ڪتاب جو نالو: بَرف ۾ سَڙندڙ ماڻهو
مصنف: حڪيم عبدالرؤف ڪياني / يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 17 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 677 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 333 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ اردو جي نامياري ليکڪ حڪيم عبدالرئوف ڪياني جي ڪهاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سنڌيڪار پاران
  • ليکڪ پاران
  • ڪهاڻيون

  • ڪارو جادو
  • احتجاج
  • سياسي خطاب
  • وڏو فرض
  • مسجد
  • پير سائين
  • بُک
  • انڌو پينو
  • ڪروڙ پتي
  • چيڙهه
  • راهب
  • لــــڄَ
  • ٻه ننڍيون ڪهاڻيون

  • خاموش بابا
  • ٻارڙي

  • ارپنا

    نه امان جي نالي .... نه بابا جي نالي ....
    نه ڌيءُ جي نالي .... نه پُٽ جي نالي ....
    نه مسلمانن جي نالي .... نه عيسائين جي نالي ....
    نه هنڌن جي نالي .... نه سکن جي نالي ....
    نه يهودين جي نالي .... نه ٻُڌن جي نالي ....
    نه پارسين جي نالي .... نه مُلحدن جي نالي ....
    نه مسلڪن جي نالي .... نه غير مقلدين جي نالي....

    دراصل
    ورهاست کان مٿاهين
    محبت، جرئت ۽ انسانيت جي آفاقي جذبن جي نالي....

    حڪيم عبدالرؤف ڪياني


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (239) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ اردو جي نامياري ليکڪ حڪيم عبدالرئوف ڪياني جي ڪهاڻين جي مجموعي جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف سنڌي آهي.
    حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
    هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سنڌيڪار پاران

    ڪراچي لٽرري فيسٽيول جي آخري ڏينهن ستين فيبري 2016ع تي، ڪتابن جي اسٽالن کي ڏسندي، جڏهن فڪشن هائوس جي بوڪ اسٽال تي پهتس ۽ اُن جي مالڪ جناب ظهور احمد سان ڪچهري ڪري رهيو هئس، جو اوچتو پاڻ منهنجي ڀر ۾ هڪ فل سوٽ ۾ بيٺل همراهه ڏانهن اشارو ڪندي چيائين. ”يوسف صاحب! هن دوست سان ملو... جناب حڪيم عبدالرؤف ڪياني، اردو جو تمام سُٺو اسٽوري رائيٽر...“
    مون هڪ نظر ان همراهه ڏانهن ڏٺو، ان وچ ۾ حڪيم صاحب سان، ظهور احمد منهنجو تعارف ڪرايو ته اسين هڪٻئي سان ڏاڍي گرمجوشيءَ سان ملياسين. ۽ اُتي ئي بيٺي بيٺي ڪچهري ڪرڻ لڳاسين. ان دوران پاڻ پنهنجا ٻه ڪتاب ”برف میں جلتے لوگ“ ۽ ”خزاں آلود بھار“ مونکي سوکڙي ڪري ڏنائين.
    ڪتاب هونئن به وڏو تحفو هوندو آهي... منهنجي لاءِ ته ڪتابن کان وڌيڪ قيمتي ڪو ٻيو تحفو آهي ئي ڪو نه... مون سندس مهرباني مڃي.
    حيدرآباد اچي جڏهن مون حڪيم عبدالرؤف ڪيانيءَ جون ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪيون ته يڪو پڙهندو ئي ويس. روزاني زندگي جي ڪار وهنوار ۾ پيش ايندڙ ڳالهيون ۽ واقعا... بلڪل سادي ۽ منفرد انداز ۾ ... هر قسم جي مصنوعيت کان خالي لکڻ جو اسلوب. ڪهاڻيون پڙهي مونکي ايئن محسوس ٿيو ته ڪياني صاحب اردو ادب جو نجم عباسي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ڪهاڻيڪار مرحوم ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي لکڻ جو اسلوب به اهڙو ئي هوندو هو.
    حڪيم عبدالرؤف ڪياني جي هر ڪهاڻي موضوعي لحاظ کان نه رڳو وسيع ڪئنواس ٿي رکي... پر جيڪڏهن انهن ڪهاڻين کي ڊراما ٽائيز ڪجي ته اسڪرين تي ڏاڍو سُٺو تاثر ڇڏين.
    حڪيم عبدالرؤف جون ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون وقتائتيون ۽ اهم موضوعن تي لکيل آهن. سندس ڪهاڻي ”مسجد“ پڙهي ملڪ ۾ فرقيواريت جي پکڙيل زهر جي سڄي تصوير سامهون اچي ٿي وڃي. ”انڌو پينو“ پڙهي فرقيواريت جي بنياد تي دهشتگرديءَ جو شڪار بڻيل ماڻهو ۽ ان کانپوءِ انهن جي ڪٽنبن جا مسئلا سامهون اچيو وڃن... ”وڏو فرض“ پڙهڻ سان احساس ٿئي ٿو ته انسانيت هر مذهبي رسم ۽ عبادت کان وڏو فض آهي ايئن حڪيم صاحب جي هر ڪهاڻيءَ جو تاثر ڏاڍو گهرو آهي.
    حڪيم عبدالرؤف ڪيانيءَ پنهنجي ڪهاڻين ۾ سڄو ڌيان پنهنجي ڳالهه کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ تي ڏنو آهي، ان لاءِ پاڻ ٻولي سادي ۽ عوامي انداز اختيار ڪيو اٿس.
    حڪيم صاحب پنهنجي ڪهاڻين ۾ جن مسئلن تي قلم کنيو آهي، اهي اڄوڪي دور جا اهم ۽ ٻرندڙ مسئلا آهن ۽ پاڻ نه رڳو مسئلن جي نشاندهي ڪئي اٿس، پر ڪٿي ڪٿي انهن جو حل به ڏسيو اٿس.. ايئن پاڻ ايئن چوندي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿا ڪريون ته حڪيم صاحب مقصدي ادب جو قائل آهي ۽ سماجي ناسورن کي قلم جي نشتر سان چيري انهن ناسورن جو گند پَت ڪڍڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. سندس ڪهاڻين جو اهو گُڻ، ڪهاڻين جي فني پاسن جي ڪوتاهيءَ کي لڪائي ٿو ڇڏي ۽ قاري هڪ ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ پاڻمرادو ٻي ڪهاڻي پڙهڻ ٿو لڳي.
    سندس ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي ۾ سندس ٻنهي ڪهاڻين جي مجموعن مان چونڊ ڪهاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن. حڪيم صاحب جي ڪهاڻين جو پيغام محبت آهي. جيڪو هڪ آفاقي جذبو آهي، انسانيت جو پيغام آهي، انسانيت کانسواءِ زندگي جهنم آهي. حڪيم صاحب جي ڪهاڻين جو پيغام فرقيواريت ۽ دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سَڙندڙ زندگين کي بچائڻ جو پيغام آهي. سندس ڪهاڻيون وهم پرستيءَ تي وار ۽ عقليت پسنديءَ جو پرچار ڪن ٿيون. هو پنهنجي قلم جي وسيلي نقلي پيرن فقيرن جي ٺڳين جا ٺاهه ڦاڙي ٿو. هو سماج ۾ بغاوت ٿو چاهي اجاين وهمن کان، حڪيم صاحب هڪ اهڙو سماج چاهي ٿو، جيڪو فرقيواريت کان پاڪ، اڻ برابري ۽ اوچ نيچ کان آجو، خوشحال سماج هجي ۽ هڪ باشعور ليکڪ جي لکڻ جو اهو ئي مقصد هوندو آهي.
    مون سندس انهيءَ پيغام کي سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ سندس ئي خواهش تحت هنن ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي ۽ مونکي هيءَ ڪتاب سنڌي پڙهندڙن جي حوالي ڪندي خوشي ۽ اطمينان جو احساس پيو ٿئي.

    يوسف سنڌي
    حيدرآباد. اٺين اپريل 2016ع


    ليکڪ پاران

    [1]
    ڪائنات جي ڏينهن ۽ راتين جي ڦيري ۾، حالتون ۽ واقعا، موقعا ۽ شڪليون بدلايو انساني زندگين تي اثر انداز ٿيندا رهندا آهن. ان اثر پذيريءَ کي ڪير، ڪيئن ٿو ڏسي، اها پنهنجي پنهنجي سُڌ ۽ سمجهه جي ڳالهه آهي، عقل جي درجي جي ڳالهه بي عقل ڪيئن ٿو سمجهي سگهي. اسانجي ڏينهن ۽ راتين جا معاملا بهترين ادب آهي، جنهن کي مون سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اوهانکي منهنجين ڪهاڻين ۾ هن اڌ مِئل سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار نظر ايندا. انهن ئي اڌ مِئل، سڏ ڪندڙ، هلڪڙن ۽ اڇوتن موضوعن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

    [2]
    مونکي ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته منهنجون ڪهاڻيون ڪي اعليٰ معيار جون ناهن. دراصل مون پنهنجي معاشري جهڙيون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن. آئون انهن ڪهاڻين جي معيار کي بُلند ڪرڻ ۽ وزني بنائڻ جي ضرور ڪوشش ڪريان ها، جيڪڏهن اهي منهنجي معاشري جا هم وزن نه هجن ها. آئون نٿو چاهيان ته منهنجي معاشري کان وزني شئي منهجي معاشري جا ماڻهو پنهنجن ڪلهن تي کڻي مونکي پِٽون ڏيڻ لڳن. آئون ان ئي بيٺل پاڻيءَ ۾ ترڻ تي مجبور آهيان ۽ مونکي جيڪو نظر آيو آهي، اهو ئي لکيو اٿم، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه نظر اچڻ لڳي ته ٻين کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي مهرباني ڪن ۽ نه ڏسڻ چاهين ته اکيون ٻُوٽي ڇڏين، معاشري ته اڳ ۾ ئي اکيون ٻُوٽي رکيون آهن. آئون به پاڻ کي ننڍ جي هنج ۾ وٺي ٿو وڃان.

    [3]
    هي ڪهاڻيون مون شعور ڪوشش ۽ رياضت سان نه لکيون آهن، حقيقت ۾ اهي جگر جي رت جون اهي حرارتون آهن، جيڪي پاڇا بنجي ڦاٽيون ۽ ڪائنات ۾ وکري ويون.
    زندگي جو ڪاروهنوار هڪ جادوگري آهي، جيڪو ڪرتب ڏيکاري راڙو ريهه ڪرڻ جي بدران حيرت ۽ مزاح جي ”فريب“ ۾ ڦاسائي ٿو ڇڏي. مونکي لکندي پنهنجي مجرد هئڻ جو اعتراف ضرور آهي. هي تخيلي تخليقون الائجي ادب جي ڪنهن درجي تي پوريون لهن به ٿيون يا نه. البته اها ڳالهه منهنجي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته زندگيءَ جا تماشا ته خبرون سڏبيون آهن، جيڪي اخبارن، ٽيلي ويزن ۽ نيٽ جي سونهن بنجن ٿيون.
    يا وري ڪالم ۾ تير ۽ نشتر جي جانچ ۽ پرکَ جي ور چاڙهيون وڃن ٿيون. پر اهو عجيب اتفاق آهي ته اهو ئي تماشو ”فرضي ڪردارن“ سان ”ڪهاڻي“ بنجيو وڃي. پوءِ اهو نه چڀي ٿو، نه وري ڏنگي ٿو، پر پڙهندڙ بي خود ٿي پنهنجي مٿان کِلي ٿو، واهه ڙي انسان واهه. پوءِ پڙهندڙ اها ڪهاڻي طاق تي رکي ڇڏڻ کانپوءِ به انهن ئي منظرن ۾ موجود پيچرن تي وساريل ساروڻين جي سهاري پنهنجي جاءِ ڳولهڻ ۾ پنهنجي هستيءَ کان بي خبر گم ٿيو وڃي ٿو.
    دنيا جي نقشي تي آئون ڪٿي موجود آهيان... اها حقيقت ۽ اها ڳولا ئي پنهنجي وجود ۽ پنهنجي ربّ جي ڳولا آهي.. جيڪا ”مَن اعراف“ سڏبي آهي.
    اسين جڏهن باهه ۾ سڙون ٿا ته رڙ ٿا ڪريون، هاءِ گهوڙا ٿا ڪريون، ٻين تي الزامن جي وٺ وٺان لايو ٿا ڏيون ۽ پنهنجي بي ڏوهي هئڻ تي دليل ٿا گهڙيون. پر جڏهن اسين نظرياتي طور تي پنهنجن ذهنن کي هٿراڌو ۽ مخصوص عقيدن سان گڏوگڏ طبقن جي برف ۾ ويڙهي جمود جو شڪار ٿي زندگي گذارڻ لڳون ٿا ته ان وقت محبت، برداشت، احترام، فڪر، سوچ ۽ انساني قدر ۽ ملهه، مذهب، مسلڪ، برادري ۽ طبقا هڪ دائري ۾ قيد ٿي رهجي وڃن ٿا. ۽ انهن شين جي شدت ممڪن نه ٿي رهي. ان دائري جي اندر برف ۽ ٻاهر آزادي آهي... هاڻ اها اوهانجي مرضي آهي، پاڻ ته آزاديءَ جا قائل آهيون... زندگي لفظن جي کيڏ نه آهي... سوچ ۽ احساس جي شطرنج آهي.
    جيڪڏهن منهنجي ڪتاب جي ڪا قيمت نظر اچي ته ”باوقار“ ڪهاڻيءَ جون شروعاتي سٽون پڙهي، انهن تي عمل ڪجو، گهٽ ۾ گهٽ اوهانجو نقصان نه ٿيندو. اوهان هي ڪتاب پئسا ڏيئي خريد ڪيو آهي ته مون اهو ڳرو ملهه ادا ڪري مڪمل ڪيو آهي. تنهنڪري هيءَ ڪتاب منهنجي محبت آهي... مون اهو بي حد قيمتي ۽ ”انمول وقت“ جي عيوض مڪمل ڪيو آهي، اهو انمول وقت مون پنهنجي گهرواري ۽ ٻارڙن کان اُڌارو ورتو آهي، ڪهاڻين جي هن ڪتاب ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ جو اهو قرض بجا هو.
    ان جي عيوضو سولو هو ته آئون پنهنجي ڪلهن تان سماج جو ڳرو قرض لاهي سگهان، جيڪو سماج زبردستي منهنجي مٿان رکي ڇڏيو آهي، آئون نئون هئس، سمجهه نه هيم ۽ سماج جي ان قرض جي بار هيٺان دٻبو پي ويس. آئون نئون هئس، آئون ٻار هئس، مونکي آڱر کان وٺي سماج جي اڍنگن اصولن جي قيد جي ڌُٻڻ ۾ اُڇليو ويو. جڏهن بلوغت کي پهتس ته مونکي هڪ رنگين عينڪ پارائي ويئي، جنهن سان مونکي شين جو اصل رنگ نظر نه ٿي آيو، مون جڏهن مذهب، معاشرت ۽ رسمن رواجن کي عينڪ کانسواءِ ڏٺو ته مون سڀني کي ڇڏي گلو ڦاڙي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان طوفان بدتميزيءَ کان سڀ ڊڄي ويا، سڀ منهنجا ڏوهاري هئا. سندن اندر جي ڏوهي احساسن سبب سندن زبانو گُنگ ٿي ويون ٿي. مون کي سماج جي فريب جي جيل مان ڪڍي ”بام تماشه“ جي مسَند تي ويهارڻ تي به منهنجي سماج جي کلَ نه پي بيٺي، ڇو ته اسين گفتار جا غازي آهيون، اسين ڀلو ڪرڻ جي بدران چوندا آهيون، ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو، جي هر ڪهاڻي هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان جي گفتار جي نه پر ڪردار آهي.“ مون ڪوشش ڪئي آهي ته آئون اهو نه لکان جيڪو اسين چئون ٿا، پر اهو لکان جيڪو اسين ڪريون ٿا.

    حڪيم عبدالرؤف ڪياني
    7 مئي 2014ع
    گوجر خان، راولپنڊي
    موبائيل: 03335559859


    ڪهاڻيون

    ڪارو جادو

    گهڻي ڳولاڦولا ۽ غورويچار جي باوجود ڪجهه به سمجهه ۾ نه پي آيو. گهر وارن، ڀائرن ۽ ڀينرن کانسواءِ باقي سڀني مٽن مائٽن ۽ رشتيدارن کي شڪ جي نظرن سان ٿي ڏٺو. گهر ۾ ايندڙ مهمانن جي ڳالهه ٻولهه ۾ سختي کي نوٽ ڪيو پي ويو ۽ انهن جي وڃڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ويهي انهن جي هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ جملي جي اندر لڪل معنيٰ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي.
    جيڪڏهن وڏي ڀاءُ چيو ٿي ته مون کي فلاڻي مائٽ تي سؤ سيڪڙو يقين آهي ته ڀيڻ سندس شڪ کي رد ڪري ٿي ڇڏيو ۽ چوڻ ٿي لڳي ان جو پيرن فقيرن وٽ اچڻ وڃڻ گهٽ آهي. اهو ڪم ته اسان جي ڪنهن ڳجهي دشمن جو ڪيل آهي.
    ”اها وري ڪهڙي دشمني؟ اسين ان وقت انهن جي ڌيئرن جا رشتا گهري وٺون ها ته نوبت هيستائين نه اچي ها.“ وڏي ڀيڻ منهن ڦٽائيندي چيو.
    ”هر ڪنهن کي سندس نيت ڪم ايندي... ڇڏين کڻي.“ امڙ مايوسيءَ وارين نظرن سان ڏسندي آهستي چيو.
    ”نيٺ به ته ماڻهو اوهان کان ڇا ٿا گهرن... مون کي ڪنهن عامل يا پير کان حساب ڪرائڻ ڏيو... پوءِ آئون انهن کي گيسيون نه ڪرايان ته مون کي نه چئجو!... بي غيرت ماڻهو!“ ناٺيءَ ڪاوڙ مان چيو.
    هن جي جتي به دل چاهي تي، اتي ميرا سيرا ڪپڙا اڇلي ڇڏيندي هئي. گهر ۾ ڪوئن ۽ جيتن جڻين جي ڀرمار هئي. ڪنهن پانچا ڪٽي ٿي ڇڏيا ته ڪنهن گنديءَ جي پلاند کي ۽ هيءَ چوي ٿي ته ڪارو جادو آهي.

    ”ڪو مون تي ڪارو جادو ڪرائي ته ڏسي... ڪارو جادو ٻادو ڪجهه به ڪونهي.. بس اهو سڀ ڍونگ آهي!“ بابا سخت لهجي ۾ چيو.
    ”هيءَ وٺ کير وٺي اچ!“ بابا خالي بالٽي کٽ تي اڇليندي چيو. ”سڀ چنڊا هڪ هنڌ ويهي ڪشمير جو مسئلو حل نه ڪريو... آئون هڪ ضروري ڪم سان وڃان پيو...“
    ”تون وڃ بابا!... توکي ڪنهن چيو... ته تون اسان سان ويهي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائي... هونئن به هاڻ ڪشمير جو مسئلو پراڻو ٿي ويو آهي... هاڻ ته فلسطين ۽ افغانستان جا مسئلا اُن کان به وڏا مسئلا بنيل آهن.“
    ”چڱو چڱو! اوهان جهڙا حڪمران بنجندا رهندا ته اهي مسئلا ڪڏهن به حل نه ٿيندا.“ اهو ٻڌي سڀ ڀائر ۽ ڀينرون کلڻ لڳا.
    بابهيس جي جملي سڄي بحث کي سهيڙيندي، سڀني تي خاموشي ۽ کل جي گڏيل سڏيل ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. ٿوري دير کانپوءِ سڀ هٿن سان حيرانگيءَ مان اشارا ڪندي هڪٻئي کي سواليا نظرن سان ڏسڻ لڳا ته ٻيهر بحث جي شروعات ڪير ڪندو.
    ”ماسي پراڻي زماني جي آهي. سو شايد وهم ٿي پيو اٿس.“ ڀائٽيءَ مُرڪندي چيو. وچٽ ڌيءَ اُٿي ۽ الماڙيءَ مان ڪجهه گنديون ۽ شلوارون کڻي هن جي اڳيان اڇلي اٿلائي پٿلائي ڏيکارڻ لڳي.
    ”هي ڏس... هيءَ ڏس!“ پهرين رات هن شلوار جا پانچا هنڌ هنڌ تان ڪٽجي ويا هئا... ان ڏينهن امان نه چانهه پيتي نه ناشتو ڪيو... گذريل ڏينهن هڪ پير صاحب کان تعويذ وٺي آئي هئي ۽ اهي گهوٽي پنجن ڏينهن تائين پيئندي رهي... پر جيئن ئي تعويذن جو اثر ختم ٿيو، ٻي ڏينهن وري ساڳي ڪار.
    ”هي ڏس!... صفا نئون سوٽ... گذريل هفتي امان شاهده ماسي جي پُٽ جي پرڻي تي پاتو هو. سوٽ پائيندي ئي پانچن تي هنڌ هنڌ تي گول گول سوراخ ۽ ڪٿي ڪٿي بي ترتيب سوراخ ٿي ويا. ان جي ڪري امان سڄو ڏينهن ڄڃَ ۾ احساس ڪمتريءَ جو شڪار رهي ۽ اسين چئون ٿيون ته اهو وهم آهي... وهم به بي سبب ته ڪونهي هوندو... هي ڏس... جتان ڪٿان سلوارون ۽ گَنديون ڄڻ قئنچيءَ سان ڪُتريون ويون آهن.“
    ”اڇا ته اها ڳالهه آهي.“ هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
    سڀني کي ڪاري جادو جو پڪو يقين ٿي چڪو هو. گهر وارن جا شڪ ۽ شبها دور ٿي چڪا هئا. اڳ ۾ اهي هِتان هُتان جون ٻڌل سُڌل ڳالهيون هيون ۽ هاڻ سڀني کي يقين ٿي ويو هو ۽ سندس ڪچو يقين پڪي يقين ۾ بدلجي چڪو هو.
    ”هيءَ ضرور ڪارو جادو آهي.“
    ”الائجي ڪنهن امان تي ڪرايو آهي“.
    ”جيئن اوهان جي امڙ تڙپي ته اوهين سڀ ڏکاريون ٿيون... سڄي برادريءَ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته شايد مون ڌيئرن جا رشتا برادريءَ کان ٻاهر طئي ڪيا آهن ۽ پُٽ به ٻاهران پراڻايا اٿم... حالانڪه اوهان جو پيءَ هر ڳالهه ۽ هڪجيترو شامل آهي. پر ان جي ڪپڙن جا پانچا ته نٿا ڪٽجن!“ امان طنزيه انداز ۾ هٿ کي جهٽڪو ڏيندي چيو.
    ”آئون اڳ ئي بيمار ۽ هلڻ چلڻ کان ئي هلاک آهيان، وري جڏهن کان مون تي ڪارو جادو ڪرايو ويو آهي، تڏهن کان مٿي ۾ سور، الٽي ۽ اُٻڙڪا ۽ ڀيٽ ۾ سور رهڻ لڳو اٿم.“ امان ڳالهائيندي اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ پوءِ کٽ تي ليٽي پئي.
    ”شڪورَ منهنجو خيال آهي ته ان عامل کان حساب ڇو نه ڪرائجي...!“ حسن ننڍي ڀاءُ کي مخاطب ٿيندي چيو.
    ”ڪهڙي کان...؟“
    ”اهو ئي يار...!... جنهن جي باري ۾ منهنجو دوست سليمان ٻُڌائي رهيو هو ته تمام وڏو عامل آهي... ڪاري جادوءَ جي ٽوڙ جو ته وڏو ماهر آهي... پر في وڏي ٿو وٺي... پر امان جي صحت جي اڳيان ته ڪجهه به ڪونهي... خبر ته پوي ته آخر ماجرا ڪهڙي آهي. جيڪڏهن بيماري هجي ها ته آئون امان کي ڪار ڪري سُٺي مان سُٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃان ها... پر هن دور ۾ ڪنهن عامل پير فقير جو ملڻ به ته وڏو مسئلو آهي... پوءِ به ڳولهيون ٿا...“ حسن ٿڌو ساه ڀريندي چيو.
    ”ترس! آئون اجهو ٿو پُڇان!“ هن جي موبائل آن ٿئي ته ايڊريس به پڇي ٿو وٺانس. هن سليمان کي فون ڪري عامل جي ائڊريس ۽ فون نمبر نوٽ ڪندي وڏي آواز ۾ چيو. ”هاڻ مسئلو حل ٿي ويندو. بس رڳو هڪ ڀيرو جادو ڪندڙ جي نالي جي خبر پئجي وڃي... ته پوءِ سندس منهن ڪارو ڪري سڄي شهر ۾ نه ڦيرايانس ته منهنجو نالو لاهي ڪُتي تي رکجو.“
    گهر جي ماحول ۾ اداسي ڇانئجي چڪي هئي. عامل چوٿين ملاقات ۾ به في جا پنج هزار روپيا وٺندي ڪارو جادو ڪندڙ جون نشانيون ٻڌائيندي چيو، ”منهنجي حساب ۾ اوهان جي ويجهي مائٽياڻي آهي، جنهن جو گهر اوهان جي گهر سان گڏ آهي. هن جا وار ٿورا ڪٽيل آهن. هوءَ تکو ڳالهائي ٿي... کلڻ مهل هن جا سامهون وارا ڏند نظر اچن ٿا. هوءَ اڪثر بند شلوار پائيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مٿي تي گندي به ڪندي آهي ۽ ڪڏهن مٿي گهاڙي... هاڻ سُڃاڻڻ اوهان جو ڪم آهي... اسين نالو ٻڌائينداسين ته ڳالهه جهيڙي جهٽي تائين پهچي وڃي ٿي.“
    پوءِ عامل مٿي ڏسندي سندن ماءُ جي هنج ۾ تعويذ اڇليندي چيو، ”هي تعويذ پنهنجي گهر جي اڱڻ جي دروازي کان ٿورو مٿڀرو کونئر سان هڻي ڇڏيو ته جيئن هر ايندڙ ويندڙ جي نظر ان جي لکت تي پوندي رهي... ۽ امان کي ڇهن مهينن تائين ماتم ۽ شادي مراديءَ واري گهر وٺي نه وڃجو. سبب ڪهڙا به هجن هوءَ اوهان جو گهر برباد ڪرڻ ٿي چاهي. کيس ڏک آهي. سندس پيٽ ۾ سور جاڳندا اٿندا آهن ۽ پيٽ ۾ مروڙ پوندي اٿس.“ عامل وڏي آواز ۾ چيو.
    ”يا غفور“، ”يا ڪريم“ چوندي هن پنهنجي ڏاڙهي جي سفيد ۽ ڪارن وارن جي وچ ۾ آڱريون ڦيريندي هنن ڏانهن ڏسندي چيو، ”هاڻ وڃو... شاباس!... هاڻ وڃو ۽ انتظار ڪريو... جلد ئي ڪارو جادو اوهان جي دشمن جي ڪنڌ تي سوار ٿي ڳالهائڻ لڳندو... هو لُڇندو، تڙپندو منهن مٿو پٽيندو... هڪ ڏينهن هن جي ڪپڙن ۾ باههه لڳي ويندي.. پنهنجي گهر جي اندر ڳولهيوس... اتان ئي ملندو.“
    ”ڇا بابا سائين!“
    ”تعويذ پُٽ!... ڪارو جادو اندران ئي نڪرندو... رمز کي سمجهو... وڃو...“
    پُٽ... شاباس... وڃو... پريشاني جي ڪا ڳالهه ڪونهي. اوهين صحيح هنڌ تي پهتا آهيو. هاڻ ڪارو جادو اوهان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو. الله خير... ٻيڙائي پار...“ عامل بابا جهومندي چيو. گهر جا سڀ ڀاتي هڪٻئي ڏانهن سواليا نظرن سان ڏسندا اُٿي کڙا ٿيا ۽ عامل بابا ٻرندر اگربتين مان اٿندڙ دونهن کي ڏسندي ڪمري جي ڀت تي لڳل ڪعبة الله ۽ روضي رسول جي تصويرن ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسڻ لڳو.
    گهر واپس ورندي هو سڄو رستو پنهنجن مٽن مائٽن جا مهانڊا تصور ۾ آڻيندا، بابا جي ٻڌايل منهن مهانڊي واري عورت خيال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن عورت تي ٻه ڀيڻ ڀاءُ سهمت ٿيا ٿي ته ٻين ڀيڻن ۽ ڀائرن نهڪار ۾ ڪنڌ ٿي ڌوڻيو. نيٺ ٽن چئن ويجهين رشتيدار عورتن تي اتفاق ڪندي ڀائر ۽ ڀيڻون ان بابت ڳالهائڻ لڳا. بحث ڪندي ڪار گهر جي مکيه گيٽ تي پهچي چڪي هئي. ائين لڳو ڄڻ ٻن ڪلاڪن جي مسافري ڪجهه گهڙين ۾ طئي ٿي ويئي هجي.
    ”اهو ٺيڪ آهي... پر هاڻ گهرجي جڙ تي ورتي وڃي... ڪٿان نه ڪٿان ڪجهه ته ملي پوندو“ ننڍي ڀيڻ يقين واري لهجي ۾ چيو.
    ڳولا جي دوران مکيه دروازي تي پهچي وڏي ڀيڻ بيهي رهي. هي ڏسو پراڻا تعويذ.
    ”واهه... ڀئي... واهه!“
    ”تعويذ ملي ويا...“
    ”گُڊ... ويري گُڊ... شاباس منهنجي ڀيڻ!“
    ”اسين سڀ تڏهن ته چوندا آهيون ته تون ڏاڍي ذهين آهين... ان ڪري بابا ۽ امان توسان ئي صلاح ڪندا آهن.“
    ”اها ٿي نه ڳالهه؟“
    ”ڏس ته سهي... قراني آيتن سان گڏ ڪجهه وار به رکيل مليا آهن. هڪ پراڻي ڪَسيل سُئي به ملي آهي... اها سڀ عامل بابا جي برڪت آهي... اها ڪرامت آهي ڪرامت!“
    ننڍي ڀيڻ اٿندي آئي، ”هاڻ ته آئون حساب ڪرائينديس ته آئون بي.ايس. آنر جي امتحان ۾ پاس ٿينديس يا نه“.

    ”هاڻ اهو به ٿو حساب ٿئي، جيڪو پوکيو هوندئي، اهو ئي لُڻندينءَ“ ننڍي ڀاءَ طنزيه لهجي ۾ چيو. ”اڳ ۾ ئي چاليهه هزار دڦ ٿي چڪا آهن.“
    ”ڪيترا پئسا...؟... ڪيترا پئسا...؟.. پڻهنس اندر گهڙندي ڪاوڙ ۾ پڇيو.
    ”ڪجهه به نه... اوهان کان ته پئسا وٺي مون نه ڏنا... اوهان ته ٻاهر وڃي ويهو... هي ڏسو تعويذ... اوهين ته انهن شين کي مڃيو ئي نٿا. هن سان گڏ انساني وار ۽ ڪسيل سُئي ته ڏسو...“ وڏي ڀاءُ سواليا انداز ۾ چيو.
    ”ٺيڪ آهي... هنن کي کڻي منهنجي نظرن کان پري ٿي وڃو... اوهان جهڙن ڪمزور عقيدن وارن ماڻهن جي ڪري ئي اهڙن جعلي پيرن ۽ عاملن جو ڌنڌو هلندو آهي. ائين نه!“ پڻهنس بيزاريءَ مان ٻي طرف منهن ڦيريندي چيو.
    ”ته پوءِ هي وري ڇا آهي؟.. هي ڏس، انڌي کي به نظر پيو اچي... ڪَسيل سُئي انساني وار ۽ قرآني آيت جو ٽڪرو...“ ماڻهنس ٻي پاسان تيز وکون کڻندي آئي. ”واقعي!“
    ”هاءِ ظالمو! اوهان جو شل ٻيرو ٻُڏي“ ماڻهنس، پڻهنس ڏانهن ڏسندي چيو، ”هاڻ هن کي ته مون سان ڪا غرض ئي نه رهي آهي... هاڻ ته آئون پوڙهي ٿي چڪي آهيان. هن کي ٻي شادي ڪرايو... هن کي ته هاڻ منهنجي موت جو اوسيئڙو آهي.“
    ها ها ها.
    ”تنهنجي مرڻ سان ڪهڙا مسئلا نبرندا... وهم اٿئي... پئي چئو... مون سان وڙهڻ ته تنهنجو من پسند مشغلو آهي.“
    ”ها... ڄڻ قسم کنيل اٿم.“
    ”تون ئي قسم آهين... مون کي قسم نٿا اچن... مون ته سادي سودي انداز ۾ زندگي گذاري ڇڏي آهي.“
    ”تون ته جوانيءَ ۾ وڏن پانچن واريون سلوارون ۽ ڀرت ريل پهراڻ پائي ٺهي جڙي ٻاهر نڪرندو هئين... پر توکي ته ان وقت ڪنهن اک به نه هنئي.“ زالهنس، مڙسهنس کي تنقيدي لهجي ۾ چيو.
    ”اک رکڻ واري به ته تون هئينءَ، تون گهر ۾ ڪنهن چڱي ۽ سهڻي صورت کي پير رکڻ ئي ڪٿي ڏيندي هئين؟!“ ڳالهه ڪري مڙسهنس چپ ٿي ويو.
    ”اوهين ٻڌو ٻارو... ڪٿي منهنجو وات نه کلي پئي، چڱائي ان ۾ اٿئي ته چپ رهو.“ هن ڪاوڙ ۾ مڙسهنس ڏانهن ڏسندي چيو.
    هو سگار دکائي ٻاهر اڱڻ ۾ پيل صوفي تي وڃي ويهي رهيو.
    زالهنس چيو، ”شڪر ٿيو جو تعويذ ملي ويا. هاڻ منهنجي مٿي ۾ سور به نه رهيو آهي ۽ هائو، هي وار به ته منهنجا ئي پيا لڳن، منهنجي مٿي جي وارن ۾ جادو ڪرايو ويو آهي ته جيئن آئون هر مهل سوچيندي رهان ۽ مٿي جي سور ۾ ڦاٿل رهان.“
    ”ها ها... وار تنهنجا ئي آهن، تون هِتي هُتي اڇلي ڇڏيندي آهين... ۽ آئون وري اهي کڻي ڀتين جي سوراخن ۾ رکي ڇڏيندو آهيان ته انهن تي پير پوڻ سان گناهه ٿئي ٿو ۽ ڪنهن بي ادبيءَ جي ڊپ کان آيت جو ٽڪرو مٿي رکي ڇڏيو آهي ۽ تون وري ان کي تعويذ سمجهي رهي آهين.“ مڙسهنس بيزاريءَ مان چيس.
    ”ڇهن مهينن جي وٺ وٺان ۽ ڊوڙ ڊوڙان کان پوءِ مس وڃي اهو ڳجهه نبريو آهي ته سڀني سُک جو ساهه کنيو آهي ۽ تون وري پيو مذاق ڪرينءَ!“ جوڙهنس سُست لهجي ۾ چيو.
    ان دوران دروازي جي گهنٽي وڳي. اڻڀيل ۽ بنا چوٽي ڪيل، ڳچي ۾ گندي پاتل کلندي، موتين جهڙن ڏندن واري هڪ عورت اندر گهڙي.
    ”ويلڪم آنٽي ويلڪم! تنهنجو ئي اوسيئڙو هو“
    ”ڇو... خير ته آهي... اسان غريبن کي وري ڇو ياد ڪيو ويو“
    ”غريبن جا تمام وڏا ڪارناما آهن... نه گهرندي به انهن کي ياد ڪرڻون پوندو آهي“ وڏيءَ ڀيڻ طنزيه لهجي ۾ چيو.
    سڀني ڀيڻن ۽ ڀائرن هڪ ڪمري ۾ مٿو جوڙي ويهي اهو فيصلو ڪندا رهيا ته هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.
    ”هيءَ ئي آڌي اثر اسان جي گهر چڪر لڳائيندي رهندي آهي ۽ هن جي وڏي ڌيءَ جو امان جي ڀاءُ جي لاءِ رشتو نه گهريو هو، هوءَ اچ به ڪنواري ويٺي آهي، کيس اسان جون خوشيون ڪنڊو بنجي ڪُکن ٿيون“. وڏي ڀيڻ سَرٻاٽ ڪندي چيو.
    ”اهو ته ٺيڪ آهي پر جهيڙو نه ٿي پوي. بابا به ٻاهر ويٺو آهي“ ڀاءُ چوڻ لڳو.
    ”بهتر اهو رهندو ته هن جي مُڙس سان ڳالهايو وڃي“
    ”تون رهڻ ڏي... هو نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾!“ وڏي ڀيڻ طنز ڪندي چيو.
    ”پوءِ...! ڇا ڪجي.“
    سڀئي ڀيڻون ۽ ڀائر فڪرمند هئا ته ڪو نبيرو ڪڍيو وڃي.
    ”نيٺ به ته کيس سندس عملن جي سزا ملڻ گهرجي. هڪ ڏينهن حشر جو ميدان ته برپا ڪرڻون پوندو... ڳالهه هر هنڌ پکڙبي...“
    ”پر ڪجهه ٻيا ماڻهون به پنهنجن ڪرتوتن کان توبهه تائب ٿي ويندا...“ وڏي ڀاءُ ڳالهه ڇڪيندي چيو.
    ايتري ۾ ننڍو ڀاءُ ڪمري ۾ گهڙيو ۽ ڀرسان پيل ٽپائيءَ تي ويهي رهيو.
    ”لڪ ڇپ ۾ ڇا تي پئي ڳالهه ٻولهه ٿئي.“
    ”تون ٻاهر هليو وڃ... تنهنجو دماغ ڪم نٿو ڪري.“ ڀيڻ کيس گهوريندي چيو.
    ”تون بيوقوف آهين!“
    ”ڪيئن؟... ته ڇا اوهان سڀني جا دماغ جاپان ۽ آمريڪا مان امپورٽ ٿيا آهن؟ آئون هتي ئي ويهندس ۽ هن سڄي ڪارروائي ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندس.“ هن ڪنڌ ڌوڻيندي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پنهنجي هٿن سان تاڙي وڄائي ۽ پوءِ انهن جي ڳالهين جي وچ ۾ بار بار... جي... جي... جي... بلڪل... چوندي جهومندي ڳالهائڻ لڳا. ايتري ۾ سندن امڙ ٻاهران اُٿي ڪمري ۾ آئي ۽ چيائين، ”آهستي ڳالهايو اوهان جو گوڙ ٻاهر پيو ٻُڌجي ۽ اها به ويٺي آهي. جنهن جو اهو ڪارنامون آهي.“ اهو چئي ماڻهس اڳيان وڌي الماڙي مان ڪپڙا ڪڍڻ لڳي.
    ايتري ۾ ننڍي ڀاءُ زور سان رڙ ڪئي، ”هو ڏسو!... هو ڏسو...! ڪارو جادو ڏسو.“
    اهو چئي هو اُتي جهومڻ لڳو ۽ ٻئي هٿ مٿي کڻي دمال وجهڻ لڳو. امڙ جي گندي جو پلاند ڪپڙن جي الماڙيءَ ۾ رکيل يو.پي.ايس. جي بيٽري جي مٿان پيو هو. ۽ سلوار جو پانچو بيٽري سان لڳي رهيو هو. بيٽري جي تيزاب سان پانچي جي هڪ سائيڊ ۽ گندي جو پلاند هنڌ هنڌ تان سوراخ ٿيو پيو هو.
    سڀ کلي کلي ٻيڻا ٿي ويا.
    ”اڇا ته هي بيٽريءَ جي تيزاب جو جادو آهي“ اوچتو سڀئي هڪٻئي ڏانهن حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳا.
    ايتري ۾ سندن پيءُ اندر گهڙيو ۽ چوڻ لڳو، ”اڙي بي غيرتو! آئون ڪيترا ئي ڀيرا اوهان کي چئي چڪو آهيان ته ويلڊنگ جي دوڪان تان لوهه جو هڪ ڪاريڪ ٺهرائي اچو... ۽ هيءَ يو.پي.ايس ۽ بيٽري مٿي ڪري اُن ۾ رکو.“


    احتجاج

    ڊاڪٽر تپاسڻ کانپوءِ شاهد ۽ معظم ڏانهن ڏسندي چيو، ”هيءَ دل جو دورو به ٿي سگهي ٿو. کيس جيترو به جلد ٿي سگهي اسلام آباد جي ڪنهن وڏي اسپتال ۾ پهچائڻ جو بندوبست ڪريو.“
    هنن پنهنجي پيءُ کي سنڀاليندي ايمبولينس ۾ اسٽريچر تي ليٽايو ۽ ٻئي ڀائر ڀرسان سيٽ تي ويهي رهيا. ايمبولينس نيشنل هاءِ وي تي هلڻ لڳي، ٽريفڪ جي رفتار تمام گهڻي سُست هئي، پري پري گاڏين، بسين ۽ ٽرڪن جي هڪ ڊگهي قطار نظر اچي رهي هئي. ساڄي کاٻي پاسي کان ڪجهه موٽر سائيڪل سوارن غلط مڙندي ٽريفڪ کي وڌيڪ پيچيده بنائي ڇڏيو هو. ٽريفڪ جي سُست رفتاريءَ سبب ڪجهه ڊرائيور پنهنجون گاڏيون هاءِ وي سان لڳ روڊ تي لاهي هڪ ڪچي رستي تان ٻين گاڏين کان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئا.
    شاهد، معظم کي اشارو ڪيو ته اسين به ان رستي تان اڳتي وڌون. لڳ ڀڳ ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي ڪچي ۽ خطرناڪ رستي تان ٿيندي هو هڪ ننڍي پل ٽپي ٻيهر هاءِ وي.تي پهتا ته ڪجهه پرڀرو نوجوان هٿن ۾ ڏنڊا، هاڪيون ۽ لوهي پائپ کڻيو بيٺا هئا. ڪن جي هٿن ۾ ته پئٽرول سان ڀريل پلاسٽڪ جون بوتلون به هيون.
    اوچتو هاءِ هاءِ ڪندي نوجوانن جا جٿا اچي پهتا. هنن رستي تي گاڏين جا پراڻا ٽائر اُڇليا ۽ انهن تي وڻن جون سُڪل ٽاريون رکي باهه ڏيئي ڇڏي.
    شاهد معظم کي هيٺ لهڻ جي لاءِ چيو.
    هو ٻئي ايمبولينس مان لهي پنڌ هلندي اڳيان وڌيا ۽ انهن احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي منٿون ڪرن لڳا ته اسان کي لنگهڻ جو رستو ڏيو، اسان جو پيءُ دل جي دوري سبب سخت تڪليف ۾ آهي، پر هنن رستو کولڻ کان انڪار ڪندي کين پٺتي هٽڻ جي لاءِ چيو، ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ هنن جو باهه جي وڪڙ ۾ اچڻ جو امڪان آهي.
    معظم پنهنجون ٻانهون کنجيون ته جيئن انهن سان ٻه ٻه هٿ ڪري سگهجن، پر شاهد کيس ٻانهن کان ڇڪيندي چيو، ”جلدي واپس هل! بابا جي طبيعت اڳ ۾ ئي وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي... ائين نه ٿئي جو پاڻ ڪنهن ٻي مصيبت ۾ اڙجي وڃون!“
    معظم ڪنڌ جهڪائي انهن نوجوانن کي ڪاوڙ مان گهوريندي واپس وريو.
    شاهد چوڻ لڳو، ”خبر ڪونهي ته هيءَ احتجاج ڇو پيو ٿئي... نه ڪو بينر نه وري ڪو پوسٽر، نه ئي وري هنن نوجوانن جي ڪو اڳواڻي ڪندي پيو نطر اچي.“
    معظم چوڻ لڳو، ”هت ته جنهن کي ڏس ته نعرا هڻندو... زنده باد... مرده باد ڪندو، هاءِ هاءِ... چور ۽ ڪرپٽ حڪومت جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي. اسان جو به ڪو حال ڪونهي... اسين پهرين انهن سياستدانن کي ووٽ ڏيڻ ۽ کٽرائڻ جي لاءِ رشتن ناتن ۾ ويريون وجهي ڇڏيندا آهيون ۽ انهن جي سچائي ۽ ايمانداري جون ساکون ڏيڻ لڳندا آهيون... پوءِ جڏهن اهي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندا آهن ته انهن جي خلاف ئي احتجاج ڪرڻ جي لاءِ رستن تي نڪري ايندا آهيون. ووٽ ڏيڻ کان اڳ ۾ اسين ڇو نه سوچيندا آهيون.“
    شاهد نفرت مان چوڻ شروع ڪيو، ”دراصل ملڪ جون واڳون سنڀالڻ اسان جي سياستدانن جي وس ۾ ڪونهي... فوجي حڪومت ئي بهتر هوندي آهي.“
    معظم شاهد ڏانهن ڏسندي وراڻيو، ”هائو، ڪو سخت قسم جو جنرل حڪومت تي قبضو ڪري ٿو ته سياستدان به چپ ڪريو ڇڏين ۽ عوام تي بي وسي ڇانئجي وڃي ٿي... باقي هتي ته هڪ پارٽي اقتدار ۾ اچي ٿي ته ٻي پارٽي سندس ٽنگون ڇڪڻ ٿي لڳي... ملڪ جو نظام ٺيڪ ٿئي به ته ڪيئن!؟“

    هو ڳالهيون ڪندا ايمبولينس وٽ پهچي ويا. معطم پنهنجي پيءُ جي نس ڏسندي حال احوال پڇيو، هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي. رنگ هئڊو ٿي چڪو هئس ۽ سور سبب ويهاڻي جو سهاور وٺي ويهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    ايتري ۾ روڊ تي ڪجهه همراهه بينر ۽ ڪتبا کڻي نعرا هڻندي لنگهيا. انهن بينرن تي لکيل هو.
    بجلي پاڻي... هاءِ هاءِ... گئس جي بندش هاءِ هاءِ
    حڪمرانو جواب ڏيو... بجلي، گئس ۽ پاڻي جو حساب ڏيو
    نامنظور نامنظور... ڪرپٽ حڪومت نامنظور.
    ڏسندي ئي ڏسندي دونهه جا ڪارا ڪڪر فضا ۾ ڇانئجڻ لڳا. ڊرائيور، ايمبولينس جي سائرن جو آواز تيز ڪري ڇڏيو، پر ان جو ڪنهن تي به اثر نه پيو. گاڏين جي ڊگهي قطارن مان نڪرڻ جي ڪا سبيل پيدا ٿي ٿي ته نوجوانن ڏنڊا کڻي، گاڏين جي اڳيان پٿر اڇلي ٿي ڇڏيا. جيڪڏهن ڪنهن انهن پٿرن تان لنگهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته ان گاڏي جا ڏنڊن سان شيشا ڀڃي ٿي ڇڏيائون.
    ڪجهه گاڏين کي باهه به لڳائي ويئي. مظاهرين ۾ اهي نوجوان به شامل هئا، جيڪي حب الوطنيءَ جي دعويٰ ڪندا ۽ سياسي جلسن ۾ زنده باد ۽ مرده باد جا نعرا هڻندي نه ٿڪبا هئا.
    نظرن جي حد تائين گاڏين جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون هيون. مظاهرو ڪندڙ گرمي ۽ سخت اُس ۾ به نعري بازي جاري رکيو آيا.
    ٿوري دير کان پوءِ پوليس به اچي پهتي. پوليس وارا وين بيهاري مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهين جي لاءِ اڳيان وڌيا ته پويان ڪجهه مظاهرين پوليس وين تي پئٽرول هاري باهه لڳائي ڇڏي ۽ پوليس وارن جون ورديون ڦاڙي ڇڏيون... ان دوران پوليس پاران لاٺي چارج، فائرنگ ۽ مظاهرين پاران پٿراءُ شروع ٿي ويو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه پوليس وارا ته ڪجهه مسافر به زخمي ٿي پيا. ان ڇِڪ ڇِڪان ۾ ڪجهه همراهه ته اٿي ڀڳا، پر گاڏين ۾ فاٿل مسافر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين نيشنل هاءِ وي تي ڦاٿل ٽريفڪ ۾ ڪيترن بي وسيءَ جي تصوير بنيا ويٺا رهيا.
    هنن جي لاچاري جو ڪو اوهي واهي نه هو. هر شخص ڊنل هو. ٽريفڪ جي بندش کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي ڦيرين وارا جوس، منرل واٽر جون بوتلون ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ جي لاءِ کڻي اچي پهتا. وڏي عمر جا مسافر، مرد، عورتون ۽ ٻار گاڏين مان لهي ڀر وارين هوٽلن ۾ چانهه بسڪوٽ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
    اڪثر مسافر ڪنن سان موبائيلون لڳايو پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن کي ٽريفڪ جي بندش جي باري ۾ ٻُڌائي رهيا هئا. ڪنهن کي ايئرپورٽ پهچڻو هو ته ڪنهن کي پنهنجي ڪنهن مٽ مائٽ ۽ دوست يار جي شاديءَ ۾ وڃڻو هو. ڪو ڪنهن مريض کي پُڇڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو ته ڪو وري ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ پنهنجي ڪم تان موڪل وٺي پنهنجن ٻارن ۽ گهر وارن سان ملڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو. ڪو گهران اسڪول يا يونيورسٽي وڃڻ جي لاءِ نڪتو هو ته ڪنهن جي امڙ مرض جي شدت سبب پنهنجي پٽڙي جي راهه تڪي رهي هئي. ڪٿي ڪنهن پياري جو جنازو تدفين جو منتظر هو ته هو اچي آخري ديدار کانپوءِ کيس پنهنجن هٿن سان لحد ۾ لاهي.
    سڄي دنيا ۾ روز جي معمول وانگر ان ڏينهن جو سج به الل وهاڻيءَ جو اُڀريو هو ۽ کيس ڪنهن رڪاوٽ کانسواءِ پنهنجي وقت تي لهي وڃڻو هو. مظاهرين سان انتظاميه ۽ پوليس جي ڊگهين ڳالهين مُهاڙين کانپوءِ ٽريفڪ کي گرين سنگل ڏنو ويو. ٽريفڪ جي لڳاتار ڇهن ڪلاڪن جي بندش کانپوءِ هوريان هوريان گاڏين رستي تي سُرڻ شروع ڪيو. گاڏين کي ائين هوريان هوريان سُرندي به وڌيڪ ٽي ڪلاڪ گذري ويا. ٽريفڪ ۾ ڦاٿل رهڻ سبب سندس پيءُ تڪليف سبب ڪنجهي رهيو هو. ائين لڳاتار نون کان ڏهن ڪلاڪن جي دير کانپوءِ جڏهن هو اسلام آباد جي هڪ وڏي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ پهتا ته وارڊن ۾ ڪجهه نرسن ۽ اسپتال جي عملي کانسواءِ ڪنهن به ٻي ڊاڪٽر کي اُت موجود نه ڏسي هو بي وسي، لاچاري ۽ حسرت جي تصوير بنجي ويا.
    ڊاڪٽر ٽن ڏينهن جي هڙتال تي هئا. ٿوري دير کانپوءِ سفيد گائون پاتل ڪجهه ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڪتبا کڻي احتجاج ڪندي اسپتال جي حدن ۾ گهريا. ٻنهي ڀائرن ڌار ڌار ڪجهه ڊاڪٽرن کي منٿون ۽ ايلاز ڪيا ته ڪو سندن پيءُ کي هڪ نظر ڏسي وٺي، شايد ان جي جان بچي وڃڻ جي ڪا اميد نظر اچي، پر مسيحائن ڄڻ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي. شاهد حسرت وارين نظرن سان ڪنهن مسيحا جو منتظر هو ۽ دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته، ”هي ڪهڙا مسيحا آهن، جيڪي ڪجهه پئسن جي عيوض پيغمبري پيشي سان غداري ڪري سگهن ٿا.“
    معظم چوڻ لڳو، ”ادل، هي پرڏيهي دواساز ڪمپنين جا ڇاڙتا آهن. کين ان ڳالهه سان ڪا به غرض ڪونهي ته ڪو مري ٿو يا جيئي ٿو.“
    ”سڀ ماڻهو هڪجهڙا ته نه هوندا آهن... پنجئي آکريون برابر ڪونهن، انهن ۾ درد دل رکندڙ مسيحا به آهن.“
    هو اڃا پاڻ ۾ اهو بحث مباحثو ڪري رهيا هئا ته اسپتال جي گئلري مان لنگهندي هڪ ڊاڪٽر، سامهون بيٺل هڪ نرس کي جلدي جلدي سندس پيءُ کي ايمرجنسي ڪمري ۾ شفٽ ڪرڻ ۽ دوائن سان گڏ ضروري ٽيسٽن ۽ آڪسيجن لڳائڻ جي هدايت ڪئي.
    اهو ڏسي ٻنهي ڀائرن جي پيٽ ۾ ساهه پيو. هو ڊاڪٽر جي مهرباني مڃڻ لڳا ۽ ڊاڪٽر مرڪي ايمرجنسي روم جو دروازو کوليو ۽ سندس پيءُ کي تپاسي اُتان هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ واپسيءَ تي ڊاڪٽر سندس پيءُ جون تفتيشي ليبارٽري ٽيسٽون ڏسندي ان جي باري ۾ مڪمل معلومات وٺڻ چاهي، پوءِ هن پين کي پنهنجي وات ۾ وجهندي چٻاڙيندي کن ترسي، ڪجهه سوچيندي چيو، ”هن کي ٻه ڀيرا هارٽ اٽيڪ ٿي چڪو آهي. هتي آڻيندي اوهان کي ڪافي دير ٿي چڪي آهي.“
    ٻئي ڀائر ڊاڪٽر جي چهري کي ڏسڻ لڳا.
    ”منهنجي خيال ۾ مون کي هاڻ ڊاڪٽرن جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، نه ته هي همراه هرو ڀرو....“
    ائين چئي هو دروازو کولي تکو تکو هلندي اسپتال جي ورانڊي ۾ موجود ڊاڪٽرن جي ميڙ ۾ گم ٿي ويو.

    ٿوري دير کانپوءِ ڊاڪٽرن جي هڙتال ختم ٿيڻ جي خوشخبري ملي. وارڊ ۾ ليڊي ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرن جي اچ وڃ ٿيڻ لڳي. ان دوران شاهد ۽ معظم جون ڀينرون، ڀائر ۽ مٽ مائٽ بيمار کي پُڇڻ جي لاءِ اچڻ شروع ٿي ويا.
    سڀئي نيشنل هاءِ وي تي احتجاج ڪندڙن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي، انهن جي مذمت ڪري رهيا هئا. احتجاج جي حوالي سان اڻ پڙهيل ۽ ڄٽ ڳوٺاڻا به اهڙي ته دانشوراڻي گفتگو ڪري رهيا هئا، ڄڻ هنن سڄي زندگي اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو هجي. جنهن مان ٻين کي تڪليف پهتي هجي.
    ڪجهه همراهه ته پنهنجي صفائي ۾ ائين ڳالهائڻ لڳا جو ڄڻ وٽن پنهنجن نمازن، روزن جي پابندي ۽ صبح و شام جي تسبيح ۽ وظيفن جي ذڪر کانسواءِ ٻيو ڪو موضوع ئي نه هجي. ڪي وري اهو ٻڌائي رهيا هئا ته توبهه... اسغفار اسان جو اولاد ته اهڙي ڪنهن به احتجاج ۾ ڪڏهن به شامل نه ٿيندو آهي. اسان ته انهن جي اهڙي تربيت نه ڪئي آهي. اسان جو نانو ته طبيعت جو ايترو ته سخت هو جو هو ٻارن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ به نه ڏيندو هو. جيڪڏهن هُن جي ڪو ڳالهه نه ٻڌندو هو ته هو بيٺي بيٺي ٻارڙن کي چڱو ڪُٽڪو ڏيئي ڇڏيندو هو. اسان جي سڄي پاڙي جا ٻار کانئس ڏاڍو ڊڄندا هئا. هو ٻارن کي هر وقت نماز پڙهڻ ۽ وڏن جو احترام ڪرڻ جو درس ڏيندور هندو هو. ڪي وري چئي رهيا هئا ته احتجاج ڪجي ته ڪو ڍنگ جو ۽ ٺاهي ٺوڪي ڪجي، پارليامينٽ جي اڳيان ڌرڻو هڻجي. ڪنهن کليل ميدان ۾ وڃي نعرا هڻجن، بجلي، گئس ۽ ميونسپل ڪميٽي جي آفيس جي سامهون وڃي ڌرڻو هڻجي. پر هيءُ وري ڪهڙو احتجاج آهي ته ڪنهن جي جان وڃي ته ڀلي وڃي... ڪو بيماري سبب تڙپندو رهي ته ڀلي تڙپي...
    معظم انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو، ”اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ته صفا ٻاهر آهي. ڀلا اهو ته ٻڌايو ته اوهان جن گهرن جي بجلي جي لوڊشيڊنگ يا گئس جي بندش حڪومت ڪئي آهي. يا عوام...؟ اوهين پنهنجن ئي ماڻهن کي تڪليف ڇو ٿا رسايو... ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ويچاري عوام جو ڪهڙو ڏوهه...!“ هن اڃا ڳالهه پوري ئي مس ڪئي جو کيس سڏ ٿيو، معظم معطم... شاهد... شاهد... ڪٿي آهيو!“ ڀيڻس روئندي سڏيس.
    ٻئي ڀائر تکا تکا هلندا هنن جي ڀرسان پهتا ته سندن امڙ ڍڪ ڏيندي روئندي ايمرجنسي ڪمري مان ٻاهر نڪتي.
    ”هاءِ... هاءِ... اوهان جو پيءُ!“
    ”صبر ڪر... امان... جيڪا رب جي رضا!“ وارڊ نرس هن جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
    اسپتال جي عملي ضروري لکپڙهه کانپوءِ، کين ڪائونٽر تي بل ڏيئي ميت ايمبولينس ۾ رکڻ جو چيو. ايمبولينس سائرن وڄائيندي اسپتال جي مکيه دروازي مان اندر گهڙي ٻنهي ڀائرن ميت ايمولينس ۾ رکيو.
    ايمبولينس جو دروازو بند ڪندي هنن ايمبولينس جي ڊرائيور کي ايمبولينس هلائڻ جي لاءِ چيو. هو ۽ سندن ڀينرون روئندي سندس پيءَ جي موت جو ذميدار رستي تي احتجاج ڪندڙن کي قرار ڏيئي رهيا هئا. سڄو رستو هنن جي ڳالهين جو موضوع احتجاج هو.
    هڪ ڪلاڪ جي مسافري کانپوءِ هو پنهنجي شهر جي حدن ۾ گهڙيا. جتي نيشنل هاءِ وي تي سندس پاڙي جا ماڻهو، مٽ مائٽ ۽ دوست يار پري پري کان هنن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ بيٺا هئا. سڀئي احتجاج ڪندڙن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيا هئا. ايتري ۾ ايمبولينس به اچي هنن جي ڀر سان بيٺي ته مٽ مائٽ کين ڳراٺڙي پائي روئڻ لڳا ۽ عورتن روئڻ ۽ پٽڻ شروع ڪيو.
    ان روئڻ ۽ پٽڪي ۾ ڪجهه همراهه هڪٻئي سان هٿ ملائيندا افسوس ڪندا اڳتي وڌندا رهيا. ڪن دوستن شاهد ۽ معظم کي صلاح ڏني ته اسان کي دفنائڻ کان اڳ احتجاج جي ذريعي حڪومت کي اهو پيغام ڏيڻ گهرجي ته هيءَ موت رستي جي بند ٿيڻ سبب ٿيو آهي ۽ آئنده اهڙا موت نه ٿيڻ گهرجن. ٿوري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ احتجاج جو طريقو طئي ٿي ويو.
    سڀ ماڻهو ان ڳالهه تي سهمت ٿي ويا. هنن ايمولينس کي سڌو ڪري نيشنل هاءِ وي تي وچ روڊ تي بيهاريو ۽ ٽريفڪ بيهاري ڇڏي. مٽن مائٽن رستي تي وڏا وڏا پٿر ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ حڪومت جي مخالف ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ڏسندي ئي ڏسندي گاڏين جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون بيهي ويون. روڊ جي وچ تي ريڙهين وارا ۽ مزدور پنهنجون ريڙهيون گهيلي آيا ۽ سامان رکي وڪڻڻ لڳا ۽ مسافر بي وسيءَ جي حالت ۾ ٽريفڪ کلڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳا.
    چوڌاري ٽريفڪ جي بندش جو خراب حال هو. ماڻهو گاڏين مان لهي احتجاج ڪرڻ جو سبب پڇي ميت کي ڏسي انا الله و انا اليھ راجعون چوندا واپس وڃي پنهنجي گاڏين ۾ ٿي ويٺا. ٻنهي ڀائرن جي گُهر هئي ته ڪنهن اعليٰ حڪومتي عملدار جي آمد کانسواءِ هو هتان ميت نه کڻندا. ڪجهه مسافر هيٺ لهي، ڪجهه پڇڻ ڳاڇڻ کانسواءِ ٽريفڪ جي تيز رفتاريءَ تي افسوس ڪندا وڃي پنهنجي گاڏين ۾ ٿي ويٺا.
    ٽريفڪ جي بندش کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا هئا.
    ان ڏينهن شاهد ۽ معظم کي پنهنجي ڏک جي ڪري اهو خيال ئي نه رهيو ته ڪٿي پريان گاڏين جي ڊگهين قطارن ۾ ڪا ايمبولينس ڦاٿل هوندي يا ڪنهن گاڏيءَ ۾ ڪو مريض اسپتال وڃڻ جي لاءِ تڙپي رهيو هوندو.


    سياسي خطاب

    ميمبر اسيمبلي هال ۾ هڪٻئي سان کلندي، مُرڪندي، گلي ملندي ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندي پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي ٿا رهن. پهرينءَ ڏينهن ۽ اسيمبليءَ جي پهرينءَ اجلاس ۾ شرڪت جتي دلي خوشي ۽ فخر جو ڪارڻ هئي، اتي اسيمبليءَ ۾ پهچڻ جون ننڍپڻ جون خواهشون ۽ ساروڻيون هن جي دل ۾ گڏ وچڙ ٿي رهيون هيون.
    هڪ پاسي دماغ ٽيلي ويزن اسڪرين جي طرز تي ٺهيل اسيمبلي هال جي خوبصورت منظرن جي عڪاسي ورجائي رهيو هو ته ٻي طرف هن جون نظرون شناسا اسيمبلي ميمبرن جي شناسا چهرن جي ڳولا ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڏسي رهيون هيون.
    هوريان هوريان هو پنهنجي سوچ کي هڪ نقطي تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سڀئي ميمبر پنهنجي پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات جي اوسيئڙي ۾ پنهنجي سيٽن تي ويٺا هئا. ميان نصير کي اسيمبلي جي سيٽ تي ويهندي جنهن خوشيءَ جو احساس ٿيڻ گهرجي ها، اهو هان ڪرڀ جي شڪل اختيار ڪري رهيو هو. چوندن جي ڏينهن جون سرگرميون هُن جي دماغ ۾ خواب جيان گردش ڪري رهيون هيون... هو سوچي رهيو هو ته ڪيترا نه ڏکوئيندڙ ۽ ڪربناڪ منظر هئا. هر طرف نعري بازي، بينرز، وال چاڪنگ جا منظر ۽ جيئي جيئي... آوي هي آوي ميان نصير اسان جو شينهن آهي.... وغيره وغيره.
    نه ڏينهن ڏينهن هو، نه رات رات هئي. نه صبح صبح هئي، نه شام شام هئي، نه اليڪشن آفيس وڃڻ جو وقت مقرر هو، نه گهر وڃڻ جو وقت مقرر هو. صبح جو گهران نڪري هڪڙي پاسي وڃبو هو ته شام جو الائجي ڪٿان وڃي نڪربو هو. پئسي ڏوڪڙ جي ڌار بربادي ۽ ناڪامي جو سوچيندي ئي ساهه ٻوساٽجندو محسوس ٿيندو هو.

    سامهون بيٺل اميدوار جي وڏن وڏن جلسن جون خبرون ٻڌندي ئي پاڻي جو ڍڪ ئي نڙي کان هيٺ نه لهندو هو. ڪڏهن هو ڳوٺن جي پيچرن تي پيو هلندو هو ته ڪنهن مهل وري سوڙهن ۽ ڌڌڙ هاڻن رستن تي. ڪٿي تيمارداريون ٿي ڪرڻيون پيون ته ڪٿي ڇهه ڇهه مهينا ۽ سال سال پراڻيون تعزيتون.
    پر وليمن ۽ شادين جي ڪاڄن کان سُٺا موقعا ميسر اچڻ ممڪن ئي نه هئا. اُتي ته ڪيتريون ئي غير متوقع ۽ خوشگوار ملاقاتون ٿي وينديون هيون. ڪهڙا نه نظارا هئا. ڄن خواب حقيقت جو روپ وٺي چڪا هئا.
    جن جو ڪو ڌنڌو ڌاڙي نه هوندو هو يا واندا هوندا هئا، سي اچي منهنجي آفيس ۾ ديرو ڄمائيندا هئا. ڄڻ سندن پنهنجو گهر هجي. انهن ماڻهن تي آئون ڏاڍو حيران آهيان، جيڪي مون سان هٿ ملائي ايترو ته خوش ٿيندا هئا، ڄڻ هنن ڪا کيپ کٽي هجي ۽ پوءِ هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي يارن دوستن ۾ اهو ٻڌائيندي ٿڪبا ئي نه هئا. ڪيترين ئي وڏين برادرين جا ماڻهو اسان جا حمايتي بنجي چڪا هئا. هو اسان جا حمايتي اسان جي ڪنهن ڪارڪردگيءَ جي ڪري نه ٿيا هئا، پر هنن ته پنهنجي حريف کي اسان جي مخالف اميدوار جي چونڊ مهم ۾ وڃڻ جو مزو چکائڻ ٿي چاهيو ۽ سڀني کان وڌيڪ اليڪشن وارن ڏينهن ۾ برادرين جو پاڻ ۾ ڏڦيڙ اسان جي ڪم آيو.
    پر منهنجي ڪاميابيءَ جي پويان جنهن شخص جو هٿ هو، اها منير جي ذات هئي. منير به پنهنجي نالي جيان روشن ۽ منير شخص آهي.
    هن کي به ته ڪهڙو نه ذهن ۽ دماغ مليو آهي. پهرين ئي ڏينهن ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو هٿ ۾ ڏيئي چيائين، ”جيڪڏهن اوهين هن ۾ لکيل ڳالهيون ياد ڪري ڇڏيو ته اوهان جو مخالف اميدوار اوهان کي ڪڏهن به شڪست ڏيئي نه سگهندو.“
    ان ڪاڳر تي لکيل راز ڄن مصري اهرامن جون اڳڪٿيون هيون. جيڪي اڄ ڏينهن تائين سچ ثابت ٿيون آهن. کيس ايترو عقل ۽ سُڌ سمجهه ڪٿان ملي، هن ننڍي وهيءَ ۾ اهڙا راز ۽ اهي به هڪ ڪاغذ جي ٽڪري تي، ڄن درياءَ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو هجي.
    منهنجي چونڊ مهم جو پهريون ڪامياب عوامي جلسو ان ڪاڳر جي ٽڪري تي لکيل راز جي ڪري ٿي سگهيو. ان ڪاڳر تي لکيل لکت کي جڏهن مون پنهنجي تقرير جو حصو بنايو ته اُتي موجود ماڻهن جي دلين ۾ منهنجي سچائي، حب الوطني ۽ علائقي سان گهري وابستگي جي ڌاڪ ويهي رهي.
    اهو راز هي هو: ”دوستو! آئون ڪامياب ٿي اوهان جا لڙڪ اُگهندس، اوهان جن بي روزگار ٻارن کي وڏن عهدن تي آفيسر ڀرتي ڪرائيندس.“
    مٿيان جملا ٻڌي پنڊال ۾ موجود هر عمر جو ماڻهو منهنجي هر جملي تي تاڙيون وڄائي رهيو هو.
    پهرين جلسي جي ڪاميابي کانپوءِ منهنجي دل خوش هئي. ماڻهن مون کي علائقي جو درد رکندڙ اميدوار چئي ٿڪبا ئي نه هئا. ڪيترين ئي برادرين ۽ شهري تنظيمن جي ماڻهن پنهنجن گهرن جي مٿان منهنجي پارٽيءَ جا جهنڊا هڻي ڇڏيا هئا.
    ٻارن ٽي شرٽس تي منهنجي تصويرن وارا بيج ۽ اسٽيڪر هڻي ڇڏيا. جڏهن منهنجي جيت کي للڪاريو ويندو هو ته چؤٻول ٿيندو هو ته هن کان وڌيڪ علائقي جو تعمير ۽ ترقيءَ جو جذبو ڪنهن ٻي اميدوار جي دل ۾ ٿي ئي نٿو سگهي.
    مخالف اميدوار جڏهن پنهنجي ڪاميابيءَ جي لاءِ منهنجي ڪردار ڪشي جو سهارو ورتو، هن ڪڏهن اقربا پروري، ته ڪڏهن شراب نوشي ته ڪڏهن وري عيش عشرت ۾ ٻُڏو رهڻ جهڙا الزام هنيا، پر منهنجن حامين ايندڙ مرحلي جي لاءِ هڪ وڏي جلسي جي تياري مڪمل ڪري ورتي ۽ اهو جلسو منهنجي فتح کي يقيني بنائڻ جي لاءِ آخري معرڪو هو.
    منير رات جو دير سان منهنجي گهر آيو. اتي موجود ماڻهن جو ميڙ دهل جي وڄت تي نچي ۽ تاڙيون وڄائي رهيو هو. منير منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي سڀاڻي جي جلسي جي لاءِ هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون.
    ”ڇا آئون اهي سڀ وعدا پورا ڪري سگهندس؟“
    جواب ۾ هن چيو، ”سياست ۾ ڪرڻو ڪجهه به نه هوندو آهي... سياست فقط هڪ سياسي خطاب جو نالو آهي. پنهنجو خطاب يقيني بڻائي ۽ ماڻهن کي ڳالهين سان قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر بعد ۾ فنڊ نه ملڻ ۽ مخالف اميدوار پاران ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهڻ جو بهانو ڪري پنج سال گذاري ڇڏج... ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
    ٻي ڏينهن پنڊال سَجي چڪو هو ۽ وڏين وڏين برادرين ۽ تنظيمن منهنجي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ماڻهو پري پري کان ٽولين ۽ جلوسن جي صورت ۾ اچي رهيا هئا. وڏيون وڏيون قد ڪاٺ جون مالڪ شخصيتون به پنهنجون پارٽيون بدلائي اسان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي چڪيون هيون. ماڻهو کين سياسي لوٽن جو خطاب ڏيئي رهيا هئا، پر کين پنهنجو آئيندو اسان جي پارٽي ۾ نظر اچي رهيو هو. هو پنهنجي اڳوڻي پارٽي جي قيادت تي الزامن جو مينهن وسائي، جواز جي لاءِ ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
    جلسي کي خطاب ڪندي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جذباتي انداز ۾ منهنجي مخالف اميدوار تي طنز جا تير هلايا ۽ ٿاڻن جي سياست جا الزام هڻي کين بڇڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڪاڳر جي ٽڪري تي لکيل لکت مون کي زباني ياد هئي. پنهنجي واري اچڻ تي آئون اسٽيج تي موجود ڊائس جي پويان اچي بيٺس. منهنجي تقرير کان اڳ منهنجي پارٽي، منهنجي ذات جي حوالي سان ايمانداري ۽ ديانتداري جا زوردار نعرا هنيا ويا.
    مون مائيڪ کي هٿ ۾ جهليو ۽ هڪ هڪ ڪاغذي هدايت تي ماڻهن جي ضميرن کي لوڏي ڇڏيم. ”اوهين آزمايل ماڻهن کي ٻيهر نه آزمايو، پنهنجي هن خادم کي هڪ ڀيرو موقعو ڏيو.“ پوءِ ڇا هو مون علائقي جي بنيادي هيلٿ سينٽرن، سرڪاري اسپتالن جي بهتري ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن جو قبلو درست ڪرڻ جي هامَ هڻندي زوردار لفظن ۾ اسڪول، ڪاليجن جي چوديواري، خاص ڪري گرلس اسڪول جي چوديواري ۽ گرلس اسڪولن کي هائر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيارڻ، علائقي ۾ يونيورسٽيءَ جي قيام، بجلي ۽ گئس جي رٿائن جو اعلان ڪيو. پنڊال بار بار تاڙين جي آواز تي ٻُرائجي ٿي ويو.
    منير جي هدايت تي مون هر برادريءَ جي سرگرم اڳواڻن جا نالا وٺي سندن ٿورا مڃيا ۽ پاڻ کي سندن نوڪر ۽ ٻانهون چيم. پنهنجي سادگي جو ذڪر ڪيم ۽ سندن رهنمائي ۽ هدايتن جي مهرباني مڃيم. ۽ مون هر گهڙي انهن سان صلاح مشورو ڪري پنهنجو سياسي سفر جاري رکڻ جو ذڪر ڪيو. بس پوءِ ڇا هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊ کٽڻ منهنجي لاءِ يقيني هئي. پر پوءِ به بي يقينيءَ جي ڊيڄاريندڙ ديوي منهنجي مٿان ڇانيل رهندي هئي. اليڪشن جا ڪيترائي مرحلا ڪنهن حد تائين سَهپ جوڳا هئا، پر ننڍن ننڍن اڏن تي مکين جي ڀُڻ ڀُڻ ۾ ڇپر وارين هوٽلن ۾ ويهي ڪنين پيالين ۾ چانهه پيئڻ ۽ ميرن سيرن ٿانون ۾ رکيل مانين مان گرهه ڀَڃي کائڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو هو. ڪنهن قيد ۾ هئڻ جيان!
    چانهه جي پيالن تي ڀُڻ ڀُڻ ڪندڙ مکين کي هر هر هٿ سان اُڏائڻ ۽ چانهه جون سرڪيون ڀري اڌ پيالي اتي ڇڏي ڀڄڻ ۽ ڏيهاڙي وارن مزدورن جي چاپلوسي ڪرڻ، ووٽ گهرڻ ۽ کين فرمانبرداريءَ جي پڪ ڏيارڻ، مٽي هاڻن ۽ ميرا ڪپڙا پاتل مزدورن کي گلي لڳائي ملڻ ڪنهن خواب جي تعبير کان گهٽ نه هو.
    شروع کان وٺي آخر تائين عجيب قسم جي منافقت ائين گڏ هلي رهي هئي. جيئن بدن روح کي گڏ کڻي هلندو آهي. انهن خباثتن ۽ منافقاڻين مصروفيتن جو نوحو رات جو بستري تي ليٽڻ مهل پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته ٿڪل هئڻ سبب سمهي پوندو هئس. رات ائين گذرندي هئي، ڄڻ بس اِجهو سُتو هئس. جاڳندي ئي ٻي ڏينهن جي معرڪي لاءِ اٿي کڙو ٿبو هو. ان ڏينهن ۽ رات جي هڻ وٺ ۽ ڀَڄ ڊڪ سبب شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ جا ماڻهو اسان جي ڪاميابي جا ڳُڻ ڳائي رهيا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ آئون قومي اسيمبلي جي هن هال ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو آهيان.
    اوچتو هن ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو ته اسيمبلي هال ۾ قومي اسيمبلي جو ٿيندڙ پهريون اجلاس پُڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو هو. اسيمبلي ميمبر واپسيءَ جي تياري ڪري رهيا هئا. جيئن ته سڀ ميمبر وڏو معرڪو سر ڪري هتي پهتا هئا. تنهنڪري هو سينو تاڻي، وڏي غرور واري چال مان هلي رهيا هئا ۽ دلين ۾ ائين هئن ڄڻ کين زميني جنت ملي ويئي هجي.
    اجلاس ختم ٿيو ته ڪجهه همراهه اسيمبلي ڪيفي ٽيريا ۾ وڃي چانهه جون چشڪيون وٺي رهيا هئا ته ڪي وري گاڌي جي هنڌ جي وڏين وڏين هوٽلن ۽ ريسٽورينٽس ۾ هليا ويا.
    خوشقسمتيءَ سان ميان نصير جي پارٽي اقتدار ۾ اچي چڪي هئي. ڪجهه وقت کانپوءِ ميان نصير گاڏي جي هنڌ ۾ ئي رهائش اختيار ڪري ورتي ۽ منير کي پنهنجو ذاتي سيڪريٽري مقرر ڪيو.
    ”منير يار! هي منهنجي پهرين ۽ آخري اليڪشن هئي.“
    ”ڪيئن سائين!“
    ”يار! هي منهنجي وس جو ڪم ڪونهي.“
    ”هتي جيڪو به ايندو آهي، ان جي واپسي گهر جي بدران ٻي پارٽي ۾ هوندي آهي.“ منير ٽهڪ ڏيندي وراڻيو.
    نصير ميان چپن ئي چپن ۾ هلڪي مايوس ڪندڙ مُرڪ سان خاموشي اختيار ڪري ورتي.
    هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي علائقي مان به ڦيرو ڏيئي ايندو هو. ووٽر اڪثر هن جي گهر ملاقات جي لاءِ ايندا هئا ته اتي موجود نوڪر چاڪر چانهه بسڪوٽ ۽ شربت سان سندن خدمت ڪري، کين ميان نصير سان ملائڻ جي بدران ضروري ۽ اهم گڏجاڻيءَ جو چئي کين چلتو ڪري ڇڏيندا هئا.
    هاڻ ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي مخالف اميدوار جي ووٽرن ۽ پنهنجي حمايتين جي جهيڙي جي صورت ۾ پنهنجن حمايتين جي لاءِ ٿاڻي تي فون به ڪري ڇڏيندو هو. صفا ڳچيءَ ۾ پوندڙ شخص جي چوڻ تي ڪنهن غريب جي ٻار جي نوڪريءَ لاءِ درخواست تي صحيح وجهي واسطيدار کاتي ڏانهن موڪلي ڇڏيندو هو ۽ پوءِ اتي فون ڪري سمجهائي ڇڏيندو هو ته کين چئجو ته جاءِ خالي ٿيندي ئي کيس ڀرتي ڪيو ويندو.
    پنجن سالن ۾ حڪومت مخالف نعري بازي، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي بحران، دهشتگردي، مدرسن جي خلاف پاليسين ۽ ڪمزور معاشي رٿابنديءَ سبب ميان نصير ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي نه کٽڻ جو خطرو محسوس ڪندي، پنهنجي اليڪشن جا خرچ حڪومت طرفان ملندڙ فندن مان پورا ڪري ورتا هئا.
    ”هاڻ پارٽي بدلائڻ ضروري آهي.“ منير چيو.
    ”ڇو...؟“
    ”ته جيئن اسان جو مستقبل اونداهو نه ٿئي“ ملڪي سياست ۾ روشن مستقبل پارٽي بدلائڻ سان مشروط آهي.“ منير هن کي ڏسندي وراڻيو.
    هاڻ ميان نصير جي ذهن ۾ سياست جو چسڪو ويهي رهيو هو ۽ هاڻ هو ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي بدلائڻ جو سوچي رهيو هو.
    مقبول عوامي پارٽي به سندس حيثيت کي مڃي چڪي هئي. چونڊن کان اڳ هن ان عوامي مقبوليت رکندڙ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
    چونڊن جي شيڊول جو اعلان ٿي چڪو هو. چونڊ مهم زورن تي هئي. نئين سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود به هن جي منهن مان مايوسي جا ڪي به آثار نظر نه پي آيا.
    جلسي جي لاءِ پنڊال لڳي چڪو هو. ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ جلسي ۾ اچي رهيا هئا. هو پُرجوش ۽ پراميد هو. هن پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي اڳوڻي پارٽي تي ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ ۽ فندن جي ناانصافي واري ۽ غير قانوني ورڇ جي الزامن جي بوڇاڙ ڪري ڏني. اهڙين تقريرن جي ڪري هو هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ لڳو. ماڻهن سندس بي وسي ۽ لاچاري کي مڃي کيس علائقي جي پسماندگي جو ذميدار قرار ڏيڻ جي بدران الزام سندس اڳوڻي پارٽيءَ تي مڙهيو. ٻي ڏينهن سندس تقرير وڏين سرخين سان اخبارن ۾ ڇپي ۽ تجزيي نگارن جي تجزين ۽ ڪالمن جي ڌيان جو مرڪز رهيو.
    ميان نصير چونڊون کٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اسيمبليءَ ۾ پهچي چڪو هو. هن جون دلي حسرتون ۽ خواهشون هڪ ڀيرو ٻيهر پروان چڙهڻ لڳيون. هن پنهنجي باقي رهيل کهيل ”خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي تڪ جي ترقي لاءِ ملندڙ فنڊن کي ٿورو گهڻو استعمال ڪري، ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل بنجي چڪو هو.
    ”ميان نصير اوهان پارٽي ڇو بدلائي”“ ماڻهو پڇندا هئس.
    ”منهنجي اڳوڻي پارٽيءَ اقربا پروريءَ جا رڪارڊ ٽوري ڇڏيا هئا. حڪومتي خزاني کي دل کولي لٽيو هو. اسين کين عدالت جي ڪٽهڙي ۾ کڙو ڪنداسين.“ ميان نصير پرجوش جواب ڏنو.
    ڪجهه وقت کان ملڪ جي صدر اسيمبليون ٽوري ڇڏيون ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو.
    هن ڀيري سندس پارٽي تي آمريڪي وفاداريءَ جا الزام لڳا ۽ ان حوالي سان اخبارن ۾ خبرون ۽ تجزيا ڇپيا.
    اليڪٽرانڪس ميڊيا ۾ هن جي پارٽيءَ کي سڌن سنون پروگرامن ۾ بحث ۽ مباحثي ۾ خوار ٿيڻو پيو. هوريان هوريان عوامي ذهن ٻڌتر جو شڪار ٿيڻ لڳا ۽ هاڻ عوام جون نظرون ڪنهن ٻي سياسي پارٽي تي کتيون، جنهن جي ملڪ جون واڳون سنڀالڻ جو چوٻول ٿيڻ لڳو. هاڻ هو ان پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو سوچڻ لڳو. ملڪي سياست جي فضا مڪمل طور تي بدلجي چڪي هئي. سياسي پارٽين کي هاڻ گهٽين ۽ پاڙن جي رستن جي تعمير، اسپتالن ۽ ڪاليجن جي اڏاوت لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊ ڏيڻ ۽ عملي طور تي فنڊ خرچڻ جي باوجود به ووٽ ملندا نظر نه پي آيا.
    هن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سياسي پارٽي کي ڇڏي ڏنو ۽ مشهور محب وطن ۽ آمريڪا مخالف نعرا هڻندڙ سياسي پارٽي جي ڪڇ ۾ پناهه ورتي. چونڊن جا ڏينهن ويجها هئا. پنڊال هڪ ڀيرو ٻيهر لڳي چڪو هو. حد نظر تائين ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ٿي چڪو هو. ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي جلسي گاهه ۾ ائين اچي مڙيا هئا، ڄڻ کين هتي اچڻ جي مزدوري ڏني ويئي هجي.
    هن جلسي گاه جي پهرين قطار ۾ علائقائي پريس ڪلب جي سينيئر صحافين جي لاءِ خالي ڪرسيون رکرايون هيون. پر ان ڏينهن هڪ به صحافي جلسي گاهه ۾ نه آيو هو. ميان نصير پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي مد مقابل اميدوار ۽ پنهنجي اڳوڻي پارٽيءَ تي دل کولي ڇوهه ڇنڊيا. عوام جي لاءِ تعميراتي ڪمن جا وعدا ورجايا. پر کيس ٻي ڏينهن اهو سڀ اخبارن ۾ نه اچڻ جو خدشو هو. هن چاهيو ٿي ته اخبارون کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور ڪوريج ڏين.
    ”يار منير هاڻ ڇا ٿيندو؟“ ميان نصير پريشاني مان چيو.
    ”اوهين اُلڪو نه ڪريو... آئون پريس ڪلب فون ٿو ڪريان.“ منير وراڻيو.
    منير ٿوري دير فون ملائيندو رهيو.“ ٽون بزي آهي... شايد فون خراب آهي.“
    ٻي ڏينهن هن جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن اخبارن جي پهرين صفحي تي سندس لفظ بلفظ تقرير ڇپي. اخبارن جون سرخيون ڏسي هن منير کي مخاطب ٿي چيو.
    ”يار منير صحافين کي غيب جو علم هوندو آهي ڇا؟ هنن ته منهنجي تقرير جو هر جملو جلسي گاهه ۾ نه هئڻ جي باوجود به ڇپي ڇڏيو آهي.
    منير کلندي وراڻيو ”ميان نصير صاحب!... هيءَ اها ئي تقرير آهي، جيڪا اوهين هر ڀيري پارٽي بدلائڻ مهل سامهون بيٺل اميدوار ۽ پنهنجي اڳوڻي پارٽيءَ جي خلاف ڪندا آهيو ۽ عوام کي دلاسا ۽ آسرا ڏيندا آهيو. اهي خبرون چار پنج سال اڳ اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن.
    هو ان ذلت جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي، پنهنجي هٿ جي آڱرين جي پورن کي کنهندي، هڪ ڀيرو ٻيهر سياست جي مونجهارن ۾ گم ٿي ويو.


    وڏو فرض

    رات جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ پهر ۾ سمهڻ دوران اوچتو راشد جي اک کلي ٿي ويئي. هن هر ڀيري پنهنجي سري کان رکيل موبائل تي وقت ٿي ڏٺو ۽ ٻيهر اکيون ٻُوٽي ٿي ڇڏيائين ۽ سُمهڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. کيس اهو کٽڪو هو ته ڪٿي ائين نه ٿئي ته صبح جو دير سان جاڳ ٿيڻ سبب فارم جمع ڪرائڻ ۾ دير نه ٿي وڃي. هو فجر جي ٻانگ سان گڏ ئي اُٿي ويٺو ۽ ريموٽ سان ايئرڪنڊيشنڊ بند ڪري فجر جي نماز پڙهڻ جي لاءِ وضو ڪرڻ واش روم هليو ويو. وضو ڪري موٽي هن پنهنجي زال کي سڏيو ”رقيه... او رقيه... هاڻ سجاڳ ٿي... فجر جي نماز ۾ بنهه ٿورو وقت اچي بچيو آهي... اٿي نماز پڙهه.... ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ناشتو تيار ڪر... مونکي اڄ حج جي لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ جي لاءِ آفيس وڃڻو آهي... سفر به ٻن ڪلاڪن جو آهي.“
    ٻاهر تيز هوا ۽ طوفان سبب دروازا ۽ دريون زور زور سان پاڻ ۾ ٽڪرائجي رهيا هئا ۽ هوا جي شور سبب سيٽي جهڙا آواز پيدا ٿي رهيا هئا.
    رقيه اٿي دريءَ جا پردا هٽائي ٻاهر ڏٺو ته هوا جي تيز جهونڪن سبب وڻ به جهڪي رهيا هئا.
    ”اوهين مسجد پيا وڃو ڇا؟“
    ”نه! ٻاهر مينهن جي مُنڌ آهي... گهر ۾ ئي نماز پڙهان ٿو.“
    راشد لائونج ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لڳو. ٿوري دير کانپوءِ رقيه به پاسي ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهي، ناشتو ٺاهڻ جي لاءِ رڌڻي ۾ هلي ويئي. راشد به قرآن کي چمي پنهنجي اکين سان لڳايو ۽ پوءِ ان تي اُڳيڇاڻي ويڙهي الماڙيءَ ۾ رکي ڊائننگ ٽيبل جي سامهون ناشتي جي انتظار ۾ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
    درين جي جهروڪن ۽ دروازن جي هيٺان گذرندڙ هوا جي جهونڪن سبب پيدا ٿيندڙ شور ڊپ جهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو. هوا جي زوزاٽن مان ائين پي محسوس ٿيو ته ڪو اڪيلو شخص ٻيلي مان لنگهي رهيو آهي ۽ چؤڏس وڻن جي پتن ۽ ٽارين جي ٽڪرڻ سبب سنساهٽ پيدا ٿي رهي هئي.
    ٻيئي زال مڙس، ٻارڙن جي جاڳي وڃڻ جي ڊپ سبب پاڻ ۾ صفا آهستي ڳالهائي رهيا هئا. رقيه رڌڻي ۾ ٿانوَ نهايت آهستي آهستي رکي رهي هئي. هن رڌڻي مان سڏ ڪري پنکو تيز ڪرڻ جي لاءِ چيو ته متان شهروز جاڳي نه پوي. ايتري ۾ ٻارڙي جي روئڻ جو آواز آيو. راشد ڪمري ڏانهن ڊوڙيو. هي ٻارڙي کي الله هو... الله هو جي لولي ڏيئي ٿڦڪي ڏيئي سمهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر ٻارڙي جون نظرون ماءُ کي ڳولهڻ لڳيون. هو نظرون هيڏانهن هوڏانهن گهمائي وري روئڻ لڳو.
    ”رقيه فيڊر ته کڻي اچ... هي ته ماٺ ئي نٿو ڪري.“
    ”نيٺ به ته پُٽ ڪنهن جو آهي.“ رقيه، فيڊر راشد جي هٿ ۾ ڏيندي چيو. ٻارڙي ماءُ کي ڏسندي ئي روئڻ بند ڪري ڇڏيو. راشد ٻارڙي کي فيڊر سان کير پيارڻ لڳو ۽ هاڻ هو اکيون ٻوٽي فيڊر پيئڻ لڳو ۽ راشد آرام ۽ احتياط سان اُٿي ٻيهر ڊائننگ ٽيبل جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو.
    ”بيگم... ناشتو کڻي اچ!... جلدي... ٻاهر موسم ڏاڍي خراب آهي... گوڙ به پيو ٿئي... آئون جلدي وڃڻ ٿو چاهيان... ڪٿي ائين نه ٿئي ته حج جو فارم جمع ڪرڻ ۾ دير نه ٿي وڃي.“
    ايتري ۾ رقيه ٽيبل تي ناشتو رکندي چيو، ”هي وٺو سرڪار... ناشتو حاضر آهي“ گهڙي کن ترسي چيائين، ”مون کي به ساڻ وٺيو هلو ها ته آئون به الله جي گهر جو ديدار ڪري اچان ها... منهنجي حسرت به پوري ٿي وڃي ها... خير منهنجا اهڙا ڀاڳ ڪٿي!“ اهو چئي رقيه ٿڌو ساهه ڀري ڪولر مان پاڻي کڻڻ جي لاءِ رڌڻي ۾ هلي ويئي.
    ناشتو ڪندي رقيه جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
    ”شهروز ننڍو نه هجي ها ته توکي به وٺيو هلان ها. في الحال ته مون وٽ اهي ئي پئسا آهن... سوچيم حج جو فرض ادا ڪري اچان!“ راشد کيس دلداري ڏيندي چيو، ”چوندا ڪين آهن ته... وقت پيري گرگ ظالم شود پرهيزگار.“
    ”ان جو مطلب ڇا ٿيو“ رقيه راشد ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”ان جو مطلب اهو ٿيو ته پيريءَ ۾ ته بگهڙ به شڪار ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي... الله کي جوانن جي عبادت پسند آهي.“
    تيز هوا سبب دروازن ۽ درين جي پاڻ ۾ ٽڪرجڻ جي آوازن سبب ائين پي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو لڳاتار دروازو کڙڪائي رهيو آهي. رقيه چانهه جو ڪوپ ميز تي رکندي چيو.
    ”ٻاهر ڪو دروازو پيو کڙڪائي ڇا؟“
    ”نه ڪڪرن جي گُڙڻ جو سور آهي.“
    ”تون ٻاهر وڃي ڏسين ڇو نٿو.“
    ”هي گڙڻ وارا وسندا گهٽ آهن... خبر ڪونهي بس اسٽاپ تان گاڏي ملندي به ڪي نه...“ راشد چانهه جي سرڪي ڀريندي چيو.
    ناشتو ڪري راشد ڪپڙا بدلايا ۽ بوٽ پاتائين. پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ گهربل ڪاغذ کيسي ۾ رکندي جلدي پرفيوم جي شيشي کڻي بغلن جي هيٺان ۽ سيني تي اسپري ڪيائين ۽ پوءِ ڪمري مان ٻاهر نڪتو.
    هن ڌيمي آواز ۾ لبيڪ... اللهم لبيڪ چوندي، رقيه کي چيو ”بيگم! دروازو بند ڪر... آئون هاڻ وڃان پيو.“
    راشد جيئن ئي دالان جو دروازو کوليو. ٻاهر تيز طوفان سان گڏ بونداباندي شروع ٿي وئي.
    هن ڪنڌ ورائيندي سڏ ڪيو، ”بيگم... بيگم... اڙي رقيه ڪٿي آهين؟ ٻڌ ته سهي... شهروز جو خيال رکج... آئون شام تائين موٽي ايندس.“... هو خود ڪلامي ڪندي چوڻ لڳو، ”حج وڏو فرض آهي... اهو ادا ٿي وڃي ته انسان جا سڀ گناهه ڌوپجي وڃن ٿا... ڪاش آئون گناهه گار الله جي گهر جي طواف لاءِ منظور ڪيو وڃان.“ هو باهر نڪرڻ جي لاءِ دروازي تي پهتو ته دروازي کڙڪڻ جو آواز آيو.
    هن دروازو کوليو ته ٻاهر هڪ پوڙهي مائي بيٺي هئي. هن جو چهرو مُرجهايل هو. هن ڏڪندي پنهنجا ڪمزور ۽ ڏٻرا هٿ راشد جي اڳيان وڌايا.
    ”پُٽ! آئون هڪ بيوه عورت آهيان... الله رسول جي مُهابي منهنجي مدد ڪر منهنجون جوان ڌيئرون آهن ۽ ڪمائڻ وارو ڪو به ڪونهي... خيرات ۽ صدقي جي حقدار آهيان... ڪوڙ ڪو نه پئي چوان... خدا کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو به سهارو ڪونهي.“ هو عورت جي هپاڻل چهري کي ڏسڻ لڳو. مينهن سبب هن جا پُسيل ڪپڙا ڏسي هن جي اندر ۾ همدرديءَ جو احساس اڀري آيو. هن کيسي ۾ هٿ وڌو پر کيسي ۾ کليا نه ڏسي پشيماني محسوس ڪندي کيس سؤ جو نوٽ ڏيندي چيائين، ”هي وٺ پاڻ وٽ رک ۽ مون کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪر“.
    پوڙهي مائي کيس ۽ سندس ٻارن کي دعائون ڏيندي هوريان هوريان ڦري واپس هلي ويئي. هو کيس حيراني مان ويندي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ سوچن ۾ گم ٿي ويو. جڏهن هو سندس نظرن کان اوجهل ٿي وئي ته هو دروازو بند ڪري واپس لائونج ۾ آيو ۽ ٽنگڻي ۾ ٽنگيل ڇٽي لاهي چوڻ لڳو،
    ”بيگم! هاڻ وڃان پيو... دروازو بند ڪري ڇڏ!“
    ”تون اڃا هتي آهين ڇا...؟“
    ”ٻاهر مينهن پيو پوي، سو ڇٽي کڻڻ جي لاءِ آيو هوس. ها ٻاهر هڪ مائي خيرات وٺڻ آئي هئي. هاڻ دروازو بند ڪري ڇڏج. فقير جمع جي ڏينهن ڏاڍو تنگ ڪندا آهن.“
    ”آئون گڏ ٿي هلان... وري ڪنهن گهرندڙ سان بيهي نه رهين... گهرڻ ته انهن جو ڌنڌو آهي. تون هروڀرو پنهنجو وقت اجاين ڪمن ۾ نه وڃائي.... هونئن به ٿورو جلدي وڃ، اڄ جمع جي ڏينهن آفيس جو وقت گهٽ هوندو آهي.“
    ايتري ۾ دروازي تي وري ٺڪ ٺڪ ٿي. رقيه اڳيان وڌي دروازو کوليو ته ٻاهر هڪ ڪمزور بزرگ، اکين تي ٿلهن سيشن وارو چشمو، مٿي تي اڇي پڳ ۽ هٿ ۾ لٺ جلهي بيٺو هو. هن ڏڪندي چيو، ”ڌيءَ راشد گهر ۾ آهي؟“
    هوءَ واپس گهر ۾ ويئي ۽ چوڻ لڳي، ”ڏي منهن! هاڻ ٻاهر ڪو ٻيو پينو آيو اٿئي، کيس به پنجاهه سؤ ڏي ۽ جلدي نڪر...“
    راشد اڳيان وڌيو... دروازي تي ڏسندي ئي چيائين، ”سائين... سائين! اوهان... خير ته آهي... اوهين هن مهل!“
    اهو چئي هو کيس ٻانهن مان جهلي اندر وٺي آيو.
    ”رقيه! هي اسان جو استاد فيروز دين آهي...“ هن کيس بيٺڪ ۾ ويهاريندي بيگم کي چانهه کڻي اچڻ جي لاءِ چيو.
    “سائين! ناشتو ڪيو اٿوَ؟“ راشد چيو.
    ”هائو پُٽ! آئون ناشتو ڪري آيو آهيان. منهنجي ناشتي جو فڪر نه ڪر.“
    هو پنهنجي استاد کي پاڻ وٽ اچڻ، پاڻ لاءِ خير ۽ برڪت جو سوڻ سمجهندي خوش ٿيڻ لڳو. اسڪول واري زماني ۾ استاد صاحب جي ڪيل نصيحتن ۽ پرائمري اسڪول جون ساروڻيون ساريندي هو مرڪڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ”سائين! اهي به ڪهڙا نه سٺا ڏينهن هئا. جڏهن اسڪول جي تڏن ۽ تؤنئرين تي ويهي پڙهندا هئاسين.“ هو ڳچ دير تائين هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ ماضي جون ساروڻيون ساريندو ڪنهن مهل کليو ٿي ته ڪنهن مهل خاموش ٿي ويو ٿي.
    ”اوهان جو رعب ئي اهڙو هو جو ٻارن جو اصل ساهه پيو نڪرندو هو. اسڪول جا استاد به اوهان جي قابليت جا قائل هئا.“
    ائين ڪجهه دير ڳالهيون ڪندي پوءِ ڪجهه ياد ڪندي پڇيائين، ”ها، سائين! ياد آيم اوهان جي نياڻي ڪيئن آهي... ان وقت صفا ننڍي هئي... جڏهن اسان پرائمري پاس ڪري مدل اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي.“
    ”پُٽ! سلميٰ هاڻ جوان آهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس شادي آهي... ڏاڍو پريشان آهيان... ان سلسلي ۾ ڳوليندي پڇائون ڪندي تو وٽ آيو آهيان... مالي حالت ڏاڍي خراب اٿم. پينشن مان مڙيئي گهر جو گاڏو پيو هلي، غربت سبب ويجهن مٽن مائٽن ۽ ڀائرن به ڌيءَ جو رشتو ٺڪرائي ڇڏيو. سلمي! ايم.،ايس.سي. جو امتحان پاس ڪيو آهي.“
    ائين چئي استاد ٿوري دير چپ ٿي ويو ۽ پوءِ وري چوڻ لڳو، ”برادري کان ٻاهر هڪ هنڌ مائٽي ڪئي اٿئون... جنهن کي ٻه سال گذري ويا آهن. هو هاڻ شادي لاءِ مجبور پيا ڪن پر ڏاج جو ڪو بلو نه پيو ٿئي. قرض کڻي ڪيترو ئي سامان ورتو اٿم. اڃا، ڪيتريون ئي شيون وٺڻيون آهن... باقي مهنگائي جي هن دور ۾ ٻن ويلن جي ماني به عزت سان نصيب ٿئي ته غنيمت آهي.“ ماستر فيروز دين ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
    ايتري ۾ رقيه چانهه، بسڪوٽ ۽ ڪيڪ ميز تي رکيا. چانهه پيئندي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي راشد پُڇيو.
    ”سائين! اوهان کي ڪيتري رقم گهربل آهي.“
    ”پُٽ! مون کي جيڪڏهن هڪ لک روپيا ڪٿان ملي وڃن ته آئون جلد واپس موٽائڻ جي ڪوشش ڪندس. ٻُڌو اٿم ته تون حج تي پيو وڃي... پر ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪرڻ سڀ کان وڏو فرض آهي.“ ڳالهه ڪندي ماستر فيروزدين جو آواز ڏڪڻ لڳو ۽ پوءِ هن پنهنجي اڇي پڳ جي لڙڪيل سري سان پنهنجون اکيون اگهندي راشد ۽ جوڻهنس ڏانهن التجا وارين نطرن سان ڏٺو.
    ماستر صاحب جي لهجي ۾ منٿ، اکين ۾ ڳوڙها هئا، جيڪي ڳڙي سندس اڇي ڏاڙهي کي ڀڄائي رهيا هئا.
    هن پنهنجي لٺ هڪ پاسي رکي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ گوڏن تي رکي صوفي سيٽ جو سهارو وٺي اُٿي بيٺو ۽ راشد ۽ سندس زال جي اڳيان هٿ ٻڌي منٿ ڪرڻ لڳو. هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ هن چوڻ شروع ڪيو، ”پُٽ خدا ۽ رسول جو مُهابو اٿئي... مون کي مايوس متان ڪرين... منهنجي عزت جو سوال آهي.“
    هن پنهنجي ڏاڙهي جي وارن کي کاٻي هٿ جي آڱرين سان جهلي چيو،“ هنن اڇن وارن جي عزت رکج... ائين سمجهه ته تنهنجو پيءُ تنهنجي اڳيان هٿ ٻڌيو بيٺو آهي. خدا جو سُنهن ته آئون اها رقم هڪ سال جي اندر اندر توکي واپس ڪري ڇڏيندس.“
    اهو ٻڌي راشد جي دل خدا جي خوف سبب ڏڪڻ لڳي.
    هن پاسپورٽ ۽ ڪاغذ الماڙي ۾ رکندي، اتان هڪ لک روپيا ڪڍي ماستر فيروزدين جي هٿ ۾ ڏنا.
    رقيه کيس آڏي اک سان ڏسندر رهي. هن ڏانهنس ڏسندي چيو، ”شهروز ٿورو وڏو ٿئي ته ايندڙ سال پاڻ ٻيئي گڏجي حج تي هلنداسين.“

    مسجد


    مسجد

    حي علي الصلواه، حي الصلواه... الله اڪبر... الله اڪبر جون صدائون فضا ۾ گونجي رهيون هيون. ٻانگي جي سُريلي آواز فضا ۾ اڏار ڪندڙ پکين جي اُڏار جي جوش ۾ به هڪ هيجاني ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. ابابيلون ۽ جهرڪيون مسجد جي مينارن جي ساڄي ۽ کاٻي ٻولينديون اڏري رهيون هيون.
    بهار جي خوبصورت منجهند هئي. اُس ۾ گرمي جي سختي هئي ۽ نه سيءَ جي شدت هئي ۽ هو جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي پيءُ سان گڏ پاڙي جي مسجد ۾ داخل ٿيو ته مسجد جي اڱڻ ۾ وڇايل درين تي ويٺل ڳوٺاڻن مان ڪي اُس سيڪڻ سان گڏ امام صاحب جي وعظ جي اوسيئڙي ۾ هئي ته ڪي سنتون پڙهي رهيا هئا.
    ان کان اڳ کيس مسجد جي اندرين پر رونق ماحول جو اندازو نه هو. هو اڪثر مسجد جي ٻاهران ئي لنگهي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن دوستن سان کيڏندي مسجد ۾ دروازي سان لڳ وضوءَ جي لاءِ لڳل ٽونٽين مان ٻُڪ پاڻي جا ڀري پنهنجي اُڃ لاهيندو هو ۽ پوءِ هليو ويندو هو. پر ان ڏينهن کيس ان ڳالهه جي خوشي هئي ته هو نماز پڙهڻ جي لاءِ آيو هو.
    کيس مسجد ۾ ماڻهن جو هڪٻئي جي پويان اچڻ ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. ڏسندي ئي ڏسندي مسجد جو اڱڻ ۽ مسجد جي مٿين منزل، ايتريقدر جو مسجد جي ڇت تي به ماڻهن جون صفون ٻڌجي ويون. اهو جمعي جو ڏينهن ۽ رمضان شريف جو پهريون ڏهو هو. مسجد جي اڏاوت به ڏاڍي سهڻي ٿيل هئي ۽ اندرينءَ حصي ۾ سفيد ماربل جي سيلن تي ڪاري رنگ جون اُڀريل آيتون هر نمازيءَ جي لاءِ روحاني سڪون جو سبب هيون.
    هن مسجد جو مولوي پنهنجي شعله بيانيءَ جي ڪري گهڻو مشهور هو. هو وعظ جي دوران هڪ مضبوط ڏنڊو، جيڪو ڪنهن ماهر واڍي ڏاڍي محنت سان جوڙيو هو، پنهنجي هٿ ۾ کڻي بار بار هوا ۾ لهرائي ۽ پوءِ فرش تي هڻندو، ٻين فرقن جي عالمن کي للڪاريندو ۽ پنهنجي تقرير جي تصديق جي لاءِ وڏي واڪي قرآن ۽ حديث جا حوالا ڏيندو هو. جنهن تي ٻڌندڙن جو وڏو تعداد نعرن سان گڏ هٿ مٿي کڻي روايتي انداز ۾ ماشاالله ۽ سبحان الله ڪندو رهندو هو.
    نمازي، تمام وڏي تعداد ۾ جمع جي ڏينهن صبح جو سوير ئي پري پري جي ڳوٺن ۽ آسپاس کان گڏ ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. امام صاحب کي مسجد جي لاءِ ماڻهن ڪيترائي لائوڊ اسپيڪر عطئي طور ڏنا هئا. جيڪي مسجد جي چئني ڏسائن جي مينارن تي لڳل هئا. اهي لائوڊ اسپيڪر ايتري تي گهڻي انگ ۾ لڳايا ويا هئا، جو ايتري ئي وڏي انگ ۾ پکي انهن ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهيندي نظر ايندا هئا. هر لائوڊ اسپيڪر مان سُڪل ڪک ۽ ڪانا لڙڪي رهيا هئا.
    پر جمع جي ڏينهن پکين کي مجال ئي نه ٿيندي هئي ته هو انهن آکيرن ۾ ويهي سگهن. هو، مولوي جي سڄي واعظ دوران اڻڄاتل ڊپ، پرسرور گهڙين يا پرڪيف ڪيفيت ۾ اڏار ڪندا رهندا هئا. سندس پيءُ کي ان مسجد ۾ نماز پڙهندي اڌ صدي اچي ٿي هئي. سندس پيءُ ان مولوي صاحب جو گهڻو عقيدتمند هو. سندس چوڻ هو ته مولوي صاحب جي پيءُ جي تقرير ٻڌڻ جي لاءِ ته ماڻهو پاڙيسري ملڪن هندستان ۽ چين مان به ايندا هئا ۽ ان جي جلال جو اهو عالم هو جو ڪيترا ڀيرا تقرير جي دوران اسپيڪر آواز جو جلال نه سهي ڦاٽي پيا هئا.
    عبدالله روزانو مسجد جي مولوي صاحب جون تعريفون ٻُڌي ۽ ان جي قابليت جو قائل ٿيندو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ هو مسجد ڪميٽيءَ جو ميمبر به بنجي ويو، هو ڪميٽي جو سڀ کان ننڍي وهيءَ جو ميمبر هئڻ سان گڏ سمجهدار ۽ ديانتدار به سمجهيو وڃڻ لڳو. ان وچ ۾ هن مئٽرڪ پاس ڪري ورتي ۽ پري واري شهر جي ڪاليج ۾ داخلا به وٺي لاٿائين.
    هڪ ڏينهن هن پنهنجي ڪاليجي دوست سان ڪچهري ڪندي کيس چيو ته تون ڪڏهن اسان جي پاڙي جي مسجد ۾ جمع جي نماز پڙهڻ اچ ۽ اچي ڏس ته اسان جو مولوي صاحب ڪهڙي نه ڏيا واري شخصيت وارو آهي ۽ سندس جلال ۽ وعظ ٻُڌڻ جي لاءِ ماڻهو ڏورانهن هنڌن تان ڪهي ايندا آهن. هو هر فرقي جي عالمن کي للڪاريندو آهي. تون به هڪ ڀيرو سندس وعظ ٻڌڻ ضرور اچ.
    دوست وراڻيس، ”اسان جي مسجد جو امام صاحب به وڏي علم وارو آهي. پهرين تون اسان جي مسجد ۾ اچ.“
    پنهنجي دوست ناصر جي ضد ۽ زور ڀرڻ تي عبدالله هن جي پاڙي جي مسجد ۾ وڃڻ تي مجبور ٿي پيو.
    هو جڏهن ان پاڙي جي مسجد ۾ پهتو ته نمازين جون اکيون مٿس کُپي ويون. عبدالله هڪ مخصوص مذهبي گروهه جي سڃاڻپ جي رنگ ۾ رڱيل هو. سندس پڳڙي، ڪپڙا ۽ ڏاڙهي جو اسٽائل به اتي جي نمازين جي پڳڙين ۽ ڪپرن جي ڊزائين کان ڌار هو. ان مسجد جي امام صاحب تقرير جي دوران ڪنهن ڪنهن مهل وڏي آواز ۾ باقي ڌيمي لهجي ۾ خطاب ٿي ڪيو. اهو سُست ۽ ڪاهلي وارو انداز کيس پان ڏانهن متوجه نه ڪري سگهيو. هو پنهنجي مسلڪ جي حق ۾ دليل ڏيئي رهيو هو ۽ فرقن جا تفصيل ٻڌائي رهيو هو ته ڪل ٽيهتر فرقا ٿيندا. جن مان رڳو هڪ جنتي آهي ۽ اهو جنتي اسان جو فرقو آهي.
    واپسيءَ تي هن اهو سڄو قصو پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو، جنهن تي پهريون ڀيرو کيس پيءُ جي ناراضگي سهڻي پئي. اها ڳالهه پاڙي جي مسجد جي مولويءَ تائين به پهتي، جيڪو سندس پي تي ڏاڍو ناراض ٿيو ته پنهنجي پٽ کي گمراهيءَ کان بچائي ۽ کيس چئو ته اها نماز قضا ڪري جيڪا ٻي مسجد ۾ پڙهي اٿائين ۽ آئنده اهڙي حرڪت کان توبهه ڪري. ان ڳالهه کيس ڪيترائي ڏينهن پريشانيءَ ۾ مبتلا رکيو. ان پريشانيءَ ۾ هو ڪڏهن گهر ته ڪڏهن مسجد ۾ نماز پڙهندو هو ۽ ڪڏهن ته نماز قضا به ٿي ويندي هيس.
    هو سوچ ۽ فڪر ۾ ايترو ته ٻُڏي ويو جو پڙهڻ کان به دل کڄڻ لڳيس. حيرت ۽ نااميديءَ سان گڏ کيس ڪيترن ئي ڏينهن تائين گهٻراهٽ به گهيري رکيو. نيٺ هو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڙي جي مسجد ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. پر هاڻ نمازي ۽ مولوي کيس تکين نظرن سان ڏسڻ ۽ ساڻس طنزيه لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇو ته کين اها خبر پئجي چڪي هئي ته هو مذهبي فرقي بندين جي حوالي سان ٻُڏ تر جو شڪار آهي.
    مسجد جي مولوي تي اهو اتو پتو ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته هو ڪهڙي مسجد ۾ نماز پڙهڻ ٿو وڃي ۽ ڪهڙو مسلڪ اختيار ڪرڻ ٿو چاهي؟ جيئن ته هر پاڙي جا ماڻهو پنهنجي گهرن جي ڀروارين مسجدن کي ڇڏي اُتي نماز پڙهڻ ايندا هئا ۽ پاڙي جي ساڄي کاٻي لڳ ڀڳ سڀني مسلڪن جون مسجدون موجود هيون، تنهنڪري هر پاڙي جا نمازي مولويءَ کي خبرون چارون ڏيندا رهندا هئا ته هو هڪ نماز پڙهڻ کانپوءِ ٻي نماز وري ٻي مسجد ۾ پڙهي ٿو. هن جي ڳولا ۽ گهرج جو دائرو ڪيترن ئي شهرن ۽ ضلعن تائين پکڙجي ويو.
    هو جيترو وقت به ڳولا ۽ تحقيق ۾ رڌل رهيو، ان عرصي دوران مولوي صاحب جي لقبن ۽ مشهوريءَ ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿي ويو هو. هو ٿوري ئي وقت ۾ اعليٰ حضرت مولانا...! المعروف ڏنڊي واري سرڪار مشهور ٿي ويو هو.
    هن جي تحقيق سالن تائين هلي ٿي. ان دؤران هو ڪيترن شهرن جي مسجدن ۽ هر فرقي جي ماڻهن جي صحبت ۽ عالمن جي فتوائن ۽ دعوائن کان واقف ٿي چڪو هو. مٿس مسلڪن جا راز پڌرا تي چڪا هئا.
    ان دوران هو گهٽ ۾ گهٽ 73 مناظرا، 360 مشهور جلسا، 420 کان به وڌيڪ جلوسن ۾ شريڪ ٿيڻ کانسواءِ لڳ ڀڳ پنج سؤ ڪتاب پڻ پڙهي ۽ 72 عالمن سان ملي چڪو هو.
    هو پنهنجي زندگيءَ جي ڊگهي عرصي جي جدوجهد، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ کي لتاڙڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پاڙي جي مسجد ۾ جمع جي نماز پڙهڻ جي لاءِ اندر گهڙيو ۽ سڌو لئبرريءَ ۾ هليو ويو. ڪجهه ڪتابن جا صفحا اٿلائڻ کان پوءِ کيس ان ڳالهه تي سخت حيرت ٿي ته لئبرريءَ ۾ ٻي مسلڪ جو ڪو به ڪتاب موجود ڪونهي.
    لئبرري جو انچارج هڪ اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ هو، جيڪو هڪ صندل جي ڪاٺ مان ٺهيل هڪ ڊگهي تسبيح جا داڻا تيز رفتاريءَ سان ڪيرائي رهيو هو. هو ساڻس مخاطب ٿيو.

    ”ائين، اوهان جي لئبرريءَ ۾ ڪنهن ٻي مسلڪ جو ڪو ڪتاب موجود آهي؟“ جواب ۾ هن لاحول ولا قوت پڙهندي ڪاوڙ مان اکيون ڦوٽاريندي وراڻيس، ”ڪونهي!“
    مختصر ۽ رُکي جواب کانپوءِ عبدالله کي ٻيهر سوال ڪرڻ جي همت ئي نه ٿي. هو مسجد جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ڪنڌ جهڪائي مولويءَ جي تقرير ٻُڌڻ لڳو. ان دوران هو مولوي جي رڙين تي مُرڪي به ٿي پيو.

    دلچسپي نه هئڻ سبب نه نعرن جو جواب، نه جوش ۽ ولولو، نه جوش خطاب جو داد، نمازين پاران تحسين جا نعر ا۽ سبحان الله... الله اڪبر جا لفظ ٻڌڻ جي باوجود هن جي چهري مان ڪنهن به قسم جي جذباتيت جي ڪا به نشاني ظاهر نه هئي.
    هو ڪجهه منٽن جو اهو جذباتي منظر ڏسندو رهيو، جنهن ۾ مقررين جو جوش ۽ ولولو ۽ مولوي پاران قرآن ۽ حديث جا دنياوي مثال ڏيئي، ڏنڊي کي هوا ۾ لهرائڻ، ۽ پنهنجي هٿن کي زور سان گوڏن تي هڻڻ ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻين واري منبر تان هر هر اٿڻ ۽ وري ويهڻ جو انداز ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري، ٻين عالمن کي للڪارڻ شامل هو. جنهن تي ڪجهه نمازي اڳيان وڌي، مولوي جي خطابت جي جوش کي داد ڏيئي رهيا هئا ۽ ان سان گڏ مٿس ڏهن ۽ ويهن روپين کي گهوري، واپس اچي پنهنجي جاءِ تي ٿي ويٺا.
    جواب ۾ مولوي ”جزاڪ الله“ جو ڪڙڪيدار آواز گلي مان ڪڍي، پنهنجي واعظ کي جاري رکندي، الله جي واٽ ۾ پئسا خرچڻ وارن کي جنت جي خوشخبري ٿي ٻڌائي ۽ هو نمازين کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
    ”منهنجي مسلڪ جا مڃيندڙؤ! اوهان جو جذبو ڏسي دل چوي ٿي ته پنهنجي ڳالهه کي جاري رکان. پر جمع جو وقت ٿي رهيو آهي... ايندڙ جمعي تي پنهنجي ڳالهه کي اِتان ئي کڻندس... جتي ڇڏي اٿم... جن سنتون نه پڙهيون آهن سي سنتون پڙهي وٺن.“
    ٻانگو جمع جي ٻي ٻانگ لاءِ پنهنجي خوبصورت ۽ سُريلي آواز ۾ الله اڪبر... الله اڪبر جي صدا بلند ڪري ٿو. هو اهو سچو جذباتي منظر ڏسي حيرت ۽ پريشاني ۾ ويٺو رهيو. جيئن ئي جمعي جي نماز لاءِ جماعت کڙي ٿي، هو هڪ صف ۾ بيهي نماز پڙهي گهر موٽي ويو.
    ٻي ڏينهن صبح جو هو دستور موجب آفيس روانو ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو ته آخر مسلمانن جو ڇا ٿيندو؟ چوڌاري فرقيواريت ۽ هر فرقي وٽ پنهنجي مسلڪ جي حق ۾ دليل موجود آهن... هر فرقو ٻي فرقي جي مذهبي جلوسن، عبادتن ۽ رسمن کي غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار ٿو ڏي. ڇا ائين ممڪن ڪونهي ته مسجد فقط الله جو گهر هجي ۽ هر مسلڪ جا ماڻهو اتي اچي نماز پڙهن، منجهن محبت، رواداري، درگذر، اخوت ۽ ڀائيچاري جا جذبا هجن.
    ماڻهوءَ جو احترام هجي. عزت ۽ احترام جو معيار مسلڪ جي بدران انسانيت هجي. مذهبي رواداري هجي نه ڪي مختلف خيالن وارن جو پاڻ ۾ جهيڙو جهٽو.
    اڄ هو پنهنجي سوچ ۽ فڪر جي حوالي سان حسرت ۽ مايوسي جي گڏيل ڪيفيت سان ٽمٽار سوچي رهيو هو ته مفسد ڪير آهي؟
    پاڻ ۾ محبت جي درس جو مطلب ڪهڙو آهي؟
    الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهليو ۽ ٽولا ٽولا نه ٿيو، جو مطلب ڪهڙو آهي. آفيس پهچي هن قران مجيد کولي سوره انعام کي پڙهڻ شروع ڪيو. آيت 5، 6 ۽ 159 جي تلاوت کانپوءِ هو سوره آل عمران جي آيت 105 جي تلاوت ۽ ترجمو پڙهندي پنهنجن لڙڪن تي قابو رکي نه سگهيو ۽ روئڻ لڳو.
    روئندي روئندي هن جو گلو ويهي رهيو. اُن دوران سندس آفيس جو دروازو کولي سندس ڪجهه دوست اندر گهڙي آيا ۽ کيس ان حالت ۾ ڏسي ماٺ ڪري ويهي رهيا. هن قرآن کي ويڙهي الماڙيءَ ۾ رکيو. دوستن کانئس روئڻ جو سبب نه پڇيو. هو سندس بدلجندڙ رويي ۽ ڏينهن رات جي مذهبي تحقيق ۽ ڳولا کان واقف هئا.
    هن دوستن کي مخاطب ٿي چيو:
    ”ڇا اوهان پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪنهن مسجد ۾ نماز پڙهي آهي“ هن جي سوال تي سندس دوستن خاموش ۽ حيران هئا.
    هن وري پڇيو:
    “جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن دوست ڪا مسجد ڏٺي آهي ته مهرباني ڪري مونکي ٻُڌائي“
    عبدالله پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
    ”دوستو! هر مسلڪ پنهنجي پنهنجي جماعت خانن جي ٻاهران مسجد جا بورڊ هڻي ڇڏيا آهن... جيڪڏهن اهي مسجدون آهن ته هڪ مسلڪ جا ماڻهو ٻي مسلڪ جي مسجد ۾ نماز ڇو نٿا پڙهن؟“ آئون پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اهڙي مسجد اڏڻ ٿو چاهيان جيڪا مسلڪن جي ڇاپ کان آجي هجي. جنهن ۾ نماز پڙهندڙ فقط مسلمان سڏرائڻ پسند ڪن. اتي ڪنهن به مسلڪ جا ماڻهو اچي نماز پڙهي سگهن. اتي خطبو نه جاندار هجي ۽ نه ئي ڪنهن جي دل ڏکوئڻ جهڙا اجتماع ڪوٺايا وڃن. ان مرڪز مان ڳوٺ ڳوٺ، پاڙي پاڙي ۾ مسلمانن جي ٻڌي ۽ اسلامي سڇاڻپ جو پرچار ڪيو وڃي. اها مسجد شعائر اسلامي جي اها جيئري علامت جو پتو ڏيندي هجي. جيڪا اسان جي شروعاتي مسلمانن جي خبر ڏيندي هجي. جيڪا قديم کان قديم، صدي کان صدي، انهن چوڏهن سؤ سالن جي قديم اسلامي دور جو روشن حال هجي، جنهن جو درس اسان جي مذهب ڏنو هو.“
    دوست خاموش ويٺا رهيا. هن پنهنجي ڳالهه ختم ڪرڻ سان گڏ ئي پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ مرڪڻ لڳو.
    هن پنهنجي خواهش جي پورائي لاءِ پنجن سالن تائين سخت محنت ڪري، پنهنجي ميڙي چونڊي مان مسجد جي لاءِ هڪ ايڪڙ زمين خريد ڪئي ۽ اتي هڪ بورڊ هڻي ڇڏيو، جنهن تي لکيل هو ”مسجد عهد اسلام“ زير تعمير آهي. ڪجهه ماڻهن فنڊ ڏيڻ جي لاءِ هن سان ملاقات ڪئي ۽ ملاقات جي دوران هنن مسلڪ جي ڳالهه ڇيڙي ته عبدالله سڌو سادو جواب ڏنو ته اها مسجد ”عهد اسلامي دور“ جي ياد ۾ اڏرائي پئي وڃي، هتي فرقي واريت جو ڪو به عمل دخل ڪونهي.
    اهو ٻُڌي بزرگ شخص پنهنجي ڀر ۾ ويٺل پنهنجي هم عمر شخص ڏانهن حيرت مان ڏسندي اک جي اشاري سان اٿڻ جي لاءِ چيو ۽ هو وڌيڪ بنا ڪڇڻ پڇڻ جي هليا ويا.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڀرواري ڳوٺ مان ڪجهه همراهه آيا، اهو مسلڪ اڃا ڳوٺ ۾ هاڻ پهتو هو. هو مسلڪن جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. جنهن تي هن جي دل ۾ ٿورو همدردي جو جذبو مس پيدا ٿيو ته هنن پاڻ کي غير مقلد چئي پنهنجو مسلڪ نه ٻڌائيندي به پنهنجو مسلڪ ظاهر ڪري ڇڏيو... هو پنهنجي عقيدي جي مسجد جو سائن بورڊ هڻڻ تي لکين روپين جي فنڊ جو يقين ڏياري رهيا هئا.
    پر عبدالله پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ساڻس هر عقيدي ۽ مسلڪ وارن ماڻهن جي ملاقاتين جي هڪ ڊگهي فهرست آهي.
    ان کان پوءِ ساڻس ويجهي علائقي جو هڪ چوڌري ملڻ جي لاءِ آيو. هن جي راءِ موجب چوڌري بهادر شير ولي تمام وڏو چوڌري ٿي گذريو هو، تنهنڪري اهو وڌيڪ مناسب رهندو ته مسجد جو نالو هُن جي نالي پٺيان رکيو وڃي، ائين چوڌري ڪٽنب جا ماڻهو ان مسجد ۾ وڏي انگ ۾ نماز پڙهڻ جي لاءِ ايندا. ائين الله جو گهر به آباد رهندو ۽ مسجد جي اڏاوت جي لاءِ چوڌري بهادر شير علي جي وصيت موجب ڏهه لک روپيا ڏنا ويندا.
    پر عبدالله صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ان انڪار تي چوڌري برادري جي ناراضگي فطري ڳالهه هئي. هڪ ٻن هفتن کانپوءِ راجا برادريءَ ۽ ملڪ برادريءَ به پنهنجون پنهنجون خدمتون آڇيون. مسلڪن ۽ برادري ازم جي بنيادن تي مسجد قائم نه ڪرڻ سبب ڀر پاسي جي پاڙن، خاص ڪري چوڪن، هوٽلن، مسجدن ايتريقدر جو موتي فوتي ۽ شادي مراديءَ واري گهرن ۾ به ”مسجد اسلامي دور“ بحث هيٺ هئي. ماڻهن برملا چوڻ شروع ڪيو ته هن مسجد ۾ ڪير نماز پڙهندو؟
    ڪجهه ماڻهو فتوائون ڏيندي چوندا هئا ”اتي نماز ٿيندي ئي ڪو نه.“
    ڪجهه ماڻهو وري کيس پاڳل، چريو، ڀُليل ۽ گمراهه ٿيل سمجهندا هئا. ڪن مٿس معتزله نه ... ڪن وري خارجي هئڻ جون فتوائون ڏيڻ شروع ڪيون. اهي سڀئي زباني فتوائون ۽ گومگو جي ڪيفيت جا تير سهندي کيس لڳ ڀڳ ڏهه سال اچي ٿيا هئا. چوڌاري چؤٻول هو ته عبدالله جي عمر پنجاهه سالن کان مٿي ٿي چڪي آهي ۽ هو پنهنجي رٿا کي اڌ ۾ ڇڏي ئي مري ويندو ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد اتي گهوڙن جو طنبيلو ٺاهيندو.
    دياندار ۽ ديندار هڪ زبان ۽ هڪ آواز هئا.
    هن جي سوچ ۽ رٿا نيٺ رنگ لاٿو ۽ ڪجهه ئي عرصي ۾ هن پنهنجي ذاتي پئسن مان سيمنٽ ۽ ريتي خريدي بلاڪ ٺهرائڻ شروع ڪيا. ڏسندي ڏسندي هڪ نهايت سهڻي ۽ قديم دور جي عڪاسي ڪندڙ عاليشان مسجد جي اڏاوت شروع ٿي ويئي.
    ماڻهو ان اڏجندڙ مسجد کي ائين ڏسڻ ايندا هئا، ڄڻ اهو ڪو عجوبو هجي يا مسلمانن جي آباديءَ ۾ ڪنهن ٻي مذهب جي عبادت گاهه زبردستي اڏجي رهي هجي. مسجد جي سونهن ۽ سجاوٽ جي لاءِ خوبصورت ٽائلز ۽ شيشي جي ملمع ڪاري ۽ قرآني آيتن جا جڙيل خوبصورت ٽائلز مسجد جي مکيه دروازي ۽ سامهون واري حصي تي هنيا ويا. هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ دلڪش ۽ خوبصورت پٿرن جي امتزاج سان جڙندڙ مسجد کي آخري شڪل ڏني ويئي ۽ بجلي جي جهالرن سان مسجد کي سجائي باقاعده اعلان ڪيو ويو ته ”سڀاڻي جمع جي ڏينهن، جمع جي نماز کانپوءِ درس قرآن سان گڏ نمازين ۾ لنگر به ورهايو ويندو. فرقيواريت کان مٿانهان ٿي مسلم اُمت هئڻ جو ثبوت ڏيو ۽ خدا جا ٻانها بنجي وڃو. الله جي گهر م هرگروهه ۽ هر مسلڪ جا ماڻهو ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلڻ جو عملي ثبوت ڏيو. الدعي الخير خادم المسلمين عبدالله.“
    هو وچين نماز مهل خوبصورت ٿڌي ٽائلز واري فرش تي مصلي کانسواءِ نماز پڙهڻ کانپوءِ ”سوره العصر“ جي تلاوت ڪند روئي پيو. هن مسلمانن جي اتحاد ۽ ٻڌي سان گڏوگڏ انهن جي عظمت جي بلنديءَ جي لاءِ الله جي بارگاه ۾ ٻاڏائي دعائون گهريون.
    اڄ مسجد مقفل هئي. هن کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو. ڏسڻ واري فقط الله جي هڪ ذات هئي وحده لاشريڪ.
    هو سُمهاڻي مهل گهر موٽي ويو.
    ان ڏينهن هڪ عظيم خوشيءَ جي لهر هن جي رات جي ننڊ ئي اڏائي ڇڏي هئي. هن کليل اکين سان الل وهاڻيءَ جڏهن ٻانگي جي صدا، ”الصلواه خير من النوم“ ٻڌي ته هو مسجد روانو ٿي ويو.
    فجر جي نماز پڙهي هو گهر موٽيو ۽ اچڻ سان ئي جمعي جي نماز جي تياري شروع ڪري ڇڏيائين. ڏيهاڙي تي گهرايل مزدورن کانسواءِ مسجد جي صفائي جي بندوبست ۾ ٻيو ڪنهن جو به ڪو هٿ نه هو. جمعي جي نماز جي لاءِ ٻانگ ڏني ويئي. عبدالله خطبو اردو زبان ۾ ڏيڻ شروع ڪيو. لائوڊ اسپيڪر جو آواز ڌيمو هو، جيڪو مسجد کان ٻاهر نه پي ويو. مسجد ۾ مزدورن کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو ۽ نه وري ڪنهن نمازيءَ مسجد طرف رخ ڪيو. پاڙي جي سڀني مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن جا منهن ”مسجد اسلامي دؤر“ ڏانهن ڪيا ويا هئا. هن جو خطبو ٻڌڻ ته پنهنجي جاءِ تي، انهن جي آوازن ڪن ٿي ڦاريا.
    لڳ ڀڳ ستن مسجدن جا عالم، جنهن ۾ هر فرقي جا عالم هئا ان ڳالهه تي سهمت هئا ته هو گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه ڪري، مسلڪن جي خلاف ڪوڙبدوڙ بڪي، مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ٿو چاهي. ائين مسلمان فرقن ۾ ورهائجي ويندا. جيڪڏهن هو ڪامياب ٿيو ته هر مسلڪ جا ماڻهو نمازون پڙهڻ لڳندا. هو ماڻهن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي مسلڪن کان هٽائي مسلمان سڏرائڻ تي ضد ٻڌيو بيٺو آهي، جيڪا سراسر گمراهي آهي.
    مسجدن جي لائوڊ اسپيڪرن مان انهن مسجدن جي مولوين جي دڙ داڦ ۽ طعني زني وارن خنجرن جا رعبدار دڙڪا جاري هئا. ثبوتن ۽ مدلل ڪن ڦاڙ دعوائن کانپوءِ مولوي مناظري لاءِ للڪاريندا تقريرون ڪري رهيا هئا. هڪ مُلئين ته ائين به چئي ڏنو ته، ”هو ٻير جي وڻ جي ٻرندڙ باهه ۾ اسان سان ٽپ ڏيئي ڏسي جيڪو حق تي هوندو اهو سڙڻ کان بچي ويندو. مُلن جي ڪاڪڙن مان نڪتل آواز فضا ۾ ٻرائجي رهيا هئا.
    هر مسجد مان نمازين جي زوردار مخالفاڻي نعري بازي جاري هئي، جو ان دوران ڪي مٿي ڦريل همراه هٿيارن پنهوارن سان ”مسجد اسلامي دور“ ۾ گهڙي آيا ۽ عبدالله کي ڌڪا ڏيئي مسجد مان ٻاهر ڪڍي مسجد تي قبضو ڪري ورتائون. عدالت کان ديواني دعويٰ جي ذريعي مسجد جي ملڪيت جي لاءِ اسٽي آرڊر وٺي، دعويٰ جي پيروي به شروع ڪري ڇڏيائون هو اُٿي ڀڳو. ڪجهه ماڻهن هن جو پيڇو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. کيس ڪنهن ٻي مسجد ۾ پناهه ڏيڻ ڪبيري گناهه سان گڏ دين ۽ مذهب کان بعاوت قرار ڏنو ويو. هو مصلو ڪلهي تي رکيو ڊوڙندو ڊوڙندو هڪ ڪليسا ۾ گهڙي ويو. هن پادريءَ جي اجازت سان ڪليسا جي اڱڻ ۾ گلن جي ٻارين جي وچ ۾ ڇٻر تي مصلو وڇائي نماز پڙهي. آسمان تي ڪڪر ڇانئجڻ جي ڪري چوڌاري اونداهي پکڙجي ويئي.
    اوچتو ڪليسا جو دروازو زور زور سان کرڪڻ لڳو. هن دروازو کوليو ته زمين، سج جي چوڌاري ڦرڻ جي بدران بيهي رهي ۽ آسمان تيزي سان زمين جي چوڌاري ڦرندو نظر اچڻ لڳو. هن جي اکين جي اڳيان اونداهي ڇانئجي ويئي. ڪڪرن جي پويان وڄ کڙڻ سان گڏ هڪ زوردار ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ گڏوگڏ واچوڙو ۽ طوفاني بارش شروع ٿي ويئي.
    گيٽ جي ٻاهران هر فرقي جا باريش ۽ سفيد پوش هٿن ۾ ڏنڊا کڻيو هڪ قطار ۾ بيٺا، مرتد مرتد جا زوردار نعرا هڻي رهيا هئا. هاڻ هنن جي وچ ۾ فرقن جو ڪو به اختلاف نه هو. هو سڀ متحد هئا، پر فقط ان ڳالهه تي ته عبدالله تي حملو جائز آهي. هو ڏنڊا لهرائيندا هن تي ڪاهي پيا ۽ هو انهن جي ڏندن جي ڌڪن جي سَٽ نه سهندي غش کائي پٽ تي ڪري پيو.


    پير سائين

    حسن عليءَ جو پيءُ ويهه ورهيه اڳ ڪشمير جي علائقي ”باغ“ مان روزگار سانگي لڏي اچي راولپنڊيءَ ۾ رهيو هو. جتي هو محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجن ٻارن جو پيٽ پاليندو هو. هن جي خواهش هئي ته کيس ڪنهن پير جي آستاني تان ڪو اهڙو تعويذ ملي وڃي جنهن جي برڪت سان رات وچ ۾ ئي گهر ۾ پئسن جو مينهن وسي وڃي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو رات ڏينهن آستانا بدلائيندو رهندو هو. هر آستاني تي صدا هڻندو تعويذ آزمائيندو ۽ دم ڪرائيندو ويندو هو. هڪ پاسي هو ڪجهه پئسن جي اميد ۾ تعويذ وٺندو هو ته ٻي پاسي کيس نظر ۽ نياز جي لاءِ ڪجهه عطيو به ڪرڻون پوندو هو. سلسلو ائين ئي هلندو رهيو. هن جي گهر ۾ پئسن جي ريل ڇيل ته نه ٿيڻ لڳي، البت جڏهن هو به هو ججهي محنت ڪندو هو، يا کيس سٺو ڪم ملندو هو ته وٽس چار ڏوڪڙ سَرس اچي ويندا هئا. جنهن کي هو تعويذن جي برڪت سمجهندو هو ۽ سندس تعويذن تي ايمان پختو ٿيندو ويو.
    تنگي جي ڏينهن کان سُٺن ڏينهن جو اهو سفر نه کٽندڙ نظر اچي رهيو هو. ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن سندس پُٽ حسن علي جوان ٿيو ته هو به پنهنجي پيءَ جي اثر ۾ روحاني شخصيتن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسجڻ لڳو. هن جي اها دلچسپي رڳو تعويذن يا دم جي ڦوڪن تائين نه رهي، پر هن جي روحانيت سان ڏينهون ڏينهن دلچسپي گهري ٿيندي ويئي. هو جتي به ويندو هو، کيس پيرن جي قربت حاصل ٿيندي هئي. ائين هو ان سڄي ماحول جو مشاهدو ڪندو رهيو. کيس هڪ فئڪٽريءَ ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي ويئي هئي.
    هو پيرن جي گهرن کان وٺي لنگر خانن ۽ سندن پري پري جي دورن تي ساڻن خصوصي معاون طور ڊيوٽي انجام ڏيندو هو. ائين کيس پيرن کي ملندڙ ججهي نذر ۽ نياز جو به اندازو ٿيندو ويو. اهو ڏسي هن جي دل ۾ اهو خيال پختو ٿيندو ويو ته مستقل ۾ هو به ڪنهن پير جو خليفو بنجي وڃي ۽ ائين بهترين روزي رزق جو سلسلو هلڻ لڳي.
    پير صاحب جي صاحبزادي جو چوڻ هو ته کيس خلافت سان نوازيو ويندو، پر پير صاحب جو چوڻ هو ته خلافت کان پوءِ هن جهڙي محنتي ۽ سچي خدمتگار شخص جو ٻيهر ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    هڪ ڏينهن پير صاحب جي آستاني تي ويٺي سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. ماڻهو هڪٻئي جي پويان ايندا پي ويا. هنن جنهن قسم جي دعا ٿي ڪرائي ته نذر ۽ نياز به ان حساب سان ٿي ڏنو. جن کي روزگار گهربل هو تن پنج سؤ روپين تائين ۽ جن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار يا ڪاروبار جا مسئلا درپيش هئا، تن وري هزارن ۾ رقم جو نذرانو ٿي ڏنو. جن ماڻهن جي زمينن جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا هئا، تن ته ٻڪرا ۽ ڇيلا ۽ جن ماڻهن جي گهرن ۾ پير سائين جي دعا سان پُٽاڻون اولاد ٿيو هو، اهي مينهن، ڳئون يا ڍڳو وٺي پير سائين جي آستاني تي ٻڌي ويندا هئا.
    سالياني عرس جي موقعي تي کيس محفل سماع جي لاءِ پير سائين بندوبست ڪرڻ جي لاءِ چيو. ان لاءِ پري پري کان قوال گهرايا ويا. پير سائينءَ جي آستاني تي سندس خليفن ۽ پير ڀائرن جي اچڻ جو سلسلو جاري هو. هو انتظامن مان وانڌو ٿي پير سائين جي حجري ۾ وڃي ويهي رهيو.
    پير سائين پنهنجن مريدن کي، جن ۾ زائفائون به شامل هيون، وحدت الوجود جو فلسفو سمجهائي رهيو هو. پير سائين فرمايو، ”اهو لدني علم آهي، تصوف صوف مان نڪتو آهي ۽ اصحاب صفه دراصل صوفي هئا. تصوف جي شروعات اسلام جي شروعاتي دور کان ئي ٿي ويئي هئي. ان هوندي به ماڻهو راه سلوڪ جو ماخذ قرآن ۽ سُنت کي نٿا مڃين. قرآن مجيد ۾ ان جي لاءِ لفظ ”احسان“ جو استعمال ٿيو آهي. اهي راز ۽ نياز جون ڳالهيون رڳو خاص ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.
    ... ڪائنات هڪ وجود آهي، وحدت اڄ ڪثرت ۾ جلوه گر آهي. وحدت الوجود جو فلسفو جنهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي، اهو انالحق جو نعرو مستانه ڇو نه بلند ڪري؟ هتي وصل جي لذت جو سڪون آهي. هتي ڪٿي ليليٰ، ڪٿي مجنون جي بدران، مجنون جي پڪار آهي ”انا ليليٰ“ جڏهن ذري ذري ۾ خدا جو نور آهي ته سڀني شين جي اصليت هڪ ئي آهي. هتي همه اوست جي ڳالهه صادق اچي ٿي. ان وقت خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ موجود پردا ختم ٿي وڃن ٿا. پوءِ ٻانهي تي خالق جي حقيقت آشڪار ٿئي ٿي. ان حالت تي ضبط رکڻ ئي تصوف آهي.“
    هن وڌيڪ فرمايو:
    ”فصوص الحڪم ۾ محي الدين ابن عربيءَ شرح و بسط سان ان فلسفي جي تشريح فرمائي آهي. پوءِ به ڪجهه ماڻهو ان کي ”فلسفه اوتاد“ ۽ ”فلسفه يونان“ سان جوڙين ٿا ۽ ان فلسفي جون ڪڙيون مذڪوره فلسفي سان وڃي ملائين ٿا. اهو يوناني فلاسافرن جي وس جو ڪم ڪونهي ته هو ”وحدت الوجود“ جي حقيقت بيان ڪري سگهن.
    ... وحدت الوجود دراصل ڪائنات کي هڪ ايڪائي مڃڻ جو نالو آهي. جڏهن ڪائنات هڪ ذات آهي ته ڪنهن ٻي جي موجودگيءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ڏئي. اصل ۾ شرڪ اهو آهي ته اوهين ڪائنات کي هڪ وجود مڃڻ جي بدران، پاڻ کي ان ذات جو حصو مڃڻ جي بدران، اُن ذات کان ڌار تصور ڪن.“
    اهي ڳالهيون جاري هُيون.
    ڪجهه ماڻهن تي وجد طاري ٿي ويو. هو محفل ۾ اُٿي ”انا الحق“ ۽ ”يا منصور“، حق منور جا زوردار نعرا هڻندا، پٽ تي لٿيڙيون پائيندا حق، حق، حق جون صدائون بلند ڪندا جهومڻ لڳا.
    گفتگو جي دوران وحدت الوجود جي واٽ تي هلندڙ مغل بادشاهه اڪبر به بحث هيٺ آيو. ان جي دين الاهي ۽ وحد الاديان جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. حسن علي پٽيل اکين سان وات بند ڪريو، ڪنهن مٽي جي بُت وانگر سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڏسندو رهيو.
    ٿوري دير کان پوءِ هو پير صاحب کان موڪل وٺي فئڪٽري روانو ٿي ويو. هو مهيني ۾ هڪ ڀيرو اُن جي آستاني تي ضرور حاضري ڏيندو هو. کيس پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ سينئر ڪلارڪ طور ترقي ملي. هاڻ هن جون حالتون ڪافي بهتر ٿي ويون هيون. هن جي دل ۾ اڃا تائين تصوف جي لڳن ۽ سلوڪ جي راهه جو راز ۽ نياز جو تجسس برقرار هو.
    هڪ ڏينهن هو دستور موجب پير سائين جي آستاني تي پهتو، جتي هڪ بزرگ ويٺو هو. پير سائين سندس تعارف ڪرائيندي چيو، ”اعليٰ حضرت هڪ مشهور گاڌيءَ جو سجاده شين آهي... عربي، اردو ۽ فارسي ته ڄڻ سندس در جي گولي ۽ ٻانهي آهي. کيس مثنوي مولانا روم، گلستان ۽ بوستان سعدي، ديوان حافظ شيرازيءَ تي وڏي دسترس آهي. سندس واسطو نقشبندي سلسلي سان آهي، جيڪو تصوف جي چئن سلسلن مان هڪ آهي ۽ ساز ۽ طبلي جي ان ۾ منع آهي. اهو تصوف جو اهو سلسلو امتيازي حيثيت ٿو رکي.“
    اهو بزرگ فرمائڻ لڳو.
    ”دراصل اسلام ۾ ساز حرام آهي. اسين قوالي ۽ طبلي کي نه مڃيندا آهيون. اسين ”وحدت الشهود“ جا داعي آهيون“.
    هن جي لاءِ اها معلومات نئين هئي.
    ان بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”حضرت مجدد الف ثانيءَ وحدت الوجود جي ضد ۾ وحدت الشهود پيش ڪيو هو. ان وقت اڪبر بادشاهه وحدت الوجود تحت همه اوست جي ڪري گمراهه ٿي چڪو هو. هتي خدا خالق ۽ ٻانهون مخلوق، خدا مطلوب ۽ ٻانهون طالب، هتي وصل جي سڪون ۽ انالحق جي نعري جي بدران لذت جي طلب جي فضا قائم ڪئي ويئي. هڪ ڀيرو ٻيهر گناهه ۽ ثواب جو نظريو سُٺي نموني سامهون آندو ويو. جنت ۽ دوزخ جي اهميت بيان ڪئي وئي. هي اهو فلسفو هو، جنهن سان ”حواليه ثالثه“ سان گڏوگڏ زميني ۽ آسمان جي هر شيءِ جو سرجڻهار خدا جي ذات کي ثابت ڪيو ويو هو. ان فلسفي موجب صوفين جي اندر مجذوبانه ڪيفيت ۾ غرق ٿيڻ جي بدران درد بيدار ڪيو ويو هو.“
    هو حيرت ۾ ان بزرگ صوفي جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. پوءِ هو پنهنجي مرشد جي دست بوسي ڪري روانو ٿي ويو. ان دوران هو ڪڏهن وحدت الوجود ته ڪڏهن وحدت الشهود جي علمي پهلوئن تي سوچيندو، پنهنجي منزل جو تعين ڪندو اچي گهر پهتو.
    کيس پنهنجي پير صاحب جي چاڪري ڪندي اچي ٻارهن سال ٿيا، پر پير صاحب سندس ڪنهن به قسم جي خلافت جو اعلان نه ڪيو، جڏهن ته کانئس پوءِ ايندڙ مريد خلافت ملڻ کانپوءِ پنهنجن پنهنجن آستانن تي عوام کي روحاني فيض ۽ برڪتن سان نوازي رهيا هئا.
    کيس هڪ اٽڪل سُجهي.
    هو اتان لڏي هڪ اهڙي علائقي ۾ هليو ويو، جتي سندس ڄاڻ سُڃاڻ نه هئڻ جي برابر هئي. هن اتي هڪ ننڍي گهر ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ والدين سان گڏ رهڻ شروع ڪيو. اتي هو پنهنجو تعارف ڪرائيندي چوندو هو. ”منهنجو پورو نالو حسن علي شاهه آهي ۽ اسين ستن پيڙهين کان پاڪستان جي مشهور آستانن جا مجاور رهي چڪا آهيون. اسين پنهنجي پير سائين جي حڪمتي هن شهر ۾ لڏي آيا آهيون نه ته اسان جي وڏڙن جا آستانه اڃا به عوام جي فيض ۽ برڪت جو باعث آهن“
    هن جي ڳلن جي ڳاڙهاڻ، نوراني چهرو، سهڻي ڏاڙهي، ڪلهن تائين لڙڪيل وڏا وار، مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ رنگا رنگي گلوبند، اڇو ڊگهو ڪرتو، ٿورو سوڙهو پاجامو، هٿ ۾ عاڄ جي موتين جي وڏي تسبيح، ڳالهيون گهٽ، سبحان الله، ماشا الله ۽ جزاڪ الله جي لفظن جو گهڻو ورجاءُ هوندو هو.
    هو ملڻ جي لاءِ ايندڙ هر شخص جو هٿ چمي پنهنجي سيني تي رکندو هو. سندس ان رويي سبب ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته هو پهرين سندس هٿ چُمن. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس ماڻهن جا هٿ چمڻ جي گهرج نه رهي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ درزي، جنهن جو ڪم لودشيڊنگ سبب نه هئڻ جي برابر وڃي بچيو هو ۽ مختلف پيرن، فقيرن کان تعويذ وٺڻ جي باوجود به پاڻ تي ڪارو جادو ڪرائيندڙ ۽ ڪم جي بندش وجهرائڻ وارن کي پٽيندو رهندو هو ۽ پير علي حسن شاهه جي پاڙي ۾ هئڻ جي ڪري کانئس هڪ رزق ۾ برڪت جو تعويذ ورتائين. پير علي حسن شاهه کيس تعويز ڏيڻ سان گڏ پنهنجي گهر جي جنريٽر مان تار به جوڙي ڏني هئي. بس پوءِ ڇا؟ ان درزي جي لئه ٿي ويئي، وقت تي ڪم ڏيڻ سبب گراهڪ کانئس مطمئن رهڻ لڳا ۽ ڪم سٺو هلڻ لڳو، هن وٺي پير حسن علي شاهه جي ڪرامتن جو زور شور سان ڍنڍورو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ان سان گڏ، سائي ڪاري ۽ پيلي رنگ جي جهنڊين سان پير حسن علي شاهه جي گهر جي ڇتي سينگاري ڇڏيو ۽ هڪ بينر به لکرائي ٻاهر لڳرائي ڇڏيو. جنهن تي پير صاحب جا لقب وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هئا. پاڙي جي ماين پنهنجن مڙسن کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ جي لاءِ کانئس تعويذ وٺن شروع ڪيا.
    حسن علي وڏو تجربيڪار هو. هن تعويز ڏيڻ سان گڏ اها به هدايت ڪرڻ شروع ڪئي ته جڏهن به گهر ۾ جهيڙي جهٽي جي نوبت اچي ته زالون جواب ڏين جي بدران تعويذ ڏندن جي وچ ۾ رکي زور سان دٻائي چپ ٿي وڃن، جنهن تي مڙس مجبور ٿي جهيڙو ختم ڪري ڇڏيندا هئا. انهن تعويزن جي برڪت سان گهرن ۾ امن ۽ سڪون ٿي ويو.
    گهرن ۾ سڪون ڏسي زالن پنهنجن پنهنجن مڙسن کي پير صاحب جي ڪرامتن جي باري ۾ ٻُڌائڻ شروع ڪيو. ائين پير صاحب سان حالتن ۽ زالن جي ستايل مڙسن به رجوع ڪرڻ شروع ڪيو. پير صاحب هر مهيني باقاعدگيءَ سان يارهينءَ جي محفل جو بندوبست به شروع ڪري ڏنو. ماڻهن جي آمد به وڌندي ويئي. ڪجهه ئي مهينن ۾ پير صاحب سستي اگهه تي ڪجهه ايڪڙ زمين خريدي ان تي ڪجهه ڪمرا اڏرائي، ان کي آستانه عاليه جو درجو ڏنو ۽ تصوف جي مختلف سلسلن جا نالا تفصيل سان لکي اتي وڏا وڏا بورڊ هڻي ڇڏيا.
    هاڻ اتي سالياني عرس ۽ هر جمع جي رات جو ذڪر جي محفل به ٿيڻ لڳي. هوريان هوريان پير حسن علي شاهه جي شهرت چئي ڏسائن پکڙجي ويئي. سندس ننڍپڻ جون خواهشون پوريون ٿيڻ شروع ٿيون. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس پيءُ گذاري ويو ته هن پنهنجي پيءُ جي قبر جي مٿان قبو اڏرائي، پنهنجي تصوف جي سلسلي جي سڀني لوازمات کي بهترين شڪل ۾ دنيا جي سامهون پيش ڪري نه رڳو داد ۽ تحسين حاصل ڪئي، پر روحانيت جي ان مرڪز کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ مشهوري پڻ ملڻ شروع ٿي.
    حسن علي شاهه پنهنجي پير سائين جي محفل ۽ صحبت مان ڪيترائي گُر سکيا هئا. جيڪي اڄ کيس ٻيڻي ۽ ٽيڻي ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا. هن جي آستاني تي نذر ۽ نياز جو سلسلو به جاري هو. هاڻ چؤ ڏس سندس ڪرامتن جي ڪرشمن جي هاڪَ ۽ سندس پيءُ جي مزار تي قوالين جي سُر تي مست قلندرانه ڌمال جو سلسلو جاري هو.
    ڪو باسون پوريون ٿيڻ تي پير صاحب کي ڪامل پير چوندو هو ته ڪو نوڪري ملڻ تي خوش هو، پير صاحب پُٽاڻي اولاد جا تعويذ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ملڪ جي ”ڪنڊ ڪڙڇ“ ۾ مشهور ٿي ويو. هر ايندڙ کيس پٽاڻي اولاد جو تعويذ ڏيڻ جي ڪاميابي تي دل گهريو نذر ۽ نياز وصول ڪندو هو ۽ ناڪامي جي صورت ۾ جيڪا رب جي رضا چئي پاڻ کي آجو قرار ڏيئي ڇڏيندو هو.
    هاڻ کيس ٻاهرين ملڪن مان ڪجهه مريد وزٽ ويزائون ۽ عمري جون ٽڪيٽون پيش ڪندا هئا. ائين هن ڪجهه ملڪن جا دورا به ڪري ورتا. هڪ پرڻيل جوڙي ۽ ڇهن ڌيئرن جي مٿان پٽ ڄمڻ تي کيس حج جي ٽڪيٽ جي سوکڙي ڏني ۽ هو حج به ڪري آيو، پير صاحب نماز جي مهل به محفل سجائي ويٺو هوندو هو ۽ سندس مريد چوندا هئا ته پير صاحب هر نماز مسجد نبويءَ ۾ وڃي پڙهندو آهي... هونئن ته پير صاحب راولپنڊي به بس ۾ ويندو هو. پر پنجن وقتن جي نماز پڙهڻ جي لاءِ بنا ڪنهن سفري سهوليتن جي مديني پهچي ويندو هو.
    هڪ ڏينهن هڪ همراهه پراڊو گاڏي تي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. دست بيعت کانپوءِ نذراني طور آستاني لاءِ پنجاهه هزار نذرانو ڏيئي موڪلائي هليو ويو. ڪجهه هفتن کان پوءِ اهو ئي همراهه جمعي جي نماز پير صاحب جي آستاني تي پڙهڻ کانپوءِ هڪ لک روپيا نذرانو ڏيئي روانو ٿيڻ لڳو ته پير کانئس ڌنڌي روزگار بابت پڇا ڪئي، پر ان مريد وڌيڪ تفصيل ڏيڻ جي بدران دعا جي التجا ڪندي چيو ته جيڪڏهن هڪ مهيني جي اندر منهنجو ڪم ٿي ويو ته آئون اوهان جي آستاني لاءِ پنج لک روپيا نذر ڏيندس. ان سان گڏ هو موڪل گهري روانو ٿي ويو.
    هڪ مهيني کانپوءِ هو ٻيهر خدمت ۾ حاضر ٿيو ته پير صاحب لنگر مان ماني گهرائڻ جي بدران مانيءَ جو ڌار بندوبست ڪرايو ۽ سُٺي سنڌي برياني، ڪڙهائي، ڀڳل گوشت ۽ کاڌي جي ٻين شين جو بندوبست ڪرايو.
    ان دعوت ۾ ڪجهه خاص مريدن به شرڪت ڪئي. ماني کائڻ کانپوءِ هن خاص مريدن جي سامهون پنج لک روپيا آستاني جي لاءِ نذر ڪري ڏيڻ چاهيو ته پير صاحب جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو ۽ هن کانئس سندس ڪاروبار جي باري ۾ ڪجهه سوال پڇيا. پر هو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندو رهيو. جڏهن موڪل گهري ته هن پير صاحب جي چهري تي ناراضگي جا آثار ڏسي چيو، ”آئون ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن موڪليندو آهيان.“
    ”بس ڌڻي جا ڪرم آهن. ڪم سٺو پيو هلي... اوهان جي دعا سان منهنجي ڪم کي چار چنڊ لڳي ويا آهن. اوهين دعا ڪريو ته منهنجو ڪم ائين ئي هلندو رهي ته آئون آستاني شريف جي لاءِ پنهنجي آمدني جو مخصوص حصو ادا ڪندو رهندس.“
    پير صاحب کيس اڄ رات اتي ئي ٽڪڻ جي لاءِ چيو! پر هن سڀاڻي اچڻ جو وعدو ڪري موڪلائي ويو. هاڻ پير حسن علي جي ذهن ۾ دولت جا ڍڳ ۽ پنهنجي حصي جي حصول جا خواب اچڻ لڳا. ٻي ڏينهن هن جي اچڻ تي پير صاحب کانئس هر ملڪ جي ويزائن، ڪم ۽ ڪاروبار جي نوعيت جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري هڪ ڊائري ۾ نوٽ ڪري ورتي. هن پير صاحب کي ففٽي ففٽي جي ڀائيواريءَ تي راضي ڪري ورتو. ضروري ڪاغذن پاسپورٽ ۽ تصويرن سان گڏ اڌ رقم جي اڳواٽ وصولي تي هنن جي وچ ۾ ڪاروباري ڀائيواري جو زباني معاهدو طئي ٿيو.
    پير حسن علي شاهه جي عقيدتمندن ۾ اها ڳالهه جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويئي. ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه ئي هفتن جي اندر پنجاهه جي لڳ ڀڳ پاسپورٽ ۽ ڏيڍ ڪروڙ روپيا گڏ ٿي ويا، پير صاحب هاڻ لاهور جي پوش علائقي ۾ پنهنجي آستاني جي منتقلي جا خواب سجائي ورتا.
    وعدي موجب اهو شخص ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آيو ۽ پاسپورٽ ۽ رقم کڻي روانو ٿي ويو. ان سان گڏ پير صاحب کي نفعي مان اڳواٽ ڏهه لک روپيا به ادا ڪري ويو. ڪجهه ڏينهن تائين هو هڪٻئي سان رابطي ۾ رهيا. ان دوران پير صاحب ڏيڍ ڪروڙ روپيا ۽ پاسپورٽ ان جي حوالي ڪري ڇڏيا.
    هڪ ڏينهن پير صاحب محفل سجائي ويٺو هو ته هڪ عورت روئندي ۽ رڙندي آئي ۽ چوڻ لڳي، ”پير سائين يا ته رقم واپس ڪريو يا منهنجي ٻچي کي جلد ٻاهر موڪليو.“ پير صاحب پنهنجي کيسي مان موبائيل ڪڍي ۽ ان شخص جو نمبر ملايو، پر ان جو نمبر بند هو ۽ ائين ان جو نمبر لڳاتار بند ٿي رهيو. ائين ڪيترائي هفتا گذري ويا، پر ان همراهه جو ڪو به اتو پتو نه مليو.
    هاڻ پير صاحب کي رقم جي دعويدارن ڏينهن رات تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پي آيو ته ڇا ڪري، ان پريشانيءَ جي حالت ۾ هڪ ڏينهن هو ڀڻڪيو،“ پيري مريدي جنهن کي آئون آسان سمجهي رهيو هئس... پر اهو ته ڪو ايڏو سولو ڪم ڪونهي...“
    هاڻ هو ڪيڏانهن وڃي... کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه پي آيو.
    هڪ ڏينهن پير صاحب نه چاهيندي به گهر کان ٻاهر نڪرڻ لڳو. جو اوچتو سندس جسم جي کاٻي پاسي دل وٽ پهرين هلڪو سور محسوس ٿيو ۽ پوءِ اهو سور وڌندو ويو... ۽ ان سور سبب پير صاحب اچي پَٽ تي ڦهڪو ڪيو.
    پير صاحب دل جي شديد دوري سبب گذاري ويو.


    بُک

    شهر ۾ ويراني ڇانيل هئي. دڪاندار پنهنجن پنهنجن دوڪانن جي ٻاهر سامان رکيو گراهڪن جي اوسيئڙي ۾ هئا. شهر ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ ڄن ته ختم ٿي چڪو هو. هوا جا گرم جهونڪا سڄي شهر جا ردي ڪاغذ، ڪک، پن ۽ مٽي اُڏائي،. رڙيون ڪندي گهٽين ۾ ناچ نچي رهيا هئا. ڏڪار ۽ سوڪهڙي، ڀاءُ کي ڀاءُ جو ويري بنائي ڇڏيو هو. چوري ۽ ڦرون عام ٿي چڪيون هيون.
    آسپاس ۾ نااميدي ۽ مايوسيءَ اچي پنهنجا خيما کوڙيا هئا. بُک سبب اڻ سَهپ، جهيڙو جهٽو ۽ ڪينو ڪدورت پنهنجي عروج تي هو. ماڻهن بک جي ختم ٿيڻ تائين محبت، ڀائيچاري ۽ انساني همدرديءَ کي ڄڻ خدا حافظ چئي ڇڏيو هو.
    بُک ۽ غربت کان بيزار ٿيل ماڻهون سڙيل، ڦٿل ۽ خراب ٿيل ميوا ۽ ڪچيون ڀاڄيون، بچيل سَچيل سُڪل ماني جا ٽڪرا پاڻي ۾ پُسائي ٿي کاڌا. زمين هنڌ هنڌ تان ڦاٽي پئي هئي. اها ڄن صدين کان اُڃايل ۽ ٺوٺ لڳي رهي هئي.
    پکي ۽ جانور، هانڀارو هڻندي، تيز اُس کان پناهه ٿي گهري. ساوڪ جو نالو ۽ نيشان به نه هو. چؤڏس سُڪل گاهه ۽ پتا انسانن ۽ جانورن جو مقدر بنجي چڪا هئا. ۽ اهي ئي بک ۾ سندن غذا هئا.
    آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ٿي ويا، چوڌاري مينهن پوڻ جا امڪان ٿيڻ ٿي لڳا، ماڻهن جون آسون جڳڻ تي لڳيون ۽ هو دعائون ڪرڻ ٿي لڳا. شهر، پاڙن ۾ ڪڪرن سبب سج انهن جي پويان لڪي ٿي ويو... جو اوچتو ئي اوچتو تيز هوائن انهن کي ٽيڙي پکيڙي ٿي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گرم سج انسانن کي پنهنجي ڪاوڙ کي تپش ڏيکاريندي آسمان اميد تي اڪيلو ٿي ويٺو هو.
    شهر ته شهر، ڳوٺ ۽ وسنديون ويران ٿينديون نظر اچي رهيون هيون. آسودگي ۽ خوشحالي دم ٽوڙيندي نظر اچي رهي هئي. ماڻهن تي حسرت ۽ نااميديءَ جا پاڇا گهرا پي ويا. ماڻهن جون دليون اونداهيون ٿي چڪيون هيون. سجاڳيءَ جو نالو نشان نظر نه پي آيو. ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيا. ”ڏڪاريل وستين ۾ اسان کي وري به خوشحاليءَ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ اڇن وارن واري هڪ جهوني شخص پنهنجي ٽوپي مٿي تان لاهيندي چيو.
    ”ڇو نه؟“
    ”اسين سڀ ڪوشش ڪريون ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.“
    ”ڇا ٿيندو؟“
    ”آسمان مينهن وسائيندو، پوک ٿيندي، ڦلدار وڻ ميوو ڏيندا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿينديون.“
    ”پر انهيءَ ۾ ته گهڻو وقت لڳندو... تيستائين ته ماڻهو مري چڪا هوندا.“
    ”اسين بيزار ٿي پيا آهيون.“
    ”انسانن جا پڃرا ائين نظر پيا اچن. ڄڻ اُم الصبيان جا مريض هجن“.
    هڏين جا پڃرا.
    انساني مهانڊا نڪتل هڏين سبب پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي چڪا آهن.
    هان ته ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪن جو پاڻي به سُڪي چڪو آهي.
    فريادي پنهنجي هيئت ۽ منهن مهاندي مان مايوس پيو نظر اچي.
    ٻار اُڃ جي سختيءَ سبب روئڻ جي سگهه به وڃائي ويٺا آهن.
    چهرن مان ڏند ائين اُڀري آيا آهن، ڄڻ کلندڙ ۽ روئندڙن جون شڪليون هڪجهڙيون هجن.
    پوءِ
    دعا ڪريو ته زمين تي من سلويٰ وسي.
    اسين چونڊي وٺنداسين.
    ناشڪري ڪو نه ڪنداسين.
    بصر ۽ ٿوم پوکڻ جي ڪڏهن به خواهش نه ورجائينداسين.
    هڪ ڪاري رنگ جي پوڙهي مائي، هيڻن هڏن ۽ جسم سان، ڪرندي ٿڙندي، سهارو وٺندي، ڪنهن مهل ويهي سُرڻ ٿي لڳي ته ڪنهن مهل اٿي بيهي ٿي رهي.“ اوهين سڀ مرد ته آهيو.. همت وارا... ناڪامي ته اوهان کان ڪوهين ڏور بيهي پناهه گهرندي هئي.. ڪاميابي اوهان جون جتيون چٽيندي نه ٿڪندي هئي.
    انسانن جي وستين تي
    عذاب جو هي طوفان ڪو بي سبب نه آيو آهي.
    ضرور اوهين هڪٻئي کان لاتعلق هئا.
    اوهان جا پيٽ ڀريل هئا ۽ غرور سبب ڪنڌ تاڻيل.
    اوهان جي اکين مان رت ٽمندو هو.
    اوهين خدا جي زمين تي آڪڙجي هلندا هئا.
    اوهان هڪٻئي تي زوري تعصب جي جنگ مڙهي ڇڏي هئي.
    علائقا ۽ خطا اوهان جي سڃاڻپ بنيا، پوءِ اوهين نظرين جي ماٿرين ۾ رستو ڀٽڪي ويا.
    هوريان هوريان، هلندي هلندي.
    اوهين هلندي بُک ۽ غربت جي ماٿرين ۾ اچي پهتا...
    ڪير چوي ٿو ڏڪا رآهي... ڪير ٿو چوي ته اناج ڪونهي،
    اوهان دنيا جي تاريخ پڙهي آهي.“
    هن رڙ ڪري چيو.
    ”دنيا ۾ هن کان اڳ به بک جي تاريخ ملي ٿي. ڏڪار ۽ سوڪهڙو ايندو رهيو آهي. انسان بُک، بيماري ۽ فاقن سبب مرندا رهيا آهن، پر هن ڀيري ائين ڪونهي. گذريل سال جيڪو ان لٿو هو. ان مان گودام ڀريا پيا آهن.
    اٿو پنهنجن گهرن ۾ ڏيئا ٻاريو،
    اونداهي ختم ڪري سُهائي پکيڙيو.
    ڏسو! سج لهي رهيو آهي، اُفق تي لڙهدنڙ شام اوهان جي بي وسيءَ تي ماتم پئي ڪري.
    ”هو سامهون باهه ڇا جي آهي؟“ هن اشارو ڪندي چيو.
    هوءَ ڏور پَري اُفق تي باهه جهڙي روشني ڪهڙي آهي.
    متان سوچيو.
    سج لهي ويو... نااميدي ڪفر آهي.
    اُٿو... شاباس اُٿو.
    صبح جي اميد جا پاڇا اوهان جي مٿان آهن... پر اوهين بُک جي هٿان انڌا ٿي چڪا آهيو. خدا اوهان کي اکيون ڏنيون، دماغ ڏنو ۽ هٿ پير ڏنا.
    هوءَ پريان
    روشني نظر اچي رهي آهي.
    اناج سان ڀريل گودامن تي تالا آهن.
    انهن جون چاٻيون ڳولهيو...
    هو پريان وڏيون وڏيون ڀتيون... انهن تي چهنبدار تارون آهن، انهن چهنبدار تارن ۾ ٻرندڙ بجلي...
    ۽ انهن ڀتين سان گڏ اهي روشني سان جڳ جڳ ڪندڙ بنگلا ۽ چؤڏس روشني.
    اُٿو غور سان ڏسو.
    هو سامهون دونهن اٿي رهيو آهي... اتي اناج جي ڪا به کوٽ ڪونهي.
    ڏڪار ڪڏهن هو؟
    هڪ افواهه هو... چوڌاري واويلا هئي.
    اوهين پکين جيان خدا تي ڀروسو رکو ٿا.
    اهو ئي آڻيو ٿا... جيڪو کائو ٿا...
    اوهان کي مصيبتن جي ڏينهن جو اُلڪو نه هو ۽ اوهان افواهن تي ڌيان نه ڌريو.... ڌريو به ڪيئن ها... اوهان وٽ ته اناج گڏ ڪرڻ جي لاءِ موڙي به نه هئي.
    اُلڪو نه ڪريو.
    منهنجي ڳالهه تي يقين ڪريو.
    هلو مون سان گڏ.
    هنن ماڙين ۽ بنگلن ۾ اوهان جي حصي جو اناج گڏ ڪيو ويو آهي.
    منهنجا ٻچڙو! اوهان جي مهاندن جي تازگي ڪيڏانهن ويئي. اوهان جا نڪ ديڳڙين جي خوشبوءِ محسوس ڪرڻ کان لاچار ڇو آهن.
    اوهان جي امڙ اڃا جيئري آهي... هوءَ روئندي چئي رهي آهي.
    هيءَ ڌرتي اوهان جي ماءُ آهي... ان وٽ اڃا گهڻو ڪجهه آهي.
    هن ڌرتيءَ تي بُک جو پاڇو آهي... هيءَ اُڃايل آهي... هن جي اُڃ اوهين هڪٻئي جا دشمن بنجي نه اُجهايو.
    اچو، مون سان گڏ ڪجهه ماڻهو سامهون بيٺا آهن... هو اناج ورهائڻ جي تياري پيا ڪن.
    اجهو اناج ورهائبو ۽ اوهين ڍءُ ڪري کائجو.
    اڄ جي رات اونداهي ضرور آهي، پر سڀاڻي تائين اونداهي ختم ٿي ويندي. پوڙهي مائي اڳيان وڌندي وڏين وڏين ماڙين ۽ بنگلن وٽ اچي بيٺي. هُن جي پويان ماڻهن جو وڏو هنجوم هلي رهيو هو.
    اناج ورهائڻ جي خبر پري پري تائين پکڙجي چڪي هئي.
    لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو.
    تمام جلد اناج ورهايو ويندو.
    قطارن ۾ ٿي بيهو.
    پر بُک جا ماريل ماڻهو هڪٻئي کي پويان ڌڪيندا اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهيا.
    پوڙهي مائي کين آرام ۽ سڪون سان اڳيان وڌڻ ۽ صبر جو درس ڏيئي رهي هئي.
    ڪافي دير کان اعلان ٿي رهيا هئا. بک جون خبرون عالمي ميڊيا تي نشر ٿيڻ ۾ باقي ڪا دير هئي.
    اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي ماڻهن جي پهچڻ تائين بک ۽ اڃ سبب تڙپندڙ ماڻهو مري رهيا هئا.
    پوڙهي مائي اناج ورهائجڻ جو اشارو ڪري رهي هئي.
    ماڻهو پنهنجي واري اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا ته ڪيڏي مهل ٿو اناج ورهائجي ۽ هو پيٽ ڀري کائين.
    اناج ورهائجڻ جو اوسيئڙو ڊگهو ٿيڻ لڳو... ماڻهو تڙپي تڙپي مرڻ لڳا... ٻارڙا اُڃ ۽ بک سبب ٿرڙيون هڻڻ لڳا.
    پر ڀت جي ديڳين جا منهن ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ هئا.
    ڪنهن جو اوسيئڙو،
    ڇا جو انتظار...
    ورهائي ڇڏيو سڀ ڪجهه،
    اڃا ڇا پيا ڏسو.
    انسان آهيو... انسانن جي بُک ختم ڪريو.
    هاڻ ماڻهو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهن.
    پر هُنن جي ڪنن تي جونءَ به نه ٿي سُري هنن جا پيٽ ڀريل هئا. هنن جا مهانڊا تازا توانا هئا ۽ اکين ۾ چمڪ هئي.
    ڪنهن جو اوسيئڙو؟
    ڇا جو اوسيئڙو؟
    پهرين ته انسانيت ايتري بي وس ۽ مَڪار نه هئي جو ماڻهو روئي رهيا هجن، تڙپي رهيا هجن... بُک ۽ اُڃ سبب مري رهيا هجن ۽ ڍاول مهاندن تي ڏک نه هجي.
    اناج ڪيڏي مهل ورهائبو... باقي ڪيترو اوسيئرو ڪرڻون پوندو؟
    پوڙهي مائيءَ آڱر جي اشاري سان سڀني اڃايلن ۽ بکايلن جو ڌيان پريان ايندڙ گاڏين ڏانهن ڏياريو... جن تي ڪئمرائون ۽ ڊش لڳل هيون.
    هاڻ ماڙين ۽ بنگلن جا رهاڪو اناج ورهائيندا.
    مرڻ وارؤ! اوهان جون مائرون... اوهان جي روحن کان شرمنده آهن.
    اوهان جي ماءُ ڪمزور ۽ هيڻي آهي.
    نه ته گرهه کسي اوهان جي وات ۾ وجهي ها.
    ماڙين ۽ بنگلن جي سامهون ڪئميرائون لڳي چڪيون هيون. تصوير ڪشي شروع ٿي چڪي هئي. ميڊيا وارا اچي چڪا هئا.
    شهرت ۽ ناموري جي بُکايلن جي بُک مٽجي چڪي هئي.
    اچو! هاڻ اناج ورهائجي رهيو آهي.
    جلدي اچو... اڄ سڀ بُکيا... هن حشر جي ميدان ۾ بيهي پنهنجي بُک جو ماتم ڪندا.


    انڌو پينو

    هو اڪثر ڪري هُن جي ماءُ وٽ ويهي پنهنجو اندر اوريندو هو، ڄڻ هوءَ سندس سَڳي ماءُ هجي.
    ريشمان به کيس دعائون ڏيندي سدائين چوندي هئي، ”جنهن ڪم ۾ منهنجو پُٽ ڪاميابي ماڻي... الله ڪري تون به ان ڪم ۾ ڪاميابي حاصل ڪرينءَ... ۽ تنهنجو نالو ٿئي.“
    هوءَ ٻنهي ۾ ڪو به فرق نه سمجهندي هئي. سياري جي مند ۾ هوءَ پشم جي ڌاڳي سان هنن جي لاءِ هڪ ئي رنگ جا سويٽر، ٽوپيون ۽ گلو بند اُڻندي هئي ۽ هنن جي لاءِ جوتا ۽ ڪپڙا به هڪجهڙا خريدي ايندي هئي. جيتوڻيڪ پئسن جي ريل ڇيل ته نه هئي، پر گهر جون حالتون سُٺيون هيون ۽ زندگيءَ جو گاڏو سُٺي نموني هلي رهيو هو. هن جي ڀيڻ به نجي ڪاليج ۾ ٿرڊ ايئر ۾ داخلا ورتي هئي... پڻهنس جي پگهار مان ڪاليج جي في، گاڏي جو خرچ ۽ گهرو ضروروتن پوريون ٿي وينديون هيون.
    عيد جو ڏينهن هو ۽ پڻهنس نديم عيد نماز جي لاءِ عيدگاهه ۾ پهتو.
    اڃا مولوي صاحب پنهنجو خطبو مَس شروع ڪيو هو، جو ڪجهه ماڻهو زور سان نعره تڪبير الله اڪبر جا نعرا هڻي مسجد مان نڪري ويا. نديم اُٿيو ۽ مولوي صاحب کان موڪل وٺي لائوڊ اسپيڪر تي چوڻ لڳو.“ اڄ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دهشتگردن جو راڄ آهي. انهن ماڻهن جو ڪو به دين ايمان ڪونهي. اسين مسجد ۾ به نعره تڪبير جو نعرو هڻون ٿا ته نمازي ڊڄي ٿا وڃن ته شايد مسجد ۾ آپگهاتي بمبار گهڙي آيو آهي. دهشتگرد اسان مان آهن، پر انهن جي سکيا غلط انداز ۾ ٿي آهي. هو پنهنجي ملڪ جي هٿين خالي ۽ بي گناهه معصوم شهرين کي قتل ڪرڻ کان به نٿا مڙن!“
    هن اڃا ايترو مس چيو ته نعري تڪبير سان گڏ هڪ هڪ فائر ٿيو ۽ گولي اچي هن جي سيني ۾ لڳي. توپ جي گولي جهري آواز مسجد جون ڀتيون ئي ڪنبائي ڇڏيون. ڏسندي ئي ڏسندي لاشن جا ٽڪرا مسجد جي پنکن ۽ ديوارن سان چهٽي ويا. مسجد جي اندرينءَ حصي ۽ اڱڻ ۾ انساني عضوا پکڙجي ويا. عيد جي خوشي موت جي رقص ۾ بدلجي ويئي. گهر گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
    شهباز هن جي ڀاءُ هئڻ جو ثبوت ڏنو. هن جي پيءَ جي جنازي کي دفنائڻ کان وٺي سڀني رسمن، ٽيجهي ۽ چاليهي تائين شهباز اڳڀرو رهيو.
    ڪجهه وقت ته گهر جو گاڏو گهيلبو رهيو، هوريان هوريان جيڪا ميڙي چونڊي هئي، سا ختم ٿي ويئي. ڀيڻس ڪاليج ڇڏي اچي گهر ويهي رهي. ساجد اٺين ڪلاس ۾ فيل هو. هو ڇهن مهينن تائين ته مختلف هنڌن تي سيلزمين، پٽيوالي ۽ ڀنگيءَ جي نوڪري ڪندو رهيو ۽ سُٺي روزگار جي ڳولا ۾ در در جي خاڪ ڇاڻيندو رهيو. نيٺ هو بي روزگاريءَ جا ڏينهن گذارڻ لڳو ۽ ڳالهه وڃي فاقن تائين پهتي. گهر ۾ چلهه ٻارڻ به مسئلو بنجي ويو. ڦودني جي چٽڻي يا بصرن جي ڳنڍ سان ماني کيس نڙيءَ مان هيٺ ئي نه لهندي هئي. هيڏانهن شهباز جون ٻه عيدون گذري ويون. هن جي امڙ کيس ڪپڙن جو هڪ وڳو به وٺي نه ڏنو هو. ۽ هُن به ته گذريل اٺن مهينن کان مڙي به ته نه ڏٺو هو. هو مُڙي ڏسي به ڪيئن ها، کيس انهن جي ڏک ڀري، سڏڪن ۽ آهن ۾ ويڙهيل فاقه ڪشي جي ڪٿا ٻڌڻ جو ڪو شوق به نه رهيو هو. هونئن به شهباز جي پيءَ ٻي شادي ڪري ورتي هئي ۽ کيس عاق ڪري ڇڏيو هو ۽ هو پيٽ جي دوزخ ڀرڻ جي لاءِ اناج منڊيءَ ۾ اناج جون ٻوريون ڍوئي ۽ ڪڏهن رازن سان گڏجي سيمنٽ ۽ سرن جون تغاريون کڻي وقت پيو گذاريندو هو.
    هيڏانهن ساجد ٿڪجي ٽٽي گهر پهتو ۽ مايوسيءَ مان چيائين ”امان! اڄ به نوڪري نه ملي.“

    کن ترسي هن چيو، ”در در جا ڌڪا کائڻ جي بدران سٺو اهو آهي ته ماڻهو پنڻ شروع ڪري.“
    ”شرم ڪر! ههڙو ڪريل ڪم ڪندين... پنهنجو هڏ بُت ته ڏس، محنت ۽ مزدوري ڪر پُٽ!“ ريشمان ڪاوڙ مان چيو.
    ”امان تون غلط پئي چوين! جنهن معاشري آپگهاتي حملو ڪري منهنجو پيءُ مون کان کسي ورتو. بابا کان پوءِ انهن اسان جو خيرات ۽ زڪوات ۾ به حصو نه رکيو. ڪنهن واٽ ويندي توکي بيوهه سمجهي پنج سؤ يا هزار جي مدد به نه ڪئي... اهڙي معاشري ۾ پنڻ وڏو گناهه آهي ته ڇا ڌاڙا هڻان ۽ ڦرون ۽ چوري ڪريان.“
    سندس امڙ وضو ڪري مصلي تي بيهي رهي. نماز پڙهي آڱرين تي ڳڻيندي وظيفو پڙهندي، کيس پاڻ وٽ سڏي سمجهائڻ لڳي، پر کيس ڪجهه به ٻُڌڻ ۾ نه پي آيو. هو گهٻرائجي رڙيون ڪرڻ لڳو، ”امان مون کي ته ڪجهه به نظر نٿو اچي! لڳي ٿو ته منهنجي نظر هلي ويئي آهي... ڇا آئون سچ پچ پنڻ جي قابل وڃي رهندس...“
    اهو چئي هو سنئون ڊگهو ٿي کٽ تي ليٽي پيو.
    ٿورو پرڀرو ڪجهه ڪبوتر وڻ جي هيٺان مزي سان ويٺا چوڳو ڪري گُٽر گون گٽر گون ڪري رهيا هئا. ڀرسان ئي نيلم ويٺي رات جو دال رڌڻ لاءِ مسور جي دال مان پٿريون چونڊي رهي هئي.
    هو هڪ ڀيرو ٻيهر زور سان چوڻ لڳو، ”امان! خدا جي مُهابي... منهنجي حال تي ڌيان ڌر... مون کي ڪجهه به نظر نه پيو اچي.“
    ريشمان، نيلم سان گڏ کيس هڪ رڪشا ۾ ويهاري ويجهي ڳوٺ جي هڪ پير صاحب وٽ وٺي ويئي. جتي ڪيترائي گونگا ۽ ٻوڙا دم ڪرائي رهيا هئا... هڪ قطار ۾ انڌا به بيٺا هئا. پير صاحب پهرين گونگن ۽ پوءِ ٻوڙن تي دم ڪرڻ جي ڪري مشهور ٿيو. پوءِ هن انڌن ڏانهن به ڌيان ڌرڻ شروع ڪيو. ماڻهو ٽولن جا ٽولا مٽي چٽيندا، روڪڙ، ٻڪرين، ڇيلن، ڪڪڙين، بيدن ۽ کير جي صورت ۾ نذر نياز ڀيٽا ڪري خوش ٿي موٽي رهيا هئا.
    هڪ پاسي قوال قوالي ڳائي رهيا هئا. ٻي پاسي پير صاحب جي مريدن جي نعرن جي ڌم لڳي پئي هئي... اها فضا ماحول کي وڌيڪ پُر رونق بنائي رکيو هو.
    ڪجهه حاضرين وري، مسجد جي پٺيان قائم لنگر خاني مان گوشت ۽ دال جي ٻوڙ سان گڏ گول گول ڪڻڪ جون مانيون وٺي، لنگر مان پيٽ پوڄا ڪري رهيا هئا. ته ڪي همراهه وري بچيل مانين جا ٽڪر ڀور تبرڪ طور پنهنجي گهر کڻي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي شاپنگ بيگس ۾ وجهي رهيا هئا.
    واري اچڻ تي هن کي پير صاحب جي اڳيان آندو ويو... پير صاحب هن جون اکيون کوليون ۽ ان تي پنهنجي ٿڪ مَکي ۽ چيو،“ هن کي جلد سڀ ڪجهه نظر اچڻ لڳندو.“
    ماڻهنس پير جي پيرن کي ڇهي، پنهنجن آڱوٺن کي چمندي اُٿي ابتن پيرن سان هلندي پير صاحب جي حجري مان ٻاهر نڪري ويئي.
    ”پير سائين ڊاڪٽر آهي ڇا؟“ نيلم حيراني مان پڇيو.
    ”نه ڌيءَ! هيءَ روحاني ڊاڪٽر آهي.“
    نيلم کي ڀلا ڪهڙي خبر ته روحاني ڊاڪٽر ڪهڙي بلا هوندو آهي.
    گهر پهچي ساجد جي ماءُ اطمينان جي ڪيفيت سان ڀرپور ٿي مانيون پچائيندي چيو، ”ڏسج! منهنجو يقين آهي ته ساجد اڄ ئي ٺيڪ ٿي ويندو. منهنجو پير صاحب وڏي پُهتل هستي آهي... تون جلدي ڀاڻهين کي ماني ڏي... آئون هڪ ڪم سان پاڙي ۾ پئي وڃان.“
    هيڏان هن ساجد جي بيماري جو ٻُڌي، شهباز به اچي پهتو.
    ”اڙي ساجد ٻُڌائي طبيعت ڪيئن اٿئي؟“ ڪجهه نظر به اچئي ٿو يا رڳو نذر ۽ نياز ڏيئي پريشان ويٺو آهين.؟“
    ساجد، شهباز جي ڳالهه جو جواب ڏيڻ جي بدران، سندس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو، ٻي ڏينهن صبح جو صبح هو سوير شهر جي هڪ چوڪ تي مشهور گذرگاهه تي پهتا، جتان کان ماڻهو پل تان لهي شهر ۾ داخل ٿيندا هئا. ساجد اکين جون ماڻڪيون تيزي سان گهمائڻ لڳو، جنهن جي ڪري ماڻهو کيس نابين سمجهي پنجن ۽ ڏهن روپين جا نوٽ ڏيندا اڳتي وڌندا رهيا. ٿوري دير کانپوءِ ٻه چار سؤ روپيا ٿي ويا.
    ”مون کي خبر ڪونهي ته هي ڪيترا آهن... تون پاڻ وٽ رک!“ ساجد نوٽن کي مروڙيندين کيس چيو.
    هن گهر پهچي اها رقم پنهنجي امڙ جي حوالي ڪئي. ”ماڻهس جي پڇڻ تي کيس هِتان هُتان جون ٻُڌائي ماٺ ڪرائي ڇڏيائينس. ٻي ڏينهن ٻنهي طئي ڪيو ته ٻي شهر وڃي ڪنهن سُٺي چوڪ تي پننداسين.
    گهر واپس پهچڻ کانپوءِ ساجد لڳاتار ڪنجهندو ۽ چوندو رهيو، ”اي الله! منهنجو ڇا ٿيندو. مونکي ڪڏهن نظر اچڻ لڳندو.“
    ٻي ڏينهن هو پنهنجي گهر کان پنجويهه ميل پري گوجر خان شهر جي مين بازار سان لڳ جي.ٽي. روڊ تي ٺهيل انڊر پاس جي ڏاڪڻين تي اچي ويٺا. جتي هر ايندڙ ويندڙ پنج ڏهه روپيا سندن هٿن ۾ ڏيندو گذري ٿي ويو. ساجد کي صحيح نموني پنڻ به نه پي آيو.
    پهرين ڏينهن اتي ڪجهه ڪلاڪ ويهڻ کانپوءِ هو واپس گهر موٽي آيا. ماڻهس گهر مان غائب رهڻ جو سبب پُڇيس ته شهباز حيلا بهانا ڪري ساجد جي اکين جي علاج ڪرائڻ جو چئي جند ڇڏائي.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن شهباز، هن جي امڙ کي اطمينان ڏيارڻ جي لاءِ چيو ته اسان کي ٻي شهر ۾ نوڪري ملي ويئي آهي. ساجد جي امڙ هڪ ڀيرو ٻيهر جهولي جهلي کيس دعائون ڏنيون. مهيني کانپوءِ جڏهن ڪجهه هزار روپيا هن گهر ڏنا ته ماڻهنس خوش ٿي ويئي.
    ريشمان جڏهن کانئس ڦاٿل ۽ ميرا ڪپڙا ۽ بنا پالش جي بوٽ پائڻ جو سبب پڇندي هئي ته ساجد چوندو هو امان مشين تي ڪم ڪرڻ مهل اتي نوان ڪپڙا پائي ٿوروئي ڪو ويهبو آهي. ائين هو چرين جهڙي حالت ۽ ڪيفيت جو روپ اختيار ڪري روزانو انڊرپاس جي ڏاڪڻين وٽ ويهي پنندو ۽ شام جو گهر موٽي ايندو هو.

    هن شهباز پنهنجي ڪمائي مان اڌ حصو ڏيڻ تي راضي ڪرڻ چاهيو، پر هُن همدرد دوست جو روپ اختيار ڪندي پاڻ کي رڳو نوٽ سڌو ڪرڻ تي مقرر ڪري ايمانداريءَ جو روپ اختيار ڪري رکيو.
    هن انڌي هئڻ جو ناٽڪ رچائي رکيو. شهباز ۽ سندس گهروارن، ايتري قدر جو سڄي برادريءَ کي سؤ سيڪڙو پڪ ٿي ويئي ته ساجد انڌو ٿي چڪو آهي. سندس انڌي پڻي جو سڀ کان وڏو فائدو شهباز کي هو ۽ جيڪو ملندڙ خيرات مان سؤ ۽ پنج سؤ جا نوٽ پاڻ رکي ڇڏيندو هو ۽ کيس پنجين ۽ ڏهين جا نوٽ ڏيندو هو.
    هو اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به صبر جو عملي مظاهرو ڪندي، دل ۽ زبان تي جبر ڪندي پنهنجي سوچ، جذبن ۽ ڪاوڙ کي اندر ئي اندر دٻائيندو رهيو. ائين اهو ڪم ڪندي کين ڪيترائي سال گذري ويا. هيڏانهن ساجد صبر جو عملي مظاهرو ڪندو رهيو. ڏهن سالن ۾ شهباز شادي به ڪري ورتي ۽ ڪافي پئسا به ميڙي ورتائين، پر انڌي هئڻ جو ڊرامون ڪندي به ساجد ٻن وقتن جي ويلن ۽ ڀيڻ جا تعليمي خرچ ڏکيائي سان پورا ڪندو هو. کيس رات ڏينهن پنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ جو فڪر کائڻ لڳو، پر حالتون سازگار هجن ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿئي.
    هڪ ڏينهن هو انڊر پاس وٽ ويٺو صدا هڻي رهيو هو، ”اي بابا ڏيئي وڃ واٽ الله جي... فقير کي...“
    اها صدا ٻُڌي هڪ شخص هڪدم پويان مڙيو ۽ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ساڍي ستين هزار روپين جو انعامي بانڊ ڪشتي ۾ وجهي هليو ويو.
    شهباز انعامي بانڊ ڏسندي ئي پنهنجي ڏهاڙي کڙي ڪري ورتي. ان شام جو نوٽن کي ترتيب ڏيندي هن معمول موجب انعامي بانڊ سان گڏ سئو ۽ پنج سؤ جا نوٽ به سنڀالي گهر روانو ٿي ويو. گهر وڃي هن پنهنجي الماڙي جي اندر ڪچي پينسل سان انعامي بانڊ جو نمبر لکي قرعه اندازي جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو.
    ساجد به معمول موجب گهر روانو ٿي ويو.
    اڄ ماڻهنس ڳوٺان آيل ديسي گيهه ۾ ڀڳي ڏاڍو سٺو ساڳ رڌيو هو. کيس گهر پهچندي ئي اهو کائڻ جي لاءِ ڏنو ويو. پر سندس بک مري چڪي هئي. کيس انعامي بانڊ جي ائين وڃڻ تي سخت ارمان هو. انڌي هئڻ جي ناٽڪ جي ڊپ سبب هو ڪجهه ڪڇي پُڇي به نه پي سگهيو. ساجد طبيعت جي ناسازي جو بهانو ڪري ڪجهه به نه کاڌو.
    اهو ڏينهن آرهڙ جي سخت گرميءَ جو ڏينهن هو ۽ رات به بي حد گرمي هئي. هن اها سڄي رات پاسا ورائيندي، دل ئي دل ۾ شهباز جي دوستي ۽ پنهنجي حق تلفيءَ تي پنهنجو پاڻ سان بحث ڪندو ۽ دليل ڏيندور هيو. صبح ٿيندي ئي هو پنهنجي ڪم تي روانو ٿي ويو پر کيس شهباز کان نفرت ٿيڻ لڳي.
    ڪجهه مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن شهباز ڏاڍو خوش نظر آيو.
    هو، هن کي ايترو خوش ڏسي سمجهي ويو ته ڪا گڙ ٻڙ ضرور آهي. ٿوري دير کان پوءِ شهباز پاڻ ئي چوڻ شروع ڪيو ”يار توکي هڪ خوشخبري ٿو ٻُڌايان... گهڻو اڳ مون هڪ انعامي بانڊ ورتو هو... ڪلهوڪي شام واري اخبار ۾ نمبر چيڪ ڪيم ته منهنجو هڪ ڪروڙ روپين جو انعام نڪتو آهي... هاڻ آئون چاهيان ٿو ته ڪو سٺو ڪاروبار ڪريان... ۽ هائو، توکي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن اها انعامي رقم ملنديم ته پنهنجي گهر ۾ هڪ جشن جو بندوبست ڪندس. تون به اچج... پر ان ڳالهه جو خيال رکج ته اها ڪنهن کي به خبر نه پوي ته آئون هت تو سان گڏ ويهندو هئس.“
    اهو ٻُڌي ساجد جي اکين مان لڙڪ ڳڙهي پيا.
    هن جا لڙڪ ڏسي واٽ ويندڙن پنجن ڏهن جي بدران پنجاهه سؤ جا نوٽ ڏيندا ويا. ٿوري دير کانپوءِ شهباز کانئس موڪلائي هليو ويو. هو سڄو ڏينهن اڪيلو ئي ويٺو رهيو ۽ شام ڌاري معمول جي رقم ڌار ڪري هو گهر روانو ٿي ويو. ان ڏينهن شهباز جو حصو به هن جي هٿ ۾ هو ۽ هن ايترا پئسا گهر کڻي وڃڻ نه پي چاهيا. ڇو ته اها ٽيڻ تي رقم هئي. گهر ويندي هن ٻي چوڪ تي ويٺل هڪ اپاهج پينو جي ڪشتي ۾ اهي پئسا وجهي ڇڏيا.
    هڪ هفتي کانپوءِ شهباز وٽس انڊر پاس وٽ آيو ۽ چيائينس، ”ساجد! اڄ مون کي انعام مليو آهي. جيڪو آئون بريف ڪيس ۾ گهر رکي آيو آهيان. اڄ شام جو گهر ۾ پارٽي رکي اٿم... تون به اچج... پر سٺا ڪپڙا پائي اچج... ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته تون انڌو آهين.“
    هو کائنس ڪستو وٺي کيس گهر ٿو روانو ڪري.
    ساجد شام جو ٺهي جڙي، پينٽ ڪوٽ پائي پوري وقت تي هُن جي گهر پهچي ويو. شهباز پنهنجي گهر ۾ ساز ۽ طبلي جي ڌن تي خوب ٺهي جُڙي ٽيلارا ڪري رهيو هو؛ هن جي گهر مزمانن جي آمد جاري هئي. هو ساجد کي گهر جي مٿين منزل تي وٺي ويو ۽ الماڙيءَ مان بريف ڪيس ڪڍي، هن جو هٿ جهلي پنجن پنجن هزارن جي ٿهيءَ تي ڦيرائيندي چوڻ لڳو، ”هيءَ اها انعامي رقم آهي.“
    پوءِ هن بريف ڪيس الماڙي ۾ رکيو ۽ چاٻي ڪمري ۾ هڪ مخصوص هنڌ تي رکي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. کيس پوري پڪ هئي ته هو ڏسي نٿو سگهي ۽ بيگ ۽ چاٻي محفوظ آهي. هو کيس وساري مهمانن سان ملڻ جلڻ ۾ لڳي ويو.
    شهباز جي وڃڻ کانپوءِ ساجد چاٻي کنئي ۽ الماڙي کولي بيگ کڻي هيٺ لٿو ۽ گم ٿي ويو.
    پارٽي دوران هو ساجد کي بلڪل وساري ويٺو ته هو موجود آهي يا نه. هيڏانهن ساجد سڌو گوجر خان ريلوي اسٽيشن تي پهتو ۽ ريل ۾ چڙهي ڪراچي روانو ٿي ويو.
    پارٽي ختم ٿيڻ کانپوءِ شهباز خان سڌو ڪمري ۾ پهتو ۽ ٿڪ سبب بستري تي ليٽندي ئي سمهي پيو.
    صبح جو جڏهن ننڊ مان اُٿيو ته جلدي وهنجي سهنجي تيار ٿي، ناشتو ڪري، گهر مان نڪرڻ کان اڳ جيئن ئي هن الماڙي کولي ته ٺپ ئي ٺري ويس. صدمي سبب سندس حوصلا ئي خطا ٿي ويا. هن جي ذهن ۾ عجيب خيال ڦرڻ لڳا. هو سڌو انڊر پاس پهتو، پر اُتي ساجد کي موجود نه ڏسي، ذهن ۾ هزارين خدشا پالي هو هن جي گهر پهتو. جتي ماڻهنس ٻڌايس ته، ”هو ڪالهه تنهنجي دعوت کانپوءِ واپس گهر پهتو ئي ڪونهي.“
    هن هڪدم امڙ جي وات تي هٿ رکي کيس خاموش ڪرائي ڇڏيو.
    پوءِ هو ساجد کي ڳولهڻ لڳو...
    ۽ ساجد جي ڳولا ۾ هن زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيو...
    نيٺ ٿڪي ٽٽي هو ويهي رهيو. کيس ڪنهن مهل بي هوشين جا دورا پوڻ لڳندا هئا ته ڪنهن مهل الٽي... هو ڪيترن ئي خفقانن ۾ گهيرجي ٿي ويو ۽ نيٺ بيمار ٿي پيو ۽ نوبت اچي فاقن تائين پهتي. شهباز کي ڪو اولاد ته ڪو نه هو. جوڻهنس قرضين کان تنگ ٿي ڪو ڪم ڪار ڪرڻ جي لاءِ چوندي هئي.
    نيٺ هو ان ئي مجذوبانه حالت ۾ ڪستو کڻي انڊر پاس وٽ انڌي هئڻ جو ناٽڪ ڪري اچي پنڻ لڳو. سندس دوست شريفو به ساڻس گڏ اچي ويٺو، جيڪو نوٽ سڌا ڪرڻ تي مقرر هو. هو سؤ پنج سؤ جا نوٽ پنهنجي کيسي ۾ رکندو هو، جڏهن ته پنجين ڏهين ۽ ويهين جا نوٽ کيس ڏيئي ڇڏيندو هو. هو فقط هڪ ئي جملي سان هر لنگهندڙ جو ڌيان ڇڪرائي وٺندو هو“، رات وچ ۾ ڪروڙين روپيا لٽجي وڃن ٿا.. ڏيئي وڃو الله جي نالي پنج ڏهه روپيا بابا...“
    وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو.
    کيس پنندي پندرهن سال گذري ويا... ماڻهو گوجر خان جي انڊر پاس وٽ ويٺل فقير شهباز جي ڪستي ۾ پنج ڏهه روپيا وجهي گذري ويندا هئا.
    هڪ ڏينهن پينٽ ڪوٽ ۾ هڪ رعبدار شخص، قد جو ڊگهو ۽ ڪلين شيوَ، عمر پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ، پر هلت چلت نوجوانن جهڙي، انڊر پاس وٽ اچي بيٺو ۽ پنندڙ شهباز کي ڌيان سان ڏسڻ لڳو. جيڪو خيرات گهرندي، ”ڏيئي وڃ بندا نالي الله جي“ جون صدائون هڻي رهيو هو.
    ايتري ۾ هڪ شخص اتان لنگهيو ۽ ان هڪ پندرهن هزارن جو انعامي بانڊ ڪستي ۾ وڌو ۽ اڳتي وڌي ويو. ساڻس ويٺل شريفو اهو بانڊ کڻي هڪدم پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو.
    هن ڇرڪي ڪنڌ مٿي کنيو... ساجد کي سڃاڻڻ جي باوجود به هو چپ هو ۽ انڌي هئڻ جو ناٽڪ جاري رکيائين.
    ساجد کيس تيز نظرن سان ڏٺو ۽ مُرڪي روانو ٿي ويو.
    پندرهن سالن کان پوءِ به انڊر پاس جو ماحول اهڙو ئي هو. فرق رڳو اهو هو ته ساجد جي جاءِ شهباز ۽ شهباز جي جاءِ سندس دوست شريفو اچي والاري هئي. جيڪو نوٽ سڌا ڪندي همدرد دوست جو روپ اختيار ڪري ويٺو هو.
    هو اهو سڄو منظر اکين ۾ سمائي فئڪٽري روانو ٿي ويو.


    ڪروڙ پتي

    هن تڙ تڪڙ ۾ مينهون ڏُهي، پوءِ پنهنجي پُٽ کي سڏ ڪيو، ”سعيد او سعيد پُٽ ڪٿي آهين؟“
    ”اچان پيو بابا!“
    ”ٿورو اهو ته ڏسي اچ ته اسلم گهر آهي. آئون ٽيو ڏينهن پڙيءَ مان ٻڪرو وڪڻي پي آيس جو هن مون کان هڪ ڏينهن جي لاءِ ٻه هزار روپيا اُڌارا ورتا هئا پر اڄ ٽيو ڏينهن آهي... سندس ڪو اتو پتو ئي ڪونهي...“
    هن کل روڪيندي چيو، ”عجيب ڳالهه آهي... هو ته اڃا ٻه مهينا اڳ اٺاويهن سالن کانپوءِ انگلنڊ مان واپس وريو آهي... هن اوهان کان پئسا ڪيئن اُڌارا ورتا.“
    ”هل ڙي ڇورا! پيءَ جي ڳالهه کي مذاق نه سمجهه... وڃ جلدي ڏسي اچ!“
    ”ٺيڪ آهي بابا.“ اهو چئي هو ٻاهر هليو ويو.
    ٿوري دير کان پوءِ هو واپس آيو ۽ چوڻ لڳو، ”بابا آئون گهر ويو هوسانس، ان مهل ته هو گهر نه هو... باقي جڏهن واپس پي آيس ته هو گهر ڏانهن پي ويو.“
    اهو ٻُڌي هن گوڏ کي ڇڪي ٻَڌو ۽ مٿي تي پَڳ رکي جلدي جلدي اسلم جي گهر روانو ٿي ويو.
    اسلم جي گهر جي دروازي تي پهچي هن دروازو کڙڪائي چيو، ”اسلم... او... اسلم ٻاهر ته اچ!“
    هو دروازو کولڻ کانسواءِ هلڪي آواز ۾ ڪجهه چوندو دروازي وٽ پهتو، ”اچان پيو بشير اچان پيو... تنهنجا اڌارا پئسا جو واپس ڏيڻا اٿم... وڏو اچي ويو رئيس!“
    پوءِ هن دروازو کوليو ۽ چيو، ”اچ بشير... اندر اچ!“
    ”نه! مون کي ٻه هزار ڏي... آئون تڪڙو آهيان...“
    ”بشير! آئون سُڀاڻي بئنڪ ويندس... اڄ آچر جو ڏينهن آهي... نه ته اڄ ئي ڏيئي ڇڏيانوَ ها... سڀاڻي پئسا کڻي توکي گهر اچي ڏيئي ويندس... ۽ هٿ ٻڌي معافي به وٺندس.“
    هو اسلم جي ڳالهه تي اعتبار ڪري گهر موٽيو آيو... پوءِ ايندڙ سڄو هفتو هو ۽ پٽهنس اسلم جي گهر جا چڪر هڻي هڻي ڪَڪ ٿي پيا. جيڪڏهن هو گهر هوندو هو ته پٽهنس طاهر کان اهو چورائي موڪليندو هو ته، ”بابا گهر ۾ موجود ڪونهي!“
    نيٺ ٿڪي ٽٽي هن ٻن هزار جو خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڏينهن رات پنهنجي ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينهن جي لاءِ گاهه پٺي ۽ چاري جي بندوبست ۾ لڳو رهيو.
    شادي مرادي، موتي فوتي جت به اسلم، بشير کي ڏسندو هو ته کانئس نظرون ڦيرائڻ لڳندو هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن لڪڻ لڳندو هو. هن انگلنڊ ۾ جيڪا محنت مزدوري ڪري ميڙي چونڊي ڪئي هئي.
    انگلنڊ مان واپس ورڻ کانپوءِ ڪافي عرصي تائين گهر ۾ اڳ ۾ ئي موجود نسل در نسل گهر جي پاليل ٽن مينهن جي کير، مکڻ ۽ گيهه کي وڪڻي ۽ گڏوگڏ ٻني ٻاري جي اُپت مان گهر جو خرچو هلندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن وري پاڙي اوڙي يا هِتان هُتان اوڌر سوڌر کڻي ڪم پيو ٽپائيندو هو ۽ پوءِ گيهه جي وڪري ۽ فصل جي لاباري تي اناج وڪرو ڪري اهو قرض لاهي ڇڏيندو هو.
    اسلم جي ان عادت جا قصا نه رڳو پنهنجي ڳوٺ، پر آسپاس جي چئن پنجن ڳوٺن جا ماڻهو ائين چسڪا وٺي مزي سان بيان ڪندا هئا، ڄڻ اهي، سب رنگ ۽ نيرنگ خيال ڪتابن جا دلچسپ قصا يا وري پطرس بخاري جي مزاح نگاري جو تذڪرو هجي. جيڪو بڙ ۽ پپر جي وڏن ۽ شاهوڙ وڻن هيٺان ويهي ٻڌائڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. انهن دلچسپ ۽ کلائيندڙ قصن مان سندس پُٽ اسلم به ڏاڍو مزو وٺندو هو ۽ هو پنهنجي پيءَ تي طنز جا تير هلندو ڏسي ڇو نه خوش ٿئي ها. ڇو ته هن پنهنجي پيءُ کان به ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ٻه لک گهريا هئا، جيڪي هن نه ڏنس ۽ هن سوا ٻه ڪروڙ روپيا اهو فڪس ڊپازٽ ۾ رکرائي کيس نصيحت واري انداز ۾ اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته ”اهي مون محنت سان ڪمايا آهن. تون به پنهنجي محنت سان ڪمائي... منهنجي ميڙي چونڊي تي عياشي نه ڪر... سياڻي جيڪڏهن تون ڪاروبار تباهه ڪري ۽ منهنجي ميڙي چونڊي پوڙي منهن ڀيلو ڪري اچي منهنجي اڳيان ويهين ته آئون توکي ڇا ڪري سگهندس؟“
    ڪافي عرصو ته هن جي گهر جو گاڏو ائين ئي گهلبو رهيو. هوريان هوريان ڀاڻ ۽ ٻج به مهنگا ٿيندا ويا ۽ کيس ٽريڪٽر سان زمين کيڙائي، في ڪلاڪ جي حساب سان زمين ۾ پوکي ڪرائڻ ۽ لاباري مهل ڏهاڙي مزدورن کي هزارين روپيا مزدوري جا ڏيئي ڪڻڪ ۾ لابارو وجهرائڻ ڏکيو ڪم نظر اچڻ لڳو.
    هو سوا ٻن ڪروڙ روپين مان ملندڙ منافعي مان گهر جو خرچ پکو هلائڻ ڪفر سمجهندو هو. بس هو نفعي مٿان نفعو ميڙيندو ويو ۽ جڏهن هو پنهنجي اها ميڙي چونڊي خرچڻ جو سوچيندو هو ته سندس رنگ ئي ڦٽي ويندو هو ۽ ٽنگون ڏڪڻ لڳنديون هيس ۽ وات مان اکر به نه اُڪلبو هئس، هو جي ڪنهن محفل ۾ هوندو هو ته ماڻهو سندس اها حالت ڏسي کيس پنکي جي هيٺان وهاريندا هئا، هٿ پير مهٽي ۽ چمچي سان شربت وات ۾ وجهندا هئس.
    هن جا ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذري رهيا هئا. هڪ ڏينهن هن ڪجهه زميندارن جي اها بي چيني ڏسي ته اڄڪلهه زمينداريءَ ۾ ڇا رکيو آهي. هن پنهنجو ڌنڌو بدلائڻ جو سوچيو.
    ڳوٺ جو مشهور درزي سفيرو جيڪو سندس ننڍپڻ جو دوست هو ۽ هي ان وٽ وڃي پنهنجو اندر اوريندو هو. جيڪو وري هن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندو هو. کيس اسلم جي عادتن جي ته اڳ ۾ ئي خبر هئي ته اسلم چمڙي وڃي دمڙي نه وڃي جي اصول تي عمل ڪندو ايندو هو. ان هوندي به هن اسلم جو امتحان وٺڻ جي لاءِ چيو، ”يار اسلم! جيڪڏهن ٻه نيون سلائي مشينون خريد ڪري ڏي ته منهنجي هنن هٿ وارين سلائي مشينين مان جند ڇُٽي وڃي... تون به اچي مون سان گڏ ڪپڙا سلائي ڪر. اڄڪلهه سلائي جا اگهه چڱڙا آهن... ۽ گذر سفر به ٿي ويندو.“
    ٿوري دير سوچڻ کانپوءِ هو راضي ٿي ويو. ٻي ڏينهن نئين سلائي مشين خريدڻ کانسواءِ ئي هن جي دڪان تي اچي چيائين، ”اڄ ارڙهين تاريخ آهي. ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ پهرين تاريخ تي ملندڙ منافعي مان ٻه نيون سلائي مشينون خريد ڪري ايندس.“
    اهو ٻُڌي سفيرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن دوڪان سان لڳ هوٽل جي بيري کي سڏ ڪري چيائين،“ طاهر او طاهر ٻه ڪوپ چانهه جا ته کڻي اچ... ۽ ها ڪيڪ ۽ بسڪوٽ به آڻج!“ اسلم جي پُٽ طاهر چانهه اچي ميز تي رکي ۽ پنهنجي پيءُ کي ڏسي سگريٽ جو ڪش هڻندي وڏو ٽهڪ ڏنائين. هو پنهنجي پُٽ جي ان حرڪت تي صفا چڙي پيو. سفيرو چوڻ لڳس، ”اسلم يار! خير آهي... تنهنجو پُٽ آهي... کيس به ڪنهن ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳائي ڇڏ... سڄو ڏينهن پيو هوٽل تي بيراگيري ڪري ۽ ٿانوَ ٿپا ڌوئي.“ کن ترسي وري چيائينس، ”الله توکي نوازيو آهي ان مان ڪجهه غريبن کي به ڏي... گهٽ ۾ گهٽ ڳوٺ جي ٻن چئن يتيم نياڻين جي شادي ئي ڪرائي ڇڏ... ڪنهن غريب يتيم جي اسڪول جي في ڏي ۽ کيس ڪتاب وٺي ڏي... ڪنهن غريب جو ٻار لکي پڙهي انسان بنبو ته توکي به سڪون ملندو ۽ تنهنجي آخرت به سنوارجي ويندي.“
    هن پنهنجي مُٺ ۾ جهليل سگريٽ کي زور سان دٻائيندي، منهن آسمان ڏانهن ڪندي ڊگهو ڪش هڻندي وات مان دونهن ڪڍندي چيو، ”اوءِ سفيرا يار... گهڻي نصيحت نه ڪر... آئون پهرين ئي ڏينهن کان وڏي سڪون ۾ آهيان... ۽ آئنده اهڙيون ڳالهيون نه ڪج... ڀائيواري هونئن به سٺي شيءِ ڪونهي... چوندا ڪونهن ته ڀائيواري جو ڀت به بُڇڙو... اڃا ڪم ئي شروع نه ڪيو اٿؤن جو تون ويٺو وِڏو ڪڍين!“
    ”چڱو چڱو... هاڻ ناراض نه ٿي... چانهه پي ۽ ڪيڪ کاءِ!“ سفيري مُرڪندي چيس.

    ”پيئان ٿو تنهنجي چانهه به... اڃا ته منهنجي ڪي ٽو سگريٽ ۾ رهيل ٻه ٽي ڦوڪون ته ڀري وٺان!“ پوءِ هو سگريٽ جي بچيل ٽوٽي مان ڪش هڻي، اهو اڇلڻ جي بدران ماچيس جي کوکي ۾ وجهي ٿو ڇڏي.
    چانهه پي پوءِ هو ماچيس جي کوکي مان ٽوٽو ڪڍي، ان جي ڪپهه تي تيلي ويڙهي پنهنجن ڪنن مان مير ڪڍڻ ٿو لڳي.
    اسلم کي سفيري درزي جي دوڪان تي ڏسي ماڻهو مڙي ٿا اچن. ماڻهو اهو سمجهي رهيا هئا ته شايد انگلنڊ ۾ اسلم درزي هو. تنهنڪري نت نيون ڊزائنون سلائي ڪندو. ان رش جو فائدو اسلم کي ئي ٿيو، جو کيس بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ جي گهرج نه پئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سلائي جي پئسن مان ٿوري رقم سفيري کي ڏيئي چيائين، هنن ۾ تون ٻيا پئسا وجهي هڪ نئين مشين خريد ڪري وٺ، ڇو ته آئون ڀائيواري جي ڌنڌي ۾ پنهنجي طرفان به سلائي مشينون خريد ڪري رسڪ کڻڻ نٿو چاهيان.
    کيس جڏهن به گهرجي خرچ لاءِ پئسا کپندا هئا ته هو سفيري کان اڌارا وٺندو هو، يا ڪاڪي هوٽل واري کي چوندو هو ته طاهر کي پگهار نه ڏج، هي سگريٽ پي پئسا دڦ ٿو ڪري ڇڏي. گهر ۾ ته ٽڪو به نٿو ڏي!“ ڪاڪا، طاهر کي کيسي خرچي کانسواءِ باقي سڀ پئسا اسلم کي ڏيئي ڇڏيندو هو.
    اسلم جي ڪنجوسي ۽ اوڌر کڻڻ جون ڳالهيون عام هيون پر کيس انهن ڳالهين جي ڪا به پرواهه نه هئي. هن جيڪي اٺاويهه سال پرڏيهه ۾ محنت مزدوري ڪري ڪروڙين روپيا ميڙيا هئا، اهي زيان ڪرڻ نٿي چاهيا.
    سندس ڪنجوسي سبب مٿس ٿيندڙ ٽوڪون ۽ چٿرون سهڻ سان گڏ پنهنجي بي عزتي برداشت ڪرڻ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هو. اسلم جهڙا مرچوٽ صدين کانپوءِ ئي جنم وٺندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڊگهي عرصي تائين، سندن جيئري ۽ مُئي کانپوءِ ماڻهن جي کل ڀوڳ، قصن ڪهاڻين ۽ وقت گذارڻ جو ذريعو بنيل رهندا آهن ۽ هو اهڙن جي ذڪر مان پنهنجي بوريت ختم ڪندا آهن.
    ڪجهه وقت کانپوءِ اسلم جي هڪ غريب گهراڻي مان ڏاج نه ڏيڻ جي شرط تي شادي ڪرائي ڇڏي ۽ پوءِ جڏهن پٽهنس طاهر گهرجي خرچ پکي جي پورائي نه ڪري سگهيو ته اخبار ۾ اشتهار ڏيئي پنهنجي اڪيلي پُٽ کي عاق ڪري ڇڏيائين. هاڻ هو ويچارو ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ لڳو ۽ پنهنجي ڪروڙ پتي پيءَ جي ظلم ۽ ستم تي ماتم ڪرڻ جي بدران سندس ڳالهين تي کلندو رهندو هو.
    اهو ته طاهر جو ظرف هو جو هن ايترين زيادتين جي هوندي به جيئڻ جو فن سکي ورتو هو.
    هڪ ڏينهن طاهر رمضان جي مهيني ۾ تيز اُس ۾ حڪومت پاران غريبن جي لاءِ سستي اٽي جي اسڪيم واري ٽرڪ واري قطار ۾ بيٺو اٽو وٺي رهيو هو، اتفاق سان ان ئي قطار جي آخر ۾ سندس پيءَ اسلم به بيٺو هو.
    هو اٽي جي ٿيلهي وٺي سائيڪل تي ٻڌي رهيو هو جو اوچتو گوڙ ٿي ويو ۽ هو ڊڪندو ميڙ ۾ ويو، ڏٺائين ته پڻهس اسلم اُڃ جي شدت سبب بي هوش ٿيو ڪريو پيو هو ۽ ماڻهو سندس وات ۾ پاڻي وجهي رهيا هئا. هن لڙڪ اُگهندي ٿيلهو هڪ طرف رکيو ۽ پڻهنس کي سنڀالي سائيڪل تي ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسلم جي وات مان گجي نڪري رهي هئي، هو غريبن جي قطار ۾ بيٺو، ڪروڙين روپيا بئنڪ ۾ گڏ ٿيل ڇڏي مري چڪو هو.
    طاهر روئندي پنهنجو هٿ هٿي ڪري ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڪنگلو ڪروڙ پتي اڄ گذاري ويو.“
    ٻي ڏينهن اخبارن ۾ اها خبر ڇپي ته، ”انگلنڊ مان واپس آيل ڪروڙ پتي اسلم، هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن پويان چار ڪنواريون ڌيئرون، اڪيلو پُٽ ۽ زال کي سوڳوار ڇڏيو آهي.“


    چيڙهه

    سڄي ڳوٺ ۾ چوڌري مراد سان ڳالهائڻ جي ڪنهن ۾ همت ئي نه هئي، هو نه رڳو ڳوٺ ۾ پنهنجي ذاتي زمين جي پوکي راهي، پر ڇيڙي نبيري ۽ اڇي ڪاري جو به ڌڻي هو.
    هن جي حويليءَ ۾ ترڪي نسل جي سُهڻين گهوڙن ۽ ساهيوال مان آندل اعليٰ نسل جي نيل ڪنٺ ڍڳين جي خذمت ڪندڙ وڏي وهيءَ وارن نوڪرن کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به اندر اچڻ جي موڪل نه هئي.
    هو جڏهن اڇي ڪاٽن جي وَر ڏنل پڳ مٿي تي رکي پنهنجي مُڇين کي هٿ سان وٽي، هٿ ۾ وڏي لٺ کڻي پنهنجي ٻنين ڏانهن ويندو هو ته رستي هلندي ڳوٺ جا ماڻهو هٿ ٻڌي بيهي رهندا هئا. ڪي ته جهڪي پيرين پوندا هئس ته ڪي وري ٻنين جي پيچرن جي اوٽ ۾ لڪي ويندا هئا ته جيئن چوڌري مراد کين ڏسي نه سگهي، هن جي ظلم ۽ ڏاڍ مڙسيءَ جا قصا بيان ڪندي به ڳوٺ وارا ڊڄندا هئا.
    ڪڻڪ جي لاباري مهل شايد ڪو ڀاڳ وارو ئي بچي سگهندو هو، هو هارين کان ارڙهن ارڙهن ڪلاڪ ڪڻڪ جي لاباري جو ڪم وٺندو هو ۽ مانيءَ ۾ وري مسور جي هڪ ڪلو دال ۾ پنج ڪلو پاڻي جي حساب سان اهڙي ته پٽڙي ڪري ٺهرائيندو هو، جو وضو جي ڪونئرن ۾ وجهي، ڪجهه نوڪر هٿن ۾ اهي ڪونئرا کڻي، سڀني هارين کي هڪ قطار ۾ ويهاري هڪ هڪ ماني سندن هٿن ۾ ڏيئي ڪونئري مان پٽڙي دال جو ڍُڪ ڀرائي تڪڙو اڳتي وڌي ويندا هئا.
    ڪجهه نوڪر اهو ڪم سرانجام ڏيڻ جي لاءِ مقرر ٿيل هئا، مهذب نموني پليٽ ۾ ٻوڙ وجهي کارائڻ هن جي روايت ۾ نه هو. هو اڪثر گهر ۾ ٽنگون ٽيڙي ويٺو هوندو هو ۽ پنهنجين ٽنگن ۽ ڪلهن کي زور ڏيندڙ نوڪرن کي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي سخت گيري، ظلم ۽ جبر جا قصا وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي پيو ٻڌائيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن جوش ۾ اچي ويندو هو ته ڪنهن نوڪر کان پُڇاڻون شروع ڪندو هو. ۽ پوءِ لتن ۽ مُڪن سان ان جي ٺاهوڪي مرمت ڪندو هو.
    هڪ رات حويليءَ مان ڪنهن عورت جون رڙيون ۽ دانهون ٻُڌڻ ۾ آيون، هو هڪ اڌ وهيءَ واري عورت کي چهٻڪ سان ماريندو ڪُٽيندو حويليءَ جي ٻاهرين ميدان ۾ وٺي وڃي رهيو هو. ڳوٺ جي هر عمر جون عورتون، مرد ۽ ٻارڙا گڏ ٿي اهو تماشو ڏسڻ لڳا، هو کيس چهٻڪ هڻندو ويو، اهو چئي رهيو هو ته، ”جي وري ايئن چيئي ته تنهنجي جسم جون ٻُوٽيون ڪري حويلي جي ڪُتن جي اڳيان وجهندس.“
    اها عورت رڙيون ڪري ماڻهن کي مدد جي لاءِ سڏي رهي هئي، پر اهو ڏکوئيندڙ منظر ڏسڻ ۽ دل ئي دل ۾ ڪڙهڻ جي باوجود به ڪنهن کي به اها همت نه ٿي جو هو کيس ڇڏائي. ان عورت جو ڏوهه اهو هو ته هن ڪجهه ڏيهاڙا اڳ هن جي ڌيءَ ”ضميران“ جي باري ۾ چيو هو ته اها ڪيڏي نه سُهڻي ڇوڪري آهي، پر چوڌريءَ جي برادريءَ ۾ هن جو ڪو به مَٽ ڪونهي، جيڪو کيس پرڻائي وٺي وڃي... هاءِ ويچاري سڄي وَهي ڪنواري ئي رهندي.
    چوڌري مراد جي پنهنجي زال به هن جا ظلم ۽ جبر سهندي سڏڪي سڏڪي مري ويئي هئي. هاڻ حويليءَ ۾ سندس پُٽ تيمور ۽ ڌي ضميران انهن جي غير موجودگيءَ ۾ نوڪرن چاڪرن تي حڪم هلائيندا هئا.
    ضميران کي پنجين ڪلاس ۾ ئي اسڪول مان ڪڍرائي اهو چئي گهر ۾ ويهاريو ويو ته ڇوڪرين جي پڙهڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به اڻ پڙهيل هو، تنهنڪري کيس تعليم جي اهميت جي خبر نه هئي. هو تعليم کي فقط روزي ڪمائڻ جي لاءِ ضروري سمجهندو هو. پر سندس پُٽ تيمور پنهنجي شوق سبب بي . اي جو امتحان پاس ڪري چڪو هو ۽ هاڻ پرڏيهه ۾ تعليم جا خواب ڏسي رهيو هو.
    چوڌري مراد جي حويليءَ ۾ ڳوٺ جو ڪوبه ڇوڪرو گهڙي نٿي سگهيو، پر ”دتو لوهار“ جو پٽ عمران عرف پهلوان، ڪڻڪ جي لاباري وارن ڏينهن ۾ ايندو ويندو رهندو هو. ان جو سبب اهو هو ته هڪ ڀيري جڏهن چوڌري ٿاٻڙجي ڪري زخمي ٿيو هو ته کيس اسپتال پهچائڻ ۽ ڪجهه ڏينهن جي خذمت چاڪري جي ڪري هن جي دل ۾ ٿوري جاءِ جوڙي ورتي هئائين. هو کيس پُٽ چوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مينهن جو کير ڏيڻ سان گڏ مٿي تي شفقت سان هٿ به ڦيري ڇڏيندو هو.
    عمران عرف پهلوان ڳاڙهو ڳٽو، گول مٽول مهانڊي وارو ڇهن فوٽن جي قد ڪاٺ وارو جوان هو. هو آکاڙي ۾ وزني پٿر هڪ ئي سٽَ ۾ کڻڻ جو ماهر هو، اُن ڪري کيس پهلوان سڏيو ويندو هو.
    هڪ ڏينهن هو پنهنجي پيءَ دتوءَ کان ٻه ڊزن کن ڏانٽا ٺپائي چوڌريءَ کي حويلي پهچائڻ آيو، گيٽ مان اندر گهڙندي ئي کاٻي پاسي، ڀُوسي جي هڪ ڍڳَ جي ڀرسان مٿڀري جاءِ تي ڏانٽا رکي واپس ورڻ وارو ئي هو، جو سندس نظر هڪ ڊگهي قد واري ڇوڪريءَ تي پئي، جنهن جا وار ڄڻ پيرن کي ڇهي رهيا هئا، وڏيون اکيون، گول مهانڊو، ڊگهو نڪ ۽ اکين جا پلڪ مٿي کنيل، ڄڻ ڪنهن هٿراڌو مورتي تراشي هجي. هن جي هٿ ۾ ٿڌي کير جو گلاس هو، اڄ حويلي ۾ ڪو به نوڪر ڪونه هو، ضميران کيس کير جو گلاس ڏيئي، کلندي نظرون جهڪائي ڇڏيون، کيس گلاس جو وزن پٿرن کان به ڳرو لڳو. گلاس هن جي هٿ مان ڪري ڀڄي پيو ۽ ٽنگون رڦڻ لڳس. هو تِکو تِکو گيٽ مان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي پيءَ ڌتوءَ جي دوڪان تي پهچي ڏانٽا ٺپڻ ۾ جنبي ويو.
    هن ڌنوڻيءَ جي پنکي کي تيز ڪندي ڪنهن مهل ڏانٽي جو هڪ پاسو ٿي رکيو ته ڪنهن مهل ٻيو سرو باهه ۾ ٿي وڌائين... ضميران جو چهرو هرَ هرَ سندس اکين جي اڳيان ڦرڻ ٿي لڳو... هن ڏانٽي کي پاڻي ۾ ٿي ٺاريو ته کيس پاڻيءَ جي لهرن ۾ هن جا ڊگها وار دُنهه جي شڪل ۾ ٿي نظر آيا.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن ڪڻڪ ۾ لابارو زور تي هو ۽ ڳوٺ جا سڀئي مرد ۽ زائفائون ڪڻڪ جي لاباري ۾ رُڌل هئا ته ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ چوڌري مراد جي نياپي تي عمران عرف پهلوان چوڌري جي گهر آيو ۽ چوڌري جي شفقت ۽ مُرڪ کي مهرباني ۽ نوازش سان ڀيٽيندي واپس گهر وڃي پنهنجي ماءُ کي ضميران جي رشتي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
    شام ڌاري جڏهن دتو لوهار گهر آيو، قميص لاهي ٽنگڻيءَ تي ٽنگيائين ۽ کٽ تي ويٺو ته جوڻهنس ڪَن کڻندي چيس، ”هيڏانهن ٻُڌ! اسانجو پُٽ بي-اي ڪريو ويٺو آهي ۽ چوڌري مراد جي ڌيءَ صفا اڻ پڙهيل... هونئن به هُن جي برادريءَ ۾ ڪو رشتو ڪونهي... ڇو نه پاڻ چوڌريءَ کان سڱ گهرون.“
    دتوءَ حُقي جي ڦوڪَ ڀريندي چيو، ”آئون ته مراد کي منهن ۾ به ڪونه ڏسان... هو ته انسان جي روپ ۾ حيوان آهي... حيوان..!“
    ايئن چئي هو گنجي ڇڪي ان سان پگهر اگهي ليٽي پيو، ڄڻ مٿس ان ڳالهه جو ڪو اثر ئي نه پيو هو.
    ايتري ۾ پٽهنس گهر ۾ گهڙيو.
    دتوءَ هٿ ۾ لٺ کڻندي کيس سڏيندي چيو، ”اڙي ڪُتي جا پُٽ! چوڌريءَ کان منهنجا هڏ گڏ ڀَڃرائيندين ڇا.... هو پنهنجي ڌيءَ کي ڪنوارو ويهاري ماري ڇڏيندو... پر اسان جهڙن غريبن سان مائٽي نه ڪندو... خبردار...! چُپڙي ڪري ويهي رهو. آئنده ضميران جو نالو به نه وٺج.“
    عمران جي امڙ پاڙي جي ڪجهه ماين سان ڳالهايو، پر ڪا به ساڻس گڏ هلڻ جي لاءِ تيار نه ٿي، هنن ’جيران‘ کي اڪيلو ئي چوڌريءَ جي گهر وڃڻ جي لاءِ راضي ڪيو.
    جيران صفا ساڌي ۽ نيڪ نيت عورت هئي، سو هوءَ ميٽ چٻاڙيندي چوڌري جي گهر پهچي ويئي... چوڌريءَ جي ڌيءَ ضميران کيس ويهڻ جي لاءِ چيو، هوءَ کٽ تي ويهڻ جي بدران پٽ تي ويهي رهي ۽ ضميران کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻُڌائي، هن خوشيءَ سان کيس چوڌري مراد سان ڳالهائڻ جي لاءِ چيو، ايتري ۾ چوڌري مراد به اچي پهتو. هو جيران کان حال احوال وٺي وڃڻ لڳو ته پٺيان چيس، ”ادا چوڌري مراد! الله شل تنهنجون مرادون پُڄائي... اڄ آئون پنهنجي پُٽ کي تنهنجو پُٽ بنائڻ جي لاءِ آئي آهيان.“
    چوڌري مراد جو پُٽ تيمور اندر ڪمري ۾ ويٺو اها سڄي ڳالهه ٻولهه ٻُڌي رهيو هو. اهو ٻڌي چوڌري مراد تپي باهه ٿي ويو ۽ هن مينهن جيان رنڀ ڪندي چيو ”آئون .... آئون .... چوڌري مراد .... چوڌري افضل جو پُٽ ... چوڌري بهادر جو پوٽو... سو پنهنجي ڌيءَ جو سڱ هڪ گهٽ ذات ڪميءَ کي ڏيان... نڪر منهنجي گهر مان...... خبردار جو اها ڳالهه ڳوٺ ۾ ڪنهن کي پوي ته تون منهنجي گهر ڪهڙي ڪم سان آئي هئين، اسين ته خراب نسل جا گهوڙا ۽ وهٽ به نه رکندا آهيون... انسان ته پري جي ڳالهه آهي... ۽ ها جي هاڻ تنهنجو پُٽ منهنجي حويلي ڏانهن ايندو ته ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڪتن جي اڳيان وجهندو سانس!“
    جيران ڊڄندي تکي تکي حويليءَ مان نڪري پنهنجي گهر رواني ٿي.
    ڪجهه هفتن کانپوءِ چوڌري مراد جي پُٽ تيمور کي ٽپالي هڪ رجسٽر خط ڏيئي ويو. هن خط کوليو ته مُرڪي پيو، هن آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي لاءِ جنهن ڪنسلٽ کي چيو هو. ان کيس ٻي ڏينهن صبح جو انٽرويو جي لاءِ پنهنجي آفيس گهرايو هو.
    هوءَ انٽرويو ڏيئي خوشيءَ سان گهر وريو، جيتوڻيڪ چوڌري مراد کيس آمريڪا موڪلڻ تي راضي نه هو، پر هن پنهنجي سڪيلڌي پُٽ جي خواهش رد به ڪرڻ نٿي چاهي.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چوڌري مراد پنهنجن ڪجهه نوڪرن سان کيس پنهنجي ڊبل ڪئبن گاڏيءَ ۾ ويهاري ايئرپورٽ ڇڏڻ ويو. واپسيءَ تي کيس خبر پئي ته دتو لوهار جو پُٽ عمران به هڪ هفتي کانپوءِ آمريڪا وڃي رهيو آهي، ڇو ته کيس بي-اي ۾ ٽاپ ڪرڻ تي آمريڪا ۾ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي ويئي هئي ۽ هاڻ هو آمريڪا جهڙي مهنگي ملڪ جي بهترين يونيورسٽيءَ ۾ مفت پڙهي سگهندو.
    وقت گذرندي دير ئي نٿي لڳي. چوڌريءَ جي پُٽ آمريڪا ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا ۾ ئي ڪنهن ڪمپني ۾ اعليٰ عهدي تي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اتي ئي شادي ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو هن منصور رکيو. دتو لوهار جو پُٽ عمران تعليم پوري ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ هن لوهارن جي ڪٽنب مان هڪ سُهڻي ۽ سُگهڙ ڇوڪريءَ مان شادي ڪئي، ڪجهه وقت ٽڪڻ کانپوءِ هو واپس آمريڪا هليو ويو. جتي عمران کي هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو هن فائزه رکيو.
    ويهن سالن جي عرصي ۾ چوڌريءَ جو پُٽ رڳو ٻه ڀيرا ڳوٺ آيو هو. ان دوران چوڌري مراد جو پوٽو منصور به جوان ٿي ويو هو ۽ هن آمريڪا جي جنهن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائي پي، ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ دتو لوهار جي پوٽي فائزه به پڙهي رهي هئي. منصور کيس ڏٺو ته مٿس اَڪن ڇڪن ٿي پيو هوءَ به منصور کي پسند ڪرڻ لڳي. منصور پنهنجي پيءُ کي فائزه جي رشتي گهرڻ تي زور ڀريو، فائزه جي پيءُ پنهنجي ڌي جي رضامندي ۾ خوشي محسوس ڪئي، جڏهن ته منصور جي پيءَ تيمور ڊپ سبب پنهنجي پيءُ چوڌري مراد کي سڄو احوال ڏنو ۽ کانئس اجازت گهري. چوڌري مراد فقط هڪ جملو چئي، پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي، ”اسين نيچ ذات ڪمين مان پُٽ ته پرڻائي ايندا آهيون... پر پنهنجون ديئرون پرڻائي ڪونه ڏيندا آهيون... منهنجي سڪيلڌي پوٽي جي خواهش رد متان ڪرينءَ.“
    منصور جي فائزه سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ٿي گذري، ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن گهوٽ ۽ ڪنوار پنهنجن مائٽن سان ملڻ جي لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ پهتا ته بس اسٽيشن کان وٺي چوڌريءَ جي حويليءَ تائين گلن جي ورکا ڪندي ڳوٺ جا ميراثي، موچي، حجام ۽ لوهار دهل جي وڄت تي جهمريون هڻندا کيس وٺي پي ويا. هنن جي لاءِ ڄڻ زمين مان ڪو پوريل خزانو نڪري آيو هجي، جنهن جي خبر هو چوڌري مراد کي ڏيڻ وڃي رهيا هجن.
    گهوٽ ۽ ڪنوار گهر پهتا ته چوڌري صفا پوڙهپڻ ۽ ضعيفي سبب ٻن نوڪرن جي سهاري اُٿي بيهي ”دتو لوهار“ جي پوٽيءَ کي گلي سان لڳائيندي چيو ”ڌي! تون هن ڪٽنب جي لَڄ آهين!“
    مهمانن جي رش ۽ گوڙ سبب ڪجهه به سمجهه ۾ نه پي آيو.. چوڌري مراد جي پراڻي کٽ جي ڀرسان ويٺل ٻڪريءَ جا ڇيلڙا ٻي . ٻي ڪري رهيا هئا، ڀرسان ئي موڙهي تي ويٺل وهي کاڌل ضميران پنهنجن اڇن وارن کي ڦڻي سان سڌو ڪندي، ڪنهن ڪنهن مهل وارن ۾ ڦڻي ڦسڻ تي ”اَئي“ ڪندي وارن مان چيڙهه ڪڍندي سوچي رهي هئي، ”گهٽ ذات ۾ ڌيءَ پرڻائڻ بي عزتي آهي... باقي گهٽ ذات وارن مان پُٽ پرڻائڻ ۾ وري ڪيئن عزت ٿي؟“


    راهب

    ٽيئي دوست ڪنهن غار جي ڳولا ۾ سڄو ڏينهن ٻيلي جي ڪَنڊائتن پيچرن تان هلندي ساڻا ٿي همت هاري چڪا هئا.
    ”مايوس نه ٿيو... اڳيان ٿا هلئون...“ هڪ دوست پُر اميد لهجي ۾ چيو...
    ڀرسان ئي وهندڙ پاڻيءَ جي گهٽ اونهائيءَ ۾ پيل ننڍن ننڍن گول ۽ نرم پٿرين تي پير رکي انهن جي سهاري هو اڳتي وڌيا.
    ”هوءَ سامهون روشني ڏسو.“
    ”ڏيئو پيو ٻري.“
    ”اها ئي غار هوندي.“
    هو اڳتي وڌندا ڀرسان پهتا... هنن ڏٺو ته هو غار جي کاٻي ۽ ساڄي رڍن ٻڪرين کي چارو وجهي رهيو هو... سامهون ڪاٺ جي کوکن جي ڀرسان ڪُڪڙيون ۽ ڪبوتر چُڳي رهيا هئا.
    هُن اڳتي وڌي هِنن کي ڀليڪار ڪيو، کين غار جي اندر تڏي تي ويهاري، هُنن جي خذمت لاءِ کين ڀاڄيون ۽ خشڪ گوشت جو آچار ۽ جڙي ٻوٽين جو خوشبودار قهوو پيش ڪيو.
    هنن ڳالهايو... ”اسانجو شڪ هو ته تون هڪ آدم بيزار شخص آهين... پر تون ته اسان سان محبت سان پيش آيو آهين.“
    هن مُرڪي وراڻيو، ”آئون آدم بيزار آهيان.“
    ”اچ اسان سان هَل.... دنيا تياڳڻ ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ ڪونهي، دنيا ڏاڍي سُندر اٿئي... هل اسان سان ضد نه ڪر... تنهنجو هر شرط مڃڻ جي لاءِ تيار آهيون.“
    ”پر هڪڙو شرط آهي“
    ”ڪهڙو...؟“
    ”پهرين هلي اوهانجي دنيا ڏسندس.“
    ”اُٿ ته هلون!“
    هو شهر جي بلڪل وچ ۾ پهچي بيهي رهيو ۽ شهر ۾ گهمندڙ ڦرندڙ رنگبرنگي ڪپڙن پاتل ماڻهن کي حيرانيءَ مان ڏسڻ لڳو.
    هاڻ کيس رهبانيت کي ترڪ ڪرڻ جو خيال اچڻ لڳو.
    بلڪل اُن مهل پُررونق ۽ کلندڙ ڪڏندڙ شهر ۾ هلندڙ گهمندڙ بي گناهه ماڻهن جي وچ ۾ هڪ شخص پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو.
    ڏسندي ئي ڏسندي چؤ ڏس لاش ۽ گوشت جا ٻيرا پکڙجي ويا ۽ لهوءَ ۾ لَت پت بازار ڪربلا جو منظر پيش ڪرڻ لڳي.
    ڀرسان ويٺل مؤرخ پنهنجي جسم ۾ سُئي سان سوراخ ڪري رت جي مَس سان دنيا جي تاريخ لکي رهيو هو.
    هو ڊوڙندڙ ٻيلي ڏانهن ڀڄڻ لڳو ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ اکين کان گم ٿي ويو.
    پوءِ ... ؟
    هو سدائين جي لاءِ ان غار ۾ ٽڪي پيو
    اُن کانپوءِ....
    صديون گذري ويون، ماڻهو کيس راضي ڪرڻ جي لاءِ سبب ڳولهيندا رهيا.


    لــــڄَ

    ”تقدير جا سَڳا جنميل پنهنجي ئي ڀيڻ ۽ ڀائرن جي ويڳي پڻي جو شڪار ٿي، انهن جي سڳي اولاد جي هٿان ستائجڻ تي صابر به رهن ٿا ۽ نه ٿڙندي پنهنجون جنگي ڪوششون جاري رکن ٿا ۽ پنهنجي وقار جو بچاءُ ڪندي پنهنجي انا تي حرف به اچڻ نه ڏيندا آهن، اهي تحسين جا حقدار آهن.“
    اهي لفظ ڪچري جي ڍڳ تي ڪاڳر ميڙيندڙ خوبصورت ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ کنيل هڪ پراڻي ڪاغذ جي ٽڪري تي لکيل هئا. ڪاغذ ميڙندڙ گلبدن نالي ڇوڪري ڪاغذ تان مٽي ڇندي مٿيان جملا پاڻ ۾ ڳنڍي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، اهو ڪاغذ جو ٽڪڙو ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ نالي ڪهاڻين جي ڪتاب جو هڪ پراڻو صفحو هو.
    جڏهن افسانا، ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهڻ وارا دنيا ۾ گهٽجي وڃن ته انهن ڪتابن کي ”اولڊ بوڪ شاپ“ وارا خريد ڪري پڪوڙن ۽ سموسن جي لاءِ لفافا ٺاهيندڙ کي وڪڻي ڇڏيندا آهن. ڪنهن پڪوڙا وڪڻندڙ کان ان ٽڪري ۾ ڪنهن غريب پنجن روپين جا پڪوڙا خريدي پنهنجو پيٽ ڀريو ۽ پوءِ اهو ڪاغذ ان ڍڳ تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو.
    شيڪو رستي جي ڪناري سائيڪل بيهاري گلبدن ڏانهن يڪ ٽڪ ڏسندي اهو سڄو منظر ڏسي رهيو هو.
    ٿوري دير کانپوءِ ٻه ننڍڙا ٻارڙا اڇي رنگ جا ميرا ڪپڙا پائي هڪ ٻورو گهليندا پشتو زبان ۾ ڪجهه بڙ بڙائيندا شيڪو ڏانهن وڌيا، هو سائيڪل تي چڙهي پيڊل هلائيندو اتان اُٿي ڀڳو، اهو سڀ ڪجهه سندس سمجهه کان ٻاهر هو، ٻنهي ننڍڙن ٻارن سهڻي گلبدن جي هٿن مان اهو ڪاغذ جو ٽڪرو وٺي ٻوريءَ ۾ وجهي، پنهنجي ڪوشش کي جاري رکڻ جو چئي گلبدن کي پاڻ سان وٺي روانا ٿي ويا.
    شيڪوءَ پنهنجي گلوبند کي جهٽڪو ڏيئي، ڪلهي جي ٻي طرف اُڇليو ۽ سائيڪل جي هينڊل تي لڳل پريشر هارن کي زور زور سان وڄائيندو سائيڪل جي اڳيان لڳل ٽوڪريءَ ۾ ”مٺائي“ جا ٽڪرا سڌو ڪندي هوڪا ڏيڻ لڳو.
    ”مٺائي وٺو.... مٺائي وٺو!“
    اُن ڏينهن کانپوءِ جهڙوڪڙ شيڪوءَ جي عادت ٿي ويئي ته هو روزانو مٺائي وڪڻندي اڪثر آباديءَ کان ٻاهر گند، ڪچري جي ڍڳ کي ڏسي ٿوري فاصلي تي بيهي رهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ڪارين شيشن واري بي ڍنگي عينڪ لاهي سج جي ڪرڻن کان پنهنجي اکين کي بچائيندي، هٿن جو شيڊ ٺاهي پري پري تائين ڏسندو ۽ پوءِ کلندو ”مٺائي وٺو.... مٺائي وٺو!“ جا هوڪا ڏيندي آباديءَ طرف هليو ويندو هو.
    هڪ ڏينهن هن جي طبيعت ۾ عجيب بيزاري هئي، هو مٺائي وڪڻڻ جي لاءِ آباديءَ ڏانهن وڃڻ جي بدران، آبادي کان پري گند ڪچري جي هڪ وڏي اروڙيءَ ڏانهن هلڻ لڳو، کيس پري کان ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو هوا ۾ لهرائيندو نظر آيو، هو سائيڪل جي پيڊل کي زور سان هلائيندو، سائيڪل کي سوڙهن ۽ ننڍن پيچرن تان حفاظت سان هلائيندو جڏهن اروڙي کان ٿورو اورتي پهتو ته کيس مايوسي ٿي، ان اروڙيءَ جي چوڌاري ڀوهي مڱن جي فصل کي جهار جي حملي کان بچائڻ جي لاءِ هڪ ڏاهي هاريءَ صليب جيان ڪاٺ کوڙي ان تي ڳاڙهي قميص کي ٽنگي ان جي مٿان ٺڪر جو مَٽ ٽنگي ان کي انسان وانگر پتلو بنائي ڇڏيو هو.
    شيڪوءَ ڪاوڙ مان پري کان ئي هڪ کڙو کڻي ان پتلي ڏانهن اُڇليو، پتلي جون ٻانهون زور سان هوا ۾ هلڻ لڳيون، ڄڻ هو شيڪوءَ کي خدا حافظ چئي رهيو هجي، هو انب جي وڻ جي هيٺان ويهي ساهي پٽڻ لڳو. ان دوران هن پنهنجي مٿي تي ڪا شئي ڪرندي محسوس ڪئي، هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن جي منهن تي اها شئي ٻيهر اچي ڪري، هن پهرين منهن پوءِ مٿي تي هٿ ڦيريو، ايتري ۾ ڪجهه ڪانگ ڪان ڪان ڪندا اُڏرندا نظر آيا. هن پنهنجي هٿن تي هئڊي ۽ اڇي رنگ جي وِٺ لڳل ڏٺي ۽ سنگهندي ئي ٿڪڻ شروع ڪري ڏنو. هن هڪ کڙو کنيو ۽ ڪانگن کي اُڇلي هنيو، پر اهي کڙي جي پهچ کان پري مٿاهينءَ تي اُڏار ڪندا هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.
    هو سائيڪل جي پويان ٻڌل پاڻيءَ جي ڪولر سان مٿو ۽ منهن ڌوئي، منهن ڦٽائي آباديءَ طرف هلڻ لڳو، سائيڪل تي لڳل هوا جي پريشر سان وڄندڙ هارن زور سان وڄائيندو هو، هوڪا ڏيڻ لڳو، ”مٺائي وٺو .... مٺائي وٺو“. ڀرسان آباديءَ ۾ مٺائي وڪڻڻ کانپوءِ هو اڻ ڄاتيءَ مايوسي جي ڪيفيت ۾ گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. گهر جي گهٽيءَ ۾ پهچندي ئي سندس ٻه ننڍڙيون معصوم ٻارڙيون هن ڏانهن ڊوڙيون ۽ سائيڪل جي اڳينءَ ٽائر سان ٽڪرائجي ڪِري پيون، هن هڪدم بريڪ هنيو ۽ هيٺ لهي ڪپڙا ڇنڊيندي کين کڻي هوا ۾ اڇلڻ ۽ کين خوش ڪرڻ جي لاءِ رانديڪو ڏيئي وندرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    جوڻهنس رڌڻي مان ئي سڏيس، ”شفيق اچي ويو آهين؟“
    هن ٿڪَ جا آثار ظاهر ڪندي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، ”جي! تنهنجو شيڪو پهچي ويو آهي“
    ”منهنجي اڳيان ايئن نه چئو... منهنجي لاءِ ته تون شفيق ئي آهين.. باقي ماڻهن توتي اهو نالو رکيو آهي... ڀلا اهو ته ٻڌائي ته شيڪوءَ جو مطلب ڪهڙو آهي؟“ هن کلندي پڇيو.
    ”ڀڄائڻ واري کي چوندا آهن... جيڪو شين جو پيڇو ڪري کين ڊوڙائي... تون به ڪهڙي بحث ۾ پئجي ويئي آهين منهنجي شالو!“ شيڪو جواب ڏنو ”وڃ! منهنجي لاءِ پاڻي ڀري رک ته وهنجي وٺان... گرمي ۾ ساهه ٿو مُنجهي ... پوءِ به ٽي گرهه هڻان!“
    ”ٺيڪ آهي هاڻ مونکي نه شيڪنا شروع ڪرينءَ... وڃان ٿي.“ جوڻهنس کلندي چيو.
    ايتري ۾ چاچا فضلوءَ سڏ ڪندي دروازو کڙڪايو، ”شيڪو او شيڪو!... منهنجا پوٽا انگلينڊ مان آيا آهن... تن جي لاءِ پنج سئو روپين جي مٺائي ته ڏي!“

    ”پنج سئو روپين جي مٺائي ته تمام گهڻي آهي.... تنهنجا پوٽا ماني ڪونه کائيندا آهن ڇا....؟“ شيڪوءَ اٿندي دروازو کوليندي چيو، ”هيتري مٺائي وٺي ڇا ڪندين؟“
    ”چڱو هاڻ بَڪ بَڪ پوءِ ڪج... پهرين مونکي مٺائي ڏي، هو سڀاڻي واپس ويندا... کين مٺائي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻي آهي....“
    شيڪو پنجين سئو جو نوٽ هٿ ۾ وٺندي دروازي تي بيٺي بيٺي فضلوءَ کي چيو.
    ”ٺيڪ آهي... تون ڀلي گهر وڃ... شام جو توکي تازي مٺائي گهر پهچائي ويندس...“
    ”ٺيڪ آهي...! ڀلا منهنجي ننهن شالو ڪٿي آهي؟“
    ”جي چاچا ڪهڙا حال اٿئي؟“ شالوءَ ويجهو ايندي پڇيو، ”فضلو چاچا! اوهانکي ڏسي مونکي پنهنجو بابا مرهيات ياد ايندو آهي... هو ته اوهانجو دوست به هو ۽ اوهان جي شڪل شبيهه به ساڻس ملندي هئي.“
    ”ڌيءَ شالو ! هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي... اهي محبتون ڪٿي.... هاڻ ته تنهنجو مُڙس مونکي دروازي تان ئي بيٺي بيٺي پيو روانو ڪري.“
    اهو ٻڌي شيڪوءَ ڦڪائي سبب نظرون جهڪائي ڇڏيون...
    ”ها پُٽ شيڪو جو ڪم ڪار ته صحيح پيو هلي نه.... ڪا ڏکيائي پيش اچي ته مونکي متان وسارجو.“
    ”الله اوهانکي خوش رکي چاچا.... ڏک سُک پنهنجي چاچي فضلوءَ کي نه ٻُڌائينديس ته ٻيو ڪنهن کي ٻڌائينديس.“
    ”چاچا فضلو اندر اچي ويهه... ٿوري ساهي پٽ تيسين گرم گرم مٺائي به ڪڍي ٿو وٺان.“ شيڪو سندس هٿ جهليندي چيو.
    ”نه شيڪو هلان ٿو...“ ايئن چئي فضلو هليو ويو.
    شيڪو وهنجي سَهنجي ٻاهر نڪتو ته پاڻ ۽ جوڻهنس شالو اڱڻ ۾ شهتوت جي وڻ هيٺان ويهي ڳالهيون مُهاڙيون ڪرڻ لڳا. ”تون ڪيڏي نه سُهڻي آهين شالو... منهنجو ڪيترو نه خيال ٿي رکين.“

    ”چڱو چڱو هاڻ مَسڪو نه هڻ... ڄڻ مون کان سواءِ ڪنهن ڏانهن اک کڻي به نه ٿو ڏسين.... گهٽين ۾ هوڪا ڏيندي سُهڻيون سُهڻيون مايون ڏسندي تنهنجي دل چوندي هوندي ته انهن ۾ مٺائي مفت ۾ ورهائي ڇڏيان...“
    شيڪو ٽهڪ ڏيئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ مٺائي ٺاهڻ لاءِ باهه ٻاري ان تي ديڳڙي رکي ڪم ۾ لڳي ويو.
    صبح جو هو گهران نڪرندو هو ته پاڙي جون ڇوڪريون کيس پاجي پاجي.... چئي بيهڻ جو اشارو ڪندي کائنس پنجن ۽ ڏهن روپين جي مٺائي وٺنديون هيون.
    هو هڪ پاڙي مان لنگهندي هوڪا ڏيندو اڳيان وڌندو پي ويو ته کيس سامهون گلبدن ايندي نظر آئي..... ميرن ۽ اٻالڙن ڪپڙن جي باوجود ڄڻ سونهن جي ديوي لڳي رهي هئي. سندس پويان ٻه ميرن مُنجهيل ۽ اڻڀن وارن وارا ٻارڙا هٿن ۾ ٻورو کڻي هلي رهيا هئا.
    شيڪو جي سائيڪل ٿڙي ڀت سان وڃي لڳي، گلبدن ۽ ٻارڙن کان کل نڪري ويئي. سائيڪل ڪِرڻ جي ڪري مٺائي جي ٽوڪري به اُٿلي پئي ۽ سڄي مٺائي پٽ تي وکري ويئي.
    مٺائيءَ کي پٽ تي ڪرندي ڏسي پاڙي جا ٻارڙا مڙي آيا ۽ مٺائي کڻي ڀڄڻ لڳا.
    سائيڪل تان ڪرڻ جي ڪري شيڪو جي ٽنگ مان وهندڙ رت سبب گلبدن سنجيده ٿي ويئي ۽ هن پنهنجي ٻوري مان آيوڊين جو ٽنڪچر ڪڍي هڪ پراڻي ڪپهه جي ٻُڙي سان جيڪو هن ڪنهن اروڙيءَ تان کنيو هو، هن جي زخم تي هنيو ۽ سور سبب ڪنجهندي هو هن ڏانهن ڏسڻ لڳو، گلبدن ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ ٽنڪچر هڻڻ کانپوءِ پنهنجي وات ۾ چيوگم چٻاڙيندي اُٿي کڙي ٿي.
    هن منڊڪندي اُٿي سائيڪل سڌي ڪئي ۽ پيڊل تي پير رکي آباديءَ کان ٻاهر اروڙيءَ وٽ ”ڪيڪڙ“ جي وڻ جي هيٺان وڃي ويٺو. گلبدن به هلندي هلندي اچي ان اروڙيءَ تائين پهتي ۽ اتان پراڻي گتي ۽ ڪاغذ چونڊي پنهنجي ٻوري ۾ وجهڻ لڳي. هوءَ پلاسٽڪ ۽ شيشي جون ڀڳل ٽٽل بوتلون به گڏ ڪري رهي هئي.
    هن اُٿي اروڙيءَ جي ڀرسان پهچي، گلبدن کي مخاطب ٿي چيو، ”روزانو ڪيترا ڏوڪڙ ڪمائيندي آهين؟“
    ”ٻه اڍائي سئو روپيا... بس ماءُ پيءُ جي مري وڃڻ کانپوءِ ننڍن ڀيڻن ڀائرن جو پيٽ پالي رهي آهيان.... الله جو شڪر آهي.“
    هن جي پنهنجي ڪمائي به ڏيهاڙي پنج سئو روپيا مشڪل سان هئي. هن پنهنجي کيسي مان هزار جو نوٽ ڪڍي چيو، ”توکي هر روز هزار روپيا ڏيندس، بس تون رڳو ٿوري دير مونسان گڏ هلندي ڪر.“
    اهو ٻُڌي هوءَ ڪاوڙ سبب تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، وس پُڄيس ها ته هٿ ۾ جهليل شيشي جي ٽٽل بوتل سندس ڪاري ٻوٿ تي واهي ڪڍي ها.
    هن شيطاني مُرڪ سان مڇين تي هٿ ڦيريندي اڳيان وڌي گلبدن جي ٻانهن جلهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    هوءَ هٿ ڇڏائي اُٿي ڀڳي ۽ پريان بيهي چوڻ لڳي، ”ڪمينا! هزار جو نوٽ وٺڻ واري هُجان ها ته اروڙيءَ تان ڪاغذ ميڙيان ها ڇا؟ “


    ٻه ننڍيون ڪهاڻيون

    خاموش بابا

    هر غلط ڳالهه تي روڪڻ ۽ نصيحت ڪرڻ جي ڪري سڀ تنگ ۽ پريشان هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ بابا جي نظر ڪمزور ٿي ويئي ۽ ڪنن کان به ڳرو! ڪيترن ئي اي.اين.ٽي اسپيشلسٽن کان چيڪ اپ ڪرائي چڪو هو.
    ڪن جو چوڻ هو.
    شايد پويان کان نظر ختم ٿي ويئي آهي. ڪارو موتيو به ٿي سگهي ٿو. ڪنن جا پردا به ٺيڪ آهن. باقي ٻُڌڻ جو مسئلو برقرار آهي. ٿورو گهڻي نظر پوندي به اٿس... پري جي نظر وڌيڪ ڪمزور اٿس. کيس جڏهن به ڏسڻون هوندو هو ته هو ڪارن شيشن واري عينڪ پائيندو هو.
    ڪنن جي مرض بابت ڪنهن کي به ڪا آخري تاريخ معلوم نه هئي. گهر ۾ نهرون، ڌيئرون ۽ ٻار هن جي اڳيان هر راز هڪٻئي سان سلي ڇڏيندا هئا.
    بابا نه ٻُڌندو هو نه ڏسندو هو.
    هڪ ڏينهن، هُن جي ننڍپڻ جو دوست مشهور زميندار نور خان ساڻس ملڻ آيو.
    هو ملڻ سان ئي کيس گهر جي ڇت تي اُس ۾ وٺي آيو.
    ”تون ڪڏهن کان ٻُڌين ۽ ڏسين نٿو!؟“ نور خان، بابا کان آهستڙي پڇيو.
    هن جلدي وراڻيو، ”جڏهن کان ان جو ڪو فائدو ڪونهي.“


    ٻارڙي

    ننڍڙي پتڪڙي گڏيءَ جهڙي آهي هوءَ...
    سڀ چون ٿا پاپا کيس ججهو ٿو پيار ڪري
    پر پاپا چوي ٿو، سڀ ڪوڙ ٿا ڳالهائين
    پوءِ هو روزانو کيس پاڻ سان گڏ ڇو ٿو سُمهاري
    کيس پاڻ وٽ ويهاري گرهه ڀَڃي ڇو ٿو کارائي
    ٺيڪ آهي، اسين وڏا آهيون، پر پيار جو حق اسانجو به آهي.
    پاپا چيو
    اوهان سڀني کي غلط فهمي ٿي آهي، آئون اوهان سڀني سان پيار ٿو ڪريان.
    ائين ڪونهي.
    ڇو ڪونهي.
    ايئن ئي آهي.
    اها نا انصافي آهي.
    ڪهڙي نا انصافي! منهنجي لاءِ اوهين سڀ برابر آهيو، آئون اوهان سڀني سان هڪجيترو پيار ٿو ڪريان.
    نه نه ... ائين ڪونهي...
    ٻُڌو!
    ننڍڙي پتڪڙي معصوم گُڏڙي مون کان سواءِ هڪ پل به رهي نٿي سگهي، گهر ايندو آهيان ته منهنجي لاءِ پاڻيءَ جو گلاس ڀري کڻي ايندي آهي... منهنجا جوتا ۽ جوراب ڪمري ۾ سنڀالي رکندي آهي ۽ منهنجي ڀيرن ۾ چپل پهرائيندي آهي، مونکي گهر ۾ گهڙندي ئي هن جي چهري تي کيڏندڙ معصوميت ڏسي ٿڪاوٽ جو احساس ختم ٿي ويندو آهي.
    ته ڇا ٿي پيو؟
    آئون کيس پيار ڪري سندس پيار جو جواب نه ڏيان...؟


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428671
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ