ڪتاب جو نالو: پٿر تي ليڪو
مصنف: نجم عباسي
ڇپائيندڙ: زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1973
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 24 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 663 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 328 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
” پٿر تي ليڪو “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جي چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 1973ع ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
سنڌيءَ ۾ اهڙي طرز جي لکندڙن ۾ اسان جو نامور اديب، ڊاڪٽر نجم عباسي، به هڪ نمايان جڳهه والاري ٿو. پاڻ پاءُ صديءَ کان وٺي افسانا لکندو رهي ٿو، جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڙهندڙن کان تحسين حاصل ڪري چڪا آهن. انهن جو هڪ مجموعو ”طوفان جي تمنا“ شايع ٿي چڪو آهي، ۽ هي ”پٿر تي ليڪو“ ٻيو مجموعو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • بابي سائين حاجي الهه آندي خان جي ياد ۾
  • منهنجو ٻيو ڪتاب
  • مهاڳ : محمد عثمان ڏيپلائي
  • قدمن چمڻ لاءِ
  • پٿر تي ليڪو
  • ڇوٽڪاري جي واٽ
  • قلب اندر ڪعبو
  • پيٽ، دل ۽ پيار
  • سنڌي ساهرا
  • اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻي
  • جمن موچيءَ جي شادي
  • توکي مرڪندو ڏسان
  • يارهن ٽڪيون
  • امين گل
  • ضدي
  • ڪهاڻيءَ جي تلاش
  • جٺ
  • پير جو لوڻ
  • طوفان ۽ ڏيو
  • ڀوت
  • ڪرامت
  • ڪراچيءَ جا ميزبان
  • نه گهر جو، نه گهاٽ جو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (232) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪهاڻين جو هي ڪتاب ” پٿر تي ليڪو “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جي چونڊ ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 1973ع ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
    سنڌيءَ ۾ اهڙي طرز جي لکندڙن ۾ اسان جو نامور اديب، ڊاڪٽر نجم عباسي، به هڪ نمايان جڳهه والاري ٿو. پاڻ پاءُ صديءَ کان وٺي افسانا لکندو رهي ٿو، جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڙهندڙن کان تحسين حاصل ڪري چڪا آهن. انهن جو هڪ مجموعو ”طوفان جي تمنا“ شايع ٿي چڪو آهي، ۽ هي ”پٿر تي ليڪو“ ٻيو مجموعو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    بابي سائين حاجي الهه آندي خان جي ياد ۾

    بابي سائين حاجي الهه آندي خان
    جي ياد ۾
    جنهن جو تعليم سان عشق هو؛
    جنهن ماستريءَ جهڙي معمولي پگهار واريءَ نوڪريءَ هوندي، پاڻ بکون ڪاٽي به، ستن پٽن ۽ ڀائٽين کي اوچي تعليم ڏياري، جن مان اڄ هڪ فوج ۾ ڪرنل آهي، هڪ ميجر آهي، هڪ ڊاڪٽر آهي، هڪ آفيس سپريٽينڊنٽ آهي، هڪ سروير آهي ۽ ٻه ماستر آهن؛
    جنهن جي اڻٿڪ ڪوشش ڪري، اسان جي ڳوٺ خانواهڻ ۾ انگريزي اسڪول جو پايو پيو، ۽ جو اڄ هاءِ اسڪول آهي.
    جنهن پاڙي وارن ۽ ڳوٺ وارن کي گهڻي کان گهڻيءَ تعليم حاصل ڪرڻ تي همٿايو، ۽ پاڻ ماستر جي حيثيت ۾ پوري محنت، محبت ۽ ايمانداريءَ سان شاگردن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو.
    جنهن، منهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻي ”ڪرامت“ جي آخري پئرا پاڻ لکي، تعليم جي ’ڪرامت‘ کي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چٽو ڪيو.


    - نجم عباسي


    منهنجو ٻيو ڪتاب

    منهنجي هن ٻئي ڪتاب ۾ به ڪهاڻيون آهن. مان اهڙين ڪهاڻين لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان جي سمجهڻ ۾ سوليون هجن ۽ جن ۾ دلچسپيءَ جي زنجير ڪٿي به نه ٽٽي.
    ننڍيءَ ڪهاڻيءَ جا موضوع ٿين ٿا: عام ماڻهن جي زندگي، سماج جون ريتون رسمون، ديس وارن جا مسئلا، غريبن ۽ مسڪينن جا احساس ۽ امنگ، مظلومن جون آهون ۽ دانهون، ظالمن ۽ پرمارن جون عام خلق تي ڏاڍايون ۽ عقوبتون ۽ ٻيا.
    انڪري، جهڙيءَ طرح تاريخ بادشاهن، سلطانن، راجائن، حاڪمن، خليفن ۽ نبين جي ذڪر جو دستاويز هوندي آهي، اهڙيءَ طرح ڪهاڻي ان دور جي ”عوامي تاريخ“ آهي. بادشاهن ۽ حاڪمن جي تاريخ لکڻ ۾ گهڻو ڪري پاسخاطريءَ، خوشامد، وڌاءَ ۽ تعصب کان ڪم ورتو ويندو آهي؛ پر عوامي تاريخ (ڪهاڻيءَ) ۾ حقيقي حالتون درج ڪيون وڃن ٿيون.
    مثال طور، ايندڙ وقت ۾، هتي جي هاڻوڪن وزيرن، گورنرن، حاڪمن ۽ سياسي اڳواڻن جي حالتن ڄاڻڻ لاءِ ماڻهن کي ”سنڌ جي تاريخ“ پڙهڻي پوندي، پر هنن کي اڄوڪن عام سنڌين جي احساسن، جذبن، سماجي حالتون ۽ ذهني سوچ جي صحيح تصوير فقط اڄڪلهه جي ”ڪهاڻين“ ۾ ئي ملي سگهندي.
    مون به ”عوامي تاريخ“ لکڻ ۾ حصو پئي ورتو آهي.
    مون کي پنهنجي اڳئين ڪتاب مان آزمودو ٿيو آهي ته سنڌيءَ جا نقاد اديب تمام ٿورا آهن؛ ۽ جي آهن، سي مصلحتن، مجبورين يا ٻين سببن ڪري، ڪتاب جي اڀياس تي محنت ڪري، ليکڪ ۽ ٻين اديبن ۽ عام پڙهندڙن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ وقت نٿا ڪڍن.
    انڪري منهنجو هر پڙهندڙ کي عرض آهي ته هو هن ڪتاب پڙهڻ بعد، پنهنجي ويچارن کان مون کي واقف ڪري. ان لاءِ مان پنهنجو پورو سرمانو هيٺ درج ڪري رهيو آهيان.


    نجم عباسي
    سرنامو
    گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.


    مهاڳ : محمد عثمان ڏيپلائي

    ”ادب“ ڇا آهي؟ لغوي معنيٰ کڻي ڪهڙي به هجي، پر عملي طرح ادب چئبو آهي، اهڙن موزون لفظن کي جي نثر يا نظم ۾، نهايت سهڻي انداز سان، پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي دل ۾ اها ڳالهه چڱيءَ طرح وهارين، جا هن کي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ گهربل آهي. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته اهڙي قسم جي اديبن ۽ شاعرن جي هڪ فقري يا هڪ شعر ڪيترن شخصن ۽ قومن جي زندگي بدلائي ڇڏي هوندي.
    سنڌيءَ ۾ اهڙي طرز جي لکندڙن ۾ اسان جو نامور اديب، ڊاڪٽر نجم عباسي، به هڪ نمايان جڳهه والاري ٿو. پاڻ پاءُ صديءَ کان وٺي افسانا لکندو رهي ٿو، جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڙهندڙن کان تحسين حاصل ڪري چڪا آهن. انهن جو هڪ مجموعو ”طوفان جي تمنا“ شايع ٿي چڪو آهي، ۽ هي ”پٿر تي ليڪو“ ٻيو مجموعو آهي.
    هن مجموعي ۾ جيڪي افسانا ڏنل آهن، تن کي موضوع جي لحاظ کان هيٺين قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
    هڪڙا، مڪار ۽ چالاڪ مرشدن جي خوب قلعي کولين ٿا، ۽ اهو منهنجو به هڪ سڀ کان اهم ۽ محبوب موضوع آهي، ڇو ته منهنجي خيال موجب دنيا ۾ اڄ تائين مڪار ۽ چالاڪ مرشدن جهڙي خطرناڪ ڪا به ٻي مخلوق پيدا نه ٿي آهي. زهري جيتن ۽ خونخوار جانورن کان ته ماڻهو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي جو هو انهن کي پڪ سان خطرناڪ سمجهي ٿو، پر مرشدن جي طبقي طرفان اهڙو ته مڪاريءَ جو ڄار پکڙيل هوندو آهي، جو دل ۽ دماغ کي انهيءَ حد تائين مفلوج ڪري ڇڏي ٿو، جو ماڻهو از خود وڃي ٿو سندن ڄار ۾ ڦاسي، ۽ سندن براين کي به اندروني طرح چڱائي سمجهي ٿو، ۽ هنن طرفان جيڪو سندن مال، اولاد ۽ عزت تي ڌاڙو لڳندو رهي ٿو، ان کي به پنهنجي سڀاڳائي سمجهي ٿو، بلڪه ڪڏهن ته اهو به باور ڪرڻ لڳي ٿو ته اها ظاهر ۾ ڀلي کڻي بدڪاري هجي، پر باطن ۾ چڱائي هوندي.
    هن مجموعي ۾ نجم صاحب جا اهڙا جيڪي افسانا آيل آهن، تن مان هڪڙو آهي ”قدمن چمڻ لاءِ“ هن ۾ هڪ مجاور يا خليفو، اول ته اها دعوا ڪري ٿو ته هن شهر ۾ ٻوڏ جو پاڻي بلڪل نه ايندو، ڇو ته هن شهر ۾ سندس مرشد جو روضو آهي. پر پوءِ جڏهن شهر ٻڏي ويو ۽ اها وسوڙل خلق وڏين مصيبتن ۾ مبتلا ٿي ويئي، جنهن کي مرشد طرفان بچاءِ جو يقين مليل هو، تڏهن وري خليفو صاحب ماڻهن کي الٽو اها ڪرامت ڪري ٻڌائڻ لڳو ته درياءَ بادشاهه وعدو ڪيو هو ته آءٌ ڪڏهن نه ڪڏهن مرشد سڳوري جا قدم ضرور چمندس! ۽ وسوڙل وري به انهيءَ چڪمي ۾ اچي ويا!
    ٻيو افسانو ”پير جو لوڻ“ انهن احمقن جو آهي، جي مرشد جي پڙهيل لوڻ ۾ بنهه امرت ڌارا وارو اثر سمجهندا هئا، ۽ اهو هر مرض ۾ استعمال ڪندا هئا. پوءِ ڪي معمولي مرض از خود دفع ٿيندا هئا. نيٺ ان کي نانگ جي ڏنگ لاءِ به ترياق سمجهي ٻئي علاج کان غافل رهيا ۽ نتيجو ڏٺائون.
    ٽيون افسانو ”ڪرامت“ انهيءَ شخص جي احوال بابت آهي، جنهن جون اکيون ڪاليجي شاگرد جي سمجهائڻ تي کلي پيون هيون، ۽ هن کي خوب سمجهائڻ بعد آخر اهو دڙڪو به ڏنو ته تنهنجي ٽجوڙي تنهنجو خزانو اسان جي حڪم تي ڳهي ويندي. هو ان دڙڪي جي اصليت کي سمجهي سجاڳ رهيو ۽ آخر مرشد جو موڪليل ڌاڙيل گرفتار ڪري، مرشد جا خوب پول کولي وڌائين.
    چوٿون افسانو ”ڀوت“ اگرچ مرشدن بابت ته ناهي، پر ان وهم جو پوريءَ ريت پول کولي ٿو ته ڪيئن ماڻهو قبرن وارن کي ڀوت سمجهي پريشان ٿين ٿا.
    ڊاڪٽر صاحب جي افسانن جو ٻيو موضوع آهي، انهن ٺڳ مهاجرن جو، جي اسلام جو نالو وٺي، وڃي اٻوجهه بنگالين تي ڪڙڪيا، سندن دولت طرح طرح رستن سان سميٽي، سندن ڪارخانا، زمينون، جايون، نوڪريون وغيره پنهنجي قبضي ۾ ڪري، هنن لاءِ رڳي غربت وڃي ڇڏي هائون، ۽ ان کانپوءِ ته کانئن حڪومت ڪرڻ جا حق به کسي پئي ورتائون. پوءِ جڏهن بنگالين جو رت ٽهڪيو، تڏهن هنن به ڪهڙي طرح بدلا ورتا. ڊاڪٽر صاحب جا ٻه افسانا ”پٿر تي ليڪو“ ۽ ”نه گهر جو نه گهاٽ جو“ ۾ انهن واقعن جي اثرائتي تصوير، نهايت قابليت سان چٽي آهي.
    ٽيون افسانو ”سنڌي ساهرا“ وري اهڙن ٺڳ مهاجرن طرفان، اٻوجهه سنڌين کي ڦاسائڻ جو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب جو ٽيون موضوع آهي قوميت. انهن مان هڪڙي ڪهاڻي آهي ”پٿر تي ليڪو“، جنهن ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته انسانن جي باهمي رشتي جو ازلي بنياد آهي، ساڳي زبان، طن، سڀيتا ۽ تاريخ جو هجڻ. ٻي ڪهاڻي آهي ”ڪراچيءَ جا ميزبان“. ههڙي ڪهاڻي فقط سنڌ جو سچو درد رکندڙ ئي لکي سگهي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب جي افسانن جو چوٿون موضوع آهي غلط دينداري. هن سلسلي جو هڪ افسانو آهي ”ڇوٽڪاري جي واٽ“ جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي بدڪار دوست جي اوچتي موت تي اگرچ پريشان ٿي پنهنجي نهايت ذليل بدڪارين کي پشيمان ٿي ڳڻي ٿو، پر پوءِ يڪدم ان جو علاج اهو ئي سوچي ٿو ته ڪهڙي پرواهه آهي، مون وٽ گهڻئي پيسا آهن، هن سال کڻي حج تي ويندس ۽ پاڪ ٿي ايندس، اهڙي ذهنيت ڪيئن نه انسانن کي بدڪارين تي اڀاري ٿي، ان جو صحيح نظارو هن افساني ۾ ملاحظو ڪري سگهجي ٿو.
    پر ٻيو افسانو ”قلب اندر ڪعبو“ اهو تاثر ڇڏي ٿو ته حج کان به وڌيڪ عبادت آهي، انسان ذات جا دک گهٽائڻ جون ڪوششون ڪرڻ.
    انهيءَ موضوع جو ٽيون افسانو آهي ”امين گل“ جنهن ۾ هڪ ٻچڙيوال پرديسي پورهيت کي ملان صاحب سخت بيماريءَ جي حالت ۾ به روزي ڀڃڻ کان روڪي، سندس معصومن کان ابو کسين ٿا، ۽ پاڻ موجن سان مزيدار طعام هڙپ ڪندا رهن ٿا.
    انهن موضوعن کان سواءِ، باقي رهيل افسانن مان هر ڪو ڪو نه ڪو تاثر ڇڏي ٿو.
    هڪ افسانو آهي ”پيٽ، دل ۽ پيار“ جنهن ۾ ان رواج جو پُر تاثر نتيجو ڏيکاريل آهي ته جيڪي شخص ڌيءُ ڄمڻ کان به اڳ ”پيٽ“ کي لکي ڏين ٿا، ان جو آخري نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري.
    ”اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻي“ اگرچ اڌوري آهي، پر دل جي گهراين جو، دل جي گهراين ۾ مڪمل تاٿر ڇڏي ٿي.
    ”جمن موچيءَ جي شادي“ اهو نهايت دکدائڪ تاثر ڇڏي ٿي ته غريب کي جنسي خواهش جي مجبوري آخر ڪٿي ٿي وڃي پهچائي، اهو نتيجو در اصل ان جو آهي جو هڪڙا ته تونگريءَ جي زور تي ڪنئين زالون هٿ ڪن ته ٻين کي ڪجهه به نٿو ملي.
    ”توکي مرڪندو ڏسان“ جي آکاڻي ان مرڪندڙ مکڙيءَ جي زندگي ٿي پيش ڪري، جنهن کي سندس بيدرد چاچو ڪنهن ٻڍي مواليءَ کي ٿو وڪڻي. هوءَ هر ڪنهن هڪجيڏي وٽ موهيندڙ مرڪ ٿي پکيڙي، آخرهڪ تونگر جي چڪمي ۾ اچي، پوڙهي کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڀڄي ٿي. هو به سندس واس وٺي، کيس نڌڻڪو ڪري ڇڏي ٿو، پوءِ اگرچ هوءَ وڏي شهر ۾ لاچار ٿي پاڻ وڪڻڻ شروع ڪري ٿي، ته به ٻڍي مواليءَ وٽ وڃڻ لاءِ تيار ڪانهي.
    افسانو ”يارهن ٽڪيون“ هڪ محبت ڀري عورت جي جوش رقابت عرف زناني غيرت جو واهه جو نظارو پيش ڪري ٿو، ۽ ان عام اعتقاد کي پرزا ڪري ٿو ڇڏي ته غيرتمند رڳو مرد آهي، جو زال جو ٻئي سان پيار سهي نٿو سگهي، باقي عورت انهيءَ تي ڪا به غيرت ڪا نه ٿي ڪري ته سندس مڙس گهڻيون شاديون ڪري.
    افسانو ”ضدي“ زال مڙس جي عجيب ضدن جي مزيدار تصوير پيش ڪري ٿو، پڙهندڙ کي تفريح جو سامان پيدا ڪري ٿو ڏئي.
    ”ڪهاڻي جي تلاش“ ان وڏيرڪي ظلم ۽ ستم جو پورونقشو پيش ڪري ٿو، جو اسان جي ٻهراڙيءَ جي غريبن تي بري طرح ڇانيل آهي، ۽ ملن طرفان وري ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تي ڪفر جون فتوائون لڳنديون آهن.
    ”جٺ“ وارو افسانو ڏاڍو لطف ڏيندڙ آهي، جو عورتن جي زندگيءَ بابت هڪ کلائيندڙ ۽ پُرتاثر نظارو پيش ڪري ٿو، ۽ ”طوفان ۽ ڏيو“ وري عورتن جي نفسيات جو ٻيو مزيدار نظارو.
    ان طرح ڊاڪٽر صاحب جا سڀ افسانا اهڙيءَ طرح سان لکيل آهن جو عبرت جي سامان سان گڏ لطف سان به ڀرپور آهن ۽ نهايت سلوڻيءَ سنڌيءَ ۾ آهن.
    بلاشبهه ههڙا مجموعا سنڌي ادب کي مالدار بنائين ٿا، ۽ پنهنجن سان گڏ غيرن وٽ به فخر سان پيش ڪرڻ لائق آهن. سيکڙاٽ اديب ههڙن ئي صاحب طرز اديبن جي ٻاريل ادبي شمع کان روشني وٺي اڳتي هلن ٿا، ۽ اهي اديب، جن جو ادب اڪثر بي مقصد ٿئي ٿو، سي به ههڙا مجموعا پڙهي، پاڻ کي ڪجهه نه ڪجهه بدلائڻ لڳن ٿا.


    ڏيپلائي
    حيدرآباد سنڌ
    ٢٢ – جنوري 1973ع


    قدمن چمڻ لاءِ

    گهوگهٽ ڪندي، شور مچائيندي، لڏندي لمندي، لانچ هلي رهي هئي. پاڻيءَ ۾ سمنڊ واريون ڇوليون هيون. رڳو ڊگهن وڻن جون چوٽيون، پاڻيءَ جي مٿاڇري کان مٿي بيٺل هيون. ڪن ڪن وڻن جي ٽارين تي جدا جدا رنگن وارا نانگ نظر ٿي آيا. پري کان مڪليءَ جا قبا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا.
    منهنجي ذهن ۾ هڪڙا خيال ٿي آيا، ٻيا ٿي ويا. مون کي فقير الهه ورايو ياد اچي ويو. هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ هوندو؟ مون کي خبر هئي ته جنهن پير جو هو مجاور هو، تنهن جو مقبرو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو هو.
    فقير الهه ورايو نهايت نهٺو ۽ خوش طبع انسان هو. ننڍي وڏي سان نوڙت سان پيش ايندو هو، ۽ غريب غربي جي وت آهر خدمت ڪندو هو. جو نئون ماڻهو، پير جي مزار جي زيارت ڪرڻ ايندو هو، ان کي هو مقبرو گهمائيندي، پير صاحب جي تاريخ، شجرو ۽ هن جون ڪيل ڪرامتون ٻڌائيندو هو. هن جو گهڻو وقت خدا جي ذڪر فڪر ۾ گذرندو هو. پير جي مريدن ۽ زيارتين وٽان هن کي نذرانا، خير خيرات ۽ لٽو ڪپڙو پيو ملندو هو، جنهن مان هن جو ۽ هن جي ڪٽنب جو ڪشادو گذر ٿي ويندو هو. ٻارهين مهيني پير جو عرس ٿيندو هو. ان موقعي تي فقير کي هزارن جا نذرانا ۽ تحفا ملندا هئا.
    هو ان ڏينهن مون وٽ دوا وٺڻ آيو هو، جنهن رات بچاءُ بند ڀڳو هو، پر پاڻي اڃا ٺٽي کان گهڻو پري هو. ٻه چار ڄڻا ٻيا به موجود هئا. ٻوڏ جي باري ۾ گفتگو پئي ٿي.
    هن چيو ”پاڻيءَ کي طاقت ئي ناهي، جو ٺٽي ۾ پير پائي سگهي. هي پيرن فقيرن جو آستانو آهي. هتي سائين .... گهوٽ جو روضو آهي. منهنجي عمر سّٺ سال آهي. ڪڏهن ڪڏهن بند ڀڳو ضرور آهي، پر ٺٽي ۾ پاڻي ڪڏهن نه گهڙيو آهي. هي لڏ پلاڻ ڪرڻ وارا ماڻهو احمق آهن، هنن ۾ ايمان ڪونهي، خدا تي ڀروسو ڪونهي. جي هتي ٻوڏ آئي ته پوءِ نعوذباالله اسان جو مرشد ڪوڙو!“

    هن جي ڳالهائڻ ۾ خود اعتمادي ۽ اطمينان جي جهلڪ هئي.
    پاڻي ته ان رات ئي ٺٽي جي گهٽين ۽ گهرن ۾ گهڙي آيو. مون کي به سخت ڪم ڪرڻو پيو. هينئر به لانچ ۾ بگهاڙ تي پناهه وٺندڙن کي طبي امداد ڏئي، واپس مڪليءَ وڃي رهيا هئاسين. لانچ ۾ ڏهه ٻارهن ڄڻا هئا: ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر، پٽيوالا ۽ نيويءَ جا ماڻهو. ڳالهه ٻولهه جو موضوع اٿل هئي:
    ”هتي ڪيترا نه پير فقير آهن، پر اهي به هن مصيبت کي روڪي نه سگهيا.“ هڪڙي چيو.
    ”هي سڀ اسان جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي. ماڻهن جو آخرت ۾ اعتبار نه رهيو آهي، خدا ۾ ايمان نه رهيو آهي ۽ پيرن اوليائن کي ڇڏي ڏنو اٿن“ ٻئي چيو.
    ”دوست، اسان جي بدڪاري ۽ گناهن ڪري ٻوڏ ته اچي نٿي سگهي، البت انجنيري وارن جي بد انتظامي ۽ بيپرواهي ان لاءِ جوابدار ٿي سگهن ٿيون.“ پهرين مرڪي جواب ڏنو.

    ٽئين چيو ” اها خدا جي سچن ٻانهن ۽ ولين جي ڀلائي آهي، جو ٺٽي جو گهڻو حصو بچي ويو.“
    پهرين وري چيو ” انهن ڳالهين جو مدار فطرت جي قانونن تي آهي. پاڻي پنهنجي ليول مطابق جتي پهچي سگهيو ٿي، اتي ويو آهي. جيڪي جايون مٿي دڙي تي هيون، اهي بچي ويون. هيٺاهين وارين جڳهين کي پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيو. ايئن ڪو نه آهي ته بدڪارن جا گهر ٻڏي ويا، ۽ ٻين جي جاين کان پاڻي پاسو ڪري ويو. هيٺاهينءَ وارا مقبرا، مسجدون ۽ مندر به بچي ڪو نه سگهيا.“
    چوٿين چيو ”شهر ۾ ته هيءَ ڳالهه پئي هلي ته هڪ الهه لوڪ بزرگ، ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڏسي، جامع مسجد ۾ دعا گهري ته مولا، ٺٽي کي ايترو پاڻي ڏي، جو شهر به درياهه ٿي وڃي. ان ڪري ئي هي سيلاب آيو.“
    مڪليءَ تي پهتاسون ته معلوم ٿيو ته جن سيلاب جي ستايلن، قبن اندر وڃي ٻارن ۽ زالن سميت اجهو ورتو هو، تن کي اتان ڪڍيو پيو وڃي؛ ڇو ته ان نموني قبرن جي بيحرمتي پئي ٿي.
    چوڌاري ماڻهو ئي ماڻهو ٿي نظر آيا. ٻوڏ ڪري ماڻهن کي سخت مصيبتن سان مقابلو ڪرڻو پيو هو.
    شروع ۾، جڏهن بند ٽٽڻ جي خبر آئي، تڏهن هراس ۾ ماڻهو گهر ۾ مال ڦٽو ڪري وٺي ڀڳا، ان گهٻراهٽ جو فائدو وٺي، لچن ۽ لفنگن خوب ڦر لٽ ڪئي. ٻهراڙيءَ وارن کي اوچتو اچي پاڻيءَ گهيرو ڪيو، جنهن ڪري هو فقط جانيون بچائي، مشڪل سان ٻاهر نڪتا. گهر جو سمورو سامان سڙو، ڍور ڍڳا ۽ فصل پاڻيءَ جو بَکُ ٿي ويا. ڪن کي پنهنجيءَ حياتيءَ تان به هٿ ڌوئڻا پيا.

    مڪليءَ تي پهتا. کيسا خالي، رهيو کهيو کڻي ڪو نه سگهيا، ڌنڌا ڌاڙي بند، اُپت ڪو نه رڳو کپت. ٻه مکيه مسئلا هئا، هڪ اجهو، ٻيو اٽو. بارش به پئي پئي. مڇر بي انت هئا. ڪن وڃي مقبرن ۾ مٿو لڪايو هو، ڪن جهوپڙيون جوڙيون هيون، ۽ ٻيا وري کليل ميدان تي مينهن ۽ مڇرن جو مقابلو ڪندي، بيمارين جو شڪار بنجي رهيا هئا. پردي نشين عورتن واسطي ته هر معاملو ڪٺن هو. سڀ حيران ۽ پريشان هئا.
    اَن ڪو نه مليو، يا مليو ٿي ته تمام مهانگو. کاڌي پيتي جون ٻيون شيون به اڻ لڀ. دال بصر ملڻ به مشڪل. آمريڪي کير ۽ گيهه وٺڻ لاءِ ماڻهو ٻارين ٻچين، ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اچي قطار ۾ بيهندا هئا. ڪالرا ۽ مدي جي تپ جا ٽڪا ماڻهن نه ٿي هڻايا. پوءِ شرط وڌو ويو ته مفت سرڪاري راشن انهن کي ملندو جيڪي ٽڪا هڻائيندا. اهو ٻڌي، ڪن ماڻهن ٻيڻو راشن حاصل ڪرڻ خاطر، ڪوڙ ڳالهائي، ٻه ٻه، ٽي ٽي دفعا ٽڪا هڻايا؛ جنهن جي نتيجي ۾ هو بيمار ٿي پيا ۽ مرندي مرندي بچيا.
    نانگ بلائون به ٻاهر نڪري آيا هئا، ۽ اهي پڻ انسانن کان ڏاڍا وير وٺي رهيا هئا. مليريا، پيچش ۽ پيٽ جون بيماريون وڌي ويون هيون.
    سوين ماڻهو بگهاڙ بند تي وڃي ڪٺا ٿيا هئا. بند جي چوڌاري ميلن ۾، پاڻي ئي پاڻي هو. هنن کي مدد پهچائڻ آسان ڪم نه هو. اسين، جڏهن وياسون، تڏهن ڪيترن ماڻهن ٻڌايو ته کين ٻن ڏينهن کان مانيءَ جو گرهه نصيب نه ٿيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن دوائن وٺڻ ۽ ٽڪا هڻائڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ”اسان جا پيٽ خالي آهن، اسان کي کاڌو کپي، دوائن کي ڇا ڪنداسون؟ ڀلي ته بيمارين ۾مري وڃون، گهٽ ۾ گهٽ هنن بکن کان ته جان ڇٽي پوندي.“

    هڪ ڏينهن، مڪليءَ واري عارضي اسپتال ۾، دوا وٺڻ لاءِ فقير ورايو اچي نڪتو. ٻيون خبرون چارون به ڪيائين. جڏهن پاڻي ٺٽي کي ويجهو اچي پهتو، تڏهن هن به سلامتي ان ۾ سمجهي ته سامان سميت ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن لڏي وڃي. هو ٻيڙيءَ رستي مڪليءَ تي پهتو. هتي مريدن هن کي جهوپڙي بنائي ڏني. مريدن جي مدد ۽ ڪوشش ڪري، هن کي ڪا خاص تڪليف ڏسڻي ڪا نه پئي. تڏهن به چيائين ”ٻوڏ ڪري ڏاڍا دربدر ٿيا آهيون خدا اهڙو عذاب دشمن تي به نه آڻي.“
    اٿل جو پاڻي هٽي ويو. ماڻهن واپس اچي پنهنجا وٿاڻ وسايا. حالتون سڌري ويون. هڪ ڏينهن، مان پنهنجي پٽيوالي سان هڪ گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس ته هڪ هنڌ ماڻهن جو ميڙ ڏٺم. پٽيوالي کان پڇيم ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ چيائين ته هي ”سائين ...... اولياءِ“ جو عرس ملهائجي رهيو آهي. مون کي ياد اچي ويو ته هي فقير الهه ورائي وارو پير آهي. وڌي وڃي ميڙ جي هڪ پاسي کان بيٺس. فقير الهه ورايو تقرير ڪري رهيو هو. هن پنهنجي مرشد جي ڪرامتن جو ذڪر پئي ڪيو......
    هو چوڻ لڳو ”جڏهن درياهه شاهه جي ڪپ تي، سائين .... گهوٽ، اسلام لاءِ لڙندي شهيد ٿي ويا، تڏهن درياهه شاهه قسم کڻي وعدو ڪيو هو ته مان ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور سائين... گهوٽ جا قدم اچي چمندس.... ۽ صدين کانپوءِ، هن سال درياهه شاهه پنهنجو وعدو پورو ڪيو، جنهن کي عام ماڻهو ٻوڏ سمجهي رهيا آهن.....!“
    ميڙ مان ”حق ! حق!“ جو نعرو بلند ٿيو، ۽ مان مرڪندو موٽي آيس.

    ٭
    ٺٽو، ٩ – فيبروري 1957ع
    ماهوار هلال پاڪستان: جولاءِ 1957ع


    پٿر تي ليڪو

    اڃا پاڪستاني فوج ڪو نه پهتي هئي.
    گذريل ٿورن ڏينهن اندر، هن شهر ۾ باهين، ڦرلٽ، مارڪٽ، زور زبردستي، ظلم، قتل ۽ عورتن جي آبروريزيءَ جا ڳاڻاٽي کان ٻاهر واقعا ٿيا هئا.
    اها ته خبر ڪانهي ته شروعات ڪيئن ۽ ڇو ٿي؟ هڪ رات، آڌيءَ جو، اوچتو ماڻهن جي ننڊ ڦٽي پئي. ڀر ۾ رهندڙ هڪ غير بنگالي سيٺ جو گهر، اُڀ سان ڳالهيون ڪندڙ باهه جي ڀيڙن ۾ هو. ان پاڙي ۾ ٻيو ڪو به غير بنگالي ڪو نه هو، ۽ ڪو به بنگالي هن جي واهر لاءِ نه وڌيو. باهه جي دوران مردن جون نيزاريون، عورتن جون دانهون ۽ ٻارن جون ڪيهون ٻڌڻ ۾ آيون. پوءِ ڪا گولي هلي، ڪو چاقون چمڪيو، ڪنهن لٺ جو ڦهڪو ٿيو ..... ڏينهن جو ماڻهن ڏٺو، ته ان سڙيل گهر سامهون، سڙڪ تي مردن، عورتن ۽ ٻارن جا رَتَ ۾ ٻڏل لاش پيا هئا.
    هن سيٺ جا شهر ۾ ٻه ڪپڙي جا وڏا دُڪان هئا، هڪڙو ٻڌي واپار جو ۽ ٻيو ريزڪيءَ جو. ٻئي دڪان لٽيا ويا. ڪا اڳڙي به ڪا نه ڇڏي ويئي. ان کانپوءِ بازار ۾ ٻيا به ڪجهه دڪان جلايا ويا ۽ ڦريا ويا.
    انهيءَ ڏينهن منجهند ٽاڻي، هڪ سي _ ايس _ پي آفيسر جي گهر تي حملو ٿيو. گهر وارن کي خواب خيال به ڪون هو. زالن کي ذبح ڪيو ويو. هن جي هڪ نئين ساماڻل سهڻي ڇوڪري، جا ڊاڪا ۾ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ۽ موڪل تي آيل هئي، تنهن تي هڪٻئي پٺيان، ڏهن ٻارهن مردن وحشي نموني مجرمانو حملو ڪيو، هوءَ نستي ٿي پيئي ۽ بيهوش ٿي ويئي؛ تڏهن هن کي لٺيون هڻي چچري ماريو ويو. آفيسر جڏهن ٻڌو، تڏهن موٽر ۾ ٽي پوليس وارا ساڻ ڪري آيو. هن جي گهر وٽ گڏ ٿيل هجوم، هن تي هلان ڪري آيو. ساڻس آيل سپاهي بنگالي هئا. هنن پنهنجون بندوقون هڪ ئي وقت آفيسر جي جسم ۾ ڇوڙيون، ان جي مٿان انبوهه جي لٺين ۽ خنجرن جا حملا. ڳڀا ڳڀا ٿي ويو.
    اهڙيون ڪيتريون ئي وارداتون ٿينديون رهيون
    ___
    هيءُ هڪ ننڍو شهر آهي. شمشير گنج جي نالي سان سڏجي ٿو. منجهس ڏهاڪو هزار ماڻهو رهن ٿا. هندستان جي سرحد جي ويجهو آهي. شهر جي آسپاس ڏاڍا دلڪش ڏيک آهن. ڀرسان ميرانجهڙي پاڻيءَ واري ندي پئي وهي. هيءُ ته اهو ديس آهي، جتي نه رڳو ماڻهن ۽ پکين جي آواز جو جادو آهي، پر هتي جون نديون به سريلا آواز ڪڍنديون وهنديون آهن، ۽ ڇوليون جهمرهڻنديون، ڇلنديون وينديون آهن. ندين جي انهن آلاپن ۽ ناچن جي درميان، جڏهن ملاح، ونجهن ۽ ڇولين جي ٿڦڪن ۽ سڙهن جي ڦڙ ڦڙ جي تانَ تي پنهنجا گيت ڳائيندا آهن، تڏهن اهي گيت هنن جي جياپي جو سهارو بڻجي پوندا آهن.
    پري پري تائين چانهه جي فصل جا کيت آهن. اڪثر بارش به پوندي رهي ٿي. اڀرندي طرف جبل آهن، جن جي خصوصيت آهي رنگن جو بدلجڻ. صبح جو ڪارڙا هوندا، منجهند جو ساوا ۽ سانجهيءَ جو نيرا پيا. پسبا، ۽ مينهوڳيءَ ۾ چٽڪمرا،ڪي حصا ڀورا، ڪي هلڪا ڪارا، ڪي ڳوڙها ڪارا، ڪي اڇا، ڪي ساوا، ڪي واڱڻائي.
    اڄ ان نظاري ۾ هڪ رنگ جو واڌارو ٿيو هو. نديءَ جي وهڪري ۾ ڪي ڌارائون ڳاڙهيون هيون. ڪن ماڻهن کي خون ڪري نديءَ ۾ اڇلايو ويو هو. هونءَ به اڄ نديءَ ۾ غير معمولي جوش ۽ جولان هو،ڄڻ ته هوءَ به پنهنجي ديس واسين جي احساسن کي محسوس ڪري رهي هئي. عام طرح ان جي وهندڙ ڇولين ۽ ڪنڌيءَ سان پاڻ لڳڻ جو آواز هلڪي موسيقيءَ وانگر سريلو محسوس ٿيندو آهي. پر اڄ لهرن ۾ لڙ ۽ لوڏا هئا. منجهند ڌاري ان گوڙ، گجگوڙ جي صورت اختيار ڪئي .... هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، پاڻيءَ مٿان دونهين جا ڪارا ڪڪر پکڙجي ويا ۽ فضا ۾ گندرف جي بوءِ ڦهلجي ويئي. جڏهن وايو منڊل صاف ٿيو، تڏهن ماڻهن ڏٺو ته نديءَ جي پل اڌ مان اڏامي ويئي هئي.
    هوا به جوش ۾ هئي. سوساٽ ڪندي، سيسڙاٽ ڀريندي، سيٽيون وڄائيندي، هلڪين ۽ پيپاڙ وٿن کي هٽائيندي، هڪليندي پري گهليندي ٿي وئي. وڻ ٽڻ جهولي ايئن تڙڦي رهيا هئا، جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر ڦٿڪندي آهي، ۽ ڄڻ ته ٻڌل ڇتي مرونءَ وانگر زنجيرون ڇنائڻ لاءِ زور لڳائي رهيا هئا.
    هڪ رات، ٻين لڳي جو وڳڙو هجي، هڪڙي گهر مان ڪو ماڻهو نڪتو. ڪي شخص ٽوليءَ جي صورت ۾، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندا وڃي رهيا هئا. هنن ان شخص کي سڃاتو. هو پوليس انسپيڪٽر هو، ۽ غير بنگالي هو. ان وقت هو نشي ۾ الوٽ هو، ۽ لڏي لمي رهيو هو. حقيقت ۾ هو ان گهر اندر شراب ۽ ڇوڪريءَ سان عيش ڪندو رهيو هو، ۽ هاڻي پنهنجي گهر ٿاڻي وڃي رهيو هو.
    ماڻهن جو ٽولو ڏسي، انهن کي هڪڙي ڪچي گار ڏئي، رڙ ڪيائين ته : ڪير آهيو. انهن ماڻهن ڏنڊن ۽ ڏاندارين جو هن تي اهڙو وسڪارو ڪيو، جو هو وري ڪو لفظ واتان ڪڍي ڪو نه سگهيو؛ ۽ اتي ئي ڍيري ٿي پيو. انهن ٽولي وارن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ۽ بنگالي زبان ۾ هڪ تختي تي هي اکر لکيا ويا: ”اسين اهو به برداشت نه ڪنداسين، ته هن پليت ماڻهوءَ کي اسان جي سڳوري بنگالي زمين ۾ پوريو وڃي. ان ڪري هن کي دفن ڪرڻ لاءِ هن جو لاش بنگال کان ٻاهر موڪليو وڃي، نه ته جيڪي به ماڻهو هن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيندا، يا دفن ڪفن ۾ حصو وٺندا، تن کي پڻ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌئڻا پوندا.“
    لاش کي اگهاڙو ڪري، ان کي ڪافي بيعزتيءَ نموني بگاڙيو ويو. اختياريءَ وارن تائين به ان لکيل ڌمڪيءَ جي خبر پهچي چڪي هئي. پوءِ ڪنهن نه ڪنهن نموني لاش اتان کڻائي ويا، ۽ گهٽ ۾ گهٽ ان شهر يا ان جي ويجهڙ ۾ ان کي دفن ڪرڻ جي ڪنهن کي همت ڪين ٿي.
    هڪ لڱا، هڪڙي ڊپٽي ڪليڪٽر جي گهر تي گهيرو ڪيو ويو. هو هڪ رشوتي ڪامورو هو، وڏيون وڏيون ملڪيتون ٺاهيون هئائين، ۽ ڪيتري ئي زمين جو مالڪ ٿي ويو هو، جيتوڻيڪ اتي اچڻ وقت هڪ رواجي ڪلارڪ هو، ۽ معمولي مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هو.
    ڊپٽي مٿي ماڙيءَ تي چڙهي، ماڻهن کي ڏاڍيون منٿون ايلاز ڪرڻ لڳو ته: ”خدا جي واسطي، رسول جي واسطي، چئن يارن جي صدقي، توهين اسين مسلمان آهيون، پاڪستاني آهيون، اسان کي جيئدان ڏيو ۽ ڇڏيو ته اسان هن ملڪ مان ئي هليا وينداسين، وري ڀلجي به هيڏي ڪو نه اينداسين.“
    پر هو معاف ڪرڻ وارا ڪين هئا، ۽ هن جي رت جا پياسي هئا. پوءِ هن کي پنهنجا ڪي پاڙيسري نظر آيا. انهن ڏي منهن ڪري چيائين ته: ”ٻيو نه ته من پاڙي جو ننگ پئيوَ، پاڙي جو واسطو ٿو وجهانوَ، ويهه ورهيه گڏ گذاريا اٿئون، پاڙي جي واسطي اسان کي وڃڻ ڏيو.“
    خبر ناهي ان ڳالهه تي پاڙي وارا ڪيئن ڪجهه نرم ٿيا، ۽ هجوم کي ان تي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته هو هي ديس هينئر ئي ڇڏيندا، ۽ پاڻ سان ڪاري ڪوڏي به نه کڻي ويندا، ايتري قدر جو هندستان جي سرحدن تي پهچڻ وقت بدن تي پيل ڪپڙا به لاهي ڏيندا ۽ الف ننگا ٿي پنهنجي اصلوڪي پرڳڻي ۾ داخل ٿيندا، ڇو ته اهي سڀ شيون اسان جي رت ست مان بڻايل آهن.
    ڊپٽي وارن لاءِ ٻيو ڪو به چارو ڪو نه هو. ڏهاڪو کن ماڻهو هن سڄي خاندان کي پنهنجي نظرداريءَ هيٺ سرحد تي پهچائڻ ويا. اتي جڏهن مڙني مردن، عورتن ڇوڪرين ۽ ٻارن پنهنجا سمورا لٽا لاهي، هنن جي حوالي ڪيا، تڏهن هنن کي هڪ دفعو وري به چتاءُ ڏيئي سرحد پار وڃڻ ڏنو ويو.
    ملاح ۽ مانجهي به انهيءَ وهڪري ۾ وهي رهيا هئا. جڏهن نديءَ واري پل تباهه ڪئي ويئي، تڏهن شهر تائين اچ وڃ ٻيڙين رستي ٿيڻ لڳي. ملاح بنگالين کي مفت ۾ پار پهچائيندا هئا، پر غير بنگالين کي وچ درياهه ۾ آڻي ٻوڙي ڇڏيندا هئا. هو پاڻ ۾ چوندا هئا، ته بنگال جي زمين ۽ هر چيز تي اسان بنگالين جو حق آهي. هي زمينون، هي کيت، هي باغ، هي نديون، هي ڪارخانا، هتي جو واپار، مزوري ۽ نوڪريون پهرين اسان کي ملڻ کپن. پناهگير ۽ ٻيا پرديسي، جي هتي رهڻ چاهين ٿا، تن کي اسان جو ٿورائتو ۽ محتاج ٿي رهڻ کپي، ۽ اسان جي سڀيتا ۽ ٻولي قبولڻ هنن جو پهريون فرض آهي.
    جيئي ٽوليون لٺين، خنجرن، بندوقن ۽ باٺن سان هٿياربند ٿي، رستن ۽ راهن تي ٿي بيٺيون. جو به لنگهيو ٿي، اهو جي بنگالي نٿي لڳو، يا بنگاليءَ ۾ پڇيل سوال جو جواب بنگاليءَ ۾ نه ڏيئي ٿي سگهيو، ته هن کي ٿڏي تي قتل ٿي ڪيو ويو.
    غير بنگالين به حملن جي ڪوشش ڪئي. ٻن واٽ ويندڙ اڪيلن بنگالي هندو ڇوڪرن کي بندوق سان ماريو ويو. هڪ ڇوڪر جي عمر پنج سال هئي ۽ ٻئي جي ٻارهن سال. جيئن اها خبر شهر ۾ پهتي، تيئن هزارين بنگالي انهن ڇوڪرن جي قاتلن جي گهر ۽ ان سان گڏ ٻن ٻين غير بنگالين جي گهرن کي گهيرو ڪري ويا. گهرن تي پٿر بازي ڪئي، ۽ گاسليٽ جا دٻا هاري، باهه ڏني ويئي. مرد، زالون ۽ ٻار منٿون، خدا جا واسطا، دانهون، ڪوڪون، فرياد ڪندا رهيا، پر ٻاهر وارن جي اندر جي آگ ٿڌي ڪين ٿي سگهي، ۽ انبوهه ايستائين اتان نه هٽيو، جيستائين ٽيئي گهر، سڀني رهندڙن سميت سڙي خاڪ نه ٿي ويا.
    باهيون بلند ٿينديون رهيون، چاقو چمڪندا رهيا، بمن جا ٺڪاءَ فضا کي چيريندا رهيا، چيخون ڪندي ڪندي عورتن جا جسم ٺرندا رهيا، رت سان راند ٿيندي رهي.
    هڪ ڀيري، شهر جو هڪ چڱو مڙس، جو غير بنگالين کي آٿت ڏيڻ لاءِ هڪ غير بنگالي پاڙي ۾ ويو هو، ان کي اتي خنجر هڻي خون ڪيو ويو.
    هن واقعي ٻرندڙ باهه تي پيٽرول جو ڪم ڪيو. واقعن ۾ تيزي اچي ويئي، ۽ اهڙيون وارداتون ٿيون، جو ٻڌائڻ سان وار ڪانڊارجي وڃن. ماڻهن لاءِ لڪڻ ۽ ڀڄڻ جي جاءِ ڪا نه بچي هئي. سڄو پرڳڻو ان آگ ۾ وڪوڙجي ويو هو. ڪا به واهر ڪا نه ٿي پهتي.
    بنگالي، غير بنگالين جي آزين ۽ منٿن جو پهرين ته ڪو جواب ئي ڪو نه ڏيندا هئا، پر جي ڏيندا هئا، ته اهو هنن لفظن ۾ هوندو هو: ”توهان اسان تي ڪهڙو رحم ڪيو آهي، جو اسان اوهان تي ڪريون. توهان اسان جي ملڪ جي ساري دولت پاڻ وٽ سميٽي، اسان کي روزگار کان محروم ڪيو آهي، اسان جون نوڪريون توهان ماڻهن کي آهن، هتي جا ڪارخانا، کيت، جايون، زمينون سڀني تي توهان جو قبضو آهي. اسان واسطي رڳو غربت ڇڏي اٿوَ . ....... ۽ اهو توهان سڀ پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ ڪيو آهي. هاڻي وري توهان پنهنجي جان جي سلامتي لاءِ به پاڪستان ۽ اسلام جا واسطا ڏيئي رهيا آهيو، اسين هاڻي ان فريب ۾ ڪو نه اينداسين.“
    غير بنگالين کي پنهنجي حياتي بچائڻ جو ڪو آسرو نظر ڪو نه ٿي آيو. ڪن ماڻهن هنن کي همدردي ڏيکاري چيو: توهان کي پنهنجي حفاظت لاءِ هڪ هنڌ هلي رهڻ کپي. پوءِ جدا جدا پاڙن وارن لاءِ ٽي جدا جڳهيون مقرر ڪيون ويون، هڪ سئنيما ۽ ٻه اسڪول. اتي هنن کي وڏن صُفن ۾ واڙيو ويو.
    هن شهر ۾ غير بنگالين جي آدمشاري ڇهه ست سئو کن هئي، جن مان ڪيترائي مارجي ويا هئا.
    ان وقت ڳچ هندستاني ڇاڙتا، پاڪستان جي سرحدن اندر ڪاهي پيا هئا، ۽ پاڪستانين ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي ڪوشش ۾ هئا. اهڙن سپاهين جو هڪڙو ويهن پنجويهن سپاهين جو جٿو، شمشير گنج ۾ اچي پهتو.
    هن شهر وارن ان وقت واڙيل غير بنگالين کي ختم ڪرڻ جون سٽون پئي سوچيون. هندستاني ڇاڙتن پهچڻ سان هنن کي پنهنجي پوري سهڪار جو يقين ڏياريو.
    شهر وارن وٽ اهڙا هٿيار يا بم ۽ بارود ڪو نه هئا، جو سئنيما ۽ اسڪولن جي عمارتن کي اندر واڙيلن سميت ختم ڪري سگهن. اهڙيون شيون هندستاني سپاهين وٽ هيون.
    منصوبو ٺاهي، پهرين سئنيما واري جاءِ وٽ ويا. بندوقن، مشين گنن ۽ هَٿ بمن سان درن ۽ درين مان ماڻهن کي ماريو ويو. واڙيلن ۾ واويلا مچي ويئي. هنن گهڻيئي خدا ۽ رسول جا واسطا وڌا، معصوم ٻارن ۽ نياڻين تي رحم کائڻ جون اپيلون ڪيون، توبهون زاريون ڪيون، ملڪ ڇڏي وڃڻ جا قسم کنيا؛ پر ڪنهن کي به رحم ڪين آيو، نه بنگالين کي ۽ نه هندستاني سپاهين کي. پڇاڙيءَ ۾، ان سئنيما کي آتش جو نذر ڪيو ويو. هيءَ سئنيما ڪنهن غير بنگاليءَ جي هئي.
    پوءِ هڪ اسڪول ۾ واڙيلن سان به ساڳي ڪار ڪئي وئي. هڪ به جيئرو نه ڇڏيائيون. ان اسڪول کي به بمن سان اڏايو ويو. ان ۾ اردو پڙهائي ويندي هئي.
    باقي هڪڙي اسڪول ۾ رهيل ماڻهو بچيا. هيءُ ٽولو اوڏانهن روانو ٿيو. درين ۽ ڳڙکين، روشندانن ۽ درن جي چيرن مان ڪيترائي چهرا جهاتيون پائي رهيا هئا. سڀني جي چهرن تي موت جا پاڇولا هئا.
    ٻيا ماڻهو ڪجهه پوئتي ٿي بيٺا، ۽ ڀارتي سپاهي بندوقون ۽ مشين گنون تاڻي، اڳتي وڌڻ لڳا. واڙيلن جا چهرا خوف ۽ هراس کان پيلا پئجي ويا. هنن ٻانهون ٻڌي نيزاريون شروع ڪيون، ۽ حياتيءَ جي بيک پنڻ لڳا:
    ”رب جي واسطي، پيران پير جي واسطي، داتا گنج جي واسطي....“
    وڌندڙ سپاهي جڏهن ويجهو آيا ۽ آوازن جا لفظ ۽ لهجو سمجهه ۾ آين، تڏهن اوچتو ئي اوچتو هنن جا پير هڪ هنڌ کُپي ويا ۽ هو بيهي رهيا. آوازن کي وري به چٽيءَ طرح ٻڌائون. پوءِ هڪٻئي ڏانهن نهاريائون، ۽ نظرن ئي نظرن ۾ نياپا ڏنائون ورتائون، ۽ هنن کي فيصلي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪو نه لڳي، هٿيار موٽي مياڻن ۾ پئجي ويا. هنن موت سان کيڏندڙن ۽ قاتلن جون پٿر دليون موم جون بڻجي ويون. واڙيلن جي لفظن ۾ ڪهڙي ڪرامت هئي، هنن جي لهجي ۾ ڪهڙو جادو هو؟ گذريل ٻن جڳهين تي ته ماڻهن جي آزين نيزارين هنن تي ڪو اثر ڪو نه ڪيو هو! هتي ڪهڙو ڦيرو آيو؟
    هڪ سپاهيءَ چيو، ”هي ته اسان جي پنهنجي ٻولي ٿا ڳالهائين، اهي ته اسان جي پنهنجي اصلي ديس جا رهاڪو آهن، هي ته اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏيهه جا ماڻهو آهن.“
    ٻين چيو، ”هائو يار هائو.“
    هو اڃا به اڳتي وڌيا. درين مان چڱيءَ ريت باندين جي چڪاس ڪيائون .... گوڏين ۽ ڊگهن ڍلن چولن واريون ضاعفون، هي قداور قداور ڪڻڪ رنگا مرد، هي ويڪرن سينن وارا ڳڀرو جوان.... هتي جي ڪارن ڪارن، ڏٻرن، ٻُچين ۽ بندرن باشندن کان بلڪل نرالا ......
    هڪڙي سپاهيءَ پنهنجي اباڻي زبان ۾ هنن کان پڇيو، ”ڪٿي جا آهيو؟“
    گهڻن ئي هڪ آواز ٿي جواب ڏنو، ”گجرات پنجاب جا.“
    سپاهين هڪ ٻئي ڏي نهاريو. هو به ته اصل گجرات ۽ ان جي آسپاس جا رهاڪو هئا. اهو گجرات جو شهر، جو جهلم ۽ چناب ندين جي وچ واري واديءَ ۾ آهي، جتي سايون سايون ٻنيون، ڊگها ڊگها وڻ ۽ خوبصورت باغ هوندا هئا، جتي هنن ٻالڪپڻ ۾ کيڏيو ۽ ڪڏيو هو......
    پوءِ ته قيدي ۽ قاتل پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا، ۽ هڪٻئي جون خبرون وٺڻ ۾ ايترو محو ٿي ويا، جو اها سمڪ به ڪو نه رهين ته پٺيان ماڻهو بيقرار ٿي رهيا آهن ۽ شڪي نگاهن سان ڏسڻ شروع ڪيو اٿن. آخر انهن مان ٽي ڄڻا وڌي آيا. پڇيائون ”دير ڇاجي آهي؟“
    سپاهين جي اڳواڻ ڦڙتائي، ترشي ۽ تيزيءَ سان وراڻيو، ”اسين هنن کي نه مارينداسين، اسان کي هيڏي پاڪستاني فوج سان وڙهڻ واسطي موڪليو ويو آهي ۽ نه شهري ماڻهو مارڻ لاءِ.“
    بنگالين جون اکيون ڦاٽي ويون، هو ڪو جواب ڏئي ڪو نه سگهيا.
    ساڳئي سپاهيءَ وري ڪڙڪو ڪري چيو ”۽ ها، سڀ ماڻهو هتان هٽي پنهنجي پنهنجي گهر وڃو. اسين هنن کي هتان صحيح سلامت وٺي وڃڻ ٿا چاهيون. جي توهان مان ڪنهن به ڪا شرارت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هي گوليون توهان جا سينا پار ڪنديون. سمجهيوَ، چڱو هاڻي وڃو!“
    بنگالي هيسجي ويا، ۽ پوئتي وڃي پنهنجي هجوم کي حال جي حقيقت ٻڌايائون، ۽ پوءِ هو ٽڙي پکڙي ويا.
    اسڪول جي ڪلاسن ۾ ڏيڍ سو کن ننڍا وڏا واڙيل هئا. هي خاندان هڪ چانهه جي کيت ۾ ڪم ڪندا هئا. اهو کيت، جو اڳي هڪ انگريز جو هو، سو پنجاب جي هڪ چوڌريءَ کي مليو هو. هن ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ هاري ۽ پورهيت به پنهنجي ڳوٺان آندا هئا. هي سڀ هتي پندرهن سالن کان رهيل هئا.
    سپاهين هنن کي چيو ته : اسين توهان کي ڪنهن ويجهي ٽيشڻ تي حفاظت سان هلي ٿا پهچايون، اڳتي توهان جا ڀاڳ کٽن.
    هو سڄي واٽ، سڄو وقت، کلندي خوش ٿيندي پنجاب جي ديس جون هڪٻئي کي خبرون چارون ڪندا رهيا.
    ٽيشڻ تي پهچي، پورهيتن مان هڪڙي پوڙهي، سپاهين ڏي مهڙ ڪري، احسانمند نگاهن سان نهاريندي چيو، ”منهنجا پيارا ٻچڙو، اڄ اسان کي خبر پئي آهي ته انسانن جي وچ ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ پائدار ناتو ڪهڙو آهي.“

    ٭
    حيدرآباد، ١١ – نومبر 1971ع
    سهڻي : اپريل 1972


    ڇوٽڪاري جي واٽ

    هو خيالن جي طوفان کان پيڇو ڇڏائي نه ٿي سگهيو. هن اٿي ريڊيو کوليو، ۽ ان جو آواز بلند ڪري ڇڏيائين. مگر هن جا ڪن، ٻاهرين آواز ڏانهن متوجهه نه ٿيا. اهي اندر جي آنڌ مانڌ جي سس پس سڻي رهيا هئا.
    هو اخبار کڻي تازي اگهوتري پڙهڻ لڳو، پر هن جون نطرون اخبار تي هوندي به، پري تمام پري تمام پري جو نظارو پسي رهيون هيون، جتي هن جي ماضيءَ جا سوين داستان پکڙيل هئا.
    بي آراميءَ هن کي پلنگ تي سمهڻ نه ڏنو، ۽ هو اٿي، وڃي دريءَ جي ڀرسان بيهي ٻاهر نهارڻ لڳو. سامهون پنهنجي دوست جو بنگلو ڏسي، وري گذريل واقعا ۽ پراڻيون يادگيريون، هن جي ذهن تي اڀرڻ لڳيون.
    اڃا گذريل رات ئي ته هن جي مرهيات دوست، انهيءَ بنگلي ۾ هڪ سهڻي ناچڻي گهرائي هئي، ۽ اڌ رات تائين عيش ڪيو هو، ۽ صبح جو هن کي اطلاع مليو ته هن جو اهو پيارو دوست، موٽر جي حادثي ۾ مري ويو. ڏک ۽ غم کان، هن جي اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها وهڻ لڳا.
    دوست جي موت ڪري، هن کي اهو خيال اچي پيدا ٿيو ته هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترا نه گناهه ڪيا آهن. هن جي سڄي عمر جو سرمايو فقط ظلم ۽ دوکيبازي آهي ..... ۽ جي هو ان حالت ۾ مري وڃي (ڇو ته حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو آهي) ته هو ڪهڙي منهن سان خدا جي سامهون ويندو؟ آخرت جو هن وٽ ڪهڙ ثمر آهي؟ هو ته پڇا ڳاڇا جي دوزخ ۾ ويندو. اهي ويچار ڪري، هو ڏڪي رهيو هو. هو اڄ حياتيءَ ۾ پهريون گهمرو خدا جي خوف کان لرزيو هو. هن کان اڳ، موت ڪڏهن به اهڙو ڀيانڪ ويس پائي هن جي ويچارن ۾ وارد نه ٿيو هو.
    هن پنهنجي گذريل زندگيءَ تي نگاهه وڌي .... هو وڏو گنهگار هو .... ڪي خاص واقعا، هن جي ذهن تي تري آيا:-
    هن لکين رپين جا چانور ۽ اناج ڌارين ملڪن ڏي سمگل ڪيا هئا، ۽ هن ڏٺو هو ته ان ڪري پنهنجي ڏيهه ۾ ڏڪار پيو هو، اڪيچار غريب ماڻهو ماني ٽڪر لاءِ محتاج ٿيا هئا، ۽ مهانگائي وڌي هئي.
    سعيد جي خون ۾ هن جا هٿ رنڱيل هئا، اهو ويچار، ذهن ۾ اڀرندي ئي، هن جا هٿ پاڻمرادو اکين آڏو اچي ويا، ۽ هن جون نگاهون بي اختيار انهن ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ ته سچ پچ انهن تي اهو رت لڳل اٿس ۽ ان کي ڏسي پيو.
    سعيد، سندس ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو، ۽ مزورن جي يونين جو عهديدار هو. مزورن هڙتال ڪئي ۽ ڪم بند ڪيائون. هن سمجهيو ٿي ته اهو سڀ، سعيد جي چرچ تي ٿيو آهي. هن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ، هزارين رپيا ڏئي، هن ٻه ڀاڙيتا بدمعاش هن پٺيان بڇيا انهن هن کي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ان جو ڪو به داد فرياد ڪو نه ٿيو.
    ولي محمد سان جيڪي جٺيون ڪيون هئائين، اهي پڻ هن کي ذري پرزي ياد اچي ويون. ولي محمد هن کان ڪنهن لاچاري حالت ۾ 2 سئو رپيا وياج تي اڌارا ورتا هئا؛ ۽ اهو وياج، سيٺ اهڙي نموني مقرر ڪيو، جو ولي محمد ٻن سون جا ٻه هزار روڪ ڏئي چڪو هو، پنهنجو گهر به سيٺ جي حوالي ڪيائين، تڏهن به قرض ڪين لٿو. جڏهن هن ۾ ٻي اميد ڪا نه ڏٺائين، تڏهن ولي محمد تي ڪيس ڪري، هن کي قيد ۾ وجهرايائين. پٺيان هن جا ٻار ٻچا دربدر ٿي ويا. ٻيو ڪو ڪمائڻ ڪرتڻ وارو ڪو نه هون، پني پنهنجو گذران ڪندا هئا.
    عزيزان واري گهٽنا ته تازي هئي. هوءَ هنجي ننڍي نيٽي نوڪرياڻي هئي، جوڀن ۽ امنگن سان ڀرپور. هن بدناميءَ کان بچڻ واسطي، زهر کائي، پاڻ ماريو هو؛ ڇو جو هوءَ ماءُ بڻجڻ واري هئي، سيٺ جي ٻار جي ماءُ.
    اڄ اهي واقعا ڇپون بڻجي، سيٺ جي دل ۽ دماغ کي چيڀاٽي رهيا هئا. هو حد کان وڌيڪ پريشان ٿي رهيو هو. انهن خيالن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ٿي چاهيائين، پر اهي جيئن پوءِ تيئن وڪوڙيندا ٿي ويس. دوست جي حادثي، هن کي نئون احساس ڏنو هو. موت، دوزخ ۽ خدا جي ڊپ هن جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا هئا.
    هن کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪتاب جي ورقن تي رڳو دوکيبازيون، ٺڳيون، بي ايمانيون، چور بازاري، ظلم ۽ زيادتين جا ئي عنوان ٿي نظر آيا. هو وڏو شرابي هو، هو وڏو سمگلر هو، هو وڏو جواري هو، ۽ انهن سڀني ڪار گذارين ۾ سندس اهو دوست، ساٿي ۽ صلاحڪار ٿي رهيو هو.
    هو سوچڻ لڳو ته نيڪ ڪم ته مون ڀلجي به ڪو نه ڪيو هوندو. عبادت سان به ساري ڄمار وير رهيو اٿم ...... انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته مان دوزخي آهيان .... دوزخ جو لفظ، هن جي ڪنن ۾ پگهريل شيهي وارو ڪم ڪري رهيو هو. هو سوچي رهيو هو ته ”منهنجي آخرت ڪاري رات جهڙي اونداهي آهي، رڻ پٽ وانگر ويران، ۽ آفريڪا جي جهنگلن کان وڌيڪ ڀيانڪ!“
    هو جذبن جي شدت کان ڏڪي رهيو هو. هن جي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا نڪري آيا هئا. هن جي دل ڌڙڪي رهي هئي.
    ”مون ساري عمر عيش ڪيو آهي، منهنجي جيون جي هڪ هڪ گهڙي گناهه ۾ گذري آهي. اهو ڪهڙو مزو آهي، جو مون نه ماڻيو هجي. مون وٽ دولت جا ڍير آهن، ۽ دولت سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي .... مگر هي موت، هي دوزخ ...... هاڻي مان ڇا ڪريان....... ڇا ڪو رستو ئيڪونهي!“
    اوچتو هن جي رنگ روپ ۾ ڦيرو اچي ويو. هن ۾ نئين جان پئجي وئي. هن جي چهري تي مرڪ جا اهڃاڻ ظاهر ٿيا، ۽ هن فيصلو ڪري ورتو ته ”مان هن سال حج تي ويندس. منهنجا سڀ گناهه ۽ برايون ڌوپي وينديون، ۽ مان ماءُ پيٽان ڄاول ٻار جهڙو معصوم ٿي موٽندس!“
    ٭
    راڻي پور، ١٥ – مارچ 1975ع
    نئين زندگي: جون 1959ع


    قلب اندر ڪعبو

    پوئين حج واري واقعي کانپوءِ، حاجي صاحب ۾ ٻه تبديليون ڏسڻ ۾ آيون هيون. هڪ ته هو غريبن ۽ خاص ڪري بيمارن جي ڏاڍي مدد ڪندو هو. ڳوٺ ۾ ڪو بيمار ٿيندو هو، ته حاجي صاحب ئي پهريون شخص هوندو هو، جو هن وٽ پهچندو هو. هن جي ٽهل ٽڪور، همدردي، مالي سهائتا، گهڻو ڪجهه ڪندو هو.
    ٻي تبديلي هيءَ هئي ته اهي چار لاڳيتا حج ڪرڻ کانپوءِ، ويهارو سال گذرڻ تي به، ڪڏهن وري حج ڪرڻ جو ارادو نه ڏيکاريو هئائين. حالانڪه هن اهي چار ئي حج غربت جي زماني ۾، پيرين پنڌ وڃي ڪيا هئا، ۽ هاڻي ته هو چڱي دولت جو مالڪ ٿي ويو هو.
    هن جي آخري حج وارو واقعو آسپاس جي ڳوٺن ۾ مشهور هو، پر مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هئائين.
    چيائين: ان سال، مان ۽ هڪڙو شيدي، پيرين پنڌ حج ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪتاسين. واٽ تي، هڪ پنجابي به اچي اسان جي سفر جو ساٿي ٿيو.
    ٽيئي ڄڻا سوين ڪوهه لتاڙي، اچي دمشق کان تيرهن چوڏهن ميلن تي ”البت“ نالي هڪ بستيءَ ۾ پهتاسين. ان کان اڳتي رستو هڪ گهاٽي جهنگ مان هو، جنهن ۾ بگهڙ ۽ ٻيا جهنگلي جانور جام هوندا آهن. اتي ڏينهن جو به اوندهه لڳي پئي هئي. چوڌاري موت جهڙي ماٺ هئي؛ فقط وقتي خبر ناهي ڇا جا سيسراٽ پئي ٻڌڻ ۾ آيا.
    سج به لهي ويو، پر اڃا جهنگل پورو نه ٿيو هو، ۽ اسان تلاش ڪرڻ لڳاسين ته ڪو گهر يا جهوپڙي نظر اچي ته اتي رات ٽڪجي.
    نيٺ مون همت ڪري چپ چوريا. صفا هوريان ۽ هٻڪندي چيم ”آواز ته ڪنهن انسان جو هو!“
    شيديءَ به پاڻ سنڀاليو ۽ وراڻي ڏنائين ”مان پاڻ ايئن ٿو سمجهان.“
    مون چيو ”هو ڪنهن جناور جي چنبي ۾ اچي ويو آهي. پر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ گيدين جيان گسائي هلڻ به مناسب ناهي. ڪوشش ڪري ڪجهه خبر لهجي.“
    پنجابي پهلوان ٿڙڪندي چيو ”ڇڏيو يار، هروڀرو ٿا موت کي سڏيو. هو ته ختم به ٿي ويو هوندو.“
    اتي مون محسوس ڪيو ته اسان جو اهو ساٿي اسان کان به وڌيڪ ڏڪي رهيو هو.
    مون تيز ٿي چيو ”ايئن هرگز نه ٿيندو. موت اچڻو هوندو ته ڪٿي ڪو نه ڇڏيندو. ٿي سگهي ٿو ته اسين پڻ ساڳي آفت جي چنبي ۾ اچي وڃون. ان ڪري مڙس ماڻهو ٿيو ته جاچ ڪريون، من ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهون.“
    بس ”ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي“ تي عمل ڪري، پنجابي پهلوان ”توهين بيوفا آهيو“ چئي، هڪ ويجهي وڻ ڏي رخ رکيو. ٿڙندي ٿاٻڙندي، وڻ وٽ پهتو ۽ ڪوريئڙي وانگر ست ڪاهون ڪري، مٿي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
    شيديءَ جا به ڍڍر ڍرا ٿي ويا هئا، پر منهنجي غيرت ڏيارڻ تي، مون سان ٻانهن ٻيلي ٿيو.
    هينئر اسان سوچيو ته هلون ڪهڙي پاسي؟ چوڌاري آهي اوندهه، آواز جي طرف جي به خبر پئجي ڪا نه سگهي آهي. اسين اڃا انهيءَ ويچار ۾ هئاسين، ته وري هن طرح چٽو آواز ٻڌوسين: الله. ڪجهه ڪنجهڻ ۽ بس.
    هينئر نابين کي لٺ جو سهارو مليو، ۽ آواز جو طرف سڃاتوسين. ٻئي ڄڻا، هڪ ٻئي جو هٿ قابو جهلي، وڌياسين. پر ويهه پنجويهه وکون کڻي، بيهي رهياسين.
    مون پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ”تون اها چيز نظر ۾ رک، ته مان ڪک ڪاٺيون ڪٺيون ڪري، باهه ٻاريان. جيڪڏهن ڪو بگهڙ هوندو ته باهه ڏسي ڀڄي ويندو، ۽ ڪا ٻي بلا هوندي ته به قلندري ڏنڊا پاڻ سان آهن. پوءِ کٽن ڀاڳ!“
    شيديءَ کي منهنجي صلاح وڻي. ماچيس موجود هو. هٿ وراڻيون هڻي ڪک ڪانا ۽ گند گڏ ڪيم. بسم الله ڪري باهه ٻاريم. ڀنڀٽ مچي ويو. اکيون منتظرٿيون ته الاجي سامهون ڇا نظر ايندو!
    اها چيز چٽي ڏسڻ ۾ آئي. هيءَ ته ڪو انسان هو. مون شيديءَ کي چيو ”باهه کي مچائيندو رهه ته مان هن کي جاچي وٺان.“
    هوءَ هڪ عورت هئي، ۽ ساهه کڻي رهي هئي. مون هن جا ڪپڙا درست ڪيا. هوءَ بيهوش هئي.
    شيدي به ويجهو آيو. اسان هن کي گهڻو ئي چوريون پوريو، پر هوءَ بي سرت رهي. اسان وٽ پاڻي هو، جو هن جي منهن تي ڇٽڪاريوسين، ۽ هن جي وات ۾ ٽيپو ٽيپو ڪري وڌوسين.
    اتي اها ضاعفان چُري. اکيون کوليائين. پر وري بيهوش ٿي وئي. اسان جو حوصلو وڌيو، ۽ ٻيهر سندس وات ۾ پاڻي وڌوسين.
    هوءَ ڪجهه هوش ۾ آئي، ۽ اکيون کولي چيائين ”مان .... ڪٿي ..... آهيان؟“
    ايئن چئي هوءَ وري هوش وڃائي ويٺي.
    مون کي هن جا ٻول ٻڌي حيرت وٺي وئي. هن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو هو ۽ هوءَ ڪا سنڌي عورت هئي! پوءِ مون غور سان ڏٺو ته هن جا ڪپڙا سنڌ جا هئا، سنڌي نموني سبيل هئا.
    حاجي صاحب مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ”سائين پرديس ۾ ڪو هندستاني ملي ويندو آهي ته خوشي ٿيندي آهي، پر جي ڪو سنڌي ۽ هم زبان ملندو آهي، ته پوءِ ته دل اصل خوشيءَ کان نچڻ لڳندي آهي، ڏاڍو آٿت ٿيندو آهي.“
    هن وري پنهنجو واقعو ٻڌائڻ شروع ڪيو.
    اسان مائيءَ کي ٻيهر هوش ۾ آندو.
    هن چيو ”مون کي اٿاري وهاريو!“
    شيديءَ کيس ٽيڪ ڏئي اٿاريو.
    وهڻ بعد هن عورت سامهون اشارو ڪيو. هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي، ۽ هڪبار وري به هن مٿان نيم بيهوشي طاري ٿي.
    باهه وسامڻ لڳي هئي. مون سامهون نهاريو. ڪا شيءِ نظر آئي. باهه کي تيز ڪيم ۽ ڏٺم ته اڇي ڪپڙي جي هَڙَ هئي. اها کوليم. ڏسڻ سان منهنجا ڏند چپن سان لڳي ويا. ان ۾ جئرو جاڳندو نئون ڄاول ٻار هو.
    نيٺ ڳچ جاکوڙ کان پوءِ، مائي پوري هوش ۾ آئي. ڳالهائڻ جهڙي به ٿي ۽ ٻار کي ٿڃ ڌارايائين.
    اتي مون وچ ۾ ئي حاجي صاحب کان پڇيو ”پر ايترو وقت توهان وارو پنجابي دوست ڪٿي هو؟“
    کلي جواب ڏنائين ”هو اڃا تائين وڻ تي ويٺو هو. نيٺ به ته هن پنهنجي قومي پهاڪي : جان بچي تو لاکون پائي، تي عمل ڪيو هو“
    حاجي چوڻ لڳو: پوءِ هن ضاعفان کان حال احوال ورتوسين، جنهن ٻڌايو ته ”مان جيڪب آباد جي رهاڪو آهيان. هن سال منهنجي مڙس حج ادا ڪرڻ جو ارادو ڪيو. منهنجي به مرضي ٿي ته مان به پنهنجي گهر واري سان گڏ مڪي مديني جي زيارت ڪري اچان. مڙس چيو ته : تون پيٽ سان آهين، ان ڪري تنهنجو هلڻ ٺيڪ نه ٿيندو. پر مون ضد ڪيو ته ضرور هلندس، ۽ اڃا ايترا مهينا آهن جو منهنجو ويم به مدني پاڪ ۾ ٿيندو ۽ اسان جو اهو ٻار، بختاور ٿيندو. منهنجي خاوند نيٺ مڃيو. اسين ڳوٺان راهي ٿياسين. پر مان تڪڙو هلي نه ٿي سگهيس، ۽ ٿڪ ۽ هيڻائيءَ ڪري واٽ تي ڏاڍا ڏينهن لڳي ويا. جڏهن هن جهنگ ۾ پهتاسين، تڏهن مون کي ويم جا سور ٿيا، ۽ اسين پيچرو ڇڏي، اچي هت ويٺاسون. پوءِ مون کي اڃ تمام تنگ ڪيو. مڙس چيو ته تنهنجو ويم ٿي وڃي ته مان وڃي ڪٿان پاڻي هٿ ڪري ٿو اچان. قصو کٽائڻو، مون کي ٻار پيدا ٿيو ۽ مان بيهوش ٿي ويس. ان کانپوءِ ڇا وهيو واپرايو، ان جو پتو ڪو نه اٿم.“
    مائيءَ ڳالهه پوري ڪئي. پڇيومانس اهو ڪهڙو ڏينهن هو؟“
    چيائين ”شايد خميس.“
    اڄ جمعو هو، ان جو مطلب ته هن کي ان حالت ۾ اٺ پهر کن ٿيا هئا. پر مڙس نه موٽيو هو، خبر ناهي هن جو ڇا ٿيو؟
    پيچري تي پريان ڪي واٽهڙو ويندا ڏسي، پنجابي وڻ تان لٿو. مون تجويز پيش ڪئي ته هڪ ڄڻو هن مائيءَ وٽ بيهي ۽ ٻه ڄڻا هن جي مڙس کي تلاش ڪن. جي ملي پوي، ته مائي کي ٿانئيڪو ڪري، پاڻ اڳتي هلون. پر پنجابيءَ هڪدم وراڻيو ته ”توهين اجاين ڳالهين ۾ ٿا وقت وڃايو، انهيءَ ڪري منهنجي الوداع!“
    ائين چئي هو عرب واٽهڙن سان وڃي مليو، ۽ هليو ويو. مائي هلڻ کان هلاک هئي. ان ڪري هن کي پاڻ سان وٺي وڃڻ مشڪل هو. شيدي به وقت تي حج تي رسڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو. مون فيصلو ڪري ورتو.
    شيديءَ کي چيم ”مائي ۽ ٻار کي ”البيت“ ڳوٺ تائين پهچائڻ ۾ مون کي مدد ڏي، پوءِ تون ڇٽل آهين.
    هن ڪر ڪندي، ڪيٻائيندي، قبول ڪيو. اسان واري وٽيءَ سان مائيءَ کي ڪلهي تي کڻي واپس اچي ان وسنديءَ ۾ پهتاسين.
    شيدي وري حج ڏانهن روانو ٿيو. مان مائي ۽ ٻار سميت عرب جي گهر وڃي پهتس. هنن کي احوال ٻڌايم. هيءَ قوم مهمان نواز ته آهي. اسان جي ڏاڍي مرحبا ڪين ۽ همدردي ڏيکارين. هڪ دائي ۽ هڪ حڪيم جي دوا دارون، ۽ منهنجي ٽهل ٽڪور سان مائيءَ جي صحت سڌرڻ لڳي. مهيني کن ۾ هوءَ نوبني ٿي وئي. ٻار جي حالت به سٺي ٿي وئي.
    پوءِ ٻنهي کي ساڻ ڪري، سفر لتاڙيندو، اچي سنڌ ۾ پهتس. مائي کي پنهنجي ڳوٺ مائٽن سان وڃي ملايم.
    اهو واقعو ٻڌي ۽ مائيءَ کي سلامت ڏسي هن جا عزيز ڏاڍو خوش ٿيا. انهن کي خوش ڏسي، مون کي به روحاني خوشي حاصل ٿي.
    مون حاجيءَ کان پڇيو ”ڀلا هن جي مڙس جو ڪو پتو پيو؟“
    چيائين ”هائو، هو به ٿورن ڏينهن کانپوءِ واپس اچي پهتو. هن ٻڌايو ته هو پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪتو، پر زال جي حالت ڪري، گهٻراهٽ ۾ هوش حواس وڃائي ويٺو، ۽ رستو ڀلجي الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتو. ڪيترائي ڏينهن ڀٽڪندو رهيو، ۽ ستن ڏينهن کانپوءِ وڃي واپس ساڳئي جهنگ ۾ پهتو، پر اتي زال جو ڪو نشان هٿ ڪو نه آيس. هو پوئتي موٽڻ بدران، اڳڀرو وارن ڳوٺن ۾ جوءِ جي پڇا ڪندو رهيو. نيٺ نا اميد ٿي سنڌ جو رخ رکيائين.“
    پڇاڙيءَ ۾ حاجي صاحب چيو ”سائين، مون ان کان اڳ به چار حج ڪيا هئا، پر انهن ۾ ايڏي خوشي ۽ روحاني راحت حاصل نه ٿي هئي، جيڏي هن عورت کي بچائڻ، ۽ ٽهل ٽڪور ڪرڻ ۾ ٿي.“

    ٭
    خانواهڻ، ٣ – نومبر 1944ع
    مهراڻ : جولاءِ 1947ع


    پيٽ، دل ۽ پيار

    نصيبان جي شادي هن جي ڄمڻ کان پنج سال اڳي ٿي هئي! ڇو، اوهان کي عجب لڳو؟ ان ۾ ڀلا عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڇا، اوهين پنهنجي سنڌي ماڻهن جي رسمن رواجن کان به غير واقف آهيو؟ ڇا، اوهان کي خبر ڪانهي ته اسان جي پياريءَ سنڌڙيءَ ۾ ڄمڻ کان اڳ ۽ مرڻ کانپوءِ به شاديون ٿينديون آهن؟ خير، مرڻ پڄاڻا شادي ته پيرن فقيرن ۽ قلندر گهوٽ جهڙن ولين جي حصي ۾ آئي آهي، اسان گنهگار بندن کي اهڙي سعادت ڪٿان ٿي نصيب ٿئي، البت ڄمڻ کان اڳ پرڻو اسان جهڙن غريبن جو به ڪڏهن ڪڏهن ٿي ويندو آهي.
    ها، سو مون ڳالهه ٿي ڪئي ته نصيبان اڃا ڄائي ئي ڪا نه هئي جو هن جي شادي ٿي گذري. اهو هن طرح، جو هن جي پيءُ وليداد، سهراب کي پيٽ لکي ڏنو هو. اوهين وري پڇندؤ ته هي ”پيٽ لکي ڏيڻ“ ڪهڙي بلا آهي؟ ائين نه سمجهجو ته وليداد، سهراب جي پيٽ تي ڪجهه لکيو هو، يا ڪنهن ڪاغذ يا وڻ جي پن تي ”پيٽ“ جو لفظ لکي ڏنو هو، جهڙيءَ طرح ملان موسو حج واري ڏينهن گيدوڙيءَ جي پنن تي ڪلمو لکي، ڏهين – ڏهين پيسين ڏيندو آهي. پر اوهين ته سنڌي ڀائر آهيو، اوهان کي ته سڀڪا سڌ هوندي. ها، البت ولائتي صاحبلوڪن جي سمجهه ۾ هيءَ پيٽ جي پرولي نه اچي ته ٻي ڳالهه آهي.
    واقعو هن ريت هو ته وليداد پنهنجي پٽ عثمان واسطي سهراب کان ڌيءَ جو سڱ گهريو. سهراب سڱ ڏنو، پر وليداد کان واعدو ورتائين ته هن کي جا پهرين ڌيءَ ڄمندي، سان هن جي پٽ سومر سان پرڻائيندو. اهو ئي آهي”پيٽ لکي ڏيڻ.“
    سومر ان وقت ٻارهن ورهين جو هو. تنهن وقت وليداد جي گهر واري حمل سان هئي. سهراب کان وڏي اميد هئي ته ڇوڪري ڄمندي، پر ڄائو ڇوڪرو! ان بعد، وليداد جي گهر ۾ ٻيو ٻار ساڍن چئن سالن کانپوءِ پيدا ٿيو، ۽ اها هئي نصيبان. سهراب جي گهر ۾ شادمانو ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن ٻڍي بادشاهه جي گهر ۾ وليعهد جو جنم ٿيو هو.
    هاڻي ته اوهين سمجهي ويا هوندا ته ڪهڙي نموني نصيبان جو رشتو ان وقت طي ٿيو، جنهن وقت هوءَ ڪٿي به ڪا نه هئي؛ نه هن دنيا جي پيٽ ۾ ۽ نه ماءُ جي پيٽ ۾ ...... مگر اها ڪا خراب ڳالهه ٿورو ئي آهي! اها ته هن واسطي وڏي نعمت هئي. اڄ مڙس ملن ڪٿي ٿا! نصيبان کي ته پنهنجن نصيبن تي ناز ڪرڻ گهرجي جو ڄمڻ کان اڳ ئي مڙس ملي ويس. نه ته اسين ڏسون ڪين ويٺا ته عورتون مڙس ملڻ جي اوسيئڙي ۾ چاليهه – چاليهه سال، پنجاهه – پنجاهه سال ڪاٽي چڪيون آهن، وار اڇا ٿي وين، ٻٽيهي ڀڄي پين، سڙي سُڪي ڪنڊا ٿي ويون، پر مڙس نصيب ڪو نه ٿين. جي ڪن لائون لڌيون، ته به قرآن سان. ڪيتريون ئي واجهه واجهائي، تڙپي تڙپي مري کپي ويون. اجهو، منهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ته اهڙيون آهن ___ سائين ڪرڙ شاهه پير جون اٺ ئي ڌيئر اڃا ڪنواريون ويٺيون آهن. وڏي پنجتاليهن ورهين جي آهي، ٻيون درجي بدرجي هن کان عمر ۾ گهٽ، پر ساماڻل سڀئي آهن.
    اها جدا ڳالهه آهي ته پير صاحب پاڻ پنجهٺ ورهين جي ڄمار ۾ به چئن زالن جا ڀتار آهن. هو ته آهن ڪانيءَ ڪرامت جا صاحب، سندن جُتيءَ ۾ ڪنهن جو پير پوندو. هي ته چار آهن، جي چاليهه هجن ته به سڀني کي فيض رسائين. باقي ڌيئن جي معاملي ۾ سندن ڪهڙو قصور. مرد ته گهڻيئي آهن، پر کين پنهنجي عالي نسب ۽اوچي مرتبي جو به ته خيال رکڻو آهي. ڪو ڪوري موچي ته ڪونهي جو اکيون ٻوٽي پنهنجون نياڻيون پرڻائي ڇڏيندو!
    هوڏانهن وڏيري کٻڙ خان جي ڌيءَ به ٽيهن سالن جي عمر ۾ اڃا اڻپرڻيل آهي. ڀلا وڏيري جو ڪهڙو ڏوهه، هن کي پنهنجي ملڪيت جو به خيال ڪرڻو آهي. ڪنهن سڃي ڀينگئي سان پنهنجيءَ نياڻيءَ جو پلئه اٽڪائي، گلا ته ڪو نه کڻندو. انسان جي آهي عزت، ڪنهن هاريءَ ناريءَکي به پاڻ جهڙو ڪيائين ته پوءِ وڏيرپ ڪهڙي ڪم جي! هيءَ خبر به ته ڳوٺ جي سڀني رهاڪن کي آهي ته ڪجهه سال اڳي، وڏيري جي اهي ڌيءَ سندن ٻيلي، خميسي سان ڀڄي ٿي ويئي، پر هو ڳوٺ جي ٻاهران ئي پڪڙجي پيا.
    ها، ته جنهن وقت نصيبان ڄائي، ان وقت هن جي هئڻهار مڙس جي عمر سترهن سال هئي، ۽ جڏهن چوڏهين سال ۾ پير پاتائين ۽ ساماڻي، ان وقت هن جو مڙس ايڪٽيهن ورهين جو ٿي ويو پر اها ڪا وڏي عمر ٿورئي هئي. ماڻهو ته پنهنجيون پندرهن سورهن سالن جون نياڻيون، سٺ پنجهٺ ورهين جي پوڙهي سان پرڻائڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا آهن. اجهو، علوءَ جو ئي مثال وٺو. ڌيڻس جي عمر تيرهن سال هئي ۽ اڃا پوريءَ طرح بالغ به ڪا نه ٿي هئي ته سيٺ عمر، ساڳئي وقت زميندار به آهي ۽ شهر ۾ وڏو دڪان پڻ اٿس، عمرسٺ سالن کان مٿي ٿينديس، تنهن کي پرڻائي ڏنائين. اها ٻي ڳالهه هئي ته علوءَ کي سيٺ کان ٻن هزارن جي سڻڀي رقم ملي هئي. ويچارو گهرجائو هو، انهيءَ ڪري ڌيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪري ڪين سگهيو.
    خير، قصو ايستائين پهتو هو ته نصيبان جوانيءَ ۾ قدم رکيو، ۽ هن جو هٿ سومر کي سونپڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا.
    حقيقت هيءَ آهي ته ڄمڻ کان اڳ جي شادي ۽ جوان ٿيڻ کانپوءِ پرڻي ۾ مون کي گهڻو فرق نظر ڪو نه ٿو اچي. ڇو ته هتي مرد ۽ عورت هڪٻئي کي پسند ڪري پوءِ ڪو نه پرڻبا آهن؛ انهيءَ ڪري شادي ڪڏهن به ٿئي، گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ڳالهه ساڳي آهي. اهو رشتوته مائٽ ئي نبيريندا آهن. ڀلا مائٽ پنهنجي اولاد جو مَٺو ٿورو ئي گهرندا. هو ته هر حال ۾ سندن ڀلوئي چاهيندا آهن. البت انسان آهي، ضرور خاندان جي خيال رکڻو پوي ٿو، غريبي اميري ڏسڻي پوي ٿي.آخر عزت به ڪا شئي آهي، پوءِ ان کي سلامت رکڻ لاءِ جي ڌيءَ يا پٽ جي حياتيءَ جي قرباني ڏيڻي پئي ته به گهوريو.
    ها، سو مون ٿي چيو ته سومر سان نصيبان جي وهانءَ جي تياري ٿيڻ لڳي. پر ترسو ___ مون اوهان کي نصيبان جي ”پيٽ“ جي ته ڳالهه ٻڌائي، پر اڃا سندس ”دل“ جو داستان ڪو نه ٻڌايو اٿم.
    حميد هن جو سڳو سوٽ هو. حميد نصيبان کان ٽي سال وڏو هو. ٻيئي گڏ نپنا هئا، گڏ کيڏيا هئا، ۽ شايد نظرن ئي نظرن ۾ ساري حياتي گڏ رهڻ جو انجام پڻ ڪيو هئائون. جڏهن جوانيءَ ۾ قدم رکيائون ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ تي محسوس ٿين ته هو هڪٻئي جا بنجي ڪين سگهندا، تڏهن هنن جا ڇهه ئي ڇڄي پيا. ”پيٽ“ فولاد جي ديوار بڻجي هنن جي درميان ٿي بيٺو.
    نصيبان جي پيءُ ماءُ کي به اهو احساس ٿيو ته ٻنهي سوٽن جو پاڻ ۾ نڪاح پڙهائڻ ئي چڱي ڳالهه ٿيندي؛ پر ڪڇي ڪين سگهيا. لکئي جا ليک آهن. ڪنهن کي ڄاڻ هئي ته پيٽ لکي ڏيڻ کانپوءِ، حميد پيدا ٿيندو، جو ٺاهوڪو جوان هوندو ۽ نصيبان تي نثار ويندو. هو ته زبان ڪري چڪا هئا، انهيءَ ڪري نصيبان جي ٻانهن سومرجي حوالي ڪرڻي هين، نه ته برادريءَ وارا ڇا چوندا، پنهنجو پرائو ٿڪون هڻندو ته سومر هنن واسطي ويهه سال انتظار ڪيو، ۽ هي عين موقعي تي ڦري ٿا وڃن. بس، هاڻي ڪجهه نه ٿيندو، ڇوڪريءَ جي قسمت ئي اهڙي هئي.
    سومر بدمعاش ۽ رولو بڻجي پيو هو. ڀلا ايڏيءَ وڏيءَ عمر تائين ڇڙي رهڻ جو ٻيو ڪهڙو بهتر نتيجو نڪرندو. هن جي چال جو کٽڪو وليداد جي اندر کي به کائي رهيو هو، پر هو بيوس هو؛ زبان ڏيئي ويٺو هو، ۽ ڇوڪريءَ جي ڀاڳن ۾ ائين لکيل هو.
    پر حميد ۽ نصيبان هڪٻئي کي پيار ڪندا هئا. هنن قسمت سان ٽڪر کائڻ ٿي چاهيو. هنن سماج سان بغاوت ڪرڻ جي سٽ سٽي. هنن فيصلو ڪيو ته نڪاح کان اول ئي ڀڄي نڪرجي. ان رات، جنهن رات هو ڀڄڻ وارا هئا، ۽ حميد وهٽ جو بندوبست ڪرڻ ويو هو، سو اتان ڪو نه موٽيو. صبح جو سندس لاش لڌائون. ان کان اَٺ ڏينهن پوءِ، نصيبان جي سومر سان شادي ٿي گذري. پهرينءَ رات سومر نصيبان کي جا شاديءَ جي سوکڙي ڏني، سا هيءَ هئي: اڪيلائي حاصل ٿيڻ سان، هن پنهنجن ٻنهي هٿن کي گهوگهي ڏيڻ جي انداز ۾ ٺاهي، نصيبان کي ڏيکاري چيو. ”تنهنجي يار جو هنن ئي بازن خاتمو آندو هو!“
    نصيبان هاڻي سومر جي نڪاح ٻڌي زال آهي. سومر هن تي ڏاڍيون سختيون ڪندو آهي، ٿوري گهڻي تي ماريندو آهي، ۽ ذري ذري تي حميد جو طعنو هڻندو آهي، نصيبان جي مائٽن مٽن پيٽ لکي ڏنو هو، ان ڪري هن جو پيٽ ته ضرور سومر جي حوالي آهي، مگر سندس دل سومر سان ڪانهي. اها سومر کي لکي ڪا نه ڏني ويئي هئي.

    ٭

    خانواهڻ، 14 – مئي 1955ع
    نئين زندگي : نومبر 1971ع


    سنڌي ساهرا

    پنهنجن مان توڙي پراون مان، ڪو به عظيم سان پلؤ اٽڪائڻ لاءِ تيار نه هو. هن جي پيءُ سليمان، پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. جڏهن هن جي ڀائٽي ساماڻي، تڏهن پنهنجي ڀاءُ کان عظيم واسطي گهريائين، پر پنهنجو رت هوندي به هن صفا انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻن ٻين همذات وارن مان ڪوشش ڪيائين؛ پر ڪنهن به هائو نه ڪئي. غير ذات وارن وٽ جتيون گسايائين، مگر کڙتيل ڪو نه نڪتو.
    سليمان، پينشن بردار پوليس جمعدار هو. ٽيهه جريب زمين ٽڪر هوس ۽ مال متاع به چڱو چوکو هوس. عظيم اسڪول ۾ ماستر هو. هو ڳوٺ ۾ مالدار توڙي معزز ليکيا ويندا هئا. ان هوندي به عظيم سان ڪو شخص پنهنجي نياڻي پرڻائڻ لاءِ تيار نه هو.
    عظيم جو بدن بي ڊولو ۽ ٿلهو هو، رنگ ڪارو ڪوئلو، پيٽ بمبئيءَ جي وياج خور سيٺ وانگر ٻاهر نڪتل ۽ لڙڪيل، مٿيون چپ سهي جهڙو سڄي پاسي کان چيريل، نڪ ائين هو ڄڻ ته ڪنهن مٽيءَ جو چاڻو کڻي چهري تي ٿڦيو هوس: ايتري تي به بس ڪا نه هئي؛ هو هڪ اک کان ڪاڻو هو. اها اک هڪ جهڳڙي ۾ وڃائي هئائين، جڏهن ننڍو هو، تڏهن هڪ ڇوڪر سان تڪرار ٿي پيس. هي ڀلا ٿلهو متارو، هڪدم هن کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ڇوڪر ڏٺو ته هن وهڙي سان سڌي طرح پڄڻ ته محال آهي، سو ڪيائين هم نه تم، کڻي سروٽو ٺڪاءُ ڪيائينس ٻوٿ ۾. سروٽو وڃي کاٻي اک تي لڳس. تارو ئي ٻاهر نڪري آيس.
    هن جي ڀوائتي شڪل جو ويچاري، هر ڪو پنهنجي نياڻيءَ تي ڪهل آڻيندو هو. سليمان، ٻه هزار ٽي هزار روڪ پيسن جي به آڇ ڪئي، پر ڪنهن ڪين مڃيو، عظيم جي عمر وڏي ٿيندي ٿي ويئي.
    پاڪستان ڇا بنيو، هتي جي ڇڙن واسطي رحمت جا دروازا کلي ويا. ڪيترن ئي نڌڻڪن ۽ سماج جي ستايلن جي اجڙيل باغ ۾ بهار جون اميدون جا ڳڻ لڳيون، هندستان مان پناهگيرن جو سيلاب اچڻ شروع ٿي ويو. ڪيترائي ماڻهو، ٿورن پيسن ۾ پناهگير عورتون وٺي پرڻجي ويٺا.
    اسان جي ديس ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون به ته ڍڳن ڍورن ۽ واپار جي وٿ وانگر وڪامنديون آهن. جهڙيءَ ريت ڪنهن شيءِ جي پيداوار وڌندي آهي، يا واپاري کٽي پوندو آهي، ۽ مال جلدي نيڪال ڪرڻ چاهيندو آهي، تڏهن اهو مال سستي ملهه وڪامندو آهي. آيل پناهگيرن ۾ جيئن ته ڪيتريون بيوهه ۽ يتيم بڻجي آيون، ان ڪري عورتن جي تعداد ۾ واڌ ٿي. تنهن کانسواءِ ڪيترن بدمعاشن اهڙن بيوس عورتن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائي هتي آندو، ۽انهن جو وڪرو ڪري پنهنجا کيسا گرم ڪيا.
    عظيم جي اونداهي سنسار ۾، اميدن جو نئون سج اڀريو. سندن هڪ مائٽ حيدرآباد ۾ رهندو هو. هن کي پنهنجي مطلب جي ڳالهه لکي موڪليائون. هنن جلد ئي جواب ڏنن ته هڪ شخص ڇهن سون ۾ پنهنجي ڪنواري ڌيءُ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، توهين هڪدم هليا اچو. هنن به اتي پهچڻ ۾ دير ڪو نه ڪئي. پر جڏهن ڪنوار جي پيءُ گهوٽ جي شڪل شبيهه ڏٺي، تڏهن وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪيائين.
    عظيم جي هٿن مان ڄڻ ڪجهه ڪري پيو. سڀ اميدون خاڪ ۾ ملي ويس. مگر خدا جي مهربانيءَ سان پناهگير ٿورا ڪو نه هئا. ماڪڙ وانگر ملڪ تي ڇائجندا ٿي ويا. هنن همت نه هاري ۽ ٻين جهوپڙين ۾ تلاش ڪندا رهيا. نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيائون، هڪ همراهه وٽ پنهنجي رنڙ ڀاڄائي هئي. ماستر جي ڀوائتي شڪل ڏسي به هو ڪو نه هٻڪيو. سودو مهانگو نه هو. زال ۽ ڀاڄائي جي ڪلڪل کان به جند ڇٽندي، پنج سؤ روڪ به ملندا ۽ گهر ۾ کارائڻ لاءِ هڪ بيڪار ڀاتي به گهٽ ٿيندو.
    ماستر جو گهر آباد ٿي ويو. هو ڏاڍو خوش هو. پر سگهو ئي گهر وارن جي ڪيفيت عجيب بڻجي پئي. نه هو پيا ڪنيز جي زبان سمجهن، ۽ نه هوءَ هنن جي. ڪنيز هئي طبيعت جي تيز ۽ ڳالهائڻ جي تکي، ٿوري گهڻي ڳالهه، جا سندس مزاج خلاف ٿيندي هئي ته وٺي وائويلا مچائيندي هئي، ڏاڍيان ڳالهائيندي هئي ۽ پٽ پاراتا ڏيندي هئي.
    عظيم جي ماءُ، اوڙي پاڙي جهيڙا ڪار هئي. جنهن سان لڙائي ٿيندي هئس، ان کي پوپٽيون پڙهائي ڇڏيندي هئي، ان جو تڏو ئي کڻائي ڇڏيندي هئي. مگر ڪنيز آڏو، هن جي دال ئي ڳري نه سگهي. جنهن وقت هن جي زبان قينچيءَ وانگر هلڻ شروع ڪندي هئي، تنهن وقت ڪنهن کي وٺ ڇو ٿي ڏئي!
    بعضي بعضي ته ايئن ٿيندو هو، جو گهر وارن کي اهو به پتو ڪو نه پوندو هو ته ڪنيز ڪاوڙي ڪهڙي ڳالهه تي آهي، ڇا پئي چوي ۽ ڪنهن تي پئي ڇوهه ڇنڊي؟ دٻي ۾ ٺڪريون. سڀئي هڪ ٻئي ڏي نهاريندا رهجي ويندا هئا. عظيم ويچارو ته شرم ۾ ٻڏي ويندو هو. هن کي چُپ ڪرائڻ جا هڙئي حيلا هلائيندو هو؛ پر سڀ اجايا. آخر ٻانهون ٻڌي گاڏڙ ٻوليءَ ۾ چوندو هوس ”ڀلا بات ته آهستي ڪرو، پاڙي وارا سن لينگي.“ اهو ٻڌي ڪنيز پاڙي وارن کي ٻه چار گاريون ڏئي وٺندي هئي. مشين گن جي سامهون جو ايندو، سو ڪٿي ٿو بچي. مڙني جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيائين.
    ڪنيز کي نئين ماحول جي ڪا به ڳالهه ڪا نه ٿي آئڙي. گهر وارن جي هر چيز تي هوءَ ٺٺولي ڪندي هئي. هتي جي ماڻهن ۽ رسمن کان بڇان ٿي آيس. هر معاملي ۾ چوندي هئي ته اسان جو ملڪ هينءَ، اسان جو ملڪ هونءَ.
    هوءَ گهڻو ڪري مڙني ملڻ وارين کي ٻڌائيندي هئي ته اتي هندستان ۾ اسين لکن جا مالڪ هئاسين، ڏهه ڏهه نوڪر پيا ڦرندا هئا، هن گهر جهڙآ ته اسان جا ڪاڪوس هوندا هئا، ٻاهر سدائين عاليشآن بگين ۾ نڪرندا هئاسين ۽ ڪڏهن به زمين تي پير نه رکيوسين. اسان جي قسمت ڦٽي، جو جهوپڙين ۾ اچي پياسين؛ ۽ پوءِ اچي رئڻ ۾ ڇٽڪندي هئي.
    هڪ ڏينهن هن جي نڻان، پنهنجي ساهيڙيءَ کي ٻڌايو ”اسان ڪنيز کي پنج ڇهه وڳا سبرائي ڏنا آهن، پر هن جا ڪپڙا ڏاڍا ميرا ٿي ويندا آهن، تڏهن به انهن کي مٽائڻ جو خيال ڪو نه ڏيکاريندي آهي. هڪ دفعي مون سندس ڌيان ميرن ڪپڙن ڏي ڇڪايو ته چوڻ لڳي ته اتي اسين جيڪو نئون ڪپڙو پهريندا هئاسين، اهو وري لاهيندا تڏهن هئاسين، جڏهن صفا ليڙون ليڙون ٿي ويندو هو. ان کي ڌئڻ جي تڪليف به ڪو نه وٺندا هئاسين. هوندو ئي جو هڪڙو جوڙو هو.“ ۽ ٻئي ساهيڙيون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون.
    گهر جا سڀ ماڻهو، هن جي لاڏ ڪوڏ کڻڻ، ۽ هن کي راضي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا. مس مس ته سندن پٽ جو گهر آباد ٿيو هو. هن کي ڳپل ڳهه ۽ ڪپڙا ٺهرائي ڏنا ويا هئا. هن جي هر طلب پوري ڪئي ويندي هئي. گهر جو خرچ پکو هلائڻ هن جي حوالي هو هوءَ گهر ڌياڻي هئي.
    هن جي سس ڏاڍو سڙندي هئي. منهن تي ڪجهه ڪڇڻ جي جرئت ڪا نه هئس، پر پرپٺ ٻين ماين سان هن جي گلا ڪري، اندر جي باهه ڪڍندي هئي.
    ”چوي ٿي ته هتي جا ماڻهو اڻ سڌريل آهن؛ ڀلا پاڻ وري ڪهڙيل سڌريل آهي. مُئي واتراڌي، سڄي ڳوٺ ۾ اسان کي کڻي بدنام ڪيو اٿس. چسيري ۽ کائؤ اهڙي آهي، جو اسان جو گهر کٽائي ڇڏيو اٿائين. ڪنيءَ رن اڳي ته ڪو زيور ڏٺو به ڪو هوندو ۽ هاڻ هر مهيني انگل پئي ڪري ته فلاڻو فلاڻو زيور جوڙائي ڏيو.
    ”چوندي آهي ته اسين محلن ۾ رهندا هئاسين، ۽ ست رشيون کائيندا هئاسين، ڪوڙي ڪنهن جاءِ جي. سنڌي خالص گيهه جي ته بوءِ به نه ٿي وڻيس، ڀاڄي پسند اها اچيس جا سرنهن جي تيل ۾ پڪل هجي ۽ ٻڪ مرچن جو پيل هجيس. صفائيءَ جي ته دشمن آهي. محلن ۾ رهڻ واريون پري پري کان پڌريون. هيءَ ڪوجهي ڇا رهي هوندي محلن ۾!“
    هن کي ڪنيز جي پان کائڻ واري عادت تي ڏاڍي خار ايندي هئي. چوڻ لڳي ”پان کائڻ جي ڪهڙي نه ڪني عادت اٿس، اٺئي پهر ڄاڙيون پيون هلنس. وات هر وقت پڪن سان ڀريو پيو اٿس. ٻن چئن ڄڻين جي وچ ۾ ويٺي هوندي ته به پئي ڳاڙهيون ٿڪون اڇلائيندي. ٿڪون اڇلائي اڇلائي در دريون، ڪپڙا لٽا، کٽون ۽ ڀتيون ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون اٿائين. پان ڪري ڏند اهڙا ڳاڙها ۽ گدلا اٿس جو ڀرسان وهڻ تي دل پئي ڪچي ٿئي ڪٿان جي کَرڙ اچي اسان جي نصيبن ۾ پئي!“
    شاديءَ کان اٺ مهينا پوءِ، هن جو ڏير اچي سهڙيو، هو ڪنيز کي وٺڻ آيو هو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ هلي وٽن رهي. ماستر وارا ته ڪنوار جي هر ناز برداريءَ لاءِ تيار هئا. هنن خوشيءَ سان موڪل ڏني. ڪنوار تيارين ۾ لڳي ويئي. پنهنجا سمورا ڳهه ڳٺا، جن ۾ ڪي سونا هئا ڪي روپا، سڀئي ڪپڙا ۽ پنهنجي ٻئي سامان سان ٻه وڏيون پيتيون کڻي ڀريائين. گهر وارن سان به ڏاڍو مرڪي پئي ڳالهايائين. چيائين پئي ته ”سمورو سامان انهيءَ ڪري ٿي کڻي وڃان ته پنهنجي برادريءَ وارن کي ريس ڏياريان ته منهنجي سنڌي ساهرن، مون کي ڪهڙا نه سک ڏنا آهن، ۽ ناز نعمت سان رکيو آهي.“
    هوءَ پندرهن ڏينهن جي موڪل وٺي، پنهنجي ڏير سان روانه ٿي.
    پندرهن ڏينهن گذريا، مهينو گذريو، ٻه مهينا به گذري ويا پر نه ڪنوار پيدا ٿي ۽ نه هن جو ڏير ڏسڻ ۾ آيو ۽ نه ڪري ڪا چٺي چپاٽي آئي.
    ماستر وارن جي دل ۾ کٽڪو جاڳيو. پهرين ته هو ويچارڻ لڳا ته شايد بيماري سيماري ڪري ڪو نه آيا، پر تڏهن به ٻه اکر لکي ڇو نه ٿا موڪلين. نيٺ پنهنجي حيدرآباد واري مائٽ کي خط لکيائون ته تون جاچ ڪري جواب ڏي. هن چئن ڏينهن اندر ئي ورندي لکين ته ”مان ڳولا ۾ ويس، مگر ان جڳهه تي نه اها جهوپڙي هئي ۽ نه جهوپڙيءَ وارا“
    جڏهن، اهو خط، عظيم پڙهي پورو ڪيو، تڏهن، هن جي ماءُ، جنهن کي اول ئي پنهنجا ۽ پنهنجي ٻن ڌيئرن جا ڪي ڳهه گم ٿيل نظر آيا هئا، تنهن مرڪي چيو: ”رن ته وئي، پر رلهي به کڻي وئي!“

    ٭

    ڪراچي، ١١ – آڪٽوبر 1950ع
    ماهورا هلال پاڪستان: جون 1958ع


    اڌ ۾ ڇڏيل ڪهاڻي

    خانواهڻ،
    25 – جون 1951
    ”هيلو ڊاڪٽر!.....“
    مون بي اختيار هن آواز طرف نهاريو. آءٌ اڃا هينئر ڪراچيءَ کان ڳوٺ پهتو هوس، ۽ مسافريءَ ۾ ميرا ٿيل ڪپڙا مٽائڻ لاءِ، پنهنجي ڌوتل سلوار ۾ اڳٺ سورڻيءَ سان اڳٺ وجهي رهيو هوس.
    مون پنهنجي سامهون هن سهڻي، فيشن، واري شهري ڇوڪريءَ کي بيٺل ڏٺو. مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار ڪو نه آيو. ڇا آءٌ ڪو خواب ته ڪو نه ڏسي رهيو آهيان؟….. دوزخ ۾ حور ڪٿان آئي! برپٽ ۾ گلاب ڪيئن اڀريو! گودڙيءَ ۾ لعل ڪهڙيءَ ريت آيو! هن سُڃي واهڻ ۾ هيءَ ڪاليجي نازنين ڪٿان نازل ٿي؟
    نه فقط ايترو، پر هوءَ مون کي اهڙي گهرائپ مان کيڪاري رهي هئي، جو ڄڻ ته ورهين جي واقف ٿئي. آءٌ ته هن حيرت ۾ اهڙو محو ٿي ويس، جو هن جي سلام جي جواب ڏيڻ جي سمڪ ڪو نه رهيم. هن جي منهن تي مرڪ هئي؛ اکيون مليون، مگر جلد ئي جهڪي ويون. وڌيڪ سوچڻ جو موقعو ڪو نه مليو. ڏاڏي ڪريم ڏني ماءُ، آڏو اچي هڪدم چوڻ شروع ڪيو ”پٽ، هيءَ گل بانو اسان جي نئين مائٽياڻي اٿئي. تو وانگي حيدرآباد ۾ وڏي اسڪول ۾ پڙهندي آهي. هينئر هتي اسان وٽ ڪجهه ڏينهن ٽڪڻ آئي آهي. اسين ته آهيون ٻڍيون ۽ اڻ پڙهيل، انهيءَ ڪري اسان سان ته دل لڳيس ئي ڪا نه ٿي. تنهن ڪري تنهنجي اچڻ جا ڏينهن پئي ڳڻيندي هئي، خدا ڪيو ته تون به خير سان اچي وئين. هاڻي دل وندري رهنديس.“
    مون محسوس ڪيو ته پوڙهيءَ پويان اکر بي دليو ٿي چيا. ڄڻ ته چوڻ نه ٿي چاهيائين، پر دل تي پٿر رکي چئي وئي.
    بگهڙ کي چيو هئاون ته ٻڪرين سان ويندين، ته ٻئي هٿ کڻي اکين تي رکيا هئائين. آءٌ به ڳوٺ ايندو هوس ته اٻاڻڪو ٿي پوندو هوس. ڏينهن ئي وڌي پوندا هئا. ڪا به دلچسپيءَ جي شيءِ نظر ڪا نه ايندي هئي. اڄ پڻ ساري واٽ ڳڻتيون کائيندو پئي آيس ته هيءِ ڊگهي موڪل ڪيئن گذرندي. ڏاڏيءَ جي ڳالهين مون کي ڏڍ ڏنو.
    مون گل بانوءَ ڏي مهڙ ڪري چيو ”ويري گلئڊٽ، سي يو.“
    هوءَ مون ڏانهن شرميلي نگاهن سان نهاري رهي هئي. هن جو بدن ڊولائتو ۽ خوبصورت هو.
    امان جي چهري مان محسوس ڪيم ته هن کي اسان جي هيءِ گٽ مٽ ۽ کلي ڳالهائڻ نه ٿي آئڙيو. اهڙي طرح سان ڏاڏي به ڏاڍي سوچ ويچار ۾ پئي ڏٺي.
    ڏاڏيءَ ڪراچيءَ جي ٿوري گهڻي خبرچار پڇي. پوءِ ٿورو ترسي، گل بانوءَ کي ڏاڍي پاٻوهه مان چيائين ته ”جيجل، هاڻي هل ته گهر هلون. ابو به ٿڪجي ٽٽي آيو هوندو، ڀلي چيلهه ڊگهي ڪري تازو توانو ٿئي. وري سڀاڻي اچي ڳالهيون ٻولهيون ڪجانس.“
    گل بانوءَ ٺهه پهه وراڻي ڏنس ”ڏاڏي تون هل، مان پوءِ، ايندس.“
    ڏٺم ته ڪُراڙي هڪي ٻڪي ٿي ويئي، پر پنهنجي هٻڪ ظاهر ڪين ڪيائين، ۽ چيائين ”چڱو جيجل، مان هلان ٿي، گهر جو ڪم ڪار ٿو سيڙجي. تون وهندئي اچڻ جي ڪجانءِ.“
    مون تڙ تڪڙ ۾ پاڻيءَ جو دلو وهائي ورتو، ۽ ڪپڙا بدلايم. پوءِ ٺهي ٺڪي گل بانوءَ سان گڏ وڃي ويٺس. هڪ ٻئي جي آمهون سامهون، موڙن تي ٿي ويٺاسين. اسان جي وچ ۾ ڀڳل ٽٽل ٽپائي رکيل هئي. ايئن پئي لڳو ڄڻ ته صدين کان وٺي اسين هڪ ٻئي جي تلاش ۾ هئاسون. گهڙين ۾ هڪ ٻئي سان گهائل مائل ٿي وياسين.
    هن مون کي ٻڌايو ته هوءَ انٽر سائنس جي امتحان ڏئي آئي آهي. منهنجي ته اول ئي پڇا ڪري چڪي هئي ته مان ڊاڪٽريءَ جي ٽئين سال ۾ آهيان.
    مان هن جي هاڻي چڱي چوکي چڪاس ڪري چڪو هوس. هوءَ ته سڄي کير، ماکي ۽ گلاب جي هئي. کير جهڙو اڇو رنگ، هن مان کير جهڙي پاڪيزگي ۽ گلاب جهڙي تازگي پئي ٽپڪي؛ گلاب جي تازي ٽڙيل مکڙيءَ جهڙي مرڪ، چپ ۽ ڳٽا گلاب، سڀاءُ ماکيءَ جهڙو مٺو، ۽ آواز ۾ ماکيءَ وارو ميٺاج.
    مون کي هن ۾ سونهن ئي سونهن، سرهاڻ ئي سرهاڻ، سرهائي ئي سرهائي، تازگي ئي تازگي، جوڀن ئي جوڀن، مرڪ ئي مرڪ، روشني ئي روشني، دلڪشي ئي دلڪشي، محبوبيت ئي محبوبيت، خوبيون ئي خوبيون نظر آيون.
    منهنجي دل جو ڪنول ٽڙي پيو، منهنجي نيڻن ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ روشن ٿي ويو، منهنجي ڪنن ۾ آشا جا گيت گونجڻ لڳا.
    خبر ناهي خوابن جو ديوتا منهنجي ڪهڙي ڀيٽا تي پرسن ٿيو هو! ڇا منهنجي سپنن جو ٻيو حصو به حقيقت جو روپ وٺندو؟
    (اڌ ۾ ڇڏيل)


    حيدرآباد
    30 – آگسٽ 1972

    اها اڌوري ڪهاڻي، منهنجي حياتي جي صبح جو خواب هئي. اڄ ايڪيهن سالن کانپوءِ اها پڙهيم ۽ محسوس ڪيم ته منهنجي حياتيءَ جي سانجهي اچي ٿي آهي، پر اها ڪهاڻي اڃا اڌوري آهي، اهو خواب اڃا خواب آهي.
    اڄ به منهنجو تصور، منهنجو ذهن، منهنجو دماغ، منهنجي دل، منهنجا سپنا، منهنجون خواهشون ۽ منهنجا امنگ، ان اڌوري ڪهاڻيءَ واري سورميءَ جي طلب ۽ تلاش ۾ تڙڦندي، جاڳيل خوابن، خيالي پلائن، هوائي قلعن ۽ لکيل ڪهاڻين جو روپ وٺندا رهن ٿا.
    ٭


    جمن موچيءَ جي شادي

    جمن جي پيءُ ان وقت وفات ڪئي، جڏهن جمن اڃا هڪ سال جو مس هو. هنن جو ڪو به اوهي واهي ڪو نه هو، انهيءَ ڪري مجبور ٿي، ماءُ کي هٿ پير هلائڻا پيا. هوءَ، پاڙي وارن جو اٽو پيهڻ، ڪپڙا سبڻ ۽ ٻيو گهرو ڪم ڪندي هئي. انهن وٽان جي چار ڏوڪڙ ملندا هئس، تن مان پئي پورت ڪندي هئي.
    اڃا ٻه سال به ڪين گذريا ته مائيءَ کي سلهه اچي سوگهو جهليو، ۽ جنهن کي هن نهوڙي نيو. هوءَ ٽن ورهين جي معصوم ٻار کي ڇورو ڇڏي رمندي رهي. مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، پنهنجي پاڙي واري رحمت ماءُ کي سڏائي چيو هئائين ته: ”ادي، رحمت ماءُ! منهنجو وقت اچي ڀريو آهي، ڏينهن ٻه مس ڪڍان. منهنجو جمن توکي پرتو اٿئي. هن ڇورڙي ٻار جو ٻيو ڪير به ڪونهي. ڌڻي توکي درجا ڏيندو. ڇڏي نه ڏجانس.“
    ڪا ٻي مهل هجي ها ته رحمت ماءُ اصل ڪين قبول ڪري ها، پر مرندڙ ماءُ کي آٿت ڏيڻو ئي پيس.
    جيتوڻيڪ هوءَ مڇيءَ مانيءَ واري هئي، پر پرائي ننڍڙي ٻار کي پالڻ، هن جي طبيعت گوارا نه ٿي ڪيو.
    جمن يتيم ٿي ويو. پيءُ جو سايو ته اول ئي کڄي چڪو هو، هينئر ماءُ جي گود کان پڻ محروم ٿي ويو.
    هن جو پيءُ جيئرو هجي ها ته اسڪول کڻي نه به موڪليس ها، ته به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پاسي ۾ وهاري، اباڻو ڏاڏاڻو ڌنڌو ته سيکاريس ها، ۽ هو پيٽ قوت ڪمائڻ جي لائق ٿي وڃي ها.
    اڃا هو هلڻ چلڻ جهڙو مس ٿيو ته رحمت ماءُ، هن کان گھر ۽ ٻاهر جو ڪم وٺڻ شروع ڪيو. ڪاٺيون ڪري اچڻ، پاڻي ڀرڻ، ٻهاري ڏيڻ، سودو سلف وٺي اچڻ ۽ ٻيا اهڙا سنها ٿلها ڪم هن کي ڪرڻا پوندا هئا. ماني ٿوري ملندي هئس، ۽ ڪم گهڻو ڪرڻو پوندو هئس. ان سان گڏ وري چار ئي پهر پوڙهيءَ جو پٽ پاراتو، ڇڙٻون ۽ مارڪٽ. ويچارو گڏهه وانگر پيو وهندو هو.
    هن جي عمر ٻارهن سال اچي ٿي. ٻڍي رحمت ماءُ جو وهنوار، هن جي سهڻ کان ٻاهر ٿي چڪو هو، ۽ هڪ ڏينهن، هو ڀڄي نڪتو.
    ڪنهن ٻئي پاسي ڪو نه ويو. ان ڳوٺ جي وڏيري وٽ وڃي ٻيلي ٿي بيٺو. هو وڏيري جي اوطاق جي ڇنڊ ڦوڪ ڪندو هو، ۽ ايندڙ ويندڙ مهمانن جي ٽهل ٽڪور پڻ. ان کان سواءِ حويليءَ جي نوڪري پڻ ڏيندو هو، ۽ وڏيري جي ننڍي نينگر کي گهمائڻ ۽ پرچائڻ به هن جي بلي هو. ان جي اجوري ۾ وڏيرو هن کي رکي سڪي ماني به ڏيندو هو، ۽ پراڻا لاٿل ڪپڙا به عنايت ڪندو هو، تنهن کانسواءِ مهيني ۾ چار رپيا کيسي خرچي پڻ.
    جمن جوانيءَ ۾ قدم رکيو. نوان امنگ، نيون خواهشون ۽ نوان جذبا ڇوليون مارڻ لڳا. مگر هو غريب هو. هي جو ٿورو گهڻو اٽو ۽ لٽو ميسر ٿي ٿيو، اهائي نعمت هئي. وڌيڪ جي آرزو ڪيئن ڪري؟ مگر جوانيءَ جو جوش ڪٿي ٿو وهڻ ڏئي!
    هن چوڌاري نظر ڊوڙائي. ڪو به هن جو همراز ۽ همدرد ڪو نه هو. ڪنهن کي به هو پنهنجو چئي نه ٿي سگهيو. پوءِ ڇا هو ساري عمر اڪيلو ۽ بي يار گذاريندو؟ ڇا هو ڪڏهن به پنهنجو گهر وسائي ڪين سگهندو؟ ڇا ڪڏهن به هن کي زال ۽ اولاد حاصل نه ٿيندا؟
    هن کي ڪا به واهه نظر نه آئي. پر هو نوجوان هو، ۽ گهير ۾ گهڙي، قسمت سان لڙڻ کان نه ٿي ڪيٻايائين. ”ڇو نه ڪو اهڙو رستو اختيار ڪريان، جو مون وٽ ڪجهه پيسا گڏ ٿي سگهن. زماني جو ڏِيو سون چانديءَ جي تيل سان ٻري ٿو.“ هن سوچيو.
    ٻئي ڏينهن هو وڏيري جي نوڪري ڇڏي، وڃي مزوري ڪرڻ لڳو. محمود رازي هن کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ جي موڪل ڏني. هو تگاري کڻڻ لڳو. پهرين هن کي ٻارهن آنا روزاني اجرت ملندي هئي، ۽ پوءِ پورو رپيو ملڻ لڳي. هو مهيني ۾ پنجويهه ڇويهه رپيا ڪمائيندو هو. ڪفايت ڪرڻ سان به هو مهينن ۾ چئن پنجن رپين کان وڌيڪ بچائي ڪو نه سگهندو هو. مهانگائي به ڏاڍي هئي. روز ٻه چار ٻيڙيون به پيئندو هو. بعضي بعضي بيمار به ٿي پوندو هو، ۽ دوا درمل تي ٻه چار رپيا خرچ ٿيندا هئس. هڪ ڀيري ته ڪم ڪندي، پڪي سر اچي ٽنگ مٿان ڪريس، ۽ ٽنگ وارو هڏو ئي ڀڄي پيس. ان ڪري ٻه مهينا ساندهه ڪم ڪري ڪو نه سگهيو. ان عرصي اندر ميڙي چونڊي به ختم ٿي ويس. انهيءَ هوندي به پنجن ڇهن سالن ۾ ڏيڍ سو رپيا ڪٺا ڪري ورتائين.
    ڦوهه جوانيءَ جو زمانو. ڏينهن ته جيئن تيئن مصروفيت هجڻ ڪري گذري ويندو هو، مگر رات اڻ کٽندڙ ۽ بيقرار هوندي هئي. ڳپل رات تائين، پاسا ورائيندو رهندو هو. تصور ئي تصور ۾ هوائي قلعا جوڙيندو هو. پنهنجي گهر ٻار جا نوان نقشا چٽيندو هو. ڏينهن جو ڏٺل عورتن سان بغلگير ٿيندو هو. ڪڏهن ڏسندو هو ته هڪ حسين محبوبڙي هن کي اک جي اشاري سان سڏي رهي آهي؛ ڪڏهن بادشاهه بڻجي دنيا جي سهڻي ۾ سهڻين عورتن جي وچ ۾ وهندو هو؛ ڪڏهن جادوءَ جي ٽوپي پائي (جنهن ڪري ڪو به ڏسي نه سگهي) خوبصورت ڇوڪرين کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائيندو هو. اهڙيءَ ريت خيال ڊوڙائيندي ۽ عجيب غريب حرڪتون ڪندي، هن جو دماغ ۽ جسم ٿڪجي پوندا هئا. انهيءَ ٿَڪَ ۾ ئي ننڊ جي آغوش ۾ پهچي ويندو هو. ننڊ ۾ به اهي ئي حورون ۽ پريون پيو پسندو هو.
    هڪ اهڙي ئي اداس ۽ بيچين رات جو، هو سوچڻ لڳو ته: ” آخر منهنجي هيءَ حالت ڪيستائين هلندي؟ ڇا هي منهنجو تمنائون اڌوريون رهجي وينديون؟ ڇا آءٌ اهڙي طرح ڦٽڪندي ڦٽڪندي مري ويندس! ...... نه، نه، ائين ڪيئن ٿيندو! ڪوشش ته ڪري ڏسان، ڪنهن کي چوان ته سهي.“
    ڳوٺ ۾ هڪ چاچو ٻڍل ئي هو، جو هن کي شفقت جي نظر سان ڏسندو هو. چاچي ٻڍل جي، جمن جي پيءُ سان گهاٽي ياراني هوندي هئي. اهوئي سبب هو، جو هو ڪڏهن ڪڏهن جمن وٽ ايندو هو، ۽ بيماري سيماريءَ ۾ سار سنڀال لهندو هو.
    چاچو هن جو احوال ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه سوچ ويچار بعد چيائين ”پٽ، ڪم ته ڏاڍو اؤکو ٿو نظر اچي. تو کي ته پنهنجي برادري آهي ئي ڪا نه. اڄ ماڻهو ڌارين ۾ ڪٿي ٿا ڌيءُ ڏين. پيسو پنجڙ به ته تو وٽ ڪو نه هوندو. خير، پٽ! مان ڪوشش ڪندس. ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو.“

    (2)
    ٻڍل، سائين ڏني حجم وٽ ويو. سائين ڏني حجم جي ڌيءُ ساماڻي ويٺي هئي. پر چاچي ٻڍل کي کتو جواب ڏنائين ته: ” پنهنجا مري کپي ويا آهن ڇا، جو ڌارين ۾ ڏيندس.“
    چاچو نا اميد ٿي موٽيو. مهيني کن کانپوءِ، سائين ڏني پنهنجي برادري جي هڪ پوڙهي سان پنهنجي نوجوان ڌيءُ پرڻائي ڇڏي. پوڙهو هو ته ڇا ٿيو، پنهنجي برادريءَ جو ته هو!
    علي خان ميمڻ وٽ پنهنجي ڀائٽيءَ جو سڱ هو. چاچي ٻڌو ته هو ڪنهن موزون ڇوڪري جي ڳولا۾ آهي.هن وٽ لنگهي ويو، ۽ جمن واسطي سڱ گهريائين. هن جون خوبيون ٻڌائيندي چيائين ته: ”جمن سٺن لڇڻن وارو ڇوڪرو آهي، ڪمائيندڙ ڪرتيندڙ، جانٺو جوان آهي.“ مگر علي خان کي انهن ڳالهين جو اونو ئي ڪو نه هو. هو ته جمن جو نالو ٻڌي، باهه ٿي ويو. جواب ڏنائين: ”چاچا، ڇو اچي اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب ٿيو اٿئي. شرم نه ٿو اچيئي جو هڪڙي ڪمذات موچيءَ واسطي مون کان ٻانهن گهرڻ آيو آهين0هن ل عورتن سان بغلگير ٿيندو هو. هو. هو، مگر رات اڻ کٽندڙ ۽ بيقرار هوندي هئي. ؟ ڇا ڪڏهن به هن کي زال ۽.
    چاچو موٽي آيو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، علي خان پنهنجي ڀائٽي هڪ همذات ميمڻ سان پرڻائي ڇڏي. هيءُ هڪ رولو ۽ نڪمو ڇوڪرو هو. ڇوڪريءَ مڙس سان هڪ ڏينهن به سک ڪو نه پاتو.
    خبر ناهي ته ساجن کٽيءَ کي ڪيئن دل ۾ رحم پيو، جو ڌارين ۾ ڌيءُ ڏيڻ جي هام ڀريائين. مگر جڏهن وڌيڪ ڳالهيون ٻوليون هليون. تڏهن اهو اِٽَ هڻي بيٺو ته هزار کان گهٽ ۾ سڱ نه ڏيندس. ايتري رقم جو ٻڌي، ٻڍي جي دل وري هارجي وئي. هن کي پڪ هئي ته جمن ڪنهن به صورت ۾ ايڏي رقم مهيا ڪري نه سگهندو.
    ساجن کٽيءَ جي ڌيءُ ڏاڍي سهڻي هئي. جڏهن وڏيري جي ڪن هيءَ ڳالهه پهتي، تڏهن هزار جا به ٻارهن سئو ڏيئي، ساجن جي ڇوڪريءَ سان شادي رچايائين. ساجن کٽي هٻڪيو اصل ڪو نه؛ جيتوڻيڪ وڏيرو سٺ سالن جو ٻڍو هو ۽ هن جي حويليءَ ۾ اول ئي ٽي پهاڄون موجود هيون.
    چاچي ٻڍل اڃا همت نه هاري هئي. هو ووڙ ڏيندو رهيو. عثمان ميربحر وٽ به ويو. پر هن مرڳوئي نرالو شرط وڌس. چيائين: ”چاچا، منهنجو پٽ به جوان جماڻ آهي، ان جي ڳڻ به ڪرڻي آهي. انهي ڪري مان ”ڏي وٺ“ جو معاملو ڪندس. منهنجي پٽ واسطي سڱ پيدا ڪريو ته آءٌ اوهان کي پنهنجي نياڻيءَ جي ٻانهن ڏيان.“
    چاچو هتان پڻ ماٺ ڪري موٽيو. عثمان،نيٺ پنهنجي ساماڻل ڌيءُ، بچو ڍکڻ جي ننڍي پٽ سان مڱائي ڇڏي. بدلي ۾ بچوءَ جي ڌيءُ سان پنهنجي پٽ جو نڪاح پڙهايائين. ڪنوار جي عمر هئي ست سال ۽ گهوٽ جي ايڪيهه سال.
    ٻڍل ۽ جمن دير دير تائين پيا ڪچهري ڪندا هئا، ۽ اهڙن واقعن تي رائزني ڪندا هئا. وڏن خاندانن ۽ شاهوڪارن کان رشتي گهرڻ جو ته هي مسڪين پورهيت دل ۾ خيال به آڻي نه ٿي سگهيا. حالانڪه انهن وٽ ڪيتريون حق بخشايل ۽ وڏور ڌيئر ويٺيون هيون.

    (3)
    اهڙي طرح ڏينهن بدلجي هفتا ٿيا. هفتا بدلجي مهينا ٿيا، ۽ مهينا بدلي سال ٿيا. وقت پهاڙ تان وهندڙ درياهه وانگر، تيزيءَ سان گذري رهيو هو. ڪيتريون ئي شاديون ٿيون، ڪيترائي گهر آباد ٿيا، پرڻيلن جا گهر ٻارن جي شور ۽ غل سان گونجي اٿيا. ٻار جوان ٿيا ۽ جوان ٻڍا. سلا وڌي وڃي وڻ ٿيا. هر چيز وڌندي ٿي ويئي. مگر هيءَ واڌ ۽ اوسر جيڪڏهن اڻ لڀ هئي ته رڳو جمن موچيءَ جي اڱڻ ۾. هن زندگيءَ جا پنجٽيهه بهار نه، پر خزان ڏٺا هئا، مگر هو اڃا تائين اڪيلو هو، هن جي جهوپري اڪيلي هئي، هن جي دنيا اڪيلي هئي. اهي ئي بيقرار ۽ ڊگهيون راتيون ۽ ٿڌا شوڪارا. اڄ تائين نه هن جي گهر ۾ زال آئي ۽ نه ٻارن جو چهچٽو ٿيو. نه هو بادشاهه بڻجي پري جمال راڻين جي وچ ۾ ويٺو، ۽ نه ڪنهن جوانڙيءَ هن کي اکين جي اشاري سان پاڻ وٽ سڏايو، ۽ نه وري جادوءَ جي ٽوپي ئي ملي. خواب، خواب ئي رهجي ويا. هن جي حياتي ته ڪنهن شاعر جو ”نه کٽندڙ مرثيو“ هئي.
    چاچو ٻڍل به مٿا مونا هڻي، ماٺ ڪري ويهي رهيو، هينئر ته هو صفا ڪُراڙو ٿي ويو هو.
    جمن کي اميد جو هڪ نئون ڪرڻو نظر آيو. ارباب موچيءَ جي ڌيءُ رَني هئي. هن جو مڙس ڇهه مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو. هن ويچاريو ته ارباب جي برادريءَ مان کڻي نه آهيان، پر ته به ذات ڀائي ته ضرور آهيان. ڪجهه ننگ پوندس، ۽ تنهن کانسواءِ ته ڌيڻس رنڙ آهي؛ مون وٽ هن وقت ڏوڪڙ به چڱا گڏ ٿي ويا آهن. هي ڳالهيون ڳڻي، هن کي پڪ ٿيڻ لڳي ته بس هاڻي منهنجي جهوني آرزو پوري ٿيڻ واري آهي.
    هن اٿي ڏوڪڙ ڳڻيا. اٺ سئو ويهه رپيا هئا. هو مرڪيو. هنجي ڪنن ۾ دهلن ۽ شرناين جو شيرين آواز گونجڻ لڳو، ۽ هو ڪا فلمي ڌُنَ جهونگاريندو، چاچي ٻڍل جي گهر ڏانهن راهي ٿيو.
    ارباب موچيءَ صفا انڪار ته ڪو نه ڪيو، پر هن جو جواب زياده اميد ڀريو به ڪو نه هو. هن کي جمن گهڻو پسند نه هو، ڇو ته هو گهر ۾ اڪيلو ۽ ڇنو ڇورو هو. ان کانسواءِ هن جي ناٺيءَ کي وفات ڪئي اڃا گهڻو وقت ڪو نه ٿيو هو، ۽ هن کي آسرو هو ته شايد ڪا بهتر مائٽي اچي وڃي. ان ڪري ٻڍل کي چيائين : ”اسان کي تڪڙ ڪونهي، ڇوڪري اڃا غم ۾ آهي، ٻيا پيغام اچڻ جي به اميد آهي، اسان جڏهن آخري فيصلو ڪيو تڏهن توکي سڏائي ٻڌائيندس.“
    چاچي کان احوال ٻڌي، جمن کي سخت صدمو رسيو. هنجا سڀ حيلا بيڪار ثابت ٿيا هئا. هو اڪثر سوچيندو هو ته ”هن طرح جيئري رهڻ مان ڪهڙو مقصد؟ منهنجي حياتي ۾ نه خوشي آهي ۽ نه دلچسپي. هيءَ شرافت ڪهڙي ڪم جي!“
    ڇهه مهينا ٻيا به گذري ويا. هڪ صبح جو، چاچي ٻڍل کي، ارباب موچيءَ جو نياپو مليو ته سانجهيءَ جو مون وٽان ٿي وڃجانءِ. ٻڍل کي ٻڌي ڏاڍي سرهائي ٿي. هن کي پڪ ٿي ته جنهن چيز لاءِ، هن سالن جا سال جستجو ۽ جاکوڙ ڪئي هئي، ان ۾ هن کي اڄ ڪاميابي حاصل ٿيندي.
    سانجهيءَ جو، جنهن وقت ٻڍل، ارباب ڏانهن وڃڻ لاءِ پراڻو بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌي رهيو هو، تنهن وقت هن جو پٽ سهڪندو گهر آيو ۽ اچڻ سان چيائين: ”بابا، ڪجهه ٻُڌَوَ ..... پوليس جمن کي پڪڙي ويئي. هن ابراهيم سوناري جي ڌيءَ سان زوريءَ ڪارو منهن ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي!“
    اهو ٻڌي، چاچو غمگين ضرور ٿيو، پر هن جي چهري تي حيرت جو ڪو به اهڃاڻ ڪو نه اڀريو، ۽ هن بوسڪيءَ جو پٽڪو لاهي، وري صندوق ۾ سانڍي ڇڏيو.

    ٭
    خانواهڻ، ٢٠ – مئي ١٩52ع
    ماهوار هلال پاڪستان: ڊسمبر ١٩57ع


    توکي مرڪندو ڏسان

    اوچتو هڪ ڏينهن لالي گم ٿي ويئي.
    مون هن جو نالو ”انٽرنيشنل معشوق“ رکيو هو. جڏهن مون کي پنج ماڙ هاسٽل جي اولهه واري پاسي ۾ ڪمرو مليو، ۽ مان بالڪنيءَ ۾ بيهي، آسپاس جي دنيا جو ديدار ڪري رهيو هوس، ان وقت منهنجي نظر هيٺ هڪڙي ڪچي گَهرَ جي اڱڻ ۾، بيٺل ڇوڪريءَ تي وڃي پيئي. هن جي عمر سورنهن سترهن سال هئي. هوءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، ۽ هن جو انگ انگ جوڀن وچان جرڪي رهيو هو ..... هوءَ مون ڏانهن گهوري نهاري رهي هئي، ۽ منهنجي ڏسندي ڏسندي، هڪ ملٽري سئليوٽ (سلام) به ڪري ورتائين، ۽ هٿ سائين ائين اشارو ڪرڻ لڳي، ڄڻ ته پڇيائين ته خوش چڱو ڀلو ته آهين نه، ٻيو ته مڙئي خير آهي!
    منهنجون واڇون ٽڙي ويون، ۽ بي اختيار، چهري تي مسڪراهٽ ناچ ڪرڻ لڳي. هر نوجوان وانگر هڪدم خوشفهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويس. مون کي پنهنجي حسن تي ناز ٿيڻ لڳو ته، ڪيئن نه عورتن کي بنا دير گهائل ۽ مائل ڪري ٿو وجهي. مون سمجهو ته لَو اِئٽ فرسٽ سائيٽ (پهرين نظرن ۾ ئي عشق) جو جيئرو جاڳندو مثال قائم ڪيو اٿم. هن هيترن نوعمر شاگردن ۾ جو منهنجو انتخاب ڪيو آهي، ان ۾ به ڪو ته راز آهي!
    پر لاليء (اهو ئي سندس نالو هو) مون کي گهڻو وقت ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ نه ڏنو. آءٌ اڃا انهيءَ روحاني لذت مان لطف ماڻي رهيو هوس، ته هن کي وري سلام ڪندي ڏٺم. مگر هن دفعي هن جو رخ ٻي بالڪنيءَ طرف هو. مون نِوڙي ڏٺو. هوءَ سعيد احمد کي سلام ڪري رهي هئي. هو به هن سان ڏند ٽيڙي، اشاري بازي ڪري رهيو هو.
    اندر جلي ويم، رقابت جي آگ ڀڙڪڻ لڳي. منهنجو سارو غرور غائب ٿي ويو، ۽ منهنجا بڻايل هوائي قلعا هڪ لحظي ۾ لٽجي ويا.
    الاهي بخش ٻاهر بالڪنيءَ ۾ نڪتو، ته وري هن سان نخرا ڪرڻ لڳي. مون کي قصو ڪجهه عجيب واهيات نظر اچڻ لڳو، ۽ غصو پڻ سخت اچي رهيو هوم. (خبر ناهي ته ڪنهن تي ۽ ڇو؟)
    نهايت دلچسپ معاملو هو. لالي سڀني شاگردن جي هئي، ۽ سڀ شاگرد لاليءَ جا هئا. جو به هن ڏانهن نهاريندو هو (۽ جيڪڏهن ڪو ڏانهس نه نهاريندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني هن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي هئي) يا هن سان حرڪت ڪندو هو، ته هوءَ پڻ فراخدليءَ سان ان جو جواب ڏيندي هئي. ڪڏهن هوءَ ويچارا ڪڍندي هئي، ڪڏهن آهستي آهستي راڳ جهونگارڻ لڳندي هئي، ڪڏهن چپن ئي چپن ۾ الائي ڇا بڙ بڙ ڪري مصنوعي غصي جو مظاهرو ڪندي هئي، ناچ ڪري ڏيکاريندي هئي، آرسي سامهون جهلي بيهندي هئي يا ان سان اولڙو ڪندي هئي، يا ڪنهن اخبار مان ڪٽيل مورت ڏيکاريندي هئي.
    هوءَ گهر جو ڪم ڪار (صفائي ڪرڻ، ٿانو ٿِپا ملڻ، ڪپڙا ڌئڻ، کاڌو پچائڻ وغيره) به برابر ڪندي رهندي هئي، ۽ بالڪنين ۾ بيٺلن سان به منهن ڏيندي رهندي هئي.
    هوءَ ڪافيءَ کان زياده معصوم هئي، جهڙو بي سمجهه ٻار. نوجوان شاگردن کي نهاريندو ۽ دلچسپي وٺندو ڏسي، هوءَ ايترو خوشيءَ ۾ ڀرجي ويندي هئي، جيترو ننڍو ٻار نئين رانديڪي کي ڏسي.
    سچ پچ ته لالي اسان واسطي هڪ وڏي وندر هئي. جڏهن ڪتاب پڙهي پڙهي ٿڪبا هئاسين، ته اچي بالڪنيءَ ۾ بيهندا هئاسين. جيڪڏهن لالي پنهنجي گهر جي پڌر ۾ نه هوندي هئي، ته اسين ڪنهن جو نالو پڪاري واڪو ڪندا هئاسين ”او فلاڻا“ ۽ لالي ٻاهر نڪري ايندي هئي. هوءَ به اسان جا اهي اشارا ڄاڻندي هئي. اهڙيءَ ريت بيمارين ۽ دوائن جي ڪتابي دنيا مان نڪري اچي صحت ۽ سونهن، مسڪراهٽن ۽ معصوميت جي فرحتي فضا ماڻيندا هئاسين.
    انهن ڳالهين ڪري ئي مون هن کي ”انٽرنيشنل معشوق“ جو لقب ڏنو هو.
    شام جو بالڪنين ۾ رونق لڳي ويندي هئي. جيڪي شاگرد راندين ۾ بهرو وٺڻ يا شهر ۾ گهمڻ نه ويندا هئا، سي بالڪنين ۾ نڪري ايندا هئا، ڪي ڪرسيون ڪڍي وهندا هئا، ۽ ڪي ريڊيا ٻاهر آڻي، ان جو آواز بلند ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ لاليءَ سان مستيون پيون ٿينديون هيون. هوءَ پنهنجي اڱڻ ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي يا ويهي يا بيهي رهندي هئي ڪي ڇوڪرا شيون وٺي پاڻ وٽ رکندا هئا، ۽ ان مهل لاليءَ جي آڏو، هن جي پڌر ۾ اڇلڻ شروع ڪندا هئا. اهي چيزون گهڻو ڪري کائڻ جون هونديون هيون، خاص ڪري کٽمٺڙا ۽ بسڪوٽ.
    اهو به ڏاڍو مزيدار ڏيک هوندو هو. لالي هڪ هنڌ ويٺي هوندي هئي، يا بيهي رهندي هئي ۽ ڇوڪرا جدا جدا بالڪنين مان، جدا جدا طرفن کان، هڪ هڪ ڪري کٽمٺڙو اڇلائيندا ويندا هئا. بلڪل ائين، جيئن مداري کيل ختم ڪرڻ کانپوءِ وچ ميڙ ۾ چادر وڇائيندو آهي، ۽ ان تي ماڻهو ڏوڪڙا اڇلائيندا ويندا آهن.
    اڇلائڻ وقت هر ڪو ڇوڪرو، ڪو نه ڪو رومانوي ۽ محبت ڀريو لفظ يا جملو به چوندو ويندو هو: ”اچئي ٿو منهنجي پيار جو خزانو.“، “تون به هن ٽافيءَ جهڙي مٺي آهين.“، ” اُڏامي وڃي تون پياريءَ جي لبن سان لڳ.“، ”جيڪر مان به کٽمٺڙو هجان ها.“، ”تنهنجي مرڪ تان قربان.“ وغيره.
    لالي هڪ خاص انداز سان کٽمٺڙي کي ڏسندي هئي، ۽ اڇلائيندڙ ڏي ڏسي مرڪندي هئي. هن جي مرڪ ڏاڍي پياري ۽ دلڪش هوندي هئي، ڄڻ ته وايو منڊل ۾ هڪ ئي وقت هزارين لکين مکڙيون ٽڙي پونديون هيون. هن جي مرڪ، اندر ۾ اهڙي مٺڙي احساس کي جنم ڏيندي هئي، جو مرڪ جي مالڪياڻيءَ کي، دنيا جهان کان بي نياز ٿي، سيني سان لڳائڻ لاءِ دل تڙڦي اٿندي هئي.
    پوءِ جڏهن ڇوڪرا شيون اڇلائڻ بند ڪندا هئا، تڏهن لالي اهي ميڙي گڏ ڪندي هئي، ۽ شڪريو مڃڻ طور سلام ڪندي هئي، مُرڪن سان گڏ، معصوميتن سان ڀريل.
    ڪن موقعن تي هڪ ٻن شاگردن، سُرخيءَ جي شيشي، ڪنن جون واليون، پائوڊر جي دٻي وغيره جهڙيون شيون اڇلايون. لاليءَ پهرين ٻانهون ٻڌي، مرڪي، ڄڻ معافي ورتي ته هي شيون مان پاڻ وٽ رکي نه ٿي سگهان، ۽ پوءِ اهي شيون ڀت کان ٻاهر رستي تي اڇلائي ڇڏيائين.
    مهينن جا مهينا ائين ٿيندو رهيو، پر مون ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو ته لاليءَ ڪنهن ڇوڪري سان سڌي گفتگو ڪئي هجي يا سوال جواب ۾ ڳالهايو هجي. سڀ مستيون اشارن ۽ اڻ سڌن واڪن ذريعي ٿينديون هيون.
    جنهن ڏينهن هن کي مٿي تي ڀنڊي ٻڌل هوندي هئي، ان ڏينهن اسين سمجهي ويندا هئاسين ته هوءَ بيمار آهي. جو به ڇوڪرو هن کي پهرين اهڙي حالت ۾ پسندو هو، ته هٿ جي اشاري سان هن کان پڇندو هو ته ڇا ٿيو آهي؟
    لاليءَ کي ڄاڻ هئي ته هي ڇوڪرا ڊاڪٽر ٿا پڙهن. پوءِ هٿن جي اشارن سان پنهنجو مرض ٻڌائيندي هئي. جي ڪَڻس هوندي هئس ته نبض ڏسڻ وانگر پنهنجي ٻانهن تي هٿ رکندي هئي. مٿي ۾ سور هوندو هوس ته مٿي ڏانهن آڱر سان اشارو ڪندي هئي. مٿي ۾ ڦيريءَ جي حالت ۾ مٿي تي هٿ رکي، هٿ هوا ۾ ڦيرائي ڏيکاريندي هئي. دست هوندا هئس ته پيٽ تي هٿ رکي، پوءِ هٿ هيٺ زمين ڏانهن ڇنڊيندي هئي. کنگهه هوندي هئس ته کنگهي ڏيکاريندي هئي.
    اشاري مان بيماري سمجهي، پوءِ اهو ڇوڪرو،جي کيس ڪا دوا سجهندي هئي، نه ته ٻين سان مشورو ڪري، اها دوا پاڻ وٽان يا ٻئي ڪنهن شاگرد وٽان، نه ته ڊوڙ پائي بزار مان وڃي وٺي ايندو هو. پوءِ اها ڪاڳر ۾ ويڙهي، بالڪنيءَ مان لاليءَ جي پڌر ۾ اڇلائيندو هو. لالي مٿي نهاريندي هئي، ۽ هو آڱرين جي اشارن سان، هن کي دوا جو وزن سمجهائيندو هو، ته هڪ گولي ٽي دفعا، يا ٻه ٽڪيون ٽي ڀيرا. ان تي لالي هٿ لوڏي ۽ مرڪي شڪريو ادا ڪندي هئي. اها ئي دل لڀائيندڙ مرڪ. دوا ڏيندڙ جي دل بهار بهار ٿي ويندي هئي. ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي درد جي دوا ملي ويندي هئي. ٻئي ساڳئي وقت هڪ ٻئي واسطي ڊاڪٽر به هئا ۽ پيار به!
    هن جي گهر ۾ فقط ٻه ڀاتي هئا. هڪ پاڻ ۽ ٻيو سندس مڙس. هن جو مڙس 45 ورهين جو پوڙهو هو، ۽ اها لاليءَ جي حياتيءَ جي وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي هئي.
    پوڙهي کي شهر ۾ پان جو دڪان هو. هو سارو ڏينهن گهر مان غير حاضر رهندو هو. هو موالي هو ۽ چرس جام پيئندو هو. جيترو لاليءَ ۾ ڦڙتائي ۽ زندهه دليءَ جا اهڃاڻ هئا، اوترو ئي سندس مڙس ڪُند ذهن، چرندڙ پرندڙ بوتو، ۽ زندگيءَ کان خالي خالي نظرايندو هو.
    جنهن ڏينهن، يا جنهن وقت، هن جو مڙس گهر ۾ هوندو هو ته هوءَ يا ڪم ڪندي رهندي هئي، يا اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃي وهندي هئي. جي پڌر ۾ وهندي هئي ته به ڪنڌ هيٺ ڪيو، ماٺ ۾ مُوڙهي ويٺي هوندي هئي. وڌ ۾ وڌ مڙس جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هئي. مڙس، گهڻو ڪري کٽ تي ويٺي، سلفي ڇڪيندو ۽ کنگهندو يا گهيرٽ کائيندو ڏسبو هو.
    بعضي بعضي، اوچتو هيٺان رڙين ۽ گارين جو گوڙ ٻڌبو هو، ۽ اسين ڀڄندا ڀڄندا بالڪنين ۾ پهچي وندا هئاسين. هيٺ نهارڻ سان نظر ايندو هو ته لاليءَ جو مڙس، هن کي ماري، لتون هڻي، ۽ گاريون بڪي رهيو آهي، ۽ هوءَ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪو نه ٿي ڪري.
    ان تي ڇوڪرا وڃي هوڪرا ڪندا هئا، ۽ مڙس تي ڌمڪين ۽ لعنتن جو وسڪارو لڳائي ڏيندا هئا: ”اڙي بي غيرت، عورت ذات تي ٿو هٿ کڻين!“، ”اڙي پڪڙيو مواليءَ کي، سڏي اچو پوليس!“،”اڙي متان، متان، نامراد!“،”ڇڏينس ٿو نه ته اسين سڀ اچي تو کي بُج بُج ڪري ڇڏينداسين!“
    پوءِ شاگردن جو شور ايترو وڌي ويندو هو، جو مواليءَ جا نشا ٽٽي پوندا هئا، ۽ هو لاليءَ کي ڇڏي، اندر گهر جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويندو هو؛ ۽ لالي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه ساعتون ويهي رهندي هئي، ۽ پوءِ نگاهه مٿي ڪري ڇوڪرن جو ڄڻ احسان مڃڻ لاءِ مرڪندي هئي..... اهائي سڄي دنيا ۽ حياتيءَ سندا غم وساري ڇڏيندڙ، لکين ٽڙيل مکڙين جي بنيل مرڪ. ان وقت هن جو منهن سڄيل ۽ نيڻ نماڻا هوندا هئا. اسين به سڀ خاموشي اختيار ڪري، پنهنجي همدردي جتائيندا هئاسين.
    لالي نوجوان هئي، ۽ هن کي هر نوجوان سان محبت هئي. هوءَ نظرن ئي نظرن ۾ چوندي هئي ته مون کي توهان جا جوان ۽ خوبصورت چهرا وڻن ٿا، توهان جا ڪوٽ ۽ سوٽ مون کي پسند آهن، مون کي ڪارا وار پيارا آهن، مون کي اڇن وارن کان نفرت آهي، مون کي پنهنجي مڙس جي ڪوجهي ۽ گهنجيل چمڙيءَ واري چهري کان نفرت آهي، هن جي پان جي پڪن ڀريل ڪپڙن کان نفرت آهي ..... ٻار، ٻار سان راند کيڏندو آهي. مان جوان آهيان ۽ جوان سان ئي هم آغوش ٿيڻ جي تمنا اٿم ..... اچو، مون کي اهڙي دنيا ۾ وٺي هلو، جتي رڳو جوان ئي جوان هجن.....
    اوچتو هڪ ڏينهن لالي گم ٿي ويئي. خبر ٻڌيسون ته هوءَ ڪنهن سان ڀڄي ويئي. پوڙهي مواليءَ ان لاءِ ڇا ڪيو، سا اسان کي سُڌ ڪانهي. اسان ڪي ڏينهن پوءِ بالڪنيون ويران ۽ اداس ٿي ويون. وقت گذرندو ويون، ۽ اسان به هن ”انٽرنيشنل معشوق“ کي وساري ڇڏيو.

    (2)
    ڊگري پاس ڪري، ڪراچي ڇڏي، وڃي نوڪريءَ ۾ لڳس. ڪيترائي ورهيه گذري ويا. هڪ ڀيري پنهنجي پراڻي هم ڪلاسي الاهي بخش جو حيدرآباد ۾ اچي مهمان ٿيس. تلڪ چاڙهيءَ تان لنگهندي، هن مون کي هڪ عورت ڏيکاريندي پڇيو ته هن کي سڃاڻين ٿو؟ هوءَ وچولي عمر واري هڪ سڪل سڙيل عورت هئي. هن کي ميرا ڪپڙا پهريل هئا ۽ بيک پني رهي هئي. مون کي مهانڊو ڏٺل ضرور معلوم ٿيو، پر وڌيڪ ياد ڪري ڪو نه سگهيس.
    پوءِ هن چيو ”هوءَ پاڻ واري ”انٽرنيشنل معشوق“ ياد ڪا نه اٿئي؟“
    اتي مون کي سڀ ڪجهه ياد اچي ويو، ۽ مون هن کي سڃاتو. هوءَ اهائي لالي هئي. پهرين نظر ۾ ئي پروڙي ورتم ته هن جي چهري تي نه اها رونق ۽ چمڪ هئي، ۽ نه اهو جوڀن ۽ جذبو. لاليءَ جي لعلائي وقت کان اڳي ختم ٿي چڪي هئي.
    الاهي بخش چيو ” هن عورت جي حياتي به مون ئي خراب ڪئي.“ هو ٿورو ترسي وري چوڻ لڳو ”پر هوءَ ته موجوده زندگي کي ئي بهتر ٿي سمجهي.“
    الاهي بخش، هڪ دولتمند زميندار جو شوقين پٽ هو. ڪاليج جي زماني ۾ به هن وٽ موٽر هوندي هئي.
    ”مان ئي هن کي موٽر ۾ چاڙهي، ڪراچيءَ مان ڀڄائي آيو هوس. اسين ملير وٽ هڪڙي عاليشان هوٽل ۾ اچي رهيا هئاسين. اتي هفتو کن ڏاڍي عيش سان گذريو. پوءِ هن کي ملير جي گهٽين ۾ اڪيلو ڇڏي، آءٌ واپس ڪراچي کسڪي آيس، ۽ ڪنهن کي به مون ۾ شڪ ڪو نه پيو.“ هن سارو واقعو بيان ڪيو.
    ”ان بعد هن سا ڇا وهيو واپرايو ۽ هتي ڪيئن پهتي؟ مون دلچسپي ۽ حيرت سان پڇيو.
    هن وراڻيو ”مون اوچتو هن کي هڪ ڏينهن هتي ڏسي ورتو. هن به مون کي سڃاتو. هن کي پنهنجي گهر وٺي ويس، ۽ رات رهايومانس. هن مون کي ٻڌايو ته جڏهن مان هن کي دغا ڏيئي اڪيلو ڇڏي آيس، تڏهن هوءَ موٽي ساڳي هوٽل ۾ ويئي. اتي هن کي رنڊيءَ وانگر استعمال ڪيو ويو. هر رات هن کي ڪنهن نه ڪنهن مسافر جي بستري جي زينت بڻجڻو پوندو هو.“
    ”يعني اتي به هوءَ انٽرنيشنل معشوق ٿي رهي.“ مون وچ ۾ ئي چيو.
    ”هائو، اهڙي نموني ڪي سال اتي رهي. آخر اتان لاڙ جو هڪ زميندار، جو ان هوٽل ۾ اچي رهيو هو، ۽ جنهن کي هوءَ ڏاڍي وڻي ويئي، سو ريهي ريبي، ڀڄائي، پنهنجي ڳوٺ وٺي آيس. اتي ڏيڍ سال کن هن جي جوانيءَ جو رس چوسيائين. پوءِ ڪڪ ٿي، پنهنجي ٻيلين کي حڪم ڪيائين ته وڏي شهر حيدرآباد ۾ هن کي گهٽين ۾ هيڪلو ڇڏي اچو. ٻيلين هڪدم ائين ڪو نه ڪيو، پر جيئن هو زميندار جي اوبر کائڻ تي هريل هئا، تيئن هن جوڀن جي اوبر مان به پنهنجي جنسي پياس اجهائيندا رهيا، واري وٽيءَ تي. ٻن مهينن کانپوءِ ايئن ڪيائون جيئن مالڪ حڪم ڪيو هون. هاڻي هوءَ حيدرآباد ۾ رهندي آهي، ۽ بيک پنندي آهي. ان سان گڏ هوءَ هينئر به انٽرنيشنل معشوق آهي.“
    ”ڇا هن جا ماءُ پيءُ ڪو نه آهن؟“ مون دريافت ڪيو.
    ”هن جو دنيا ۾ ٻيو ڪو به مٽ مائٽ ڪونهي، سواءِ هڪ چاچي جي، جو هن کي هندستان مان هيڏي وٺي آيو هو، ۽ ڪجهه رقم وٺي لاليءَ کي ان ٻڍي مواليءَ جي حوالي ڪيائين، ۽ وري هن جو منهن ڏسڻ به ڪين آيو.“
    ”هوءَ پوڙهي مواليءَ ڏي موٽي ڇو نه ٿي وڃي؟“
    ”مون چيومانس ته هل ته توکي تنهنجي مڙس وٽ ڇڏي اچان. تنهن تي چيائين ته نه آءٌ هتي وڌيڪ خوش آهيان. پوڙهن کان مون کي سخت نفرت آهي.“
    منهنجي اندر ۾ ان وقت اها اجهل خواهش پيدا ٿي ته آءٌ هن جي اها مرڪ وري ڏسان، جنهن کي مان لکين ٽڙندڙ مکڙين جي بڻيل چِئي چڪو آهيان. ان ڪري بهانو بڻائي، الاهي بخش کان موڪلائي، پوئتي تلڪ چاڙهيءَ طرف موٽيس ...... مگر ٿورو اڳتي هلڻ سان احساس ٿيم ته اها مرڪ هاڻي مان وري ڪڏهن به ڏسي ڪو نه سگهندس. مون کي پڪ ٿي ته اها ڪوشش بيسود آهي .... انهن مرڪن کي جي امر بڻائڻو آهي، ته پهرين انهن طاقتن ۽ تهذيبن کي ختم ڪرڻو پوندو، جي اهڙين سونين مرڪن، لکين ٽڙيل مکڙين جهڙين مرڪن ۽ خود مکڙين کي ناس ڪن ٿيون!

    ٭
    ڪراچي، ٣١ – مئي 1953ع
    ٽماهي مهراڻ: ٢ – 1972ع


    يارهن ٽڪيون

    ڪرامت علي، حيدرآباد مان سامان سڙو وٺي واپس آيو. ٻين شين سان گڏ، هڪ ننڍي شيشي به پنهنجي زال عصمت کي ڏيندي چيائين ته ”هان، هيءَ به لڪائي رک، رات جو ڪم ايندي.“ هو کاڌو کائي ٻاهر نڪري ويو.
    رات جو دستور کان ڪجهه دير سان گهر موٽيو. عصمت کي ڏسڻ سان ئي هو تاڙي ويو ته اڄ ضرور ڪو ڀنڻ مچڻ وارو آهي. هن جو چهرو ٻڌائي رهيو هو ته هوءَ رُٺل آهي ۽ غم۽ غصي سان ٽمٽار.
    چيائين ”عصي!“
    جواب ڪو نه مليو.
    ”عصي! ڇو، ناراض آهين؟“
    هن منهن ڦيري ٻئي پاسي ڪيو.
    ڪرامت اڳتي وڌي، هن کي ڳراٽڙي پائي ڳٽي تي چمي ڏني. ڀريل پيالو ڇلڪي پيو. عصمت ڦٽي هيانءِ رئڻ لڳي. ڪرامت، جيئن هن کي پرچائڻ جو جتن ڪرڻ لڳو، جيئن وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳو، تئين عصمت جي ڳوڙهن جو درياهه تيز ٿيڻ لڳو، ۽ هن جي سڏڪن ۾ واڌارو اچي ويو. هن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو. گهڻو ئي پڇيائين ”بابا توکي کهرو ڳالهايو آهي؟“ ”اما سان جهيڙيو ٿيو هو ڇا؟“ ”ڪنهن کان شڪايت آهي؟“ پر عصمت پنهنجو رئڻ نه روڪيو، ڄڻ ته وري رئڻ جو وجهه ئي نه ملندس.
    جڏهن طوفان جي تيزي گهٽ ٿي، تڏهن سُڏڪن وچ ۾ چيائين ”تون دغا باز آهين، ظالم آهين، بيوفا آهين!“
    هي ٻڌي، ڪرامت ڏاڍو ششدر ۽ حيران ٿيو، ”عصي ٻڌاءِ ته سهي ڳالهه ڪهڙي آهي؟“
    نيٺ، عصمت وهاڻي هيٺان اها شيشي ڪڍي، جا ڪرامت صبح حيدرآباد مان آندي هئي، ۽ هن ڏانهن وڌائيندي، چيائين ”هن شيشيءَ مان هڪ ٽڪي کٽل آهي، اها ڪيڏانهن وئي؟“
    ڪرامت وائڙو ٿي ويو. هن کي کٽڪو ٿيو ته ڪٿي عصمت جي ڪل نه ٿڙي ويئي هجي. هي اڄ ڪهڙيون ڳالهيون بڪي رهي آهي!
    ڪرامت علي، مختيار ڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشي هو. هن کي شادي ڪئي ٻه سال ٿيا هئا. ان ٿوري عرصي ۾ هن کي هڪ ٻئي پٺيان ٻه ٻار ٿيا هئا. ان جو عصمت جي سگهائيءَ تي ڏاڍو خراب اثر پيو هو. هوءَ گهڻو ضعيف ٿي ويئي هئي. ٻارن جي پرداخت ۽ پٽ کوهه به هن کي بيحد مصروف ۽ مجبور بڻائي ڇڏيو هو.
    ٻنهي زال مڙس ويهي صلاح مشورو ڪيو. عصمت پڻ پڙهيل ۽ سمجهو عورت هئي. ڪرامت جو خيال هو ته جيڪڏهن اها رفتار رهي ته ڪجهه ئي سالن ۾ هتي ٻڪرين وارو ڌڻ ٿي ويندو. انهي حالت ۾، اولاد کي نه عزت وارو لٽو ڪپڙو ۽ کاڌو خوراڪ نصيب ٿيندو ۽ نه وري هنن جي تربيت ۽ تعليم جو مناسب انتظام ڪري سگهبو. اهڙن انسانن پيدا ڪرڻ کان بهتر آهي ته ٻه چار ٻار هجن، جن کي هر لحاظ کان اوج تي پهچائي سگهجي. عصمت چيو ته اها رفتار نه رڳو منهنجي تندرستي تباهه ڪندي، بلڪه جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيندي. انهيءَ ڪري بهتر آهي ته ايترا ٻار هجن جن کي پوريءَ طرح پالي سگهجي ۽ پاڻ به چڱي حياتي گهاري سگهجي.
    هنن پيدائش تي روڪ (برٿ ڪنٽرول) استعمال ڪرڻ جو نبيرو ڪيو. اڄ، ڪرامت، حيدرآباد مان پيدائش تي روڪ جي ٽڪين جي شيشي خريد ڪري آيو هو. هو اها شيشي عصمت جي حوالي ڪري، ٻاهر هليو ويو.
    واندڪائي هجڻ ڪري، عصمت اها شيشي کولي هيٺ مٿي ڪري ڏسڻ لڳي. ڏسندي ڏسندي، هوءِ ان ۾ پيل ٽڪيون ڪڍي ڳڻڻ لڳي. ائين ئي هن ڇرڪ ڀريو. اهي يارهن ٽڪيون هيون، حالانڪه شيشيءَ مٿان لکيل هو ”ٻارهن ٽڪيون“. هن وري ڳڻيون، ٻيو دفعو، ٽيون دفعو. هن جو ذهن عجيب غريب ڳالهيون سوچڻ لڳو. هن کي شڪ کائي ويو .... اها هڪ ٽڪي ڪيڏانهن ويئي؟ ضرور ڪرامت اها ڪنهن تي استعمال ڪري چڪو آهي، يا استعمال ڪرڻ ويو آهي. اهو خيال ايندي ئي هوءَ بيحد بيچين ٿي ويڻي هن جو منهن ڪاوڙ کان لعل ٿي ويو ۽ هوءَ تکو تکو ساهه کڻي لڳي.....
    گذريل حياتيءَ جون گهٽنائون هن جي اکين آڏو ڦرڻ لڳيون. هو ۽ ڪرامت پاڙيسري هئا. ٻنهي گڏ جوانيءَ ۾ پير پاتو. پهرين اتفاقي ملاقاتون ٿيون. ٻنهي نيڻن نيڻن ۾ هڪ ٻئي کي پسند ڪيو. پوءِ لڪي لڪي ملڻ لڳا. انهن اڪيلاين ۾ هو محبت جا مختلف ڏاڪا طئه ڪندا ويا، ۽ آخري ڏاڪي تي به پهچي ويا. ان وقت، ڪرامت ٿورو سمجهه کان ڪم ورتو هو. ان آّخري ڏاڪي تي قدم وڌائڻ کان اڳ هن پنهنجي ڊاڪٽريءَ جي شاگرد سنگتيءَ سان صلاح ڪري، انهن پيدائش تي روڪ وارين ٽڪين جي ٽيڪ ورتي هئي. هنن جي پيار جي اهڙي نموني پردي پوشي ٿي هئي. پوءِ خوشقسمتيءَ سان هنن جي پاڻ ۾ شادي ٿي ويئي.
    هن کي هڪ واقعو دل تي تري آيو. ڪجهه سال اڳ، هنن جو ڳوٺ جي هڪ اوچي ذات واري زميندار، پهرين پنهنجي ڌيءَ کي پستول سان ماريو ۽ پوءِ پاڻ کي به ختم ڪيو هئائين. ان جو ڪارڻ هيءُ هو جو ان اوچي ذات واري زميندار جي ڌيءُ، جنهن جو هن حق بخشارايو هو، يعني ان ڇوڪريءَ کي ساري عمر ڪنوارو گذارڻو هو، تنهن کي پيٽ ٿي پيو. جڏهن هيءَ خبر عام ۾ پکڙجي ويئي، تڏهن بدناميءَ کان بچڻ ۽ خانداني عزت بچائڻ خاطر، هن ڌيءَ جو به خون ڪيو، ۽ پاڻ به خودڪشي ڪئي. انهيءَ موقعي تي، ڪرامت، عصمت کي کلي چيو هو ته جيڪڏهن ان ڇوڪريءَ جو عاشق ٿوري سمجهه کان ڪم وٺي، اها پيدائش تي روڪ واريون ٽڪيون ڪتب آڻي ها، ته هن جي محبوبڙيءَ جي اهڙي دردناڪ پڇاڙي نه ٿئي ها.
    هن کي پنهنجي ساهيڙي ايمڻا به ياد آهي. هن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ ستن ورهين جي ابهم ٻار سان پرڻايو ويو. هن هڪ ٻئي جوان مائٽ سان عشقبازي شروع ڪئي. نتيجي ۾ هن جو پيٽ فوٽ بال وانگر ڦوڪجڻ لڳو. هن جا ساهرا ڏاڍو پريشان ٿي ويا، ۽ داين ۽ ڊاڪٽرن وٽ سوين رپيا هاري، ان گناهه کي لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. جڏهن به عصمت هي قصو ڪرامت کي ٻڌائيندي هئي، تڏهن کلي، هو هن کي اهو دسوتري جواب ڏيندو هو، يعني ٽڪيون ڪتب آڻڻ وارو.
    تازا ڄاول ٻارن جي ويران گهٽين يا گٽرن مان هٿ اچڻ جون وارداتون، جڏهن اخبار ۾ اينديون هيو، تڏهن به ڪرامت اها ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو ته جڏهن اهي ماڻهو اهڙو جوکم کڻڻ لاءِ تيار ٿين ٿا، ته پوءِ ٿوري خبرداري به ڪن ته جيڪر نه کين ئي تڪليفون اچن، ۽ نه نردوش زندگي ئي ضايع ٿئي.
    اڳ ته انهن ڳالهين کي رواجي سمجهي، عصمت ڪڏهن به انهن تي غور نه ڪيو هو، ۽ نه ڪا اهميت ڏني. پر اڄ هوءَ انهن کي ياد ڪري ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪڙهي رهي هئي. هن کي ايئن ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ ته ڪرامت سارو وقت ڪيترين ئي ڪنوارين تي اهي ٽڪيون استعمال ڪندو رهيو آهي. هو دغاباز آهي، بيوفا آهي، فريبي آهي. هن جي نظرن ۾ هن کي يقين هو ته اڄ به هو هڪ ٽڪيءَ سميت، ڪنهن ڪنواريءَ سان ملڻ ويو آهي. وري جو ڪرامت موٽڻ ۾ دير ڪئي ته هيڪاري پڪ ٿي ويس.....
    ڪرامت جي سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو. هو عصمت کي زور سان سيني سان لڳائي پيار ڪرڻ لڳو. اچانڪ عصمت چيو ”هن شيشيءَ ۾ ٻارهن ٽڪيون هجڻ گهرجن ها، انهن مان هڪ کڻي تون ضرور ڪنهن سان ڪارو منهن ڪرڻ ويو هئين؟“
    هي ٻڌي، ڪرامت حيران به ٿيو ۽ منجهي به پيو. هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته معاملو نازڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
    چيائين ”عصي! تون هي ڇا چئي رهي آهين؟“
    ”پنهنجي ڪرتوتن کي ڏس.“ عصمت وراڻيو.
    ڪرامت کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر موقعي جي نزاڪت محسوس ڪري، اها ظاهر ڪين ڪيائين. شيشيءَ مان ٽڪيون ڪڍي، ڳڻي ڏٺائين ته برابر يارهن هيون.
    ”عصي! خدا جو قسم، نه مون اها ٽڪي تڳائي آهي ۽ نه مان ڪنهن عورت وٽ ويو هوس. مون ته منصور ۽ ٻين سان تاس ويٺي کيڏي.“
    ”مون کي تنهنجي قسمن تي ڪو به اعتبار ڪونهي. ياد اٿئي ته شاديءَ کان اڳ، تون پنهنجي دوستن ۽ عزيزن کي چوندو هئين ته خدا جو قسم ڪنهن سوئر عصمت سان هٿ چراند ڪئي هوندي، ڇا اهو سفيد ڪوڙ نه هو!“
    ڪرامت جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
    ”عصي! مون کي تنهنجي سر جو قسم جنهن تي هي سهڻا زلف لڏي رهيا آهن، تنهنجي هن چهري جو قسم جو بيحد دلڪش آهي، تنهنجي هن خوبصورت ڇاتيءَ جو قسم، تنهنجي زندگيءَ جو قسم، جا مون کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پياري آهي.“ ڪرامت پنهنجو آخري هٿيار استعمال ڪيو.
    صبح جو سوير ئي هن منصور، ڪرامت جي سوٽ، کان وڃي آڏي پڇا ڪئي. هن ٻڌايس ته مان حيدرآباد به ڪرامت سان گڏ هوس، ۽ پتن جي راند ۾ به ٻئي شريڪ هئاسين.
    ڪرامت آفيس وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هو. باقي ڪوٽ پائڻو هوس. عصمت، اهو ڪوٽ، جيڪو ڪرامت اڳئين ڏينهن تي حيدرآباد کان واپس اچي لاٿو هو، سو ڪٻٽ مان ڪڍي، اچي هن جي سامهون بيٺي. اهو جاچڻ لاءِ ته رومال آهي يا نه، عصمت ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ وڌو. هن جي هٿ کي ڪا ننڍڙي سخت شئه لڳي.
    ”اڙي هيءَ ٽڪي ته هتي پئي آهي.“ عصمت رڙ ڪري چيو.
    اتي ڪرامت کي ياد اچي ويو ته اڳئين ڏينهن تي، حيدرآباد ۾، هن منصور کان نظر بچائي، دڪان تي چڙهي، تڙتڪڙ ۾ اهي ٽڪيون خريد ڪيون هيون، ۽ جڏهن هو پنهنجي دوست اياز سان ملڻ ويو ۽ ٻه چار منٽ اڪيلائي مليس، تڏهن اها شيشي کولي، اهي ٽڪيون ڏسڻ لڳو. پر اڃا شيشيءَ جو ٻوچ مس کوليائين ته ٻاهران ڪنهن جي اچڻ جو کڙڪو ٿيو. تنهنڪري هڪدم اها کليل شيشي کيسي ۾ ڪري وڌائين. وري جڏهن اڪيلو ٿيو، تڏهن اهي ٽڪيون کيسي مان ڪڍي، شيشيءَ ۾ وجهي اها بند ڪري ڇڏيائين. انهيءَ وِجههُ ڪَڍَ ۾ ئي هڪڙي ٽڪي کيسي ۾ رهجي وئي هئي.
    عصمت کي به ٻڌايائين. هن جو چهرو ٻهڪي اٿيو. هن پنهنجو مٿو، ڪرامت جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو. هن جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. هنن ڳوڙهڻ ۾ پشيماني ۽ پيار هو ...... عورت جي شڪي سڀاءَ هڪبار وري شڪست کاڌي هئي.

    ٭
    ڄامشورو، ٢٣ – جنوري 1955ع
    فردوس: مئي 1955ع


    امين گل

    هن رستي تائين ئي اڪثر، امين گل کي ڪم تان موٽندي، ڏسندو هوس. اڄ ان ئي رستي تان هن جو لاش کڄي وڃي رهيو هو.
    ڄامشوري جي شام مون کي ڏاڍي پسند آهي. خاص ڪري، سج جي پهاڙن پٺيان لهي وڃڻ کانپوءِ، ۽ اوندهه ٿيڻ کان اڳ واري مهل .... ٿڌي خاڪي روشنائي، صاف ۽ اجري نيري آسمان تي ننڍا ننڍا، عجيب غريب شڪلين ۽ جدا جدا رنگن وارا ڪڪر. تازگي پيدا ڪندڙ هوا. آءٌ ڪالونيءَ کان براج تائين ٽهلڻ ويندو آهيان. ڪالونيءَ جي اسپتال آڏو ڏاڍو سهڻو باغيچوآهي. اکين کي وڻندڙ ڇٻر جي ساوڪ، ۽ دل ۾ خوشي پيدا ڪنددڙ جدا جدا رنگن وارا سهڻا سهڻا گل. ڪيترائي ننڍڙا ٻار هتي راند پيا ڪن.
    براج جي پل واريون، جهومر ڪندڙ بتيون به تمام حسين ۽ وڻندڙ ڏيک پيش ڪن ٿيون. بتين جون ميل کن ٻه ڊگهيون قطارون آهن، هڪڙي آسماني رنگ جي بلبن جي ۽ ٻي پيلي رنگ جي بلبن جي. ورڪ شاپ، اسٽور، رستي ۽ آسپاس جون بجلي بتيون ائين پيون نظر اچن، جيئن آسمان ۾ تارا.
    امين گل هڪ پٺاڻ مزور هو. مون سان هن جي ڏيٺ ويٺ اسپتال ۾ ٿي. براج تي ڪم ڪندي، هن کي ڄنگهه ۾ پٿر لڳو هو. هن کي خاڪي قميص ۽ ڪانئچ پهريل هئا. ٻئي ڪپڙا ڏاڍا ميرا ۽ هنڌان هنڌان ڦاٽل هئا. ڪانئچ تمام لنڊي هئي. پيرن ۾ پراڻو ڪابلي سئنڊل ۽ مٿي تي مختصر پٽڪو هوس.
    هو سرحد پرڳڻي جي ڪنهن ڳوٺ جو رهواسي هو. هن وقت هن جي عمر 40 سال کن هئي. هو ڏهه سال فوج ۾ سپاهي ٿي رهيو. ان عرصي ۾ هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا، ۽ توبن ۽ گولن جي سامهون لڙيو. جنگ ۾ هو ڪيترا دفعا ڦٽجي به پيو. هن وقت هن کي فوج مان نَوَ رپيا پينشن ملندي هئي. جڏهن هو واپس ڳوٺ آيو، تڏهن هن کي ڪو به مناسب روزگار ڪو نه ملي سگهيو. ٻه سال ائين گذري ويا. ميڙي چونڊي به ختم ٿي وئي. ڏهن ٻارهن پٺاڻن جي هڪ ٽولي سنڌ ڏانهن اچي رهي هئي. هنن ٻڌو هو ته سنڌ سرسبز ملڪ آهي ۽ ڪم پڻ آسانيءَ سان ملي وڃي ٿو. امين گل به انهن سان گڏجي هتي آيو هو.
    هو مون کي ان ڪري به پسند هو، جو هو سنڌ ۽ سنڌين جي سدائين ساراهه ڪندو هو. چوندو هو ”مون به ساري دنيا ڏٺي آهي، پر سنڌين جهڙا سٻاجهڙا، مهمانواز ۽ رحمدل ماڻهو ڪٿي ملن. اسين پٺاڻ نمڪحرام نه آهيون، اسان جي نگاهه ۾ خدا کان پوءِ سنڌ جو درجو آهي، ڇو ته سنڌ اسان جي آن داتا آهي، اسان جو جياپو آهي.“
    هو مسٽر رول تي ڪم ڪندو هو. جيڪي پورهيت مسٽر رول تي ڪم ڪندا هئا، انهن کي ٻه رپيا في روز جي حساب سان ملندو هو. جن ڏينهن تي موڪل هوندي هئي، يا ڪم بند هوندو هو، يا پورهيت پاڻ بيماري سيماريءَ ڪري ڪم تي نه اچي سگهندو هو، ته انهن ڏينهن جي اجرت کان هو محروم رهندو هو. ڪنهن ڏينهن تي ڪم ٿورو هوندو هو ته ٿورا مزور لڳايا ويندا هئا، ۽ ٻين کي موٽي وڃڻو پوندو هو.
    جڏهن، هو حادثي جو شڪار ٿي، زخمجي، ملم پٽيءَ لاءِ اسپتال ايندو هو، تڏهن مان هن کي چوندو هوس ته هاڻي چار پنج ڏينهن آرام ڪجانءِ، ڪم تي ويندين ته اهي ڦٽ خراب ٿي پوندءِ. ان جي جواب ۾ هو چوندو هو ته آرام ڪندس ته کائيندس ڪٿان، ڇو ته انهن ڏينهن جي منهنجي مزوري ڪٽجي ويندي.
    هن جو خدا ۾ پورو ڀروسو هو. چوندو هو ته خدا هنن بازن ۾ ايتري قوت ڏني آهي، جو هنن زخمن هوندي ۽ بکئي پيٽ سان به مان ٻن گڏهن جيترو بار کڻي سگهان ٿو.
    هن مون کي پنهنجي جسم جي جدا جدا عضون تي زخمن جا ڳچ نشان ڏيکاريا، جي هن کي جنگ ۾ لڙندي ۽ براج تي چار سال ڪم ڪرڻ جي دوران رسيا هئا. هو چوندو هو ته صاحب مان ته اڃا جئرو آهيان، ۽ ڪو عضوو به ڪو نه ڀڳو اٿم، پر هن براج تي ڪم ڪندڙ سَوَ کان وڌيڪ حادثن ۾ مري ويا ۽ ڪيترائي ڄنگهون، ٻانهون، آڱريون وڃائي ويا ۽ لنگڙا ٽنڊا ٿي پيا. وري چوندو هو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڏينهن منهنجو به لاش اچي اوهان وٽ پهچي۔
    هڪ ٻه دفعو هو پنهنجا جنگ جي زماني ۾ کٽيل چاندي ۽ سون جا ٻلا، جن تي راڻي وڪٽوريا جون تصويرون هيون، سي مونکي ڏيکارڻ لاءِ کڻي آيو.
    امين گل عام طرح مهيني ۾ چاليهه رپيا، ۽ ڪنهن مهيني ۾ پنجاهه ته ڪنهن ۾ ٽيهه پنجٽيهه به ڪمائيندو هو. هن ٻڌايو ته هو سڄي مهيني ۾ رڳو ڏهه رپيا خرچ ڪندو هو. ان ڳالهه تي مون پت نه ٿي ڪئي. پر هو قسم کڻي ويو ته اها حقيقت آهي. چيائين ”صاحب مهيني م ڳڙ جو ڏيڍ سير وٺندو آهيا، اهو ملي 12 آني، اٺين آني واري چانهه جي پڙي، ٻارهن تيرهن سير اٽو اٽڪل 4 رپيا، بس اهو آهي اسان جو کاڌو. ڳڙ واري چانهه ۽ ٻه ٿلها ڍوڍا. ماني ڪڏهن بصرن، چٽڻي يا پڪوڙن سان کائيندا آهيون. رڌ پچاءُ پنهنجي هٿن سان ڪريون ۽ ڪاٺيون به جهنگ مان پاڻ ميڙي اچون. باقي ٻيو ٿورو گهڻو خرچ نسوار وغيره جو.“
    هو باقي پيسا پنهنجي گهر وارن ڏانهن هر مهيني مني آرڊر ڪري موڪليندو هو. گذريل چئن سالن ۾ هو فقط ٻه دفعا ڳوٺ ويو هو. هر ڀيري مهينو کن رهيو.
    امين گل بيحد ديندار هو؛ نماز روزي جو سختيءَ سان پابند ۽ پيرن ولين ۾ پورو ويساهه رکندڙ.
    گفتگوءَ ۾ به اڪثر نماز جو ذڪر ڪندو هو: ”ٽپهريءَ جي نماز پڙهڻي هئي، ان ڪري تڪڙو تڪڙو ڪم تان موٽيس.“ ”هاڻي وڃان ٿو نماز جو وقت ٿي ويو آهي.“ سياري ۾ هٿ پير ڦٽي پيس، چيائين ”ٿڌي پاڻيءَ سان وضو ڪرڻو ٿو پوي“ کنگهه جي دوا وٺڻ آيو، چيائين ”رات سخت سردي هئي، تهجد لاءِ اٿڻ مهل اثر ٿي ويو.“
    حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾، اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ سخت گرمي هوندي آهي. امين گل سڀ روزا رکندڙ هو. روزي ڪري، ڪنهن ڪنهن ڏينهن، هو ٻن ٽن ڪلاڪن کان زيادهه ڪم ڪري نه سگهندو هو، ۽ اُڃ کان ساڻو ٿي، وڻ جي ڇانوَ ۾ وڃي ليٽندو هو. جمعدار هن جي شڪايت ڪندو هو، ۽ هن جا ان ڏهاڙيءَ جا ٻه رپيا ڪاٽيا ويندا هئا. هو چوندو هو ته ان ڳالهه جي مون کي پرواهه ناهي، مولا ته راضي آهي.....
    ڏينهن ۾ چار پنج دفعا درياهه ۾ وهنجندو هو، ۽ جڏهن ڪم تان لهندو هو، تڏهن آلو ڪپڙو ويڙهي سمهيو پيو هوندو هو. بک ۽ پياس ڪري طبيعت به ڏاڍي چيڙاڪ ٿي پوندي هئس، ۽ ذري ذري تي پيو پنهنجن ساٿين سان ڏند ڏيندو ۽ لڙندو هو.
    سانجهيءَ جو ڪم تان موٽي پنهنجو کاڌو پاڻ پچائيندو هو. بعضي اهڙو ٿڪل ۽ بيحال هوندو هو، جو ڍوڍو پچائڻ جو به پاڻ ۾ ست ڪو نه ساريندو هو. ان ڏينهن هن جو سنگتي نور بادشاهه هن کي ڍوڍو پچائي ڏيندو هو.
    رات جو ٽي چار ڪلاڪ مسيت ۾ تراويحون پڙهڻ ويندو هو، ۽ ان کانپوءِ کٽ تي ليٽڻ سان ئي گهري ننڊ وٺي ويندي هئس. وري اسر جو اٿندو هو. ڪڏهن جاڳ نه ٿيندي هئس ته بنا کاڌي پيتي ئي روزي جي نيت ڪري ڇڏيندو هو. صبح جو وري نماز ۽ تلاوت واسطي سوير اٿندو هو. هڪ لڱا هن کي پيٽ ۾ ويلو اچي پيو. سڄي رات سور کان لڇندو رهيو. صبح جو دوا وٺڻ آيو، پر چيائين پئندس شام جو، يعني روزي ڇوڙڻ بعد. ٻئي دفعي بدهاضمي ۽ گهمرن جي تڪليف ڪري آيو. بيٺي بيٺي اهو به ٻڌايائين ته ”ڪالهه جمعي جي خطبي ۾ امام صاحب عهد نبويءَ جا ڪيترائي واقعا ٻڌايا، اهڙن مسلمانن جا، جي روزي جي وچ ۾ سخت بيمار ٿي پيا، پر هڪ ڍُڪ پاڻي يا دوا جو وات ۾ وجهڻ قبول نه ڪيائون، نيٺ شهيد ٿي ويا.“
    هڪ ڏينهن شام جو ٽين بجي ڌاري، ڪي پورهيت امين گل کي مون وٽ کڻي آيا. هن جو بت تتل لوهه وانگر ٿي ٻريو ۽ ساري بدن ۾ سخت سور هوس..... هن کي ڏينهن لڳي ويو هو..... اس ۽ گرميءَ ۾ سخت پورهيو، هيڻو ۽ نستو جسم، نه کاڌو نه پيتو......
    هن پاڻي يا دوا پيئڻ کان صفا نابري واري، ۽ سئي هڻڻ به نه ڏنائين. هن چيو ته روزو هرگز نه ڀڃندس. زيادهه زور ڀرڻ تي، اکيون ڦوٽاڙي، لڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻيا، جي هن سان گڏ آيا هئا، تن به سمجهايس. آخر مون کي مڙني چيو ته ”سائين، اسين امين گل کي سڃاڻون، مرڻ کي مري ويندو روزو نه ڀڃندو.ل الله رحيم ڪريم آهي، ڀلاري مهيني جي برڪت سان اهي ٻه چار ڪلاڪ گذري ويندا، تيسين ڪو ٻيو حيلو ڏسيو.“
    ٻيو ڪو چارو ڪو نه هو. مون هنن کي هن جي مٿي تي برف رکڻ ۽ ٻيون ڪي هدايتون ڏنيون.
    جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي ويو. هي باهمت ۽ مضبوط پٺاڻ، جنهن جنگ جي ميدان تي توبن ۽ بمن کان پاڻ کي بچايو، جو براج جي حادثن کان محفوظ رهيو، جنهن غربت ۽ بيروزگاري، بک ۽ بيماريءَ سان مڙس ماڻهو ٿي مقابلو ڪيو، سو ڪلاڪن اندر ڏٺل وائٺل موت جو شڪار ٿي ويو.
    مان ٽهلندو ٽهلندو براج جي پل تي پهتس. براج.... انجنير ۽ مزور جي فن جو شاهڪار، انسان جي عظمت جو گواهه. درياهه جو پاڻي اڃا ڪو نه چڙهيو هو، ان ڪري صاف ۽ شفاف هو. مٿي بجليءِ جا بلب مرڪي رهيا هئا. ۽ پاڻيءَ ۾ انهن جو عڪس ناچ ڪري رهيو هو. فرحت بخش ماحول هو. گهگهوءَ روزي جو خاتمي جو اعلان ڪيو.
    مسيت جي امام آڏو، ماڻهن جا ثواب خاطر موڪليل ميوي، مٺائي، ۽ کاڌي جا انبار ڪٺا ٿي پيا آهن. هن جو چهرو ٻهڪي رهيو آهي. هو سٺيون سٺيون شيون پنهنجي حجري ۾ موڪلي ٿو، ۽ ٻيون شيون جماعتين ۾ ورهائڻ واسطي ڏئي ٿو.......
    ڄامشوري جي شام ڏاڍي دلفريب آهي، روزيدارن جي شام نهايت فرحتي آهي، پيش امام جي شام خوشين جو خزانو آهي..... مگر منهنجو ذهن هڪ ٻي شام جي ڏيکاءَ جو تصور ڪرڻ لڳو....... سرحد جي پهاڙن ۾، هڪ بستيءَ جي هڪ ڀڳل ٽٽل جهوپڙيءَ ۾ چار ٻار، جن مان ڪي صفا اگهاڙا ۽ ڪي اڌ اگهاڙا آهن، اهي رُکي ۽ پاروٿي ماني نه کائڻ تي ضد ڪري، روڄ راڙو مچائي رهيا آهن؛ ۽ هڪ عورت، جنهن جي بدن تي به ميرو ۽ ليڙون ليڙون ٿيل لباس آهي، سا هنن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندي چئي رهي آهي ته ”عيد تي توهان جو بابا ايندو ۽ توهان لاءِ سٺا سٺا ڪپڙا ۽ سٺيون سٺيون شيون وٺي ايندو.......!“

    ٭
    ڄامشورو، ٣ – مئي 1955
    ماهوار هلال پاڪستان: جون 1957ع


    ضدي

    هو پڪو ارادو ڪري چڪو هو ته هن دفعي ڪنهن به صورت ۾ زال کي موڪل نه ڏيندس.
    سانجهيءَ جو هن جي زال، هن جي گلي ۾ ٻانهون وجهي، ڏاڍي پاٻوهه مان پڇيو ”عيد تي ڪراچيءَ وٺي هلندا نه؟“
    عظيم کي شادي ڪئي ٻه سال کن ٿيا هئا. انهن ٻن سالن ۾، هن جي ڪنوار ڪيترائي دفعا ڪراچيءَ پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ وئي هئي. لاڙڪاڻي ۾ هن وٽ مهينو ٻه مس رهندي هئي ته وري ڪو موقعو يا عذر پيدا ٿي پوندو هو. هوءَ ڪراچيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ مهينو، ۽ گهٽ ۾ گهٽ هفتو رهندي هئي. عظيم نوڪريءَ وارو ماڻهو. ظاهر آهي ته هو زال سان ڪراچيءَ ۾ ايترو وقت رهي نه ٿي سگهيو. هو ٻه ڏينهن موڪل وٺي هن کي ڇڏي ايندو هو، ۽ وري وٺڻ ويندو هو. نئين شادي ۽ نئين زال. هن جو هر انگل پورو ڪندو هو. سفر ۾ سخت تڪليف ٿيندي هئس، موڪل به مشڪل سان ملندي هئس، ۽ خرچ به ڏاڍو اچي ويندو هوس. ان کانسواءِ گهر واريءَ جي غير حاضريءَ ۾، ڏينهن به ڏاڍا ڏکيا گذرندا هئس. گهر ڄڻ ته کائڻ ايندو هوس. ٻيو ڪو ڀاتي ساڻس گڏ نه رهندو هو. هڪ نوڪرياڻي ۽ هڪ نوڪر هوس. زالس هن جي کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي جو خاص خيال رکندي هئي، ۽ هن کي هر ممڪن آرام پهچائيندي هئي.
    نيٺ هو به ان سلسلي مان بيزار ٿي پيو، ۽ ڪجهه روڪ وجهڻ جو سوچيائين. اڄ وري اهائي فرمائش ٿي رهي هئي.
    عظيم جواب ڏنو ”نڪو، هن دفعي پاڻ هتي ئي عيد ملهائينداسون.“
    ”نه، مون کي ڇڏيو!“
    ”نڪو!“
    ”ڇو ڀلا؟“
    ”بس ضرورت ڪانهي، روز روز ڪو وڃڻ ٺهي ٿو ڇا، ڪراچيءَ مان آئي اڃا مهينو به ڪو نه ٿيو اٿئي.“
    ”پو ڇاهي ڀلا، پيءُ ماءُ وٽ ٿي وڃان، ڪو پراوا ته ڪو نه آهن.“
    ”اهو سوال ڪونهي، مون کي هتي ڏکيائي ٿي ٿئي.“
    ”مان سگهوئي موٽي ايندس. هفتي کان وڌيڪ نه رهندس.“
    چيم ته نه ني، گهڻو بحث نه ڪر.“
    ”مان ضرور ويندس.“
    ”هرگز نه، مان مسافريءَ جون مصيبتون سهي سهي تنگ ٿي پيو آهيان.“
    ”مان امان کي چوندس ته هوءَ وڏي ادا کي موڪلي ته اهو اچي مون کي وٺي ويندو.“
    ”نه، مان اجازت نه ڏيندس.“
    نعيما روئڻ ته اول ئي شروع ڪري ڇڏيو، هينئر اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳي. عظيم هن کي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”تون روئين ڀلا ڇو ٿي؟ ڏس مون اڳ ڪڏهن توکي روڪيو آهي. منهنجي تڪليفن جو به ته تو کي احساس هجڻ گهرجي.“
    ”توهان کي ڪا تڪليف ڪانهي، توهين هروڀرو ٿا مون تي بندش وجهو.“
    ”ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
    ”ها، مان ته بيوقوف آهيان، توهين ته سڀ ڪجهه سمجهو ٿا نه، مان ضرور ويندس، پيءُ ماءُ وٽ وڃڻ کان توهين مون کي روڪي نه ٿا سگهو.“
    ”مون توکي پيءُ ماءُ وٽ وڃڻ کان نه روڪيو آهي ۽ نه روڪيندس. مگر هر ڳالهه مناسب موقعي تي ٿيڻ کپي. آءٌ توکي روز روز وڃڻ نه ڏيندس.“
    ”مان ضرور ويندس، ڏسان ته ڪير ٿو مون کي روڪي؛ مان قيدڻ ته ڪو نه آهيان.“
    ”تميز سان ڳالهاءِ، هوش حواس مان نه نڪر.“
    هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. گهڙي ساعٿ رکي چيائين: ” مان هاڻي ڪراچيءَ ويندس ته وري ڪڏهن به هتي ڪو نه ايندس.“
    عظيم اهو ٻڌي، دل ئي دل ۾ کليو. نعيما کي جڏهن به هن کان ڪا شڪايت ٿيندي هئي ته پوءِ اها ئي ڌمڪي ڏيندي هئي.
    ٿوري مهل سانت رهي.
    ”مون کي ڇڏي ايندا نه ڪراچيءَ؟“
    ”ويهه دفعا ته چيو اٿم ته نه، خواهه مخواهه ڇو ٿي پريشان ڪرين. تون ته پڙهيل ڳڙهيل عورت آهين. توکي خود ئي سوچڻ گهرجي.“
    ”توهين منهنجي هيءَ ننڍي خواهش به پوري نه ٿا ڪريو.“
    ”ڪيترائي دفعا تنهنجي اها خواهش پوري پئي ٿي آهي. هن ڀيري ضد نه ڪر.“
    ”ضد ته توهين ٿا ڪريو. ڀلا ان ۾ توهان جو نقصان ئي ڪهڙو آهي؟ ڇو نه ٿا مون کي ڇڏيو.“
    ”توسان مٿو مارڻ اجايو آهي. وڌيڪ تنگ نه ڪر، مون کي ننڊ ٿي اچي.“
    سياسي ليڊرن وانگر هنن جي لفظي لڙائي جاري رهي. ڪو کڙتيل ڪو نه نڪتو. رات جا يارهن وڄي ويا.
    عظيم اکيون پوري ننڊ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    نعيما رئندي، سڏڪا ڀريندي، پاڻ کي پٽ پاراتا ڏيندي.... موت به نه ٿو اچي، شادي آهي ڪين قيد، ڪٿي اچي ڦاٿي آهيان، ڪٿان اچي قسمت ڦٽي ..... نيٺ هوءَ به ننڊ جي آغوش ۾ پهچي وئي.
    صبح جو وري به زال ۽ مڙس جي وچ ۾ مختصر مشاعرو ٿيو. نعيما هٿ منهن به نه ڌوتو، ۽ کاڌو کائڻ کان به انڪار ڪيائين. عظيم پڻ، غصي کان نيرانو ئي ٻاهر نڪري ويو. اتي پهتو ته نعيما فون تي ڳالهايس:
    ”مان امان کي ٽرنڪ ڪال ڪرڻ ٿي چاهيان.“
    ”ڇا لاءِ؟“
    ”ٻڌائيندي سانس ته عيد تي ڪو نه ايندس.“
    ”ٽرنڪ ڪال جي ضرورت ڪانهي، خط ۾ احوال لکي ڇڏيندس.“
    ”نه، مان فون ڪندس.“
    ”چيم ته ضرور ڪونهي.“
    ”پر توهين مون کي ڪراچيءَ ڇو نه ٿا ڇڏيو؟“
    ”وڌيڪ بحث نه ڪر، مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏي.“
    هن جهٽڻو رکي ڇڏيو.
    منجهند جو گهر آيو. نعيما، بستري ۾ ائين پئي هئي، ڄڻ ته ٻه ڏينهن ڪڻس ۾ ڪاٽيا هئائين. اکيون سڄيل، چپ سُڪل، چهرو مرجهايل ۽ وار ڇڙوڇڙ. وري ساڳيو ڀنڻ.
    ”مان ضرور ويندس.“
    ”نه.“
    ”مان هر حالت ۾ ويندس، ڏسان ته ڪير ٿو مون کي روڪي. مان امان کي فون ٿي ڪريان.“
    ”نه، ڪو ضرور ڪونهي.“
    ”توهين مون کي پيءُ ماءُ سان ڳالهائڻ کان نه ٿا روڪي سگهو. مان ڪو ٻهراڙيءَ جي جاهل ڇوڪري ڪو نه آهيان، جو مون تي ائين رعب رکيو وڃي.“
    ”تنهنجي سمجهه جي غلطي آهي.“
    ”مان هينئر ئي ڪريان ٿي، ڏسان ته ڪير ٿو مون کي جهلي.“
    ائين چئي هوءَ اٿي، ۽ وڃي جهٽڻو ڪن تي رکي ٽرنڪ ايڪسچينج کان ڪراچيءَ جو نمبر گهريائين.
    عظيم وِههُ جو ڍُڪ پي ويو.
    ”اما، مون کي عظيم ڪراچيءَ نه ٿو ڇڏي.“ ائين چئي هوءَ ڦٽي هيانءِ رئڻ لڳي.
    عظيم شرم ۾ ٻڏي ويو. سس ڇا سمجهندي ته منهنجي ڌيءُ سان مڙس الائي ڪهڙا ويل ٿو وهائي. هيءَ ڳالهه جڏهن ٻيا مائٽ ٻڌندا، تڏهن ڪهڙو خيال ڪندا.......
    نعيما آواز ڏنس ”امان توهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهي.“ هن کي ڳالهائڻو پيو.
    ”چاچي، مان چوانس ٿو ته اڃا هاڻي آئي آهين، ٻه چار ڏينهن ترس ته پوءِ وري هلنداسين. پر هوءَ هروڀرو ضد ٿي ڪري.“
    ”پٽ، رئي ٿي، انگل ڪيو اٿئين ته کڻي وٺي اچينس. اڳتي لاءِ سمجهائي ڇڏيندي مانس ته هوڏ نه ڪري.“
    ”چڱو چاچي، جيڪا اوهان جي مرضي.“
    هن نعيما کي چيو ”مان ٻاهر وڃان ٿو، اڌ مني ڪلاڪ ۾ موٽي ايندس. تون سامان تيار ڪري ڇڏ، پنجين واريءَ گاڏيءَ ۾ هلنداسين.“
    عظيم موٽي آيو. چانهه ميز تي رکي وئي هئي. نعيما وهنجي سهنجي، هار سينگار ڪري ويٺي هئي. ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين:
    ”مون کي معاف ڪريو. مون هروڀرو توهان کي ايترو تنگ ڪيو. مان ڪراچيءَ ڪو نه ويندس.“
    ”نه، هينئر توکي هلڻو پوندو. مان چاچيءَ سان انجام ڪري چڪو آهيان، ۽ آفيس مان ٻه ڏينهن ريزڪي موڪل به وٺي آيس.“
    ”نه، مان هرگز ڪراچيءَ نه هلندس“ نعيما جواب ڏنو.

    ٭
    ڄامشورو، ١٠ – مئي ١٩٥٥ع
    فردوس: جنوري ١٩٥٦ع


    ڪهاڻيءَ جي تلاش

    هو ڪهاڻيءَ جي تلاش ۾ نڪتو.
    صبح ئي هن کي اطلاع پهتو هو ته ڪهاڻين جي چٽاڀيٽيءَ ۾، هن جي ڪهاڻي ”ساران“ بهترين قرار ڏني وئي هئي، ۽ هن کي پهريون انعام مليو هو. ان ڪري خوشيءَ ۾ ڦوليو نه ٿي سمايو.
    اڄ هو هڪ نئين ڪهاڻي لکڻ لاءِ سوچيندو رهيو. آفيس مان موٽي، تڙتڪڙ ۾ ٻه گرهه ڀريائين، ۽ اڪيلائيءَ ۾ هڪ مَنو ويهي، ذهن ۾ پلاٽ ٺاهڻ لڳو. هن سوچڻ شروع ڪيو: ڪهڙو موضوع چونڊيان، ڪهڙي قسم جو ڪردار پيش ڪريان، ڪهڙي گهٽنا جو سهارو وٺان... پنهنجي حياتي، پنهنجو ماحول، آسپاس جا انسان، ڪو اخباري واقعو، ڪو راڄنيتي، پنگتي يا گذراني مسئلو، سماج سندو ڪهڙو ناسور، جيون جو ڪهڙو پهلو؛ انهن سڀني پٺيان خيال جو گهوڙو ڊوڙايائين، پر ڪنهن به ماڳ تي پهچي ڪو نه سگهيو. ڪو به من پسند مضمون ۽ موزون پلاٽ ڌيان ۾ ڪو نه آيس.
    ويهي ويهي ٿڪو ٿي ته وري ڪوٺيءَ ۾ هڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين اچ وڃ ٿي ڪرڻ لڳو. وچ ۾ ننڍو ڀاڻس ”ادا، ادا“ ڪندو اچي ڀرسان بيٺس، پر ان کي اهڙو ڇڙٻ ڏنائين، جو هو هيٺيون چپ ڪڍي، رئڻ جهڙو ٻوٿ بنائي، پوئين پير موٽي ويو.
    هڪ ٻه دفعو لکڻ به شروع ڪيائين، ۽ چار پنج سٽون قلمبند به ڪري ويو، پر وڌيڪ دل ۽ دماغ ساٿ ڪين ڏنس. سوچي سوچي هن جو دماغ ٿڪجي پيو پر ڪا ڪهاڻي پيدا ڪا نه ٿي، جئن سُنڍ عورت کي ٻار نه ٿيندو آهي.
    سج لهڻ کي اچي ويجهو ٿيو. نثار ميمڻ گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو خيال ڪيو. رستي ويندي.... سارو ڏينهن ٻنيءَ تي ڪم ڪري سانجهيءَ جو مٿي تي ڪاٺين جي ڀري رکي، پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن موٽندڙ هاريءَ جو مصعوم پٽ..... بوڻينڊو وڄائيندو ۽ پنهنجي ڌڻ کي هڪليندو ويندڙ ٻڪرار..... ڪو ٿڪل ۽ بکايل مسافر...... ڀلي گهوڙي تي سوار ۽ پنهنجي نوڪرن چاڪرن سان، مينهن واچ ڪندو، مٽي اڏائيندو، شڪار تان واپس ايندڙ زميندار..... شهر مان سودو سلف ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ شيون خريد ڪري ڳوٺن ڏانهن موٽندڙ سادا ڳوٺاڻا...... گاهه جون ڀريون کڻي ويندڙ ٻهراڙيءَ جون ضاعفون........ سج جو پهاڙن پٺيان لهڻ ۽ لڪڻ، ۽ وڻن جي اوٽ مان اڀرندڙ چنڊ جا نظارا، ٻهراڙيءَ جون سايون سايون پوکون، کليل ۽ فرحت بخش ماحول وغيرهه وغيرهه ڏسي، شايد ذهن ۾ ڪو پيارو پلاٽ پيدا ٿي وڃي.... هلندي هلندي، ڪڏهن ته هو هر وٿ کي اکيون ڦاڙي غور سان ڏسڻ ٿي لڳو ۽ ڪڏهن ته وري پنهنجي خيالن ۾ اهڙو مگن ٿي ٿي ويو، جو ڀرسان لنگهندڙ واٽهڙوءَ جو به سماءُ ڪو نه ٿي رهيس.
    هو اڪثر پيشن جو پسار ڪرڻ لاءِ ان طرف نڪري ويندو هو. رستو وٺي شاخ تي اچي چڙهندو هو، ۽ شاخ جي ڀر ڏيئي ڪوهه کن هليو ويندو هو.
    سج غائب ٿي ويو هو. چانڊوڪي رات هئي. جو پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ مست، شاخ جو ڪپ ڏيئي، هلندو ٿي ويو. هن جو دماغ، هن جي ٽنگن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز هلي رهيو هو. اوچتو هڪ آواز هن کي ڏڪائي ڇڏيو. هن تي دهشت ۽ هيبت ڇانئجي وئي. هو ڊپ ڀريل اکين سان آواز جي طرف نهارڻ لڳو.
    ”اڙي، جتي بيٺو آهين، اتي بيٺو هج!“ وري آواز آيو. ”ڇٽل جلدي اچ! پنهنجو شڪار اچي ويو.“ هن ڪنهن ٻئي همراهه کي سڏي چيو.
    ٻُوڙن پٺيان ٻه پاڇا نڪري هن ڏي وڌيا. هن ويچاريو ته چور هوندا ۽ مون کي ڦرڻ جي نيت اٿن.
    ”نثار احمد تنهنجو نالو آهي؟“ هڪ ڄڻي اڍنگائي ۽ رکائيءَ سان پڇيو.
    ”ها، پوءِ ڇا ٿيو، توهان کي ڇا گهرجي؟“ هن همت کان ڪم وٺي جواب ڏنو. پنهنجو نالو هن جي واتان ٻڌي، هن کي حيرت به ڏاڍي لڳي. هو ته هنن کي صفا ڪو نه سڃاڻيندو هو.
    ”چڱو، سڌو ٿي هل وڏيري وٽ!“ هنن حاڪماڻي لهجي ۾ چيو.
    ”مان ڇو هلان وڏيري وٽ، توهين ڪير آهيون، وڏيري جو مون ۾ ڪهڙو ڪم، مان هن کي سڃاڻان به ڪونه!“
    ”جيئن اسين چئون ٿا، ائين توکي ڪرڻو پوندو.“
    ”زبردستي ٿورو ئي آهي، مان نه هلندس.“
    ”چڱو ڏسون ته ڪيئن نه ٿو هلين.“ ائين چئي، ٻئي هن کي ڀر واري ڳوٺ ڏانهن گهلڻ ۽ ٿيلها ڏيڻ لڳا. هو ڀلا شينهن مڙس، ۽ هي ڪمزور ڪلارڪ. هن جي خود داريءَ کي چوٽ رسي آخر مون وڏيري جي ڪهڙي چوري ڪئي آهي، جو هي مون سان ههڙي حيواني هلت ڪن ٿا. وري بيهي رهيو. هنن مان هڪ شخص ڀَرُ ڪري لوندڙيءَ تي ٺئنشو وهائي ڪڍيس. هن کي ڀنواٽي اچڻ لڳي. هو هن کي گهليندا وڏيري جي اوطاق ۾ پهتا.
    وڏيرو کٽ تي وهاڻي سان ٽيڪ ڏيو، حقو ڇڪي رهيو هو. ٻه چار ماڻهو موڙن تي ويٺا هئا، ۽ ٻه چار نوڪر بيٺا هئا. ڪي ماڻهو پٽ تي پلٿي ماريو ويٺا هئا.
    ”سائين! اسين نثار احمد کي پڪڙي آيا آهيون.“ انهن ٻن شودن مان هڪ چيو.
    وڏيرو ته ڪو ڀريو ويٺو هو. گجگوڙ ڪري وسڻ شروع ڪيائين. ” اڙي تون آهين نثار احمد..... ڪوري ڪوريءَ جا پٽ، ڪمذات.... ڪميڻا.... سوئر......“
    ”وڏيرا سنڀالي ڳالهاءِ، مان عزت وارو ۽ پڙهيل ڪڙهيل آهيان، ڪو ڄٽ ڄاموٽ ڪو نه آهيان، جو ائين ٿو ڳالهائين.“
    اهم ٻڌي وڏيري کي مرچ لڳي ويا. زور سان پنهنجي جسم کي جنبش ڏئي، جيئن ڪڪڙ ٻانگ ڏيڻ کان اڳ پنهنجا پر ڦڙڪائيندو آهي، هو سڌو ٿي ويٺو: ”تنهنجي ماءُ..... تنهنجي ڀيڻ.....“ وڏيري جي وات مان ڪچين گارين جو گٽر اٿلي پيو. هن جي واڇن مان گڦ ٿي وهي.
    ”اڙي ڪمو! پٽينس ڄُنڊا ۽ هڻينس ٻه پادر ته پتو پويس ته ڪنهن سان ٿو ڳالهائي..... وڏو آيو آهي عزت وارو، اڙي تو جهڙا پڙهيل ته منهنجون جتيون پيا اگهن.“
    ٻه شودا، جي هن کي جهليو بيٺا هئا، انهن مان هڪ ڄڻي هن جي وارن کي پڪڙي پوري زور سان ٻه ٽي لوڏا ڏنا. سور جي سختيءَ کان هن جي وات مان چيٽ نڪري ويئي. وري هن جي کوپريءَ تي موچڙن جو وسڪارو ٿيڻ لڳو. هن جي اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها وهڻ لڳا. بيوسيءَ جي حد هئي! غصي کان هن جي اکين مان ٽانڊا ٿي نڪتا، پر اهي خود کيس ئي جلائي رهيا هئا. هو ڇا ٿي ڪري سگهيو..... هيءَ ساري ڪارروائي اهڙي تيزيءَ سان ٿي رهي هئي، جو هن کي اهو به سوچڻ جو موقعو نه مليو ته آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟
    وڏيرو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. ”اڙي حرامي، هاڻي ڪجهه خبر پئي ته ڪنهن سان مهاڏو اٽڪايو اٿئي؟“
    ”آخر منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟ مون تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟“
    ”ڏاڍو اڻ ڄاڻ ٿو بڻجين. ڏسي وائسي الي ٿو وڃين، بدمعاش ڀڙوا ڪٿي جا.“
    ”وڏيرا مهرباني ڪري شرافت سان ڳالهاءِ.“
    ”اڙي لونڊا، توکي اڃا خبر نه پئي ته ڪنهن جي سامهون بيٺو آهين.“
    ”ها، خبر اٿم ته هڪ جاهل، ظالم ۽ شيطان صفت درندي جي سامهون بيٺو آهيان.“
    هاڻي ته حد ٿي چڪي. وڏيري، ”وڏيري، ”ٿڪون هجني!“ چوندي، هن جي منهن ۾ ٿڪ اڇلائي، ۽ چهبڪ کڻي، ڇتي ڪتي وانگر هن ڏي الر ڪري آيو... سٽ، سٽ...... ٺاٺا.... نثار گهڻو ئي هٿ پير هلايا، پر هو ٻن شودن جي قابوءَ ۾ هو. هن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. ڪيترا ماڻهو اتي موجود هئا. سڄي ڳوٺ ۾ هن جون دانهون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. پر اها ته رواجي ڳالهه هئي. اهڙي مار ته ٻيءَ چوٿينءَ ڪنهن نه ڪنهن کي پئي ملندي هئي. نثار بيهوش ٿي ڪري پيو. تڏهن مس مس وڏيري هٿ روڪيو، ۽ حڪم ڪيائين ته هن جا هٿ پير ٻڌي، هن کي ڪوٺڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي، صبح جو هن کي سؤ ڏهين ۾ پوليس جي حوالي ڪيو ويندو. هڪ هاريءَ کي چيائين ته ڪوٺڙي ٻاهران ننڊ ڪري، دروازي وٽ سمهي پئي. وڏيرو پاڻ حويليءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو.
    نثار هوش ۾ آيو ته پاڻ کي اوندهه ۾ پيل ڏٺائين. هن جا هٿ پير ٻڌل هئا. هن جي سڄي سرير مان سور جون سوٽون اڀرن لڳيون. پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، ۽ هن جا ڪپڙا ڀڄي ڀت ٿي ويا هئا. اڃ ۽ بک کان بيحال ٿي رهيو هو. سخت گرمي ۽ ٻوسٽ ٿي رهيو هوس. ڪوٺڙيءَ کي ٽي چار ننڍيون ڳڙکيون هيون، جن مان ٿوري ٿوري چنڊ جي روشني اچي رهي هئي. ان روشنيءَ جي آڌار تي رڙهندو رڙهندو، در وٽ پهتو، ۽ هوريان هوريان کڙڪائڻ لڳو.
    در تي جو هاري مقرر هو، ان کي هن نوجوان سان پوري همدردي هئي، ڇو ته هن کي پڪ هئي ته هي به ٻين مظلومن وانگر، جي وڏيري جي عتاب جو شڪار ٿيندا آهن، هر طرح بيگناهه هوندو. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري، تسلي ڪري، آهستي در کوليو ۽ هن کان پڇائين ”ڇا گهرجي؟“ نثار جواب ڏنو ”پاڻي.....“ عين ان وقت هڪ ٻيو ماڻهو وارد ٿيو.
    هيءُ هو وڏيري جو منشي.
    منشي، نثار کي ٿورو گهڻو سڃاڻيندو هو. هن لاءِ عزت به هوندي هئس، ڇو ته هن کي هن جون ڪهاڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون.
    پهرين ته هو ٻئي هراسجي ويا، پر منشيءَ هڪدم ”مان توهان جو سڄڻ بڻجي آيو آهيان.“ چئي، هنن کي خاطري ڏياري. پوءِ منشيءَ هاريءَ کي پاڻي، کير ۽ ماني کڻي اچڻ لاءِ چيو. ٻي به هر قسم جي سهوليت هن کي ڏني وئي.
    نثار کي، منشيءَ کان اصل واقعي ۽ وڏيري جي بغض ۽ ڪاوڙ جي اصلي ڪارڻ جي خبر پئي.
    وڏيرو اخبار گهرائيندو هو. هو پاڻ ته ڪورو ڄٽ هو، پر منشي روز هن کي اها پڙهي ٻڌائيندو هو. ان جا ليک ۽ ڪهاڻيون به هن جي خواهش تي هن کي پڙهڻيون پونديون هيون. نثار ميمڻ جون ڪهاڻيون پڻ ان اخبار ۾ ڇپيون هيون. وڏيرو اهي به ٻڌندو هو. هن جون ٻه چار ڪهاڻيون زميندارن جا هارين تي ظلم جي موضوع تي هيون. اتفاق سان انهن ڪهاڻين ۾ اهڙيون گهٽنائون بيان ڪيون ويون هيون، جي هن وڏيري جي حياتيءَ جون حقيقتون هيون. هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهي ويئي ته نثار ميمڻ رڳو نالا مٽائي، هن کي اخبار ۾ بدنام ٿو ڪري. هن کي اها به سُڌ پئجي وئي ته هو ڀر واري شهر جو رهاڪو آهي.
    گذريل هفتي ته بس حد ٿي چڪي. نثار جي انعامي ڪهاڻي ”ساران“ اخبار ۾ شايع ٿي، جا وڏيري کي منشيءَ پڙهي ٻڌائي. ان جو سٽاءُ هو ته هڪ زميندار، پنهنجي ملڪيت بچائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءُ جو حق بخشايو. هن جي عمر ٢٥، ٢٦ سان ٿي وئي، پر هن کي ڪو نه پرڻايائين. اوچتو ان ڇوڪريءَ کي پيٽ ٿي پيو. پوءِ ته ٻار ڪيرائڻ لاءِ داين ۽ ڊاڪٽرن وٽ ڊڪون ڊوڙون پائيندا رهيا.......
    اتفاق سان اهو واقعو وڏيري جي ڌيءُ سان به ٿيو هو. هاڻي ته اهو همراهه حدون ٽپي ويو هو. وڏيري جي غيرت کي کليل للڪار هئي. هن جي صبر جو پيالو ٽمٽار ٿي چڪو. نثار جي ٿوري گهڻي جاچ تي هن اول ئي ڪرائي هئي، پر هينئر ٻه شودا خاص ان ڪم تي رکيائين. انهن سموري جاچ ڪئي ته نثار ڪير آهي، ڪٿي ٿو رهي، ڪيڏانهن ٿو اچي وڃي..... نيٺ هو هنن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيو.
    صبح جو منشي ۽ ڪمدار جي سفارش ۽ منٿ ميڙ تي نثار کي آزاد ڪيو ويو. ”اهو اٿئي اسان جي خلاف ليک لکڻ جو انعام.“ وڏيري جا آخري اکر هئا.
    ان ڪهاڻيءَ تي هن کي ٻه انعام مليا هئا. پهرين انعام هن کي خوشيءَ جو مٺڙو احساس بخشيو هو، ۽ ٻئي انعام زندگيءَ جو تلخ تجربو.
    هو تمام آهستي هلي رهيو هو. هينئر به هن جي بدن ۾ سخت پيڙا هئي ..... پر دل ۾ هو مٺي مٺي خوشي به محسوس ڪري رهيو هو، ڇو ته هن کي ڪهاڻي لکڻ لاءِ مواد ملي ويو هو، هڪ بهترين مواد!
    ٭
    ڄامشورو، ٥ – جون 1955ع
    ماهوار هلال پاڪستان: مئي 1957ع


    جٺ

    عورتن پڪنڪ جي تياري ڪئي.
    سارو ڏينهن گهر جي چوديواريءَ اندر ڇنڊ ڦوڪ، رڌ پچاءَ، ٻارن جي پَٽ کوهه ۽ مڙس جي خذمت چاڪريءَ ۾ چَٽُ ٿيو وڃي. مٿي کنهڻ جي فرصت به ڪا نه. آخر ته انسان آهي، ڪڏهن ڪڏهن تفريح به ته هجي.
    بيراج ڪالونيءَ ۾ فقط ”عورتن جو باغيچو“ ئي هو، جتي سانجهيءَ جو ستين – اٺين بجي عورتون ڪٺيون ٿينديون هيون. ڪلاڪ – ٻه ڳالهين ٻولهين، کل ڀوڳ ۽ ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۾ ڏاڍي مزي سان گذرندو هو.
    براج جي پل، جا ميل کن پري هئي، اتي پڻ وڻندڙ وايو منڊل ۽ نرمل نظارو هو. سير ۾ ڏاڍو لطف ايندو هو. مگر اوڏانهن وڃڻ واسطي مهلت ڪٿي. ڪڏهن ڪڏهن مرد موج ۾ اچي ويندو هو ته برقعي جو ڪارو ڪفن پارائي ٽهلڻ لاءِ گڏ گهليندو هو. ان ۾ تفريح وري ڌوڙ هئي. مرڳوئي تازي هوا جي ڪميءَ ڪري، برقعي جي ستن پردن پٺيان ساهه گهٽجڻ لڳندو هو.
    پر مڙس جي سنگت ۾ اهو مزو ڪٿي! هو ته پاڻ کي عورت کان وڌيڪ عقل وارا سمجهن ٿا، ۽ پنهنجون سياست جون ۽ الائي ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون شروع ڪري ڏيندا؛ جي ٻڌي دل ئي ڪچي ٿيڻ لڳي. يا وري ڪندا نصيحتون ...... ”گهر جو خرچ گهٽاءِ، پيسو ڪو نه ٿو بچي، ٻارن جي صفائيءَ جو ڌيان رکندي ڪر.....“
    جتي پنج – اٺ مايون ويٺيون هونديون آهيون، اتي جو ته لطف ئي ٻيوهوندو آهي. ڪچهري ڪندي اونده تي وڃي ته به پتو ئي ڪو نه پوي. رات کٽي وڃي ڳالهيون نه کٽن!
    ها، سو هڪ ئي وقت ڪيترين ئي عورتن جي دل ۾ اهو خيال جاڳيو ته ڇو نه ڪيڏانهن پڪنڪ ڪجي؟ هڪ شام جو ”عورتن جي باغيچي“ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پڪنڪ ضرور ڪبو. گهڻي بحث مباحثي بعد ٺهراءُ پاس ٿيو ته حيدرآباد جي ”راڻي باغ“ ڏانهن هلبو، ۽ سارو ڏينهن اتي بسر ڪبو.
    راڻي باغ هر مهيني جي پوئين جمعي تي رڳو ضاعفن واسطي کليل هوندو آهي. مردن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڪا نه هوندي آهي. هنن به اهو ڏينهن پڪنڪ خاطر مقرر ڪيو. اڃا ته مهيني جو پهريون جمعو گذريو هو. مڙئي عورتون بيچينيءَ سان ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳيون.
    ان ڏينهن لاءِ وڏا وڏا پروگرام رٿجڻ لڳا. فلاڻي تفريح ڪبي، فلاڻيون رانديون ڪبيون، فلاڻي شرارت ڪبي. رات جو عورتن جي باغيچي ۾ ڏاڍي چاهه سان ان عظيم ڏينهن کي ياد ڪيو ويندو هو، جهڙي طرح ٻهراڙيءَ وارا ايندڙ ميلي يا ملاکڙي جون ذوق شوق سان ڳالهيون ڪندا آهن.
    خدا خدا ڪري اهو ڏينهن به آيو. رات جو سڀني زالن کي آخري اطلاع ڏنو ويو ته سڀاڻي صبح جو سوير ئي هلبو. ڪو خاص انتظام ڪرڻو ڪو نه هو. کاڌي پيتي لاءِ هنن جو فيصلو هو ته سڀڪا پنهنجو کاڌو پچائي پاڻ سان کڻي هلي. باغ ۾ هلي هڙئي گڏجي طرحين طرحين طعام کائينديونسين. باقي رهي اسان کي اوڏانهن کڻي هلڻ لاءِ گاڏي، سا وري ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي. ايس-ڊي-اوز ۽ انجنيئرن وٽ لائيٽ وينس آھن. ڪنهن نه ڪنهن وٽان ضرور ملي ويندي. نه ته به لٿي پٿي اسپتال ۾ امبيولنس ته ٻيٺي آهي. هڪ ڇا، ويهه عورتون سخت بيمار بڻجي پونديون، جن کي حيدرآباد پهچائڻ لاءِ اسان کي گاڏي ملڻ گهرجي.... چڱو، هاڻي ٽڙي پکڙي وڃو!
    زالن پنهنجي مڙس کان اجازت ورتي. جن کي ڪنهن ضرورت يا مجبوريءَ ڪري مڙس موڪل نٿي ڏني، تن به ٻه ڳوڙها ڳاڙي اهو حق حاصل ڪيو.
    صبح جو گهرو ڌنڌي ۽ رڌ پچاءَ ۾ ساڍا ست وڄي ويا، حالانڪه هنن جو ساڍي ڇهين روانو ٿيڻ جو پڪو پروگرام هو. سڀ باغيچي ۾ گڏ ٿيڻ لڳيون. ڳالهيون شروع ٿيون..... فلاڻي اڃا چلهه تي ويٺي آهي، فلاڻيءَ جو خاوند بستري داخل آهي، هوءَ ان جي ٽهل ٽڪور ۾ رڌل آهي؛ فلاڻيءَ جا مزمان اچي ويا نه هلندي؛ فلاڻيءَ تي سخت بخار حملو ڪيو آهي، نه هلي سگهندي؛ فلاڻي ڪپڙا بدلائي رهي هئي، ايندي هوندي.... ڪن ڏي ماڻهو موڪليا ويا ته جلدي پهچي وڃن.
    اوچتو هڪ ڄڻيءَ رڙ ڪري پڇيو ”ڪنهن کي گاڏيءَ واسطي به چيو ويو آهي يا نه؟“
    ٻيون ته هزارين ڳالهيون پئي ٿيون، پر صبح کان وٺي ان طرف ڪنهن جو به ڌيان ڪو نه ويو هو، حالانڪه پهرين ان ڪم جو خيال رکڻ کپندو هو. بهرحال، هڪدم ماڻهو ڀڄايا ويا. مگر جتان ڪٿان ناڪامي نصيب ٿين. ٻه – ٽي گاڏيون اول ئي حيدرآباد وڃي چڪيون هيون. هڪ – ٻه گاڌي ڊٺي پئي هئي، ۽ ٻن – ٽن جا ڊرائيور غائب هئا، ڇو ته اڄ جمعو هو ۽ هتي جمعي جي موڪل هوندي آهي.
    مڙني جا مکڙا مرجهائجي ويا. هاڻي ڇا ٿيندو؟...... پر اڙِي امبيولنس ..... ڀڄ ڊاڪٽر جي بيگم!
    هن ڊاڪٽر کي اچي چيو ”هڪ مائي سخت بيمار آهي. هن کي زناني تڪليف آهي، جا توهان کي نه ٻڌائي ۽ نه ڏيکاري ٿي سگهجي. هن کي امبيولنس ۾ حيدرآباد ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ پهچائڻو آهي. اسين پڻ هن سان گڏ وينديونسين.“ ڊاڪٽر مشڪي ڏنو. امبيولنس ته خود بيمار هئي، ۽ ٻن ڏينهن کان علاج واسطي ورڪشاپ ۾ بيٺل هئي. ڊرائيور کي گهرائي چيائين ته ڪنهن به نموني گهلي سهلي گاڏي ڪاهي وڃ. ڊرائيور جواب ڏنو ته ورڪشاپ اڄ بند آهي ۽ گاڏيءَ ۾ فلاڻي فلاڻي خرابي آهي ۽ ان جو هلڻ ته هڪ طرف پر چرڻ به ناممڪن آهي.
    عورتن ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو هو. ڀڄ ڀڄان شروع هئي. ڪانفرنسون ٿي رهيون هيون. هنن ڊرائيور کي سڏائي دٻ ڪڍي ته تون سچو ٿين ته ڪم ٿي سگهي ٿو. ٻڪرار سچائيءَ تي چڙهي ته کڙهه تي کير پياري..... ڊرائيور جي زال کي گهرائي هنن کي پڪنڪ تي هلڻ جي نينڍ ڏني وئي، حالانڪه پهرين هوءَ ڪنهن ڳاڻاٽي ۾ ڪو نه هئي. ساڳئي وقت هن تي اهو به ڪم رکيو ويو ته هوءَ پنهنجي مڙس جي ڪن-مهٽ ڪري.
    ڊرائيور وري ڊاڪٽر وٽ آيو ۽ اچي چيائينس ته جيڪڏهن هو ايس.ڊي.او ڏانهن ليٽر لکي ڏئي ته هڪ سخت بيمار لاءِ امبيولنس گهرجي ۽ هو ورڪشاپ (ڪارخانو) کولائي مسترين کي ڪم ۾ لڳائي، ته ڪلاڪ ڏيڍ ۾ گاڏي هلڻ جهڙي ٿي ويندي.
    ڊاڪٽر جي چٺي پهچائڻ ۽ مڙس جي ڪن- مهٽ ڪرڻ لاءِ ايس.ڊي.او جي زال کي موڪليو ويو. ”امبيولنس ۾ منهنجي ساهيڙي وڃڻي آهي، اُٿو جلدي ڪريو!“..... ايس.ڊي.او مرڪندو، مسترين سميت، اس ۾ ميل پنڌ ڪري ڪارخاني ۾ پهتو.
    امبيولنس جو هوائي جهاز جهڙو مخصوص شور ٻڌي، عورتن جا چهرا چمڪي اٿيا. ڪي چنچل ۽ چلوليون ته مستيءَ ۾ ڀرجي نچڻ لڳيون.
    يارهن وڄي ويا هئا. ڏينهن به ڏاڍو تپي ويو هو، پر عورتن جا ارادا پهاڙ وانگر اٽل هئا.
    پراڻي سلهه جي مريض وانگر کنگهندي ۽ بدهاضمي جي بيمار وانگر پٺيان گئس ڪڍندي، امبيولنس چالو ٿي.
    ڄامشوري ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ گاڌي ٻه دفعا خراب ٿي پئي. ڪلون ۽ پرزا ٺيڪ ڪندي، ڊرائيور دل ئي دل ۾ انجڻ بڻائيندڙن ۽ شايد عورتن کي به گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو. کليل پٿريلو ميدان، نه وڻ نه ٽڻ، سج به چوٽيءَ تي، لُک اهڙي پئي لڳي جو چمڙي ساڙيو ٿي ڇڏيائين. امبيولنس بَٺي بڻجي وئي. عورتن منهن تي کڻي کولي ڇڏيو، پر باقي بدن ته برقعي ۾ بند هو. گرمي هنن نازڪ جسمن کي نپوڙي، پگهر جي صورت ۾ پاڻي ڪڍي رهي هئي.
    گاڏي چُري پئي ته هوا به لڳي ٿي ۽ ڪجهه آٿت به پئي ٿيو ته اجهو ڪي منزل تي پهتاسين، بيهي ٿي ته دوزخ هو.
    هڪ مائي، جنهن جا ٻين سڀني کان گهڻا ٻار هئا، تنهن پاڻيءَ جي گهگهي کنئي هئي. انهيءَ ته سٽ به ڪا نه جهلي. خشڪي ۽ اڃ کان سڀني جون نڙيون سُڪي ٺڪر ٿي ويون. عورتن جا ٽهڪ ۽ مذاق گهٽجي ويا، ۽ ٻارن جو روڄ راڙو وڌي ويو.
    گاڏي ڪوٽڙيءَ پهتي. سڀني هوٽل تان پاڻي پيتو. هنن جي پيٽ ۾ وري ساهه پيو. هو وري تازگي محسوس ڪرڻ لڳيون. منزل به ويجهي هئي. جسم سان گڏ هنن جي دل به اڇلون ڏيڻ لڳي.
    ڄامشوري کان، ڪوٽڙيءَ رستي، راڻي باغ تائين اڌ ڪلاڪ جو پنڌ هو. پر گاڏي خراب ٿيڻ ڪري ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ويو.
    گاڏي، باغ جي دروازي وٽ اچي بيٺي. سڀ کلنديون، خوش ٿينديون هيٺ لٿيون، ڄڻ ته جنت جي در وٽ پهتيون هيون. سڀڪا پنهنجي پنهنجي بِدڙي سنڀالي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳي.
    اتي ٻه پوليس وارا بيٺا هئا. هڪ ڄڻو هنن ڏي وڌي آيو ۽ چيائين:
    ”اڄ گورنر صاحب جي ميونسپالٽيءَ هن باغ ۾ پارٽي ڪئي آهي، ان ڪري ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ڪانهي.“
    هنن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هڪدم گرمي ٻيڻي ٽيڻي ٿي وئي هئي، ۽ هو پگهر جي درياهه ۾ غوطا کائي رهيون هيون.

    ٭
    ڄامشورو، ۸ – جون 1955ع
    مارئي: آگسٽ 1957ع


    پير جو لوڻ

    سج پنهنجو سفر پورو ڪريم غائب ٿي ويو آهي. ڌنار ڌڻ واڙي، کير پيا ڏهن. هاري ناري واپس موٽي رهيا آهن. گهرن ۽ جهوپڙين مان دونهين جا بادل پيا نڪرن. اوندهه پنهنجا پَرَ ڦهلائڻ شروع ڪيا آهن.
    قاسم کي نارَ تي نماز پڙهڻ ڪري دير ٿي ويئي آهي. هاڻي هو مٿي تي ڪڙٻ جو بند رکي، ڪو مولود جهونگاريندو موٽي رهيو آهي. جڏهن گهر جي ٻاهران پهتو، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ته ڪو ڪنڊو زور سان هن جي ساڄي ڄنگهه ۾ چڀي ويو. ساڳئي وقت ساڙيندڙ سورَ جي سُوٽ به اڀري. هيٺ نهارڻ سان پنهنجي پيرن وٽ، هڪ چٽڪمرو نانگ، ور وڪڙ ڏيندو، ڀڄندو ڏٺائين. هن تي خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو. بَندُ ڪري پري ڦٽو ڪيائين.
    ”ڀڄ ادا نورل! نانگ کائي وڌم.“ هن پنهنجي ڀاءُ کي رڙ ڪري چيو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجي ڄنگهه کي کڻي پڪڙيو. نورل ڊوڙندو آيو. نانگ ته ڀر واري لوڙهي ۾ لڪي ويو هو. هو پنهنجي ڀاءُ کي ٽيڪ ڏيئي اندر وٺي ويو. هڙئي ڀاتي اچي مڙيا. قاسم ڪنجهي رهيو هو.
    پوتڙو نوڙ وانگر ويڙهي، هن جي ٽنگ ۾ زور سان ٻڌو ويو. هيءَ خبر بجليءَ وانگي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي. دوست ۽ همدرد ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي، قاسم جي گهر اچي سهڙيا.
    سڀ ڪنهن پنهنجي معلومات ۽ تجربي جي لحاظ کان مشورو ڏيڻ شروع ڪيو. ڌڻي بخش هاريءَ چيو ته ملان موسي کي گهرايو ته اچي ڦيڻو وجهي. صديق دڪاندار ڏَسُ ڏنو ته ڀر واري ڳوٺ جي حڪيم همت عليءَ وٽ وڃو؛ هن وٽ نانگ بلا جي چڪ واسطي هڪ خانداني نسخو آهي، بس وڃڻ جي دير آهي. مائي ڄامل صلاح ڏني ته، حليما شڪارڻ کي گهرايو ته اچي چوسي زهر ڪڍي ۽ ڄورون هڻي ڏنگ جي پاسن وارو ڪنو رت نيڪالي ڪري. ماستر عرض محمد جا هڪ ٻه عزيز شهر جي سول اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ جو علاج ڪرائي چڪا هئا. هن ٻڌايو ته ”ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪک سنگهيل چوويهن ڪلاڪن اندر، يا جيترو به جلد ٿي سگهي، اسپتال ۾ پهچايو وڃي ته اهڙي دوا آهي، جنهن سان سؤ فيصدي يقين سان هن کي بچائي سگهن ٿا.“ ماستر پنهنجي مائٽن جا مثال پڻ ٻڌايا ۽ هنن کي صلاح ڏني ته قاسم کي بنا دير اسپتال ڏانهن کڻائي وڃن.
    جعفر خان چيو ته ”ڏهن ڪوهن تي هڪ جوڳي رهي ٿو، ڌڻيءَ هن جي هٿ ۾ به چڱي شفا ڏني آهي.“
    هنن اڃا ڪو فيصلو ڪو نه ڪيو هو. قاسم به سڀڪهه سڻي رهيو هو. اوچتو هن کي هڪ خيال اچي ويو، ۽ ڏاڍو ارمان ٿيس ته اهو خيال کيس هڪدم ڇو نه آيو.....
    قاسم ڪڙمي هو. هن کي پنهنجو زمين جو ٽڪرو هو، جنهن کي هو پاڻ ئي آباد ڪندو هو. هو سائين ڪرڙ شاهه جباريءَ جو مريد هو. هن جو پنهنجي مرشد سان عشق هوندو هو. اهڙو اعتقاد ڪن ٿورن مريدن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. هو پنهنجي پير کي بي انداز غيبي ۽ ظاهري طاقتن جو مالڪ سمجهندو هو. هن گهر جي ٻين ڀاتين جو به مرشد ۾ ايترو ئي ويساهه هو.
    ها ته، قاسم پاڻ تي ڦٽڪار وجهڻ لڳو ته هن جي ايمان ۾ ايتري لرزش به ڇو آئي، هن کي ايتري دير پنهنجي پِير جو ”لوڻ“ ياد ڇو نه آيو.
    مريد هن پير کان لوڻ پڙهائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيندا هئا. جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو، ته ان پڙهيل لوڻ جي چپٽي پاڻيءَ ۾ ڳاري، هن کي اهو پياريندا هئا. ٻين جي ته خبر ناهي، پر قاسم جو اهو آزمودو هو، ته هن کي جڏهن به پيٽ، مٿي يا ڪن ۾ سور پيو ته هن اهو لوڻ پاڻيءَ ۾ وجهي پيتو ۽ هميشه خير ٿي ويو. چئي نه ٿو سگهجي، پر شايد هي مريد پنهنجي زخمن تي به اهو لوڻ ٻرڪيندا هئا!
    قاسم دانهن ڪئي ”اڙي نورل! انهن اجاين ڳالهين ۾ ڇوٿا وقت وڃايو، اسان کي ڪنهن وٽ به وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، سائينءَ جو پڙهيل لوڻ پيو آهي، سو کڻي اچو.“
    اهو ٻڌي، هن جي ماءُ، ڀاءُ ۽ ٻين ڀاتين جا چهرا ٻهڪي پيا. ڄڻ ته، اچانڪ ڪو پوريل خزانو هٿ اچي ويو هون؛ ڄڻ ته هنن کي موت جي اونداهين ۾ حياتيءَ جي جوت نظر آئي هئي؛ ڄڻ ته هنن جي بدنصيبن جي ماٿريءَ ۾ نصيبن جو سورج اڀري آيو هو. هنن اطمينان جو ساهه کنيو. هاڻي هنن به ٻين ڳالهين کي فضول سمجهيو.
    هن جي ٽنگ سڄندي ويئي هئي. سارو جسم سور ڪرڻ لڳو هو. بي آرامي وڌڻ لڳي. پير جي لوڻ جو پاڻي پياريو ويو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته هن جي اڌ تڪليف دور ٿي ويئي. هن پنهنجي پير جو نعرو لڳايو ”حق سچا جباري!“ گهر وارن کي پڪ ٿي ويئي ته سڀ خير ٿي ويندو. ايتري قدر جو ٻهراڙيءَ جي ٽوٽڪن “مثال طور گيهه پيارڻ) کي به هنن نظر انداز ڪري ڇڏيو. ڪلاڪ منو گذريو. وري تڪليف ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. وري هن کي گلاس پاڻيءَ ۾ چپٽي لوڻ جي وجهي، اهو پياريو ويو. ڪجهه وقت هن پاڻ کي بهتر سمجهيو. وري ساڳي حالت ٿي ويئي. هن تي غنودگي طاري ٿيڻ لڳي..... ان غنودگيءَ جي حالت ۾ قاسم کي سپنو نظر آيو. هن ڏٺو: مرشد سائين اچي سامهون بيٺو آهي. قاسم هڪدم هن جي قدم تي ڪري التجا ڪرڻ لڳو ”سائين!.....“ هن اڃا اهو لفظ مس ڪڍيو ته مرشد روڪي چيس ”بس، ابا، اسان کي ساري خبر ملي چڪي آهي. اسان کي خبر آهي ته توکي ڪک سنگهيو آهي. اهو به ٻڌائي ڇڏياءِ ته اهو تنهنجو امتحان هو. اڳئين سال، تنهنجي عقيدي ۾ ٿوري لرزش آئي هئي ۽ تو ڏن ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي. ان ڪري اسان نانگ موڪلي تنهنجو امتحان ورتو. پر تون امتحان ۾ ڪامياب ٿئين ۽ ٻيا وسيلا ساري رڳو اسان جي لوڻ ۾ ويساهه رکيو اٿئي، هاڻي تون نو بنؤ ٿي ويندين.......“
    هو ”حق يا جباري!“ جو نعرو هڻي، ننڊ مان سجاڳ ٿي پيو.
    هاڻي ڏنگ واري جڳهه مان رت وهڻ شروع ٿيو. ريلو ڪيائين ته اهو پڻ رت ڪري ڳاڙهو هو.
    ٻئي ڏينهن ٻن پهرن تائين هن جي حالت ۾ ڪا به.
    تبديلي ڪا نه آئي. هو پير جو لوڻ ڏيندا رهيا، ڪن چڱن مڙسن هنن کي بار بار سمجهايو ته مرشد جي دعا سان گڏ ٻيو حيلو به ڪريو، مڙس پؤڻو پوندو ٿو وڃي. مگر هنن جو، ۽ خود مريض جو پنهنجي پير ۾ پورو ڀروسو هو ته سائين اچي سير ۾ حامي ٿيندو.
    ماستر عرض محمد پنهنجي مدد جي آڇ ڪئي. صديق چيو ته ”مان پاڻ ٿو وڃي حڪيم کي وٺي اچان.“ پر هنن خشڪ جواب ڏيئي ڇڏيو. مائي ڄامل ته حليما شڪارڻ ساڻ ڪري اچي نڪتي، پر خود قاسم اکيون ڦوٽاڙي، اهڙي ڇڙٻ ڏنن، جو ٻئي عورتون شرمنديون ٿي موٽي ويون. ٻين جو حيلو قبول ڪرڻ ۾ هنن پنهنجي ڪام مرشد جي گهٽتائي ٿي سمجهي، دنيا جي ڪا به طاقت هنن جي اعتقاد جي پهاڙ کي لوڏي ڪين سگهي.
    منجهند جو نڪهير شروع ٿي ويئي، ۽ شام تائين ٽي دفعا رت جي قئه ڪيائين. هن جو چهرو هئڊ جيان پيلو ٿي ويو هو، نِستائيءَ جي ڪري چري پري نه ٿي سگهيو، ۽ هاڻي ته هن جا هوش حواس گم ٿيڻ لڳا هئا. هو رکي رکي ”پهچ پير!“ يا ”رس جباري!“ چئي رهيو هو. هن جا عزيز هن کي پير جي لوڻ جو ڊوز ڏيندا رهيا. هنن جو ته ساري عمر اهو عقيدو رهيو هو ته اهو لوڻ هر درد جي دوا آهي.
    قاسم جي حالت هيڻي ٿيندي ويئي. هر گهڙي هن کي موت جي ويجهو آڻي رهي هئي. هن جي جسم مان رت جو سيلاب جاري هو. زخم مان رت، وات مان رت، نڪ مان رت، پيشاب ۾ رت..... ۽ لاڳيتو چوڏهن پندرهن ڪلاڪ وهندو رهيو. هو ڪنهن جي ڪو نه پيا ٻڌن. اهو ئي يقين ته آخري لمحي به مرشد سائين پنهنجي غيبي طاقت سان اچي مددگاري ٿيندو؛ سڪرات ۾ به موت جي ملائڪ کي تڙي ڪڍندو ۽ هڪل ڪري چوندو ته ”هٽي پري ٿيءُ، هيءُ اسان جو مريد آهي!“
    جڏهن قاسم صفا بي سرت ٿي ويو، هن جي نبض مشڪل سان محسوس ٿي ٿي، تڏهن خبر ناهي ڇو هنن جو اعتقاد زلزلي ۾ اچي ويو. ماءُ هنجون هارڻ لڳي ۽ نورل گهوڙي تي چڙهي حڪيم هدايت عليءَ کي ڀر واري ڳوٺ مان وٺي اچڻ لاءِ ڀڳو ...... حڪيم سان واپس جڏهن گهر ٻاهران پهتو، تڏهن اندر رئڻ ۽ پار ڪڍڻ جو آواز ٻڌائين، ۽ گهر ۾ گهڙڻ سان پڌر ۾ ٺڪر جي پيالي جا ٽڪر ۽ لوڻ پکڙيل ڏٺائين!

    ٭
    ڄامشورو، ۴ – جولاءِ 1955ع
    انسان: ٢ – نومبر 1959ع


    طوفان ۽ ڏيو

    نرگس کي وئي اڌ ڪلاڪ ٿي ويو هو. هو ويچارن ۾ ويٺو رهيو. هن جي پريشاني وڌندي ٿي نظر آئي.
    نرگس کي ٻاهر اماڻڻ بعد، در جو ڪنڍو بند ڪرڻ وقت، هن جا هٿ ڏڪي رهيا هئا، ۽ جڏهن هو هنڌ تي اچي ليٽيو، تڏهن هن کي پنهنجي جسم جو عضوو عضوو لرزندو محسوس ٿيو. پر اڃا تائين هو خوشيءَ جي خمار ۾ مست هو.
    جلدئي هن کي ان انديشي اچي گهيرو ڪيو ته ڪنهن ڏسي ته نه ورتو آهي؟ ڪنهن کي شڪ ته نه پيو؟ متان ڪنهن نرگس کي پنهنجي گهر ۾ گهڙندي، يا ٻاهر نڪرندي ڏٺو هجي. جي ائين آهي ته هن ڪهڙو انومان ڪڍيو هوندو، ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو!
    هن ڪوٺيءَ ۾ نظر ڊوڙائي. ڪا دري کليل ته ڪا نه رهجي ويئي هئي، ڪو اهڙو ته سوراخ ڪونهي جتان ٻاهر واري جي نظر اندر پئجي سگهي. اوچتو هڪ روشندان جو ڪجهه حصو کليل ڏسي، هن جي دل دهلجي ويئي. ان مان سامهون وارن گهرن مان ته ڪنهن ڏسي ڪو نه ورتو. هو اٿي روشندان هيٺان ويو، ۽ غور سان جاچڻ لڳو. خاطري ڪري وري کٽ تي آيو.
    خيال ڪيائين ته بالڪنيءَ ۾ وڃي، اوڙي پاڙي کي ڏسان ته ڪٿان اهڙو شڪ جو اهڃاڻ ته ڪو نه ٿو ڌسجي. پر هن کي اوڏانهن وڃڻ ۾ ڄڻ ڊپ محسوس ٿي رهيو هو. بالڪنيءَ مان پهرين ته هيٺ رستي تي يا سامهون گهرن ڏانهن نهارڻ جي جرئت نه ٿي ٿيس. پر پوءِ نظرون مٿي ڪيائين. ڪي گهر بند هئا، ۽ ڪن ۾ عورتون پنهنجي ڪم ڪار ۾ رڌل هيون. هو واپس ڪوٺي ۾ آيو.
    دروازي ته ٺڪ ٺڪ ٿي. هن جي دل زور سان دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. هيءُ ڪير آهي؟ ضرور ڪنهن کي شڪ پيو آهي، ۽ مون کي بالڪنيءَ ۾ ڏسي، هن کي پڪ ٿي آهي، ۽ هاڻي هو مون کا آڏي پڇا ڪرڻ آيو آهي. آءٌ ڪيئن هن جي منهن مقابل ٿي سگهندس. هو چُريو ئي ڪو نه. وري زور سان در کڙڪيو. ٻيو چارو ڪو نه هو. در کوليائين. سامهون ٽپالي بيٺو هو.
    ”سائين، ڏٺم ته اڄ ڪلف لڳل ڪونهي، ان ڪري خيال ڪيم ته در کڙڪائي توهان کي سلام به ڪندو وڃان.“ هو خط ڏئي هليو ويو.
    هن کي پاڻ تي کل اچي ويئي ته مان به ڪهڙو نه احمق آهيان. اجايو چريائپ جا خيال ڪري، پاڻ کي پريشان پيو ڪريان. سڀ ڪجهه خبرداري ءَ سان ڪيو ويو آهي، جنهن جو منهنجي ملائڪن کي به گمان ڪو نه پيو هوندو. هو اهي وهم وساري، نرگس سان گذاريل پيار ۽ الفت جون گهڙيون ياد ڪري، پاڻ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    هن جو نرگس سان ناتو ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن کان هن جي زال پيڪين وئي هئي. هن جي زال پيٽ سان هئي، ۽ پهريون ويم سندس پيءُ ماءُ جي گهر ٿيڻو هو. ويم ۾ اڃا ٻه مهينا کن هئا، ۽ ان کانپوءِ به اتي مهينو کن رهڻو هوس. هو هاڻي گهر ۾ اڪيلو هو. نرگس وارن جو گهر انهيءَ عمارت ۾ هو، ۽ دروازا آمهون سامهون هئا. انڪري جو جلدي جلدي هڪٻئي جي وجهو ايندا ويا.
    صبح جو نرگس جو مڙس، پنهنجي ڌنڌي پٺيان ويندو هو. نرگس پويان اڪيلي هوندي هئي. هوءَ هن جي ويجهو آئي ۽ ملاقاتن جو سلسلو وڌڻ لڳو. ڪنهن ڌاري عورت سان ملڻ، هن جي لاءِ پهريون تجربو هو.
    هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. دروازي تي هوريان هوريان ٺڪ ٺڪ ٿي رهي هئي. هن جي دل وري گهٻرائڻ لڳي. هيءَ رازداني نموني ۾ ٺڪ ٺڪ ضرور منهنجي لاءِ بري ثابت ٿيندي. شايد ڪو ان قصي کان واقف ٿي ويو آهي. هاڻي ڇا ڪجي؟ پر اتي ئي هن جي اندر ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي .... اها پڪ نرگس آهي. شايد سندس مڙس جي موٽڻ ۾ دير آهي، ان ڪري وري ملڻ آئي آهي. پر ڪهڙو پتو، متان ڪا خراب خبر ٻڌائڻ آئي هجي.
    سامهون شمشاد کي ڏسي، هن جي منهن جو پنو لهي ويو. هوءَ نرگس جي نڻان هئي. مڙس سان ناسازيءَ سبب ڪجهه ڏينهن کان ڀاءُ جي گهر ٽڪيل هئي. دستور موجب اڄ به صبح جو هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ وٽ ويل هئي، پر شايد وقت کان اڳ واپس آئي هئي.
    هوءَ اندر گهڙي آئي، ۽ در ٻيڪڙي ڇڏيائين. سليم پيلو پئجي ويو هو، نڙي سُڪي وئي هئس، ۽ نظرون زمين ۾ کڻي کپايون هئائين.
    ”مسٽر سليم! مان سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي چڪي آهيان. توهان کي ائين ڪرڻ جو ڪو حق ڪو نه هو.“ هن غصي مان چيو.
    ”ڇو، ڇا ٿيو آهي؟“ هن چپن تي زبان ڦيريندي چيو.
    ”ڇا ٿيو آهي، ڇا ٿيو آهي، مان انڌي ڪو نه آهيان، توهان اسان جي عزت تي حملو ڪيو آهي. اسين نه بي غيرت آهيون ۽ نه بازاري. جي ڇوري اهڙي هئي، ته توهين هن کي سمجهايو ها ۽ پاڻ کي روڪيو ها، چڱي پاڙي جي لڄ رکي اٿو.“
    سليم کي اکيون ملائڻ جي همت ڪا نه هئي.
    آخر جواب ڏنائين ”شايد توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.“
    ”مان وري به چوان ٿي ته اجايا بهانا نه بڻايو.“
    ”آءٌ ڀلا ڪيئن توهان جي غلط فهمي دور ڪريان.“
    ”ڏسو جي وڌيڪ ضد ڪندا ته مان ساري ڳالهه ادا کي ٻڌائينديس، ۽ تنهنجي زال ۽ مائٽن ڏي به لکي موڪلينديس ته هن شريف زادي جا هي ڪرتوت آهن. توهان کي شرم به نه آيو، پنهنجي ننڍي نيٽي زال هوندي به پراون ڏانهن تڪيندا وتو.“
    سليم کي نگاهون مٿي ڪرڻ جو حوصلو ئي ڪو نه رهيو هو، نه ته شمشاد جي چهري تي شرير مسڪراهٽ ڏسي سگهي ها. هن جي عمر ٢۸ سال هئي، نڪ نقشا ڏاڍو وڻندڙ هئس.
    ”مهرباني ڪري مون کي هينئر اڪيلو ڇڏيو. مان ڪجهه به وڌيڪ ٻڌڻ نٿو چاهيان.“ سليم چيو.
    ”مان هلي ٿي وڃان، پر ياد رکجو، ان جو نتيجو چڱو نه نڪرندو.“ شمشاد دڙڪو ڏيندو چيو.
    هن جي اکين آڏو انڌيرو اچي ويو. انهيءَ انڌيري ۾ هن کي خودڪشيءَ جو خيال آيو.... نيٽي چيٽيءَ وٽ سمنڊ ۾ ٽپو يا ننڊ جي گولين جي سڄي شيشي پيٽ ۾! هاڻي ڇا ٿيندو؟ مان ته تباهه ٿي ويس. پاڙي وارا هتي رهڻ ڪو نه ڏيندم، ۽ مائٽ به ٿڪون هڻندم. ساري عزت خاڪ ۾ ملي ويئي. دوستن جي نظرن ۾ پڻ ڪِري پوندس. چئن گهڙين جي مزي جي ايڏي ڳري قيمت. اها دنيا وارن جي بي انصافي آهي.... ۽ نرگس جي خاوند جو ردعمل ڪهڙو ٿيندو؟ اوچتو هن کي خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجي زال جي اهڙي ڳالهه ٻڌجي ها، ته مان ڇا ڪريان ها؟..... مان هن جي يار کي خون ڪريان ها، نه نه، پنهنجي جوءِ کي قتل ڪريان ها، نه نه مان ٻنهي کي ماري وجهان ها.... ۽ هاڻي ڇا ٿيندو؟ پر اها اٻهرائي آهي، اها حماقت آهي. انسان اردگرد جي حالتن ۽ فطرت جي تقاضائن جي اثر هيٺ ڪجهه ڪري وهي ٿو؛ اهو گناهه ناهي، اها غلطي ٿي سگهي، ۽ غلطيءَ جي سزا اهڙي سخت هجڻ نه جڳائي..... ان جو مطلب ته نرگس جو مڙس مون کي ختم ڪري ڇڏيندو......!
    اهو خيال ايندي ئي هو اٿيو، ۽ گهر جا هڙئي دروازا چڱيءَ طرح اندران بند ڪيائين ته متان اچانڪ حملو نه ٿئي.
    پوءِ ڀلا ڇا ڪريان؟ هڪدم گهر ڇڏجي. پر ڪراچيءَ ۾ ٻيو گهر ڪٿان ملندو؟ يا ڪنهن بهاني موڪل وٺي هليو وڃان. گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن دوست کي ته ضرور گڏي اچي رهائجي. ڪو مددگار ته هجي. هو پاڻ وٽ ته پستول رکڻ فضول سمجهندو هو، پر اڄ احساس ٿيس ته هٿيار هجي ها، ته ڏکئي وقت پنهنجي حفاظت ڪري سگهجي ها.
    نيٺ ڇا ڪجي؟ اها نڀاڳي گهڙي ڇو منهنجي زندگيءَ ۾ آئي؟
    زال هتي هجي ها، ته ڇو منهنجي هيءَ حالت بڻجي ها. پنهنجي دوست کان پڇان، من هو ڪا چڱي صلاح ڏئي. پر نه، اهي ڳالهيون ٻئي ڪنهن کي ٻڌائڻ معنيٰ پاڻ کي وڌيڪ خوار ڪرڻ.
    ”خدايا، هيءُ گناهه بخش، هن دفعي پناهه ڏي، اڳتي اهڙو ڪچو ڪم ڪو نه ڪندس. مون سچي دل سان توبهه ڪئي!“ هن جي نيڻن ۾ ڳوڙها تري آيا.
    رستي تي بگيءَ جي بيهڻ جو آواز آيو. هن جي بي آرامي وڌي ويئي. شايد نرگس جو گهر وارو اچي ويو هو. هاڻي مون کي ڀڄڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. هو ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳو. ڏاڪڻ تي ڪنهن جي چڙهڻ جو آواز ڪو نه ٿيو. ٽانگي ۾ ڪو ٻيو ماڻهو هو.
    خيالن جي طوفان نئون موڙ کاڌو. منهنجي ساري عزت هاڻي شمشاد جي هٿ آهي. نرگس ڀاڄائي اٿس، ضرور ڪهڪاءُ ايندس. هروڀرو تڪڙ ڪا نه ڪندي. پر ڪهڙي خبر، سس ۽ ننهن، نڻان ۽ ڀاڄائيءَ جا پاڻ ۾ سخت جهڳڙا ٿيندا آهن. متان شمشاد کي ڪو وير وٺڻو هجي، پوءِ هوءَ دير ڪا نه ڪندي.
    هن پاڻ به شمشاد سان ڪو نه رهايو هو. نرگس جي شوق ۾، هن شمشاد کي سدائين نظر انداز ڪيو هو. شمشاد، ڪيترائي گهمرا هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هو هر دفعي رکائيءَ سان پيش آيو هو. ڪيترائي دفعا هن جي اکين محبت جو پيغام ڏنو هو، مگر هن بيرخيءَ جو ورتاءُ ڪيو هو. هاڻي ته هن کي موقعو مليو هو. هوءَ هڙئي ڪسرون ڪڍندي، پورو پورو بدلو وٺندي.
    خون خرابيءَ کان بچڻ لاءِ آخرين اُپاءُ اهو آهي ته مان ڪنهن نموني شمشاد کي سرچايان ۽ راضي ڪريان. ڪاش! مون کي شمشاد جي ڪنهن يار جي ڄاڻ هجي ها، ته مان کيس ان جو دڙڪو ڏيئي، خاموش ڪري ڇڏيان ها. هاڻي هن جي پيرن تي ڪري پوندس ته هي دفعو پردو رک؛ مان هن جي خوشامد ڪندس، هوءَ ضرور مڃيندي. پر ها، زالون زيورن ۽ ڪپڙن تي هرکجي وينديون آهن، ڇو نه مان هن کي ڪا قيمتي سوکڙي وٺي ڏيان..... ساڙهي، واچ، واليون، سينگار-پيتي، يا جو ڪجهه هوءَ چوي. رشوت سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي.
    اهڙا خيال ڪري، هن جي دل جو بار ڪجهه هلڪو ٿيو. نرگس جي مڙس جي موٽڻ ۾ اڃا گهڻو ئي وقت هو. هن سوچيو ته: شمشاد کي گهران سڏي، اهو سڀ ڪجهه هتي چئي ڇڏيان. هن هڪ دفعو وري به سچي دل سان توبهه ڪئي.
    ايتري ۾ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. هن اٿي دروازو کوليو. شمشاد هئي. هوءَ در بند ڪري اندر آئي ۽ ڪوٺيءَ ۾ عطر جي خوشبوءِ ڦهلجي ويئي. سليم هيسجي ويو. هن همت ڪري هن ڏانهن نهاريو. هوءَ اهڙي حالت ۾ هئي، جو سليم هن ڏانهن هڪ دفعو وري به ڀرپور نگاهن سان نهارڻ کانسواءِ پاڻ کي روڪي نه سگهيو. هوءَ ٺهي ٺڪي، هيروئن بڻجي آئي هئي، ڄڻ ته ڪنهن سيٽ تي ڪئميرا جي سامهون پارٽ ادا ڪرڻ واسطي وڃڻو هجيس. وار هاڻوڪي فيشن تي ٺهيل، چپن تي سرخي، ڳلن تي پائوڊر، اکين ۾ ڪجل. بدن ڀريل ۽ ڊولائتو هوس. کليل گلي وارو چولو پهريل هوس، ۽ گوريون گوريون ٻانهون ڪلهن تائين اگهاڙيون هيون. سليم جي دل ۽ دماغ تي سُروُر ڀريو خمار ڇائنجڻ لڳو.
    ”مان توکي وري اهو ٻڌائڻ آئي آهيان ته تو اهو ڪم ٺيڪ نه ڪيو آهي. تو اسان جي خاندان تي ٽِڪو لاتو آهي، ان جو بدلو توکي ڏيڻو پوندو. ادو اچي ته مان سڀ ڪجهه ٻڌائينديسانس، هو پاڻهي توسان حساب ڪتاب سمجهندو.“
    سليم غور سان هن کي ڏٺو ۽ ٻڌو. هن جي آواز ۾ لرزش ڇو آهي؟ ڇا هن جي ڪاوڙ بناوتي ته نه آهي؟
    ”مان توکي هڪ تحفو پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.“ هن چيو.
    ”ڇو؟“ شمشاد، ناز سان پڇيو.
    ”بس منهنجي دل ٿي چوي.“

    ”دل ان لاءِ چوندي آهي، جيڪو پسند هوندو آهي، ڇا مان توکي پسند آهيان؟“
    سليم هلڪو ڇرڪ ڀري هن ڏانهن چتائي ڏٺو. هوءَ مرڪي رهي هئي، پر اکيون ملڻ کانپوءِ شمشاد جون نظرون جهڪي ويون، ڇاتيءَ جا ڏاڙهون تڪڙو تڪڙو هيٺ مٿي ٿي رهيا هئا.... ۽ جوانيءَ جي تيز طوفان ۾ توبهه جو ٽمڪندڙ ڏيو وسامي ويو.

    ٭
    ڄامشورو، ٢ – نومبر 1956ع
    ماهوار عبرت: جولاءِ 1960ع


    ڀوت

    هن جا ڪجهه اهڙا دوست هئا، جي جڏهن هن سان ملڻ ايندا هئا، تڏهن هن کي ”ڀوت“ سڏي، پاڻ ۾ کلڻ لڳندا هئا. ڪمپائونڊر وري هنن کي ”اچو ڀاڙيا خان!“ چئي، کيڪاريندو هو.
    مون کي ڪيترائي دفعا خيال آيو ته هن کي ڀوت ڇو ٿا سڏين؟ شڪل شباهت مان ته اهڙو ڪو نه ٿي لڳو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو واقعو ٿيو هجي، جو هو ڪنهن شئه کي ڀوت سمجهي ڊنو هجي ۽ سندس سنگتين کي سُڌ پئجي وئي جي، جن اها چيڙ ٺاهي هجيس.
    هڪ ڌينهن پڇيومانس ”هي توکي ڀوت ڇو ٿا سڏين؟“
    جواب ڏنائين ”سائين، ان جو سبب هڪ ڏاڍو مزيدار واقعو آهي.“
    پوءِ هن اها گهٽنا ٻڌائي.
    هو ڪمپائونڊري سکڻ کان اڳ ۾، هڪڙي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو. ان ڪارخاني ۾ هندستان مان آيل هڪ پوڙهو به ملازم هو. هو هتي اڪيلو ئي آيو هو. هن جا ٻيا سڀ ويجها مائٽ، هندستان ۾ هئا. هڪڙي ڀيري پنهنجي ساٿين کي ٻڌايائين ته سندس پٽ هندستان مان پهچي رهيو آهي. هو پٽ جون ڏاڍيون ڳالهيون ڪندو هو. هن کي ان وقت ڇڏيو هئائين، جڏهن هو اڃا ڏهن سالن جو هو ان وقت کي ڏهه ورهه گذري ويا هئا. هاڻي هو ويهن جو ٿي ويو هوندو. هو پنهنجي پٽ جي هر سال گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي تصوير ضرور گهرائيندو هو. اها تصوير سڀني سنگتين ۽ مزورن کي ڏاڍي فخر سان ڏيکاريندو هو.
    چوندو هو ته پٽ اچي هاڻي ڪمائي کارائيندم، ۽ منهنجي پيري آرام سان گذرندي. هو هاڻي سچ پچ ڏاڍو خوش نظر اچڻ لڳو هو.
    ائين به چوڻ لڳو ته ”ڏسجو متان منهنجي پٽ کي نظر هڻو، منهنجي ڌيءَ کي به نظر لڳي هئي، ۽ ڀوت اچي هن جي بت ۾ واسو ڪيو هو.“
    هن جي ڌيءُ کي ڀوت لڳڻ جو قصو هن طرح هو ته هوءَ جوان ۽ سهڻي هئي. اوچتو اچي دورا پوڻ لڳس. ڪڏهن کلڻ لڳي، ڪڏهن رئڻ. ڪڏهن گهر مان وٺيو جو ڀڄي ته سڌو مقام ۾ وڃيو نڪري. سڀني جو رايو اهو هو ته ڪنهن ڀوت پريت جو پاڇو پيو اٿس. ڏاڍا تعويذّ ۽ ڦيڻا ڪرايا ويا. هن جا دورا ختم تڏهن ٿيا، جڏهن هن کي پرڻايو ويو.
    نيٺ هن جو نينگر اچي پهتو. پر پهچڻ سان ئي بيماريءَ جو حملو ٿيس گردن ٽوڙ بخار ۾ وٺجي ويو. هن بيماريءَ ۾ مريض ڇڙيون به هڻندو آهي، ڳچي اڪڙجي پوندي اٿس، ۽ بدن رکي رکي ڪمان وانگر سيٽجي ويندو آهي. هو وڦلجي به پيو. علاج به ڪراينس، پر پوڙهي جو خيال هو ته جن ڀوت جو سايو اٿس، ۽ اهي علامتون جسماني بيماريءَ جي ناهن. اهو پئي هنجون هاريائين، ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان پئي پڇيائين ته ”انهيءَ ڀوت الائي ڇو اسان جي ڪٽنب سان وير وڌو آهي؟“
    خير خيرات به ڪيائين.
    نيٺ نه دوا اثر ڪيو ۽ نه دعا. هتي پهچڻ جي پنجين ڏينهن، پوڙهي جي اميدن جا محل پاش پاش ڪري، هن کي خوشين جي اُڀ تان ڪيرائي، هن جي سهاري جا ساز ٽوڙي، هو موت جي ماٿريءَ ۾ هليو ويو.
    ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن هن سان دلي همدردي ظاهر ڪئي. ڪفن ۽ دفن جو انتظام به هنن ڪيو.
    هن ڪمپائونڊر تي قبر کوٽڻ ۽ مقام ۾ ٻيو بندوبست ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو. هو ۽ ٻه ڄڻا ٻيا وڃي قبر کوٽڻ لڳا.
    ڇوڪري جو موت سانجهيءَ جو ٿيو هو. قبر کوٽائي جو ڪم پورو ٿيڻ تائين، رات جا يارهن لڳي ويا. ٻيا ويا اطلاع ڏيڻ ته هاڻي ميت آندو وڃي، ۽ هي ڪمپائونڊر اتي ئي ترسيو.
    اونداهي رات هئي. گولو آندو هون، جو ڀرسان ئي پئي ٻريو. سياري جي موسم، سخت سردي، مٿان وري هوا به ڏاڍي تکي لڳي رهي هئي. هوا جي ڪري کٻڙ، ڪرڙ ۽ ڪنڊيءَ جي وڻن مان ”سون،سون“ جا آوزا بيقرار روحن جون آهون پئي محسوس ٿيا. ڪڏهن وري، اوچي گنبذ واري ديول ۾ گيتن جي پڙاڏي جهڙو آواز ٿي پيدا ٿيو. ڪڏهن صفا ماٺ ٿي ٿي وئي. هڪ مال گاڏي، جا ان سمي، ڏند ڪٿائن وارو هڪ اکيو راڪاس لڳي رهي هئي، سا شور مچائيندي لنگهي وئي. آسمان تي ٽمڪندڙ تارا، دوزخي ٽانڊا لڳي رهيا هئا. پري کان اسٽيشن جون ڳاڙهيون بتيون، ديون جي خونخوار اکين وانگيان ٿي ڀاسيون، بعضي بعضي ڪن جيتن جي ”جهين جهين“ جو آواز ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. اونداهي، ادس ۽ سنسان وايومنڊل ۾ هر چيز ڀوائتي ٿي معلوم ٿي.
    مگر هو ڊنو نه ٿي، ڇو ته هن جو گهر ئي اهڙي هنڌ هو، جو هن کي ڏهاڙي ان قبرستان جو وچ مان لنگهڻو پوندو هو ۽ هو ننڍي هوندي کان ان ماحول تي هريل هو.
    البت سيءَ ڏاڍو تنگ ڪيس. قبر کوٽڻ وقت، ڪم ڪرڻ ڪري، عضوا گرم ٿي ويا هئس، ان ڪري سيءَ جو پتو ڪو نه پيو هوس؛ پر هينئر واندو وهڻ وقت بيحد سردي محسوس ٿيس. قميص ۽ ڪوٽ پهريل هئس ۽ مٿان اجرڪ به ويڙهيل هوس؛ پر هئڙي ٿڌ کي، اهي ڪٿي ٿا روڪي سگهن. ٿڙ ٿڙ ڪنبڻ لڳو ۽ ڄاڙي وڄڻ لڳس. وڃي سو وڃي ڪيڏانهن. ڪا پناهه جي جڳهه نظر ڪا نه آيس. ڪرنڊڙو ٿي، هڪ ٿلهي وڻ جي ٿڙ وٽ وڃي ويٺو، پر سيءُ ڪٿي ٿو جند ڇڏي! اتر جو واءُ تيز تر بڻجي، هن جي سيني ۾ چڀندو رهيو.
    مقام، شهر کان چڱو پري هو، ان ڪري ميت جي پهچڻ ۾ اڃا ڳچ دير هئي. گهر ويجهو هوس، خيال ڪيائين ته گرم هنڌ ۾ وڃي آسودو ٿيان. پر ائين ڪرڻ به مناسب نه ڄاتائين. نيٺ ٻي واهه نه ڏسي، ان کوٽيل قبر ۾ گهڙي ويو. اهڙي سمي ۽ اهڙي جڳهه تي هيءَ قبر، بجليءَ جي هيٽر سان گرم ٿيل ڪوٺيءَ کان گهٽ نه هئي. همراهه حالي ته گرم ٿي ويو، ۽ هڪ پاسي ٽيڪ لڳائي، سولو ٿي ويٺو. ننڊاکڙو هو، سو جهٽڪو اچي ويس.
    ميت وارن، جنازي جي نماز پڙهي، جنازو اچي قبر جي قريب رکيو. گولو ٻريو پئي. ڪمپائونڊر کي نه ڏسي، سمجهيائون ته هيڏانهن هوڏانهن ڪٿي ويو هوندو. ماڻهو اچي قبر جي چوڌاري بيٺا.
    گوڙ تي جيئن ئي ڪمپائونڊر جي اک کلي ته هو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو. ماڻهن جو اوچتو ائين قبر مان ويڙهيل سيڙهيل سسي ظاهر ٿيندي ڏٺي، سو لاش اتي ئي ڇڏي، ”ڀوت.... ڀوت!“ ڪندا وٺي ڀڳا.
    پوڙهو ڀڄڻ سان گڏ چوندو ٿي ويو ”اڙي، مون ته چيو ٿي ته منهنجي پٽ تي جن ڀوت جو پاڇو آهي.“
    ماڻهو ڀڄي رهيا هئا. ڪي ٿاٻڙجي ڪريا ته وري جلدي اٿي وڌيڪ زور سان ڊوڙڻ لڳا. مٿان مزو اهو ٿيو جو ڪنهن جو ٿڏو لڳڻ ڪري، گولو اونڌو ٿي پيو ۽ وسامي ويو. گهگهه اونداهي ٿي وئي، ۽ وايومنڊل بيحد ڀيانڪ بڻجي ويو.
    ڪمپائونڊر خيال ڪيو ته جي مان هنن جي پٺيان نه ٿو وڃان ته هنن مان ڪو به واپس ڪو نه ٿيندو، ۽ مڙهه ائين ئي پيو هوندو. سو هنن کي پهچڻ ۽ حقيقت ٻڌائڻ لاءِ هو به وٺي هنن جي ڪڍ ڀڳو، ۽ رڙيون ڪندو ويو ته مان فلاڻو آهيان. پر اڳيان، هن کي پٺيان ايندو ڏسي، وڌيڪ تکو ڀڄڻ لڳا.
    آخر اڌ منو ميل ڀڄڻ کانپوءِ، مس مس وڃي هڪ ٻن ڄڻن هن کي ۽ هن جي آواز کي سڃاتو ۽ بيٺا.
    سڀئي سهڪي رهيا هئا. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيا، تڏهن هن کان اصل حقيقت ٻڌي، هو ڏاڍا شرمندا ٿيا، ۽ موت جهڙي موقعي تي به ڏاڍو کليا.

    ٭
    حيدرآباد، 72– نومبر 1962ع
    بادل: جون 1966ع


    ڪرامت

    هو نئين سال نذرانو ڏيڻ کان ننو اکر واري ويٺو.
    اڳي ته پوري پابنديءَ سان، پاڻ ئي اها پونجي اچي پير جي پيش ڪندو هو، پر هينئر يادگيري ڏيارڻ ۽ نياپا موڪلڻ تي به آڏو ابتو جواب ڏيئي، ماڻهو موٽائي ڇڏيائين. پير پڻ اهڙي سڻڀي رقم سولائيءَ سان سهسائڻ وارو نه هو.
    آخر لحاظ کان، پير جي ڪوٺ تي، سيٺ هڪ ڏينهن هن جي ڪچهريءَ ۾ آيو.
    پير هن کي ڀاڪر پائي گڏيو، ۽ پنهنجي پاسي ۾ ڪري وهاريائينس. اڄ سيٺ جي سلوڪ ۾ گهڻو ڦيرو هو. هو اڳي وانگر پير کي پيرين پئي ڪو نه مليو، ۽ نه وري هن جو هٿ چميائين. پير هيءَ تبديلي تاڙي ته ويو، پر تڏهن به معمولي مرڪ سان ڳالهائيندو رهيو. اوڀاريون لهواريون ڪندي، نيٺ پنهنجي مطلب تي آيو.
    سيٺ، جنهن ساري ڄمار پيرن اڳيان پيشاني گسائيندي گذاري هئي، سو هينئر پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو، چي: اڳي ته هوس اوندهه ۾، مس مس روشن راهه تي رسيو آهيان، وري پويان پير مور نه پائيندس.
    پير به شڪار هٿان ويندو ڏسي، آپي مان نڪري ويو. خيال ڪيائين ته ڌيرج سان نه، ته ڌمڪيءَ سان ئي سهي. ڪڙڪو ڪري چوڻ لڳو ”ڇا تون ايتري قدر گستاخ ٿي ويو آهين، جو ڏن ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪرين؟ ڇا تون اسان جي قهر ۽ غضب کان غير واقف آهين! توکي ان جو جلد ئي مزو چکايو ويندو.“
    ان مهل پير جو جوش ۽ جلال جاچڻ وٽان هو. اڳي، سيٺ صاحب، جي پير جي واتان اهي ٻول ٻڌي ها، ته هوند رعب ۽ خوف وچان ڏڪڻي وٺي وڃيس ها، ۽ هن جي قدمن تي ڪري، معافي معافي پڪاري ها. پر هينئر هن جي دل کي لوڏو ئي ڪو نه آيو. سندس نرڙ تي ندامت جو ڪو به نشان نمايان نه ٿيو. هن وات مان ٻڙڪ به نه ٻولي، ڇو ته سمجهائين ته هتي ”ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تا ڪافر“ وارو قصو آهي. انهيءَ ڪري مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ. گنڀير بنيو ويٺو رهيو.
    پير، تير نشان تان گسندو ڏسي گويا پاڳل ٿي پيو، ۽ وري رنڀ ڪري چيائين ”بي سمجهه! تون اسان جي معجزن کان منهن ٿو موڙين، تَڙَ تي رهي واڳن سان وير ٿو رکين، اسان توکي تنهنجي گهر جو گهر ۾ ڪرامت ڏيکارڻ ٿا چاهيون. ڏاڏا سائين ڪندو ته تنهنجي ٽجوڙي تنهنجو سڀ سون ۽ ڳهه ڳهي ويندي. قلندر ڪندو ته پائي پائي پنندو وتندين.“
    سڀني ويٺلن جي وات مان ”حق، حق“ جو نعرو نڪري ويو. هو سيٺ جي حال تي افسوس ڪرڻ لڳا ته ڏسي وائسي ٿو باهه ۾ ٽپو ڏئي. جن مرشدن سان مهاڏو اٽڪايو، اهي ڪڏهن به سنئين لڱين ڪين ٿيا. جو هنن کان ڦِريو، سو ڦُڙيو. انهن جو جهڳوئي جهڻ. ويڙهي ئي ختم. اهڙا سوين مثال، اسان پنهنجي هنن گنهگار اکين سان ڏٺا، ۽ ڪنين ٻڌا.
    پر سيٺ صاحب دل ئي دل ۾ کليو. هن پير جي ڏاڏي جي ڏمر ۽ قلندر جي قوتن کي صحيح نموني سڃاتو ٿي. وڌيڪ ويهي، وقت وڃائڻ فضول سمجهي، هو ٻاهر نڪري ويو.
    (٢)
    ”چور...... چور.....!“ جا آواز ماٺيڻي ماحول کي چيرڻ لڳا. يڪايڪ، پاڙي مان به پڪارون ٻڌڻ ۾ آيون: ”پهتو ، پهتو... نه ويندو، نه ويندو ..... پڪڙيو، پڪڙيو!“
    ماڻهن جي ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي ويئي. هر ڪنهن کي هٿ ۾ هڪ نه ٻيو هٿيار هو. ڪن کي ڪهاڙي هئي، ڪن کي لٺ ۽ ڪن کي لوڙهه.
    چور پڪڙجي پيو. هو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. هن جي مغز مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو. چانڊوڪيءَ ۾ هن جو چهرو ڏسي، ڪيترن ئي ماڻهن جي وات مان هڪ ئي وقت حيرت جي دانهن نڪري ويئي.
    چور کي سڃاڻي، سڀني جا طاق لڳي ويا. هر ڪنهن کي سُڌ پئجي ويئي ته هي شريف ڊاڪو، چوريءَ جي ارادي سان سيٺ جي گهر ۾ گهڙيو هو، مگر سڳ سوڌو جهلجي پيو. هن کي پوليس جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ، سڀ ماڻهو سيٺ کي وڪوڙي ويا ته اسان کي سموري واردات کان واقف ڪر.
    سيٺ هنن کي ٻڌايو ته هن جو پهرين پيرن ۾ ڪيترو ويساهه هوندو هو، ۽ پوءِ ڪيئن بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين، ۽ پير سان پوئين گڏجاڻيءَ ۾ ڇا ڇا وهيو واپرايو.
    هن وڌيڪ چيو : ”ٿورا ڏينهن ٿيا، هڪڙي ڪاليجيءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيم. هونءَ ته آءٌ پيرن تي ڪک پيو نه سهندو هوس، پر خبر ناهي ته هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو جادو هو، جو سڀ ڪجهه صبر سان ٻڌندو رهيس. سچ پچ ته هن منهنجا ڪپاٽ ئي کولي ڇڏيا. هن مون کي مرشدن جي مڪارين ۽ درويشن جي دوکيبازين بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو؛ ۽ هر ڳالهه صاف ثابتين ۽ مثالن سان. پڇاڙيءَ ۾ مون کي ٻه چار ڪتاب پڻ ڏنائين؛ جن جي پڙهڻ سان منهنجا رهيل کهيل شڪ به دور ٿي ويا؛ ۽ جيئن ئي مون سوچڻ شروع ڪيو، تئين ئي پيرن جو پست اخلاق، ڪوڙيون ڪرامتون ۽ ٺڳيءَ جا ٺاهه، فلم جي تصويرن وانگر منهنجي آڏو ڦرڻ لڳا. مون کي پنهنجي گذريل حياتيءَ جي بيوقوفين تي ارمان ٿيو، ۽ آئيندي واسطي اهڙي وهم پرستيءَ کان پري رهڻ جو پڪو پهه پچايم.
    ”پير جي هن پوئين گفتگوءَ کانپوءِ مان غافل ڪو نه رهيس. هن جي دڙڪي جو مطلب منهنجي ذهن ۾ هو. گهر ۽ دڪان جي چڱيءَ طرح چوڪسي ڪرڻ لڳس. اڄ، اڌ رات ڌاري، مان پنهنجي هنڌ تي ليٽيل هوس، مگر ننڊ خير ڪانه هئي، ته ڪجهه سراسراهٽ جو کڙڪو ٿيو. ڀت مٿان ڪنهن کي چڙهندو ڏٺم. منهنجي تيز نظر هن کي سڃاڻڻ ۾ دير نه ڪئي. مون چاهيو ته ڀلي ڏاهو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسي ته ٻين لاءِ به سبق ٿئي. ڀل ته پير ۾ عقيدو رکندڙ، هن جي ڪڌن ڪرتوتن کي پنهنجي اکين سان ڏسن. هو ٽجوڙيءَ تائين اهڙو تڪڙو پهچي ويو، ڄڻ ته گهر جو ڀاتي آهي. پڪ اٿم ته ٽجوڙيءَ جا پار پتا پير ئي هن کي ڏنا هوندا، جو هو اسان جي گهر ۾ پئي آيو ويو آهي، ۽ سامان سڙي جو چڱيءَ ريت واقف آهي. اتي مون مناسب موقعو سمجهي ”چور، چور“ پڪارڻ شروع ڪيو. هو بدحواس ٿي ڀڄڻ لڳو. انهيءَ ڀاڄ ۾ ٻه چار دفعا کوپري وڃي ڀت سان ٽڪريس ۽ رت ايترو ٿي وهيس، جو ڪتا نه چٽين. مون هن کي جهلڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر هٿ ڦٻي نه سگهيا، ۽ هو ڀت ٽپي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هينئر منهنجو هٿيار وڃي رهو هو فقط دانهون ڪوڪون ڪرڻ، ۽ مون پورو زور لڳائي هُل مچايو. توهان ڀائر پهچي ويا، ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو.“
    هي ٻڌي هڪ همراهه چيو ”هي جو ڏيڍ سال اڳ، هن تنهنجي ڪاليجيءَ جي جاءِ مان چور ڀڄايا هئاسون، انهن مان هڪ چهرو مان ٿورو ٿورو ڏسي سگهيو هوس، ۽ مون کي هڪدم خيال آيو ته هي پير جو خاص خليفو ته نه آهي؟ پر وري اهو ويچار پنهنجي دل ۾ مون اچڻ ئي نه ڏنو، ڇو ته اهڙي ڳالهه جو خيال ڪرڻ به گناهه ٿي ڀانيم. پر هاڻي مون کي پڪ ٿي ٿئي ته انهن ٻن ڄڻن مان هڪ اهو ساڳيو خليفو هو.
    (۴)
    ٻئي ڏينهن، ننڍي وڏي جي وات اها وائي هئي ته پير جو خاص خليفو چوري ڪندي پڪڙجي پيو. سڀئي ڏندين آڱريون ڏيئي رهيا هئا. ويچارا مريد ۽ عقيدتمند، جيڪي پيڙهين کان وٺي، هن جي ڪرامتن جا قائل هئا، اهي انهيءَ شش پنج ۾ هئا ته پير کي هاڻي پير سمجهجي يا نه!
    هوڏانهن سيٺ اعلان ڪيو ”ڪاليجي شاگرد ئي هن ڳوٺ جو پهريون شخص آهي، جنهن وهم پرستيءَ کان ڇوٽڪارو پاتو آهي. ائين رڳو تعليم حاصل ڪرڻ ڪري ٿيو آهي. اها تعليم جي جيئري جاڳندي ڪرامت آهي. ان ڪري هاڻي اسين تعليم ڏي پورو توجهه ڏينداسين. سنڌي اسڪول هتي اول ئي آهي، هاڻي انگريزي اسڪول پڻ شروع ڪرايو ويندو. ان لاءِ مان پنهنجي هڙئون اسڪول جي عمارت لاءِ ٽيهه هزار رپيا ڏيندس.“
    ٭تي ارمان ٿيو، ۽ آئيندي واسطي اهڙي وهم پرستيءَ کان پري رهڻ جو پڪو پهه پچايم.
    روع ڪيو، تئين ئي پيرن جو پ

    خانواهڻ، ٩– جون 1948ع


    ڪراچيءَ جا ميزبان

    فلم جي وچ واري انٽرول ٿي. هال ۾ هلڪي روشني ڦهلجي ويئي. ماڻهو چانهه پيڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳا. ڪي ٿورا اسان وانگر ويٺا ئي رهيا. ان وقت هڪ سوٽ بوٽ وارو نوجوان ڇوڪرو ڦري اسان جي سامهون آيو ۽ حُبَ سان هر هڪ کي ڀاڪر پائي ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ“ چئي گڏجڻ لڳو. نه رڳو ايترو، پر هن اسان کي ويڙهيل اجرڪن کي به ٿي چميو ۽ ساڳئي وقت چوندو ٿي ويو، ”جيئي اَجرڪ“، ”جيئي پٽڪو“، ”جيئي سنڌ“.
    اسين ٽي دوست ڪراچي گهمڻ ويا هئاسين. هن وقت فلم ڏسڻ آيا هئاسين. سياري جي مند هئي، ان ڪري اسان سڀني کي اجرڪ ويڙهيل هئا، ۽ هونءَ به سڄو لباس اسان جو پنهنجو ٻهراڙيءَ واروهو؛ ڪانئچ، قميص ۽ مٿي تي پٽڪو.
    هي ڇوڪرو، جو اوچتو اهڙي اوپري هنڌ ۾ اهڙي حُبَ سان اچي مليو ته حيراني وٺي ويئي.
    مون به اُٿي بيهي، ڀاڪر پائي، هن کي هٿ ڏنو. هن ته منهنجا هٿ به چميا ۽ اَجرَڪُ به چميو ۽ جيئي سنڌ وغيرهه چوندو رهيو. پريان ڪجهه ويٺل ماڻهو عجيب نگاهن سان اسان جي طرف نهارڻ لڳا.
    ان سمي، سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي زبان جي باري ۾ هلچل هلندڙ هئي. مان ٻهراڙيءَ جو آهيان، پر پڙهيل ڳڙهيل آهيان، ۽ اخبارون پڻ باقاعدي پڙهندو آهيان. ان ڪري سمجهيم ته هي ڇوڪرو به ڪو قومي خيالن وارو آهي.
    چيائين، ”مان پٺيان ويٺو هوس، توهان کي هن سهڻي سنڌي پوشاڪ ۾ ڏسي دل ڀرجي آيم. هن پنهنجي ديس ۾ جتي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي پهريندڙ سنڌي، قسمت سان ڏسبا آهن، اتي توهان کي ڏسي خوشيءَ جي لهر اُڀري آيم:
    توهين سنڌ جي سونهن آهيو،
    توهين سنڌ جا سپوت آهيو،
    توهان تي سنڌ کي ناز آهي،
    جيئي اجرڪ، جيئي پٽڪو، جيئي سنڌ.“
    هو اهڙي اتساهه ۽ شوق مان ڳالهائي رهيو هو ۽ ايترو خوش ٿي نظر آيو، ۽ اسين هن ساري قصي ڪري منجهي پيا هئاسين ۽ حيران هئاسين، ان ڪري ڪو اکر ئي ڪو نه اڪليو.
    ايستائين انٽرول پوري ٿي، ۽ وري اوندهه ٿي ويئي. ماڻهو موٽي اچي واپس وهڻ لڳا هئا.
    هن ويندي چيو، ”چڱو ڀائو، جيئي سنڌ.“
    هن جي وڃڻ کانپوءِ اسان مان هڪڙي سنگتيءَ چيو، ”يار، ڪريو خبر، ڪير همراهه هو؟“
    اسان مان ته ڪنهن به هن کي نه ٿي سڃاتو. نه ڏٺل، نه ٻڌل.
    ٻئي سنگتيءَ شبهو ظاهر ڪيو ته، ”يار، هي ڪو شهري لليجو ته ڪونهي، متان اسان کي ٻهراڙيءَ جا ڄٽ سمجهي ڪو ٺڳيءَ جو ٺاهه رٿيو هجائين.“
    هن جي اها ڳالهه مون کي پڻ کُکِي.
    ڇوڪرو ڏسڻ ۾ ڪاليجي شاگرد ٿي آيو. بهترين انگريزي ڪپڙا پهريل هئس، پٺيان ڪياڙيءَ تي وار وڌيل، خط اڌي ڳٽي تائين اڻ ڪوڙيل، رنگ جو ڀورو، بدن ڀريل.
    فلم شروع ٿي ويئي هئي، اسين ان جي ڏسڻ ۾ مصروف ٿي وياسين. فلم پوري ٿيڻ تي هجوم سان گڏ رڙهندا رڙهندا ٻاهر آياسين. رستي جي ڪناري تي اهو ڇوڪرو، هڪڙي ڪاري پيلي ٽيڪسيءَ جي ڀرسان اسان جي انتظار ۾ بيٺو هو. ٽيڪسيءَ جو ڊرائيور هڪ ٿلهو متارو حبشي اندر ويٺل هو.
    اسان کي ڏسي، ڇوڪري جي چهري تي مرڪ ڇائنجي ويئي. ڏاڍي سِڪَ مان چيائين، ”ڀائو اچو، وهو ته اوهان کي اوهان جي گهر پهچائي اچان.“
    هن جي انهيءَ دعوت تي شايد اسان ٽنهي جي اندر ۾ پنهنجي انديشي جي تصديق ٿيندي نظر آئي. وري به جواب ڏيڻ لاءِ منجهي پياسين.
    هن دهرايو، ”ادا، اچو اچو، حجاب نه ڪريو.“
    مون جواب ڏنو، ”نه، توهان کي تڪليف ٿيندي.“
    هن کِلي چيو، ”اها تڪليف نه، پر منهنجي لاءِ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
    مون سوچيو: هو ”ايتري حَبَ ۽ سِڪَ مان صلاح ڪري رهيو آهي، ڇو نه قبول ڪجي:
    قرب جو ڪٽورو پئبو پئبو،
    زهر جي آهي، زندگي ڏيندو.
    ۽ شايد اهو خيال ساڳئي وقت اسان ٽنهي سنگتين جي دل ۾ پيدا ٿيو ته: ”جي هو ٺڳ آهي ته اسين به ڪراچيءَ جا واقف ۽ ٽي ڊنگ جوان آهيون، هي وات ڳاڙهو ڇوڪرو اسان کان ڏاڍو ڪو نه ٿيندو.“
    مون پنهنجي ساٿين کي چيو، ”اچو وهو.“
    هن اسان کي پويان وهاري، موٽر جو دروازو بند ڪيو، ۽ پاڻ اڳين جڳهه تي ٿي ويٺو.
    اسان ڏي مهڙ ڪري پڇيائين، ته ”ڀائو، ڪيڏانهن هلبو؟“
    اسان ڪياماڙيءَ تي رهيل هئاسين. ڊرائيور کي چيائين، ”ابا هل ڪياماڙي.“
    هو ڳالهائيندو رهيو. هو اسان تي حاوي پئجي ويو هو. اسان کي ته ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي آيو، ته ڇا جي باري ۾ ڳالهايون، ۽ ڇا جواب ڏيون، بس. ماٺ ۾ ٻڌندا رهياسين.
    ”هيءَ ڪراچي آهي، سنڌ جي دل ۽ دماغ، سنڌين جي رتَ ستَ ۽ پگهر پورهئي مان پليل. جوان ٿي ٻين جي ور چڙهي ويئي آهي. حالت اها آهي جو هتي سنڌي سڏائيندي به ڊپ ٿو ٿئي، سنڌي ڪپڙا پائڻ ۾ گهٻرايون ٿا، پنهنجي گهرن ۽ دُڪانن تي سنڌيءَ ۾ بورڊ هڻڻ جي همت ڪا نه ٿي ٿئي. هتي جيڪي نيون ڪالونيون ۽ نيون رٿائون ٺهن ٿيون، اتي سنڌين کي پَٽَ نه ٿا ڏنا وڃن. هتي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ کي نيڪالي ڏني ويئي آهي، ۽ سنڌي اسڪولن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڙئي حيلا هلايا ويا آهن.“
    جڏهن ريڊيو پاڪستان وٽان لنگهڻ لڳاسين، تڏهن چوڻ لڳو: ”هي ريڊيو پاڪستان آهي، جو سنڌ جي سڳوري سرزمين تي آهي، پر سنڌي پروگرام کي رڳو اڌ ڪلاڪ ڏنو ٿو وڃي، رڳو اڌ ڪلاڪ! عربي، پارسي ۽ ٻين غير ملڪي ٻولي کي به ان کان وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ٿو ….. ريڊيو رڳو ٻوليءَ جي ترقيءَ جو ذريعو نه آهي، پر ٽيليفون ۽ ريڊيو هڪ معاشي حل به مهيا ڪن ٿا. جي سنڌي ٻوليءَ کي ان جو پوريءَ ريت وقت جو حقي حصو ڏنو وڃي ته ڪيترن ئي سنڌي اديبن فنڪارن ۽ ملازمن لاءِ روزگار جو وسيلو ٿي سگهي ٿو.“
    ڊوميڊيڪل ڪاليج جي ڀرسان پهتاسين ته چيائين، ”هي ڪاليج سنڌين شروع ڪيو هو، ان واسطي هنن کي الائي ڪيترا ورهيه جاکوڙ ڪرڻي پيئي ۽ پنهنجي هڙان پيسن ڏيڻا پيا، پر اڄ ان ۾ سنڌي شاگرد ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس داخل ڪيا وڃن ٿا.“
    جڏهن سنڌ مدرسي جي سامهون ٿي لنگهياسين، تڏهن چوڻ لڳو، ”مون ٻڌو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت جڏهن پناهگير هتي پهتا، تڏهن شاگردن کي موڪلون ڏيئي اسڪول، ڪاليج ۽ هاسٽلون خالي ڪرائي، هنن کي رهايو ويو. سنڌين جيءَ ۾ جان سان، مال ۽ پيسي سان هنن جي آجيان ڪئي. ان وقت ڪنهن جو به ايڏانهن خيال ڪو نه ويو ته هي ”آئي ٽانڊي کي، ٿي ويٺي بورچياڻي“ وانگر ڪندا. جيتوڻيڪ اهو هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي، ته ٻاهران آيل، اصل سنڌين کان تعداد ۾ سرس آهن، پر جيڪڏهن ائين هجي به، تڏهن به جي ڪو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ ايترا مهمان ٽڪائي ٿو، جن جو عدد سندس گهر جي ڀاتين کان وڌيڪ آهي، ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته ميزبان پنهنجو سڄو گهر مهمانن جي حوالي ڪري ڇڏي، ۽ مهمان ئي ان گهر جو چرخو هلائين، ۽ ميزبان پنهنجي مادري زبان ۽ قومي سڀيتا ترڪ ڪري مهمانن واري ٻولي ۽ تهذيب اختيار ڪن.
    ”اسان جي ملڪ ۾ ته جو پنهنجا حق گهري، انکي غدار سڏيو ٿو وڃي:
    ”اگهو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
    پلئه پائي سچ، آڇيندي لڄ مران.“
    ڪن رستن تي رکيل نون نالن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چوڻ لڳو: ”سنڌ سڳوريءَ جي شهرن جي رستن، عمارتن ۽ پُلين تي اهڙن شخصن جا نالا رکيا ويا آهن، جن جو ڪڏهن به سنڌين ۽ سنڌي زبان ۽ سنڌين سان واسطو نه رهيو، جن ڪڏهن به سنڌين ۽ سنڌي زبان ۽ سنڌ وطن واسطي ڪجهه به ڪين ڪيو. سنڌ جي سرزمين تي انهن جو ڪهڙو ڪم؟ ڇا اسان وٽ انهن کان به وڌيڪ عزت ۽ مرتبي واريون، خوبين ۽ خصلتن واريون هستيون موجود ڪين هيون يا ڪين آهن؟ پر ڏسجي ٿو ته سنڌ جي هر ڪا چڱي شي انهن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي ٿي لڳي. هنن جي لاءِ ته اهي شخص به سنڌين کان وڌيڪ عزت جي لائق آهن، جن ساري ڄمار بادشاهي درٻارين ۾ نرڙ گسائيندي ۽ وقت جي حڪومت جي واکاڻ ۾ گيت ڳائي نڙي خشڪ ڪندي گذاري. هي ته هتي هوندي به اُتي جي اوليائن جا عرس ملهائيندا، ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ قواليون ڳائيندا آهن. هنن ڪڏهن به لطيف سائين يا سچل سرمست جو عرس ڪين ملهايو هوندو. هي ته باس باسيندا ته به اُتي جي پيرن فقيرن جي، ۽ پوءِ خاص ان مقصد لاءِ هندستان وڃي انهن جي درگاهن تي باسيل نذرانا ڏيندا ۽ خير خيراتون ڪندا.“
    هو ڳالهائيندو رهيو. اسانجي دماغ جون دريون کلنديون رهيون، اکيون ڦاٽنديون رهيون. هن ڇوڪري ۾ ايتري ڪڙاڻ ڇو آهي ؟ هن ڇا ڇا ڏٺو آهي؟ ۽ ڇا ڇا محسوس ڪيو آهي؟ هن کان پڇون ته سهي ته : ڀائڙا تون ڪير آهين؟ اسان کي هي ڳالهيون ڇا لاءِ ٻڌائي رهيو آهين؟
    ميري ويدر ٽاور وٽ، اسان ڏي منهن ڪري چيائين، ”يارو، اڃا توهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، هيڏانهن هڪ سنڌيءَ جي هوٽل آهي ۽ ديرتائين کليل هوندي آهي. اتي هلي ويهي ٿا چانهه به پيون ۽ ڪچهري به ڪريون.“
    ۽ اسان جي جواب جي انتظار کانسواءِ ئي ڊرائيور کي اشارو ڪري، ساڄي پاسي هڪ گهٽيءَ ۾ موٽر موڙڻ لاءِ چيائين. ڊرائيور به بنا دير اوڏانهن گاڏي ڦيرائي.
    اسان جو شڪ هڪ دفعو وري تازو ٿيو، ۽ موٽر جي اوندهه ۾ ئي هڪ ٻئي ڏي نهاريوسين. منهنجي ڀَرِ ۾ ويٺل سنگتيءَ ٺونٺ هڻي، مون کي ڄڻ ته خبردار ڪرڻ چاهيو.
    اڌ رات جو هڪ وڄي چڪو هو. رستي تي اچ وڃ گهڻي گهٽجي ويئي هئي. هي گهٽيون ته خالي خالي هيون. مٿي ماڙين ۾ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ گهرن جي درين مان روشني چمڪي رهي هئي.
    گاڏي ويران گهٽين مان ٿيندي، اچي هڪ معمولي قسم جي هوٽل وٽ بيٺي. اندر چئن پنجن ميزن جي چوڌاري ڪاٺ جون بينچون پيل هيون. پنج ڇهه ماڻهو انهن مان ڪن تي ويٺا هئا، ۽ چانهه جون سُرڪيون ڀرڻ سان گڏ ڳالهيون به ڪري رهيا هئا. رڪارڊ وڳا پئي.
    ڇوڪري چيو، ”مان هوٽل واري کي چئي ٿو اچان، ته اسان لاءِ چانهه هتي کڻي اچي. موٽر ۾ وهندي ڳالهيون به ڪنداسين ۽ چانهه به پيئنداسين.“
    هو در کولي لهي ويو. ڊرائيور ويٺو رهيو. هوٽل جي در وٽ رکيل ميز ڪرسيءَ تي ويٺل سان ڀاڪر پائي وڃي مليو، ۽ هن سان ڳالهائڻ لڳو. اسين آواز سمجهي نه ٿي سگهياسين.
    هو مُرڪندو مُرڪندو موٽي آيو.
    ”مان ڏهن ميلن تان هلي به اچي هن هوٽل جي ماني کائيندو آهيان. ان ۾ مون کي سنڌي کاڌي جو سڳنڌ ايندو آهي ۽ منهنجي هيانءَ کي روحاني فرحت حاصل ٿيندي آهي. خبر اٿو هن هوٽلڙيءَ جو مالڪ پاڪستان کان اڳ ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي هوٽل جو مالڪ هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڌمڪائي، ڊيڄاري ۽ فريب ڏيئي هن کي ان ملڪيت کان محروم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌي هندو هو.“
    اتي اهو هوٽل جو مالڪ به موٽر وٽ اچي پهتو. هن کي ڪائنچ ۽ قميص پهريل هئي ۽ مٿي تي جناح ٽوپي. اچڻ سان ئي ٻئي هٿ ٻڌي چيائين، ”ادل ڀلي ڪري آيا.“
    اسان موٽ ۾ چيو، ”ڪاڪا خير هوندءِ.“
    سنڌين کي ائين هڪ ٻئي کي کيڪاريندو ڏسي، ڇوڪرو ٻهڪي رهيو هو. هن جو چهرو مُرڪون ئي مُرڪون، مسڪراهٽون ئي مسڪراهٽون هو.
    پوءِ واڻئي چيو، ”مان وڃي ٿو توهان ڏي چانهه موڪليان.“
    چانهه اهڙي مزيدار هئي جو ڇا ڳالهه ڪجي. ان ۾ پنن ۽ کنڊ سان گڏ، سنڌي قرب جو ميٺاج ۽ سنڌي هٿن جي سچائي به گهوٽيل هئي، مون کي وري به شڪ کائي ويو ته ان ميٺاج ۽ سواد ۾ ڍَڪَ ۾ ڪو نشو ته ڪو نه ملايو ويو آهي.
    چانهه پيئندي مون کان رهيو نه ٿيو ۽ پڇيومانس، ”ڀائو، تو اهو ڪو نه ٻڌايو ته تون ڪير مڙس آهين؟“
    چيائين: ”هينئر اهو ئي ٻڌائڻ ڪافي آهي، ته مان هڪ سنڌي آهيان. هڪ سنڌيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي سنڌيءَ سان واقفيت هجڻ ئي وڏي ۾ وڏو ناتو آهي. مان توهان کي اهو ڪو نه ٻڌائيندس، ته منهنجو پيءُ ڪير آهي. هو هڪ وڏو آفيسر آهي. هن کي سدائين اهو فڪر دامنگير رهندو آهي ته هن جو عهدو ڪيئن قائم رهي. ان لاءِ ٻين ڳالهين سان گڏ، هن جي اها ڪوشش به هوندي آهي ته هن جا بالا آفيسر اهو ڀانپي نه وڃن، ته هو ڪو سنڌي آهي، يا جي سنڌي آهي ته سنڌي نواز به آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ هن جو عهدو خطري ۾ اچي سگهي ٿو. منهنجو ننڍپڻ ته ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ گذريو آهي، پر جڏهن کان بابو وڏو عملدار بڻيو آهي، تڏهن کان ڪراچيءَ ۾ رهون ٿا. هاڻي ته ماحول جو اثر ۽ بابي جي نوڪريءَ جون اهي مجبوريون آهن، جو اسان گهر ۾ سڀ ڀائر ڀينر ڄائي ڄم کان اردو ڳالهيون ٿا، بابو ۽ امان به اولاد سان اردو ڳالهائين. بابي جو ته مون کي خاص چوڻ آهي ته جڏهن ڪو غير سنڌي آفيسر اسان جي گهر اچي ته هن جي سامهون سنڌي هرگز نه ڳالهائيندو ڪر. ٻارن تي هندستاني ۽ فلمي طرز جا نالا رکيا پيا وڃن. پر جڏهن کان مون ۾ سنڌي قوميت جو احساس اڀريو آهي، ۽ مون سنڌي روشنيءَ ۾ دنيا ۽ پنهنجي حياتيءَ تي سوچيو آهي، تڏهن کان گهر ۾ به بغاوت شروع ڪئي اٿم. بابي جا اهڙا غير سنڌي مهمان اچن ته مان ان ڪمري ۾ وڃان به ڪو نه. گهر جا ڀاتي مون سان اردو ڳالهائين ته مان مان هنن کي سنڌيءَ ۾ جواب ڏيان، ۽ ساڻن سنڌيءَ ۾ ڳالهايان، ۽ اوپري ٻولي ڳالهائڻ تي هنن کي ڇينڀيان ۽ شرمايان. نتيجو چڱو نڪري رهيو آهي. تنهن کانسواءِ مون پنهنجي گهر ۾ ون يونٽ ٽوڙي، سنڌ قائم ڪئي آهي. اهو هن طرح جو پنهنجو ڪمرو سنڌي سامان سان سجايو اٿم. اجرڪ، ڇُر واريون چادرون، رليون، سنڌي ڀرت ڀريل گدين جا پوش، هالن جون جنڊيءَ تي ٺهيل کٽون ۽ ڪرسيون. سنڌي شيون استعمال ڪرڻ سان هڪ ته اسين پنهنجي سڀيتا قائم رکون ٿا، جا سونهن ڀري ۽ وڻندڙ آهي، ۽ ٻيو ته اسين سنڌي ڪاريگرن ۽ هنرمندر کي وڌيڪ روزگار مهيا ڪرڻ ۽ مدد ڪريون ٿا. سنڌ جو ڀرت جو ڪم، رليون، اَجرڪ، ڇُر جو ڪم، جنڊيءَ جو ڪم دنيا ۾ نفيس ترين ۽ حسين ترين شين کي جنم ڏئي ٿو. اسان جي سنڌ ته سونهن ئي سونهن آهي.
    ”منهنجي ٻي صلاح آهي، ته سنڌين کي ڏهاڙي صبح جو شاهه لطيف جي رسالي جو ڪجهه نه ڪجهه حصو پڙهڻ گهرجي، بلڪل اهڙيءَ طرح، جهڙي طرح ماڻهو مذهبي ڪتابن جي تلاوت ڪندا آهن. ماڻهو تلاوت طوطي وانگر بنا ٻولي سمجهڻ جي ڪندا آهن، پر اسانکي شاهه جو شعر نه رڳو پڙهڻ گهرجي، پر ان کي سمجهڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گهرجي. شاهه، هڪ پڪو سنڌي، سنڌي ٻوليءَ جو عاشق ۽ معمار، سنڌي قوم جو گهڻگهرو ۽ خوش ذوق انسان هو. اسان جا بزرگ، لطيف سائينءَ کي صفا غلط نموني پيش ڪن ٿا. هو هن جي شعرن کي مروڙي سروڙي، اهڙيون معنائون ۽ مطلب ڪڍي، اهي ڳالهيون ٻڌائين ٿا، جي مسجد جو ڪو به ٿرڊ ڪلاس ملو توهان کي ساري عمر ٻڌائيندو رهي ٿو. مارئي، سسئي، ٻيجل، نوري، ڄام تماچي، ڪونرو، سهڻي ميهار، ڏم وغيره کي روح، رسول ۽ رب سان مشابهت ڏيڻ ۾ هو ڪو به شرم محسوس ڪو نه ٿا ڪن. جيتوڻيڪ شاهه صاحب انهن جي صورت ۾ اسان جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار پيش ڪيا آهن، ۽ انهن مسئلن جو ذڪر ۽ حل ڏنو آهي، جي اڄ به اسان جي روزمره جي رهڻي ڪرڻي ۾ اسان لاءِ پهاڙ بنيل آهن.
    ”لطيف سائينءَ اهي ڳالهيون عام ماڻهن لاءِ ڪيون آهن، پر اسان جا بزرگ انهن کي آسماني ڳالهين جو رنگ ڏيئي، عام ماڻهن کي، شاهه جي شعر کي سمجهڻ کان پري ڪري رهيا آهن. شاهه صاحب انهن شعرن ۾ قوميت جي جذبن ۽ وطن جي سِڪَ جو بيان آندو آهي، سماجي مسئلن، ۽ مرد ۽ عورت جي لاڳاپن طرف ڌيان ڇڪايو آهي، سنڌي سٻيتا ۽ سنڌي ٻوليءَ جون اَمر تصويرون چٽيون آهن، پرديسين جي روش جي اڳڪٿي ڪئي آهي:
    ڌريان ئي ڌاريا، مَٽَ مئيءَ جا نه ٿيا،
    مدي ڏيرن من ۾، کليو کيڪاريان،
    صبح ٿي ساريان ته اُٺ نه اوطاقن ۾.
    لطيف سائينءَ جي سنڌين کي بهادر بڻجڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. اهي مڙئي ڳالهيون اسان پاڻ ئي شاهه جو شعر پڙهي، سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا. ان ڪري ته مان چوان ٿو ته هر پڙهيل سنڌيءَ کي ڏهاڙي شاهه جي رسالي جي ڪجهه شعرن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي. باقي اسان جي بزرگن جي شاهه جي تشريح ته اسان کي گهمراهه ڪري ٿي ۽ حياتيءَ جي حقيقي مسئلن کان پري وٺي وڃي ٿي.
    ”خبر اَٿوَ ته مان سي-ايس-پي امتحان ۾ ويٺو هوس. مون پيپر ڏاڍا سٺا ڪيا ۽ انٽرويو ۾ به سڏايو ويس. پر مون کي نا اهل ٺهرايو ويو. مان امتحانن ۾ سدائين فرسٽ ڪلاس ۾ ايندو آهيان، پر هن چٽا ڀيٽيءَ ۾ منهنجا اهڙا هم ڪلاسي به چونڊيا ويا، جي صفا ڏَڏُ هئا ۽ ٿرڊ ڪلاس کان ڪڏهن به مٿي چڙهي ڪو نه سگهيا هئا. انهن جي ڪاميابيءَ جو سبب فقط اهو هو، ته هو سنڌي نه هئا ۽ هنن جا ڪي مائٽ اول ئي سي – ايس – پي هئا. ساڳئي وقت، منهنجي رڪارڊ تي شايد اهو به هو ته مون ون يونٽ جي خلاف نعرا هنيا هئا، ۽ هڪ دفعي ان سلسلي ۾ بنا پڇا ڳاڇا، هڪ مهينو جيل ۾ به رکيو ويو هوس.“
    بيرو خالي ڪوپ کڻڻ آيو.
    ڇوڪري پڇيس، ”گهڻا ڏوڪڙ ٿيا؟“
    ”سائين، سيٺ چيو آهي ته پيسا نه وٺبا.“
    ”نه، پيسا ضرور ڏبا، ڪيترا ٿيا؟“
    ”سائين، مان نه وٺندس. سيٺ کي ٿو موڪليان.“
    سيٺ اچڻ سان چيو، ”بابا، هي مهمان آهن، هنن کان پيسا ڪين وٺبا.“
    ”نه ڪاڪا، هي منهنجا مهمان آهن، مان ضرور ڏيندس.“
    ”هي منهنجا به مهمان آهن.“
    ”نه، هنن جي مهماني ڪرڻ تي مونکي وڏي خوشي ٿيندي.“
    اسان هنن جو اهو مزيدار جهيڙو ٻڌي رهيا هئاسين. نيٺ، سيٺ پيسا ورتا، پر ساڳئي وقت اسان ڏي مهڙ ڪري، هٿ ٻڌي چيائين، ”ادل، سڀاڻي ماني مون وٽ اچي کائجو. پر ادل، اوهين آيا ڪٿان کان آهيو؟“
    جڏهن اسان ٻڌايس ته راڻي پور کان، تڏهن هن جو منهن ٽڙي پيو. چيائين، ”سچل سائينءَ جي جُوءِ کان، منهنجي مرشد جي آستان تان، ڀلي ڪري آيا، جيءُ آيا.......“ ۽ پوءِ هو سَرَ ۾ سچل سرمست جي هيءَ ڪافي ڳائڻ لڳو:
    ”منهنجو پانڌيئڙا! پرين کي ڏيج هي نياپو،
    ڏيئي باهه ڀنڀور کي، هيءَ ڪيچ ڪندي ڪاپو؛
    اصل لاڪون آهي، منهنجو ساڻن سياپو؛
    آهي اوهان جو سپرين، هن ڇوريءَ تي ڇاپو،
    منهنجو محبوبن کي ٻيو ڏيج نه ڏوراپو،
    سدا آهين ”سچوءَ“ کي، تون جيءَ جو جياپو.“
    موٽر ڪياماڙي طرف رواني ٿي. ڊرائيور ڏي ڇوڪري منهن ڪري چيو، ”توکي خبر آهي ته هيترين ٽيڪسين مان مون تنهنجي ٽيڪسي ڇو چونڊي؟“
    ”جي سائين، الائي!“
    ”مون چاهيو ٿي ته سنڌي ڊرائيور واري ٽيڪسي هجي. شڪل صورت مان ڏٺم ته تون سنڌي آهين. ان ڪري تو کي هلڻ لاءِ چيم.“
    ”جي سائين، مهرباني.“
    ”توکي خبر آهي، هوش محمد شيدي ڪير هو؟“
    ”ها سائين، هو بهادر سپاهي هو ۽ چيو هئائين: مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“.
    ان تي هن ڇوڪري زور سان نعرو هنيو، ”جيئي سنڌ!“
    اسان ڏي مهڙ ڪري چيائين، ”جڏهن سنڌي ڊرائيورن ۾ ايتري سجاڳي ۽ ڄاڻ آهي، ته هاڻي سنڌ وري ڦلندي ۽ ڦولندي ۽ سنڌي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ کان پوئتي نه هٽندا.“
    ڊرائيور چيو، ”سائين، ”مر ويسين سنڌ نه ڏيسين“ جو مطلب اڄ ئي مون کي توهان جي ڳالهين مان سمجهه ۾ آيو آهي، ته سنڌين سان ڪهڙيون ڪهڙيون زيادتيون ٿين ٿيون ۽ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.“
    ڇوڪري اسان ڏي منهن ڪري چيو، ”شهرن ۾ جڏهن گهڻائيءَ وارن کان زيادتين جو انديشو ٿيندو آهي، تڏهن اسان هميشه ان خيال سان پاڻ کي تسلي ڏيندا آهيون، ته سنڌ فقط شهر ناهي، پر ڳوٺ به آهي ۽ سنڌين جي گهڻائي ۽ طاقت ڳوٺن ۾ آهي…. اسين سنڌي نه رڳو ديانتدار، رحمدل، مهمان نواز ۽ سادا آهيون، پر ان سان گڏ بهادر پڻ آهيون.
    ”بيحد بهادر. عربن سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ، سنڌين هتان چوڏهن ڪاهن ۾ شڪست کاڌي. هيءَ هڪ تاريخي حقيقت اٿوَ. اڄوڪي دؤر ۾ به حُرن جون بهادريون، دشمن به مڃن ٿا. سنڌي ڌاڙيل ڪيترن سالن کان پوليس کي ٽوٽا چٻائي چڪا آهن. ڌاڙيلن جو ڪردار گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ته ثابت ڪري ٿو، ته سنڌين ۾ بي پناهه طاقت ۽ هوشياري موجود آهي. البت ضروري آهي ته اها طاقت صحيح نموني قومي ڪمن ۾ استعمال ڪئي وڃي. اهي ڌاڙيل پنهنجي طاقت غلط ۽ ڪڌن ڪمن ۾ ضايع ڪري رهيا آهن. هنن کي پنهنجون اهي طاقتون صحيح نموني ڪتب آڻڻ جي تعليم ۽ احساس ڏياريو وڃي.
    ”غير سنڌين وٽ اخبارون ۽ پريس آهي، انهن شين ۾ هن زماني ۾ وڏي قوت آهي. انهن جي ئي زور تي هو پنهنجا جائز ۽ ناجائز مطلب ۽ مقصد پورا ڪندا ۽ ڪرائيندا رهن ٿا، توهان ڏٺو ڪو نه آهي، ته اهي ديانتدار ۽ همت وارا سنڌي ڪامورا، جي هنن جي مرضيءَ مطابق نه هلندا آهن يا هنن جي هٿن ۾ رانديڪو ٿي هنن جا ناجائز ڪم نه ڪندا آهن، تن جي پٺيان ڪيئن هنن جون اخبارون ۽ رسالا ڪات ڪهاڙا کڻي پوندا آهن، ۽ هنن لاءِ جنسي باهه ٻاري ڏيندا آهن. توهان کي ياد هوندو ته تازو ئي ڪن مخلص، قابل ۽ ڄاڻو سنڌي عملدارن کي، غير سنڌين جي اخبارن جي اجاين واڪن ۽ واويلا ڪري، پنهنجن عهدن تان بدلي ڪيو ويو آهي…. اسان وٽ انهن شين جي ڏاڍي ڪمي آهي. منهنجي ته دل چوندي آهي ته سنڌيءَ ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون شايع ٿين، ۽ انهن کي گهڻي کان گهڻا ماڻهو پڙهن. مان ته ڪهڙو به سنڌي ڪتاب يا رسالو يا اخبار ڏسندو آهيان، ته اهو ضرور خريد ڪندو آهيان…. تازو هڪ سنڌي ناول شايع ٿيو آهي. ان جو نالو آهي ”پڙاڏو سوئي سڏ.“ اهو پڙهڻ سان ايترو پسندو آيم، جو دل چاهيو ته هر ڪو پڙهيل سنڌي پاڻ پڙهي ۽ اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائي. مان سمجهان ٿو ته هي ڪتاب هڪ سنڌيءَ کي پنهنجو پاڻ ۽ سنڌي قوم کي سڃاڻڻ لاءِ وڏي مدد ڏيئي سگهي ٿو. مون ڇا ڪيو آهي، جو ان ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون خريد ڪري، اهڙن دوستن کي پڙهڻ لاءِ ڏنم، جن نه پڙهيو هو. هنن کي اهو به عرض ڪيم ته هو پنهنجن ٻين واقفڪارن کي اهو ناول پڙهڻ لاءِ هرکائين. منهنجا ڪي دوست جي ڳوٺن جا رهاڪو آهن، تن ڏي به هي ڪتاب موڪلي تاڪيد ڪيو اٿم ته گهڻن کان گهڻن ماڻهن کي اهو ڪتاب پڙهائين.
    ”ڏسو ته ڪراچيءَ جو شهر ڪيترو نه وڌي ويو آهي. سوسائٽي، ناظم آباد، لالوکيت ۽ ٻين اهڙن ڪالونين ۾ فقط انهن ٻاهران ايندڙن کي آباد ڪيو ويو. اتي پاڪستان جا ڀلي ۾ ڀلا بنگلا ۽ شاندار عمارتون آهن… اهي حال آهن انهن ”ويچارن“ جا، جي ستايل ۽ مظلوم هجڻ ڪري، ڏتڙيل ۽ خالي کيسي هتي پهتا هئا…. ٻين به سڀني شهرن ۾ هنن لاءِ ڪالونيون ٺهرائي، وسايو ويو آهي. پر اسان جا ٿري، ڪوهستاني، مارو، ميهار ۽ هتان جا اصل رهاڪو صدين کان وٺي اڄ تائين ڏڪاريل ۽ ڏتڙيل آهن، بي گهر ۽ بي زمين آهن، بيروزگار ۽ بيوس آهن.“
    اسان جو گهر اچي ويو. سڀ لهي بيٺاسين. هو اڃا به ڳالهائيندو رهيو.
    پوءِ ڊرائيور ڏي منهن ڪري چيائين، ”هاڻي هلون؟“
    ”سائين توهان جي مرضي. اڄ سنڌ جي صدقي توهان جي بلي آهيان. سڄي رات هلايو ته به هڪ پيسو نه وٺندس. هي منهنجا به مهمان آهن.“
    ڇوڪري چيو، ”جيئي سنڌ!“
    پوءِ اسان مان هر هڪ سان ڀاڪر پائي موڪلايائين.
    موٽر چالو ٿيڻ تي چيائين، ”چڱو ڀائو، هاڻي جيئي سنڌ!“
    اسان کان پهريون ئي دفعو، هڪ ئي وقت ٽنهي جي واتان ان نعري جو جواب نڪتو: ”سدا جيئي!“ ڇو ته اسان جا سڀ شڪ دور ٿي چڪا هئا، هن جي روش جي باري ۾، ۽ سنڌ ۽ سنڌين جي جدوجهد جي ڪاميابيءَ جي باري ۾، هر قسم جا شڪ.

    ٭
    حيدرآباد، ١ – نومبر ١٩۷٢ع
    سهڻي: مارچ ١٩۷٢ع


    نه گهر جو، نه گهاٽ جو

    (١)
    ميڙ کي چيريندو، هڪڙو شخص نڪتو، ۽ اچي هن جي پيرن ۾ ڪريو. هن جي پيرن کي چنبڙي چوڻ لڳو: ”صاحب، اسان کي بچايو، اسان کي هتان ڪڍي هلو، اسان جي حياتي خطري ۾ آهي، اسين بک ۾ پاه ٿي رهيا آهيون، اسان ڪيترن ڏينهن کان ننڊ ڪا نه ڪئي آهي، اسان جا ٻچا ڪسجي ويا آهن، اسان جا عزيز ماريا ويا آهن، اسان جي زالن سان زوري ڪيئي ويئي آهي.....“
    ڳالهه ٻڌڻ وارو صاحب، ڊاڪٽر صاحب هو، ۽ عالمي ريڊ ڪراس جي عيوضيءَ جي حيثيت ۾ هتي آيو هو. هيءُ هنڌ، ڍاڪا شهر جو محمد پور وارو پاڙو هو. رپورٽون ٿيون هيون ته هن ايراضيءَ ۾ غير بنگالين جو قتلام ٿي رهيو آهي. ان ڪري ريڊ ڪراس وارن هڪ وفد موڪليو هو ته اتي جي حالتن جي حقيقت روبرو وڃي ڏسي.
    هي ڊاڪٽر، وفد جي ٻين ميمبرن کان الڳ ٿي، هڪڙي گهٽيءَ ۾ گهڙي آيو هو. اتي جي رهاڪن هن ولايتي صاحب کي ڏٺو ته ڪيتريون مايون ۽ مرد، ماڪڙ وانگر هن کي وڪوڙي ويا، ۽ پوري روانيءَ سان پنهنجي دکن جو داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو.
    هنن مان گهڻن جا منهن ڀيلا هئا. هنن جون نگاهون هراسريل ۽ خوفزده، وار اڻڀا، ڏاڙهيون اڻ ڪوڙيل ۽ ڪپڙا ميرا هئا. ڪن جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون، چپ خشڪ هئا.
    جو شخص ان ڊنب مان نڪتو ۽ اچي ڊاڪٽر جي قدمن تي ڪريو، ان جو نالو قدوس هو. هو قد جو پورو پنو، رنگ جو سانورو، بدن ۾ سگهارو ۽ صحتمند نظر اچي رهيو هو. هن وقت هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، ۽ سڏڪا ڀري ڳالهائي رهيو هو. هو اصل ۾ بهار پرڳڻي جو باشندو هو، ۽ پاٽنا شهر ۾ پيدا ٿيو هو.
    (٢)
    پاٽنا جو شهر. مسلمانن جو پاڙو. ٻپهريءَ جو وڳڙو. سخت گرمي ۽ گُهٽَ. تکي توَ واري اُس، ڄڻ ته سج، انسانن جي عشق ۾ بنهه هيٺ لهي آيو آهي. ماڻهو آرام ۽ ٿڌڪار لاءِ پنهنجن گهرن ۽ وڻن جي ڇانوَ، وڃڻن، جهلين، پنکن ۽ برف جو سهارو وٺڻ ۾ سرگردان.
    اهڙي سمي سڙڪ تان آواز آيو، ”مسلمان ڀائرو، مسلمان ڀائرو، ظلم ٿي ويو....“ وري به ساڳيون آواز گونجيو، ”مسلمان ڀائرو، مسلمان ڀائرو! انڌير ٿي ويو....“
    ماڻهو گهرن مان ائين ڀڳا، ڄڻ ته ڌرتي ڌُٻي هئي، ۽ ان شخص جي چؤگرد گڏ ٿيڻ لڳا. ان شخص جي پُٺيءَ تي قميص مٿان تازي وهيل رت جا داغ هئا. هو سهڪي ۽ ڏڪي رهيو هو. ماڻهن جو هو ڄاتل سڃاتل هو. هو مسلم ليگ جو مکيه ورڪر هو، ۽ پارٽيءَ جي جلسن ۽ جلوسن جو انتظام ڪرڻ ۾ ڀڙ هو. چونڊن جي زماني ۾ پنهنجي جماعت جي اميدوارن جي ورڪ ڪرڻ لاءِ هن جي خاص ضرورت محسوس ڪئي ويندي هئي. هو نيشنل گارڊ جو سالار پڻ هو.
    ماڻهو مڙندا ويا. هن تقرير جي انداز ۾ ٻڌايو، ”مان ۽ ٻيو ڇوڪرو هندن کي اڪيلا ملي وياسين. هنن چاقن سان اسان تي حملو ڪيو. هو ڇوڪرو ته اتي ڪري پيو، مان جان بچائي هتي پهتو آهيان..... ڏسو هي رت وهي رهيو آهي. اسان جو قصور فقط اهو آهي ته پاڪستان جي گُهر ڪريون ٿا..... اسين وير وٺنداسين، اسين وير وٺنداسين.“ پوءِ هن نعرا هڻايا: ”ليڪي رهينگي..... پاڪستان....نعره تڪبير..... الله اڪبر.....“
    ڄڻ پيٽرول کي تيلي لڳي. ماڻهو جوش ۾ اچي ويا ۽ پنهنجن گهرن ڏي ڊوڙيا، ۽ جيڪو هٿيار هٿ آين سو کڻي ٻاهر نڪتا؛ لٺ؛ ڏنڊو، سوٽي، ڪات، ڪهاڙو، بندوق.
    پوءِ هو رستن تي ٿي بيٺا ۽ چئن پنجن هندن کي ڍيري ڪري وڌائون. اها خبر شهر ۾ پکڙجي ويئي. هندن به جوابي حملا شروع ڪيا. سڄو شهر هندو مسلم فسادن جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ۽ پوءِ پورو بهار جو صوبو. ڪيترائي قتل، ڦُرلُٽ ۽ باهين ڏيڻ جا واقعا ٿيا.
    هي شخص، جو نيشنل گارڊ جو سالار هو، سو قدوس هو. اصل ٿيو هينءَ هو، ته قدوس هڪ مسلمان ڇوڪري کي ريهي ريبي ڪنهن ويران جڳهه تي وٺي ويو، ۽ اتي چاقو ڏيکاري هن سان زوري ڪيائين. ڇوڪري جي ڌمڪائڻ تي ته هو مائٽن کي وڃي ٿو ٻڌائي، قدوس بدناميءَ جي ڊپ کان، هن جو گلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ پاڻ کي به پٺيءَ تي چاقوءَ سان چهڪ ڏيئي، اچي مسلمانن کي هندن خلاف ڀڙڪايائين.
    هندستان ۾ هندن ۽ مسلمانن جا پهريان فساد بهار صوبي ۾ ٿيا هئا. پوءِ ٻين به ڪيترن ئي پر ڳڻن ۾ اها آگ پکڙجندي وئي، نيٺ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. قدوس پنهنجو ديس ڇڏڻ ۾ دير نه ڪئي، ۽ اچي بينگال جي ڍاڪا شهر ۾ پهتو.
    (٣)
    ڍاڪا جو شهر. شهر جي ٻاهران اترئين طرف، تيج گائون وٽ هڪڙي ڪالونيءَ جو خوبصورت باغيچو. ٽپهريءَ جو وقت. ڏاڍي وڻندڙ ۽ ڇوهي هوا. سهڻا وڻ ۽ ساوا ٻوٽا پنهنجي من موهن ۽ رنگا رنگي گلن سميت جهومي رهيا آهن، ۽ سونهن، ناچ ۽ مستيءَ جو بهترين ڏيک پيش ڪري رهيا آهن. پري پري تائين سارين جون سايون سايون ٻنيون، ڳاڙهن گلن وارا گل مهر جا وڻ، ور وڪڙ نهر ۽ جهڙُالو ڏينهن، فضا کي دلفريب بنائي رهيا آهن.
    اهڙي سڳنڌ ڀري وايو منڊل ۾ هن سرزمين تي پيار، اميد ۽ آٿت ڀريا گيت گونجندا آهن، ۽ بينگالي اهي ڳائيندي ۽ ٻڌندي حالي ته پنهنجي حياتيءَ جا دکڙا ڀلجي روحاني تازگي محسوس ڪندا آهن.
    پر هينئر اتي هڪ سياسي جلسو هو. ان ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن جي ڦاٽل وات مان نغمن بدران بي سُرا ۽ بي معنيٰ قومي ترانا، ۽ گپوڙا نڪري، پاڪيزهه فضا کي مڪروهه بڻائي رهيا هئا.
    هڪ تقرير ڪندڙ تقرير ڪري رهيو هو: ”.... اسان پاڪستان ٺاهيو، اسان پاڪستان خاطر جان ۽ مال جون قربانيون ڏنيون، اسان پنهنجا گهر ۽ گهاٽ، محل ۽ ملڪيتون، بنگلا ۽ ماڙيون، هَٽَ ۽ ڪارخانا ڇڏي فقط اسلام ۽ پاڪستان واسطي هتي آيا آهيون. هتي جا رهاڪو اسلام کان بيگانا هئا، اسان اچي هنن کي اسلام جي شمع ڏيکاري، هنن کي نه رهڻ سهڻ جي تميز هئي ۽ نه کائڻ پيئڻ جي، هي هندن جا غلام هئا، هتي جي تهذيب هندو تهذيب آهي، اسان هنن کي اسلامي راهه تي آڻڻ چاهيون ٿا. هنن جي زبان گڏهن جي زبان آهي. هو اسان جي اردو زبان جي مخالفت ڪن ٿا. هنن کي داد رکڻ گهرجي ته پاڪستان اردو زبان لاءِ بڻيو هو. بينگالي غدار آهن، هندستان جا ايجنٽ آهن. عوامي ليگ ۽ ان جا اڳواڻ غدار آهن، اسلام جا دشمن آهن.....“
    اوچتو ميڙ جي هڪ پاسي مان بينگاليءَ ۾ نعرا بلندا ٿيا، ۽ گڏوگڏ اسٽيج تي پٿرن ۽ سروٽن جي بارش شروع ٿي ويئي. هڪ سروٽو تقرير ڪندڙ جي نرڙ تي وڃي لڳو ۽ هو رت ڳاڙيندو، جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو.
    هي تقرير ڪندڙ ساڳيو ئي قدوس هو.
    (۴)
    شهر جي هڪ ميڙ ۾ هڪڙو شاگرد، قاضي نذرالاسلام جو بينگاليءَ ۾ نغمو ڳائي رهيو آهي:
    _ چئي ڏس، اي جوان مرد! چئي ڏي ته مان سر بلند آهيان!
    _ ايترو سربلند، جو هماليه جي چوٽي به منهنجي اڳيان
    جهڪيل آهي؛
    _ مان سرڪش، سنگدل ۽ آتش زبان آهيان؛
    _ مان قيامت جو دوست، طوفان آهيان، دهشت آهيان؛
    _ مان دنيا جي لاءِ سراپا هلاڪت آهيان؛
    _ چئي ڏي، اي جوان مرد! چئي ڏي ته مان سربلند آهيان!
    _ مان باغي آهيان ۽ وطن جو سرڪش اولاد؛
    _ منهنجي راهه ۾ جيڪا چيز اچي ٿي، تنهن کي مان چُور چوُر
    ڪري ڇڏيان ٿو؛
    _ پنهنجي خوديءَ کان سواءِ مان ٻئي ڪنهن جي به زير اِحسان
    ڪين آهيان؛
    _ مان اسرافيل جي صور جو پڙاڏو آهيان؛
    _ قيامت جي ديوتا جو جهنڊو ۽ جبرئيل جي لٺ آهيان؛
    _ جڏهن بگڙجي اٿان ٿو، ته آسمان به مون کان لرزش کائي ٿو؛
    _ ۽ جهنم به مون کان ڪنبي ٿو؛
    _ مان شهاب ثاقب، مريخ ۽ دُمدار ستارو آهيان؛
    _ زهريلي نانگ جي ڦڻ آهيان؛
    _ مان ان ڏينهن مطئمن ٿيندس، جڏهن مظلوم جي آهه آسمان
    ۾ نه گونجندي؛
    _ جڏهن جنگ جي ميدان ۾ تلوارن ۽ خنجرن جا خوفناڪ ترانا
    ٻڌڻ ۾ نه ايندا.
    ڪيترائي بينگالي شاگرد، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهي پيا هئا، ۽ نغمن ۽ نعرن سان، تقريرن ۽ تحريرن سان پنهنجي مظلوم ديس واسين کي سجاڳ ڪري، هنن جا حوصلا بلند ڪري رهيا هئا.
    (٥)
    ڍاڪا جو نواب پور روڊ. هڪ هنڌ رستي جي آمهون سامهون ٻه وڏيون عمارتون ڌيان ڇڪائن ٿيون. انهن ۾ هيٺان چاليهارو کن هَٽَ آهن ۽ مٿان ڪيترائي گهر.
    ماڻهن جو انبوه انهن مان ڪيترن ئي هٽن جي ڀڃ ڊاهه ڪري رهيو آهي، ۽ گڏوگڏ ڦرلٽ به چالو آهي. هڪ عجيب وحشتناڪ هنگامو آهي. ماڻهو نعرا هڻي رهيا آهن، واڪا ڪري رهيا آهن، دڪانن جا دروازا ڀڃي رهيا آهن، شيشا چڪنا چور ڪري رهيا آهن، اردوءَ ۾ لکيل بورڊ لاهي ۽ ساڙي رهيا آهن. مٿان ڪيترن گهرن مان باهه جون ڄڀيون نڪري رهيون آهن، ۽ دونهين جا بادل هوا جي تهن تي تري رهيا آهن. ڪيترا ماڻهو هوٽلن تان لُٽيل شيون ڪلهن ۽ ڪڇن ۾ قابلو ڪيو ڀڄي رهيا آهن.
    سڄي اوڀر بنگال ۾ اهڙا نظارا عام آهن.
    هنن ٻنهي عمارتن جو مالڪ اهو ئي قدوس آهي. هن جي پنهنجي اصلي پرڳڻي ۾ پنهنجي ملڪيت پنجن هزارن جيتري به ڪو نه هئي، پر هتي هن پنجن لکن جو ڪوڙو ڪليم ڀريو هو، ۽ ان جي بدلي ۾ کيس هندو وڻجاري جون هي ٻئي ماڙيون مليون هيون، جن جو ملهه ويهن لکن کان وڌيڪ هو.
    ڪليم جو سرشتو ڏاڍو سولو بنايو ويو هو. ڪو به پناهگير، ڪي به ٻه اهڙا ماڻهو، جي هن جا ڳوٺائي هجن، تن کان تصديق ڪرائي اچي ته هن جي هندستان ۾ برابر هيتري ڪهيتري ملڪيت هئي، ته هن جي اها دعويٰ قبول ٿي ڪئي ويئي. سڄو ٽولو ئي سندن هو. دعويٰ ڪندڙ به پاڻ، شاهد به پاڻ ۽ ڪامورا به سندن. حقيقت ۾ ”ڪليم“ جو قانون پناهگيرن واسطي اله دين جو جادوءَ جو چراغ ثابت ٿيو هو.
    سو قدوس کي ڪوڙو ڪليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ڪا نه ٿي. هن کي هي ٻئي ماڙيون مليون. انهن ۾ چاليهارو کن مسواڙي هٽ ۽ ڏهه کن گهر هئا. هو انهن جو مالڪ ۽ لکا پتي بڻجي ويو.
    جيڪي بينگالي انهن هٽن جا اصل مسواڙي هئا، تن کي مالڪاڻو حق نه مليو. نتيجو اهو ٿيو جو انهن مان ڪيترن کي اهي دڪان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، حالانڪه اهي اصل اتي جا رهاڪو هئا، ۽ ورهين کان وٺي اهي دڪان هنن جي گذران جو وسيلو هئا. هنن دانهون ڪوڪون ڪيون، پر ڪنهن ڦوٽُ به ڪو نه ڪين.
    بينگالين سان اهڙي قسم جون هزارين بي انصافيون ٿيون. پوءِ احساس جي هڪ لهر اڀري، دماغ کي ڇيڙڻ واري لهر، دل کي تڙڦائڻ واري لهر، ننڊ ۽ آرام ڦٽائڻ واري لهر، جيئرو رهڻ لاءِ مقابلو ڪرڻ جي لهر. هنن محسوس ڪيو ته هي ڌاريا مورڳو ئي اسان جي هتان پاڙ پٽڻ ٿا چاهين. هنن جو مٿو جاءِ آيو، ۽ پنهنجن جائز حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جاڳي اٿيا. پوءِ دونهي دکڻ لڳي، ٽانڊا ٽمڪيا، چڻنگيون اڏاميون، ڀيڙ متو، ۽ ان جي تَوَ ۾ سارو ديس تپي ويو. نفرت جو جوالا مکي ڦاٽي پيو. ملڪ، قاضي نذرالاسلام جي نغمن جو نظارو بڻجي پيو:
    المناڪيون ختم ٿيون، شعلا بلند ٿيا، دانهون ڇاتي ڦاڙي ٻاهر نڪتيون، هيبتناڪ طوفان آيو، سمنڊ جا بند ٽٽي پيا، آسمان ۾ لرزش آئي، هوا ۾ کنوڻين جا چمڪاٽ ٿيا، ڌرتي ڏڪي، ديوتائن ڍالون سنڀاليون......
    هنن پنهنجا حق وٺن لاءِ ظالمن ۽ غاصبن تي وار ڪيو. غير بنگالين جي دڪانن کي لٽيو ويو، ۽ هنن جي گهرن تي حملا ڪيا ويا.
    قدوس جي ٻڌي واپار جو دڪان به ڦريو ويو، ۽ هن جي ساري ملڪيت تباهه ڪئي ويئي. پر هو پاڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي بچائڻ ۾ وري به ڪامياب ٿي ويو، ۽ وڃي ٻئي هنڌ لڪو.
    پوءِ پاڪستاني حڪومت فوجي ڪارروائي شروع ڪئي. بيقصور، بيوس ۽ بي هٿيار بينگالين تي بمن، بندوقن، بارود، باهين، توبن ۽ ٽئنڪن سان حملا ڪري، هنن جي رت جون نديون وهايون ويون ۽ باهه جو طوفان برپا ڪيو ويو. بينگالين جا گهر ٻار ۽ مال ملڪيتون تباهه ۽ برباد ڪيا ويا، ۽ دنيا جي بدترين وحشت جو مثال قائم ڪيو ويو.
    (٦)
    بينگال ٻري رهيو آهي. ڍاڪا ٻري رهيو آهي بينگالين جو نالو نيشان مٽائڻ لاءِ فوج پنهنجي پوري قوت سان ڪارروائي ڪري رهي آهي، جيئن ڪنهن دشمن ملڪ سان ڀرپور جنگ جوٽجي.
    ڍاڪا ۾ شاگردن جي ڪن هاسٽلن کي، رات جي پيٽ ۾، بمن سان اُڏايو ويو آهي، جنهن ڪري ڳچ شاگرد سُتي ئي موت جو شڪار ٿي ويا آهن. ڪيترن ئي پروفيسرن ۽ دانشورن کي ڳولي ڳولي اهل عيال سميت ڪٺو ويو آهي. کوڙ پاڙن، بستين ۽ ڳوٺن کي باهيون ڏيئي ختم ڪيو پيو وڃي، ۽ انهن ۾ رهندڙن مان ڪو به سلامت ڪو نه ٿو بچي. هزارين لکين عورتن جي آبرو لٽي پئي وڃي. لکن جا دڪان، ملڪيتون ۽ مال متاع برباد ڪيا ۽ ڦريا پيا وڃن. ڏيهي پنهنجي ئي ڏيهه ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ هو شڪار ٿي رهيا آهن. ماڻهو پنهنجن ئي ديس ۾ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آهن.
    هيءَ فوج به مسلمانن جي فوج آهي، جي بينگالي نه آهن.
    فوج جي مدد لاءِ ٻيون به ٽوليون ٺاهيون ويون آهن، جن کي الشمس ۽ البدر جا پاڪ عربي نالا ڏنا ويا آهن. انهن ۾ رضاڪار ڀرتي ڪيا ويا آهن. هنن کي فوجي هٿيار ڏنا ويا آهن ۽ هو به هزارين بينگالي ٻارن، عورتن، ٻڍن ۽ بي هٿيارن کي قتل ڪري رهيا آهن.
    اجهو هي هڪڙو رضاڪار ڏسو. هي لشڪر جي هڪڙي جٿي سان گڏ آهي. هو چونڊي چونڊي بينگالين جا گهر سپاهين کي ڏيکاري رهيو آهي. پوءِ سپاهي هن جي اشاري تي اهڙي گهر جو گهيرو ڪن ٿا، ۽ ٻارن ٻچن سميت انهن جو ڪوس ڪري ان گهر کي باهه ڏين ٿا. رضاڪار جي ڏسيل دڪانن کي باهه ڏين ٿا ۽ برباد ڪن ٿا.
    اهو رضاڪار پنهنجي ڇاڙتن جي مدد سان بيوس بينگالي سهڻيون، ڪنواريون ۽ نوجوان نينگريون روز رات جو فوجي عملدارن جي عيش لاءِ انهن کي پهچائيندو هو. جنهن رات ٻيون عورتون نه ملي سگهنديون هئس، ته ان رات هيءُ رضاڪار پنهنجون ڄايون ۽ مائٽياڻيون وڃي انهن آفيسرن وٽ پهچائي ايندو هو.
    هي رضاڪار ساڳيو قدوس هو. هن جي قوم وارن، پنهنجي پناهه ڏيندڙن بينگالين جو ڪوس ڪرڻ ۾ فوج جو پورو پورو ساٿ ڏنو. هو فخر سان پنهنجي فوجي آقائن کي ٻڌائيندو هو ته مون پنهنجي هٿ سان ٻه سؤ بينگالي جهنم رسيد ڪيا آهن ۽ هنن جا سوين گهر ۽ هٽ ساڙيا اٿم.
    پوءِ هندستان وچ ۾ ٽپي پيو. ظالم جي ذليل ترين هار ٿي، ۽ بينگالين آزاد ٿي پنهنجو آزاد بنگلاديش بڻايو.
    (۷)
    قدوس جهڙن ماڻهن لاءِ هاڻي ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي جاءِ ڪا نه رهي هئي. بينگالي انهن کي معاف ڪرڻ وارا نه هئا، جن هنن سان غداري ۽ نمڪ حرامي ڪئي هئي، جي خوني ۽ سازشي هئا. تنهن هوندي به پنهنجي اڳواڻ جي چوڻ تي هو زهر جو ڍُڪ پي ويا، ۽ پنهنجي بدلي جي باهه ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائون.
    مگر بهاري شور مچائيندا رهيا، ۽ دنيا وارن تي اثر ويهارڻ جو جتن ڪرڻ لڳا ته هو مظلوم آهن، ۽ هنن تي ظلم ٿي رهيو آهي، ۽ هنن جون حياتيون محفوظ نه آهن.
    ڪن بهارين پاڪستاني فوجي سپاهين کي پاڻ وٽ پناهه ڏيئي لڪائي رکيو هو، ۽ پوءِ وجهه ملڻ تي هي سپاهي وري بينگالين کي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. قدوس به اهڙن شخصن مان هو، جن هيءَ شرارت ڪئي هئي.
    ان تي بنگلاديش جي حڪومت گهرن جي تلاشي وٺي، اهڙن سپاهين کي پڪڙي ۽ هٿيار هٿ ڪري رهي هئي. ان ڪري وري بهارين واويلا مچائي هئي ته اسان جو قتل عام ٿي رهيو آهي. جنهن تي ئي ريڊ ڪراس وارن جي هيءَ ٽولي جاچ ڪرڻ آئي هئي.
    ڊاڪٽر ڏٺو ته بهارين جي دانهن ۾ رڳو وڌاءُ آهي. فقط پنهنجن ڪرتوتن ڪري ئي انهن مان ڪي ٻاهر ڪم ڪار تي وڃي نه ٿي سگهيا ۽ بيروزگار هئا. عام قتل جا ڪٿي به اهڃاڻ ڪو نه هئا.
    ڊاڪٽر پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي پرڳڻن ۾ سالن جا سال رهيو هو، ۽ اتي جي رهاڪن جي عادتن ۽ اخلاقن کان ڀليءَ ڀت واقف هو. هن هميشه مسڪينن ۽ مظلومن جي خدمت ڪئي هئي.
    هو بهار ۾ رهيو هو ۽ سنڌ ۾ به.
    جڏهن بهارين جا اهي فرياد ۽ آزي نيزاري ٻڌي رهيو هو ته هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هنن جي دانهن ۾ ڪا سچائي ڪانهي، ۽ هنن جون شڪايتون جڙتو ۽ بي بنياد آهن، هنن جي پنهنجي ضمير جون چهنڊڙيون آهن. هو ڪنهن جي مڪر جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان مٿڀرو هو.
    هن قدوس ڏي مهڙ ڪري پڇيو، ”تنهنجو پنهنجو ٻار ٻچو يا ڪو ويجهو مائٽ به گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ قتل ٿيو آهي؟“
    هن اوچتي سوال تي قدوس گهٻرائجي ويو، ۽ ڪوشش جي باوجود به ڪو ڪوڙ ٺاهي ڪو نه سگهيو. چيائين، ”صاحب، پر منهنجي قوم جا ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن.“
    هن ٻين به بيٺلن مان ڪن کان اهڙا سوال پڇيا، پر انهن مان ڪنهن به ائين ڪو نه چيو ته سندن ڪو رت جو رشتيدار تازو قتل ڪيو ويو آهي.
    ڊاڪٽر کي هنن جي منهن تي صدين جي مڪاري ۽ منافقت جا پاڇا نظر آيا.
    جڏهن بهارين چيو ته اسان کي اولهه پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو انتظام ڪيو وڃي، تڏهن، هن محسوس ڪيو ته هنن لڇڻن واري قوم کي صلح پسند سنڌين مٿان مڙهڻ وڏي ۾ وڏي زيادتي ٿيندي، ۽ هن جي ضمير گوارا نه ڪيو ته هو پاڻ اهڙي گناهه ۾ حصيدار ٿئي.

    ٭
    حيدرآباد، ٢٢– مارچ 1972ع
    ماهنامه سهڻي: آڪٽوبر 1972ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340565
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ