ڪتاب جو نالو: سِڪ سڄڻ يار جي
مصنف: حاجي عبدالڪريم سنگهار
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 22 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 1002 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 396 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • تعارف
  • وڏو ڀاڳ سَندون
  • ڏات ناهي ذات تي، جو وهي، سو لهي...!
  • باب پهريون : سِڪ سڄڻ يار جي
  • باب ٻيو: منهنجو رفيقن کان ڌار ٿيڻ
  • باب ٽيون : هڪ عجيب لقاءُ
  • باب چوٿون : مدرسي ۾ داخلا
  • باب پنجون : هڪ عجيب واقعو
  • باب ڇهون : مڪو شريف ۽ حج پڙهڻ
  • باب ستون : واپسي جو سفر
  • باب اٺون : يادگار واقعا

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (238) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
    هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    تعارف

    درگاهه حاجي خير محمد شاهه جي خليفي عارب سنگهار جي وفات تي عذرخواهيءَ لاءِ منهنجو سندن ڳوٺ ديهه جمناسر، تعلقو ڪيٽي بندر، ضلعو ٺٽو ۾ سندس تڏي تي وڃڻ ٿيو. اتي خليفي عارب سنگهار جي مٽن مائٽن ۽ عزيزن قريبن سان گڏ منهنجي ملاقات هاجي عبدالڪريم سنگهار سان به ٿي. سندس اوطاق تي اچي ڪچهري ڪرڻ دوران پاڻ ٻڌايائين ته هُن 1956ع ۾، جڏهن سندس عمر فقط 22 سال هئي، پيرين پنڌ وڃي حج پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي، ۽ پوءِ منهنجي اسرار ڪرڻ تي، هُن مونکي سندس سفر جو احوال ٻڌايو، جيڪو مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳو ۽ مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو ته هھڙي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀريل مواد رڪارڊ تي اچڻ گهرجي نه ته اِهو سمورو معلومات ۽ مشاهدات جو خزانو وقت سان گڏ زمين ۾ دفن ٿي ويندو.
    پوءِ مون حاجي عبدالڪريم سنگهار ولد حافظ احمد سنگهار تي زور ڀريو ته هُو سندس سفر جو سمورو احوال لکي. اول ته حاجي صاحب لهرايو ۽ ڳوٺ ناٿن ڪئي ته، ”منهنجي سفر کي لڳ ڀڳ سٺ سال ٿي ويا آهن، سو گهڻيون ڳالهيون ته وسري ويون آهن. ملڪن ۽ شهرن جا نالا به ياد ڪونه رهيا آهن. ٻي ڳالهه ته منهنجا اکر ڪچا ۽ لکڻ جو جڏو! سو هيءُ ڏکيو ڪم مون کان ڪونه ٿيندو!؟“ پر پوءِ به آئون نه ڇڏ ٿي لڳوسانس ۽ بِنهه پٺيان پئجي ويو سانس، تڏهن مس مس وڃي هُن اُهو سفرنامون لکيو.
    توڙي جو سٺ سالن جو ڊگهو عرصو گذرڻ جي ڪري کانئس واقعي گهڻيون ڳالهيون وسري ويون هيون، پر پوءِ به جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، سو تمام گهڻو معلوماتي ۽ دلچسپ آهي. خاص طور تي انهن شائقينن لاءِ، جيڪي مهم جوءُ طبيعت جا آهن ۽ يا انهن حضرات لاءِ پڻ، جيڪي اڄڪلهه جي جديد دؤر ۾ اِهو سفر پُر آسائش ۽ آرام دهه هوائي جهازن ذريعي ڪن ٿا.
    هيءُ سفرنامون پڙهڻ سان، دورانِ سفر جي پيش ايندڙ واقعن، تڪليفن، ڏکن، مشڪلاتن ۽ همدردين جو بي مثال ذڪر ملي ٿو. اُتي عرب علائقي جي مختلف ملڪن، جن جون اُن وقت ڪي واضح سرحدون به نه هيون، جون سياسي، سماجي، علمي ۽ جاگرافيائي حالتون پڻ معلوم ٿين ٿيون.
    هِن سفرنامي ۾ اُتي جي مقامي توڙي ٻين ملڪن جي اجنبي ماڻهن لاءِ سرڪار طرفان ڪفن دفن جي سهوليت جي جوڳي انتظام جي به خبر پوي ٿي. جتي چور مسافرن جو سامان چورائي ٿي ويا، اُتي وري مقامي ماڻهن طرفان ماني کارائڻ، پاڻي پيارڻ ۽ رات ترسائڻ سان گڏ مالي مدد ۽ اخلاقي همدرديءَ جا پڻ تمام گهڻا مثال ملن ٿا. جتي هڪڙو سنڌي پنهنجي بيمار زال کي جبلن ۾ بي يارو مددگار ڪري پٿرن سان دفن ڪري، جهنگلي جانورن جي وچ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃي ٿو هليو، اُتي وري ٻيو سنڌي ماڻهو، اُن اڻ شناس بيمار ۽ بي حال لاچار عورت کي جهوليءَ ۾ وجهي ڪلهن تي کڻي، سندس علاج ڪرائي کيس منزلِ مقصود تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هِن سفرنامي ۾ انهن ڪمزور ۽ ضعيف پوڙهن مردن توڙي عورتن جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪي حضور سائين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي سِڪ ۽ محبت ۾ سفر جون تڪليفون همت ۽ حوصلي سان برداشت ڪري به هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا. ته ٻئي پاسي وري ڪي نوجوان مرد سفر دوران پنهنجي مائٽن توڙي عزيزن کي به اڪيلو ڇڏي هليا ٿي ويا. ڪٿي ڪي اجنبي ماڻهو ڪيئن ٻين جي مدد ڪن ٿا ته ڪٿي وري ڪيئن پنهنجا به بي وفائي ڪن ٿا.
    هن سفرنامي ۾ جتي شيخ محمد، شيخ ناصر ۽ شيخ عبدالله جهڙن اعليٰ ظرف رکندڙ نيڪ انسانن جي حُسنِ ڪارڪردگيءَ جو ذڪر به ملي ٿو ته اُتي گڏ سفر ڪندڙ ٽرڪ جي مسافرن جي ڪم عقلي ۽ غلط فهميءَ سبب ڪيل جهيڙي جو به ذڪر ملي ٿو.
    آخر ۾ آئون ٿورائتو رهندس محترم علي محمد پرويز صاحب جو، جنهن مواد کي پڙهيو، درست ڪيو ۽ ترتيب ڏيئي ڇپائڻ ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. ۽ پڻ سچائي اشاعت گهر دڙو جي محترم يوسف سنڌيءَ جا ٿورا، ٿورا نه چئبا، جنهن بنا ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ معاوضي جي، پنهنجي اداري طرفان هيءُ سفرنامون ڇپرائي اسان تائين پهچايو. سندن لک قرب.
    پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.

    15 اپريل 2016ع
    غلام حسين گلڙي بلوچ
    ٻگهاڻ- ضلع ٺٽو، سنڌ
    03122059013
    *


    وڏو ڀاڳ سَندون

    حاجي عبدالڪريم سنگهار جي هن سفرنامي ”سڪ سڄڻ يار جي“ پڙهڻ کان ڪي ٿورا ڏينهن اڳ مون مائيڪل ولف جي مشهور ڪتاب ”One Thousand Road to Makkah“ جو اردو ترجمو: ”مکہ مکرمہ کے ھزاروں راستے“ پڙهي پورو ڪيو. مائيڪل ولف آمريڪي آهي، جيڪو اسلام کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو ۽ سندس اسلامي نالو عبدالمجيد رکيو ويو، هو پنهنجو پورو نالو مائيڪل عبدالمجيد رؤلف لکندو آهي، پر قلمي نالو مائيڪل ولف ئي اٿس. هن جا ڪيترا ئي ڪتاب لکيل آهن جن ۾ هڪ ڪتاب سندس حج جو سفرنامو (حج: هڪ آمريڪي جو سفر حج) The HADG: An American’s Piligrimag to Makkah به شامل آهي. سندس ڪتاب ”On Thousand Road to Makkah“ 1997ع ۾ ڇپيو، اٺ سئو کان به وڌيڪ صفحن جي هن ڪتاب ۾ مائيڪل ولف ڪُل 23 سفرنامن جي چونڊ ڪري انهن کي پنجن تاريخي دورن ۾ تقسيم ڪري ان سان مختصر تعارفي مضمون شامل ڪري ڏنا آهن. هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن جي دوران مسلمانن ۽ غير مسلمانن جيڪي مڪي ويا هئا، حج جي باري ۾ ۽ پنهنجي ان سفر جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو ڏٺو ويو آهي. ڪتاب ۾ شاعرن، سرڪاري اعليٰ آفيسرن، راڻين، اسڪالرن، ناول نگارن، جاسوسن، وجو ريت جي نظريي جي پيرو ڪارن ۽ ايمان ڪامل رکندڙ جا سفر ناما ڏنا ويا آهن. ۽ جن غير مسلمانن جا سفرنامه ڏنه ويو آهن، انهن مان ڪي تجسس ته باقي ٻين جاسوس بنجي حج جو اهو سفر ڪيو. جيئن انگريز ليکڪ رچرڊ برٽن، جنهن هندستان ۾ به سرڪاري آفيسر بنجي برطانوي حڪومت جي خذمت ڪئي ۽ سندس سنڌ بابت مشهور ڪتاب جو ”سنڌو ماٿري ۽ ان ۾ وسندڙ قومون“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ ترجمو ڇپرايو آهي.
    ڪتاب جو پهريون سفرنامو نعرو خسر مارس جو آهي جنهن 1050ع ۾ حج جو سفر ڪيو ۽ آخري باب مائيڪل ولف جو آهي، جنهن 1990ع ۾ حج جو سفر ڪيو.
    هزارين سالن جي حج جي سفرنامي جي اها چونڊ پيرين پنڌ حج ڪرڻ لاءِ نڪرڻ کان وٺي جيٽ دور جي حج تائين پهچي ٿي.
    هاڻ ته حج جو سفر ڏاڍو آرام وارو ٿي ويو آهي، اهو فاصلو جيڪو اڳ مهينن، سالن ۾ طئي ڪبو هو، هاڻ ڪلاڪن تي اچي پهتو آهي، سفر جي انهن آسانين جي ڪري حاجين جو تعداد به وڌيو آهي، اڳ حج تي هر سال حاجين جو تعداد جيڪو ڪجهه هزارن ۾ هوندو هو سو هاڻ 25 لکن تائين اچي پهتو آهي ۽ هر سال سڄي دنيا مان حج جي لاءِ خصوصي هوائي سروسز شروع ڪيون وينديون آهن.
    مائيڪل ولف جي مذڪوره ڪتاب پڙهڻ سان احساس ٿئي ٿو ته هزارين ماڻهو سفر جون ڪيڏيون نه تڪليفون برداشت ڪندا هئا ۽ هزارين ماڻهو ته پنهنجي منزلِ مقصود تي پهچڻ کان اڳ رستي ۾ ئي يا ته ڦورن هٿان ڦرجي لُٽجي مارجي ويندا هئا يا وري ٻين بلائن ۽ بيمارين جو شڪار ٿي ويندا هئا. مائيڪل وفل ڪتاب جو انتساب ئي اهڙن ماڻهن جي نالي ڪيو آهي، ”انهن جي نالي جيڪي سوين سال اڳ مختلف قافلن جي صورت ۾ گڏجي نڪرندا ته حج ڪرڻ جي لاءِ هئا، پر الله جي گهر تائين پهڻ کان اڳ ئي رستي ۾ ڦورن ۽ لُٽيرن جي هٿان مارجي ويا، حج جي شروعات جيڪڏهن گهر مان نرڪندڙ پهرينءَ وِک سان ٿئي ٿي ته انهن جو حج الله تعاليٰ قبول فرمائي ورتو هوندو.“
    جڏهن محترم سائين پرويز مونکي حاجي عبدالڪريم سنگهار جو 1956ع ۾ پيرين پنڌ ڪيل هي سفرنامو ڇپرائڻ لاءِ ڏنو ته مون اهو سرسري پڙهڻ شروع ڪيو ۽ مونکي ايترو ته دلچسپ لڳو جو بٺوري کان حيدرآباد ويندي مون سفر ۾ ئي پڙهي ورتو ۽ خيال آيم ته جي هي سفرنامو اڳ لکجي ۽ ڇپجي ها ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ها ته ولف هن کي ضرور پنهنجي مٿينءَ ڪتاب ۾ شامل ڪري ها.
    حاجي صاحٻ جو هي سفرنامو سادي سودي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. جيتوڻيڪ ليکڪ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي، پر واهه جي آهي! ۽ واقعن ۾ تسلسل هئڻ سان گڏ، پڙهندي ڪٿي به دلچسپي جو عنصر ٽٽندي محسوس نٿو ٿئي. هاجي صاحب جڏهن اهو سفر ڪيو هو ان وقت مڪي ۽ مديني ۾ اڃا جديديت جي ٻوڏ نه آئي هئي ۽ ايتريون سهولتون به نه هونديون هيون، جيڪي هاڻ آهن ان وقت مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جون عمارتون اڃا قديم زماني جون قائم هيون. هينئر ته مسجدالحرام ۽ مسجد النبوي جون عمارتون شاندار اڏاوتي نمونا آهن ۽ انهن ۾ هر قسم جون سهولتون ايئرڪنڊيشن، واٽر ڪولر وغيره مهيا ڪيا ويا آهن، جيئن حاجين کي تڪليف نه ٿئي ۽ هو پنهنجو فرض سڪون، اطمينان ۽ آرام سان ادا ڪن ۽ سعودي حڪومت انهن ۾ توسيع جو ڪم مسلسل جاري رکيو پئي اچي ۽ ان تي دل کولي خرچ به ڪري ٿي. مثال طور: آئون جڏهن اپريل، مئي 2013ع ۾ عمري تي ويو هئس ته ڪعبي جي چوڌاري طواف لاءِ اڏيل ٽريڪ جي اڃا اڏاوت شروع ئي نه ٿي هئي ۽ ان وقت مسجد الحرام جي توسيع ڪم ۾ باب عبدالله جو واڌارو ڪيو پي ويو، جيڪو هاڻ ٺهي ۽ کلي چڪو آهي.
    الله تعاليٰ جتي سعودي عرب جي سرزمين کي ڪعبي شريف ۽ روضي پاڪ رسولﷺ جهڙا سڳورا هنڌ عنايت ڪيا آهن، اتي معدني دولت، خاص ڪري پئٽرول سان به مالا مال ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سعودي عرب جو نقشو ئي بدلجي ويو آهي، پر سعودي رهاڪن جي زندگيءَ جو معيار به بدلجي ويو آهي. پئٽرول ڊالر کان اڳ سعودي عرب جي معيشيت جو گهڻو مدار هاجين جي آمد، انهن کان اوڳاڙجندڙ حج ٽئڪس ۽ واپار وڙي تي هوندو هو. پئٽرول ڊالر اچڻ کان پوءِ ڳالهه ئي ٻي ٿي ويئي، هڪ سياح پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته، ”1954ع ۾ حاجين کان جيڪي ڏهه ملين اسٽرلنگ پونڊ ٽئڪس طور حاصل ٿيا هئا، اهي تيل مان حاصل ٿيل دولت جي سمنڊ ۾ هڪ ڦڙي کان وڌيڪ نه هئا.“
    سال ٻن کانپوءِ سعودي حڪومت اهو حج ٽئڪس حاجين تان معاف ڪري ڇڏيو. پئٽرول ڊالر اچڻ جي ڪري تعميراتي ڪم به وڏي پئماني تي ٿيڻ لڳو ۽ اڏاوتي ڪم هڪ اندسٽري بنجي ويو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. جنهن سان نه رڳو مڪي ۽ مديني جي پراڻي شڪل ئي بدلجي ويئي آهي پر اهي ٻئي سفر وڏا ڪارباري هنڌ به بنجي ويا آهن. هن وقت ٻنهي شهرن ۾ ڪيترائي وڏا وڏا شاپنگ مال اڏجي چڪا آهن، جن ۾ دنيا جي هر شئي ججهي تعداد ۾ وڪري لاءِ موجود آهي. ان جو هڪ مثال مسجد الحرام جي اڳيان رڪن يماني واري پاسي اڏيل هڪ وڏو عمارت ”وقف عبدالعزيز شريفين“ آهي. جنهن جي مٿان ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ”مڪه ڪلاڪ ٽاور“ به اڏيو ويو آهي. اها عمارت هن وقت دنا ۾ ٻيو نمبر وڏي عمارت آهي، جيڪا سڄي واپاري مقصدن لاءِ اڏي ويئي آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي شاپنگ مالس به آهن، جن ۾ هڪ ريال کان وٺي لکين ريالن تائين، سُئي سڳي کان وٺي موٽر ڪارين تائين خريد ڪري سگهجي ٿي، ان جاءِ تي ڪنهن وقت تاريخي قلعو الجياد هوندو هو. جنهن کي سعودي حڪومت ڊاهي ڇڏيو.
    تنهن کانسواءِ هر سال 25 لک حاجين کانسواءِ لکين عمري لاءِ ايندڙ زائرين جي خريدوفروخت به سعودي معيشيت لاءِ وڏي ٽيڪ بنيل آهي، ۽ سعودي عرب به هر سال حاجين لاءِ وڌ ۾ وڌ سهولتون پيدا ڪري انهن جو جيڪو تعداد وڌائيندو پيو وڃي، ان جي پسمنظر ۾ ديني خذمت سان گڏ واپاري مزاج به شامل آهي.
    حج اسلام جو اهڙو رڪن آهي، جيڪو رڳو ان مسلمان تي فرض آهي، جيڪو ان جي سگهه رکندو هجي، جيئن قرآن ۾ فرمايل آهي ته: ”جيڪو الله جي گهر تائين پهچڻ جي سگهه رکندو هجي، اهو حج ڪري (آل عمران 981) يا جيئن حديث نبوي ۾ آهي ته: ”حج اهو ڪري جنهن وت حج لاءِ گهربل ثمر ۽ سواري ميسر هجي.“ پر جنهن کي سِڪ سڄڻ يار جي..... تنهن کي نه گهر جي نه ٻار جي...... سو حاجي عبدالڪريم سنگهار کان به اهو سفر سِڪ ئي ڪرايو.
    وري حاجي صاحب حج جو اهو سفر جوانيءَ ۾ ڪيو، سو به پيرين پنڌ ۽ بنا ڪنهن ثمر جي جاوني جي توبه ۽ دينداري لاءِ ڪنهن فارسي شاعر چيو آهي.
    در جاوني توبه کردن شيوه پيغمبري،
    وقت پيري گُرگ ظالم مي شود پرهيز گاري.
    ]جواني ۾ توبه ڪرڻ پيغمبرن جو طريقو آهي، ٻڍاپڻ ۾ ته ظالم بگهڙ به پرهيز گار بنجي وڃي ٿو.[
    ان سفر ۾ پاڻ جيڪي تڪليفون ڏٺائين، لڪَ لتاڙيائين... انهن جو ٿورو تصور ڪجي ٿو ته نه رڳو ماڻهو حيران ٿئي ٿو، پر ڪبتيٰ به وٺي وڃي ٿي، همراهه حج جي سفر جو سعيو ڪري نڪتو، پوءِ پويان سندس خبر نه ڪا چار... اڳ جو حج تي وڃڻ کان اڳ روئي ڌوئي موڪلائي چوڪلائي نڪربو هو ته يا نصيب وري ملڻ ٿئي الائجي نه... هاڻ ته کل خوشي سان تڪبيرون هڻندي گهران نڪرجي ٿو ۽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا موبائيل تي ڳالهائي پئي هڪٻ؟ي جي خبر چار وٺجي.
    سو اڄ جو حج ته ڏاڍو آسان حج آهي، پوءِ به حاجي سڳورا پيا شڪايتون ڪندا آهن... کين اها خبر ئي نه هوندي آهي ته حج سهپ، برداشت ۽ رواداري ۽ الله جي راهه ۾ تڪليفن جو سبق ٿو ڏي.
    آئون حاجي صاحب جي حج جي سفر جو تصور ڪريان ٿو ۽ وري سندس سفرنامي جي سٽن تي ويچاريان ٿو، مونکي سندس سڪ سڄڻ يار جي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي، جيتوڻيڪ پاڻ جوان هو، اڃا پرڻيو به نه هو، پويان اوسيئڙي ۾ ماءُ پيءُ به نه هئس، رستي ۾ ڪيتريون ئي آڇون به مليس ٽڪڻ جون، پرڻجڻ جون، سدائين جي لاءِ تانيڪو ٿيڻ جون، پر حاجي صاحب ٻي ڪا به وائي ڪانه واري... پهرين حج جو فرض ادا ڪندس، پوءِ ٻي ڳالهه.
    سندس حرمين شريفين جي لاءِ سڪ ڏسي مونکي، سيدنا بلاول حبشي رضي الله تعاليٰ عنه جي مڪي شريف جي ياد ۾ چيل شعر پيو ياد اچي.

    الاليت شعري هل ابيتن ليلة
    بواد وصولي اذخر و جليل
    وهل اردن يوما مياه مخبة
    وهل يبدون لي شامة و طفيل

    ]هن شعر (مڪي) جي ڪهري ڳالهه ڪجي، ان ۾ رات ٽڪڻ جي خواهش اٿم جنهن ۾ اذخر ۽ جليل نالي گاهه ڦٽندو آهي ۽ پوءِ مخبه جي چشمن جي پاڻي ۽ شامه ۽ طفيل نالي ٽڪرين جو منظر ڏسڻ جي لاءِ دل ۾ ارمان اٿندا پيا رهن.[
    لطيف سائينءَ به اهڙن ماڻهن کي ڀاڳ وارو چيو آهي، جيڪي مڪي جو سفر ڪن ٿا.

    وڏو ڀاڳ سَندون، جي مڪو ڀيٽي آيا،
    وڃي، سو ڏٺون، روضو پاڪ رسول جو.
    (سر سامونڊي)

    جڏهن حاجي عبدالڪريم سنگهار حج ڪيو ته يقينن مٿيون سهولتون موجود نه هيون، ۽ ٻنهي شهرن جو قديمي ڍانچو اڃا برقرار هو. حرم شريف، مسجد نبوي جا توسيع منسوبا پوءِ شروع ٿيا. منيٰ ۽ عرفات ۾ اڃا اهي سهولتون مهيا نه ڪيون ويون هيون، جيڪي پوءِ جي سالن ۾ مهيا ڪيون ويون. سو حاجي عبدالڪريم جيڪڏهن پنهنجي سفرنامي ۾ ڪي اهي به جهلڪيون پسائي ها ته سفرنامو اڃا به دلچسپ بنجي وڃي ها، پر ان سلسلي ۾ حاجي صاحب تي معيار ٺهي به ڪانه ٿي، جو پاڻ ڪٿي لکيو اٿس ته جيڪو وسرڻ کان بچي ويو، اهو ئي لکيو اٿس.
    حاجي عبدالڪريم سنگهار جو هي سفرنامو ”سِڪ سڄن يار جي“ ته سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف ۾ اهم واڌارو آهي، ان سلسلي ۾ آئون محترم غلام حسين گلڙي کي جس ڏينس، جنهن زور ڀري حاجي صاحب کان اهو لکرايو ۽ سائين پرويز جنهن محبت ۽ محنت سان پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، هن سفرنامي جي لکت ۽ ٻولي سڌاري ۽ مختلف پاين ۾ ورهايو، اهو سڀ سندس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دلي لڳاءُ جو ثبوت آهي.
    منهنجي لاءِ هيءُ وڏي خوشي جي ڳالهه ۽ سعادت آهي ته هي سفرنامو منهنجي هٿن مان ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچي رهيو آهي، ايئن آئون به لوڻ لپ وجهي هن نيڪ ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويو آهيان.
    يوسف سنڌي
    حيدرآباد: پهرين مئي 2016ع
    Cell: 0301-3640468
    *


    ڏات ناهي ذات تي، جو وهي، سو لهي...!

    آئون جڏهن 1999ع ۾ ٻگهاڻ ويو هوس ته اوتي مون وڃي هڪڙو نئون جهان ڏٺو هو. منهنجي نياڻي ليليٰ بانو، جيڪا ليڊي هيلٿ وزيٽر آهي، تنهن جي بدلي ٻگهاڻ جي رورل هيلٿ سينٽر ۾ ٿي هئي ۽ آئون ساڻس گڏجي وڃي اسپتال جي اسٽاف لاءِ ٺهيل سرڪاري ڀڳل ٽٽل ڪوارٽر ۾ رهيو هوس. آئون ٻه سال کن اتي رهيو هوس پوءِ منهنجا ڇوڪرا پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندا هئا. انهن ٻن سالن دوران مون هڪڙو ناول ”لڙڪن آجا نيڻ“ لکيو ۽ ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون ته ساڳئي وقت پنهنجي آتم ڪٿا ”پيهي جان پاڻ ۾“ جي پهرئين ڀاڱي تي به گهڻو ڪم ڪيو هو. انهن ٻن سالن دوران مون کي ڏاڍا بهترين دوست مليا. جن ۾ آدم جا نيارو، محمد حنيف جانيارو، حبيب الله جانيارو، ابراهيم گُلڙي ۽ ٻيا کوڙ سارا دوست شامل هئا. خاص طرح سان محترم سائين غلام حسين گلڙي، جنهن سان اڳتي هلي فيميلي ٽرمس به ٿي ويا. خصوصاً سندس هڪ نياڻي، جيڪا منهنجا ڪتاب ڏاڍي شوق ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندي هئي ۽ مونکي پنهنجو ٻيو بابا چوندي هئي ۽ اُن ڳالهه تي فخر ڪندي هئي ته ”گهڻن ماڻهن کي هڪڙو به ڀائيندڙ بابا ڪونه ملندو آهي، پر آئون ڏاڍي خوش قسمت آهيان جو مون کي ٻه بابا پر تمام گهڻو ڀائيندڙ بابا مليا آهن. ”هُن وڪيل ٿيڻ چاهيو، سائين غلام حسين گُلڙي پڙهيو لکيو ۽ سُلجهيل ذهن رکندڙ هڪ ٻاجهاري انسان سان گڏ هاءِ اسڪول جو استاد پڻ آهي، تنهن پنهنجي پياري ڌيءَ کي اڳيان نڪرڻ جا خوب موقعا فراهم ڪيا، پر حياتيءَ سندس نياڻيءَ سان وفا ڪانه ڪئي ۽ هوءَ پنهنجا خواب پاڻ سان کڻي هيءُ جهان ئي ڇڏي ويئي.
    اُن سائين غلام حسين گُلڙيءَ ڪجهه مهينا اڳ مون سان موبائيل فون تي رابطو ڪيو، چائين ته، ”اسانجو هڪڙو بزرگ دوست آهي جنهن 1956ع ۾ پيادل وڃي حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي هئي، جڏهن هُو صرف 22 سالن جو نوجوان هو، مون کيس چوري چوري اِن ڳالهه تي آماده ڪيو ته هُو پيادل حج وڃڻ وارو سفرنامون لکي، سال ڏيڍ جي مٿا ڪُٽ کان پوءِ هُو مس مس راضي ٿيو ۽ 2015ع ۾ سفرنامون لکيو اٿس. سفرنامون ڏاڍو دلچسپ آهي، منهنجو پنهنجو خيال آهي ته اهو سفرنامون آئون پاڻ پنهنجي خرچ تي ڇپرايان. اِن سلسلي ۾ تون اسان جي مدد ڪر، مسودي کي ڏس، جيڪي به ڪميون پيتيون هجن، تن کي درست ڪر ۽ اسان کي ڪتاب ڇپرائي ڏي.“ توڙي جو مصروفيت ۽ صحت اهڙي اجازت ته ڪانه پئي ڏني، پر سائين غلام حسين کي انڪاري جواب ڏيڻ جي به پاڻ ۾ جرئت ساري نه سگهيس، کيس چيم ته ”آئون هفتي کن ۾ ٻگهاڻ ايندس، مسودو مون کي ڏيکارجانءِ، پوءِ باقي فيصلو اتي ڪنداسين.“
    سائين غلام حسين کي اڳواٽ اطلاع ڏيئي، آئون ٻگهاڻ ويس، ٻئي ڏينهن هُو مسودو کڻي آيو. رات جو مون ويهي مسودو پڙهيو، مسودو ته پڙهيم ۽ مون کي وڻيو به ڇو ته سفرناما آئون ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو آهيان. الطقف شيخ جا سفرناما پڙهي پڙهي ته وڏا ٿياسين. عبدالحئي پليجو صاحب جا سفرناما، يوسف سنڌيءَ سميت تمام گهڻن سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي دوستن جا سفرناما پڙهياسين. ڪن ٿورو، ڪن گهڻو ۽ ڪن ته تمام گهڻو متاثر ڪيو، اڃان به سفرنامن پڙهڻ واري دلچسپي برقرار آهي. سو جڏهن هيءُ سفر نامو پڙهيم جيڪو هڪڙي اهڙي شخص لکيو آهي، جيڪو سنڌي پرائمريءَ جا صرف 3 درجا پڙهيل آهي ۽ سي به 1950ع کان اڳ ۾ پڙهيل آهي. جيڪو اوڏي مهل هڪ غريب ماڻهو ۽ مال جو دراڙ هو. نوجوان ڇوڪرو هو. يتيم ٻار هو. جنهن کي مال چاريندي، ويٺي ويٺي، اوچتو دل ۾ ”سِڪ سڄڻ يار جي“ (صلم) جاڳي ۽ هُو حج پڙهڻ، وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو. تڏهن منهنجا تاڪ لڳي ويا.
    ٽئي ڏينهن ٻگهاڻ مان منهنجي پنهنجي ڳوٺ لاءِ واپسي هئي، گاڏي به تيار هئي ۽ ڊرائيور به موجود بيٺو هو. آئون پنهنجي ڇوڪري ساحر پرويز سان گهرو معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيو هوس، ته هڪ نوجوان موٽر سائيڪل آڻي منهنجي پاسي ۾ بيهاري ۽ پٺيان ويٺل هڪڙو اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ لهي مون وٽ آيو ۽ سلام واري چيائين ”پرويز صاحب توهان آهيو؟“ چيومانس ”جي، ها“ چيائين ”آئون حاجي عبدالڪريم سنگهار آهيان“ آئون، جيڪو ڪرسيءَ تان ته پهرين ئي اٿي بيهي رهيو هوس، سو وي وڃي کيس ڀاڪر پائي مليس، پوءِ اڌ ڪلاڪ ويهي رهياسين، مون کيس سٺو سفرنامون لکڻ تي مبارڪ باد به ڏني ۽ کيس يقين ڏياريم ته لکيل مسودي ۾ منهنجي حصي جو جيڪو به ڪم هوندو، سو آئون مڪمل ڪري خوشي محسوس ڪندس، اسانجي ملاقات فيبروري 2016ع جي پهرئين هفتي ۾ ٿي هئي.
    ڳوٺ اچي مون مسودو پڙهيو، هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا ۽ پوءِ الاجي ڪيترا ڀيرا...! اکر ننڍڙا ۽ سنهرا، گرامر ۽ پنڪچوئيشن جو نالو نشان به نه، ڇا جون پهرائون ڇا جا باب! بس جيئين همراهه گهران نڪتو، تيئن ساڳئي دم (دم جي نشاني (؟؟) ۾ واپس حج پڙهي اچي گهر پهتو، سندس لکيل هٿ اکرن سان 88 صفحن جو مسودو، جنهن ۾ نه هاشيو ڇڏيل، نه پني جو ٻيو پاسو خال ڇڏيل، سٽون هڪ ٻئي تي چڙهيون پيون هيون. درستي ڪجي به ته ڪيئن ڪجي! هاڻ ڇا ڪجي!؟ بس پوءِ ايئن ٿيو جو فيبروري ۽ مارچ 2016ع جي ٻن مهينن ۾ نه ته مون ڪا هڪ نئين ڪهاڻي لکي، نه ٻن ناولن جو پيل مواد فيئر ڪري سگهيس ۽ نه ئي ڪو ٻيو ڪم ڪري سگهيس. بس جيڏي مهل به لکڻ تي ويهان ته ”سِڪ سڄڻ يار جي صلعم“ ۾ گم ٿيو وڃان. پهريائين ٻه ٽي ڀيرا مسودي کي درست ڪيم ۽ پوءِ فيئر ڪيم، اُن هوندي به ممڪن آهي ته ڪٿي چڪون رهجي ويون هجن. هاڻي رهجي ويل غلطين ۾ چُڪِن ۽ گهٽ وڌائين جو ذميوار لکيڪ نه، پر آءٌ پاڻ آهيان، تنهن ڪري انهن لاءِ اڳواٽ ئي معذرت خواهه آهيان. اپريل 2016ع جي پهرئين هفتي ۾ سائين غلام حسين کي اطلاع ڪيم ته مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ سچائي اشاعت گهر دڙو جي پبلشر محترم يوسف سنڌيءَ سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. هاڻي توهان حاجي عبدالڪريم سنگاهر جي تفصيلي تعارف سان گڏ مواد متعلق به ڪجهه لکي موڪليو ته ڪم شروع ڪرائجي، کانئس اجازت ملڻ تي مواد يوسف سنڌيءَ جي حوالي ڪري پوءِ ئي 10 اپريل 2016ع تي ٻئي پاسي لؤنڻو ڦيريم.
    جيستائين سفرنامي جو تعلق آهي ته مون هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح محسوس ڪئي آهي ته گهڻُ لکيل پڙهيل، گهڻي سمجهه، ڄاڻ ۽ شعور رکندڙ ماڻهوءَ جي لکڻين جو ڏانوِ ۽ مزو پنهنجو هوندو آهي. پر تمام گهٽ پڙهيل ۽ تمام گهٽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ جي لکت ۾، جنهن کي اُها لکڻي لکڻ کان اڳ ۾، اِها خبر به نه هجي ته ڪو آئون به هي سفرنامون لکندس، جيڪو مزو آهي، اُن جي ڪيفيت ۽ سرور ئي نرالو آهي. حاجي عبدالڪريم سنگهار صرف 3 درجا سنڌيءَ جا پڙهيل آهي. ۽ جيستائين سال 2015ع ۾ سائين غلام حسين گلڙيءَ چوري چوري کيس سفرنامو لکڻ تي آماده ڪيو، تيستائين کيس پڪ ته ڇا، خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو هُو به ڪتاب لکي سگهي ٿو! ۽ جڏهن لکيو اٿس، تڏهن خوب لکيو اٿس. پاڻ 1956ع ۾ حج پڙهڻ ويو هو. ۽ سفرنامون لکيو اٿس 2015ع ۾، يعني تقريباً سٺ سالن کانپوءِ پاڻ جڏهن حج تي ويو هو، تڏهن 22 سالن جو خوبرو ۽ ٺاهوڪڙو نوجوان هو ۽ اڄ هو 82 سلان جو بزرگ آهي. لیکن آج بھی کھنڈرات بتا رہے ہیں کہ عمارت اچھی تھی۔ سٺ سال پراڻيون ڳالهيون، واقعا، وارداتون، گس پنڌ، شهرن جا نالا، مختلف ملڪن جون حدون، ماڻهن سان ميل جول، ماڻهن جا رويا، عربي لباس اختيار ڪرڻ، عربي ٻولي سکڻ، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۽ ٻيون تمام گهڻيون شيون ياد رکڻ ۽ انهن کي هڪ خوبصورت انداز ۾ بيان ڪرڻ ۽ لکڻ وڏو ڪمال آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو حاجي عمر به ٻه سؤ روپيه کڻي پيادل حج پڙهڻ ويو هو هُو منهنجي ولادت کان اڳ ئي گذاري ويو هو. پر مون ڪڏهن به بابا جي زباني يا منهنجن ٻن چاچن جي زباني ڏاڏا جو حج وڃڻ وارو ذڪر ڪونه ٻڌو هو. شايد ڏاڏا مرحوم پنهنجي سفر جو احوال اهڙي دلچسپ انداز ۾ نه ٻڌائي سگهيو هجي، جو ماڻهو ان کي ياد رکن ۽ ٻين تائين منتقل ڪن، بهرحال حاجي عبدالڪريم سنگهار پنهنجي سفر دوران شين، واقعن ۽ لقائن کي جنهن گهرائپ سان ڏٺو، محسوس ڪيو ۽ سٺ سالن کان پوءِ قلمبند ڪيو، اِهو وڏوڪارنامو آهي.
    هيءُ جديد دؤر آهي، هينئر سفر جون سڀ سهوليتون موجود آهن. هر سال لکين ماڻهو، حج ۽ عمره جي سعادت هاصل ڪرڻ لاءِ رڳو پاڪستان مان سعودي عرب وڃن ٿا. هوائي جهاز ذريعي جده ۾ لهن ٿا ۽ پيڪيج جي بسن ۾ پهريائين مڪي شريف ۽ پوءِ مدينه منوره ۾ زيارتون ڪن ٿا. فرض ۽ سنتون ادا ڪن ٿا. مهيني سوا ۾ موٽي اچن ٿا. ايئرڪنڊيشنڊ هوٽلن ۾ رهائش هجي ٿي. زيارتن ڪرڻ لاءِ به اُتي گهٽ ۾ گهٽ سواري يعني ٽوڊي ڪار ۾ وڃن ٿا. پاڻ سان گڏ منرل واٽر ۽ جوسن جون بوتلون کڻن ٿا. پنهنجي پسند جي هوٽل ۾، پسند جا طعام کائن ٿا. لکن جون خريداريون ڪن ٿا. ۽ موٽي اچي آجيان ڪندڙن کان هار ۽ اجرڪون وصول ڪن ٿا. ساڳئي نموني ۾ آئون به سال 2013ع جي مارچ جي 11 تاريخ ڪراچي مان پنهنجي زال ۽ وڏي ڌيءَ سان عمره ڪرڻ ويو هوس ۽ 1 اپريل 2013ع تي واپس اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو هوس. آئون ته پڙهيل ڪڙهيل هوس. ساڳئي وقت لکيڪ پڻ پر مڪي شريف ۾ حرم پاڪ، ڪعبة الله شريف، صفا مروا غارِ ثور، غارِ حرا، منيٰ جو ميدان، رحمت جبل، عرفات جو ميدان، شيطان جي جاءِ ۽ مدينه منوره ۾ حصور سائين صلعم جن جي روضي مبارڪ، مسجد نبوي ۽ ٻين جاين جي زيارت ڪري پيڪيج ختم ٿيڻ مهل روبوٽ وانگر بسن ۽ جهاز ۾ن مقرر وقت تي واپس اچي ٺڪاءُ ڪيوسين. انهن پاڪ جاين، ماڳن ۽ مڪانن جي زيارتن مان ڪير ڪيترو ٿو روحاني سڪون حاصل ڪري سگهي، اُهو سندن دلين ۾ موجود عقيدت ۽ لڳاءَ تي منحصر آهي. باقي سفرنامي لکڻ مهل، سفر دوران پيش ايندڙ لقائن جو ذڪر هرڪو ماڻهو ٻڌل ۽ ڏٺل معلومات جي بنياد تي ڪندو آهي. يا زباني طرح به هاصل ڪيل معلومات مطابق انهن شين جي باري ۾ ٻڌائي سگهندو آهي. حاجي عبدالڪريم سنگهار کي اتي جي شين متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا ٻه سبب هئا، جن کيس شين کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ڏني. هڪڙو سبب هو سندس عربي لباس ۽ ٻيو سبب عربي ٻولي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ هو. سامونڊي سفر توڙي خشڪيءَ جي سفر دوران، پوءِ خشڪيءَ جو سفر پيرين پنڌ جو هجي يا ٽرڪن تي چڙهي هلڻ جو هجي، هُن هر شيءَ جي باري ۾ اتي جي مقامي ماڻهن کان عربي زبان ۾ دلچسپ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ سٺ سالن کانپوءِ به، جيڪو ڪجهه کيس ياد هو، سو قلمبند ڪيو. اِها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، تمام وڏي ڳالهه آهي. لاڳيتو لکڻ مهل، کائنس ڪافي ڳالهيون لکڻ کان رهجي ويون هيون، جيڪي هُن پوءِ ضميمي طور لکيون هيون. جيڪي آخري باب ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ بنهه دلچسپ معلومات مهيا ڪندڙ آهن.
    منهنجي خيال ۾ حاجي عبدالڪريم سنگهار جي هيءَ ڪوشش، يا هيءُ سفرنامون پنهنجي نوعيت جي بنهه اهم ڪوشش آهي، جنهن ۾ هُن صاحب پنهنجي محدود علم، محدود شعور جي باوجود به دلچسپيءَ جو ڪافي سامان مهيا ڪيو آهي. جيڪو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پڙهندڙن کي بي انتها متاثر ڪندو. آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته جيئن ابراهيم منشي پنج درجا سنڌي پڙهيل هجڻ جي بوجود به ۽ سرويچ سجاولي ٻه ٽي درجا سنڌي پڙهيل هجڻ جي باوجود به لازوال شاعري ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو اعليٰ ۽ اوچو مقام ٺاهي ويا، تيئن حاجي عبدالڪريم سنگهار، جيڪو رڳو ٽي درجا پڙهيل هو، جو هيءُ سفرنامون پڻ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو. موڪلاڻي ڪانهي. گڏ آهيون.

    ساٿ سلامت .... سنڌ سلامت.

    15- اپريل 2016ع
    پرويز
    سنڌ ميڊيڪل اسٽور
    ميرپور بٺورو- سجاول
    سنڌ
    موبائيل: 03083065201
    *


    باب پهريون : سِڪ سڄڻ يار جي

    منهنجو نالو حاجي عبدالڪريم سنگهار آهي. مون 1934ع بمطابق 1353هه ۾ جنم ورتو. منهنجي والد صاحب جو نالو حافظ احمد هو. اسين ذات جا سنگهار آهيون. ۽ اسان جي نُک ”ميان“ آهي. حال هڪيو آئون پنهنجي ڳوٺ حاجي عبدالڪريم سنگهار، ديهه جمناسر، تعلقو ڪيٽي بندر، ضلع ٺٽو، سنڌ، پاڪستان ۾ رهائش پذير آهيان. آئون قرآن مجيد ميانجي بصرالدين کوکروٽ پڙهيس ۽ ابتدائي سنڌي پنهنجي والد محترم وٽ پڙهيس. منهنجي ماءُ اڳ ۾ ئي وفات ڪري ويئي هئي ۽ والد 1946ع ۾ وفات ڪري ويو. يتيميءَ جي دؤر ۾، پنهنجي مرشد سائين پير حاجي احمد جان سرهنديءَ جي نگرانيءَ هيٺ ڪلري ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول مولانا محمد صادق سنڌي بوائز اسڪول ۾ فقط ٽي درجا پڙهي سگهيس. تنهن کان پوءِ، ڪن مجبورين جي ڪري مون کي منهنجي وڏي ڀاءُ عبدالواحد اسڪول مان وٺي اچي ٻنيءَ ٻاري جي ڪم سان لڳايو.
    اندازً 1955ع ۾ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ وڏي دريائي ٻوڏ آئي هئي، جنهن جي ڪري اڪثر ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا. اسان جو ڳوٺ ۾ ٻڏي ويو هو، پوءِ اسين پنهنجو مال ڪاهي، ”اُداسي“ ڳوٺ کان اولهه طرف پير قريشي وارن جي زمينن ۾ وَسَ چرڻ آيا هئاسين. اسان انهن کان مال جي چري جي موڪل وٺي، مال جا واڙا ٺاهي اچي ويٺاسين. اُهو مال منهنجي سهري محمد حسن جون ڍڳيون هيون. انهن ۾ منهنجو فقط هڪڙو وهڙو (ننڍو ڍڳو) هو. مون اڃا شادي ته ڪا نه ڪئي هئي، پر يتيم هوس، تنهن ڪري سنڱ جي آسري تي مال جي سنڀال ڪندو هوس. هڪ ڏينهن شام جو وقت هو. ڍڳين جي ڦَرَن جي نظرواريءَ لاءِ وٿاڻ مان نڪري هڪڙي قبرستان جي پاسي ۾ ويٺو هوس. آئون ننڍي هوندي کان ئي پنج وقت نماز به پڙهندو هوس ته قرآن پاڪ جو دؤر پڻ ڪندو هوس. اُتي ويٺي ويٺي، اوچتو ئي اوچتو منهنجي دل ۾ هڪ خيال اُڀريو. هڪڙي قسم جي چِڪَ محسوس ٿي. اوچتو ئي اوچتو هڪڙي بي انتها سِڪَ اُڀري ته حج پڙهڻ وڃجي ۽ رسول اللهصه جي روضي پاڪ جي زيارت ڪجي. بس پوءِ ته روئڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. ڳئوئن جا ڦر اُتي قبرستان وٽ ئي ڇڏيم. آئون اُتان اُٿي وٿاڻ تي آيس. پنهنجي وهڙو ستر روپين ۾ وڪڻي، پئسا وٺي وڃي ٻي ڳوٺ ۾ درسن وٽ ترسيس. ٻئي ڏينهن ”ٻگهاڻ ڳوٺ“ ۾ آيس. ان وقت ٻگهاڻ شهر ڪو نه هو. رڳو ٻه دوڪان هئا حسين ڪڙمون ۽ خميسي ڪنڀار جا. هاڻي 1956ع جو زمانو آهي ۽ منهنجي عمر اندازاً 22 سال کن آهي. ڳوٺ وڃڻ لاءِ وچ ۾ هڪ ڍنڍ هئي، جنهن ۾ پاڻي تار هو. رڳو ڪٿي ڪٿي وڻن جون چوٽيون ظاهر هيون، پر مون کي ڳوٺ وڃڻو هو، سو لهي پيس ڍنڍ ۾، ديهه ”گهٻا“ مان پاڻيءَ مان ترندو، وڻن جي چوٽين کي جهليندو ساهي پٽيندو اچي ننڍي پاڻيءَ تي پهتس. ديهه ”پير ڪجريو“ جي چاڙهه زمين تان ڦري ڳوٺ آيس. ڳوٺ منهنجا ڪجهه پئسا رکيل هئا، سي کنيم. وڏو ڀاءُ عبدالواحد گهر ڪو نه هو. باقي ننڍي ڀاءُ خميسي کي ٻڌايم ته آئون حج پڙهڻ ٿو وڃان. اُتي ترسيس به ڪونه. اڳتي وڃي ”ڌانڌاريءَ“۾ لڳ ”لاکن“ ۾ ترسيس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو رئيس احمد خان جلباڻيءَ جي ڳوٺ پهچي شفيع محمد جلباڻيءَ سان ملاقات ڪيم. شفيع محمد جلباڻي مون کي ادا ادا ڪري سڏيندو هو. انهيءَ جو سبب هيءُ هو ته شفيع محمد جو والد حاجي تڳيو، بابا جو پڳ مٽ يار هو. تنهنڪري شفيع محمد کان آئون اجازت وٺڻ ويو هوس. پهريائين ته هُن مون کي منع ڪئي ته غريب ماڻهوءَ تي حج پڙهڻ فرض ڪونهي. پر اُن وقت اهڙيون منع ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون مون کي زهر ٿي لڳيون. اُها رات ڀاءُ شفيع محمد وٽ سندس گهر گذاريم. مون کي پنجاهه روپيه ڏيئي اجازت ڏنائين. اتان کان روانو ٿي ”اُداسي“ ڳوٺ ۾ آيس، پر اُداسيءَ جي ڳوٺ کان، جنهن ۾ تڏهن رڳو ٻه دوڪان هئا، ڏکڻ طرف سوڍائي ذات وارن جو ڳوٺ هو. اُتي پهچي هوڪو ڏنم ته ”آهي ڪو جُوان، جيڪو پيادل حج تي مون سان گڏ هلي.“ منهنجو هوڪو ٻُڌي ٻه ڄڻا سوڍائين مان تيار ٿي ويا. هڪ حاجي مٺو سوڍائي، جنهن جو اڳ به پيادل حج ڪيل هو. ٻيو صالح سوڍائي. انهن چيو ته ”تون ٻه ڏينهن صبر ڪر. اسان جي گهرن ۾ وڏيون نياڻيون ويٺل آهن. تن جا رڳو نڪاح پڙهائي ڇڏيون، ته پوءِ اسين ٻئي هلون ٿا.“ اُهي ٻه ڏينهن آئون اُتي سوڍائين ۾ ئي ترسي پيس. منهنجي وڏي ڀاءُ کي جڏهن خبر پيئي ته هو پهريائين وٿاڻ تي آيو ۽ اتان معلوم ڪري اچي مون کي سوڍائين ۾ مليو. مون کي ڏهه روپيا خرچي ڏنائين ۽ واپس موٽي ويو. ان وقت مون وٽ ڪُل ٽي سؤ سٺ روپيا موجود هئا. حاجي مٺو اسان جو اڳواڻ ٿيو. پاڻ ٻڌايائين ته گس ۾ مزوري ڪرڻ واري لاءِ مزوري جام آهي. اسان جي تياري ٿي رهي هئي. اُداسيءَ کان اوڀر ۾ ديهه ”ميران“ ۾ ويٺل حاجي مٺي وارن جي دوست حاجي صديق جوکئي اسان جي دعوت ڪئي. جڏهن سندس دعوت کائڻ وياسين، تڏهن سندس گهر ڀرسان ٻئي گهر ۾ ويٺل مڱيلڌو جوکيو پڻ اچي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. اُهو به حج تي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر سندس گهرَ واريءَ اچي گهوڙا گهوڙا ڪئي ۽ اسان کي پٽڻان ۽ پاراتا ڏيڻ لڳي ته خبر ناهي هي ڪٿي جا رولُو آيا آهن، جيڪي منهنجي مڙس کي چوري ٺڳاري وٺيو ٿا وڃن. خير، اسان اُهي سڀ ڳالهيون سَٺيون. ٻئي ڏينهن صبح جو تياري مڪمل ڪري هڪ جوکيو، ٻه سوڍائي ۽ هڪ سنگهار، ڪُل چار ڄڻا اُداسيءَ مان مولودن سان ڳارائي روانو ڪيائون.
    ڪيٽي بندر کان ”ٻُهارا“ تائين شهبازي سوناري جي بس هلندي هئي. رستي ۾ اچي اُن بس ۾ سوار ٿي ٻهارا شهر ۾ لٿاسين. تڏهن بگهاڙ دريا تي پتڻ بيٺل هو. اڃا پُل وغيره ٺهيل ڪا نه هئي. تڏهن پتڻ هڪ آنو في ماڻهو وٺندا هئا. ياد رهي ته هڪ روپئي ۾ سورهن آنا هوندا هئا. بگهاڙ دريا جي هُنَ ڀَرِ ڪراچيءَ وڃڻ ۽ اچڻ لاءِ گورنمينٽ جون ٻه بسون هلنديون هيون. هڪ ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻي ٻهارن ۾ نائيٽ ڪندي هئي. ٻهارن کان ڪراچيءَ جو ڀاڙو ڏيڊ روپيو هوندو هو. اسين ڪيٽي بندر واري بس مان لهي، پتڻ اُڪري اچي ڪراچيءَ واري بس ۾ ويٺاسين. لسٻيلا چوڪ تي لهي، گوليمار ۾ حاجي مُريد بڪڪ جي ڳوٺ پهتاسين. اتي سوڍائين جي لاڳاپي جا ماڻهو، گُجڙيا ذات جا ويٺل هئا. اسين وڃي آچار گُجڙيئي جا مهمان ٿياسين. آچار گجڙيو پير سن ماڻهو هو ۽ ٺاٺارڪو ڪم ڪري گذر ڪندو هو. اُهو به حج پڙهڻ لاءِ تيار ٿي پيو. اسان کي سواريءَ جي تلاش ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا. خبر پئي ته محمد ڀٽيءَ جون لانچون چانور ۽ ٻيو سامان کڻي ”جيوڻي“ جي شهر تائين وينديون آهن. في ماڻهو 70 روپيا ڀاڙو وٺنديون آهن ۽ مسافرن کي عربن جي ڪنهن رياست ۾ لاهي ڇڏينديون. اسان هڪ ڪميشن ايجنٽ محمد حسن بڪڪ کي پئسا ڏنا، جيڪو منڊو هو ۽ ڪاٺ جي گهوڙيءَ تي هلندو هو. لانچ ٻن ڏينهن ۾ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. اسين گهاس بندر ڪراچيءَ تي پهتاسين. لانچ ۾ سوار ٿيڻ وقت ڪو دلال 20 ماڻهو وٺي آيو ته ڪو 50 اهڙي طريقي سان تقريباً ٻه سؤ ماڻهو پهچي ويا. اندر ۽ ٻاهر ٿي ويٺا. ڊاڪٽر ٺپا هنيا ته سڀ بلڪل ٺيڪ آهن. ڪا به رڪاوٽ ڪا نه هئي. ڪسٽم وغيره مليل هئي. پر اسان تڙ تڪڙ ۾ کاڌي پيتي جي ڪا به شيءِ ڪا نه ورتي. لانچ ۾ شام جو تقريباً 5 وڳي سوار ٿياسين. لانچ سڄي رات هلي. اڳي چانهه وغيره جو رواج گهٽ هوندو هو. پر ٻئي ڏينهن منجهند جو بک اچي تنگ ڪيو. ٻين سوارين مان ڪن کجور وٺي ساڻ کنئي هئي ته ڪن وري اٽو ڀُڳي کنيو هو. مگر اسين ته اڻ ڄاڻ هئاسين پر حاجي مٺي به ڪو نه ٻڌايو. سو هڪڙي حاجيءَ کان ڪجهه کجور وٺي کائي ۽ پاڻي پي ڍؤ ڪيوسين. جڏهن مون کجور کائي پاڻي پيتو ته مون کي هڪدم پيچش قابو ڪري ورتو ۽ مون کڻي ليٽرين جو دروازو قابو ڪيو.
    خير، لانچ گوادر پهتي. ناکئي چيو ته توهان ٻه ڏينهن گوادر ۾ ترسو. آئون جيوڻيءَ ۾ چانور لاهي پوءِ اچي توهان کي کڻندس ۽ عربن جي ڪنهن بندر تي لاهيندس. هڪڙي ننڍڙي ڪشتيءَ وسيلي لانچ مان لٿاسين. گوادر جي ڏکڻ ۾ بڙن ۽ پپرن جا وڻ بيٺل هئا. مٺي پاڻيءَ جون ننڍيون کوهريون به هيون. ٻه ڏينهن اُتي ترسي پياسين، مون کي پيٽ ۾ خرابي هئي. مون شهر مان حلوو وٺي کاڌو ته پيٽ صحيح ٿي ويو. اهڙو حلوو وري اڄ ڏينهن تائين مون ڪٿي به ڪو نه کاڌو آهي. تمام لذيذ ۽ وري طاقت واريون چيزون منجهس پيل هيون.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ لانچ اچي اسان کي کنيو، انهيءَ لانچ جي سُکانَ وٽان مڇي مارڻ جو ڪَلُو ڊگهي ڏور ۾ ٻڌل هوندو هو. ڪلوءَ کان اڳيان اسٽيل جي ٺهيل هڪڙي ننڍڙي مڇي لڳل هوندي هئي. لانچ هلڻ سان اُها مڇي ڊوڙندي نظر ايندي هئي. دريا جون وڏيون مڇيون، اُن مڇيءَ کي پنهنجو ڳاهه (کاڌو) سمجهي جهلڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون ته اُها مڇي اڳيان نڪري ويندي هئي ۽ ڪُنڍي (ڪلو) مڇيءَ کي قابو ڪري وٺندو هو. اهڙي طرح سمنڍ ۾ مڇين جا پِنَ هوندا آهن. لانچ وارن به ڪافي مڇي ماري. پوءِ اُن ۾ چانور پچائي ٻه آنا في پليٽ اسان ۽ ٻين سوارين کي ڏنائون. گوادر کان پوءِ ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن هلي اسان کي صبح سان ”صمده“ بندر تي لاهي ڇڏيائون. اسين اُتان کان پنڌ ڪري ”طيوي“ بندر تي پهتاسين. اُهي ٻئي بندر ننڍڙا هئا. اُن وقت ماڻهن جي آبادي به گهٽ هئي. اتان کان پنڌ ڪري ”شور بندر“ تي پهتاسين. اُهو بندر وڏو هو ۽ شهر به چڱو هو. جاين جي مٿان کجين جي پالارن جون جافريون (جاليون) ٺهيل هيون. شور بندر جي اولهه ۾ کجين جا باغ هئا. هڪ کوهه هو جنهن مان هڪ ڍڳو ”ڪوس“ ذريعي پاڻي ڇڪي ٻاهر ڪڍندو هو. هڪڙو ماڻهو موجود هو، جيڪو اُهو چمڙي جي ڪوس وارو پاڻي ٻارين جي اڏن ۾ ليٽائيندو هو.
    لانچ ۾ آيل سڀئي ماڻهو اُن باغ جو سهارو ڪري کوهه جي ڀرسان ويهي رهيا. پنجن ڏينهن اندر وري ٻي لانچ جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن اسي روپيا في ماڻهو ڀاڙو ورتو. اُها لانچ عربن جي هئي. جيڪا ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن هلي هئي. اُن لانچ وارن وٽ به مڇي پڪڙڻ جو ساڳيو طريقو هو. انهن به چانور رڌي وڪرو ٿي ڪيا. اسين حاجي، جيڪي حج پڙهڻ لاءِ لانچ ۾ سوار هئاسين، تن ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد (ڪي پي ڪي) ۽ بلوچستان جا ماڻهو به هئا. تن ۾ ڪافي ڄاڻو ماڻهو، اڳ ۾ به پنڌ حج پڙهيل ۽ بندرن جا واقف به هئا. عربن جي لانچ اسان کي سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ اچي ”شرما بندر“ تي لاٿو. پهرين ننڍڙي ڪشتي جيڪا مسافرن سان ڀرجي خشڪيءَ تي پهتي، تن ۾ آئون ۽ صالح سوڍائي پنهنجي رفيقن جو سامان کڻي اچي سُڪيءَ تي پهتاسين. جيستائين اُها هوڙي وري ٻيو چڪر ڏي، تيستائين صالح سوڍائيءَ ٿورو پرڀرو وڃي پيشاب ڪيو. واپس اچي ٻڌايائين ته ڀولڙا ويٺا آهن. مون وٽ ٽن سيلن واري وڏي ٽارچ هئي. جان کڻي ٽارچ هڻان ته فوج جا ڏهه ٻارهن ماڻهو اٿي بيهي رهيا. هنن اسان کان پڇا ڳاڇا ته ڪا نه ڪئي، پر سمنڊ جي ڪناري تي اچي ننڍڙي ڪشتيءَ جي انتظار ۾ بيهي رهيا. جڏهن ڪشتي ٻيو چڪر کڻي آئي ته ان ۾ منهنجا سڀ رفيق موجود هئا ۽ هيٺ لهي آيا. اسان کي اچي ڊپ ورتو ته متان نه فوج اسان کي واپس ڪري ڇڏي. تنهن ڪري اسين اونڌهه جو فاعدو وٺي ڀر ۾ موجود جبلن ۾ لڪي وياسين، ڪاري ٻاٽ اونڌاهي ۾ نظر ڪجهه نه پيو اچي. مرڳو اسان جا گوڏا وغيره ڦٽجي پيا. پر نيٺ هڪ هنڌ وڃي آرام ڪيوسين. لانچ ۾ به سمهڻ جي سهوليت ڪا نه هئي. بحرهال، صبح جو اٿي گس پنڌ جي پڇا ڪري اڳتي وڌياسين ۽ اچي ”حامي“ شهر ۾ پهتاسين. شهر جي ڏکڻ ۾ مٺي پاڻيءَ جون کوهريون هيون. تن مان پاڻي ڪڍي پاڻ کي صاف ڪيوسين ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئي صاف ڪري سڪائي پائي تيار ٿياسين. اتي ٻيرين جا جام وڻ پڪا بيٺا هئا، تن مان ٻير کاڌاسين. اسان کي ڪنهن به منع ڪانه ڪئي. حامي شهر مان اٽو، ماني پچائڻ لاءِ تئو ۽ ٻوڙ رڌڻ لاءِ ٿانوَ ورتاسين. پوءِ ٻوڙ ماني رڌي پچائي کاڌي سين. شام ڌاري ”بدوئن“ کان رستو معلوم ڪري اڳتي روانا ٿياسين. لانچ۾ جيڪي ماڻهو هئا، سي سڀ خير سلامتي سان هيٺ لهي آيا هئا. سڀڪو پنهنجي پنهنجي رفيقن جو ٽولو ٺاهي اڳتي روانا ٿيا. لانچ کي به فوج ڇڏي ڏنو. اسين پاڻ ۾ پنج رفيق هئاسون. ٻه سوڍائي، هڪ جوکيو، هڪ گھجڙيو ۽ هڪ سنگهار. حامي شهر مان وري نواب شاهه جو عرس کوسو به اسان سين شامل ٿيو. هاڻ پاڻ ۾ ڇهه رفيق ٿياسين. سمنڊ جي ڪناري سان ماڻهن جو گس هو. اُهو گس وٺي رات جو وڃي شهر ”شير بلاد“ ۾ ترسياسين. جن ماڻهن جي گهرن کي اسين ويجهو هئاسين، تن اسان کي فقط ٻاڦيل مڇي، سا به بغير مرچ مصالح جي، آڻي کارائي. باقي نه چانور نه ماني. ماني وري اسان پنهنجي پچائي مڇيءَ سان کاڌي. شايد هنن ماڻهن جو گذر ئي رڳو مڇيءَ تي هو. اسان کي جيڪا مڇي آڻي ڏني هئائون، سا به اندازاً 5 ڪلو هوندي ۽ اسين پان ۾ هئاسين ئي ڇهه ڄڻا.
    صبح جو رستو معلوم ڪري اڳتي روانا ٿياسين، پر رستو ڪونهي. ماڻهن جي هلڻ جو گس آهي. ڪٿي ڪٿي ته جبل تي به چڙهڻو ٿي پيو. جبل مٿان هيٺ ٿي ڏٺوسين ته کجين جا وڻ جهڙا ڇٻر جا ڪُونگا ٿي نظر آيا. پنڌ ڪري ”شهر بندو“ پهتاسين. اُهو سمورو پهاڙي علائقو هو. وري جيڪو گس هو، سو سمنڊ جي ڪناري سان هو. جيڪڏهن ڪو لوڊ گاڏيءَ جو گس هوندو ته اُهو ٻئي پاسي کان هوندو. اسين ته اڻڄاڻ هئاسين. هر ڳوٺ وارن کان مڪي شريف وڃڻ جو گس معلوم ڪندا هئاسين. جتي به جيڪڏهن گس ڀلجي پوندا هئاسين ته اتي مال چاريندڙ پوڙهيون عورتون ڊوڙي اچي سڏ ڪري اسان کي سڌو گس ڏسينديون هيون. ۽ اسان جي نراڙ تي چميون ڏينديون هيون ۽ چونديون هيون ته ڀلي راهه تي پيا وڃو، اسان جي لاءِ دعا ڪجو. هدايت به ڪنديون هيون ته هِن گس کان ٻئي پاسي نه وڃجو نه ته مري ويندا. وڏا وڏا جبل آهن. ريت آهي. پاڻي ڪونهي. ڪٿي، جتي چشما آهن ته اتي خطرناڪ جانور ويٺل آهن. شينهن، ڳورنارَ (ڳورپٽ) وغيره موجود آهن. پوءِ اسان کي رڍن ۽ ٻڪرين جو کير ڏُهي ڏينديون هيون.
    شهر بندر کان اڳتي روانا ٿياسين ته ڪوهه کن پنڌ تي سرڪار پاران پاڻي پيئڻ جو انتظام ٿيل هو. هڪڙي سيمينٽ سان قُٻي (حوض) ٺهيل هئي، جيڪا پاڻيءَ سان ڀريل هئي. پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جون ڇلون رکيل هيون. ويهڻ لاءِ وڻن جي ڇانوَ هئي. اُهو نمونو ڳچ پنڌ تائين هو. ان کان پوءِ ننڍا ننڍا ڪافي ڳوٺ به هئا. شهربندر کان پوءِ شهر ”مُڪلا بندر“ هو. هيءُ شهر بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان تمام خوبورت شهر هو. پاڻيءَ ۾ ٽي ٽي، چار چار منزلن واريون پڪيون جايون ٺهيل هيون ۽ ڪافي نيون جايون ٺهي رهيون هيون. شهر بندر کان مُڪلا تائين رستي ۾ ڪافي ڳوٺ هئا. ڪٿي ماڻهن جو گس ته ڪٿي لوڊ گاڏيءَ جو ڪچو رستو هوندو هو. پر اسان پنهنجي پيرن کان ڪم ورتو. تنهن کان پوءِ پنڌ ڪندا، منزلون ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين. رستي ۾ تمام گهڻا ڳوٺ ۽ شهر آيا. جن مان ڪجهه نالا ياد آهن: ”فو“، ”بروم“، ”مائيف“، ”بيرعلي“، ”جئاري“، ”عين“ ۽ ”حسن بلعيد“. حسن بلعيد جو شهر ته وڏو ڪو نه هو، پر ڳوٺ وڏو هو. اهو ڳوٺ وارياسي ميدان تي اڏيل هو. بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان هو. هِن ڳوٺ ۾ سرڪار پاران هڪ ڊگهو، گول مورچو اندازاً 30، 35 فوٽن جو ٺهيل هو. جنهن تي توپون لڳل هيون. هڪڙو پاڻي وارو وڏو جهاز سمنڊ ۾ ٻڏل نظر ٿي آيو. جڏهن وِيرَ جو پاڻي مٿي چڙهيو ٿي ته اُهو جهاز ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. وري جڏهن وِيرَ آلڙ ٿيندي هئي ته ڀڳل، ٽٽل ۽ جهُريل، ڪنهن پراڻي زماني جو ڪَس چڙهيل جهاز نظر آيو ٿي. اُن مورچي سنڀاليندڙ سان منهنجي ملاقات ٿي هئي. نالو مون کي ياد ڪونهي. باقي هو تمام نيڪ نمازي، رحم دل ۽ مهمان نواز ماڻهو هو. اسين جڏهن اُنهيءَ ڳوٺ ۾ پهتا هئاسين ته هُن اسان کي مورچي مان پري کان ڏسي ورتو هو. سو ڇا ڪيائين جو اسان اڃا ڳوٺ ۾ قدم ئي ڪونه رکيو هو. اسين اڃان ٻاهر هئاسين، تيستائين هو اسان وٽ اچي پهتو ۽ اسان کان سامان وٺي پنهنجي ڪلهي تي رکي، سندس گهر کي ويجهي جيڪا مسجد هئي. اُتي آڻي سامان رکيائين ۽ چيائين ته ا ڄ رات اوهان منهنجا مهمان آهيو مون کانئس اُنهيءَ جهُريل جهاز جي باري ۾ پڇيو. چيائين ته منهنجي چارج سنڀالڻ کان اڳ جي حقيقت آهي ته ان وقت ملڪ ۾ جنگ جو خطرو هو ۽ هيءُ جهاز سمنڊ مان آيو پئي. هُن کي وائرليس ذريعي آگاهه ڪيو ويو، پر هُن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. تنهن کان پوءِ هن مورچي مان فائرنگ ڪري جهاز ٽوڙي ڇڏيو. هيءُ دشمن جو جهاز هو.
    هيءُ مورچو اڃان تائين سرڪار جي پاران حفاظت لاءِ قائم آهي ۽ آئون ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان. اُن همراه اسان کي رات جي ماني کارائي. پر حسن بلعيد جي اوڀر ۾ جيڪا اسان رات گذاري هئي، سا شايد ڪڏهن انسان ذات ڪا نه گذاري هوندي! عين جي ڳوٺ کان نڪري سمنڊ جي ريل (ڪنارو) وٺي اڳتي وڌياسين. پر اڳيان هڪڙو جبل اچي ويو، جيڪو سمنڊ ۾ اٽڪل چار فرلانگ تائين اندر ٿي ويو. اُهو جبل وارو بند، تنهن جي وچ مان وري هڪڙي قسم جي شاخ کوٽيل، جيڪا پڻ چار فرلانگ سمنڊ اندر ٿي ويئي ۽ اهڙو هڪ ميل کن جبلن طرف به پئي ويئي. اسان کي ڪو به رستو نٿي مليو، جو لنگهي اڳيان نڪرون. گهڻي ڪوشش ڪئي سين، پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير! رات پئجي ويئي. سمنڊ جي ڪناري رڇَ نڪري، سمنڊ جي ريل تي پيل مُئل مڇي، گهانگهٽ کائڻ لاءِ آيا پئي. پر الله تعاليٰ جي وڏي مهرباني هئي، جو انهن رڇن اسان جو نالو ڪو نه ٿي ورتو. نه ئي وري ڪا اسان ساڻن ڇيڙ ڇاڙ ٿي ڪئي. هڪڙو مٺي پاڻيءَ جو چشمو هو، جنهن جي ڪناري سان ”آسريون لَيُون“ هيون. جن جا ويهه پنجويهه فوٽ ڊگها وڻ بيٺل هئا. اُتي ڊپ کان ڪو به ماڻهو ڪو نه ايندو هو. ڇو ته اُهو خطرناڪ علائقو هو. اُن ۾ ڪيهر شينهن رهندو هو ۽ اسان کي اهڙي خطري جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. اسين ته مڙيئي ائين قابو ٿي وياسين. رات پئجي وئي هئي. اسين به مٺي پاڻيءَ جي چشمي وٽ، ڪجهه مٿانهين پَٽَ تي لڏو لاهيو ويٺا هئاسون. رِڇَ، باندر، ڀولڙا ۽ ٻيون نموني نموني جون بلائون پاڻي پيئڻ لاءِ آيون پئي. اسان ڇا ڪيو جو اُتي ڪاٺيون ته جام هيون، سو وڏا وڏا بُنڊَ دُکائي، ساري رات باهه ٻاري ويٺا رهيا سين. تنهن ڪري ڪا به بلااسان کي ويجهو ڪا نه آئي ٿي. سومهڻيءَ نماز کان پوءِ جهنگ ۾ اترطرف شينهن جي گجگوڙ ٿي. اسان پاڻ ۾ طئي ڪيو ته شينهن پاڻ کي کائي ته ڀلي کائي، پر ڪيڏانهن به ڀڄنداسين ڪو نه، پر خير ٿيو. ساري رات گذري ويئي. صبح جو اُنهن آسرين لَيَن مان چاقوئن سان زورائتا بانٺا وڍي پاڻ سان کنياسون.
    اتر طرف جبلن جي مٿان سفيد رنگ جون جايون ڏسڻ ۾ پئي آيون. رفيقن کي موڪليو ويو ته وڃي رستي جي ڳولا ڪريو. سي اُن شهر طرف ويا هليا رستو ڳولڻ. باقي آئون ۽ عرس کوسو ويٺا رهياسين ڀِٽَ جي مٿي، ته ايتري ۾ هڪرو ”بدو“، جنهن جي ڪلهي تي رائفل هئي، سو سمنڊ جي ريل وٺي، ان جبل جي بند تي چڙهي هُن پار اُڪري ويو. آئون کيس ڏسي رهيو هوس. جتان کان هُو وڃي جبل تي چڙهيو هو، اُهو نشان نظرن ۾ رکيم. پوءِ عرس کوسي کي سامان وٽ ويهاري آئون اُتي پهتس جتان کان هو بدو اُڪري ويو هو. جڏهن اتي پهچي ڏٺم ته هڪڙو ڪاٺ رکيل هو، پر اُن تان اُڪرڻ ڏاڍو اڙانگو هو. پهرين مون پنهنجي آزمائش ڪئي. جنهن ۾ الله تعاليٰ جي نوازش سان ڪامياب ٿيس. وري واپس به اُڪري آيس. واپس اچي ساٿيءَ کي ٻڌايم ته انشاءَ الله تعاليٰ پاڻ به ڪاٺ تان اُڪري وينداسين. تيستائين ٻيا همراهه به اچي ويا. انهن اچي ٻڌايو ته ويجهو ڪو به گس ڪونهي. باقي سفيد جاين واري شهر کان لوڊ گاڏيءَ جو رستو آهي. پوءِ پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪئي سين ته پهريائين ڪاٺ کي آزمائجي. پوءِ ٻي ڪا صلاح ڪبي. اُتان روانا ٿي وياسين ڪاٺ تي. منهنجا رفيق سڀئي پوڙها هئا. منجهن جوان رڳو آئون هڪڙو هوس. سو ڪاٺ جي وچ تي پير رکي پهريائين جيڪو سامان هو، سو سڀ اُڪاريم. تنهن کان پوءِ هر هڪ رفيق جو پير منهنجي ڪاٺ تي رکيل پير مٿان رکائي، کيس ڇڪي پريان پيل سامان مٿان ڪيرائيندو آيس ته جيئن سندن عضوا ڦٽجي نه پون. اهڙي طريقي سان خيرن جو اُن کاهيءَ تان اُڪري ”حسن بلعيد“ پهتا هئاسين. جڏهن اها حقيقت مون مورچي سنڀاليندڙ کي ٻڌائي ته اسين فلاڻي جاءِ تي ترسيا هئاسين ۽ ڪاٺ تان اُڪري آيا آهيون. تڏهن هُن اسان کي آفرين ڏني ۽ چيائين ته ڪيهر شينهن جي ڊپ کان جبل جي هُن پاسي ڪير ويندو ئي ڪونهي.
    *


    باب ٻيو: منهنجو رفيقن کان ڌار ٿيڻ

    مون پنهنجي گهران صرف ٽي سؤ سٺ روپيه کنيا هئا. مون اڳ ۾ ئي سڀني همراهن کي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته گس ۾ پنڻ مون کان ڪو نه پهچندو. باقي مزوري جيڪا به ملندي، سا ڪندس. حاجي مٺو سوڍائي اسان جو اڳواڻ هو. هن جو اڳ ۾ به پنڌ حج ڪيل هو ۽ ٻڌايائين ته رستي ۾ مزوري جام آهي. مون وٽ جيڪي پئسا هئا، سي مون حاجي مٺي سوڍائيءَ کي ئي ڏيئي ڇڏيا هئا ته مون کي ماني کائڻ سان ڪم. پوءِ چاهي توهان گدائي ڪري کارايو، باقي مزوري آئون ڪندس. جڏهن حسن بلعيد پهتا هئاسين، تيستائين آئون تقريباً 12 آنا عربي ٻولي سکي چڪو هوس. باقي 4 آنا کن فرق هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سفر تي هلڻ جو وقت ٿيو، ته حاجي مٺي سوڍائيءَ چيو ته ”سنگهار ڏنڊو مُٽو آهي. نه ڪو پني ٿو ۽ نه ڪو ڪم ڪري ٿو. باقي کائڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.“ مون حاجي صاحب کي چيو ته ”اوهان پنهنجي واعدي کي ڏسو، ڪا به مزوري لڳي ته آڻي وچ تي رکندس. باقي پنڻ مونکان ڪو نه پُڄندو. مون کي ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻ ۾ شرم ٿو اچي.“ خير. ناراضگي ٿي ويئي. مون کي 30 روپيه اُڇلي ڏنا ته ”تنهنجي باقي جيڪا ملڪيت بچي آهي، سا هٿ ڪر.“ پوءِ هُن ٻين رفيقن کي چيو ته هلو ته هلون. ائين هُو اٿي هلڻ لڳو. پر صالح سوڍائي ۽ عرس کوسو روئي پيا ته اسين توکي ڪو نه ڇڏينداسين. گهڻين منٿن بعد مون کين چيو ته آئون ”عدن“ جي شهر تائين توهان سان هلان ٿو. پوءِ اتي مزوري ڪري پٺيان پيو ايندس. پوءِ گڏجي روانا ٿياسين. ننڍڙا ڳوٺ ايندا رهيا. ”شئقره“ جي شهر ۾ پهتاسين. اتي جو جيڪو آفيسر صوبدار هو، تنهن جي ٻه ڏينهن مزوري ڪيم. هُن اسان کي لوڊ گاڏيءَ ۾ سوار ڪري اڳتي روانو ڪيو. جنهن اسان کي رستي ۾ ’عدن‘ شهر ۾ ڪو نه وياسين. اتي هوائي جهازن جو اڏو هو. اتان کان پنڌ ڪري ”شيخ عثمان“ جي شهر ۾ وڃي رهياسين. اتي ريال وغيره ڪو نه هئا. اُتي شِلنگ هئا، جنهن ۾ ڏهه آنا هئا. مون هڪڙي هوٽل واري کي ڇهه آنا ڪڍي ڏنا ته هِنن جي مون کي دال ڏي. هوٽل واري مون کي شِلنگ وارا منهنجا ڇهه آنا اُڇلي ڏنا. همراه بنهه ڪاوڙجي پيو. چيائين ”مڙس ڇهه آنن جي دال ٿو کائي!“ پوءِ مون کي مفت ۾ داخل ڏيئي ڇڏيائين، هتي کاڌي کائڻ جو سامان مهانگو هو. باقي ليمن سوڍا جي بوتل ڏهن پئسن ۾ ملندي هئي. مون ڪافي بوتلون پيتيون، جيڪي هاضمي لاءِ ڏاڍيون ڀليون هيون.
    شيخ عثمان شهر جي جامع مسجد جي پيش امام سان منهنجي دوستي ٿي ويئي هئي. اسين اتي چار ڏينهن رهياسين. همراه اڳتي سفر لاءِ تيار ٿيا. مون ساڻن واعدو ڪيو هو ته آئون ’عدن‘ تائين گڏ هلندس. سو مون هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ همراه اڳتي روانا ٿي ويا. آئون هڪ ڏينهن عدن جي شهر ۾ ويس ۽ شهر جي ٻاهران مزوريءَ جي ڳالهه ٻولهه ڪري آيو هوس. پوءِ روزانو شيخ عثمان کان بس ۾ اڌ شلنگ ڏيئي اچي مزوريءَ واري جاءِ تي لهندو هوس. لوڊ گاڏي تي ڪم ٿيندو هو. چڪرن جي حساب سان ريتي، پٿر، مٽي، پائپ وغيره لاهبا چاڙهباهئا. شام جو حساب ڪري، پئسا وٺي، بس تي چڙهي شيخ عثمان جي جامع مسجد وٽ لهي پوندو هوس. پيش امام منهنجو دوست ٿي ويو هو. پنهنجو سامان وغيره ان وٽ رکندو هوس. سومهڻي نماز پڙهي، هوٽل تي ماني کائي، پوءِ اچي پيش امام جي ڪوٺڙيءَ ۾ سمهي پوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن بوتلون به گڏجي پيئندا هئاسين. روزانو مزوري ڪڏهن 50 شلنگ ته ڪڏهن سٺ شلنگ ته ڪڏهن اڃا به وڌيڪ ڪمائيندو هوس. ڏهه ٻارهن ڏينهن ڪمائي ڪجهه واٽ جو ثمر هٿ ڪيم. پيش امام دوست کان سڄو رستو معلوم ڪري اچي هڪڙي بس ۾ چڙهيس. ”لهج“ شهر تائين اڌ شلنگ ڀاڙو هو، پر مون کان بس واري پئسه ڪو نه ورتا. مون سوچيو ته مون کان ڀاڙو ان ڪري نٿا وٺن جو آئون ”مسڪين بابا“ آهيان. ڇو ته ساري واٽ تي اسان کي ملندڙ بدو توڙي عرب اسان کي ”مسڪين بابا“ ڪري سڏيندا هئا. بس وارن کي شايد ڪا هدايت ٿيل هئي ته جيڪو به مسڪين بابا هٿ لڳي، تنهن کي وٺي اچي ايس.پي. جي آفيس ۾ پهچايو. سو هنن بس وارن به مون کي ايس پي جي آفيس وٽ لاهي هڪ پوليس واري جي هٿ ۾ ڏنو ۽ پوليس واري مون کي وٺي آڻي اُتي ڇڏيو جتي ميدان ۾ کوڙ سارا مسڪين بابا پاڻ ۾ ٽولا ٽولا ٺاهيو ويٺا هئا. اتي ڏٺم ته مون وارا رفيق به ويٺا هئا. پوءِ ته وري به اچي گڏياسين. هي ٿاڻو ’لهج‘ شهر جو هو. ٻاهران پوليس جي چوڪي هئي. هڪ رات اتي گذري ويئي، پر ٻئي ڏينهن به ٽِپهري اچي ٿيڻ واري هئي. ڀڄي نڪرڻ جون واٽون ڳولي هٿ ڪري ورتيون هيون سين. اوڏي مهل هڪ شخص، جنهن کي اڇاڪپڙا پاتل هئا ۽ سنهڙو بدن هوس. سو هر هڪ ٽولي کان خبرون وٺندو اچي اسان جي ٽولي وٽ پهتو. هُن اردو زبان پئي ڳالهائي. مون به ساڻس ڳالهايو. هُن اسان کان خبرون پُڇيون. اسان کيس ٻڌايو ته اسين پاڪستان جا آهيون. پوءِ مون کانئس پڇيو ته هتي اسان کي ڇو جمع ڪيو پيو وڃي؟ هن چيو ته هي ماڻهو سڄي رستي ۾ پنندا پيا اچن. تنهن ڪري هتي جا ويٺل رهاڪو ماڻهو هنن مان تنگ ٿي پيا آهن. هي هڪ ٻه ته ڪونهي. هي هزارن جي تعداد ۾ آهن. عرب جي حڪومت ٻاهرين ملڪن جي سفيرن سان رابطو ڪيو آهي. جيڪي چون ٿا ته هي سڀ ماڻهو چور، ڌاڙيل ۽ قتلن ۾ گهربل ڀاڳيلا آهن. سي حج جو بهانو ڪري هتان لڪي نڪتا آهن. تنهن ڪري توهان انهن ماڻهن کي گڏ ڪري پوءِ ڪنهن پاڻيءَ واري جهاز ۾ چاڙهي اسان ڏانهن روانو ڪريو ته ڏوهارين کي اسين قابو ڪريون. سو هي ماڻهو گڏ پيا ٿين ۽ اِهي واپس ويندا. پر هيترن ماڻهن مان ٻئي ڪنهن به مون کان خبرون ڪو نه پڇيون. رڳو تو ئي مون کان پڇيو آهي. تون هوشيار ماڻهو ٿو ڏسجين. مون کيس چيو ته هوشيار ته خير آئون ڪو نه آهيان، پر ڏاڍي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جيڪي ماڻهو ڪعبة الله شريف ۽ رسول الله جي روضي پاڪ جي زيارت جي حُب دل ۾ کڻي پيرين پنڌ نڪتا آهن ۽ سي به اُهي، جن جا پُکي ۾ ڏهه ڏهه سال نالا نٿا اچن، تن کي اسان جي حڪومت وري چور، ڌاڙيل، قاتل ۽ ڀاڳيلا سڏي کين واپس پئي گهرائي ته جيئن کين سزا ڏجي. منهنجي کيسي ۾ جيڪي مزوريءَ جا پئسا پيل هئا، سي ڪڍي کيس ڏيکاريم ۽ چيم ته سڀ پنڻ وارا به ڪو نه آهن. پر حڪومت کان موڪل نه ملڻ ڪري پيرين پنڌ نڪري پيا آهن ۽ مزوري ڪري ڀلي پار وڃي رهيا آهن. اُهو ماڻهو ڪو سي.آءِ.ڊي. جو هو، پر منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪري ويو. پوءِ اُن شخص مون سان مدد ڪئي ۽ چيائين ته سامهون وارو پوليس وارو منهنجو مائٽ آهي. آئون اُنکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته هي (اسان جو ٽولو) پنڻ وارا ڪونهي. سو جيڪڏهن نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته ڀلي نڪري وڃن ۽ ڪجهه ئي دير بعد مون واقعي ڏٺو ته هو پوليس واري کي اسان ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو. جڏهن رات ٿي ته اسين هڪڙو هڪڙو ٿي ٻاهر نڪري هليا وياسين. رات وڃي شهر کان ٻاهر پرڀرو جبلن ۾ گذاري سين. صبح جو گس هٿ ڪيوسين. اُهو لوڊگاڏيءَ جو ڪچو رستو هو. اهو رستو وٺي اچي ”خشب“ پهتاسين. خشب معنيٰ ڪاٺ. ۽ اُهو ”يمن“ جي بارڊر تي هو. اُن جي اتر کان ڦري وري اچي رستي تي چڙهياسين. پر هتان ٻه رستا وڃڻ لاءِ هئا. هڪڙو جنت مسجد کان ثناء وارو رستو ۽ ٻيو جيزان وارو رستو. اُتي جي بدوئن ٻڌايو ته جيزان وارو رستو ٺيڪ آهي. پوءِ اسان اُلهندي طرف هلڻ شروع ڪيو. اڳيان آسرين لَيَن وارا ڊگهاوڻ هئا، جيڪي هيٺاهين زمين ۾ بيٺل هئا. انهن وڻن ۾ وڏين مکين واري ماکي جام ويٺل هئي. اُتي جيڪي جبل هئا، سي به چوٽين تائين سر سبز هئا. اتي جا ماڻهو جبلن تي پٿرن جون چاڙهيون ٺاهي، مٽي ڀري، ان ۾ جوئر، ٻاجهري ۽ مڪائي پوکيندا هئا. برسات پوندي هئي ته سيڙهين واري مٽي رجهي ويندي هئي.
    جڏهن ”طعز“ شهر کي ويجهو پهتاسين. باقي لڳ ڀڳ چار ميل پنڌ ڪرڻو هو، ته رستي تي ٻه عورتون ۽ هڪڙو پوڙهو مرد بيٺل نظر آيو. عورتن اسان کي خدا جا واسطا ۽ قسم ڏنا ته اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي هلو. هنن ٻڌايو ته هو عمراڻي بلوچ آهن ۽ بلوچستان جي ’جهٽ پٽ‘ شهر جا رهاڪو آهن. ساڻن گڏ هڪ نوجوان ڇوڪرو به هو، جيڪو کانئن الڳ ٿي ويو آهي. هو ٻئي ڀينرون هيون ۽ سندن مرد پاڻ ۾ ڀائر هئا. اسان سان گڏ هيءُ پوڙهو عبدالله آهي، جيڪو به اکين سان ڏسي نه پيو سگهي. سندس گهرواري اڳيان لٺ کڻي هلي ته هيءُ اوهانکي جهلي هلي سگهي ٿو. ٻيو هن جو جيڪو اڌڙوٽ ڀاءُ هو، سو وفات ڪري ويو آهي. هاڻ اسان سان خدا ڪارڻ مدد ڪريو، جو هيءُ لاش دفن ڪري اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي هلو. اوهان کي الله تعاليٰ اجر فرمائيندو. اسان کي سالن کان سِڪ هُئي پر پُکي ۾ نالو نه پئي نڪتو. اسان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي ڪمي ڪانهي. پُکو نٿي نڪتو. تنهنڪري پنڌ سفر هليا آهيون. هاڻي هيءَ حالت ٿي آهي. سو مهرباني ڪري هيءُ لاش به دفن ڪرايو ۽ پاڻ سان گڏ به وٺي هلو.
    اسان وٽ ته نه ڪوڏر ۽ نه ڪو ٽيڪم. ٻيو جابلو علائقو، سو قبر به ڪيئن کوٽجي! هاڻي ڇا ڪجي ۽ ايتري ۾ هڪ لوڊگاڏي کيکڙو پئي آئي. مون کين هٿ ڏيئي روڪي، ساري حقيقت ڪري ٻڌائي، پر لوڊگاڏيءَ وارن جواب ڏنو ته اسان سان سرڪار وڙهي ٿي ته مسڪين بابائن کي نه کڻندا ڪريو. خير، مون کين ڏاڍيون منٿون ڪيون ته رڳو مون هڪڙي کي کڻي امير صاحب جي آفيس وٽ لاهي ڇڏج. اهڙي طرح لاچار ٿي مون اڪيلي کي کڻي وڃي امير صاحب جي آفيس سامهون لاهي ڇڏيائين. آئون آفيس اندر ويس. امير صاحب ويٺو هو. آفيس کان ٻاهر سفيدي جا وڻ بيٺل هئا. سفيدي جي انهيءَ جنس جا وڻ مون پهريون ڀيرو ڏٺا هئا. مون سمجهيو ته اُهي مِرين جا وڻ آهن. وري آفيس لڳ هڪ ڪمري ۾ گهوڙا، شينهن، هاٿي ۽ ٻيون بلائون بند هيون. مون سڌو وڃي امير صاحب کي عرض ڪيو. هو منهنجي ڳالهه سمجهي ويو ۽ مون کي جنازي کڻڻ لاءِ هڪ ڊگهي وين ۽ ٻه مزور ڏنائين. آئون گاڏي کڻي جنازي وٽ پهتس. جنازو ۽ ماڻهو چاڙهي امير صاحب جي گهر آياسين. حڪم مليو ته لاش دفن ڪيو وڃي. پوءِ غسل ۽ ڪفن ڏيئي لاش دفن ڪيو ويو. ماڻهو اُهي ئي ٻه مزور ۽ ٽيو آئون. قبر اڳيئي کوٽيل هئي. ”طعز“ جي قبرستان ۾ جنازو دفن ڪيو ويو. اُها حڪومت يمن جي حد هئي. اتي جو دستور هو ته ڳوٺ جي لاءِ مسجد ۽ کوهه سرڪار ٺهرائي ڏيندي. اسان کي امير صاحب ٽي ڏينهن ڪو نه ڇڏيو. اسان جي ماني به امير صاحب جي گهران ايندي هئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ موڪل ڏنائين. موڪل مهل جيترا به اسين رفيق پاڻ ۾ هئاسين، اوترا فرانسي ريال خيرات ۾ ڏنائين. اُن ريال ۾ پورا پنج تولا ڪچو چاندي هو ۽ فرانسسي راڻيءَ جو فوٽو مٿس لڳل هو. اُهو ئي سِڪو اُتي هلندڙ هو. باقي جيڪي يمن ۾ روپيا هئا، تن جي هڪ پاسي ڪلمو شريف ته ٻئي پاسي ”امام احمد بن يحيٰ“ لکيل هو. اهي پئسا يمن ۾ هلندڙ هئا.
    اتان موڪلائي اسين اولهه طرف فرلانگ کن پنڌ ڪري ”طعز“ شهر ۾ داخل ٿاسين ته اتي به گيٽ کان اندر گهڙڻ مهل هڪڙي پوليس واري اسان کي وٺي اچي ٻين مسڪين بابائن سان گڏ ويهاريو. اتي به لهج وارو ساڳيو نمونو هو. طعز جي ان وقت صورتحال هِن قسم جي هئي ته ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه طرف کان هڪ وڏو جبل ڦريل هو. باقي اُتر کان هڪ وڏو ڪوٽ ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگهه هڪ ميل کان به وڌيڪ هوندي. ٻه وڏا گيٽ هئا. هڪ اوڀر طرف ۽ ٻيو اولهه طرف. هڪڙي دروازي مان لوڊ گاڏي اجازت نامو وٺي، ڪوٽ سان لاڳو پڪو روڊ وٺي اندر هلي وڃي ۽ ٻئي دروازي تي اجازت نامو ڏيکاري نڪري وڃي. هتي ايتري سختي هئي. هن ڪوٽ کي ٻيا ننڍا ننڍا دروازا به هئا. پر ماڻهوءَ کان سواءِ ننڍڙي گاڏي به ڪا نه گذري سگهندي هئي. مون جڏهن عدن جي شهر ۾ مزوري ڪئي هئي ته ڪجهه وقت عربن سان گڏ رهيو هوس. تنهن ڪري مون پنهنجو لباس تبديل ڪري ڇڏيو هو. سلوار، پهراڻ، پٽڪو ۽ چِٽڪمرو رومال. ڪارو دستار مٿي تي ٻڌل ۽ ڪارو پٽو چيلهه تي ٻڌل. ته جيئن ڪو به ماڻهو ائين نه سمجهي ته هي به ڪو مسڪين بابا آهي. ڪٿي ڪنهن علائقي ۾ گوڏ، ننڍي قميص ۽ مٿي اگهاڙي جو رواج هو. جهڙوڪ بدو. بس جهڙو ديس، تهڙو ويس. جڏهن طعز جي شهر ۾ پڪڙياسين، ته مون اتي جو ويس پائي ننڍا دروازا ڳوليا ته ڪهڙو دروازو ڀڄي وڃڻ ۾ سولو لڳندو. هڪڙي رات ته اتي لڳي ويئي. ٻيءَ رات نڪري وڃڻ لاءِ تيار هئي. پوءِ مون عمراڻين عورتن ۽ پوڙهي کي ٻاهر ڪڍي محفوظ جاءِ تي ويهاريو ۽ باقي همراهن کي ٻڌايم ته فلاڻي دروازي مان هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري فلاڻي کنڀي وٽ پهچجو. اهڙي طريقي سان اسين لِڪَ چوريءَ اتان ڀڄي نڪتاسين ۽ رات وڃي شهر کان پرڀرو گذاري سين. اسان کي ڀڄڻ جو موقعو اُن ڪري ملي ويو جو پوليس وارا ڊيوٽي ڏيئي ڪيڏي مهل ماني کائڻ ويندا هئا يا قهوه پيئڻ وينداهئا ۽ اهو وقت ڀڄڻ لاءِ صحيح وقت هوندو هو. انهن ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو اسان کي مڪي شريف ۾ گڏيو هو. جنهن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڀني کي ڇڏي ڏنو هئائون. انهن مان گهڻن حج پڙهيو ته گهڻن کان قضا ٿي ويو.
    طعز کان اڳتي روانا ٿياسين. اُهو علائقو سر سبز هو. جبل جي چوٽين تائين آبادي هئي. عورتن ۾ خوبصورتي به تمام گهڻي هئي. گهڻو ڪري جيڪي جوان ۽ خوبصورت هيون، سي پاڻ کي هيڊ گهي مکينديون هيون. اِها خبر مون کي تڏهن پيئي، جڏهن آئون عربن جي گهرن ۾ وڃي جنڊ تي جوئر يا ٻاجهري پيسائي ڪندو هوس. هڪ ته آئون پاڻ نوجوان ۽ خوبصورت هوس ۽ ٻيو وري منهنجو لباس به عربي هو. ٽيون ته آئون عربي ٻولي به چڱي طرح ڳالهائي پئي سگهيس. تنهن ڪري اِها سڃاڻپ مشڪل هئي ته هيءُ به ڪو مسڪين بابا آهي. ڪيترين نوجوان ڇوڪرين مون کي نڪاح جي آڇ ڪئي هئي، پر اُن وقت مونکي شادي وغيره جي ڪا به تمنا ڪا نه هئي. مون کي تڏهن رڳو مڪو شريف ۽ رسول ڪريمصه جو روضو مبارڪ ياد هوندو هو ته ڪڏهن ٿو اتي پهچان.
    اسان جي جنڊن جهڙا جنڊ فقط هن علائقي ۾ هئا. اُها حد يمن جي هئي. پر اسان وٽ جندن ۾ هٿ وجهڻ وارو هٿيو (مُٺيو) وڏو هوندو آهي ۽ هُتي يمن ۾ اُهو مُٺيو ايترو ننڍو هوندو آهي، جو مشڪل سان هٿ پئجي سگهي. جنڊ پيهڻ جو آئون ننڍي هوندي کان ئي هوشيار هوندو هوس. ڇو ته مائٽ منهنجا ڪونه هئا. يتيميءَ واري زندگيءَ مان نڪري هتي پهتو هوس. سعوديه ۾ جنڊ ڪو نه هئا. اتي وري ڊگهيون پٿر جون پليٽون ٿوريون لهواريون اُڀيون ڪري رکبيون هيون. جوئر، ٻاجهري يا مڪائي رات جو پُسائي رکبي هئي. پوءِ ان کي پٿر واري ڊگهي پليٽ تي گَسائي ميدو اٽو ڪيو ويندو هو. وري يمن ۽ سعوديه جي ٻهراڙين ۾ مون ماني پچائڻ لاءِ تئو ڪو نه ڏٺو. جڏهن اسين تئي تي ماني پچائيندا هئاسين ته عرب ۽ بدو اسان کي ڏاڍي غور سان ڏسندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ تندور جو رواج هو. جوئر، ٻاجهري يا مڪئيءَ جي ٻه انچ ٿلهي ۽ ننڍي ماني، جيڪا کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ هوندي هئي. ٻهراڙيءَ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ٺِڪِر جا مٽ يا ٿلهي ويڪري گُهگهي ڪاٺ جي منجڻ تي رکيل هوندي هئي ۽ اُها منجڻ مينديءَ جي وڻ هيٺان ضرور رکيل هوندي هئي ڇو ته مينديءَ جي وڻ هيٺان پاڻي جو مٽ ٿڌو رهندو هو.
    اُتي جا ماڻهو مينديءَ مان ٻيو به فائدو وٺندا هئا. هڪ ته هٿن، پيرن، مٿي جي وارن ۽ سونهاري شريف کي رنگ ڪندا هئا. ٻيو ته ٻهراڙيءَ ۾ هرگهر جي اڳيان سواريءَ جي لاءِ نَر يا مادي، پر سفيد رنگ جا گڏهه ضرور بيٺل هوندا هئا ۽ اُهي ماڻهو انهن اڇن گڏهن تي ميندي لڳائي چِٽَ گل ٺاهيندا هئا. ”تنگ“ وري سيلي (ويڪري) پٽي جو ٺهيل، جيڪو گڏهه کي پٺيان ڦري اچي، اُن تي وري ڀرت جا گل ٺهيل هونداهئا. اتي گڏهه خاص چڙهڻ جي سواريءَ جا وهٽ هوندا هئا. اٺ به سواريءَ جو ڪم ڏيندا هئا. انهن لاءِ وري پشم جاگل ٺاهبا هئا. باقي لاڏو اٺ (بار کڻڻ وارا) يا گڏهه، سي ائين سادا هوندا هئا. يمن توڙي سعوديه جي ٻهراڙين ۾ ٻيو به هڪڙو سٺو نمونو ڏسڻ ۾ آيو هو. ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ”چؤنرا“ هوندا هئا. هر ڳوٺ ۾ هڪ ”چؤنرو“ اوطاق يا پئنچات گهرلاءِ مقرر هوندو هو. سانجهيءَ جي نماز پڙهي ڳوٺاڻان ان پئنچات گهر ۾ گڏ ٿيندا هئا. هڪ ماڻهوءَ جو وارو مقرر ٿيل هوندو هو، جيڪو پئنچات گهر ۾ ٽانڊو ٻاري ۽ چُلم تيار ڪري. قهوه ڪاڙهڻ لاءِ هڪ ٺڪر جو ٿانوَ، جيڪو گهگهيءَ وانگر ٺهيل هو، باهه تي پيو ٽهڪندو هو. ان ۾ قهوه، سُنڊ، دالچيني وغيره وجهي ڇڏيندا هئا. پوءِ ٺڪر جون ننڍيون ننڍيون پياليون ڀري ساري جماعت کي پياريو ويندو هو. چلم ۾ وري رٻڙ جو ڊگهو روڙو لڳل هوندو هو، جيڪو سڄي جماعت تان ڦري اچي. چلم به ناريل جي ٻن اڌن کي پاڻ ۾ ملائي، انهن تي چانديءَ جا پَٽَ گن جي ڊزائين تي لڳائي ٺاهيندا هئا. هيٺ رکڻ وارو برج ۽ وات ۾ وجهي ڇڪڻ واري روڙي جي مهاڙي به چانديءَ جي ٺهيل هوندي هئي. باقي ٽوپي ٺڪر جي هوندي هئي. اهو جماعت خانو روزانو سانجهيءَ کان وٺي سومهڻي نماز تائين هلندو هو. باقي جيڪڏهن ڪو وڏو فيصلو يا راڄ جون ڳالهيون وغيره ڪرڻيون هونديون هيون ته اُهي سومهڻي نماز کان پوءِ جماعت خاني ۾ پيش ڪبيون هيون.
    *


    باب ٽيون : هڪ عجيب لقاءُ

    هڪ گهر ۾ اٽي پيسائيءَ لاءِ پهتس. اُن گهر ۾ جنڊ ڪو نه هو، باقي اَن جي گسائي واري پليٽ هئي. اُهو گهر ڪنهن غريب ماڻهوءَ جو هو ۽ انهيءَ گهر کي سنڀالڻ واري به اڪيلي عورت هئي، جيڪا ڪم ڪري رهي هئي. ۽ مون ڏٺو ته اُها اڪيلي عورت هڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪري رهي هئي. اُن عورت کي گوڏ ٻڌل هئي ۽ چولي جو به رڳو آڳو پيڇو هو، جنهن کي بغلن تائين سَڳن (ڌاڳن) سان ٽوپا ڏنل هئا ۽ مٿي تي رومال ٻڌل هوس. هوءَ ساڳئي وقت کير به ولوڙي رهي هئي ته ٻار کي به لوڏي رهي هئي ۽ گڏوگڏ اٽو به گسائي ڪڍي رهي هئي. پر شاباش هجي هُن جي عقل کي، هڪ گول ڪدو، جنهن جي مُرليءَ وانگر چهنب وڌيل هئي، جنهن ۾ هٿ پئجي سگهي. ڪدوءَ کي ٻاهران سُٽ جي ڄاري ٻڌل هئي. اُهو ڪدو ڌاڳن سان ساڄي پاسي کٽ جي اِيسَ ۾ ٻڌل هو. کاٻي پاسي چادر جي لوڏ ٻڌل هئي، جنهن ۾ ٻار سُتل هو. وچ تي اٽي گسائن واري پٿر جي پليٽ رکي هئي. پُسيل جوئر پليٽ جي مٿئينءَ حصي ۾ جمع ٿيل هئي. گوڏا هيٺ کوڙي چڪ سان جوئر گسائيندي هيٺ رکندي وڃي. ساڄي پاسي واري ٺونٺ ڪدوءَ کي هڻيو ڇڏي ته ڪدو پيو لُڏي ۽ ڇِڙ ڇڙِ پيو ڪري ته کير پيو ولوڙجي. وري کاٻي پاسي واري ٺونٺ ٻار جي لوڏ کي هڻيو ڇڏي ته ٻار به پيو لُڏي ۽ ماٺ ڪريو آرام پيو ڪري. هيڪانڌا ٽي ڪم، اُها عورت هڪ ئي وقت ڪري رهي هئي.
    اتي جنڊ ته هو ڪونه، جو آئون اٽو پيسائي ڪريان. تنهن ڪري واپس وڃڻ لڳس. پر اُن عورت مونکي سڏ ڪري چيو ته ”يا اَخي طالِ هِنا“ (اي ڀاءُ، هيڏانهن اچ) آئون موٽي کيس ويجهو ويس. اُن عورت مون کان سڄي جوئر وٺي، ان جي عيوض تندور مان مانيون ڪڍي مون کي ڏنائين ۽ چيائين ته مسڪين بابا هي مانيون کائي مون کي دعا ڪجانءِ. آئون مانيون کڻي رفيقن وٽ پهتس ۽ گڏجي ماني کاڌي سين. منهنجا رفيق مون کي جوئر يا ٻاجهريءَ جي پيسائيءَ لاءِ اُن ڪري موڪليندا هئا جو آئون عربي ڳالهائڻ به سکي ويو هوس. ٻيو عربي لباس پائيندو هوس ۽ ٽيون ته نوجوان ڏسي مون سان عورتون کِل ڀوڳ ۽ چرچا به ڪنديون هيون. ۽ وري منهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ڀينر جي پُڇا ڪنديون هيون. اِهي ته ٽيئي منهنجا ڪو نه هئا. پوءِ چونديون هيون ته ”هٰذا يَتِيمُ.“ گهڻو ڪري عورتون مون کي اٽو پيسائي ڪري ڏينديون هيون. جيستائين اٽو پيسائي ٿئي، تيستائين جيڪڏهن ماني کائڻ جو وقت هوندو هو ته ماني به کارائينديون هيون. پوءِ اچي رفيقن سان ملندو هوس. منهنجا رفيق گهڻو ڪري پني ماني کائيندا هئا پر آئون پنهنجي لاءِ پاڻ اٽو پيسائي ڪندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن رفيق مون کان به اٽو وٺندا هئا. ان جي عيوض ڪڏهن ڪڏهن انهن جا پنيل ٽڪر به کائي وٺندو هوس.
    هڪ جاءِ تي رستو ڀلجي وياسين. اُتي هڪڙي پوڙهي عورت ڳئون چاري رهي هئي. جنهن کي انگريز صاحبن وارو ڦڙهن جو ٺهيل ٽوپلو پاتل هو ته جيئن سج جي تپش کان بچي سگهي. اُن پوڙهيءَ عورت سڏ ڪري اسان کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اسان کي اڳيان وڃڻ وارو رستو سمجهايو. جنهن وقت اُن پوڙهيءَ جي مون تي نظر پيئي ته مون کان عربيءَ ۾ پڇيائين ته ”ماءُ اٿئي؟“ مون چيو ته ”نه.“ وري پڇيائين: ”پيءُ اٿئي؟“ مون چيو: ”نه“ تڏهن هُن عورت منهنجي مٿي تي شفقت جو هٿ گهمائي چيو ”هيءُ ويچارو يتيم آهي.“ ۽ پوءِ مون کي پنهنجي گهر وٺي وئي. سندس ڳئون گهر کي ويجهو ئي چري رهيون هيون. جڏهن پوڙهيءَ جي گهر پهتس ته اتي ٻه نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون. انهن کي چيائين ته ”ڏسو هيءُ نوجوان ڇوڪرو پنهنجو ملڪ ڇڏي پيرين پنڌ حج ڪرڻ وڃي رهيو آهي.“ ڪدوءَ ۾ تتل ڳائو گيهه پيل هو، سو تَري ڀري منهنجي مٿي تي مالش ڪيائين. اُهو ڪدو بوتل جو ڪم ڏيئي رهيو هو. وري ڇوڪرين کان پُڇيائين ته ماني موجود آهي؟ پوءِ هنن مونکي ٻاجهريءَ جون ٻه مانيون ڏيئي روانو ڪيو. ڪنهن ڪنهن علائقي ۾ اهڙا رحمدل ماڻهو به هئا. اِها يمن جي حد هئي، پر ڪٿي ته رات جو اسان جو سامان به چوري ڪري ويندا هئا. تنهنڪري مون هڪڙو رسو ورتو هو. سڀني رفيقن جي ٿانوَن جي ڪڙنِ مان رسو مٽائي، اهو رسو پنهنجي پٺيءَ هيٺان رکي سمهندو هوس. چور جڏهن هڪڙي برتن کي هٿ وجهندو ته سڀني جو آواز ٿي وڃي ۽ ماڻهو سجاڳ ٿي وڃي. اهڙي نموني ۾ به سفر ڪيوسين.
    ڪٿي ته اهڙو علائقو به هو جو ڏهه ڏهه، پندرهن پندرهن ميل سمنڊ جي ريل (ڪناري) تان هلڻو پوندو هو. سو به تڏهن، جڏهن سمنڊ جي وِيرَ آلڙ ٿيندي هئي. ماڻهو ته ڇا، پر وزن واريون لوڊ گاڏيون به تيستائين بيٺيون هونديون هيون. ريل جي زمين اهڙي سخت، جهڙو پڪو روڊ. ريل تان لوڊ گاڏيون اُن ڪري هلنديون هيون جو وڏا وڏا جبل هئا ۽ ٻيو ڪو گس ڪو نه هو. ڪٿي ته اهڙو به علائقو هو جو رڳو واري هوندي هئي، ماڻهو ته نڪري ويندو هو، پر لوڊ گاڏين لاءِ وري 8 فوٽ ڊگهيون لوهه جون چادرون اڳيان وڇائبيون هيون ۽ لوڊ گاڏي انهن تان هلندي هئي. وري پٺيان چادرون ڪڍي اڳيان وڇائبيون هيون. ٻه ماڻهو اُهي چادرون رکندا ويندا هئا. اهڙي نموني جا رستا به تڏهن هئا. هيءَ 1956ع جي ڳالهه آهي. ڪٿي ڪٿي ته آئون سرديءَ کان بچڻ لاءِ واريءَ ۾ ڊگهي کڏَ ٺاهي، ان ۾ ليٽي مٿان ڪنبل وجهي ۽ واري واري سُمهي پوندو هوس. سڄي رات سنئون سڌو پيو هوندو هوس. پاسي ورائڻ ڦيرائڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.
    سمنڊ جي ريل تان عجيب قسم جا ڪوڏ، ڪوڏيون، سپيون مون لڌيون جن مان ڪن تي باقاعده عربي زبان ۾ قرآني آيتون لکيل هيون يا عجيب قسم جا گل ٺهيل هوندا هئا. هڪڙو ٽڪو به مٽاسٽا ۾ مون کي هٿ لڳي ويو، جنهن جي هڪ پاسي تي ”مملڪته العربيه الهاشميه“ ۽ ٻئي پاسي تي امام حسين ابنِ علي لکيل هو. اُهو ٽڪو به مون ڪوڏن ۽ ڪوڏين سان گڏ رکي ڇڏيو هو. صالح سوڍائيءَ پنهنجي سامان جون ٽوال ۾ ٻه هڙون ٺاهيون هيون. جن مان هڪڙيءَ ۾ عام سامان هوندو هو، ۽ ٻيءَ ۾ سندس ڪو خاص سامان پيل هو. جيڪا هُو ڪڏهن ڪڏهن ئي کوليندو هو. مون پنهنجو سامان يعني ڪوڏا، ڪوڏيون ۽ ٽڪو به اُن کي ڏنو ته قابو ڪري رکي ۽ مڪي شريف پهچي مونکي ڏج. مزي جهري ڳالهه ته هڪڙي رات هڪڙي جاءِ تي اندازاً سٺ ستر پانڌيئڙا اچي گڏ ٿياسين. هڪڙي نئين ۾ مٺو پاڻي به موجود هو. وهنجي سهنجي، ڪپڙا وغيره ڌوئي، مٿي چاڙهه زمين تي ٽولا ٽولا ٺاهي سُمهي پياسين. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جا پانڌيئڙا هئاسين. هر هڪ ٽولي ۾ پنج ڏهه يا پندرهن ڄڻا هئاسين. هڪ ٻئي کان ڇڊا، ڪجهه قدمن تي الڳ الڳ سمهي پياسين. رات جو ڪي ڇهه چور آيا. جوڙي جوڙي ٿي چوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻه چور اسان جي ٽولي تي به آيا. اسان وٽ ٻي ڪا گهڻي ملڪيت ته ڪانه هئي. باقي ڪپڙا پائڻ جا، رڌ پچاءَ جا ٿانوَ ۽ ڪجهه پئسه ڏوڪڙ. سي به ڪن وٽ هئا ته ڪن وٽ ڪو نه به هئا. اسان جو ساٿي صالح سوڍائي سڄي سفر ۾ اسان کان ٿورو ڇڊو ٿي سمهندو هو، ڇاڪاڻ ته ننڊ ۾ هو تمام وڏي آواز جا کونگهرا هڻندو هو. سندس ٽوال ۾ هڪ هڙ ٻڌل هئي، جنهن ۾ سندس ڪپڙا، ڪجهه پئسا ۽ مون واريون ڪوڏيون، ٽڪو وغيره ٻڌل هئا. هو اُها هڙ ڪنڌ هيٺان رکي سمهندو هو. پر ان رات اتفاق سان هَڙ تان سندس ڪنڌ لهي ويو. ٽوال جو اڌ زمين تي وڇائي پاڻ سمهندو هو. چورن ٽوال جو هڙ وارو پاسو خنجر سان وڍي، هڙ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هڙ ۾ ٽوال جو ٿورڙو حصو اڃا ڦاٿل هو. سو چورن جهڙو ڇڪيو ته صالح سجاڳ ٿي پيو، پر تيستائين چور هڙ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صالح وٺي گهوڙا گهوڙا ته ڪئي، پر چيائين پئي ته ڀولڙا منهنجو سامان کڻي ويا آهن. هو ڪجهه پٺيان ڊوڙيو به، پر چورن پٿر اڇلي هنيا ۽ ڀڄي ويا. اسين سڀ به سجاڳ ٿي پٺيان ڊوڙياسين. پر گس ڪو نه هو. ٿوهر جا وڻ هئا. ڪا به خبر ڪا نه ٿي پيئي. صبح جو ٻين پانڌيئڙن به پنهنجو سامان سنڀاليو ۽ پيرا ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي سين. پر جابلو علائقو، پيرن جا نشان ڪو نه مليا. ڳوٺ به تمام پري پري هئا. ڇا ٿي ڪري سگهياسين. ماٺ ڪري ويهي رهياسين. چور منهنجون قيمتي يادگار ڪوڏيون ۽ ٽڪو به چورائي ويا هئا. هيءُ علائقو يمن حڪومت هو هو.
    اتان اٿي اڳتي روانا ٿياسين. هرڪو ٽولو پنهنجي مُنهن روانو ٿيو. هر ڳوٺ کان گس الڳ الڳ ويندو هو. ڇو ته ڳوٺ ڏانهن لاڙو زياده هوندو هو. اُن ڪري جو هڪ ته کاڌو ملي سگهندو هو ۽ خاص سبب پاڻيءَ جو هو. ترسڻ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ ضروري هو. تنهنڪري لوڊگاڏيءَ وارو رستو ڇڏي، ڳوٺن جي ڀر ورتي سون. لوڊ گاڏيءَ واري رستي تي پاڻيءَ جي تنگي هئي. مختلف ڳوٺن مان ٿيندا حضرت اويس قرني رحمت الله عليھ جي درگاهه تي پهتاسين. اسين پاڻ ۾ ٽن عمراڻين سميت نَوَ ڄڻا هئاسين. حضرت اويس قرنيرضه، اهو شخص هو، جنهن حضور سائينصه جي پرپٺ دوستي قبولي هئي. روايت آهي ته حضور سائينصه جن جو جنگ ۾ هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو. جڏهن اِها خبر اويس قرنيرضه کي پيئي، تڏهن پاڻ به پنهنجو هڪڙو ڏند ڀڃي ڇڏيائين. پر کيس خبر پئجي نه سگهي حضور سائينءَصه جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو. پوءِ پاڻ هڪڙو هڪڙو ڪري سڀ ڏند ڀڃي ڇڏيائين. اسين جڏهن اتي پهتاسين، دعا گهري سين. مسجد ۾ نفل پڙهياسين. جنهن سان اويس قرنيرضه پنهنجا ڏند ۽ ڏاڙهون ڀڳيون هيون. ان پٿر جو وزن اندازاً ٻه ڪلو کن هو. اهو سائي رنگ جو پٿر هو. رومال ۾ ويڙهي کڻي آيو هو. اسان ان جي زيارت ڪئي.
    اسين اُتي پورا پندرهن ڏينهن رهياسين. جوئر جو لابارو ڪري لائي وٺندا هئاسين. اُتي مون قرآن مجيد پڙهي پورو ڪري، حضرت اويس قرنيرضه جي روحن کي بخش ڪيو. قبي جي اندر مون هڪڙو گل ٺاهيو هو ۽ پاسي ۾ ٺاهيندڙ جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو لکي ڇڏيو هوم. 1957ع ۾ جڏهن جنگيسر وارو حاجي اسحاق اوٺو ۽ حاجي محمد سمون گهوڙا ٻاريءَ وارو (پُراڻي ٻاري) پيادل حج پڙهڻ ويا هئا ۽ حضرت اويس قرنيرضه جي درگاهه تي پهتا هئا. تڏهن سندن نظر گل تي پئي هئي ۽ ٺاهيندڙ طور منهنجو نالو ڏٺائون. هو جڏهن حج پڙهي واپس ڳوٺ پهتا هئا، تڏهن آئون ساڻن ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ ويو هوس. انهن مون کي ٻڌايو ته اسان تنهنجو ٺاهيل گل ۽ تنهنجو نالو حضرت اويس قرنيرضه جي قبي اندر ڏٺو هو. حضرت اويس قرنيرضه جن جي قبر اجائي ڊگهي هئي ۽ ٻن قبرن جي برابر هئي.
    اتان وري سفر جي تياري ڪئي سين. حضرت اويس قرنيرضه کان اولهه طرف ”زبيدي“ جو شهر هو. اتي وڃي پهتاسين. وچين نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو. مون کي رفيقن چيو ته پاسي واري گهر مان پاڻي وٺي اچ ته وضو ڪري نماز پڙهون. اُها جاءِ سڄي گنب مٽيءَ جي ٺهيل هئي. گهر جي ٻاهران به هڪڙو وڏو گنب مٽيءَ جو ڪوٽ ٺهيل هو. ڪوٽ جي ڀت ايتري سيلي (ويڪري) ٺهيل هئي جو ڪتو ان ديوار تي ڊوڙيو پئي. آئون جڏهن ڪوٽ جي دروازي تي پهتس ته ڪتو مونکي ڏسي مٿي ڀت تي بيهي ڀونڪڻ لڳو، پر هيٺ لهي ڪو نه آيو. اُنهيءَ ڪوٽ مان هڪڙي اڌڙوٽ عورت ٻاهر نڪري آهي. شايد نوڪرياڻي هئي. پر تمام خوبصورت هئي. مون کيس وضوءَ جي پاڻيءَ لاءِ چيو. نوڪرياڻي واپس اندر ويئي ۽ وري خالي هٿن واپس آئي. مون کي اچي چيائين: ”مسڪين بابا، توهان کي گهر جي اندر پيا گهرائين.“ ۽ مون کي وٺي اندر ويئي. ڏسان ته هڪڙي نوجوان عورت پلنگ تي ويٺي هئي. ڪرسيون به پيون هيون. هڪڙو ننڍڙو معصوم ڇوڪرو فرش تي سُرندو ڪڏي رهيو هو. پر مون کي حشمت نه پئي ٿئي جو آئون پلنگ تي حسين عورت جي چهري ۾ نهاري سگهان. مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو حڪم مليو ۽ آئون ويهي رهيس. ايتري حسين شهزادي ته ڪنهن شاهي گهراڻي جي ڌيءَ يا شايد ڪنهن وزير جي گهرواري ئي ٿي سگهي ٿي.
    آئون عربي ٻولي ڄاڻندو هوس. پهريائين ته مون کان پڇيائين ته ڪهڙي ملڪ جو آهين. مون کيس ٻڌايو ته آئون پاڪستان جو آهيان. وري پڇيائين ته تنهنجا ماءُ پيءُ زنده آهن ۽ مون کيس ٻڌايو ته نه. وري پڇيائين ته ڪيڏانهن پيا وڃو؟ مون چيو ته حج پڙهڻ لاءِ نڪتا آهيون. وري چيائين ته هتي، اسان جي گهر توهان ڇا جي لاءِ آيا آهيو؟ مون کيس وِضوءَ جي پاڻيءَ لاءِ عرض ڪيو. وري چيائين ته تون اڃا ڇوڪرو آهين. هينئر حج تي نڪتو آهين؟ مون کيس چيو ته لبيڪي سڏ ٿيو آهي. سائينءَصه جي سڪ ويهڻ نٿي ڏي. پوءِ کِلي ڀوڳن مان چيائين ته ”منهنجو ننڍڙو به حج پڙهائڻ لاءِ کڻيو وڃ.“ مون چيو ته ”هيءُ اڃان معصوم آهي. ڀلي وڏو ٿئي.“ وري چيائين ته ”منهنجو کجين جو باغ آهي، جي سنڀالينءَ ته توکي پگهار به ڏينداسين.“ مون چيو ته ”حال هڪيو ته آئون حج پڙهڻ نڪتو آهيان، سا سِڪَ پوري ڪريان. حج پڙهڻ بعد جيڪڏهن هتي روزي لکيل هوندي ته واپس ايندس.“ اهڙي طرح هُن جا بادشاهاڻا خيال ٻڌم. آخر نوڪرياڻيءَ کي چيئاين ته هن کي پاڻي جي گهگهي ڀري ڏي. پوءِ چيائين ته ”اڄ رات ماني اسان وٽ کائج.“ چيو مانس ته اسان پاڻ ۾ نَوَ ڄڻا آهيون، تن ۾ ٻه عورتون به آهن. تڏهن وري چيائين ته ”انهن عورتن کي اندر موڪلي ڏيو. اسين ماني سڀني کي کارائينداسين.“ آئون پاڻي کڻي ٻاهر ويس ۽ ٻن عورتن کي وٺي وڃي گهران شهزاديءَ سان ملايم. پوءِ انهن عمراڻي عورتن نوڪرياڻي سان گڏجي ماني تيار ڪرڻ جو بندوبست شروع ڪيو. ڪا به طمع يا تاتِ ڪا نه هئي. رڳو بادشاهاڻا خيال هئا. هوءَ ڪا وڏ گهراڻي، خوش طبع ۽ کِلَ مذاق واري عورت هئي. صبح جو مون کي ۽ انهن ٻن عورتن کي خرچي به ڏنائين. اُهو گهر زبيدي شهر جي وچ ۾ ڪو نه هو. پر شهر کان ٻاهر ڏکڻ ۾ هو. آئون نوجوان، وري عربي لباس پهريل ۽ عربي به ڄاڻندو هوس. سو مون سان نوجوان ڇوڪريون به کِلَ مذاق ڪنديون هيون ۽ پوڙهيون ته منهنجي نراڙ تي چميون ڏينديون هيون ته ننڍي ڄمار ۾ حج پڙهڻ نڪتو آهي، شاباش هُجيس.
    انهيءَ شهزاديءَ کان موڪلائي ”بيت الفقيره“ شهر پهتاسين. اُهو شهر ٺٽي شهر جيڏو هو. هڪڙي کوهه مان ڍڳي ڪوسَ (چمڙي جو ڏول) سان پاڻي پئي ڪڍيو. سيمينٽ جي وڏي حوض ٺهيل هئي. اُن ۾ ڍڳي هلائڻ وارو ماڻهو پاڻي لاهيندي آيو. ڍڳو سيکاريل هو. هو خودبخود اچي بيهندو هو. مون کوهه جي ماپ قدمن جي حساب سان ڪئي جنهن مطابق کوهه گهٽ ۾ گهٽ چاليهه گز هيٺ اونهو هو. ٽانڪيءَ ۾ نلڪا لوهه يا ٽامي جا ڪو نه هئا، پر ڪاٺ جون پَٽَ وراڪڻيون لڳل هيون. شايد شهر ۾ اهڙا ٻيا کوهه به هوندا. اسان شهر گهمي ڪو نه ڏٺو هو. هڪ پاسي کان ڏسندا هليا وياسين. بيت الفقير کان اڳيان به هڪ شهر هو، پر ان جي اڏاوت نئين ٺهي رهي هئي. اڳيان پڻ ننڍا ننڍا شهر هئا: تهتهه، وهي، ڪناويس، وادي مور وغيره. هنن علائقن ۾ هنداڻا (ڇانهيون) جام هئا. هزارين ايڪڙن ۾ برسات تي اُڀڙن ۽ اتي ئي پچن ۽ وري مورن. غريب طبقي جا ماڻهو زمين جا ٽُڪرَ ٽُڪرَ هٿ ڪري، ننڍڙيون ڀونگيون اڏي ويٺا هوندا هئا. هنداڻا پٽي ڪنهن ويجهي شهر موڪلي ڏيندا هئا. کائڻ ۽ کڻڻ جي ڪنهن کي منع ڪا نه هوندي هئي. زمين وري ڳاڙهي رنگ جي هوندي هئي. اُهي هنداڻن جا آرڻ ويندي ”حديده“ شهر تائين پکڙيا پيا هئا. حديده جو شهر ٺٽي کان وڏو شهر هو. هڪ جاءِ تي مون ڏٺو ته زنانين چادرن تي ”پاڪستان زنده باد“ جو ٺپو هڻي رهيا هئا. اُن مان معلوم ٿيو ته پاڪستان جي شين جو اتي به مان هو.
    اسين حديده جي شهر مان روانا ٿياسين. پر پوءِ به ڇانهين جا آرڻ جيڏانهن ڪيڏانهن ڏسڻ ۾ پئي آيا. اتان هلي اچي ”ميندي جي شهر“ ۾ پهتاسين ته اسان جو هڪڙو رفيق آچار گُجڙيو وفات ڪري ويو. اُن کي ميندي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. تنهن کان پوءِ هلي اچي ”حرض“ شهر ۾ پهتاسين. هيءُ به چڱو شهر هو ۽ آس پاس ۾ ڳوٺ به جام هئا. هيءُ شهر يمن ۽ سعوديه جي بارڊر تي هو. اڳتي سعودي عرب جي سرزمين هئي. تنهنڪري پيادل حاجين کي اڳيان پوليس ڪا نه پيئي ڇڏي ۽ جيڪي به حاجي کين هٿ آيا ٿي تن کي ڪاهيو اچيو يمن جي حد ۾ ڇڏيو ٿي ويا. اُتي حرض جي مسجدن جي ٻاهران هزارن جي تعداد ۾ پاڪستاني، سوڊاني، يمني، هندوستاني ۽ ٻين ملڪن جا پيادل حاجي ترسيا پيا هئا. رڪاوٽ جو هيءُ سبب پئي ڄاڻايو ويو ته جيڪي به غريب پيادل حاجي مڪي شريف ۾ پهچندا، تن جي رهائش جو ڪو به انتظام ڪونهي. بيماريون به پکڙنديون ۽ ٻيو ته هي حاجي شهر ۾ پنندا. تنهنڪري مڪي شهر جا ماڻهو تنگ ٿي پوندا. سو هي ماڻهو رمضان شريف کان پوءِ ڀلي سفر ڪن ته جيئن حج جي ٽائم تي پهچي سگهن. اُها سعودي حڪومت جي پاليسي هئي. رمضان کي اڃا چار مهينا پيا هئا. اسان کي حرض جي مسجد جي ٻاهران ويهندي هفتو کن ٿي ويو هو. منهنجو اتي جي ڳوٺ وارن ٻن چئن ماڻهن سان سٺو تعلق ٿي ويو هو. انهن مان هڪڙي مون کي ٻڌايو ته ”طائف شريف“ تائين هڪڙو اهڙو گس آهي، جنهن تي نڪا پوليس ۽ نه وري ڪو لوڊگاڏيءَ جو رستو آهي. فقط ماڻهوءَ جو گس آهي. توهان کي ڳوٺن وارا ماني به کارائيندا ۽ اڳيان گس جو به ڏس پتو ٻڌائيندا. پوءِ آئون وڃي هڪڙو سفيد ڪاغذ وٺي آيس، جنهن تي گس جي صورتحال ۽ نقشو ٺاهي تيار ڪيم ۽ اچي پنهنجي رفيقن سان صلاح مشورو ڪيم. رفيقن چيو ته اسين پيرسن ماڻهو آهيون. اسان کان ايتري تڪليف برداشت ڪانه ٿيندي. هيءُ وري به لوڊگاڏيءَ جو رستو آهي. ڏينهن توڙي رات هلڻ ۾ آساني ٿيندي. اڃا ڪافي وقت پيو آهي. جڏهن سعودي حڪومت اجازت ڏيندي ته پوءِ هتان اڳيان روانا ٿينداسين. تڏهن مون رفيقن کي چيو ته ٺيڪ آهي. توهان ڀلي هتي ترسو ۽ مون کي موڪل ڏيو ته آئون انهيءَ تڪليف واري رستي کي آزمائي ڏسان. رفيقن مون کي اجازت ڏني. منهنجو جيڪو ڀائيوارو سامان هو، تئو، ديڳڙي، ڪِٽِلي، پرڻي، گهگهي وغيره سو سڀ انهن کي ڏيئي ڇڏيم. مون رڳو هڪ ڪمبل، هڪ پاڻيءَ جو ڏٻو، جنهن تي چمڙو چڙهيل هو، هڪڙي لٺ ۽ ڪپڙن جو جوڙو پاڻ سان کڻي کانئن موڪلايو. اُها مسجد ڇڏي، اڳتي وري ٻي مسجد وٽ پهتس ته اتي ”ڇِني“، ضلع دادو، سنڌ جا شاهاڻي بلوچ ٻارن ٻچن سان ويٺا هئا.
    مون اچي هوڪو لڳايو ته آهي ڪو جوان، لڪي ڇپي حج پڙهڻ وارو، جيڪو مون سان گڏ هلي.“ انهن مان ٻه نوجوان ڇوڪرا تيار ٿي پيا. هڪڙي جو نالو عيسيٰ هو ۽ ٻئي جو نالو ياد ڪونهي. بازار ۾ آياسين. ڀائيوارو ڪري سامان ورتوسين: تِرَ، کند، ڦودنيون (ڦودني جون ٽڪيون). تِرَ اُن ڪري ورتاسين ته اُهي کنڊ سان ملائي کائون ۽ پيٽ ۾ سور پوي ته ڦودنيون کائون. بک جي پرواهه ڪا نه هوندي هئي. ٽي ڏينهن ماني نه ملي ته به خير هو. رڳو ٻه يا ٽي تريون ڀُڳل ترن يا جوئر جون کنڊ ملائي کائي، پاڻي پيتوسين ته سڄو ڏينهن آرام سان گذري ويندو هو ۽ ڪا به بک ڪا نه لڳندي هئي. اهڙي طرح سفر ۾ ڪا به گهڻي تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي.
    اسان، هڪ سنگهار ۽ ٻه شاهاڻي ”حرض“ جي شهر کان موڪلائي، هڪ نئين کان نڪري مٿي ٿياسين. اُها نئين ’وادي‘ خشڪ هئي، جيڪا يمن ۽ سعوديءَ جو بارڊر پڻ هو. اتر ۾ سعودي عرب ۽ ڏکڻ ۾ يمن هو. اُها خشڪ وادي پار ڪري اسان کي اوڀر طرف وڃڻو هو. پريان اتر طرف کان لوڊ گاڏيءَ جي رستي تان ٻه پوليس وارا گڏهن تي چڙهيو پئي آيا. وٽن رائفلون پڻ هيون. اُهي سترهن ارڙهن حاجين کي ڪاهيو پئي آيا. انهن ۾ پاڪستاني، يمني ۽ سوڊاني حاجي هئا. ساڻن عورتون به هيون. جنهن وقت اسان تي پوليس وارن جي نظر پيئي ته هڪدم رائفلون اڀيون ٿي ويون ۽ هڪل ڪري چيائون ته واپس ٿيو. مون اڳتي وڌي ساڻن عربيءَ ۾ ڳالهايو ته ”اسان کي خبر آهي ته اڳتي وڃڻ جي منع آهي. پر اسين ايترو وقت ڪٿي گذاريون؟ هو پريان اوڀر ۾ جيڪو ڳوٺ آهي، اتي مون مزوري ڪرڻ جو ڳالهايو آهي. اسين ٽيئي اتي اُن ڳوٺ ۾ رهي مزوري ڪري وقت گذارينداسين ۽ پوءِ جڏهن اجازت ملندي، تڏهن اڳتي روانا ٿينداسين.“ هنن کي منهنجي ڳالهه تي اعتبار اچي ويو، پر ڌمڪي ڏنائون ته جيڪڏهن وري اسان جي هٿ آيا ته اوهان کي ”خشب“ ۾ وڌو ويندو. عربيءَ ۾ خشب ڪاٺ کي چوندا آهن. اُهو ڪاٺ هڪڙي قسم جو جيل هوندو آهي. ڪاٺ وچان ٻن حصن ۾ چيريل هوندو آهي. ان ۾ هڪڙي ٽنگ پير سميت ڦاسائي، ٻئي پاسان نڪتل سرين ۾ ڪُلف هڻي ڇڏيندا آهن. ٽنگ قابو ته مڙس قابو.
    پوليس وارا اسان کي ڇڏي ويا. اسان جو گس به واقعي ان ڳوٺ وٽان ئي هو. جڏهن اُن ڳوٺ وٽ پهتاسين ته سج لهي ويو. سانجهيءَ جي نماز ڳوٺ واري مسجد ۾ پڙهي ويئي. رات جي ماني اسان کي ڳوٺاڻن کارائي. رات جو آرام ڪيوسين. صبح جو اڳتي وڃڻ لاءِ ڳوٺ وارن کان گس به معلوم ڪيوسين. پر مون ڏٺو ته بلوچ ڀائر پاڻ ۾ بلوچي ڪرڻ لڳا. مون ڪجهه ڪجهه لفظ سمجهيا پئي. آئون سمجهي ويس ته منهنجا ساٿي واپس ويندا ۽ جڏهن پرهه ڦٽيءَ مهل مون کين جاڳايو ته چيائون ته ”اسين واپس پنهنجي قافلي ۾ ٿا وڃون. ڇو ته هِتي ئي اچي پوليس ورايو آهي. اڃان منزل ته ڏور آهي. هروڀرو خشب جيل ۾ پئجي وڃون. قافلي وارا به مسخري ڪندا. سو اسين مرڳو واپس ٿا وڃون. توکي به چئون ٿا ته واپس ٿيڻ ئي بهتر ٿيندو.“ مون کين چيو ته ”واپس ورڻ لاءِ منهنجو عقل نٿو چئي. مون کي منهنجا تر، کنڊ ۽ ڦودنيون ورهائي ڏيو. آئون اڳتي ويندس.“ پوءِ مون مسجد ۾ ويهي قرآن پاڪ جو دور ڪيو. بعد ۾ ويهي ويچار ڪيم ته اڪيلو آهيان. لڪي ڇپي نٿو وڃان. مٿئين عام خاص لوڊگاڏيءَ واري رستي سان وڃڻ گهرجي. پوءِ کٽن ڀاڳ. اهو سوچي واپس هلي اولهه طرف اچي رستي تي چڙهيس. جنهن وقت به لوڊ گاڏي يا جيپ جو آواز يا گهڻا ماڻهو ڏسندو هوس ته رستي پرڀرو ٿي ٿوهرن جي ٻوٽن پٺيان پيشاب ڪرڻ جو بهانو ڪري ويهي رهندو هوس. اهڙي طرح سان اچي سج لٿو. اونڌاهي ٿي ويئي. تيستائين هڪڙي شهر اچي مُنهن ڪڍيو. ڪُتن مون کي اچي تنگ ڪيو. نيٺ هڪڙي جامع مسجد ڏسي، ان ۾ گهڙي ويس. ڪمبل، لٺ ۽ پاڻيءَ جو دٻو هڪ پاسي ڪري رکيم. وضو ڪري نماز پڙهيم. عربي لباس جي ڪري مون کي ڪير مسڪين بابا ڪو نه سمجهندو هو. تِرَن جا ٻه ٽي تولا کائي مسجد ۾ سمهي پيس. فجر جي اذان آئي ته اُٿيس ۽ جماعت سان نماز پڙهيم. قرآن شريف جو سيپارو کن دؤر ڪيم. خيال ڪيم ته هاڻي ٻاهر نڪري ”جيزان“ شهر جو رستو معلوم ڪجي. هڪڙو ڳوٺ، جنهن جو ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويو، جيڪو سعوديه جي بارڊر تي هو ”في لمجن“. هن ڳوٺ جي اردگرد کوهه تمام ننڍا هئا. پنجن ڇهن فوٽن تي پاڻي ڏيندا هئا. زمين وارياسي هئي. هر کوهه تي موري پوکيل هوندي هئي، جنهن کي ڳوٺ وارا وڪرو ڪندا هئا.
    *


    باب چوٿون : مدرسي ۾ داخلا

    هاڻي اچون ٿا اُتي، جتي مسجد ۾ آئون ترسيو هوس. هيءُ وڏو ڳوٺ هو. ٽن چئن، جاين تي دوڪان به هئا. مسجد کان ٻاهر نڪري جيزان جي رستي جي پڇا ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌيس ته ڇا ڏسان ته هڪڙو وڏو مدرسو آهي، جنهن ۾ پوڙها، جوان به پڙهڻ لاءِ پيا وڃن. ست ڪلاس الڳ هئا، جن ۾ بينچ ۽ ميزون پيل هيون. تن ۾ وري ننڍا ننڍا ڇوڪرا پيا پڙهن. اتي وري منهنجو ارادو بدلجي ويو. سوچيم ته حج تائين وارو عرصو هن مدرسي ۾ پڙهڻ گهرجي. هيءُ شهر ”صافطه“ جو هو. آئون مسجد مان هلي اچي مدرسه جي در تي پهتس. ڏسان ته وڏو ڇاپرو ٺهيل هو. تقريباً 15 يا 16 حافظ پڙهائين ويٺا.هيٺ سُڪل گاهه وڇايل هو، تنهن تي شاگرد ويٺا پڙهن. مدرسي جو دروازو ڪو نه هو. ائين کليل گهٽي هئي. اُن جي اندر هڪ ڪاٺ جي ٺهيل منجهڻ هئي، جيڪا واڻ سان واڻيل هئي. تنهن تي هڪڙو پيرسن شخص، اڇي سونهاريءَ سان ويٺو هو. کيس اڇي ٽوپي پاتل هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون. آئون اچي ان شخص وٽ بيٺس. هن خيال سان ته معلوم ڪريان ته حج پڙهڻ کان اڳ وارو وقت هتي ويهي پڙهجي. آئون جڏهن شخص وٽ پهتس ته هو مون وٽ لٺ، ڪمبل ۽ پاڻيءَ جو دٻو ڏسي، سمجهي ويو ته هيءُ مسڪين بابا آهي ۽ خيرات وٺڻ آيو آهي. سو هڪدم هڪ ريال کڻي مون کي ڏنائين. مون کيس چيو ته آئون خيرات وٺڻ ڪو نه آيو آهيان، پر پڙهڻ چاهيان ٿو. پوءِ هُن مون کان حال احوال ورتو. مون کي چيائين ”ٺيڪ آهي، اهو ريال پاڻ وٽ رک ۽ هيترا سارا حافظ ويٺا شاگرد پڙهائين. تنهنجي مرضي آهي، جنهن وٽ به ويهي پڙهڻ چاهين، ويهي پڙهه.“ آئون اُتي ئي منجهڻ جي پاسي واري نوجوان حافظ وٽ، جيڪو يمن جو رهاڪو هو، پنهنجي داخلا ڪرائي ويهي پڙهڻ لڳس.
    مون کي مدرسي جي طرفان هڪ ننڍي سائيز جو قرآن شريف (حمائل)، سليٽ، پين ۽ ٻه ڪتاب عربي ٻولي جا ”التوحيد“ ۽ ”شروت الصلواء“ پڙهڻ لاءِ ڏنائون. ڪتابن جي سنڀال شاگرد کي پاڻ ڪرڻي هئي. هاڻي مون به بسم الله الرحمان الرحيم پڙهي، پڙهڻ جي شروعات ڪئي. روزانو قرآن شريف جو سبق پڙهائيندا هئا ۽ ڪتابن جا سبق الڳ. حساب ڪتاب سليٽ تي لکڻ، جيڪو به حساب بورڊ تي لکن، سو آئون سڀني کان اڳ ۾ ڪريو ٿي ويس. باقي جيڪو قرآن پاڪ مونکي ڏنو هئائون، تنهن ۾ زير، زَبر ۽ پيش وغيره ڪو نه هيون. تنهن ڪري مون کي پڙهڻ ۾ تڪليف ٿي محسوس ٿي. خيرن سان پهرئين ڏينهن جي پڙهائي پوري ٿي. ظهر جي نماز کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ موڪل ٿيندي هئي. ان کان اڳ ۾ هر هڪ حافظ پنهنجي پنهنجي شاگردن جي لسٽ ٺاهي ۽ ان منجهڻ تي ويٺل شخص وٽ کڻي ويندو هو ۽ هر شاگرد في ريال جي حساب سان ريال وٺي اچي شاگردن ۾ ورهائي ڏيندو هو. مون کي به هڪ ريال مليو. آئون پنهنجو سامان کڻي نماز پڙهڻ لاءِ اچي ان پير مرد شخص جي پاسي مان لنگهيس ته مون کي سڏ ڪيائين ۽ چيائين ته نماز پڙهي پوءِ ماني مون وٽ اچي کائجانءِ. مون سندس مهرباني مڃي ۽ آئون دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس. اهو شخص، جنهن جو نالو شيخ ناصر خلوفه هو، سو پندرهن مدرسن جو خزانچي هو. سندس گهر به مدرسي جي ڀرسان هو. پر هو ويچارو بازن کان معذور هو. گهران هٿن ۽ پيرن سان رِسِڪي اچي منجهڻ تي ويهندو هو. هن مدرسي جهڙا ٻيا به مدرسا هئا. جي ڪل ملائي پندرهن مدرسن جا پئسا به هن کان کڻي ويندا هئا. هڪ ٻيو آفيسر شيخ عبدالله نالي هو. جنهن کي حڪومت طرفان سواريءَ لاءِ جيپ مليل هئي. جيڪو جيزان مان هوائي جهاز ۾ سوار ٿي ”رياض“ مان ڏوڪڙ کڻي ايندو هو ۽ آڻي شيخ ناصر کي ڏيندو هو.
    پهرئين ڏينهن شيخ صاحب سندس نوڪر هٿان ماني گهرائي گهر جي گهٽيءَ ۾ مون کي کارائي ۽ پاڻ به مون سان گڏ ماني کاڌائين. ماني کائڻ جو ٿانو، ٺڪر جي ڪونڊيءَ جهڙو ٺهيل هو، جنهن ۾ پاڻ گل ٻوٽا پوکيندا آهيون. اهڙي قسم جي ڪونڊيءَ جي اندرئين پاسن کان جوئر جو ڏريو ٿڦيل هو ۽ وچ ۾ جيڪا خالي جاءِ هئي تنهن ۾ کجور جو رس پيل. ڏرئي مان گرهه ڪڍي، کجور جي رَس مان ٻوڙي کائبو وڃجي. اها پهروڪي ڏينهن جي منهنجي ماني هئي. پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جي گهگهي ٺهيل هئي. جيڪا ڏاڍي خوبصورت ٺهيل هئي. مٿس ڪنڀار وري گل چٽ به ڀلوڙ ٺاهيا هئا. پاڻيءَ ۾ خوشبوءَ لاءِ وري موتئي جا گل پيل هئا. موتئي جو ٻوٽو شيخ صاحب جي گهر جي ڏيڊيءَ وٽ پوکيل هو. رات جي ماني به نوڪر گهر جي ڏيڍي ۾ آڻي رکي. گوشت جو ٻوڙ ۽ وڏيون گول گول خميرو پيل پوريون پنيون کٽسِريو مانيون. گڏوگڏ پنن سميت موري به کائڻ لاءِ.
    اهڙي طريقي سان پڙهندو به هوس ۽ ماني ۾ شيخ صاحب مون کي پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. ائين ڏهاڪو ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن شيخ صاحب جي گهر واري مون کي ڏسي ورتو. سو پنهنجي مڙس کي چيائين ته روز روز ماني ڏيڊيءَ ۾ رکجي ٿي. توهان سان گڏ کائڻ وارو مسافر ته اڃا ڇوڪرو آهي. سو جيڪڏهن پنهنجي گهر جي اندر به اچي ماني کائيندو ته ڪهڙو حرج آهي. پوءِ شيخ صاحب مون کي گهر جي اندر گڏ ماني کارائيندو هو. شيخ صاحب کي ڪو پُٽ ڪو نه هو. باقي چار نياڻيون هئس. مون کي پنهنجي پٽ وانگر ڀائيندو هو. رات جو مدرسي ۾ سمهندو هوس. پڙهائيءَ جو مونکي روزانو ريال ملندو هو. مون کي پنهنجي والد محترم کان ڪتابن جا پڪا جلد ٺاهڻ جي واٽ مليل هئي. سو هتي مدرسي ۾ اُهو ڪم ڪرڻ شروع ڪيم. جنهن مان مون سٺا پئسا ڪمايا. پئسا آئون شيخ صاحب جي گهرواريءَ وٽ رکندو هوس. شيخ ناصر خلوف وڏو آفيسر هو. وڏا وڏا ماڻهو شيخ ناصر ۽ شيخ عبدالله کي دعوتون ڏيندا هئا. شيخ عبدالله جيپ کڻي ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به شيخ پاڻ سان گڏ دعوتن ۾ وٺي ويندا هئا. منهنجو لباس شروع کان وٺي عربي هو. انهن دعوتن ۾ ايس.پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جهڙا آفيسر به هوندا هئا ۽ هيٺ مختيارڪار وغيره، جن کي ”امير“ چيو ويندو هو، جي سطح جا عملدار هوندا هئا. گهڻن شيخ ناصر کان اهو معلوم ڪيو ته ڇا هيءُ توهان جو فرزند آهي؟ شيخ ناصر کين ٻڌائيندو هو ته توڙي جو هيءُ منهنجو فرزند ڪونهي، بلڪه پاڪستان جو آهي. پر پنهنجي پٽ جهڙو ئي پيارو اٿم. اهڙين دعوتن ۾ وڃڻ ڪري مون کي آفيسر توڙي پسگردائيءَ جا ڪافي معزز شيخ سڃاڻڻ لڳا هئا.
    هن مدرسي ۾ سلائيءَ جون پڻ ڇهه مشينون هُيون. درزي سرڪار جا، سُٽ ۽ تيل پڻ سرڪار جو. باقي فقط ڪپڙو شاگرد پنهنجو وٺندا هئا. سلوار، پهراڻ ۽ رومال ٺاهي ڏيندا هئا. هن مدرسي ۾ ٻهراڙيءَ جا پوڙها، جوان ۽ پيرسن شاگرد پڙهندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ ۽ جبلن ۾ رهندڙ ”بدوئن“ جو لباس گوڏي تائين گوڏ، پُٺا اگهاڙا، مٿو اگهاڙو، وارَ ڇُڙيل، جُلَ ڦُلَ جي وَلِ جي سندن مٿي تي دستار لنڍي ٻڌل. چيلهه تي پٽو ٻڌل، جنهن ۾ ڏوڪڙن رکڻ لاءِ هڪڙو کيسو، ۽ خنجر رکڻ لاءِ جاءِ. باقي سڄي پٽي ۾ رائفل جي گولين جا خانا ٺهيل. گوليون به پنهنجون ٺاهين. بندوق يا رائفل ڪلهي تي رکڻ، اهو ٻهراڙيءَ جو قديمي رواج هو جيڪو 1956ع ۾ به اسان ڏٺو هو. وري پيرن ۾، چمڙو رنگي، ان ۾ سوراخ ڪري ۽ پنهنجون ڪنهيون ٺاهي چمپل ٺاهي پائيندا هئا ۽ جبلن ۽ جهنگلن ۾ آرام سان پيا هلندا هئا. نه لائسن، نه ڪا روڪ ٽوڪ. هٿيار به پاڻ ٺاهين ۽ پاڻ استعمال ڪن، ڇو ته شينهن ۽ ٻين خطرناڪ جانورن جو هر وقت خطرو رهندو هو. تنهنڪري بندوق جهنگ ۾ توڙي شهر ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي. مدرسن ۾ ڪپڙا مفت ۾ سلائي ڪري ڏيڻ جو مقصد هو ته ٻهراڙيءَ جا شاگرد سلوار، پهراڻ، رومال ۽ ڪارو دستار پائي جڏهن پنهنجن ڳوٺن ۾ ويندا ته انهن کي ڏسي ٻيا بدو به ڪپڙا پائڻ سکندا. هڪ ريال روزانو ڏيڻ جو مقصد هو ته هو راشن وٺي کائڻ سکن ۽ انهن کي پڙهائڻ جو مقصد هو ته انهن مان جهالت نڪرندي. سعودي حڪومت پنهنجي ماڻهن کي سڌارڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو هو. مدرسي ۾ رهندي مونکي اندازاً هڪ مهينو کن ٿي ويو هو. مون خيال ڪيو ته رفيقن کي به آڻي ڪٿي ويجهو ويهارجي. سو هڪڙي ڏينهن اُن شهر جي امير وٽ هليو ويس. رفيقن لاءِ کيس باقاعده درخواست لکي ڏنم. امير مون کي سڃاڻندو هو. مونکي چيائين ته هن شهر ۾ نه، باقي هن شهر کان ٻاهر ڪنهن چڱي معزز شيخ سان ڳالهائي، اتي کين ويهاري ڇڏ ۽ جڏهن اجازت ملندي ته پوءِ ڀلي ظاهر ظهور هليا وڃن. مون کيس عرض ڪيو ته آئون مدرسي جي استاد کان موڪل وٺي يمن جي بارڊر تي وڃي کين وٺي اچان. متان نه ان وچ ۾ پوليس مون کي ئي واپس نه ڇڏي. پوءِ امير صاحب مون کي اجازت نامون ٺهرائي ڏنو.
    پوءِ مون شيخ ناصر کي پنهنجن رفيقن جي حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ امير صاحب وارو اجازت نامو به ڏيکاريم. شيخ صاحب چيو ته اِهو امير ته شهر جو مالڪ آهي. پر اسين توکي مدرسي جي پاران به سرٽيفڪيٽ ڏيون ٿا. توکي ڪير به ڪو نه روڪيندو. ڀلي رفيقن کي وٺي ويجهو ڪٿي ويهاري ڇڏ. پوءِ مون هن شهر کان ٻاهر هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس شيخ ابراهيم سان ڳالهايو. شيخ ابراهيم ٻئي ٽيئي ڏينهن مدرسي ۾ پيو ايندو هو ۽ مون کي سڃاڻندو هو. هُن مون کان پڇيو ته ”ماڻهو گهڻا آهن.“ مون کيس ٻڌايو ته ”ڪل ست ماڻهو آهن.“ چيائين ته ڀلي کين وٺي اچ. پر کين تاڪيد ڪج ته هو گدائي نه ڪن. وضوءَ لاءِ مسجد جو پاڻيءَ جو مٽ ڀرين. مسجد جي صفائي وغيره ڪن. مسجد ۾ پنج وقت اذان ڏين. باقي کائڻ لاءِ ماني کين مسجد ۾ ئي ملندي. اهو معاملو طئي ڪري، شيخ ناصر کان اجازت وٺي، جمع جي ڏينهن، هونئن به موڪل هوندي هئي، هڪڙي لوڊ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس.وٽن پهچي، ساري حقيقت ڪري کين ٻڌايم. ٻئي ڏينهن صبح جو سڀني کي آڻي شيخ ابراهيم جي حوالي ڪيم. اُها رات آئون به شيخ ابراهيم وٽ ترسيس. آچار جي ڏينهن واپس اچي مدرسي ۾ حاضر ڀرايم. هن مدرسي ۾ جمادي الثاني، رجب، شعبان ۽ رمضان شريف جا چار مهينا گذاريم. رمضان شريف ۾ پڙهائي ڪانه هئي. شاگردن کي موڪل مليل هئي. پر اسان کي ته مهينو گذارڻو هو. سو شيخ صاحب جو در ڪو نه ڇڏيم. رمضان شريف ۾ وري تراويح نماز پڙهڻ بعد، ان شهر جو پڙهيل لکيل طبقو، روزانو رات جو هڪڙو قرآن مجيد ۽ هڪڙو مسئلن جو ڪتاب ۽ حديثون مبارڪ کڻي ايندا هئا. شيخ خلوث ۽ شيخ عبدالله، ٻئي قرآن جا حافظ هئا. اتي آيل ماڻهن جو گول گهيرو ٺاهي، ٻه گئس بتيون (گولا)، گاسليٽ تي ٻرندڙ، ٻاري وچ تي رکندا هئا. اُن دؤر ۾ اتي بجلي ڪا نه هئي. گولن جي روشنيءَ ۾ واري واري سان هر هڪ ڪجهه سِٽون تلاوت ڪندو هو. آئون به قرآن شريف کڻي ساڻن گڏجي ويهندو هوس. پنهنجي واري تي آئون به پڙهندو هوس. حافظ سڀني کي غلطين جي نشاندهي ڪري سمجهائيندا هئا. مون کي به سمجهائيندا هئا، پر ائين به چوندا هئا ته جيڪڏهن هيءُ وڌيڪ وقت هتي رهيو ته وڏو قاري ٿي سگهي ٿو. ائين سڄي رات درس هلندو هو. تان جو روزي رکڻ جو وقت اچي ٿيندو هو. روزي رکڻ لاءِ الڳ ٻانگ ڏني ويندي هئي. روزو رکي، فجر جي نماز پڙهي، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري پوءِ سڀ ڪو وڃي آرام ڪندو هو. آئون روزو رکي، نماز پڙهي ۽ هڪ سيپارو تلاوت ڪري، پوءِ وڃي سمهندو هوس ۽ اڳي نماز تائين ستو پيو هوندو هوس. پوءِ ظهر جي نماز پڙهي گهمڻ ڦرڻ يا ڪچهرين ۾ وقت گذرندو هو. آئون هر جمعي تي شام جو رفيقن وٽ ويندو هوس. ڪچهري ڪري، حال احوال وٺي واپس رات جو اچي مدرسي ۾ گذاريندو هوس. روزو شيخ ناصر ۽ آئون گڏجي رکندا ۽ کوليندا هئاسين. شيخ ويچارو معذور هو، سو نماز گهر ۾ پڙهندو هو. آئون روزو کولي، نماز جماعت سان پڙهي، پوءِ مڪمل کاڌو گڏجي کائبو هو. انهيءَ وچ ۾ جيزان ۾ ٻه ٽي دعوتون هيون. جيڪي مون به شيخ ناصر ۽ شيخ عبدالله سان گڏجي کاڌيون. دعوتن ۾ بالا آفيسر پڻ هوندا هئا. 27 تاريخ رمضان جي، قدر جي رات جو هڪ سؤ وال ڪپڙو، پر وال ٻن فوٽن جو هو، شيخ ناصر غريبن ۾ ورهايو. مون کي به ست وال ڏنائين. شيخ صاحب جي گهر جي ڏيڍيءَ وٽ لڳ ڀڳ 12، 14 مڻ جوئر رکيل هئي. سا، جنهن رات رمضان پورو ٿيو، سڀ فطري ۾ ورهائي ڇڏيائين. مون کي به جوئر ڏنائين. رمصان شريف جو آخري روزو رکيو ويو هو، پر آسمان تي جهڙ ۽ غبار هو ۽ وري صبح جو برسات به وٺي. اسان ته روزو رکيو هو، پر ريڊيئي ٻڌايو ته مڪي شريف ۾ چنڊ نظر اچي ويو آهي. تنهنڪري پوءِ اسان به روزو کولي ڇڏيو. عيد نماز جو بندوبست مسجد ۾ ڪيو ويو. شيخ ناصر کي به جيپ ۾ کڻي آڻي مسجد ڀيڙو ڪيو ويو. عيد نماز پڙهائي، وري به شيخ عبدالله جي جيپ شيخ ناصر کي گهر پهچائي ويئي. جنهن وقت کان آئون شيخ صاحب جي گهر وڃڻ لڳو هوس، ان وقت کان ئي سڀني گهر ڀاتين جو خيال مونکي گهر ناٺي ڪري رکڻ جو هو. مون کي گهر ۾ تمام گهڻو ڀائيندا هئا. پر جيئن ته مونکي حج پڙهڻ کان سواءِ ٻي ڪا تات ڪا نه هئي، تنهن ڪري منهنجو ان طرف ڪو توجهه ڪو نه هو. يمن جي حدن ۾ به ڪيترين نوجوان ڇوڪرين نڪاح ڪرڻ تي زور ڀريو هو. پر مون سڀني کي جواب ڏيئي ڇڏيو هو.
    عيد جو ڏينهن پورو ڪري، صبح جو رفيقن کي وٺي اچي مسجد ڀيڙو ڪيم. پوءِ آئون شيخ ناصر خلوث ۽ سندس گهرواريءَ کان موڪلائڻ گهر ويس. مون کي منهنجي امانت رکيل پئسا به ڏنائون ۽ چيائون ته اسين توکي اهڙي چڱي ڪم تي وڃڻ کان منع ته نٿا ڪري سگهون، پر هڪڙو عرض اسان ٻئي توکي ٿا ڪريون ته تون رفيقن کي چئو ته ڀلي اڳتي وڃن. هتان جيزان کان جده تائين هوائي جهاز جو ڪرايو اسي ريال آهي، اُهو به اسين ٿا ڀريون اوٽ موٽ جو. پر تون حج پڙهي وري به اسان وٽ ضرور ايندين. مون کين چيو ته حال هڪيو ته آئون رفيقن سان ڪٺي وڃان ٿو حج پڙهڻ. تنهن کان پوءِ رسول پاڪصه جي روضي پاڪ جي زيارت به ضرور ڪرڻي آهي. اتان مدينه شريف مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن منهنجي روزي اوهان وٽ ئي هوندي ته انشاء الله ضرور ايندس. پوءِ مون سڀني کان انتهائي عزت ۽ احترام سان موڪلايو. موڪلائڻ مهل ٻئي ڄڻا روئي رهيا هئا. بلڪه سندن نياڻيون به روئي رهيون هيون. انهن ماڻهن منهنجي ايتري ته خدمت ڪئي ۽ ماني ٽِڪي کارائي، پر موٽ ۾ مون کي ڪڏهن ائين به ڪو نه چيائون ته رڳو پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏي. اُهي پردي واريون عورتون هيون، پر موڪلائڻ وقت ڏيڊيءَ کان ٻاهر اچي بيٺيون ۽ چيائون ته الله تعاليٰ توکي سدائين خوش رکي.
    پوءِ اسان سفر ڪري ”جيزان“ شهر ۾ آياسون. هيءُ شهر بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان آهي. هتي هڪڙي ڪلراٺي زمين جي ٽڪري تي هڪڙِو فوڪر هوائي جهاز لهندو هو، جيڪو هتان ماڻهو کڻي وڃي جده ۾ لاهيندو هو. جيزان جي هڪڙي جامع مسجد، جيڪا سمنڊ جي ڪناري کي بلڪل ويجهي هئي. ان جي ٻاهران وڃي لڏو لاٿوسين. انهيءَ مسجد جي ارد گرد ڪافي تعداد ۾ پانڌيئڙا اچي گڏ ٿيا هئا. پر اسان جي ضلعي ۽ تعلقي جا ماڻهو به اسان کان اڳ پهچي چڪا هئا. اسان ٽئي ڏينهن سفر شروع ڪيو هو. پر هو عيد جي ڏينهن ئي پنڌ پيا هئا. اسان جي علائقي جا جيڪي ماڻهو مليا هئا، تن ۾ حاجي پريل شاهه، حاجي احمد جت گسر، حاجي محمد، حاجي جمون وِگهام، حاجي انور جت، حاجي سليمان پنهور، حاجي الهڏنو منڌرو ۽ ٻيا هئا. حاجي جمون وگهام جو ٻارن ٻچن سان پنهنجو قافلو هو. تن کان هڪڙو حج قضا ٿي ويو هو. رستو ڀُلجي ويا هئا. حاجي سليمان پنهور مون کي ٻڌايو ته تنهنجي ڳوٺ جا ماڻهو، تنهنجي سفر تي هلڻ کان پوءِ، ڳوٺان نڪري، لانچن ۾ سوار ٿي ’نهج‘ کان ٿيندا، جنت مسجد کان پوءِ ’ثنا‘ واري رستي کان مڪي شريف ڏانهن وڃي رهيا آهن. اُن رستي تي ڪا به رڪاوٽ ڪا نه هئي. آئون ڀلجي هن رستي کان آيس ته روڪجي پيس. حاجي صديق سنگهار عباس جو والد، حاجي محمد، حاجي ناٿي جو، حاجي عيسو اوٺو عيال سان، حاجي هوٿي اوٺو، حاجي هاشم پنهور ٻارن ٻچن سان، حاجي صالح گهُن ٻارن ٻچن سان، حاجي مَمون اوٺو عيال سان ۽ ٻيا. اِهي سڀ جنت مسجد واري گس سان ويا آهن، جيڪي جلد پهچي ويندا.
    جيزان ۾ رهندي اسان کي هفتو کن ٿي ويو هو. هتي پانڌيئڙن ۾ وڏا وڏا ڄاڻو ماڻهو به هئا، جن جا ڪافي حج پڙهيل هئا. پر اڃان اڳتي وڃڻ جي اجازت نه پئي ملي. رات جو حاجي پريل شاهه ۽ حاجي احمد جت گسر پنهنجي پنهنجي ٽولڙي سان مولود ۽ مداحون پيا پڙهن، ته مسجد جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ عرب ڊوڙيو اچن ته هي ڇا پيا ڪريو؟ گهڻو ڪري انهن کي آئون ئي عربيءَ ۾ سمجهائيندو هوس ته هي حضور سائينءَ جي صفت ۽ ساراهه ويٺا ڪن. ان وقت آئون عربي ٻولي ايتري سکي ويو هوس، جو قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪري سگهيس ٿي. جيزان جي مسجد ۾ آرام ڪندا هئاسين. پر نماز جي وقت مسجد خالي ڪري ڇڏيندا هئاسين. هڪڙي رات ستا پيا هئاسون ته اڌ رات جو عربن اچي اسان کي اٿاريو. چيائون ته اٿي وضو ڪري نماز پڙهو. ڇو ته چند گرهيو آهي. اسان اٿي نماز پڙهي ۽ دعائون گهرندا رهياسين، جيستائين وڃي چنڊ آزاد ٿيو.
    مسجد جي اتر اولهه ۾ پڪن رستن جو هڪڙو چوڪ ٺهيل هو ۽ هڪڙو پوليس وارو وچ تي بيٺل هوندو هو. مون کي منهنجي والد مرحوم کان ”ٻرهال“ بيماري (تليءَ جو وڌي وڃڻ) جي وڍڻ جو طريقو سيکاريل هو. چند جي مهيني جي پهرئين آچر تي، (ماهه پهرو يا سائو آچار) مٽيءَ جي ننڍي لولي ٺاهي ٻرهال واري جاءِ تي پيٽ تي رکي، اُن تي قرآني آيت پڙهي، پوءِ اُن لوليءَ کي وڍيندو هوس. شفا ڏيڻ وارو ته رب آهي، پر انشاء الله فاعدو ٿي ويندو. پر گهٽ ۾ گهٽ ٽي آچر ائين ڪجي. سو اُن ڏينهن به اِهو علاج ڪندي، اُن پوليس واري مون کي ڏسي ورتو. ۽ اچي پڇيائين ته هيءُ ڇا پيو ڪريئين؟ ٻڌايو مانس. تڏهن چيائين ته منهنجون ٻه گهرواريون آهن. پر ٻنهي کي اِها تڪليف آهي. ٿوري دير بعد ٻيو پوليس وارو منهنجي جاءِ تي ڊيوٽي ڏيڻ ايندو. پوءِ تون مون سان گڏجي منهنجي گهر هلي، منهنجي گهر وارين جو علاج ڪر. آئون ساڻس گڏجي گهر ويس. برابر ٻنهي عورتن کي ٻرهال جي تڪليف هئي. مون سندن علاج ڪيو ۽ پوليس واري مون کي ماني کارائي ۽ جوئر جي ٻوري ڀريل به ڏنائين. مون پريل شاهه کي ڪجهه جوئر ڏني. اجازت ناما ڏيڻ واري آفيس تي روزانو ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. اسان جو اڳواڻ وري حاجي روضي شاهاڻي بلوچ هو. جنهن اڳ ۾ چار پنج حج ڪيا هئا. اُهو حاجين جو سونهون ٿي ايندو هو. پر هتي ان جي به ڪا نه ٿي هلي. هڪ ڏينهن مون کيس چيو ته اڄ آئون به آفيس تي هلان ٿو. اوهين الاجي ڪيئن ٿا ڪم وٺو، جو ٿئي ئي ڪو نه ٿو. اِتي بلوچ حاجي صاحب ڪجهه گرمائش ڏيکاري ته تون وري اسان کان به هوشيار ٿي ويو آهين ڇا؟ مون کيس چيو ته آئون برابر هوشيار ته ڪو نه آهيان. پر اڄ هلي ڏسان ٿو. خير، سو آئون به ساڻس گڏجي ويس. قسمت وارو ڏينهن هو. جو جيڪو آفيسر هو، تنهن جي ٻه ڀيرا شيخ ناصر سان گڏجي آئون دعوت به کائي آيو هوس. ٻيو ته آئون جيڏي مهل دروازي تي پهتس، اوڏي مهل شيخ عبدالله پاڻ به اچي ويو هو. جنهن کي رياض وڃڻو هو، جنهن لاءِ اهيءَ آفيس مان ڪجهه ڪاغذ وٺڻا پوندا هئا. مونکي سڃاڻي، اِتي بيهڻ جو سبب پڇيائين. مون کيس سارو احوال ڪري ٻڌايو. پوءِ سندس سفارش تي حاجي صاحبن جي قطار لڳي ويئي. اجازت ناما ملڻ شروع ٿي ويا. الله جا لک احسان جو هيترن ڄاڻو ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ منهنجي عزت اڳتي ٿي ويئي.
    اجازت ملڻ بعد اسين جيزان ڇڏي، سفر ڪري اچي ”صبا“ جي شهر ۾ پهتاسين. اتي جي زمين تمام سٺي آباديءَ واري هئي. ٻيرين جا وڻ شهر جي ڏکڻ ۾ هئا. ٻير به کاڌاسين. پوءِ ننڍڙا وڏا ڳوٺ پاس ڪندي اچي ”ضرب“ جي شهر ۾ پهتاسين. هتان کان پوءِ ٻن ڏينهن جو بَر هو. يعني ماڻهن جي ڪا به آبادي ڪا نه هئي ۽ نه ئي ڪٿي پاڻي هو. جيڪڏهن ڪٿي کڻي پاڻي هوندو به ته اتي خطرناڪ جانورن جي موجودگيءَ جي ڪري خطرو هو. پاڻيءَ جو بندوبست ڪيوسين. جوئر به ڀُڳي کنئي سين. جبل جو علائقو هو. جهنگ هو. رستو ڪو نه هو. ماڻهوءَ جو گس هو. اسان هاڻي پنهنجا قدم به تيز رکيا. وچ ۾ رات پئجي ويئي. باندرن، ڀولڙن، رڇن ۽ ڳورپٽن جا پيرن جا نشان لڳا پيا هئا. اسان رات جو باهه جو وڏو مچ ٻاريو ۽ هر ڪنهن جو وارو مقرر ڪيوسين ته باهه جو مچ وسامڻ نه ڏجي. ڪاٺيون ته جام هيون. وڏا وڏا بُنڊ گڏ ڪياسين. اِها استادي اسان کي بدوئن کان مليل هئي ته جانور باهه جي ويجهو ڪو نه ايندا. خيرن سان رات گذري ويئي. جيئن ئي روشني ٿي تيئن سفر سروع ڪيوسين. تڪڙو تڪڙو هلڻ سان اُن بَرَ کي ڪڍي آياسين. اڳين نماز جو وقت هو. هڪ ٿلهو، گهاٽو ۽ وڏو وڻ بيٺو هو. جنهن جو ميوو پڪو پيو هو. جهڙا اَڪَ جا ڏينا. پر اندر پينا (سخت) ۽ مٿان ماس کائڻ جهڙو. پر ماڻهو نه کائن. بلائن جي کائڻ لاءِ هئا. وڻ وٽ ستر اسي کن ڀولڙا موجود هئا. هڪڙا وڻ تي چڙهيو ٿي ويا ۽ ميوو پٽي کاڌائون به پئي ته پٽ تي به پئي ڪيرايائون. جيڪو وري هيٺين ڀولڙن ٿي کاڌو. اسان کي ويجهو ايندو ڏسي ڀولڙا ڀڄي ويا ۽ اسان وڻ هيٺ زمين صاف ڪري آرام ڪيو. ظهر جي نماز پڙهي. ڀڳل جوئر کائي، پاڻي پيتو ۽ لاڙ اڳيءَ جو اُٿي پنڌ پياسين. هتي اسين اتر طرف منهن ڪري نماز پڙهندا هئاسين. اڳيان ”في الارض“ شهر باقي ٻن ميلن تي هو.
    *


    باب پنجون : هڪ عجيب واقعو

    اسين اُن وڻ کان اڇان ڪو فرلانگ ڏيڍ اڳتي هليا هونداسين ته گس کان اوڀر طرف ڪنهن ماڻهوءَ جون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون. مون پنهنجي رفيقن کي ٻڌايو ته ڪنهن ماڻهوءَ جون دانهون پيون ٻُڌجن. همراهن چيو ته توکي وهم ٿيو آهي. اِهي ڀولڙا لڳَ تي هوندا. هتي ڪٿان ماڻهو ايندو!؟ متان اوڏانهن وڃي. ڀولڙا پٿر هڻندا. مون کين چيو ته پاڻ سڄي سفر ۾ ڏسندا اچون ته جيڪڏهن پاڻ ڀولڙن کي نٿا ڇيڙيون ته ڪو به ڀولڙو يا باندر پنهنجو نالو نٿو وٺي. سو آئون به وڃي ڏسان ٿو. جيڪڏهن ڀولڙا هوندا ته وريو واپس ٿو اچان. پوءِ سامان رستي تي رکي، لٺ ساڻ ڪري اڳتي وڌيس ته دانهون اڃان به ڪجهه اتر طرف کان جبل جي گولائي هئي، ان مان پئي آيون. گولائيءَ ۾ هڪ هنڌ هڪڙي چُر (کڏ) هئي جنهن مان رڙيون پئي آيون. ويجهو آيس ته پرڀرو زنانا ڪپڙا ڏسڻ ۾ آيا. هاڻي مونکي به اچي ڊپ ٿيو ته متان نه ڪو ڳورنارِ ڪنهن عورت کي کڻي آيو هجي ۽ پنهنجي گُرِ ۾ کڻي ويندو هجي. پر وڏڙن جو چوڻ آهي ته ڳورَ نارَ کي جسم جي ٻئي ڪنهن به حصي ته ڪو به ڌڪ اثر ڪو نه ٿو ڪري. باقي سندس نڪ نازڪ ٿيندو آهي. کيس نڪ تي ڌڪ لڳندو ته مري ويندو. اِهو سوچي لٺ تيار ڪري اڳتي وڌيس. جڏهن بنهه ويجهو پهتس، ته ڏٺم ته ڪا به بلا وغيره ڪا نه هئي. پر جيئري جاڳندي هڪڙي عورت هئي، جنهن تي وزندار پٿر رکيا هئا. فقط سِرِ پٿرن کان آجو هوس. ٽنگن، ٻانهن ۽ پيٽ تي پٿر رکيا هئا. مون پنهنجي رفيقن کي سڏ ڪيا ته جلدي پهچو. هنن جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي مون هن تان پٿر لاهي ورتا هئا. هوءَ عورت پاڻيءَ لاءِ دانهون ڪري رهي هئي. پوءِ اسان کيس کڻي، هڪڙي کِپَ جي ٻوٽي جي ڇانوَ ۾ آڻي ويهاريو ۽ کيس پاڻي به پياريو ۽ ڪجهه سندس ڇاتي ۽ مٿي کي به پاڻيءَ جا ڇنڊا هنياسين. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آئي، تڏهن کانئس خبرون پڇيون سين. مائيءَ جو نالو مريم هو. هوءَ ٻن مهينن کان وٺي بيمار هئي. هتي وڏو بَر ۽ بلائون هيون. سندس مڙس ڏٺو ته هن گس تان ڪو ورلو ماڻهو ٿو گذري. تنهن ڪري هو بيزار ٿي پنهنجي زال کي پٿرن سان ڍڪي، اسان جي پهچڻ کان ڪو ڪلاڪ ڏيڍ اڳ ۾، کيس اڪيلو ڇڏي پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو هو. هُن جي خيال ۾ سندس زال کي هتي بلائون کائي وينديون. اِهي سڀ خبرون اسان کي حاجياڻي مريم ٻڌايون. هُن وڌيڪ چيو ته هاڻ منهنجا مائٽ به اوهان آهيو. منهنجا سڀ سڱ اوهان سان آهن. مون کي خدا ڪارڻ پاڻ سان گڏ وٺي هلو. منهنجي زندگي بچايو ۽ مون کي هلي حج پڙهايو. رفيقن چيو ته هن بيمار مڙهه کي ڪٿي کڻيو پيا هلنداسين. هن کي جڏهن سندس پنهنجو مڙس ئي پٿرن ۾ ڍڪي هليو ويو آهي، ته پوءِ پاڻ ڇا ڪنداسين. مون پنهنجي همراهن کي چيو ته ”ٻيلي، هيءَ به انسان ذات آهي. سا به هڪڙي عورت! هِن کي هِتي هروڀرو ناحق بلائون کائي وينديون. هڪ بدوءَ کان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته في الارض جو شهر هتان کان صرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي. پاڻ هِن کي هتان جهوليءَ ۾ وجهي کڻي هلي شهر جي اسپتال ۾ ٿا ڇڏيون. پوءِ کٽنس ڀاڳ!“
    سج اڇان لاڙ اڳيون هو. پوءِ اسان جهولي ٺاهي، کيس جهوليءَ ۾ وجهي ڪلهن تي کڻي اچي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي وانڌا ٿياسين. پوءِ اسان وڃي في الارض جي چونئرن ۾ آرامي ٿياسين. اُتي جمع بازار کي ”سوق“ چوندا هئا. هر منزل يا هر شهر ۾ ڏينهن مقرر هوندا هئا، جن تي بازار (ميلو) لڳندو هو. جتان ٻهراڙين جا بدو هفتي جو سامان وٺي ويندا هئا ۽ سندن جوئر، ٻاجهري، رڍون، ٻڪريون، اُنَ، اُٺ، ڳئون ۽ ڪاٺيون وغيره وڪري لاءِ کڻي ايندا هئا. اهڙن ميلن يا جمع بازارين جو رواج يمن ۾ به هو ته هتي سعوديه ۾ به هو. هن شهر ۾ اسان جو ٻن ڏينهن ترسڻ جو ارادو هو. ٻئي ڏينهن، سج مٿي آيو ته اسپتال وڃي مسمات حاجياڻي جي خبر ورتي سين. ته هوءَ ٺيڪ ٺاڪ ڏسڻ ۾ آئي. مون کي منٿ ڪندي چيائين ته مون کي ڇڏي نه وڃجو. مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي حج پڙهائجو. مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته پهريائين تون ٺيڪ ته ٿي. پوءِ توکي حج پڙهائڻ به وٺي هلنداسين. آئون اسپتال مان نڪري، شهر جي هڪڙي گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس. ڪتن جي لاءِ لٺ پاڻ سان کڻندو هوس. هڪ چونئرو هو، جنهن کي ٻاهران پناهه لاءِ گنب جو ڪوٽ ٺهيل هو. ڪوٽ جي دروازي جي سامهون هڪڙو مينديءَ جو وڻ هو. جنهن هيٺان منجڻ تي پاڻيءَ جو مٽ رکيل ڏٺم. وري سامهون اُن گهر جي ڀاتين مان هڪڙي عورت تي نظر پيئي. مون کي اُڃ به اچي تنگ ڪيو هو. سو مون انهيءَ عربياڻي عورت کي چيو ته مون کي پاڻي پياريو. ان عورت چيو ته اندر اچي مٽ مان پاڻي ڪڍي پيءُ. آئون اندر وڃي، مٽ مان پاڻي ڪڍي برتن وات تي رکي پاڻي به پيئڻ لڳس ته هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ به لڳس. ڏٺم ته گهر ۾ ان عورت کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪو نه هو. اُها نوجوان عورت تندور مان ماني ڪڍي رهي هئي. آئون پاڻي پيءُ واپس وڃڻ لڳس ته عورت مون کي سڏ ڪري چيو ته مسڪين بابا اچو، ماني کائي وڃو. ماني کائڻ لاءِ ته آئون راضي هوس. پر گهر ۾ ٻيو ڪو به ماڻهو ڪونهي! ننڍڙو ٻارڙو به ڪونهي. هُن عورت چونئري ۾ پيل کٽ تي ماني ۽ ٻاڦيل مڇي آڻي رکي. هٿن ڌوئڻ لاءِ ٺڪر جو پيالي جهڙو هڪڙو ڪرو هو. چونئري ۾ چار کٽون پيل هيون. آئون ماني به ويٺو کان ۽ گهر جو نمونو به ويٺو ڏسان. چونئرو اندران سڄو سفيد مٽيءَ سان راڳيل هو. تنهن ۾ وري چوٽيءَ تائين سينگار ٿيل هو. ڦڙهن جي پليٽ، ۽ تنهن جي وچ ۾ ڦڙهن جي ڪٽوري. ڪٽوريءَ جي وچ ۾ ڪاٺ جو ڪوڪو رنگين لڳل هو.
    آئون ماني ته ويٺو کان، پر موچڙن جو ڊپ! پرائي گهر ۾ اڪيلي عورت جي موجودگيءَ ۾ ڌاريون مرد! سو به هيئن کٽ تي چڙهيو ويٺو ماني کائي! گهر ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي. سو موچڙا ته مون گهري ورتا هئا. ايتري ۾ ڪوٽ جي دروازي تي ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ جو کُڙڪاٽ ٿيو. مون کي يقين ٿي ويئي ته اڄ موچڙا ضرور لڳندا. پر بچائڻ وارو به ته رب پاڪ آهي. هڪ نوجوان مرد، جنهن کي صاف سٿرا ڪپڙا پاتل هئا ۽ مٿي تي رومال ۽ دستار ٻڌل هئي. سڌو چونئري ۾ اندر هليو آيو. اچڻ شرط سلام واريائين. اُها نوجوان عورت سندس زال هئي. تنهن کان پڇيائين ته مسڪين بابا کي ماني کارائي رهي آهين؟ هُن چيو ته هائو. پوءِ چيائين ته چڱو. هاڻ مون کي به ماني آڻي ڏي ته کان. پوءِ هُن نوجوان چيو ته آئون جڏهن دروازي کان اندر آيو هوس ته مون سمجهيو ته منهنجي گهرواريءَ جو ڪو عزيز قريب آيو آهي. جيئن ته مون کي عربي ڪپڙا پاتل هئا. تنهن مان هُن ائين سمجهيو. پر سلام جي جواب مان هو سمجهي ويو ته آئون عرب ڪو نه آهيان. هڪڙي کٽ تي گهر جو مالڪ ويٺو ماني کائي ۽ ٻي کٽ تي آئون ويٺو ماني کان. ماني کائيندي هُن مون کان خبرون ورتيون. رهائش، ملڪ ۽ مائٽن جو پُڇيائين ۽ اهو به پڇيائين ته هيڏانهن ڪيڏانهن پيو وڃي ۽ گهر ۾ ڪيئن پهتين؟ مون کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. سندس گهر واري به سامهون ويٺي هئي. اهو شخص ماني کائي، هٿ ڌوئي، پهرين وڃي قرآن شريف کڻي آيو ۽ چيائين ته مون کي پڙهي ٻڌائي. مون کيس پڙهي ٻڌايو. پوءِ چيائين ته مون کي هلي اُها عورت ڏيکار، جيڪا اسپتال ۾ آهي. اِتي سندس گهرواريءَ به چيو ته آئون به هلان ٿي. اسپتال اچي اُن عورت کي ڏٺائون ۽ ڊاڪٽرن کي به پارت ڪيائون. هو وري مونکي پنهنجي گهر وٺي آيا. قهوه ٺهيو ۽ اُهو پيتوسين. پوءِ چيائون ته هلي تنهنجا رفيق ڏيکار. جڏهن رفيق وٽ پهتاسين ته هو ويچارا مرڳو منهنجي لاءِ پريشان هئا. کين خدشو هو ته متان اُها عورت گذاري ويئي هجي ۽ آئون ان جي دفن ڪفن ۾ مصروف هجان.
    پوءِ هُن عرب پنهنجون خبرون ٻڌايون. هن چيو ته منهنجو نالو محمد آهي. منهنجي گهر جي اولهه طرف منهنجي اوطاق آهي. اتي منهنجا اٺ نوڪر رهن ٿا. آئون سوداگر آهيان. هتان جمع بازار مان سودو خريد ڪري ٻئي پاسي وڃي کپائيندو آهيان. باقي ڍور نوڪر پيدل ڪاهي هلندا آهن. رات سڀئي ڪٺي گذاريندا آهيون. جيڪڏهن اوهين ايندڙ جمع بازار تائين هتي ترسندا ته پوءِ آئون توهان کي اٺن تي کڻي ”اُبحا“ شهر تائين پهچائيندس. پوءِ اتان کان اڳتي هليا وڃجو. پر هينئر مون سان گڏجي منهنجي اوطاق تي هل. ڇيلو ذبح ڪرايان ٿو. ان جي هڪڙي ٽنگ کڻي آڻي رفيقن کي ڏي ته رڌي کائين باقي تون ماني مون وٽ کائج. پوءِ هڪڙو رفيق پاڻ سان وٺي اوطاق تي پهتاسين. شيخ محمد سندس نوڪر کي چيو ته هڪڙو ڇيلو ڪُهي، ان جي هڪڙي ٽنگ مسڪين بابا کي ڏيو ۽ هيترو گوشت گهر موڪليو، باقي اوهين رڌي پچائي کائو. الله سائين جي مهربانيءَ سان شيخ محمد مونکي سچو ماڻهو سمجهي پنهنجي گهر ماني کارائيندو هو ۽ وڏي عزت سان ڏسندو هو. عمراڻي بلوچ ٻه عورتون ۽ هڪ مرد پوڙهو، تن وٽ سندن ڪافي پئسا هئا. طعز جي شهر کان وٺي مون سان گڏ هئا. گهڻو ڪري جتي ڏکيو پنڌ هوندو هو ته کين ڪرايئي تي اُٺ ڪري ڏيندو هوس ۽ هو منزل تي پهچي انتظار ڪندا هئا، جيستائين اسان پهچون. ٽن چئن ڏينهن بعد ميڙو (جمع بازار) لڳو. شيخ محمد سوداگر پنهنجو سودو خريد ڪيو. اُٺ تيار ڪيا ويا. تيستائين پٿرن سان ڍڪيل بيمار عورت به اچي چڱي ڀلي ٿي. اُن کي به وٺي آڻي عمراڻي عورتن سان گڏ ڪيم. ٻئي ڏينهن صبح جو پوڙها، پوڙهيون آڻي اُٺن تي سوار ڪياسين. باقي اسين شيخ محمد سان ڪٺي هئاسين. ”اُبحا“ جي چڙهائيءَ تي مرد سڀ اٺن تان لهي پيا باقي عورتون ويٺيون رهيون. عبدالله عمراڻيءَ کي به ڪو نه لاٿوسين، جو سندس نظر ڪمزور هو. ٻيو ته چڙهائي ۽ گولائي ڏاڍي ڏکي هئي. نئي جي پيٽ مان جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻو هو. شاباش اٺن کي هجي، جيڪي وزن سميت مٿي پئي چڙهيا. اسان عورتن کي چيو ته توهان جامع مسجد وٽ هلي ترسجو. اسين توهان وٽ پهچنداسين. اسين مرد، جيڪي پيادل هئاسين، سي صبح جو ڏهين وڳي روانا ٿياسين. اڳين ۽ وچين نمازون چڙهائيءَ تي پڙهيوسين. جيئن جيئن مٿي جبل پئي چڙهياسين، تيئن تيئن پاڻيءَ جا چشما موجود هئا. منهنجا رفيق به پوڙها هئا. پر عبدالله عمراڻيءَ جهڙا نه. هو ته وري نظر کان به ڪمزور هو. اسان ڇڙهائي پار ڪري ”ابحا“ شهر جي ناڪي تي پهتاسين ته سج لهي ويو. سانجهيءَ جي نماز پڙهي، منهنجا رفيق، جيڪي ٿَڪَ کان چُور هئا، سي ناڪي واري ڪوٺڙيءَ ۾ ئي سُمهي رهيا. اُن ناڪي جي سنڀاليندڙ پوليس واري جو گهر به اتي هو. سو اسان جو برو حال ڏسي، سندس گهران ڪڻڪ جي مانين سان ڪيلن جي ”ڪُٽي“ ڪري، وڏو ٿالهو ڀري کڻي آيو ۽ اچي چيائين ته مسڪين بابا، کائي اسان کي دعا ڪجو ۽ اسان اُها ”ڪُٽي“ کائي ڍؤ ڪيو. مون ان ناڪي واري کان پڇيو ته اڃا شهر گهڻو پري آهي؟ چيائين ته فقط هيءَ جبل جي ٽڪري گولائي ڪري بيٺي آهي. هڪڙو فرلانگ پنڌ به ڪو نه ٿيندو. آئون رفيقن کي ناڪي تي ڇڏي، اڪيلو شهر ۾ اچي جامع مسجد وٽ پنهنجن عمراڻي رفيقن کي هٿ ڪيم. ويچارڙين حاجياڻين چيو ته ابا اسين شهر مان گوشت وٺي ٻوڙ رڌي ۽ مانيون پچائي، اوهان جي انتظار ۾ ويٺا آهيون. پوءِ آئون واپس وڃي پنهنجي همراهن کي وٺي آيس ۽ گڏجي ماني کاڌي سين. هن شهر ۾ سيءُ تمام گهڻو هو. ٻن ڏينهن ۾ ئي منهنجا ته هٿ ۽ پير ڦاٽي پيا هئا.
    اِنهيءَ جامع مسجد تي مرمت جو ڪم هلندڙ هو. منهنجي ان مسجد جي پيش امام سان اچڻ شرط دوستي ٿي ويئي. ان جي معرفت مون ٻه ٽي روز اتي مزوري به ڪئي. اڍائي ريال روزانو مزوري ملندي هئي. پيش امام مون کي ٻڌايو ته اسان جي شهر جو ”امير صاحب“ تمام ڀلو ۽ رحم دل ماڻهو آهي. گذريل سال به هتي جيڪي به ديسي پرديسي حاجي آيا هئا، تن سڀني کي لوڊ گاڏين ۾ چاڙهي ”طائف شريف“ تائين پهچايو هئائين. اوهين به جيڪڏهن کيس عرض ڪندا ته اوهان کي طائف تائين پهچائي ڇڏيندو. پوءِ مون سفيد پنو وٺي پاڻ وٽ رکيو ته ڪنهن کان درخواست لکرائجي. درخواست ته آئون به لکي ويندو هوس. پر سوچيم ته ڪنهن عرب کان لکرائجي. شاهي بازار اتر کان ڏکڻ طرف هئي. پر ان بازار مان وري اولهه طرف ٻي بازار ٿي ويئي. آئون ٿورو الهندي طرف هليس ته هڪڙو ڪمرو ڏٺم، جنهن ۾ رڳو ڇهه ست مرد ماڻهو ويٺا هئا، پر سامان سڙو ڪجهه ڪو نه هو. مون اندر داخل ٿي سلام واريو ۽ کين عرض ڪيم ته اسين مسافر پيدل حج وڃي رهيا آهيون. حج پڙهڻ کي باقي ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. فاصلو تمام گهڻو آهي. پنڌ وينداسين ته پهچي ڪو نه سگهنداسين ۽ حج قضا ٿي ويندو. سو مهرباني ڪري اسان کي خدا ڪارڻ لوڊگاڏين ۾ چاڙهي اڳتي روانو ڪيو وڃي. مون فقط پنهنجي ٽولي لاءِ ئي درخواست لکرائي. پر هاڻ هو هِن کي چوي ته تون لِک ۽ هو هُن کي. هڪڙي چيو منهنجا اکر صاحب سڃاڻي وٺندو. تنهنڪري آئون توکي لکرايان ٿو ۽ تون لکي وٺ. اُهو شخص امير صاحب جو نائب هو. پوءِ نائب چوندو ويو ۽ لکڻ وارو لکندو ويو. نائب مونکي چيو ته سڀاڻي صبح جو سج چڙهي مٿي اچي، تيڏي مهل تون درخواست کڻي مٿي چڙهي اچج. آئون توکي امير سان ملائيندس. پر کيسي ۾ چاقو وغيره ڪا به شيءِ کڻي نه اچج. مون درخواست کڻي اچي پيش امام کي ڏيکاري. رات گذري، صبح ٿيو. پيش امام مون کي اها سرڪاري جاءِ ڏيکاري واپس هليو ويو. اها جاءِ گول چار منزل ٺهيل هئي. ڇت تي توپون رکيل هيون. آئون دروازي تي پهتس ته پوليس وارو بيٺو هو. بندوق ۾ خنجر به لڳل هو. مون کي روڪي پڇيائين ته ڇا جي لاءِ مٿي ٿو وڃي؟ مون کيس درخواست ڏيکاريندي چيو ته امير صاحب سان ملڻو آهي. پوليس واري منهنجي تلاشي ورتي ۽ پوءِ مٿي ڇڏيائين. ٽي منزل تي پهتس ته اتي به پوليس وارو بيٺل هو. جنهن به ساڳئي نموني پڇا ڳاڇا ڪري، منهنجي تلاشي وٺي پوءِ مٿي ڇڏيو. آئون امير صاحب جي ڪمري ۾ پهتس. اتي ڪلهوڪو نائب ويٺو هو ۽ مون کان درخواست وٺي امير صاحب کي ڏنائين. امير صاحب مون کي هيٺ مٿي ڪري ٺاهي جانچيو. پاڻ اڌ ڄمار جو هو. مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيائين. پاڻ درخواست پڙهي، پوءِ نائب کي چيائين ته عبدالرئوف کي گهرائي وٺ. ٿوري دير بعد هڪرو ننڍڙي قد جو پٺاڻ، ڪوٽ پاتل ۽ مٿي تي ڪارا ڪُلي ٽوپي، اچي امير صاحب جي اڳيان حاضر ٿيو. امير عبدالرئوف کي چيو ته هن مسڪين بابا کان پڇ ته هيءُ ڇا ٿو چوي؟ ڪهڙي ملڪ جو آهي ۽ ٻولي ڪهڙي ٿو ڳالهائي؟ مون کين پنهنجي ائڊريس ٻڌائي ۽ کين چيو ته آئون اردو ۽ عربيءَ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهان ٿو. عبدالرئوف مون سان اردوءَ ۾ ڳالهايو ۽ پاڻ وري مرچ مصالح وجهي صاحب کي عربيءَ ۾ چيائين. مون کين فقط نَوَن (9) ماڻهن جو عرض ڪيو هو. پر امير صاحب عبدالرئوف کي حڪم ڏنو ته جيڪي به ديسي پرديسي حاجي موجود آهن، تن کي پرائيويٽ توڙي سرڪاري لوڊ گاڏين ۾ چاڙهي طائف شريف روانو ڪر. جن به ماڻهن وٽ پاسپورٽ يا اجازت ناما آهن، سي وٺي عبدالڪريم جي حوالي ڪج. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو به ڪاغذ پٽ ناهي ته ان جي تصوير ۽ پوري ائڊريس لکي اُها به هن جي حوالي ڪج. اهو ڪم لاهي اسين هيٺ آياسين. عبدالرئوف پنهنجو عملو تيار ڪيو. هو لوڊ گاڏيون هٿ ڪندو اچي ۽ اسان حاجين کي سوار ڪندا اچون. مون انهن کان پاسپورٽ ۽ اجازت ناما وٺي هڪ ٻوريءَ ۾ گڏ ڪيا. پهرين گاڏيءَ ۾ منهنجا رفيق روانا ڪيم. گاڏيون لوڊ ٿينديون ويون ۽ طائف ۾ ايس پيءَ جي آفيس جي اڳيان وڏي ميدان ۾ حاجي گڏ ٿيندا ويا. لڳ ڀڳ 1500 کن حاجي ابحا جي شهر ۾ هئا. تن سڀني کي طائف روانو ڪيوسين. آخر ۾ آئون ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو فوجي فادر جيپ ۾، ڪاغذن جي ٻوريءَ سميت روانا ٿياسين. پر منهنجي وڏي خوشقسمتي چئبي جو مون پنهنجي علائقي جي نامور حاجي سڳوري حاجي شير محمد چانگ، جنهن ڪافي حج پڙهيا هئا، سندس ناٺي، ننڍڙي ڌيءَ، حاجي بلاول اوٺو جن کي به هتان اڳتي روانو ڪيو ۽ سندن پاسپورٽ به مون وٽ هئا. آئون انهن وٽ رات جو پهتو هوس. عبدالرئوف مون سان گڏ هو. عبدالرئوف اتي جي آفيسر سان ڳالهائي واپس روانو ٿي ويو. حاجي سڀ ميدان ۾ گڏ هئا. ڇو ته انهن جا اجازت ناما مون وٽ هئا. پر عبدالرئوف گهڻا حاجي ڏسي موٽي آيو. اسان کي ٻه ڪرسيون ڏنيون ويون ۽ ٻه پوليس وارا پڻ مليا. جن اسان جي حفاظت ڪئي. ڇو ته هرڪو پيو چوي ته پهرين اجازت نامو مون کي ملي. مون ٻوري کڻي اڳيان رکي ۽ هڪڙو هڪڙو اجازت نامو ڪڍندو، نالو پڪاريندو ڏيندو ويس. منهنجي رفيقن جا ڪاغذ مون پاڻ وٽ رکيا. داخلا ٿيندي ويئي. عبدالرئوف وٽ رجسٽر ۾ سڀني جا نالا داخل هئا. اُهو رجسٽر وري واپس ابحا ۾ امير صاحب وٽ پهچائڻو هو ته هيترا ماڻهو طائف ۾ پهچائي آيا آهيون. اجازت ناما ڏيئي وانڌا ٿياسين. پوءِ عبدالرئوف موڪلائي اُنهيءَ ئي فادر جيپ ۾ واپس ’اُبحا‘ روانو ٿي ويو. رات طائف شريف ۾ گذري. ٻئي ڏينهن صبح جو، طائف شريف ۾ جيڪي زيارتون موجود هيون، تن بابت حاجي شير محمد چانگ کان معلومات وٺي زيارتون ڪيون سين.
    طائف شريف ۾ هڪڙي معجزاتي زيارت هئي. ٻڌل روايت آهي ته ڪنهن جنگ دوران جڏهن حضور سائين جنصه آرام فرمائي رهيا هئا، تڏهن حضور جن مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ جبل جي ڇٽڙي اچي جبل کي ٽيڪ ڏيئي بيٺي هئي. تمام گهڻا ماڻهو هن ڇٽڙيءَ جي زيارت ڪرڻ ايندا هئا. مون به انهيءَ ڇٽڙي (ڇٽي) هيٺان آرام ڪيو هو. آس پاس ۾ تمام گهڻي گرمي هوندي به، ان ڇٽيءَ هيٺان برف جهڙي ٿڌي هير لڳي رهي هئي. مون کي اُتي آرام ڪندي جو ڪجهه نصيب ٿيو، تنهن جي هڪڙي خبر مون کي آهي، ٻي خدا کي. اُتي مون سان ٻيو ڪو به رفيق موجود ڪو نه هو. اُن کانپوءِ حضرت عباسرضه جي زيارت ۽ هرڻيءَ جي قدمن وغيره جون زيارتون به ٿيون. جڏهن رفيقن وٽ پهتس ته مون کي حاجي شير محمد چانگ مال جي چرٻيءَ جي بوتل ڏني ته هن مان چانور رڌي کائجو. مون اُها بوتل آڻي عمراڻي عورتن جي حوالي ڪئي ته چانور رڌجو ته سڀ گڏجي کائينداسين. ڪجهه دير بعد مونکي حاجي شير محمد چيو ته حاجي بلاول اوٺو وفات ڪري ويو آهي. ان جي دفن ڪرائڻ ۾ مون سان مدد ڪر. اهڙا ڪيترا ئي حاجي مون سرڪاري مدد سان دفن ڪرايا هئا. سو مون هڪدم آفيس ۾ درخواست ڏني ۽ حاجي بلاول اوٺي کي طائف جي وڏي قبرستان ۾ دفن ڪرايو، جتي حضرت عباسرضه جي مزار هئي. اِن وچ ۾ ٻي رات به خيرن سان گذري ويئي. سڀ حاجي الڳ الڳ ٽوليون ٺاهيو ويٺا هئا. صلاح مصلحت پئي هلي ته اڳتي مڪي تائين هلڻ لاءِ لوڊ گاڏي ڪجي. ايتري ۾ اُن عورت مريم مون کي سڏ ڪيو. ويجهو ويس ته مون کي چيائين ته جنهن مون کي پٿرن سان ڍڪي ڇڏيو هو، سو منهنجو مڙس هو پيو وڃي. سندس نالو غلام حسين آهي. مون کي اشاري سان ڏيکاريائين. آئون نوجوان هوس. مون کي جوش اچي ويو. سو ڊوڙي وڃي غلام حسين کي پٺيان سڏ ڪيم. هن پٺيان لؤنڻو هنيو. مون کي پڪ ٿي ته ساڳيو آهي. سو ٺڪاءُ ٿو ڪرايانس زورائتي مُڪ. هو مون کان زورائتو هو سو مون تي ڦوڪجي پيو. ڊگهي ڏاڙهي هيس. مون کي ڪاوڙ مان چيائين ته مون کي ڌڪ ڇو هنئين ڙي! تڏهن مون چيس ته توکي ته شرم اچڻ گهرجي. اوڏيءَ مهل غيرت ڪانه ٿي آيئي، جڏهن پنهنجي نڪاح ٻڌي زال کي جيئرو پٿرن سان ڍڪي کيس جهنگ ۽ جبل ۾ ڇڏي ڀڳو هئين. هينئر مون توکي مُڪ هنئي ته ڪاوڙ اچي ويئي. ٺلهي ڊگهي ڏاڙهي رکائي ۽ حمائل شريف پاسي سان ٻڌيو پاڻ کي مؤمن پيو ظاهر ڪريئين! هوڏانهن ڏس، هوءَ زنده جيئري ويٺي آهي. هو ائين ڪُڇي، جيئن ڀت! شرم کان ڪنڌ جهڪائي خاموش بيهي رهيو. هوڏانهن سندس گهرواري مسمات مريم اُڀي ٿي بيهي رهي ۽ چيائين پليت، تون منهنجو عزيز قريب هجڻ سان گڏ منهنجو مڙس به هونئين. تو مونکي جيئرو ڪيئن ٿي پٿرن ۾ ڍڪيو. مري وڃان ها ته پوءِ ڍڪي ڇڏين ها ته به ڪا ڳالهه ٿئي ها. هنن ماڻهن ويچارن مونکي پٿرن مان ڪڍي، جهوليءَ ۾ وجهي کڻي آڻي اسپتال مان علاج ڪرايو ۽ هيستائين پاڻ سان وٺي آيا آهن. هاڻي منهنجو تو سان ڪو به واسطو ڪونهي. منهنجا عزيز قريب هي آهن، جيڪي مون کي حج پرهڻ وٺي پيا وڃن. تون هاڻ منهنجو مُنهن ڇڏي ٽري وڃ. هاڻ منهنجي تو سان ڪا به مٽي مائٽي ناهي. هُن اِهي ڳالهيون پري کان بيٺي ٻڌيون. شرم کان ڪنڌ هيٺ هوس. آخر ۾ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، وٽس جيڪو قرآن شريف هو، سو کڻي مسمات مريم جي مٿي تي رکيائين ۽ ليلڙائيندي چيائين ته آئون ڏوهه جو ڏوهاري آهيان. مون کي هن قرآن شريف جي واسطي خطا بخش ڪر. مون کي معاف ڪر. پر مريم چيو ته قرآن پاڪ ڀلو، پر تون شيطان ۽ ڪوڙو آهين. هاڻي آئون تو سان ڪڏهن به ڪا نه هلنديس. انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾ ڪافي وقت گذري ويو. هُن کي ابحا مان کڻي آنڌو به مون هو. پر آئون ته هن کي سڃاڻندو به ڪو نه هوس. پر خير، اسين پرائي مائيءَ کي، سا به پرڻيل ۽ نڪاح پيل، تنهن کي ڇا ڪريون؟ پوءِ اسان به غلام حسين کي تمام گهڻي جُٺ ۽ ٿُڪ لعنت ڪئي ۽ شرمايو سينس ۽ مسمات مريم کي به سمجهايو سين ته تون قرآن شريف کي مان ڏي. هيءُ وري به تنهنجو عزيز قريب آهي ۽ مڙس به آهي. هن کي هاڻي معاف ڪر. تنهنجو اڳوڻو انصاف پاڻيهي قرآن شريف ڪندو. پوءِ هنن کي راضي ڪري پرچائي گڏي ڇڏيوسين. ۽ هو انهيءَ وقت ئي اسان کان جدا ٿي ويا. خدا ڄاڻي ته حج جو فرض ادا ڪيائون يا نه. باقي عمراڻي بلوچ اسان سان گڏ هئا.
    اسان حاجين صلاح ڪري، لوڊگاڏي ڀاڙي تي ڪري مڪي شريف وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين. سعوديه جا ٻه ريال ڪرايو هو في ماڻهوءَ جو. لوڊگاڏيءَ ۾ سوار ٿياسين. ”فاطمه واديءَ“ ۾ غسل ڪري احرام ٻڌوسين. ”جده“ کان ٻاهران ڦري، سومهڻي نماز کان پوءِ بيت الله شريف پهتاسين. سومهڻي نماز پنهنجي پڙهي، طواف ڪيوسين ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙي، پوءِ مٿو ڪوڙائي عمره مڪمل ڪيوسين. بعد ۾ ماني کائي وڃي آرام ڪيوسين. سڀني زيارتن، طواف، صفا مروه، عمره، قبرستانن ۽ روضي پاڪ رسولصه جي زيارت ڪرڻ تائين جي دعائن جو ڪتاب مون طائف مان خريد ڪيو هو. جنهن ۾ سڀ ڪجهه سمجهاڻيون لکيل هيون. رات گذري، فجر جي نماز جماعت سان ادا ڪري، قرآن شريف جو سيپارو دؤر ڪري، نيرن ڪئي سين. پوءِ اسان جي علائقي مان پاڻيءَ جي جهاز ذريعي آيل حاجين ۽ پيادل پهتل حاجين سان ملاقاتون ڪرڻ نڪري پياسين. ان وقت هوائي جهاز ۾ ڪو ورلي حاجي حج ڪرڻ ايندو هو. گهڻو ڪري حاجي پاڻيءَ جي جهازن ۾ وينداد هئا. طعز کان گڏ وٺي آيل عمراڻي بلوچ عورتن ۽ مرد کي، پاڻيءَ جي جهاز ۾ آيل سندن مائٽن سان ملايم. منهنجي ڳوٺ مان حاجي صديق سنگهار، عباس جو والد، حاجي محمد ولد حاجي ناٿو سنگهار آيل هئا. اسان جي ڳوٺ جي آس پاس مان حاجي عيسو اوٺو، حاجي ممون اوٺو ٻارن سان، حاجي هاشم پنهور ٻارن سان، حاجي صالح گهُن ٻارن سان آيل هئا. حاجي هوٿي اوٺو به آيل هو. حاجي ممون، حاجي صالح ۽ حاجي هاشم سان ته ملاقات ٿي. باقي ٻين سان ڪا نه ٿي سگهي.
    *


    باب ڇهون : مڪو شريف ۽ حج پڙهڻ

    حاجي ممون اوٺي مونکي ٻڌايو ته حاجي محمد سنگهار ۽ حاجي عيسو اوٺو جده ۾ مزوري ڪرڻ ويا آهن. باقي حاجي صديق سنگهار بيمار آهي. سو بيت الله جي ٻاهران غسل خانن جي ڀر سان هڪ وڏو کنڀو آهي، ان جي پاڙ ۾ بيمار پيو آهي. حاجي هوٿي اوٺو ان جي نظرداري ڪندو آهي. مون وڃي ڏٺو ته اوڀر طرف وارن غسل خانن ۽ وضو ڪرڻ واري جاءِ وٽ واقعي بجليءَ جو کنڀو هو ۽ ان جي پاڙ ۾ هڪ شخص جُوڙي ٿيو پيو هو. ويجهو وڃي ڏٺم ته حاجي صديق سنگهار، عباس جو والد هو. عباس اسان سنگهارن ۾ سُکيو ستابو ماڻهو هو.
    مون سلام واريو. هُن مٿو مٿي کڻي جواب ڏنو. پڇيو مانس ته مونکي سڃاڻين ٿو؟ چيائين ته نه. کيس ٻڌايم ته آئون عبدالڪريم، حافظ احمد سنگهار جو پٽ آهيان. تڏهن روئي پيو ۽ چيائين ته آئون حاجي محمد سان گڏجي آيو آهيان. پر هو مون کي ڇڏي پاڻ جده مزوري ڪرڻ ويو آهي. آئون هتي بيمار ٿي پيو آهيان. دستن مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. حاجي هوٿي اوٺو شهر مان گدائي ڪري ايندو آهي. پاڻ به کائيندو آهي ۽ مونکي به کارائيندو آهي. منهنجا باقي ٽي سؤ روپيه بچيا آهن، سي به حاجي هوٿي وٽ آهن...! اوڏيءَ مهل هُن وٽ ڪير به ڪو نه هو. هُو ڪاڙهي ۾ پيو هو. چيومانس: ٿوري صبر ڪر، آئون اچان ٿو. پوءِ وڃي صابڻ ۽ ٽوال کڻي آيس. سندس ڪپڙا لاهي، ٽوال جي گوڏ ٻڌائي مانس. سڄو ڪرفتيءَ مان ڀريو پيو هو. جيئن تيئن ڪري کيس غسل خاني تائين کڻي ويس. کيس صابڻ سان وهنجاري، صاف ڪري، سندس ٽوال جي گوڏ ڪرائي، هڪ پاسي ليٽائي مٿان ڪمبل ڪرايومانس. پوءِ سندس ڪپڙا، جيڪي به ڪرفتيءَ سان ڀريا پيا هئا، سي ڌوئي صاف ڪري، سُڪائي کيس پارايم. انهيءَ وچ ۾ حاجي هوٿي آيو ئي ڪونه. پوءِ مون سامان حفاظت سان رکي، هن کي ڪلهي تي کڻي وڃي مڪي شريف جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ڊاڪٽرن تپاس ڪري ٻڌايو ته روزانو اسان کي ڌونئرو پهچائي وڃج. باقي علاج اسين پاڻيهي ڪنداسين. انشاء الله ٺيڪ ٿي ويندو.
    اوڏي مهل به ۽ روزانو آئون ڌونئرو وٺي اچي الماريءَ ۾ رکندو هوس. پٺيان حاجي هو ٿي آيو ۽ حاجي صديق کي سندس جاءِ تي پيل نه ڏسي سمجهيائين ته شايد گذاري ويو، جنهن کي کڻي وڇي دفنائي ڇڏيائون. سو هن پنهنجي سڀني ڳوٺ وارن کي حاجي صديق جي وفات بابت ٻڌائي ڇڏيو. پر ڪن کيس ٻڌايو ته حاجي عبدالڪريم سنگهار وٽس ويو هو. متان نه هو کيس کڻائي ڪنهن اسپتال ۾ ويو هجي. جڏهن حاجي هوٿي مون سان مليو ته چيومانس ته هل ته توکي تنهنجي رفيق سان ملايان. پوءِ اسپتال وياسين. حج پڙهڻ کي اڃان وقت پيو هو. رفيقن سميت عمره پيا ڪندا هئاسين. مون وٽ ڪتاب هو. گهڻيون دعائون ڪتاب تان ڏسي پڙهندو هوس. اسين ٽيهه چاليهه ماڻهو گڏجي دعائون پڙهندا، طواف ڪندا هئاسين ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙون پائيندا هئاسين. ڪنهن ڪنهن وقت پنجاه سٺ ماڻهو به ٿي ويندا هئاسين ۽ پوءِ گڏجي آس پاس جون زيارتون ڪندا هئاسين. حجر اسود کي چميون ڏيندا، مقام ابراهيم وٽ نفل پڙهندا هئاسين. ”غارِ حرا“ جبل جي چوٽيءَ تي هو. پاڻي کڻي وڃڻ جي ضرورت پوندي هئي. اسين سڀ پاڻ ۾ مرد ماڻهو هئاسين. فقط حاجي مٺو سوڍائي ڪو نه هليو. هو بيمار هو. غارِ حرا مڪي شريف کان ڪجهه پري هو. پر اسان پاڻ سان پاڻي ڪو نه کنيو هو. جڏهن جبل جي وچ تي پهتاسين ته هڪڙو پنجاب جو پيرسن ماڻهو پاڻي نه هئڻ ڪري بيهوش ٿي ڪري پيو هو. سندس ساٿي پاڻي کڻڻ لاءِ ويو هو، پر اڃا تائين وريو ڪو نه هو. اسين مٿي چڙهي غارِ حرا جي زيارت ڪري واپس پئي آيا سين ته اُن پنجابي حاجيءَ ۾ باقي ڪي پساهه بچيا هئا. اُڃ ته اسان کي به لڳي هئي. پر انهيءَ پيرسن حاجيءَ کي ڪلهن تي ٽيڪ ڪري جبل تان هيٺ لاهي آياسين. تيستائين سندس رفيق، جيڪو جوان مڙس هو، پاڻي کڻي آيو. پهريائين اُن بيهوش حاجيءَ کي پياريو ويو. اسان کي به ٻه ٻه ڍُڪ ڏنائين. جڏهن اسين هيٺ لهي رستي تي آياسين ته رستي تي هڪڙي هوٽل هئي. هوٽل واري کان ليمن سوڍا جون بوتلون وٺي پيتيوسين. پر جيئن بوتلون پيئون، تيئن نڙي زياده خشڪ ٿيو وڃي. پر خيرن سان مڪي شريف پهچي وياسين. ماني کائي رهيا هئاسين ته حاجي مٺي سوڍائيءَ وفات ڪئي. ماني اتي ڇڏي ڏني سين. ويجهو ئي اطلاع ڏيڻ جي آفيس هئي. دفن ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي درخواست ڏني سين. جنازو اتي پهچايو ويو. لکرائي وٺندا هئا. فقط هڪ ماڻهو پاڻ وٽ رهائيندا هئا. باقي غسل، ڪفن، جنازي نماز، قبر وغيره ۽ دفن ڪرائڻ جو ڪم حڪومت جو هوندو هو. قبرون اڳ ۾ ئي کوٽيل هونديون هيون. رڳو جنازو پهچائڻ جي ضرورت هوندي هئي. حاجي مٺي کي جنت المعليٰ قبرستان ۾ دفنايو ويو.
    حج پڙهڻ کي اڃا وقت پيو هو. هڪڙي بنگلي تي ڪم هلي رهيو هو. دروازي تي منشي ويٺو هو. ان کي نالو لکرائي پوءِ بنگلي اندر مستري ڪم ڪندا هئا. تن کي لاڪ، ريتي يا جيڪو هو چوندا هئا، پهچايو ويندو هو. اڳي نماز کان ٿورو اڳ ۾ واپس دروازي تي اچي پنهنجو نالو ٻڌائي، اڍائي ريال مزوري وٺي، وضو ڪري اڳين نماز جي تياري ڪبي هئي. نماز پڙهي پوءِ وڃي ماني کائيندو هوس. مڪي شريف ۾ مٽريءَ جي دال مون کي وڻندي هئي. دال جا ٽي آنا ۽ جوئر جي ٻن مانين جا چار آنا، ڪل سعوديه جي ستن آنن ۾ ٻن پهرن جي ماني کائيندو هوس. اُن کان پوءِ وري هڪڙي سُرمي واري جي مزوري ڪندو هوس. سُرمون ڏڏر ڪري، پوءِ پٿر جي وڏي ڪونڊيءَ ۾ زم زم جو پاڻي وجهي سرمي کي کرل ڪيو ويندو هو. تان جو اهو پاڻي خشڪ ٿي ويندو هو. سرمون خشڪ ڪري، سائي ڪري بوتلون يا سرائيون (آنڙا، سرمي داني) ڀريون وينديون هيون. جيترو ڪم مون کان ٿيو، اوترو مون ڪيو. منهنجي موڪل ٿيندي هئي ته منهنجي جاءِ تي ٻئي اچي ٿي ڪم ڪيو. منهنجي ڊيوٽي اڳين نماز کان پوءِ شروع ٿيندي هئي ۽ وچين نماز کان اڳ ۾ ختم ٿيندي هئي. سرمي وارو مون کي هڪ ريال ۽ ست آنا ڏيندو هو. تنهن کان پوءِ سانجهي نماز تائين اسپتال وڃڻ ۽ حاجين سان ميل جول ڪندو هوس. سانجهي نماز کان وٺي سومهڻي نماز تائين ڪمزور ۽ بيمار حاجين کي طواف ڪرائڻ ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙڻ ۾ مدد ڪندو هوس. سومهڻي نماز کان پوءِ وڃي ساڳي ستن آنن جي ماني کائيندو هوس. رات جو آرام ڪري، فجر جي نماز پڙهي، قرآن شريف جو دؤر ڪري ۽ پوءِ نيرن ڪري وري مزوريءَ تي ويندو هوس. حج پڙهڻ جو وقت آيو ته مزوري ڪرڻ ڇڏي ڏنم. الله پاڪ جي مهربانيءَ سان سٺو ۽ عزت سان وقت گذري ويو. مون مزوريءَ مان سٺا پئسه ڪمايا هئا. پنڻ کان رب پاڪ پناهه ۾ رکيو. باقي پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪنهن ماني کارائي ته کائي وٺندو هوس. پوءِ اُها ماني پنل ئي ڇو نه هجي. حج پڙهڻ جو وقت ويجهو اچي ويو هو. قرباني ڪرڻ به ضروري هئي. پر مون ڏٺو ته جي جانور وٺي قربان ڪندس ته واپس ڳوٺ وڃڻ جو خرچ پورو ڪو نه پوندو. تنهن ڪري مسڪين بابائن لاءِ روزن رکڻ جي هدايت تي عمل ڪندي مون ٽي روزا مڪه شريف ۾ رکيا ۽ باقي ست روزا واپس ڳوٺ پهچي اُتي رکيم. باقي ٻين رفيقن جي پنهنجي مرضي هئي. حاجي محمد سنگهار جده مان مزوري ڪري واپس مڪه آيو هو. پر حاجي صديق اڃان برابر صحيح ڪو نه هو. ڪمزور هو.
    اسان مڪي شهر ۾ غسل ڪري، احرام ٻڌي، بيت الله جو طواف ڪري ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙي، پنهنجي علائقي جا رفيق اچي هڪ هنڌ گڏ ٿياسون. حاجي صديق کي هڪ بس ۾ سوار ڪيو ويو ۽ کيس چيوسين ته تون منيٰ واري وڏي مسجد جي دروازي وٽ ويٺو هجج. اسين سڀئي مڪه کان نڪري پنڌ ڪري اچي منيٰ ۾ پهتاسين. حاجي صديق مسجد جي دروازي وٽ ويٺو هو. تنهن کي گڏ کنيوسين. اُها رات منيٰ ۾ گذاري سين. صبح جو عرفات وڃڻو هو. حاجي صديق کي وري به هڪڙي بس ۾ روانو ڪيوسين ته تون هلي عرفات جي پهرئين حصي جي روڊ تي ويهي انتظار ڪج. اسين پيادل هلي اچي عرفات جي ميدان ۾ پهتاسين. جهازن ۾ آيلن حاجين کي سندن معلمن تنبو هڻي اندر ويهاريو هو ۽ مانيءَ جو انتظام به انهن ڪيو هو. پر اسان پيادل اچڻ وارن جو نه ڪو معلم هو نه ئي ڪو رهائش يا مانيءَ جو بندوبست هو. پر اسان ته پنهنجو رفيق حاجي صديق به وڃائي ڇڏيو هو. حاجي تمام گهڻا هئا. اسين ساٿي به هڪ ٻئي کان ڇڊا ٿي وياسين. آئون ۽ حاجي محمد فقط ٻه ڄڻا ڪٺي هئاسين. پهريائين آياسين ”عرفات جي ٽڪريءَ“ تي، جتي حضرت آدم عليھ السلام جي يادگار مسجد ٺهيل هئي. اتي نفل پڙهياسين. وري اولهه پاسي وڏي مسجد هئي، جتي خطبو پڙهبو آهي. اتي بادشاهه، امير ۽ وزير به ايندا آهن. اتي خطبو ٻڌوسين. اِن دوران اسين حاجي صديق کي به ڳوليندا رهياسين. منجهند جو هڪڙي تنبوءَ واري معلم اسان کي چانور کارائي ڍؤ ڪرايو. اڳين ۽ وچين نمازون گڏ پڙهيون سين. وچين نماز ختم ٿيڻ سان ئي حج پڙهڻ جو وقت به ختم ٿيو. اهڙو اعلان ٻه چار توپن جا ٺڪاءَ ڪري ڪيو ويو، ته جيئن سڀئي حاجي ٻُڌن ۽ پنهنجا تنبو وغيره کولڻ شروع ڪن. اسين ٻه ئي ٻه ڄڻا آهيون. ايتري ۾ حاجي صديق کي ڏسي ورتوسين. هاڻي واپسي هئي. پر روڊ تان وڏي رش هئي. بسون، موٽرون ۽ پيادل حاجي. پوءِ ڪٿي حاجي صديق کي ڪُلهي تي کڻڻو ٿي پيو. خير، رات اچي ”مُزدلفه“ ۾ گذاري ويئي. سانجهي ۽ سومهڻي نمازون هڪ ٻئي پٺيان پڙهيون ويون. صبح جو فجر جي نماز پڙهي هرهڪ حاجيءَ اُڻونجاه پٿريون کنيون. اِتي وري به سڀ رفيق اچي گڏ ٿياسين. اِتان کان پيادل هلي واپس منيٰ ۾ آياسين. حاجي صديق کي منيٰ جي اسپتال ۾ داخل ڪرئي ڇڏيوسين. اڄ ٽن شيطانن کي ست ست پٿريون هڻڻيون آهن. حاجي صديق جي پاران حاجي محمد پٿريون هنيون. پٿرين کان پوءِ قرباني ڪرڻي هئي. مون ته قربانيءَ جا روزا رکيا هئا. مون کان ”ٽوپرو“ (گوشت رڌڻ جي ديگڙي) به ويو هليو. مون پنهنجو ٻيو سامان ته هڪ عرب جي دوڪان ۾ امانت طور رکيو هو. باقي ٽوپڙو ساڻ کنيو هوم ته منيٰ ۾ قربانيءَ جو گوشت رڌي کائينداسين. اڇا احرام ٻڌل هو. مون اهو ٽوپرو ٽوال جي هڪ پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. پٿرين هڻڻ مهل ماڻهن جو ايترو ته هجوم هو جو خبرئي ڪانه پئي ته اُهو ٽوپڙو ڪٿي پٽجي ڪري پيو يا مرڳو ڪنهن ڪٽي ورتو. پٿريون هڻي وانڌو ٿي ڏٺم ته ٽوپرو هو ئي ڪونه. خير، گوشت ته اسان کي رڌل کائڻ لاءِ ملي ويو. پوءِ مٿو ڪوڙايوسين. پوءِ تڪڙا تڪڙا بيت الله (ڪعبو شريف) ڏانهن وياسين. طواف ڪيوسين. حجر اسود کي چميوسين. صفا مروه ۾ ڊوڙي، وڃي احرام لاٿوسين. رکيل منهنجو سامان کنيم. رات پئجي ويئي. صبح جو سويل منيٰ ۾ وڃي شيطانن کي ست ست پٿريون هنيون سين. آخري رات منيٰ ۾ ترسي وڏي شيطان ”رمي جمار“ کي ست پٿريون هڻي، واپس بيت الله پهچي موڪلاڻيءَ جو آخري طواف ڪري ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙون پائي، پوءِ گڏجي ويهي صلاح مصلحت ڪئي سين. حاجي محمد صديق کي آخري ڏينهن تي منيٰ جي اسپتال مان وٺي آيا هئاسين.
    هاڻي منهنجا باقي ٻه رفيق بچيا هئا، حاجي صالح سوڍائي ۽ حاجي مڱيلڌو جوکيو. جن ٻنهي چيو ته اسين ٻيو حج پڙهي پوءِ واپس ٿينداسين. مڪي شريف جون سموريون زيارتون، سنتون ۽ فرض پورا ڪري هاڻي اسان کي مديني پاڪ وڃڻو هو، حضور سائينصه جي روضي پاڪ جو ديدار ڪرڻ ۽ مسجد نبوي ۾ 40 نمازون پڙهڻ. اسين بس ۾ سوار ٿي جده ۾ آياسين. جتان گڏجي سڏجي لوڊ گاڏي ڪري، 12 ريال في ماڻهو ڏيئي، رات جو ڏهين وڳي روانا ٿياسين. سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن گاڏي هلي. سانجهي نماز کان ٿورڙو اڳ ۾ حضور سائينصه جي روضي پاڪ ۽ مسجد نبويءَ جي بتين جي روشني تي نظر پيئي. عجيب رقعت انگيز نظارو هو. روئڻ ۽ اوڇنگارن کان سواءِ ٻي ڪا وائي وات ڪا نه هئي. لوڊ گاڏيءَ مان لهي، سانجهيءَ جي نماز مسجد نبويءَ ۾ پڙهي ويئي. پوءِ روضي پاڪ جي درن، درين تي دعائن جي جهونگار ۽ اوڇنگارن کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڪا نه هئي. سومهڻي نماز جو وقت ٿيو. پوءِ ماني ٽڪيءَ جو به انتظام ڪيوسين. هتي مسجد نبويءَ ۾ 40 نمازون باجماعت پڙهڻڻيون هيون.
    ٻئي ڏينهن صبح جو پهريائين ”جنت البقيه“ جي قبرستان ۾ وياسين. هڪڙو واقف ماڻهو هو، جيڪو ٻڌائيندو پئي هليو ته هيءَ قبر فلاڻي اصحابيءَ جي هئي ۽ هيءَ فلاڻي جي. اسين دعائون گهرندا پئي وياسين. روزانيون زيارتون ڪندا هئاسين. آئون اڪثر جنت مسجد ۾ وڃي نماز پڙهندو هوس. چون ٿا ته اُها مسجد حضور سائينصه جي وقت ۾ به موجود هئي. اصل مسجد جا ٿنڀا سفيد رنگ جا هئا ۽ باقي پوءِ وڌايل حصي جو رنگ ٻيو هو. آئون گهڻو ڪري حضور سائينصه جن جي روضي پاڪ کي ويجهو وڃي نماز پڙهندو هوس ۽ نه ته مسجد ۾ اڳيان وڃي نماز پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. ٿنڀن جي وچ واري جاءِ ۾، جتي صف پوري ڪا نه ٿيندي هئي، اتي وري پاڻيءَ جون ڇلون رکيل هونديون هيون. هڪڙي ڏينهن مون ويٺي تسبيح پڙهي ته حضور سائينصه جي روضي پاڪ جي گول دريءَ مان هڪڙو ڪاري رنگ جو ڪبوتر اڏامي اچي منهنجي هنج ۾ ڪريو ۽ اوٻاڪيون ڏيڻ لڳو. مون ڇلن جي تر ۾ پيل چند ڦڙا پاڻي هٿ جي تريءَ تي لاهي، پوءِ ڪبوتر جي چهنب تريءَ تي رکي، کيس پاڻي پياري ڍؤ ڪرايو مانس. ڪبوتر پاڻي پيءَ، اکيون مٿي کڻي منهنجي منهن ۾ نهاريو ۽ پوءِ واپس ان دريءَ مان اڏامي ويو. مون کي اُهو ڪبوتر اڃا تائين نٿو وسري.
    اسين ”اول مدينو شريف“ جي زيارت ڪرڻ پئي وياسين. اسان سان حاجي جمون وِگهام به ٻارن سميت گڏ هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان انگورن جا ڇاپرا هئا. اڳيان هڪڙو کوهه هو. ڀرسان ٻير جو هڪڙو سُڪل وڻ ڪريو پيو هو. چون ٿا ته اِهو ٻير جو وڻ سر سبز هو ۽ منجهس ٻير ٿيندا هئا، تڏهن امام حضرت حسن ۽ امام حضرت حسين رضه جن پڻ هن ٻير جا ٻير کائيندا هئا. انهيءَ ٻير جي حوالي سان مون عربن جي واتان حضرت حنيف ابن علي رضه جي به روايت ٻڌي هئي. اها ٻير 1956ع ۾ مون سُڪل، پٽ تي ڪِريل ڏٺي هئي. عربن چواڻي ته هِن ٻير جا ڇوڏا ڌاڳي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ سان ٻئي ٻئي ڏينهن ايندر بخار لهي ويندو آهي. مون بانهيءَ ٻير جا ڇوڏا کنيا هئا. باقي کوهه سُڪو پيو هو. ڀر سان گهر به ٺهيل نظر پئي آيا. شايد پراڻا يادگار هجن.
    اسان اول مديني شريف جي مسجد ۾ نفل پڙهيا ۽ اُتي موجود ٻيون به زيارتون ڪيون سين. يادگار مسجدون ڏٺيون سين. واپس اچي اڳين نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي سين. پوءِ احد جبل تي حضرت حمزورضه جي قبر جي ۽ ٻين شهيد اصحابين جي قبرن جي به زيارت ڪئي سين.
    *


    باب ستون : واپسي جو سفر

    هاڻي سڀني رفيقن صلاح ڪئي ته سموريون زيارتون تقريباً پوريون ٿي چڪيون آهن. تنهن ڪري واپس ڳوٺ ورڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان اهڙو اجازت نامون سعودي حڪومت کان وٺڻ گهرجي. نه ته ايران ۾ يا رستي ۾ ايندڙ ٻيون حڪومتون بند ڪري ڇڏينديون. حاجي جمون وِگهام مديني شريف ۾ رهي پيو پنهنجي ڪتنب سان. باقي اجازت نامن وٺڻ توڙي ٻين ڪمن ڪارن ۾ اسان سين ڪٺي هو. اسان سعوديه جي مرشد ”شيخ ابو بڪر“ وٽ وياسين، جنهن جو بنگلو مديني شهر ۾ هو. اُن کان اجازت ناما حاصل ڪياسين. 18 ريال في ماڻهو وٺي هڪ لوڊ گاڏيءَ اسان کي کڻي اچي ”رياض“ ۾ ڇڏيو. اسان ٽي سنگهار، ٽي اوٺا، حاجي هاشم پنهور ٻچن سميت، حاجي صالح گهُن ٻچن سان، حاجي پريل شاهه، حاجي احمد جت گسر ۽ سندس ساٿي ۽ ٻيا به ڪي بدين جا ماڻهو هئا. مڙيئي لوڊ گاڏيءَ جا ماڻهو پورا هئاسين. ماڻهو ۽ سامان چاڙهڻ ۾ لاڙ اڳيون ٿي ويون، ويهه ميل کن روڊ پڪو هو، پوءِ ڪچو رستو هو، سڄي رات گاڏي هلي. ٻئي ڏينهن جا به صبح جا ڏهه کن ٿيا هئا جو گاڏي هڪ وسنديءَ وٽ اچي بيٺي. گاڏي واري چيو ته هتي پاڻي به آهي. ويهڻ لاءِ وڻن جي ڇانوَ به آهي. بازار به آهي. اٽو ۽ چانور به ملي ويندا. ماني ڪريو ۽ کائو. پاڻ وري اڳين نماز پڙهي پوءِ سفر شروع ڪنداسين. پوءِ اسان سڀئي گاڏيءَ مان لهي پياسين ۽ کسي پڙها جي وڻن جي ڇانوَ هيٺ ويهي، ماني ٽڪي ڪري کاڌي سين. ظهر جي نماز پڙهي وري گاڏيءَ ۾ چڙهياسين. گاڏيءَ ۾ ماڻهو چاڙهڻ ۽ لاهڻ جو ڪم مون ۽ حاجي پريل شاهه جي حوالي هو. لوڊ گاڏيءَ ۾ پهريائين عورتون، پوءِ سندن عزيز ۽ تنهن کان پوءِ ڇڙوڇڙ ماڻهو چاڙهيندا هئاسين. آئون ۽ سائين پريل شاه اڳيان ڊرائيور وٽ ويهندا هئاسين. اسان جي لوڊ گاڏيءَ جي ڀر سان پنجابي حاجين سان ڀريل لوڊ گاڏي به اچي بيٺي هئي. اسان پنهنجي گاڏيءَ ۾ عورتن کي چاڙهي ورتو، ته تيستائين هڪڙو پنجابي اسان جي گاڏيءَ تي چڙهي آيو ۽ چيائين ته منهنجي ”مَڏِي“ (هڙَ، ڳٺڙي) گم ٿي ويئي آهي. مون حاجياڻين کي چيو ته امان ڏسو ته متان نه پرائي هڙ ڀلجي چڙهي ويئي هجي. سو سڀني عورتن پنهنجو سامان سنڀاليو، پر پنجابيءَ جي هڙ ڪا نه هئي. پنجابي چوي ته عورتن کي هيٺ لاهيو ته آئون پاڻ سامان چيڪ ڪريان. پريل شاهه به ٻيهر عورتن کي چيو ته سامان ٺاهي سنڀاليو. متان نه پرائي هڙ اچي ويئي هجي. سو ٻيو ڀيرو به سامان جانچيو ويو. پر پنجابيءَ جي مڏي هئي ڪا نه. پنجابين واري گاڏيءَ ۾ به ماڻهو سوار پئي ٿيا. پر هيءَ پنجابي چوي ته هروڀرو به عورتون هيٺ لاهيو ته آئون پاڻ سامان چيڪ ڪريان. هو بنهه ضد ڪري بيهي رهيو ۽ وڙهڻ لاءِ به تيار ٿي ويو. سندس پاسي پريل شاهه بيٺل هو، تنهن کي ڌڪ هڻي ڪڍيائين. پوءِ ته جهيڙو ٿي ويو. پنجابين وٽ لٺيون گهڻيون هيون ۽ اسان سندن ئي لٺيون، کانئن ڦري اچو ٿا منجهن ڪُٽ وجهون.ِ. تان جو ٻه پنجابي ڪري پيا. پوءِ پنجابي قرآن مجيد کڻي آيا، تڏهن جهيڙو بند ٿيو. ٿاڻو ويجهو ئي هو. پنجابي ٿاڻي تي ويا رپورٽ لکرائڻ. ٿاڻي وارن رپورٽ ڪا نه ورتي ۽ چيائون ته اوهين مسافر آهيو، وڃي پنهنجي ملڪ ۾ ڪيس ڪجو. خير اسين ته گاڏيءَ ۾ چڙهي هلياآياسين. پنجابي اڃا اتي ٿاڻي تي ئي هئا.
    لوڊگاڏيءَ رات جو آڻي سعوديه جي مسافر خاني ۾ لاٿو. پوءِ ٽي ڏينهن سعودي حڪومت طرفان دعوت هئي. آخري ڏينهن تي رياض جو شهر گهمي رهيا هئاسين. آئون ۽ حاجي محمد گڏ هئاسين. هڪڙي لوڊ گاڏي بيٺي هئي. پاسي ۾ ٻه چار لوهه جا پائپ پيا هئا. اسان کي گاڏيءَ مان ڪنهن سڏ ڪيو ته هيڏانهن اچو. اسين گاڏيءَ کي ويجهو پهتاسين ته ان ۾ هڪڙو ڌوتل پوتل عرب ويٺو هو. تنهن چيو ته هي ٻه چار پائپ اسان کي گاڏيءَ ۾ چاڙهي ڏيو. اسان ٻنهي اُهي پائپ گاڏيءَ ۾ چاڙهي ڏنا. اُن عرب پنجاهه ريالن جو نوٽ ڪڍي مزوريءَ طور اسان کي ڏنو. اسين ڏاڍا خوش ٿيا سين ته ٽي ڏينهن ٿيا آهن. رڳو چانور ئي چانور پيا کائون. اڄ هلو ته هلي هوٽل تي ”پايا“ کائون. سو هوٽلِ تي ڪڻڪ جي مانيءَ سان پاوا ويٺاکائون. تيستائين اُهو پنجابي، جنهن کي اسان ڪُٽي ڪيرائي وڌو هو، سو هوٽل تي چڙهي آيو. جيئن اسان تي نظر پيس، تيئن ئي وٺي ٻاهر ڀڳو. اسان سمجهيو ته شايد پنهنجن ساٿين کي وٺڻ ويو آهي ۽ متان نه ا سان سان جهيڙو ڪن. سو اسان کي اچي دپ لڳو. پر ڪا به ڳالهه ڪا نه ٿي. هُن کي پاڻ اچي ڊپ ٿيو ته مرڳو وري به نه موچڙا هڻن. سو وٺي ڀڳو هو. خير، اسين وري مسافر خاني تي آياسين. انتظاميه طرفان اسانکي ٻڌايو ويو ته اڄ رات ريل گاڏي ايندي سا ايران ويندي. اوهين جتي چوندا اتي اوهان کي لاهي ڇڏيندي. اسان رياض مان مال گاڏيءَ جي دٻن ۾ ويٺاسين. ”الحاسي“ کان لنگهي اڳيان ٿياسين. رات جا لڳ ڀڳ ٻه کن ٿيا هئا، جو ريل گاڏيءَ اسان کي ”الخوبر“ جي ننڍڙي اسٽيشن تي لاهي ڇڏيو. باقي رات آرام ڪيوسين. صبح جو هڪ لوڊ گاڏيءَ کي اڌ ريال في ماڻهو ڏيئي اچي الخوبر جي بندر گاهه تي لٿاسين. اُهو ڏاڍو خوبصورت شهر هو. وڏيون وڏيون عمارتون ٺهيل هيون. پر ان بندر تي وڏا وڏا جهاز ڪو نه ايندا هئا. ننڍيون لانچون، هوڙها، ٻيڙيون ۽ بتيلا موجود هئا. الخوبر مان ننڍي لانچ ۾ چڙهي، 5 ريال في ماڻهو ڀاڙو ڏيئي ”بحرين“ ۾ پهتاسين. بحرين هفتو کن رهياسين، جيستائين ڪراچيءَ لاءِ ڪا سواري ملي. هڪڙو پاڻيءَ جو جهاز بيٺو هو، پر اُن اسان کي ابوبڪر جي ڏنل اجازت نامي تي ڪو نه کنيون. فقط حاجي شير محمد چانگ وٽ پڪو پاسپورٽ هو، تنهن کي جهاز کڻي ويو. جيڪو اسان کان اڳ ۾ وڃي ڳوٺ پهتو. تنهن وري اسان جي عزيزن قريبن کي ٻڌائي ڇڏيو ته همراه لڳ ڀڳ هيترن ڏينهن ۾ پهچي ويندا. بحرين ۾ هڪ هفتو رهڻ کان پوءِ هڪڙي لانچ جو انتظام ڪيوسين. جنهن ۾ اندازاً ٻه سؤ حاجي سوار ٿيا. پاڪستاني 80 روپيه في ماڻهو ڀاڙو هو. لانچ ۾ ديرو غازي خان، بلوچستان، دادو، ٺٽو، بدين ۽ ڪراچيءَ جا حاجي موجود هئا. سمنڊ تيز هو. سمنڊ ۾ هلڻ لاءِ موسم خطرناڪ هئي. پوءِ ڪٿي ڪاٺين کڻڻ لاءِ ته ڪٿي پاڻي کڻڻ لاءِ بيهندا بيهندا پئي آياسين. وري ناکئي جو ڳوٺ به رستي ۾ هو.
    هڪڙي اهڙي جاءِ تان پاڻي کڻڻو هو جو، سمنڊ ۾ وِيرَ هئي. لانچ وڏي پاڻيءَ ۾ بيٺي هئي. ننڍڙي هوڙهي هيٺ لاهي ويا. جنهن وقت وِيرَ آلڙ ٿي، ته سمنڊ مان هيٺان پاڻيءَ جي چشمي مان پاڻي اُڀَڪي ٻاهر اچي رهيو هو. اُن مان پاڻيءَ جي ٽانڪي ڀري ويئي. ٻه سؤ ماڻهو هئا. روزانو صبح جو هر ماڻهو کي هڪ سيرَ واري ڇَلَ پاڻيءَ جي ڏني ويندي هئي پيئڻ لاءِ. رات جو به. باقي وضو کاري پاڻيءَ مان ٿيندو هو. پاڻي وٺڻ مهل به جهيڙا ٿيندا هئا. هرڪو پيو چاهي ته پهرين مونکي ملي، متان نه ٽانڪيءَ مان پاڻي کٽي وڃي. وري تئو به هڪڙو هوندو هو، پر تمام وڏو. جو هڪ ئي وقت ڇهه مانيون پچي سگهن. ڪاٺين جي به ضرورت پوندي هئي. جيڪڏهن ڪو حاجي سڳورو جهان ڇڏي وڃي، ته کاري پاڻيءَ سان غسل ڏيئي، سندس احرام وارين چادرين جو ڪفن ڏيئي کڻي سمنڊ ۾ لاهيندا هئاسين. فقط هڪڙو حاجي اسان سُڪيءَ تي دفن ڪيو. اُهو ڳوٺ ناکئي جو هو ”دُبه“. هڪ رات لاءِ سڀ حاجي سُڪي تي لهي آيا. لانچ ۾ ويٺي ويٺي ننڊ ڪري بيزار ٿي پيا هئا. سو چيائون ته هڪڙي رات پير ڊگهاري سمهي ٿڪ ڀڃون. لانچ ۾ فقط اُهي ماڻهو رهيا، جيڪي بيمار هئا. ٻيا سڀ هيٺ لهي ويا. هن ڳوٺ ۾ کجور ايتري ته گهڻي هئي، جيئن ڪڻڪ ۽ جَوَن جا پڳر وجهجن، تيئن پئي سُڪي. اهڙي طرح وري مڇي به تمام گهڻي پئي سُڪي. هتي اسان کي کجور تمام گهڻي ملي. هتي جا ماڻهو وڏي هڙ کجور جي ٻڌي، مٿي ٽنگي ڇڏيندا هئا ۽ هيٺان ڪو ٿانوَ رکي ڇڏيندا هئا. کجور جو رس اُن ٿانوَ ۾ پيو ڳڙندو هو. اسين سُڪيءَ تي ستا پيا هئاسين ته هڪڙي عورت جي روئڻ جو آواز آيو. اسين سمجهي وياسين ته ڪو بيمار گذاري ويو آهي. صبح جو هوڙهيءَ ۾ چڙهي لانچ تي پهتاسين ته خبر پئي ته حاجي ممون اوٺو وفات ڪري ويو هو. اُن جي گهر ۾ ڊوڪياڻي ذات جي عورت هئي. اسين ميت کي هيٺ لاهي آياسين ۽ ان ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪيوسين. ٻي رات اچڻ واري هئي. سڀني مسافرن کي لانچ ۾ سوار ڪري ڇڏيائون. پر ناکئي جي طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي. تنهن ڪري اُها رات به اتي لانچ ۾ گذاري سين. صبح جو لانچ هلڻ لڳي، پر سمنڊ ۾ وڏيون وڏيون ڇوليون هيون. هڪ هڪ ڇولي 50، 50 فوٽ اوچي هئي ۽ لانچ کي مٿي کڻيو ٿي ويئي. جڏهن لانچ هيٺ ٿي ٿي ته ائين پئي لڳو ته ٻي ڇوليءَ جو جبل اسان جي لانچ کي ڍڪي ڇڏيندو. پر تيستائين لانچ مٿي اُڀري ٿي آئي. ڏاڍي مشڪل گهڙي هئي. حج وڃڻ وقت اهڙي تڪليف ڪانه هئي.
    حاجي صالح گهُن جو ڇوڪرو حسين اڃا ننڍو هو، پر اُهو به حج پڙهي آيو هو. اهو به لانچ ۾ سوار هو. تنهن پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي لانچ جي ڪڇي تي پيشاب ٿي ڪرايو ته لهرن جي لوڏن جي ڪري اُها ڇوڪري حسين جي هٿن مان نڪري سمنڊ ۾ ڪري پيئي. حسين به هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. تنهن ڇوڪريءَ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو. پر ڇوليون تمام وڏيون هيون. اسان ويٺي خدا ۽ خدا جي رسولصه کي ستايو ته هي ڇوليون ٽرن. تيستائين هي واقعو پيش آيو. حسين جا ٻئي هٿ ڇوڪريءَ ۾ پيا آهن، هو پيرن سان ڳُجهريءَ پيو تري. ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڪرڻ سان ئي مشين جو مستري ۽ ٻه خلاصي پاٽيا لاهي سمنڊ ۾ لهي پيا. لانچ اڳتي هلندي وڃي. لانچ جو جيڪو مالڪ هو، تنهن کي لانچ پوئتي ڪرڻ (ريوَرِس) جي خبر ڪانه هئي. تنهن لانچ جي مشين بندڪري ڇڏي. پر لانچ پوءِ به هوا جي زور تي اڳي هلندي وڃي. حاجي گهُن چوي ته آئون ٿو سمنڊ ۾ ٽپو ڏيان. تنهن کي مون زوريءَ ڀاڪرن ۾ سوگهو جهلي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو. کيس چيوسين ته هو ته ٻڏي ويا پر تون به ٿو ٻڏڻ وڃي. چيائين ته ٻچڙن جهڙي ڳالهه آهي، ڪيئن صبر ڪريان. پر مون زوريءَ کيس سمنڊ ۾ ڪرڻ کان روڪي رکيو. مستري ۽ خلاصين ڇوڪريءَ کي پاٽئي تي رکيو ۽ ڇوڪرو پاٽئي کي جهلي ترندو آيو. تيستائين مستري سمنڊ مان نڪري لانچ چالو ڪري ريورس ڪري همراهن وٽ پهتو ۽ اهڙيطرح ٻارن کي بچايو ويو. اڳيان ٿياسين ته وري رات پئجي ويئي. ناکئي جي نگاهه قطب نما ۾ هئي. رات جو آخري حصو هو. سمنڊ جي وچ ۾ هڪڙو جبل هو. سمنڊ ۾ وِيرَ هئي. پاڻي چڙهيل هو. ان جبل جي چوٽي رڳو ٻه فوٽ کن پاڻيءَ مان ظاهر هئي، باقي سڄو جبل پاڻيءَ ۾ هو. لانچ جي موري سِڌي جبل جي چوٽيءَ تي هئي. ناکئي جي نطر قطب نما ۾ هئي ۽تنهن کانسواءِ هُو اندر ڪئبن ۾ ويٺل هو. حاجين کي ڏينهن جي ڇولين ڇانڇولي ڇڏيو هو. رات جو ڇوليون ڪين هيون. سي به ويٺي ويٺي پوئين رات جي اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. تنهن کان سواءِ اسين نوان ماڻهو، سمنڊ يا لانچن جي رمزن کي ڇا ڄاڻون. هي مامرا ته اُهي ئي سمجهي سگهن ٿا جن جو ڏينهن رات دريا سان واسطو هوندو. بس رب پاڪ ئي بچائڻ وارو آهي. خلاصين مان هڪڙو جاڳي رهيو هو. تنهنجي نظر اڳيان جبل تي پئجي ويئي ۽ هڪدم وٺي گهوڙا وِيڪَ ڪيائين ۽ ناکئي کان اسٽيئرنگ (سُکانِ) وٺي لانچ جو رخ ڦيرايائين. اُن خلاصيءَ جي گهوڙا گهوڙا تي سڀ حاجي جاڳي پيا. جڏهن سندن نگاهه جبل تي پيئي ته سڀني وٺي ڪلمون پڙهڻ ۽ رب کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو ته جيئن ڪلمي شريف سان لاڏاڻو ٿئي. اسان سڀني جي سامهون، لانچ جبل کان صرف 10 فوٽن جي فاصلي تان ٽڪرجڻ کان بچي ويئي. ائين اسان هڪ خلاصيءَ جي حاضر دماغيءَ جي ڪري، موت سان اکيون ملائيندي، سندس چنبي مان بچي وياسين. رب تعاليٰ جا لک احسان ٿيا. هونئن به چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو هوندو آهي.
    بحرين مان لانچ ۾ سوار ٿي ڪراچي پهچڻ تائين اسان کي ارڙهن ڏينهن ۽ ارڙهن راتيون لڳي ويون. جڏهن هوا بنهه تيز لڳندي هئي يا سمنڊ جو نمونو خراب هوندو هو ته ناکئو بيهي رهندو هو. انهن ارڙهن راتين مان فقط هڪڙي رات اسان خشڪي تي گذاري هئي. سو به بيمارن نه. انهن ارڙهن ڏينهن ۾ 9 (نوَ) حاجي فوت ٿي ويا. انهن مان فقط هڪڙو حاجي مَمون اوٺو، رهندڙ ڳوٺ خليفا، ان وقت محال ڪيٽي بندر، کي خشڪيءَ تي دفنايو ويو. باقي اٺ حاجي، جيڪي بدين، حيدرآباد، نواب شاهه، بلوچستان ۽ ديرو غازي خان جا هئا، تن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي، جنازي نماز پڙهي (ويٺي ويٺي) کڻي سمنڊ جي حوالي ڪيو ويندو هو.
    سمنڊ ۾ وڃڻ وقت يا اچڻ وقت، جنهن وقت سمنڊ ماٺار ۾ هوندو هو، ته ان وقت ”مالارن“ جي ٽي چار سؤ فوٽ ڊگهي قطار ظاهر ٿيندي هئي. جيئن ڪُڙين سان مڇي ماريندڙ گهاتو قطار ڪري مڇي جهلڻ لاءِ گهور ڪندا آهن. ساڳئي نموني ۾ مالار به قطار ۾ پاڻيءَ جي لهرن سان هيٺ مٿي ٿيندا اڳتي وڌندا ويندا هئا. پوءِ جنهن کي مڇي هٿ لڳندي، سو مڇيءَ کي مٿي هوا ۾ اڇليندو هو ۽ پاڻ هيٺان وات کولي بيهندو ۽ مڇي پُڇ ڀر سڌي سندس وات ۾. اهو نظارو مون پاڻ پنهنجي اکين سان به ڏٺو هو. پر سوين حاجي اِن جي شاهدي به ڏيندا. وري ٻُلهڻين جو به ساڳيو نمونو. سمنڊ ۾ ننڍا توڙي وڏا نانگ به کوڙ سارا هئا، جيڪي ويڙهي ڪريو ويٺا هوندا هئا. انهن ۾ ”ماروچو“ نانگ تمام وڏو هوندو هو. جيڪڏهن اُٺ کي ڦري وَڪڙ ڏي ته ڪَرَ اُٺ کي به ڪيرائي وجهي. هيڏانهن وري سمنڊ جو پاڻي ڪٿي اڇو ته ڪٿي آسماني، ڪٿي ڳاڙهو ته ڪٿي هيڊو. ۽ ڪٿي ته اڃا ئي ٻيو رنگ. ناکئن کان پڇا ڪئي سين ته انهن ٻڌايو ته پاڻي ته شفاف هوندو آهي، پر هيٺ زمين جو جهڙو رنگ هوندو آهي، تهڙو پاڻيءَ جو رنگ لڳندو آهي. لانچ ۾ لڳل اسٽيل جي ڪُنڊيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون مڇيون ڦاسنديون هيون، جن جا ڏند هوبهو ماڻهن جي ڏندن جهڙا هوندا هئا.
    ”مسقط“ کان اڳتي مون هڪڙي ناکئي کان پڇيو هو، ۽ اسان آکاڻين ۾ به پڙهيو هو ته ماڻهن جي زباني به ٻڌو هو ته ڪٿي ڪٿي غوراب ۽ جهاز ازخود سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا آهن. سا حقيقت ڪيئن آهي! ۽ ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ناکئو عرب هو. هُن ٻڌايو ته اڄ به سمنڊ ۾ اهڙو علائقو آهي. اسين اوڏانهن ڪو نه ويندا آهيون. اتي فقط اهڙا هوڙها مڇي مارڻ ويندا آهن. جن کي ڪا ٻار جي نوڙيءَ جا ٻنڌڻ ٻڌل هوندا آهن. يا ڪاٺ جا سُونهڻ (ڪاٺ جا ڪوڪا) يا جست جا ڪوڪا لڳل هوندا آهن ڇو ته سمنڊ ۾ موجود جبلن ۾ چقمق لوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. جيڪي لوهه جا ٺهيل جهاز هوندا آهن، يا جن هوڙهن ۽ لانچن ۾ لوهه استعمال ٿيل هوندو آهي، تن کي چقمق هيٺ ڇڪي ٻوڙيو ڇڏي. گهڻا ننڍا هوڙها مون پنهنجي اکين سان ڏٺا جن کي ڪا ٻار جا ٻنڌڻ ٻڌل هئا. خير، قصو مختصر، ارڙهن ڏينهن بعد بحرين کان اچي ڪراچيءَ ۾ پهتاسين. اسان جا مٽ مائٽ گهاس بندر تي پهچي ويا هئا، جن کي حاجي شير محمد چانگ اطلاع ڏنو هو. اُهي اطلاع ملندي ئي اسان جي لاءِ نوان ڪپڙا وٺي سُبرائي ۽ ٻيو گهربل سامان کڻي پنجن ڇهن ڏينهن کان وٺي حاجي آدم خاصخيليءَ وٽ رهيا پيا هئا ۽ روزانو صبح جو گهاس بندر تي اچي انتظار ڪري ڪري، شام جو موٽي ويندا هئا. سمنڊ جي تيز هجڻ ڪري اسان کي وڌيڪ ڏينهن لڳي وياهئا. جڏهن لانچ گهاس بندر تي پهتي، تڏهن ڪسٽم وارن اسان کان اجازت ناما ورتا. پوءِ اسان کا دٻائڻ لڳا ته اوهين پيادل حج تي ڇو ويا هئا. اوهين ڏوهن ۾ گهربل آهيو، تنهنڪري اسان جي آڦيس تي هلو ته جانچ ڪرايون. ڪسٽم جو بالا آفيسر حاجي عمر پليجو (ٻنون، ضلع سجاول وارو) هو، جنهن کي ڪنهن دوست چيو. پوءِ به 12 روپيه في ماڻهو وٺي، پوءِ لانچ تان لهڻ ڏنائون. اسين سنگهار 3 ڄڻا هئاسين، سي رات جو احمد ڀائي ڪميشن ايجنٽ جي اوطاق تي ترسياسين. صبح جو مونکي جيڪو عربن جو لباس شروع کان وٺي پاتل هو، سو بدلي ڪري وري مون ديسي ڪپڙا پاتا هئا. منهنجي لاءِ منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالواحد آيو هو ۽ حاجي صديق لاءِ سندس پٽ عباس آيو هو. حاجي محمد لاءِ سندس ڀاءُ حاجي عمر آيو هو.
    احمد ڀاءُ جي اوطاق کان هلي اچي بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ محمدي هائوس جي اولهه ۾ ٻهارن وڃڻ لاءِ بيٺل گورنمينٽ بس ۾ چڙهياسين. ۽ خيرن سان اچي ٻهارن ۾ لٿاسين. ڪيٽي بندر وڃڻ واري بس ۾ چڙهي اچي پالڪي روڊ تي لٿاسين. اتان کان پيادل هلي اچي جانيارن جي ڳوٺ ۾ حاجي عمر جانياري جا مهمان ٿياسين. رات گذاري، جو صبح جو ٻگهاڻ وٽان اوچتو دريا جي پتڻ تان في ماڻهو هڪ آنو پتڻ ڏيئي اچي ٻگهاڻ پهتاسين. ڪنڀارن سان اسان جا مائٽاڻا تعلقات هئا. ڇو ته سنگهارن ۾ اسان جو پاڙو ڪنڀارڪو ڪم ڪندا هئا. سو جڏهن حاجي خميسي ڪنڀار کي خبر پئي ته حافظ احمد ڪنڀار جو پٽ عبدالڪريم حج پڙهي اچي پتڻ تي پهتو آهي، تڏهن وڌي اچي ملاقات ڪيائين ۽ اسان جي دعوت ڪيائين. هڪڙو ماڻهو موڪلي اسان جي ڳوٺ اطلاع ڪرايائين. اتان اسان جي ڳوٺ جا مولودي ۽ ٻيا ماڻهو آيا. جيڪي پوءِ مولودن سان ڳارائي اسان کي ڳوٺ وٺي ويا. اهڙي طرح منهنجو حج پڙهڻ جو سفر خيرن سان پڄاڻيءَ تي پهتو.
    مون کي سفر نامو لکڻ جي ڳالهه ذهن ۾ ئي ڪا نه هئي ۽ جڏهن سائين غلام حسين گلڙي مونکي سفر نامي لکڻ جو شوق جاڳايو، تڏهن تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي، تمام گهڻا تفصيل وسري ويا آهن. جيڪي ڪجهه ياد هو، سو مٿي لکيم. پر پوءِ به جيڪي واقعا ۽ جيڪي ڳالهيون جڏهن يادآيون، تن کي الڳ الڳ لکندو ويس. تن کي هتي آخر ۾ شامل ڪريان ٿو. پڙهندڙ انهن واقعن، وارداتن، ۽ ڳالهين کي به هن سفرنامي جو حصو ڪري پڙهن.
    *


    باب اٺون : يادگار واقعا

    سعوديه جي حد هئي. اسين اتر طرف سفر ڪندا پيا وڃون ۽ نماز به اتر طرف منهن ڪري پڙهندا وڃون. اڪثر ڳوٺن مان پاڻي وٺڻ آئون ويندو هو. ڇو ته کوهن تي اڪثر نوجوان ڇوڪريون ۽ ننڍيون نيٽيون عورتون پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. آئون به نوجوان هوس ۽ مون کي عربي ڳالهائڻ به ايندي هئي. تنهنڪري اڪثر نوجوان ڇوڪريون مون سان کِلَ ڀوڳ به ڪنديون هيون. خبرون چارون پڻ پُڇنديون هيون. پوءِ پاڻي به ڏينديون هيون. هڪ ڀيري پاڻي کڻي واپس رفيقن ڏانهن پئي آيس، رستي ۾ ننڍا ننڍا کِپَ جا ٻوٽا هئا، جيڪي واريءَ جي ڀِٽِن تي موجود هئا. انهن وچان هلندي اوچتو مونکي هڪڙو سفيد رنگ جو نانگ نظر آيو. جيڪو چيچ آڱر جهڙو سنهڙو ۽ هڪ فوٽ کن ڊگهو هو. اُن ۾ دهشت ايتري هئي ۽ ڦوڪ ايڏي وڏي ٿي ڇڏيائين جيڪا وڏي ڪاري نانگ ۾ به نه هئي. جمپ ڏيو اچيو منهنجي پيرن ۾ ڪِري. پر ڏنگ هڻن کان پاڻ کي بچائي ٿي ويس. نانگ مون کي ڏاڍو پريشان ڪيو. مون کي اچي ڊپ ورايو ته هيءُ جيڪو هيڏڙو نانگ، سڄو فرلانگ پنڌ جو مون سان وڙهندو اچي، سو يقيناً ڪو خطرناڪ نانگ آهي. آخر ڀڄي جند ڇڏائڻ ۾ ئي مون پنهنجي خيريت سمجهي. سو وٺي ڀڳس. پر پوءِ به نانگ ڳچ پنڌ تائين جمپ ڏيو اچي ٿي منهنجن پيرن ۾ ڪريو. نيٺ نانگ وڃي هڪڙي کِپَ جي پاڙ وٽ موجود کت ۾ ڪريو. تڏهن منهنجي جان ڇٽي. آئون رفيقن کان اڃا به ٻه فرلانگ پري هوس. انهيءَ ڀَڄَ ڊوڙ ۾ منهنجو پاڻي به ڪافي هارجي ضايع ٿي ويو هو. خبر ناهي اهو نانگ ڪهڙي قسم جو هو!

    علائقو ساڳيو هو. اسان رات وڃي اڳتي گذاري. صبح جو سفر شروع ڪيوسين. رستو هو، جنهن تان ڪنهن ڪنهن مهل لوڊگاڏيون يا جيپون پڻ پيون لنگهنديون هيون. پر هو جبل جو ڪچو رستو. هڪ جاءِ تي ڏٺوسين ته پوري هڪ فوٽ جو ڪارو ڀٽون (وِڇُون) رستي تي پيو آهي. پر کيس ڪا گاڏي ماري ويئي هئي. اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ هيڏو سارو ڀٽون ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هو. ڏاڍو خطرناڪ ڀٽون هو. ماڻهوءَ کي ته ڌڪ سان ئي پورو ڪري ڇڏي ها!
    ڪٿي ڪٿي اهڙو به علائقو هوندو هو جو رات جو آرام ڪرڻ لاءِ اُن ڀيڻيءَ کي هٿن سان سندري هموار ڪندا هئاسين. اونڌاهيءَ ۾ زمين سندرڻ مهل جڏهن پٿريون هڪ ٻئي سان ٽڪرائبيون هيون، ته منجهانئن باهه جون چڻنگون نڪرنديون هيون. اسان جيڪو ٻڌندا هئاسين ته پراڻي دؤر جا ماڻهو پٿرن کي گسائي باهه ٻارينداهئا. تنهن حقيقت جو عملي مظاهرو ڏٺوسين
    هڪڙي رات هڪڙي اهڙي جاءِ تي وڃي ترسياسين، جتي چئن ئي طرفن کان واريءَ جون ڀٽون هيون ۽ وچ ۾ پيالي وانگر کڏ هئي. ان کڏ ۾ ستا پيا هئاسين. ڀولڙا اسان جو اٽو ۽ کجور چورائي کڻي ويندا هئا. پوءِ هڪڙي بدوءَ اسان کي ڏسَ ڏنو ته باهه جو مچ ٻاريندا ته ڪا به بلا اوهان کي ويجهو ڪا نه ايندي. سو اسان به ان کڏ ۾ باهه ٻاري ستا پيا هئاسين. هڪڙو ڀولڙو جڏهن هڪڙي ڀِٽَ تي چڙهي آيو ۽ جڏهن باهه جي مچ تي نظر پيس ته وٺي ايڏي ته دانهن ڪيائين، جو اسين سڀئي هڪدم اٿي ويهي رهياسين. ان واقعي مان اسان سبق سکي ورتو. پوءِ جتي به جانورن جو خطرو هوندو هو، اتي باهه جو مچ ٻاري پوءِ سمهنداهئاسين.
    شور بندر تان اسان سڀني حاجين ملي جُلي هڪڙي لانچ ڀاڙي تي ڪئي. هر هڪ ماڻهو جو ڪرايو 80 روپيه طئي ڪيو ويو. رستي ۾ هڪڙو ننڍڙو بندر آيو. مون کي ان بندر جو نالو ياد ڪونهي رهيو. پر اتي ڪو به وڏو جهاز يا لانچ بيٺل مونکي نظر ڪانه آئي. باقي ننڍا ننڍا گهاڙيٽا بيٺل هئا. هتي جبل ۾ سمنڊ جون ڇاڙون ۽ نارا گهڻو اندر تائين هليا ٿي ويا. جتي چقمق موجود هئي. تنهن ڪري انهن نارن ۽ ڇاڙونِ ۾ رڳو ڪا ٻار جي ٻنڌڻن سان ٻڌل گهاڙيٽا مڇي مارڻ ويندا هئا. اسان جي لانچ به بندر کان گهڻو پري تڙ ڪري ناتاري لڳائي. ان بندر تان پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ ڪاٺيون کڻڻيون هيون ۽ اسانکي ناکئي اهو به چيو ته جنهن به ماڻهوءَ کي سامان وٺڻو هجي ته هتي دوڪان وغيره موجود آهن. آئون ۽ ٻيا حاجي، جن کي سامان وٺڻو هو، لهي پياسين. هڪ دوڪان تي آياسين. اڃا مون عربي ڪا نه سکي هئي، پر ڪجهه شين جانالا اينداهئا. دوڪان وارو سمجهيويو ته آئون اتي موجود حاجين جو اڳواڻ آهيان. سو مونکي سڏي آسڻ تي ويهاريو. مون ڪجهه شين جا نالا ورتا، جيڪي مون سکيا هئا. مثال طور ماچيس معنيٰ ”فل فل احمر“، مريون يا ڪارا مرچ معنيٰ ”فل فل اسد“، کير معنيٰ ”لبن“، ڦودنون معنيٰ ”نعنع“، ڀَتِ معنيٰ ”رَز“، ماني معنيٰ ”لُقمَه“، مڇي معنيٰ ”سَهَڪ“ يا ”حوت“، رستو معنيٰ ”طريق“، مَٽِ معنيٰ ”خُم“، پاڻي معنيٰ ”مويا يا ماءِ“، بصر معنيٰ ”بصل“، ٿوم معنيٰ ”ثوم“... اهڙي طرح ڪجهه نالا ياد ڪيائم. باقي جن شين جا نالا نٿي آيا، ته انهن تي هٿ رکي اشاري سان کين سمجهائڻو ٿي پيو. دوڪان واري مونکي آسڻ تي ويهاري، مونکان خبرون چارون پڇيون. جيڪي مون کيس سنڌي، اردو ۽ اشارن جي زبان سان ٻڌايون. ڪجهه سمجهيائين ڪجه ڪو نه سمجهيائين. دوڪان واري سندس نوڪر کي ڪجهه سمجهائي گهرموڪليو. مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو ته نوڪر کي ڇا چيو هئائين. اسان کي ڳچ دير ٿي ويئي هئي، سو لانچ واري نياپو موڪليو ته جلد پهچو. ايتري ۾ نوڪر ڦڙهن جي ٺهيل ٻن پليٽن ۾ هڪ وڏي سِپَ جي ٻچي جي گوشت جو ٻيرو کڻي آيو ۽ دوڪان واري اهو سِپَ جو ٻچو مونکي تحفي طور ٿي ڏنو. جڏهن مون ڏٺو ته پليٽن ۾ سُتيءَ جو ٻچو پيل آهي. تڏهن مون اُهو وٺڻ کان انڪار ڪيو. دوڪان واري عربيءَ ۾ ته ان شيءِ جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي، پر جيئن ته اُها شيءِ اسان جي فرقي ۾ کائڻ جائز ڪانه هئي، تنهنڪري مون اُها شيءِ ڪا نه ورتي. باقي شافعي فرقي ۾ اُها شيءِ کائڻ جائز هئي ۽ اسين حنفي فرقي جا هئاسين.

    هڪ ڀيري هوائي جهاز جي حادثي کان ذري گهٽ بچي ويو هوس. شيخ عثمان شهر ۾ رهندو هوس. اتي جي مسجد ۾ ترسيل هوس. اتان کان بس ۾ سوار ٿي عدن جي شهر ۾ مزوري ڪرڻ ويندو هوس. شيخ عثمان شهر ۽ عدن شهر جي وچ ۾ هوائي اڏو هو. جتان اڪثر فوجي جهاز اڏام ڪندا هئا. هڪ ڏينهن بس مونکان نڪري ويئي. پوءِ لوڊ گاڏيءَ ۾ سوار ٿي اچي هوائي اڏي وٽ لٿس. مون کي اِها خبر ڪانه هئي ته ڪو جهاز لهڻ جي گهنٽي وڄي ويئي آهي ۽ نه وري ڪنهن مونکي منع ڪئي ته اڳيان نه وڃ. رستي جا ٻه گيٽ هئا، هڪڙو اتر کان ۽ ٻيو ڏکڻ کان. جتان لوڊيون ۽ بسون لنگهنديون هيون، پر ان ڏينهن آئون اڪيلو پنڌ وڃي رهيو هوس ته اوچتو هڪ گهنٽيءَ جو آواز منهنجي ڪن ۾ پهتو. ڏسان ته ڪاري رنگ جا ٻه جهاز اچي اتي لٿا. مون ڊوڙ پاتي ۽ اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جهاز هڪ اتر طرف کان ۽ ٻيو ڏکڻ طرفان پنهنجو پنهنجو رستو وٺيو پئي آيا. منهنجو خيال هو ته آئون اڳتي نڪري ويندس. پر ڏکڻ طرفان ايندڙ جهاز جي پَکَ کان آئون صرف هڪ فوٽ جي وٿيءَ تان بچي ويس. پر پوءِ به ان جي تيز هوا جي ڪري آئون پٽ تي ڪِري پيس. پر مرڻ کان بچي ويس. پوءِ اتان هلي مزوريءَ واري جاءِ تي آيس. دروازا ڪي آٽوميٽڪ هئا. پاڻيهي کلندا ۽ بند ٿيندا هئا. اتي ڪو ماڻهو موجود ڪو نه هو.
    منهنجي رفيق حاجي صالح سوڍائيءَ کي اڪثر سِيءَ سان بخار ايندو هو. جهنگ ۽ جبل ۾ گس هلندي ڊاڪٽر ڪٿان اچي؟ ۽ دوا گوريون ڪٿان اچن؟ حاجي صالح سوڍائي اسان کي چوندو هو ته ٻه ڄڻا مون تي چڙهي ويهن. اسان مان ٻه ڄڻا ان تي چڙهي ويهندا هئا. ٿوري دير ۾ کيس پگهر اچي ويندو هو ۽ بخار لهي ويندو هو. اِهو ئي سندس علاج هو.
    يمن جي حد هئي. لهيج شهر کان اڳتي بارڊر تي پوليس ڪاٺ لڳايو ويٺي هئي. اسين اُنهيءَ ڪاٺ جي اتر طرف کان جبلن مان ڦري اچي رستي تي چڙهيا هئاسين. رستو ڪچو هو، پر لوڊ گاڏيون هلنديون هيون. ٻن ڏينهن جو سفر ڪري، رستي کان ٿورو اتر طرف هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتاسين. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ جبل جي هڪڙي ٽڪريءَ تي هڪڙو اڪيلو گهر هو. اتي ڪجهه وڻ به هئا. اسان خيال ڪيو ته رات انهن وڻن هيٺان گذارجي. وڻن هيٺان نئين جو پيٽ هو، جنهن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون کوهريون هيون، جو ماڻهو ويهي هٿ سان ئي پاڻي ڀري وٺي، باقي گهر وغيره مٿي جبل تي هئا. جن وڻن هيٺ اسين ترسيا هئاسين، سي اُن اڪيلي گهر واري ماڻهوءَ جا پوکيل هئا ۽ زمين به سندس هئي. ان اڪيلي گهر ۾ اهو ماڻهو به اڪيلو رهندو هو. ٻيو ڪو به ٻار ٻچو ڪو نه ٿي ڏسڻ ۾ آيو. گهر جي اڳيان هڪ مادي گڏهه ٻڌل هئي. جڏهن اسان انهن وڻن هيٺ اچي لڏو لاٿو، تڏهن اُن گهر جو مالڪ، جيڪو تمام قدآور ۽ ٿلهو متارو هو، سو اسان سان ملڻ آيو. هاڻي آئون اڌو گابري عربي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندو هوس. اُن بُدوءَ سان منهنجي ڪجهه ڪچهري ٿي. هُن چيو ته ر ات جي ماني آئون توهان کي کارايان ها، پر ماني ٽِڪِي ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي. سو آئون وڃي پنهنجي لاءِ ڪو لولو پچائي کائي، پوٰ اچي ٿو توهان سان ڪچهري ڪريان. اسان به ماني تيار ڪري کائي ويٺاسين ته هو بدو آيو. ڪجهه ڳالهيون سمجهه ۾ آيون ۽ ڪجهه ڪو نه آيون، پر ڪچهري هلندي رهي. اُن همراه جو نالو ’وَهِيب‘ هو. مون کائونس سندس اڪيلي گهر ۾ اڪيلي سر رهڻ جو سبب پڇيو. ته هن ٻڌايو ته هِن ڳوٺ ۾ منهنجا مٽ مائٽ رهن ٿا. مون کي ٻه شاديون به ڪرايون هئائون. پر منهنجي ”آلَتَ“ (مردانو جنسي عضوو) تمام ڊگهي هئڻ ڪري، ٻنهي زالن کي نقصان رسيو ۽ بنا اولاد جي ئي گذاري ويون. پوءِ مون کي راڄ مان ڪنهن به سڱ ڪو نه ٿي ڏنو. تنهنڪري آئون ڪاوڙجي، ڳوٺ ڇڏي پنهنجي زمين ۾ اچي گهر اڏي ويٺو آهيان. ٻيرين جا وڻ پکيا اٿم ۽ جوئر ۽ مڪائي به پوکيندو آهيان. جنهن مان سالياني چڱي خاصي آمدني ٿيندي آهي. باقي پنهنجي جنسي خواهش جي پورائي لاءِ هيءَ مادي گڏهه موجود آهي. راڄ مان مون ڏانهن ڪير به ڪو نه ايندو آهي. بس اڪيلي سر ئي زندگي پيو گذاريان. اُهو بدو ڪچهري ڪري واپس هليو ويو. اسان ڏٺو ته سندس گهر ۾ کٽ به موجود ڪا نه هئي. هڪڙي پيهي ٺهيل هئي، جنهن تي گرمين ۾ سمهندو هو. اسان کي اچي ڊپ ٿيو ته متان نه هيءَ بلا رات جو اسان سان نه اچي ٽڪري. خير ٻيا ته پوڙها هئا، پر آئون نوجوان ۽ خوبصورت هوس. سو مون کي اچي پنهنجي ڊپ ورايو. ٿوري دير بعد اسين ماٺ ميٺ ۽ چپ چپات ۾ لڏو کڻي اچي رستي تي چڙهياسين ۽ تقريباً چار پنج فرلانگ اڳتي وڃي، پوءِ لڪي رات گذاري سين.
    صبح جو اُٿي پنڌ پياسين. اڳيان هڪڙو تمام وڏو جبل هو. جنهن جي ڪناري سان هڪڙو ڳوٺ هو. ان جبل جو پاڇو ايترو ته گهرو هو اسين ڀلجي پياسين ۽ منجهند کي شام سمجهي ويٺاسين. اسان مسجد ۾ وڃي وچين نماز پڙهي ۽ اسان سمجهيو ته اڳين جي نماز اسان کان قضا ٿي ويئي هئي. جڏهن ته ڳوٺ وارن اچي اڳين نماز ادا ڪئي. وري جڏهن ڳوٺاڻان وچين نماز پڙهڻ آيا ته اسان سمجهيو ته سانجهي نماز پڙهڻ آيا آهن. پوءِ جڏهن هنن مغرب جي نماز پڙهي، تڏهن مون پيش امام کان پڇيو ته هن وضاحت ڪئي ته هيءُ جبل تمام گهڻو اوچو آهي، جنهن جي ڪري سج سندس پٺيان لڪي ٿو وڃي. پر اسين هميشه جا هتي ويٺل آهيون ۽ اسان کي وقت سنڀاليل آهن. اوهان ڀلجي ويا آهيو. رات جي ماني اسان کي ڳوٺاڻن کارائي هئي.
    سعودي عرب جو علائقو هو ۽ ”في الارض“ شهر هو. پنجاب جي علائقي جا به پيادل حاجي هئا. تن ڪرايي تي لوڊ گاڏي ڪئي هئي. جڏهن ته پيادل هلڻ وارن لاءِ ٻن ڏينهن جو ”بر“ هو. پر معنيٰ ته ٻن ڏينهن جي سفر ۾ ڪٿي به نه پاڻي هوندو ۽ نه ئي ماڻهن جي آبادي هوندي. بلائون ۽ جهنگ هوندو. پر جيڪڏهن لوڊ گاڏيءَ جي رستي تان هلجي ته ڦيري جو ڇهن يا ستن ڏينهن جو پنڌ هو. اسين ’في الارض‘ شهر ۾ ترسيل هئاسين، جو پنجابين واري لوڊگاڏي به اچي پهتي. هنن ڪجهه کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪيون ۽ وري گاڏيءَ ۾ سوار ٿي روانا ٿي ويا. گاڏي وڃڻ کان ٿورڙو اڳ ۾ اوچتو هڪڙي نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي ضرور حاجت لاءِ جهنگ ڏانهن وڃڻو پئجي ويو. هوءَ ٿورو پرڀرو وڃي ويٺي. پر ڊرائيور جي تڪڙ سبب گاڏي رواني ٿي ويئي. جڏهن ڇوڪري فارغ ٿي موٽي ته گاڏي نه ڏسي اچي روئڻ لڳي. ڪافي ماڻهو ته گڏ ٿي ويا، پر نه ڇوڪري عربي ٻولي سمجهي ۽ نه ئي ماڻهو پنجابي سمجهن. ماڻهن جو ميڙ ڏسي اسين ته اچي ويجها ٿياسين ته خبر پيئي ته ڇوڪري مائٽن لاءِ روئي رهي هئي. مون ڇوڪريءَ سان اردوءَ ۾ ڳالهايو. پر هوءَ پنجابيءَ کانسواءِ ٻي ڪا به ٻولي ڪانه ڄاڻندي هئي. پر آئون مڙيئي پنجابيءَ مان ڪجهه مطلب ڪڍي وٺندو هوس. ڇوڪريءَ سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. مون کيس دلداري ڏني ته تون ڪو فڪر نه ڪر. اسين توکي تنهنجي مائٽن وٽ پهچائينداسين. ڇوڪريءَ روئي اچي منهنجي چيلهه ۾ ڀاڪر پاتا. محمد سوداگر پڇيو ته ڇا ماجرا آهي. مون کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. محمد سوداگر چيو ته تون ڇوڪريءَ کي سنڀال ته آئون اسان جي پاڙي مان شيخ کان جيپ وٺيو ٿو اچان. ۽ هو ڊرائيور سميت جيپ وٺي آيو ۽ اسين ڇوڪريءَ کي جيپ ۾ سوار ڪري روانا ٿياسين. اُها لوڊ گاڏي 12، 15 ميل کن سفر ڪري هڪڙي ڳوٺ وٽ پهتي هئي. اتي مائٽن ڇوڪريءَ کي ساريو. هاڻي ڊرائيور سان ڇڪتاڻ ٿي پيئي. مائٽ چون ته واپس هل ته ڇوڪريءَ کي کڻي اچون. منجهن روڄ راڙو لڳو پيو هو. ڊرائيور چيو ته غلطي توهان جي آهي. واپس هلڻ سان اوٽ موٽ 25، 30 ميلن جو تيل سڙندو، تنهن جو ڀاڙو الڳ ڏيو ته پوءِ هلان. هو اڃا انهيءَ ئي ڇڪتاڻ ۾ هئا، تيستائين اسين ڇوڪريءَ کي کڻي وڃي پهتاسين. ڇوڪري مائٽن سان ملي خوش ٿي. ڇوڪريءَ جا مائٽ اسان جي پيرن تي ڪريو پون. اسان جا ٿورا مڃيائون. اُهي ديرا غازي خان جا جاٽ قبيلي جا هئا. جيپ جي تيل جا پئسه ڏيڻ لڳا. پر محمد سوداگر ڪو نه ورتا. پوءِ اسين واپس ٿياسين ۽ لوڊگاڏي اڳتي رواني ٿي.
    هڪ ڏينهن حرم پاڪ ۾ جماعت سان نماز پڙهي، پيش امام جي دعا بعد آئوننفل پڙهي رهيو هوس. جيئن ئي آئون سجدي ويس، تيئن هڪ مصر جو حاجي سڳورو، جنهن جون نگاهون شايد اڳتي هيون، سو منهنجي ڪنڌ تي پير رکي اچي بيهي رهيو. مڙس پهلوان ۽ زورائتو هو، سو مرڳو منهنجو ساهه ٿي گهٽيو. خير هُنَ پير ته هڪدم کڻي ورتو. پر اتي ئي بيهي رهيو. مون نفل پڙهي پورو ڪيو ۽ سلام واريم ته هو حاجي صاحب منهنجي پيرن تي هٿ رکي معافي گهرڻ لڳو ۽ مون به کيس معاف ڪري ڇڏيو.

    بحرين کان لانچ ۾ سوار ٿي ايران جي حد ۾ آياسين. هڪ جاءِ تي لانچ پاڻي کڻڻ لاءِ تڙ ڪري بيٺل هئي ته فوج جي بحري جهاز اسان کي ڏسي ورتو. تنهن هڪدم سائرن وڄايا. جهاز ته وڏي پاڻيءَ ۾ بيهي رهيو، پر ننڍيون ٻه لانچون هيٺ پاڻي ۾ لاٿائون. جن ۾ اٺ اٺ کن فوجي هٿيار بند هئا، جن جو رابطو وڏي جهاز سان هو. ننڍين لانچن اسان وٽ پهچي پهريائين لانچ جي تلاشي ورتي. تنهن کان پوءِ اسان کان خبرون چارون پڇيائون. اسان کين خبرون به ٻڌايون ۽ اجازت ناما به ڏيکاريا. پوءِ هو اسان کي ڇڏي واپس هليا ويا.
    هڪ ڏينهن حرم پاڪ، مڪي شريف ۾ جمع جي نماز پڙهي فارغ ٿياسين ته اعلان ڪيو ويو ته اڄ قاضي صاحب فتويٰ ڏني آهي ته جمع نماز بعد ”سنگسار“ ڪيو ويندو. پر اِها خبر پئجي ڪانه سگهي ته ڪٿي ٿيندو. صفا ۽ مروه جي هيٺين طبقي ۾ جتي اسين ڊوڙون پائيندا هئاسين، اتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. اسين به اچي اتي بيٺاسين. اوڀر طرف کان هڪ فوجي گاڏي روهڙو کڻي آئي، جنهن جو هڪڙو هڪڙو پٿر لڳ ڀڳ اڌ ڪلو جوهو. گڏاي پٿر لاهي هلي ويئي. تنهن کان پوءِ فوج جا جوان آيا، جيڪي به پنجاهه کن هئا. تن اچي ماڻهن کي هٽائي ڪجهه جاءِ خالي ڪرائي ۽ ماڻهن کي سنڀالي بيهي رهيا. رش تمام گهڻي وڌي ويئي هئي. ايتري ۾ هڪ فوجي فادر جيپ ۾ فوجي وردي پاتل فوجين هڪڙي عورت ۽ هڪڙي مرد کي آنڌو. ٻئي ڏسڻ ۾ جوان هئا. انهن کي آڻي روهڙي وٽ لاٿائون. انهن کي هٿن ۽ پيرن ۾ هٿ ڪڙيون ۽ پير ڪڙيون پيل ڪو نه هيون. پر رسن سان ٻڌل هئا. روهري کان ٿورو پرڀرو، ڪو ڪپڙو هويا ٽال پتري هئي، سا وڇائي ويئي. اُن تي ٻنهي کي گڏي بيهاريو ويو. هڪڙو هٿ عورت جو آزاد هو ۽ هڪڙو هٿ مرد جو آزاد هو. پوءِ سندن مُنهن تي ڪارا نقاب پاتا ويا. ايتري ۾ پنج ست فوجي، جن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ سندن چهرا ايترا ته ڀيانڪ هئا، جو سندن مُنهن ۾ نهارڻو ئي ڪو نه هو، سي آيا ۽ اچي روهڙي وٽ بيٺا. ڏسڻ وارن ماڻهن جي هجوم ۾ عورتون پڻ هيون. ٿي سگهي ٿو ته حاجياڻيون به هجن ته جوابدارن جون ڀينرون ۽ مائرون به هجن ۽ عزيزياڻيون به هجن، ته مخالف به هجن. ڪارروائيءَ کان اڳ ۾ ڇت جي ڪُنڊي ۾ رسو قابو ڪري ٻڌائون. جيڪي هٿ آزاد هئا، تن کي مٿي ڪرڻ جو حڪم ڏنائون. بغلن کان رسو سرڪرڻ وانگر ٻڌائون ته جيئن ماڻهو هيٺ ڪري نه پوي، پر اُڀو ئي بيٺو رهي. پوءِ جوابدارن کي حڪم مليو ته هڪڙو هٿ مٿي ڪري، ان جي شاهد آڱر مٿي ڪريو. انهن آڱريون مٿي ڪيون. ڪارن ڪپڙن پاتل فوجين ماڻهن کي چيو ته ”الله اڪبر، الله اڪبر“ چوندا وڃو ۽ پاڻ پٿر هڻڻ شروع ڪيائون. هڪڙو به پٿر نٿي گُٿو. هو الله اڪبر چوندا پٿر هڻندا رهيا. ايترو ته تيز وسڪارو ڪيائون جو جوابدارن جون دانهون به ٻڌڻ ۾ نٿي آيون. گهڻا ماڻهو ته توبه توبه ڪري ڀڄي ويا ۽ گهڻا رُنا پئي. گهڻن چيو ته صحيح انصاف ٿيو آهي. جڏهن جلادن سمجهيو ته جوابدار هاڻي مري چڪا آهن، تڏهن اُهي لاش ۽ رت لڳل پٿريون ۽ وڇايل ڪپڙو گاڏيءَ ۾ وجهي کڻي ويا. باقي بچيل روهڙي اتي ئي پيئي هئي، جيستائين اسين اتي هئاسين. اهڙو ٻيو ڪو واقعو اسان جي روبرو ڪو نه ٿيو. هن اکين ڏٺي واقعي ۾ حاجي صالح سوڍائي مون سين ڪٺي هو.
    مديني شريف ۾ ”جنت البقيه“ قبرستان يا ٻين زيارتن جي لاءِ اسين مسجد نبويءَ جي ’بابِ جبرئيل‘ وٽان ٻڍڙي ايوب انصاريءَ کي گهران اچي سڏ ڪندا هئاسين. هو اسان کي مختلف زيارتون ڪرائيندو هو ۽ واپسيءَ تي اسين کيس خرچي ڏيندا هئاسين. جبل احد جي ڀرسان حضور سائينصه جن جي چاچي امير حمزي جي قبر تي به وياسين. قبرستان کي ڪا به ديوار وعيره ڪا نه هئي. البت پاڻيءَ جو هڪ چشمو هو، جيڪو قبرستان جي وچ ۾ هو. هڪڙي وڏي چورس هودي ٺهيل هئي. جنهن ۾ ماڻهو وهنجي رهيا هئا. پر اسان ان ۾ ڪو نه وهنتاسون. اسان کي اُهو ئي ٻڍڙو ايوب انصاري قربن جي سڃاڻپ ۽ زيارت ڪرائيندو پئي هليو. جهڙوڪر اسان جو معلم اُهو هو. باقي سجده واري جبل ڏانهن اسان کي پوليس ڪو نه ڇڏيو. اسان جي زيارتن جو ٽائيم صبح کان وٺي اڳين نماز تائين هوندو هو. اڳين نماز اسين مسجد نبويءَ ۾ پڙهندا هئاسون.

    اسين حج پڙهڻ لاءِ 1956ع ۾ ويا هئاسين. ان وقت آئون عاقل ۽ بالغ ته هوس. پر منهنجو سمورو وقت يتيميءَ ۾ گذريو هو. مون کي نڪا ڄاڻ سياست جي باري ۾ هئي ۽ نه ئي ڪو ايترو شعور هو ته ڪو اڳتي هلي ليکڪ ٿيان. تنهنڪري تمام گهڻين ڳالهين، واقعن ۽ وارداتن جا تفصيل وسري ويا آهن. اُن وقت سعودي عرب جو باشاهه شاهه سعود بن عبدالعزيز هو. اتفاق سان سندس ڪار جي هيٺان اچي هڪڙو عرب ڇوڪرو چيڀاٽجي مري ويو هو. اهو فيصلو قاضي صاحب وٽ اچي پهتو. قاضي صاحب فتويٰ ڏيئي ڇڏي ته خون جو بدلو خون آهي. يا شاه سعود وڃي ڇوڪري جي ماءُ ۽ پيءُ کان خون بخش ڪرائي. پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته شاهه سعود پاڻ وڃي مائٽن کان ڇوڪر جو خون معاف ڪرايو. اُهو واقعو اسان جي حج پڙهڻ دوران ٿيو هو.
    يمن جي حدن ۾ حضرت اويس قرنيرضه جي زيارت لاءِ آيا هئاسون. نواب شاه، مصر جي واهي (کوه) جا مير بحر، اڳواڻ ۽ ٻيا به گهڻا حاجي موجود هئا. اندازاً سٺ ستر حاجي ٻارن ٻچن سان ترسيل هئا. ڪچهريءَ ۾ مون ويٺي کل ڀوڳ ۽ مذاق ٻڌايا. اتي نواب شاهه جي حاجين چيو ته اڄ تون اسان کي هاٿي ٿي ڏيکار. گهڻو زور حاجياڻين ڪيو ته آئون به انڪار ڪري ڪو نه سگهيس. اتي ٻي ته ڪا شيءِ ڪا نه هئي، باقي ٻاجهر جا ڪانا هئا. جنهن ڳوٺ جي ويجهو اسين ترسيل هئاسين، اتي ٻئي ڳوٺ جا رائفلن سان ٻه مهمان به آيل هئا، سي به موجود هئا. آئون هڪڙو ماڻهو پاڻ سان وٺي ٻاجهر جي ڪانن وٽ آيس. پوءِ جيئن آئون چوندو ويس، تيئن اهو ماڻهو مون کي ڪانا ٻڌندي ويو. اهڙي طريقي سان، جو هاٿي تيار ٿي قافلي وٽ پهچي ويو. هاٿيءَ کي ڏسي اتي سڀ ويٺل ماڻهو رڙيون ڪري ڀڄي ويا. ٻيا ته ٻيا، پر رائفلن واراٻڄڻا به بُنڊ ڀٽائي ڀڄي ويا. پوءِ ته هجن کلون! اسين جبلن، جهنگن ۽ برن جو ڏکيو پيادل سفر به اهڙين کِلِن ۽ ڀوڳن ڪندي طئي ڪندا هئاسين.
    يمن جي حڪومت ۾ ”حديده“ شهر کي باقي ٿورو پنڌ هو. سج لهڻ ۾ به باقي ٿوري دير هئي. تيستائين اوڀر طرف کان آسمان تي اوچتو ڪار ٿي ويئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي کنوڻين ۽ گوڙين سان زبردست وسڪارو شروع ٿي ويو. سڀ ڪو اڪيلو اڪيلو، ڪنهن ٿوهر جو پاسو ورتو ته ڪنهن کِپَ جو اجهو ورتو. اهڙي ته هوا لڳي جو رڳو سُوسٽ هجن. سردي اهڙي جو سيءَ کان ڪنهن جو وات ئي نه پيو کُلي جو کڻي ڪير ڪنهن کي سڏ ڪري ڪٺي ٿئي. سو جنهن کي جتي آيو، اتي ئي ويهي رهيو. رات پوڻ کانپوءِ مينهن جهليو. اُن جبل تي ڪنڊن جا ٻُوٽا ڪڻڪ جي سنگن وانگر اهڙا ته گهاٽا هئا جو ماڻهو هلي نه پيو سگهي. پر برسات جي ڪري اهڙا ته نرم ٿي ويا جو مون اُهي ٻوٽا هٿن سان پٽي، سمهڻ لاءِ زمين آجي ڪئي. نماز پڙهي، انهن آلن ڪپڙن سان ئي سمهي پياسين. رات جي گهُور اونڌاهيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ملي ڪو نه سگهياسين. جيڪو جتي هو، اتي ئي سمهي پيو. آئون به پنهنجاڪپڙا نپوڙي، وري پائي مٿان ڪمبل اوڍي سمهي پيس. ڪجهه دير بعد بدن جي گرمائش تي آلاڪپڙا به محسوس ڪو نه پئي ٿيا. آرام اچي ويو. صبح جو اٿي فجر جي نماز پڙهي، پوءِ وڃي هڪ ٻئي کي ڳولي لڌوسين ۽ وري سفر جي تياري ڪئي سين. شام جو حديده شهر ۾ پهتاسين. هتي هنداڻا آس پاس ۾ جام هئا.
    يمن جي طعز شهر کان اڳتي روانا ٿيا هئاسين. جبلن جي وچان هڪڙي نئي هئي ۽ ان ۾ پاڻي موجود هو. ٿورو ٿورو وهيو پئي. شايد ڪي چشما اُن واديءَ ۾ موجود هئا. اتي جي ماڻهن ٻنا هڻي، ٻاريون ٺاهي، پاڻيءَ جي روڪ ڪري ان ۾ سارين جي ٻيجاري جي وهير پئي ڪئي. پر تمام ٿلهي مَرانهن، سا به فوٽ فوٽ تي پري پري ٿي هنيائون. مون کانئن هڪ گُراڙو وٺي سنڌ واري سنهي ۽ گهاٽي وهير ڪري ڏيکاري. هڪڙي بُدوءَ عربيءَ ۾ ڪجهه چئي مون واري ڪيل وهير ڪڍي، وري سندن وهير ڪرڻ لڳو. سڄي سفر ۾ سارين جي پوک مون فقط اُتي ئي ڏٺي هئي.
    اسان جڏهن سفر تي هلندا هئاسين ته ڪٿي ڪٿي ڪو علائقو بنا جبل جي وارياسو ۽ سنئين زمين وارو هوندو هو، نه ته گهڻو ڪري جابلو علائقو هوندو هو. ڪٿي جبلن جي ڀرسان گرمي تمام گهڻي هوندي هئي. ڪٿي ترات جو اهڙو سيءُ پوندو هو جو ڏند پيا وڄندا هئا. جبل ڪٿي سرد ته ڪٿي گرم هوندا هئا. ڪٿي ته آسرا لئيءَ جا تمام ڊگها وڻ بيٺل هوندا هئا،پر شينهن جي ڊپ کان اوڏانهنڪير به ڪو نه ويندو هو. اسين ته اتان به نڪري ويندا هئاسين. ڇو تاتان پنڌ ويجهو هوندو هو. جيڪڏهن ڊپ ٿا ڪريون ته ڦيري ۾ چار ڏينهن وڌيڪ ٿا پنڌ ۾ لڳن. ائين به ڪو نه هو تڪو بدو اتان لنگهندا ئي ڪو نه هئا. اُهي بلڪل لنگهندا هئا، پر وٽن رائفلون هونديون هيون. وڻ کي اُنڪري ڪو نه وڍيندا هئا، جو ٺڪاءُ تي متان نه شينهن اچي نڪري. اسان سين ته رائفلون الله تعاليٰ جون هيون. باقي خالي هٿ ۽ بانٺا هئا ۽ الله تعاليٰ تي توڪل ۽ ڀروسو هوندو هو. بچائڻ وارو به اُهو ئي آهي.
    اسان کي سفر ۾ اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون حقيقتون سامهون آيون. پر گهڻيون وسري ويون آهن. بهرحال، ٿلهي ليکي منهنجي پيادل حج سفر جو گهڻو احوال مٿي اچي چڪو آهي. ڪيئن آهي؟ ڪهڙو آهي؟ بس اِهو ئي آهي. ان جي اهميت ڪهڙي ۽ ڪيتري آهي؟ اُها ڪٿ ڪرڻ پڙهندڙن جو ڪم آهي.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397319
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ