ڪتاب جو نالو: ٻول جو بُڻ
مصنف: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1210 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 473 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. جڏهن اسين هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڀرپوريت سان محسوس ٿو ٿئي ته ‘ٻول جو بُڻ’ هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بابت اچرج جوڳن نتيجن جا انڪشاف ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب يقيناً اسان جي عالمن جو ڌيان لهڻي ٿو ۽ کانئن گُهر ٿو ڪري، ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي تحقيق ۽ ڪڍيل نتيجن تي نظرثاني ڪيون، ته جيئن پنهنجي سنڌي ٻولن جي بُڻ کي صحيح طور کوجي سگهون ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جي لفظن جي شروعات کان به بهتر طور آگاهه ٿي سگهون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • باب پهريون: ٻولي ڇا آهي؟
  • باب ٻيو : ٻوليءَ جا آواز
  • باب ٽيون : لکت سرشتو
  • باب چوٿون : وائل آواز
  • سنڌي وائل آواز اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ
  • باب پنجون : وائڄڻ
  • باب ڇهون : جِھيڻو وائل
  • باب ستون : هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ-کوجيَل سنڌي وائل
  • باب اٺون : اڳ اڻ-کوجيل ڪي نيارا سنڌي وائل
  • باب نائون : ٻول/لفظ جو عام تصور
  • باب ڏهون : سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت
  • باب يارهون : پَـــد
  • باب ٻارهون : جوڙپ ۽ اندروني تبديلي
  • باب تيرهون : پاڙ/ڌاتو/مصدر
  • ٻاڌيو-1 (Appendix-1)
  • ٻاڌيو-2
  • ٻاڌيو-3
  • ڪتابَسڌ

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر اٺهٺ (68) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “ٻول جو بُڻ” سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن جو ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي.
    ٿورائتا آهيون ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ رياضت ٻرڙي صاحب جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    اسان وڏي فخر ۽ اڻ مئِي خوشيءَ سان، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، پنهنجي سڄاڻ ساٿيءَ جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي، سندس تخليقي، تحقيقي ۽ اهم ڪتاب “ٻول جو بُڻ” پنهنجن ڏيهه واسين جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. موجوده ڪتاب کان اڳ، ڊاڪٽر صاحب جي نوَن ئي ورسين تي، سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل نَــوَ ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن، جن مان اَٺ ڪتاب “ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ” ڇپرايا آهن ۽ هڪ ڪتاب “سنڌيڪا اڪيڊميءَ” ڇپرايو، جڏهن ته هـڪ الڳ ڪـتـاب، مـاهـوار قـسـطـن جـي روپ ۾، مـاهـوار “ڪـيـنـجھـر” حـيدرآباد ۾ 98-1997ع دوران ڇپيو.
    هيءُ ڪتاب “ٻول جو بُڻ” ڊاڪٽر محبت 95-1994ع ڌاري لکي ورتو هو، جيڪو پوءِ نظرثانيءَ لاءِ مانائتي اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گھڻ-گھري محترم سراج الحق ميمڻ صاحب کي پڙهڻ لاءِ ڏنو، جنهن جي راين کان پوءِ، ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ٿيندو ڏسندي، ڊاڪٽر صاحب هڪ اڻ پورو ۽ نه موڪليل خط سراج صاحب جن ڏانهن لکيو، جنهن ۾ هن ريت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو:
    “‘ٻول جو بُڻ’ نالي لکيل ڪتاب، جيڪو اوهان کي ڏيکاريو هئم ۽ اوهان مهرباني ڪري ڪي صلاحون ڏنيون هيون، ٻيهر لکي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ وارو آهيان. هاڻي ته اهو مورڳو ڪو ٻيو ڪتاب ٿي پيو آهي ۽ وڌيڪ علمي پيو ڀانئجي.”
    افسوس! ڊاڪٽر صاحب اهو ڪتاب اڻ ڄاتل سببن جي ڪري مڪمل ڪري نه سگھيو، جنهنڪري اڻ پورو رهجي ويو.
    ڊاڪٽر محبت جي 1997ع ۾ وفات کان پوءِ، مون جڏهن سندس قلمي ۽ ڇپيل مواد کي سنڀاليو، ته مون کي ٻئي مواد سميت، ‘ٻول جو بڻ’ جي مٿي ذڪر ڪيل فيئر ڪاپي، ان ڪتاب سان واسطيدار ڪجهه باب ثانوي ڪاپيءَ وارا (جيڪي ‘ثانوي حالت ۾ مڪمل ڪتاب’ ۾ شامل ڪندي، ڊاڪٽر محبت شايد ته سراج صاحب جن ڏانهن موڪليا هئا) ۽ ڪجهه مواد ابتدائي صورت وارو مليو ۽ هڪ ڪتابَ ‘ٻوليءَ جو بُڻ’ جي هڪ ڪاپي لڳ ڀڳ مڪمل صورت ۾ ملي.
    هتي هيءَ ڳالهه چٽي ڪجي ته ڊاڪٽر محبت پنهنجي مواد کي فيئر ڪندي، اڪثر ڪري اهڙيون نيون ڪاپيون تيار ڪندو ويندو هو، جيڪي اڳئين مواد کان ڪافي قدر وڌيڪ ۽ بهتر مواد تي مشتمل هونديون هيون.
    بهرحال، ‘ٻوليءَ جو بُڻ’ جيئن ته وڌيڪ بهتر ۽ نسبتاً مڪمل روپ ۾ مليو هو، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب جي پنجين ورسيءَ تي، 2002ع ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ‘ٻول جو بُڻ’ کي مون صرف ان ڪري ترسايو ته جيئن ان ڪتاب جي سموري مواد تي ڌيان ڏئي جاچڻ ۽ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڇپرائجي، ته جيئن پاڻ کي خاطري رهي ته ‘ٻول جو بُڻ’ نالي سان اهڙو ڪتاب پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي ‘سوچ جي ويجھو’ محسوس ٿئي ٿو. ان خيال کي وڌيڪ هَٿي تڏهن ملي، جڏهن مون کي ڊاڪٽر صاحب جي مواد ۾ ‘ٻول جو بُڻ’ جي اها فهرست ملي جيڪا ‘ٻول جو بُڻ جي ثانوي ڪتاب’ واري هئي. ان فهرست منهنجي گھڻي مدد ڪئي، پر هڪ ڏکيائي هئي ته فهرست ۾ شامل ڪيل بابن ۽ انهن جي ننڍن عنوانن جي ترتيب بلڪل اهڙي نه هئي جيڪا ‘آخرين’ ڪاپيءَ واري هئي، ٻيو ته ثانوي ڪاپين وارن بابن جا ڪجهه عنوانَ ۽ موضوع آخرين ڪاپيءَ وارن بابن ۾ شامل ڪيا ويا هئا. تڏهن به، مون ان فهرست کي پنهنجو رهنما بڻايو ۽ ان کي نظر ۾ رکندي ‘ٻول جو بُڻ’ سان واسطو رکندڙ سموري آخرين، ثانوي ۽ ابتدائي مواد کي نظر مان ڪڍي، انهيءَ سهيڙ سان پيش ڪيو آهي، جيڪا ڪتاب جي مڪمل مواد کي، منهنجيءَ ذاتي راءِ موجب، پنهنجي دائري ۾ آڻيندي هجي. تنهنڪري، هي وضاحتون اڻٽر آهن، ته هن ڪتاب ۾:
    1. مهاڳُ، باب-1، 2، 4، 5، 6، 7، 8 ۽ 9 آخرين ڪاپيءَ وارا آهن ۽ باب 10 جا مهڙيان ٻه عنوان به آخرين ڪاپيءَ وارا آهن.
    2. باب 3 ۽ 11، ٻاڌيو-1 ۽ ٻاڌيو-2 جو مواد ثانوي ڪاپيءَ وارو آهي ۽ باب 10 جي آخري عنوان هيٺ لکيل مواد به ثانوي ڪاپيءَ وارو آهي.
    3. باب 12، 13 ۽ ٻاڌيو-3 (جيڪو ان عنوان هيٺ، ڊاڪٽر صاحب جي مواد مان، مون پيش ڪيو آهي، ڇو ته ان جي ترتيب مون کي مواد ۾ ٺهڪندي نظر نه پئي آئي، پر هئي ان ئي ڪتاب جي) ابتدائي ڪاپيءَ وارو آهي.
    4. ٽنهي قسمن جي مواد جي مطالعي مان سڄاڻ پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو ته مواد جو معيار جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ علمي ۽ تحقيقي ٿيندو پيو وڃي، جيئن اهڙو اظهار ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل حوالي ۾ به آهي. ٻيو فرق جيڪو پڻ ڌيان ڇڪائيندو ته آخرين ڪاپيءَ جي ڀيٽ ۾ ابتدائي ۽ ثانوي ڪاپين ۾ حوالن جي ججھائي آهي، جنهنڪري اسان کي آخرين ڪاپي وڌيڪ اتساهيندڙ لڳي ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جي اعلى فڪري سوچ جي عڪاسي ٿيل آهي.
    5. ‘ڪتابسُڌ’، ڪتاب ۾ ڏنل حوالن کي نظر ۾ رکندي، مون جوڙي پيش ڪئي آهي، البت اصطلاحن جي لسٽ جوڙي نه سگهيم.
    جڏهن اسين هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڀرپوريت سان محسوس ٿو ٿئي ته ‘ٻول جو بُڻ’ هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بابت اچرج جوڳن نتيجن جا انڪشاف ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب يقيناً اسان جي عالمن جو ڌيان لهڻي ٿو ۽ کانئن گُهر ٿو ڪري، ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي تحقيق ۽ ڪڍيل نتيجن تي نظرثاني ڪيون، ته جيئن پنهنجي سنڌي ٻولن جي بُڻ کي صحيح طور کوجي سگهون ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جي لفظن جي شروعات کان به بهتر طور آگاهه ٿي سگهون.

    توهان جي راين جي اوسيئڙي ۾:

    رياضت ٻرڙو
    22 مارچ 2007ع، قنبر


    مهاڳ

    هن ڌرتيءَ تي شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جيڪو ان ڳالهه ۾ شڪ ڪري ته سنڌي ٻوليءَ جي مختلف علمي، لسانياتي ۽ تاريخي پاسن تي ٿيل تحقيق اڃا انهيءَ اوچي پَد تي نه پهچي سگھي آهي جو هن ٻوليءَ بابت ڪي ابتدائي ۽ بنيادي ڳالهيون اتفاق راءِ سان نبيري سگھجن. سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل کان ويندي ٻولن جي ڌاتوءَ تائين، ايتري قدر جو مروج رسم الخط بابت به هڪ عجيب قسم جو اختلاف موجود آهي. اسان جا ڪي ئي عالم عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، يوناني وغيره ٻولين جي بڻ بابت ۽ سندن ٻولن جي ڌاتوءَ بابت ته هڪ حد تائين ڳڻيل ڳوتيل ۽ درست راءِ پيش ڪري سگھن ٿا پر پنهنجيءَ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪجھ نه ڪجھ مونجھاري جو شڪار آهن ۽ اختلافي رايا رکن ٿا. ليکڪ انهيءَ اختلاف راءِ کي تعميري نظر سان ڏسي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته انهيءَ ۾ مخلص نيت، پيار ڀريو پورهيو ۽ هڪ ڳجھي سگھ موجود آهي ته جيئن ٻوليءَ جي سچ ۽ صحت کي ڳولي لهجي. انهيءَ ڪري ان اختلاف راءِ کي ڪُريت سڏي نه ٿو سگھجي، انهيءَ ۾ پريت موجود آهي.
    خوش قسمتيءَ سان ليکڪ وٽ به ڪي اهڙا رايا موجود آهن جيڪي ڀانئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻولن جي پيڙهيءَ ۽ پيڙهه بابت ٿيندڙ پرک ۽ پروڙ ۾ متان ڪي قدر سجايو ڪردار ادا ڪري سگھن، انهيءَ ڪري من ۾ محبت پائي رنڊا روڙي پارکن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي همت ڪري ٿو. ليکڪ جي بدقسمتي ئي کڻي چئجي جو سندس رايا سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ ۽ نور نچوئيندڙ ڪن محترم بزرگن (جن جي دل جي گھراين سان عزت ڪري ٿو ۽ ڏٺي توڙي اڻڏٺي، سامُهن توڙي پرپٺ کين پنهنجو مانائتو استاد مڃي ٿو) جي راين سان سهمت ٿيندي نظر نه ٿا اچن، توڙي جو، حقيقت اها آهي، ته هن پنهنجا اهي سڀ خيال سندن ئي ڪتابن، مقالن، مضمونن ۽ انٽرويوئن يعني سندن ڏنل تعليم مان پرايا آهن.
    روايتي طور هر لائق سنڌي ماڻهوءَ، خاص ڪري وڏڙي، عالم ۽ پارکوءَ لاءِ احترام جو جذبو برقرار ۽ حد ادب قائم رکندي، ليکڪ هر اها ڳالهه پيش ڪرڻ جي جرئت ڪري ٿو جيڪا ڀل مقرر ڪسوٽيءَ ۽ هلندڙ روايت سان اختلاف رکندڙ هجي. ساڳئي وقت علمي دنيا ۾ اها روش احسن سمجھي ٿو ته دليل ۽ سچائي پيش ٿيڻ کان پوءِ جيڪا ڳالهه ڪي قدر ڪَسِي، اڻ سلجھيل، مُنجھائيندڙ يا غلط نظر اچي ان کي درست، چِٽو ۽ کرو ڪجي پر جي ڪسوٽي ئي کوٽي هجي يا ايئن ثابت ٿئي، ته ان کي ڀڃي ڦٽو ڪري ان جي جاءِ تي نئين، وڌيڪ صحيح ۽ تازي تواني ڪسوٽي آڻي رکجي. دليل ئي آهي جيڪو سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ ۾ واهرو ٿئي ٿو ۽ علمي توڙي عملي املهه موتين توڙي روين تي پيل اڻڄاڻائيءَ جي يا ميسر گھٽ ڄاڻ جي دز کي ڇنڊي صاف ۽ نيارو سچ پڌرو ڪري ٿو. ليکڪ اهو پنهنجو علمي ۽ اخلاقي فرض ٿو سمجھي ته پنهنجيءَ ڄاڻ آهر ڄاتل سمورن وڙن وکرن کي علمي ۽ تحقيقي دنيا جي پڙ ۾ پڌرو ڪري، جيڪي کرا ۽ درست ثابت ٿين تن کي مڃيو ۽ قبوليو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪي کوٽا يا ڪسا نڪري پون ته انهن کي رد يا ٺيڪ ڪيو وڃي. ڄاڻ جي وشال سمنڊ مان سوجھي ڪڍيل موتين جي مُٺ به مس ٿيندي پر جيڪو ڪجھ ليکڪ وٽ آهي اهو آڇيندي لڄ نه ٿو ڀانئي.
    استادن کان جيڪو ڪجھ پِرايو ويو آهي، ان کي هيٺ ڏنل ڪجھ مکيه نڪتن ۾ سهيڙي سگھجي ٿو:
    1) سنڌو ڌرتيءَ پنهنجي اندر ۾ توڙي پنهنجي مٿاڇري تي ڪيترن ئي قسمن جون تبديليون ڏٺيون آهن. سامونڊي ٻوڏون، زلزلا ۽ طوفان سندس سيني کي زير وَ زبر ڪندا ۽ بدلائيندا رهيا. ڪي ئي آڳاٽا جبل ڪيترن ئي نون جڙيل جبلن هيٺان دفن ٿي ويا، ٿر اڀريو ۽ وسيع ٿيو، سامونڊي پاڻيءَ موٽ کاڌي ۽ پٽ پڌرو ٿيو. ندين پنهنجا وهڪرا بدلائي وڍ جا نشان ڇڏيا ۽ ڪي ئي سُڪي ويون. ٿر ۽ ڪوهستان جِي وڻن ٻوٽن ۽ جانورن جي ججھائيءَ جي حوالي سان شادابي ۽ ستابائي ختم ٿي وئي ۽ ڌرتيءَ جي جنهن ٽڪري ۾ ڪنهن سمي دنيا جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي رهندي هئي اتي اڄ سنڌوءَ جي سيني تان وارِي پئي اڏامي. هن ڌرتيءَ انساني سڀيتا جا سڀ دور ته ڏٺا آهن پر اڳ-سڀيتائي ڪو هڪ به اهڙو دور نه آهي جيڪو ان اکئين نه ڏٺو هجي. لڳ ڀڳ 6-لک ورهه اڳ کان شروع ٿيل اهو سڄو زمانو جنهن دوران ارتقائي انسانذات پراڻي قسم جا پٿريلا وکر ڪم آڻيندي رهي، جنهن کي عام طرح ‘پراڻي پاٿر ڄمار’ ۽ اصطلاحي طرح ‘جُھونپَهڻي’ (= جھونو پٿر جي وکرن وارو) زمانو سڏجي ٿو. ان جا ٽيئي دور: (1) اوائلي جھونپهڻي (6-لک کان 1-لک ورهه ق م)، (2) وچون جھونپهڻي (1-لک کان 40-هزار ورهه ق م) ۽ (3) مٿيون جھونپهڻي (40-هزار کان 11-هزار ورهه ق م) ڏٺا اٿس ته انهن زمانن ۾ اسريل ۽ ڪم آندل ڪچا ڦڪا ۽ سادا پاٿر وکر پڻ. هن ڌرتيءَ ٽڪري تي دنيا جي سڀ کان وڏي ‘پاٿر وَکري صنعت’ جي شاهد روهڙي آهي. هن ڌرتيءَ نسبتاً ڪجھ وڌيڪ سڌريل پٿر جي وکرن وارو زمانو، جنهن کي عام طرح ‘وچين پاٿر ڄمار’ ۽ اصطلاحي طرح ‘وِچَپَهڻي’ (= پٿر جي وکرن وارو وچون) زمانو سڏجي ٿو ۽ جيڪو لڳ ڀڳ 11-هزار کان ساڍا 5-هزار ق م تائين سمجھيو وڃي ٿو، پنهنجين پورين شاهدين سميت ڏٺو. ‘نئين پاٿر ڄمار’، اصطلاحاً ‘نَوپهڻي’ (= نئون پٿر جي وکرن وارو) زمانو، جنهن ۾ پٿر جا ننڍا، نفيس ۽ عمدا وکر ٺهندا رهيا ۽ زرعي انقلاب جو زمانو چيو وڃي ٿو ۽ جيڪو لڳ ڀڳ ساڍا 8-هزار کان 3-هزار ورهه ق م تائين هلندڙ سمجھيو وڃي ٿو، پڻ سنڌ جي ڌرتي تي به پنهنجي پوري جوڀن سان موجود رهيو. تنهن کان پوءِ ٻنگارپهڻي (= ڪِنجھي/ڪُٽ/ٽامي جي وکرن سان گڏ پٿر جي وکرن جي موجوديءَ واري) ڄمار شروع ٿئي ٿي، جنهن بابت هر پڙهيل ماڻهو ڪجھ نه ڪجھ ڄاڻي ٿو. ‘اسرندڙ سِنڌو راهِپَ’ (يا ثقافت) جي شاهدي آمري ۽ ڪوٽڏيجي ۾، ‘سامائل سنڌو راهپ’ جي شاهدي هڙپا ۽ موهن دڙي ۾ ۽ ‘جُھرندڙ سنڌو راهپ’ جي شاهدي جھانگر ۽ جنڪر جي صورت ۾ موجود آهي. موهن دڙي جو هيٺيون اڻکوٽيل ۽ اڻ-ووڙيل تَهُه (يا تَهَه) خبر ناهي ته ڪهڙي ڪٿا لڪائي ويٺو آهي.
    2) ٻولي، گذريل هزارين نه پر لکين ورهن دوران هوري هوري، ڏاڪي به ڏاڪي نسري ۽ اسري آهي. هر هڪ ٻوليءَ ۽ ان جي هر هڪ ٻول کي پنهنجي ڪا مخصوص ۽ پختي صورت وٺڻ ۾ هزارين ورهه لڳي وڃن ٿا ۽ هر ٻولي توڙي ان جو هر ٻول هوري هوري تبديل ٿيندا رهن ٿا. ٻولي انساني راڄ ڀاڳ جي ابتدا سان گڏ اسري ۽ انساني سماج ۾ ئي سِکي ۽ سمجِھي ۽ وڌي ويجھي سگھي ٿي. هڪ ٻوليءَ جو ماحول جيترو وسيع ۽ گوناگون هوندو، اوترو ئي وٽس ٻولن جو وسيع ۽ گوناگون ذخيرو موجود هوندو.
    3) اوائلي انساني ٽولي (يا ٽولن) جي ابتدائي آواز بابت (جن اڳتي هلي ٻولي يا ٻولين کي جنم ڏنو) جيڪو ڪجھ چيو وڃي ٿو ۽ انهن آوازن جا جيڪي به گڻ ٻڌايا وڃن ٿا انهن مان گھڻا ئي اڄوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ به موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ کي جيئن ته هڪ بڻائتي ٻولي سمجھي تحقيق هيٺ نه آندو ويو آهي ۽ جيئن ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ (يا ٻولين) مان ڦُٽي نڪتل سمجھيو ويو آهي ان ڪري هن ٻوليءَ سان ڄڻڪ ماٽيلو سلوڪ ٿيندو رهيو آهي جنهنڪري هن ٻوليءَ جا ڪيترائي حقيقي گڻ پڌرا نه ٿي سگھيا آهن.
    4) سنڌي ٻولي نه رڳو هڪ ڏاڍي جھُوني ۽ ڪُهني ٻولي آهي پر هڪ ڏاڍي سگھاري ٻولي به آهي ۽ جيتري سگھاري آهي اوتري ئي لچڪيدار به، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اتهاس جي اڻڳڻ لاهن چاڙهن باوجود بقا رکندي، جٽاءُ ڪندي ۽ وڌندي رهي آهي. پنهنجي اتهاس دوران ان نه رڳو ٻين ٻولين کان هزارين لفظ ورتا آهن پر هزارين ڏنا به آهن. سنڌي ڳالهائيندڙ ڪي ئي ٽولا مختلف وقتن تي ۽ مختلف سببن جي ڪري دنيا جي مختلف علائقن ۾ وڃي آباد ٿيا ۽ اتي پنهنجا اثر ڇڏيائون، ۽ بلڪل ساڳيءَ طرح دنيا جي مختلف علائقن مان ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ڪيترائي انساني ٽولا مختلف وقتن تي ۽ مختلف نِيَتُن سان سنڌ ۾ اچي وارد ۽ آباد ٿيا ۽ اتي پنهنجا اثر ڇڏيائون. انهيءَ سڀ ڪجھَ باوجود هن ٻوليءَ پنهنجي جوهر ۾ ڪا وڏي ۽ بنيادي ڦير ڦار اچڻ نه ڏني ۽ ايئن هوءَ پنهنجو ست سلامت رکندي آئي. سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي پکيڙ ۾ ڪيچ ۽ ڪاٺياواڙ شامل آهن ۽ اها ڪشمير ۽ قنڌار کان ڪراچي ۽ ڪڇ جي سمنڊ تائين پکڙيل هئي. ويجھڙ ماضيءَ جي ڳالهه آهي جو کانئس سبي، مڪران ۽ نصيرآباد کسجي ويا ۽ اڄ ماڇڪو کسيو پيو وڃي.
    5) سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي بنهه اصلوڪن ٻولن کي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان آيل، اڌارو ورتل سمجھي؛ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ سان ملائي ان ٻوليءَ جي ٻولن ۾ ڌاتو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي ٻولن کي بلڪل بگاڙي اهو مطلب/مقصد ماڻيو ويو آهي، جڏهن ته اهڙن ڪيترن ئي ٻولن جو ڌاتو خود ٻوليءَ جي ٻول-کاڻ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي پئي.
    6) سنڌي ٻوليءَ وٽ سامي، حامي، دراوڙي ۽ انڊو-يورپي سٿ جي ٻولين سان ويجھي يا پراهين ناتيداري رکندڙ ڪيترائي ٻول ۽ ڪي ٻيا وياڪرڻي گڻ موجود آهن:
    • اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي مان صاف ظاهر آهي ته اسان سنڌي ويدڪ آرين، ايرانين، يونانين، عربن، مغلن ۽ انگريزن جا غلام رهيا آهيون. اسان جو تعلق سميرين، سٿين، راجپوتن، پٺاڻن ۽ بلوچن سان رهيو آهي. (جتوئي] 1983 [11)
    • انهن ماهرن ۽ ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ کان پوءِ جڏهن دراوڙي ٻولين ─ تامل، تليگو ۽ ڪَناڙي ─ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو تقابلي مطالعو ڪجي ٿو تڏهن سنڌي ٻولي جي مطالعي جي سلسلي ۾ نوان نوان راز کلي پون ٿا، ۽ ڪيترائي ثبوت ملن ٿا جن جي بنياد تي اها دعوى ڪري سگھجي ٿي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جو پاڻ ۾ گھاٽو سنٻنڌ آهي. (الانا ]1974[ 39)
    • قديم دور اٽڪل چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ وارو زمانو آهي جنهن کي “سنڌ جي ٻولي يا ٻولين وارو دور” چئي سگھجي ٿو... هن عرصي ۾ سنڌ ديس جي ٻوليءَ يا ٻولين تي آريائي، سامي ۽ داردي ٻولين جو اثر پيو. (بلوچ ]1990[ 19)
    • سنڌي }ٻولي{ ٻولين جي انڊو-يورپي گھراڻي جي ڀاتياڻي آهي جنهن کي گريئرسن “انڊو-آريائي ڏيهي ٻولين جي ٻاهرئين دائري، اتر-اولهائين جٿي” ۾ درجيبند ڪيو آهي، ۽ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هن جٿي ۾ هڪ ٻوليءَ طور ان جي ويجھي مائٽياڻي لهندا، ملتاني آهي. ان سان گڏ سنڌو ماٿر ۽ ان جي ويجھڙ وارين ايراضين جي مختلف ٻولين ۽ سنڌي جي وچ ۾ جاچي سگھڻ جوڳا ناتا موجود آهن. جيئن ته سنڌي هڪ انڊو-يورپي ٻولي آهي ان ڪري وٽس انگريزي، روسي يوناني، فارسي ۽ ٻين واسطيدار ٻولين سان ساڳيائپ رکندڙ ڪيترائي گڻ موجود آهن توڙي جو اهي ساڳيائپون وڃن ٿيون گھٽبيون جيئن جيئن سنڌوءَ جي مرڪز کان پري ٿيندو وڃبو. (بورڊي ]1981[ )
    انهن گڻن جي موجوديءَ باوجود هن ٻوليءَ کي رڳو انڊو-آرين سٿ جي به ٻئي درجي وارين ٻولين مان ڦٽي نڪتل سمجھي ڪنهن خصوصي ڌيان سان پرک هيٺ نه آندو ويو توڙي جو جاهن مارشل، ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڀيرومل جي پائي جا عالم به هن ٻوليءَ جي ڪجھ خصوصي گڻن جي جوڳي تشريح نه ڪري سگھيا.
    7) سمجھيو ٿو وڃي ته سنڌي ٻولي جي سمورن ٻولن کي رڳو ٻن قسمن جي جنسن، ‘مذڪر’ (musculine) ۽ ‘مؤنث’ (feminine) ۾ درجيبند ڪري سگھجي ٿو. ڪن لفظن کي ‘بيجان’ (neuter) جنس طور بيان ڪيو وڃي ٿو پر پوءِ به اهي مذڪر يا مؤنث ٿي استعمال ٿين ٿا.
    8) سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت طور، چيو ٿو وڃي ته، اها پنهنجي هر ٻول جو ڇيهه وارو آواز چٽو اچاريندي آهي. پر ڪٿي به اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ائين ڇو آهي، ان جا اصولي سبب ڪهڙا آهن.
    9) ٻڌايو ٿو وڃي ته سنڌي ٻوليءَ جا صاف سُر آواز ڪل ڏهه آهن، جن جا غُنا آواز پڻ استعمال ٿين ٿا.
    10) ڄاڻايو وڃي ٿو ته ڪي آواز، ٻوليءَ جا آواز، ‘ساڪن’ به ٿين ٿا!
    11) ڪي عالم جن ٻولن کي مصدر طور پيش ڪن ٿا ٻيا ڪي عالم وري انهن ئي لفظن کي ڦٽي نڪتل صورت ڄاڻائن ٿا. ڪي عالم ڪن صورتن کي ‘مرڪب’ سڏي بيان ڪن ٿا ته ڪي وري انهن کي ‘مرتب’ قرار ڏين ٿا. ڪي عالم جن ٻولن کي ‘سادو ٻول’ ڄاڻائن ٿا، انهن مان گھڻا سندن ئي ڄاڻايل ڪسوٽي جي بنياد تي ‘مرتب ٻول’ ثابت ٿين ٿا.
    ۽ ڪي ئي ٻيا نڪتا به آهن.
    ليکڪ ڪن راين سان مڪمل ۽ ڪن سان جزوي اتفاق رکي ٿو ۽ ڪن کي مورڳو غلط سمجھي ٿو. مثال طور هو سمجھي ٿو ته سنڌي ٻولي هڪ آڳاٽي، ڪُهني، لچڪيدار ۽ پائدار ٻولي آهي (مڪمل اتفاق)، سنڌي ٻوليءَ جا ڪي ئي سُر آواز اڃا سوڌو پرکي پروڙي الڳ نشانبر نه ڪيا ويا آهن (جزوي اتفاق) ۽ هجي ته آواز پر ‘ساڪن’ ٿي سگھي اهو ممڪن نه آهي (مڪمل نااتفاق). هو اهو به سمجھي ٿو ته ڪي ئي ٻول، اڄ به، اهڙا موجود آهن جن کي ڪنهن به طرح مذڪر ۽/يا مؤنث جي خاني ۾ نه ٿو رکي سگھجي ۽ ڪي ئي ٻول درحقيقت مرتب ٻول آهن پر سادا سڏي/سمجھي بيان ڪيا وڃن ٿا جنهنڪري ڪنهن ٻول جو اصولي ڌاتو ڳولي لهڻ ۾ رنڊڪون ۽ مونجھارا موجود ٿي پيا آهن.
    ضميري پڇاڙين جو سرشتو دنيا جي ڪجھ ٻولين ۾ بلڪل ابتدائي ۽ معمولي سطح تي آهي ته ڪجھ ۾ نسبتاً بهتر پر سنڌي ٻوليءَ ۾ بلڪل سڌريل ۽ اوچي پد تي پهتل آهي. ايتري قدر جو سڌو فاعل، اڻسڌو فاعل ۽ ڪو به ضمير هڪ ئي وقت ظاهر ڪري سگھجن ٿا، ضرورت رڳو مخصوص بنيادي ٻول ۾ ڪجھ آوازن کي وڌائڻ جي آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ اها به گنجائش موجود آهي ته نحوي سٽاءُ تبديل ڪرڻ باوجود فعل، فاعل ۽ مفعول اڳ يا پوءِ رکي ڪنهن به ترتيب ۾ آڻڻ باوجود گھربل مفهوم ظاهر ڪري سگھجي ٿو. پاڙيسري ڪجھ ٻولين ۾ اهڙي گنجائش موجود آهي پر سنڌيءَ جيتري سڌريل ناهي.
    ۽ ڪي ٻيون خاصيتون پڻ آهن جن جو ذڪر ڪتاب ۾ موجود آهي.
    مٿي ڄاڻايل سڀني نڪتن کي ٿلهي ليکي ٻن مُک موضوعن هيٺ ڪَٺو ڪري سگھجي ٿو. هڪ جو واسطو ٻوليءَ جي اپجڻ، ابتدا ۽ اوسر سان آهي ۽ ٻئي جو سڌو تعلق آواز ۽ ٻول جي اڏپ، اور، اچار ۽ روپ/صورت سان آهي. جيستائين ٻول کي پنهنجن سمورن جزن سميت نه ٿو سمجھيو وڃي تيستائين ٻوليءَ کي سندس سمورن جزن سميت سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪ ناممڪن آهي. ان ڪري هن ڪتاب جو سمورو مواد آواز ۽ ٻول بابت بحث ڪري ٿو.

    - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


    باب پهريون: ٻولي ڇا آهي؟

    ٻولي معنادار اهڃاڻوي آوازن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي جيڪو ماڻهوءَ جي سوچ کي مخصوص، گھربل، چونڊيل ۽ رٿيل ترتيب وسيلي اچاري ٻولن جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو، اهي ٻول ڪن مخصوص شَيُن، لقائن، عملن، مجرد خيالن وغيره جو اهڃاڻ ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙ اهو ساڳيو مفهوم پرائي ٿو جيڪو ڳالهائيندڙ جو آهي. ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ سوچڻ جو عمل به رڳو تڏهن جيئرو رکي سگھي ٿو جڏهن اهو ٻولن جي صورت ۾ هجي، ان ڪري چيو ويندو آهي ته ٻولي سوچن جو مادائي خول آهي.
    • اسان جيڪي به ڳالهايون ٿا تنهن جو تعلق ٻاهرين عملي دنيا جي شين ۽ واقعن سان آهي ۽ انهن جو تعلق علامتي (Symbolical) آهي. گويا اسان جي گفتن ۾ معنى موجود آهي. جڏهن اسين چئون ٿا ته “ڪتو اچي ٿو”، تڏهن لفظ “ڪتو” هوبهو ساڳي شيءِ ناهي پر ان خاص شيءِ جي علامت آهي ۽ انهيءَ علامت مان خاص معنى نڪري ٿي. اهڙيءَ طرح سان “اچي ٿو” هوبهو واقعو ناهي پر ان خاص واقعي جي علامت آهي، جا هڪ خاص معنى کي ظاهر ڪري ٿي. (جتوئي ]1983[ 12)
    • ٻولي هڪ اهڃاڻوي عمل (Symbolic activity) آهي. ٻولي رڳو لفظن جي لغوي صورت جو نالو نه آهي، توڙي جو لفظ به ٻوليءَ جو هڪ حصو آهن. ٻوليءَ جو اصل ته اهڃاڻَ ئي آهن. ٻولي ماڻهن جي ڪلچري cultural}، ثقافتي، راهپي{ ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي. (ٻوهيو ]1978[ 41)
    • انساني ٻولي هڪ اشارائي (signalling) سرشتو آهي جيڪو پنهنجي مادائي
    مواد طور واڪل آوازَ ڪم آڻي ٿو. اها ڳالهه ياد رکڻ ڏاڍي ضروري آهي ته بنيادي طرح هڪ ٻولي اها آهي جيڪا ڳالهائجي ٿي (which is spoken). لکيل ٻولي ٻِئيت/ثانوي ۽ اُوَئيَل يا مشتق (derivative) آهي. هر فرد جي تاريخ ۾ لکڻ کان اڳ ڳالهائڻ سکيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي هڪ سٺو مثال آهي اِهو سمجھڻ لاءِ ته بلڪل ايئن ئي ڪنهن به قوم/نسل جي تاريخ ۾ پڻ ٿيو هوندو. ڪيتريون ئي آدياتي (primitive، جھوني زماني واريون، اڻ-رچيل) برادريون موجود آهن جن وٽ لکڻ کان سواءِ ئي ڳالهائڻ موجود آهي پر ڪنهن به اهڙي انساني راڄ جي پروڙ نه پئجي سگھي آهي جنهن وٽ ڳالهائجڻ کان اڳ لکجندڙ ٻولي هجي. (باربر ]1982[ 2)
    • صورتخطيون به علامتون آهن. انهن جو تعلق به ٻولين سان آهي پر سڌو ناهي. اهي، ٻولين جي علامتن جون علامتون آهن. ٻولين جون علامتون انساني گفتا آهن ۽ انهن گفتن جون علامتون لکيل لفظ آهن. (جتوئي ]1983[ 13)
    ‘لکت’ ٻوليءَ جي آوازن کي اکرن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
    ماڻهو جڏهن ڳالهائي ٿو تڏهن سندس ڳالهاءَ ۾ هڪ قسم جو تاثر موجود ٿئي ٿو. هو ڪنهن آواز، ٻول يا جملي کي زور ڏئي شدت، تيزيءَ، کهرائيءَ، ميٺاڄ، حجت، دڙڪي وغيره واري انداز ۾ به ڳالهائي ٿو ته لَس ليٽ عام بياني انداز ۾ يا لانڍ ۽ جھيلار وسيلي پڻ ۽ ڳالهائيندي سندس اکين، وات، هٿن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي جسم يا جسم جي ڪنهن حصي جي چرپر ڳالهه جي تاثر کي بيان ڪري ٿي. اهو سڀ ڪجھ اکرن وسيلي ظاهر ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي.
    لکت سرشتو لاڳيتو اسرندو رهيو آهي. دم (.) ، اڌ دم (،)، هلڪي دم (؛)، ڪولون (:)، ڊئش/خال (.../–)، آواز جي نشانين (“ “ يا ‘‘)، هائفين (-)، سوال ۽ عجب جي نشانين (؟ ۽ !) وغيره کان مدد وٺي لکت کي ان لائق بنائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي آهي ته جيئن اها بلڪل اهڙو تاثر ڏئي سگھي جهڙو ڳالهائيندڙ جو آهي.
    (1) “ڪتو اچي ٿو.” - عام بياني انداز.
    (2) “اَي ڪُتو!”، “هان! ڪتو!” - تعجبي انداز.
    (3) “ڪهڙو ڪتو؟” - سوالي انداز.
    (4) “ڪتو“ - کهرو يا دڙڪي وارو انداز، ڪتي کان خبردار ڪرڻ يا ڪتي کي تڙڻ/ڀڄائڻ لاءِ.
    (5) “ڪتو ~” - لانڍ وارو، نرم يا حجائتو انداز.
    مٿي ڏنل پنجن مان پهريَن ٽن تحريري نشانن کان هر هڪ چڱيءَ طرح واقف آهي. چوٿين ۽ پنجين انداز کان به چڱيءَ طرح واقف آهيون پر اهڙا تحريري نشان اڃا نه ٺهيا آهن توڙي جو اچارڻ جو اهو ڍنگ بلڪل عام آهي. تعجبي نشان کي سڏ ۽ ٽوڪ وارو انداز ظاهر ڪرڻ لاءِ به ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجھ انهيءَ لاءِ آهي ته جيئن هر هڪ لکڻي بلڪل ان طريقي سان پڙهي وڃي جيئن ڳالهائي وئي هئي.
    ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته ڳالهائڻ جي ڍنگ، رفتار، لانڍ وغيره جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪري هر هڪ انداز لاءِ ڌار ڌار تحريري نشان مقرر ڪجن ته جيئن پڙهندڙ ڄڻڪ پڙهڻ سان گڏ حقيقت به ڏسي رهيو آهي.
    ڳالهائڻ آوازن تي مشتمل آهي جڏهن ته لکيت اکرن تي. لکت ٻوليءَ جي آوازن کي اکرن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ٻوليءَ جو هڪ آواز ضروري نه آهي ته لکت ۾ هڪ اکر وسيلي ئي ظاهر ٿئي، ٻه يا ٽي اکر به ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ آواز جي نشاندهي ۽ نمائندگي ڪن ٿا. ڪي عالم ٻوليءَ ۽ ٻولن جو تجزيو ڪرڻ مهل پنهنجو گھڻو ڌيان ٻول جي آوازن بدران لفظ جي اکرن تي ويڙهائيندا آهن. ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته ان نموني درست نتيجن تي پهچي سگھڻ ممڪن نه آهي. ٻولي آوازن جو اهڃاڻي معنى رکندڙ منظم سرشتو آهي تنهنڪري ٻوليءَ ۽ ٻول جي پرک لاءِ بنيادي اهميت آواز جي آهي.


    باب ٻيو : ٻوليءَ جا آواز

    اڄ ڏينهن تائين مليل شاهدين ۽ حقيقتن موجب سوچڻَ سمجھڻَ يعني علم ۽ عقل يا شعور رکڻ واري اڪيلي مادائي زندهه هستي رڳو ماڻهو آهي. اهو سندس شعور جو ڪرشمو آهي ته هو نه رڳو پنهنجي ماحول پر پنهنجو پاڻ متعلق ۽ پنهنجي ذهن متعلق سوچي سگھي ٿو ۽ پنهنجيءَ سوچ کي بيان ڪري سگھي ٿو. خود علم ۽ عقل يا شعور جي تخليق ۽ پرورش جو بنيادي ڪارڻ عمل ۽ تجربو آهي ۽ انهيءَ عمل ۽ تجربي کي سمجھڻ لاءِ ماڻهوءَ پاران ‘ڇو’، ‘ڇا’، ‘ڪير’، ‘ڪيئن’، ‘ڪٿي’، ‘ڪڏهن’، ‘ڪهڙو’، جھڙا ٻول استعمال ڪيا ويندا پئي رهيا آهن. انهن ٻولن جي مدد سان ٺهندڙ جملا سوال پڇندڙ هوندا آهن جن جا جواب اسان تي حقيقتون، ۽ نيٺ سچ کي، ظاهر ڪندا آهن.
    ٻين سڀني ‘ساهوارن’ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ ٽي وڏا، بنيادي، مکيه ۽ نيارا فرق موجود آهن:

    (1) ماڻهو ڪا نه ڪا پيداواري تخليقي سرگرمي ڪري يا ان ۾ ٻانهه ٻيلي ٿئي ٿو.
    (2) ماڻهو ڪا نه ڪا ٻولي ڳالهائي ٿو.
    (3) ماڻهو ڪجھ نه ڪجھ سوچي سگھي ٿو.

    ۽ انهن ٽنهي جي گڏيل عمل وسيلي پنهنجيءَ سوچ ۽ تجربي کي پنهنجي پوئين نسل ڏانهن منتقل ڪري ٿو. اهي ٽيئي عنصر انساني سماج ۽ ثقافت (راهپ) جي تخليق ڪن ٿا ۽ جن پاڻ وري انسانذات جو سرمايو بنجي سڌريل ۽ سڌرندڙ جديد انسان جي ذهني تخليق ڪئي آهي. اڄوڪي ماڻهوءَ جو هٿ ۽ ذهن هنري ۽ فني تخليق جو شاهڪار آهي. جيترو سڌريل پيداواري وکر اوتري سڌريل ٻولي، جيتري سڌريل ٻولي اوترو سڌريل انساني ذهن، جيترو سڌريل انساني ذهن اوترو وڌيڪ رچيل انساني سماج ۽ ثقافت (راهپ)، جيترو سڌريل سماج ۽ ان جي راهپ اوترو سڌريل ماڻهو، جيترو سڌريل ماڻهو اوترو سڌريل سندس وکر، ٻولي ۽ ذهن. انهن مان ڪنهن به عنصر کي ٻين کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. (ڪنهن به طريقي سان جيڪڏهن ائين ڪري سگھجي ته جيڪر ماڻهو پنهنجي ماڻهوءَ واري حيثيت وڃائي ڇڏي ۽ جيڪا هستي باقي بچندي اها ڪنهن به ٻئي جانور کان گھڻو مٿڀري نه هوندي.) ٻوليءَ کان سواءِ سوچ کي عڪسي سگھجي، ڏاڍو ڏکيو، ذري گھٽ ناممڪن آهي.
    جيت جانور کان ويندي پکي پکڻ ۽ مڇي مڇڻ تائين، هزارين قسمن جا ساهوارا ڪي نه ڪي آواز ڪڍن ٿا. سوين ساز مختلف قسمن جا آواز پيدا ڪن ٿا. ايتري قدر جو هوا جڏهن تيز گُھلي ٿي تڏهن پڻ مختلف هنڌن تي مختلف نمونن جا آواز اپجن ٿا پر انهن سڀني آوازن کي ٻوليءَ جا آواز نه ٿو سڏجي.
    ٻيا ڪي جانور، اهو سچ آهي ته، هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپي لاءِ يا ڪنهن ٻئي ۾ ڪو ڪم ڪرڻ جو اتساهه ڀرڻ لاءِ يا ڪنهن ڪم تي آماده ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا واڪا ڪندا آهن. پنهنجو وهر پورو ڪرڻ لاءِ، خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ، کاڌ خوراڪ جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا ننڍا وڏا ساهوارا مختلف قسمن جا تفريق ڪري سگھڻ جوڳا ۽ چتاءُ ڏيندڙ ‘سَڏَ’ ڪندا آهن. انهن جون ڪي رڙيون اهڙيون به آهن جن مان ڪاوڙ، جوش، ڊپ، مزي وغيره جو اظهار ٿئي ٿو پر اهي سمورا آواز انساني ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي فرق رکن ٿا. جانارن جون رڙيون اُچارڪ، سَنڌيَل، يا ڳانڍڪ (articulate) ناهن. ان جو مطلب اصولي طرح هي آهي ته انهن ۾ اَڏپ جي کوٽ آهي، انهن جو ڍانچو ناهي جن جي ڪري ئي انساني اورپ کي ٻولن ۾ ورهائي سگھڻ ممڪن ٿئي ٿو. ماڻهو ان لائق آهي جو ڪنهن به قسم جي اورپ ۾ ڪنهن هڪ ٻول ۾ ڪو هڪ آواز تبديل ڪري (جيئن: /ڪَن، ڪُن، ڪِن يا ڪَنو، ڪُنو، ڪِنو/ وغيره) يا ڪنهن هڪ جملي ۾ ڪو هڪ ٻول تبديل ڪري (جيئن: “سنڌ جا ماڻهو سٻاجھا آهن” / “سنڌ جا ماڻهو سٺا آهن”) ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ جملي ۾ هڪ ٻول جو هڪ آواز تبديل ڪري (جيئن “مون کيس ميدان ۾ وڙهندي ڏٺو” / “مون کين ميدان ۾ وڙهندي ڏٺو”) ان کي مفهوم جي لحاظ کان بدلائي سگھي، پر ٻين جاندارن وٽ ٻولن ۾ نه ورهائجي سگھجندڙ محض چتائڪ رڙيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هڪ جاندار جيڪي آوازِي اشارا ڪري سگھي ٿو انهن جي ڳڻپ بلڪل ٿوري ٿيندي. سڀ کان وڌيڪ اسريل جانور وڌ ۾ وڌ ٽيهن قسمن جا ‘سڏ’ ڪري سگھي ٿو، جڏهن ته ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ ممڪن اچارن جو انگ اڻکٽ آهي. جانورن جون رڙيون عام طرح سڀ طرفو يا گھڻ طرفو مطلب رکن ٿيون، جڏهن ته ماڻهوءَ جو سڏ گھرج آهر سڀ طرفو يا خصوصي ٿي سگھي ٿو.
    ماڻهو مختلف جانورن ۽ پکين کي سڏڻ يا هڪلڻ لاءِ مختلف قسمن جون ڳُٽڪرون ڪندو رهي ٿو. هو ڪيترن ئي پکين ۽ جانورن جي آوازن جي اهل به ڪندو آهي. مثال طور، پنهنجيءَ زبان کي ڏندن ۾ ڏئي، ڪجھ پاسائتو رکندي، مٿين ۽ هيٺين ڏندن جي وٿيءَ مان ۽ ڪنهن هڪ واڇ کان هوا ڇڪي اهڙو آواز ڪڍندو آهي جنهن جو مطلب ڪنهن پاليل جانور خاص ڪري ڍڳي، گھوڙي يا گڏهه کي هلندو رهڻ تي آماده ڪرڻ هوندو آهي يا وري خاص ڪري مينهن کي هڪلڻ لاءِ ‘هُون’ جھڙو آواز ڪڍندو آهي. اهڙا ڪيترا ئي آواز ٿي سگھن ٿا. واڪو ڪندڙ يا واڪي وارا (واڪائي يا واڪل) آوازن جو انگ (يا انهن جي ڳڻپ) جيڪي ڪو ماڻهو سِکِي، اچاري ۽ انهن ۾ فرق ڪري سگھي، چڱو چوکو، ڪيترن ئي سوَن ۾ ٿي سگھي ٿو. پر هڪ ماڻهو جيترا به، جنهن به قسم جا آواز اوري سگھي ٿو اهي سڀ جو سڀ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪم ڪو نه ٿا اچن. ماڻهو انهن مان ڪجھ، ڪي آواز چونڊي کڻي ٿو ۽ انهن کي ڳالهه ٻول ۾ اڏاوتي سِرَ طور ڪم آڻي ٿو. ٻوليءَ ۾ اڏاوتي سِرَ طور ڪم ايندڙ آوازن کي ٻوليءَ جا آواز چئجي ٿو. هر ٻوليءَ وٽ اهڙن آوازن جي چونڊ مختلف ٿئي ٿي.
    واڪو ۽ واڪل عضوا
    واڪو ڪندڙ (واڪائي، واڪل) آوازَ ٻوليءَ جو مادائي مواد مهيا ڪن ٿا ۽ واڪل آواز مختلف قسمن جي خصوصي عضون جي مدد سان اپايا وڃن ٿا، جن کي ‘ڳالهائڻ جا عضوا’ يا ‘ڳالِڪ آرکڻ’ چئجي ٿو.

    ڳالڪ آرکڻن جو خاڪو

    مکيه ڳالڪ آرکڻَ

    ڄڀ:
    وات ۾ موجود چرپر ڪندڙَ مَشڪائون آرکڻ؛ ڳالهائڻ، چٻاڙڻ، ڳِهَڻ ۽ ذائقي سان واسطيدار آرکڻ؛ ڦُنڊي ٿلهو ٿي ۽ پٿارجي سنهو ٿي سگھندڙ آرکڻ. ڄڀ کي عام طرح (1) چُک (چوٽي)، (2) مُهَڙ، (3) مٿياڙي، (4) پُٺ ۽ پاڙ (خاڪي ۾ ڏيکاريل)، ۽ (5) ڦَر نالي پنجن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
    وانَڙ: هوا جي لنگھ وارو نڙو، آواز اپائڻ لاءِ مددگار هڪ آرکڻ.
    واڪل ڏوريون (Vocal cords): وانڙ جي مٿئين حصي ۾، ڀت جي اندرئين پاسي ٻه جھليدار طاقيون (هڪ اوريان ۽ ٻي پريان)
    نرم تارون (Soft palate) يا ڪنٺ (Velum): وات جي ڇت جو پٺيون نرم حصو.
    سخت تارون (Hard palate): وات جي ڇت جو اڳيون هڏائون حصو.

    ڪاڪڙو:
    نرم تارون جي پوئين حصي ۾ هيٺ لڙڪندڙ ڊاک جھڙو هڪ آرکڻ.

    گلاٽ (Glottis):
    گَلي جي درِي جيڪا واڪل ڏورين جي سسڻ يا ڦنڊڻ ۽ لرزش سبب سوڙهي ۽ ويڪري ٿيندي رهي ٿي.
    آواز اپائڻ لاءِ شڪتيءَ جي گھرج پوي ٿي جيڪا سيني جون مشڪون ۽ پيٽ-ڇهه (diaphragm، سيني ۽ پيٽ جي وچ وارو پردو) مهيا ڪن ٿا ۽ ان لائق ٿي سگھجي ٿو ته هوا کي ڦڦڙن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگھجي. افريڪي ڪجھ ٻولين جا آواز اهڙا آهن جيڪي ڄڀ جي مشڪن مان سگھ وٺي ڪِلڪڻا (clicking) واڪا ٿي اچارجن ٿا يا وري ڄڀ ۽ ڳل جي چرپر وسيلي پاپڻا (popping) واڪا اپائي سگھجن ٿا. اهو به ممڪن آهي ته ڦڦڙن ڏانهن اندر ڇڪجندڙ هوا کي ڪم آڻيندي ڪي واڪا پيدا ڪري سگھجن.
    اهو ياد رکڻ گھرجي ته رڳو هوا کي زور سان اندر ڇڪڻ يا ٻاهر ڌِڪڻ وسيلي آواز پيدا نه ٿو ڪري سگھجي (پوءِ ڀلي ڪهڙن به عضون وسيلي شڪتي ورتي وڃي) تان جو ‘واڪل ڏوريون’ لرزش ڪن. هوا جي وهڪ مهل واڪل ڏوريون ٿورو يا گھڻو ڦڙڪنديون ته واڪو/آواز پيدا ٿيندو، نه ته نه ٿيندو. ڳالڪ آرکڻن جي جٿي وسيلي، انهن جي هڪ ٻئي سان سهڪار (co-operation) ۽ سهرِٿَ (co-ordination) وسيلي وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ۽/يا سوڙهه ڪري مختلف قسمن جا آواز اپايا وڃن ٿا.
    ڦڦڙن تائين ۽ اتان کان ٻاهر تائين هوا/واءُ پهچائيندڙ نَڙ کي ‘وانَڙ’ (windpipe) سڏجي ٿو جنهن جي مٿئين ڇيڙي، ‘نڙگُھٽ’ وٽ، سندس ڀتين جي اندرئين پاسي سان ڳنڍيل ڄڻڪ ٻه ننڍڙا چپ آهن، جن کي ‘واڪل ڏوريون’ چئجي ٿو. ڦڦڙن کان ايندڙ هوا سڀ کان اڳ واڪل ڏورين واريءَ، وقت سر ۽ گھرج آهر ويڪري ۽/يا سوڙهي ٿيندڙ دريءَ ــــــــ ‘گَلاٽ’ ــــــــ مان گذري ٿي. هوا جو لنگھ جڏهن گھڻيءَ حد تائين اڻ-رنڊيل هوندو تڏهن اهي پوريءَ طرح کليل هونديون آهن ۽ جڏهن اهي سوڙهيون ٿي ملن ٿيون تڏهن گلاٽ بند ٿيو وڃي، ان ڪري جيئن ته هوا جو لنگھ ئي نه هوندو تنهنڪري هوا جي وهڪ به بند ٿيو وڃي. وات کولي يا بند رکي ساهه منجھائڻ جو عمل درحقيقت گلاٽ کي بند ڪرڻ جو عمل آهي. گلاٽ کي مختلف بيهڪن تي سوڙهو يا ويڪرو ڪري سگھجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هوا جي وهڪ ۽ لنگھ به سوڙهو يا ويڪرو ٿي سگھندو. گلاٽ مان جيئن ئي هوا گذرندي ته هڪ قسم جي سريلي ۽ لرزشي گونج پيدا ڪندي جنهن کي واڪو (voice) سڏجي ٿو. واڪي جي شدت/ڪُوڪ گھٽ يا وڌ ڪري سگھجي ٿي ۽ ڳالهائڻ مهل واڪي جي لاهه چاڙهه سان گھٽ يا وڌ ٿيندي رهندي آهي ۽ ڳالهائڻ دوران آواز ۾ هڪ واڪو يا ڀڙڪو موجود يا اڻ-موجود ٿئي ٿو. اهي آواز جن ۾ نسبتاً وڌيڪ ڀڻڪو ٿئي ٿو انهن کي ‘واڪيدار’، ‘گَھڻڀُڻا’ يا ‘ڀُڻڀُڻا’ (voiced) چئجي ٿو پر ڳالهائيندي ڪي آواز انهيءَ بيهڪ تي اپجي سگھجندا آهن جو واڪل ڏوريون پوريءَ طرح کليل هجن ڀڻڪو نه-جھڙو هجي. اهڙن آوازن کي’اواڪ’، ‘گَھٽڀُڻو’ يا ‘بي ڀُڻو’ (voiceless) سڏجي ٿو. آواز ۾ ڀڻائپ جي موجودي ڪَنن کي هٿ جي ترين وسيلي زور سان بند ڪري پرکي سگھجي ٿي: ‘اگھۡ‌’ چوندي ‘گھ’ اچارڻ مهل کوپڙيءَ ۾ گونجدار ڀڻڪائتو (buzzing) آواز اڀرندو جڏهن ته ‘اَکۡ’ چوندي ‘ک’ اچارڻ مهل اهو ڀڻڪائتو آواز موجود نه هوندو. حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ]گھ[ ۽ ]ک[ بلڪل ساڳئي نموني اپايا وڃن ٿا سواءِ ان فرق جي ته هڪ ‘ڀڻڀڻو’ آهي ۽ ٻيو ‘بي ڀڻو’. ]پ[ ۽ ]ب[، ]ت[ ۽ ]د[، ]ٽ[ ۽ ]ڊ[ وغيره اهڙي ئي قسم جي آوازن جا جوڙا آهن.
    گلاٽ مان گذرڻ کان پوءِ هوا جي هڪ وهڪ مٿئين پاسي هلندي رهي ٿي ۽ ڪجھ اڳتي هلي وات يا نڪ يا ٻنهي مان خارج ٿئي ٿي. وات جي ڇت جو سڀ کان وڌيڪ پَريون/پويون پاسو، جنهن کي ‘نرم تارون’ يا ‘ڪنٺ’ چئجي ٿو، هيٺ يا مٿي چوري سگھبو آهي. ان جي پوڇڙ ۾ لار وانگر لٽڪندڙ ڊاک جھڙو آرکڻ، ‘ڪاڪڙو’ (uvula) مٿي ٿي نڪ جي کوپي ڏانهن هوا جي لنگھ کي ٻُجو ڏئي بند ڪري ٿو. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ ۽ لنگھ کي ڄڀ (ڄڀ جي ڪنهن حصي) ۽/يا چپن جي مدد سان سوڙهو ڪري، رنڊائي، بند ڪري سگھجي ٿو ۽ ائين ڪرڻ وسيلي مختلف قسمن جا آواز اپائجن ٿا.
    ٻوليءَ جي آوازن کي سندن فطرت، اڏپ ۽ ڪيفيت جي لحاظ کان ٻن وڏن جٿن ۾ ورهائي درجيبند ڪري سگھجي ٿو. آوازن جي هڪ جٿي کي وائل (vowel) ]’وائل’ جو ڌاتو ‘واء’ آهي. ‘وائل’ اصطلاح مقرر ڪرڻ جو سبب ‘ٻاڌيي-1’ (Appendix-1) ۾ ڏنو ويو آهي[ ۽ ٻئي کي وائڄَڻ (consonant) آواز سڏجي ٿو.

    ٻوليءَ جي آوازن جا گڻ

    1- صاف (اڻ - نَڪائون) ۽ نڪائون آواز:
    اهڙو آواز جيڪو اپائڻ مهل ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا جو ڪل مقدار وات جي کوپي مان نيڪال ٿئي ٿو، ان کي ‘صاف’ آواز سڏجي ٿو. مثال: ]آ[، ]ب[، ]ک[ وغيره.
    اهڙو آواز جيڪو اپائڻ مهل ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا جو وڌ ۾ وڌ يا ڪل مقدار نڪ جي کوپي مان نيڪال ٿئي ٿو، ان کي ‘نڪائون’ آواز سڏجي ٿو. مثال: ]آن[، ]م[، ]ن[ وغيره.

    2- ڀُڻڀڻو ۽ بي ڀڻو آواز:
    ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا جڏهن واڪل ڏورين کي ايترو زور سان ڦڙڪائي جو ٻڌڻ ۾ اچڻ يا پرک جوڳو ٿي پوي ته اهڙي آواز کي ‘ڀڻڀڻو’ (يا ‘ڳرو’) آواز چئجي ٿو. جن آوازن جي حالت ۾ واڪل ڏورين جو ڦڙڪو ايترو زوردار نه هجي جو ڀڻڪو ٻڌي سگھجي يا پرک جوڳو ٿي پوي ته اهڙي آواز کي ‘بي ڀڻو’ (‘هلڪو’، ‘نرم’ يا ‘ڪومل’) سڏجي ٿو.
    ڀڻڀڻي ۽ بي ڀڻي آواز ۾ فرق کي سمجھڻ جو سولو طريقو هي آهي ته ڪنن کي هٿن جي ترين سان پوريءَ طرح بند ڪري ڪو به آواز اچاريو وڃي. ڪو آواز اپجڻ مهل ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ ايندو (- ڀڻڀڻو) ۽ ڪو آواز اپجڻ مهل ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ نه ايندو (- بي ڀڻو).
    ڀڻڀڻي آواز جا مثال: ]گھ[، ]ڀ[ وغيره.
    بي ڀڻي آواز جا مثال: ]پ[، ]ت[ وغيره.

    3- وِسرڳ ۽ اَوِسرڳ آواز:
    وسرڳ ۽ اوسرڳ آواز ۾ فرق کي سولي نموني ان طرح سمجھي سگھجي ٿو ته هٿ جي پٺيءَ کي چپن جي ويجھو جھلي ڪو به آواز اچاريو وڃي. ڪو آواز اپجڻ مهل هٿ جي پٺيءَ تي هوا جو ڦُوڪو يا ان جي ڌُوڪَ محسوس ٿيندي ۽ ڪي آواز اپجڻ مهل اها ڌوڪ محسوس نه ٿيندي. جيڪي آواز اچارڻ مهل هوا جو ڦوڪو محسوس ٿئي انهن کي ‘وسرڳ’ ۽ جن ۾ ڦوڪو محسوس نه ٿئي انهن کي ‘اوسرڳ’ سڏجي ٿو.
    وسرڳ آواز جا مثال: ]ڦ[، ]ٿ[ وغيره.
    اوسرڳ آواز جا مثال: ]د[، ]ج[ وغيره.

    4- بندشي (Stops):
    جن آوازن کي اپائڻ مهل هوا جي ڌُوڪ کي ڪنهن به هنڌ مڪمل بندش/رنڊڪ ٿئي انهن کي ‘بندشي’ سڏجي ٿو. اها بندش ٻنهي چپن کي پاڻ ۾ ملائڻ وسيلي، مٿيَن ڏندن کي هيٺئين چپ سان ملائڻ وسيلي، ڄڀ جي چک کي ڏندن جي پاڙ يا مهارن سان ملائڻ وسيلي، ڄڀ جي مهڙ کي سخت تارون سان ملائڻ وسيلي، ڄڀ جي مٿياڙي کي نرم تارون سان ملائڻ وسيلي ۽ ڄڀ جي پُٺ/پاڙ کي ڪاڪڙي/نڙيءَ سان ملائڻ وسيلي ڪري سگھجي ٿي.
    بندشي آوازن جا وري ڪجھ قسم ٿين ٿا:

    (الف) ڌماڪيدار خارجي:
    اهي آواز جن ۾ هوا جي جُوهه بند ٿي ٻاهر کلي انهن کي ‘ڌماڪيدار خارجي’ چئجي ٿو. مثال: ]پ[، ]ب[، ]د[ وغيره.

    (ب) ڌماڪيدار اندروني/چُوسڻا:

    اهي آواز جن ۾ هوا جي جوهه بند ٿي اندر کلي يعني ائين محسوس ٿئي ته هوا اندر ڇڪجي يا چُوسجي وئي انهن کي ‘چوسڻا’ يا ‘ڌماڪيدار اندروني’ چئجي ٿو. مثال: ]ٻ[، ]ڄ[، ]ڳ[ وغيره.

    (ٻ) لرزيدار:
    اهي آواز جن ۾ هوا جي جوهه بند ٿي لرزش ڪندي کلي انهن کي لرزيدار چئجي ٿو. مثال: ]ٽر/ٽ[، ]ڊر/ڊ[.

    (ڀ) گِسڪيدار:
    اهي آواز جن ۾ هوا جي جوهه بند ٿي گسڪو ڪري کلي انهن کي گسڪيدار چئجي ٿو. مثال: ]خ[، ]غ[ وغيره.

    5- جزوي بندشي:
    اهي آواز جن کي اپائڻ مهل هوا جي جوهه کي ڪنهن به هنڌ مڪمل نه پر جزوي بندش ٿئي. اها جزوي بندش ڄڀ جي چک يا مهڙ کي مٿينءَ مهاڙ جي اندرئين پاسي يا سخت تارون ويجھو آڻي پيدا ڪئي وڃي ٿي. جزوي بندشي آواز پڻ لرزيدار يا گسڪيدار ٿي سگھن ٿا. لرزيدار جو مثال آهي ]ر[ ۽ گسڪيدار جو مثال آهي ]س[.

    6- پاسائتا (Laterals)
    هن قسم جا آواز اپائڻ مهل وات جي کوپي ۾ هوا جي جوهه کي اهڙيءَ طرح رنڊڪ ٿئي ٿي جو ڄڀ جي پاسن کان هوا جو دڳ کليل به رهي ٿو. مثال: ]ل[.

    آواز فرق ڇو ٿا ڪن؟

    ڪي آواز توڙي جو ڪنهن هڪ ئي هنڌ رنڊجن، سَنڌجن ۽ اُپجن ۽ اتان ئي خارج ٿين ٿا، مثال طور ]پ، ڦ، ب، ڀ، ٻ ۽ م[ ٻنهي چپن جي ميلاپ وسيلي هوا جي وهڪ کي رنڊائي اپايا وڃن ٿا پر پوءِ به انهن ۾ فرق آهي، سو ڇو؟
    هڪ ئي هنڌ سنڌجڻ باوجود اهي آواز ان ڪري هڪ ٻئي کان فرق رکن ٿا جو ڪو وسرڳ آهي ته ڪو اوسرڳ، ڪو ڀڻڀڻو آهي ته ڪو بي ڀڻو، ڪو صاف آهي ته ڪو نڪائون. مثال طور مٿي ڏنل آواز ٻنهي چپن جي ميلاپ وسيلي رنڊائي اپايا وڃن ٿا يعني بندشي آواز ته آهن پر پوءِ به:

    ب. خارجي ڌماڪيدار، اوسرڳ، ڀڻڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
    پ. خارجي ڌماڪيدر، اوسرڳ، بي ڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
    ڀ. خارجي ڌماڪيدار، وسرڳ، ڀڻڀڻو ۽ صاف آواز آهي
    ڦ. خارجي ڌماڪيدار، وسرڳ، بي ڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
    ٻ. اندروني ڌماڪيدار يا چوسڻو، اوسرڳ، ڀڻڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
    م. نڪ وارو/ نڪائون، اوسرڳ ۽ ڀڻڀڻو آواز آهي.


    باب ٽيون : لکت سرشتو

    ٻوليءَ ڪڏهن نسرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيئن اسري ۽ وڌي ويجھي، ان بابت اڃا تائين پڪي سڌ نه پئجي سگھي آهي، پر اها ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته اها ماڻهوءَ جي سڀ کان آڳاٽي زماني ۾ شروع ٿي هوندي جيڪو لڳ ڀڳ 10-لک ورھ پراڻو بيهي ٿو. توڙي جو سڌي شاهدي ۽ تصديق موجود ناهي، پر امڪان اهو ئي آهي ته ڳالِڻ (speech) تڏهن ئي شروع ٿيو هوندو جڏهن وکر-ٺهپ (tool-making) ۽ خصوصي انساني سهڪار جا سڀ کان اوائلي ناتا شروع ٿيا هوندا.
    جَـجھروپ (Pleistocene) زماني جي عظيم بارفي ڄمارن (Great Ice Ages) دوران اسان جي ماڻهو وڏڙن ‘پراڻِي پاٿر ڄمار راهپ’ (Old stone age culture) قائم ڪري ورتي: انهن آڱار وکــرَ (flint tools) ۽ پوءِ هڏي، عاج ۽ سڱ جا وکر ٺاهيا؛ انهن باهه ٻارڻ سکي ورتي ۽ پنهنجو کاڌو سيڪي/ڀُڃِي کائيندا هئا؛ انهن وڏن جھنگلي جانورن جو شڪار ٿي ڪيو. ظاهر آهي ته اهو ڪم ڪنهن اهڙي طريقي سان ٿي سگھيو پئي جنهن ۾ سهڪار (co-operation) ۽ سهرِٿ (co-ordination) جي گھرج هئي.
    جيئن جيئن سندن مادوائي راهپ (material culture) هوري هوري سڌرندي وئي، اهي فن ۾ ماهر ٿيندا ويا ۽ هڏن ۽ پٿرن تي ٽُڪ (carving) ۽ اُڪر (engraving) جو ڪم ڪرڻ ۽ گڦائن جي ڀتين تي جانارن جون اچرج جھڙيون وڻندڙ تصويرون چٽڻ لڳا. انهن، جھوپَـهـڻِـي (Palaeolithic) راهپ جي خالق ماڻهن بابت اهو سمجھڻ ته انهن ڳالڻ نه پئي ڄاتو، هڪ اهڙي ڳالهه هوندي جنهن تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي. سڀ کان اوائلي آڱار هٿيارن کان ويندي ديرائت (Late) ‘پراڻي پاٿر ڄمار’ جي شاندار فن ۽ هنر تائين (پهريان کهرا/مُڏا سِڌا آڱار وکر شايد ڪي 10-لک ورهه اڳ ٺهيا، جڏهن ته پراڻِي پاٿر ڄمار جي ماڻهن جون عمديون حاصلات 1-لک ورهه ق م کان پوءِ جون آهن). ان سڄي عرصي دوران، اوائلي انساني ٽولن جِي انتهائي آڳاٽِي اَرِچ ۽ محدود ٻوليءَ کان ويندي پراڻي پاٿر ڄمار جي ڦُلڻ واري زماني تائين پوريءَ طرح اسريل ٻوليءَ بابت تصور کي تازو رکي سوچي سگھجي ٿو، ته ايڏي عرصي ۾ ٻولي هوري هوري ۽ لاڳيتو ڪيئن اسري هوندي.
    ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ ڪيئن نسري ۽ اسري هوندي، ان بابت مختلف عالم ۽ ٻوليڄاڻڪ (Linguists) ڌار ڌار قسم جا نظريا رکن ٿا. انهن نظرين کي بو - وو (هو هو/وو وو) نظريو (The Bow-Wow Theory)، پُوھ - پُوھ (ڦُوھ ڦُوھ/آھ آھ/واھ واھ) نظريو (The Pooh-Pooh Theory)، ڊِنگ - ڊانگ (ٽِڻ ٽِڻ/ڊَم ڊم) نظريو (The Ding-Dong Theory)، يُو – هِي - هُو نظريو (The Yo-He-Ho Theory)، اشارڪ (اشارن وارو) نظريو (The Gesture Theory)، سُر -تار وارو (گيتڪار/ميوزڪدار) نظريو (The Musical Theory) ۽ لاڳاپ (ميل جول وارو) نظريو (The Contact Theory) جي نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. فطري آوازن وارو نظريو بابت سراج صاحب جن پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻولي’ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهي سڀ نظريا هڪ حد تائين ٻوليءَ جي ابتدا جي وضاحت ڪن ٿا ۽ سڀني ۾ ڪي نه ڪي چڱا ۽ لڱا پاسا موجود آهن.
    ٻنگارپَـهڻي/ٽاماپهڻي (Aeneolithic/Chalkolithic) يعني ڪِنجھي يا ٽامي واري دور کان اڳ وارين ٻولين بابت ڄاڻ هيل تائين هٿ نه ٿي سگھي آهي، ان ڪري لڳ ڀڳ 7-هزار ق م کان اڳ وارين ٻولين بابت اڄ جو عالم، هن وقت رڳو مفروضن تي ئي سوچي سگھي ٿو. لکڻ جو عمل، ميَسر شاهدين موجب، اڄ کان ڪي وڌ ۾ وڌ 7-هزار ورهه اڳ واري عرصي دوران شروع ٿيو.
    آڳاٽن ماڻهن پنهنجي فنڪار ذهن جي تخليقن کي ٽَڪرين، ڇِپن، پٿرن، گڦائن جي ڀتين وغيره تي تصويرون چٽڻ، هڏي ۽ عاج تي نقش ڪورڻ يا خاڪا کُرچڻ وغيره وسيلي ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. هن نرم پٿر کي گھڙي مُورت جي شڪل ڏني ۽ چيڪي مٽيءَ مان اهڙا مجسما ٺاهيا جن ۾ سندن ذهني فنڪاريءَ جو اولڙو نظر اچي ٿو. جڏهن جانار-پالنا وڌي، پوکي راهي ججھي ٿي، ڏيتي ليتي ۽ ٻيو وهنوار وڌيو، تڏهن فيصلا ۽ وعدا ياد رکڻ جي عملي گھرج وڌي. تڏهن اهو ڪم پهريائين پهريائين انهن تصويرن، چِٽن، نقشن، خاڪن، اڪرن ۽ مورتن کان وٺڻ شروع ڪيو ويو، پر ان هوندي به ان کي لکڻ چئي نه ٿو سگھجي.
    جيئن جيئن پيغام رساني، ڏيتي ليتي ۽ ريڪارڊ رکڻ جو ڪم وڌيو تيئن گھڻين تصويرن، خاڪن وغيره جي گھرج وڌندي وئي جنهنڪري تصويرن کي سادي صورت ۾ آڻڻو پيو. انهن جي سڃاڻپ ۽ انهن سان واسطيدار مطلب ۽ مفهوم عام ٿيندو ۽ گھڻن ماڻهن جي سمجھ ۾ ايندو ويو. تصويرون ۽ خاڪا مختصر ٿيندا ويا ۽ نيٺ ڪا هڪ مخصوص ۽ مختصر شڪل ڪنهن هڪ مخصوص جملي، ٻول (لفظ)، پَد ۽ پوءِ نيٺ وائيي/صوتيي (phoneme) لاءِ مخصوص ٿيندي وئي، جيڪي هوري هوري ٻوليءَ جو وڙ (item) ٿي پيا.
    حقيقي اوائلي لکيت (script) جا شايد پهريان عنصر ڏکڻ ميسوپوٽاميا (Mesopotamia، عراق) ۾ سُميري ماڻهن سڌاري سنواري پيش ڪيا. سميري ڪاتبن (scribes) نَڙ (read) جي ڪِلڪ (stylus) سان چيڪي مٽيءَ جي تختين تي لکڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي ته ڪلڪ جي رهڙ سبب مٽي کُرڙبي هوندي ۽ تصوير يا خاڪو ڪي قدر اڍنگو ٿي پوندو هوندو، ان ڪري ڪاتبن وڌيڪ سولو اهو سمجھيو ته ڪلڪ وهائڻ بدران چُڀائڻ گھرجي. ڪلڪ جي چُک جا هڪ ٻئي ويجھو چُڀڪا ڪري انهن گھربل تصوير يا خاڪو جوڙي ورتو پئي ۽ پوءِ انهن تختين کي باهه ۾ پچائي ٺڪر کي هڪ سنَد طور محفوظ رکيو پئي. مٽيءَ تي وِڌل اهي وَڍ/چُگھ ڄڻڪ ڪنهن ڇيڻيءَ، چَپر يا ميخ (ڪوڪي) جي چڀڪي/گُھچڪي جي ڏِک ڏين ٿا، ان ڪري لکت (writing) جي ان انداز کي ميخي خط، ڇيڻي-صورت يا چَپرائين (cuneiform) لکيت سڏجي ٿو.
    هر تصوير يا خاڪي لاءِ وَڍَن/چُگھن جي ڳڻپ هوري هوري وئي گھٽبي ۽ نشان وڌيڪ عام ٿيندا ويا، تان جو تصوير/خاڪي ۽ ان جي نشانن وچ ۾ ڪا به هڪجھڙائي نه رهي. بابلي (Babylonian) ۽ اشوري (Assyrian) ماڻهن، جيڪي سامي (Semite) هئا ۽ اڪادي (Accadian) سڏيا وڃن ٿا، ترت ئي ميسوپوٽاميا جي ان حصي ۾ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جنهن تي سميرين جي سَرندي هئي. انهن سميرين جي لکيت کي سڌاريو ۽ اها سڌريل صورت هوري هوري وئي پکڙبي ۽ وسيع ٿيندي.
    مٽيءَ جي تختيءَ تي لکڻ کان اسري پَئپارِس (هڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو پَن) ۽ چَم تي قلم ۽ برش وسيلي لکڻ لاءِ لکڻ جو اهو چڀڪيدار ڍنگ قابل قبول نه هو. هاڻي ور وڪڙ يا ونگدار لکت جي گھرج هئي جيڪا ڪُنڊائتي/چپرائين لکت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولي ۽ تيز رفتار ٿئي ٿي. لکت جو اهو انداز مصر (Egypt) ۾ ملي ٿو. بڻائتي (original) مصري لکيت (لڳ ڀڳ 3-هزار ورهه ق م) تصويري آهي ۽ ان کي پوترکيڙي (؟) (هيروگلائفڪ، Hieroglyphic، پاڪ/پوتر اُڪر واري) لکت چوندا آهن ─ اهو اصطلاح يونانين ٺاهيو ۽ انهن سمجھيو پئي ته مصرين اها لکيت مذهبي نوشتن/ڪَتبن (inscriptions) لاءِ ڪم آندي هئي. جيئن ته لکت جا وڏا مرڪز واسطيدار عبادتگاهه ۽ وڏا ڄاڻو اتي جا پروهت هئا تنهنڪري انهن پنهنجي عام وهنوار لاءِ لکت جو نئون ڍنگ اساريو جنهن کي پروهتائي (هيراٽڪ، Hieratic، پروهتن واري) لکت سڏجي ٿو جنهن مان وري، 7-سَو ق م ڌاري، جمهورائي (ڊيماٽڪ، Demotic، عام ماڻهن واري) لکت نسرڻ لڳي.
    تصويري لکت مختصر ٿيندي ٿيندي مخصوص ٻوليائي صورت تي پهچڻ لاءِ جيڪي ڏاڪا طيءِ ڪيا، اهي ڏاڍا اهم آهن.
    پهريائين هر تصويري نشان/خاڪو هڪ جملي يا ٻول (لفظ) کي ظاهر ڪندو هو. “وڌائي اڳتي ڪيل هٿ جي نشان” جو مطلب هو “تو/توهان ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائجي ٿو.” آڳاٽيون سميري لکتون ڪن شين جا نالا آهن. هڪ ڍڳي جي خاڪي ڀرسان ٽن آڱرين (هڪ آڱر جو نشان برابر ڏهه هزار) ۽ ٻن ڪنول گلن (هڪ ڪنول گل جو نشان برابر هڪ هزار) واري تصوير جو مطلب ٿيو: “ٻٽيهه هزار ڍڳا.” ڍڳي جي مُنڍي جو خاڪو ۽ ان ڀرسان چار اڌ-گول ─ “چار ڍڳا.”
    “علم لسان ۽ سنڌي زبان” تان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا جيڪي گھڻي ڀاڱي سَر ليونارڊ وُولِي (Wooley) جي ڪتاب “دي بِگنِنگس آف سوِلائيزيشن” تان ورتل آهن.
    • سميري زبان ۾ بنيادي پد لفظ هئا يعني هڪ پدا لفظ هئا جن جي ميلاپ سان ٻيا نوان مرڪب لفظ ٺهندا هئا. انهن بنيادي لفظن جو تعداد پنج سوَن کان ڇهه سوَن تائين هو. (ص 207)
    • بئبيلان }بابل{ وارن جڏهن سميرين واري تحريري طرز اختيار ڪئي تڏهن لفظن جي مختلف صيغن لاءِ کين دقت درپيش آئي ڇو ته سندن زبان صرفي (inflective }ڦيرائڪ{) هئي. ان اوڻائي جي پورائي خاطر بئبيلان وارن کي نوان نشان مقرر ڪرڻا پيا جيڪي پدن جي نمائندگي ڪندا هئا، پر اهي پد، لفظ نه هئا... ائين غير لفظي پد وجود ۾ آيا. تنهنڪري سميري لکت جو بنياد لفظن تي ٿيو ۽ اڪادي (Akkadian) لکيت جو دارومدار پدن تي پيو (بئبيلان وارن کي اڪادي قوم سڏبو هو). (ص 207)
    • جنهن وقت سميرين جي لکڻي لفظي منزل اڪري بئبيلان ۾ پدائتي {Syllabic} پد (درجي، منزل، Grade) تي پهتي تنهن وقت کان پوءِ مصرين پنهنجي تحرير پدائتي منزل سان شروع ڪئي. (ص 210)
    • قديم مصري زبان ۾ ‘رَ’ يا ‘را’ (ra) جي معنيٰ هئي ‘وات’، جنهن جو نشان هو . پوءِ اهو نشان رڳو ‘ر’ (ري) آواز لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. (ص 211)
    هتي ٻه ڳالهيون ياد رکڻ جھڙيون آهن. (1) سميري ٻولي جا ٻول/ لفظ يڪپدا (monosyllabic) هئا ۽ اهي بنياد يا پيڙھ هئا، ۽ پد سان پد ملي نئون لفظ ٺهندو هو. (2) هڪ سڄي ٻول لاءِ مقرر نشان هوري هوري گھٽجي وڃي هڪ اکر جو نشان ٿيو. اکر جو نشان ٿيڻ کان اڳ اهو هڪ مڪمل وائڄڻ (وائل سمائي رکندڙ وائڄڻ، consonant with vowel) آواز جو نشان هو. سراج صاحب جن موهن دڙي جي جن مهرن جي پڙهڻي مقرر ڪئي هئي انهن جي اڪثر نشانين جو ملهه “... (ڪو به حرف صحيح) + حرف علت” ڄاڻايو هو (“سنڌي ٻولي”، ص 138) ۽ اها ڳالهه مٿي ڏنل مصري ٻولي واري مثال سان هم آهنگ آهي. ان ئي مثال جھڙو هڪ ٻيو ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ان ڳالهه کي ڪجھ وڌيڪ چٽو ڪري ٿو.
    • قديم مصري لکت پڻ پدائتي سرشتي تائين اسري آئي ۽ حقيقي الف-ب واري (Alphabetic) لکت اسارڻ لاءِ خصوصي حيثيت جي حامل هئي }يعني هڪ اهڙي لکيت هئي جنهن وٽ وائيا/صوتيا/فونيمس ظاهر ڪندڙ نشان موجود هئا{. مصري سرشتي بابت اهم شيءِ اها هئي ته ان ۾ وائل (vowel) ڄاڻايل (ظاهر ڪيل) ڪو نه هئا. ڪيترائي نشان (لڳ ڀڳ 80) ٻن وائڄڻن (consonants) جي ٽولي ۽ سندن جيڪي به وائل هئا }يعني ٻه-اکري پد{ لاءِ ڪم ايندا هئا. مثال “گَھر” (پار، Par) لاءِ نشان pr (پ ر) هو ۽ ان جا اچار par (پار)، per (پر)، epr (اِپۡـــرۡ/ايـپۡـــرۡ)، epra (ايپرا) ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي هئا. پر چوويهه نشان اهڙا هئا جيڪي رڳو هڪ وائڄڻ ۽ ان جي وائلن لاءِ مخصوص هئا. جيئن وات جو نشان (ra) هڪ وائڄڻ ‘ر’ (r) لاءِ به ڪم ايندو هو ته ان جو مطلب ra (رَ، را)، ar(ارۡ)، re (ري)،er (اِرۡ/ ايرۡ) ۽ اهڙي قسم جا ڪيترائي اچار هو. جڏهن ڀُونوِچ (Mediterranean) جي اوڀراون ڪنارن ويجھو رهندڙ اولهه سامي (West Semite) ماڻهن هڪ لکيت اساري، تڏهن مصرين جا رڳو 24 نشان کنيائون. بنيادي طرح اهو هڪ پدائتو سرشتو هجڻ گھرجي جنهن ۾ موجود نشانن مان هر هڪ ڪيترن ئي ممڪن ٺهي سگھندڙ پدن جي بدران ڪم ايندو هو، جيئن مصري ra، er، re وغيره؛ پر حقيقت ۾ اها نج الفابيٽ سرشتي سان رسمي طرح هڪجھڙي (identical) هئي جنهن ۾ رڳو وائڄڻَ لکيل آهن ۽ وائل لکيل ناهن. (باربر ]1982[ 45)

    سنڌي ٻوليءَ جي مروج الفابيٽ ۾ ‘پ’ جا آواز گھٽ ۾ گھٽ ‘پَ’، ‘پِ’ ۽ ‘پُ’ ٿي سگھن ٿا جڏهن ته ‘پٽ’ جي پڙهڻي پُٽۡ، پَٽۡ، پِٽۡ، پُٽُ، پَٽُ، پِٽِ، پُٽَ، پَٽَ، پِٽَ، پِٽِ وغيره ٿي سگھي ٿي. سراج صاحب جن پاران مقرر ڪيل پڙهڻي ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي جنهن جو مطلب ‘حرف علت + حرف صحيح’ هجي جيئن ar ۽ er جا مثال آهن يعني اکري نشان ته هڪ هجي پر ان جي اچار ۾ پهريائين وائل ۽ ان جي ڪڍ وائڄڻ آواز هجي.

    • ڇاڪاڻ ته مصري تختين ۾ ٻن اکرن وارا گڏيل نشان اٽڪل 250 هئا تنهنڪري سندن لکيت کي بلڪل اکري چئي نه ٿو سگھجي. البت انهن ۾ هڪ اکري نشانن جو تعداد ٻه درجن کن هو جيڪي خاص نشانن لاءِ اکر ٿي ڪم اچڻ لڳا. ائين اکرن جي الڳ وجود جي ابتدا ٿي جيڪا مصرين ۾ مڪمل نه ٿي ڇو ته غير شعوري هئي. (جتوئي ]1983[ 211)
    • شام جي سامونڊي ڪناري تي }رهندڙ{ فونيشي }اولهه سامي{ واپارين جڏهن ڏٺو ته هيرو گلائفي نشانن ۾ هڪ اکرا پدَ {Syllables}، سُر {Vowel} آوازن جي نشانن کان سواءِ موجود آهن ۽ محض اکر ٿي ڪم اچي سگھن ٿا تڏهن انهن مان صرف 24 نشان اخذ ڪيا جن جو واسطو نه صورتن سان هو ۽ نه سُر }وائل{ آوازن سان؛ ۽ انهن کي مختلف وينجن }وائڄڻ{ آوازن لاءِ استعمال ڪيائون ۽ انهن کي سڏيائون “الف-بيت”. فونيشي واپاري، جن جي ٻولي آرميني هئي، سي سامي قوم جا هئا. (جتوئي ]1983[ 212)
    • اُگارت (Ugarit) جي ماڻهن جيڪو ميخي لکيت جو نمونو ايجاد ڪيو تنهن ۾ بئبيلاني صورتختي کي سادو ۽ سولو ڪيو ويو. ان ۾ 30 نشان هئا جيڪي سچ پچ ته اکري هئا. انهن مان 27 نشان بئبيلان وارا ميخي هئا جيڪي مصمت يعني وينجڻ }وائڄڻ{ هئا ۽ باقي ٽي (3) سُر }وائل{ آوازن جا نشان هئا. تحرير جو اهو نمونو هُري توڙي سامي ٻولين لاءِ ڪم ايندو هو. (جتوئي ]1983[ 212)
    • تحرير جي تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو ائين ٿيو آهي ته اها پدائتي {Syllabic} پد (درجي) }منزل{ مان ترقي ڪري اکرن جي منزل تي پهتي. اهي سامي ڪاتب هئا جن تحرير جي فن کي اکرن جي منزل تي آندو. انهيءَ “الف-بيت” اکرن مان مشرق بعيد }ڏور اوڀر، {Far East جي تحريرن کان سواءِ دنيا ڀر جي لکيتن جا اکر پيدا ٿيا. (جتوئي ]1983[ 213)
    • آخري وک، ته وائلن لاءِ مقرر ۽ باقاعدي نشان هجن، يونانين کنئي جڏهن انهن الفابيٽ اختيار ڪئي. فونيشين جا ڪي وائڄڻ آواز يوناني ۾ موجود ناهن ۽ انهن جھڙن نشانن کي يوناني ماڻهو وائل طور ڪم آڻيندا هئا. مثال، اولهه سامي الفابيٽ جو پهريون اکر، جيڪو هڪ ڍڳي جي تصوير تان ورتل آهي، الف (Aleph) هو ۽ ھ (h) قسم جي آواز لاءِ ڪم ايندو هو (...)؛ ان زماني جي يونانين اهو آواز ڪم نه ٿي آندو، ۽ اهو اکر الفا (alpha) ڪري کنيو جيڪو a (اي) وائل آواز جي نمائندگي ڪندو هو. (باربر ]1982[ 45-46)
    • يوناني روايت موجب 1500 سال قبل مسيح چادميوس (Cadmus) نالي شخص فونيشيا مان الفابيٽ (Alphabet) کي يونان ۾ آندو. انهيءَ يوناني الفابيٽ مان ايٽرسڪن (Etruscan) الفابيٽ نڪتي جنهن مان وري رومن ...}۽ ان مان{ يورپ جون الفابيٽون نڪتيون.
    فونيشي “الف-بيت” اکرن مان عربي “الف-با” نڪتا جيڪي ساري اسلامي دنيا جي ٻولين ۾ ڪم اچڻ لڳا... (جتوئي ]1983[ 213)
    • جامدت نصر (Jamdat Nasr) واري دور ۾ جڏهن سميري تحريري طرز کي صوتياتي ٿي بنايو ويو تڏهن ايران ۾ به اوائلي ايلمتي (Elamite) لکيت وجود ۾ آئي. (جتوئي ]1983[ 208)
    • عالمن جي راءِ موجب قطعي طرح سان اهو ثابت ڪري نه ٿو سگھجي ته هندين (سنڌين) سميرين کان لکڻ جو فن حاصل ڪيو مگر ان ڳالهه جو گھڻو امڪان به آهي. انهن عالمن جي اها به راءِ آهي ته جيئن گھڻو پوءِ اتر هندستان جي آرين ۾ پنهنجي براهمي لکيت کي پيدا ڪرڻ جو ذوق آرميني ماڻهن جي رسم الخط کان واقف ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿيو تيئن سنڌين کي به عراقين جي لکيت ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي تحريري طرز پيدا ڪرڻ جو }خيال{ جاڳيو... (جتوئي ]1983[ 209)
    • سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو. انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي... (الانا (1969) 17، جاحظ جي حوالي سان. 864ع/ لڳ ڀڳ 250 هجري)
    ان سنڌي الف-ب جي صورتخطي ڪيئن هئي، تنهن بابت ليکڪ کي ڄاڻ نه آهي. سنڌي ٻولي جا لفظ لکڻ لاءِ گرمکي، خواجڪي، ديوناگري، خداوادي، شڪارپوري، ساکرو (سکر واري)، ٺٽائي، لاڙائي، ونگائي، راجائي، ميمڻڪي، سيوهاڻي وغيره لَپيون پڻ ڪم اينديون هيون. مخدوم ابوالحسن جي جوڙيل لپي بابت به سڀني کي ڄاڻ آهي. اڄوڪو مروج سنڌي رسم الخط عربي-فارسي تان ورتل ۽ ڪجھ اکرن ۾ واڌارا ڪري ٺاهيل آهي.
    جيئن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، اوسر ۽ تبديلين بابت هڪ مونجھارو موجود آهي تيئن آڳاٽي سنڌي لکيت بابت به ڪا پڪي پختي، طيءِ ٿيل راءِ موجود ناهي.
    • ڊاڪٽر ڪريمر (Crammer) آمريڪا ۾ سُميريالاجي (Sumeriology) جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو سمجھيو وڃي ٿو. هن سمير جي تختين وارين لکيتن کي پڙهي، اهو نظريو پيش ڪيو آهي ته سميري تمدن جا انسان، جنهن ‘دلمون’ ملڪ جي ساراهه مان ڍاپن ئي نه ٿا ۽ بار بار ان کي ديوتائن جو ملڪ چون ٿا، سو لاشڪ موهن جي دڙي وارو ملڪ هو. (سراج ]1964[ 23-24)
    سراج صاحب جن جي راءِ موجب “سنڌو تهذيب سميري تهذيب جو سرچشمو هئي.” (ص 25)
    • ... سنڌو سان واسطيدار لڳ ڀڳ 40 ڪتبا (inscriptions، نوشته) ويجھي اوڀر (Near East) مان لڌل آهن. انهن مان ڪي سنڌو تهذيب جي کولَ (discovery) کان به گھڻو اڳ لڌيون ويون هيون جيڪي عوام جي ڄاڻ لاءِ پهريون ڀيرو سَر جاهۡن مارشل (Marshall) ‘اِلسٽريٽيڊ لنڊن نيوز’ ۾، 20-سيپٽمبر 1924ع، ڇپايون... هڪ هفتو پوءِ ‘السٽريٽيڊ لنڊن نيوز’ اي.ايڇ. سائيس (A.H. Sayce) جو هڪ مختصر خط ڇپيو جنهن سنڌو مهرن ۽ ٺڪر جي ٿانون کي سوسا (susa) مان لڌل آڳل-ايلمائيٽ (Proto-Elamite) تختين ۽ ٻين پڪل ٿانون (ceramics) سان ڀيٽيو هو ۽ دليل ڏنا ته اهي عملي طرح هڪجهڙيون هيون. ان کان هڪ هفتو پوءِ ساڳئي جرنل ۾ سي.جي. گاد (C.J. Gadd) ۽ سڊني سمٿ (Smith) جو مضمون (paper) شايع ٿيو، جنهن موجب انهن سنڌو ۽ ميسوپوٽاميائي سڀيتائن جي وچ ۾ ڪيترين ئي شين جون ڀيٽون (comparisons) ڪيون ۽ انهن کي ان بنياد تي }ٻنهي سڀيتائن جي وچ ۾{ ويجھي ناتيداريءَ جي شاهديءَ طور قبول ڪيو. وڌ ۾ وڌ ڪو هڪ ورهه پوءِ ايل.اي. واڊيل (L.A. Waddell) جو 146 صفحن وارو ڪتاب “دي انڊو-سميرين سِيلز ڊِيسِفَرڊ” (حل ڪيل سنڌو-سميري مهرون) شايع ٿيو، جنهن جو هڪ ننڍو عنوان “سنڌو ماٿر جي سميرين کي فونيشين (Phoenician)، بَرات (Barats)، گوٿ (Goths) ۽ مشهور ويدي آرين (Vedic Aryan) طور کوجڻ” ٻڌائي ٿو. }اصطلاح “انڊو-سميرين” سنڌو ۽ سمير جي وچ ۾ گھاٽا ناتا ڏسندي مارشل ڪم آندو هو ۽ پوءِ ان ۾ ڪي ڪمزوريون ڏسي پاڻ ئي ترڪ ڪيو هو{... گذريل ڏهاڪن ۾ هوري هوري چِٽو ٿيندو آيو آهي ته سنڌو سڀيتا پاڻ سان ويجھي ناتيداري ۽ مقامي طرح ٿورو فرق رکندڙ اوائلي سنڌو راهپن (Early Indus Cultures) جي ڪنهن هڪ شاخ جو ڦوهه جواني (جوڀن) کي رسڻ جي نتيجي ۾ اسري آهي. اوائلي سنڌو راهپون لڳ ڀڳ ان ساڳي ئي ايراضيءَ ۾، ٽي هزار کان اڍائي هزار ورهه ق م تائين ڦُلاربيون رهيون. اهي اوائلي وِچـپَهڻي (Mesolithic) ۽ نَوپَهڻي (Neolithic) روايتن (traditions) مان ڏکڻ ترڪمانستان (Turkmenistan) ۾ ٻنگارپهڻي راهپن جي اوڀرائين پاسي واڌ/پکڙجڻ کي ظاهر ڪن ٿيون جيڪي اولهائين ايران ۽ ميسوپوٽاميا جي ڀيٽ ۾ خودمختار هيون توڙي جو ان پاسي کان به اثر ورتائون. ڦلارجندڙ ترڪماني سڀيتا جي واڌو آباديءَ هوري هوري اوڀر پاسي جياسڪي اُر (Geoskyur) واري نخلستان، سيستان (Seistan)، ڏکڻ اوڀرائين افغانستان، اترئين بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. ڀِـڙاڄاڻِي شاهديون (Archaeological parallels) ۽ ريڊيو-ڪاربان چڪاس کان پوءِ سڌاريل سَن چوٿين هزارين ق م جي پڄاڻي ۽ ٽئين هزارين ق م جي ابتدا وارن ورهن دوران مضبوط راهپي (Cultural) ۽ معاشي (Economic) لاڳاپن کي پڌرو ڪن ٿا... 3 هزار کان اڍائي هزار ق م دوران صورتحال تبديل ٿي وئي، وسيع سنڌو علائقو راهپي طرح ترڪمانستان کان ڌار ٿي ويو ۽ ان جا راهپي لاڳاپا ڏکڻ-اولهه ۽ ميسوپوٽاميا ڏانهن لڙي ويا... سنڌو لکيت جيڪڏهن ڪنهن ٻيءَ لکيت سان ناتو رکي ٿي ته اها هر طرح آڳل-ايلمائيٽ ئي آهي جيڪا اوڀر ۾ ويندي تيپ يحى (Tape Yahya) سان ڳنڍيل آهي جنهن سان اوائلي سنڌو راهپون لاڳاپي ۾ هيون جيئن موهن دڙي ۾ درآمد ڪيل صابڻ-پٿر (Steatite) مان ٺهيل صراحيون (vases) ڏيکارن ٿيون. پر ائين ٿو ڀانئجي ته سنڌو لکيت، جيستائين حقيقي تصويري خاڪن جو تعلق آهي، گھڻي ڀاڱي خودمختار تخليق آهي.
    (آسڪو پرپولا، “رِيسينٽ ڊيوِلپمينٽس اِن دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ”، ‘سنڌ ٿرو سينچريز’، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، 1981ع)
    سنڌو لکيت جيڪڏهن هڪ خودمختار لکت آهي ته پوءِ سراج صاحب جن جي راءِ هڪ سگھاري دليل جي حمايت ماڻي وٺي ٿي. سراج صاحب جن جي پرک ٻڌائي ٿي ته سنڌو لکيت ۾ ڪي تصويري خاڪا اهڙا آهن جيڪي هڪ سڄي لفظ جي نمائندگي ڪن ٿا، جيئن ‘ڪوٽ’ جو تصويري نشان آهي ۽ ڪي خاڪا هڪ پد جي به نمائندگي ڪن ٿا (پوءِ اهو پد ٻه-اکرو هجي يا هڪ-اکرو) ته هڪ وائڄڻ آواز يا اکر جي به. انهيءَ تحرير ۾ البت ڪنهن وائل آواز جو اکري نشان نشانبر ڪيل ناهي جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اها پنهنجيءَ اوسر جي ان سطح تي هئي جنهن تي مٿي ڄاڻايل ٽڪرن ۾ سميري ۽ مصري لکيتون هيون.
    آسڪوپرپولا ۽ سندس ساٿي، روسي عالم يورِف نوروزوف (Yurijv Knorozov) ۽ سندس ساٿي ۽ ڪيترائي ٻيا عالم سنڌو لکيت کي دراوڙي ٻولي جي حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايم ايڇ پنهور صاحب جن جو خيال آهي ته آڳاٽي سنڌي ٻولي ۾ دراوڙي اثر رڳو 20-سيڪڙو مس هوندو ۽ باقي 80-سيڪڙو ڏکڻ ايران سان واسطو رکي ٿو، جيڪي سامي نه هئا پر سُوسا جا ايلمائيٽ هئا. (ڏسو سندن ٻه مضمون “سنڌ جون ٻوليون” ۽ “سنڌ جي ٻولي”)
    هينري هيراس (Henry Heras) سنڌو لکيت کي دراوڙي سمجھي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن سنڌو مهرن ۾ هر خاڪي کي هڪ لفظ جو اهڃاڻ ٿي سمجھيو ڇو ته سندس خيال موجب، ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب هي به هو ته ٽئين هزارين ق م جي سمورن ڄاتل لکت سرشتن جو نمونو اهو آهي جنهن کي ٻولَ-پدائتو (Logo-syllabic) سڏجي ٿو، ٻئين هزارين ق م ۾ گھڻي ڀاڱي پدائتو (syllabic) آهي ۽ آخري هزارين ق م ۾ الفابيٽ وارو آهي. هن پڌرو ڪيو ته موهن دڙي مان لڌل مهرن تي پيل نشان پدن سان ٺهڪي نه ٿا اچن ۽ اهي وائڄڻ آواز جا نشان هجن، ان جو امڪان اڃا به گھٽ آهي تنهنڪري اهي هڪ مڪمل ٻول/لفظ کي پيش ڪن ٿا. (ڏسو آسڪو پرپولا وارو مضمون)
    مسٽر هنٽر (Hunter) مسٽر لئنگڊن جي پوئواري ڪندي (جنهن بروهڪي لکت کي سنڌو لکيت جي پوئيَر سڏيو هو) ڪجھ نشانن کي وائل جو اهڃاڻ سمجھيو هو. پر ڪي عالم انهيءَ خيال جا به آهن ته سنڌو مهرن تي وائيا (phonemes، صوتيا) نقش ٿيل آهن (حوالو ساڳيو). اهڙيءَ طرح سنڌو لکيت کي پڙهڻ جي معاملي ۾ ڪيترائي مونجھارا ڪَر کڻي بيهن ٿا: مختلف نشانن کي ڪو عالم ٻول/لفظ جو نمائندو ٿو سمجھي ته ڪو پد يا وائيي (phoneme) جو ۽ ڪجھ نشانن کي وائل جو اهڃاڻ سڏيو وڃي ٿو.
    پنجويهن ورهن جي پورهيي ۽ ڪمپيوٽر ۽ ٻين جديد وسيلن جي واهر کان پوءِ ڪن عالمن سنڌو مهرن تي گھڻي کان گھڻي نظر ايندڙ نشان کي “مڇي”، دراوڙي ۾ = مِن (min) پڙهيو آهي ۽ ان کي هڪ وک اڳتي قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هي ليکڪ حيرت ظاهر ڪرڻ جي حيثيت ۾ ناهي، البت ايترو اوس چوڻ گھري ٿو ته ان ساڳي ئي نشان کي سراج صاحب جن، 1964ع ۾، جيڪڏهن “مڇي” پڙهيو ۽ “م + حرف علت” جو نمائندو سڏيو ته ڇو اها ڳالهه قبول ڪرڻ بدران کين تنقيد جو نه پر ٽوڪ جو نشان بنايو ويو؟
    • موهن جي دڙي ۾ جتي ڪٿي انهن }مُهن نالي قبيلي وارن{ جي نياتي نشاني (totem) ملي ٿي. اهو ئي قبيلو هزارين سالن کان اڄ تائين سنڌ ۾ رهندو اچي. ان ساڳئي قبيلي کي شاھ }لطيف ڀٽائي{ ‘مُهاين’ جو قبيلو سڏيو آهي. ان قبيلي جون شاخون يا ذاتيون “مي”، “مهاڻا” وغيره اوهان کي سنڌ ۾ اڃا تائين ملندا. اڄ تائين ٺٽي، ماڃر، دادو وغيره طرف ويٺل غريب مهاڻن جي ڪن ذاتين وٽ، اوهان کي اها نياتي نشاني ٺڪر جي ٿانون ۽ ويندي ٻيڙين جي پاسن تي کوٽيل ۽ اڪريل ملندي. (سراج ]1964[ 119-120)
    • ان کان پوءِ گھڻي استعمال ٿيل نشاني آهي. ان جي شڪل مڇيءَ جھڙي آهي، شايد ان وقت به ان ئي نالي سان سڏبي هئي... منهنجي خيال ۾ ان جو ملهه “م+ حرف علت” آهي. (سراج ]1964[ 138)
    سراج صاحب جن ان کي دراوڙي نه، سنڌي ٻولي سمجھي پڙهيو آهي.
    حقيقت ڇا آهي، ان تي اڃا پردو پيل آهي. سراج صاحب جن سان ۽ سڀني عالمن سان ڪنهن به ڳالهه تي اختلاف ڪري سگھجي ٿو ــــــ مثبت اختلاف ئي حقيقتن کي کولڻ ۾ واهرو ٿيندو. ممڪن آهي ته پرپولا ۽ نوروزوف واريون ٽِيمون (teams) به غلط ثابت ٿين پر هڪ مثبت امڪان رکي سگھجي ٿو ته اهي ۽ اهڙيون ڪوششون ئي اڳتي هلي سچائيءَ کي پڌرو ڪنديون.
    سنڌو لکيت جي حوالي سان مٿي جيتريون به ڳالهيون آيون آهن، اهي سڀ امڪاني/مفروضا آهن. بهرحال، سمورا عالم جھڙوڪر متفق آهن ته جيستائين موهن دڙي جو هيٺيون تهه نه ٿو کوٽجي، ووڙجي ۽ چڪاسجي، تيستائين سنڌو سڀيتا توڙي سنڌو لکيت جي مڪمل ۽ درست پرک ڄڻڪ ناممڪن آهي.
    • بهرحال، هن تحرير جو صحيح حل ان وقت ٿي سگھي ٿو، جڏهن ميسوپوٽاميا يا سنڌو ماٿري جي وڌيڪ کوٽائيءَ مان ڪو اهڙو ڪَتبو يا مهر هٿ اچي وڃي، جنهن ۾ انهن ٻنهي زبانن ۾ اڪريل ڪتبا دريافت ٿي سگھن، ۽ اهڙيءَ طرح ميسوپوٽاميا جي زبان جي مدد سان سنڌو ماٿري جو رسم الخط پڙهي سگھجي ─ ڇاڪاڻ ته ميسوپوٽاميا جي زبان پڙهجي چڪي آهي. (صديقي ]1980[ 174)
    تحرير جي اوسر بابت مٿي آيل سموري ذڪر ۾ هڪ ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته لکت ۾ ڪيترن ئي وائل آوازن جا نشان تمام گھڻو پوءِ ٺهيا ۽ مقرر ٿيا آهن. اڄ اسان وٽ ڪي ٻوليون اهڙيون به آهن جن جي لفظن ۾ وائل نشان الڳ اچي ٿو (پر اهو ڪنهن هڪ مقرر وائل آواز لاءِ ڪم نه ٿو اچي، مختلف وائل آوازن جي نشاندهيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو) جيئن انگريزي ۾ آهي ۽ ڪن ٻولين جي لفظن ۾ اڃا سوڌو گھڻا وائل نشان الڳ ناهن. عربي ۾ ا، و ۽ ي سان گڏ تحرڪ جا نشان اهو ئي ڪردار ادا ڪن ٿا جيڪو، مثال طور انگريزي ۾ a، e، i، o ۽ u ڪن ٿا پر عربي ۾ ا، و ۽ ي کي حروف علت، زير، زبر ۽ پيش کي حرڪت جون نشانيون، جزم کي ساڪن جي نشاني، شد کي تشديد جي نشاني ۽ لفظ جي آخر ۾ ايندڙ حرڪت جي نشاني کي اعراب سڏيو وڃي ٿو. عربي ۾ مصوَت (وائل) جا ڪي مقرر نشان ايئن ئي موجود ناهن جيئن مصمت (وائڄڻ) جا آهن. سنڌي جي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ اڪثر لفظن تي تحرڪ جون نشانيون ڏنل نه هونديون آهن.
    “هو پٽ تي ويٺو آهي.”
    هن جملي ۾ ظاهري وائل نشان رڳو ‘آ’ آهي، جنهن کي 1970ع تائين ‘حرف علت’ سڏيو ويندو هو، باقي ڪنهن به اکر تي نه ته ڪا تحرڪ جي نشاني آهي ۽ نه ئي اڪيلو الڳ وائل نشان. ان هوندي به هر سنڌي پڙهندڙ ماڻهو ان جملي کي “هُو پَٽَ تي ويٺو آهي” ئي پڙهندو، ڪنهن ٻئي نموني سان نه، ڇو ته هو ان طرز تحرير کان چڱيءَ طرح واقف آهي. ڪو شڪ ناهي ته سمير ۽ بابل توڙي مصر وارا پنهنجي “بنا-وائل-نشان” لکت کي بلڪل ائين ئي پڙهندا هوندا جيئن هيءَ لکڻي پڙهي وڃي پئي.
    نمبر 2 ڳالهه. ڪجھ ٻولين ۾ توڙي جو وائل نشان الڳ آهن پر اهي پنهنجي ٻولي جي سمورن وائل آوازن کي صحيح نموني ادا نه ٿا ڪري سگھن. عام طرح سمجھيو وڃي ٿو ته انگريزي ۾ 12 يَڪسُرا وائل (Monophthong vowels) ۽ 8 ٻِسُرا وائل (Diphthong vowels) موجود آهن (بابر ]1982[ 5 ۽ 7) پر انهن سڀني آوازن کي سڏجندڙ پنج وائل اکرن (a، e، i، o، u) ۽ ڪڏهن ‘واءِ’ (y) ۽ ‘ڊبليو’ (w) جي مدد وٺي ظاهر ڪيو وڃي ٿو جنهنڪري انگريزي ٻولي پڙهندي ڪنهن هڪ ئي وائل نشان جو آواز مختلف ٻولن ۾ مختلف ٿي وڃي ٿو، جيئن هيٺ ڏنل انگريزي لفظن ۾ a (اي) جو آواز آهي:

    1. Aback /ə-bak’/ ● Astir /ə-stûr’/
    2. Abbess /ab’es/ ● Ask /ask/ يا /äsk/
    3. After /äftər/ ● Arch /arch/
    4. Aleatory /ā’li-ə-tər-i/ ● Angel /ān’jl/
    5. Albeit /öl-bē’it/ ● All /öl/
    6. Shabble /shab’l/ ● Shall /shal/ يا /shəl/
    7. Shade /shād/ ● Shale /shāl/
    8. Shaft /shäft/ ● Sharp /shärp/

    مٿي ڏنل لفظن جا وايوڄاڻي (phonetic، صوتياتي) نشان (اکر) جيڪي ─ // ─ ۾ ڏنل آهن، ‘چئمبر’س ڊڪشنري’ تان ورتل آهن.
    اهڙي ئي قسم جا ڪيترائي مثال انگريزي جي هر هڪ وائل نشان جي حوالي سان پيش ڪري سگھجن ٿا.
    سنڌي ٻولي ۾ ‘ا’ ۽ ‘ء’ جو ڪو به فرق ناهي. سنڌي وائل آوازن کي اَ، اِ، اُ، او، اَو، اُو، اي، اَي، اِي ۽ آ جي صورت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ انهن جو نشان ‘ا’ ڪن لفظن ۾ ‘ء’ جي صورت ۾ اچي ٿو ته ڪن لفظن ۾ محض حرڪت جي نشان طور، ۽ ڪن لفظن ۾ اها نشاني ڏئي سگھجي ئي نه ٿي.
    لکت جي حوالي سان ليکڪ انهيءَ خيال جو آهي ته

    1. هر وائل آواز جو تحريري نشان ڌار ڌار نموني جو ۽ هڪ-اکرو هجڻ گھرجي يعني وائل آواز جيڪڏهن وِيهه آهن ته انهن جا اکر به ويهه هجڻ گھرجن،
    2. هر وائڄڻ ذات لاءِ ڌار ڌار هڪ-اکرو تحريري نشان هجڻ گھرجي، ۽
    3. هر وائڄڻ آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هر هڪ وائڄڻ ذات جي اکري نشان سان گھربل وائل آواز جو نشان اهڙي نموني ڳنڍيل هجي جو ان جي اکري بناوت به هڪ-اکري هجي.


    باب چوٿون : وائل آواز

    ‘وائل’ لفظ جي ترڪيب، معنى ۽ مفهوم کي سولائيءَ سان سمجھڻ لاءِ سچل، مٺل، ڪَوڙل ۽ واڌل جھڙن ٻولن جي ترڪيب، معنى ۽ مفهوم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ترڪيب پٽاندر سوين ٻول جڙن ٿا. ‘واڪ’ مان ‘واڪل’ به انهيءَ ترڪيب هيٺ ٺاهيو ويو آهي ۽ ‘واء’ کي ذهن ۾ رکي ‘وائل’ رٿيو ويو آهي. پنجاهه کان وڌيڪ ٻولن ۾ اهو ٻول ‘واء’ ڌاتو طور ڪم آيو آهي ۽ ڪٿي ‘هوا’، ڪٿي ‘آواز’ ته ڪٿي ‘هوا ۽ آواز’ ٻنهي جي معنى ظاهر ڪري ٿو. اهڙا ڪي ٻول آهن: وائُکَ، وائُــرَ، وائرڻ، وائو، وائِي، ٻه-وايو، ٽه-وايو، سُواءُ، وائُــلجڻ ۽ وائُــلڻ.
    درست اچار لاءِ ‘وائل’ جي ‘ئـ’ تي زبر، زير يا پيش موجود سمجھي ان کي متحرڪ ۽ چٽو ڪري نه، پر بيحد هلڪو اچارڻ گھرجي (انهيءَ جو سبب مناسب جاءِ تي پيش ڪيو ويندو). ‘وائل’ معنيٰ ‘هوا يا آواز وارو’. ٻولياڄاڻي (ٻوليءَ بابت علم سان واسطيدار، لسانياتي) ڪتابن ۾ انهن آوازن لاءِ ‘وائل’ بدران ‘سُر’ لفظ ڪتب ايندو آهي.
    مروج سنڌي لکيت عربي ۽ فارسي صورتخطي کي سامهن رکي ترتيب ڏني وئي آهي. سنڌي لکيت ۾ وائل آوازن کي حروف علت سڏجندڙ ‘ا’، ‘و’ ۽ ‘ي’ جھڙن اکري نشانن ۽ ‘زبر’، ‘زير’ ۽ ‘پيش’ جھڙين تحريڪ جي نشانين وسيلي ظاهر ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا هن وقت تائين ڄاتل وائل آواز آهن: ]اِي[، ]اِ[، ]اي[، ]اَي[، ]آ[، ]اَو[، ]او[، ]اُ[ ۽ ]اَ[. انهن کي ‘صاف وائل آواز’ به چئجي ٿو ڇو ته اهي آواز اچارڻ مهل ڦڦڙن کان ٻاهر ايندڙ هوا جو ڪو ٿورو حصو به نڪ مان خارج نه ٿو ٿئي پر سڀ هوا وات جي کوپي مان ٻاهر نڪري ٿي. سنڌيءَ جا اهي سڀ صاف وائل آواز سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ اهڙيءَ طرح به اچاريا ويندا آهن جو ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جي سڄي مقدار جو لنگھ ۽ نيڪال نڪ جي کوپي مان ٿئي. تڏهن اهي آواز غُنا ٿي پوندا آهن ۽ ]اِين[، ]اِن[، ]اين[، ]اَين[، ]آن[، ]اَون[، ]اون[، ]اُن[، ]اُون[ ۽ ]اَن[ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
    اهڙن وائل آوازن کي غُنا يا نَڪوان وائل آواز سڏجي ٿو.

    صاف وائل آوازن جا ڪجھ مثال:

    (1) ‘اِيٽ’ ۽ ‘اِيس’ ٻــولــن جــو پـهـريـــون/مــنـــڍائــتـــو آواز ‘اِي’ آهي.
    (2) ‘اِٽ’ ۽ ‘اِڪي’ = = = = = = = = = = = = = = ‘اِ’ آهي.
    (3) ‘ايڪو’ ۽ ‘ايڏو’= = = = = = = = = = = = = = ‘اي’ آهي.
    (4) ‘اَيٿ’ ۽ ‘اَيٽ’ = = = = = = = = = = = = = = ‘اَي’ آهي.
    (5) ‘آڪهه’ ۽ ‘آلهه’= = = = = = = = = = = = = = ‘آ’ آهي.
    (6) ‘اَلو’ ۽ ‘اَورڪ’ = = = = = = = = = = = = = = ‘اَو’ آهي.
    (7) ‘اوڌر’ ۽ ‘اوٺو’ = = = = = = = = = = = = = = ‘او’ آهي.
    (8) ‘اُٺ’ ۽ اُڀ’ = = = = = = = = = = = = = = ‘اُ’ آهي.
    (9) ‘اُچو’ ۽ ‘اُوڪ’ = = = = = = = = = = = = = = ‘اُو’ آهي.
    (10) ‘امان’ ۽ ‘اَٽو’ = = = = = = = = = = = = = = ‘اَ’ آهي.

    غُنن وائل آوازن جا ڪجھ مثال:

    (1) ‘سائِين’ ۽ ‘سدائِين’ ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز ‘اِين’ آهي.
    (2) ‘اِنگَھ’ ۽ ‘اِنگڙ وِنگڙ’ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز ‘اِن’ آهي.
    (3) ‘کائين’ ۽ ‘ڌائين’ ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز ‘اين’ آهي.
    (4) ‘اَينٽر’ (شينهن) ۽ ‘اَينڇر’ (خوش آواز، سهڻو) جو پهريون/منڍائتو آواز ‘اَين’ آهي.
    (5) ‘پِيئان’ ۽ ‘جِيئان’ ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز ‘آن’ آهي.
    (6) ‘اَونرو’ (ڏنگو) ۽ ‘اَونڪار’ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز ‘اَون’ آهي.
    (7) ‘سَنئون’ ۽ ‘مهانئون’ ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز ‘اون’ آهي.
    (8) ‘اُنهه’ (انڪار جي ورندي) ۽ ‘اُنگھ’ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز ‘اُن’ آهي.
    (9) ‘کائُون’ ۽ ‘پيئُون’ ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز ‘اُون’ آهي.
    (10) ‘اَنب’ ۽ ‘اَنگ’ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز ‘اَن’ آهي.

    آواز جي اُپت

    ڦُوڪ جي زور تي وڄندڙ ساز، ڦُوڪل ساز، جيئن: بانسري، شرناءِ وغيره، مان نڪرندڙ آواز کي ڌيان سان جاچيو. مقرر سوراخن تان آڱريون کڻي يا انهن تي رکي مختلف قسمن جا آواز اپايا ويندا آهن. انهن کي ‘سُر’ آواز چئبو آهي. ڦڦڙن کان ٻاهر ايندڙ هوا کي زور ڏئي ساز ۾ ڌُوڪيو/ڦُوڪيو ويندو آهي. سوراخن تي آڱريون رکڻ يا انهن تان کڻڻ وسيلي هوا جي وهڪ ۽ لنگھ جو زور وڌايو يا گھٽايو وڃي ٿو تنهنڪري مختلف سر آواز پيدا ٿين ٿا. اهي آواز اپائڻ مهل هوا جي وهڪ ڪٿي به مڪمل يا جزوي رنڊڪ يا بندش (گھڻي يا ٿوري وقت لاءِ ئي سهي) نه ٿي ٿئي. ماڻهوءَ جا واڪل آرکڻ به جھڙوڪ ڪنهن بانسري جيان ڪم ڪن ٿا پر بانسري هڪ بيجان شيءِ آهي ۽ ماڻهو جا واڪل آرکڻ هڪ جاندار شيءِ، تنهنڪري ٻنهي جي اپايل آوازن ۾ ڪي ئي فرق به ٿين ٿا. بانسري وڄائيندي هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي ڪيتري به ٿوري وقت لاءِ مڪمل يا جزوي طرح رنڊڪ ڪئي ويندي ته اها گھڙي ان مان ڪو به آواز نه اڀرندو جڏهن ته ماڻهوءَ جي واڪل آرکڻ جي حالت ۾ اهو ممڪن آهي ته هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي گھٽائي يا وڌائي ۽ ڪنهن گھربل گھڙيءَ ڪنهن به هنڌ جزوي طرح يا مڪمل طرح رنڊائي سگھجي. ان گھڙيءَ هوا جي ڌُوڪَ جاري رکبي ته آواز جاري رهندو پر جي بند ڪبي ته آواز ختم ٿي ويندو.
    آواز اپائڻ لاءِ شڪتيءَ جي گھرج پوي ٿي جيڪا سيني جون مشڪون ۽ پيٽڇِهه مهيا ڪن ٿا. پر آواز اپائڻ لاءِ هوا جو زور سان گذرڻ ڪافي ناهي، واڪل ڏورين جو ڦڙڪڻ پڻ ضروري آهي. وات پورو کولي هوا کي زور سان ٻاهر ڌُوڪيو: هوا جي وهڪ سڙٻاٽي ‘هه’ جھڙي هوندي ۽ زور سان وهڪ جو احساس ڏياريندي پر ان ۾ ‘آواز’ نه هوندو. وات کي ساڳيءَ حالت ۾ رکي، ساڳئي نموني هوا کي ڌوڪيندي آواز ‘هه’ اچاريو. اوهان چٽيءَ طرح سمجھي سگھندا ته واڪل ڏوريون ڪيئن ٿيون ڦڙڪن ۽ انهن جو ڦڙڪو آواز اپائڻ جو ڪارڻ ڪيئن ٿو بنجي. واڪل ڏورين جي ڦڙڪڻ کان سواءِ، پوءِ اهو ڦڙڪو ڪيترو به هلڪو/گھٽ هجي، ڪو ڳالڪ آواز اپجي سگھي، ممڪن ناهي. ان کان پوءِ هوا جي وهڪ ۽ لنگھ کي وات جي کوپي ۾ واڪل آرکڻ جي جٿي ۽ ڄاڙين ۽ چپن جي چرپر وسيلي مختلف هنڌن تي سوڙهه سنگھوڙ يا رنڊڪ ڪري مختلف قسمن جا آواز اپايا وڃن ٿا. ٻوليءَ جا آواز ٿلهي ليکي ٻن قسمن جا ٿين ٿا: (1) وائل ۽ (2) وائڄَڻ. هن باب ۾ وائل آواز جي اپت تي ڌيان ڏنو ويندو.

    وائل آواز جي وصف

    وائل آواز ٻوليءَ جو اهو ٻڌڻ ۾ اچڻ جوڳو ۽ برقرار رهي سگھندڙ (sustainable) ڀڻڀڻو آواز آهي جنهن کي اپائڻ لاءِ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي وات جي کوپي ۾ سوڙهه سنگھوڙ ڀلي ٿئي پر رنڊڪ، جزوي يا مڪمل، قطعي نه ٿئي. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي ڳالڪ آرکڻن جي سهڪار ۽ سهرٿ وسيلي ڌار ڌار هنڌن تي ٿيندڙ سوڙهه سنگھوڙ مختلف قسمن جا وائل آواز اپائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. وائل آواز سدائين اَوِسرڳ (unaspirated) ٿيندا آهن.
    مختصر طرح ائين به بيان ڪري سگھجي ٿو ته وائل اهو ڳالڪ آواز آهي جيڪو وات مان (واڪل ڏورين جي مدد سان واڪي ۾ بدلائي) ساهه جِي اڻ-رنڊيل (un-impeded) وهڪ وسيلي اپايو وڃي ٿو.
    ڦڦڙن کان ٻاهر ڌُوڪي ايندڙ هوا جو سمورو مقدار جڏهن، نڪ جي کوپي ڏانهن وڃڻ بنا، وات جي کوپي مان گذري چپن وٽان خارج ٿئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي وائل آواز پيدا ٿين انهن کي ‘صاف’ ۽ جڏهن هوا نڪ جي کوپي مان نيڪال ٿئي ته اهڙي حالت ۾ جيڪي وائل آواز پيدا ٿين تن کي ‘نڪوان’ سڏجي ٿو.


    وائل آواز جي اپت

    هر هڪ وائل آواز کي جڏهن اڪيلو ڪري اچاربو ۽ ڌيان پنهنجي وات ۾ ڄڀ جي چرپر ۽ چپن جي ڊَول تي رکبو تڏهن ڄاڻي سگھبو ته واڪل ڏورين کان وٺي چپن تائين هوا جي وهڪ کي خصوصي طرح سوڙهه سنگھوڙ ۽ گھٽ وڌ ڪندڙ مکيه آرکڻ ڄڀ آهي ۽ ان جا مکيه مددگار چپ آهن.
    ڄڀ تراکڙي ٿي هيٺين ڄاڙيءَ جي وچ واري کُٻ ۾ ويهجي وڃي ٿي، ڪڏهن مشڪون ڦنڊائي وچٿري ۽ ڪڏهن ايتري ٿلهي ٿي وڃي ٿي جو تارون هيٺان هڪ سوڙهي وٿي مَس بچي ٿي پر وائل آواز اپائڻ مهل ڄڀ ڪڏهن به ايتري ٿلهي نه ٿي ٿئي جو ان جو ڪو به حصو ڪنهن به هنڌ وات جي پولار ۾ ان جي ڇت کي ڇهڻ لڳي. ڄڀ جي ٿولهه ۾ گھٽ وڌائي وات جي پولار کي گھٽ وڌ ڪري ٿي. ٻيو ته، هر وائل آواز اچارڻ مهل سڄي ڄڀ هڪ ڪَري ٿلهي يا سنهي نه ٿي ٿئي. ڪڏهن ان جو پٺيون حصو ٿلهو ٿي اڀري ٿو ته ڪڏهن اڳيون يا وري وچيون. ڄڀ جي اڳئين حصي کي به ٻن حصن ۾ ورهائي سمجھڻ گھرجي. ڄڀ جي چک وائل آواز اپائڻ ۾ ايڏو اهم ڪردار ادا نه ٿي ڪري جيترو ان جو مهڙ (يعني چک کان پويون حصو). ڄڀ جي مشڪن جي سِيٽ ۽ ڍرائي پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
    وائل آواز کي سندس مخصوص روپ ڏيڻ ۾ چپن جي بيهڪ به هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي:

    (1) چپ جڏهن گول ٿين ٿا؛
    (الف) ويڪرا گول ٿين ٿا،
    (ب) وچٿرا گول ٿين ٿا ۽
    (ٻ) سوڙها گول ٿين ٿا،
    (2) چپ جڏهن پکڙيل هجن ٿا ۽
    (3) چپ جڏهن وچٿرا کليل هجن ٿا.

    وائل آواز اپائيندي چپ ڪڏهن به پاڻ ۾ نه ٿا ملن. (چپ پاڻ ۾ ملي هوا جي وهڪ کي بند ڪري آزاد ڪندا ته اپجندڙ آواز وائل نه هوندو، اهو ٻه-چپائون وائڄڻ آواز ٿي پوندو. تفصيل ‘وائڄڻ’ سرو رکندڙ باب ۾.)
    نرم تارون پڻ ڪجھ قدر هيٺ مٿي ٿئي ٿو ۽ هوا جي گذر کي گھٽ وڌ ڪري وائل آواز جي اپت ۾ هڪ ڪردار ادا ڪري ٿو.
    ڪجھ ٻولين ۾ ڪي اهڙا وائل آواز به اچارجن ٿا جن ۾ ڄڀ جي چک مٿي وڪڙ ڪري پٺتي موٽ کائي ٿي (باقي ڄڀ انهيءَ ئي حالت ۾ رهي ٿي جنهن ۾ وائل آواز اپائڻ مهل هوندي آهي)، اهڙيءَ حالت ۾ اچاريل وائل آواز کي مُورڌني (retroflex يا پُٺ-وڪڙ) سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 54، الانا ]1967[ 67 ۽ 69)
    ڄڀ جي ٿولهه، ڄڀ جي ٿلهي يا سنهي ٿيل حصي، چپن جي ڊَول ۽ نرم تارون جي سطح جي حوالي سان هر وائل اچارڻ مهل وات جي کوپي جي بيهڪ مختلف ٿئي ٿي، ۽ مختلف ٻولين ۾ ساڳيو آواز اچاريندي پڻ مختلف ٿئي ٿي. مثال طور ]اَ[ لڳ ڀڳ هر ٻوليءَ ۾ اچاريو وڃي ٿو پر ڪنهن انگريزي، چيني، عرب يا سنڌي جي وات مان اچارڻ مهل انهن سڀني جي ڳالڪ آرکڻن جي بيهڪ ضروري ناهي ته هڪ جھڙي هجي. خاص ڪري ڄڀ جي سطح کي ذهن ۾ رکي، عام سمجھاڻيءَ لاءِ جڙتو مُک يا معياري آواز مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن هڪ جھڙي آواز مهل ڄڀ جي عمومي بيهڪ کي ذهن ۾ آڻي سگھجي.

    معياري وائل اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ


    1. اڳيون اوچو/سوڙهو وائل، جيئن ]اِي[
    2. اڳيون وچٿرو اوچو/اڌ-سوڙهو وائل، جيئن ]اِ[
    3. اڳيون گھٽ اوچو/اڌ-کليل وائل، جيئن ]اي[
    4. اڳيون هيٺيون/کليل وائل، جيئن ]اَي[
    5. پويون هيٺيون/کليل وائل، جيئن ]آ[
    6. پويون گھٽ اوچو/اڌ-کليل وائل، جيئن ]اَو[
    7. پويون وچٿرو اوچو/اڌ-سوڙهو وائل، جيئن ]او[
    8. پويون اوچو/سوڙهو وائل، جيئن ]اُ[ ۽/يا ]اُو[
    9، 10 ۽ 11 وچيان وائل، جيئن ]اَ[


    سنڌي وائل آواز اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ

    هڪ راءِ (الانا ]1967[ 75)










    (1) اِي (2) اِ (3) اي (4) آ (5) او
    (6) اُ (7) اُو (8) اَ (9) اَو (10) اَي
    -------
    سنڌي وائل آواز اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ
    ٻِي راءِ (جتوئي ]1983[ 50 ۽ 52)








    (1) اِي (2) اِ (3) اي (4) اَي (5) آ
    (6) اَو (7) او (8) اُ (9) اُو (10) اَ
    -------



    انگريزي وائل اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ
    هڪ راءِ (باربر ]1982[ 5)







    هيٺ هر هڪ وائل جي اچار مهل ڳالڪ آرکڻن جي بيهڪ جو تفصيل ڏجي ٿو: (نوٽ: اهو تفصيل جتوئي صاحب پاران ڏنل خاڪي کي آڏو رکي بيان ڪيو پيو وڃي.)
    • ]اِي[: مهڙيون (front)، اوچو (high) }’سوڙهو’ يا ‘گھُٽيل’ (close) به سڏبو آهي{، ڊگھو (long)، صاف (non-nasal) وائل آواز. ڄڀ جي چوٽيءَ جو هيٺيون حصو هيٺين اڳين ڏندن جي ٽيڪ وٺي ٿو، مشڪون سيٽيل. چپ پکڙيل. مثال: /اِيٽ، اِيس/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اِ[: مهڙيون، (ذرو وڌ) وچٿرو اوچو (mid high) }’اڌ-سوڙهو’ يا ‘اڌ-گھٽيل’ (half close) به سڏبو آهي{، ننڍو (short)، صاف وائل آواز. ڄڀ جي چوٽيءَ جو هيٺيون حصو هيٺين اڳين ڏندن جي پاڙ کي ڇهي ٿو، مشڪون ڍريون. چپ وچٿرا پکڙيل. مثال: /اِٽَ، اِڪِي/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اي[: مهڙيون، (ذرو گھٽ) وچٿرو اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. مشڪون ڍريون. چپ وچٿرا کليل. مثال: /ايڪو، ايڏو/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اَي[: مهڙيون گھٽ اوچو (low high) }’اڌ-کليل’ (half open) به سڏبو آهي{، ڊگھو، صاف وائل آواز.
    هيٺين ڄاڙي ٿورو هيٺ ڀرو سَٽ کائي ٿي. مشڪون ٿورو سيٽجي ڍريون ٿين ٿيون. چپ وچٿرا کليل. مثال: /اَيٿ، اَيٽ/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]آ[: ڄڀ جي وچ وارو هيٺيون (low) }’کليل’ (open) به سڏبو آهي{، ڊگھو، صاف وائل آواز. جيڪڏهن بلڪل چٽو ڪري اچاربو ته پٺيون (back)، هيٺيون، ڊگھو صاف وائل آواز. وات نسبتاً وڌيڪ کليل. چپ ڍرا ۽ کليل. مثال: /آڪهه، آلهه، آواز/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اَو[: پٺيون، گھٽ اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. هيٺين ڄاڙي ٿوري مٿڀري سٽ کائي ٿي. چپ وچٿرو کليل هجڻ کان هلڪي گول هجڻ ڏانهن چرپر ڪن ٿا. مثال: /اَولو (سَولو)، اَورڪَ/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]او[: پٺيون، (ذرو گھٽ) وچٿرو اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. چپ کليل گول. مثال: /اوڌر، اوٺو/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اُ[: پٺيون، (ذرو وڌ) وچٿرو اوچو، ننڍو، صاف وائل آواز. چپ وچٿرا گول. مثال: /اُٺ، اُڀ، اُگھاڙو/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اُو[: پٺيون، اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. چپ سوڙها گول. مثال: /اُچو، اُوڪ/ ٻولن جو پهريون آواز.
    • ]اَ[: وچون، وچٿرو اوچو، ننڍو، صاف وائل آواز. چپ وچٿرا کليل. مثال: /اَمان، اَبا، اَٽو/ ٻولن جو پهريون آواز.
    ليکڪ سمجھي ٿو ته ڪي ٻيا وائل آواز پڻ سنڌي ٻولن ۾ موجود آهن، جن کي اڃا نه کوجيو ويو آهي.

    وائل آوازن جي درجيبندي
    ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ کي ‘ننڍا’ ۽ باقي، مٿي ڄاڻايل وائل آوازن کي ‘ڊگھا’ سڏجي ٿو. ساڳيءَ طرح سندن بناوت جي حوالي سان سمورن وائلن آوازن کي ٽن جٿن ۾ درجيبند ڪيو وڃي ٿو: (1) نِج يا يَڪسُرا، (2) ٻِسُرا ۽ (3) ٽِسُرا.
    1. نج (Pure) يا يَڪسُرو (Monopthong):
    اهڙو وائل آواز جيڪو هڪ ئي مخرج وٽان هڪ سَٽ ۾ ادا ٿي وڃي ان کي ‘نج’ يا ‘يڪسرو’ سڏجي ٿو. ]اَي[ ۽ ]اَو[ بابت اختلاف موجود آهي، باقي سڀني ڄاتل سنڌي صاف وائل آوازن کي اتفاق راءِ سان نج يا يڪسرو مڃيو وڃي ٿو.
    2. ٻه-سُرو (Dipothong):
    • سنڌيءَ جي ٻن سُرن }يعني ٻن وائل آوازن{ جھڙوڪ ‘اَي’ ۽ ‘اَو’ لاءِ گمان ڪيو ويندو آهي ته اهي ٻه-سُرا {Dipothing} آهن مگر لسانياتي تجربيگاهن ۾ جاچي ڏٺو ويو آهي ته اهي هڪ-سُرا {Monopthong} آهن. (جتوئي ]1983[ 53)
    ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي انهن ٻنهي وائل آوازن کي ٻه-سرو نه ٿو مڃي ۽ کين سڌو سادو اڌ-کليل وائل سڏي ٿو. ڊاڪٽر الانا (]1967[ 78- 79) اهو ڏيڻ ۽ ڄاڻائڻ باوجود انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪندي ]اَي[ ۽ ]اَو[ کي يڪسرو تسليم نه ٿو ڪري.
    • ]اَي[: هي ‘يڪپَدو دهرو سر’ آهي }يعني ٻه-سرو وائل{ آهي. هن جي اچارڻ ۾ ڄڀ اَ ]۸[ کان شروع ٿئي ٿي، ۽ يڪدم ]اي[ ڏانهن مڙي ٿي. ]اَ[ کان ]اي[ ڏانهن هڪدم مڙڻ ڪري ‘يڪپَدو گسڪڻو’ (gliding) آواز پيدا ٿئي ٿو. صوتياتي رسم الخط (phonetic transcription) ۾ هن جي صورت ]e۸[ ٿي سگھي ٿي. ]e۸[ جو پويون جز ‘ڪمزور’ (non-syllabic) آهي.
    ]اَو[: هي به يڪپَدو دهرو سُر }يعني ٻه-سرو وائل{ آهي. هن جي اچارڻ ۾ زبان اَ ]۸[ کان شروع ٿئي ٿي، ۽ يڪدم ]او[ ڏانهن مڙي ٿي. ]}اَ[ کان ]او[ ڏانهن{ هڪدم موڙ کائڻ جي ڪري ‘يڪپدو گسڪڻو’ آواز ٿئي ٿو. صوتياتي رسم الخط ۾ هن جي صورت ]۸۵[ ٿي سگھي ٿي. ]۸۵[ جو پويون جز ‘ڪمزور’ آهي. (الانا ]1967[ 81)
    • يڪپدا دهرا سُر هي آهن: اَي ۽ اَو. سادن ۽ دهرن سرن جي ڀيٽ لاءِ هيٺيان مثال ڏجن ٿا:
    سادا سُر يڪپدا دهرا سُر
    اوجھ اَوج (الانا ]1967[ 79)
    ]اَي[ ۽ ]اَو[ بابت ڊاڪٽر الانا جي مٿي ڏنل وضاحت ۾ دليل جي قوت موجود آهي پر پاڻ جيڪا ‘نِيم-سُر’ (اڌ-وائل، semi-vowel) جي وضاحت ڪئي اٿن (]1967[ 39) ان ۾ ۽ ٻه-سري جي وضاحت ۾ فرق قائم نه رکي سگھيا آهن. (ڏسو هن ڪتاب جو ‘اڌ-وائل’ سرو رکندڙ باب)

    ٻه- سري جي هڪ وضاحت:
    • جيڪڏهن ٻه سُر }يعني ٻه وائل{ اهڙي طرح اچارجن جو پهريون }وائل{ پورو پورو ادا ڪري پوءِ ٻيو ادا ڪجي ته اهو مرڪب (compound) آواز ٿيندو؛ مثلاً “چَئوس” ۾ پهريائين ]اَ[ جو آواز پورو ڪجي ٿو ۽ پوءِ ]او[ جو، تنهنڪري اتي ٻه سر }يعني ٻئي وائل{ ڌار ڌار آهن؛ انهن کي ٻه-سرو (diphthong) سڏي نه سگھبو؛ مگر ٿئَي، کاءُ، لاءِ، پوءِ، پيءُ، سيءُ }۽{ سوءَ لفظن جي آخر ۾ ٻه-سرو {diphthomg} آواز آهي جيئن ڳالهائڻ وقت محسوس ٿئي ٿو. سنڌي لفظن جي آخر ۾ جيڪڏهن همزو ايندو ته پوءِ ان جو آواز اڳئين سُر }يعني وائل{ آواز سان ملي ٻه-سرو ٺاهيندو؛ ٻيءَ حالت ۾ نه ٺاهيندو. (جتوئي ]1983[ 53)
    “جيئن ڳالهائڻ وقت محسوس ٿئي ٿو” چوڻ ڪا مناسب وضاحت نه آهـــي. ڳالهــائــڻ وقـت ته ٻه-پـدو (disyllabic) محـسـوس ٿئي ٿو: /ٿِ + اي/، /کا + اُ/، /لا + اِ/، /پو + اِ/، /پِي + اُ/، /سِي + اُ/، /سو + اَ/. جڏهن ته هڪ ٻسرو وائل آواز ڪڏهن به ٻه-پدو نه ٿو ٿئي، اهو يڪپدو (monosyllabic) هوندو آهي. (وڌيڪ بحث ‘سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت’ واري باب ۾). انگريزي جي /make/، /hide/، /house/، /boy/، ۽ /home/ ٻولن ۾ وائل آواز کي ٻه-سرو قرار ڏنو ويو آهي. (باربر ]1982[ 7). ان ڪري:
    ٻه-سرو وائل آواز اهو آواز آهي جيڪو آواز جي هڪ ئي سَٽ/وَهڪ ۾ ادا ٿي وڃي يعني يڪپدو هجي پر اچاريندي ان جا ٻه جز محسوس ٿين.
    ]او[ ۽ ]اي[ چوڻ مهل آواز جا ڪي به ٻه جز محسوس نه ٿا ٿين جڏهن ته ]اَو[ ۽ ]اَي[ اچارڻ مهل نه رڳو هر هڪ آواز جا ٻه جز پر ڄڀ جي چرپر ۾ هڪ جُھوٽَ، جھولَ يا گِسڪَ کي پڻ محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    3. ٽه-سُرو (Triphthong):
    • ڪن ٻولين جھڙوڪ انگريزي ۾ ٽه-سرو (triphthong) }آواز{ به ٿيندو آهي جھڙوڪ چيئَر (chair) ۽ ٽائئَر (tyre) وغيره لفظن ۾. انهن لفظن جي پڇاڙيءَ واري ‘ر’ جو آواز ڪو نه اچاربو آهي. (جتوئي ]1983[ 53، رابنسن جي ‘جنرل لِنگُئسٽڪس’ جي حوالي سان)
    هتي ڌيان ڏيڻ گھرجي ته ‘چيئَر’ ۽ ‘ٽائئَر’ لفظ لکندي ‘ئـ’ تي حرڪت (زبر) جي نشاني ڏيڻ سبب انگريزي ٻولن جو آواز/اچار ٺيڪ طرح ظاهر نه ٿو ٿئي. ان نموني لکڻ جي ڪري ‘چيئر’ جو ٽه-سرو آواز ]ايئه[ ڀڄي ]اي+ اَ[ ۽ ‘ٽائئر’ جو ٽه-سرو آواز ]آئئه[ ڀڄي ]آءِ+ اَ[ ٿي پيو آهي. انگريزي جون ڊڪشنريون اهي اچار هن طرح سمجھائن ٿيون:
    چَيمبر’س ڊڪشنري آڪسفورڊ ڊڪشنري
    چيئر /chār/chair • چيئـ (ر) /tƒeə(r)/chair •
    ٽائئر /t r/ tyre • ٽائئـ (ر) /(taiə(r/ tyre •
    ]آئئه[ ۽ ]ايء[ جھڙيون وائل صورتون سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه کوجيون ويون آهن.
    ٽه-سرو وائل اهو آواز آهي جيڪو آواز جي هڪ ئي سَٽ/وهڪ ۾ ادا ٿي وڃي يعني يڪپدو هجي پر اچاريندي ان جا ٽي جز محسوس ٿين.


    باب پنجون : وائڄڻ

    /وائڄڻ/ = /واء + ڄَڻ = ڄَڻيو، ڄڻيَل/.
    سنڌي لکيت ۾ وائڄڻ آوازن کي حروف صحيح سڏجندڙ اکرن، جيئن: ‘ب’، ‘ت’، ‘س’، ‘ک’، ‘ل’ وسيلي ظاهر ڪيو ويندو آهي. وائل آواز اڪيلي سر پنهنجيءَ نج ۽ چٽي صورت ۾ اچارجي سگھجندو آهي پر، ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته، وائڄڻ آواز اڪيلي سر نج ۽ چٽي صورت ۾ اچاري سگھجي، ممڪن ناهي. ٻولياڄاڻِي ڪتابن ۾ ان قسم جي آوازن لاءِ عام طرح ڪتب ايندڙ لفظ ‘وِيَـنَـجَـنَ’ آهي ۽ انگريزي ۾ (Consonant) (واء = آواز + گاڏَڙ). عربيءَ ۾ اهڙي قسم جي آواز کي ‘مُصَمَّت’ (ماٺ وارو) سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 44-45)
    وائڄڻ آوازن جي ڪجھ مثال:
    ‘سنڌ’ ۽ ‘سنڌي’ ٻولن ۾ ‘س’، ‘ن’ ۽ ‘ڌ’ آواز ملن ٿا.
    ‘بدڪ’ ٻول ۾ ‘ب’، ‘د’ ۽ ‘ڪ’ آواز ملن ٿا.
    ‘جَھر’ ۽ ‘جھار’ ٻولن ۾ ‘جھ’ ۽ ‘ر’ آواز ملن ٿا.
    ‘ڏاڍ’ ۽ ‘ڏاڍو’ ٻولن ۾ ‘ڏ’ ۽ ‘ڍ’ آواز ملن ٿا.
    ‘ڄڃ’ ٻول ۾ ‘ڄ’ ۽ ‘ڃ’ آواز ملن ٿا.
    ‘کڳو’ ٻول ۾ ‘ک’ ۽ ‘ڳ’ آواز ملن ٿا.
    ‘گھوڙو’ ۽ ‘گھاڙ’ ٻولن ۾ ‘گھ’ ۽ ‘ڙ’ آواز ملن ٿا.
    ‘ڀِت’ ۽ ‘ڀَت’ ٻولن ۾ ‘ڀ’ ۽ ‘ت’ آواز ملن ٿا.
    ‘ٻُوٿ’ ۽ ‘ٻاٿون’ ٻولن ۾ ‘ٻ’ ۽ ‘ٿ’ آواز ملن ٿا.
    ‘چاچو’ ۽ ‘چاچِي’ ٻولن ۾ ‘چ’ آواز ملي ٿو.
    ‘ٽانڊو’ ٻول ۾ ‘ٽ’ ۽ ‘ڊ’ آواز ملن ٿا.
    ‘ڇَٺِي’ ٻول ۾ ‘ڇ’ ۽ ‘ٺ’ آواز ملن ٿا.
    ‘ڦيڻ’ ۽ ‘ڦيڻو’ ٻولن ۾ ‘ڦ’ ۽ ‘ڻ’ آواز ملن ٿا.
    ‘جاوا’ ٻول ۾ ‘ج’ ۽ ‘و’ آواز ملن ٿا.
    ‘چڱو’ ۽ ‘چڱِي’ ٻولن ۾ ‘چ’ ۽ ‘ڱ’ آواز ملن ٿا.
    ‘غلط’ ٻول ۾ ‘غ’، ‘ل’ ۽ ‘ط’ آواز ملن ٿا.
    ‘ضُعف’ ۽ ‘ضعيف’ ٻولن ۾ ‘ض’، ‘ع’ ۽ ‘ف’ آواز ملن ٿا.
    ‘حياءُ’ ٻول ۾ ‘ح’ ۽ ‘ي’ آواز ملن ٿا.
    ‘شَوق’ ٻول ۾ ‘ش’ ۽ ‘ق’ آواز ملن ٿا.
    ‘خط’ ٻول ۾ ‘خ’ ۽ ‘ط’ آواز ملن ٿا.
    ‘مزو’ ۽ ‘زَم زم’ ٻولن ۾ ‘م’ ۽ ‘ز’ آواز ملن ٿا.
    ‘صوف’ ٻول ۾ ‘ص’ ۽ ‘ف’ آواز ملن ٿا.
    ‘پاهه’ ۽ ‘پاهو’ ٻولن ۾ ‘پ’ ۽ ‘هه’ آواز ملن ٿا.
    ‘ذرو’ ۽ ‘ذري’ ٻولن ۾ ‘ذ’ ۽ ‘ر’ آواز ملن ٿا.
    ‘ظالم’ ٻول ۾ ‘ظ’، ‘ل’ ۽ ‘م’ آواز ملن ٿا.
    ‘ثواب’ ٻول ۾ ‘ث’، ‘و’ ۽ ‘ب’ آواز ملن ٿا.
    حقيقت اها آهي ته (ص، ث، ذ، ض، ظ غ، ع، خ، ق ۽ ف) سنڌي ٻوليءَ جا آواز نه آهن. پڙهيل ۽ سمجُھو ماڻهو شعوري ڪوشش ڪري انهن کي چٽو ۽ درست اچارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهي رڳو عربي صورتن کي درست رکڻ لاءِ سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

    آواز جي اپت
    جيئن قدرت اسان کي هزارين لکين قسمن جون شيون ۽ هستيون اپائي ڏنيون آهن ۽ اڄ کين پنهنجي عقل، علم ۽ تجربي آهر انهن کي سڌاريون ۽ سنواريون ٿا تيئن قدرتي تبديلين هيٺ ڪجھ جانارن وٽ آواز اپائڻ جي قوت به موجود ٿئي ٿي، پر انسان ئي اڪيلو ساهوارو آهي جيڪو انهن کي سڌاري ۽ سنواري ٿو.
    مختلف جانور جيڪو آواز اپائن ٿا، پورو ڌيان ڏئي جاچيو ته انهن مان ڪو هڪ به آواز اهڙو نه هوندو جنهن کي وائل آوازن جي جٿي ۾ شامل نه ڪري سگھجي. اڪثر جانورن جو اپايل آواز نڪائون هوندو آهي پر ڪنهن ڪنهن جو اڻ-نڪائون (صاف) به ٿئي ٿو. بيشڪ، ڪيترن ئي جانورن جي آواز کي ‘ڍينچون’، ‘ڀَـئُو’ (ڀونڪَ)، ‘ڀان’ (ڀانئان)، ‘ڀين’، ‘مين’ (ٻيڪَ)، ‘مياؤُ ‘، ‘هڻڪ’، ‘ڪُڙ’ وغيره جي صورت ۾ ياد ڪيو ويندو آهي پر جاچي ڏسبو ته اهو فرق رڳو ان ڪري محسوس ٿئي ٿو ڇو ته هر جنس جي جانورن جي نڙگھٽ ۽ چپن جي بناوت ۽ اتان گذري سگھندڙ هوا جو زور ۽ مقدار مختلف ٿئي ٿو. جانورن جي آوازن بابت مشاهدي کي ذهن ۾ رکي ليکڪ اها راءِ جوڙي آهي ته آوازيندڙ ساهوارن جا آواز پنهنجيءَ فطري بناوت ۾ وائل آواز هوندا آهن. ماڻهوءَ جو اولاد پيدائشي طرح پاڻ سان اهي آواز ئي کڻي اچي ٿو ─ ڪو به نئون ڄاول ٻار ڪو به وائڄڻ آواز اپائي نه ٿو سگھي. ساڳيءَ طرح، ڪنهن به ساز وسيلي ڪو به وائڄڻ آواز اپائي نه ٿو سگھجي. اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن ساز، ڪنهن ٻار ۽ ڪنهن جانور جي وات مان ڪنهن به ٻوليءَ جي نثري يا نظماڻي سِٽ بيان ڪري يا ڳائي سگھجي. اڳ ئي ڄاتل يا ڳاتل شاعري کي سندس مخصوص ڌن موجب ڪنهن ساز تي ٻڌڻ کان پوءِ اهو سمجھيو ويندو آهي ته فلاڻي شاعري پئي ٻڌائي وڃي. اهڙي شاعري، راڳ يا نثر جيڪو اڳ ڄاتل يا ٻڌل نه هجي ۽ ساز وسيلي اپايو وڃي ته ڪو به ٻڌندڙ نه ٻڌائي سگھندو ته ڪهڙي سِٽ ٻڌائي وئي. ساز جو آواز پنهنجيءَ بناوت ۾ وائل/سُر آهي ۽ سکڻن وائلن/سُرن وسيلي ٻولي نه ٿي ڳالهائي سگھجي. وائڄڻ آواز ئي آهن جيڪي ٻوليءَ کي درحقيقت ٻوليءَ جي صورت ڏين ٿا. وائڄڻ آواز قدرتي طرح مليل/ڄاتل نه هوندا آهن، اهي سکيا ويندا آهن، سيکاريا ويندا آهن ۽ سکڻ/سيکارڻ جو ڪم انساني سماج کان ٻاهر ٿي سگھي، ممڪن ناهي ─ ٻولي انساني سماج ۾ ئي ڳالهائي وڃي ٿي. پورهيو، سوچ، ٻولي، سماج ۽ ان جي ثقافت گڏوگڏ نسرن ۽ اسرن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا. ڪو به وائڄڻ آواز انساني سماج کان ٻاهر موجود ناهي.

    وائڄڻ آواز جي وصف
    وائڄڻ آواز ٻولي جو اهو ٻڌڻ ۾ اچڻ جوڳو آواز آهي جنهن کي اپائڻ لاءِ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي وات جي کوپي ۾ جزوي يا مڪمل طرح رنڊائي اپايو وڃي. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي ڳالڪ آرکڻ جي سهڪار ۽ سهرٿ وسيلي ڌار ڌار هنڌن تي ٿيندڙ جزوي يا مڪمل رنڊڪ مختلف قسمن جا وائڄڻ آواز اپائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.
    ٻين لفظن ۾ ايئن به بيان ڪري سگھجي ٿو ته وائڄڻ اهو ڳالڪ آواز آهي جيڪو وات مان (واڪل ڏورين جي مدد سان واڪي ۾ بدلائي) ساهه جِي جزوي يا مڪمل رنڊايل وهڪ وسيلي اپايو وڃي ٿو.

    وائڄڻ آواز اپائڻ لاءِ هڪ شرط
    هڪ وائڄڻ آواز کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ ۾ اچڻ جوڳو بنائڻ لاءِ لازمي آهي ته هوا جي وهڪ کي وات جي کوپي ۾ مڪمل يا جزوي رنڊڪ ٿيندي ئي دڳ ملي. اهو دڳ ملڻ جي ڪري وات جي کوپي ۾ ڳالڪ عضون جي بيهڪ ڪنهن نه ڪنهن وائل آواز واري ٿئي ٿي، تنهنڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو وائڄڻ آواز بنا وائل جي اچاري، اپائي يا آوازي سگھجي. (وڌيڪ تفصيل ‘جھيڻو وائل’ جي سري هيٺ).

    وائڄڻ آواز جي اپت
    • وينجن آوازن (Consonants) جي مخرج معلوم ڪرڻ جو... آسان طريقو آڳاٽن عرب عالمن هيءُ ڏسيو آهي ته وينجن جي نمائندگي ڪندڙ حرف يا اکر جي اڳيان ‘اَ’ ڏيئي، اُن اکر کي ساڪن ڪري پڙهبو... مثلاً ‘اَبۡ’ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ‘ب’ جو مخرج ٻئي چپ آهن. ‘اَت’ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ‘ت’ جو مخرج مٿيان ڏند آهن... (جتوئي ]1983[ 43-44)
    مختلف قسمن جا وائڄڻ آواز اپائڻ مهل مڪمل يا جزوي رنڊڪ مختلف هنڌن تي ٿئي ٿي. انهيءَ رنڊڪ سبب آواز سَنڌجي ٿو. اها رنڊڪ جنهن به هنڌ ٿئي ٿي، ضروري ناهي ته اتان رڳو هڪ آواز ئي اپائي سگھجي. اهڙن ڪجھ هنڌن تي هڪ کان وڌيڪ آواز اپائي سگھجن ٿا. آوازن جو فرق هوا جي وهڪ جي حالت، رنڊجڻ/سنڌجڻ/مخرج جي هنڌ، آواز جي ڪيفيت وغيره تي ٿئي ٿو. هر هڪ آواز کي، هيٺ چارٽ وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جو عمومي خاڪو بنا رنڊڪ
    آواز ـــ وائل ڀڻڀڻا ۽
    اوسرڳ اِي اِيء
    اِ اِء
    اي اَي ايء
    آ آء
    او اَو اوء
    اُ اُء
    اُو اُوء
    اَ اَء
    (۽ لڳ ڀڳ
    سڀني جا
    نڪاوان
    آواز)
    واڪل ڏورين جي مدد سان واڪي ۾ بدلائي هوا جي وهڪ کي رنڊائڻ وسيلي اپايل آواز ــــــ وائڄڻ نڙِيئان ڀڻڀڻو هه
    بي ڀُڻو هه
    نرم تاروئان ڀڻڀڻو گ گھ ڱ ڳ غ
    بي ڀُڻو ڪ ک خ
    سخت تاروئان ڀڻڀڻو ج جھ ڃ ڄ ي ي
    بي ڀُڻو چ ڇ ش
    مهارئان/مورڌني ڀڻڀڻو ڊ ڍ ن/ڻ نهه/ڻهه ل لهه ر/ڙ رهه/ڙهه ڏ ٽ (ٽر)
    ڊ (ڊر)
    بي ڀُڻو ٽ ٺ
    ڏندئان ڀڻڀڻو د ڌ ز
    بي ڀُڻو ت ٿ س
    چپ-ڏندئان ڀڻڀڻو و
    بي ڀُڻو ف
    چپئان ڀڻڀڻو ب ڀ م مهه ٻ و
    بي ڀُڻو پ ڦ
    آواز جي
    حالت اوسرڳ وسرڳ اوسرڳ وسرڳ اوسرڳ وسرڳ اوسرڳ وسرڳ اوسرڳ اوسرڳ اوسرڳ اوسرڳ
    آواز جو
    قسم خارجي ڌماڪيدار نڪاوان پاسائتا لرزائتا چوسڻا بندشي لرزائتا گسڪائتا اڌ-وائل

    (1) چپئان آواز: ٻئي چپ پاڻ ۾ ملي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪن ٿا.
    (2) ڏندئان آواز: ڄڀ جو مهڙ مٿيَن اڳيَن ڏندن جي پاڙ وٽ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿو.
    (3) مهارئان آواز: ڄڀ جي چک مٿئين مهار کي ڇهي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.
    (4) مورڌني آواز: ڄڀ جي چک مٿئين مهار ۽ سخت تارون جي ميلاپ وٽ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.
    (5) سخت تاروئان آواز: ڄڀ جي مٿياڙي سخت تارون سان ملي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.
    (6) نرم تاروئان آواز: ڄڀ جي مٿياڙي/پاڙ نرم تارون سان ملي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.
    (7) نڪاوان وائڄڻ آواز: ڄڀ جي پٺ/پاڙ ڪاڪڙي سان ملي هوا جي وهڪ کي نڪ جي کوپي ڏانهن موڪلي ٿي ۽ هوا نڪ مان خارج ٿئي ٿي.
    (8) نڙِيئان آواز: ڄڀ جي پاڙ ڪاڪڙي کي پوئتي ڌِڪي نڙگھٽ جي مٿئين/پٺئين پاسي سان ملائي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.
    (9) چوسڻا آواز: اندروني ڌماڪيدار (Implosives) يا ساهه/هوا کي اندر ڇڪيندڙ، ‘ساسَڪ’ پڻ سڏجن ٿا.

    وائڄڻ آواز جي وضاحت
    ]پ[، هڪ وائڄڻ، چپائون، (مڪمل) بندشي (Stop)، خارجي ڌماڪيدار (Explosive)، بي ڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.
    ]ب[، هڪ وائڄڻ، چپائون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.
    ]ڀ[، هڪ وائڄڻ، چپائون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار، ڀڻڀڻو ۽ وسرڳ آواز آهي.
    ]چ[، هڪ وائڄڻ، سخت تاروئون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار بي ڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.
    ]ڇ[، هڪ وائڄڻ، سخت تاروئون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار، بي ڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.
    ]ڄ[، هڪ وائڄڻ، سخت تاروئون، (مڪمل) بندشي، چوسڻو، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.
    ]ڳ[، هڪ وائڄڻ، نرم تاروئون، (مڪمل) بندشي، چوسڻو، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.
    ]س[ ۽ ]ز[ جي وچ ۾ ڀڻڪ جو فرق آهي، ]س[ بي ڀڻو ۽ ]ز[ ڀڻڀڻو، باقي سڀ گڻ هڪ جھڙا يعني ڏندئان (ڪي انهن کي مهارئان ڪري به اچاريندا آهن)، (جزوي) بندشي، گسڪائتا ۽ اوسرڳ آهن.
    جڏهن ‘مهارئين’ ۽ ‘مورڌني’ ۾ فرق قائم رکيو وڃي ٿو تڏهن ]ر[ هڪ مهارئون، لرزائتو، (جزوي) بندشي، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ وائڄڻ ۽ ]ڙ[ مورڌني، لرزائتو، (جزوي) بندشي، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ وائڄڻ. ]ر[ جو وسرڳ ]رهه[ ۽ ]ڙ[ جو وسرڳ ]ڙهه[ آهي. (ر[ ۽ ]ڙ[ ۾ اهو به فرق آهي ته ]ر[ گھڻ-ڌَڪو ۽ ]ڙ[ هڪ-ڌَڪو آهي.


    باب ڇهون : جِھيڻو وائل

    جنهن اکري نشان مٿان جزم ( ۡ) ڏني وڃي ٿي، ان بابت عام طرح اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته اهو ‘ساڪن’ (ماٺو، چپ، بي آواز) آهي. ڇا اهو تصور درست چئي سگھجي ٿو؟
    ‘اَبۡ’ اچاري ڏسو. ]اَ[ چوڻ مهل چپ ]اَ[ وائل اچارڻ واري بيهڪ تي هوندا ۽ ]اَ[ چوندي ئي چپ پاڻ ۾ ملائي بند رکڻا پون ٿا ۽ سمجھيو وڃي ٿو ته ‘اَبۡ’ چيو ويو.
    ‘اَپۡ’ اچاري ڏسو. ڇا ‘اَبۡ’ ۽ ‘اَپۡ’ جي وچ ۾ فرق آهي؟
    ‘اَڀۡ’، ‘اَڦۡ’ ۽ ‘اَٻۡ’ اچاري ڏسو. ڇا ‘اَبۡ’، ‘اَپۡ’، ‘اَڀۡ’، ‘اَڦۡ’ ۽ ‘اَٻۡ’ جي وچ ۾ فرق آهي؟
    جواب جيڪڏهن “نه” آهي، ته انهيءَ جواب ۾ ڪا به عقلمندي موجود نه چئبي، ڇو ته ]ب[، ]پ[، ]ڀ[، ]ڦ[ ۽ ]ٻ[ جي وچ ۾ اصولي طرح فرق موجود آهي.
    جواب جيڪڏهن “ها “ آهي، ته ]ب[، ]پ[، ]ڀ[، ]ڦ[، ۽ ]ٻ[ جي وچ ۾ فرق جو ڪارڻ ڇا آهي؟
    چپ بند ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن هوا جي ڪجھ نه ڪجھ حصي کي آزاد نه ڇڏبو ته ‘اَبۡ’، ‘اَپۡ’، ‘اَڀۡ’، ‘اَڦۡ’ ۽ ‘اَٻۡ’ جي وچ ۾ فرق ڪري سگھڻ ممڪن نه رهندو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻي آهي.
    هاڻي ‘اَچۡ’، ‘اَڇۡ’، ‘اَجۡ’، ‘اَجھ’ ۽ ‘اَڄۡ’ اچاري ڏسو. ]اَ[ چوڻ کان پوءِ ڄڀ جو مهڙ سخت تارون سان ملي هوا جي لنگھ کي بند ڪري ٿو ۽ چپ هڪ ٻئي کان وٿيرڪا رهن ٿا. اهي “لفظ” اچاريندي هوا جو لنگھ بند ڪرڻ کان پوءِ هوا جي ڪجھ نه ڪجھ حصي کي جيڪڏهن دڳ نه ملندو ته نه رڳو انهن “لفظن” جي وچ ۾ فرق ڪري سگھڻ ممڪن نه هوندو پر ڪو به ٻڌندڙ انهن “ٻولن” کي ‘اَبۡ’، ‘اَپۡ’، ‘اَڀۡ’، ‘اَڦۡ’ ۽ ‘اَٻۡ’ کان فرق رکندڙ سڏي نه سگھندو.
    ساڳيءَ طرح، هوا جي وهڪ کي رنڊڪ کان پوءِ ذرو به دڳ نه ملندو ته ‘اَڪۡ’، ‘اَکۡ’، ‘اَگۡ’، ‘اَگۡھ’ جي وچ ۾ ۽ انهن ۽ مٿي/اڳ ڄاڻايل “ٻولن” کان فرق ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي.
    ‘اَسۡ’ ۽ ‘اَشۡ’ چئي ڏسو. اهي “ٻول” اچاريندي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ جيئن ته جزوي آهي تنهنڪري هوا جي وهڪ کي چٽيءَ طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ ٻڌندڙ ٻڌندي ئي فرق ڪري سگھندو ته ‘اَسۡ’ چيو ويو يا ‘اَشۡ’.
    بلڪل ساڳئي نموني ‘اَبۡ’، ‘اَپۡ’ ۽ اهڙا مٿي ڏنل سمورا “ٻول” اچارڻ مهل فرق رڳو تڏهن ئي محسوس ڪري سگھبو جڏهن هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ٿيندي ئي ڪجھ نه ڪجھ دڳ ملي.
    ڇا ڦوڪل سازن جي سمورن هوا خارج ڪندڙ سوراخن کي بند رکي ڪنهن به قسم جو ڪو به آواز اپائي سگھجي ٿو؟
    جتي به هوا جو دڳ بند هوندو اتي ڪنهن به قسم جو ڪو به آواز اپجي نه سگھندو. آواز جي اپت لاءِ هوا جي وهڪ کي دڳ ملڻ ضروري آهي.
    هوا جي وهڪ کي جڏهن دڳ ملندو تڏهن وات جي کوپي ۾ ڳالڪ عضون جي ڪا نه ڪا بيهڪ هوندي؛ ۽ اها بيهڪ اهڙي هوندي جنهن ۾ هوا جي لنگھ کي سوڙهه سنگھوڙ ڀلي هجي پر رنڊڪ نه هجي.
    ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻجي ٿو ته هوا جي وهڪ کي جڏهن وات جي کوپي ۾ رنڊڪ ناهي (سوڙهه سنگھوڙ ڀلي هجي) تڏهن اپجندڙ آواز ‘وائل’ سڏجي ٿو.
    جڏهن ]پَ[، ]بَ[، ]تَ[ وغيره چئجي ٿو تڏهن رنڊڪ ڪندي ئي هوا کي لنگھ ڏيڻ مهل وات جي کوپي ۾ ڳالڪ آرکڻن جي بيهڪ ]اَ[ جھڙي ٿئي ٿي. ]پا[، ]با[، ]تا[ وغيره چوڻ مهل رنڊڪ کان پوءِ اها بيهڪ ]آ[ جھڙي هوندي آهي.
    هر ڄاتل وائل آواز جي راڙ (loudness) جي سطح ٿئي ٿي. ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ ۾ فرق ڪري سگھڻ لاءِ ممڪن ننڍي ۾ ننڍي هڪ سطح اوس ٿئي ٿي. جڏهن ‘اَبۡ’، ‘اَڪۡ’ وغيره اچارجي ٿو تڏهن ]اَ[ چوڻ کان پوءِ رنڊڪ ڪندي ئي هوا کي جيڪو دڳ ملي ٿو، ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ راڙ جي سطح ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ کي محسوس ڪرڻ واري راڙ جي سطح کان گھٽ آهي، ايتري گھٽ جو اهو ممڪن آهي ته ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ جھڙو فرق محسوس نه ٿو ٿئي.
    (1) ]پُ[ ۽ ‘پُٽۡ’ جي آوازن ۾ فرق آهي. ‘پُٽۡ’ ۾ ]ٽۡ[ جو هڪ هلڪو آواز موجود آهي.
    (2) ‘پُٽۡ’ ۽ ‘پُٽَ’ جي آوازن ۾ فرق موجود آهي. ]ٽۡ[ ۽ ]ٽَ[ جي آوازن ۾ فرق سبب ئي ان کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.
    (3) ‘پَٽۡ’ ۽ ‘پَٽِ’ جي آوازن ۾ فرق آهي. ]ٽۡ[ ۽ ]ٽِ[ جي آوازن ۾ فرق سبب ان کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.
    (4) ‘پُٽۡ’ ۽ ‘پُٽُ’ جي آوازن ۾ فرق آهي. ]ٽۡ[ ۽ ]ٽُ[ جي آوازن ۾ فرق سبب ان کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.
    (5) ]ٽَ[، ]ٽِ[ ۽ ]ٽُ[ جي حالت ۾ راڙ جي سطح ]ٽۡ[ جي حالت ۾ راڙ جي سطح کان مٿڀري آهي.
    (6) ‘پُٽۡ’ ۾ ]ٽۡ[ جي راڙ جي سطح ‘پُٽَ’، ‘پَٽِ’ ۽ ‘پُٽُ’ ۾ ]ٽَ[، ]ٽِ[ ۽ ]ٽُ[ جي راڙ جي سطح کان گھٽ آهي پر ان جو هڪ وجود آهي جنهنڪري ئي ‘پُٽۡ’ ۽ ]پُ[ جي وچ ۾ فرق ٿئي ٿو.
    (7) ]ٽۡ[ جو اهو هلڪو آواز وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ٿيندي ئي هوا جي ڪجھ مقدار کي آزادي ملڻ جي نتيجي ۾ وجود وٺي ٿو ۽ ان مهل ڳالڪ عضون جي بيهڪ اهڙي آهي جيڪا ڪو وائل آواز اپائڻ مهل يعني بنا رنڊڪ ٿئي ٿي.
    (8) ]ٽَ[، ]ٽِ[ ۽ ]ٽُ[ چوڻ يا ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ چوڻ مهل راڙ جي سطح ڪجھ مٿڀري آهي جڏهن ته ]ٽۡ[ چوڻ مهل ان راڙ جي سطح هيٺ ڀري آهي.
    انهيءَ هلڪي آواز جو ڪارڻ ڇا آهي؟
    “هڪ جھـيڻو وائـل” انهــيءَ سـوال جو جواب آهـي. ان جـو تحريري نشان ( ł ) مقرر ڪجي ٿو.
    جيئن ]آ[، ]او[، ]اي[ ۽ ]اِي[ چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدو ]اَ[، ]اُ[ ۽ ]اِ[ چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدي کان وڌيڪ آهي تيئن ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدو ł ] [ چوڻ مهل راڙ جي سطح ۽ مدي کان وڌيڪ آهي.
    ]آ[، ]اي[، ]او[، ]اِي[ ۽ اهڙا ٻيا ‘ڊگھا’ (long) وائل آواز سڏجن ٿا.
    ]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ ‘ننڍا’ (short) وائل آواز سڏجن ٿا.
    ] ł [ کي ‘جھيڻو’ وائل آواز سڏڻ ۽ سمجھڻ گھرجي.
    • اهي مصمت آواز يعني وينجن }وائڄڻ{، مصوت آوازن يعني سُرن }وائلن{ جي سهاري کان سواءِ گھڻو ڪري اچاري نه سگھبا آهن، پنهنجي مٿي اِهي گُنگا يا ماٺ ۾ آهن. (جتوئي ]1983[ 45)
    هيءَ ڳالهه پاڻ ئي پنهنجي تضاد کي ظاهر ڪري ٿي. وائڄڻ جيڪڏهن ‘گُونگو’ يا ‘ماٺ’ آهي ته ‘آواز’ ڪيئن ۽ ڇو سڏي سگھبو؟ جيڪو ‘آواز’ آهي اهو ‘ماٺ’ ڪيئن ۽ ڇو چئي سگھبو؟ هجي ‘آواز’ ۽ سڏجي ‘ماٺ! ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ‘رنڊڪ’ کي ‘آواز’ سڏيو پيو وڃي! ڇا اهو ممڪن آهي ته سکڻي رنڊڪ ڪنهن آواز کي جنم ڏئي سگھي؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪنهن ڦوڪل ساز جا سمورا سوراخ بند رکي ڪو آواز اپائي سگھجي؟ جي “نه”، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هوا جي وهڪ کي ڳالڪ عضون جي مدد سان پوري طرح بند رکي ڪنهن آواز کي جنم ڏئي سگھجي!؟ وائڄڻ ‘رنڊڪ’ جو نالو ناهي، پر رنڊڪ ڪندي ئي ان سان گڏ ۽ هڪدم هوا جي ڪجھ نه ڪجھ مقدار کي آجو ڪرڻ وسيلي اپايل آواز جو نالو آهي.
    • “Consonants always sound with something and can not sound alone. The vowels are also called `sonants`, because they can sound without the support of anything else.”
    }”وائڄڻ سدائين ڪنهن شيءِ جي مدد سان ئي آواز ڏيندا آهن ۽ اڪيلي سر آوازي نه سگھبا آهن. وائلن کي ‘ساڏيا’ (سَڏ وارا) پڻ سڏيو وڃي ٿو ڇو ته اهي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي مدد کان سواءِ ئي آوازي سگھبا آهن.”{ (الانا (1967) 43. بارٽل مالمبرگ جو حوالو)
    ڪو به وائڄڻ جيڪڏهن وائل کان سواءِ آوازي نه ٿو سگھجي ته ان جو مطلب هي ٿيو ته وائڄڻ هڪ وائلدار آواز آهي، اهو محض رنڊڪ جو نالو ناهي پر رنڊڪ ڪندي ئي آجي ڪيل هوا جي وهڪ رکندڙ آواز آهي.
    جيئن وائل آواز جي هڪ خصوصيت بنا رنڊڪ هجڻ آهي تيئن وائڄڻ آواز جي هڪ خصوصيت رنڊڪدار هجڻ آهي. هوا جي وهڪ ٻنهي قسمن جي آوازن لاءِ لازمي آهي. هوا جي اها وهڪ جنهن وسيلي ]آ[، ]اَ[ وغيره جھڙو چٽو يا رتل وائڄڻ آواز نه اپجي سگھي پر راڙ جي سطح ۽ مدي جي حوالي سان انهن کان به گھٽ هجي، ان کي ‘جھيڻو وائل’ سڏجي ٿو.

    ساڪن
    ‘ساڪن’ معنى ‘ماٺو’، ‘خاموش’، ‘چُپ’، ‘سُڪونَ وارو’، ‘بنا تحرڪ’ (اهو جنهن تي تحرڪ/چرپر نه هجي). انگريزي ۾ اهو ساڳيو مفهوم ظاهر ڪندڙ لفظ/اصطلاح آهي ‘vowel less’ يعني ‘بنا وائل’. مٿي، جن آوازن کي جھيڻو وائل رکندڙ ثابت ڪيو ويو آهي انهن کي عام طرح ‘ساڪن’، ‘بنا تحرڪ’ يا ‘بنا وائل’ سڏيو ويندو آهي ۽ عربي، سنڌي الفابيٽ ۾ انهن کي تحرير ۾ ‘جزم’ جو نشان ڏئي ظاهر ڪيو ويندو آهي.
    سنڌي جي ڪن ڄاڻُن جڏهن وائل جي تحريري نشان تي به ‘جزم’ آندي تڏهن ان جي تنقيد ڪندي الانا صاحب (]1969[ 80) لکيو:
    • سنڌي ڪتابن ۾ صاف سُرن جي تحريري صورت ۾ به ‘جزم’ جو استعمال درست نه آهي. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ‘جزم’، جنهن کي ‘سُڪونُ’ به چئبو آهي، ان جو ڪم آهي ڪن ساڪن وينجن آوازن کي تحريري صورت ۾ ڏيکارڻ. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته سُــرَ به خاموش يعني غير متحرڪ هجن؟
    جيئن ‘وائل’ هڪ آواز آهي تيئن ‘وائڄڻ’ به هڪ آواز آهي. هتي اهو سوال ڇو نه پڇجي ته “ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ‘آواز’ (sounds) به خاموش هجن؟”
    هجي ‘آواز’ ۽ سڏجي ‘ساڪن’!
    خاموشيءَ، ماٺ، سُڪونَ، ناتحرڪيءَ جو مطلب ئي اهو آهي ته ڪو به آواز، ڪا به آوازي چرپر موجود ناهي. جڏهن آواز ئي موجود ناهي ته پوءِ ‘وائل’ ۽ ‘وائڄڻ’ هجڻ جو سوال ئي بيڪار ٿيو پوي. پر جي وائل ساڪن نه ٿو ٿي سگھي ته پوءِ وائڄڻ به ساڪن نه ٿو ٿي سگھي، ڇو ته اهو ‘وائڄڻ’/ ‘ڪانۡسونَــنۡٽۡ’/’وينجن’ ٿيو ئي تڏهن آهي جڏهن ان ۾ آواز موجود هجي. ڪنهن به ٻول ۾ ڪو هڪ به وائڄڻ اهڙو ٿي نه ٿو سگھي جنهن جو ڪو به آواز نه هجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سمورا وائڄڻ هر ٻول ۾ هڪ جھڙي زور/راڙ سان نه ٿا اچاريا وڃن. ڪن کي اچارڻ مهل زور وڌيڪ لڳي ٿو ۽ ڪن کي اچارڻ مهل زور گھٽ لـڳي ٿو.
    /Script/ (‘سۡڪۡرِپۡٽۡ’، جنهن کي سنڌي ۾ عام طرح ‘اسڪرپٽ’ اچاريو ويندو آهي) جي تحريري نشانن ۾ وائل جي نشاندهي ڪندڙ رڳو هڪ اکر ‘i’ (آء) آهي جنهن جو سڌو واسطو ‘r’ (آر) سان آهي ۽ باقي اکر بنا وائل آهن. پر ڇا ان ٻول ۾ ‘s’ (ايس)، ‘c’ (سِي)، ‘t’ (ٽِي) ۽ ‘p’ (پِي) جو ڪو به آواز نه آهي؟
    اڪثر انگريزي ٻولن جو جمع واسطيدار ٻول جي آخر ۾ ‘s’ (ايس) آڻي ٺاهيو وڃي ٿو، جيئن drivers (ڊرائيورس)، tailors (ٽيلرس)، sailors (سيلرس) وغيره.
    مروج انگريزي اچار ۾ ‘ڊرائيور’، ‘ٽيلر’ ۽ ‘سيلر’ جھڙن ٻولن جو آخري آواز [r] (]ر[) جو آواز چِٽو نه ڪيو ويندو آهي، يا ايئن چئجي ته ايترو هلڪو ڪيو ويندو آهي جو ان جو محض احساس ئي ٿي سگھندو آهي پر اهڙن ٻولن جي پويان ‘s’ اچِي جڏهن ٻول کي جمع ڪري ٿي تڏهن، نه رڳو ‘s’ پر ‘r’ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچڻ جوڳو ٿي پوندو آهي، توڙي جو لکيت ۾ اهي ‘بناوائل’ ئي هوندا آهن.
    جي بناوائل ساڪن، بي تحرڪ آهن ته انهن جو آواز ڇو آهي؟
    درحقيقت، مجموعي طرح، اوهين جڏهن پراڻي انگريزي (Old English) پڙهي رهيا هجو تڏهن اوهان کي اهو ياد رکڻو آهي ته هر تحريري نشان جو اچار ڪرڻو آهي، جيئن niht (night) ۾ h جو، cnēo (knee) ۾ c جو، singan (to sing) ۾ n ۽ g ٻنهي جو، cyssan (to kiss) ۾ ٻئي s آواز ۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ. (باربر ]1982[ 132)
    ان جو صاف ۽ چٽو مطلب هي ٿيو ته لکت ۾ جيڪي اکر (ڪهڙي به آواز جا نمائندا قرار ڏنا وڃن) بناوائل سڏجن ٿا، ٻول ۾ اهي سَو سيڪڙو بي آواز نه آهن.
    /horse/ ۾ ‘s’ هڪ وائل ‘e’ رکي ٿو تنهنڪري رتل (Sustained) يا برقرار رهي سگھندڙ وائڄڻ سمجھيو وڃي ٿو. /house/ ۾ ‘s’ پڻ هڪ رتل وائڄڻ آهي جڏهن ته /Scripts/ ۽ /Schools/ جھڙن ٻولن ۾ هر ‘s’ بظاهر بناوائل آهي، پر ڇا ڪو به چئي سگھندو ته انهن ٻولن ۾ هر ‘s’ جو ڪو به آواز ناهي؟
    /horse/ ۽ /house/ جي [s] جيان /Schools ۽ /Scripts/ ۾ [s] به هڪ آواز رکي ٿي، کڻي کڻي اهو چئي سگھجي ٿو ته ان جي راڙ جي سطح /horse/ ۽ /house/ ۾ [s] جي سطح کان گھٽ آهي. اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ٻول ۾ جيڪو آواز آهي تحرير ۾ ان کي بي آواز، بناوائل، بي تحرڪ، ماٺو يا ساڪن سڏيو وڃي!
    /Schools/ ۽ /Scripts/ جھڙن ٻولن ۾ [s] جو اهو هلڪو آواز هڪ جھيڻي وائل جي ڪري آهي جيڪو ]س[ اچاريندي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ سان گڏ دڳ ڏيڻ سبب وجود ۾ آيو آهي.
    انگريزي لکيت ۾ اهو جھيڻو وائل آواز ظاهر ڪري سگھڻ لاءِ اڃا ڪو به تحريري نشان وجود ۾ نه آيو آهي. عربي، سنڌي لکيت ۾ ‘جزم’ جي نشان کي جھيڻي وائل جو نمائندو سمجھڻ گھرجي. ليکڪُ ان هلڪي آواز، جھيڻي وائل کي واياڄاڻي (phonetic) صورتخطيءَ ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ [ ł ] ڪم آڻي ٿو.
    ٻوليءَ ۽ ٻول ۾ آواز کي جاچبوآهي، لکت کي نه.
    هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ڳالڻ/ڳالهائڻ، ٻولي ٻولڻ جو عمل اڳ ۾ شروع ٿيل آهي. ماڻهو لکين ورهين کان ٻولي ڳالهائيندو پيو اچي. ٻوليءَ جا ٻول آوازن کان سواءِ جڙي نه ٿا سگھن. جڏهن ته لکيت جھڙوڪر ڪالهوڪو عمل آهي. ٻولي گھٽ ۾ گھٽ 6-لک ورهن کان ڳالهائي پئي وڃي، جڏهن ته لکيت جي ڄمار وڌ ۾ وڌ 7-هزار ورهه مس ٿيندي.
    لکيت جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ماڻهوءَ ٻوليءَ جي ٻولن کي درست نموني اهڃاڻڻ جو جتن پئي ڪيو آهي. تحريري شڪل پٽاندر ٻول نه ٿا رٿجن، ٻول موجب تحريري صورت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
    آڳاٽين لکيتن ۾ وائل آوازن لاءِ جيڪڏهن الڳ تحريري نشان موجود نه هئا ته ان جو مطلب قطعي اهو ناهي ته انهن ٻولن ۾ وائل آواز ئي اڻ-موجود هئا. لکيت سرشتو هوري هوري سڌريو آهي. ماڻهوءَ جي سمجھ ۽ پرک ۽ پروڙ جي قوت جيئن جيئن وڌي ۽ سڌري آهي تيئن تيئن ٻين هزارين ڪمن سان گڏ لکيت سرشتي کي به سڌارڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
    /لِ/ ۽ /لِکۡ/ جي آوازن ۾ فرق آهي.
    /لِکۡ/ ۽ /لِکُ/ جي آوازن ۾ فرق آهي.
    /لِکُ/ ۽ /لِکَ/ ۽ /لَکُ/ جي آوازن ۾ پڻ فرق موجود آهي.
    هڪ جھڙن تحريري نشانن ۾ آواز جي فرق کي نروار ڪرڻ لاءِ حرڪت جون نشانيون وجود ۾ آيون. /ڪَنو/، /ڪُنو/ ۽ /ڪِنو/ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ زبر، پيش ۽ زير ڪم آنديون ويون پر هڪ پاسي /کُ، کَ ۽ کِ/ ۽ ٻئي پاسي /کۡ/ جي وچ ۾ جيڪو آواز جو فرق هو ان کي ڪيئن نروار ڪجي؟ ائين به نه هو ته /کۡ/ جو ڪو آواز ئي نه هجي، جي آواز نه هجي ها ته /لِ/ ۽ /لِکۡ/ جي وچ ۾ فرق يا /لِکۡ/ ۽ لِکُ/ جي وچ م فرق نه هجي ها. /کۡ/ جو جيئن ته هڪ آواز هو ۽ /کُ، کَ ۽ کِ/ جي ڀيٽ ۾ هلڪو هو تنهنڪري اهو فرق ڏيکارڻ لاءِ ‘جزم’ جو نشان ٺاهيو ويو ۽ حرڪت جي نشانين وارن آوازن جي ڀيٽ ۾ ڄڻڪ ماٺو، ساڪن پئي محسوس ٿيو. عربي ۾ ‘جزم’ جو نشان ‘ساڪن’ سڏجڻ باوجود عملاً هڪ وائل آهي.
    انگريزي لکت ۾ اهڙو مناسب وائل نشان ظاهر ڪرڻ بدران، مروج لکيت کي ڏسي چيو ويو ته وائڄڻ بناوائل به ٿي سگھي ٿو.
    سڌي ۽ صاف ڳالهه آهي ته جنهن وائڄڻ کي لکيت ۾ ساڪن، بي تحرڪ، ماٺو يا بناوائل سڏيو وڃي ٿو، ٻول ۾ اهو درحقيقت سَو سيڪڙو ‘ساڪن’ يا بناوائل نه آهي. ان جو هڪ آواز آهي.
    ڪن اڪابرن جھيڻي ۽ ننڍي وائل، جزميل اکر جي آواز ۽ حرڪتيل اکر جي آواز ۾ فرق کي محسوس ته ڪيو ۽ جھيڻي وائل واري اکري نشان کي ‘جزم’ وسيلي ظاهر به ڪيو پر ان کي هلڪو متحرڪ سڏڻ ۽ سمجھڻ بدران ساڪن سڏيو ۽ سمجھيو.
    لکيت ۾ وائل آواز لاءِ الڳ تحريري نشان جي ايجاد لڳ ڀڳ اڍائي هزار ورهه پراڻي آهي پر ‘جزم’ جي ايجاد ڏيڍ هزار ورهه اڳ موجود نه هئي.
    ليکڪ جزم کي هلڪي تحرڪ ۽ جھيڻي وائل جو اهڃاڻ سمجھي ڪم آڻي ٿو.

    ليکڪ جي نظر ۾ درحقيقت ساڪن ڇا آهي؟
    /Straight/ ۽ /night/ ٻولن جي تحريري صورت ۾ ‘gh’ اکرَ هڪ ڌيان لهن ٿا. پراڻي انگريزي جي ٻولن ۾ انهن کي هڪ آواز هو پر اڄوڪي انگريزي جي ٻولن ۾ انهن جو ڪو به آواز نه آهي. اڄوڪي انگريزي ۾ انهن ٻولن جو اچار /Streit/ ۽ /tīn/ آهي. انهن ٻولن ۾ ‘gh’ جو اڄ ڪو به آواز ناهي. تحرير ۾ انهن کي ‘ساڪن’ سڏي سگھجي ٿو. اڄوڪو ٻول /streit/ آهي تنهنڪري /straight/ کي هاڻي اتهاس ۽ ٻولاڄاڻ (Etymology) جو وڙ سمجھڻ گھرجي.
    ‘ڪم ڪرڻ’
    ‘ڪم ڪَرِ’
    ‘ڪم ڪيو’ / ‘ڪم ڪريو’ (جمع امري صورت)
    ‘ڪم ڪيُمِ’، ‘ڪم ڪري ڇڏيم’
    ‘ڪم ڪندم’، ‘ڪم ڪري ڇڏيندم’
    انهن جملن ۾ ‘ڪَرڻ’ تي ۽ ان جي مختلف صورتن تي ڌيان ڏيو ۽ محسوس ڪريو ته ]ر[ جو آواز ڪٿي موجود آهي ۽ ڪٿي گم. هاڻي سوال اٿاريو ته ڇو؟
    خاص ڪري جمع امري صورتن تي ڌيان ڏيو. اڄوڪي سنڌ ۾ ٻئي صورتون موجود آهن. هڪ صورت ۾ ]ر[ موجود آهي ۽ ٻيءَ ۾ نه. جنهن صورت ۾ اڻ-موجود آهي انهيءَ ۾ درحقيقت ساڪن آهي، انهيءَ ٻول ۾ ]ر[ جو ڪو به آواز ناهي تنهنڪري ڪيرايو ويو آهي.
    /ڪَريندو/ ٻول اڄ اتهاس ۽ ٻولاڄاڻ جي حوالي آهي. اڄوڪي سنڌيءَ ۾ /ڪَندو/ مروج آهي. سنڌيءَ جي اهڙن ٻولن ۾ ]ر[ جھڙي آواز کي ليکڪ ساڪن تصور ڪري ٿو ۽ درحقيقت ساڪن ٿي ويل آواز سنڌي ٻولي ڪيرائي/ختم ڪري ڇڏيندي آهي.

    ٻول ۾ آوازن جي ڳڻپ
    • /ڪِنو/ ۾ هيٺيان آواز آهن:
    ]ڪِ[: بي ڀڻو، اوسرڳ، نرم تارون وارو، ڌماڪيدار وينجن
    ]اِ[: ڇوٽو، اڳيون، سوڙهو سُر
    ]ن[: مهارن وارو نَڪئون وينجن
    ]او[: پويون اڌ-سوڙهو سُر (جتوئي ]1983[ 75-76)
    ڇا /ڪِنو/ ۾ سچ پچ پورا چار آواز: ]ڪ[، ]اِ[، ]ن[ ۽ ]او[ شامل آهن؟
    /ڏُچر/ ۽ /سُچر/ ٻولن ۾ /ڏُ-/ ۽ /سُ-/ باندي (bound) صورتون آهن. انهن کي جيڪڏهن ساڳئي انداز ۾ بيان ڪبو ته پوءِ چوڻو پوندو ته /ڏُ-/ جا ٻه آواز ─ ]ڏ[ ۽ ]اُ[ ۽ /سُ-/ جا ٻه آواز ]س[ ۽ ]اُ[ آهن. ڇا /ڏُ/ ۽ /سُ/ مان هر هڪ سچ پچ پورا ٻه آواز رکي ٿو؟
    /ڪِنو/ ۾ ‘ڪ’ کان ]اِ[ ۽ ‘ن’ کان ]او[ ڌار رکڻ سبب ڇا ‘ڪ’ ۽ ‘ن’ وٽ سچ پچ ڪو آواز بچيو آهي. /سُ/ ۽ /ڏُ/ کان ]اُ[ ڌار ڪرڻ کان پوءِ ڇا ‘س’ ۽ ‘ڏ’ جو پنهنجو ڪو آواز آهي؟
    ]ڪِ[، ]نو[، ]ڏُ[ ۽ ]سُ[ کي جيڪڏهن ٻن ٻن جزن ۾ ٽوڙبو ته وائل ڌار ڪرڻ کان پوءِ باقي جز ڄڀ جي ان چرپر جي نشاندهي ڪري سگھندو جيڪا وات جي کوپي ۾ هوا جي گذر کي رنڊڪ ڪري ٿي.
    ۽ سکڻي رنڊڪ آواز ٿي سگھي، ممڪن ناهي ─ هوا جي وهڪ وسيلي وڄندڙ ساز رنڊڪ کان پوءِ ڪو به آواز اپائي نه ٿو سگھي. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ بند هجي ۽ آواز اپجي سگھي، ممڪن ناهي.
    بندش ڪندي ئي هوا جي وهڪ کي ملندڙ لنگھ وائڄڻ آواز اپائي ٿو ۽ جڏهن اهو ڪجھ وڌيڪ چِٽو آهي تڏهن عام اصطلاح ۾ رَتل يا برقرار رهي سگھندڙ (sustained) وائڄڻ سڏجي ٿو.
    ڪو به وائڄڻ اپائڻ مهل، هوا جي وهڪ کي گھربل نموني گھربل هنڌ رنڊائيندي ئي جڏهن آزادي ملي ٿي تڏهن وات جي کوپي جي بيهڪ وائل آواز اپائڻ واري ٿي پوي ٿي. ڪو به وائڄڻ ڪنهن نه ڪنهن وائل جي مدد سان ئي اچاري سگھجي ٿو. وائڄڻ آواز جيڪڏهن محض رنڊڪ جو نالو ناهي ته پوءِ پڪ سان اهو هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪندي ئي لنگھ ڏئي اپايو وڃي ٿو. وائل آواز جي هڪ خصوصيت رنڊڪدار نه هجڻ آهي ۽ وائڄڻ جي خصوصيت رنڊڪدار هجڻ آهي.
    ]ڪِ[ جيئن ته ٺهي ئي رنڊڪ ڪندي آزادي ڏيڻ وسيلي ٿو تنهنڪري اهو هڪ آواز آهي. رنڊڪ ۽ آزادي هڪ ئي سَٽ ۾ عمل هيٺ اچن ٿا ۽ ]ڪِ[ کي جنم ڏين ٿا. جيئن اسان ٻه-سري وائل جي حالت ۾ ڏٺو هو ته هڪ وائل اچاريندي ئي ٻئي ڏانهن موڙ هڪ ٻه-سري وائل کي جنم ڏئي ٿو ۽ ٻه-سري کي ٻه وائل نه، هڪ وائل آواز سڏجي ٿو تيئن ]ڪِ[ اپائڻ جي حالت ۾ رنڊڪ ڪندي ئي ڄڀ ]اِ[ واري بيهڪ تي اچي ٿي.
    ]ڪِ[ ٻن آوازن جو ميل ناهي، هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪندي ئي آزاديءَ وسيلي اپايل هڪ آواز آهي.
    ]ڪِ[ ۾ ]اِ[ ان جو اڻٽٽ جز آهي.
    جيئن ڪنهن ٻه-سري وائل ۾ ٻه آواز اهڙيءَ طرح سمايل آهن جو انهن کي الڳ ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي تيئن ]ڪِ[ ۾ ]اِ[ سمايل آهي. جيڪڏهن تشبيهه ڏئي بيان ڪبو، ته وائڄڻ آواز ۾ وائل ايئن آهي جيئن اکين جي ديد، ڪتاب جا اکر، ڦلواڙيءَ جا گل، سج جي روشني ۽ ڪائنات جو مادو. ان ڪري ئي بارٽل مالمبرگ کي چوڻو پيو ته وائڄڻ ڪنهن شيءِ جي مدد سان ئي آوازي سگھجن ٿا.
    /ڪِنو/ ۾ ]اِ[ ۽ ]او[ کي ڌار رکڻ کان پوءِ ڇا ‘ڪ’ ۽ ‘ن’ وٽ سچ پچ ڪو آواز آهي؟ جي “ها”، ته ڪهڙو؟
    ڇا ‘رنڊڪ’ به ڪو آواز آهي؟ ڇا ‘ماٺ’ به ڪو آواز آهي؟
    ]اِ[ ۽ ]او[ ڌار ڪرڻ کان پوءِ ‘ڪ’ ۽ ‘ن’ وٽ ڪنهن به آواز جي نمائندگي موجود ناهي، انهن وٽ نه ته ڀڻڪو آهي ۽ نه ئي اَوِسرڳائپ. وٽن رڳو بندش آهي ۽ بندش ڪو به آواز ناهي. وائڄڻ آواز اپائڻ جي حالت ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ۽ آزادي هڪ اڻٽٽ ايڪو آهي، انهن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش تصور ۽ تحرير ۾ ته ممڪن آهي، عمل ۾ ممڪن ناهي، بلڪل ايئن جيئن تصور ۽ تحرير وسيلي بنا ڪنهن مادي مدد جي ڪائنات جو سَير ڪري سگھجي ٿو پر عمل ۾ اهو ممڪن ناهي.
    هڪ ٻه-سرو وائل ٻه وائل آواز ناهي. هڪ ٻه-سري کي آواز جي هڪ سٽ ۾ اچاري سگھبو آهي پر ٻن وائل آوازن کي ڪو به، ڪنهن به حالت ۾ آواز جي هڪ ئي سٽ وسيلي نه ٿو اچاري سگھي. ]اَ[ ۽ ]آ[ ٻه وائل آواز آهن ۽ انهن کي هڪ ئي ڪوشش ۾ گڏ اچاري نه ٿو سگھجي، هر هڪ کي اچارڻ لاءِ هڪ ڌار ڪوشش ڪرڻي پوندي. ]اَ[ ۽ ]او[ به ٻه وائل آواز آهن ۽ انهن کي به هڪ سٽ ۾ اچاري نه ٿو سگھجي پر اهڙي ڪوشش جيڪڏهن ڪئي ويندي ته الانا صاحب جي چوڻ موجب اهو هڪ ٻه-سرو وائل ۽ جتوئي صاحب جي چوڻ موجب اهو هڪ يَڪسُرو وائل آواز هوندو ۽ ڪو به عقلمند ڪنهن ٻه-سري يا يڪسري وائل کي ٻه آواز قرار ڏئي نه ٿو سگھي. ]ڪِ[ ڪنهن به ٻه-سري جي ڀيٽ ۾ هڪ وڌيڪ بهتر اڪيلو آواز آهي.
    جتوئي صاحب جن جي ڏسيل طريقي موجب اچو ته انهن ڪجھ ٻولن کي ڀڃي ڏسون جن جو مثال پاڻ ٻه-سري وائل جي وضاحت ڪندي ڏنو هئائون:
    ٻول آواز پد
    /سُوءَ/ = ]س[ + ]اُو[ + ]اَ[ = /سُو/ + /اَ/
    /سِيءُ/ = ]س[ + ]اِي[ + ]اُ[ = /سِي/ + /اُ/
    /پِيءُ/ = ]پ[ + ]اِي[ + ]اُ[ = /پي/ + /اُ/
    /پوءِ/ = ]پ[ + ]او[ + ]اِ[ = /پو/ + /اِ/
    /لاءِ/ = ]ل[ + ]آ[ + ]اِ[ = /لا / + /اِ/
    /کاءُ/ = ]ک[ + ]آ[ + ]اُ[ = /کا/ + /اُ/
    ڪو به ٻه-سرو ڪڏهن به ٻن پدن کي جنم ڏئي نه سگھندو آهي ۽ نه ئي وري ٻه آواز هوندو آهي پر مٿي ڏنل مثال مان ظاهر ٿئي ٿو ته سڏيا ويل ٻه-سرا نه رڳو ٻه وائل آواز رکن ٿا پر ٻن وائل آوازن جو وجود ثابت ڪندي ٻن پدن کي به جنم ڏين ٿا.
    ليکڪ جي راءِ آهي ته هڪ ٻول ۾ جيڪي به آواز موجود آهن انهن مان هر هڪ کي هڪ مڪمل آواز سمجھي لکت ۾ هڪ ئي آواز ظاهر ڪندڙ ڏنگي ــــــــــ ] [ ۾ لکيو وڃي، مثال:
    /ڪِنو/ = ]ڪِ[ + ]نو[ يا ]ڪ + اِ[ + ]ن + او[
    /ڪَنو/ = ]ڪَ[ + ]نو[ يا ]ڪ + اَ[ + ]ن + او[
    /ڪُنو/ = ]ڪُ[ + ]نو[ يا ]ڪ + اُ[ + ]ن + او[
    /آنو/ = ]آ[ + ]نو[ يا ]آ[ + ]ن + او[
    /آءُ/ = ]آ[ + ]اُ[
    /اِيٽَ/ = ]اِي[ + ]ٽَ[ يا ]اِي[ + ]ٽ + اَ[
    /اولاڻو/ = ]او[ + ]لا[ + ]ڻو[ يا ]او[ + ]ل + آ[ + ]ڻ + او[
    هڪ جھيڻو وائل آواز رکندڙ وائڄڻ کي واياڄاڻِي صورتخطيءَ ۾ هن طرح ظاهر ڪري سگھجي ٿو:
    /لِکۡ/ = ]لِ[ + ]کۡ[ يا ]ل + اِ[ + ]ک + ł[
    /پَڙۡهه/ = ]پَ[ + ]ڙۡهه[ يا ]پ + اَ[ + ]ڙهه + ł[
    /کِسۡڪۡ/ = ]کِ[ + ]سۡ[ + ]ڪۡ[ يا ]ک + اِ[ + ]س + ł [+ ]ڪ + ł[
    انهن جا پَد هن طرح ٿيندا:
    /لِکۡ/ = /لِکۡ/
    /پَــڙۡهه/ = /پـڙۡهه/
    /کِـسۡڪۡ/ = /کِـسۡڪۡ/
    /اولاڻو/ = /او/ + /لا/ + /ڻو/
    /اِيٽَ/ = /اِي/ + /ٽَ/
    /آءُ/ = /آ/ + /اُ/
    (‘پد’ بابت وڌيڪ تفصيل ‘پد’ جي سري هيٺ لکيل باب ۾)

    آواز ۽ اکر
    ‘آواز’ ٻوليءَ جو ايڪو آهي ۽ ‘اکر’ لکيت جو.
    هڪ آواز جو اهڃاڻ ڪو نه ڪو اکر يا ڪي نه ڪي اکر آهن.
    آوازن کي مقرر صورت ۾ اوري ‘ٻول’ جي صورت ڏني وڃي ٿي. انهن آواز لاءِ مقرر اهڃاڻي صورتن، اکرن کي لِيڪي واسطيدار (ٻول جو) ‘لفظ’ قرار ڏنو وڃي ٿو.
    ڪوشش اها ڪئي وڃي ٿي ته ٻول کي اکرن وسيلي پنهنجيءَ درست صورت ۾ اهڃاڻي سگھجي. مشاهدو ٻڌائي ٿو ته اکرن کي اڄ ڏينهن تائين ايترو سڌاري نه سگھيا آهيون جو آواز جي مقرر ۽ درست نمائندگي ٿي سگھي.
    سنڌي جا ڄاتل سمورا وائل آواز ‘ا’، ‘و’، ‘ي’ ۽ ‘ن’ تحرڪ جي ٽن نشانين وسيلي ظاهر ڪيا وڃن ٿا. مکيا ڪم ايندڙ نشان ─ ‘ا’ ─ ڪيترن ئي لفظن ۾ صورت مٽائي ‘ئـ’ ٿي پوي ٿو ۽ ٻيا ٽيئي نشان ─ ‘و’، ‘ي’ ۽ ‘ن’ ─ وائڄڻ جو نشان ٿي به ڪم اچن ٿا.
    انگريزي ۾ پنج وائل سڏجندڙ اکرن ─ a، e، i، o ۽ u ─ ۽ ٽن وائڄڻ سڏجندڙ اکرن ─ w، y ۽ r ─ کان 19-وائل آواز اهڃاڻڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. مثال لاءِ چَيمبر’س ڊڪشنري تان ورتل هيٺ ڏنل ٻولن ۾ ‘a’ وسيلي ظاهر ڪيل آوازن تي ڌيان ڏيو:
    • Shall = /Shal, Shəl/
    • Sham = /Sham/
    • Shame = /Shām/
    • Share = /Shār/
    • Shaft = /Shäft/
    ڏسي سگھجي ٿو ته ‘a’ وسيلي ظاهر ڪيل آواز ساڳيو ناهي. ]ش[ رکندڙ ڪجھ مثال ڏسو:
    /Pashion/ ۾ ]شَ[ کـي ظـاهـر ڪـنـدڙ اکــر ‘-ssio’ آهن.
    /Patient/ ۾ ]شَ[ = = = = = = = = = = ‘-tie’ آهن.
    /Ration/ ۾ ]شَ[ = = = = = = = = = = ‘-tio’ آهن.
    /Ocean/ ۾ ]شَ[ = = = = = = = = = =‘-cea’ آهن.
    /Conscience/ ۾ ]شَ[ = = = = = = = = = =‘scie’ آهن.
    /Shut/ ۾ ]شَ[ = = = = = = = = = =‘shu’ آهن.
    هر ٻول ۾ ]شَ[ آواز آهي پر ان کي ظاهر ڪندڙ انگريزي اکر هر واري مَٽيل آهن، ڪنهن ۾ ٻه ٻه وائڄڻ ۽ ٻه ٻه وائل ته ڪنهن ۾ هڪ وائڄڻ ۽ ٻه وائل يا هڪ وائل ۽ ٻه وائڄڻ. وري ڪن لفظن ۾ ‘t’ آهي ته ڪن ۾ ‘c’ يا ‘ss’ يا ‘sc’ يا ‘sh’ ۽ ڪن ۾ وائل ‘io’ آهن ته ڪن ۾ ‘ie’ ، ‘ea’ ۽ ‘a’.
    ‘t’ جو مخرج هڪ آهي ته ‘s’ جو ٻيو، ‘c’ جو ٽيون ته ‘sh’ جو چوٿون.
    ‘a’ جو مخرج هڪ آهي ته ‘ie’ جو ٻيو، ‘io’ جو ٽيون ته ‘ea’ جو چوٿون.
    ٻولن ۾ آواز ساڳيو هڪ ئي آهي ۽ لفظن ۾ ان کي ظاهر ڪندڙ اکر ٻيا ٻيا.
    /Possession/ ۾ ڇهه وائڄڻ ۽ چار وائل اکر آهن، پر /پَزيشن/ ٻول ۾ ڇا سچ پچ ڇهه وائڄڻ ۽ چار وائل آواز موجود آهن؟
    مونجھارو اکرن ۾ آهي، آواز ۾ نه.
    ان ڪري ليکڪ اها راءِ رکي ٿو ته ٻول جي آوازن کي جاچڻ لاءِ پاڻ کي لفظ جي اکرن ۾ اڙائڻ نه گھرجي، اکر ڪيترن ئي حوالن سان ناقص آهن.
    اسان وٽ ٻار کي جڏهن الف-ب لکڻ سيکاري ويندي آهي تڏهن ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث ۽ پ يا د، ڌ، ڊ، ڍ، ڏ ۽ ذ جو هڪ جھڙو اِنڊو ٺاهي کيس چيو ويندو آهي ته انهن اکرن ۾ رڳو نقطن جو فرق آهي. اکرن ۾ ڀلي نقطن جو فرق هجي، ۽ آهي، پر اهو سڀ ڪجھ اکر/تحرير/لکيت تائين محدود هجڻ گھرجي، ان ڳالهه کي آواز سان لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي. آواز اکرن يا لِيڪن ۽ نقطن جو محتاج ناهي.
    لکت ۾، مثال طور ]آ[ کي سنڌي ٻولي ڪنهن هڪ صورت ۾ لکندي، هندي ڪنهن ٻيءَ صورت ۾، چيني ڪنهن ٽينءَ ۾ ته انگريزي ڪنهن چوٿينءَ ۾، پر اهي ٻوليون ڳالهائيندڙ جڏهن ]آ[ اچاريندا تڏهن لڳ ڀڳ هڪ جھڙو هوندو. لکت کان سواءِ ٻولي ٿي سگھي ٿي پر آواز کان سواءِ ٻولي هجي، ممڪن ناهي. ياد رکيو وڃي ته ٻوليءَ ۾ بڻائتي اهميت آوازن جي آهي.

    وائڄڻ جو وائل
    ڪو به وائڄڻ آواز بنا جھيڻي وائل جي اپائڻ ممڪن نه آهي. هر وائڄڻ سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ جھيڻو وائل اوس اڻٽٽ نموني ڳنڍيل ٿئي ٿو، پر ڪو به وائڄڻ جڏهن اهڙيءَ طرح اپايو وڃي جو ان جي ڳنڍپ ۾ هڪ چٽو وائل محسوس ٿئي تڏهن صورتحال ڪهڙي هجي ٿي؟
    /آپا/ چئي ڏسو.
    ٻڌايل طريقي موجب ان ۾ ٽي آواز: (1) ]آ[، (2) ]پ[ ۽ ]آ[ آهن. پر ڇا پهريون ]آ[ ۽ پويون ]آ[ بلڪل هڪجھڙا آهن؟
    پهريون ]آ[ چوڻ مهل هوا جي لنگھ کي وات جي کوپي ۾ ڪنهن به هنڌ رنڊڪ نه ٿي ٿئي ─ وات پورو کليل، چپ ڍرا، ڄڀ جي اڳئين حصي جي سطح ڪجھ مٿڀري پر پٺيون حصو ممڪن حد تائين هيٺ، هوا جو لنگھ پورو کليل، اخراج جو هنڌ ڄڀ جي پٺ، واڪل ڏوريون ڦڙڪندڙ، هوا جي ڪل وهڪ وات منجھان ۽ آواز جي حالت اوسرڳ.
    ]پا[ چوڻ مهل هڪ خاص فرق، جنهن کي هر هڪ محسوس ڪري سگھي ٿو، اهو آهي ته چپ پاڻ ۾ ملي هوا جي لنگھ کي بند ڪندي ئي ڌار ٿي هوا کي دڳ ڏين ٿا ۽ ان مهل وات جي کوپي ۾ ڳالڪ عضون جي بيهڪ اها ساڳي، جيڪا ]آ[ چوڻ مهل هئي.
    هاڻي /آبا/ چئي ڏسو.
    ]آ[ ۽ ]با[ ۾ هڪ خاص فرق اهو ئي آهي جيڪو ]آ[ ۽ ]پا[ جي وچ ۾ موجود هو، پر ]با[ ۽ ]پا[ جي وچ ۾ ڀڻڪي جو فرق آهي.
    هاڻي /آڦا/ چئي ڏسو.
    اڳ بيان ڪيل فرق ته محسوس ڪري سگھبو پر ]ڦا[ چوندي چپن ڀرسان جھليل هٿ جي پٺيءَ تي هوا جو جھُلڪو پڻ محسوس ٿيندو.
    ساڳيو تجربو /آڀا/ ۽ /آٻا/ چئي ڪري ڏسو.
    اوهين ڏسندا ته ]پا[، ]با[، ]ڦا[ ۽ ]ڀا[، چارئي آواز، هڪ پاسي ۽ ]ٻا[ ٻئي پاسي پاڻ ۾ اڃا به نرالو فرق رکن ٿا. پهريان چارئي آواز اپائڻ مهل هوا جو لنگھ بند ٿيندي ئي جڏهن کلي ٿو تڏهن هوا ڄڻڪ هڪ ڌماڪو ڪندي ٻاهر اچي ٿي پر ]ٻا[ چوڻ مهل ڌماڪو ڪندي هوا ڄڻڪ چوسجي وات جي کوپي ۾ اندر موٽي ٿي، يعني ]ٻا[ وٽ هڪ نيارو گڻ چوسجڻ هجڻ آهي. ان کي ساسَڪ (‘ساهه وارو’، breathy) به چئجي ٿو.
    هاڻي ]آ[ ۽ ]ما[ چئو ۽ ڀيٽ ڪيو.
    صاف وائل ]آ[ چوڻ مهل هوا جو ڪل مقدار وات کان ٻاهر اچي ٿو. ]ٻا[ ۽ ]ما[ جو ]آ[ بلڪل ان صاف وائل ]آ[ جھڙو ناهي. ]ٻا[ چوڻ مهل هوا جي وهڪ کي رنڊائيندي ئي آزادي ملڻ مهل ڳالڪ عضوا جڏهن ]آ[ جي بيهڪ تي اچن ٿا تڏهن به هوا اندر ئي ڇڪجي ٿي، ٻاهر نه ٿي اچي. ]ما[ چوڻ مهل هوا جي وهڪ کي رنڊائيندي ئي آزادي ملڻ مهل ڳالڪ عضوا جڏهن ]آ[ واري بيهڪ تي اچن ٿا تڏهن هوا جي وهڪ نڪائين يا غنائپ جي اثر هيٺ آهي.
    ڇا ڪو به صاف وائل، مثال طور ]آ[ ڪڏهن به چوسجندڙ/ساسَڪ يا نڪائون ٿي سگھي ٿو؟
    جواب آهي، “نه”.
    ان ڪري چوڻو پوندو ته ]ٻا[ ۽ ]ما[ چوڻ مهل اچاريل ]آ[ ۽ صاف وائل ]آ[ جي وچ ۾ فرق آهي. ساڳيءَ طرح ]پا[، ]با[، ]ڀا[ ۽ ]ڦا[ چوڻ مهل اچاريل ]آ[ ۽ صاف وائل ]آ[ جي وچ ۾ به فرق آهي. جڏهن ته ]ٻا[، ]ما[، ]پا[، ]با[، ]ڦا[ ۽ ]ڀا[ چوڻ مهل اچاريل هر هڪ ]آ[ جي وچ ۾ پڻ فرق آهي.
    اچو ته جدول ٺاهي جاچيون:
    وائل وائڄڻ
    آ ]پا]=[پ+آ[ ]با]=[ب+آ[ ]ڦا]=[ڦ+آ[ ]ڀا]=[ڀ+آ[ ]ٻا]=[ٻ+آ[ ]ما]=[م+آ[
    بنا رنڊڪ چپائون رنڊڪدار چپائون رنڊڪدار چپائون رنڊڪدار چپائون رنڊڪدار چپائون رنڊڪدار چپائون رنڊڪدار
    صاف صاف صاف صاف صاف صاف نڪائون
    ڀڻڀڻو بي ڀڻو ڀڻڀڻو بي ڀڻو ڀڻڀڻو ڀڻڀڻو ڀڻڀڻو
    بنا ڌماڪي ڌماڪيدار ڌماڪيدار ڌماڪيدار ڌماڪيدار ڌماڪيدار -
    خارجي خارجي خارجي خارجي خارجي چوسڻو/ساسڪ نڪائون
    اوسرڳ اوسرڳ اوسرڳ وسرڳ وسرڳ اوسرڳ اوسرڳ

    /اونو/ = ]او[ + ]نو[ يا ]او[ + ]ن+او[
    ]نو[ جو ]او[ بلڪل ايئن ناهي جيئن صاف ]او[.
    /سوڙهو/ ۾ ]سو[ جو ]او[ ۽ ]ڙهو[ جو ]او[ هڪ جھڙا ناهن ۽ اهي ٻئي ]نو[ جي ]او[ کان فرق وارا آهن. /ڄاڃو/ ۾ ]ڃو[ جو ]او[ ۽ /ٽاڄو/ ۾ ]ڄو[ جو ]او[ پڻ هڪ ٻئي کان ۽ اڳ ڄاڻايلن کان فرق رکن ٿا.
    چوڻ جو مطلب هي آهي ته ڪو وائڄڻ ڪهڙي به وائل سان کلي اهو وائل ڪنهن به ٻئي وائڄڻ جي پاڻ جھڙي وائل توڙي صاف وائل کان پنهنجي اصولي بناوت ۾ آواز جي حوالي سان فرق رکي ٿو. اهي پاڻ ۾ قطعي ۽ سَو سيڪڙو هڪ جھڙا نه آهن.

    اڌ-وائل (Semi-vowel، نِيم سُر)
    • هڪ جھوٽو، وهڪو يا گسڪو جيڪو محض هڪ اتفاقي ناتو پيدا ڪندڙ، ناتِڻو-آواز (linking-sound) نه آهي، پر اهو هڪ پد به نه ٿو ٺاهي... هڪُ اڌ وائل ڪنهن ٻه-سري جيان وهڪو آهي پر اهو ڪنهن ٻه-سري جيان هڪ پد ناهي. (باربر ]1982[ 287 ۽ 9)
    • نيم سُر ڳري گسڻي آواز (voiced gliding sound) کي چئبو آهي، جنهن جي اچارڻ ۾ ڳالهائڻ جا عضوا هڪ ‘سُر’ جي اچارڻ کان شروع ٿين ٿا، ۽ يڪدم ٻئي ساڳئي يا وڌيڪ اوچائيءَ (prominance) واري ‘سُر’ ڏانهن مُڙن ٿا. هڪ سُر کان ٻئي سُر ڏانهن اچار لاءِ ڄڀ جي جلدي مُڙڻ (موڙَ) ڪري، وچان ئي هڪ نئون ‘گسڪڻو’ آواز (gliding sound) پيدا ٿئي ٿو. اهڙن آوازن کي ‘نيم-سُر’ چئبو آهي. (الانا ]1967[ 39)
    اڌ-وائل بابت الانا صاحب جن پاران ڏنل هن وضاحت کي سندن ئي بيانيل ٻه-سري وائل جي وضاحت سان ڀيٽي ڏسبو، ته ڪو به فرق محسوس نه ٿيندو، جڏهن ته باربر ])1982[ 287 ۽ 9) جي وضاحت چوي ٿي: “اڌ-وائل واء/ڄڀ جو هڪ جھُوٽو يا وهڪو جيڪو محض هڪ اتفاقاً ناتياڪ-آواز (linking sound) نه آهي پر اهو هڪ پد به نه ٿو ٺاهي... هڪ اڌ-وائل آواز ڪنهن ٻه-سري جيان وهڪو آهي پر اهو ڪنهن ٻه-سري جيان هڪ پد ناهي”. ڪي عالم ائين به چون ٿا ته هڪ اڌ-وائل ڪنهن وائل ۽ وائڄڻ ٻنهي جي فطرت جو ڪارج ادا ڪندڙ آواز آهي ۽ ڪن جو خيال آهي ته اڌ-وائل اهو آواز آهي جيڪو وائل جي فطرت رکي ٿو پر وائڄڻ جو ڪارج ادا ڪري ٿو.
    (1) /وَڻ/ ۽ /واڍو/ ٻولن ۾ پهريون ]و[ هڪ وائڄڻ جي نمائندگي ڪري ٿو.
    (2) /اوڍو/ ۽ /ڪوجھو/ ٻولن ۾ سمورا ‘و’ تحريري نشان هڪ آواز جي مڪمل تحريري نشان جو هڪ جز آهن.
    (3) /جُوار/ ۽ /هُوا/ ٻولن ۾ ]و[ هڪ اڌ-وائل جي نمائندگي ڪري ٿو. (‘جوار’ ۽ ‘هُوا’ کي ڪي ليکڪ ‘جُئار’ ۽ ‘هُئا’ به لکندا آهن).
    (1) /يَڪو/ ۽ /يامين/ ٻولن ۾ پهريون ]ي[ هڪ وائڄڻ جي نمائندگي ڪري ٿو.
    (2) /سڀاڻي/ ۽ /ڪير/ ٻولن ۾ ‘ي’ تحريري نشان هڪ آواز جي مڪمل تحريري نشان جو هڪ جز آهي.
    (3) /اڀياس/ ۽ /پاڻيارو/ ٻولن ۾ ]ي[ هڪ اڌ-وائل جي نمائندگي ڪري ٿو.
    • }اڌ-وائل{ ]و[ جي اچار لاءِ ڳالهائڻ جا عضوا ]آ، او يا اُو[ سُر کان شروع ٿين ٿا، ۽ رڪجڻ کان سواءِ يڪدم ٻئي سُر ]اَ يا آ[ ڏانهن مڙن ٿا. ڳالهائڻ جي عضون جي جلدي موڙ ڪري، عضون ۾ گهڪو ٿئي ٿو، ۽ ڳرو گسڻو آواز يعني نيم- سر ]و[ پيدا ٿئي ٿو. هن کي ٻن چپن ۽ نرم تارونءَ وارو (Labio-velar) نيم-سر چئبو آهي...
    ساڳيءَ طرح ]ي[ جي اچارڻ لاءِ ڳالهائڻ جا عضوا ]اِ ۽ اِي[ سُرن کان شروع ٿين ٿا ۽ رڪجڻ کان سواءِ يڪدم ٻئي سر ]آ ۽ اَ[ ڏانهن مڙن ٿا. ڳالهائڻ جي عضون جي جلدي موڙ ڪري، عضون ۾ گهڪو ٿئي ٿو، ۽ ڳرو گسڪڻو آواز يعني نيم-سر ]ي[ پيدا ٿئي ٿو. هن کي سخت تارونءَ وارو نيم-سر چئبو آهي. (الانا ]1967[ 39 ۽ 40)
    ]اَي[ ۽ ]اَو[ ڇو ٻه-سرا وائل ۽ ]و[ ۽ ]ي[ ڇو اڌ-وائل آهن، انهيءَ حوالي سان ڪا به وضاحت نه ڏني وئي آهي. باربر (]1982[ 7) چوي ٿو ته ٻه-سري ۽ اڌ-وائل ۾ بنيادي فرق رڳو اهو آهي ته ٻه-سرو هڪ پد کي جنم ڏئي ٿو جڏهن ته اڌ-وائل ڪنهن به پد کي جنم نه ٿو ڏئي. ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي هيءُ ليکڪ اهو به چوڻ گھري ٿو ته اڌ-وائل ]ي[ ۽ ]و[ کي اڪيلي آواز طور، هڪ پاڻ-وهيڻي (خودمختار) آواز طور اچاري سگھڻ ممڪن نه آهي، ان کي ڪنهن نه ڪنهن وائل جي زور وسيلي ئي اوري سگھجي ٿو، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن وائڄڻ کي اچاربو آهي. اڌ-وائل ڄڻڪ ڪنهن اڪيلي وائل ۽ اڪيلي وائڄڻ جي وچ وارو هڪ ڏاڪو يا آواز آهي.
    ياد رکيو وڃي ته ليکڪ کي اڌ-وائل ]و[ ۽ ]ي[ جي اپجڻ بابت الانا صاحب جي ٻڌايل طريقي سان مورڳو اختلاف آهي. ‘چوَڻ’ ۽ ‘پوَڻ’ جھڙن ٻولن جي ڌاتو، امر واحد ۽ اسم مصدر ۽ ‘ساڳيا/ساڳا’ ۽ ‘ڀاڳيا’ جھڙن ٻولن جي ڌاتو ۽ انهن سان مليل پڇاڙين تي غور ڪبو ته ]و[ ۽ ]ي[ جي اپجڻ بابت مٿي بيان ڪيل ڳالهه پنهنجو پاڻ کي بي وزن ثابت ڪري رکندي. (وڌيڪ تفصيل ‘اڳ اڻ-کوجيل وائل آواز’ جي سري هيٺ)


    باب ستون : هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ-کوجيَل سنڌي وائل

    هتي اسان کي هڪ ڀيرو وري لکيت سرشتي جي هڪ ڪمزوريءَ يا خاميءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي گھرج محسوس ٿئي ٿي. انگريزي ۾ ‘Loure’ جو اچار /rōō /l (لُور) آهي ۽ ‘house’ جو اچار /hows/ (هائس) آهي جيڪو سنڌي ۾ مروج اچار ‘هائُوس’ کان فرق رکي ٿو توڙي جو ٻنهي ٻولن جو اچار ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ جھڙن ۽ ٻن وائل اکري نشانن ‘ou’ کان مدد ورتي وئي آهي. پهرئين ٻول ‘Loure’ ۾ وائل آواز ]اُو[ ۽ ٻئي ٻول ‘house’ ۾ وائل آواز ]آءِ[ آهي. ساڳيءَ طرح ‘fit’ (فِٽ) جو وائل ]اِ[ ۽ ‘fight’ جو وائل ]آءِ[ آهي توڙي جو ٻنهي مختلف آوازن کي ظاهر ڪندڙ اکري نشان ساڳيو ‘i’ آهي.
    ليکڪ کي هيٺ ڏنل ٽن لفظن جو آواز ظاهر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي:
    /کا-/. الانا صاحب (]1987[ 41) هن لفظ کي /کائڻ/ جو ڌاتو سڏيو آهي.
    /کاءۡ-/. جتوئي صاحب (]1983[ 121) هن لفظ کي /کائڻ/ جي ‘بنياد جو پهريون پد’ سڏيو آهي.
    /کاءُ-/. هي لفظ /کائڻ، کا- يا کاءۡ-/ جي امري صورت کي ظاهر ڪري ٿو.
    /کاءُ/ ٻه-پدو ٻول آهي: /کا + اُ/. اهو پاڻ ۾ امر واحد ضمير حاضر (‘تُون’) لڪايو ويٺو آهي، ۽ اهو ضميري مفهوم پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ]اُ[ آهي. /اُٿُ، ويههُ، لِکُ، ڏِسُ، وَڃُ/ سڀ امري صيغا آهن، ۽ انهن ۾ ڄاڻايل لياقت يا معنوي فرق پيدا ڪرڻ جو اڪيلو سبب انهن ٻولن جو پويون ]اُ[ آهي. اهو ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ باقي بچندڙ ٻول/اُٿۡ، ويهۡه، لِکۡ، ڏِسۡ، وَڃۡ/ هوندو ۽ انهن صورتن کي الانا صاحب (]1987[ 41، 42 ۽ 43) ‘ڌاتو’ ۽ جتوئي صاحب (]1983[ 117، 121، وغيره) ‘بنياد’ يا ‘بنياد جو پهريون پد’ سڏي ٿو.
    /کاءُ/ جو ]اُ[ ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ يا ته اها صورت بچندي جنهن کي جتوئي صاحب /کائڻ/ جي بنياد جو پهريون پد سڏيو آهي، يعني /کاءۡ-/ يا وري اها جنهن کي الانا صاحب /کائڻ/ جو ڌاتو سڏيو آهي يعني /کا-/.
    لکت جي اصولن موجب /کاءۡ/ لکڻ غلط آهي ڇو ته ‘جزم’، جيڪا عمومي سوچ موجب ‘ساڪن’ يا ‘بناوائل’ هجڻ جي نشاني آهي، اهڙي اکر مٿان ظاهر ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ وائل جي نمائندگي ڪندڙ آهي. ڇا ڪنهن به وائل تحريري نشان تي، عمومي سوچ موجب، ‘جزم’ يعني سڪون جي نشاني ڏئي سگھجي ٿي؟
    جواب آهي، “نه”. جيڪو پاڻ وائل آهي اهو وري بناوائل، بي حرڪت، ماٺو، ساڪن ڪيئن ٿيندو؟ جيڪو پاڻ ‘آواز’ آهي سو وري ‘بي آواز’ ڪيئن ٿي سگھندو!؟ چٽو مطلب هي ٿيو ته عمومي سوچ موجب /کاءۡ-/ لکڻ غلط آهي.
    پوءِ، ڇا /کا-/ لکڻ درست آهي؟ ڇا اهو ٻول جي حقيقي ڌاتو کي ظاهر ڪري ٿو؟ جواب آهي، “نه”.
    /ٻارڻ، مارڻ، ٺارڻ، ساڙڻ/ وغيره جو ڌاتو جيڪڏهن /ٻارۡ-، مارۡ، ٺارۡ-، ساڙۡ-/ آهي، جيئن الانا صاحب (]1987[ 42، 43 ۽ ٻين صفحن تي) ڄاڻائي ٿو ته پوءِ /کائڻ/ جو ڌاتو /کاءۡ-/ هجڻ گھرجي. جيئن /ٻارڻ، مارڻ، ٺارڻ، ساڙڻ/ وغيره جو ڌاتو سندن صرف پهريون مڪمل آواز /ٻا-، ما-، ٺا-، سا-/ ناهي، تيئن /کائڻ/ جو ڌاتو به سندس صرف پهريون (سمجھيو ويندڙ مڪمل) آواز /کا-/ ناهي. جيڪڏهن /کائڻ/ جو ڌاتو /کاءۡ-/ ناهي ۽ /کا-/ آهي ته پوءِ ڄاڻايل ٻين متعدي فعلن جو ڌاتو به /ٻا-/، /ما-/، /ٺا-/، /سا-/ هئڻ گھرجي، پر سڌي ڳالهه آهي ته ائين ڪرڻ غلط هوندو.
    /مارۡ-، ٻارۡ-، ٺارۡ-/ ٻولن ۾ ]ر[ تي پورو ڌيان ڏبو ته اهو هڪ مڪمل وائڄڻ آواز بدران هڪ لرزيدار هلڪو/جھيڻو وائل يا وڌ ۾ وڌ هڪ اڌ-وائل محسوس ٿيندو پر ان جو تحريري نشان ‘ر’ جيئن ته وائڄڻ جو نمائندو سمجھيو وڃي ٿو ان ڪري مٿس جزم جو نشان آڻي فرض ڪيو ويو آهي ته اهو هڪ ‘ساڪن وائڄڻ’ آهي ۽ ٻول جو ڌاتو ڄاڻائڻ مهل سندس تحريري صورت کي قائم رکيو ويو آهي. /ء/ جيئن ته ڪنهن وائڄڻ جو نه پر وائل جو تحريري نشان سمجھيو وڃي ٿو تنهنڪري الانا صاحب ان کي جزم ڏئي ‘ساڪن’ ظاهر ڪرڻ بدران گم ڪرڻ ضروري سمجھيو جڏهن ته جتوئي صاحب اهو ڌيان نه رکيو ته، عمومي سوچ موجب، وائل نشان کي ساڪن نه ٿو ڪري سگھجي. جيئن ته سندن ادراڪ ۽ سمجھ مڃيو پئي ته اهو /کا-/ نه پر /کاءۡ/ ٿيڻ گھرجي تنهنڪري پاڻ ايئن لکڻ پسند ڪيائون.
    /ما-، ٺا-، سا-، ٻا-/ جيان /کا-/ صورت کي /کائڻ/ جي ڌاتو طور غلط سمجھندي ۽ /مارۡ-، ٺارۡ-، ساڙۡ-، ٻارۡ-/ صورتن کي درست سمجھي، مثال طور آڏو رکندي /کائڻ/ جو ڌاتو ٿيندو /کاءۡ-/. پر /کاءۡ-/ لکڻ غلط آهي، /کا-/ ٿي نه ٿو سگھي، پوءِ درست صورت ڪهڙي!؟
    درست صورت آهي /کاء/.
    /کاء/ = ]ک + آء[
    اها صورت جنهن کي جتوئي صاحب /کائڻ/ جي ‘بنياد جو پهريون پد’ سڏيندي /کاءۡ-/ صورت ۾ لکيو ۽ الانا صاحب جن /کائڻ/ جو ڌاتو سڏيندي /کا-/ صورت ۾ لکيو، پنهنجي حقيقي صورت ۾ ۽ درست صورت ۾ تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن /کاء/ لکيو وڃي.
    ان کي /کاءۡ/ لکي سگھجي ٿو پر انهيءَ شرط تي ته، ليکڪ سان اتفاق ڪندي، ‘جزم’ کي ‘ساڪن’ يا ‘بناوائل’ جو تحريري نشان سمجھڻ بدران هلڪي تحرڪ يا جھيڻي وائل جو نشان سمجھيو وڃي (ڏسو ‘جھيڻو وائل’). پر ان کي /کا-/ لکڻ بلڪل غلط آهي ڇو ته /کائڻ/ جھڙن ‘حاصل مصدرن’ جو ڌاتو سنـدن صرف پهريـون آواز نه آهي. ليکڪ /کاء/ جي پوئين جــز
    کي جھيڻو وائل سمجھي ٿو.
    /آءُ/ ] =آ[ + ]اُ[ = /آ/ + /اُ/ ─ ٻه پد
    /آءِ/ ] =آ[ + ]اِ[ = /آ/ + /اِ/ ─ ٻه پد
    /آءَ/ ] =آ[ + ]اَ[ = /آ/ + /اَ/ ─ ٻه پد
    /آء/ يا /آءۡ/ ] =آء[ ─ هڪ پد
    /آءُ/ ، /آءِ/ ۽ /آءَ/ ۽ ]آء[ جي وچ ۾ فرق آهي ۽ ان کي محسوس ڪرڻ گھرجي.
    ]آءِ[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ ٻه-سرو آهي.
    ]آءِ[ اچاريندي ]آ[ جي آوازي لهر (Sound wave) مٿي چڙهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]آ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /آءُ/ اچارڻ مهل ]آ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي. /کاءُ، لاءِ، پيءُ، سوءَ، سِيءُ ۽ ٿئي/ جا مثال ڏيندي آخري آوازن کي جتوئي صاحب ٻه-سرو سڏيو آهي. جي اهي ٻه-سرا آهن ته پوءِ ]آء[ کي يڪسرو مڃڻو پوندو. الانا صاحب ]اَي[ ۽ ]اَو[ کي ٻه-سرو سڏيو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ]آء[ وڌيڪ معياري ٻه-سرو مڃڻو پوندو ڇو ته ]آء[ چوڻ مهل ڄڀ کي يڪدم “موڙ کائڻ” ۽ “گسڪڻ” جي به ايڏي گھرج ناهي. ]آء[ چوندي ]آ[ اچاريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]آ[ جي جارِي رهندڙ لهر کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگھجي ٿو ته ]اُ[، ]اِ[ يا ]اَ[ ڏانهن وڌي ٿي پر انهن جي بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).
    ]اَو[ ۽ ]اَي[ لساني (يعني لسانياتي) تجربيگاهه ۾ جيڪڏهن يڪسرا آهن ته ]آء[ انهن کان وڌيڪ بهتر نموني هڪ يڪسرو ثابت ٿيندو.
    /لائڻ/ جو امر واحد /لاءِ/ آهي ۽ ڌاتو /لاء/ = ]ل + آء[
    /ڳائڻ/ جو امر واحد /ڳاءِ/ آهي ۽ ڌاتو /ڳاء/ = ]ڳ + آء[
    /ڌائڻ/ جو امر واحد /ڌاءِ/ آهي ۽ ڌاتو /ڌاء/ = ]ڌ + آء[
    /وائڻ/ جو امر واحد /واءِ/ آهي ۽ ڌاتو /واء/ = ]و + آء[
    /ڀائڻ، پائڻ، ستائڻ، سمائڻ، رکائڻ، وهائڻ، هلائڻ، هٽائڻ، کٽائڻ، ڪَرائڻ، ڪيرائڻ، کيڏائڻ، جوڙائڻ/ وغيره جھڙن ٻولن جي امر واحد ۽ ڌاتو ۾ فرق ڪرڻ سان اهو وائل چٽيءَ طرح پرکي سگھجي ٿو. متعدي بالواسطه فعلن جي سمورن ترت ڌاتو ٻولن جو آخري آواز ]آء[ آهي.
    انگريزي ٻول /hide/ جو وائل آواز ٻه-سرو سمجھيو وڃي ٿو (باربر ]1982[ 7). اهو ساڳيو وائل /light/، /fight/ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ٻولن ۾ نظر اچي ٿو.
    ان وائل کي واياڄاڻي (Phonetic) صورتخطي ۾ هن طرح ظاهر ڪيو وڃي ٿو:
    • Hide = /haid/
    Fight = /fait/
    Light = /lait/
    (ڏسو ‘آڪسفورڊ ڊڪشنري’)
    لفظ جي عام تحريري صورت ۾ ٻول جي وائل کي توڙي جو هڪ اکر ‘i’ وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي پر واياڄاڻي صورتخطي ۾ ان وائل آواز کي ٻن وائل اکرن ‘ai’ وسيلي ظاهر ڪرڻ درست سمجھيو ويو.
    سنڌيءَ ۾ اهڙو ئي آواز رکندڙ ٻول آهن: /مائٽۡ، چائتۡ، ڌائڪۡ، کائڪۡ/. /کائڻ، ڌائڻ، پائڻ، ڳائڻ/ وغيره جھڙن ٻولن جو ڌاتو پڻ ساڳيو آواز موجود رکي ٿو. انهن ٻولن ۾ وائل ]آء[ کي تحريري صورت ۾ ‘آء’، ‘آئـ’ يا ‘آءۡ’ جي صورت ۾ ئي لکي سگھجي ٿو.
    مٿي ڄاڻايل انگريزي توڙي سنڌي ٻولن جي وائل آواز جي جوڙجڪ تي پورو ڌيان ڏيو. پرکي ڏسبو ته ]آء[ هڪ وڌيڪ بهتر، هلڪو ۽ يڪسرو آواز محسوس ٿيندو.


    باب اٺون : اڳ اڻ-کوجيل ڪي نيارا سنڌي وائل

    1. اَء
    /Bat، Fan، Man، Tan/ جھڙا لفظ سنڌيءَ ۾ لکندي هڪ ڀيرو وري به درست صورتخطيءَ جو مسئلو اٿي کڙو ٿئي ٿو. ڪي ليکڪ انهن لفظن کي سنڌيءَ ۾ ‘بَئٽ’، ‘فَئن’، ‘مَئن’ ۽ ‘ٽَئن’ لکندا، ته ڪي ‘بيٽ’، ‘فَين’، ‘مَين’ ۽ ‘ٽَين’. وڌيڪ عام صورتون ‘مَئن’، ‘بَئٽ’، ‘فَين’ ۽ ‘ٽَئن’ آهن.
    ‘دَئت’ يا ‘دَئيت’ ─ درست صورت ڪهڙي؟
    ساڳيءَ طرح ‘اَئٽ’ ۽ ‘اَيٽ’، ‘اَئٿ’ ۽ ‘اَيٿ’، ‘اَئٺ’ ۽ ‘اَيٺ’ وغيره جھڙين صورتن مان درست ڪهڙي؟
    ڇا ]اَء[ ۽ ]اَي[، ٻئي هڪ جھڙا آواز آهن ۽ ‘اَء’ ۽ ‘اَي’ هڪ جھڙيون صورتون، يا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو فرق به آهي؟
    اچو ته ‘مَئڻ’، ‘ميڻ’ ۽ ‘مَيدان’ ٻولن جي پهرئين وائل تي غور ڪريون.
    /ميڻ/ جو اچار ‘/مي/+/ڻ/’ ۽ آوازَ ]م+اي[+]ڻ[ آهن.
    /مَيدان/ جو اچار ‘/مَي/+/دا/+/ن/’ ۽ آوازَ ]م+اَي[+]د+آ[+]ن[ آهن.
    /مَئڻ/ جو اچار ‘/مَ/+/اِ/+/ڻ/’ ناهي.
    /مَئڻ/ جو اچار ‘/مَئه/+/ڻ/’ آهي ۽ ان جا آواز ٿيندا ]م+اَء[ + ]ڻ[.
    /مَئڻ/، /ميڻ/ ۽ /مَيدان/ جي پهرين وائل آوازن ۾ فرق موجود آهي ۽ اچارڻ ۽ ڌيان ڏيڻ وسيلي انهيءَ فرق کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    ليکڪ جو خيال آهي ته ]اي[ ۽ ]اَي[ ۽ ]اَء[ جي وچ ۾ فرق موجود آهي.
    ]اَء[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ يڪ-سُرو آهي.
    ]اَء[ اچاريندي ]اَ[ جي آوازي لهر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اَ[ ئي رهندو) نه ئي وري (الانا صاحب جي لفظن جي پوئواري ڪندي) ]اَ[ چوندي يڪدم موڙ يا گسڪو کائي ]اي[ ڏانهن وڌي ٿي (─ جي ائين ٿيندو ته آواز ]اَي[ ٿيندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اَءُ/، (جيئن: ڀَئُه، ڍَءُ) اچارڻ مهل ]اَ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اَءُ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اَء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اَء[ چوڻ مهل ڄڀ کي يڪدم “موڙ کائڻ” يا “گسڪڻ” جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اَء[ چوندي ]اَ[ اچاريندي ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]اَ[ جي جارِي آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگھجي ٿو ته ]اُ[ يا ]اِ[ ڏانهن وڌي ٿي پر ]اُ[ يا ]اِ[ جي بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).
    ]اَي[ ۽ ]اَء[ جي آوازي لهر ۾ فرق کي چٽيءَ طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو. ]اَي[ لسانياتي تجربيگاهه ۾ جيڪڏهن يڪسرو آهي ته ]اَء[ ان کان وڌيڪ بهتر نموني يڪسرو ثابت ٿيندو پر ]اَي[ کي جيڪڏهن ٻه-سرو مڃيو وڃي تڏهن به ]اَء[ يڪسرو ئي آهي. ]اَء[ هڪ اهڙو آواز آهي جنهن کي ]اي[ ۽ ]اَي[ جي وچ تي محسوس ڪري سگھجي ٿو. ]اَء[ جي پوئين جز کي، ليکڪ، ‘جھيڻو وائل’ سمجھي ٿو.
    /مَئڻ/ جو امر واحد /مَئِه/ آهي ۽ ڌاتو /مَئه/ ] =م+ اَء[
    /ڍَئڻ/ جو امر واحد /ڍءِ/ آهي ۽ ڌاتو /ڍَء/ ] =ڍ+ اَء[
    /رَئڻ/ جو امر واحد /رَءِ/ آهي ۽ ڌاتو /رَء/ ] =ر+ اَء[
    جيئن /مَرڻ، سڙڻ، ٻرڻ، مَکڻ/ وغيره جو امر واحد واريسر /مَــرُ، سَــڙُ، ٻَـــرُ ۽ مَکِ/ آهي ۽ ڌاتو واريسر /مرۡ، سَڙۡ، ٻَرۡ ۽ مَکۡ/. انهن ۽ اهڙن ٻولن جو ڌاتو جيڪڏهن /مَ، سَ، ٻَ ۽ مَ/ مڃيو وڃي ها يا هجي ها ته پوءِ انهن کي آڏو رکندي /مَئڻ، ڍَئڻ ۽ رَئڻ/ جھڙن ٻولن جو ڌاتو /مَ، ڍَ ۽ رَ/ مڃيو وڃي ها پر حقيقت ۾ دليل انهيءَ ڳالهه کي رد ڪن ٿا، ۽ اها ئي حقيقت ۽ اهو ئي دليل اسان جي ان راءِ کي اڃا وڌيڪ پختو ۽ وزنائتو بنائي ٿو ته /کائڻ، ڳائڻ، ڌائڻ/ جھڙن ٻولن جو ڌاتو به /کا، ڳا، ڌا/ سمجھڻ بلڪل ئي غلط ٿيندو.
    ‘هَئو مَئو ٽرڻ’ (ڏسو ‘ج س ل’ = ‘جامع سنڌي لغات’ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ‘سنڌي ادبي بورڊ’ سنڌ) جو اتر ڏي اچار ‘هَئه مَئه ٽرڻ’ آهي.
    /هَئه/ ] =هه + اَء[ ۽ /مَئه/ ] =م+ اَء[
    /وڍڻ/ جو امر واحد /وَڍِ/ آهي ۽ ڌاتو /وَڍۡ/. سنڌي ٻولي اهڙن ڪجھ ڌاتن جي پويان /اُ/ ۽ /اَ/ (يعني }اُ{ ۽ }اَ{) آڻي معنوي فرق پيدا ڪندي ڪي نوان ٻول ٺاهي ٿي:
    /وَڍۡ/ + /اُ/ = وَڍُ (اسم، مذڪر، واحد)
    /وَڍۡ/ + /اَ/ = وَڍَ (اسم، مذڪر، جمع)
    مختلف ڪاڄن ۾ اوهان به ميزبان پاران “ادا، کائي ڍَءُ ڪجو” ۽ مهمانن پاران “بس ڀاؤ، کائي ڏاڍا ڍَوَ ڪيا آهن” جھڙا جملا ضرور ٻڌا هوندا. انهن ‘ڍَءُ’ ۽ ‘ڍَوَ’ ٻولن جو ڌاتو ڇا آهي؟ /وَڍُ/ ۽ /وَڍَ/ کي نظر ۾ رکندي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته /’ڍَءُ’ ۽ ‘ڍَوَ’/ جو ڌاتو /ڍَء/ آهي.
    /ڍَء/ + /اُ/ = ڍءُ (اسم، مذڪر، واحد)
    /ڍَء/ + /اَ/ = ڍَءَ < ڍَوَ (اسم، مذڪر، جمع)
    اهڙو هڪ ٻيو مثال/ڀَـئُه ۽ ڀَـــوَ/ جو آهي:
    /ڀَئه/ + /اُ/ = ڀَـئُه
    /ڀَئه/ + / اَ/ = ڀَــئَه < ڀــوَ
    /ڍَء/ = ]ڍ + اَء[
    /ڀَئه/ = ]ڀ + اَء[
    واحد بخش شيخ صاحب (]1986ع[ ۾) ‘فعل’ جي سري هيٺ ‘فعل لازمي’ ۽ ‘فعل متعدي’ جي مَٽ سٽ تي بحث ڪندي (ص:33-340) ڪجھ فعلن جي تبديليءَ کي ڪنهن به اصول جو پابند نه سمجھندي انهن ڪجھ “بيقاعدي تبديل ٿيندڙ” ٻولن جا مثال ڏنا آهن، جڏهن ته اهو پڻ ٻڌايو اٿئون ته ڪي لازمي صيغا متعدي ٿيندي هڪ مخصوص سٽاءَ جي پابندي ڪن ٿا. اها ڳالهه پڙهڻ کان پوءِ لازمي طرح سوال ٿو اڀري ته ڇو ڪي فعل لازمي مان متعدي ٿيندي ڪنهن اصول جي پابندي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڇو ڪي ٻول ائين نه ٿا تبديل ٿين؟ انهيءَ سوال جو جواب توڙي جو هن ئي ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي بحث دوران ظاهر ٿئي ٿو، تڏهن به ليکڪ هڪ ڀيرو وري انهيءَ پاسي ڏي ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿو ته اسان جي الفا-بيٽ ۽ صورتخطي ڪن ٻولن کي درست صورت ۾ لکڻ کان عاجز نظر اچي ٿي. اهو به نظر ۾ رکيو وڃي ته ڪي ٻول وقت گذرندي ڪي قدر يا پوريءَ طرح تبديل ٿين ٿا ۽ اهو پڻ ته ڪن ٻولن جي ڌاتو سان ڪي آواز ملي ان ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ٿا ۽ جڏهن ائين ٿئي ٿو تڏهن پڻ ٻول جي اچار ۾ فرق اچي وڃي ٿو جيئن /ڍَء/ سان }اَ{ ملڻ کان پوءِ ٺهندڙ ٻول /ڍَءَ/ بدران /ڍَوَ/ آهي. /ڀَــوَ، تَــوَ، چَــوَ، ڪَــوَ/ ۽ اهڙا ٻيا به ڪي ئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. اهو پڻ ياد رکيو وڃي ته ڪي ٻول گم پڻ ٿي وڃن ٿا.
    /کائڻ/ انهن ٻولن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن بابت سمجھيو ٿو وڃي ته تبديل ٿيندي ڪنهن اصول جي پابندي نه ٿا ڪن. شيخ صاحب ان جو لازمي /کاڄڻ/ قرار ڏنو آهي ۽ اهو ئي ٻول عام طرح سمجھيو به وڃي ٿو. ‘ج س ل’ /کاڄڻ/ جو سنسڪرت بنياد ‘کاڌ’ ۽ /کائڻ/ جو سنسڪرت بنياد ‘کاد’ ڄاڻايو آهي پر اهو ٻول جڏهن اسم (۽ مذڪر واحد) ٿي ڪم اچي ٿو تڏهن ان جو هڪ متبادل /کيڻ/ به ڏنو آهي. ‘کيڻ’ تي لاڙي اثر نمايان نظر اچي ٿو ۽ ليکڪَ پاڻَ انهيءَ علائقي ۾ ڳالهائجندي ٻڌو آهي. ليکڪُ ان جو صحيح اچار /کَئڻ/ سمجھي ٿو جنهن جو امر واحد /کئُه/ ۽ ڌاتو /کَئه/ (]=ک + اَء[) ٿيندو.
    ‘ج س ل’ /کِيَڻ/ به ڏنو آهي جنهن جو سنسڪرت بنياد ‘کاد’ ڏيندي ان جي معنيٰ ۾ ‘کاڄ’، ‘کاڌو’ ۽ ‘کانو’ به ڄاڻايو آهي. اهڙا ڪي ٻيا ٻول ‘کِئَڻ’، ‘کِئاءُ’، ‘کِئو’، ‘کِئائي’ وغيره به ڏنل آهن.
    اوهين ڄاڻو ٿا ته ‘کاء’ جي صورت، مضارع ۽ حال طور ضمير متڪلم واحد جي حالت ۾، ‘کاوان’ ۽ ‘کاوان ٿو’ آهن.
    مٿي آيل ٻولن ۾ ‘کَئه’ ۽ ‘کاء’ کي ڌاتو قرار ڏيندي ٻول ۾ ]ي[ ۽ ]و[ جي اڀرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي گھرج محسوس ٿئي ٿي.
    ‘ڍَء’ ۽ ‘ڀَئه’ جھڙن ٻولن جو جمع (مذڪر، اسم) آهي ‘ڍَوَ’ ۽ ‘ڀَــوَ’ (ن ڪي ‘ڍَءَ’ ۽ ‘ڀَـئَه’، جيڪي اچارڻ ۾ ڏکيا محسوس ٿين ٿا). ‘ڀئه’ ڌاتو رکندڙ ڪي ٻول آهن: ڀوائتو، ڀَوارو، ڀَــوَ ڀريو وغيره (ڏسو ‘ج س ل’)، جن ۾ پڻ ]اَ[ بدران ]و[ اچي ٿو.
    هيٺ ڏنل لفظن جي صورتخطيءَ، ٻولن جي آواز ۽ خاص طرح پهرئين رتل وائڄڻ کان پوءِ ايندڙ آواز (۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ اکر) تي ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي.
    ‘چَوَڻُ’، ‘چيو مڃڻ’، ‘چئي وان’، ‘چَوڻِي’، ‘چَوۡ وَٽ’، ‘چَوچاءُ’، ‘چَو چواءُ’، ‘چَوَڻ چائڻ’ (ڏسو ‘ج س ل’). ‘چوندو’، ‘چيو’ ۽ ‘چَئو’ کي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي. انهن ٻولن جو ڌاتو ڇا آهي؟
    ‘چَوَڻُ’ اسم مصدر سڏيو وڃي ٿو.
    ‘چَئُه’ امر واحد آهي.
    ‘چَئه’ ڌاتو ٿيندو.
    /چَئه/ ] =چ + اَء[
    ساڳيءَ طرح ‘ڀوائتو’، ‘ڀوارو’، ‘ڀَوَ ڀريو’ وغيره (ڏسو ‘ج س ل’) جو ڌاتو ٿيندو /ڀَئه/ ] =ڀ + اَء[.
    هاڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ‘چَوچاءُ’ ۽ ‘چَو چواءُ’ ۾ ‘چاءُ’ ۽ ‘چواءُ’ تي ڌيان ڏجي. ٻن طريقن سان بحث ڪري سگھجي ٿو:
    (1) اندريون جوڙ /آ/ اچي ‘چَئه’ کي ‘چاء’ يا ‘چواء’ ڪري ٿو (تفصيلي بحث ‘اندريون جوڙ’ جي سري هيٺ) يا
    (2) ]اَء[ جو ]اَ[ وڌي ]آ[ ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾، ]اَ[ وڌائي ]آ[ ڪجي ٿو ۽ ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪيو وڃي ٿو.
    هاڻي ‘چَوَڻ چائڻ’ ۾ /چائڻ/ تي ڌيان ڏيو ۽ سوچيو ته ‘چائڻ’ ۽ ‘چوائڻ’ جي وچ ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان ڪو اصولي فرق به موجود آهي ڇا؟ ۽ انهن ٻنهي جو ڌاتو ڇا آهي؟
    ليکڪ جي نظر ۾ ‘چائڻ’ ۽ ‘چوائڻ’ هم معنيٰ ٻول آهن ۽ ٻنهي جو (ترت) ڌاتو /چاء/ (=/چواء/) آهي ۽ اصولي ڌاتو يا پاڙ-ٻول /چَئه/.
    /چَئه/ + (اندريون جوڙ) /آ/ = چاء (چواء)
    /چاء/ (چواء) + /اِ/ = چاءِ (چواءِ) ..... امر واحد
    ‘چائڻ’ ۽ ‘کائڻ’ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو.
    /کائڻ/ جو امر واحد آهي /کاءُ/ ۽ (ترت) ڌاتو /کاء/ = ]ک + آء[ ۽ اندريون جوڙ هٽائڻ کان پوءِ اصولي ڌاتو يا پاڙ-ٻول ٿيندو /کئه/ = ]ک + اَء[.
    مٿي ڏنل ‘چئه’ ۽ ‘ڀئه’ ڌاتو رکندڙ ۽ ڄاڻايل ٻولن تي ڌيان ڏيو. /چَئه/ جي ڪڍ جيڪو به وائل آيو آهي انهيءَ اتي يا پاڻُ برقرار رکيو آهي يا وري ]و[ يا ]ي[ کي اپائڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته هڪ وائل آواز (يا وائل آواز جي جھيڻي وائل) جي ڪڍ جڏهن ٻيو وائل آواز اچي ٿو تڏهن اتي اهو وائل آواز پاڻ برقرار رهي ٿو (رهي سگھي ٿو) يا وري ]و[ يا ]ي[ اُپجي (سگھي) ٿو ─ ٻولي اتي، اهڙيءَ حالت ۾ اچار-سهنج جو خيال رکي ٿي. ان نموني جڙندڙ ڪن ٻولن ۾ اڀرندڙ آواز ]و[ ۽ ]ي[ ڪٿي اڌ-وائل هجن ٿا ته ڪٿي وائڄڻ. ليکڪ اڌ-وائل آواز ]و[ ۽ ]ي[ جي اپت جي سلسلي ۾ الانا صاحب جن جي انهيءَ راءِ کي قطعي ۽ مڪمل درست نه ٿو سمجھي ته صرف ]آ، او يا اُو[ کان صرف ]اَ يا آ[ ڏانهن مڙندڙ ۽ گسڪو ڪندڙ ڪوشش سبب مشروط طور اڌ-وائل ]و[ ۽ صرف ]اِ ۽ اِي[ کان صرف ]آ۽ اَ[ ڏانهن مڙندڙ ۽ گسڪو ڪندڙ ڪوشش سبب مشروط طور اڌ-وائل ]ي[ پيدا ٿئي ٿو. ‘چئه’ ڌاتو رکندڙ ۽ مٿي ڏنل ڪجھ ٻول اهڙو هڪ مثال آهن. ‘ٿڌون’ ۽ ‘ٿڌيون’، ‘ڳنڍون’ ۽ ‘ڳنڍيون’، ‘برساتون’ ۽ ‘برساتيون’، ‘لهرون’ ۽ ‘لهريون’ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ايندڙ لفظ ۽ ‘کاوان’ ۽ ‘چوان’ جھڙا ٻول انهيءَ موضوع تي وڌيڪ گھرائي سان سوچڻ جي دعوت ڏين ٿا.
    /ساڙڻ، مارڻ، ڊاهڻ، ٺاهڻ، کارڻ، ڳارڻ/ جھڙن متعدي فعل ٻولن جي فعل لازمي واري صورت /سڙڻ، مرڻ، ڊهڻ، ٺهڻ، کرڻ، ڳرڻ/ چئي وڃي ٿي (۽ آهي) ۽ /’چائڻ’/ (چوائڻ) جي صورت /چئڻ/ (چوڻ) ته ‘کائڻ’ جي لازمي صورت /کئڻ/ هجڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح /لائڻ، ڀائڻ، ڳائڻ، ڌائڻ/ وغيره جھڙين متعدي صورتن جي لازمي صورت /لئڻ، ڀئڻ، ڳئڻ، ڌئڻ/ هجڻ گھرجي ۽ جي ايئن هجي ته، انهن جو واريسِر ڌاتو ٿيندو: /لَئه، ڀَئه، ڳئه، ڌَء/ = (...+ اَء).
    ‘ج س ل’ ۾ /ڍَئڻ/ مان /ڍائڻ/ ۽ /رَئڻ/ مان /رائڻ/ موجود آهن پر /مَئڻ/ مان /مائڻ/ موجود ناهي (توڙي جو ڪي جھونيون عورتون اڄ به ائين اچارينديون آهن) البته /مئراڻڻ ۽ مائرائڻ/ موجود آهن.
    /ڍَئڻ/ جو امر واحد آهي /ڍَءِ/ ۽ ان جو ڌاتو /ڍَء/ ] =ڍ + اَء[.
    /رَئڻ/ جو امر واحد آهي /رَءِ/ ۽ ان جو ڌاتو /رَء/ ] =ر + اَء[.
    ‘جامع سنڌي لغات ۾ ‘ڀَــوَڻُ’ لفظ به نظر اچي ٿو، جنهن جو تفصيل هن طرح ڏنل آهي:
    • ڀَوَڻُ: مصدر (سن. ڀۡرَمۡ = ڦرڻ) ڦرڻي- گِرڻي.
    ڇا ‘ڀَواٽي’ (‘ڀانئٽي’، ‘ڀَنواٽي’) ۽ ‘ڀَنوَر’ جھڙن ٻولن جو ڌاتو پڻ اتان ئي اچي ٿو؟
    ‘چوڻ’ کي ذهن ۾ رکندي ‘ڀوڻ’ جو امر واحد ٿيندو /ڀَئُه/ (= رُلُ) ۽ ڌاتو /ڀَئه/ (=] ڀ + اَء[).
    ‘ڪائو’ (= لاٿِ) ۽ ‘ڪَئُه’ (= لَههَ، لهپَ) جو ڌاتو ليکڪ جي نظر ۾ /ڪَئه/ (]=ڪ + اَء[) آهي.
    ]اَ[، ]اي[، ]اَي[، ۽ ]اَء[ جي وچ ۾ فرق آهي ۽ ليکڪ انهيءَ کي قائم رکڻ چاهي ٿو.
    2. اُء
    ]اُء[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ يڪسُرو آهي.
    ]اُء[ اچاريندي ]اُ[ جي آوازي لهر مٿي چڙهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اُ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اُءِ/ (جيئن: /آيُئِه/ = ‘تو وٽ آيو’ ۽ /لکندُءِ/ = ‘تو ڏي لکندو’، جا آخري ٻه آواز) اچارڻ مهل ]اُ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري /اِ/ (= ]اِ[) چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اُءِ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اُء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اُء[ چوندي ڄڀ کي يڪدم “موڙ کائڻ” يا “گسڪڻ” جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اُء[ اچاريندي ]اُ[ اوريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]اُ[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگھجي ٿو ته ]اِ[ ڏانهن وڌي ٿي پر ان بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿي).
    /هُئڻ/ جو امر واحد /هُئُه/ آهي ۽ ڌاتو /هُئه/ = (هه + اُء)
    /لُئڻ/ جو امر واحد /لُئُه/ آهي ۽ ڌاتو /لُئه/ = (ل + اُء)
    /رُئڻ/ جو امر واحد /رُءُ/ آهي ۽ ڌاتو /رُء/ = (ر + اُء)
    توڙي جو ‘لُئڻ’ ۽ ‘لوئڻ’، ‘لُڏڻ’ ۽ ‘لوڏڻ’ ۽ ‘جُڙڻ’ ۽ ‘جوڙڻ’ ٻولن جي جوڙن جي وچ ۾ معنوي فرق قائم رکيو ويندو آهي، پر عام طرح، اهڙيءَ ئي فرق کي ‘ڌُئڻ’ ۽ ‘ڌوئڻ’ ۽ ‘رُئڻ’ ۽ ‘روئڻ’ جھڙن ٻولن جي جوڙن جي وچ ۾ محسوس نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته اهي به ساڳئي اصول ۽ ترتيب هيٺ تبديل ٿين ٿا ─ ڇو؟ ۽ ڇو ‘ڌوئڻ’ جي حقيقي مفهوم کي ‘ڌوئارڻ’ يا ‘ڌوئرائڻ’ ۽ ‘روئڻ’ جي حقيقي مفهوم کي ‘روئارڻ’ جھڙن ٻولن وسيلي ظاهر ڪيو وڃي ٿو؟ (جواب گھربل ۽ مناسب هنڌ تي واضح ڪيا ويندا.) ساڳيءَ طرح ‘ڍوئڻ’ ۽ ‘ڍُئڻ’ جي وچ ۾ موجود فرق کي به نروار هجڻ گھرجي.
    ‘ج س ل’ تان ورتل ۽ هيٺ ڄاڻايل ٻولن جو ڌاتو ڌيان لهڻي ٿو:
    ‘ڀُــئـــاٽ’ (=ڀُــئــه+آٽ)، ‘ڀُــئــو’ (=ڀُــئــه+او) ۽ ‘ڀُــئــيــڪــارو’ (=ڀُئه+اِي+ڪار+او) جو ڌاتو ‘ڀُئه’ (]=ڀ+اُء[)، ‘پُئائڻ’ جو لازمي ‘حاصل مصدر’ ‘پُئڻ’ (=پُئه+اَڻ) آهي ۽ ان جو ڌاتو ‘پُئه’ (]=پ+اُء[)، ‘ڏُئاءُ’ (=ڏُء+آ+اُ)، ‘ڏُئو’ (= ڏُء+او) ۽ ‘ڏُئيڙ’ (=ڏُء+ايڙ) جو ڌاتو ‘ڏُء’ (]=ڏ+اُء[)، ‘ڊُئي’ (=ڊُء+اِي) جو ڌاتو ‘ڊُء’ (]=ڊ+اُء[)، ‘ڍُئڻ’ (=ڍُء+اَڻ) جو ڌاتو ‘ڍُء’ (]=ڍ+اُء[)، ‘ڪُئو’ (ڪُوئو)، ‘ڪُئي’، ‘ڪُئا’ (ڪُوئا) ۽ ‘ڪُيون’ (ڪُئيون) جو ڌاتو ‘ڪُئه’ (]=ڪ+اُء[)، ‘گُئاٿ’ (=گُئه+آٿ)، گُئار’ (=گُئه+آر) ۽ ‘گُئاري’ (گُئه+آر+اِي) جو ڌاتو ‘گُئه’ (]=گ+اُء[)، ‘لُئارو’ (=لُئه+آر+او)، ‘لُئارِي’ (=لُئه+آر+اِي) ۽ ‘لُئانڊو’ (=لُئه+آنڊ+او) جو ڌاتو ‘لُئه’ (]=ل+اُء[)، اهو ساڳيو ڌاتو ‘لُئو’ (=لُئه+او) ۽ ‘لُئا لائڻ’ جي ‘لُئا’ (=لُئه+آ) ۾ پڻ نظر اچي ٿو.
    ‘مُئا’، سنڌ جي هڪ ذات جو نالو، درحقيقت ‘مُئا’ ئي آهي يا ڪو ٻيو ٻول ڦري ‘مئا’ ٿيو آهي، ڄاتل ناهي پر ‘مُئا’ جو ڌاتو ‘مُئه’ (] =م+اُء[) ئي ٿيندو.
    /چُئڻ/ جو امر واحد /چُئُه/ ۽ ڌاتو /چُئه/ ] =چ + اُء[ آهي.
    ]اُء[ هڪ نيارو ۽ سنڌي ٻولن ۾ اڳ اڻ-کوجيل وائل آواز آهي.
    3. اوء
    ]اوء[ هڪ وائل آواز آهي ۽ اهو هڪ ٻه-سُرو آهي.
    ‘چئه’ ۽ ‘چاء’ تي بحث ڪندي اسان اندرئين جوڙ جو ذڪر ڪيو هو (تفصيلي بحث ‘اندريون جوڙ’ جي سري هيٺ) ۽ ٻڌايو هو ته هڪ ننڍو وائل (مثال طور: ]اَ[) ڊگھو (مثال طور: ]آ[) ٿي ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. ان ساڳي ڳالهه کي ان طرح به بيان ڪيو ويو ته ننڍي وائل (مثال طور: ]اَ[) جي جاءِ تي ڊگھو وائل (مثال طور: ]آ[) اچي ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. ڪجھ ٻولن جي معنوي فرق کي ]اُ[ ۽ ]او[ وسيلي نروار ڪيو وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ جي ڪجھ ٻولن ۾ ]اُ[ مَٽجي ]او[ ٿئي ٿو ۽ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو، جيئن: /ڀُرڻ، تُرڻ، جُڙڻ، ڏُلڻ، رُلڻ، سُرڻ، کُڙڻ، لُڏڻ/ وغيره مان /ڀورڻ، تورڻ، جوڙڻ، ڏولڻ، رولڻ، سورڻ، کوڙڻ ۽ لوڏڻ/.
    ڪجھ ٻين ٻولن ۾ به اهڙي ئي تبديلي اچي ٿي، جيئن /رُئڻ، ڌئڻ/ وغيره مان /روئڻ، ڌوئڻ/ پر ‘جامع سنڌي لغات’ ‘روئڻ’ جي معنى ۾ ‘رُئڻ’ ۽ ‘ڌُوَڻ’ جي معنى ‘ڌوئڻ’ (۽ ‘ڌُئڻ’ جي معنى ‘مير ڪڍڻ’ ۽ ‘وهنجڻ’) ڏئي ٿي جنهنڪري اهو سمجھڻو پوي ٿو ته ‘رُئڻ’ ۽ ‘روئڻ’ ۽ ‘ڌُئڻ’ (ڌُوَڻ) ۽ ‘ڌوئڻ’ جي معنائن ۽ مفهومن ۾ اهڙو ڪو به فرق موجود نه ٿو سمجھيو وڃي جو لازمي ۽ متعدي جھڙي تفريق ڪري سگھجي. جڏهن ته هڪ طرف ‘لُئڻ’ ۽ ‘ڍُئڻ’ ۽ ٻئي طرف ‘لوئڻ’ ۽ ‘ڍوئڻ’ جي معنوي فرق کي محسوس ڪندي ۽ مٿي ڄاڻايل ٻولن کي ڏسي ۽ سمجھي مڃڻو پوي ٿو ته ‘ڌُئڻ’ ۽ ‘رُئڻ’ فعل لازمي ۽ ‘ڌوئڻ’ ۽ ‘روئڻ’ فعل متعدي هجڻ گھرجن.
    /روئڻ/ جو امر واحد /روءُ/ آهي ۽ ڌاتو /روء/ = (ر + اوء)
    /ڌوئڻ/ جو امر واحد /ڌوءُ/ آهي ۽ ڌاتو /ڌوء/ = (ڌ + اوء)
    /لوئڻ/ جو امر واحد /لوءِ/ آهي ۽ ڌاتو /لوء/ = (ل + اوء)
    ]اوء[ هڪ وائل آواز آهي ۽ ]اُ[، ]او[ ۽ ]اُو[ کان فرق رکي ٿو.
    ]اوء[ اچاريندي ]او[ جي آوازي لهر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]او[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اوءِ/ چوندي ]او[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اِ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اوءِ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اوء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اوء[ اچاريندي ڄڀ کي “موڙ کائڻ” يا “گسڪڻ” جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اوء[ اچاريندي ]او[ اوريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائي ٿي ۽ ]او[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ايئن چئي سگھجي ٿو ته ]اُ[، ]اِ[ يا ]اَ[ ڏانهن وڌي ٿي پر انهن مان ڪنهن جي به بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).
    ‘ٽوئڪي’ (=ٽوء+اِڪ+اِي)، ‘ٽويو’ (=ٽوء+او)، ‘ٽوئِي’ (=ٽوء+اِي)، ‘ٽوئڻ’ (=ٽوء+اِڻ) ۽ ٽوئيلي (ٽوء+ايل+اِي) جي ڌاتو /ٽوء/ = ]ٽ+اوء[، ‘پوئڻ’ (=پوء+اڻ)، پوئر (=پوء+اِر) ۽ ‘پويَر’ (=پوء+اَر) جي ڌاتو /پوء/ = ]پ+اوء[، ‘جھوئڻ’ (=جھوء+اڻ) جي ڌاتو /جھوء/ = ]جھ+اوء[، ‘سوئڻ’ (=سوء+اڻ) جي ڌاتو /سوء/ = ]س+اوء[، ‘ڪوئڻ’ (=ڪوء+اڻ) جي ڌاتو /ڪوء/ = ]ڪ+اوء[، ‘موئڻ’ (=موء+اڻ) جي ڌاتو /موء/ = ]م+اوء[ ۽ ‘ووئڻ’ جي ڌاتو /ووء/ = ]و+اوء[ ۾ اهو وائل آواز چٽيءَ طرح پرکي سگھجي ٿو.

    4. اِء ۽ ايء
    ]اِء[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ يڪسرو آهي.
    ]اِء[ اچاريندي ]اِ[ جي آوازي لهر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اِ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اِءَ/ يا /اِءُ/ چوندي ]اِ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اَ[ يا ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اِءَ/ يا /اِءُ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اِء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اِء[ اچاريندي ڄڀ کي “موڙ کائڻ” يا “گسڪڻ” جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اِء[ اچاريندي ]اِ[ اوريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ ڏانهن هلڪو اڀار کائي ٿي ۽ ]اِ[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو (اڃا به ائين چئجي ته ڌوڏو) ڏئي ٿي.
    /نِئڻ/ جو امر واحد /نِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /نِئه/ ] =ن+اِء[
    /جِئڻ/ جو امر وحد /جِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /جِئه/ ] =ج+اِء[
    /ٿِئڻ/ جو امر واحد /ٿِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /ٿِئه/ ] =ٿ+اِء[
    ‘ج س ل’ تان ورتل ۽ هيٺ ڏنل ٻولن جو ڌاتو ڌيان لهڻي ٿو:
    ‘پِئڻ’ (پيئڻ) (=پئه+اڻ)، ‘پياس’ (=پئه+آس)، ‘پياسو’ = (پئه+آس+او)، ‘پياسي’ (= پئه+آس+اِي)، ‘پياڪ’ (=پئه+آڪ)، ‘پيالو’ = (پئه+آل+او)، پيالي (=پئه+آل+اِي)، ‘پيائين’ (=پئه+آئين)، ‘پيڄ’ (=پئه+ايڄ)، ‘پيڄِي’ (=پئه+ايڄ+اِي)، ‘پِيچ’ (=پِئه+ايچ)، ‘پِيچڻ’ (=پِئه+ايچ+اڻ)، ‘پيڻ’ (=پِئه‎+ايڻ)، ‘پِيَڻ’ (=پِئه+اڻ)، ‘پِيَڻِ’ (=پِئه+اڻ+اِ)، ‘پِيَڻِي’ (=پئه+اڻ+اِي)، ‘پِئَڻ’ (=پِئه+اڻ)، ‘جِئڏ’ (جِيئڏ) (=جِئه+اڏ)، ‘جِئندڙو’ (=جِئه+اند+ڙ+او)، ‘جيڏو’ (=جِئه+ايڏ+او)، ‘جيڏِي’ (=جِئه+ايڏ+اِي)، ‘جِئَڻ’ (جِيئڻ) (=جِئه+اَڻ)، ‘جِئاڪ’ (جِيئاڪ) (=جِئه+آڪ)، ‘ڏيَڻ’ (ڏئڻ) (=ڏِء+اَڻ)، ‘ڏيج’ (=ڏِء+ايج)، ‘ڏئڻيات’ (=ڏء+اَڻ+آت)، ‘ڏيات’ (=ڏِء+آت)، ‘ڏيب’ (=ڏِء+ايب)، ‘کِئڻ’ (=کِئه+اڻ)، ‘کِئام’ (=کِئه+آم)، ‘کِئو’ (=کِئه+او)، ‘کِئائي’ (=کِئه+آئي)، ‘کِياءُ’ (=کِئه+آءُ)، ‘گِيات’ (=گِئه+آت)، ‘گِيان’ (=گِئه+آن؟)، ‘گِياني’ (=گِئه+آن+اِي)، ‘لِيار’ (=لِئه+آر)، ‘لِئاري’ (=لِئه+آر+اِي)، ‘لِياڪو’ (لِيئاڪو) (=لِئه+آڪ+او)، ‘لِئڙ’ (=لِئه+اَڙ)، ‘لِئو’ (=لِئه+او)، ‘لِيَّ’ (سن. لِيهَ. پرا. لِئه = چنبڙڻ)، ‘ليار’، ‘ليارو’، ‘ليارِي’، ‘ليپ’ (=لِئه+ايپ)، ‘ليپڻ’ (=لِئه+ايپ+اڻ)، ‘ليس’ (=لِئه+ايس)، ‘ليسر’ (=لِئه+ايس+ار)، ‘ليسوڙو’ (=لِئه+ايس+او+ڙ+او)، ‘ليسوڙِي’، ‘نِئات’ (=نِئه+آت)، ‘نِياتِي’، ‘نِياپو’ (=نِئه+آپ+او)، ‘نئارو’ (=نِئه+آر+او)، ‘نياتي’ (=نِئه+آت+اِي)، ‘نياڻي’ (=نِئه+آڻ+اِي)، ‘نياڻو’، ‘نِئڙت’ (نِوِڙت، نِيئڙت) (=نِئه+ڙ+ت)، ‘نينڍ’ (نِيئنڍ) (=نِئه+انڍ+اَ)، ‘وِياٽو’ (=وِئه+آٽ+او)، ‘وِيَم’ (=وِء+ام)، ‘ويڙهو’ (=وِء+ايڙهه+او)، ‘هِئون’ (=هِئه+اون)، ‘هيانءُ’ (=هِئه+آن+اُ)، ‘هيانتو’ (=هِئه+آن+ت+او) وغيره.


    باب نائون : ٻول/لفظ جو عام تصور

    صورت (Form)
    ٻولياڄاڻي اصطلاح ۾ ‘صورت’ ڇا کي چئجي ٿو، ان جي وضاحت ڪندي الانا صاحب (]1987[ 17) لکي ٿو:
    • ماڻهوءَ جو ‘ ڳالهاءُ’ ڪيترن ئي معنادار جزن تي مشتمل هوندو آهي، انهن مان هر جزي کي ‘صورت’ چئبو آهي. مثال طور، “چڱو ماڻهو ڊوڙيو”. هن مثال ۾ /چڱو/، /ماڻهو/ ۽ /ڊوڙيو/ ڌار ڌار صورتون آهن.
    ‘صورت’ جي وضاحت، ‘چئمبر’س ڊڪشنري’ هن طرح ٻڌائي ٿي:
    • گرامر (وياڪرڻ) جو ڪو به عنصر جنهن مان ٻول ۽ جملا ٺاهيا ويندا آهن.
    ۽ ‘آڪسفورڊ ڊڪشنري’ موجب:
    • (آواز يا اچار دوران) ڪنهن ٻول جي اختيار ڪيل شڪل.
    ‘صورت’ جا ٻه قسم آهن:
    1) آجي (free) صورت:
    ‘آجي صورت’ لاءِ ‘پاڻَ وسِيڪي صورت’، ‘آزاد صورت’ ۽ ‘خودمختيارصورت’ جھڙا اصطلاح به ڪم آندا ويندا آهن.
    • }ڳالهائڻ دوران{ هر اهو ‘جزو’ يا هر اها ‘صورت’ جيڪا ڪنهن به رواجي ڳالهه ٻولهه ۾، اڪيلي سر يعني پنهنجي ليکي/سر }پاڻ تي ڀاڙيندي{ ڪم ايندي هجي، ۽ ٻيءَ ڪنهن به صورت جي محتاج نه هجي. مثال: /ماڻهو/، /پُٽ/، /ڄاڻ/، /ڇوڪرو/ وغيره. (الانا ]1987[ 18)
    • ... اهڙيون صورتون .... جيڪي پنهنجي سِر سالم سادا لفظ ٿي ڪم اچن ٿا جھڙوڪ }... ڪُسنگ، جانوَر، خداوند ۽ ڀاڳوان جھڙن ٻولن ۾ واريسِر{ /سنگ/، /جان/، /خدا/ ۽ /ڀاڳ/، اهڙين صورتن کي آزاد صورتون سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 112)
    2( باندي (bound) صورت:
    ‘باندي صورت’ لاءِ ‘ٻَـڌل صورت’، ‘پابند صورت’، ‘پَـروَس صورت’ جھڙا اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا.
    • ... هر اهو ‘جزو’ يا هر اها ‘صورت’، جا پنهنجي سِر اڪيلي يعني اڪيلي سِر ڪم نه ايندي هجي، پر ٻيءَ صورت يا ٻين صورتن سان گڏ ڪم اچڻ سان ئي معنادار ٿيندي هجي، يعني ته ان صورت جي معنى ۽ ان جو ڪارج ڪنهن خودمختار صورت جي ‘وس’ ۾ هجي يعني ان تي مدار رکندي هجي. ... /آسروند/، /عقلمند/، /اَڄاڻ/، /اڻهوند/، /وَڃڻو/، /پُـٽـيـتـو/، /سـچيت/، /ڏٺل/، /لکيل/ وغيره صورتن ۾ /-وند، -مند، اَ-، -ڻو، -ايتو، -سُ-، -اَل ۽ -يل/ وغيره صورتون، پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر، ڪنهن به ڳالهه ٻول ۾ ڳالهايون ڪو نه وينديون آهن، پر انهن جي ڪارج جو مدار ڪن خودمختيار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن کي ‘پر-وَس’ يا ‘پابند’ صورتون چئبو آهي.
    پروَس صورتون جڏهن ڪن خودمختار صورتن سان گڏ، اڳياڙيءَ (prefix) يا پڇاڙيءَ (suffix) جي روپ ۾ ڪم اينديون آهن، تڏهن سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب انهن جي به ضرور ڪا معنى هوندي آهي... هونئن اڪيلي سر يا پنهنجي ليکي انهن جي ڪا به معنى ڪانهي. (الانا ]1987[ 18-19)
    يعني، الانا صاحب جي راءِ موجب باندي صورت
    (1) اڪيلي سر ڪم نه ايندي آهي ۽ اڪيلي سر معنادار نه هوندي آهي،
    (2) ان جو ڪارج آجي صورت جي وس ۾ هوندو آهي، ۽
    (3) اڳجوڙ (اڳياڙيءَ،prefix ) يا پُٺجوڙ (پڇاڙيءَ، suffix) جي روپ ۾ ڪم اچي ٿي ۽ معنادار ٿئي ٿي.
    جتوئي صاحب (]1983[ 112) /سچار، ڪنڀار، لوهار، چمار، ڌڻار، سچيرو/ جھڙن ٻولن کي مثال طور پيش ڪندي چوي ٿو: “ٻيون اهڙيون صورتون آهن جيڪي پنهنجي منهن لفظ ٿي ڪم اچي نه ٿا سگھن مگر ٻين صورتن سان ملي لفظ ٿي پون ٿا، جھڙوڪ /سَچۡ/، /ڪُنڀۡ/ .... /-آر/، /-ايرو/ وغيره. اهڙين صورتن کي پابند }صورتون{ (bound forms) سڏجي ٿو.”
    يعني، جتوئي صاحب جي راءِ موجب باندي صورت
    (1) اڪيلي سر لفظ ٿي ڪم نه ٿي اچي، ۽
    (2) ٻيءَ صورت يا ٻين صورتن سان ملي لفظ ٿئي ٿي.
    جتوئي صاحب ‘معنى’ ۽ (اڳ- يا پُٺ-) ‘جوڙ’ هجڻ يا نه هجڻ جو شرط نه ٿو رکي. سندس خيال آهي ته /سَچۡ-، ڪُنڀۡ-، لوههۡ، چَمۡ-، ڌَڻۡ-/ وغيره صورتون جيئن ته پنهنجي منهن ‘لفظ’ ٿي ڪم نه ٿيون اچن تنهنڪري باندي صورتون آهن ۽ اهي ‘لفظ’ تڏهن ٿينديون جڏهن ڪنهن ٻيءَ صورت سان ملن. الانا صاحب شرط رکي ٿو ته باندي صورت اڳ- يا پٺ- جوڙ ٿي ڪم اچي ٿي ۽ پوءِ اتي ان لفظ/ٻول ۾ معنادار ٿئي ٿي، اڪيلي صورت هئڻ جي حالت ۾ ان جي ڪا به معنى نه آهي. هتي سوال ٿو اٿي ته ڇا /سَــچۡ-، چَـمۡ-، ڪُنڀ-، ڌَڻۡ-/ وغيره صورتن جي اڪيلي سر ڪا به معنى نه آهي؟ جي معنى آهي، ته الانا صاحب پاران ڏنل وصف موجب انهن صورتن کي باندي صورت سڏي نه ٿو سگھجي. پر جتوئي صاحب معنى جو ڪو به شرط نه ٿو رکي، پاڻ رڳو اڪيلي سر ڪم اچڻ جو شرط رکي ٿو يعني اهي يا اهڙيون صورتون جيڪڏهن اڪيلي سر ڪم اينديون ته انهن کي باندي صورت نه چئبو ۽ لفظ/ٻول چئبو.
    “هو ته سچ پچ سمهيو پيو آهي.”
    ان جملي ۾ /سَچ/ جي آوازن تي ڌيان ڏيو. ڇا ان جملي ۾ استعمال ٿيل ٻول /سَچُ/ (]=س+اَ[+]چ+اُ[) آهي يا /سَچۡ/ (]=س+اَ[+]چ[)؟ ۽ ڇا ان جملي ۾ /سچ/ جي ڪا معنى آهي يا نه؟
    ليکڪ جي راءِ موجب ان جملي ۾ ڪم آيل ٻول /]س+اَ[+]چ[/ آهي ۽ جملي ۾ انهيءَ جي هڪ معنى به آهي، تنهنڪري /سَچۡ/ ۽ اهڙين ٻين صورتن کي ‘باندي صورت’ سڏي نه ٿو سگھجي. اهڙين ڪجھ صورتن جو ذڪر ‘سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت’ واري باب ۾ ڪيو ويو آهي ۽ ٿورو بحث “ٻول/لفظ” جي وصف بيان ڪرڻ کان پوءِ ڪنداسون.
    /پروَس/ ٻول ۾ /پَر/ ۽ /وَس/ کي ٻه آجيون صورتون قرار ڏيندي /پروَس/ کي الانا صاحب هڪ مرڪب يا ڳوپ (compound) ٻول قرار ڏئي ٿو (وڌيڪ بحث ‘ڳوپ ٻول’ جي سري هيٺ)، پر /پرديس، پرڏيهه، پرذات، پرکنڊ، پرمار ۽ پرواس/ جھڙن ٻولن ۾ /پر/ کي هڪ آجي صورت سڏبو يا باندي؟ ڄاڻايل ٻولن ۾ /پر/ هڪ اڳجوڙ طور ڪم آيل آهي.
    /ڏُڪر يا ڏڪار/ ۽ /سُڪر يا سڪار/ ۾ /ڪر يا ڪار/ هڪ آجي صورت آهي پر /کنگھڪر يا کنگھڪار/ ۾ /ڪر يا ڪار/ کي هڪ آجي صورت سڏبو يا باندي؟ ڄاڻايل ٻول ۾ /ڪر يا ڪار/ هڪ پٺجوڙ آهي. ليکڪ جي نظر ۾ اهڙا ڪي ئي اڳجوڙ ۽ پٺجوڙ ٿي ڪم ايندڙ ٻول موجود آهن جيڪي اڪيلي سر به هڪ معنى کي ظاهر ڪن ٿا (تفصيلي بحث “جوڙ” جي سري هيٺ).
    هاڻي، اسان جي آڏو هڪ ٻول /اڻاٺ/ آهي.
    (1) /پاڻياٺ، لوڻاٺ، ڪلراٺ/ وغيره ٻولن ۾ /-آٺ/ هڪ پٺجوڙ آهي ۽ ٻول جي اشتقاق ۾ واسطيدار شيءِ جي “هجڻ”، “جھڙو”، “وارو” جي معنى پڌري ڪري ٿو.
    (2) /اڻپورو، اڻ ڌوتل، اڻپڇيو، اڻهوند/ وغيره ٻولن ۾ /اڻ-/ هڪ اڳجوڙ آهي ۽ ٻول جي اشتقاق ۾ “نه”، “کان سواءِ”، “ڪجھ کُٽل” وغيره جي معنى ڏئي ٿو.
    /آٺ/ ۽ /اڻ/ (اڳ- يا پٺ-) جوڙ ٿي ڪم اچڻ باوجود ڇا اڪيلي سر ڪا معنى رکن ٿا يا نه؟
    ‘جامع سنڌي لغات’ ٻڌائي ٿي:
    • آٺِ ج آٺون: ث. ]سن. آوَشيش = بقايا، اوبر[ ڪنهن شيءِ جو اڇلائڻ يا نه کائڻ جھڙو حصو. ڇيڇڙو (گوشت جو)- اوٺ. بچيل کاڌو - جُوٺِ - اوبر. پڇاڙيءَ واري ڳالهه. دنگ - حد - ڇيهه.
    - آٺ تي بيهڻ: ...
    • آٺو: ]سن. اُڇّشَٽ = اوبر؛ اَشُد = ناپاڪ[ ...
    (نوٽ: ليکڪ کي ڄاڻايل ڌاتن سان اختلاف ڪري سگھڻ جو حق آهي.)
    ‘آوشيش’، ‘اَڇشٽ’ ۽ ‘اَشُد’ کي /آٺ/ جو بنياد قرار ڏيندڙ ‘ج س ل’ وڌيڪ ٻڌائي ٿي:
    • آٺرڻ : مصدر. ]سن. 1- آسۡتَرنۡ ( آ = چڱيءَ طرح + سۡٿا = چُرڻ کان بس ڪرڻ، بيهڻ)، 2- آشۡتَريه = مٿي تَرِي بيٺل[ ...
    • آٺارڻ : ‘آٺرڻ’ مصدر مان متعدي ]سن. آ= چڱيءَ طرح + سۡٿِر = قائم ...[
    • آٺيرڻ : ‘آٺرڻ’ مصدر مان متعدي ...
    • آٺڻ : مصدر ]سن. آسۡٿَرن = آٺرائڻ[ ...
    (نوٽ: معلوم ٿيو ته /آٺ/ جو ڌاتو ‘ آوشيش’، /آٺو/ جو ڌاتو اڇشٽ يا ‘اشد’، /آٺرڻ/ جو ڌاتو ‘آسترن’ يا ‘آسٿا’ يا ‘آشتريه’ ، /آٺارڻ/ جو ڌاتو ‘آسٿر’ ۽ /آٺڻ/ جو ڌاتو ‘آسٿرن’ آهي يعني ڌاتو جي حوالي سان ‘آٺ’ جو ‘آٺو’ سان ۽ انهن ٻنهي جو ‘آٺڻ’ سان ڪو تعلق ناهي!)
    ‘آٺ’ جي حقيقي بناوت ڪيئن آهي، انهيءَ کي الڳ رکندي، ليکڪ چوڻ اهو ٿو چاهي ته انهن سڀني ٻولن جو ڌاتو (يا ترت ڌاتو) /آٺ/ معلوم ٿئي ٿو ۽ ان جي نه رڳو هڪ معنى آهي پر پنهنجي سر سادي صورت طور ڪم به اچي ٿو.
    اچو ته /اَڻ/ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيون. ‘ج س ل’ ٻڌائي ٿي:
    • اَڻو ج اَڻا: ذ. ]سن. اَڻ = ذرو[ تمام ننڍو ذرو. ذرڙو. جزو ...
    • اڻوٺِ: ث. ڪمي - قلت - اڻاٺ.
    • اڻوٺائي ج اڻوٺايون: برسات جي ڪمي ...
    /اَڻو/ = /اَڻ + او/. /آٺو/ = /آٺ + او/
    /اَڻ/ انهن ٻولن ۾ ڌاتو طور ڪم آيل آهي ۽ ان جِي نه رڳو هڪ معنى آهي پر پنهنجي سر هڪ سادي صورت طور به ڪم اچي ٿو.
    ان ڪري اهو تصور ته باندي صورت اڪيلي سر لفظ/ٻول ٿي ڪم نه ٿي اچي يا لفظ جي اشتقاق کان ٻاهر ان جي ڪا به معنى نه آهي، هڪ غلط تصور معلوم ٿئي ٿو.

    رُوپيو (Morpheme)
    عام طرح ڪم ايندڙ اصطلاح ‘صرفيه’ ۽ ‘صرفيو’ آهن.
    هر ان ٻولياڄاڻي (لسانياتي) ايڪي کي رُوپيو (صرفيه، صرفيو) سڏجي ٿو جنهن جي ڪا نه ڪا معنى هجي. جتوئي صاحب (]1983[ 112) بِي.بلاخ ۽ جِي.ايل.ٽرئگر جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته هر اها اچاريل صورت جا آزاد هجي يا پابند، جنهن کي مطلب وارن جزن يا ٽڪرن ۾ ورهائي نه سگھجي تنهن کي صرفيه }روپيو{ سڏجي ٿو. ڪي عالم ساڳيءَ ڳالهه کي ٻين لفظن ۾ هيئن به بيان ڪن ٿا ته ‘روپيو’ اهو ننڍي ۾ ننڍو معنادار جزو آهي جنهن ۾ ڪنهن به هڪ ٻول کي ورهائي سگھجي ─ هر آجي توڙي باندي صورت هڪ ‘روپيو’ سڏجي ٿي. /سُپتيو، ڪُپتيو، ڏُچَر، اڄاڻ، عقلمند، آسروند ۽ ڏٺل/ جھڙن ٻولن ۾ /سُ-، ڪُ-، ڏُ- ۽ اَ-/ جھڙا اڳڄوڙ /پت، چَر، ڄاڻ، عقل ۽ ڏٺ/ جھڙيون آجيون صورتون ۽ /-مند، -وند ۽ -ال/ جھڙا پٺجوڙ هڪ هڪ روپيو آهن.

    ننڍي ۾ ننڍو معنادار ايڪو
    • ننڍي ۾ ننڍي معنادار جزي مان مراد اهو جزو آهي جيڪو اڳتي وڌيڪ ڇيد ڪرڻ سان يعني ڀڃڻ سان وڌيڪ معنادار جزن ۾ ورهائي نه سگھجي پر جيڪڏهن ان کي اڳتي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪبي ته حاصل ٿيل جزن جي }بڻائتي{ معنيٰ ۾ فرق اچي ويندو يا مورڳو ان جي ڪا به معنى نه رهندي. (الانا ]1987[ 20، ايڇ.اي.گليسان جي حوالي سان)
    • ابتدائي لفظن کي سادا لفظ (Simple words) به سڏبو آهي. اِهي اُهي لفظ آهن جن جي صورت کي ٽوڙي نه ٿو سگھجي. جيڪڏهن ٽوڙبو ته ان جا جزا بي مطلب (meaningless) ٿي پوندا (“مطلب” مان هتي مراد لغوي معنى نه آهي مگر اهڃاڻي معنى آهي) مثلاً /کَٽَ/ جا ٻه جزا ٿي سگھن ٿا: هڪ /کَ/ ۽ ٻيو /ٽَ/. اهي ٻئي اتي بي مطلب آهن. /رستو/ جا ٻه جزا /رس/ ۽ /تو/ آهن ۽ اهي ٻئي اتي بي مطلب آهن. ڇاڪاڻ ته سادي لفظ جي صورت کي گھٽائي ان مان ڪو به سالم لفظ معنى وارو ڪڍي نه ٿو سگھجي، تنهنڪري کيس ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت (minimum free form) به سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 110، بي.بلاخ ۽ جي.ايل.ٽرئگر جي حوالي سان)
    /اَڄاڻ/ کي وڌيڪ /اَ-/ ۽ /-ڄاڻ/ ۾ ڀڃي سگھجي ٿو جن مان هر هڪ جي ٻول جي اشتقاق ۾ هڪ معنى آهي پر /ڄاڻ/ کي اڃا وڌيڪ ٻن جزن /ڄا/ ۽ /ڻ/ ۾ ڀڃيو ته اتي اهي ٻئي جزا بي معنى هوندا.
    ‘ننڍي ۾ ننڍي معنادار ايڪي’ جي مٿي ڏنل وصف کي ذهن ۾ رکي جتوئي صاحب پاران باندي صورت طور ڏنل ڪجھ مثالن جيئن: /سَچۡ-، ڪُنڀۡ-، چَـمۡ-، ڌَڻۡ-/ وغيره تي هڪ ڀيرو وري سوچڻ جي دعوت ڏجي ٿي. ڇا اهي ننڍي ۾ ننڍي معنادار جزي جي وصف تي پورا نه ٿا لهن؟ جي، “ها” (۽ ليکڪ “ها” ئي چوي ٿو) ته انهن کي “سادو لفظ” مڃڻو پوندو.
    /سَچۡ، ڪُنڀۡ، ڌَڻۡ، چَمۡ/ + /اُ/ = سچُ، ڪنڀُ، ڌڻُ، چَمُ
    ........ + /اَ/ = سچَ، ڪنڀَ، ڌڻَ، چمَ
    ڏسي سگھجي ٿو ته /اُ/ ۽ /اَ/ ٻول ۾ واحد ۽ جمع (۽ مذڪر) جو مفهوم وڌائن ٿا، ٻول جي بنيادي معنى جيئن جو تيئن برقرار رهي ٿي. چئبو ته انهن ٻولن کي پنهنجي هڪ معنى آهي ۽/پر اهي پنهنجيءَ ڌاتوئي صورت ۾ عدد ۽ جنس کي ظاهر نه ٿا ڪن. سنڌي ٻولي جو هر ڌاتو ٻول، هر هر ثابت ٿيندو ته، پنهنجيءَ اصولي صورت ۾ ڪنهن به عدد، جنس ۽ حالت کي ظاهر نه ٿو ڪري. (تفصيل لاءِ ڏسو ‘سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت’ ۽ ‘ڌاتو ٻول’ جي سري هيٺ)

    ٻول/لفظ (Word)
    بي.بلاخ ۽ جي.ايل. ٽرئگر جي حوالي سان آندل، ‘لفظ’ جي هيٺ ڏنل تشريح کي الانا صاحب (]1987[ 21) “نئين” ۽ “انوکي” سڏي ٿو:
    • لفظ (مفرد) اها ننڍي ۾ ننڍي خودمختيار يا آزاد صورت آهي جنهن کي اڳتي ٻين ننڍن بامعنى يا معنادار صورتن (خودمختيار يا پروس) ۽ جزن ۾ هرگز ڀڃي نه سگھي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ننڍي ۾ ننڍي بامعنى خودمختيار صورت کي “لفظ” (مفرد) چئبو.
    ڌيان سان ڏٺو وڃي ته اها لفظ/ٻول جي وصف ناهي، اها ته ‘مفرد لفظ’ يعني ‘سادي ٻول’ جي وصف آهي ۽ ان ڪري ئي الانا صاحب کي ڏنگيءَ ۾ “مفرد” لکڻو پئجي ويو آهي. اصولن، لفظ/ٻول جي وصف اهڙي هئڻ گھرجي جيڪا رڳو “مفرد” لفظ جي وصف ۽ وضاحت تائين محدود رهجي ويل نه هجي پر ٻول جي سمورن قسمن کي گڏيل نموني بيان ڪندي هجي.
    پاڻ الانا صاحب (]1987[ 33) جيڪا وضاحت ڏني آهي اها ڪي قدر وڌيڪ بهتر معلوم ٿئي ٿي:
    • “لفظ” مفرد يا خودمختيار صرفيه، يا خودمختيار صرفيه ۽ پروس صرفيه جي ميل، يا ٻن يا ٻن کان وڌيڪ صرفين جي ملائڻ سان ٺهن ٿا.
    ان جي ڀيٽ ۾ اڃا وڌيڪ بهتر وصف جتوئي صاحب (]1983[ 110) ٻڌائي ٿو:
    • لفظ اهو اچاريل ايڪو آهي جيڪو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾ بامعنى مستقل حيثيت رکي ٿو.
    ‘ٻول’ ڳالهايل ٻوليءَ جو هڪ ايڪو آهي. اهڙي قسم جي اورپ (utterance) کي ظاهر ڪندڙ، لکيل نشان ‘لفظ’ آهي. آواز يا آوازن جو اهو ميڙ جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ جي گرامر يا ٻول-کاڻ (Vocabulary) جو ايڪو جوڙيندڙ هجي. هڪ ٻول ٻوليءَ جو اهو ننڍي ۾ ننڍو يا وڏي ۾ وڏو ايڪو آهي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن هڪ ننڍي ۾ ننڍي خودمختيار معنادار جزي کان ويندي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ آجين توڙي باندي صورتن تي ٻَڌل ٿي سگھي ٿو.

    ٻول جا قسم
    1. پهريت (Primary) ٻول
    (ڪٿي ‘ڌاتو’ ته ڪٿي ‘بنيادي’ ۽ ڪٿي ڪٿي ‘سادو’، ‘ابتدائي’ يا ‘مفرد’ لفظ پڻ ساڳئي مفهوم ۾ ڪم آندا وڃن ٿا.)
    ننڍي ۾ ننڍو معنادار جزو/ايڪو ۽ هڪ آجي صورت رکندڙ ٻول کي ‘پهريت’ سڏجي ٿو يعني جيڪو پاڻ يڪي سِر، هيڪلِي، پاڻ تي ڀاڙيندڙ صورت رکندو هجي، پاڻ ڌاتو (پاڙ، بنياد، اصل، Root) هجي ۽ اهڙي ئي حيثيت ۾ ڪم آيل هجي ـــــــ اهو ٻول جنهن کي وڌيڪ معنادار جزن ۾ ٽوڙي نه سگھجي ۽ جنهن سان ڪا به باندي صورت مليل نه هجي.
    • ابتدائي لفظ اهي آهن جن مان ٻيا لفظ ٺهي نڪرن، ۽ خود ٻئي مان ٺهيل نه هجن. سنڌي زبان ۾، جيئن اڳي ٻڌايو ويو آهي، لفظ /وڏائي/ ٺهي نڪتو آهي /وڏو/ مان، تنهنڪري وڏو ابتدائي لفظ آهي ۽ وڏائي ثانوي لفظ آهي. (جتوئي ]1983[ 110)
    • اهو لفظ، جو هڪ ئي خومختيار صورت وارو هجي، ۽ جنهن سان ڪا به پروَس صورت ملايل نه هجي، اهڙي لفظ کي “مفرد لفظ” چئبو آهي. ماهرن اهڙن لفظن کي بنيادي لفظ (Primary word) به سڏيو آهي. (الانا ]1987[ 24، ايل.بلومفيلڊ جي حوالي سان)
    الانا صاحب ](1987[ 23 ۽ 24) /ڇوڪر، پيءُ، پُٽ، پَت، هاٿي، ڄاڻ، ننڍو/ وغيره کي “مفرد” لفظ جو مثال سڏي پيش ڪري ٿو. جتوئي صاحب /وڏو/ جو مثال آڻي ٿو.
    ڇا اهو درست آهي ته /وڏو ۽ ننڍو/ سان ڪا به پروَس صورت يا ڪو رُوپيو (صرفيو) يا ڪو وائيو (صوتيو، Phoneme) مليل ناهي؟ جي ائين درست آهي ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته /وڏِي ۽ ننڍِي، وڏا ۽ ننڍا، وڏيون ۽ ننڍيون/ ۽ اهڙيءَ طرح ٺهندڙ ٻين ڪيترن ئي ٻولن سان پڻ ڪا به ٻي صورت يا ڪو به ٻيو روپيو يا ڪو به ٻيو وائيو مليل ناهي ۽ اهي پڻ “مفرد”، “پهريت” يا “سادا” ٻول آهن؟ (انهيءَ موضوع کي اسان ايندڙ صفحن ۾ بحث هيٺ آندو آهي.)
    2. ٻِئيت (Secondary) يا ڳنڍڙ (Composite) ٻول
    (ڪٿي ‘ثانوي’ ۽ ‘رِلمل’ اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا.)
    ڪنهن به آجي ۽ باندي صورت جي مليل يا ڪن به آجين ۽ باندي صورتن جي ميلاپ يا ڪن آجين صورتن جي گڏپ توڙي ڪن به صورتن جي تڪرار/ورجاءَ وسيلي وجود ۾ آيل ٻولن کي ‘ٻئيت’ يا ‘ڳنڍڙ’ سڏجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن به چئي سگھجي ٿو ته ‘پهريت’ ٻول کان سواءِ ٻيو هر قسم جو ٻول ٻئيت يا ڳنڍڙ ٻول آهي.

    ٻول/لفظ (Word)

    پهريت (Primary) ٻئيت (Secondary) يا ڳنڍڙ (Composite)

    ڳُتيل (Comlex) ڳوپ/مرڪب (Compound)


    (الف) ڳُتيل ٻول
    (‘مرتب لفظ’ ۽ ‘پيچيدو لفظ’ پڻ ساڳئي مقصد لاءِ ڪم ايندڙ اصطلاح آهن.) اهو ٻول جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ باندي صورتون شامل هجن انهن کي ‘ڳتيل’ ٻول چئجي ٿو.
    الانا صاحب (]1987[ 24-25) ڳتيل ٻول کي تمام گھڻي تشريح سان بيان ڪري ٿو ۽ ڪيئي مثال ڏئي ٿو، جيئن: /سپت، واڄٽ، پٽيتو، کٽمٺڙو، اڻهوند، اڄاڻ، اڻڄاڻپ، ڏتڙ، سڄڻ، سچيتائي، ڪپيتو/ ۽ انهن ۽ اهڙن ڪيترن ئي ٻولن جون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون، جيئن: /س-، ٽ-، -ايتو، -ڙو، اڻ-، اَ-، ڏُ-، سُ- ۽ ڪُ-/ کي ڌار ڪندي باقي ٻول کي “مفرد” قرار ڏئي ٿو. سندس ئي ڏنل ڪسوَٽيءَ تي ليکڪ جڏهن سندس ڄاڻايل مثالن کي پرکي ٿو تڏهن ڪيترائي مثال کوٽا ثابت ٿين ٿا. (انهن جو ذڪر ڳوپ/مرڪب ٻول جي وضاحت کان پوءِ ڪيل آهي.)
    • پيچيدا (Complex) لفظ اهي آهن جن کي جيڪڏهن ٽوڙبو ته ان جا جزا مطلب وارا ٿيندا، اگرچ اهي سالم لفظ نه به هجن. مثلاً /سچار/ لفظ کي ٻن ٽڪرن ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو: هڪ /سَچۡ-/ ۽ ٻيو /-آر/. اهي ٻئي سالم لفظ ناهن. /سَچۡ-/ جو سالم لفظ /سَچُ/ آهي ۽ /-آر/ جو سالم لفظ /ڪار/ آهي. اگرچ /سَچۡ-/ ۽ /-آر/ سالم لفظ ناهن تڏهن به اهي اچاريل ٽڪرا وري وري ٻين لفظن ۾ ڪم اچن ٿا ۽ مطلب وارا آهن.
    هيٺين لفظن ۾ /سَچۡ-/ اچي ٿو:
    سچائي = /سَچۡ- + -آئي/
    سچِي = /سَچۡ- + -اِي/
    سچُو = /سَچۡ- + -اُو/
    سچيرو = /سَچۡ- + -ايرو/
    مٿين لفظن ۾ /سَچۡ-/ هڪ پد آهي جو بنيادي صورت طور انهن ۾ نظر اچي ٿو. کيس بنياد يا پيڙهه (Base) سڏجي ٿو. (جتوئي (1983) 111)
    /سَچۡ-/ (1) “بنيادي صورت طور نظر اچي ٿو”،
    (2) “بنياد يا پيڙهه سڏجي ٿو”،
    (3) “سالم لفظ ناهي”، ۽
    (4) “مطلب وارو آهي”.
    ڇا انهن چئني فقرن ۾ هڪ تضاد موجود ناهي؟
    /سَچۡ-/ جيڪڏهن ابتدائي ۽ سادو لفظ ناهي ته بي مطلب ڇو ناهي؟ (ڏسو ‘ننڍي ۾ ننڍو معنادار ايڪو’ هيٺ جتوئي صاحب جو ڏنل ٽڪرو.)
    (1) ڇا /سَچۡ-/ ننڍي ۾ ننڍي بامعنى صورت ناهي؟
    (2) ڇا /سَچۡ-/ ڪيترن ئي ٻولن ۾ بنياد يا پيڙهه ناهي؟
    (3) ڇا /سَچۡ-/ کي وڌيڪ معنادار جزن ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو؟
    انهن ٽنهي سوالن جو جواب ڳولڻ کان پوءِ سولائيءَ سان ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته /سَچۡ-/ ئي ابتدائي، سادو، مفرد، پهريت ٻول هئڻ گھرجي ۽ ان ئي صورت کي “سالم” سمجھڻو پوندو.
    • /سَچۡ/+/اُ/ = سچُ (}اُ{ جي وڌڻ سبب واحد ۽ مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)
    +/اَ/ = سچَ (}اَ{ جي وڌڻ سبب جمع ۽ مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)
    (اهي اسم ذات جا مثال آهن.)
    +/او/ = سچو (}او{ جي وڌڻ سبب واحد مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)
    +/آ/ = سچا (}آ{ جي وڌڻ سبب جمع ۽ مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)
    +/اِي/= سچِي (}اِي{ جي وڌڻ سبب واحد ۽ مونث جي نشاندهي ٿئي ٿي)
    +/اُون/ = سچيون (}اُون{ جي وڌڻ جي سبب جمع ۽ مونث جي نشاندهي ٿئي ٿي)
    (اهي سڀ اسم صفت جا مثال آهن.)
    +/اي/ = سچي
    +/اَنۡ/ = سچن
    +/ال/ = سچل
    +/آڻ/ = سچاڻ + /اِي/ = سچاڻِي
    +/آرۡ/ = سـچـارۡ + /اُ/ = سچارُ
    + /اَ/ = سچارَ
    + /او/ = سچارو
    +/آئتۡ/ = سچائتۡ + /او/ = سچائتو
    + /اِي/ = سچائتي
    • /سَچۡ/: هڪ ڌاتو، هڪ يڪپدو ٻول. بي عدد ۽ بي جنس (نادر، neuter)
    جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ٿو ته /سَچۡ/ نه، پر /سَچُ/ ئي ‘سالم’ لفظ آهي ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته سالم لفظ سدائين مذڪر ۽ واحد هوندو آهي. اتي وري ٻيو سوال اٿي ٿو ته اهو سالم لفظ اسم ذات ئي هوندو آهي يا اسم صفت به ٿي سگھي ٿو؟
    /سَچُ/ ئي ڇو ‘سالم’ لفظ آهي، /سَچو/ ڇو ناهي؟
    /وڏو/ ئي ڇو ‘ابتدائي’ لفظ آهي، /وَڏَ/ ڇو ناهي؟
    • /وَڏۡ/ + /اَ/ = وَڏَ
    + /او/ = وڏو
    + /اِي/ = وڏِي
    + /آ/ = وڏا
    + /اُون/ = وڏيون
    + /اي/ = وڏي
    + /انۡ/ = وڏن
    + /اڙۡ/ = وڏڙۡ + /او/ = وڏڙو
    + /آ/ = وڏڙا
    + /اِي/ = وڏڙِي
    + /اُون/ = وڏڙيون
    + /اي/ = وڏڙي
    + /اَنۡ/ = وڏڙن
    + /آئي/ = وڏڙائي
    + /ايرۡ/ = وڏيرۡ + /اُ/ = وڏيرُ
    + /اَ/ = وڏيرَ
    + /او/ = وڏيرو
    + /آ/ = وڏيرا
    + /اِي/ = وڏيري
    + /اُون/ = وڏيريون
    + /اي/ = وڏيري
    + /اَنۡ/ = وڏيرن
    + /ڪ/ = وڏيرڪ + /او/ = وڏيرڪو
    + /آ/ = وڏيرڪا
    + /اِي/ = وڏيرڪِي
    + /اُون/ = وڏيرڪيون
    + /اي/ = وڏيرڪي
    + /اَنۡ/ = وڏيرڪن
    + /آئي/ = وڏائي
    + /آڻۡ/ = وڏاڻۡ + /اِ/ = وڏاڻِ
    + /اُ/ = وڏاڻُ
    + /اَ/ = وڏاڻَ
    • /وَڏ/: هڪ ڌاتو، هڪ يڪپدو ٻول. بي عدد ۽ بي جنس (ناڌر)
    الانا صاحب، ساڳيءَ طرح، “مفرد” لفظ جي مثال ۾ /ننڍو/ آندو آهي. ان کي جيڪڏهن جتوئي صاحب جي مثالن تي ڪيل بحث جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته ان جو ‘سالم’ لفظ /ننڍُ/ يا /ننڍَ/ ٿيندو. ڇا /ننڍو/ هڪ “مفرد” ٻول آهي؟
    • /نَنڍۡ/ + /اَ/ = ننڍَ
    + /او/ = ننڍو
    + /آ/ = ننڍا
    + /اِي/ = ننڍي
    + /اُون/ = ننڍيون
    + /اي/ = ننڍي
    + /اَنۡ/ = ننڍن
    + /اڙ/ = ننڍڙ + /او/ = ننڍڙو
    + /آ/ = ننڍڙا
    + /اِي/ = ننڍڙِي
    + /اُون/ = ننڍڙيون
    + /اي/ = ننڍڙي
    + /اَنۡ/ = ننڍڙن
    + /آئي/ = ننڍڙائي
    + /ايرۡ/ = ننڍيرۡ + /اُ/ = ننڍيرُ
    + /اَ/ = ننڍيرَ
    + /او/ = ننڍيرو
    + /آ/ = ننڍيرا
    +/اِي/ = ننڍيرِي
    + /اُون/ = ننڍيريون
    + /اي/ = ننڍيري
    + /اَنۡ/ = ننڍيرن
    + /ڪ/ = ننڍيرڪ + /او/ = ننڍيرڪو
    + /آ/ = ننڍيرڪا
    + /اِي/ = ننڍيرڪِي
    + /اُون/ = ننڍيرڪيون
    + /اي/ = ننڍيرڪي
    + /اَنۡ/ = ننڍيرڪن
    + /آئِي/ = ننڍائي
    • /نَنڍۡ/ : هڪ ڌاتو، هڪ يڪپدو ٻول. بي عدد ۽ ناڌر.
    /وڏو ۽ ننڍو/ جيڪڏهن ڪنهن به طرح مفرد، ابتدائي، پهريت ٻول آهن ته /سچو/ ڇو پهريت ٻول ناهي؟، ۽ /سَچُ/ ڇو آهي؟ ۽ جي /سَچُ/ ئي پهريت ٻول آهي ته /وڏَ ۽ ننڍَ/ ڇو پهريت ٻول ناهن ۽ /وڏو ۽ ننڍو/ ڇو پهريت ٻول آهن؟ ڇا ڪنهن به ٻول جي جيڪا به ننڍي ۾ ننڍي صورت، جيڪا مذڪر ۽ واحد ئي هجي، هروڀرو اها ئي ڌاتو، پهريت ڌاتو ٿيندي؟ /وڏِي، ننڍِي ۽ سچي/ کي ڇو پهريت نه سمجھيو وڃي؟
    /سَچُ ۽ سچو/ جيان /وڏو ۽ ننڍو/ به ڳنڍڙ ٻول آهن. انهن کي ‘ڳتيل ٻول’ جي درجيبنديءَ ۾ رکڻ گھرجي.

    (ب) ڳوپ ٻول
    ڳوپ يا مرڪب اهو ٻول آهي جيڪو ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آجيون صورتون شامل رکندو هجي ۽ ساڻس ڪا به باندي صورت مليل نه هجي.
    • مرڪب }ڳوپ{ لفظ ان کي چئبو آهي جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خودمختيار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هجن. اهڙن لفظن يعني مرڪب لفظن سان پروَس صورتن جو گڏجڻ بلڪل ممڪن نه آهي.
    مرتب }ڳتيل{ ۽ مرڪب }ڳوپ{ لفظن ۾ اهو ئي ته خاص فرق آهي يعني مرتب لفظ اهو آهي جنهن سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل هجن... پر مرڪب لفظ جي حالت ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خودمختيار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هونديون آهن، ليڪن ان سان ڪا به پروَس صورت گڏيل ڪا نه هوندي آهي؛ مثال طور: /گھرڌڻي، آگگاڏي ۽ پروَس/ لفظ. ڪڏهن ڪڏهن مرڪب لفظ سان ڪا موزون پروَس صورت ملائي، ان مان به مرتب لفظ ٺاهبو آهي؛ جيئن /پروسيڪو/ لفظ ۾ /پروَس/ مرڪب لفظ سان /-اِڪو/ پڇاڙي ملائي، مرتب لفظ ٺاهيو ويو آهي؛ تنهنڪري /پروسيڪو/ لفظ کي مرتب لفظ چئبو ۽ /پروس/ کي مرڪب لفظ چئبو. (الانا ]1987[ 30)
    الانا صاحب ڳتيل ۽ ڳوپ ٻولن جي ٻڌايل ڪسوٽيءَ تي مرزا قليچ بيگ، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ٻين عالمن پاران پيش ڪيل مثالن کي پرکي ٿو ۽ ڪارائتي ڇنڊڇاڻ پيش ڪري ٿو پر پاڻ جن ڳوپ ٻولن جا جيڪي به مثال ڏئي ٿو انهن مان گھڻا، ليکڪ جي ڄاڻ ۽ ڇنڊڇاڻ پٽاندر، سندن ئي ڏنل ڳوپ ٻول واري تشريح سان سهمت ٿيندي نظر نه ٿا اچن. انهن جو جائزو وٺڻ کان اڳ جتوئي صاحب (]1983[ 113) جي هڪ راءِ:
    • مرڪب لفظ اهي آهن جن جي صورتن کي ٽوڙبو ته اهي سادا لفظ ٿي پوندا جن جي نرالي معنى هوندي ۽ آزاد صورت رکندا. جھڙوڪ:
    ڪمبخت = /ڪم + بخت/
    جھنگ ٻلو = /جھنگ + ٻلو/
    لٺ سردار = /لٺ + سردار/
    هٿ ڪڙي = /هٿ + ڪڙي/
    سَوپيري = /سَو + پيري/
    نمڪ حرام = /نمڪ + حرام/
    ڀڳوانداس = /ڀڳوان + داس/
    ورڪشاپ = /ورڪ + شاپ/
    جتوئي صاحب اهو به مڃي ٿو ته “پيچيدا لفظ اهي آهن جن جي صورتن کي مطلب وارن ڀاڱن ۾ ورهائي سگھبو. سڀ جزا يا پابند صورتون رکندا يا انهن مان هڪ آزاد صورت هوندي. ازانسواءِ انهن مان هڪ صورت، بنياد يا پيڙهه طور ڪم آيل هوندي ۽ ٻيون جوڙ طور استعمال ٿيل هونديون، جنهن جو صاف ۽ چٽو مطلب هي آهي ته ڪنهن به ڳوپ ٻول ۾ ڪا به باندي صورت مليل نه هوندي ۽ جي مليل هوندي ته اهو ٻول ڳوپ نه هوندو، ڳتيل (مرتب، پيچيدو) هوندو. سندس ان راءِ جي روشني ۾ /سچائي، سچيرو/ وغيره مثالن کي جاچيو ته اتي /سَچۡ-/ “بنيادي صورت طور نظر اچڻ” بدران “بنيادي يا پيڙهه طور ڪم آيل” آهي.
    مٿي ڏنل مثال ۾ جتوئي صاحب /سردار، پيري، حرام ۽ ڀڳوان/ ٻولن کي سادو ٻول قرار ڏنو آهي. جاچڻ گھرجي ته ڇا اهي ٻول سچ پچ “سادا” آهن؟
    سردار = /سر + دار/
    پيري = /پير + اِي/
    حرام = ]عربي. حَــرَمَ = هن منع ڪئي. ڏسو ‘ج س ل’)
    ڀڳوان = /ڀڳ (ڀاڳ) + وان/
    “سادي لفظ” بابت جتوئي صاحب جي هيٺ ڏنل راءِ سندس ئي ڏنل مثالن کي غلط ۽ اسان جي ڇنڊڇاڻ کي درست ثابت ڪري ٿي:
    • ابتدائي لفظن کي سادا لفظ به سڏجي ٿو جن بابت ٻڌايو ويو آهي ته انهن کي بامطلب جزن ۾ ٽوڙي نه ٿو سگھجي ۽ نه ڪي انهن مان ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت يعني سادو سالم لفظ نڪري سگھي ٿو. انهن کي آزاد صرفيا به سڏجي ٿو. (]1983[ 112)
    /سَر، پير، حرم، ڀاڳ/ سادا لفظ آهن. هتي اهو به پڌرو ٿئي ٿو ته جتوئي صاحب جي نظر ۾:
    ابتدائي لفظ = سادو لفظ = ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت = سادو سالم لفظ = آزاد صرفيو! مختلف هنڌن تي انهن اصطلاحن جو اڻ-مقرر ورجاءُ جتوئي صاحب جي ڳالهه کي منجھائڻ جو ڪم ڪري ٿو.
    الانا صاحب مرڪب يا ڳوپ ٻولن جا جيڪي مثال ڏئي ٿو (]1987[ 32-33)، انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا. ليکڪ جي راءِ ۽ ڇنڊڇاڻ موجب اهي ‘مفرد’ (سادو، پهريت) هجڻ بدران ڳتيل (مرتب) آهن:
    • گھرڌڻي=/گھر + اَ + ڌڻي/. هتي ‘ڌڻي’(=/ڌَڻ + اِي) “مرتب” ٻول آهي.
    • ڳوٺ وڏيرو = /ڳوٺ + اَ + وڏيرو/. هتي ‘وڏيرو’ (= وڏ + اير + او) “مرتب” ٻول آهي.
    • ڪُئامار = /ڪُئا + مار/. الانا صاحب (]1987[ 42) /مار/ جو ڌاتو /مَــرۡ/ ٻڌائي ٿو.
    • آگ گاڏي=/آگ + گاڏي/. جيئن /مارِي، مار ۽ مرڻ/ جو ڌاتو /مَـــرۡ/ آهي (الانا ]1987[ 53) تيئن /گاڏِي، گاڏ ۽ گڏڻ/ جو ڌاتو /گَڏۡ/ ٿيندو.
    • نالي چڙهيو = /نالي + چَــڙهه + يو/. جيئن /لکيو/ جو ڌاتو /لِکۡ/ آهي (الانا ]1987[ 42) تيئن /چڙهيو/ جو ڌاتو /چَــڙۡهه/ آهي.
    • نام ڪٺيو = /نام + اَ + ڪُٺ (ڪُسۡ) + يو/
    • دل گھريو = /دل + گُھرۡ + يو/
    • چؤماسو = /چَو + ماسۡ + او/
    • چؤواٽو = /چَو + واٽ + او/
    • وڏ واتو = /وَڏ + اَ + وات + او/
    • ڪار ڄڀو = /ڪار + او + ڄڀ + او/
    • ٻه-مُنهين = /ٻه + مُنهن + اين/
    • ٽه-ٽنگو = /ٽه + ٽنگ + او/
    • اڳ-ڳڻتي = /اڳ + ڳڻت (=ڳَڻۡ + ات) + اِي/
    • اڳ-ڪٿي = /اڳ + ڪٿ + اِي/
    • ڀرجھلو = /ڀر + جھل + او/
    • کائُو پٽ = /کا- + اُو + پٽ/. /کائڻ/ جو ڌاتو /کا-/ (الانا ]1987[ 41)
    • مٿي کائُو = /مٿَ + اي + کا- + اُو/
    • وات ڳاڙهو = /وات + اَ + ڳاڙۡهه + او/
    • نالي مِٺو = /(نالي) + مِٺ + او/
    • نالي چڱو = /(نالي) + چڱ + او/
    • ڪاٺ ڪٽو = /ڪاٺ + اَ + ڪُٽ + او/
    • وڏ کائُو = /وڏ + اَ + کا- + اُو/
    • تتي ٿڌي = /تت + اِي + ٿڌ + اِي/
    • ٿڌي ڪوسي = /ٿڌ + اِي + ڪوس + اِي/
    • اڳو پوءِ = /اڳ + او (وَ) + پوء/
    • آڳو پيڇو = /آڳ (اڳ) + او (وَ) + پيڇ + او/
    مٿي ڏنل ڪجھ ٻولن ۾ پهرئين ٻول جي ڇيهه وٽ وائل جي واڌ ٿئي ٿي، جيئن /گھرَ ڌڻي، نامَ ڪٺيو، ڪاٺَ ڪٽو/ وغيره. اتي اها واڌ هڪ روپيي (صرفيي) يا صوتيي (وائيي) جو ڪارج ادا ڪري، وسطيدار ٻولن ۾ هڪ مخصوص معنى خلقن جو ڪارڻ ٿئي ٿي. عام اصطلاح ۾ انهيءَ کي ‘اندر جوڙ’ (infix) يا وچياڙي چئجي ٿو. جيئن ڪو به اڳياڙي (يعني اڳجوڙ) يا پڇاڙي (يعني پٺجوڙ) رکندڙ ٻول هڪ مرتب يا ڳتيل ٻول ٿئي ٿو تيئن ڪنهن به اندر جوڙ (وچياڙي) رکندڙ ٻول کي ڇو ۽ ڪيئن هڪ مرتب يا ڳتيل ٻول جي دائري کان ٻاهر رکي سگھبو؟
    ‘ڳوٺَ وڏيرو’ معنى ‘ڳوٺ جو وڏيرو’. ‘ڳوٺَ وڏيرو’ ۾ }اَ{ جي واڌ ‘جو’ جو مفهوم پيدا ڪري ٿي پر ‘ڪاٺَ ڪٽو’، ۾ }اَ{ جي واڌ ‘کي’ جو مفهوم اپائي ٿي ۽ ان جي معنى ٿيندي: ‘ڪاٺ کي ڪٽڻ وارو’. (/ڪٽڻ/ جو ڌاتو /ڪٽ/ ٿيندو.)
    الانا صاحب مختلف صفحن تي ڪيترن ئي اهڙن ٻولن جا مثال ڏئي ٿو جن کي مرتب (ڳتيل) سڏيندي، انهن کان باندي صورت الڳ ڪندي، باقي ٻول کي ‘مفرد’ سڏي ٿو. ليکڪ جي نظر ۾ انهن “مفرد” ٻولن مان گھڻا “مرتب” (ڳتيل) ثابت ٿين ٿا:
    الانا صاحب جي نظر ۾
    مرتب ۽ مفرد ٻول ليکڪ جي نظر ۾
    حقيقي صورت
    ڀلائي = ڀلو + آئي ڀلو ڀَلۡ + او
    اڇاڻ = اڇو + آڻ اڇو اَڇۡ + او
    ڊگھاڻ = ڊگھو + آڻ ڊگھو ڊِگۡھ + او
    ڏاهپ = ڏاهو + پ ڏاهو ڏاههۡ + او
    وڏپڻ = وڏو + پڻ وڏو وَڏۡ + او
    وڏتڻ = وڏو + تڻ وڏو وَڏۡ + او
    ٿڌڪار = ٿڌو +ڪار ٿڌو ٿڌۡ + او
    واڄٽ= واڄو + ٽ واڄو واڄۡ+او ۽ ‘واڄ’
    جو ڌاتو ٿيندو /وَڄۡ/
    ۽ ٻيا.
    الانا صاحب “علم صرف جا اصول ۽ قانون” هيٺ ‘اڳياڙين ۽ پڇاڙين جو ملائڻ’ تي بحث ڪندي جن ٻولن کي “آزاد صورتن جو ممڪن گروهه” هيٺ ڄاڻايو آهي، انهن ۾ هيٺ ڏنل ٻول به شامل آهن.

    سڏيل ‘آزاد صورت’
    /پڙهيل/. هن ٻول جو ڌاتو /پَــڙۡهه/ آهي. (ڏسو الانا ]1987[ 41)
    /گُھريو/. هن ٻول جو ڌاتو /گُھرۡ/ آهي. (ڏسو /لکيو/ جو ڌاتو /لِکۡ/)
    /پُڇڻ/. هن ٻول جو ڌاتو /پُڇۡ/ آهي. (ڏسو /ڇَپيو/ جو ڌاتو /ڇَپۡ/)
    /ڌڻي/. هن ٻول جو ڌاتو /ڌَڻۡ/ آهي. (/ڌڻي/ جو /ڌَڻۡ/ هڪ روپيو آهي).
    ۽ انهن ۾ هيٺ ڄاڻايل ٻول پڻ ‘آزاد صورت’ طور ڄاڻايل آهن:
    /ڀلو، چڱو، ڊگھو، ڏاڍو، نرمل، ڪومل، سُندر، ڪارائو، هاري، ڌڙو، کنڌو، اڇو، ڪارو، ڳاڙهو، ڏاهو، مُکِي، وڏو، ٻُڍو، ٿڌو، گاڏي، ڪاٺي، ڌاڙو، ڏوکي، کاٻو، ساڄو، اپائڻ، ڪوڏر، گودڙي، گھڻو/ وغيره (ڏسو الانا ]1987[ 46-50)
    ليکڪ انهن سڀني ٻولن کي ٻئيت يا ڳنڍڙ ۽ ڳتيل ٻول سمجھي ٿو. انهن مان گھڻن ٻولن جو ڌاتو /سَچۡ، نَنڍۡ ۽ وَڏۡ/ کي ذهن ۾ رکي پرکي سگھجي ٿو.
    /نرمل/ کي ته پاڻ الانا صاحب ئي /نس مل/ جي بدليل صورت ۽ /نس/ ۽ /مل/ جو جوڙ سمجھي ٿو (]1987[ 118)، پوءِ ان کي آزاد صورت يا پهريت (ڌاتو/مفرد) ڪيئن سڏي سگھبو؟
    الانا صاحب جڏهن پاڻ ئي /کائڻ/ جو ڌاتو /کا-/ ڏئي ٿو تڏهن، اهڙي حالت ۾، /اپائڻ/ کي مفرد ٻول يا آزاد صورت ڪيئن ۽ ڇو سڏي سگھبو؟
    /ڪاٺي/ جو (ترت) ڌاتو /ڪاٺ/ آهي.
    /هاري/ جو ڌاتو /هر/ آهي.
    /گاڏِي/ جو /-اِي/ هڪ وائيو (صوتيو) آهي ۽ ان جي ڪري ‘واحد ۽ مونث’ جو مفهوم وڌائي ٿو. /گاڏو/ جو ڇيهڪ /-او/ پڻ هڪ وائيو (صوتيو) آهي ۽ ان جي ڪري ‘واحد ۽ مذڪر’ جو مفهوم وڌي ٿو. /گاڏا/ جو /-آ/ ۽ /گاڏيون/ جو /-اُون/ پڻ واريسِر ‘جمع مذڪر’ ۽ ‘جمع مونث’ جو مفهوم وڌائن ٿا، تنهنڪري انهن سڀني ٻولن جو (ترت) ڌاتو ٿيندو /گاڏۡ/. ‘اندروني تبديليءَ’ سبب /گَـڏۡ/ جو ]اَ[ وڌي ]آ[ ٿيو آهي جيئن /مَــــرۡ، سَــڙۡ/ وغيره جو ]اَ[ تبديل ٿي /مارۡ، ساڙۡ/ ٿين ٿا يا /وَڌۡ، ٻَڌۡ/ جو ]اَ[ وڌي /واڌ، ٻاڌ (ٻانڌ)/ ٿئي ٿو ۽ پوءِ نوان ٻول /مارُو، مارِي، ساڙو، ساڙُو، واڌُو، واڌل، ٻاڌو (ٻانڌو)/ ٺهن ٿا.
    ان ڳالهه ٻول سان /وَڏۡ، نَنڍۡ/ جا تفصيلي مثال نظر ۾ رکي ‘ڀلو’ (ڀلِي، ڀلا، ڀليون)، ‘چڱو’ (چڱِي، چڱا، چڱيون)، ‘اڇو’ (اڇِي، اڇا، اڇيون)، ‘ڳاڙهو’ (ڳاڙِهي، ڳاڙها، ڳاڙهيون) وغيره جو ڌاتو يا پهريت ٻول سولائيءَ سان ڳولي سگھجي ٿو.
    /ڏوکي/ جو ڌاتو /ڏُکۡ/ هجڻ گھرجي ۽ آهي. (ڏسو الانا ]1987[ 25 ۽ 55، ‘اُٺ’ ۽ ‘اوٺي’ ۽ ‘ڏٿ’ ۽ ‘ڏوٿي’.)


    (ٻ) وَر-اورڪ ٻول
    (‘ور-اورڪ’ ٻول لاءِ ‘مڪرر لفظ’ ۽ ‘تڪراري لفظ’ (Re-duplicate) پڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا.)
    • تڪرار (re-duplication) ڪنهن لفظ جي سڄيءَ صورت يا ڪنهن جز کي دُهرائڻ جي عمل کي چئبو آهي جنهن جي دهرائڻ سان لفظ يا ان جي حصي ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ايندي آهي. (الانا ]1987[ 61-62)
    هن عنوان هيٺ اسان تفصيلي بحث کان پاسو ڪيو آهي ڇو ته اسان جي موضوع سان ان جو ڪو سڌو واسطو ناهي. هيٺ ڪي مختصر تفصيل ڏجن ٿا.
    ور-اورپ جا ٻه قسم ڄاڻايا ويا آهن:
    1. مڪمل (complete) ور-اورپ؛ جيئن: پل پل، وک وک، دم دم، گھڙي گھڙي، وغيره.
    2. اڻپوري (in-complete) ور-اورپ؛ جيئن: جٺ ڦٺ، مَٽ سَٽ، جھُڙي ڦُڙي، هلڻ چلڻ، رلڻ ملڻ، جاچڻ جوچڻ، راند روند، ڏيتي ليتي وغيره.
    تفصيلي بحث لاءِ ڏسو: الانا (]1987[ 62- 64)
    ليکڪ هتي ڪجھ ٻولن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿو.
    1) مڪمل ور-اورپ جي ڪري جملي ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ۽ واسطيدار عمل هر هر ٿيندي يا هر واري ٿيندي نظر اچي ٿو. “وک وک تي سوڀ ملڻ” جو مطلب آهي “هر وک تي سوڀ ملڻ”.
    2) اڻپوري ور-اورپ جي ڪري پڻ جملي ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ۽ وسطيدار موضوع يا عمل جي شدت، وسعت ۽ گھرائي جو اظهار ٿئي ٿو.
    (الف) ڪي ٻول لڳ ڀڳ ساڳئي قسم جي عمل يا معنى کي ورجائيندي نظر ايندا، جيئن: جُٺ ڦِٺ، مَٽ سَٽ، رِلڻ مِلڻ، ڏيک ويک، ميل ميلاپ وغيره.
    (ب) ڪي ٻول ٻن مختلف مفهومن کي ظاهر ڪندي نظر ايندا، جيئن: جھُڙي ڦڙي (جھُڙ ڦڙ)، ڏي وٺ، ڏيتي ليتي، اچ وڃ، لوڇ پوڇ وغيره.
    (ٻ) ڪي ٻول هڪ ٻئي جي ويجھن مفهومن کي ظاهر ڪندي نظر اچن ٿا، جيئن: ڀاڄي ڀتي، گاهه پٺو، سينڌ سرمو، رس رهاڻ وغيره.
    (ڀ) ڪي لفظ معنوي حوالي سان هڪ ٻئي کان فرق رکڻ باوجود ڀرپور اصطلاحي مفهوم پيدا ڪن ٿا، جيئن: ماڻهو ڇيڻو، ڌوڙ ڌڪاءُ، لوڀي ٺوڳي وغيره.
    (ت) ڪي ٻول اهڙا به آهن جن جو ٻيو جز بظاهر ڪا به معنى نه ٿو رکي پر اصطلاح ۾ هڪ وسيع مفهوم کي ظاهر ڪري ٿو، جيئن: وڻ ٽڻ. ‘ٽڻ’ جي بظاهر ڪا به معنى ناهي پر ‘وڻ’ جي ڪڍ اچڻ کان پوءِ ان جو مفهوم “وڻ جھڙي ڪا به شيءِ” ٿيو پوي. “وڻ ٽڻ ئي ڪو نه هو” معنى “وڻ ته ڇا وڻ جھڙي ڪا به شيءِ ڪا نه هئي.” “وڻ ٽڻ ٻري ويو” معنى “وڻ ۽ وڻ ٻوٽي جھڙي هر شيءِ (يا وڻن سان گڏ موجود هر شيءِ) ٻري وئي.”
    (ٿ) ‘سِڪ پريت’، ‘پيار محبت’، ‘وڻج واپار’ جھڙن ٻولن کي ڏسي اهو سوچڻو ئي پوي ٿو ته، متان ائين به هجي ته، ڪو هڪ ٻول، خاص ڪري پهريون، وڌيڪ آڳاٽو هجي ۽ مروج هجي، ۽ پوءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ پنهنجا اثر ڇڏيا هجن ۽ ان جو ساڳيو مفهوم رکندڙ ٻول پوءِ مروج ٿيو هجي (يا وري پنهنجيءَ ٻوليءَ جو ساڳيءَ معنى وارو ٻول پوءِ رکيو ويو هجي) ۽ اهڙيءَ طرح معنى ۽ مفهوم کي زور وٺايو ويو هجي.


    باب ڏهون : سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت

    ان موضوع تي بحث کان اڳ ٻن اصطلاحن جي وضاحت ضروري محسوس ٿئي ٿي.
    وايو (Phone)
    ڳالڻ (ڳالهائڻ) يا گفتار جو اڪيلو آواز ‘وايو’ (صوت، Phone) سڏجي ٿو.
    چئمبر’س ڊڪشنري چوي ٿي ته ‘وايو’ ڄاڻنگي (ڊيسِيبيل( پيماني تي راڙ (Loudness) جو هڪ ايڪو ۽ آڪسفورڊ ڊڪشنري چوي ٿي ته ‘وايو’ ڳالهائڻ جو اڪيلو آواز آهي پوءِ اهو وائل هجي يا وائڄڻ. جتوئي صاحب (]1983[ 35) چوي ٿو:
    • “صوت” }وايو{ عربي لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “آواز”، پوءِ اهو تمام هلڪو هجي يا چٽو. صوت }وايو{ ٻوليءَ جو ٻاهريون ۽ ظاهري پهلو آوازن سان تعلق رکي ٿو.
    مطلب ته ‘وايو’ هر انهيءَ آواز کي چئجي ٿو جيڪو ڳالڪ آرکڻ وسيلي اپايو ويو هجي ۽ ٻوليءَ جي ٻول کي جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. ]ڪ[ هڪ وايو آهي توڙي جو مرد، عورت يا ٻار ان کي اچارڻ دوران سَو سيڪڙو هڪ جھڙو نه ٿو اچاري.
    وائيو (Phoneme)
    وائيو (صوتيو) ڳالڻ جو اهو (اڪيلو) آواز آهي جيڪو ٻول ۾ معنوي فـرق پـيـدا ڪـري ٿـو. ٻـولـيءَ جـي آوازن واري سـرشـتي جي (هڪ) ايڪي کي وائيو
    سڏجي ٿو. ساڳئي آواز جا ساڳئي ٻول ۾ مختلف اچار پڻ ٿي سگھن ٿا، انهن اچارن کي ساڳئي ڳالڪ آواز جي آڪهه، جٿو يا گروهه قرار ڏيندي ان جي هر ڀاتيءَ کي هڪ ٻئي جو ‘بدل آواز’، ‘وڻڪو’ يا ‘وڻاڪ’ (Variant) سڏجي ٿو.
    • صوتيو }وائيو{ اهو آواز يا هڪ جھڙن آوازن جو گروهه آهي جيڪو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. گويا اهو هڪ }اهڙو{ خاص لساني }لسانياتي{ عمل ڪري ٿو جو ٻيو صوتيو ڪري نه ٿو سگھي. انهيءَ ڪري بلومفيلڊ صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ (distinctive) آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو. (جتوئي ]1983[ 78)
    ‘ڪُنو’، ‘ڪَنو’ ۽ ‘ڪِنو’ جي وچ ۾ معنوي فرق آهي. جتوئي صاحب (]1983[ 75) جو خيال آهي ته اهو فرق ] اُ [، ] اَ [ ۽ ] اِ [ جي ڪري پيدا ٿيو آهي تنهنڪري (انهن ٻولن جي حوالي سان) ] اُ [، ] اَ [ ۽ ] اِ [ مان هر هڪ آواز هڪ معنوي فرق ڪندڙ جز يعني هڪ وائيو آهي.
    • صوتيه (Phoneme) ۽ صوت (sound) {Phone} ۾ فرق آهي. صوتيه جي وصف هن ريت آهي:
    صوتيه، ساڳين آوازن جي هڪ جماعت آهي (ڊينئل جونز هن کي family of sounds سڏيو آهي). اهي آواز ٻوليءَ ۾، سڀني هڪجھڙن آوازن سان فرق ڏيکارين ٿا، ۽ ساڳئي وقت اهي آواز پاڻ ۾ به علحدگي رکن ٿا، يعني هڪجھڙا نه آهن. اهي سڀئي ڌار ڌار آواز، جيڪي گڏجي هڪ ئي صوتيه ٺاهن ٿا، اهڙن آوازن کي ‘صوتيه ڀاتي’ (allophones) چئبو آهي. (الانا ]1967[ 47-48)
    • صوتيي جي قطعي ۽ منطقي تعريف (defination) پيش ڪرڻ ۾ لسانيات جا عالم متفق ٿي نه سگھيا آهن مگر ان جي واضح ۽ چٽي مفهوم پيش ڪرڻ ۾ سڀني جو اتفاق آهي. اهو مفهوم هي آهي ته لفظن ۾ انهن جي تبديلي سان معنى ڦري ويندي؛ پر جي معنى نه ڦري ته پوءِ مَٽيل آواز صوتيو نه سڏبو. (جتوئي ]1983[ 77-78)
    اترادي سنڌ ۾ /پُٽ/ کي چون /پٽر/ (=/پُ + ٽر/). ائين چوڻ جي ڪري ٻول جي معنى ۾ ڪو به فرق نه ٿو ٿئي تنهنڪري ان ٻول ۾ ]ٽ[ ۽ ]ٽر[ کي هڪ ساڳيو ئي وائيو (صوتيو) سمجھبو ۽ ]ٽ[ ۽ ]ٽر[ کي هڪ ٻئي جو ‘ساٽوايو’ (صوتيه ڀاتي، عيوضي آواز، allophone) يا ‘آجو وڻاڪ’ (آزاد بدل، free variant) سڏبو.
    /سير/ (تور ڪرڻ جو هڪ وَٽ) ۽ /سَير/ (گھمڻ ڦرڻ، سياحت ڪرڻ) ۾ معنوي فرق وائل جي تبديليءَ سبب آهي ─ /اي/ ۽ /اَي/ ڌار ڌار صوتيا (وائيا) سڏبا. پر /غَير/ (ڌاريو) کي ڪي ئي /غير/ به اچارن ─ انهيءَ حالت ۾ /اَي/ ۽ /اي/ هڪ ٻئي جا ساٽوايا يا آجا وڻاڪ سڏبا. ساڳيءَ طرح /غير/ جي عام سنڌي اچار /گير/ چوڻ سبب ڪو به معنوي فرق نه ٿو اڀري تنهنڪري انهن ٻولن ۾ /غ/ ۽ /گ/ هڪ ٻئي جا ساٽوايا يا آجا وڻاڪ سڏابا. /ساڳيا/ ۽ /ساڳا/، /ساڳيو/ ۽ /ساڳو/ جي وچ ۾ اتي ڪو به معنوي فرق ناهي تنهنڪري انهن واسطيدار جوڙن ۾ آخري آواز /يا ۽ آ/ ۽ /يو ۽ او/ ساٽوايا سڏبا.
    هڪ خاصيت
    ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ’ جي چوٿين باب جو سِرو ‘سنڌيءَ جون خوبيون ۽ خاصيتون’ قائم ڪيو آهي جنهن جو پهريون ‘اپ-سِرو ‘اسمن جون پڇاڙيون’ آهي، جنهن هيٺ لکي ٿو:
    • سنڌي ٻوليءَ جي پهرين مکيه خاصيت يا خاص ڳالهه هيءَ آهي ته: “سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ‘ساڪن’ ڪونهي؛” سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت يا ته ڪا اعراب آهي ئي آهي. اهـو نـمـونـو ڪشـميـري ۽ اُڙيـا يـعني
    اوڙيسا جي ٻولين کان سواءِ؛ ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪونهي، پر خود سنسڪرت ۾ به ڪونهي! (]1956 [323)
    آڏواڻي صاحب توڙي جو ‘لفظ’ جي پهرئين ۽ پوئين ‘اکر’ جي متحرڪ يا اعرابيل هجڻ جو ذڪر ڪندي پنهنجيءَ ڳالهه جي ابتدا ڪئي آهي پر باقي سڄو ٽڪرو رڳو پڇاڙيءَ جي ذڪر تي بيٺل آهي. الانا صاحب (]1987[ 322-323) جي هڪ راءِ:
    • سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي لفظ جي آخر ۾ هميشه ڪو نه ڪو سُر }وائل{ اچاربو آهي، يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ جي آخر ۾ ساڪن وينجن }وائڄڻ{ اچار ناممڪن آهي؛ پر ڪي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، عالم ۽ فاضل، عربي ۽ فارسي مان آيل ڪن لفظن جي اچارڻ مهل، انهن لفظن جي آخر واري وينجن کي متحرڪ اچارڻ بدران ساڪن ڪري اچاريندا آهن.
    هتي رڳو ‘لفظ’ جي آخر ۾ اچارجندڙ وائل آواز جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هر ٻول جي آخر ۾ ‘ساڪن’ وائڄڻ ناممڪن آهي.
    • سنڌيءَ جي مفرد لفظن جي آخر (final position) هميشه ڪو نه ڪو “سُر” (vowel) اچاريو ويندو آهي، پر برصغير جي ٻين ڏيهي ٻولن ۾ ايئن نه آهي. (الانا ]1974[ 9، خوبچنداڻي صاحب جو حوالو)
    هن ٽڪري ۾ ‘مفرد’ (سادي، پهريت) ٻول جو شرط قائم ڪندي ڇيهڪ وائل آواز جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. “مسٽر جارج شرٽ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ٻيا ڪيترائي عالم مٿينءَ راءِ سان اتفاق رکن ٿا. (فاضل ]1992[ 39-41)
    ‘ان راءِ ۽ خاصيت’ سان اختلاف
    • سنڌي ٻوليءَ جي اترادي محاوري (خصوصاً ماٿيلي-اٻاوڙي واري علائقي جي ٻولي) ۽ }باقي{ سڀني }سنڌي{ محاورن ۾ هيءُ نمايان فرق آهي ته سنڌي زبان جي “متحرڪ ال آخر” واري مسلمه قاعدي جي برخلاف، اترادي محاوري ۾ لفظن جو آخري اکر سدائين ساڪن هوندو آهي. (فاضل ]1992[ 39)
    • تقريباً سمورا برک محقق، جن لسانيات جو گھريءَ طرح مطالعو ڪيو آهي، سي مٿي ڄاڻايل }متحرڪ ال آخر واري{ اصول جي پٺڀرائي ڪن ٿا، بلڪه سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت ئي ان ۾ ٿا سمجھن ته ان جي لفظن جا آخري حرف ساڪن نه آهن. پر ان جي برعڪس جڏهن اترادي محاوري، خصوصاً “ماٿيلي-اٻاوڙي علائقي” جي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو، تڏهن ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهو قاعدو گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ علائقي جي سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ڪونهي. هن علائقي جي ٻوليءَ ۾ مستثنيات کان سواءِ سڀني لفظن جا آخري حرف يا آخر ۾ آيل نون غُني کان اڳ وارا حرف ساڪن هوندا آهن. اها ٻولي هڪ وسيع علائقي جي زبان آهي، جنهن جي مطالعي کان سواءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ائين چئي ڇڏڻ ته اها متحرڪ ال آخر زبان آهي، ڪنهن به طرح درست نه آهي. تعجب آهي ته هن علائقي جي ٻوليءَ جي امتيازي خصوصيت جو ذڪر ڪنهن به لساني ماهر نه ڪيو آهي. (فاضل ]1992[ 41)
    • معياري محاوري جي مؤنث لفظن جي پڇاڙي اڪثر “ اِ “ جي اچار سان ٿئي ٿي. مثال طور “ڇوڪرِ”، هن لفظ جي پڇاڙي “ اِ “ اچار واري آهي يعني حرف “ر” جي هيٺان “زير” آهي، پر جڏهن اها پڇاڙي جغدالي ۽ فراڪي محاوري جي ان لفظ }ڇوڪر{ ۾ ڏسبي ته ٻنهي محاورن ۾ اها ساڪن نظر ايندي ۽ لفظ “ڇوڪرِ” بدران “ڇوڪر” استعمال ٿيندو. اهڙيءَ طرح “باھ” بدران “ڀاھ” جغدالي ۾ ۽ “ڀاء” فراڪي ۾ اچاريو وڃي ٿو. ان طرح جا سڀ لفظ تقريباً حذف ٿيل پڇاڙين سان استعمال ٿين ٿا.
    اهڙي طرح مذڪر لفظن ۾ “ اُ “ پڇاڙي يا “ اَ “ پڇاڙي به ٻنهي محاورن ۾ حذف ڪئي وڃي ٿي. مثلاً “ڪتابُ”، “خچرُ”، “زخمُ” وغيره. اهي لفظ ٻنهي محاورن ۾ “ اُ “ جي حذف ٿيل اچار سان ملن ٿا. اهڙيءَ طرح “ اَ “ جا لفظ به حذف ٿيل پڇاڙين سان استعمال ٿين ٿا.
    اهوئي سبب آهي جو ان خطي جي ٻنهي محاورن جا اڪثر لفظ، فقرا ۽ جملا زمانن، حالتن، فعلن، ضميرن، اسمن، صفتن، عددن ۽ جنسن جوڙڻ وقت مختلف قسم جا گردان ڪن ٿا. (بروهي ]1992[ 98)
    • ڀيرومل ته هن ڳالهه کي پاڻ وڌيڪ منجھائي وڌو آهي. هو چوي ٿو ته: “سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي، جنهن جو اچار سرحد (ماٿيلي-اٻاوڙي وارو علائقو) ڏي چٽيءَ ريت ڪن ٿا ۽ شڪارپوري }رهاڪو{ اهو سُر سان اچارين ٿا. وچولي طرف ان جو اچار اهڙو اڻ لکيءَ طرح ڪندا آهن، جو ڌاريو ماڻهو سندن ڳالهائڻ مان جيڪر سمجھي ڪين سگھي، ته هر هڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا اعراب آهي. لاڙ جا ماڻهو خاص ڪري هندو، اهو اچار اڪثر ڪو نه ڪن”.
    ٻئي هنڌ ڀيرومل اڃا وڌيڪ وضاحت سان لکيو آهي ته: “هن وقت سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي ئي آهي. انهن پڇاڙين وارين اعرابن هينئر ئي لڏڻ جو سانباهو ڪيو آهي: لاڙ ۾ ان جو اچار اڪثر ڪو نه ڪن. اهي گھڻو وقت ڪين جٽينديون، جو اکرن جي پدن تي زور ڏيڻ جي ترتيب (Accent system) ڦرندي پيئي وڃي.” ... معلوم ٿئي ٿو ته ڀيرومل کي “ماٿيلي-اُٻاوڙي علائقي” جي ماڻهن سان ملڻ جو شايد ڪڏهن موقعو نه مليو هو. (فاضل ]1992[ 41-42)
    پروفيسر شيخ محمد فاضل جن آخر ۾ نتيجو ڪڍن ٿا ته “اترادي سنڌيءَ ۾، لفظن جي آخر ۾ اعرابن جو استعمال نه هئڻ جھڙو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي اترادي محاوري ۾ “صوتي مجمعا” يا “لاڳيتا ساڪن” عام جام استعمال ٿين ٿا.” (فاضل ]1992[ 44) ۽ اها ڳالهه ڊاڪٽر داد محمد بروهي جن جي ڳالهه (حوالو مٿي ڏنل) سان هڪ ڪري آهي.
    اچو ته هيٺ ڏنل ٽن ٻولن ۾ فرق کي محسوس ڪيون:
    • /لِکائين/ = /لِکۡ + آء + اِين/، هن ٻول ۾ ‘ن’ گھُڻو آهي ۽ ]اِين[ وائل آواز جو هڪ تحريري جز آهي ─ “(تون) خط لکائِين”.
    • /لِکائينۡ/ = /لِکۡ + آء + اِي (اين) + نۡ/. هن ٻول ۾ ‘ن’ جو هڪ هلڪو آواز موجود آهي. هن ٻول جي صورتخطي هن طرح به ٿي سگھي ٿي: /لکائيننۡ/. ]نۡ[ جي هتي، هن ٻول ۾ وائيائي (phonemic) يا روپيائي (morphemic) اهميت کي پرکي سگھجي ٿو ─ “(تون) خط لکائينۡ ٿو” جو مطلب آهي ته “(تون) هنن کي خط لکائين ٿو.” ]نۡ[ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو.
    • /لکائينِ/ = /لِکۡ + آء + اي (اين) + نِ/. هن ٻول ۾ به ]نِ[ جي اهميت کي پرکي سگھجي ٿو، هن ۾ ]ن[ تي زور (stress) موجود آهي ۽ ان جي ڪري اهو هڪ امري صيغو ٿي پيو آهي. هن ٻول جي صورتخطي /لکائيننِ/ به ٿي سگھي ٿي ─ “خط لکائينِ” جو مطلب آهي ته “تون (هنن کي) خط لکاء”.
    اسان جو لکت سرشتو ۽ صورتخطي لکڻ جو ڍنگ، ڪن ٻولن جي حقيقي آوازن کي سندن صحيح صورت ۾ ظاهر ڪري نه ٿو سگھي.
    اسان وٽ عام طرح ڳالهائجندڙ ٻولن ۽ انهن جي آوازن کي اهميت گھٽ ۽ لکيل لفظن ۽ اکرن کي اهميت وڌيڪ ڏني ويندي آهي. ڪاڪي ڀيرومل جن جي مٿي ڏنل ٽڪري ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي. پاڻ اکرن تي حرڪت ۽ اعراب جي نشانين جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڳالهه بيان ڪن ٿا.
    ‘عِلۡمُ’، ‘مَڪۡتَبۡ’ ۽ ‘مَطۡلَبُ’ جھڙن ٻولن جو ذڪر ڪندي الانا صاحب جن لکن ٿا:
    • سنڌي جا استاد ۽ ماهر حالانڪ مٿيان لفظ ايئن ئي لکندا، جيئن مٿي ڏنل آهن، پر جزم جي اهميت ۽ استعمال کان غير واقفيت سبب انهن لفظن جي ‘هِجي’ ۾ ‘ساڪن وينجن’ کي متحرڪ (syllabic) ڄاڻائيندا آهن. مثال طور مٿين لفظن جي هِجي هيئن ڪندا آهن:
    عِلۡمُ: عين زير اِ ، لام زير لِ ، ميم پيش مُ ... عِلۡــمُ
    فِڪۡرُ: في زير فِ ، ڪاف زير ڪِ ، ري پيش رُ ... فِڪۡـرُ
    سنڌيدان نه صرف عربي لفظن جي جزن ۽ پدن جي ‘هجي’ کان اڻواقف رهيا آهن، پر خالص سنڌي گڏيل آوازن کي به غلط پدن ۾ ورهائي، انهن جي غلط هجي ڪندا آهن: يعني ٻن پدن وارن لفظن (disyllabic words) ۾ اچاريل گڏيل آوازن کي، غلط ‘هجي’ سبب، سُرَ }وائل{ ذريعي ٽوڙي، ‘ٽن پدن وارو لفظ’ (trisyllabic word) ڪري، هجي ڪندا آهن. مثال طور:
    ‘هَلۡڪو’، ‘ڌَرۡتي’ ۽ ‘چَمۡڪو’ ٻن پدن وارا لفظ آهن جن ۾ ]ل[، ]ر[ ۽ ]م[ ساڪن آواز آهن. سنڌ جا ماڻهو پنهنجن اچارن ۾ مٿيان آواز ساڪن ڪندا آهن، پر صوتيات ۾ ‘هجي’ جي اصولن کان بيخبر هئڻ سبب، سنڌ جا استاد مٿين لفظن جي هجي هيئن ڪندا آهن:
    هَلِڪۡو: هي زبر ھَ ، لام زير لِ ، ڪاف وا ڪو... هَلڪۡو
    ڌَرۡتي: ڌال زبر ڌَ ، ري زير رِ ، تي يي زير تِي... ڌرۡتي
    ... اهڙيون اوڻايون سرڪاري درسي ڪتابن ۾ گھڻيون نظر اچن ٿيون. سنڌي پرائيمر ۽ پهرئين ڪتاب ۾ گڏيل آوازن کي يا ته سُــرَ ذريعي ڌار ڪيو ويو آهي، يا ڪن هنڌن تي انهن ساڳين گڏيل آوازن ۾ ساڪن وينجن مٿان جزم ڏني ويئي آهي. انهيءَ مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته اهڙن لفظن جي تحريري صورت وقت صوتياتي اصولن ۽ آوازن جي جوڙن (componants) جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي. مثلاً:
    سنڌي پرائيمر سنڌي پهريون ڪتاب
    ڪِچِرو ڪِــچۡرو
    ڪَـتِـري ڪَــتۡري
    سُـهِڻا سُــهۡڻا
    ... لفظن جي وچ وارن گڏيل آوازن کان سواءِ، ڪن لفظن جي منڍ ۾ به گـڏيـل آواز، سنـڌي صوتيـات جـي اصولـن مـوجـب مـمـڪن آهن. هيلتائين
    سنڌي ڪتابن ۾ منڍ وارن گڏيل آوازن کي بلڪل ترڪ ڪيو ويو آهي. انهن جي برابر خبر تڏهن پوندي جڏهن لکيل صورت کي نظرانداز ڪري، اچاريل آوازن کي ٻڌبو ۽ انهن تي سوچبو...
    سنڌي ڪتابن ۾ ‘ڌۡيانُ’، ‘پۡيارُ’ ۽ ‘ڪۡياڙي’ لفظن ۾ ]ڌ[ ]پ[ ۽ ]ڪ[ کي ساڪن نه سمجھي، انهن کي متحرڪ بنائڻ لاءِ }انهن اکرن{ هيٺ ]اِ[ سُر ڏنو ويو آهي... انهن گڏيل آوازن ۾ پهريان ‘جوڙ’ ساڪن آهن، انهيءَ ڪري سنڌي ڪتابن ۾ درستيون آڻڻ جي گھڻي گھرج آهي. مثلاً:
    منڍ وارو گڏيل آواز سنڌي ڪتابن ۾
    ڪم ايندڙ صورت درست صورت
    /پۡــرَ-/ پِريمُ پۡريمُ
    /ڌۡيَ-/ ڌِيَانُ ڌۡيانُ
    /ڏۡيَ-/ ڏِيارِي ڏۡيارِي
    /پۡيَ-/ پِيَارُ پۡيارُ
    /گۡيَ-/ گِيانُ گۡيانُ
    /پۡريمُ/، /ڌۡيانُ/ ۽ /ٻۡيائي/ ۾ پهريان ساڪن آواز، ٻئي جوڙ{componant} سان گڏ، گڏيل آواز کان پوءِ ڪم ايندڙ سُــرَ سان متحرڪ ٿين ٿا. (هيءُ هڪ نئون فني بحث آهي، جنهن لاءِ لکيل صورت تي نه، بلڪ اُچاريل آوازن کي ٻڌڻ ۽ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي.) (الانا ]1969[ 76-80)
    “سنڌي صورتخطي” ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطي جي سوين چُڪن کي دليلن سان نروار ڪيو ويو آهي. ايتريقدر جو سنڌيءَ جي معتبر ۽ ابتدائي ڪتابن، جيئن ‘جامع سنڌي لغات’، ‘سنڌي پرائيمر’ ۽ ‘سنڌي پهريون ڪتاب’ ۾، ته صاف ۽ گھڻن وائل آوازن جي تحريري نشانن کي به ‘جزم’ (جيڪا ‘ساڪن’ يا ‘بناوائل’ هجڻ جو نشان آهي) جي نشان سان نروار ڪيو ويو آهي جيئن ‘گِيۡت’، ‘گڏِجِيۡ’، ‘وَسائيۡ’، ‘ساراهِيُـــوۡن’، ‘آهيۡ’، ‘هِيۡءَ’، ‘تِـيۡــلِيۡ’، ‘مُــوۡرِيۡ’، ‘تُــوۡرِيۡ’، ‘پــيۡر’ وغيره (ڏسو “صورتخطي”، ص 80-81). مٿي، ‘سنڌي ڪتابن ۾ ڪم ايندڙ صورت’ هيٺ ڌِيَان’ ۽ ‘پِيَار’ صورتون به ڄاڻايل آهن جن ۾ اصولن ‘ي’ جي مٿان زبر جو نشان ڏيڻ غلط آهي. انهن ۽ اهڙين سوين غلطين جي نشاندهي توڙي جو گھٽ ۾ گھٽ 26 ورھ اڳ ڪئي وئي آهي پر اڄ سوڌو سنڌي لکت ۾ عام آهن.
    هن سڄي ڳالهه ٻول کي ذهن ۾ رکي هيٺيان نتيجا ڪڍي سگھجن ٿا:
    1. سنڌي جي ڪيترن ئي معتبر ۽ ابتدائي ڪتابن ۾ هزارين ٻولن جي صورتخطي غلط لکيل آهي. توڙي جو، اها مڃيل مڃايل حقيقت آهي ته وائل آواز ڪڏهن به، ڪنهن به حالت ۾ ‘ساڪن’ يا ‘بناوائل’ ٿي ئي نه ٿو سگھي ته پوءِ ان جي تحريري نشان تي ‘جزم’ ڏيڻ جو مطلب ڇا ٿيو؟ وري جيڪو وائڄڻ آواز عام مفهوم موجب ‘ساڪن’ آهي ۽ ان جي تحريري نشان ─ اکر ─ تي به جزم جو نشان آهي پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن وائل جي مدد سان هجي ڪيو ۽ چِٽو اچاريو وڃي ٿو، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اسان پنهنجي صورتخطي جي غلطين وسيلي وائل کي ‘ساڪن’ ڪريو ڇڏيون ۽ هِجي جي غلطين وسيلي ساڪن کي متحرڪ، وائلڪ يا واڪائِي (vocalic) ڪريو ڇڏيون!
    2. صورتخطي جي غلطين ۽ هجي جي غلطين سبب سوين سنڌي ٻولن جو حقيقي اچار بگڙي چڪو آهي.
    3. سنڌي ٻوليءَ ۾ هر ٻول جو پهريون آواز هر حالت ۾ متحرڪ هجي، لازمي ناهي ─ اهو ‘ساڪن’ به ٿي سگھي ٿو، پر اڄ ڏينهن تائين اهو اسان کي متحرڪ ڪري هِجي ڪرايو ۽ پڙهايو وڃي ٿو. ڇا اهو ممڪن ناهي ته، بلڪل ان مثال جيان، ڪيترن ئي سنڌي ٻولن جا آخري آواز هلڪا متحرڪ (جن کي عام طرح ‘ساڪن’ چيو وڃي ٿو) هجن پر اڻڄاڻائيءَ، گھَٽڄاڻ يا غلطيءَ سبب انهن کي متحرڪ اچاريندا هجون؟
    4. وائڄڻن جي ميڙ (cluster of consonants) ۾ جيڪڏهن پهريون اکر ‘ساڪن’ آهي ته ان جو اچار ڪيئن ٿيڻ گھرجي، ان جي ڪا به سمجھاڻي نه ٿي ملي، ۽ انهن جي هِجي ڪيئن ٿيڻ گھرجي، اهڙي سمجھاڻي خود الانا صاحب جن جي به، ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿي ملي توڙي جو انهن جي نشاندهي پاڻ ئي ڪن ٿا.
    5. صورتخطي جي غلطين سبب، ۽ سنڌي ۾ تمام گھڻين غلطين سبب ڪيترن ئي ٻولن جي صحيح آوازن ۽ اچارن کي محفوظ رکي نه سگھيا آهيون.
    6. ٻول جي ڇنڊڇاڻ مهل بنيادي حيثيت ان جي لکيل صورت کي مليل نه هجڻ گھرجي، ٻول جي آوازن ۽ اچار کي پهرئين حيثيت ڏيڻ گھرجي.
    7. ڪيترائي ٻول ٻن يا ٻن کان وڌيڪ تحريري صورتن ۾ لکيا وڃن ٿا ۽ ڪي تحريري نشان ٻول جي آوازن سان مڪمل هم آهنگي نه ٿا رکن.
    ليکڪ جو سڌو راسطو ضلعي لاڙڪاڻي جي رهاڪن سان آهي ۽ (جنرل) فزيشن هئڻ جي ڪري زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن سان لهه وچڙهه ۾ رهي ٿو. هِتي، ماڻهن کي جڏهن /ڪياڙي، ڏياري، پيار، ڌيان، گيان/ وغيره جهڙا ٻول ڳالهائيندي ٻڌجي ٿو تڏهن پڪ سان چوڻو پوي ٿو ته اهي انهن ۽ اهڙن ٻولن جو پهريون آواز بلڪل هلڪو متحرڪ (“ساڪن”) رکن ٿا. جيستائين تعلق آهي اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جو، شايد ئي ڪو هجي جيڪو اهڙن ٻولن جي پهرئين آواز کي ‘زير’ سان نه پڙهائيندو هجي. ‘سنڌي صورتخطي’ جي موضوع تي سڄو ڪتاب لکڻ باوجود الانا صاحب جن اهڙن ٻولن جي پڙهڻي نه سيکاري آهي.
    ليکڪ جي راءِ موجب اهڙن ٻولن جي پڙهڻي هن طرح هجڻ گھرجي:
    • ڪۡياڙِي: ڪاف يي الف ڪۡيا، ڙي يي زير ڙِي ... ڪۡياڙِي
    • ڪۡياڙُ: ڪاف يي الف ڪۡيا، ڙي يي پيش ڙُ ... ڪۡياڙُ
    • ڏۡيارِي: ڏال يي الف ڏۡيا، ري يي زير رِي ... ڏۡيارِي
    • پۡيارُ: پي يي الف پۡيا، ري پيش رُ ... پۡيارُ
    ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا.

    _________
     هتي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ’سنڌي گرامر‘ (ص-31) تان هيٺيون ٽڪرو به ڏنو ويو آهي:
    By the vocalic termination the Sindhi has preserved a flexibility, and at the same time sonorousness, of which the other modern vernaculars are completely destitute.
    }ان واڪائِي ڇيهه جي ڪري سنڌي ٻوليءَ پاڻ وٽ هڪ لچڪ، ۽ ساڳي ئي وقت ساڏيائپ محفوظ ڪري رکي آهي، جنهن کان ٻيون جديد ڏيهي-ٻوليون مڪمل طرح پالهيون آهن.{
    هتي پڻ ڇيهڪ وائل آواز جو ذڪر ڪيل آهي.


    باب يارهون : پَـــد

    • پد (Syllable): ٻول جو اهو حصو جيڪو آواز جِي اڪيلي سٽ (effort) ۾ چيو ويو هجي. (چيمبر’س ڊڪشنري)
    • ننڍي ۾ ننڍو لئه ڀريو (rhythmic، مترنم) ايڪو جيڪو ڪنهن وائل يا رتل (sustained، رسيل، ڳڀيري، برقرار رهندڙ، چِٽي) وائڄڻ کي شامل رکندو هجي. اهو اڪثر ڪري ڪنهن نه ڪنهن اڻرتل (un-sustained) وائڄڻ جي اڳيان يا پٺيان اچي ٿو. لکيل ٻوليءَ جو اهڙو ئي هڪ يونٽ. (آڪسفورڊ ڊڪشنري)
    • صوتيا پاڻ ۾ ملي پد ٺاهين ٿا ۽ پد پاڻ ۾ ملي لفظ ٺاهين ٿا. (جتوئي ]1983[ 82)
    جتوئي صاحب جن جو پد ۽ لفظ بابت هيءُ تصور هڪ حد تائين منجھائيندڙ آهي. “صوتيا (وائيا) پاڻ ۾ ملي پد ٺاهين ٿا” جو سڌو مطلب اهو آهي ته هڪ پد ۾ اوس هڪ کان وڌيڪ صوتيا (وائيا) موجود هوندا ۽ “پد پاڻ ۾ ملي لفظ ٺاهين ٿا” جو سڌو مطلب اهو آهي ته هڪ لفظ ۾ اوس هڪ کان وڌيڪ پد موجود هوندا، جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. ڪي ئي ٻول اهڙا آهن جيڪي رڳو هڪ وائيي تي ٻڌل آهن جيڪو اڪيلي سِر پد ئي هوندو آهي، ۽ ڪيترائي اهڙا پد آهن جيڪي اڪيلي سر مڪمل ٻول آهن. اهڙن ٻولن جا مثال هي آهن:
    /نَ (نه)، تَ (ته)، ڇَ (ڇهه)، ٻَ (ٻه)، بِ (به)، هي، هِي، هُو، هو، سا، سو، سي، ها، يا، ڪا، ڪو، ڪي، ڪِي، جا، جو، جي، جِي، مان، تون، تو، آن، سان، کان، تان، جان، ۾، ڇو، ڇا، جُون، ڏُون، مون، هان/ وغيره. اهي سڀ يڪوائيا (mono-phonemic) به آهن ته يڪپد (monosyllabic) به ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل ٻول به.
    الانا صاحب جن مختلف عالمن جي راين کي آڏو رکندي جن صورتن کي ٻول جو ڌاتو سڏن ٿا انهن مان ڪي هِي آهن: /لِکۡ، پَــڙۡھ، ڊاھۡ، کا-، اَچۡ، سَڙۡ، مَــرۡ، ٽَـــرۡ، ٺَـــرۡ، ڦِــسۡ،.../ (الانا ]1987[ 40-42). اهي سڀ ڌاتو يڪپدا آهن. ان ڪري جتوئي صاحب جن جي اها راءِ ته “صوتيا ملي پد ٺاهن ٿا ۽ پد ملي لفظ ٺاهن ٿا” مڪمل مفهوم ظاهر نه ٿي ڪري.
    }ٻول{ }ٻول جا پد{
    چمڪو = چَمۡ + ڪو
    هلڪو = هَلۡ + ڪو
    مڪتب = مڪ + تب
    مطلب = مط + لب
    هڪل = ههَ + ڪل
    ڏياري = ڏيا + ري
    پڙهو = پَ + ڙهو
    نِبُ = نِ + بُ
    ست = سَ + تَ
    کٽ = کَ + ٽَ
    کٽو = ک + و
    (جتوئي ]1983[ 87-88)
    هتي ٻه سوال اٿاري انهن تي ضرور سوچڻ گھرجي؟
    (1) مٿي جيڪي به پد ظاهر ڪيا ويا آهن ڇا اهي مختلف صوتين }وائيَن{ جو ميلاپ آهن؟
    (2) ڇا /هڪل، نب، ست، کٽ ۽ کٽو/ جا پد رڳو ائين ئي ٿي سگھن ٿا، جيئن ٻڌايا ويا آهن يا انهن جي ڪا ٻي صورت به ٿي سگھي ٿي؟
    پهرئين سوال جو جواب ڳولڻ کان اڳ هيءَ راءِ ذهن ۾ رکي وڃي ته “اهي آواز جيڪو معنوي فرق پيدا ڪن ٿا تن کي صوتيو سڏجي ٿو” (جتوئي ]1983[ 75)، ۽ سادي ٻول بابت ٻي اها راءِ به ته “مثلاً /کٽ/ جا ٻه جزا ٿي سگھن ٿا: /کَ/ ۽ /ٽَ/. اهي بي مطلب آهن.” (جتوئي ]1983[ 110) پهرئين راءِ جي روشنيءَ ۾ مٿي ڏنل پدن کي جاچبو ته اهي علمي طرح مختلف صوتين }وائيَن{ جو ميڙ آهن، ڇو ته آوازن کان سواءِ ٻول ٺهي نه ٿا سگھن ۽ ٻيءَ راءِ کي ڏسبو ته مٿي ڏنل سمورا پد بي مطلب آهن، يعني مطلب وارين شين }صوتين، وائيَن{ جو ميڙ بي مطلب آهي!
    پد يقيناً هڪ آواز يا ڪجھ آوازن جو ميلاپ آهي ۽ آواز ٻول ۾ مطلب ئي پيدا ڪندو آهي. ان ڪري پد جي وصف لاءِ لازمي شرط هڪ سٽ ۾ اچاريل آوازُ يا آوازَ آهي.
    • هيٺين لفظن ۾ /سَچۡ/ اچي ٿو:
    سچائي /سَچۡ + آئي/
    سچِي /سَچۡ + اِي/
    سچو /سَچۡ + او/
    سچيرو /سَچۡ + ايرو/
    مٿين لفظن ۾ /سَچۡ/ هڪ پد آهي... (جتوئي ]1983[ 111)
    ۽ /سَچۡ/ مطلب رکندڙ آهي (ڏسو حوالو ساڳيو)، /سَچۡ/ ۽ “چَم، هَل، مَڪ ۽ مَـطۡ” سڀ جو سڀ آوازَ جي اڪيلي سٽ ۾ اچاريل آواز آهن پر هڪ مطلب وارو آهي ۽ ٻيا بي مطلب آهن، يعني پد مطلب وارو به ٿي سگھي ٿو ته بي مطلب به ۽ ظاهر آهي ته پد آواز يا آوازن جو ميلاپ آهي ۽ هر صوتيو بهرحال ڪو نه ڪو آواز ئي هوندو آهي. ان ڪري پد لاءِ صوتين جي ميل بدران آواز يا آوازن جو ميل چوڻ گھرجي، اهو مطلب وارو به ٿي سگھي ٿو ته بي مطلب به، پر پد هجڻ لاءِ لازمي آهي ته آواز جي اڪيلي ڪوشش ۾ اچاريو ويو هجي.
    • پد هڪ آوازي لهر آهي جا بلندي جي طرف اڀري ٿي ۽ هيٺائين تي لهي ٿي ۽ وري جڏهن بلندي جي طرف اڀري ٿي تڏهن ٻيو پد ٺاهي ٿي. (جتوئي ]1983[ 85)
    پد جي هيءَ وصف وڌيڪ جامع ۽ درست آهي، ۽ ليکڪ ان سان اتفاق رکي ٿو.
    • هڪ پد اورپ جي زنجير ۾ (in the chain of utterance) راڙ (loudness) جي چوٽي آهي، هڪَ ڳالهائيندڙ جي acoustic power output }آوازدار قوت جي اظهار{ جِي، جيئن اها وقت سان گڏ لاھ چاڙھ ڪندي وڃي، اوهين جيڪڏهن ماپ ڪري سگھو ته ڄاڻي سگھندا ته اهو لاھ چاڙھ لاڳيتو چوٽيون ۽ ماٿريون ٺاهيندو وڃي ٿو. چوٽيون پد آهن. (باربر ]1982[ 86)
    هاڻي اچون ٿا ٻئي سوال جي جواب ڏانهن.
    /نِب/ (nib) هڪ اڌارو ٻول آهي ۽ يڪپد ٿئي ٿو. پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهو واحد جي به معنى ظاهر ڪري ٿو ۽ ناڌر ٻول آهي. سنڌي ۾ عام مروج اچار /نِبُ/ ۾ /اُ/ ان جي واحد هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ جملي ۾ ان جي حالت به، پر سنڌي ۾ اهو ٻول ‘مونث’ جي صيغي سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. /نِبُ/ کي /نِ ۽ بُ/ پدن ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو ۽ /نِبۡ ۽ اُ/ ان جي واياڄاڻي تحريري صورت ٿيندي.
    /سَتَ ۽ کَٽَ/ به اهڙا ئي ٻول آهن. /سَ ۽ تَ/ ۽ /کَ ۽ ٽَ/ ان جا پد ٿيندا ۽ وايا ڄاڻي تحريري صورت /سَتۡ + اَ/ ۽ /کَٽۡ + اَ/ ٿيندي.
    پر /کٽو/ جا پد ڪندي هڪ سوال به اڀري اچي ٿو. جتوئي صاحب جن /کٽو/ جا پد /کَ + ٽو/ ڪيا آهن ۽ /سچو/ کي /سچ + او/ ۾ ٽوڙي /سَچۡ/ کي پد سڏيو آهي، تڏهن ڇو اهو سوال نه ڪجي ته، /کٽو/ کي /کٽۡ + او/ جي صورت ۾ ڇو نه ٿو ٽوڙيو وڃي؟
    حقيقت اها آهي ته /کٽو/ ۽ /سچو/ ۾ ‘ٽ’ ۽ ‘چ’ وٽ هڪ شَد جھڙي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي (جيڪا سنڌي ۾، عام ڪري، لکت ۾ ظاهر نه ڪئي ويندي آهي). ساڳيءَ طرح ‘نِبُ’، ‘سَتَ’ ۽ ‘کَٽَ’ جي ‘ب’، ‘ت’ ۽ ‘ٽ’ تي واري سِر اهڙي ڪيفيت کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    • عام طور سنڌي صورتخطيءَ ۾ شد جي نشاني ڪم نه آندي ويندي آهي، حالانڪ اچار ۾ ڪي آواز، ڪن اصولن هيٺ (جن جو هت ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي) مشدد (geminated) ٿين ٿا. (الانا [1969] 86)
    عربيءَ ۾ شد کي قائم رکيو ويو آهي ۽ انهن (آوازن جي نمائنده) اکرن تي ظاهر ڪئي وڃي ٿي جيڪي سختيءَ يا زور کي ظاهر ڪندا هجن. جڏهن هڪ جھڙا ٻه اکر (جن مان هڪ عام طرح جھيڻي آواز ۽ ٻيو چِٽي/متحرڪ آواز جو حاصل هوندو آهي) هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندا تڏهن اهڙا ٻه اکر لکڻ بدران هڪ اکر لکي ان تي شد ظاهر ڪئي ويندي آهي. ٻيو ان اکر تي شد اڀاري ويندي آهي جيڪو ٻول ۾ شدت يا گھڻي چِٽائي ڏيکاري.
    سنڌي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو لفظ هجي جنهن ۾ هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندڙ هڪ جھڙن آوازن کي لکت ۾ هڪ اکر وسيلي ظاهر ڪرڻ مقصود هجي. البته شدت، زور يا چِٽائي ٻول جي ڪن ڪن آوازن ۾ اوس ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ توڙي جو اهڙي نمائندگي ڪندڙ اکرن تي شد نه ٿي ڏني وڃي پر آواز کي محسوس ڪجي ٿو. ليکڪ ان راءِ جو آهي ته ڪنهن جھيڻي آواز جي ڪڍ جڏهن ڪو وائل ڳنڍجي اچي ٿو تڏهن اتي اهڙو احساس اڀري ٿو. /سچو/، /کٽو/ ۽ اهڙن ٻين هزارين ٻولن ۾ /سَچۡ/ ۽ /کَٽۡ/ جي ڪڍ جڏهن /او/ ڳنڍجي اچي ٿو تڏهن /سَچۡ/ جو ]چ[ ۽ /کَٽۡ/ جو ]ٽۡ[ شد جھڙي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳن ٿا. ان ڪري ليکڪ سمجھي ٿو ته اهڙن ٻولن جي پدن کي پد جي حوالي سان ظاهر ڪرڻ مهل /کَ + ٽو/ ۽ /سَ + چو/ جي صورت ۾ ته ظاهر ڪري سگھجي ٿو پر وائياڄاڻي (phonemic) حوالي سان نه، ان حوالي سان اهي آواز /کٽۡ + او/ ۽ /سَچۡ + او/ آهن، ۽ اتي /سَچۡ ۽ کَٽۡ/ هڪ هڪ پد ٺاهن ٿا.
    /هڪل/ جا پد /ھَ + ڪل/ ڏيکاريا ويا آهن. اکرن تي جيڪڏهن تحرڪ جون نشانيون ڏيکاريل هجن ها ته انهيءَ ٻول تي ڳالهائڻ سولو ٿي پوي ها. بهرحال، ان ٻول /هڪل/ جون ممڪن واياڄاڻي (phonetic) صورتون هيٺ ڏجن ٿيون.
    (1) هَڪَلَ /ھَ + ڪَ + لَ/. اهو ٻول جنهن نموني آوازيون ٿا، ان لحاظ کان ان جا ٽي پد آهن. اهو ٻول اسم واحد آهي ۽ مؤنث سمجھيو وڃي ٿو.
    (2) هَڪۡلِ /هَڪۡ + لِ/. ان ٻول کي ڪي /هَڪِلِ/ /ھَ + ڪِ + لِ/ به اچارن ٿا جيڪو درست ناهي. /هَڪۡلِ/ جا ٻه پد ٿيندا ۽ اهو ٻول امري صيغو آهي.
    (3) /هَڪۡـلۡ/. ليکڪ جي نظر ۾ يڪپد ۽ ڌاتو ٻول آهي.
    /هَڪۡـلۡ/ جو مثال سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ نئين ته نه، پر پختي تصور جو واڌارو ڪري ٿو.
    • عام طرح هيءَ ڳالهه مڃي وئي آهي ته سُر }وائل{ اڪيلي سر يا وينجن }وائڄڻ{ سان ملي پد ٺاهي ٿو. مگر ڪي اهڙيون زبانون به آهن جن ۾ چٽو وينجن }رتل وائڄڻ{ هلڪي وينجن }اڻرتل وائڄڻ{ کان پوءِ اچي پد ٺاهي ٿو ۽ سُر جو ڪم ڏئي ٿو مثلاً بٽن (Button) جو صحيح اچار ‘بَــٽۡـنۡ’ آهي... اهڙي وينجن کي پدائتو وينجن سڏجي ٿو. اسان جي سنڌي زبان ۾ اها حالت ناهي. (جتوئي ]1983[ 83)
    ليکڪ اها ڳالهه سمجھڻ کان قاصر آهي ته ]نۡ[ ڪيئن “سُر جو ڪم ڏئي ٿو”؟ مروج مفهوم موجب ‘بَــٽۡنۡ’ جا آواز جيڪڏهن ظاهر ڪبا ته هن طرح لکبا: ]ب[ + ]ا[ + ]ٽ[ + ]ن[ هڪ سڌو سنئون وائڄڻ ڇو وائل قرار ڏنو وڃي ٿو؟ /هۡڪل/ (]ھ[ + ]ا[ + ]ڪ[ + ]ل[) مروج مفهوم موجب بلڪل اهو ساڳيو اِنڊل (pattern) ٺاهي ٿو. وري، جتوئي صاحب جن پاڻ به چون ٿا ته سنڌي ۾ “و س و و” (يعني وينجن + سر + وينجن + وينجن) وارا پد ٺهن ٿا، جنهن جي مثال ۾ /نرس، پرس ۽ هرج/ ٻول پيش ڪيا اٿائون (]1983[ 84) پر پوءِ به چون ٿا ته “اسان جي سنڌي زبان ۾ اها حالت ناهي”!
    ٻئي پاسي هدايت پريم صاحب جن انهيءَ راءِ تي تنقيد ڪندي چون ٿا:
    • منهنجي خيال ۾ و س و و وارو پد سنڌيءَ ۾ نه آهي. جتوئي صاحب جن مثال ڏنا آهن: نرس، پرس ۽ هرج. هي ٽيئي سنڌيءَ جا لفظ نه آهن پر دخيل لفظ (loan words) آهن. (پريم ]1992[ 58)
    ليکڪ جي نظر ۾ /هَڪۡلۡ/ اهو ٻول آهي جيڪو ان انڊل تي پورو ٺهڪي ٿو. اهڙا ڪي ٻيا مثال آهن: /ڪُــرۡڪۡ/ (ڪرڪڻ)، /ٻَــڙۡڪۡ/ (ٻڙڪڻ)، /ڍَڪۡــرۡ/ (ڍڪرڻ)، /گِهــرۡڪۡ/ (گھرڪڻ)، /ڦَــٿۡڪۡ/ (ڦٿڪڻ)، /ڍُرۡڪۡ/ (ڍرڪڻ)، /مُــرۡڪۡ/ (مرڪڻ)، /کِــسۡڪۡ/ (کسڪڻ)، /گُهــرۡجۡ/ (گھرجڻ) ۽ ٻيا ڪيترائي.
    • و س س }وينجن + ڊگھو سُر + ننڍو سُر{ يا ان کان وڌيڪ سٽا وارو پد سنڌي ۾ ٿي نه ٿو سگھي. (جتوئي ]1983[ 84)
    جتوئي صاحب جن ان جي مثال ۾ /لاءِ، هوءَ، ماءُ/ ٻول آندا آهن ۽ انهن مثالن جي ڪري هڪ منجھائيندڙ صورتحال پيدا ٿئي ٿي. مٿي ڏنل ترتيب يعني ‘و س س’ کي نظر ۾ رکي مروج مفهوم موجب انهن ٻولن جا آواز ٿيندا:
    لاءِ = ]ل[ + ]آ[ + ]اِ[
    هوءَ = ]هه[ + ]او[ + ]اَ[
    ماءُ = ]م[ + ]آ[ + ]اُ[
    هاڻي اسان جيڪڏهن پنهنجي يادگيري کي اٿلايون ۽ ٻسُري (diphthong) طور جتوئي صاحب جن جي ڏنل مثالن يعني /کاءُ، لاءِ، پوءِ، پيءُ، سيءُ ۽ سوءَ/ کي ورجايون ته حقيقت ڪيئن بيهندي؟
    • /کاءُ/ ۽ /لاءِ/ جي آخر ۾ ڳالهائڻ وقت محسوس ٿيندڙ آواز ٻسرو آهي.
    - /ماءُ/ ۽ /لاءِ/ ۾ هڪ وائڄڻ، هڪ ڊگهو وائل ۽ هڪ ننڍو وائل آواز آهن.
    • /سوءَ/ جي آخر ۾ ڳالهائڻ وقت محسوس ٿيندڙ آواز ٻسرو آهي.
    - /هوءَ/ جا آواز هڪ وائڄڻ، هڪ ڊگھو وائل ۽ هڪ ننڍو وائل آهن.
    يعني هڪ ٻسرو وائل برابر آهي هڪ ڊگھي وائل ۽ هڪ ننڍي وائل جي!
    ليکڪ اهڙيءَ سوچ سان سهمت ٿي ئي نه ٿو سگھي.
    هڪ ٻسرو هڪ وائل ئي آهي. اهو ٻن وائلن (۽ انهن مان به هڪ ڊگهي وائل ۽ ننڍي وائل) جو ميلاپ ٿي ئي نه ٿو سگھي. نمبر هڪ ڳالهه.
    هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندڙ ٻه وائل (ٻئي ننڍا هجن يا ڊگھو ۽ ننڍو) ڪڏهن به هڪ پد نه ٿا ٺاهي سگھن. نمبر ٻي ڳالهه.
    نمبر ٽين ڳالهه ته اهي ڳالهائڻ ۾ ٻسرا ڇو ٿا محسوس ٿين يا هڪ پد ڇو ٿا محسوس ٿين، ان لاءِ “سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت” وارو باب ڏسجي.
    پد جي حوالي سان اڃا هڪ نُڪتو ٻيو به آهي، جنهن جي وضاحت کان پوءِ پد جي وصف کي سولائيءَ سان بيان ڪري سگھجي ٿو.
    • سنڌيءَ ۾ زمان ماضي ٺاهڻ لاءِ بنياد جي پويان /يو/ ملائبو آهي؛ جيئن ته
    /لِکۡ/ مان /لکيو/
    /پڙهه/ مان /پڙهيو/ (جتوئي ]1983[ 120)
    • مگر ڪن حالتن ۾ بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جي پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد ملائبو آهي. مثلاً:
    /کاءۡ-/ مان /کاڌو/
    /آڻۡ-/ مان /آندو/
    /وَٺۡ-/ مان /ورتو/ (جتوئي ]1983[ 121)
    • (الف) ]-يو[ پڇاڙي، فعلي ڌاتوءَ جي پويان فقط تڏهن ئي ملائي سگھجي ٿي، جڏهن ان جي ملائڻ کان اڳ، ڌاتوءَ ۾ بنيادي طور ڪا به تبديل ڪا نه ايندي آهي.
    (ب) ]-او[ پڇاڙي، ڌاتوءَ جي پويان ان وقت ملائبي آهي جڏهن ان ڌاتوءَ جو فعل ‘لازمي’ هوندو آهي، ۽ اها پڇاڙي ملائڻ کان اڳ ڌاتوءَ جي پوئين وينجن يعني پد ۾، صوتي تبديل ايندي آهي؛ مثال طور:
    وَسۡ > وَٺۡ + او = وَٺو
    ڊَههۡ > ڊَٺۡ + او = ڊَٺو
    ڦِسۡ > ڦِٿۡ + او = ڦِٿو (الانا ]1987[ 53-54)
    هتي نوٽ ڪرڻ گھرجي ته جتوئي صاحب جن جنهن شيءِ کي ‘بنياد’ سڏن ٿا (پاڻ ‘بنياد’ ۽ ‘ڌاتو’ ۾ فرق ڪن ٿا) ان کي الانا صاحب جن ‘ڌاتو’ سڏن ٿا. جتوئي صاحب جن چون ٿا ته “بنياد” جو “پهريون پد” قائم ڪري پوءِ ٻيو ڪو پد ملائبو آهي. /وَٺۡ/ “بنياد” جو “پهريون پد” /ورتو/ ٻول ۾، جيڪڏهن آهي ته اهو /وَ/ ئي ٿي سگھي ٿو، جنهن سان پويون “مليل پد” /رۡتو/ ئي ٿي سگھندو!
    اڪيلو /وَ/ ته برابر هڪ پد آهي پر /ورتو/ ۾ /وَ/ پد ناهي، اتي ممڪن پدَ /ور + تو/ يا /ورت + او/ ئي ٿي سگھن ٿا. /وَٺۡ/ واري /وَ/ جو /ورتو/ واري /وَ/ سان جيڪڏهن ڪو ناتو آهي ته ڪيئن آهي؟ ڇا /وَٺۡ/، جيڪو پاڻ هڪ پد آهي ان کي هڪ پد /و/ ۽ ٻئي پد /ٺۡ/ ۾ ٽوڙي سگھڻ ممڪن آهي؟ ڇا /ٺۡ/ به ڪو پد آهي؟
    اهو به نوٽ ڪرڻ گھرجي ته الانا صاحب جن ڌاتوءَ جي پوئين وائڄڻ کي پد سڏن ٿا. ڌاتوءَ جو پويون وائڄڻ مٿي ڏنل ٻولن ۾ /سۡ/ ۽ /ههۡ/ آهي. ڇا اهي پد سڏي سگھجن ٿا؟ /وَسۡ/، /ڊَههۡ/ ۽ /ڦِسۡ/ مان هر هڪ ۾ پد گھڻا؟ ڇا ڪنهن ٻول ۾ “ساڪن” وائڄڻ (وينجن) ڪو پد ٺاهي سگھي ٿو؟ جھيڻو وائڄڻ ڪنهن پد جو جز ته ٿي سگھي ٿو، اڪيلي سر پد نه ٿو ٺاهي سگھي. الانا صاحب جن اتي ماترا کي پد قرار ڏنو آهي.
    هن سڄي بحث جي روشني ۾ پد جي وصف هن طرح بيهي ٿي:
    “ٻولُ يا ٻولَ جو اهو ننڍي ۾ ننڍو، لئه ڀريو، آواز جي اڪيلي سٽ (effort، ڪوشش) ۾ چيل حصو، جيڪو ڪنهن وائل، رتل وائڄڻ يا وائل وسيلي جھڳٽو ٿيل (clustered) وائڄڻن کي شامل رکي ۽ هڪ آوازي لهر تي پکڙيل ٿئي ٿو.”
    • انسان جي اوئلي ٻولين ۾ هر پد جي معنى الڳ هئي، جنهن جو زنده مثال چيني ٻوليءَ مان ملي ٿو، ۽ اهي پد ئي ڌاتن جي حيثيت رکن ٿا ─ ان ڪري سمورين پراڻين ٻولين ۾ پد اڪيلا يا ٻين پدن سان ملي بلڪل نيون معنائون پيدا ڪن ٿا. ڪو به نئون پد جڏهن ڪنهن ٻئي ڌاتو پد سان ملي ٿو، تڏهن جيسين ان پد ۾ اڳيئي ڪا معنى نه هوندي، تيسين ڪو به نئون لفظ نه ٺهندو. ٻوليون اتفاقي طرح پيدا نه ٿيون آهن، پر انسان جي هزارين سالن جي فڪر ۽ ويچار جو نتيجو آهن. ڪو به پد بيڪار ۽ بي معنى نه آهي. البته ايئن آهي ته ٻولين جي تاريخ ايتري ته پراڻي آهي، جو هاڻ انهن معنائن کي ڳولي ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. ان هوندي به هر لسانيات جو ماهر ڪوشش ڪري اهڙين پڇاڙين ۽ پدن جون معنائون سوڌي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. (سراج ]1964[ 57)
    “پد ڇا کي چئجي ٿو؟”، سراج صاحب جن ان بابت ڪا به وضاحت نه ڪئي آهي، پر پاڻ جيڪي مثال ڏنا ٿن، جيئن /سُ/ يا /سُو/، /کُ/ يا /کُــرۡ/ ۽ /گُ/، /گُــڙۡ/ يا /گُــرۡ/، انهن مان پد جو تصور چٽو ٿي اچي ٿو.
    ليکڪ هتي ڪجھ سوالن کي محفوظ رکي ٿو: (1) ڇا هر ٻولي جي پد کي هڪ معنى آهي؟ (2) ڇا ٻوليءَ جو هر ٻول سوچي ويچاري جوڙيو ويو آهي؟ (3) ڇا ٻوليون اتفاقي طرح ٺهيون آهن؟
    • ٻولين جي ارتقا جي ٽي درجا معلوم ڪيا ويا آهن: (1) بيلاڳي (isolating)، (2) امتزاجي (agglutinating) ۽ (3) صرفياتي (inflecting)
    جڏهن ٻولي بيلاڳي پد تي هوندي آهي تڏهن ان جي لفظن جون صورتيون }؟، صورتون{ ڦيرو نه کائينديون آهن. چيني زبان انهيءَ پد تي آهي. جڏهن زبان امتزاجي پد تي هوندي آهي تڏهن ثانوي لفظن ٺاهڻ لاءِ ابتدائي لفظن کي بنياد بنائي ان جي پٺيان جوڙَ ملائيندي ويندي آهي. ترڪي زبان انهيءَ پد تي آهي. جڏهن زبان صرفياتي {Inflecting} پد تي هوندي آهي تڏهن ان جي لفظن جي صورتن ۾ صرفي }؟، Morphological، Morphic، {Inflecting اثر هيٺ ڦيرو ايندو آهي. سنڌي زبان انهيءَ پد تي آهي. (جتوئي ]1983[ 186)
    • ٻولين جي اندروني بناوت... }جي حوالي سان{ سڀني ٻولين کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي:
    ڇَــڙن پدن واريون ٻوليون (Isolating Languages)
    ڳنڍيندڙ پدن واريون ٻوليون (Agglutinating Languages)
    ڦيرو کائيندڙ پدن واريون ٻوليون (Inflecting Languages)
    ڇڙن پدن واريون ٻوليون:
    هي اهي ٻوليون آهن، جن ۾ اچار ۽ پد بلڪل هڪ ٻئي کان الڳ، ڇڙا ۽ اڪيلا استعمال ٿين ٿا ─ ۽ پنهنجي پنهنجي مستقل معنى رکن ٿا. جملي اندر انهن پدن کي ڦيرائبو ته انهن لفظن جي معنى ۽ صورت ۾ ڪو به ڦيرو نه ايندو. هن قسم جي ٻولين جو بهترين مثال چيني ۽ ان سان لاڳاپيل ٻوليون آهن. مثال طور هي جملو ڏسو:
    وو پُو پا تا
    (مان) (نه) (ڊڄڻ) (هو)
    مان نه (ٿو) ڊڄان هن (کان)
    اوهان ڏسندا ته مٿيان چارئي لفظ هڪ هڪ پد (syllable) جا ٺهيل آهن. ان ڪري اهڙين ٻولين کي هڪ پد واريون ٻوليون (monosyllabic) پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن پدن کي اڳي پوءِ ڪرڻ سان به هڪ بامعنى جملو ٺهندو، جنهن ۾ لفظن جي معنى ڪا نه تبديل ٿيندي.
    تا پو پا وو
    (هو) (نه) (ڊڄڻ) (مان)
    هو نه (ٿو) ڊڄي مون (کان)
    (هو مون کان نه ٿو ڊڄي)
    هن مان اهو ثابت ٿيو ته هر پد جدا معنى رکي ٿو ۽ انفرادي طور ڪتب اچي ٿو. ان کي جملي ۾ ڪهڙي هنڌ به استعمال ڪريو، ان جي معنى به نه بدلجندي ۽ نحوي صورت ۾ به ڪو ڦيرو نه ايندو.
    ڳنڍجندڙ پدن واريون ٻوليون:
    هي اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي مختلف پد هڪ ٻئي سان ڳنڍينديون وينديون آهن ─ ۽ ان طريقي سان نيون معنائون ۽ نيون نحوي صورتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. هن جو سٺو مثال ترڪي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو:
    ترڪي سنڌي معنى
    اسم واحد: اير = گھر
    اير+دين = ايردين = گھر مان = گھر کان = گھرئون يا گھرن
    اير+اِم = ايرم = گھر منهنجو = گھرم
    اير+اِم+دين = ايرمدين = گھر منهنجي کان = گھرانم
    اسم جمع: اير+لر = ايرلر = گَھرَ (گھڻا)
    اير+لر+دين = ايرلردين = گھرن کان = گھرانئون
    اير+لر+ام+دين=ايرلرمدين = منهنجي گھرن کان
    فعل: دي = چوڻ
    دي يور = چوي ٿو
    دي يورلر = چون ٿا
    هن مان اوهان ڏسندا ته جمع ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن ٻيءَ فعلي صورت لاءِ خاص پد لفظن جي پويان ڳنڍبا وڃن ٿا ─ ۽ معنائون ان مطابق تبديل ٿينديون رهن ٿيون. اوهان اهو به جاچيو هوندو ته پهرين چئن صورتن تائين ته سنڌيءَ ترڪيءَ جو ساٿ ڏنو، پر جڏهن جمع }جو وارو{ آيو تڏهن ترڪيءَ پنهنجي واٽ ورتي ۽ سنڌيءَ پنهنجي. ان ڪري جو سنڌي به ٿوريءَ حد تائين ڳنڍجندڙ پدن واري ٻولي آهي...

    ڦيرو کائيندڙ پدن واريون ٻوليون:
    هن ڳڻپ ۾ هند-يورپي (هند-آريائي ۽ هند-ايراني) ۽ سامي ٻوليون اچي وڃن ٿيون. ڪنهن به نحوي يا فعلي صورت ۾ ─ عدد، جنس ۽ زمان جي ڦيري سان پدن ۾ ئي ڦيرو اچي وڃي ٿو. مثال:
    هند- يورپي (سنسڪرت)
    زمان حال غائب واحد: سنوتي = سُـ + نــــوۡ + تِــي
    (ڌاتو) (حال جي صورت) (ضمير غائب واحد)
    زمان حال غالب جمع: سنونتي = سُـ + نَـــــوَ + اَنتِي
    (ڌاتو) (حال جي صورت) (ضمير غائب جمع)
    مٿئين مثال مان ڏسندا ته رڳو ضمير غائب جي واحد کي جمع ڪرڻ سان، پويان }اڳيان{ ٻه-ٽي }هڪ{ پد بلڪل بدلجي وڃن ٿا. ساڳي حالت سمورين هند-يورپي ٻولين سان آهي. انگريزيءَ ۾ هيءَ فعلي صورت ته اوهان ڏٺي هوندي:
    Sung Sang Sing
    سَــنۡـگ سَـينۡـگ سِــنۡگ
    ساڳيءَ طرح عربيءَ ۾:
    قَصَدَ قَصَدا قَصَدو وغيره.
    ۽ سنڌي:
    ڏسان، ڏسون، ڏس، ڏسو، ڏسي، ڏسن وغيره.
    انهن سمورن مثالن ۾ اها پدن جي ڦيري جي صورت موجود آهي.
    مٿئين بيان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌي ڳنڍجندڙ پدن سان گڏ ڦيرو کائڻ واري ٻولي آهي، پر اهو ڳانڍاپو ۽ ڦيرو سنڌيءَ ۾ پنهنجو اصلوڪو آهي، ۽ هزارين ورهين کان ايئن آهي. (سراج (1964) 44-47)
    نامياري عالم مسٽر اوٽو ييسپرسن (Otto Jespersen) پنهنجي مشهور ڪتاب ‘Language ─ Its nature, development & origin’ (ٻولي ─ ان جي فطرت، واڌارَ ۽ بڻ) ۾ چيني ٻولي بابت مٿي بيان ڪيل ذڪر سان سخت ۽ مدلل اختلاف ڪيو آهي (ص 367-373). چيني ٻوليءَ جي اڏپ (structure) ۾ هر ٻول هڪ پد رکي ٿو، نه وڌيڪ ۽ نه ئي وري گھٽ. اهڙي هر پد (ٻول) جون چار يا پنج ميوزيڪل لانڍون (tones) ٿين ٿيون... اچار جو اهو طريقو جنهن وسيلي ٻول کي مختلف لانڍن سان اچارڻ جي ڪري معنى ٻي ٿي وڃي ٿي... ‘وَئنگ’ هڪ لانڍ موجب ‘بادشاھ’ آهي ۽ ٻيءَ موجب ‘بادشاھ ٿيڻ’، ‘لائو’ هڪ لانڍ موجب ‘ڪم’ آهي ۽ ٻيءَ موجب ‘ڪمائي’ (يا ‘ڪم جو اجورو ڏيڻ’)... اسين امڪان قائم ڪري سگھون ٿا ته مٿي ڄاڻايل چيني ٻولن جي جوڙن ۾ مشتق (derived) پدن يا اعرابي (flexional) پڇاڙين وسيلي فرق ڪيو ويندو هو جيڪي هاڻي پنهنجي پويان لانڍ ۾ فرق کان ٻيو ڪو پاڇولو ڇڏڻ بنا گم ٿي ويون آهن... چيني ٻوليءَ کي هاڻي ان مفروضي جي حمايت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگھجي ته اسان جون آرين ٻوليون، يا سموريون انساني ٻوليون پهريائين هڪ بنا گرامر ڳالهاءَ سان شروع ٿيون جيڪي يڪپدن پاڙ-ٻولن (root-words) تي ٻڌل هو.
    (ٻوليءَ جي بڻ بابت ييسپرسن صاحب جن جي بنيادي خيالن سان وري ٻين ڪيترن ئي عالمن کي اختلاف آهي.)
    اهو سڄو ذڪر ڏيڻ جو مقصد هتي اهو ڏيکارڻ هو ته پد ۽ ٻوليءَ جي پدائتي اڏپ خود هڪ وڏي بحث جو موضوع آهن.
    واياڄاڻ ۾ وڏين يا چورس ڏنگڙين کي هڪ آواز جي نشاندهي ڪرڻ جو اهڃاڻ مقرر ڪيو ويو آهي. ليکڪ جي تجويز آهي ته پد کي به ان صورت ۾ ئي ظاهر ڪيو وڃي توڙي جو پد ۾ آواز هڪ نه آهي. مثال:
    لِــکۡ= ]ل + اِ + ک[
    پَــڙۡھ= ]پ + اَ + ڙھ[
    ٻُــڌۡ= ]ٻ + اُ + ڌ[
    کِــسۡـڪۡ= ]ک + اِ + س + ڪ[
    تِــرۡڪۡ= ]ت + اِ + ر + ڪ[
    کِسڪَڻ= ]ک + اِ + س[ + ]ڪ+ اَ + ڻ[
    ۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ.

    _______
    حالت (case) وغيره جي گردانن يا ڦيرن لاءِ جيڪي پڇاڙيون (اَ، آ، اُ، اي) ڪم اينديون آهن تن کي ’اعراب‘ (inflection) چئبو آهي. پر اهو ياد رکڻ گھرجي ته هر زبر يا زير کي اعراب ڪو نه چئبو پر اها زبر يا زير جيڪا ڪنهن اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچِي، ان جي عدد، حالت ۽ جنس جو گردان ڏيکاري، تنهن کي اعراب چئبو. (الانا ]1987[ 52-53)
    • Inflect
    1. (ٻول جي) پوڇڙ (ending) يا صورت جي تبديلي جيڪا جملي ۾ (ان ٻول جي) ٻين ٻولن سان (ڪنهن به قسم جي) ناتيداري ڏيکاري.
    2. (آواز) آلاپڻ، اندر موڙڻ: جھول (curve، ونگ). (آڪسفورڊ ڊڪشنري) (ڏسو: صفحو 148)
    • Inflection
    1. ٻول جي ڦريل صورت، جيئن آهيان، آهيون، آهي؛ ڦيرو ڪرڻ لاءِ ڪم آندل پٺجوڙ، جيئن -آن، -اُون (ڏسان، ڏسون...)
    2. ڳالڻ دوران واڪي جو چاڙھ ۽ لاٿ. (آڪسفورڊ ڊڪشنري)
     هن سڄي ٽڪري ۾ اصطلاحن جي ترجمي ۽ اصطلاحن جي تخصيص نه هجڻ سبب مونجھارو پيدا ٿي پيو آهي.


    باب ٻارهون : جوڙپ ۽ اندروني تبديلي

    جوڙپ (affixation) جي وضاحت ڪندي الانا صاحب جن چون ٿا:
    • سنڌي ٻوليءَ جي اڳياڙين {Prefixes} ۽ پڇاڙين {Suffixes} کي، خودمختيار صورتن جي اڳيان يا پويان ملائي، نوان لفظ ٺاهبا آهن. اڳياڙين، پڇاڙين (۽ وچياڙين {Infixes}) کي لسانيات ۾ “جوڙَ” (Affixes) چئبو آهي، جن کي سندن ڪارج جي لحاظ کان اڳياڙيون يعني جيڪي واسطيدار ڌاتُن جي منڍ ۾ ملايون وينديون آهن، جن سان اهي ٺهڪي اينديون آهن. پڇاڙيون انهن ڌاتوئن جي پويان ملايون وينديون آهن جن سان اُهي ٺهڪي اينديون. وچياڙيون يعني جيڪي وچ ۾ ملائجن ٿيون... وچياڙيون سنڌيءَ ۾ آيل اُڌارن لفظن ۾ ملن ٿيون؛ جيئن: آمد و رفت، گفت و شنيد وغيره ۾ ]و[. (الانا (1987) 43-44)
    اهو ٽڪرو پڙهڻ کان پوءِ، فطري طرح، ڪي سوال اڀري اچن ٿا:
    (1) ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڳيان يا پٺيان، اڳياڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور، ڇا ڪو ڌاتو يا ڪو به مرتب لفظ ڪم اچي سگھي ٿو؟
    (2) اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي جوڙ لاءِ ته ڌاتو (جنهن سان اهي ٺهڪي اچن) جو شرط رکيو ويو آهي پر وچياڙين جي سلسلي ۾ ڇو اهڙو شرط موجود ناهي؟
    (3) “وچياڙيون جيڪي وچ ۾ ملائجن ٿيون” چوڻ سان ڇا اهو سوال نه ٿو اڀري ته ڪنهن جي وچ ۾ ملائجن ٿيون ─ هڪ ڌاتوءَ جي وچ ۾ يا ٻن لفظن جي وچ ۾؟
    • “... ۽ وچياڙيون جيڪي ٻن لفظن جي وچ ۾ ملايون وينديون آهن”. (الانا ]1995[ 45)
    (4) ڇا وچياڙيون رڳو اهڙن لفظن ۾ ملن ٿيون جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين مان آندا ويا آهن (جيئن مٿي ڏنل مثالن ۾ ظاهر آهي)؟
    • “... پويون قسم يعني وچياڙيون سنڌيءَ ۾ آيل اڌارن ورتل لفظن سان گھڻي قدر ملن ٿيون”. (الانا [1995] 45)
    (5) مٿي ڏنل مثالن ۾ وچياڙي اهڙي آواز (لفظ) کي ڇو قرار ڏنو ويو آهي جيڪو وياڪرڻ بابت لکيل، لڳ ڀڳ سڀني ڪتابن ۾ ‘حرف جملو’ سڏيو ويو آهي؟
    • فارسيءَ وانگر سنڌيءَ ۾ ڪن حالتن ۾ ٻه اسم يا ٻه مصدر، ‘و’ حرف سان معطوف ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ‘و’ جي بدران ‘ا’ (الف) به عطف جو ڪم ڏيندو آهي... (الانا [1995] 44، واحد بخش شيخ جي حوالي سان آندل)
    (6) ڪو حرف جملو، جيڪڏهن، هڪ وچياڙي سڏي سگھجي ٿو ته پوءِ ڇو/ڇا ڪي ‘حرف جر’ ۽ ‘حرف اضافت’ وچياڙي سڏي نه ٿا سگھجن؟
    انهن سوالن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جيستائين نه ٿي ٿئي تيستائين اڳياڙين، پڇاڙين ۽ وچياڙين جي حوالي سان ڪي اعتراض اوس موجود رهڻا آهن.
    هتي، جيڪڏهن، لفظ (مفرد، مرتب ۽ مرڪب) ۽ صورت (آجي ۽ باندي) جي وصفن کي ياد ڪيو وڃي ته اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي حوالي سان پڇيل پهرئين سوال جو جواب ازخود واضح ٿي ويندو.
    • }اهي{ صورتون }جيڪي{ پنهنجي سر يعني اڪيلي سر، ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڳالهايون ڪو نه وينديون آهن، پر انهن جي ڪارج جو مدار، ڪن خودمختيار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن کي /پر-وَس/ يا /پابند/ صورتون چئبو آهي. (الانا ]1987[ 18)
    ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ گھرجي ته اڳياڙي يا پڇاڙي ڪنهن به صورت ۾ اهڙو لفظ، ڌاتو، پد يا آواز ٿي نه ٿو سگھي جيڪو ڪنهن به ڳالهه ٻول ۾ اڪيلي سر/پنهنجي سر ڳالهايو ويندو هجي.
    /گھرڌڻي، آگگاڏي ۽ پروس/ لفظن جا مثال ڏيندي (الانا ]1987[ 30) الانا صاحب جن /پَــرَ/ کي ڌاتو لفظ قرار ڏيندي /پروس/ کي مرڪب لفظ سڏيو آهي جڏهن ته ساڳئي ڪتاب جي ٻئي هنڌ (ص 46) /پَـــرَ-/ کي اڳياڙي سڏيندي مثال ۾ /پروس/ لفظ پڻ آندو آهي جيڪو لفظ جي وصف پٽاندر هڪ مرتب لفظ ئي سڏي سگھبو. اهڙيءَ طرح، الانا صاحب جن مثالن جي حوالي سان تضاد جو شڪار ٿي پيا آهن.
    جن صرفيائن کي سنڌيءَ ۾ مروج ٻولن جي لحاظ کان اڳياڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور نشانبر پئي ڪيو ويو آهي انهن کي سهيڙڻ لاءِ هن ليکڪ بنيادي حوالي طور ‘جامع سنڌي لغات’ (5-جلد)، ‘تحقيق لغات سنڌي’ ۽ ‘سامي ڌاتو ڪوش’ ليکڪ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ‘وئتپتي ڪوش’ ليکڪ جھمٽمل نارومل وسناڻي، ‘سنڌي وياڪرڻ’ (4-ڀاڱا) ليکڪ مرزا قليچ بيگ، ‘سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس’، ‘سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد’ ۽ ‘سنڌي معلم’ ليکڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ‘سنڌي ٻولي’ ليکڪ ليلارام رچنداڻي ۽ ڪي ٻيا ڪتاب پنهنجي آڏو رکيا آهن.

    اڳياڙي (اڳجوڙ، Prefix)
    سنڌيءَ ۾ مروج ٻولن جي اڳياڙين جي نشاندهي ڪندي الانا صاحب جن هيٺ ڏنل آوازن، پدن، ڌاتن ۽ لفظن کي اڳياڙيءَ طور نشانبر ڪيو آهي:
    /اَ-، اَڻ-، اَڀ- (آڀ-)، اُپ-، اَوَ-، پَــرَ-، ڏُ- (دُر-)، ري-، سَ-، سُ-، سَت-، سَـنِ-، نِ-، نِر-، ڪُ-، با-، بي-، بالا-، بد-، بَر-، پُر-، پَس-، زير-، زبر-، ڪم-، نا-، لا-، بد-/ (]1987[ 46-47 ۽ 339، ‘سنڌي معلم’، 139-140)
    /ڪم/ جتوئي صاحب جن جي نظر ۾ (]1983[ 113) معنادار، آزاد صورت ۽ سادو لفظ آهي پر الانا صاحب جن انهي لفظ /ڪم/ کي اڳياڙي قرار ڏنو آهي يعني ته سندن خيال موجب اها هڪ پروس صورت آهي جنهن جي لفظ جي اشتقاق کان ٻاهر ڪا به معنى نه هجڻ گھرجي.
    • ڪم: صفت. ٿورو - گھٽ - ڪجھ... (ج س ل)
    /ڪم-/ کي اڳياڙي قرار ڏيندي الانا صاحب جن /ڪم عقل، ڪم خرچ، ڪم فهم ۽ ڪم بخت/ جا مثال ڏنا آهن (]1987[ 47 ۽ 339) پر ڏسجي پيو ته اهي ڪنهن مرتب لفظ بدران هڪ مرڪب لفظ جي ڪسوٽيءَ تي پورا لهن ٿا يعني /ڪم/ اصولي طرح ڪا اڳياڙي، ڪا پروس صورت ناهي، اها هڪ آزاد صورت آهي، اڪيلي سر به ڪم اچي سگھي ٿي.
    /ڪم، ڪمتر ۽ ڪمترين/ ۾ اهو لفظ پاڻ کي بنيادي ثابت ڪري ٿو.
    /بد-/ کي اڳياڙي قرار ڏيندي الانا صاحب جن /بدبخت، بدنصيب ۽ بدصورت/ جا مثال ڏنا آهن (]1987[ 339)
    • بَـدۡ، بَـدِ: صفت ]ف[ خراب - ڪِنو - بڇڙو - گندو - مَدو... (ج س ل)
    ڇا /بد/ هڪ پروس صرفيه جي ڪسوٽيءَ تي پورو لهي ٿو؟ ڇا /بد/ جي اڪيلي سر ڪا به معنى ناهي؟ ڇا /بد/ هڪ آزاد صورت ناهي؟
    /بد، بدتر ۽ بدترين/ ۾ اهو لفظ پاڻ کي بنيادي ثابت ڪري ٿو.
    /بالا/ به هڪ فارسي ٻول آهي.
    • بالا: صفت. ]ف[ مٿاهون - بلند - اوچو... (ج س ل)
    اهو هڪ آجو لفظ، خودمختيار صورت ۽ اشتياق کان ٻاهر به هڪ معنادار ٻول آهي.
    /بالا، بالاتر ۽ بالاترين/ ۾ اهو لفظ پاڻ کي بنيادي ثابت ڪري ٿو.
    /لا/ هڪ عربي ٻول آهي جنهن جي پنهنجي هڪ آجي ۽ پاڻوس معنى ڪلمه طيب ۾ پڌري بيٺي آهي.
    • لا: حرف نفي. ]ع- لا= نه[ نه - ناڪار... (ج س ل)
    /پُر/ تي ڌيان ڏيڻ سان پڻ پڌرو ٿئي ٿو ته اهو ٻول هڪ آزاد صورت رکندڙ آهي.
    • پُر: صفت. ذ. ]ف[ ڀريل - ٽٻ - تار - ٽمٽار... (ج س ل)
    /زير/ پنهنجي سر، معنادار ۽ خودمختيار صورت ۾ ڪم ايندڙ هڪ فارسي ٻول آهي.
    • زير: ظرف. ]ف[ هيٺ - هيٺان - هيٺوڻو - هيٺاهون - هيٺ ڀرو - تحت... (ج س ل)
    الانا صاحب جن پاران وچياڙيءَ جي سلسلي ۾ ڏنل مثالن کي جاچيندي /زير و زبر/ تي ڌيان ڏبو ته ]و[ کي وچياڙي مڃيندي /زير/ ۽ /زبر/ کي ٻه مڪمل لفظ مڃڻو پوندو.
    • زبر ج زبَرَ: ذ. صفت ]ف. اَزۡبَــرۡ جو مخفف[ وڏو - مها - اتم... (ج س ل)
    /بي/ فارسي ۽ /ري/ سنڌي توڙي جو لغوي معنى جي لحاظ کان هڪ جھڙا ٻول آهن پر فارسي ۾ /بي/ هڪ خودمختيار صورت طور ڪم نه ٿي اچي ۽ ان ڪري جائز طرح پروس صورت ۽ اڳياڙي قرار ڏئي سگھبي پر سنڌيءَ جي /ري/ کي هيٺ ڏنل جملن ۾ ڏسبو ته ڪي قدر وڌيڪ ۽ گھرو سوچڻو پوندو.
    سڄڻ ري پئي سِڪان سِڪان
    محبت مارِي آهيان. (سچل ؟)
    سڄڻ ري/رِيءَ سک ڪونهي.
    پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رِيءَ وسيلي وڃ. (شاھ: سهڻي)
    ري سڄڻ سک ڪونهي.
    /ري/ رڳو ڪن لفظن جي اڳيان ئي نه پويان به اچي ٿو ۽ هڪ مقرر معنى ظاهر ڪري ٿو، پوءِ ڇو ۽ ڪيئن ان کي هروڀرو هڪ اڳياڙي مڃجي؟
    ان ڳالهه کي بهتر سمجھڻ لاءِ سٺو محسوس ٿو ٿئي ته سنڌي لفظ /ٻَ (ٻه)/ تي ڌيان ڏيون.
    • ٻه: صفت. ]پرا. بَه [هڪ عدد (2) - هڪ جي ٻيڻ “ٻه ته ٻارهن.” (پهاڪو) (ج س ل)
    /ٻَ (ٻه)/ هڪ مفرد لفظ آهي، آزاد صورت آهي، پنهنجي هڪ مقرر معنى رکي ٿو ۽ ڪنهن به ٻئي لفظ مان ڦٽي نڪتل (ڪردنت) ناهي، ان ڪري پاڙ ٻول آهي.
    اهو ٻول سنڌيءَ جي مختلف لفظن ۾ هن طرح ڪم اچي ٿو:
    • ٻارهن= ٻَه + آرھ
    ٻاويھ= ٻَه < ٻا + ويھ
    ٻٽيهه= ٻهَ + ٽيهه
    ٻائيتاليهه= ٻَه < ٻا + ايتاليهه
    ٻاونجاھ= ٻَه < ٻا + ونجاھ
    ٻاهٺ= ٻَه < ٻا + هٺ
    ٻاهتر= ٻَه < ٻا + هتر
    ٻياسي= ٻَه < ٻِه + آسي (اَسِي)
    ٻيانوي= ٻَه < ٻِه + آنوي
    ٻِسَو= ٻَه < ٻِه + سَو
    • ٻَ < ٻِ (ٻِه) + جويو/ڪَنو/مُنهون/مَڻِي/پَر/پُور/پهر/پاڙو/پُڙو/ لاٽو...
    • ٻَ < ٻي + پهري/جُڙ
    • /ٻَ + ايل/= ٻيل (ٻليهه)
    + /پ/= ٻيلپ
    + /ڙ/= ٻيلڙ
    + /او/= ٻيلڙو
    • /ٻَ < ٻِ + اِيڻ/= ٻيڻ + /اِ/= ٻيڻِ
    + /اِي/= ٻيڻي
    + /او/= ٻيڻو
    + /آء/= ٻيڻاء
    + /اڻ/= ٻيڻائڻ
    + /او/= ٻيڻائڻو
    • /ٻَ < ٻِي + اَر (هر)/= ٻيهر + /اَ/= ٻيهَرَ
    + اڙ/= ٻيئڙ + /اُ/= ٻيئڙُ
    /ٻِٽَ، ٻَکُ ۽ ٻُڪُ/ ٻولن ۾ ڌاتوءَ طور ليکڪ /ٻَ (ٻه)/ کي موجود ڏسي ٿو، پر اهي لفظ ڪجھ وڌيڪ بحث گھرن ٿا.
    هاڻي /ري/ ۽ /رِي/ ۾ وائل جي تبديل کي ذهن ۾ رکي /ري/ کي هڪ خودمختيار صورت طور پرکي سگھجي ٿو.
    هيٺ ڄاڻايل صرفيائن کي، ڪٿي نشاندهي سان، ته ڪٿي بنا نشاندهي جي، سنڌيءَ جي ڪجھ ڪتابن ۾ اڳياڙيءَ طور پيش ڪيو ويو آهي. انهن تي وڌيڪ ڌياڻ ڏيڻ ۽ پرک هيٺ آڻڻ جي اصولي گھرج موجود آهي. ليکڪ جي راءِ موجب جيڪي صرفيائون علمي طرح پروس (باندي) صورتون آهن تن کي انگن وسيلي ۽ جيڪي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پوريون نه ٿيون لهن، انهن جي اڳيان ليڪ ڏئي، کين ظاهر ڪيو ويو آهي.
    /اَ-/ (= نه): اٻَر، اٻل، اڀاڳ، اڀاس، اَنِت، ابَک، اَوِناشي، اَٻُجھ، اٻوهيو، اڀوڳ، اٿاھ، اَٽل، اجِيت، اڏول، اروڳ، اڪهه، الوڻو، اَمِت }اَمئت{، امرت، امُول وغيره.
    /آ-/
    /آ-/ (= اُبتو): آگم (ج س ل)
    ]نوٽ: /آگمڻ/ ٻول جي /آ-/ کي ساڳيو ڪتاب “چئني پاسن کان” جي معنيٰ سان ظاهر ڪري ٿو.[
    ]آگم: (سن. آگَمَ. آ = تائين، چئني طرفن کان + گَمۡ = وڃڻ) وقت، جھڙ. ‘تحقيق لغات سنڌي’ (ت ل غ)[
    /آ-/ (= تائين): آتر، آچمان، آديس، آڙھ، آهار، آهرتي.
    /آ-/ (= تکو): آٽڻ (ت ل س ۽ ج س ل)
    /آ-/ (= چوڌاري): آٻوٿي، آڀاسڻ، آتارڻ، آتڻ، آٿوڻو، آٽارڻ.
    /آ-/ (= ساڻ، تائين، چڱيءِ طرح): آڀارڻ، آٽي، آٺارڻ، آجيوڪا، آڇارو، آڇاڻڻ، آدر، آدرش، آڌر، آڻ، ڪانڍڻ.
    /آ-/ (= سڀني پاسن کان): آٻوسڻ، آڪاس، آگھارڻ.
    /آ-/ (= گھڻو): آپار، آڀا، آڌيه.
    /آ-/ (= نه): آبري، آڀو، آٿڙو، آٿڙ، آپاتو، آجِڙ، آچڙو، آڌين، آروڳ، اڀهو، اڀوت، اڀوڄ.
    /آن-/ (= هائو): آنڪار، آنڪارڻ (ج س ل)
    /اُڀۡ-/
    /اَڀ-/ (= گھڻو): اڀياس، اڀمان
    /اَڀ-/ (= مٿان): آٻوهڻ (ج س ل)
    /آت- (آتر-)/ (= بغير رڪاوٽ جي هلڻ، مستقل هلندو رهڻ): آتم/آتما (سامي ڌاتو ڪوش=س ڌ ڪ)
    /اَت-/ (= گھڻو): اتنتا، اُڌڀت
    /اُت-/ (= مٿي): اُتپت (اُد = مٿي)، اُتر (ادتر)، اُتم (ادتم)، اٿان (ادتان) (س ڌ ڪ)
    8) /اَٽ-/ (= چلڻ): اٽپٽي (س ڌ ڪ)
    9) /اَپ-/
    /اَپ-/ (= پري): اوهرڻ.
    /اَپ-/ (= خراب): آٻوڇي، اپسگڻ، اپمان
    /اَپ-/ (= گھٽ): اپجس
    /اَپ-/ (= نه): اپسمار
    /اَپ-/ (= خراب طرح سان): اپراڌ
    /اَپ-/ (= ويجھو): اپاسنا، اُپديش
    ]نوٽ: /اَپ-/ (= ويجھو) واري معنى ڏيکاريندڙ /اُپ-/ به ڄاڻائي وئي آهي. ٿي سگھي ٿو پروف جي غلطي سبب انهن ڪجھ لفظن ۾ /اُپ-/ جي بدران /اَپ-/ ڇپجي ويو هجي.[
    10) /اُپ-/
    /اُپ-/ (= جھڙو): اپسمنڊ
    /اُپ-/ (= ذري گھٽ): اپپتني، اپپتي، اپبن
    /اُپ-/ (= گڏ): اپراسو
    /اُپ-/ (= گھڻو): اُپڪار
    /اُپ-/ (= مٿي): اپجڻ
    /اُپ-/ (= ويجھو): اپارجت، اُپاءُ، اپديش، اپسرڳ، اپڪار، اپواس
    /اُپ-/ (= هيٺ): اپڀرنش
    ]نوٽ: ڌيان ڏيڻ گھرجي ته هڪ لفظ، ڌاتو ٻول /اُپ/ به آهي جنهن جو اسم مصدر /اپڻ/، اسم مفعول /اپيو ۽ اپيل/ ۽ اسم استقبال /اپندو/ آهي. مٿي ڏنل ٻولن ۾ /اپجڻ، اپاءُ ۽ اپڪار/ تي ڌيان ڏيڻ سان /اُپ/ هڪ ڌاتو ٻول طور اڀري اچي ٿو.[
    11) /اُچ-/ ( مٿي): اچنگڻ، اُچاڻ، اچائي
    ]نوٽ: سنڌي ۾ مروج /اُچو، اُچِي، اُچا ۽ اُچيون/ ۽ /اُوچو، اُوچِي، اوچا ۽ اوچيون/ ٻولن کي ڏسي اهو چوڻ ۾ ڪو به حرج ناهي ته /اُچۡ/ هڪ ڌاتو ٻول آهي. /اچاڻ ۽ اچائي/ ٻول پڻ ان راءِ جي تصديق ڪن ٿا.[
    12) /اُد-/
    /اُد-/ (= پري): اداس (ج س ل)
    /اُد-/ (= مٿي): اداس، اُدِت، اڌار، ارجھڻ (س ڌ ڪ)
    اٻاڦڻ، اٻاهو، اڀڻ، اُجل، اُڄٽ، اُچٽڻ، اديوڳ، اڌمڻ، اڌڻ، اڊوڙڻ، اوسر، اوسرڻ (ج س ل)
    /اُد = اُت/ (= مٿي): اڀارڻ، اتاول، اتپن، اپٽڻ، اپڙڻ، اجاڙڻ، اُدِي، اُساس (ج س ل)
    /اُدش/ (= هيٺ): اڌومک (ج س ل)
    ]نوٽ: ٿي سگھي ٿو ته هن ٻول جي نشاندهي هڪ اڳياڙيءَ طور نه ڪيل هجي.[
    /اگ-/ (= جبل): اگست (= جبل ڪيرائيندڙ) (س ڌ ڪ)
    13) /ال-/ (= سنوارڻ، سينگارڻ): الڪيون (س ڌ ڪ)
    14) /اُم-/ (= هائو): اونڪارڻ (ج س ل)
    15) /اَنۡ-/
    /اَنۡ-/ (= پوئتان): انوسار، انومان، انڀو
    /اَنۡ-/ (= نه): انرَٿ، انمانيو، انمول، اننت، انوپ، انيڪ، انيل.
    16) /اَڻ-/ (= نه): اڻبڻت، اڻ ڀومو، اڻتارو، اڻتوريو، اڻڄاڻ، اڻڏٺو، اڻسڌريل
    17) /اَوَ-/
    /اَوَ-/ (= چئني پاسن کان): وهنوار
    /اَوَ-/ (= خراب): آجھرڻ، آجھڙڻ، اگردت، اواٽ، اوتر، اولو
    /اَوَ-/ (= کان پري): اوگيا، اوڳو.
    /اَوَ-/ (= گھٽ): اوگڻ
    /اَوَ-/ (= هيٺ پري، خراب)، اَجھور، اُلار، اوناڙي، اوڪاش، اَوَڌ، اوڌان، اَوَڌوت.
    18) /بَ-/
    /بَ-/ (= قسم جي معنى ڏيکاريندڙ): بخدا
    /بَ-/ (= تواتر جي معنى ڏيکاريندڙ): روزبروز، دِن بَدِن
    /بَ-/ (= تاڪيدي معنى ڏيکاريندڙ): تازھ بتازھ، نَوبنو، جابجا
    /بَ-/ (=؟): بجانب، بجنسي، بخوبي، بدستور، بدولت، بنسبت، بحال
    19) /بِ-/ (= ساڻ): بااللھ، بالاتفاق، بالخير، باالفرض، بالفعل...
    20) /با-/ (= وارو): باآبرو، بااثر، باادب، باتدبير، باحيا، بافضيلت، باڪمال
    21) /بَر-/ (= ؟): برحق، برچشم، برطرف، برخلاف
    22) /بل/ (= چوڌاري ڦرڻ): ٻلهار
    23) /بي-/ (= کان سواءِ): بي ادب، بي وس، بي بها، بي اونو، بي پاڙو، بي ڊول
    /ٻَ، ٻِ، ٻُ، ٻا، ٻي/
    24) /ڀَ-/ (= ميڙ): ڀچڪر
    ]نوٽ: ليکڪ شڪ رکي ٿو ته اهو هڪ ڌاتو ٻول آهي.[
    /ڀَـــوَ-، ڀَــيَه (ڀَــيَ)/ (= ڊڄڻ): ڀوساگر، ڀوجَــل (س ڌ ڪ)، ڀچڪ (ج س ل)
    ]نوٽ: ليکڪ جي نظر ۾ هن ٻول جو ڌاتو /ڀَئه/ ]ڀ + اَء[ آهي[
    25) /ڀدر-/ (= چڱي): ڀروسو
    ]نوٽ: ليکڪ شڪ رکي ٿو ته اهو هڪ مرتب ٻول آهي.[
    26) /تا-/ (= تائين): تاحال، تادم، تامرگ
    27) /تَت-/
    /تَت-/ (= اختصار): تتڪرو
    /تَت-/ (= اهو، ساڳيو): تتڪال، تدروپ (ج س ل)
    28) /تَــد-/ (= اهو): تتڪال (تدڪال) (س ڌ ڪ)
    29) /تَــڌ-/ (= اهو): تڌروپ (س ڌ ڪ)
    /تِــر-، تر/ (= ٽي)
    30) /تِــرس-/ (= هيٺ): ٽيڏو (س ڪ ل) (ت ل س)
    /ٽِ (ٽِــر) = ٽي/: ٽٿنڀي، ٽِٽڻ، ٽپائي، ٽپتائي، ٽپکو، ٽپهري (ٽيپهري)، ٽرقمي، ٽڪنڊو، ٽڪورو، ٽماهي، ٽِمکو، ٽمٿو، ٽکُڙ.
    ٽي، تيرهن، ٽيويهه، ٽيٽيهه، ٽيتاليهه، ٽيونجاھ، ٽيهٺ، ٽيهتر، ٽياسي، ٽيانوي.
    ٽيجھو، ٽيهر
    ٽئڙ
    ٽيڙُو
    31) /پا-/
    /پا-/ (= بچائڻ): پتوِرت (س ڌ ڪ)
    - /پا-/ (= پاءُ): پاتولو، پاسير، پاماسو
    - /پا-/ (= پير): پازيب، پاڪوبي، پاگوٺي، پامال، پابوسي، پاياب
    /پاد-/
    /پاد/ (= پير): پاوٺي
    /پاد/ (= چوٿون حصو): پوڻو
    /پَت-/ (= ڪِرڻ): پاتال
    /پد-/
    /پد/ (= پير)
    /پد-/ (= شبد، لفظ): پدارٿ
    32) /پۡــر-/
    /پۡـر-/ (= چوڌاري): پاند
    /پۡـر-/ (= گھڻو): پراپت، پرٻل، پربين، پرڀات، پرتاب، پرجا، پرڇن، پرڌان، پرڪاش، پرگھٽ، پرماڻ، پرڻام، پڄارڻ، پڄرڻ، پڇاڙڻ، پرارٿنا، پِراڻ، پِرائڻ، پرڀو.
    33) /پَــر-/
    /پَـر-/ (= اڳتي): پاڻو
    /پَـر-/ (= اڳ ۾): پراچين
    /پَـر-/ (= ٻيو): پراپڪار، پرلوڪ، پرمتڙيو، پرمل
    /پَـر-/ (= چوڌاري، سڀ طرح سان): پرڇو، پرساد، پرلاءُ، پرورتا، پائڻ، پچار، پڇاڙڻ، پرٽ، پرچار، پرچڻ
    /پَـر-/ (= ڌاريو): پرديس، پراڌين، پرکنڊ
    /پَـر-/ (= هُتي، پري): پرلو
    /پُـر/ (= بدن): پُرش
    34) /پـرا-/
    /پـرا-/ (= اڳتي): پائڻ
    /پـرا/ (= پراڻو): پراتن
    /پـرا-/ (= گھڻو): پراربد (ج س ل). ]پر= گھڻو + آ= تائين. پرارجد (س ڌ ڪ)[
    ]اصولي طرح ٽي اڳياڙيون: /پر/ + /آ/ + /ر/ (= وڃڻ).[
    35) /پرت-/ (= چوڌاري): پرتپال
    /پـس/ (= پٺيان): پسگردائي، پس منظر
    /پـو/ (= پري): پوش پوش
    /چَـو/ (= چار)
    /ڇَ (ڇهه)/ (= ڇهه)
    /دُ، دُو، دو، ڍُ-/ (= ٻه): دبارو، دُت، دُتارو، دتيا، دپٽو، دوئي، دهري، دُڪي، دوڇَتي، دوآبو، دوتهو، دورنگو، ڍُنگ
    36) /دُر-/ (= ۾): درماھ، درميان
    37) /دُر-/
    /دُر-/ (= خراب): درگت، ڏهاڳ، درآچاري، ڏواءُ، ڏوٻر
    /دُر-/ (= گھٽ): درٻل، درلڀ (ج س ل)
    /دُر-/ (= مشڪل): درلڀ (س ڌ ڪ)
    38) /دُشٽ/ (= خراب): دشمن، ڏڪار (ج س ل)
    39) /ڏُ (= در)/ (= نه): ڏڪار، ڏٻرو، ڏتڙ، ڏڙڻ، ڏچر، ڏڄڻ (سنڌي وياڪرڻ، ج س ل)
    40) /ڍي-/ (= مضبوط): ڍينگ/ڍينگري
    /ري/ (= بنا، کان سواءِ): ري مُلهو، ري ڏاڙهيو، ري چيو، ري ڪمو، ري پيرو، ري پاڻيو، ري ٻُڪي
    41) /سَ-/
    /سَ-/ (= ساڳيو، برابر): سجات، سمان
    /سَ-/ (= ساڻ): سپاڙي، سڦل، سَدي، سرگڻ، ساربان، ساک، سرهو، سمانو، سبرڪتو،
    42) /سُ-/
    /سُ-/ (= چڱو، سٺو): سپت، سپرين، سچيت، سُڌ، سڌاتورو، سڌير، سڳند، سمَت، سُتَڙ، سلڇڻو، سباس
    /سُ-/ (= چڱيءَ طرح سان): سگم، سگھڙ، سماڌ
    43) /سا-/ (= چڱو): ساپرس
    44) /سَت-/
    /سَت-/ (= چڱو): ساڃارو، ساڃاھ، سَٻُڌ
    /سَت-/ (= سچو): ستگر
    45) /سَـر-/ (= پنهنجو): سروپ (س ڌ ڪ)
    46) /سَـم-/
    /سم-/ (= اڳيان، سامهون): سنمک
    /سم-/ (= برابر): سم درشي
    /سم-/ ( چڱو): سمڪرت (سنسڪرت)
    /سم-/ (= چڱيءَ طرح سان): سناسي، سنتاپ، سائڻ، سمجھڻ
    /سَم-/ (= ساڻ، گڏ): سميٽڻ، سنٻڌ، سنسو، سنڪوچ، سانڀڻ، سماڌ، سماگم، سنڀالڻ، سنگم
    47) /سَهه (سان) سُ.، سَ-/ سڦلو، سٻوجھو، سپتيو، سڪار (سنڌي وياڪرڻ)
    48) /سَــوَ-/ (= پاڻ): سومان
    49) /سُــوَ-/
    /سُــوَ-/ (= پاڻ): سروپ
    /سُــوَ-/ (= پنهنجو): سوارٿ
    50) /شَـت-/ (= سٺو): ستسنگ (س ڌ ڪ)
    51) /ڪَ-/ (= هوا): ڪپاٽ، ڪدلي (س ڌ ڪ)
    52) /ڪُ-/ (= خراب): ڪپت، ڪپوت، ڪپيري، ڪُچر، ڪرِيت، ڪسنگ، ڪُوٖيڻ
    /ڪدا-/ (= ڪڏهن): ڪداچت
    /ڪَر-/ (= ڪرڻ): ڪرتا پرک، ڪرتارٿ
    /ڪَـش-/ (= آزمائڻ): ڪسوٽي
    /ڪل-/ (= جھڪو): ڪرلائڻ
    53) /ڪِهه-/ (= ننڍائي/صغيري جي نشاني): ڪهتر (سنڌي وياڪرڻ)
    /گُ-، گو-/ (= ڳئون): گسائين، گوپال
    /گر-/ (= سکيا ڏيڻ): گرگم
    /گو-/ (= حواس): گورک
    54) /مَ-/ (= نه): مڇڏ، مڇڏو، مَسَهُو
    /مَهه-/ (= وڏو): مهاڄڻ، مهاراج، مهاراڻي، مهاڪال، مهامري
    55) /مِهه-/ (= وڏپڻ/ڪبيرائي جي نشاني): مِهستي، مِهمان (سنڌي وياڪرڻ)
    /نه (نَ)/
    /نه/ (= اندر): نواس
    /نه/ (= هيٺ): نيچ
    /نه/ (= نه): نروڌ، نشيد، نکيه، نکٽو، نڪمو، نڌڻڪو، نِپُٽو
    56) /نِر-/
    /نِر-/ (= سواءِ): نٻل، نڌر، نراڀمان، نرآس، نراڪا، نرڀئي، نِرپَک، نردوش، نرگڻ، نرگم، نرمل، نروار، نرالو.
    /نِر-/ (= هليو ويو آهي): نرنجن
    /نِر-/ (= يقيناً): نِرکڻ
    57) /نِس-/ ( نه): نسڦل، نسڪام، نسڪپت
    58) /نِـش-/
    /نِش-/ (= ٻاهر): نڪرڻ
    /نِش-/ (= نه): نشچل، نشڦل
    59) /نِـهه-/ (= نه): نهچل، نهڪام، نهڪپت، نهنگ، نهجل، نهٻل، نهچل، نهڦل
    /وا-/ (= پاڻي): بادل
    60) /وِ-/
    /وِ-/ (= پري): برھ، بکرو، بکيرڻ
    /وِ-/ (= چڱيءَ طرح سان): وتريڪ
    /وِ-/ (= خراب، بريءَ طرح سان): بُرو، ورلاپ، بگاڙڻ
    /وِ-/ (= سواءِ): بيگم پور، وِمَل (س ڌ ڪ)
    /وِ-/ (= طاقت): ڀيوت (وڀوت)
    /وِ-/ (= ڪجھ ڪجھ): بِسمار
    /وِ-/ (= گھڻو): بگاسڻو، بلاس، ٻيج، واپار، وڌ، وِڌوچار، ورڌاتا، ورونهن، وستار، وکاد، وکاڻ، وگيپ، وگيان، ولاس، وويڪ
    /و-/ (= نه): بديهي، وديهي، ورڪت، ويراڳ
    61) /ھِ-/ (= ساڳيو): هماتا، هِپتا (‘سنڌي ٻولي’، ليلارام)
    /هم-/
    /هَم-/ (= ساڳيو): همعمر،
    /هَم-/ (= ساڻ): همسفر، همراهي، همراھ
    وچياڙيون
    ليکڪ وٽ ايترو ۽ اهو گھربل مواد موجود ناهي جنهن جي بنياد تي وچياڙين (Infixes) بابت تفصيلي بحث ڪري سگھي. سنڌي ۾ وياڪرڻ بابت لکيل ڪي به اهڙا ڪتاب، سواءِ الانا صاحب جن جي ڪجھ ڪتابن جي، ليکڪ جي نظرن مان نه گذريا آهن جن ۾ وچياڙيءَ بابت ٿورو به بحث ڪيل هجي. البت مٿي جيڪي سوال اٿاريا ويا آهن انهن جي جواب جي گھرج بلڪل موجود آهي. وچياڙين جو ڪجھ قدر وڌيڪ ذڪر الانا صاحب جن ٻئي هنڌ به ڪيو آهي.
    • مرڪب لفظ : سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا مرڪب لفظ }موجود{ آهن جيڪي فارسي ٻوليءَ جو }سنڌي ٻوليءَ تي{ اثر ظاهر ڪن ٿا. هيٺ اهي تفصيل سان بيان ڪجن ٿا
    ‘و’ جو استعمال: فارسيءَ جي اثر کان سنڌيءَ ۾ مرڪب لفظن ۾ ‘و’ وچياڙيءَ (infix) طور استعمال ٿي آهي. هيٺ اهڙا لفظ مثال طور ڏجن ٿا:
    روز و شب، صبح و شام، بحر و بر، آمد و رفت، گفت و شنيد، نشست و برخاست.
    ‘ب’ وچياڙيءَ جو استعمال: سنڌي ۾ اهڙا ڪيترائي فارسي زبان جا لفظ ڪم اچن ٿا، جن ۾ ‘ب’ وچياڙيءَ طور ڪم آئي آهي؛ مثلاً:
    درجه بدرجه، سال بسال، وقت بوقت، دربدر، روزبروز
    (الانا ]1987[ 337-338)
    }ب{ اڪيلي سر مفرد لفظ طور ڪم نه ٿي اچي، اها هڪ پروس صورت آهي ۽ لفظ جي اشتقاق ۾ ئي هڪ مقرر معنى ظاهر ڪري ٿي جڏهن ته }و{ پنهنجي اصلوڪي ٻولي ۾ هڪ مفرد لفظ طور ڪم اچي ٿي ۽ ‘حرف جملي’ /۽/ جي معنى ڏئي ٿي، ان ڪري اها هڪ مفرد لفظ جو ڪم ڪري ٿي. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته وچياڙيءَ جي حوالي سان ڪنهن پروس صورت موجود هجڻ جي تخصيص قائم نه رکي وئي آهي. پر جيڪڏهن ڄاڻايل ٻولن ۾ /و/ جو حقيقي آواز /او/ ڌيان ۾ رکيو وڃي ته اها هڪ پروس صرفيه طور اڀري اچي ٿي.
    اتي، فطري طرح، اهو سوال اٿي ٿو ته
    /گھَرڌڻي، راڄَ ڌڻي، ڳوٺَ وڏيرو، نڙَبيت، جھنگَ ڪڪڙ، جھنگَ ٻلو، اتــرَواءُ، ڏندَڪٿا، نانگَ ول، هٿَ ڦاڙ، واتَ ڳاڙهو، واتَ پٽيو، وڏَ واتو، وڏَ کائو، وڏَ ڦڙو، ڪاٺَ ڪٺو، نڪَ هير، نڪَ سنئون، منهَن ڪنئرو، درياھَ لانگھو، مڙسَ تار، نانءَ چڙهيو، کُٽيءَ کنيو، نانگَ کاڌو، ڪکَ چکيو، نڪاحَ ٻڌي، لڄَ پال، ٻنيءَ ٻوڙ، غمَ ٽار، هڏَ ڏوکي/ وغيره ٻولن ۾ /- اَ -/،
    /ديسان ديس، ڏيهان ڏيھ، هنڌان هنڌ، ڳوٺان ڳوٺ، منهان منهن، راتيان ڏينهن، پيران پير/ وغيره ٻولن ۾ /- آن -/
    /ڀيٽو ڀيٽي، اڳو پوءِ، هٿوهٿ، وِچون وچ/، وغيره ٻولن ۾ /- او -/،
    /هَٿون هٿ، ڳوٺَون ڳوٺ، گھرَون گھر، هِتَون هُت، هيڏَون هوڏي/ وغيره ٻولن ۾ /- اَون -/ ۽
    /آڱرِ ويڙھ، اکِ ڦلو، ڳنڍِڇوڙ، دلِ گھريو/ وغيره ٻولن ۾ /- اِ -/ ڇا پروس صورتون نه آهن، ٻول جي اشتقاق ۾ ڇا انهن جي ڪا مقرر معنى نه آهي ۽ اهي جڏهن ته آزاد صورت ۾ به ڪم نه ٿيون اچن تڏهن ڇو انهن کي وچياڙي نه سڏجي؟
    • وچياڙي (فلالاجي) ڪنهن پاڙ (ڌاتو) يا ٻول ۾ داخل ڪيل هڪ جز يا جوڙ، جيئن Lab پاڙ سان ايندڙ Lambano ٻول ۾ m. (چئمبرٰس ڊڪشنري)
    محدود وسيلن سبب ليکڪ وٽ ڪا به راھ نه آهي جو تصديق ڪري سگھي ته /لَيب/ ڌاتو مان ٺهيل /لَيمبانو/ ۾ /م/ کي لفظ جي اشتقاق ۾ هڪ معندار جز ۽ هڪ پروس صورت آهي. پر اهو، بهرحال، واضح آهي ته جنهن جز يا جوڙ کي وچياڙي سڏيو ويو آهي اهو ٻن لفظن جي وچ ۾ نه پر هڪ ئي لفظ جي وچ ۾ آيو آهي.
    • سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ‘ڪر’ (kir) معنى ‘ڪرڻ’، جنهن جو اسم مفعول ‘ڪرت’ معنى ‘ڪيو’ يا ‘ڪيل’. ‘سم’ هڪ اڳياڙي (prefix) آهي، جنهن جي معنى آهي ‘چڱو’، تنهنڪري ‘سمڪرت’ (سنسڪرت) ٻولي معنى چڱي يا صاف ٿيل يعني اجاريل يا سڌاريل ٻولي (Polished or refined language) سنسڪرت ۾ قاعدو آهي ته ‘ڪر’ ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن ‘سم’ اچي، ته ‘س’ جو اچار بالائي گڏڻ گھرجي. انهيءَ سبب ‘سمڪرت’ بدران ‘سمسڪرت’ (سنسڪرت) ۽ ‘سمڪار’ بدران ‘سمسڪار’ (سنسڪار) چئبو آهي. (آڏواڻي ]1956[ 24)
    جيئن چيو ويو آهي، ان کي ايئن ئي درست سمجھندي ڇا ايئن نه ٿو چئي سگھجي ته ڄاڻايل ٻنهي ٻولن ۾ “‘س’ جو اچار بالائي” هڪ وچياڙي آهي؟
    هتي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ مزاج جي نشاندهي ته ٿي آهي پر انهيءَ کي ڇنڊي ڇاڻي وڌيڪ صاف سٿرن ۽ اصولي بنيادن تي بيهارڻ لاءِ وڌيڪ جنهن تحقيق جي گھرج هئي اها نه ڪئي وئي آهي.

    اندروني تبديل
    • بدلائڻ واري طريقي موجب بنيادي لفظ جي ڪنهن پد يا صرفيي کي بدلائڻ سان ٻيو لفظ نڪرندو آهي... اهو بدلائڻ وارو طريقو ڪڏهن ڪڏهن بنياد ۽ جوڙ ٻنهي تي اثر انداز ٿيندو آهي. ان کي اندروني تبديلي (internal change) سڏبو آهي. (1) مثلاً سنڌيءَ ۾ زمان ماضي ٺاهڻ لاءِ بنياد جي پويان /يو/ ملائبو آهي؛ جيئن ته
    (1) /لِکۡ/ مان /لکيو/
    /پڙھ/ مان /پڙهيو/
    مگر ڪن حالتن ۾ بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جو پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد ملائبو آهي. مثلاً
    (2) /کاءۡ-/ مان /کاڌو/
    /آڻ-/ مان /آندو/
    وَٺۡ-/ مان /ورتو/ اها اندروني تبديلي ڪڏهن ڪڏهن رڳو بنياد جي پد يا صرفيي سان به ٿيندي آهي. مثلاً شخصي ضميرن جي مضاف ڏيکارڻ لاءِ اسم جي پٺيان ضميري پڇاڙي ملائبي آهي، جيئن ته
    (3) /پُٽ/ بنياد مان /پُٽم/ (منهنجو پٽ)
    /پُٽ/ بنياد مان /پُٽس/ (هن جو پٽ)
    مگر ڪٿي اسم جي آخرين پد يا صرفيي کي ٻئي پد يا صوتيي سان تبديلي ڪري پوءِ ضميري پڇاڙي ملائبي آهي، جيئن ته
    (4) /پيءُ/ مان /پِڻَس/ يا /پڻم/ وغيره.
    /ماءُ/ مان /ماڻس/ يا /ماڻم/ وغيره.
    /سس/ مان /سسڻس/ يا /سسڻم/ وغيره.
    (5) دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ اها اندروني تبديلي رڳو هڪ صوتيي سان به ٿيندي آهي. جنهن اصول سان صرفيا هڪ صوتيي جي تبديل سان ٺهن ٿا تنهن کي صرفي-صوتيه اصول (Morphophonology، Morphonology يا Morphophonemics) سڏبو آهي. (جتوئي ]1983[ 120-121)
    نمبر (5) جو ڪو به مثال ڏنل آهي.
    نمبر (4) ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اسم جي آخري پد يا صرفيي کي ڇو ڪنهن ٻئي پد يا صرفيي سان تبديل ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڇا سنڌي ٻولي ۾ /پڻم/، /ماڻم/ ۽ /سسڻم/ جھڙا ٻول سچ پچ وجود رکن ٿا؟
    نمبر (3) ۾ /پٽ/ سان /- ام/ ۽ /- اَس/ پٺجوڙ طور مليل آهن. ڇا ان کي اندروني تبديل چئي سگھجي ٿو ۽ ڇا اها “بنياد” جي پد يا صرفيي سان ٿي آهي؟
    نمبر (2) ۾ /کاءۡ-/، /آڻۡ-/ ۽ /وَٺۡ/ ٻپدا ٻول آهن يا يڪپدا؟ ليکڪ جي راءِ موجب اهي يڪپدا آهن. يڪپدي ٻول جو “پهريون پد” ڪيئن قائم ڪري سگھبو؟ ڇا /کاڌو/، /آندو/ ۽ /ورتو/ جو /کا/، /آ/ ۽ /وَ/ ڄاڻايل يڪپدن ٻولن (جن کي مختلف هنڌن تي “بنياد” سڏيو ويو آهي) /کاءۡ-/، /آڻۡ-/ ۽ /وَٺۡ-/ تان ئي ورتا ويا آهن؟ ان جو ثبوت ڪهڙو آهي؟
    نمبر (1) ۾ /يو/ پٺيان ملايو ويو آهي، اهو ڌاتو ۾ ڪا به اندروني تبديل نه ٿو آڻي. پر، ڇا /لِکۡ، پَــڙۡھ/ سان سچ پچ /يو/ ئي ملايو ويو آهي يا /يو/ پاڻ به ڪن آوازن جو ميلاپ آهي؟
    نمبر (1) ۽ (3) جھڙا ڪي مثال الانا صاحب جن به ڏنا آهن پر پٺجوڙ طور ۽ اهو ڄاڻائيندي ته “پڇاڙي ملائڻ کان اڳ ڌاتو جي پوئين وينجڻ يعني پد ۾ صوتي تبديل ايندي آهي؛ مثال طور
    /وَسۡ/ < وَٺۡ + او= وَٺو
    /ڊَھۡ/ < ڊَٺۡ + او= ڊٺو
    /ڦِسۡ/ < ڦِٿۡ + او= ڦٿو. (الانا ]1987[ 54)
    - ڇا ڄاڻايل ٻولن ۾ “پويون وينجڻ” ۽ “پد” ساڳي شيءِ آهن؟
    - ڇا /وَسۡ/، /ڊَھۡ/ ۽ /ڦِسۡ/ ۾ واقعي به، اهڙي تبديلي آئي جو سندن /سۡ/، /ھۡ/ ۽ /سۡ/ واريسر /ٺۡ/، /ٺۡ/ ۽ /ٿۡ/ ۾ بدلجي ويا؟ اهڙي تبديلي ڇو آئي؟
    • علم صرف ۾ تبديل جو هڪ ٻيو اصول يا قانون اندروني تبديل آهي... خودمختيار يا آزاد صورتن جي اڳيان يا پويان نشانين ملائڻ کان اڳ، ڌاتوءَ جي بنيادي صورت ۾ تبديل ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح تبديل کي اندروني تبديل چئبو آهي؛ مثال طور:
    وَسۡ - < وَٺۡ + او= وَٺو س < ٺ وينجڻ جي تبديل
    بِيھۡ - < بيٺۡ + او= بيٺو ھ < ٺ = = =
    ڀَـــڄۡ - < ڀَڳۡ + او= ڀڳو ڄ < ڳ = = =
    (الانا ]1987[ 55)
    اندروني تبديل کي وڌيڪ بحث هيٺ آڻڻ کان اڳ سٺو ٿو ڀانئجي ته سراج صاحب جن جي هڪ راءِ کي نظر مان ڪڍيو وڃي.
    • هاڻ اچو ته سنڌي ٻوليءَ جي “ماءُ” ۽ “پيءُ” لفظن کي ڏسون. انهن ٻن لفظن تي غور ڪرڻ سان هڪ عجيب ڳالهه نظر اچي ٿي. اسين سنڌي ۾ اضافتي ضميرن لاءِ ضمير متصل جون پڇاڙيون ڳنڍيندا آهيون، جا سنڌيءَ جي هڪ قديم خصوصيت آهي... اهي نشانيون هي آهن:
    ضمير متڪلم جي اضافت = پٽ + م = پٽم منهنجو پٽ.
    ضمير حاضر جي اضافت = پٽ + اِ -اي= پٽئه يا پٽئي= تنهنجو پٽ.
    ضمير غائب جي اضافت = پٽ + س= پٽس= هن جو پٽ.
    هاڻي اهي ٽي نشانيون م، ئي ۽ س اسين اصل کان هر اسم سان اضافت ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪندا آيا آهيون ــــــــــ پر ماءُ ۽ پيءُ جي سمورن لفظن سان متڪلم جي نشاني ‘م’ هرگز نه ٿي ڳنڍجي.
    ماءُ= ماءُ + م= مائم (ماڻهم)
    پيءُ= پيءُ + م= پيئم (پڻهم)
    امڙ= امڙ + م= امڙم
    امان= امان + م= امانم
    جيجل= جيجل + م= جيجلم
    آيل= آيل + م= آيلم
    بابو= بابو + م= بابوم، بابم
    ابو= ابو + م= ابوم، ابم.
    اوهين ڏسندا ته مٿئين ڪنهن هڪ لفظ سان به ‘م’ پڇاڙي نه ٿي ٺهڪي ــــــــــ ۽ نه ڪڏهن ڪو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان ڪري جو سنڌيءَ جي تمدني مزاج ۾ اهو ممنوع هو، باقي سمورن مائٽن جي لفظن سان اها نشاني ٺهڪي ايندي، يا انهن ئي لفظن ۾ حاضر ۽ غائب جو نشانيون به ٺهڪي اينديون ــــــــــ ماڻس، پڻس، ڌيڻم، بابس، ڀاڻم، سسڻم وغيره. آخر ائين ڇو آهي؟ ۽ ‘ماءُ’ ۾ ‘پيءُ’ لاءِ ايترا گھڻا لفظ ڇو؟ ان جو هڪڙو ئي معقول جواز آهي ته متڪلم ماڻهو... پنهنجي ماءُ پيءُ جو نالو نه کڻندو هوندو... سنڌي ماڻهو قديم ۾ پنهنجن ويجھن عزيزن ۽ مِٽن مائٽن کي ڪنهن عزت ۽ احترام جي لفظ سان ياد ڪندا هئا، جو لفظ اسان کان هاڻ گم ٿي ويو آهي پر ان جو هڪ پد نشاني رهجي ويو آهي. (سراج ]1964[ 74-75)

    سراج صاحب جن جو خيال آهي ته اهو “ڻ” يا “ڻهه” ان ڪري موجود آهي جو ڪنهن آڳاٽي زماني ۾ ڪنهن ديوي يا ديوتا “اڻسي” يا “اڻس” جي حوالي سان مائٽاڻي تصور طور استعمال ٿيو آهي.
    سراج صاحب جن جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو وڃي يا نه، ٿي سگھي ٿو ته صحيح ثابت ٿئي يا غلط، پر پاڻ ڪنهن ٻول ۾ هڪ وائڄڻ جي اسري اچڻ بابت هڪ دليل يا جواز پيش ڪيو اٿائون، اهو نه چيو اٿن ته ايئن ٿيندو آهي، ايئن ڪبو آهي يا اهو سنڌي ٻوليءَ جو قاعدو آهي!
    ليکڪ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ راءِ رکڻ گھري ٿو.
    • سَنسِڪارُ: (سن سُنسڪار. سَمۡ = پاڪ، صاف، چڱيءَ طرح سان + ڪر = ڪرڻ)، ڪرم يا ڪريا، جنهن سان شرير ۽ آتما، شُد ٿي، ڌرم، آرٿ، ڪام ۽ موڪش پراپت ڪجي، صاف ڪرڻ جي ريت.
    • سَنسِڪَرتَ: (سن. سَنسڪۡرَتَ. سم = صاف + ڪر = ڪرڻ. صاف ڪيل)، هندن جي پاڪ ٻولي.
    • سَنڪَلَپُ: (پرا. سَنَـڪَـلَـپَّ. سن. سَنڪَلۡپَ. سَمۡ = ساڻ + ڪۡــرۡپۡ = طاقت رکڻ)، دل جي خواهش، ڪامنا.
    • ڪَلپَت: (سن. ڪَـلۡپِتَ. ڪۡــرۡپۡ = ويچارڻ)، نقلي، ڪوڙو، ڦَـرڻو، خيال.
    • ڪَـلۡپِنا: (سن. ڪَلۡـپَـنا. ڪۡــرۡپۡ = ويچار ڪرڻ)، من گھڙت باب.
    • سڪاج: (سن. سُڪاريه. سُ = چڱو + ڪارۡيَه = ڪم)، وڙائتو، لائق.
    • سَوِيڪار: (سن. سوِيڪار. سُو = پاڻ + ڪارَڪۡــرۡ = ڪرڻ)، قبول ڪرڻ، مڃڻ.
    • ڪِـريا: (سن. ڪۡــــرۡيا. ڪۡــرۡپۡ = رحم ڪرڻ)، ديا، رحم، ٻاجھ.
    • ڪِـرچ: (سن. ڪۡــرۡتۡ = وڍڻ)، تلوار جو قسم.
    • ڪڪر: (سن. ڪ = پاڻي + ڪـرَ = ڪندڙ)، بادل، جھڙ، آگم.
    /ڪۡـــرۡپۡ/ رکندڙ چئن لفظن مان ٻن ۾ ان جي معنى ويچارڻ، هڪ ۾ طاقت رکڻ ۽ هڪ ۾ رحم ڪرڻ ڏنل آهي. ‘ڪۡرتۡ’ معنى ‘ڪيل’ ۽ ڪرت معنى وڍڻ ۽ ڪارڪر معنى ڪرڻ ته ڪاريه معنى ڪم، سم معنى پاڪ، صاف، چڱيءَ طرح سان، سم معنى ساڻ ۽ سم معنى برابر به آهي ته اڳيان به! اها ڳالهه هڪ شاگرد کي ڀرپور نموني ذهني طرح منجھائڻ جو ڪم ئي ڪري سگھي ٿي.
    ليکڪ جيڪڏهن ايئن چوي ته
    ڪرت = ڪيل
    س + ڪرت= سٺي ڪيل
    سم + س + ڪرت= چڱيءَ طرح يا صاف ۽ سٺي ڪيل
    ڪار= ڪرڻ جھڙو/وارو، ڪم
    س + ڪار= سٺو ڪم
    سم + س + ڪار= چڱو يا صاف ۽ سٺو ڪم
    ڇا انهن ٻنهي لفظن ۾ /س/ هڪ اهڙي صرفيه نه ٿي ٿي پوي جنهن جي هڪ معنى هجي. ظاهر آهي ته ٻنهي لفظن ۾ بنيادي لفظ ‘ڪر’ آهي جنهن جي آڏو ٻه اڳياڙيون به موجود چئي سگھجن ٿيون.
    اهڙيءَ طرح، سراج صاحب جن جي راءِ کي به چڪاس ڪرڻ گھرجي. ڄاڻايل لفظن سان پڇاڙيون (ضميري پڇاڙيون) ملائڻ مهل ڌاتو ۽ پڇاڙي جي وچ ۾ /ڻ/ جو اڀرڻ ڇا هڪ وچياڙي سڏي نه ٿو سگھجي ۽ ڇا ان جي هڪ جي هڪ معنى آهي؟
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪي آواز (وائل يا وائڄڻ) بدلجي ويندا آهن، جيئن ‘اسٽيشن’ مان ‘ٽيشڻ’؛ اڳ پوءِ ٿي ويندا آهن، جيئن ‘همراھ’ مان ‘هرماھ’؛ ناجائز طرح وڌي ويندا آهن، جيئن ‘ڇَ’ مان ‘ڇَهۡه’، ‘ڇَهَه’ يا ‘ڇِيهه’ وغيره پر ايئن به خواهه مخواهه نه ٿو ٿئي، ان جا به ڪارڻ ٿين ٿا ۽ وڏو ڪارڻ اڻڄاڻائي يا گھٽڄاڻ آهي، ٻول جي ڊيگھ آهي، آوازن جي اچار ۾ ڏکيائي آهي، آواز اچاريندي ڇيهه وٽ ڊيگھ ڏيڻ آهي وغيره، جن تي اوس بحث ڪبو پر هتي مقصد انهن ٻولن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي، ته جيئن چيو ويو آهي ته /وَسۡ، ڊَھۡ، ڦِسۡ، کاءۡ-، آڻۡ-، وَٺۡ-/ وغيره مان /وَٺو، ڊٿو، ڦٿو، کاڌو، آندو، ورتو/ وغيره ٺهيا آهن ته ان ۾ ڪيتري صداقت آهي؟
    (1) جيئن /-لکۡ ۽ پَــڙۡھ/ وغيره مان /لکيو ۽ پڙهيو/ وغيره ٺهيا آهن تيئن ڇا اهڙي ڪا ترتيب موجود آهي جيڪا ذڪر هيٺ ٻولن سان به ٺهندي هجي؟
    /وَسۡ/ مان /وسيو/
    /ڊَھۡ/ مان /ڊهيو/
    /ڦِسۡ/ مان /ڦسيو/
    /کاء/ مان /کائيو/
    /آڻۡ/ مان /آڻيو/
    /وَٺۡ/ مان /وٺيو/
    • وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين. (شاھ، ‘مومل راڻو’)
    • آڻيو لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين. (شاھ، ‘مارئي’)
    آڻيو وجھن آهرين، روڙيو رتا گل. (شاھ، ‘مارئي’)
    • ايءَ تان ڪُوڙي سڌ، جيئن کليو کائيو سمهين (شاھ،)
    مٿي ڏنل مثالن کي نظر ۾ رکندي چئي سگھجي ٿو ته اهو ڪو قانون ناهي ته ڪن چونڊ ٻولن، جيئن /وَسۡ، ڊَھۡ، ڦِسۡ، کاء، آڻۡ، وَٺۡ/ جو جڏهن ماضي وارو صيغو ٺهي تڏهن هروڀرو اها تبديلي اچي جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته “بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جي پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد” ملائجي يا “ڌاتو جي پوئين وينجڻ يعني پد ۾ صوتي تبديل ايندي آهي”.
    (2) اهڙي قسم جي تبديل رڳو ماضي واري صيغي ۾ واقع ڇو ٿي ٿئي، حال يا مستقبل واري صيغي ۾ ڇو نه ٿي اچي؟
    /وٺو/ آهي، /وٺندو/ ۽ /وٺان ٿو/ ناهي.
    /ڊٿو/ آهي، /ڊٿندو/ ۽ /ڊٿان ٿو/ ناهي.
    /ڦٿو/ آهي، /ڦٿندو ۽ /ڦٿان ٿو/ ناهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا.
    ان جو صاف مطلب هي آهي ته ماضي واري صيغي ۾ اوس ڪا اهڙي ڳالهه موجود آهي جيڪا مستقبل ۽ حال واري صيغي ۾ ناهي.
    ليکڪ جي ڄاڻ موجب ڪو به سنڌي ڪتاب ناهي جيڪو ان سوال جو جواب مهيا ڪندو هجي ته ڪن مخصوص ٻولن جا ماضي وارا صيغا ٻه ٻه ڇو آهن؟


    باب تيرهون : پاڙ/ڌاتو/مصدر

    باب تيرهون
    پاڙ/ڌاتو/مصدر

    سنڌي وياڪرڻ جي ڄاڻن سنڌي ٻوليءَ جي ‘اچڻ’، ‘وڃڻ’، ‘ويهڻ’، ‘بيهڻ’، ‘اٿڻ’، ‘گھمڻ’ جھڙين صورتن کي مصدر سڏيو آهي. پر مصدر بابت جيئن جيئن سوچ ۽ تحقيق وڌي آهي تيئن تيئن ڪي نيون ڳالهيون به سامُهن اچڻ لڳيون تنهنڪري ئي الانا صاحب جن چيو ته “سڀ کان پهرين ‘سنڌي مصدر’ جي وصف جو مطالعو ڪرڻ گھرجي.” (الانا ]1987[ 37)
    مصدر معنى اهو ٻول (لفظ) جنهن مان ٻيا ٻولَ صادر ٿين ٿا يا ڦٽن ٿا؛ مطلب ته مصدر معنى ‘ڌاتو’ يا ‘بنياد’. عربي ۽ فارسي جا ٻول اهڙن ٻولن مان ڦٽي نڪرن ٿا جن جا سنڌي ۾ هم معنى ٻول ‘لکڻ’، ‘پڙهڻ’ وغيره ٿين ٿا، ان ڪري ڪيترن ئي سنڌي عالمن سنڌي ٻولن جو حقيقي ڌاتو يا مصدر ڳولڻ بدران عربي ۽ فارسي صرف و نحو جي نقل ۾ ‘لکڻ’ ۽ ‘پڙهڻ’ جھڙن ٻولن کي مصدر قرار ڏئي ڇڏيو. حقيقت کي جڏهن ووڙيو ويو تڏهن پڌرو ٿي آيو ته سنڌي ٻولي ۾ اهڙي قسم جا ٻولَ بنياد، مصدر يا ڌاتو ٿي ئي نه پئي سگھيا.
    • ‘لکڻ’ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ‘-اَڻ’ جو اچار آهي. ‘کائڻ’ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ‘-اِڻ’ جو اچار آهي. }سنڌي ۾ عام طرح سڏئي ويندڙ{ مصدر جي پڇاڙيءَ مان ‘-اَڻ’ يا ‘-اِڻ’ جو اچار ڪڍي ڇڏبو ته باقي جيڪو بچندو سو ٿيندو ڌاتو يا بنياد. (قليچ ]1992[ 35)
    • حقيقت ۾ جنهن صورت (form) کي سنڌي وياڪرڻ ۾ مصدر نالو ڏنو ويو آهي، سا صورت سِنڌي زبان جي ‘وياڪرڻي اصولن’ موجب مصدر نه آهي، ڇاڪاڻ ته مصدر معنى آهي ‘ڌاتو’ يا ‘بنياد’؛ يعني اها صورت جنهن مان ٻيا لفظ صادر ٿين ٿا يا ڦٽن ٿا. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ‘هلڻ’ ۽ ‘لکڻ’ توڙي اهڙيون ٻيون سڀيئي صورتون سنڌي زبان جي صرفي اصولن موجب ‘ڌاتو’ يا ‘بنياد’ نه آهن، ڇو ته سنڌي زبان جو ڪو به لفظ /’هلڻ’ ۽ ‘لکڻ’/ وغيره جھڙين صورتن مان صادر نه ٿو ٿئي يا ڦٽي نه ٿو نڪري، پر /هَلۡ/ ۽ /لِکۡ/ ۽ اهڙيون ٻيون صورتون ئي ڌاتو يا بنيادي صورتون آهن، جن جي پويان /-اَڻ + -اِڻ/ پڇاڙيون ملائي ‘هلڻ’، ‘لکڻ’ ۽ ‘ڊاهڻ’ وغيره صورتون ٺاهيون ويئيون آهن؛ تنهنڪري اهڙيون سڀيئي صورتون ─ هلڻ، لکڻ، پڙهڻ، ڊاهڻ وغيره ─ ڌاتو يا بنياد طور ڪم نه ٿيون اچن، پر اهي ته پاڻ به ڪنهن ڌاتوءَ يا بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن، يعني ته اهي خود صادر ٿيل، ٺهيل يا ڦٽي نڪتل صورتون، ڪردنت يا مشتق آهن.
    هن سلسلي ۾ هڪ غور طلب ۽ اهم نڪتو هي به آهي ته سنڌ جي وياڪرڻين شايد ايئن سمجھيو آهي ته مصدر يا ڌاتو فقط فعل جا ئي ٿيندا آهن. پر حقيقت ۾ ڌاتو فعل جا به ٿين ٿا، ته وري ڪي اسم به ڌاتو بنجي ڪردنتن جي بناوٽ ۾ ڪم ايندا آهن. اهڙيءَ طرح صفت به ڌاتوءَ طور ڪم ايندا آهن. اسم مان صفت ٺهن ٿا، ۽ صفتن مان اسم ٺهن ٿا. انهيءَ ڪري لسانيات جي ماهرن جو رايو آهي ته هر اها صورت جنهن مان ٻيون صورتون ڦٽي نڪرن، تنهن کي، ڦٽي نڪتل صورت جو ڌاتو يا بنياد چئبو. (الانا ]1987[ 38-39)
    اسان جڏهن ‘ڳوپ’ ۽ ‘ڳتيل’ ٻولن ۾ سڏئي ويل “مفرد” ٻول جو ڇيد ڪيو هو تڏهن هيءَ وضاحت به اسان جي اکين آڏو هئي، ظاهر آهي ته ڦٽي نڪتل صورت کي ‘آجي صورت’، ‘سادو ٻول’، ‘ابتدائي ٻول’ يا ‘مفرد لفظ’ چئي نه ٿو سگھجي.
    ڌاتو/مصدر بابت الانا صاحب جن جي ڏنل وصف سان ليکڪ سَو سيڪڙو اتفاق رکي ٿو، پر الانا صاحب جن ڌاتو ٻولن جا جيڪي مثال ڏنا آهن انهن مان ڪجھ سان ليکڪ کي اختلاف آهي، جنهن جي وضاحت ايندڙ صفحن ۾ ڪئي ويندي.
    “هر اها صورت جنهن مان ٻيون صورتون ڦٽي نڪرن، تنهن کي، ڦٽي نڪتل صورت جو ڌاتو يا بنياد چئبو”، پر اها صورت ڪهڙي آهي جنهن مان ڪا صورت ڦٽي نڪتي ۽ ڦٽي نڪتل صورت ڪهڙي آهي، انهيءَ موضوع تي الانا صاحب جن جي راءِ سان اختلاف رکندڙ راءِ جتوئي صاحب جن پيش ڪن ٿا:
    • /سڏائڻ/ پيچيدو {complex} لفظ آهي جنهن جو بنياد /سَڏۡڻ/ آهي ۽ /آءِ/ اندريون جوڙ {affix} آهي. اهڙيءَ طرح سان /سڏارائڻ/ به پيچيدو لفظ آهي جنهن جو بنياد وري /سڏائڻ/ آهي ۽ /را/ ان جو اندريون جوڙ آهي. هن مثال مان معلوم ٿيندو ته بنياد ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪڙا اهي، جي خود ٻئي بنياد مان ڦُٽي نڪرن ٿا، اهڙن بنيادن کي ٿــڙ (Stem) سڏبو آهي. ٻيا اهي بنياد، جي اصلي ۽ ابتدائي هوندا آهن جن مان ٻيا بنياد ڦٽي نڪرندا آهن، اهڙن بنيادن کي ‘پاڙ’ يا جڙ (Root) سڏبو آهي. گويا ٿڙ جي بنياد کي پاڙ سڏبو آهي. /سڏارائڻ/ جو ٿــڙ-بنياد /سڏائڻ/ آهي جنهن جو پاڙ-بنياد /سڏڻ/ آهي. (جتوئي ]1983[ 116-117)
    جتوئي صاحب جن /سڏڻ/ کي پاڙ-بنياد سمجھن ٿا جڏهن ته الانا صاحب جن جي ڏنل وصف پٽاندر هن مثال ۾ پاڙ-ٻول ٿيندو /سَڏۡ/.
    /سڏڻ/ اصلي ٻول آهي ۽ /سَــڏۡ/ ان مان ڦٽي نڪتل صورت، يا /سَــڏۡ/ اصلي ٻول آهي، /سڏڻ/ ان مان ڦٽي نڪتل صورت؟ جيستائين اها ڳالهه طيءِ نه ٿي ٿئي تيستائين ڌاتو بابت مونجھاري جو شڪار رهڻو پوندو. انهيءَ ڳالهه جي ڇنڊڇاڻ ۽ نبيري لاءِ اسان کي هڪ ڀيرو وري جتوئي صاحب جن جي ٻيءَ هڪ ڳالهه تي سوچڻو پوندو.
    • گَھٽائڻ {subtraction} واري طريقي موجب، بنيادي لفظن مان صرفيي {morpheme} يا پد {syllable} ڪڍي ڇڏڻ سان جيڪو لفظ نڪرندو آهي سو اشتقاقي هوندو آهي، جيئن ته /مارڻ/ مان /مارَ/، /تورڻ/ مان /تورَ/، /ڄاڻڻ/ مان /ڄاڻَ/، /ڊڪڻ/ مان /ڊڪَ/، /سارڻ/ مان /سارَ/، /ڇَٽَڻ/ مان /ڇَٽ/. اتي اعتراض آڻي سگھجي ٿو ته ڦُٽل صورت ننڍي آهي تنهنڪري ڇو نه ان کي بنيادي صورت ڪري وٺجي ۽ }اهو چئجي ته{ اُن مان وڏي صورت ڦُٽي نڪتي آهي يعني /مارَ/ مان /مارڻ/، /تورَ/ مان /تورڻ/ ۽ /ڄاڻَ/ مان /ڄاڻڻ/. اهو خيال غلط آهي ڇو ته /مارَ/، /تورَ/ ۽ /ڄاڻَ/ گرامر موجب انهيءَ اسم ذات جا مثال آهن جيڪي مصدري اسمن مان نڪرندا آهن. ان جا ڪيترائي نمونا آهن؛ مثلاً
    (الف) هلڻ مان هلڻي پڙهڻ مان پڙهڻي
    لکڻ مان لکڻي چوڻ مان چوڻي
    (ب) ساڙڻ مان ساڙو ڪاڙهڻ مان ڪاڙهو
    نبيرڻ مان نبيرو ڌڌڪڻ مان ڌڌڪو
    (ٻ) اڻڻ مان اُڻت ڳڻڻ مان ڳڻت
    وڻڻ مان وڻت هلڻ مان هلت
    وڙهڻ مان وڙهت
    (پ) پڙهائڻ مان پڙهائي لکائڻ مان لکائي
    کوٽائڻ مان کوٽائي
    (ڀ) کڻائڻ مان کڻائي ڇڏائڻ مان ڇڏائي
    وٽائڻ مان وٽائي
    اهي مٿيان مثال سڀ اسم ذات جا آهن جيڪي اسم مصدر مان نڪتل آهن. (جتوئي ]1983[ 119-120)
    مثال چڱا چوکا گڏ ٿي ويا آهن پر اسان کي هر هڪ ٻول جاچي ڏسڻو پوندو ته سندس ڌاتو، پوءِ ڀلي ان کي پاڙ-ڌاتو چيو وڃي، ڪهڙو آهي. پر اهو جاچڻ کان اڳ مسٽر گريئرسن جي راءِ جيڪا هن اسم مصدر (infinitive) ۾ پاڙ ٻول (root word) بابت بيان ڪئي آهي:
    • هو }سر گريئرسن{ ڌاتو کي Root }پاڙ{ ٿو ڪوٺي. هن پنهنجي مذڪوره ڪتاب }لِنگئسٽڪ سروي آف انڊيا{ ۾ Root }پاڙ{ ۽ Infini-tive }اسم مصدر{ کي ٻه ڌار ڌار صورتون ڪري بيان ڪيو آهي. هو Infini-tive }اسم مصدر{ لاءِ لکي ٿو:
    “Infinitive is formed by adding /اَڻ/ to Root, as in /هَلَڻُ/ to go”
    (الانا ]1987[ 40)
    }اسم مصدر پاڙ (ٻول) سان /-اڻ/ ملائڻ وسيلي ٺهندو آهي، جيئن /هلڻ/ (جنهن ۾ /هَــلۡ/ سان /-اڻ/ ملائي اسم مصدر /هلڻ/ ٺاهيو ويو آهي){ يعني پاڙ ٻول ٿيو /هَــل/.
    الانا صاحب جن ان ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جن جي راين کي نظر ۾ رکندي ۽ اڳوڻن راين جي ڇنڊڇاڻ ڪندي، تفصيلي بحث کان پوءِ (]1987[ 36-41) چون ٿا:
    • هن سلسلي ۾ هڪ اهم نڪتو هي به آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر متعدي فعلن جا ڌاتو، لازمي فعلن جي ڌاتن مان ڦٽي نڪرن ٿا. مثال طور:

    لازمي فعل جا ڌاتو متعدي فعل جا ڌاتو متعدي بالواسطه
    سَــڙۡ- ساڙۡ- ساڙا-
    مَــــرۡ- مارۡ- مارا-
    ٺَـــرۡ- ٺارۡ- ٺارا-
    ٽَــــرۡ- ٽارۡ- ٽارا-
    ڦِــسۡ- ڦيهۡه- ڦيها
    ٻَـــــرۡ- ٻارۡ- ٻارا-
    ٺَــهۡه- ٺاههۡ- ─
    سِــــرۡ- سيرۡ- سيرا-
    ڦَـــٽۡ- ڦاڙۡ- ڦاڙا-
    ٽُــٽۡ- ٽوڙۡ- ٽوڙا-
    ٻُـــڏۡ- ٻوڏۡ- ٻوڙا-
    وسامۡ- وسا- ─
    (الانا ]1987[ 42-43)
    ڄاڻايل مثالن ۾، فعلن جي حد تائين چئي سگھجي ٿو ته الانا صاحب جن ڌاتو اسم مصدر (يا حاصل مصدر) کي نه ٿا سمجھن پر سندن نظر ۾ جيڪا پاڙ (root) آهي، ان کي سمجھن ٿا.
    جتوئي صاحب جن ‘پاڙ-بنياد’ ۽ ‘ٿــڙ-بنياد’ جو ذڪر ڪيو آهي، سنڌي جي ڪيترن ئي ٻولن کي جڏهن اهڙيءَ درجيبنديءَ ۾ آڻبو ته پوءِ اسان کي سڄو وڻ خلقڻو پئجي ويندو. جيئن الانا صاحب جن چون ٿا ته
    - ‘سڙڻ’ جو ڌاتو /سَڙۡ/ آهي، اهو سڏبو ‘پاڙ ڌاتو’.
    - ‘ساڙڻ’ جو ڌاتو /ساڙۡ/ آهي، اهو سڏبو ‘ٿڙ ڌاتو’، ڇو ته /ساڙۡ/ جو پاڙ ڌاتو /سَڙۡ/ آهي.
    - ‘ساڙائڻ’ جو ڌاتو /ساڙاء/ آهي، جنهن کي الانا صاحب جن /ساڙا-/ سڏيو آهي، ان کي سڏبو ‘ڏار ڌاتو’، ڇو ته ان جو ٿڙ ڌاتو /ساڙۡ/ ۽ پاڙ ڌاتو /سَـڙۡ/ آهي.
    - ‘ساڙارائڻ’ جو ڌاتو /ساڙاراء/ آهي، جنهن کي الانا صاحب جن /ساڙارا-/ لکيو آهي، ان کي سڏبو ‘ٽاري ڌاتو’، ڇو ته...
    - ‘ساڙارارائڻ’ جو ڌاتو /ساڙاراراء/ آهي، جنهن کي الانا صاحب جن /ساڙارارا-/ لکيو آهي، ان کي چئبو ‘پن ڌاتو’، ڇو ته...
    - ‘سَڙڻِي’ جو ڌاتو آهي /سڙڻ/ جنهن کي اصولي طرح ‘ٿــڙ ڌاتو’ سڏڻ گھرجي پر جيئن ته /ساڙۡ/ کي ‘ٿڙ ڌاتو’ سڏبو اٿئون ان ڪري هي ٿيندو ‘گل ڌاتو’. اهڙا ڪي ٻيا مثال آهن: هلڻي، ويهڻي، ڪرڻي، اٿڻي وغيره.
    - ‘ساڙڻي’ جو ڌاتو آهي /ساڙڻ/ جنهن کي اصولي طرح ‘ڏار ڌاتو’ سڏڻ گھرجي پر جيئن ته /ساڙاء/ کي ‘ڏار ڏاتو’ سڏيو اٿئون ان ڪري هي ٿيندو ‘پنکڙي ڌاتو’.
    اهڙيءَ طرح ‘ساڙائڻي’ ۽ ‘ساڙارائڻي’ لاءِ ‘ميوو ڌاتو’ ۽ ‘ٻج ڌاتو’ به ٺهي پوندا پر ‘ساڙارارائڻي’ لاءِ ليکڪ کي مونجھارو آهي!
    /ساڙارا-/ ۽ /ساڙارارا-/ ٻول الانا صاحب جن جي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد” (]1974[ 88) تان کنيا ويا آهن.
    ليکڪ جو هڪ مضمون “جامع سنڌي لغات جو جائزو، پهرين جلد جي حوالي سان پهرِين پڙهڻي“ پنهنجي مڪمل صورت ۾ “ڪينجھر” (ڊسمبر 1994ع) ۾ ڇپيو آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 328 (ٽي سَو اٺاويهه) اهڙن ٻولن جي نشاندهي ڪيل آهي جن جو، هر باندي صورت ڌار ڪرڻ کان پوءِ، آخري، ننڍي ۾ ننڍو معنادار جزو /لِکۡ/ بيهي ٿو.
    هن سڄي قصي کڻڻ جو مقصد اهو آهي ته ڌاتو ٻول جي سلسلي ۾ اسان کي پنهنجو ڌيان ان سرچشمي تي سيڙائڻو پوندو جيڪو باقي سمورن واسطيدار ڪردنت ٻولن جي ٺهڻ جو ڪارڻ آهي.
    پاڙ جيئن ته اهو حصو آهي جنهن تي ڪنهن به شيءِ، واقعي، لقاءَ وغيره جو باقي سمورو ڍانچو اڏيل ٿئي ٿو ان ڪري پاڙ ٻول يا پاڙ لفظ اهو ٻول آهي جيڪو پاڻ سان واسطيدار سڀني ٻولن جي پاڙ ۾ موجود رهي ٿو.
    • پاڙ (Root): اهو بنيادي عنصر جنهن مان }باقي سمورا واسطيدار{ ٻول نڪتل آهن. (چيمبر’س ڊڪشنري)
    • پاڙ: (هن کي بنيادي صورت/Basic form به چيو ويندو آهي) ٻول جي اها صورت جنهن تي ان ٻول جون باقي سموريون صورتون، چيو ٿو وڃي ته، بيٺل آهن. (آڪسفورڊ ڊڪشنري)
    پاڙ ٻول ننڍي ۾ ننڍي معنادار آجي صورت آهي. اهو پاڻ ڪنهن ٻئي ٻول مان ڦٽي نه ٿو نڪري پر منجھانئس ڪيترائي ٻول ڦٽي نڪرڻ جوڳا هوندا آهن. پاڙ ٻول ئي آهي جنهن کي پهريت، سادو، ابتدائي، بنيادي ٻول چوڻ گھرجي. هيءَ آهي نمبر پهرئين ڳالهه.
    ٿورو اڳ ڏنل حوالي ۾، جتوئي صاحب جن /ڇَٽڻ/ مان /ڇَٽَ/ ۽ /ڊُڪڻ/ مان /ڊڪَ/ کي ڪردنت سڏن ٿا ۽ مصدري اسمن /ڇٽڻ/، /ڊڪڻ/ وغيره کي بنياد قرار ڏين ٿا. حقيقت هن طرح آهي ته /ڇَٽَ/ ۽ /ڊڪ/ ڪردنت بــرابــر آهــن پــر انهـن جو ڌاتـو /ڇـٽـڻ/، /ڊڪـڻ/ نـاهـي، انـهـن جـو ڌاتــو آهي /ڇَٽۡ/،
    /ڊُڪۡ/.
    جتوئي صاحب جن چون ٿا ته /مارَ/، /تورَ/ ۽ /ڄاڻَ/ گرامر موجب انهيءَ اسم ذات جا مثال آهن جيڪي مصدري اسمن مان نڪرندا آهن. هيءُ ڪو دليل ناهي. مصدري اسمن مان اسم ذات ڇو ٿا نڪرن؟ ڇا سمورا اسم ذات ٻول مصدري اسمن مان نڪرندا آهن؟ ڇا اهو ڪو پڪو پختو قانون آهي ته هر اسم ذات مصدري اسم مان ئي نڪري ۽ جيڪو ٻول مصدري اسم مان نڪتل نه هوندو، اهو اسم ذات ٿي ئي نه ٿو سگھي؟
    جتوئي صاحب جن پنهنجي ڪتاب ۾ بنياد، ڌاتو يا پاڙ ٻول جي حوالي سان ڪا هڪ مقرر صورت قائم رکي نه سگھيا آهن. پاڻ ڪنهن هڪ ٻول جي ڪنهن هڪ صورت کي ڪٿي “بنياد” سڏن ٿا ته ڪٿي “سالم لفظ”، ۽ ڪٿي وري ڪنهن ٻئي ٻول جي ان جھڙي ئي صورت کي “اڻ-سالم” ٿا سمجھن ته ڪٿي “بنيادي صورت طور نظر ايندڙ” ۽ ڪٿي “بنيادي پد”.
    • /قربائتو/ پيچيدو لفظ آهي جنهن جو بنياد /قُربۡ/ آهي ۽ /-آئتو/ پويون جوڙ آهي. اهڙي قسم جا ٻيا مثال آهن:
    پُٽيتو = /پُٽۡ + ايتو/
    لاڙي = /لاڙۡ + اِي/
    باغائي= /باغۡ + آئي/
    ٿَڌڪار= /ٿَڌۡ + ڪار/
    سَڏي = /سَڏۡ + اي/
    سڏيندو= /سَڏۡ + ايندو/ (جتوئي ]1983[ 117)
    هن مثال ۾ /سَــڏۡ/ کي “بنياد” قرار ڏنو ويو آهي.
    /سڏڻ/ جيڪڏهن پاڙ-بنياد آهي (جتوئي ]1983[ 117) ۽
    /سڏائڻ/ جيڪڏهن ٿڙ-بنياد آهي ته پوءِ /سَڏۡ/ ڪهڙو بنياد سڏبو؟
    ۽ /سَڏُ/ کي ڪهڙو بنياد سڏيو ويندو؟
    • ... اشتقاقي توڙي گرداني لفظ ڪنهن بنيادي لفظ (Underlying word) مان ظاهر ٿين ٿا جنهن کي سنسڪرت ۾ ‘ڌاتو’ سڏجي ٿو. سنڌي ۾ انهيءَ لاءِ مناسب لفظ ‘بنياد’ يا ‘پيڙھ’ آهي. عربيءَ ۾ ان کي ‘اصل’ سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 115)
    ‘ڳتيل ٻول’ جي سري هيٺ /سَچۡ/ جو ذڪر ڪندي اسان ڏٺو ته ‘بنياد’ يا ‘پيڙھ’ جي بدران ‘Base’ لفظ ڪم آندو ويو هو (جتوئي ]1983[ 111)، ‘Root’ جي بدران ‘پاڙ’، ‘پيڙھ’ يا ‘بنياد’ ئي ڪم ايندو، اهڙيءَ طرح ‘مصدر’ پڻ ساڳي ئي مفهوم ۾ ڪم آندو ويو آهي (الانا ]1987[ 40، 42)، اهي سڀ ڳالهيون هڪ مونجھارو تخليق ڪن ٿيون. اهو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿئي ٿو جو اسان وٽ ٻولن ۽ اصطلاحن جي تخصيص ناهي.
    پوءِ ايئن ڇو نه ڪجي، ته پاڙ ٻول انهيءَ ٻول کي قرار ڏجي جيڪو پنهنجيءَ مڪمل ۽ آجي صورت ۾، ننڍي ۾ ننڍي معنادار جزي جو ڪارج ڪندي سمورن واسطيدار ڪردنت ٻولن جي پاڙ ۾ ڪم ايندو هجي. هيءَ آهي نمبر ٻي ڳالهه.
    /سَـڏۡ/، /سَـڏُ/، /سڏڻ/ ۽ /سڏائڻ/ مان ڪهڙو ٻول آهي جيڪو درحقيقت پاڙ جو ڪم ڪري ٿو؟
    /سڏائڻ/ ۾ /-آء-/ وچون جوڙ آهي، باقي ٻول بچيو /سڏڻ/.
    /سڏڻ/ کان /-اِڻ/ ڌار ڪري سگھجي ٿو ۽ باقي بچيل جز /سَڏُ/ هڪ معنادار جزو آهي.
    /سَڏُ/ کان پڻ /-اُ/، جيڪو هڪ وائيو آهي (۽ مذڪر واحد جي معنى پيدا ڪري ٿو) ڌار ڪري سگھجي ٿو ۽ باقي بچيل جز /سَڏۡ/ هڪ معنادار جزو آهي.
    پر /سَڏۡ/ کان جيڪڏهن ڪو به جز کسي وٺبو ته ان جي ڪا به معنى نه رهندي.
    • جن طريقن سان بنيادي لفظ صرفي صورت بدلين ٿا سي ٽي آهن: (1) وڌائڻ (addition) وارو طريقو، (2) گھٽائڻ (substraction) وارو طريقو ۽ (3) بدلائڻ (replacement) وارو طريقو. (جتوئي ]1983[ 115)
    ‘بنيادي’ ٻول جن آوازن جي مدد سان صرفي (روپيائي) صورت بدلائن ٿا انهن کي هڪ ڌار سري هيٺ جاچيو ويو آهي. پر، ڪنهن به ‘بنيادي’ ٻول ۾ جيڪي به صرفي (روپيائي) ۽ وائيائي (phonemic) تبديليون واقع ٿيون آهن جڏهن انهن کي ڌار ڪبو ته باقي بچيل ٻول پڪ سان “بنياد” (پاڙ، ڌاتو) هوندو. هيءَ آهي نمبر ٽين ڳالهه.
    • ... نڪتل لفظ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا اشتقاقي ۽ ٻيا گرداني. جڏهن هڪ ئي بنياد مان (توڙي پاڙ هجي يا ٿــڙ هجي) ڪئين اشتقاقي ۽ گرداني لفظ نڪرن، تڏهن سڀني لاڳاپيل لفظن کي گڏي روپاولي {paradigm} سڏجي ٿو. ان جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ اشتقاقي (derivational) ۽ ٻي گرداني (inflectional). اشتقاقي روپاولي ۾ اهي سمورا نڪتل لفظ هوندا آهن جيڪي خود مستقل لفظ ٿي ڪم ايندا آهن. مثلاً
    ڪَمُ (بنيادي لفظ) ڪمائتو، ڪمائي، نڪمو، ڪامي. ڦريل روپاولين ۾ اهي نڪتل لفظ هوندا آهن جن جون صورتون عدد، جنس، حالت يا زمان سبب ڦريل هونديون آهن. مثلاً
    (1) ڪَمُ- (بنيادي لفظ)، ڪَمَ، ڪَمن
    (2) ڪماءِ (بنيادي لفظ)، ڪمائي، ڪمائينِ، ڪمائين، ڪمائيو، ڪمائيان، ڪمائيون وغيره.
    هي ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اشتقاقي لفظن جون گرداني روپاوليون ٿي سگھن ٿيون مگر گرداني لفظن جون اشتقاقي روپاوليون ٿي نه ٿيون سگھن. (جتوئي ]1983[ 122-123)
    سنڌيءَ ۾ سوين ٻول اهڙا آهن جن مان هر هڪ ڌاتو ٻول جي روپاولي سوين ٻولن تي پکڙيل آهي. ظاهر آهي ته ان سڄي روپاولي ۾ ڪو هڪ ٻول پاڙ ٻول جو ڪم ڪري ٿو.
    ڪماءِ = /ڪَمۡ + آء + اِ/ ۾ آخري آواز /اِ/ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻول ۾ امر واحد جو مفهوم وڌائي ٿو، تنهنڪري /ڪماءِ/ بنيادي ٻول ٿي نه ٿو سگھي. /ڪماءِ/ جو “ٿڙ” بنياد /ڪماء/ آهي جنهن جي صورتخطي، جتوئي صاحب جن جي /کاءۡ-/ (جتوئي ]1983[ 121) جو نقل ڪندي /ڪماءۡ/ ۽ الانا صاحب جن جي /کا-/ (الانا ]1987[ 41) جو نقل ڪندي /ڪما-/ لکي سگھجي ٿي. (تفصيل لاءِ ڏسو ‘هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ-کوجيل سنڌي وائل’)
    ڪو به ڄاڻو اهو چئي نه سگھندو ته /ڪماء/ مان /ڪم/ ٺهيو آهي پر ائين ضرور چئي سگھجي ٿو ته /ڪماء/ جو “پاڙ” ڌاتو /ڪم/ آهي.
    اسان جو سوال هي آهي ته پاڙ ڌاتو /ڪَمُ/ آهي يا /ڪَمۡ/.
    ڪَمُ = /ڪَمۡ + اُ/. هن ٻول ۾ /اُ/ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻول ۾ واحد مذڪر ۽ اسم هجڻ جو مفهوم پيدا ڪري ٿو.
    ڪَمَ = /ڪَمۡ + اَ/. هن ٻول ۾ /اَ/ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻول ۾ جمع مذڪر ۽ اسم هجڻ جو مفهوم پيدا ڪري ٿو.
    تنهنڪري /ڪَمُ/ ۽ /ڪَمَ/ جو ڌاتو /ڪَمۡ/ آهي.
    • ... سنڌي ٻولي گھڻو ڪري ٻه-اکرن ڌاتن تي بيٺل آهي...
    سنسڪرت ڌاتو ‘سُوَ’ برابر آهي سنڌي اصل ڌاتو ‘سئُـ’ جي. سنسڪرت ۾ ان ڌاتو ۾ ‘ار’ ۽ ‘ان’ گڏڻ سان ‘سُون’ يا ‘سُوَر’}ٺهي ٿو جنهن جي{ معنى }آهي{ آواز ڪرڻ. ٻئي طرف سنڌي ڌاتوءَ ‘سُـ - سُئه’ يا ‘سو’ جي معنى آهي آواز، ۽ سنڌيءَ ۾ ان جون فعلي صورتون آهن ‘سئڻ’، ‘سڻڻ’، ‘سُڄڻ’ (ٻڌڻ ۾ اچڻ) ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي خاص سنڌي طريقي سان ڪيترائي لفظ ٺهن ٿا... (سراج ]1964[ 50-52)
    هيءَ ڳالهه ايندڙ صفحن ۾ بحث هيٺ آڻبي. پر سنڌي ٻولن جي پاڙ ڏانهن هن ۾ هڪ اشارو ملي ٿو جيڪو الانا صاحب جن پاران ڏنل ڌاتو ٻولن جي صورت ۾ پڻ موجود آهي.
    • پيچيدن لفظن مان ڪي اهڙا به ٿيندا آهن جن کي جيڪڏهن ٽوڙبو ته انهن مان هڪ سالم لفظ ٿيندو ۽ ٻيو پد ٿيندو. مثلاً
    ڪسنگ= /ڪُ + سنگ/
    جانور= /جان + ور/
    خداوند= /خدا + وند/
    وڃيٿو= /وڃي + ٿو/ (جتوئي ]1983[ 112)
    /وڃي/ جيڪڏهن “سالم لفظ” آهي ته پوءِ /سَڏي/ به “سالم لفظ” سڏڻو پوندو جڏهن ته ان کي اڳ ڏنل مثال ۾ “پيچيدو” (ڳتيل، مرتب، complex) ٻول سڏيو ويو آهي.
    ۽ ان کي /سَڏۡ/ ۽ /اي/ ۾ ٽوڙي /سَڏۡ/ کي بنياد يا پيڙھ قرار ڏنو ويو آهي،
    ۽ /سڏڻ/ کي وري پاڙ-بنياد سڏيو ويو آهي!
    /وَڃڻ/ جو پاڙ ٻول آهي /وَڃۡ/.
    /وَڃۡ/ + /اُ/= وَڃُ. (/اُ/ واحد لاءِ، مذڪر هجي يا مؤنث، “امر” آهي).
    /وَڃۡ/ + /او/= وڃو. (/او/ جمع لاءِ، مذڪر هجي يا مؤنث، “امر” آهي).
    /وَڃۡ/ + /اَ/= وَڃَ. (/اَ/ بنياد ۾ اسم جو مفهوم وڌائي ٿي).
    /وَڃۡ/ + /اَڻ/= وڃڻ. (/-اَڻ/ اسم مصدر)
    /وَڃۡ/ + /آن/= وڃان
    /وَڃۡ/ + /اُون/= وڃُون
    /وَڃۡ/ + /اِي/= وڃِي
    وَڃۡ/ + /اي/= وڃي
    .
    .
    .
    /وڃڻ/ جو ڌاتو /وَڃۡ/ آهي.
    /وڃي/کي /وَڃۡ + اي/ ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو جيئن /سڏي/ کي /سَڏۡ + اي/ ۾ ٽوڙيو ويو هو ۽ اِتي، انهن ۽ اهڙن سڀني ٻولن ۾ /-اي/ هڪ ضميري پڇاڙي جي نمائندگي ڪري ٿو ─ ضمير غائب اشارو.
    • “وڃي ٿو.”
    • “حيدر آباد وڃي ٿو”
    مٿي ڏنل ٻئي جملا مڪمل آهن. “وڃڻ جو ڪم ڪير ڪري ٿو؟”
    “هو/هي”.
    • “سڏي ٿو”.
    • “توکي سڏي ٿو.”
    - ڪير سڏي ٿو؟
    “هو/هي”.
    (تفصيل لاءِ ڏسو ليکڪ جو مضمون “ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي”. مهراڻ، 1-2، 1994ع. )
    • پَـــــڙۡھ + آن= پڙهان
    پَــــڙۡھ + اي= پڙهي
    پَــــڙھ + اِي= پڙهِي
    انهن مثالن ۾ /پَــــڙۡھ-/ ڌاتو آهي ۽ /آن، اي ۽ اِي/ پڇاڙيون آهن.
    (الانا ]1987[ 41)
    جيئن، جتوئي صاحب جن جي راءِ موجب /سڏائڻ/ جو پاڙ-بنياد آهي /سڏڻ/، تيئن /ساڙڻ، ڪاڙهڻ، نبيرڻ، پڙهائڻ، لکائڻ، کوٽائڻ، کڻائڻ، ڇڏائڻ، وٽائڻ/ جو پاڙ-بنياد ٿيندو /سڙڻ، ڪڙهڻ، نبرڻ، پڙهڻ، لکڻ، کوٽڻ، کڻڻ، ڇڏڻ، وٽڻ/ ۽ انهن جو، اڳ ڄاڻايل بنيادن تي، اسان جي راءِ موجب حقيقي پاڙ-ٻول ٿيندو /سَــڙۡ، ڪڙۡھ، نِــبِــرۡ، پَــڙۡھ، لِکۡ، کوٽۡ، کَــڻۡ، ڇَــڏۡ، وَٽۡ/. بلڪل ساڳين سببن جي ڪري /مارڻ ۽ تورڻ/ جو پاڙ ٻول ٿيندو /مَـــرۡ ۽ تُـــرۡ/ ۽ /ڊڪڻ ۽ ڇٽڻ/ جو پاڙ ٻول ٿيندو /ڊُڪۡ ۽ ڇَٽۡ/.
    هتي ليکڪ پاران هڪ ڳالهه چٽي ڪئي وڃي ٿي ته خود اهڙن، رسمي طريقي ۽ وصف پٽاندر نروار ٿيندڙ پاڙ ٻولن مان ڪجھ، ڪي ٻول سچ پچ پاڙ ٻول هجن، انهيءَ سان ليکڪ کي اختلاف آهي. جيئن مٿئين سٽاءَ ۾ هڪ ٻول /نِــبِــرۡ/ پاڙ ٻول طور اڀري آيو آهي جيڪو ليکڪ جي نظر ۾ پـاڙ ٻـول نـاهـي، اهـو
    هڪ ڳنڍڙ ۽ ڳتيل ٻول آهي. اهڙا ڪيترائي ٻول، جيڪي مٿي آيل وصف جي روشنيءَ ۾ پاڙ ٻول طور اڀري اچن ٿا پر درحقيقت ڳتيل ٻول آهن انهن جي ڇنڊڇاڻ اسان “اوائلي ٻول“ جي سري هيٺ ڪئي آهي ۽ ڪجھ ٻولن جي وضاحت “جوڙپ” جي سري هيٺ ڪئي وئي آهي.
    جتوئي صاحب جن چون ٿا ته /سَچۡ/ سالم ٻول ناهي (ڇو ناهي؟، ان جي ڪا به وضاحت نه ٿي ملي) ۽ ان جو سالم ٻول آهي /سَچُ/. وري چون ٿا ته /ٿَڌ، لاڙۡ، باغۡ/ وغيره ڪن ٻولن جو بنياد آهن. /سچُ/ کي مثال بنائي انهن جو سالم ٻول هي مقرر ڪرڻو پوندو:
    بنياد سالم ٻول
    سَچۡ سچُ
    ٿَڌۡ ٿڌِ
    لاڙۡ لاڙَ
    باغۡ باغ
    ڪنڀۡ ڪنڀُ
    چَمۡ چَمُ
    ڌَڻۡ ڌڻُ
    ۽ ٻيا.
    ٻين لفظن ۾ ايئن چوڻو پوندو ته خود جتوئي صاحب جن جي نظر ۾ جيڪو ٻول بنياد يا پيڙھ آهي، اهو سالم لفظ ناهي.
    ۽ جيڪو ٻول سالم ناهي اهو جوڙ (affix) ته ٿي سگھي ٿو، ‘ڌاتو’ نه ٿو ٿي سگھي. اها آهي نمبر چوٿين ڳالهه.
    ۽ پنجين ڳالهه هيءَ آهي ته ڌاتو ٻول ڪنهن به عدد، جنس، حالت وغيره کي ظاهر نه ٿو ڪري.
    جتوئي صاحب جن لکيو آهي ته /سچار/ ۾ /سچۡ/ ۽ /آر/ سالم ٻول نه آهـن، /سـچۡ/ جـو سـالـم ٻــول /سـچُ/ آهـي ۽ /آر/ جـو /ڪار/. اسان جي نظر ۾
    /سچُ/ جو ڌاتو به /سچۡ/ آهي ته /سچار/ جو ڌاتو به /سچۡ/، ۽ اهڙيءَ طرح /سچو/، /سچُو/، /سچي/، /سچِي/، /سچاڻ/ وغيره جو ڌاتو ٻول به /سچۡ/ آهي. /سچۡ/ کان سواءِ باقي سڀ جوڙ آهن ─ پٺجوڙ (suffixes).
    /سونار، لوهار، ڌڻار، چمار، ڪنڀار/ وغيره ۾ پٺجوڙ /آر/ جو سالم لفظ ممڪن آهي ته /ڪار/ هجي، پر /اُچار، آجھار، آچار، آٽار، اُڀار، اَجھار ۽ اُڏار/ ۾ به /-آر/ جو سالم لفظ /ڪار/ ئي هجي، هڪ شڪ واري ڳالهه آهي.
    ڪي جوڙ اهڙا آهن جن جو ‘سالم’ لفظ ڳولڻ سان ملي وڃي ٿو، پر ڪي جوڙ اهڙا به آهن جن جو سالم لفظ في الوقت نه ٿو لڀي. البت ليکڪ پڪ رکي ٿو ته جيڪو به جوڙ آهي، خاص ڪري اڳجوڙ ۽ پٺجوڙ، اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻول جو اڳيون حصو (اڳجوڙ جي حالت ۾) يا پٺيون حصو (پٺجوڙ جي حالت ۾) آهي.
    /سونار، لوهار، ڌڻار/ وغيره ٻولن ۾ /آر/ ڌاتو ٿي نه ٿو سگھي ڇو ته انهن ٻولن ۾ اهو هڪ پٺجوڙ طور ڪم آيو آهي، پر ڪو به نه هوندو جيڪو چئي سگھي ته انهن ٻولن ۾ ڌاتو ٻول /سونۡ، لوههۡ، ڌڻۡ/ ناهي، ۽ اهو ٻول پنهنجي حقيقي ڌاتوئي صورت ۾ ڪم آيل آهي.
    ليکڪ جي اها ڳڻيل ڳوتيل راءِ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هر ٻول جو ڌاتو يڪپدو (monosyllabic) آهي. هر ڌاتو ٻول پنهنجي بناوت ۾ ننڍي ۾ ننڍي معنادار آجي صورت رکي ٿو. اهو ڪا به جنس نه ٿو ڏيکاري، ڪو به عدد نه ٿو پڌرو ڪري. ان ڌاتوءَ سان مختلف جوڙ ملائي ڳتيل ٻول ٺاهيو پئي ويو آهي ۽ اهڙي هر ڳتيل ٻول ۾ اهو ڌاتو پنهنجي ڌاتوئي صورت برقرار رکي ٿو. البت ڳوپ ٻول ۾ هڪ کان وڌيڪ (عام طرح ٻه) ڌاتو ٻول پنهنجي اصلي ۽ اصولي صورت ۾ ڪم اچن ٿا. ڌاتو ٻول ۾ ڪو جوڙ اهڙيءَ طرح به ملائي سگھجي ٿو جو سندس وچون يا اندريون جوڙ ٿي پوي.
    ان ڳالهه کي هن طرح به بيان ڪري سگھجي ٿو:
    • لِکۡ= ]ل + اِ + ک[
    • لِکَ= ]لِ[ + ]کَ[ =/لَکۡ + اَ/
    • لِکُ= ]لِ[ + ]کُ = [/لِکۡ + اُ/
    • لکو= ]لِ[ + ]کو[ = /لِکۡ + او/
    - لکڻ، لکائڻ، لکيو، لکايو، لکرايو، لکندو، لکائيندو، ...
    • ليکۡ= ]ل + اي + ک.[ ڌاتو سان /اي/ هڪ اندريون جوڙ.
    • ليکو= ]لي[ + ]کو[ = /ليکۡ + او/
    • ليکُو= ]لي[ + ]کُو[ = /ليکۡ + اُو/
    • ليکڪۡ= ]لي[ + ]کَڪۡ[ ] =لي[ + ]ک + ا + ڪ[ =/ليکۡ + اَڪ/.
    • ليکَڪُ= ]لي[ + ]کَ[ + ]ڪُ[ =/ليکڪۡ + اُ/
    • ليکڪَ= ]لي[ + ]کَ[ + ]ڪَ[ = /ليکڪۡ + اَ/
    - ليکيو، ليکيندو، ليکايو، ليکائيندو، ليکاري، ...
    • /لِکۡ/. هڪ ڌاتو ٻول. ناڌر جنس. عدد ٻڙي.
    توڙي جو اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي آهي ته ڌاتو ٻول پاڻ مان ڦُٽايل هر صورت کان ٿورو ڪي گھڻو فرق رکي ٿو پر ان جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻيو اصطلاح ‘عيوضي صرفيو’ (allomorph) ڪم آڻي ان کي ڌاتو سان هم آهنگ ڪيو ويندو آهي. ‘allomorph’ لاءِ ‘ساٽروپ’ متبادل طور ڪم آندو ويندو.
    ‘ساٽروپ’ (allomorph) جي لفظي معنى آهي ڪنهن هڪ ئي شيءِ جو ‘ٻيو روپ’ يا ‘بدليل روپ’ (عيوضي صرفيو).
    • ... مگر بنيادي صرفين morphemes}، رُوپين{ ۾ به عيوضي صرفيا ٿيندا آهن، مثلاً ‘اُٺُ’ بنيادي لفظ آهي جنهن جون حالتن مطابق مختلف صورتون هيٺين ريت آهن:
    اُٺُ اچي ٿو (حالت فاعلي، عدد واحد)
    اُٺَ اچن ٿا (حالت فاعلي، عدد جمع)
    اُٺُ ڪاھ (حالت مفعولي، عدد واحد)
    اُٺَ ڪاھ (حالت مفعولي، عدد جمع)
    اُٺَ کي گاھ ڏي (حالت جري، عدد واحد)
    اٺن کي گاھ ڏي (حالت جري، عدد جمع)
    اٺَ جو پُڇُ ڏس (حالت اضافت، عدد واحد)
    اٺن جا پُڇَ ڏس (حالت اضافت، عدد جمع)
    او اُٺَ، حبيبن ڏي هل (حالت ندا، عدد واحد)
    او اُٺَئو، حبيبن ڏي هلو (حالت ندا، عدد جمع)
    انهن سڀني حالتن ۾ “اُٺُ” بنيادي لفظ جون چار صورتون آهن جن مان هڪَ، حالت فاعلي عدد واحد واري صورت، هوبهو بنيادي لفظ جھڙي آهي، باقي ٻيون ٽي صورتون بدليل آهن. انهن سڀني ۾ بنيادي صورت /اُٺ/ آهي جنهن سان ٻيا جوڙَ /اَ/، ۽ /اَن/ ۽ /اَئو/ ملايا وڃن ٿا، تنهنڪري /اُٺُ/ ۽ /اُٺۡ/ عيوضي صرفيا {allomorphs} آهن. (جتوئي ]1983[ 118)
    چئبو ته بنيادي لفظ رڳو مذڪر واحد هوندو آهي.
    هن ٽڪري ۾ “اُٺُ” کي بنيادي لفظ سڏيو ويو آهي ۽ توڙي جو اهو مڃيو ويو آهي ته /اَ/ ، /اَن/ ۽ /اَئو/ ان سان جوڙ ملايا ويا آهن پر اهو نه چيو ويو آهي ته /اُ/ به جوڙ طور ئي مليل آهي ۽ بنياد (ڌاتو) /اُٺۡ/ ئي آهي.
    چيو ويو آهي ته /اُٺۡ/ بنيادي صورت آهي، ۽
    /اُٺُ/ بنيادي لفظ آهي!
    جيڪڏهن /اُٺۡ/ ۽ /اُٺُ/ ساٽروپ (عيوضي صرفيا) آهن ته پوءِ ڇو /سچُ/ ۽ /سَچۡ/، /پُٽُ/ ۽ /پٽۡ/، /ٿڌِ/ ۽ /ٿڌۡ/، /باغُ/ ۽ /باغۡ/ هڪ ٻئي جا عيوضي صرفيا ناهن؟ ۽ ڇو انهن مان هڪ سالم لفظ آهي ۽ ٻيو سالم لفظ ناهي؟ ۽ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته “اڻ-سالم لفظ” ئي ڌاتو ٿي ڪم اچي ٿو!
    ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته جيئن /اُٺَ/ ٻول ۾ ڌاتو /اُٺۡ/ سان /اَ/ جوڙ ملايو ويو آهي تيئن /اُٺۡ/ ٻول سان /اُ/ جوڙ ملائي /اُٺُ/ ٺاهيو ويو آهي.
    جتوئي صاحب جن چيو آهي ته
    (1) “اُٺُ” بنيادي لفظ آهي،
    (2) حالت فاعلي عدد واحد واري صورت هوبهو بنيادي لفظ جھڙي آهي.
    (3) باقي صورتن سان ٻيا جوڙ /اَ/، /اَن/ ۽ /اَئو/ ملايا ويا آهن.
    ايئن چوڻ بدران هيئن ڇو نه چئجي ته
    (1) جيئن باقي صورتن سان ٻيا جوڙ /اَ/ ، /اَنۡ/ ۽ /ائو/ ملايا ويا آهن تيئن حالت فاعلي عدد واحد (۽ جنس مذڪر، جنهن جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو آهي) واري صورت ٺاهڻ لاءِ جوڙ /اُ/ ملايو ويو آهي، ان ڪري
    (2) حالت فاعلي عدد واحد (جنس مذڪر) واري صورت هوبهو بنيادي لفظ جھڙي ناهي، ۽
    (3) بنيادي لفظ “اُٺُ” (يا /اُٺِ/= ڏاچي) ناهي پر /اُٺۡ/ آهي جنهن کي اصولن ڌاتو سڏڻ گھرجي ڇو ته ڌاتو ان صورت کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي.
    پوءِ ته ائين به چوڻو پوندو ته
    ڪـتـو اچـي ٿــو (حالت فاعلي، عدد واحد، جنس مذڪر)
    ڪتي اچي ٿي (= = = = ، جنس مؤنث)
    .....
    (۽ اهڙيءَ طرح باقي سڀ جملا) ته پوءِ
    - /ڪُتو/ بنيادي لفظ آهي (۽ /ڪُتِي/ به بنيادي لفظ آهي)،
    - حالت فاعلي، عدد واحد (۽ جنس مذڪر هجي يا مؤنث) جي صورت هوبهو بنيادي لفظ /ڪُتۡ/ جھڙي آهي، جنهن سان ٻيا جوڙ ملايا ويا آهن،
    - تنهنڪري /ڪُتۡ/ ۽ /ڪُتو/ ۽ /ڪُتي/ ساٽروپ (عيوضي صرفيا) آهن.
    - يا وري چئبو ته بنيادي لفظ رڳو مذڪر ٿيندو آهي.
    ۽ وري جي مثال ڪنهن اهڙي شيءِ جو هجي جنهن ۾ جنس مذڪر ۽ مؤنث وڌيڪ نمايان فرق رکن ٿا جيئن /کٽي ۽ کٽياڻي/، /ڌوٻي ۽ ڌوٻياڻي يا ڌوٻڻ/، /سونار ۽ سوناري/، /ڀنگي ۽ ڀنگياڻي/ وغيره ته پوءِ اهو مثال ويتر غيرعملي ٿي پوندو.

    ڌاتو ٻول
    (1) ننڍي ۾ ننڍي معنادار آجي صورت آهي.
    (2) ڳتيل ٻولن جي روپاوليءَ ۾ ڌاتو ٻول پنهنجي حقيقي صورت برقرار رکي ٿو ۽ انهن سڀني ٻولن جو بنياد (پاڙ) ٿي ڪم اچي ٿو.
    (3) سنڌي ٻوليءَ جو ڌاتو ٻول يڪپدو ٿئي ٿو.
    (4) اهو ڪو به عدد، ڪا به جنس ۽ ڪا به ڪيفيت يا حالت ظاهر نه ٿو ڪري.
    (5) ڌاتو ٻول ڌاتو ٿي ئي ڪم اچي ٿو، جوڙ نه.
    (6) ڳوپ ٻول (جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ، اڪثر ڪري ٻه ڌاتو ٻول ٿين ٿا) سان پڻ ڪي جوڙ ملائي انهن کي ڳتيل ٻول جي صورت ۾ آندو وڃي ٿو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ جڙيل روپاولي کان جوڙ الڳ ڪيا ويندا ته ڳوپ ٻول ظاهر ٿي پوندو.

    ____
     نوٽ: هي مضمون ڊاڪٽر محبت جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ ]2003[ ۾ ڇپيو ويو آهي. - رياضت


    ٻاڌيو-1 (Appendix-1)

    وائل ۽ وائڄڻ

    پڪ رکان ٿو ته انگريزي ئي نه، يوناني، لاطيني، عربي ۽ ٻين ڪيترين ئي انڊو-يورپين، سامي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ڪيترائي ٻول اهڙا به موجود آهن جن جو ڌاتو سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ملي سگھي، ممڪن ناهي. ظاهر آهي ته ‘ڄڻ’ ٻول کي انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ، جن ۾ ‘ڄ’ موجود ناهي، ‘جَڻ’ ۽ جن ٻولين ۾ ‘ڻ’ به موجود ناهي ‘جَن’ ئي اچاري سگھندا ۽ ‘ٿُوم’ کي ڪو عرب ‘ثوم’ ئي اچاري سگھندو.
    • پاڻنيءَ جي راءِ موجب دنيا کي آئيوٽا جي شروعات پنڪ جاتيءَ ڪري ڏني. ڊايوڊورس ان لاءِ شام جي اوائلي رهواسين کي داد ڏنو آهي. پر هنن حقيقتن مان ظاهر آهي ته پنڪ جاتيءَ وارا ۽ شام جا اصلوڪا رهاڪو (‘هُري’ لوڪ) جيڪڏهن سنڌي لوڪ نه هئا ته به سنڌين جا ڀائيبند ضرور هئا ۽ اهڙيءَ طرح دنيا ۾ لکڻ جي هنر جي شروعات ڪندڙن ۾ اوائلي سنڌين جو به گھڻو هٿ هو. (پريم ]’سنڌو لکيت تي ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو’. ششماهي ‘سنڌي ادب’[ پوپٽي هيراننداڻي جي ‘ڀاشا شاستر’ جي حوالي سان)
    اڳ-اتهاسي (Pre-historical) ۽ قديم اتهاسي زمانن ۾ به سنڌ جا وسيع واپاري تعلق رهيا آهن ۽ سنڌ منجھان ڪي ئي وڏا وڏا ٽولا مختلف دورن ۾ ڌار ڌار طرفن ڏانهن لڏي ويندا رهيا، اهڙو هڪ مثال ‘جِپسي’ لوڪن جو آهي. ايم ايڇ پنهور صاحب جن پنهنجن مختلف مضمونن ۾ سنڌ اندر سامونڊي چاڙهه جو ذڪر ڪيو آهي جنهن گذريل هڪ لک ورهن دوران هتان جي آباديءَ کي اوڀر پاسي نه رڳو اڄوڪي ڀارت جي ڏاکڻي حصي ۾ پر سنڌ کان اتر ۾ ۽ اولهه ۾ به لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان جي لاٿ سان گڏ انهن ٽنهي طرفن کان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرائي.
    ستينءَ کان ڏهين صدي عيسوي تائين وارن ٽي سَو ورهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي ٻول، خاص ڪري اَنگَڄاڻ (Arithmetic)، ڳڻپڄاڻ (Mathematics)، تارا ڄاڻ (Astronomy)، نِکٽڄاڻ (Astrology، علم نجوم) ۽ طب سان واسطيدار، عربيءَ ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا ۽ عربن کان وري يورپ جي جديد عالمن ورتا. سنڌ مان گھرايل ڪي دوائون هيون ليسوڙا، ايريو، هريڙ، آنئورا، ڪافور، ٻهيڙا وغيره. (ڏسو ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جن جو مضمون “سامي (عرب) تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو”، نئين زندگي، مارچ 1969ع) پر اسان جي هن ڳالهه جو گھڻو تعلق ان زماني سان آهي جنهن کي اڳ-اتهاسي چيو وڃي ٿو.
    ڪي عالم چون ٿا ته عراق ۾ پهريون ڀيرو وونڻن جي پوک لاءِ ڪَڪڙا سنڌ مان گھرايا ويا (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ) ۽ ڪي چون ٿا ته عراق مان سنڌ ۾ آيا (ايم ايڇ پنهور) پر مهرڳڙھ ۾ ڪپهه جي موجودي سنڌ جي حمايت ۾ دليل مهيا ڪري ٿي، ۽ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا خاص ڪري واپاري ناتا ڏيهان ڏيهه پکڙيل هئا.
    سنڌ ۾ آرين جي آمد جو سن وڌ ۾ وڌ 17-سَو ورھ ق م سمجھيو وڃي ٿو ۽ ايم ايڇ پنهور صاحب جن ته ڀِڙاڄاڻي (Archaeological) شاهدي موجب 8-سَو ق م مقرر ڪن ٿا.
    • “سمڪرت” (سنسڪرت) ٻولي معنى چڱي يا صاف ٿيل يعني اجاريل يا سڌاريل ٻولي. (آڏواڻي ]1956[ 24)
    • پراڪرت ٻوليءَ جي معنى }آهي{ پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. پرڪرتي جي هڪڙي معنى آهي قدرت (nature) ۽ ٻي معنى اٿس ‘اصلوڪي صورت’. (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، “سنڌي پراڻي شاعري تي هڪ نظر” نئين زندگي، اپريل 1971ع)
    پر ڪاڪي ڀيرومل جن پراڪرت کي سنسڪرت مان پيدا ٿيل سمجھن ٿا جيڪا راءِ منطقي طرح غلط نظر اچي ٿي ڇو ته ‘قدرتي’ يا ‘اصلوڪي ٻولي’ ئي اڳ ۾ وجود وٺي سگھي ٿي ۽ پوءِ ئي “سمڪرت”.
    • عالمن جو خيال آهي ته سنڌي پراڪرت جي هڪ شاخ آهي جا آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. “پراڪرت” (پراڪريتي) جي معنى آهي نج يا صاف ۽ ان جي ابتڙ سنسڪرت (سمسڪريتا) جي معنى آهي گاڏڙ يا مليل جُليل... سنڌي ٻولي تي جيتوڻيڪ ٻاهريون اثر به ٿيو آهي پر ان هوندي به ان جي سٽا ۽ ساخت ۾ ڪا به ڦيرگھير نه آئي آهي...
    ان ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌي ٻولي قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ساڳي آهي. وقت جي گذرڻ ۽ ڌارئين اثر هيٺ، اها ڪي قدر بدليل ٿي ڏسجي پر ايتري ڦيرگھير نه آهي جيتري برصغير جي ٻين ٻولين ۾ ڏٺي وئي آهي. (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، حوالو ساڳيو)
    هڪ ٻول ‘ميگھ’ سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو:
    • ميگھُ ج ميگھَ: ذ. (پرا. ميهو. سن. ميگھ. ع. ميخ = ڪڪر) ڪَڪر - بادل - ابر - گَھٽا - مينگھ - ميخ. مينهن - برسات - بارش - وَس. وسڪارو - وارکا - باران - جھُڙ - آگم. راڳ جي ڇهن راڳن مان چوٿين راڳ جو نالو ─ ملهار. (هندستاني موسيقي ۾ تمثيلي تصوير مطابق: وارن ڪارو، پوشاڪ پِيلي، هٿ ۾ ترار، ڪڪر تي سوار)
    - ميگھاچَن: ٻارهن ميگھن مان پهرئين ميگھ جو نالو - جُھڙ جَھم - گھاٽا ڪڪر - گَھٽا گھنگھور (ن. ب)
    - ميگھ مَلار: ذ. ساوڻ جي موسم - جھڙ - آگم
    • ميگھواڙُ ج ميگھواڙَ: ذ . صفت. چمڙي جو ڪم ڪندڙ - موچي - ميگھواڙ. (اسم خاص). هڪ ذات جو نالو ─ مينگھواڙ. (ج س ل)
    ‘گھ’ جيڪڏهن ڪو عرب اچاريندو ته ‘غ’ ئي چئي سگھندو. في الوقت بحث اهو ناهي ته ‘ميگھ’ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ‘ميگھ’ ڦري ‘ميهو’ يا ‘ميهه’ (مِينهن) ٿيو آهي (الانا ]1987[ 107) يا اهي ٻئي ٻول مورڳو مختلف ڌاتو رکن ٿا پر مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته سنسڪرت (جنهن کي ٻولين جي ‘انڊو-يورپين’ گھراڻي ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ عربي (جيڪا ‘سامي’ گھراڻي جي ٻولي آهي) ۾ ڪي لفظ بلڪل ويجھڙائي، بلڪه ساڳيو ڌاتو ظاهر ڪن ٿا. ‘ميگھواڙ’ (مينگھواڙ) سنڌ جي قديم ترين رهاڪن مان هڪ آهن، ۽ سمجھان ٿو ته ان جي معنى ‘ميگھ وارا’ ٿيندي.
    • ميگھ (ميغ، ميخ، ميڪ)
    • ميگھواڙ
    • ميگھ ملهار
    • ميگھ ديوتا
    • ميڪائيل (مِينهن وسائيندڙ “فرشتو”)
    • ميخائيل، ميڪائيل (Michael)، مائيڪل (Michael)، مچل (Michle)، ۽ مڇل (Michel) روس، برطانيا، فرانس ۽ جرمني (۽ اڄوڪي اميريڪا) ۾ ڪيترن ئي فردن جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح ايشيا، افريڪا ۽ يورپ جي وسيع ايراضين ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن وٽ هيءُ ٻول موجود آهي.
    هڪ ٻيو ٻول آهي پاٽۡ/ Pot
    عام انگريزي ۾ هن ٻول جي معنى آهي ڪو به اونهو يا اونهائي رکندڙ ٿانءُ جيڪو رڌو پڪو ڪرڻ، ڪا شيءِ سنڀالي رکڻ يا ڪنهن شيءِ کي گَھڙڻ لاءِ قالب طور ڪم آڻي سگھجي، هن ۾ ٻوٽا به رکي سگھجن ٿا ته مِٺائي به، ۽ منجھس ڪا به پاڻياٺ محفوظ ڪرڻ يا اوتڻ/پرٽڻ جي مقصد لاءِ رکي سگھجي ٿي ─ مٽيءَ جو ٿانءُ. }انهن سان گڏ هي ٻول ٻين ڪيترين ئي اصطلاحي معنائن ۾ به ڪم اچي ٿو.{ هن ٻول کي ‘ديرائت پراڻي-انگريزي’ (Late Old-English) ٻوليءَ ۾ ‘Pott’ (پاٽ)، جرمن ٻوليءَ ۾ ‘Pott’، سويڊش ٻوليءَ ۾ ‘Potta’، ڊئنِش ٻوليءَ ۾ ‘Potte’ ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ ‘Pot’ سڏجي ٿو پر انهن ٻولين جا ماهر اڃا تائين اهو سوچي نه سگھيا آهن ته هن ٻول جو بڻ ڪهڙو آهي.
    مٽيءَ مان ٺهيل ۽ آويءَ ۾ پچائي ٺڪر ڪيل هڪ قسم جي ٿانءَ کي سنڌي ۾ سڏجي ٿو ‘پاٽ’ (پاٽِ/پاٽِر).
    • پاٽِ ج پاٽيون: ث. ]سن. پاتۡــرَ. پا = پيئڻ[ ٺڪر جي وڏي ٿالهي (جا اٽي ڳوهڻ يا ڀَت کائڻ جي ڪم اچي)...
    • پاٽڙِي ج پاٽڙيون: ث. ننڍڙي پاٽ...
    • پاٽڙو: ... ننڍي پاٽ.
    • پاٽَنُ ج پاٽَنَ: ذ. بوتو - قالب - سانچو.
    • پاٽوڙو ج پاٽوڙا: ذ. (سن. پاتۡــرَم= ؟) ٺڪر يا ڪاٺ جي وڏي پاٽ - موڪري ۽ اونهي پاٽ. پاٽ.
    • پاٽوئي: ...هڪ ذات جو نالو.
    • پاٽوئي ج پاٽوئيون: ث. ]سن. پاتۡـــرَ= پاٽِ[ پاٽي.
    • پاٽِي ج پاٽيون: ث. ]سن. پاتۡـــرَ[ اَنَ مَئڻ جو هڪ ماڻ...
    • پاٽيو ج پاٽيا: ...تختو - ڦرهو. چَونرِي (ٿ). (ج س ل)
    ‘پاٽو’ (ج پاٽا) ‘بَٺي ۾ سِرن جي مختلف تهن وارو اڀو پَٽو’ به آهي جيئن سَت سِرو پاٽو، اَٺ سِرو پاٽو.
    • پَٽُ ج پَٽَ: ذ. ]سن. پَــٽۡڪَهۡه[ ميدان - پوٺو - پڊ - زمين - بيابان - ملڪ - ٿـر جـي ڏاڍي زميـن وارو حـصـو، جنهن کي پارڪر به چئبو آهي...
    (ج س ل)
    ليکڪ جي نظر ۾ مٿي ڄاڻايل سڀني ٻولن جو ڌاتو ‘پَٽ’ آهي ۽ ‘پَٽ’ جي معنى آهي ‘مِٽي’.
    ..........
    ‘Pous’ (پائو) ۽ ‘polypous’ (پولي پائو) يوناني ٻوليءَ جا ٻول آهن ۽ واريسر ‘هڪ ڄنگھي’ ۽ ‘گھڻ-ڄنگھي’ جي معنى رکن ٿا. ‘Pous’ (پائو) معنى ‘پير’ يا ‘ڄنگھ’. سنڌي ٻولي ۾ ‘پائو’ کٽ جو به ٿيندو آهي ته ڪنهن بـه سـاهـواري، خـاص ڪـري ڍور جـو بـه. ڄـنـگھ، پـيـر ۽ پـائــو سـاڳـئـي مفـهـوم ۾ به
    ڪم ايندا آهن. ڇا يوناني ‘پائو’ ۽ سنڌي ‘پائو’ جي وچ ۾ ڪو ناتو ناهي؟ ليلو رچنداڻي صاحب جن اهڙن ڪيترن ئي ٻولن جو ذڪر ڪن ٿا جيڪي سنڌي ۽ يوناني ٻولين ۾ هڪجھڙا آهن. (‘يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سنٻنڌ’، “مهراڻ”، 4- 1967)
    ..........
    ليکڪ کي خاص طرح ذڪر ڪرڻو آهي هڪ ٻول جو، جنهن کي انگريزي ۾، حقيقت اها آهي ته ڪيترين ئي يورپي ٻولين ۾، ‘Vowel’ سڏجي ٿو، جنهن جو سنڌي ۾ عام متبادل ‘سُر’ لکيو وڃي ٿو ۽ ليکڪ ان جي بدران ‘وائل’ ڪم آڻي ٿو.
    ليکڪ جي نظر ۾ هڪ ٻول آهي ‘وَء’ جنهن جي معنى آهي ‘چَئه’ ۽ سمجھي ٿو ته وء ۽ چئه جي وچ ۾ گھاٽو ناتو آهي، ايترو گھاٽو جو وء جي بدران سنڌي ۾ چئه مروج ٿي ان جي جڳهه والاري ويٺو آهي. اهي ٻئي ٻول هن وقت سنڌي ۾ موجود ناهن.
    ‘وَئه’ نه ته ‘وَءُ’ آهي ۽ نه ئي وري ‘وَءَ’ يا وَءِ’ يا ‘وَ’.
    جيئن /سَـڙۡ، مَـــرۡ، ٺَـــرۡ، پَـــڙۡهه/ وغيره جهڙن ڌاتو ٻولن جي وچ تي عام مفهوم موجب /آ/ آڻي انهن کي /ساڙۡ/، مارۡ، ٺارۡ، پاڙۡهه/ ٺاهجي ٿو جيڪي متعدي ڌاتو آهن، تيئن ‘وَء’ ڦري ٿئي ٿو ‘واء’.
    /واء/ ۽ /وا/ جي وچ ۾ فرق آهي.
    ]وا[ چوندي آوازي لهر مٿي چڙهي ٿي ۽ چڙهندي ختم ٿي وڃي ٿي.
    ]واء[ چوندي آوازي لهر مٿي چڙهي ٿي ۽ چڙهندي هلڪي لاٿ کائي ختم ٿي وڃي ٿي. ]وا[ ۽ ]واء[ يڪپدا آواز آهن.
    ‘واءُ’، ‘واءَ’ ۽ ‘واءِ’، ٽيئي ٻَپَدا ٻول آهن ۽ انهن ۾ ]وا[ چوندي جڏهن آوازي لهر ختم ٿئي ٿي تڏهن ]اُ[، ]اَ[ يا ]اِ[ جي نئين آوازي لهر اڀري ٿي.
    /واء/ جو عرفِ خاص ۾ اسم مصدر آهي /وائڻ/.
    • وائڻ: مصدر. (سن. وايُـ = واءُ). هوا ڏيڻ - واءُ هڻڻ - واءُ ڪرڻ. وِڃڻو هڻڻ. تنوارڻ - آواز ڪرڻ - وڄائڻ. ڳڻڻ. (وائيو – وائيندو - وائيَل)
    - وائو ج وائا: ذ. (سن. واڪ. پرا. = وايا). ذڪر - بيان - ڳالهه ٻولهه - چؤٻول - گفتگو.
    (ج س ل)
    ليکڪ کي هتي اهو بحث ڪرڻو ناهي ته ‘وايُـ’ ۽ ‘واڪ’ اصولي طرح سنسڪرت جا ٻول آهن يا نه ۽ نه ئي وري پراڪرت جي ‘وايا’ تي ڳالهائڻو آهي پر اهو واضح ڪرڻ آهي ته ‘وائڻ’ جي معنى کي ٻن وڏن ڌڙن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: هڪ جو واسطو ‘هوا’ سان آهي ۽ ٻئي جو ‘وَئڻ/چَوَڻ’ سان آهي (آواز ڪرڻ، ڳالهائڻ، ذڪر، بيان وغيره). هيءَ پوئين معنى ظاهر ڪندڙ ٻول ‘وائو’ جيان ‘وائِي’ به آهي.
    • وائي ج وايون: ث. (پرا. وِئا. سن. وايُـ > واجا = واءُ). باد - وائي بادي... واءُ - ريح ... ڳالهه - پهاڪو... چوڻي - چو... ڪلام. ڪافي - راڳ - وائي... سرسلو - وارتا - تقرير. چؤوت - چؤپچو- چؤٻول - سُڻيدي - ڳالهه - ذڪر. آواز - ٻولي - ڀڻڪو. اُچار - پچار. (ج س ل)
    ]اِي[ آواز سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن جي آخر ۾ پُٺجوڙ (suffix، پڇاڙي) طور اچي ٿو ۽ ‘جو، جي، وارو، واري، سان واسطيدار’ وغيره جو مفهوم ظاهر ڪري ٿو، ڪن ٻولن کي اسم (noun) ٺاهي ٿو، مذڪر (masculine) کي مؤنث (feminine) ۾ بدلائي ٿو، واحد مؤنث جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ ‘وڏي’ کي ‘ننڍي’ جو مفهوم ڏئي ٿو.
    /وائِي/ = ]واء[ + ]اِي[ = /واء/ + /اِي/.
    /وائِي/ ۽ /وائو/ جي ڀيٽ ڪري ڏسو.
    /وائو/ = ]واء[ + ]او[ = /واء/ + /او/.
    ]او[ آواز سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن جي آخر ۾ پُٺجوڙ (suffix، پڇاڙي) طور اچي ٿو ۽ ‘جو، جي، وارو، واري، سان واسطيدار’ وغيره جو مفهوم ظاهر ڪري ٿو، ڪن ٻولن کي اسم ٺاهي ٿو، واحد مذڪر جي نشاندهي ڪري ٿو، مؤنث کي مذڪر ۾ بدلائي ٿو ۽ ‘ننڍي’ کي ‘وڏي’ جو مفهوم ڏئي ٿو.
    ‘وائو’ مذڪر به آهي ۽ اسم به آهي.
    ‘وائي’ مؤنث به آهي ۽ اسم به آهي.
    ‘واء’ جي جنس ناڌر (Neuter، “بيجان”) ٿيندي.
    • اسمن ۽ لفظن جي جنس (Gender) لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته برعڪس سامي ٻولين جي جن ۾ فقط ٻه جنسون ‘مذڪر ۽ مونث’ آهن، هند-يورپي زبانن ۾ نهايت قديم زماني ۾ لفظن جون ٽي جنسون هونديون هيون ─ مذڪر {masculine}، مؤنث {feminine} ۽ بي جنس يا عام} ناڌر، {Neuter. هندستان جي سمورين پراڪرتن }ٻولين{ ۾ جنس عام ڪا نه ٿي ملي، پر سنڌيءَ ۾ بي جنس يا عام جا لفظ اڃا تائين موجود ملن ٿا. (سراج ]1964[ 66)
    هي ليکڪ جنس عام (common) ۽ بي جنس (Neuter، ناڌر) ۾ فرق ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته سنڌيءَ ۾ عام ۽ ناڌر جنس جي گم ٿي وڃڻ يا واهپي ۾ گھٽ اچڻ جو سبب سنڌين جي ڊگھي غلامي ۽ پرڏيهي غاصب حاڪميت آهي، خاص ڪري اها پرڏيهي حاڪميت جنهن جي ٻولين ۾ ناڌر جنس موجود نه هئي.
    ‘ماڻهو’ ۽ ‘پکي’ جنس عام آهي پر سنڌي ۾ اهي مذڪر ٿي جملي ۾ اچن ٿا. برطانيا، اميريڪا، ڪراچي وغيره ۽ لاڙڪاڻو، سکر، روس، ڪشمير وغيره ناڌر جنس هوندي به مذڪر ۽ مونث ٿي جملي ۾ اچن ٿا.
    ‘وائو’ واحد آهي، جمع ٿيندو ‘وائا’ يا ‘وايا’ يا ‘وائيا’.
    ‘وائي’ واحد آهي، جمع اٿس ‘وايون’ (وائيون).
    ‘واء’ ڳڻپ جي لحاظ کان ‘ٻُڙي’ آهي يعني ‘ڪجھ به نه’ به آهي ته ‘گھڻو ڪجھ’ به. ان جي ڪا به جنس ناهي ۽ ڪنهن به فاعل يا مفعول سان واسطو نه اٿس.
    /واء/ سان جڏهن آخر ۾ /اِ/ ملائجي ٿو تڏهن واحد ۽ مذڪر توڙي مونث لاءِ ‘امري’ صورت وٺي ٿو ─ /واءِ/
    /واء/ سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ ڌاتو ٿي ڪم اچي ٿو. ڌاتو سان ملندڙ پُٺجوڙ جي پهرئين آواز تي منحصر آهي ته /واء/ کي /وا-/ ڪري ڇڏي يا /واءُ/، /واءَ/ يا /واءِ/.
    • وائِڪُ ج وائِڪَ (ٿ) : ذ. خط - رقعو... ڪوٺ جو سڏ... نينڍ.
    • وائُکَ ج وائکون : ث. هوا - واء - هير... (ج س ل)
    /وائِڪُ/ =/واء/ + /اِڪُ/
    /وائکَ/ =/واء/ + /اُکَ/
    /وائکون/= /واء/ + /کُون/. هن ٻول ۾ هر آواز تي ڌيان ڏبو ته /واء/ جو حقيقي آواز چِٽو ٿي ايندو جيڪو نه ته /واءُ/ آهي ۽ نه ئي وري /واءَ/ يا /واءِ/.
    • واڪُ ج واڪَ : ذ. سڏڻ - پڪارڻ - واڪو ڪرڻ - ٻول - واڪ - آواز - هوڪو - واڪو - رڙ - ڪوڪ - دانهن. (ج س ل)
    • واڪُ ج واڪَ : ذ. (سن. واڪۡيَه). لفظ. جملو. شُبد. ٻولي. چوڻي - وچن - ڪلام. ٻول - گفتگو - انجام - قول اقرار - وعدو... چوڻ - ٻولڻ. پهاڪو. ... آواز. ...
    • واڪو ج واڪا : ذ. (سن. واڪ < وَچ = ڳالهائڻ). وڏو آواز - رڙ - دانهن - ڪوڪ - آواز - هوڪو - ڪِيڪ - ڪيڪڙاٽ. رڙورڙ - گوڙ - شور - ٻاڪرڪُٽو... ڪِيهه - رِيهه - ووءِ - واويلا - ٻوڪ - ريهاڙ - گجگوڙ - وڏي سڏ پڪار - نعرو...
    - واڪوڙو ج واڪوڙا: ... نعرو.
    - واڪِرُ ج واڪِرَ: ذ. گھڻو ڳالهائيندڙ...
    • واڪڻ: مصدر. (سن. واڪۡيَه). ڳالهائڻ - واڪا ڪرڻ - بڪڻ - ڳالهه ٻولهه ڪرڻ... (ج س ل)
    /واڪ/ = /واء/ + /ڪُ/ (يا /واء/ + /اُڪ/)
    ‘وائڪ’ ۽ ‘وائک’ ۾ ‘ئـ’ ]ا[ چٽو ٿي ويو آهي ۽ ‘واڪ’ ۽ اهڙن ٻين ٻولن ۾ گم ٿي ويو آهي.
    سنڌي ۾ ڪيئي اهڙا ٻول آهن جن ۾ ان ڌاتو /واء/ جي اڳيان (اڳجوڙ يا اڳياڙي طور) ڪي آواز اچي ان کي مختلف معنائون ڏين ٿا.
    • سُواءُ ج سُواءَ: ذ. ]سُ + واءُ[ چڱو واءُ - سڻائو واءُ - سٺو واءُ - سولو واءُ - سُڪار. خبر - ڄاڻ - معلومات - علم.
    • سُوائي ج سوائيون: ث. ]سُ + وائي[ چڱي ٻولي... وڻندڙ ڳالهه ٻولهه...
    • سُوائيو ج سوائيا: ذ. ]سن. س =چڱي + وارتا = وائي[. وڻندڙ گفتگو ڪندڙ... خوش آواز...
    • سَوايو: اسم خاص. (سوايو = وڌيڪ) نالو ماڻهوءَ جو.
    • ڪُوارڻ: مصدر. ]سن. ڪُ = خراب + وات = هوا. پرا. ڪُ = خراب + وائار[. ڪوار ڪرڻ - هِجو ڪرڻ - گلا ڪرڻ... رسوا ڪرڻ - نِندا ڪرڻ... بهتان رکڻ...
    • ڪُواءُ (ت): ذ. (ڪ = خراب + واءُ = هوا) زماني جي گردش. انياءُ - ظلم...
    • ڪُوائِي .. ڪوائيون: ث. ]سن. ڪُو + وائي= خراب ڳالهه[ خراب وائي - بڇڙو سوڻ...
    • ٻِوايو ج ٻه وايا: ذ. صفت. ٻن ٻولين وارو - دُوايو. ٻن طرفن کان لڳندڙ واءُ.
    • ٽِوايو ج ٽِوايا: ذ. صفت. ٽن وايُن وارو - ٽن ٻولين وارو. ٽن معنائن وارو.
    - دُوائي ج دوائي: ... ٻن زبانن وارو - ڪُوڙو. (ج س ل)
    انگريزي لفظ ‘Vowel’ بدران سنڌي ۾ ‘وائل’ ڇو مقرر ڪيو ويو آهي، اهو سمجھڻ لاءِ اڃا ٻه ٽي ٻول ٻيا به ذهن ۾ ويهارڻا پوندا.
    • وائُلَ ج وائلون: ث. (سن. وايـُ = واءُ)... هذر - هذيان - سرسام...
    • وائلَڻُ: مصدر... هوا لڳڻ... پڌرو ٿيڻ...
    • وائُلجَڻ: ... واءُ جي جھٽڪي ۾ اچڻ... وڦلجڻ... گجڻ - رڙڻ... سرسام جي اثر هيٺ اچڻ.
    - وائلجي وڃڻ : ڳالهه پڌري ٿي پوڻ... (ج س ل)
    /وائل/ = واء لۡ (واء سان واسطيدار، جنس ناڌر، ڳڻپ ٻڙي)
    وائلُ = واء+ لُ (واء سان واسطيدار، جنس مذڪر، ڳڻپ هڪ)
    وائلَ = واء+ لَ (واء سان واسطيدار، جنس مذڪر، ڳڻپ گھڻا)
    سنڌي ٻوليءَ جي مزاح موجب مٿين ٻولن ۾ ‘ء’ اوس متحرڪ ٿيندو پر ان کي هلڪي کان هلڪو رکڻ گھرجي.
    ليکڪ ‘وائل’ کي ‘Vowel’ جي متبادل طور ڪم آڻڻ گھري ٿو ۽ پڪ رکي ٿو ته ‘Vowel’ جو اصلي ۽ حقيقي بنياد ‘واء’ آهي. ‘واء’ جن سنڌي ٻولن ۾ ڌاتو طور ڪم اچي ٿو انهن مان ڪجھ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هتي ‘Vowel’ بيان ڪجي ٿو، جيئن اهو ڪجھ انڊو-يورپي ٻولين ۾ ڪم اچي ٿو.
    • Vowel /vow’əl/ n.
    A speech-sound produced by the unimpeded passage of the breath (modified by the vocal cords into voice) through the mouth. [Fr. voyelle - L. vocālis - vōx, vocis, voice]
    • وائل /واء لۡ/ اسم
    هڪ ڳالهه-آواز جيڪو وات مان (واڪل ڏورين وسيلي واڪي ۾ بدلائي) ساھ جِي اڻ-رنڊيَل وهڪ وسيلي اپايو وڃي ٿو. ]فرينچ وائِل/وائيل ─ لاطيني واڪلِس - واڪۡس، واڪِس، واڪو[
    Voice لفظ ۾ ‘c’ جو آواز ‘س’ پر مٿي جيڪي به لفظ آيا آهن انهن ۾ اها ‘ڪ’ جو آواز ڏئي ٿي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي جيڪڏهن voice جو آواز اچاربو ته ‘وائڪۡ’ ٿيندو. voice جن به ٻولن سان ناتيداري رکي ٿو انهن سڀني ۾ ان جو آواز ‘ڪ’ ٿئي ٿو ۽ ‘واڪ’ چٽو ٿي اچي ٿو. اچو ته انهيءَ ‘واڪ’، ‘وائڪ’ يا وائِس (voice) کي ڪجھ ٻين لفظن ۾ ڳوليون.
    • واڪَبل /واڪَ بل/ . /vo’kə-bl/ vocable ●
    اهو جيڪو واڪي سان آوازيو وڃي ٿو (that which is sounded by voice). هڪ ٻول (word، لفظ) يا ٻول جو آواز (sound) جيڪو ان لائق هجي جو اورجي سگھجي (capable of being uttered). ]لاطيني vocābulum (واڪَبُلَم) ۽ vōcālis (ووڪَلِس) ─ vōx (واڪۡس)، vōcis (ووڪِس) voice (وائِس)[
    vocation (vō-kā’shən، ووڪيشن): هڪ قسم جو سڏ. واڪَپَ. ]’واڪپ’ ٻول ايئن آهي جيئن ڏاهپ، ٻانهپ وغيره. سنڌي ٻول جو پٺجوڙ ‘-اپ’ انگريزي جي ‘-شن’ پٺجوڙ (وارن ڪيترن ئي ٻولن) سان هم معنى آهي.[
    vocal (ووڪَل، واڪل) واڪي وارو، واڪو ڪرڻ وارو، واڪَل. ]’واڪل’ ٻول ائين آهي جيئن سنڌي جا ٿاڌل، واڌل وغيره آهن.[
    voice (vois، وائِس) جيئري هستيءَ، خاص ڪري ماڻهوءَ جو ٻوليندي/ڳالهائيندي يا ڳائيندي پنهنجن واڪل آرکڻن (organs، عضون) وسيلي اپايل آواز. ]اينگلو-فرينچ voiz (وائز)، voice (واڪو)، (فرينچ ─ voix) ─ لاطيني vōx (واڪس)[
    viol (vīəl، وائيل): وائِلن سڏجندڙ سازن جي وڏڙن مان ڪو به هڪ ساز.
    viola (vi-o’la، واء اول): وائِلن کان ڪجھ وڏو هڪ قسم جو ساز.
    violin (vī-ə-lin’، وائِــلِــن): چئن تارُن وارو موسيقيءَ جو هڪ ساز.
    آخري ٽنهي ٻولن جو بنيادي، اصلي ٻول ڪهڙو آهي، اها لاطيني، انگريزي ۽ فرينچ ٽنهي ٻولين جي پارکن کي سُڌ پئجي نه سگھي آهي.
    مٿي، voice جي هم معنى ۽ هم آواز طور اينگو-فرينچ voiz (وائز) ۽ فرينچ voix (وائِگۡزۡ؟) تي ڌيان ڏجي ٿو ته عربيءَ جو ‘واعظ’ ذهن ۾ اڀري اچي ٿو ۽ ‘واڪل’ وري ‘وڪل’ (جنهن مان ‘وڪيل’ نڪتل آهي) چٽو ٿي اچي ٿو. خوشقسمتيءَ سان انهن ٻنهي ٻولن جي معنى ۽ مفهوم ‘واء’ ۽ ‘واڪ’ سان ملندڙ جلندڙ آهي پر هتي وري هڪ نئون در کلي ٿو، ته ڇا اهي اصل ۾ عربيءَ جا ٻول آهن يا ان به ڪنهن ٻي ٻوليءَ کان ورتا هئا؟
    اهي ٻول جيڪي عربيءَ جي ڄاتل چوڏهن ئي صورتن ۾ ڦري سگھن انهن جو ڌاتو عربي سمجھيو ويندو آهي ۽ ‘وعظ’ توڙي ‘وڪل’ ٻنهي جو ڦيرو چوڏهن ئي صورتن ۾ ٿئي ٿو. پوءِ، ڇا ‘واء’ ۽ ‘واڪ’ ٻول عربيءَ کان سنڌي، سنسڪرت ۽ يورپي ٻولين ۾ ويو آهي يا عربيءَ خود عبرانيءَ کان ورتو، جنهن ۾ اهو تڏهن داخل ٿيو جڏهن سنڌ ۽ سمير جا واپاري ناتا اوج تي هئا؟ انهيءَ پسمنظر ۾ ‘وعدو’ ٻول کي به ڏسڻ گھرجي.
    اتان ذهن وري ٻئي ٻول آواز ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو چيو ٿو وڃي، ته فارسيءَ جو ٻول آهي. فارسي، ٻولين جي انڊو-آرين گھراڻي سان تعلق رکي ٿي.
    سنڌي ۽ سنسڪرت جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ /آ-/ هڪ اڳجوڙ آهي ۽ مختلف ٻولن ۾ مختلف معنائون ڏئي ٿو. ڪجھ ٻولن ۾ ان جي معنى ‘چوڌاري’، ‘هر پاسي’، ‘جت ڪٿ’ پڻ آهي جيئن آبوٿي، آٻوٿي، آروگي، آٻوسڻ، آٻُوهڻ، آڀاسن، آتارڻ، آگرنٿ، آڪاش، آگمڻ، آگھارڻ وغيره.
    • آواز ج آوازَ: ذ. ]ف[ شيُن جي پاڻ ۾ لڳڻ جو پڙلاءُ... ڳالهاءُ... سڏ...
    • وڪيلُ ج وڪيلَ: ذ. ]ع[ اهو جنهن تي توڪل رکجي... ٻئي جي پاران ڳالهائيندڙ...
    • واعظُ ج واعظَ: ذ. ]ع. وعظ = هن نصيحت ڪئي[ وعظ ڪرڻ وارو... پرچارڪ...
    • وعدو ج وعدا: ذ. ]ع[ انجام - اقرار - پرن - ٻول - قول... (ج س ل)
    }’ٻول’ ۽ ‘قول’ ۾ به لاڳاپو ڏسڻ گھرجي.{
    سنسڪرت جا هم معنى ٻول آهن ‘وايُ’ ۽ ‘واڪۡيَه’ ۽ پراڪرت جو ٻول آهي ‘وايا’. ڏٺو وڃي ته ‘واء’ انهن ۾ چٽو بيٺل نظر اچي ٿو. سنڌي ۾ ‘وايو’ ۽ ‘وائيو’ پڻ ‘هوا/واءُ’ توڙي ‘ڳالهه/ چوَڻ/ اورڻ’ جو مفهوم سمايو ويٺا آهن، پر ليکڪ جي نظر ۾ هڪ ٻول آهي ‘وات’.
    • واتُ ج واتَ: ذ. ]سن. ود = ڳالهائڻ[ ڳالهائڻ جو عضوو - ذهن - مُک - مُنهن. ٻوٿ. گفتگو - ڳالهائڻ... (ج س ل)
    /وات/ = /واء تۡ/
    /واتُ/ = /واء تُ/ (جنس مذڪر، عدد واحد)
    /واتَ/ = /واء تَ/ (جنس مذڪر، عدد جمع)
    چائت، واهَت، چاهت، آهت وغيره ۽ اُڻت، ڳڻت، وَڻت وغيره جھڙن ٻولن ۾ /-اِت/ ۽ /-اَت/ جھڙن پٺجوڙن کي ذهن ۾ رکي /وات/ ٻول جي اڏپ تي ڌيان ڏيڻ ۽ سوچڻ گھرجي.
    ‘وائڻ’ جي معنى آهي آواز ڏيڻ، هوڪو ڏيڻ.
    ‘وائڻو’ معنى ‘جيڪو آواز ڪڍي’، ‘وائڻ وارو’، ‘وائڻ جو’ وغيره ─ اهو فرد جيڪو ‘آواز (هوڪو) ڪرڻ/ ڪڍڻ/ ڏيڻ’ جو ڪم ڪري.
    • واڻي ج واڻيون: ث. ]سن. واڻي[ ٻاڻي - ڀومي. ٻولي - وچن - زبان - ڪٿا - لپي - ڳالهه ٻولهه - شعر - بيت. غيب جو آواز. هدايت...
    • واڻيو ج واڻيا: ذ. ]سن وڻج = واپاري[ واپاري هندو... دڪاندار - واپاري - سوداگر... (واڻياڻي ج واڻياڻيون).
    • واياڻي ج واياڻيون: ث. ]سن. بڻج[ هندواڻي - واڃاڻي. (ج س ل)
    ڇا اهو سمجھڻ غلط ٿيندو ته وائي، واڻي، (ٻاڻي)، وائڻ، وائڻو، وائڻيو، واڻيو، وايو جو بنياد ‘واء’ آهي، نه ڪي واڻي، وڻج يا بڻج.
    آواز ڏئي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي ڪو وڙ، وکر يا نگ وڪڻڻ جو ڪم ڪندڙ ماڻهو ‘واڻيو’ سڏجي ٿو. (هتي قديم سماج کي ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي، دڪانداري ۽ ڌرم ۽ انهن جي حوالي سان ‘واڻيو’ جي وضاحت ‘واپاري هندو’ وسيلي ڪرڻ غلط آهي).
    ‘واڻٿ’ معنيٰ ‘سوداگر، واپاري، مال وڪڻندڙ’.
    پري پري تائين (پار وڃي) وائڻ ۽ وڙ وڪڻڻ آهي ‘واپار’.
    • واوَٺُ ج واوٺَ: ذ. خبر لهندڙ - سڌ لهندڙ - سماچار رکندڙ...
    • وائنٺ ج وائنٺيون: ث. خبر - سڌ - سماچار...
    • وائٺڻ: مصدر. کوجڻ - پڇڻ - ڏورڻ - جاچڻ...
    - وائٺُ ج وائٺَ: ذ. گپ شپ - يٽ شَٽ - هوَر - لٻاڙ - ڊاڙ - خبرچار...
    • وائٽڻ: مصدر. کوجڻ- پڇڻ- ڏورڻ- جاچڻ...
    - وائٽُ ج وائٽَ (ل): ث. جاچ - خبر - کوج - پُڇا... (ج س ل)
    ‘وَٺ’ (وٺڻ وارو) کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ اسان وٽ ‘واوٺ’ جو ‘وا’ جيڪو پوءِ آيل لفظن کي ڏسي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته ‘واء’ آهي.
    ٻولن جي اچار ڏانهن بي ڌياني، ٻولن جو گھڻي عرصي کان تحريري صورت ۾ نه اچڻ، رسم الخط جي ڪمزوري، صورتخطيءَ جون غلطيون، ٻولن ۾ هوري هوري ۽ لاڳيتو ٿيندڙ ڦيرڦار ۽ انهن سڀني لقائن جو گذريل ڊگھي عرصي کان موجود هجڻ اهي ڪارڻ آهن جن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي ٻول پنهنجي حقيقي صورت لڪائي يا وڃائي ويٺا آهن.
    ‘وائورِي’، ‘وائوڙيا’ ۽ ‘وائون’ نالي ٽي ذاتيون سنڌ ۾ رهندڙ آهن. (ج س ل)
    • وائِــرُ ج وائــرَ (ڪ): ذ. موڳو - بي سمجھ - بي وقوف...
    • وائــڙو ج وائڙا: ذ. موڳو - منجھيل - موڙهل... (ج س ل)
    ‘واويلا’ معنى ‘هاءِ - افسوس... دانهون - رڙيون... (ج س ل) جيڪو عربي ۾ ‘واليلا’ جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ‘واءِ واءِ ڪرڻ’ جو مطلب آهي ‘ڀَنڊي مچائڻ، خواري ڪرڻ’ ۽ ‘واھ واھ ڪرڻ’ جو مطلب آهي ‘ساراھ ڪرڻ، همت ٻڌائڻ’.
    ‘واعظ’ ۽ وائس (voice) سان هم آهنگ ٻول آهي ‘واسڻ’.
    • واسڻ: ... ٻڪريءَ جي رڙ - دانهن - ٻيڪار. (ڪ). (ج س ل)
    ليکڪ جي نظر ۾ هي ٻول /واء س + اَڻ/ آهي.
    ‘ڏسڻ وائسڻ’ ۾ اهو ‘وائس’ پنهنجي معنى ‘ٻُڌڻ، سُڻڻ’ ڏيکاري ٿو. /واء سُڻ/ جي معنى ٿيندي ‘ڳالهه ٻُڌ، چوڻ ٻُڌ’ ۽ ‘سُڻڻ’ جو ڌاتو /سُڻ-/ حقيقت ۾ /سُئه/ آهي جنهن کي سراج صاحب جن ‘سُـ’ به لکيو آهي (]1964[ 53) پر اهو ٻول /سُئُه/ ناهي، /سُئُه/ امر واحد آهي. اهو /سُئَه/ به ناهي، /سُئَه/ اسم آهي ۽ ان جي معنى ٿيندي ‘ٻُڌَ’. (‘ٻُڌي’، ‘سُئي’ اسم هجڻ سان گڏوگڏ واسطيدار فعلن جي ماضي وارو صيغو به آهن).
    /سُئه/ جي آواز ۾ ]سُ[ چوندي جيڪا آوازي لهر مٿي چڙهي ٿي اها چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي پر هلڪي لاٿ کائي ختم ٿئي ٿي.
    ‘واسَڻ’ جي ڌاتو /واء س/ ۽ ‘وائسَڻ’ جي ڌاتو /وائسُئه/ = (واء سُئه) جي ٺيڪ وچ تي آواز سان ملندڙ `voice` جو ٻول آهي.
    هتي اهو ٻڌائڻ موضوع کان ٻاهر نه ٿيندو ته پراڻي-انگريزي (Old-English) ۾ لڳ ڀڳ سمورن فعلن جِي “اسم مصدر” واري صورت موجود هئي. سنڌي ۾ ڌاتو سان ملائجي ٿي /-اَڻ/ يا /-اِڻ/ ۽ پراڻي انگريزي ۾ مليل هوندي هئي /an-/. انگريزي ۾ ‘ڻ’ لاءِ جيئن ته ڌار اکر/حرف موجود ناهي تنهنڪري ‘n’ (‘ن’) ملائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه هو.
    ‘واڪ’ واري اڪيلي صورت انگريزي توڙي ٻين يورپي ٻولين ۾ نه ٿي ملي، اهو ٻولvocable ، vocation، vocal،vocabulary ۽ اهڙن ئي ٻين گھڻن ٻولن ۾ نظر اچي ٿو.
    • واڪِي: ث. ]سن. وَچۡ = ڳالهائڻ[ جملو - فقرو.
    • واڪَڻ: مصدر. ]سن. واڪۡيَه[ ڳالهائڻ - واڪا ڪرڻ...
    (واڪيو - واڪيندو - واڪيل)
    • واڪ ج واڪَ: ذ. سڏڻ - پڪارڻ - واڪو ڪرڻ - ٻول - رڙ... آواز - هوڪو... (ج س ل)
    اهڙا ٻيا به ڪيترائي ٻول آهن جن جو ڌاتو /واء/ ڏيکارجي ٿو ۽ معنى توڙي مفهوم ۾ پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪري ٿو.
    • واڀَـڻ (ڪ): مصدر. ڪا ڳالهه کولڻ - ڦاٽ ڦاڙڻ... ڳجھيون ڳالهيون ظاهر ڪرڻ...
    • واڦَـڻ: مصدر. ڊاڙ هڻڻ - ٻٽاڪ هڻڻ... وڦلڻ...
    • واءِ ج وايون:
    • واءُ ج واءَ:
    - واءُ ڪڍڻ:
    - وائينديون وايون:
    - واءُ نڪرڻ:
    - واءُ ورڻ:
    • وانگِي: نياپو پهچائيندڙ - سنيهو ڏيندڙ - خابرو...
    • واڳُورجڻ: مصدر. وڙهڻ - وات پوڻ - جھيڙو ڪرڻ.
    (واڳوريو - واڳوريندو - واڳوريل).
    }واڳورڻ: وڙهڻ - جھيڙو ڪرڻ - وات پوڻ. (واڳوريو - واڳوريندو - واڳوريل){
    • واکاڻڻ: ... ساراهڻ - وڏائي ڳائڻ...
    • واکاڻِ ج واکاڻون: ... ساراھ... (ج س ل)
    وائِل (voile) هڪ قسم جو سنهو ۽ هوادار ڪپڙو آهي. اهو ٻول ان شيءِ لاءِ ڪم آڻجي ٿو جيڪا سنهي ۽ اڌ-شفاف هجي. اهو ٻول فرينچ ٻوليءَ جي `veil` تان ورتل آهي.
    ليکڪ جو خيال آهي ته `vowel` ۽ ‘وائل’ ساڳيو وکر آهن، ‘وائل’ اصولي طرح سنڌي ٻول واري بناوت رکي ٿو، ‘واء’ ان جو ڌاتو آهي ۽ ‘واء’ ڌاتو رکندڙ اهڙا ڏهاڪين ٻيا ٻول به سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن جن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
    سنڌي ڪتابن ۾ ‘vowel’ جي بدران اڄ ڪلهه ‘سُر’ لفظ ڪم اچي ٿو/آندو وڃي ٿو جيڪو ڪن ڄاتل حقيقتن جي بنياد تي ‘وائل’ جي ڀيٽ ۾ گھٽ ٺهڪندڙ آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ ‘وائل’ ئي ڪم آندو آهي.
    ○○○
    وائڄَڻ (Consonant)
    /وائڄڻ/ = /واء + ڄَڻۡ/
    ڄڻ = ڄڻيو/ڄڻيل
    con- + sonant = consonant
    هن لفظ ۾ `con-` هڪ اڳجوڙ آهي، ان جو حقيقي ٻول `com-` آهي ۽ ‘co-’، ‘col-’ ۽ ‘cor-’ جي صورت ۾ به ڪم ايندو آهي. ان جي معنى آهي (1) گڏ (together)، ساڻ (with) ۽ (2) ساڳي/ساڳيو (similar)، ڪنهن ٻول جي مفهوم کي زور وٺائڻ، ان ۾ شدت پيدا ڪرڻ لاءِ پڻ اڳجوڙ طور ڪم اچي ٿو.
    sonant (sōn’ənt، سونَنٽ) جي معنى آهي ساڏڪ (سڏ ڪندڙ) يا راڙڪ (رڙ ڪندڙ) يا واڪيَل (voiced). پديو (syllabic).
    جيئن قدرت (nature) اسان کي گل ٻوٽا، وڻ ٻيلا، جبل، نديون ۽ لکين قسمن جا ساهوارا اپائي ڏنا آهن ۽ اڄ کين پنهنجي عقل ۽ علم آهر وڌيڪ سنواريون، ترتيب هيٺ آڻيون ۽ نت نون قسمن جون وڻڪون (varieties) اپايون ٿا ─ ماڻهو پنهنجي ماحول ۾ انهن گلن ٻوٽن ۽ وڻن کي باغ جي شڪل ڏئي ٿو، ٻنيءَ مان فصل اپائي ٿو، بند ٻڌي، جايون جوڙي ۽ هزارين قسمن جا وکر ٺـاهي ٿـو وغيره. قدرتي تبديلـين هيٺ ڪجھ جانارن وٽ آواز اپائـڻ جي قوت به موجود ٿئي ٿي. جانارن جا سمورا آواز پنهنجيءَ اصولي بناوت ۾ ‘وائل’ آواز آهن ۽ گھڻي ڀاڱي ‘گُھڻا’ ٿين ٿا. آواز اپائي سگھندڙ ڪو به جانار ڪنهن به قسم جو وائڄڻ آواز اپائي/اچاري نه ٿو سگھي، بلڪل ايئن جيئن ڪو به هوا تي وڄندڙ ساز (يا ڪو به ساز) ڪنهن به قسم جو وائڄڻ نه ٿو اپائي سگھي. ساز جو آواز ٻڌي جيڪي آواز ڪو ماڻهو اچاري ٿو (يا سمجھي ٿو ته ساز “اچاريا”) اهي سندس ذهن ۾ اڳواٽ موجود هوندا آهن. ڄاتل ۽ ڳاتل راڳ يا شاعري کي ساز وسيلي ٻڌي چئي سگھجي ٿو ته هن ساز مان هاڻي هيءَ راڳ يا شاعري ڳاتي پئي وڃي. اهڙا گانا، شاعري، راڳ يا نثر جيڪو اڳ ٻُڌل ۽ ڄاتل نه هجي ۽ ساز وسيلي اپايو وڃي ته ڪو به ساز ٻڌندڙ ماڻهو اهو ڄاڻي نه سگھندو ته ساز ڇا پيو “چئي”. ساز جو آواز پنهنجيءَ بناوت ۾ ‘وائل’ آهي. اهڙيءَ طرح آواز اپائي سگھندڙ جانار جو آواز به پنهنجيءَ اصولي بناوت ۾ ‘وائل’ آهي. توڙي جو ڪجھ ٻول رڳو وائل آوازن تي ٻڌل آهن، جيئن اي، آءُ، آءِ (eye, I)، آئو وغيره پر اهڙن چند ٻولن کان سواءِ باقي سمورا انساني ٻول وائڄڻ آوازن جي مدد ۽ سهڪار سان ٺهيل آهن. وائڄڻ آواز، رڳو انسان ئي آهي جيڪو انساني سماج ۾ اپائي سگھي ٿو، ۽ اهو به هڪ حد تائين گھربل مشق کان پوءِ. ٻئي پاسي ڪو به وائڄڻ آواز بناوائل جي اپائي نه ٿو سگھجي. اهو ايئن آهي جيئن قدرت اوهان کي گل ڏئي ۽ اوهين پورهيو ڪري انهن کي باغ جي صورت ڏيو ۽ نيون جنسون اپايو. انساني پورهيو ۽ سماج ۽ ڳالڪ آرکڻَ خالق آهن وائڄڻ آوازن جا، ڪو به وائڄڻ آواز انساني سماج کان ٻاهر موجود ناهي، وائڄڻ آواز انساني سماج جي اپت ۽ ايجاد آهي.
    ‘وائڄڻ’ اصطلاح ان ڪري رٿيو ويو آهي جو اهو ‘واء’ (آواز)، ‘وائل’ کان سواءِ اپائي نه ٿو سگھجي، ان جو ڄڻيو/ڄڻيل آهي.
    ○○○

    _______

     تفصيل لاءِ ڏسو سِي ايل باربر جو ڪتاب ’دي اسٽوري آف لَئنگيج‘ جنهن ۾ ملندڙ اهڙن ٻولن مان ڪجھ هي آهن:
    Witan (to know), singan (to sing), pyffan (to puff), giefan (to give), cyssan (to kiss), cēlan (to cool), cēosan (to choose), cidan (to quarrel), bapian (to bathe), seegan (to say), pancian (to thank), dāelan (to divide), gyldan (to glide), fedan (to feed)…


     ’جانار‘ ۽ ’جانور‘ توڙي جو هم معنى ٻول آهن پر ليکڪ ’جانار‘ کي، ننڍي کان ننڍي جيتامڙي کان ويندي وڏي کان وڏي جانور تائين، لاءِ مخصوص ڪري ٿو ۽ ’جانور‘ کي رڳو وڏن جانورن لاءِ مخصوص رکڻ گھري ٿو جيئن عام واهپي ۾ به آهي.


    ٻاڌيو-2

    ٻوليڄاڻ ۽ ان جون شاخون

    سُڄاڻَ ۽ ‘سائنس’ (science) لڳ ڀڳ هم-معنى لفظ آهن. انهن جي معنى آهي سٺي، سلجھيل يا سُٿري ڄاڻ ۽ مفهوم آهي تربيت ڏنل اها ڄاڻ، سُڌ، پُرجَهه جيڪا موکَ، پرک ۽ پروڙ وسيلي گڏ ڪئي وئي هجي ۽ ان گڏ ڪيل ڄاڻ کي بنياد بنائي ڪي ٺوس نتيجا، قاعدا، قانون، اصول جوڙيا ويا هجن. ‘علم’ جي معنى آهي ‘ڄاڻ’ پر خاص مفهوم ۾ ‘سڄاڻ’ لاءِ به ڪم اچي ٿو.

    ٻولِيڄاڻَ (Linguistics)
    • لسانيات، علم لسان، علم زبان.
    • ٻوليءَ جي هر پاسي تي ان جي سمورين وِڻڪن (Varieties) بابت ۽ وسيع مفهوم ۾ ٻوليءَ جو سڄاڻڪ اڀياس. (چيمبر’س ڊڪشنري) (چ ڊ)
    • ٻوليءَ جي سڄاڻ، مثال طور ان جي اَڏپ (structure)، ان جو لاڀ (Acquisition) ۽ ان جو ڳنڍپ (communication) جي ٻين صورتن سان ناتو وغيره. (آڪسفورڊ ڊڪشنري) (آ ڊ)
    ٻوليڄاڻ اها سڄاڻ آهي جيڪا ٻوليءَ يا ٻولين بابت ٿيل تحقيقن، مشاهدن ۽ تجربن کي باقاعدي ترتيب ۽ تنظيم ڏئي جوڙيل اصولن ۽ ٺوس نتيجن تي ٻڌل هجي.
    • هيءُ علم انسانذات جي ٻوليءَ جي مطالعي سان واسطو رکي ٿو. (الانا ]1987[ 4. پروفيسر رابنس جا لفظ)
    • علم اللسان انسانذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو علم آهي. هي هڪ اهو علم آهي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميلن ۽ ميڙن، صوتيَن، صرفيَن، فقرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب، يعني صوتِي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ علمن }؟، عملن{ بابت مواد مهيا ڪري ٿو. (الانا ]1987[ 3)
    • علم لسان اهو باضابطي علم آهي جنهن ۾ زبان جي مختلف مسئلن يعني زبان جي ماهيت، سندس ساخت، سندس ابتدا، سندس اختلاف، زبانن جون خصوصيتون، سندن ارتقائي تبديليون ۽ انهن جي اسبابن سان بحث ٿئي ٿو. هن علم جي ذريعي زبانن جي ماهيت، شڪل شباهت، ارتقا، زندگي ۽ موت متعلق آگاهي حاصل ٿئي ٿي. زبان ۽ زبانن بابت مڪمل معلومات جا تحقيق ۽ تنظيم هيٺ آيل هجي ان کي علم زبان يا لسانيات سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 19-20. پروفيسر شيخ عنايت الله ۽ ڊاڪٽر محي الدين قادري جي حوالي سان)
    ٻوليڄاڻ کي هيٺ ڄاڻايل مکيه شعبن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آندو وڃي ٿو:
    1. ورنائڪ (Descriptive) ٻوليڄاڻ
    • بياني، وضاحتي، توضيحي، تشريحي ٻوليڄاڻ.
    • ڪنهن به ٻوليءَ جي عملي طريقن جو ڪنهن به هڪ دور ۾ جائزو ورتو ويندو آهي... بشرطيڪ ان دور جو لکيل رڪارڊ موجود هجي... ٻوليءَ جي هر دور جو اول بياني }ورنائڪ{ ڇيد يا تجزيو (Analysis) ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ سڀني دورن جي ڪيل ڇيدن کي پاڻ ۾ ڀيٽي ملائي ڏسبو. ان کان پوءِ ئي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا معلوم ڪري سگھبي. (جتوئي ]1983[ 23-24)
    جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ جي ورنائڪ ڄاڻ موجود ناهي تيستائين نه ته ان جي ڪن به ٻن دورن ۾ ڀيٽ ڪري سگھجي ٿي ۽ نه ئي وري ان جي اوسر ۽ تاريخ بابت ڪجھ ڄاڻي سگھجي ٿو.
    2. اتهاسڪ (Historical) ٻوليڄاڻ
    اهي تبديليون جيڪي وقت گذرڻ سان ڪنهن به ٻوليءَ (يا ڪن به ٻولين) ۾ ظاهر ٿيون آهن انهن جو تفصيلي ڇيد ڪري انهن جا ڪارڻ ۽ نتيجا ڄاڻڻ اتهاسڪ ٻوليڄاڻ جي حوالي آهي. اتهاسڪ ٻوليڄاڻ ٻن مختلف ٻولين ۾ نه پر هڪ ئي ٻوليءَ جي اتهاس کي مختلف دورن ۾ ورهائي جاچ ۽ چڪاس هيٺ آڻي ٿي.
    3. ڀيٽار (Comparative) ٻوليڄاڻ
    • تقابلي لسانيات
    ٻوليءَ يا ٻولين جي اتهاس کي مختلف دورن ۾ ورهائي ٻن ٻن ڀَر وارن دورن کي ڀيٽڻ ۽ آيل تبديلين کي گڏ ڪرڻ ۽ ڪَڙو ڪَڙي سان ملائڻ يا سندن پاڻ ۾ لاڳاپو ڏيکارڻ ڀيٽار ٻوليڄاڻ جو ڪم آهي.
    اها ڀيٽ مختلف ٻولين جي وچ ۾ به ڪري سگھجي ٿي.
    (الف) ڄَـــڻَــڄاڻي ڀيٽ (Geneological comparison)
    ڪنهن هڪ ئي نسل/پيڙهيءَ جي ٻولين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري انهن جي وچ ۾ ناتن جي ڦولها ڪرڻ.
    (ب) ڀانتڄاڻي (Typological) ڀيٽ
    ٻولين جي نوعيت، قسمن، نمونن ۽ واروَٽي تبديلين کي ڀيٽڻ.
    ورنائڪ ٻوليڄاڻ کي هيٺ ڄاڻايل شاخن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آندو وڃي ٿو:
    (1) واياڄاڻَ (Phonology)
    • صوتيات، علم الاصوات
    • وائڻ: مصدر. (سن. وايُـ = واءُ) هوا ڏيڻ - واءُ هڻڻ - واءُ ڪرڻ. ... تنوارڻ. آواز ڪرڻ. وڄائڻ. ڳڻڻ. (وائيو- وائيندو- وائيل).
    - وائو ج وائا: ذ. (سن. واڪ. پرا = وايا). ذڪر - بيان - ڳالهه ٻولهه - چوٻول - گفتگو... (ج س ل)
    ‘واء’ جي هڪ معنى آهي ‘هوا’ ۽ ٻي آهي ‘آواز’.
    ‘وايو’ ٿيو آواز سان واسطيدار’. ‘وايا’ ان جو جمع.
    آواز/آوازن (ٻوليءَ جي آوازن) ۽ انهن جي تنظيم، ترتيب سان واسطيدار سڄاڻ کي ‘وايا ڄاڻ’ سڏجي ٿو. وايا ڄاڻ وري اڃا وڌيڪ ٻن مکيه ڇاڙهن ۾ ورهايل آهي:
    (الف) وايوڄاڻ (Phonetics)
    • علم آواز، صوتيات
    • ڳالِيَل (Spoken) ٻوليءَ جي آوازن بابت سڄاڻ. (چ ڊ)
    • ڳالِڪ (Speech) آوازن، انهن جي اپت ۽ کين پيش ڪندڙ نشانن جو اڀياس ۽ سڄاڻ. (آ ڊ)
    ڪنهن ٻوليءَ جا آواز ڪهڙا آهن، اهي ڪٿان ۽ ڪيئن اپائجن ٿا ۽ انهن کي ڪهڙن تحريري نشانن وسيلي پيش ڪيو وڃي ٿو، ان سڀ ڪجھ بابت سڄاڻڪ اڀياس کي وايوڄاڻ سڏجي ٿو.
    (ب) وائيوڄاڻ (Phonemics)
    • صوتيه، علم صوتيه
    • ڪنهن ٻوليءَ جي وائيوئي/وائياڄاڻي (Phonemic) سرشتي جو اڀياس ۽ ان جي تشريح. (آ ڊ)
    ‘وائيو’ هتي ‘Phoneme’ (فونيم) جي بدران ڪم آندو ويو آهي جنهن لاءِ اڪثر ڪري ‘صوتيو’ ڪم ايندو آهي.
    • صوتيو/وائيو: ٻوليءَ جي آوازي سرشتي جو هڪ ايڪو (آ ڊ)
    • ڳالڪ آوازن جي آڪهه يا انهن جو هڪ جٿو جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪنهن هڪ آواز جو ويڻڪ (varient، وڻڪ وارو، ٿوري فرق وارو، ڪجھ بدليل) آهي. (چ ڊ)
    • صوتيو }وائيو، {phoneme اهو آواز يا هڪجھڙن آوازن جو گروھ آهي جيڪو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. گويا اهو هڪ }اهڙو{ خاص لساني عمل ڪري ٿو جو }جيڪو{ ٻيو صوتيو ڪري نه ٿو سگھي. انهيءَ ڪري بلومفيلڊ (Bloomfield) صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ (Distinctive) آوازي نوعيت جو ايڪو (unit) سڏي ٿو. (جتوئي ]1983[ 78)

    (2) روپڄاڻ (Morphology)
    • صرف، علم صرف، صرفيات، تشڪيلات، صورتيات (ڏسو: جتوئي ]1983[ ۽ الانا ]1987[)
    • لفظ ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا، تنهن جو تعلق لسانيات }ٻوليڄاڻ{ جي هڪ شاخ سان آهي جنهن کي علم صرف يا صرفيات سڏجي ٿو. ان کي تشڪيلات يا صورتيات به سڏبو آهي ڇو ته اهو عام لفظ جي مختلف شڪلين ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو. عربي گرامر ۾ علم صرف جي تعريف هن ريت ڪئي وئي آهي ته (علم) صرف اهو علم آهي جنهن ۾ بامعنى اڪيلن لفظن جي بنائڻ ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو وڃي. (جتوئي ]1987[ 109، حافظ عبدالرحمان امرتسري جي حوالي سان)
    • ڪنهن به ٻوليءَ جي وياڪرڻ کي ٻن مکيه ڀاڱن يعني صرف (Morphology) ۽ نحو (Syntax) ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو }بي. بلاخ ۽ جي.ايل. ٽرئگر ۽ ايڇ.اي. گلِيسَن{ انهن مان ‘صَرف’ لفظن جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ ۽ گردانن سان واسطو رکي ٿو ۽ ‘نحو’ فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ وياڪرڻي استعمال بيان ڪري ٿو }ساڳيا ليکڪ{. (الانا ]1987[ 13)

    (3) ٻول-رٿ/ٻولَ رٿ (Syntax) / ٻولَ سِٽاء
    • علم نحو، نحويات، نحو (ڏسو: جتوئي ]1983[ ۽ الانا ]1987[)
    • جلمن ۾ وياڪرڻي (Grammatical) جوڙجڪ (بناوت، اڏاوت). (چ ڊ)
    • (وياڪرڻ) جملن جي جوڙجڪ، اڏاوت (جا قاعدا) (آ ڊ)
    • نَحۡوُ: ذ. جملن جي بناوت - اکرن جي بيهڪ }؟{ - جملن جي ترڪيب وارو علم - علم گرامر - وياڪرڻ... (ج س ل)
    • ... علم نحو وري جملن ۽ ان جي جزن جي بناوتن، سٽائن، نمونن، نسبتن ۽ عملن سان بحث ڪري ٿو... علم نحو هن بحث کي نڀائي ٿو ته ڪيئن لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا (cohere) ۽ جملن اندر ڪهڙو ڪارج ڪن ٿا... جديد لسانيات لفظ کي علم نحو جو مرڪز بنايو آهي ۽ نه جملي کي. علم نحو لفظن جي صورتن ۽ جوڙجڪن سان بحث نه ٿو ڪري. اهو ڪم علم صرف جي حوالي آهي. (جتوئي ]1983[ 127)

    (4) معنى ڄاڻ (Semantics)
    • معنويات، علم معاني، معنى جو علم
    • هر شيءِ ۽ واقعي کي ٻه پاسا آهن: هڪ ظاهري }۽{ ٻيو باطني. ائين ٻوليءَ کي به ٻه پاسا آهن؛ ان جو ظاهري پاسو آوازن سان تعلق رکي ٿو جي انسانن جا آهن. ان جو باطني پاسو معنى ۽ مطلب سان واسطو رکي ٿو. جڏهن اسين ڳالهايون ٿا، تڏهن ڳالهايل لفظن جو مطلب سمجھون ٿا. (جتوئي ]1983[ 18 ۽ 148)
    • عام طور اسان مان هر هڪ اهو سمجھي ٿو ته ٻولي، لکيل توڙي اڻ لکيل يا ڳالهايل، اها شيءِ آهي، جا معنى منتقل ڪري. هن طرح بنيادي طور تي ٻوليءَ جي اڀياس جو مطلب اهو ٿو نڪري ته اسان ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ مان حقيقت ۾ انهيءَ معنى جو اڀياس ڪرڻ گھرون ٿا، جيڪا ٻوليءَ جو مقصد آهي...
    معنى جي باري ۾ ڪٿي ڪٿي معنى کي “رواجي” (Denotative) ۽ جذباتي (Connotative) معنائن ۾ ورهايو ويو آهي. لفظ جي رواجي معنى اها آهي، جيڪا ان جي پهرين معنى آهي يا جيڪا عام (General) ۽ غيرجذباتي (Non-emotional) معنى آهي. هيءَ معنى نالن، شين (objects) ۽ تصورن (concepts) جي پهرين ۽ رواجي معنى آهي. اهڙيءَ طرح لفظ جي جذباتي معنى اها آهي جا لفظ جي روايتي معنى سان لاڳاپو رکندي، ان ۾ جذبات ۽ احساس کي شامل ڪري ٿي. هيءَ معنى صفتن ۽ ظرفن جي معنى هوندي آهي. مثال طور، لفظ “ماڻهو” کي گرامر ۾ عام رواجي طور تي هڪ عام معنى آهي، جنهن مطابق ماڻهو معنى ڪو به فرد. هن حالت ۾ “ماڻهو” لفظ کي جا معنى آهي اها رواجي (Denotative) آهي، پر جڏهن اسان چئون ٿا “ماڻهو سڀ نه سهڻا” يا “ماڻهو اهو جنهن ۾ ماڻهپو هجي”، تڏهن اسان لفظ “ماڻهوءَ” کي جذباتي معنى بخشيون ٿا. اهڙيءَ طرح لفظ يا ته عقل کي متاثر ڪن ٿا يا جذبن کي ۽ تصورن کي. عقل کي متاثر ڪرڻ جي حالت ۾ لفظ پهرين معنى ڏين ٿا، پر جذبن ۽ تصورن کي متاثر ڪرڻ وارا لفظ ٻي معنى (} Higher meaningاونچي معنى{) ڏين ٿا. (ٻوهيو 265 ۽ 266-267)
    • گفتن جي معنائن جو دائرو سندن صورتن جي دائرن کان نهايت وسيع آهي ۽ ايترو ڪشادو جيترو هي سارو سنسار. اهو دائرو نه رڳو وسيع آهي مگر نهايت پيچيدو پڻ آهي ۽ ان جي ڄاڻ اڃا تائين مڪمل ٿي نه سگھي آهي. (جتوئي ]1983[ 148)

    (5) ٻوليڄاڻِي ڀُوسُڌ (Linguistic geography)
    • لساني جاگرافي، Dialect Geography (جتوئي ]1983[)
    دنيا جي هر هڪ ڏيهه جون ڪي نه ڪي مقرر ۽ مڃيل سرحدون ٿين ٿيون پر ضروري ناهي انهيءَ حد اندر ڪا هڪ ئي ٻولي ڳالهائي ويندي هجي. انهيءَ حد اندر ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجي سگھجن ٿيون ته ڪا هڪ ٻولي مختلف ڏيهن جي ڪن مخصوص حدن اندر به ڳالهائجي سگھجي ٿي. جنهن حد اندر ڪا هڪ ٻولي ڳالهائجڻ ۾ اچي ٿي ان، اتي جي رهاڪن ۽ سندن ٻوليءَ يا ٻوليءَ جي مختلف محاورن جو اڀياس ٻوليڄاڻي ڀوسڌ جو موضوع آهن.

    انهن پنجن شاخن کي ورنائڪ ٻوليڄاڻ جون مکيه شاخون به سڏجي ٿو ۽ ان جون هيٺ ڏنل شاخون ننڍيون شاخون به سڏجن ٿيون:
    (6) .............. (Stylistics)
    • اسلوبيات
    (7) ٻولَسُڌ (Lexicography)
    • علم لغت، ٻول-لکا
    (8) ٻوليڄاڻي آڳيلِکا (Linguistic Palaeography)
    • لساني قديمات (Linguistic Paleontology?) (جتوئي ]1983[ 23)


    ٻاڌيو-3

    اجايو اُڀرندڙ وائڄڻ ]هه[

    ‘هه’ ڪڏهن واڪيدار ٿي ۽ ڪڏهن “هُونگار” جي صورت ۾ اڀري ايندڙ اهڙو وائڄڻ آهي جنهن کي لکت، آواز ۽ ٻول ۾ سولائيءَ سان پڪڙي سگهجي ٿو.
    ]هه[ کي عام طرح گسڪيدار، اوسرڳ، (ڪٿي، ڪنهن ٻول ۾ ‘گهٽڀُڻو’، ته ڪٿي ‘گهڻڀُڻو’)، نڙگهٽ وارو آواز سمجهيو وڃي ٿو. (ڏسو ‘علم لسان ۽ سنڌي زبان’ ]1983[ 70-71)
    هوا سيني مان جڏهن ڪجهه زور سان خارج ٿئي ٿي تڏهن ‘هه’ جهڙي بي آواز گونجار يا هونگار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اتي ‘هه’ هڪ آواز نه سڏي سگهبو، آواز تڏهن ٿيندو جڏهن واڪل ڏوريون ڪجهه نه ڪجهه ڦڙڪن.
    آواز آهن (بَ)، (ٻَ)، (تَ)، (نَ) ۽ (چَ) ۽ انهن کي لکون ٿا به، ٻه، ته، نه ۽ ڇهه.
    ٻولُ، اصولي طرح، ‘ڇاسِي’، لکون ۽ چئون ‘ڇهاسي’!
    لاڙ ۾ جيڪو ‘مارُو’ ۽ ‘ماڙُو’ آهي، سري ۾ اهو ‘ماڻُو’ آهي ۽ وچولي ۾ ‘ماڻهو’. چئبو ته انهن ٻولن ۾ ‘رُو’، ‘ڙُو’، ‘ڻُو’ ۽ ‘ڻُهو’ هڪ ٻئي جا ساٽوايا آهن.
    ‘مَلُ’ ۽ ‘مَلُهه’ ۽ ‘مُلُ’ ۽ ‘مُلُهه’ جي معنائن ۾ ڪو به فرق ناهي. انهن ٻولن ۾ ‘لُ’ ۽ ‘لُهه’ کي هڪ ٻئي جو ساٽوايو سمجهڻو پوندو.
    ‘جامع سنڌي لغات’ ۾ ‘ٻولَ’، ‘ٻولِ’، ‘ٻولڻ’، ‘ٻولائڻ’ ۽ ‘ٻولي’ جهڙا لفظ موجود آهن پر ‘ٻولهه’ ڪونهي، جڏهن ته پنجن ئي جُلدن ۾ شايد ئي ڪنهن هنڌ ‘ڳالهه’ سان گڏ ‘ٻولِ’ ڪم آندو ويو هجي، جتي به آهي ‘ٻولهه’ آهي.
    ‘ڳالهه ٻولهه’ ۾ اها ‘ٻولهه’ ڇا آهي؟
    جيئن ‘ٻولهه’ ۾ ‘هه’ ناجائز طرح وڌي آهي تيئن، ڪٿي ايئن ته ناهي، ته ‘ڳالهه’ م به ‘هه’ ناجائز طرح وڌي هجي (ويجهڙ ۾ نه، گهڻو اڳ)؟
    ڳَلِـهۡـرُ ج ڳلهرَ (ت): ذ. صفت. ٿلهن ڳلن وارو - مِٽِرُ - مِٽُولڙو. (ج س ل)
    /ڳَل/ سان /ار/ ملي /ڳلر/ ٺاهي ٿو ۽ اتي /ار/+/اُ/ وري مذڪر واحد کي جنم ڏئي ٿو يعني ‘ڳلن وارو’. ‘ڳل’ ڌاتو رکندڙ ٻيا ڪيترائي لفظ ‘جامع سنڌي لغات’ ۾ موجود آهن، انهن ۾ ‘هه’ موجود ناهي، پوءِ ‘ڳلهر’ ۾ ڇو موجود آهي؟
    ‘ڳلر’ ۽ ‘ڳلهر’ ۾ ‘لِ’ ۽ ‘لِهه’ ساٽوايو آهن.
    ‘مالهو’، رازن جو هڪ وکر، درحقيقت ‘مالو’ (مَلڻ وارو) آهي. ‘مالا’ ۽ ‘مالها’، ‘مالِي’ ۽ ‘مالهي’ ۽ ‘ملار’ ۽ ‘ملهار’ ساڳيءَ ئي معنى کي ظاهر ڪن ٿا.
    سنڌيءَ ۾ اهڙن ٻولن جي ججهي ڳڻپ موجود آهي جن ۾ ‘لُ’ ۽ ‘لُهه’، ‘لِ’ ۽ ‘لِهه’، ‘لَ’ ۽ ‘لَهه’، ‘م’ ۽ ‘مهه’، ‘ن’ ۽ ‘نهه’، ‘ڙ’ ۽ ‘ڙهه’ ڪنهن به قسم جو معنوي فرق پيدا ڪندي نظر نه ٿا اچن. جيڪڏهن ڪي اهڙا ٻول آهن جن ۾ هڪ ئي مخرج وارو اهڙو وسرڳ ۽ اوسرڳ آواز معنوي فرق پيدا ڪندي نظر اچي ٿو جيئن ‘ڳاڙو’ ۽ ‘ڳاڙهو’، ‘ڳَڙُ’ ۽ ‘ڳَڙُهه’، ‘ڪَل’ ۽ ‘ڪلهه’ وغيره پر اهڙن ٻولن بابت، ڪجهه حد تائين ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ۽ هڪ محتاط ڪاٿو آهي ته، ٻول ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان اڌارو ورتل آهي يا معنى ڦيرائي ويو آهي يا وري شعوري طرح ٻن هڪ جهڙن آوازن کي ڌار ڌار مفهوم لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي.
    ڳاڙهو ج ڳاڙها: ذ. ]پِرا. گَهِيرَ. سن. گَهِره = گهاٽو[ ... (ج س ل)


    ڪتابَسڌ

    1. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صوتيات، ادبيات پبليڪيشن، حيدرآباد. 1967ع
    2. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، سنڌي زبان پبليڪيشن، حيدرآباد. 1969ع
    3. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد. 1974ع
    4. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1987ع
    5. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي معلم، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    6. بروهي، داد محمد، ڊاڪٽر: سبي جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 1992ع
    7. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو. 1990ع
    8. Bordy: 1981 (ليکڪ جي ڪتاب جو نالو معلوم ٿي ناهي سگهيو)
    9. بيگ، مرزا قليچ، شمس العلماء: سنڌي وياڪرڻ (چئن ڀاڱن جو گڏيل ڇاپو)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1992ع
    10. ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1978ع
    11. پريم، هدايت، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جا محقق، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد. 1994ع
    12. جتوئي، علي نواز حاجن خان: علم لسان ۽ سنڌي زبان، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو. 1983ع
    13. رچنداڻي، ليلا رام ڏيونداس: سنڌي ٻولي، احمد آباد، ڀارت. 1989ع
    14. سراج: سنڌي ٻولي، عظيم پبليڪيشن، حيدرآباد. 1964ع
    15. سنديلو، عبدالڪريم ڊاڪٽر: تحقيق لغات سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1980ع
    16. Sindh Through Centuries, Oxford University Press, 1981
    17. C.L. Barber: The Story of Language, Pan Books London and Sydney. 1982
    18. شيخ، محمد فاضل، پروفيسر: ماٿيلي-اٻاوڙي جي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد. 1992ع
    19. شيخ، واحد بخش: سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1986ع
    20. صديقي، محمد ادريس: سنڌو ماٿر جي سڀيتا، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو. 1980ع
    - آڪسفورڊ ڊڪشنري، چيمبرس ڊڪشنري، جامع سنڌي لغات (پنج جلد)
    - ٽماهي مهراڻ 1-2/1994ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو (ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مضمون “ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي مقالي جو لسانياتي اڀياس”)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259687
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386683
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ