ڪتاب جو نالو: ڌرتيءَ تارا (ٻارن لاءِ شاعري)
مصنف: نثار بزمي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 403 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 305 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اسان وٽ ٻاراڻي ادب تي ڪم گهٽ ٿيو آهي. نامياري شاعر نثار بزميءَ جو ٻارن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڌرتيءَ تارا“ پيش آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • تعارف
  • قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين
  • اوسيئڙو ۽ آس
  • ريل
  • شڪارپور
  • ڪڪڙون ڪون
  • مان گهوڙي جو سوار
  • اکين جو تارڙو آهين
  • ٻارن لاءِ دعا
  • ٻارڙا
  • نظم
  • ڌرتي
  • ٻارن لاءِ
  • چوڙيون
  • جواني شال ماڻين
  • ڇيلي
  • سونا هار
  • سهڻي ڳالهه
  • علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو
  • ٻولي
  • چڱو ٻار
  • ٻارڙن جي ڳالهه
  • ڳالهه ٻڌايان
  • ڀڃ پرولي
  • سدا جيئي
  • چاچي ڀائيٽي جي ڳالهه ٻولهه
  • ٻه رنگ
  • ٻارن ۾ آ ساهه
  • ٻول
  • مالڪ
  • او سنڌڙي
  • او جيءُ سنڌي
  • پکيئڙن جي پڪنڪ
  • وطن جا ڏس
  • ٻار گلن جا هار
  • اچو اي ساٿيو
  • لولي
  • سنڌي ٻولي
  • سنڌڙي
  • منهنجي پياري امڙ
  • سچ کي سلام
  • يتيم ٻار
  • ٿو آءٌ ڏسان
  • آزادي
  • کلندا وتو ڪڏندا وتو
  • سنڌي زبان اسان جي
  • بهار آيو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (95) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. نامياري شاعر نثار بزميءَ جو ٻارن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڌرتي تارا“ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون سائين عبدالجبار شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    ڇپائيندڙ پاران

    ٻاراڻو ادب ۽ شاعري مائرن پُٽن ۽ ڌيئرن کي ڏنل ڪوڏاڻن کان شروع ٿئي ٿي.
    ابل منهنجو وڏڙو ٿيندو، وکڙون کڻندو،
    پٽي پڙهندو، اسڪول ويندو
    *******
    گُڏي منهنجي، وڏي ٿيندي،
    الف انب جي پٽي پڙهندي
    *
    ان ريت اهي امڙين جا ڪوڏاڻا وڌي ٻاراڻي شاعريءَ جو روپ وٺن ٿا، پسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته جن شاعرن جي مائرن، نانين ۽ ڏاڏين کي جيترا گهڻا ڪوڏاڻا چوڻ ايندا هئا. انهن ٻاراڻي شاعريءَ به اوتري گهڻي ۽ سُٺي ڪئي، سنڌ جي ڳوٺاڻي توڙي شهري ماءُ جون انيڪ تمنائون ۽ دعائون ڪوڏاڻن جي روپ ۾ آهن، انهن جو اولڙو سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ چٽو پِٽو نظر اچي ٿو.
    سنڌ ۾ ٻارن لاءِ تمام گهڻن شاعرن لکيو آهي، محترم نثار بزمي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ليکڪ جي حيثيت ۾ هڪ وڏو نالو آهي، سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 13 آهي. جڏهن ته ڏهاڪو کن ڪتاب اڻڇپيل هوندا جن مان هڪ ڪتاب هي به آهي. کيس ٻاراڻي ادب جو اُستاد شاعر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ٻارن لاءِ لکيل سندس هن مجموعي ”ڌرتيءَ تارا“ کي محترم غلام محمد غازي سهيڙي بورڊ کي گهڻو اڳ پيش ڪيو هو، جنهن جي ڇپجڻ جو سامان جُڙيو آهي. بورڊ کي ايڏي وڏي شاعر جي شاعريءَ جي هن مجموعي کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ تي خوشي آهي.
    اميد آهي ته ٻاراڻي ادب سان چاهه رکندڙ ٻارن ۾ شاعريءَ جو هيءُ مجموعو ”ڌرتيءَتارا“ شوق سان پڙهيو ويندو.

    پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ
    ڄام شورو
    19 ذي القعد 1439هه
    18 نومبر 2008ع


    تعارف

    اڄ ڪيڏي نه خوشي ٿي رهي آهي جو آءٌ پنهنجي ادبي استاد محترم سائين نثار بزميءَ جي ڪيل ٻارن لاءِ ادبي پورهئي کي سهيڙي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. بزمي صاحب جو اصل نالو قلندر بخش خان المعروف نثار بزمي ولد محمد حسن خان جوڻيجو آهي. بزمي صاحب جو جنم13 جون 1924ع تي مرزاپور ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ٿيو هو. هي ڳوٺ الهداداڻي ريلوي اسٽيشن جي اتر طرف هڪ ميل جي فاصلي تي آهي. بزمي صاحب سن 1938ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ سن 1942ع ۾ پرائمري استاد ٿيو. سن 1947ع کان 1954ع تائين روينيو کاتي ۾ تپيدار ٿي رهيو. سن 1959ع ۾ شڪارپور جي سومرا خاندان مان شادي ڪئي. جنهن مان ڇهه پٽ آفتاب احمد، الطاف احمد، ارشاد احمد، اسرار احمد، احسان احمد، انتخاب احمد ۽ هڪ نياڻي به ٿي. پاڻ علم عروض جو وڏو ڄاڻو استاد الشعرا ۽ هڪ محبتي ماڻهو هو. بزمي صاحب مضمون، مقالا، ناٽڪ به لکيا. فلمن لاءِ گيت لکيا. سندن ڪيترائي گيت غزل ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي ڳايا وڃن ٿا. ۽ ڪجهه نظم درسي ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. بزمي صاحب زندگيءَ جا ڪيترائي انمول ۽ قيمتي سال ادب کي ڏنا. سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌ واسين کي پنهنجي شاعريءَ جو محور بڻايو. کيس مڃتا طور ، ميڊل ۽ انعام پڻ مليا. ادب ۽ ثقافت سان لڳاءُ ۽ عشق سبب لوڪل براڊ ڪاسٽنگ سکر جا پروڊيوسر ڊائريڪٽر ۽ ڪمپيئر به رهيا. آفتاب پبليڪيشن، محمد بيوس يادگار ڪميٽي، نثار بزمي ادبي سنگت ۽ نثار بزمي لٽرري اڪيڊمي جو قيام به سندس ادبي ۽ سماجي حيثيت طور مڃتا جو ثبوت آهي.بزمي صاحب جا هن وقت تائين 13 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ ” جذبات نثار“،” رت جا ڳوڙها“،” جلترنگ“، ناز و نياز“، ” روهڙي تعلقي جي جاگرافي“،” هڪ سسئي سو سور“،” اوکو پنڌ پهاڙ جو“،”سنڌڙي“، ”ائٽم بم“، ” عشق نه پڇي ذات“، ”وڄن جا وراڪا“، ” ڏکن آءٌ ڏڌي“، ” ٻول نثار بزمي جا“، ۽ سندن هيءُ ڪتاب ”ڌرتيءَ تارا“، جو ٻارڙن لاءِ نظم ۽ گيتن تي مشتمل آهي. انهن کان علاوه اڻ ڇپيل مواد ۾ ” زندگي جو سفر“، ”مسافر بزمي“، ” اهي ڏينهن“، ”ڪهاڻيون“، ”ڊراما “ ۽ ”خط“ شامل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جو هيءُ ستارو زندگيءَ جا 76 سال گهاري. هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندن آخري آرامگاهه مرزاپور شهر ۾ آهي.


    غلام محمد غازي
    7 جولاءِ 2006ع


    قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين

    قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين
    ڪهڙا ڪهڙا ڳايان

    گلڙن ۾ گلزارن ۾ تون،
    هيرن ۾ تون، هارن ۾ تون،
    ڪتين ۾ تون، تارن ۾ تون،
    ڪڪرن ڪارن ڪارن ۾تون،
    سارنگ جي سينگارن ۾ تون،
    ساوڻ جي وسڪارن ۾ تون،
    گهيڙن ۾ تون، گهارن ۾ تون،
    شاخن ۾ تون، ڏارن ۾ تون
    مرڪين ٿو مه پارن ۾ تون
    دلين ۾ دلدارن ۾تون،
    الفت جي اظهارن ۾ تون،
    شاعر جي اشعارن ۾ تون،
    عزت جي اقرارن ۾ تون،
    ڪڻڪن جي لابارن ۾ تون،
    ساون ساون ٻارن ۾ تون،
    هرلن ۾ تون، نارن ۾ تون،
    رستن ۾ تون، چارن ۾ تون،
    دنيا جي ديدارن ۾ تون،
    قادر تنهنجا ڪرم ڪروڙين،
    ڪهڙا ڪهڙا ڳايان!

    O


    اوسيئڙو ۽ آس

    شهر ويو آهه بابو منهنجو،
    منهنجي لاءِ شئي آڻيندو.
    شهر ويو آهه بابو منهنجو.

    مائو، برفي، پيڙا ايندا،
    پاڻ اچي کارائيندا.
    شهر ويو آهه بابو منهنجو.

    آڻيندو رانديڪا مون لاءِ،
    خوشيءَ منجهان کيڏائيندو.
    شهر ويو آهه بابو منهنجو.

    رئندس جي مان بابو ايندو،
    پيار ڏئي پرچائيندو.
    شهر ويو آهه بابو منهنجو.

    مٺڙو مٺڙو بابو منهنجو،
    رب ان کي جيئاريندو.
    شهر ويو آهه بابو منهنجو.

    ٽانگي وارا ٽيشن تي وڃ،
    گهوڙا اڄ هڻڪائيندو.
    شهر ويو آهه بابو منهنجو.

    (گل ڦل 2004ع ٻاراڻا ٻول)

    O


    ريل

    بابو صاحب! ٽڪيٽ ڏي مون کي،
    چڙهي ريل ۾ ”سکر“ وڃان مان.

    ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ ريل ڪري ٿي،
    ان جي منهن ۾ آڳ ٻري ٿي.

    منزل تي ٿي هيءَ رسائي،
    دوريءَ کي ٿي ڪيئن گهٽائي.

    ڪونه وڃي ٿو وقت اجايو،
    تڪڙو تڪڙو ڇڏي ڀڄائي.

    لمبي لمبي هيڏي ساري،
    ڳوري ڳوري ڪاري ڪاري.

    ڪوڪ ڪري اطلاع ڏئي ٿي،
    ظاهر زينت ساڻ ٿئي ٿي.
    هڪڙا چاڙهي ۽ ٻيا لاهي،
    اڳتي اڳتي ڪاهيو ڪاهي.

    ريل ڏنو آهي سهنج اسان کي،
    ڪيڏو هو نه ته اهنج اسان کي.

    بابو صاحب! ٽڪيٽ ڏي مون کي،
    چڙهي ريل تي ”سکر“ وڃان مان.
    ƒ
    O


    شڪارپور

    شڪارپور شهر آهه پيارو،
    عجيب ماڻهو هتان جا آهن.

    انهن جي رخ تي مسڪراهٽ،
    سدائين پيئي نچي ڪڏي ٿي.
    شڪارپور جو ”اچار“ وه وه.
    هتان جي ڪلفي به آهه نرالي،
    سڄي جهان ۾ ڪٿي نه هوندي،
    هتان جا ڀڳڙا به جڳ سڄي ۾،
    رکن ٿا ڪو مثال پنهنجو،
    شڪارپور جي مٺائي بيشڪ،
    ڪري ڇڏي ٿي بهار دل کي،
    شڪارپور شهر آهه پيارو،
    ماڻهو عجيب هتان جا آهن.
    چڱو ٿا کائين چڱو ٿا پهرن،
    وڏا ڪي شوقين ٿا سڏائين ٻڌن ٻڌائن،
    کڻي تنبورا ٿا راڳ ڳائن،
    ڏسي ڪو تن کي اچي اکين سان،
    ڇا ته محفلون رچائي ڄاڻن،
    هي شهر جنت آهه نمونو،
    شڪارپور شهر آهه پيارو.
    ƒ
    ” گل ڦل“ مارچ 2005ع

    O


    ڪڪڙون ڪون

    ڪڪڙ ڪري ٿو، ڪڪڙون ڪون
    ٻيءَ معنيٰ ۾، ” تون ئي تون“

    ڪڪڙ منهنجو آهه رنگ رنگيلو،
    ڪڏهن حليم ته ڪڏهن هٺيلو
    ڪونه ڏٺو ڪو اهڙو مون،
    ڪڪڙ ڪري ٿو، ڪڪڙون ڪون.

    ڪڪڙ ڪري ٿو منهنجو ، ميوا کائي،
    هيڏي هوڏي ڇو واجهائي،
    ڏي ٿو ٻانگن تي ٻانگون،
    ڪڪڙ ڪري ٿو ڪڪڙون ڪون.

    ڪڪڙ جو نالو ڪوڏو آهي،
    پيار منجهان ٿو پرڙا ساهي،
    آءُ ته گڏجي رنگ ڏسون،
    ڪڪڙ ڪري ٿو ڪڪڙون ڪون.

    ڪڪڙ منهنجو آهه قربن وارو،
    وندرائي ٿو دل ويچارو،
    وڪڻان ” بزمي“ ڇو ڇاکون،
    ڪڪڙ ڪري ٿو ، ڪڪڙون ڪون.

    O


    مان گهوڙي جو سوار

    مان گهوڙي جو سوار ساٿي،
    مان گهوڙي جو سوار.

    هِڻ هِڻڪي گهوڙو منهنجو،
    نانءُ اٿس دلدار،
    مان گهوڙي جو سوار.
    رلي، گام، دوگام جو ماهر، ڀڄڻو واهه ڀلو آ،
    منهنجي گهوڙي جو دنيا ۾ آهي ، ناماچار،
    مان گهوڙي جو سوار.

    سرخو سوڀارو آهه منهنجو، سڀڪوئي ٿو ڄاڻي
    سونو سونو هن کي هاڻي پارائيندس هار،
    مان گهوڙي جو سوار.

    بابا هيءَ سوغات ڏني آهه هن کي مان ڀائيندس،
    سير ڪرائيندو هي مونکي، آهي ڪو هوشيار
    مان گهوڙي جو سوار.

    گهوڙو منهنجو ساه سيباڻو، ڏيندس ڇو مان ڪنهنکي،
    هن جو مونسان منهنجو هن سان بزمي آهه پيار،
    مان گهوڙي جو سوار.
    ƒ
    O


    اکين جو تارڙو آهين

    وڻين ٿو مون کي ڀورن کان، تون توڙي ڪارڙو آهين،
    ڪرين ويساهه جي ٻالڪ! ته ڏاڍو پيارڙو آهين.

    ٻڌي مان ٻولَ تنهنجا ٻاتڙا، خوش ٿو ٿيان ڏاڍو،
    وهئي ٿو کيرُ واڇن مان، اڃا تون ٻارڙو آهين.

    ڏسان ٿو جان تنهنجيءَ مان، نوان جولان ٿا نڪرن،
    تون هاڻي ئي ته جوڌو ۽، ڪوئي جهونجهارڙو آهين.
    مان تنهنجي مرڪ تان مٺڙا، وڃان قربان ٿي جيڪو،
    نه پاسي ٿيءُ تون مون کان، ڳچيءَ جو هارڙو آهين.

    ٻڌين جيڪا نصيحت ٿو، ڪرين ٿو تون عمل اُن تي،
    نه وسري ياد ٿي توکان نه تون ويسارڙو آهين.

    الف ــ بي جو سبق توکي، سمورو ياد بيٺو آ،
    سڄي اسڪول جي ٻارن ۾ ، تون هوشيارڙو آهين.

    دعا توکي آ ”بزميءَ“ جي، وڌائيندو خدا توکي،
    وڏي شل عمر ماڻيندين، اکين جو تارڙو آهين.

    ƒ
    (گل ڦل ڊسمبر 1991ع)


    ٻارن لاءِ دعا

    ننڍڙا ٻالڪ جڳ جڳ جيئين،
    ماهيا کير کلي شل پيئين،
    مرڪي توڏي ماءُ ڏسي ٿي،
    سانئڻ تنهنجي لاءِ سڪي ٿي،
    سيني سان مان توکي لايان،
    توکي ميوا مان کارايان،
    بوڪ ۾ ڪهڙا لفظ لکيا ٿي؟
    ڪهڙا ڪهڙا سبق سکيا ٿي؟
    پڙهندين ڪڙهندين صاحب ٿيندين،
    ريشم ۽ پٽ تون پهريندين،
    تنهنجون مرڪون گلڙن جهڙيون،
    هوشوءَ جهڙا هول ڪندين شل،
    چوڌاري چؤٻول ڪندين شل،
    ٻولَ مٺا ڪي ٻول ته پيارا،
    ڌرتيءَ جا او روشن تارا،
    شال جواني ماڻين مٺڙا،
    ڄاڻ سموري ڄاڻين مٺڙا
    ”بزميءَ“ جون ٿي ساڻ دعائون،
    ڪوسيون لڳندءِ ڪونه هوائون.


    ٻارڙا

    قوم جو سرمايو آهن ٻارڙا
    ٻارڙن سان ئي ته ملندي سونهن آ سنسار کي،
    ٻارڙن سان ٻهڪندو آهي جهان
    ٻارڙا آهن امانت قوم جي
    اڄ جو ٻالڪ آ سڀاڻي جو ابو
    ٻارڙا جنهن گهر ۾ ناهن
    سو ته گهر زندان آ،
    ويران آ،
    سنسان آ،
    ٻارڙن سان ئي ته ملندي سونهن آ سنسار کي،
    هي سلن ساون جيان ڪچڙا ۽ نازڪ
    ٿا ٿين.
    ٻارڙا پنهنجي طبيعت کان نيارا ٿا لڳن،
    ٻاتڙيون ٻوليون ڪري ٿا روح ئي ٺاري ڇڏن
    ساري دنيا جو مدار آهي انهن ٻچڙن مٿان
    پر وڏن جو فرض ڇاهي؟
    هي به ڪجهه سوچڻ کپي
    ٻار مُڇ جو وار آهي ڀائرو!
    جاڏي اُن کي لاڙيو ويندو لڙي.
    ائين نه ٿئي جو ٻار اوجهڙ راهه تي
    انسانيت وڪڻي ڇڏي.
    هيسيل چهرو کڻي گهمندو وتي،
    رلندو وتي
    قوم جو سرمايو آهن ٻارڙا
    ٻارڙن سان ئي ته ملندي سونهن آ سنسار کي.

    ƒ
    گُل ڦل اگسٽ 2008ع


    نظم

    هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ ؟
    هٿ ۾ سڪل مانيءَ ڳڀو،
    تنهن تي مکين جا ميڙاڪا،
    ليڙون لٽا
    ميرا مٽي
    ڪارو ڪلوٽو ڪوجهڙو
    ٽنڊو منڊو لاچار آ
    خارش زده هي ٻارڙو
    سينو سڪل
    سايون اکيون
    ڪامڻ وتيون
    اڻڀو بدن
    ڪنگيءَ وتل
    بيمار آ
    هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ ؟
    ورندي ڏيو ڪا ڇو نٿا..........؟
    هي ٻار ڪنهن جو ٻار آ ؟

    O

    ” وڄن جا وراڪا“


    ڌرتي

    جنهن ڌرتيءَ مون کي پاليو آ،
    جنهن ڌرتيءَ مون کي پاليو آ،
    جنهن منهنجو ساهه سنڀاليو آ،
    تنهن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
    هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.

    هيءَ ڌرتي ناهي جنت آ،
    هي ڌرتي رب جي رحمت آ،
    هيءَ ڌرتي منهنجي سنڌڙي آ،
    هيءَ سنڌڙي منهنجي جندڙي آ،
    هيءَ ڌرتي سهڻي سائي آ،

    هيءَ جهونجهار جاڳائي آ،
    هيءَ ڌرتي منهنجي چادر آ،
    هن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
    هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.

    هيءَ ڌرتي آهه ڀٽائيءَ جي،
    هيءَ ڌرتي ساجن سوائي جي،
    هيءَ ڌرتي درازن واري جي،
    هي ڌرتي مست قلندر جي،
    هن ڌرتيءَ تي ٿا رنگ رچن،
    هن ڌرتيءَ تي ٿا ميڙ مچن،
    هن ڌرتيءَ تي ٿا انب پچن،
    هن ڌرتيءَ تي ٿا مور نچن،
    هن ڌرتيءَ کي مان ڪيئن ڇڏيان؟
    هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.

    هن ڌرتيءَ تي ٿا ڪانگ لون،
    هن ڌرتيءَ تي ٿا نيڻ ٺرن،
    هن ڌرتيءَ تي ٿا ڄام ڄمن،
    هيءَ ڌرتي ساري سوني آ،
    شربت کان مٺو هت پاڻي آ.

    هت سڀ سان مولا ساڻي آ،
    هيءَ ڌرتيءَ آهي دودن جي،
    هيءَ ڌرتي آهي جوڌن جي
    هيءَ ڌرتي آ شهزورن جي،
    هن ڌرتيءَ کي مان ڇڏيان؟
    هن کان ته ٻڏي مان ڇو نه مران.
    ƒ
    ماهوار ” ڪوٽو موٽو“
    شهداد ڪوٽ مارچ 2000ع


    ٻارن لاءِ

    ٻارڙا ڌرتيءَ جا تارا ٿا لڳن،
    اکين کي ڏاڍا پيارا ٿا لڳن ،
    ٻارڙا معصومڙا البيلڙا،
    نور جا نرمل نظارا ٿا لڳن،
    ٻارڙا آهن گلن جا هارڙا،
    موج من کي ڏيڻ وارا ٿا لڳن،
    ٻارڙا مائن جا آهن آسرا،
    ننڍپڻ ۾ ئي سهارا ٿا لڳن،
    هونئن ته آهن ظاهري هي پتڪڙا،
    سورهين وانگر سگهارا ٿا لڳن،
    جوڙا جوڙا ٿي پڙهڻ لئه ٿا وڃن،
    ڄڻ ته سنڌوءَ جا ڪنارا ٿا لڳن،
    غم جي ويجهو ڪونه ٿا ”بزمي“ وڃن،
    خوشين ۾ هي کلڻ هارا ٿا لڳن.

    شل ٿين دودا ۽ دولهه ديسن جا،
    هاڻي ئي اهڙا اشارا ٿا لڳن.
    ƒ

    (سلسليوار علم پبليڪيشن مرزاپور جون 2003ع


    چوڙيون

    آءُ سهيلي ! چوڙيون پايون
    چوڙين وارو هوڪا ٿو ڏي،
    آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.

    سونهن وڌائن ٿيون هي چوڙيون،
    رنگ رچائن ٿيون هي چوڙيون
    چوڙيون پائي سونهن وڌايون،
    آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
    ڳاڙهيون نيليون ،پيليون چوڙيون،
    آهن رنگ رنگيليون چوڙيون،
    مون کي وڻنديون آهن سايون،
    آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.

    خانل پاتيون جانل پاتيون،
    ڪرمان پاتيون جادل پاتيون،
    ٻيون به اچن ٿيون ڀڄنديون مايون،
    آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.

    ٻانهن لڏڻ سان ڇم ڇم ڇمڪن،
    ٽانڊاڻيون ٿي رات جو چمڪن،
    ڇا لئه پنهنجو ساهه،سڪايون،
    آءُ سهيلي! چوڙيون پايون.
    ƒ
    گل ڦل مارچ 2003ع


    جواني شال ماڻين

    گلن جو ٽوڪرو آهين،
    تون ننڍڙو ڇوڪرو آهين.

    ابي جي آس تون آهين،
    امڙ جي باس تون آهين

    ٿي جرڪئي جيءَ ۾ جوتي،
    لڳين ٿو ڄڻ ته ڪو موتي.
    نه تنهنجو وار ونگو ٿيندو،
    خدا توکي پناهه ڏيندو.

    وڏو ٿي پهلوان ٿيندين،
    تون سنڌ جو پاسبان ٿيندين.

    ڪندين نيڪيءَ سان نانءُ پيدا،
    ڪندين ٿڌڙو ڪو ٿانءُ پيدا.

    وطن جو واهرو ٿيندين،
    جواني شال ماڻيندين.

    پڙهڻ اسڪول ڏي ويندين،
    پڙهي افسر تون ٿي ويندين.

    دعا ”بزمي“ جي توکي آ،
    نه لڳندءِ واءُ ڪوسي ڪا.
    ƒ
    (گل ڦل اپريل مئي 1998ع)


    ڇيلي

    ڇيلي منهنجي نچڻي ڪڏڻي،
    سندر سندر سهڻي سهڻي.

    لاڏ ڪوڏ مان ٺينگ ڏئي ٿي،
    سرهائيءَ جو سبق ٿئي ٿي.

    ڇيلي منهنجي برڙي آهي،
    هر هڪ ٻار ٿو هن کي چاهي.

    ٻي، ٻي آهي ٻولي هن جي،
    ٻولي آهي لولي هن جي.

    ساهه ۾ آهي سمائڻ جهڙي،
    سيني سان آ لائڻ جهڙي.
    سون ۾ تورڻ جهڙي ڇيلي،
    اهڙي مون نه ڏٺي البيلي.

    هن جو نالو آهي مومل،
    کير پياري وير ڪندي شل.

    نيٺ ته اڳتي ٻڪري ٿيندي،
    رنگ برنگي ڦرڙا ڏيندي.

    ڇيلي منهنجي راڻي آهي،
    منهنجي ڄڻ ته ڪهاڻي آهي.

    بابا مون لئه آندي آهي،
    لک به ملن ته به ڏيڻي ناهي.


    (گل ڦل سيپٽمبر/آڪٽوبر 1997ع)


    سونا هار

    هيڏي اچ اي ننڍڙا ٻار،
    توکي پايان سونا هار.

    آس ابي جي تو ۾ آهي،
    توکان وڌ ٻيو هن کي ڇاهي،
    امڙ جي اکڙين جا ٺار.

    ٻاجهارا تون ٻول ٿو ٻولين،
    خوشين جا تون در ٿو کولين،
    وڃ اسڪول ڪري سينگار.
    هونءَ ته آهين ابهم ٻالڪ،
    ٻهڳڻ ٿيندين ڪهڙو آ شڪ،
    پڌرا آهن اهڙا پار.

    قسمت تنهنجي چمڪي پوندي،
    نچندي ڪڏندي توڏي ورندي،
    تنهنجي لهندي سڪ سان سار.
    ƒ

    (گل ڦل جون/جولاءِ 1994ع)


    سهڻي ڳالهه

    عينَ، لامَ، ميمَ سان دل لڳايو ٻارو،
    قافَ، لام، ميم، کي پيا وهايو ٻارو.

    پي، يي، الف، ري پاڻ ۾ گڏجي ڪريو،
    نون، في، ري، تي کي جلايو ٻارو.

    جيم، هي ، لام کي باهه ڏيئي ساڙيو،
    ميم، الف، نون ڏئي مان پايو ٻارو.

    ميم، الف ۽ سين جي واه واه،
    خي، دال، الف کي ويهي ڳايو ٻارو.

    هي، ميم، دل، ري ، دال يي چڱي آهي،
    عين، ري، واءُ ري کي مٽايو ٻارو.

    ڪاف، واؤ، ڙي، ڪنو لفظ آهي ٻارو،
    نون، يي، ڪاف، يي کي ڪمايو ٻارو.

    چي، واءُ، ري، يي جي چڱي عادت نه آ،
    پاڻ کي هن ڏوهه کان پيا بچايو ٻارو.

    الف، دال، بي، هجي، بي ادب کي ڇا ڪبو،
    ميم، حي، بي، تي کي وڌايو ٻارو.

    الف سين، تي ، الف، دال جي عزت ڪريو،
    ڪاف تي ، الف بي پڙهي پرايو ٻارو.

    ” بي، زي، ميم، يي“ ڳالهه ٿو سهڻي ڪري،
    ڳالهه اهڙيءَ کي سدا پيا هنڊايو ٻارو.


    (گل ڦل نومبر 1991ع)


    علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو

    علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو،
    دل جو گهر سهڻو سجايو ٻارڙو.

    علم آهي اک ٽين انسان جي،
    علم سان ملي ٿو مان جي،
    علم رحمت آهي ڪا رحمان جي.

    علم جي دولت ڪمايو ٻارڙو،
    علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

    علم انسان کي عزت ٿو ڏئي،
    دين جي دلين کي دولت ٿو ڏئي،
    تن بدن کي ڏاڍي طاقت ٿو ڏئي.

    علم سان ڪو عشق لايو ٻارڙو،
    علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.
    علم ريءَ انسان ڄڻ حيوان آ،
    علم سان دل ۾ ايندو ايمان آ،
    جا حديثن ۾ ڏسو فرمان آ.

    جهل کي مورئون مٽايو ٻارڙو،
    علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

    علم آهي روشنائي راهه جي،
    علم سختي ٿو گهٽائي ساهه جي،
    علم سان ٿي ڄاڻ ٿي الله جي.

    هوش ڪو پنهنجو هلايو ٻارڙو،
    علم جا ڏيئا جايو ٻارڙو.

    علم کي حاصل ڪرڻ هڪ فرض آ،
    جهل بڇڙو ۽ برو هڪ مرض آ،
    ڀاءُ ” بزمي“ جو اوهان کي عرض آ.

    پنهنجي قسمت کي بنايو ٻارڙو،
    علم جا ڏيئا جلايو ٻارڙو.

    ”گل ڦل سيپٽمبر 1991ع“


    ٻولي

    سنڌي آهي سياڻي ٻولي،
    مٺڙي هيءَ اباڻي ٻولي.

    ماءُ ڏني آ جنهن ۾ لولي،
    راڻين جي سا راڻي لولي.

    ڳالهائڻ سان گل ڦل ٿا ڇڙڪن،
    منهنجي گلڙن هاڻي ٻولي.

    ڪيئن وساريندو ڪو اهڙو،
    پنهنجي ساهه سيباڻي ٻولي.

    جنهن کي گهوٽ ڀٽائيءَ پاليو،
    سچل وٽ ساماڻي ٻولي.

    دنيا جي گولي تي آهي،
    شان ڀري شاهاڻي ٻولي.

    چنڊ جيان چمڪي ٿي ” بزمي“،
    ڏيهن ۾ ڏاڏاڻي ٻولي.

    ” گل ڦل آگسٽ 1991ع“


    چڱو ٻار

    لکڻ ۽ پڙهڻ سان وڏو شوق آهي،
    تڏهن هر ڪو استاد مون کي ٿو چاهي،
    مان اسڪول جو ڄڻ ته سينگار آهيان،
    چڱو ٻار آهيان.

    امڙ ۽ ابي جو چئي وان آهيان،
    انهن جو ڳائيندو مان احسان آهيان،
    مان تن جي ڳچيءَ جو سونو هار آهيان،
    چڱو ٻار آهيان.

    اُٿي صبح جو ڳُڻ خدا جو ٿو ڳايان،
    ڪڍي سينڌ، سرمو اکين ۾ ٿو پايان،
    صفائيءَ ۾ سڀني کان نروار آهيان،
    چڱو ٻار آهيان.

    مان ڪسرت جو ڪوڏيو مان جانٺو مان جوڌو،
    وڏو ٿي پو ٿيندس مان هوشو يا دودو،
    مان ”بزمي“ وطن سان وفادار آهيان،
    چڱو ٻار آهيان.

    ” گل ڦل جولاءِ 1991ع“


    ٻارڙن جي ڳالهه

    هڪ ”دلاور“ ٻيو ”بهادر“ ٿيون وري ”مهراڻ خان“
    هنن ٽن جي دوستيءَ ۾ ڪونه هو ڪنهن کي به گمان.

    پڙهندا گڏ هئا ، رهندا گڏ هئا، کلندا ڪڏندا گڏ هئا،
    ياد ڪري پنهنجا سبق هي پوءِ اٿندا گڏ هئا.

    سلڇڻا توڙِي سدورا هي هئا معصوم ٻار،
    هڪ ٻئي کان ڪونه ٿيندا هئا گهڙي هڪڙي به ڌار.

    ڪنن ٻارن وانگي گهٽين ۾ نه هي رلندا هئا،
    رات جو ڀي شوق پنهنجي ۾ ويهي پڙهندا هئا.

    ڪنهن چين ٻارو! اها تڪليف پيا ڇو ٿا ڪريو،
    ڇو نه پنهنجن پيئرن جي مدد ويهي ڪا ڪريو.
    ڇوڪرن مان وڏيري ورندي ڏني همراهه کي،
    چاچاسائين! ڇو وڃائين ٿو اسان جي چاهه کي.

    ڪر دعا، ڪي علم جون جهوليون ڀريون عالم ٿيون،
    ڪجهه پرائي قوم پنهنجيءَ کي ڪوئي آڌر ڏيون.

    علم جي دولت نه جنهن کي سو وري ڪهڙو بشر،
    ڄڻ وڃائي ويٺو پنهنجي زندگيءَ جو هر پهر.

    پڙهڻ پرجهڻ جهڙي ڪانهي ڳالهه ٻي سوچي ته ڏس،
    علم سان ئي روشنائي جڳ ۾ ٿي سوچي ته ڏس.

    ٻارڙن جي ڳالهه چاچي ربنواز سوچي وتي،
    پنهنجي ٻارن جي به ٽولي هن اُتي ڪوٺي وتي.

    اڄ کانپوءِ هي ٻارڙا منهنجا به گڏجو پاڻ سان،
    مان ته غافل هوس ههڙي روشني جي راهه کان.

    پوءِ ويا سڀ اسڪول ڏي سڀ مرڪندا هي ٻارڙا،
    آسمان جا تارڙا ۽ گلن جا ڄڻ هارڙا.


    ڳالهه ٻڌايان

    آءُ ته ٻالڪ! ڳالهه ٻڌايان توکي،
    پنهنجي ديس جي،
    ديس اسان جو سنڌڙي آهي،
    جنهن ۾ وهندو سنڌو آهي.
    لهرون لهرون ڇوليون ڇوليون
    چيهن ۽ طوطن جون ٻوليون
    ڪانون ۽ ڪٻرين جون ٽوليون
    ساوا ساوا گلشن گلشن
    ڌرتي سوني، روپو پاڻي
    ان جا داڻا ماڻڪ موتي
    مٺڙا ماڻهو مٺڙيون ڳالهيون
    سهڻيون اکڙيون پير پَدمڙا
    ڳل ۾ ڳاڙها پٽ جا ڳانا،
    اجرڪ ٽوپي ، لوڏ لکاڻي
    جاڏي تاڏي خير خبرون
    شاهه سچل ۽ مست قلندر
    ناد وڄن ٿا نينهن نچي ٿو
    پانڌيئڙا ٿا پنڌ پڇائن
    جوڌاجنگ جوان سگهارا
    ڳاڙها ڳڀرو جذبن وارا
    ٻار به گلڙن ڦلڙن جهڙا
    سيني سڀ لائڻ جهڙا
    ڇا ڇا منهنجي سنڌ ۾ ناهي،
    سڀ ڪجهه آهي،
    آءُ ته ٻالڪ ڳالهه ٻڌايان توکي
    پنهنجي ديس جي.

    ” گل ڦل جون 1991ع“


    ڀڃ پرولي

    (ا) هڪڙي ناهيان
    لشڪر آهي.
    لشڪر جي لئه هڪ گهر آهي.
    ظاهر ۾ ننڍڙي آهيان
    مصريءَ جي ڄڻ ڳنڍڙي آهيان
    منهنجي محنت ڳائڻ جهڙي
    منهنجي ملڪيت کائڻ جهڙي
    هر ڪو کائي
    هر ڪو ڳائي.
    مان ڇا آهيان ڪير ٻڌائي؟
    (ماکيءَ جي مک)

    هر گهر ۾ هوندو آهيان،
    صاف صفائي ڳڻ آ منهنجو
    منهنجي خدمت گهر ۾ ٻهڪائي،
    ۽ ڌرتيءَ کي ٿي چمڪائي
    مان نه هجان ها
    گند هجي ها
    ماڻهوءَ جو ڇا مان هجي ها
    تڏهن ته مون کي ويڍو بنائي
    مان ڇا اهيان ڪير بڌائي ؟
    ( ٻهارو)

    منهنجي ياري مان وڌائي،
    مان وڌائي شان وڌائي،
    غم ۾ ساٿي مان ئي آهيان
    ڪنهن کي مان دک ڏيندو ناهيان
    منهنجا دشمن
    جاهل جاهل
    جاهل جاهل
    جاڻي تاڻي هوندو آهيان،
    ماڻهن جو مان رتبو آهيان
    چشمن تي ٿو
    هر ڪو چائي
    مان ڇا آهيان ڪير ٻڌائي؟
    (ڪتاب)

    غافل کي هوشيار ڪريان ٿو،
    سڀ سان ويٺو ڳالهيان ٿو
    ماڻهن کي احساس ڏيان ٿو
    عمر جو کاپو
    مون وٽ آهي.
    وقت جو ماپو مون وٽ آهي،
    سڀ جو خدمت گار مان آهيان
    گهر جو ڄڻ سينگار مان آهيان
    ڀت سان رکيو آهيان لائي
    مان ڇا آهيان ڪيرٻڌائي ؟

    ( گهڙيال)


    سدا جيئي

    پنهنجي ڌرتي، پنهنجو شان،
    جيئي منهنجو پاڪستان،
    سدا جيئي پاڪستان.

    پاڪ وطن آ جنت جهڙو،
    ڏيهه نه هوندو ڪوئي اهڙو،
    منهنجو آهي هي اعلان،
    سدا جيئي پاڪستان

    کوٽ نه کائڻ پيئڻ جي آ،
    جهوري سڀ کي جيئڻ جي آ،
    مانُ لهي ٿو هت مهمان،
    سدا جيئي پاڪستان.
    سائي سهڻي ڌرتي منهنجي،
    پرور کي آ پرتي منهنجي،
    ڳايان ويٺو ٿو احسان،
    سدا جيئي پاڪستان.

    چاليهه سال حياتي ماڻي،
    پنهنجن پيرن تي آ هاڻي،
    پورو ٿي ويو هر ارمان،
    سدا جيئي پاڪستان.

    هر دل ۾ هت پيار پلي ٿو،
    چاهت جو واپار هلي ٿو،
    ڪنهن کي ناهي ڪو نقصان،
    سدا جيئي پاڪستان.

    چئن گلن جو گل دستو آ،
    سهڻو سائو سر بستو آ
    ”بزميءَ“ جو آ من مستان،
    سدا جيئي پاڪستان.


    چاچي ڀائيٽي جي ڳالهه ٻولهه

    اسين آهيون ٻالڪ
    ته ڇا ٿي پيو
    وڏا ٿي اسان ڪي
    وڏا ڪم ڪنداسين.
    مان پنهنجي تاريخ
    چانديءَ جي ورقن تي
    لعلن جواهرن جي لفظن سان
    ناهي لکي
    پوءِ پونين کي
    تحفي ۾ ڏيئي ڇڏينداسين
    چاچا دلاور!
    اسين آهيون ٻالڪ
    وڏا ٿي اسان دودا دولهه
    ٿينداسين
    سپاهي ٿي
    وطن جا سپاهي ٿي
    پنهنجي وطن جي حفاظت ڪنداسين
    اسان پنهنجي ڌرتيءَ کي کيڙي
    پوءِ خوشحال ٿينداسين
    دولت ۽ عزت کي ميڙي
    مالامال ٿي
    رب جا احسان ڳائي
    پيا مرڪنداسين
    او چاچا دلاور!
    رڳو تون دعا ڪر،
    رڳو تون دعا ڪر.

    (گل ڦل جون1989ع)


    ٻه رنگ

    پيءُ ڪنهن کي ٿا ڄمن جهونجهار پٽ،
    ڪنهن ويچاري جا وري بيڪار پٽ.

    پنهنجي پنهنجي ڀاڳ جي هيءَ ڳالهه آ،
    ڪي ٿين زردار پٽ ۽ ڪي ٿين نادار پٽ.

    هڪڙا پٽ روشن رکن ٿا خاندان،
    ڪي وري بڇڙا، برا، بدڪار پٽ.
    پيءُ جون ٻنيون کپائي جي ڇڏن،
    لعنتن جا سي ٿين حقدار پٽ.

    جيڪي رستن تي رلي پنندا وتن،
    شل نه ڪنهن جا هي هجن پينار پٽ.

    پٽ اُهي جي پيءُ جي فرمان ۾،
    ڪهڙا پٽ جيڪي هجن مردار پٽ.

    بدفضيلت، بي ادب ڪهڙا ٻچا،
    شل ڄمن ڪي هار مڻيادر پٽ.

    صاف دل ، صالح، سدورا شل ڄمن،
    اهڙا شل جيئندا وتن سردار پٽ.

    عاق ناما جي لکائن پيءُ کي،
    ٿين پيا ”بزمي“ سي بدڪردار پٽ.

    (گل ڦل اپريل 1986ع)


    ٻارن ۾ آ ساهه

    منهنجو ٻارن ۾ آ ساهه پيل،
    مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

    هي ٻارن گلن جا هار اٿئي،
    اي دوست! اهي سينگار اٿئي،
    هي ننڍڙا نه پر جهونجهار اٿئي،
    منهنجي ڪوڙيءَ جا هي وار اٿئي،
    مان ڇو نه انهن تان صدقي وڃان،
    مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.
    پنهنجي ملڪ جو مانُ وڌائيندا،
    ويهي پاڻ ۾ قرب ڪمائيندا،
    پنهنجي ٻيڙي ڪناري لڳائيندا،
    پنهنجي چاهت کي چمڪائيندا،
    اهڙي آس ڀلا مان ڇو نه رکان،
    مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

    پنهنجي قوم جي خدمت ڇو نه ڪندا،
    پنهنجي ظاهر عظمت ڇو نه ڪندا،
    پنهنجي روشن قسمت ڇو نه ڪندا،
    اهڙي حاصل رحمت ڇو نه ڪندا،
    تن کي هر هر ٿو مان دعائون ڏيان،
    مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

    پڙهي علم ڏياٽيون ٻاريندا،
    پنهنجن بابن جي دل ٺاريندا،
    بڻجي گهوٽ وطن ۾ گهاريندا،
    پنهنجي سنڌڙيءَ کي پيا سنواريندا،
    تن کي سورهيه ” بزمي“ ڇو نه چوان،
    مان گيت انهن لئه ڇو نه لکان.

    (گل ڦل جولاءِ 1995ع)


    ٻول

    ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول ٻارڙا،
    ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول

    البيلايون جڏهن ڪرين ٿو،
    نيڻن ۾ ڄڻ نور ڀرين ٿو،
    رڳ رڳ تنهنجيءَ ۾ ڪي آهن!
    راڻا رنگ رتول،
    ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول
    وڏ ڀرڙو تون ٿيندو ويندين،
    کوڙ خوشيون تون ڏيندو ويندين،
    او نرمل! او نانڪ نينگر!
    عجب جهڙا انمول
    ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.

    ”بزميءَ“ جي اکڙين جا تارا،
    راڄ ڪندين شل راڄ دلارا،
    کائيندين او ٻاريندين شل،
    مٺڙا مٺڙا ٽول
    ٻِت ٻِت تنهنجا ٻول.

    ” گل ڦل آڪٽوبر 1995ع“


    مالڪ

    مون ۾ عيب اُپار، مالڪ!
    پنهنجي مهر ڪندين شل.

    در تنهنجي تي سوالي آهيان،
    سائل جي لهه سار، مالڪ!
    پنهنجي مهر ڪندين شل.

    تو ريءَ آهي واءُ نه ڪائي،
    خالق خلقڻهار مالڪ!
    پنهنجي مهر ڪندين شل.
    جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان،
    ڪر ڏکيو ڏاتار! مالڪ!
    پنهنجي مهر ڪندين شل.

    شاعر تنهنجي شوق ۾ ويهي،
    ٺاهي ٿو اشعار مالڪ!
    پنهنجي مهر ڪندين شل.

    ” بزميءَ “ جهڙا ڪاڏي ويندا،
    پرتا ٿي پينار مالڪ!
    پنهنجي مهر ڪندين شل.


    ” گل ڦل نومبر 1995ع“


    او سنڌڙي

    روح کي راحت رسائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي
    ڀال پنهنجا تون ڀلائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي

    تنهنجي بستان مان طوطن جون تنوارون ٿيون اچن،
    پاڻ کي ڪيڏو سجائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.

    تون پراون کي به پنهنجو پيار ٿي ويٺي ڏئين،
    ونڊ سڀ ڪنهن ۾ ورهائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.
    تون جو نياڻي جا ڄڻين ٿي سا ٿئي ٿي مارئي،
    ڄڻ ته سونا تاج پاين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.

    ڳٽڪرون ڳيرن جون تو ۾، سهرا بلبل ٿي چوي،
    رنگ ڪيئي تون رچائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.

    ڌَنَ ڀري آ تنهنجي ڌرتي، ٻک اسان ناهي ڏٺي،
    سک تون سانگين کي وٺائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.

    ٿورڙيءَ ئي ڳالهه تي جيڪو وڃي توکان رُسي،
    سڏ ڪري اُن کي ورائين ٿي،او منهنجي سنڌڙي.

    هارين جي هونگرون ٻڌ ڪيئن ٿا ” وايون“ چون،
    پوک جي لوري لڳائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.

    مون ڏٺو ڏک ڪونه آهي،وقت ٿو کلندي لنگهي،
    مونجهه ” بزميءَ“ جي مٽائين ٿي، او منهنجي سنڌڙي.

    ( گل ڦل فيبروري 1985ع)


    او جيءُ سنڌي

    مان پاڻ سنڌي
    منهنجي ماءُ سنڌي
    منهنجو پيءُ سنڌي
    مان سنڌ ۾ڄائو نپنو هان،
    جا لولي مٺڙيءَ ماءُ ڏني
    تنهن لوليءَ مون کي لعل ڪيو
    خوشحال ڪيو
    ان لوليءَ مون کي سنڌ ڏني
    ان لوليءَ مون کي جند ڏني
    منهنجو ساهه سنڌي
    منهنجو چاهه سنڌي
    مان سنڌ جوپاڻي پيئان ٿو
    ۽
    جنت ۾ ڄڻ جيئان ٿو
    منهنجو شان سنڌي
    منهنجو مان سنڌي
    منهنجو ٻول سنڌي
    منهنجو ٽول سنڌي
    دل هول سنڌي
    ٻڌ ڍول سنڌي
    منهنجي ٽور سنڌي
    منهنجي اور سنڌي
    منهنجو نانءُ سنڌي
    مان پاڻ سنڌي
    منهنجي ماءُ سنڌي
    منهنجو پيءُ سنڌي
    سڏ ڪر ته چوان
    او جيءُ سنڌي
    او جيءُ سنڌي

    ( گل ڦل جون 1985ع)


    پکيئڙن جي پڪنڪ

    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي،
    ڏسڻ ۾ هي محفل مزيدار آئي.

    ” ٻٻيهن“ ٻهاري اڱڻ کي اجاريو،
    ” پپيهن“ ته هر چيز کي پئي سنواريو،
    ” چتونئڙن“ پئي ” وائي“ ڀٽائيءَ جي ڳائي،
    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
    اڇا ” ڪانگ“ ۽ ”قاز“ لڏندي پئي آيا،
    وطن جا ” وَهين“ ڏاڍا نعرا لڳايا،
    وڏي موج ” تترن“ تنواري مچائي،
    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.

    مٺا لولا آيا کڻي ” ڪانگ“ ڪارا،
    کڻي آيا انبن انگورن جا کارا،
    ملائي پئي ” مرغن“ مزي سان ورهائي،
    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.

    جهمر پاتي ” جهرڪين“ ۽ ”ڳيرن“ پئي ڳايو،
    پڪو راڳ ڪو بلبلين پئي ٻڌايو،
    ڪراڙي ” ڪبوتر“ پئي ڍولڪ وڄائي،
    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.

    پٽي چهنب ” چيهن“ ته چهڪار ٿي ويا،
    ” ٻگهن“ ٻول ٻوليا ته ڳٽڪار ٿي ويا،
    ” ڪٻر“ پاپ ميوزڪ تي ٻولي ٻڌائي،
    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.

    مڙي سڀني ڦوٽو پوءِ ڪڍايو،
    نظر ” مور“ سڀني جي وچ ۾ ٿي آيو،
    رکيل ان جي اڳيان هئي هڪ ٽپائي،
    سنڌوءَ ڀر تي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.
    کلي کائي هر ڪو پکي ويو اڏامي،
    چئي هو جمالو ڏنائون سلامي،
    محبت ۾ ”بزمي“ آ ڪيڏي مٺائي،
    سنڌوءَ ڀرتي پڪنڪ پکيئڙن ملهائي.

    ( گل ڦل جولاءِ 1985ع)


    وطن جا ڏس

    عجب جهڙا مٺا ماڻهو،
    نه اهڙا ڪنهن ڏٺا ماڻهو،
    ڪڍن ڀاڪر مان جيڪي مس،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    ٿڌيون ڇائون نمن جا وڻ،
    ڌنارن جا چرن ٿا ڌڻ،
    چٽا چارا ، گسارا گس،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    جتي هڻ هڻ ۽ هاڄارا،
    جتي سورهيه ۽ سوڀارا،
    جوانن کي ملن ٿا جس،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
    سنهري سنگ جت سٽجن،
    بکايل پيٽ جت ڀرجن،
    ڪٿي آي نه ڪا هٿ کس،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    جڏهن پويون اَسُرُ ٿيندو،
    ته هَر هَر هر ڪوئي جوڙيندو،
    ڪڪڙ لائيندا پنهنجا دَسَ،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    ترن مهراڻ ۾ ٻيڙيون،
    مڙي ڪن سَير ساهيڙيون،
    وٺن ڪا چاهه واري چَسُ،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    وٺي سرهاڻ ڪن ساريون،
    اُٿي دليون ميون ماريون،
    جيئڻ جي لاءِ ڪن پو وَسَ،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    پپيها ويٺا پي پي ڪن،
    چتون چيها جتي چهڪن،
    ڳچين ۾ پائي ” بزمي“ هَسَ،
    اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.

    ( گل ڦل نومبر 1985ع)


    ٻار گلن جا هار

    انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
    مٺڙي مٺڙي ٻولي ٻولي،
    ڇڏن خوشيءَ جا در ٿا کولي،
    غم جا تن جي چهرن تي ڪي، ڪونه رهن آثار.
    ٻار گلن جا هار

    چڳ جي جوت وڌائن ٿا هي،
    گهر کي بهشت بنائن ٿا هي،
    تن کي ڇو نه ڏسي ڪو پنهنجا دور ڪريون آزار،
    ٻار گلن جا هار

    ننڍڙا آهن وڏڙا ٿيندا،
    بابن کي سک ڏاڍو ڏيندا،
    کڻندا پنهنجن ڪلهن تي دنيا جا سارا بار،
    ٻار گلن جا هار

    من جا سچا صاف سدائين،
    ننهن کان ” بزمي“ چوٽيءَ تائين،
    ڪهڙي تن کي ڄاڻ ته ٿيندا آهن ڇا تڪرار،
    ٻار گلن جا هار

    ( گل ڦل ڊسمبر 1985ع)


    اچو اي ساٿيو

    اچو اي ساٿيو!
    ڳايون وطن جا ڳيچ سانوڻ ۾
    گلن سرهاڻ ڦيرائي دليون سرهيون ڪيون آهن.
    ٺري اکيون پيون آهن،
    رنگيلا پر ڪڍي پوپٽ گلن تي ڏين ٿا ڦيرا،
    ته
    ٻهڪڻ ٿو لڳي
    هي ديس مارن جو،
    سنگهارن جو،
    پنهوارن جو،
    ڌنارن جو،
    پٽن پوشاڪ پهري آ،
    سائي سائي،
    ڏسون ٿا ڏينهن سُرميلا
    وسن ٿا وڏڦڙا هن پاڪ ڌرتيءَ تي،
    ٿڌو ٿر ٿي پوي ٿو منهنجي مارن جو
    هڻي چهبڪ ٿي بجلر بادلن کي جي ته
    روئن ٿا.
    ۽
    ڪڙڪن ٿا
    چمن ۾ ٿا چتون چهڪن
    ڪري ٿي ” ڀيروين“ بلبل
    قصيدا ٿي پڙهي ڪوئل
    ۽ چيها چهنب کولي ٿا عجب ڪن لاتيون ”بزمي“
    اچو اي ساٿيو
    ڳايون وطن جا ڳيچ سانوڻ ۾


    (گل ڦل اگسٽ 1985ع)


    لولي

    سمهي پؤ تون پٽڙا! ته لولي ڏيانءِ،
    جگر جا ٽڪر گهورجي مان وڃانءِ.

    کلين ٿو ته منهنجي ٿي قسمت کلي،
    ابل! روشني ٿي اکين کي ملي،
    نه روئڻ مان راڻا! ڏسي ٿي سگهانءِ.

    لڳي شل نه توکي ڪا ڪوسي هوا،
    هجي توتي رحمت جو سايو سدا،
    چڱائيءَ جي ڪا پوک تون پوکجانءِ.
    پنهل! تنهنجو پينگهو ٿي لوڏي ٺران،
    ڍڪي تاج سر تي نڪرندين گهران،
    پيل پٽ جي پوشاڪ شل مان ڏسان.

    ابو ڏاڏو پنهنجو ملهائيندين شل،
    نه تون لوءِ پنهنجي لڄائيندين شل،
    ڏياٽيون کڻي راهه روشن ڪجانءِ.

    ڀلائي جو ڀاڙو ڌڻي ٿو ڏئي،
    برائيءَ مان حاصل نٿو ڪجهه ٿئي،
    ٿڌيءَ دل سان ويهي اهو سوچجانءِ.

    خدا ڏينهن توکي وڏا شل ڏئي،
    هزارين ورهيه عمر تنهنجي ٿئي،
    وطن جو تون ” بزمي“ محافظ ٿجانءِ.


    سنڌي ٻولي

    سنڌي ٻولي زنده باد، سنڌي ماڻهو زنده باد
    سنڌي ٻولي دل جي اور، سنڌي ماڻهو مٺڙا مور،

    سنڌي ٻولي سنڌو ڌارا، سنڌي ماڻهو نالي وارا،
    سنڌي ٻولي مينگهه ملهار، سنڌي ماڻهو باغ ملهار،

    سنڌي ٻولي لوئيءَ لاک، سنڌي ماڻهو سچ جي ساک،
    سنڌي ٻولي ٿڌڙو ٿانءُ، سنڌي ماڻهوءَ مٺڙو نانءُ،

    سنڌي ٻولي هوشوءَ هوڏ، سنڌي ماڻهو لک جي لوڏ،
    سنڌي ٻولي وايون بيت، سنڌي ماڻهو ساوا کيت،

    سنڌي ٻولي چوڏهينءَ چنڊ، سنڌي ماڻهو کير ۽ کنڊ،
    سنڌي ٻولي جيجل ماءُ، سنڌي ماڻو سڀڪو ڀاءُ،

    سنڌي ٻولي جڳ جي سونهن، سنڌي ماڻهو جڳ جي سونهن،
    سنڌي ٻولي مٺڙي لات، سنڌي ماڻهو ڏات ئي ڏات،

    سنڌي ٻولکي بڙ جي ڇانءَ، سنڌي ماڻهو سياڻا ڪانءَ،
    سنڌي ٻولي ڳڻ ۽ ڳوت، سنڌي ماڻهو ” بزمي“ هوت.

    سنڌي ٻولي زنده باد، سنڌي ماڻهو زنده باد


    سنڌڙي

    تنهنجي سينڌ سجايان سنڌري،
    سهرا تنهنجا ڳايان سنڌڙي.

    ڳالهيون تنهنجون ڳائڻ جهڙيون،
    هَارن وانگر پائڻ جهڙيون،
    ٻين کي ڇو نه ٻڌايان سنڌڙي.

    خوبين کان تون ناهين خالي،
    تنهنجي آهي سونهن نرالي،
    ڳل سان توکي لايان سنڌڙي.
    اجرو اجرو تنهنجو پاڻي،
    تو ۾ مرڪي سنڌو راڻي،
    هر سک ٿو مان ڀانيان سنڌڙي.

    جيجل توتان ساهه ڇڏيندس،
    تنهنجي خاطر صدقي ٿيندس،
    سر ڇو پيارو ڀانيان سنڌڙي.

    سنڌڙي تنهنجيون پوکون سايون،
    ڇو نه آلاپيان شاهه جون وايون،
    ڇيريون ٿو ڇمڪايان سنڌڙي.

    باغن مان سرهاڻ اچي ٿي،
    بلبل گلڙن لاءِ نچي ٿي،
    ان کي ڇو ڦاسايان سنڌڙي.

    ”بزمي“ آهي تنهنجو پياري،
    سون جيان آ تنهنجي واري،
    ساهه هتي سرجايان سنڌڙي.

    ” گل ڦل آڪٽوبر 1982ع“


    منهنجي پياري امڙ

    منهنجي مٺڙي امڙ ، منهنجي پياري امڙ،
    آهين سون سچو تون ساري امڙ!

    تنهنجي پاڇن هيٺان پلجان ٿو،
    تنهنجو ٻالڪڙو مان سڏجان ٿو،
    تنهنجي ٻولي آهي ٻاجهاري امڙ.
    منهنجي پياري امڙ.
    منهجي لاءِ سهين ٿي سور سوين،
    ته به مون ڏي ڏسي ٿي مرڪي پوين،
    ڪائي تو نه ڪئي بيزاري امڙ.
    منهنجي پياري امڙ.

    مون کي لوليون ڏئي آرام ڏنئه،
    مون کي پيار ڀريا پيغام ڏنئه،
    پنهنجو فيض ڪيو تو جاري امڙ،
    منهنجي پياري امڙ.

    مون کي جيئڻ جي تو جوت ڏني،
    منهنجو تحفو وتو تو رب کان پني،
    منهنجي سگهڙ سچي سوڀاري امڙ،
    منهنجي پياري امڙ.


    ( گل ڦل اپريل 1978ع)


    سچ کي سلام

    سچ کي سلام آهي،
    سچ کي سلام آهي.

    سچ جوت آ جهان جي، سچ سونهن آ زبان جي،
    سچ آ يقين محڪم، سچ ساک آسمان جي،
    سچ ٻيءَ طرف زمين جو ماه تمام آهي
    سچ کي سلام آهي.

    سچ اعتماد آهي، سچ هڪ جهاد آهي،
    سچ ۾ آ هر فضيلت، سچ زنده باد آهي،
    روز ازل کان سچ جو ٿيو احترام آهي،
    سچ کي سلام آهي.
    سچ آ خدا جي نعمت، انسان تي آ رحمت،
    ڪنهن کي نصيب ٿي شل آ پنهنجي پنهنجي قسمت،
    ڪوڙي جي زندگي ٿي ويندي حرام آهي،
    سچ کي سلام آهي.

    سچ واٽ ٿو وٺائي، منزل تي ٿو رسائي،
    سچ آ شفاف شيشو منهن ڪونه ٿو لڪائي،
    سچ کي خدا جو ”بزمي“ پيارو ڪلام آهي،
    سچ کي سلام آهي.

    ( گل ڦل جون 1986ع)


    يتيم ٻار

    ظلم جو زور هو،
    رات ڪاري هئي،
    رب جي نانءَ تي ڀروسو ڪونه هو.
    ماڻهو ماڻهو نه هو.
    ڄڻ ته حيوان هو
    پنهنجي انگن ڍڪڻ جو نه دستور هو.
    ڪو حيا ڪونه هو
    ڪا حليمت ڪونه هئي.
    شرم جو ڏس پتو ڪو ڪٿي ڪونه هو.
    بي حيائي هئي
    هر طرف بس! برائي هئي
    ڪابه مادر نه مادر هئي
    سر مٿان ڪانه ڪنهن کي به چادر هئي
    ڀيڻ جي ڀاءُ کي ڪونه احساس هو
    جانور جانور جهنگ ۾ پئي رهيا
    ڪانه بستي هئي
    شهر ڪوئي نه هو
    لاٽ انسان نيت جي روشن نه هئي
    سوچ جو سلسلو ڪنهن مغز ۾ ڪونه هو.
    لفظ ڪنهن کي اچارڻ به آيا نه ٿي.
    خالي چيخون هيون،
    خالي دانهون هيون،
    باقي سمجهڻ سڻڻ جي نه ڪا ڳالهه هئي

    نيٺ چوڏهن صديون کن اڳي،
    گل ڦٽو خوبصورت ڪو صحرا
    جي ميدان ۾
    نور ڦاٽي اٿيو
    ۽ سموري جهان ۾ ڦهلجي ويو،
    جلوا جاڳي پيا
    جذبا جاڳي پيا
    ماڻهو ” ماڻهو“ ٿيو،
    انگ ڍڪجڻ لڳا
    ماءُ ٿي ” ماءُ“ وئي
    مسجدن ڪر کنيا
    پنج ڀيرا نمازن جو دستور ٿيو
    ٽيهه روزا مليا.
    سنتن جي وسيلي دليون ڌوپجي
    نيلوفر گل جيان توانيون پيون
    نعرو منبر تان الله اڪبر لڳو،
    حمد ڳائڻ لڳيون بلبليون ڪوئلون،
    بي زبانن کي ويئي زبان ڄڻ ملي
    ڪنڌ ڦيرائي انسانيت هي ڏٺو،
    رنگ و بو جهان
    ڪير هو؟
    جنهن ڏنا سچ جا ڪي سبق
    ڪنهن جي آئي ٿيا چوڏهن ئي روشن طبق.
    هي يتيم ٻار هو
    نانءُ جنهن جو محمد صلي الله عليه وسلم ٿا ٻڌندا اچون.
    اڄ به ساڳي سخا
    اڄ به ساڳيو اثر
    جيستائين آ قائم ” بزمي“ جهان
    تيسيتائين اهو نانءُ دلين جي هوندو شفا

    ( گل ڦل جنوري 1981ع)


    ٿو آءٌ ڏسان

    ٻهه ٻهه ڪنديون ٻڪريون ڏسان،
    پوٺا ڏسان ٽڪريون ڏسان،
    مان نٿ ڏسان نسبيون ڏسان،
    جهومڪ ڏسان جهانجهر ڏسان،
    يا بولو ڪو بئنر ڏسان
    مان هر ڏسان هاري ڏسان،
    ڇا ڇا مان چؤڌاري ڏسان،
    واڙا ڏسان واڙيون ڏسان،
    يا محل ۽ ماڙيون ڏسان،
    مانڌاڻين جا مک ڏسان،
    ڏاڏي ابي جا ڪک ڏسان،
    مان وڻ ڏسان پاڇا ڏسان،
    ٻن اکين سان ڇا ڇا ڏسان؟
    سنڌو ڏسان لهرون ڏسان،
    وهنديون ڪٿي بادل ڏسان،
    بوندون ڏسان لهرون ڏسان،
    ڪٻريون ڏسان ڪانگل ڏسان،
    دادو ڏسان هالا ڏسان،
    يا ”سکر“ جا چالا ڏسان،
    اجرڪ ڏسان لنگيون ڏسان،
    جهانگين جون يا جهڳيون ڏسان،
    اي سنڌڙي مان ڇا ڇا ڏسان؟

    ” گل ڦل مئي 1982ع“


    آزادي

    آزاديءَ جي ڳالهه ڪجي ڇا،آ ڀٽ جوڳ ميلو،
    آزادي آ روح جي راڻي، آزادي آ مست قلندر،
    آزادي آ ساهه سيباڻي، آزادي آ ڇير جو ڇمڪو،
    آزادي آ عيد جو اعلان، آزادي آ لئه بينن جي،
    آزادي آ درد جو درمان، آزادي آ عشق جي منزل،
    آزادي جون راهون سهڻيون، آزاديءَ جو مٺڙو نالو،
    آزاديءَ جا رستا سهڻا، مصريءَ جهڙو ماکيءَ جهڙو،
    آزاديءَ جا ماڳ پيارا، آزادي آ سوني پتلي،
    آزادي جا راڳ رسيلا، آزادي آ پٽ جي گڏڙي،
    آزادي آ رب جو تحفو، آزادي آ صبح جو ليئو،
    آزادي آ اُجري قسمت،آزادي آ هاريءَ هونگر،
    آزادي آ پَٽَ جڳ ڳانو، آزادي آ نور نسورو،
    آزادي آ ڏاٽو ڪوڏر، آزاديءَ جي ڳالهه ڇا ڪجي!
    آزادي آ مکڻ سان ماني، آزادي آ سنڌوءَ ڇولي،
    آزاديءَ جي ڳالهه ڪجي ڇا؟ آزادي آ مٺڙي لولي،


    ”گل ڦل اگسٽ 1983ع“
    سنگتي شڪارپور


    کلندا وتو ڪڏندا وتو

    گلن جهڙا ٻارڙو! کلندا وتو ڪڏندا وتو،
    شاهه زاد بڻجي پنهنجي شان سان گهمندا وتو،
    ڪڏندا وتو.

    سوچ ۽ سچ جا ڀري ڀنڊار دلين ۾ رکو،
    ادب ۽ اخلاق جا انوار دلين م رکو،
    علم جي لاهن تي ادڙو! لڙڪندا وتو،
    ڪڏندا وتو.

    ملڪ ۽ ملت اوهان جي لاءِ آهن منتظر،
    آس پالي ٿي اوهان جي لاءِ هر ڪائي نظر،
    نيڪين جي راهه تي ڀڄندا وتو ڊڪندا وتو،
    ڪڏندا وتو.
    شينهن جي هڪ ڏينهن جي ڀي زندگي آ بهترين
    ٻيءَ طرح ڪهڙو گذارو گدڙ جو بر زمين،
    نونهالو! هونهارو! اوچ لئه اٿندا وتو،
    ڪڏندا وتو.

    قوم جي ميراث جا اي وارثو، اي مالڪو،
    ٻاٽ ۾ ڪا لاٽ ٻاري پوءِ ٻهڪو ٻالڪو،
    هڪ ٻئي منزلن جي رهگذر پڇندا وتو.
    ڪڏندا وتو.

    پٽ تي پئجي پئجي آخر ڪهڙو لائبو،
    جانفشانيءَ سان ئي مقصد دل جو ٻارو! پائبو،
    چنڊ کي، تارن کي پنهنجي هٿن سان ڇهندا وتو
    ڪڏندا وتو.

    سرحدون هن پاڪ ڌرتيءَ جون اوهان ڏي ٿيون تڪن
    ڳل ڏسي ڳاڙها اوهان جا پوءِ ٿيون مرڪي پون
    پنهنجي جذبن کي وڌائي، سون ۾ ترندا وتو
    ڪڏندا وتو

    مائرن جي، امڙيُن جي مدعا آهيو اوهين،
    ڀينرن جي آرزو جي انتها آهيو اوهين
    ٿر جي ٿڌڙي هير وانگر تن مٿان گهلندا وتو،
    ڪڏندا وتو
    وير ۽ ويڇا وساري پاڻ ۾ گڏجي وڃو،
    سينا سينن سان ملائي ٻهڳڻو! ٻکجي وڃو،
    ٽُٽَل دلين کي سڪ سان سورهيو! سبندا هلو،
    ڪڏندا وتو.

    ساهه جي سوغات آهي هي سدوري سنڌڙي،
    ننڍڙا اي دوستو! هيءَ سنڌڙي آ جندڙي،
    شل جيئي جيئندي رهي ههڙي دعا گهرندا وتو،
    ڪڏندا وتو.

    شل هجو آباد ٻارو! شل هجو باغ و بهار،
    ٻي دعا ڪهڙي ڏئي آخر ڀلا ” بزمي نثار“،
    ٻارڙو انسانيت جي پوئتا ڀڄندا وتو،
    ڪڏندا وتو.

    (گل ڦل اگسٽ 1976ع)


    سنڌي زبان اسان جي

    ماکيءَ کان وڌ مٺي آ، سنڌي زبان اسان جي،
    ڀاڳن ڀري ڀلي آ، سنڌي زبان اسان جي،

    وسري ويون نه آهن، جيجل امڙ جون لوليون،
    جنهن ٻاجهه مان ڪيون ٿي، پنهنجي ٻچي سان ٻوليون،
    مادر کان هيءَ ملي آ. سنڌي زبان سان جي.

    سنڌي زبان اسان جي، سهڻي سڀاڳي آهي،
    ويتر ڇڏيو ڀٽائيءَ، هن کي وڌيڪ ٺاهي،
    اڳ کان به اڳ ڀري آ. سنڌي زبان اسان جي.

    ڇلڙو ۽ هو جمالو ، ڪافيون ۽ بيت وايون،
    بيشڪ اسان تي آهن، اهڙيون لکين ڀلايون ،
    ڪنهن پيار سان پلي آ، سنڌي زبان اسان جي.

    ڏس فوج ٻاونجاهي، آهي وڏو اٽالو،
    آهي زبان هن جو، بس شان ئي نرالو،
    ويچار سان بڻي آ، سنڌي زبان اسان جي.

    آباد رک خدايا! سنڌي زبان وارا
    سائين اسان کي گهرجن، تنهنجا سدا سهارا،
    ”بزميءَ“ جي بندگي، سنڌي زبان اسان جي.

    ”گل ڦل ڊسمبر 1977ع“


    بهار آيو

    چمن ۾ ٿا چَتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو،
    لڙي ٿا لام تي لڙڪن، بهار آيو بهار آيو.

    پٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي،
    وهي اڄ واهه ٿا وهسن، بهار آيو، بهار آيو.

    سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا،
    ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو.

    ٿڌيون ٿر جون هوائون”ڀيريُن“ مان گيت ٿيون ڳائن،
    گهلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو.

    چنبيلي موتيو نرگس گلابي گل ٽڙيا آهن،
    اکين تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو.

    پپيهو ٻول ٿو ٻولي، ڪري ٿي ڪوئل ڪُو ڪُو ڪُو،
    ڀٗؤنر ڏس ڌار ٿا ڀڻڪن، بهار آيو، بهار آيو.

    سنباهي هر هليا هاري،خوشيءَ مان پنهنجن کيتن تي،
    سنهري سنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو.

    ترايون تار ٿيون آهن نه ”بزمي“ غم رهيو آهي،
    مهاڻا مير ٿا مرڪن، بهار آيو، بهار آيو.

    (درسي ڪتاب سال 2002ع“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469385
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188205
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ