريو، ڪوبه لاش مڙدي خاني مان ڀڄي نه ويو آهي. درين کي لوهي شيخون لڳل آهن. جيڪڏهن ڪوبه لاش روشندان مان ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها ته ضرور ٽنگ ڀڄيس ها.“
    نوجوان مئجسٽريٽ کي لوندڙين تي پگهر اچي ويو. ٿڏي تي ايڊمنسٽريٽر جا لاهه ڪڍي ڇڏي ها، پر ايس پي جي منهن تي مرڪ ڏسي سور پي ويو.
    ايڊمنسٽريٽر هليو ويو. اخباري نمائندا ۽ فوٽو گرافر به روانا ٿي ويا. انبوهه ڇڙوڇڙ ٿيڻ لڳو. تڏهن اوچتو مڙدي خاني مان آواز آيو، ”ترسو.“
    انبوهه پنڊ پهڻ ٿي ويو. مئجسٽريٽ ۽ ايس پي منهن ورائي مڙدي خاني ڏانهن ڏسڻ لڳا. مڙدي خاني جي در ۾ صوبيدار بيٺو هو. سو ڏسي ٻنهي جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي.
    صوبيدار اڳتي وڌي آيو. سندس هٿ ۾ ڪُلهي وٽان ڪپيل هڪ ٻانهن هئي. هو ايس پي ۽ مئجسٽريٽ آڏو اچي بيٺو. هن عجيب بي ڍنگي لهجي ۾ چيو، ”هيءَ ٻانهن مڙدي خاني جي ڪنڊ ۾ پئي هئي.“
    ايس پي ۽ مئجسٽريٽ حيرت وچان ڪپيل ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪا رت ۽ مٽيءَ سان ٿڦيل هئي. ايس پي پاڻ سنڀالي ورتو. صوبيدار کي کڙڪيدار آواز ۾ چيائين، ”ان ٻانهن کي مڙديخاني ۾ اُڇلائي اچ.”
    صوبيدار مڙدي خاني ڏانهن وڃڻ لڳو.
    ”ترس“ مئجسٽريٽ کيس روڪيو. چيائين، ”انصاف جي تقاضا موجب هيءَ ڪپيل ٻانهن وارثن جي حوالي ڪئي ويندي.“
    ايس پي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نوجوان مئجسٽريٽ نه مڙيو. هن عدل جهانگير جو رڪارڊ ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. چيائين، ”هيءَ ٻانهن وارثن کي ڏني ويندي.“
    ايس پي جڪ کاڌا.
    مئجسٽريٽ ٻنهي ڊاڪٽرن کي گهرايو، جيڪي مڙدي خاني مان نڪرڻ کانپوءِ تازي هوا کائي رهيا هئا. کانئن پڇيائين، ”ڪو اهڙو لاش به وارثن کي ڏنو ويو آهي ڇا، جنهن کي هڪ ٻانهن نه هئي؟“
    ٻنهي ڊاڪٽرن ڪاغذن جي جاچ ڪرڻ کانپوءِ انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪوبه ٻانهن ڪپيل لاش مائٽن کي نه ڏنو ويو آهي.
    مئجسٽريٽ پاڻ کي اڪابر ثابت ڪرڻ لاءِ چيو، ”ته پوءِ هن ٻانهن جو لاش ڪٿي آهي!“
    ”ايس پيءَ کنگهي پنهنجي کل هضم ڪري ويو. هن مرڪندي چيو، ”ممڪن آهي، جنهن شخص جي هيءَ ٻانهن آهي، سو اڃا جيئرو هجي.“
    مئجسٽريٽ کي اها ڳالهه پسند نه آئي. چيائين، ”اهو ممڪن آهي.“
    هڪ ڊاڪٽر چيو، ”جنرل وارڊ ۾ پنجن ڏينهن کان هڪ زخمي داخل آهي، جنهن کي ڪُلهي وٽان هڪ ٻانهن ناهي.“
    ”ته پوءِ هيءَ ٻانهن پڪ ان زخمي جي آهي.“ مئجسٽريٽ ڊاڪٽر کي چيو، ”مونکي ان مريض ڏانهن وٺي هل. مان هيءَ ٻانهن کيس حوالي ڪندس.“
    ايس پيءَ ۽ انبوهه کي ترسڻ لاءِ چئي، مئجسٽريٽ صوبيدار کان ٻانهن کڻائي، ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري جنرل وارڊ ڏانهن ويو.
    ڊاڪٽر مئجسٽريٽ کي سڌو وڃي ان زخميءَ وٽ بيهاريو، جنهن کي ڪلهي وٽان ٻانهن نه هئي.
    مئجسٽريٽ زخميءَ کي چيو، ”اسانکي مڙدي خاني مان هڪ ٻانهن لڌي آهي. اسين سمجهون ٿا، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“
    زخمي دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. سندس منهن ۾ گنڊ هو. ايذاءُ سبب چپ خشڪ ۽ اکيون ڏرا ڏيئي ويون هئس. هن ڪنڌ ورائي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو.
    مئجسٽريٽ صوبيدار جي هٿ ۾ جهليل ٻانهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”منهنجو خيال آهي، هيءَ ٻانهن تنهنجي آهي.“
    مريض مئجسٽريٽ تان نظرون هٽائي، ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪجهه دير کانپوءِ هن وري مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“
    مئجسٽريت وائڙو ٿي ويو. ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس . چيائين، ”مان پنجويهن سالن جو آهيان.“
    ”مان به پنجويهه سالن جو آهيان. پاڪستان به پنجويهه سالن ** جو آهي.“ زخميءَ چيو، ”پنجويهه سالن ۾ هن ملڪ تو جهڙن کي پنجويهه ٻانهون ڏيئي ڇڏيون آهن. مونکان ٻن ٻانهن مان هڪ ٻانهن ڦري ورتي آهي.“
    مئجسٽريٽ اجايو کلڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس شڪل ڀولي جهڙي ٿي ويئي. چيائين، ”مان حڪومت پاڪستان طرفان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“
    زخميءَ ڪرڙي اک سان مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. ڄاڙِيءَ جا هڏا هڪ ٻئي ۾ جڪڙجي ويس. منهن جو رنگ بدلجندو ويس. تڪليف بدران، سندس منهن مان بي پناهه نفرت ظاهر ٿيڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ کان زخميءَ جي خاموشي ۽ گهائل ڪندڙ گهور برداشت ٿي نه سگهي. چيائين ، ”مان توکي تنهنجي ٻانهن موٽائي ڏيڻ آيو آهيان.“
    ”مونکان جيئري جاڳندي ٻانهن وٺي، مونکي مئل ٻانهن ڏيڻ آيو آهين!“ زخميءَ ڏند ڪرٽيندي چيو، ”مان فنڪار آهيان. مان مئل ٻانهن کي ڇا ڪندس! مونکي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“
    ڊاڪٽرن مئجسٽريٽ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”هن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اسين کيس چرين جي اسپتال موڪلينداسين.“
    مئجسٽريٽ نه مڙيو. زخميءَ کي چيائين، ”توکي پنهنجي ٻانهن نه گهرجي؟“
    ”مان مئل ٻانهن ڇا ڪندس!“ زخميءَ چيو، ”پنهنجي حڪومت کي چئه ته مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏئي. مونکي جيئري ٻانهن گهرجي. مان فنڪار آهيان. مان تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿو. مان ڪوي آهيان. مان گيت لکڻ چاهيان ٿو. مان سودائي آهيان. مان ڪهاڻيون لکڻ چاهيان ٿو. مونکي منهنجي ٻانهن موٽائي ڏيو. مونکي منهنجي جيئري ٻانهن موٽائي ڏيو.“
    مئجسٽريٽ کي وحشت وٺي ويئي. هو ڊاڪٽرن ۽ صوبيدار سميت موٽي ويو.
    مڙدي خاني جي ورانڊي ۾ ايس پيءَ چيس، ”منهنجي مڃو . هيءَ ٻانهن مڙدي خاني ۾ رکائي ڇڏيو.“
    ”نه.“ نوجوان مئجسٽريٽ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جي وارثن کي ضرورت هٿ ڪندس.“
    هن صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، مٿي ڪري انبوهه کي ڏيکاريندي چيو، ”هن ٻانهن جو جيڪڏهن ڪو وارث آهي ته ثابتي ڏيئي ٻانهن وٺي وڃي.“
    ٻانهن ڏسي انبوهه ۾ چرپر، چوٻول ٿيو.
    ڪجهه مرد ۽ عورتون اڳتي وڌي آيا. غور سان ٻانهن ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن تي رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ چڙهيل هئا.
    هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ چيو، ”سائين، اها ٻانهن منهنجي پيءُ جي آهي.“
    مئجسٽريٽ ڪنڌ ورائي ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو. پڇيائين، ”ڪيئن ٿي چوين ته اها ٻانهن تنهنجي پيءُ جي آهي؟
    ________________________________________
    * هيءَ ڪهاڻي 1972ع جي آهي.
    ڇوڪريءَ وراڻيو، ”منهنجو پيءُ جيئرو آهي. هن کي هڪ ٻانهن ڪانهي.“
    مئجسٽريت کان ڇرڪ نڪري ويو. پڇيائين، ”ڪڏهن کان تنهنجي پيءُ کي ٻانهن ڪانهي؟“
    ”مونکي ياد ناهي.“ ڇوڪريءَ وراڻيو ، ”منهنجي ماءُ مونکي ٻڌائيندي آهي ته منهنجي پيءُ کي ٻئي ٻانهون هونديون هيون. هو سچ لکندو هو. هڪڙي ڏينهن انصاف جا علمبردار آيا ۽ بابا جي اُها ٻانهن ڪپي ويا، جنهن ۾ سچ لکندڙ هٿ هو.“
    مئجسٽريٽ هٿ جي اشاري سان ڇوڪريءَ کي پري ڪري بيهاريو. پوءِ انبوهه ڏانهن ڏسندي چيائين، ”ٻيو ڪو وارث آهي؟“
    جهور ڪراڙي عورت ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”هيءَ منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”ثبوت ڏي مائي“ مئجسٽريٽ چيو.
    ”هو سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ٻه رپيا ڪمائي وٺندو هو ، جنهن مان اسين هڪ ويلو ماني کائيندا هئاسين ۽ باقي مسواڙ ۽ دوائن ۾ لڳائي ڇڏيندا هئاسين.“ پوڙهيءَ چيو، ”منهنجو پٽ جنهن ڏينهن چار ڇهه آنا وڌيڪ ڪمائي وٺندو هو ، تنهن ڏينهن ابراهيم بوريءَ جي دڪان تان منهنجي لاءِ جليبيون وٺي ايندو هو.“
    ”پر تون ڪيئن دعويٰ ٿي ڪرين ته هيءَ تنهنجي پٽ جي ٻانهن آهي؟“
    ”مونکي سنڌن جو سور آهي. هو روز رات جو مونکي زور ڏيندو هو.“ ڪراڙيءَ ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”مان ماءُ آهيان. مان پنهنجي پٽ جي ٻانهن سڃاڻي نه سگهنديس! هيءَ ضرور منهنجي ئي پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”تنهنجو پٽ ڇا ڪندو هو، مائي؟“
    ”هو ڀيم پوري وٽ لوسڻ وڪڻندو هو.“ مائيءَ وراڻيو ، ”گذريل فسادن ۾ هڪ ڏينهن جيئن گهران نڪتو، ته اڄ تائين نه موٽيو آهي.“
    ”تون ترس مائي .“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻين کان پڇڻ کانپوءِ مان فيصلو ڪندس ته ٻانهن جو حقيقي وارث ڪير آهي .“
    هڪ سترهن- ارڙهن سالن جو ڇوڪرو اڳتي وڌي آيو. ٻانهن ڏانهن غور سان ڏسندي چيائين ، ”مونکي پڪ آهي، ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
    ”ثبوت ڏي.“
    ”هو گلوب ٽيڪسٽائيل مل ۾ مزدور هو.“ ڇوڪري چيو ، ”هو ڪارخاني مان ڪپڙن جا ٿانَ کڻي گدام ۾ آڻي رکندو هو.“
    ”پر تون وٽ ڪهڙي ثابتي آهي ته هيءَ تنهنجي ڀاءُ جي ٻانهن آهي؟“
    ”جڏهن کان هو فسادن ۾ گم ٿي ويو آهي، تڏهن کان اسان جو گهر لنگهڻ تي آهي.“
    ”اهو ڪو ثبوت ڪونهي.“
    ڇوڪري هڪدم وراڻيو، ”هو ڪپڙي جا ٿان ٻانهن ۾کڻندو هو . لاڳيتو وزن کڻڻ سبب سندس هڪ ٻانهن رونڊي ٿي وئي هئي. هيءَ ٻانهن به رونڊي آهي.“
    مئجسٽريت چيو، ”هيءَ ٻانهن ڪپجڻ کانپوءِ سڪي ويئي آهي، تنهنڪري رونڊي ٿي ڏسجي.“
    ”پر مونکي پڪ آهي ته هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ جي آهي.“
    ”ان جو فيصلو مان ڪندس.“ مئجسٽريٽ انبوهه ڏانهن ڏسندي چيو، ”ٻيو ڪو؟“
    هڪ وچولي عمر وارو شخص اڳتي وڌي آيو، هو ڏسڻ ۾ عجيب پي لڳو. کيس مٿي تي پراڻو ٽوپلو، ڊگهو ڪوٽ، ڪالر وٽان ڦاٽل قميص ۽ تمام ڍلي پتلون پاتل هئي. کيس ڪوٽ جي کيسي ۾ اڌ ڊزن فائونٽن پينون ۽ چار ڳارهيون نيريون پينسلون ٽنبيل هيون. هن اڳتي اچي ٻانهن جو معائنو ڪيو. صوبيدار جي هٿ مان ڪپيل ٻانهن وٺي، چڱي طرح جاچي، صوبيدار کي موٽائي ڏنائين. پوءِ ٿورو سيٽجي ۽ ٿورو آڪڙجي بيٺو. چيائين، ”مان سرچارلس نيپئر ديسي آهيان.“
    غمگين ۽ اُداس بيٺل ماڻهن کي کل اچي ويئي.
    ”اڙي! توهين کلو ٿا!“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”وڏا ڪي بيشرم آهيو.“
    ”ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي ڪَن ۾ چيو، هيءُ موهن جي دڙي جو گم ٿيل انگريز نڪ ۾ دم ڪندو.“
    ”اي کوٻلا“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ ايس پيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مان توکي سڄاڻان ٿو. تون جيڪب آهين.“
    ماڻهو وري کلي پيا.
    ”کلو نه، روئو – هنجون هاري روئو، ڇو جو توهانکي خبر ناهي ته هيءَ ڪپيل ٻانهن ڪنهنجي آهي.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ انبوهه تي نگاهه ڄمائي ڇڏي.
    نوجوان مئجسٽريٽ ڏڪندي ڏڪندي کانئس پڇيو، ”سر، توهانکي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهن جي آهي.“
    ”ڪيئن سائين؟“
    ”مان 1843ع کان اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان.“
    ”1843ع کان!“
    ”ها 1843ع کان.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ وراڻيو، ”مان هر دور ۾ اها ٻانهن ڪپيندو آيو آهيان. تنهنڪري مونکي خبر آهي ته هيءَ ٻانهن ڪنهنجي آهي.“
    ايس پي چپن ۾ مرڪڻ لڳو. مئجسٽريٽ لوندڙين تان پگهر اُگهندي سر چارلس نيپئر ديسيءَ کان پڇيو، ”سر، هيءَ ٻانهن ڪنهنجي آهي؟“
    ”هيءَ ٻانهن جنرل هوش محمد شيديءَ جي آهي،“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ وراڻيو.
    ”جنرل هوش محمد شيدي!“
    ”ها. جنرل هوش محمد شيدي.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”هر دؤر ۾ مان انهن کي هوشوءَ جي ڪلهي کان ڪپي ڌار ڪندو آهيان، پر وري ٻئي ڪنهن دور ۾ اها ٻانهن هوشوءَ جي ڪلهي سان لڳي جيئري ٿي پوندي آهي. اها ٻانهن ملڪ ۾ وڳوڙ وجهندي آهي. نوجوانن کي هٿياربند جدوجهد جي ترغيب ڏيندي آهي، حاڪمن لاءِ مصيبت پيدا ڪندي آهي. پر هن دفعي مان ان ٻانهن کي پڄي رهندس.“
    مئجسٽريٽ کانئس پڇيو. ”توهين هن ٻانهن کي ڇا ڪندا، سر؟“
    سرچارلس نيپئر ديسيءَ وراڻيو، ”نظريه پاڪستان جي حفاظت ، قومي يڪجهتي ۽ سرحدي بقا لاءِ مان انهن ٻانهن کي هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيندس. چمچو جهلڻ کانپوءِ اها ٻانهن هٿيار کڻڻ جي قابل نه رهندي .“
    مئجسٽريٽ کيس ٽارڻ لاءِ چيو ، ”سر، ٻانهن هر حال ۽ هر صورت ۾ توهانکي ڏني ويندي. في الحال ٻين وارثن جي ڳالهه ٻڌڻ ڏنو .“
    ”ٻڌبي ٺمري ۽ دادرو آهي.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، تون تفتيش ڪر، ڀولا.“
    مئجسٽريٽ پگهر اُگهيو. ايس پي چپن ۾ مرڪيو.
    مئجسٽريت انبوهه کان پڇيو، ”ٻيو ڪو آهي، هن ٻانهن جو وارث؟“
    هڪ نوجوان ڇوڪري انبوهه مان نڪري آئي. هوءَ حسين هئي اُداس ۽ ويرا ڳڻ ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ دلڪش ٿي ڏٺي.
    ايس پيءَ سڙٻاٽن ۾ مئجسٽريٽ کي چيو، ”هيءَ ڇوڪري رنڊي آهي. نالو فرزانه اٿس.“
    فرزانه ٻانهن وٽ اچي بيٺي. اکيون روئڻ سبب ڳاڙهيون ٿي ويون هئس. ٻانهن ڏانهن ڏٺائين ته روئي پئي. سڏڪن ۾ چيائين، ”هيءَ ٻانهن مونکي ڏيو.“
    ”ثابتي.“
    ”هيءَ ٻانهن شهمير جي آهي.“
    ”شهمير ڪيرهو؟“
    ”شهمير مانجهي مڙس هو. مشڪلن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسندو هو.“
    ”هو تنهنجو ڪير هو؟“
    ”ڇوڪريءَ جون اکيون رڻ ۾ ڦاٿل هرڻيءَ جي اکين وانگر وياڪل ۽ وائڙيون ٿي ويون. هن ڇپر کڻي مئجسٽريٽ ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”شهمير منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه هو.“
    ”تنهنجو مڙس هو؟“
    ”نه.“
    ”توهانجو مڱڻو ٿيو هو؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ؟“
    فرزانه منجهي پئي، ڪو جواب سمجهي نه آيس.
    ايس پيءَ مئجسٽريٽ کي آهستي چيو، ”هيءَ رنڊي آهي. هوندس ڪو خاص گراهڪ.“
    مئجسٽريٽ ڇوڪريءَ کي چيو ، ”توکي ثابت ڪرڻو پوندو، ته تون هن ٻانهن جي وارث آهين.“
    ڇوڪريءَ چيو، ”شهمير هڪ دفعي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ قابو ڪندي چيو هو، ته مڙس زندگيءَ ۾ فقط هڪ عورت جو هٿ جهليندو آهي ۽ اها عورت تون آهين. هن مونکي پنهنجو ڪيو هو. هو زماني جي ريتن رسمن جو قائل نه هو. چوندو هو، ته مرد جي وچن کان وڌيڪ مضبوط ٻيو ڪوبه ٻنڌڻ ناهي.“
    مئجسٽريٽ چيو، ”پر تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي شهمير جي آهي؟“
    ڇوڪريءَ جون اکيون ترسيل ساوڻ وانگر وسي پيون. چيائين ، ”شمير جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ تمام وڏي هوندي هئي، پر شهمير ان ليڪ تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪيو. هو چوندو هو، ته انسان پنهنجا ليڪا پاڻ ٺاهيندو آهي.“
    ڇوڪري ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويئي. هوءَ پنهنجن سڏڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آئي تڏهن چائين، ”فسادن جي هڪ وڏي انبوهه سان اڪيلي سر وڙهندي منهنجو شهمير مارجي ويو. هٿ ۾ عمر واري وڏي ليڪ هوندي به هو جوانيءَ ۾ مارجي ويو. فسادي سندس لاش جيپ سان ٻڌي، رستن تان گهليندا کڻي ويا. توهين ان ڪپيل ٻانهن جي هٿ ۾ عمر واري ليڪ ڏسو. ضرور وڏي هوندي.“
    صوبيدار چيو، ”ٻانهن جو هٿ رهڙجي ويو آهي. سموريون ليڪون ڊهي ويون اٿس.“
    ”تون ترس.“ مئجسٽريٽ چيو، ”مان ٻين دعوديدارن کان پڇي وٺان.“
    ”وڌيڪ ڦڏيبازي نه ڪر، مئجسٽريٽ ، ڀولا ،“ اوچتو سر چارلس نيپئر ديسيءَ ڳالهايو. چيائين، ”تو مونکي پرامز ڏنو آهي، ته اها ٻانهن مونکي ڏيندين .“
    مئجسٽريٽ موقعي جي نزاڪت ڏسندي، ڪاوڙ کي قابو ڪندي چيو، ”هيءَ ٻانهن هر حال ۾ توهانکي ڏني ويندي، سر چارلس نيپئر ديسي.“
    ٿينڪ يو،“ سرچارلس نيپئر ماٺ ٿي ويو.
    مئجسٽريٽ ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي وڏي واڪ پڇيو، ”ٻيو ڪو هن ٻانهن جو دعويدار آهي؟“
    هڪ منڊڙو پوڙهو گهوڙين تي هلندو اڳتي وڌي آيو. چيائين، ”هيءَ منهنجو پٽ جي ٻانهن آهي.“
    ”ثبوت.“
    ”منهنجي دل ٿي چوي ، اها منهنجي پٽ جي ٻانهن آهي .“
    ”قانون جي نگاهن ۾ دل ڪابه معنيَ نه رکندي آهي.
    ”اسانکي ثبوت گهرجي .“
    ”ثبوت!“
    ”ها، ثبوت“ مئجسٽريٽ پڇيو ، ”تنهنجي پٽ جو نالو ڇا هو؟“
    ”خاوند .“ وري هڪدم چيائين، ”خاوند ڏنو.“
    ”ڇا ڪندو هو؟“
    پوڙهي وراڻيو، ”لالو کيت ۾ سنڌي هوٽل ٻاهران پڪوڙا وڪڻندو هو.“
    ”ڪهڙو ثبوت اٿئي ته هيءَ ٻانهن تنهنجي پٽ جي آهي؟“
    پوڙهي جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، پر سندس اکين ۾ چمڪندڙ پدري شفقت ۽ ذهانت ٻوڙي نه سگهيو. پوڙهي چيو، ”پيءُ- پت جو رشتو ثبوت جو محتاج نه هوندو آهي ، سائين. روح جي ڇڪ سندن ڪسوٽي هوندي آهي.“
    ”مان مئجسٽريٽ آهيان. فلاسفر ناهيان.“ مئجسٽريٽ چيو، ”ٻانهن حاصل ڪرڻ لاءِ توکي ثبوت ڏيڻو پوندو.“
    پوڙهو سوچ ۾ ٻڏي ويو. منهن انيڪ ليڪن ۾ وراهجي ويس. ڪهجهه دير کانپوءِ چيائين، ”هڪ دفعي منهنجي هڪ گهوڙي ڀڄي پئي هئي. جيستائين ٻي گهوڙي واڍي کان ٺهرايان، تيستائين مان پنهنجي پٽ خاوند جي ٻانهن جي سهاري هلندو هوس. ها، مونکي ياد آهي. هيءَ ئي خاوند جي ٻانهن آهي. اڄ هو جيئرو هجي ها، ته توهين سندس جيئري ٻانهن سان هيءَ ڪپيل ٻانهن ڀيٽي ڏسو ها. پوءِ اعتبار ڪريو ها.“
    مئجسٽريٽ کي پوڙهي جو ثبوت قانون جي دائري کان ٻاهر لڳو. هن پوڙهي کي پري ڪري بيهاري ڇڏيو. هن ماڻهن ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”ٻيو ڪو دعويدار آهي؟“
    هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي ڇوڪري رئي سان اکيون اُگهندي اڳتي وڌي آئي. چيائين ، ”هيءَ ٻانهن منهنجي ڀاءُ صديق جي آهي.“
    ”ڇا ڪندو هو تنهنجو ڀاءُ ؟“
    ”هو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪلارڪ هو.“ ڇوڪريءَ چيو، ”گذريل فسادن ۾ گهران نڪتو ته ڳترا ڳترا ٿي گهر وارن کي مليو. ظالم کيس ڪُهي وڍي ، هڪ ڳوڻ ۾ وجهي راتو واهه اسان جي ڏيڍيءَ آڏو ڇڏي ويا هئا.“
    ڇوڪري اوڇنگارون ڏيئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    مئجسٽريٽ پڇيس، ”تو وٽ ڪو ثبوت آهي، ته هيءَ ٻانهن تنهنجي ڀاءُ جي آهي؟“
    ڇوڪري منجهي پيئي. روئڻ بند ٿي ويس.
    مئجسٽريٽ ورائي پڇيس، ”ٻانهن تي ڪو داغ ، ڌڪ جو نشان يا تر وغيره هوس؟“
    ڇوڪريءَ جون آليون اکيون چمڪڻ لڳيون. چيائين، ”فسادن کان ٻه ڏينهن اڳ اسان سندس مڱڻو ڪرايو هو. مون سندس هٿ تي ميندي لاتي هئي. ڏسوس، ان هٿ تي ميندي ضرور لڳل هوندي.“
    مئجسٽريٽ صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
    صوبيدار چيو، ”ٻانهن سڪي، ڪاراٺجي ويئي آهي. ٻيو ته هٿ بلڪل ڇليل آهي، رهڙجي ويو آهي. مينديءَ جو نالو نشان به ناهي.“
    ڇوڪري مايوس ٿي ويئي. آليون اکيون اُگهندي پري وڃي بيٺي.
    ان کان اڳ جو مئجسٽريٽ ڪپيل ٻانهن جي ٻئي ڪنهن دعويدار کي سڏ ڪري، سرچارلس نيپئر ديسيءَ وڏي واڪ چيو، ”اجائي جک ٿو مارين، مئجسٽريٽ موڳا.“
    ڪجهه ماڻهو ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا.
    مئجسٽريٽ کي خار وٺي ويا. هن ڪجهه کهري لهجي ۾ چيو، ”توهين ماٺ ڪري بيهو، سر چارلس نيپئر ديسي.“
    ”اڙي ماٺ ڪري وري ڪيئن بيهان!“ سر چارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ٿوري دير ۾ اها ٻانهن جيئري ٿيڻي آهي. ٿوري دير ۾ وري ممڻ مڃڻو آهي. ٿوري دير ۾ وري نظريه پاڪستان ۽ اسلام خطري ۾ پوڻو آهي. تنهنڪري دير نه ڪر، مئجسٽريت، ڀولا. اها ٻانهن مونکي ڏي ته هٿ ۾ چمچو ڏيئي ڇڏيانئس. پوءِ اِها ٻانهن گڙٻڙ نه ڪندي.“
    مئجسٽريٽ کي هڪ اٽڪل سجهي آئي. چيائين ، ”سر چارلس نيپئر ديسي ، مون فيصلو ڪيو آهي ته هيءَ ٻانهن توکي ڏيئي ڇڏيان.“
    ”تو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو صحيح فيصلو ڪيو آهي، مئجسٽريٽ ڀولا.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”ان ٻانهن جي هٿ ۾ چمچو اچڻ کانپوءِ تاريخ ۾ وري ڪڏهن به هوشو شيدي پيدا ٿي نه سگهندو.“
    ”توهان بلڪل صحيح فرمايو آهي.“ مئجسٽريٽ چيو، ”توهين چمچو کڻي اچو، اسين هيءَ ٻانهن توهانجي حوالي ڪنداسين.“
    ”مان چمچو کڻي ٿو اچان.“ سرچارلس نيپئر ديسيءَ چيو، ”پر ياد رک. متان ڪا پرپٺ بدمعاشي ڪئي اٿئي، مئجسٽريٽ ڀولا.“
    سرچارلس نيپئر ديسي هليو ويو.
    مئجسٽريٽ پگهر اُگهي ايس پيءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪو مٿس ذري گهٽ کلي رهيو هو.
    مئجسٽريٽ انبوهه ڏسندي چيو، ”هن ڪپيل ٻانهن جو ٻيو ڪو دعويدار آهي ڇا؟“
    انبوهه مان ڪو جواب نه آيو. پُراسرار ماٺ ماحول کي ڳڙڪائي ويئي.
    هن ٻيهر پڇيو، ”هن ٻانهن جو ٻيو ڪو وارث آهي ڇا؟
    تڏهن اوچتو، هڪ تمام ننڍو ٻار، جيڪو مشڪل سان پنڌ ڪرڻ لائق هو، اڳتي هليو آيو. هو هلندو اچي ڪپيل ٻانهن جي ڀرسان بيٺو. ٻار جو قد ڪپيل ٻانهن کان ننڍو هو. هن مئجسٽريٽ کي تمام چٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”مان هن ڪپيل ٻانهن جو وارث آهيان.“
    مئجسٽريٽ ۽ ايس پي کان ڇرڪ نڪري ويو. ايتري ننڍڙي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ٻڌي ٻنهي کي بدن ۾ سياٽو محسوس ٿيو.
    ٻار چيو، ”ان ٻانهن ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي، سو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي. مان ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جهلي محبت ۽ نفرت، ڪوڙ ۽ سچ جي ڇڪتاڻ ۾ ڇڄندڙ ماحول ۾ هلندو آهيان. پوءِ هلندي هلندي، جڏهن مان جوان ٿيندو آهيان، تڏهن اها ڪپيل ٻانهن تاريخ ٿي پوندي آهي. وقت جا ويري تاريخ سان پڄي نه سگهندا آهن. هو منهنجي ٻانهن ڪپي ڇڏيندا آهن. وري ڪو ٻار ان ڪپيل ٻانهن جي آڱر جهليندو آهي ۽ تاريخ ٺهندي ويندي آهي. هيءَ ڪپيل ٻانهن منهنجي آهي ۽ مان ئي هن ٻانهن جو وارث آهيان.“
    پوءِ ان کان اڳ جو ڪنهن کي خبر پئجي سگهي ته ڇا ٿي رهيو هو، ٻار هٿ وڌائي ڪپيل ٻانهن جي سڪل آڱر ۾ مٺ وڌي. ٻانهن صوبيدار جي هٿ مان ڇڏائجي ويئي. صوبيدار دهشت ۽ خوف کان هٽي ويو. مئجسٽريٽ ۽ ايس پي ڀت سان لڳي بيهي رهيا. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو.
    ڪپيل ٻانهن هوا ۾ آڀي ٿي بيٺي، ائين ڄڻ ڪنهن غيبي انسان جي ڪلهي سان لڳل هئي. ٻار جي مٺ ڪپيل ٻانهن جي آڱر ۾ لوهه ٿي ويئي. ٻار وک وڌائي. ٻانهن هوا ۾ لڏڻ لڳي ۽ ٻار جي وک وک سان وڌڻ لڳي. ٻانهن تي سڪل رت ۽ مٽيءَ جا چاپڙ آلا ٿيڻ لڳا. ڏسندي ڏسندي، ٻانهن مان ٽمندر رت ۾ ٻار جو آڱر جهليل هٿ آلو ٿي ويو. ٻار ڪپيل ٻانهن جي آڱر جهلي اڳتي وڌندو ويو.


    هڪ دور جو ماتم

    هڪ نوجوان عورت ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دريءَ وٽ اچي بيٺي ۽ هڪ مروڙيل پرس مان پئسا ڪڍڻ لڳي. سندس اڻڀا وار چڳون ٿي اجرڪ کان ٻاهر لٽڪي رهيا هئا. اکيون اُداس ۽ اُجهاميل هئس. ڀانئه ته، دل جو ڪنول ڪومائجي ويو هوس. منهن مان بي انتها مايوسي بکي رهي هئس. کيس ٻانهن ۾ پنجن– ڇهن مهينن جو ٻار هو. ڏهين ڏهين رپئي جا ٻه نوٽ ڪائونٽر تي رکندي چيائين، ”روهڙي.“
    مون کيس روهڙيءَ لاءِ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ، بچيل ريزگاري ۽ ڪجهه نوٽ موٽائي ڏنا. هن ڳڻڻ بنا پئسا ڪائونٽر تان کڻي ورتا.
    چيم، ”پيسا ڳڻي ڇڏ.“
    ”ٺيڪ هوندا،“ هن وراڻيو.
    ”تڏهن به،“ مون ڳالهائڻ چاهيو، پر پوءِ منهنجي نگاهه جڏهن سندس اُٻاڻڪي چهري تي پيئي، ته اتيئي رهجي ويئي. دل سيني جي قيدخاني ۾ ڦٿڪي پيئي. منهنجو شعور ۽ لاشعور ڌونڌاڙجي هڪ ٻئي سان ملي وري ڌار ٿي ويا. وقت وڌي ويندو آهي، پر پٺيان يادگيرين جا کيرٿر جبل ڇڏي ويندو آهي. کيس ڏٺم ته کيرٿر، ٻرندر جبل وانگر ڦاٽي پيو.
    هوءَ جيڪڏهن منهنجي مقدر جي ڪاتب نه هجي ها، منهنجي حياتيءَ تي حاوي نه هجي ها، منهنجين يادگيرين جي مالڪ نهجي ها، تڏهن کيس هرگز سڃاڻي نه سگهان ها. اهڙي هيڻي حال ۾ هوءَ ڪنهن اوپري عورت وانگر ٽڪيٽ وٺي هلي وڃي ها ۽ مان اوپري ڪلارڪ وانگر نصيب جو فريب کائي ويهان ها. کيس نظرانداز ڪري ڇڏيان ها.
    ”هوءَ ڪائونٽر تان کنيل پئسا ۽ ٽڪيٽ پرس ۾ رکي پليٽ فارم ڏانهن هلي ويئي.
    روح اتفاق جي بڙڇيءَ سان گهائل ٿي پيو. مون پنهنجي ساٿي ڪلارڪ کي چيو، ”مان ٿوري دير لاءِ ٻاهر ٿو وڃان.“
    کلندي پڇيائين، ”وري ڪنهن پاڇولي پٺيان پيو وڃين ڇا؟“
    مون کيس جواب نه ڏنو. پليت فارم ڏانهن هليو ويس.
    هوءَ ٽي اسٽال تي بيٺي هئي. چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ هوس. مان پريان بيهي کيس ڏسڻ لڳس.
    ٽن سالن کانپوءِ کيس ڏٺو هوم.
    ٽن سالن ۾ هوءَ خزان جي علامت ٿي ويئي هئي. هوءَ ڪنهن دردناڪ گيت جي آلاپ وانگر اُداس ۽ سُر سامونڊيءَ جي وائيءَ وانگر وياڪل هئي. گهڙيءَ کن سوچيم ته هوءَ شميم نه هئي، ٻي ڪا عورت هئي، پر اکين جي اُلڪي سوچ کي تياڳ ڏنو. مون دل جي خالي ۽ ويران عبادتگاهه ۾ سندس ڇڏيل يادگيرين جي دونهي ڏانهن ڏٺو. عبادتگاهه جي گنبذ مان مونکي منهنجي ئي هڪ گيت جي صدا ٻڌڻ ۾ آئي- ”دل اُجڙي، دنيا اُجڙي ، اُجڙيو هي سنسار.“ اجڙيو مان هوس. محبت جي چوٽ مون کاڌي هئي. شميم جي تصور سان دل جي دنيا مون آباد ڪئي هئي. مان ئي هوس، جنهن پيار جي بازي هارائي، گيتن ۽ ڪويتائن سان اندر جي اوساٿ اجهائڻ جي آس لڳائي هئي. پر ناڪام، ناڪام ۽ هر دفعي منهنجا گيت منهنجي اندر ۾ آڳ لڳائيندا هئا. مون باهه برهه جي ٻاري آ، مون دل جي وستي ساڙي آ.“ مان ڏکن جي ڏيهه جو واسي آهيان. اُداسيون منهنجو مقدر آهن.
    پر شميم کي اُداس ڏسي اکين تي اعتبار نه آيو. هوءَ ٽي سال اڳ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي ۾ ايم اي ڪري رهي هئي، تڏهن وقت ۽ حالتن تي حاوي هئي. هوءَ آدرشي (Idealist) هوندي هئي. سموري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن ڇوڪري يا ليڪچرار يا پروفيسر تي اک نه ٻڏندي هئس. هوءَ ڳالهائيندي سڀني سان هئي، پر تمام رسمي ۽ رواجي نموني.
    هوءَ مون سان منهنجن گيتن ۽ ڪويتائين تي ڳالهائيندي هئي. ڪڏهن يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊارن ۾ بيهي ۽ ڪڏهن کليل ميدانن ۾ وک وک کڻندي. مونکان اڪثر هڪ سوال پڇندي هئي، ”تون رومانٽڪ شاعري ڇو ڪندو آهين؟“ مان سندس انهيءَ عجيب سوال کي هميشھ نظرانداز ڪري ڇڏيندو هوس. تخليقي عمل جي باري ۾ ڳالهائڻ کي مان خام خيال سمجهندو آهيان. تخليقي عمل ۾ حالتن سان گڏوگڏ طبيعت جي لاڙي کي وڏو دخل هوندو آهي پر هڪ دفعي مون شميم جي ان سوال تي، ته مان رومانوي شاعري ڇو ڪندو آهيان، وراڻيو هوم، ”شميم، مون هڪ ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي آهي. منهنجي محبت جي انتها اها آهي، جو مونکان اڳ تاريخ جي جنهن به دور ۾ ڪنهن مرد ڪنهن عورت سان بي انتها محبت ڪئي آهي، ته اُهو مرد مان هوس. مان محبت جي عظيم روايت کي برقرار رکڻ لاءِ هر دؤر ۾ ايندو رهيو آهيان ۽ هر دفعي هڪ بيوفا عورت جي انڪار جي بڙڇي کائي مرندو رهيو آهيان.“
    منهنجي ان مبهم جواب تي هوءَ منجهي پيئي هئي. مونکان ورجائي ورجائي ان ڇوڪريءَ جي باري ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين، پر مون کيس اهو چئي چپ ڪرائي ڇڏي هئي ته ”جيڪڏهن اها ڇوڪري منهنجي محبت جي شدت، منهنجي پيار جي سچائي ۽ چاهت جي چريائي محسوس ڪري نٿي سگهي ته پوءِ يا هوءَ پٿر جي ٺهيل آهي يا منهنجين آهن ۾ اثر ناهي. مان اسڪولي ڇوڪرن وانگر پنهنجي هڪ طرفيءَ محبت جو اطهار نه ڪندس.“
    ان کانپوءِ، هڪڙي ڏينهن جڏهن شميم مونسان آخري دفعو ملي هئي، تڏهن چيو هئائين، ”آدرشي اڪثر بد نصيب هوندا آهن، جوکين پنهنجي پسند جو ساٿي نه ملندو آهي. مان خوشنصيب آهيان. مونکي منهنجو آدرشي ساٿي مليو آهي. هو به مون وانگر انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي معاشري جو حامي آهي. اسين ايندڙ آچر تي شادي ڪنداسين.“
    هوءَ جڏهن مونکي ڇڏي هلي ويئي هئي، تڏهن مون پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو، ”منهنجو معبود، منهنجي اندر جو عبادتگاهه ويران ڪري، مونکان هميشھ لاءِ ڌار ٿي ويو آهي. اڄ کانپوءِ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن منهنجي دل جي ڀڄڻ جي شاهدي ڏيندا. اڄ کانپوءِ جيڪو به دردمند دل وارو انسان ڪاشيءَ کان ڪالڪان تائين ميران ٻائيءَ جا ڀڄڻ ٻڌندو، مونکي ياد ڪندو.“
    منهنجو معبود منهنجي سامهون بيٺو هو.
    شميم جي هٿ ۾ چانهه جو ڪوپ هو ۽ هوءَ ڪوپ مان سپ سپ ڀري رهي هئي.
    مان سندس آڏو وڃي بيٺس. هن مونڏانهن نه ڏٺو. سوچ جي صحرا ۾ ڀٽڪي رهي هئي.
    مون آهستي سندس نالو کنيو، ”شميم.“
    هن ڪجهه اچرج مان ڪنڌ مٿي کڻي مونڏانهن ڏٺو. چهرو اهڙو اُداس هوس، جو سندس منهن مان ڪنهن به تاثر جو اندازو لڳائي نه سگهيم . هوءَ اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندي رهي. مون سندس هٿ مان چانهه جو ڪوپ وٺي ڪائونٽر تي رکيو.
    چيائين، ”توکي پهرين نظر ۾ سڃاڻڻ مشڪل هو.“
    وراڻيم، ”۽مون کانسواءِ توکي به ڪو سڃاڻي نه سگهندو.“
    آهستي چيائين ، ”وقت گهاڻو آهي.“
    چيم، ”فقط ڪجهه انسانن لاءِ – مون جهڙن لاءِ. “
    ”نه.“ وراڻيائين، ”دير يا سوير، هرڪو ان گهاڻي ۾ پيڙجي ويندو آهي.“
    ”مان توسان بحث نه ڪندس.“ چيم ، ”جيڪي سوير ان گهاڻي ۾ پيڙجي وڃن ٿا، سي مون وانگر مايوسيءَ جي علامت ٿي جيئن ٿا.“
    شميم غور سان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”ٽن سالن ۾ تون ڪيترو نه بدلجي ويو آهين!“
    سندس هنج ۾ جهليل ٻار کي مون پيار وچان ڳل تي ٿڦڪي ڏني. ٻار کلي پيو. پڇيو مانس، ”پٽ آهي، يا ڌيءَ؟“
    ٻار کي پيار ڪندي چيائين، ”پٽ.“
    پڇيومانس، ”نالو ڇا رکيو اٿيس؟“
    ٻار کي مٺي ڏيندي وراڻيائين، ”نالو اٿس- هيموڪالاڻي.“
    هڪ مسلمان ڇوڪري پنهنجي ٻار جو نالو هيموڪالاڻي رکي! ايڏي همت ٻئي ڪنهن مرد يا عورت ۾ نه سنڀران.
    چيم، ”تون عظيم آهين، شميم.“
    وراڻيائين، ”مان سنڌو درياهه جو وهڪرو آهيان. وهان پيئي. هڪ ڏينهن غمن جي سمنڊ ۾ گم ٿي وينديس.“
    پڇيومانس، ”روهڙيءَ ڪنهن ڏانهن پيئي وڃين؟“
    ورائي پڇيائين ، ”توکي ڪيئن خبر پئي ته روهڙي پيئي وڃان؟“
    وراڻيم ”مان حيدرآباد اسٽيشن تي بڪنگ ڪلارڪ آهيان. تو مونکان روهڙيءَ جي ٽڪيٽ ورتي هئي.“
    ”ته تون تون.“ هوءَ ڪجهه چوندي چوندي هٻڪي پيئي. چيم، ”مان تنهنجي اڳڪٿيءَ جي بلڪل برخلاف سي. ايس پي آفيسر ٿي نه سگهيو آهيان.“
    ”مون اهو ڪٿي چيو هو. مون ته چيو هو، چيو هو، ته......“ هوءَ لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي پيئي. ڪو جملو ٺاهي نه سگهي.
    مون ڪجهه اچرج مان ڏانهس ڏٺو.
    ٽي سال اڳ هوءَ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، تڏهن بيحد هوشيار ۽ چالاڪ هئي. ڳالهائڻ جي بلا هوندي هئي. جملا ٺاهي ماڻهن کي منڊي، وجهندي هئي. هڪ ته سانوري سلوڻي، مٿان جو اترادي لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي، ڀانءِ ته دل تي راتاهو ڏيئي ڇڏيندي. کيس ڏسڻ کانپوءِ مان ائين ڀائيندو هوس، ته جنهن مومل کي اکين ۾ الماس ۽ مجاز جا انبور هئا ۽ جيڪا دل وارن کي ٻڌا پاڻ هڻندي هئي، سا مومل شميم کان وڌيڪ حسين ۽ گُهورن سان ڳهائيندڙ نه هوندي.
    هڪ دفعي يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ کانئس پڇيو هوم، ”لطيف سائينءَ جو سُر مومل راڻو پڙهيو اٿئي؟“
    وراڻيو هئائين، ”ها پڙهيو اٿم. ڇو؟“
    ”ان سُر ۾ هڪ جوڳيءَ جو ذڪر آهي.“
    ”آهي. پوءِ؟“
    ”تو اهو جوڳي ڏٺو آهي؟“
    ”ان سُر ۾ مومل جو ذڪر به آهي،“ شميم پڇيو هو، ”تو اها مومل ڏٺي آهي؟“
    وراڻيو هوم، ”ها شميم، مون اُها مومل ڏٺي آهي. ان مومل جو مجاز ڏٺو اٿم، جمال ڏٺو اٿم. مون ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ديرو ڪيو آهي. فرق فقط ايترو آهي، جو هيءَ ويهين صدي آهي ۽ مان اُهو جوڳي ناهيان جنهن تي نينهن جو جَڙاءُ ٿيو هو.“
    ان ڳالهه کي ٽي سال گذري ويا آهن. ان ڏينهن جڏهن کيس ڏٺم، تڏهن ائين محسوس ڪيم، ڄڻ مومل پنهنجي ماڙيءَ کي ڊاهي، منجهس ماتمڪدو اڏيو هو. ڄڻ ته تاريخ جو عڪس ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو هو.
    چيم، ”تو منهنجي باري ۾ هڪ دفعي هڪ رايو ڏنو هو.“
    چيائين، ”مون توکي هميشه عزت جي نگاهه سان ڏٺو آهي.“
    چيم، ”تنهنجو رايو منهنجي ۽ منهنجي شاعريءَ جي باري ۾ هو.“
    وراڻيائين، ”مونکي ياد ناهي.“
    چيم، ”تو چيو هو، مان فرار وادي، يعني Escapism ۾ اختيار رکندڙ هڪ روماني شاعر آهيان. تنهنجي فيصلي تي مون اڄ تائين راءِ زني نه ڪئي آهي.“
    هن جواب نه ڏنو. مونکان نظرون بچائڻ لڳي. ڳالهه ٽارڻ لاءِ پڇيائين، ”ڪراچي ايڪسپريس جو ارائيول ڇاهي؟“
    ”ڪراچي ايڪسپريس اڄ اڌ ڪلاڪ ليٽ آهي.“ چيم، ”گاڏي اچڻ ۾ چاليهه منٽ پيا آهن.“
    ”چاليهه منٽ!“ هن بيچين ٿي پڇيو.
    چيم، ”منهنجي موجودگي جيڪڏهن توکي بيزار ڪندي هجي، ته پوءِ مان وڃان ٿو.“
    مان وڃڻ لاءِ اُتان هٽي ويس.
    شميم سڏ ڪيو، ”ترس.“
    مان بيهي رهيس.
    چيائين، ”پاڻ مُنجهين، ٻئي کي مُنجهائن، تون ائين ڇو ڪندو آهين!“
    وراڻيم، مان ڪاڪ محل جي طلسم ۾ ڦاسي پيو آهيان.“
    پڇيائين، ”شاعري ڪندو آهين؟“
    ”نه.“
    ”ڇو؟“
    ”مونکي حصي ۾ محبت جي ناڪامي ملي آهي. مان پنهنجي مايوسي ٻين جي جهول ۾ وجهڻ نٿو گهران.“
    هوءَ خاموش ٿي ويئي.
    ڪجهه دير کانپوءِ چيائين، ”پاڻ چاليهه منٽ هتي بيٺا هونداسين؟“
    مون وقت ڏٺو. چيم، ”هن وقت ٽڪيٽ ڪليڪٽرن جو ڪمرو خالي هوندو. هوءَ پرئين بينچ به خالي آهي. جتي مناسب سمجهين اُتي ويهون.“
    گهڙي کن سوچڻ کانپوءِ چيائين، ”سامهونءَ واري بينچ تي ٿا ويهون.“
    مون ٻار سندس هنج مان وٺڻ چاهيو. چيائين ، ”پيشاپ ڪري اجايو ڪپڙا خراب ڪري ڇڏيندوءِ. تون هيءَ اٽيچي کڻ. “
    اسين پليٽ فارم جي آخري حصي ۾ بينچ تي وڃي ويٺاسين. ٻار هن هنج مان لاهي سيمنٽ جي بينچ تي ليٽائي ڇڏيو.
    ڪجهه دير خاموس ويهڻ کانپوءِ پڇيائين، ”شادي ڪيئه؟“
    ”نه.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو مان فرار وادي شاعر آهيان.“
    چيائين، ”اهو جملو مون ٻه- ٽي سال اڳ چيو هو. مون وساري ڇڏيو. توکي ياد آهي. مان پنهنجو جملو موٽائي وٺان ٿي.“
    وراڻيم، ”تنهنجو جملو مون وٽ منهنجي سڀ کان عزيز ميراث آهي.“
    اها ميراث مون ٻه – ٽي سال اڳ يونيورسٽي جي فنڪشن مان ميڙي هئي. فنڪشن ۾ سالياني مئگزين ورهائي ويئي هئي. ان ۾ منهنجا ڪجهه شعر شايع ٿيا هئا. شميم منهنجا شعر پڙهڻ کانپوءِ مونکي هٿ جي اشاري سان پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو هو. پينڊال جي هڪ نويڪلي ڪُنڊ ۾ شميم چيو هو، ”تنهنجي شاعري سٺي آهي.“
    ”مهرباني.“
    ”پر تنهنجي شاعري مقصد کان خالي آهي!“
    ”ڪيئن؟“
    ”تنهنجي شاعري انقلابي ناهي.“
    ”مونکي اهو ٻڌاءِ ته منهنجي شاعري روايتي آهي، يا جدت واري؟“
    ”مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي ته تنهنجي شاعري انقلابي ناهي.“
    پڇيو هومانس، ”ادب ۾ انقلاب جي معنيٰ ڄاڻين ٿي؟”
    وراڻيو هئائين، ”مان ان موضوع تي ٽي ڪلاڪ لاڳيتو ليڪچر ڏيئي سگهان ٿي؟“
    پڇيو هيم، ”ته پوءِ منهنجي شاعري کي فقط روماني ڇو ٿي سمجهين؟“
    ”ڇو جو ان مان محبت جي اپٽار ٿي ٿئي.“
    ”جڏهن ڪنهن کي دل ڏبي آهي، تڏهن ائين ئي ٿيندو آهي،“ چيو هوم.
    ”تو ڪنهنکي دل ڏني آهي؟“
    ”آهي هڪ اپسرا.“
    ”اپسرا سان پيار نه ڪبو آهي.“
    ”اپسرا سان پيار ٿي وڃي ته پوءِ؟“
    کلي پيئي هئي. چيو هئائين، ”تون فرار وادي شاعر آهين.“ شميم جي ان جملي کي مون هيئين سان هنڊايو هو. ان جملي کي پنهنجي ذهن جي ميراث سمجهي ياد جي تهخانن ۾ لڪائي ڇڏيو هوم. شميم کي سالن کانپوءِ ڏٺم ته اهو جملو ذهن تي تري آيو.
    شميم کان پڇيم، ”مان تنهنجي چوڻ موجب فرار وادي شاعر آهيان. مونکي ان جو اعتراف آهي. مونکي ان جو به اعتراف آهي، ته مون زندگيءَ کان شڪست کاڌي آهي. تون ته آدرشي اصولن جي هئينءَ. پوءِ تو ڇو زندگيءَ کان شڪست کاڌي آهي.“
    هڪدم ڇرڪ ڀري پڇيائين، ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته مون شڪست کاڌي آهي؟“
    چيم، ”مان تنهنجين اکين ۾ ماتمڪدو ڏسي سگهان ٿو.“
    هن جواب نه ڏنو.
    شميم گهڻو اڳ پنهنجي آدرشي (Ideal) ساٿيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو هو، ”مان اهڙي شخص جي منتظر آهيان، جيڪو انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي سوسائٽيءَ جو حامي هجي.“ ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ شميم ۽ هڪ سياسي ليڊر جي باري ۾ چوٻول هليو هو. هو سياسي جلسن ۽ شاگردن جي ميڙ ۾ تقريرون ڪندو هو. هن وٽ لفظن ۽ جملن جو جادو هو. اسان جڏهن به کيس ڳالهائيندي ٻڌو هو، تڏهن متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا هئاسين. هو انقلاب ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آجي سوسائٽي جو قائل هو. هن ۾ هر اها خوبي هئي، جيڪا شميم پنهنجي آدرشي ساٿيءَ لاءِ سوچي هئي.
    مون شميم کي چيو، ”غم ۽ خوشي لڪائڻ ناممڪن آهي.“
    ”شايد.“
    ”تون اُها ناهين جنهن کان مان ٽي سال اڳ يونيورسٽيءَ مان جدا ٿيو هوس.“
    ”مان اُها ئي آهيان.“
    ”زندگيءَ ۾ عظيم خواهش جي تڪميل کانپوءِ، تو وانگر ڪو به اُداس ۽ ويڳاڻو نظر نه ايندو آهي.“
    هوءَ مونکان نظرون بچائڻ لڳي. پري، پولار ۾ نهارڻ لڳي. صبر جو سمنڊ جو ازلي عذاب جي ايذاءَ کان ڦٿڪڻ لڳو. مون کان رهيو نه ٿيو. اهو ڄاڻندي به ته عورت جو پيار هڪ دفعو حاصل نه ڪرڻ کانپوءِ، سموري زندگي ان عورت جو پيار ملي نه سگهندو آهي، مون چيو، ”مون توسان محبت ڪري عيوض ۾ زندگيءَ جي هيڪلائي قبول ڪري ورتي آهي.“
    شميم کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو، اچرج وچان مون ڏانهن ڏٺائين. پچيائين، ”تون مون سان محبت ڪندو آهين؟“
    ”ها.“ وراڻيم، ”هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي، جنهن جو اظهار نه ڪبو آهي. اُها محبت عذاب وانگر اڪيلي سر ڀوڳڻي پوندي آهي.“
    ”پر...... پر......“
    ”ڄاڻان ٿو تون شادي شده عورت آهين. مونکي تو سان اهڙيون اڍنگيون ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن.“
    ”پر تو ته...... ڪڏهن به!“
    ”يونيورسٽيءَ ۾ تو ڪڏهن به مون سان.....“
    ”محبت جو اظهار نه ڪيو هو؟“
    ”ها. تو ڪڏهن به پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪيو هو.“
    ”منهنجي شاعريءَ جو مرڪز تون هئينءَ.“ وراڻيم، ”مان تنهنجي آرزو، تنهنجي تمنا، تنهنجي حسن ۽ تنهنجي الفت جي شاعري ڪندو هوس. اهوئي منهنجي اظهار جو نمونو هو. موٽ ۾ مونکي بي انتها محرومي ملي آحي. اڄ شاعريءَ بدران وڇوڙو منهنجي وجود جو حصو آهي.“
    شميم حيرت ۽ پشيمانيءَ وچان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. چيائين، ”تون هڪ دفعو ته پنهنجي اندر جو حال اورين ها. فقط هڪ دفعو!“
    ”تو کي آدرشي ساٿيءَ جي ڳولا هئي ۽ مان، بقول تنهنجي، فرار وادي شاعر هوس.“ آهستي، پر چٽي آواز ۾ چيم، ”پر اصل ۾ آدرشي مان آهيان. تون منهنجو آدرش هئينءَ. توکي حاصل ڪري نه سگهيم، ته پنهنجي زندگيءَ اڪيلاين کي نذرانو ڏيئي ڇڏيم. هيئر ٻڌاءِ ته آدرشي ڪير آهي، تون، تنهنجو مڙس، يا مان؟“
    هن جواب نه ڏنو. اکين مان اڻتڻ ظاهر ٿيڻ لڳس.
    ”مان طبقاتي ڪشمڪش ۾ تمام هيٺين طبقي جي نمائندگي ڪندڙ آهيان ۽ پيڙجي رهيو آهيان.“ پڇيومانس، ”تون ۽ تنهنجو مڙس ڪڏهن ٿا معاشري کي طبقاتي ڪشمڪش مان آزاد ڪرايو؟“
    ڏک وچان پڇيائين، ”مون تي ٺٺولي ٿو ڪرين؟“
    چيم، ”مان آپگهات ڪري سگهان ٿو، پر توتي ٺٺولي ته پري رهي، تنهنجي باري ۾ هڪ لفظ غلط اُُچاري نٿو سگهان.“
    ڪجهه سوچي، پوءِ ڳالهايائين، ”طبقاتي ڪشمڪش کان نجات جي باري ۾ پئي پڇيئه نه!“
    کيس جواب نه ڏنم. فقط ڏانهس ڏٺم.
    شميم چيو، ”اسانجي معاشري ۾ طبقاتي ڪشمڪش ٻئي نمبر جو مسئلو آهي. پهريون مسئلو انفرادي پَرمار آهي، جنهن ۾ هڪ وڌيڪ ذهين انسان، ٻين گهٽ ذهين انسانن کي پنهنجي ذاتي مقصد ۽ ذاتي غرض لاءِ بي واجبي نموني استعمال ڪندو آهي.“
    شڪ ٻٻر جي ڪنڊي وانگر منهنجي دل ۾ چڀي ويو. پڇيومانس، ”پنهنجي گهريلو زندگيءَ مان خوش آهين نه؟“
    هيٺيون چپ ڪنبڻ لڳس. کاڏيءَ ۾ کُٻ پئجي ويس. پڇيائين، ”تون ڪڏهن ٿو شادي ڪرين؟“
    ”مان ڪنهن به ٻئي عورت سان شادي ڪري، ساڻس ۽ پنهنجي پيار سان بيوفائي ڪرڻ نٿو گهران.“ چيم، ”مان سڄي عمر شادي نه ڪندس.“
    شميم بيچين ٿي پيئي. ٻار کي کڻي هنج ۾ ليٽايائين.
    پڇيائين، ”گاڏي اچڻ ۾ ڪيتري دير آهي؟“
    ”پنج منٽ.“
    ”فقط پنج منٽ!“
    ”ها.“
    ”تو پنهنجي باري ۾ ڇا سوچيو آهي؟“
    ”مون ڪڏهن به پنهنجي باري ۾ نه سوچيو آهي؟“
    ”منهنجو مطلب آهي......“ هوءَ جملو پورو ڪري نه سگهي.
    ورائي کانئس پڇيم، ”تنهنجو گهر وارو ڪيئن آهي؟“
    جواب ٽارڻ لاءِ چيائين، ”اُٿي ته وچ پليٽ فارم وٽ ٿا هلي بيهون.“
    چيم. ”تو منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو، شميم.“
    هن منهن ورائي منهنجين اکين ۾ نهاريو. چيائين، ”اڳاڻو توکي ٻڌايو هوم نه، ته انفرادي پرمار اسانجي سوسائٽيءَ جو پهريون مسئلو آهي، جنهن ۾ هڪ وڌيڪ ذهين انسان، ٻين گهٽ ذهين انسانن کي پنهنجي ذاتي مقصد ۽ غرض لاءِ بي واجبي نموني استعمال ڪندو آهي.“
    ”مان سمجهان ٿو، تون ......“ جملو پورو ڪري نه سگهيم. بيحد ڏک وچان چيائين، ”منهنجي گهر واري هڪ ٻئي ڇوڪريءَ کي پاسو ڏيئي گهر آڻي ويهاريو آهي.“
    حيرت وچان پڇيم، ”ٻي ڇوڪري!“
    ”ها.“ شميم وراڻيو، ”وٽس وڃڻ کانپوءِ خبر پيم ته مان به پهرين ڇوڪري نه هئس. هو بيحد ذهين آهي. هن هميشه پنهنجي ذهانت جو ڀرپور فائدو کنيو آهي.“
    لائوڊ اسپيڪر تي پنجابي گاڏڙ اڙدوءَ “ ريل جي اچڻ جو اعلان ٿيو، اسين پليٽ فارم ڏانهن هليا آياسين.
    گاڏيءَ جي دريءَ تي منهن رکندي پڇيائين، ”مونکي اڃا چاهين ٿو؟“
    وراڻيم، ”مان تنهنجي حڪم تي ريل آڏو ليٽي سگهان ٿو.“
    پوءِ هوءَ ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. اکين تي پاڻيءَ جو تهه چڙهي آيس. اُداس منهن مان بي انتها مايوسي بکڻ لڳس. پوءِ ٽٽل ڦٿل لهجي ۾ چيائين، ”منهنجي آدرشي گهر واري مونکي طلاق ڏني آهي.“
    ”شميم!“ مونکان آهه نڪري ويئي.
    وسل ٿي. گاڏي چُرڻ لڳي. مان گاڏيءَ سان گڏ هلڻ لڳس.
    التجا ڪندي چيم، ”شميم مان تنهنجي زندگيءَ جي خال کي پنهنجي حياتيءَ سان ڀريندس.“
    گاڏيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي. مان تيز هلڻ لڳس. چيم، ”لهي آءٌ شميم.“
    شميم جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
    ريل سان گڏ پليٽ فارم تي ڊوڙندي چيم، ”زنجير ڇڪي گاڏي بيهار.“
    گاڏيءَ جي رفتار وڌي ويئي. مان پوئتي رهجندو ويس. شميم دريءَ مان پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو. مون هٿ وڌائي سندس هٿ کي جهلڻ چاهيو، پر آڱريون پاڻ ۾ ڇهي ڌار ٿي پون.
    شميم روئيندي چيو، ”مان توکي وساري نه سگهنديس.“
    گاڏي مونکي پليٽ فارم تي ڇڏي اڳتي هلي ويئي. جيستائين دز جو ڪوهيڙو اکين آڏو نه آيو، مان شميم ڏانهن ڏسندو رهيس. هوءَ دريءَ مان منهن ڪڍي مون ڏانهن ڏسي رهي هئي.


    سنڌي گدڙ اِن (IN) اسلام آباد

    مان دامن ڪوهه جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس ۽ ڪڏهن ڪامورڪي شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن اڻ- کوٽيل قديم آثارن ڏانهن ڏسي رهيو هوس. دامن ڪوهه مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل تفريح گاهه آهي. گهاٽن وڻن ۽ ٻوٽن جي اوٽ ۾ اک ٻوٽ لاءِ نهايت مناسب مقام آهي ۽ ان مقصد لاءِ نهايت پابنديءَ سان استعمال ٿي رهيو آهي. بس، ڪڏهن ڪڏهن ڪو تقدير جو ماريل جوڙو پوليس وارن جي ور چڙهي ويندو آهي ۽ رنگ ۾ ڀنگ ڪرائي موٽندو آهي.
    مار گله ٽڪرين جي اوڀر ۾ اسلام آباد آهي ۽ اولهه ۾ اڻ- کوٽيل قديم آثارن جو سلسلو، جيڪو جهرن جهنگن مان لنگهندو، ٽيڪسيلا ۾ ٻڌمت جي قديم آثارن سان وڃي ملندو آهي. مان اڪثر، شام ويلي، مار گله ٽڪرين جي سڀ کان اُتاهين چوٽيءَ تي وڃي بيهندو آهيان. پهرن جا پهر، ويندي سج لٿي کان رات جي پوئين پهر تائين، ڪڏهن جُڙتو شهر اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن ٻڌمت جي قديم آثارن ڏانهن ڏسندو رهندو آهيان. قادر جي ڪرشمن، خاص ڪري پنهنجي بدني بناوت ڏسي ڪڏهن حيران ۽ ڪڏهن پريشان ٿيندو آهيان.
    اُن ڏينهن پڻ مان مار گله ٽڪرين جي مٿاهين چوٽيءَ تي بيٺو هوس. ڪڏهن اسلام آباد ڏانهن ۽ ڪڏهن پڌمت جي قديم، آثارن ڏانهن ڏسي حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿي رهيو هوس. مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هڪئي وقت تي حيران ۽ پريشان نه ٿيندو آهيان. جڏهن حيران ٿيندو آهيان، تڏهن پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ جڏهن پريشان ٿيندو آهيان، تڏهن حيران نه ٿيندو آهيان. اصل ۾، ان وقت مان پنهنجي بدني بناوت بابت سوچي رهيو هوس ۽ رکي رکي آسمان ڏانهن ڏسي رهيو هوس.
    مان هونءَ ته ماڻهو آهيان پر، ڪنهن وقت گدڙ ٿي پوندو آهيان. مون کي خبر آهي ته ماڻهو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾، ڪو نه ڪو جانور ٿي پوندو آهي- جهڙوڪ، لومڙ، دوکو ڏيڻ لاءِ بگهڙ، چيري ڦاڙي چٽ ڪرڻ لاءِ گڏهه، صبر جو اعليٰ مثال پيش ڪرڻ لاءِ! تنهن ڪري ماڻهو مان جانور ٿي پوڻ تي مون کي خاص اعتراض نه آهي. بس، مونکي اعتراض آهي گدڙ ٿي پوڻ تي گدڙ به ڀلاڪو جانور آهي! گدڙ کان بهتر آهي ته ماڻهو ٻڪر ٿي پوي!
    اُن ڏينهن آسمان ڏانهن ڏسندي مون سوچيو، ته، مان جيڪڏهن ماڻهوءَ مان گدڙ بدران ٻيو ڪو جانور، جهڙوڪ گهوڙو، گينڊو، ڏيڏر، مانگر مڇ وغيره ڪيو وڃان ها، ته دنيا جي وهنوار ۾ ڪهڙو فرق پوي ها! سج اولهه کان نه اُڀري ها! پر، ماڻهوءَ مان ڪو جانور تي پوڻ تي انسان جي مرضيءَ کي دخل نه هوندو آهي. انسان پنهنجي پسند ۽ خواهش مطابق جانور ٿي نه سگهندو آهي. انسان پنهنجي وجود جي ڪنهن ڪرشمي مطابق ڪونه ڪو جانور ٿي پوندو آهي. پنهنجي وجود جي ڪرشمن تي مون کي سخت ڪاوڙ آهي. مان اڪثر پنهنجي وجود جي ڪرشمن خلاف بغاوت ڪرڻ جي امڪان تي سوچيندو آهيان . منهنجي وجود جا ڪرشما نهايت نامعقول آهن. پنهنجي باس جو دڙڪو ٻڌي ۽ ڪرڙي اک ڏسي منهنجو ساهه سڪي ويندو آهي .ٽنگن مان سَتُ نڪري ويندو آهي. جسم کي ڪنبڻي وٺي ويندي آهي ۽ پوءِ مان ڏسنديئي ڏسندي ماڻهو مان بدلجي گدڙ ٿي پوندو آهيان
    باس جي معنيٰ ته اوهين سمجهو ٿا نه! باس، بس(Boss) باس هوندو آهي. ڀوائتو، خوفناڪ، ڊيڄاريندڙ! جتان باس لنگهندو، اُتان جهنگ جا باقي جانور پاسو ڪري چُرن ٻرن ۾ وڃي پناهه وٺندا. متان سمجهو ته باس جهنگ جي بادشاهه وانگر شينهن جهڙو هوندو آهي! نه، نه. باس ڪنهن به صورت ۾ شينهن نه هوندو آهي. بس، اسين گدڙ ٿي پوندا آهيون. باس جي ٿُڪ بُجي ۾ خوش! جهنگ ۾ جڏهن شينهن نه هوندو آهي، تڏهن ائين ئي ٿيندو آهي. ڀولا باس ٿي پوندا آهن.
    مان اسلام آباد جي مرڪزي گيراج ۾ ڪم ڪندو آهيان. گيراج جو هيڊ مستري منهنجو ۽ مون جهڙن انيڪ گدڙن جو باس آهي. اسين سچ پچ جا گدڙ نه آهيون. اسين به اوهان جهڙا ماڻهو آهيون. بس، باس جڏهن اسان جي ٽوپي لاهيندو آهي، بيعزتو ڪندو آهي، خوار خراب ڪندو آهي، تڏهن اسين هڪدم ماڻهو منجهان گدڙ ٿي پوندا آهيون. ٻين گدڙن جي باري ۾ مون کي ڪا خبر ڪونهي. مان جڏهن ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پوندو آهيان، تڏهن ذلت جي احساس کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي وڃي بيهندو آهيان.
    مون آسمان ڏانهن ڏسندي وڏي واڪ چيو، آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ مون کي ماڻهوءَ مان ڦيرائي گدڙ ڪيو ويو آهي! گدڙ بدران مونکي شينهن ڇو نه ڪيو ويو آهي! مونکي گدڙ جي سئو سالن واري زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري مختصر زندگي قبول آهي. مونکي نفرت ٿي ويئي آهي ذلت واري زندگيءَ کان- مان مرڻ چاهيان ٿو- مان مرڻ چاهيان ٿو!
    اوچتو جهنگ مان آواز آيو، ”ادا ڦَتَن.“
    مان گدڙ، ڊڄي ويس! ڊپ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. پري پري تائين مون کي ڪو بني بشر نظر نه آيو.
    وري آواز آيو، ”او ادا ڦتن.“
    ڊپ سان گڏ مون کي ڪجهه ڪجهه تعجب ٿيو. تعجب اِن ڪري جو مان ڦتن نه آهيان ۽ نه ئي ڦتن جهڙو آهيان. ڦتن منهنجو سوٽ هو. ڪجهه ڪجهه دَدِ نو، ڪجهه ڪجهه ٿُلهڙو، ڪجهه ڪجهه کنڊڙو، ڪجهه ڪجهه گنجڙو ۽ ڪجهه ڪجهه بندرو! عجب مخلوق هو، پر، تڏهن به ماڻهو هو. ڊپ وچان مون وانگر گدڙ نه ٿي پوندو هو. سئو سالن واري زندگيءَ بدران هو خودڪشيءَ جي باري ۾ سوچيندو هو ۽ هڪڙي ڏينهن پنهنجي خونخوار زال کان گهٻرائجي روهڙيءَ وٽان درياهه ۾ وڃي ٽپو ڏنو هئائين. يار دوست درياهه ۾ لهي پيا: ٽوٻا آيا. مهاڻا ڄار کڻي آيا، پر ڦتن جو لاش هٿ نه آيو. اِها خبر جڏهن ڦتن جي زال کي پيئي، تڏهن هوءَ لامارا ڏيندي، ڏند کڙڪائيندي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان درياه جي ڪپ تي وڃي بيٺي ڊپ وچان درياءَ ٻه اڌ ٿي پيو. درياءَ جي ڦاٽل پيٽ ۾ ماڻهن کي ڦتن جو لاش نظر آيو. هو لاش درياهه جي پيٽ مان ڪڍي آيا ۽ پوءِ جيئن ئي هو ڦتن جي زال جي ويجهو پهتا ته اوچتو ڦتن جو لاش ڊپ وچان رڙ ڪري وٺي درياهه ڏانهن ڀڳو- ٻيهر خودڪشي ڪرڻ لاءِ! زالهنس کڻي ڪنڌ ۾ هٿ وڌس. ڇڪي گهر وٺي آيس، جتي مُلن جي حوالي ڪري ڇڏيائنس، جن کيس وينجهاري سينجهاري، ڪفن ۾ ويڙهي دفن ڪري ڇڏيو. دفن ٿيڻ مهل ڦتن مون کي چيو هو ته منهنجي زال کي منهنجي قبر جي ويجهو اچڻ نه ڏجانءِ، هوءَ جيڪڏهن منهنجي قبر جي ويجهو آئي، ته پوءِ مان قبر مان نڪري وري ٻيو دفعو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندس!
    ڦتن جي خودڪشيءَ جو مون کي ڏک آهي. پر، ڦتن جي خودڪشيءَ واري جذبي تي مون کي ريس ايندي آهي. هن مري ڏيکاريو، مون ۾ مرڻ جي همٿ نه آهي. مون ذلت کي قبول ڪيو آهي.
    ”ادا ڦتن، ڇا پيو سوچين؟“ ڄڻ غيب مان آواز آيو.
    مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. سوچيم، پڪ منهنجو باس آهي ۽ غيبات جو روپ ڌاري مون کي ڊيڄارڻ آيو آهي. هٻڪندي هٻڪندي چيم، ”باس، اوهين غيبات ٿيڻ جي تڪليف نه وٺو. اوهين فقط پنهنجو غضبناڪ چهرو مبارڪ ڏيکاريو. مان انشا الله تعاليٰ قيامت تائين اوهانکان ڊڄندو رهندس.“
    اوچتو، وڻن ٽڻن ۾ چرپر ٿي. هڪ بزرگ سائي جامي ۽ پاجامي ۾ منهنجي سامهون اچي بيٺو. سندس ڀرون، مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار برف جهڙا اڇا هئا. ڏاڍو نوراني چهرو هوس. اهڙي روپ ۾ هڪ انسان کي جهنگ مان نڪري، ظاهر ٿيندي ۽ پاڻ ڏانهن وڌنڌو ڏسي سوچيم، ضرور منهنجو باس آهي ۽ منهنجو امتحان وٺڻ لاءِ غيبي بزرگ جو روپ ڌاري آيو آهي. مونکي ڏڪڻي وٺي ويئي. گيسي ڪندي چيم، ”باس، خدا جي واسطي اوهين روپ مٽائي مون مسڪين گدڙ جو ساهه نه سُڪايو. اوهين عقل ڪُل آهيو. ڌرتيءَ ۽ آسمان جي رازن جا ڄاڻو آهيو. عالم الغيب آهيو. مان مسڪين گدڙ زندگيءَ ۾ بار بار ذليل ۽ خوار ٿيڻ لاءِ اوهان آڏو موجود آهيان.“
    بزرگ چيو، ”مان تنهنجو باس نه آهيان، ڦتن.“
    ”باس.“ مان سجدي ۾ ڪري پيس. ليلائيندي چيم، ”باس، خدا جي واسطي منهنجو امتحان نه وٺو، مان فيل ٿي پوندس. اوهين منهنجا عظيم باس آهيو ۽ مونکي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لاءِ روپ مٽائي آيا آهيون.“
    ”تو کي ڇا ٿي ويو آهي، ڦتن!“ بزرگ تعجب جو اظهار ڪندي چيو، ”تون ماڻهوءَ مان گدڙ ڪيئن ٿي پيو آهين!“
    مون غور سان بزرگ ڏانهن ڏٺو. سندس لهجو نرم ۽ سٻاجهو هو، تنهن ڪري هو مونکي پنهنجو باس محسوس نه ٿيو. مون سُک جو ساهه کڻندي پراسرار بزرگ کي چيو، ”مان ڦتن نه آهيان. تنهڪري ماڻهوءَ مان گدڙ ٿي پيو آهيان. ڦتن هجان ها ته جيڪو گدڙ بدران شينهن ٿي پوان ها ۽ گدڙ واري سئو سالن جي زندگيءَ تي شينهن واري هڪ ڏينهن جي زندگيءَ کي ترجيح ڏيان ها ۽ گهڻو اڳ خودڪشي ڪري ڇڏيان ها.“
    پوڙهي بزرگ چيو، ”پر مون کي لڳي ٿو ته ٿون ڦتن آهين.“
    ”منهنجيون حالتون سوٽ ڦتن سان ملندڙ جلندڙ ضرور آهن، پر مان ڦتن نه آهيان.“ ادب سان چيم، ” ڦتن پنهنجي مرڪزي زال هٿان خوار خراب ٿيندو هو ۽ مان پنهنجي مرڪزي باس هٿان خوار خراب ٿيندو آهيان. ها، هڪڙي ڳالهه اوهان کي ٻڌائي ڇڏيان، ته، مرڪزي زال ۽ مرڪزي باس ۾ تمام معمولي فرق هوندو آهي.“
    سبز پوش بزرگ سوچ ۾ پئجي ويو. مون ڏانهن غور سان ڏسندي پڇيائين، ”مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي ڪهڙي خيال کان اچي بيٺو آهين؟ خودڪشيءَ جي خيال کان؟“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، ”مون کي پنهنجي گدڙ واري زندگيءَ کان نفرت آهي پر مون اڃا تائين خودڪشيءَ جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي.“
    بزرگ پڇيو، ”ته پوءِ ڪهڙي خيال کان مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهين؟“
    مان منجهي پيس. مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهيان! آسمان سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ! باس کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ! پر، زندگيءَ ۾ باس کان فرار ٿيڻ ممڪن نه آهي. باس هر هنڌ، هر روپ ۾ موجود هوندو آهي. گهر ۾ ڪڏهن مڙس، ته ڪڏهن زال جي روپ ۾! اسڪول ۾ ماستر جي صورت ۾! قاصائي، ٽيڪسيءَ وارا، هوٽلن جا بيرا، ريلوي جا بڪنگ ڪلارڪ، پوليس وارا، خاص ڪري ايس ايڇ او، ڊاڪٽر وغيره سڀ اسان جا باس هوندا آهن- هميشه ڪاوڙيل، مڇريل ۽ غضبناڪ! جن يا راڪاس ڊيڄاري يا نه ڊيڄاري، پر باس ضرور ڊيڄاري!
    ”مونکي پڪ آهي ته تون ڦتن آهين.“ بزرگ چيو، ”۽ خودڪشيءَ جي خيال کان مار گله جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيٺو آهين.“
    مون کي بزرگ درويش جو ضد نه وڻيو. مون وڏي واڪ چيو، ”مان ڦتن نه آهيان- مان ڦتن نه آهيان.“
    ”اڙي ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“ پوئين پاسي کان ڪنهن تمام کُهري آواز ۾ پڇيو.
    منهن ورائي ڏٺم. پوليس وارن جو ٽولو هو. سڀيئي ڄڻا خدا جي فصل سان ڏاڍا صحتمند هئا. منهنجي آڏو اچي بيٺا. پڇيائون، ”ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“
    ”هن سان پئي ڳالهايم.“ منهن ورائي سبز پوش پراسرار بزرگ ڏانهن ڏٺم. حيرت وچان پنڊپهڻ ٿي ويس. بزرگ موجود نه هو. الوپ ٿي ويو هو.
    پوليس وارن چيو. ”ڇوڪري شايد جهنگ ۾ وڃي لڪي پيئي آهي.“
    وائڙو ٿيندي چيم، ”ڪهڙي ڇوڪري!“
    ”سياڻو نه ٿيءُ، ٻچا!“ هڪ ٿلهي پوليس واري چيو، ”جنهن ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندي اوچتو وڏي واڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ ڳالهايا هيئه سا ڇوڪري،
    پوليس وارن جي نيت سمجهي ويس. هو جهنگل ۾ منگل ڪرڻ وارن جوڙن جي ڪڍ هئا ۽ سندس رنگ ۾ ڀنگ جو پڪو ارادو ڪري آيا هئا.
    پڇيائون، ”ڇوڪري ڪٿي آهي؟“
    کلڻ جي ڪوشش ڪندي چيم، ”توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. مون ڪنهن ۾ ڇوڪريءَ سان نه پئي ڳالهايو.“
    ڪرڙي اک ڪندي پڇيائون، ”ته پوءِ ڪنهن سان پئي ڳالهايوءِ؟“
    چيم، ”توهان کي يقين نه ايندو.“
    وراڻيائون، ”سياڻو نه ٿيءُ. اجايو موچڙا کائيندين.“
    مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. پُر اسرار سبزپوش بزرگ جهڙي نموني ظاهر ٿيو هو، تهڙي نموني الوپ ٿي ويو هو.
    پوليس وارن جي ٽولي مان ڪجهه ڄڻا جهنگ ۾ ڪاهي پيا. ڏهه- پنڌرنهن منٽ وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن ۾ لٺيون ۽ ٿڏا هڻي موٽي آيا. پنهنجي برجستي سردار کي چيائون، ”جهنگ ۾ ڇوڪري موجود نه آهي.“
    سردار ٽنڊ تي ٽوپي رکندي چيو، ”جهنگ ۾ ضرور ڪو خفيه رستو، يا ڪو پيچرو آهي، جتان ڇوڪري ڀڄي ويئي آهي.“
    ”سردار صاحب.“ چيم، ”اوهان يقين ڪريو، مون ڪنهن به ڇوڪريءَ سان نه پئي ڳالهايو. اصل ۾ مون هڪ سبزپوش بزرگ سان پئي ڳالهايو.“
    ”وڏو چالاڪ آهين!“ سردار وک کن اڳتي وڌي آيو.
    چيائين، ”اجايو پنهنجي کل نه لاهراءِ.“
    ”مان اوهان کي ڪيئن يقين ڏياريان ته، هتي، اصل هن جاءِ تي، جتي اوهين بيٺا آهيو، هڪ بزرگ اچي بيٺو هو.“ مون کي پڻ پنهنجي ڳالهه تي يقين نه پئي آيو. چيم، ”هو اوچتوئي اوچتو، جهنگ مان نڪري آيو هو.“
    هو منهنجي چريائپ تان کلڻ لڳا. سندن بيهودي نموني کلڻ مون کي نه وڻيو.
    ڪجهه ڪجهه خفي ٿيندي چيم، ”پراسرار سبزپوش بزرگ، اُنهن سبزپوش بزرگن جهڙو هو جيڪي اڻويهه سئو پنجهٺ واري جنگ دوران مغربي پاڪستان ۾ ظاهر ٿيا هئا ۽ هندستاني هوائي جهازن مان اُڇلايل بم گولا جهپي، وات ۾ وجهي اُڳري ويا هئا.“
    هڪڙو پوليس وارو فلسفين جهڙو هو- مٿو موڪرو، نڪ ڦٿل، چپ ٿلها، کاڏي ننڍڙي! غور سان ڏسوس ته جهڙو ڏيڏر! هن پنهنجي برجستي سردار ڏانهن ڏسندي چيو، ”اِن قسم جا ڪجهه سبزپوش بزرگ اڻويهه سئو اڪهتر واري جنگ دوران جيڪڏهن مشرقي پاڪستان ۾ پيدا ٿي پون ها، ته پوءِ جيڪر مشرقي پاڪستان هميشه لاءِ مشرقي پاڪستان رهي ها، بنگله ديش ٿي نه سگهي ها.“
    ”ٺهيو، مڃيوسين ته تو ڪنهن پراسرار بزرگ سان پئي ڳالهايو.“ سردار، پنهنجي فلسفي پوليس واري جي ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي مون کان پڇيو ، ”پر آخر ۾ تو وڏي واڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪهڙو لفظ ڳالهايو هو؟“
    وراڻيم، ”سبزپوش بزرگ مون کي ڦتن سمجهي ويٺو هو. مرن بيزار ٿيندي وڏي واڪ چيو هو، ته، مان ڦتن نه آهيان.“
    هو سڀيئي حيران ٿيا. پڇيائون، ”ڦتن ڪير آهي؟“
    کين ٻڌايم، ”ڦتن منهنجو سوٽ هو، جنهن ذلت جي زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏني هئي- ۽ مون عزت جي موت تي ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي. مان گدڙ آهيان- گدڙ آف روهڙي سنڌ.“
    ”ته تون سنڌي آهين؟“ سردار، مشڪوڪ نظرن سان مون ڏانهن ڏسندي پڇيو.
    ”ها، سائين.“ وراڻيم، ”مان سنڌي آهيان.“
    پوليس وارن جي اٽالي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو. پوءِ، سندن سردار چيو، ”اڄڪلهه سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف مهم وڏي پيماني تي شروع ڪئي ويئي آهي. اسان کي پڪ آهي ته تون ڪو خطرناڪ سنڌي ڌاڙيل آهين ۽ روپوش ٿي اسلام آباد کان اچي نڪتو آهين.“
    سندن انڪشاف تي مان حيران گهٽ ۽ پريشان وڌيڪ ٿيس. مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان هڪئي وقت تي حيران ۽ پريشان نه ٿيندو آهيان. جڏهن حيران ٿيندو آهيان، تڏهن پريشان نه ٿيندو آهيان ۽ جڏهن پريشان ٿيندو آهيان، تڏهن حيران نه ٿيندو آهيان. پوليس وارن جي ڳالهه ٻڌي مان حيران نه ٿيس. مان پريشان ٿيس.
    چيم، ”مان اسلام آباد جي مرڪزي گيراج ۾ ڪڏهن ڪلينر ۽ ڪڏهن ڊينٽر ٿي ڪم ڪندو آهيان. ڀڳل، ٽٽل، ردي ۽ بيڪار گاڏين جا گُهٻ ڪڍندو آهيان ۽ پراڻين گاڏين کي چمڪائيندو آهيان. ڪنهن ڪنهن وقت پنهنجي باس، يعني هيڊ مستريءَ جي هٿان خوار خراب ٿيڻ کانپوءِ مر گله جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تي اچي بيهندو آهيان- ۽ پنهنجي گدڙ ٿي پوڻ واري حادثي تي سوچيندو آهيان.“
    پوليس جي اٽالي، وارن کان پيرن تائين غور سان منهنجو جائزو ورتو. ڏندين آڱريون ڏيتي خاموشيءَ سان مون ڏانهن ڏسندا رهيا. سندن گهور ۾ مان سُسندو ويس- سُسندو ويس! رت بدران خوف منهنجين رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. مٿي تي هٿ رکي. ان ڌرتيءَ تي ويهي رهيس.
    مون فرار جي راهه لاءِ واجهايو. مار گله ٽڪرين جي سڀ کان مٿاهين چوٽيءَ تان اولهه طرف ڏٺم. ٽيڪسيلا تائين پکڙيل جهرن جهنگن ۾ ٻُڌمت جي قديم آثارن جو سلسلو نظر آيو. اوڀر ڏانهن ڏٺم. اسلام آباد جو جُڙيل جديد شهر، زندگيءَ جي جزا ۽ سزا کانسواءِ ساهه کڻي رهيو هو. سندس رستا آڪسيجن گيس جي سلينڊرن مان نڪرندڙ نلڪين وانگر نظر آيا. آسمان ڏانهن ڏٺم. آسمان ڏاڍو بيرونق، اوپرو ۽ پرايو نظر آيو. ڌرتي اهڙي، جهڙو پرديس!
    تڏهن اوچتو، پوليس وارا ٽهه ٽهه ڪري کلي پيا، هو ڏاڍو کليا. مضبوط مرڪز جا مضبوط پوليس وارا هئا. ڏاڍا صحتمند هئا. کِلي کِلي کيرا ٿي پيا.
    فلسفي پوليس واري مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هيءُ ته گدڙ آهي! اسين گدڙ سان ڳالهائي رهيا آهيون. وڏا ڪي چريا آهيون!
    هو کلندا، ٽهڪ ڏيندا ۽ مون کي پٿر هڻندا مار گله ٽڪرين جي هنج ۾ ٺاهيل تفرح گاهه ”دامنِ ڪوهه“ ڏانهن هليا ويا. اُن وقت مون کي موت ۾ وڌيڪ معنيٰ محسوس ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجي گدڙ ٿي پوڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
    اوچتو، ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. مون منهن ورائي ڏٺو. سبز پوش پراسرار بزرگ بيٺو هو. کيس ڏسي مان نه حيران ٿيس ۽ نه پريشان ٿيس. ٽِڪ ٻڌي ڏانهس ڏسندو رهيس.
    ”ڦتن!“ بزرگ پڇيو، ”ذلت واري زندگيءَ تي، عزت جي موت کي ڪڏهن ترجيح ڏيندين! خودڪشي ڪڏهن ڪندين!“
    مون رنجَ وچان سبزپوش بزرگ ڏانهن ڏٺو. سندس چپن تي پراسرار مرڪ هئي. کيس پڪ هئي، ته مان ئي ڦتن آهيان!
    مون وڏي واڪ چيو، ”مان ڦتن نه آهيان نه آهيان تڏهن ته ذلت واري زندگيءَ کي عزت جي موت تي ترجيح ڏيئي رهيو آهيان.“
    مون کي پنهنجو آواز مقبرن مان ايندڙ صدا وانگر محسوس ٿيو. مان اُٿي بيهي رهيس. مٽيءَ جي مُٺ ڀري، منهن مٿو ڀڀوت ڪري ڇڏيم. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم. اڪيلو هوس. وايو منڊل ۾ ڪو به موجود نه هو. لفظن ۽ جملن جي موٽ ايندي رهي، ”عزت جي موت تي مون ذلت جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني آهي- مان ڦتن نه آهيان. مان ڦتن نه آهيان.“
    تڏهن، آسمان ڏانهن ڏسندي چيم، ”مونکي آپگهات جي توفيق ڏي- توفيق ڏي.“
    عرش خاموش رهيو.
    ٻڌمت جي قديم آثارن مان صدين جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو، ”زندگي ڏک آهي- زندگي ڏک آهي.“


    رني ڪوٽ جو خزانو

    ميهڙ کان سڏ پنڌ تي جڏهن گولي هلي هئي، تڏهن سوين ماڻهن منهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميدان ۾ بيٺل ڏٺو هو. پر پوءِ، اهو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو هو. ڪجهه ماڻهن کيس گولي کائيندي ڏٺو هو.
    هڪ پوڙهيءَ چيو، ”مون تنهنجي پٽ کي گولي کائي آسمان ڏانهن اُڏامي ويندي ڏٺو آهي.“
    مونکي پوڙهيءَ جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو.
    پوڙهيءَ پنهنجيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، ”پنهنجن اکين سان مون کيس اُڏامندي ڏٺو هو. گولي کائڻ کان پوءِ تنهنجي پتڪڙي پٽ پنهنجيون ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪيون هيون ۽ ان کانپوءِ هو رت وهائيندو آسمان ڏانهن اُڏامي ويو هو.“
    پوڙهيءَ جي منهن تي گُهنجن جو ڄار وڇايل هو. پٺيءَ جو ڪنڊو ڪمان ٿي ويون هوس. ڪنڌ لاڳيتو هاڪار ۾ لڏي رهيو هوس. هوءَ الاءِ ڇو مونکي ڏاڍي پُر اسرار محسوس ٿي. مونکي کانئس ڪجهه ڪجهه وحشت ٿيڻ لڳي.
    پوڙهيءَ چيو، ”منهنجيءَ ڳالهه تي يقين نه اچيئي ته ميدان ۾ وڃي ڏس. اڃا تائين مٽي تنهنجي پٽ جي رت سان آلي هئي.“
    مونکي افسوس ٿيڻ لڳو ته مون پنهنجي ٽن سالن جي پٽ کي ميهڙ ڇو آندو هو. مان پنهنجي مامي علڻ سان ملڻ ۽ کانئس رني ڪوٽ جي خزاني جو راز پڇڻ آيو هوس. علڻ منهنجو مامو هو. منهنجي پٽ عاقل جو مامو نه هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته منهنجو پٽ عاقل اڃا مس ٽن سالن جو هو. رني ڪوٽ جو گم ٿيل خزانو هن لاءِ اهم نه هو. رني ڪوٽ جو خزانو منهنجي لاءِ اهم هو. امان مونکي يقين سان ٻڌايو ته رني ڪوٽ ۾ املهه خزانو دفن آهي، جنهن تي اٺئي پهر ڪاريهرَ پهرو ڏيندا آهن.چاليهه ميلن جي پکيڙ ۾ خزانو ڪنهن مخفي هنڌتي دفن ٿيل آهي. انيڪ انسان خزاني جي تلاس ۾ موت جو بَکُ ٿي ويا آهن. پر خزاني جو اَنت ۽ پتو لهي نه سگهيا آهن. امان چيو هو ته سندس ڀاءُ علڻ، يعني منهنجو مامو خزاني جي راز کان واقف آهي. کيس خبر آهي ته رني ڪوٽ جو خزانو ڪهڙي هنڌ پوريل آهين
    مون پڪو فيصلو ڪيو ته مان پنهنجي مامي علڻ سان ضرور ملندس. هو ميهڙ ۾ ٽيلر ماسٽر آهي، پر ڪوشش جي باوجود اڄ تائين شيرواڻي سبي نه سگهيو آهي. تنهنڪري هو علاقائي يا صوبائي ٽيلر ماسٽر آهي. منهنجو مامو قومي ٽيلر ماسٽر ٿي نه سگهيو آهي. هو پهراڻ ۽ وڏي گهير واريون شلوارون سبندو آهي ۽ ڪنهن کي به رني ڪوٽ جي خزاني جو راز نه ڏيندو آهي.
    مون ڪراچيءَ کان ميهڙ وڃڻ جو جڏهن پڪوپهه ڪيو، تڏهن منهنجي زال سُکان چيو، ”عاقل کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃجاءِ.“
    کانئس سبب پڇيم ته چيائين، ”رني ڪوٽ جو خزانو کوٽيندي تون پڪ پوڙهو ٿي ويندين. تو کانپوءِ تنهنجو پٽ رني ڪوٽ جو خزانو ڌرتيءَ جي تهن مان کوٽي ڪڍندو.“
    مون سُکان کي چيو، ”تون آهين ته منهنجي چاچي ميرل جي ڌيءَ، پر ڳالهيون افلاطون جي ڌيءَ جهڙيون ڪندي آهين. مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ميهڙ وٺي ويندس. مان ناڪام ٿيس، ته مون کانپوءِ منهنجو پٽ رني ڪوٽ جي خزاني جو وراث ٿيندو.“
    بنا اطلاع ڏيڻ جي مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ساڻ ڪري سڌو وڃي ميهڙ کان نڪتس. گهر وڃڻ بدران ماما جي دڪان تي وڃي ٺڪاؤ ڪيم. ان وقت ماما شيرواڻي ٺاهن جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي ڪوشس ۾ ناڪام ٿي رهيو هو. هن اول مونکي نه سڃاتو. هن آخري دفعي مونکي تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هو ڪَنَ جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ڪراچيءَ آيو هو ۽ اسان جي گهر اچي ٽِڪيو هو. تڏهن مان اين- جي- وي هائي اسڪول ۾ پڙهندو هوس ۽ ٽڪليون گڏ ڪندو هوس. ميهڙ مان آيل مامي جا ڪن مونکي سيهڙ جي ڪنن جهڙا محسوس ٿيا هئا، ميهڙ ۾ مونکي ڏسي هن نه سڃاتو. هڪ نگاهه مون تي ۽ ٻئي عاقل تي وجهي هو شيرواڻي ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ جُنبي ويو. مون کيس سڏ ڪيو، ”ماما علڻ.“
    ماما کان ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو. هو قينچي رکي اٿي بيٺو. ڪافي ٿلهو ۽ بيحد ڪونئرو هو. کيس ڀاڪر پائي مِليم ته ڪتڪائيءَ سبب کلي پيم. ماما هڪدم مونکي سڃاتو. پوءِ عاقل کي پيار ڪندي عاقل جي باري ۾ پڇيائين. چيم، ”منهنجو پٽ آهي. آهي ته ٽن سالن جو، پر الاءِ ڇو ڏاڍو پتڪڙو آهي.“
    ”تون ڇا ٿو سمجهين!“ ماما چيو، ”ٽن سالن جو ٻار تو يا مون جيڏا ٿيندا آهن!“
    عليڪ سليڪ ڪرڻ کانپوءِ ماما مون کان ميهڙ اچڻ جو سبب پڇيو. سبب ٻڌائڻ کان اڳ کيس ڳُڙَ جا ڀوڙينڊا ڏيندي چيم، ”هي ڀوڙينڊا اوهان جي ڀيڻ الله وسائي، يعني منهنجي ماءُ اوهان لاءِ موڪليا آهن.“
    ماما ڏاڍو خوش ٿيو. اٿنديئي اڌ ڊزن ڀوڙينڊا بيٺي پير کائي ويو. مون دل ۾ سندس ڏندن ۽ صحت جي تعريف ڪئي. ماما چيو، ”شام ڌاري دڪان بند ڪري گهر هلنداسين. تنهنجي مامي توکي ۽ تنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“
    مان ۽ عاقل نويڪلا ٿي ماما جي دڪان ۾ ويهي رهياسين. ڪپڙن سبڻ جي مشين هلائيندي ماما پڇيو، ”ماڻهين ته خوش هئي نه؟“
    ”ها، ماما.“ کيس ٻڌايم، ”جڏهن کان عاقل ڄائو آهي، تڏهن کان امان ڏاڍي خوش آهي.“
    ماما چيو، ”مان به تنهنجي پتڪڙي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش پيو آهيان. هن جي مٿي ۾ مونکي مڻيان ٿي نظر اچي.“
    مونکي تعجب ٿيو. مون چيو، ”امان به هويهو ساڳيا لفظ اُچاريا هئا. عاقل ڏانهن غور ڏسندي سان چيو هئائين، هن جي مٿي ۾ مڻيا آهي.“
    ماما ڪجهه ڪجهه فخر سان چيو، ”ڇا ٿو سمجهين! هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي.“
    مون مٿو کنهندي ماما کان پڇيو، ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان نه آهي ڇا؟“
    ماما غور سان مون ڏانهن ڏٺو. ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، ”جن کي مٿي ۾ مڻيان هوندي آحي، سي مٿي ۾ مڻيان وارا ٻار پيدا نه ڪندا آهن ۽ جن کي مٿي ۾ مڻيان نه هوندي آهي، سي مٿي ۾ مڻيان وارا ٻار پيدا ڪندا آهن. تنهنجي مٿي ۾ مڻيان نه آهي.“
    مونکي ماما ڪجهه ڪجهه توائي محسوس ٿيو. هڪ عدد شيرواڻي سبي پاڻ کي قومي درزين جي قطار ۾ بيهارڻ جي آرزوءَ ۾ هو پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺو هو. ماما کي شايد خبر نه هئي ته مڻيان، منهنجي مٿي ۾ نه، مڻيان منهنجي کيسي ۾ هئي. مان ٺيڪ ٺاڪ قسم جو ڪامورو آهيان. چڱن چوکن کي اک ڇنڀ ۾ ڪاٺ ۾ هڻائي سگهندو آهيان. جهنگل ۾ منگل ڪري سگهندو آهيان. آمدني ايتري اٿم جو سٿڻ جي اُبداڻن ۾ کيسا هڻائي ڇڏيا اٿم. ماتحت خوش، ته اعليٰ آفيسر به خوش! لهر نه ڪو لوڏو. دل ۾ آيو ته ماما کي چوان ته مڻيان منهنجي کيسي ۾ آهي- مڻيان منهنجي مٿي ۾ نه آهي ته ڇا ٿيو! پر مون ماما کي ناراض يا خفي ڪرڻ مناسب نه پئي سمجهيو. مونکي کانئس رني ڪوٽ جي خزاني جو ڏس پڇڻو هو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته رني ڪوٽ ۾ سڪندر اعظم جي دور جو خزانو دفن آهي! پر، چاليهه ميلن جي پکيڙ ۾ خزانو ڪهڙي هنڌ دفن آهي، ان راز جي خبر منهنجي مامي کانسواءِ ڪنهن کي به نه آهي.
    مان اڪثر سوچيندو آهيان ته ايڏي وڏي راز کي سيني ۾ سانڍي ماما اڃا تائين جيئرو ڪئين آهي! هن کي ته گهڻو اڳ مري وڃڻ گهربو هو! مونکي رکي رکي اهو خيال به ايندو رهيو آهي، ته ماما پاڻ رني ڪوٽ جي خزاني کي کوٽي هٿ ڇو نه ڪيو آهي! هو ڇا جي انتظار ۾ آهي! هو ڪنهن جي انتظار ۾ آهي! هو ڪهڙي معرڪي جي انتظار ۾ آهي!
    خزاني جي باري ۾ ڳالهه چوريندي چيم، ”ماما، مون ٻڌو آهي ته رني ڪوٽ ۾ هڪ خزانو دفن آهي!“
    ماما ذري گهٽ ڇرڪي مون ڏانهن ڏٺو. ڪپڙن سبڻ واري مشين هلائڻ بند ڪري ڇڏيائين. چيائين، ”ماڻهن هينئر ان افواهه تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
    ”اهو فقط افواهه آهي!“
    ”ماڻهن ائين ئي هُلايو آهي.“
    ”اِن ۾ هونءَ ڪا به صداقت نه آهي.“
    ”ڪافي لوڀين ۽ ٺوڳين خزاني جي تلاش ۾ جان جوکن ۾ وڌي آهي، پر کين ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو آهي.“
    ”اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“
    ”منهنجو؟“
    ”ها، اوهان جو.“
    ماما غور سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. هو سوچيندو رهيو. مان سندس جواب جو انتظار ڪندو رهيس. ڪجهه دير کانپوءِ ماما چيو، ”رني ڪوٽ ۾ اَمُلهه خزانو دفن آهي. اِن جي مونکي پڪ آهي.“
    منهنجيون واڇون ٽڙي ويون. ڪجهه ڪجهه هٻڪندي چيم، ”مان خزاني جي تلاش ۾ آيو آهيان.“
    ماما چيو، ”توکي ڏسڻ شرط مان سمجهي ويو هوس ته تون خزاني جي تلاش ۾ آيو آهين.“
    اميد ڀرين اکين سان ماما ڏانهن ڏسندي پڇيم، ”پوءِ ماما!“ ماما انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”تون خزانو هٿ ڪري نه سگهندين.“
    ”ڇو ماما؟“ تعجب وچان پڇيم.
    ماما چيو، ”رني ڪوٽ جوخزانو مون اکين سان ڏٺو آهي. پر، مان خزانو هٿ ڪري نه سگهيس.“
    اکر نه اُڪليو. مون ماما ڏانهن ڏٺو. ماما چيو، ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان نه هئي. تنهنجي مٿي ۾ به مڻيان نه آهي. رني ڪوٽ جو خزانو اسان جهڙن جي نصيب ۾ نه آهي.“
    کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو.
    آخري ڪوشش ڪندي چيم، ”پر، اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ اِها خبر ته آهي نه، ته خزانو ڪٿي پوريل آهي!“
    ماما هلڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    چيم، ”مان ڪوشش ڪري ڏسندس.“
    ماما چيو، ”بيسود آهي.“
    ماما جي ڀرسان وڃي ويٺس. چيم، ”توهان مونکي ڏس ته ڏيو!“ ماما انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”تنهنجي مٿي ۾ مڻيان ڪونهي.“
    ”منهنجي مٿي ۾ مڻيان ڪونهي ته ڇا ٿيو!“ چيم، ”مان پنهنجي پتڪڙي پٽ عاقل کي ساڻ ڪري خزاني جي تلاش ۾ نڪرندس. هن جي مٿي ۾ ته مڻيان آهي نه!“
    ماما غور سان عاقل ڏانهن ڏسندي چيو، ”ها. هن جي مٿي ۾ مڻيان آهي. دڪان ۾ داخل ٿيڻ شرط مون سندس مٿي ۾ مڻيان ڏسي ورتي هئي.“
    ”ته پوءِ الله جو نالو کڻي رني ڪوٽ جي خزاني جو ڏس ڏيو.“ چيم، ”مان ۽ عاقل رني ڪوٽ جو خزانو هٿ ڪنداسين.“
    ماما اک ڇنڀڻ بنا عاقل ڏانهن ڏسندو رهيو. سوچيندو رهيو. پوءِ هو ڪاغذ ۽ پينسل کڻي ويهي رهيو. ڏسنديئي ڏسندي رني ڪوٽ جي قلعي جو نقشو ٺاهي ورتائين. پوءِ، نقشي تي منڌيئڙي جا نشان ٺاهيندي ماما چيو، ”قلعي جي ٻاهران اولهه طرف جبل جي ترائين ۾ هڪ تلاءُ آهي. لهندڙ سج جا ترورا اهڙي نموني تلاءَ تي پوندا آهن جو سمورو تلاءُ سون وانگر جرڪڻ لڳندو آهي- اصل رجيل سون جهڙو لڳندو آهي. اهڙي مهل جڏهن به ڪو مڻياندار ماڻهو تلاءَ مان پاڻي ڀريندو، سو پاڻي اصل ۾ رجيل سون هوندو.“
    مان وائڙو ٿي ويس. جهٽ ڏيئي عاقل کي ڪڇ ۾ کڻي ورتم. ان وقت اوچتو ٻاهران گولين هلڻ جو آواز آيو. آواز وڌندو ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ گولين جو مينهن پئي وٺو. عاقل هڪدم ٽِپُ ڏيئي منهنجي ڪڇ مان لهي ويو. مون ٻانهن ڊگهيري عاقل کي ٻيهر هنج ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽن سالن جي عاقل هڪدم سٽ ڏيئي پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي، تمام چٽي آواز ۽ لهجي ۾ چيو، ”رني ڪوٽ جي خزاني تي حملو ٿيو آهي، بابا.“
    مان وائڙو ٿي ويس. ٽن سالن جي ٻار کي اهڙي چٽي نموني ڳالهائيندي ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    عاقل ڊوڙ پائي دڪان مان نڪري ويو. مان ڪنن ۾ آڱريون ڏيئي، دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. ٻئي ڪنڊ ۾ ماما ويهي رهيو. گولين جو مينهن وسندو رهيو. ٺڪائن جو آواز ماحول ۾ ڏار وجهندو رهيو. شام تائين گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهاؤ لڳندو رهيو ۽پوءِ، وقت عارضي طرح مري ويو. گولين جو آواز گم ٿي ويو. سڀڪجهه ماٺ ۾ غرق ٿي ويو.
    مون ماما ڏانهن ڏٺو ۽ ڏک وچان فقط هڪ لفظ چيو، ”عاقل.“ ماما چيو، ”هو رني ڪوٽ جي خزاني جو محافظ هو. هليو ويو.“
    دڪان مان ٻاهر نڪري مون ميدان ڏانهن رخ رکيو جتي گولي هلي هئي.
    هڪ کان وڌيڪ ماڻهن منهنجي پٽ کي گولي کائي آسمان ڏانهن اُڏامي ويندي ڏٺو هو.
    چاهڻ جي باوجود مون ماڻهن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو. سندن ڳالهه ۽ مشاهدو امڪان جي حدن کان ٻاهر هو. ٻڍن،جوانن، ڳڀرن ۽ ٻارن جي لاشن ۾ مون پنهنجي عاقل کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر عاقل مونکي نظر نه آيو. مائرون ۽ پيئر پنهنجن پٽن جا، ڀينرون پنهنجي ڀائرن جا ۽ سهاڳڻيون پنهنجي وَرَن جا لاش کڻي موٽنديون رهيون. پر، مان عاقل کي ڳولي نه سگهيس.
    هڪ پوڙهيءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، ”مون تنهنجي پٽ کي نه فقط اُڏامندي ڏٺو آهي، مون تنهنجي پٽ کي سج ۾ داخل ٿيندي ڏٺو آهي. ڏس پوڙهيءَ سج ڏانهن آڱر اڀي ڪندي چيو ”ڏس سمورو سج رت هاڻو ٿي ويو آهي.“
    سانجهيءَ ويلي سمورو آسمان رت لڳل ڪينواس جهڙو ٿي ويو. ازغيبي آرٽسٽ مونکي نظر نه آيو.
    اُها سموري رات مون عاقل لاءِ روئيندي ۽ پاسا ورائيندي گذاري ڇڏي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو بنا موڪلائڻ جي مان ميهڙ مان رني ڪوٽ ڏانهن روانو ٿي ويس. سوچيم، پُٽ وڃايو اٿم، خزانو ضرور هٿ ڪندس.
    ماما جي نقشي مطابق رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ڀٽڪندي، ٿاٻا کائيندي، ڪِرندي، ٿيڙ کائيندي شام ڌاري مان قلعي جي ٻاهران اولهه طرف ٽڪر جي ترائين ۾ پهتس. نقشي ۾ ڏنل ڏس مطابق ترائين وٽ پريان کان پاڻيءَ جو تلاءُ نظر آيو. ڏاڍو ٿڪل ۽ ٽٽل هوس. اُڃ سبب نڙي ۽ چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. مون تلاءَ طرف وڌڻ شروع ڪيو.
    ان مهل سج اولهه طرف لهڻ لڳو- مون سج ڏانهن ڏٺو. سج مونکي رت هاڻو نظر آيو. ان وقت مونکي عاقل ڏاڍو ياد آيو.
    عين اُن مهل جڏهن سج اولهه ۾ غرق ٿي رهيو هو ۽ سندس آخري تِروِرا تلاءَ تي پئجي رهيا هئا، مان تلاءَ جي ڀِڪ تي پهتس. عجب وچان پنڊ پهڻ ٿي ويس. تلاءَ جو پاڻي رجيل سونَ وانگر نظر نه پئي آيو. سمورو تلاءُ، رَتُ جو تلاءُ هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 394482
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159441
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ