ڪتاب جو نالو: انڌا اونڌا ويڄ
مصنف: رسول بخش پليجو
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 23 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 1906 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 577 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.
ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)
  • (9)
  • (10)
  • (11)
  • (12)
  • (13)
  • (14)
  • (15)
  • (16)
  • (17)

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (219) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ “ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جي لکڻين جي سهيڙ آهي.

    ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن جديد سنڌي ادب، اديبن ۽ شاعرن خاص ڪري شيخ اياز جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪن ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي ته رسول بخش پليجي جديد ادب جي بچاءَ ۾ روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن جا جواب ڏنا، جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ڇپيا. هن ڪتاب جي سنڌي تنقيدي ادب ۾ وڏي اهميت آهي.

    ان بابت محترم شمشير الحيدري ٻڌايو ته شيخ اياز خلاف سخت لکيو پئي ويو ۽ خاص ڪري جماعت اسلامي پاران هن خلاف فتوائون صادر ٿي رهيون هيون۔ مان رسول بخش پليجي جي خدمت ۾ حاضر ٿيم۔ چانهه پيارڻ کانپوء چيائين ڪم ٻڌاء، مون عرض ڪيومانس ته شيخ اياز خلاف وڏي واويلا پئي هلي ڪجهه ڪر۔ چيائين ڇا ڪيان۔ مون عرض ڪيومانس ته ڪجهه لک۔ هن هڪ ڪالم لکيو ۽ چيائين هي وٺ۔ مون کيس عرض ڪيو ته هڪ ڪالم سان ڇا ٿيندو ۽ پوء مان اتي رهي پيس ۽ پوء ڪالمن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هڪ مهيني ۾ ڪتاب ڇپجي ويو، جيڪو سڀني جي سوالن ۽ فتوائن جو جواب آهي۔

    پليجو صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو:

    ڪجهه عرصي کان نام نهاد ”اسلام دوست“ نقادن جي هڪڙيءَ گئنگ، هڪڙي سنڌي اخبار جي شوشي باز ايڊيٽر جي سرڪردگيءَ هيٺ. شيخ اياز، گرامي ۽ ٻين سنڌي اديبن تي ڪريل ۽ ناشائسته حملا شروع ڪيا آهن. جي ڪريل ذهنيت، اٿاهه جهالت ۽ سستي شهرت جي بي انتها بک جو نتيجو آهن. اهي اپاهج ۽ لولن ذهنن ۽ ناڪام هوس جو، ڪال ۽ ڏات کان بدترين ۽ ڪمينو انتقام آهن. هي شخص سکڻيون ڪنيون آهن، جيڪي گهڻو اڀامن ٿيون، ٺلها چڙا آهن جيڪي گهڻو وڄن ٿا. هنن جي لفظ لفظ ۾ حسد، ڪيني ۽ بغض ۽ ساڙ جا ٽانڊا ۽ فتني ۽ تعصب جو زهر آهي. هي جاهل ۽ ڪم ظرف شخص اهل ڪمال ۽ اهل سخن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، کين بد شد ڳالهائين ٿا ۽ کين ڌمڪيون ڏين ٿا. هي جهالت جي اونداهن ٻرن ۾ لڙڪيل چمڙا ۽ ويران کنڊرن ۾ ويٺل چٻون ادب ۽ فن جي آسمانن تي پرواز ڪندڙ شهبازن تي ڏند ڪڍي کلن ٿيون، سندن اهلون ڪن ٿيون، ۽ ڪانگن ۽ ڪٻرن جو داد حاصل ڪري، ڦونڊ ۾ ڀرجي نچن ٿيون. هنن تنقيد جي شريفاڻي لباس ۾ مڪريل، گلاخور ۽ چغلباز ڌوتين وانگر، اخلاق ۽ شرافت جا ليڪا لنگهي، سٿڻون گوڏن کان مٿي کڻي، سنڌ ۾ هڪ زناني ويڙهه شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ تاڙ پيئي لڳي، يار چگهه پيا نڪرن ۽ ڪچين گارين جو ڌوڙيو پيو پوي. هنن هڪ اهڙو تماشو شروع ڪيو آهي، جو جيڪڏهن اردو يا ٻين ٻولين وارا سڻي سمجهي سگهن، ته جيڪر سنڌين جا ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃن. دنيا حيران ٿي ويندي ته ڇا هي آهي تنقيد جو معيار ۽ هي آهي فهم ۽ سخن جي پرک ۽ ان جو طريقو! هنن شخصن جيڪو ادبي سانگ رچايو آهي، تنهن ۾ پاڻ کي ادب جا ڪوٽوال مقرر ڪيو اٿن. اديبن جي زبان بند رکڻ لاءِ هو مٿن ڪفر ۽ الحاد، ڪميونزم ۽ بداخلاقيءَ جي الزام جا ڏنڊا-الارين ٿا، سندن ادبي تخليقن کي پنهنجين ٽيڏين اکين سان گهورين ٿا، ته کين اهي ٽيڏيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. افسانه ٽيڏا، شعر ٽيڏا، مضمون ٽيڏا، بلڪ سري کان ئي هڙئي ڪتاب ۽ رسالا به ٽيڏا! جيڪا ڳالهه سندن تنگ ۽ تاريڪ دماغ ۾ ماپي نٿي سگهي، سا ڪفر آهي، الحاد آهي. نه رڳو محب وطن ۽ عوام دوست اديبن ۽ سندن تخليقن تي هي واهيات ۽ شر انگيز حملا ڪن ٿا، ۽ سندن پويان ڀنڊي ٻارين ٿا، بلڪ انگريز پوليس جي چغلخورن ۽ دلالن وانگر سرڪار وٽ به چغليون هڻن ٿا. چي فلاڻو اديب خطرناڪ آهي، ان کي جيل ۾ وجهو، فلاڻو شاعر دهريو آهي، ان کي سنگسار ڪريو، فلاڻي کي نوڪريءَ تان لاهيو، ۽ فلاڻي تي ڪارروائي ڪريو! هنن جو وس پڄي ته هوند سمورا ڪتاب، جي سندن سمجهه کان ٻاهر آهن، سي ساڙائي ڇڏين ۽ سڀني اديبن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏين. سندن لهجو ادبي سنجيدگيءَ ۽ علمي توازن بدران مڇيءَ مياڻ واريءَ بدزبانيءَ، شودن جي بازار واريءَ داداگيريءَ جو بدترين مثال آهي. جتي ادبي دنيا ۾ ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جو بحث پيو هلي، اتي هي وري پنهنجي ”يخي براءِ يخي“ ۽ ”فتنو براءِ فتنو“ جا منصبدار بنيا بيٺا آهن.

    هي ڪتاب مختلف وقتن تي ڇپبو رهيو آهي. آخري دفعو 2014ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    (1)

    متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
    تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.

    (لطيف)

    ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ هرتڙن نقادن جي هڪڙي ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آهي، جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي، ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، ۽ هنبوڇيون هڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا، جيڪو ٿو سامهون اچين، تنهن کي سٽيندا، ڪُٽيندا، ڏاڙهيندا وڃن. وڏا پهتل، وڏا ادبي اولياءَ، ڪانيءَ ڪرامت جا ڌڻي، ٿيءَ ٿينديءَ جي خبر، اکيون ڄڻ ته ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال، “اسلام! اسلام!” “مذهب! مذهب!” “اخلاق! اخلاق!” جا نعرا، “بچايو! بچايو!”، “جهليو! پڪڙيو!” جا واڪا، ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن، جو ماڻهن جا ساهه سُڪي ويا آهن. ڪير آهي، جو هنن خدائي فوجدارن، مذهبي ٺيڪيدارن، ليسن بردار اديبن، اُپٽ مار عالمن، ڪڪڙ ڪاٺ ۾ وجهندڙ تيس مارن جي سامهون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي! چوطرف “الامان” ۽ “نفسي! نفسي!” جي پڪار آهي. هر ڪو پيو ڪنبي ته ڪڏهن ٿي اها ڄٽ پوليس مون تي اچي ڪڙڪي. خدا جي پناهه! هڪ هٿ ۾ ٺونٺ جيڏا ادبي پروانا ۽ راهداريون، ٻئي ۾ جهالت ۽ تنگ نظريءَ جا شاهي ڏنڊا، شيطان جي آنڊي جيڏن لقبن جون گردن ٽوڙ ڀريون مٿن تي، تعصب ۽ حسد جون ڇُريون بغلن ۾، سڙيل ڳريل پاروٿن ۽ زهريلن خيالن جا ڳوٿرا پُٺن تي، مڪر ۽ ريا جا وڏا ڊگها جاما لوڏيندا، خدا جي خلق ۾ ڪاهي پيا آهن. ڪو شاعريءَ جو بابو آدم ۽ فردوسي، ڪاليداس ۽ شيڪسپيئر جي استادن جو استاد بڻيو بيٺو آهي، ته ڪنهن کي ڏسو ته ڪاليج جي ليڪچراريءَ مان هڪدم اُٿندي وڃي افلاطون ۽ سُقراط سان ڪلهي گس ڪئي اٿس، ته ڪو وري رات وچ ۾ گمنام شاعرڙي مان ڦِري نقاد آخر زمان بڻجي ويو آهي. هيءَ مخلوق اوچتو ڪٿان پيدا ٿي آهي؟ ڇو پيدا ٿي آهي؟ سندن شان نزول ڪهڙو آهي؟ سندن انهيءَ هاءِ گهوڙا، جنون ۽ واويلا ۽ وٺ وٺان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
    سرزمين سنڌ تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ فن جو قديم ترين مرڪز آهي. هن کاڻ هزارين اهڙا بي بها لعل ۽ گوهر پيدا ڪيا آهن، جي تاريخ جي پيشانيءَ تي جاوداني آب ۽ تاب سان چمڪندا رهندا. دودي ۽ درياهه خان جهڙا دلاور ۽ سرفروش محب وطن، علي شير “قانع” جهڙا مورخ ۽ دانشور، ابوالفضل ۽ فيضي جهڙا يگانا ۽ بي مثال عالم، دانا ۽ مدبر، شاهه عنايت ۽ شاهه بلاول جهڙا دلير ۽ بيباڪ حق پرست ۽ حق گو، لطيف ۽ سچل جهڙا لازوال شيرين ڪلام شاعر هن خاڪ جا ئي ڪرشما هئا. هر دؤر ۽ هر زماني ۾ هيءَ سرزمين پنهنجو بي بها انساني فصل اُپائيندي رهي آهي. سندس واديون ۽ جبل هميشه مٺڙن ۽ رسيلن نغمن، عظيم ۽ اعليٰ ڪارنامن جي پڙاڏن سان گونجندا رهيا آهن.
    شعر ۽ سخن جون مٺيون زندگي بخشيندڙ نهرون ته هتي ڪڏهن به خشڪ نه ٿيون آهن. قاضي قاضن، شاهه ڪريم، لطيف، سچل، بيدل، سامي، سانگي، روحل، دلپت، مسافر، گل، قليچ، مخلص، بلبل، بيوس، حافظ شاهه حيات- هزارين خوشنما بلبلن جا مٺڙا، رسيلا نغما، قسمين قسمين دلنواز لاتيون. هر ڪنهن جي پنهنجي طرز، پنهنجي رس ۽ پنهنجي سر. ڪو پنهنجي دؤر ۽ زماني جو محبوب، ته ڪو ازلي ۽ ابدي ڏات جو ڌڻي، جنهن جا آلاپ سالن ۽ صدين جون حدون اورانگهي امر ۽ لافاني بڻجي ويا.
    تهذيب ۽ تمدن جا وهڪرا هميشه پيا هڪٻئي سان ملن. سنڌي تهذيب ۽ تمدن به ڪيترن چشمن جو پاڻي پيتو آهي. سندس شعر ۽ سخن به هندي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي گنج مان حصو ورتو آهي، پر ان سدائين پنهنجي هڪ خاص لئي ۽ نرالو مزاج قائم رکيو آهي. سنڌي شاعريءَ ڪنهن به دؤر ۾ عربي، فارسي يا هنديءَ جي ٻانهپ قبول نه ڪئي آهي. جن ڏينهن ۾ فارسي سنڌ ۾ راڄ ڌڃاڻي ۽ سنڌ جي درٻار جي پٽ راڻي ٿي ويٺي هئي، تڏهن به سنڌي شاعري، پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو، ۽ پنهنجيءَ راهه تي اڏول مزاجيءَ سان رمندي رهي.
    جيڪڏهن ڪنهن سنڌيءَ، فارسيءَ جي آب تاب تي هرکجي، پنهنجي فارسي دانيءَ جي رعب ويهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته ماڻهن کانئس نفرت ٿي ڪئي.

    جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
    جو ٻڌو ٻن ڳالهين سو ڪيئن چائي ڄام،
    اُڃيو ته آب گهُري، بکيو تان طعام،
    اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.

    (لطيف)

    پر اڄ کان هڪ نسل اڳي ڌاري، سنڌ ۾ هڪ عجيب مرض منهن ڪڍيو. انگريزن جي ڦوٽ ۽ تفرقي واري پاليسيءَ سبب، سنڌ ۾ هندوءَ ۽ مسلمان جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني ادبي ميدان ۾ ڪاهي پئي. هندو اچي سنڌي ٻوليءَ کي شڌ بنائي، تلڪ لڳائي، ڌوتي ٻَڌائڻ جي پويان پيو، ته مسلمان چوي آءٌ کيس ان کان اڳ ۾ چوغو پهرائي، ايراني ۽ عرب بڻائي وٺان. اچي جو چٽاڀيٽي لڳي، سو سنڌ جي “پر” ڦري “ليڪن” ۽ “پرنتو”، “پاڻي” ڦري “جل” ۽ “آب”، سنگتي هڪ طرف “متر” ٿي پيا، ته ٻئي پاسي “احباب”! سنڌ جي مٺڙي پياري ۽ سهڻي ٻوليءَ کي هنن ظالمن انڌي تعصب وچان اهڙو ته بگاڙي خراب ڪري ڇڏيو، جو سڃاڻڻ کان پري ٿي وئي. ان دؤر جون سنڌي لکيتون پڙهي، ماڻهوءَ کي خبر نٿي پوي ته لکندڙ سنڌيءَ ۾ لکيو آهي يا هنديءَ ۾ يا عربيءَ ۾. جملن ۾ فقط “آهي” ۽ “ناهي” جهڙا سنڌي اکر ٽنبيا ٿي ويا- ٻيو ٿيو ڀلو!
    اها وبا شاعريءَ ۾ ته خاص ڪري گهر ڪري وئي. شاعرن جا ٻه ٽولا پيدا ٿي ويا، جن سنڌي شاعريءَ تي هندي، فارسي ۽ عربيءَ سان آپريشن ڪرڻ شروع ڪيو- هندن به خوب جوهر ڏيکاريا ته مسلمانن به. تان جو سنڌي شاعري موڪلائي وئي. باقي وڃي هندي ۽ فارسي بچيون. مسلمان شاعرن ته خاص ڪمال ڪري ڏيکاريو. شاهه لطيف وارن ٿرن برن، ڏوٿين، جهانگين، پنوهارن، اوٺين، ڏٿ ڏؤنرن جي ملڪ ۾ هڪدم “لاله”، “نرگس”، “سنبل”، “گلفام” بڻجي ويون. سندن چيلهيون غائب ٿي ويون. سندن قد سرو جيڏا ٿي ويا. سندن اکين مان نماڻائي، قرب ۽ محبت نڪري وئي: ڪٽاريون هٿن ۾، عاشقن جي ڇانگ پويان، قيامت جي چال هلنديون، سڀني کي آسرا ڏينديون، تڙپائينديون، “صحن چمن” ۾ سير ڪنديون نظر اچڻ لڳيون. عاشقن جي صورت به بدلجي وئي. قميصن ۽ پهراڻن بدران هنن شاعرن کڻي ايراني چوغا پهراين. هاڻي هرڪو “آتش سوزان”، “جگر برين”، شعله تپان” کڻيو، “دامن کي تار تار ڪرڻ” يا “اختر شامري” ڪرڻ کي لڳي ويو! هر ڪو ڏسو ته “نيم بسمل”، “دم بلب”، “دم واپسين” تي. “نزع جي عالم” ۾، يعني سدائين سڪرات ۾. جي اتان چڙهيا ته “ڪوءِ بتان” ۾ ٺوڪرون پيا کائيندا يا “وحشت صحرا” سان دل پيا وندرائيندا. هر ڪنهن جي پويان “روح سياه رقيبن” جو ٽولو. ماڻهو ڀائيندو ته سنڌي ڇوڪريون آزاد ڇڙواڳ پيون عاشق نهارينديون وتن. رڳو ايتري ڀُل ڪن ٿيون، جو هنن سچن عاشقن بدران وڃيو سندن رقيبن سان عشق پچائين. سنڌ جي مظلوم، ڪوٽن ۾ قيد، رسمن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل عورت سان هن کان وڌيڪ چٿر ٻي ڪهڙي ٿيندي؟
    پر هتي ته سوال هو “شاعري” جي وزن، بحر ۽ قافيي جو! سو، هنن شاعرن ان ۾ گهٽتائي ڪانه ڪئي، باقي حقيقت سان سندن ڪهڙو واسطو؟
    اهي “اصلي تي وڊا” شاعر جڏهن سنڌي سخن جي سلطنت تي جلوه افروز ٿيا، تڏهن سندن بخت ۽ اقبال جو ڏؤنڪو چوطرف وڄي ويو. ماڻهو فردوسي، شاهه لطيف، حافظ، سعدي، خسرو، غالب ۽ مير جو نالو ڀُلجي ويا ۽ سندن شاعريءَ کي ٻاراڻي کيچل سمجهڻ لڳا. “سنڌي شاعري” کي معراج تي پهچائڻ لاءِ، “سنڌيءَ” جو اکر هٽائي فقط “نج ۽ خالص” شاعريءَ کي رائج ڪيو ويو، جيڪا هڪ اهڙي پاڪ آسماني ٻوليءَ ۾ چيل هوندي هئي، جا پوتر شاسترن وانگر فقط ڪي وڏا جغادري ادبي برهمڻ ۽ مهاراج ئي سمجهي سگهندا هئا. “ڪي رند پروڙين راز” وارو مثال اکين اڳيان هو. هن درٻار طرفان ايڏي ته شاهانه فياضيءَ سان خدمتون، لقب ۽ ادبي جاگيرون ورهائيون ويون، جو هنن هر “شاعر” جي دروازي تي نوبت وڄڻ لڳي. هر ڪو جهنڊي ۽ خلعتون جو ڌڻي! ڪو “استاد الشعرا” ته ڪو “تاج الشعراءَ” ته ڪو “ملڪ الشعراءَ”. هنن “شاعرن” سنڌي شاعريءَ جي جيڪا ٻيڙي ٻوڙي ۽ مٽي پليد ڪئي، تنهن جا اثر چوطرف ڦهلجي ويا. سمورو نسل جو نسل بگڙي ويو- ڳالهائڻ، لکڻ، ٻولي سڀ جو ٻيڙو غرق. سنڌيءَ جا موتين جهڙا آبدار لفظ ۽ صدين جي محنت سان سينگاريل سمورا جملا، فقرا، چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا هنن “شاعرن” جي اُٿاريل ڌوڙ جي طوفان هيٺ دٻجي ويا.
    اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنگن،
    ايندا لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.

    (لطيف)


    (2)

    هي جي آيا هير،
    سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهن.

    (لطيف)

    دُنِيا جي ٻين ٻولين جي تاريخ تي نظر وجهبي، ته ڏسبو ته اهي به زواليت جي اهڙن دؤرن مان لنگهيون آهن.
    اردو شاعري جڏهن امير خسرو، سلطان قلي قطب شاهه ۽ ولي دکني جي دؤر واري ٻاراڻيءَ، سودا ۽ ذوق جي دؤر واري جوانيءَ جي ڪيفيت مان لنگهي، لکنؤ جي “جرات” ۽ “مصحفي” جهڙن ڀٽن ۽ مسخرن جي هٿان طوائفن جي ڪوٺي جي زينت بڻجي وئي، ۽:

    لگ جا گلي سي، تاب اب اي نازنين نهين،
    هي هي، خدا ڪي واسطي مت ڪر نهين نهين!

    (انشاءَ)

    آنکين دکلاتي هو، جوڀن تو دکاؤ صاحب،
    وه الگ باندهه ڪي، رکا هي جو مال اڇا هي!

    (امير مينائي)

    صنم سُنتي هين تيري ڀي ڪمر هي،
    ڪهان هي، ڪس طرح ڪي هي، ڪڌر هي؟

    انهيءَ قسم جي شعرن تائين محدود ٿي وئي، تڏهن هندستان جي باشعور طبقي هن ادبي زوال جي خلاف آواز اُٿاريو ۽ اردو شاعريءَ جي سمورين واهيات روايتن خلاف بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. سر سيد، حالي ۽ محمد حسين “آزاد” اردوءَ کي سندس روايتي تصنع، تڪلف ۽ فارسيءَ جي انڌي تقليد کان آزاد ڪرائڻ لاءِ جهاد شروع ڪيو. انهن ڪوششن رنگ لاتو، ۽ اردو شاعري، جا رُڳو ٺلهن اکرن، پراڻين ۽ پاروٿين تشبيهن ۽ استعارن جو اڻوڻندڙ بيجان بُت بڻجي وئي هئي، تنهن جي جسم ۾ حالي، اسماعيل پاني پتي ۽ ٻين نئون روح ۽ نئون ساهه وڌو. اردوءَ کي درٻارين، محلن ۽ طوائفن جي ڪوٺن جي مصنوعي ۽ گهُٽيل ماحول مان نجات ڏياري، عوامي ماحول جي زندگي بخش فضا ۾ آندو ويو. اهڙيءَ ريت اردو هڪ نئين عوامي دؤر ۾ داخل ٿي، ۽ اقبال، جوش ۽ فيض جهڙا باڪمال شاعر پيدا ڪري ڏيکاريائين.
    سنڌي ٻوليءَ کي به ساڳئي دؤر ۽ ساڳيءَ پيڙا مان لنگهڻو پيو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ فارسيءَ جي جاءِ تي انگريزي ٻولي سنڌ ۾ رائج ٿي. سنڌ ۾ هيءَ هڪ زبردست علمي ۽ ادبي انقلاب جي شروعات هئي. جيئن عباسي خليفن، هارون الرشيد ۽ مامون الرشيد جي دؤر ۾ يوناني، لاطيني ۽ سنسڪرت علم ادب سرزمين عرب ۾ ڦهليو، ۽ شڪ، ڳولا، آزمائش ۽ ڇنڊڇاڻ جو اهو سلسلو شروع ٿيو، جنهن اڳتي هلي دُنِيا اڳيان المعري جهڙا شاعر ۽ ابن خلدون، ابن العربي، ابن رشد، غزالي، بو علي سينا ۽ الفارابي جهڙا پنهنجي زماني جا عظيم ترين ۽ يگانا دانشور ۽ عالم پيدا ڪيا، ۽ عربن کي روءِ زمين جو علمي ۽ ادبي امام تسليم ڪرايو، ۽ جيئن عربيءَ جي علمي ۽ ادبي شاهڪارن، اسپين ذريعي يورپ ۾ داخل ٿي، يورپ جي مُدي خارج ۽ ٻوساٽيل علمي ادبي ماحول ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، تيئن سنڌ ۾ انگريزيءَ جو اچڻ هڪ زبردست انقلاب هو. جيئن اسپين ۽ پورچوگال ۾ عربيءَ جي داخل ٿيڻ تي عيسائي عالمن وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي هئي ۽ مُنهن مٿو پِٽيو هو ته “عيسائي دين ٿو وڃي!”، “جيڪي عربي پڙهن سي ڪافر ۽ دوزخي آهن”، تيئن سنڌ ۾ اُن وقت جي بزرگن وٺي رڙ مچائي: “ناصاري جي ٻولي جيڪو پڙهي سو ناصارو ٿيندو”، وغيره وغيره، “فرنگيءَ ملڪ ته ورتو پر هاڻي دين به ٿو کسي!”، “انگريزي ست درجا جيڪو پڙهندو سو ست دوزخ ڀريندو!”، پر وقت جي وهڪري کي ڪير بدلائي؟ انگريزي ٻوليءَ جي ذريعي سنڌ ۾ ادب جا اهي املهه خزانا کڄي آيا، جيڪي سنڌ کان هزارين ڪوهه پري گذريل ٻن ٽن صدين ۾ يورپ ۾ گڏ ٿيا هئا.
    حقيقت ۾ مغربي دُنِيا جي هيءَ انگريزي ٻولي ۽ ان جو ادب اهو فرض پورو ڪري رهيا هئا ۽ اهو حق ادا ڪري رهيا هئا، جيڪو مشرقي ٻولين ۽ ادبن جهڙوڪ سنسڪرت، عربي ۽ فارسيءَ جو مٿن چڙهيل هو. مغربي علم ۽ ادب جا متوالا ڪاليداس، جئه ديو، ميران ٻائي، فردوسي، حافظ، خيام، سعدي، معري، بو علي سينا، ابن خلدون، ابن رشد، فارابي ۽ غزاليءَ جهڙن مفڪرن جي ئي مئخانن مان سُرڪيون پيتل هئا. هُو ساڳئي اوچي شراب کي نئين زماني جي نون تجربن ۽ احساسن جي بٺين ۾ چڪائي، صاف ڪري، نين بوتلن ۾ ڀري، مشرق کي پيارڻ لاءِ کڻي آيا هئا. هاڻي شراب جو نشو تيز هو.
    سنڌ ۾ انگريزيءَ جو پهريون ڦَلُ قليچ جا ترجما آهن. قليچ شيڪسپيئر کي لطيف جي وطن ۾ وٺي آيو. وڪٽر هيوگو ۽ بيڪن کي ميرن جو ملڪ ڏيکاريائين. يورپ جي ادبي باغن مان مٺا ۽ تازا ميوا پٽي آڻي، سنڌين جي اڳيان رکيائين. افسوس جو سندس نظر رئبلاس، بالزاڪ، ڪروانتيس، ٽالسٽائي، ايبسن، ٿامسن پين، روسو، چيخوف، گوگول ۽ خاص ڪري ڊڪنس جي ڦلواڙين ڏانهن نه وئي، پر هڪڙو ماڻهو نيٺ به ته ڇا ٿو ڪري سگهي؟
    ساڳئي وقت انگريزن جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو ادبي ڪارنامو شاهه جي رسالي جي ترتيب آهي. سورلي لطيف کي گوئيٽي، شلر، نٽشي ۽ مارڪس جي وطن وٺي ويو. انگريزن جي آندل پريس ۽ ڇاپخانن، علم جا موتي بازارين ۾ ڍير ڪري ڇڏيا.
    هوڏانهن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ عملدار بڻجڻ جا اميدوار سنڌي نوجوان، بائرن، شيلي، هارڊي، شيڪسپيئر ۽ ملٽن پڙهڻ لڳا. ڏٺائون ته مومل راڻي، سهڻي ميهار، عمر مارئي کان سواءِ ٻيا به ڪي عاشق ٿي گذريا آهن، ڪافين، ڏوهيڙن، غزلن، بيتن ۽ ڳجهارتن کان سواءِ سانيٽ ۽ ترائيل نالي به ڪي شيون آهن. امير حمزي، گل بڪاولي، ممتاز دمساز، “عروس ڪربلا” ۽ حور عجم کان سواءِ ٻيون به ڪي آکاڻيون آهن، جن کي افسانو ۽ ناول چئبو آهي. اهڙي به ڪا مخلوق دنيا ۾ پئي آهي، جتي پيار ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، جتي ڪنوار پنهنجو گهوٽ پاڻ چونڊيندي آهي، جتي زندگيءَ جي هر ميدان ۾ زالون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ٿيون، جتي شاعر وڻن، پکين، جبلن، ندين ۽ سامونڊي نظارن بابت به نظم لکن ٿا، جتي قلم تلوار کي ڪاٽي ٿو، جتي ادب ۽ شاعر درٻارين يا مشاعرن جو سينگار نه، پر انقلابن جو علمبردار آهي، جتي عقل وهمن ۽ تعصب ۾ جڪڙيل نه آهي، جتي شڪ ۽ “بي ويساهي” ڪفر نٿا ليکجن، جتي تلاش ۽ ڳولا بدعت نه آهي، جتي آزمائش ۽ تجربي جو راڄ آهي، جتي زندگيءَ ۾ گرمي، تيزي ۽ تڙپ آهي، جتي تمنائون ۽ اميدون مايوسيءَ تي غالب آهن، جتي ‘صبر ۽ شڪر’ جو نالو سُستي ۽ بي همتي نه آهي، جتي طبقي، قوم، مذهب ۽ نسل جي نالي ۾ رچايل ڍونگن جي قلعي کولڻ وارا سوريءَ تي نٿا چاڙهيا وڃن، جتي ماڻهو حاڪمن جي رعيت نه بلڪه ملڪ جا مالڪ ليکيا وڃن ٿا، جتي جي حاڪمن مٿان “عام راءِ”، “شهري آزاديون”، “آزاد پريس” ۽ “آزاد چونڊون” جي نالن واريون تلوارون لٽڪيل آهن، جتي ڏاڏي آدم جي واري واريون رسمون رواج ختم ٿي چڪا آهن، جتي عيسائي عالم ۽ اديب ٻين مذهبن جي اڳواڻن، حضرت محمد ﷺ ، گوتم ٻُڌ، زرتشت وغيره جي ساراهه ۾ ڪتاب لکن ٿا، ته کين سنگسار نٿو ڪيو وڃي، ۽ الٽو کين فراخدل ۽ روشن خيال ليکيو وڃي ٿو، جتي اديب نه صرف پنهنجيءَ ذات ۽ محبوب سان، بلڪه سموريءَ انسانيت سان محبت رکن ٿا. ڪشنچند “بيوس” جو نظم “الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.، حيدربخش جتوئيءَ جو “ڀلي آئين، جيءُ آئين درياءَ شاهه”، فتح محمد سيوهاڻيءَ جو “دنيا جو دؤر”، حافظ شاهه حيات جو نظم “دلاسو” وغيره، مغربي ادب جي اثر هيٺ، نئين دؤر جي سنڌي شاعريءَ جي پرهه ڦُٽڻ جا آثار هئا. هنن شعرن جا شاعر پراڻا نالي چڙهيل عاشق نه آهن، جن جو ڪعبو قبلو سندن ليليٰ آهي، جن جي سموري ڪائنات يار جي گهٽيءَ تائين محدود آهي، جي رڳو پنهنجي مطلب جا يار آهن ۽ جن کي پنهنجو يار ملي ته پوءِ سڄي دنيا ڀلي وڃي ڦاهو کائي مري!
    هنن شاعرن جو محبوب سندن وطن ۽ عوام آهي. کين ان جي نظارن، ان جي ماڻهن لاءِ اٿاهه قرب آهي. سندن محبت وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ اونهي آهي. وٽن تصوف جي پيچيده مسئلن ۽ بي معنيٰ تشبيهن، استعارن ۽ صفتن جي سکڻي رڃ يا پراڻو نصيحت جو انداز ڪونهي. هنن جو شعر سادو، صاف، حَسين ۽ اعليٰ جذبو پيدا ڪندڙ آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر دائودپوٽي، ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙن مضمون نگارن ۽ انشاپردازن مغربي مضمون نگاريءَ ۽ تحقيق جي ڊول تي سنڌ جي ماحول کي ادب ۾ پيش ڪيو. سندن ٻولي اڳئين دؤر جي تصنع، لفظن جي ڀرمار ۽ معنيٰ جي پيچيدگين کان آزاد آهي. سندن مضمون بلڪل نوان آهن. هو ڪڏهن گنجي ٽڪر جهڙن مڪاني نظارن کي سهڻي نموني پيش ڪن ٿا، ته ڪڏهن گروهڙي، ميئين عنايت، جلال فقير جهڙن وساريل شعرن جي نالي کي وري زندهه ڪن ٿا، ۽ ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي اسان جي ادبي ورثي کي عوام آڏو پيش ڪن ٿا. ساڳيءَ ريت پروفيسر شاهاڻي، ديوان ڪوڙي مل، پرمانند ميوارام، لعل چند امر ڏني مل، ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻين اهڙا مضمون لکيا، جي درحقيقت سنڌ جا اوائلي مختصر افسانا هئا. هنن جا موضوع سادا ۽ عام هئا، پر ٻوليءَ جي قدرتي حُسن ۽ بيان جي بي پناهه دلڪشي ۽ واقعات نگاريءَ جي سچائيءَ جي خيال کان انهيءَ دؤر جا ڪيترا مختصر افسانا اهڙا آهن، جن جو جواب اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي. “هيڻا هر ڪنهن وهيڻا” ۽ “موڳو مئجسٽريٽ” جهڙن افسانن جي ٻوليءَ ۽ انداز کي ڊڪنس، اسٽينبڪ ۽ گورڪيءَ جهڙن عظيم ترين لکندڙن جي ڀيٽ ۾ فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو.
    سنڌي نثر کي هنن لکندڙن سادگيءَ، حُسن ۽ ادائگيءَ جي سچائيءَ سان جنهن معراج تي پهچايو، تنهن کان اسان جا اڄوڪا لکندڙ اڃا ورلي ڪو مٿي چڙهي سگهيا آهن. غالب جي مشهور خطن وانگر، هو لکن نٿا مگر ائين محسوس ٿئي ٿو گويا هو ڪنهن گهري دوست سان رهاڻ پيا ڪن. هو سنڌي ٻوليءَ جي فطرتي سونهن جا پارکو ۽ قلم جا ڌڻي آهن.
    انهن شاعرن، اديبن ۽ نثر نويسن نئين دؤر جي ادب جي پيڙهه وڌي. هنن مشرقي زبان جي ادب سان گڏ مغربي نثر نويسيءَ ۽ شاعريءَ جو مطالعو ڪري، ان جي بهترين خوبين کي پنهنجو ڪرڻ جي شروعات ڪئي، ۽ ائين ڪرڻ سان انهن سنڌي ادب جي اوساري کنئي.
    ساڳئي وقت هنن بنگالي، هندي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي شاهڪارن کي ترجمو ڪري، سنڌي ادب جي دنيا ۾ آندو. ان ڪري سنڌي نوجوان تعليم يافته طبقو، خاص ڪري سنڌي اديب، ويهين صديءَ اندر دنيا ۾ آيل نون خيالن کان واقف ٿيا.
    جاسوسي ناولن اسڪولي شاگردن جي دنيا بدلائي ڇڏي. جان عالم، حاتم طائي، امير حمزي جي جاءِ تي بليڪ، شرلاڪ هومز ۽ ڊاڪٽر واٽس اچي ويا، ويچارو بوقلمون جادوگر وسري ويو ۽ آرسن لوپن جو سِڪو ڄمي ويو. انهن ناولن ننڍي ٽهيءَ جي نسل ۾ پنهنجي ماحول جي سستيءَ ۽ بيڪاريءَ لاءِ بيزاري پيدا ڪئي، کين سائنس جي ترقيءَ کان واقف ڪيو، ۽ جادوءَ جو جادو سندن دلين تان لهي ويو. انهن وهمن جي جاءِ سائنس جي ايجادن والاري. هو لنڊن ۽ پئرس جي گهٽيءَ گليءَ جا واقف ٿي ويا. سندن خيالن ۾ اُٿل پٿل آئي، ۽ يورپ جي حيرت انگيز ۽ پُراسرار دنيا کي نئين جنت سمجهڻ لڳا.
    ڏيپلائيءَ جي اسلامي ناولن وري وچولي زماني جي عربي سلطنت واري دؤر کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو. جنگ يرموڪ ۾ سٺ مسلمان مجاهد سٺ هزار ڪافرن کي ماري مڃائين ٿا، عيسائي نينگريون اسلام ۽ اسلامي جانبازن تي فدا ٿيو پون. توحيد سان روشن دليون سلطنت کي زير زبر ڪريو ڇڏين. دشمن، اسلامي تلوار جو تاب نه جهلي، طمع ۽ لالچ جا اوزار استعمال ڪن ٿا، پر سيف الله خالد جي فوج جا بااخلاق سپاهي ڪنهن به اهڙي پکڙيل ڄار ڏانهن اک کڻي به نٿا نهارين. هنن ناولن وارو مسلمان بهادر، بي خوف، شريف، بلند اخلاق ۽ پنهنجي دؤر جي لحاظ کان روشن خيال آهي. هن اسلام کي وسيع خيال، فطري ۽ اعليٰ مذهب ڪري پيش ڪيو، ۽ سنڌي نوجوانن ۾ برادري ۽ انسانيت جو روح ڦوڪيو. هنن ناولن ۾ جابجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ جا دلچسپ ۽ جاندار شعر ڏنل هئا، جن پڙهندڙن ۾ زندگيءَ جو ولولو ۽ اُمنگ پيدا ڪيو ۽ منجهن اقبال، غالب، مولانا ظفر علي خان ۽ ٻين شاعرن جي بهتر شعرن لاءِ چاهه پيدا ڪيو. ڏيپلائي انهيءَ کان سواءِ وهم پرستيءَ جي خلاف مضمون ۽ افسانا لکيا، جن ۾ پير پرستي، قبر پرستي ۽ ٽوڻن ڦيڻن خلاف جهاد ڪيائين. ٻوليءَ جي سادگي ۽ تاثير، ۽ عبارت جي شوخيءَ جي خيال کان هنن لکڻين سنڌي ادب ۾ نيون روايتون پيدا ڪيون.
    دستور موجب ڪفر جون فتوائون نڪتيون، “اسلام خطري ۾” پيو، “ايماني غيرت” کي چئلينج مليو، پر هو ۽ ٻيا سڀئي لکندا رهيا ۽ لکندا رهيا.


    (3)

    نئون نياپو آيو، راڻي ملان رات،
    لڌي سون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
    ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اَگهيا.

    (لطيف)

    گذريل ٻن عظيم جنگين، پاءُ صديءَ جي ٿورڙي عرصي ۾، دنيا اندر ايڏا اٿاهه ۽ بي پناهه انقلاب آندا، جن جو مثال انسان ذات جي ٽي سؤ صديون لمبي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي سگهي. اٽڪل 30 هزار ورهيه اڳ جڏهن نيم انسانن جا وحشي ٽولا تندرا جي برفاني علائقن مان يا وچ ايشيا جي صحرائي ۽ جابلو ميدانن مان بچندا، بحر ۽ بر جي جانورن ۽ آفتن توڙي هڪٻئي سان لڙندا، ماريندا ۽ مرندا، انهن کي ۽ هڪٻئي کي ڪچو کائيندا، نيل، فرات، دجله، سنڌو، وولگا ۽ ڊئنيوب ندين جي ماٿرين ۾ اچي لٿا، ۽ انسان جي خوني تاريخ جي شروعات ڪيائون، تڏهن کان وٺي اڄ تائين انساني نسل تي جيڪي وهيو واپريو آهي، سو ويهين صديءَ جي ٻيءَ چوٿائيءَ واري عرصي جي تيز ۽ طوفاني واقعن جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونه هو.
    قديم روم جون ڪارٿيج، ايران ۽ يونان سان مشهور جنگيون، ايران ۽ يونان جا تاريخي ٽڪر، صليبي لڙاين جا زبردست ڪوس، تاتارين جون وحشي يلغارون، يورپ جون ٽيهن سالن واريون مذهبي جنگيون ۽ نيپولين جون طوفاني ڪاهون، هنن ڀيانڪ قيامتن جي مقابلي ۾ ڄڻ ته ٻاراڻا کيل هئا.
    پر انهن قيامت خيز تباهين جي پيٽ مان زندگيءَ جون اهي بي پناهه نراليون قوتون پيدا ٿيون، جن ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ انسان جي تقدير ۾ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو. سائنس جي عقل چرخ ڪندڙ ايجادن، موٽرن، ريلن ۽ هوائي جهازن مفاصلن ۽ دورين کي نيست و نابود ڪري، عام انسانن کي ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو جو همعصر بڻائي ڇڏيو. پريس، ريڊئي، ٽيليفون ۽ ٽيليويزن هر انسان کي جام جمشيد جو مالڪ بڻائي ڇڏيو، جنهن جي آئيني ۾ هر روز زمينن توڙي آسمانن جا اسرار ڏسڻ لڳا. عام تباهيءَ سڄي دنيا جي انسانن کي گڏيل خطري کان خبردار ڪيو، ۽ آهستي آهستي اها ڳالهه هر ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪري وئي ته بني آدم سچ پچ هڪٻئي جا عضوا آهن. سڀني کي گڏ مرڻو ۽ جيئڻو آهي، سڀني جا مسئلا ساڳيا آهن. سموري انسان ذات مظلوم آهي. جنگ ۽ جهيڙا انسانيت جي نابالغيءَ واري دؤر جون خطرناڪ حرڪتون آهن. جنگ بهادرن ۽ دلاورن جو نه، پر ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو شيوو آهي. ٻين ملڪن کي غلام رکڻ ۾ عظمت ۽ ناموس ناهي، بلڪه انسانيت خلاف جرم ۽ بين الاقوامي بداخلاقي آهي.
    انسانيت جي انهيءَ تاريخي بيداريءَ لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۾ دنيا جي روشن خيال اديبن ۽ شاعرن زبردست پارٽ ادا ڪيو. گذريل ٻن اڍائي صدين ۾ فرانس ۾ ڊڊرو، والٽيئر، روسو، اناتول فرناس، بالزاڪ، وڪٽر هيوگو، ايمل زولا، سارتري، استاندال، رومين رولان وغيره، انگلينڊ ۾ رابرٽ برنس، بارئن، شيلي، ڪارلائل، برناڊ شا، ايڇ.جي.ويلس، ڊڪنس، ٿئڪري، هارڊي، جرمنيءَ ۾ ٿامس مئن، روس ۾ ٽالسٽاءِ، گورڪي، شولوخوف، گوگول، چيخوف، داستووسڪي، مايا وسڪي، نيڪراسوو، ايليا اهرنبرگ، آمريڪا ۾ ٿاس پين، مارڪ ٽوئن، والٽويٽمن، سمرسٽ ماهم، ٿيڊور ڊريسر، هاورڊ فاسٽ، جان اسٽينبڪ، هيمنگ وي، وغيره، هندستان ۾ منشي پريمچند، رابندر ناٿ ٽئگور، لطيف، غالب، اڪبر الهه آبادي، نظير اڪبر آبادي، علامه اقبال، جوش وغيره، ناروي ۾ ابسين، چين ۾ لوهسون، مائؤتون- جهڙن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن دنيا جي انسانن کي نئون نياپو ڏنو. جتي اڳئين زماني ۾ هاڪاري هومر، صرف يونان جي عظمت جا ترانا ڳايا آهن، عظيم فردوسي صرف ايران جي ناموس جو ڏونڪو وڄايو آهي، ڪپلنگ فقط انگيلنڊ جي شان ۾ قصيدا پڙهيا آهن، نٽشي جرمن قوم کي آسمان تي کنيو آهي، لوئي ڪئميونس پورچوگيز سلطنت جي مدح سرائي ڪئي آهي، ۽ امرءِ القيس عربستان جي ڀٽن، عورتن، تلوارن ۽ شراب جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريا آهن، اتي هنن نئين زماني جي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن سڄي انسان ذات جي دکن دردن، آسن ۽ اُميدن، احساسن ۽ جذبن جا داستان لکيا. هنن اڳئين زماني جي اديبن ۽ شاعرن جي خيالي ڪاڪ محلن کي ترڪ ڪري، عام انسانن جي عملي جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، سموري انسانيت جي روشن مستقبل واسطي جهاد ڪيو. هنن جو اعلان هو:

    خدا ڪي بندي تو هين هزارون، بنون مين ڦرتي هين ماري ماري،
    مين اس ڪا بنده بنون گا، جس ڪو خدا ڪي بندون سي پيار هوگا.

    (اقبال)

    ادب ۽ شاعري هنن لاءِ دماغي عيش جو سامان ۽ بادشاهن ۽ اميرن کان انعام حاصل ڪرڻ جو وسيلو نه هو. قارون جا سمورا خزانا به هنن کان سندن ضمير خلاف هڪ سٽ به لکائي نٿي سگهيا. هنن جو قلم صرف ڪنهن سهڻي جي قد ۽ بُت، هار ۽ سينگار، ناز ۽ ادا، ستم ۽ بيوفائيءَ جي داستانن لاءِ وقف ٿيل ڪونه هو، بلڪه هنن پنهنجن قلمن سان ساريءَ دنيا کي حَسين جنت بڻائڻ ٿي گهريو. هنن انسانن جي برف جيان ڄميل خيالن جي دنيا ۾ بارود جون سرنگهون هنيون، جن جي ڌماڪن بادشاهن ۽ سلطنتن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيا. هنن ڪئين ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا، ڪئين ظلم ۽ ستم جا جهونا ڳڙهه جلائي خاڪ ڪري ڇڏيا. هنن جي قلمن ۾ کنوڻ جي شوخي، طوفانن جي مستي ۽ قيامتن جي سچائي هئي. آمريڪي، فرينچ، روسي ۽ چيني انقلابن جا ڀنڀٽ هنن جي ئي دُکايل چڻنگن مان ٻريا هئا.
    گذريل جنگ عظيم بعد دنيا جي سمورن ملڪن جا ادبي وهڪرا پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا، ۽ قبائلي، قومي ۽ ملڪي ادب بدران هڪ اهڙو وسيع ۽ اعليٰ ادب ۽ شعر وجود ۾ اچڻ لڳو، جو رڳو ٻوليءَ ۽ بناوت جي خيال کان قومي ۽ ملڪي هو. منجهس عشق، محبت، درد، فراق، حادثن، روز مره جي واقعن، خانداني جهيڙن جهٽن، دشمنين، نفرتن، سماجي ريتن رسمن، انساني مايوسين، نااُميدين، ڪاميابين ۽ ڪامرانين جا اهي ذڪر هئا، جي اصل کان وٺي اديبن ۽ شاعرن جا موضوع هئا. هنن جون لکڻيون پنهنجين ٻولين جا شاهڪار آهن. سندن تخليقون سندن وطن جي ماڻهن جون جيئريون جاڳنديون تصويرون پيش ڪن ٿيون، پر هنن جي نظر نرالي هئي. ڳالهه ساڳي، حقيقتون ذري گهٽ ساڳيون، پر انهن کي ڏسڻ واري اک ٻي هئي. هي اکيون رونشو ڏسندڙ تماشائين جون نه هيون، واٽهڙو مسافرن جون نه هيون، جو جيڪي به ٿئي سو ڏسي، کن پل لاءِ مزو وٺي يا خفي ۽ ناراض ٿي، پنهنجي راهه وٺي رمنديون رهن. هي اکيون انهن جون هيون، جي نه رڳو تماشائي پر خود تماشو هئا، جيڪي ٿئي پيو، سو ساڻن ٿو ٿئي، مٿن ٿو ٿئي. هنن جي قلم جو گهوڙو ميڙي ۾ “پڙ ڀڄڻ” وارو گهوڙو ناهي، جو صرف انهيءَ ڪري ڀڄائجي ٿو ته ماڻهو سندس ٽور ۽ پنڌ ڏسي داد ڏين، سندس چال ۽ شان، سندس وک ۽ ڊول، سندس سيج ۽ سينگار ڏسي واهه واهه ڪن. هنن اديبن جو قلم فقط انهيءَ ڪري جولان کائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن کي تمام ضروري پيغام ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته هو محسوس ٿا ڪن ته جيڪي هنن ڏٺو، سو ٻين کي ٻُڌائڻ بنهه ضروري آهي. سڀ ڪجهه ڏسي وائسي چُپ ڪري ويهڻ هنن وٽ بداخلاقي آهي، جرم آهي، انسانيت جي وقار ۽ شان جي خلاف آهي. هو بي زبان ۽ مظلوم انسانيت جي زبان آهن. هو صدين جي گونگيءَ پڪار جو پڙاڏو آهن، هنن جي اک زمانن ۽ مڪانن جي سرحدن کي چيري، انسان جي ازلي بلنديءَ ۽ پستيءَ جي داستان کي ڏسي ٿي ۽ انهيءَ کي پڙهي ٿي. هنن لاءِ عام انسان آدم آهي، هر عورت حوا آهي، هي اديب، شاعر ۽ دانشور سموري انسان ذات جي ساٿ سان هلندڙ ۽ ان جا حامي ۽ علمبردار آهن. سندن ادب انسانيت جو گڏيل ورثو آهي.
    ٻي جنگ عظيم نه رڳو انسان ذات تي عظيم ترين تباهي آندي، پر ان تباهيءَ خلاف انسانن جي دلين ۾ عظيم ترين احتجاج جو طوفان پڻ برپا ڪيو. جيئن نيپولين جي جنگين سبب ٽالسٽاءِ جو عظيم شاهڪار “جنگ ۽ صلح” ناول پيدا ٿيو، ۽ پهرينءَ جنگ عظيم لارمارڪ جي ناول “مغربي جنگي ميدان خاموش آهي”، ۽ جان گالو ورديءَ جي افسانن “ٽئٽرڊ ملين” جهڙن انسان دوستيءَ سان ٽمٽار ادبي ڪارنامن کي جنم ڏنو، تيئن ٻي جنگ عظيم ايليا اهرنبرگ جي ناول “طوفان” ۽ “پئرس تي قبضو”، تاجيڪ شاعر بابر جمبول جي نظم “مادر وطن”، ازبيڪ شاعر مرزا ترسون زاده جي نظم “مشرق”، مخدوم محي الدين جي نظم “جنگ آزادي”، ۽ سردار جعفريءَ جي نظم “صلح جو ستارو” جهڙن لافاني امن پرور ادبي تخليقن کي وجود ۾ آندو. انگريز ديوَ کي هٽلري آفت جي چنبي ۾ ڦاٿل ڏسي، هندستان جي مظلوم ۽ محڪوم عوام ۾ آزاديءَ جي آس ۽ همت پيدا ٿي. ڪرشنچندر، خواجه احمد عباس، مجاز دهلوي، نياز حيدر، ڪيفي اعظمي، ساغر نظامي، ساحر لڌيانوي، اخترالايمان، فيض احمد فيض، سردار جعفري، مخدوم محي الدين، جگن ناٿ آزاد، مهندر ناٿ، ديوندر ستيارٿي، احمد نديم قاسمي، عصمت چغتائي، ۽ ٻين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن آزاديءَ، بغاوت ۽ انقلاب جا شعلا ڀڙڪايا.
    هيڏانهن سنڌ ۾ هڪ طرف “فعولن فاعلاتن” جو پراڻو ڏاڏي آدم جي واري وارو بي سُرو رينگٽ چالو رهيو، ته ٻئي طرف ڪاليجن ۽ اسڪولن جي نوجوانن ۾ بيداري ۽ ملڪي آزاديءَ جو زبردست جذبو ۽ ولولو پيدا ٿيو. انهيءَ تحريڪ جا باني شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، حيدر بخش جتوئي، گوبند مالهي، اُتم ۽ ٻيا نوجوان هئا. هنن افسانه نگارن، مضمون نويسن ۽ شاعرن جي جماعت نه رڳو سوين سال پراڻي اردو شاعريءَ جي پراڻن لتاڙيل پيچرن کان پاسو ڪيو، بلڪه خود سنڌي ادب ۾ اهڙا بيان جا طريقا پيش ڪيا، جي جيتوڻيڪ مغربي دنيا ۽ ايشيا جي اُڀرندڙ ملڪن ۾ گهڻو اڳي رائج ۽ مقبول ٿي چڪا هئا، پر سنڌ لاءِ بلڪل نوان، غير مانوس ۽ سچ پچ ته اوپرا هئا. شيخ اياز جو گيت “انقلاب” ئي وٺو:

    ڳاءِ ڳاءِ نوجوان، جيئن زمين آسمان،
    جي زبان کُلي پوي، زندگي اُٿي چوي انقلاب!
    هي به ڪو نياءُ آ، جو مزور ڀاءُ آ،
    سو لهو پئي پيو- جنهن سبب جيئي پيو،
    سو پئي پيو شراب- انقلاب!”

    سنڌ، جنهن ۾ هزار سالن کان برهمڻ شاهيءَ جون آهني زنجيرون ڇڻاٽ ڪنديون رهيون، جنهن کي اسلام جي نور سان منور ڪرڻ وارو حجاج بن يوسف ثقفيءَ جهڙو اسلامي تاريخ جو بدنام ترين قاتل هجي، جا ڄڻ ته روز ازل کان پنهنجي ملڪ کان لوڌيل ۽ تڙيل ڌاڙيلن ۽ لٽيرن لاءِ جاگير طور وقف ٿيل هئي، جنهن جي تاريخ جو هر باب ڦُرلٽ، ظلم، ڏڪار ۽ دهشت انگيزيءَ سان ڪارو ٿيل آهي، جا هر دؤر ۾ مدد خان، نادر شاهه ۽ ابداليءَ جهڙن بين الاقوامي ڌاڙيلن هٿان باهه ۽ رت جي سمنڊ ۾ ٻُڏندي رهي آهي، اتي جي هيسايل، پيڙيل ۽ بيحس عوام اڳيان “انقلاب” جو نالو وٺڻ ڄڻ ته ڪانءَ اڳيان ڪمان رکڻ آهي. ڇا سنڌ، ۽ ڇا انقلاب! وري مزور ڀاءُ! ڀلا سنڌ ۾ مزور به ڪڏهن ڀاءُ ٿيو آهي؟ اول ته هتي مزور نه پر هاري آهي. هاري به، سڀني کي خبر آهي ته گونگيءَ گانءِ وانگر، صدين کان، ڪوڏر ڪلهي تي، گوڏ ٻَڌيو ڊوڙندا وتن- انهن جو انقلاب ۾ ڇا وڃي؟
    پر هنن شاعرن ۽ اديبن جي نظر رڳو سنڌ نه پر سموريءَ دنيا جي تاريخ تي هئي، هنن کي خبر هئي ته اڄوڪي دنيا اور آهي. کين معلوم هو ته اوڀر ۽ اولهه ۾ انقلابي طوفان اُٿي رهيا آهن، جي انگريزي سلطنت شاهيءَ جي بنياد ۾ زلزلا وجهي ڇڏيندا. کين محنت ڪندڙ طبقي جي اُسرندڙ قوتن جو صحيح اندازو هو. سنڌ جهڙي جهالت جي ماريل ۽ دنيا جي ڪنڊ ۾ اُڇليل ننڍڙي ٽڪري کي خبر هجي نه هجي، پر دنيا ۾ عظيم انقلاب اچي رهيا هئا. هنن نوجوانن دنيا جي ٻين ملڪن جي روشن خيال، عوام دوست اديبن جي نقش قدم تي نئين دؤر لاءِ نئين ادب تخليق ڪرڻ جي شروعات ڪئي. هنن پنهنجي ادب ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مظلوم هارين جي حالت جو نقشو چِٽيو، سنڌ جي سماجي رسمن ۽ ريتن جي پردي ۾ جيڪي ناحق ۽ ظلم ٿين ٿا، تن جي بي خوفيءَ سان اوگهڙ ڪئي. هنن محنت ڪندڙ طبقي جي حقن مٿان لڳندڙ ڌاڙن جو ذڪر ڪيو. هنن غلاميءَ خلاف آواز اُٿاريو. هنن انگريزي دٻاءُ ۽ دهشت انگيزيءَ کي پوريءَ قوت سان بي نقاب ڪيو.
    انهيءَ کان سواءِ هنن سنڌي ادبي ٻوليءَ کي ان گندي ڪچري کان پاڪ ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪو ڪيتري ئي وقت کان سنڌي ادب ۾ گڏ ٿي چڪو هو. اُڦٽ مار، دير هضم، اوپرا لفظ، فرسوده ۽ بي معنيٰ ڌاريون تشبيهون ۽ استعارا، ۽ مُدي خارج، اڏوهي کاڌل صفتون ترڪ ڪيون ويون.


    (4)

    موکي! متارن جا ننڍا ڪيم نهار،
    سامايا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
    ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.

    (لطيف)

    ڳالهه ڪندا آهن ته مڪتب جا ختابي اُٺ کي به مسجد تي چاڙهي ويا. اها ڳالهه صحيح هجي يا نه، پر شاگردن جي استاديءَ ۾ ته ڪو شڪ ڪونهي. تاريخ شاهد آهي ته هن دؤر جا سمورا انقلاب (ذهني، سماجي ۽ سياسي) ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڄاوا ۽ نپنا آهن. اهي دهلي، علي ڳڙهه ۽ ڪلڪتي، لاهور ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڀڙڪي اُٿيل بغاوت ۽ انقلاب جا اُلا هئا، جن دُکي دُکي، ڀنڀٽ بڻجي، انگريز اقتدار جي آسمان سان ٽڪر هڻندڙ هيبتناڪ قلعن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. اهي استنبول جي فوجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد هئا، جن خليفت المسلمين، اميرالمومنين، سلطان عبدالحميد جي مُدي خارج، رجعت پرست ۽ وطن دشمن حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ترڪيءَ جي قسمت کي اهڙو بدلائي ڇڏيو، جو جيڪا ترڪي يورپ جي “بيمار زال” ليکبي هئي ۽ جيڪا پهرين عالمگير جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ بُريءَ طرح شڪست کائي چڪي هئي ۽ روس، انگلينڊ، فرانس ۽ يونان کيس پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري ورهايو ويٺا هئا، تنهن پنهنجي نوجوان انقلابين جي جهنڊي هيٺ اُٿندي شرط يورپ جي فاتح طاقتن کي اُهي اکيون ڏيکاريون، جو مڙس پنهنجن حصن پتين تان هٿ کڻي، ٽپڙ گول ڪري، يڪ ساهيءَ وڃي گهر پهتا. وري اڃا تازو ڪالهوڻي ڪالهه جڏهن جلال بايار ۽ عدنان مندريس جي ٽوليءَ آمريڪي جيٽ طيارن ۽ راڪيٽن جي زور تي ترڪيءَ ۾ نادر شاهي ظلم کڙو ڪيو ۽ وڏن وڏن سياسي ليڊرن، مدبرن ۽ فوجي جنرلن کي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جي همت نٿي ٿي، تڏهن ترڪيءَ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا سرويچ نوجوان مستن وانگر ڪُڏي، ميدان ۾ ڪاهي پيا. استنبول جي گهٽين ۾ ڪوس شروع ٿي ويو. هزارن کي قتل ڪري، سندن لاش ساڙي گم ڪيا ويا، پر نوجوان شاگرد ڪُسندا، ڪٽبا، مرندا ۽ لڙندا رهيا.

    پتنگن پهه ڪيو مڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ،
    سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!

    (لطيف)

    آمريڪا جي راڪيٽن ۽ جيٽ هوائي جهازن جو خوف دلاورن جي دلين کي ڏڪائي نه سگهيو. مندريس جي طاغوتي فوج هنن جي پهاڙ جهڙن مضبوط ارادن کي شڪست ڏئي نه سگهي. تان جو حق جي فتح ٿي، ۽ آمريڪا جو لاڏلو ۽ ڊلس جو دادلو مندريس، شاگردن جو جلاد مندريس (۽ ان وقت جي پاڪستاني حاڪمن سهروردي ۽ ڪمپنيءَ جو پڳ مٽ يار مندريس) ائين ميدان مان الوپ ٿي ويو، ڄڻ ڪڏهن هو ئي ڪونه. اهي ڏکڻ ڪوريا جا سپورت شآگرد ئي هئا، جن سنگمن ريءَ جي بربريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ کي لحظي ۾ فنا ڪري ڇڏيو، ۽ هو ٽپڙ ٻَڌي، رات وچ ۾ بنا ٽڪيٽ وڃي، پنهنجي آقائي گهر آمريڪا کان نڪتو. جپان جي انقلابي شاگردن جي مظاهرن ۾ “نانگن وارن ناچن” آمريڪي صدر آئزن هاور لاءِ جاپان جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ جپاني حڪومت بيوس ۽ لاچار بڻجي، صدر صاحب کي لکي موڪليو ته اوهين مهرباني ڪري في الحال تڪليف نه ڪريو، ڪنهن ٻئي وقت تشريف فرما ٿجو! اهو ٻيو وقت آئزن هاور صاحب لاءِ وري ڪونه آيو. مصري انقلاب جو ٻج به مصر جي فوجي اڪيڊميءَ جي شاگردن پوکيو. اتي جي هونهار ۽ زنده دل نوجوان شاگردن، ناصر، انورالسادات، عامر ۽ ٻين شاهه فاروق کي مصر مان هڪالي ڪڍيو، ۽ مصر، جو اڳي جاگيردارن ۽ پاشائن جو پيڙيل ۽ انگريزن جي آنڪي ڀريندڙ ٿرڊ ڪلاس ملڪ هو، تنهن کي تندرست ۽ توانو ڪري، دنيا جي اُڀرندڙ قوتن جي صف ۾ آڻي کڙو ڪيو. برصغير هند-پاڪ جي جنگ آزاديءَ ۾ شاگردن جيڪو حصو ورتو، سو تاريخ ۾ ياد رهندو. جڏهن سنڌ اندر “هندستان خالي ڪريو” تحريڪ هلائي وئي، تڏهن جنهن شخص پهرين سر ڏنو هو، سو هڪ ڪمسن ۽ ڪمزور جسم وارو شاگرد هيمو ڪالاڻي هو، جنهن ڦاسيءَ جي تختي تي وطن جي آزاديءَ جا نعرا هڻندي دم ڏنو. مطلب ته اوڻيهين ۽ ويهين صديون درحقيقت نوجوان طبقي جون صديون آهن. جڏهن جڏهن ۽ جتي جتي اونداهين جو راڄ آهي، ملڪي نظام حيواني آهي، ماڻهو گونگا، ٻوڙا ۽ مظلوم آهن، سڀ “شريف” ۽ “سمجهو” ماڻهو چپن کي چنو لايو تماشو ويٺا ڏسن، واهيات خيالن ۽ فرسوده دستورن جو سِڪو ڄميل آهي، تڏهن شاگرد ۽ تعليم يافته نوجوان ميدان ۾ ٽپي پون ٿا.
    پري پتن آئيا سي سهائي جل،
    ڪندا ڪنڌ اُڇل، مچائيندا مچ کي.

    (لطيف)

    هو نئين فڪر ۽ تخيل جون نيون جڳمڳائيندڙ مشعلون کڻي، اونداهين جي سيني کي چيرين ٿا، هو اهڙا نوان خيال ۽ اُصول کڻي اچن ٿا، جي ڪنهن سئا نه ٻُڌا.
    هي جي آيا هير، سي مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين،
    ڏوٿي سا ڏورين، جو جوءِ سُئي نه ٻڌي!

    هو مدي خارج ريتن ۽ رسمن جي ڪوٽن، اڏوهي کاڌل اخلاقي سياسي ۽ سماجي قدرن ۽ نظامن جي پاڙن کي پنهنجن روشن نظرين، اٽل ارادن ۽ بلند حوصلن جا چنجور کڻي اچي لڳن ٿا.
    سپ، کپر سڄا ڳهي، نانگن ڳوليو کاءِ،
    تنين لئي واجهاءِ، مڻيو جن مٿن ۾!

    (لطيف)

    ڪي سياڻا ڪي ڏاها اول سندن ڳالهين کي بيزاريءَ مان کِلي، ٽاري ڇڏين ٿا، ۽ ڪي سندن بدتميزيءَ تي ڪاوڙجن ٿا. ٻيا انهن جي پاڳل پڻي تي عجب کائين ٿا. ڪن کي مٿن رحم ٿو اچي. نيٺ جن جي پيٽ تي لت ٿي اڇي، يا جن جي رنگ ۾ ڀنگ پوي ٿي، سي دٻاءَ ۽ ڏاڍ جي مشينريءَ کي حرڪت ۾ آڻين ٿا. مٿن فتوائون نڪرن ٿيون، کين سر بازار خوار ۽ ذليل ڪيو وڃي ٿو، کين ڪاٺ ۾ هنيو وڃي ٿو يا سوريءَ تي لٽڪايو وڃي ٿو، پر هي پنهنجيءَ ڌُن ۾ پنهنجيءَ منزل جي خيالن ۾ غرق، ٽوڪن ۽ چٿرن کان بي نياز، نڪته چينيءَ ۽ ڪاوڙ کان لاپرواهه، پنهنجي عظيم اُصولن لاءِ زندگيءَ جي بازي لڳائيندا، اڏول قدمن سان منزل مقصود ڏانهن وڌندا رهن ٿا.

    ڪنڌ ڪٽارو منهن وٽي، عادت سندن ايءَ،
    تنهين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،
    سرو تن سپيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.

    هيءُ ماڻهو عجيب مٿي ڦريل ۽ اونڌي کوپريءَ وارا ٿين ٿا. ساري دنيا هڪ طرف ته هي ٻئي طرف، هي چڱي ڀلي بدن کي اَڪ جو کير مکين ٿا، ککر ۾ کڙا هڻن ٿا، ڏينڀن جي مانارن ۾ هٿ وجهن ٿا. جڏهن هرڪو ماڻهو رات ڏينهن رڳو سکئي ٽڪر کائڻ، ٻچن پالڻ ۽ آئيندي جي ٺاهڻ ۾ مشغول آهي، جڏهن هرڪو ججهن جي صلاح تي هلي، هائو ۾ هائو ملائي، پاڻ وڻائي ٿو، عزت ۽ مان شان حاصل ڪري ٿو ۽ دنيا جي نعمتن سان مالامال ٿئي ٿو، تڏهن هي “چريا” پنهنجي ڦٽائي پرائي پچار ڪندا رهن ٿا. اهڙيون ڳالهيون پيا سوچيندا، جن جو نه ساڻن واسطو، نه سندن اهل عيال، اوڙي پاڙي ۽ مائٽ مٽ سان. ٻيو ته ٺهيو، پر جنهن قوم جو درد سيني ۾ کنيو ويٺا هوندا، سا پڻ اڪثر منجهانئن انت بيزار هودندي.

    ماڻڪ چوڻو جن جو، هنج حضوري سي،
    ڇلر ۾ چهنب هڻي، مڇي سن نه اي،
    لوڪ ته لکيا ٿي، جيلاهن ٻين پکن گڏيا.

    هي “چريا” بُڻائتا آهن. سندن نسل روز اول کان وٺي هليو اچي.


    (5)

    عاشق زهر پياڪ وه ڏسي وهسن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
    توڻي چڪنن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين.

    (لطيف)

    اڄ کان اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ، انهن چرين جي نسل جو هڪڙو “بي متيو، چريو” هڪڙي سهڻي ۽ شاندار شهر ۾ رهندو هو. سندس شهر جا ماڻهو وڏا بهادر، وڏا قابل ۽ وڏا دولتمند هئا. اهو “چريو” پٿر گهڙيندو هو. کيس پيرن ۾ جُتي ڪانه هئي، هو سدائين پيرين اُگهاڙو گهمندو هو. سندس ٻار اڪثر لنگهڻ ڪاٽيندا هئا، پر هو بازار ۾ وڃي، هر ڪنهن ماڻهوءَ کان سوال پڇندو هو ۽ آڏي پڇا ڪندو هو، وڏن ليڊرن، فوجي سپه سالارن ۽ اميرن سان بحث ڪندو هو ته “اوهين جيڪي چئو ٿا سو سمجهو نٿا، ۽ جيڪي سمجهو ٿا سو ڪريو نٿا.” ساڻس نوجوانن جا ٽولا هوندا هئا، جي به سندس چوڻيءَ تي لڳي “اشرافن” جون پڳون لاهيندا هئا ۽ “سچ” ۽ “انصاف” جي ڳولا ڪندا هئا. آخر سڀ “اشراف” اهڙا اچي بيزار ٿيا جو کيس چيائون ته يا ته پنهنجين حرڪتن کان باز اچي ماٺ ڪري ويهه، يا شهر خالي ڪري وڃ. نه ته توکي موت جي سزا ڏينداسون. هن ستر ورهين جي پوڙهي “چرئي” چيو ته مون کي موت قبول آهي، باقي آءٌ سچ چوڻ کان ڪين رهندس، نڪي ملڪ ڇڏيندس، ائين چئي، مرڪندي، زهر جو پيالو پي ويو، اڄ ان “چرئي” جي عقل جو ڌاڪو آهي. هن جو هڪڙو هڪڙو اکر آيتن وانگر ياد ڪيو وڃي ٿو. هو انسان ذات جو هڪ عظيم فرزند ڪري ليکيو وڃي ٿو. سندس واکاڻ ۾ سوين ٻولين ۾ هزارين ڪتاب لکيا ويا آهن. سندس نالي وٺڻ سان روءِ زمين جي ماڻهن جا ڪنڌ ادب وچان جهڪي وڃن ٿا. ان “چرئي” جو نالو سُقراط هو.
    ان کان اٽڪل 400 ورهيه پوءِ هڪڙو ٻيو “چريو” پيدا ٿيو هو هڪڙي عبادت خاني ۾ ٻهاري ڏيندڙ ڇوڪريءَ جو پٽ هو. سندس وطن وارا هڪ زبردست ڌارئين بادشاهه جي رعيت هئا. ان بادشاهه جي قوم، ٻين قومن کي غلام ڪري هلائيندي هئي. ان “چرئي” پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي، اچي مهاڻن ۽ ڌراڙن جو پاسو ورتو. چي، “انسان سڀ ڀائر آهن. غلام نه ٿيڻ کپي.” ماڻهو هيءَ “عجيب ڳالهه” ٻُڌي وائڙا ٿي ويا. چي، ماڻهو ڀلا غلام ڪيئن نه ٿيندو! غريب ۽ هيڻا هميشه ڏاڍن جا غلام ٿيندا رهيا آهن. هيءُ بيوقوف چوي ڇا پيو؟ آخر سندس ئي سنگتين مان هڪڙي وڃي سرڪاري عملدارن وٽ چغلي هنئي ته فلاڻو پاڳل ٿيو آهي ۽ الاهي بيهوديون ڳالهيون پيو ماڻهن کي سيکاري! عملدار باهه ٿي ويا، ۽ ان “چرئي” کي ٻَڌي وٺي آيا. سڀني “شريف”، “سمجهدار” ۽ “عقلمند” ماڻهن کيس سمجهايو، پر هن جي اتي به اها ئي لولي ته “ماڻهو سڀ ڀائر آهن!” ڀلا، ههڙي ڪفر جي ڳالهه سمجهدار، شريف ماڻهو ۽ سرڪاري عملدار ڪيئن برداشت ڪندا؟ لکپڙهون هلي ويون. آخر مٿان حڪم آيو ته سوريءَ تي چاڙهيوس! هو سوريءَ تي چڙهي ويو، باقي پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه لٿو. پوءِ ان بادشاهه جي پوين اعلان ڪيو ته اهو “چريو” جنهن کي اسان جي وڏن سوريءَ تي چاڙهيو هو، سو دراصل وڏو ڏاهو! اسان جو ابو هو، بلڪه خدا جو پيغمبر هو، خدا جو نور هو، خود خدا هو! اڄ دنيا جا 100 ڪروڙ انسان کيس خدا ڪري مڃن ٿا ۽ 40 ڪروڙ ٻيا ماڻهو کيس خدا جو نبي “حضرت عيسيٰ روح الله عليه السلام” ڪري مڃين ٿا.
    ان کان اٽڪل 600 سال اڳ، هندستان ۾ هڪڙي بادشاهه جو پٽ اوچتو “کري پيو” ۽ رات جو پنهنجي سهڻي، من موهڻي زال ڇڏي ڀڄي ويو. ڳولي وڃي جهليائونس. ڏسن ته هڪ پپر جي وڻ هيٺ اکيون پوريو ويٺو آهي. پڇيائونس ته “خير ته آهي؟” چيائين ته “هيءَ دنيا سڀ ڪوڙ آهي. پنهنجو دين ڪوڙو آهي. پنهنجا عالم، ولي ۽ اولياءَ سڀ مڪر پيا ڪن. روزا رکڻ، غارن ۾ ويهي پاڻ کي بکون مارڻ ۽ قربانيون ڏيڻ، سڀ بيهوديون ڳالهيون آهن. اول انسان انسان ٿئي، دل صاف رکي، پنهنجي نفس سان وڙهي، پوءِ ٻي ڳالهه!” شاهي محلن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ته هيءُ ڪهڙو ڪلور! لاکيڻو پٽ هٿن مان پاڳل ٿي پيو! ديني عالم، فقيهه ۽ مذهبي پيشوا اچي مڙيا ته “شهزادا سائين، اجهو هنن ڪتابن ۾ لکيو پيو آهي ته اسين خدا جي سسيءَ مان ٺهيا آهيون، اوهين سندس ڪُک مان، واپاري وڙا سندس چيلهه مان، ۽ ٻي سڄي غريب مخلوق سندس پيرن مان. پنهنجو ديني فرض آهي ته حڪومت ڪريون ۽ هنن جو ڪم آهي ته اسان جي غلامي ڪن. صاف ڳالهه پئي آهي، خدائي فرمان آهي، ڪو تنهنجي منهنجي وس ته ڪونهي!” هن کِلي چيو ته “اهي ڪتاب سڀ ڪوڙا آهن. اوهين سڀ مڪار آهيو! انسان سڀ ڀائر آهن، ڪوبه خدا جي سسيءَ مان يا پيرن مان ڪونه ٺهيو آهي. سڀ گنهگار آهيون. اچو ته پنهنجو نفس پاڪ ڪريون!” هاڻي سڀني کي پڪ ٿي ته هيءُ ڪافر ٿي ويو آهي، پاڳل آهي، پر بادشاهه جي پٽ کي ڇا ڪن؟ پوءِ اهو شخص سڄي زندگي محلن بدران وڻن جي هيٺان ويٺو رهيو ۽ ماڻهن کي عجيب غريب ۽ زماني جي دستور خلاف ڳالهيون ٻُڌائيندي مري ويو. پوءِ، گهڻو پوءِ، ڪن ماڻهن چيو ته اهو شهزادو سچو هو. هو بيشڪ نيڪ ۽ دانا هو. خدا جو پاڇو هو! پوءِ هنن سندس چيل ڳالهيون گڏ ڪري ڪتابن ۾ لکيون، سندس مورتيون ٺاهيون، سندس عبادت شروع ڪيائون ۽ سندس مذهب ڦهلايائون، تان جو ان “چرئي” شهزادي جا اڄ دنيا ۾ ڪروڙين پوئلڳ آهن. ساري انسان ذات کيس ڏاهو گوتم (ٻُڌ) ڪري ليکي ٿي ۽ سندس احترام ڪري ٿي.
    اٽڪل ڏيڍ هزار سال ٿيندا ته هڪڙي رڻ پٽ ۾ هڪڙي قوم رهندي هئي. ان قوم جا ماڻهو وڏا بهادر ۽ دلير هئا. منجهن وڏا شاعر ۽ وڏا داناءَ هئا. هو بلڪل مذهبي ماڻهو هئا. پنهنجن مذهبي عالمن جي ڏنل هدايت موجب، هو پنهنجن ديوتائن جي دل جان سان عبادت ڪندا هئا. منجهانئن جيڪي سرنديءَ وارا ۽ ديندار ماڻهو هئا، تن ٻين نيڪ ۽ ديني ڪمن سان گڏ، پنهنجن ديوتائن جا سُٺا ۽ سهڻا بُت ٺهرايا ۽ انهن کي هڪڙيءَ پاڪ جڳهه ۾ رکيائون. سڀ ديندار مرد ۽ عورتون، خلوص دل سان، اتي اچي پنهنجن پنهنجن بُتن جي عبادت ڪندا هئا، مٿن صدقا ڏيندا هئا، کانئن دعائون گهرندا هئا. ان شهر ۾ هڪڙي نهايت نيڪ خاندان جا ماڻهو رهندا هئا. هو ٻين سڀني کان وڌيڪ پنهنجن ديوتائن جي عبادت ڪندا هئا. سڀني کان وڌيڪ مٿن سچائي ۽ مذهبي عقيدن جي پختائين کي ڏسي، کين کڻي ان عبادتخاني جو مجاور ڪيائون. پوءِ پشتا پشت انهيءَ گهر جا ماڻهو انهن بتن جي عبادت ڪندا رهيا. ماڻهن کي بُتن جي عبادت جي واٽ سيکاريندا رهيا ۽ پنهنجي دين کي زور وٺائيندا رهيا. انهيءَ ڪري سڄي ملڪ جا ماڻهو سندن عزت ڪندا هئا ته هي بُتن جا خاص پيارا ٻانها آهن. انهن جي جيتري عزت ڪجي، بُت اوترو وڌيڪ خوش ٿيندا! آهستي آهستي هيءُ خاندان سڄيءَ قوم جو مذهبي امام ٿي ويو. پر، اوچتو ئي اوچتو وڏي مجاور جو هڪڙو پوٽو جنهن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا، تنهن وٺي اعلان ڪيو ته، “ڏاڏو جن بُتن جو مجاور آهي، سي بُت ڪوڙا آهن! پاڻ جنهن مذهب تي آهيون، سو ڪوڙو آهي، تنهن ڪري آءٌ هي بُت ڀڃندس!” چوطرف هراس ڇانئجي ويو ته هيءَ ڪهڙي ماجرا!؟ ههڙي ديندار ۽ مذهبي پيشوا جو پوٽو، ههڙيون ڪفر جون ڳالهيون پيو ڪري! ٻيو ڪو ڪوري موچي يا جاهل ماڻهو بُتن کان منڪر ٿئي ته به ٺهيو، هيءُ ته خود بُتن جي پياري وڏي مجاور جو پوٽو آهي! سو پيو چوي ته پنهنجن ابن ڏاڏن جو دين ڪوڙو آهي ۽ هيءُ پاڪ بُت ڀڃي ڇڏيو! هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ هنن دانائن ۽ ڏاهن ديني ڪتاب جاچيا، پنهنجي علم ۽ دانائيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا هنيائون، آخر وڃي اهو راز ڳولي لڌائون ته مجاور جي پوٽي تي جادوءَ جو اثر آهي ۽ چريو ٿي پيو آهي! پوءِ وڏا جادوگر وٺي آيا ته هن کي چڱو ڀلو ڪريو، ته هي ڪفر جا ڪلما بند ڪري، پر هن شخص تي ڪوبه اثر ڪونه پيو. تڏهن چيائون ته جادوءَ جو اثر ڪونهيس، ته پوءِ ڪو مڪر ٺاهيو اٿس. سو، صلاح ڪيائون ته وڏي مجاور جو پوٽو آهي، ههڙي درويش ۽ بُتن جي سچي عبادتگذار جي اولاد سان سختي ڪرڻ ٺيڪ ناهي. تنهن ڪري کڻي ڪنهن سهڻيءَ زال جو سڱ ڏيونس، پر هن اها ڳالهه رد ڪري ڇڏي. تڏهن چيائونس ته، “ڀلا اجايو ضد ٿو ڪرين ته کڻي ٿا توکي سڄي ملڪ جو بادشاهه ڪريون. تون ڀلائي ڪري ڏاهو ٿيءُ، ههڙي نيڪ ۽ ڀلاري خاندان جو اولاد ٿي،ڪفر ۾ ڪاهي نه پئو! ابن ڏاڏن جي دين کان پُٺ نه ڦير!” سندس چاچي به هنن جي تائيد ڪئي ۽ مائٽاڻي نصيحت ڪيائينس ته هرو ڀرو چريو نه ٿيءُ ۽ نڪي اسان کي ڏٺو ڪر، کڻي بادشاهي وٺ. تنهن تي سندس ڀائٽي چيس ته، “چاچا! جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي تي چنڊ رکندا، ته به آءٌ انهن بُتن جي مخالفت ڪونه ڇڏيندس!” بس پوءِ ته سڀني کي پڪ ٿي ته هيءُ بلڪل گمراهه ٿي ويو آهي، سو ائين ڪونه مُڙندو، پوءِ سندس سر جا ويري ٿي بيٺا. مائٽ مٽ جاني دشمن ٿي بيٺس ته هن ڪفر جو خاتمو آڻينداسين، يا پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين تان سر ڏيئي سرها ٿينداسين.
    اهو ماڻهو جنهن پنهنجن عجيب غريب ڳالهين سان اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، بلڪه سڄيءَ قوم کي بيزار ڪري وڌو، جنهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو، جنهن تي وقت جي سڀني عالمن ڪفر جون فتوائون ڪڍيون، ۽ جنهن جي علاج لاءِ سندس مائٽ پنهنجي زماني جا جراح ڊاڪٽر يعني جادوگر وٺي آيا، سو روءِ زمين تي “پيغمبر آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم” لکيو وڃي ٿو، ۽ سڄي دنيا سندس عقل، فهم ۽ دانائيءَ جو داد ڏئي ٿي.
    هي مخالفت جا طوفان، هي ڪفر جون فتوائون، هي خطري جا گهگهو، هي “دين ٿو وڃي” ۽ “مذهب کي بچايو” جا واڪا فقط ديني ۽ مذهبي عقيدن لاءِ وقف ڪينهن، پر انساني عمل ۽ تخليق جي ميدان ۾ ڪنهن به نئين وِک، نئين قدم ۽ نئين خيال کي قبول ڪرڻ لاءِ زمانو يڪدم تيار نٿو ٿئي. سندس نازڪ هاضمو اهڙيون دير هضم شيون هضم ڪرڻ کان نابري واريو ويهي. وقت جي نام نهاد “دانائن” ۽ “عالمن” کي هڪدم ذهني قبضيءَ ۽ پيچش جي شڪايت ٿيو پوي، ۽ هو وٺيو گهوڙا گهوڙا ڪن ته “ڪاري قيام ٿي وئي..... ڊوڙو! ڊوڙو! جهليو! پڪڙيو! نه ته دنيا هٿن مان ٿي غرق ٿئي.”
    سر وڃايو سرهو ڪوڙن ڪانئرن،
    آڌيءَ رات اُٿي ڪري ددا دانهون ڪن،
    سندي ذات هنجن، منهن کوڙي موتي چُڻي!

    (لطيف)


    (6)

    ڪنز، قدوري، قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
    ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي اُڀ!

    (قاضي قادن)

    ننڍي هوندي ٻُڌندا هئاسون ته ڌرتيءَ کي هڪڙو ڍڳو سڱن تي جهليو بيٺو آهي. جڏهن هڪڙو سڱ ٿڪجيس ٿو، تڏهن ڌرتيءَ کي اُڇل ڏئي، ٻئي سڱ تي کڻندو آهي. هي زلزلا ۽ ٻوڏون، جي اچن ٿيون، سي ڍڳي جي انهيءَ ڪنڌ اُڇل جي ڪري. اها ڳالهه ماڻهو مڃين يا نه، پر ڌرتيءَ تي اهڙا ماڻهو هر وقت هر دؤر ۾ موجود آهن، جي سمجهن ٿا ته جنهن ڍڳي جا سڱ دنيا کي کنيو بيٺا آهن، سي اسين آهيون. اهي چوندا آهن ته جي اسين نه هجون ته دنيا ٻئي ڏينهن تباهه ٿي وڃي. هنن پنهنجن اونڌن اُبتن خيالن، وهمن، وسوسن، خوش فهمين ۽ تعصبن جا بُت ٺاهي، انهن سان وڏا شاهي مندر سينگاري ڇڏيا آهن، ۽ سڄي عمر انهن بُتن جي پوڄا ڪندا رهن ٿا. بلڪل سچيءَ دل سان سمجهن ٿا ته جيڪو به ماڻهو سندن انهن خيالي مندرن ۾ سيس نٿو نوائي ۽ ٻل نٿو چاڙهي، سو گمراهه آهي، ڪافر آهي، سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهي. هنن پنهنجن انهن وهمن ۽ وسوسن کي ترتيب ڏئي، وڏا دفتر ڀري ڇڏيا آهن. جيڪو به سندن انهيءَ واهيات ۽ گمراهه ڪندڙ واٽ تان ٿورو ٿڙي ٿو، تنهن تي اهي دفتر کڻي چڙهيو وڃن ته “هي ڏس، لکيو ڪين پيو آهي ته فقط اسان واري واٽ صحيح آهي!” هنن جي خيال ۾ جيڪي هن کان اڳ هو ۽ هينئر آهي، سو پاڪ آهي، مقدس آهي ۽ هٿ لائڻ کان پري آهي. ان ۾ تِر جيتري به ڦيرپار نه ڪريو، نه ته قيامت اچي ويندي. بس اڄ کان پوءِ ڪابه نئين ڳالهه نه ڪريو. جيڪي به ٿيڻو هو، سو ٿي ويو. هاڻي جيڪي آهي، تنهن ۾ ڦيرو اچڻو ڪونهي.
    اٽڪل 400 ورهيه ٿيا ته اٽليءَ جي هڪڙي شهر ۾ هڪڙو نوجوان رهندو هو. هن کي نين نين شين جي کوجنا جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هن هڪڙو اوزار ٺاهيو، جنهن سان هو پري پري ڏسي سگهندو هو. هو رات جو اهو اوزار اکين تي رکي، چنڊ ۽ تارن کي جاچيندو هو ، ۽ انهن بابت عجيب ۽ نيون ڳالهيون سوچيندو هو. ڏينهن جو جڏهن سندس ٽهيءَ جا نوجوان ڌنڌا ڌاڙيون ڪري گذر سفر ڪندا هئا، کيل تماشا ڏسندا هئا ۽ عشق ۽ محبتون ڪندا هئا، تڏهن هيءُ زمين تي ڪاٺيون کوڙي، انهن جا پاڇا ويهي ماپيندو هو. پوءِ پنن تي عجيب آڏيون اُبتيون شڪليون ڪڍندو هو ۽ پينسل وات ۾ وجهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويندو هو. ماڻهو هن جي حالت ڏسي، عجب ۽ افسوس ڪندا هئا. هڪ ڏينهن هن وٺي خوشيءَ جي رڙ ڪئي. ماڻهو ڇرڪي ويا ۽ پڇيائونس ته ڇا ٿيو؟ چيائين ته “مون حساب ڪري ڏٺو آهي ته هيءَ ڌرتي گول آهي، چؤڪنڊي ناهي!” ماڻهن چيو ته اسان سمجهيو ته تو ڪو خزانو ڳولي لڌو آهي! آخر ڳالهه وڃي پادرين جي ڪنن پئي، تن کيس گهرايو.
    “اسان ٻُڌو آهي ته تون مذهب کان ڦري ويو آهين ۽ چوين ٿو ڌرتي گول آهي؟”
    هن چيو ته، “مون برابر حساب لڳائي ڏٺو آهي ته ڌرتي گول آهي.” چيائونس، “ڪل ته ڪانه ٿڙي اٿئي؟” ڌرتي گول هجي ها ته پاڪ انجيل ۾ ڪونه لکيو پيو هجي ها! ڏيکار ڪٿي لکيل آهي ته ڌرتي گول آهي؟” هن چيو ته انجيل ۾ برابر لکيل ڪونهي، باقي مون سڄي زندگي خاطريءَ جهڙي جاچ ڪئي آهي، تجربا ڪيا اٿم ۽ بلڪل ٺيڪ ٺيڪ حساب لڳايو اٿم ته ڌرتي گول آهي.” چيائونس ته “توکي ڪير ٿو پڇي؟ ڀلا ٻُڌاءِ ته تون سچو يا خدا جو ڪلام، انجيل سچو؟” هن چيو ته “انجيل سچو، پر ڌرتي گول آهي!” بس، پوءِ ته هڪ زبردست مذهبي عدالت قائم ٿي وئي، جنهن ۾ وڏا وڏا مقدس پيشوا، فقه جا صاحب، علم جا بحر، الاهي اسرارن جا يگانا ڄاڻو ۽ دانائيءَ جا اٿاهه سمنڊ اچي گڏ ٿيا. هو پاڻ سان ديني ۽ دنيائي علمن جي ڪتابن جا اُٺ ڀرائي کڻي آيا. هنن نيڪ انسانن ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون انهن ڪتابن جو اکر اکر ڪري جاچي ڏٺو، پر ڪنهن به پاڪ ڪتاب ۾ لکيل ڪونه هو ته ڌرتي گول آهي. هنن پنهنجا مقدس ڪنڌ لوڏيا، معاملو صاف هو، ڌرتي هرگز گول نٿي ٿي سگهي. ڪتابن ۾ اهڙي ڳالهه ئي ڪانهي! هن نوجوان زبردست ڪفر جو ڪم ڪيو آهي! پوءِ کيس حڪم مليو ته، “هي ڪپڙا لاهي، ڳوڻ جا ڪپڙا پاءِ! پير ۽ مٿو اُگهاڙو ڪري 3 مهينا عبادتخاني ۾ پنهنجي گناهه لاءِ پڇتاءِ ۽ توبهه زاري ڪر، ۽ چوندو رهه ته ڌرتي گول ناهي، مون ڪفر بڪيو آهي، پوءِ تنهنجو ڏوهه معاف ڪرائڻ لاءِ مفتي اعظم کي عرض ڪيو ويندو!” هن بيواهه شخص ڳوڻ جا ڪپڙا پاتا ۽ وڏيءَ درگاهه جي دروازي تي ڪِري، چوندو رهيو ته “توبهه ٿو ڪريان، پاڪ انجيل سچو، آءٌ ڪوڙو، ڌرتي گول ڪانهي.” آخر 3 مهينا پورا ٿيا، هو واپس موٽيو. پڇيائونس ته “ڪيئن هاڻ ٺيڪ ٿيو آهين؟ وري متان اهڙو ڪم ڪرين!” تڏهن ڀُڻ ڀُڻ ڪري چيائين ته “مون توبهه ڪئي، آءٌ ڪوڙو ۽ انجيل سچو... پر ڀانيان ٿو ته ڌرتي پڪ گول آهي!” آخر هن چرياڻ مان جند ڇُٽڻ جو ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، مقدس پادرين فتويٰ ڏني ته هن کي جيئري باهه ۾ ساڙيو وڃي. هن کي پوءِ جيئري باهه جي آڙاهه ۾ اُڇليو ويو، ۽ هو ان ۾ سڙي شهيد ٿي ويو. ان ماڻهوءَ جو نالو گئارنڊونو برونو هو، جنهن کي دنيا اڄ انسانذات جو عظيم محسن ڪري ليکي ٿي. اڄ اسڪول جي شاگردن کي به خبر آهي ته ڌرتي گول آهي، سڄيءَ دنيا جو ڪاروبار انهيءَ ڄاڻ تي هلي ٿو. اڄ برونو جا ڳولي ڪڍيل اُصول سائنس لاءِ قانون جي حيثيت رکن ٿا، پر ان وقت ڪتابن ۾ جو لکيل ڪونه هو، سو ڀلا ان زماني جا ماڻهو ڪيئن مڃين ته ائين ڪو ٿي سگهي ٿو!
    جنهن سال برونو اٽليءَ ۾ ڄائو هو، انهيءَ ساڳئي سال انگلينڊ جي هڪڙي ننڍڙي واپاريءَ کي هڪ پٽ ڄائو هو. هن ٻه-چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيا، پر پوءِ کري پيو. پاڻ کان گهڻو وڏيءَ هڪڙيءَ عورت کي کڻي زال ڪيائين. ڪم ڪار کان جواب، سڄو ڏينهن پيو رُلندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڇا ڪندو هو، جو تر جي زميندارن جي ٻيلن ۾ بنا موڪل وڃي شڪار ڪندو هو. هڪڙي ڀيري پڪڙجي پيو. ٻڌي ٿاڻي تي وٺي آيس، پر پڻس هو ڳوٺ جي ڪائونسل جو ميمبر، تنهن ميڙ منٿ ڪري پٽ کي ڇڏايو. پوءِ گهر وڃي پچائي مار ڪڍيائينس. هوڏانهن جوڻس به اچي ڪوڪر ڪري کنيس ته “مئا، بي ڪما! ڪو ڌنڌو ڌاڙي ته نٿو ڪرين، پر اٽلو وڃيو هچائون ڪرين!” تنهن تي مڙس رُسي، وڃي لنڊن کان نڪتو. اتي نوڪريءَ لاءِ گهڻا ئي مٿا ڏنائين پر ڀلا پڙهيل هو پورو سارو، سو ڪٿان ٿي نوڪري مليس. آخر رلي رلي ٿڪو، سو وڃي هڪڙي ناٽڪ ڪمپنيءَ ۾ ڀرتي ٿيو. شڪل جو هو پورو سارو، سو مڙئي انڌا منڊا پارٽ پيو ڪندو هو.
    هيءُ اُهو زمانو هو، جڏهن دنيا تي هڪ نامور شاهي جوڙي جو سِڪو هلندو هو. مغرب ۾ هاڪاري راڻي ايلزبيٿ جو ڌاڪ هو ته مشرق ۾ اڪبر اعظم جو نالو روشن هو! اسپين ۾ مسلمانن جو ڪوس پئي ٿيو ۽ سنڌ ۾ مرزا باقي چرئي ڪلور پئي ڪيا. يورپ سڄو پوپ جي خرمستين سبب تفرقي ۾ هو. هيءُ انگلينڊ جي ڦوهه جوانيءَ جو دؤر هو. انگلينڊ سمنڊن جو والي هو. انگريز ملاح ڊريڪ سڄيءَ دنيا کي چوڌاري ڦري آيو هو. انگلينڊ ۾ علم ۽ هنر جا درياهه پئي وهيا. هيءُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو، لنڊن جهڙي عظيم ترين شهر ۾ ويڳاڻو ٿيو پيو هلندو هو. ڪمائي هيس پوري ساري، سو ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. آخر هڪ دفعي ڇا ڪيائين، جو لڪ ڇپ ۾ ويهي هڪڙي کيل جي آکاڻي لکيائين. جڏهن ناٽڪ جي آکاڻي سنگتين کي پڙهي ٻُڌايائين، تڏهن اهي اچي کِل ۾ ڇُٽا، چي “ميان، ڏيڏريءَ کي زڪام ٿيو آهي، اهي ڪم ڪن ته ڀلي لنڊن جا وڏا قابل اديب ۽ ڊراما نويس ڪن، تون اڍائي اکر مس پڙهيو آهين ۽ اڃا ڪالهه جهنگ مان رُلي رُلي شهر ۾ آيو آهين، سو ٿو اهڙا ڪم ڪري سگهين!” همراهه اچي ڦڪو ٿيو ۽ کڻي ماٺ ڪيائين، پر کانئس رهيو نه ٿيو، سو ٻيو به کيل لکيائين، ٽيون به لکيائين، پر ڪنهن پڇيس به ڪونه. آخر هڪڙو کيل ڇپايائين، ماڻهن پڙهي اُڇلي ڇڏيو. “ڀلا ائين به ڪو کيل لکبو آهي؟ نه ٻوليءَ ۾ چس، نه ڳالهه ۾ سواد!” پر هيءُ همراهه نه مڙيو. سڄا سارا 25 کيل لکيائين. مس مس وڃي ڪي اسٽيج تي پيش ٿيا. گهڻا فيل ٿيا، پر ڪي مڙيئي پسند پيا. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هن پنهنجي ناٽڪ ڪمپني کولي، جنهن ۾ ائڪٽنگ به پيو ڪندو هو ته ناٽڪ به لکندو هو. آخر 52 ورهين جي عمر ۾ مري ويو. مرڻ کان اڳ البت هڪڙو ٻنيءَ ٽڪرو ورتو هئائين، ٻيو ٿيو ڀلو. اڪثر ماڻهو سندس ناٽڪن کي بيڪار ۽ واهيات سمجهندا هئا ۽ چوندا هئا ته “جهڙو پاڻ جهنگ جو ڄٽ هو، تهڙا ڄٽاڻا ناٽڪ لکيا اٿس، سندس ناٽڪن جو ڪوبه چٽو مقصد ڪونه آهي، سڀ ڳالهيون گڏ وچڙ ٿيون پيون آهن، پڇاڙيءَ تائين پتو نٿي پيو ته مطلب ڪهڙو اٿس، وغيره وغيره.” ڪن چيو ته فلاڻي ناٽڪ جي ڪاپي ڪئي اٿس، ادبي چور آهي. مطلب ته ڪنهن ڪم جو ڪونهي. ڀلا، ٻيلن جو چور، ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، لنڊن جي اعليٰ اديبن ۽ زبردست ڊراما نويسن جي اڳيان ڇا بيهي سگهندو؟
    انهيءَ ڳالهه کي گهڻو وقت ٿي ويو. زمانو بدلجي ويو. زماني جا معيار بدلجي ويا. وقت جون ڇوليون نامورن جي ناموس کي گهلي گمناميءَ جي سمنڊ ۾ اُڇلي آيون، ته ڪن کي اتان ڪڍي آڻي ڪناري تي رکيائون. ماڻهن پراڻا ادبي دفتر پٽيا، انهن کي پڙهيائون، توريائون تڪيائون.... اوچتو رڙ مچي وئي ته “اهو ٻهراڙيءَ جو ڄٽ، ٻيلن جو چور ۽ گمنام ائڪٽر وڏو اديب هو، وڏو دانا هو. يگانو ڊرامه نويس هو، انگلينڊ جو عظيم ترين شاعر هو! هن جهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!”
    400 سال ٿي ويا آهن. اڄ سموري مهذب دنيا انهيءَ راءِ سان شريڪ ٿي وئي آهي. کيس دنيا جي مُٺ جيترن عظيم ترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. علم ۽ ادب جي سلطنت ۾ هن جو سِڪو رائج آهي. هن جا عاشق دنيا جي ڇهن ئي کنڊن ۾ ويٺا آهن. دنيا جي ڪابه ٻولي ڪانهي، جنهن ۾ هن جا شاهڪار ترجمو نه ٿيل هجن. ۽ ها، جن “قابلن”، “دانائن” ۽ “عالمن” کيس “ڄٽ”، “جاهل” ۽ “ادبي چور” ٿي سڏيو، تن جو نالو نشان به ڪونه بچيو آهي. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته اهي “وڏا بزرگ” ڪهڙي باغ جي موري هئا.
    انهيءَ ٻهراڙيءَ جي ڄٽ، ٻيلن جي چور ۽ ڪوجهي شڪل واري ائڪٽر ۽ ناٽڪ لکندڙ جو نالو شيڪسپيئر هو!
    جڳ جي پُٺ وٺڻ بدران جڳ کي پنهنجي پُٺ وٺائڻ وارا ماڻهو هر ميدان ۾ هر زماني ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا. هو ماڻهن جي لتاڙيل گسن تي هلڻ بدران پنهنجون نيون راهون ڳولي ڪڍن ٿا. هو پنهنجي زماني جي دستورن، قاعدن، عقيدن، رسمن ۽ ريتين تي اکيون ٻوٽي هلڻ بدران پنهنجي اعليٰ عقل، بلند همت، بي پناهه حوصلي ۽ زبردست قوت عمل سان وقت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ آڻين ٿا ۽ زماني جي تقدير بدلايو ڇڏين. “سچ” ڏسڻ ۾ ڪهڙو به اڻوڻندڙ، تلخ ۽ ڀيانڪ هجي، پر هو ان سان اکيون اکين ۾ ملائڻ کان ڪين ٿا هٻڪن، چاهي دنيا ناراض ٿي پوي يا زماني جو بنايل نظام درهم برهم ٿي وڃي. هو پنهنجي مقصد کان تِر جيترو به هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. سچ سچ آهي، چاهي ان جي ڳچيءَ ۾ زماني جي خواريءَ جو طوق پيل هجي يا پيرن ۾ ڏاڍ جون ٻيڙيون. هنن جون نظرون سچ جي مٿان هٿرادو لڳايل ڪاراٺ ۽ بدناميءَ جي دامن کي پار ڪري ان جي اصلي حُسن ۽ جمال کي تاڙي وٺن ٿيون. هو زماني جي ڪاوڙ ۽ عتاب جي ٽانڊن جي آڙاهن کي لتاڙيندا، سچ جي آستان تي پهچن ٿا. وهم، وڪڙ، ناحق ۽ جهالت جون ڏائڻيون جڏهن دستورن، رواجن، قانونن ۽ عقيدن جا ٻهڪندڙ زرق برق وڳا ڍڪي، ڳچين ۾ ماڻهن جي مڃتا ۽ تابعداريءَ جا چمڪندڙ هار لوڏينديون، ناز نخري سان ٽلندي ٽلندي، عقلن کي چرخ ڪريو ڇڏين، تڏهن هي اچانڪ هٿ وڌائي سندن انهيءَ ٺڳيءَ جي لباس کي سٽ ڏئي ڦاڙي، ليڙون ليڙون ڪري، سندن اصلي ڪراهت جهڙي روپ کي اُگهاڙو ڪريو ڇڏين. هيءُ انسان ذات جو ضمير آهي، روشنيءَ جا اوچا منارا آهن، جي تاريخ جي اجهاڳ سمنڊ جي هر منزل تي انسانيت جي ٻيڙيءَ کي وهم ۽ تعصب جي خوفناڪ ڪُنن ۽ ظلم ۽ وحشت جي هيبتناڪ طوفانن کان بچائين ٿا.
    ٻئي طرف اهي آهن، جي هر زماني ۾ ماڻهن کي چوندا رهن ٿا ته “پنهنجن دماغن کي ڪُلف چاڙهي ڇڏيو! زبانن تي مهرون لڳائي ڇڏيو! سوچڻ گناهه آهي، سمجهڻ ڪفر آهي. اکيون بند ڪري، جيڪي اوهان کي چئجي سو مڃيو، تابعداري ڪريو! جيڪو ائين نه ڪندو سو لعنتي آهي، ڪافر آهي، زنديق آهي، واجب القتل آهي!
    هو انساني تخيل جي رنگ برنگي، من موهيندڙ ۽ حَسين پکين جا نازڪ پرڙا کوهي، انهن کي لوهي پڃرن ۾ بند ڪرڻ گهرن ٿا. نوان تجربا، نيون تحقيقون، نيون طرزون ۽ نوان خيال هنن جي دين ۾ حرام آهن. زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۾ هڪ وِک به اڳتي کڻڻ هنن وٽ ڪبيرو گناهه آهي.
    هنن جو نسل به ايامن کان دنيا ۾ قائم آهي. هو هر ظلم ۽ وحشانيت جا علمبردار ۽ گمراهين ۽ اونداهين جا پرچاري آهن، هي وحشي ۽ بزدل قبيلو روز اول کان وٺي، ڪڏهن رسم و رواج جي قديم غارن مان ته ڪڏهن مذهب ۽ دين جي اوچن منارن تي ويهي، انسانن جو شڪار ڪندو رهيو آهي.
    هي ماڻهو هرڪا بڇڙائي ۽ بيهودائي، ڪنهن نه ڪنهن نيڪ ۽ چڱي شيءِ جي نالي ۾ ڪن ٿا. هي اهي آهن، جن اڍائي هزار ورهيه اڳ “يوناني اخلاق” جي نالي ۾ سُقراط کي زهر جو وٽو پياريو، جن ٻه هزار ورهيه اڳ “قانون ۽ انصاف” جي نالي ۾ مريم جي مسڪين ۽ ٻالي ڀولي پٽ کي “باغي” ٺهرائي، سوريءَ تي چاڙهيو، جن صدين لاءِ “ڪرشن ڀڳوان” جي نالي ۾ هندستان جي ڪروڙها انسانن کي “شودر” سڏي، سندن ڪنن ۾ شيها پلٽيا، جن 1400 ورهيه اڳ مڪي ۾ “ابن ڏاڏن جي دين” جي نالي ۾ آمنه جي لال (ﷺ) کي “پاڳل” ۽ “ڪافر” ٺهرائي سندس قتل جو حڪم ڏنو، جن “اسلامي خلافت” جي نالي ۾ حُسين کي “باغي” جو لقب ڏئي، ڪربلا ۾ ڪُٺو، جن “پاڪ مريم” جي نالي ۾ يورپ جي لکها عيسائين جو ڪُوس ڪيو ۽ “مقدس ڪليسا” جي نالي ۾ اسپين ۾ مسلمانن کي حرف غلط وانگر مٽائي ڇڏيو! ها، هي اهي ساڳيا آهن، جن عراق، شام ۽ مصر ۾ “چئن يارن” جي نالي ۾ لکها مسلمانن کي “شيعو” ٺهرائي، سندن سر قلم ڪيا، ۽ ساڳئي وقت “علي” جي نالي ۾ ا وترن ئي مسلمانن کي “سُني” ٺهرائي، ڄڻ ٻچو مارائي ڇڏيو!
    هو ڪڏهن “جرمن تهذيب” جي نالي ۾ بيگناهه مردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻُڍن کي مشين ۾ پيڙي، منجهائن خوشبودار صابڻ ٺهرائين ٿا، ته ڪڏهن “فرينچ تهذيب” جي نالي ۾ جميله بوپاشا جهڙين معصوم الجزائري ڇوڪرين کي اُگهاڙو ڪري ساڻن وحشياڻيون عقوبتون ڪن ٿا!
    اڄ به انهيءَ قبيلي جا ماڻهو “مغربي تهذيب” ۽ “آمريڪي آزادي” جي نالي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويٽنام جي مظلوم انسانن جو کُليو کُلايو شڪار ڪري رهيا آهن. هي ماڻهو ڪڏهن “مذهب“ ۽ “تهذيب” جي پردي ۾ لڪي ڪارروايون ڪن ٿا، ته ڪڏهن “ادب” ۽ “اخلاق” جي کُڏڻن جي آڙ مان پنهنجا زهريلا ڀالا هڻن ٿا.
    سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ماڻهو “ادب” ۽ “اخلاق” جي نالي ۾ “ڪافر”، “باغي”، “ڪميونسٽ”، “ملحد”، “دهريو” جي فتوائن جا زهري خنجر کڻي ملڪ ۾ ڪاهي پيا آهن، سي انهيءَ پراڻي پاپي قبيلي جي هڪڙيءَ بدنام شاخ جا ماڻهو آهن، جن کي ادبي داداگيريءَ ۽ قلمي غنڊاگردي ۽ سرڪاري دلاليءَ جو اذن مليل آهي.


    (7)

    سنڌي شاعريءَ ۾ هڪڙو نالو اول ۽ آخر آهي. سنڌي شاعريءَ جي اعليٰ روايتن ۽ بلند قدرن جو سرچشمو “لطيف” آهي. هر نقطه نظر، هر ذوق، هر لياقت، ۽ هر قسم جي سنڌيءَ جي اڳيان لطيف جي شاعري اسان جي ادب جي سڀ کان بي بها ميراث آهي. لطيف جي شاعريءَ کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نموني پڙهيو، پروڙيو ۽ پيار ڪيو آهي. ٻين وانگر، اسان جا موجوده شاعريءَ جا ابا ۽ باقاعدي شاعر به شاهه جي عظمت جا قصيدا ڳائين ٿا.
    ڏسڻو هي آهي ته آيا اهي شاهه جا معتقد ۽ مُرِيد رُڳو عقيدت جا لفظي “پڙ چاڙهڻ” جا ملوڪ آهن، يا سچ پچ سندس روايتن ۽ قدرن تي ايمان رکن ٿا. انهن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان واٽ تي هلن ٿا. ڀلا، شاهه جي هن بي پناهه مقبوليت جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟ ماڻهُو چون ٿا ته هو انهيءَ ڪري مقبول آهي، ڇاڪاڻ ته هو صوفي، درويش، وَلِي ڪامل، حق آگاهه، بحر معرفت، مخزن اسرارالاهي، ۽ شارح قرآن هو. هُو بيشڪ اهو سڀڪجهه هو، پر سوال آهي ته سنڌ ۾ جتي خدا جي فضل سان گهر گهر عيد آهي، شهر شهر بلڪ ڳوٺ ڳوٺ کي پنهنجو ڪامل ولي، مرشد حق آگاهه، درويش معرفت رسد آهي، اتي هڪڙو ٻيو به وَلِي پيدا ٿيو ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. رڳو اسان جي ٺٽي واريءَ مڪليءُ ۾ ئي چون ٿا ته سوا لک اولياءَ الله جا پيا آهن، سڀ درويش، سڀ ڪامل، سڀ وَلِي، سڀ ڪرامتن جا صاحب، هڪڙو ٻئي کان زور، سيوهڻ، روهڙي ۽ جهوڪ- چؤطرف ڪرامتون، اسرار، لقاءَ، حال، قال! درحقيقت سنڌ ۾ وَلِين کان سواءِ ٻيو آهي ڇا؟ پر سڄي سنڌ ۾ لطيف فقط هڪڙو آهي ۽ رهندو. ڇو ته هو وَلِي هجڻ کان قطع نظر، هڪ نرالو ۽ پيارو انسان هو. خدا رسيده ته گهڻائي پيا آهن، پر هُو انسان رسيده هو. هن انسان جي روح ۾ جهاتي پائي، انسانن جا دک درد، سندن جذبا ۽ احساس ڏٺا هئا.
    هو سچو مومن هو، اسلام جو پيرو ۽ توحيد پرست هو. پر هن عرب ۽ ايران جي بدران پنهنجي دل جو ڪعبو بدنصيب ۽ پياري وطن، سنڌ کي بنايو. ايران جي آبجو ۽ شيراز جي باغن ۾ ٽڙندڙ سَرَو، سَمَنُ، لاله، نَرگِس ۽ سُنبُل جي بدران هن پنهنجي وطن جي پُسين، پيرُن ۽ ڏؤنرن جي حُسن جا نغما ڳايا. جتي ان وقت جي هند ۽ سنڌ جا نام ڪٺيا شاعر بهادريءَ ۾ رُستم، سهراب ۽ اسقند يار جا مثال ڏيندا هئا، اتي هن پنهنجي وطن جي رحم، ڪرم، عنايت، محبوبيت ۽ بي نيازيءَ جي شان بيان ڪرڻ لاءِ حَسِين استعارا ڳولي ٿو، تڏهن کيس وطن جا دلير ۽ بانڪا ياد پون ٿا ۽ هُو خدا کي پنهون، تماچي، جکرو، چنيسر، راڻو ۽ سپڙ سڏي ٿو. هيءَ ڳالهه آهي، جا ڪنهن به عرب ايراني، هندي يا سنڌي شاعر نه ڪئي آهي. هن جي انهيءَ خوبصورت دليريءَ اڳيان خود رُوميءَ جهڙي مست جي مسوري آڳ ۽ جلال عاجز ٿا لڳن.
    لطيف هر ڳالهه ۾ پنهنجي دور جي ٻين شاعرن کان نرالو آهي. ان وقت هند ۽ سنڌ تي فارسيءَ جو راڄ هو. درٻار جي زبان فارسي هئي. علم ۽ فن جي زبان فارسي هئي. سنڌي شاعري صرف ڳوٺن ۾ نامعلوم جڳهن تي ڀُڻڪو ڪندي هئي، نه ته هر هنڌ فارسي شاعريءَ جو بول بالا هو. لطيف انهيءَ روايت ۽ دستور کي اورانگهي ۽ لتاڙي، پنهنجي الڳ راهه ورتي. هن پنهنجي وقت جي فارسي گو شاعرن وانگر فارسي شاعريءَ جي تقليد ۾، فارسي بحرن ۽ وزنن ۾ به شاعري ڪا نه ڪئي، نه وري هن ان وقت رائج شاعريءَ جي مضمون يا انداز جي پيروي ڪئي. هن جي ٻولي، بحر، وزن، تشبيهون، استعارا، بندشون، موضوع ۽ انداز نظر خاص پنهنجا ۽ دُنِيا کان نرالا هئا. ان وقت جا ناليرا شاعر مثنويون، قطعا، غزل، نظم، شهر آشوب ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ايراني طريقا اختيار ڪري، مقبوليت حاصل ڪندا هئا. هُو پنهنجي مادري ٻوليءَ کي انهيءَ لائق ئي نه سمجهندا هئا ته ڪو اها شاعريءَ لاءِ ڪتب آندي وڃي. تنهن ڪري لطيف جي پهرين خصوصيت، روايت کان مڪمل بغاوت آهي. جتي شاعريءَ جا موضوع فقط هِجُر ۽ فراق ، ظلم ۽ هرجائي محبوب، رقيب روسياهه، فلڪ ناهنجار، معشوق جي قد بت جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۽ سندس ڪرم جي تلاش ڪرڻ هئا. اتي لطيف ڏٿ-ڏوريندڙ ڏوٿين، برسات لاءِ واجهائيندڙ هارين، جهنگلن ۾ ڀٽڪندڙ ماروئڙن، سمنڊ ۾ اکا وجهندڙ هندو ڇوڪرين، ساٽياڻين، مهاڻين، ماڱرين، جوڳين، ڦورو سردارن، سندن ستايل ڀاڳين، سخي ڏاتارن، مڱڻهارن، اٺن هنجن، روهه جي ڪونجڙين، سپن، کپرن، ۽ ٻين اهڙن سنڌي زندگيءَ جي ڪردارن کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. هن جا ڪردار اهي آهن، جيڪي سنڌ ۾ سچي پچي معنيٰ، مقصد ۽ حقيقت رکن ٿا. هن کي پنهنجي وطن جي چپي چپي سان، ۽ سندس هر مرد، ٻار ۽ عورت سان، هر مظلوم، هر ڏکويل، هر خوبصورت ۽ پياريءَ شيءَ سان والهانه محبت آهي. هُو شاعري انهيءَ ڪري نٿو ڪري ته ڪو کيس پنهنجي شاعرانه ڪمال جي نمائش ڪرڻي آهي، پر ڇاڪاڻ ته کيس اهڙي ته حساس، عَمِيقُ ۽ انساني همدردين سان ڀرپور دل آهي، جو هو بي اختيار پلٽيو پوي. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آهي. هُو ان زبان جو اهو جوهري آهي، جنهن وٽ ماڻڪن جا مَٽَ ڀريا پيا آهن، هن سنڌي زبان جي معمولي لفظن مان ڪڏهن ماکيءَ جو ڪم ورتو آهي ته ڪڏهن شراب جو نشو پيدا ڪيو آهي. انهن لفظن مان هو ڪڏهن احساس جا ٽانڊا ۽ مَچُ ٻاري ٿو ته ڪڏهن احتجاج ۽ بغاوت جا بارُود ڀري ٿو. ڪو به اهڙو موضوع ڪونهي، ڪو به اهڙو واقعو نه آهي، ڪو به اهڙو احساس نه آهي، جنهن کي لطيف شاعريءَ جي معيار کان گهٽ سمجهي، نظرانداز ڪيو هجي. هن سنڌ جي عام ماڻهن، مردن ۽ عورتن، خاص ڪري عورتن جي جذبن جي، جنهن خلوص، اُمنگ ۽ جذبي سان ترجماني ڪئي آهي. تنهن جي بيان لاءِ دفتر کپن. شاهه جي شاعري درحقيقت هتي جي عام ماڻهن جي زندگيءَ جو هڪ درد انگيز ۽ من موهيندڙ داستان آهي.
    لطيف جي عظيم روح ۽ سندس فن جي عظيم روايتن کي برقرار رکندڙ ۽ ان کي اڳتي وڌائيندڙ ۽ سنواريندڙ ئي سنڌ جا صحيح اديب ۽ شاعر آهن ۽ نه اهي جن ان جي انسانيت پرور، جرات مندانه ۽ تخليقي روايتن کان ڀڄي، ٺلهي تڪبنديءَ جي بي روح ۽ بي معنيٰ رينگٽ کي مچايو آهي.
    سنڌيءَ کي مُڏيءُ ڪاتيءَ سان ذبح ڪرڻ، سنڌي شاعريءَ جي شاندار ۽ روشن چهري کي داغدار ڪرڻ، سنڌ جي ماحول ۽ قومي مزاج سان چٿر ڪرڻ، سنڌي شاعريءَ جي قافلي کي اوجهڙ ڏانهن مُنهن ڏيڻ ۽ سنڌ جي پنهنجي ادبي روايت کان بغاوت ڪري، ٻين جي غلامي ڪرڻ وارن مان هڪڙو بزرگ خاص طرح اڄڪلهه لطيف جي غم ۾ سينو ڪٽي، اوڇنگارون پيو ڏئي، ان لطيف جو دم پيو ڀري، جنهن جي مٺڙي ٻوليءَ کي پاڻ ۽ سندس قبيلي جي ماڻهن جيئري قبر ۾ پوري ڇڏڻ ۾ ڪِين گهٽايو، جنهن جي ٻولي مان کين ڌپ ٿي آئي، جنهن جي فني روايتن کي هنن حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ جنهن جي جاري ڪيل شعر جي آبحيات جهڙين شفاف ۽ حيات بخش نهرن کي ڪِن ۽ گند سان ڀرڻ هنن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو.
    شاهه جي حُب جو سانگ رچائڻ ۽ پنهنجن ڇاڙتن جي هٿان ٽيڪو ڏيئي حشر پٽائڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هي اردوءُ ۽ فارسيءَ جي شاهي درٻارين جا منصبدار، پنهنجي زماني جا فردوسي ۽ حافظ، مير ۽ غالب، عرفي ۽ رودڪي، ادبي آسمانن جا باشندا، عاج جي محلن جا مُڪين، اڄ هن حال ۾ هيٺ زمين تي ڇو پيا ڏسجن؟ کين اوچتو جهانگين ۽ مارن جو ‘شاهه’، ۽ پٽن ۽ وٿاڻن جو ‘لطيف’ ڪيئن اچي ياد پيو آهي؟
    اهڙن فارسي زده تڪبندي ‘شاعرن’ نه رڳو هيئت جي اعتبار کان بلڪ موضوع مواد ۽ اسلوب جي نقطه نگاهه کان پڻ سنڌي شاعريءَ جي روايتن کي پُٺ ڏيئي ۽ سندس بي بها خزانن کي نظرانداز ڪري، نه رڳو فارسي هيئتون ۽ سانچا اختيار ڪيا، بلڪ سندن ٻولي، محاورا، تشبيهون، استعارا، ترڪيبون، بندشون ۽ ماحول سڀ غير سنڌي ۽ اوپرا هئا. سندن تڪبنديءَ جون پاڙون سنڌ بدران ايران ۾ لٽڪيل هيون. سندن راهه بلڪل الڳ هئي. اها راهه سنڌي شاعريءَ کي ڪنهن نئين شاداب ۽ سرسبز منزل ڏانهن نه، پر هڪ پراڻي، لتاڙيل ۽ ڀڙڀانگ اوجهڙ ڏانهن وٺي ٿي ويئي. ان جا مُکيه سبب هي هئا:
    (1)هنن پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ روايتن کان پاڻ کي ڇني، ڌار ڪري، ٻئي ملڪ، ٻيءُ ٻوليءَ ۽ ٻئي ماحول سان ناتو ڳنڍيو. جنهن ڪري سنڌين لاءِ سندن شاعريءَ ۾ ڪا به دلچسپي ۽ اصليت نه رهي.
    (2)جنهن ڌارينءَ شاعريءُ جي روايتن ۽ سانچن تي هنن هلڻ شروع ڪيو، خود ان ۾ جيڪي ارتقائي تبديليون ٿيون ۽ ويهين صديءَ تائين اها موضوع ۽ هيئت جي خيال کان جنهن منزل تي پهچي چڪي هئي، تنهن جي هنن کي ڪا به خبر نه هئي. هنن ويهين صديءَ ۾ ويهي فارسيءَ جي ان دور جو نقل ڪرڻ شروع ڪيو، جو 8-9 صديون اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو.
    (3)جنهن 8-9 صديون اڳ جي فارسيءَ کي هنن سامهون رکيو، ان جي زبردست روح عظيم ۽ معيار کي قائم رکڻ ۽ ان جي روايتن کي پنهنجي ڪرڻ جي منجهن صلاحيت نه هئي. هو حافظ، سعدي، خيام ۽ رُومِي جي زندهه خيالن، گهَرن ۽ جانبدار احساسن ۽ بلند پروازن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ڪرڻ بدران فقط معمولي قسم جا لڪير جا فقير ئي رهجي ويا، جنهن ڪري نه هيڏانهن جا رهيا، نه هوڏانهن جا. سندن شاعري فارسيءَ جي اعليٰ ۽ روشن خيالن ۽ شاندار فني ڪارنامن جي هڪ بي روح، بي جان ۽ مرده تصوير هئي. فارسيءَ جي اٿاهه، گَهري ۽ سدا شاهوڪار سمنڊ مان ٽُٻيون هنيون، ستيون ۽ سانگوٽا ميڙيا. درحقيقت هنن فقط چِلُڙِن ۾ چنهبيون ٻوڙيون. درحقيقت هنن جي شاعريءَ کي فارسي شاعريءُ جي تقليدي شاعري ڪوٺڻ به فارسيءَ شاعريءَ جي شاندار نالي تي هڪ بدنماداغ ۽ زبردست بهتان آهي. انهيءَ بي بُنياد، نقلي، بي جان ۽ نام نهاد شاعريءَ جي رائج ٿيڻ ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ واڌارو نه ٿيو ۽ ان جو مستقبل سخت خطري ۾ پئجي ويو.
    (روح رهاڻ 1974ع)


    (8)

    محلين آيو مڱتو، کڻي ساز سري،
    لڳي تند تنبير تي، پيا ڪوٽ ڪري،
    هنڌين ماڳين هوءِ ٿي ٻيجل دانهن ٻري،
    جهونا ڳڙهه جهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

    (لطيف)

    سنڌي شاعريءَ کي انهيءَ اوجهڙ مان ڪڍي نئين ۽ روشن راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ جنهن شخص سڀ کان وڌيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، سو آهي شيخ مبارڪ اياز. هن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مقبول صورتن، جهڙوڪ ڪافي، وائي، بيت، دوهي، ڇيڄُ کي وري رائج ڪيو آهي ۽ انهن کي نئون رنگ ۽ آب تاب ڏئي سنواريو ۽ سينگاريو آهي. هن روايتي شاعريءَ کان غزل جو سانچو وٺي ان ۾ نه رڳو سنڌي ۽ اصلي رنگ ڀريو آهي، پر ان کي وڌيڪ خوبصورت ۽ دلڪش بڻايو آهي. هن مغرب توڙي مشرق جون مقبول ۽ مشهور شعري صنفون- سانيٽ، ترائيل، آزاد نظم، جاپاني هائيڪو- سنڌيءَ ۾ رائج ڪيون آهن ۽ سنڌي شاعريءَ کي هيئت جي اعتبار کان بين الاقوامي سطح تي آندو آهي. هن موضوع جي اعتبار کان ماضي توڙي حال جي زنده خيالن ۽ تصورن کي نئين انداز ۽ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. فارسي شاعريءَ جي عظيم خيالن- تنگ نظري، تعصب ۽ ريا جي پرده چاڪي ۽ بي بيباڪي، شوخي ۽ سرمستي ۽ هندي شاعريءَ جي خوبصورت سادگي، ميٺاج، نرميءَ ۽ فطري حُسن، سندس شاعريءَ ۾ ته ڄڻ نئون جنم ورتو آهي. هن هڪ طرف موجوده دؤر جي بين الاقوامي سماجي قدرن، جهڙوڪ عوام دوستي، بين الاقوامي، جمهوريت پسندي، سماجي انصاف، جي ڀرپور ۽ پُراثر ترجماني ڪئي آهي، ته ٻئي طرف سنڌ ۽ وطن دوستيءَ جي قدرتي جذبن کي لافاني بڻايو آهي. هن سنڌي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ ۽ ماحول جي خيال کان هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ ان کي هڪ نئون جنم عطا ڪيو اٿائين. هن سنڌي شاعريءَ جي دامن کي حسين ۽ پيارين نج سنڌي تشبيهن، ترڪيبن، استعارن ۽ بندشن جي هڪ اٿاهه ذخيري سان مالامال ڪيو آهي ۽ پراڻين تمثيلن ۾ نيون معنائون ۽ نوان مفهوم ڀريا آهن.
    سندس شعر ۾ اهي سموريون خوبيون ڪي مٿان مڙهيل يا زور ڪري ٽُنبيل نه آهن، پر اهي قديم ۽ جديد قدر، اهي اعليٰ شاعراڻيون روايتون، اهي وسيع گوناگون موضوع سندس ذهن جي هيٺانهين تهن ۾ ائين جذب ٿيل آهن ۽ سندس اعليٰ شعور انهن کي اهڙيءَ ته خوبيءَ، صفائيءَ ۽ چٽائيءَ سان پروڙيو آهي، سندس دل انهن کي اهڙيءَ سچائيءَ ۽ شدت سان محسوس ڪيو آهي جو اهي خوبيون سندس شاعريءَ جو ضمير بڻجي ويون آهن. ان قيمتي مٽيءَ کي هن هڪ قابل ڪنڀار وانگر پنهنجي نراليءَ ڪاريگريءَ سان گهڙيو، چِٽيو ۽ سينگاريو آهي ۽ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، تنهن تي اعليٰ فن جي مهر لڳل آهي. انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ منجهس اهو قدرتي جوهر آهي، جو عظيم تخليقون پيدا ڪندو آهي، اها ڪيميا جا لوهه کي سون بڻائي ٿي، اها اڻ لڀ ۽ املهه شيءِ، جنهن کي ڏات چوندا آهن.
    درحقيقت سچي پچي شاعري اهو لکي، جو شعر کي پنهنجي سيني ۾ محسوس ڪري سگهي، جنهن جي روح ۾ موسيقي هجي، جنهن جي ذهن تي سچ ۽ سونهن جون کنوڻيون چمڪيون هجن. تنهن کان پوءِ عظيم شاعري ڪو آلجبرا جو حساب ڪونهي، جو هڪڙو ٻئي کي سمجهائي سگهي. اها پاڻ محسوس ڪبي آهي، ٻُڌائي نه سگهبي آهي. لطيف تي سوَن سالن کان اسان جا بزرگ لکندا اچن. سنڌي ٻوليءَ جون سموريون صفتون ۽ تعريفي اکر کُٽائي ڇڏيا اٿن، پر اهڙا سوين مقالا پڙهڻ کانپوءِ به ذهن تي اها ڪيفيت پيدا نٿي ٿئي، جيڪا لطيف جي ٻن سٽن کي پاڻ پڙهي ڏسڻ سان ٿئي ٿي. درحقيقت هر سال جيڪي بزرگ لطيف جهڙي ديوَ پيڪر، هماليه جبل جيڏي انسان کي خراج عقيدت ڏيڻ جي بهاني پنهنجي ذاتي راين جي تنجڻن ۾ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ کيس پنهنجي تنگ نقطه نظر جي پتڪڙي چيچ هٿ ۾ ڏئي، پنهنجي مرضيءَ موجب پيرڙيون کڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، تن جي خوداعتمادي ۽ خوشفهميءَ تي مون کي هميشه ساڳيءَ وقت کِل ۽ روئڻ ايندو آهي. آءٌ تصور ۾ ڪيتريون ٻليون ڏسندو آهيان، جي ڪنهن ڪيهر شينهن جي ڪلهي تي چڙهي، بزرگانه شفقت سان سندس پٺ ٺپري سندس سرپرستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون هجن. عظيم شاعري ۽ عظيم فن لافاني شيون آهن، اسين، جي فاني ۽ عراضي تماشائي آهيون، تن جي هر راءِ فنا جو بقا کي هڪ نماڻو سلام ٿي سگهي ٿو ۽ بس. بقا کي فقط بقا سمجهي سگهي ٿي، خود شاعر ۽ فنڪار به نه. ڇو ته شيڪسپيئر، فردوسي، غالب، لطيف، ڪاليداس، خيام ۽ ميران کي اهو وهم ۽ گمان ۾ به هوندو ڇا ته ايندڙ نسل سندن پويان هيئن چريا ٿي پوندا؟ اڃا ته دهلي دور آهي. اڃا ايندڙ صديون اينديون، اهي خدا ڄاڻي ڇا ڪن. اسين ته فقط ايترو چئي سگهون ٿا ته:

    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي،
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

    اياز جي شاعري به پڙهڻ جي شيءِ آهي، روح سان محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. لفظي وڍڪٽ ۽ آپريشن سان سمجهائڻ جي ڳالهه ڪانهي.
    اهو به ضروري نه آهي ته هرڪو شاعريءَ کي پسند ڪري. بوعلي سينا طب تي لافاني ڪتاب لکيا آهن پر اسان کي اهو پڙهندي ڪو لطف نه ايندو آهي، ڇو ته اسان جو ايڏانهن لاڙو ڪونهي. نزاڪت علي ۽ سلامت عليءَ جي قوالين جي هاڪ آهي، پر گهڻن لاءِ اهي ائين ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون، چيني ماڻهو خوبصورت راڳ ڳائين ٿا، ته اسين ڀانيون ته روئن پيا.
    اسين سنڌي ماڻهو هونئن به ايترو ته علمي طرح پوئتي پيل آهيون، ايترو ته زماني جا ستايل آهيون، جو اسان کي شاعري پڙهڻ جهڙي ذهني عيش جي فرصت ئي ڪانهي، تنهن ڪري اسان مان جيڪي خود شاعريءَ کي ئي واهيات شيءِ سمجهندا آهن، تن کي اياز جي شاعريءَ ۾ ڪجهه به نظر نه اچي، سڀ ڪجهه بڪواس لڳي، ته عجب جي ڳالهه ڪانهي. هو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن، پر جيڪڏهن توهان پنهنجن ٻين ڀائرن کان وڌيڪ خوش نصيب آهيو- توهان لطيف پڙهيو آهي، سچل پڙهيو آهي، توهان غالب، مير، رومي، فردوسي ۽ ٻيا شاعر پڙهيا آهن ۽ شعر جي جادوءَ کي جيءَ ۾ محسوس ڪيو آهي. جي توهان خوابن جي جنتن جو سير ڪيو آهي، ته پوءِ توهان کي اياز جي شاعريءَ جي دنيا جو به سير ضرور ڪرڻ گهرجي. هيءَ دنيا توهان جي ڏٺل وائٺل به آهي، ته بلڪل نرالي به آهي. هتي ماضي به آهي ته حال ۽ مستقبل به. سنڌ به آهي ته هند به، بلڪه سارو جهان به. سرڪ ۽ مرڪ به آهن ته لڙڪ به. حال اوندهه انڌڪار به آهي ته نور ڀري نيراڻ به. خوشي ۽ سرمستي به آهي ته پڇتاءَ جي پيڙا به. هتي خودي به آهي ته بيخودي بلڪه نيستي به. نهايت ساديون ۽ معصوم تمنائون ننڍڙا ذاتي غم ۽ خوشيون به آهن ته ابن آدم جي ازلي بدنصيبين، ڏکن، بکن ۽ موت جو ماتم به آهي.
    اياز اهو شهباز آهي، جو ڪڏهن ڏسو ته اکين تي کوپا چاڙهيو اوهان جي پڃري ۾ بند ٿيو پنهنجي حال تي ڳوڙها پيو ڳاڙهي ۽ خوشيءَ جي چوڳي ذري لاءِ پيو واجهائي ۽ اهو ملڻ تي بود ۾ ڀرجي نچڻ لڳي ٿو ته ڪڏهن ڏسو ته هڪ ئي ڀڙڪي سان مٿي، تمام مٿي نڪريو وڃي. انهن نامعلوم بلندين تي جتي پنهنجي ۽ ڌارئي، ديس ۽ پرديس، قوم، نسل، مذهب، ماضي ۽ حال ۽ مستقبل، خوشي ۽ غم، آس ۽ نراس، هستي ۽ نيستيءَ جون سرحدون نظر کان اوجهل ٿيو وڃن. جتان خود ڌرتيءَ جو هڪ لکها سالن کان ڦرندڙ گولو قابل رحم لڳي ٿو، جتي آگاهي ۽ ڄاڻ جون ننڍڙيون ٻيڙيون حيرت جي بي انت بحر ۾ غرق ٿيو وڃن. سندس نگاهه معموليءَ کان معمولي شيءِ روز مره جي نظاري تي به آهي، ته انهن حيرت انگيز منظرن ۽ ڪائناتن تي به آهي، جيڪي مادي وجود کان بي نياز آهن ۽ جن کي فقط تخيل جون اکيون ڏسي سگهن ٿيون. سندس سيني ۾ ڄڻ ته هزارها لکها دليون آهن، جي هر انساني جذبي، احساس، شعور ۽ لاشعور جي چرپر کي محسوس ڪن ٿيون ۽ ان جي موٽ ڏين ٿيون. سندس اظهار ۾ قيامت خيز طوفانن جي انڌي قوت به آهي ته چشمن جو سُريلو، جهيڻو سُر به آهي ۽ ڍنڍ جي بيٺل پاڻيءَ جو نشيلو سڪون ۽ موسيقي ڀريل ماٺ به. هو ٻوليءَ جو جادوگر آهي. سندس طلسمي ڏات جي اشاري ملڻ سان بظاهر معمولي ۽ مئل اکر اک ڇنڀ ۾ جيئرا ٿي معنيٰ ۽ مطلب جا رنگ برنگي ويس اوڍي ذهن جي اسٽيج تي رقص ڪرڻ لڳن ٿا ۽ دل جي تارن تي عجيب اڻ ٻُڌل ۽ حَسين راڳ ٻُڌائڻ لڳن ٿا. ننڊاکرن ۽ اٻوجهه لفظن کان هن اظهار جا اهي مُعرڪا سر ڪرايا آهن جو حيرت وٺيو وڃي، ته هنن ڄاتل سڃاتل لفظن ۾ ايڏي نواڻ، ايڏو مايو، ايڏيون گهرايون ۽ ايڏو مفهوم ڪٿان آيا؟ اها ٻولي جنهن ۾ هيستائين صرف وچولي دؤر جو فڪر ۽ شعور پيش ٿي سگهيو آهي، سا هڪڙي ئي چال سان صدين جو سفر طئي ڪري دؤر جديد جي جديد ترين خيالن جي اظهار جو وسيلو بڻجي وئي آهي. نج سنڌي اکر نج سنڌي تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون اياز جي شاعريءَ جو مکيه ۽ مرڪزي جزو آهن. سندس هر سٽ ستن پاڻين ۾ ڌوتل آهي، لفظ لفظ گهڙيل ۽ سنواريل آهي.
    اياز جي شاعري ڪنهن هڪ فرد جي خالص ذاتي ڪرامت ڪانهي، اها سنڌ بلڪه دنيا اندر شعر ۽ فڪر ۽ شعور جي صدين جي ارتقا جي خاص منزل جو هڪ خوبصورت ۽ شاندار نشان آهي. مشرق ۽ مغرب جي قديم ۽ جديد عظيم شعري ورثي شيڪسپيئر، بائرن، شيلي، ڪيٽس، بادلير، ميران، خيام، رومي، حافظ، لطيف، سامي، سچل ، بيوس جي شاعريءَ جي پس منظر جي غيرموجودگيءَ ۾ اياز جي شاعريءَ جي وجود ۾ اچڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن کيس شاهه عنايت، لطيف، سچل، سامي ۽ بيدل جي سنواريل ۽ اُجاريل سنڌي زبان ۽ اندازِ بيان ورثي ۾ نه ملن ها ته منجهس اها دلربائي، اها اٿاهه ڪشش ۽ نفاست هرگز نه ملي ها. ساڳيءَ طرح مشرق ۽ خاص ڪري سنڌ جي مخصوص سماجي ۽ تاريخي حالت ۽ اڄوڪي سماجي ۽ فڪري ماحول کان سواءِ به اها شاعري اها نه هجي ها جيڪا آهي.
    پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود بلڪه ڪنهن حد تائين انهن ڳالهين ڪري ئي اياز جي شاعري سنڌ اندر هن دؤر، هن صديءَ جي عظيم ترين اڪيلي ادبي حقيقت آهي.
    زوال پذير تڪبند شاعريءَ واري لمبي مرض الموت کان پوءِ سنڌي شعر جو نه رڳو جيئرو رهجي وڃڻ پر ان ڦوهه جوڀن تي رسڻ، جنهن تي اياز کيس رسايو آهي، سو هڪ عظيم ادبي معجزي کان گهٽ ڪونهي. وطن جي خاڪ انهيءَ ڪرشمي تي جيترو به فخر ۽ ناز ڪجي سو گهٽ آهي.
    اياز جي شاعريءَ ۾ ڪو نُقص آهي ته اهو هيءُ ته هو سُٺو قصيده گو ڪونهي، تنهن ڪري سرڪاري شاعر بڻجڻ جي سعادت کان محروم رهجي ويو آهي، بلڪه سرڪار نامدار مڪاني چغلخورن ۽ ادبي جاسوسن جي رپورٽن تي سندس ڪلام جي هڪڙي مجموعي جي ڪن صفحن تي بندش وجهڻ فرمائي آهي ۽ اهڙيءَ ريت اسان جي چغل برادريءَ کي کڳيون هڻڻ ۽ جهمريون پائڻ جو موقعو عنايت ڪرڻ فرمايو آهي.
    پر انهن بندشن ڪري ڇا ٿو ٿئي؟ هيءُ ته ڪتاب آهي، پر تاريخ ۾ پڙهيو اٿئون ته انگلينڊ جي ڪنهن زنده دل بادشاهه مورڳو سمنڊ جي لهرن تي به بندش وجهي ڇڏي هئي ته “خبردار اڳتي نه وڌجو!” محمود غزنويءَ به فردوسيءَ تي بندش وڌي هئي. آفريڪا جا ڪيترا قبيلا اڃا تائين سج تي تير اُڇلائي ان کي ڊوڙائي ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. سج، چنڊ، سمنڊ ۽ شعر تي بندش وجهڻ وارا بندشون وجهندا رهندا آهن. سج ۽ چنڊ چمڪندا رهندا آهن ۽ سمنڊ ۽ شعر موجون ماريندا رهندا آهن.

    سهسين سائر ٻوڙيون، منڌ ٻوڙيو مهراڻ،
    وه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.

    (شاهه لطيف)

    درحقيقت هيءُ دؤر سنڌي ادب جي سڀ طرفي واڌاري، اوسر ۽ نيسَر جو دؤر آهي. ادب ۽ شعر جي باغ جا سمورا ٻوٽا سرسبز آهن. شعر، افسانا، مضمون، تنقيدون، داستان، قصا، لوڪ ڪهاڻيون، ناول، تحقيقي مضمون وغيره هڪٻئي جي پٺيان ميدان ۾ اچي رهيا آهن.
    سنڌ ۽ هند ۾، سنڌي ادب جي ميدان ۾ مرد خواه عورتون، هر وقت نوان تجربا، نيون ڪوششون ۽ نيون تخليقون پيش ڪري رهيا آهن، جن جي پوري جائزي لاءِ مڪمل ڪتاب کپن.
    سنڌي ادبي بورڊ، ان جا ڪتاب ۽ ان جي لوڪ ادب اسڪيم هڪ طرف ته “مهراڻ”، “نئين زندگي”، “روح رهاڻ”، “نئين دنيا”، “ڪونج” وغيره رسالا ٻئي طرف ته اخبارن جا ادبي صفحا ٽئين طرف- مطلب ته سنڌ جو ادبي قافلو پوري جوش خروش سان اڳتي گامزن آهي.
    منزل برابر دور آهي. ٻيا اسان کان اڳتي، گهڻو اڳتي آهن، پر اسين اوجهڙ مان نڪري چڪا آهيون.
    اها حالت ڏسي اهي جيڪي پاڻ وِک کڻي نٿا سگهن، جيڪي پاڻ چُرڻ کان لاچار آهن، سي ڏنڊا کڻي بيهي رهيا آهن، ته خبردار متان اڳتي وڌيا آهيو! جيڪو ويهي پنڪيون نٿو کائي، اُٺ پکيءَ وانگر ريتيءَ ۾ سسي نٿو لڪائي، چمڙي وانگر روشنيءَ کان نٿو لڪي، سو ڪافر اهي، دهريو آهي، اسلام جو دشمن آهي.


    (9)

    ڌم ڏيهاڻي ڏي سندا ميهر مهڻا،
    جهليم سي جهوليءَ ۾ پلئه پايوسي،
    مرجان چاليهه چي سڱا سپرين جي.

    (شاهه لطيف)

    ڪجهه عرصي کان نام نهاد “اسلام دوست” نقادن جي هڪڙيءَ گئنگ، هڪڙي سنڌي اخبار جي شوشي باز ايڊيٽر جي سرڪردگيءَ هيٺ، شيخ اياز، گرامي ۽ ٻين سنڌي اديبن تي ڪِريل ۽ ناشائسته حملا ڪيا آهن، جي ڪِريل ذهنيت، اٿاهه جهالت ۽ سستي شهرت جي بي انتها بُک جو نتيجو آهن. اهي اپاهج ۽ لولن ذهنن ۽ ناڪام هوس جو، ڪمال ۽ ڏات کان بدترين ۽ ڪمينو انتقام آهي. هي شخص سکڻيون ڪُنيون آهن، جيڪي گهڻو اُڀامن ٿيون، ٺلها چڙها آهن جيڪي گهڻو وڄن ٿا. هنن جي لفظ لفظ ۾ حسد، ڪيني، بغض ۽ ساڙ جا ٽانڊا ۽ فتني ۽ تعصب جو زهر آهي. هي جاهل ۽ ڪم ظرف شخص اهل ڪمال ۽ اهل سخن تي ٺٺوليون ڪن ٿا، کين بد شد ڳالهائين ٿا ۽ کين ڌمڪيون ڏين ٿا. هي جهالت جي اونداهن ٻرن ۾ لڪيل چمڙا ۽ ويران کنڊرن ۾ ويٺل لڪيل چٻون ادب ۽ فن جي آسمانن تي پرواز ڪندڙ شهبازن تي ڏند ڪڍي کِلن ٿيون، اهلون ڪن ٿيون، ۽ ڪانگن ۽ ڪٻرن جو داد حاصل ڪري، ڦونڊ ۾ ڀرجي نچن ٿيون. هنن تنقيد جي شريفاڻي لباس ۾ مڪريل، گلاخور ۽ چغلباز ڌوتين وانگر، اخلاق ۽ شرافت جا ليڪا لنگهي، سٿڻون گوڏن کان مٿي کڻي، سنڌ ۾ هڪ زناني ويڙهه شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ تاڙ پئي لڳي، يار چگهه پيا نڪرن ۽ ڪچين گارين جو ڌوڙيو پيو پوي. هنن هڪ اهڙو تماشو شروع ڪيو آهي، جو جيڪڏهن اردو يا ٻين ٻولين وارا سُڻي سمجهي سگهن ته جيڪر سنڌين جا ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃن. دنيا حيران ٿي ويندي ته ڇا هيءُ آهي تنقيد جو معيار ۽ هيءَ آهي فهم ۽ سُخن جي پرک ۽ ان جو طريقو؟ هنن شخصن جيڪو ادبي سانگ رچايو آهي، تنهن ۾ پاڻ کي ادب جو ڪوٽوال مقرر ڪيو اٿن. اديبن جي زبان بند رکڻ لاءِ هو مٿن ڪفر ۽ الحاد، ڪميونزم ۽ بداخلاقيءَ جي الزام جا ڏنڊا اُلارين ٿا، سندن ادبي تخليقن کي پنهنجين ٽيڏين اکين سان گهورين ٿا، ته کين اهي ٽيڏيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. افسانا ٽيڏا، شعر ٽيڏا، مضمون ٽيڏا، بلڪه سري کان ئي مڙئي ڪتاب ۽ رسالا به ٽيڏا! جيڪا ڳالهه سندن تنگ ۽ تاريڪ دماغ ۾ ماپجي نٿي سگهي، سا ڪفر آهي، الحاد آهي. نه رڳو محب وطن ۽ عوام دوست اديبن ۽ سندن تخليقن تي هي واهيات ۽ شرانگيز حملا ڪن ٿا، ۽ سندن پويان ڀنڊي ٻارين ٿا، بلڪه انگريز پوليس جي چغلخور ۽ دلالن وانگر سرڪار وٽ به چغليون هڻن ٿا. چي فلاڻو اديب خطرناڪ آهي، ان کي جيل ۾ وجهو، فلاڻو شاعر دهريو آهي، ان کي سنگسار ڪريو، فلاڻي کي نوڪريءَ تان لاهيو، ۽ فلاڻي تي ڪارروائي ڪريو! هنن جو وس پڄي ته هوند سمورا ڪتاب، جي سندن سمجهه کان ٻاهر آهن، سي ساڙائي ڇڏين ۽ سڀني اديبن کي ڦاهيءَ تي چاڙهائي ڇڏين. سندن لهجو ادبي سنجيدگيءَ ۽ علمي توازن بدران مڇيءَ مياڻ واري بدزبانيءَ، شودن جي بازار واريءَ داداگيريءَ جو بدترين مثال آهي. جتي ادبي دنيا ۾ “ادب براءِ ادب” ۽ “ادب براءِ زندگي” جو بحث پيو هلي، اتي هي وري پنهنجي “يخي براءِ يخي” ۽ “فتنو براءِ فتنو” جا منصبدار بڻيا بيٺا آهن.
    درحقيقت جعلي اديبن ۽ نقلي نقادن جي هيءَ ننڍڙي ٽولي، هٽلري جرمنيءَ جي انهيءَ عوام دشمن ۽ رجعت پسند گسٽاپو پوليس جي ايجنٽن جو نئون روپ آهي، جن گوئبلز جي اڳواڻيءَ هيٺ اٽڪل ٽيهارو سال اڳ جرمنيءَ ۾ محب وطن ۽ عوام دوست اديبن خلاف رڻ ٻاري ڏنو هو. کين يهودي، ڪميونسٽ ۽ غدار ٺهرائي، ڪن کي جلاوطن ڪرايائون، ڪن کي نازي تهخانن جي جهنم ۾ عذاب ڏياريائون. ڪن کي مشينن ۾ پيڙايائون ۽ ڪن کي رستي هلندي شوٽ ڪرايائون. جرمنيءَ جا عظيم ترين فرزند، ٿامسن مئن (شهر آفاق ناولن “يد نبروڪ ڪٽنب” ۽ “جبل” جو مصنف)، آئنسٽائن (ويهين صديءَ جو عظيم ترين سائنسدان) ۽ هزارين ٻيا اديب، فنڪار، مُصور، دانشور، موسيقار ۽ اهل ڪمال انسان انهن نام نهاد نقادن جي بهتان بازي ۽ الزام تراشيءَ جو شڪار ٿي ويا. تان جو جرمنيءَ ۾ ڪن ٿرڊ ڪلاس، بي ضمير ۽ مسواڙي ليکڪن ۽ فنڪارن کان سواءِ ڪوبه صاحبِ ڪمال ڪونه رهيو. هي رنگروٽ ڄامڙا، مسولنيءَ ۽ هٽلر جا نازي نمائندا، سنڌ سان به اها ئي ڪار ٿا ڪرڻ گهرن. جيئن وتائي فقير اهڙن ماڻهن لاءِ چيو هو ته سڄو جهان عيد جي ڏينهن مري وڃي، باقي آءٌ ۽ امان وڃي رهون، پوءِ امان ۽ آءٌ گڏجي ماڻهن جا ڀت ڍوئي گڏ ڪريون، پوءِ امان به مري وڃي، باقي رڳو وتايو ۽ ڀت وڃي بچن، سو هن ننڍڙيءَ ٽوليءَ جي به مرضي آهي ته سنڌ جا هڙئي اديب ۽ شاعر ميڙي جيل ۾ وجهي ڇڏجن، باقي کين ڇڏي ڏجي ته پيا چٻرن وارا چرڙاٽ ڪن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پنهنجي روزاني اخبار ۾ هڪڙو ڪوڙن جو ڪارخانو ۽ فتنن جي فيڪٽري کولي آهي، جنهن ۾ پراڻن اوزارن يعني کريل ٿرڊ ڪلاس ڪوڙن الزامن ۽ گارين تي مذهب ۽ اخلاق جا روغن لڳائي، مٿانئن انگريزي پالش ٿڦي چلڪائي، وڏي پئماني تي سپلاءِ جو ڪاروبار شروع ڪيو اٿن. پنهنجي گدام ۾ جيڪي انهيءَ گاسليٽي مگر چلڪندڙ مال جا کوکا ڀريو ويٺا آهن، تن ۾ سڀ کان چالو جنس “دهريت” ۽ “ڪفر” جي ليبلن چنبڙائڻ جي ڪل آهي. اهو سندن خاص ۽ پيارو هٿيار آهي. کين ان تي ايترو ناز آهي، جيترو آمريڪا کي ائٽم بم تي به ڪونه هوندو. جيئن روس ۽ آمريڪا جا راڪيٽ تيار آهن، رڳو بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي، تيئن انهيءَ گئنگ جون فتوائون تيار آهن. ڪنهن تي ڪاوڙيا ته سٽ ڏئي پنو کڻي، لکندا شيطان جي آنڊي جيڏا ليک ته فلاڻو شعر، فلاڻي سٽ غيراسلامي آهي، فلاڻو اديب بي دين ڪافر ۽ ڪميونسٽ آهي، وجهوس جيل ۾.
    هن گئنگ تنقيد جي پردي ۾ نئين دؤر جي اديبن ۽ شاعرن خلاف جيڪا فتنه انگيز پروپئگنڊا شروع ڪئي آهي، تنهن ۾ هن بار بار مذهب ۽ دين جي آڙ ورتي آهي. هنن چالاڪ ۽ عيار پروپئگنڊا بازن کي خبر آهي ته هتي جي سادي سودي ۽ اٻوجهه عوام کي برغلائڻ ۽ اشتعال ڏيارڻ لاءِ مذهب جي آڙ وٺڻ جهڙو ٻيو ڪارگر هٿيار ڪونهي.
    آخر جڏهن سمگلر ۽ بليڪ مارڪيٽر به پنهنجي نيڪ ڪمائيءَ مان بڻايل بنگلن تي “هٰذا من فضل ربي” جي آيت اُڪرائي ڇڏين ٿا، جڏهن هر عقلمند پنهنجي توفيق آهر دين جي نالي کي استعمال ڪري پنهنجا مطلب پورا ڪري سگهي ٿو، تڏهن اسان جي نقلي نقادن ڪهڙي ٻلي ماري آهي، جو دين جي نالي مان رڳو ايترو به فائدو وٺي نه سگهن، جو مفت ۾ سستي شهرت ۽ انتقامي تسڪين ئي حاصل ڪن.
    رهيو نقاد هجڻ جو سوال، سو جتي ڊسپينسر ۽ ڪمپائونڊر جراح ۽ ڊاڪٽر سڏائي موجون ڪري سگهن ٿا، جتي پساري مسيح الملڪ بڻجي سگهن ٿا، جتي مئٽرڪ فيل وزير بڻجي سگهن ٿا، اتي هي همراهه ڇو نه نقاد بڻجن؟ آخر، هي انگريزي، سنڌي، اردو لکي پڙهي ڄاڻن، شعر ۽ ادب جو ٻيو نه ته به نالو ضرور ٻُڌو هوندائون، پوءِ کڻي تنقيد جي دعويٰ ڪيائون ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي پئي؟ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. وقت تي ماڻهوءَ کي الائي ڇا ڇا ڪرڻو ٿو پوي، پر مصيبت هيءَ ٿي آهي، جو همراهه مسخريءَ مسخريءَ مان، سچ پچ بم رکي، مُڇن کي تاءُ ڏئي، باقاعدي بورڊ هڻي “نقاد اعظم” بڻجي، بالم ٿي ويهي رهيا آهن.

    بس، زمين، جنبد، نه جبند گل محمد!
    حضرت داغ جهان بيٺ گئي، بيٺ گئي.

    ڊاڪٽر خليل جي هڪ افساني “باغائي” ۾ هڪ ٻڍي باغائيءَ کي نئين مالڪياڻيءَ سندس پوکيل باغ مان ڪڍي ڇڏيو. هن اعتراض ڪيو ته باغ مون هنيو آهي. مالڪياڻيءَ چيس ته، “نڪر ٻاهر، هيءُ باغ قانوني طرح منهنجي ملڪيت آهي.” انهيءَ حادثي ڪري باغائي ويچارو چريو ٿي پيو ۽ چوندو پيو هو ته، “باغ منهنجو ناهي، جو قانون ۾ ائين لکيل ڪونهي.” تڏهن چرين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر خليل سندس علاج خاطر ڪوڙا پروانا لکي ڏنس ته هي اسپتال جو باغ تنهنجي ملڪيت آهي ۽ قانون ۾ ائين لکيل آهي. پوءِ هو ڏاڍو موج سان ڪاغذن جا ٿها بغل ۾ کڻي، سڀني کي ڏيکاري، چوندو وتندو هو ته “هيءُ باغ منهنجو آهي، قانون ۾ ائين لکيل آهي.”
    سو هي همراهه به هاڻي گارين جا دفتر بغل ۾ کڻي، سڀني کي چوندا وتن ته “اسين نقاد اعظم آهيون. قانون ۾ ائين لکيل آهي.”
    اچو ته ڏسون ته قانون ۾ سچ پچ ڇا لکيل آهي؟
    هنن پنهنجي چارج شيٽ ۾ شيخ اياز، تنوير، رباني، جمال ابڙي ۽ ٻين نئين دؤر جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن تي جيڪي تهمتون مڙهيون آهن، تن ۾ مکيه الزام هي آهن ته سندن شعر ۽ ادب دين ۽ مذهب جي خلاف آهن. هنن سندن تخليقن مان ڪي حوالا ڏئي، مذهب ۽ اخلاق جون حجتون اُٿاري،، شد مد سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندن نظريا ڪافرانه ۽ ملحدانه آهن، هو بداخلاق، دهريا ۽ سوريءَ تي چاڙهڻ جي لائق آهن.
    جنهن ديده دانسته بدديانتيءَ ۽ شرانگيزيءَ سان هنن انهن جملن ۽ شعرن جي دستوري ۽ قدرتي معنيٰ کي لڪائي، سندن لفظن کي ڇڪي تاڻي، مروڙي سروڙي، مٿن هٿرادو معنائون ۽ مطلب مڙهيا آهن، تنهن کي في الحال ڇڏي، اچو ته ڏسون ته ادب ۽ خاص ڪري شعر تي انهيءَ ڪٽر ۽ تنگ نظريءَ واري رنگ ۾ نڪته چيني ڪرڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا.


    (10)

    ڦريا پسي ڦيڻ،
    کرين کير نه چکيو.

    (شاهه لطيف)

    اچو ته ٿورين گهڙين لاءِ پنهنجين اکين تي انهن نقلي نقادن جي اکين واري تنگ نظريءَ، ڪَج فهميءَ، ڪَج بحثيءَ ۽ مجهوليت جا کوپا چاڙهي، ادبي دنيا تي نظر وجهون ته ڪهڙا ڪرشما ٿا نظر اچن!
    چڱو، هاڻي پريان ڏسو ته ڪير پيو اچي؟ آهي ته ڏٺل وائٺل، پر اڄ هنن کوپن چاڙهڻ ڪري سڃاڻڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. الائي ڇو سندس شڪل بگڙيل، ڀوائتي ۽ ڊيڄاريندڙ پئي لڳي! اکين مان اُلا پيا نڪرنس! ڪير آهي؟
    اجهو، ڪجهه پنهنجي منهن پيو ڳالهائي، ڪن لائي ٻُڌونس ته ڇا پيو چوي:
    “نوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جهان ۾،
    ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!

    واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي وٿ،
    سو سڀيئي سڱيون، پسي ڪين م ڪٽ،
    ويساهي ويل ڪنهين، پورب ويندو پٽ،
    هل کنيائون هٿ، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!

    نانگا نانيءَ هليا، سامي سڀيئي،
    وهڪ مون ويئي، آءٌ نه جيئندي ان ريءَ!

    (ڇا! تڏهن مسلمان ڪونهي! ڪنهن هندو جوڳيءَ جو چيلو آهي. گرو ويو هليو اٿس، تنهن کي ياد پيو ڪري)،
    ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چير،
    سدا ويهن سامهان، عاشق اتر هير،
    تسيا ڏيئي تن کي، ساڙيائون سرير،
    جي فنا ٿيا فقير، هلو تڪيا پسون تن جا!

    سامي کامي پرينءَ لئي، ڪسي ٿيا ڪباب،
    جهڙو ڏسن ڏوهه کي، تهڙو ڪن ثواب،
    اوتين ارتي گاڏئون، منجهان اکين آب،
    سندو ذات جواب، ڪهڙو پڇين تن کي!

    (مار، هيءُ ته ڪو دين کان نڪتل آهي! نڪو ڏوهه نڪو ثواب، نڪو بهشت نڪو دوزخ، هي ته ٻنهي پٿرن مان ٻاهر آهي. ڪو ڪَٽو ڪافر ٿو ڏسجي!)

    اکر پڙهي اُڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪياءُ؟
    ڀيرئين ۽ ڀانئيين، ايڏا ايئن نه آءُ،
    ورق ورائيين وترا، ملا مٺيئي ماءُ،
    ان سرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي!

    عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا،
    منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.

    (استغفرالله ربي! پيغمبرن جي وارثن عالمن سڳورن جي شان ۾ گُستاخي ۽ شيطان ملعون جون ساراهون!)

    گهٽن ۽ گهٽڪن، وٽيون پين وه گاڏيون،
    برخيز بده ساقي، پيار کي پرين،
    پڪين نه پرچن، سٽ تڪيائون منجهيان!

    موکي منڌ پيار، اونچو اونچي مٽ مان،
    ڏيندي ڏاتارن کي، وٽيءَ وجهه مَ وار،
    سر کڻي سردار، اڱڻ تنهنجي آئيا.

    جه سي اڱڻ آئيا، ته سرو ڪندا سڃ،
    سائي ٿيندي اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪي!

    ڪنڌ ڪٽارو، منهن وٽي، عادت سندن ايءَ،
    تنين تڪون ڏنيون، جنبي منجهان جيءَ،
    سرو تن سسيءَ، جنين سانگ نه ساهه جو.

    (وڏو ڪو گڙنگ موالي ۽ شرابي آهي! ماڻهن جا اخلاق ٿو خراب ڪري، کين حرام شين جي ترغيب ٿو ڏئي، بدعتي ۽ رافضي آهي!)

    موکي متارن جا، ننڍا ڪيم نهار،
    ساماڻا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
    ناڻو ڪيم نهار، سر پڻ ڏيندا سٽ ۾.

    (هاڻي ته ليڪو لنگهي ويو! ننڍن ڇوڪرن کي به آڀاري، شرابي بڻائي، سندن خانو خراب ٿو ڪري!)

    رات سهائي، ڀونءِ، سنئين، پرت نئين، پنڌ پور،
    ميا! محبوبن جي، هلي وانءُ حضور،
    جي چڻڪن چت ۾، سي ڪيئن سڄڻ ڏور،
    الله لڳ اسور، اُتان ئي ٿي آءُ تون.

    چنڊ چٽائي تنهنجي، سهائيءَ ۾ سور،
    لايان لعل لڱن کي، چندن ڀري ٻور،
    ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرين کي!

    اُڀر چنڊ، پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور،
    سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
    پيرين آءُ نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻور،
    جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ سيٽيان.

    (بداخلاقيءَ، حرامڪاريءَ جون کُلم کُلا ڳالهيون! هيءَ ڇوري ڪنهن لوفر سان کري پئي آهي. بي حيا، اُٺ کي پيئي منٿون ڪري ته نئين نئين سنگت رکي اٿم، تڪڙو هلي يار وٽ پهچائينم ته اڇو منهن ڪريان. چنڊ ٿو اڀري ته ڄڻ هن کي ٽيهڙ تپ چڙهيو وڃي.)
    حرامخور، چوي ته پنهنجي نازڪ بدن کي چندن جي خوشبوءِ ملي، يار لاءِ تيار ڪيو اٿم، پر هو آيو ئي ڪونهي ۽ منهنجو جسم ڪومائجي ويو آهي! يا وري خيال پيئي ڊوڙائي ته چگهس بدن کي ڪپور ملي اڱڻ ۾ ستو پيو آهي. ڀانئي ته پڻس بغيرت ٿي کيس گهوڙي تي چاڙهي وڃي يار جي حوالي ڪري اچي، جو سدوريءَ ڌيءَ کي پنڌ نٿو پُڄي. ههڙي بي حيائي ۽ بي غيرتي ڪنهن ٻُڌي؟)

    جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مل،
    سمي جي سهاڳ جي ڪنهن نه پيئي ڪل،
    مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.

    جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾،
    مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
    فڪان قاب قوسين اوادنيٰ، ايءُ سريس مڪان،
    خبر لاءِ خليل جي قادر مڪو قرآن،
    ايءُ آگي جو احسان جنهن هادي ميڙيم ههڙا!

    (لاحول ولا قوت الا بالله العلي العظيم! جکري سمي کي هيءُ گستاخ “رسول” ڪري ٿو سڏي؟ چه نسبت خاڪ را باعالم پاڪ! قادر جکري تي قرآن موڪليو؟ خدا جي پناهه! رب منهنجا، تون پناهه ڏي هن ڪفر کان!... ڇا ٿا چئو؟ جکري کي رسول پاڪ نه، پر رسول پاڪ کي “جکرو” ٿو ڪوٺي؟ نعوذ باالله من شرذالڪ! اهو ته اڃا به بدتر ٿيو. شرف ڏيڻ لاءِ اعليٰ شين جو نالو ڏبو آهي. رسول پاڪ کي شرف ڏيڻ لاءِ ته کيس “احمد بلاميم” چئبو آهي، خاتم المرسلين سڏبو آهي. توبهه، فخر موجودات، سرور ڪائنات، خيرالبشر کي ڦيرائي “جکرو سمو” ڪيو اٿس... توبهه توبهه !)

    نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
    ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، سڀني آهي سياءُ،
    لم يلد ولم يولد، ايءُ نجابت نياءُ،
    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچيءَ ڄام جو.

    (هاڻ ته حد ٿي وئي! لم يلد ولم يولد، يعني نه ڪنهن کي ڄڻي ٿو ۽ نه ڪنهن ڄائو اٿس، سا ته الله تبارڪ و تعاليٰ جي صفت آهي. ذات باري تعاليٰ کي “تماچي” سڏڻ يا تماچيءَ کي خدا جون صفتون ڏيڻ نِسورو شِرڪ، نِسورو ڪُفر!)

    اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
    لهي وڃ گمان، صحي سڃاتم سپرين.

    پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
    ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

    (تنهن جي معنيٰ ته محبوب پُنهون پاڻ آهي. عاشق ڪيئن محبوب ٿيندو؟ سسئي ڪيئن پنهون ٿيندي؟ هيءُ ته سنئون سڌو گمراهه صوفين وارو “اناالحق” وارو نعرو آهي ته اسين پاڻ خدا آهيون. نعوذ بالله!)

    ڪافر ٿي نه ابهين، باب شرع جا ڇڏ،
    من مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿين وصال کي.

    (يعني ته اسلامي شريعت جا منڪر ٿي وڃي ڪافرن ۽ مشرڪن ڀيڙا ٿيو! هيءَ ڪافر بڻائڻ جي تحريڪ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڀارت جي مهاسڀائي هندن جي شديءَ جو پرچار آهي. هيءُ شخص پڪ ڀارت جو ايجنٽ آهي! ڏسو نٿا ته رڳو واڻين جون خبرون پيو ڪري.)

    اُڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،
    آڻيو آکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.

    جنين ڪارڻ مون ٿي تڙ پوڄارا پوڄيا،
    پنيم اُميدون، سي ئي سڄڻ آئيا.

    جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،
    سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.

    ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    ان کي مند اُتر جي اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پريئن پار جي.

    روح ۾ رهين رام، ٻهر ٻولين ڪي پيو،
    پيالو پُر ڪري، خوب پيتائون جام،
    تهان پوءِ تمام، تن تڪيا تاڪي ڇڏيا.

    نڪي هيٺ نه بيٺ، نڪي گبرين ۾،
    رام ڪيائون ڏيٺ، وڃڻ ڪين ڪلهي ڪيو.

    اڄ نه اوطاقن ۾، دونهين ڌنڌ نه لاٽ،
    ويا ويراڳي نڪري چت چکائي چاٽ،
    آءٌ ماريس تنهين ماٺ، جيجان جوڳيئڙن جي.

    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    سُک نه سُتا ڪاپڙي لاهي لانگوٽي،
    انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته پر گروءَ جي پار،
    هوائون هنگلاج ڏي ويندي سڀ وسار،
    نانگ ناٿ نهار، سامي وڏيءَ سڪ سين.

    (ڳالهائڻ ۾ جوش ۽ جذبو ڏسوس ٿا؟ اکيون ته ڪيئن پيون ٻرنس! جي روس جو موڪليل ڪو ڪميونسٽ انقلابي هجي ته به عجب ڪونهي! ماڻهن کي ڏسو ته ڪيئن نه پيو ڀڙڪائي):

    پتنگ چائين پاڻ کي، پسي مچ مَ موٽ،
    سهائي سپيرين جي گهڙ ته ٿئين گهوٽ،
    اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين!

    ڌوڌا تون نه ڌئين، آگ اوڏو نه اچين،
    اُلا جي عشق جا سي تان تون نه سهين،
    اُڀو ايئن چئين، ته آءٌ آڳڙيو آهيان.

    ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
    مترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،
    اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي!

    چڙهيو چڪاسين چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
    وهسن واڙيءَ ڦل جيئن، محبتي مچ لاءِ،
    آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾!

    محبت جي ميدان ۾ ڪر پڙاڏو پٽ،
    سر سوريءَ، ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪٽ،
    عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي!

    ڪنڊا مون پيرين ۾ توڻي لک لڳن،
    آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن،
    ويندي ڏانهن پرين، جُتي ذات نه پائيان!

    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا!

    (غريب عوام ۾ بي آرامي پيدا ڪرڻ ۽ طبقاتي ڪشمڪش پيدا ڪرڻ لاءِ، غريبن جي همدرديءَ جا نعرا پيو هڻي.)

    کاهوڙي کجن، پسيو پورهيت ويسرا،
    سي ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رڃن جي رهن،
    ڪامل آهي تن مون پريان جي ڳالهڙي!

    (مطلب اٿس ته “پورهيت” ۽ مزدور طبقي کي ويسرو ۽ غافل ڏسي “کاهوڙي” يعني ڪميونسٽ انقلابي اڳواڻ افسوس ٿا ڪن: وٽن ڪو مخفي پيغام آهي، جو هو عوام کي ٻُڌائڻ چاهين ٿا!)

    سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيٿرا،
    سا جوءِ ڏوري آئيا سونهان جت منجهن،
    ڳُجها ڳُجهون ڪن، تنهان پرائي پنڌ جون!

    (وري به اهو ئي ساڳيو “مخفي پيغام!”)

    پيئي جنين باس گنجي ڏونگر گام جي،
    ڇڏي سڀ لباس لوچي لاهوتي ٿيا!

    پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو،
    ڇڏي کيٽ کرو لوچي لاهوتي ٿيا.

    پيئي جن پڻي گنجي ڏونگر گام جي،
    ڇڏي ننڊ گهڻي لوچي لاهوتي ٿيا!

    (اهو “گنجو ڏونگر گام” شايد روس کي ٿو ڪوٺي، جنهن جي حرص ۾ جيڪو ويو، سو ڇُٽو. هيءُ شخص ماڻهن کي ڪميونسٽ بڻجي روس وڃڻ لاءِ پيو هرکائي!)

    متان گهڙين سهڻي، اڄ درياءَ ۾ دم،
    ڪاري رات ڪُنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم،
    متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريون.

    پڇي پاڙي واريون، ڪوهه ڪريندو ڏم،
    ڪاريءَ رات ڪُنن ۾ آهي ڪاڻيارن ڪم،
    هي هڏو ۽ چم، گهوريو محب ميهار تان!

    سندو ڏم ڏهڪار هڏهين ڪونهين هن کي،
    هيءَ پاڻيءَ سين پنهنجو پسائي نه سينگار،
    ڪارڻ منڌ ميهار ڪاريءَ رات ڪُن تري.

    (ڀلا اها سهڻي ڪير هئي؟ گهر گهاٽ ڪونه هوس ڇا جو رات جو ٿاٻا پئي کائيندي هئي؟... ڏم نالي هڪ ماڻهوءَ جي زال هئي. هڪڙي ميهار سان عشق ٿي ويس. حرامخور چئبي ٻيو ڇا! پوءِ؟ رات جو لڪيو گهڙي تي تري يار وٽ ويندي هئي... زانياڻي، بي حيا ڪنهن جاءِ جي! پر هيءُ شخص ته اهڙيون تعريفون پيو ڪريس ڄڻ ته ڪا ولياڻي هئي!)

    ته ڪر ڪئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
    هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏ هين تان نه هئي،
    چڪي تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
    سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
    هونئن به هوندي مئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا!

    (چئبو ته هن جو خيال آهي ته سڀ رنون مڙس ڇڏي وڃي يار هٿ ڪن ته نالو ٿئين! هيءُ شخص ماڻهن جو مٿو وڃائي ڇڏيندو، جي بدڪار رنن کي ايتري هُشي ملي ته پوءِ ڪهڙي پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ويهندي!)

    جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
    چوٽا تيل چنبيليا ها ها هو هميش،
    پسيو سونهن سيد چئي نيهن اچن نيش....

    اهي وري ڪير آهن؟
    “واڃاڻيون!”
    “ڇا ٿيون ڪن؟”
    “ماڻهو ڦاسائينديون هيون.”
    “ڪير؟ ڪير؟”
    “جيڪو به اچي! هو چئي ڪين پيو:”

    هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اُڇل،
    نڪا جهل نه پل، سڀ ڪو پسي پرينءَ کي.

    هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي گهڙجي نيهن،
    نڪا رات نه ڏينهن سڀ ڪا پسي پرينءَ کي.

    “رات ڏينهن!”
    “ٻيو ڇا”
    “پر هيءُ شخص انهن بدڪارن جي ساراهه ٿو ڪري؟”
    “ٻيو وري ڇا؟ ٻُڌا!”

    جهڙا پانن پن تهڙيون شالون مٿن سايون،
    عطر ۽ عنبر سان تازا ڪيائون تن،
    مڙهيا گهڻو مشڪ سان چوٽا ساڻ چندن،
    سونهن رپي سون سان سندا ڪامڻ ڪن.....

    “اڙي، هي ته سندن باقاعدي اشتهاربازي پيو ڪري!”
    “هائو اڃا ٻُڌ!”

    گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون،
    هڻي حاڪمن کي زور ڀريون زبرون،
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون پسو پرڏيهين جون!

    جت رانيائين راڻن کي چندن چڪ ڪري،
    هاڻي انهيءَ ڀيڻئين وره وراڪا ڏي،
    سوڍو سُڃ ڪري مومل ماري هليو.

    “راڻن کي رانيائين؟”
    “هائو.”
    “راڻن کي يعني ته هڪ نه پر گهڻا؟”
    “هائو.”
    “مومل کين رانيو معنيٰ؟”
    “معنيٰ هنن مومل ماڻي!”
    “يعني عام جام!”
    “کُلم کُلا جنسيت؟”
    “تڏهن وري ڇا؟”

    چنيسر سين چاڳ متان ڪا منڌ ڪري،
    جئن مون پوءِ پروڙيو تي هيءُ نه ماڻي ماڳ،
    ڏمريو ڏهاڳ مڙن کي موران ڏي.

    “چنيسر ڪير هو؟”
    “واڻيو راجا.”
    “سسئي؟“
    “واڃاڻي.”
    “ٻيجل؟”
    “واڻيو مڱڻهار.”
    “راءِ ڏياچ به واڻيو هو نه؟”
    “ها.”
    “راڻو؟”
    “واڻيو.”
    “ڀلا مارئي؟”
    “واڃاڻي.”
    “سڀ واڻيا؟” “ڀلا لاکو ڦُلاڻي ڪير هو؟”
    “ڌاڙيل!”
    “ان جي تعريف ڪئي اٿس؟”
    “زبردست!”
    “سُر ڪارايل ۾ ڇا ٿو چئي؟”
    “پکين ۽ نانگن جي تعريف پيو ڪري!”
    “۽ پورب ۾؟
    “ڪانگن جي ڳالهه آهي.”
    “کنڀات ؟”
    “اُٺ کي منٿون پيو ڪري. ٻُڌينس ڇا پيو چوي:

    رات سهائي ڀونءِ، سنئين ڀائي گهرجي ڀل،
    آهر ۾ ايلاچيون چندن چري چل،
    مون تونهين سين ڳالهڙي ٻئي ڪنهن مَ سل،
    هاهڙ ڪندو هل ته کجايون کرن کي.

    “ڏهر؟”
    “مڇين ۽ پکين جي ڳالهه آهي.”
    “هي آهي ڪهڙي بلا؟”
    “وڏو شاعر ٿا چونس!”
    ““شاعر؟ هيءُ شاعر نه پر هڪ خطرناڪ جنسيت زده بداخلاقيءَ جو پرچار ڪندڙ ڀارتي ۽ روسي ايجنٽ ۽ “فرائڊ” کان متاثر ٿيل ٿو ڏسجي! ڀلا نالو ڇا اٿس؟ خير نالو پڇي ڇا ڪبو؟ اهو ڪو شاعر ٿوروئي آهي، جنهن جو نالو ياد ڪجي. اهڙا بي دين گهڻا!)
    توهان ڏٺو ته جهالت ۽ تعصب جيڪڏهن پنهنجيءَ تي اچن ته فرشتن کي شيطان ثابت ڪري سگهن ٿا.
    درحقيقت جيڪڏهن شاهه اڄ زندهه هجي ها ته هي زهريلا نانگ ان کي به ڏنگڻ کان ڪونه رهن ها، پر ڇا ڪن لطيف جيئرو ڪونهي ۽ ٻيو ته لطيف تي سڌو حملو ڪرڻ کان ڊڄن ٿا.
    هي ڪو رڳو اياز جا دشمن ڪينهن. هنن جي شعر سان دشمني آهي، ترقيءَ سان دشمني آهي، انساني عقل سان دشمني آهي، انساني سوچ سان وير آهي. کين روميءَ، اقبال، سعدي، غالب، مير، شيڪسپيئر، لطيف، سچل هر هڪ شاعر سان دشمني آهي، پر ڪُڇي نٿا سگهن. تنهن ڪري مڪاري ڪري رڳو موجوده دؤر جي زندهه شاعرن تي حملا ڪن ٿا. هنن کي اوندهه کپي، بند زبانون کپن، خالي ۽ کوکلا ذهن کپن، ويران ۽ اُجڙيل دماغ کپن، ته جيئن هو پنهنجي فوجداري هلائي سگهن، خلق خدا جو ساهه مُٺ ۾ ڪري سگهن.


    (11)

    صورت سڀ سلطان،
    پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.

    (شاهه لطيف)

    هن سونهري ٽوليءَ جا تيسمار خان وڏي فخر ۽ آڪڙ سان نئين دؤر جي اديبن جا ڪي شعر ۽ ادبي فقرا نيزن تي الٽا ٽنگي، سڄي ملڪ ۾ هوڪا پيا ڏين ته اجهي هي بلائون ماري آيا آهيون: هي دهريت جي ست سِسيءَ راڪاس جو سِر آهي ۽ هي بداخلاقيءَ جي ديوَ جو ڌڙ!
    هنن جاهل جيتامڙن کي اچو ته سچا پچا ديوَ ۽ اجگر ڏيکاريون! هيٺ اقليم شعر و سخن جي ڪن اهڙن تاجدارن جا شعر ٿا ڏيون، جن جي عظمت جو ڏونڪو چؤطرف وڄيل آهي.
    ٺُڙڪو نقاد وڏي شوق سان کين ڪافر، دهريو، مُنڪر ۽ بداخلاق ثابت ڪري، پنهنجو نالو ڪڍي سگهن ٿا.

    سچل:

    آهيان پاڻ الله، عشق ڪنان ٿو عبد سڏايان،
    ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.

    (يعني اهڙو ڪم ڪجي، جو ماڻهو پاڻ الله ٿي پوي!)

    پنهنجي ذات لڪائي، ڪيئن ٻي ذات سڏايان،
    اعليٰ اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان،
    منصوريءَ جي موج ۾ ٿو اناالحق الايان!
    پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڃاڻ،
    الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ!

    مذهب بابت سندس راءِ آهي ته مذهبن ماڻهن کي منجهائي گُمراهه ڪري ڇڏيو آهي، هو چوي ٿو:

    منجهايو ماڻهن کي، مُلن مذهبن،
    محڪم ماڻهن کي ڪيو، تن جي زنجيرن،
    هون حديثن ڪينڪي، نڪي آيتن،
    سوگها سڀيئي ڪيا، نامراد نيرن.

    خواجه غلام فريد:
    خواجه غلام فريد، ملتان جو شيرين ڪلام شاعر، انهن چوٽيءَ جي شاعرن مان آهي، جن جي ورسي پاڪستان ۾ سرڪاري طور ملهائي ويندي آهي. فرمائي ٿو:

    بڻ دلبر شڪل جهان آيا،
    هر صورت عين عيان آيا،
    ڪٿ عيسيٰ تي الياس نبي،
    ڪٿ لڇمڻ رام تي ڪان آيا،
    ڪٿ پنڊت، جوشي، جوڳي هي،
    ڪٿ سامي تي ڪٿ يوڳي هي،
    ڪٿ مصر پيراڳي روڳي هي،
    ڪٿ بيد بياس دا گيان آيا.

    سؤلي سنڌيءَ ۾ مطلب ٿيو ته رب پاڪ هر صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. ڪڏهن عيسيٰ ۽ الياس جهڙن نبين جي روپ ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن لڇمڻ، رام، ڪرشن ۽ ڪنهيو ٿي اچي ٿو. پنڊت، جوڳي ۽ ويد پڙهندڙ ٻانڀڻ به خدا جا جلوا آهن.
    ٻين لفظن ۾ عيسيٰ، الياس، لڇمڻ، رام، پنڊت ۽ جوڳي سڀ خدا جا اوتار آهن. هندن جو به هوبهو ساڳيو نظريو آهي ته رام ۽ ڪرشن ڀڳوان جا اوتار آهن.
    سچل به ساڳي ڳالهه ٿو ڪري. هن جي نظر ۾ ته هنومان به خود خدا جو نور هو ۽ خود خدا هو.

    صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.

    ڪاٿئين پٽي پوٿيون، ڪاٿئين پڙهي قرآن،
    ڪاٿئين اناالحق چوي، ڪاٿئين ڦيرائي فرمان،
    ڪاٿئين احمد بلاميمي، ڪاٿئين هنومان،

    خواجه غلام فريد تنگ نظر ۽ ٺڙڪو نڪته چينن جي شڪايت ڪندي چوي ٿو:

    ملان مارن، سخت ستاون،
    ڳجهڙي راز دا ڀيد نه ڀاون،
    بيوس شودي هن معذور.

    “شودي” لفظ مان سندس شديد بيداريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو عاشقن کي منصور ۽ بايزيد بسطامي ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو:

    عاشق مست مدامي،
    ڪجهه سبحاني بڻ بسطامي،
    آک اناالحق، ٿي منصور!

    هي بايزيد بسطاميءَ جي “سبحاني ما اعظم شاني” “سڀني تعريفن جي لائق آءٌ آهيان. منهنجو ڪيڏو نه اعليٰ شان آهي. يعني پاڻ خدا آهيان.” واري مشهور نعري ڏانهن اشارو آهي. منصور به اناالحق جو نعرو هڻي پاڻ کي خدا سڏايو هو. خواجه فريد به عاشقن کي ساڳئي اعلان ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي. هيءُ دين ۽ مذهب جي پابندين کان باغي آهي. صاف لفظن ۾ چوي ٿو:

    هڪ ويلي احرام حرم دي،
    هڪ ويلي زنار ڌرم دي،
    نا پابند هون دين حرم دي.

    بلا شاهه:
    ڀٽائيءَ جو هيءُ همعصر واديءِ سنڌ جو هڪ عظيم ۽ محبوب شاعر تصور ڪيو وڃي ٿو. سندس مشهور ڪافين مان هيٺ ڪي سٽون نموني طور پيش ڪجن ٿيون، جن مان سندس مستيءَ ۽ موج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

    الله آدمي بن آيا،
    اسان آدم ڪنون اڳ هياسون،
    آدم ساڏا ڄايا!

    نه مين مرڻا، نه مين جيوڻا،
    نه ميرا والد هويا.

    موسيٰ مين هون، طور ڀي مين هون.

    علي رضا هي نام ڌريندا، ڦر شرع نون نيڪالي ڏيندا،
    ڪيها ڏوهه ثواب ڪريندا! ڪيهي بلي دي ذات!

    پڙهدي پڙهدي عمر گذر ڳئي، هڪ نه کٿا وال،
    وچ مسيتي اُٿندي ٻهندي، ڪردي مثل مثال،
    ڌڪڙ ڪنجريان نال اسا ڏي، ڪرن تماشي تال.

    نا نر هون، نا مادي هون،
    نا چغل چور فسادي هون،
    اسان عاشق اتي امدادي هون،
    حرامي هو نه حلالي هون.

    تسي هر رنگ دي وچ وسدي هو،
    سانون لامڪان پئي ڏسدي هو،
    ڪڏهن تخت شرع تي راضي هو،
    ڪڏهن گهنگهرو پاڪر نچندي هو،
    ڪڏهن رومي هو ڪڏهن زنگي هو،
    ڪڏهن ٽوپي پوش فرنگي هو.

    ڪڏهن مومن هون، ڪڏهن ڪافر هون،
    ڪڏهن ميخاني وچ ملدا هون،
    ڪڏهن الله هون، ڪڏهن بلا هون.

    ڪن واهگرو هر نام،
    بازي عشق بنائي وري!


    (12)

    بندے کے درد دل کو کوئی نہیں پہچانتا،
    ہر ایک حقیقت یاں ہے خدا رسیدہ۔

    (میر تقی میر)

    مير تقي ”مير”
    سنڌي ۽ پنجابي شاعريءَ جي انهن جهلڪين بعد اسين اردو شاعريءَ تي نظر وجهون ٿا. اردو شاعريءَ ۾ ‘غالب’ جو مقابلو ڪونهي- پر هڪ اهڙي به هستي هئي، جنهن جي شاعرانه عظمت ۽ ڪمال کان غالب جهڙو خود سر ماڻهو به انڪار ڪري نه سگهيو. هو اعتراف ٿو ڪري ته اردو شاعريءَ جو اصل استاد مير تقي هو:

    ریختے کے تمہیں استاد نہیں ہو غالب،
    کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا۔

    اپنا تو عقیدہ ہے بقول ناسخ،
    آپ ہے بہرہ جو معتقد میر نہیں۔

    درحقيقت مير تقي ‘مير’ جي ڪلام ۾ جيڪو خاص ميٺاج، حُسن، سادگي ۽ بلاغت آهي، تنهن جو جواب اردو شاعريءَ ۾ ڳولڻ عبث آهي. مير صاحب جو شعر شاعريءَ جي روايتن جو هڪ خوبصورت ۽ پورو نمونو آهي. انهيءَ مان اردو شاعريءَ جي موضوعن ۾ روايتن جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

    مذهب:

    کس کا کعبہ، کیسا قبلہ، کون حرم ہے، کیا احرام،
    اس کوچے کے باشندوں نے سب کو یہیں سلام کیا۔

    مذہب سے میرے کیا تجھے میراں دیار اور،
    میں اور، یار اور، میرا کاروبار اور۔

    جائے ہے جی نجات کے غم میں،
    ایسی جنت گئی جہنم میں۔

    بهشت:

    کیا جنوں ہے تم کو جو طالب ویرانہ ہے،
    جس کو فردوس بریں کہتے ہیں، واں آدمی کہاں۔

    اخلاق:

    مت مل اہل دور کے لڑکوں سے،
    میر جی ان سے مل کے فقیر ہوئے۔

    دل سے شوق رخ نکو نہ گیا،
    جھانکنا، تاکنا کبھو نہ گیا۔

    پرهيزگاريءَ جومذاق:

    میر مقدس آدمی ہیں، تجھے سجہ بکف میخانے میں،
    صبح جو ہم بھی جا نکلے، تو دیکھ ہے کیا شرمائے ہیں!

    بندے کے درد دل کو کوئی نہیں پہچانتا،
    ہر ایک حقیقت یاں ہے خدا رسیدہ۔

    زاهدن کي شراب جي صلاح:

    شیخ جی آؤ، مصلے گرو جام کرو،
    جنس تقوی کے تئیں صرف مے جام کرو۔
    اُٹھ کھڑے ہو جو جھُکے گردن مینائے شراب،
    خدمت بادہ گساراں ہے سر انجام کرو۔
    سیائہ گل میں لب جو یہ گلابی رکھو،
    ہاتھ میں جام کو لو، آپ کو بدنام کرو۔
    آہ، تا چند رہو خانقہ و مسجد میں،
    ایک تو صبح گلستان میں بھی شام کرو!

    کل میر نے کیا کیا، کی مے کے لئے بیتابی،
    آخر کہ گرو رکھا سجادہ محرابی۔

    واعِظُ لاءِ نفرت:

    واعظ ناقص کی باتوں پہ کوئی جاتا ہے میر،
    آؤ، میخانے چلو، تم کس کے کہنے پر گئے!

    نہ بک شیخ اتنا بھی واں ہی تباہی،
    کہاں رحمت حق، کہاں بے گناہی،
    تجھ کو مسجد ہے، مجھ کو میخانہ،
    واعظا، اپنی اپنی قسمت ہے۔

    علامه اقبال
    اقبال جهڙو شخص جنهن کي عام طرح حڪيم الامت ۽ مُفڪر اعظم تسليم ڪيو وڃي ٿو، تنهن جا شعر به جيڪڏهن ڪو چڙي مار نقاد پڙهي، ته کيس انهن ۾ قدم قدم تي ‘دَهرِيت’، ‘اِلحادُ’ ۽ ‘ڪميونزم’ جا ديوَ ۽ جِن پلٿيون ماري ويٺل ڏسڻ ۾ ايندا. چڱو ٻُڌو:

    فارغ تو نہ بیٹھے گا محشر میں جنوں میرا،
    یا اپنا گریبان چاک، یا دامن یزدان چاک۔

    (منهنجو جُنون محشر ۾ ماٺ ڪري ٿورو ئي ويهندو! يا پنهنجو گريبان ڦاڙي ڇڏيندس يا خدا جو ڦاڙيندس!)

    سمندر سے ملے پیاسے کو شبنم،
    بخیلی ہے یہ رزاقی نہیں ہے!

    روز حساب، جب مرا پیش ہو دفتر عمل،
    آپ بھی شرمسار ہو، مجھ کو بھی شرمسار کر!

    یہ مشت خاک، یہ صر صر، یہ وسعت افلاک،
    کرم ہے یا کہ ستم، تیری لذت ایجاد۔

    قصور وار غریب الدیار ہو لیکن،
    ترا خرابہ فرشتے نہ کر سکے آباد۔

    مقام شوق ترے قدسیوں کے بس کا نہیں،
    انہیں کا کام ہے یہ جن کے ہیں حوصلے زیاد۔

    متاع ہے بے بہا ہے درد سوز آرزو مندی،
    مقام بندگی دے کر نہ لوں شان خداونددی،
    تیرے آزاد بندوں کی نہ یہ دنیا نہ وہ دنیا،
    یہاں مرنے کی پابندی وہاں جینے کی پابندی۔

    خدائی اعتماد خشک و تر ہے،
    خداوندا خدائی درد سر ہے۔

    طبقاتي ڪشمڪش جي تلقين:

    اُٹھو میری دنیا کے غریبوں کو جگا دو!
    کاخ اُمرا کے در و دیوار ہِلا دو!
    سلطانیءِ جمہور کا آتا ہے زمانہ،
    جو نقش کہن تم کو نظر آئے مٹادو،
    جس کھیت سے دہقان کو میسر نہ ہو روزی،
    اِس کھیت کے ہر خوشہ گندم کو جلا دو!

    مُلا ۽ بهشت:

    میں بھی حاضر تھا وہاں ضبط سخن کر نہ سکا،
    حق سے جب حضرت ملا کو ملا حکم بہشت۔

    عرض کی میں نے، الٰہی میری تقصیر معاف،
    خوش نہ آئینگے اسے حور و شراب و لب کشت۔
    نہیں فردوس مقام جدل و قال و اقوال،
    بحث و تکرار اس اللہ کے بندے کی سرشت۔

    ہے بد آموزی اقوام و ملل کام اس کا،
    اور جنت میں نہ مسجد نہ کلیسا نہ کنشت۔

    شيطان جي تصديق
    جبرئيل:

    کھو دئے انکار سے تو نے مقامات بلند،
    چشم یزداں میں فرشتوں کی رہی کیا آبرو۔

    اِبلِيسُ:

    گر کبھی خلوت میسر ہو تو پوچھ اللہ سے،
    قصہ آدم کو رنگین کر گیا کس کا لہو!
    میں کھٹکتا ہوں دل یزداں میں کانٹے کی طرح،
    تو فقط اللہ ہو، اللہ ہو، اللہ ہو!

    ديني پيشوا:

    احکام تیرے حق ہیں، مگر اپنے مفسر،
    تاویل سے قرآن کو بنا دیتے ہیں پازند-
    کہتا ہوں وہی بات سمجھتا ہوں جسے حق،
    نہ ابلہ ساجد ہوں نہ تہذیب کا فرزند۔

    یہی سیخ حرم ہے جو چراکر بیچ کھاتا ہے،
    کلیم ہوذر و دلق اویس و چادر زہر۔

    کہیں سجادہ و عمامہ رہزن،
    کہیں ترسا بچوں کی چشم بیباک۔

    پير و مرشد:

    ہم کو تو میسر نہیں مٹی کا دیا بھی،
    گھر پیر کا بجلی کے چراغوں سے ہے روشن۔
    شہری ہو، دیہاتی ہو، مسلمان ہے سادہ،
    مانند بتاں پجتے ہیں کعبے کے برہمن۔
    نذرانہ نہیں، سود ہے پیران حرم کا،
    ہرخرقہ سالوس کے اندر ہے مہاجن،
    میراث میں آئی ہے انہیں مسند ارشاد،
    زاغوں کے تصورف میں عقابلوں کی نشیمن۔

    غالب، ذوق، سودا، داغ ۽ امير مينائيءَ کان ويندي جوش ۽ اقبال تائين ڪوبه اهڙو شاعر ڪونهي، جنهن کي تَعصُبُ ۽ جهالت وچان، هي قلب جا ڪارا ‘نقاد’ دَهرِيو، بداخلاق، بدعتي ۽ واجب القتل قرار ڏئي نه سگهن.


    (13)

    سڀت پچار پرينءَ جي سڀت هوت حضور،
    ملڪ مڙيئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا؟

    (شاهه لطيف)

    فارسي شاعري ته هڪ اهڙو ڪاڪ محل آهي، جتي احمقن کي رستو ئي نه ملندو ۽ چؤطرف ڏسندا ته ‘بحر بلائون بڇڙيون آفتون ازگر، واٽ وڃڻ جي نه لڀي پيا پکڙي کوڙ کپر’ وارو قصو لڳو پيو آهي.
    دل گهري ٿي ته رودڪيءَ کان اڄ تائين فارسي شاعريءَ جي شهسوارن تعصب، جهالت، تنگ نظريءَ، رِيا ۽ مڪر جي ڏانئڻ جي ڪنڌ ۾ جيڪي ڀالا هنيا آهن ۽ انهن جي مٽي پليد ڪئي آهي، تن جو مفصل جائزو وٺجي، پر طوالت جي خوف کان اها خواهش اڻپوري ڇڏي، هتي فقط تمام مختصر ۽ سرسري جهلڪون پيش ڪجن ٿيون، جن مان فارسي شاعريءَ جي قادرالڪلام استادن جي شوخيءَ ۽ مستيءَ جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

    رودڪي:
    رودڪي فارسي شاعريءَ جو بابو آدم آهي. هن جي شاعري اها پيڙهه آهي، جنهن پوين جي شاعريءَ جو محل تيار ڪيو آهي، سندس فلسفو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيل آهي:

    شاد زی با سیاہ چشماں شاد،
    کہ جہاں نیست جز فسانہ و باد۔

    (ڪارين ڪڪوريل اکڙين وارن معشوقن سان موجون ماڻي وٺ، ڇو ته جهان ٻيو رڳيون ٺلهيون ڳالهيون آهي.)
    دشوار نمائی رخ و دشوار دھی بوس،
    آسان بربائی دل و آساں بہ بری جاں۔

    (منهن ڏيکارڻ ۽ چُمي ڏيڻ مهل ڪهڙو نه اڻانگو آهين، پر دل کسڻ ۽ ساهه ڪڍڻ ۾ ڪيتري نه آساني ٿو ڪرين!)

    حقيقي:

    دقیقی چھار خصلت برگزیدہ است،
    یگیتی از ہمہ خوبی و زشتی:
    لب یاقوت رنگ و نالہ چنگ،
    مئی خوں رنگ و کیش زردھشتی۔


    (دنيا ۾ جيڪي به خوبيون آهن، تن سڀني ۾ اعليٰ چار آهن: ياقوت جهڙا ڳاڙها چپ، ساز جو نغمو، رَتُ جهڙو ڳاڙهو شراب ۽ زردشت جو مذهب،]ڇو ته زردشت جي مذهب ۾ شراب جائز آهي.[)

    فردوسي:
    عام اتفاق آهي ته ايران جي سرزمين فردوسيءَ جي پايي جو شاعر اڄ تائين پيدا نه ڪيو آهي. مشهور آهي ته فردوسي، انوري ۽ سعدي بالترتيب بيتن، قصيدن ۽ غزلن جا پيغمبر آهن، پر خود انوري چوي ٿو ته، “فردوسيءَ سان ڪنهن جو مقابلو ڪونهي، هو خواند آهي ۽ اسين سندس بندا.”

    آن استاد بود و ما شاگرد،
    آن خداوند بود و ما بندہ۔


    علامه ابن اثير، فردوسيءَ جي ‘شاهُنامي’ کي ‘عجم جو قرآن’ ٿو سڏي، فردوسيءَ جي شاهُنامي ۾ عشقبازيءَ ۽ شرابخوريءَ جي پچار کان سواءِ ٻه بُنِيادي ڳالهيون ملن ٿيون، جي نهايت قابلِ غور آهن:
    پهريون هيءُ ته سڄو “شاهُنامو” ڪافر بادشاهن جي ڪارنامن سان ڀريو پيو آهي. اهو ائين ٿيو، ڄڻ اسان جو ڪو شاعر راجا ڏاهر، چچ، راءِ سهاسي وغيره جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي. هو جڏهن ايران جي آتش پرست بادشاهن جو ذڪر ٿو ڪري، تڏهن ڄڻ ته وجد ۾ اچيو وڃي ۽ پڙهندڙن تي رِقتَ طاري ڪري ڇڏي ٿو.
    ٻي ڳالهه هيءَ ته هُو ايران تي حضرت عمر جي خلافت ۾ اسلامي فوجن جي حملي ۽ ايران جي فتح تي، بحيثيت هڪ مسلمان جي، فخر ۽ ناز ڪرڻ ۽ اسلامي فاتحن جي استقبال ۽ تعريف ڪرڻ بدران، عرب مسلمان فاتحن ۽ اسلامي تحريڪ جو تمام گهريءَ نفرت ۽ حقارت سان ذڪر ڪري ٿو، جنهن مان پڙهندڙ تي اهو اثر ويهي ٿو ته ايران جي فتح تهذيب ۽ تمدن جي تباهي ۽ جهالت ۽ جهنگلي پڻي جي ڪاميابي آهي. هُو عربن کي سانڊيون ۽ ڳوهون کائيندڙ درندا ڪوٺي ٿو ۽ سندن ڪاميابيءَ تي قدرت کي ملامت ٿو ڪري:

    ز شیر شتر خوردن و سومسار،
    عرب را بجائیے رسید است ہار،
    کہ تخت کیاں را کند آرزو،
    تقو برتو ای چرخ گردون، تفو!

    (عرب جتن جو، اُٺين جو کير پي ۽ ڳوهون کائي کائي، ايڏو من وڌي ويو آهي، جو قيصر ۽ ڪنعان جي تخت ۾ اکيون وڌيون اٿن! اي آسمان، توکي حيف هجي! حيف هجي!)
    محمود غزنوي، جنهن کي اسان جا تاريخ نويس ‘بُت شڪن’ ۽ مجاهد اسلام سڏين ٿا، تنهن کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون اٿس:

    بغزنین مرا گرچہ خون شد جگر،
    ز بیداد، آن شاہہ بیداد گر،
    ھمی خواستم تفغان ھا کنم،
    بگیتی از و داستانھا کنم،
    بگویم ز مادرش و ھم از پدرش،
    نہ ترسم بغیر از خداوند عرش-

    (جيتوڻيڪ غزنيءَ ۾ ان ظالم بادشاهه منهنجو جگر خون ڪري ڇڏيو آهي، پر چاهيان ٿو ته دانهون ڪريان ۽ سڄي جهان کي سندس ظلم جو داستان ٻُڌايان: ماڻس ۽ ڀيڻس کان وٺي شروع ٿيان، جو آءٌ خدا کان سواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄان.)

    حڪيم سنائي:
    هيءُ برگزيدو شاعر، پنهنجي عارفانه بصيرت ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ سبب صوفي شاعرن جو ذري گهٽ امام تسليم ڪيو ويو آهي. خود مولانا روم کيس پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪيو آهي:

    'عطار' روح بود و 'سنائی' دو چشم او،
    ما از پس سنائی و عطار آمدیم۔

    هن صاحب دل بزرگ جي ڪلام ۾ به اسان کي هن قسم جا شعر ملن ٿا:

    دوش سرمست نگارین من آن طرفھ پسر،
    یا بھ پیرھنھ یا کلہھ طرفھ بسر،
    بوسھ بر دو لب من داد ھمھ از ہی عذر،
    اینت شوریدہ نگار اینت شکر بوسھ بھ سر،
    شادمان گشتم ازبن کار و گرفتمش کنار،
    ہمچو تنگ شکر و حرمن گل تنگ بھ بر،
    او شد خواب و من از بوسھ زدن بر دور خش،
    با دو چشم و دور خش تابھ سحر جنت سحر۔

    (رات جو منهنجو اڙٻنگ محبوب ڇوڪرو شراب جي نشي ۾ جهومندو، ٽوپي ٽنڊ تي رکي مون وٽ آيو. سندس ڳلن تان پگهر جا ڦُڙا هڪ هڪ ٿي ڪِري رهيا هئا. اچڻ سان مون کي چُميون ڏنائين. مون خوش ٿي کڻي ڀاڪر ۾ ورتس. هو نشي ۾ مست ٿي سمهي رهيو ۽ آءٌ سندس مُنهن ۽ اکين تي پرهه ڦُٽيءَ تائين چُميون ڏيندو رهيس.)

    عمر خيام:
    هي اڳيئي ناميارو آهي، پر اڃا ڪوبه اهڙو احمق نظر ڪونه ٿو اچي، جو سندس شاعريءَ جي عظمت کان انڪار ڪري.

    ابریق می مرا شکستی ربا!
    برمن در عیش را بھ بستی ربا!
    بر خاک بدبختی می لعل و مراه،
    خاکم بدھن سخت مستی ربا!

    (تو منهنجي شراب جي صراحي ڀڃي وڌي؛ منهنجي عيش جو دروازو بند ڪري ڇڏيئي؛ منهنجو ڳاڙهو شراب مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيئه! منهنجي وات ۾ ڌوڙ، پر تون به ڪو پيتل ٿو ڏسجين، مولا!)


    گویند کھ فردوس برین خواھد بود،
    آن جامی ناب و حور خواھد بود،
    گرما می و معشوق گزیدیم چھ یاک،
    چون عاقبت کار چنین خواھد بود-

    (چون ٿا ته، بهشت ۾ اڻلڀ شراب ۽ حورون ملنديون،؛ جي ائين آهي ته مون شراب ۽ معشوق سان سنگت رکي ته ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو نيٺ بهشت ۾ به ته اهي ئي ملندا.)


    زاھد گوید بھشت حور خوش است،
    من می گویم شراب انگور خوش است،
    ابن نقد بگیر و دست ازان نسیئی ندار،
    آواز دھل شدید از دور خوش است۔

    (ديندار زاهد ٿو چوي ته حورن وارو بهشت ڏاڍو سُٺو آهي. آءٌ ٿو چوان ته انگور جو ٺهيل شراب سُٺو آهي، جو هڪيو تڪيو ته موجود آهي. بهشت جون ته رڳو ڳالهيون آهن، جن تي اعتبار ڪير ڪري؟ دهل جو آواز پري کان گهڻو ئي مٺو هوندو آهي، پر منجهس آهي ڪجهه به ڪونه.)

    مائم خریدار می کھنھ ونو،
    وانگاہ فروشندہ عالم بھ دوجو،
    گفتی پس از مرگ کجا خداھم رفت،
    می پیش من آ رو ھر کجا خواھی رو۔

    (اسين پراڻي ۽ نئين شراب جا خريدار آهيون، باقي دنيا ۽ آخرت، سي ته جَوَ جي هڪ داڻي تي به ڪونه وٺون. مون کان ٿو پڇين ته مرڻ کان پوءِ ڪاڏي ويندين؟ مون کي ته شراب جو پيالو آڻي ڏي، پوءِ تون جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وڃ.)

    جمعی مففکر اندر در مذہب و دین،
    جمعی متحیر اند در شک و یقین،
    ناگاھ منادی برآیدز کمین،
    کھ بیخبران! راہ نئی آنست و نھ این۔

    (ڪي ماڻهو مذهب ۽ دين جي ڳڻتين ۾ پيا ڳرن، ته ڪي فلسفي جا راز پيا جاچين. اوچتو پردي پويان آواز آيو آهي ته اي بيوقوفو! واٽ نه هيءَ سڌي اَٿوَ نه هوءَ.)

    از آب گلم سرشتہھ من چھ کنم،
    وین پشمِ قصب تو رشتہھ، من چھ کنم،
    ھر نیک و بدی ازن آید بوجود،
    تو برسر من توشتہھ، من چھ کنم۔

    (توئي مون کي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مان ٺاهيو، آءٌ ڇا ڪريان؟ تو ئي هيءُ براين جو لباس پهرايم، آءٌ ڇا ڪريان؟ جيڪي منهنجي هٿان ٿئي ٿو، سو ته اڳيئي منهنجي تقدير ۾ لکي ڇڏيو آهي، آءٌ ڇا ڪريان؟)

    دروقت بھار، اگر بت حور سرست،
    پر مئی قدحی دھد، مرا برلب کشت،
    گرچ برھر کس این سخن باشد زشت،
    سگ بھ از من اگر برم نام بھشت۔

    (هن ڳالهه تي ماڻهو ضرور ڪاوڙجي پوندا، پر بهار جي موسم ۾ منهنجو حور جهڙو سهڻو يار جڏهن مون کي ساوڪ مٿان ويهاري، شراب سان ڀريل پيالو آڻي ڏئي، ۽ پوءِ جي آءٌ بهشت جو نالو وٺان ته آءٌ ڪتي کان بدتر چئبس.)
    قومي به بهشت و دوزخ اندر گروند،
    که رفت بدوزخ؟ و که آمدز بهشت؟

    (ماڻهو بهشت ۽ دوزخ جي چڪر ۾ ڦاٿا پيا آهن: ڀلا پڇونِ ته ڪهڙو دوزخ ۾ ويو آهي؟ ۽ ڪهڙو بهشت مان ٿي آيو آهي؟)

    به اين دوسه نادان که چنان ميداني،
    از جهل که داناي جهان ايشانند،
    خوش باش که از خري ايشان به مثل،
    هرکو نه خر است ڪافرش مي دانند-

    (اهي ٻه ٽي احمق جن کي پنهنجي جهالت وچان دنيا جو وڏو عالم ۽ فاضل پيو سمجهين، شڪر ڪر جو تون به اهڙو ئي گڏهه آهين جهڙا اهي آهن، ڇو ته جيڪو گڏهه نه آهي، تنهن کي هو ڪافر ٿا سڏين.)
    شيخ سعدي شيرازي
    شيخ سعدي عليه الرحمت جي ذات ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، پر عشق بازيءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هڪ دفعي ڪاشغر جي هڪ مدرسي ۾ هڪ سهڻي ڳڀرو ڇوڪري کي ڏٺائين ته عربي گرامر جو ڪتاب پيو پڙهي ۽ ‘زيد، عمر کي ماريو’ جو گردان پيو رٽي. شيخ صاحب رڙ ڪري چيس:

    دي دلِ عشاق دامِ نو بصيد،
    ما بتو مشغول و تو با عمر و زيد!

    (اي سهڻا، عاشق جون دليون تو وٽ قيد ٿي ويون؛ اسين توکي ڏسڻ ۾ مشغول آهيون ۽ تون وري ‘عمر ۽ زيد’ جي گردان ۾ مشغول آهين!)
    ڇوڪري کي جڏهن معلوم ٿيو ته هيءُ شيخ سعدي آهي، تڏهن چيائنيس ته اڳ ۾ ڇو نٿي ٻُڌايئي ته آءٌ شيخ سعدي آهيان؟ شيخ جواب ڏنو:

    باوجودت زمن آواز نيامد که ‘منم’

    (تنهنجي هوندي ڪيئن چوان ته، ‘آءٌ’ به ڪو آهيان). ان کان پوءِ خوب رهاڻيون ٿيون. شيخ سعدي پاڻ لکي ٿو ته، ان کان پوءِ هڪ ٻئي جي ڳلن تي چميون ڏنيون سين ۽ موڪلايوسين.
    محبت جي باري ۾ شيخ صاحب جا خيال جديد کان جديد هئا. سندس چوڻ آهي ته هر سال نئينءَ زال سان عشق ڪرڻ کپي:

    زن نو کن اي دوست درهر بهار،
    که تقويمِ پارينه نايد بکار.

    (يار، هر بهار ۾ نئين زال هٿ ڪر، پراڻي جنتري ته بيڪار ٿيندي آهي.)
    صوفين ۽ ديندارن جي عشقبازيءَ جو پردو چاڪ ڪندي چوي ٿو:

    محتسب در قضائي رندان است،
    غافل از صوفيانِ شاهد باز!

    (محتسب هٿ ڌوئي رڳو اسان رندن جي پٺيان پيو آهي، پويان خبر ئي ڪانهيس ته ڇوڪري باز صوفي ڪهڙا ڪارناما پيا ڪن.)

    سوئے مسجد آورد دکانِ شيخ،
    که درخانه ڪمتر توان يافت صيد-

    (ملان پنهنجي مڪر ۽ ٺڳيءَ جا ڄار کڻي مسجد ۾ ماڻهو ڦاسائڻ آيو آهي، ڇو ته گهر ۾ اهڙو ٺڳيءَ جو موقعو نٿو مليس)

    مرا راحت از زندگی دوش بود،
    کہ آن ماہ رویم در آغوش بود۔

    (رات زندگيءَ جو خوب لطف مليم، جو هو چنڊ جهڙو سهڻو منهنجي ڀاڪر ۾ هو.)

    مؤذن غلط گفت بانگ نماز،
    مگر ہمچوں من مست و مدہوش بود!

    (ٻانگو، ٻانگ ڏيڻ ۾ ڀُلجي پيو آهي، ڀانيان ٿو ته مون وانگر ئي نشي ۾ ٻُڏل آهي.)
    عشق بازی نه من آخر به جهان آوردم،
    يا گناهي است که اول من مسکين ڪردم-

    (عشق بازيءَ ڪا مون هينئر دنيا ۾ ڪانه آندي آهي، نڪو ڪو آءٌ مسڪين پهريون عشقباز آهيان.)
    تو گر دعويٰ کني پرهيزگاري،
    مصدق دانمت والله اعلم:
    وگر گوئي که ميل خاطرم نيست،
    من اين دعوي نمي دارم مسلم-

    زاهد کي چوي ٿو ته، جي تون چوين ته پرهيزگار آهيان ته وسهندس، پوءِ سچ ڪوڙ خدا ڄاڻي؛ پر جي چوندين ته مون کي عيش پرستيءَ ڏانهن لاڙو ئي ڪينهي ته آءٌ هرگز ڪين وسهندس.
    هيچ کس بے دامن تر نيست اما ديگران،
    باز مي پوشند وما در آفتاب افگنده ايم-

    (افعال سڀني جا بڇڙا آهن، فرق رڳو ايترو آهي ته ٻيا لڪ ڇپ ۾ پيا ڪن ۽ آءٌ کُليو کُلايو پيو ڪريان.)
    ای مسلمانان به فريادم رسيد،
    کان فلاني بي وفائي مي کند،
    يارمن اوباش و فلاش است و رند،
    لبيڪ برمن پارسائي مي کند-

    (مومنو، اوهان کي دانهن ٿو ڏيان: منهنجي يار مون سان سخت ظلم ڪيو آهي، هوڏانهن سخت لوفر، کٽل ۽ شرابي آهي، پر مون کي سنوت نٿو ڏئي، چي آءٌ پرهيزگار آهيان، اهڙو ڪم نه ڪندس.)
    امير خسرو دهلوي
    طوطيءَ هند حضرت امير خسرو جي ڪمال ۽ بلنديءَ جي ڪهڙ: تعريف ڪجي! فرمائي ٿو:
    گرشما دين عاشقان داريد،
    بعد ازين پيش بت نماز کنيد-

    (جي عاشق جي دين جا پوئلڳ هجو، ته اڄ کان پوءِ هن بُت جهڙي سهڻي معشوق اڳيان نماز پڙهو.)
    گاه مردن شنيده ام محمود،
    گفت رويم سوي اياز کنيد-

    (چون ٿا ته، محمود مرڻ مهل وصيت ڪري ويو هو ته منهنجو منهن ڪعبي بدران منهنجي محبوب اياز ڏانهن ڪجو.)
    من آن تره طناز را مي شناسم،
    من آن مايه ناز رام مي شناسم-

    (آءٌ هن شوخ ترڪ ڇوڪري کي چڱيءَ طرح سڃاڻان: رات شراب جي نشي ۾ مست ٿي، جيڪي گاريون پئي ڏنائين، تن منهنجي دل ٺاري وڌي، مون آواز مان ئي سڃاتو ته هو آهي.)
    خواجه حافظ شيرازي
    لسان الغيب خواجه حافظ شيرازي نه رڳو ايران پر ساريءَ دنيا جي عظيم ترين شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. مغربي نقاد کيس دنيا جي ٽن عظيم ترين شاعرن مان هڪ عظيم ترين شاعر قرار ڏنو آهي. اسلامي دنيا ۾ به حافظ جي شاعرانه ڪمال جو جهنڊو هميشه کان سربلند رهندو اچي. هن بزرگ جو ڪلام عشق، محبت، رندي، مستي ۽ آزاد خياليءَ جي جذبن ۽ ريا، مڪر ۽ مذهبي تعصب خلاف احتجاج جو هڪ لافاني داستان آهي.
    رندان همه تره مي پرستي ڪردند،
    جز محتسبِ شهر ڪه بي مي مست است-

    (رند ته سڀ شراب پرستي ڇڏي ويا، پر ملان ري پيالي مست ٿيو پيو گهمي.)

    شعرِ حافظ شيراز مي گويند و مي رقصند،
    سيه چشمانِ ڪشميري و نرکانِ سمرقندي-

    (حافظ شيرازيءَ جو شعر ڪارين اکين وارا ڪشميري ڳڀرو ۽ سمرقندي جوانڙا پڙهن پيا ۽ نچن پيا.)
    بکري مي فروشانس به جامي در نمي گيرند،
    زهي سجاده تقوي که يک ساغر نمي ارزد-

    (نمازين کي جنهن پاڪ مصلي تي ناز آهي، سو اسان مستن جي دُنِيا ۾ شراب جي هڪ پيالي جي به مَٽ نه آهي.)
    گرچه پيرم تو شيخ ننگ در آغوشم کش،
    تا سحرگه ز کناز تو جوان برخيزم-

    (اي محبوب جيتوڻيڪ پوڙهو ٿي ويو آهيان، ته به هڪ رات پنهنجيءَ ڪڇ ۾ سوگهو ڪري سمهارينم، ته صبح جو نوجوان ٿي پوندس.)
    بيا تا گل برافشانيم و مي در ساغر اندازيم،
    فلک را سقف بشگافيم و طرح نو در اندازيم.

    (اچو ته گل وڇايون ۽ پيالن ۾ شراب اوتيون. هن آسمان جي ڇت کي ڦاڙي، ڪنهن ٻيءَ دُنِيا جو بُنياد وجهون.)
    گرچ بدنامي است نزد عاقلان،
    ما نمي خواهيم ننگ و نام را-

    (جيتوڻيڪ ڏاها انهيءَ کي بدناميءَ جي ڳالهه سمجهندا، پر اسان کي عزت ۽ ناموس گهرجي ئي ڪانه.)
    خوش وقت رند مست که دنيا و آخرت،
    از دست داد و هيچ غمِ بيش و کم نداشت-

    (سڀاڳو آهي اهو مست شرابي، جنهن دُنِيا ۽ آخرت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ ان جي ڪابه پرواهه ڪانه اٿس.)
    من رند و عاشق و آن گا توبه،
    استغفرالله، استغفرالله.

    (مون جهڙو شرابي ۽ عشق باز ٿي ڪري، ههڙي وقت توبهه تائب ٿئي؟ انهيءَ کان شل خدا پناهه ڏئي!)
    سخن درست بگويم نمي تواند ديد،
    که مي خورند حريفان و من نظاره کنم-

    (سچي ڳالهه ته اها آهي ته ٻيا شراب ويٺا پيئن ۽ آءٌ ويٺو ڏسان، سو مون کان سَٺو نه ٿيندو.)
    شيخم بطنز گفت، حرام است مي مخور،
    گفتم برو که گوش بهر خر نمي کنم-

    (مُلان مون کي ٽوڪ هڻي چيو ته، ميان شراب حرام آهي، متان پئين! مون چيس ته ٽر، آءٌ هر ڪنهن گڏهه جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيندو آهيان.)
    بيا بميخانه و چهره ارغواني کن،
    مرو بصومعه که آنجا سياه کار انند-

    (شراب خاني ۾ هليو اچ ۽ مُنهن کي شراب سان لعل ڪر؛ خبردار، پرهيزگارن جي حجرن ڏانهن متان ويو آهين، جو اتي سياه ڪار ويٺا آهن.)
    اي دل، طريقِ مستی از محتسب بیاموز،
    مت است و در حقِ او کس گمان ندارد-

    (اي دل، رندي ۽ مستيءَ جو سبق سکڻو اٿئي ته مُلان کان سِک، جو اهڙيءَ کيڏ سان شراب پيئي ٿو، جو ماڻهن جي ليکي ويچارو ساڌُ ۽ پاڪ آهي.)
    باده با محتسبِ شهر نه نوشي زنهار،
    که خورد يا تو مي وشنگ به جام اندازد-

    (خبردار، شهر جي قاضيءَ کي پاڻ سان گڏ شراب متان پيارين، جو هُو شراب به پي وينديءِ ۽ پيالو به ڀڃي ڇڏيندءِ.)
    صوفيان جمله حريف اند و نظرباز ولے،
    زان همه ‘حافظ’ سودا زده بدنام افتاد-

    (هي پهتل صوفي بزرگ سڀ حقيقت ۾ وڏا حريف نظرباز آهن، پر بدنام کڻي چرئي حافظ کي ڪيو اٿن.)
    رومي
    مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ کي شاعرن ‘فارسي زبان جو قرآن’ ڪري سڏيو آهي.
    مثنوي و معنوي و مولوي،
    هست قرآن در زبانِ پهلوي.

    ٺُڙڪو نقادن ۽ نقطه چينن لاءِ اعتراض جو اهو به سُٺو موقعو آهي، ڇاڪاڻ ته قرآن فقط هڪڙو آهي، جو عربيءَ ۾ آهي ۽ خدا جو ڪلام آهي. بظاهر هڪ انسان جي ٺاهيل قصن ڪهاڻين جي ڪتاب کي ‘قرآن’ ڪوٺڻ سراسر ڪُفر نه آهي، ته ٻيو ڇا آهي!
    مولانا روميءَ جي عظمت ۽ بلندي بيان ڪرڻ جو هيءُ موقعو نه آهي؛ هتي فقط سندس ڪي شعر ڏجن ٿا، جن مان سندس شوخيءَ ۽ مستيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    بزيرِ کنگره کيبريائي مردانند،
    فرشته صيد، پيمبر شکار، يزددان گير-

    (هن بلند ۽ بالا آسماني گنبذ جي هيٺان اهڙا به مرد پيا آهن، جن جي پنجوڙ ۾ ملائڪ قيد ۽ پيغمبر شڪار ٿيا پيا آهن، خود خدا به وٽن ڦاٿو ويٺو آهي.)
    علامه اقبال انهيءَ ساڳئي خيال کي هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي (يا بقول سنڌيءَ جي هڪ نقادچيءَ جي، ‘چورايو آهي’.)
    يزدان به کمند آور، اي همتِ مردانه!
    (اي مرداني همت، وڌي خدا کي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاساءِ.)
    من ز قرآن مغز دا برداشتيم،
    استوخان پيش سگان انداختيم-

    (مون قرآن جو مغز هٿ ڪري ورتو، باقي جيڪي ‘هڏيون’ رهيون، سي ڪُتن جي اڳيان اُڇلائي وڌم.)
    هن شعر ۾ بظاهر قرآن مجيد جي شان ۾ جيڪا بي پناهه گستاخي آهي، تنهن جي وضاحت جي ضرورت ئي ڪانهي.


    (14)

    عربي شاعري

    عرب شاعريءَ جو عظيم ترين دؤر، اسلام کان اڳ وارو دؤر ليکيو وڃي ٿو. سڀ عرب نقاد انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته عرب شاعري گذريل تيرهن سَؤ سالن ۾ اسلام کان ٿورو اڳ جي شاعر، امراءِ القيس جي پايي جو ڪو شاعر پيدا ڪري نه سگهي آهي، خود حضور اڪرم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن کيس شاعرن جو امام سڏيو آهي.
    سندس شعر ۽ سندس همعصرن جي شعر جي عظمت جو جيڪو ڌاڪو عربن جي دلين تي ويٺل آهي، تنهن جو اندازو هن ڳالهه مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته اُموي ۽ عباسي دؤر جي شاعرن کي انهيءَ ڪري به سند طور تسليم نه ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته اهي امراءَ القيس جي دؤر جا نه هئا. صرف ان دؤر جو شاعر هجڻ ئي عربن وٽ شعر جي بلنديءَ ۽ ڪمال جو قطعي دليل ليکيو ويندو هو.
    اها حقيقت آهي ته عرب شاعريءَ جيتوڻيڪ پوين دؤرن ۾ يزيد بن معاويه، اخطل، فرزدق، ابونواس، المتنبي ۽ ابوالعليٰ، لبيد، نابعه زيبائي ۽ ان دؤر جي ٻين شاعرن واري بيساختگي، جذبات جي شدت، تخيل جي بلندي ۽ فطري حُسن جو جواب ڳولڻ عبث آهي.
    عربي شاعريءَ جو مفصل جائزو ڪنهن ٻئي موقعي لاءِ ڇڏي، اسين هتي فقط شاعرن جي شهزادي امراءَ القيس جون ٻه ٽي جهلڪون پيش ڪريون ٿا، جنهن مان اسان کي سندس شعر جي موضوعن ۽ انداز جو پتو پوندو آهي.
    “....سهڻي ڇوڪري! تون مون کي معمولي عاشق ڪري نه سمجهه. آءٌ اهو آهيان جنهن تي عورتون ايئن بريءَ طرح فدا هونديون آهن، جو جڏهن آءٌ ساڻن هم آغوش هوندو آهيان، تڏهن انهن جا کير پياڪ ننڍڙا ٻار رڙيون پيا ڪندا آهن، پر تڏهن به هو پنهنجو ڌڙ نه چورينديون آهن- لاچار رڳو ڇاتي ٿوري پاسيري ڪري کين ٿڃ پيارينديون آهن.”
    “....جاني اهو ڏينهن ياد اٿيئي، جڏهن اوهان جو قبيلو لڏي پئي ويو؟ ۽ تون ڪجاوي اندر اُٺ تي چڙهي وڃي رهي هئين، ته اوچتو تو تي منهنجي نظر پئي، ۽ اٽڪل سان لڪي ڪجاوي ۾ چڙهي آيو هوس ۽ تو دانهون ڪري ڊپ وچان چيو هو ته ‘هي ڇا ٿو ڪرين؟’ مون بي اختيار توکي ڀاڪر وجهي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.”
    مشرقي زبانن جي هن جائزي مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عظيم شاعري هميشه ۽ هر دؤر ۾ پنهنجي زماني جي ذهن ۽ فڪري پابندينءَ، مذهبي عقيدن ۽ ‘اخلاق’ جي اکري اڙتين ڦڙتين کان بالاتر رهي آهي. اڄ تاريخ، جن عظيم شاعرن ۽ فنڪارن جو نالو ادب ۽ احترام سان پنهنجي سيني ۾ محفوظ رکيو ويٺي آهي ۽ انسانيت پنهنجن جن فرزندن جي فن ۽ ڪمال تي ناز ڪري ٿي، سي اهي ئي آهن، جن پنهنجي ماحول جي زنجيرن کي پنهنجي فڪر جي قوت سان ٽوڙي، زماني جون لعنتون ۽ عتاب اکين تي رکي، پنهنجي جگر جي خون سان فن ۽ سُخن جي چمن جي آبياري ڪئي آهي.
    هنن ڪمال جرئت ۽ بي خوفيءَ سان پنهنجي دؤر ۽ ماحول کي بي نقاب ڪيو آهي. جيڪڏهن حافظ، خيام، فردوسي، رومي، امير خسرو، شاهه، سچل ۽ ٻيا پنهنجي دؤر جي گهُٽيل ۽ ٻوساٽيل ماحول کان بغاوت نه ڪن ها، ۽ فقط اهي شعر چون ها، جي سندن پاڙي وارن، سندن حاڪمن ۽ ديني اختياريءَ وارن کي ئي قبول پون ها، ته جيڪر هو جيئري دفن ٿي وڃن ها ۽ ڪنهن کي به خبر نه هجي ها ته انهن نالن وارا ماڻهو به ڪي دنيا ۾ هئا.
    هنن جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، سي نه رڳو اُن زماني جي تنگ نظر حلقن ۾ ناپسند هئا، پر هر زماني ۽ هر دؤر ۾ تعصب ۽ ڪوتاهه نظري مٿن الزام ۽ ملامت جا تير اُڇلائي سگهندي. جيڪڏهن “شاهه” خدا کي راڻي، تماچي ۽ پنهوءَ جي نالن سان ياد ڪرڻ جي جرئت نه ڪري ها، جيڪڏهن سچل، بلا شاهه، فريد، عطار ۽ سنائيءَ جهڙا شاعر “اناالحق” جو نعرو هڻندڙ دل ۽ گردو نه رکن ها، جيڪڏهن سعدي، حافظ ۽ خيام پنهنجي زماني جي رياڪاري، فريب ۽ ڪوڙيءَ پرهيزگاريءَ جا ڇوڏا نه لاهين ها، ۽ جيڪڏهن اقبال يزدان جي دامن چاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي نه ڏئي ها، ته سندن فن ۾ اهو عظيم خلوص، سچائي، وجدان، حُسن ۽ ڪمال هرگز پيدا نه ٿئي ها. هو سيکاريل طوطن وانگر ٻين کان ٻُڌل ٻوليون ٻوليندي ختم ٿي وڃن ها، ۽ کڄي وڃي ڌرتيءَ اندر ايئن دفن ٿين ها، ۽ وري ايئن ٻُڌجن به نه ها، ڄڻ هئا ئي ڪونه.
    سچ ته هي آهي شيخ اياز ۽ هن دؤر جا نوجوان سنڌي اديب، انهن عظيم استادن جي بي باڪيءَ، شوخيءَ ۽ گستاخيءَ جي مقابلي ۾ بلڪل دٻيل ۽ سنجيده مزاج لڳن ٿا. درحقيقت اسان جا جيڪي لکن جا نقادچي هنن جهيڻن ۽ نرم آوازن کي ٻُڌي حواس باخته ٿي ويا آهن، تن کي گهرجي ته پنهنجي بچاءُ لاءِ هو سرڪار کي درخواست ڪن ته اها انهن سڀني مٿي ذڪر ڪيل اردو، فارسي ۽ عربي شاعرن جي مڙني ڪتابن کي باهه ڏياري ڇڏي ۽ سندن شعر پڙهڻ تي پابندي وجهي، ڇو ته جيستائين فن ۽ فڪر جي انهن امامن جو ڪلام زنده آهي، تيستائين هر دؤر ۽ هر زماني ۾ جرئت، رندي، مستي ۽ بي باڪيءَ جون صدائون فضا ۾ گونجنديون رهنديون، هر دؤر ۽ هر زماني ۾ “اياز” پيدا ٿيندا رهندا، جيڪي نوس نوس ڪندڙ نقادچين جون ننڊون حرام ڪندا رهندا ۽ سندن ڪمزور دليون ڪنبائيندا رهندا.


    (15)

    آيل اُن نه وسهان هنجون جي هارين،
    آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين،
    سڄڻ جي سارين، سي نڪي روئن نه چون ڪي.

    (شاهه لطيف)

    سنڌ جي ادب دشمن ٽولي جو چوڻ آهي ته موجوده سنڌي ادب غيراسلامي ۽ ڪافرانه آهي.
    سندن انهيءَ چالاڪيءَ واري نعري کي ٻُڌي، اول ته سڀ ڪو سوچڻ لڳندو ته ٻيلي اها ڳالهه ته برابر ٺهي ڪانه ٿي. غيراسلامي شيءِ ڪابه ڪانه کپي. هجي ته اسلامي هجي، نه ته وڃي اوڙاه جي تري ۾ پئي! اسلامي ملڪ ۾ غيراسلامي شيءِ! توبهه!
    هن ٽولي کي به اهو ئي يقين آهي ته ماڻهو ضرور ايئن سوچي سندن پروپئگنڊا جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پوندا.
    اچو ته انهيءَ نعري کي ٿورڙو غور سان جاچيون. پهريون سوال آهي ته آيا ايئن آهي ڇا ته دنيا جو هر ڪم، هر شيءِ هر فن يا هر پيشو اسلامي يا غيراسلامي ٿي سگهي ٿو. يعني ايئن آهي ڇا ته اهو فن يا ته ضرور اسلامي هوندو، نه ته ڪافر! مثال طور، ڪيلن جي پوک ڀلا دنيا ۾ ڪا “اسلامي ڪيلن جي پوک” ۽ “غيراسلامي ڪيلن جي پوک” به ٿي سگهي ٿي ڇا؟ يا انجنيئري سائنس يا فن کي وٺو. مسلمانن جو انجنيئري فن ته ٿي سگهي ٿو، پر انجنيئري سائنس کي اسلامي انجنيئري، يهودي انجنيئري يا هندو انجنيئري ڪوٺي سگهجي ٿو ڇا؟ حجامت، ڪُڙمت، دڪانداري، ٻيڙي هلائڻ- ڇا انهن مان ڪنهن به هڪ پيشي ۽ ڌنڌي کي ڪافر يا مسلمان پيشو سڏي سگهجي ٿو؟ ڀلا ايئن به ڪو چئي سگهيو ته ڪپڙي اُڻڻ جو ڏانءُ يا هنر مسلمان آهي يا ڪافر! يا ڳائڻ جي فن کي وٺو. ڳائڻ ۾ سُر، تار، پلٽا، مُرڪون، مينڍون وغيره ٿين ٿيون. سڀاڻي ڪو توهان وٽ ڊوڙي اچي توهان کي دانهن ڏئي ته محمد جمن يا استاد منظور خان فلاڻو غيراسلامي پلٽو هنيو يا نسيمه شاهين جي فلاڻي تال نج اسلامي هئي، ته توهان جيڪر کيس ڇا سمجهو!؟
    البت ڳائڻو، انجنيئر، هاري، دڪاندار، ٻيڙيءَ وارو، وغيره مسلمان يا هندو ٿي سگهي ٿو، پر سندن هَرُ، دڪان، ٻيڙي، انجنيئر سر تار، نه هندو ٿي سگهي ٿو نه مسلمان. هي فن ۽ پيشا آهن، جن جا پنهنجا قاعدا قانون آهن. سارين جي پوک کي ڪڏهن پاڻي ڏجي؟ جاءِ ۾ گهڻو سيمنٽ ڪتب آڻجي؟ ٻيڙيءَ کي واءَ جي سامهون ڪيئن هلائجي؟ اهي اٽڪلون، ڏانوَ ۽ هنر مذهب سان سڌيءَ طرح ڪوبه واسطو نٿا رکن. انهن تي ڪفر يا اسلام جو نالو رکڻ، ڪفر ۽ اسلام سان مذاق ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
    ساڳيءَ طرح شاعري به هڪ فن آهي، جنهن جو مذهب سان سڌيءَ طرح ڪوبه واسطو ڪونهي. شاعري تڏهن کان آهي جڏهن نه عيسائيت هئي، نه هندومت، نه ڪفر نه اسلام. شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعارا، تخيل، فرضي ڳالهيون، حُسن ۽ عشق جون ڳالهيون هونديون آهن. ان جو بنياد وڌاءُ ۽ مبالغي تي ٻڌل آهي. ڪوبه مذهب وڌاءُ، مبالغي ۽ فرضي ڳالهين جي بيان ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
    مثال طور شاعر جي محبوب جو منهن ڀلي ڪارو هجي، پر هو ضرور چوندو ته اهو سج چنڊ کي شرمائي ٿو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جنهن جي هر مذهب منع ڪئي آهي. قرآن مجيد جي مشهور آيت آهي ته ‘شاعرن’ جي پويان فقط گمراهه ماڻهو لڳندا آهن. انهيءَ ڪري ڪابه شاعري اسلامي ته ڇڏيو، مذهبي شاعري به ٿي نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب هو، جو ڪيترا عرب شاعر جڏهن مسلمان ٿيا، ته شاعريءَ تان هٿ کڻي ويا. امراءَ القيس عرب جي لاثاني ۽ قابل صد فخر شاعر جو لقب ئي “گمراهه بادشاهه” رکيو ويو.
    ان بعد، روءِ زمين تي هڪڙو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو، جنهن جي شاعريءَ کي نج اسلامي ڪوٺي سگهجي. ڇاڪاڻ ته شاعري آهي ئي هٿرادو ڳالهين ٺاهڻ جو نالو- ڪوڙ کي سچ ڪري ڏيکارڻ ۾ رڳو الله ۽ رسول جي تعريف ڪيل آهي، سا صحيح معنيٰ ۾ اسلامي ڪانهي- ڇاڪاڻ ته ان ۾ وڌاءُ آهي، مرچ مصالحا آهن، ڳالهه جي مصنوعي ٺاهه ٺوهه لاءِ تشبيهون آهن، استعارا آهن. مثال طور هرڻيءَ واري معجزي واريءَ مدح شريف ۽ ٻين مدحن ۾ حضور جن جي واتان ڪيتريون ڳالهيون چوايون ويون، جي بلڪل فرضي آهن. ساڳي حالت نورنامي جي آهي. ميرانيس، دبير ۽ ثابت علي شاهه جا مرثيا پڙهو، ائين پيا ڳالهه ڪن ته ڄڻ پاڻ اُتي هڪيا تڪيا موجود هئا. زمين آسمان ملايو هڪ ڪريو ڇڏين. يا رومي ۽ سعديءَ جون حڪايتون کڻو. اهي ايئن بيان ڪيون ويون آهن، ڄڻ ته سچا واقعا آهن، حالانڪه اهي فرضي ڳالهيون آهن. جي ماڻهن کي نصيحت ڏيڻ لاءِ چيون ويون آهن.
    ظاهر آهي ته اها محض شاعري آهي، ۽ جنهن شيءِ جو نالو شاعري آهي، سا وڌاءُ، بناوت، مرچ مصالحي کان سواءِ ٿي نٿي سگهي، ۽ جنهن شيءِ ۾ وڌاءُ ۽ مرچ مصالحو هجي، جيڪا هٿ جي ٺاهه تي ٻڌل هجي، ان کي اسلامي يا مذهبي سڏڻ حماقت ناهي ته ٻيو ڇا آهي!
    البت شاعر مسلمان، هندو، عيسائي ٿي سگهن ٿا، ۽ ظاهر آهي ته سندن مذهب ۽ عقيدي جو سندن شاعريءَ تي ضروري اثر پوي ٿو، پر شاعري نيٺ شاعري ئي آهي. اها فقه ۽ حديث شريف جو ڪتاب يا ويد يا شاستر ٿي نٿي سگهي. اها بنيادي طرح نه هندو آهي نه مسلمان.
    اهو ئي سبب آهي جو خود انهن نام نهاد “اسلام دوست” شاعرن جي شاعريءَ کي ڏسندؤ ته اهو ئي زٽ، اهو ئي ڪوڙ، وڌاءُ، اهائي معشوقن جي تاڙ، سندن ناز نخرن جي تعريف ۽ ٻيون غيراسلامي، غير شرعي ڳالهيون نظر اينديون، جيڪي شاعريءَ ۾ هميشه هونديون آهن.
    اسلام پرائيءَ عورت جي پچار، ڇيڙڇاڙ، زناني خواه مرداني حُسن جي اُپٽار، نڪاح ٻڌل زال کان سواءِ ٻيءَ عورت سان اظهار عشق ڪرڻ کي سنگين جرم قرار ڏئي ٿو.
    تاج الشعراءِ، استاد الشعراءِ ۽ ملڪ الشعراءِ وغيره “اسلام پرست” شاعر صاحب جيڪي عشق جا دفتر ڀرين ٿا، گيت لکن ٿا، غزل چون ٿا، جن محبوبن جي ڪمرين، سرو قدن، نرگسي نيڻن، ڪافر ادائن، عشوه طرازين، ستم رانين جا قصا جهان کي مزا وٺي وٺي ٻُڌائين ٿا، سي ڪير آهن؟ گستاخي معاف، اهي زالون سندن نڪاح ٻڌل آهن ڇا؟ جي ها، ته پوءِ به انهن جو ايئن ذڪر جائز ۽ شرعي آهي ڇا؟ جي نه ته پراين نياڻين سان عشق ڪرڻ، انهن لاءِ اهڙا خيال ظاهر ڪرڻ ۽ جهان ۾ خواري مچائڻ کي از روءِ شريعت ڇا چئبو آهي؟ پر جي اهڙيون عورتون مرڳو آهن ئي ڪونه ۽ هو رڳو هٿ جون ويٺا هڻن، ته پوءِ اهو ڪوڙ ۽ لغو بياني ناهي؟ ڇا واقعي سندن جگر سڙيل آهي، سينا ڪباب ٿيل آهن؟ ڇا واقعي هو رات جو تارا ڳڻيندا آهن ۽ ڏينهن جو ڪپڙا ڦاڙي صحرائن ۽ رڻن پٽن ۾ ڌڪا جهليندا آهن. جيئن هو پنهنجن شعرن ۾ ماڻهن کي ٻُڌائيندا آهن! ڇا ايئن ناهي ته سندن شعرن جو لفظ لفظ هٿ جو ٺاهه، خيالي پلاءُ، نسورو زٽ آهي؟ جي ها، ته پوءِ اهي ڪوڙن جا دفتر غيراسلامي ناهن، شريعت جي خلاف ناهن؟ ڇا سندن شاعري ڪوڙي، مبالغه آميز، فحش بداخلاقيءَ جي رغبت ڏيندڙ ۽ غيراسلامي نه چئبي؟
    اخبار نويسيءَ جي ڌنڌي کي وٺو. اخبار نويس مسلمان ٿي سگهن ٿا ۽ آهن، پر اخبار نويسيءَ جو پيشو نه هندو آهي نه مسلمان. دنيا ۾ ڪابه خالص اسلامي اخبار نويسي ۽ ڪافر اخبار نويسي ٿي نٿي سگهي. مثال طور اسان جي هنن ئي شاعر الشعرائي شاعرن جي حمايتن هڪڙي روزاني اخبار سڄو ڏينهن چپن سان “اسلام” “اسلام” آلاپيندي رهندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اخبار آهي، تنهن ڪري هر اهو ڪم ڪري ٿي، جيڪو ٻيون اخبارون ڪن ٿيون. عيسائي خبر رسان ايجنسين جون خبرون ڇاپي، نشيدار شين جا اشتهار ڇاپي، اڌ اُگهاڙين عورتن جا شهوت انگيز فوٽا ڇاپي، پڙهندڙن کي مٿن عاشق ٿيڻ جي ترغيب ڏئي، سندن سهوليت لاءِ اهڙين عورتن جون ائڊريسون ڇاپي، ڪوڙ بدوڙ ڇاپي، ڪنهن ڪاموري جي گلا ته ڪنهن جي تعريف ڇاپي، هٿ جون خبرون ٺوڪي، وڏن ماڻهن جي شان ۾ ڪنڌ ڌوڻي مدحون ۽ قصيدا پڙهي، مخالفن تي گارين جا ڌوڙيا وسائي- مطلب ته ڇا ڇا نه ٿي ڪري! ۽ ايئن ڪري ٿي، ڇو ته اخبار نويسي آهي- جو هڪ پيشو آهي، هڪ فن آهي. ان جا پنهنجا قاعدا قانون آهن، جن جو ڪنهن خاص مذهب سان سڌو واسطو ڪونهي.
    ڪجهه ڏينهن ٿيا، جو حيدرآباد ۾ چؤطرف واڌايون ملي ويون ته “ڪافر” اديبن ۽ سندن رسالن (سنڌي ادبي بورڊ جي) “مهراڻ”، (پاڪستان سرڪار جي) “نئين زندگي”، ۽ (نوجوان اديبن جي پنهنجي) “روح رهاڻ” وغيره جي غيراسلامي ادب جي مقابلي ۾ “اسلام دوست” اديب هڪڙو نج اسلامي ادبي رسالو ڪڍي رهيا آهن. چيوسين شڪر آهي ته دنيا ۾ هڪڙو خالص اسلامي ادبي رسالو نڪتو، جنهن مان اها خبر ته پوندي ته آخر “اسلامي ادب” ڇا آهي. گهڻيءَ مدت کانپوءِ رسالو نڪتو. سڀني سمجهيو ته اسلامي رسالي ۾ ظاهر آهي ته قرآن ۽ حديث، خدا ۽ رسول (صلعم) جون ڳالهيون هونديون، اڪابرين اسلام جا تذڪرا هوندا، صفحي صفحي تي اسلامي نور جا تجلا چمڪاٽ ڏيندا، پر جڏهن رسالو ميدان ۾ آيو، ته سڀني جا وات ڦاٽي ويا. سنڌ ۽ هند بلڪه دنيا جو پهريون سو في صدي نج اسلامي ادبي رسالو سڄو فلمي پرين جي شهوت انگيز تصويرن، سندن حُسن جي قصيدن ۽ عشق جي داستانن سان ڀريو پيو هو. نيٺ ٿورن ئي مهينن کان پوءِ رسالي جي نام نهاد اسلام کي مرڳو ئي خيرباد چوڻو پيو.
    هاڻي، سوال آهي ته جڏهن اهي نام نهاد اسلام دوست اديب پاڻ اهڙيون ڪوڙيون، بي بنياد، فحش شيون، ۽ اخبارون ۽ فحش رسالا ڇاپين ٿا ۽ انهن تي ناز ڪن ٿا، ته پوءِ ڇا اها سراسر منافقي ۽ مڪاري ناهي، جو هو پاڻ کي اسلام جا محافظ، دين جا علمبردار، خدا ۽ رسول تان سر صدقي ڪرڻ وارا سڏائي، ٻين تي ڪفر جون فتوائون عائد ڪن ۽ ٻالن ڀولن مسلمانن کي جوش ڏيارين ته “علمي قرباني ڪريو؟”، “جهاد ڪريو!” يعني ٻين لفظن ۾ نئين دؤر جي شاعرن ۽ اديبن کي قتل ڪريو!
    هاڻي وري اچون “اسلامي ادب” جي سوال تي. فرض ڪريو ته ادب اسلامي ۽ غيراسلامي ٿي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته ان حالت ۾ پاڻ کي اسلامي ادب کپي، غيراسلامي نه کپي. هاڻ اچو ته غيراسلامي ادب کي ڪڍي ٻاهر ڪريون ۽ ڏسون ته پاڪستاني مسلمانن لاءِ ڪهڙو نج اسلامي ادب ٿو بچي، ته اهو رکون ۽ ٻئي تي بندش وجهون. دنيا جي ادبي آسمان جي روشن ستارن- شيڪسپيئر، ڪاليداس، هومر، دانتي، ٽالسٽاءِ، گوئٽي، سقراط، ارسطو، والمڪي، تلسيداس، ڪبير، ميرا ٻائيءَ جو ادب ته پهرئين ڌڪ سان خارج ڪرڻو پوندو. ڇو ته هو عيسائي ۽ هندو هئا. هاڻ وڃي رهيا مسلمان اديب. فردوسيءَ لاءِ محمود غزنويءَ جا درٻاري چوندا هئا ته هو رافضي ۽ آتش پرست هو، اهو به ڪڍي ڇڏيو. غالب ۽ خيام بدنام شرابي هئا. اهي به ڪڍو. اقبال به مغرب زده هو. ان تي به ڪفر جون فتوائون نڪتل هيون، پر ان کي هاڻ سرڪار نامدار عظيم شاعر تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو ڇڏيون ٿا.
    هاڻي اچون ٿا ٻيءَ منزل تي. اسلام جا ٻه مکيه فرقا آهن. شيعا ۽ سُني. فارسي ۽ ايراني شاعر گهڻو ڪري شيعا هئا. سنڌ ۾ اڪثريت سُنين جي آهي، جي شيعن جي عقيدن کي غلط بلڪه ان کان به ڪجهه ٻيءَ طرح ٿا سمجهن. ان ڪري اڪثر ايراني شاعرن کي، سُني عقيدي موجب، اسلامي شاعر ڪين ڪوٺي سگهبو. ساڳيءَ طرح شيعه مسلمانن لاءِ وري سُني شاعري ۽ اديب صحيح معنيٰ ۾ اسلامي شاعر ۽ اديب ڪين ٿي سگهندا. تنهن ڪري چٽائيءَ لاءِ هر ڪنهن ادبي تخليق جي مٿان عنوان سان گڏ لکڻو پوندو “اسلامي غزل (سُني)”، “اسلامي افسانو (شيعه)”. اڳتي هلي شايد ٻين فرقن جي ديني عقيدن مطابق ادب پيدا ڪرڻ جي ضرورت پوي ۽ هن قسم جا عنوان ڏيڻا پون: “اسلامي وهابي ناول”، “اسلامي اسماعيلي بيت”، “اسلامي الحديث ڏوهيڙا”، “اسلامي اهل قرآن ناولٽ”، “اسلامي قادياني آزاد نظم”، “جماعت اسلامي ناٽڪ” وغيره وغيره.
    قصو رڳو اتي ختم ڪونه ٿيندو. هڪ ڀيرو ادب کي اديب جي ديني عقيدن جي بنياد تي تورڻ شروع ڪيو ويو، ته پوءِ هيءُ به فيصلو ڪري ڇڏڻو پوندو ته شاهه لطيف، سچل، بيدل، شاهه عنايت، بابا فريد وغيره ڪهڙن عقيدن جا هئا، ڇو ته جي لطيف سائين سُني هو، ته پوءِ ظاهر آهي ته شيعن، وهابين ۽ ٻين فرقن جي مسلمانن جي لاءِ سندس تخليق ڪيل ادب غلط بلڪه غيراسلامي ليکبو ۽ هو فقط پنهنجي هم عقيده سُنين جو شاعر ليکبو. اهڙيءَ ريت گذريل سڀني شاعرن ۽ اديبن جي عقيدن جي جاچ ڪرڻي پوندي. اهو فيصلو ڪبو ته هو ڪهڙي فرقي جا شاعر ٿيڻ جا مستحق آهن.
    اسان مٿي ڏسي آيا آهيون ته مڪار، مُنافق ۽ جعلي تنقيد جي آئيني ۾ لطيف جهڙو بي مثال ۽ لافاني حق پرست شاعر به دهريو، ڪميونسٽ ۽ ڦريل نظر اچي سگهي ٿو. اسان عربي ۽ فارسيءَ جي نامور شاعرن جا ڪي شعر ڏٺا آهن، ته اهي به اهڙا آهن، جن تي ڪٽر مذهبي خيال کان جائز يا ناجائز هجڻ جي نڪته چيني ٿي سگهي ٿي.
    لاڙ ۾ پهاڪو آهي ته فلاڻو “سُري به ٿو، ٽپي به ٿو!” جعلي ۽ مصنوعي “اسلام دوست” نقاد نون اديبن جي بلڪل سنون سڌن شعرن ۽ لکيتن کي غيراسلامي سڏين ٿا، پر جڏهن چئجين ٿو ته “ٻيلي! اهي معمولي شاعراڻيون ڳالهيون آهن، انهن ۾ ڪابه بي ديني ۽ بداخلاقي ڪانهي، اهڙيون ڳالهيون سعدي، حافظ، رومي ۽ لطيف به چيون آهن”، ته وريو وٺيو مڪريل ۽ تيرنهن تالين رنن واري پِٽَ ۽ ماتم وجهن ته “ڏسو! ڏسو! هي بي دين صوفين ۽ درويشن جي شان ۾ گستاخي ٿا ڪن!” حالانڪه گستاخي، بي ادبي ۽ بدتميزي ته اها آهي ته جيڪي ڳالهيون عظيم شاعر عام طرح چون ٿا، اهڙي قسم جي شاعراڻين ڳالهين کي هي جاهل بداخلاق ۽ غير شرعي ٺهرائين ٿا! بهرحال اچو ته انهيءَ معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڇڏيون.
    پهريون سوال آهي ته ڀلا اسين انهن عظيم شعرن جو ادب ڇو ٿا ڪريون؟ هڪڙي ڳالهه ته صاف آهي ته رومي، سعدي، حافظ، خسرو، لطيف، سچل وغيره نعوذ بالله، خدا نه هئا، پيغمبر نه هئا، ملائڪ نه هئا، معصوم نه هئا، نڪي نُور مان بڻيل هئا. هو هن ڌرتيءَ جي خاڪ مان ٺهيل خاڪي ۽ خاطي انسان هئا.
    ساڳيءَ طرح بنيادي طور هو نه مفسر هئا نه محدث، نه فقيه ۽ نه مفتي، فقه جي معاملي ۾ اهي سمورا شاعر ابو حنيفه، ابو يوسف، امام حنبل جي مقابلي ۾ ڪجهه ڪونه هئا. تفسير، حديث شريف ۽ ٻين علمن جا استاد به ٻيا هئا. هو ڪونه هئا. پير، ولي ۽ صوفي هجڻ جي سلسلي ۾ کانئن ٻيا وڏا ولي صوفي پيا آهن. پيران پير دستگير بادشاهه، غوث بهاؤالحق، خواجه اجميري وغيره اوليائن جا جيترا مريد ۽ معتقد روءِ زمين تي موجود آهن، انهن جي مقابلي ۾ سعدي، حافظ يا خود لطيف ۽ سچل جي مريدن جو تعداد بلڪل ٿورو ۽ نه برابر آهي. نه وري هو ڪي ممتاز عالم هئا. ظاهر آهي ته بو علي سينا، الفارابي، ابن خلدون، ابن رشد، غزالي وغيره مسلمان عالم پنهنجي پنهنجي علم جي جيڪا اٿاهه ڄاڻ رکندا هئا، تن جي مقابلي ۾ لطيف، سچل، حافظ، سعدي ۽ رومي بلڪل طفل مڪتب هئا. هو پنهنجي پنهنجي زماني جا خالد بن وليد، محمد بن قاسم، طارق جهڙا مجاهد ۽ اسلامي جنرل به ڪونه هئا. نڪي بادشاهه ۽ خليفا هئا. نڪي وري هنن ڌارين ملڪن ۾ تبليغون ڪري ڪافرن کي مسلمان ڪيو.
    ته پوءِ ساڻن ايڏو پيار ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ هو ڀلا ڪهڙي ڳالهه ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي ممتاز آهن؟
    هو ان ڪري ممتاز آهن، جو هو سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان پوءِ عظيم شاعر ۽ ڏات جا ڌڻي هئا. اها شيءِ جا وٽن هئي ۽ امام ابو حنيفه، پيران پير دستگير عليه الرحمت، خواجه اجميري، محمد بن قاسم، بوعلي سينا، غزالي ۽ ابن رشد وٽ ڪانه هئي، سا آهي سندن شعر جي ڏات. خالص شاعراڻي حيثيت ئي اهو پيڙهه جو پٿر آهي، جنهن تي سندن لافاني عظمت ۽ ابدي ناموس جا رنگين ۽ خوبصورت محلات اڏيل آهن.
    عظيم شاعر عظيم انسان هوندا آهن، پر پوءِ به انسان هوندا آهن. انسان جي دل هڪ اٿاهه سمنڊ آهي. جنهن ۾ قسمين قسمين لهرون اُٿن ٿيون. عظيم شاعرن سڀ شيون هڪڙي قسم جون نه چيون آهن، نه ته عظيم نه ٿين ها. هنن انسانن جون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ نه ملائڪن جون. تنهن ڪري سندن شاعريءَ ۾ انساني بلندين توڙي پستين، عظمتن توڙي ڪمزورين، خوبين توڙي براين جو عڪس آهي. ازانسواءِ هو پاڻ به انسان هئا ۽ نه ملائڪ، سندن سوچ به انسانن جي هئي ۽ نه ملائڪن جي. تنهن ڪري هنن رڳو تسبيح ۽ تحليل نه ڪئي آهي پر انسانن جي دلچسپيءَ جون ڳالهيون به ڪيون آهن. پيار جون، عشق جون، شوخيءَ جون، شراب جون، ڪارين ڪڪوريل اکين جون، جوڀن جي ڏينهڙن جون، چندن سان چڪ ٿيل چوٽن جون، ناز ۽ نياز جون، پيار ۽ نفرت جون، آس ۽ پڇتاءَ جون، فريبي مُلن جون، ظالم حاڪمن جون، مهانگي لاءِ ميڙيندڙن جون، ڏيهه جي ڏڪارين موذين جون، وغيره وغيره. پر انهيءَ جي اها معنيٰ ڪانهي ته هو مسلمان ڪونه هئا، سندن شاعريءَ تي اسلام جو اثر ڪونه هو يا هنن پنهنجي دين جي خدمت ڪانه ڪئي. ايئن برابر آهي ته هنن مُلا جي خدائي فوجداري مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، واعظ جي ڄاڙي بازيءَ جو ڀانڊو ڦاڙيو آهي، قرآن کي شڪار جو ڦندو ڪري ڪتب آڻيندڙن تي ملامت وسائي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاٺ مُلان جي چيلي بڻجڻ کان سواءِ مسلمان ٿي نٿو سگهي، ته پوءِ انهن شاعرن جي مسلماني برابر خطري ۾ آهي.
    پر جيڪڏهن اسلام دنيا جي سمورن انسانن واسطي آهي ۽ صرف چند شخصن جو ٺيڪو نه آهي، جيڪڏهن اسلام پيار، محبت، صلح، نيڪي، رحم، عدل، همدردي، حق پرستيءَ جو مذهب آهي، ته پوءِ هنن شاعرن پنهنجي عظيم انساني شعرن سان جيڪا خدمت ڪئي آهي، تنهن تان هزارها مجاهدن، عالمن، فيلسوفن ۽ اڪابرن جي عظمت به قربان آهي. هو نه صرف اسان نالي جي مسلمانن جا شاعر هئا، پر بني نوع انسان جا شاعر ۽ انسانيت جا عظيم فرزند هئا. درحقيقت هو عظيم مسلمان انهيءَ ڪري هئا، ڇاڪاڻ ته هو اول عظيم ۽ پيارا انسان هئا، جن مذهب کي ماڻهن ڦاسائڻ جي سرڪڻ ڦاهي نه پر پيار، انساني ڀائپيءَ، خدا ترسيءَ، رحم ۽ عدل جو سرچشمو ڪري ٿي ليکيو. هنن خدا جون ڳالهيون ڪيون آهن، رسول جون ڪيون آهن، دين جون ڪيون آهن، تصوف جون ڪيون آهن، ۽ ان سان گڏ عام انسانن جون، سندن دل جي حال جون، خواهشن جون، خوفن جون، مصيبتن ۽ مسئلن جون به ڪيون آهن، ڇو ته مذهب هنن جي نظر ۾ انسان ۽ سندن مسئلن کان الڳ ناهي.
    اڄوڪي دؤر جا شاعر به انهن عظيم شاعرن جي نقش قدم تي آهن ۽ سندن عظيم روايتن کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


    (16)

    ملان مٺو ماءُ پتو ڦٿو پيٽ ۾،
    سڃاڻي الله ٽٻي ڏنائِن ڌوڙ ۾.

    (شاهه لطيف)

    پاڪستان دنيا جي پوئتي پيل ملڪن مان هڪ آهي. اسين 90 سيڪڙو بي علم آهيون. غريب ۽ مفلس آهيون، جن کي پنڻ کان پڙهڻ ياد ڪونهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته حالت ٻين علائقن کان به بدتر آهي. چوندا آهن ته مصيبت ايندي آهي ته اڪيلي ڪانه ايندي آهي. ٻارن ٻچن سان ايندي آهي. رڳو بي علمي ڪانهي، پر غريبيءَ ۽ جهالت جي ڪلراٺيءَ ۽ پوسل واري زمين ۾ جيڪي مرض ۽ جيوڙا هميشه هوندا آهن، سي سڀ آهن- ويساهه وسوڙپ، خوف، اٻوجهائي ۽ هيڻائي، ڦرلٽ ۽ دٻاءُ.
    مروان موت ملوڪان شڪار. پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي اها بدنصيبي ۽ بدحالي ڏسي، گهڻن جو مَڪو مچي ويو آهي. خطره جان نيم حڪيمن، خطره ايمان نيم مُلن ۽ ٺوڳي پيرن جي ٻيگهي متل آهي. شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اٻوجهه ماڻهن ۾، ڄاڙي باز دوا فروش جي لٻاڙ اڳيان پاڪستان ته ڇا پر يورپ جي مسيحا صفت، جراح ڊاڪٽرن جي به دال ڪانه ٿي ڳري.
    اُمت مسلمه جي عظيم ترين علمائن ۽ دين اسلام جي بي مثال علمبردارن- مولانا محمد علي، عبيدالله سنڌي، جمال الدين افغاني، جن پنهنجون زندگيون مسلم قوم جي نجات لاءِ وقف ڪري ڇڏيون، تن جي 99 سيڪڙو ماڻهن کي خبر ئي ڪانهي ته ڪهڙي باغ جون موريون هيون. جي هاڪ ۽ ڌاڪ آهي ته ڳوٺ جي تعويذ فروش مُلان ۽ شعيي سُنيءَ جا جهڳڙا ڪرائيندڙ فتوا باز جي، ڌمال ڪري جن ڪڍندڙ ڀوپي جي، چلو ڪڍي پُٽ ڏيندڙ پير جي. هتي هر شيءِ اُبتي آهي. آفيسر کان پٽيوالي جي آڪڙ وڌيڪ، ايس.پي ته کڻي ڇڏي، پر پوليس واري ۽ پڳيءَ جي ٽيپ ڪير جهلي؟ ڪورٽ ته ضامن کنيو، پر ڪلارڪ جي کڻي! ماڻهن جي جهالت ۽ مفلسيءَ مان جاوا ڪندڙ، مٿڀرا گهمندڙ شخص، علم ۽ سمجهه، سچ ۽ نيڪيءَ، عدل ۽ انصاف، فضل ۽ ڪمال، ڏاهپ ۽ ڏات کي پنهنجو جاني دشمن ٿا سمجهن. آهن به حق تي. ماڻهن کي جيڪڏهن ڪوئنين ۽ پنسلين جهڙن يڪ ٽڪ ۽ سستين دوائن جي فائدن جي خبر پئجي وڃي، ته دوا فروش مسيح الملڪن، ڀوپن، تعويذ فروش مُلن ۽ ڦيڻا ڦوڪارا هڻي علاج ڪندڙ پيرن ۽ نيم حڪيمن جو ڀونگو برابر ڀنگ ٿي ويندو.
    ماڻهو جيڪڏهن انساني عقل ۽ دماغ جي عظيم ڪارنامن کان واقف ٿي وڃن، علم جي دولت سان مالامال ٿي وڃن، روءِ زمين ۾ جيڪي وهي واپري پيو، تنهن جي ڄاڻ رکن، ته پوءِ آڪڙباز وڏيري، ڦورو ڪاموري، ٺوڳي پير، فتويٰ فروش مُلان، قوم فروش سياستدان جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟
    انهيءَ ڪري اوندهه ۾ شڪار ڪندڙ وحشي بگهڙن جو ٽولو، رڍن جو کلون اوڍي، “اسلام” “اسلام” جا نعرا هڻندو، بتال ٿي، ملڪ ۾ هميشه ڊوڙندو رهي ٿو. هي اُهي هستيون آهن، جن “ختم نبوت تحريڪ” جي نعري هيٺ پنجاب ۾ مسلمانن جا ڪُوس ڪرايا هئا ۽ مارشل لا لڳرائي هئي. پاڪستان جي چيف جسٽس، منير، جي اڳواڻيءَ هيٺ هن فتنه بازن جي مچايل فسادن بابت جيڪا تحقيقاتي ٽربيونل مقرر ٿي هئي، تنهن سندن ڳالهين کي چڱيءَ طرح بي نقاب ڪيو هو.
    سنڌ، سندس ٻولي، ثقافت، تمدن هنن پيشه ور فسادين ۽ گُرگُ شڪارين جي نظر ۾ ڪجهه به ڪونهن.
    سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن خلاف هلندڙ سازش ۾ جيڪي سنڌي مير جعفر ۽ مير صادق اڄ جهل نٿا ڏين، سي درحقيقت انهن وڏن گُرگُ ۽ چالباز بگهڙن جا ننڍڙا ساٿي بڻجي ڪم ڪن ٿا.
    هيءَ فقط شروعات سنڌيءَ سان آهي. اڄ سنڌي ادب ۽ اديب خراب آهن، سنڌي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ۽ شاگرد خراب آهن، سنڌي اخبارون خراب آهن، سڀاڻي سنڌ جي سمورن مطالبن ۽ گهرن، حقن ۽ حقوق کي غيرشرعي ، غيراسلامي قرار ٺهرائي، سنڌ جو گلو گهُٽيو ويندو.
    تاريخ ڏيکاري ٿي ته هڪ ڀيرو ڪنهن کي خدائي فوجدار بڻجڻ ڏنو ويو، هڪ دفعو نسل، مذهب يا ڪنهن نعري جي فريب ۾ اچي ڪنهن قوم پاڻ کي اهڙي قسم جي ڊڪٽيٽريءَ جي چنبي ۾ ڏنو، ته پوءِ هميشه لاءِ سندس قسمت تي بدبختيءَ جي مهر لڳيو وڃي.
    هي ٻگهلا ڀڳت، جيڪي اڄ “اسلام، اسلام” ڪريو ڦاٽيو ٿا پون، انهن اسلام جي نالي ۾ هر شريف انسان کي ڏنگيو آهي.
    تاريخ ۾ اهو ڪهڙو عظيم مسلمان، ڪهڙو قوم جو عظيم فرزند، ڪهڙو باڪمال شخص آهي، جنهن کي هن اسلام جي نالي ۾ تنگ نه ڪيو هجي يا کيس ڪافر نه ٺهرايو هجي.
    اهي ڪير هئا، جن فتوا ڏني هئي ته انگريز حاڪم عادل آهي، کيس لک ولين جي طاقت آهي، ۽ سندس تابعداري ڪرڻ شرعي فرض آهي! اهي ڪير هئا، جن جي فتوا سان بيت المقدس تي گوليون هليون هيون؟ اهي ڪير هئا، جن اسلام جي نالي ۾ هندستاني مسلمانن کي تعويذ لکي ڏنا هئا ته وڃي ترڪ مسلمانن کي ڪُهو ۽ عربن کي انگريزن جو غلام بڻايو؟ اهي ڪير هئا، جن تحريڪ خلافت کي ناجائز ۽ غيراسلامي ٺهرايو هو ۽ انگريز جي چوڻ تي چيديءَ عربيءَ ۽ حديثن ۽ قرآن شريف مان ثابت ڪري ڏيکاريو ته انگريز خلاف جيڪو ڪُڇندو سو ڪافر آهي؟ اهير ڪير هئا، جن مولانا محمد علي، ڪمال پاشا، مولانا آزاد، محمد علي جناح، اقبال کي ڪافر، تڙيل ۽ لعنتي قرار ڏئي، انگريز بهادر وٽ سرخرو ئي حاصل ڪئي هئي؟ اهي ڪير آهن، جي هر سال نه رڳو سنڌ بلڪه سڄي پاڪستان ۾ شيعي، سُني ۽ وهابي، ۽ مقلد، غيرمقلد وغيره جا جهيڙا اُٿاري مسلمانن کي ويڙهائڻ جو ديني فرض ادا ڪندا آهن؟ اهي ڪير آهن، جن هميشه “آمين” دل ۾ پڙهڻ يا زور سان پڙهڻ ۽ نور يا بشر جهڙين ڳالهين جو سهارو وٺي، اُمت مسلمه کي چيري، ٽڪرا ٽڪرا ڪري، کيس دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو آهي؟
    ڪنهن زماني ۾ علماءَ ڪرام جو ڪم هو ڪافرن کي مسلمان ڪرڻ“ مسلمانن کي کير کنڊ ڪرڻ، اسلام کي رحمت جو سايو ثابت ڪرڻ، اهڙا شريف، نيڪ نيت ۽ پُرخلوص عالم هر دؤر ۽ هر زماني ۾ موجود رهيا آهن ۽ رهندا، پر هي ٻيا وري مسلمانن کي ڪافر بڻائڻ وارا آهن. هي ويڙهائڻ، ڌار ڪرڻ، فتني پيدا ڪرڻ وارا نام نهاد اسلام پسند ۽ اسلام دوست آهن، جن جي ڪتاب ۾ صرف هڪڙو اکر لکيل آهي. “فتنو‘” اقبال ويچاري کي به اهڙا سور ڏنائون جو رڙيون ڪندو ويو:
    دين ملا في سبيل الله فساد!
    جماعت اسلامي جا چوڌرا اڄ سنڌ ۾ اسلام جي حالت تي پار ڪڍي پيا روئن ۽ سنڌ سان وڏيون همدرديون پيا ڏيکارين، پر هو ان وقت ڪٿي هئا، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ مان نيڪالي ٿي ملي؟ غلام محمد بئراج جي زمين جي پاليسيءَ بابت لکها مسلمان هارين ۽ کاتيدارن کي جيڪي سور آهن، تنهن بابت سندن زبان مان هڪڙو اکر به نه نڪتو. سنڌي عوام اڳيان تعليم، روزگار، نوڪرين، سياسي حقن جا جيڪي مسئلا آهن، تن بابت سنڌ جا هي همدرد ڇو هيستائين چپن کي چُنو لايو ويٺا آهن؟ ڇا سنڌ سان همدردي رڳو سنڌي نوجوانن تي ڪفر جي فتوائن ڪڍڻ تائين محدود آهي ۽ بس؟
    ٻُڌو اٿئون ته حيدرآباد جي هڪڙي سياسي بزرگ کي به سنڌ جي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي آهي، ۽ هو صاحب خيرن سان سنڌيءَ جي الف ب به ڪونه ڄاڻي، پر سنڌ ۾ “سڀ چلتا هي”. هتي “ڪڇ ۾ پڇي به ڪونه، سنڌ ۾ والٻائي” وارو حساب آهي. جيڪو گهر کان رسي، سو سنڌ جي ڪنهن به ڳالهه تي فتوا ٺوڪي سگهي ٿو.
    هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي قابل آهي ته اُن صاحب ۽ جماعت اسلاميءَ جي چوڌرين اردو ادب بابت هڪ اکر به نه ڪُڇيو آهي. ان جو سبب اهو ڪونهي ته هو اردو ادب کان ڪورا آهن ۽ سنڌيءَ جا عالم فاضل آهن، ڇو ته اهڙن ماڻهن کي “ڄاڻ” ۽ “خبر” جي ڪابه ضرورت ڪانهي، هو گهر ويٺي مريخ ۽ چنڊ جي بناوت، ائٽمي پرماڻن جي طاقت، هٽلر جي جنگي پاليسيءَ، سوا هلي ٻوليءَ جي گرامر مطلب ته ڪنهن به شيءِ تي في سبيل الله ڪهڙو به بيان ٺوڪي سگهن ٿا.
    پر سبب اهو آهي جو اردوءَ جا ڌڻي ڌوڻي ويٺا آهن. اردو ادب بابت هي هڪڙو اکر ڪڇن ها، ته جيڪر کين هڪدم لغام ڏنو وڃي ها ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ هنن جاهلن جي دست اندازيءَ خلاف اهو طوفان مچي وڃي ها، جو کين ڀڄڻ جي ڀيڻي ڪانه ملي ها. ازانسواءِ اردو ادب ۾ کين اهڙا هڪيا تڪيا مير جعفر ۽ مير صادق به نه ملن ها، جهڙا هتي اسان وٽ موجود آهن. تنهن ڪري هنن جي مُرلي اردوءَ بابت ته بند آهي. باقي رهي سنڌي، سا ته جڳ جي جوءِ آهي. چوندا آهن ته “ڏاڍي تي بڇيانس ته اُٿي ئي نه، هيڻي کان جهليانس ته جهل ئي نه ڏئي” سو سنڌ بابت ته هي جهليا جهل ئي نٿا ڏين، پر کين ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جو باشعور طبقو هاڻي اهو ڪونهي جهڙو هي سمجهن ٿا. سنڌ جو عوام هاڻي نعري باز ۽ بيان باز مدارين جي ڊيٻڪيءَ تي ڀولڙي وانگر نچڻ لاءِ تيار ڪونهي. اهو پنهنجن حقن، مفادن، مسئلن کي سمجهي ۽ پروڙي ٿو.
    سنڌ جو تعليم يافته طبقو هاڻي بي ضمير ۽ مطلبي فتوائن جي وڪڙ ۾ اچڻ کان چار ڏينهن وڏو ٿي ويو آهي. محب وطن سنڌي هر قيمت ۽ هر صورت ۾ سنڌ ۽ پاڪستان کي هڪ روشن خيال، آزاد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن. کين اها به خبر پئجي چڪي آهي ته اسلام ڪنهن جي زرخريد ملڪيت ڪانهي. ان جو ٺيڪو ڪنهن کي به مليل ڪونهي. اهو پاڪستان ۽ دين جي ڪروڙها مسلمانن جي مشعل راهه آهي، ۽ نه ڪن چند ٺڙڪو مُلن ۽ بليڪ ميلرن جي جاگير.
    جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
    مون ڪر اڳي نه ڪيو اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوار سان.

    (شاهه لطيف)


    (17)

    پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار م مون،
    مون ۾ آهين تون متان تنهنجو ئي توکي لڳي!

    (شاهه لطيف)

    اڄ سڄيءَ دنيا جون قومون اها ڳالهه تسليم ٿيون ڪن ته ادب قومن جي صحت ۽ واڌاري لاءِ هڪ لازمي خوراڪ آهي. سچائيءَ، حب الوطنيءَ ۽ انسان دوستيءَ تي ٻڌل زنده، بي خوف ۽ بي رِيا ادب کان سواءِ ڪابه قوم زنده سڏائڻ جي حقدار ڪانهي. ازانسواءِ زنده قومون پنهنجي پراڻي توڙي نئين عظيم ادب کي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ٿيون. انگلينڊ نه رڳو 16هين صديءَ جي شيڪسپيئر تي ناز ڪري ٿو، پر هن دؤر جي ‘ماهم’ ۽ ‘ايليٽ’ کي به احترام جي جاءِ تي ويهاري ٿو. گوئٽي جي جرمنيءَ ۾ برٽولڊ ۽ ٿامس مئن لاءِ عقيدت جي گنجائش آهي. عظيم ٽالسٽاءِ جي وطن روس کي پنهنجي اڄوڪن عظيم اديبن، شولوخوف ۽ اهرنبرگ تي به فخر ۽ ناز آهي. غالب ۽ مير جا پرستار فيض ۽ جوش جي قدر ۽ قيمت کان به واقف آهن.
    اڄ فيض ۽ جوش خود سرزمين سنڌ ۾ ڪنهن ٽنڊي محمد خان جهڙي ننڍي شهر ۾ قدم رکن ٿا، ته پان وڪڻندڙ اردو ڳالهائيندڙ کان وٺي سي ايس پي آفيسرن تائين سڀ سندن پيرن ۾ پنبڻيون وڇائين ٿا. هو اهو نٿا ڏسن ته حضرت جوش، پنڊت نهروءَ جو خاص دوست هو، يا فيض تي راولپنڊي سازش جي بغاوت جو مقدمو هليو هو. هو سندن ڪردارن ۽ نظرين جي آپريشن نٿا ڪن. هو رڳو اهو ڏسن ٿا ته اردو زبان ههڙا لازوال ۽ بي مثال شاعر وري الائي ڪڏهن پيدا ڪري! اها فقط سنڌ جي بدبختي آهي جتي، “ڪُٽ ڍڳي جو ماءُ ڀيڻ سان خار” وانگر، پنهنجي کي چاڙهڻ بدران ڪيرائڻ فرض سمجهيو وڃي ٿو. پنهنجن خلاف بهتان طرازي ۽ چغلخوريءَ ۾ مير جعفر ۽ صادق جي رڪارڊ ٽوڙڻ تي فخر ڪيو وڃي ٿو.
    اڄ سنڌ کي پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي ثقافت، پنهنجي اقتصادي حقن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ٻڌيءَ ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ههڙي وقت ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙن جي صفن ۾ ڦوٽ وجهڻ، انهن جو ڌيان سنڌ جي اصل مسئلن تان هٽائي کين تفرقي بازيءَ جي اوجهڙ ڏانهن ڌِڪڻ، کين پنهنجن هڏڏوکي ۽ دلير ۽ روشن خيال نوجوان نسل کان بدظن ڪرڻ، پنهنجي ادب جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ- اهي اهڙا تاريخي جرم آهن، جي ڪابه زنده ۽ سجاڳ قوم ڪڏهن به برداشت نه ڪندي. اهڙن وطن دشمن ماڻهن کي اڄ کڻي ڪيڏو به ڊگهو رسو ڇو نه هجي، کين في الحال کڻي ڪهڙيون به “ڪاميابيون” ڇو نه نظر اچن پر سنڌ جي تاريخ ۾ سندن ذڪر سياه اکرن ۾ ڪيو ويندو ۽ ايندڙ نسل مٿن ڦٽ لعنت ڪندا.
    انهن مان ڪي ته بلڪل لاعلاج آهن. وڇونءَ وانگر هو پنهنجي فطرت کان مجبور آهن. هو ڪهڙي به دؤر ۾ هجن ها، ڪهڙي به ملڪ ۾ هجن ها، ضرور ڪانه ڪا چغلخوري، ڪانه ڪا فتنه انگيزي، ڪانه ڪا وطن دشمني ڪن ها. پنهنجن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني ڏنگين ها، پر ڪيترا اهڙا به آهن، جن کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيا ڪن. هو فقط نعري بازيءَ جو شڪار ٿين ٿا. اهڙن بي خبرن کي ٻه اکر عرض ڪرڻ تي دل چوي ٿي:
    دوستو، ڀائرو! سنڌي ادب کي اڄ دنيا جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي ادب جي معيار تي آڻڻ لاءِ سوَن، هزارن اديبن، شاعرن، محققن ۽ لکندڙن جي ضرورت آهي. توهان ۽ اسان سڀئي پنهنجي مٺڙي وطن جي پرت جا پانڌيئڙا آهيون. جنهن کان جيترو پڄي، اهو اوتري وِک کڻي.توهان کي اَياز ۽ امداد جي شاعري پسند ناهي، جمال ۽ جليل جا افسانا نٿا وڻن، گراميءَ ۽ جويي جا مقالا ۽ مضمون پنهنجي معيار جا نٿا لڳن، ته فڪر ناهي. پاڻ سُٺو. توهان پنهنجي پسند تي انهن کان بهتر، سُٺا ۽ وڌيڪ صحتمند شعر، افسانا ۽ مضمون لکو. جيڪي غلطيون هو ڪن ٿا، سي توهان نه ڪريو. بهتر شيون ميدان ۾ موجود ڏسي، ڪوبه گهٽ شيءِ قبول نه ڪندو. توهان به رسالا ڪڍو، مشاعرا ڪريو، جشن ملهايو، اها ئي وطن جي خدمت آهي. اهو ئي صحيح طريقو آهي غلطين کي درست ڪرڻ جو. کوٽي ۽ کري جي پرک به ايئن پوندي. ادبي اختلافن جو فيصلو به ايئن ٿيندو رهيو آهي. سرڪار نامدار کي ٻيا به گهڻا ڪم آهن. اهو ان جو فرض نه آهي ته ويهي فيصلا ڪري ته فلاڻي جو غزل سُٺو يا فلاڻي جو. فلاڻو کرو اديب يا فلاڻو کوٽو. نه ئي وري اديبن جي شان وٽان ئي اها ڳالهه آهي ته کين جيڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ داد نه ملي، ته سڌو وڃي ٿاڻي تي رپورٽ ڪن ته فلاڻي شاعر کي ڪاٺ ۾ وجهو، جو انهيءَ ڪري مون کي داد نٿو ملي.
    اڄ سنڌي ادب کي نوجوان خواه بزرگ هر قسم جي اديب جي ضرورت آهي. اچو ته ادب دشمنيءَ ۽ وطن دشمنيءَ جو تڏو پٽي، سڀ گڏجي، ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي، وطن ۽ قوم جي خدمت ڪريون. اچو ته قلم جي لڄ رکون ۽ لاکيڻي لطيف جي هدايت تي عمل ڪريون.

    وڳر ڪيو وطن پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻهونئا ميٺ گهڻو!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340593
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ