ڪتاب جو نالو: اسلامي روشن فڪري
مصنف: خليفو عبدالحڪيم / عبدالمؤمن ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 19 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 1292 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 343 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ اسلام جا بنيادي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسلام، دنيا جي وڏن مذهبن ۾ هڪ قديم ترين ۽ ساڳئي وقت اهڙو جديد ترين مذهب آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن منجهان وڏو حصو مڃي به ٿو ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان عمل پيرا به آهي.
ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • اسلام جو بنياد
  • ايمان ڇا آهي؟
  • نبي ڪريمﷺ جي تعليم جا بنيادي عناصر
  • انساني وحدت ۽ توحيد جو عقيدو
  • قرآن حڪيم ۾ حڪمت جو مفهوم
  • اسلام ۽ فڪر جي آزادي
  • اسلام ۾ مادي ترقيءَ جو مفهوم
  • اسلام جو سياسي ۽ معاشي تصور
  • اسلام ۽ جمهوريت
  • اسلامي تهذيب جو تصور
  • ڪامل ۽ مڪمل انسان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌيڪا اڪيڊمي سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي حوالي سان هڪ ڊگهي عرصي کان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي سنڌ سلامت ڪتاب گهر، جنهن ذريعي علم ۽ ادب جي ذخيري کي انٽرنيٽ تي سهيڙي عام ماڻهن جي آسان پهچ بنائڻ.
    ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ جا جنهن هي ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    پيش لفظ

    هن ڪتاب ۾ اسلام جا بنيادي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اسلام، دنيا جي وڏن مذهبن ۾ هڪ قديم ترين ۽ ساڳئي وقت اهڙو جديد ترين مذهب آهي جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن منجهان وڏو حصو مڃي به ٿو ۽ ان تي ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان عمل پيرا به آهي. اسلام اوترو ئي قديم آهي جيترو خالق ۽ ان جي مخلوق! انسان جو ڪائنات ۾ موجود ٿيڻ کان اڳ به اسلام ئي ڪائنات ۽ موجودات جو مذهب هو ۽ اڳتي هلي اهوئي سلسلو دينِ فطرت، جي نالي سان قائم رهندو آيو. قرآني ڄاڻ ۽ عقيدي جي مطابق سڀ کان پهريون انسان، جنهن کي علم عطا ڪيو ويو، ان کي ”مسلم“ سڏيو ويو. اهو انسان لامحدود صلاحيتن سان نوازي پيدا ڪيو ويو هو ته جيئن پنهنجو پاڻ ۾ الله جا اخلاق سموهي ۽ ڌرتيءَ تي الله جو خليفو سڏرائڻ جي قابل ٿي سگهي.
    اسلام اهڙو دين ناهي، جيڪو پاڻ سڳورنﷺ ايجاد ڪيو هجي. پاڻ سڳورن جو اهو ارشاد آهي ته: ”آدم کان وٺي هيستائين جيترا سچا مذهبي معلم خدا جي طرفان صداقت جي تبليغ ۽ تعليم لاءِ مقرر ڪيا ويا، اهي صرف هڪ ئي دين جا مڃيندڙ هيا، جنهن لاءِ عربيءَ ۾ لفظ: ”اسلام“ بيان ٿيل آهي. اسلام جي معنيٰ: ”امن ۽ پاڻ کي الله جي مشيت/مرضيءَ جي حوالي ڪري ڇڏڻ آهي.“
    اسلام کانسواءِ ٻيو ڪو به اهڙو مذهب ڪونهي جيڪو پنهنجي صفتي نالي سان موسوم هجي. عيسائيت، حضرت عيسيٰ عليه السلام سان منسوب ٿي. ٻڌمت، گوتم ٻڌ جو مذهب سڏجڻ لڳو ۽ زردشتيت، زردشت جو دين سڏجڻ لڳي. حضرت محمدﷺ، اها ڳالهه گوارا نه ڪئي ته جنهن دين جي پاڻ تبليغ فرمايائون، اهو دين سندن نانءُ مبارڪ سان مشهور ٿئي. پاڻ اهو فرمايائون ته ”هي نه صرف مهنجو دين آهي بلڪه اهوئي دين عيسيٰ، موسيٰ ۽ انهن سمورن نبين جو هيو جيڪي مختلف قومن ڏانهن موڪليا ويا.“
    ”ڪائي اهڙي قوم ناهي جنهن ڏانهن ڪو آگاهه ڪرڻ وارو نه موڪليو ويو هجي.“ (الفاطر: 24)
    اسلام اتحاد جو مذهب آهي ته ان وحدتِ اديان جو اصول پيش ڪيو. اسلام صرف انهن ئي مذهبن جي سچائي تسليم ڪري ٿو جيڪي توحيدي مذهب هيا. تنهن ڪري ان جي عقيدي ۾ وحدتِ اديان تحت اهي ئي مذهب اچي سگهن ٿا، جيڪي خدا جي وحدانيت جا قائل هيا. ٻيا سمورا دين وحشت ۽ جهالت جي يادگار آهن، جيڪي انسان کي ان جي درجي کان ڪيرائي حيوانيت جي سطح تي وٺي اچن ٿا. قرآن چوي ٿو ته:
    ”اهڙا ماڻهو جانورن مثل آهن، بلڪه جانورن کان به چٽ!“
    (الاعراف: 179)
    جنهن مفهوم ۾، قرآن اهو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، ان روءِ سان اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي. جتي به ڪو سچو دين هوندو اتي نجات جي اجاره داري نه هوندي. قرآن چوي ٿو:
    ”نه ڪي ابراهيم يهودي هيو، نه ڪي عيسيٰ نصارو هيو“.
    (آل عمران: 67)
    انهن جو مذهب اهوئي ابدي ۽ ازلي اسلام هو، يعني اهو مذهب، جنهن ۾ خدا ۽ انسان جي مشيت هڪ ٿي پوندي آهي ته جيئن اها ڪامل هم آهنگي پيدا ٿي پوي جيڪا نه صرف انسانيت بلڪه مڙني مخلوقات لاءِ هڪ مثالي محرڪ ۽ منزلِ مقصود آهي.
    ”يهودي چون ٿا عيسائين جو ڪوئي مذهب ڪونهي. عيسائي چون ٿا يهودين جو ڪوئي مذهب ڪونهي. ٻئي پنهنجين ٽولين لاءِ نجات جي اجاره داريءَ جا دعويدار آهن.“ (البقره: 112)
    قرآن، سچائي ۽ نجات جي اجاره داريءَ جي سمورن تصورن کي کلي طور تي رد ڪري ٿو. نجات ۽ سلامتي هتي ۽ زندگيءَ کان پوءِ واري جهان ۾ صرف ان لاءِ آهي جيڪو پاڻ کي خلقڻهار جي قانونن ۽ مشيت سپرد ڪري ۽ باڪردار هجي. يعني خدا پرستي ۽ انسان دوستي ان جو وطيرو هجي. قرآن جي مطابق مذهب جا اهي ئي لوازمات آهن. خدا جي ذات تي ايمان: جيڪو سموري اخلاق ۽ فطري نظام جو سرچشمو آهي. ضابطئه اخلاق يا مڪافات عمل تي عقيدي جي ڪري انسان ايمان جي تڪميل ڪري ٿو، بشرطيڪه اهو باڪردار هجي. ان کانپوءِ اسلام جون سموريون شيون ضمني نتيجا آهن جيڪ ان بنيادي نظريي مان منطقي طور تي پيدا ٿيندا آهن. جنهن شخص ۾ دين بابت اهڙو نقطئه نگاهه آهي، تنهن سچائي ۽ صداقت ماڻي. قرآن حڪيم هڪ کان وڌيڪ جاين تي مختلف طريقن سان اهڙي صورتحال تي زور ڏئي ٿو:
    ”جن ماڻهن (پيغمبر اسلام تي) ايمان آندو آهي، اهي هجن، يا اهي ماڻهو هجن جيڪي يهودي سڏائين ٿا يا عيسائي يا صابي هجن. (ڪير به هجن ۽ ڪهڙي به ٽولي سان تعلق رکندا هجن، پر خدا جي نجات جو قانون اهو آهي ته) جنهن به الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ ان چڱا ڪم به ڪيا ته اهو پنهنجي ايمان ۽ عمل جو اجر، پالڻهار وٽ ضرور لهڻندو، ان لاءِ نه ڪي ڪنهن قسم جو ڪو غم آهي نه ڪي کٽڪو!“ (البقره: 63)
    هر عقيدي ۽ ضابطي وانگر اسلام جا به پنهنجا شعائر ۽ رسمون آهن، پر اسلام انهن کي نيڪيءَ جو بنياد نٿو بڻائي ۽ انهن کي رسوم جي حيثيت ڏئي ٿو. مثال طور اسلام، هر مسلمان کي اهو حڪم ٿو ڏئي ته هو نماز ادا ڪرڻ وقت پنهنجو رخ قبلي ڏانهن رکي پر ان انديشي کان ته ڪٿي ان کي بنياد نه قرار ڏنو وڃي، قرآن واضح طور چوي ٿو ته:
    ”اها اصل نيڪي ناهي ته پنهنجو رُخ اوڀر يا اولهه ڏانهن ڦيريندا ڪريو، الله لاءِ ئي مشرق ۽ مغرب آهن، توهين جيڏانهن به رخ ڪندؤ، کيس پنهنجي سامهون پسندؤ.“ (البقره: 177 ۽ 112)
    اسلام، عام اصول بيان ڪري مطمئن ٿي ويهي نه رهيو، بلڪه اهو ضروري سمجهيو ويو ته هڪ اهڙو عملي طريقو ۽ ضابطئه حيات مهيا ڪيو وڃي جيڪو پنهنجي اندر انفرادي ۽ اجتماعي فلاح رکندڙ هجي. اسلام هڪ مڪمل ضابطئه حيات آهي جيڪو هڪ طئه ٿيل نظرئيه زندگيءَ جو علمبردار آهي. ڪنهن به وڏي مذهب جو باني اهڙو ناهي جنهن کي تاريخ، معاشي، معاشرتي ۽ سياسي زندگيءَ جهڙي زندگيءَ جي اهم شعبن جي مڙني پاسن کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ جا موقعا نه ڏنا ويا هجن. پاڻ سڳورن، هڪ غريب ڌنار ۽ پورهيت وانگر زندگيءَ جي شروعات فرمائي ۽ اڳتي هلي هڪ ڪامياب واپاريءَ وانگر ڪم سرانجام ڏنائون. ان کانپوءِ هڪ مڙس ۽ هڪ پيءُ جي حيثيت سان هڪ مثالي ۽ خوشگوار زندگي گذاريائون. هڪ خبردار ڪندڙ وانگر انساني ظلم ۽ ناانصافيءَ جي خلاف آواز اٿاريائون. پهريان، محبت ذريعي پنهنجي دشمنن جون دليون موهيائون ۽ جڏهن حالات مجبور ڪري وڌن ته، گهٽ ۾ گهٽ طاقت استعمال ڪري انسانيت لاءِ امن، سلامتي ۽ فلاحي معاشري جي رڪاوٽ وجهندڙن کي فتح ڪيائون ۽ جڏهن انهن سرڪشن جي مٿان سوڀارا ٿيا ته فراخدلي ۽ فياضيءَ سان کين عام معافي ڏئي ڇڏيائون. معافي ۽ مهربانيءَ جو اهڙو مثال پيش ڪرڻ کان تاريخ قاصر آهي. پاڻ سڳورن هڪ اهڙي هنڌ ۽ اهڙن ماڻهن ۾ مملڪت جو بڻ بنياد وڌو، جتي پهريان دنيا جو مڃيل تمدن نه هيو ۽ جتان جي رهواسين جو سياسي شعور، قبائلي تنظيمن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه هيو. پر پاڻ اهڙن قانونن جو نفاذ فرمايائون جيڪي پنهنجي زماني کان گهڻو اڳتي ۽ نهايت مهذب هيا، جن جو ان زماني ۾ تصور به نه پيو ڪري سگهجي. پاڻ، جنگ ۽ امن جي زماني ۾ بين الاقوامي تعلقات ڏانهن ڌيان ڏنائون ۽ آخر ۾ پاڻ حق ۽ انصاف جو هڪ اهڙو نظام مرتب فرمايائون جيڪو آزادي، ڀائيچاري ۽ مساوات تي مبني هيو ۽ جنهن جي نوعيت ڇڙو اخلاقي ضابطي جي ئي نه هئي، بلڪه اهو اقتصادي مساوات جو هڪ واضح خاڪو پڻ هيو. پاڻ سڳورن جي جامع الصفات زندگيءَ جي رنگ برنگي نموني ۾ جيڪو سونهري تندن سان اڻيل رستو نظر اچي ٿو، اُهو انسانيت ۽ سادگيءَ جو ئي سهڻو رشتو آهي. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود پاڻ سڳورا فاتح ٿيڻ کانپوءِ به پهرين وانگر ئي سادا ۽ نوڙت پسند انسان هيا. ڇا تاريخ، زندگيءَ جو ڪو اهڙو ”اسوهء حيات“ پيش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ هڪ فرد جي هستي، سموري انسانيت جي زندگي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندي هجي؟
    اسلام، نظامِ زندگيءَ جو هڪ آئينو ۽ نظارو آهي. رسولِ اڪرمﷺ جي پاڪيزه ان جو هڪ بهتر نمونو آهي، انڪري مسلمانن کي ان اسوه حسنه کي معيار بنائڻ جو چيو ويو آهي. هڪ شخص، سانئڻ امڙ عائشه صديقه ؒ کي عرض ڪيو ته: پاڻ سڳورن جو اخلاق ۽ ڪردار بيان ڪريو! سانئڻ امڙ عائشه ؒ فرمايو ته:
    ”ڇا تون قرآن نه پڙهيو آهي؟ قرآن ئي ته محمدﷺ جي اخلاق ۽ ڪردار جو عڪس ۽ آئينو آهي!“ (مسلم-ابو داؤد-نسائي)
    اسلام جي تيز ترين ۽ گهڻ پاسائين ترقي، اشاعت، تهذيب ۽ تمدني ڌارائن ۾ سڄي دنيا جي قومن اڳواڻي ڪرڻ اسلام جي صحت بخش نظريي ۽ ترقي پذير نظام جي ڪري ممڪن بڻي هئي. اسلام جي تڪڙي ڦهلاءَ جو سبب اهو هو ته هو انهن سمورين انساني جماعتن جي منصفاڻي قانون ۽ معاشرتي مساوات جي تعليم ڏيندو آيو جيڪي هر لحاظ کان ظلم ۽ زيادتيءَ جو شڪار ٿي رهيون هيون. ڳچ صدين گذرڻ کانپوءِ توڙي جو ان جي ڦهلاءَ جي رفتار ڍري ٿي وئي ۽ اسلام جي آزاد ۽ ترقي پذير نظامِ رسمي ۽ تقليدي خيالن جي ڪري جمود پيدا ٿي پيو، تڏهن به بدلجندڙ حالتن سان گڏ اسلام جو فقهي نظام به ترقي ڪندو رهيو ۽ وڏا وڏا فقيهه، قانون ۽ رواج جي اهڙن طريقن جي اشاعت ڪندا رهيا جيڪي نين حالتن سان مطابقت پيدا ڪري سگهن پر فقيهن جي اها ڪوشش رهي ته اسلام جي روح ۾ جيڪو معاشرتي عدل جي روح جي برابر آهي، وار جيتري به وٿي نه پوي. اسلامي زندگيءَ جي واڌ ويجهه هڪ نظام جي صورت ۾ ٿي ۽ اهو آزاد نظام ان وقت تائين قائم رهيو جيستائين زندگيءَ جي آس، مسلمانن ۾ تخليقي ۽ ترقيءَ واري انداز ۾ رهي.
    مسلمانن جو اهو عقيدو آهي ته: ”اسلام جا اصول ابدي حيثيت رکن ٿا ۽ ساڳيءَ ريت عمل جا اهي طريقا به، جنهن کي شريعت چئجي ٿو. ”شريعت جو بڻ بنياد به، جنهن جو علم قرآن جي تعليمات ۽ متسند حديثن ۽ سنت جي مطالعي مان حاصل ٿئي ٿو، ابدي حقيقتن تي قائم آهي.“ اهو اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو ڪڏهن به فرسوده ۽ ماضيءَ جا قصا ڪهاڻيون ٿي نه ٿو سگهي. اسلام انهن مذهبن وانگر ناهي، جيڪي پنهنجا ڏينهن پورا ڪري ختم ٿي ويا. انسان جي تاريخ، فرسوده عقيدن ۽ ڪمزور خيالن جو قيد خانو آهي، پر اسلام، ڪنهن به اهڙي خيال تي ايمان آڻڻ لاءِ اصرار نه ٿو ڪري جيڪو بنا ڪنهن ثبوت جي مڃيو وڃي يا جيڪو عقل، مشاهدي ۽ تجربي جي خلاف هجي. چيو وڃي ٿو ته: ”سائنس مڙني مذهبي خيالن کي پورو ڪري ڇڏيو“، پر خود سندس بنياد موجودات جي وحدت ۽ فڪري يڪرنگيءَ تي قائم آهي جيڪو دراصل اسلامي روءِ کان نتيجو آهي خدا جي وحدت ۽ هيڪڙائيءَ جو! اسلام جو خدا هڪ عقلي خدا آهي جيڪو موجودات کي هڪ اندازي ۽ ناقابل تغير قانونن جي مطابق ظاهر ڪندو رهندو آهي. ڇا اهو عقيدو، ڪو عقلمند ماده پرست ماڻهو رد ڪري سگهي ٿو؟ اسلام جو چوڻ آهي ته: ”مادو، وجود جو صرف هڪڙو رخ آهي جيڪو هڪ لحاظ کان انساني روح سان ٺهڪندڙ شيءِ جي ظاهري صورت آهي. ڇا مادي فطرت پرستي پنهنجي موت پاڻ مري ناهي چڪي؟ ڇا ماده پرست جو مادو به جيڪو گهٽجي گهٽجي مجرد توانائي ۽ مجرد رياضياتي مسئلو بڻجي چڪو هيو، ڇڙو هڪ ذهني رمز ۽ خيال بڻجي نه رهجي ويو آ؟ ڇا، دل جي گهراين ۾ لهي ڪري ۽ ان جي ناقابلِ تصور صلاحيتن جو اندازو ڪري، انسان روحانيت ڏانهن مائل ٿي ۽ مادي جي انڌي ميڪانيت کان خفا ناهي ٿي چڪو؟ ڇا، ارتقاء جو نظريو پنهنجين گونان گون وضاحتن جي ذريعي انسان کي ڪائنات جي تخليقي ۽ اصلاح پذير رجحانن ڏانهن ناهي وٺي آيو؟ ڇا اخلاقي لوازمات کي ڪاميابيءَ سان رد ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا انسانيت جي وحدت جو اصول، فردن ۽ جماعت جي گڏجي وڃڻ جي باوجود هڪ ثابت ٿيل حقيقت جو درجو ماڻي نه چڪو آهي؟ ڇا اهو عقيدو ڪڏهن به غير معقول ٿي سگهي ٿو ته مرتبا ۽ وجود جا درجا، مادي، روحاني ۽ ذهني سطح کان بالاتر آهن؟ ڇا اهو ڪڏهن ثابت ڪري سگهجي ٿو ته روح جسم جي پيداوار آهي ۽ ان جي هڪ خاص صفت آهي جيڪو جسم سان گڏ فنا ٿيو وڃي؟ ڇا ڪڏهن اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو زماني ۽ مڪاني وجود سمورين موجودات سان گڏ هم زمان ۽ هم مڪان آهي؟ ڇا اهو خيال ڪڏهن رد ٿي سگهي ٿو ته زندگيءَ کي وڌ کان وڌ همه گير امتزاج ۽ يڪرنگيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، يا اهو ته جزئيات جيئندا، حرڪت ڪندا ۽ پنهنجو وجود، ڪليات ۾ رکندا آهن ۽ ڪليات آخرڪار هڪ عظيم غير محدود ڪل ۾ ملي ويندا آهن؟
    اسلام جو مستقبل اهوئي آهي جيڪو خود مذهب جو مستقبل آهي. جيڪڏهن مذهب ۾ باقي رهڻ جي خاصيت آهي ته اسلام يقيناً زندهه رهندو. وقتي طور هي ضرور آهي ته مسلمان قومون جتي ڪٿي ان مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن ۾ تقليد پسند قومون مبتلا رهنديون آهن. اسلام جا عالمگير عناصر، زماني جي ڦير گهير سان ايترو ته رلي ملي ويا آهن جو انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪو مذهب، ڪامل يقين کان خالي نه هيو، ان ۾ هر قسم جا وهم ٽنبجي چڪا آهن. هينئر روايتن جي بنياد تي مسلمان نجات جا ٺيڪيدار بڻيا ويٺا آهن. مسلمانن جو موجوده فقهي نظام به فرسوده بڻجي ردي ٿي چڪو آهي ۽ فقيهن جي فتوائن جي انڌي تقليد، ايمان جو حصو سمجهي وڃي ٿي. مسلمانن جو حال اهوئي ٿي رهيو آهي جيڪو کانئن اڳ تباهه ٿي ويل قومن جو هيو. مسلمان، ابدي قانون ۽ تغير پذير ضابطن جو فرق وساري ويٺا آهن. زندگيءَ جي معنيٰ ئي آهي: تبديلي! جيستائين هڪ جسم زندهه رهندو آهي، ان ۾ داخلي تبديلين سان گڏ خارجي تبديليون به حالات جي لحاظ کان ٿينديون رهنديون. زندگي، پاڻ کي سنواريندڙ هڪ تخليقي رنگ آهي. اسلام، بنيادي خوبين ۽ خدا جي وحدانيت جو هڪ سادو عقيدو آهي. ان جي شروعاتي دور ۾ جيڪي جنگيون وڙهيون ويون سي سڀ دفاعي هيون ۽ اهي دراصل مذهبي تعصب ۽ تشدد کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهيون ويون هيون. اسلام، ضمير جي آزادي ۽ ٻين مذهبن جي احترام جي تعليم ڏني. ان غيرن جي حفاظت ڪئي ۽ انهن ماڻهن کي به برابريءَ جا حق عطا ڪيا جن جا عقيدا الڳ هيا. ان ٻين مذهبن جي سچار اڳواڻن جي بي انتها واکاڻ ڪئي. اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جيڪو زندگيءَ جو قدر ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته نيڪي، عقل ۽ جدوجهد جي ذريعي منجهائنس ڀرپور فائدو ماڻجي.
    ”نٽشي“ مذهبن جي تقسيم هن ريت ڪئي آهي ته: هڪڙا مذهب اهي آهن جيڪي دنياوي زندگيءَ جا خواهشمند آهن، ۽ ٻيا اهي مذهب آهن جيڪي ان کان ٽهندڙ آهن. اسلام، دنياوي زندگيءَ جو خواهشمند آهي پر زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ڪجهه فطري ۽ عقلي پابنديون ڏسي ٿو، جن کي قرآن، ”حدود الله“ چوي ٿو. هڪ اهڙو مذهب- جيڪو انساني زندگيءَ کي مڪمل طور تي آغوش ۾ آڻي ٿو ۽ انسان جي آڏو اڻ ڏٺل راهون کولي ٿو، ڇا ڪڏهن به فرسوده ٿي سگهي ٿو؟...
    دنيا ۾ ڪا به تحريڪ، کنوڻ وانگر آسمان مان ناهي ڪرندي، تنهن ڪري هڪ انقلابي تحريڪ به قريب يا بعيد ماضيءَ سان ڪجهه ضرور جڙيل هوندي آهي. اصلاحي تحريڪون به پنهنجو گهڻو تڻو سرمايو قوم جي تهذيبي ورثي مان حاصل ڪنديون آهن. ڪنهن ملت يا قوم جي اندر هڪ نئين نظام جي تلقين ڪئي ويندي آهي. معاشي، معاشرتي ۽ تاريخي پسمنظر ۽ نئين تحريڪ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿيندا آهن ۽ قومن ۾ نفسياتي اختلاف به پيدا ٿيندا آهن. مختلف قومون زندگيءَ جي هڪ ئي فلسفي کان مختلف طريقن سان متاثر ٿينديون آهن. جڏهن ڪا تحريڪ مختلف حالتون رکندڙ قومن ۾ ڦهلبي آهي ته ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته اها پاڻ به ايئن بدلجيو وڃي جهڙوڪر، اها قومن کي بدلايو ڇڏي. ڇو جو سمورا معاشرتي، تاريخي ۽ نفسياتي عوامل، زندگيءَ جي نظام تي اثرانداز ٿيندا رهندا آهن. اسلام جو آغاز ۽ ان جو ابتدائي ماحول به ان کان ٻاهر ڪونهي. شروعاتي ماحول ۾ اسلام گهڻو تڻو ماضيءَ جو ورثو آهي، جيڪو نه رڳو عربن سان بلڪه اسرائيلي ۽ سامي قومن سان به تعلق رکي ٿو. اسلام جي مذهبي نقطئه نگاهه جو پسمنظر اسرائيلي آهي جيڪو پوري قرآن مان ظاهر آهي. اسلام، پاڻ کي ابراهيم ۽ ٻين اسرائيلي پيغمبرن جي مذهب جو تسلسل چوي ٿو. جيستائين مذهب جي بنيادي اصولن جو تعلق آهي ته اسلام، ڪنهن جدت جي دعويٰ نه ٿو ڪري. پنهنجون کوڙ رسمون ۽ مذهبي معمولات، پڻ قانون ۽ احڪامات جي جيڪا عمارت ان کڙي ڪئي آهي اها انسانن جي هزارين سالن جي سفر ۾ ميچوئر ٿيل قديم روايتن تي بيٺل آهي. مسلمانن کي اهو چيو ويو آهي ته اهي نه صرف انهن شين تي ايمان آڻين جيڪي حضرت محمد ﷺ جي ذريعي لاٿيون ويون آهن، بلڪه انهن سمورن پيغمبرن تي به ايمان آڻين جيڪي مختلف قومن ۾ پاڻ سڳورن کان اڳ موڪليا ويا هيا. اسلام، انسان جي ثقافتي تسلسل ۽ ان جي بنيادي اصول جي حقيقي وحدت جو زبردست قائل آهي.
    ڪنهن قوم ۾ نئين دين جي تبليغ ڪرڻ لاءِ لازم آهي ته اهو دين ان قوم لاءِ فهم جوڳو بڻائجي. سچائيءَ کي سمجهڻ لاءِ خود سچائيءَ جو ادراڪ هئڻ گهرجي، يعني ان جو تعلق سمجهڻ واري جي اڳوڻي علم ۽ تجربي سان ڳنڍيل هجي. تبليغ جو ذريعو اها ٻولي هجي جيڪا ان قوم ۾ رائج هجي. اهڙيون ساديون حقيقتون خود قرآن بيان ڪيون آهن:
    ”اسين اهڙو ڪوئي پيغمبر نه موڪليو آهي جيڪو پنهنجي قوم کي قومي ٻوليءَ ۾ مخاطب نه ٿيو هجي. اسين قرآن کي نج عربي ٻوليءَ ۾ نازل ڪيو ته جيئن ماڻهو ان کي سمجهي سگهن.“
    (يوسف: 2)
    ٻولي، ڪنهن قوم جي نفسيات ۽ ان جي زندگيءَ جي آئينيدار ٿيندي آهي. ٻولي پنهنجن لفظن ۽ ادائيگيءَ جي طرز ۾ زندگيءَ بابت قوم جي خيال جو نقطو پيش ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي جو اسين قرآن ۾ ڪيتريون اهڙيون شيون ڏسئون ٿا جيڪي قوم جي نفسيات ۾ رچي چڪيون هيون. ڪو به اصلاح اهڙو انتهاپسندانه ناهي هوندو، جيڪو قوم کي نئين سري سان نظامِ زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ تي مجبور ڪري. هر اصلاح دراصل موجوده حالتن جي خلاف بغاوت ۽ دور جي تصورن ۽ رواجن کان منهن مٽڻ جي ڪوشش برابر هوندو آهي. مشهور جرمن فيلسوف: ”هيگل“ جي لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته: اُهو، دعويٰ جو هڪ جواب (Antithesis) آهي، جيڪو ڪنهن دعويٰ جي اندروني ڀڃ ڊاهه سان ظاهر ٿيندو آهي.“ پر اها دعويٰ ۽ ڪنهن جي اڳوڻي حالت ڪلي طور تي ختم ناهي ٿي ويندي، بلڪه اها اصلاح دراصل پنهنجي دعويٰ جي جواب سان گڏ عمل ڪندو رهندو آهي ته جيئن هڪ نئون امتزاج (Synthesis) پيدا ڪري. اهو زندگيءَ جو عام اصول ۽ ان جي ترقي پذير اقدار جي حصول جو طريقو آهي. اهڙو قانون، قرآن به تسليم ڪيو آهي. قرآن چوي ٿو ته:
    ”ڪا به آيت منسوخ ناهي ٿيندي جيستائين ان جهڙي، يا ڪا ان کان بهتر ڪا ٻي آيت ان جي جاءِ نه ڀري وٺي.“ (البقره: 106)
    خوبي ۽ خرابي مطلق آهن، پر انهن جون تاريخي پڌرايون تغير پذير ۽ اضافي آهن. قرآن جي روءِ سان خدا ۽ قانون اخلاقِ مطلق آهن ۽ انهن تي ايمان رکڻ سموري صداقت ۽ مذهب جو لُب لباب آهي ۽ باقي سڀ شيون اضافي آهن. اهي مذهب، جيڪي مطلق ۽ اضافيءَ ۾ فرق نه ٿا ڪن، جڏهن پنهنجي اضافي حيثيت کان گذري ويندا آهن ته اهي فرسوده ٿي ويندا آهن. قرآن ان جو قائل آهي ته ڪنهن قوم جا قانون ۽ رواج، طريقا ۽ رسمون تغير پذير ۽ اضافي هوندا آهن. قرآن چوي ٿو ته:
    ”ذاتِ حق کانسواءِ هر شيءِ فنا پذير آهي.“ (القصص: 88)
    روحاني حيثيت سان زندهه رهڻ لاءِ انسان کي گهرجي ته هو پنهنجو رشتو غيرتغير پذير ذاتِ مطلق سان جوڙي ڇڏي ته جيئن هو خود، مڙني تبديلين جو هڪ قانون بڻجي وڃي. ابدي اسلام- جنهن جا بنيادي اصول، حضرت آدم کان حضرت محمد تائين ساڳيا ئي رهيا آهن، اهو رڳو چند قانونن ۽ معمولات يا عبادت جي طريقي جو ڪو نظام ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو اهي شيون هر زماني ۾ بدلبيون رهنديون آهن. جيڪڏهن اضافي ۽ مطلق کي ناقابل تسليم، ڪل جي حيثيت سان اپنايو وڃي ته ان کي مذهب جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. پر اهڙو مذهب هميشه لاءِ قائم رهي نه ٿو سگهي. اسلام جي عظمت اها آهي ته هو ابديت کي تبديل ٿيندڙ جزن کان الڳ ڪندڙ آهي. مذهب جي وحدت ۽ ڪليت جيڪا اسلام جي بنيادي تصورن منجهان هڪ آهي، ان جي ابدي زندگيءَ جي ضامن آهي. اسلام جي اهائي خاصيت آهي، جنهن جديد دور جي عارف: ”برناڊشا“ کي ان فيصلي جي اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته: ”اوريجنل اسلام ئي ايندڙ زماني جو مذهب هوندو.“ برناڊشا، تقليد پرستين ۽ مفادپرست نظامن جو سخت دشمن هيو. هڪ تخليقي ارتقا پسند جي حيثيت سان هو، زندگيءَ جو قائل آهي جيڪا هميشه نوان روپ بدلائيندي رهندي آهي. پر ساڳئي وقت هو، اسلام جي دائمي قدر و قيمت ۽ ان جي مستقبل جو به قائل آهي. هن جي سامهون، مسلمانن جي اها تقليد پرستي ناهي جيڪا مسلمانن اڳتي هلي اپنائي ڇڏي ۽ جنهن جي بنياد تي اسلام کان اڳ جي رسم پرست ۽ تقليدي مذهبن وانگر وڃي ڪجهه مسخ ٿيل عقيدا ۽ رسمون باقي رهيا ۽ مسلمان دائمي ۽ تغير پذير پاسن ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم رهجي ويا. هميشه قائم رهڻ جي واسطي اسلامي زندگيءَ بابت اهڙو ٺوس طريقو هئڻ گهرجي جيڪو مڙني زمانن ۾ جاري رهي سگهي يا ٻين لفظن ۾ زماني جي سمورن تغيرن کان بلند ۽ بالاتر هجي. نظامِ زندگيءَ جو خاڪو ليڪڻ وقت به هو، ڪو بند يا ڪا اهڙي اهڙي رڪاوٽ نه بيهاري جنهن ۾ ترقيءَ سان ٺهڪڻ جي صلاحيت نه هجي. هو زندگيءَ کي هر حوالي سان وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي آزادي ڏي. غير محدود علم جو رستو کليل رهي. ادراڪ ۽ فهم جي ذريعي فطرت کي تسخير ڪرڻ جون راهون کليل رهن ۽ وحدتِ عالم ۽ وحدتِ انسانيت جا دڳ روشن رهن. سمورا ڪوڙا خدا، تخت تان لاٿا وڃن ۽ هڪ اڻ ڏٺل قادرِ مطلق، خالق ۽ رب جي بندگيءَ لاءِ راهه هموار ٿي پوي. خدا ۽ انسان جي وچ ۾ آيل سمورا واسطا ۽ وسيلا هٽايا وڃن ته جيئن انسان، ان حي و قيوم جي حضور ۾ براهِ راست اچي سگهي. ڪا فوق العقل وحي ۽ وجدان به جيڪو ڪجهه ثابت ڪري اهو عقل ۽ فطرت جي خلاف نه هجي. ڪو به انسان ڪنهن ٻئي انسان کي نه پوڄي ۽ ڌنڌوڙي ملائيت کي هڪ ئي ٺوڪر سان ٿڏي ڇڏي. انسان جو عالمگير ڀائيچارو، جيڪو ذات پات، رنگ ۽ خون جي فرق کان ماورا آهي، ان جي حاصلات جي ڪوشش ڪجي. انسان، زندگيءَ جي تقاضائن تي لبيڪ چوي ۽ ان سان گڏ زندگي بخش هم آهنگي اختيار ڪري. مڙني اقتصادي ناانصافين جي رستا روڪ ڪئي وڃي ۽ معاشرتي عدل ۽ انصاف قائم ڪيو وڃي. جيڪي شخص دنياوي خوشحاليءَ سان ڀرپور آهن، اهي ضرورت کان واڌاري، پنهنجي سموري دولت تان انهن جي حق ۾ هٿ کڻي وڃن جيڪي هٿين خالي آهن. مڙني اختلافن کي دور ڪري انسانيت کي اهڙيءَ ريت جوڙيو وڃي ته جيئن اها اتحاد جو هڪ مثال بڻجي وڃي. آقا ۽ خادم ، آفيسر ۽ اسسٽنٽ سيٺ ۽ مزدور، زميندار ۽ ڪُڙمي مرد ۽ عورت جي درميان انصاف قائم ڪيو وڃي. طاقتور جي ظلم ۽ زيادتين کان ڪمزور جي حفاظت ڪئي وڃي. ضمير ۽ عبادت جي اهڙي آزاديءَ جو تحفظ ڪيو وڃي جنهن فرقه پرستيءَ جي صورت اختيار نه ڪئي هجي. آدم جي زوال تي زور ڏيڻ جي بجاءِ آدم جي عروج جي عقيدي کي هڪ زنده ايمان جو لازمي جز بڻايو وڃي. قرآن ۾ مثالي انسان ان شخص کي سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي آڏو، فطرت جون سڀ ڏسڻ ۾ ايندڙ ۽ نه ڏسڻ ۾ ايندڙ قوتون، يعني: ملائڪ به سربسجود ٿيا، ڇو جو علم ۾ برتريءَ جي ڪري انسان کي زمين تي خدا جو خليفو بڻايو ويو. قرآن چوي ٿو:
    ”جيڪي ڪجهه آسمان ۽ زمين ۾ آهي اهو سڀ انسان جي وس ۾ ڏنو ويو آهي. بشرطيڪه انسان پنهنجي حقيقت سان وفاداري ڪري ۽ پنهنجي ارادي کي ڪل جي مرضيءَ جي موافق ڪري ڇڏي.“ (الجاثيه: 13)
    اسلام جي معنيٰ: ”امن ۽ خوشحاليءَ جي تسخير ۽ تسليم و رضا جي ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي، اها سپردگي، ڪنهن فطري طاقت ۽ دنيوي قوت جي آڏو جهڪڻ جو نالو نه آهي. قرآن جي مطابق ان جي بنيادي حقيقت الوهيت جي علمبردار آهي، ڇو جو خلقڻهار، ان جي خاڪي بدن ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو آهي. هن جي فطرت پنهنجي خلقڻهار سان هڪ واعدو آهي ۽ ان الستي واعدي جي تڪميل ابدي زندگي آهي.“
    انسان، مقصد جو متلاشي ساهدار آهي. جڏهن هو غلط مقصد پنهنجي آڏو رکندو آهي ته زندگيءَ ۾ خساري جو شڪار ٿي ناڪام رهجي ويندو آهي. اسلام، انسان جي آڏو هڪ اهڙو نصب العين رکي ڇڏيو آهي، جتي ان جي رسائيءَ جو سلسلو هميشه جاري رهندو آهي. خدا، زندگيءَ جو مقصد به آهي ۽ زندگيءَ جو سرچشمو به! ۽ خدا نالو آهي: ازلي علم ۽ ابدي سونهن ۽ سٺائيءَ جو! علم ۽ عشق انتهائي وکون آهن جن جي ذريعي، اسلام انهن قدرن کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، جيڪي هڪ ٻئي سان ملي ڪري پاڪيزه زندگي تشڪيل ڏين ٿا. خدا زندگي آهي ۽ زندگيءَ جي حقيقت هر مرتبي کان زندهه تر ۽ برتر زندگيءَ جي علمبردار آهي. علم نور وانگر آهي. خدا بابت قرآن چوي ٿو:
    ”الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي.“ (النور: 35)
    اهوئي نور، انسان ۾ عقل جو جوهر بڻجي ظاهر ٿيو ۽ جنهن شخص کي ڏاهپ عطا ٿي، تنهن کي خير ڪثير جو گنج ملي ويو. الله جو عشق جيڪو سموري زندگيءَ جي تخليق ۽ حفاظت ڪري ٿو سمورن بنيادي علمن جو سرچشمو ٿيو پوي ۽ اهڙيءَ ريت، علم ۽ عشق توڙي جو تصوراتي طور تي الڳ هجن ٿا پر انهن جو بڻ بنياد ساڳيو ئي آهي. قرآن چوي ٿو:
    ”بي شڪ! انسان خساري ۾ آهي، سواءِ انهن شخص جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون.“ (العصر: 3-2)
    ان راهه کانسواءِ هر ڪاميابي دوکو آهي جيڪا انسان کي حقيقي خساري ۽ ناڪاميءَ ڏانهن ڌوڪيندي وڃي ٿي.
    اسلام جو آغاز هڪ مذهب جي حيثيت سان ٿيو. ان هڪ مملڪت ٺاهي ۽ آخرڪار هڪ تهذيب بڻجي ويو. مذهب، خدا پرستي ۽ نيڪ زندگيءَ جو مجموعو هيو ۽ مملڪت ان زندگيءَ جي حفاظت جو ذريعو هئي. اسلام، تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان اهڙيون کوڙ شيون پاڻ ۾ سمايون جن کي انسانن هزارين سالن ۾ وجود بخشيو ۽ اهڙيون شيون رد ڪري ڇڏيائين جيڪي ان جي تخيّلي خاڪن سان ٺهڪندڙ نه هيون. جڏهن اسلام جي شروعاتي تصورن جي رفتار ماٺي ٿيندي وئي ته کوڙ غيراسلامي تصورن ۽ رسمن، مسلمانن ۾ اثر پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اسلام جي سادي ۽ جمهوري اشتراڪيت کي ملوڪيت ۽ جاگيرداراڻين مملڪتن سخت ڌچڪا ڏنا ۽ اسلام جي بنيادي انقلابي تحريڪ رڳو جوابي تحريڪن جو شڪار ٿيندي رهي. اهڙين سمورين رڪاوٽن جي باوجود اسلام، اٺن صدين تائين انساني دنيا جي قيادت ڪندو رهيو. جديد تمدن جي مشعل ٻارڻ کانپوءِ مسلم قومون ملائيت ۽ خودغرض شهنشاهيت جي هٿان چيٿاڙبيون ۽ چيهاڙبيون رهيون، تانجو جمود ۽ بي حسيءَ جي حالت طاري ٿي وئي. جديد تمدن کوڙ ساترا، اسلامي اصول ۽ نظريا، جزوي طور تي پاڻ ۾ ضم ڪري ڇڏيا آهن. گذريل ٻن صدين، غير مسلم قومن جو عروج ڏٺو. مغرب حاڪمانه طاقت سان اٿيو ۽ زندگيءَ جي انهن قدرن کي ٺڪرائي ڇڏيو جيڪي ان جي عروج ۽ ترقيءَ ۾ هڪ هزار ورهين کان رڪاوٽ بڻيل هيا. عقليت ۽ انسانيت جي مسلڪ جي ذريعي عيسائيت ۾ سڌارا آندا ويا. اهي اقتدار ۽ حڪومتون جيڪي عملي سائنس ۽ سرمائيدارانه صنعتي نظام مغرب جي هٿ وس ڪري ڇڏيا هيا، مسلمانن جي ڀُتن سياسي ادران تي غالب اچي ويا. مسلمان، جن دنيا جي قيادت ۽ رهنمائي ڪئي هئي، سي هر راهه ۾ پٺتي رهجي ويا. عيسائي مبلغن ۽ سياسي رهنمائن اها مبالغي واري پچار شروع ڪري ڏني ته: ”ڇاڪاڻ ته مسلمانن تي هر هنڌ جمود طاري آهي، تنهن ڪري اسلام جيڪو انهن جي تهذيب جو مشترڪ قدر آهي، انهن جي هيڻائپ ۽ پٺتي پوڻ جو ذميوار آهي. اهڙي پچار ڪرڻ وارا ان سادي تاريخي حقيقت کي وساري ويٺا ته جنهن اسلام کي هو رجعت پسند چئي ڪري طعنا ڏئي رهيا آهن، اهو اهوئي اسلام هيو جنهن مسلم قومن کي هڪ زماني ۾ مڙني ترقين جو امام بڻايو هو. اهي پنهنجي مادي ترقيءَ کي عيسائيت ڏانهن منسوب ڪري رهيا هيا، پر ان جي توجيهه کان قاصر هيا ته اِهو اهوئي عيسائي تمدن ۽ تهذيب هئي جيڪا هڪ هزار ورهين جي عرصي ۾ رڳو اونداها زمانا (Dark Ages) تخليق ڪري سگهي. جنهن اسلام بابت انهن پروپيگنڊا ڪندڙن جو اهو نظريو هو ته اهو ڪجهه رسمي ۽ فرسوده تقليد پرستين ۽ زوالجي ويل سياسي نظامن جو مجموعو آهي سو حقيقت ۾ اهو اسلام نه، بلڪه اسلام جي ڏٺي وائٺي نفي هو. حقيقت هيءَ آهي ته عمر کان وڌيڪ عرصي تائين زنده ۽ باقي رهڻ ته ٺهيو، اسلام پوريءَ ريت پنهنجي زندگي به گذاري نه سگهيو. پنهنجي اسريل دور ۾ به اسلام جو اهڙن غيراسلامي طريقن سان پالو پئجي ويو، جيڪي ان جي مزاج جي ئي خلاف هيا. مغرب اها واٽ ورتي جنهن جو ڏس اسلام ئي ڏنو هو. يعني مغرب علم کي ايئن ئي آزادي بخشي جيئن اسلام پنهنجي اسريل دور ۾ ڪيو هو. ان پنهنجين حڪومتن کي جمهوري رنگ به ڏنو پر اهو ان اسلامي اشتراڪيت جو مقام حاصل نه ڪري سگهيو، جنهن ۾ قوم جو چونڊيل حڪمران، حقيقت ۾ قوم جو خادم هوندو هو. مسلم قومن ۾ جيڪي به ڪوتاهيون آهن، سي اسلام جا اصول اپنائڻ جي ڪري ناهن بلڪه اهي سڌو سنئون ان جي ترقي پذير اصولن کي ترڪ ڪرڻ جو نتيجو آهن ۽ ترقي ڪندڙ قومن جيڪي به خوبيون ۽ ڀلايون ماڻيون آهن اهي دراصل اسلامي اصولن جي ئي طفيل آهن.
    دنيا جي موجوده صورتحال اها آهي ته ڪائي قوم مڪمل طور تي اسلامي زندگيءَ سان معمور ئي ناهي. مسلمان صرف نالي جا مسلمان آهن ۽ ايترا مسلمان ته مغرب وارا به آهن. هاڻي دنيا کي اهڙي قوم جو انتظار آهي جيڪا هڪ مڪمل ۽ اسلامي نمونو پيش ڪري سگهي. اسلام، صحيح ۽ ممڪن العمل نصب العين پيش ڪري ٿو، اها ڪا خيالي دنيا ناهي، پر تصورن ۽ عقيدن کي حقيقت جو جامو پهرائڻ ۽ انهن کي تڪميلي وجود بخشڻ ڪنهن هڪ قوم ۽ هڪ ئي زماني ۾ ٿي نه ٿو سگهي. انساني معاشرا انهن نصب العينن جي درجيوار حاصلات کي پنهنجو مقصد قرار ڏئي انهن کي عملي شڪل ڏئي سگهن ٿا. آڳاٽن زمانن ۾ به انهن تصورن کي اپنايو ۽ معاشري ۾ آزمايو ويو آهي، انهن ۾ به تاريخي مجبورين جا نشان ملن ٿا. ڇاڪاڻ جو نظرين کي جڏهن به درجيوار اپنايو ويندو ته بهرحال انهن جي عملي شڪل مختلف زمانن ۾ مختلف انداز جي هوندي.
    اسلام جي نشاة ثانيه يا نئين کيپ نه ڪي مغرب جي انڌي تقليد سان ٿي سگهي ٿي ۽ نه ڪي انهن ردي قانونن کي چنبڙيو رهڻ سان جيڪي بدلجندڙ حالتن جو ساٿ نه ٿا ڏئي سگهن. مسلمانن کي اسلام جي بنيادي اصولن تي ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. کين احساس ڪمتري ختم ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ هو شدت سان ڦاٿل آهن ۽ جيڪا کين مغرب جي پيش ڪيل هر شيءِ کي اسلام جي مطابق ظاهر ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسلام کي مسلم قومن ۽ ساڳئي وقت مغرب کي به کوڙ ساتري تعليم ڏيڻي آهي. اسلام ۾ ڀائيچاري، آزادي ۽ مساوات جا تصور نهايت ئي ترقي پذير ۽ حقيقي آهن بشرطيڪه اهي چڱيءَ طرح سمجهايا وڃن ۽ عمل ۾ آندا وڃن. مسلم ۽ غير مسلم دنيا جي نئين زندگي ۽ هدايت جو صرف هڪ ئي طريقو آهي ته اسين انهن عالمگير اصولن کي سمجهئون ۽ انهن تي عمل پيرا ٿيئون، جيڪي اسلام پيش ڪيا آهن ۽ پنهنجي زندگي، ان عقل ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيون جيڪو خدا جي پاران انسان کي عطا ڪيو ويو آهي. *


    اسلام جو بنياد

    هر نظريئه حيات هڪ بنيادي عقيدي تي بيٺل هوندو آهي. اهو بنيادي عقيدو دراصل هڪ قسم جي پاڙ هوندو آهي، ان پاڙ مان جيڪو وڻ ڦٽندو آهي، ان ۾ بي شمار ٽاريون هونديون آهن ۽ هر ٽاريءَ ۾ اڻ ڳڻيا پن هوندا آهن. اها پاڙ ثابت ۽ قائم رهندي آهي، ٽاريون ۽ پن سُڪندا ۽ ڇڻندا رهندا آهن. انهن تي سيارا ۽ اونهارا ايندا رهندا آهن. ٽارين ۾ نواڻ ۽ ڦير گهير، وڻ جي زندگيءَ جي بقا ۽ ارتقا جو ڪارڻ هوندي آهي. روحاني زندگيءَ کي به قرآن حڪيم، هڪ وڻ سان تشبيهه ڏني آهي جنهن جي پاڙ قائم رهندي آهي ۽ ان جون ٽاريون زمين کان وٺي آسمان تائين ڦهلبيون وينديون آهن.
    مَثَلًا کَلِمَۃً طَیِّبَۃً کَشَجَرَۃٍ طَیِّبَۃٍ اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ۔ (ابراہیم: ٢٤)
    ”پاڪ ڪلمي جو مثال، پاڪ وڻ وانگر آهي- جنهن جي پاڙ پاتال ۾ ۽ جنهن جون ٽاريون آسمان ۾ هونديون آهن.“

    توحيد جو عقيدو:

    سوال اهو آهي ته اهو پاڪ ڪلمو ڇا آهي- جيڪو اهڙي مضبوطي، وشالتا ۽ دائميت وارو آهي! اهوئي ڪلمو دين ۽ اسلام جو بنياد ٿيندو. اهو ئي ڪلمو اها پاڪيزه زندگي جي حقيقت آهي، جنهن سان سموري هست جي وحدانيت قائم ٿي سگهي ۽ جيڪو حقيقي وجود ۽ زندگيءَ جي ارتقا جو ضامن ٿي سگهي ٿي، اهو ڪلمو اهڙو هجڻ گهرجي جنهن جو عقيدو عقل ۽ فطرت ۽ مشاهدي جي شاهديءَ تي بيٺل هجي، جيڪو ڪنهن فرد جو تصور يا وهم نه هجي، جنهن تي يقين ڪرڻ لاءِ ڇسي اعتماد جي تقاضا ڪئي وڃي، پر جيڪو فطرت جي گهرائين مان اڀري ۽ فطرت جا منظر ۽ حادثا هر قدم تي ان کي مڃتا ڏيندا رهن. فطرت جون سموريون تقاضائون ان جي ذريعي احسن طريقي سان پوريون ٿي سگهن. اهو عقيدو هر قسم جي حڪمت جو بنياد هجي، زندگيءَ جي سمورن مسئلن جا سُٽ ان جي ذريعي سلجهي سگهن. حڪمتِ نظري ۽ حڪمتِ عملي يا علم ۽ اخلاق جا اصول ان سان جڙي سگهن. زندگيءَ جي اڻ کٽ ڪثرت ان هڪ ڪلمي جي وحدت ۾ پوئي سگهجي. اهو ڪلمو، زندگيءَ جي وکريل ورقن جو مضبوط جلد هجي. ان جي اندر جيڪا حقيقت لڪل هجي، اها جسماني زندگي، مادي زندگي، اخلاقي زندگي ۽ روحاني زندگي- سڀني تي حاوي هجي ۽ سڀني ۾ جاري ۽ ساري هجي.
    اسلام جي روءِ سان اهو عقيدو يا پاڪ ڪلمو: ”توحيد“ آهي. قرآن، انهيءَ کي ئي دين جو بنياد قرار ڏنو آهي. دين جا باقي سمورا ارڪان، سموري شريعت، سمورا شعائر، سموريون عبادتون، سمورا معاشي اصول ۽ قيامت بابت عقيدا ان هڪ عقيدي جون ٽاريون ۽ پن آهن. شريعتن ۾ اختلاف ۽ تبديليون ٿينديون رهنديون آهن. عبادت جا طريقا ٿورو گهڻو مختلف ٿي سگهن ٿا. اخلاقي اصولن کي ترت لاڳو ڪرڻ ۾ اضافي ڦيرڦار ۽ تغير ٿي سگهي ٿو. سياست جا انداز، حالتن جي تبديليءَ سان بدلجي سگهن ٿا، پر ان پاڪ ڪلمي ۽ ان ثابت بنياد ۾ ڪا به بنيادي تبديلي ٿي نه ٿي سگهي. سمورو قرآن، شرڪ جي خلاف هڪ مسلسل جهاد ۽ توحيد جي دليلن جو ورجاءُ آهي. قرآن جي تعليم اها آهي ته جيڪڏهن اهو عقيدو ڪنهن شخص جي دل ۾ چڱيءَ طرح گهر ڪري وڃي ته اهو شخص زندگيءَ جي حقيقت کان سونهون ٿيو وڃي. باقي عملي زندگيءَ جون سموريون ثانوي حقيقتون هڪ منطقي لازميت سان ان کان خود بخود عمل ۾ اچن ٿيون. يعني توحيد جي شعوري حقيقت سمجهه ۾ آئي ته عمل ان پٽاندڙ لازمي طور اختيار ٿي ويندو. قرآن حڪيم جي تعليم کان علاوه ان جي تائيد ۾ ڪجهه صحيح حديثن مان به ان جو ثبوت ملي ٿو ته: پاڻ سڳورا ان ئي عقيدي کي دين جو بنياد ۽ عين دين سمجهندا هئا. ان ڏس ۾ ٻه حديثون خاص طور روشنيءَ جو باعث آهن. هڪ جو راوي حضرت ابو هريره ؐ آهي ته: ”پاڻ سڳورنﷺ کيس پنهنجي جتي مبارڪ ڏني ۽ فرمايائون ته: وڃ اهو اعلان ڪر ته جنهن لاَاِلٰہَ اِلا اللہُ چيو، ان جي نجات ٿي چڪي، ٻي حديث آهي ته: ”پاڻ سڳورنﷺ حضرت ابوذر ؐ کي چيو ته: جنهن چيو لاَاِلٰہَ اِلا اللہُ ته اهو جنت ۾ داخل ٿي چڪو.“ ابو هريره ؐ جي حوالي ڪيل پيغام جي عوامي رسد تائين حضرت عمر فاروق ؐ رڪاوٽ بڻيو ۽ ٻي حديث ۾ آهي ته حضرت ابوذر ؐ کي ان تعليم جنجهوڙي ڇڏيو. حقيقت اها ناهي ته حضرت عمر فاروق ؐ ان کي، معاذ الله! درست نه پئي سمجهيو. کيس فقط اهو الڪو ورائي ويو ته: ”عوام ۾ گهڻا ماڻهو اهو سمجهي ويهندا ته بس، لاَاِلٰہَ اِلا اللہُ پڙهيوسين، تنهن ڪري جند ڇٽي چڪي، يعني رڳو زباني اقرار کي ڪافي سمجهي ويهي رهندا ۽ اسلام، جيڪو اخلاقي نظام ۽ شرعي ضابطو قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ان کي اختياري يا غيرضروري سمجهي ان کان غافل ٿي ويهي رهندا. جيڪڏهن توحيد زباني اقرار کان دل جي تصديق جي گهراين تائين لهي ايندو ته ان شخص جي نظر ۾ ۽ ان جي نتيجي طور سندس عمل ۾ به ضرور هڪ حيرت انگيز انقلاب ايندو ۽ پوري اسلامي زندگي، ان دل منجهان ٽارين ۽ پنن وانگر ڦٽي پوندي. اها ڳالهه سرسري زباني اقرار سان پيدا ٿي نه ٿي سگهي. حضرت عمر فاروق ؐ جو اهو الڪو بلڪل بجا هيو ته سست ماڻهو، ان جو ناجائز فائدو وٺندا ۽ ممڪن آهي ته ڪي بدعمل ماڻهو به اهو سمجهي مطمئن ٿي ويهي رهن ته: توحيد جو اقرار اسان جي سمورن گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندو. اهوئي سبب آهي جو حضرت عمر فاروق ؐ جي اهڙي مصلحت تي پاڻ سڳورنﷺ کي ڪو به اعتراض نه ٿيو. حضرت ابوذر ؐ به برابر اخلاقي عمل کي توحيد کان گهٽ اهم نه سمجهيو، پر ان کي هڪ قسم جو فڪر ورائي ويو. هن ته سڌو سنئون پاڻ سڳورن سان ٻن وڏن گناهن جو ذڪر ڪيو ۽ پڇيو ته توحيد جو اقرار ڪرڻ وارو ڀلي چوري ڪري يا زنا ڪري ته به ڇا ان جي نجات ٿي ويندي؟ تنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو ته: هائو، پوءِ به نجات ٿي ويندي! اهو جواب ٻڌي حضرت ابوذر ؐ اڃا وڌيڪ پريشان ٿيو. ٻيهر پڇيائين وري جواب مليس: هائو! ٽيهر وري پنهنجي شڪ کي اضطرابي ڪيفيت وچان دهرايائين، جنهن تي پاڻ سڳورن ناراضگيءَ گاڏڙ لهجي ۾ فرمايو: ”هائو! حقيقت اهائي آهي جيڪا مان چئي چڪو آهيان.“ عَلَيٰ رَغم اَنفِ اَبي ذَرِّ!
    جهڙيءَ ريت حضرت ابوذر ؐ اهڙي فرمان تي پريشان ٿيو، ساڳيءَ ريت گهڻا مؤمن اڄ سوڌو ان فرمان تي پريشان ٿيندا آهن. اسان جي خيال ۾ ان جي سادي وضاحت اها آهي ته بشري تقاضا موجب ڪنهن توحيد پرست کان به معمولي ڪوتاهين کان وڌيڪ گناهه به ٿي سگهن ٿا. سمورن موحدن ۽ مؤمنن جو ايمان پنهنجي قوت ۽ بصيرت جي لحاظ کان هڪ جهڙو ناهي هوندو. نبين ۽ ولين کان به ننڍيون ننڍيون ڪوتاهيون ۽ غلطيون ٿينديون رهنديون آهن، ڇاڪاڻ ته خطا ۽ ويسر بشريت جي تقاضا آهي پر انهن جي روحاني بلندي ۽ استقامت جي ڪري ڪبيرا گناهه ٿيڻ انهن جي فطرت لاءِ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿيو پوي. عام موحدن جو درجو، ان کان گهڻو گهٽ هوندو آهي. هن حديث ۾ اهو ڪونهي ته عادي چور ۽ عادي زاني نجات ماڻيندا. ان جو مطلب صرف اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ موحد مؤمن کان به اهڙي قسم جي ڪوتاهي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهو واقعي مؤمن آهي ته هو پشيمان ۽ توبهه تائب ٿيندو. خدا جي پاران سچي توبهه جي قبوليت جو واعدو ٿيل آهي. سندس عارضي ڪوتاهيءَ جي ڪري سندس سيرت مستقل طور تي خراب ۽ اونداهي ڪو نه ٿي ويندي. جنهن جي سيرت ۾ توحيد سمائجي چڪي آهي، اهو خدا جي رحمت سان پڻ واسجي چڪو آهي. توحيد سان انسان جي طبيعت ۾ هڪ فطري سچائي پيدا ٿي پوندي آهي. سڌي ۽ نرم ڪاٺيءَ کي خارجي دٻاءَ سان عارضي طور تي ٿورو گهڻو جهڪائي سگهجي ٿو، پر جڏهن اهو دٻاءُ هٽي ويندو آهي ته اها پاڻ ئي پنهنجي سڌائيءَ تي واپس اچي ويندي آهي. بخشش ۽ رحمت سهڻي سيرت واري تي ئي ٺهڪندا آهن.
    مٿي ڄاڻايل حديثون بيان ڪرڻ مان اسان جو مقصد اهو آهي ته: اسلام، توحيد جي عقيدي کي دين جو بنياد قرار ڏئي ٿو ۽ ان عقيدي جي اهميت کي ٻين سمورن عقيدن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بنيادي مڃي ٿو. سموري رسالت ان ئي عقيدي جي وضاحت ۽ طاقت جو ذريعو آهي.

    توحيد ۽ حڪمت:

    قرآن حڪيم پنهنجو پاڻ کي حڪمت جو ڪتاب قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”حڪمت سڀ کان وڏي نعمت آهي.“
    وَ مَنۡ یُّؤۡتَ الۡحِکۡمَۃَ فَقَدۡ اُوۡتِیَ خَیۡرًا کَثِیۡرًا۔(البقرۃ: ۲۶۹)
    ”۽ جنهن شخص کي حڪمت ڏني وئي ته بي شڪ! ان کي ڀلاين جو گنج عطا ڪيو ويو.“
    قرآن، نبيءَ کي به اهو حڪم ڏئي ٿو ته انسانن جي نفس جو تزڪيو ۽ تربيت ڪر، کين اهو ڪتاب پڙهي ٻڌاءِ ۽ سمجهاءِ ۽ ان تعليم ۾ جيڪا حڪمت آهي، اها مٿن کولي بيان ڪر. غور طلب ڳالهه اها آهي ته حڪمت آهي ڇا؟ ۽ توحيد جي عقيدي سان ان جو ڪهڙو تعلق آهي؟ ڪجهه ٻيا لفظ به آهن، جيڪي لفظ ”حڪمت“ سان ٺهڪندڙ آهن. علم، معرفت، عقل! ۽ مغرب وارن وٽ وري ”سائنس“ جو اصطلاح آهي. مغرب وارا، حڪيمانه اندازِ فڪر کي ”سائنٽيفڪ“ چوندا آهن. علم يا عقل چئو يا حڪمت ۽ سائنس! ڏسڻو اهو آهي ته اهو سوچڻ جي ڪهڙي انداز جو نالو آهي. ڇا اهو ڪو نظري لاڙو يا جبلي اڃ آهي؟ ان جي ماهيت ڇا آهي؟ ان مان ڇا گهربل آهي؟ ان جي اندر ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن ڪري، دين ان کي خيرِ ڪثير يا ڀلاين جو گنج چوي ٿو. قرآن حڪيم ورجائي ورجائي اها تلقين ڪري ٿو ته: تدبر، تفڪر ۽ عقل کان ڪم وٺو. قرآن، عقل کان ڪم نه وٺندڙن کي جانورن کان به بدتر درجو ڏئي ٿو. کين گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو چوي ٿو. ڪائنات جي مشاهدي تي ڏاڍو زور ڀري ٿو. اسلام ان جو قائل آهي ته: دنيا عالَمِ اسباب آهي، ان ۾ سمورا حادثا، مقرر قانونن پٽاندڙ علت ۽ معلول جون ڪڙيون آهن. ڪو به واقعو اجايو يا بيڪار ناهي هوندو. جنهن کي محض اتفاق چئبو آهي، ان جو وجود ڪائنات ۾ ڪٿي به ڪونهي. مشيتِ الاهي ۽ حڪمت انهي هڪ ئي حقيقت جا ٻه رخ آهن. اسلام کان پهريان سمورن مذهبن خارق عادت معجزن ۽ ڪرامتن کي خدا جي خدائي ۽ رسولن جي رسالت جي حقانيت جو واحد ثبوت سمجهيو هيو ۽ اهو عقيدو قائم ڪري ورتو هيو ته دين ۽ حڪمت ٻه الڳ الڳ بلڪه متضاد شيون آهن. دين جو تعلق مشاهدي ۽ عقل سان ناهي، بلڪه ڪجهه اڻ ڏٺل ڳالهين کي رڳو اعتبار تي مڃي وٺڻ جو نالو دين آهي.
    دينن ۾ سڀ کان پهريان اهڙي تعليم، اسلام ڏني ته: فطرت جو مدار ”سنة الله“ تي آهي ۽ سنة الله ۾ ڪا به تبديلي ۽ تغير ناهي ٿيندو. فطرت جا مڃيل ۽ اٽل قانون ئي سنة الله آهن. پر فطرة الله رڳو ايتري ئي ناهي جيڪا حواس کي محسوس ٿيندي آهي يا جزوي عقل يا منطقي عقل جي گرفت ۾ ايندي آهي. جيڪڏهن ”فطرة الله“ لامحدود آهي ته هزارين جهانن ۾ به ڪا ڳالهه اهڙي ٿي نه ٿي سگهي جنهن کي فوق الفطرت چئي سگهجي. اسان جي محدود فطرت ۽ محدود نظر لاءِ ته حاضر گهٽ آهي ۽ غائب وڌيڪ آهي. حاضر محدود آهي ۽ غائب لامحدود. پر عليم ۽ بصير خدا لاءِ ته سڀ حاضر ئي حاضر آهي. الله وٽ اوندهه ڪٿي به ناهي رڳو نور ئي نور آهي .جيڪو غيب اسان لاءِ غيب آهي اهو خدا لاءِ ازلي ۽ ابدي طور حاضر آهي. سموري اڻ کٽ فطرت واحد خدا جي شان جو مظهر آهي. فطرت ۾ هر شيءِ جو هر ٻي شيءِ سان سڌو سنئون ۽ اڻ سڌيءَ طرح ڪو نه ڪو ربط ضرور آهي.
    ٻئي طرف انسان جي عدم معرفت ۽ تنگ نظريءَ جڏهن فطرت جو مشاهدو ڪيو ته کيس حادثن جي ڪثرت نظر آئي. انهن حادثن ۾ کيس پاڻ ۾ ڪو به ربط نظر نه آيو. هن باهه کي الڳ حقيقت سمجهيو ۽ پاڻيءَ کي الڳ! هر واقعي کي ڪنهن هڪ قادر پر بدلجندڙ هستيءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو. ٽيٽيهه ڪروڙ عنصرن، مظهرن ۽ حادثن جا ٽيٽيهه ڪروڙ ديوتا ٺاهي ورتائين ۽ اهي ديوتا به ڪا منظم جماعت نه هيا. ديوتا هڪ ٻئي سان بغض ۽ حسد رکندڙ، هڪ ٻئي سان ٽڪر کائيندڙ ۽ جنگ جوٽيندڙ ۽ انهن مڙني جي ڀيٽ ۾ انسان ويچارو حقير ۽ بي وس!
    اشرف المخلوقات انسان انهي شرڪ جي ڪري ئي احسن تقويم جي مرتبي تان اچي اسفل سافلين جي ذلت ڀريي کوهه ۾ ڪريو. جنهن کي ڌرتيءَ تي الله جو خليفو بڻجڻ لاءِ خلقيو ويو هيو ۽ جنهن کي سج، چنڊ، وڻن ۽ پهاڙن کي تسخير ڪرڻ جو ڪم حوالي ٿيل هيو، اهو پاڻ ئي وائڙو ٿي ويچارو بڻجي ويو... جنهن کي حڪمت ۽ رحمت جي بنياد تي خوف ۽ لاچاريءَ کان بالاتر ٿيڻو هيو، سو هر شيءِ جي پاڇي کان به ڪنبڻ لڳو. پنهنجي ئي وهم جي پيداوار ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي قرباني ڪرڻ لڳو. جيڪي ديوتا جانورن جو گوشت کائڻ لاءِ راضي نه ٿيندا هيا، انهن کي پنهنجي سڪي لڌن پٽن جو گوشت کارائڻ لڳو. جهالت مان شرڪ پيدا ٿيو ۽ شرڪ مان اڃا وڌيڪ جهالت ۽ جهالت ۽ شرڪ ملي ڪري کيس ظالم به بڻائي ڇڏيو ۽ مظلوم به!- پنهنجو پاڻُ تي ظلم ڪرڻ دراصل ٻين تي ظلم ڪرڻ جو منڍ هوندو آهي. شرڪ سان هن پنهنجو پاڻ تي وڏو ظلم ڪيو ۽ ان ظلم کيس ڪمال درجي جو ظالم بڻائي ڇڏيو. ڌرتيءَ تي خليفي بڻجڻ جي صلاحيت وارو انسان ظلوماً جَهُولاً بڻجي خواري ۽ خساري ۾ افسوس ڪندي رهجي ويو.
    انسان ۾ حڪمت اتان کان شروع ٿي جتان هن حادثن جي ڪثرت کي قانونن جي وحدت سان ڳنڍڻ شروع ڪيو. عقل جو ڪم اهوئي آهي ته اهو علت کي معلول سان ڳنڍي ۽ حادثن جي پاڻ ۾ لاڳاپيل هجڻ بابت پروڙ ماڻي. عقل جو ڪم اهو آهي ته هو هر جزي کي ڪنهن ڪل سان وابسته ڪري، جزئيات کان ڪليات تائين پهچي ۽ پوءِ ڪليات مان جزئيات کي اخذ ڪري. عقل جو اهو ڪم يا حڪمت جو اهو سفر تيستائين ختم ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين سموريون جزئيات ۽ ڪليات ڳانڍاپجي نه وڃن ۽ سموريون ڪليات هڪ ڪل ۾ سمائجي ختم نه ٿي وڃن جيڪو ڪل جزئيات کان پهريان به آهي، جزئيات جي اندر به آهي ۽ جزئيات کان پوءِ به.
    حڪمت ڪلي يا پوري معرفت ان جو نالو آهي ته جيڪو ڪل پهريان وجود جو سرچشمو قرار ڏنو وڃي، اهوئي وجود جي انتها به هجي. هر ظاهر، باطن جو اظهار هجي ۽ هر باطن ظاهر جو سرچشمو- توحيد جو دين به اهو آهي ته سائنس ۽ حڪمت به ان شيءِ جو ئي نالو آهي. علمِ طبعي جي خامي رڳو ايتري آهي ته اهو، قانونن يا وحدتن جي تلاش ۾ پنهنجي تحقيق جي دائري کي مادي ۽ محسوس حادثن تائين محدود ڪري ڇڏي ٿو. ظاهر ۽ باطن جي لحاظ کان ڪجهه ڪليات آفاق مان حاصل ٿينديون آهن ۽ ڪجهه ڪليات انفس مان! قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته انفس ۽ آفاق ٻنهي جون ڪليات مشاهدي ۽ عقل جي روءِ سان دريافت ڪندي انهن کان اڳاهان ٿي اهڙي ڪل ڏانهن وڌو جيڪو انفس ۽ آفاق يا ظاهر ۽ باطن ٻنهي جي جزئيات ۽ ڪليات جو ماخذ، ٻنهي تي حاوي ۽ ٻنهي ۾ جاري ۽ ساري آهي. قرآن حڪيم، فطرت جي مشاهدي تي گهڻو زور ڏئي ٿو ۽ ان کي خدا شناسيءَ جي واٽ چوي ٿو، پر فطرت خارجي به آهي ۽ باطني به. اها مادي ۽ جسماني به آهي ۽ نفسي به- تنهن ڪري ارشاد آهي ته:
    وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ ؕ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ (الذٰریٰت 21)
    ”۽ ڇا توهين پنهنجي انفس جي اندر نه ٿا ڏسو؟“
    ان آيت مان اها تعليم اخذ ڪئي وئي آهي ته:
    مَنُ عَرَف نَفْسَہٗ فَقَدْ عَرَف رَبَّہٗ۔
    ”جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو، تنهن بي شڪ! پنهنجي رب کي سڃاتو.“
    توحيد، رڳو ان عقيدي جو نالو ناهي ته خدا يا معبود هڪ آهي ۽ گهڻا ناهن! قرآن حڪيم، توحيد جي ان بنيادي عقيدي جي ضروري تشريح به ڪئي آهي ۽ ان اڪيلي ذات جون صفتون به ٻڌايون آهن.

    الله جون صفتون:

    خدا جي سڀ کان اهم ۽ بنيادي صفت: ”رحمت“ آهي. رحمت جي مفهوم ۾ رحم به آهي، محبت به، ۽ فيض به! قرآن حڪيم، بسم الله الرحمان الرحيم سان شروع ٿئي ٿو ۽ سورة الفاتحه جي شروعات به رحمت سان ٿئي ٿي. انسان لاءِ هر وجود يا مادي آهي يا ذهني- يا زمان ۾ آهي يا مڪان ۾- يا زمان ۽ مڪان ٻنهي ۾. انهن کان علاوه وجود جو ڪو به تصور ممڪن ڪونهي. تنهن ڪري خدا بابت جيڪڏهن ”هُوَالمُوجُودُ چئو، يا لاَمُوجُود الاالله“ چئو ته اهو موجوديت جو تصور ايماني يا وجداني ئي ٿي سگهي ٿو، ادراڪي نه ٿو ٿي سگهي. الٰهي صفتن بابت به اهو نه ٿا چئي سگهو ته انهن جي حقيقت ڇا آهي. خدا عليم آهي، پر مطلق هستيءَ ۾ علم جي ڪهڙي ڪيفيت ٿي سگهي ٿي، ان جو تصور ممڪن ڪونهي. انسان جو هر علم جزوي ٿيندو آهي. ان جون ڪليات به دراصل جزئيات ئي آهن. زمان ۽ مڪان کان مٿانهين ڪائنات کي هلائيندڙ هستيءَ جو علم ڪهڙي انداز جو هوندو، اهو ادراڪ جي گرفت ۾ اچي نه ٿو سگهي، پر خدا جي صفتن کي انسان، اهڃاڻن ۽ مثالن مان ڪي قدر سڃاڻي سگهي ٿو. جيئن عارف روميءَ به فرمايو آهي:
    ہیچ ماہیات اوصاف کمال
    کس ند اند جز بآثارو مثال
    ”ڪمال صفتن جي ڪهڙي ماهيت آهي؟ اهو اهڃاڻن ۽ مثالن کانسواءِ ڪو به نه ٿو ڄاڻي سگهي.“
    اسلام جو بنيادي ڪم خدا بابت انسانن جا عقيدا درست ڪرڻ هيو. اسلام، توحيد کي ئي دين جو بنياد قرار ڏنو آهي ۽ ان جي تعليم اها آهي ته اهو بنياد جيڪڏهن درست آهي ته نتيجي طور سمورو علم ۽ سمورو عمل درست ٿي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو بنياد ئي بگڙي وڃي ۽ فاسد عقيدن سان شرڪ جلي يا شرڪ خفي پيدا ٿي پوي ته زندگيءَ جا سمورا فروع ان بنياد جي بگاڙ سبب بگڙي ويندا. قرآن فرمائي ٿو ته: نبين جو ڪم خدا جي توحيد کي واضح ڪرڻ ۽ ان جي تلقين ڪرڻ آهي. رسالت هميشه کان ان مقصد جي حاصلات جو هڪ ذريعو رهي آهي. اسلام ۾ ختمِ نبوت جي عقيدي جو بنياد به اهوئي آهي ته آخري ڀيرو ان عقيدي کي خالص ڪري محفوظ ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت رسالت جو جيڪو مقصد هيو اهو پورو ٿي چڪو ۽ انسانيت تي حجت پوري ٿي چڪي. مڃڻ نه مڃڻ جو هر ڪنهن کي اختيار آهي پر ڳالهه صاف ڪئي وئي.
    اڪثر مذهب توحيد جي عقيدي جي دعوت ڏيندا رهيا پر ڪٿي به توحيد جو تصور جهالت جي ملاوٽ کان پاڪ نه هيو. هڪ خدا سان گڏ لاتعداد ديوتا موجود هيا. زندگيءَ جو بنيادي ڪاروهنوار ديوتائن جي عجيب مرضين تي ڀاڙيل هيو. هڪ اڻ ڏٺل خدا لاءِ ڪو به حقيقي ڪم نه هيو. عيسائين ۽ هندن ۾ هڪ خدا جو تصور موجود هيو، پر اهو خدا ڪنهن هڪ انسان ۾ مجسم طور به ٿي پئي سگهيو. اسلام چوي ٿو ته هر قوم ۾ اخلاقن جي سڌاري ۽ توحيد جي صحيح عقيدي جي تلقين لاءِ نبي موڪليا ويا، جيڪي اعليٰ درجي جا انسان ئي هوندا هيا. اهي نه ڪي قادرِ مطلق هيا نه ڪي عالم ڪل! انهن کي غيب جي اوتري ئي خبر هئي جيتري خدا جي پاران کين ملي سگهي، پر هندن ۽ عيسائين، اوتارن بابت اهو تصور پچائي ورتو ته دنيا جي سڌاري لاءِ خدا ڪنهن انسان جي صورت ۾ لهي ايندو آهي! ڀڳوت گيتا ۾ ڪرشن جي زباني اهوئي عقيدو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن کي ”فيضيءَ“ هن شعر ۾ ترجمو ڪيو آهي:
    چو بنیاد دین سست گردد بسے
    بر آریم خود را بشکل کسے؎
    (جڏهن دين جا بنياد گهڻا ڍلا ٿي پيا، تڏهن پاڻ کي ڪنهن شخص جي شڪل ۾ ظاهر ڪيوسون.)
    مشرق ۽ مغرب ۾ فلسفياڻه افڪار ترقي ڪندي توحيد تائين پهچي چڪا هيا، پر ويدانيت ۽ جديد افلاطونيت ۾ خدا، بنهه وراءَ الوراءِ (سڀني کان مٿانهون) ۽ بي ڳُڻو يعني صفات کان مطلقاً خالي ٿي ويو هيو. انهن ٻنهي فلسفن ۾ خدا، نه ڪي صاحبِ اراده هستي رهيو ۽ نه ڪي انسانن يا ڪنهن ٻئي مخلوقات سان ان جو ڪو خالقيت يا ربوبيت جو تعلق باقي رهيو هو. يوناني فلسفو سقراط، افلاطون ۽ ارسطوءَ تائين پهچي عقلي توحيد جو هڪ نظامِ فڪر مرتب ڪري چڪو هيو. انهن منطقي عقل کي عقلِ ڪُل قرار ڏنو ۽ خدا محض منطقي وحدت بڻجي رهجي ويو. افلاطون جو چوڻ هو ته عالم ازلي عالَم مثال يا عالَمِ تصوراتِ عقليه آهي. تصورات ئي ثابت حقيقتون آهن ۽ اهي ثابت حقيقتون هڪ عين ثابت مان نڪرنديون آهن. سمورن تصورن جو سرچشمو هڪ ڪلي تصور آهي، جنهن کي علم چئبو آهي. اهو علم صرف ڪليات جو ئي ٿي سگهي ٿو، جزئيات جي علم کي علم نه ٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته جزئيات جي وجود ۾ عدم جي ملاوٽ آهي. معدوم (فنا ٿيندڙ) معلوم نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري خدا کي جزئيات جو ڪو به علم ڪونهي. خدا ڪليات جو ئي هڪ ڍانچو آهي. ان جو فردن سان ڪو به واسطو ڪونهي. خدا، پاڻ ئي عالم آهي ۽ پاڻ ئي معلوم. خدا کي پاڻ کانسواءِ ڪنهن جي شيءِ جو علم ڪونهي، ڇاڪاڻ ته خدا کان ٻاهر ماسوا جو وجود ئي حقيقي ناهي. اهڙي قسم جو خدا، فلسفين جي ڪنهن ڪم اچي ته اچي باقي عام انسان ان سان ڪنهن قسم جو رابطو قائم ڪري نه ٿو سگهي. نه ئي وري اهڙي خدا سان زندگيءَ جو ڪو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪي وري انساني نفس کي ان منجهان ڪا تسڪين ئي ملي سگهي ٿي. افلاطونين جي فلسفهء اشراق ۾ خدا هڪ نور جو سرچشمو بڻجي ويو، جنهن مان ڪائنات، تنزل جي طور تي ڦٽندي رهندي آهي، اهو عمل بنا ارادي جي کانئس ٿيندو رهندو آهي ۽ هو مڙي ڪري به اوڏانهن ناهي ڏسندو. اهو خدا اهڙو ناهي جو کيس پڪارجي ته ٻڌي يا ان سان عبادت يا محبت جو ڪو رشتو قائم ٿي سگهي. ساڳيو حال ويدانيت جو به آهي، جنهن ديوتائن سميت سموري ڪائنات کي ”مايا“ يا گڏيل وجود قرار ڏنو. ويدانيت جي اها وراءَ الوراءِ (سڀني کان مٿانهين) هستي، نه خالق آهي نه عالم، نه رحمان، نه رب! شنڪر اچاريه جي نظر ۾ اها ذات ڳڻن يا صفا ت کان خالي آهي. هر وجود ۽ هر انفرادي نفس ڌوڪي جي پيداوار آهي، زندگيءَ جو مقصد ان کي باطل سمجهي ان کان ڀڄي وڃڻ آهي. نفس ۽ موجودات جي باطل هجڻ جي معرفت اصلي گيان آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ کانپوءِ نه ڪي نفس باقي رهندو نه ڪي ڪائنات. ان نفس ڪليءَ مان ذات مطلق جو اثبات ٿي ويندو.
    فلسفن کان علاوه دينن جو اهو حال هيو جو ٻڌمت ۾ خدا بنهه غائب ٿي ويو. ڪائنات ۽ نفس بي حقيقت ٿي ويا. هر قسم جي آس ۽ امنگ هڪ دوکو آهي. امنگن جا دوکا زندگي پيدا ڪندا آهن ۽ اهي امنگون عارضي طور تي مجسم ٿي وينديون آهن. انسان لاءِ فقط هڪ ئي امنگ ۽ آرزو حقيقي ٿي سگهي ٿي، سا اها آهي ته: ”سندس ڪا به امنگ ۽ آروزو نه رهي.“ امنگن ختم ٿي وڃڻ سان زندگيءَ ۾ آواگون جو چڪر ختم ٿي ويندو ۽ اها حالت پيدا ٿي پوندي جنهن کي ”نرواڻ“ چئبو آهي، جنهن بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. مطلق نفيءَ کان پوءِ جيڪو مطلق اثبات حاصل ٿيندو آهي، تصور لاءِ اها پاڻ به هڪ سلبي (Negetive) ڪيفيت آهي، جنهن لاءِ ڪو به ايجابي/مثبت تصور قائم ٿي نه ٿو سگهي. زندگيءَ جو مقصد ان کي ڏکن جي کاڻ ۽ ڌوڪو سمجهي ان کان ڀڄي جند ڇڏائڻ آهي! مطلب ته بهترين لائحه عمل اهو آهي ته: ”زندگيءَ کان ذهني ۽ عملي پرهيز جا طريقا سکجن.“
    ‘ترک دنیا ،ترک عقبیٰ، ترک مولا، ترک ترک’
    (دنيا به ترڪ ڪيو، عقبيٰ به ترڪ ڪيو، مولا به ترڪ ڪيو، ايستائين جو خود ”ترڪ“ کي به ترڪ ڪري ڇڏيو)
    ٻڌمت جو نظرئيه زندگي، هيٺين مصرعي کان وڌيڪ بهتر ۽ مختصر لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. باطل کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ حق مان به جند ڇٽي پئي.
    رہنما دیدم نشستہ بر روئے زمیں
    نہ کفر، نہ اسلام، نہ دنیا و نہ دیں
    نے حق نہ حقیقت نہ شریعت نہ یقیں
    در ہر دوجہاں کرابود زہرۂ امیں
    (زمين تي هڪڙو مست ڏٺم: فڪر، اسلام، دنيا ۽ دين حق ۽ حقيقت، شريعت ۽ يقين هر شيءِ کان آجو پاجو، ٻنهي جهانن کان ماوراءِ- بلڪل مست ۽ مگن!)
    ڇا جي ڪائنات، ڇا جا ديوتا؟ امنگن جو صفايو، نه ڪي زندگيءَ جو ڪو نصب العين. هر شيءِ کان بي تعلقي هر شيءِ کان نجات، نه ڪي ڪو مقصود نه ڪي مطلوب، نه ڪي معبود نه ئي وري ڀلائيءَ جي تلاش! ان طرح رهبانيت ترقي ڪندي اچي زندگيءَ جي ڪامل نفيءَ کي پهتي.
    عيسائين حضرت مسيح جي تعليم کي عجيب طريقي سان مسخ ڪيو. اهو مسيح جيڪو پنهنجي لاءِ نيڪ جو لفظ به استعمال ڪرڻ نه چاهيندو هو. (جڏهن کيس ڪنهن چڱو چيو ته ان وراڻيس: چڱو ته منهنجو آسمان وارو پيءُ آهي.) ان سلڇڻي خدا جي بندي کي سڌڙين پرستارن خدا جو شريڪ بلڪه عين خدا بڻائي ڇڏيو. توحيد جي تعليم ڏيندڙ ”تثليث“ جو شڪار ٿي ويو ۽ اقانيمِ ثلاثه منجهان هڪ اقنوم بڻجي ويو. پهريان کيس خدا جو پٽ چيائون وري پيءُ ۽ پٽ کي هم ذات بڻايائون وري ان خدا کي جڳ جهان جو ڪفارو بڻجڻ لاءِ سوريءَ تي چڙهي اڙانگي موت مرڻو پيو. ٻاجهارو خدا، پنهنجي ٻاجهه ۽ ربوبيت جو اظهار ان کان بهتر طريقي سان نه ڪري سگهيو!
    ديوتائن کي انساني قربانيءَ ذريعي خوش ڪرڻ جو عقيدو هزارين ورهين کان وهمن ۾ ورتل انسانن ۾ راسخ ٿي چڪو هيو. عيسائيت ۾ توحيد، ان وحشت واري دور ڏانهن موٽي ويو. مسيح رحمت بڻجي آيو هيو، پر ان جي پيروڪارن، کيس هڪ غير عادل ۽ ظالم خدا جو نمائندو بڻائي ڇڏيو. خدا جي رحيم هجڻ جي دعويٰ ان جي عملن سان باطل ڪئي وئي. آدم جو گناهه موروثي ٿي ويو. جيڪو انسان ڄمندو، سو اڻ ڪيل گناهن جو مجرم ٿي ڄمندو. خدا کي بدنام ڪرڻ کانپوءِ عيسائيت انسان کي ذليل ڪيو، اهو جرم ڪنهن نيڪيءَ سان نه پئي ڌوپجي سگهيو. نيڪ عمل، نجات لاءِ ڪارائتو نسخو ناهي. خدا هڪ پاسي مسيح کي ڦاهي چاڙهايو ۽ ٻئي پاسي اهو حڪم ڏنو ته ڪنهن جا به نيڪ عمل ڪم اچي نه ٿا سگهن، جيستائين ماڻهو ان ڳالهه تي ايمان نه آڻي ته مسيح جو صليبي موت ان جي گناهن جو ڪفارو ٿي چڪو آهي. اهڙو ايمان پيدا ڪرڻ کانپوءِ بي عمل کي به نجات حاصل ٿيو وڃي!“
    دينن ۽ فلسفن جي هن مختصر بيان مان اها حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته توحيد جي عقيدي کانسواءِ يا توحيد جي عقيدي کي مسخ ڪرڻ سان ڪيئن نه زندگيءَ بابت سمورا تصور مورئون مسخ ٿي وڃن ٿا. اهوئي سبب آهي ته اسلام، توحيد کي دين جو بنياد قرار ڏنو آهي. جيڪڏهن اهو عقيدو ٺيڪ ٿي وڃي ته عبادتون به ٺيڪ ٿيو پون ته وهنوار به. جنهن جو رابطو، خدا سان درست ٿي ويندو آهي، ان جا نظريا ۽ اخلاق پاڻهرتو لازمي نتيجي طور صراطِ مستقيم ٿي اچي ويندا آهن. اسلام توحيد کي ايتريقدر خالص ڪري ڇڏيو جو ان کان وڌيڪ خالص ڪرڻ ممڪن ئي ناهي.
    توحيد مان نڪرندڙ اسلام جو بنيادي عقيدو (جنهن سان باقي سمورا عقيدا ۽ صالح عمل نتيجي طور حاصل ٿيندا آهن.) هي آهي ته هيءَ ڪائنات بي ڪار ۽ بي مقصد ناهي. هيءَ ڪائنات مايا ناهي. باطل ناهي، تماشو ناهي. خدا جي قوتن ۽ نعمتن جا خزانا لامحدو د آهن، پر هو، هر شيءِ کي هڪ مقرر اندازي سان خلقيندو آهي. ڪائنات جي هر شيءِ ۾ هڪ ڪاريگري آهي، جنهن مان اهو پتو پوي ٿو ته ان جو هڪ ڪاريگر آهي. ان ۾ حسن ۽ جمال آهي، جيڪو ان تي دلالت ڪري ٿو ته اصل خلقڻهار هستي سهڻي ۽ سونهن کي پسند ڪندڙ آهي، ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، سو ڪنهن نه ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ٿيندو آهي. ڪو به واقعو اتفاقي يا بي سبب واقع ناهي ٿيندو. اسلامي عقيدي مطابق ڪا به هستي بي جان ناهي. زمين ۽ آسمان ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو پنهنجي ڏِکَ مان جهڙوڪر پنهنجي جوڙڻهار جي واکاڻ ۾ مگن آهي، جيتوڻيڪ اسين اها واکاڻ نه سمجهي سگهندا هجئون!
    خاک و باد و آب و آتش زندہ اند
    با من و تو مردہ با حق زندہ اند
    (مٽي ۽ هوا- پاڻي ۽ باهه، دراصل زندهه آهن. تو ۽ مون لاءِ ته اهي بظاهر مئل آهن، پر الله پاڪ جي نظر ۾ بلڪل زندهه ۽ جيئرا جاڳندا آهن.)
    وجود جي طبقن ۾ هر طبقو پنهنجو مخصوص آئين ۽ مخصوص نظام رکي ٿو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته مادي جسمن ۾ به هڪ قسم جو عقل آهي، جنهن کي اسين پنهنجي ڀيٽ ۾ لاشعوري عقل چئي سگهون ٿا. آسماني جسم پنهنجي مدارن ۾ نهايت حساب سان گردش ڪندا آهن:
    کُلُّ فِیُ فَلَکٍ سِّبَحُوُنَ۔
    (ڪنهن جي به مجال ناهي جو ڪو سيارو، بنا حساب جي اڳتي پٺتي ٿي سگهي.)
    اسلام کان اڳ عقليت ۽ روحانيت، ٻئي غلط رستن تي هلي پيا هيا. معقولات پنهنجي تجريد ۾، موجودات کان بي تعلق ٿي ويا هئا ۽ افلاطون وانگر اهو نظريو قائم ڪيو ويو هيو ته: معقولات لطيف آهن ۽ موجودات ڪثيف! تنهن ڪري ڪثيف کي ڇڏي ڪري لطيف ڏانهن وڌڻ گهرجي. ان نظريي پٽاندڙ، جسم کي روح جو قيدخانو قرار ڏنو ويو. جسم کي ڳاري ڇڏڻ روح جي پالنا لاءِ لازمي ٿي ويو. عقليت ۽ روحانيت ٻنهي جو رخ رهبانيت ڏانهن ٿي ويو. دينن ۽ فلسفن زندگيءَ جي خلاف بغاوت ڪري ڇڏي. مادو ۽ مادي ڪائنات، جسم ۽ جسماني زندگي، سڀ مردود ۽ ملعون ٿي ويا. خالق جو مخلوق کان رشتو ڪٽجي ويو. حڪمت ۽ روحانيت اها وڃي رهي ته فراريت جون راهون تلاش ڪجن. ٻڌمت ۽ عيسائيت ٻنهي دنياوي زندگيءَ کي ملعون قرار ڏنو. انساني نسل جي بقا ۽ ترقي ڏوهه بڻجي ويا. روحاني شخص اهو سڏجڻ لڳو، جيڪو ڪو به ڪم ڪار نه ڪري. ”ڀڪشو“ بلند درجي جو انسان سڏجڻ لڳو. ”ساڌو“ انسان ڪامل ٿي ويو. ”راهب“ لاءِ شادي ڪرڻ حرام ٿي وئي. هڪ ڀيري هڪ اعليٰ تعليم يافته هندو ”ٻائي“ سان منهنجي ملاقات ٿي، جنهن ٻار ٻچا ڇڏي هماليه جون چوٽيون وڃي وسايون هيون. ڪچهريءَ مان معلوم ٿيو ته هو ڪاليج ۾ فلسفو پڙهيو هيو. مون ارادو ڪيو ته ساڻس ڪجهه بحث ڪري، سندس رهبانيت کي هڪ بيڪار ڪم ثابت ڪريان. مون کيس چيو ته: ”قبلا! جيڪو طريقو توهان اپنايو آهي جيڪڏهن سڀ ڪو اهو اپنائي ته هوند دنيا ئي ختم ٿي وڃي.“ هن وراڻيو ته: ”اسين ته اهوئي ٿا چاهيون، ان کان بهتر ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو ته هيءَ دنيا جيڪا نسورو ڌوڪو آهي، مورؤن فنا ٿي وڃي!“
    ٻين مذهبن وارا اڪثر پڇندا آهن ته اسلام دنيا ۾ ڪهڙو نئون تصور آندو؟ ان جو جواب بلڪل سادو ۽ سولو آهي اسلام، ڪائنات کي حق ۽ زندگيءَ کي نعمت قرار ڏنو. ڪجهه نعمتون خدا جي ربوبيت مهيا ڪري ٿي ۽ ڪجهه نعمتون محنت ۽ جدوجهد جو نتيجو هونديون آهن. زندگيءَ ۾ جيڪي رڪاوٽون نظر اينديون آهن، اهي انسان جي ارتقائي مشق لاءِ پيدا ڪيون ويون آهن. زندگيءَ جو مقصد الله جي معرفت ۽ سيرت سازي آهي. ڪا به مصيبت يا مشڪل رڳو شر ناهي. خدا، خير مطلق آهي، تنهن ڪري اهو شر مطلق جو پيدا ڪندڙ نه ٿو ٿي سگهي. مشيت جو اصول اهو آهي ته: ”خدا اهوئي شر پيدا ڪندو آهي، جنهن ۾ دراصل اسان لاءِ خير هوندو آهي.“ عارف جي نگاهه ۽ عمل صالح هڪ اڪسير آهي جيڪو ادنيٰ کي اعليٰ ۽ شرکي خير ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. موت ۽ زندگي هڪ ئي حقيقت جا ٻه رخ آهن، انهن ۾ ڪو به تضاد ۽ ٽڪراءُ ڪونهي. جيڪڏهن ڪو شخص، زندگيءَ جي آئين کان سونهون ٿي وڃي ته اهو هر زحمت کي رحمت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو ۽ موت کي زندگيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. آئينِ هستي اهو آهي ته: ”هر قدم تي فنا مان بقا حاصل ٿيندي آهي.“ رهباني مذهبن کي زندگي نسوري زحمت لڳي تڏهن کانئن رڙ نڪري وئي ته:
    ‘یہ درد سرایسا ہے کہ سر جائے تو جائے’
    ڪن چيو ته: نه! زندگي اهڙي لعنت آهي جو کڻي سر وڃي يا جند وڃي ته به ان مان جان ڪو نه ڇٽندي، جيستائين ان مان جند ڇٽڻ جو ڪو خاص نسخو هٿ اچي:
    اب تو گھبرا کر یہ کہتے ہیں مر جائینگے!
    مر کر بھی چین نہ پایا تو کدھر جائینگے؟
    ڪنهن وري چيو ته:
    قیدِ حیات و بندِ غم اصل میں دونوں ایک ہیں!
    موت سے پہلے آدمی غم سے نجات پائے کیوں؟
    قرآن حڪيم ان جي تصديق ڪري ٿو ته: جيڪڏهن ايمان يا درست زاويئه نظر ۽ صبر جي صفت نه هجي ته زندگي نسورو گهاٽي جو سودو آهي!
    اِنَّ الۡاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسۡرٍ اِلَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ
    وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ۔(العصر2-3)
    (ته بيشڪ انسان وڏي نقصان ۾ آهي، انهن کانسواءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي.)
    خارجي فطرت جو جوڙڻهار ۽ ان جو هلائيندڙ چلائيندڙ خود خدا آهي. اهو منجهس نظم ۽ آئين به پيدا ڪندو آهي ته حسن ۽ جمال به! هو سڌو سنئون ان جي بقا ۽ ارتقاءَ جو ضامن آهي، پر انسان جنهن کي هن دنيا ۾ خدا جو نائب بڻائي موڪليو ويو آهي، ان بابت هڪ ٻيو آئين آهي. جنهن هستيءَ کي قدرت مطلقه سان سڀ کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي- تنهن کي شروعات ۾ سڀ کان وڌيڪ بي وس بڻايو ويندو آهي. سمورا حشرات الارض پيدا ٿيڻ سان ئي پنهنجي زندگيءَ جا پاڻ ئي ڀرجهلو بڻجي ويندا آهن. انسان جي ٻچڙي جي، ڊگهي مدت تائين اها حالت هوندي آهي ته جيڪڏهن وقت سر ان جو سڌ سماءُ نه ڪيو ويو ته اهو جيئرو نه رهي سگهندو. انسان کي، ڪائنات کي تسخير ڪندڙ ۽ فطرت تي قدرت حاصل ڪندڙ بنائڻ مقصود آهي. تنهن ڪري ان جي زندگيءَ جو مقصد اهو آهي ته هو پاڻ پنهنجيءَ تقدير جو اڏڻهار بڻجي. کانئس ڪمتر مخلوق جي تقدير، ڪلي طور تي، قادر مطلق جي جوڙيل آهي. انسان کي عقل، اختيار ۽ غير معمولي صلاحيتون عطا ڪري اهو حڪم ڏنو ويو ته هو انهن جي صحيح استعمال جي ذريعي هر شيءِ کي چمڪندڙ بڻائيندو هلي. جيڪڏهن سندس اک نه کلي ۽ سندس عمل صحيح نه ٿيو ته هو کالانعا مِ بَل هُم اَضَلُ- زندگيءَ جي درجي ۾ جانورن کان به هيٺانهون ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن ايمان ۽ عمل صالح جي اڪسير کان ڪم وٺندو ته خدا جي نيابت ۾ ڪائنات جو حڪمران ۽ مسجودِ ملائڪ ٿي ويندو. انسان لاءِ زندگي نعمت جو دسترخوان به آهي ۽ ميدانِ جهاد به. جيڪڏهن هن جدوجهد کان لنوايو ۽ زندگيءَ جون رڪاوٽون ڏسي دل هاري ويهي رهيو ته ڪا به نعمت سندس لاءِ نعمت نه رهندي. ڇسي روحانيت ۽ رهبانيت جدوجهد کان لنوائڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندي آهي. پر مشڪلات کان اکيون ٻوٽڻ سان، مشڪلات ٽري ناهي ويندي بلڪه تهائين بدترين صورت اختيار ڪري وٺندي آهي.
    رهبانيت دراصل مايوسي ۽ نااميديءَ جي پيداوار آهي. ڪمزور انسان، جذبات جي ڪشمڪش ۽ زندگيءَ جي تيز وهڪري کي ڏسي ڪري هر قسم جي اوجر کان مايوس ٿي ويو. هن زندگيءَ کان ٽاهه کائي سڌو خدا ڏانهن وڌڻ چاهيو، پر قرآن حڪيم جو چوڻ آهي ته: هو الله جي قرب ۽ الله ڏانهن رجوع ڪرڻ جو حق ادا نه ڪري سگهيو. ڇاڪاڻ ته ان جو زاويئه نظر، زندگي ۽ خدا- ٻنهي بابت غلط هيو. سندس مقصد غلط نه هيو پر حاصلات جو رستو غلط هو. جنهن کي هن صراطِ مستقيم سمجهيو، اهو هڪ ور وڪڙ ۽ منجهائيندڙ پيچرو هيو. ڀٽڪي وڃڻ جي ڪري سندس رستو تهائين ڊگهو ٿيندو ويو.
    اهو ٺيڪ آهي ته ڪو به مذهب- جنهن ۾ مايوسي ئي مايوسي هجي، انساني فطرت لاءِ قابلِ قبول ٿي نه ٿو سگهي. تنهن ڪري رهباني مذهبن گهڻو ڪري ايئن ڪيو جو هن دنيا ۽ هن زندگيءَ مان سموريون اميدون ختم ڪري اهي موت کان پوءِ واري زندگيءَ يا زندگيءَ کان مٿانهين ڪيفيت سان لاڳو ڪري ڇڏيون، جنهن سان هڪ قسم جي آخرت پرستي پيدا ٿي پئي. اسلام، موجوده زندگيءَ کان مٿانهين زندگيءَ جو منڪر ناهي، پر اعليٰ درجا، ادنيٰ درجن واري حياتيءَ جي حقن ادا ڪرڻ کانسواءِ حاصل ٿي نه ٿا سگهن. اسلام، ترڪِ دنيا جو نالو ناهي، پر دنيا کي دين بنائڻ جو نالو آهي. اسلام، عبادت جو مفهوم بدلائي ڇڏيو. ٻين مذهبن ۾، عبادت هڪ مخصوص فعل بڻجي رهجي وئي هئي، جنهن کي پوڄا پاٺ چئبو آهي: ”ديوتائن يا خدا جي آڏو ڪجهه قرباني ڪرڻ يا نذر نياز ڪرڻ يا انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪجهه منتر، وظيفا يا دعائون پڙهڻ!“ اسلام، عبادت جي مفهوم کي وسيع ڪندي ان کي سموري پاڪيزه زندگي جي هم معنيٰ بڻائي ڇڏيو. دين جو مفهوم واضح ڪرڻ سان، عبادت جو مفهوم خودبخود طئه ٿي ويو. اسلام ۾ دين ۽ فطرة الله، ٻئي شيون هم معنيٰ آهن. سڀ موجودات خدا جي فطرت ۽ ان جي سنت جو اولڙو آهن. ازلي ۽ ابدي هئڻ جي لحاظ کان ان جي آئين ۾ تبديلي ناهي ايندي. ان جي فطرت ۾ ڪائي ڦيرگهير ناهي. فطرة الله جو سڀ کان وڏو مظهر انسان آهي.
    فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕ ذٰلِکَ الدين الۡقَیِّمُ ۔
    (الروم 30)
    (الله جي فطرت! جنهن تي هن انسان کي پيدا ڪيو. اهوئي دينِ قيم آهي!)
    ڪنهن به مذهب يا فلسفي ۾، دين جي ان کان بهتر وصف نه ٿي ملي سگهي. ڪو چوي ٿو ته دين انهن عقيدن جو نالو آهي جن بابت ڪو ثبوت مشاهدي يا عقل مان نه ملي سگهندو آهي! ڪو چوندو آهي ته: دين، فطرت کان ٽهڻ جو نالو آهي! اسلام چوي ٿو ته: ”دين عين فطرت آهي.“ ان لحاظ کان ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ بي دين ناهي. پٿرن ۽ وڻن جو به دين آهي ۽ سج چنڊ جو به دين آهي! سموري ڪائنات دين تي قائم آهي. ستارن جو، پنهنجن مدارن ۾ حساب سان هلڻ ستارن جو دين آهي ۽ اهو حڪم مڃڻ انهن جي عبادت آهي!
    ٻين مذهبن ۾ ٿيو ايئن ته عبادت جو مفهوم تنگ ڪري ڇڏڻ جي ڪري فقط خاص قسم جي عملن کي عبادت سمجهيو ويو. خاص خاص ڏينهن ۽ وقت ۽ خاص خاص طريقا عبادت لاءِ مخصوص ڪيا ويا. ڪجهه ماڻهو انهن طريقن جا ماهر قرار ڏنا ويا، جيڪي اڳتي هلي ڪاروباري مذهبي ٽولا بڻجي ويا. انهن ڪاروباري مذهبي اڳواڻن جي مدد کانسواءِ عام ماڻهو خاص عبادتون ڪرڻ جا حقدار به نه رهيا. برهمڻن کانسواءِ، ويد ڪو به نه پڙهي سگهندو هو، ڪم ذات وارن لاءِ مذهب ۾ دخل اندازي وڏو ڏوهه بڻجي ويو. مذهب ۾ ٽنگ اڙائيندڙن لاءِ عذاب ۽ سزائون تجويز ڪيون ويون.
    عبادت، هڪ خاص قسم جي ٽيڪنڪ بڻجي وئي جيڪا هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ئي نه رهي. البت ٻاون، پنڊتن ۽ مُلن کي ان خطري اچي ورايو ته جيڪڏهن دين کي آزادانه طور تي عام خلق سمجهڻ لڳي ۽ ان تي عمل ڪرڻ لڳي ته مذهبي اڳواڻن جي فوقيت ڌوڙ ۾ ملي ويندي. اسلام، معبود کي بنا ڪنهن واسطي ۽ وسيلي جي عبادتگذار جي ويجهو ڪري ڇڏيو. عابد ۽ معبود وچ ۾ ڪا به ديوار حائل نه رهي. اهڙيءَ ريت اسلام پهريون دين آهي جنهن خاص خاص عبادتن لاءِ به ڪنهن مسجد، درگاهه، مندر يا مڙهيءَ کي لازم قرار نه ڏنو. حضورِ اقدسﷺ فرمايو ته
    ”اسان جي دين جي هڪ امتيازي خاصيت اها آهي ته سڄي روءِ زمين اسان لاءِ مسجد بڻائي وئي آهي. هن ڌرتيءَ جو ڪو به ٽڪرو جتي سجدو ڪبو آهي، اتان جو فرش، عرش سان ڳنڍجي ويندو آهي ۽ جڏهن انسان رب جي حضور ۾ سربسجود ٿيندو آهي ته ان جي پيشاني بظاهر ته زمين تي هوندي آهي پر حقيقت ۾ اها خلقڻهار جي قدمن ۾ هوندي آهي:
    اِذَا سَجَدَ الْعَبْدُ۔ سَجَدَ فِیْ قَدَمَی الْرَحْمَانِ۔ (حديثِ قدسي)
    (جڏهن بندو ڌرتيءَ تي سربسجود ٿيندو آهي ته حقيقت ۾ اهو رحمان جي قدمن ۾ هوندو آهي.)
    جڏهن خدا انسان کي شهه رڳ کان به وڌيڪ قريب ٿي ويو ته ڪاروباري پيرن، مرشدن، ملن، ٻاون، راهبن ۽ پنڊتن جي ضرورت ئي نه رهي، جن جي مدد سان اسين خدا جو قرب حاصل ڪريون! اسلام ۾ نه ڪي عبادتگاهه جي ضرورت رهي نه ڪي ڪاروباري عبادت گذارن جي! مطلب ته سمورا صالح عمل پڻ عبادت بڻجي ويا. محنت ۽ پورهئي جي ذريعي روزگار حاصل ڪرڻ به عبادت ٿي پيو:
    الڪاسب حبيب الله (الحديث)
    ”پورهيت الله جو دوست آهي.“
    دنيا جي سمورن ڪمن ۽ سمورن پورهين ۾ وقار پيدا ٿي پيو. ڪو به ڪم پنهنجيءَ پر ۾ نه ڪي اعليٰ رهيو نه ڪي ادنيٰ! جيڪو به ڪم خير جي اصول، خير جي حصول ۽ فطرت جي آئين مطابق ڪيو وڃي، اهو اعليٰ ڪم آهي ۽ عين عبادت پڻ. وڏي کان وڏو ڪم جيڪڏهن الله جي آئين کي نظر انداز ڪري يا ان جي ابتڙ ڪيو ويندو ته اهو ڪم مردود آهي!
    اسلام جو بنيادي نظريو ئي اهو هيو ته: ”دين ۽ دنيا ڪي، ٻه الڳ شيون ناهن. دنيا کي صحيح نگاهه سان ڏسڻ ۽ ان ۾ حسنات پيدا ڪرڻ ئي دين آهي.“
    رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً۔ (البقرۃ 201)
    (اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي دنيا ۾ نعمت ڏي ۽ آخرت ۾ به نعمت ڏي )
    اسلام، اهو طريقو ٻڌايو ته ڪهڙيءَ ريت سموري زندگيءَ تي روحانيت جو رنگ يا صبغة الله چاڙهي سگهجي ٿو. سڀ طيبات ۽ پاڪيزه شيون انسان لاءِ حلال ٿي ويون. علم ۽ حڪمت جا سمورا دروازا کلي پيا. تلاش جاري رکندڙن کي ٻڌايو ويو ته: ”اصلاح ۽ فلاح لاءِ جاکوڙيو، توهان کي سنئين دڳ لاتو ويندو.“
    وَ مَنۡ یُّؤۡتَ الۡحِکۡمَۃَ فَقَدۡ اُوۡتِیَ خَیۡرًا کَثِیۡرًا۔ (البقرۃ 269)
    حڪمت گهرندڙ کي حڪمت ملندي، جيڪا خير ڪثير آهي جنهن سان کيس حقيقت جو عرفان ۽ پاڪ زندگي حاصل ٿيندي.
    اسلام، مؤمنن لاءِ ارتقا جا سمورا رستا کولي ڇڏيا ۽ اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته: دين انسانن لاءِ سوڙهه پيدا ڪرڻ نه ٿو چاهي:
    وَلاَ یُرِیْدُ بکُمُ العْسْرَ۔
    اسلام ۾ نه ڪي عبادت ۾ تنگي ۽ سوڙهه آهي نه ڪي معاملات (ونهوار) ۾. خدا، انسان کان ڪو به اهڙو مطالبو نه ٿو ڪري جيڪو ان جي طاقت ۽ وس کان ٻاهر هجي.
    لَا یُکَلِّفُ اللّٰہُ نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَہَا ۔ (البقرۃ 286)
    اسلام ۾ هر حڪم ۽ هدايت سان گڏ هلڪائي ۽ سهولت جا پهلو موجود آهن. فرمايو رسول اللهﷺ ته: ”ٻن طريقن مان اهو طريقو اپنايو جنهن ۾ سنهنجائي هجي، بشرطيڪه اهو گناهه نه هجي.“
    اسلام، جنهن دنيا تي ڦٽڪار ڪئي آهي، اها بي دين دنيا آهي جيڪا خدا کان غفلت سبب پيدا ٿيندي آهي.
    چیست دنیا؟ از خدا غافل شدن!
    نے قماش و نقرۂ و فرزند و زن!
    (دنيا ڇا آهي؟ خدا کان غافل ٿي وڃڻ! ساز و سامان- سون چاندي ۽ گهر ٻار، دنيا ناهن هوندا.)
    حقوق الله جي ادائگي حقوق العباد کان ڪا الڳ شيءِ ناهي. اهو فرق رڳو، اضافي آهي. جيڪو شخص، بندن جو حق ادا ڪري ٿو، سو دراصل خدا جو ئي حق ادا ڪري ٿو.
    طریقت بجز خدمتِ خلق نیست!
    بہ تسبیح و سجادہ و دلق نیست۔
    (طريقت، خلق جي خدمت کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪانهي. تسبيح کڙڪائڻ ۽ سجدن ۾ پيشاني گسائڻ ڪا طريقت ڪانهي!)

    صلح ۽ جنگ:

    اسلام کي، ان جي دشمنن ۽ نادان دوستن تلوار بازيءَ جو مذهب قرار ڏئي ڇڏيو! اهو هڪ تمام وڏو بهتان آهي. اهڙي دين بابت جنهن جي حقيقت ۽ جنهن جو مقصد ئي نسوري سلامتي ۽ امن قائم ڪرڻ آهي! اسلام کانسواءِ دينن جي تاريخ ۾ ڪنهن به دين لاءِ ڪو معنوي نالو نه آهي. ماڻهن، دينن کي نبين ۽ اڳواڻن جي نالن سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. ڪو دين ”ٻڌمت“ ٿو سڏجي، ڪو ”عيسائيت“، ڪو ”زرتشت“ جي نالي سان منسوب آهي ته ڪو موسيٰ جي نالي سان! اسلام اهو اعلان ڪيو ته رسولن ۽ مبلغن جي نالن سان دينِ الاهيءَ کي منسوب ڪرڻ ناجائز آهي. رسولن جي رسالت مقصد جي حاصلات جو ذريعو آهي، بذات خود مقصد ناهي. دين ابدي، ازلي حقيقت آهي ۽ اها دائمي حقيقت آهي: امن جي تلاش! انسان جڏهن سنئين واٽ کان ڀٽڪي ويندو آهي ته سڀ کان پهريان ان جي اندر ۾ خانه جنگي شروع ٿي ويندي آهي. هڪ خواهش ٻي خواهش سان، هڪ جبلت ٻي جبلت سان ٽڪرائجڻ شروع ٿي ويندي آهي. انسان جي اندروني نفسي مملڪت ۾ عدل جي جاءِ تي ظلم ۽ امن جي جاءِ تي فساد برپا ٿي ويندو آهي. انسان، ٻين تي ظلم ڪرڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪرڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ اهوئي داخلي ظلم خارجي ظلم جون انيڪ صورتون اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ انسان، پنهنجي ماحول جي مخالفت شروع ڪندو آهي. جيڪو شخص پنهنجي پاڻُ تي ظلم ڪندو هجي، سو ٻين سان انصاف ڪيئن ٿو ڪري سگهي!
    تو نخویشتن چہ کردی کہ بما کنی نظیری؟!
    (تون پنهنجي پاڻ سان ڇا ڪيو آهي اي نظيري!- ته پوءِ اسان سان ڇا ڪندين؟!)
    اهڙو شخص هر هنڌ، هر حالت ۾، هر ماڻهوءَ سان فساد جو ڪارڻ هوندو آهي. اسلام جو واحد مقصد اهوئي آهي ته نفسي ۽ آفاقي-داخلي ۽ خارجي فتنن ۽ فسادن کي لغام ڏجي. قرآن حڪيم زندگيءَ جي سمورن پاسن ڏي نهاري ڏٺو ته انساني زندگيءَ ۾ فتنا ۽ فساد ڪهڙن ڪهڙن رستن کان پيا داخل ٿين؟ ۽ پوءِ انهن سمورن رستن کي بند ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا اٿس. اسلام کان اڳ هر قوم پنهنجا پنهنجا ديوتا ۽ معبود گهڙي رکيا هيا. ايستائين جو هڪ ئي قوم جا مختلف ديوتا به پاڻ ۾ هم آهنگ نه پئي ٿيا. مظاهر فطرت ۾، هر مظهر جو هڪ رب هيو ۽ پاڻ ۾ وحدتِ عمل لاءِ منجهن ڪو به سمجهوتو نه هيو. پر اسلام اچي اها تعليم ڏني ته: ڪائنات هڪ منظم حقيقت آهي. ان جا سمورا آئين، ڪنهن مرڪزي آئين مان نڪرن ٿا. قرآن چوي ٿو ته: ”جيڪڏهن موجودات ۾ انيڪ خالق ۽ ناظم هجن ها ته وڏا فساد برپا ٿيندا هجن ها.“
    لَوۡ کَانَ فِیۡہِمَاۤ اٰلِہَۃٌ اِلَّا اللّٰہُ لَفَسَدَتَا۔ (الانبیآء 22)
    (جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ ٻيا معبود هجن ها ته ٻئي خراب ٿي پون ها.)
    جيڪڏهن ڪائنات ۾ واقعن جي ڪثرت، ڪنهن وحدت ۾ پويل نه هجي ها ته ڪنهن شيءِ جو قائم رهڻ ته پنهنجيءَ جاءِ تي، مورؤن ڪا شيءِ وجود ۾ ئي نه اچي سگهي ها!
    اسلام، دينِ وحدت آهي. وحدت جو ٻيو نالو هم آهنگي ۽ ٻن ضدن وچ ۾ صلح ڪرڻ آهي. اسلام، سڀ کان پهريان، انسان جي نظريئه زندگيءَ ۾ فساد کي ختم ڪري امن پيدا ڪيو. جن دلين تي شرڪ جي حڪومت هجي، انهن ۾ حڪمت به پيدا ٿي نه ٿي سگهي. حڪمت متضاد شين ۾ اڻ ڏٺي ۽ عقلي وحدت دريافت ڪرڻ جو نالو آهي. حڪمت پٽاندڙ شرڪ مڙني جهالتن جو سرچشمو آهي ۽ جهالت سان ظلم ۽ فساد پيدا ٿيندو آهي. توحيد جي تعليم حڪمت جي تعليم آهي ۽ حڪمت، جهالت ۽ ظلم کي ختم ڪندي آهي. جنهن دين، توحيد کي بنياد قرار ڏنو ان پنهنجو نالو ”اسلام“ رکيو. جنهن نفس ۾ جيتري قدر توحيد جي معرفت هوندي اوتري قدر ان ۾ سلامتي هوندي ۽ عالَمِ انفس و آفاق سان به هم آهنگي پيدا ٿيندي ويندي. ايمان جي لفظ جو مادو به امن آهي، سچو ايمان ان کي چئي سگهجي ٿو جيڪو مؤمن جي طبيعت ۾ امن پيدا ڪري ۽ انسانن جي باري ۾ کيس امن پسند بڻائي ڇڏي.
    اسلام، جنگ کي نه ڪي زندگيءَ جو مقصد سمجهي ٿو ۽ نه ڪي خوشگوار ڪم! جيترو ٿي سگهي، هو ان کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو. ڪنهن بي ڏوهيءَ کي قتل ڪرڻ تمام وڏو گناهه آهي. زندگيءَ جي احترام جي تعليم ڏيندي قرآن، چند لفظن ۾ ايڏو ته حڪيماڻو نڪتو بيان ڪيو آهي جيڪو قتل و غارت بابت ان جي سموري نظريئه زندگيءَ بابت وضاحت ڪري ٿو:
    مَنۡ قَتَلَ نَفۡسًۢا بِغَیۡرِ نَفۡسٍ اَوۡ فَسَادٍ فِی الۡاَرۡضِ فَکَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِیۡعًا (المائدۃ 32)
    (جنهن شخص، قصاص کانسواءِ ڪنهن کي قتل ڪيو يا زمين ۾ فساد ڦهلائڻ خاطر قتل و غارت ڪئي ته ان پنهنجي ان حرڪت سان جهڙوڪر سموري انسانيت جو خون ڪري ڇڏيو.)
    ڪنهن مذهب، تهذيب يا تمدن کي جاچڻ جو هڪ معيار اهو آهي ته ان جي تعليم ۽ ان جي عمل ۾ ڪيتري قدر زندگيءَ جو احترام آهي. اسلام جيڪا جنگ جي اجازت ڏني آهي، اها دراصل فتني ۽ فساد کي روڪڻ جي مقصد سان آهي. جڏهن قتل ڪرڻ کانسواءِ فتنو ختم نه ٿيندو هجي ته اسلام جو نقطئه نظر اهو آهي ته:
    وَ الۡفِتۡنَۃُ اَشَدُّ مِنَ الۡقَتۡلِ۔ (البقرۃ 291)
    (قتل ڪرڻ بڇڙائي آهي، پر فتنو ان کان به وڌيڪ غليظ آهي.)
    تنهن ڪري جتي قتل ڪرڻ کانسواءِ فتنو ۽ فساد ختم نه ٿيندو هجي اتي نه رڳو جنگ جي اجازت آهي، بلڪه اتي جنگ ڪرڻ فرض ٿيو وڃي. ڇاڪاڻ ته صرف فتني جي پاڙ پٽڻ لاءِ جنگ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ اهو تاڪيد پڻ ڪيو ويو آهي ته:
    وَ قَاتِلُوۡہُمۡ حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ کُلُّہٗ لِلّٰہِ ۔ (الانفال 39)
    (فسادين کي قتل ڪري ڇڏيو، تانجو فساد جي پاڙ پٽجي وڃي ۽ دين خالص الله لاءِ ٿي وڃي.)
    رسول ڪريمﷺ کي جنگ ان ڪري جوٽڻي پئي جو مشرڪن، ضمير جي آزادي ۽ تبليغ جي آزاديءَ جي اجازت نه پئي ڏني ۽ مؤمنن کي صرف ان ڪري پئي عذاب ڏنائون جو سندن عقيدا مشرڪن جي عقيدن جي خلاف آهن. ان مخالفت ۾ مشرڪن فتنا برپا ڪري ڇڏيا هيا. مسلمانن کي حڪم ڏنو ويو ته انهن سان جنگ جوٽيو ايستائين جو فتني جي پاڙ پٽجي وڃي. يعني دين جي تبليغ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي رستن ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، اهي هٽي وڃن. جنگ جي سزا فقط ظالمن لاءِ آهي. جيڪڏهن اهي ظلم کان باز اچي وڃن ته انهن خلاف تلوار نه کنئي وڃي:
    فَاِنِ انۡتَہَوۡا فَلَا عُدۡوَانَ اِلَّا عَلَی الظّٰلِمِیۡنَ۔ (البقرۃ 193)
    (پوءِ جيڪڏهن بس ڪن ته ظالمن کانسواءِ ٻئي تي زيادتي ڪرڻي نه آهي.)
    جنگ جي اجازت فقط انهن ماڻهن جي خلاف آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ دنيا ۾ سرڪشي ڪري فتنو ۽ فساد ڦهلائين ٿا. اهڙا ماڻهو دردناڪ عذاب جا حقدار آهن:
    اِنَّمَا السَّبِیۡلُ عَلَی الَّذِیۡنَ یَظۡلِمُوۡنَ النَّاسَ وَ یَبۡغُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ بِغَیۡرِ الۡحَقِّ ؕ
    اُولٰٓئِکَ لَہُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ۔ (الشورٰی 42)
    (الزام رڳو انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد وجهن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.)
    اهڙا ماڻهو جن اسلام قبول ناهي ڪيو پر مسلمانن سان دين جي معاملي ۾ جنگ به نه جوٽي اٿائون ۽ نه ڪي وري کين گهرن مان ڪڍيو اٿائون، اهڙن امن پسند غير مسلمن سان توهان کي انصاف ۽ احسان ڪرڻ کان خدا نه ٿو روڪي. خدا احسان ۽ انصاف سان محبت ٿو ڪري ۽ انهن جو دائرو غير مسلم امن پسندن تائين وسيع ڪري ٿو.
    لَا یَنۡہٰىکُمُ اللّٰہُ عَنِ الَّذِیۡنَ لَمۡ یُقَاتِلُوۡکُمۡ فِی الدِّیۡنِ وَ لَمۡ یُخۡرِجُوۡکُمۡ مِّنۡ دِیَارِکُمۡ اَنۡ تَبَرُّوۡہُمۡ وَ تُقۡسِطُوۡۤا اِلَیۡہِمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الۡمُقۡسِطِیۡنَ ﴿۸﴾ اِنَّمَا یَنۡہٰىکُمُ اللّٰہُ عَنِ الَّذِیۡنَ قٰتَلُوۡکُمۡ فِی الدِّیۡنِ وَ اَخۡرَجُوۡکُمۡ مِّنۡ دِیَارِکُمۡ وَ ظٰہَرُوۡا عَلٰۤی اِخۡرَاجِکُمۡ اَنۡ تَوَلَّوۡہُمۡ ۚ وَ مَنۡ یَّتَوَلَّہُمۡ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ۔ (الممتحنۃ 8-9)
    (الله اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو. الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته اوهين انهن سان دوستي رکو. ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي (مسلمانن تي) ظلم ڪندڙ آهن.)
    اسلام جو بنيادي اصول اهو آهي ته دين جي باري ۾ ڪو به جبر ڪونهي: لاَ اِکْراَہَ فِي الْدِّيْنِ. رسول ڪريمﷺ جي زندگي يا صحابه ڪرام جي زندگيءَ جو ڪو هڪ واقعو به اهڙو ناهي جڏهن ڪنهن شخص کي اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو هجي. اسلام جڏهن پنهنجي پوري طاقت تي هيو ۽ قيصر ۽ ڪسريٰ جو تخت تاراج ٿي چڪو هيو، ان وقت به حضرت عمر فاروق ؐ جهڙو طاقتور خليفو، مسلم نالي پنهجي غلام کي ڏاڍ سان مسلمان ڪرڻ جو قائل نه هيو. جڏهن ان غلام نه مڃيو ته حضرت عمر ؐ فرمايو ته ”توکي اختيار آهي. دين جي معاملي ۾ جبر نه ٿو ڪري سگهجي.“ لاَ اِکْراَہَ اُ فِي الْدِّيْنِ۔ جن دشمنن رسول ڪريمﷺً تي الزام هنيو آهي ته هو هڪ هٿ ۾ قرآن ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار کڻي گهمندو هيو! اهڙي الزام کي رد ڪرڻ لاءِ حضور اقدسﷺ جي زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا پيش ڪري سگهجن ٿا، جن مان مذهب بابت سندن ڪمال رواداريءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:
    يثرب ۾ هڪ رسم هئي ته جن عورتن جا ٻار زندهه نه رهندا هيا ته اهي باس باسينديون هيون ته جيڪڏهن سندن ٻار زندهه رهيو ته هو کيس يهودي بڻائينديون. اهڙيءَ ريت کوڙ سارا ٻارڙا بنو نضير جي گهراڻن ۾ يهودي مذهب جا پيروڪار هيا. جڏهن اسلام کي طاقت حاصل ٿي ته انهن ٻارڙن جي مسلمان والدين حضور اڪرمﷺ کي عرض ڪيو ته: اسين اسلام کي يهوديت کان بهتر دين سمجهئون ٿا، هاڻي اسين کين مسلمان ڪنداسون ۽ يهودي رهڻ نه ڏينداسون. کوڙ محدث ۽ مفسر ان ڳالهه تي متفق آهن ته: لاَ اِکْراَہَ اُ فِي الْدِّيْنِ جو شانِ نزول اهوئي آهي ته خدا پاڪ اجازت نه ڏني ته انهن ٻارڙن کي زوريءَ مسلمان ڪجي.
    قرآن حڪيم ۾ ٻين به کوڙ جاين تي مذهبي آزاديءَ کي اسلام جو رويو قرار ڏنو ويو آهي:
    وَ مَنْ شآءَ فَلُیُؤمَنْ وَ مَنْ شآءَ فْلیکفرُ۔
    ”جنهن جي دل چاهي سو مؤمن بڻجي ۽ جنهن جي دل چاهي سو ڪافر رهي.“
    خدا چاهي ٿو ته ماڻهو مؤمن بڻجن ۽ کيس قدرت به حاصل آهي ته سمورن انسانن کي ڏاڍ سان مؤمن بڻائي، پر خدا، پنهنجي خواهش ۽ مڪمل قدرتِ جي باوجود دين جي معاملي ۾ ڏاڍ ڪرڻ نه ٿو چاهي. ايمان جو بنياد ئي اهو آهي ته ان کي پوري آزاديءَ سان، افضل سمجهي اختيار ڪجي. ڏاڍ سان ايمان جي حقيقت ئي ختم ٿيو وڃي. ڏاڍ سان جيڪا شيءِ حاصل ٿيندي، ان کي ايمان نه ٿو چئي سگهجي:
    وَ لَوۡ شَآءَ رَبُّکَ لَاٰمَنَ مَنۡ فِی الۡاَرۡضِ کُلُّہُمۡ جَمِیۡعًا ؕ اَفَاَنۡتَ تُکۡرِہُ النَّاسَ
    حَتّٰی یَکُوۡنُوۡا مُؤۡمِنِیۡنَ ۔(یونس 99)
    (جيڪڏهن تنهنجو رب چاهي ها ته سموري روءِ زمين جا ماڻهو ايمان آڻي ڇڏين ها- ڇا، پوءِ تون ماڻهن کي مجبور ڪندين ته هو ايمان آڻين.)
    خدا اهو به نه ٿو چاهي ته ڪنهن خارقِ عادت نشانيءَ سان ماڻهن کي مرعوب ۽ عاجز ڪري منجهن ايمان پيدا ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو به هڪ قسم جو ڏاڍ آهي. ڪنهن معجزي سان اُها ڪيفيت ته نه ٿي حاصل ڪري سگهجي، جنهن کي ايمان چئجي ٿو. ايمان فقط آزادانه حقيقت شناسيءَ سان پيدا ٿي سگهي ٿو. خدا قرآن ۾ نبيءَ کي مخاطب ڪندي فرمائي ٿو ته: ”شايد تون ان ڏک ۾ ڳري ڳري جان ڏئي ويهندين جو هو ايمان نه ٿا آڻين. جيڪڏهن اسين چاهيون ته آسمان مان هڪ اهڙي نشاني لاهيون جو ان جي آڏو سندن ڪنڌ نمي پون، پر اسين ايئن نه ٿا ڪريون“ ... زوريءَ ڪنهن جو ڪنڌ جهڪائڻ ايمان پيدا ڪرڻ جو طريقو ناهي. خدا کي اهڙي ايمان جي ضرورت ناهي جيڪو معرفت سان پيدا نه ٿيو هجي ۽ جنهن کي انسان خوشيءَ سان نه اپنايو هجي!

    جبر ۽ اختيار:

    ان تعليم مان جبر ۽ اختيار تي به روشني پوي ٿي. اهو مسئلو، مسلمانن ۽ غير مسلمن ۽ اوڀر ۽ اولهه جي ڏاهن وچ ۾ هميشه کان هڪ اختلافي مسئلو رهندو آيو آهي. قرآن ۾ تصوير جا ٻئي رخ ملن ٿا. آيتن کي جيڪڏهن الڳ الڳ ڪري پڙهيو وڃي ته ڪجهه آيتن مان جبر نڪري ٿو ۽ ڪجهه آيتن منجهان اختيار! خدا، خالقِ ڪل ۽ قادرِ مطلق آهي. هن سموري مخلوق کي خلقيو ۽ هر شيءِ جي تخليق جا قانون به جوڙيائين. جيڪو ڪجهه وجود ۾ آيو، سو ان جي مرضيءَ سان وجود ۾ آيو. ان جي مرضيءَ کان سواءِ ڪک پن به چري نه ٿو سگهي. هر عمل ڪندڙ کي عمل جي سگهه به خدا بخشي آهي. دنيا ۽ انساني زندگيءَ ۾ بي شمار علتون (سبب) ڪم ڪن ٿيون ۽ هر علت، لازمي طور تي پنهنجو معلول پيدا ڪري ٿي، پر سموريون علتون آخرڪار هڪ علة العلل (سببن جو پيدا ڪندڙ) تي اچي ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ اها علة العلل خود خدا جي ذات پاڪ آهي، تنهن ڪري جيڪو ڪجهه به ٿئي پيو، ان جون ڪڙيون وڃي نيٺ علة العلل تي ختم ٿين ٿيون.
    قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته ڪائنات ۽ انسان جي حڪومت جي واڳ خدا جي هٿ وس آهي پر هن انسان کي عمل جي هڪ خاص دائري جي اندر اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. کيس خير ۽ شر جا ٻئي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن. اخلاقيات جو قانون قدرت جي صحيفي ۽ انساني نفس جي تختيءَ تي لکيل آهي. انسان کي اختيار آهي ته هو، انهن ٻنهي رستن منجهان جيڪو رستو چاهي سو اپنائي، نيڪي ۽ بدي ۽ اجر ۽ سزا جا قانون مقرر آهن. انساني عمل پڻ خدائي تارازيءَ ۾ ايڏي ٺوس طريقي سان پوري باريڪيءَ سان ترُندا رهندا آهن جيئن سيارن جي چرپر ۽ ٻين طبيعي واقعن ۾ هڪ ٺوس نظام عمل ۾ آهي. تقدير جو صحيح مفهوم اهو آهي ته: خير ۽ شر جا قانون مقرر آهن، انهن ۾ ڪا به ردوبدل ٿي ئي نه ٿي سگهي. انسان کي جن حدن جي اندر اختيار عطا ڪيو ويو آهي، اهو به الله جي مشيت ۽ مرضيءَ سان آهي، تنهن ڪري هڪ لحاظ کان ان جي هر عمل جي آخري علت بهرحال الله جي مرضي آهي پر خدا، انسانن جي اخلاقي تربيت ۽ انهن جي سيرت جي تعمير ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اها اختيار کانسواءِ ممڪن ڪانهي. دنيا ۾ آدم جي زندگيءَ جي شروعات ئي اختيار جي استعمال سان ٿي. خدا، کيس منع ڪيل شيءِ کي ويجهو وڃڻ کان منع ڪيو. آدم، پنهنجي عقل ۽ اختيار جو غلط استعمال ڪيو، ان کانپوءِ پشيمان ٿيو ۽ الله ٻاجهاري، نه رڳو کيس معاف ڪيو بلڪه کيس ڌرتيءَ تي پنهنجو خليفو بڻائي ڇڏيو. آدميت جو آغاز ئي اختيار سان آهي. ڀلي اهو اختيار غلط ئي ڇو نه استعمال ڪيو وڃي! ماديت جي فلسفي انسان کي نسورو مجبور قرار ڏنو. مادو، پنهنجي جبر مطابق عمل ڪندو آهي. مادي جي لحاظ کان انسان جو جسم ۽ ان جو نفس به مادي آهي، تنهن ڪري انسان جو هر عمل فلڪي سيارن جي رفتار وانگر مقرر ڪيل آهي. ”ڪو به ماڻهو، ڪهڙي به حالت ۾ جيڪو ڪجهه ڪندو آهي، دراصل ان جو اهو ئي ڪرڻ لازمي هيو. ڇاڪاڻ ته مادي علتون لازمي طور تي پنهنجو معلول پيدا ڪنديون آهن...“ جيڪڏهن اهڙو نظريو واقعي هڪ حقيقت هجي ته هوند اخلاقيات بي معنيٰ ٿيو پوي. سٺي ۽ خراب جو ڪو به مطلب نه رهي. جيڪو نيڪ آهي، سو نيڪ هجڻ تي مجبور آهي ۽ جيڪو برو آهي سو برو هجڻ ۾ لاچار! ماديت نفس جي مستقل وجود کان ئي انڪاري آهي، تنهن ڪري ان جي اندر اختيار جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي پر تعجب جي ڳالهه اها آهي ته روحانيت ۽ الاهيت ۽ توحيد جي مڃيندڙن به جبر جو مذهب اختيار ڪري ورتو آهي. سندن استدلال هيءَ هيو ته: جيئن ته خدا عليم- قادرِ مطلق ۽ علة العلل آهي، تنهن ڪري دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ۽ انسان جيڪو ڪجهه ڪري پيو، اهو ازلئون طئه ٿيل ۽ مقدر ۾ لکيل آهي! انهن ماڻهن اهو خيال ئي نه ڪيو ته جيڪڏهن اهو نظريو صحيح مڃيو وڃي ته دين جي سموري تعليم ۽ تلقين بيڪار ٿي ويندي. دين، الله جي امر سان قائم ٿئي ٿو پر ڪنهن مامور کي ڪنهن اهڙي ڳالهه جو امر (حڪم) ڪرڻ جنهن جي قدرت ۽ استعداد ئي منجهس نه هجي، هڪ اجائي ڳالهه آهي. مسلمانن جي دينيات، علم ڪلام ۽ ادبيات ۾ زوال واري دور ۾ جبر جو عقيدو مڃيل حقيقتن طور تسليم ٿيڻ لڳو. ان جو هڪ سبب ته اهو هيو ته سست ۽ بيڪار ماڻهن کي هڪ بهانو هٿ اچي ويو ته اسان کي برو نه چئو، اسين جيئن به آهيون، خدا جا جوڙيل آهيون ۽ جيڪو ڪجهه اسان کان ٿئي پيو، سو مشيت جي ئي جبر تحت ٿئي پيو. مير چوي ٿو ته:
    ناحق ہم مجبوروں پر یہ تہمت ہے مختاری کی
    جو چاہیں سو آپ کریں ہیں ہم کو عبث بدنام کیا
    ڄڻ ته مختار هجڻ، انسان تي ڪا تهمت آهي! هاڻي انسان خدا تي تهمت مڙهي ٿو ته اڻ وڻندڙ ڪم جو ذميوار هو پاڻ ئي آهي ۽ هروڀرو اسان بي ڏوهين کي بدنام ويٺو ڪري. نه رڳو بدنام پيو ڪري بلڪه پنهنجي ڪئي جي سزا اسان کي پيو ڏئي. ڪري خدا ۽ پڪڙ ٿئي انسان جي!!
    در کوئے نیک نامی مارا گذر نہ داوند
    گر تو نمی پسندی تغیر کن قضا را
    حافظ بخود نہ پوشید ایں خرقہء می آلود
    اے شیخ پاک دامن معذور دار مارا
    (انسان کي نيڪ ناميءَ جي ماڳ مان لنگهڻ به نه ڏنائون. جيڪڏهن توکي پسند نه آهيون ته ڀلا تقدير کي کڻي ڦير! حافظ پاڻ ته هي شراب ۾ ٻوڙيل چادر ناهي ويڙهي. مرشد سائين! اسان جي دامن کي لاچار سمجهجانءِ!)
    قرآن ۾ پيش ڪيل اسلام، نه ڪي جبري آهي نه ڪي قدري. انساني زندگيءَ ۾ جبر به آهي ۽ اختيار به. ڪنهن شخص، حضرت علي ؐ کان پڇيو ته انسان مجبور آهي يا مختار؟ سوال پڇندڙ همراهه بيٺل هيو. سو حضرت علي ؐ فرمايس پنهنجو هڪ پير زمين تان مٿي کڻ. هن پير کنيو ۽ هڪ ٽنگ تي بيٺو رهيو. وري فرمايائونس ته اتي جو اتي ٻيو پير به مٿي کڻي ڏيکار! همراهه وراڻيو: اهو ته ناممڪن آهي! حضرت عليءَ ؐ فرمايو ته: بس ان مان ئي جبر ۽ اختيار جون حدون سمجهي ڇڏ. يعني، انسان، جيترو مختار آهي اوترو ئي مجبور به آهي!
    جن ڳالهين ۾ کيس اختيار ڏنو ويو آهي، ان جي ذميواري به ان حد تائين آهي. لا يکلف اللھ نفساََ الّا وسعھا قرآن جي تعليم اها آهي ته: نفس انساني، آفاقي قانون سان واڳيل به آهي، پر پنهنجي هڪ مستقل حيثيت به رکي ٿو. هي زندهه مٽي، ستارن جي تابع ناهي. هاڻي ته ماديت به مطلق جبر جو عقيدو، گهڻي حد تائين ڇڏي ڏنو آهي، نه ڪي مادو، قديم مادي پرستن جو مادو رهيو آهي ۽ نه ڪي ماديت جو فلسفو پهرين وانگر قائم رهي سگهيو آهي. قديم فلسفو، گهڻي ڀاڱي جبري هيو، جنهن جي اثر هيٺ مسلمانن جو به علم ڪلام جبريت جو شڪار رهيو. جديد فلسفي ۾ ”برگسان“ خاص ڪري وجدان ۽ حڪمت مان ان جو ثبوت مهيا ڪيو ته زندگيءَ جي ماهيت ئي آزادانه تخليق آهي ۽ مادو ان جي ڀيٽ ۾ هڪ پوئتي پيل شيءِ آهي. تيزيءَ سان هلندڙ زندگيءَ جي پيرن تي پيل هيءَ دز، ان جي رفتار طئه ناهي ڪندي. اسلام، انسان جي وقار کي ان جي اختيار سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. جتي اختيار ناهي اتي ڪا اخلاقي ذميواري به نٿي ٿي سگهي. جيڪو شخص پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ارادي جو مالڪ ناهي اهو حيوان کان پست تر ٿيو وڃي. توحيد، انسانن کي وهمي معبودن، ديوتائن ۽ بتن جي غلاميءَ مان نجات ڏياري ۽ کيس اهو احساس ڏياريو ته سندس مقام، مسجودِ ملائڪ هجڻ ۽ ڪائنات کي تسخير ڪرڻ آهي. ٻين لفظن ۾ ان جي زندگيءَ جو ڪارج خلافت الاهيه قائم ڪرڻ آهي. جيڪي جيڪي قوتون، انسانن جي جائز اختيارن تي ڌاڙو هڻندڙ هيون اسلام هڪ هڪ ڪري انهن کي نابود ڪري ڇڏيو. ديوتائن کان سواءِ، انسان به انسانن جا مالڪ ۽ رب بڻيا ويٺا هيا. غلامي ۽ ظلم جا سمورا قسم، وڏي زور شور سان انساني معاشري کي يرغمال ڪري ويٺا هيا. غلاميءَ جو بدترين قسم، هڪ انسان جو ٻين انسانن جي جان، مال ۽ عزت آبروءَ جو مالڪ هجڻ آهي. اها غلامي، هر قوم جي معاشرت جو هڪ اڻ ٽٽ حصو بڻجي وئي هئي. شخصي ۽ معاشي غلامي تمدن ۽ معاشيات جو محور هئي. ارسطوءَ جهڙي ڏاهي به چيو ته: ”غلامي هڪ فطري شيءِ آهي جيڪا ختم ٿي نه ٿي سگهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ به نه گهرجي!“... اسلام، غلاميءَ کي معاشري جي هڪ بيماري ۽ لعنت قرار ڏنو. جيئن ته اهو ڪينسر جهڙو مرض انسانيت جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو هيو، تنهن ڪري هڪ ڏينهن ۾ ان کي پاڙؤن پٽڻ ناممڪن هيو. اسلام، غلاميءَ کي درجي بدرجي اکيڙڻ جو پروگرام ٺاهيو، گهڻو ڪري غلامي، جنگ ۾ قيد ٿيڻ مان پيدا ٿيندي هئي. اسلام، ان بابت اها تعليم ڏني ته: ”جنگي قيدين کي يا ته فديو وٺي ڇڏي ڏيو يا احسان ڪري کين آزاد ڪري ڇڏيو يا وري جنگي قيدين جي مٽاسٽا ڪريو.“ حديث شريف ۾ آهي ته: قيامت جي ڏينهن ڪجهه ڏوهاري اهڙا هوندا، خدا پاڪ جن جو منهن ڏسڻ به گوارا نه ڪندو. انهن منجهان هڪڙو ٽولو انهن ماڻهن جو هوندو جن آزاد انسانن کي غلام بڻايو.
    حضرت عمر فاروق ؐ غلاميءَ جي درجيوار خاتمي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ حڪم ڏنائين ته: ”ڪو به مسلمان غلام نٿو ٿو سگهي.“ ان کانپوءِ فرمان جاري ڪيائين ته: ”ڪو به عرب غلام نه ٿو ٿي سگهي.“ اڳتي هلي جڏهن خلافت سلطنت ۾ تبديل ٿي وئي ۽ قيصريت ۽ شهنشاهيت جو دور شروع ٿيو ته اسلام جي ٻين پروگرامن وانگر غلامن جي آزاديءَ واري پروگرام تي به عمل ٿيڻ رڪجي ويو ۽ فقيهن اهو چوڻ شروع ڪري ڏنو ته غلامن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ انهن جا حق مقرر ڪيا ويا آهن، باقي غلاميءَ کي ختم ڪرڻ ضروري ڪونهي.
    ان ڏس ۾ اسلام بابت هڪ اهم سوال ٿو پيدا ٿئي جنهن کي واضح ڪرڻ ضروري آهي: هر دين ڪنهن قوم ۾ ايندو آهي ۽ هر نبي ڪنهن قوم جو فرد هوندو آهي. جنهن قوم ۾ ڪو نبي مبعوث ٿيندو آهي، اها پنهنجو مخصوص مزاج رکندي آهي. نبيءَ جو ڪم انهن جي عادتن کي سڌارڻ ۽ خراب رسمن کي پاڙؤن اکيڙڻ هوندو آهي. پر سڌاري جو ڪم ان قوم جي جي ريتن رسمن، رواجن ۽ مزاجن کان بلڪل هٽي ڪري نه ٿو ڪري سگهجي. سڌارڪ کي اهو ڏسڻو پوندو آهي ته قوم پنهنجي موجوده حالت ۾ وڌ کان وڌ ڪيترو سڌارو قبول ڪري سگهي ٿي. جهڙيءَ ريت فرد جي اصلاح ۾ مرحلن کان ڪم وٺڻو پوندو آهي، اهڙيءَ ريت قوم جي اصلاح به درجيوار ئي ٿي سگهي ٿي. سڌاري بابت مولانا حاليءَ جو هڪ ڏاهپ ڀريو شعر آهي ته:
    دھونے کی ہے اے ریفارمر، جا باقی
    کپڑے پہ ہے جب تلک دھبا باقی
    دھو شوق سے دھبے کو پر اتنا نہ رگڑ
    دھبا رہے کپڑے پر نہ کپڑا باقی
    حضرت امام شاهه ولي الله ؓ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب: ”حجۃ اللہ البالغہ“ ۾ نبوت جي اصلاح جي انداز بابت لکيو آهي ته:
    ”دين جا ڪجهه ابدي ۽ ازلي اصول آهن، نبيءَ جو ڪم اهوئي آهي ته انهن اصولن کي پنهنجي تعليم ۽ اسوهء حسنه سان دل ۾ سمائجي ويندڙ ۽ عمل جوڳو بڻائي، پر هر نبيءَ کي ان قوم جي مزاج جو لحاظ ڪري اصلاح ڪرڻي پوندي آهي جنهن قوم ۾ اهو مبعوث ٿيو، تنهن ڪري جيڪي قاعدا نبي رائج ڪندو آهي، انهن ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون قومي مزاج کي سامهون رکي ڪيون وينديون آهن. اهي قاعدا ۽ طريقا دين جو ازلي ۽ ابدي حصو نه هوندا آهن ۽ نه ڪي ان دين جي ماهيت ۾ داخل هوندا آهن. جنهن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ٻي قوم تي، جنهن جو مزاج، روايتن ۽ زندگيءَ جي طور طريقن کان بنهه مختلف هجي، اهي قاعدا ۽ قانون جيئن جو تيئن لاڳو نه ٿي سگهندا. ڪنهن نبيءَ، اصلاح بابت جيڪا به وک کنئي، ان جون حدون اتان جي ريتن رسمن ۽ قومي مزاج جي ذريعي طئه ٿيون. جيڪڏهن ان قوم يا ان زماني ۾ وڌيڪ اصلاح قبول ڪرڻ جي صلاحيت هجي ها ته اصلاح جي هڪ ٻي وک به اڳتي وڌي ها.“
    امام شاهه ولي الله جي اهڙي خيال جي، بخاري شريف جي هڪ حديث مان به تائيد ٿئي ٿي جنهن ۾ پاڻ سڳورنﷺ فرمايو آهي ته:
    ”جيڪڏهن منهنجي قوم، جاهل نه هجي ها ته آئون ڪعبي جي هڪ حصي جي تعمير کي ابراهيمي نقشي مطابق جوڙيان ها.“
    مطلب اهو آهي ته ان ڀڃ ڊاهه ۽ نواڻ واري تعمير سان قريش جي جاهلاڻن جذبن کي ڌچڪو اچي ها، تنهن ڪري پاڻ سڳورن، اهڙو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪيتريون ئي اصلاحي ڳالهيون اهڙيون هونديون جن بابت پاڻ سڳورن به سوچي سمجهي اوترو ئي قدم کنيو جيترو سندن قوم برداشت ڪري سگهي پئي. قوم جي برداشت ۽ ان جي تهذيبي ۽ تمدني حالت کان وڌيڪ اصلاح خاطر جلد بازي کان ڪم وٺڻ فائدي جي بجاءِ نقصان پهچائي سگهي ٿو پر ازلي دين اهوئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو زندگيءَ جي انتهائي نصب العين کي مقرر ڪري ۽ هر اصلاح ان نصب العين ڏانهن هڪ وڌندڙ وک هجي. انساني زندگيءَ جو نصب العين اهو آهي ته هو، وس آهر پنهنجي اندر خدائي اخلاق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري: تَخَلّقُوَ بِاَخَلاقِ اللہ، مؤمن جو لائحه عمل ۽ نصب العين آهي.

    اصول ۽ احڪام:

    اسلامي تعليمات جا ٻه پهلو آهن، هڪڙن جو تعلق اصولن سان آهي ۽ ٻين جو تعلق احڪامن سان! قرآن پنهنجو نالو ”قرآن حڪيم“ رکيو جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو دراصل حڪمت جو ڪتاب آهي. حڪمت اصل ۽ بنيادي حقيقت آهي ۽ احڪام ضرورت آهر ان حڪمت مان جڙندا آهن ته جيئن اها حڪمت زندگيءَ جي نظم و ضبط ۾ ڪتب اچي سگهي. قرآن، حڪمت کي موعظت (نصيحت) تي ترجيح ڏني آهي:
    اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ ۔ (النحل 125)
    (سڏيندو رهج پنهنجي پالڻهار جي واٽ ڏانهن حڪمت ۽ سهڻي نصيحت سان.)
    جنهن شخص ۾ احڪام جي حڪمت سمجهڻ جي صلاحيت نه هجي، ان لاءِ وعظ ۽ نصيحت کان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ عمل لاءِ او امر (يعني ڪرڻ جون ڳالهيون) ۽ نواهي (يعني نه ڪرڻ جون ڳالهيون) ان جي آڏو پيش ڪيا ويندا آهن.
    قرآن حڪيم جي مطالعي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ان ۾ احڪام جو انگ تمام گهٽ آهي ۽ گهڻن حڪمن سان گڏ ان حڪمت کي به واضح ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪنهن حڪم جي علت (سبب) آهي. جيڪڏهن اوامر ۽ احڪامات جي گهڻائي ٿي وڃي ته انسانن جي جائز آزادي به ڪڏهن ڪڏهن محدود ٿي ويندي آهي. اسلام جو مقصد اهو هيو ته جيتري قدر ٿي سگهي، انسان، خدا کي ڪائنات جي مشاهدي ۽ مطالعي ۽ تفڪر ۽ تدبر وسيلي سمجهي ۽ خدا جي حڪمن جي حڪمت به مٿس واضح ٿئي. اڳوڻن دينن زندگيءَ کي بنهه محدود ۽ محصور ڪري ڇڏيو هيو. اوامر ۽ نواهيءَ جي گهڻائيءَ اصل دين کي وسارائي ڇڏيو هيو. متعصب ماڻهو ان کي چئبو آهي، جيڪو اصل (بنياد) کي وساري، شرع کي ئي اصل سمجهي ويهندو آهي ۽ ڪنهن حڪم جي علت ۽ حڪمت کي سمجهڻ کانسواءِ ان جي ظاهري صورت جي پابنديءَ کي عين دين تصور ڪري ويهندو آهي. اسلام، دين جي اها حقيقت هيءَ ٻڌائي ته: اَلدِّيْنُ یُسْرٌ (دين آسانيءَ جو نالو آهي.) ۽ رسالت جو مقصد اهو آهي ته ماڻهن جن وهمن، روايتن ۽ رسمن جي زنجيرن ۾ پاڻ کي جڪڙي رکيو آهي، انهن زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏجي. حڪمن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ هجي ۽ گهڻو زور اصول تي هجي. حڪم جي رڳو ظاهري پابندي ڪري ان جي باطن ۽ ان جي حڪمت کان غافل رهڻ وارن کي تنبيهه ڪجي. عبادتن جو مقصود ٻڌايو وڃي ۽ ان جا ڪجهه ارڪان ۽ طور طريقا مقرر ڪجن، پر گڏوگڏ تاڪيد سان اها تلقين به ڪجي ته ارڪان ۽ آداب، ذريعا آهن، اصل مقصود ناهن. حقيقي نماز اها آهي جنهن ۾ دل جو حضور هجي ۽ اها فحشاء ۽ منڪر کان ماڻهوءَ کي روڪي سگهي ۽ انسان جي مزاج ۾ صالح عملن جي رغبت وڌائي. قيام، رڪوع، سجدو ۽ قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ، مقصد جي حاصلات جا ذريعا آهن. جيڪڏهن مقصد حاصل نه ٿئي ته رڳو اُٿڪ بيٺڪ ۽ آيتن کي طوطي وانگر دهرائڻ، چڱائيءَ جي بجاءِ بڇڙائيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿي. جيئن ته ارڪان، في نفسہ مقصود ناهن، تنهن ڪري ارڪان جي پابنديءَ ۾ اسلام، اهڙي شدت ۽ سختي روا ناهي رکي جو ارڪان ٿورڙو به هيڏي هوڏي ٿين ته نماز ئي باطل ٿي وڃي. بيهي نماز ادا ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ته ويهي ادا ڪري وٺجي. ويهي ادا ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ته سمهي ادا ڪري ڇڏجي بلڪه ايستائين به آهي ته آخر ۾ اشارن سان ئي نماز ادا ڪري ڇڏجي. نماز دوران، قبلي ڏانهن رخ ڪرڻ نماز جي طريقن منجهان آهي، پر قرآن کي اچي ان الڪي ورايو ته ماڻهو ڪٿي ڪنهن طرف کي ئي نه مقدس سمجهي ويهن ۽ ان کي نماز جي جوهر ۾ داخل ڪري ڇڏين. تنهن ڪري قرآن ٻه ٽي ڀيرا دهرائي چيو ته نيڪيءَ جو بنياد قبله رخ ٿيڻ تي ناهي، بلڪه اهو قبله رخ به طريقن ۽ ذريعن ۾ داخل آهي. طريقن جي پابندي مفيد آهي پر طريقن کي، طريقو ئي سمجهجي انهن کي اصول جي برابر نه بڻائجي.“
    وَ لِلّٰہِ الۡمَشۡرِقُ وَ الۡمَغۡرِبُ ٭ فَاَیۡنَمَا تُوَلُّوۡا فَثَمَّ وَجۡہُ اللّٰہِ ۔ (البقرۃ 115)
    (۽ الله جو ئي آهي اوڀر ۽ اولهه، تنهن ڪري توهين جيڏانهن به منهن ڪندؤ اتي الله ئي آهي!)
    اصل شيءِ آهي نيڪين ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ! نماز ۽ ان جا ارڪان سڀ ان مقصد جي حاصلات جا ذريعا آهن.:
    وَ لِکُلٍّ وِّجۡہَۃٌ ہُوَ مُوَلِّیۡہَا فَاسۡتَبِقُوا الۡخَیۡرٰتِ۔ (البقرۃ 148)
    (۽ هر هڪ لاءِ طرف آهي، جيڏانهن هو پنهنجو رخ ڪندو آهي، تنهن ڪري توهين نيڪين ڏانهن اڳڀرائي ڪريو.)
    عبادتن جي ظاهري صورت ۽ طور طريقا، نيڪيءَ جو بنيادي مقصد ناهن. نيڪيءَ جي ماهيت اها آهي ته: حقيقتن تي ايمان رکندي صالح عمل ڪبا رهجن. رحم ۽ عدل، ايثار ۽ صبر جي مشق ڪبي رهجي. قرآن حڪيم هن آيت ۾ ڏسو نيڪيءَ جا معيار ڪيئن چٽا بيان ڪري ڇڏيا آهن:
    ”نيڪي اها ناهي ته پنهنجو منهن اوڀر يا اولهه ڏانهن ڪري ڇڏيو. بلڪه اصل نيڪي انهن جي آهي جن الله، آخرت، فرشتن، ڪتابن ۽ پيغمبر تي ايمان آندو ۽ جن الله جي محبت ۾ مائٽن، يتيمن، محتاجن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي پنهنجو مال ڏنو ۽ ماڻهن کي غلاميءَ مان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪيائون. جيڪي نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهيا، جڏهن واعدو ڪيائون ته پنهنجو واعدو پورو ڪيائون. تنگي، تڪليف ۽ خوف جي وقت ۾ صبر ڪندا رهيا. اهي ماڻهو سچار ۽ پرهيزگار آهن. (البقرة: 172)
    اسلام جي مخالفن بلڪه ڪن مسلمان سڏائيندڙن به اسلام تي اهو اعتراض ڪيو آهي ته: اسلام-زندگيءَ جي سمورين جزئيات کي هڪ اٽل نظامِ فڪر و عمل ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. اهو اعتراض حقيقت ۾ قرآن تي نه، بلڪه اسان جي مروج فقهه جي ڪجهه حصن تي ٺهڪي اچي ٿو. قرآن تي اعتراض نه ٿو ٿي سگهي. مسلمان فقيهه ۽ عالم پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ زماني جي ضرورتن پٽاندڙ تفصيلي احڪامات جا دفتر تيار ڪندا رهيا. جيئن ته اهي احڪامات تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ مختلف ذهني سطحن جو نتيجو هيا، تنهن ڪري انهن ۾ گهڻين ڳالهين بابت اختلاف رهيو. هر هڪ نيڪ نيتيءَ سان جيڪي ڪجهه صحيح سمجهيو تنهن ان مطابق فتويٰ ڏني. جيستائين مسلمانن تي ذهني جمود طاري نه ٿيو هيو تيستائين فقيهن جا مذهب ڪا اٽل شيءِ ڪو نه هيا ۽ فقهه جي امامن ۾ ڪنهن جي به اها مرضي ڪا نه هئي ته ماڻهو سندن تحقيقات ۽ سندن فتوائن کي شريعت جو ناقابلِ تبديل حصو سمجهن ۽ انهن بابت غلطين کان مڪمل طور پاڪ هجڻ تي ايئن ايمان آڻين جيئن ماڻهن قرآن تي ايمان آندو آهي. فقيهن احڪامات کي قرآن مان اخذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪٿي ڪٿي تاويلات (سمجهاڻين) ۾ اختلاف ٿي پيو. حديثن مان احڪامات ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر حديثن ۾ تمام گهڻو اختلاف هيو. تنهن ڪري مڙني فقيهن لاءِ، انهن منجهان ٺهڪندڙ احڪامن جو استنباط هڪ تمام ڏکيو ڪم هيو. جڏهن مسلمانن ۾فقهه جي حقيقت کي ان جي جوهر مطابق سمجهڻ (تفقهه) جو ڏڪار اچي ويو ته عوام ۽ عالم سڏجندڙ بصيرت کان ڪورا ۽ جامد ذهن ماڻهو پهرين فقيهن جا پرستار بڻجي پيا ۽ پوءِ اهائي صورتحال سامهون اچي بيٺي جيڪا قرآن حڪيم، يهودين بابت بيان ڪئي آهي ته: ”اُنهن ماڻهن، مولوين ۽ مفتين کي، الله کي ڇڏي ڪري رب بڻائي ڇڏيو!“
    اِتَّخَذُوۡۤا اَحۡبَارَہُمۡ وَ رُہۡبَانَہُمۡ اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ ۔ (التوبہ 31)
    ان کانپوءِ ماڻهن مسلمان سڏرائڻ بجاءِ حنفي، شافعي، مالڪي، حنبلي ۽ جعفري سڏرائڻ شروع ڪري ڏنو. (بلڪه اڳتي هلي ذهن جڏهن اڃا به پستين ڏانهن ڌڪجي ويا ته وري هڪ هڪ مسلڪ مان کوڙ سارن ٻين مسلڪن جنم ورتو. جهڙوڪ سني، شيعا ۽ سنين ۾ وري ديوبندي، بريلوي وغيره.) انهن پنهنجن امامن جي اختيارن ۽ فتوائن کي شريعت جو اڻ ٽٽ حصو سمجهي ورتو. اجتهاد ۽ اجماع، قياس ۽ امتحان جا سڀ دروازا بند ٿي ويا. اسلامي شريعت به منوءَ جي ڌرم شاستر وانگر بڻجي وئي! قرآن حڪيم ۾ جيڪي دين جا اصول آهن، اهي وحي تي آڌاريل ۽ ابدي اسلام آهن. انهن کان علاوه جيڪي ڪجهه آهي سو وقتي اجتهاد آهي جيڪو زماني جي ضرورتن پٽاندڙ بدلجي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسلام، ابدي دين آهي ته ان ۾ اهڙا تفصيل، دين جو اڻ مٽ حصو بڻجي نه ٿا سگهن، جيڪي تمدن ۽ معاشرت جي ڪنهن خاص صورت سان لاڳاپيل هيا. اسلام جيڪي سڌارا آندا، انهن منجهان ڪجهه اهڙا هيا جيڪي پنهنجي دور جي معاشرت جي ڪنهن صورتحال کي سامهون رکي آندا ويا هئا. پاڻ سڳورنﷺ اسلام جي تلقين ۾ به تدريج جي اصول کي سامهون رکيو ۽ ان حقيقت کي نظرانداز نه ڪيائون ته: ”اسلام جي مڪمل ۽ انتهائي صورت ڪنهن هڪ فرد يا قوم ۾ يڪدم پيدا ٿي نه ٿي سگهي.“ پاڻ سڳورا جڏهن ڪنهن قوم ۾، ڪنهن صحابي سڳوري کي عملدار ۽ والي بڻائي موڪليندا هيا ته ان کي فرمائيندا هيا ته پهريان، ماڻهن کي فقط اهو چئجو ته: خدا هڪ آهي. جڏهن توحيد کين سمجهه ۾ اچي وڃي ته پوءِ کين نماز جي تلقين ڪجو ۽ ان کانپوءِ زڪوات جي تلقين ڪجو. اسلام ۾ جيڪا درجي بندي، فردن ۽ قومن بابت رسالت جي زماني ۾ درست هئي، اها پوءِ ايندڙ زمانن بابت به درست آهي. اسلام، شروع ۾ جيڪي سڌارا آندا اهي اصلي درجي بندي جي سفر ۾، منزلن ۽ مرحلن وانگر آهن. اسلام بابت صحيح نقطئه نظر اهوئي آهي ته ان جي هر اصلاح، انسان جي آخري فلاحي صورت ناهي، بلڪ اها رستي جي هڪ منزل آهي. انسان کي خدا تائين پهچڻ لاءِ بي شمار منزلون طئه ڪرڻيون آهن:
    ہر لحظہ نیا طور نئی برق تجلّی
    اللہ کرے مرحلۂ شوق نہ ہو طے
    رومي، هڪ شعر ۾ مؤمن جي منزل بابت فرمائي ٿو ته: منزل ما کبریاست (اسان جي منزل پروردگار پاڻ آهي)... اقبال فرمائي ٿو ته: ”مسلمانن، اسلام کي ڪنهن هڪ زماني جي معاشرت وارو سمجهي ڇڏيو آهي. زندگي، ارتقا پذير شيءِ آهي. ان جون ايندڙ صورتون نت نون آئينن جون تقاضائون ڪنديون. اسلام، زندگيءَ جي هڪ نصب العين جو نالو آهي. صراط مستقيم تي هلندي، انسان زندگيءَ جا ڪهڙا ڪهڙا سانچا تبديل ڪندو، تصور ۾ به ان جو اندازو ڪري نه ٿو سگهجي. مولانا چراغ علي دهلوي مرحوم، شريعت تي بحث ڪندي پنهنجي ڪتاب: ”مقدمهء تحقيق الجهاد“ ۾ لکي ٿو ته: ”اسان جا مخالف انهن ئي عارضي حڪمن يا رعايتن تي اڙجي بيهي رهن ٿا ۽ چون ٿا ته اسلام، انهن اڻ پورن حڪمن ۽ جزوي اصلاحن کي هڪ دائمي ۽ ڪڏهن به نه بدلجندڙ قانون بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تي اعليٰ درجي جي سڌارن جي گنجائش نه رهي ۽ جيڪي ترقي ڪندڙ ۽ شائسته تمدن لاءِ هڪ تمام وڏي رڪاوٽ آهن.“
    پاڻ سڳورن ﷺ جا هيٺيان اصلاحات منهنجي نظر ۾ اهم آهن:
    * عورتن جي ذليل حالت ۾ سڌارو.
    * لامحدود شادين جي حدبندي.
    * طلاق جي آساني.
    * ٻانهين ۽ ٻانهن بابت سڌارا.
    پاڻ سڳورنﷺجا سمورا عام احڪام (عارضي توڙي دائمي) انهن تمدني خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا هئا. اهي هڪ ٻئي سان مربوط ۽ ڪلام پاڪ جي مختلف سورتن ۾ جابجا ڦهليل آهن ۽ ترتيب نزول جي مطابق مرتب ناهن. تنهن ڪري جيڪي ماڻهو، قرآن حڪيم جي مضمونن تي گهري نظر نه ٿا رکن، انهن لاءِ ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ڪجهه مشڪل آهي ته آيا ڪهڙا احڪام عارضي آهن ۽ ڪهڙا دائمي! عام قانونن کي سهيڙيندڙن (فقيهن ۽ مجتهدن) کان قدري اوڻائي ٿي آهي جنهن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته عارضي احڪامن کي دائمي ۽ قطعي سمجهيو ويو، جيڪي دراصل منزل جي حاصلات لاءِ هڪ دور تائين جا هيا! ٻيو ته جيڪي ملڪي احڪامات، عرب جي صحرائي رهواسين جي حال آهر هيا، انهن جو بار سمورن زمانن ۽ ملڪن مٿان وڌو ويو.“
    آڳاٽيون قومون کاڌي پيتي جي شين ۾ حلال ۽ حرام کي دين جو نهايت اهم حصو سمجهنديون هيون. هر مذهب ۽ تهذيب ۾ کاڌي پيتي بابت ڪجهه شيون پاڪيزه ۽ ڪجهه شيون ناپاڪ سمجهيون وينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ائين سمجهڻ ڪنهن حڪمت يا تجربي جي آڌار تي هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي تهه ۾ قومي عادتون ۽ روايتون محرڪ هونديون آهن، جن جي اندر حڪيمانه اصول تلاش ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. قرآن حڪيم، ٻن-ٽن شين کي حرام چئي ڪري باقي سڀني بابت هڪ عام معقول اصول بيان ڪري ڇڏيو ته سڀ پاڪيزه شيون حلال آهن. يعني سمورا اهڙا طعام حلال آهن جيڪي تجربي ۽ طب جي اصولن مطابق جسماني ۽ نفسي زندگيءَ لاءِ مفيد هجن. پر جيئن نماز جي ارڪان بابت اهو واضح ڪري ڇڏيائين ته هن طرف يا هُن طرف ئي منهن ڪرڻ نيڪي ناهي، اهڙيءَ ريت قرآن حڪيم اها تعليم ڏني ته اصل حرام ۽ حلال جن تي وڌيڪ ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي ان جو تعلق ايمان ۽ بي ايماني ۽ نيڪي ۽ بديءَ سان آهي.
    قُلۡ تَعَالَوۡا اَتۡلُ مَا حَرَّمَ رَبُّکُمۡ عَلَیۡکُمۡ۔ (الانعام 151)
    ”اي پيغمبر! (ماڻهن کي چئو): ته اچو ته مان توهان کي اهي شيون پڙهي ٻڌايان جيڪي توهان جي پروردگار، توهان تي حرام ڪيون آهن. اهي هي آهن ته: ڪنهن کي به الله جو شريڪ نه بڻايو ۽ ابي امڙ سان سهڻو سلوڪ ڪريو ۽ مفلسيءَ جي خوف کان پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪريو، توهان کي ۽ انهن کي اسان ئي رزق ڏيندا آهيون ۽ بي حيائيءَ جون ڳالهيون، جيڪي واضح ۽ لڪل آهن، انهن جي ويجهونه وڃو ۽ جنهن جي جان وٺڻ کي الله حرام ڪيو آهي، انهن کي ناحق قتل نه ڪريو. اهي ڳالهيون آهن، جن جو خدا توهان کي حڪم ڏنو آهي ته جيئن توهين سمجهو!“ (انعام: 152)
    ان مضمون سان ٺهڪندڙ مضمون سور ة اعراف ۾ به آهي ته: ”اصل حرام شيون ته بي حيائيءَ جا ڪم آهن. سرعام ۽ لڪ ڇپ ۾ ڏوهه ڪرڻ ۽ ناحق ٻين سان ڏاڍ ڪرڻ ۽ اهڙين ڳالهين کي خدا ڏانهن منسوب ڪرڻ جن بابت ڪا به سند ڪانهي ۽ جن جو اسان کي ڪو به علم ڪونهي.“ مطلب اهو آهي ته حلال ۽ حرام جو تعلق ايمان ۽ اخلاق سان آهي. کاڌي پيتي ۽ ٻين رسمن ۽ عادتن، طور طريقن ۽ عبادتن بابت جيڪي ڳالهيون آهن، سي ثانوي حيثيت رکن ٿيون. جنهن ظاهري يا ثانوي حيثيت تي زور ڏنو ۽ بنيادي ڳالهين کي وساري ڇڏيو، اهڙو ظاهر پرست حقيقي روحانيت کان ويڳاڻو ٿيو وڃي:
    زاہد ظاہر پرست از حالِ ما آگاہ نیست
    در حق ما ہرچہ گوید جائے ہیچ اکراہ نیست
    (ظاهر پرست زاهد کي اسان جي حال جي ڪهڙي خبر؟- اسان بابت جيڪو وڻيس، پيو چوندو وتي، اسان کي ڪا به پرواهه ڪانهي.)
    الله پاڪ، زبردستي ڪري اسان جي طور طريقن ۽ عادتن کي هڪجهڙو ۽ هڪ رنگو بنائڻ نه ٿو چاهي. دين جو اصل مقصد نيڪيءَ ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ آهي.
    لِکُلٍّ جَعَلۡنَا مِنۡکُمۡ شِرۡعَۃً وَّ مِنۡہَاجًا ؕ وَ لَوۡ شَآءَ اللّٰہُ لَجَعَلَکُمۡ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً وَّ لٰکِنۡ لِّیَبۡلُوَکُمۡ فِیۡ مَاۤ اٰتٰىکُمۡ فَاسۡتَبِقُوا الۡخَیۡرٰتِ۔ (المائدۃ 48)
    (اسين توهان منجهان هر ٽولي لاءِ هڪ شريعت ۽ هڪ رستو مقرر ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته (سمورن انسانن ۾ عبادتن ۽ رسمن جو هڪ ئي ڍنگ پيدا ڪري) مڙني کي هڪ ئي امت (قوم) بڻائي ڇڏي ها، پر هن ايئن نه چاهيو.)
    هر طريقي ۾ ماڻهن جي آزمائش ٿي سگهي ٿي. نيڪي ۽ بديءَ جي گنجائش هر طريقي ۾ نڪري سگهي ٿي. اصل مقصد اهو آهي ته سمورا انسان، نيڪين ڏانهن اڳڀرائي ڪن. خاص ڪري اي مسلمانؤ! توهان کي دين جي ان بنيادي مقصد کان ويسلو ٿيڻ نه گهرجي.

    ايمان ۽ عقل:

    اسلام ڪنهن اهڙي عقيدي جي تلقين نه ٿو ڪري جيڪو عقل ۽ انساني مشاهدي جي ابتڙ هجي. نبين جي اندر ايمان رڳو عقل ۽ استدلال سان پيدا ناهي ٿيندو، پر ڪائنات ۽ زندگيءَ جي حقيقت انهن تي سڌي سنئين کلي پوندي آهي. جيڪو ڪجهه مٿن ظاهر ٿيندو آهي، اهو اهڙو ناهي هوندو جو انساني عقل يا انساني فطرت ان جي تائيد نه ڪري. سگهي.
    اسلام، دين کي فطرت چوي ٿو ۽ فطرت ان کي چئبو آهي جيڪا ڪائنات ۾ هر جاءِ تي اندر ۽ ٻاهر، ظاهر ۽ باطن ۾ جاري ۽ ساري آهي. هر شيءِ جو هڪ ظاهر آهي ته هڪ باطن، پر خدا- جيڪو ڪلي حقيقت آهي، سو فرمائي ٿو ته: ”مان ئي ظاهر ۽ مان ئي باطن آهيان.“ جيئن ته خدا جي ذات ۽ صفات ۾ ڪو به تضاد ڪونهي، تنهن ڪري ظاهر ۽ باطن ۾ به ڪو تضاد نه ٿو ٿي سگهي. اسلام وحدت جو دين آهي، تنهن ڪري اهو زندگي ۽ ڪائنات ۾ ڪنهن بنيادي تضاد جو قائل ٿي نه ٿو سگهي. قرآن جي تعليم مطابق، وحي ۽ عقل ۾ ڪو به تضاد ڪونهي. بلڪه جيڪا ڳالهه به وحي جي ذريعي ڪئي ويندي آهي، ان بابت اها دعويٰ به گڏوگڏ هوندي آهي ته: اي انسانؤ! جيڪڏهن توهين عقل کان ڪم وٺو ۽ جهالت ۽ تعصب جي ذريعي پنهنجين اکين کي انڌو نه ڪريو ته توهين ان ڳالهه کي حقيقت سمجهو جيڪا توهان جي آڏو پيش ڪئي وڃي ٿي. هتي اهو سوال پيدا ٿي سگهي ٿو ته دين ته ايمان بالغيب جي تقاضا ڪري ٿو. ان جو صاف جواب اهو آهي ته زندگي لامحدود آهي جهڙيءَ طرح هر ظاهر جو هڪ باطن آهي، اهڙيءَ ريت هر حاضر سان گڏ غائب به آهي. هن دنيا ۾ حاضر گهٽ آهن ۽ غائب وڌيڪ آهن. پر اسلام ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ته ڪو به انسان پنهنجي محدود موجوده تجربي کي مڪمل حقيقت نه سمجهي وٺي ۽ اهو عقيدو رکي ته غائب حاضر سان متضاد ناهي ۽ هر ظاهر هڪ غائب ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن جون ڪڙيون ان حاضر سان مليل آهن. سموري حڪمت حاضر کان غائب ڏانهن وڌڻ جو نالو آهي. سائنس جي دريافت ڪيل قانونن جي صحيح هجڻ جو معيار به اهوئي آهي ته جيڪي واقعا اڃا مستقبل جي پيٽ ۾ آهن ۽ ظاهر ناهن ٿيا، انهن بابت اڳڪٿي ڪري سگهجي! سائنس موجودات جي هڪ حصي جو مطالعو ڪري ۽ ان جا قانون دريافت ڪري اهو ايمان قائم ڪري ورتو آهي ته ڪائنات جا طبعي پهلو هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. لامحدود ۽ نامعلوم ڪائنات به انهن ئي قانونن جي پابند آهي، جيڪي اسان جي عقل ۽ تجربي ۾ مڃتا ماڻي چڪا آهن. سائنس جو عقيدو به اهوئي آهي ته حاضر جو صحيح علم غيب سان اڻ ٺهڪندڙ نه ٿو ٿي سگهي. انفس ۽ آفاق يعني ماڻهو ۽ ڪائنات جا جهان الڳ الڳ معلوم ٿين ٿا، پر اهي هڪ ٻئي کان اڻ لاڳاپيل ٿي نه ٿا سگهن. اهڙيءَ ريت وحي، الهام ۽ عقل ۾ به ڪو تضاد ڪونهي. طبعي علمن ۽ رياضيات جي ڪجهه ماهرن پنهنجا نفسي تجربا بيان ڪيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته پنهنجي علم بابت کين بنا ڪنهن ڪوشش ۽ استدلال جي هڪ الهام ٿيو. جيئن ته اهو دليلن سان پيدا نه ٿيو هيو، تنهن ڪري ان جي ثبوت ۾ وٽن ڪي به دليل نه هيا. ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ وڏي عرصي کان پوءِ کين استدلال ڪرڻو پيو. استدلال ۽ تجربي ان کي صحيح ثابت ڪيو. انبياءِ ڪرام جي وحي جي به ساڳي ڪيفيت آهي. وحي جي روءِ سان زندگيءَ جون ڪجهه اهم حقيقتون مٿن کلي پونديون آهن. عام انسانن جي عقل کي انهن تائين پهچڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو آهي، پر جڏهن عقل ۽ انساني تجربو انهن تائين پهچي ويندو آهي ته وحي مان حاصل ٿيل حقيقتون عين حڪمت معلوم ٿينديون آهن. هر هڪ انسان، وحي ۽ الهام جي لائق ٿي نه ٿو سگهي. جيئن هر شخص، سائنس ۾ ”نيوٽن“ ۽ ”آئن اسٽائن“ ٿي نه ٿو سگهي! عام ماڻهو ۽ هڪ معمولي سائنسدان انهن ماهرن جي انڪشافن تي ويساهه ڪري درجيوار عقل ۽ تجربي سان انهن جي تصديق واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. جيتري قدر سائنس ترقي ڪندي آهي، اها اوتري قدر ان سائنسدان جي الهام جي تصديق ڪندي هلندي آهي. قرآن عام انسانن کان اهوئي مطالبو ڪري ٿو ته توهين ڪنهن ڳالهه جي سچائيءَ کي عقل، مشاهدي ۽ تجربي تي پرکيو. ڪائنات جو غور سان مطالعو ڪريو ته توهان کي ان جي ڪثرت هڪ وحدت ۾ سمايل نظر ايندي. توهان وٽ عقل ۽ مشاهدي کان مٿانهين تحقيق جا ذريعا ناهن، تنهن ڪري توهين انهن کان ئي ڪم وٺو.
    اسلام کان پهريان، گهڻن مذهبن پنهنجو بنياد اهڙن عقيدن تي رکيو هو جيڪي نه ڪنهن جي عقل ۾ اچي پئي سگهيا ۽ نه ڪنهن جي مشاهدي ۾. هڪڙن توحيد ۽ تثليث جي ڳجهارت پيش ڪئي. هڪڙن ايمان جو بنياد منڍؤن معجزن تي رکي ڇڏيو- جن کي سمجهڻ ۾ انساني عقل عاجز هجي. قرآن، اهو عقيدو پيش ڪيو ته ايمان کي خدا جي عبادت ۽ سنت مان اخذ ڪرڻ گهرجي. ماڻهو، پنهنجي پراڻي عادت موجب معجزا گهرندا آهن، ان جي جواب ۾ قرآن سموري ڪائنات ۽ ان جي هر شعبي کي الله جي مرضي ۽ قدرت جو اعجاز چوي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته زمين مان شيون ڪهڙي نه حڪمت ۽ جمال سان اپجن ٿيون- ستارا، ڪيئن نه پنهنجن دائرن ۾ حساب سان گردش ڪن ٿا. اٺ جي عضون ۽ ماحول سان ان جي موافقت تي غور ڪريو. فطرت تي غور ڪرڻ سان توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪا به شيءِ بيڪار ۽ اجائي ناهي، ڪو به فعل بنا مقصد جي ناهي. ڪو به واقعو بنا قانون جي ناهي، جنهن شيءِ کي توهين اتفاق چئو ٿا، ان جو ڪٿي به وجود ڪونهي. خدا جي مرضي، سراپا عقل- سراپا عدل ۽ سراپا رحمت آهي. علم جي ڪميءَ جي ڪري، ڪي واقعا اجايا لڳندا آهن پر علم جي وسعت سان نه سمجهيل به سمجهه جي حدن ۾ اچي ويندو آهي. ڪائنات سراپا اظهار به آهي ۽ سراپا اعجاز ۽ راز به! ظاهر کان باطن ڏانهن ترقي ڪرڻ حڪمت به آهي ۽ دين به:
    ہر کس نہ شنا سندۂ راز است وگر نہ
    ایں ہاہمہ راز است کہ معلوم عوام است
    (راز پروڙڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، نه ته هي سڀ اهڙا راز آهن جيڪي عام ماڻهوءَ کان به ڳجها ڪونهن!)
    اسلام کان اڳ به ايئن ئي هيو ۽ ان کان پوءِ اڪثر ماڻهو، ڪرشماتي طريقن ۾ خدا جي قدرت تلاش ڪن ٿا. اسلام جو وڏو ڪارنامو اهو هيو ته ان انسانن ۾ اها بصيرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيڪي ڪجهه روزانو انهن جي آڏو ٿيندو رهندو آهي ان ۾ خدا جي حڪمت کي تلاش ڪندا رهن. ڪائنات خدا جو صحيفهء قدرت آهي. جيڪو شخص ان صحيفي کي پڙهي معرفت حاصل نه ٿو ڪري سگهي ان لاءِ ٻيو ڪو به طريقو ڪارگر ٿي نه ٿو سگهي. جنهن کي چهچ سائو وڻ، خلقڻهار جو دفتر نه ٿو لڳي ان جي اندر ۾، نوڙيءَ مان نانگ پيدا ڪرڻ سان ايمان پيدا ڪو نه ٿيندو. جيڪو شخص فطرت جي مطالعي ۾ انڌو آهي، سو آخرت ۾ به انڌو ئي هوندو. نبي رهبر هوندو آهي، اهو جادوگر ناهي هوندو. خدا، ان جي ذريعي ماڻهن کي حيران ۽ مرعوب ڪندڙ مظاهرِ فطرت پيش ڪري سگهي ٿو، پر هو ايئن نه ٿو ڪري ۽ فرمائي ٿو ته ايئن ڪرڻ سان ايمان پيدا نه ٿيندو. جنهن شخص جي دل ۾، ايمان صحيح رستي سان داخل نه ٿيو، سو اهڙا معجزا ڏسي، ھٰذا سِحْرٌ مُّبِیْنٌ چئي ڪري بي ايمان ئي رهندو. اسلام جي خوبي اها آهي ته ان دين کي فطرت چيو ۽ حڪمت کي خيرِ ڪثير قرار ڏنو ۽ عقل کي وحي جي تائيد ڪندڙ بڻايو. حاضر جي مشاهدي کي، ايمان بالغيب جو ذريعو بڻايائين ۽ دين ۽ دانش ۾ تضاد کي بي عقليءَ جو نتيجو سمجهيو. جن دينن جو اهو عقيدو نه هيو انهن، فطرت ڏانهن رجوع ڪرڻ کان گهٻرايو. علمن ۽ هنرن جي ترقيءَ کي پنهنجي منافي سمجهي ڪري انهن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيا. اسلامي تهذيب ۾ علوم ۽ فنون جي ترقي اسلام جي بنيادي عقيدن کي ڪو به ڌڪ هڻي نه سگهي. طبعي قانون، نفسي قانون ۽ خير ۽ شر جا قانون، سڀ اسلام جي روءِ سان سنة الله آهن ۽ فطرة الله آهن، جن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿيندي:
    وَ لَنۡ تَجِدَ لِسُنَّۃِ اللّٰہِ تَبۡدِیۡلًا ۔ (الاحزاب 62)
    (۽ هرگز نه لهندين تون الله جي سنت ۾ ڪا به تبديلي.)
    اهڙن قانونن دريافت ڪرڻ کي حڪمت چئبو آهي ۽ قرآن پنهنجو پاڻ کي حڪمت جو ڪتاب چيو آهي. ان حڪمت مطابق جيڪو عمل ٿيندو، ان کي عمل صالح چئبو ۽ جيڪا زندگي ان جي مطابق هوندي، اها حياة طيبه هوندي. جيئن فطرت اڻ کٽ آهي تيئن ڪنهن هڪ فرد يا قوم لاءِ ڪنهن هڪ قوم جو علم ڪافي نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري مؤمن کي اها دعا سيکاري وئي آهي ته:
    رَّبِّ زِدۡنِیۡ عِلۡمًا۔ (طٰہٰ 114) (منهنجا رب! مون کي علم ۾ ويرؤن وڌائج)
    اها دعا، نبي به ڪري ٿو ته امتي به. ڇاڪاڻ ته نبيءَ جو علم به ڪنهن به حالت ۾ علمِ ڪل ناهي هوندو. ٻين جي ڀيٽ ۾ سندس علم، بي شڪ اڻ کٽ آهي، پر علم جي لامحدود وسعتن جي ڀيٽ ۾ نبي به هميشه ان کي گهٽ سمجهندو آهي ۽ ان ۾ اضافي جي دعا گهرندو رهندو آهي. دينن کي ماڻهن غلط رنگ ۾ پيش ڪيو، جنهن ڪري ڪجهه ڏاها ماڻهو دين کان بيزار ٿي ويا، پر جيڪو دين پنهنجو پاڻ کي حڪمت ۽ فطرت جو ڀنڊار چوي، ماڻهن کي تفڪر ۽ تدبر جي دعوت ڏئي، ان کان بيزار ٿيڻ جو ڇا مطلب؟ مسلمانن به ڪجهه وهمن کي دين سمجهي ورتو آهي. ڏاهپ ڀريي اوچي نگاهه رکندڙ مسلمانن جو فرض آهي ته هو توحيد جي خالص عقيدي کي دين جو بنياد سمجهن ۽ قرآن، زندگي ۽ ڪائنات بابت ان عقيدي سان جيڪو ڪجهه نتيجي طور اخذ ڪيو آهي، ان کي حڪمت سمجهن ۽ ان کي ئي لائحه عمل بڻائين، ان حقيقت جو نالو آهي اسلام، باقي سڀ افسانا ۽ ڪهاڻيون آهن!
    جنگ ہفتا دو دو ملت ہمہ را عذر بند
    چوں ندیدند حقیقت، رہ فسانہ زدند
    (جڏهن حقيقت ڏسي نه سگهيا ته افسانا گهڙي ورتائون.)

    اسلام ۾ گناهه جي ماهيت:

    اسلام، مذهب ۾ جيڪي انقلابي ڳالهيون ڪيون، انهن منجهان هڪ اها به آهي ته هُن گناهه جي حقيقت ٻڌائي. اسلام کان اڳ، مذهبن جو اهو حال هيو جو منجهانئن گهڻن ته زندگيءَ کي مورؤن ”گناهه“ قرار ڏئي ڇڏيو هيو. يا وري گناهه جو ڊپ، نفسن تي اهڙي انداز سان طاري ڪري ڇڏيو هيائون جو ماڻهو گناهن جي ڊپ کان زندگيءَ کان ئي ٽهڻ لڳا هيا. ٻڌمت زندگيءَ جي هر آس کي گناهه قرار ڏئي ڇڏيو. ان جو علاج اهو ٻڌايائين ته زندگيءَ کي مورؤن هر آس، امنگ ۽ اميد کان خالي ڪري ڇڏجي. هندو ڌرم اهو سيکاريو ته: گناهن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ کوڙ سارا جنم وٺڻا پون ٿا ۽ زندگي هڪ اهڙي بٺي آهي جو هيڪڙ ٻيڪڙ ئي ڪو روح ان ۾ پچڻ کان بچي سگهي ٿو! گناهن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ وري وري دنيا ۾ ڪڏهن ڪئو بڻجي، ڪڏهن گڏهه ۽ سوئر بڻجي اچڻو پوندو. دنيا ۾ جيڪي بي شمار جانور ۽ جيت جڻا موجود آهن، انهن منجهان، خبر ناهي ته ڪيترن ۾ انسانن جا روح آهن جن جي اها حالت ٿي آهي؟! يهودين ۾ به گناهن جو تصور نهايت ئي خوفائتو هيو. انهن ته گناهه کي اهڙو هيبتناڪ بڻائي ڇڏيو جو نٽشي لکي ٿو ته گناهه جو اهو تصور خاص يهودين جي ايجاد آهي. يهودين وٽ خدا ايتريقدر بدلو وٺندڙ ۽ ڪدورت ڀريو آهي جو گناهه جي سزا فقط گناهه ڪندڙ تائين محدود نه ٿو رکي، بلڪه ايندڙ ٽن نسلن تائين کين عذاب ۾ متبلا رکندو آهي. ماڻهن جو اهڙو تصور دراصل غاصب بادشاهن سان لاڳاپيل هيو، جيڪو يهودين خدا تي ٿاڦي ڇڏيو. جابر قسم جو بادشاهه، جنهن شخص کان ناراض ٿيندو هيو، سزا فقط ان کي ئي نه ملندي هئي، بلڪه ان جو سمورو خاندان، يا ته قتل ڪيو ويندو هيو يا وري نيڪن ۽ معصومن سميت سڀني کي عذاب ۾ متبلا ڪيو ويندو هيو. توريت ۾ آهي ته: خدا فرمائي ٿو ته: ”مان خدا تنهنجو مالڪ غيرتمند خدا آهيان، جيڪي ماڻهو مون کان نفرت ڪندا آهن، مان انهن سان اها جٺ ڪندو آهيان جو پيءُ جي گناهن جو عذاب ٽئين چوٿين پيڙهيءَ تائين ان جي نسلن کي به ڏيندو رهندو آهيان.“ يهودين جو گناهه بابت اهو تصور ته گناهه اولاد کي ورثي ۾ ملندو آهي، اهڙو تصور عيسائين جو به بنيادي عقيدو بڻجي ويو. آدم ۽ حوا، جنت ۾ شيطان جي ڌتارڻ سان جيڪو منع ڪيل ميوو کاڌو، سو ان جي سزا ايستائين محدود نه رهي جو کين جنت مان نيڪالي ڏني وئي، بلڪه جُڳن تائين هميشه هميشه انهن جي اولاد کي پنهنجن وڏڙن جي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳڻي ئي پوندي. دنيا ۾ جيڪو به انسان پيدا ٿيندو، آدم جو گناهه ان جي فطرت جو جزء هوندو. قيامت تائين عورتن جي سزا اها هوندي ته هو وڏين تڪليفن سان ٻار ڄڻين، مردن جي سزائن منجهان هڪ سزا اها هوندي ته کين وڏي محنت ڪري روزي ڪمائڻي پوندي. چڱن عملن سان گناهه جي اها ڪاراڻ ڪا نه ڌوپبي. هڪ جي گناهه جي سزا ٻئي کي ملڻ مسيحي عقيدي ۾ به موجود آهي ته مسيح جي مصيبت ۽ موت، انسانن جي گناهن جو ڪفارو بڻجي ويو. انسانن جي گناهه جو علاج خدا اهو ڪيو ته پنهنجي اڪيلي ۽ معصوم پٽ کي سوليءَ تي چاڙهائي ڇڏيائين. ان عقيدي ۾، ديوتائن کي خوش ڪرڻ واري انساني قربانيءَ جو به تصور ڏسجي ٿو ۽ يهودين جو اهو عقيدو به موجود آهي ته گناهگار جي سزا معصوم کي به ملي سگهي ٿي. انهن عقيدن کي ڏسجي ته يهودين ۽ عيسائين جو خدا نه ڪي عادل ٿو لڳي نه ڪي رحيم، اهو يا جابر بادشاهه ٿو لڳي يا وحشين جو خونخوار ديوتا!
    هاڻي انهن سمورن مذهبن جي ڀيٽ ۾ اسلامي تعليم تي غور ڪريو ته اسلام گناهه بابت ڇا ٿو چوي؟ انسان ۾ ڪيترن ئي قسمن جون نظري صلاحيتون موجود آهن، هو احسن تقويم به آهي ۽ گناهه ڪندي ڪندي اسفل سافلين ۾ به ڪِري سگهي ٿو. قرآن به آدم جو قصو بيان ڪيو، پر اهو چيائين ته آدم کان هڪ لغزش ٿي، هن معافي گهري ۽ معاملو لئي مٽي ٿي ويو. ان کانپوءِ آدم جي تذليل نه بلڪه تڪريم ملي ٿي، کيس خدا جو سڀ کان وڏو انعام يعني نبوت عطا ٿي ۽ نبوت سان گڏوگڏ، کيس الله جي خليفي بڻجڻ جو اهل به بڻايو ويو. هو علم جي بدولت مسجودِ ملائڪ به ٿيو، سج، چنڊ، وڻ ۽ پٿر کي ان جي تابع بڻايو ويو. اسلام چوي ٿو ته انسان جي فطرت ۾ آهي ته هو ضرور غلطي ڪندو ۽ جابجا ٺوڪرون کائيندو. خدا کيس ٻئي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن. هو ڪڏهن صراط مستقيم تي هلندو ۽ ان جو انعام ماڻيندو ۽ ڪڏهن سنئين دڳ کان ڀٽڪي ويندو ته ان جي سزا ڀوڳيندو پر خدا هر وقت انسان کي هر گناهه تي پڪڙ ناهي ڪندو. هو پڪڙ ڪرڻ ۾ تڪڙ ناهي ڪندو. قرآن فرمائي ٿو ته جيڪڏهن خدا گناهه جي سزا ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪندڙ هجي ها ته دنيا ۾ انسان ته ٺهيو، ڪنهن جاندار جو رهڻ به ناممڪن هجي ها. خدا، تواب الرحيم آهي. هزار ڀيرا گناهه ڪريو ۽ هزار ڀيرا توبهه ڪريو ته گناهه جو ڪو به اثر باقي ناهي رهندو. هڪڙي جو گناهه، ٻئي کي ورثي ۾ ناهي ملندو. نه ڪي وري هڪڙو شخص ٻئي جي گناهه جي ڪفاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو:
    لَا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرٰی۔ (الانعام 164)
    گناهه ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي، جو اڻ ٽر تقدير وانگر انسان کي چنبڙيو پيو هجي. انسان جي زندگي اها آهي ته هو ڀلايون به ڪندو آهي ۽ برايون به. پر ان جون ڀلايون، سندس براين کي ميٽينديون رهنديون آهن:
    اِنَّ الۡحَسَنٰتِ یُذۡہِبۡنَ السَّیِّاٰتِ۔ (ہود 114)
    (بيشڪ نيڪيون براين کي دور ڪن ٿيون.)
    انسان کي خدا جي رحمت مان ڪڏهن به مايوس ٿيڻ نه گهرجي:
    لَا تَقۡنَطُوۡا مِنۡ رَّحۡمَۃِ اللّٰہِ۔ (الزمر 53)
    الله جي رحمت، هر شيءِ ۽ هر عمل تي ڇانيل رهي ٿي:
    باز آ باز آ ہر آں چہ ہستی باز آ
    گر کافر و گبر بت پرستی باز آ
    ایں درگۂ ما درگۂ است نومیدی نیست
    صد بار اگر و توبہ شکستی باز آ
    (موٽي اچ موٽي اچ! جهڙو به جيڪو به آهين موٽي اچ. ڀلي ڪافر، آتش پرست ۽ بت پرست آهين ته به موٽي اچ. هيءَ اها بارگاهه آهي جتي نااميديءَ جو نانءُ نشان به نه آهي. ڀلي سئو ڀيرا توبهه ڪري ڦري ويو آهين تڏهن به موٽي اچ.)
    جنت ۽ دوزخ بابت جزا ۽ سزا جا تشبيهي بيان آهن. جنت بابت قرآن حڪيم چوي ٿو ته جنت جو مثال ايئن آهي جهڙوڪر اها هڪ باغ آهي. حديث شريف ۾ آهي ته جنت جي جيڪا اصل ڪيفيت آهي سا نه ڪي ڪنهن اکين ڏٺي نه ڪنين ٻڌي نه ڪي وري ڪنهن جي دل ۾ ان جو تصور گذريو. قرآن فرمائي ٿو ته جنت، سمورن آسمانن ۽ زمينن يعني مڙني موجودات جيتري هم وجود ۽ اوتري ئي وسيع آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته جنت ڪنهن مڪان يا مقام جو نالو ناهي، بلڪه انفس و آفاق جي هڪ ڪيفيت آهي. ان خيال جي تائيد رسول اڪرمﷺ جي ان جواب مان به ٿئي ٿي جيڪو پاڻ سڳورن حبش جي هڪ سفير کي ڏنو هيو، جنهن پڇيو هيو ته: ”جنت جيڪڏهن سمورن آسمانن ۽ زمينن تي حاوي آهي ته جهنم ڪٿي هوندو؟ پاڻ فرمايائون ته: ”جڏهن ڏينهن اڀرندو آهي ته رات ڪٿي هوندي آهي؟...“ ان جو مطلب اهو آهي ته جهڙيءَ ريت ڏينهن ۽ رات ڌرتيءَ جي جهان جون ڪيفيتون ۽ جاءِ والاريندڙ شيون نه آهن، ساڳي ئي ڪيفيت جنت ۽ جهنم جي به آهي. جنهن شخص تي خدا جي عالمگير رحمت آشڪار ٿي وڃي، ان لاءِ سمورو وجود خير ئي خير آهي ۽ جنهن تي اها رحمت آشڪار نه ٿئي، ان جي سلبي/منفي ڪيفيت جو نالو دوزخ آهي. يعني جنت ۽ دوزخ حالتون آهن، جيڪي معرفت ۽ عدم معرفت سان واڳيل آهن. اهي ڪي مخصوص ماڳ مڪان ناهن. زمان ۽ مڪان جو تعلق عالَمِ طبعيءَ سان آهي. عالم طبعيءَ کان مٿانهون نه ڪي هي زمان هوندو نه ڪي هي مڪان! نه ڪي هيٺاهين مٿاهين نه ڪي ڊيگهه ۽ ويڪر هوندي! علامه اقبال رحه، ”اسلامي فڪر جي جديد تشڪيل“ جي خطبن ۾ لکيو آهي ته: ”جنت ۽ جهنم مقامات ناهن، بلڪه حالتون آهن.“ شاهه ولي الله رحه به فرمائي ٿو ته: ”عالم مثال ۾ نفسي ڪيفيتون ۽ مجرد تصورات جسماني ۽ مادي صورتن ۾ رونما ٿيندا آهن، جنت ۽ دوزخ جي قرآني مثالن کي به ان نظريي مطابق نفسي حالتن جي صورت پذيري قرار ڏئي سگهجي ٿو.“
    اهو سچ آهي ته قرآن خدا جي غضب جو به ذڪر ڪري ٿو ۽ ان جي رحم جو به. خدا ۾ جلال به آهي ۽ جمال به، پر جلال ذريعو آهي ۽ جمال مقصد. رحيميت ۽ رحمانيت خدا جون بنيادي صفتون آهن. اهڙو خدا جيڪڏهن سزا به ڏئي ته اها تهذيبي (سڌاري جي) ئي ٿي سگهي ٿي تعذيبي (عذابيندڙ) ٿي نه ٿي سگهي. خدا جي ڏنل سزا، هڪ جراحي/آپريشن جهڙو عمل آهي، جنهن ۾ تڪليف ضرور آهي پر اهو هڪ اصلاحي عمل آهي ۽ ان جو عمل راحت جو منڍ آهي. گناهگارن بلڪه منافقن بابت به رسول ڪريمﷺ کي يقين هيو ته گناهن جي ڪثرت باوجود خدا سندن مغفرت ڪري سگهي ٿو. حضورِ اقدس، ڪجهه صحابين کان معلوم ڪيو ته: ”ٻڌايو ته سهي، ڀلا ڪا ماءُ پنهنجي ٻچي کي ٻرندڙ آڙاهه ۾ اڇلي سگهي ٿي؟ صحابين وراڻيو: اهو ناممڪن آهي! پاڻ فرمايائون ته: يقين ڪريو ته ماءُ کي جيڪا محبت پنهنجن ٻچڙن سان آهي، ان کان وڌيڪ محبت خدا کي پنهنجن بندن سان آهي.“ جيڪا سزا رحمت مان هجي، اها رحمت جي ابتڙ ٿي نه ٿي سگهي. ابو، امڙ، سکيا ۽ نفس جي تهذيب خاطر اولاد کي سزا ڏيندا آهن پر اهي سزائون اصلاحي هونديون آهن، انتقامي ناهن هونديون. سزا ڀوڳيندڙ جي تڪليف سبب سزا ڏيندڙ کي به تڪليف ٿيندي آهي.
    گناهه بابت اسلام جيڪو نقطئه نظر اختيار ڪيو، ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ غلط هوندو ته ان گناهه ڪندڙن لاءِ گناهه ڪرڻ جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. دين جو ڪم گناهه جي تخريبي ڪيفيت ۽ ان جي دردناڪ نتيجن کي واضح ڪرڻ آهي جيڪو قرآن مطابق هڪ نفسي مرض آهي، هڪ قلبي بيماري آهي پر جهڙيءَ ريت خدا، هر جسماني بيماريءَ جو علاج پيدا ڪيو آهي، اهڙيءَ ريت هر قلبي بيماريءَ جو به علاج آهي. جيڪڏهن بيماري هجي ها ۽ ان جو علاج نه هجي ها ته الله جي رحمت تي شڪ اڀري سگهيو ٿي. غالب ان مضمون کي ڪيڏي نه عمدي انداز سان بيان ڪيو آهي! چوي ٿو ته: دوائون نباتات ۽ جمادات مان ٺهنديون آهن ۽ بيماريون جاندارن کي ٿينديون آهن، خالق هن جهان جي جوڙ جوڙي ته درجيوار جوڙ (تڪويني تدريج ) ۾ هن جمادات ۽ نباتات کي سمورن جاندارن ۽ انسانن کان پهريان پيدا ڪيو. يعني علاج پهريان پيدا ڪيائين ۽ بيماري بعد ۾ آئي. ان مان خدا جي رحمت جو پتو پوي ٿو:
    چارہ در سنگ و گیاہ رنج با جاندار بود
    پیش ازاں کیں در رسد آں را مہیا ساختی
    (علاج پٿرن/جواهرن ۽ جڙي ٻوٽين ۾ ۽ مرض جاندار ۾ پيدا ڪيائين ڏسو ته ڪيئن نه ضرورت کي ضرورت کان اڳ ئي مهيا ڪري ڇڏيائين.)
    ها، باقي ڪو مريض جيڪڏهن پنهنجي بيماري نه سمجهي ته علت ۽ معلول جي عام قانون مطابق ان جي بيماريءَ ۾ اضافو ٿيندو ويندو:
    فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ مَّرَضٌ ۙ فَزَادَہُمُ اللّٰہُ مَرَضًا۔ (البقرۃ 10)
    (انهن جي دلين ۾ بيماري ته هئي ئي، رهندو الله سندن مرض وڌائي ڇڏيو.)
    گناهه يعني قلبي مرض جو تڪڙو علاج ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪه مريض ان کي مرض سمجهي، پاڻ ان جي تشخيص ڪري يا روحاني طبيبن کان ان جي تشخيص ڪرائي ۽ ان جي تڪڙي دوا ڪري. جيڪڏهن ايئن نه ڪندو ته قدرتي طور تي مرض جو اضافو، ان جي زندگيءَ کي جهنم بڻائي ڇڏيندو:
    کسی نے بقراط سے جا کے پوچھا، مرض تیرے نزدیک ہیں کیا کیا
    کہا دکھ جہاں میں نہیں کوئی ایسا، کہ جس کی دوا حق نے کی نہ ہو پیدا
    مگر وہ مرض جسکو آسان سمجھیں
    کہے جو طبیب اسکو ہذیان سمجھیں
    (مسدس حالی)
    جڏهن گناهه اصرار ۽ بار بار دهرائڻ جي ڪري، مَ ڇڏو مرض بڻجي وڃي ته گناهه جيئن ته قلبي بيماري آهي، تنهن ڪري قلب مان دوزخ جا شعلا اڀرڻ لڳندا آهن. دوزخ جي باهه ڪا خارجي مادي باهه ناهي، بلڪه قرآن چوي ٿو ته، اِها اها باهه آهي جيڪا:
    تَطَّلِعُ عَلَی الۡاَفۡـِٕدَۃِ ۔ (الہمزۃ 7)
    يعني: ”دلين مان ٻرندي نڪرندي آهي.“
    پر ايڏن شديد گناهن ۽ عذابن جي باوجود به نه ڪي توبهه جو دروازو بند ٿيو نه ڪي رحمت جو دروازو. توّاب ۽ رحيم- الله اوسيئڙي ۾ رهندو آهي ته: ڪڏهن ٿو اهو خطاڪار، خطائون ڇڏي مونڏانهن وري؟! هڪ سچي توبهه امالڪ ئي امالڪ زندگي جو رخ جهنم کان جنت ڏانهن ڦيري ڇڏيندي آهي.
    اسلام انسان جي فطرت جو بلڪل صحيح اندازو ڪيو ته گناهه ۽ ويسر ان کي هميشه چهٽيل رهندا ۽ زندگيءَ جو دائرو ڀلائي ۽ برائيءَ جي درميان جهولندو رهندو. زندگيءَ جون عام ڪوتاهيون اهڙيون ناهن هونديون جو انسان خدا جي خوف ۽ عذاب جي ڊپ کان هميشه ڏڪندو رهي. انسان زندگيءَ جي مختلف حالتن ۾ بلندين ڏانهن اڏامندو ۽ پستين ڏانهن ڪرندو رهندو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي متقي يا فلاح ياب هجڻ جي اها معنيٰ ناهي ته ان گناهه يا غلطيون ناهن ڪيون. قرآن فرمائي ٿو ته خدا وٽ ميزان آهي. ان ميزان (تارازي) ۾ ڀلائي ۽ برائيءَ جو ذرو ذرو تُرندو رهندو آهي. ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جو مدار ان تي آهي ته تارازيءَ جي انهن پڙن منجهان وزني ڪهڙو پڙ ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن نوانوي برايون ۽ سئو نيڪيون هجن ته مجموعي طور تي خدا وٽ اهو انسان نجات يافته آهي.
    ”فرقئه لذتيه“ جو امام حڪيم ابي قورس چوي ٿو ته: ”جيستائين انسانن تان ديوتائن جو خوف نه هٽندو آهي، تيستائين اهي دلي اطمينان ماڻي نه سگهندا آهن.“ تنهن ڪري ان ماڻهن کي يقين ڏيارڻ شروع ڪيو ته ”ديوتا انسانن سان ڪدورت ۽ ڪينو ناهن رکندا. هو، دنيا وارن جي زندگيءَ کان ڪٽيل، پنهنجو پاڻ ۾ مگن آهن، تنهن ڪري انهن کان ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي.“ پر جڏهن ڪن مذهبن ديوتائن جي وجود کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واحد خدا تي ايمان آندو ته انهن به خدا جي قهر جو ايڏو ته ڀوائتو نقشو چٽيو جو ماڻهو ديوتائن مان جند ڇڏائڻ کان پوءِ هڪ منتقم ۽ قهار خدا کان ڪنبندا رهيا. اهڙي توحيد به موحدن کي خوف مان نجات نه ڏياري. پر قرآن حڪيم جڏهن به نجات يافته انسانن ۽ پاڪيزه زندگي گذاريندڙ مؤمنن جو ذڪر ڪري ٿو ته انهن جي نفسي ڪيفيت اها بيان ڪري ٿو ته:
    فَلَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ۔ (الاحقاف 13)
    يعني: ”انهن تي ڪنهن به قسم جو ڪو خوف طاري ٿيندو نه ڪي اهي غم ۾ مبتلا رهندا.“
    ديني اصطلاح ۾ جنهن ڪيفيت کي خوفِ خدا چئبو آهي ان جو اصل مطلب گناهه ۽ ان جي نتيجن کان بچڻ آهي. بيماريءَ جي خوف کان انسان صحت جو خيال رکندو آهي. گندگيءَ جي خوف کان انسان پنهنجي جسم ۽ ڪپڙن کي بچائيندو آهي. ڪنهن محبوب جي ناراضگيءَ جي خوف کان هو ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ڪندو جنهن سان محبت جو تعلق خراب ٿئي. صحيح معنيٰ ۾ خدا جو خوف به ان جي محبت جي ڪري ئي پيدا ٿيندو آهي. ان ڪري خدا جو خوف ڌارڻ جي معنيٰ اها ڪونهي ته خدا سزا ڏيڻ لاءِ آتو ويٺو آهي. گناهه، خدا کان دوريءَ جو نالو آهي ۽ اها دوري پنهنجي ليکي خود هڪ سزا آهي!

    اسلام: مستقبل ۾ سمورين قومن جو مذهب بنجڻ جي صلاحيت رکي ٿو

    هن مختصر مقالي ۾ اها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا ورجائي وئي آهي ته دين جو بنياد توحيد آهي ۽ ان جي يقين ۽ معرفت جو نالو ايمان آهي. محمد رسول اللهﷺ جي بعثت کان اڳ به لاتعداد انبياء ۽ اولياءَ توحيد جي ئي تعليم ڏيندا رهيا، پر سمورن دينن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت توحيد جي صورت بگڙندي ئي وئي. اسلام، سمورن نبين جي تعليم کي اسلام ئي چوي ٿو. ان مان معلوم ٿيو ته بنيادي طور تي جنهن شيءِ جو نالو اسلام آهي، اها ڪا پهريون ڀيرو حضور اقدسﷺ جي تلقين سان وجود ۾ ڪا نه آئي. نوح ۽ ابراهيم- موسيٰ ۽ عيسيٰ عليهه السلام سڀ اسلام جي ئي تبليغ ڪندا رهيا. شريعت ۽ منهاج ۾ ردوبدل ٿيندي رهي پر بنياد ۾ تبديلي ڪا نه ٿي. ان جو مثال ايئن آهي ته هڪ گهاٽو وڻ جنهن جون پاڙون زمين ۾ پري پري تائين ڦهليل هجن، ان جي گهاٽائي قائم رهندي آهي پر هر سال ان جون ڪجهه ٽاريون سُڪي وينديون آهن ۽ ڪجهه نيون ٽاريون ڦُٽي اينديون آهن. هر سرءُ ۾ پراڻا پن ڇڻي ويندا آهن ۽ بهار جي موسم ۾ نوان گونچ ڦٽي پوندا آهن. شريعتون ۽ رسمون، اهي پن ۽ ٽاريون سمجهو، جن جي بدلبو رهڻ سان ئي زندگيءَ جي وڻ ۾ ترو تازگي برقرار رهندي آهي. حضور اقدسﷺ جي بعثت جي زماني ۾ دينن جو اهو حال هيو جو ڪٿي به توحيد اصل ۽ خالص صورت ۾ موجود نه هيو. هندو مذهب ۽ تهذيب تي اسلام جي اثرن جي تحقيق ڪندي هڪ هندو مؤرخ ۽ عالم ڊاڪٽر تارا چند نهايت بي تعصبيءَ سان هڪ مقالو لکيو آهي ۽ ان مقالي ۾ هن ثابت ڪيو آهي ته مسلمانن جي هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ صدين تائين جيڪي مذهبي تحريڪون هندو قوم ۾ پيدا ٿيون، انهن ۾ توحيد جا جيڪي عنصر ڏسجن ٿا، اهي اسلام جي ئي طفيل آهن.
    هندن، وحدت الوجود جو هڪ فلسفياڻو تصور قائم ڪيو هيو، جيڪو فلاسافرن جي ئي ڪم جو هيو، پر عام سوسائٽي، ديوتا پرست هئي. اوتارن جو تصور به هيو ۽ ڪجهه مذهبي پيشوا عين خدا سمجهي پوڄيا ويندا هيا. اهڙيءَ ريت ان ڪٽر مذهبي قوم ۾ توحيد جو تصور گم ٿي چڪو هيو. توحيد جي مسخ ٿيڻ سان گڏ قومن جا اخلاق ۽ آئين به بنهه بگڙي چڪا هيا. عيسائيت جو به ساڳيو حال هيو جو هندن وانگر عيسائين به عيسيٰ جهڙي سڳوري انسان کي خدا جو پاڪ نبي سمجهڻ بجاءِ کيس عين خدا بڻائي ڇڏيو هيو. توحيد، تقسيم ٿي تثليث بڻجي وئي هئي. دنيا کي ڍونڍ ۽ ذليل سمجهي ان کان منهن موڙي ڇڏڻ روحانيت جو مقصد بڻجي چڪو هيو. هڪ پاسي، هندن ڌرم شاستر مرتب ڪري رکيا هيا، جن ۾ هر انسان جو مقام ۽ ان جي هر عمل جي صورت مقرر ڪئي وئي هئي. فڪر ۽ عمل جي آزاديءَ جو نانءُ نشان نه رهيو هو. رسمن ۽ وهمن اخلاق جي اصولن جي جاءِ والاري ڇڏي هئي ۽ دين تي خاص مذهبي طبقن جي ٺيڪيداري قائم ٿي چڪي هئي. توحيد جي جاءِ شرڪ ۽ اخلاق جي جاءِ رسمون ۽ روايتون والاري ويٺيون هيون! مذهب ۽ تهذيب جي اهائي بگڙيل صورت هر هنڌ عام هئي. ٻڌمت ۾ زندگيءَ کان فراريت ۽ زندگيءَ جي هر مفيد ۽ مثبت پاسي کان پرهيز کي معرفت ليکبو هيو. خدا، دنيا ۽ عاقبت سڀ وهم ۽ باطل هيا. يهودين، پنهنجي خدا کي هڪ قومي خدا بڻائي ڇڏيو هو. ان خدا جيڪڏهن ڪنهن ٻي قوم سان واسطو رکيو ته اهو واسطو نفرت جي بنياد تي هوندو هيو. انبياءَ جي شريعتن ۾ پنهنجن وهمن ۽ شعائر جو اضافو ڪري ان کچڻيءَ کي دين چيو ويندو هيو. هتي به دين تي هڪ هٽي قائم هئي. دين جو باطن غائب ٿي چڪو هيو ۽ جيڪو ظاهر ڪيو سو مڪمل طور تي بگڙيل هيو. اهڙي بگڙيل ظاهر کان تر جيتري وٿي به ڪفر ليکبي هئي. مسيح عليهه السلام يهودين جي ان ظاهر پرستين جي خلاف شديد احتجاج ڪيو ۽ ٻڌايو ته خدا تنگ نظر ۽ منتقم ناهي بلڪه هو سراپا محبت ۽ ٻاجهه آهي. اخلاق باطن جي تزڪيي جو نالو آهي. هر قوم پنهنجي ليکي پاڻ کي خدا جي پياري قوم سمجهڻ شروع ڪيو هيو. يهودي چوندا هيا ته بهشت رڳو سندن لاءِ مخصوص آهي، هو جهنم ۾ نه وڌا ويندا. جهنم جي باهه جيڪڏهن کين ڇهيو به ته بس اهي ٻه چار ڏينهن. عيسائين توحيد کي تثليث ۽ روحانيت کي رهبانيت بنائڻ کانپوءِ يهودين وانگر نجات کي رڳو پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هيو. خدا تي ايمان ۽ چڱا عمل، نجات لاءِ ڪافي نه هيا. هر هنڌ مذهبي پيشي ور طبقو صداقت ۽ نجات جو ٺيڪيدار بڻجي چڪو هيو. هر ڪو، پنهنجي مخصوص ۽ چونڊيل گروهه کان علاوه سموري انسانيت کي جهنم جو ٻارڻ سمجهندو هيو.
    اسلام، جيڪو انسانيت تي احسان ڪيو، اُهو اهو هيو ته مذهب کي هڪ نهايت ئي سادي حقيقت جي روپ ۾ پيش ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته دين بس ايترو ئي آهي ته انسان کي اهو احساس هجي ته هن ڪائنات جو هڪ خالق ۽ ناظم آهي، جيڪو عادل به آهي ۽ عاقل به ۽ رحيم به. موجودات جو جيڪڏهن عقلي انداز سان مطالعو ڪجي ته اهو يقين پيدا ٿي سگهي ٿو ته ”سموري خلق الله جو ڪٽنب آهي. ڪا به قوم خدا جي خاص يا نجات جي ٺيڪدار ناهي. جيڪو شخص خدا ڏانهن رخ ڪري زندگي بسر ڪندو، ان ۾ خدا جي صفتن جو اولڙو نظر ايندو. حڪيم- خدا تي نظر ڄمائي رکڻ سان مٿس موجودات جي حڪمت جا راز کلندا ويندا، جنهن کي قرآن ”خير ڪثير“ چيو آهي. کيس جزء ۾ ڪل، ڦُڙي ۾ درياهه ۽ ذرڙي ۾ سج نظر اچڻ لڳندو. اهڙيءَ ريت خدا جي عدل ۽ رحمت تي يقين رکڻ سان هو پاڻ به عادل ۽ رحيم بڻبو ويندو. خدا جي اسلامي تصور سان هو صالح ۽ محسن بڻجي ويندو. اهڙو ايمان رکندڙ زندگيءَ کي بي معنيٰ نه سمجهندو. ان جو لازمي نتيجو اهو ٿيندو ته هو مرڻ کانپوءِ واري زندگيءَ جو به قائل ٿيندو. رب ۽ رحيم خدا جنهن جو ڪم پالڻ ۽ مخلوق جي بقا ۽ صلاحيتن لاءِ موقعا ۽ اسباب پيدا ڪرڻ آهي. اُهو، انسانن کي پيدا ڪري فنا نه ڪندو ويندو. جيڪڏهن فرد جو موت، دائمي موت هجي ۽ جسماني موت سان گڏ ان جي نفس تي به مطلق فنا طاري ٿي وڃي ته ان جو اهو مطلب ٿيندو ته خدا نه ڪي خالق آهي نه ڪي رب ۽ نه ڪي رحيم! هر تڪوين ۽ هر تخليق هڪ اجايو ڪم ثابت ٿيندي. اخلاق جا اقدار ۽ نيڪيءَ جا نتيجا جيڪڏهن فاني ۽ اجايا آهن ته پوءِ اخلاقي احساس جا بنياد کوکلا ٿي ويندا. اسلامي توحيد مان فضيلت ۽ اخلاقيات ۽ روح جي بقا جا منطقي تصورات نتيجن طور ملي سگهن ٿا. سڀ جو خدا هڪ آهي. تنهن ڪري خدا جو قانون سڀني لاءِ برابر آهي. ان ۾ قومن ۽ ملتن جو ڪو امتياز ناهي. فطرت جا طبعي قانون سڀني لاءِ برابر آهن. تنهن ڪري روحاني ۽ اخلاقي قانون به سڀني لاءِ برابر آهن. اسلام ۾ حق، فلاح ۽ نجات سڀني لاءِ عام آهي.
    خدا جي مغفرت ۽ جنت محدود ناهي جو ان ۾ بس هڪ ننڍڙي گروهه لاءِ ئي جاءِ هجي. اسلام جو خدا، رب العالمين آهي- فقط رب المسلمين ناهي، رب النصارا ناهي، رب اليهود ناهي. اهڙيءَ ريت ان جو رسول رحمة للعالمين آهي. خدا، پاڙا، قبيلا، ملتون ۽ قومون جوڙيون. انهن جي تهذيبن ۽ شعائر ۾ گهٽ وڌ فرق ضرور رهندو، جيئن سندن شڪلين، ماحول ۽ آب هوا ۾ فرق آهي. ان فرق جي ڪري اهي سڃاتا ويندا آهن پر هن بنيادي ڳالهه ۾ سڄي انسانيت کي متفق هجڻ گهرجي:.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقۡنٰکُمۡ مِّنۡ ذَکَرٍ وَّ اُنۡثٰی وَ جَعَلۡنٰکُمۡ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا ؕ اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ اَتۡقٰکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌ خَبِیۡرٌ۔ (الحجرات: 13)
    ”اي لوڪو! اسين توهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو ۽ توهان جون شاخون ۽ قبيلا مقرر ڪياسون ته جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. الله وٽ توهان ۾ وڌيڪ مانائتو اهو آهي، جيڪو توهان ۾ وڌيڪ پرهيزگار يعني ناانصافين کان بچڻ وارو آهي.“
    ريتن ۽ رسمن ۾ توهين مختلف طور طريقا اپنائيندؤ پر مڙني جو رخ نيڪين ڏانهن هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اها ڳالهه موجود هجي ته هر مذهب واري هر قوم کي پاڪيزه زندگي ۽ نجات حاصل ٿي سگهي ٿي. اصل شيءِ احسان ۽ اخلاق آهي:
    وَ سَارِعُوۡۤا اِلٰی مَغۡفِرَۃٍ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ وَ جَنَّۃٍ عَرۡضُہَا السَّمٰوٰتُ وَ الۡاَرۡضُ ۙ اُعِدَّتۡ لِلۡمُتَّقِیۡنَ الَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ فِی السَّرَّآءِ وَ الضَّرَّآءِ وَ الۡکٰظِمِیۡنَ الۡغَیۡظَ وَ الۡعَافِیۡنَ عَنِ النَّاسِ ؕ وَ اللّٰہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ وَ الَّذِیۡنَ اِذَا فَعَلُوۡا فَاحِشَۃً اَوۡ ظَلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ ذَکَرُوا اللّٰہَ فَاسۡتَغۡفَرُوۡا لِذُنُوۡبِہِمۡ ۪ وَ مَنۡ یَّغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ اِلَّا اللّٰہُ ۪۟ وَ لَمۡ یُصِرُّوۡا عَلٰی مَا فَعَلُوۡا وَ ہُمۡ یَعۡلَمُوۡنَ۔
    (اٰل عمرٰن 33-34-35)
    ”۽ پنهنجي پالڻهار جي مغفرت ۽ جنت ڏانهن ڊوڙو، جنهن جي وسعت زمين ۽ آسمان جيڏي آهي ۽ اها انهن پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جيڪي شاهوڪاري ۽ مسڪينيءَ ٻنهي حالتن ۾ خرچ ڪندا رهندا آهن. غصي کي دٻائي ڇڏيندا ۽ ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن. الله نيڪي ڪندڙن کي ڏاڍو پيارو گهري ٿو ۽ اهي ماڻهو اهڙا آهن جو کانئن جيڪڏهن ڪا بي حيائيءَ جي حرڪت ٿي پوي ۽ پنهنجي نفس تي ظلم ڪن ته الله کي ياد ڪري پنهنجن گناهن جي معافي گهرندا آهن ۽ الله کانسواءِ گناهه معاف ڪندڙ ٻيو ڪير آهي؟ ۽ جيڪي اجايا ڪم ڪري وجهندا آهن انهن تي ضد ٻڌي نه بيهندا آهن.“
    قرآن جي دعويٰ آهي ته، اسلام دينِ فطرت آهي جنهن جو اهو مطلب آهي ته جيڪا نظر هو انسان ۾ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، اها انسان جي صحيح فطرت مان پيدا ٿي سگهي ٿي. دينِ فطرت ئي سموري انسانيت جو دين بڻجي سگهي ٿو، پر خدا فرمائي ٿو ته سموري انسانيت امة واحده بڻجي نه ٿي سگهي. جنهن مان پتو پوي ٿو ته ملتون ٿورن گهڻن اختلافن ۽ طور طريقن جي انيڪ قسمن سميت هميشه باقي رهنديون، جهڙيءَ ريت قرآن رنگن ۽ ٻولين کي الله جون نشانيون (آيتون) قرار ڏنو آهي. اهڙيءَ ريت اهو اختلاف به انهن آيتن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو ته مختلف ملتن جي عبادتن ۽ شريعتن ۾ گوناگوني هجي. سموري انسانيت فطري روءِ سان پنهنجي طور طريقن ۾ يڪ رنگي ٿي نه ٿي سگهي.
    گلہائے رنگ رنگ سے ہے رونقِ چمن
    اے ذوق! اس چمن کو ہے زیب اختلاف سے
    رسول اللهﷺ، نه رڳو توحيد جي تعليم ڏني ۽ ان کي معقول ۽ فطري انداز ۾ پيش ڪيو، بلڪه خاص شعائر تي هڪ گروهه کي منظم به ڪيو، ان ۾ هڪ خاص قسم جو نظم و ضبط پيدا ڪيو. ان سموري نظم و ضبط جو اصل مقصد اهوئي آهي جيڪو دين جو اصلي مقصد آهي. يعني توحيد جي عقيدي تي صالح عملن جي عمارت بلند ڪرڻ! پر خدا ڏٺو ته موحد ماڻهو ٻين دينن ۾ به آهن، جن جو توحيدي عقيدو به درست آهي ۽ سندن عمل به صالح آهن. ڪجهه اهڙا ماڻهو پنهنجي سوسائٽيءَ جي روايتن جي ڪري ان مخصوص جماعت ۾ داخل ٿي نه سگهيا جيڪا پاڻ سڳورن صه تيار ڪئي هئي. اسلام جي فراخدلي اها آهي ته اهڙن ماڻهن بابت ان وڏي رواداري قائم رکي آهي. انهن جي ايمان ۽ انهن جي اخلاق جي واکاڻ ڪئي آهي. انهن کي اسلام ۾ ان طبقي ۾ داخل ڪيو آهي، جنهن پنهنجو رخ خدا ڏانهن ڪري زندگي گذاري ۽ اهي نيڪوڪار هيا. اهڙن ماڻهن لاءِ به قرآن ۾ اهي ئي الفاظ استعمال ٿيا آهن، جيڪي اولياءُالله لاءِ استعمال ٿيا آهن:
    لَّا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ۔ (البقرۃ 272)
    قرآن جي روءِ سان مؤمن ۽ محسن ماڻهو ٻن قسمن جا ٿي سگهن ٿا: هڪڙا اهي جن کي محمدرسول الله جي رسالت سمجهڻ جو گهربل موقعو مليو ۽ اهي نبيءَ پاران آندل شريعت تي عمل به ڪري چڪا. ٻيو اهو طبقو جيڪو معاشرتي، رواياتي يا تاريخي مجبوريءَ جي ڪري ان مخصوص نظم و ضبط ۾ نه اچي سگهيو پر اهو جتي به رهيو موحد ٿي رهيو ۽ ان جا اخلاق صالح رهيا. ان اسلام ڪجهه پنهنجي فطرت ۽ ڪجهه پنهنجي نبيءَ جي اڳواڻيءَ مان حاصل ڪيو. ماڻهن جو اهو قسم عبادت ڪندو آهي، پر ان جي عبادت ۾ مسلمانن جي نماز وارن ارڪان ۽ وقتن جي پابندي ناهي ۽ ماڻهن جو اهو قسم وَمِمَّا رَزَقْنٰہُمْ یُنۡفِقُوۡنَ تي عمل پيرا آهي. غريبن، مسڪينن ۽ يتيمن جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجو مال، پنهنجو وقت ۽ پنهنجي قوت به خرچ ڪري ٿو پر ان جي زڪوات، مسلمانن جي مقرر ڪيل زڪوات جي نصاب وانگر ناهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو قسم مخصوص زڪوات کان گهڻو وڌيڪ خيرات ڪندو هجي. اهو واعدي جو پابند آهي، جيئن قرآن فرمايو آهي ته: ”وٽس سون جو ڍير امانت طور رکو ته ان مان هڪ ذري جي به خيانت نه ڪري.“ ڪو به نبي پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ لاءِ ناهي ايندو، بلڪه خدا تي يقين ۽ صالح عملن جي تلقين لاءِ ايندو آهي. جيڪڏهن ان نبيءَ جي امت ۽ جماعت کان ٻاهر ڪجهه ماڻهو اهڙا ملن ٿا جن ۾ اهي ڳالهيون موجود آهن، جيڪي بنيادي طور تي مقصود ۽ گهربل آهن ته اهڙن لاءِ نجات جو دروازو بند ڪرڻ حد درجي جي تنگ نظري ٿيندي. يهودين، عيسائين ۽ هندن اها ئي تنگ نظري پيدا ڪئي هئي. اهي ڪنهن اهڙي شخص کي- جيڪو موحد ۽ صالح به هجي، پر سندن جزوي شريعتن ۽ عقيدن جو مڪمل طور پابند نه هجي کي نجات جو مستحق نه سمجهندا هيا. اهڙي تنگ نظري ۽ دين جي حقيقت کان ويڳاڻو هجڻ ڪري ڪافرن، پاڻ سڳورنﷺ جهڙي موحد ۽ امين کي به نجات جو مستحق نه سمجهيو. قرآن، جابجا دين ۾ اهڙي تنگ نظريءَ جي مذمت ڪئي آهي. جن گروهن سان اسلامي جماعت مهاڏو اٽڪايو هيو، انهن بابت به قرآن اها تلقين ڪئي ته منجهن سڀ ماڻهو هڪجهڙا ناهن. انهن منجهان به توهان کي ڪي اهڙا نرالا ماڻهو ملندا جيڪي ڏاڍا نيڪ ۽ خدا پرست آهن. دين بابت تعليم جي اها وسعت قرآن پاڪ ۾ جابجا ڦهليل آهي. قرآن انهن کي هڪ جاءِ تي مختلف ملتن جو نالو وٺندي وضاحت سان يڪجا ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن دين بابت اسلامي نقطئه نظر ۾ ڪو به شڪ نه رهي:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ الَّذِیۡنَ ہَادُوۡا وَ الصّٰبِئِیۡنَ وَ النَّصٰرٰی وَ الۡمَجُوۡسَ وَ الَّذِیۡنَ اَشۡرَکُوۡۤا ٭ۖ اِنَّ اللّٰہَ یَفۡصِلُ بَیۡنَہُمۡ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ شَہِیۡدٌ۔ (الحج 17)
    (بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يهودي ٿيا ۽ صابي ۽ عيسائي ۽ مجوسي ۽ جن (الله سان) شريڪ مقرر ڪيو، بيشڪ تن الله جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن الله فيصلو ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي.)
    مٿين آيت ۾ ظاهر آهي ته اهي ماڻهو، جيڪي نبي ڪريم ﷺ جي خاص جماعت ۾ داخل ٿيا ۽ اهي ماڻهو جيڪي يهودي آهن يا نصراني آهن يا صابي آهن. جيڪڏهن منجهن هي بنيادي ڳالهيون لڀن: اهي الله ۽آخرت تي ايمان رکن ٿا ۽ سندن عمل چڱا آهن ته انهن جي به نجات يقيني آهي. اهي به خدا جي مغفرت جي دائري مان خارج ڪونهن. ڇاڪاڻ ته ايمان ۽ عمل صالح جي حقيقت منجهن موجود آهي.
    جن مسلمان عالمن، اهڙيءَ ريت اسلام ۾ تنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جهڙيءَ ريت، ٻين دينن وارن پنهنجو پاڻ کي محدود ۽ محصور ڪري ورتو هيو، انهن کي قرآن پاڪ جي انهن آيتن مان ڏاڍي پريشاني ٿيندي آهي ۽ هو پنهنجن ڇڪي تاڻي تاويلن ذريعي قرآن پاڪ جي ان وسعت کي پنهنجي اندر واري تنگيءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيندا آهن. اهڙن عالمن جي حقيقت به ساڳي يهودين ۽ هندن واري آهي.
    خدا ته کولي کولي عطف جو واو لڳائي ڪري چوي ٿو ته جيڪي ملتون خاص مؤمنن جي جماعت کان ٻاهر آهن، انهن ۾ به جيڪڏهن اهي بنيادي ڳالهيون هجن ته يقيناً اهي به صراط مستقيم تي آهن پر عالمن اهو چوڻ شروع ڪيو ته: ”هڪ فاسق ۽ فاجر جيڪو مسلمانن جي جماعت ۾ داخل آهي. اهو ڪمال درجي جي صالح اخلاق وارن فردن کان جيڪي غير مسلم آهن، افضل ۽ بالاتر آهي...“ حيرت آهي ته ”گناهگار هجڻ جي باوجود، مسلمان جي نجات جي توقع ٿي سگهي ٿي پر غير مسلم صالح عملن جي باوجود به جهنم جو ٻارڻ آهي...“ يهودي به اهڙيون ئي ڳالهيون ڪندا هيا ۽ اهڙي ئي قسم جي ٺيڪيداريءَ جا دعويدار هيا. قرآن کي ان تنگ نظريءَ جي جابجا مذمت ڪرڻي پئي پر بدقسمتيءَ سان قرآن پڙهندڙ جماعت خود ان بيماريءَ ۾ وٺجي وئي. مسلمانن جي هڪ وڏي عالم جو چوڻ آهي ته: ”مٿي ڄاڻايل آيت ۾ ماڻهن جيڪا وسعت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها دين لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي ۽ قرآن ڪريم تي تمام وڏو بهتان آهي...“ افسوس! جو هاڻي مسلمان به پنهنجن مخصوص عقيدن، شعائر ۽ جماعتن جي طريقن جي بنياد تي اسلام کي هڪ فطري ۽ عالمگير دين بنائڻ ۾ بلڪل اهڙي ئي رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن جهڙي اسلام کان اڳ تنگ نظر ملتن پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهن جي ليکي ۾ نسلي مسلمان هجڻ يا مردم شماريءَ ۾ مسلمان هجڻ ۽ عقيدن بابت ڪن زباني اقرارن ۽ ظاهري عبادتن جي پابندي دلي طور تي موحد ۽ عملي طور تي نيڪ هجڻ جي ڀيٽ ۾ افضل ٿي پئي آهي.
    هڪ ڀيري سوئيڊن کان هڪ مشهور صحافي، پاڪستان ۾ صرف ان غرض سان آيو هيو جو هن سمجهڻ ٿي چاهيو ته اسلام جو نظريئه حيات ڇا آهي؟ ۽ ان نظريئه حيات تي ڪهڙيءَ ريت هڪ مهذب، ترقي پسند ۽ خوشحال مملڪت جو بنياد رکي سگهجي ٿو. اهو صحافي مون سان به مليو ۽ چيائين ته: ”آئون موحد آهيان ۽ دهريت کي غلط سمجهان ٿو، مغرب جي روڳي ماديت ۽ دهريت کان بيزار آهيان!“ مون کيس اسلام جي نقطئه نظر، علم و عمل ۽ جماعت بابت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ٻڌي هن چيو ته: ”اسان پارن عيسائين ۽ توهان پارن مسلمانن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟! خدا بابت پنهنجو عقيدو هڪ جهڙو آهي ۽ صالح عملن بابت به پاڻ متفق آهيون. ڇا ايئن نه ٿو ٿي سگهي ته دنيا جون سموريون موحد جماعتون يا فرد هڪ گڏيل محاذ دهريت ۽ روڳي قسم جي ماديت جي خلاف قائم ڪيئون؟!- اسان ۾ ۽ توهان ۾ دين ۽ اخلاق جون بنيادي ڳالهيون ته مشترڪ آهن. ڇا اسين عقيدن جي ان اشتراڪي بنيادن تي عملي اشتراڪ پيدا نه ٿا ڪري سگهئون..؟! مون کيس وراڻيو ته: ”توهان کي اهو ٻڌي شايد تعجب ٿئي ته اسلام، تيرهن سئو سال اڳ اهائي صلاح دنيا جي سمورن موحدن کي ڏني هئي ته: اچو! توهين ۽ اسين توحيد ۽ صالح عملن جي اشتراڪي بنيادن تي گڏجي ڪم ڪريون. يهودين ۽ عيسائين اها دعوت قبول نه ڪئي پر اسلام جي پاران اها صلاح هميشه لاءِ موجود آهي. جيڪڏهن توهين ان تي لبيڪ چئو ٿا ته اهو عين اسلام مطابق آهي، اسان جي پاران پوري تعاون جو يقين ڪريو. ڇاڪاڻ ته اها دراصل اسلام جي ئي دعوت آهي.
    هڪ مسلمان ليکڪ، اهڙن سمورن غير مسلمن کي منافق قرار ڏنو آهي جيڪي اسلام جا مداح به آهن ۽ اسلام کي ساراهڻ ۾ سخي به آهن پر علي الاعلان مسلمانن جي جماعت ۾ داخل نه ٿا ٿين. ”ڪارلائل“، سمورن نبين منجهان محمد رسول الله کي چونڊي چونڊي نبوت جو هيرو قرار ڏنو آهي پر هو رسمي طور مسلمان نه ٿيو. ”گبن“ اسلام جي تعريف ڪئي ۽ عيسائيت کي ننديو، پر مسلمان نه ٿيو: ”برنارڊ شا“ چيو ته: ”مستقبل ۾ انسانيت جو دين ٻين دينن جي ڀيٽ ۾ اسلام کي وڌيڪ ويجهو هوندو.“ ايترو چوڻ کانپوءِ به هن پنهنجي مسلمان هجڻ جو اعلان نه ڪيو. يورپ جي تاريخ جي مها عالم ”ٽائن بي“ لکيو آهي ته: ”اسلام، انسانيت جا اهڙا اهم مسئلا حل ڪيا آهن جن جي حل ڪرڻ ۾ عيسائيت ۽ مغربي تهذيب کي ڪاميابي نه ملي. ان جي باوجود به مسيح جو اهو پيروڪار، مسلمانن جي جماعت ۾ شامل نه ٿيو. اهڙي قسم جا سوين مغربي ماڻهو آهن جيڪي ورهين جي تحقيق کانپوءِ، اسلام جي حقانيت جا قائل ٿي ويا! منجهانئن بنهه ٿورا، پنهنجو مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ اڳڀرا ٿيا. گهڻا پنهنجي ئي ملت ۾ شامل رهيا، پر پنهنجيءَ ملت کي اسلام جي توحيد ۽ اخلاقيات ڏانهن توجهه ڇڪرائيندا رهيا. اها ڪيڏي نه تنگ نظري آهي جو اهڙن بي تعصب ماڻهن کي رياڪار چئجي...!؟ حقيقت اها آهي ته اڄ به دراصل مسلمانن ۾ يهوديت ۽ هندو مت جا تنگ نظريءَ وارا عقيدا جاري ۽ ساري آهن. مسلمانن جي پنهنجي حالت هر جاءِ تي ابتر آهي، نه دين بابت سندن بصيرت ۾ ڪا روشني باقي رهي آهي ۽ نه ڪي هو پنهنجي دنيا کي درست ڪري سگهيا آهن. ان جي باوجود به اها توقع ٿا رکن ته دنيا جو هر موحد ۽ مصلح علي الاعلان انهن جي فرسوده جماعت ۾ ضرور داخل ٿئي ۽ جيستائين ڪجهه مخصوص رسمن جو پابند نه ٿئي تيستائين نه ڪي ان جي نجات ٿي سگهي ٿي نه ڪي کيس ڪنهن فاسق ۽ فاجر مسلمان تي ترجيح ڏئي سگهجي ٿي.

    ڪليات ۽ جزئيات:

    حڪمت، ڪليات جو نالو آهي. زندگي ۽ ڪائنات ۾ شين ۽ واقعن جي ڪثرت آهي پر اها ڪثرت هر هنڌ آئين ۽ قانون جي نظم ضبط سان واڳيل آهي. حڪمت ڪثرت جي اندر وحدت جي معرفت حاصل ڪرڻ جو نالو آهي يا جزئيات جي اندر انهن ڪليات جي تلاش ڪرڻ جو نالو آهي، جيڪي قانون هجڻ جي حيثيت ۾ ٺوس آهن. شين ۽ حوادث (واقعن) ۾ هر پل ڦير گهير ٿيندي آهي. شين جي اندر ڀڃ ڊاهه آهي، اهي ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهنديون آهن. ڪليات تغير پذير ناهن هونديون، جيڪي علم، حڪمت جي پيداوار آهن. اهي قومي، نسلي ۽ جاگرافيءَ جي فرق کان مٿانهان آهن. رياضي سمورن علم وارن لاءِ برابر آهي. طبيعيات ۾ قوميت کي دخل ناهي، ان ۾ ڪنهن قسم جي هڪ هٽي ناهي. ها، ايترو سو ضرور ٿيندو آهي ته ڪنهن وقت هڪ ته ڪنهن وقت ۾ ٻي قوم تحقيقات جي حوالي سان ٻين جي ڀيٽ ۾ اڳڀرائي ڪندي آهي. علمن ۽ هنرن دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين انسانيت کي مڃيل شين تي متحد ڪري ڇڏيو آهي. اخلاقيات جا بنيادي اصول به سمورين مهذب قومن ۾ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙا آهن. دين جو ڪم، دنيا ۾ فسادن کي ختم ڪرڻ ۽ امن ۽ آشتيءَ کي ترقي ڏيارڻ آهي پر عجيب ڳالهه اها آهي ته دين کي ئي، انسانيت کي هڪٻئي سان ٽڪرائجندڙ گروهن ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هڪ گروهه، ٻئي گروهه جي جان، مال ۽ آبروءَ تي ڌاڙو هڻڻ کي جائز سمجهي ٿو. اسلام دين کي حڪمت ۽ فطرت قرار ڏئي ٿو ۽ حڪمت ۽ فطرت ۾ ڪليت ۽ همه گيري هوندي آهي. جڏهن ڪو به دين، غير فطري عقيدا قائم ڪري، پنهنجي چؤڌاري تعصب جي هڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏيندو آهي ته ان دين ۾ عالمگير هجڻ جي صلاحيت باقي ناهي رهندي. دين کي حڪمت وانگر عالمگير هجڻ گهرجي ۽ اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن ان جو بنياد اهڙي ڪليات تي هجي جيڪي سموري موجودات تي حاوي آهن ۽ سموري انسانيت تي ان جو برابر اطلاق ٿيندو آهي. جهڙيءَ ريت متعصب قوميت (ٻين قومن جي استحصال ۽ پنهنجي قومي برتريءَ تي ٻڌل قومي شاونزم) يا تنگ نظر نيشنلزم جو علاج بين الاقواميت ۽ وحدت انسانيءَ جو احساس آهي، اهڙي ريت مذهبي تعصب جو علاج به اهو آهي ته مذهب جي انهي ڪليات تي انسانيت کي متحد ڪجي جيڪي عين فطرت هجڻ ڪري سڀني لاءِ قابل قبول هجن. اتحاد ڪليات ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، جزئيات ۾ اتحاد ناممڪن آهي. انسانيت لاءِ اها فطري ڳالهه آهي ته هر انسان کي کاڌو ملڻ گهرجي پر سمورن فردن ۽ سمورين قومن لاءِ هڪ غذا تجويز ٿي نه ٿي سگهي. هر فرد ۽ هر قوم پنهنجي مزاج ۽ ماحول مطابق پنهنجي غذا طئه ڪندي آهي ۽ ضرورت آهر ان ۾ ردوبدل ڪندي رهندي آهي. ساڳي صورتحال لباس جي آهي. سمورا مهذب انسان ڪو نه ڪو لباس پهريندا آهن پر هر قوم جو لباس الڳ الڳ آهي، جنهن جو تعلق ڪجهه آب و هوا سان آهي ۽ ڪجهه قومي روايتن سان. ساڳيو حال ٻوليءَ جو آهي. انسان جو حيوان ناطق هجڻ هڪ فطري ڳالهه آهي پر انسان ذات ۾ قومن جون پنهنجون الڳ الڳ ٻوليون آهن. قرآن جو زاويئه نظر، دين بابت به اهڙو ئي لڳي ٿو. دين جون ڪجهه ڪليات آهن جيڪي سموري انسان ذات ۾ مشترڪ ٿي سگهن ٿيون. انهن ڪليات مان هڪ توحيد جو عقيدو آهي ۽ ٻيو اهو عقيدو ته نيڪي ۽ بديءَ جا اصول بنيادي طور تي هڪجهڙا آهن. توحيد جي عقيدي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪليت آهي. سموري ڪائنات ان جي شاهدي ڏئي ٿي. جن مذهبن ۾ توحيد جي صورت گهڻي بگڙي چڪي هئي، انهن ۾ به آهستي آهستي توحيد جو عقيدو خالص ٿيندو پيو وڃي. هندن ۾ به کوڙ سارا توحيد پرست گروهه ۽ فرد پيدا ٿي چڪا آهن. عيسائين ۾ به مسيح کي خدا يا خدا جو پٽ سمجهڻ وارا گهٽبا پيا وڃن. فلسفي جي تاريخ جو مشهور مؤرخ هائف ڊنگ لکي ٿو ته طبيعي علمن ۾ جيڪا ڪائنات جي وحدت ۽ آئين جي همه گيري ظاهر ٿي آهي، ان مان توحيد جي عقيدي کي زبردست سگهه ملي ٿي. اسلام توحيد ۽ صالح عملن کي دين قرار ڏنو ۽ رسمن ۽ رواجن کي هڪ ثانوي جاءِ ڏني ۽ چيو ته توحيد جي رستي تان نيڪين ڏانهن وڌڻ ئي دين آهي. اهي ٻئي عقيدا اهڙا آهن جيڪي حڪمت ۽ فطرت جي بنياد تي عالمگير ٿي سگهن ٿا.
    پر جيڪڏهن ڪو دين عبادت جي طريقن ۽ بدلجندڙ قانونن کي عين دين سمجهي ۽ بنياد ۽ فروع ۾ فرق نه ڪري ته اهو دين عالمگير هجڻ جي صلاحيت وڃائي ويهندو آهي ۽ انسانيت کي متحد ڪرڻ بدران ان ۾ فرقي بازي پيدا ڪري ٿو. اهڙي دين ۾ ظاهر، باطن تي ۽ فروع بنياد تي غالب اچي ويندو آهي. اهڙي دين ۾ ماڻهو روايت پرست ۽ قدامت پرست ٿي ويندا آهن. اهي بدلجندڙ حالتن ۾ پنهنجي تفصيلي آئين ۾ ڪا به تبديلي نه ٿا ڪري سگهن. اهڙي قسم جون قومون جامد هجڻ ڪري، زندگيءَ جي ارتقا کان ڪٽجيو وڃن.
    مسلمان، هن وقت جنهن شيءِ کي ازلي ۽ ابدي اسلام سمجهي ويٺا آهن، ان ۾ ڪيترين ئي شين جي ملاوٽ آهي. ان ۾ اسلام جا ڪجهه ازلي اصول آهن ۽ ڪجهه بدلجندڙ فروع به. قرآن حڪيم ۾ به ڪجهه وسيع ۽ بنيادي اصول آهن جيڪي ازلي ۽ ابدي آهن ۽ ڪجهه وقتي ۽ جزوي احڪام آهن. وقتي ۽ جزوي احڪامات ۾ قرآن جي نزول وقت به ردوبدل ٿيندي رهي. صورتحال سان گڏوگڏ حڪمن ۾ به تبديلي ايندي رهي. پاڻ سڳورن نبوي اجتهاد کان ڪم ورتو. ان کان پوءِ اسلام جي اصل روح مطابق، خلفاءِ راشدين ؐ به ڪٿي توسيع ڪئي ۽ ڪٿي تخفيف. جيستائين اسلامي روح زندهه ۽ ترقي پذير رهيو، تيستائين اسلامي احڪامن ڪا به جامد صورت اختيار نه ڪئي. قرآن ڪريم ۾ چور لاءِ هٿ ڪپڻ جو حڪم هيو پر خود پاڻ سڳورن ۽ خلفاءِ راشين بهرحال چور جو هٿ نه ڪٽرايو. اڳتي هلي فقيهن ان سان کوڙ شرط لاڳو ڪيا ته ڪهڙيءَ حالت ۾ چوري، اهڙي چوري شمار ٿيندي جنهن تي هٿ ڪپڻ جو اطلاق ٿي سگهي ٿو ۽ ڪهڙين حالتن ۾ چوري هجڻ جي باوجود هٿ ڪپڻ جي حد جو اطلاق نه ٿيندو. ڪيترائي احڪام شرعي نص يا غير نص هيا، جن ۾ علت جي بدلجڻ سان حڪم جو اطلاق يا ته منسوخ ٿي ويو يا ڍر ڏنو ويو. قرآن پاڪ جي هر نص جي پويان هڪ علت هوندي آهي. ان علت جو ڄاڻڻ حڪمت ۽ معرفت جو روح آهي. جيڪڏهن ڪو مسلمان علت ڄاڻڻ کانسواءِ نص جي لفظن کي چنبڙي پوي ته اهو خدا پرست هجڻ بدران الفاظ پرست ليکبو ۽ هلندي هلندي اسلام جي روح کان خالي ٿي ويندو.
    هن وقت مسلمانن وٽ، فقيهن ۽ عالمن پاران ترتيب ڏنل فقهه جا اڻ کٽ دفتر موجود آهن ۽ مسلمان، انهن دفترن جي پوڄا ڪري رهيا آهن. انهن حالات جو پاڻ جائزو وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ هر مسئلي جو حل انهن دفترن مان ڳولهي رهيا آهن. تجارت جا، ماليات جا، معيشت جا سمورا مسئلا بدلجي چڪا آهن ۽ انهن مسئلن جون اهڙيون صورتون پيدا ٿي پيون آهن، جيڪي هزار ورهيه اڳ ته ٺهيو، بلڪه هڪ سئو ورهيه اڳ تائين به ڪنهن جي خيال ۽ خواب ۾ نه هيون. موجوده فقهه ۾ کوڙ سارا اجتهادي قانون، اسلام جي شروعاتي دور سان تعلق رکن ٿا. مثال طور: هارپي تي زمين کيڙائڻ بابت جيڪو مواد حديثن ۾ ملي ٿو، ان ۾ بي حد اختلاف آهي پر هارپي جي جائز ۽ ناجائز جون جيڪي مختلف صورتون آهن، انهن ۾ قرآن حڪيم جي هن اصول کي يڪسر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ته محنت کي سرمائي جو اصل بنياد رکيو وڃي: لیس للانسان الّٰا ما سعیٰ. جيستائين حديث جو تعلق آهي، ان جو سڌو سنئون واسطو حجاز جي حالتن سان آهي. ان کانپوءِ فقهه جو گهڻو حصو، عراق-شام ۽ مصر جي معاشي ۽ تمدني حالتن کي سامهون رکي ترتيب ڏنل آهي. فقيهن سڳورن ۾ تفصيلي احڪامات بابت بي حد اختلاف ڏسجي ٿو پر خاص گروهن، خاص خاص فقيهن جي فقهه کي ڪڏهن به نه بدلجندڙ شريعت قرار ڏئي ڪري دين جو اٽل حصو بڻائي ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اجتهاد جو دروازو بلڪل بند ڪري ڇڏيو. رسول اللهﷺ فرمايو هيو ته جيڪا قوم، جهاد يعني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ جدوجهد ڪرڻ ڇڏي ڏيندي اها مغلوب ۽ ذليل ٿي ويندي. ساڳئي ئي ڳالهه اجتهاد بابت به بلڪل ٺهڪندڙ آهي. اجتهاد کي ترڪ ڪري ڇڏڻ سان به قومون جامد ۽ پسمانده ٿي وينديون آهن. فقيهن، اسلام ۽ شرعي احڪامن جي جيڪا جامع تشريح ڪئي اها ڪٿي صحيح هئي ۽ ڪٿي غلط! فقيهه ڪڏهن به پاڻ کي خطا کان پاڪ نه سمجهندا هيا ۽ نه ڪي هو اهو چاهيندا هيا ته ماڻهو سندن اجتهاد کي مذهب بڻائي ڇڏين. جتي حالات جي لحاظ کان انهن جي تشريح ٺيڪ به هئي ۽ خاص ضرورت کي پورو ڪندڙ هئي، اتي به اها جيئن جو تيئن هن وقت اسان لاءِ ڪم جي ڪانهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي دنيا بدلجي وئي آهي. اسان جي مسئلن جي صورتحال ئي اهڙي آهي جو انهن جو حل، هزار ورهيه اڳ جي فقيهه وٽ نه ٿو ملي سگهي.
    سمورن اهم مسئلن ۾ اهڙيون صورتون پيدا ٿي پيون آهن جيڪي ان وقت موجود نه هيون. اسلامي معاشيات جا ڪجهه بنيادي اصول آهن جيڪي قرآن حڪيم ۾ ملن ٿا، جيڪي دين جو جزء آهن ۽ روحِ اسلام جي ترجماني ڪندڙ آهن، پر معاشيات جا جيڪي قانون، اسان جي فقهه جي قديم ڪتابن ۾ موجود آهن، انهن منجهان گهڻن جي هاڻي ضرورت ئي نه رهي آهي. ٻانهين ۽ ٻانهن بابت سڄو فقهه پراڻو ٿي ويو آهي پر اسان جا لڪير جا فقير اڃا سوڌو اهي پڙهن، پڙهائن ۽ ان تي وڏا وڏا بحث مباحثا ڪندا رهن ٿا. صحت جي حفاظت جا جيڪي قانون قديم فقهه ۾ ملن ٿا يا جيڪي طبي ڳالهيون ان ۾ شامل آهن، علم جي ترقيءَ انهن منجهان گهڻين شين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مسلمانن، ان ترتيب ڏنل فقهه کي شريعت قرار ڏئي ڪري، تبديلي ۽ اصلاح کان بالاتر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. فقهه جي ان سموري مجموعي کي هو، اٽل سمجهي پيش ڪري رهيا آهن ۽ ان جي ڪنهن به حصي ۾ ٿوري به تبديليءَ کان کين ڊپ ورائي وڃي ٿو- جهڙوڪر دين کان ڦري وڃڻ ۽ قرآن تان هٿ کڻڻ برابر هجي! معاشي، سياسي ۽ تمدني معاملات ۾ سموري فقهه جي بنهه نئين ترتيب جي ضرورت آهي، پراڻي عمارت کي ڪيرائي ان جو سامان ڪم آڻي سگهجي ٿو. بهرحال اها عمارت ڪيرائي نئين انداز سان ان کي اڏڻ نهايت ضروري آهي. ان نئين فقهي عمارت جا بنياد اسلام جي بنيادي اصولن جي عين مطابق هوندا ۽ اڏجندڙ عمارت جو نقشو پهرين نقشن کان بنهه مختلف هوندو:
    ہر بنائے کہنہ را باداں کنند
    اول آں تعمیر را ویراں کنند
    (جيڪا به پراڻي عمارت نئين سر اڏڻي هوندي آهي، پهريان ان پراڻي عمارت کي ڊاهڻو ئي پوندو آهي.)
    ان ئي صورت ۾، اسلام هڪ زندهه ۽ دائمي مذهب رهي سگهي ٿو جڏهن ان ۾ اصولن کي احڪامن کان الڳ ڪري ڏسجي.
    اسلامي شريعت جا بنياد، حڪمت ۽ عدل تي رکيا ويا آهن ۽ حڪمت ۽ عدل جا معاملا لفظي ۽ ظاهري صورت کان ترجيحي طور تي مقدم (مٿانهان) هوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن قوم جو قانون، جامد ٿي وڃي ۽ حالات جي تبديليءَ سان گڏ ان ۾ تبديلي ممڪن ناهي ته اهڙي قوم، ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويندي ۽ زندهه ۽ ترقي پذير قومون، ان تي غالب اچي وينديون. اها پاڻ پنهنجي آئين ۾ ڪا تبديلي نه ڪري سگهڻ جي ڪري بهرحال مغلوب بڻجي ويندي. مغلوب ٿيڻ کانپوءِ اهڙي قوم کي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان به هرحال ۾ غالب قوم جو محڪوميءَ وارو آئين ۽ اثر قبول ڪرڻو پوندو. اهڙيءَ طرح جي بيٺل قوم، بيهي نه رهندي. ان ۾ تبديلي، ٻاهران پيدا ڪئي ويندي. اها چرندي پرندي پر مجبوري ۽ معذوريءَ سان. جيئن ته چرپر ان جي اندران پيدا نه ٿيندي تنهن ڪري ان ۾ ڪا به عقلي ۽ روحاني ترقي نه ٿيندي. دين هجي يا دين جي ماتحت شريعت، ان جو بنيادي مقصد انسانيت جي ربوبيت آهي. قرآن چوي ٿو ته قانون، نفعي ۽ نقصان جي بنياد تي ٺاهيو ويندو آهي. تجربي سان جنهن شيءِ ۾ نفعي جي اميد گهٽ ۽ نقصان جي اميد وڌيڪ هوندي ته ان کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏبو آهي. اسلامي شريعت، ڪا ڳجهارت ڪانهي. قرآن پاڻ جڏهن ڪو حڪم ڏيندو آهي ته ان جي حڪمت ۽ علت بيان ڪندو آهي ۽ اها علت، خاص حالتن ۾ خاص طريقن سان ماڻهن لاءِ نفعي بخش هوندي آهي. دين، عدل ۽ رحمت آهي ۽ زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جو نالو ئي دين آهي: اَلدِّیْنُ یسُرٌ۔ قرآن جي تعليم آهي ته خدا، توهان لاءِ تنگيون دور ڪري آسانيون پيدا ڪرڻ ٿو چاهي. جيڪڏهن پراڻن دفترن جي سمورن تفصيلن کي دين سمجهڻ شروع ڪبو ۽ زوريءَ ان کي ان تي ٿاڦڻ لڳبو جتي ان جو اطلاق نٿو ٿئي ۽ جتي ان جي علت موجود ناهي، ته اهو عمل زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ بدران ان جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندو.


    ايمان ڇا آهي؟

    انسان جون قسمين قسمين منطقي، غير منطقي ۽ نفسياتي وصفون بيان ڪيون ويون آهن. هڪ عام وصف جيڪا منطق جي ڪتابن ۾ ملي ٿي سا اها آهي ته: ”انسان حيوان ناطق آهي.“ منطق ۾ ڳالهائڻ به شامل آهي ۽ عقل به. عام طور تي ان جي معنيٰ: ”عقل وارو حيوان“ ڪئي ويندي آهي پر انسان جا عقلي ۽ غير عقلي عنصر ۽ محرڪات ايترا ته گهڻا ۽ شديد آهن جو هاڻي جديد نفسيات ان کي عقل وارو حيوان چوڻ کان لنوائي ٿي ۽ اها تعليم ڏئي رهي آهي ته ”انسان اهو حيوان آهي جيڪو پنهنجين جبلي خواهشن ۽ غير شعوري لاڙن کي عقل ۽ استدلال جو ويس ڍڪائي پنهنجي ڪمن ڪارين کي عقل وارو ثابت ڪندو آهي.“ ظاهر آهي ته اها حرڪت ڪو ٻيو حيوان ناهي ڪندو، تنهن ڪري اها انسان جي نرالي خاصيت آهي. انسان جون ٻيون به کوڙ خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن، جيڪي ٻين حيوانن ۾ ناهن. مثال طور: ”انسان کلندڙ جانور آهي.“ ان سان گڏ اهو به چئي سگهجي ٿو ته: ”انسان روئندڙ جانور آهي.“ ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو به جانور نه ڪي کلندو آهي نه ڪي روئندو آهي. انسان جي هڪ وصف اها به ڪئي وئي آهي ته: هو ”اڳتي ۽ پٺتي ڏسندڙ جانور آهي.“ حافظو، انسان جي ماضيءَ کي عالَمِ شعور ۾ حال بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ان جي اڪثر افعال ۽ افڪار جو رخ، مستقبل قريب يا بعيد جي طرف هوندو آهي. زندگي، پنهنجي ادنيٰ مظهرن ۾ به- ايستائين جو نباتي ۽ حشراتي دور ۾ به مقصد سان ڀرپور رهي آهي پر انسانيت جي سطح کان هيٺ اهو مقصد غير شعوري هوندو آهي. جيئن وڻ جون ٽاريون سج جي روشنيءَ ۽ تپش ماڻي يا اڀيون ٿينديون آهن يا پنهنجو رخ بدلائي ڇڏينديون آهن. جانورن جي حيرت انگيز زندگي به گهڻي ڀاڱي جبلي ۽ غير شعوري هوندي آهي، پر مستقبل جو ڪو نقشو سامهون رکي ڪري، ان ڏانهن ڪوشش جون واڳون موڙڻ به انسان جي ئي خاصيت آهي.
    انسان جي هڪ ٻي به وصف ٿي سگهي ٿي ته: ”انسان پوڄا ڪندڙ جانور آهي.“ ڪنهن ٻئي حيوان ۾ اها جبلت نظر نه ٿي اچي. وحشت جي گهٽ کان گهٽ دورن کان وٺي تهذيب ۽ تمدن جي حيرت انگيز بلندين تائين اسين انسان کي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي پوڄا ڪندي ئي ڏسندا آهيون. هو ڪڏهن موجود جي پوڄا ڪندو آهي ۽ ڪڏهن موهوم يا اڻ ڏٺل کي تصور ۾ سوچي ڪري پوڄيندو آهي. انسان پنهنجي سموري زندگي اميد ۽ نااميديءَ جو شڪار رهندو آهي. ڪڏهن هو طبيعي فطرت جي مظهرن کان خوفزده ٿي انهن جي شر کان بچڻ جي ڪوشش ۾ پوڄا ڪندو آهي ۽ ڪڏهن خواهشون ۽ اميدون، سندس لاءِ معبود گهڙينديون آهن. ان سان ملندڙ جلندڙ انسان جي هڪ وصف اها به ٿي سگهي ٿي ته: ”انسان صاحبِ ايمان هستي آهي.“ اها وصف به، اسان جي سمجهه موجب انسان جي بنيادي فطرت جي صحيح عڪاسي ڪندڙ آهي. اهو خيال، ڪجهه وضاحت طلب آهي.
    ايمان جو صحيح ۽ سادو مفهوم اهو آهي ته ڪنهن اهڙي حقيقت کي سچ مڃڻ جيڪو نه صرف ڪنهن فرد جي انفرادي تجربي کان بالاتر ۽ ان جي محسوسات کان ماوراءَ هجي، بلڪه اجتماعي طور تي اهو ڪنهن جو محسوساتي تجربو نه هجي. مختصر طور تي هيئن چئجي ته ايمان جي مفهوم ۾ اها ڳالهه لازمي طور تي شامل آهي ته ايمان ڪهڙي به قسم جو هجي، اهو ايمان بالغيب هوندو آهي. انسان صرف اڳتي پٺتي ڏسڻ وارو حيوان ناهي، بلڪه تجربي کان ماوراء حقيقتن کي تسليم ڪرڻ وارو حيوان آهي. قسمين قسمين معبود به هو، اهڙي ئي ايماني جذبي جي ڪري گهڙيندو آهي ۽ انيڪ قسم جا مقصد ۽ نصب العين به هو اهڙي قسم جي لاڙن جي بدولت ئي ٺاهيندو آهي. انسان جي فطرت آهي ته هو محض ظاهر مان ڪڏهن به مطمئن ناهي ٿيندو ۽ ڪنهن اهڙي صورت جو سَڌائتو رهندو آهي جيڪا اڃا غيب جي پردي ۽ عدم جي پيٽ ۾ هوندي آهي. ايستائين جو اها سڌ، جيڪا کيس ڪڏهن به سهارو نه ڏئي سگهي ۽ توڻي جو ان جي ٺوس هجڻ جو يقين به ساڻس وابسته نه هجي. انسان اهڙين سڌن جي عملي صورت وٺڻ تي به ايمان آڻيندو آهي، جن جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪي به اسباب موجوده حالتن ۾ نه ٿا ڏسجن، پر انساني ارتقا جي سموري تاريخ ان جي شاهد آهي ته اسباب، ايمان تي مقدم نه هيا، پر ايمان جي استقلال ۽ ان جي مضبوطيءَ اسباب مهيا ڪيا. ان لحاظ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته ايمان هڪ تخليقي قوت آهي.
    اسان انسان کي ئي صاحب ايمان هستي چيو آهي، پر جيڪڏهن گهري نظر سان ڏسجي ته اها حقيقت چٽي ٿي وڃي ٿي ته حيواني زندگيءَ ۾ به ادنيٰ کان اعليٰ ڏانهن ارتقا، ايمان جي ئي بدولت ٿي آهي. زندگي ڪڏهن به مادي اسباب ۽ اوزارن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ناهي رهي ۽ نه ڪي وري ميڪانڪي علت ۽ معلول جي زندان ۾ قيد رهي آهي. حياتيات ۾ جن ڏاهن، ارتقا جو نظريو پيش ڪيو آهي، انهن منجهان ڪي ان ڳالهه جاقائل آهن ته جيت جڻن ۽ پکين پرندن ۾ به زندگيءَ جي ارتقا جيڪي انقلابي قدم کنيا آهن، انهن جو ڪارڻ ڪن خارجي سببن جو جمع ٿيڻ يا ماحول جي فياضي نه هئي، بلڪه ان ڳالهه تي غيرشعوري ايمان هيو ته بلند تر زندگي ممڪن الوجود آهي. اسلامي تاريخ ۾ زندگيءَ جي ارتقا جي مبلغن منجهانُ رومي، نهايت قداور هستي آهي، جنهن واضح نموني نظريو پيش ڪيو ته زندگي ڪنهن به مرحلي ۾ قالب جي پيداوار ناهي هوندي. بلڪه روحِ حيات، خود قالب جو سرجڻهار آهي:
    قالب از ماہست شد نے ما ازو
    (قالب اسان منجهان جڙيو آهي، نه ڪي اسين قالب منجهان!)
    بلند ۽ بهتر زندگيءَ تي ايمان، انسان ۾ تخليقي قوت پيدا ڪندو آهي ۽ انسان جي لڪل حسرتن کي ظاهري سطح تي کڻي ايندو آهي. مادي کان انسان تائين جيڪا قوت، زندگيءَ کي اڀاريندي آئي آهي، ان کي، رومي، عشق، چوي ٿو! اهوئي عشق زندگيءَ جو وجدان به آهي ۽ زندگيءَ جو ايمان به! مادي کي، نباتي زندگيءَ جو ڪو به تجربو ڪو نه هيو پر ان جو ارتقائي جذبو، ايمان پيدا ڪندڙ هيو ته: بلندتر هستيءَ سان رابطو جوڙي، مان اهو ڪجهه ٿي سگهان ٿو جيڪو اڃا منهنجي وهم گمان ۾ به ڪونهي پر ايئن ٿيڻ يقيني آهي. رومي، حياتيءَ جي ارتقا تي پير پير چڙهندڙ زندگيءَ کي ڏسندي اهو ايمان ٿو رکي ته:
    آنچہ اندر وہم نامد آں شوم
    ”اهو جيڪو اڃا وهم جي اندر هيو، آئون اهو ٿي چڪو آهيان.“
    جنهن به هستيءَ موجود حيات کي پنهنجي منزل سمجهي ورتو ۽ آئنده جي ناقابلِ بيان ممڪنات کي موجود بنائڻ تي يقين نه ڪيو، ايمان جي ڪمزوريءَ سبب ان جي ترقي رڪجي وئي. عارف روميءَ ڪيترن ئي هنڌن تي اهو يقين باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته: ”موجوده انسان به هڪ عارضي مخلوق آهي يا حيوانيت ۽ فوق الانسان ڏانهن وڌڻ لاءِ هڪ پلِ آهي.“ جڏهن کيس چيو ويو ته: ”اسان کي ته اهو فوق الانسان نه ڪٿي نظر ٿو اچي ۽ نه ڪي ان جو تصور ئي اسان جي ذهنن ۾ اچي سگهي ٿو؟! ته ان جو جواب روميءَ اهو ڏنو ته: ”موجوده انساني زندگيءَ ۾ حياتيءَ جي جيڪا صورت اڃا حتمي ناهي، مون کي ان جي آرزو آهي ۽ آئون ان جي حتمي ٿيڻ تي ايمان پڻ رکان ٿو!“
    روميءَ ڪيترن ئي هنڌن تي اها تشريح ڪئي آهي ته زندگيءَ جي وسيع ۽ بلندتر سطح جو ڪو به واضح تصور ان بلند ترين سطح تائين پهچڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. ان جو هڪ مثال روميءَ اهو ڏنو آهي ته ”گرڀ جي اندر جيڪڏهن ٻارڙو محض پنهنجي موجوده زندگيءَ جي تجربي مان استدلال ڪري ته ان لاءِ ان حقيقت جو قائل ٿيڻ محال ٿيندو ته ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر هڪ عظيم الشان جهان ۽ لامحدود، رنگ برنگي ۽ گونان گون دنيا آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾، آئون موجوده حالت ۾ هڪ سوڙهي ۽ اونداهي قيدخاني ۾ قيد آهيان. نو مهينا ان قيدخاني ۾ گذارڻ کانپوءِ هو ڪنهن تجربي ۽ استدلال جي بدولت ٻاهر ناهي ايندو، بلڪه زندگيءَ جي وسعتن جو هڪ لڪل ايمان، کيس وسيع تر جهان ۾ آڻيندو آهي، پر جتي پهچي ڪري تجربو ان غيرشعوري ايمان جي تصديق ڪندو آهي. ان مان، رومي اهو استدلال ٿو ڪري ته هي زمان ۽ مڪان جو عالَم هي عالَم رنگ و بو، هي مٽي ۽ پاڻيءَ جو جهان پنهنجين وسعتن ۽ رنگينين ۽ دلرباين جي باوجود هڪ گرڀ/رِحم آهي، جنهن جي اندر انساني جانيون پلجن پيون، پر اهو ٽِڪي پوڻ جو ماڳ ناهي. هڪ راهه آهي، منزل ناهي! رڳو استدلال سان ان کان بالاتر عالم جو نه ڪي ثبوت ملي سگهي ٿو ۽ نه ڪي ڪو تصور حاصل ٿي سگهي ٿو، پر انساني روح جي اندر اهو ايمان لڪل آهي ته اڻ کٽ زندگيءَ کي نه زمان ۽ مڪان قيد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ڪي مظاهر جي علت ۽ معلول جون زنجيرون! زمان ۽ مڪان جي ماهيت تي غور ڪندڙ نفس، خود ان زندان ۾ قيد رهي نه ٿو سگهي. قرآن حڪيم ان حقيقت ڏانهن، هن آيت ۾ اشارو ڪيو آهي:
    یٰمَعۡشَرَ الۡجِنِّ وَ الۡاِنۡسِ اِنِ اسۡتَطَعۡتُمۡ اَنۡ تَنۡفُذُوۡا مِنۡ اَقۡطَارِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ فَانۡفُذُوۡا ؕ لَا تَنۡفُذُوۡنَ اِلَّا بِسُلۡطٰنٍ ۔ (الرحمٰن: ٣٣)
    (اي جنن ۽ انسانن جا گروهو! جيڪڏهن توهان ۾ سگهه آهي ته توهين آسمانن ۽ زمين جي حدن مان ٻاهر نڪري سگهو ته ڀلي ايئن ڪري ڏسو! توهين ڪنهن سلطان کانسواءِ ٻاهر نه نڪري سگهندؤ!)
    اها قوت ۽ ان قيد کي ٽوڙيندڙ سلطان اهي ئي شيون آهن جن کي ايمان چئبو آهي. ان ئي ايماني سلطان جي بدولت جمادي قيد مان نڪري، نباتي زندگي ۾ داخل ٿبو آهي. جتي مٽي گل ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. مٽي محض پنهنجي جمادي قوت سان ڪڏهن به گل نه بڻجي سگهي ها جيڪڏهن مٽي، محض مادي اسباب مهيا ڪرڻ ۾ لڳي رهي ها ۽ ان جي اندر ممڪن کي موجود ڪرڻ جو ايمان ۽ رجحان نه هجي ها ته ابدالآباد تائين، جماد جماد ئي رهي ها. ان جمود مان ڪڍڻ واري قوت، مٽيءَ جو ايمان آهي جنهن فقط موجوده اسباب تي قناعت نه ڪئي، بلڪه بلندتر زندگيءَ لاءِ اسباب، اوزار ۽ حالات پيدا ڪيا. زندگيءَ جي اهڙي نظريي جا اهي ڏاها به قائل آهن جن هلندڙ دور ۾ اوڻويهين صديءَ جي گمراهه ڪندڙ ماديت ۽ ميڪانيت کي رد ڪري، انساني روح لاءِ آزاديءَ جون راهون کولي ڇڏيون. اتفاقي طور تي عضون جي جوڙجڪ جي تبديلين سان، ٽانڊاڻي پنهنجو ڏيئو ڪو نه ٻاريو، بلڪه رات جي اونداهيءَ ۾ رستي جي تلاش جي تمنا جي شدت اها برقي بيٽري هڪ ذرڙي جي اندر پيدا ڪري ڇڏي! سمنڊ جي گهرين اونداهين ۾ به ڪيتريون ئي مڇيون خود پنهنجي نور جي روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو ڪار وهنوار هلائينديون آهن. اقبال، انسان کي خودداريءَ جي تعليم ڏيندي فرمائي ٿو ته:
    تا کجا طور پہ دریوزہ گری مثل کلیم،
    اپنی مٹی سے عیاں شعلۂ سینائی کر۔
    اِهو، اُهو ڪم آهي، جيڪو باغ جو ٽانڊاڻو ۽ سمنڊ جون مڇيون، انسان کان کوڙ عرصو اڳ ڪري چڪيون آهن، جيڪي هن اشرف المخلوقات لاءِ سبق آموز آهن. ان خيال کي ته زندگي، حالتن ۽ وسيلن جي محتاج ڪانهي بلڪه زندگي خود انهن کي تخليق ڪندي آهي، ڏاهي اقبال ڪيڏي نه عمدگيءَ سان ان حقيقت کي هن شعر ۾ بيان ڪيو آهي:
    کبک پا از شوخیٔ رفتار یافت،
    بلبل از ذوقِ نوا منقار یافت۔
    (بلبل جي چنهنب ۽ ان جي ڳلي جي ساز، گيت تخليق نه ڪيا، بلڪه سرور جي شديد ذوق اهو ساز مهيا ڪيو آهي، چڪور جي رقص جي شوق، کيس موزون پير عطا ڪيا آهن، ايئن ڪونهي ته ڪو پيرن جي خاص بناوٽ جي ڪري هو رقص ڪندو آهي.)
    هن بيان جو تت اهو آهي ته ايمان جي قوت ئي زندگيءَ جي تخليقي قوت آهي. جمادات کان وٺي انسان تائين، زندگيءَ جو هڪ ئي قانون آهي. توڙي جو ان قانون جي اطلاق ۾ الڳ الڳ نمونا ۽ لاڳيتو وڌندڙ وسعتون ۽ بلنديون به ڏسجن ٿيون.
    ايمان جي ماهيت ۾ ئي اها ڳالهه داخل آهي ته اهو ان حقيقت جو يقين آهي، جيڪو عالَمِ شهادت جي ڀيٽ ۾، اڃا سوڌو عالم غيب ۾ آهي. ايمان جو ضد، ”ڪفر“ آهي، ڪفر جو مفهوم عالَمِ غيب جو انڪار آهي. قرآن حڪيم ۾ آدم ۽ ابليس جو قصو، اصل ۾ ايمان ۽ ڪفر جي فرق جي وضاحت آهي. خدا، آدم کي مٽيءَ مان جوڙيو. شروع کان هينئر تائين جيترا به انسان آهن، انهن مڙني جي تخليق جو بنيادي جوهر مٽي ئي آهي. گوشت، ماس، هڏيون، رت ۽ چمڙي، سڀ مٽيءَ جي ئي عناصر جون مختلف صورتون آهن. سموري غذا مٽيءَ مان پيدا ٿيندي آهي. مٽي، ٻوٽا بڻبي آهي ۽ ٻوٽن کي حيوانات بدن جي جزن ۾ تبديل ڪندا آهن. انسان جڏهن سبزي کائيندو آهي يا گوشت کائيندو آهي ته ايئن سمجهڻ گهرجي ته هي مٽيءَ جو پتلو، مٽي ئي کائي رهيو آهي. ان مٽيءَ جي بت جي اندر فطرت جي خلقڻهار، پنهنجو روح ڦوڪيو آهي:
    وَ نَفَخۡتُ فِیۡہِ مِنۡ رُّوۡحِیۡ۔ (الحجر 29)
    خدائي روح جي ڪري ئي اڻ کُٽ زندگيءَ جا ممڪنات ۽ لامحدود قوتون ان جي اندر سمائجي چڪيون، جهڙيءَ ريت هڪ ڦلدائڪ وڻ ٻج جي هڪڙي داڻي ۾ سمايل هوندو آهي. ملائڪ، زندگيءَ جي مختلف مَلڪن (Energes) جو نالو آهي. مَلڪ ۽ ملائڪ جو لفظي مادو هڪ ئي آهي! روميءَ، پنهنجي ملفوظات: ”فیہ مافیہ“ ۾ ملائڪن کي ان عقلِ ڪل جون انيڪ صورتون قرار ڏنو آهي جن جي بدولت زندگيءَ ۽ ڪائنات جو نظام قائم آهي. ان جو مثال هن اهو ڏنو آهي ته: ”ميڻ مان ڪيترن ئي قسمن جا پکي جوڙي سگهجن ٿا، پر جيڪڏهن انهن سڀني کي ڳاري ڇڏجي ته رڳو ميڻ کانسواءِ ڪجهه حاصل ڪو نه ٿيندو، ڇو جو انهن جا بت محض مادو هيا جن جو جوهر ميڻ هئي. آدم جي قصي ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته: ملائڪن کي حڪم ٿيو ته توهين هن نئين مخلوق جي آڏو ڪنڌ جهڪايو. خدا جا فرمانبردار توهين ته آهيو ئي پر هاڻي الله جي حڪم سان هنن جي به اطاعت ڪريو جن ۾ الله جو روح ڦوڪيو ويو آهي. ان مخلوق جي تقدير اها آهي ته اها هن ڌرتيءَ تي، الله جي نيابت جي ذميوار آهي. الله جو نائب هجڻ، الله جي عبادت جي ابتڙ ناهي بلڪه الله جي حڪم سان لازم آهي. آدم کي صاحبِ اختيار هستي بنائڻ جو هڪ لازمي نتيجو اهو به ٿي سگهيو پئي ته هو ان اختيار جو غلط استعمال ڪري ۽ ان کي زندگيءَ جي تعمير جي بجاءِ تخريب ۾ ڪتب آڻي. ملائڪن يا فطرت جي قوتن کي انسان جو اهو پاسو ڏسڻ ۾ آيو ته هي فساد کڙو ڪندو ۽ رت جي راند کيڏندو ۽ ان حالت ۾ هو فرمانبردار نه رهندو. انسان جي فطرت جو اهو پاسو به حقيقت آهي- تنهن ڪري ملائڪن کي ان جي اندر جيڪو ڪجهه نظر آيو اهو به صحيح هيو پر غلطي انهن جي اندر اها هئي ته:
    عیب او جملہ بگفتی ہنرش نیز بگو
    (ان جون خاميون ته سموريون ٻڌايئي، ڀلا ان جي خوبين تي به ڪجهه ڳالهاءِ.)
    آدم جي علم ۽ هنر جو پاسو مجبور فطرت جي نگاهن کان اوجهل هيو. آدم جي تخليق کي بليغ شعرن ۾ علامه اقبال ڏاڍي مؤثرانداز ۾ بيان ڪيو آهي:
    فطرت آشفت کہ از خاک جہان مجبور
    خود گرے، خود شکنے، خود نگرے پیدا شد
    (فطرت ڏٺو ته دنيا جي مجبور مٽيءَ مان، هن پنهنجو پاڻُ جوڙيو پنهنجو پاڻ کي ڊاٺو ۽ پنهنجو پاڻ اڀري پيدا ٿي پيو.)
    آدم جي ورود کان اڳ ڪائنات ۾ ڪا به اهڙي هستي ڪا نه هئي جنهن کي پنهنجو پاڻ جوڙڻ ۽ ڊاهڻ جو اختيار هجي. ٻين لفظن ۾ اها هستي هڪ حد تائين پنهنجي تقدير جي پاڻ جوڙڻهار هجي. ڪنهن مخلوق ۾ پنهنجي ذات جو شعور به ڪو نه هيو. ضرورت موافق ماحول جو شعور، جانورن ۾ هيو. ان کان اڳتي نه ڪي ذات جو شعور هيو نه ڪي الله جو! شعور جي ابتدا کانپوءِ، فطرت جي قوتن، آدم جي اطاعت ان ڪري قبولي جو، شين ۽ حوادث (واقعن) جي بدولت انسان جي ڪائنات کي تسخير ڪرڻ واري حقيقت مٿن کلي چڪي هئي. فطرت جي تسخير انسان جي زندگيءَ جي خاص ڪرت ۽ آدم جي مانائتي هجڻ جو معراج آهي.
    فطرت جي قوتن ان جي عظمت تي ايمان آندو، پر ابليس انڪاري ٿي ويو. ان ڪفر جي ماهيت به قرآن جي آدم واري قصي مان پڌري آهي. ان قصي ۾ ابليس، ان ماديت جو نمائندو آهي جنهن کي مادي جي ترڪيبن جي اندر مادي عناصر کان وڌيڪ زندگيءَ جو ڪو مستقل جوهر نظر نه آيو. قرآن وارو ابليس، ظاهر پرست آهي. ان آدم کي فقط ان نظر سان ڏٺو ته هو محض مٽيءَ جو هڪ پتلو آهي. هن بي حقيقت مخلوق کي ملائڪن جي مسجود هجڻ جو حق ڪٿان مليو؟! اڄ به جيڪي ڏاها، طبيعي ماديت ۽ ڪوڙي ميڪانيت جي فلسفي جو شڪار آهن، اهي انسان کي زميني عناصر جو هڪ اتفاقي مجموعو ۽ مرڪب سمجهن ٿا. اهي منجهس حيواني زندگيءَ کان علاوه ڪنهن اهڙي روح جي آواز کي جسم جي ساز جو آواز سمجهن ٿا، جيڪو ساز ٽٽڻ سان خاموش ٿي ويندو. يا وري انسان کي بدن جي ڏيئي جي تيل جي عارضي روشني سمجهن ٿا، جيڪا ڏيئي جي ٽٽڻ يا تيل جي ختم ٿي وڃڻ سان هميشه لاءِ اجهامي ويندي. جهڙوڪر، انسان- باندرن جي هڪ ترقي يافته شڪل آهي جنهن باندرن کان وڌيڪ ذهين ٿي ڪري، وڌندڙ ضرورتن لاءِ آلات (اوزار) جوڙي ورتا آهن. مادي پرستن کي انسان جي اندر، ابدي حياتيءَ جو ڪو به قرار نظر نه ٿو اچي. اڪبر الهه آباديءَ ڪيڏي نه حڪمت ڀري ڳالهه ڪئي آهي ته:
    کہا منصور نے: خدا ہوں میں!
    ڈارون بولے بوز نہ ہوں میں،
    سن کے کہنے لگے مرے اک دوست،
    فکر ہر کس بقدر ہمت اوست۔
    قرآن، مظاهر پرستي ۽ ماده پرستيءَ کي ئي ابليس جو انداز ڪري پيش ڪيو آهي، جنهن کي آدم جي اعزاز جا اسباب نظر نه ٿا اچي سگهن. ان جو استدلال، ماده پرستيءَ جي اندر محصور آهي: ڇاڪاڻ ته آدم بس مٽيءَ جو پتلو آهي. آدم جو ظاهري ڏيک برابر ته خاڪي هيو. ان جي اڻ کٽ ممڪنات تي يقين، ايمان جو گهرجائو هيو، جيڪو ابليس ۾ پيدا نه ٿي سگهيو. ان جي سموري معلومات، موجود ۽ حاضر ادراڪن جي طفيل هئي. حاضر کان غيب جي حقيقتن ڏانهن وڌڻ جي صلاحيت منجهس ڪا نه هئي، جنهن کي مختصراً ايئن چئي سگهجي ٿو ته ابليس، ايمان کان وانجهو هيو. ابليس هڪ تمثيل آهي، ان محصور ۽ محدود نظر واري انسان جي- جيڪو زندگيءَ جي اڻ ڳڻين رازن ۽ ان جي لامحدود ارتقائي قوتن جو قائل ناهي. ماده پرستي، حاضر پرستي آهي. اها ان ڳالهه جي انڪاري آهي ته هر حالت ۾ غيب، حاضر جي ڀيٽ ۾ بيحد وسيع آهي ۽ وڌيڪ اهو به ته غيب حاضر جي ڀيٽ ۾ انسان جي ذات توڙي ڪائنات ٻنهي جي اندر حقيقت کي کوليندڙ به آهي ۽ ايمان جي واسطي سان زندگيءَ ۾ اخلاقيات پيدا ڪندڙ پڻ! جنهن سماج ۾ غيب تي ايمان ڪونهي انهيءَ ۾ اخلاقيات پيدا ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي.
    ابليس ۽ آدم جي قصي ۾ ٻيا به کوڙ اسرار لڪل آهن. رڳو ماديت جو قائل ۽ ظاهر پرست انهن سمورين حقيقتن بابت انڪار ڏانهن مائل هوندو آهي، جيڪي سندس محدود حواس جي سانچي ۾ نه گهڙجي سگهنديون آهن. طبيعي سائنس جي ترقيءَ زندگي ۽ ڪائنات جو جيڪو غلط نظريو خلقيو آهي، اهو خود انسان جي نفسي حقيقتن جو به منڪر ٿي پيو! ڇاڪاڻ ته نفس جي ڪا مستقل حقيقت، مادي مظهرن جي علت ۽ معلول جي ڪڙين ۾ ڪٿي به نظر نه ٿي آئي. ماديت جو مدار رياضيات تي هيو. ان نظريي جي مطابق هر شيءِ جي حقيقت رياضياتي تناسب جو نتيجو هوندي آهي، جنهن شيءِ تي رياضيءَ جو اطلاق نه ٿي سگهي اها محض وهم جي پيداوار آهي. ماديت جي بنياد تي جيڪا نفسيات لکي وئي، ان روح يا نفس کي بحث مان ئي ڪڍي ڇڏيو ۽ نوبت وڃي ايستائين پهتي جو خود اهو شعور به بي حقيقت بڻجي ويو، جنهن اهڙو نظريئه حقيقت پيدا ڪيو هيو. يعني ڄڻ ته ان باطل خيال جي ڪري ماڻهو پاڻ کان منڪر ٿي پيو. مادي مظاهر جي سلسلي جو اقرار باقي رهجي ويو ۽ ان کان علاوه زندگيءَ جي سمورين حقيقتن بابت انڪار ئي انڪار! اهڙي لاڳيتي انڪاري ڪروڌ سان هڪ ڪوڙو واهمو ۽ غرور پيدا ٿي پيو. ماده پرستيءَ ۾ عالم ڪل هجڻ جي خيال، ترقي پذير حق جي سڃاڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. قرآن ڪريم واري ابليس ۾ ان ڪري توهان کي انڪار ۽ غرور نظر ايندو آهي! جڳ مشهور حقيقتن جو انڪار، انسان جي نفس کي محدود ڪري ڇڏيندو آهي. زندگيءَ جي معرفت لاءِ لازمي آهي ته انسان، زندگيءَ جي حقيقت جي لامحدوديت جو احساس رکي. جيڪي ڪجهه هاڻي تائين معلوم ٿيو آهي، ان کي نامعلوم جي ڀيٽ ۾ بنهه گهٽ سمجهي ۽ ڀَلان ڀَليءَ جي تلاش جاري رکي. ربِّ زِدْنِیۡ عِلْمًا جي مسلسل دعا ان لاءِ ئي سيکاريل آهي. علم سان گڏ عمل اهڙي ئي زاويئه نظر سان پيدا ٿيندو آهي. افلاطون چيو هو ته علم جي ابتدا حيرت کان ٿيندي آهي. حيرت، انسان جي اندر سوال پيدا ڪندي آهي ۽ پيدا ٿيل سوال جي جواب لاءِ انساني نفس تجسس، مشاهدي ۽ استدلال کان ڪم وٺندو آهي. زندگيءَ بابت جنهن شخص جي اندر حيرت پيدا ناهي ٿيندي، ان جي اندر حڪمت جو آغاز به ناهي ٿيندو. يوناني حڪمت، حيرت جي بدولت علم ۾ ترقيءَ جون کوڙ وکون اڳتي وڌايون پر اهي علم جي ان ترقيءَ تائين نه پهچي سگهيا، جيڪا انسان کي وري هڪ نئين حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. ان نئين حيرت مان ئي نئين معرفت جو آغاز ٿيندو آهي ۽ اهو سلسلو اڻ کٽ آهي. عرفيءَ ان مقصد کي نهايت بليغ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته: ”عوام جن ڳالهين کي معلوم ۽ واضح سمجهندو آهي، ڄڻ انهن کي ڄاڻڻ ۾ ڪا مشڪل ئي ڪانهي. انهن جي پردي ۾ پراسرار حقيقتون آهن، جنهن جو اندازو بصيرت واري اک يا عارفانه حيرت ئي ڪري سگهي ٿي:
    ہر کس نہ شنا سندۂ راز است و گرنہ
    این ہاہمہ راز است کہ معلوم عوام است
    (هر ڪو ماڻهو، راز شناس ناهي، نه ته حقيقت اها آهي ته راز دراصل سمورا عوامي راز ئي آهن.)
    ساڳيو مضمون مرزا غالب پنهنجي انداز سان پيش ڪيو آهي:
    واقف نہیں ہے تو ہی نواہائے راز کا
    یاں ورنہ جو حجاب ہے پردہ ہے ساز کا
    اها عارفانه حيرت، ”ايمان بالغيب“ کانسواءِ پيدا ٿي نه ٿي سگهي. زندگيءَ جي راز جو احساس، عالم غيب جي وسعت جي احساس جو نالو آهي. اسان وٽ حڪيماڻي مزاج جي وڏن وڏن صوفين عارفانه حيرت کي ئي علم جو انجام قرار ڏنو آهي. رومي فرمائي ٿو:
    علم را بفروش و حیرانی بجز
    (علم کي وڪڻي، حيراني خريد ڪر.)
    ڇاڪاڻ ته محض علم سان خيال پيدا ٿيندو آهي ۽ حيرت سان نظر ۾ وسعت ۽ اضافو پيدا ٿيندو آهي. عطار جو هي چؤ سٽو به نهايت ئي عارفانه آهي:
    کاملے گفت است می باید بسے،
    عقل و حکمت، تا شود گویا بسے،
    باز باید عقل بے حدو شمار،
    تا شود خاموش یک حکمت شعار۔
    (هڪڙي ڪامل چيو آهي ته جڏهن عقل ۽ حڪمت ڪنهن سان راز سلڻ شروع ڪندا آهن، تڏهن سمجهه بي حساب ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ اهو حڪمت رتو انسان خاموش ٿي ويندو آهي.)
    اِذَا تَمَّ الْعَقُلُ نَقَصَ الْکَلَامُ
    (جڏهن عقل ڪامل ٿيندو آهي ته گفتگو گهٽجي ويندي آهي.)
    پر اها خاموشي به وري هڪ نئين حقيقت جي متلاشي ٿي پوندي آهي ۽ ان مان وري هڪ نئين سطح جي گفتگو شروع ٿي ويندي آهي جنهن ۾ عاجزي به هوندي آهي ۽ اقرار به! ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته انڪار ۽ هٺ ختم ٿي ويندا آهن ۽ ”ايمان بالغيب“ سان معرفت ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو ويندو آهي. ڪنهن انسان جي من ۾ اهو خيال ته: ”مان حقيقت جي معرفت تائين پهچي چڪو آهيان.“ مٿس وڌيڪ ترقيءَ جا رستا بند ڪري ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري عارف رومي اها هدايت ٿو ڪري ته هستي، اڻ کُٽ آهي سو ڪنهن هڪ مقام کي آخري منزل سمجهي اتي ديرو نه ڄمائي ويهجو:
    اے برادر بے نہایت در گہیست
    ہر چہ بروے می رسی بروے ماسیت
    معرفت جي متلاشي انسان ۾ ڪڏهن به انڪار، تڪبر ۽ هٺ پيدا ٿي نه ٿو سگهي. قرآن، زندگيءَ لوئيندڙ انهن حرڪتن کي ابليسيت چيو آهي. روحانيت ۽ الوهيت کي زندگي ۽ ڪائنات جو بنياد سمجهندڙ هڪ قسم جي لاادريت جي باوجود، معرفت ۾ ترقي ڪندو رهندو آهي. عقل، ادراڪ ۽ انساني تجربن مان حاصل ٿيل معلومات کي هو ڪڏهن به کلي حقيقت جو مَٽ ناهي سمجهندو. هڪ عظيم الشان نبي جنهن تي معرفت جا ڪيترائي دروازا کوليا ويا اهو به علي الاعلان اقرار ڪري ٿو ته:
    مَاعَرَفُنَاکَ حَقَ مَعْرِفَتِک۔
    (اسين توکي تنهنجي معرفت جي شايانِ شان نه سڃاڻي سگهياسون.)
    علم، هستيءَ جو ئي ٿيندو آهي. جيڪڏهن هستي، لامحدود آهي ۽ ان ۾ لاڳيتو اضافو به ٿيندو رهندو آهي ته ان مان اهو نتيجو نڪرندو آهي ته انسان جو علم ڪنهن هڪ منزل تي به پوري هستيءَ تي حاوي ٿي نه ٿو سگهي. قرآن حڪيم هڪ پاسي، هستيءَ جي لامحدود هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ٻئي پاسي علم ۾ محدود هجڻ جو احساس به انسان کي ڏياريو اٿس. ڪلمات الاهي، جن جي طفيل تخليق زندگي ۽ ڪائنات جي بقا آهي، انهن جي لامحدود هجڻ بابت فرمايو ويو ته:
    وَ لَوۡ اَنَّ مَا فِی الۡاَرۡضِ مِنۡ شَجَرَۃٍ اَقۡلَامٌ وَّ الۡبَحۡرُ یَمُدُّہٗ مِنۡۢ بَعۡدِہٖ سَبۡعَۃُ اَبۡحُرٍ مَّا نَفِدَتۡ کَلِمٰتُ اللّٰہِ۔ (لقمٰن 27)
    (۽ جيڪڏهن زمين جا سمورا وڻ، قلم بڻجي وڃن ۽ سمنڊ بلڪه ان کان علاوه ٻيا ست سمنڊ به مس بڻجي پون، تڏهن به الله جا ڪلمات ۽ سندس جوڙ جو تذڪرو ختم ٿيڻ جا ناهن.)
    وَ مَاۤ اُوۡتِیۡتُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ اِلَّا قَلِیۡلًا۔ (بنی اسرآءِیل 85)
    (توهان کي بنهه ٿورو علم ڏنو ويو آهي.)
    خدا، پنهنجي فيض سان غيب جون حقيقتون ڪوشش ۽ توفيق جي موافق پنهنجن خاص بندن تي کوليندو رهندو آهي پر اهو انڪشاف به جزئي عقيدو آهي. تنهن ڪري ڪو به عارف بالله يا نبي سڳورو مطلقاً عالم الغيب هجڻ جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي. گهڻو ڪجهه جيڪو عوام لاءِ غيب هوندو آهي، خواص لاءِ موجود ۽ تجربو بڻجي ويندو آهي، پر خواص جي آڏو هميشه گهڻيون شيون غيب ئي رهجي وينديون آهن. تنهن ڪري ايمان بالغيب جي ضرورت اتي به جيئن جو تيئن برقرار آهي.
    ماديت پرست ۽ مظاهر پرست، جبري به هوندو آهي! کيس مظاهر ۾ هر هنڌ جبر ئي جبر نظر ايندو آهي، مادي مظهرن جي فطرت، مجبور فطرت آهي. سيارا پنهنجي دائرن ۾، رياضياتي جبر تحت گردش ڪندا آهن. هوائون پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو رخ بدلائي نه ٿيون سگهن. پاڻي پنهنجي مرضيءَ سان هيٺڀرو وهڻ جي بجاءِ مٿانهينءَ ڏانهن نه ٿو وهي سگهي. مادي مظاهر جي تقدير ٺوس ۽ اٽل آهي. عقل، مظاهرِ فطرت مان قانون حاصل ڪندو آهي. عقل به جبري فطرت جو اولڙو آهي. تنهن ڪري عقل جي روءِ سان جيڪڏهن اختيار کي ثابت ڪرڻ چاهجي ته اها ڪوشش ڪڏهن به ڦلدائڪ نه ٿي سگهندي. ڇاڪاڻ ته عقل جي ڪرت ئي اها آهي ته اهو هڪ پاسي مظاهر فطرت ۾ ۽ ٻئي پاسي استدلال ۾ لازميت جون ڪڙيون تلاش ڪندو آهي. جن شخصن دين جي اندر به محض استدلال ۽ عقل مان ڪم ورتو آهي، اهي خدا پاران عطا ڪيل انساني اختيار کي ثابت نه ٿا ڪري سگهن ۽ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ريت جبر تي ئي پهتا آهن. تڏهن ته متڪلمين منجهان اشاعره، جبري ٿي پيا. هنن ڪسب جي عقيدي جي پردي ۾ جبر کي لڪائڻ چاهيو پر جبر لڪي نه سگهيو. صحيح عقيدو اهوئي مڃيل عقيدو آهي ته:
    الايمان بين الجبر والاختيار.
    (ايمان جبر ۽ اختيار جي درمياني ڪيفيت جو نالو آهي.)
    انسان، طبيعي فطرت کان مورؤن الڳ نه ٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري ان جي ٻاهر ۽ ان جي اندر به جبر جا کوڙ سارا مظاهر موجود آهن، پر انسان جي امتيازي خاصيت، خدا جو عطا ڪيل اختيار آهي، جيڪو طبيعي فطرت جي علت ۽ معلول جي ڪڙين کان الڳ شيءِ آهي. اهو اختياري احساس، انسان جي زندگيءَ جي وجدان ۾ داخل آهي. جيڪڏهن مظاهرِ فطرت ۽ حڪمتِ طبعيءَ جا مظهر شناس ان جي اقرار لاءِ دليل نه ٿا ڏئي سگهن ته ان سان اختيار باطل نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته زندگي مظاهر فطرت ۽ منطق کان وسيع تر ۽ عميق تر آهي. زندگيءَ جو اهوئي باطني وجدان، فطرت ۽ مظهر شناس عقل جي ڀيٽ ۾ عالم غيب ۾ آهي. جيڪي ڪجهه عالم شهود ۾ ايندو، اهو جبر، منطق ۽ رياضيات جي ڪڙين ۾ پويو ويندو. اهوئي سبب آهي جو سمورا مادي پرست فيلسوف، جبري آهن، پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته منطق تي ڀاڙيندڙ ڪجهه دين جا حامي به جبر جي ئي تعليم ڏيندا آيا آهن. علم الڪلام کان علاوه ان تعليم جو اثر اسان جي ڀٽڪيل صوفين تي به پيو ۽ جبر، تصوف جي ذريعي اسان جي شاعريءَ ۾ به ڪاهي پيو:
    ناحق ہم مجبوروں پر تہمت ہے مختاری کی
    جو چاہیں سو آپ کریں ہیں ہم کو عبث بدنام کیا۔
    (میر)
    ---
    جہاز عمر رواں پر سوار بیٹھے ہیں،
    سوار خاک ہیں! بے اختیار بیٹھے ہیں!
    (آزاد)
    فارسيءَ جي صوفياڻي شاعري به ان باطل خيال سان ڀريل آهي. اسلامي تعليم ۽ شاعريءَ ۾ ان جي خلاف شديد جهاد، پهريان پهريان عارف روميءَ، پنهنجي مثنويءَ ۾ ڪيو ۽ اسان جي دور ۾، اقبال به وڏي واڪي جبر جي خلاف احتجاج ڪيو. آدم ۽ ابليس واري قصي ۾ اسين ڏسئون ٿا ته آدم ته پنهنجي غلطيءَ جو اقرار ڪندي مڃيو ته آئون معافيءَ جو طلبگار آهيان. مون اختيار کي غلط استعمال ڪيو پر ماديت ۽ ان سان واڳيل عقليت جي مظهر: ابليس خدا جي حڪم جي خلاف ورزيءَ جو الزام، خود خدا تي مڙهيو ۽ چيائين ته: ”جيڪڏهن مان گمراهه ٿيو آهيان ته قادر مطلق هجڻ جي ناتي، تو ئي مون کي گمراهه ڪيو.“ آدم، اختيار جو اقرار ڪندي معافي گهري ٿو پر ابليس، پنهنجي ماديت جي ڪري جبر جي پناهه چاهي ٿو.

    بحث جو خلاصو

    * ايمان دليل کان بالاتر يقين جو نالو آهي.
    * هر ايمان، ايمان بالغيب آهي- يعني جيڪا شيءِ اڃا تجربي ۾ يا وجود ۾ ناهي آئي ان حقيقت بابت يقين ڪرڻ! اميد جو طبعي لاڙو جيڪو انسان ۾ موجود آهي، ان جو نالو ايمان آهي. ”دنيا اميدن تي قائم آهي.“ اها عام چوڻي آهي ۽ ايمان ”آخرت جي اميد تي قائم آهي!“
    * ڪجهه ممڪنات بابت قوي يا ضعيف احتمال ٿي سگهي ٿو پر ان کي ظني فلسفو چئي سگهجي ٿو، ايمان نه ٿو چئي سگهجي.
    * رڳو، نقل يا سند جي بنياد تي يقين ڪرڻ جو نالو ايمان ناهي، پاڻ سڳورنﷺ به محض ٻين نبين کي سند قرار ڏئي ڪري ايمان حاصل نه ڪيو، ڪجهه وڏن نبي سڳورن جي تعليم بابت پاڻ سڳورا وحي کان اڳ به واقف هيا. پران دور بابت قرآن فرمائي ٿو ته: ”توکي اڃا ايمان جي حقيقت جي پروڙ جي سُڌ نه هئي!“
    * جڏهن ڪنهن مذهب جو بنياد، رڳو نقل ۽ سند کانسواءِ ڪجهه نه هجي ته اهو مذهب، ڪمزور ۽ بي اثر ٿيو وڃي. روحانيات ۾ تقليد کي روميءَ نهايت ڀُتو عمل قرار ڏنو آهي.
    * ايمان ۽ عشق جو پاڻ ۾ واسطو: عشق جي اندر جيڪا شديد تمنا آهي، ڇا اها ايمان پيدا ڪندڙ ٿي سگهي ٿي؟
    * زمان ۽ مڪان ۾ محدود حاضر کي ڪل حقيقت سمجهي ڪري ان تي فتويٰ نه مڙهجي، بلڪه ان کي وسيع تر ڪل جو جز سمجهي ڪا راءِ قائم ڪجي.
    * عقل، ارادو ۽ جذبات: انساني نفس جا ٽئي عناصر، ايمان ۾ هڪ ئي هنڌ لڀن ٿا. ايمان جو تعلق انسان جي تجربي سان آهي.
    * صبر، ايمان جو لازمي جز آهي: وتَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ۔
    * ايمان، عقل جي اڏام جو پر آهي. عقل، ڌيرج سان ڇنڊي ڦوڪي وکون کڻندو آهي. ايمان تي عمل ڪرڻ لاءِ عقل گهربل آهي، پر عقل جون قوتون بنا ايمان جي نه ڪي عمل تي اڀاري سگهن ٿيون نه ڪي ڪنهن جذبي تي! اَصْلُہَا ثَابِتٌ وَّفَرْعُہَا فِیۡ السَّمَآءِ۔
    * ايمان، نبي سڳورن ۽ ولي سڳورن ۾ جبلي ۽ وهبي هوندو آهي يا وري حق جي شديد تلاش ۽ نفس جي ڪشالن کانپوءِ اهو فيضان حاصل ٿيندو آهي.
    * انساني تاريخ ۾ تمام وڏا ڪارناما ڪنهن نه ڪنهن ايمان ۽ يقين جي بدولت نروار ٿيا. ايمان جي قوت ئي اڻ لڀ کي وجود بخشيو ۽ معدوم کي موجود ڪيو.
    * ايمان، زندگيءَ جي تخليقي قوتن جو نالو آهي، تخليق به ايمان جي بدولت آهي ۽ بقا جو ضامن به اهوئي ايمان آهي.
    * ڪنهن شيءِ تي جيترو ايمان هوندو آهي، انهيءَ آڌار انسان ان جي حاصلات ۽ بقا لاءِ پنهنجي سگهه صرف ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن معاملي ۾ انسان جو عمل، لڏندڙ، لنوائڻ وارو ۽ ڀُتو هوندو آهي ته اهو ان ڳالهه جو قطعي ثبوت آهي ته ان جي تهه ۾ جيڪو ايمان آهي اهو سڌو ناهي!
    * انسان، زندگيءَ جو رستو، ظاهري اکين سان نه، بلڪه ايمان جي اکين سان طئه ڪندو آهي. جيڪڏهن ايمان غلط آهي ته انسان غلط رستن تي هلي حقيقي ڪاميابي وڃائي ويهندو آهي.
    * غلط ايمان سان صراطِ مستقيم تي هلڻ ناممڪن آهي.
    * ايمان هڪ ڀيرو حاصل ٿيڻ کانپوءِ پاڻ مرادو قائم رهي سگهي ٿو يا جسم وانگر ان کي به پنهنجي بقا لاءِ لاڳيتي غذا جي ضرورت آهي؟
    * عمل جو آغاز، ايمان سان ٿيندو آهي. جيڪڏهن ايمان درست آهي ته عمل جا نتيجا ان کي سگهه بخشيندا آهن. تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ايمان سان عمل ۽ عمل سان ايمان پيدا ٿيندو آهي.
    * زندگيءَ جي مصيبتن ۾ ايمان، ڍال طور ڪم ايندو آهي. (الحديث)
    * ايئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ شخص جو ايمان ان جي زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ جاري ساري ۽ ان جي سمورن محسوسات ۽ تجربن تي حاوي هجي، پر ان جي نه ڪي ڪا منطقي توجيهه ٿي سگهي ۽ نه ڪي ڪو واضح بيان!
    * اهو ٿي سگهي ٿو ته مختلف فرد ۽ ملتون پنهنجي ايمان کي مختلف انداز ۾ بيان ڪن، پر بنيادي حقيقت سڀ ۾ مشترڪ هجي.
    * ايمان جبر سان پيدا نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري ايمان جي باري ۾ جبر ڪرڻ حرام آهي. ڀلي اهو جبر ڳجهو هجي يا پڌرو! اها ايمان جي خامي آهي ته ايمان آڻڻ واسطي جبر کي روا رکجي.
    * صحيح ايمان جو تڪڙو انعام اهو آهي ته اهو، انسان کي خوف ۽ غم کان بالاتر ڪري ڇڏيندو آهي. اسلام ۾ نجات جو اهوئي مفهوم آهي.
    * هر ان ايمان ۾ صداقت جو جز موجود هوندو آهي جنهن انسان لاءِ ڪنهن قسم جي ڪا ظاهري ۽ باطني ڪاميابي پيدا ڪئي هوندي آهي. ايمان، ڪاميابيءَ جي ئي دعوت آهي.
    * ايمان مضبوط ٿي ڪري هڪ جذبو اڀاريندڙ ۽ زندگيءَ جي وجدان جو تخليقڪار ٿي پوندو آهي.
    * ايمان سان زندگيءَ ۾ وقار پيدا ٿيندو آهي ۽ آدم جي عزت جو يقين پيدا ٿيندو آهي ۽ انسان محسوس ڪندو آهي ته: ”آئون ماديات، محسوسات ۽ معقولات کان بالاتر مخلوق آهيان.“


    نبي ڪريمﷺ جي تعليم جا بنيادي عناصر

    خاتم الانبياءِ حضرت محمد ڪريمﷺ جي نبوت جي امتيازي خاصيت ان جي وسعت ۽ همه گيري آهي. بعثتِ محمديءَ کان اڳ لاتعداد انبياءَ، سڌارڪ ۽ ڏاها گذري چڪا هيا. اسلام به مسلمانن کي اها تعليم ڏني ته انهن سڀني جي صداقت جو اقرار ڪرڻ، ايمان جو جز آهي، پر وڏي عرصي گذرڻ ڪري هر جاءِ تي حق ۽ باطل پاڻ ۾ گاڏڙ ساڏڙ ٿي ويا هئا ۽ هر جاءِ تي دينن ۾ غلو ۽ وڌاءُ پيدا ٿي پيو هو. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته وضاحت سان حق کي حق ۽ باطل کي باطل ثابت ڪجي ۽ ان کان علاوه انهن سمورين بنيادي حقيقتن کي هڪ لڙيءَ ۾ پويو وڃي، جيڪي مختلف زمانن ۽ مختلف قومن ۾ کنڊڙيون پيون آهن. محمدي تعليم جو بڻ بنياد، توحيد آهي. جيڪڏهن خدا جي ذات ۽ ان جي صفات بابت انسان جو عقيدو صاف سٿرو ۽ خالص ٿي پوي ته باقي سموريون صداقتون لازمي نتيجن طور حاصل ٿي وينديون. يعني توحيد، زندگيءَ سان ڀرپور هڪ ٻج آهي ۽ جيڪڏهن انساني قلب ان جي آبياري ڪري ته زندگي ۽ ڪائنات جون سموريون حقيقتون گونچن ۽ ٽارين- گلن ۽ ميون وانگر ان مان ڦٽي نڪري پون ۽ زندگي ڦَرجڻ ۽ ڦهلجڻ لڳي. توحيد جي ئي صحيح تصور سان هيءَ ڪائنات به قابل فهم ٿي پوي ٿي ۽ زندگيءَ جو مقصد به ملي پوي ٿو. حڪمت يا سائنس جو ڪم، ڪائنات جي ڪثرت ۽ گوناگونيءَ ۾ وحدتن جي تلاش آهي، جنهن کي حڪمت جي زبان ۾ ”فطرت جا قانون“ چئبو آهي. درجيوار انهن وحدتن يا قانونن کي آخرڪار هڪ وحدت ۾ سمائڻ حڪمت جو نصب العين آهي. قرآن چوي ٿو ته اهو نصب العين ”خدا“ آهي.
    وَ اِلَیٰ رَبِکَ الْمُنْتَہٰی۔
    (۽ آخري منزل تنهنجو پالڻهار ئي آهي.)
    اها منتهيٰ، اصل ۾ هڪ شروعات به آهي، جيئن هڪ ميوي جو ٻج وڻ جي شروعات آهي ۽ ارتقا جي انجام ۾ ميوي جي صورت ۾ ان جي انتها به اهو ٻج ئي آهي. توحيد جا تصورات اسلام کان اڳ، نبي سڳورن به پيش ڪيا ۽ حڪيمن به، پر انسانن جي فڪري پستيءَ هميشه انهن ۾ شرڪ کي ملائي ڇڏيو. يا وري ڪن حڪيمن وانگر منجهن ايتريقدر منطقي هيٺانهين پيدا ڪري ڇڏي جو، خدا بي صفات بڻجي هڪ مجرد تصور رهجي ويو، جنهن مان نه ڪي عقل ڪا روشني ماڻي سگهي، نه ڪي اهو خدا عملي زندگيءَ ۾ ڪنهن ڪم اچي سگهي. قرآن واري اسلام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو، ان تصور کي خالص ڪرڻ هيو. اچو ته ان تي هڪ سرسري نظر وجهئون ته وڏن دينن ۽ فلسفن ۾ خدا جو تصور، ڪهڙيءَ ريت مسخ ٿي چڪو هيو...
    هندن جي مذهبي فلسفن ۾ خدا جي ذات، واجب الوجود ڪائنات کان ايتري قدر ماورا ٿي وئي هئي جو شنڪر اچاريه جي ويدانت ۾ خدا، بي ڳُڻو يعني صفات کان وانجهو ٿي ويو هيو. هو، ڪائنات جو خلقڻهار نه هيو، ڇاڪاڻ ته ذات مطلق حقيقي هئي ۽ ڪائنات وهمي مايا يا ادراڪ جو فريب! انسان جو جسم ۽ نفس به ڪائنات سان گڏ بي حقيقت ٿي پيو هيو. خير ۽ شر جي پرچار به وهمي هئي. اعمال ۽ انهن جا نتيجا به غير حقيقي مظهرن جو تاڃي پيٽو هيا. مهاتما ٻڌ، برهمڻيت ۾ وڏي اصلاح جي ڪوشش ڪئي، پر اتي به نه ڪي خدا ٿو نظر اچي ۽ نه ڪي وري انساني نفس ڪو حقيقي جوهر رهي ٿو. جيڪو اچي ٿو سو ڌوڪو آهي. اهي سڀ ٺَلها ۽ خالي جسم آهن، جن جي تهه ۾ ڪو به جوهر ڪونهي ۽ زندگيءَ جو مقصد، انهن سمورن ڌوڪن کان نجات ماڻڻ آهي ۽ اها نجات تيستائين نه ملي سگهندي، جيستائين سموريون سڌون، ايستائين جو زندگيءَ جي سَڌ به پاڙئون نه پٽي وڃي، برهمڻيت ۽ ٻڌمت، زندگيءَ کان بيزاريءَ جي تعليم ڏني ته جيئن انسان، عملن ۽ انهن جي تڪراري چڪر مان نڪري وڃي. انهن مذهبن ۾ اها تعليم به ملي ٿي ته: ”خدا، ڪڏهن ڪڏهن انسان جي صورت ۾، اصلاح جي غرض سان دنيا ۾ لهي ايندو آهي.“ ڀڳوت گيتا ۾ ان عقيدي بابت هڪ اشلوڪ آهي جنهن جو فيضيءَ ترجمو ڪيو آهي ته:
    چوں بنیاد دیں سست گرد و بسے
    بر آریم خود را بشکل کسے
    (جڏهن دين جا بنياد تمام گهڻا ڍلا ٿي پيا. تڏهن اسين پاڻ کي ڪنهن شخص جي شڪل ۾ کڻي آياسون.)
    عيسائيت ۾ به اهوئي اوتار جو تصور سموري دين جو محور بڻجي ويو ۽ مسيح عليه السلام کي، عيسائين عين خدا بڻائي ڇڏيو جيڪو دنيا ۾ انسان جي صورت ۾ ان لاءِ آيو ته انسانن جي ناقابل معافي گناهن جو، جيڪي کين آدم کي جنت مان نڪرڻ جي ڪري ورثي ۾ مليا هيا، ڪفارو بڻجي پوي!
    جن فلسفن ۾ خدا جو تصور ملي ٿو، اتي به ان مان نه ڪي ڪائنات ۽ زندگيءَ جي ڪا توجيهه ٿي سگهي ٿي ۽ نه ڪي وري اهو ڪو انساني زندگيءَ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. افلاطون وٽ، خدا ناظم ۽ ڪاريگر آهي پر ان صفت جو خام مواد سندس پيدا ڪيل ناهي. اصل حقيقت ثابت ٿيل شين جي آهي. خدا، انهن جي ڀيٽ ۾ ثانوي حيثيت رکي ٿو. ارسطوءَ وٽ خدا، خالص عقل يا فڪر محض آهي. ان ازلي فڪر جو موضوع ۽ معروض هو پاڻ ئي آهي. موجودات سان ان جو ڪو به واسطو ڪونهي. هو، ڪليات جو هڪ منطقي نظام آهي جيڪو زندگيءَ جي جزئيات کان لاتعلق آهي. هو، نه ڪي ڪائنات جو ناظم آهي نه ڪي ان جو رب ۽ خلقڻهار! انسان جو انفرادي نفس هڪ حادث مظهر آهي، جيڪو خدا سان دعا يا عبادت جو ڪو رابطو پيدا نه ٿو ڪري سگهي. ان نفس کي بقا به حاصل ٿي نه ٿي سگهي. يوناني فلسفي جي آخري صورت فلاطينوس اسڪندريءَ جو فلسفياڻو تصوف آهي، جنهن جا چٽا نقش عيسوي ۽ اسلامي صوفي فڪر ۾ ملن ٿا. ان جديد افلاطونيت ۾ به، خدا نه ڪي خلقڻهار آهي نه ڪي پالڻهار! هو، ارادو ڪندڙ ۽ صاحبِ اختيار هستي به ناهي. موجودات کانئس ايئن پيا سرزد ٿيندا آهن، جيئن سج مان ڪرڻاپيا نڪرندا آهن. هو پنهنجي ذات ۾، مڙني صفتن کان وانجهو يعني ويدانت جي عقيدي جي مطابق بي گُڻو آهي! نور جي انهن ڪرڻن ۾ جيڪي هستيون کيس وڌيڪ ويجهيون آهن اهي اوتريون ئي روشن آهن. دوريءَ سان نور ۾ ڪمي ۽ اوندهه ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. جنهن کي اسين مادي ڪائنات چوندا آهيون، سا اونداهو ماڳ آهي! انسان جو جسم به ان اوندهه جي چتي آهي. ذات مطلق، اهڙي اڪيلي اڪائي آهي جنهن ۾ نه ڪي ارادو آهي نه ڪي شعور! سڀ ڪجهه منجهائنس اتفاق سان پيو سرزد ٿيندو آهي. هو پاڻ، نه ڪي سميع آهي نه ڪي بصير!
    هاڻي ان مختصر تهميد کانپوءِ ٿورو ان جو جائزو وٺو ته محمد رسول الله، وحي جي ذريعي ۽ ايماني بصيرت جي ذريعي، ماڻهن جي آڏو خدا جو ڪهڙو تصور پيش ڪيو؟!
    اسلام جو خدا، هڪ ذي شعور ۽ ذي اراده خالق آهي. هُن، ڪائنات کي هڪ مقصد ۽ ارادي سان خلقيو. هو خلقڻهار آهي. ان جي خلقڻهاريءَ جي صفت ازلي ۽ ابدي آهي. هو جيترو چاهيندو آهي، خلقت ۾ اضافو ڪندو رهندو آهي. وٽس زندگي ۽ وجود جا خزانا اڻ کٽ آهن، پر هو هر شيءِ کي هڪ اندازي سان پيدا ڪندو آهي. هو خلقڻهار هجڻ سان گڏ هڪ ناظم به آهي. سندس ارادن ۾ ماٺار ناهي ايندي. ان جي خلقڻهاري ان جي حڪمت سان به ٺهڪندڙ آهي ۽ ان جي ٻاجهه سان به سلهاڙيل آهي. سندس رحمت هرشيءِ تي ڇانيل آهي. هو، ڪائنات ۽ موجودات کان ماورا به آهي ۽ پنهنجيءَ قدرت، مشيت ۽ حڪمت سان ذري ذري ۾ جاري ۽ ساري به آهي. سندس سنت يا عادت فطرت جي اندر آئين جوڙيندڙ آهي:
    وَ لَنۡ تَجِدَ لِسُنَّۃِ اللّٰہِ تَبۡدِیۡلًا۔ (الاحزاب 62)
    (هرگز نه لهندين تون الله جي سنت ۾ ڪا تبديلي.)
    انساني فطرت کي هن پنهنجي فطرت جي مطابق جوڙيو آهي. تنهن ڪري انساني زندگيءَ جون بنيادي حقيقتون به دراصل خدائي حقيقتون آهن. انهن ئي حقيقتن جو ادراڪ ۽ انهن جي مطابق زندگيءَ کي سنوارڻ جو نالو آهي: دين!
    فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا۔ (الروم 30)
    (الله جي ان فطرت تي غور ڪريو، جنهن مطابق هن انسان کي خلقيو آهي.)
    ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ(الروم 30)
    (اهوئي ٺوس دين آهي.)
    لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ(الروم 30)
    (الله جي تخليق ۾ ڪا به تبديلي ناهي ٿيندي.)
    هن ڪائنات ۾ انسان، خدا جو شاهڪار آهي. قرآن جو آدم، ملائڪن جو مسجود ۽ ڪائنات کي تسخير ڪندڙ آهي. آدم مان ڪو هڪڙو فرد مراد ناهي، بلڪه آدم انسانيت جو نصب العين آهي. خدا جو عابد ۽ ساجد هجڻ جي ناتي هو فطرت جي سمورين قوتن جو به مسجود ٿيو وڃي. خدا جو محڪوم بڻجي هو ڪائنات تي حڪمراني ڪندو آهي. انسان جي ممڪنات جي ڪا به انتها ڪانهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي ارتقا ڪٿي به رڪجي نه ٿي. اسلام، خدا جي تصور سان گڏ ڪائنات ۽ انسانيت جي تصور کي به درست ڪري ڇڏيو. هن چيو ته خدا حقيقت جو خلقڻهار آهي، هو، ڪوڙ کي پيدا نه ٿو ڪري سگهي. زندگي ۽ ڪائنات محض راند ۽ تماشو ناهن. زندگيءَ جا مقصد نهايت سنجيده ۽ ٺوس آهن:
    رَبَّنَا مَا خَلَقۡتَ ہٰذَا بَاطِلًا۔ (اٰل عمرٰن 191)
    (اي اسان جا رب! تون ڪائنات کي بي حقيقت پيدا ناهي ڪيو.)
    اسلام، آزادي، ڀائيچاري ۽ مساوات جي تعليم آهي. آزادي، انسان جي جوهر ۾ فطري طور تي موجود آهي. آدم، الله جي حڪم جي خلاف ورزي ڪري آزاديءَ جو ثبوت ڏنو. آزاديءَ جي معنيٰ ۾ اهو به داخل آهي ته ان جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو ۽ صحيح به! پر خلاف ورزيءَ جي احساس کانپوءِ توبهه تائب ٿيڻ به انسان جي فطرت ۾ داخل آهي. آدم جو قصو بيان ڪري، قرآن گناهه جو تصور به بدلائي ڇڏيو. عيسائيت، آدم جي غلطيءَ کي ناقابلِ معافي قرار ڏنو ۽ ان جي گناهه کي ايندڙ اڻ کٽ نسلن لاءِ موروثي بڻائي ڇڏيو. پاڻ سڳورن جي ذريعي، انسانن کي ان غيرمنصفاڻي تصور کان نجات ملي. قرآن چيو ته هڪ فرد جو گناهه، ان جي انفرادي لغزش آهي ۽ توبهه تائب ٿيڻ سان انسان ان جي خراب نتيجن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. نيڪيون، بدين کي ميساري ڇڏين ٿيون:
    اِنَّ الۡحَسَنٰتِ یُذۡہِبۡنَ السَّیِّاٰتِ۔(ہود 114)
    (نيڪيون براين کي، ميساريو ڇڏين.)
    هر فرد پنهنجن عملن جو ذميوار پاڻ آهي، روحاني حيثيت ۾ ڪنهن انسان جو ٻوجهه ٻئي انسان تي نه ٿو وجهي سگهجي:
    وَ لَا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرٰی۔ (الزمر 7)
    (ڪوئي شخص، ٻئي جو ٻوجهه نه کڻندو.)
    جيئن ته خدا انسان کي پنهنجي فطرت جي مطابق گهڙڻ چاهي ٿو، تنهن ڪري هو سندس اختيار سلب نه ٿو ڪري. هو هدايت ۽ گمراهيءَ جون واٽون نروار ڪري ٿو، جنهن جو جيءُ چاهي، سو هيءَ واٽ وٺي يا هوءَ! جيڪا به واٽ وٺندو، ان جي نتيجن کان هو لنوائي نه سگهندو. الله سائين فرمائي ٿو: ”جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته سمورن انسانن کي زوريءَ مؤمن بڻائي ڇڏيئون ها، پر اسين ايئن ڪرڻ نه چاهيو.“
    ڇاڪاڻ ته جبر ۽ ايمان پاڻ ۾ متضاد شيون آهن. مجبور لاءِ نه نيڪي نيڪي آهي ۽ نه وري ان لاءِ بدي ڪا بدي آهي! ۽ جبر کانپوءِ ثواب ۽ عذاب به بي معنيٰ آهي. تنهن ڪري قرآن وڏي واڪي چئي ڇڏيو ته:
    لَا اِکْرِاہَ فِی اْلدِّیْنِ
    (دين جي معاملي ۾ جبر روا ناهي.)
    جڏهن خدا جيڪو قادرِ مطلق آهي، انسان تي جبر روا نه ٿو رکي ته ڪنهن انسان کي اهو حق ڪيئن ٿو ملي سگهي ته هو، ڪنهن انسان کي مجبور محض يا غلام بڻائي وٺي؟! جيڪڏهن مسلمان، قرآن حڪيم جي ان حڪيماڻي تعليم جا نتيجا اخذ ڪري اهي پوريءَ ريت معاشري تي نافذ ڪن ها ته دنيا منجهان غلاميءَ جو اوس خاتمو ٿي پئي سگهيو، پر افسوس جو مسلمانن، ان ڳالهه ۾ ڍر ڪئي. غلامن سان سلوڪ، ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ ته بهتر ٿيو، پر اها انسانيت ڪُش رسم باقي رهجي وئي! دين جي معاملي ۾ رواداري، اسلامي تعليم جو سڀ کان وڌيڪ قابلِ فخر پهلو هيو، پر اسلام جي روح کان ويڳاڻو بڻيل مُلن، غير اسلامي تنگ نظري ۽ تعصب کان ڪم وٺي خود مسلمانن جي اندر جبر، ڏاڍ ۽ ڪفر جي فتوائن جي بازار گرم ڪري ڇڏي.
    قرآن، نجات تي ڪنهن به قوم جي ٺيڪيداري روا نه رکي ۽ جيڪي ماڻهو، محمدي شريعت جي دائري ۾ داخل نه ٿي سگهيا انهن سان به ڪمال جي رواداري روا رکي. جنهن وقت يهودي ۽ عيسائي، مسلمانن سان جنگ جوٽي رهيا هيا، ان وقت به انصاف کان ڪم وٺي اهو چيو ته: ”ڏسو! سڀ جو سڀ هڪجهڙا ناهن هوندا ۽ اهلِ ڪتاب ۾ به وڏا وڏا خدا ترس ۽ خدا پرست ڪردار موجود آهن...“ ۽ ٻين به ڪجهه ملتن جا نالا وٺي، قرآن وضاحت سان چيو ته: ”منجهن جيڪو به فرد- خدا پرست، آخرت جو قائل ۽ انسانن جو محسن آهي اهو نجات يافته آهي. اهڙا ماڻهو، جيڪڏهن ٻين ملتن ۾ به هجن ته اهي الله جا ولي ليکبا ۽ هر قسم جي خوف ۽ خطري کان بالاتر هوندا.“
    رڳو اتفاق سان مسلمانن جي گهراڻن ۾ پيدا ٿيندڙ، مردم شماريءَ وارا مسلمان نجات جا ٺيڪيدار ناهن. اسلام جي تعليم جو جيترو حصو جيڪو فرد يا جيڪا ملت اپنائيندي آهي، اوتري ئي اها اسلام مان فائدو ماڻيندڙ ۽ ترقيءَ کي ويجهي هوندي آهي. پاڻ سڳورنﷺ اعلان ڪيو ته اسلام، بادشاهي ۽ شهنشاهيءَ کي منسوخ ڪري ڇڏيو آهي:
    لَا قَیْصَرَ وَلاَ کِسْریٰ ۔
    (هاڻي نه ڪي قيصر باقي رهندو نه ڪي ڪسريٰ.) يعني دنيا جي ڪنهن به مطلق العنان، غاصب ۽ سامراج کي باقي رهڻ نه ڏبو.
    پر مسلمانن ۾ اها ملعون شيءِ جلد واپس موٽي آئي ۽ روحِ اسلام کان وانجهن- سَڌڙين شاعرن ۽ پيرن، گمراهيءَ جي انهن سرچشمن کي ظلُ الله قرار ڏئي ڪري مسلمانن جي اجتماعي، انفرادي آزاديءَ کي چٿي ڇڏيو. اسلام، دولت ۽ زمين جي سرمائيداريءَ جا رستا بند ڪري ڇڏيا هيا، پر ٿوري ئي عرصي ۾ انسانيت کي لوئيندڙ اهڙا رستا ٻيهر کلي پيا ۽ اسان جا علماءِ سوء سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ جا جواز قرآن ۽ حديث مان پيش ڪرڻ لڳا!
    اسلامي آزاديءَ جي هڪ لازمي تقاضا اها هئڻ گهرجي ته مسلمان، زندگيءَ جي حقيقت تي آزاديءَ سان غور فڪر ڪن ۽ حالات جي ڦير گهير سان گڏوگڏ، اسلام جي ازلي اصولن مان هنگامي ۽ عارضي مسئلا حل ڪري وٺن. ان جو نالو آهي اجتهاد! پر مسلمانن جي زندگيءَ جي جامد ٿيڻ کانپوءِ اهو عقيدو مضبوط ٿي ويو ته فقهه ۾ اجتهاد جو دروازو چوٿين صدي هجريءَ کانپوءِ قيامت تائين بند ٿي ويو آهي. هاڻي مسلمانن لاءِ فقط لڪير جو فقير هجڻ ۽ روايت پرست هجڻ باقي رهجي ويو آهي. ان جو نتيجو اهوئي نڪتو جيڪو لازمي طور تي نڪرڻ گهرجي ها. امت روايتن ۾ وڃائجي وئي ۽ حقيقت خرافات ۾ کوهجي وئي ۽ زندگيءَ جون تخليقي قوتون، جن کي اقبال، ”عشق“ چوي ٿو، ماٺيون ٿي ويون:
    جبھی عشق کی آگ اندھیر ہے
    مسلمان نہیں، راکھ کا ڈھیر ہے
    ---
    قافلے دیکھ اور ان کی برق رفتاری بھی دیکھ
    رہ رو درماندہ کی منزل سے بیزاری بھی دیکھ
    پر مسلمان وٽ خدا جو ڪتاب محفوظ آهي ۽ پاڻ سڳورن جي اسوهء حسنه تي نظر رکڻ وارو هاڻي به مڙني برڪتن مان فيضياب ٿي سگهي ٿو. مسلمانن کي زندگيءَ جون بنيادي حقيقتون ۽ اصول ٻين وٽان کڻڻ جي ضرورت ڪانهي. جيڪڏهن خدا آهي ته، ان جو تصور، اسلام کان وڌيڪ خالص ڪٿي به نه ٿو ملي سگهي. سچي آزادي، عدل ۽ ٻاجهه جي تعليم حقيقي اسلام کان وڌيڪ ڪٿي ڪا نه ملندي. علم جي حاصل ڪرڻ جي ترغيب قرآن کان وڌيڪ ڪنهن به ٻئي مذهبي صحيفي ۾ نه لهندؤ. اسلام جو مقصد اهو آهي ته موجوده زندگيءَ ۾ ئي جمال ۽ ڪمال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي! جيڪو هتي اندر جو انڌو آهي، سو محشر ۾ به انڌو ئي هوندو. زندگيءَ جي ڪنهن به جائز لذت کي اسلام حرام ناهي ڪيو. قرآن پڇي ٿو ته: ٻڌايو، ڪير آهي جنهن الله جي زينتن کي حرام ڪيو آهي؟ رهبانيت کي، اسلام حرام قرار ڏئي ڇڏيو ته جيئن زندگيءَ جي وهڪري کان ڀڄڻ ناممڪن ٿي پوي. حدودالله سامهون رکي زندگي گهارڻ سان انسان لاءِ زندگي سوڙهي ناهي ٿيندي، بلڪه لامحدود خدا سان رابطو قائم ڪري زندگيءَ کي لامحدود بڻائي سگهجي ٿو.
    پاڻ سڳورنﷺ جي همه گير ۽ وسيع ترين پاڪيزه زندگيءَ کان وڌيڪ بهتر نمونو، انساني تاريخ ۾ بنهه اڻ لڀ آهي. اڻ هوند ۾ زندگي ڪيئن گهارجي؟ مالداريءَ ۾ زندگيءَ جو ڍنگ ڪيئن هجڻ گهرجي؟ ايمانداراڻي تجارت ڪيئن ڪجي؟ زراعت ۾ نفعي خوريءَ کان ڪيئن بچجي؟ ضرورت کان واڌارو مال ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪجي؟ عورتن ۽ مردن جي حقن ۽ فرضن ۾ ڪيتري مساوات آهي؟ صلح ۽ جنگ جا ڪهڙا قانون آهن؟ مسلمانن کي پاڻ ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي؟ غير مسلمن سان عدل ۽ رواداريءَ جو سلوڪ، جمهوري نظامِ مملڪت جنهن جو نظام اهل الراءِ جي مشاورت سان قائم ڪجي. اقتصادي نظام- جنهن ۾، دولت چند هٿن ۾ رهجي نه وڃي، بلڪه رت وانگر پوري ملت جي جسم ۾ روان دوان هجي. اهڙي طرح چند طئه ڪيل حدن کان علاوه زندگيءَ جي سمورن ڦرندڙ گهرندڙ شعبن ۾ لاڳيتو اجتهاد. اهو هيو بنيادي اسلام! جنهن تي عمل ڪري پاڻ سڳورنﷺ ۽ سندن ساٿين، دنيا جي آڏو عملي طور تي هڪ نصب العين پيش ڪيو. مسلمان جيڪڏهن خودداريءَ سان مهذب ۽ ترقي پسند زندگي گهارڻ گهري ٿو ته قرآن ۽ اسوهء رسول ڏانهن واپس ورڻ کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي. جيڪڏهن ٻين قومن، اسلام جي ڪجهه اهم پاسن کي اپنائي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ سڌارا ۽ ترقي آندي آهي ته مسلمانن لاءِ شرم جو مقام آهي ته اهي ٻين کان پٺتي رهي انهن جا پڇ لٽڪائو بڻيا رهڻ تي مجبور هجن. بنيادي اسلامي اسوهء حسنه ڏانهن رجوع ڪري ملتِ اسلاميه ٻين کان بهتر نمونو پيش ڪري سگهي ٿي. مسلمانن جو رسول، ڪا ماضيءَ جي شخصيت ڪونهي. هو انسانيت جي حال ۽ مستقبل ۾ هر قدم تي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. بشرطيڪه جامد مسلمان، رسول اللهﷺ جي رسالت کي به جامد بڻائي نه ڇڏين. ختم نبوت جو اهوئي مطلب آهي ته: ”اها نبوت هميشه لاءِ دنيا جي قومن جي، هر سطح تي رهنمائي ڪري سگهي ٿي.“


    انساني وحدت ۽ توحيد جو عقيدو

    قرآن جي روءِ سان، دين جو بڻ بنياد ۽ صداقت جو وچور، توحيد جو عقيدو آهي. سرچشمو اهائي حقيقت آهي ۽ ڪائنات ۽ زندگيءَ جي خلقت، انسان جي تخليق، آئين ۽ قانون، زندگيءَ جو مقصد، اخلاقي ۽ روحاني تعليمات، سڀ ان ئي مرڪزي عقيدي جون شاخون آهن. ان عقيدي جي بدولت جيڪو زندگيءَ جو نظريو ۽ عمل جو طريقو پيدا ٿيندو آهي، ان جو نالو، قرآن، ”اسلام“ تجويز ڪيو آهي ۽ اهو اعلان ڪيو آهي ته: سچو دين اهوئي آهي. ان جي ضد ۾ ايندڙ جيڪي عقيدا ۽ عمل آهن، اهي باطل هجڻ جي ڪري، خدا وٽ مقبول ڪونهن. ان عقيدي بابت قرآن ۾ اها تعليم ڏني وئي آهي ته: ”سمورين قومن ۽ ملتن ۾ ان عقيدي جي تعليم ڏيندڙ خدا جا ٻاجهارا انسان موڪليا ويا. دين اصل ۾ هڪ ئي هيو ۽ هڪ ئي آهي.“ مختلف امتن ۽ ملتن ان عقيدي کي بگاڙي ان ۾ ڪجهه وَڍَ ٽُڪ ڪري ۽ ڪجهه واڌارا ڪري هڪ دين مان انيڪ دين جوڙي ورتا آهن. قرآن ۾ اها دعويٰ ڪٿي به نٿي ملي ته محمد رسول الله جو پيش ڪيل دين، ڪا نئين ۽ انوکي تعليم آهي. آدم جي تخليق جي ابتدا کان وٺي رسول الله جي بعثت تائين دين هڪ ئي رهيو آهي ۽ قيامت تائين دين هڪ ئي رهندو. ان هڪ ئي دين ۾ فرقا، انيڪ سببن جي ڪري پيدا ٿيا. هڪ وڏو سبب اهو هيو ته مختلف دينن جا پيروڪار اها حقيقت سمجهي نه سگهيا ته ٻين قومن ۽ ملتن جا اڳواڻ به حق جا ئي هادي هيا. جڏهن ڪو نبي ڪنهن قوم ڏانهن مبعوث ٿيندو آهي ته سڀ کان پهريان ان جي پنهنجي قوم ان سان ٽڪراءَ ۾ ايندي آهي. ان کي ٺڪرائيندي آهي. آزار مچائي ڏيندي آهي، بلڪه ان جي قتل ڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويندي آهي، پر آخرڪار ان جي پيغام کي سمجهندڙ ڪجهه ماڻهو پيدا ٿي پوندا آهن ۽ آهستي آهستي ان جي ڳالهه کي موٽ ملڻ شروع ٿي ويندي آهي. ان کانپوءِ ڪو گهڻو عرصو به نه لڳندو آهي جو نبي سڳوري جي پيغام ۽ ان جي تعليم ۾ تخريب ۽ هيرا ڦيري ٿيڻ لڳندي آهي. حق سان باطل جي ملاوٽ شروع ٿي ويندي آهي. غلو ۽ وڌاءَ جي ڪري به حق، باطل ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. خدا جي پيغام پهچائيندڙ نبي سڳوري کي سندس امت، خدا جو رتبو ڏئي ان جي پوڄا شروع ڪري ڏيندي آهي. اهڙيءَ ريت هڪڙي امت، پنهنجي نبيءَ کي خدا ته بڻائي وٺندي آهي پر ٻين امتن جي نبي سڳورن کي مورؤن سچو انسان به نه سمجهندي آهي. اهڙي غلو ۽ تعصب جي ڪري انسانيت، ٽڪرائيندڙ ٽولن ۾ ورهائجي ويندي آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته توحيد جو عقيدو، جيڪو انسانيت ۾ وحدت پيدا ڪرڻ جو ذريعوٿي سگهيو پئي، اهوئي ملتن جي درميان دشمنيءَ جو باعث بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ مذهب، انسانيت لاءِ عذاب بڻجي پوندو آهي. مذهبي تعصب، انسان جو انسان سان گڏجڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي پوندو آهي. قرآن جي روءِ سان اهڙي قسم جو تعصب رکندڙ ماڻهو ڪافر آهي. اهڙن ماڻهن جي نظر ۾ تنگي ۽ ٽيڏائپ اچي ويندي آهي. انهن جون دليون سوڙهيون ٿي وينديون آهن. انهن جي فڪر ۾ وسعت ناهي رهندي. منجهن وسعت جهڙو سهڻو جذبو اڻ لڀ ٿي ويندو آهي. رواداريءَ جو نشان ئي نه رهندو آهي ۽ دين جي معاملي ۾ ڏاڍ پيدا ٿي پوندو آهي. پنهنجي مذهب کان علاوه، باقي سمورا مذهب ڪنڌ ڪپڻ لائق بڻجي پوندا آهن. مطلب ته مذهب، فلاح جي بجاءِ فساد جو ڪارڻ بڻجي ويندو آهي. ڏسو ته قرآن، ڪيڏي نه وضاحت سان اهڙي ڳنڀير صورتحال جو نقشو چٽيو آهي:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ یَکۡفُرُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ وَ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یُّفَرِّقُوۡا بَیۡنَ اللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ وَ یَقُوۡلُوۡنَ نُؤۡمِنُ بِبَعۡضٍ وَّ نَکۡفُرُ بِبَعۡضٍ ۙ وَّ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یَّتَّخِذُوۡا بَیۡنَ ذٰلِکَ سَبِیۡلًا اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰفِرُوۡنَ حَقًّا ۚ وَ اَعۡتَدۡنَا لِلۡکٰفِرِیۡنَ عَذَابًا مُّہِیۡنًا وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِاللّٰہِ وَ رُسُلِہٖ وَ لَمۡ یُفَرِّقُوۡا بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡہُمۡ اُولٰٓئِکَ سَوۡفَ یُؤۡتِیۡہِمۡ اُجُوۡرَہُمۡ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا۔
    (النساء 150-151-152)
    (بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسولن جو انڪار ڪن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪريون ٿا ۽ ان (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ هڪ رستو ڪڍڻ گهرن ٿا. اهي ئي سچ پچ ڪافر آهن. ۽ اسان ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. ۽ جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن به هڪڙي جي وچ ۾ فرق نه ڪيائون تن کي الله سندن اجر ڏيندو ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.)
    ان آيت ۾ غور طلب ڳالهه اها آهي ته جنهن خوار ڪندڙ عذاب جو واعدو ڪيو ويو آهي، اهو انهن جي حالت مان هن دنيا ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي. ذلت ۽ پستي انهن جو مقدر بڻجي ويندي آهي. ساڳيءَ ريت صالح عقيدي جا مفيد نتيجا به عام امن جي صورت ۾ هتي ئي ظاهر ٿيو پون.
    قرآن ۾ پيش ڪيل اسلام جا ٻه اهم رڪن آهن:
    * وحدت الٰہ
    * وحدتِ انسان
    انهن جا بنياد هڪ ته انسانذات جو واحد ماخذ آهن ۽ ٻيو بنياد وحدتِ اديان آهي. ان جي وضاحت، قرآن ۾ هينئن آهي:
    خَلَقَکُمۡ مِّنۡ نَّفۡسٍ وَّاحِدَۃٍ۔ (الاعراف 189)
    (اسين توهان کي هڪ ئي جيءَ منجهان خلقيو.)
    وَ مَا کَانَ النَّاسُ اِلَّاۤ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً فَاخۡتَلَفُوۡا۔ (یونس19)
    (سڀ انسان هڪ ئي امت هيا پر ماڻهن اختلاف پيدا ڪري وڌو.)
    وَ اِنۡ مِّنۡ اُمَّۃٍ اِلَّا خَلَا فِیۡہَا نَذِیۡرٌ ۔ (فاطر 24)
    (هر امت ۾ ڊيڄاريندڙ پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ هر قوم ۾ هادي به آيا آهن.)
    قرآن اهو به چيو ته خدا وٽ سمورا نبي سڳورا سچ تي هيا، انهن سمورن جو درجو الله وٽ الڳ الڳ آهي. هڪڙن کي ٻين تي فضيلت حاصل آهي، پر بنيادي لحاظ کان منجهن فرق ڪرڻ ٺيڪ ڪونهي. ماڻهن لاءِ اهوئي مناسب ۽ واجب آهي ته اهي ايئن چون ته: ”اسين منجهن فرق نه ٿا ڪريون.“ ماڻهن لاءِ دين جي هڪ اڳواڻ کي ٻئي کان افضل قرار ڏيڻ، فتني ۽ فساد جو ڪارڻ بڻبو آهي. ساڳئي قرآني هدايت جي وضاحت ۾ رسول ڪريمﷺ فرمايو ته: ”توهين اهو به نه چئو ته آئون، يونس ابن متيءَ کان افضل آهيان.“
    آمريڪا جي خطباتي دوري دوران، مون هڪ وڏي ڪاليج ۾ اسلام جي توحيد جي عقيدي تي ليڪچر ڏنو ته هڪ پادري منهنجي ڪڍ پئجي ويو ته ٻڌاءِ ته مسيح ۽ محمد صه مان توهين ڪنهن کي ٿا افضل سمجهو؟ مون وراڻيو ته: ”خدا ۽ رسول، مون کي ان قسم جي بحثن ۾ پوڻ کان منع ڪيو آهي ته هڪ نبيءَ کي ٻئي کان افضل قرار ڏجي. انهن جي درجن ۾ جيڪڏهن ڪو فرق آهي ته ان جو علم، عليم خدا کي آهي. انسانن کي فضيلت مقرر ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان جاهلاڻو تعصب پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي:
    کُلٌّ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ ۟ لَا نُفَرِّقُ بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡ رُّسُلِہٖ۔ (البقرۃ 285)
    (سمورا مسلمان، الله، ان جي فرشتن، ان جي صحيفن تي ان جي رسولن تي ۽ آخرت تي ايمان رکن ٿا ۽ (ڀيٽ جي ذريعي) منجهن فرق نه ٿا ڪن.)
    شديد گمراهي ۽ ڪفر ان کي چئبو آهي ته ڪو شخص، خدا ۽ ان جي ملائڪن ۽ ان جي ڪتابن ۽ رسولن جو منڪر هجي:
    وَ مَنۡ یَّکۡفُرۡ بِاللّٰہِ وَ مَلٰٓئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلِہٖ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ فَقَدۡ ضَلَّ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا۔
    (النساء 136)
    (۽ جنهن الله ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن ۽ قيامت جو ڪفر ڪيو ته بي شڪ! اهي پڌري گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا.)
    امتن ۾ فرقيواريت جو هڪ ٻيو سبب عبادتن ۽ مناسڪ، طور طريقن ۽ شعائر جو فرق به آهي. ان کان علاوه معاملات بابت رسمن، رواجن ۽ قانونن ۾ به فرق ڏسجي ٿو. ان فرق جو ڪجهه ڪارڻ ته قومن جي مزاج جو فرق آهي ۽ ڪجهه وري تاريخي، معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن جو مختلف هجڻ. قرآن، ان قسم جي عارضي ۽ فروعي اختلافن کي جهڳڙي جو ڪارڻ بنجڻ کان روڪي ٿو:
    لِکُلِّ اُمَّۃٍ جَعَلۡنَا مَنۡسَکًا ہُمۡ نَاسِکُوۡہُ فَلَا یُنَازِعُنَّکَ فِی الۡاَمۡرِ۔ (الحج 67)
    (هر قوم جي عبادت جو طريقو الڳ آهي. ان ڏس ۾ هرگز جهيڙو ڪرڻ جائز ناهي.)
    هر قوم جي عبادت جو قبلو الڳ آهي. قبلن جو اختلاف ڪا بنيادي اهميت نه ٿو رکي. مشرق ۾ به وجه الله آهي ته مغرب ۾ به وجه الله! سمورا طرف خدا جا ئي آهن:
    وَ لِلّٰہِ الۡمَشۡرِقُ وَ الۡمَغۡرِبُ۔
    (جيڏانهن رخ ڪريو، الله ئي الله آهي.)
    جيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، تيڏانهن صاحب سامهون
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهي ٻيو ڪي.
    پنهنجن پنهنجن عبادت جي طريقن تي قائم رهندي به سمورين ملتن کي نيڪين ۽ انساني ڀلاين ۽ سعادتن جي حاصلات ۾ اڳرائي ڪرڻ گهرجي:
    لِکُلٍّ جَعَلۡنَا مِنۡکُمۡ شِرۡعَۃً وَّ مِنۡہَاجًا۔ (المائدۃ 48)
    (توهان مان هر هڪ (ملت) لاءِ اسين الڳ شريعت ۽ رستا ٺاهيا آهن.)
    يهودين ۽ عيسائين جيڪو پاڻ سڳورن کي نبي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي پيروڪاريءَ کان انڪار ڪيو ته ان جو هڪ وڏو سبب به اهو هيو ته انهن جا شعائر ۽ رستا الڳ هيا. انهن جون شريعتون پاڻ سڳورن جي پاران پيش ڪيل شريعتن کان گهڻيون منفرد هيون. تنهن ڪري قرآن چيو ته: ”اي محمد! اهي ماڻهو توکي ڪڏهن ڪو نه مڃيندا جيستائين تون انهن جي ملتن جي پيروڪاريءَ تي آماده نه ٿئين.“ ملتن جي پيروڪاريءَ مان مراد انهن جي هٿ ٺوڪين شعائر ۽ تنگ نظر رستن ۽ مسخ ٿيل شريعت جي پيروڪاري آهي. يهودين ۽ عيسائين سان ان قسم جي هم آهنگي، محمد رسول اللهﷺ جهڙي عظيم انقلابي اڳواڻ لاءِ ناممڪن هئي. ڪنهن انقلابي تحريڪ جي معنيٰ ئي اها آهي ته بنيادي عقيدن جي اصلاح کان علاوه معاشرت جي انداز ۾ به اهم تبديليون پيدا ڪجن. جيڪڏهن پاڻ سڳوراﷺ رڳو توحيد جي عقيدي کي ئي ٽيڏاين کان پاڪ ڪري ڇڏين ها ته اهو به هڪ عظيم الشان ڪارنامو هجي ها، پر عبادتن ۽ قانونن ۾ به اهم تبديلين کانسواءِ دين جي تعميل ممڪن ڪا نه هئي تنهن ڪري پاڻ سڳورنﷺ هڪ همه گير تبديلي آندي. جيڪو به وڏو سڌارڪ ايندو آهي اهو لازمي طور تي زماني جا انداز به بدلائيندو آهي. جيڪي قدامت پرست ان جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهندا آهن، رڳو انهن جي عقيدي جي اصلاح ناهي ٿيندي، بلڪه کين آداب، اطوار ۽ آئين ۾ اهڙيون تبديليون ناگوارا لڳنديون آهن. جن تي گهٽيا مفادپرستين يا قدامت پسندين جي تقدس مٿن مهر لڳائي ڇڏي هوندي آهي. هر قوم، فقط پنهنجن عقيدن کي ئي دين ناهي سمجهندي، بلڪه سمورا شعائر، عقيدن کان به وڌيڪ دين ليکبا آهن. ظاهر پرستيون انهن لاءِ هر شيءِ کان وڌيڪ عزيز هونديون آهن. ملتن ۽ قومن ۾ انهن ئي ظاهر پرستين جهيڙا مچائي ڇڏيا آهن. هندستان ۽ پاڪستان جي دينن تي نظر ڊوڙايو ته اوهان کي انساني فطرت جي فڪري ٽيڏائپ واضح طور نظر ايندي. هندو ڌرم ڪن ٺوس عقيدن جو نالو آهي. خدا کي مڃيندڙ، خدا جا منڪر، ديوتا پرست- ديوتائن جا منڪر، ويدن کي مڃيندڙ، ويدن جا منڪر، ڪرشن کي اوتار مڃيندڙ ۽ کيس معمولي اخلاق کان به وانجهو سمجهندڙ، مطلب ته هر قسم جا خوش عقيده ۽ بدعقيده، هندو مت مان خارج نه ٿا ٿي سگهن، بشرطيڪه اهي چند ظاهري رسمن جا پابند هجن. انهن ظاهري رسمن ۽ عقيدن ۾، ذات پات، متڀيد کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. امبيڊ ڪر بلڪل درست چيو هيو ته: ”جيڪڏهن هندو مت ان تفريق کي ڇڏي ڏي ته اها ڪجهه به نه رهندي، ڇاڪاڻ ته ان کان علاوه ڪو مشترڪ عنصر ان قوم ۾ نظر نه ٿو اچي، جيڪا هندو سڏجي ٿي.“ هندو صوفي: ”رام تيرٿ“ بلڪل سچ چيو هيو ته: ”هندو مت وڃي بورچي خاني جو مذهب رهيو آهي. ڇا کائڻو آهي ۽ ڪيئن کائڻو آهي ۽ کاڌي کي ڪنهن جي پاڇي کان بچائڻو آهي، سڄو زور انهي تي وڃي رهيو آهي ۽ عقيدن کي ڪو کنگهي ئي ڪو نه ٿو.“ ساڳيو حال سِکن جو آهي. ان مذهب ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ان ڳالهه کي حاصل آهي ته: ”جسم جي ڪهڙي حصي جا وار نه ڪوڙائجن؟“ هر قسم جي بداخلاقي ۽ بدعقيدگيءَ جي باوجود هڪ سِک، سِک ئي رهندو آهي ۽ ملت مان کيس خارج نه ڪيو ويندو آهي، پر وارن ڪوڙائڻ سان مذهب جو به صفايو ٿيو وڃي! جهڙوڪر سمورو دين سميٽجي اچي وارن ۾ ڦاٿو آهي!! پنڊت نهروءَ هڪ ڀيري چيو هيو ته: ”هندو ڪلچر هاڻي گهڻو ڪري وڃي ڇيڻو رهيو آهي.“ ڳئون ۽ ان جي مُٽَ ۽ ڇيڻي کي جيڪا اهميت حاصل آهي، اها نه ڪنهن عقيدي کي حاصل آهي نه ڪي ڪنهن ڪردار کي...!“ ملتون هڪ ٻئي جي شعائر تي چٿرون ڪن ٿيون، پر جنهن ملت جا جيڪي شعائر آهن اهي وٽن نهايت ضروري ۽ مقدس آهن. اهڙن ئي شعائر بابت قرآن حڪيم چيو آهي:
    کُلُّ حِزۡبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمۡ فَرِحُوۡنَ۔ (المؤمنون 53)
    (هر ملت، پاڻ وٽ موجود شيءِ تي خوش آهي!)
    اهڙو ئي حال هتي مسلمانن جي ڪجهه فرقن پنهنجي مذهب ۽ مسلڪن جو ڪري ڇڏيو آهي.
    عبادتن، عملن ۽ شعائر ۾، هر ملت کي پنهنجا طريقا پسند آهن، پر قرآن فرمائي ٿو ته: ”انسانيت ۾ وحدت ۽ اشتراڪِ عمل انهن اختلافن جي باوجود به پيدا ڪري سگهجي ٿو“ ۽ ان ڏس ۾ اسلام جي ڪوششن جو خود قرآن گواهه آهي. جڏهن ان ڳالهه جو تجربو ٿيو ته اهڙن مذهبن جا پيروڪار- جن جو بنياد توحيد هئي، محض شعائر ۽ شريعتن جي اختلافن ۽ مصنوعي فرق جي ڪري حالتِ جنگ ۾ رهن ٿا ته قرآن انهن جي پيروڪارن کي دعوت ڏني ته: ”اچو ته پاڻ گڏجي هڪ بنيادي ڳالهه تي ڪٺا ٿيئون جيڪا اسان ۾ ۽ توهان ۾ مشترڪ آهي...“ اخلاقيات جا بنيادي عنصر، مهذب قومن ۽ دينن ۾ مشترڪ هوندا آهن. زنا، چوري، ظلم، مارڌاڙ، ڪهڙي مذهب ۾ جائز آهي؟ ان کان علاوه جيڪڏهن توحيد جي عقيدي ۾ به هم آهنگي پيدا ٿي پوي ته مهذب دنيا ۾ وڏي حد تائين وحدت پيدا ٿي سگهي ٿي:
    قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ تَعَالَوۡا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَ بَیۡنَکُمۡ اَلَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللّٰہَ وَ لَا نُشۡرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّ لَا یَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ۔ (ٰاٰل عمرٰن64)
    (چئو ته اي اهل ڪتاب! هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن اچو جيڪا اسان جي ۽ توهان جي درميان مشترڪ هجي/آهي: اُها اها آهي ته اسين الله کانسواءِ ڪنهن جي بندگي نه ڪريون ۽ ڪنهن شيءِ کي ان جو شريڪ نه بڻايون ۽ اسان منجهان ڪو به ٻئي کي، الله جي مقابلي ۾ رب نه بڻائي.)


    قرآن حڪيم ۾ حڪمت جو مفهوم

    قرآن پاڪ جي اندر، خود ان مقدس ڪتاب جون ڪجهه صفتون ۽ نراليون حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن. ڪٿي ان کي ”لاريب“ ڪتاب چيو اٿس ته ان ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو آهي، سو يقيني آهي. ان جي اندر ڪنهن به شڪ جي ڪا به گنجائش ڪانهي. ڪٿي، ان کي ”فرقان“ چيو اٿس، جيڪو حق ۽ باطل کي نکيڙي الڳ الڳ ڪري بيهاري. ڪٿي ان کي ”نور“ سان تشبيهه ڏني اٿس جيڪو زندگيءَ جي انڌيرن کي مٽائي انساني روحن کي روشن ڪندڙ آهي. ڪٿي پاڻ بابت اها دعويٰ ڪئي اٿس ته:
    ”نبي امي، جيڪو هن قرآن جو فيض ورتل آهي، سو بيهودين ريتن رسمن ۽ گمراهه دينن پاران جڪڙايل زنجيرن کي ٽوڙي ۽ وهمن جا طوق ٽوڙي انسانن جون ڳچيون (هر غلاميءَ کان) آجيون ڪرائي ٿو.“
    وَ یَضَعُ عَنۡہُمۡ اِصۡرَہُمۡ وَ الۡاَغۡلٰلَ الَّتِیۡ کَانَتۡ عَلَیۡہِمۡ۔ (الاعراف 157)
    ڪٿي اها تعليم آهي ته: منجهس انساني زندگيءَ جي اهم شعبن بابت مفصل تعليم موجود آهي. ڪٿي اهو اشارو آهي ته توهين ان جي اندر ڪو داخلي تضاد نه لهندؤ. ان جون سموريون تعليمات هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ آهن. هر صفت، ان ڪتاب ۽ ان جي تعليم جو ڪو اهم پهلو بيان ڪري ٿي. هيٺين آيتن تي ٿورو غور ڪريو:
    * ذٰلِکَ الۡکِتٰبُ لَا رَیۡبَ ۚۖۛ فِیۡہِ۔ (البقرۃ 2)
    (شڪ شبهي کان پاڪ ڪتاب.)
    * ہُدًی لِّلنَّاسِ وَ بَیِّنٰتٍ مِّنَ الۡہُدٰی۔ (البقرۃ 185)
    (ماڻهن لاءِ هدايت ۽ هدايت جي دليلن سان ٽمٽار.)
    * وَ اتَّبَعُوا النُّوۡرَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ مَعَہٗۤ۔ (الاعراف 157)
    (نور- جيڪو پيغمبر سان قرآن جي صورت ۾ گڏ آهي.)
    * وَ نَزَّلۡنَا عَلَیۡکَ الۡکِتٰبَ تِبۡیَانًا لِّکُلِّ شَیۡءٍ۔ (النحل 89)
    (هر شيءِ جو بيان ڪندڙ ڪتاب.)
    * وَ لَوۡ کَانَ مِنۡ عِنۡدِ غَیۡرِ اللّٰہِ لَوَجَدُوۡا فِیۡہِ اخۡتِلَافًا کَثِیۡرًا۔ (النساء 82)
    (اگر اهو ڪتاب، الله کانسواءِ ٻئي وٽان اچي ها ته منجهس کوڙ سارو اختلاف ڏسو ها.)
    هتي اسين اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته قرآن، حڪيم آهي ۽ حڪمت کي وري مطلق خير ڪثير به چوي ٿو. هيٺ ڪجهه اهڙيون آيتون ڏجن ٿيون، جن ۾ حڪمت ۽ ڪتاب جو گڏوگڏ ذڪر آهي:
    * لَمَاۤ اٰتَیۡتُکُمۡ مِّنۡ کِتٰبٍ وَّ حِکۡمَۃٍ۔ (اٰل عمرٰن 81)
    (ته جو ڪتاب ۽ حڪمت اوهان کي ڏيان)
    * وَ یُعَلِّمُہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (البقرۃ 129)
    (۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو)
    * عَلَّمۡتُکَ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (المائدۃ 110)
    (۽ جنهن وقت توکي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريم)
    * یُعَلِّمُہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (الجمعۃ 2)
    (۽کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو)
    * فَقَدۡ اٰتَیۡنَاۤ اٰلَ اِبۡرٰہِیۡمَ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (النساء 54)
    (پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني)
    * وَ اَنۡزَلَ اللّٰہُ عَلَیۡکَ الۡکِتٰبَ وَ الۡحِکۡمَۃَ۔ (النساء 113)
    (۽ الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿي آهي)
    قرآن حڪيم جي اندر، زندگيءَ جي هر اهم شعبي بابت احڪام موجود آهن. پر ڪٿي به قرآن پنهنجو پاڻ کي ”ڪتاب الاحڪام“ نه ٿو چوي. ان جو اهو ئي مطلب ٿي سگهي ٿو ته احڪام صادر ٿيندا آهن حڪمت جي بنياد تي ۽ هر حڪم جي تهه ۾ ڪا نه ڪا حڪمت هوندي آهي، جيڪا انفس و آفاق تي غور فڪر ڪندڙن تي ئي کُلندي آهي. حڪم کي، رڳو حڪم طور پيش ڪرڻ ۽ ان کي واجب الاطاعت قرار ڏيڻ، مطلق العنان حڪمرانن جي آمريت پاران ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪي چون چرا کانسواءِ ئي محڪومن جي فرمانبرداريءَ جا خواهشمند هوندا آهن، پر ڪائنات جو خدا، محض حاڪم ناهي، بلڪه حڪيم به آهي. افلاطون جي جڳ مشهور ڪتاب: ”جمهوريت“ ۾ سقراط جي زباني اهو بيان ڪيو ويو آهي ته انساني جماعتن ۽ سوسائٽين ۾ تيستائين حقيقي عدل قائم نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين اها صورت پيدا نه ٿئي يا ته حڪيم حڪمران بڻجي وڃن يا وري حڪمران حڪيم بڻجي وڃن! سماج ۾ اندروني ۽ بيروني فساد جو ڪارڻ اهو آهي ته جيڪي شخص حاڪم ۽ اقتدار ڌڻي بڻجي وڃن ٿا، اهي حڪمت کان وانجها هوندا آهن ۽ جيڪو مرد حڪيم آهي ان کي سياسي اقتدار ناهي ملندو. افلاطون ۽ سقراط، اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ حڪومتن جي جنهن انداز کي بيان ڪيو آهي، اهو انداز هاڻي به تسليم ٿيل آهي ۽ تمام ڊگهي جدوجهد واري انساني سفر ۾ ڪٿي ڪٿي ڪسو پڪو حڪومتن ۾ ڏسجي ٿو. قرآن، اهڙي خدا ۽ فطرت جي خلقڻهار کي پيش ڪري ٿو جيڪو قادرِ مطلق آهي، جيڪو حاڪم هجڻ سان گڏ حڪيم به آهي. وٽانئس هر حڪم، ڪنهن نه ڪنهن حڪمت تحت ئي سرزد ٿيندو آهي. بي اصول حڪمراني خدا به ناهي ڪندو جيڪو عليٰ ڪل شيءِ قدير به آهي! خدا، هادي آهي. صرف انسانن جو هادي ناهي بلڪه جمادات و نباتات ۽ شمس و قمر ۽ ڪائنات جي هر ذري جو به هادي آهي.
    ڪا به هدايت، محض حڪم ناهي هوندي. هر هدايت جو سرچشمو به ڪا نه ڪا اونهي علت هوندي آهي ۽ ان علت ۾ ان هدايت جي حڪمت لڪل هوندي آهي. خدا ڏٺو ته دنيا جا حڪمران لڳ ڀڳ حڪمت کان ڪورا هوندا آهن جن جي خاندانن ۾ شخصي يا خانداني يا طبقاتي خود غرضي لڪل هوندي آهي، وٽن عدل ناهي هوندو. تنهن ڪري انسانن کي هدايت ۽ عادلانه زندگيءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ئي خدا، نبي سڳورا معبوث فرمايا. جيڪي خدا جا حڪمت ڀريا احڪام، ماڻهن جي آڏو پيش ڪن ۽ اهي نافذ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر هر نبيءَ کي، مشيت الهيءَ اهو موقعو ڪو نه ڏنو ته هو دنياوي زندگيءَ ۾ صاحبِ اقتدار حڪمران به بڻجي! گهڻن نبي سڳورن کي اهائي ذميواري ملي ته: ”هو، صاحب اقتدار طبقن جي خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪن ۽ ماڻهن جا ضمير بيدار ڪن، کين سندن عملن جي نتيجن کان آگاهه ڪن ۽ معاشرتي عدل تي آماده ڪن. منجهانئن گهڻن نبين سڳورن جي صدا، محض رڃ ۾ رڙ ثابت ٿي يا وري انساني ضميرن ۾ ڪي تمام ٿوريون لهرون پيدا ٿيون، پر قرآن چوي ٿو ته: سڀ نبي سڳورا، اوامر و نواهيءَ سان گڏوگڏ حڪمت به سيکاريندا هيا. اهي پاڻ به وڏا وڏا حڪيم هيا. اهي ماڻهن کي عملن جي فطري سببن ۽ علتن کان به واقف ڪندا هيا ۽ جيڪي ڪجهه چوندا هيا، ان جي معقول هجڻ جو ڪو نه ڪو سبب به ٻڌائيندا هيا. انساني نفسن جي بيماري سڃاڻندا هيا ۽ انهن جو علاج به تجويز ڪندا هيا.
    عام طور اهو خيال ڪيو ويندو هو ته نبي ۽ حڪيم ٻه جدا جدا گروهه آهن پر قرآن سچي نبوت ۽ حقيقي حڪمت ۾ ڪو به سنڌو نٿو قائم رکي. هو اڪثر نبي سڳورن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته: انهن کي نبوت سان گڏ حڪمت به عطا ڪئي وئي آهي. ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته: هر نبي حڪيم هوندو آهي پر هر حڪيم نبي ناهي هوندو! اصل حڪمت اها آهي جيڪا نبوت سان واڳيل هجي. جيڪڏهن حڪمت، نبوت کان مورؤن الڳ ٿي وڃي ته ان جا ٻه نتيجا ئي سامهون اچي سگهن ٿا:
    * اهڙي حڪمت محظ ظني ۽ استدلالي ڀلڪاريون هوندي.
    * مظاهرِ فطرت جي ڪنهن پاسي بابت ڪا جزوي معلومات ڏيندڙ هوندي جيڪا سڌو سنئون انساني زندگيءَ تي اثرانداز نه ٿي سگهندي.
    حڪمت جي مفهوم بابت ڪجهه وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي. لفظ: ”حڪمت“، دينيات کان الڳ ٿي ڪري ڪڏهن فلسفي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن سائنس جي معنيٰ ۾. فلسفي جا مسئلا ۽ دين جا مسئلا گهڻي ڀاڱي مشترڪ هوندا آهن ۽ انهن مسئلن جي حل جا رستا ڪجهه دير تائين پورو ڇوٽ هلندا آهن، پر خاص حدن کان اڳتي طرز استدلال ۽ حقيقت تائين پهچ جا وسيلا هڪ ٻئي کان منفرد ۽ مختلف ٿي ويندا آهن. هڪ فلسفي به زندگيءَ جي بنيادي ۽ ڪلي صداقتن ۽ بنيادي حقيقتن کي ڄاڻڻ چاهيندو آهي ۽ دين به انهن ئي حقيقتن جو نالو آهي. عقل هڪ خدا پاران عطا ڪيل جوهر آهي ۽ انسان جي نرالي خاصيت آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن، عقل استعمال ڪرڻ تي وڏو زور ڏنو آهي. قرآن جيڪا تعليم به وحي جي ذريعي پيش ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ هي به چئي ٿو ته تفڪر ۽ تدبر ڪرڻ وارا ”اولو لالباب“ جيڪڏهن چڱي طرح مشاهدو، سوچ ويچار ۽ استدلال ڪندا ته ان تعليم کي درست لهندا. برابر عقل ۽ وحي ۾ امتياز ۽ فرق موجود آهي پر قرآن انهن جي باهمي مخالفت جو قائل ڪونهي. جيڪڏهن ٻنهي ۾ اهڙي مخالفت هجي ها ته قرآن پنهنجو پاڻ کي حڪمت جو ڪتاب نه چوي ها ۽ نه وري فطرت جي مظاهرن جي مطالعي سان حقيقت جي تهه تائين پهچڻ تي ايترو زور ڏئي ها. قرآن جي تعليم ۾ هي يقين موجود آهي ته حڪمت جو صحيح استعمال ديني حقيقتن جي آخرڪار ضرور تائيد ڪندو. اهوئي سبب آهي جو قرآن حڪمت سان لاڳاپيل سرگرمين کي دين ۽ عبادت جو جز سمجهي ٿو.
    هاڻي ڏسڻو هيءُ آهي ته شرح صدر سان سوچيندڙ فلاسافر ۽ نبيءَ ۾ فرق ڪٿان ٿو پيدا ٿئي. نبيءَ وٽ نه رڳو ڪائنات جو مشاهدو ۽ استدلال پر ڪجهه سڌين سنئين حقيقتن جو وجدان ۽ ادراڪ پڻ آهي. يقيناً فلاسافر ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو پر اهو علم اليقين جي حد تائين رهندو آهي، ان کان اڳتي عين اليقين ۽ اڃا به اڳتي حق اليقين جو درجو آهي. اهي آخري ٻه درجا رڳو استدلال سان نٿا ماڻي سگهجن. مشهور صوفي ابو سعيد ابوالخير جي بوعلي سينا سان ملاقات ٿي. بوعلي سندس آڏو ڪائنات ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي عقلي ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو ۽ عقل ۽ ڏاهپ جي روءِ سان انهن سڀني حقيقتن جي تائيد ڪندو ويو جن جي تعليم دين ۾ ملي ٿي. ابو سعيد انهن سڀني ڏاهپ ڀرين دليلن جي جواب ۾ رڳو اهو چيو ته
    ”هرچه تومي داني من مي بينم“
    اهو دانش ۽ بينش (ڏاهپ ۽ معرفت) جو وڏو فرق آهي. ان فرق کي اقبال رحه پڻ هر هنڌ مختلف من موهيندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
    عقل گو آستاں سے دور نہیں۔ اس کی تقدیر میں حضور نہیں
    اهو حضور ئي آهي جنهن کي ڪو مشاهدو ٿو چوي، ڪو وجدان ٿو سڏي، ۽ ڪو مڪاشفو. نبين سڳورن وٽ ان جي جيڪا صورت ۽ جيڪو درجو آهي ان کي وحي چوندا آهن. اقبال ان لاءِ عشق جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي. رومي ۽ بوعلي جي ڀيٽ ۾ هو ان ئي عشق کي دل جو سوز قرار ڏئي ٿو، جنهن کانسواءِ عقل حقيقت شناس نٿو ٿي سگهي. عشق ۽ سوز، وجدان ۽ مشاهدي کانسواءِ حڪمت ۽ ڏاهپ خيرڪثير (تمام گهڻي ڀلائي) هجڻ باوجود ڪامل ۽ مڪمل نٿي بڻجي سگهي. نبي سڳورن وٽ وجدان ۽ فڪر ۽ قول ۽ فعل سڀ هيڪڙائي ۽ هم آهنگيءَ ۾ هوندا آهن. عقل پرست ڏاهي وٽ اُها هم آهنگي هجڻ ضروري ڪانهي.
    حڪيمن جو اهو قسم، جن کي فيلسوف نه پر سائنسدان چئجي ٿو، الڳ نوعيت جو آهي. خارجي ۽ باطني فطرت جا بي شمار درجا ۽ شعبا آهن. فطرت جي مظاهر جي نوعيت الڳ الڳ آهي. ڪٿي مادي مظاهر آهن، ڪٿي نباتي ته ڪٿي حيواني! ڪٿي فلڪيات جو جهان آهي، ڪٿي انساني جسم جو مطالعو آهي، ڪٿي ان جي نفسيات جو. خلقڻهار جي ڪائنات هڪ ناقابل تقسيم وحدت آهي. ان جو ڪو به حصو ٻئي حصي کان بنهه الڳ ڪونهي پر ان وحدت جي اندر هڪ انيڪ ڪثرت ڀريل آهي جيڪا هڪ ئي وقت ڪنهن انسان جي محدود مطالعي، مشاهدي ۽ استدلال جي احاطي ۾ نه ٿي اچي سگهي. انسان جي محدود قوتن، مظاهرِ عالم جي مطالعي لاءِ انهن کي الڳ الڳ بابن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪنهن هڪ شعبي جو آئين، ادراڪ جي گرفت ۾ اچي سگهي. ڪو سائنسدان، سڄي ڄمار هڪ جيت جي مطالعي ۾ صرف ڪري ڇڏي ٿو. ڪو وري انسان جي ڪنهن هڪ عضوي جي جوڙجڪ ۽ ڪم جي مطالعي ۾ مهارت پيدا ڪري ٿو. ڪو ذري ۽ ايٽم جي اٿاهه تحقيق ۾ مگن آهي. اهي سڀ دراصل حڪمت جا پياسا ۽ ان جي ئي تلاش ۾ آهن، پر جزوي حقيقتن جي تحقيق لاءِ جزوي عقل ئي استعمال ٿيندو آهي. علمن ۾ جيتريقدر تخصيص (اسپيشلائيزيشن) ترقي ڪندي پئي وڃي، اوتري قدر هڪ سائنسدان، هڪ جز جو عالم هجڻ سان گڏوگڏ زندگي ۽ ڪائنات جي ٻين حقيقتن کان جاهل مطلق ٿيندو پيو وڃي. اهو گهٽ کان گهٽ شيءِ جو وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کان ويڳاڻو ٿيندو پيو وڃي. پر جيڪڏهن هو پنهنجي تحقيق هيٺ جزن جا به سڀ پاسا ڄاڻي وٺي ته هو به ڪلي حقيقتن کان آگاهه ٿي وڃي پر ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي مطالعي کي خاص حدن جي اندر محدود ٿو رکي ان ڪري هو ڪل جي وسعتن کان محروم ٿو رهي. هر جز هڪ ڪل جو جز هوندو آهي ۽ اهو ڪل به وري ڪنهن ٻئي ڪل جو جز هوندو آهي.
    هڪڙي شاعر گل سان ڳالهيون ڪندي چيو پئي: ”مون کي نه، جي تنهنجي پوري حقيقت معلوم ٿي وڃي ته هوند! مون کي انسان ۽ خدا جي معرفت به حاصل ٿي وڃي!“
    قرآن، فطرت جي مطالعي جي تلقين ڪري ٿو، پر گڏوگڏ اهو به تاڪيد ڪري ٿو ته فطرت جي ڪنهن به مظهر کي ان جي مطلق سرچشمي ۽ واحد خلقڻهار سان وابسته ڪري پوءِ سمجهو ۽ اهو ڏسو ته ڪُلّي فطرت ۽ فاطرالسماوات والارض سان ان جو ڪهڙي قسم جو رابطو آهي ۽ ڪيئن ٿو هر جز، ڪل ڏانهن رهنمائي ڪري. قرآن جي نظر ۾، حڪمت ان شيءِ جو نالو آهي. اها حڪمت جنهن کي قرآن، خير ڪثير چوي ٿو، محض انساني احڪام ۽ اعمال کان بالاتر شيءِ آهي. جيتوڻيڪ انسان جا صحيح عمل انهيءَ حڪمت مان عمل ۾ ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته انسان جا عمل ڪائنات جي ڪلي حقيقت کان جدا نٿا ٿي سگهن. قرآن جنهن شيءِ کي حڪمت چوي ٿو، اها دراصل زندگيءَ جي مقصدن جو علم آهي. جيڪڏهن حڪمت جي جدوجهد زندگيءَ جي مقصدن تائين نه پهچي سگهي ۽ انساني زندگيءَ جي نصب العين کي واضح نه ڪري سگهي ته اها اڌوري رهجي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڌورو علم، جهالت کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.
    قرآن حڪيم جي تعليم جو بنياد توحيد آهي، يعني زندگي ۽ ڪائنات جي وجود جو سرچشمو هڪ ئي ذات آهي. فيلسوف ۽ سائنسدان، وجود جي مظهرن ۾ علت ۽ معلول، سبب ۽ اثر جا رابطا تلاش ڪندا رهندا آهن. عام زبان ۾ به ڪنهن شيءِ يا ڪنهن واقعي کي ڄاڻڻ جي معنيٰ هيءَ هوندي آهي ته انساني عقل ان کي ڪنهن قاعدي ڪنهن قانون تحت آندو آهي. قانون جي معنيٰ آهي: تغير ۾ ثبات جي تلاش! (يعني ڦير گهير ۾ قائم رهندڙ شيءِ جي تلاش) عالم ظاهر ۽ باطن ۾ هر مظهر، هر وقت تغير پذير رهندو آهي. ظاهري نگاهه ۾ سموري هستي تغير پذير لڳندي آهي. ڪثرت ظاهر آهي ۽ وحدت لڪل. حڪمت جي تلاش دوران، انسان جزئيات کي ڪليات ۾ پوئيندو ويندو آهي، پوءِ ڪيترن ئي ڪلين کي ڪنهن هڪ ڪليي جي دامن ۾ آڻيندو آهي. عقل ۽ فهم جي ترقيءَ سان ڪليات جو تعداد مٿي چڙهندي چڙهندي گهٽبو ويندو آهي.
    نباتات ۾ هر نسرندڙ شيءِ پنهنجو مخصوص رنگ روپ رکندي آهي ۽ ان جي واڌ ويجهه جو قانون پڻ مخصوص هوندو آهي، پر نباتات جو ماهر ان تنوع ۽ ڪثرت کي انواع تحت آڻي مخصوص انواع جا مخصوص قانون ڳوليندو آهي. اهڙيءَ ريت حيوانات جو ماهر ان جا قسم ٺاهيندو آهي ۽ هر قسم جو هڪ نالو تجويز ڪندو آهي. اهو نالو ڪنهن هڪ فرد جو ناهي هوندو پر هڪ نوع جو نالو هوندو آهي، جنهن اندر اڻ ڳڻيا فرد صفتن جي هڪجهڙائپ ڪري علم جي لحاظ کان هڪ لڙيءَ ۾ پوئيندا ويندا آهن. قرآن حڪيم ۾ پڻ علم جو اهوئي مفهوم آهي. آدم جي قصي ۾ سمورن ملائڪن تي انسان جي فضيلت انهيءَ بنياد تي ثابت ٿي ته کيس سڀني شين جا نالا معلوم ٿي ويا. تمام گهڻن کي هن وڻ چيو، قسمين قسمين ننڍن وڏن پٿرن کي هن پٿر چيو. انهيءَ جو نالو عقل ۽ علم آهي ۽ انهيءَ راهه تي اڳتي وڌندو رهڻ حڪمت ۽ ڏاهپ جي ترقي آهي.
    قرآن جو نظريو ۽ ان جي تعليم اها آهي ته هيءَ نه کٽندڙ ڪثرت ۽ تغيرات جي ڪائنات هڪ وحدت مان ڦٽي نڪتي آهي ۽ ان کي سمجهڻ جو به لازمي طريقو اهو آهي ته انسان ڪٿي به ڪثرت کي رڳو ڪثرت نه سمجهي بلڪه هر وک ته ان کي ننڍين يا وڏين وحدتن ڏانهن موٽائيندو هلي، ايستائين جو، هو وحدتِ ڪليءَ تائين پهچي وڃي جيڪا اول به آهي ۽ آخر به، ظاهر به آهي ۽ باطن به. سمورين علمي ۽ عملي ڪوششن جو ڇيهه به ”خدا“ آهي ۽ سموري حڪمت ۽ ڏاهپ جو مقصود پڻ هستيءَ جي هيڪڙائيءَ جو فهم آهي. قرآن جيڪا توحيد جي خالص تعليم ڏئي ٿو اها حقيقت ۾ ڪائنات جي معرفت جو درس آهي. علم جي زبان ۾ جنهن کي قانون يا آئين چئبو آهي. قرآن جي زبان ۾ ان کي ”سنة الله“ چيو ويو آهي، جنهن بابت ڪيترين ئي جاين تي چيو ويو آهي ته: ”توهين الله جي سنت ۾ ڪا به تبديلي نه لهندؤ.“ ڪائنات جي خلقڻهار ۽ وجود جي هاديءَ جي مشيت ڪي قائم ۽ ثابت اصول رکندڙ آهي. خدا جي مشيت ۽ ان جو ارادو، انساني خواهش ۽ ارادي وانگر ناهي جيڪو ڪڏهن ڪيئن هوندو آهي ته ڪڏهن ڪيئن! زندگيءَ جي آئين کي قائم رکڻ، خدا جو هڪ واعدو آهي ۽ خدا هرگز واعدي خلافي ناهي ڪندو. سائنس ۾ ڪنهن نظريي جي صداقت هن ڳالهه مان لڌي ويندي آهي ته ان جي مطابق جيڪا اڳ ڪٿي ڪئي وڃي، بعد ۾ ايندڙ مظاهر ۽ حوادث ان جي تصديق ڪن. معنيٰ ته سائنس جو مدار به ان الله لايخلف الميعاد تي ئي آهي. انسان جي فطرت هجي يا ڪائنات جي ڪنهن شعبي جي فطرت، انهن سڀني جي متعلق قرآن جو هي فيصلو آهي ته الله جي خلقت جي قانونن ۾ ڪا به تبديلي نه ڏسندؤ. قرآن چوي ٿو ته انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو نالو دين آهي ۽ انهيءَ جي معرفت حاصل ڪرڻ حڪمت آهي. دنيا جي ڪنهن به مذهبي صحيفي ۾ هيءَ تعليم اهڙي وضاحت سان نٿي ملي. دين جي هن ماهيت کي قرآن هميشه لاءِ واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ عقل ۽ حڪمت سان ان جو گڏ هجڻ لازم ٻڌائي ڇڏيو آهي.
    فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕ
    ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ۔ (الروم 30)
    (الله جي ان فطرت کي ڏسو جنهن تي هن انسانن کي پيدا ڪيو آهي. خلقت جي قانونن ۾ ڪا تبديلي ڪونهي. اهوئي آهي دين قيم.)
    قرآن حڪيم اڳين نبين متعلق هي فرمايو آهي ته اهي ماڻهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندا هيا. جنهن جو مطلب هي آهي ته اهي خدائي حڪمن سان گڏ ماڻهن کي عقيدن ۽ عملن جي فطري ضرورت، سببن ۽ نتيجن کان به آگاهه ڪندا هئا. رڳو حڪم ئي نه ٻڌائيندا هئا پر ان جي حڪمت به واضح ڪندا هئا. اڳين نبين جا حڪم زمان ۽ مڪان ۽ قومن جي خاص مزاج جي مطابق هئا. ان ڪري جيڪا حڪمت اهي پيش ڪندا هئا سا به محدود ۽ مخصوص هئي. ”جيتري ڄاڻ ايترو ڪلامِ“ نبوت ۽ حڪمت لاءِ اهوئي قاعدو بڻيل هو. پر آخر ۾ جڏهن ابدي حقيقتن پيش ڪرڻ وارو عالمگير دين آيو ته ان ۾ حڪمت جو پهلو به سموري موجودات ۽ سموري انسانذات تي محيط ٿي ويو. قرآن جي نازل ٿيڻ کانپوءِ دين ۽ حڪمت جا دائرا الڳ الڳ نه رهيا. ان ڪري ڪجهه مخصوص فلسفن ۽ دين ۾ ٽڪراءُ ته ٿي سگهي ٿو پر فطرت جي مظاهرن جي آئيني ترتيب ۽ دين اسلام ۾ تضاد ۽ مخالفت جو ڪو به امڪان ڳولي نه ٿو سگهجي.
    قرآن، مختلف سائنسي علمن جي پيرائتي ۽ مخصوص معلومات نه ٿو ڏئي. قرآن، نه ڪي فلڪيات جو ڪتاب آهي ۽ نه ڪي طبيعيات، ڪيميا ۽ رياضيءَ جو ڪتاب! پر ان جي باوجود قرآن الله جي قانونن جي يڪسانيت ۽ جوڙجڪ کي ٻڌائي سائنس جي سمورن بنيادن کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ڪائنات جي ڪنهن شعبي جو قانون ڪڏهن ڪهڙو ۽ ڪڏهن ڪهڙو ٿي وڃي ته هيءَ ڪائنات، ڪائنات نه رهي سگهي. ان جو قائم رهڻ ته پري رهيو پر ان جو وجود ئي مورڳو ناممڪن بڻجي پوي جيڪا شيءِ عدم مان وجود ۾ ايندي آهي. اُها هڪ خاص اندازي سان ظاهر ٿيندي آهي. قرآن چوي ٿو ته خدا جي قدرت ۽ ان جا خزانا اڻ کٽ آهن، پر جيڪو ڪجهه وجود ۾ ايندو آهي اهو هڪ خاصي اندازي ۽ تناسب سان ايندو آهي.
    اِنَّا كُلَّ شَیۡءٍ خَلَقْنٰہُ بِقَدَرٍ۔
    هستيءَ جي ان حقيقت کي قرآن ميزان (توريل تڪيل) پڻ چيو آهي:
    اَللہُ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ وَ الْمِیۡزَانَ۔
    قديم دور ۾ اڪثر مذهبن جي پيروڪارن اهو عقيدو قائم ڪري ورتو هو ته ھر قسم جا سائنسي نظريا سندن مذهبي صحيفي ۾ وحيءَ جي طرفان ڄاڻايل آهن، تنهن ڪري ڪنهن سائنسدان وڻ ۽ پٿر يا سج ۽ چنڊ بابت جو ڪجهه چيو ان کي ان نظر سان ڏٺو ويندو هو ته اهو مذهبي صحيفي ۾ بيان ڪيل تعليم مطابق آهي يا ان جي ابتڙ. فلڪيات جي بطليموسي قياسيات کي دين جو جز سمجهيو ويو هيو. جڏهن جديد تجرباتي سائنس ان جي تائيد نه ڪئي ته ”گيليليو“ جهڙي محقق کي قابلِ تعزير قرار ڏنو ويو.
    يورپ ۾ مذهب ۽ سائنس جي ڇڪتاڻ، انساني ضميرن کي ڏاڍو جنجهوڙيو ۽ اها جنجهوڙ اڃا تائين باقي آهي. سائنس جو آغاز مسلمانن جي تجرباتي تحقيق سان ٿيو پر ڪنهن مسلمان مفڪر جي اهڙين ڪوششن کي ملعون ۽ مردود قرار نه ڏنو ويو. فطرت جي مظاهر ۾ آزادانه طور تي تحقيق ذريعي آئين تلاش ڪرڻ هڪ چٽو قرآني حڪم هيو. تنهن ڪري دين ۽ سائنس جي جنگ اسلام جي تاريخ ۾ نه ڪي پهريان نظر اچي ٿي ۽ نه ڪي هاڻي ان جو ڪو امڪان آهي. باقي جيڪڏهن قرآن، اهڙن تنگ نظر فقيهن ۽ مفسرن جي ور چڙهي وڃي- جيڪي مغرب جي عيسائين وانگر سائنس جي جزئيات کي به قرآن ۽ حديث مان تلاش ڪرڻ جي فضول هڻ وٺ ۾ لڳا رهن ته اها الڳ ڳالهه آهي!
    قرآن حڪيم حڪيماڻو زاويئه نظر پيدا ڪيو آهي جنهن سان ابد الآباد تائين حڪمت ۽ معرفت جا رستا کلي پيا آهن. قرآن ۾ جيڪڏهن وڻن ۽ پٿرن يا سج ۽ چنڊ، يا کنوڻ ۽ مينهن جو ذڪر ملي ٿو ته ان جو مقصد ڪنهن طبيعي سائنس بابت جزئي نظريا پيش ڪرڻ هرگز ناهي بلڪه فصاحت، بلاغت ۽ اسلوبِ بيان سان زندگيءَ جي مقصد کي واضح ڪرڻ آهي. تشبيهون ۽ تمثيلون ڪنهن سائنس جا آئين ۽ قانون ناهن هونديون. مظاهر فطرت جون کوڙ ساريون شيون ٻوليءَ جي عام محاورن ۾ داخل ٿي وينديون آهن ۽ فصاحت جي تقاضا اهائي هوندي آهي ته اهي دلڪش انداز ۾ پنهنجي بيان ۾ سموئي ڇڏجن. دين، گهڻين روحاني حقيقتن کي تشبيهن ۽ تمثيلن ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته خالي منطقي استدلال، عام انساني طبقن لاءِ ايترو دلنشين ۽ اثرائتو ناهي هوندو جيترو مثالن ۽ تشبيهن ذريعي اثرائتو ٿيندو آهي. قرآن فرمائي ٿو ته تشبيهات ۽ تمثيلات کي فقط راسخ العلم ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا. اها الڳ ڳالهه آهي ته تنگ نظر ۽ فتني باز ماڻهو لفظن ۽ صورتن ۾ الجهي پوندا آهن! قرآن پاڪ، نهايت حڪيمانه انداز ۾ محڪمات کي متشابهات کان الڳ ڪري پيش ڪيو آهي. دين جو لازمي جز محڪمات آهن. يعني اهي ٺوس حقيقتون، جيڪي فطرت مطابق هجڻ جي ڪري اٽل آهن! خود جنت جي دل لڀائيندڙ بيانن سان گڏ قرآن اهو به ٻڌايو ته جنت جو مثال ايئن آهي ڄڻ هڪ باغ!
    مَثَلُ الۡجَنَّۃِ الَّتِیۡ وُعِدَ الۡمُتَّقُوۡنَ ؕ فِیۡہَاۤ اَنۡہٰرٌ مِّنۡ مَّآءٍ غَیۡرِ اٰسِنٍ۔ (محمد 15)
    (جنهن جنت جو متقين سان واعدو ڪيو ويو آهي ان جو مثال ايئن آهي جهڙوڪر نه خراب ٿيندڙ پاڻيءَ جون نهرون.)
    اهڙيءَ طرح جهنم بابت فرمايو ويو ته ان جا شعلا دلين مان اٿندا آهن ته جيئن سمجهڻ وارا سمجهي وٺن ته جهنم ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ڪو بٺو ناهي.
    نَارُ اللّٰہِ الۡمُوۡقَدَۃُ الَّتِیۡ تَطَّلِعُ عَلَی الۡاَفۡـِٕدَۃِ ۔ (الہمزۃ 6-7)
    (الله جي اها ٻاريل باهه، جيڪا دلين مان دکندي آهي.)
    قرآن ۾ ڪن جاين تي فقط احڪام ملن ٿا، جن سان گڏوگڏ انهن جي حڪمت بيان نه ڪئي ويندي آهي، پر ڪٿي ڪٿي آئين سازيءَ جا اصول به بيان ڪيا اٿس. مثال طور: شراب ۽ جوئا بابت قرآن، نهايت سٺو قاعدو بيان ڪيو آهي ۽ انهن عملن جي ممانعت جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. ڪو قاعدو يا قانون اهڙو ناهي جيڪو هر حالت ۾ هر شخص کي نفعو يا نقصان پهچائي. ڪو به طريقيڪار هجي ان ۾ ڪن ماڻهن کي ڪن حالتن ۾ فائدو پهچندو ۽ ڪن کي نقصان. انساني فطرت ۽ معاشرن جي بناوٽ ئي اهڙي آهي جو ايئن ٿيڻ لازمي آهي. قرآن چوي ٿو ته انهن عملن سان ڪن ماڻهن کي ڪي فائدا به پهچندا آهن، پر سموري انساني معاشرت ۽ نفسيات کي سامهون رکي اجتماعي زاويي سان ان جو جائزو وٺو ته انهن جا نقصان انهن جي فائدن کان وڌيڪ هوندا آهن. قانون ۽ قاعدا اڪثريت جي بنياد تي ٺهندا آهن. انهن ۾ چند فردن جو نفعو يا نقصان نه ڏسبو آهي. قرآن جي حڪمت اهو ٻڌائي ڇڏيو ته قانون جو جڙڻ عام فائدي لاءِ هوندو آهي. قانون انسانن لاءِ ٺهندا آهن، انسان هر گٺل، ڦٽل ۽ منجهيل فضول قانونن جي پابنديءَ لاءِ ناهن ٺهيا.
    قرآن، انسان کي حڪمت پسند بنائڻ لاءِ هڪ ٻيو به اهم قدم کنيو. اسلام کان اڳ جي سمورن مذهبن پنهنجو بنياد، معجزن تي قائم ڪيو هيو ۽ ماڻهن جي اها عادت عام ٿي وئي هئي ته هر نبيءَ کان اها تقاضا ڪجي ته هو پنهنجي صداقت جي ثبوت ۾ ڪي معجزا ڏيکاري. اهڙا ئي مطالبا، قريش جا مشرڪ به، پاڻ سڳورن کان بار بار ڪندا هيا. انهن جي جواب ۾ قرآن چوي ٿو ته: ”توهان کان پهرين ۾، معجزن ڪهڙو ايمان پيدا ڪيو جو هاڻي وري ساڳيو تجربو توهان سان دهرايو وڃي؟ معجزن جي مطالبي ۾ قرآن، بار بار فطرت جا منظر پيش ڪري ٿو ۽ فطرت جي مشاهدي ذريعي فطرت جي خلقڻهار تي ايمان آڻڻ جي تلقين ڪري ٿو. مٽيءَ مان رنگ برنگي گلن جو ڦٽڻ ۽ قسمين قسمين ميون جو ڦَرجڻ هجي يا انسانن جون مختلف ٻوليون ۽ انهن جا مختلف رنگ يا فلڪيات جو پورن ٽاڻن تي حساب ڪتاب سان گردش ڪرڻ، اهي سڀ معجزائي ته آهن.
    ان معنيٰ ۾ نه ته اهي معمول جي خلاف آهن بلڪه خدا جي رحمت ۽ ان جي حڪمت جا ان مٽ مظهر آهن. انسان هڪ طرف ان جي قدرت آڏو عاجز آهي جو هڪ مَکِ جو پر به نٿو ٺاهي سگهي. ٻئي طرف سندس ڪمزوريءَ جي اها حالت آهي ته هو هڪ پن يا هڪ ذرڙي جي حقيقت کي به ڀليءَ ڀت نٿو سمجهي سگهي. ڪو واقعو انسان لاءِ فرق عادت (معمول جي خلاف) هجي ته خدا لاءِ ته فرق عادت نٿو ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته خدا چوي ٿو ته مان پنهنجي عادت يا سنت ۾ ڪا به تبديلي نٿو ڪريان، جنهن کي انسان معجزو سمجهي ٿو اهو پڻ خدا جي ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ظاهر ٿيندو آهي. ڏاهي ۽ حڪيم آڏو جيتريقدر ڪائنات جا قانون واضح ٿيندا ويندا آهن اوتري قدر اُها پُراسرار بڻبي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته هر وجود پنهنجي اندر ۽ ٻاهر اڻ کٽ آهي.
    روس جي مشهور اديب ۽ عارف ”ٽالسٽاءِ“ ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته: ”ڪليسائي عيسائيت، باري تعاليٰ جي ثبوت ۾ اهو معجزو ٿي پيش ڪري ته مسيح بنا پيءُ جي پيدا ٿيو، پر آئون ته خدا جو ان لاڳيتي معجزي جي ڪري قائل آهيان جو ماءُ ۽ پيءُ جي ٻنهي مان ڪيڏي نه حيران ڪندڙ طريقي سان روزانو نوان انسان جنم وٺن ٿا. ڏسو ته هڪ عيسائي عارف ۽ حڪيم پنهنجي بصيرت سان اهائي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪا چوڏهن سئو ورهيه اڳ قرآن ڪئي هئي ته: ”خدا کي، حيرتناڪ معجزن ۾ نه ڳولهيو بلڪه سندس قائم ڪيل ٺوس قانونن ۽ طريقن ۾ تلاش ڪريو.“ پاڻ سڳورن جي مستند سوانح ۾ ڪو به صحابي اهڙو نظر نه ٿو اچي جنهن ڪنهن خارقِ عادات يا معجزي جي ڪري خدا ۽ رسول تي ايمان آندو هجي. جنهن به ايمان آندو، ان پاڻ سڳورن جي سيرت، ان جي سچائي ۽ ان جي تعليمات جي خوبين کان متاثر ٿي ڪري سندن جانثارن جي ٽولي ۾ شريڪ ٿيو. ڪن صحابين، ڪن موقعن تي اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون، جيڪي عالم اسباب جي محدود علم ۾ رهندي انهن لاءِ حيرت انگيز ضرور هيون پر انهن جي ايمان آڻڻ جو ڪارڻ هرگز نه هيون. قرآن فيصلو ڪري ڇڏيو ته جيڪو به ايمان جي نور سان منور ٿيڻ چاهي اهو اسلامي تعليمات جي خوبين کي پرکي اسلام ۾ داخل ٿئي. اسلام، دين جو رخ معجزن کان عام فطرت ڏانهن ۽ خوارق عادت کان حڪمت طلبيءَ ڏانهن ڦيري ڇڏيو. اهو، انسانيت جي ارتقا ۾ هڪ نهايت ئي اهم قدم هيو.
    هاڻي اچو ته ان سوال جي جواب تي ويچاريئون ته جڏهن خدا جو ڪتاب، ڪتابِ حڪمت آهي ته قرآن، ڪتاب کان علاوه حڪمت جو ذڪر ڇو ٿو ڪري؟ نبي ڪريمًﷺ کي حڪم آهي ته تون ماڻهن کي پنهنجي رب ڏانهن سڏ. خدا، ان جا ٽي طريقا ٻڌايا آهن:
    * حڪمت.
    * موعظت.
    * دليل يا مجادلو:
    اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ۔
    (النحل 125)
    (پنهنجي رب ڏانهن حڪمت، عمدي وعظ جي ذريعي دعوت ڏي ۽ بهترين طريقي سان مباحثو ڪج.)
    مطلب ته قرآن پاڪ ماڻهن جا ٽي قسم ٻڌايا آهن ۽ هر قسم کي دعوت ڏيڻ جو طريقو الڳ آهي. هڪڙن انسانن کي حڪمت سان سمجهائڻ جو چيو ويو. توڙي جو انهن جو تعداد بنهه ٿورو هجي ٿو، حڪمت پسند هوندا آهن. انهن جي آڏو جيڪڏهن ڪو عقيدو يا عمل جو طريقو بيان ڪيو ويندو آهي ته هو، ان جون علتون ۽ اسباب ڄاڻڻ چاهيندا آهن ۽ پڇندا آهن ته انهن ڳالهين تي ڇو يقين ڪجي؟ يا ان عمل ۾، جنهن جي تلقين ڪريو ٿا، ڪهڙيون خوبيون آهن؟ ۽ جن عملن کان روڪيو ٿا، انهن ۾ ڪهڙيون برايون آهن؟ جيستائين ڪنهن علم جي علت کين سمجهه ۾ نه ايندي آهي، تيستائين اهي ان تي عمل ڪرڻ گوارا ناهن ڪندا. اهڙن ماڻهن کي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته بس اهو خدا جو حڪم آهي! حڪمت پسند ماڻهو، جيستائين حڪم جي ضرورت ۽ ان جي نتيجن کان آگاهه نه ٿيندو، تيستائين فرمانبرداريءَ تي آماده نه ٿيندو. عربن ۾ علوم ۽ فنون نه هيا ۽ ڪتابي علم به نه هيو، پر منجهن هڪ تعداد اهڙن ماڻهن جو هيو، جن ۾ غيرمعمولي ذهانت هئي. جيڪڏهن منجهن اها فطري صلاحيت موجود نه هجي ها ته اڳتي هلي بهتر حڪمرانيءَ جا حيرت انگيز ڪارناما سرانجام نه ڏئي سگهن ها.
    اها نهايت افسوس جوڳي حقيقت آهي ته اڄوڪي زماني ۾، اهڙا هٿ ٺوڪيا مبلغ ۽ هادي ڏسجن ٿا جو کانئن شريعت جي ڪنهن حڪم جي علت يا حڪمت بابت پڇو ته ٺهه پهه وراڻيندا آهن ته ”دين جي معاملي ۾ علت ۽ حڪمت ڄاڻڻ ضروري ناهي. دين جي تقاضا آهي ته ان تي چون چرا کانسواءِ ئي ايمان آڻيو...“ هلندڙ دور عقليت ۽ حڪمت جو دور آهي. جاهلن کي ته بنا سمجهڻ جي دين جي پابنديءَ جي تلقين ڪري سگهجي ٿي پر علم سان ٽمٽار ماڻهو، جن کي سوچڻ جي عادت آهي، اهي اهڙو جواب ٻڌي، مورؤن دين جي ضرورت تي ئي شڪ ڪرڻ لڳندا آهن. هاڻي، تعليم يافته طبقي کي حڪمت جي ذريعي ئي دين جو قائل ڪري سگهجي ٿو، پر افسوس! جو دين جا کوڙ دعويدار، پاڻ ئي ويچارا حڪمت جي جوهر کان وانجها آهن.
    پاڻ سڳورن کي هڪ ٻئي گروهه سان ٻيو طريقو اپنائڻ جو چيو ويو. هي اهو طبقو آهي جنهن ۾ حڪمت طلبيءَ جو عنصر گهٽ هوندو آهي. هن طبقي لاءِ وعظ، نصيحت ۽ سهڻا سخن سندن سيرت جي اصلاح جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. حڪمت پسند طبقي جي ڀيٽ ۾ هن گروهه جو تعداد هميشه گهڻو رهيو آهي پر نصيحت به ان واعظ جي اثرائتي ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ پاڻ ۾ عملي طور اخلاص هجي، جنهن جو قول ان جي فعل جي مطابق هجي. نه ته يقولون مالاتفعلون جي گروهه بابت اها ڳالهه بلڪل ٺهڪي ايندي جيڪا حافظ چئي ويو آهي:
    واعظاں کیں جلوہ بر محراب و منبر می کنند
    چوں نجلوت می روند آں کار دیگر می کنند
    (ڏسو ته واعظ حضرات محراب ۽ منبر تي ڪهڙا نه جوهر ٿا ڏيکارين، پر جڏهن اهي خلوت ۾ هوندا آهن ته ڪم ئي ٻيا هوندا اٿن.)
    اها يقيني ڳالهه آهي ته اسلام ۾ کوڙ سارا ماڻهو پاڻ سڳورن جي نصيحتن جي ڪري به داخل ٿيا- جيڪا نصيحت ٿيندي هئي، پاڻ سڳورن جي زندگي خود ان جو هڪ نمونو هوندي هئي. چون ٿا ته زندهه مثال جو اثر، خالي نصيحت کان وڌيڪ ٿيندو آهي، پر نصيحت ۽ ناصح جي زندگي جيڪڏهن هڪ ٻئي جو آئينو هجن ته اثر ۾ نهايت گهرائي پيدا ٿئي ٿي. پاڻ سڳورن جون نصيحتون صبح شام اڄ به تقريرن ۽ تحريرن ۾ تمام گهڻو دهرايون وڃن ٿيون پر ڪنهن جي زندگيءَ تي انهن جو ڪو به اثر نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته نصيحت ڪندڙ جي ڪردار ۽ گفتار ۾ هڪ وڏو خال حائل هجي ٿو!
    ٽيون گروهه انهن مناظري بازن جو آهي جيڪي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ ۽ ٻئي جي ڳالهه کي رد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهندا آهن. اهي نه ڪي حڪمت پسند هوندا آهن ۽ نه ڪي نصيحت پذير! هر مصلح جو اهڙن ماڻهن سان به پالو پوندو آهي. ڪنهن اهم ديني مسئلي تي بحث ڪرڻ سان ڪو نبي، ڪيئن ٿو انڪار ڪري سگهي، پر نبيءَ جو ڪم اهو آهي ته هر طبقي لاءِ هڪ سٺو مثال پيش ڪري. نبيءَ کي حڪم مليو ته ساڻن بحث ڪريو- پر دليل سان ۽ سهڻي طريقي سان! ڪنهن مناظري ۾ اخلاص ۽ صداقت کي هٿان وڃڻ نه ڏيو، دل آزار جملي جو جواب صلح ۽ نرميءَ سان ڏيو. هروڀرو ٻئي کي ڪيرائڻ ۽ ذليل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ، غير معمولي طور صالح نفسن جو ڪم آهي. اهو ڪم، هڪ پاڪيزه نفس رکندڙ ٻاجهارو ۽ سٻاجهو نبي ئي سرانجام ڏئي سگهي ٿو. عام ماڻهن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو مذهبي بحث ۾ واقعي حق جو طلبگار هجي ۽ مهذب طريقي سان ٻئي جي ٻڌي ۽ پنهنجي ٻڌائي ۽ جتي حريف سچي ڳالهه ڪري، ان جو دل جي گهراين سان داد ڏئي! پاڻ سڳورن، جن ماڻهن سان بحث ڪيو آهي، ان کي سامهون رکي ڏسو ته سندن بحث جو انداز بلڪل سلجهيل آهي. محض شخصي ۽ الزامي گفتگو توهان کي سيرت ۾ ڪٿي به نه ملندي.
    ڪتاب ۽ حڪمت بابت ڪن فقيهن جو خيال آهي ته ڪتاب مان مراد: قرآن ۽ حڪمت مان مراد: سنتِ رسول آهي. ان ۾ ڪنهن حد تائين صداقت ضرور آهي، پر اها ڳالهه ڪجهه وضاحت طلب آهي. سنت، پاڻ سڳورن جو عمل آهي جيڪا قرآني تعليم جي عملي صورت آهي. خيالي سطح جي بلند افڪار، دنيا ۾ ڪڏهن به انقلاب برپا ناهي ڪيو. جيستائين انهي فڪر کي ڪو عملي جامو پهرائيندڙ سامهون نه اچي. جيڪڏهن پاڻ سڳورا پنهنجي عمل ۾ خود مجسم قرآن نه هجن ها ته رڳو خدا جو ڪتاب، ڪو به انقلاب برپا نه ڪري سگهي ها. دنيا ۾ اسلام جي طفيل جيڪو انقلاب برپا ٿيو، اهو قرآن ۽ سيرتِ محمديءَ گڏجي پيدا ڪيو. قرآن تي عمل ڪرڻ سان زندگي ڇا بڻجي پوندي آهي؟ ان جو مظاهرو پاڻ سڳورن جي اسوهء حسنه مان ئي ٿيو، پر جڏهن قرآن، ”ڪتاب“ ۽ ”حڪمت“ چوي ٿو ته ان ۾ حڪمت، محض سنت جي ترجمان ناهي. جيڪڏهن ايئن سمجهبو ته هڪ غلط نتيجو سامهون اچي سگهي ٿو ته معنيٰ خود ڪتاب ۾ حڪمت ڪانهي! قرآن ته خدا کي حڪيم ۽ پنهنجو پاڻ کي حڪمت جو ڪتاب چوي ٿو. صحيح معنيٰ اها ٿيندي ته: نبي، خدا جو ڪتاب پيش ڪري ٿو، ان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو پر هو ان تي اڪتفا نه ٿو ڪري. ان ڪتاب جي اندر جيڪا حڪمت آهي اها ٻڌندڙن تي واضح ڪري ٿو. جيڪڏهن هو، مخاطب تي کلي طرح حڪمت واضح نه ڪري ته شايد اها حڪمت رهجي وڃي. هن وقت دنيا ۾ هر علم ۽ فن ۾ ماهر استادن جا تيار ڪيل ڪتاب موجود آهن. يونيورسٽين جا شاگرد، اهي خريد ڪندا ۽ پڙهندا رهن ٿا، پر ان جي باوجود اعليٰ درجي جي پروفيسرن جي رهنمائيءَ ۾ اهي ڪتاب پڙهڻ کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي. جن شاگردن، اعليٰ پائي جي استادن جي آڏو گوڏا نه کوڙيا انهن جي اندر، ڪتابن پڙهڻ سان هڪ ڪمي رهجي ٿي وڃي. حڪمت ڪتاب ۾ موجود هوندي آهي پر استاد جي وضاحت ان کي اجاگر ڪندي ۽ ڪتاب جي هر سٽ کي روشن ڪندي آهي. محض طب جا ڪتاب پڙهڻ سان ڪو حاذق طبيب ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين تجربيڪار طبيبن کان هو سکيا نه وٺي!
    ان ڪري قرآن جي ٻڌايل ڪتاب ۽ حڪمت ۾ حڪمت، قرآن حڪيم جي ئي حڪمت آهي جنهن کي باطن مان ظاهر ۾ آڻڻ ۽ حڪم کي عمل جو جامو پهرائڻ نبيءَ جو ڪم آهي. منهنجو مطلب اهو آهي ته حڪمت ڪا اهڙي سنت ناهي جيڪا قرآن کان الڳ هجي يا ان ۾ ڪو اضافو ڪندي هجي. قرآن جي اندر ڪٿي احڪام آهن ۽ ڪٿي حڪمت جا اصول آهن. اهي ئي حڪمت جا اصول، دين آهن، جيڪي احڪام جو بڻ بنياد آهن ۽ جن جي ئي بنياد تي بدلجندڙ حالات ۽ نئين ماحول ۾ نوان احڪامات ڪڍي سگهجن ٿا. خود پاڻ سڳورن، پنهنجي زندگيءَ ۾ ۽ کانئن پوءِ خلفاءِ راشدين ۽ ان کانپوءِ مجتهد عالمن به ايئن ئي ڪيو.


    اسلام ۽ فڪر جي آزادي

    اسلام، انسانن جي جهان ۾ ڪيترائي نظرياتي ۽ عملي انقلاب پيدا ڪيا، پر جيڪڏهن اسلام جي اڀار جي هم عصر تهذيبن، تمدن ۽ مذهبن جو جائزو وٺبو ته اها ڳالهه بنا ڪنهن ترديد جي خوف جي چٽي ٿي سامهون ٿي ايندي ته سڀ کان اهم ترين انقلابي ڳالهه، جيڪا اسلام ڪئي، اها آهي: ”ضمير جي آزاديءَ جي تلقين ۽ ان تي عمل!“ قرآن حڪيم ۾ انسان جي فطرت بابت هڪ بنيادي صفت اها بيان ڪئي وئي آهي ته انسان هڪ صاحبِ اختيار هستي آهي. آدم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جمادي- نباتي ۽ حيواني ڪائنات موجود هئي ۽ فرشتا به تخليق جي ابتدا کان ئي نظامِ ڪائنات ۾ خلقڻهار جا نمائندا ۽ ڪارندا هيا. پر ملائڪن سميت سمورين مخلوقن جي ڪيفيت اها هئي جو، هر مخلوق فطري طور تي خدا جي اطاعت ڪرڻ تي مجبور هئي. ان جبري اطاعت سان ڪا به مخلوق تنگي محسوس نه ڪندي هئي. هرشيءِ پنهنجي جوڙجڪ پٽاندڙ فطري تقاضا پوري ٿي ڪئي، ۽ پنهنجي فطري تقاضا پوري ڪرڻ ۾ جنهن قسم جو جبر ملندو آهي اهو خراب نه لڳندو آهي. آدم جي تخليق وقت خلقڻهار نئون تجربو ڪرڻ چاهيو ۽ اهو اِهو ته هڪ اهڙي مخلوق پيدا ڪجي جنهن کي راءِ جي آزاديءَ ۽ انتخاب جو حق ڏجي. ان کي نيڪي ۽ بديءَ جا سڀئي دڳ ڏيکارجن ۽ کيس اختيار ڏجي ته اها انهن ٻنهي رستن مان جيڪو چاهي، سو اپنائي. کيس وحي جي رستي اهو علم ڏجي ته انهن متضاد رستن تي هلڻ جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا پر ان جي ارادن تي ڪو به جبر نه هجي. ان ئي اصول هيٺ انسان جي تخليق ٿي. اها مخلوق، جنهن کي احسن تقويم هجڻ جي ناتي گناهه جو اختيار به ڏنو ويو آهي سا مجاز آهي ته پنهنجي مرضيءَ سان اهو دڳ اپنائي جيڪو مشيت الاهي جي مطابق آهي ته انهيءَ سان اها ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مانائتي ۽ شانائتي ٿي پوي. پر جيڪڏهن شعور ۽ علم جي باوجود اها غلط دڳ کي ترجيح ڏئي ته اها سمورين مخلوقن جي ڀيٽ ۾ ادنيٰ بڻجي اسفل سافلين بڻجيو وڃي. ڪنهن شاعر جي هڪ مشهور شعر جو مطلب آهي ته آدم زادو، فرشتي ۽ حيوانيت جو هڪ عجيب معجون مرڪب آهي، منجهس ٻئي عنصر ڏسجن ٿا. ملڪوتي کي ترقي ڏجي ته فرشتن کان به بالاتر ٿيو وڃي ۽ حيوانيت کي ترجيح ڏيو ته کاالانعام بل هم اضل بڻجي سمورن حيوانن جي ڀيٽ ۾ ذليل ۽ گمراهه ٿيو وڃي!
    انسان کي ملڪوتيت ۽ حيوانيت کان سواءِ هڪ ٽيون عنصر به عطا ڪيو ويو ، اهو آهي اختيار ! انسان جي عظمت ۽ ذلت جو معيار ان اختيار جي صحيح يا غلط استعمال تي آهي. آدم جي قصي ۾ ان حقيقت جو انڪشاف آهي ته هن اختيار جي جوهر جو منڍ ۾ ئي غلط استعمال ڪيو ۽ ان سان اهو ثبوت ڏنائين ته هو ٻين سمورين مخلوقن کان جيڪي مجبور ۽ مطيع آهن، ڪا ٻئي قسم جي مخلوق آهي. آزاديءَ جي اهڙي عملي ثبوت مهيا ٿيڻ سان انسانيت جي شروعات ٿئي ٿي، ڀلي نا تجربيڪار انسان، پهرين وک ۾ ئي لڏي لمي ڇو نه وڃي!
    خدا، ڏٺو ته مخلوقات جي جبري اطاعت ۾ اهو لطف ناهي جيڪو ان بندي جي اطاعت ۾ آهي جنهن کي نافرمانيءَ جو اختيار هيو پر ان جي باوجود هن پنهنجي مرضيءَ سان اطاعت ڪئي. صراط مستقيم کي نجات جي راهه سمجهيائين ۽ پنهنجي مرضيءَ کي خدا جي مرضيءَ سان هم آهنگ ڪري ڇڏيائين ۽ ان اتحاد جي ڪري کيس الوهيت جو اهو قرب حاصل ٿيو جيڪو جليل القدر ملائڪن کي به نصيب نه هيو. خدا چيو ته هاڻي اسين ڪائنات کي محض غلامن جي وسندي ڏسڻ نه ٿا چاهيون. خدا، خود آزاد آهي، هن چاهيو ته هاڻي هو پنهنجي هڪ هم آهنگ مخلوق پيدا ڪري جيڪا اختيار ۽ آزاديءَ سان پنهنجي خوديءَ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ پنهنجو پاڻ کي ”من تو شدم تومن شدي“ جي معراج تي پهچائي ڇڏي. آدم جي قصي ۾ لاهين چاڙهين جي داستان جي اندر اسلام جي سموري تعليم جو جوهر موجود آهي. پنهنجي مرضيءَ سان ٺوڪر کائي پاڻ سنڀاليندڙ انسان، آهستي آهستي نيابتِ الاهي ۽ ارضي خلافت جي رتبي تائين پهچي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ، سڀ کان وڌيڪ ضمير جي آزادي، فڪر جي آزادي ۽ عمل جي آزاديءَ کي مذهب ۽ تهذيب جو بنياد قرار ڏنو آهي. انسان صداقتن جا پيچرا ڳوليندڙ مخلوق آهي ۽ جيڪڏهن جستجوءَ ۾ آزادي نه هجي ۽ غلطي ڪرڻ جو امڪان نه هجي ته پوءِ انسان ۽ جمادات ۾ ڪهڙو فرق ٿيندو ؟ دين، سڀ کان پهريان نيڪيءَ جو نالو آهي، پر جيڪا نيڪي جبر سان پيدا ڪئي وڃي اها اخلاقي طور تي نيڪي نه ليکبي. اهڙي جبري نيڪيءَ لاءِ ڀلا ڪير ڪنهن کي واکاڻ جوڳو ۽ اجر جو مستحق سمجهندو ؟ ڀلا اهڙي شخص جي دين جي ڪهڙي اهميت، جنهن کي تلوار جي زور تي يا تحقير ۽ تشهير جي خوف تحت ڪنهن عقيدي جي اقرار تي مجبور ڪيو ويو هجي ؟! ان جبر سان ان جي انسانيت جو جوهر ئي ميسارجي ويندو، جيتوڻيڪ دين جو ڪم ان جوهرکي اجاگر ڪرڻ آهي. هڪ مغربي مستشرق لکيو آهي ته قرآن جي تعليم ۾ سڀ کان وڌيڪ شاندار شيءِ لَا اِکرْاہُ فِی الدِیَنْ جو اعلان آهي ته دين جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو جبر روا ڪونهي. پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام جي مثالي جدوجهد ۾ هڪ به اهڙو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ پاڻ ڪنهن کي زوريءَ اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجائون. ڪافرن سان جنگيون ان ڪري نه جوٽيون ويون جو کين مغلوب ڪري زوريءَ مسلمان ڪجي، بلڪه ساڻن جنگ جوٽڻ جو ڪارڻ اهو هيو ته هنن مسلمانن کي ضمير جي آزاديءَ جي انساني ۽ بنيادي حق کان محروم ڪرڻ ٿي چاهيو. انهن ، محض دين جي ڪري مٿن زندگيءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هيا. قرآن جي روءِ سان جهاد ۽ قتال صرف ان گروهه جي خلاف جائز بلڪه فرض آهي جيڪي انسانيت کي ضمير جي آزاديءَ کان محروم ڪري انهن کي زور ۽ جبر سان پنهنجن عقيدن جي مطابق زندگي گهارڻ تي ضد ٻڌيون ڏنيون بيٺا هجن. قرآن حڪيم ان بابت نهايت وضاحت سان چيو آهي ته ”جيڪڏهن خدا اهڙين ظالم ۽ جابر قومن جي خلاف، آزاديءَ جي علمبردارن کي قتال ۽ جهاد لاءِ کڙو نه ڪري ها ته مڙهيون ۽ مندر ، مسجدون ۽ ڪليسائون دنيا مان ميسارجي اڻ لڀ ٿي وڃن ها.“ ان آيت سڳوريءَ جي اندر جنهن وسعت سان سمورن مذهبن لاءِ آزاديءَ جو جيڪو اعلان آهي، ان تي غور ڪريو ته خدا هر اهڙي گروهه کي تباهه ڪرڻ لاءِ جوڌن جوانن کي اٿاريندو آهي جيڪي صرف اسلام جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان ۽ مال جي بازي ناهن لڳائيندا، بلڪه سمورن مذهبن ۾ انساني ضمير جي آزاديءَ کي ڪچليندڙ قوتون جتي به اڀرن انهن کي هيسائڻ ، مغلوب ڪرڻ هو پنهنجو اولين فرض سمجهندا آهن. مٿئين آيت ۾ مسجدن جو ذڪر سمورن مذهبن جي عبادتگاهن جي حفاظت کان پوءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن مسلمان اهو نه سمجهن ته فقط پنهنجي مذهب جي معاملي ۾ ئي ضمير جي آزادي لاءِ جهاد فرض آهي ۽ بس!
    اهڙي تعليم جو عملي نتيجو اهو ٿيو جو جڏهن اسلامي گروهه ۽ مملڪت محفوظ ٿي وئي ته هر ملت کي ضمير جي آزادي ءَ جو چارٽر عطاڪيو ويو. عيسائين کي عطا ڪيل اهو چارٽ اڃا سوڌو پنهنجن لفظن سميت حضرت عمر فاروق ؐ جي فرمانن ۾ محفوظ آهي. ان جو عملي طريقو پاڻ سڳورنﷺ جي مثال کان شروع ٿيو ته مديني ۾ پنهنجي آمد مبارڪ سان ئي اتان جي يهودين کي اهو چارٽر عطا ڪيو ويو ته ”جيڪڏهن توهين امن قائم ڪرڻ ۾ اسان سان سهڪار ڪندؤ ته اوهان کي پنهنجي مذهب ۽ زندگيءَ جي طريقي بابت سمورا اهي حق حاصل هوندا جيڪي مؤمنن جي جماعت کي حاصل آهن.“ ان کان پوءِ جڏهن مديني جي يهودين ، اسلام ۽ مسلمانن جي پيرن ڪڍڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني ۽ اسلام جي ويرين سان ڳٺ جوڙ شروع ڪيائون ته انهن جي خلاف جنگ جوٽي کين تابعدار بنائڻو پيو، پر ڪنهن يهوديءَ کي زوريءَ مسلمان نه بڻايو ويو.
    5) قرآن ڪريم ۾ فطرت جي مشاهدي ۽ تفڪر ۽ تدبر جي تلقين ايتري قدر تاڪيد سان ملي ٿي ته ان جو مثال ٻين مذهبي صحيفن ۾ اڻلڀ آهي. زندگي ۽ ڪائنات لامحدود آهن ۽ انهن جي مظهرن کانسواءِ انهن قانونن جو به ڪو شمار ڪونهي جيڪي قرآن جي اصطلاح ۾ خدائي ڪلمات سڏجن ٿا.
    سڀ سمنڊ ۽ انهن کان به وڌيڪ جيڪڏهن لکڻ لاءِ مس بڻجي وڃن ته اهي سڀ خشڪ ٿي وڃن، پوءِ به ان جي ڪلمات جو بيان ختم نه ٿيندو. عبادت جو صحيح مفهوم اهو آهي ته ”انسان جي سموري ڄمار ۽ ان جو هر لمحو انفس وآفاق جي آئين ۽ قانونن جي جستجوءَ ۾ صرف ٿيڻ گهرجي ، جيڪڏهن فڪر جي آزادي نه هجي ته عبادت ڪيئن ٿي ادا ٿي سگهي ؟ تفڪر جي ماهيت ۾ ئي آزاديءَ سان سوچڻ شامل آهي، فڪر جي آزاديءَ کان اسلام ان ڪري نه ٿو گهٻرائي ڇاڪاڻ ته کيس يقين ڪامل حاصل آهي ته فڪر جي آزادي هزار دفعا ڀٽڪڻ جي باوجود به انسان کي زندگيءَ جي صداقتن کان آشنا ڪندي آهي...“
    6) مسلمانن جي سلطنت ۾ شروع کان ئي غير مسلم گهڻي يا ٿوري تعداد ۾ آباد رهيا آهن. ڪڏهن ڪنهن مسلم حڪمران سندن ذهني آزاديءَ جي لتاڙ نه ڪئي. اهو اسلام جي تعليم ۽ مسلمانن جي رويي جو هڪ روشن پهلو آهي، جنهن انساني تهذيب ۾ هڪ سگهاري عنصر کي داخل ڪيو، پر ان ڳالهه جو ذڪر افسوس سان ڪرڻو ٿو پوي ته خلافت جي بادشاهت ۾ تبديلي بعد ڪجهه بادشاهن جي غلط رٿابندي ۽ وقت گذرڻ سان اسلام ۾ پيدا ٿيڻ وارن فرقن اسلام جي ان سبق کي وساري ڇڏيو. غير مسلمن سان ته ڪو جهڳڙو ڪو نه ڪيائون ته هو پنهنجن سوچن ۽ عقيدن ۾ هر طرح آزاد رهن پر مسلمانن پاڻ ۾ رواداريءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. آمر حڪمرانن معاشي حقن لاءِ اٿندڙ آوازن کي حرفت سان دٻايو ۽ سياست جي معاملي ۾ عام مسلمانن کي بي دخل ڪري ڇڏيو ۽ مذهبي فرقن مان ڪنهن هڪ کي اختيار ڪري ٻين لاءِ سوچ، فڪر ۽ اظهار جي آزاديءَ کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏيو. ننڍن ننڍن فروعي ۽ فقهي اختلافن تي هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ڪٿي شيعي سني جي جهيڙي ۾، ڪٿي جبر ۽ اختيار جي بحثن ۾، ڪٿي خدائي ذات ۽ صفات يا خلق قرآن جي عقيدي بابت اختلاف راءِ رکڻ وارن خلاف ويڙهه ۾ مصروف رهيا. ٿوري ٿوري ڳالهه تي دنيا کي ڪفر جون فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون. نتيجو اهو نڪتو جو مسلمان جن جو فرض ضمير جي آزاديءَ جو پيغام پهچائڻ هو سي دنيا جا سڀ کان وڌيڪ معتصب شمار ٿيڻ لڳا. امت جي زوال جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن پر سڀ کان وڏو سبب فڪر جي آزاديءَ جي اڻاٺ آهي.
    انساني دنيا ۾ ترقي تحقيق سان ٿيندي آهي ۽ جمود مان تقليد پيدا ٿيندي آهي، جنهن زماني ۾ مسلمان تهذيب ۽ تمدن ۾ پنهنجي همعصر دنيا کان گهڻو اڳتي هئا ان زماني ۾ تحقيق تلقيد تي حاوي هئي. ان دور ۾ باقي دنيا جي پوئتي پوڻ جو سبب اهو هو ته ڪٿي مذهب ۽ علم ۽ فن بابت فڪر جي آزادي نه هئي. مغرب ۾ ڪليسا جي آمريت مغربي زندگيءَ جي هڪ هزار سالن کي اونداهو دور بڻائي ڇڏيو هو. ڪليسا جي تجديد جي تحريڪ بعد مذهبي جنگين مغربي تهذيب کي کوکلو بڻائي ڇڏيو. ارڙهين صديءَ ۾ ان تعصب جي آندل تباهيءَ خلاف زور شور سان ردعمل شروع ٿيو. جيئن ته اتي سڄي تباهي مذهب جي نالي تي آئي هئي، تنهن ڪري مصلح ان نتيجي تي پهتا ته سياست کي مذهب کان جدا ڪيو وڃي. ”نه رهي بانس ۽ نه رهي بانسري.“
    اسلام پنهنجي جوهر ۾ جڏهن فڪر جي آزادي، تخليق جي ترغيب ۽ اجتهاد جي اجازت ڏئي ٿو ته ان صورت ۾ اهو زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي کي مذهب کان جدا ڪرڻ جو قائل ڪونهي، پر جيڪڏهن تنگ نظري، عدم رواداري ۽ تقليد تحت لڪير جو فقير بڻجڻ جو نالو اسلام ٿي وڃي ته خطرو آهي ته اصلاح پسند ۽ امن پسند ماڻهو اسلامي ملڪن ۾ به دين کي سياست کان جدا ڪرڻ لاءِ سوچڻ لڳن.
    ظلم، سياست ۾ پيدا ٿئي يا دين ۾ ، اهو فڪر جي آزاديءَ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ عالمي تاريخ ۾ جابجا ائين ٿيو آهي ته سياسي ظلمن، مذهبي ظلمن سان گڏجي عوام کي غلام بڻايو آهي، جڏهن به ڪنهن قوم ۾، خود داري ۽ آزادي جو جذبو بيدار ٿيندو آهي ته ان ٻٽي مفاهمت جي خلاف جهاد ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي.
    عارف روميءَ ڪيڏي نه زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته:
    خلق را از انبيا آزادي ست
    يعني، نبي سڳورا دنيا ۾ ان لاءِ معبوث ٿينداآهن ته اهي انسانن کي تقليد ۽ غلاميءَ جي زنجيرن مان نجات ڏيارين ۽ آزاد فضا ڏانهن وٺي اچن جتي ڀٽائيءَ چواڻي:
    نه ڪا جهل نه پل سڀ ڪا پسي پرين کي !
    پر افسوس جو هر مذهب پنهنجي زوال جي دؤر ۾ متعصب ٿي پوندو آهي ۽ دين جو بڻ بنياد سڙي خاڪ ٿي ويندو آهي.
    رواداري ۽ فڪر جي آزادي، زندگيءَ جي سمورن قدرن ۽ ترقين جي ضمانت آهن، جتي آزادي ناهي هوندي، اتي نه ڪوئي اخلاق باقي رهندو آهي ۽ نه ڪي وري دين ۽ نفس جي اصلاح جي صلاحيت باقي رهندي آهي، علوم ۽ فنون جي ترقي رڪجي ويندي آهي. تقليد ۽ جمود ، زندگيءَ جي سمورن شعبن تي ڇائنجي ويندو آهي، تحقيق جا رستا بند ٿي ويندا آهن، ڪنهن به ملڪ يا قوم کي زنده ڪرڻ تيستائين ممڪن ئي ناهي جيستائين فڪر جي آزادي، رواداري ۽ تحقيق ملڪ ۽ قوم جو مجموعي وڙ نه بڻجي ، حقيقي اسلام اهو ئي هيو ۽ جنهن غير مسلم قوم جيڪا به ترقي ڪئي آهي اها دراصل اهڙي اسلامي رواداري ۽ آزاديءَ جي ئي طفيل آهي !


    اسلام ۾ مادي ترقيءَ جو مفهوم

    اسلام، ڪائنات جي ارتقا ۾ ابتدائي مرحلن کي قرآني روءِ سان مادي جوڙجڪ قرار ڏنو آهي، ڪٿي آسمانن بابت ارشاد آهي ته شروعاتي حالت ۾: هیَ دُخَانٌ، اهي دونهون هيا ۽ ڪٿي جديد سائنس جي ”دخاني نظريي“ ڏانهن چٽو اشاروآهي ته :
    اَنَّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ کَانَتَا رَتۡقًا فَفَتَقۡنٰہُمَا۔ (الانبیآء 30)
    (بي شڪ آسمان ۽ زمينون مليل جليل هڪ مادو هيا پوءِ انهن کي الڳ ڪيوسون.)
    فلڪيات جا اجسام ، جن ۾ اسان جي ڌرتي به شامل آهي، اڳتي هلي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيا ۽ الڳ الڳ طور شڪل پذير ٿيا. پوءِ نباتي ۽ حيواني زندگيءَ بابت طبيعي سائنس جو هڪ نظريو، قرآن ڪريم ۾ موجود آهي، جنهن تائين طبيعياتي ماهرن کي پهچڻ ۾ وڏو عرصو لڳوته نباتي ۽ حيواني زندگي، يعني ڪنهن به قسم جي بائيلوجيڪل زندگي، پاڻي کان سواءِ ممڪن ڪانهي:
    وَ جَعَلۡنَا مِنَ الۡمَآءِ کُلَّ شَیۡءٍ حَیٍّ۔ (الانبیآء 30)
    (اسين هر زنده شيءَ جو بڻ بنياد پاڻيءَ کي بڻايو.)
    خود، مادي ۾ ڪنهن قسم جي جان آهي يا نه ؟، ان بابت قرآن جي تعليم اها آهي ته جان ۽ شعور جي درجن ۾ مادي دنيا به مطلقاّ بي جان ۽ بي شعور ناهي، پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ان جي شعور جو اندازو انسان، پوريءَ ريت سمجهي نه ٿو سگهي.
    سڀ آسمان ۽ زمينون ، دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي سڀ خدا جي تسبيح يعني ان جي جوڙيل ضابطن ۽ قانونن تي عمل ۾ مشغول آهن، يعني مادي جهان جي به پنهنجي نماز ۽ تسبيح آهي. اسلامي ڏاها جن جو نظريئه ڪائنات يوناني فيلسوفن جو ڳيجهو ناهي، جهڙوڪ: جلال الدين رومي وغيره ! انهن جو به اهڙو عقيدو هيو ته طبيعي عناصر جو عالم به روحاني عالَم آهي. اسين مادي کي مئل ٿا سمجهئون پر خدا وٽ اهو هڪ زنده حقيقت آهي:
    خاک وباد آب و آتش بنده اند
    بامن وتو مرده باحق زنده اند
    (يعني هوا ۽ پاڻي ۽ باهه سڀ فرمانبردار آهن، تنهنجي ۽ منهنجي ليکي مئل پر الله وٽ زنده آهن)
    وَ اِنۡ مِّنۡ شَیۡءٍ اِلَّا یُسَبِّحُ بِحَمۡدِہٖ وَلٰکِنۡ لَّا تَفۡقَہُوۡنَ تَسۡبِیۡحَہُمۡ۔ (بنی اسرآءِیل 44)
    (هر شي الله جي تسبيح يعني ان جي ضابطن پٽاندر هلڻ ۾ مگن آهي پر توهين سمجهي نه ٿا سگهو)
    غالب وٽ به اهو ئي نظريو ٿو ملي ته ذري ذري کان وٺي سج چنڊ تائين دليون ئي دليون، روح ئي روح آهن:
    از مہرتابہ ذرہ دل و دل ہے آئینہ
    طوطی کوشش جہت سی مقابل ہے آئینہ
    مير ” درد “، جيڪو هڪ حڪيمانه مزاج وارو صوفي شاعر آهي، چوي ٿو:
    آہستہ سے چل میاں کہسار
    ہر سنگ، دکان شیشہ گر ہے
    اسلام کان اڳ جا ڪائناتي نظريا جيڪي ڪي قدر دينن جو به حصو بڻجي ويا هيا، مادي جهان کي حقارت جي نظر سان ڏسندا هيا. ڪو چوندو هيو ته مادي جهان محض نظر جو ڌوڪو يا مايا آهي، ارسطوءَ چيو هيو ته دنيا عدم آهي، جنهن ۾ وجود کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، پر في نفسه ان جو ڪو به وجود ڪونهي. ڪي ته مادي عالم کي مورڳو شيطاني عالم چوندا هيا ۽ اها تعليم ڏيندا هيا ته مادي جهان ، روحن جو قيد خانو آهي ۽ زندگيءَ جو مقصد ، ان قيد خاني مان نجات ماڻڻ آهي، لاهوتي پکيئڙا ، عنصري پنڃري ۾ اچي قيد ٿي ويا آهن. فلڪيات ۾ ته کين وڏو رياضياتي نظم وضبط پئي نظر آيو، پر مٽيءَ جي جهان ۾ آسمان هيٺان کين رڳو بدنظمي ٿي نظر آئي ، اهڙي قسم جا سمورا فلسفا ۽ دين ، انسان کي زندگي مخالف رهبانيت ڏانهن ڌڪي آيا ۽ جسم ڇاڪاڻ ته مادي عنصرن مان ٺهيل آهي تنهنڪري ان جي فريب جي ڪڍ پئجي ويا. هڪ ئي وقت ۾ نفس ڪُشي ۽ جسم ڪُشي عين روحاني رياضت ۽ الله جي قرب جو وسيلو سمجهڻ ۾ آئي. اسلام سيکاريو ته جسماني عضوا،روح جا اوزار ۽ وسيلا آهن جيڪي کين ان ڪري عطا ٿيا آهن ته اهي انهن جي ذريعي ڀلائي ماڻي سگهن، هر عضوي جي پنهنجي پنهنجي ڪرت آهي ۽ ان ڪرت کي صحيح طريقي سان اداڪرڻ ان جي تسبيح آهي. جسم کي تندرست ۽ پاڪ صاف رکڻ دين جو حصو قرار ڏنو ويو ۽ جسماني طهارت ، رباني عبادت لاءِ اڻٽر بڻجي وئي. غيراسلامي مغرب وٽ رهبانيت وارن جو اهو رد عمل رهيو ته غسل ڪرڻ هڪ قسم جو گناهه آهي، وارن ۾ جڏهن جوؤن پئجي وينديون هيون ته انهن کي خدا جو روحاني موتي چيو ويندو هيو، جن سان راهب جو پهراڻ جَڙجي ويندو هيو. ترڪِ دنيا ۽ بدن جي تخريب جا منظر اڃا تائين به ڪن ساڌن ۾ نظر ايندا آهن، قديم زماني ۾ اهي وڌي شدت سان موجود هيا، مهاتما ٻڌ جي سوانح ۾ لکيل آهي ته: ” اهو به غلط روايتن ۽ شعائر جي اثر ۾ اچي ڳچ عرصو، بدن جي تخريب ۽ آزاريءَ ۾ مصروف رهيو، پر حقيقت کلي پوڻ تي ان کي گمراهي قرار ڏنائين...“
    اسلام ، رهبانيت کي مذهب ۽ انساني زندگيءَ مان خارج ڪري ڇڏيو، توڙي جو غير اسلامي اثرن جي ڪري ڪن سَڌڙين صوفين ان کي اپنايو به، پر اسلام ، بار بار چوي ٿو ته عام انساني ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ دل کولي خرچ ڪريو ته وڏي سعادت جي ڳالهه آهي، پر ان مان لازم اچي ٿو ته پهريان ، جدوجهد جي ذريعي زندگيءَ جا اسباب حاصل ڪريو ۽ ايڏا ته ججها حاصل ڪريو جو ٻين انسانن کي به ان مان فائدو پهچي ، تنهنڪري جيڪڏهن فقر جو اهو مطلب هجي ته ماڻهوءَ وٽ پنهنجي لاءِ ئي سامان نه هجي ته اهڙ و فقر خيرات ڇا ڪندو ، اهو ته پاڻ ئي محتاج ۽ مسڪين هوندو ، پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته:
    اَلفَقر سَوَ ادالوجه في الدارين۔
    (مفلسيءَ سان ٻنهي جهانن ۾ منهن ڪارو ٿيندو آهي.)
    ۽ پوءِ ان جي تشريح هنيئن فرمايائون ته:
    کَادالفقر ان یکون کفرّا۔
    (مفلسي، انسان کي ڪفر ڏانهن ويجهو ڪندي رهندي آهي.)
    مفلس لاءِ ايمان جي سلامتي مشڪل بڻجي ويندي آهي، جيڪو شخص همت ڪري ڪمائيندو نه ته ، لازمي طور تي پنهنجي خود داري وڃائي گداگريءَ تي لهي ايندو ۽ عجيب وغريب چڪر هلائي ٻين جي آڏو هٿ ٽنگيندو وتندو. جنهن فقر جي پاڻ سڳورن تعريف ڪئي آهي ته: الفقر فخري ”فقر منهنجي لاءِ قابل فخر آهي“ ته اهو هڪ نهايت ئي بلند انداز زندگي آهي، اهو فقر دراصل زندگيءَ ۾ ارادي سان اختيار ڪيل سادگي آهي، اهو فقر، زندگيءَ جا فرض پورا ڪندي مادي نفعي ۽ نقصان کان بي نيازي حاصل ڪرڻ آهي. فقر ان اخلاق جو نالو آهي ته جڏهن عام خلق جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون هجن ته ڪو صاحبِ دل انسان پاڻ وٽ عياشيءَ جي سامان جا ڍير نه لڳائيندو رهي.
    7) قرآن مادي دنيا ۽ جسماني زندگيءَ کي سمورن الزامن کان پري ڪري ڇڏيو ۽ اها تعليم ڏني ته مختلف دنيائن، زمين ۽ آسمان، بناتات ۽ جمادات، حيوان ۽ انسان ۾ جيڪا ورڇ آهي اُها درجي بندي جي قانون پٽاندڙ آهي. فَضَّلْنَا بَعْضَہُمْ عَلٰی بَعْضٍ (ترجمو: يعني مراتب جي درجيبندي ٿيل آهي) پر انهن وچ ۾ ڪي اڻ کٽ وڇوٽيون ڪو نه آهن. زندگي ۽ ڪائنات سڄو هڪ مسلسل وجود آهي جنهن ۾ درجا ته آهن پر ڪٿي به ويڇا ۽ خال ڪو نه آهن. هيٺان کان مٿي تائين مسلسل وجود جون ڪڙيون زندگيءَ جي هڪ اڻ کٽ سلسلي ۾ ڳنڍيل آهن. جهڙيءَ ريت سڀني موجودات جو خالق آهي جنهن جي ذات ۾ ڪو تضاد ڪونهي. اهڙيءَ ريت موجودات ۾ به سهڪار ۽ هم آهنگي آهي، اختلاف ڪونهي. اسلام فقط خدا جي ئي وحدت (هڪجهڙائي) جو قائل ڪونهي پر ان جي پيدا ڪيل موجودات جي وحدت جي پڻ تعليم ڏئي ٿو. دنيا جي ڪنهن پهلوءَ کي حقارت جي نظر سان نه ڏٺو وڃي، ڇاڪاڻ ته رب فقط ڪنهن هڪ جو رب ڪونهي پر رب العالمين آهي.
    اسلام جي تعليم اها آهي ته رزق، زمين تي ڳوليو به ۽ ان مان پيدا به ڪريو، پر ظلم جي ذريعي نه! جيئن سرمائيدار ۽ زميندار ڪن ٿا. رزق خوب ڪمايو پر انصاف ۽ ٻاجهه سان. توهان جيترا با صلاحيت آهيو ۽ وڌ کان وڌ رزق حاصل ڪريو ٿا اوتري ئي سخاوت سان اهو انسانيت لاءِ ڦهلائي به ڇڏيو ۽ خزاني جي مٿان نانگ نه بڻجو. اسلام جي اهڙي تعليم جو اثر اهو ٿيو جو صدين تائين، مسلمان پنهنجين هم عصر قومن کان وڌيڪ خوش پوش هيا، سهڻين جاين ۾ رهندا هيا، سهڻيون سواريون رکندا هيا. هڪ حديث پاڪ ۾ آهي ته: ”ڪشادو گهر ۽ تيز سواري ، خدا جي خاص نعمتن منجهان آهي، جنهن کي حاصل هجن سو وڏو خوش نصيب آهي.“
    هڪ مغربي مصنف لکيو آهي ته: ”ٻارهين تيرهين صديءَ تائين صورتحال اها هئي جو اسلامي ملڪن ۾ وچولي طبقي جو مسلمان، رهائش ۽ پوشاڪ ۾ يورپ جي شهزادن کان به وڌيڪ بهتر هيو. اهو لکي ٿو ته جلدي جلدي ڪپڙن مٽائڻ جو رواج يورپ جي اعليٰ طبقن ۾ به نه هيو ۽ وهنجندا ته ڪو وِرلي هيا. باغبانيءَ جو فن، مسلمان، مغرب ۾ کڻي ويا ۽ يورپ ۾ اعليٰ درجي جا ميوا مسلمانن جي ذريعي اتي پهتا ، مسلمانن ۾ هر دولتمند هڪ سهڻو باغ پوکڻ تهذيب جو لازمي حصو سمجهندو هيو. مسلمانن، تعمير جي فن ۾ جيڪي نمايان ڪم ڪيا، انهن منجهان کوڙ ته اڃا به پنهنجي شان ۽ وقار سان موجود آهن- جيڪي فن جي ماهرن کان خراج تحسين وصول ڪري چڪا آهن ۽ ڏسندڙن لاءِ فردوس بڻيل آهن.
    مسلمانن جي ترقي، محض اخلاقي ۽ علمي ترقي نه هئي، بهتر اخلاق ۽ بهتر عمل سان مادي زندگيءَ کي به ترقي ملندي آهي، ايمانداريءَ سان صنعت ۽ تجارت ۾ به ترقي ٿيندي آهي.
    مسلمانن، اڳوڻين قومن جون صفتون حاصل ڪيون ۽ پوءِ پنهنجين جدتن سان انهن کي چار چنڊ لڳايائون. چمڙي جي اعليٰ قسم جي رڱائي مسلمانن، يورپ وارن کي سيکاري، اڃا تائين چمڙي جي هڪ اعليٰ ۽ نرم قسم کي مراڪشي چمڙو سڏجي ٿو. ڪاغذ، مسلمانن جي ذريعي يورپ ۾ پهتو، هينئر مغرب جا مؤرخ به ان ڳالهه جو اقرار ڪن ٿا ته تجرباتي سائنس جي ابتدا مسلمانن ڪئي جنهن پاسي کان يوناني حڪمت بنهه غافل هئي، يورپ جي نشاةِ ثانيه مسلمانن جي طفيل آهي.
    جنهن بابت اقبال فرمايو آهي ته:
    بجھ کے شمع ملت بیضا پریشان کر گئی،
    اور دیا تہذیب حاضر کافروزان کر گئی،
    دور گردوں میں نمونے سیکڑوں تہذیب کے،
    پل کے نکلی مادر ایام کی آغوش سے۔
    هاڻي سوال اڀرندو ته مسلمانن جي ترقيءَ جا داستان اکين تي ! پر هاڻي ڪهڙي بلا کاڌو اٿن جو ڏينهون ڏينهن تنزل ۽ تباهيءَ ڏانهن ڌڪجي هڪ ٻئي جا گريبان ڦاڙي ۽ ڄُنڊا پٽي رهيا آهن ؟
    مغربي قومن ۾ صدين جي ماٺار کان پوءِ لاڳيتي حرڪت پيدا ٿيندي رهي ۽ مسلمانن ۾ سموري چرپر ماٺي ٿي وئي، اسان جي زندگيءَ جو درياهه ويران ٿي ويو ۽ هُتي ساحل، وڌندڙ ٻوڏن جي آغوش ۾ هلندا ويا.
    تاريخ جي فلسفي جو هڪ محقق لکي ٿو ته قومون، هڪ ئي انداز تي زندگي گهاريندي ۽ پنهنجي خاص فڪر ۽ جذبي سان تهذيب ۽ تمدن جو هڪ ڍانچو ٺاهيندي ڇهه سؤ ورهين جي عرصي ۾ ٿڪجي پونديون آهن. زندگيءَ جي انداز جا ڪجهه ليڪا ٺهي پوندا آهن ۽ زندگي انهن ليڪن کان ٻاهر نه ٿي سگهندي آهي. ان کانپوءِ انقلاب جي ضرورت هوندي آهي جيڪو پراڻن سمورن ڍ انچن کي ڪيرائي نيون عمارتون اڏيندڙ هجي.
    ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته تاتاري ڪاهه کان پوءِ مسلمانن جي تهذيبي، تمدني ۽ علمي ۽ فني ترقي رڪجي وئي. انهن جا ڪتب خانه ۽ درسگاهون، باهه ۾ ساڙيا ويا ۽ سندن عالمن کي نابود ڪيو ويو، ان کان پوءِ ترڪن مسلمان بڻجي سياسي طاقت ته حاصل ڪئي پر علم ۾ اضافو نه ڪري سگهيا، ٻيون قومون پنهنجي عملي ميدان ۾ مسلمانن کان وڌيڪ اسلامي زاويئه نظر پيدا ڪنديون ويون ۽ قرآن جي اصول مطابق ڌرتيءَ جون وارث بڻجي ويون ، هاڻي صورتحال اها آهي جو مسلمانن کي اسلامي تعليم جي عملي صورت به ٻين کان سکڻي پوي ٿي. قرآن ته فرمائي ڇڏيو هيو ته:
    وَ تِلۡکَ الۡاَیَّامُ نُدَاوِلُہَا بَیۡنَ النَّاسِ۔ (اٰل عمرٰن 130)
    (اهي ڏينهن آهن، جيڪي اسين ماڻهن جي درميان ڦيرائيندا رهندا آهيون.)
    خدا وٽ به قوم ، ابدي ۽ ازلي طور تي، محض لفظن ۽ عقيدن کي دهرائڻ سان ڪو لاڏلي ۽ نجات ماڻيل ٿي نه ٿي سگهي. اسلام کي قائم ڪرڻ وارا اهي هئا جن بابت فرمايو: کنتم خيرامته اخرجته للناس هاڻي مسلمانن سمجهي ورتو آهي ته هُو خيرامته ۾ شامل آهن پوءِ ڀلي سندن اعمال خيرامته وارا نه به هجن. اها خود فريبي آهي. اسلام همه گير ترقي چاهي ٿو ۽ مادي ترقي به ان ئي همه گير ترقيءَ جو هڪ لازمي پهلو آهي ، باقي رهي اسلاف جي انمول داستانن جي ڳالهه ته اقبال ويچارو ته اڳ ۾ رڙيون ڪري ويو آهي ته:
    وہ تو تھے تیری آباؤاجداد لیکن تم کیا ہو؟
    ہاتھ پہ ہاتھ دھرے بیٹھے ہو اور منتظر فردا ہو!


    اسلام جو سياسي ۽ معاشي تصور

    8) جنهن شخص وٽ جائز طور تي مادي اسباب موجود هجن اهو دين ۽ اخلاق جي معاملي ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ سولائيءَ سان فرض انجام ڏئي انساني همدرديءَ جو ثبوت پيش ڪري سگهي ٿو. هڪ غريب مومن رسول ڪريمﷺ سان شڪايت ۽ ڪي قدر ڏک وچان چيو ته غني (مالدار) ماڻهو خيرات ڪندا ۽ ثواب ڪمائيندا آهن، اسين غريب ايئن نٿا ڪري سگهون تنهن ڪري نقصان ۾ رهون ٿا. نبي ڪريمﷺ جن کيس تسلي ڏيندي فرمايو ته توهان ان صدقي بدران عبادت وڌيڪ ڪندا ڪريو. وري سوال ڪندڙ چيو ته ڪي امير اهڙا آهن جيڪي خيرات به ڪن ٿا ۽ عبادت به ڪن ٿا. اهي ته پوءِ به اسان کان اڳتي رهندا. رسول ڪريمﷺ فرمايو ته پوءِ اهو الله جو فضل آهي يعني اهڙي صورت ۾ مساوات جي ٻي ڪهڙي رٿ ڏئي سگهان ٿو.
    هڪ مهربان ، علمِ ڪل ۽ مطلق طاقتور هستيءَ جي تخليق ڪيل هي ڪائنات، اخلاق کان وانجهي ناهي. بلڪه اها قطعّا خير خوبي آهي. اهڙي طرح روح ۽ جسم جي درميان يا دنيا ۽ آخرت ۾ ڪو به تضاد ڪونهي. ڇاڪاڻ ته خدا هڪ آهي تنهنڪري جمله موجودات هڪ ٻئي سان مربوط آهن . مسلمانن کي جهڙي طرح آخرت جي دنيا جي ڀلائي ۽ خوشحالي ماڻڻ جي تلقين ڪيل آهي اهڙي طرح ان خوشحالي کان اڳ هن دنيا جي خوشحاليءَ لاءِ دعا جو حڪم آهي:
    رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنۡیَا حَسَنَۃً۔ (البقرۃ 201)
    (اي اسان پالڻهار ! اسان کي دنيا ۾ خوشگوار زندگي عطا ڪر.)
    اخلاقي علت ۽ معلول هن دنيا وانگر آخرت ۾ به پنهنجا اثرات جاري رکندا. مادي پرست نقطه نظر مطابق صرف دولت جي پيداوار جا طريقا ئي اخلاقي، مذهبي ۽ تهذيبي اقدار پيدا ڪندا آهن. تاريخ جي قرآني تشريح بنهه ان اصول جي برعڪس آهي، قرآن دعويٰ سان چوي ٿو ته : قومن جو عروج ۽ زوال قوم جي عقيدن ۽ سيرتن ۾ تبديلين سان ٿيندو آهي، ۽ اسلام اهو به يقين رکي ٿو ته بصيرت کان محروميءَ جي ڪري ئي قومون تباهه ٿينديون آهن. انقلاب ، تيستائين ڪنهن قوم ۾ واقع نه ٿو ٿي سگهي جيستائين ان قوم جي اخلاقي ۽ ذهني زاوين ۾ تبديلي نه ايندي:
    اِنَّ اللّٰہَ لَا یُغَیِّرُ مَا بِقَوۡمٍ حَتّٰی یُغَیِّرُوۡا مَا بِاَنۡفُسِہِمۡ۔ (الرعد 11)
    (خدا، تيستائين ڪنهن به قوم جي تقدير ناهي بدلائيندو جيستائين قوم جا پنهنجا انداز نه بدلبا آهن.)
    قرآن، مادي طور تي خوشحال قومن جا مثال پيش ڪري ٿو جيڪي ماده پرستانه تنگ نظريءَ جي ڪري تباهه ٿي ويون، اخلاقي قانونن جي ابدي حقيقتن تي ايمان نه آڻڻ جي ڪري اهي قومون خود غرض ۽ ظالم بڻجي ويون. کين سڌرڻ لاءِ وڏيون مهلتون ڏنيون ويون پر جڏهن انهن خدا جي نشانين جي پرواهه نه ڪئي ته سزا جو ڏينهن مٿن اچي ڪڙڪيو ۽ اهي تباهه ٿي ويون. خدا ، خير ۽ شر جو ميزان کڙو ڪيو آهي، اهو ميزان ايترو ته حساس آهي جو هر ذري جو ان ۾ وزن ڪيو ويندو آهي ۽ جنهن جو نتيجو پنهنجي وقت تي ضرور ظاهر ٿيندو آهي.
    اسلام هڪ اجتماعي ۽ سياسي مذهب آهي ۽ ان جي سموري آئين ۽ دستور جو تعلق معاشرتي عدل ۽ معاشرتي اتحاد سان آهي. اهو هڪ طاقتور مملڪت جي تعمير جي ضرورت محسوس ڪري ٿو، جيڪا قومن جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري، حمله آورن کان ان جي حفاظت ڪري ۽ طاقتور جي ظلمن ۽ زيادتين کان ڪمزور کي پناهه ڏياري. مملڪت جي حڪمرانن جي غير مشروط اطاعت واجب ناهي، قانون ۽ نظم وضبط خاطر بالادستن جي اطاعت جي تعليم ضرور ڏني ويندي آهي پر اها اطاعت هميشه احڪامات جي اخلاقي هجڻ سان مشروط آهي:
    لاطاعته للمخلوق في معصيۃ الخالق.
    (خلقڻهار جي نافرماني ڪري مخلوق جي اطاعت ناهي ڪرڻي.)
    مٿئين حديث، اسلام جو بنيادي اصول آهي. حڪومت جي سربراهه تائين جي عملن ۽ احڪامات تي هڪ مملڪت جو هڪ غريب ترين باشندو به سرعام تنقيد ڪري سگهي ٿو. اسلام جي قانون جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن، خود پاڻ سڳورن، ماڻهن کي فرمايو ته ”جيڪڏهن توهين اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪنهن کي نقصان پهچايو آهي ته اهو پنهنجي انتقام جو حق خود پنهنجي خلاف استعمال ڪري سگهي ٿو. فاروق اعظم ؐ ۽ حضرت علي ؐ ڪيترائي ڀيرا بنا ڪنهن هٻڪ ۽ رعايت جي انصاف خاطر عدالت ۾ مدعي ۽ مدعيٰ عليه جي حيثيت ۾ حاضر ٿي چڪا آهن.
    اسلام، شوريٰ جي ذريعي حڪومت جي تعليم ٿو ڏئي، پاڻ سڳورا تقريباّ روزانه حڪومتي معاملات ۾ پنهنجن ساٿين سان مشورو فرمائيندا هيا. قرآن ۾ مسلمانن کي ”امت وسطيٰ“ جو خطاب ڏنو ويو آهي، جيڪي انتهائن ۾ هميشه خيرالامور اوسطها تي عمل ڪندا آهن. اهو اصول يونانين جي نظريئه حيات سان ٺهڪندڙ آهي، جن جو چوڻ هيو ته: ”زيادتيءَ ۾ ڪجهه به ناهي“ خيرالامور اوسطها جو اصول ارسطوءَ جي اخلاقيات ۾ محوري نقطي جي حيثيت رکي ٿو، اسلام جي اها خاصيت ان جي سموري تعليمات تي عملي طور جاري آهي. اسلام جي سموري اخلاقيات، اصل ۾ عملي اخلاقيات آهي. جنهن ”رينان“ جهڙي ڏاهي کي اهو چوڻ تي مجبور ڪيو ته اسلام انسانيت جو مذهب آهي، اهو فرشتن لاءِ ناهي. هر حڪم ۾ انسان جي بنيادي قوت کي ان جي سمورين جبلتن ۽ خواهشن سميت ملحوظ رکيو ويو آهي. وجدان ۽ جذبا زندگيءَ واسطي بطور وسيلن جي آهن، اهي نظم ۽ ضبط پيدا ڪرڻ لاءِ آهن فنا ڪرڻ لاءِ ناهن. پاڻ سڳورن جي هڪ صحابيءَ پنهنجي رنج ۽ غم واري ڪيفيت بابت هينئن اظهارِ افسوس ڪيو ته:
    ”جڏهن مان توهان جي صحبت ۾ هوندو آهيان ته منهنجي اخلاقي ڪيفيت نهايت بلند ۽ برتر هوندي آهي، بلند خيالات ۽ معيار منهنجي شعور ۾ رچي پوندا آهن ، پر جڏهن مان توهان کان دور رهندو آهيان ته منهنجي اخلاقي سطح هڪدم پست ٿي ويندي آهي، تڏهن مون کي پنهنجي حالت تي ڪيڏو نه افسوس ٿيندو آهي..!“ اهو ٻڌي پاڻ سڳورن فرمايو: ”تون انسان آهين فرشتو ناهين، جيڪڏهن خدا چاهي ها ته دنيا کي اهڙين هستين سان آباد ڪري ڇڏي ها جيڪي اخلاقي ڪشمڪش کان آزاد هجن ته هو ملائڪن کي هتي وسائي ها، پر هن ايئن نه ڪيو، تنهنجو اخلاقي پئمانو ۽ هي بلندي ۽ سطحيت جو احساس ايمان جي علامت آهي... اهو ٻڌي ڪري صحابي سڳورو مطمئن ٿي ويو.
    9) اها ڳالهه ڀليءَ ڀت معلوم ۽ مشهور آهي ته اسلام رڳو ڪو مابعدالطبيعي عقيدو ڪونهي، پر اهو زندگيءَ جو اهڙو مڪمل نظام ۽ جامع تصور آهي جيڪو هڪ منطقي ڳانڍاپو رکي ٿو. اسان ان جي نظرين جو هڪ مختصر خاڪو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
    اسان ڏسنداسين ته اهو هر وڏي منصوبي جي ڪجهه جزن سان ته اتفاق ڪري ٿو ۽ ڪن ٻين حصن کي رد ڪري ٿو. هر منصوبي جو اهڙيءَ ريت مختصر بيان اهو ظاهر ڪري ٿو ته ڪا اهڙي اهم خرابي يا ته ان جي بنياد ۾ ئي موجود آهي يا اُهي نتيجا جيڪي اڻ ٽر طور تي ان مان رونما ٿين ٿا اهي ان کي بگاڙي رهيا آهن.
    عدم مداخلت جي اصول تي ٻڌل سرمائيدارن رڳو آزادي ۽ مساوات جي پرچار ڪئي، پر رياست جياپي جي جدوجهد ۾ غير جانبدار رهي، ان ڳالهه جو تدارڪ نه ڪري سگهي ته ظلم تي ٻڌل عدم مساوات پيدا نٿي ٿي سگهي. معاشري کي جاگير ۽ شخصي حڪومتن جي ظلم ۽ زيادتيءَ کان آزادي ڏياري هن هڪ قسم جي زرخريد غلاميءَ کي وڌايو. آزادانه معاهدي ۽ آزاد راءِ جو حق اجايو ثابت ٿيو. سياسي عموميت معاشي غلاميءَ سان گڏجي وئي. انگلستان ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ سرمائيدارانه جماعت انهن خرابين کي هوريان هوريان دور ڪرڻ جون اهڙيون ڪوششون جيڪي ڇڙواڳ سرمائيداريءَ جي صورت ۾ظاهر ٿينديون آهن، پر جيڪي ڏکيايون ۽ ان نظام جي مزاج مان رونما ٿين ٿيون اهي معاشرتي انتشار ۽ مونجهارو پيدا ڪنديون آهن.
    اسلام آزادي، ڀائپي ۽ مساوات تي ٻڌل آهي ۽ ان جو فلسفياڻو نقطهءِ نظر وحدت انسانيت تي آهي. زندگيءَ جي سڄي فلسفي ۽ وجود سان لاڳاپيل بنيادي انداز زبردست عملي نتيجا رکن ٿا. رڳو مادي پرستي ۽ دهريت تي ٻڌل اڄوڪي دور جي معاشي فلسفن جي ڀيٽ ۾ اسلام اهو عقيدو رکي ٿو ته زندگي هڪ روحاني ماخذ، هڪ روحاني پسمنظر، هڪ روحاني نظريو ۽ مقصد رکي ٿي. ڪائنات انڌين مڪاني قوتن وسيلي نٿي هلي ۽ نه ئي اها مادي پرستانه جدليات جي تابع آهي. زندگي هڪ مادي بنياد پڻ رکي ٿي ۽ ان جي ان حيثيت کي اسلام نظرانداز نٿو ڪري. اها ان حقيقت کان باخبر آهي ته انسان کي روحاني طور تي آزاد رکڻ خاطر ان کي مادي خوشحاليءَ جو يقين ڏياريو وڃي.
    مغرب انساني اصلاح ۽ ترقيءَ لاءِ ڪي عظيم پروگرام به انسانيت کي ڏنا آهن پر مجموعي طور تي انهن ۾ افراط تفريط ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهن ۾ جزوي صداقتن سان گڏ ٽڪسازي ۽ ڪجهه غير ضروري وڌاءُ به نظر اچي ٿو. مثلاً سياسي زندگيءَ اندر مغرب، شهري حقن ۾ عوام جي مساوات جي اسلامي حڪم کي تسليم ته ڪيو پئي پر اها عوام کي اڪثريت ۽ اقليت ۾ تقسيم ڪرڻ کي ضروري ۽ مخالف جماعتن جي وجود کي لازمي سمجهي ٿي، جنهن جو لازمي نتيجو حڪومتي معاملن ۾ هر شيءِ جي مخالفت ڪرڻ ۽ اقتداري پارٽيءَ کي آخرڪار ٽپڙ ويڙهائڻ هوندو آهي. ٻئي پاسي وري سوشلسٽن ۽ فاشسٽن ٻنهي انتخابي پارٽين جي طريقي کي ڇڏي صرف ۽ صرف هڪ آمر جماعت قائم ڪئي جيڪا افراد ياجماعتن جي ڪنهن به مخالفت کي برداشت نه ڪري سگهندي آهي. اسلام جو سڄو رجحان انهن ٻنهي صورتن جي خلاف آهي. هڪ جماعت جي حڪومت ، عوام جي آزاد احساسن جو اظهار سلب ڪري ڇڏيندي آهي، ان حڪومت ۾ فرد لاءِ ڪا به آزادي ناهي رهندي. فرد کي ياته جماعت جي احڪامات جي پابندي ڪرڻي پوندي آهي يا پنهنجن ضروري حقن تان دستبردار ٿيڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح حريت پسند عوامي جماعت پاران سياسي اقتدار جي جدوجهد ۾ صداقت ۽ عام خوش حالي برطرف ٿي ويندي يا وري نهايت ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندي آهي، هر پارليامينٽ ۾ قوم جي نمائندن جي گروهه بندي هوندي آهي جنهن ۾ هڪ آزاد انسان پابند بڻجي ويندو آهي، ان طريقي ۾ هڪ آزاد خيال انسان جيڪڏهن ڪڏهن چونڊجي به وڃي ته نڪمو سمجهيو ويندو آهي، ڇو جو ڪا به پارٽي ان تي اعتماد ناهي ڪندي.
    سچي اسلامي مجلسِ شوريٰ ۾، جيڪا حضرت عمر ؐ اڪثر طلب فرمائيندو هيو، سمجهدار ۽ باڪردار انسان ڪنهن آمراڻي طريقي کي تشڪيل ڏيڻ کانسواءِ يا ان کي اڪثريت ۽ اقليت ۾ تقسيم ڪرڻ کان سواءِ ئي، هڪ ٻئي سان گڏ هوندا هيا. جيڪڏهن ڪا اسلامي مملڪت، مجلسن يا مشاورتي پارٽين کي مخصوص يا عام مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ته هر رڪن هڪ آزاد رڪن هجڻ گهرجي، جيڪو خاص علائقن يا خاص مفادن جي نمائندگي ڪري، جيڪو ڪنهن گروهي يا نسلي بنياد تي نه چونڊيل هجي، ان جي چونڊ صرف ان جي علم ۽ قابليت جي بنياد تي ٿي هجي.
    10) اڄ انساني سڌاري ۽ ترقي بابت ڪجهه مفڪرن ۽ اڳواڻن جيڪي نظريا ۽ پروگرام پيش ڪيا آهن. انهن جا اهم جزا اسلام جو اڻ ٽٽ حصو آهن. سڀني انسانن کي هڪ جيترا موقعا ملڻ ۽ قانون جي نظر۾ سڀني جي هڪ هجڻ جي تعليم اسلام ڏني آهي. مغربي دنيا جي خيال ۾ به اچڻ کان اڳ اسلام سڀني علمن جي آزاديءَ سان گڏوگڏ راءِ جي اظهار ۽ ضمير جي آزاديءَ جي تعليم ڏني هئي. دين ۾ ڪو به جبر ۽ ڏاڍ ڪونهي اهو نڪتو اسلام جي بنيادي اصولن مان هڪ آهي.
    قرآن، پنهنجي سياسي تعليم جي ذريعي هڪ حقيقي ۽ مؤثر قومن جي پارٽيءَ جي بنياد وجهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ۾ ”جيڪڏهن ٻه گروهي يا نسلي پارٽيون پنهنجي ڪنهن اهم حق لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳن ته غير جانبدار ۽ منصفاڻي طريقي تي ان جهيڙي جي ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، فيصلو اچڻ تي جهيڙيندڙ پارٽين تي ان فيصلي جي پابندي لازم هوندي. جيڪڏهن ڪا پارٽي، ڪن لاٽار ڪري ۽ عوام جي مفاد ۾ طئه ٿيل فيصلي جي مطابق عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ته طاقت جي ذريعي ان کي مڃرائڻ گهرجي.

    فلاحي مملڪت:

    جديد حڪومتن هڪ درجي به درجي فلاحي مملڪت جو تصور پيش ڪيو آهي، پر هڪ تاريخدان لاءِ هن ڳالهه جو انڪار بيحد مشڪل هوندو ته انهيءَ فلاحي مملڪت جو سڀ کان اڳ ۾ بنياد وجهندڙ حضرت محمد ڪريمﷺ جي ذات هئي. پوءِ خلفاءِ راشدين ان تسلسل کي قائم رکيو ۽ جڏهن ملوڪيت جو عروج ٿيو ته اهي فلاحي مملڪت جا تصور مسلمانن وٽان ڌنڌلائبا ويا. پر مغرب جو جڏهن اڀار ٿيو ته ان وقت به جڏهن برطانيا پنهنجي سياسي ادارن کي ترقي ڏني هئي ۽ پارليامينٽ به وجود ۾ آيل هئي ته ان وقت به انهن جو وڏو فلسفي هربرٽ اسپينسر اهڙي مملڪت جو تصور پيش ڪري رهيو هو جيڪا ماڻهن جي معاشي حقن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪري سگهي. مملڪت صرف ٽيڪس انهيءَ لاءِ وٺي ته اها قتل، ذاتي نقصان ۽ چوري ٺڳيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري. باقي معاشي مسئلن کي طلب ۽ رسد جي قانونن حوالي ڪري ڇڏجي. اهڙي طرح آدم اسمٿ جيڪو معاشيات جو باني سڏيو وڃي ٿو‏، حڪومت جي عمل کي صرف ٽن شين تائين محدود ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته فطري آزاديءَ جي اصول موجب بادشاهه کي صرف ۽ صرف ٽي فرض ئي نڀائڻا هوندا آهن ۽ اهي حقيقي اهميت رکندڙ جيڪي بنهه سادا ۽ عام فهم هيٺين ريت آهن.

    * معاشري کي ، ٻين آزاد معاشرن جي تشدد ۽ حملن کان محفوظ رکڻ.
    * سوسائٽيءَ جي هر ماڻهوءَ جي، اتان جي ٻين ماڻهن جي ظلم ۽ زيادتيءَ کان حتي الامڪان حفاظت ڪرڻ.
    * اهڙيون تعميرات ۽ اهڙا ادارا قائم ڪرڻ جن جو قيام ۽ برقراري ڪنهن هڪ يا ڪجهه فردن جي ٿوري تعداد جي مفاد لاءِ نه هجي.
    مملڪت جا اهي محدود فرض، سيٺين ۽ سرمائيدارن کي فائدو ماڻڻ لاءِ آزاديون عطاڪن ٿا، ۽ دولت جي غلط تقسيم معاشري کي ٻن ٽڪرائجندڙ ٽولن ۾ ورهائي ڇڏي ٿي. مملڪت جي پاران ڪو علاج تجويز ٿيڻ کان پهريان مالدارن ۽ نادارن جي وچ ۾ وڏو خال پئجي وڃي ٿو، مزدورن جي هڙتالن جي خلاف حڪومت، پوليس جو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي ٿي، آهستي آهستي سياستدان ۽ انسان دوست مفڪر، مملڪت جي فرضن ۾ وسعت جي تحريڪ شروع ڪري ڏيندا آهن.
    پهريون علاج ، معاشرتي عدم مساوات کي جزوي طور تي هموار ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جو سڌريل نظام هيو، جنهن سان مملڪت فلاح ڪرڻ جي لائق بڻجي سگهي. ان ڏس ۾ يورپ جي ڪيترن ملڪن پنهنجي عمل جي دائري کي وسيع ڪرڻ شروع ڪيو. رهائش، بي روزگاريءَ جو الاؤنس ۽ بيماريءَ جو الاؤنس، پوڙهپ جو الاؤنس ۽ ٻيون همدردانه تدبيرون آهستي آهستي تجويز ڪيون ويون ۽ ڪن ملڪن، اهي تجويزون هڪ حد تائين اختيار به ڪيون. اهڙارجحان، ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته دنيا ڪيئن نه آزمائش جي ڊگهي عمل مان گذري درجيوار پاڻ سڳورن پاران ڏنل مملڪتي تصور جي مقبوليت ۽ صداقت کي پسڻ لاءِ ويجهو اچي رهي آهي.
    وياج بابت اسلام جو نقطئه نگاهه بلڪل واضح آهي، پاڻ سڳورن جو ان ڳالهه تي زور هيو ته سمورن معاشي معاملن ۾ وياج کي بنهه ختم ڪرائي ڇڏڻ گهرجي، هن وقت مغرب جا وڏا وڏا معاشي ماهر، ڪجهه ججهڪندي ان نظريي کي ويجهو پيا ايندا وڃن ته: ”بئنڪاري نظام کي قومي بڻايو وڃي ۽ وياج تي قابو پائجي.“ مغرب جي معاشي ماهر ڪينس مملڪت کي اها نصيحت ڪئي آهي ته: هو ان ڏس ۾ اخلاقي ۽ مذهبي حدون عائد ڪن.
    11) پر هينئر به ڪجهه معاشي ماهر اهو خيال ڪن ٿا ته وياج کي بلڪل ختم ڪرڻ ڪا به عمل جوڳي تجويز ناهي، پر ان تي رڳو ڪنٽرول ڪرڻ ۽ دولت جي پيداوار لاءِ ان کي هيٺئين سطح تي کڻي اچڻ کپي. اسلام مالڪ کي پيداوار ۾ مزدور سان گڏ حصيدار بڻجڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته جيئن سرمايو محنت جي پيداوار سان لاڳاپيل رهي ۽ واپار جي هيٺ مٿانهين ۾ ٻئي شريڪ رهن.
    اسلامي نظام ۾ سرمائي تي زڪواة لازم آهي. اسلام، دولت ڪمائڻ ۽ تجارت کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏئي ٿو پرجيڪڏهن ان ۾ غلط طريقن جو استعمال ڪيو ويندو ته ان جي رستا روڪ ڪئي ويندي. ناجائز طريقن سان ذخيرو ڪيل دولت حڪومت وصول ڪندي آهي ۽ اها اجتماعي ڪمن ۾ خاص ڪري غريب طبقن کي مدد ڏيڻ ۾ خرچ ڪندي آهي. فلاحي مملڪت کي انساني محنت ۽ قدرتي ذريعن مان نفعو ماڻي دولت پيدا ڪرڻ جي همت افزائي ڪرڻي پوندي آهي. پر ساڳئي وقت مملڪت کي ان ڳالهه کان به خبردار رهڻو پوندو آهي ته: دولت، جسم جي رڳن ۾ رت وانگر سموري اجتماعي صورتحال ۾ گردش ڪري رهي آهي يا نه؟ ڪٿي ايئن ته ناهي ته ڪنهن هڪ حصي ۾ ان جي بي جا فراواني آهي ۽ ڪنهن ٻئي حصي ۾ بنهه گهٽ آهي. قرآن خبردار ٿو ڪري ته:
    کيلايکون دولته بين الانغنياءِ منکم۔
    (خبردار ! دولت صرف مالدارن ۾ ئي گردش نه ڪندي رهي.)
    بنا محنت جي ڪمايل دولت گهڻو ڪري وياج ۽ واڌو ذخيره اندوزيءَ جي ڪري جمع ٿيندي رهندي آهي، اها، وراثت جي غير منصفاڻن قانونن يا ڪنهن هڪ کي سموري جائداد جي وصيت ڪرڻ سان به جمع ٿيندي آهي، حق ملڪيت ۽ ذاتي جائداد جي اصولن کي سامهون رکندي اسلام، هڪ پاسي دولت جي ناجائز ذخيره اندوزي ۽ ٻئي پاسي افلاس جي خلاف ضروري تحفظات فراهم ڪيا آهن، سمورن وڏن مذهبن لاڳيتو خيرات ڪندو رهڻ تي ڏاڍو زور ڏنو آهي ۽ ڪنجوس ۽ بي حس مالدارن کي ڏاڍو چٿيو اٿن، پر اهو اسلام ئي هيو، جنهن دولت جي منصفاڻي ورڇ جي مسئلي کي ڪاميابيءَ سان حل ڪرڻ جي عملي طور تي ڪوشش ڪئي آهي، انساني فطرت کي سامهون رکندي اسلام معلوم ڪري ورتو ته رڳو اخلاقي نصيحتن سان دال ڪا نه ڳرندي، جيستائين قوم جو معاشي نظام ضروري قانونن جي ذريعي نئين سر ترتيب نه ڏنو وڃي! رڳو مذهبي عقيدو ۽ ان جو زباني اقرار ناڪافي آهي، اسلام ۾ نيڪ ڪمن ۾ خيرات تي بنيادي نيڪيءَ طور زور ڏنو ويو آهي، وري خيرات جي تقسيم ارادي ۽ جبري صورتن ۾ ڪئي وئي آهي. پنهنجي خوشيءَ سان خيرات ڪندڙن بابت هيئن چيو ويو آهي،: سٺا ماڻهو، پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ڪا به شيءِ نه رکندا آهن، اهي ذخيره اندوزي ناهن ڪندا بلڪه پنهنجي واڌو دولت خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. زڪواة جنهن جي وصوليءَ جو ڪم حڪومت پاران ٿيندو آهي، هر قسم جي مصيبتن کان ڇوٽڪاري لاءِ آهي، اسلام جي اهم رڪنن منجهان اهو هڪ آهي، جنهن جو بيان قرآن ۾ گهڻو ڪري نماز سان گڏ ان تنبيهه سان ڪيو ويندو آهي ته انهن ماڻهن جو ن عبادتون جيڪي خيرات ناهن ڏيندا، خداجي حضور ۾ بي اثر ۽ ناقابل قبول آهن.
    پنهنجي چؤڌاري معاشي زندگيءَ تي نظر وجهندي پاڻ سڳورن به ڪيترن ئي موقعن تي ان ڳالهه جي وضاحت فرمائي ته ڪيتري مقدار کان وڌيڪ دولت واڌو شمار ڪئي وڃي ۽ ڪيتري حد تائين ان تي ٽيڪس لاڳو ڪجي؟! جيڪڏهن معاشري جي معاشي نظام ۾ بنيادي تبديليون واقع ٿين ته هميشه منصوبي جي تقاضا ۽ مقصد کي سامهون رکي ان جي جزئيات ۾ حالات جي مناسبت سان مطابقت ڏئي سگهجي ٿي، اسلام جي روءِ سان، ڪٺي ٿيل دولت ، اخلاقي ۽ معاشي نقصانن جو ڪارڻ هوندي آهي، ۽ اهڙي صورتحال، غريب، بي حال ۽ بي وس ماڻهن جا اخلاق بگاڙي ڇڏيندي آهي جنهن سان سمورو معاشرو ڊانواڊول ٿي ويندو آهي.
    زڪواة جي معنيٰ آهي: ”پاڪيزگي- واڌو يجهه – بخشش ۽ رحمت!“ جيڪا جماعت زڪواة جي پابندي ڪندي آهي اها پاڪ هوندي آهي۽ وڌندي ويجهندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته بنيادي خوشحالي اجتماعي صحتمنديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، معاشي زندگيءَ جي ڪارڪردگي ۽ ترقيءَ جو دارومدار ان تي آهي. اهو مسلمانن جي بيت المال جو محور آهي، پاڻ سڳورن کي امت جي مالداري ۽ افلاس ، ٻنهي بابت الڪو هيو، پاڻ ، غربت ۽ افلاس روڪڻ کي اسلام جي اهم مقصدن منجهان ڳڻايو اٿن، سادگي۽ وقار! سادگيءَ جي پاڻ سڳورن واکاڻ فرمائي آهي ۽ پاڻ ان تي عمل به ڪري ڏيکاريائون، پر افلاس بابت پاڻ دعا فرمايائون ته: ”ربّ ذوالجلال! افلاس انسانن کان دور رکجان.“
    لفقر سواد الوجه في الدارين۔
    (سڃائي/ افلاس ٻنهي جهانن ۾ منهن جي ڪاراڻ آهي.)
    افلاس جي ڪري، گهڻو ڪري ايمان تان به هٿ پٽڻا پوندا آهن، اهڙيءَ ريت بلڪه ان کان به وڌيڪ ، پاڻ سڳورا دولت جي فراوانيءَ کان به ڊنل هيا، اها روايت آهي ته پاڻ فرمايائون ته:
    ”مسلمانؤ ! مون کي توهان جي افلاس کان وڌيڪ توهان جي مالداريءَ کان خوف آهي.“
    جڏهن ايران فتح ٿيو ۽ مال غنيمت جي خزانن جا انبار، حضرت عمر ؐ جي آڏو لڳايا ويا ته حضرت عمر جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪنهن پڇيو ته ”اي اميرالمؤمنين! هي ته خوشيءَ جي ساعت آهي نه ڪي غم ڪرڻ جي ؟ ! ان تي حضرت عمر ؐ وراڻيو: ”مون کي الڪو آهي ته ڪٿي هي مال اسلام لاءِ خطرو نه ثابت ٿئي ! ... اهڙو خيال اسلام جي انهن مخالفن ۽ جاهل سڌڙين جي اکين پٽجڻ لاءِ ڪافي آهي، جن کي اهو چوندي شرم به نه ايندو آهي ته مسلمانن ۾ مالِ غنيمت جي لونجهه ئي جنگين جو ڪارڻ هوندي هئي!

    زڪواة بابت وڌيڪ وضاحت

    * پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته: صرف زڪواة جي نظام قائم ڪرڻ سان ئي توهان جي اسلام کي پناهه ملي سگهي ٿي، پنهنجي مال دولت مان زڪواة ادا ڪريو، زڪواة توهان کي پاڪ ۽ صاف بڻائيندي ۽ توهان کي انهن جا حق ادا ڪرڻ جي قابل بڻائيندي جيڪي توهان جا رشتيدار آهن. سائل، پاڙيسري ۽ مسڪينن جي حقن کان باخبر رهو ۽ فضول خرچيءَ ۾ نه ڦاسو!
    * جيڪا قوم، زڪواة کي ڇڏي ڏيندي آهي، اها ڏڪر ۽ تباهيءَ جي ور چڙهي ويندي آهي.
    * بنا زڪواة ادا ڪرڻ جي الله وٽ نه ڪي ايمان قبول آهي نه ڪي عبادت!
    ڪابه مملڪت تيستائين اسلامي مملڪت سڏائڻ جي حقدار ناهي جيستائين اها زڪواة جي احڪامات کان لاپرواهي ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اسلام جي روءِ سان مملڪت جو مقصد ، اجتماعي ترقي ۽ ڀلائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ اجتماعي ترقي، زڪواة کان سواءِ ناممڪن آهي، بشرطيڪه، انفرادي قانون سازيءَ جو حق ۽ ذاتي ملڪيت کي انفرادي آزاديءَ ۾ هڪ ضروري عنصر طور شامل ڪيو وڃي! پر جيڪڏهن اهو نظام ٽيڪس جي سڌارن کان سواءِ پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي ته ڪجهه ماڻهو يقيناّ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ اهو حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرڻ لڳندا ۽ ٻيا ماڻهو بي سهارا ڇڏي ڏنا ويندا جيڪي غربت ۾ لوڙيندا رهندا، تنهنڪري ٽيڪس جي طريقي ۽ دولت جي تقسيم تي حڪومت جو اختيار ۽ ڪنٽرول هجڻ گهرجي، اسلام جي سياسي ڪاميابيءَ کانپوءِ ڪجهه عرب قبيلا اسلامي مملڪت جي حلقي ۾ اسلام جي روح کي سمجهڻ کان سواءِ ئي تڪڙ تڪڙ ۾ داخل ٿيندا ويا. قرآن ۾ اهڙن ماڻهن بابت چيو ويو آهي ته جڏهن اهي اقرار ڪن ٿا ته انهن ايمان آندو آهي ته انهن کي چئو ته انهن صرف اسلام جي قوت جي آڏو پنهنجي اطاعت جو ڪنڌ نوايو آهي جڏهن ته ايمان هڪ قلبي اثر پذيريءَ جو معاملو آهي. پاڻ سڳورنﷺ جي وصال کان پوءِ اهڙن گهڻن قبيلن زڪواة ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ٽيڪس نه ادا ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڏني. پاڻ سڳورنﷺ جا جانشين حيران ٿيا ته اهڙن ماڻهن سان آخر ڇا ڪجي جيڪي مسلمان آهن، توحيد پرست به سڏجن ٿا ۽ نماز به ادا ڪن ٿا! سوخليفو ڪيئن ٿو اهڙن ماڻهن سان جنگ جوٽي سگهي ؟ شروع ۾ اهڙو خيال حضرت عمر جهڙي ارڏي ماڻهوءَ کي به آيو، پر ان ڏس ۾ پاڻ سڳورن جي خليفئه اول حضرت ابوبڪر ؐ اسلام تي هڪ صاف ۽ واضح مدبرانه نظر ٿي رکي. سندس خيال هيو ته: زڪواة جي عملي نظام کانسواءِ ايمان نامڪمل هجي ٿو. نمازون ته پڙهجن پر عوام جي ترقيءَ ۾ عملي طور حصو نه وٺجي ۽ ان لاءِ قرباني ۽ ايثار جو عملي جذبو نه رکجي سو حقيقت ۾ ايمان جي برعڪس عمل آهي بلڪه ايمان کان نسورو انڪار ڪرڻ برابر آهي. حضرت ابوبڪر فرمايو: ”آئون انهن سان جنگ جوٽيندس جيڪي زڪواة ادا ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا!“ حضرت عمر ؐ به سندس اعليٰ بصيرت ۽ اٽل فيصلي کي مڃيو ۽ زڪواة جي معاملي ۾ هڪ خونريز جنگ وڙهي وئي.
    نهايت افسوس جي ڳالهه آهي جو اڳتي هلي زڪواة جهڙي لازمي فرض کي جيڪو مملڪت لاءِ قوت جو سرچشمو هيو ۽ جنهن جي اڳاڙي ۽ تقسيم مملڪت جي ذريعي ٿيڻ گهرجي ها، سو عام اختياري بڻجي رهجي ويو ۽ زڪواة ادا ڪندڙن کي سندن ضمير ۽ ايمان تي ڇڏي ڏنو ويو.
    مغرب پاران معاشيات ۾ عدم مداخلت، معاشي توازن پيداڪرڻ لاءِ فردن جي روشن خيال خود مطلبيءَ تي اعتماد ڪيو ويو هيو ۽ هاڻي اها ڳالهه دنيا ڄاڻي ٿي ته اهڙي وجدان جي غلط مطالعي ڪهڙي افراتفري مچائي ڇڏي آهي! خود مطلبي اهڙي روشن خيال ثابت ٿي ئي نه ٿي سگهي جو اجتماعي ۽ انفرادي مفادات ڪنهن من جانب الله انتظام سان هڪ ٻئي جي موافق ٿي پون، مسلمان مملڪتن زڪواة جي معاملي ۾ جيڪو مسلمانن جي ايمان تي اعتماد ڪيو ته انهن به ساڳي وڏي غلطي ڪئي ، حڪومت جي اختيار ۽ ڪنٽرول مان نڪري واڌو سرمايو، بيت المال ۾ جمع نه ٿي سگهيو ۽ کوڙ سارا ترقيءَ جا منصوبا به انفرادي ضمير ۽ ايمان تي ڇڏيا ويا.
    اسلام، اپت ۽ دولت جي تقسيم جي انتظام جي ذميواري حڪومت تي عائد ڪئي هئي. قانون سازيءَ جو اهم مسئلو حڪومت جي مداخلت ۽ فرد جي آزاديءَ ٻنهي جون حدون مقرر ڪرڻ لاءِ آهي، اسلام ان مسئلي کي دل پذير ۽ آسان عملي طريقي سان حل ڪيو آهي، پر مسلم مملڪتن پاڻ ان تجويز جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.
    زڪواة هڪ ٽيڪس آهي جيڪا سرمايي تي عائد ٿيندي آهي. اها دولت کي انهن حصن ۾ گردش ڪرائيندي آهي جيڪي ان جا وڌيڪ ضرورتمند هوندا آهن. زڪواة مال ۾ عدم مداخلت جي اصول کي ٽوڙيندڙ آهي، ان ڪري مسلمان مفڪر، اخلاقي پاڪيزگي ۽ عام خوشحاليءَ لاءِ زڪواة جي اهميت کي تسليم ڪن ٿا. حضرت امام شاهه ولي الله هڪ ولي صفت مفڪر هيو فرمائي ٿو ته:
    ”اها حقيقت سمجهڻ ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ته زڪواة جو حڪم ٻن مقصدن جي تڪميل لاءِ ڏنو ويو آهي:
    * تاديبِ نفس (نفس جي تربيت)
    * بي سهارپ جي خاتمي لاءِ وسيلن جي فراهمي
    مال ۽ دولت ڪنجوسائپ- خود غرضي- هڪ ٻئي سان ساڙ- نفرت ۽ اخلاقي ڏيوالپڻو پيدا ڪندي آهي، انهن خباثتن جو بهترين علاج مال ۽ سامان کي سخاوت سان ورڇڻ ۽ ونڊڻ ۾ آهي، سخاوت سان ڪنجوسائپ جي پاڙ پٽبي ۽ خود غرضيءَ جو علاج ٿيندو آهي، اها معاشي خالن کي ڀريندي ۽ رفاقت ۽ سهڻي ساٿ جو جذبو پيدا ڪندي آهي، اها رفاقت اعليٰ اخلاقي ڪردار جو سنگِ بنياد بڻجي ويندي آهي. جڏهن زڪواة ترقي ڪندي آهي ته ايمانداريءَ واري سلوڪ ۽ سهڻين عادتن جي پالنا ڪندي آهي. اهي عظيم صفتون آهستي آهستي انسان کي اخلاقي برتريءَ جو نمونو بڻائينديون آهن. زڪواة جو مطلب آهي تاديب نفس جي ذريعي ذات جي اصلاح! زڪواة، قومي ۽ معاشرتي غربت جي خلاف هڪ نهايت اثرائتي تدبير آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ شهري نظام تيستائين مضبوط ٿي نه ٿو سگهي جيستائين اهو ڪنهن درست معاشي بنيادن تي نه ٿو هجي. هڪ سوسائٽي پنهنجي معاشي نظام جي ذريعي پنهنجي محتاج ڪارڪنن جي ضرورتن جو انهن جي حيثيت جي مطابق انتظام ڪري سگهي ٿي. اها سوسائٽي گداگريءَ کي ڦهلجڻ کان روڪيندي آهي، ڇاڪاڻ ته نادار ، معذور، اپاهج، يتيمن ۽ اهڙن ئي محتاجن جي ٻين مڙني قسمن جي مناسب طريقي سان نگهباني ڪئي ويندي آهي ۽ کين پنڻ جهڙي ذلت ۽ بي عزتيءَ کان بچايو ويندو آهي، پر اها ڳري ذميواري تڏهن ئي اطمينان سان نڀائي سگهجي ٿي جڏهن حڪومت جي ٻين آمدنيءَ جي ذريعن سان گڏوگڏ زڪواة جي صورت ۾ هڪ خاص رقم دولتمندن کان اوڳاڙي وڃي.
    قرآن حڪيم، ڪجهه اهڙن طبقن جا نالا ڳڻايا آهن جيڪي زڪواة جي رقم سان امداد ۽ تعاون جا حقدار آهن:
    اِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلۡفُقَرَآءِ وَ الۡمَسٰکِیۡنِ وَ الۡعٰمِلِیۡنَ عَلَیۡہَا وَ الۡمُؤَلَّفَۃِ قُلُوۡبُہُمۡ وَ فِی الرِّقَابِ وَ الۡغٰرِمِیۡنَ وَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ ابۡنِ السَّبِیۡلِ ؕ فَرِیۡضَۃً مِّنَ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ عَلِیۡمٌ حَکِیۡمٌ ۔ (التوبہ 60)
    (خيرات- غريبن، مسڪينن لاءِ آهي ۽ انهن جي لاءِ- جيڪي ان جي اڳاڙيءَ تي مقرر هجن ، ۽ انهن لاءِ آهي جن نئون نئون ايمان آندو آهي، ۽ انهن لاءِ به آهي جيڪي غلاميءَ ۾ جڪڙيل هجن ۽ مقروض هجن، ۽ اها حق جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ ۽ مسافرن لاءِ آهي، اهو خدا جو حڪم آهي ۽ خدا پالڻهار- حڪمت ڀريو آهي.)
    غريب ۽ محتاج، اهي ٻئي اهڙا جامع لفظ آهن جو ان ۾ شامل سمورين حالتن جي فهرست جوڙڻ ناممڪن آهي، حضرت عمر ؐ محتاجن ۾ نه صرف ملازمت جي لاءِ نااهل ماڻهن کي بلڪه مڪمل طور بي روزگار رهندڙن کي به شامل فرمايو آهي، يعني اهڙا ماڻهو، جيڪي ڪم ڪري سگهن ٿا پر کين ڪم نه ٿو ملي، ”في سبيل الله“ جو اصطلاح سمورن عوامي مسئلن لاءِ عام آهي.


    اسلام ۽ جمهوريت

    اڪثر مغربي ملڪن ۾ هاڻي نظامِ مملڪت جمهوري آهي، پر جمهوريت هڪ ڪلي تصور آهي، جنهن جا کوڙ پاسا ۽ کوڙ قسم آهن، جهڙوڪ: سياسي جمهوريت، معاشي جمهوريت ۽ معاشرتي جمهويت. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن قوم ۾ انهن منجهان ڪو هڪ قسم رائج هجي ۽ ٻيا اڻ لڀ هجن. سياسي جمهوريت اتي هلندي آهي جتي مملڪت جو دستور، عوام جي مرضيءَ سان ٺاهيو ويو هجي ۽ آزادانه طور تي عوام جا چونڊيل نمائندا هڪ مجلسِ شوريٰ ۾ دستور ٺاهي سگهن ۽ آئين ۽ قانونن ۾ ضرورت آهر ردوبدل ڪري سگهن. معاشي جمهوريت اتي هوندي آهي جتي دولت جي واڌ ويجهه ۽ اپت قوم کي مختلف طبقن ۾ نه ورهايو هجي، جتي جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ قوم جي دولت کي ڳچ فردن جي هٿن ۾ محدود نه ڪري ڇڏيو هجي. اهڙي طرح معاشي جمهوريت اتي هوندي جتي عقيدي، مذهب، رنگ ۽ نسل ۽ ٻوليءَ جو فرق، برتري ۽ ڪمتري پيدا نه ڪئي هجي ۽ جتي سوسائٽيءَ ۾ سمورن فردن جي ميل جول ۾ تعصب جي ديوار حائل نه هجي. دراصل دين ڪامل وانگر جمهوريت به هڪ نصب العين آهي ۽ افسوس اهو آهي ته ڪنهن به قوم جي زندگي مڪمل طرح ان جمهوريت جي مطابق نه ٿي ملي. انگريزن کي ڏسو ته انهن ۾ بادشاهي به اڃا تائين موجود آهي. ”دارالامراء“ جو ادارو آهي جنهن جا ميمبر، عوام نه چونڊيندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دارالعوام به آهي، جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ تي، اتان جي تاريخي ارتقا ڪافي هنڌائتا ڌڪ هنيا آهن پر اڃا تائين انهن سڙيل رسين جا وڪڙ باقي آهن. مغرب ۾، مارٽن لوٿر جي ڪليسائي اصلاحات کان وٺي اڄ تائين ڪيترائي انقلابي طوفان آيا آهن ۽ هر انقلاب ۾ جمهوريت، ٻه قدم اڳتي وڌي آهي پر منزل مقصود تائين ڪا به قوم نه پهچي سگهي آهي. اسلام جي شروعات وارو انقلاب هڪ گهڻ پاسائون انقلاب هيو ۽ ان سموري انقلاب جو رخ جمهوريت ڏانهن هيو، پر تمام جلد پراڻيون روايتون وري اڀري آيون. خلافت، سلطنت ۾ تبديل ٿي وئي، سرمائيداري، جاگيرداري، زمينداري ۽ غلاميءَ جون لعنتون وري راڪاس بڻجي موٽي آيون. اهو اندازِ فڪر ئي نه رهيو، جنهن بلال حبشيءَ کي سردارن جو هم رنگ بڻائي ڇڏيو هيو. قرآني تلقين، رسول الله جي طبعي لاڙي، غلاميءَ کي پاڙؤن اکيڙڻ لاءِ جيڪي اڳڀرايون ڪيون، مسلمان اهو سڀ ڪجهه وساري ويهي رهيا ۽ اسان جي سڌڙين عالمن وانگر ان دؤر جا عالم سڳورا به اکيون ٻوٽي اهو چوڻ لڳا ته: ”غلاميءَ کي اسلام، منسوخ ته ناهي ڪيو، بلڪه غلامن سان سهڻوسلوڪ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي...“ ڪنهن مغربي ڏاهي سچ لکيو آهي ته: دين سان قوت پيدا ٿيندي آهي۽ وري قوت ئي دين کي فناڪري ڇڏيندي آهي. پاڻ سڳورا، پنهنجي نادار ۽ غريب قوم لاءِ ، خدا کان زندگيءَ جي سکن ۽ سلامتيءَ جي دعا گهرندا هيا ۽ گڏوگڏ کين اهو به الڪو رهندو آيو ته دولت جي گهڻائي، مسلمانن جي ايمان ۽ عملن کي ناس ڪرڻ جو به باعث ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن کي مسلمانن جي مسڪيني حال کان ايترو ڊپ نه هيو جيترو کين، سندن مالداريءَ کان ڊپ هيو. صحابه ڪرام جي فڪري زاويي جي به ساڳي صورتحال هئي، تڏهن ته حضرت عمر ؐ ايران فتح ٿيڻ کان پوءِ مالِ غنيمت ڏسي مسلمانن جي نفسيات تي روئي پيو هيو! حضرت عمر جالڙڪ خوشيءَ جا نه هيا بلڪه اسلام جي تخريب جي خوف کان سندن نيڻ ڀنل هيا، ان خطري کي ابوذر ؐ به نهايت شدت سان محسوس ڪيو، پر عصري واڳ ڌڻين ان کي ”سادو“ چئي نظرانداز ڪري ڇڏيو. جن جي گهرن ۾ مال ۽ دولت جا ڍير لڳي رهيا هيا، انهن چيو ته: ”اڍائي سيڪڙو زڪواة کان پوءِ باقي لامحدود دولت جمع ڪرڻ حلال آهي...!!!“
    مطلق العنان حڪومت (آمر) هر قسم جي سياسي ، معاشي ۽ اخلاقي تباهيءَ جو سرچشمو۽ زندگيءَ جي سمورن قدرن جي تباهيءَ جو ڪارڻ هوندي آهي، خلافت کان پوءِ پيدا ٿيل شهنشاهيت تي قابو پائڻ بلڪل ائين محال بڻجي ويو ڄڻ سيلاب کي هٿن سان روڪڻ جي ڪوشش هجي ! مسلمان ملوڪيت جي غلاميءَ ۾ اهڙو جڪڙجي ويا جو چوڏهن سئو ورهين ۾ به ان غلاميءَ جون پاڙون نه پٽي سگهيا. فتح ٿيل علائقن ۾ وڏيون وڏيون جاگيرداريون قائم ٿيڻ لڳيون. عالمن سڳورن جو وڏو انگ ، ظاهري عبادتن ۽ معاملات جي باري ۾ فقهي اختلافن ۾ الجهي رهجي ويو. بادشاهن سان واڳيل عالمن جي ڪرت وڃي اها رهي ته اهي بادشاهن جي خباثت جي جواز ۾ فتوائن جا دفتر ڪارا ڪرڻ ۾ مگن رهڻ لڳا.
    اسلامي سلطنتن جو فقط اهو مطلب وڃي رهيو ته اتي حڪمران ۽ وزير ۽ امير اسلام جو نالو وٺن ٿا ۽ مسلمان سڏجن ٿا! بس اسلام نالي ۾ وڃي رهيو، ڪم جو بلڪل به نه رهيو! جيڪو شخص ظالم هيو، فاسق ۽ فاجر هيو- تخت تي ويٺو ته ان جي قصيده گوئي شروع ! ان قصيده خوانيءَ صرف شاعريءَ جي ئي ڪوڙ بدوڙ ۽ مبالغي جو دفتر نه بڻايو بلڪه قوم کي به ڪوڙ بڪڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. مسلمان پنهنجي بادشاهن جي شان شوڪت تي فخر ڪرڻ لڳا. ان اندازِ نگاهه جو اثر ايڏو ته همه گير آهي جو اقبال جهڙي شاعر به دکن جي قطب شاهي بادشاهن جي قبرستان ۾ وڃي انهن جي ثنا ۾ هڪ مؤثر نظم لکيو ۽ چيو ته پنهنجي بادشاهن کي هيءَ امت وسارڻ واري ناهي ! ۽ حفيظ جالنڌري وري ويٺو اسلامي تاريخ کي منظوم ڪرڻ ۽ ان جو نالو ئي تجويز ڪيائين: ”شاهنامئه اسلام“ فردوسيءَ لاءِ ته شاهنامي جو اصطلاح ٺيڪ هيو، پر اسلام جو شهنشاهيت سان ڇا ؟! شهنشاهيت کان وڌيڪ اسلام لاءِ ٻي ڪهڙي شيءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي؟ اتفاق سان ڪٿي ڪٿي ڪو بادشاهه به مؤمن ۽ عادل سلطان نظر اچي ٿو پر اهو شهنشاهيت جو انسٽيٽيوشن مورؤن غير اسلامي آهي. پاڻ سڳورن کي جنهن به مَلِڪ / بادشاهه ڪري سڏيو ته پاڻ ٺهه پهه فرمايائون ته: مان شاهه يا سلطان ناهيان، ۽ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته:
    ”شهنشاهه جو لقب، خدا جي حضور ۾ ڪنهن انسان لاءِ حد درجي جو مڪروهه لقب آهي!“ ۽ اسان جو الميو اهو آهي ته، پاڻ سڳورن سان نسبي نسبت جي دعويٰ ڪندڙ،پنهنجو پاڻ کي ”شاهه“ چورائيندي نه ٿا هٻڪن!!!
    تاريخي لحاظ کان هي هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته خلافت راشده کانپوءِ جلد ئي اسلامي انقلاب جي خلاف هڪ ردعمل ٿيو جنهن ڪري اسلام جي اصل مشن جي تڪميل اڻائي ٿي پئي. ليڪن ان مان هي به نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته تاريخي حيثيت ۾ اسلام بلڪل ناڪام ثابت ٿيو. تاريخ شاهد آهي ته ان جي باوجود به مسلمان ڇهن ستن صدين تائين تهذيب ۽ تمدن يا علمن ۽ فنن جي حوالي سان ٻين قومن جي مقابلي ۾ اڳ اڳرا رهيا. اها اڳرائي رڳو ملڪي فتحن جي ڪري ملي نه ٿي سگهي. ملڪي فتحون به تهذيب ۽ علمن کان وانجهيل قومن کي به مليون آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جو اصل محرڪ اسلامي تعليم جا اهي روشن اصول هئا جيڪي ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي اصليت باقي رکندا آيا. مسلمانن غلامي ته ختم ڪو نه ڪئي پر غلامن سان ٿيندڙ وحشياڻي سلوڪ جو خاتمو ڪيو. ايستائين جو غلام پنهنجي آقائن جا استاد، وزير ۽ ڪٿي ڪٿي سلطان به بڻجي ويا. غير مسلمن سان مذهبي رواداريءَ جا جيڪي بنياد حضرت محمد ڪريمﷺ وڌا هئا سي مسلمانن لاءِ نمونو بڻيل هئا. فطرت جي مظهرن تي غور کي قرآن عبادت قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ رسول ڪريمﷺ عالم کي عابد جي مٿان ترجيح ڏئي ڇڏي هئي. اهڙي طرح عالم جي مس کي شهيد جي خون کان وڌيڪ افضل چيو ويو هو. علم جي حاصلات کي پينگهي کان وٺي قبر تائين مسلسل ڪوششن تائين ڦهلايو ويو هو ۽ ان کي دين جو لازمي جز بڻايو ويو هو. گڏوگڏ هي به تاڪيد ڪئي وئي ته علم حاصل ڪريو توڻي جو توهان کي چين تائين وڃڻو پوي. جنگي قيدين کي اڻ پڙهيل ماڻهن کي پڙهائڻ عيوض ڇڏڻ جي روايت قائم ٿي ۽ زندگيءَ جي حسناڪين ۽ زينت کي انسانن لاءِ حرام نه ڪيو ويو.
    جيتوڻيڪ مسلمانن ۾ سياسي جمهوريت تمام جلد اڻ لڀ ٿي وئي ۽ معاشي جمهوريت ڏانهن به انهن ڪو خاص توجهه نه ڏنو، پر اسلامي تعليم جي باقيات صالحات مان هڪ شيءِ مسلمانن ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هميشه نمايان رهي. اها، جمهوريت جو اهو پهلو آهي ، جنهن کي سوشل ڊيمو ڪريسي يا معاشرتي جمهوريت چئجي ٿو.
    قرآن ۽ صاحب قرآن نسلي فرق کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پوريءَ طرح مٽائي ڇڏيو ۽ ان کي ايتريقدر ڪمزور ۽ ڌنڌلو ڪري ڇڏيائون جو مختلف نسلن جا مسلمان، گورا – ڪارا- پيلا- سانورا، مڙني ۾ يڪ رنگي ۽ هم آهنگيءَ جو شعوري يا تحت الشعوري جذبو، هر حالت ۾ گهٽ يا وڌ قائم رهيو، اسان جي خيال ۾ اسلام جيڪي انسانيت تي احسان ڪيا انهن منجهان اهو احسان نهايت عظيم احسان آهي ! دنيا ۾ ، اسلام جي اشاعت جي حيرت انگيز تيزيءَ جا اسباب مغرب جي غير مسلم مستشرقن کي سمجهه ۾ نه ٿا اچن ۽ ان جو سبب اهو آهي ته تعصب ، انهن جي تاريخي بصيرت ۾ خلل وجهي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اهي سڀ اڪثر اهو ئي ڪوڙ ورجائيندا رهن ٿا ته: ”اسلام، تلوارجي زور تي ڦهليو آهي!“ تاريخ جو اڻ ڌريو مطالعو ان بهتان کي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. دنيا ۾ اهڙا خطا موجود آهن جتي مسلمانن جي سياسي قوت، لڳ ڀڳ هڪ هزار ورهين تائين مزاحمت کان سواءِ ئي باقي رهي، پر اتي مسلمانن جي آباديءَ جي ڪثرت ناهي. يورپ جي مشرق ۽ مغرب ۾ مسلمانن، سوين ورهيه پوري جلال ۽ جمال سان حڪومت ڪئي، پر اتي به مسلمان اقليت ۾ ئي رهيا، ڇاڪاڻ ته دين جي باري ۾ جبر کي قرآن، ناجائز ۽ حرام قرار ڏيئي ڇڏيو آهي! ان جي مقابلي ۾ اهڙاخطا به موجود آهن جتي مسلمانن جي قومي مملڪت نه هئي پر اتان جي گهڻي آبادي مسلمان آهي، ٻين جو مذهب ، سياسي يا معاشي زور سان يا وري مسلسل ۽ منظم تبليغ سان بدلائي سگهجي ٿو، پر اهڙو ڪو به ثبوت ڪٿي به نه ٿو ملي ته مسلمان بادشاهن، ڪوبه سياسي يا معاشي جبر ڪري ماڻهن کي لالچون ڏئي کين مذهب تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو هجي، مسلمانن ۾ نه ڪي منظم ڪليسا هئي ۽ نه ڪي مشنرين جاگروهه- جن کي حڪومتن يا سرمائيدارن وٽان ڪا مدد ملندي هجي، اهڙين ڪوششن جي فقدان جي باوجود به اسلام، انڊونيشيا جهڙي وسيع خطي ۾ ڦهليو ته ان جو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو؟ ان جا ٻه ڪارڻ ئي ٿي سگهن ٿا:
    * اسلام جون ساديون صداقتون
    * نسل ۽ رنگ جي فرق کان سواءِ ڀائيچاري ۽ برابريءَ جو احساس.
    هڪ ڀيري بنگال جي مشهور ڪيميادان سر پي سي راءِ جيڪو نهايت وسيع النظر ۽ بي تعصب انسان هيو، ۽ غالباّ برهمڻ سماج جو پيروڪار هيو، چيو ته: ”جيڪو چوي ٿو ته اسلام، تلوار جي زور تي ڦهليو آهي، اهو نهايت مڪروهه ڪوڙ ٿو ڳالهائي، بنگال کي ئي وٺو، منهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ يعني ويهين صديءَ جي شروعات ۾ بنگال ۾ مسلمانن جي سياسي قوت بنهه اڻ لڀ هئي، وٽن معاشي قوت به ڪانه هئي ۽ مسلمان ڏيوالپڻي جي ان دؤر ۾ بنگال ۾ اقليت ۾ هيا، پر پوءِ تيزيءَ سان ڏسندي ئي ڏسندي ، مسلمانن جو تعداد هندن کان به وڌي ويو، ڀلا بنگال ۾ ڪنهن تلوار هلائي؟... دراصل، اتي اسلام جي ڦهلاءَ جو واحد سبب اهو ئي اسلامي ڀائيچاري ۽ برابريءَ جو احساس هيو، پاڻ کي اعليٰ ذات سمجهندڙ هندن، ويچارن کي اڇوت ۽ شودر سمجهي جانورن کان به بد تر سلوڪ ڪيو، اهي ٻين انساني ڀلاين جي خاطر اسلامي برادريءَ ۾ داخل ٿيندا ويا...
    اڄ ڪلهه جمهوريت ، محض هڪ حڪومتي نظام جو نالو ناهي. بلڪه مذهب وانگر جمهوريت به هڪ همه گير تصور بڻجي وئي آهي ۽ جهڙيءَ ريت مذهب جو تصور مخصوص، اڻ چٽو ۽ غير معين ٿي پيو آهي، ساڳيو ئي حال جمهوريت سان به آهي. ڪميونزم يا اشتراڪيت ۽ سوشلزم ٻنهي جي دعويٰ آهي ته: ”جمهوريت جي صحيح شڪل وٽن ئي آهي. آمريڪا جي ملڪن ۾ گهڻا ماڻهو نه رڳو ڪميونزم جي خلاف آهن بلڪه سوشلزم کي به پنهنجي جمهوريت جي منافي سمجهن ٿا.
    مسلمان به اها دعويٰ ڪن ٿا ته اسلام سماجي انصاف تي آڌاريل هڪ صحيح ۽ خاص قسم جي سوشلزم آهي پر انهن وٽ هي لفظ پنهنجي عملي شڪل ڏيکاري ئي ڪو نه ٿو. هر شخص جيڪو ديني يا سياسي رهبريءَ جو خواهشمند آهي سو عوام کي هم خيال بنائڻ لاءِ اها دعويٰ ته ڪري ٿو، پر انهيءَ سوچ کي مسلمانن ۾ اجتماعي شڪل نٿي ملي. ڪي وري اسلامي سوشلزم جو مرڪب اصطلاح استعمال نه ٿا ڪن. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ فقط لفظ: ”اسلام“ هڪ جامع مفهوم آهي ۽ سوشلزم ان جي اندر لڪل آهي، دين ۽ سياست کي گڏ هلائيندڙ ڪجهه ڌريون ، جن جو سوشلزم سان پري جو واسطو به ڪونهي، اهي لامحدود زمينداري ۽ لامحدود سرمائيداريءَ کي به اسلام جي منافي نه ٿا سمجهن. (اسان وٽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر جي پيروڪارن کان هٽي ڪري، سڀ مذهبي ڌريون اهڙن خيالن جون آهن) باقي اهي ماڻهو جن ماڻهن حرام ڪاريءَ سان غريبن کي چٿي يا ۽ وقت جي حڪمرانن جي چاپلوسي يا وري وطن سان ۽ قوم سان غداريءَ رستي وسيع زمين تي قبضو ڄمائي رکيو آهي، اهي بس زڪواة ادا ڪندا رهن ٿا! اهڙا حڪمران ۽ ملان جيڪڏهن پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ نه ڪندا ته کين سرمائيدارن پاران چندو ملڻ بند ٿي ويندو.
    اسلام ۽ جمهوريت يا خاص طور تي جمهوريت جي اها شڪل جنهن کي سوشلزم چئجي ٿو، ان بابت ٻه سوال نهايت اهم آهن:
    * اسلام ان جو قائل آهي يا نه، جي آهي ته ڪهڙي انداز ۾ ؟
    * سياست ۽ معيشت جو اهو انداز هاڻي ڪٿي عملي طور رائج به آهي يا نه ؟ ساڳئي وقت هي ضمني سوال به ان سان جوڙي سگهجي ٿو ته هن وقت سموري دنيا ۾ ڦهليل اسلامي ملڪن ۾ ڪٿي جمهوريت يا سوشلزم آهي به يا نه ؟!
    امامِ انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ، جنهن پنهنجي سموري زندگي انقلابي جذبي سان سرشار ۽ عملي انداز سان گذاري، ڪجهه عرصو روس ۾ به رهيو. جيئن ته مولانا سنڌي، مسلمانن جو انقلابي اڳواڻ هيو، تنهنڪري اسٽالن به کيس ملاقات جو موقعو ڏنو. مولانا سنڌي هُن جي سامهون اسلام جو سماجي انصاف وارو نقشو سامهون رکيو. اسٽالن اسلام جي انقلابي نظرين بابت سڀ ڪجهه ٻڌي مولانا سنڌيءَ کان پڇيو ته: مسلمانن جو ڪهڙو ملڪ يا قوم، ان سماجي انصاف واري نظريي تي هلي رهيو آهي؟ مولانا فرمايو ته: هن وقت ته ڪا به مسلمان قوم ان تي ڪاربند ناهي. اسٽالن وراڻيو ته جڏهن ڪا قوم ان تي عمل ڪري پنهنجو تجربو دنيا جي آڏو پيش ڪندي ته ان وقت اسين ان جي قابل قبول يا قابل عمل هجڻ بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهنداسين!


    اسلامي تهذيب جو تصور

    اسلامي تهذيب جو ڪو تصور پيش ڪرڻ کان پهريان اسلام ۽ تهذيب – ٻنهي تصورن کي متعين ڪرڻ لازمي آهي، مان سمجهان ٿو ته مناسب ٿيندو ته اسلام بابت ڪجهه عرض ڪرڻ کان پهريان اهو ڏسجي ته تهذيب جو ڇا مفهوم آهي؟ ۽ شروع ۾ ئي ان مونجهاري کي ختم ڪرڻ به تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ ته تهذيب کي ، ڪڏهن ڪڏهن تمدن طور به سمجهيو ويندو آهي، پر فڪر ۾ وضاحت ڪندڙن انهن ٻنهي تصورن کي گاڏڙ ساڏڙ ناهي ڪيو. توڙي جو انهن ٻنهي کي الڳ ڪرڻ به ڪو سولو ڪم ڪونهي ڇاڪاڻ ته ڪا به تهذيب ڪنهن خاص تمدن جي درجي کان سواءِ ممڪن ڪانهي ۽ ڪو به تمدن تهذيب کان ڪٽيل نه ٿو ٿي سگهي.
    انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سولائيزيشن“ ۽ ڪلچر جي اصطلاحن ۾ به مونجهارو باقي آهي. گهڻن مصنفن ٻنهي لفظن کي هم معنيٰ سمجهي ڪڏهن تهذيب جو لفظ استعمال ڪيو ته ڪڏهن تمدن جو! اسان جي خيال ۾ ”تمدن“ سولائيزيشن جو قريب تر ترجمو آهي ۽ ڪلچر جو مفهوم تهذيب جو لفظ بهتر ادا ڪري ٿو.
    اسلامي تهذيب جي تصور ۾ اسان کي تهذيب ۽ تمدن ٻنهي عنصرن کي شريڪ ڪرڻو پوندو ۽ اهو به غور ڪرڻو پوندو ته هڪ جو ٻئي تي عمل ۽ رد عمل ڪهڙي انداز جو ٿيندو آهي.
    سولائزيشن ۽ ڪلچر بابت اسين جڏهن مغربي مفڪرن جو جائزو وٺئون ٿا ته ان ۾ اهڙي گوناگوني نظر اچي ٿي جيڪا مزو پيدا ڪندڙ ۽ فڪر انگيز ته هوندي آهي پر وصف، حدبندي ۽ تعين ڪرڻ بابت ڪا وضاحت پيدا ناهي ڪندي.
    ”ميٿو آرنلڊ“ چوي ٿو ته ڪلچر جو مثال ائين آهي جيئن ماکيءَ جي مکين جو مانارو! جنهن ۾ ماکي به هوندي آهي ۽ ميڻ به، ماکيءَ ۾ مٺاس به آهي غذا، دوا ۽ شفا به، ماناري ۾ جيڪا ميڻ هوندي آهي ان مان لاٽ پيدا ڪندڙ ميڻ بتي ٺهندي آهي، انسان کي علم جي نور ۽ ڪردار جي مٺاس، ٻنهي جي ضرورت آهي، ۽ ڪلچر جو لب لباب به اهي ٻئي عنصر آهن.
    اهو به چيو ويو آهي ته: تهذيب ، تربيت يافته فطرت جو نالو آهي ۽ بهترين تهذيب ۽ تمدن اهو آهي جنهن جي اندر هر فرد کي پنهنجي فطرت جي ممڪنات کي پڌري ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ موقعا ميسر هجن. هڪ حڪيم ۽ داناءُ چوي ٿو ته: ”اصل تهذيب اها آهي ته انسان ، ملتن ۽ جماعتي تعصبات کان بالاتر ٿي وڃي.“ اِهو اهو ئي خيال آهي، جيڪو غالب هن شعر ۾ بيان ڪيو آهي.
    ہم موحد ہیں ہمارا کیش ہے ترک رسوم
    ملتیں جب مٹ گئیں اجزائے ایمان ہو گئیں
    ڪو چوي ٿو ته تهذيبِ اخلاق، احساس جو نالو آهي، مذهبي شخص چوي ٿو ته مهذب زندگي اها آهي جيڪا خداجي مرضيءَ جي مطابق گذاري وڃي. ڪنهن ان خيال جو اظهار ڪيو آهي ته ”انسان جي زندگي کيس لاڳيتو گدلاڻ ۽ جمود ڏانهن ڇڪيندي رهندي آهي، ان کان بچڻ لاءِ لطيف جذبات، لطيف تاثرات ۽ لطيف افڪار ۾ زندگي بسر ڪرڻ تهذيب آهي. هڪ تصور اهو به آهي ته ”خارجي فطرت ۽ باطني فطرت، انفس ۽ آفاق هڪ خام جنس آهن، انهن جي اندر نظم ۽ آئين جي تلاش، تخليق ۽ حسن وجمال ۽ توازن پيدا ڪرڻ جو نالو آهي تهذيب! ڪنهن چيو آهي ته تهذيب ، سگهڙ عورتن جي اثر سان پيدا ٿيندي آهي ۽ هڪ ٻئي مفڪر ان ۾ اهو اضافو ڪيو آهي ته: ڪنهن تهذيب کي جاچڻ جو معيار اهو آهي ته ڏسجي ته ان ۾ عورتن سان ڪهڙو سلوڪ ٿئي ٿو؟ ڪجهه مفڪرن تهذيب ۽ تمدن جي خراب پاسن ڏانهن توجهه ڇڪرايو آهي. فرانسيسي ڏاهن ۾ روسو انهن جو اڳواڻ ليکبو آهي، اهو چوي ٿو ته ”انسان کي فطرت آزاد پيدا ڪيو هيو، پر تهذيب ۽ تمدن کيس هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون وجهي ڇڏيون آهن...“ ڪنهن انگريز چيو آهي ته: سولائيزيشن هڪ مرض آهي جيڪو انسانيت کي وڪوڙي ويو آهي، هاڻي ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته ان جي تشخيص ڪجي ۽ ڪو علاج تجويز ڪجي.
    ڪنهن وري تهذيب تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ”تهذيب جي ترقيءَ ۾ عوام کي ذليل ڪري خواص کي اڀاريو ويندو آهي...“ ڪو وري چوي ٿو ته: ”جتي ذاتي ملڪيت ۽ خود غرضيءَ لوهي ديوارون کڙيون ڪري ڇڏيون هجن، ان معاشري کي مهذب نه ٿو چئي سگهجي...“ انسان جي هڪ وصف اها آهي ته: ”هو اوزار استعمال ڪندڙ حيوان آهي... پر اوزارن جي ترقيءَ سان عضوا نڪما ٿيندا ويندا آهن، گاڏي هلائيندڙن جو ٽنگون بي ستيون ۽ بي ساهيون ٿي وينديون آهن.“ هڪ مصلح مزاج مصنف لکي ٿو ته ان سماج کي مهذب نه ٿو چئي سگهجي جنهن ۾ قيد خانا ۽ پاڳل خانا هجن. ڪنهن چيو آهي ته اسان جي تهذيب ۽ تمدن کي غور سان ڏسو ته انسان ان نتيجي تي پهچي ٿو ته اسان جي ڌرتي عالَمِ ارواح جي چرين جو گهر آهي، هڪ خيال اهو به آهي ته ڪنهن ترقيءَ کي ڪامل نه ٿو چئي سگهجي ڇو جو هر تهذيب ۾ ترقيءَ سان گڏ ان جي تخريب جا عوامل به پيدا ٿيندا آهن، ڀلي اهي ڊگهي عرصي تائين اکين کان اوجهل ئي هجن، ان بابت غالب جو هي شعر ڏاڍو موزون آهي:
    مری تعمیر میں مضمر ہے اک صورت خرابی کی
    ھیولیٰ برقِ خرمن کا ہے خون گرم دھقان کا
    اهڙن افڪار بيان ڪرڻ مان توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته تهذيب ۽ تمدن جو مفهوم ڪيڏو نه مبهم ۽ منجهيل آهي! ۽ ٻڌو، ڪارلائل پنهنجي مغربي تهذيب جو جائزو وٺندي چوي ٿو ته اها تهذيب ٽن عنصرن تي مشتمل آهي.
    * ٻانهون
    * ڇاپ خانا
    * پروٽسٽنٽ مذهب!
    تهذيب ۽ تمدن بابت اعليٰ پايي جي مفڪرن، جن جي عقليت ۽ روحانيت عام طور تي لطيف ۽ دور رس هئي، سي اهڙيون ڀوڪپائيءَ جهڙيون ڳالهيون به ڪري ويا آهن، جيئن ايمرسن جي اها فتويٰ ته ”اعليٰ تهذيب ، گرم ملڪن ۾ پيدا ئي نه ٿي ٿي سگهي...“ ”سياست، معيشت ۽ معاشرت ۾ آزادي اتي ويجهندي آهي جتي برف باري ٿيندي آهي...“ جنهن گرم آب هوا ۾ ڪيلا پچندا هجن اتي جا ماڻهو هوس پرست ۽ ظالم ٿيندا آهن... ”ايمرسن“ جهڙو پختو ڏاهو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪٿي به نه ڀٽڪيو آهي !
    لطيفو وري اهو آهي ته مسلمان مصنف، ابن خلدون جي زماني ۾ نهايت سنجيدگيءَ سان ان تي بحث ڪندا هيا ته يورپ وارا ايترا غبي ڇو هوندا آهن ؟ ۽ مزي جي ڳالهه ته، اهي ان نتيجي تي پهتا هيا ته، سندن سرد آب هوا ۽ برف باريءَ انهن جي سوچن کي منجمد ڪري ڇڏي ٿي، جيڪا کين عقلي نشوونما جو موقعو ئي نه ٿي ڏئي ...
    ان فڪري لطيفن جي جهان مان نڪري هاڻي اچو ته اسلامي تهذيب بابت ڪجهه ڳالهايون. اسلام جو ماخذ قرآن ۽ ان عظيم هستيءَ جو ڪردار آهي جنهن پنهنجي قول ۽ فعل سان تهذيب جو هڪ خاڪو ۽ نمونو ، دنيا جي آڏو پيش ڪيو. هتي تهذيب ۽ تمدن ۾ فرق ڪرڻو پوندو. اسلام، پهريان ان قوم کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو تمدن، گهڻي ڀاڱي قبائلي هيو. عرب جي چوڌاري اهڙيون قومون هيون جيڪي هزارين ورهين کان تهذيب ۽ تمدن جون ڪيتريون ئي منزلون طئه ڪري چڪيون هيون پر عربن وٽ نه ڪي علم هيو نه ڪي فنون! فنون لطيفه منجهان شعر جي فن کان سواءِ وٽن ڪجهه به ڪو نه هيو، قرآن کان پهريان عربن ۾ ڪو به ڪتاب ڪو نه هيو، جنهن کي ڪنهن عربي مصنف تصنيف ڪيو هجي.
    هندستان، بابل، مصر، يونان، چين، پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ علوم ۽ فنون ۽ اسباب ۽ تمدن ۾ حيرت انگيز ترقيءَ جا نمونا، زماني جي اکين آڏو آڻي چڪا هيا. اسلام وٽ ڪي به علم نه هيا، جيڪي مهذب قومن جي آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجن. ايراني، مصري ۽ رومي، تمدن جي لحاظ کان عربن کان هزار ڀيرا اڳتي هيا. اسلام پيش ڪندڙ نبي سڳورو، انهن تمدنن جي اڪثر پهلوئن کان واقف هيو. هو آس پاس جي مذهبن جو به جائزو وٺي چڪو هيو، هو قديم مذهبن جا به داستان ٻڌي چڪو هيو ۽ انهن جي عروج ۽ زوال جا نقشا به سندس حقيقت پسند اکين جي آڏو هيا. هو ان نتيجي تي پهتو ته تمدن، تهذيبن ۽ مذهبن تي ڪٽ چڙهي وئي آهي، عيش جو سامان ظلم جي ذريعي پيدا ڪيو پيو وڃي، ظاهري حسن ۽ جمال جي تهه ۾ هڪ گهري بي دردي آهي. ماڻهو، هر جاءِ تي انيڪ قسمن جي ظلمن جو شڪار آهن، مذهبي ظلم جي ذريعي ماڻهن تي روحاني غلامي طاري آهي، محنت هڪڙا ٿا ڪن ۽ کٽيو ٻيا ٿا کائن. ماڻهو، ماڻهن جي ماس تي پلجي رهيا آهن ۽ انسان، انسانن کي پنهنجو محتاج ۽ غلام بڻائي رهيا آهن، حڪمران پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي عزت ۽ جان مال جو مالڪ سمجهڻ لڳا آهن. مذهب، هرجاءِ تي ڀٽڪي چڪو آهي، ماڻهو، رهبانيت کي روحانيت سمجهن ٿا ۽ ٻئي پاسي، پير ۽ ملان ، حڪمران ۽ سرمائيدارن سان گڏ عوام جي ڦرلٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ۽ مددگار بڻيل آهن. انساني مساوات جو تصور، ڪنهن به انسان جي ذهن ۾ نه ٿو گذري. مرد، عورتن کي، چوپائي وانگر پنهنجو مال ٿا سمجهن، مذهبن ۽ تهذيبن، انسانيت تي تذليل جو ٺپو هڻي ڇڏيو آهي، علم جا دروازا عوام لاءِ بند آهن...
    ان عظيم ۽ ٻاجهاري انسان حضرت محمدﷺ پنهنجو مشن اهو ئي قرار ڏنو ته ماڻهن کي هر قسم جي غلامي ۽ ظلم مان نجات ڏيارجي ۽ هڪ اهڙو معاشرو قائم ڪجي جنهن جا بنياد آزادي ، عدل ۽ ٻاجهه تي بيٺل هجن. ماڻهن کي صلح جو پيغام ڏجي ۽ جيڪي ماڻهو، صلح ۽ نئين پروگرام ۾ رڪاوٽ بڻجن، جيڪڏهن اهي تعليم ۽ تلقين سان راهه تي نه اچن ته انهن جي خلاف هر قسم جي طاقت استعمال ڪجي. انساني معاشرن ۾ فتنن جا دروازا بند ڪجن. ضمير جي آزاديءَ لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ته جنگ به جوٽجي پر دين جي معاملي ۾ ڪنهن تي به جبر نه ڪجي! نه لڪل جبر نه ڪي ظاهري جبر! حڪمرانن کي اهو ٻڌائجي ته اهي قوم جا نوڪر آهن ۽ حڪومت کي قطعاّ ذاتي منافعي جو ذريعو نه بڻايو وڃي. جيڪا ڌر فتني باز آهي، اها پنهنجي عقيدن پٽاندڙ پنهنجي انداز سان زندگي گهاري سگهي ٿي. مسلم رياستن ۾ رهندڙ غير مسلم ماڻهو جي جان مال ۽ آبروءَ کي ، مسلمانن جي جان مال ۽ آبروءَ جي برابر سمجهيو وڃي. قبيلن، قومن ۽ ملتن مان تعصب ۽ برتريءَ جي احساس کي ختم ڪري ڇڏجي ۽ اهو اعلان ڪجي ته ڪنهن عرب کي بحيثيت عرب جي ڪنهن غير عرب تي ڪا به فوقيت حاصل ناهي ۽ نه ئي وري غير عرب ملت، ڪنهن عرب ملت کان مٿانهين آهي. انسانن ۾ فرق صرف سيرت ۽ ڪردار ۽ زندگيءَ جي نصب العين جي فرق سان پيدا ٿيندو آهي ۽ ڪا به ڌر نجات جي ٺيڪيدار ناهي. انسانن کي اها تلقين ڪجي ته اهي وهم پرستي ۽ معجزا طلبيءَ جي بجاءِ پنهنجي فطرت ۽ خارجي فطرت جو مطالعو ڪن. سڀ مظاهرِ فطرت دراصل خدا جون نشانيون آهن، تنهنڪري فطرت ۾ آئين جو متلاشي ، حقيقت خدا جو متلاشي آهي، ڇاڪاڻ ته خدا واحد ئي فطرت جي ڪثرت ۾ وحدت پيدا ڪندڙ آهي، هر فرد لاءِ هر قسم جي ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪياوڃن، معاشرو دولت اپائي، پر ان ڳالهه جو ازحد خيال رکي ته دولت جي اپت جا بنياد ظلم تي هرگز نه هجن ۽ دولت، چند هٿن ۾ گردش نه ڪندي رهي بلڪه اها، پوري انسانيت جي جسم ۾ رڳن ۾ رت جيان گردش ڪندي رهي. سامراجيت جي هر شڪل قيصريت ۽ ڪسرائيت جو خاتمو ڪجي، ”لاقيصر ۽ لاڪسريٰ“ جو نعرو بلند ڪيو وڃي...
    اسلام، انسانن کي يقين ڏياريو ته جيڪو تمدن انهن بنيادن تي قائم ٿيندو اهو ئي انسانيت جو وقار قائم ڪندو، اهوئي انسانيت لاءِ اڻ کٽ ارتقا جا دروازا کولي ڇڏيندو... ۽ انسانيت ڏٺو ته اهي دعوائون سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿيون. اسلام جڏهن حجاز کان هليو ته ان وٽ هڪ نظريئه زندگيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هيو، نه علوم نه ڪي فنون نه ڪي اعليٰ درجي جا وسيلا نه عيش عشرت جو سامان نه ڪي صنعتن جا سحر انگيز نمونا... بقول اقبال:
    غیریک بانگ درا کچھ نہیں ساماں تیرا
    ان بانگِ درا سان گڏ اهو قافلو ايڏو ته تيزيءَ سان هليو جومشرق ۽ مغرب جا دامن هڪ ٻئي سان ملي ويا. مسلمان پنهنجي تمدني زندگيءَ ۾ ترقي يافته قومن جا علم ۽ فن پنهنجو وڃايل سامان سمجهي حاصل ڪندا ويا. وٽن شروعات ۾ڪجهه به نه هيو، پر اهي ترت ئي هزارين ورهين جي ارتقا ۾ حاصل ڪيل علمن ۽ فنن جا وارث ٿي ويا. مسلمانن اها دولت نه رڳو اپنائي ۽ بچائي بلڪه ان کي ويرئون وڌايو به... سمورن علمن ۽ فنن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيائون جنهن سان انهن جي حالت بدلجي وئي. ارسطو ۽ افلاطون کان بهتر مفڪر پيدا ٿيا. فرعون جي اهرامن کان بهترتعميرات ڪيائون، پر فرعون وانگر، تعميرات جي عمارت جو گارو، غلامن جي خون ۽ ماس مان نه ٺاهيو ويو.
    پر افسوس ، جو ان تهذيب ۽ تمدن جا صاحب، جيڪي حرڪت (چرپر) کي برڪت سمجهندا هيا ۽ ارتقا پذير ۽ تخليقڪار هيا، ڏينهن گذرڻ پڄاڻان ماٺا پوندا ويا. حڪمرانن جا ظلم وڌندا ويا ۽ اهي رعيت جا ڌنار نه رهيا. زميندارن ، هارين کي غلام بڻائي ورتو ۽ دين جي حالت اها وڃي بيٺي ته ڏسندي ئي ڏسندي ان جي ترقيءَ جو محرڪ قرآن پوئتي ڌڪبو ويو ۽ اتان انهن جي پستي شروع ٿي وئي.
    حرم جویاں درے رامی پرستند
    فقیہاں دفترے رامی پرستند
    (حرم جي پانڌين، پير پوڄڻ شروع ڪري ڏنا، فقهين ڪتابن کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنو.)
    دين جي عالمن ، يهودين جي راهبن وارو دڳ ورتو ۽ برهمڻن وانگر طبقاتي فرق جو شڪار بڻجي ويا.
    شروعاتي دؤر ۾ مسلمان فقيهه، حالات جي تعمير سان گڏوگڏ ، اسلامي قانونن ۾ وسعت پيدا ڪندا ويا، پر پوءِ جي فقيهن ۾ اجتهاد جي صلاحيت نه رهي، ۽ ٻولڻ لڳا ته ”اجتهاد جو دروازو بند ٿي چڪو آهي...“ جابر بادشاهن جي آڏو حق جو هوڪو ڏيڻ وارا مري ويا... علمن جي ترقي رڪجي وئي... دين، ماٺو بڻجي ڪومائجي ويو... حڪمرانن ۽ ويڪائو عالمن جي ملي ڀڳت، عوام کي جاهل ۽ بي وس ڪري ڇڏيو ... ترقيءَ جي مشعل انهن جي شل بڻجي ويل هٿن مان ڪري پئي ۽ اها ٻين قومن کڻي ورتي:
    بجھ کے شمع ملت بیضا پریشان ہوگئی
    اور دیا تہذیب حاضر کا فروزاں کر گئی
    دور گردوں میں نمونے سینکڑوں تہذیب کے
    پل کے نکلی ایام آغوش سے
    هن وقت مسلمان پٺتي پيل آهن ، وٽن زندگيءَ جا اسباب ڪونهن، علوم ۽ فنون ۽ معاشرتي سڌارن ۾ ٻيون قومون کانئن سوين ڪوهه اڳتي نڪري چڪيون آهن. هاڻي ان کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي ته تهذيب جي ان ڌارا کي وهايو وڃي جيڪا هر قسم جي ترقي ۽ آزاديءَ جي ضامن هجي. دين کي عقيدن جي فردي جنگ مان نجات ڏيارجي. انسانن ۾ حقن جي حوالي سان اها مساوات قائم ڪجي جنهن جو نمونو پاڻ سڳورنﷺ ۽ صحابه ڪرام # هن دنيا ۾ پيش ڪيو. تهذيب ۽ تمدن جا بنياد عدل ۽ ٻاجهه تي رکيا وڃن. زندگيءَ ۾ سونهن ۽ سوڀيا پيدا ڪجي، علم جي حاصلات جو جذبو پيداٿئي ۽ انسانيت جو معيار مال دولت نه هجي. رڳو گفتار جا غازي نه پر ڪردار جا به غازي بڻجن! اسلامي تهذيب جو تصور هڪ اڻ کٽ ارتقا آهي. زندگيءَ ۾ تقليد کان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ تحقيق کان به وڌيڪ زندگيءَ کي مثالي بڻائڻ جي عملي ڪوششن جي ضرورت آهي.
    آخر اسلام ۾ ڪهڙي اهڙي خاصيت هوندي جيڪا کيس ٻين قومن جي تهذيبن کان نرالو ڪري بيهاريندي ؟ هڪڙا ماڻهو چون ٿا ته انگريز اسان کان بهتر مسلمان آهن. اسلامي صفات منجهان جيڪڏهن اسان وٽ پنج سيڪڙو سرمايو بچيو آهي ته انگريزن وٽ پنجاهه سيڪڙو موجود آهي. انگلستان ۾ چور بازاري ڪانهي، آفيسرن ۾ رشوت خوريءَ جو ڪلچر ڪونهي، هر فرد کي ڪنهن به تفريق کان سواءِ اعليٰ تعليم جي حاصلات جا موقعا ميسر آهن. اُتي ڪمال درجي جي مذهبي رواداري موجود آهي ۽ دين جي معاملي ۾ ڪو به جبر ڪونهي. ڪنهن شخص کي ذاتي ۽ مذهبي عقيدن پٽاندڙ نه ئي ڪا فوقيت حاصل آهي ۽ نه ڪي زندگيءَ جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ! مملڪت هر فرد جي تعليم جو بار کنيو بيٺي آهي ۽ اها هر فرد جي صحت جي ضمانت کنيو بيٺي آهي، اسلامي ملڪن ۾ هن وقت ڪٿي به ڪا اهڙي مملڪت ڪانهي! غير مسلم قومون، عام ڀلائي جي رستن تي تيزيءَ سان ڊوڙي رهيون آهن. نتيجو اهو آهي ته هر ڪو ويٺو اهو چوي ته اسان کي انگريزن جي نقشِ قدم تي هلي پاڻ کي سڌارڻ گهرجي. افسوس ! جو اسين ڪنهن به مسلمان مملڪت کي ڪٿي به ڪنهن مثال طور پيش ڪرڻ جي قابل نه رهيا آهيون، تڏهن ته ”اسٽالن“ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان سندس پيش ڪيل اسلامي انقلابي نظريي جي مطابق ڪٿي به ڪنهن مملڪت هجڻ جو سوال پڇيو هو ته مولانا سنڌي لاجواب ٿي ويو هو! چوندڙ اهو به چئي سگهن ٿا ته چوڏنهن سئو ورهيه اڳ جي حالتن ۽ موجوده تقاضائن ۾ ايترو فرق اچي ويو آهي جو هن زماني ۾ ان تجربي کي دهرائڻ محض سادگي آهي ته اهو اعتراض هڪ حد تائين بلڪل درست ٿيندو.
    پر حقيقت اها آهي ته صدين کان اسان جي ترقي رڪيل آهي. اسين اسلام کان پوئتي ٿيندا وياسون ۽ ٻيون قومون اصلاحات ۽ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ اسان کان نڪرنديون ويون.
    قافلے دیکھ اور ان کی برق رفتاری بھی دیکھ
    رہرو در ماندہ کی منزل سے بیزاری بھی دیکھ
    پر مايوسي ڪفر آهي، ملتن ۽ قومن ۾ زوال ۽ ڪمال ايندا رهندا آهن، اسان جي آڏو ، هزارين ورهين کان ستل رجعت پسند ۽ بيٺل قومون هڪ ئي سٽ ۾ بيدار ٿيون ۽ پنهنجي ڪايا ئي پلٽي ڇڏيائون، آخر ڪهڙي ڪارڻ اسين هميشه پسمانده رهنداسون؟
    هن وقت فوري ضرورت ان شيءِ جي آهي ته اسين پنهنجي نصب العين جي وضاحت ڪيون ۽ جديد زندگيءَ جي حقيقتن کي نظر انداز نه ڪريون. پهريان اسين ترقي يافته قومن وٽان خُذُ ما صَفَا دَع ما ڪَدَرَ جي، بنياد تي، ”بهتر شيون حاصل ڪيون ۽ ردي شيون ڇڏي ڏيون“ هاڻي به اسان کي ٻين جي تجربن مان فائدو وٺڻ گهرجي ۽ کوڙ ڳالهين ۾ پاڻ کي ترقي يافته قومن جو شاگرد به ٿيڻو پوندو، پر اسلام اسان جو نصب العين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان جي اسين وضاحت ته ڪري سگهون ٿا ۽ زندگيءَ تي ان جي نواڻ به آڻي سگهون ٿا پر ان جي بنيادن ۾ ردوبدل نه ايماناّ ممڪن آهي نه عقلاّ !
    اسلام، بنيادي طور تي ايمان باالله ۽ خدمتِ خلق جو نالو آهي. اسلام، انسانن مان مصنوعي تقسيمون مٽائڻ چاهي ٿو. هو نسل پرستيءَ کي حرام سمجهي ٿو ۽ دنيا جي مڙني قومن کي مِنْ حَيْثُ اْلَقْومِ سندن قومي حق مهيا ڪرڻ جي ضمانت ڏئي ٿو..! اسلام، آزادي ۽ مساوات جي تعليم ڏئي ٿو. اسلام هر قسم جي غلامي مٽائڻ گهري ٿو. اسلام انسانن کي عدالت، رحمت، حڪومت ۽ عفت جهڙن فطري آدرشن کي زندگيءَ جو حصو بنائڻ جي تلقين ڪري ٿو. اسلام، دولت ۽ قوت کي هڪ ذريعو سمجهي ٿو، نه ڪي زندگيءَ جو مقصد ۽ نصب العين! اسلامي زندگيءَ جو بنياد الحاد نه بلڪه توحيدآهي! اسلام زندگيءَ ۾ طبعي، اخلاقي ۽ روحاني جمال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. اسلام هڪ پاسي رهبانيت کان ۽ ٻئي پاسي دنيا پرستيءَ کان روڪي ٿو. اسلام زندگيءَ جي سمورن سهڻن نصب العينن جو جامع آهي. هو ڌارين قومن جي ڪمالات کي اپنائڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي نه ٿو سمجهي. جيڪڏهن اسلام، اهو ئي آهي ته زندگيءَ جو ڪوبه نصب العين- جيڪو انساني زندگيءَ کي بهتر بنائي سگهي ان کان ٻاهر ٿي نه ٿو سگهي. اسان جو حال خراب آهي، ڪاش! اسان جو نقطه نظر ۽ سوچ جو انداز مسخ ٿيل اسلام جي بجاءِ اوريجنل ۽ حقيقي اسلام جي مطابق ٿي پوي ته هوند ! اسان جو مستقبل اسان جي ماضيءَ کان وڌيڪ چمڪدار ٿي پوي!

    وَمَا ذالک عَلَي الله بِعَزِيز.


    ڪامل ۽ مڪمل انسان

    ڪامل انسان جي وضاحت کان اڳ مناسب ٿيندو ته انسان ۽ ڪمال جي تصورن بابت ڪجهه عرض رکجي. هن ڪائنات ۾ مخلوقات جا جيڪي اڻ کٽ قسم آهن، انهن مان سڀ کان وڌيڪ سمجهڻ ۾ ڏکي هستي انسان آهي. انسان مٽي، هوا، پاڻي، باهه ۽ فطرت جي مظهرن بابت تمام گهڻو يقيني علم حاصل ڪري ورتو آهي ۽ ان يقيني علم سبب انسان خار جي فطرت مٿان قابض ۽ فاتح بڻبو پيو وڃي، پر پاڻ پنهنجي بابت سندس علم الف ب کان به اڳتي نه وڌيو آهي. پاڻ بابت سندس علم اڃا ظني (قياسي) آهي پر جنون (چريائپ) وانگر ظنون (قياسن) جا به ڪيترائي قسم آهن. انسان پنهنجي بابت متضاد تصور قائم ڪيا آهن ۽ انهن تضادن کي دور ڪرڻ عقل ۽ ڏاهپ توڙي اخلاق ۽ ايمان جو مقصد آهي، پر اهو ڪم عام حالتن ۾ نهايت ڏکيو ۽ اڻ ٿيڻو ڀائنبو رهيو آهي. ماديت پرست فلاسافر انسان کي لامحدود مادي ڪائنات جو هڪ اتفاقي ڏيک ۽ عارضي ڪيفيت قرار ڏنو. هن بي مقصد دنيا کي اجايو ۽ غير جٽادار وجود قرار ڏنو. هوڏانهن آئيڊيلسٽن ان کي ”ڪائنات جو سرچشمو ۽ مرڪز“ قرار ڏنو، پر حقيقت هيءَ آهي ته هيءُ لامحدود زمان ۽ مڪان سڀ جو سڀ ان هڪ جام ۾ غرق آهي جيڪا انسان جو نفس يا دل آهي. سڀ فلسفا ۽ دين انسان جي متضاد فطرت کي کليو کلايو پيش ڪن ٿا. انسان هڪ طرف ملائڪن جو مسجود آهي ته ٻئي طرف خالق وٽ مردود. هيءَ احسان التقويم واري مخلوق جڏهن پستين ۾ ڪرندي آهي ته اسفل السافلين جي اونداهين کاهين واري پستيءَ ۾ وڃي ڪرندي آهي ۽ مٿي چڙهندي آهي ته تخلقوا باخلاق الله جي ڪٺن راهه طئي ڪرڻ کانپوءِ مجاهدو ۽ معرفت کيس ازلي حقيقت جو ايتريقدر هم صفت بڻائيندا آهن جو باهه ۾ پيل لوهه وانگر بشريت ۽ الوهيت ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هڪ طرف هو ان امانت جو امين آهي جنهن کي قبول ڪرڻ کان زمين ۽ آسمان ڏڪي ويا پر اها امانت قبل ڪرڻ وارو هيءُ ظلوماً جهولا جون صفتون به رکي ٿو.
    ڪنهن کيس نسورو مجبور قرار ڏنو ۽ ڪنهن کيس پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهيندڙ سمجهيو. منطق ڪجهه به چوي پر حقيقت هيءَ آهي ته نه اختيار کانسواءِ ڪو چارو آهي ۽ نه صبر کان لنوائي سگهجي ٿو.
    انسان بابت جيتريون به متضاد ڳالهيون ڪيون ويون آهن انهن سڀني ۾ هڪ جزوي سچائي موجود آهي. انسان عقل جي جوهر سان نوازيو ويو آهي پر ان عقل کي خواهشن ۽ جذبن جو غلام به انسان ئي بڻائيندو آهي. قرآن جي روءِ سان اهو درست آهي ته انسان کي خدا پنهنجي فطرت مطابق بڻايو. فطرت الله اللتي فطرة الناس عليها پر اهو انسان ناشڪر ”لربھ لڪنود“ يعني پنهنجي رب جو ناشڪرو به آهي. اٻهرو به آهي ته ڏک ۽ غم به سندس فطرت جو لازمي جزو آهي. انسان جي زندگيءَ جو سودو گهڻو ڪري ته خساري جو ئي سودو آهي. (اِنَّ الْاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسْرٍ)
    اسلام ۽ ان جي ڪتاب (قرآن حڪيم) ۾ انسان جون اهي سڀ ڪيفيتون بيان ڪيل آهن پر گڏوگڏ اها هدايت پڻ ڪيل آهي ته انسان جي زندگيءَ جو مقصد اهوئي آهي ته هو زندگيءَ جي تضاد ۽ مونجهاري کي حل ڪندي لڳاتار ان وحدت ۽ هيڪڙائيءَ ڏانهن وکون کڻندو رهي جيڪا زندگيءَ ۽ ڪائنات جو سرچشمو آهي. ان لحاظ کان دين ۽ عقلي ڏاهپ ۾ ڪو تضاد ڪونهي. دين جي تعليم به اهائي آهي ته سڄي ڪائنات پنهنجي ڪثرت ۽ قسمين قسمين هجڻ باوجود هڪ هيڪڙائيءَ مان نڪتل آهي جيڪا شين جي ڪثرت ۽ ظاهري فرق جي جوڙيندڙ آهي.
    اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ (ترجمو:الله لاءِ ئي آهيون ۽ اوڏانهن ئي موٽڻا آهيون) جو پڻ اهوئي مفهوم آهي ته اسان جو سرچشمو هڪ اڪيلو خالق آهي ۽ زندگيءَ جو مقصد به انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻ آهي. اهو ان ڏانهن موٽڻ جو مسلسل سفر آهي. کل شيءِ يرجع الا اصلھ عقل ۽ ڏاهپ جو ڪم به اهوئي آهي ته خارجي فطرت هجي يا انساني نفس (انفس ۽ آفاق) مطلب ته هر هنڌ انهن قانونن جي ڳولا ڪري جن بابت قرآن حڪيم تبديل خلق الله چيو ۽ انهيءَ کي دين مقيم قرار ڏئي دين ۽ حڪمت (ڏاهپ) کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو. دين هجي يا علم يا اخلاق سڀ ضدن کي دور ڪرڻ جون ڪوششون آهن. اچو ته ان لحاظ کان اسلام ۽ ان کي پيش ڪندڙ رحيم ۽ حڪيم نبيءَ جي تعليم ۽ زندگيءَ تي هڪ مٿاڇري نظر وجهون.
    گهڻا فلسفا ۽ مذهب زندگيءَ جي ظاهري ۽ باطني تضادن کان گهٻرائجي ويا. ڪنهن چيو ته هيءَ بدلجندڙ دنيا ۽ غير حقيقي ۽ نظر جو دوکو يا مايا آهن ۽ گيان جي ذريعي ان فريب کان نجات ماڻڻ زندگيءَ جو مقصد هجڻ گهرجي، ڪنهن خواهشن جي غير مطمئن ڪندڙ ڇڪتاڻ کان بيزار ٿي اهو فيصلو ڪيو ته اهو مٿي جو سور ختم ٿيڻ جو نه آهي، تنهن ڪري سٺين ۽ خراب خواهشن کي پاڙئون پٽڻ سان ئي نرواڻ حاصل ٿي سگهي ٿو. ڪن هڪ دنيا بدران خير ۽ شر جون ٻه دنيائون بڻايون. اسلام سورة فاتحه جي پهرين سٽ ۾ انهن سمورن باطل نظرين کي رد ڪيو. ڪائنات جي خالق کي رب ۽ پالڻهار قرار ڏيندي ٻڌايو ته اهو رب ڪنهن هڪ علم (دنيا) جو رب ناهي پر رب العالمين آهي. سموريون دنيائون هڪ ئي خالق جون تخليق ڪيل ۽ هڪ ئي پالڻهار جي پرورش ڪيل آهن. جمادات، بنادات، حيوانات، انسان ذات، آسمانن، ملائڪن جو هڪ ئي خالق آهي جيڪو رحمان ۽ رحيم آهي. رحمانيت ۾ رحمت جو جيڪو مظهر آهي ان جو تعلق ڪائنات جي تخليق سان آهي، جنهن جون نعمتون ۽ برڪتون مخلوقات جي سهڻن عملن جو اجر نه پر خالق جي رحمت جو نتيجو آهي. ان کانپوءِ رحيمي شان آهي جيڪو انسانن جي غلط راهه اختيار ڪرڻ کانپوءِ پڌرو ٿيندو آهي. جيڪڏهن انسانن جي هر غلطيءَ تي پڪڙ ۽ عذاب هجي ها ته زندگي ناممڪن بڻجي پوي ها. خدا وٽ عدل به آهي ته ان جي رحمت ان جي عدل مٿان به حاوي آهي، تنهن ڪري رب العالمين کي رحمان ۽ رحيم چوڻ کانپوءِ مالڪ يوم الدين چيو ويو آهي ته جيئن رحمت جي اڳرائي انسان تي واضح ٿئي. جهڙيءَ ريت اسلام جو پيش ڪيل خدا رب العالمين آهي اهڙي ريت ان جو ڪامل نبيﷺ به مڪمل رحمت جو مظهر آهي. ڪيترن مذهبن ته هن ڪائنات کي ملعون قرار ڏنو هو، پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته هيءَ ڪائنات نه بي بنياد آهي ۽ نه باطل ۽ مردود. رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ ہٰذا بَاطِلًا (ترجمو: مومن چوندا آهن ته اي رب اسان جا دنيا تو اجائي پيدا نه ڪئي آهي) خدا جي رحمت سموري ڪائنات ۾ جاري ۽ ساري آهي، اُها ڪنهن هڪ دنيا (عالم) تائين محدود ناهي. حقيقي معرفت جي تقاضا هيءَ اهي ته هر دنيا (عالم) کي خدا جو هڪ مظهر سمجهيو وڃي ۽ هر مظهر ۾ خدا جون حڪمتون ۽ نعمتون ڳوليون وڃن. رهبانيت جا مذهب مادي ۽ جسماني دنيا کي ملعون سمجهي فڪر ۽ عمل ۾ ان کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا هئا ته روحانيت جي تڪميل لاءِ دنيا کان ڪناره ڪشي ۽ جسم کي ايذاءَ ڏيڻ کي ضروري سمجهندا هئا. نبي حڪيم ۽ رحيم اهو اعلان ڪيو ته ”لارهبانيت في الاسلام“ ڪو انسان دنيا کي رد ڪري ته روحانيت ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ خدا تائين ان جي رسائي ٿي سگهي ٿي. انسان جي مقصدن ۽ جذبن ۾ تضاد پيدا ٿيندو آهي پر ان جو علاج جذبن کي مارڻ سان نه پر عملن جي حدن سان ان ۾ توازن پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن جذبن جون قوتون نه پاڻ ۾ وڙهي پون ۽ نه عقل ۽ ايمان سان هٿئين پئجي وڃن. قرآن ۽ حديث ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي نفس اماره ۽ جذبن جي سرڪشيءَ لاءِ شيطان جو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي. نبي ڪريمﷺ فرمايو ته هر شخص سان سندس هڪ شيطان لڳل آهي. ٻڌندڙ صحابي پڇيو ته ڇا حضورﷺ جن سان به آهي؟ ان جو جيڪو بصيرت ۽ حڪمت ڀريو جواب ڏنو ويو اسلام جو سمورو امتيازي شان ان جي اندر موجود آهي. فرمايو ويو ته ها مون سان گڏ به آهي پر مون ان کي مسلمان بڻائي ان کي پاڻ سان گڏ رکيو آهي. ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته اسلام جي روءِ سان دنيا ۾ ڪا به اهڙي سگهه ڪونهي جنهن کي مطلق شر چئي سگهو. زندگيءَ جون اڪثر قوتون پوءِ مادي ۽ طبعي هجن يا نفسي يعني بجليءَ وانگر، ٻئي طرف قوتون آهن. خير ۽ شر جو مدار انهن جي صحيح يا غلط استعمال تي آهي. ڏسو رسول ڪريمﷺ جي رحمت ڀري تعليم جنهن ۾ جذبن ۽ شهوتن جي شيطانيت پڻ عملي زاويي جي تبديليءَ سان زندگيءَ جي معاون ۽ ارتقا جو ذريعو بڻجي سگهي ٿي.
    صفتن جي ڪمال جو تصور خدا جي ذات سان لاڳاپيل آهي. خدا جي ڪامل ذات جو سمجهڻ انسان لاءِ ممڪن ناهي. خدا عليم آهي پر ان جو علم انسان جي علم وانگر نٿو ٿي سگهي جيڪو مشاهدي، استقرار (طئي ٿيڻ جي حالت)، استخراج (ڌاريا خارج ڪرڻ واري حالت) ۽ سبب اسباب جي ڳانڍاپن کان واقف ٿيڻ جو نالو آهي. هو سميع آهي پر ان جو ٻڌڻ ان قسم جو ناهي جيڪو انسان جي ٻڌڻ جي اوزار جي پيداوارآهي. هو ڏسندڙ آهي پر سندس ڏسڻ جو عمل اسان جي اکين جي ڏسڻ وانگر نٿو ٿي سگهي. هُو رحيم آهي پر ان جي رحم ۾ اُها احسانمنديءَ واري ڪيفيت نٿي ٿي سگهي جيڪا انسان جي رحم واري جذبي ۾ هوندي آهي. انهن صفتن جو ڪمال فقط خدا ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ڪيترائي مذهب ۽ دين ان غلطيءَ سبب نبوت الوهيت بڻجي وئي. انهن مذهبن اهو به نه سوچيو ته جڏهن خود خدائي انسان جو روپ وٺي دنيا جي هدايت لاءِ نازل ٿيو ته انسانن لاءِ اهو ڪهڙيءَ ريت مثال ۽ اسوه حسنه بڻجي سگهي ٿو. انسان جي رهنمائيءَ لاءِ ته انسان جو ئي اعليٰ مثال ڪم اچي سگهي ٿو. انهن مذهبن جي ڀيٽ ۾ محمد رسول اللهﷺ جو ڪمال انسانيت جو ڪمال آهي. هيءُ اهڙي انسان جو ڪمال آهي جيڪو انسانن آڏو پنهنجو پاڻ کي خدا جي ٻانهي طور پيش ڪري ٿو ۽ پاڻ کي معبود بنائڻ جو باطل خيال به سندس ذهن ۾ نٿو اچي سگهي. هو ماڻهن کي چوي ٿو ته مان وڏي عرصي تائين حق جو طالب ۽ سوچ ويچار ڪندڙ انسان هوس ۽ مون کي اها خبر به نه هئي ته ايمان ڇاکي چوندا آهن. هو هدايت يافته ٿيڻ بعد پاڻ کي خدا جو پيغمبر چوي ٿو، هُو عالم الغيب هجڻ جو دعويدار ڪونهي. هو راست بازيءَ سان چوي ٿو ته مون کي غيب جو رڳو ايترو علم آهي جيترو خدا مون کي عطا ڪيو آهي. هو خدا جي ڪُلي معرفت جو تمام گهڻو حصو ماڻڻ بعد به ما عرفتڪ حق معرفتڪ (ترجمو: مان تنهنجي معرفت جو حق ادا ڪرڻ کان عاجز آهيان) پڪاري ٿو. اي خدا تنهنجي ذات کي ڀليءَ ڀت ڄاڻن جي دعويٰ ڪير ٿو ڪري سگهي. هو پنهنجي پيروڪارن کي چوي ٿو ته دنيا جي ڪمن ڪارين جي ڄاڻ توهان کي مون کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. بشريت جي تقاضا سبب مون کان به غلطي ٿي سگهي ٿي. انهن اعتراضن سان ڪنهن مخلص ۽ راست باز (سڌي رستي تي هلندڙ) انسان جي ڪمال ۾ ڪو نقص نٿو ٿي سگهي. درحقيقت ڪنهن انسان طرفان ڪمال جي دعويٰ ڪرڻ خود نقص جي علامت آهي. پاڻ سڳورنﷺ جو ڪمال بشريت ۽ الله جي ٻانهپ جو ڪمال آهي. پاڻ سڳوراﷺ ڪامل خدا نه پر ڪامل انسان آهن. ان ڀلاري هستيءَ جو ڪمال صفتن جي همه گيري ۽ عمل جي جامعيت تي ٻڌل آهي، جنهن خدا کين سڀني جهانن لاءِ سدائين لاءِ سهڻو نمونو بنائڻ ٿي چاهيو ان جي مشيت کين زندگيءَ جي سڀني مرحلن مان گذاريو ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر مرحلي ۾ سندن فڪر ۽ عمل جو اندازو ان شعبي ۾ انسانن لاءِ هدايت جي شمع بڻجي ويو. غربت ۽ يتيميءَ کان وٺي انساني زندگيءَ جا سمورا طئي ڪري ورتا. هو هڪ مزدور جي زندگي به بسر ڪري چڪا هئا تنهن ڪري مزدورن جي حقن ۽ فرضن کان ڀليءَ ڀت آگاهه هئا. مزدورن کي دنيا حقير سمجهندي هئي پر سڀ کان پهرين پاڻ سڳورنﷺ اعلان ڪيو ته الڪاسب حبيب الله. جائز ڌنڌي ۽ مزدوريءَ مان روزي ڪمائيندڙ خدا جو دوست آهي. خدا جو دوست هجڻ کان مٿانهون درجو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. هر قسم جي مصيبتن ۽ مخالفتن جي مقابلي ۾ اٽل، صبر ۽ مستقل مزاجي، ناڪامين ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ ۽ ڪاميابيءَ جي وقت وڏائي ۽ تڪبر کان نفس کي بچائڻ، ديانتداري ۽ حڪمت عمليءَ سان هڪ ڪامياب واپاريءَ لاءِ مثال بڻجڻ، هڪ وڏي عمر جي بيواهه سان شادي ڪري آخر تائين محبت ۽ وفا جو مثال پيش ڪرڻ، ڪامياب فاتح بڻجي اذيت ڏيندڙ پٿر دل ڏوهارين کي لا تثريب عليڪم اليوم چئي معاف ڪري ڇڏڻ، صلح ۽ امن کي پنهنجي ڪوششن جو مقصد ٻڌائيندي ۽ جنگ جي ضرورت پوڻ تي بهادريءَ سان ويڙهه ڪندي به انسانيت جي قدرن کي نظرانداز نه ڪرڻ، هڪ قانون ساز جي حيثيت ۾ اهڙا عدل انصاف تي ٻڌل قانون پيش ڪرڻ جن جو مثال ان کان اڳ نٿو ملي. زندگيءَ جو ڪهڙو شعبو آهي جنهن بابت بنيادي هدايت سندن زندگيءَ جي سهڻي نموني (اسوه حسنه) ۾ نه ملي سگهي. پنهنجن توڙي پراون سان سهڻو ورتاءُ، اختلاف باوجود ٻين مذهبن جي پيروڪارن سان سهڻي سلوڪ جي تاڪيد، سڀني فردن ۽ قومن لاءِ مذهب ۽ ضمير جي آزادي، لااکراه في الدين جو عام اعلان، سواءِ انهن معاملن ۾ جن ۾ فطرت پاڻ فرق رکيو آهي. مردن، عورتن جي حقن ۽ فرضن ۾ عام مساوات ۽ هڪ جهڙائي، علم حاصل ڪرڻ جي فضيلت ۽ ان لاءِ ترغيب، علم وڌائڻ جي مسلسل ڪوشش ۽ ان لاءِ دعا، زندگيءَ جي اوسر ۽ ارتقا جو تصور. اهو ته جنهن شخص جا ٻه ڏينهن ساڳيا رهيا ۽ ان ڪنهن سٺي پهلوءَ ۾ ترقي نه ڪئي ته هو خساري ۾ رهيو. من الستوا و ماه فهو مغبون. روحانيت، حڪمت (ڏاهپ) ۽ اخلاق جون سٺيون ڳالهيون کانئن اڳ به نبي سڳورا، اولياءَ، صالح ۽ ڏاها چوندا پئي آيا پر ايمان، حڪمت ۽ عمل ۾ اُها جامعيت ڪٿي به نٿي ملي.
    نبوت اهڙي ئي شخص تي ختم ٿي سگهي ٿي جنهن جي زندگي ڪنهن به پهلوءَ جي حوالي سان اڻپوري نه ڏسجي جيڪو مزدور ۽ هاريءَ لاءِ مثالي هجي ته حڪمران ۽ داناءَ لاءِ به. جيڪو زندگيءَ لاءِ جاکوڙڻ ۽ سوچ ويچار ۽ جذبن جي تضادن ۾ کين حل ڪرڻ ۽ انهن ۾ هيڪڙائي پيدا ڪرڻ جو ڍنگ رڳو نظري طور نه ٻڌائي پر نصب العين کي عملي روپ ڏيئي فردن ۽ قومن لاءِ مٿانهون مثال پيش ڪري. ان جامعيت وارو انسان پاڻ سڳورنﷺ جي بعثت کان نه اڳ انساني تاريخ پيش ڪيو ۽ اڳتي ان جو امڪان آهي. خالي مٿانهين درجي فڪر ۽ فلسفي جي ڀيٽ ۾ زندهه عملي مثال گهڻو وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو آهي. انسانن جا اخلاق سٺن مثالن ۽ نمونن کان متاثر ٿي عملي سانچن ۾ ٺهندا آهن. وڌ ۾ وڌ تعداد ۾ سٺا نمونا پاڻ سڳورنﷺ جي زندگيءَ ۾ ئي ملي سگهن ٿا. اهڙي ئي انسان کي ڪامل انسان چئي سگهون ٿا جنهن جو ڪمال زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نظر ايندڙ ۽ حوصلو بخشيندڙ هجي ۽ جنهن جي جامعيت کان انسانيت جو ڪو به شعبو ٻاهر نه هجي. *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471388
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ