ڪتاب جو نالو: ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪِٿي؟
مصنف: يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: تعليم
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 25 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 1801 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 964 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي؟ “ نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جي ترجمي سان عالمي جنرل ناليج جو آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2012ع ۾ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
هن ڪتاب ۾ جن جن به شخصيتن جو ذڪر آهي، اهي نه رڳو ڊگهي عرصي تائين عالمي ميڊيا تي ڇانيل رهيون، پر هنن پنهجن خطن / علائقن ۾ به وڏا اثر ڇڏيا. ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن مان ڪيتريون شخصيتون جهڙوڪ: چي گويرا، سلواڊور آلندي، سوئيڪارنو، جارج واشنگٽن، جدوجهد ۽ آزادي جي علامت طور مختلف ملڪن ۾ استعارو بنجي ويون. ته ڪي وري عيدي امين ۽ پول پاٽ جبر، ظلم ۽ دهشت جا اهڃاڻ بنجي پيا. ٽراٽسڪي، خروشيف ۽ مسزبندرا نائيڪي جو نالو تبديلي ۽ جمهوريت جي علامت طور ورتو وڃي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • سلواڊور آلندي : مانائتي زندگي ـ شانائتو موت
  • سدا حيات آلندي جي آخري تقرير
  • چي گويرا کي ڪيئن قتل ڪيو ويو؟
  • چــي گــويــرا : سامراج دشمني جي خلاف جدوجهد ۽ آزاديءَ جو استعارو
  • نڪيتا خروشيف جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي
  • خروشيف جون يادگيرون
  • سري مائو بندرا نائيڪي : دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم
  • عيدي امين : آفريقا جو ڏند ڪٿائي ڪردار
  • پول پاٽ : ڪمبوڊيا جو ڪاسائي
  • ٽراٽسڪيءَ جو قتل ڪيئن ٿيو؟
  • سوئيڪارنو جي خلاف بغاوت جي پهرين شام
  • جارج واشنگٽن کي قتل ڪرڻ جي سازش
  • ايمنسٽي انٽرنيشنل : انساني حقن جي عالمي تنظيم
  • اسڪندريه جي قديم لائبريري
  • دنيا جو چوٿون عجوبو : اولمپيا ۾ زيوس ديوتا جو مجسمو
  • دنيا جو ڇهون عجوبو : هيلوس جو ديو قامت بُت

  • ارپنا

    پنهنجي پياري دوست:

    موٽو مل ”ڪنول“ ڪوهستانيءَ جي ياد ۾
    (جنم 15 سيپٽمبر 1967ع وفات 4 اپريل 2009ع )


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (228) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي؟ “ نامياري ليکڪ يوسف سنڌيءَ جي ترجمي سان عالمي جنرل ناليج جو آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2012ع ۾ساحل پرنٽرس وٽان ڇپايو. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    هن ڪتاب ۾ جن جن به شخصيتن جو ذڪر آهي، اهي نه رڳو ڊگهي عرصي تائين عالمي ميڊيا تي ڇانيل رهيون، پر هنن پنهجن خطن / علائقن ۾ به وڏا اثر ڇڏيا. ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن مان ڪيتريون شخصيتون جهڙوڪ: چي گويرا، سلواڊور آلندي، سوئيڪارنو، جارج واشنگٽن، جدوجهد ۽ آزادي جي علامت طور مختلف ملڪن ۾ استعارو بنجي ويون. ته ڪي وري عيدي امين ۽ پول پاٽ جبر، ظلم ۽ دهشت جا اهڃاڻ بنجي پيا. ٽراٽسڪي، خروشيف ۽ مسزبندرا نائيڪي جو نالو تبديلي ۽ جمهوريت جي علامت طور ورتو وڃي ٿو.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    ’سچائي‘ جنرل ناليج انٽرنيشنل بوڪ سيريز جو ٻيو ڪتاب ”ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي؟“ حاضر آهي، هن ڪتاب ۾ جن جن به شخصيتن جو ذڪر آهي، اهي نه رڳو ڊگهي عرصي تائين عالمي ميڊيا تي ڇانيل رهيون، پر هنن پنهجن خطن / علائقن ۾ به وڏا اثر ڇڏيا. ۽ وقت گذرڻ سان گڏ انهن مان ڪيتريون شخصيتون جهڙوڪ: چي گويرا، سلواڊور آلندي، سوئيڪارنو، جارج واشنگٽن، جدوجهد ۽ آزادي جي علامت طور مختلف ملڪن ۾ استعارو بنجي ويون. ته ڪي وري عيدي امين ۽ پول پاٽ جبر، ظلم ۽ دهشت جا اهڃاڻ بنجي پيا. ٽراٽسڪي، خروشيف ۽ مسزبندرا نائيڪي جو نالو تبديلي ۽ جمهوريت جي علامت طور ورتو وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جي باري ۾ هڪ هنڌ مطالعو نه رڳو دلچسپيءَ جو سبب بنجندو، پر پڙهندڙن کي انهن بابت اها ڄاڻ به مهيا ڪندو، ته اهي شخصيتون ڪهڙين حالتن ۾ پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ اُڀريون ۽ انهن عالمي ۽ علائقائي سياست تي ڪهڙا اثر ڇڏيا. هي ڪتاب يا ههڙن ڪتابن ڇپائڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته پنهنجن پڙهندڙن کي وڌ ۾ وڌ ڄاڻ مهيا ڪجي.
    هن ڪتاب ۾ شامل ٻي مواد ۾ اسڪندريه جي قديم لئبرري، ۽ ستن عالمي عجائباتن مان هيلوس جو ديو قامت بُت ۽ زيوس ديوتا جو مجسمو ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيم ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ بابت مضمون به معلومات سان ڀرپور آهن.
    منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته ”سنڌي ٻوليءَ“ ۾ هن قسم جا معلوماتي ڪتابَ شايع ٿيڻ گهرجن. اها ڳالهه ذهن ۾ رکندي گذريل ڪيترن ئي سالن کان آئون ههڙا ڪيترائي معلوماتي مضمون / فيچر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪندو رهيو آهيان. جن مان ڪجهه وقت بوَقت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا پي رهيا آهن، ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل صورت ۾ مون وٽ ترجمو ٿيا پيا آهن، جيڪي هاڻ هن قسم جي ننڍن ننڍن ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪبا رهبا.
    هيءَ ڪتاب اوهانکي ڪيئن لڳو، پنهنجي راءِ ضرور ڏجو...

    يوسف سنڌي
    9 اپريل 2012ع
    0301-3640468


    سلواڊور آلندي : مانائتي زندگي ـ شانائتو موت

    نه رڳو چلي پر سڄي لاطيني آمريڪا جي ويجهڙ وارن سالن جي تاريخ ۾ سدا حيات سلواڊور آلندي، هڪ ناليوارو ۽ آدرشي اڳواڻ ٿي گذريو آهي. آلندي مظلوم طبقن، چلي ۽ لاطيني آمريڪا جي آزادي ۽ سڄي دنيا جي انسان دوست حڪومتن ۽ تحريڪن جي بچاءُ ۾ نهايت ڪارائتي زندگي گذاري ۽ شاندار موت قبول ڪيو.
    سندس پيءُ جو نالو آلندي ڪاسٽرو هو، جيڪو چليءَ جي انقلابي پارٽيءَ سان لاڳاپيل هو. ڌنڌي جي لحاظ کان وڪيل هو. سندس امڙ جو نالو ”لارا گوسينز يوريب“ هو. اهو گهراڻو ملڪ جي مٿينءَ طبقي سان واسطو رکندڙ هو ۽ ڪيتري ئي عرصي کان ترقي پسند ۽ لبرل سياست سان لاڳاپيل هئڻ جي روايت رکندو هو.
    نوجوان آلندي، پنهنجي علائقي جي اسڪول ۾ تعليم پرائي، جتي هو فڪري طور تي هڪ اطالوي نسل جي موچي ”جوآن ڊي مارشي“ جي اثر هيٺ آيو، جيڪو انارڪسٽ هو (اها ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي ته لاطيني آمريڪا جي انقلابي تحريڪ ۾ موچڪو ڌنڌو ڪندڙ ماڻهن جو ڪردار رهنمائي وارو رهيو آهي). آلندي پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ تعليم جو اهو سلسلو ميڊيڪل تائين پهتس. هن ”يونيورسٽي آف چليءَ“ مان ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي، پر اتي بس نه ڪيائين؛ پر پنهنجي تعليم جاري رکندي هن 1933ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي دوران هن شاگردن جو هڪ اهڙو گروهه جوڙيو، جيڪو مستقل طور تي مارڪسزم جي لٽريچر تي بحث مباحثو ڪندو رهيو هو. اهي شاگرد سياست ۾ به سرگرميءَ سان حصو وٺندا هئا. ايئن 1930ع ۾ چليءَ جي شاگردن جي فيڊريشن جو نائب صدر چونڊجي ويو ۽ 1935ع ۾ هو چليءَ جي ”ميڊيڪل ايسوسيئيشن“ جو اڳواڻ بڻيو ۽ ”سوشلسٽ پارٽي“ جي رڪنيت اختيار ڪيائين.
    1938ع جي چونڊن ۾ جڏهن چلي جي سڀني جمهوري قوتن ۽ تنظيمن گڏجي ”پاپولر فرنٽ“ قائم ڪيو ته ”آلندي“ اليڪشن جو انچارج هو. پاپولر فرنٽ جو مشهور ۽ دل ڇهندڙ چونڊ نعرو هو ”ماني، گهر ۽ روزگار.“ فرنٽ کي سٺي موٽ ملي ۽ سولائي سان چونڊون کٽي، پنهنجي حڪومت جوڙيائين. فرنٽ جيئن ته هڪ گڏيل ماڻهن جو ميڙ هو، جنهن ۾ هر قسم جا ماڻهو شامل هئا، بوزروا به هئا ته جمهوريت پسند ۽ ريڊيڪل به، آلندي ان حڪومت ۾ صحت وارو وزير ٿيو.
    1945ع ۾ آلندي سينيٽر چونڊجي ويو. چلي جي چونڊ نظام ۾ سينيٽ جو ميمبر ٿيڻ عوامي پذيرائي جو دليل سمجهيو ويندو هو. آلندي لڳاتار سينيٽر چونڊبو رهيو. هو 1953ع ۾، پوءِ 1961ع ۾ ۽ پوءِ 1969ع ۾ به سينيٽر چونڊيو. هو 1966ع ۾ چليءَ جي سينيٽ جو صدر چونڊيو ويو. البته آلندي ٽي ڀيرا صدارتي اميدوار ٿيو، پر لڳاتار ناڪام ٿيو.
    آلندي سوشلسٽ خيال رکندڙ هو، تنهنڪري اهو پاڻمرادو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هو ڪيوبا ۽ ان جي انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو کان متاثر ۽ فيڊل ڪاسترو جو ذاتي دوست هو. ريجس ڊيبري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آلندي چيو هو ته ”هو ٻيئي پهرين ملاقات جي پهرين گهڙي ۾ ئي دوست بنجي ويا. آئون سندس بي انتها عقلمنديءَ کان گهڻو متاثر ٿيس.“ (1)
    هي اهو دور هو، جڏهن آمريڪا ڪميونسٽ دشمنيءَ ۾ ڇتو ٿي چڪو هو. اولهائين دنيا جو اهو وڏيرو، جتي به قومي آزادي يا ماني ۽ روزگار جي تحريڪ اُڀرندي هئي، لٺ کڻي پهچي ويندو هو. آلندي ته وري به اهڙن انسانن مان هو، جن چلي جي سياسي ۽ معاشي آزادي چاهي ٿي ۽ هن حقيقي آزادي جي لاءِ سوشلزم لاڳو ڪرڻ ٿي چاهيو، تنهنڪري اولهائين دنيا هن جي دشمن بنجي ويئي. اها ڳالهه به پڌري هجي ته چليءَ ۾ آمريڪي ڪمپنيون وڏي ملڪيت جون مالڪ هيون ۽ اتي جي معدنيات تي قابض هيون. اهو نڪسن جو دور هو ۽ انهن ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ وڃڻ جو ڊپ هو.
    1970ع جي چونڊن ۾ چلي جي ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ پاپولر ايڪشن پارٽين گڏجي چونڊ اتحاد ٺاهيو، ان جو نالو ”پاپولر يونٽي“ رکيو ويو. ان اتحاد گڏيل طور تي سلواڊور آلندي کي پنهنجو صدارتي اميدوار نامزد ڪيو.
    چلي جي عوام جو هڪ وڏو حصو ان مشهور مارڪسٽ اڳواڻ جو حامي هو. کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين، ٽريڊ يونينن، شاگردن ۽ جوانن جي سڀائن ۽ محب وطن فوجي آفيسرن به آلندي جي طرفداري ڪئي ۽ ساٿ ڏنو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سلواڊور 1970ع جون صدارتي چونڊون ”پاپولر يونٽي“ جي اميدوار جي حيثيت سان کٽي ويو.
    ڪيوبا جي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو سوڀ جي خبر ٻڌي ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جي اخبار ”گرانما“ جي ڪاپي ”آلندي“ کي ڏياري موڪلي، جنهن جي پهرين صفحي تي ان فتح جي وڏي خبر هئي. ”هو (ڪاسترو) چلي جي خبر جي اوسيئڙي ۾ اخبار جي آفيس ۾ موجود رهيو ۽ ان جي پهرين صفحي تي پنهنجي مبارڪباد لکي موڪلي. هن ان فتح کي سامراج جي خلاف فتح قرار ڏنو ۽ ان جي هيٺان پنهنجي صحيح وڌي ۽ ڀر پاسي جيڪي به ماڻهو موجود هئا، انهن کان به صحيحون ڪرايون. آئون اها اخبار هڪ سوکڙي طور پاڻ سان رکندو آهيان.“ (2)
    ان صدارت جو مدو ڇهه سال هوندو هو. اقتدار سنڀاليندي ئي آلندي چلي ۾ سوشلسٽ پروگرام لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو. هن ٽامي جي کاڻين، بئنڪن ۽ ٻين وڏين صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي لاڻو، تعليم ۽ صحت کي سرڪار جي ذميداري قرار ڏنو. هن ٻارڙن کي مفت کير ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو ۽ وڏن جاگيردارن کان زمينون کسي بي زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏيون.
    سندس عوامي مقبوليت رکندڙ حڪومت جيڪي چاليهه نقاطي ڪم ڪيا، انهن ۾ ٻارڙن جي لاءِ مفت کير، مفت تعليم، قيدين ۽ پوڙهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ، ملڪ جي بنيادي معدني وسيلن ٽامي، لوهه ڪوئلي ۽ تيل وغيره کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ زرعي سڌارا شامل هئا. انهن قدمن چليءَ جي غريبن جون زندگيون بدلائي ڇڏيون. ٽيهه لک ڪتاب ڇپرائي عوام ۾ ورهايا ويا ۽ اهڙا ادارا جوڙيا ويا، جتي مزدور پيشه ماڻهو تعليم حاصل ڪري سگهن. آلندي جي حڪومت جا ٽي سال غريبن جا لاءِ اميدن جا ٽي سال هئا. لاطيني آمريڪا ۾ آلندي کي Companero President (ڪامريڊ پريزيڊنٽ) چيو ويندو هو.
    آلنديءَ، ڪاسترو جي ڪيوبا سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ۽ آمريڪي ناڪا بندي جي مخالفت ڪندي، ان ملڪ سان واپار شروع ڪيو. هن اهڙا ته قدم کنيا جو هر گذرندڙ سال انهن جي مثالي هئڻ جي گُڻن ۾ واڌارو ڪندو ويو.
    پر آمريڪا پنهنجي پاڙي ۾ اهڙن دشمنن کي ڪيئن ٿي ڇڏي سگهيو. هن آلندي جي حڪومت جي خلاف وڏي پروپيگنڊهه شروع ڪري ڏني. چلي جي معيشيت تي خطرناڪ حملا ڪرڻ شروع ڪيا. سندس مقامي ڇاڙتن دڪانن مان چانور، اٽو ۽ کنڊ غائب ڪرائي ڇڏي ۽ سرڪاري ملازمن، واپارين، ٽرانسپورٽن ۽ وچينءَ طبقي سان لاڳاپيل پيشي وراڻين تنظيمن ساڄي ڌر سان گڏجي سامراجي سازش کي ڪامياب ڪيو. ٻاهريون گهڻ قومي ڪمپنيون ان تحريڪ ۾ پاڻي وانگر پئسو وهائينديون رهيون.
    سچي ڳالهه ته اها آهي ته آلندي تي هڪ وڏو باب لکڻ کان سواءِ سهيوڳي چلي ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي تاريخ لکي ئي نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هن ويڙهه جي اڳينءَ مورچي ۾ رهي حصو ورتو، عمل ۾ به ته نظريي ۾ به... آلندي پنهنجي ملڪ ۽ سڄي دنيا جي پورهيت انسانن جو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين وفادار رهيو، ۽ سڄي دنيا جون اکيون ان ويڙهه تي کتل هيون، جنهن ۾ آمريڪا سامراج ۽ اندريان عوام دشمن طبقا، تبديلي جي لاءِ ان سگهه جي خلاف وڙهي رهيا هئا، جنهن جي هر جيت تي دنيا خوش ٿي رهي هئي.
    آلندي سدائين اڳتي رهيو ۽ جيئن وقت کان اڳ جنم وٺندڙ سڀني ماڻهن سان ٿيندو آيو آهي، آلنديءَ به ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏنو، پر آلندي جي اٽل ارادن ۽ ڪمٽ منٽ سڀني نقادن، مخالفن ۽ دشمنن کي غلط ثابت ڪيو.
    آلندي ڪو يوٽوپيائي (خيالي) ماڻهو نه هو ۽ نه ئي وري ڪو جاڳندي سپنا ڏسندو هو. هو ته هڪ اهڙو انقلابي هو، جيڪو مڪمل طور تي چليءَ جي مزدور طبقي جي ڪاز سان لاڳاپيل هو، جنهن جي لاءِ هن پنهنجي خوبصورت زندگي ارپي ڇڏي ۽ وقت اچڻ تي اها قربان به ڪري ڇڏي.
    آمريڪا باقاعدهه لڙائي شروع ڪري ڏني. هن سڌو سنئون صدارتي محل تي هوائي حملو شروع ڪيو. سلواڊور آلنديءَ، چليءَ جي آئيني چونڊيل صدر جي حيثيت سان پنهنجا فرض ادا ڪندي، صدارتي محل ۾ ئي جان قربان ڪري ڇڏي. هن دشمنن کي نه ڪنهن ٺاهه جي لاءِ چيو ۽ نه ئي وري ڪنهن ٻي رعايت جي لاءِ هٿ پير هنيا، هو پنهنجي وچن موجب زندگيءَ جي آخري ساهه تائين هڪ شينهن جيان وڙهندي، هڪ هيري جيان پنهنجي مورچي ۾ شهادت ماڻي.
    اهڙا مانجهي مرڻا ناهن،
    ويس مٽائي ورڻا آهن.
    چوڻ تي ته اهو چئي سگهجي ٿو ته چلي جي پنهنجي انقلاب دشمنن سان ويڙهه هئي، پر سڄي دنيا کي خبر آهي ته آلندي کي فقط جنرل پنوشي قتل نه ڪيو، پر ان قتل ۾ نڪسن، هينري ڪسنجر، سڄي سي آءِ اي ۽ گهڻ قومي ڪمپنيون شامل هيون. هن سڀني گڏجي يارهن سيپٽمبر 1973ع تي صدر کي شهيد ڪري سندس حڪومت ختم ڪري ملڪ تي فاشزم لاڳو ڪري ڇڏيو. آمريڪا جي لاءِ سڄي خطي جي لاءِ اها خوني ڪارروائي ڪرڻ لازمي هئي، جيڪڏهن آمريڪا ايئن نه ڪري ها ته سڄي خطي ۾ آمريڪا جي پڇ لٽڪائو حڪمرانن جي خلاف انقلاب اچي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته سڄي لاطيني آمريڪا جي اندر سامراج جا دلال فوجي حڪمران موجود هئا.
    يارهن سيپٽمبر 1973ع تي چلي بگهڙن جي حوالي ٿي ويو. يارهن سيپٽمبر فقط آمريڪين جي لاءِ نائين اليون ڪونهي، پر اهو ته چلي، لاطيني آمريڪا ۽ سڄي دنيا جي جمهوريت پسند ماڻهن جي لاءِ ”نائن اليون“ به آهي. يارهن سيپٽمبر تي آمريڪا اها ئي قيامت چلي جي عوام جي مٿان آندي هئي. يارهن سيپٽمبر تي چليءَ جي عوام کان سندن جمهوريت ۽ سندن بنيادي انساني حق کسي ورتا ويا، تنهنڪري سڄي دنيا ۾ نائن اليون ٻن ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.
    آمريڪي ڇاڙتي ۽ سندس نائب جنرل پنوشي، هڪ سڄي تهذيب کي تباهه ڪري ڇڏيا. هن چلي ۾ سياست تي پابندي وجهي ڇڏي. ٽريڊ يونينون غير قانوني قرار ڏنيون ويون. شاگرد سياست بند ڪئي ويئي ۽ اخبارن جي وات ۾ سينسرشپ جو ڪپڙو ڦسيو ويو.
    آمريڪا هونئن ته تاريخ جي سڀني جنمن جو گناهگار آهي، پر جيڪڏهن فقط هڪ ويهين صديءَ ۾ سندس انسانيت دشمن ڏوهن جو ليکو ڪيو وڃي ته هن جا ڏوهه هزارين شيطانن کان به وڌي ويندا.
    آلنديءَ کي دنيا رڳو ان ڪري ياد نه رکندي ته هن صدر بنجي چليءَ جي عوام کي عزت ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ ترقي جا موقعا فراهم ڪيا، پر کيس ان ڪري به ياد رکيو ويندو ته هن ملڪ جي صدر هوندي به ڪنڌ نه جهڪايو ۽ فاشزم جي خلاف اڏول رهيو. آلندي سامراجين جي خلاف اٽل رهيو. ظلم ۽ پرماريت جي نظام جي خلاف سينو ساهيائين، ۽ بلوچن جي خان محراب خان شهيد جيان پنهنجي صدارتي محل ۾ پُراڻ پسندن، فاشزم ۽ سامراج جي خلاف وڙهندي شهيد ٿيو. آلندي سڄي تاريخ ۾ عام طور تي ۽ اڄ ته خاص طور تي آئيڊيل آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو اسان جو، سڀني جو، ساڳيو ئي دشمن، شڪستن کائڻ کان سواءِ، هٺ ڌرمي سان، سڄي دنيا جو حاڪم آهي.


    حوالا
     ريجس ڊيبري، 1971، آلندي سان ڳالهه ٻولهه، نيو ليفٽ بُڪس.
     ريجس ڊيبري، 1971، آلندي سان ڳالهه ٻولهه، نيو ليفٽ بُڪس.
    ليکڪ: ڊاڪٽر شاهه محمد مري


    سدا حيات آلندي جي آخري تقرير

    ديس واسيو!
    پڪ سان هي آخري وقت آهي، جو آئون توهان سان مخاطب ٿيندس. هوائي فوج سمورين اهم تنصيبن، ڪارپوريشن ۽ ريڊيو اسٽيشنن تي بمباري ڪري ڇڏي آهي. منهنجا لفظ ڪؤڙان سان نه پر نراسائيءَ ۾ ٻڏل آهن. اهي انهن کي، اخلاقي سزا پڻ آهن جيڪي پنهنجي حلف سان ڪوڙا نڪتا ۽ چليءَ جي سپاهين کي، پنهنجو پاڻ کي نامزد ڪندڙ جڙتو ڪمانڊر اِن چيف ۽ ائڊمرل ميرينو کي، ذليل جنرل مينڊوزا کي، جيڪو اڃا ڪالهه تائين حڪومت سان پنهنجي وفاداريءَ جي هام هڻي رهيو هو، ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪئرابنروس جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ نامزد ڪري ورتو. اهڙين حقيقتن جي صورت ۾ مان پورهيتن کي صرف هڪڙي ڳالهه چئي سگهان ٿو ته ”آئون آڻ نه مڃيندس.“
    اهڙي تاريخي موقعي تي آئون پنهنجي عوام سان وفاداريءَ ۾ پنهنجي حياتي قربان ڪري ڇڏيندس ۽ آئون توهان کي پڪ ڏياري سگهان ٿو ته منهنجو يقين آهي ته اسان چليءَ جي هزارين ماڻهن جي بلند ضميرن ۾ جيڪو ٻج پوکيو آهي، تنهن کي اُسرڻ ۽ نسرڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. هو مضبوط آهن، هو ماڻهن کي غلام بڻائي سگهن ٿا، پر ڪنهن به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ۽ مجرماڻي طريقي سان اهڙن سماجي عملن کي روڪي نٿو سگهجي. تاريخ اسان جي آهي، ماڻهو ئي آهن جيڪي ان جا سرجڻهار آهن.
    منهنجي ملڪ جا پورهيتو!
    آئون چاهيان ٿو ته توهان جي ان وفاداري جو ٿورو مڃيان ٿو، جيڪا توهان هميشه ڏيکاري آهي. اُن يقين جو ٿورو مڃيان، جيڪو توهان هڪ ماڻهو (آلندي) ۾ پيدا ڪيو، جيڪو رڳو انصاف جي عظيم احساسن جو ترجمان رهيو، جنهن پنهنجي پڌر نامي ۾ آئين ۽ قانون جي احترام جي ضمانت ڏني ۽ جيڪو پنهنجي واعدي سان وفادار رهيو.
    هي آخري گهڙيون آهن، جن ۾ آئون اوهان سان مخاطب آهيان ته جيئن اوهان واقعن مان سبق پرايو، پرڏيهي سرمائي ۽ سامراج رجعت پرستيءَ سان ڳٺ جوڙ ڪري هڪ اهڙي فضا پيدا ڪري ڇڏي آهي، جو هٿيار بند فوجن پنهنجيون روايتون ٽوڙي ڇڏيون آهن، اهي روايتون جيڪي جنرل شنيدر کين سيکاريون آهن ۽ جن تي ڪمانڊر آريا وري وري زور ڏيندو رهيو. ٻئي ڄڻا ساڳئي سماجي شعبي جو شڪار ٿيا، ساڳين ماڻهن جو شڪار ٿيا، جيڪي هينئر پنهنجن گهرن ۾ آرامي آهن ۽ دلالن جي ذريعي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن اُهي پنهنجن مفادن ۽ رعايتن جو بچاءُ جاري رکي سگهن.
    آئون اول اسان جي ڌرتي جي جديد عورت سان مخاطب آهيان، هارياڻي عورت سان، جنهن کي اسان ۾ پختو ويساهه هو، پورهيت عورت سان، جيڪا وڌيڪ پورهيو ڪري رهي هئي، ان ماءُ سان مخاطب آهيان، جنهن اهو ڄاتو ٿي ته اسان سندس ٻارڙن جو خيال رکيو.
    آئون مختلف ڌنڌا ڪندڙن سان مخاطب آهيان، جن حب الوطنيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ جهڪي سرمائيداراڻي سماج پاران مليل فائدن جي بچاءَ لاءِ پيشه ورانه تنظيمن، طبقاتي تنظيمن جي سرڪردگيءَ ۾ ڪرايل فسادن خلاف جدوجهد ڪري رهيا هئا.
    آئون انهن نوجوانن سان مخاطب آهيان، جن گيت ڳاتا، جن جدوجهد کي پنهنجي خوشي ۽ جذبو ارپيو. آئون چليءَ جي ماڻهوءَ سان، پورهيتن سان، هارين سان، دانشورن سان مخاطب آهيان. انهن سان مخاطب آهيان، جيڪي جڪڙيا ويندا، ڇاڪاڻ ته فاشزم، دهشت پسند حملن، پليون ۽ ريلوي لائينون اڏائڻ ۽ تيل ۽ گئس جي پائپ لائينن جي تباهيءَ جي شڪل ۾ اسان جي ملڪ ۾ ڪيتري عرصي تائين پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي.
    ريڊيو مئگالينس يقيناً خاموشيءَ کي ٽوڙيندو ۽ ننديندو، جهڪي انداز وارو منهنجو هي آواز اوهان تائين وري نه پهچندو، پر اهو ڪنهن نه ڪنهن ذريعي سان اوهان برابر ٻڌندا رهندو. آئون سدائين اوهان سان گڏ هوندس ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙي شانائتي ماڻهوءَ جي ياد ڇڏي ويندس، جيڪو پورهيتن جي آدرش سان وفادار رهيو.
    ماڻهن کي پاڻ قربان نه پر لازمي طرح پنهنجو بچاءُ ڪرڻو پوندو. ماڻهو پاڻ کي چيڀاٽڻ يا تباهه ٿيڻ نه ڏيندا ۽ نه ئي اهي پاڻ کي ذليل ڪرڻ جي اجازت ڏيندا.

    منهنجا وطن جا پورهيت ساٿيو!
    مون کي چلي ۽ ان جي قسمت ۾ پختو ويساهه آهي. چليءَ جو نئون نسل ايندو. هنن اونداهين ۽ ڪؤڙين گهڙين ۾، جڏهن غداري پاڻ مڙهڻ جي دعويدار آهي، توهان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته جلي يا دير، ۽ تمام جلد ماڻهن لاءِ ٻيهر هڪ نئين سماج جي اڏاوت لاءِ وڏيون راهون کلنديون.
    چلي زنده باد!
    عوام زنده باد!
    پورهيت زنده باد!
    هي منهنجا آخري الفاظ آهن ۽ مون کي يقين آهي ته منهنجي قرباني اجائي نه ويندي. مون کي ويساهه آهي ته اها هڪ اخلاقي سبق بنبي، جيڪا بيوفائي، بزدلي ۽ غداريءَ کي ننديندي.
    (شهيد صدر آلندي هيءَ تقرير پنهنجي شهادت کان ڪجهه گهڙيون اڳ 11 سيپٽمبر 1973 تي 9:20 منٽن تي ريڊيو مينگالينس تان چلي جي عوام کي مخاطب ٿي ڪئي هئي).


    چي گويرا کي ڪيئن قتل ڪيو ويو؟

    8 آڪٽوبر 1967ع تي جڏهن بوليو يا جي فوج جو هڪ سار جنٽ تيران اُن ڪري ۾ داخل ٿيو ، جنهن ۾ چي گويرا ويٺو هو ته هن ڏٺو ته چي گويرا ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، تيران جي اندر گهڙندي ئي زخمي چي گويرا چيس ”ترس آئون اُٿي بيهان ڇو ته تون هڪ جنگ جي ميدان ۾ وڙهڻ واري کي مارڻ وارو آهين“.
    اُن ڏينهن اهو شخص جسماني طور تي هن دنيا مان هليو ويو، جيڪو اڄ تائين آزادي ۽ انقلاب جي لاءِ وڙهندڙ لکين دلين جي ڌڙڪن آهي، جنهن جي لاءِ شيخ اياز جي لفظن ۾ :
    جنهن تي به ٿيو جنهن جاءِ ٿيو
    سو مون تي ظلم ٿيو آهي،
    جيڪو به ڇرو جنهن تي به هليو
    سو منهنجي رت رتو آهي
    ڪا ٻانهن وڍي مون دانهن ڪئي،
    ڪو ڪانهن ڪپيو
    سو منهنجي ڪنڌيءَ جو آهي.
    3 آڪٽوبر 1965تي ڪيوبا جي صدر فيڊل ڪاستروءَ هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي، چي گويرا جو الوداعي پيغام پڙهي ٻڌايو. چي گويرا ڪيوبا حڪومت ۾ پنهنجي سڀني عهدن تان استعفيٰ ڏيندي اهو پيغام ڏنو هو ته ”آئون پنهنجو فرض ادا ڪري چڪو آهيان، جنهن مونکي ڪيوبا جي انقلاب سان لاڳاپي رکيو هو، هاڻ آئون اوهان سڀني ڪامريڊن کان، اوهانجي عوام کان، جيڪي اصل ۾ منهنجا پنهنجا آهن، دل جي گهراين سان موڪلائڻ ٿو چاهيان “.
    چي گويرا جيڪو نوجوانيءَ۾ سڄي دنيا ۾ انقلاب آڻڻ جا خواب ڏسندو هو. تنهن ڪيوبا جي انقلاب جي ڪاميابي کانپوءِ ٻِين ملڪن ۾ به انقلاب آڻڻ جو فيصلو ڪيو. چيو وڃي ٿو ته ان خط کان ست مهينا اڳ 14 مارچ تي چي ۽ ڪاسترو جي وچ ۾ هڪ ڊگهي ملاقات ٿي هئي، جيڪا سڄي رات جاري، رهي هئي، ان ملاقات ۾ چي گويرا فيڊل کي چيو ته هو آفريقا کنڊ ۾ سامراج دشمن جدوجهد کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ ميدان ۾ لهڻ ٿو چاهي. هن جي ان موضوع تي الجزائر جي تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ احمد بن بيلا سان جيڪو ان وقت الجزائر جو صدر هو، ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻولهه چڪي هئي، جنهن چيس ته آفريقا ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ حالتون گهڻيون سازگار آهن ۽ چي جي راءِ موجب آفريقا سامراج جو سڀ کان ڪمزور لنڪ هو، تنهنڪري هن آفريقا تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ان مقصد جي لاءِ چي سڀ کان پهرين ڪانگو ڪنشاسا (جيڪو پوءِ زائر ۽ هينئر ڊيمو ڪريٽڪ ري پبلڪ آف ڪانگو جي نالي سان سڏجي ٿو) ۽ پيٽرس لومبا ( جنهن کي پوءِ سي آءِ ڊي قتل ڪرائي ڇڏيو.) جي حامي ’مارڪسٽ سمبا تحريڪ‘ کي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ فوجي آپريشن جي رٿ رٿي، ۽ 24 اپريل 1965ع تي ڪيوباجي ٻارهن ويڙهاڪ ساٿين سان ڪانگو پهتو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آفريقا ۽ ڪيوبا جا هڪ سئو کان به وڌيڪ جانباز اچي گڏيس، هو ڪجهه وقت گوريلا اڳواڻ لاران ڪا بيلا سان گڏ ڪم ڪندو رهيو، جنهن لوممبا جي حامين کي بغاوت منظم ڪرڻ ۾ مدد ۽ سهڪار ڪيو، پر نومبر ۾ ڪانگو جي هٿياربند فوج بغاوت کي ڇٿي ڇڏيو، چي گويرا پنهنجي ڊائري ۾ لکيو ”مون وٽ مڃڻ جي لاءِ ڪوبه دليل ڪونهي ته ڪابيلائي اهو ماڻهو جنهن جي هن وقت ضرورت آهي.“ اڳتي هلي نوي واري ڏاڪي ۾ لاران ڪابيلا زائرجي بدنام آمر جنرل موبوتو جي حڪومت جي تختو اونڌو ڪيو ۽ زائر جي نالو بدلائي، ڊيمو ڪريٽڪ ري پبلڪ آف ڪانگو رکيو ۽ ان جو صدر ٿيو.
    چي گويرا، ٽانگا نيڪا نديءَ جي اولهندي ڪناري تي آزاد ٿيل علائقن ۾ ڪانگو ۽ ٻين ملڪن جي باغين کي سکيا ڏيڻ جو مرڪز ٺاهڻ ٿي چاهيو، جيتوڻيڪ اُن وقت چي جي عمر 37 سال هئي، پر ڪيوبا جي انقلاب جو تجربو هن کي هو. هن ’سانتا ڪلارا‘ جي جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کانپوءِ باتستا ڪيوبا مان ڀڄڻ تي مجبور ٿي پيو ۽ فيڊل ڪاسترو جي انقلابي حڪومت قائم ٿي هئي.
    چي گويرا، ڪانگو جي ”سمبا تحريڪ“ جي ويڙهاڪن کي ڪميونسٽ نظريي ۽ گوريلا جنگ جي حڪمت عملي سيکارڻ جي سلسلي ۾ گهڻو پر جوش هو، پر ڪانگو وارا چي جي تجربن مان ڪوبه فائدو وٺي نه سگهيا. چي پنهنجي ”ڪانگو ڊائري“ ۾ لکيو ته ”بغاوت جي ناڪاميءَ جو سبب ڪانگو جي رهاڪن تي ٻڌل جٿن جي نا اهلي ۽ انهن جي اندروني ڇڪتاڻ هئي“.
    چي گويرا، ستن مهينن تائين ڪانگو ۾ رهيو، هو دم جو مريض هو، جيڪو هن جي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هو، اُتي هو پيچش ۾ به مبتلا ٿي ويو، سندس ڇهه ساٿي جيڪي ڪيوبا مان ساڻس گڏ آيا هئا، لڙائيءَ ۾ مارجي چڪا هئا، هن جي خواهش هئي ته هو آخر تائين ڪانگو ۾ وڙهندي هڪ انقلابي مثال قائم ڪري، پر هن جي باقي بچيل ساٿين ۽ فيڊل ڪاسترو جي زور ڀرڻ تي هو آخري مرحلي تي ڪانگو ڇڏڻ تي راضي ٿي ويو، ڪجهه هفتن کانپوءِ هن پنهنجي ڪانگو ڊائريءَ جي پيش لفظ ۾ لکيو ”اها هڪ ناڪام بغاوت جي تاريخ آهي“، چي، ڪيوبا ڇڏي آيو هو، جنهن جو اعلان فيڊل ڪاسترو هڪ عام جلسي ۾ ڪري چڪو هو، تنهن ڪري هو ڪيوبا واپس وڃڻ جي لاءِ تيار نه هو، ايندڙ ڇهه مهينا هن دار السلام (تنزانيا) ۽ پراگ (چيڪو سلواڪيا) ۾ گذاريا. ان دوران هن ڪانگو جي باري ۾ پنهنجي يادگيرين کانسواءِ ٻه ٻيا ڪتاب به لکيا، جن مان هڪ فلسفي ۽ ٻيو اقتصاديات تي هو، تنهن کانسواءِ هن اولهه يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جو دورو پڻ ڪيو، ان سڄي عرصي دوران ڪاسترو کيس باربار نياپا موڪليندو رهيو ته واپس ڪيو با هليو اچيءَ، پرچي جي دل ۾ ڪجهه ٻيو سمايل هو، موز ميق جي آزاديءَ جي تحريڪ Frelumo جي نمائندن اطلاع ڏنو ته، 1966ع جي آخر ۾ هنن جي چي سان دار السلام (تنزانيا) ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن دوران چيءَ کين انقلابي جدوجهد جي رٿابندي ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر هنن اها قبول نه ڪئي. نيٺ 1966ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ يوراگورئو جي جعلي پاسپورٽ تي بوليويا ۾ داخل ٿيو ته جيئن اتي ڪميونسٽ گوريلا تحريڪ جي شروعات ڪري سگهجي، بوليويا جي ڪميونسٽن هڪ ڏورانهن علائقي، نانڪا هئا زور جي ٻيلن ۾ 370 ايڪڙن تي ٻڌل هڪ زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو، ان جاءِ تي فوجي سکيا ڏيڻ ۾ ڪافي ڏکيايون هيون، پر ان جو ٻيو ڪو متبادل به نه هو، جيتوڻيڪ ان کانپوءِ چي کي بوليويا جي ڪميونسٽن پاران ٻي ڪا مدد يا سندس خواهش موجب سهڪار ملي نه سگهيو، پر هو دل ۽ جان سان پنهنجي مشن ۾ جنبي ويو.
    لاطيني آمريڪا مان چي گويرا بوليو يا جي چونڊ ان ڪري ڪئي ته بوليويا جون سرحدون پنجن ملڪن سان مليون ٿي ۽ بوليويا جو انقلاب انهن ملڪن تي به اثرانداز ٿي سگهيو ٿي.
    مارچ ۽ آگسٽ جي وچ واري عرصي ۾ چيءَ جو گوريلا دستو بوليويا جي فوجي دستن سان لڳاتار ويڙهه ۾ رڌل رهيو، انهن ستن مهينن ۾ چي جو فقط هڪ ساٿي ۽ بوليويا جا 30 فوجي مارجي ويا، ان دوران آمريڪي فوج جا ماهر بوليويا جي سيڪنڊ رينجرز بٽالين کي سکيا ڏيڻ ۽ هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ مصروف رهيا، اُن سان گڏ سي آءِ اي جي ايجنٽ ”فيلڪس روڊرگز“ کي بوليويا پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو ته جيئن هو غير روايتي جنگ ۽ مواصلاتي رابطن ۾ مهارت جي ذريعي چي ۽ سندس گوريلا دستي کي ختم ڪري سگهي.
    ان دوران بوليويا فوج، آمريڪي سي آءِ اي جي مدد سان لڳا تار چيءَ جي پويان لڳل رهي. نيٺ 8 آڪٽوبر تي بوليوياجي فوجي آفيسرن کي اطلاع مليو ته Churro نالي هنڌ تي سترهن گوريلا مورچو ٺاهيو ويٺا آهن، هنن حملو ڪيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيو با مان آيل ٻه گوريلا مارجي ويا.چي ۽ سندس ساٿي گهيرو ٽوڙي پنهنجي مارٽر سيڪشن ڏانهن وڌيا، ان دوران هڪ گولي چي جي پير جي مُريي ۾ اچي لڳي، پر هو گهيرو ٽوڙي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
    چي گويرا جي آخري لڙائيءَ جي شروعات Quebrado deyuro ۾ اُن هنڌ تي ٿي، جتي هن جي مرڪزي ڪئمپ هئي، جتي بوليويا جو هڪ ساٿي ’سائمن ڪوبا سارابيا‘ گوريلن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. هتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چي جي ٽنگ ۾ ڪيتريون ئي گوليون لڳيون، سارابيا کيس فائرنگ واري هنڌ کان پري نيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران دشمن جي فائرنگ ۾ سارابيا مارجي ويو، چي پنهنجي سگهه سهيڙي جوابي فائرنگ جي ڪوشش ڪئي، پر هڪ گولي هن جي ٽنگ ۽ ٻي هٿ ۾ اچي لڳي ۽ هٿ مان بندوق ڪري پيس، هڪ بوليوين فوجي بندوق تاڻي هن ڏانهن وڌيو ته چي رڙڪري چيس، ”گولي متان هلائينءَ! آئون چي گويرا آهيان جيڪو تنهنجي لاءِ مئل کان وڌيڪ جيئرو فائدي مند ثابت ٿيندو“. لڙائي ختم ٿي ويئي .
    جنهن مهل چي کي گرفتار ڪيو ويو، ان وقت ڏينهن جا ساڍا ٽي رهيا هئا، کيس فوري طور تي ڪيپٽن پراڊو جي سامهون پيش ڪيو ويو، جنهن مٿين حڪمن موجب چي ۽ سندس ساٿين کي ”لاهيگيئرا“ موڪلي ڏنو، جيڪو اتان کان ستن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي هو، جتي کيس هڪ اسڪول ۾ بند ڪيو ويو
    صبح جو ڏهين بجي تائين چي جي قسمت جو فيصلو ٿي ويو ۽ هنن چي کي فوري طور تي مارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته سرڪاري طور تي جيڪو بيان جاري ڪيو ويندو، اُن ۾ اهو چيو ويندو ته چيءَ جو موت لڙائي جي دوران گولي لڳڻ سان ٿيو آهي.
    صبح جو آمريڪي ايجنٽ، فيلڪس روڊ گر، چي جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ هن چي کي بوليوين هاءِ ڪهان جي فيصلي بابت ٻڌايو، روڊرگر جو بيان آهي ته چي چيو ته، ”اهو ته ٿيڻون ئي هو، مونکي ڪنهن به صورت ۾ جيئري گرفتاري نه ڏيڻ کپي ها“. پوءِ ٻنهي هڪٻئي سان هٿ ملايو ۽ روڊرگر ٻاهر نڪري ويو.
    هڪ ذريعي موجب ”لاهيگيئرا“ ۾ مقرر اعليٰ آفيسرن، نان ڪميشنڊ آفيسرن کي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته هنن اهو طئي ڪرڻ جي لاءِ ته گوليون ڪير هلائيندو، ڪُڻا ڪڍيا ۽ گولي هلائڻ جو پکو سارجنٽ ’سائمي تيران‘ جو نڪتو، هو ڪمري ۾ گهڙيو ته هن ڏٺو ته چي ڀت سان ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، هن کي ڏسي چي چيو ”ترس! آئون اٿي بيهان!“ اهو ٻڌي تيران ڊڄي ويو ۽ ڊڄي ٻاهر نڪري ويو، ڪرنل کيس دٻڙاٽ پٽيندي ٻيهر اندر وڃڻ جو حڪم ڏنو، هو ڏڪندو اندر ويو ۽ چي جي چهري ڏانهن ڏسڻ کانسواءِ فائر ڪيائين، هڪ گولي چي جي سيني ۾ ۽ ٻي ڪُک ۾ لڳي، ان کانپوءِ ڪجهه ٻيا سپاهي، جن ان ڪارنامي ۾ شريڪ ٿيڻ پي چاهيو اندر گهڙيا ۽ چي جي جسم تي گولين جي بوڇاڙ ڪرڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري ويا، ايئن چي موت جي مرڪي آجيان ڪئي، جيئن هڪ ڀيري هن چيو هو ”موت جنهن به موڙ تي ملندو، اسين مُرڪي سندس آجيان ڪنداسين بشرطيڪه اسانجو جنگ جو نعرو ڪنهن دل ۾ گهر ڪري ويو هجي ۽ ٻيا هٿ اسانجي هٿيارن کي سنڀالڻ لاءِ شوق مان اڳتي وڌن، اسانجو جنازو ماتمي ترانن جي بدران توپن جي گجگوڙ ۾ کڄڻ گهرجي، جنگ ۽ جيت جي نون گيتن سان جيئن فضائن جا هنيانءَ ڪنبي وڃن.“
    چي جي لاش کي هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ وجهي، ولگرانڊا جي فوجي هيڊ ڪواٽر ۾ آندو ويو، جتي هن جا هٿ ڪٽي هن جي آڱرين جا نشان ورتا ويا ۽ پوءِ هڪ ويران قبرستان ۾ دفنايو ويو. 15 آڪٽوبر تي بوليويا جي صدر بيرنٽوز بيان جاري ڪيو ته ”چي جي لاش کي ساڙيو ويو آهي ۽ اها راک ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ تي دفن ڪئي ويئي آهي“.
    سالن کانپوءِ پهرين جولاءِ 1995ع تي چي گويرا جي هڪ سوانح نگار جون لي اينڊرسن بوليو يا فوج جي هڪ سابق جنرل ماريو ولگاس سيلناس کان انٽرويو ورتو، جنهن ٻڌايو ته چي ۽ سندس ٻين ساٿين کي ولگرانڊا ۾ هڪ پراڻي هوائي اڏي جي ڀرسان هڪ اجتماعي قبر ۾ دفنايو ويو هو، ان موقعي تي آئون پاڻ به موجود هئس، اينڊرس 5 جولاءِ 1997ع تي نيويارڪ ٽائمز ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو ”ٻه ماهر سئو سيڪڙو يقين سان اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته هنن ولگرانڊا جي ڀرسان اها قبر ڳولهي ورتي آهي، انهن مان هڪ لاش جو پنڃرو يقيني طور تي چي گويرا جو آهي ڇو ته هن جا ٻيئي هٿ غائب آهن، ان کانپوءِ ڊي اين اي ٽيسٽ مان به اهو ثابت ٿي ويو ته اهو پنڃرو چيءَ جو هو.“
    ان رپورٽ کانپوءِ 13 جولاءِ 1997ع تي چيءَ جي لاش جو ڍانچو ڪيوبا جي گاڌي جي هنڌ هوانا آندو ويو، جتي هن جي ياد ۾ هڪ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ صدر فيڊل ڪاسترو به شرڪت ڪئي، پوءِ سانتا ڪلارا ۾ جتي چي باتستا کي زبردست شڪست ڏني هئي، هڪ شاندار تعزيتي ميڙ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ پڻ فيڊل ڪاسترو سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، چي جو مقبرو سانتا ڪلارا ۾ آهي جتي هر سال سڄي دنيا مان لکين ماڻهو اچي کيس خراج عقيدت پيش ڪندا آهن.
    چي جي زندگيءَ تي سڄي دنيا ۾ سوين ڪتاب، ۽ فلمن کانسواءِ اڻ ڳڻيا مضمون شعر ۽ ڊراما لکيا ويا. هن جا مجسما ڪيو با جي هر شهر ۾ کُتل آهن ۽ ڪيوبا حڪومت جي سرڪاري آفيسن ۾ هن جون تصويرون لڳل آهن ۽ اڄ به سڄي دنيا جي هزارين آزادي ۽ انقلاب پسند نوجوانن جي لاءِ چي هڪ انقلابي رومانس جي حيثيت رکي ٿو، اڄ وينزيو يلا جو انقلابي ۽ سامراج دشمن صدر هيو گو شاويز ۽ هن جو هم خيال بوليويا جو صدر ايوو موراليس اڪثر اهڙين ٽي شرٽس ۾ نظر ايندا آهن جن تي چي جي مشهور تصوير ڇپيل هوندي آهي، اڄ چي هن دنيا ۾ موجود ڪونهي، پر لاطيني آمريڪا ۾ شاويز جي اڳواڻي ۾ چي جا هم خيال آمريڪي ظلمن جي خلاف هڪ نئن صف بنديءَ ۾ رڌل آهن.


    چــي گــويــرا : سامراج دشمني جي خلاف جدوجهد ۽ آزاديءَ جو استعارو

    آمريڪا جي مين اسٽريم ميڊيا سدائين ”وائٽ هائوس“ جي اطاعت گذار رهي آهي. آمريڪي انتظاميه جي مفادن جو بچاءُ ڪرڻ ڄڻ ته سندس فرضن ۾ شامل آهي ۽ کيس حقيقت جي آرسيءَ تي من پسند رنگ چاڙهڻ ۾ خاص مهارت حاصل آهي. آمريڪي بالادستي ۽ جارحيت جي خلاف جدوجهد ڪندڙ قومن ۽ شخصيتن جي ڪردار تي ”بَدي“ جو ليبل هڻڻ جو هنر ته ڪو کانئس سکي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ اڻ ڳڻين مادي وسيلن جي ڪري کيس سندس ڪيل پروپيگئنڊا سيڪنڊن ۾ سڄي دنيا ۾ پکڙجي وڃي ٿي ۽ ڪيترائي ماڻهو حالتن ۽ واقعن کي ان ئي ڪسوٽي تي پرکين ٿا. هن پاران ”هيرو“ کي ”ولين“ ۽ ”ولين“ کي ”هيرو“ بنائڻ ۾ دير ئي نٿي ٿئي. آزاديءَ جي جدوجهد کي دهشتگرديءَ جي خاني ۾ قيد ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪو غلامي ڪرڻ کان نابري ٿو واري، تنهن تي عذاب جا دروازا کوليا ٿا وڃن. آمريڪي ميڊيا ۽ آمريڪي انتظاميه لاطيني آمريڪا جي عظيم هيري چي گويرا کي به دهشتگرد قرار ڏنو هو. ۽ ان جي قتل ۾ جيڪو بڇڙو ڪردار ادا ڪيو هو، ان جي باري ۾ سوين مضمون ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ هاڻ ته ڳجها دستاويز به سامهون اچي چڪا آهن، جيڪي ”فريڊم آف انفارميشن ايڪٽ“ تحت آمريڪا جي ”نيشنل سيڪيورٽي آرڪائيوز“ مان حاصل ڪيا ويا آهن. انهن ڊي ڪلاسيفائيڊ دستاويزن جي اڀياس مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ته چي گويرا جي قتل جي سازش ۾ نه رڳو سي آءِ اي اڳري هئي، پر خود آمريڪا جو صدر ’لنڊن بي جانسن‘ ان شرمناڪ مهم ۾ ذاتي طور تي به شريڪ هو. اها ٻي ڳالهه آهي، چي جي قتل جي پنجيتاليهن سالن کانپوءِ به چي گويرا؛ جنهن کي سندس پرستار ”چي“ جي نالي سان سڏين ٿا، دنيا جي آزادي پسندن ۽ انقلابين جي لاءِ هڪ فخر جوڳو ۽ روشن ستارو آهي. هن جي شاندار تصوير، جنهن ۾ هن جي ٽوپيءَ تي هڪ ڳاڙهو ستارو جڳ مڳائيندو رهيو آهي، اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر اچي ٿو. ٽين دنيا پنهنجي جاءِ تي، پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ به اهڙيون ٽي شرٽس، جيڪٽون ۽ ٽوپيون، پوسٽر ۽ ڪيتريون ئي شيون نظر اچن ٿيون، جن تي ”چي“ جي تصوير نقش ٿيل آهي ۽ ان تصوير سان گڏ ڀانت ڀانت جا بيج به نوجوانن جي سينن تي لڳل نظر اچن ٿا.“
    چي گويرا جي اها تصوير ڪيوبا جي فوٽوگرافر ”البرٽوڪورڊا“ 5 مارچ 1960ع تي ڪيوبا جي گاديءَ جي هنڌ ”هوانا“ ۾ ڪڍي هئي. آمريڪا جي رياست ”ميري لينڊ“ ۾ قائم مشهور ”ميري لينڊ انسٽيٽيوٽ ڪالج آف آرٽ“ ان تصوير کي ويهين صديءَ جي سڀ کان مشهور تصوير ۽ ”ويهين صديءَ جي سڀ کان مشهور علامت“ قرار ڏنو آهي. فوٽوگرافيءَ جي تاريخ جي ناليري ماهر ’وڪي گولڊبرگ‘ پنهنجي ڪتاب ”پاور آف فوٽوگرافي“ ۾ لکيو آهي ته: ”چي جي ان تصوير ايترو ڪجهه ته حاصل ڪري ورتو آهي، جيترو ”چي“ پنهنجي زندگيءَ ۾ به حاصل ڪري نه سگهيو هو.“ اٽليءَ جي مشهور اديب گلي يان اسڪائيي 1988ع ۾ ان تصوير جي مونا ليزا جي تصوير سان ڀيٽ ڪندي لکيو هو: ”ان تصوير ۾ ”چي“ جي متلاشي اکين ۾ ان دؤر جا مثالي تصور جهلڪيون ڏيندا محسوس ٿين ٿا.“ ٻي پاسي آرٽ مسٽورين ۽ ”چي“ جي زندگيءَ تي مشهور ڪتاب ”چي گويرا: ديوتا: پيغام“ جي ليکڪ ”ڊيوڊ ڪنز“ ان تصوير جي تشهيري عمل جو تجزيو ڪندي لکيو آهي: ”دراصل ڪارپوريٽ ميڊيا پنهنجي کل جوڳي روايتن موجب هڪ انقلابيءَ کي کاٻي ڌر جي پاپ اسٽار ۾ بدلائي ڇڏڻ ٿي چاهي.“
    چي گويرا جي شخصيت بابت شايد سڀني کان ڀرپور تجزيو هن دؤر جي عظيم دانشور زان پال سارتر پيش ڪيو هو. هن چيو هو: ”چي اسان جي دؤر جو مڪمل ماڻهو هو.“ عالمي شهرت يافته اديب گيبريل گارشيا مارڪيز چيو ته: ”هو ”چي“ جي باري ۾ هزار سالن تائين لکي سگهي ٿو ۽ لکين ڪروڙين لفظ لکي سگهي ٿو.“ چي گويرا کي 9 – آڪٽوبر 1967ع تي بوليويا جي فوجين، جن کي سي آءِ اي جي خصوصي تربيت سان گڏ جديد هٿيار به حاصل هئا، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري، پوءِ قتل ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته بوليويا جي آمر حڪومت سان گڏ آمريڪا به هن جي وجود مان جند ڇڏائڻ ٿي چاهي. جيتوڻيڪ اڃا تائين ”چي“ جي باري ۾ ڪيترائي ڳجها دستاويز سامهون نه آيا آهن، پر آمريڪا جو ملندڙ ڊي ڪلاسيفائيڊ رڪارڊ ان سازشن مان پردو کڻڻ بابت چڱي خاصي ڄاڻ مهيا ٿو ڪري.
    هيٺ جيڪي دستاويز پيش ڪيا پيا وڃن، اهي اصل عنوانن سان سن وار ۽ ان سڄي ڪارروائي تان پردو کڻن ٿا.

    چي گويرا جو زوال ۽ ڪيوبا جي انقلاب جو بدلجندڙ چهرو
    (18- آڪٽوبر 1965ع)

    هيءَ يادداشت، سي آءِ اي جي هڪ نوجوان تجزيي نگار ’برائٽن لنيٽل‘ لکيو هو. هن ان تجزيي ۾ لکيو هو: ”ڪيوبن انقلاب جي مشهور اڳواڻ جي حيثيت سان چي گويرا جي حيثيت ۾ فرق اچي چڪو آهي ۽ هن جون جوڙيل پاليسيون ختم ڪيون ويون آهن. هن جي تيز رفتار صنعت ڪاريءَ، معيشيت (فيڊل ڪاسترو جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ) ان کي سڀ کان هيٺين سطح تي پهچائي ڇڏيو هو. جيتريقدر پرڏيهي پاليسين جو تعلق آهي ته هو پنهنجي اٽل انقلابي مؤقف کان تر جيترو به پٺتي هٽڻ جي لاءِ تيار ڪونهي، جڏهن ته ڪيوبا جا ٻيا انقلابي اڳواڻ پنهنجو ڌيان داخلي مسئلن تي ڏيئي رهيا آهن.“ ڪيوبا مان چي گويرا جي روانگي جي باري ۾ ان تجزيي نگار لکيو: ”ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انقلاب برآمد ڪرڻ جي باري ۾ ڪاسترو جو محتاط رويو ۽ سندس مختلف اقتصادي پاليسيون ”چي“ جي زوال جو سبب بنيون.“

    بوليوين فوج جي تنظيم ۽ سکيا جي باري ۾ يادداشت
    (28- اپريل 1967ع)

    هي يادداشت بوليويا ۾ مقرر ”آمريڪي ملٽري گروپ“ جي ڪمانڊر لکيو ۽ ان سان گڏ بوليويا جي ڪمانڊر انچيف به اُن تي صحيحون ڪيون. ان يادداشت مؤجب بوليويا ۾ ”سيڪنڊ رينجرز بٽالين“ جوڙي وئي آهي، جنهن جو مقصد چي گويرا ۽ سندس ساٿي گوريلن جو خاتمو ڪرڻ هو. ان ٺاهه ۾ وضاحت سان اهو چيو ويو آهي ته ”آمريڪي خصوصي فوج“ جي هٿ هيٺ ”گرين بيريٽ ٽيم“ تيزيءَ سان نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مضبوط فوجي دستا ٺاهيندي، جيڪي تيزيءَ سان باغين جو خاتمو ڪندا.“ آڪٽوبر جي مهيني ۾ آمريڪي فوج ۽ سي آءِ اي جي سهڪار سان چي گويرا جي ڇاپي مار دستي سان جهڙپن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ نيٺ ”چي“ کي گرفتار ڪيو ويو.

    وائٽ هائوس يادداشت
    (11- مئي 1967ع)
    هن يادداشت جي ذريعي صدر ’لنڊن بي جانسن‘ کي چي گويرا جي ڇاپي مار دستن جي خلاف ٿيندڙ فوجي ڪارروائين کان واقف ڪيو ويو هو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته هو هينئر ڪٿي ڪٿي سرگرم عمل آهي. اها يادداشت صدر جي صلاحڪار والٽر روسٽر لکي هئي.

    سي آءِ اي جو تار- پيغام
    (17- آڪٽوبر 1967ع)
    سي آءِ اي جي هن دستاويز ۾ سيپٽمبر 1966ع کان جون 1967ع تائين جي ڳجهن اطلاعن جو خلاصو پيش ڪندي اهو ٻڌايو ويو آهي ته بوليويا ۾ چي گويرا جي مشن جي باري ۾ ڪيوبا ۽ سوويت يونين جي صدر ليونڊ برزنيف جي وچ ۾ اتفاق راءِ نٿو ڏٺو وڃي ۽ ان لاءِ جون 1967ع ۾ برزنيف وزيراعظم اليوڪسئي ڪوسيجن کي ڪيوبا موڪليو هو ۽ ڪوسيجن، ڪاسترو سان ملاقات جي دؤرن اهو الزام هنيو هو ته گوريلا سرگرمين جي حمايت ڪري، ڪيوبا عالمي ڪميونسٽ تحريڪ کي نقصان رسائي رهيو آهي. جواب ۾ ڪاسترو، سوويت يونين تي الزام هنيو ته هو خود انقلابي روايتن کان منهن موڙي رهيو آهي ۽ اهڙي منزل تي پهچي چڪو آهي، جتي هو هر انهيءَ انقلابي تحريڪ جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا، جيڪا سوويت يونين جي پنهنجن مقصدن سان هم آواز نه هوندي.

    وائٽ هائوس يادداشت
    (9- آڪٽوبر 1967ع)
    صدر جانسن جي نالي هيءَ يادداشت سندس صلاحڪار روسٽر لکي، جنهن ۾ لکيو ويو ته اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب بوليوين بٽالين، جنهن کي اسان سکيا ڏني هئي، ”چي گويرا“ کي ماري ڇڏيو آهي.

    وائٽ هائوس يادداشت
    (10- آڪٽوبر 1967ع)
    ٻئي ڏينهن ان يادداشت ۾ اهو چيو ويو آهي ته اڃا اها ڳالهه يقين سان چئي نٿي سگهجي ته 8 آڪٽوبر جي ڪارروائي جي دؤران مرندڙن ۾ چي گويرا شامل هو يا نه.

    وائٽ هائوس يادداشت
    (11- آڪٽوبر 1967ع)
    روسٽر، صدر جانسن جي نالي ان يادداشت ۾ لکيو: ”اسين نوانوي سيڪڙو يقين سان چئي سگهون ٿا ته چي گويرا مارجي ويو آهي.“ اڳتي هو لکي ٿو: ”ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسين اهڙين بغاوتن مان گذرندڙ ملڪن کي جيڪي احتياطي دوائون ڏيون ٿا، اهي ڏاڍايون ڪارائتيون ۽ اثرائتيون آهن. کيس بوليويا جي سيڪنڊ رينجرز بٽالين بي وس ڪيو آهي، جنهن کي هن سال اسان جي گرين بيريٽس جون ۽ سيپٽمبر جي وچين عرصي ۾ سکيا ڏني هئي.“

    سي آءِ اي جي ايجنٽ فيلڪس روڊ رگر جي رپورٽ
    (3- جون 1976ع)
    جڏهن چي گويرا کي ماريو ويو ته ڪيوبا ۾ مقرر سي آءِ اي جي ايجنٽ فيلڪس روڊ رگر موقعي واردات تي موجود هو. بوليويا ۾ هو هڪ بوليوين فوجي آفيسر جي روپ ۾ هو ۽ اتي فيلڪس راموس جي نالي سان سرگرم هو. ان جي رپورٽ جيڪا هڪ صحافي ڊيوڊ ڪورن ”ڊي ڪلاسيفائيڊ دستاويزن“ مان حاصل هئي. فيلڪس اعتراف ڪيو آهي ته سي آءِ اي کيس ۽ هڪ ٻي ايجنٽ ’گسٽا وولڊو‘ کي، ان لاءِ بوليويا موڪليو هو ته هو چي گويرا کي گرفتار ڪرڻ ۽ سندس گوريلا جٿن کي تباهه ڪرڻ ۾ بوليويا جي فوجي بٽالين جي مدد ڪن. (دراصل فيلڪس ۽ گسٽا، بوليويا ۾ مقرر سي آءِ اي جي ان ٽيم ۾ شامل هئا، جيڪا ڪيترن ئي ايجنٽن تي ٻڌل هئي) ان مشن جا تفصيل ٻڌائيندي فيلڪس چيو ته ”چي“ جي گوريلا جٿي جي هڪ رُڪن جي گرفتاريءَ کانپوءِ هو پڇاڳاڇا جي دؤران کانئس ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اُن معلومات جي آڌار تي سيڪنڊ رينجرز بٽالين کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجو ڌيان Vligranda جي علائقي تي ڏين، ڇو ته ان وقت ”چي“ جا گوريلا دستا ان علائقي ۾ منتقل ٿي ويا آهن. اهو فيلڪس ئي هو، جنهن بوليويا جي فوجي هاءِ ڪمان پاران Lao higuera ۾ مقرر بوليويا جي فوجي آفيسرن کي ٽرانسسٽر تي اهو پيغام موڪليو هو ته قيدي ”چي گويرا“ کي ماريو ويو آهي. هن کين اها هدايت ڏني ته چي جي منهن کي نشانو بنايو وڃي ته جيئن هن جا زخم ويڙهه جي دؤران لڳندڙ زخمن کان مختلف نظر نه اچن ۽ اهو فيلڪس ئي هو جنهن پاڻ ئي چي کي اهو اطلاع ڏنو هو ته کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. چي جي قتل کانپوءِ فيلڪس چي جي روليڪس گهڙيءَ تي قبضو ڪري ورتو ۽ ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين هو اها گهڙي فخريا انداز ۾ اخباري خاطوئن کي ڏيکاريندو هو.

    چي گويرا جي موت جي تصديق بذريعه ڪيبل
    (18- آڪٽوبر 1967ع)
    چي جي گرفتاريءَ جي ڏهن ڏينهن کانپوءِ بوليويا ۾ آمريڪا جي مقرر ٿيل سفير ’ڊيگس هينڊرسن‘ واشنگٽن کي اطلاع ڏنو ته چي گويرا کي قتل ڪيو ويو آهي. ان دستاويز ۾ چي جي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۽ چي جي وڍيل هٿن جي آڱرين جي نشانن جو تجزيو شامل هو. چي جا ٻئي هٿ سي آءِ اي جي ايجنٽ گسٽا وولڊو جي نگرانيءَ ۾ ڪپيا ويا هئا ته جيئن اهو ثبوت فراهم ڪري سگهجي ته هو واقعي به مري چڪو آهي. سندس لاش کي ڳجهي نموني Vilagranda جي اُجاڙ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو هو، جتان اهو 1967ع ۾ ڪڍيو ويو. ان ڪيبل ۾ سفير هينڊرسن لکيو: ”ڪنهن به دستاويز ۾ اهو نه ٻڌايو ويو ته موت ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي ڏينهن ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ فوجي ذريعن کان جيڪي بيان جاري ٿي چڪا آهن، اهي هڪٻئي کان مختلف هئا. ڪنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو ته هو لڙائي جي دؤران مارجي ويو، ڪڏهن اهو چيو ويو ته هو جنگ ختم ٿيڻ کان ڪجهه دير پوءِ مري ويو ۽ ڪڏهن وري اهو ٻڌايو ويو ته هو گهٽ ۾ گهٽ چوويهن ڪلاڪن تائين جيئرو رهيو.

    ڏکڻ ڪمان، سيڪنڊ رينجرز بٽالين ۽ چي جو موت

    هيءَ دستاويز ”يو ايس اسپيشل فورسز گروپ“ ۽ بوليويا جي سيڪنڊ رينجرز بٽالين جي آفيسرن جي وچ ۾ ٿيندڙ ”ڊي بريفنگ“ بابت آهي ۽ بوليويا ۾ مقرر يو ايس موبائل سکيا ٽيم جي هڪ رڪن جي ان ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل آهي، جيڪا هن بوليويا جي اعليٰ ڪمانڊرن سان ڪئي هئي. ان ۾ چي گويرا جي گوريلا جٿي سان ٿيندڙ لڙائين جو ذڪر شامل آهي. ان کانسواءِ چي جي گرفتاري ۽ کانئس ڪيل پُڇاڳاڇا ۽ مارڻ جي واقعي جو تفصيلي ذڪر شامل آهي. البته ان ۾ سي آءِ اي جي ايجنٽ فيلڪس جو ذڪر ڪونهي، جيڪو قتل وقت اتي موجود هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چي ان فوجي کي، جنهن کيس شوٽ ڪيو، مخاطب ٿي آخري لفظ چيا: ”خبر اٿئي ته تون هڪ مڙس ماڻهو کي پيو مارين.“

    اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ- گويرا جو موت لاطيني آمريڪا جي نظر ۾
    (12- آڪٽوبر 1967ع)
    هيءَ رپورٽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ”بيورو آف انٽيليجنس اينڊ ريسرچ“ جي هڪ اهم رڪن ٿامس ميوز جي ان تجزيي تي ٻڌل آهي ته ”ڪيوبا جي انقلابي حڪمت عمليءَ جي سڀ کان اهم اڏيندڙ (چي) جي شڪست ڪهڙي اهميت ٿي رکي.“ رپورٽ ۾ ٿامس اها اڳ ڪٿي ڪئي آهي ته ”لاطيني آمريڪا ۾ چي گويرا کي هڪ اهڙي مثالي انقلابيءَ جي حيثيت سان خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، جنهن ڪنهن سورمي جيان موت کي ڳلي سان لڳايو.“ پر بوليويا ۾ هن جي ناڪامي هن خطي ۾ پُرامن رستي تي هلندڙ ڪميونسٽ گروپن کي مضبوط ڪندي. ميوز اها به راءِ پيش ڪئي ته: ”ڪاسترو کي کاٻي ڌر جي پراڻين پارٽين پاران تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو پر هن خطي جي نوجوانن تي سندس سحر نه ٽٽندو.“

    فارن براڊ انفارميشن سروس
    (19-آڪٽوبر 1967ع)
    سوڳ جي ٽين ڏينهن 18- آڪٽوبر 1967ع تي فيڊل ڪاسترو”هوانا“ ۾ ڏهه لک ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چي گويرا کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ٻي ڏينهن سي آءِ اي جي ٽرانسڪرپشن ايجنسي، جيڪا سڄي دنيا جون خبرون رڪارڊ ڪندي آهي، ان تقرير جو متن حڪومتي عهديدارن کي روانو ڪيو. ان تقرير ۾ ڪاسترو چيو هو: ”چي انقلابي جنگ جو باڪمال ماهر هو، جيڪي ماڻهو سندس موت تي کڳيون هڻي رهيا آهن (آمريڪا)، اهي خام خياليءَ ۾ ٿا رهن، جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته چي جو موت سندس نظرين، سندس گوريلا جنگ جي حڪمت عمليءَ جو موت آهي، اهي خيالي جنت ۾ رهن ٿا.“ ان تقرير جي پُڄاڻي ڪاسترو هنن لفظن سان ڪئي: ”اسين پنهنجن ٻارن جي باري ۾ ڪهڙي خواهش ٿا رکون؟ اسان کي پنهنجي انقلابي شعور جي شدت سان اهو چوڻ گهرجي ته اسين ٻارن جي دلين ۾ چي کي ڏسڻ ٿا چاهيون.“


    نڪيتا خروشيف جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي

    پراچين روس ۾ سدائين زارن ۽ اهڙين شخصيتن جي عزت ڪئي ويندي هئي، جيڪي طلسماتي، تخيلاتي، عوام جي لاءِ ڳجهارت، ماڻهن جي سمجهه کان مٿاهين، ڪيترين خوبين ۽ خاصيتن جي مالڪ هجي. اهڙن ماڻهن ۾ ايوان گردزني، عظيم پيٽر ۽ راسپوتين جهڙن ماڻهن جا نالا سر فهرست آهن.
    1917ع جي آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ ”ولاديميرايليچ لينن“ جي عظيم شخصيت اهڙي هئي، جيڪا روسي عوام جي اهڙين مڙني قسم جي خواهشن کي پورو ڪندي هئي. لينن پنهنجي علم ۽ فضل ۾، تحرير ۽ تقرير ۾، انتظامي صلاحيت ۾، ڪامل هو، ۽ سڄي روس ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو.
    1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ سڄي ملڪ جو انتظام ۽ طاقت اسٽالن جي هٿ ۾ اچي ويئي، جنهن لينن کي سندس بيماريءَ جي دوران ئي حڪومت ۽ سياست کان ڌار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ هڪ ظالم ۽ ڊڪٽيٽر جي حيثيت سان ٽيهن سالن تائين لامحدود اختيارن سان ملڪ تي راڄ ڪندو رهيو، سندس زماني ۾ 22 ملين کان به وڌيڪ سويت عوام جيلن ۽ جبري ڪئمپن ۾ ختم ٿي ويو ۽ لکين ماڻهو يوڪرين ۽ روس ۾ بک وگهي مري ويا.
    پر، هن وقت ڳالهه اسٽالن جي ظلمن جي نه پئي ٿئي، بلڪه اُن شخصيت جي پئي ٿئي، جيڪو اُن آمر جي مرڻ کان پوءِ اقتدار ۾ آيو، اهو ڪيئن ٿيو، ته 1953ع ۾ اسٽالن جي مرڻ کان پوءِ، نڪيتا خروشيف سويت يونين جو اڳواڻ بنيو.
    اسٽالن پنهنجي موت کان اڳ انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي سندس مد مقابل ٿي سگهيا ٿي، پارٽي ءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيو.13 هين ڪانگريس ۾، پريذيڊيم جيڪا پولٽ بيورو جي حيثيت سان ڪم ڪندي هئي، جي ميمبرن جو تعداد گهٽايو ويو. هن ملاتوف ۽ ميڪويان کي به هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي اسٽالن جا معتبر ساٿي ليکيا ويندا هئا. ماڻهن ڏٺو ته، هن جو خاص مقصد بعد ۾ ايندڙ ساٿين کي رستي تان هٽائڻ آهي. پر عجيب ڳالهه اِها آهي جو اسٽالن جي نظر خاص طور تي خروشيف تي ڇو نه پئي، هن خروشيف جي ذات ۾ مستقل ۾، پنهنجي شخصيت پر ستيءَ جو گور ڪن ڇو نه ڏٺو؟
    پنج سئو سال اڳ ميڪا ولي چيو هو ته ”بروٽس، سيزر ٿي سگهيو ٿي، جيڪڏهن هو پنهنجي پاڻ کي هن جي سامهون بي وقوف ثابت ڪري ها“ ۽ خروشيف ڪنهن حد تائين ائين ڪري ڏيکاريو، اسٽالن جي رات جي محفلن ۾ جيڪي ماسڪو جي ڀرپاسي، ڪاٽيجر ۾ منعقد ٿينديون هُيون (ياد رهي ته اسٽالن جا ماسڪو جي آسپاس ڪئين ڪاٽيجز هئا، جن ۾ هو آرام ڪندو هو.) جن ۾ مالڪ (اسٽالن) جي چوڻ تي هو، يو ڪرائن جي ڪو پڪ ناچ ڪرڻ تي به ڪڏهن عار محسوس نه ڪندو هو.
    ماڻهن خروشيف جو حُليو اڃان تائين نه وساريو آهي. ويڪرو منهن، مٿو گنجو، ٿلهو نڪ، وڏا ۽ اڳيان نڪتل ڪن، پنهنجي حليي ۽ عادتن جي ڪري هو هڪ هاري گهراڻي جو فرد لڳندو هو. هو سگهارو، تيز ۽ خوش مزاج ماڻهو هو، ڳالهائڻ وقت هن جا ننڍا ننڍا ڊگها هٿ لڳاتار اشارا ڪندا رهندا هئا، هن جو عوامي انداز ماڻهن تي خاص اثر وجهندو هو، فقط هن جون نيريون اکيون جيڪي اندر دٻيل هونديون هيون ۽ ڪافي تيز هونديون هيون ٻُڌائينديون هيون ته سندس اندر ۾ هڪ وڏو سياستدان لڪيل آهي، جيڪو ڪڏهن باهه آهي ته ڪڏهن پاڻي ۽ ماکي. وقت اچڻ تي هو وڏي ۾ وڏو فيصلو، ڪري سگهي ٿو.
    خروشيف جو سياسي رليڊر طور اُڀري اچڻ هڪ اتفاق نه هو. هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي اسٽالن حڪومت جي ڪيترين ئي پاليسين سان، مڪمل طور تي سهمت نه هئا. جيڪو سياست ۾ جمهوري عمل جي حق ۾ زراعت ۽ صنعت ۾ زبردستي جي طريقن جو مخالف هو، اسٽالن جبر ۽ ظلم جي باوجود به، ان سوچ کي پارٽيءَ مان مڪمل طور تي فنا ڪري نه سگهيو هو. اُن حساب سان خروشيف جو طاقت ۾ اچڻ هڪ قدرتي ڳالهه هئي.پر اهو به واضح رهي ته اُن ۾ هڪ وڏو عنصر اتفاق جو به هو، جيڪڏهن اسٽالن گروپ سندس موت کان هڪدم پوءِ 1953ع ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃي (جيئن 1957ع ۾ ٿيو) ها، ته خروشيف ڪنهن به صورت ۾ سوويت يونين جو ليڊر نه ٿي سگهي ها ۽ سويت يونين جي تاريخ ٻي هجي ها.
    لينن جي موت کان پوءِ اسٽالن وڏي پئماني تي پارٽيءَ مان ڇانٽي ڪئي ۽ هزارن جي حساب سان، انقلاب کان اڳ جي ميمبرن کي، پارٽيءَ مان ڪڍيو ۽ بعد ۾ انهن کي جبري ڪئمپن ۽ جيلن ۾ وجهي جسماني طور تي ختم ڪيو. 1925ع ۾ پارٽيءَ مان هڪ لک ميمبرن کي ڪڍيو ويو، جن ۾ وڏو تعداد استادن، پروفيسرن وغيرهه جو هو، اهو عمل لڳاتار جاري رهيو. جنهن ۾ ٽراٽسڪي، ڪامنيف، زنوئيف ريڪوف جهڙا ناليرا اڳواڻ ۽ بعد ۾ بخارن وغيره ۽ سندس ساٿين جو جيلن ۾ قتل عام آهي، جن انقلاب آندو، 1917ع جي ڪانگريس جي 137 ڊيليگيٽن مان 98 کي ختم ڪيو ويو هو، ان ئي ڪانگريس ۾ خروشيف کي پارٽي جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو اميدوار ميمبر چونڊيو ويو، هن ماسڪو شهر ۽ ضلع جي پارٽي جي فرسٽ سيڪريٽري، يوڪرائن جي فرسٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان به ڪم ڪيو. 1939ع ۾ هو پولٽ بيورو جو ميمبر هو، 17هين ڪانگريس ۾ هن اسٽالن جي تعريف ۽ ساراهه ۾ هن ڀرپور تقرير ڪئي هئي ۽ چيو هو ته هو اسٽالن جي شخصيت مان روحاني فيض حاصل ڪري ٿو ۽ هن جو پُر خلوص مداح آهي، بعد ۾ هُن اعتراف ڪيو ته هو اُن وقت مٿس ڀرپور اعتماد رکندو هو ۽ هن اها ڳالهه نه سمجهي هئي ته هو بلڪل لينن جي شخصيت جو ضد آهي. هن جو ان ڳالهه کي نه سمجهڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته ان وقت پارٽيءَ جو ليڊر ڪيتري نه هيٺين سطح رکندو هو ۽ عام ماڻهن جي ڳالهه ئي ٻي آهي، هن ملڪ جي گهرو لڙائي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ به حصو ورتو هو. هو جنگي ڪونسل جو ميمبر به هو ۽ جنگ عظيم ۾ سندس وڏو پُٽ مارجي ويو هو.
    خروشچيف، جنهن وقت اقتدار سنڀاليو، ملڪ جي حالت بگڙيل هئي، صنعت ۾ نين ٽيڪنڪس جي گهرج هئي. ڳوٺ، غربت جي آخري حد تي هئا، رهائشي گهرن جي حد کان وڌيڪ کوٽ هئي، عوام جو معيار زندگي انتهائي ڪريل هو. لکن جي تعداد ۾ ماڻهو جيلن ۽ جبري محنت جي ڪئمپن ۾ زندگيءَ جي آخري ساهن جي لاءِ وڙهي رهيا هئا، ملڪ کي سڄي دنيا کان ڄڻ ڪٽيو ويو هو، انهن سڀني شين جو مطالبو هو ته ملڪ جي سياست ۾ انقلابي ۽ لبرل تبديلون آنديون وڃن.
    خروشيف کي هڪ وڏي ريفارمسٽ، امن ۽ خوشحاليءَ جي رهبر ۽ رهنما جي حيثيت سان سوويت تاريخ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڇو ته سندس جدوجهد جو اهوئي مقصد هو، کيس جدت سان پيار هو، هن زراعت جي ٻيهر ابتدا ڪئي. فارمن جي ماڻهن کي پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ ڪئناڊا موڪليو ته جيئن اُتان جي ٽيڪنڪ ۽ طريقا سکي اچي هتي استعمال ڪن. مقامي سوويتن کي معاشي طور تي آزاد ۽ خود ڪفيل بنائڻ، تيزيءَ سان رهائشي گهرن جي اڏاوت، ٽيڪنيڪل طور تي وکريل صنعت کي اڳيان وڌائڻ، نيون مشينون لڳائڻ، هارين جي لاءِ پينشن، ملڪ جي بنيادي قانونن جي نئين سر تجديد، پارٽي پروگرام جي تياري ۽ ريفارم، اولهه جي ملڪن سان تعلقاتن جي بحالي، سرد جنگ جو خاتمو ۽ پر امن بقاءِ باهم جي اصولن جي بنياد تي ساڻن واپار. هن جو خيال هو ته ملڪ انهن شين کان سواءِ اڳيان وڌي نه ٿو سگهي ۽ ترقيءَ جي لاءِ اهي سڀ ضروري آهن. هو نئين سوچ ۽ فڪر جو ماڻهو هو.
    سندس خيال هو ته، پارٽيءَ ۾ پوري طرح سچي جمهوريت هئڻ کپي ۽ اُن جي لاءِ آئيڊيالو جيڪل ڪم وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪرڻ ضروري آهي.
    سندسن خيال ۾ شخصيت پر ستيءَ جي آخري حد تائين پاڙ پٽڻ ضروري آهي. ذاتي طاقت ۽ اقتدار جي نشي ۾ جنهن جي ڪابه حد نه هئي جن جي آڌار تي جيڪي ڏوهه ڪيا ويا هئا، تن بابت مڪمل سچائي سان سڀ ڪجهه چئي ڇڏڻ کپي، پر افسوس جو اهو سچ اڌ گيدو چيو ويو، ڇو ته يوڪرين ۽ ماسڪو جي پارٽي سيڪريٽري جي حيثيت سان خروشيف به اهڙا ڪم ڪيا هئا، جيڪي ڏوهن ۾ شمار ٿي ٿيا، پاڻ بابت سڀ ڪجهه سچ نه چوڻ جي ڪري هو، ٻين بابت به سمورو سچ چئي نه سگهيو.
    سندس خيال هو ته، پارٽيءَ جي سيڪريٽرين کي لڳاتار هڪ هنڌ رهڻ نه کپي ۽ ڪنهن به عهدي تي ٻن کان وڌيڪ دفعا بيهڻ نه کپي، اهو قانون فرسٽ سيڪريٽري کان وٺي هيٺ تائين، ضلع ۽ علائقائي سيڪريٽري تي به عائد ٿيڻ کپي. هن چاهيو ٿي ته ڪنهن به شخصيت ۾ طاقت مرڪوز نه ٿيڻ کپي ۽ اها گارنٽي فقط اهڙو قانون ڏئي سگهي ٿو، جنهن طاقت جي ورهاست ۽ جمهوري طريقي ڪار هجي. سندس ان تجويز جي ايتري ته سخت مخالفت ٿي، جو نيٺ کيس پويان هٽڻون پيو، اهو روسي پارٽيءَ ۾ سياست جو محدود جمهوري ڪلچر هو، جنهن جا بنياد قديم روسي جاگيرداراڻي ثقافت ۾ هئا. جتي سردار يا حڪمران هر هڪ جي هر مامري ۾ مداخلت ڪري سگهيو ٿي. هو سڀ کان اعليٰ ۽ سڀ کان وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، هو ٻين جي مقابلي ۾ معصوم ۽ خطا نه ٿو ڪري سگهي. اهو صديون پراڻون مثال روسي حڪومت ۽ ان جي حڪمرانيءَ جو تصور هو، ان تصور کي، اسٽالن ۽ سندس حوارين پنهنجي اقتدار جي ڊگهي دور ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪيو ۽ عوام جي وچ ۾ پکيڙيو. پارٽي مثالي آهي ۽ ان جو نظريو ۽ پرگرام هر غلطيءَ کان پاڪ آهي، عظيم ليڊر اسٽالن هر فيصلو صحيح ٿو ڪري، نون خيالن ۽ تصورن کي جنم ڏي ٿو ۽ هر قسم جي ڪمزورين کان پاڪ آهي. پارٽيءَ جي ماڻهن کيس (اسٽالن) کي هڪ تصوراتي ۽ ديو مالائي شخصيت بنائي عوام جي اڳيان پيش ڪيو ۽ هن جي غلط يا صحيح شيءَ کي پرکڻ، تنقيد ڪرڻ، خود پنهنجي تصورن ۽ خيالن کي پيش ڪرڻ جي جمهوري حق کي پائمال ڪري ڇڏيو.
    خروشيف کي ’مهم جو‘ به چيو ويندو آهي ۽ اڃان به ڪجهه ماڻهو کيس اُن ئي نالي سان ياد ڪن ٿا، اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي، هن پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خطرو ان وقت کنيو جڏهن هن ”لاورينٽ بيريا“ کي حڪومت مان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي هٿ ۾ ڪي جي بي جي سڄي طاقت ۽ وزير داخلا جي حيثيت سان سڄي مليشا فورس هئي، ان داستان کي خود خروشيف به ڪيترا ڀيرا زباني بيان ڪيو.
    اسٽالن جي موت کان پوءِ جيڪو هن جي ماسڪو جي ويجهو ٺهيل ڪاٽيجز مان هڪ ۾ ٿيو، ان جو اطلاع سندس باڊي گارڊ ميجر ڏنو، اطلاع ملندي ئي پولٽ بيورو جا سڀ ميمبر ان ڪاٽيج ۾ پهچي ويا سڀئي ميمبر لاش جي ويجهو خاموش بيٺا سوچي رهيا هئا ته هاڻ ڇا ٿيندو، طاقت ڪنهن جي هٿ ۾ ايندي، هر ڪو پنهنجي مستقل جي باري ۾ پريشان هو. چهرن تي رنج ۽ غم بدران فڪر ۽ بي چيني پي بکي، تنهن کان پوءِ هو ٻن ٻن جي ٽولين ۾ گهرن ڏانهن روانا ٿيا. سڀ کان پهرين بيريا ۽ مالينڪوف ويا، مالاتوف، ڪاگانو وچ سان ويو ۽ جڏهن ميڪويان ۽ خروشيف اڪيلا رهجي ويا ته ميڪويان، خروشيف کي مخاطب ٿي چيو ”بيريا اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ ماسڪو روانو ٿي ويو آهي.“ هن وراڻيو، ”جيستائين هي بگهڙ ويٺو آهي، اسان مان ڪنهن جو به خير ڪونهي“. ان سڀ کان وڏي خطري تي ڌيان ڏيڻ لاءِ خروشيف پريذيڊيم جي سڀني ميمبرن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو ۽ کين ’بيريا‘ جي پلان ۽ ان خطري ڏانهن ڌيان ڏياريو ۽ پڪ ڏياري ته کيس هٽائڻ ڇو ضروري آهي مالينڪوف سان ڳالهائڻ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هو، ڇو ته هو بيريا جو ويجهو دوست هو، ان تائين اها ڳالهه ذاتي تعلقاتن وسيلي پهچائي ويئي، خروشيف کيس ٻڌايو ته بيريا ماسڪو جي ويجهو وزارت داخلا جي برگيڊ گڏ ڪري رهيو آهي، مالينڪوف ان وقت وزيراعظم هو ۽ سرڪاري طور تي اسٽالن جو جانيشن به هو ۽ پريذيڊيم جي سمورن اجلاسن جي ڪارروائي هو ئي هلائيندو هو. هن وراڻيو ته هاڻ ان صورتحال کان بچي نه ٿو سگهجي، پر هاڻي ڪم ائين ٿئي جو حالتون خراب نه ٿين. ورسنولوو کي کيس ڳچ دير تائين سمجهائڻو پيو ۽ راضي ڪرڻو پيو. (هو گهڻو بي چين هو ته جيڪڏهن اُٿندي ئي ڪجهه ٿي پيو ته پوءِ اسانجو ڇا ٿيندو.)ڪاگانووچ شروع کان ئي ٻڌتر ۾ هو ته اڪثريت ڪنهن سان گڏ هوندي، ڪير ڪنهن جو ساٿ ڏيندو، جيڪڏهن ڪير بيريا سان گڏجي ويو ته پوءِ ؟ بهرحال ڪيترا ئي وعدا ڪيا ويا. پوءِ هو مطمئن ٿيو ۽ 26 مارچ تي ڪريملن ۾ پريذيڊيم جي هنگامي اجلاس جو اعلان ڪيو ويو (نهايت ڳجهي نموني فوج جو ڪجهه حصو ڪريملن ۾ داخل ڪيو ويو ته جي صورتحال بگڙي وڃي ته صورتحال کي منهن ڏيئي سگهجي). پريذيڊيم جا سڀئي ميمبر مقرر وقت تي هال ۾ پهچي ويا. پر بيريا غائب هو. خروشيف جو چوڻ هو ته مان سوچ ۾ ٻڏي ويس ته شايد کيس اسان جي پلان جي خبر پئجي ويئي آهي، هاڻي سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ هاڻي اسان جو خير ڪونهي؟ پر ان گهڙيءَ هو هال ۾ داخل ٿيو، سندس هٿ ۾ بريف ڪيس هو، مان هڪدم سمجهي ويس ته اُن ۾ ڇا آهي. مون وٽ به خراب وقت لاءِ ڪجهه رکيل هو (هن پنهنجي کيسي طرف اشارو ڪندي چيو) بيريا ويهي رهيو ۽ سوال ڪيو ته اوچتو هنگامي گڏجاڻي ڇو رکي ويئي آهي ۽ ايجنڊا تي ڪهڙو سوال آهي؟ آئون ٽنگ سان مالينڪوف کي ٺوڪر هڻان ٿو ۽ ڪن ۾ چوانس ٿو ته ميٽنگ جي ايجنڊا جو اعلان ڪر ۽ تقرير جي لاءِ منهنجو نالو وٺ. ڏٺم ته مالينڪوف سڄو پيلو ٿي ويو، وات مان هڪ لفظ به نه اُڪليس، اها صورتحال ڏسي مان اُٿي بيٺس ۽ چوڻ شروع ڪيم، ”ايجنڊا تي هڪ ئي سوال آهي. سامراج جي ايجنٽ بيريا پاران پارٽي ۾ ڦوٽ وجهڻ، پارٽيءَ جي خلاف ڪم ڪرڻ، سامراج جي لاءِ جاسوسي ڪرڻ، انهن سڀني شين جي ڪري کيس پريذيڊيم، سينٽرل ڪميٽي ۽ پارٽيءَ جي بنيادي رڪنيت کان خارج ڪرڻ ۽ ضروري ڪارروائي جي لاءِ فوجي عدالت جي حوالي ڪرڻ آهي. ڪير ان رٿ جي حق ۾ آهي؟“ اهو چئي مون هڪدم هٿ مٿي کنيو، مون کان پوءِ سڀني هٿ مٿي کنيا، اهو ڏسي بيريا هئڊو ٿي ويو ۽ اوچتو بريف ڪيس ڏانهن جهڙپ ڏنائين، مون کيس جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ کيس قابو ڪندي چيم. ”مذاق ٿو ڪرين هاڻ اهو ڇڏ.“ ۽ پنهنجي پستول جي ٽرائيگر تي هٿ رکيم، ان وقت ملٽري جا آفيسر ڊوڙندا ڪمري ۾ داخل ٿيا، مون کين حڪم ڏنو ته هن ملڪ دشمن وطن جي غلاظت کي گرفتاري ڪري وٺو ۽ کيس هتان وٺي پنهنجي اصل هنڌ وڃو. بيريا اُن وقت ڊپ سبب بي ربط بڪندو رهيو، هيءَ اهوئي هيرو هو جيڪو ٻين کي گلي مان جهلي ڀت سان هڻندو هو. اهڙي طرح ان بدنما داغ کي اسان ڌوئي ڇڏيو، اسان ماڻهو ڪوشش ڪريون ته اسان جي نظام ۾ آئيندهه اهڙا گندا ماڻهو پيدا نه ٿين.“
    خروشيف جو سياسي طور تي سڀ کان وڏو ڪارنامون اسٽالن جي شخصيت پرستيءَ تي حملو هو. اُها تقرير جيڪا هن 20 هين ڪانگريس ۾ ڪئي هئي، تنهن سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. اها تقرير اسٽالن جي ٽيهن سالن واري دور جي ڏوهن جي رپورٽ هئي. اڄ اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ ڪيترين ئي شين جو ذڪر نه هو، پر ان وقت جي حالتن ۾ ڪهڙي شئي کيس ايڏي وڏي فيصلي تي مجبور ڪيو، ڇا هن نه ٿي ڄاتو ته ان ڪانگريس ۾ اهي سڀ ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي مذڪوره ڏوهاريءَ جي سڀني ڏوهن ۾ برابر جا شريڪ آهن، ماڻهن جو خيال آهي ته اهو ڪم فقط خروشيف ئي ڪري سگهيو ٿي. ۽ خروشيف جنهن شئي کي صحيح سمجهندو هو ته ايندڙ خطرن تي سوچڻ کان سواءِ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي ان ٻرندڙ باهه ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. اهو سندس ڪردار هو هن جي لاءِ فرد اهم هو، فرد جي آزادي سماج جي آزاديءَ جو پهريون ڏاڪو آهي. اسٽالن خود پرست سنٽرلسٽ هو. ماڻهو هن جي لاءِ ذاتي مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو هو. هن فرد يا ذات جي مسئلي تي ڪڏهن به نه سوچيو هو، جيڪو مقصد حاصل ٿيڻ کان پوءِ فرد هن جي لاءِ هڪ غير ضروري شئي بنجي ٿو وڃي ۽ هو سڄي قوم سان پنهنجي تعلقاتن کي ائين ڏسندو هو.
    20 هين ڪانگريس، ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻي ها، جيڪڏهن ان جي ڊيليگيٽن جي ترقي پسند پارٽي معيار کي برقرار نه رکيو وڃي ها ۽ پارٽيءَ جي اندر بيورو ڪريسيءَ سان جنگ نه ڪئي وڃي ها. پارٽي جي اندر مرڪزيت پسنديءَ تي حملو ڪيو ويو. فيصلا جمهوري طريقي سان ڪيا ويا. جنهن ۾ مرڪزيت پسندن کي وڏي تعداد ۾ شڪست ملي. بهرحال اهڙي طرح 20 هين ڪانگريس جي چونڊ ٿي، جنهن اسٽالن پرستن تي ڀرپور وار ڪيو، جنهن جي ٽيهه سال ڊگهي عمر هئي ۽ جنهن ملڪ ۾ سوشلزم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو.
    پارٽيءَ جي اندر حڪومت ڪرڻ جي نون ۽ پراڻن طريقن ۽ ذات طاقت ۽ اقتدارجي لاءِ جنگ جاري هئي، ان ڇڪتاڻ کي 1958 جي پارٽي پريذيڊم ۾ ڏٺو ويو، جڏهن اسٽالن جا سڀئي پراڻا ساٿي مالنڪوف، بلگانن، مالاٽوف، ڪاگانووچ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ خروشيف کي فرسٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيائون.
    پر اُنهن واقعن جو رخ خروشيف جي حمايتين جي ڪوشش سان بدلجي ويو. انهن ۾ سڀني کان وڏو ڪردار ’مارشل زوڪوف‘ ادا ڪيو، جنهن اجلاس ۾ اعلان ڪيو ته ”فوج ان فيصلي جي خلاف آهي ۽ منهنجي حڪم کانسواءِ هڪ ٽئنڪ به چري نه ٿي سگهي“. خروشيف فرسٽ سيڪريٽري جي عهدي تي برقرار رهيو ۽ کيس هٽائيندڙ بلگانن، ڪاگانو وچ، مالاٽوف ۽ ٻين کي پارٽيءَ جي رڪنيت کان به فارغ ڪيو ويو.
    بعد ۾ مارشل زوڪوف کي به پنهنجي انهن لفظن جي قيمت ادا ڪرڻي پئي، جو خروشيف کيس وزير دفاع ۽ پريذيڊيم جي رڪنيت کان اُن وقت فارغ ڪري ڇڏيو، جڏهن هو غير ملڪي دوري تي هو، کيس پنهنجي صفائي ۾ ڳالهائڻ جو به موقعو نه ڏنو ويو ۽ نه وري عوام کي اهو ٻڌائڻ گوارا ڪيو ويو ته فاشسٽ جرمنيءَ کي شڪست ڏيندڙ هيري کي هٽائڻ جو سبب ڪهڙو آهي.
    کيس هٽائڻ جو سبب، ان وقت جي دستور ۽ قائدي موجب هو، خروشيف کي به طاقتور ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو پسند نه هئا. هو به طاقت جي پيداوار هو. ۽ هن نه ٿي چاهيو ته ڪو کانئس وڌيڪ طاقتور هجي.
    خروشيف حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ سويت يونين جي سڄي سياست کي بدلائي ڇڏيو. هن عالمي سياست ۾ امن ۽ بقاءِ باهم جي پاليسيءَ تي عملي طور تي ڪم شروع ڪيو ۽ پيٽر اول کان پوءِ پهريون ڀيرو اولهه ڏانهن دري کولي، ملڪ کي جمهوري معيارن مطابق هلائڻ ۽ اڳيان وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارٽيءَ جو عوام سان رابطو ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ان وقت دٻيل سماج ڀرپور ساهه کنيو ۽ صاف ۽ شفاف هوا کي پنهنجي اندر ۾ ڀريو.
    خروشيف جي معاشي حل جي طريقن ۾ ڪجهه غلطيون هيون، هن معاشيات ۾ تبديليءَ جي اسٽرڪچر جي ضرورت کي بلڪل نه سمجهيو. هن پورهيتن، هارين، مزدورن ۽ دانشور طبقي جي سڌي سنئين معاشي پيداوار ۾ دلچسپي جي پهلوءَ تي ڌيان نه ڏنو.
    خروشيف جي خواهش تي هڪ حڪومتي معاشي ٽيڪنيڪ ڪميٽي جوڙي ويئي، جنهن جو ڪم هو ملڪ جي لاءِ هڪ معاشي پاليسي ٺاهڻ، جنهن جو چيئرمن زاسياد هو. ان ڪميٽيءَ هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ غلط سلط انگن اکرن جي گهڻائي هئي، ان ۾ سڀني شين کي حقيقت کان پري ۽ خواهشن جي عينڪ سان ڏٺو ويو هو. ان پروگرام جي پهرين حصي کي خروشيف پارٽي ڊاڪيومينٽ ۾ شامل ڪيو ۽ اهڙي طرح پارٽي پروگرام ۾ اها ڳالهه شامل ٿي ويئي ته 1980ع ۾ سويت يونين بنيادي معاشي نتيجن ۾ آمريڪا کان اڳيان وڌي ويندو ۽ ڪجهه شين ۾ برابر اچي ويندو. ان وقت زاسياد جي ڪميٽي جي انگن اکرن تي ڪنهن به گهڻو اعتبار نه ڪيو هو، پر اميد ۽ جوش ۽ خروش جي ڪمي نه هئي، تنهن ڪري سڀني سمجهي ورتو ته پارٽي پروگرام سوشلزم کي هڪ نئين منزل ڏانهن وٺي پيو وڃي، جتي عظيم الشان نيون اڏاوتي ڪاميابيون ۽ ترقي ٿيندي، اها رجائيت (اميد پرستي) ئي هئي، جنهن ان پروگرام کي پارٽيءَ کان منظور ڪرائي ورتو ، بعد ۾ ان پروگرام جي ڪري به مٿس تنقيد ٿي.
    اڄ ايترو عرصو گذرڻ کان پوءِ اسين ان جي مضبوط ۽ ڪمزور پهلوئن کي چڱي طرح ڏسي سگهون ٿا. هن جو سڀ کان وڏو ڪم اسٽالن جي شخصيت جي بُت کي ٽوڙڻ هو. ۽ ان کان پوءِ ان جي شخصيت کي واپس آڻڻ جي هر ڪوشش، جيڪا پوءِ ڪئي ويِئي ناڪام ٿي. هن پارٽي نوڪر شاهيءَ کي ڪافي سگهارو ڌڪ هنيو، زراعت جي طريقن ۾ تبديلي ۽ ترقي ڪرائي. حڪومتي پيداوار جو قيمتون وڌايون. ٽئڪسن ۾ ڪمي ڪئي، ٽيڪنڪ جو استعمال ، عوام کي خوراڪ پهچائڻ جي نظام ۾ بهتري، هن زراعت ۾ هڪ انقلاب آڻڻ ٿي چاهيو، ۽ مڪئي جي پوکائي مان سندس شوق جي اندازو ٿي سگهي ٿو . هن روسي ماڻهن جي کاڌي جون سڀئي عادتون بدلائڻ ٿي چاهيون.
    هن جي نالي سان ”سويت يونين“ جي سائنس ۽ ٽينڪ ۾ عظيم ڪاميابيون لاڳاپيل آهن، پهريون خلائي سيارو ’اسپوتنڪ‘ ، جنگي حڪمت عملي جي برابري ، پر امن بقاءِ باهم جي پاليسي، جيڪا اڳتي هلي اولهه سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ مشعل راهه بڻي، نوان بين القوامي لاڳاپا، معاشي سهڪار، عوام جو ۽ نظرين جي آزاداڻن خيالن جي ڏي وٺ، اهي سڀ هن جون پاليسيون ۽ پروگرام هئا. هڪ آمريڪي ليکڪ ۽ اخباري خاطو چواڻي ته، ”خروشيف کان سواءِ گوربا چوف اچي نه سگهي ها.“ بهرحال، اها سندس ذاتي راءِ آهي.
    سندس سمورا معاشي ۽ سياسي پروگرام عمل ۾ نه آندا ويا ۽ عوام کي ان جو فائدو ڇو نه ٿيو. انهن پروگرامن جو گلو ڪنهن گهٽيو؟ اهو هڪ سوال آهي؟ جيڪو اڄ به ڪيو وڃي ٿو. ۽ ان دؤر ۾ به ڪيو ويندو هو.
    خروشيف پنهنجي انهن سڀني سڌارن جي لاءِ پارٽي بيورو ڪريسي، حڪومتي مشنري ۾ ايڊ منسٽريٽو طريقن تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو، هو هڙئي شڪايتون انهن ادارن کي موڪلي ڏيندو هو، جن جي خلاف شڪايتون اينديون هيون. اهي هڙئي ادارا جمهوري صوابديد کان آزاد هئا. انهن سڌارن کان عوام کي دور رکيو ويو. پارٽي ۽ عوام کي پري رکيو ويو ۽ کين انهن فيصلن ۾ شريڪ نه ڪيو ويو.
    خروشيف جنهن کي قدرت گهرو سياسي شعور ۽ عقل ڏنو هو. جيڪو بهادر ۽ حرڪت پذير هو ۽ هيڏي وڏي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ خوشامندڙين جي ور چڙهي ويو. خوشامندڙين جو گهيرو تنگ ٿيندو ويس ۽ ”اسان جو خروشيف“ جو ورد ٿيڻ لڳو ۽ اهڙي طرح شخصيت پرستيءَ جي ابتدا ٿي.
    سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته آخر خروشيف کي ڇو هٽايو ويو. ان جا ڪيترائي جواب آهن، هن جي چوڌاري اهڙن ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ٿي ويو، جيڪي نالائق هئا. هو پنهنجي ذات تي ڪنهن جي به تنقيد برداشت نه ڪندو هو. هو پنهنجي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻندو هو. پر ايڏي وڏي پوسٽ جي لاءِ جنهن حقيقي مارڪسزم ۽ لينن ازم جي علم جي گهرج هئي، سا وٽس ڪانه هئي، ڪنهن جو ذاتي ٽيلنٽ گهري علم جي جڳهه پوري نه ٿو ڪري سگهي. هو تنقيد ۽ خود تنقيد جي ذريعي اڳيان وڌي سگهيو ٿي. جيڪو جمهوري عمل آهي، پر هو ۽ ان وقت جو سماج ان ڳالهه جي لاءِ تيار نه هو.
    هن جا سڀئي دشمن پنهنجون اندروني گروهه بنديون ڇڏي، هڪ وڏي مقصد جي لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا هئا ۽ خروشيف کي پنهنجي مٿان ايترو ته ڀروسو هو، جو ماڻهن جي چوڻ جي باوجود به ان ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو ته ڪو کيس هٽائي سگهي ٿو.
    آخري سالن ۾ ، هن جي عوام ۾ مقبوليت به گهٽجي ويئي هئي ۽ ملڪ ۾ ڪو به اهڙو طاقتور گروپ نه هو، جنهن چاهيو ٿي ته هو اقتدار ۾ رهي، تنهن کان سواءِ سندس اهي قدم هئا، جيڪي سندس مخالف گروپ جي مفادن جي خلاف هئا. هنن انهن غلطين کي پنهنجي ان مقصد جي لاءِ استعمال ڪيو.
    هنن هن جي زرعي پاليسين جي ناڪامين، سياست ۾ مهم جوئي، مٽن مائٽن کي سٺن عهدن تي رکڻ، جمال ناصر ۽ عامر کي تمغه ڏيڻ وغيره کي هن جي جبري استعفيٰ جو سبب بڻايو. اهو سڄو ڊرامون ان وقت تيار ڪيو ويو، جڏهن هو ڪريميا ۾ آرام ڪري رهيو هو، کيس ٽيليفون تي اطلاع ڏيئي ماسڪوم پريذيڊيم جي هنگامي گڏجاڻي ۾ گهرايو ويو ۽ گڏجاڻي ۾ کانئس استعفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو.
    جڏهن ته، ماڻهو چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته انهن الزامن م تمام گهٽ سچائي آهي، هن پنهنجي ناٺيءَ کي جيڪو نهايت قابل صحافين ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندس مخالف به اها ڳالهه مڃين ٿا، ازويسيتا جي چيف ايڊيٽر طور سفارش ڪئي هئي. سندس هڪ پٽ هڪ انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ عام سائنسدان جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو، جيئن ٻيا سوين ڪارڪن هئا. زرعي پاليسين جي ناڪاميءَ جو بنياد اسٽالن جي دور جي ڪو آپريٽو سسٽم تائين ٿي ويو.
    جڏهن ته هارين جي ڪڪڙين جا فارم به ڪو آپريٽو فارم جي ملڪيت ۾ ورتا ويا هئا. ۽ هارين کان زبردستي زمين کسي فارم جوڙيا ويا. ۽ اهڙي طرح لينن جي اُن فرمان جي مٽي پليٽ ڪئي ويئي ته زمين هاري جي ملڪيت آهي ۽ انهن تي زبردستي جوڙيل ڪو آپريٽو فارم جي قيام جي دوران 1932ع ۾ 1935ع ۾ يوڪرين جي علائقي ۾ جيڪو ڪڻڪ جي پوک لاءِ بهترين علائقو آهي، اناج جي گهڻائيءَ جي باوجود به اٽڪل 5 کان 7 ملين ماڻهو بک وگهي مري ويا ۽ اناج ٻاهر موڪليو ويو، باقي رهيو مسئلو عامر ۽ ناصر کي تمغه ڏيڻ جو ته ان جو سياسي سبب هو ۽ ان ۾ سڄي پريذيڊيم جي راءِ شامل هئي، هن جي عليحدگيءَ جو سبب فقط هي هو ته هو ملڪ کي جمهوري پاليسين طرف وٺي وڃي رهيو هو، جيڪو اسٽالن پرستن يا ٻين لفظن ۾ مرڪزيت پسندن جي مفادن جو ضد بنجي ويو. کيس ان ويڙهه ۾ ان ڪري به شڪست ٿي جو هو لڙائي ۾ عوام کي وچ ۾ وٺي نه آيو، آڪٽوبر 1964ع جي اجلاس کان پوءِ جنهن ۾ خروشيف کي سبڪدوش ڪيو ويو هو، هو پنهنجي ماسڪو واري ڪاٽيج ۾ هليو ويو هن لاءِ چار سئو روبل ماهوار پينشن مقرر ڪئي ويئي، جيڪا سندس سابق پوزيشن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه هئي، هو ڪريملن جي خصوصي اسپتال ۾ سينٽرل ڪميٽي ۽ وزيرن جي لاءِ مخصوص اسپيشل اسٽورن کي استعمال ڪري سگهيو ٿي. کيس ذاتي استعمال جي لاءِ هڪ پراڻي زيل ڪار ڏني ويئي، جنهن جو نمبر پليٽ غير سرڪاري هو ۽ ماسڪو شهر ۾ سندس فئملي جي لاءِ هڪ فليٽ جي به منظوري ڏني ويئي، کيس اهو فليٽ ڪڏهن به نه وڻيو ۽ هو جڏهن به ماسڪو آيو ته ڪڏهن به هڪ رات به هتي نه گذاريائين.
    اقتدار مان جبري عليحدگيءَ جو پهريون هفتو خروشيف جي لاءِ نهايت ڏکيو هو، هو سوچي به نه ٿي سگهيو ته جيڪي ماڻهو هن جي سامهون ڪنڌ به کڻي نه ٿي سگهيا، سي کيس کير مان مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪندا. هن پنهنجي ان حالت کي ڪڏهن به نه لڪايو، هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪرسيءَ تي خاموش ويٺو رهندو هو ۽ ڪنهن ڪنهن مهل سندس اکين ۾ لڙڪ به ڏٺا ويا. هڪ ڀيرو ماسڪو اسڪول جي ڊائريڪٽر سندس پوٽي کان پڇيو ته ”اڄ ڪلهه ڏاڏهين ڇا ڪندو آهي“ ته هن وراڻيو ”هو روئندو رهندو آهي.“
    1965ع ۾ حڪومت، خروشيف کان اهو ڪاٽيج خالي ڪرائي هڪ ننڍو عام ڪاٽيج ميٽرو سوڪل جي هڪ ڳوٺ ’پيٽرو واڊالني‘ ۾ ڏنو. ان جي هڪ خصوصيت کيس وڻي، سا اها ته، ان سان گڏ، هڪ زمين جو وڏو ٽڪرو به هو. جتي هو پنهنجي صحت موجب پوک ڪري سگهيو ٿي. هتي ڪجهه ٻيا به ڪاٽيجز هئا، جن کي وڏين ڀتين گهيري رکيو هو، تنهن کان سواءِ هر ڪاٽيج جو پنهنجو ڌار احاطو به هو. مين گيٽ تي حفاظتي پهرو هو ۽ تنهن کان سواءِ خروشيف جي حفاظت جي لاءِ چويهه ڪلاڪ گارڊ به مقرر هئا، اهڙي طرح خروشيف سان ملڻ جي لاءِ هر ملاقاتيءَ کي ٻن حفاظتي گيٽن مان لنگهڻو پوندو هو. اهي گارڊ سدائين ساڻس گڏ هوندا هئا.
    هو جلد پنهنجي اُن حالت تي راضي ٿي ويو ۽ هن ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ بابت سوچڻ ڇڏي ڏنو. کيس پنهنجن انهن ڪيترن عملن بابت افسوس هو، جيڪي هو مڪمل نه ڪري سگهيو هو. کيس ڏک هو ته هو پارٽي، حڪومت جي انهن هزارين ڪارڪنن کي جن تي 1935ع کان 1939ع تائين ظلم ۽ تشدد ڪيو ويو بحال نه ڪري سگهيو ۽ خصوصي ڪميٽيءَ جي سفارشن کي ٻيهر سرد خانن ۾ ڦٽو ڪيو ويو.
    پينشن جا پهريان ٻه سال هن جي لاءِ ڏاڍا ڏکيا هئا. پر پوءِ هو رضا تي راضي رهڻ سکي ويو ۽ ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ لڳو. وٽس مائٽن کان سواءِ مشهور اديب ۽ شاعر به ايندا هئا. جن سان گرما گرم بحث مباحثا ڪندو هو. وٽس تمام وڏي ذاتي لئبرري به هئي، هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مطالعي ۾ غرق رهندو هو، اڪثر بي بي سي، وائيس آف آمريڪا، جرمني ۽ فرانس جي نشريات ٻڌندو هو. پنهنجي ملڪي ٽيليويزن ڏسندو هو ۽ بعد ۾ انهن خبرن تي پنهنجي راءِ ۽ مشورا ڏيندو هو. جڏهن کيس خبر پئي ته اسٽالن جي ڌي سوتيلانا يورپ ڀڄي ويئي آهي ته کيس بلڪل يقين نه آيو، کيس هو ننڍپڻ کان سڃاڻندو هو، سوتيلانا 20 هين ڪانگريس جي سڀني فيصلن جي حمايت ڪئي هئي ۽ شخصيت پرستيءَ جي خلاف خروشيف جي تقرير جي، پارٽي گڏجاڻين ۾ هن جي حق ۾ تقريرون ڪيون هُيون، ان سڄي عرصي ۾ سندس ننڍو پٽ خاموش رهيو (اسٽالن کي ٻه پٽ، هڪ ڌي هئي، وڏو پٽ جنگ ۾ مارجي ويو هئس) وائس آف آمريڪا کان سوتيلانا جي باري ۾ تفصيلي پروگرام ٻڌي کيس ڪافي صدمون رسيو ۽ ڪافي عرصي تائين اُن موضوع تي ڪنهن سان به نه ڳالهايائين. هو ستر سالن جي عمر جي باوجود به صحتمند، چست، کڙو تڙو ۽ چالاڪ ماڻهو هو. هو، سورنهن سترنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو عادي هو، کيس ڪم ڪرڻ جي اُڃ هئي، کيس ڪاشت ڪاري ۽ باغبانيءَ جو حد کان وڌيڪ شوق هو. هو زمين جي ان ٻاريءَ تي نوان نوان تجربا ڪندو هو ۽ بعد ۾ انهن کي وڌندو ويجهندو ڏسي بي حد خوش ٿيندو هو. هو ڀرپاسي وارن فارمن ۾ وڃي هارين سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ اناج جي قسمن ۽ انهن سان پوکي جي طريقن بابت ڪچهري ڪندو هو، هڪ ڀيرو هن فارم جي زمين سان لاپرواهي ڏٺي ته هڪ هاري جي وسيلي فارم جي چيئرمين کي گهرايو ۽ کيس زراعت جي غلطين تي سخت لفظن ۾ ڇڙٻيو. چيئرمين پنهنجي غلطي جهلجهڻ تي چڙي، ابتو خروشيف کي گستاخيءَ سان جواب ڏنو ته هو هاڻ حڪومت جو سربراهه نه رهيو آهي، تنهن ڪري کيس اهو حق نه ٿو پهچي ته هو ڪم ۾ مداخلت ڪري، ان واقعي تي خروشيف ڪافي ڏينهن غمگين رهيو، هو واند ڪائي جي وقت اڪثر فوٽو گرافي ڪندو هو ۽ ان تي کيس ڪافي دسترس حاصل ٿي ويئي هئي، هو قدرتي منظرن ۾ به دلچسپي رکندو هو ۽ ڪئميرا وسيلي انهن کي محفوظ ڪندو ويندو هو. هو اڪثر ڊرامن ۽ ڪنسرٽن ۾ پنهنجي زال سان گڏ ويندو.
    سندس 75 هين سالگره جي ڪنهن کي به خبر نه پئي، پر پرڏيهي ملڪن مان ڊيگال، راڻي ايلزبيٽ، يا نوش ڪادر پاران مبارڪن جا پيغام مليس، آخري ڏينهن ۾ هن پنهنجي ڪن غلطين کي مڃيو. بهرحال ان جو ڪجهه حدون هيون.
    پينشن ملڻ کان پوءِ 1967ع ۾، سندس اهل اقتدار سان پهرين جهڙپ ٿي. ان وقت فرانس ٽيليويزن هڪ فلم ڏيکاري ته ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ روس جو اڳوڻو ليڊر پنهنجو وقت ڪيئن ٿو گذاري، خروشيف جي مائٽن سان گڏ هڪ فلم رپورٽر پنهنجي ننڍي مووي ڪئميرا سان اها فلم ٺاهي هئي، جيڪا ڪنهن نموني ٻاهر هلي ويئي، جنهن، سان حڪومت سخت ناراض ٿي، حفاظتي گارڊ کي چوڪس نه رهڻ تي تبديل ڪيو ويو ۽ کين سزائون ڏنيون ويون، پولٽ بيورو جي هڪ ميمبر اندر ئي گري لينڪو جيڪو پارٽي سيڪريٽري به هو ۽ ان کان اڳ اوڊيسا پارٽيءَ جو سيڪريٽري هو ۽ خروشيف کيس مرڪز ۾ آندو هو، تنهن خروشيف کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي، گستاخيءَ سان ڳالهائيندي چيو ته ”تو هيستائين ٺيڪ نموني گذاري رهيو آهين.“ خروشيف وراڻيو ”ڇا ڳالهه آهي ته توهان مون کان اهو ڪاٽيج ۽ پنشن کسڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن مان هٿ ڦهلائي روڊن ۽ رستن تي ڦريس ته ماڻهو منهنجي هٿ تي ڪجهه نه ڪجهه رکندا پر جيڪڏهن اوهان تي خراب وقت آيو ته اوهان جي هٿ تي ڪير ڪجهه به نه رکندو.“
    60 واري ڏهاڪي ۾ ڪيترن ماڻهن پنهنجون يادگيريون لکيون، جيڪي خروشيف پڙهيون، پر کيس مارشل زوڪوف جي يادگيرين تمام گهڻو ڏکارو ڪيو. مارشل زوڪوف جون خروشيف سان جنگ کان اڳ ۽ پوءِ ڪافي ملاقاتون رهيون ۽ جڏهن هو يوڪرين جي فوج جو ڪمانڊر هو، ان وقت خروشيف اتان جي پارٽي جو چيف ٿيو.
    پر زوڪوف پنهنجي ڪتاب ۾ فقط هڪ هنڌ لکيو ته يوڪرين ۾ پنهنجي ڪم جي دوران سندس پارٽيءَ جي فرسٽ سيڪريٽريءَ سان سٺا ناتا رهيا. اهڙي طرح 1964ع کان پوءِ سڀني يادگيرين ۾ ليکڪن خروشيف جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو، البت اسٽالن سان پنهنجي ملاقاتن ۽ ڳالهين بابت گهڻو ڪجهه لکيو ۽ جيڪڏهن ڳالهه ڦري سري خروشيف ڏانهن ٿي آئي ته فقط فرسٽ سيڪريٽري سويت يونين لکيو ٿي. اهو سڀ ڪجهه مٿين حڪمن تحت ٿي رهيو هو.
    ان شئي خروشيف کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته هو ڇو نه پنهنجو يادگيريون مرتب ڪري ۽ اها خواهش زور وٺندي ويئي، خروشيف کي لکڻ جي عادت نه هئي. ۽ هو فقط ڊڪٽيشن لکائيندو هو، هن سينٽرل ڪميٽيءَ کي درخواست ڪئي ته کيس هڪ اسٽينو گرافر ڏنو وڃي، اها درخواست نامنظور ڪئي ويئي، پر خروشيف انهن ماڻهن مان نه هو، جيڪي هٿيار ڦٽا ڪن، هن پنهنجون يادگيريون ٽيپ رڪارڊر تي رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، اها سندس پهرين ڪوشش هئي، جيڪا بنا ڪنهن رٿا بندي ۽ ادبي زبان جي ٽيپ ٿي. خروشيف جي دلچسپي وڌندي ويئي ۽ گهر وارن جي مدد سان هڪ خاص سسٽم بنجي ويو، ڪيسٽ تان اها ڪاغذ تي لاٿي ويندي هئي، پوءِ زبان ۽ گرامر جون غلطيون درست ٿينديون هيون، خروشيف جون اِهي ڪيسٽون. 180 ڪلاڪن تي مشتمل آهن، جڏهن ته اها فقط ڪم جي ابتدا هئي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ آمريڪا ۾ خروشيف جي يادگيرن جو پهريون ڀاڱو ڇپجي بازار ۾ آيو . جنهن سڄي دنيا ۾ سنسني پکيڙي ڇڏي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيون ڀاڱو به ڇپجي ويو. آمريڪي پبلشر اعلان ڪيو ته وٽس نڪيتا خروشيف جي آواز جي ڪيسٽ موجود آهي، اهو ڪيسٽ آمريڪا ڪيئن پهتو، جڏهن ته اصل ڪيسٽ خروشيف جي خاندان وٽ محفوظ هئي؟ تنهن جو مطلب اهو آهي ته ٻي ڪيسٽ به موجود هئي. جيڪا ٻاهر هلي پئي. پر اها ڪنهن ٺاهي ۽ ڪٿي؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود هو، پهرين ڀاڱي جو ڇپجڻ نه فقط يورپ جي پريس جي لاءِ سنسني خيز هو، بلڪه خروشيف جي لاءِ به غير متوقع هو.
    پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي صدر ۽ پولٽ بيورو جي ميمبر جناب پيل شي. خروشيف کي پنهنجي ڪيبنيٽ ۾ گهرايو. گفتگو انتهائي سخت لهجي ۾ ٿي. ماڻهو جو چوڻ آهي ته جڏهن خروشيف ’پيل شي‘ جي ڪيبنٽ مان ٻاهر نڪتو ته سندس دل تي هٿ رکيل هو، ٻي ڏينهن سڀني اخبارن ۾ اهو بيان آيو ته نڪيتا خروشيف ان ڳالهه جي سختيءَ سان ترديد ٿو ڪري ته هن پنهنجون يادگيريون پبلشر کي ڇپجڻ کي ڏنيون آهن، پر ان بيان ۾ ان حقيقت جي ترديد نه هئي، يادگيريون پنهنجي جاءِ تي موجود هُيون.
    1970ع ۾ خروشيف کي دل جو پهريون دورو پيو، ڪجهه ڏينهن تائين هو اسپتال ۾ داخل رهيو، اتي سندس صحت ڪرڻ شروع ٿي ويئي. ان ڪري پنهنجي يادگيرين تي وڌيڪ ڪم جاري رکي نه سگهيو، 1971ع جي گرم ڏينهن ۾ هو پنهنجي ٻني ٽڪر تي پوکي جو ڪم ڪندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪرسيءَ تي خاموش ويٺو خلا ۾ گهوريندو رهندو هو، سيپٽمبر ڌاري هو پنهنجي ڌيءَ ۽ نا ٺي اليڪسئي جي گهر هليو ويو، اتي هو پنهنجي گارڊ سان گڏ کنڀيون گڏ ڪرڻ جي لاءِ جهنگ ۾ ويو، اتي سندس طبيعت خراب ٿي گهر ۾ ڊاڪٽر کي آندو ويو، جيڪو کيس اسپتال وٺي ويو، ٻي ڏينهن 11 سيمپٽمبر 1971ع تي هو وفات ڪري ويو، ان وقت سندس عمر 78سال هئي.
    سوويت ماڻهن کي سندس وفات جي خبر 13 سيمپٽمبر تي ڇپجندڙ تمام ننڍي هڪ ڪالمي خبر مان پيئي. پارٽي يا حڪومت پاران ڪوبه تعزيتي ٺهراءُ يا پيغام نه هو، دفن جي هنڌ ۽ تاريخ جو به ڪو اعلان نه هو، بهرحال ماسڪو وارن کي واتو وات اخبار جي اعلان کان اڳ اها خبر پئجي چڪي هئي ته آنجهاڻيءَ کي ڏينهن جو 12 وڳي ”لوواجي چم“ قبرستان ۾ دفنايو ويندو. سندس دفن جي موقعي تي ماسڪو جي رهاڪن جو رستن تي تمام وڏو ميڙ هو. قبرستان کي فوج ۽ وزارت داخلا جي دستن گهيري ۾ وٺي لاٿو هو. عوام کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني ويئي ته هو ڪميونسٽ اڳواڻ کي آخري ڀيرو الوادع چئي سگهن.
    سندس جنازو ماسڪو درياهه جي ٻي پاسي کان آندو ويو، ڪفن دفن ۾ فقط ويجهن رشتيدارن، ڪجهه دوستن ۽ ڪجهه غير ملڪي اخبار نويسن کي قبرستان وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. پارٽي ۽ حڪومت پاران ڪنهن به شخص ڪفن دفن ۾ شرڪت نه ڪئي. گلن جي هڪ چادر پارٽي ۽ حڪومت طرفان ۽ هڪ چادر ذاتي طور تي ميڪويان طرفان موڪلي ويئي هئي. آخري الوداعي لفظ سندس پٽ سرگئي ادا ڪيا.
    سندس فقط هڪئي ڪم، سندس سڄي زندگيءَ جي گناهن کي ڌوئڻ لاءِ ڪافي آهي اهو هي ته هن ٻن ڪروڙ ماڻهن کي جيلن ۽ مشقتي ڪئمپن مان ڪڍيو ۽ کين سياسي ۽ سماجي طور بحال ڪيو.


    خروشيف جون يادگيرون

    (اڳين صفحن ۾ خروشيف جي يادگيرين جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي Khrushchive Remebers جي نالي سان ڇپيون هيٺ انهن مان هڪ باب روس ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ڪيئن خراب ٿيا؟. جو ترجمو ڏنو ويو آهي.)
    سياست به هڪ راند آهي! ۽ مائوزيتنگ سياست جي ان راند ۾ مخصوص ايشيائي عياريءَ جو رنگ پيدا ڪيو ۽ پنهنجي انهن ذاتي اصولن جو تابع بنائي ڇڏيو، جن کي ڏاڍ ، بد ديانتي ۽ انتقام جي بدترين شڪل جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو. مائوزيتنگ ڪيترائي سال اسانکي ان راند ۾ دوکو ڏنو، جو اسين سندس انهن چالاڪين کان چڱي طرح واقف ٿي وياسين. ٽاليرانڊي هڪ ڀيري چيو هو ته ’هڪ ڊپلوميٽ کي زبان اُن لاءِ ڏني وڃي ٿي ته هو پنهنجي خيالن کي لڪائي رکي‘. منهنجي خيال ۾ اهائي ڳالهه سياستدانن تي به ٽهڪي اچي ٿي. مائوزيتنگ جو ڪمال اهو آهي ته هو پنهنجي اصلي جذبن ۽ ارادن کي ڏاڍي سُٺي نموني لڪائي ٿو رکي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويهين ڪانگريس منعقد ٿي ته مائوزيتنگ منهنجي ڏاڍي واکاڻ ڪندي ايستائين چيو هو ته ”ڪامريڊ خروشيف اسانجون اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ اسانکي اُها روشني ڏني آهي جو اسين هر شئي کي واضع نموني ڏسي سگهون“. پر مون ڄاتو ٿي ته هن جيڪي ڪجهه چيو آهي، هن جي دل ۾ بلڪل ٻيو ڪجهه آهي.
    جڏهن آئون روسي حڪومت جي ذميدارين کان آجو ڪيو ويس ته ڪجهه سالن ۾ اهي ڪهاڻيون گردش ۾ اچڻ لڳيون ته سويت روس ۽ عوامي جمهوريه چين ۾ اختلافن جو بنياد رکڻ وارو آئون آهيان. آئون ان واهيات الزام جي ترديد به مناسب نٿو سمجهان، ڇو ته تاريخ هاڻي اِهو ثابت ڪري چڪي آهي ته ان الزام ۾ ڪيتري سچائي آهي. پنهنجي زندگيءَ ۾ جڏهن آئون پهريون ڀيرو مائوزيتنگ سان مليس ته مون پنهنجي ساٿين کي پنهنجي ان راءِ کان آگاهه ڪري ڇڏيو ته ’مائوزيتنگ دنيا جي ڪنهن به ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٺهي هلي نه سگهندو، ڇو ته هو پنهنجو پاڻ کي ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ کي سڀني تي حاوي ۽ برتر سمجهي ٿو‘. آئون پوري يقين سان اڃان به ان راءِ کي ورجايان ٿو. جيڪڏهن اسٽالن ڪجهه وڌيڪ وقت جيئرو رهي ها ته روسي ۽ چيني حڪومتن ۾ اختلافن جي شروعات سندس ئي دور ۾ شروع ٿئي ها.
    اسٽالن، مائوزيتنگ جي باري ۾ ڏاڍي سخت راءِ رکندو هو، هو کيس سچو مارڪسي نه سمجهندو هو. جنهن جو هڪ مثال هو اڪثر ياد ڪندو هو ته جڏهن مائوزيتنگ جي فاتح انقلابي فوج شنگهائيءَ جي ويجهو پهتي ته مائوزيتنگ پيش قدمي روڪڻ جو حڪم ڏنو، هن شهر تي قبضو ڪرڻ نه ٿي چاهيو، اُن باري ۾ جڏهن اسٽالن، مائوزيتنگ کان پڇيو ”توهان شنگهائي تي قبضو ڇو نٿا ڪريو؟“
    ”شنگهائي جي آبادي سٺ لک ماڻهن تي مشتمل آهي“. مائو جواب ڏنو ”جيڪڏهن اسين شهر تي قبضو ڪنداسين ته پوءِ اسان کي انهن سڀني شهرين جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻو پوندو ۽ ايترن ماڻهن لاءِ اسين خوراڪ ڪٿان حاصل ڪنداسين.“
    هاڻي اوهين ئي ڏسو ته ڇا اِهو مارڪسي نقطه نظر هو؟
    اسٽالن کي مائوزيتنگ تي اهو به اعتراض هو ته هن مارڪس جي بنيادي تعليم کان انحراف ڪري پورهيت مزدورن تي مدار ڪرڻ بدران، هارين تي ڀروسو ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ هن پورهيت مزدورن جي ڀلائي جون ذميداريون قبول ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. هيءَ ته اسٽالن جو نظرياتي اختلاف ٿيو، پر حقيقت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته مائوزيتنگ هارين تي انحصار ڪندي مزدورن کي نظر انداز ڪري عظيم الشان انقلابي سوڀ ماڻي هُئي ۽ اها حقيقت آهي ته مائوزيتنگ جي اها سوڀ ڪو معجزو نه هُئي، بلڪه اُن کي مارڪسي فلسفي ۾ هڪ نئون رُخ ۽ نئون موڙ قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
    جڏهن مائوزيتنگ اقتدار ۾ آيو ته اسٽالن سان هن جي ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي، اُن ڇڪتاڻ جا سبب واضع هُئا، جتي عقيدي جو مسئلو هو، اُتي به اختلاف پيدا ٿيو، واپاري ۽ صنعتي سطح تي به اختلاف نمودار ٿيڻ لڳا. ان زماني ۾ اسٽالن چين سان هڪ نئون معاهدو ڪرڻ ٿي چاهيو، جنهن موجب چين جي سنڪيانگ علائقي ۾ جيڪا معدنيات لڀي ٿي، ان مان روس ۽ چين گڏيل فائدو وٺن، آئون سمجهان ٿو ته اهڙو معاهدو اصل ۾ چيني عوام جي توهين ڪرڻ برابر هو ۽ اسٽالن اها وڏي غلطي ڪئي هُئي، صدين کان فرانسيسي، انگريز ۽ آمريڪي چين جو استعمال ڪندا پي رهيا هئا ۽ روس به هڪ پرماري قوت بنجي چين جو استعحال ڪرڻ ٿي چاهيو اسٽالن ان کي استعحال نٿي سمجهيو، هو پولينڊ، جرمني، بلغاريه ۽ چيڪو سلواڪيه گڏيل مفاد جا ڪيترائي ادارا قائم ڪري چڪو هو.
    هڪ ڏينهن اسٽال اسان سڀني وڏن کي گهرايو ۽ اسان کان پڇيو ته ڇا اوهان مان ڪنهن کي خبر آهي ته چين ۾ سون ۽ هيرن جون کاڻيون ڪٿي آهي؟ اسان مان ڪنهن کي خبر نه هُئي ته چين ۾ سون ۽ هيرن جو کاڻيون ڪٿي آهن، اسان سرٻاٽ ڪندي هڪ ٻئي سان اسٽالن جي اُن سوال جو مذاق اڏايو، پر اسٽالن جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ سمجهه ۾ آيو ٿي هن باربار ڏاڍي شڪايتي انداز ۾ چيو ٿي ته چين ۾ دولت جا انبار لڳل آهن جن کي مائوزيتنگ اسان کان لڪائڻ ٿو چاهي ۽ گڏوگڏ ان خيال جوبه اظهار ڪندو رهيو ته جيڪڏهن اسين چين کي وڏيون رقمون قرض طور ڏيون ته هو ان جي صلي ۾ اسانکي به ته ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ تي ضرور مجبور ٿيندو.
    هڪ ڏينهن اسين اسٽالن جي ميز جو چوڌاري ويٺا اُن مسئلي تي سوچ ويچار ڪري رهيا هُئاسين ته، اسانکي پنهنجي ملڪ ۾ رٻڙ جي جيڪا ضرورت آهي، سا اسين سرمائيدار ملڪن کان خريد ڪري پورو ڪندا آهيون، ان سلسلي ۾ ڪو اهڙو رستو ڳولهڻ گهرجي جو اسين سرمائيدار ملڪن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پنهنجي ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهون، مون رٿ پيش ڪئي ته اسانکي مائوزيتنگ کي آڇ ڪرڻ گهرجي ته هو روسي قرضن ۽ ماهراڻي سهڪار جي بدلي ۾ اسانکي چين ۾ رٻڙ جي پوک ڪرڻ جي اجازت ڏي. اسان هڪ باهمي معاهدو طئي ڪيو، پر اُن تي عمل ٿي نه سگهيو ڇوته، چينين هينان جي ٻيٽ ۾ پوک لاءِ جيڪا ايراضي منظور ڪئي، سا بنهه ٿوري هُئي ، ۽ ڪارآمد ثابت ٿي نٿي سگهي، اها رٿا به پنهنجي شروعاتي مرحلن ۾ ختم ٿي ويئي.
    هڪ ڏينهن اوچتو اسٽالن کي نئين ڳالهه سُجهي انهن ڏينهن اسٽالن کي ڏٻن ۾ بند پائن ايپلن سان ڏاڍي دلچسپي پيدا ٿي ويئي هُئي، هن هڪدم مالنڪوف کي حڪم ڏنو ته هو مائوزيتنگ جي نالي خط لکي، ويچارو مالنڪوف جيڪو وزير هو، پر انهن ڏينهن هو اسٽالن جي منشيءَ کان وڌيڪ حيثيت نه رکندو هو، اسٽالن، مائوزيتنگ جي نالي نياپو موڪليو ته هو اسانکي چين ۾ پائن ايپل کي ڏٻن ۾ بند ڪرڻ جي فئڪٽري لڳائڻ لاءِ جاءِ فراهم ڪري، مون اسٽالن جي ان تجويز سان اختلاف ڪيو ۽ چيو ته چين ۾ ڪميونسٽ اڃان نوان اقتدار ۾ آيا آهن، تنهن کانسواءِ چين ۾ اڳ ۾ ئي ڪيترائي پر ڏيهي ڪارخانا موجود آهن، هاڻي جيڪڏهن روس به چين جي سرزمين تي پنهنجي فئڪٽري قائم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندو ته پڪ سان مائوزيتنگ دل ۾ ڪندو، اسٽالن کي منهنجي ڳالهه نه وڻي ۽ هن مونکي حسب معمول دٻَ پٽي، ڏينهن ٻن ۾ چين مان جواب اچي ويو، جيڪو منهنجي توقع جي عين مطابق هو، مائوزيتنگ لکيو هو اسانکي اوهانجي تجويز منظور آهي، روسي حڪومت پائن ايپل کي دٻن ۾ بند ڪرڻ جي فئڪٽريءَ ۾ دلچسپي رکي ٿي ته هو اسانکي قرض ڏي، اسين ان قرض جي بدلي ۾ فئڪٽري تعمير ڪنداسين ۽ ان فئڪٽري جي پيداوار وڪڻي قرض ادا ڪنداسين. اهو جواب پڙهي اسٽالن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هو ڳچ دير تائين مائوزيتنگ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو.
    مون پنهنجي زماني ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته اسانجي ڪنهن طرز عمل سان چينين يا مائوزيتنگ جي دلين ۾ ڪا بدگماني پيدا نه ٿئي، پر اسانجون سموريون تدبيرون ۽ احتياط ڪنهن ڪم به جو نه ٿيو ۽ چينين اسانکي هيٺاهين ڏيکارڻ جي پاليسي اختيار ڪري ورتي، هاڻي اهو ته ظاهر آهي ته آئون مسيح ته نه آهيان، جيڪو طرح ڪير هڪ چماٽ هڻي ته ورائي کيس ٻي لڳل ڏي.
    روس ۽ چين ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا ۽ پوءِ ڪميونزم ۾ فرقي بندي جي حيثيت اختيار ڪري ويا، ان جي سڄي ذميواري منهنجي خيال ۾ روسين طرفان ”يوڊين“ تي لاڳو ٿئي ٿي. چين ۽ روس جا ناتا خراب ڪرڻ جي سلسلي ۾ منهنجي باري ۾ جيڪي افواهه پکيڙيا ويا انهن جو سرواڻ به اهوئي يوڊين هو. ڪو وقت اهڙو به هو جو آئون يوڊين جو احترام ڪندو هُئس ۽ جڏهن يوڊين کي چين موڪليو ويو ته مون خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. ٿيو هيئن جو مائوزيتنگ، ڪنهن زماني ۾ اسٽالن کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هُن لکيو هو ته هو ڪنهن مارڪسي فلسفيءَ کي چين موڪلي، جيڪو سندس لکڻين کي مرتب ڪري سگهي. مائوءَ کي هڪ اهڙي شخص جي ضرورت هُئي، جيڪو واقعي مارڪسي فلسفي تي سَند جي حيثيت رکندو هُجي ۽ مائوزيتنگ جي تحريرن ۾ مارڪسي نقطئه نظر کان جيڪي خاميون آهن، تن جي درستي به ڪري سگهي. هن، اهم فرض جي لاءِ اسان روسي سفير طور يوڊين جي چونڊ ڪري کيس چين موڪليو، ڪجهه وقت تائين مائو ۽ يوڊين ۾ خوب ياري رهي، جيتوڻيڪ اسٽالن ان ڳالهه تي پريشانيءَ جو اظهار ڪندو رهندو هو ته يوڊين مائوزيتنگ جو احترام نٿو ڪري، ۽ خود ماؤ وٽ وڃڻ بدران، مائوزيتنگ کي پاڻ وٽ گهرائي ٿو، پر مائوزيتنگ ۽ يوڊين ٻئي ان وقت تائين هڪٻئي کان مطمئن هُئا، ان دوران اسانکي يوڊين جو هڪ ڳجهو خط مليو، جيڪو ڳجهي زبان ۾ لکيل هو ان خط ۾ يوڊين اُهي سموريون ڳالهيون ڏاڍو تفصيل سان لکيون هُيون، جيڪي مائوزيتنگ روس ۽ اسٽالن جي باري ۾ چوندو هو، اسين ان خط تي به ڪو گهڻو نه ڪاوڙياسين ۽ اسان سوچيو ته مائو، يوڊين مان تنگ ٿي چڪو آهي، اسان فيصلو ڪيو ته يوڊين کي چين مان واپس گهرايو وڃي، هونئن به سفير جي حيثيت سان هو ناڪام ٿيو هو، جيستائين مائو ۽ سندس ذاتي تعلقات بحال هُئا، تيستائين هو ڪارآمد ثابت ٿي سگهيو ٿي، پر هاڻي انهن تعلقاتن ۾ ڏار پئجي چُڪا هُئا، انهن سبب جي ڪري اسان يوڊين کي چين مان واپس گهرايو. يوڊين کي اهو فيصلو سٺو نه لڳو ۽ هن انتقامي ڪاروائيءَ طور يا رد عمل تحت افواهن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو، جيستائين منهنجي ۽ ماؤ جي ناتن جو مسئلو آهي ته مون سدائين ساڻس دوستاڻا ناتا قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، مون اسٽالن جيان مائو يا چين، مان ڪوبه فائدو وٺڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، جيتوڻيڪ چين پوري ڪوشش ڪئي ته هو اسان مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري، 1954ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي اثرن هيٺ روس غذائي معاملن ۾ اڃان پاڻڀرو نه ٿيو، ملڪ ۾ بُک عام هُئي، اسين پيڪنگ ۾ هُئاسين، جڏهن چواين لائي هڪ عجيب ڳالهه چئي، ”منهن جو خيال آهي ته اوهين اسانکي هڪ نئين يونيورسٽيءَ جو خرچ سوکڙي طور ڏيئي سگهون ٿا“. مون ان ئي وقت چواين لائي کي ان ڳالهه جو واضع جواب ڏنو هو ته ”هن وقت اسين پاڻ غريب ٿي چُڪا آهيون، اِهو ممڪن آهي ته اسين چين کان وڌيڪ دولتمند هُجون، پر مهاڀاري جنگ اڃا هاڻ ختم آهي، حالتون خراب آهن، اسين اڃان پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيا آهيون، روس جي ڪمزور معاشي حالتن جي باوجود به اسان چين ۾ ڳريون رقمون صرف ڪيون آهن، پورٽ آرٿر ۽ ڊواليني جا بندرگاهه چينين کي مفت ڏنا آهن، اهڙي طرح بائر کان پيڪنگ تائين ويندڙ رستو به روسين ٺاهي ڏنو آهي“. پر مائو کي اسان جي اها خدمت پسند نه آئي ۽ هن رٿ پيش ڪئي ته قازقستان کان پيڪنگ تائين هڪ نئون رستو ٺاهيو وڃي. اسان اُن رٿ ۾ اها ترميم پيش ڪئي ته روس ۽ چين کي ملائيندڙ رستي جي اڏاوت جي تڪميل جي لاءِ روس پنهنجي علائقي ۾ رستو تعمير ڪري ۽ چيني پنهنجي علائقي ۾ ۽ پوءِ انهن کي ملايو وڃي . ان تي چڱو بحث هليو آخر اسان پنهنجي حصي جو رستو ٺاهڻ شروع ڪيو. هيڏانهن چينين وري مطالبو ڪيو ته اسين سندن علائقي ۾ رستو ٺاهي ڏيون، اسانجي علائقي وارو رستو مڪمل ٿي ويو، پر چيني علائقي ۾ اڃان تائين ڪم جي شروعات به نه ٿئي هُئي.
    1954ع ۾ جڏهن آئون چين کان واپس روس پهتس ته مون پنهنجي ساٿين تي واضع ڪري ڇڏيو هو ته چين سان اختلاف جو پيدا ٿيڻ هاڻي اڻٽر ٿي پيو آهي، آئون ان نتيجي تي مائو جي ڪن اشاراتي ۽ ڪن پڌرين ڳالهين جي ڪري پهتس، جڏهن اسين چين وياسين ته اسانجو زبردست آڌر ڀاءُ ڪيو ويو، پر مونکي ان ۾ منافقت نظر اچي رهي هئي، آئون ۽ مائو اهڙي نموني ملياسين، ڄڻ اسان جي ناتن جهڙا ناتا دنيا ۾ ٻي ڪنهن جا به ناهن، اسان سٺن دوستن جيان مختلف موضوعن تي دل کولي ڳالهايو، پر آئون محسوس ڪري رهيو هئس ته ماحول ۾ گهٽ آهي ۽ جيڪي ڪجهه چيو ۽ ڏيکاريو پيو وڃي ان ۾ منافقت موجود آهي ۽ مائو جا ارادا تمام وڏا آهن هڪ ڏيهاڙي اسين ترڻ واري تلاءُ (سوئمنگ پول) جي ويجهو ليٽيا گپ شپ ڪري رهيا هئا سين، جو اوچتو مائوزيتنگ مون کان سوال پڇيو ”ڪامريڊ خروشيف تنهنجو ڪهڙو خيال آهي جيڪڏهن آئون سرمائيدار ملڪن جي خلاف فوجي ڪاروائيءَ جي شروعات ڪريان. ڪامريڊ! توکي خبر آهي ته اسين سرمائيدار ملڪن تي برتري رکون ٿا، واقعي ٿورو سوچ ته سهي، چين، روس ۽ اشتراڪي ملڪ ڪيڏي نه وڏي فوج گڏ ڪري سگهن ٿا“. مونکي مائو جي انداز فڪر ۽ ارادي تي ڏاڍو تحجب ٿيو ۽ مون کيس سمجهائڻ شروع ڪيو ته، هاڻي دنيا گهڻو اڳيان وڌي ويئي آهي، هاڻي فوجن جي تعداد کي نه پر موتمار ۽ اثرائتن هٿيارن کي ڏٺو وڃي ٿو، دنيا هن وقت ائٽمي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ جنگ جا قبائلي انداز بدلجي چڪا آهن، پر ماؤ تي منهنجي ڳالهين جو ڪو خاص اثر نه ٿيو هن منهنجا دليل ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مونکي ڊيڄو تصور ڪرڻ لڳو، مونکي ماؤ جي غير مستقل مزاجيءَ تي ان وقت ڏاڍي کل آئي جڏهن 1957ع ۾ هو هڪ عالمي اهميت جي حامل ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ماسڪو آيو، هن مونکي چيو مون هڪ اخبار ۾ پڙهيو هو ته روسي بچاءُ واري وزير زوهڪوف چيو آهي ته ’جيڪڏهن ڪنهن سوشلسٽ ملڪ تي ڪنهن سرمائيدار ملڪ حملو ڪيو ته روس جارح ملڪ جي خلاف جوابي ڪاروائي ڪندو‘ جيڪڏهن روس ايئن ڪيو ته اِها وڏي غلطي هوندي“. مون ماؤ کي ٻڌايو ته ”روسي بچاءُ واري وزير جيڪا ڳالهه ڪئي آهي سا سندس ذاتي راءِ ڪانهي، پر اهو روسي حڪومت ۽ سڄي دنيا جي اشتراڪين جو فيصلو آهي“. ان وقت مان ۽ ماؤ دوستاڻي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين، پر اها ڳالهه ٻڌي ماؤ جو لهجو هڪدم بدلجي ويو، ۽ چوڻ لڳو ”جيڪڏهن سرمائيدار ملڪن اسانجي ملڪ چين تي حملو ڪيو ته توهانکي مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي، اسين پاڻهي کين منهن ڏينداسين. اوهانجو ڪم هيءَ آهي ته پنهنجي بقا ۽ سلامتي کي برقرار رکو، منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اوهان تي ڪنهن سرمائيدار ملڪ حملو ڪيو ته اوهين ان جو مقابلو ڪري نه سگهندا“. مونکي ماؤ جي ان ڳالهه تي ڏاڍي حيرت لڳي، مائو چئي رهيو هو ”اوهانجو ڪم آهي پٺتي هٽڻ، ٻي مهاڀاري جنگ ۾ به اوهين اسٽالن گراڊ تائين پٺتي هٽيا هئا، هاڻي به جيڪڏهن ڪنهن اوهان تي حملو ڪيو ته اوهين يورال تائين پٺتي هٽي وڃجو، اُتي منهنجي خيال ۾ اوهين ٻن يا ٽن سالن تائين ته مزاحمت ڪري سگهو ٿا ۽ ها اوهانجي پويان چين اوهانجو مددگار هوندو“. مائوزيتنگ جي ان لٻاڙ بازيءَ مان سندس ارادن ۽ موجوده زماني جي جنگي حڪمت عمليءَ جي باري ۾ سندس اڻ ڄاڻائي سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي ۽ مائوزي تنگ جي انهيءَ فڪري نظريي مان اها ڳالهه به پڌري ٿي وڃي ٿي ته روس ۽ چين ۾ ڪي بنيادي اختلاف پيدا ٿي چڪا هئا، هيڏانهن جڏهن ويهين عالمي ڪانگريس ٿي ته مائوزيتنگ کي اندازو ٿي ويو ته ڪميونسٽ تحريڪ ۾ چينين لاءِ ڪو مقام حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو، ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو هو ته شخصيتن جا بُت نه ٺاهيا وڃن، آمرانه هٿڪنڊن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ سڀني جمهوري، اينٽي ڪميونسٽ پارٽي تحريڪن ۽ روين کي ختم ڪيو وڃي. هن ڪانفرنس ۾ اسٽالن جي اصليت پهريون ڀيرو پڌري ٿي ۽ ان جي زبردست مذمت ڪئي ويئي، هيڏانهن مائوزيتنگ هو جيڪو اسٽالن جي نقش قدم تي هلي رهيو هو.
    مائو پنهنجي شخصيت کي ديوتا جو رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ سندس اهو طرز عمل عالمي اشتراڪيت لاءِ هاڃيڪار آهي.1962ع ۾ جڏهن مونکي خبر پئي ته روسي فوج ”مائو“ جا اهي ڪتاب شايع ڪري رهي آهي، جيڪي سندس انهن قولن تي ٻڌل آهن، جيڪي جنگي حڪمت عمليءَ سان واسطو رکن ٿا، ته مون هڪدم روسي بچاءُ واري وزير کي گهرايو ۽ کيس چيم ”ماؤ جا ڪتاب ڇو پيا شايع ڪيا وڃن. اُن وقت، جڏهن اسين جرمن فوجن کي شڪست ڏيئي چڪا هئاسين. تڏهن ماؤ جا ماڻهو چاقن ۽ سنگينن سان جنگ ڪري رهيا هئا ۽ مستقل ۾ جيڪڏهن ڪا جنگ ٿي ته اسين مائو جي نظرين مان ڇا هڙ حاصل ڪري سگهون ٿا. مائو جون لکڻيون ڇاپڻ چريائپ ۽ بيڪار ڳالهه آهي“. روس جي بچاءُ واري وزير مالينو فسڪي ۽ سندس ساٿين جا ذهن فوجي هئا، پر جنگ جي موضوع تي مائو جا ڪتاب شايع ڪرڻ وقت جو زيان هو، هاڻي مونکي ياد ڪونهي ته مائوءَ جا جيڪي ڪتاب ڇا پيا ويا هئا، تن جو ڇا ٿيو؟ انهن کي ڪنهن گودام ۾ سڙڻ لاءِ ڦٽو ڪيو ويو يا ساڙيو ويو.
    چين هر موقعي تي اسانکي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه اهڙا موقعا به آيا، جڏهن روس پروٽو ڪول جي مڙني اصولن کي نظر انداز ڪري مختلف اهم مامرن جي نبيري لاءِ خود اڳڀرائي ڪئي، پروٽو ڪول موجب مائو کي کپندو هو ته هو روس اچي ها، پر مامرن جي نبيري لاءِ آئون پاڻ 1959ع چين ويس ته جيئن مائوءَ سان ملاقات ڪري باهمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون. 1959ع ۾ اسانجون ملاقاتون دوستاڻي ماحول ۾ ٿيون، پر ڳالهه ٻولهه جو ڪوبه نتيجو نه نڪتو، هڪ اهم مسئلو روسي ’سب ميرينيز‘ جي لاءِ چين ۾ رابطي جو ريڊيو اسٽيٽس قائم ڪرڻ هو، ان سلسلي ۾ مائو هڪ ڀيرو انڪار ڪري چڪو هو، ان ملاقات ۾ جڏهن اهو موضوع ڇيڙيو ويو ته مائو سخت لهجي ۾ چيو ”هرگر نه! آئون ان مسئلي تي ڪجهه به ٻُڌڻ لاءِ تيار نه آهيان“. آئون اڃان تائين سمجهي نه سگهيو آهيان ته هو ايترو جلد ناراض ڇو ٿيو. هن ڏاڍي ڪاوڙ مان باربار انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”هو پنهنجي سر زمين تي ڪنهن جي به موجودگي، پوءِ ڀلي اها باهمي سهڪار جي سلسلي ۾ ڇو نه هجي، قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي“
    جڏهن مائو اهو اعلان ڪيو ته پنجن سالن جي اندر اندر چين آمريڪا سان ڪلها هڻندو ته ان سان گڏ هن روس جي به زور شور سان مخالفت شروع ڪري ڏني، ان دور ۾ مائو هڪ خاص انداز فڪر کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو نعرو هنيو ته پُر امن طريقي سان عالمي بقا باهمي جو تصور به هڪ بورزوا تصور آهي، ان نظريي جو سهارو وٺي ماؤ ڪميونسٽ پارٽين ۽ خاص ڪري روسي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي خلاف خوار ڪندڙ مهم جي شروعات ڪئي، مونکي اڃان به چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن آئون ريٽائر ٿيس ته مون ريڊيو تي مائوءَ جو هڪ انٽرويو ٻڌو، جيڪو آمريڪي صحافين ورتو هو، هڪ صحافي پڇيو هو.
    ”ڇا واقعي توهين دنيا کي جنگ جي بٺيءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ ٿا چاهيو؟“ مائوءَ ان سوال جو جواب ڏنو هو، ”نه هرگز نه چيني جنگ کي پسند ڪونه ٿا ڪن، اسين ته فقط ان صورت ۾ جنگ ڪنداسين جڏهن سڌو سئنون اسانجي ملڪ تي حملو ڪيو وڃي“. بورزوا صحافين جي سوالن جي وٺ وٺان جي دٻاءُ ۾ اچي ماؤ پنهنجي انٽرويو ۾ اها ڳالهه ڪيترا گهمرا دهرائي ته چين پر امن طريقي سان باهمي بقا جي نظريي جو قائل آهي. منهنجو خيال آهي ته باهمي بقا جي نظريي کي ڍونگ قرار ڏيندڙ، دراصل ماؤ نه هو، پر اُن جو مک چواين لائي هو.
    ڪريملن ۾ پورهيتن ۽ ڪميونسٽن جي عالمي ڪانگريس 1960ع ۾ منعقد ٿي، ان ڪانگريس ۾ چيني وفد جي قيادت ليو شاؤچي ڪئي (ليوشائوچي جنهن کي پوءِ ماؤ غدار قرار ڏيئي قيد ڪيو هو) ۽ هن روسي پاليسين جي سخت مخالفت ڪئي، چين کان به وڌيڪ سندس پاليل ايجنٽ البانيا جي نمائندي اسانجي مخالفت ڪئي هئي، تڏهن کان اختلافن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو، البانيا کي چين پنهنجو پُڇ لٽڪائو بنائي رکيو هو ۽ پنهنجي مطلب جي جيڪا ڳالهه چاهي اُن جي واتان چورائيندو رهندو هو، اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته اشتراڪيت ۾ ڪو نئون فرقو جنم نه وٺي، پر چين سڀني بنيادي اصولن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، چين ۽ البانيا کي جيڪا ڳالهه وڌيڪ ٿي کٽڪي سا جمهوريت آهي. جمهوريت جو نقصان هيءَ آهي ته اڳواڻ ان وقت تائين اقتدار ۾ رهي نه ٿو سگهي، جيستائين هو پنهنجي ساٿين سان صلاح مصلحت نه ٿو ڪري، هڪ جمهوري اڳواڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هو اها ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ته هن جي اقتدار جو دارو مدار عوام تي آهي، عوام جي سگهه ۽ ارادو ئي اصل شئي آهي، عوام هر اهڙي اڳواڻ کي قبول ڪري ٿو، جيڪو اهو ثابت ڪري سگهي ته هو منجهائن ئي آهي، هڪ جمهوري اڳواڻ پنهنجي عوام ۽ پنهنجي پارٽيءَ جو خادم هوندو آهي، هي اهي خوبيون ۽ خصلتون آهن، جيڪي مائو ۾ بنهه ڪونهي، ماؤ ۾ حڪمراني ۽ مطلق العناني جو جنون پنهنجي انتها تي پهتل آهي، هن جي جنون ۽ جاهه طلبيءَ جي ڪري ڪي ماڻهو چون ٿا ته هو چريو ٿي چڪو آهي، پر مائو تي اِهو الزام هڻڻ غلطي ۽ چريائپ آهي، هن چين کي هڪ نئين دور ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، چيني هاڻي ڪنهن به اهڙي قانون کي نه ٿا مڃين، جنهن ۾ جبر نه هجي، جنهن ۾ طاقت جو اظهار ڪيل نه هجي، چين ۾ جيڪڏهن ڪو قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي همت ڪريٿو ته ان کي ڦوندا ڦوندا ڪيو وڃي ٿو، هو ان ڏوهاريءَ کي هزارين انسانن جي سامهون ”چوڪ“ تي بيهاري سزا ڏين ٿا، آخر اِها ڪهڙي قسم جي سياست آهي؟ ان کي ته بربريت جو نالو به نه ٿو ڏيئي سگهجي، هي ته ان کان به ڪا بدترشئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اِهو ته سوچڻ کپي ته اسين ويهين صدي مان گذري رهيا آهيون.
    روس جي خلاف، چين جي سڀني الزامن جي باوجود به اسانکي چيني عوام جي خلاف ڪنهن به ڳالهه کي دل ۾ جڳهه ڏيڻ نه کپي، جيڪڏهن اسين به چينين کان نفرت ڪرڻ لڳنداسين ته اِها وڏي غلطي هوندي، جيڪڏهن اسين به چينين وانگر اهو سوچڻ لڳون ته هڪ خاص قوم هئڻ جي ڪري اسان جا خاص حق آهن ۽ اسانکي ٻين قوميتن تي فوقيت حاصل آهي ته ايئن اسين به چينين وانگر گمراهه ٿي وينداسين ۽ هونئن به اِهو اُهو نقطو آهي، جتان فسطائيت (فاشزم) جي شروعات ٿئي ٿي، تنهنڪري اسانکي اِهو مڃڻ کپي ته چيني اسان جا ڀائر آهن، هو به اسان وانگر انسان آهن، تنهنڪري مان سمجها نٿو ته چين سان اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ اسانکي هر ڪا پيش قدمي ڪرڻ کپي ۽ مون کي اِهو به ڀروسو آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن چيني ۽ روسي ڪميونسٽ پارٽين جو اتحاد ضرور ٿيندا.


    سري مائو بندرا نائيڪي : دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم

    ”مون کي خوشي آهي ته تاريخ اسان تي مهربان رهي آهي. هن منهنجي مڙس، مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي ملڪ جو اڳواڻ بنايو آهي.“
    اهي خيال دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم سري مائو بندرا نائيڪيءَ جا آهن، جن جو اظهار هن پنهنجي چالاڻي کان ڪجهه وقت اڳ ڪيو هو. سري لنڪا جي 84 سالن جي اڳوڻي وزيراعظم سري مائو بندرا نائيڪي 10 آڪٽوبر 2000ع تي مرڻ کان ٿورو اڳ ملڪ جي عام چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ وڌو، جيڪو هن جي چاليهن سالن جي سياسي زندگيءَ جو آخري ووٽ ثابت ٿيو.
    مسز بندرا نائيڪي، جنهن کي پيار مان ماڻهو ’مسز بي‘ چوندا هئا، سيلون جي هنگاما خيز سياست ۾ 1959ع ۾ پنهنجي مڙس جي قتل کانپوءِ اُڀري آئي. سندس مڙس کي هڪ ٻُڌ راهب قتل ڪري ڇڏيو هو. مڙس جي زندگيءَ ۾ هن ڪڏهن به سياست ۾ اچڻ جي لاءِ نه سوچيو هو ۽ نه ڪو وري سياست جي رمزن ۽ اسرارن کان واقف هئي. ان وقت هوءَ هڪ سگهڙ گهريلو مشرقي عورت، محبت ڪندڙ زال ۽ ماءُ هئي. البته هوءَ پنهنجي مڙس جي ڪارڪردگيءَ کي ڏاڍي فخر سان ڏسندي ۽ سندس حوصلي افزائي ڪندي هئي. خاص ڪري تڏهن؛ جڏهن هن صحت واري وزير جي حيثيت سان سيلون کي مليريا کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏياري ايشيا ۾ منفرد اعزاز حاصل ڪيو ته مسز بندرا نائيڪي جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. هوءَ مڙس سان گڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي دؤرن تي ويندي هئي، پر سياست کان پري رهندي هئي. هوءَ عام طور تي چوندي هئي ته ”منهنجي لاءِ سياست کان وڌيڪ اهم گهر، ٻار ۽ مڙس آهي، جن کي منهنجي گهرج آهي، ملڪ کي منهنجي مڙس جي گهرج آهي، اسين ٻئي اهو ڪم سُٺي نموني ڪري رهيا آهيون.“ پر انهيءَ المناڪ ڀنڻ بندرا نائيڪيءَ جي سوچ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي. مڙس جي قتل کان ڪجهه مهينا پوءِ سري مائو پنهنجي مڙس جي جوڙيل پارٽي، ”سري لنڪا فريڊم پارٽي“ جي سرپرست بنجي سياست جي دنيا ۾ وک رکي. 1960ع ۾ پارٽيءَ جي صدر ’سي پي ڊي سلوا،‘ صحت جي خرابيءَ جي ڪري، صدارت جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ته مسز بندرا نائيڪي پارٽيءَ جي صدر بنجي وئي ۽ تمام جلد سياست جا داءُ پيچ سکي ۽ سمجهي وئي.
    جولاءِ 1960ع جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي ڀرپور حصو ورتو. مسز بندرا نائيڪي چونڊ مهم ڏاڍي زور ۽ شور سان هلائي ۽ سڄي ملڪ جو طوفاني دؤرو ڪيو ۽ ڏاڍيون جذباتي تقريرون ڪيائين. مڙس جي قتل کي اڃا هڪ سال مس ٿيو هو، غم اڃا تازو هو ۽ ماڻهن جون جذباتي همدرديون به بندرا نائيڪي سان گڏ هيون. مڙس جي ياد ۾ بيوهه جي لڙڪن پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ انهيءَ چونڊ مهم جي دؤران کيس ڏُکاري بيوهه (The weeping widow) جو خطاب مليو. عام چونڊن ۾ هن جي پارٽي ڪاميابي ماڻي ۽ 21 جولاءِ 1960ع تي هن وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو ۽ دنيا جي پهرين عورت سربراهه حڪومت بڻي. هوءَ ٽي ڀيرا وزيراعظم چونڊي ۽ لڳ ڀڳ سترهن سالن تائين ملڪ جي سياسي زندگيءَ تي گهرا نقش ڇڏيائين.
    1960ع ۾ وزيراعظم بنجڻ کانپوءِ سري مائو پنهنجي مڙس جي سوشلسٽ پاليسين تي هلندي رهي. حلف کڻڻ جي ڪجهه مهينن کانپوءِ هن مختلف ادارن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جي شروعات ڪئي، جنهن جي سڄي ملڪ ۾ سخت مخالفت ٿي، پر هوءَ ثابت قدميءَ سان اڳيان وڌندي رهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ کيس مختلف نوعيت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ کيس ڏاڍي پريشاني ٿي، پر هوريان هوريان منجهس پاڻ ڀروسو وڌندو ويو ۽ هن ڏاڍا انقلابي قدم کنيا. دنيا جي سياسي اسٽيج تي به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هندستان ۽ چين ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي لاءِ هن ڏاڍا اثرائتا قدم کنيا، جيڪا 1962ع ۾ سرحدي جنگ جي ڪري پيدا ٿي وئي هئي. مسز نائيڪي ٽي ڀيرا وزيراعظم بني ۽ هر دؤر ۾ پنهنجي مڙس جي پاليسين تي هلندي رهي. 1961ع ۾ هن انگريزي جي جاءِ تي سنهالي زبان کي سرڪاري زبان بنائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سان ڏهه لک تامل رهاڪو ڀڙڪي اُٿيا. هن ستن اخبارن جو ڪنٽرول سنڀالي هڪ ڪارپوريشن بنائي، جنهن ۾ خانگي شيئر به هئا. هن اسڪول کي، جيڪي ڪرسچئن گروپ جي تسلط ۾ هئا، آزاد ڪرايو. هن پرڏيهي پاليسي به اڻ ڌري رکي.
    1965ع ۾ هوءَ ’مسٽر سنها نائيڪي‘ جي مقابلي ۾ چونڊون هارائي وئي، پر 1970ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ اچي وئي ۽ وزيراعظم جو حلف کڻڻ کان هڪدم پوءِ هن هڪ جمهوري آئين لاڳو ڪيو. سيلون جو نالو بدلائي سري لنڪا رکيو ۽ کيس رعيتي راڄ قرار ڏنو. سندس ٻيو دؤر ستن سالن تائين رهيو. انهيءَ دؤران هن پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. گهڻيون تڻيون بغاوتون چٿي ڇڏيائين. وسيع اختيار پنهنجي هٿ ۾ کڻي ۽ مختلف محاذن تي (جن ۾ هڙتالون ۽ تاملن جون جدائيءَ جون تحريڪون شامل هيون) حالتن کي قابو ۾ ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم کنيائين. پوءِ هن سماجي انصاف جي اصولن تحت پنهنجي سڄي زمين غريبن ۾ ورهائي ڇڏي.
    1977ع ۾ مسز بندرا نائيڪي کي چونڊن ۾ شڪست ملي ۽ هوءَ هڪ بي اختيار مخالف ڌر جي اڳواڻ بنجي ويئي. 1980ع ۾ ان وقت جي صدر ”جي ورڌني“ سندس خلاف پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ جاچ ڪرائي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس ستن سالن تائين شهري حقن کان محروم ڪيو ويو. جيتوڻيڪ انهيءَ قدم جي ڪري سندس سياسي ساک کي سخت ڌڪ لڳو، پر سندس سياسي ڪردار ختم نه ٿيو. ٻيٽ جي هڪ اخبار ويجهڙ ۾ هن جي باري ۾ لکيو هو ته: ”هن جي چاليهن سالن جي سياسي ڪيريئر جي دؤران هن جي ديانتداري تي ڪنهن به شڪ ۽ شبهي جي گنجائش ڪونهي. اهو ٽين دنيا جي ڪنهن اڳواڻ؛ سو به عورت جو، ذڪر جوڳو ريڪارڊ آهي.“
    1986ع ۾ مسز بندرا نائيڪي جا شهري حق بحال ڪيا ويا. انهي دؤران سريلنڪا ٽن سالن تائين تامل ۽ سنها لين جي وچ ۾ گهرو ويڙهه جو شڪار رهيو. 1988ع ۾ صدارتي چونڊون ٿيون. مسز بندرا نائيڪي، صدر ”جي ورڌني“ کي دهشگردن جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ چيو، پر ڪجهه به ٿي نه سگهيو ۽ انهن (دهشتگردن) جي حملن جي ڪري هو ڊسمبر 1988ع جون چونڊون هارائي ويئي. اها ئي صورتحال 1989 جي چونڊن ۾ به رهي. مسز بندرا نائيڪي کي ڪولمبو مان پارٽي جي ريلي مان ڀڄڻون پيو، سندس پارٽيءَ کي شڪست ملي، پر هوءَ پارليامينٽ ۾ چونڊجي وئي. انهيءَ وقت سندس عمر 76 سال هئي.
    1994ع ۾ مسز بندرا نائيڪي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿي ته سريلنڪا جو آئين تبديل ٿي چڪو هو. صدارتي نظام لاڳو ٿي چڪو هو. ٽيو ڀيرو سندس مقرري پنهنجي ڌيءَ چندريڪا ڪمارا ٽنگا جي هٿان ٿي، جيڪا سريلنڪا جي صدر چونڊجي وئي هئي. اهڙي طرح تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ماءُ ۽ڌيءَ هڪئي وقت حڪومت ڪرڻ لڳيون. جيتوڻيڪ چونڊون کٽڻ جي لاءِ ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءَ جا مقصد هڪ جهڙا هئا، پر نظرياتي لحاظ کان ماءُ ۽ ڌيءَ هڪٻئي کان ڪوهين ڏور هيون. مسز بندرا نائيڪي پنهنجي اقتدار جي دؤر ۾ سوشلسٽ پروگرام لاڳو ڪيو، جنهن ۾ نيشنلائيزيشن، زرعي سڌارا ۽ ويلفيئر اسٽيٽ جو قيام شامل هو، پر ستم ظريفي ڏسو ته سندس ڌيءَ صدر چندريڪا، جيڪا پاڻ به سوشلسٽ خيالن واري آهي، اقتدار ۾ اچي پنهنجي ماءُ جي پاليسين سان اختلاف ڪيو. مسز بندرا نائيڪي پنهنجي ملڪ مان گهڻ قومي ڪمپنين ڪاليڪس ۽ ٽيل آئل ڪمپنين کي تڙي ڪڍيو هو. اڄ چاليهن سالن کانپوءِ سندس ڌيءَ انهن کي واپس گهرائي کين ڀليڪار ڪري رهي آهي. ڪنهن زماني ۾ جڏهن ٽين دنيا اسرائيل جي جبري رويي تي، جنهن عربن جي زمين زوري ڦٻائي ورتي هئي، احتجاج جي صدا بلند ڪري رهي هئي ته مسز بندرا نائيڪي اسرائيلين کي سريلنڪا مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو، پر هتي به ڌيءَ، ماءُ جي پاليسين سان اختلاف ڪندي اسرائيلي رياست سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، جنهن جو مقصد تل ابيت کان ملٽري هارڊويئر حاصل ڪرڻ هو، ته جيئن تامل باغين جي حملن کي روڪي سگهجي ۽ انهن کي ماري مڃائي سگهجي.
    مسز بندرا نائيڪي جي اقتدار جي ٽين دؤر جي ختم ٿيڻ ۾ اڃا ٻه مهينا باقي هئا، جو سندس ڌيءَ صدر چندريڪا کيس عهدو ڇڏڻ جي لاءِ چيو. هن بي دليءَ سان استعيفيٰ ته ڏيئي ڇڏي، پر پيپلز الائينس جي اڳواڻي پاڻ وٽ رکي ۽ پارليامينٽ جي ميمبري تان به دستبردار نه ٿي. وزيراعظم جو عهدو ڇڏڻ کانپوءِ ”بندرا نائيڪي“ سلطنت ورهائجي وئي. خاص ڪري ماءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ اڃا به وڌي وئي.
    مسز بندرا نائيڪي گهراڻي کي پاڪستان جي ڀٽو خاندان ۽ هندستان جي گانڌي خاندان سان، جيڪي ننڍي کنڊ جا شاهي گهراڻا سمجهيا ويندا آهن، سان ڀيٽو ويندو آهي. ڀٽو خاندان جيان بندرا نائيڪي خاندان به تڪرارن جو شڪار رهيو آهي. مسز ڪمارا ٽنگا جو ڀاءُ انورا نائيڪي 1993ع ۾ مخالف يونائيٽيڊ پارٽي ۾ هليو ويو. انهيءَ کان اڳ انورا 1977ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر ۽ 1984ع ۾ پارٽيءَ جي ساڄي ڌر جو اڳواڻ بنجي ويو هو. کيس اميد هئي ته هو پارٽي جو به اڳواڻ بنجي ويندو، پر سندس اها خواهش پوري ٿي نه سگهي، ڇو ته سندس ڀيڻ، جنهن جو رجحان کاٻي ڌر طرف هو، پنهنجي ماءُ جي ليڊرشپ جي لاءِ لاڏلي اميدوار هئي. ماءُ پاران جانبداريءَ کان دل برداشته ٿي انورا 1993ع ۾ مخالف يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
    انهن مڙني رقابتن ۽ مخالفتن جي باوجود به بندرا نائيڪي گهراڻي، قرابت داري جو مفهوم برقرار رکيو، جنهن اڄ جي سريلنڪا جي تخليق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مسز بندرا نائيڪي کي شگر جي بيماري هئي، جنهن جي ڪري سندس سماجي ۽ سياسي سرگرميون گهٽجي ويون هيون. انهيءَ جي هوندي به هن چونڊ مهم ۾ حصو ورتو. انهيءَ دؤران هوءَ پنهنجي ڌيءَ چندريڪا کان ڪاوڙيل به هئي ته هن کيس هيلري ڪلنٽن جي آجياڻي ۾ مدعو ڇو نه ڪيو. هوءَ ويل چيئر تي ويهي پنهنجو ووٽ وجهڻ ويئي هئي.
    مسز بندرا نائيڪي جي وفات کان هڪ هفتو اڳ، جڏهن سندس پٽ انورا کان، جيڪو پڻ چونڊن ۾ اميدوار هو، هڪ صحافي پڇيو، ”ڇا تنهنجي ماءُ توکي ووٽ ڏيندي.“ ته انورا ڪوبه تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. شايد هن پنهنجي ماءُ کي ڦڪو ڪرڻ نٿي چاهيو.

    مسز بندرا نائيڪي جي سوانح
    سري مائو تواتي بندرا نائيڪي، 17 اپريل 1916ع ۾ ڪينيڊي جي هڪ علائقي ’بالف گوڊا‘ جي هڪ سکئي ستابي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس ابا ڏاڏا سنهالي راجائن جي درٻار ۾ اهم عهدن تي مقرر هوندا هئا. سندس پيءُ ’بار سندر تواتي سيلون‘ جي سينٽ جو ميمبر هو.
    پنهنجي ڇهن ڀيڻن ۽ ڀائرن مان فقط سري مائو اروهن ”ڪئٿولڪ ڪانوينٽ“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هوءَ سڄي عمر ٻُڌ ڌرم تي قائم رهي. 1940ع ۾ هن چوويهن سالن جي عمر ۾ ’سولومن بندرا نائيڪي‘ سان شادي ڪئي، جيڪو ان وقت صحت وارو وزير هو ۽ اڳتي هلي سيلون جو وزيراعطم ٿيو. انهيءَ شادي تي سندس مٽ مائٽ ڏاڍا حيران ٿيا، ڇو ته بندرا نائيڪي مالدار گهراڻي سان واسطو رکندو هو، پر سري مائو جي گهراڻي جي لاءِ قابل قبول نه هو. شادي کانپوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن سماجي رڪاوٽون هٽنديون ويون ۽ خاندان وارن سري مائو جي مڙس کي قبول ڪري ورتو. سري مائو کي سياست سان صفا دلچسپي نه هئي، البته هوءَ سماجي ڪمن ۾ دلچسپيءَ سان حصو وٺندي هئي. هوءَ غريب ۽ پٺتي پيل ڳوٺن جو دؤرو ڪري، اُتي جي عورتن جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندي هئي. تعليم حاصل ڪرڻ جي دؤران هوءَ عورتن جي هڪ اداري ”مهيلا سميتي“ سان لاڳاپيل رهي، جنهن جو الحاق ’آل سيلون ويمن ايسوسيئيشن‘ سان هو. ڪجهه مهينن کانپوءِ هوءَ انهيءَ جي صدر بنجي وئي. هن عورتن جي سياسي حقن، سندن تعليم ۽ خانداني منصوبابنديءَ جي پروگرامن ۾ گهڻو ڪم ڪيو.


    عيدي امين : آفريقا جو ڏند ڪٿائي ڪردار

    ”ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ذهين ۽ مدبر شخص آهي، جيڪڏهن هو يوگنڊا اچڻ چاهي ته آئون کيس يوگنڊا جو وزيراعظم بنائڻ جي لاءِ تيار آهيان، جيئن يوگنڊا جو عوام سندس ذهانت مان فائدو حاصل ڪري سگهي.“ اهي لفظ عيدي امين 1977ع ۾ جنرل ضياء الحق پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي تختي اونڌي ڪرڻ کانپوءِ چيا هئا.
    عيدي امين پنهنجي دلچسپ عادتن، ادائن ۽ اعلانن سبب، جيڪا بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي، اها شايد ئي ڪنهن ٻي ملڪ جي سربراهه کي نصيب ٿي هجي، پر، عيدي امين جو موت انتهائي گمناميءَ واري حالت ۾ ٿيو، هن 16 آگسٽ 2003ع تي سعودي عرب جي شهر جدي ۾ وفات ڪئي.
    عيدي امين، جنهن کي ’دادا‘ جي نالي سان به سڏيو ۽ سڃاتو ويندو هو، پهرين جنوري 1925ع تي عيد جي ڏينهن، يوگنڊا جي اُتر اولهه ۾ هڪ مسلمان قبيلي ”ڪاڪوا“ ۾ جنم ورتو. سندس ڳوٺ نيل درياهه جي علائقي ۾ هو، پنهنجي ويڙهاڪ فطرت جي ڪري کيس فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق هو، هن پنهنجي ڪئريئر جي شروعات 1948ع ۾، 23 سالن جي وهيءَ ۾ برطانيا جي ڪالونيل فوج جي سپاهيءَ طور مشهور ’ڪنگز آفريقن رائفلز‘ ۾ ڀرتي ٿيڻ سان ڪئي. هو يوگنڊا جي فوج جو پهريون ڪميشنڊ آفيسر ٿيو. ڀاڳ عيدي امين جو ساٿ ڏنو ۽ فوج ۾ تڪڙا تڪڙا پروموشن ماڻيائين. 1951ع کان 1960ع تائين سندس شهرت هڪ باڪسر جي هئي، عيدي امين يوگنڊا جو هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپيئن به رهي چڪو آهي، ستر واري ڏاڪي ۾ هن جي حيثيت هڪ سيليبرٽي جي ٿي ويئي، هو ڪنهن به مهل ڪجهه به ڪري سگهڻ/گذرڻ جي شهرت جو مالڪ بنجي ويو. جهڙوڪ: هو يونيفارم ۾ ”سوئمنگ پول“ ۾ ٽپي پوندو هو. ڪنوارين جيان ڏولين ۾ سفر ڪندو هو، هن جي ڏولي ڳورا انگريز نوڪر کڻندا هئا. هن بين الاقوامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”انگريزن کي محسوس ٿيڻ کپي ته اسين آزاد آهيون، منهنجو هي عمل انتقام آهي، ڪڏهن يوگنڊا جا شهري انهن جي حڪمرانن جون ڏوليون کڻندا هئا ۽ هاڻ انگريز منهنجي ڏولي کڻن ٿا، منهنجي ان عمل سان يوگنڊا جي عوام کي تسڪين ملي ٿي.“
    عيدي امين انهن ٻن يوگنڊائي فوجين مان هو، جن 1961ع ۾ ”ڪئينز ڪميشن“ حاصل ڪئي، 1962ع ۾ جڏهن يوگنڊا، برطانيا کان آزادي حاصل ڪئي ته چئن سالن کانپوءِ ’عيدي امين‘ يوگنڊائي فوج جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو. عيدي امين کي ملڪي اقتدار تي قبضي ڪرڻ جو خبط ته اڳ ۾ ئي هو. ويتر جو چيف آف اسٽاف مقرر ٿيو ته هن پنهنجون سڀ اٽڪلون استعمال ڪندي 25 جنوري 1971ع تي، ان وقت اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جڏهن 1962ع ۾ يوگنڊا کي برطانوي بيٺڪيت کان آزادي ڏياريندڙ صدر ’ملٽن اوبوٽي‘ ”دولت مشترڪا“ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سنگاپور ويل هو ۽ هو جڏهن اتان موٽيو ته يوگنڊائي فوج ايئرپورٽ کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ ملڪي گاڌيءَ جو هنڌ ’ڪمپالا‘ مڪمل طور فوج جي قبضي ۾ هو.
    اقتدار تي قبضي کانپوءِ ، ستن سالن تائين ملڪ جي هيوي ويٽ باڪسنگ جي چيمپين عيدي امين، ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ”ملٽن اوبوٽي جي حڪومت سخت مالي بدعنوانين جو شڪار بنجي ويئي هئي، هن حڪومت جي وزيرن وٽ نه رڳو گاڏين جا، پر جهازن جا فليٽس (ٻيڙا) آهن، جڏهن ته يوگنڊائي عوام بنيادي سهولتن کان به محروم آهي“.
    عيدي امين جي تقرير کانپوءِ يوگنڊا جا شهري، عيدي امين جي حمايت ۾ نعرا هڻندا شهرن ۾ نڪري آيا، ۽ جنهن مهل يوگنڊا جا ماڻهو عيدي امين جي حڪومت جي زبردست آجيان ڪري رهيا هئا ۽ نچي رهيا هئا. ان وقت يوگنڊا جو سابق صدر ڊاڪٽر ملٽن اوبوٽي، نيروبي جي ايئر پورٽ تي لهي، ڪينيا جي نائب صدر ’ڊينيئل آراپ موئي‘ سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.
    پنهنجي اقتدار جي شروعاتي دور ۾ ”عيدي امين “ برطانيا جو حامي رهيو. پر پوءِ سندس برطانوي حڪومت سان سخت اختلاف ٿي پيا. 1972ع ۾ هن يوگنڊا ۾ رهندڙ ايشيائي رهاڪن کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته ”يوگنڊا ۾ رهندڙ ايشيائي ماڻهن، ملڪ جي معيشيت تي قبضو ڪري ورتو آهي“. هو رڳو ايشيائي ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ تائين محدود نه رهيو، پر هن برطانيا سان به واپاري ناتا گهٽائي ڇڏيا، هن پنهنجو پاڻ کي ”وڪٽوريا ڪراس“ ايوارڊ پڻ ڏنو. 1975ع جي اونهاري ۾ برطانيا ۽ يوگنڊا جا لاڳاپا ان وقت گهڻو خراب ٿي ويا، جڏهن برطانيا جي هڪ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار ’ڊينس هلز‘ کي يوگنڊا جي هڪ عدالت بغاوت جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جيڪا پوءِ برطانيا جي پرڏيهي وزير جيمز ڪاليهان (جيڪو پوءِ برطانيا جو وزيراعظم به ٿيو) جي عيدي امين سان ملاقات کانپوءِ تبديل ٿي. عيدي امين جو اٺن سالن جو دور بحرانن جو دور رهيو. جون 1976ع ۾ فلسطيني فدائين اسرائيل جو هڪ جهاز اغوا ڪري يوگنڊا جي ’انتيبي ايئرپورٽ‘ تي لاٿو. اغوا ڪندڙن سان ڳالهين جون ذميداريون عيدي امين سنڀاليون، اڃا اهي ڳالهيون جاري هيو ته اسرائيلي فورسز حملو ڪري يرغمالين ۽ جهاز جي عملي کي ڇڏائي ورتو. ان حملي کان هڪ ڏينهن پوءِ 75 سالن جي هڪ يرغمالي عورت ’ڊورا بلوش‘ جيڪا اسرائيل ۽ برطانيا جي گڏيل شهرت رکندڙ هئي، گم ٿي ويئي، جنهن جو الزام يوگنڊا جي فورسز تي لڳو ته اهي ان عورت کي گهلي کڻي ويا ۽ قتل ڪري ڇڏيائونس. ان ڇڪتاڻ ايترو ته خطرناڪ موڙ اختيار ڪيو، جو برطانيا، يوگنڊا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا.
    اولهه جي ميڊيا جي نظر ۾ ستر ۽ اسي وارو ڏهاڪو انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان ڀريو پيو آهي. انهيءَ اولهائين ميڊيا چواڻي عيدي امين پنهنجي اٺن سالن جي حڪومتي دور ۾ ٽن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن کي مارائي ڇڏيو. عيدي امين جي لاءِ اهو مشهور هو ته هو ڪنهن به سياسي مخالف کي برداشت نه ڪندو هو ۽ هو انهن کي مارائي، ”وڪٽوريا” ڍنڍ ۾ اڇلارائي انهن جو جسم واڳن کان کارائيندو هو، ڪن مخالفن کي وري قتل ڪرائي نيل درياهه ۾ لوڙائي ڇڏيائين. عيدي امين جي لاءِ اهو به مشهور هو ته هن پنهنجن ڪيترن ئي مخالفن جا سر ڪپائي فرج يا ”ڪولڊ اسٽوريج“ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هئا، ۽ هو انهن جي وڍيل سرن کي ڏسي تسڪين حاصل ڪندو هو، نه رڳو سياستدان، پر ڪيترا فوجي آفيسر به سندس عتاب جو نشانو بنيا، ڪن ته ڀڄي وڃي پاڙيسري ملڪ تنزانيا ۾ پناهه ورتي، جتان انهن تنزانيا جي فوج جي مدد سان هڪ ڀرپور حملو ڪيو ۽ 11 اپريل 1979ع تي اقتدار تي قبضو ڪري ”عيدي امين“ کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، اقتدار تي مخالفن جي قبضي کان اڳ هن پنهنجي زالن ۽ ٻارن کي پرڏيهه اماڻي ڇڏيو هو، اولهه جي ميڊيا عيدي امين کي ’آفريقا جو ڪاسائي‘ لکندي هئي.
    عيدي امين يوگنڊا مان ڀڄي سعودي عرب ۾ سياسي پناهه ورتي، سعودي عرب ۾ پناهه وٺڻ کان اڳ هن ڪجهه سال ليبيا ۽ عراق ۾ به گذاريا. انهيءَ کانپوءِ هو مستقل طور تي سعودي عرب ۾ اچي رهيو، جتي هو الحمرا جي پوش علائقي جي هڪ ’ولا‘ ۾ رهندو هو، سعودي عرب جي سياسي پناهه واري قانون تحت عيدي امين کي هر مهيني خرچ پکي واسطي جيترا پئسا ڏنا ويندا هئا، اهي ڪڏهن به ظاهر نه ڪيا ويا، پر سندس ٻار سعودي عرب ۾ ننڍا وڏا ڪم ڪاريون ڪندا رهندا هئا، عيدي امين جون پنج زالون هيون جن مان کيس 33 ٻار هئا، اقتدار جي دوران سندس اها خواهش هئي ته هو ايترا ٻار ڄڻي، جو پنهنجي پويان پنهنجي نالي سان سڄو قبيلو ڇڏي وڃي.
    عيدي امين، عجيب و غريب ڳالهين جي ڪري سدائين ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز رهندو هو. 1974ع ۾ هن گڏيل قومن کي صلاح ڏني هئي ته ”گڏيل قومن“ کي سندس ملڪ جي گاڌي واري هنڌ ’ڪمپالا‘ منتقل ڪيو وڃي، جيڪو نه رڳو سڄي ڌرتيءَ جو مرڪز آهي، پر انهيءَ سان گڏ هڪ اڻ ڌريو ملڪ به آهي. هڪ ڀيري هن تنزانيا جي صدر ’جوليس نائريري‘ جي وارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن هو عورت هجي ها ته ڪر هو ساڻس شادي ڪري ها.“
    سعودي عرب ۾ رهڻ جي دوران هو گمناميءَ ۾ رهيو، سعودي پريس ته ڪڏهن به سندس ڪو انٽرويو نه ڪيو، البت سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ يوگنڊا جي ”سنڊي ويزن“ سندس هڪ انٽرويو ڇپيو، جنهن ۾ هن چيو ته، ”آئون پنهنجي مذهب اسلام جي ٻڌايل اصولن موجب زندگي گذاري رهيو آهيان“. هن انهيءَ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، ”مونکي ڪنهن به ڳالهه جو افسوس ڪونهي، مونکي فخر آهي ته آئون ٻين آفريقي حڪمرانن وانگر ملڪ جا پئسا کڻي نه ڀڳو آهيان، آئون اڃا به يوگنڊا ۾ رهندڙ يتيم ٻارن جي تعليم لاءِ کين فنڊز موڪليندو رهندو آهيان“. هن پنهنجي مشغولين جي باري ۾ پنهنجي ملڪ جي ميڊيا کي ٻڌايو ته، ”آئون قرآن پاڪ جي تلاوت کان علاوه پنهنجي گهر جي سامهون ڳاڙهي سمنڊ ۾ وهنجندو آهيان، مڇيءَ جو شڪار ڪندو آهيان، ۽ ٿورو گهڻو پڙهڻ سان گڏ، ٽيليويزن جا پروگرام ڏسندو رهندو آهيان.“
    اهو عيدي امين، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ جي دوران ”ڪنگ آفريقن رائفلز“ ۾ سپاهيءَ جي حيثيت سان ’باجو‘ وڄائيندو هو ۽ گيت ڳائيندو هو، تنهن جي وفات تي يوگنڊا جي ان وقت جي صدر گاڊفريشي تبصرو ڪندي چيو هو، ”آئون هن جي وفات تي لڙڪ ته ڳاڙهي نٿو سگهان، البت مونکي سندس گهراڻي سان همدردي آهي، مون سندس بيواهه کي تعزيتي پيغام موڪليو آهي.“ پر هن عيدي امين جي مڙهه کي يوگنڊا ۾ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني.
    اهو عيدي امين، جنهن پنهنجي حڪومتي عرصي جي دوران گهڻي مشهور زندگي گذاري، سو آخري ڏينهن ۾ گهڻو گمنام رهيو، هن پنهنجي سياسي ساٿين ۽ هم منصبن انور السادات ۽ حافظ الاسد کي هن جهان مان موڪلائيندي ڏٺو. هن جي اکين جيڪي عالمي تبديليون ڏٺيون تن منظرن عيدي امين جي انهن زخمن تي مرهم رکڻ جو ڪم ڪيو هوندو، جيڪي ملڪ مان فرار ٿيندي، پنهنجو پاڻ کي سگهاري حڪمران طور پيش ڪندڙ عيدي امين جي دل کي رسيا هوندا، تنهن کانسواءِ هن ايشيا ۽ آفريقا جي ٻين ڪيترن ئي نالي وارن سياستدانن ۽ حڪمرانن کي شهرت جي آسمان تان گمناميءَ جي اونداهي غفائن ۾ گم ٿيندي ڏٺو هوندو، ۽ جڏهن هن جي اکين ”سوويت يونين“ جهڙي سپرپاور ملڪ کي واريءَ جي محل جيان ڀُرندي ڏٺو هوندو ته سندس سڄي تلخي ختم ٿي چڪي هوندي.

    عيدي امين پاڪستان ۾:
    عيدي امين 1974ع ۾ لاهور ۾ ٿيل اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ 26 ڄڻن جي وفد سان گڏ پاڪستان آيو هو، سندس ان ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ آمد جو دلچسپ داستان پي پي پي جي اڳواڻ ۽ ان وقت پنجاب جي صوبائي وزير ’رانا شوڪت محمود‘ پنهنجي ڪتاب ’انقلاب اور رد انقلاب ڪي ڪهاني‘ ۾ ڏاڍي دلچسپ نموني لکيو آهي. هو لکي ٿو، ”يوگنڊا جي صدر عيدي امين سان اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ منهنجي ملاقات دلچسپيءَ کان خالي نه هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي مخصوص عادتن سبب سڀني کي پريشان، پر محظوظ به ڪيو. ڪانفرسن ۾ مندوبين سان گڏ ايندڙن جي فهرست باقاعده مرتب ۽ اڳ ۾ ئي ڪنفرم ٿي چڪي هئي ۽ اهو به طئي ٿيل هو ته ڪهڙي ملڪي سربراهه سان سندس زال به گڏ اچي رهي آهي، جيئن نه رڳو سندن رهائش وغيرهه جو بندوبست ڪري سگهجي، پر بيگم نصرت ڀٽو به مهمان عورت کي ڀليڪار چئي سگهي، پر عيدي امين ثابت ڪيو ته هو هر ڪنفرميشن ۽ ضابطي کان مٿانهون آهي، مونکي چڱي طرح ياد آهي ته عيدي امين پنهنجي 130-C جهاز ۾ پاڪستان آيو، سندس جهاز جو رنگ خاڪي ۽ مٿس تمام گهڻي مٽي ۽ دز ڄميل هئي، عيدي امين جي پاڪستان پهچڻ تي لينڊنگ جي اطلاع تي ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب سان گڏ آئون به ساڻس گڏ کيس ڀليڪار ڪرڻ جي لاءِ اُت پهتس، جهاز کي جيڪا سيڙهي لڳي سا عام مسافر جهازن جي پيٽ ۾ ڪافي ننڍي هئي، 130 جهاز جو دروازو به ڪافي ننڍو هوندو آهي، ڇو ته ان کي هڪ ڪارگو جهاز جي حيثيت حاصل آهي ۽ ان ئي مقصد جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، بهرحال سيڙهي لڳي، ته هڪ انتهائي ڊگهو ۽ بُت ۾ ڀريل همراه تڪڙ ۾ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ دروازي ۾ ڦاسي پيو ۽ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پاڻ کي ڇڪي ٻاهر نڪتو ته اسانجي سامهون گهٽ ۾ گهٽ ڇهن فوٽن ۽ اٺن انچن جي قدآور شيدي شخصيت موجود هئي، عيدي امين جي ٻاهر نڪرندي ئي سندس پويان عورتن جي هڪ قطار نڪرڻ لڳي ڀٽو صاحب ۽ اسين پريشان ٿي وياسين ته الاهي هيءَ ڪهڙي ماجرا، آهي، ڇو ته عيدي امين سان ڪنهن به عورت جي آمد جي ڪنفرميشن جي ته پري جي ڳالهه ڪنهن جو ذڪر به نه هو، اُن ڪري بيگم صاحبه نصرت ڀٽو به اات موجود نه هئي، کيس فوري طور تي شيدي عورتن ۽ چئن ٻارن جي اوچتي آمد کان واقف ڪيو ويو ته هوءَ به تڪڙي تڪڙي وي آءَ پي روم مان هلندي اچي پهتي، ائين عيدي امين جو پنهنجي زالن سان گڏ استقبال جو مرحلو خير ۽ خوبيءَ سان پورو ٿيو. سندس زالن جو انگ هڪ ڊزن جي لڳ ڀڳ هو، جيڪي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ عيدي امين جي سامهون ته صفا ڄامڙيون پي لڳيون، هو جڏهن عيدي امين جي پويان پنهنجن چئن ٻارن سان گڏ ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج طرف وڃي رهيو هيون ته ائين لڳو ته ڪنهن ڪاري ۽ ڳاڙهي ٽؤنر واري نر ڪڪڙ جي پويان ڪڪڙيون هوريان هوريان هلي رهيو هجن.

    ٻي هنڌ رانا شوڪت محمود لکي ٿو ته ”پنهنجن طور طريقن ۽ منفرد شخصيت جي ڪري عيدي امين ڪانفرنس جي تقريبن ۾ بحث جو موضوع بنجڻ کانسواءِ، تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرائي وٺندو هو، هو بي باڪ ۽ بي ڌڙڪ انسان هو، سندس دل ۾ جيڪا ڳالهه ايندي هئي اها چئي ۽ ڪري ڏيکاريندو هو، انگريزي ڏاڍي سٺي ۽ روانيءَ سان ڳالهائيندو هو، سندس ڳالهائڻ جي بي ساختگي ۽ انداز محفل کي زعفران بنائي ڇڏيندو هو. آئون پنجاب آرٽس ڪائونسل جو ڊئريڪٽر هئس ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي هدايتن تي ثقافتي پروگرام منهنجي حوالي هو، پروگرام ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن جا رقص لڊي، ’ڀنگڙا‘،خٽڪ ناچ، قومي ترانا ۽ گيت شامل هئا.
    عيدي امين شاهي قلعي ۾ ثقافتي شو جي دوران منهنجي لاءِ ان وقت دلچسپ انداز ۾ ڏکيائي پيدا ڪئي، جڏهن هو اوچتو پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ سوال پڇيائين ته ”شو جو انچارج ڪير آهي؟“ مون وڌي وڃي ٻڌايو مانس ته اها ذميواري هن خاڪسار جي ڪلهن تي آهي، جنهن تي هن چيو ته سندس ملڪ جو وفد شو جي دوران يوگنڊا جو خوبصورت روايتي رقص پيش ڪندو، ان صورتحال مونکي پريشان ڪري ڇڏيو، ڇو ته اهڙي ڪابه ڳالهه پروگرام جو حصو نه هئي، مون ٿورو پر ڀرو ويٺل ڀُٽي صاحب ۽ بيگم نصرت ڏانهن ڏٺو، منهنجي ٻُڏتر ۽ تڪليف کي عيدي امين هڪدم سمجهي ويو ۽ مرڪندي چيائين. Don’t wory, D o not wory. ان دوران منهنجون ۽ ڀٽي صاحب جون نظرون مليون، جيڪو اسان ڏانهن متوجه هو. هن ڪنڌ ڌوڻي اشارو ڪيو، جنهن جو مطلب اهو هو ته معزز مهمان جي خواهش جو احترام ڪيو وڃي. مون مرڪندي عيدي امين کي چيو، Sir you are welecome. منهنجي ان جواب تي عيدي امين صفا ٽڙي پيو، هن دوستاڻي انداز ۾ منهنجي ڪلهي کي ٿڦڪي ڏني ته آئون پيرن تائين لڏي ويس ۽ هو اسٽيج جي پويان ڊريسنگ روم ۾ گهڙي ويو، پنجن منٽن کانپوءِ عيدي امين جون سڀ زالون اسٽيج تي موجود هيون ۽ تقريب ۾ شريڪ ماڻهو يوگنڊا جي روايتي رقص کان محفوظ ٿي رهيا هئا. عيدي امين جي انهن زالن نهايت منظم انداز ۾ خوبصورت رقص پيش ڪري، زبردست داد وصول ڪيو.


    پول پاٽ : ڪمبوڊيا جو ڪاسائي

    ستر واري ڏاڪي ۾ ويٽنام جي ڪمبوڊيا تي حملي ۽ اُتان جي حڪمران پول پاٽ جي حڪومت جي خاتمي ۽ پوءِ شروع ٿيل گهرو ويڙهه ۽ پول پاٽ جي ظلمن جي داستان سان اخبارون ڀريون پيون هونديون هيون.
    ڪمبوڊيا جي بدنام ۽ انتهائي سفاڪ ڳاڙهي کمير Khmer Rouge حڪومت، جيڪا 1975ع کان 1979ع تائين قائم رهي، جزوي طور تي واقعن جي اُن سلسلي جو نتيجو هئي، جيڪي ڏکڻ اوڀر ايشيا يا هند چيني خطي ۾ بيٺڪي طاقتن جي قبضي ختم ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا جي وحشياڻي مداخلت سان شروع ٿيا، ويٽنام جي خلاف آمريڪا جي جنگ جي دوران علائقي جي ٻين ملڪن ۾ جاري ڪميونسٽ تحريڪن کي به چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. 1970ع ۾ ڪمبوڊيا ۾ جنرل ’لون نون‘ جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪا نواز آمريت قائم ڪئي ويئي ۽ ’شهزادي نورو ڊوم سهانوڪ‘ جي اقتدار جو خاتمو ٿيو، جنهن کي فرانسيسي بادشاهه ’مونيو انگ‘ جي چالاڻي کانپوءِ 1941ع ۾ تخت تي ويهاريو هو. ڪميونسٽ پارٽي آف ڪمپوچيا، سهانوڪ جي حامين سان گڏجي ”متحده محاذ“ ٺاهي ”لون نول“ جي حڪومت جي خلاف گهرو ويڙهه شروع ڪئي، هن ۾ ويٽنامي ڪميونسٽن به حصو ورتو، 1972ع ۾ ”پئرس ڳالهين“ جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ويٽنام ۾ جنگ بندي ٿي، جنگ ۾ طئي ٿيل شرطن موجب ويٽنامي فوجون ڪمبوڊيا مان نڪري ويون، آمريڪا ڪمبوڊيا تي سخت بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وقتي طور تي ’لون نون‘ جي حڪومت جي خلاف پيشقدمي رڪجي ويئي، پر 1975ع ۾ ’لون نون‘ جي حڪومت شڪست کاڌي ۽ 17 اپريل تي ملڪ جي وڏن شهرن تي ’متحده محاذ‘ جي گوريلا فوج قبضو ڪيو، ٻهراڙيون ته اڳ ۾ ئي سندن قبضي ۾ هيون.
    اهو قبضو اُن ظالماڻي ۽ وحشي دور جي شروعات هئي، جنهن کي هڪ فرانسيسي صحافيءَ ”خود نسل ڪشي“ (Auto genocide) جو نالو ڏنو، قبضي جي هڪ هفتي اندر ڪرنسي، بئنڪن، مالياتي نظام، بازارن، ٽپال کاتي جي نظام، اخبارن ۽ نجي ملڪيت جو خاتمو ڪيو ويو. سڀني اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ٻُڌ عبادت گاهن کي بند ڪيو ويو، شخصي آزاديءَ کي ايترو ته گهٽيو ويو، جو هر ماڻهو انقلابي تنظيم جو سونپيل ڪم سرانجام ڏيڻ جو پابند ٿي ويو، خلاف ورزي ڪرڻ تي سخت سزائون ڏنيون وينديون هيون، سڄي ملڪ جي آباديءَ کي ڪارا جبا پائڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهڙي طرح ملڪ ۾ فوري طور تي ڪميو نزم جي نفاد جو عمل شروع ٿي ويو، در حقيقت هو چين جي ثقافتي انقلاب کان تمام گهڻو متاثر هو، پر هن جيڪو ثقافتي انقلاب ڪمبوڊيا ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اها انتها پسندي هئي، معيشت تباهه ٿي ويئي، هزارين ماڻهو بُکن وگهي مري ويا، جنهن به هن جي ٺاهيل نظام جي خلاف آواز اُٿاريو، سو قتل ڪيو ويو. ’يونيورسٽي آف لنڊن‘ ۾ ڪمبوڊيا جي تاريخ تي ڪم ڪندڙ هڪ پروفيسر ’اسٽيفن هيڊز‘ چواڻي ته ”اهي قتل براءِ قتل نه هئا. پر اها سوشل پروگرام ۾ فٽ نه ٿيندڙ ماڻهن مان ڇوٽڪاري جي شعوري ڪوشش هئي، هن لاءِ ڪو به اخلاقي اصول نه هو. هو هر مخالف کي هڪئي طريقي سان ختم ڪرڻ ڄاڻندا هئا، يعني قتل. جيئري جاڳندي زندگيءَ جو قتل، سندن نقطه نظر موجب طبقاتي جنگ ماڻهن جو رت وهائڻ ۽ کوپڙين جا مينار اڏڻ کانسواءِ وڙهي نٿي سگهجي“.
    جنوري 1976ع ۾ ’متحده محاذ‘ ختم ڪري ملڪ کي ’ڊيمو ڪريٽڪ ڪمپوچيا‘ جو نئون نالو ڏنو ويو ۽ نئين آئين موجب ’چونڊون‘ ڪرايون ويون. انهن چونڊن ۾ شهرن مان تڙيل آباديءَ کي راءِ ڏيڻ جو حق نه هو. انهن چونڊن جي نتيجي طور اعلان ڪيو ويو ته ”پول پاٽ“ نالي رٻڙ جي کيت جو مزدور انقلابي حڪومت جو سربراهه چونڊيو ويو آهي، اهو راز ته سيپٽمبر 1977ع ۾ ’پول پاٽ‘ جي چين جي دوري جي موقعي تي کُليو ته اهو هڪ اڳوڻو اسڪول ماستر ’سالوٿ سار‘ آهي، جيڪو 1963ع کان زير زمين ’ڪميونسٽ پارٽي آف ڪمپوچيا‘ جي سينٽرل ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل رهيو هو.
    در حقيقت، 17 اپريل 1975ع تي نام ڦنهه (Phnono penh) تي کيمراؤج جي قبضي کان هڪدم پوءِ بدترين دهشت گرديءَ جي شروعات ٿي. ننڍي وهيءَ جي سخت چهري وارن گوريلن اسپتالن تي قبضا ڪري سڀني ڪمزور مريضن کي مرڻ جي لاءِ رستن تي اُڇلائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن سڄي شهر جي آباديءَ کي ڍورن وانگر هڪلي، سارين جي ٻنين ۾ پهچايو ويو ته جيئن هو ڪمبوڊيا جي اڏاوت ڪري سگهن. جڏهن مخالفن کي ختم ڪرڻ جي مهم شروع ٿي، ته سڀ کان پهرين اُستادن، سرڪاري ملازمن، اڳوڻي حڪومت جي عملدارن، فوجي آفيسرن، انهن جي زالن ۽ ٻارن کي نشانو بنايو ويو. هڪ اکين ڏٺي شاهد ۽ ڪمبوڊيا تي هڪ لکيل ڪتاب جي ليکڪ ’شڪراس‘ موجب، ”تازن ڄاول ٻارن کي چيريو ڦاڙيو ويو. عورتن جا حمل ڪيرايا ويا، عورتن ۽ مردن کي ڳچيءَ تائين کڏا کوٽي دفن ڪيو ويو، ۽ کين انتهائي اذيت ناڪ موت مرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو. ڪميونل ڊائننگ هال ۽ بيرڪسٽ جي نظام کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ خانداني زندگي گذارڻ تي پابندي وڌي ويئي، ننڍن ٻارن کي مائٽن کان ڌار ڪري ”ورڪ بٽالين“ جو حصو بنايو ويو، ۽ کين ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. جيڪي ٻار گهر ياد اچڻ تي ’ورڪ بٽالين‘ مان ڀڄي ويندا هئا، تن کي قتل ڪيو ويندو هو. کيمراؤج سان واسطو رکندڙ 6000 مردن، عورتن ۽ ٻارن کي جانچ جي بهاني اذيت گهرن ۾ تڪليفون ڏيئي ماريو ويو. جڏهن هٿيارن جي کوٽ ٿي تاڻهن کي هٿوڙا هڻي، اجتماعي قبرن ۾ اڇلائي دفن ڪيو ويندو هو. انهن جون کوپڙيون ۽ ڍانچا هزارن جي تعداد ۾ ملڪ جي عجائب گهرن ۽ يادگارن ۾ رکيا ويا، ته جيئن ماڻهو عبرت حاصل ڪري سگهن. پول پاٽ جي انهن وحشياڻين حرڪتن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سڄي ملڪ ۾ باغيا نه جذبا عام ٿي ويا، ۽ جڏهن ويٽنام، ڪمبوڊيا تي حملو ڪيو ته ماڻهن ڌارين حملي آورن جو مقابلو ڪرڻ جي بدران، سندن آجيان ڪئي، انهيءَ جنگ جو نتيجو اهو نڪتو، جو ’پول پاٽ‘ شڪست کائي پهاڙن ڏانهن ڀڄي ويو.
    ’ڊٿ پران‘ نالي ليکڪ، ’پول پاٽ‘ جي ڪميونسٽ اقتدار جي زماني ۾ ٿيندڙ ظلمن جا داستان پنهنجي ڪتاب ۾ گڏ ڪيا آهن، جنهن جو نالو ”قاتل ميدانن جا ٻارڙا“ آهي. اهو ڪتاب انهن ٻارڙن جي يادگيرين تي ٻڌل آهي، جيڪي پول پاٽ جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيا، پر ڪنهن طرح بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، انهن مان هڪ ٻارڙو ’ٽيڊانٽ هم‘ لکي ٿو ته ”جڏهن هو اسان ٻارن کي جلهي وٺي ايندا هئا ته اسان کي ڏک يا غم ڪرڻ جي موڪل نه هوندي هئي. ڪنهن به اهڙي شخص کي قتل ڪيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي ڪهاڙي يا اوزار وڃائي ڇڏيندو هو. اهڙي ڪنهن به عورت کي جيئري رهڻ جو حق نه هو، جيڪا ڪم ڪندي ٿڪي پوندي هئي، هڪ انساني زندگيءَ جي خدمت هڪ گوليءَ کان وڌيڪ نه هئي. هو اسانجي ڳچين تي ڏنڊا وسائي، اسانکي زمين ۾ کوٽيل ڪنهن وڏي کاهيءَ ۾ مرڻ جي لاءِ اُڇلي ڇڏيندا هئا، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي لاش پيا هوندا هئا، مون خودڪشي ڪرڻ ٿي چاهي، پرڪري نه سگهيس، جيڪڏهن آئون اهڙي ڪوشش ڪريان ها ته مونکي دشمن قرار ڏنو وڃي ها، منهنجي خودڪشيءَ جي نتيجي ۾ منهنجو سڄو گهراڻو دشمن گهراڻون تصور ڪيو وڃي ها، منهنجو سڀ کان وڏو ڊپ موت نه، پر موت کان اڳ مون تي ٿيندڙ اها اذيت هئي، جنهن کان موت به پناهه گهري ها.“
    جڏهن سڄي آبادي بکن، بيمارين ۽ نا اميدين ۾ ورتل هئي ته کميراؤج هڪ نئون مٿيون طبقو پيدا ڪري رهي هئي، جيڪو سون مين، زيورن، خوشبوئن ، گهڙين، مغربي دوائن، ڪارن، موٽر سائيڪلن، ريشمي ڪپڙن ۽ ٻين عيش عشرت جي ٻاهرين شين جو شوقين هو.
    ڪمبوڊيا ۾ پول پاٽ جو ”سماجي پروگرام“ جاري هو، جو کيمراؤج پنهنجو ڌيان ويٽنام ڏانهن ڌريو، جيڪو صدين کان ڪمبوڊيا جو پهريون نمبر دشمن هو. پول پاٽ جي قيادت ۾ کمير فوج 1977ع کان 1978ع تائين لڳاتار ويٽنام تي حملا ڪيا، پول پاٽ چواڻي، ”ڪمبوڊيائي سپاهي ايترا ته طاقتور ۽ بهادر هئا، جو هڪ ڪمبوڊيائي ڏهن ويٽنامين کي قتل ڪري ٿي سگهيو.“
    ويٽنام جي خلاف ”پول پاٽ“ جي فوجي مهم جوئي جو نتيجو هي نڪتو جو ڪمبوڊيا اقتصادي لحاظ کان تباهه ٿي ويو، پول پاٽ پاڻ به پنهنجي ساٿين تي ڀروسو نه ڪندو هو ۽ هن اقتدار تي پنهنجي گرفت مضبوط رکڻ جي هزارين کمير فوجين کي به ”ٽول سلينگ“ جي اذيت گهر ۾ سازشي ۽ باغي قرار ڏيئي مارائي ڇڏيو.
    پر پول پاٽ جڏهن به پرڏيهي صحافين ۽ اخبار وارن سان ملندو هو ته پاڻ کي انتهائي معصوم ظاهر ڪندو هو. آڪٽومبر 1997ع ۾ هڪ آمريڪي صحافي ’نيٽ ٿيٽر‘، پول پاٽ کان ڪنهن ڳجهي هنڌ تي انٽرويو ورتو ته پول پاٽ کيس چيو، ”آئون ماڻهن کي قتل ڪرڻ نه پر انهن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو آهيان، اوهين منهنجو چهرو ڏسي سگهو ٿا، ڇا اهو ڪنهن وحشيءَ جو چهرو آهي؟ منهنجو ضمير بلڪل مطمئن آهي“.
    نيوز ويڪ پول پاٽ جي باري ۾ لکيو ته ڪن مغربي اخباري خابروئن جو چوڻ آهي ته ’هو هڪ نرم مزاج ۽ لڄارو شخص آهي‘.
    پول پاٽ، 1925ع ۾ ڪمبوڊيا جي صوبي ”ڪمپانگ ٿام“ جي هڪ ڳوٺ ”پريڪ سايو“ ۾ هڪ مالدار زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ سندس نالو ”سالوٿ سار“ رکيو ويو. ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگي کانپوءِ هو پول پاٽ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو، ۽ اڳتي هلي ڪمبوڊياجي ماڻهن لاءِ اهو نالو هڪ دور جي. هڪ تنظيم جي ۽ دهشت جي هڪ شڪل جي علامت بنجي ويو. هن شروعاتي تعليم هڪ ٻُڌ عبادت گاهه ۾ فرانسيسين جي قائم ڪيل هڪ اسڪول ۾ ورتي، 1949ع ۾ هو فرانسيسن جي تعليمي اسڪالرشپ وٺي پئرس هليو ويو: فرانس ۾ سندس واسطو کاٻي ڌر جي تحريڪ سان ٿيو، جتي هن ڪمبوڊيا جي مختلف شاگردن سان گڏ کاٻي ڌر جو هڪ گروپ ٺاهيو. اهي سڀ 1975ع ۾ کيمراؤج حڪومت ۾ وزير ۽ صلاحڪار ٿيا. پول پاٽ 1953ع ۾ ڪمبوڊيا واپس وريو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو زير زمين ڪارڪن بنجي ويو هن ’نام ڦنهه‘ ۾ هڪ خانگي اسڪول ۾ ماستري به ورتي.
    سندس فرانسيسي ڪلاس فيلو کيس ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ هڪ اهڙو شخص سمجهندا هئا، جيڪو فرانسيسي شاعري ۾ گم رهندو هو، سندس پسند جو شاعر ’ورلين‘ هو . ’پول پاٽ‘ ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائڻ جي باوجود بهترين مقرر هو. کيس ميڙ ۾ همدرديون جيتڻ جو هنر ايندو هو. 1979ع ۾ جڏهن ويٽنام ڪمبوڊيا تي حملو ڪيو ۽ پول پاٽ کان اقتدار کسجي ويو ته هن رنگ بدلايو ۽ عوام ۾ هليو ويو. هن ڪمبوڊيائي عوام کي ويٽنام جي خلاف اُڀاري هڪ ڊگهي ڇاپه مار جنگ جي شروعات ڪئي، پول پاٽ جي سڄي شخصيت تضادن جي مجموعو هئي، هن هاري انقلابين کي منظم ڪيو، پر انهن انقلابين کي ڪوبه انتظامي تجربو نه هو. ٻي پاسي ڪمبوڊيا پنهنجن ٻن دشمنن ٿائي لينڊ ۽ ويٽنام ۾ گهيريل هو. انهن حالتن پول پاٽ کي انتها پسند بنائي ڇڏيو، جنهن ۾ توازن ۽ اعتدال جي کوٽ هئي. هن جي طبعيت ۾ مذاڪرات، ڳالهيون ٻولهيون ۽ پاڻ ۾ صلاح مشوري جي گُڻن جي ڪمي هئي، هو ڪمبوڊيا جي ان چوڻي تي يقين رکندو هو ته، ”جي اوهين سگهارا آهيو ته ٻين جي لاءِ دهشت جي نشاني بنجي وڃو، پر جي ڪمزور آهيو ته مسڪين ۽ ميسڻا بنجي وڃو“.
    پول پاٽ جي ’ڳاڙهي کمير‘ جي دور حڪومت ۾ هڪ اندازي موجب ڏهن لکن کان به وڌيڪ ماڻهن کي ماريو ويو. هر ڳجهي ۽ پُر تشدد تنظيم جيان ڪمبوڊيا جي انقلابي تنظيم به اڪثر ماڻهن کي شڪ جي نظر سان ڏسندي هئي. ’نام ڦنهه‘ جي هڪ اڳوڻي اسڪول جي عمارت، جنهن کي 21-S جو نالو ڏنو ويو هو، حڪومت جي مخالفن تي تشدد جي لاءِ وقف هئي، ان عمارت ۾ ويهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي بدترين تشدد جي ذريعي ماريو ويو . 1979ع ۾ ويٽنامي فوج جي هٿان ’ڳاڙهي کمير‘ جي حڪومت جي پُڄاڻيءَ کانپوءِ ان عمارت جي فائلن مان ”چار هزار اعتراف“ نڪتا. پول پاٽ جي سوانح Brother No: one (برادر نمبر ون) جو ليکڪ آمريڪي تاريخدان ”ڊيوڊ چينڊ“ لکي ٿو، ”ڪمبوڊيا ۾ تشدد اقتدار ۾ اچڻ جو سڀ کان اثرائتو هٿيار رهيو آهي، تشدد ڪمبوڊيائي عوام جو مزاج ۽ ڪلچر بنجي چڪو آهي“.
    سڄي هنڌ، چيني علائقي تي بدترين جنگ ٿاڦيندڙ پول پاٽ جو آخري زمانو ڪمبوڊيا جي سرڪاري فوج کان بچڻ لاءِ گهاٽن ٻيلن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندي گذريو. 1995ع ۾ سندس جسم جي ساڄي پاسي تي اڌرنگ جو حملو، ٿيو، هو پراڻي مليريا ۾ به مبتلا هو، ٻيلن ۾ کميراؤج جي آخري مرڪزي تي قبضي کانپوءِ هن ٿائي سرحد جو ويجهو اچي پناهه ورتي هئي، جتي هو آگسٽ 1998ع ۾ مري ويو، سندس موت تي به ڪيترائي افواهه پکڙيا، ڪن چيو ته کيس زهر ڏنو ويو ته ڪن وري چيو ته کيس قتل ڪيو ويو، سندس موت جي ٻي ڏينهن سندس لاش کي پري کان صحافين کي ڏيکاريو ويو ۽ سندس مڙهه کي سندس گهر جي ڀرسان ڪاٺين ۽ ٽائرن جي ڍڳ ۾ ساڙيو ويو. صحافين کي اهو منظر ڏسڻ جي موڪل نه ڏني ويئي، البت هن جي لاش مان اُٿندڙ دُنهه سرحد پار ٿائلينڊ مان به ڏسي ٿي سگهجيو، سندس موت تي هڪ ٿائي آفيسر چيو، ”هو مٿي جو سور هو. پر مرڻ کانپوءِ اڃا به وڌيڪ مٿي جو سور آهي.“
    سندس موت تي ٽائيم ميگزين لکيو ”هو ٿائلينڊ جي لاءِ کڻي مٿي جو سور هو، پر ڪمبوڊيا جي لاءِ دهشت هو، هن جي مرڻ کانپوءِ ان سوال جو جواب ڏيڻ وارو ڪير به ڪونهي ته هن اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو ۽ ڪهڙي شئي کيس صديءَ جو بدترين دهشتگرد بنايو؟“
    پول پاٽ جي مرڻ تي سندس تنظيم جي هڪ اڳواٽ ”ٽاموڪ“ چيو ته ”پول پاٽ مري چڪو آهي هاڻي سندس حيثيت ڳئون جي لاٿل ڀوسي کان وڌيڪ ڪينهي ڳئون جو ڀوسو ته وري به ڪم جي شئي آهي، جو اهو قدرتي ڀاڻ طور ڪم اچي سگهي ٿو.“


    ٽراٽسڪيءَ جو قتل ڪيئن ٿيو؟

    ”مون پنهنجو برساتي ڪوٽ لاهي کڻي ميز تي رکيو، جيئن انهيءَ مان برف وڍڻ واري ڪهاڙي ڪڍي سگهان، جڏهن ٽراٽسڪيءَ منهنجو لکيل مقالو ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو، تڏهن مون ڪهاڙي ڪڍي ۽ اکيون پوري زور سان هن جي مٿي تي هڻي ڪڍيم، هن اهڙي ته دل ڏاريندڙ رڙ ڪئي جو مون کان وسري ئي نٿي. آهه .... تمام وڏي بيحد وڏي.... ٽراٽسڪي هڪ پاڳل وانگر اُٿي پاڻ کي مون تي ڦٽو ڪيو ۽ منهنجي هٿ ۾ اهڙو ته چڪ وڌائين، جنهن جا نشان اڄ سوڌي چٽا بيٺا آهن ۽ اوهين ڏسي سگهون ٿا. مون کيس ڌڪو ڏيئي فرش تي ڪيرائي وڌو“.
    مٿيان لفظ ويهين صدي جي مشهور ۽ پراسرار قاتل، ”ميڪس مونارڊ“ جا آهن، جيڪو روس جي مشهور انقلابي ۽ جلاوطن اڳواڻ ’ليون ٽراٽسڪيءَ‘ جي قتل جو بيان ٻڌائي رهيو هو، اهو خوني واقعو 20 آگسٽ 1940ع تي ميڪسيڪو شهر ڀرسان ٽراٽسڪيءَ جي فولادي ڀتين ۽ سخت پهري واري گهر تي ٿيو هو، انهي قتل جي ڏوهه ۾ ”ميڪس مونارڊ“ کي ويهه سال ٽيپ جي سزا ملي. مونارڊ کي آگسٽ 1960ع ۾ سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو، اهو سڄو عرصو هو پنهنجي سڃاڻپ، سياسي واسطن ۽ مقصدن بابت ڪابه خبر چار ظاهر ڪرڻ کان نهايت سختيءَ سان انڪار ڪندو رهيو، انهيءَ پردي پوشيءَ جي باوجود به وقت گذرڻ سان گڏ، هن جي سياسي سڃاڻپ چٽي ٿيندي ويئي. هن جو واسطو اسپيني قوم سان هو ۽ نالو ”ريمن مرسيڊر ڊيل“ هئس. قتل ڪرڻ جي طريقن بابت هن کي ماسڪو ۾ سکيا ڏني ويئي هئي. هن ٽراٽسڪيءَ جو قتل دنيا جي نهايت ڳجهي پوليس يعني ”سوويت اسٽيٽ سيڪيورٽي“ جي حڪم سان ڪيو هو، جيڪا اُن وقت ”اين ڪي وي ڊي“ سڏبي هئي. هن جي سڃاڻپ جي لڳاتار انڪار سبب قتل جي ڏوهه جا بانيڪار هن قتل ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪندا رهئا.
    جڏهن هن کي گرفتار ڪيو ويو ته پوليس کي هن وٽان ٽن صفحن جو هڪ فرانسيسي زبان ۾ ٽائپ ٿيل بيان مليو، جنهن تي آخري گهڙيءَ تي پينسل سان تاريخ ۽ صحيح وڌل هئي. بيان ۾ لکيل هو ته، ”هن جو واسطو بيجيلم جي هڪ گهراڻي سان آهي ۽ پئرس ۽ صحافت جي تعليم پرائيندي سندس لاڳاپو ٽراٽسڪيءَ جي تحريڪ سان ٿيو. اڳتي هلي ٽراٽسڪيءَ سان ملڻ کان پوءِ هن کي کائنس نفرت ٿي ويئي ۽ نيٺ هُن کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، ڇو ته هن پراڻي بالشويڪ کيس مجبور ڪيو هو ته هو وري روس وڃي اسٽالن کي ختم ڪرڻ جي رٿابندي ڪري“.
    اهڙيون دعوائون ۽ وضاحتي بيان جيڪي قيديءَ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ڏنا، سي سڀئي ڪوڙا ثابت ٿيا. هن جي بيان ۾ ذڪر ڪيل ماڻهو اسڪول ۽ پتا سڀ يا ته هئا ئي ڪونه يا وري سندس بيان کان بلڪل مختلف هئا، پر ڪوبه منطق کيس پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڦير گهير ڪرڻ تي راضي ڪري نه سگهيو. مونارڊ جي ڇهن مهينن تائين، نفسياتي چڪاس، ميڪسيڪو جي قومي يونيورسٽي ۾ علم حيوانيات جي شعبي جو سربراهه ”ڊاڪٽر جوس گوميز روبليڊا“ ۽ ڏوهن جي علم جو ماهر ”پروفيسر الفانسو ڪيروز ڪيارون“ ڪندا رهيا. شروع شروع ۾ ته هو ڊاڪٽر کان ڏاڍو ڇرڪيل هوندو هو، پر پوءِ هوريان هوريان هو ساڻن کليءَ دل سان ڳالهائيندو هو، ٻنهي ڊاڪٽرن قاتل کي هڪ نهايت غير معمولي قسم جو ماڻهو قرار ڏنو، هو ڪيترين ئي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳالهائي سگهيو ٿي، هن ۾ عورتن لاءِ وڏي ڪشش موجود هئي ۽ هر مرد ساڻس دوستيءَ جو خواهشمند هو. هو هر هنڌ هڪ معزز شخص واري زندگي گذاري سگهيو ٿي، هن کي پاڻ تي نهايت سٺي نموني ڀروسو ۽ عملي اداڪاريءَ جا گڻ عطا ٿيل هئا. جوا ۾ وڏي دلچسپي، جبلن تي چڙهڻ ۽ ننڍين ٻيڙين کي هلائڻ جو وڏو شوقين مڙس هو. هن جو اسٽالن جي خيالن ۽ ويچارن تي وڏو ڀروسو هو ۽ ڪيترن ئي موقعن تي هو پنهنجي ماسڪو واري سکيا بابت اُپٽار ڪري ويهندو هو، مثال طور: هڪ ڀيري هن ڪاموءَ نالي هڪ شخص جو حوالو ڏنو جنهن کان جيتوڻيڪ اولهه اڻ واقف هئي، پر روس جي ڳجهي پوليس ۾ کيس هيروءُ واري حيثيت حاصل هئي ۽ روس جي اسڪولن ۾ داخلي انتشار ۽ تخريبڪاري جي باري ۾ هن جي تواريخ پڙهائي ويندي هئي.مونارڊ جي اُچارن جي آزمائش ۾ جيتوڻيڪ هن جي فرينچ زبان عمدي هئي، پر لهجو اسپيني گاڏڙ هئس ۽ اسپين جي هر شئي بابت سندس واقفيت ٺيڪ ٺاڪ پئي لڳي. سڀني ثابتين هن جو پس منظر هڪ اسپيني ڪميونسٽ وارو پي ڄاڻايو. ”ڊاڪٽر ڪيروز ڪيارون“ سندس بابت شڪن جا دستاويز 1950ع ۾ مس وڃي هٿ ڪري سگهيو، جڏهن مئڊرڊ پوليس وٽ هن جو ريڪارڊ لڌو ويو، هڪ شخص ريمن مرسيڊز، جنهن کي بار سيلونا ۾، 1935ع ڌاري نوجوان ڪيمونسٽ اڳواڻ جي حيثيت سان گرفتار ڪيو ويو هو، تنهن جي آڱرين جا نشانن هن سان بلڪل ملي ٿي آيا. ساڳئي طرح ٻنهي جون تصويرون پڻ ملي ٿي آيون. ڊان پيلو مرسيڊر مرينا نالي هڪ وڏي ڄمار وارو ماڻهو، جيڪو بارسيلونا ۾ رهندو هو ،سو ٽراٽسڪيءَ جي قاتل جو فوٽو ڏسي چوڻ لڳو، ”هي ته منهنجو پٽ آهي“. کيس سندس پٽ جي ڏوهه جي خبر نه هئي انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڳوڻن ڪميونسٽن جي اپٽارن، مونارڊ مرسيڊر جي زندگيءَ بابت ڪهاڻي هن ريت پيش ڪئي آهي:
    ”ريمن مرسيڊر“ بارسيلونا ۾ 1913ع ۾ ڄائو هو، هي ”ڊان پبلو“ ۽ ”ڪريڊاڊ ڊيل ريو هرننڊز“ جو ٻيو نمبر ٻار هو. پبلو پراڻن خيالن وارو هڪ معزز ماڻهو هو. سندس گهراڻو ايترو امير نه هو. ريمن جي امڙ تمام گهڻي خوبصورت ۽ چالاڪ عورت هئي ۽ ٽيهن سالن جي عمر ۾ ”مهم جوئي“ جو بيحد شوق ٿي پيس، هوءَ انقلابين سان لهه وچڙ رکڻ لڳي ۽ 1905ع ۾ فرانس ويئي، جتي هوءَ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ۽ ڪيترن ئي فرينچ ڪميونسٽ اڳواڻن سان عشق جي معاملن ۾ خوب بهرو ورتائين. هوءَ زير زمين پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندي رهي، ريمن ڪڏهن ماءُ سان ته ڪڏهن وري پيءُ سان گڏ گذاريندو هو. هو ماءُ سان بي حد پيار ڪندو هو ۽ سندس اثر ۾ اچي ڪميونسٽ پارٽيءَ ڏانهن ڇڪجي ويو جڏهن 1936ع ۾ اسپين ۾ گهرو لڙائي شروع ٿي ته هي ۽ سندس ماءُ پهريان والنيٽئر هئا، جيڪي فرانڪو خلاف ويڙهه ۾ شامل ٿيا. انهيءَ ڏاڪي تي ”ڪريڊاڊ مرسيڊر“ هڪ نئون پيچ پاتو. هن جو نئون عاشق ”ليونڊ ايٽنگان“ هو، جيڪو روس جي ڳجهي پوليس ۾ جنرل جي عهدي تي مقرر هو ۽ تن ڏينهن جنرل ڪوٽاف جي نالي سان اسپين ۾ گوريلن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. ريمن مرسيڊر سندس شاگرد بنجي ويو، حقيقت ۾ ٻنهي ماءُ پٽن کي اهو پتو ڪونه هو ته ايٽگان ڳجهي پوليس جي انهي خاص ڊويزن جو سربراهه هو جنهن جو ڪم ڌارين ملڪن ۾ سوويت يونين جي دشمنن جو خاتمو ڪرڻ هو، سندن پهريون نمبر شڪار، ’ليون ٽراٽسڪي ليف ڊيوڊ وچ برانسٽين‘ هو، جيڪو ليون ٽراٽسڪي جي نالي سان دنيا ۾ مشهور هو. هن لينن جي تمام ويجهي ساٿيءَ جي حيثيت سان روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو هو، تن ڏينهن اسٽالن، لينن جو هڪ نيم گمنام ساٿي هو، پر لينن جي وفات کان پوءِ هن اهڙي ته چال ويڙهائي، جو ٽراٽسڪي مرڳي سياست کان ئي تڙجي ويو ۽ 1929ع ۾ کيس سوويت يونين مان جلاوطن ڪري ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ ٽراٽسڪيءَ جي زندگي هڪ اهڙي شڪار مثل بنجي ويئي، جنهن کي مارڻ لاءِ اسٽالن جا شڪاري ڪتا هر هنڌ پيڇو ڪندا رهيا، هن جا سڀئي ساٿي هڪٻئي جي پويان اسٽالن جي ظلم جو نشانو بنجندا رهيا، سندس سيڪريٽريءَ کي اسپين ۾ قتل ڪيو ويو ۽ هن جو پُٽ پئرس ۾ اوچتو مري ويو، جنهن لاءِ چيو ٿي ويو ته کيس زهر ڏنو ويو هو.
    ٽراٽسڪي هڪ هنڌان ٻي هنڌ لڪندي، نيٺ 1937ع ۾ ميڪسيڪو ۾ اچي سياسي پناهه ورتي. ڪريڊاڊ ۽ ريمن، هينئر ايٽنگان سان گڏ ماسڪو ۾ هئا، جتي ريمن دهشت انگيزيءَ جي سکيا وٺي رهيو هو. ٽراٽسڪي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي قسم جي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي؟ نيٺ نظرون وڃي ”ريمن مرسيڊر“ تي کُتيون هونديون، جيڪو اسپيني زبان ڳالهائي سگهندو هو. روسي ڳجهي پوليس نيٺ اهو فيصلو ڪيو ته ” مرسيڊر“ ٽراٽسڪي جي گهرو عملي مان ڪنهن سان دوستي رکي، انهي مقصد جي لاءِ هڪ نوجوان آمريڪي ڇوڪري ”سلويا ايگلاف“ کي چونڊيو ويو، جيڪا سياسي ڪارڪن هئي ۽ سندس ٽراٽسڪي جي وفاداري آمريڪي گروهه سان لاڳاپيل هئي. هو ڳجهي پوليس اهڙو بندوبست ڪيو جيئن ريمن جي سلويا سان 1938ع ۾ پئرس ۾ اتفاقي ملاقات ٿي وڃي. هڪ ننڍي عمر واري عورت جي خواهش جي پورائي لاءِ ريمن جهڙو ٺاهوڪو ۽ دولتمند نوجوان کوڙ هو، ريمن جلد ئي هن جو گهريلو فرد بنجي ويو، ريمن ”فرائنڪ جيڪسن“ جي نالي سان ڪوڙي پاسپورٽ تي سفر ڪندو سلويا جي پويان نيويارڪ وڃي پهتو، ٻنهي ڄڻن ”گرين وچ“ ڳوٺ ۾ عارضي رهائش اختيار ڪئي، ڪجهه وقت کان پوءِ جيڪسن ظاهر ڪيو ته کيس ”ميڪسيڪو شهر“ ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي آهي، جنوري 1940ع سلويا به هن سان گڏ ميڪسيڪو آئي. رٿيل قتل جي ذاتي نگرانيءَ جي لاءِ ايٽنگان اڳ ۾ ئي ميڪسيڪو ۾ موجود هو ۽ ڪريسيڊاڊ مرسيڊر به ساڻس گڏ هئي، جيئن ڪريڊاڊ اڳتي هلي پنهنجي هڪ دوست کي ٻڌايو ته انهي ڏاڪي تي ريمن جو في الحال فقط اهو ڪم هو ته هو اهو چڪاسي ته ٽراٽسڪي جي رهائشگاهه تي سلامتيءَ جو ڪهڙو بندوبست ٿيل هو. سلويا جي معرفت هن کي جلد ئي اچڻ وڃڻ جي موڪل ملي ويئي، جيتوڻيڪ شروعاتي ملاقاتن ۾ هن جو ٽراٽسڪيءَ سان ملڻ نه ٿيو، پر هن سڄي گهر ۾ گهمي ڦري، لڪل ڪئميرا وسيلي فوٽا ڪڍيا ۽ ٻين گهڻن تفصيلن کي پنهنجي ذهن ۾ رکيائين. اهڙيءَ ريت گڏ ڪيل سمورو مواد ماسڪو موڪليو ويو، جتي ڳجهي پوليس اُن جو اڀياس ڪرڻ لڳي.
    24 مئي 1940ع تي صبح جو سوير ”ميڪسيڪو شهر“ ۾ روسي دهشتگردن، ٽراٽسڪيءَ جي گهر کليو کلايو حملو ڪري ڏنو. ويهن ڄڻن جو جٿو جنهن کي ميڪسيڪو پوليس ۽ فوج جون ورديون پاتل هيون، سي گهر تي ڪاهي ويا ۽ دروازي مان زوري اندر ڌوڪڻ بعد ننڍي مشين گن سان ٽراٽسڪيءَ جي سمهڻ واري ڪمري تي گوليبازي شروع ڪري ڏنائون، انهن ڪمرن ۾ ٽراٽسڪي، سندس زال ۽ يارهن سالن جو پوٽو ستل هئا، پر هو سڀ معجزانه طور تي بچي ويا، ڇاڪاڻ ته هنن هڪدم پاڻ کي پلنگن هيٺان کڻي اڇليو، مهيني کن جي جاچ بعد ميڪسيڪو پوليس ٻه ڊزن شخص گرفتار ڪيا، جن تي اڳتي هلي ڪيس هلايو ويو.
    پر مرسيڊر ڪنهن به شڪ ۽ شبهي کان مٿاهون هو. مٿئين حملي کان چار ڏينهن پوءِ مرسيڊر مسز ٽراٽسڪي کي ڪن دوستن سان گڏ ڪار تي ”ويرا ڪروز“ طرف کڻي وڃڻ جي آڇ ڪئي. انهي ئي موقعي تي مرسيڊر جي پنهنجي مستقل جي شڪار سان پهرين ملاقات ٿي ۽ هن گهر جي اڱڻ ۾ ٽراٽسڪيءَ جي پوٽي کي هڪ ننڍڙو جهاز سوکڙي طور ڏنائين. پهرينءَ قتل واري ناڪام ڪوشش ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ فقط هڪ مضبوط اعصابن وارو شخص ئي ستت ٻي جو کم واري ڪوشش ڪري سگهيو ٿي.
    هاڻي ماسڪو فيصلو ڪيو ته ٽراٽسڪي جو قتل فقط اڪيلي شخص جي هٿان ڪرائجي ۽ انهي ڪم جي لاءِ مرسيڊر کان وڌيڪ ٻيو ڪو مناسب ماڻهو ڪونه هو، ڪريڊاڊ پنهنجي پٽ جي صحيح سلامت ڀڄي وڃڻ لاءِ روس جي ڳجهي پوليس سان بندوبست ڪيو هو. جولاءِ جي پوين ٽن هفتن ۾ مرسيڊر يا مئڪسن پنج ڀيرا ٽراٽسڪي سان ملي چڪو هو ۽ هر ڀيري مسز ٽراٽسڪي جي لاءِ سوکڙيون آڻڻ نه وساريائين.
    17 آگسٽ 1940ع تي مرسيڊير ٽراٽسڪيءَ کي هڪ مقالي جو خاڪو آڻي ڏنو، جيڪو هو لکي رهيو هو. ٻنهي ڄڻن مطالعي واري ڪمري ۾ يارهن منٽ گڏ گذاريا. بعد ۾ ٽراٽسڪيءَ پنهنجي زال سان مرسيڊر جي عجيب چال چلت بابت ذڪيو ڪيو. 20 آگسٽ تي شام جو 5 لڳي 20 منٽن تي پنهنجو مقالو مڪمل ڪري ٽراٽسڪيءَ کي ڏيکارڻ جي لاءِ کڻي آيو، هن کي هڪ خاڪي برساتي ڪوٽ پاتل هو، جنهن ۾ هڪ ڊگهو خنجر سبيل هو، کيسي ۾ برف ڪاٽڻ واري ڪهاڙي پيل هئي، جنهن کي لڪائڻ جي لاءِ نهايت ڇوٽو ڳن پيل هئس، هن کي اميد هئي ته ڪهاڙي جي هڪ ئي سنڌائتي ڌڪ سان هو پنهنجو موتمار خوني مشن پورو ڪري وٺندو ۽ انهيءَ مان ڪو آواز نه پيدا ٿيڻ سبب هو مان مٺيءَ ۾ ٻاهر نڪري هليو ويندو. پر جي ڀلا ڪا گڙٻڙ به ٿي پئي ته پوءِ هو پستول جي وسيلي پنهنجو رستو بنائي وٺندو، پهريدارن هن کي سڃاڻي بنا ڪنهن رنڊڪ جي قلعي نما گهر جي بجلي وارا ڊبل دروازا کولي ڇڏيا، هڪڙو پهريدار هن سان گڏجي ٽراٽسڪيءَ وٽ هليو، جيڪو انهي مهل پنهنجي پاليل سهن کي هٿ سان کاڌو کارائي رهيو هو. ٽراٽسڪيءَ هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ برساتي ڪوٽ بابت پڇائينس ته اڄ جهڙي صاف ڏينهن تي اهو پائڻ مناسب نه هو، مرسيڊير پنهنجي ڳري ڪوٽ کي بدن مان لڳائيندي چيو، ”هائو، اهو صحيح آهي، پر ڪهڙي خبر........ مينهن ته ڪنهن به وقت وسي سگهي ٿو“.
    هن جي اچڻ تي پهرين ته ٽراٽسڪي پنهنجي سهن کي ڇڏڻ نه پيو گهري، پر هن جي زور ڀرڻ تي هٿن تي دستانا پائي مطالعي واري ڪمري طرف هلڻ لڳو، مرسيڊر به ٽراٽسڪي جي پويان لڳو. مطالعي واري ڪمري ۾ گهڙڻ کان پوءِ ٽراٽسڪي دروازو بند ڪري ڪم واري ميز تي ويهي رهيو، گولين سان ڀريل هڪ پستول ڪجهه انچن جي فاصلي تي پيو هو. مرسيڊر هن جي کاٻي طرف اهڙي نموني ٿي ويٺو، جيئن ٽراٽسڪيءَ جي پهچ گهر ۾ لڳايل الارم واري بٽڻ تائين ٿي نه سگهي.
    ٽراٽسڪيءَ مقالو کڻي پڙهڻ شروع ڪيو، ٺيڪ انهيءَ مهل مرسيڊر ڪهاڙي ٻاهر ڪڍي، اکيون پوري پنهنجي شڪار جي مٿي تي اهڙي ته زور سان واهي ڪڍي جو ڪهاڙي جو ڦر ٽن انچن تائين مغز اندر گهڙي ويس، هڪ دل ڏاريندڙ رڙ سان ٽراٽسڪي پاڻ کي خوني جي مٿان کڻي ڪيرايو ۽ هن سان ٻکين پئجي ويو. رڙ ٻڌي مسز ٽراٽسڪي اندر ڌوڪي آئي، مڙس کي سڄو رت ۾ ٻڏل ڏٺائين. ”ڏس! هن مون سان ڇا ڪيو آهي.“ ايئن چئي هو فرش تي ڪري پيو، ايتري ۾ ٽراٽسڪيءَ جا پهريدار به ڪمري اندر پهچي چڪا هئا. مرسيڊر جي هٿ ۾ پستول هو ۽ هڪ وحشي جانور وانگر سهڪي رهيو هو . پهريدار هن کي ڏسي نشانو بنائڻ وارا هئا، ته هن ڏانهن آڱر کڻندي مسز ٽراٽسڪيءَ پنهنجي مڙس کان پُڇيو، جيڪو اڃا هوش ۾ هو، ”هن لاءِ ڇا ڪجي .... پهريدار هن کي ماري وجهندا“.
    ”نه! مارڻ جي بلڪل موڪل ڪونهي.“ ٽراٽسڪي آهستي چئي رهيو هو، ”هن کي سازش تان پردي کڻڻ تي مجبور ڪيو وڃي.“
    ٽراٽسڪي کي هڪدم اسپتال پهچايو ويو هو، جلد ئي بي هوش ٿي ويو. هن جي آپريشن ڪئي ويئي، پر چوويهن ڪلاڪن گذرڻ بعد هو گذاري ويو.
    بلاڪ کن پريان مرسيڊر جي ماءُ ڪريڊاڊ هڪ ڪار ۾ اهڙي فڪر مند ماءُ وارو ڍونگ رچايو ويٺي هئي، جيڪا سندس پٽ جو ڪم تان لهي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندي هجي. ڀرسان ئي هڪ ٻي ڪار ۾ جنرل ايٽنگان سوار هو. جڏهن پوليس طرفان خطري واري گهنٽي جو آواز شروع ٿيو ۽ ايمبولينس گاڏي تيزيءَ سان اچڻ لڳي ته هن محسوس ڪيو ته مرسيڊر جهلجي پيو. ڪرِيڊاڊ هڪدم هوائي اڏي ڏانهن رواني ٿي ويئي ۽ هڪ هٿرادو پاسپورٽ وسيلي سفر ڪيو. ايٽنگان سڄي رات اڪاپاڪو وڃڻ ۾ گذاري ۽ اُتي پهچڻ شرط هڪ روسي جهاز ۾ سوار ٿي ويو، جو خاص هن جي لاءِ بندر وٽ سيڙيو بيٺو هو. ڪجهه هفتن کان پوءِ ڪريڊاڊ به ايٽنگان سان ماسڪو ۾ وڃي ملي، جتي ڳجهي پوليس جي سربراهه”بيريا“ هن کي اسٽالن سان ملايو. هن کي ڪيمونسٽ روس جو وڏي ۾ وڏو تمغو يعني ”آرڊر آف لينن“ مليو ۽ هن جي پُٽ کي سوويت روس جو هيرو بنايو ويو. ڪريڊاڊ وڏي فخر سان انهن عزت افزاين جو ذڪر ڪيو. هن ٻي مهاڀاري وارا سال روس ۾ گذاريا ۽ کيس وقت بوقت سندس عاشق ايٽنگان ۽ ڪريملن عملدارن کان خاطريون ملنديون رهيون ته مرسيڊر کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي، ڏسڻ ۾ ايئن پئي آيو ته اسٽالن پنهنجي وعدي کي نبائڻ کان نٽائي رهيو هو.
    ڪجهه وقت کان پوءِ نيٺ هن ڪريڊاڊ کي سندس پٽ کي ڀڄائي آڻڻ واري رٿا ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ هائوڪار ڪئي، پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو مارچ 1945ع ۾ ميڪسيڪو شهر به آئي. پر پنهنجي مقصد حاصل ڪري نه سگهي، نه رڳو اهو پر هوءَ پنهنجي پٽ سان ملاقات ڪري به نه سگهي.
    ٽراٽسڪيءَ جي قاتل جي صحيح سڃاڻپ کي راز ۾ رکڻ خاطر روس جي ڳجهي پوليس ڪريڊاڊ جي مٿان لوهي پردو چاڙهي ڇڏيو هو. اڳتي هلي ڪريڊاڊ پئرس هلي آئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ ڪميونسٽن کان بددل ٿي چڪي هئي. روس ۾ گذاريل سالن هن جي ڪميونزم بابت عقيدن ۾ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو. هڪ ڀيري ماسڪو ۾ پنهنجي هڪ ويجهي دوست سان جيڪو لبرل خيالن وارو هو، ڳالهائيندي هن چيو، ”تون صحيح آهين، اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي. هي ڪو بهشت ڪونهي، پر جنسي دوزخ آهي“.
    جڏهن سلويا ايگلاف کي خبر پئي ته سندس عاشق مرسيڊر ٽراٽسڪيءَ کي قتل ڪيو آهي ته هن جو ذهني توازن بگڙي ويو ۽ ڪن ورهين پڄاڻان وڃي ٺيڪ ٿي. مرسيڊر کي جڏهن اها خبر پئي ته جيل ۾ ڏاڍو رنو هئائين، پر پوءِ سندس ايگلاف ۾ ڪابه دلچسپي نه رهي.
    ٽراٽسڪيءَ جي بيواهه جنوري 1962ع ۾ پئرس ۾ گذاري ويئي ، اسٽالن جي مرڻ کان پوءِ 1953ع واري ڪارروائي ۾ ايٽنگان، سندس مالڪ ’بيريا‘ سان گڏ معتوب ٿي مري ويو.
    مرسيڊر ميڪسيڪو جي جيل ۾ هڪ مثالي قيدي بنجي چڪو هو. هو جيل جي اندر ريڊيو مرمت جو هڪ ننڍو پر نفعي بخش دڪان هلائي رهيو هو، جيلن بابت ميڪسيڪو جي قانون مان فائدو وٺندي مرسيڊر هڪ آرام واري زندگي گذارڻ لڳو. هن کي خاص کاڌو، ڪتاب ۽ ٻيون سهولتون مليل هيون، جن ۾ هڪ سهولت اها به هئي ته هو ميڪسيڪو شهر جي نائيٽ ڪلب جي ناچڻي روڪيلا مينڊوز سان باقاعده ملندو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته قانون موجب قيدي پنهنجي زالن يا ٻين عورتن سان هم بستر ٿي سگهيا ٿي. زير زمين ذريعن معرفت هن جو رابطو ٻاهر ڪميونسٽ نظام سان قائم رهندو پي آيو.
    مرسيڊر مئي 1960ع ۾ سزا پوري ڪري جيل مان آزاد ٿيو ۽ هو پهرينءَ ئي جهاز ۾ چڙهي چيڪو سلويڪيا هليو ويو ۽ تنهن کان پوءِ ايئن گم ٿي ويو، جو اڄ ڏينهن سوڌي هن جو ڪوبه پتو يا هن بابت ڪابه خبر چار ڪونهي.
    (آئزڪ دان ليون جي ڪتاب ”هڪڙي قاتل جو ذهن“ جو اختصار ۽ ترجمو)


    سوئيڪارنو جي خلاف بغاوت جي پهرين شام

    انڊونيشيا جو عظيم قائد ۽ مرد آهن عبدالرحيم احمد سوئيڪارنو 30 سيپٽمبر جي شام جو ”جڪارتا اسٽيڊيم“ ۾ انڊونيشيا جي فني ماهرن جي هڪ ڪنوينشن کي خطاب ڪرڻ وارو هو. مان به سندس تقرير ٻُڌڻ لاءِ پنهنجي سنگتي ڪريم دين سان گڏ جلسي گاهه ڏانهن ويس.
    اسٽيڊيم ۾ گهڙندي ئي صدر جو انتهائي جوشيلو آواز ٻڌڻ ۾ آيم مون ڊائس طرف ڏٺو، انڊونيشي قوم جو بهادر هيرو، فوج جي ڪمانڊر انچيف جي ورديءَ ۾، اکين تي ڪارو چشمون پاتل، مٿي تي جناح ڪيپ سان ملندڙ هڪ ٽوپي پائي (مقامي طور تي ان کي ٽپجي چيو وڃي ٿو) فني ماهرن کي مخاطب هو. هو چئي رهيو هو، ”اُٿو ۽ انڊونيشيا جي انقلاب جي ٻي منزل ڪاميابيءَ سان طئي ڪري وڃو. پنهنجي وسيلن کي ڪتب آڻي ملڪي خام مال کي پنهنجي قابليت جي ٻل تي استعمال جي شين ۾ تبديل ڪريو، جيئن اسين ڪنهن جا دست نگر نه رهون“. هو سڄي قوم کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي تلقين اهڙي ته اثرائتي ۽ جوشيلي انداز ۾ ڪري رهيو هو، جو مان زبان کان اڻ ڄاڻ هوندي بس ڪن ڏيئي ٻڌي رهيو هئس، سندس زبان مان نڪرندڙ هر لفظ ڪنن وسيلي دل ۾ لهندي محسوس ڪيم. مان سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته هيءَ قوم پنهنجي هن مهان، بهادر ۽ بي باڪ اڳواڻ جي بي مثال اڳواڻيءَ ۾ ترقيءَ جون ڏکيون منزلون به سولائيءَ سان طئي ڪري ڏسندي ئي ڏسندي ناقابل شڪست قوت بنجي اُڀرندي، انهن ڏينهن جيتوڻيڪ انڊونيشي قوم اندروني طرح سخت انتشار جو شڪار هئي. ڪافي هنڌن تي ڦڏا فساد ٿي رهيا هئا ۽ شر پسند عناصر پوري سگهه سان سرگرم عمل هئا ۽ هو هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر طريقو اختيار ڪري ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪرڻ ۾ رڌل هئا، پر هي مرد مجاهد جنهن اعتماد ۽ سڪون سان تقرير ڪري رهيو هو، ان مان بلڪل اهو اندازو نه ٿي ٿيو ته ڪو هي ملڪ ڪنهن مرض ۾ متبلا آهي.
    سوئيڪارنو لڳاتار هڪ ڪلاڪ ۽ ڏهن منٽن تائين جوش ۽ خروش سان ڳالهائيندو رهيو، پوءِ هڪدم سندس آواز ڄڻ ٻُڏي ويو، تقرير ڪندي ڪندي هو بيٺو ۽ ڊائس تان لهي ويو، ڪجهه آواز اُڀريا ”ڊاڪٽر کي گهرايو...... ڊاڪٽر کي گهرايو......“ ايتري ۾ چيني ڊاڪٽر ”وهو“ صدر ڏانهن وڌيو ۽ صدر کي هڪدم هڪ ڪمري ۾ نيو ويو، جتي ڊاڪٽر لڳاتار هڪ ڪلاڪ تائين صدر جي سنڀال ڪندا رهيا. اسٽيڊيم ۾ موجود هر شخص پريشان هو، ڪنهن کي به ڪجهه معلوم نه هو ته ٿيو ڇا؟ اهو ڄاڻڻ جي تجسس ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ اسين به آهستي ڊائس طرف وڌڻ لڳاسين، ايتري ۾ هڪ مائي روئڻ ۽ پٽڻ لڳي ۽ زور زور سان چئي رهي هئي ته ”صدر انتقال ڪري ويو“، ان جملي چوڌاري عجيب بدحواسي جي چادر تاڻي ڇڏي. مون ڪيترين ئي عورتن کي ڳڙندڙ ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڏٺو، هُل ۽ گوڙ جو اهم عالم هو جو ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. محافظ دستو بار بار ماڻهن کي پُرسڪون رهڻ جي اپيل ڪري رهيو هو، ماڻهو اسٽيڊيم کان ٻاهر وڃي رهيا هئا. صدر جي انتقال جي خبر جهنگ جي باهه جيان پکڙجڻ لڳي. مان ۽ منهنجو سنگتي به سوڳوار قدم کڻندا جلسي گاهه کان ٻاهر وڃي رهيا هئاسون، جو اوچتو صدر جو آواز ٻڌي ڇرڪي پياسين ۽ حيرت مان هڪٻئي ڏانهن ڏٺوسين ۽ ڊڪندي اچي پنهنجي ڪرسي سنڀاليسين. ميڙ جيتوڻيڪ منتشر ٿي چڪو هو، پر جنهن به شخص جي ڪن تي صدر جو آواز پيو اُهو اتان ئي موٽي آيو.
    هن جي همت ڏسو، جيئن ئي طبيعت بحال ٿيس، تيئن ٻيهر تقرير ڪرڻ جي لاءِ ڊائس تي هليو آيو. صدر تقرير ڪري رهيو هو. پر سندس موت جي خبر شهر ۾ پهچي چڪي هئي ۽ اهي عنصر جيڪي سندس موت جا خواهان هئا، سي حقيقت حال ڄاڻڻ کانسواءِ ئي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ نڪري کڙا ٿيا. مثال طور انڊونيشيا جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ، ڊي اين ايڊٽ، صدر کي ڊائس تي ٿڙندي ڏٺو ته سندس موت جو يقين ڪري هڪدم جلسي گاهه مان هليو ويو ۽ ٻيهر نظر نه آيو، ٻي پاسي صدر جي محافظ دستي جا ڪمانڊر ان ڏينهن سري کان جلسي گاهه ۾ آيا ئي نه هئا، جيتوڻيڪ سندس جلسي گاهه ۾ موجودگي بيحد ضروري هئي، جڏهن صدر جي اوچتي علالت جي خبر پئي ته هو ان وقت قصر صدارت ۾ موجود هئا ۽ ان افواهه تي يقين ڪندي ته صدر گذاري ويو آهي، يا هوريان هوريان هو موت ڏانهن وڌي رهيو آهي، 30 سيپٽمبر جي هولناڪ تحريڪ کي عملي جامون پهرائڻ جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، سندن حڪم سان صدر جي محافظ دستن کي ٽرڪن ۽ جيپن وسيلي روانو ڪيو ويو ته هو گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ انڊونيشي فوج جي اٺن جرنيلن کي اغوا ڪري ”حيلم“ جي هوائي اڏي تائين پهچائين ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ احڪامن تائين کين اُتي رکن، پوءِ جڏهن، اونٿانگ، جيڪو صدر جي محافظ دستي جو ڪمانڊر هو. گرفتار ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته جرنيلن جي گرفتاري ۽ اغوا سندس حڪم تي عمل ۾ آندو ويو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جرنيلن جي قسمت جو فيصلو اڌ رات کانپوءِ ٿيڻون هو. کين قتل ڪرڻ لاءِ اڳواٽ رٿا رٿي ويئي هئي. پروگرام موجب انهن ۾ سرفهرست فوج جو ڪمانڊر ”جنرل ياني“ هو. تنهن کانپوءِ وزير دفاع جنرل سوشن ۽ جنرل سوهارتو جي لاءِ رات جو ٻين کان پوءِ جو وقت متعين ڪيو ويو هو ۽ باقي جنرلن کي ٽين کان پنجين وڳي جي وچ واري عرصي ۾ قتل ٿيڻون هو. فوج جي ڪمانڊر جنرل ياني ءَ سان جيڪي واقعا پيش آيا، تن جا تفصيل ٻن ڪلاڪن اندر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا. هن گهراڻي تي وهيل واپريل درد ناڪ داستان سان هر اک آلي ٿي ويئي، بيگم يانيءَ ٻڌايو ته اڌ رات جو سندن گهر جي ٻاهرين دروازي تي گولي ڇٽڻ جي گوڙ تي گهر جا هڙيئي ڀاتي جاڳي پيا، حملي آورن جي پستول جي گولي دروازي تي لڳل ڪلف کي اڏائي ڇڏيو ۽ هو بنا ڪنهن هٻڪ جي اندر گهڙي آيا، سندس مڙس سمهڻ وارن ڪپڙن ۾ هو ۽ سپاهين کان ان حرڪت جو ڪارڻ پڇيو، بيگم ۽ اٺ ٻار سندسن اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيا هئا سپاهي کيس صدارتي محل هلڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا ۽ سندن چوڻ هو ته هو در تي بيٺل سپاهي کان پڇڻ بنا اندر ڇو آيا ۽ پوءِ جنرل ياني ساڻن هلڻ کان نابري واري، سپاهي کيس زبردستي جهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، پر هو سندن پڪڙ ۾ نه پئي آيو، ايتري ۾ هڪ سپاهيءَ جي گوليءَ جنرل جو سينو چيري ڇڏيو، گولي بلڪل دل وٽ لڳي هئي ۽ هو ٿڌو شوڪارو ڀري اتي ئي ڪري پيو، جنرل جي زال ۽ ٻار روئندا رڙندا اندر داخل ٿيا، پر انهن ڪٺور انسانن سندسن لاش کي اتي پيل غاليچي ۾ ويڙهي ڪلهي تي کڻي لاپرواهيءَ سان ٻاهربيٺل ٽرڪ ۾ وڃي ڦٽو ڪيو. ڄڻ بوسي سان ڀريل ڪا ٻوري هجي. اهو دل ڏاريندڙ منظر ڏسي سندس زال ۽ ٻارن جو هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي رهجي ويو. سندن دنيا اونداهي ٿي ويئي ۽ ڳوڙها سندن مقدر بنجي ويا. جنرل ايس پرمن، جنرل يانيءَ جو اسسٽنٽ هو. ايترو خوشنصيب نه هو، جيترو جنرل ياني نڪتو، جڏهن کيس نيو ويو ته هو جيئرو هو. هڪ مقامي اخبار ۾ جنرل پرمن جي زال جو داستان غم ڇپيو. هن ٻڌايو ته 20 سيپٽمبر جو اڌ رات جو جنرل پرمن معمول مطابق سمهڻ جي لاءِ پنهنجي خوابگاهه ۾ ويو. صبح جو چئين وڳي ڌاري هو گوڙ ۽ شور جي ڪري ٻاهر نڪتو، هن سمجهيو چورن ۽ لوفرن حملو ڪري ڏنو آهي. پر ٻاهر نڪتو ته هن صدر جي محافظ دستي جي ويهن ميمبرن کي ڏٺو. جنرل جي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته کيس سپريم ڪمانڊر (صدر سوئيڪارنو) گهرايو آهي. جنرل پڇيو، ”ڇا حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن؟“.
    ”هائو سائين، حالتون ڏاڍيون خراب آهن“. هنن نهايت عياريءَ سان وارڻي ڏني، جنرل ڪپڙا بدلائڻ جي لاءِ ڪمري ۾ ويو ته سپاهي به سندس پويان ڪمري ۾ هليا آيا. جنرل پنهنجي زال کي چيو ته تون جنرل يانيءَ کي فون وسيلي سڄي صورتحال کان واقف ڪري ڇڏ. جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته سپاهي ڪمري مان ٽيليفون کڻي پي آيو. بيگم پر من کي تر جيترو به شڪ نه ٿيو، ڇو ته جنرل ياني به اڪثر ڪري حسب ضرورت جي گهرائي وٺندو هو. ان واقعي کي منو ڪلاڪ گذريو ته ”جنرل هارجونو“ جي زال روئندي پٽيندي جنرل پر من جو ڏس پُڇڻ پهتي، ڇو ته سندس مڙس کي به سپاهي وٺي ويا هئا، يارهين آڪٽوبر تي ”جنرل پنچتبن“ جو داستان هڪ اخبار ۾ شايع ٿيو.
    ”پرهه ڦٽي کي ڪجهه اڳڀرو گسٽايو دستن جا ڪجهه سپاهي تيزيءَ سان جنرل جي گهر ۾ گهڙي آيا جنرل جو ڀاڻيج جيڪو سندس ذاتي محافظ دستي ۾ شامل هو. تنهن ايندڙن کي روڪيو، پر بيڪار، کيس بنا دير جي گولي هڻي ماريو ويو ۽ جنرل پنهنجي فل يونيفارم ۾ هٿ مٿي کڻندي ڏٺو ويو ۽ جيئن ئي هن گهر کان ٻاهر قدم رکيو، کيس گولي هنئي ويئي ۽ گهٽيءَ ۾ بيٺل هڪ ٽرڪ ۾ بي درديءَ سان سندس لاش ڦٽو ڪيو ويو.
    ان رات صدر جي محافظ دستي ۽ ڪميونسٽ رضاڪارن، جن ڇهن جرنيلن کي رات جو وڳڙي ۾ قتل يا اغوا ڪيو، تن جا نالا آهن ليفيننٽ جنرل احمد ياني، ميجر جنرل ايس پر من، برگيڊيئر جنرل پنچبتن، ميجر جنل سپارٽو، ميجر جنرل هارجونو، ميجر جنرل سوٽوجو، جنرل هارجوئو. ميجر جنرل سوٽوجو، جنرل ياني ۽ هار جونو کي. جنهن وقت ٽرڪن ۾ ڦٽو ڪيو ويو، اُن وقت سندن ڪم لهي چڪا هئا. البت جنرل پنچبتن سخت زخمي هو ۽ حليم جي هوائي اڏي پهچڻ تائين جيئرو هو. جڏهن ٻين کي موت جي ڪٺن مرحلن کي منهن ڏيڻو پيو. انهيءَ ڏينهن صبح جو ٽين وڳي جنرل يانيءَ جو لاش هوائي اڏي تي پهتو ته عجيب جوش ۽ خروش هو. رضاڪار جن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شامل هيون ۽ جن کي سندن اڳواڻ ڪيترن هفتن کان اهو ٻڌائي رهيا هئا ته جيڪڏهن تفريح چاهيو ٿا ته حليم پهچو ۽ جڏهن هنن صدر جي انتقال جي خبر ٻڌي ته ٽولن جا ٽولا ٿي هوائي اڏي تي گڏ ٿيڻ لڳا. انهيءَ ۾ ڪميونسٽ نواز جماعت جا فرد به شامل هئا، جن کي ڪافي مهينا اڳ ان رت ۽ باهه جي هولي کيڏڻ جي تربيت ڏني ويئي هئي ۽ اڄ جي ڊرامي جي لاءِ مڪمل طرح تيار هئا، بعد ۾ اهي ثبوت به مليا ته انهن نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان باقائدي قسم ورتا ويا هئا ۽ انهن عهدنامن تي رت سان صحيحون ڪرايون ويو هيون. ان عهدنامي ۾ لکيل هو ته، جيڪڏهن مونکي مائٽن جي رت سان به هٿ رڱڻا پيا ته به نه ڪيٻائيندس. ان سلسلي ۾ اڻ ڳڻيون ڪوڙيون سچيون ڳالهيون مشهور ٿينديون رهيون، نيٺ ان سفاڪي ۽ انوکي ظلم ۽ ستم جي ڪري فوج ۽ عوام ۾ انهن جي خلاف اهڙي ته نفرت جي لهر اٿي، جنهن نيٺ باغين کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي، ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو ۽ اها ئي نفرت جي لهر سوئيڪارنو جي ڪمن تي پاڻي ڦيري ويئي ۽ زوال جو سبب بنيس، انهن ظلمن جي روئيداد ٻڌائيندي، پندرهن ورهين جي جميلا بيگم، جڪارتا ”ڊيلي ميل“ جي خاطوءَ کي ٻڌايو ته، اسان ۾ ننڍا تيز چاقو ۽ بليڊ ورهايا ويا، منهنجي حصي ۾ بليڊ آيو. اسان پري کان هڪ شخص ڏٺو جيڪو سمهڻ وارن ڪپڙن ۾ هو، هٿ ۽ اکيون ڳاڙهي رومال سان ٻڌل هيس، ان جي ويجهو پهتاسين ته اسانجي پلاٽون ڪمانڊر اسانکي حڪم ڏنو ته هن شخص جي خوب مرمت ڪرڻي آهي ۽ تنهن کانپوءِ هن جي مخصوص عضون کي وڍڻ جو حڪم مليو، ساوتر ۽ سندس زال جيڪي پنهنجي علائقي جا ڪمانڊر هئا، حڪم ملندي ئي اڳيان وڌيا ۽ ٻئي انتهائي بي درديءَ سان اُن کي ڪُٽڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڙئي ڪامريڊ مٿس ٽٽي پيا ۽ مان به انهن ۾ شامل هئس سؤ جي لڳ ڀڳ ڇوڪرين اڳيان وڌي کيس چهڪ ڏيڻ شروع ڪيا، ڪنهن هن جي هٿ ۾ چاقو ٿي هنيو ته ڪنهن ڪنڌ تي وار ٿي ڪيس ،سندس ٻڌل هٿ کُلي چڪا هئا، جسم مان رت ٺينديون ڪري وهي رهيو هئس. هڪ جواڻ جماڻ ڇوڪريءَ وڌي سندس رانن ۾ چاقو جا وار ڪري رهي هئي، پوءِ نوجوان جو هڪ ريلو آيو، انهن مان ڪنهن فائر ڪيو، جيڪو سندس ڪلهي کي زخمي ڪري ويو، گوليءَ جو گهاءُ سهي هو ٿڙيو، پر ڪريو ڪونه، ٻيو فائر ٽنگن تي هئس، ٽيو شايد پيٽ ۾، اهو شخص زخمن سبب چور ٿي ڪري پيو، سندن جسم ڪُٺل ڪڪڙ وانگر تڙپڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ سبز وردي پاتل ڪمانڊر خاص ڪاروائيءَ جو حڪم ڏنو. اهو حڪم فقط ڇوڪرين کي پورو ڪرڻو هو. هن جي مخصوص عضوو تي چاقو هڻڻ ۽ پوءِ انهن حصن کي ڪٽي وٺڻو هو. ايستائين جو اهو شخص مري نه وڃي‘.
    اپريل 1965ع، انڊونيشيا جي لاءِ هڪ خوني دور کڻي نمودار ٿيو ۽ اُتي جي عوام جو هيرو، احمد سوئيڪارنو جيڪو ويهن سالن کان لڳاتار عوام جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو هو، انتهائي غير متوقع طور تي زوال جو شڪار ٿي ويو. صدر سوئيڪارنو جي شخصيت ڇا هئي؟ تنهن جو سڌو سادو جواب هيءُ آهي ته هو مجسم پيار هو. هو پنهنجي ملڪ سان پيار ڪندو هو، کيس پنهنجي هم وطنن سان پيار هو، هو پنهنجي تهذيب جو عاشق ۽ آرٽ جو پروانو هو ۽ هن صحتمند اصولن تي قوم جي تعمير ٿي چاهي، هو اتحاد جو علمبردار هو. سندس شخصيت اها هئي ته هڪ ڀيري ڪنهن اخباري خاطوءَ جي سوال تي ”ته تو انڊونيشيا کي غربت، بک ۽ افلاس کانسواءِ ٻيو ڇا ڏنو“؟ جتي جواب ۾ چيائين ”ٻڌ آئون ٻڌايان ٿو ته اسان انڊونيشيا کي ڇا ڏنو آهي، اسان ننڍن ننڍن ٻيٽن کي هڪ قوم جي شڪل ۾ متحد ڪيو آهي، جتي هندو، مسلم، سک پنهنجي الڳ معاشرتي، مذهبي، اقتصادي، عقيدن جا پيروڪار هئا، سي هاڻي فقط انڊونيشي عوام آهن، ڇا اها اسانجي ترقيءَ جو دليل ڪونهي.“

    (ٽارچي وٽاچي جي ڪتاب ”سوئيڪارنو جو زوال“ جو هڪ باب)


    جارج واشنگٽن کي قتل ڪرڻ جي سازش

    اسانجو گهراڻو پيڙهين کان نيويارڪ ۾ رهندو پيو اچي، منهنجو نالو انٿوني پورٽر آهي. اهو نالو منهنجي ڏاڏي جي نالي جي پويان رکيو ويو آهي، 21 ڊسمبر 1820جي ڳالهه آهي، ويرڪ اسٽريٽ تي واقع مورٽير هائوس، چارلٽن جي آخر ڪنڊ ۾ منتقل ڪيو ويو هو، هاڻي اهو علائقو نيويارڪ جي وچ ۾ اچي ويو آهي، اتان منتقلي جي موقعي تي منهنجي ڏاڏي انٿوني پورٽر ڪجهه وقت لاءِ نوڪرن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون.
    ان پراڻي حويليءَ کي هڪ اعزاز اهو به حاصل آهي ته اها جون 1776ع کان سيپٽمبر 1976 تائين جارج واشنگٽن جي هيڊ ڪوارٽر طور استعمال ڪئي ويئي، اُتان لڏڻ جي موقعي تي رنڌڻي جي چمنيءَ جي هڪ سر اکڙيل هئي. ۽ ان جي پويان پيل هڪ خط مليو، اهو خط ’ليفٽيننٽ جنرل سروليم هووو‘ جي نالي لکيو ويو هو. خط تي 29 جولاءِ 1776ع جي تاريخ پيل هئي، سروليم انهن برطانوي فوجن جو ڪمانڊر هو، جيڪي نيويارڪ جي آس پاس گڏ هيون.
    اڻڄاتل سببن جي ڪري انگريز قاصد اهو خط ڪڍڻ کان لاچار رهيو، جيڪو کيس ان ڳجهي هنڌ تان ڪڍي، پنهنجي منزل تائين پهچائڻو هو، اهڙي طرح اهو خط پنهنجي منزل تائين پهچي نه سگهيو.
    منهنجن وڏن اهو خط يادگار طور پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو هو، پر پويون پيڙهيون ماضيءَ جي بدران مستقل تي وڌيڪ نگاهه رکن ٿيون. تنهنڪري اسانجي گهراڻي جي ٻين ڪاغذن سان گڏ ان خط تي به وقت جي دز ڄمندي رهي، آئون جيئن ته پنهنجي نسل جو آخر فرد هئس ۽ مون شادي به نه ڪئي هئي، تنهنڪري منهنجو شجرو اڳيان وڌڻ جو ڪوبه امڪان نه هو، انڪري منهنجي دلچسپي پنهنجي بزرگن جي نشانين ۾ وڌندي رهي.
    ۽ جڏهن مون اهو خط پڙهيو ته اُن جي متن مونکي متاثر به ڪيو هو ته مونجهاري ۾ به وڌو هو خط جو مضمون هيٺين ريت هو.
    ”محترم ۽ مانوارا جناب جنرل صاحب!.
    جڏهن هيءَ خط اوهان تائين پهچندو، ان وقت تائين اوهان هن خط جي هڪ اهم اطلاع کان واقف ٿي چڪا هوندا يعني اسانجو ويري جارج واشنگٽن مري چڪو هوندو، هن جي مرڻ کانپوءِ سندس فوج جي حيثيت هڪ اهڙي نانگڻ جهڙي وڃي رهندي، جنهن جو ڪنڌ ڪپيو ويو هجي ۽ اُميد اٿم ته سج لهڻ تائين دشمن جو صفايو ٿي چڪو هوندو، ان وقت تائين آئون به مري چڪو هوندس، پر اها ڳالهه منهنجي ۽ منهنجي خاندان کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي لاءِ به اهم نه هوندي، آئون جنرل واشنگٽن جي اداري ۾ هڪ بورچيءَ جي حيثيت سان شامل آهيان ۽ اوهانکي باغين جي منصوبن ۽ انهن صف بندين جي باري ۾ خبرون موڪليندو رهندو آهيان ۽ اها ڳالهه منهنجي ۽ منهنجي پيڙهين لاءِ انتهائي سرهائيءَ جو سبب آهي، جو مونکي تاج برطانيه جي لاءِ هڪ انتهائي اهم خدمت انجام ڏيڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، جنرل واشنگٽن هڪ تنهائي پسند شخص آهي ۽ پنهنجي ڏندن جي تڪليف جي ڪري گهڻو ڪري اڪيلو ماني کائيندو آهي، مٿي جي سور جي ڪري سندس ذائقي جي حس به تمام گهڻي خراب آهي، اڄ رات مون هن لاءِ گوشت جو ٻوڙ، بصر ۽ پٽاٽا رڌيا آهن ۽ گڏوگڏ هڪ خاص زهر انهن ۾ گڏيو اٿم، اهو هڪ ڳاڙهو ميوو آهي، جيڪ نائٽ شيڊ فئمليءَ جي هڪ زهريلي ٻوٽي تي ڦٽي ٿو. جناب عالي کي اندازو هوندو ته اهو هڪ انتهائي ڏکيو ڪم آهي ۽ مان باعزت شخص آهيان ۽ اڄ ڏينهن سوڌي مون لک ڇُپ ۾ ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچايو آهي، تنهن کانسواءِ منهنجي خيال ۾ جنرل واشنگٽن هڪ عظيم اڳواڻ آهي، سندس بلند رتبي کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، خطرن ۾ هوشمنديءَ کان ڪم وٺڻ سندس شيوو آهي، سندس ديانتداريءَ جون ڳالهيون چوڌاري پکڙيل آهن، سندس همت ۽ تدبيري کان اوهين پاڻ واقف آهيو پر ... پر جيئن ته هو تاج برطانيه جناب جارج جي خداداد حڪومت جي خلاف باغياڻين سرگرمين ۾ ملوث آهي، تنهنڪري تاج برطانيا جي هڪ وفادار جي حيثيت سان منهنجو فرض آهي ته آئون پنهنجي طور تي جڏهن به مناسب موقعو مليم، سندس ڪم لاهي ڇڏيان، مونکي افسوس آهي جو آئون هڪ وڏي ماڻهوءَ جارج واشنگٽن جي موت جو ذميوار آهيان. پر اهو احساس منهنجي افسوس تي غالب اچي ويندو ته اهو ڪم خدا، بادشاهه سلامت ۽ پنهنجي عظيم ملڪ لاءِ سرانجام ڏنو اٿم“.
    اُت ڪجهه سٽون خالي هيون، ڄڻ خط اڌ ۾ ڇڏيو ويو هجي، تنهن کانپوءِ خط ٻيهر لکيو ويو هو.
    ”شڪر آهي جو مون پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو آهي، مون جنرل جو موت سندس خاص خادم جي هٿن ۾ پهچائي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي طرح، جيئن ته مون پنهنجي بادشاهه (خدا کيس قيامت تائين سلامت رکي) سان ڪيل عهد پورو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مونکي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪرڻي آهي، آئون هي خط مقرر جڳهه تي رکي ڇڏيندس، جيئن ته مونکي جنرل جي حامين پاران وحشياڻي انتقام جو ڊپ آهي، تنهن ڪري آءُ پنهنجو پاڻ کي ماري رهيو آهيان، زهر کائڻ تي دل نه ٿي چويم، پنهنجي ڳري بت سبب ڦاهو وجهي مرڻ کابه لاچار آهيان، تنهن ڪري چاقوءَ کان ڪم وٺي رهيو آهيان، ان ڪم ۾ مونکي چڱي مهارت حاصل آهي.
    الوداع! منهنجي درخواست هيءَ آهي ته مونکان پوءِ منهنجي زال ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو وڃي، آئون کين تاج برطانيه جارج جي سخاوت جي آسري تي ۽ سروليم اوهانجي پناهه ۾ ڇڏي وڃي رهيو آهيان. مونکان پوءِ منهنجي شهرت اُن ڳالهه جو ثبوت هوندي ته مون اوهانجي خدمت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي، آئون دل سان پنهنجي ملڪ، پنهنجي بادشاهه ۽ اوهانجي بلند اقبال لاءِ دعاگو آهيان، مونکي فخر آهي ته آئون سدائين اوهانجو وفادار رهيو آهيان.

    اوهانجو حقير فرمانبردار
    (صحيح)
    جيمز بيلي

    ان خط ۾ جوليس سيزر جي قتل کانپو تاريخ جي سڀ کان اهم قتل جو تفصيل بيان ڪيو ويو هو. پر ڏکيائي اها هئي ته اهو واقعو ڪڏهن به نه ٿيو هو، اسان سڀني کي خبر آهي ته جارج واشنگٽن ان کانپوءِ به پورا ٽيويهه سال يعني 1799ع تائين جيئرو رهيو ۽ ان ڳالهه جو ڪٿي به ڪو نشان ڪونهي ته 1776ع ۾ ڪنهن هن جي جان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اها حقيقت آهي ته جيمز بيلي ان قتل جي مفروضي جي انتقامي ڪارروائي جي خوف ۽ ندامت سبب پاڻ کي ماري ڇڏيو. هن پنهنجو پاڻ کي اهڙي ڏوهه جي سزا ڏني، جيڪو هن ڪيو به نه هو.
    مون پاڻ کي ان قتل جي تحقيق جي سلسلي ۾ وقف ڪري ڇڏيو، ڪڏهن ڪو قتل، قتل نه هوندو آهي؟ اهو سوال ٻارن جي ڳجهارت جيان منهنجي ذهن ۾ ڦرندو رهيو، ڪڏهن به ڪو زهر زهر نه هوندو آهي..؟
    پوءِ مون پنهنجو ڌيان اُن ميوي ڏانهن ڏنو، جنهن جو ذڪر جيمز بيليءَ پنهنجي خط ۾ ڪيو هو، ڳاڙهو ميوو. منهنجي نگاهه ۾ هڪ اهم شاهدي هئي ۽ مون تحقيق جي شروعات ڪري ڇڏي.
    نيٺ مان ”نائٽ شيڊ فئمليءَ“ جو هڪ اهڙو ٻوٽو ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس،جنهن تي ڳاڙهو ميوو ڦٽندو هو، آمريڪا ۾ اهو ميوو 1882 تائين زهريلو سمجهيو ويندو هو. اهو ميوو تڏهن به موجود هو ۽ هينئر به آهي ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي، اسين کيس ٽماٽي جي نالي سان سڃاڻون ٿا.

    ليکڪ: رچرڊ ايم گورڊرٽ


    ايمنسٽي انٽرنيشنل : انساني حقن جي عالمي تنظيم

    اڄ جي دور ۾ انسان حقن جي تحفظ تي خاص طور تي زور ڏنو ويندو آهي ۽ جمهوري رياستون انساني حقن کي پنهنجي دستور جي ذريعي خصوصي تحفظ فراهم ڪنديون آهن، جڏهن ته عالمي سطح تي ڪجهه ادارا اهڙا به آهن. جيڪي سڄي دنيا جي انسانن جي، انساني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن. انهن مان هڪ ادارو ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ پڻ آهي، جيڪو 28 مئي 1961ع تي لنڊن ۾ قائم ڪيو ويو. اداري جو هيڊڪوارٽر به لنڊن ۾ ئي آهي، انهي جي ٺاهڻ ۾ ”پيٽر بيننسن“ اهم ڪردار ادا ڪيو. پيٽر هنگري، اسپين ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ سياسي قيدين جو دفاعي وڪيل رهيو هو. پيٽر 1960ع ۾ پرتگالي ڊڪٽيٽر ’جنرل استونيو سالازار‘ طرفان ٻن شاگردن کي حڪومت مخالف نظرين تي عمل جي ڪري ست سال قيد جي خلاف تحريڪ هلائي هئي ۽ پورچو گالي ڊڪٽيٽر جي خلاف هڪ مضمون لکيو، جنهن ۾ هن پورچو گالي عوام تي زور ڀريو هو ته هو انهن ٻن شاگردن ۽ ٻين سياسي قيدن جن کي حڪومت سندن سياسي ۽ مذهبي نظرين جي آڌار تي قيدين ڪري رکيو آهي، تن جي آزاديءَ جي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وجهن، انهيءَ واقعي جي ٻي سال 1961 ۾ هن ايمنسٽي انٽرنيشنل جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو ويو، اداري جي بانين ۾ آئرش رهاڪو سيف ميڪ برانڊ جو نالو به قابل ذڪر آهي، جيڪو 1961 کان وٺي 1974ع تائين اداري جي انتظامي ڪيمٽيءَ جو چيئرمين رهيو ۽ انساني حقن جي واڌاري جي ڪوششن جي خدمت جي مڃتا طور 1974ع ۾ کيس امن جو نوبل انعام پڻ ڏنو ويو.
    ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي مقصد جي حاصلات جي لاءِ انساني حقن جي انهي عالمي چارٽر تي عمل ڪري ٿي. جيڪو 10 ڊسمبر 1948ع تي گڏيل قومن ڳري اڪثريت سان منظور ڪيو هو، انهيءَ اداري جا اهم مقصد هيٺين ريت آهن.حڪومت مخالف مذهبي ۽ سياسي نظرين جو اظهار ڪندڙ ماڻهن کي انهن حڪومتن جي قيد ۽ بند مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ، بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي متڀيد، زبان ۽ جنس جي فرق جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، عورتن، ٻارن ۽ پناهگيرن جي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ، سڀني قيدين جي خلاف غير انصافي ورتاءُ ۽ تشدد جو خاتمو، سياسي موتن ۽ اغوائن جو خاتمو، حڪومتن ۽ با اثر ماڻهن طرفان عدالتن کان مٿاهن قتلن جو خاتمو، اهڙن ماڻهن کي ٽحفظ فراهم ڪرڻ جيڪي جيڪڏهن واپس پنهنجي وطن موٽي وڃن ته انهن سان مخصوص سببن جي ڪري غير انساني سلوڪ نه ڪيو وڃي، ٻين بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن سان سهڪار ڪرڻ، انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندڙ حڪومتن جي خلاف عالمگير مهم هلائي ٿي. انهن جي خلاف مضمون لکيا وڃن ٿا. نيوز ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن ٿيون ۽ انهن حڪومتن کان خطن جي ذريعي انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ جي اپيل ڪئي وڃي ٿي. گڏوگڏ اهڙا پروگرام به ترتيب ڏنا وڃن ٿا. جن جي ذريعي ماڻهن ۾ شعورو آگهي پيدا ٿي سگهي، پنهنجي قيام کان وٺي هيستائين ايمنسٽي انٽرنيشنل انساني حقن بابت 5000 کان به وڌيڪ ڪيسن تي ڪم ڪيو آهي، پنهنجي سالياني رپورٽ براءِ 2002ع ۾ انهن 152 ملڪن جو به ذڪر ڪيو آهي، جتي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انساني حقن جي حالت اطمينان بخش ڪونهي.
    ايمنسٽي انٽرنيشنل جي حوالي سان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو ادارو ڪنهن ملڪ يا حڪومت جي ملڪيت ڪونهي، بلڪه مڪمل آزاد ۽ خود مختيار ادارو آهي، اهو نه ته ڪنهن حڪومت يا سياسي نظام جي حمايت ڪري ٿو ۽ نه مخالف. هيءَ ادارو ڪن مخصوص نظرين ۽ خيالن جو حامي ۽ مخالف به ڪونهي، پر انهيءَ جو ڪم اڻ ڌريي نموني سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي بنا ڪنهن فرق، متڀيد ۽ جنس جي حفاظت ڪرڻ آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل جا هڪ ملين ميمبر، دنيا جي 160 ملڪن ۾ موجود آهن جيڪي مختلف ملڪن، علائقن مذهبن ۽ نظرين ۽ خيالن سان واسطو رکڻ جي باوجود به گڏجي سڏجي گڏيل مفادن جي حصول لاءِ ڪم ڪن ٿا، اهي ميمبر عام طور تي گروپن، جهڙوڪ: شاگرد، پيشه ور ۽ ٻين علائقائي گروهن جي صورت ۾ ڪم ڪن ٿا.
    تنظيمي جوڙ جڪ جي لحاظ کان” ايمنسٽي انٽرنيشنل“ جا ٽي اهم ادارا بين الاقوامي ڪونسل، بين الاقوام انتظامي ڪميٽي ۽ بين الاقوامي سيڪريٽريٽ آهن، اداري جا اهم فيصلا ۽ پاليسي سازي ڪونسل ٿي ڪري، جنهن جو هر ٻي سال اجلاس ٿيندو آهي، ڪونسل کي اداري جي قانونن ۾ ترميم ڪرڻ جو اعليٰ اختيار پڻ حاصل آهي، تنهن کانسواءِ ڪونسل انتظامي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي چونڊ به ڪندي آهي، انتظامي ڪميٽي انهن رضاڪارن تي ٻڌل آهي، جيڪي ڪونسل جي فيصلن کي تڪميل تائين پهچائين ٿا، انهن کانسواءِ ڪونسل سيڪريٽري جنرل جي چونڊ پڻ ڪندي آهي، جيڪو اداري جي بين الاقوامي سيڪريٽريٽ جو سربراهه هوندو آهي.
    ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي محنت سان سڄي دنيا ۾ پنهنجو منفرد ۽ نمايان مقام پيدا ڪيو آهي، پهرين اهو ادارو مختلف حڪومتن کي خط لکي بيگناهه سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ دٻاءُ وجهندو هو، ادارو اهڙين حڪومتن جي خلاف مضمون پڻ لکندو رهيو آهي، جيڪي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث رهيون آهن، ايتريقدر جو 1964ع ۾ ڪيترائي ملڪ پنهنجي بيگناهه سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا، 1972ع ۾ اداري هڪ عالمگير مهم هلائي، جنهن جو مقصد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ٿيندڙ هر قسم جي تشدد جو خاتمو هو، انهي سلسلي ۾ اداري هڪ 12 نقاطي پروگرام جي شروعات ڪئي، 1977ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل سڄي دنيا مان ’موت جي سزا‘ ختم ڪرڻ واسطي عالمگير مهم هلائي. اداري جي نظر ۾ جيئن ته موت جي سزا جو قانون انسان جي بنيادي ۽ سڀ کان اهم انساني حق، زندگيءَ جي حق جو خاتمو ٿو ڪري ڇڏي، تنهنڪر ي انهيءَ سزا جو خاتمو ضروري آهي، پر اداري جي انهي مهم ۽ موقف جي مخالفت ڪندي قدامت پسند ليکڪ ”وليم بڪلي“ اداري جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته انهيءَ تحريڪ جي ڪري اداري جو مقصد بدلجي ويندو ۽ ادارو سياسي قيدين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ بدران قاتلن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ لڳندو. آڪٽوبر 2000ع ۾ اداري هڪ ٻي عالمگير تحريڪ تشدد جو مقابلو ڪرڻ جو لاءِ هلائي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ تشدد جي خلاف گڏيل جاڳرتا پيدا ڪرڻ هو.
    انهن سڀني تحريڪن ۽ ڪن حالتن ۾ ماڻهن ۽ قيدين جي مالي امداد ڪرڻ ۽ پنهنجي خرچ پورا ڪرڻ جي مد ۽ ادارو پنهنجي سالياني بجيٽ پڻ مرتب ڪري ٿو.
    01-2000ع ۾ اداري جي بجيٽ 19510000 پائونڊ هئي، ادارو ڪنهن حڪومت يا ملڪ کان ڪنهن به قسم جي مالي مدد نٿو وٺي پر اداري جا ميمبر ۽ مخير ماڻهو انهيءَ جي مالي مدد ڪندا آهن، ڪنهن ملڪ يا حڪومت کان مالي امداد وصول نه ڪرڻ جو بنيادي مقصد اهوئي آهي ته ادارو بنا ڪنهن رياستي ۽ حڪومتي دٻاءُ جي آزادي ۽ انصاف سان پنهنجا مقصد پورا ڪندو رهي، پر سٺ ماري ڏاڪي ۾ اداري تي آمريڪي حڪومت ۽ سي آءِ اي کان مالياتي امداد وصول ڪرڻ جا آروپ پڻ لڳايا ويا، جنهن اداري جي ساک کي ڪافي نقصان پهچايو هو، انساني حقن جي تحفظ جي سلسلي ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ڪيل ڪوششن کي واکاڻيندي 1977ع ۾ کيس ”امن جو نوبيل انعام“ پڻ ڏنو ويو.
    ماضيءَ جيان اڄ به ادارو پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ فعال ڪردار ادا پيو ڪري، جهڙوڪ افغانستان ۽ عراق تي ڪيل آمريڪا جي حملن ۾ انساني حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين جي پيش نظر اداري اتحادين کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو، انهيءَ حوالي سان اداري پنهنجي 2002ع جي سالياني رپورٽ ۾ آمريڪا ۽ برطانيا پاران افغانستان جي شهرن تي مهلڪ هٿيارن، ڪلسٽر ۽ ڊيزي ڪٽر بمن جي واهپي تي پنهنجي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اتحادي فوج جي خلاف تحقيقات جي گهر ڪئي ۽ افعاني قيدين سان آمريڪا جي غير انساني سلوڪ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي، انهيءَ حوالي سان اداري جو آمريڪا کان اهو مطالبو آهي ته افغان قيدي جيڪي ’گوانٽانامو بي‘ ۾ حراست هيٺ آهن، تن کي جنگي قيدي مڃي ٽين جنيوا ڪانفرنس موجب سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ انهن جي انساني ۽ بنيادي حقن جو احترام ڪيو وڃي، انهيءَ سلسلي ۾ اداري جي پاران آمريڪي علمدارن ڏانهن خط به موڪليا ويا.
    آمريڪا ۽ عراق جنگ ۾ به آمريڪا ۽ برطانيا پاران عراقي شهرين تي ڪلسٽر بمن جي گهڻي استعمال تي اداري سخت تنقيد ڪئي هئي ته جيڪڏهن آمريڪا، عراقي شهرين جي تحفظ جي معاملي ۾ سنجيدهه آهي ته کيس ڪلسٽر بمن جو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
    اداري جي پاليسي آهي ته هو اهو فيصلو نٿو ڪري ته ڪنهن ملڪ جي خلاف فوجي ڪارروائي درست آهي يا نه، پر هن جو ڪم انهيءَ ڳالهه جو جائزو وٺڻ آهي ته جنگ جي دوران به انساني حقن جو تحفظ ڪيئن ٿو ممڪن بنائي سگهجي، عراق ۾ جنگ کانپوءِ به ايمنسٽي انٽرنيشنل جو آمريڪا کان مطالبو رهيو ته جلد کان جلد عراق ۾ گڏيل قومن جي خصوصي ماهرن جي ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا عراق جي زبون صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اصلاحي پروگرام ۽ تجويزون ڏيئي سگهي، تنهن کانسواءِ جنگ جي ستايل مظلوم عوام کي ترجيحي بنيادن تي دوائون، ميڊيڪل جون سهولتون، غذا، پاڻي، امن ۽ انصاف فراهم ڪري ڦرلٽ جو خاتمو ڪيو وڃي.
    جيتوڻيڪ جنگين ۽ تڪرارن جي ڪري انساني حقن جي تحفظ ۽ پاسداريءَ جو خيال هڪ خواب بنجي رهجي ويو آهي، پر انهيءَ جي هوندي به ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڀرپور ڪوشش رهي آهي ته ٻين ادارن سان گڏجي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ واڌاري جي لاءِ جيترو ممڪن ٿي سگهي، ڪم ڪندو رهي. عجب ڳالهه اها آهي ته اهي ملڪ جيڪي ٻين قومن جي انساني حقن جي سنگين نوعيت جي پاماليءَ ۾ ملوث آهن ۽ جن جا هٿ ٻين ملڪن جي راهه گناهه عوام جي رت سان رڱيل آهن، انهن ئي ملڪن جي مٽيءَ مان انساني حقن جي تحفظ جون ڳالهيون ڪرڻ وارا ماڻهو ۽ ادارا جنم وٺي رهيا آهن.


    اسڪندريه جي قديم لائبريري

    سڪندراعظم جي فتحن يورپ، ايشيا ۽ آفريقا تي وڏا اثر ڇڏيا، سڪندر جي دل ۾ سڄي دنيا تي حڪمرانيءَ جي زبردست خواهش هئي، تنهن ڪري هن اُن وقت جي ننڍي دنيا جي ڏورانهن هنڌن جو سفر ڪيو، جيتوڻيڪ سڪندر جو سڄي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ وارو خواب پورو ٿي نه سگهيو، پر هن اسڪندريه لائبريري جو بنياد رکي جيڪو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو، تنهن سڪندر جو نالو هميشه جي لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيو.
    اسڪندريه جي لائبريري 295 قبل مسيح ۾ ٺاهي ويئي، سڪندر کان پوءِ مصر جي بنجندڙ بادشاهه بطليموس پهرينءَ، ارسطو جي هڪ شاگرد ڊيماطرس Demetrius کي لائبريري ۽ عجائب گهر جو انچارج مقرر ڪيو.
    روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊيماطرس وٽ وڏي بجيٽ هئي، جنهن سان هو بادشاهه جي خواهش موجب اُن وقت جي معلوم دنيا جا هڙئي ڪتاب حاصل ڪري ٿي سگهيو. هن پنج لک ڪتاب گڏ ڪرڻ جو حدف مقرر ڪري رکيو هو ۽ بطليموس خاندان انهي حدف کي ڪيئن پورو ڪيو، تنهن بابت ڪيتريون ئي غير معتبر ڪهاڻيون مشهور آهن، اسڪندريه ايندڙ جن به مسافرن وٽ ڪتاب هوندا هئا، اهي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حاصل ڪيا ويندا هئا. هڪ ٻي ڪهاڻي موجب بطليموس ئي، اٿينس جي عملدارن کي اها هدايت ڪئي هئي ته هو اسڪائي لس، سوفو ڪليز ۽ يورپيڊيز جي اصل مخطوطن کي چاندي جي گهڻي مقدار جي عيوض حاصل ڪن ۽ انهن مخطوطن جي هڪ هڪ ڪاپي لائبريري ۾ محفوظ ڪري اصل مخطوطا انهن جي مالڪن جي حوالي ڪيا وڃن ۽ پنهنجي چاندي واپس ورتي وڃي، پر ڪتاب عام طور تي اٿينس جي واپارين، عالمن ۽ رومي سمنڊ جي ڪناري وارن مشهور شهرن مان خريد ڪيا ويندا هئا. ائين اهو چئي سگهجي ٿو ته اسڪندريه لائبريري ۾ سڀئي يوناني ڪتابن جو ذخيرو موجود هو.
    اسڪندريه لائبريري جي بنياد جو اصل مقصد سڀني قومن ۽ ملڪن جي ڪتابن کي گڏ ڪرڻ هو، تنهن ڪري اتي يونان کانسواءِ ٻين ملڪن جا ڪتاب به گڏ ڪيا ويا، مصر جي مشهور مذهبي اڳواڻ مان گهڻن جا لکيل مذهبي مقدس ڪتاب هتي موجود هئا. بابل جي مذهبي اسڪالر، مپيروساس جي تاريخ بابل، پڻ حاصل ڪئي ويئي، اهڙي طرح ڪالي ماچس Calli Machus جي هڪ شاگرد هرمپس Hermippus زرتشت مذهب تي In two Million Lines نالي جيڪو ڪتاب لکيو هو. اهو به اسڪندريه لائبريري جي لاءِ حاصل ڪيو ويو، جنهن مان ظاهر آهي ته هتي اهل فارس بابت مواد پڻ موجود هو. ٻڌ ڌرم بابت مواد جي نشاندهي ان ڳالهه مان ٿئي ٿي ته هندستان جي بادشاهه اشوڪ اعظم ۽ بطليموس ٽي جي وچ ۾ سفيرن جي ڏي وٺ ٿي هئي. اسڪندريه ۽ مصر جي يهودين توريت جو يوناني زبان ۾ ترجمو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عهد نامه عتيق Septua Gint سامهون آيو. جيڪو دنيا جي ترجمن جي تاريخ ۾ نهايت اهم ۽ ملهائتو ڪتاب آهي.
    اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ انهيءَ لائبريري جي عمارت ڪتابن جي لاءِ ننڍي ٿي پئي، تنهن ڪري بطليموس ٽي 221-246 قبل مسيح ۾ لائبريري جي نئين اڏيل برانچ Serapeumکي به انهيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
    هڪ انداز موجب لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو ڪل تعداد پنج لک هو، ڪن روايتن موجب ڪتابن جو تعداد ست لک هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ زماني جي حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب اها لائبريري تباهه ٿي ويئي ۽ ثابتين مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته قيصر روم سان جنگ جي دوران سمنڊ جي ويجهو هئڻ سبب لائبريري مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويئي، انهيءَ کان پوءِ برانچ لائبريري لڳ ڀڳ چئن صدين تائين علم جي اُڃارن جي علمي اُڃ اُجهائڻ کان پوءِ 391 ق . ۾ شاهي زوال سان گڏ ختم ٿي ويئي.
    قديم اسڪندريه لائبريري جو نالو اڄ انهيءَ ڪري جيئرو ۽ ياد آهي ته انهيءَ پهريون ڀيرو هڪ عظيم الشان سائنسي تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن جي ڪري اُن وقت جي سڀني علمن کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ ۾ سولائي ٿي.
    اسڪندريه لائبريري جي بي مثال خدمتن جي ڪري انهي دور جي عظيم محققن اهڙا ته نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا، جيڪي انساني علمن جي ترقي ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکن ٿا. ڪالي ماچس ۽ ٽيوڪريٽس شاعريءَ ۾ ايلڊس Eliclid، رياضي ۾ هيروفلس ۽ گيلن، طب ۾ اسٽارڪس، ايراتسطين ۽ بطليموس جاگرافي ۽ فلڪيات ۾، پلونئنس، فلسفي ۾ ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن مختلف علمن ۾ نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا، تنهن ڪري اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته اسڪندريه لائبريري علمن کي علائقائي حدن مان ڪڍي بين الاقوامي حيثيت ڏني، ائين اها پهرين بين الاقوامي لائبريري هئي.


    دنيا جو چوٿون عجوبو : اولمپيا ۾ زيوس ديوتا جو مجسمو

    هن جي ساڄي هٿ ۾ عاج ۽ سون مان تراشيل فتح جو نشان ۽ کاٻي هٿ ۾ شاهي عصا هئي، جيڪا دنيا ۾ دستياب سڀني ڌاتن جي ميلاپ سان ٺاهي ويئي هئي. عصا جي مٿان هڪ عقاب تراشيو ويو هو، ديوتا جي قبا ۽ تاج سون جا هئا. اهو دنيا جو چوٿون عجوبو (تعمير جي سن جي حساب سان) هو، جيڪو زيوس ديوتا جي نالي سان موجوده يونان جي گادي واري شهر اٿينس کان 150 ڪلوميٽر پري اولهندي ساحلي علائقي اولمپيا نالي وسنديءَ جي هڪ مندر ۾ کتل هو. قديم زمانن ۾ يوناني پنهنجي ديوتائن جي شهنشاهه زيوس جي اعزاز ۾ پنهنجو هڪ نهايت اهم ڏڻ ملهائيندا هئا، جنهن کي ’اولمپڪ رانديون‘ چيو ويندو هو. جديد اولمپڪس وانگر قديم راندين ۾ به ايشياءَ ڪوچڪ، شام، مصر ۽ سسليءَ جهڙن ڏورانهن علائقن کان رانديگر انهن راندين ۾ شرڪت جي لاءِ ايندا هئا. انهن راندين جي شروعات 776 قبل مسيح ۾ ٿي ۽ اهي يونان جي اولهندي علائقي جنهن کي انهن ڏينهن ’پيلو پونيسس‘ چوندا هئا، اتي موجود مندر ۾ ٿينديون هيون، يونان جي شهرن ۽ رياستن کي متحد رکڻ جي خاطر هر چئن سالن کانپوءِ اهي رانديون ٿينديون هيون، راندين جي دوران مقدس امن جو اعلان ڪيو ويندو هو ۽ جنگيون روڪيون وينديون هيون. اولمپيا (جتي اهي رانديون ٿينديون هيون) ڏانهن ويندڙ سڀني مسافرن کي حفاظت سان سفر ڪرڻ جي ضمانت ڏني ويندي هئي.
    اهو هنڌ راندين جي لاءِ هڪ اسٽيڊيم ۽ وڻن جي سڳوري جُهنڊ تي مشتمل هو، جنهن ۾ مندر به هئا، ابتدائي دور زيوس ديوتا جو مندر بنهه سادو ۽ عام هو، پر جيئن جيئن اولمپڪ راندين جي شهرت ويئي وڌندي ۽ ان ۾ شرڪت ڪندڙن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو، تيئن انهيءَ ڳالهه جي به گهرج محسوس ٿي ته زيوس ديوتا جو هڪ اهڙو مندر اڏيو وڃي جيڪو ديوتا جي شان وٽان هجي، تنهن ڪري 970 قبل مسيح کان 460 قبل مسيح جي دوران هڪ نئين مندر جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو، مندر جو ڊزائنر ايليس جو هڪ رهاڪو ليبسون هو، اهو شاهڪار 456 ق م ۾ اڏجي تيار ٿيو، مندر پراڻن يوناني مندرن جي طرز تي اڏيو ويو ۽ اهو اٿينس جي پارٿينينس ۽ افيسس جي آر ٿي مس ديوي جي مندر سان مشابهت رکندڙ هو.
    مندر هڪ مٿانهين مستطيل چبوتري تي اڏيو ويو. طرفن ۾ تيرهن ۽ هر ڪُنڊ ۾ ڇهه ڇهه وڏا ٿنڀا، ڇت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا، عمارت جي ڇت ڪافي اوچي هئي، لاهياري ڇت جا آخري ڪنارا ٽڪنڊن جهڙا هئا ۽ اُنهن تي بهترين چٽ گل ٺاهيا ويا هئا، آخري حصي ۾ ٺهيل ٻارهن ٿنبن کان ٿورو مٿي ۽ ٽڪنڊن جي هيٺان به نقاشي جو ڪم ڪيو ويو، اهو مندر پنهنجي انداز، معيار ۽ هنر منديءَ جي لحاظ کان پراچين يوناني اڏاوت جو هڪ نادر نمونو هو، پر جلد ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته مندر جي اڏاوت ديوتائن جي شهنشاهه جي شان وٽان ڪونهي، تنهن ڪري انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مندر جي اندر زيوس ديوتا جو هڪ عظيم الشان ۽ شاندار مجسمو تيار ڪيو ويو. جنهن کي قديم دنيا جي ستن عجائبن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.
    انهي مجسمي جي تياري جي لاءِ فيدياس نالي مورتي ساز جي چونڊ ڪئي وئي. هو اٿينس جي پارٿينين جي لاءِ اڳ ۾ ئي اٿينا ديويءَ جو چاليهه فوٽ مجسمو ٺاهي چڪو هو، جڏهن ته زيوس ديوتا جي مندر جي ٻاهرين آرائش ۾ به هن حصو ورتو هو، اٿينس ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ کانپوءِ فيدياس پنهنجي زندگيءَ جو عظيم ترين شاهڪار يعني زيوس ديوتا جو مجسمو ٺاهڻ جي لاءِ اولمپيا آيو.
    مجسمي جي تياري جي لاءِ هن مندر جي اولهه ۾ هڪ ورڪشاپ ٺاهيو. چيو وڃي ٿو ته مجسمي ٺاهڻ جو ڪم هن 440 قبل مسيح ۾ شروع ڪيو هو. هو ڪيترن ئي سالن کان عاج ۽ سون جا وڏا وڏامجسما ٺاهڻ جو ماهر مڃيو ويندو هو، انهيءَ مقصد جي لاءِ هو پهرين ڪاٺ جو فريم ٺاهيندو هو، جنهن تي لوهي ۽ عاج جون شيخون لڳايون وينديون هيون. فيڊياس جو اهو ورڪشاپ اڃا به اولمپيا ۾ موجود آهي، اهو رڳو اتفاق هو يا هن ڄاڻي واڻي ايئن ڪيو هو ، ته اهو ورڪشاپ پنهنجي سائيز ۽ بناوت جي حساب سان زيوس ديوتا جي مندر سان بي حد ملندڙ جلندڙ هو. انهي ورڪشاپ ۾ هن پوءِ مجسمي جا مختلف حصا تراشيا ۽ ٺاهيا ۽ اڳتي هلي مندر ۾ وڃي انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو هو.
    جڏهن مجسمو تيار ٿيو ته اهو ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مندر ۾ پورو آيو. يوناني مورخ اسٽريبواس انهيءَ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”انهي جي باوجود جو مندر خود به ڪافي وڏو هو، مجسمي ساز کي رڳو انهي ڪري تنقيد جو نشانو بنايو ويو. جو هن صحيح پئمائش نه ڪئي. هن زيوس جو مجسمو ويٺل انداز ۾ ٺاهيو، هو پر انهي حالت ۾ به ان جو مٿو مندر جي ڇت کي ڇهي رهيو هو تنهن ڪري اسين جيڪڏهن سوچيون ته جيڪڏهن زيوس اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو مندر جي ڇت ڦاڙي ٻاهر نڪري ويندو“،
    اسٽريبوس جي ڳالهه درست هئي، پر اهو غلط هو ته مجسمي ساز کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو، پر حقيقت ۾ انهيءَ جي تعريف ڪئي ويئي، اها مجسمي جي جسامت ئي هئي جنهن کيس حيرت انگيز بنائي ڇڏيو هو، بعد ۾ شاعرن ۽ مورخن انهيءَ جي باري ۾ لکيو ته مجسمي ساز جي ذهن ۾ اهو انوکو خيال آيو ته ديوتائن جو شهنشاهه انهي ڳالهه تي قادر آهي ته جيڪڏهن هو اُٿڻ چاهي ته مندر جي ڇت ڦاڙي ڇڏي. مجسمي جو بنياد 20 فوٽ ويڪرو، ٽي فوٽ اوچو هو، جڏهن ته مجسمي جي اوچائي چاليهه فوٽ هئي، جيڪا هاڻوڪي دور جي چار ماڙ عمارت جي برابر ٿي ٿئي، مجسمو ايترو ته مٿانهون هو جو ڏسڻ وارا زيوس جي جسم ۽ سندس ڊيل ڊول جي بدران انهي تخت ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا هئا، جنهن تي هو ويٺل هو. تخت جا پايا هڪ خيالي جانور جي شڪل ۾ بنايا ويا هئا. جنهن جو ڌڙ شينهن جو ۽ منهن عورت جو هوندو آهي، جڏهن ته هن سان گڏ فتح جون نشانيون کوٽيل هيون، يونان جي ٻين ديوتائن ۽ ڏند ڪٿائي شخصيتن کي به انهيءَ ۾ اجاگر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اپالو ديوتا. آرٽيمس ديوي ۽ نيوب جا ٻارڙا شامل هئا.
    يوناني مورخ پوسي ناس جو چوڻ آهي ته ديوتا جي مٿي تي زيتون جي پتن جو تاج هو، ساڄي هٿ ۾ فتح جو نشان جهليل هئس، جيڪو سون ۽ عاج جو ٺهيل هو. کاٻي هٿ ۾ هڪ شاهي عصا هيس، جيڪا هن دنيا ۾ دستياب سڀني ڌاتن جي ميلاپ سان ٺاهي ويئي هئي، انهيءَ عصا جي مٿان هڪ عقاب ٺاهيو ويو هو، هن جي قبا ۽ جوتا سون جا هئا، زيوس جو لباس سوسن جي گلن ۽ جانورن جي کلن مان ٺاهيو ويو هو، جڏهن ته هن جو تخت سون، قيمتي پٿرن، انبوسي ڪاٺ ۽ عاج مان ٺاهيو ويو هو.
    مجسمي کي مختلف بادشاهن ۽ حڪمرانن طرفان موڪليل سوکڙين سان سجايو ويو هو. انهن ۾ هڪ يادگار ۽ ذڪر جوڳو تحفو شام جي باشاهه انٽي ڪوس چوٿين موڪليو هو، اهو هڪ اوني پردو هو، جيڪو اسيرين انداز ۾ ٺاهيو ويو ۽ فونٽين طرز تي تعمير ڪيو ويو.
    انهيءَ مجسمي جا ڪيترائي نقل تيار ڪيا ويا، هاڻي انهن مان ڪو به موجود ڪونهي، ايندڙ ڏينهن ۽ سالن ۾ هزارين سياح ۽ زيوس ديوتا جا پوڄاري سڄي دنيا انهيءَ جي زيارت واسطي اولمپيا ايندا رهيا. اڳتي هلي ۾ رومن بادشاهه ڪيلي گو مجسمي کي روم منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اها ڪاروائي ان وقت ناڪام ٿي جڏهن ڪيلي گورو جي ماڻهن جو ٺاهيل چبوتر ڊهي اچي پٽ پيو. بُت پرستي بند ڪرائڻ جي لاءِ جڏهن شهنشاهه ٿيو ڊولس پهرين 391ع اولمپڪ راندين تي پابندي هنئي ته زيوس ڊيوتا جو مندر به سندس حڪم ذريعي بند ڪيو ويو.
    اڳتي هلي اولمپيا ۾ ڪيترائي زلزلا آيا، مٽيءَ جون ڇپون ڪرنديون رهيون ۽ ٻوڏون اينديون رهيون. پنجين صدي عيسوي ۾ مندر کي باهه لڳي ويئي، پر ڪجهه يوناني اميرن انهيءَ کان اڳ مجسمون ڪانسٽي ٽيوپل جي هڪ محل ۾ منتقل ڪري ڇڏيو، اتي اهو مجسمو 462 تائين سلامت رهيو. پوءِ هڪ خوفناڪ باهه جي نتيجي ۾ سڙي تباهه ٿي ويو.
    1829ع ۾ اولمپيا ۾ زيوس ديوتا جي مندر جي پهريون ڀيرو کوٽائي ڪئي ويئي، فرانسيسي سائنسدانن جي انهي گروپ مندر جا بنياد ۽ ٿنڀن جا بچيل حصا برآمد ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪئي. اهي ٽڪرا پئرس پهچايا ويا، جتي اهي اڄ به لوور ۾ موجود آهن. ٻي ٽيم 1875ع ۾ جرمنيءَ مان آئي ۽ انهي پنجن سالن تائين اولمپيا ۾ ڪم ڪيو، انهي عرصي ۾ هنن اُتي موجود عمارتن جا کنڊر مندر جي مجسمي جا حصا ۽ مندر جي تهه خاني ۾ اهو پول تلاش ڪري ورتو، جنهن ۾ مجسمي جي لاءِ تيل ذخيرو ڪيو ويندو هو. 1950 ۾ کوٽائي جي نتيجي ۾ فيدياس جو ورڪشاپ پڻ دريافت ڪيو ويو، جيڪو هڪ قديم عيسائي ديول جي هيٺان دفن ٿيل هو. قديم آثارن جي ماهرن مورتي ساز جا اوزار ۽ ٽين پگهرائڻ جي هڪ وڏي ڪڙهائي، مٽيءَ جا فريم، پلاسٽر ۽ عاج به ڳولهي هٿ ڪيو.جنهن جو ڪجهه حصو مجسمو ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ٿيو هو، اُتان مٽي جا ڪيترائي سانچا پڻ مليا، جيڪي لوهي پليٽون ٺاهڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا، انهن تي ڳڻپ جا نمبر به لکيل هئا، جيڪي يقيني طور تي انهن پليٽن کي مجسمي ۾ کوڙڻ جي لاءِ ترتيب طور لڳايا ويا هئا.
    هاڻ پراڻي هنڌ تي موجود اسٽيڊيم ٻيهر اڏيو ويو آهي، مندر جو ڪجهه حصو ۽ ٿنڀن جي باقيات به اُتي موجود آهي، پر انهي مجسمي جي باقي ٻي ڪابه شئي اُتي ڪونهي، جيڪا نه فقط ڪڏهن اولمپيا، پر قديم دور جي تاريخ جو هڪ حيرت انگيز ۽ ڏسڻ جهڙو شاهڪار هو. ائين صدين تائين سياحن کي حيرت ۾ وجهندڙ شاهڪار جنهن کي پنهنجي وقت ۾ دنيا جي خوبصورت ترين عمارت چيو ويندو هو، هاڻ دنيا جي نقشي تي موجود ڪونهي.


    دنيا جو ڇهون عجوبو : هيلوس جو ديو قامت بُت

    رهوڊز ۾ هيلوس جي ديو قامت مجسمو پنهنجي اڏاوت کان وٺي تباهيءَ تائين رڳو 56 سال جيئرو رهيو. پر ايتري گهٽ عمر پائڻ جي باوجود به اهو دنيا جي ستن عجائبن ۾ شامل ٿي، سدائين جي لاءِ امر ٿي ويو. انهيءَ جي باري ۾ رومي مورخ ’پلين ڊي ايلڊر‘ لکي ٿو ته ’بيٺل حالت ۾ ته اهو عجوبو هو ئي، پر جڏهن اهو ڊهي اچي پٽ پيو، تڏهن به دنيا جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ئي رهيو، ڇو ته اهو نه رڳو هڪ عظيم ۽ وڏو بت هو، پر رومي سمنڊ جي رهوڊز نالي خوبصورت ٻيٽ جي رهواسين جي ٻڌي جي نشاني به هو‘. اڏاوت جي لحاظ کان دنيا جو اهو ڇهون عجوبو يونان جي ٻيٽ رهوڊز جي بندرگاهه جي مهڙ وٽ اڏيو ويو هو.
    پراچين سمي، رهوڊز اهم حيثيت جو حامل ٻيٽ هو، اهو اڃا به ايشياءِ ڪوچڪ جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ وٽ موجود آهي، جتي ايجين سمنڊ ۽ رومي سمنڊ پاڻ ۾ ملن ٿا، ٻيٽ جي گاڌي جو هنڌ به رهوڊز ئي هو، جيڪو 408 قبل مسيح ۾ آباد ٿيو، شهر پنهنجي بيهڪ جي حساب سان جلد ئي اُترين ساحل جي هڪ مصروف بندرگاهه ۾ بدلجي ويو. 375 قبل مسيح ۾ اهو هيلي ڪارنيسس جي بادشاهه موسولس فتح ڪيو، جنهن جو مقبرو خود دنيا جي ستن عجائبن ۾ شامل آهي. 340 قبل مسيح ۾ رهوڊز ايراني سلطنت جو حصو بنيو ۽ نيٺ 332 قبل مسيح ۾ انهيءَ تي سڪندر اعظم قبضو، ڪيو جڏهن سڪندر اعظم، هڪ خطرناڪ بخار سبب ڦوهه جواني ۾ ئي دنيا مان موڪلايو ته سندس جرنيلن ۾ سندس عظيم ۽ عاليشان سلطنت تي قبضي جي لاءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي، هن جي ٽن جنرلن پٽوليمي، سيلوڪيسي ۽ انٽي گوس، اها ٽن حصن ۾ ورهائي کنئي ۽ انهي جا حڪمران بنجي ويٺا. رهوڊز جا رهواسي پٽوليمي جا حمايتي هئا، جيڪو پوءِ مصر جو حڪمران بنيو، انٽي گوس رهوڊز جي رهواسين جي انهيءَ بغاوت تي گهڻو ڏمريو ۽ هن پنهنجي پٽ دمترس کي هڪ زبردست فوج ڏيئي رهوڊس وارن کي سزا ڏيڻ جي لاءِ موڪليو، روايت آهي ته دمترس جي فوج ۾ چاليهه هزار سپاهي هئا ۽ اهو تعداد رهوڊس جي آباديءَ کان وڌيڪ هو.
    دمترس ڳرين توپن ۾ وڏن وڏن جنگي اوزارن سان گڏ آيو هو. پر رهوڊس وارن شهر جي ڀت جي ٻاهر هڪ کاهي کوٽي ڇڏي. دمترس جون اهي توپون ۽ ڳرو جنگي سامان کاهيون اُڪري نه سگهيو ۽ سڀ ڪجهه گپ ۽ چڪَ ۾ ڦاسي بيڪار ٿي ويو، تنهن ڪري هن شهر جو گهيرو ڪري ورتو، رهوڊز جي شهرين ڄمي مقابلو ڪيو ۽ دمترس جي سپاهين کي شهر ۾ گهڙڻ کان روڪي رکيو، چون ٿا ته دمترس جو اهو گهيرو هڪ سال جاري رهيو، پر هو شهر جي هڪ به ڀت ڪيرائي نه سگهيو.
    نيٺ هڪ سال کانپوءِ مصر کان بحري جهازن جو هڪ ٻيڙو رهوڊين ماڻهن جي مدد لاءِ اچي پهتو ۽ دمترس فوجن کي وٺي اهڙو ته واپس ڀڳو جو پنهنجون ڳريون توپون هٿيار ۽ ٻيو جنگي سامان به اُتي ڇڏي ڏنائين رهوڊز جي رهاڪن پنهنجي سوڀ ۽ آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ پنهنجي سرپرست هليوس (سج) ديوتا جي ياد ۾ هڪ عظيم عاليشان مجسمو اڏڻ جو فيصلو ڪيو، هنن دمترس جي ڇڏيل توپن ۽ ٻين هٿيارن کي وگهرائي انهيءَ مجسمي جي اڏاوت شروع ڪئي. پليني ڊي ايلڊر موجب اهو عظيم عاليشان بت ٺهڻ ۾ ٻارنهن سال لڳا، پر انهي جي تاريخ ۾ اختلاف پاتو وڃي ٿو. ڪن مورخن جو خيال آهي ته ڪم جي شروعات 304 ق م ۾ ٿي، پر اڪثر مورخن 282 ق م تي سمهتي ڏيکاري آهي.
    بت جي مڪمل ٿيڻ جي سنن کانسواءِ هڪ ٻي غلط فهمي به تاريخ جو حصو بني، ڊگهي عرصي تائين ماڻهو اهو سمجهندا رهيا ته بت رهوڊز شهر جي بندرگاهه مندراڪي هاربر جي مهڙين دروازي تي اڏيو ويو هو، انهيءَ جا ٻئي پير ٻن ڪنارن تي هئا ۽ وڏا وڏا جهاز انهي جي ٻنهي ٽنگن جي وچ مان لنگهي بندرگاهه ۾ ايندا هئا. بُت جي اوچائي ۽ بندرگاهه جي داخلي رستي جي ويڪرائيءَ جي حساب سان اها ڳالهه يقين جوڳي نظر نه پئي اچي، ڇو ته جيڪڏهن ايئن هجي ها ته ڪر بُت جي ڪرڻ سان بندرگاهه جو رستو بند ٿي وڃي ها. پر ائين نه ٿيو، حقيقت هيءَ آهي ته بت مندراڪي هاربر جي اوڀر پاسي ٺاهيو ويو هو، بلڪ اهو ڪنڌيءَ کان به ڪافي دور هو، بهرحال انهيءَ جي جڳهه ڪهڙي به رهي هجي، اهو طئي آهي ته اهو بندرگاهه جي داخلي رستي تي نه اڏيو ويو هو، بت نج يوناني انداز ۾ يعني اگهاڙو ٺاهيو ويو هو، انهي جي اوچائي هڪ سو ڏهه فوٽ هئي، جنهن ۾ هن جي بنياد جي طور تي 50 فوٽ اوچو چبوترو به شامل هو، اها رٿا رهوڊز جي رهاڪو هڪ مورتي ساز ’ڪيرس آف لنڊوسٽ‘ جي حوالي ڪئي وئي، اهو هڪ محب وطن شخص هو ۽ هن دمترس جي خلاف ويڙهه ۾ حصو پڻ ورتو هو. ڪيرس انهي کان اڳ به ڪيترائي شاهوڙ وڏا بُت ٺاهي چڪو هو. جڏهن ته سندس استاد ليسي پس به زيوس ديوتا جو هڪ 60 فوٽ اوچو بت ٺاهي چڪو هو.
    ڪيرس جي ڪارڪنن پهرين بت جا عضوا تراشيا. بت جو بنياد سنگ مرمر سان ٺاهيو ويو ۽ سڀ کان پهرين انهي جا پير ۽ گوڏا جوڙيا ويا. ٽامي سان ٺهيل ڍانچي کي هوريان هوريان لوهه ۽ پٿر جي جاليءَ سان سگهارو بنايو ويو. بُت جي بلند حصن تائين پهچڻ جي لاءِ انهي جي چئني پاسن مٽيءَ جو هڪ لاهيارو چبوترو ٺاهيو ويو، جنهن کي پوءِ ڊاٺو ويو، چيو وڃي ٿو اهو بت ايترو ته وڏو هو جو اهو جڏهن ڪريو ته انهي جي هٿ جي هڪ آڱر به مشڪل سان انسان جي هٿ ۾ آئي ٿي.
    اهو عظيم عاليشان بت 56 سالن تائين بندرگاهه جي مهڙ وٽ بيٺو رهيو ۽ روز صبح جو سج جا ڪرڻا ان جي بدن سان ٽڪرائجي پري پري تائين ٿي ويا. 225 ق م ۾ (ڪن مورخن جي خيالن موجب 226 قبل مسيح) رهوڊز ۾ سخت زلزلو آيو، جنهن سان نه رڳو شهر ۾ گهڻو نقصان ٿيو، پر اهو بت به گوڏن ڀر اچي پٽ پيو. مصر جي حڪمران پٽوليمي ٽي يورگيش انهيءَ جي ٻيهر اڏاوت تي ايندڙ سمورو خرچ ڀرڻ جي آڇ ڪئي، چون ٿا ته غيب مان ايندڙ هڪ آواز ٻيهر اڏاوت کان منع ڪئي، ٻي روايت اها آهي ته هڪ مذهبي اڳواڻ سان مشورو ڪيو ويو، جنهن انهيءَ جي ٻيهر اڏاوت جي حوصلي شڪني ڪئي، تنهن ڪري پٽوليمي جي ٻيهر آڇ رد ڪئي ويئي.
    879 سالن تائين اهو بُت وڏن وڏن ٽڪرن جي صورت ۾ زمين تي پيو رهيو، 653ع (ڪن موجب 654) ۾ جڏهن مسلمانن رهوڊر تي قبضو ڪيو ته بت جا وڏاوڏا ٽڪرا ٽوڙي انهن کي شام جي هڪ يهودي وٽ ڪٻاڙ خاني طوروڪرو ڪيو ويو، روايت آهي ته انهي جو ملبو اُٺن تي لڏي شام پهچايو ويو، ٻين عجائبات جيان هيلوس جو اهو بت به اڄ روءِ زمين تان غائب ٿي چڪو آهي، پر چيو وڃي ٿو ته فرانسيسي مجسمي ساز بار ٿولڊي جو جوڙيل آزادي جو بت (جيڪو آمريڪا جي ساحل تي کتل آهي) انهي بت کان متاثر ٿي ٺاهيو ويو هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 551136
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212820
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ