ڪتاب جو نالو: جلاوطن
مصنف: نورالهديٰ شاهه
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 26 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 834 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 499 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
” جلاوطن “ نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. نور الهدا شاهه مهاڳ ۾ لکي ٿي:

”مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا زنده لاش جڳن جا دفن آهن، اهي ئي منهنجين پورين، اڻپورين ڪهاڻين جا ڪردار آهن، ديوار، جيڪا ڊهي نه سگهي آهي پر جنهن سان ٽڪرائي، ٽڪرائي رتوڇاڻ ٿيندي جڳ وهامي ويا آهن، ڪير ڄاڻي انهيءَ ديوار جي هن پار ڇا آهي. هڪ نئون نڪورو صبح(!!؟)
منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻپورو سپنو آهي.
مون ڪڏهين به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو نعرو منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي، ڄاڻان ٿي ته انهيءَ سنڌي سماج ۾ سموريون ڪهاڻيون لکڻ جي موٽ ۾ مون تي انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اهي الزام مڙهڻ وارا ڪير آهن، آئون انهن کي به سڃاڻان ٿي، پر ڇا انهن الزامن کان هارائجي آئون به انهيءَ ديوار جي پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان-؟“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : پهرين ايڊيشن جو
  • ڇا ڪجي، ڇا لکجي
  • پاروٿو گوشت
  • سنگسار
  • فوٽ پاٿ
  • شريف زادي
  • سرحدون ۽ فاصلا
  • من درپن
  • ديوارون
  • ناگاساڪي
  • دوزخي
  • جلاوطن

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (237) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪهاڻين جو هي ڪتاب ” جلاوطن “ نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. نور الهدا شاهه مهاڳ ۾ لکي ٿي:

    ”مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا زنده لاش جڳن جا دفن آهن، اهي ئي منهنجين پورين، اڻپورين ڪهاڻين جا ڪردار آهن، ديوار، جيڪا ڊهي نه سگهي آهي پر جنهن سان ٽڪرائي، ٽڪرائي رتوڇاڻ ٿيندي جڳ وهامي ويا آهن، ڪير ڄاڻي انهيءَ ديوار جي هن پار ڇا آهي. هڪ نئون نڪورو صبح(!!؟)
    منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻپورو سپنو آهي.
    مون ڪڏهين به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو نعرو منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي، ڄاڻان ٿي ته انهيءَ سنڌي سماج ۾ سموريون ڪهاڻيون لکڻ جي موٽ ۾ مون تي انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اهي الزام مڙهڻ وارا ڪير آهن، آئون انهن کي به سڃاڻان ٿي، پر ڇا انهن الزامن کان هارائجي آئون به انهيءَ ديوار جي پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان-؟“

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ : پهرين ايڊيشن جو

    اناالحق

    گهڻا- گهڻا سال اڳ-
    سپنو ڏٺو هئم
    - ته اگهاڙن پيرن رڻ ۾ پئي ٿي هلان (جڳن کان) باهه ۾ ٻرندڙ سج جو گولو ڌرتيءَ تي لهي آيو آهي ۽ منهنجا پير تپي ٽامو ٿي ويا آهن. دور- دور تائين منهنجن پيرن جا نشان ڦهليا پيا آهن.
    اهو سپنو آئون اڄ به ڏسندي ٿي اچان
    ۽ منهنجا پير اڄ به تپي ٽامو ٿي ويندا آهن-
    اهڙن لمحن ۾ مون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن.
    ڪيتريون ڦاڙي به ڇڏيئم- لکڻ مون لاءِ اهڙو مسلسل عذاب رهيو آهي، جنهن مان پاڻ آجو ڪرائڻ جو مون ۾ ساهس ڪونهي- لکڻ ڪارڻ مون پاڻ کي جڳن کان صليب تي ٽنگيل ڀانيو آهي ۽ پنهنجن هٿن جو ڏهه ئي ڪپيل آڱريون ٿوهر جا ڪنڊا ڀانيون اٿم- پوءِ جيڪر منهنجن لفظن ۾ ڪو زهر آهي به ته انهيءَ ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ ڪڏهين- ڪڏهين اهو ئي زهر نس- نس ۾ ڊوڙندو محسوس ٿيندو اٿم- اهڙن لمحن ۾ ڏاڍي تيزيءَ سان لکندي آهيان، پر جيڪر زهر جي اهائي ڌارا امرت ڌارا بڻجيو پوي ته لکڻ- پڙهڻ- سوچڻ ۽ جيئڻ مٽيءَ جي گهروندن سمان ڀُريو پون ۽ هڪ ڊگهي ماٺ من- پاتال تائين ڦهلجيو وڃي- سو- ذهني آسودگيءَ واري دور ۾ ڪجهه به نه لکي سگهندي آهيان.
    لفظن جي گهري درياهه ۾ گم ٿيڻ کان پوءِ ڇا وڃايم- ڇا پاتم- انهيءَ جي ڪٿ آئون پاڻ ڪريان، اهو مون کي ڪين جڳائي- مون ڌرتيءَ تي ويهي لکيو آهي ۽ منهنجا سڀئي گس ڌرتيءَ ۾ پاتال تائين وڃيو پڄاڻي ڪن- مون ڪيتري قدر ٺيڪ لکيو آهي انهيءَ جو فيصلو ايندڙ وقت ۽ نسلن تي به ته نٿو ڇڏي سگهجي، جو مون هن وقت جي ڄڀ ڪپيل اداس نسلن لاءِ لکيو آهي، جيڪو منهنجي مٿان کان ڪاري اونداهي رات وانگر هوريان- هوريان وهندو ٿو وڃي.
    مون سنڌي سماج جي اڏوهيءَ کاڌل ديوار جي پاڇولي ۾ ويهي انيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن جي پاڙ ۾ ڪيترا زنده لاش جڳن جا دفن آهن، اهي ئي منهنجين پورين، اڻپورين ڪهاڻين جا ڪردار آهن، ديوار، جيڪا ڊهي نه سگهي آهي پر جنهن سان ٽڪرائي، ٽڪرائي رتوڇاڻ ٿيندي جڳ وهامي ويا آهن، ڪير ڄاڻي انهيءَ ديوار جي هن پار ڇا آهي. هڪ نئون نڪورو صبح(!!؟)
    منهنجي هر ڪهاڻي منهنجو اڻپورو سپنو آهي.
    مون ڪڏهين به اناالحق جو نعرو ناهي هنيو ۽ اهو نعرو منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪيو پيو آهي، ڄاڻان ٿي ته انهيءَ سنڌي سماج ۾ سموريون ڪهاڻيون لکڻ جي موٽ ۾ مون تي انيڪ الزام مڙهيا ويندا آهن ۽ اهي الزام مڙهڻ وارا ڪير آهن، آئون انهن کي به سڃاڻان ٿي، پر ڇا انهن الزامن کان هارائجي آئون به انهيءَ ديوار جي پاڙ ۾ دفن ٿي وڃان-؟
    پير ڪڙيون پائي چؤواٽي تي سنگسار ٿيڻ کان پوءِ به ڪم از ڪم منهنجو ڪنڌ نميل ناهي، اهو سڀ ڪجهه جيڪو هر سچوءَ سان ٿيندو پي آيو آهي، مون لاءِ ڇرڪائيندڙ ته ناهي، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آهي سا ايڏي اڙانگي آهي جيڪا اُڪري پار پوڻ لاءِ اڃا سگهه گهرجي ٿي، پر ائين ته ناهي ته ڪو اها وڇوٽي اُڪري ئي نٿي سگهجي.
    ۽ آئون زمانن کان انهيءَ وڇوٽيءَ تي (جنهن جو ٻيو نانءُ پلصرات آهي) هلان ٿي پئي.
    ۽- منهنجا پير تپي ٽامو ٿي ويا آهن.
    منهنجين ڪهاڻين ۾ پلصراط تي هلندڙ منهنجو پنهنجو وجود ڪيتري قدر شريڪ هوندو آهي، انهيءَ لاءِ جي ائين چوان ته منهنجي هر ڪهاڻيءَ جو ڪردار آئون پاڻ آهيان، ته اها ڳالهه ايڏي ڇرڪائيندڙ ته هوندي، هر ليکڪ پنهنجي اندر جي صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ پنهنجي تنها وجود تي به لکي ٿو- ڪائنات جي سموري پيڙا ليکڪ جي اندر اڱارن سمان دکندي رهي ٿي.
    مون ڪڏهين به چڪلو ڪونهي ڏٺو.
    ڪنهن حرامي ٻار جي تخليق ڪانهي ڪئي.
    ڪنهن فوٽ پاٿ تي بيهي بيک ناهي گهري، پوءِ به ائين ڀاسندو اٿم ڄڻ ڪائنات جا سمورا انسان جن کي ڌڪاريو ٿو وڃي، گندي پاڻيءَ جي نالين ۾ لوڙهيو ٿو وڃي، منهنجيءَ نس- نس ۾ وسن ٿا.
    مون مريم جي پوترتا کان رنڊيءَ جي وڪاڻل جسم تائين جو سفر ڪيو آهي.
    پاڻ کي ڪائنات جي سمورن حرامي ٻارن جي ماءُ ڀانيو آهي.
    پنهنجي سهاڳ جي ڇانوَ ۾ ويهي به مون انهن نياڻين جا دک ڀوڳيا آهن، جيڪي حويليءَ جي اوچن- ڪوٽن ۾ بند آهن ۽ ڪوبه شهزادو ڪنهن چانڊوڪيءَ رات ۾ انهن سان لاؤن لهڻ ڪونه ايندو- مون انهن ٻانهين جو به عذاب سٺو آهي، جيڪي ستن پيڙهين کان مالڪن جي بسترن جو شوپيس بڻجنديون ٿيون اچن- ۽- مون انهن خوبصورت شهزادين جي احساسن جا به صليب کنيا آهن جيڪي نڪاح جي ٽن ٻولن جي عيوض ڪنهن پوڙهي مير- پير- رئيس جي پوڙهي جسم جي گهنجن ۾ سجايون ٿيون وڃن- سو، منهنجين انيڪ ڪهاڻين جو ڪردار آئون پاڻ به آهيان.
    ڪهاڻي پوري ٿيڻ تائين- مون انهيءَ ڪردار جا سمورا دک ڀوڳيا آهن.
    انسانيت ۽ شيطانيت جي وچ ۾ ڪيڏي ٿورڙي وڇوٽي آهي، انهيءَ وڇوٽيءَ جي وچ ۾ بيهي مون لکيو آهي، سوچيو آهي- پڙهيو آهي- پروڙيوآهي.
    هر ڪنهن جي اندر هڪ خوبصورت انسان موجود آهي- پوءِ اهو عورتن جا جسم وڪڻندڙ ڪو دلال ئي ڇو نه هجي- هر ڪنهن جي اندر هڪ شيطان جو به واسو آهي، پوءِ اهو ڪو مذهبي اڳواڻ ئي ڇو نه هجي- پر ڪنهن ۾ ايڏو ساهس آهي- انسانن ۽ شيطانن جي ٻوٿن تان ماسڪ پٽي لاهڻ جو(؟)
    انسانيت ۽ شيطانيت جي وچ واري وڇوٽي- جتي سچ ازل کان ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي- ڪير آهي جيڪو اناالحق جونعرو هڻي- ڪير آهي جيڪو زهر جو پيالو نڙيءَ کان هيٺ لاهي سگهي.
    انهيءَ احساس هيٺ پيڙهجندي مون زهر جهڙيون نفرتون به ڪيون آهن-
    انهن ماڻهن سان جيڪي اڇي پڳ ٻڌي- اندر جو گند پيا لڪائيندا آهن-
    جيڪي انهن انسانن سان نفرت ڪرڻ جي فتويٰ ڏينداآهن، جيڪي ماءُ پيٽان، دلال- حرامي- جسم وڪڻندڙ- چور- جواري- شرابي- ڌاڙيل ڪونه ٿيا آهن.
    ڪڏهين- ڪڏهين ڪيڏي شدت سان چاهيندي آهيان ته سٽ ڏئي اهي اڇيون پڳون لاهي، ڪنين ڪسين ۾ اڇلائي ڇڏيان.
    ڪوٽن ۾ زمانن کان قيد شهزاديون ڀڄائي وڃان.
    چڪلن جون ڪسبياڻيون باعزت پڳدارن سان پرڻائي ڇڏيان.
    بنگلن کي باهيون ڏياري ڇڏيان.
    ٽجوڙين ۽ بينڪن ۾ ڌاڙا هڻائي- اها سموري دولت سنڌوءَ ۾ لوڙهي ڇڏيان- جيڪا ٿر جي بک ۽ اُڃ، نٿي وسائي سگهي- منهنجن انگ اگهاڙن ماروئڙن جو انگ نٿي ڍڪي سگهي.
    پر آئون ڪجهه به نه ڪري سگهندي آهيان-
    اهڙي سمي آئون ڪهاڻيون لکندي آهيان-
    آئون، جيڪا سنڌي سماج جي هڪ بيحد عام عورت آهيان.
    آئون- جڏهين اهڙيون ڪهاڻيون لکندي آهيان ته ماڻهو مڇرجي پوندا آهن. الزام لڳندا آهن- مونکي گارين جا خط لکيا ويندا آهن. محض انهيءَ ڪاڻ جو آئون سنڌي سماج ۾، سيد خاندان جي هڪ بيحد عام عورت آهيان. دراصل اسان سنڌي عورت کي چُلهه جي آڳ ۾ دکندي ڏسڻ جا عادي آهيون- برقعو اوڍائي، ڪاري نقاب مان عشق ڪندو ڏسڻ جا هيراڪ آهيون- چئن ديوارن ۾ قيد ڪرڻ جا شوقين آهيون- عورتن کي محض انهيءَ ڪري جاهل رکندا پيا اچون ته جيئن هو پنهنجو حق گهرڻ جي سگهه نه سارين- چلهه جي آڳ کان، مڙس جي جنسي خواهشن جي تڪميل کان، ٻار ڄڻڻ واري مشين بڻجڻ تائين ته هنن جو وجود قابل قبول آهي، پر جيڪر ڪا سنڌي عورت چئن ديوارن مان نڪري ٿي اچي ۽ ٻوٿن تي چاڙهيل ماسڪ پٽي لاهڻ جي سگهه ٿي ساري ۽ اناالحق جو نعرو ٿي هڻي ته هٿ پير ٿڌا ٿيو پون- اکين اڳيان اونداهي اچيو وڃي ۽ نڪ تي رکيل مک جهڙي هٿ ٺوڪي عزت خطري ۾ پئجو وڃي- تڏهن ٻيو نه- ته به ذاتي حملا ڪري انهيءَ کي هيسائي ته سگهجي ٿو. ائين اندر جي گندگيءَ جو ڀرم به رهجي ايندو- اسان کوهه جا ڏيڏر آهيون- موهن جي دڙي جا ڏاند آهيون.
    پر- مون کي ويساهه آهي ته هڪ بيحد اداس رات کان پوءِ نئون نڪور سج به اڀرندو.
    آئون انهيءَ سج جي آس تي- ٿوهر جي ڪنڊن جهڙين ڪپيل آڱرين سان لکندي رهندس- جيسين تائين جيئندس- منهنجون سوچون- اداس راتين ۾- ڪمري جي ديوارن سان پيون سر ٽڪرائينديون آهن- رتوڇاڻ سوچون- منهنجون ڪهاڻيون آهن.
    بند اکين اندر مون ڏاڍا ڊگها پنڌ ڪيا آهن- شريفن جي پاڪ حويلين کان چڪلي جي سوڙهين گهٽين تائين- جيل جي کولين کان ڦاسي گهاٽن تائين- مٽيءَ جي ڪچن گهروندن کان خوبصورت بنگلن تائين- فوٽ پاٿن کان ايئرڪنڊيشنڊ بيڊ رومن تائين- ۽ سنڌ کان آفريڪا تائين- ڪيترا انسان منهنجيءَ نس- نس مان ٿا واسو ڪن- حرامي ٻار- رنڊيون- دلال- چور- شريف زاديون- ٻانهيون- مزور- هاري- ديس لاِءِ وڙهندڙ شاگرد- ڌرتيءَ جو دک لکندڙ ليکڪ- لوڪ کان لڪي- ڪنهن ٻي نالي سان ڪچا ڦڪا ليک لکندڙ سنڌيءَ جون گمنام ليکڪائون- سنڌي وڏيرن جون سريتون- بک ۽ اُڃ کان نستا انسان- بيمار- بکيا- ڏڪار جا ماريل انسان- جنگن جي آڳ ۾ جلندڙ زندگيون-۽ ٻيا انيڪ.
    قلم هٿ ۾ جهيل- پنهنجي اڳيان ڪورا ڪاڳر ڦهلائي سوچيندي آهيان- انسان جي ذهنن ۾ ڇو ايڏيون گهور اونداهيون-
    دنيا ۾ کائڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي، پوءِ به ڇو ٿا ماڻهو بک مرن- ايڏا گهر آهن پوءِ به ڇو فوٽ پاٿ تي تهه سياري جون سرد راتيون ماڻهو ٿا گذارين- ايڏا ويس وڳا آهن پوءِ به ڇو منهنجي ديس جا ماروئڙا ٿا انگ اگهاڙا رهن-
    ڪيترا سوال- ڪيتريون سوچون آهن جيڪي صليب تي ٽنگيون پيون آهن.
    اُهي ليکڪ جيڪي نشي جي حالت ۾ بک ۽ اُڃ مرندڙ ديس واسين تي ٿا لکن (نشي ۾ وڦلندڙ ماڻهوءَ تي به ڪو اعتبار ڪبو آهي ڇا؟) ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ جي هام ٿا هڻن- جيڪي عورت جي آزاديءَ جا زبردست قائل آهن- پر جن جون زالون صرف هنن جي جنسي خواهشن جي تڪميل جو ذريعو ۽ ٻار ڄڻڻ جي مشين آهن- پر ڪڏهين پنهنجن عظيم ليکڪ مڙسن سان ڪنهن ادبي سنگت ۾ به نه ڏٺيون ويون هونديون. اهڙن عظيم ليکڪن جي سچائيءَ تي ڪيتريقدر ويساهه ڪري سگهجي ٿو.؟؟
    اهي گمنام/نامور سنڌي ليکڪائون، جيڪي هزار الزام سر تي کڻي- لوڪ کان لڪي- نالا مٽائي، لکن پيون- لکنديون هيون- لکنديون رهنديون- انهن جي سچائيءَ کان ڪيئن ٿو ڀلا انڪار ڪري سگهجي. مون کي ته انهن ليکڪائن جي ڪچين ڦڪين لکڻين اڳيان، اياز جي شاعري، خليل جون ڪهاڻيون به گهٽ نظر اينديون آهن.
    آئون ادب ۾ بي ادبيءَ جي قائل ڪانه آهيان.
    پر سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آهي، انهيءَ کان به انڪار ته نٿو ڪري سگهجي. جيڪر ادب سرجڻ مهل اها وڇوٽي نظر ۾ نٿي رکي وڃي ته اهو ادب سواءِ بڪواس جي ٻيو ڇا آهي؟ آئون ائين به نٿي چوان ته ڪو مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو صرف سچ آهي. بڪواس ڪونهي. چوڻو صرف ايترو اٿم ته جيڪي ڪجهه لکيو اٿم- اهو ڪهڙن احساسن سان لکيو اٿم- ڇو لکيو اٿم- ڪيئن لکيو اٿم- منهنجا هٿ به صاف ڪونه آهن انهيءَ ڪري آئون سموري سنڌي ادب بابت يا پنهنجين ڪهاڻين بابت فتويٰ ڪانه ڏيندس.
    سنڌي ادب تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوندم ته ادب ۾ منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي.
    پر مون ادب ۾ ڪا کيپ کٽڻ لاءِ ڪونهي لکيو- سنڌالاجيءَ جي ڪار منهن ڪٻٽن کان برٽش ميوزم جي لائبريريءَ تائين ويندڙ سڀئي گس مون لاءِ ڪوڙ ۽ ڌوڙ آهن.
    مون ڪڏهن سنڌي ادب تي لاڳاپا لاهي ويهي رهڻ بابت ڪونهي سوچيو- منهنجي اندر جو زهر، جيڪو مون کي سنڌي سماج کان وراثت ۾ مليو آهي، مون کان لکرائي ٿو.
    مون وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو طريقو آهي- انهيءَ زهر جي نيڪال جو- مون انهن ماڻهن لاءِ لکيو آهي، جيڪي منهنجين نسن ۾ وسن ٿا- مون انهن لاءِ سوچيو آهي- مون کي ڪنهن به برک/ عظيم ليکڪ جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ڪانهي.
    جڏهين ماڻهون منهنجيون ڪهاڻيون پڙهي مڇربا آهن ۽ مون کي گارين ڀريا خط لکندا آهن، تڏهين مون کي سنڌي سماج جي اها اڏوهيءَ کاڌل ديوار بيحد ڪمزور محسوس ٿيندي آهي، جنهن جي پاڇولي ۾ ويهي مون ڪهاڻيون لکيون آهن.
    فحش ادب ڇا آهي! بنا اهو سوچڻ جي ليکڪ جي ڪئي ڪمائي ڪٽ ڪرڻ ڪنهن کي ٿو جڳائي؟ فحاشي، جيڪا انسان جي ذهن تي پلجي- انهيءَ کي ڳولهڻ وارا ته پنهنجي ئي جسم مان ڳولهيو ٿا لهن- نه ته فحاشي جنسي ڪتابن ۾ به ناهي.
    هر شيءِ تي فحاشي جو الزام هڻڻ وارا پنهنجي اندر جوگند لڪائڻ چاهيندا آهن- باٿ روم ۾ هرڪو ننگو آهي- ٻاهر ڪپڙا پائي هر الزام کان آجو ٿيڻ سولو آهي.
    فحاشي تي بحث ڪبو ته چڱا چوکا پڳدار ننگا ٿي پوندا- جيسين تائين منهنجين ڪهاڻين جو تعلق آهي ته مون ڪنهن به ڪهاڻيءَ ۾ جنس کي موضوع طور نه کنيو آهي- آئون جنس جي اهميت کان انڪار نٿي ڪريان- جنس ترقي ڪيل ملڪن جو ايڏو مسئلو ناهي، جيڏو پوئتي پيل قومن جو آهي. غربت ۾ جنس نارمل صورت اڪري مرض بڻجيو پوي- حق بخشرائڻ، عمر جي فرق بنا ڏسڻ جي شاديون ڪرڻ، ٻه ٻه شاديون ڪرڻ، زالن کي پراڻي رانديڪي وانگر اڇلائي ڇڏڻ، زالن کي ڪوٽن ۾ بند رکڻ، اتي ئي اچي هم جنس پرستي جنم وڄندي آهي. اهي غريب مڙد جيڪي شادي معاشي مسئلن جي ڪري نٿا ڪري سگهن، هڪ رات لاءِ عورت جو جسم به افورڊ نٿا ڪري سگهن- هم جنس پرستيءَ ۾ وڃيو پناهه ٿا وٺن ۽ هم جنس پرستي- جنس جو سڀ کان ڀوائتو روپ آهي. اسان وٽ جنس جي ڪري مسئلا نٿا جنم وٺن- اسان وٽ مٿئين روايتن جي ڪري جنسي مسئلا ٿا جنم وٺن.
    اهڙي صورت ۾ ڪنهن کي سنگسار ڪجي. روايتون جوڙڻ وارن کي يا انهن هيٺ پيڙهجڻ وارن کي؟ اسان وٽ عورت کي يا مڙد کي، هڪ هم عمر، صحت مند ۽ هم خيال جيون ساٿيءَ کان محروم رکيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري به اسان وٽ جنس فحش هوندي به بيحد پرڪشش آهي. سو مون جنسي مسئلا ڪڏهين به ڪونه لکيا آهن. مون انهن هٿ ٺوڪين روايتن جي خلاف لکيو آهي، جيڪي جنس يا هم جنس پرستيءَ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن.
    اهو چوندي مون کي ڪابه هٻڪ ڪانه ٿي ٿيئي ته جيسين روايتون رهنديون- حويليون ۽ ڪوٽ ڪڙا رهندا- انيڪ شادين جو رواج رهندو- حق بخشرائڻ ۽ ننڍين عمرين ۾ يا بي جوڙ شادين جو رواج رهندو- تيسين اها فحاشي انهن ئي ماڻهن جي گهرن ۾ پلجندي رهندي- جيڪي اهي روايتون قائم رکندا ٿا اچن. آئون ڪهاڻيون لکان يا نه،- ڪوبه فرق نٿو پوي. ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي ذڪر سان ئي ماڻهن کي جيڪي جنسي خواب ٿا اچن ته انهي ۾ ڀلا ليکڪ جو ڪهڙو دوش؟؟؟
    لکڻ مهل مون عورت بڻجي ڪونهي لکيو. محض هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ئي لکيو آهي- جيتوڻيڪ مون صرف عورت تي ڪونهي لکيو، پر هوءَ منهنجين انيڪ ڪهاڻين جو مکيه ڪردار ضروري آهي- سنڌي سماج ۾ عورت سڀ کان ڪڙو ۽ ايذائيندڙ سچ رهي آهي، جيڪو چؤواٽي تي چئي ڏيڻ جي ڪنهن ۾ سگهه آهي؟ شايد اهو ئي ڪارڻ هجي عورت جي ڪردار تي گهڻو لکڻ جو- پر انهيءَ جو ڪارڻ منهنجو عورت هئڻ ڪونهي- مڙد، جيڪو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. عورت جيڪا احساسن جا صليب ڪُلهن تي کڻڻ لاءِ تخليق ٿي آهي. اهو ئي سچ آهي، جنهن تي ماڻهو مڇرجي پوندا آهن- آئون انهيءَ سچ کان اکيون نٿي پوري سگهان.
    هڪ شريف زادي جيڪا شريفن جي پاڙِي ۾ رهي ٿي، جيڪر انيڪ مڙد هن جي جسم جا رازدار آهن ته به هوءَ شريف زادي آهي.
    هڪ رنڊي جيڪا مفت ۾ جسم استعمال ڪرائڻ بدران، انهيءَ جو اگهه ٿي مقرر ڪري ته به رنڊي آهي.
    هوءَ- جيڪا حويلين ۾ محض انهيءَ ڪري قيد آهي ته جيئن ڪنهن نامحرم جو نظرمٿس نه پوي- اها هم جنس پرستيءَ ۾ پناهه به نه وٺي؟
    جنهن جو پيءُ چارُ چار شاديون ڪري سگهي ٿو- پر جنهن لاءِ ڪوبه شهزادو نٿو اچي سگهي- جيڪر ديوار اُڪري ڀڄي وڃي ته ڪهڙو عيب آهي.
    آئون اهو سڀ ڪجهه سمجهي نه سگهي آهيان- مون کي اڄ تائين شريف زاديءَ ۽ رنڊيءَ جو فرق سمجهه ۾ ڪونهي آيو- مون کي اهو به نٿو سمجهه ۾ اچي ته حرامي ٻار کي حلالي ڇو نه چيو ويندو آهي- پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سزا هو ڇو ڀوڳي.
    جي آئون ائين چوان ته شرعي طور ثابت ڪري سگهجي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اڌ کان به مٿي ماڻهو حرامي آهن- ته ڪيترن ٻوٿن تي دانگيءَ جي ڪارٺ ملجي ويندي.
    حرامي ٻارن سان منهنجا اٿاهه پيار جو اهو ئي ڪارڻ رهيو آهي ته اهي ڪائنات جو سڀ کان اڙانگو ۽ ايذائيندڙ سچ آهن- جن کان مذهبن به انڪار ڪيو آهي.
    مون لاءِ هر عورت مريم آهي.
    هر ٻار- عيسيٰ آهي.
    ۽ هر اهو انسان اُتم آهي- جنهن جي حصي جون خوشيون- محبتون- نفرتون سماج جي کوهه ۾ اڇلايون ويون آهن.
    ٿوهر، منهنجين ڪهاڻين ۾ آئون پاڻ آهيان- اهو سچ، جيڪو من ۾ ڪنڊي وانگر جڳن تائين چڀندو رهي.
    ڪير آهي جيڪو مون کي ڦاهيءَ چاڙهي سگهي.
    ۽، آئو، اِجهو- هينئر- هن لمحي اناالاحق جو نعرو ٿي هڻان-
    ڪنڌ ڪپي
    ساڄي هٿ جي تريءَ تي
    سجائي رکيو اٿم
    سوني- روپي سج سمان
    اي ديس واسيو!
    آئون-
    سرخ انقلاب جو
    پهريون پل آهيان
    منهنجو نانءُ ڳنهي- گيت ڳايو
    اي ديس واسيو!


    ڇا ڪجي، ڇا لکجي

    انيڪ ڳالهيون، جيڪي من پاتال ۾ رهجي وينديون، پر آئون چئي نه سگهندس، مون تي فرض رهنديون- آئون شرمسار به ڪانه آهيان- اُداس ضرور آهيان- آئون اهو قرض نٿي لاهي سگهان، جيڪو مون کي سنڌ جي پراڻن نسلن کان ورثي ۾ مليو آهي- پر آئون مايوس ڪانه آهيان، آئون نه سهي مون کان پوءِ اچڻ وارا سهي- ڪير نه ڪير، ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندو- ڪو سورهيه، ڪو درويش، ڪو شاعر، ڪو پيغمبر، اوسيئڙ جي انهيءَ سلسلي ۾ مون کي نه وسارجو.
    مون سان شهر سڄو ناراض آهي، سپنا ڏسڻ ڏوهه آهي. آئون سڀئي سڱ سياڪا ڇني، اوهان لاءِ لفظن جي جادوگري ڪندي رهندس- الف لکڻ مهل ئي مون سڀئي سڱ سياڪا ڇني ڇڏيا هئا- مون سنگسار جا سمورا پٿر پاند ۾ ميڙي ورتا هئا- ماڻهن جو خيال هو آئون چري ٿي پئي آهيان- ڪنهن بيحد اداس رات جي پڇاڙڪي پهر ۾ اجهامي ويندس- ٿڪجي پوندس- ساڻي ٿي ڪري پوندس- مون کي ائين پنهنجي حيثيت وساري نه لکڻ گهرجي- آپگهات به نه ڪرڻ گهرجي- منهنجا سڀئي گس اڙانگا آهن، پر ويهي رهڻ جو گناهه مون کان ڪونه ٿيندو- دوزخ کان جنت تائين جو اهو سفر- ڪيڏو ڊگهو آهي ڄاڻان ٿي، پر اهو ڪير ڪيئن سمجهي سگهندو ته آئون سڀئي ٻيڙيون ساڙي آئي آهيان ۽ واپسيءَ جا گس بند آهن.

    اها به ته عاشقيءَ جي رسم آهي نه- جو جڳن تائين ديوار سان سر پيو ٽڪرائجي- يا ديوار ڊهندي يا آئون فنا ٿيندس- لفظن سان عشق ڪرڻ کان پوءِ لفظ به گهڻو پويان رهجي ويا آهن- لفظ منهنجن پيرن جا نشان کڻي منهنجي پويان پيا ايندا آهن، پر منهنجا گس اڙانگا آهن.

    ماڻهو، منهنجا پيرا کڻي مون وٽ ايندا آهن- انيڪ سوال- مون وٽ جواب ڪونه آهن. آئون پاڻ نٿي ڄاڻان ته ايتريون ڪهاڻيون ڪيئن ٿيون من ۾ واسو ڪن- آئون ايڏي وڏي ليکڪه به ڪانه آهيان،-ڪير انهن کي سمجهائي ته آئون اها ڪانه آهيان جنهن لاءِ هو اچن ٿا.
    تماشو ڏسندڙن اڳيان منهنجو ساهه نپوڙبو آهي- آئون پنهنجي باري ۾ اوهان کي ٻڌايان ها- مون انهيءَ تي مهاڳ ۾ پاڻ تي لکڻ شروع ڪيو، پر پوءِ ڦاڙري ڇڏيئم- اوهان کي بس ايترو ٻڌايان ته آئون اها ناهيان- اوهان جو قسم- اها ناهيان.
    ڪيتريون ڪهاڻيون لکڻيون اٿم،-ڪڏهن لکندس- نٿي ڄاڻان.
    آئون لکندي رهندس پر شرط انهيءَ تي ته مون سان نفرت ڪانه ڪبي- نفرت ڪرڻ جو اوهان کي حق آهي پر محبتون منهنجو به حق آهي- منهنجون ڪهاڻيون پڙهي، من ۾ جيڪو زهر ٿي ڀرجيو اچي ته اهو زهر اوهان منهنجي وجود تي نه هاريو- انهيءَ سنڌي سماج تي هاريو.

    مون جڏهين ٻارهن سالن جي عمر ۾ ادا شبير جي ڪتابن مان عصمت چغتائي ۽ منٽو جا ڪتاب ڪڍي پڙيا هئا، جيتوڻيڪ سمجهيا ڪونه هئم پر من ۾ زهر ضروري ڀرجي آيو هئم. انهيءَ زهر مان وري پاڻ آجو نه ڪرائي سگهيس، لفظن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارا پل ياد ڪين اٿم- پر، اهو ئي هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي، جنهن کي ٽوڙڻ جو مون ۾ ساهس ئي ڪين هو.

    اوهان جو اهو خيال ته دنيا ۾ ٻيا به موضوع ڦهليا پيا آهن، انهن تي ڇو نٿي لکان- دنيا جا سڀئي دک ته منهنجي هٿ تريءَ ۾ نٿا بند ٿي سگهن- ڪجهه دک اوهان پاڻ ڇو نٿا من- پاتان ۾ سانڍيو- ڪو هڪڙو پل، جنهن ۾ آئون به مرڪي سگهان.
    ماڻهن جو اهو سوال ته شاديءَ کان پوءِ ڇو نٿي لکان- ڪا پابندي- ڪو اختلاف- ڪا ذهني ناآسودگي؟
    نه- ائين ڪونهي- خادم سان وهانءَ ڪرڻ کانپوءِ منهنجون وِکون مضبوط ٿيون آهن- مون ۾ پنڌ ڪرڻ جي سگهه وڌي وئي آهي. خادم کي به مون سان گڏ (اڻ سڌيءَ طرح ئي سهي) منهنجين ڪهاڻين جو عذاب ڀوڳڻو ٿو پوي- مون پنهنجا عذاب ونڊي ڇڏيا آهن. اڳي آئون اڪيلي هيس، مون وٽ سواءِ لفظن جي ڪاريگريءَ جو ڪو ٻيو هنر ڪونه هو. هاڻ آئون ڪنهن ساٿيءَ جو هٿ پڪڙي، ڊگهو پنڌ ڪرڻ جو هنر به سکڻ چاهيان ٿي. ائين ناهي ته ڪو هر سنڌي عورت وانگر نڪاح جي ٽن ٻولن کان پوءِ فنا ٿي وئي آهيان- مون پنهنجي ساٿيءَ جي اڳيان ويهي لکيو آهي- لکندي رهندس- مڃان ٿي ته آئون گهٽ لکڻ لڳي آهيان- ڪارڻ انيڪ آهن- هاڻ آئون ائين به سوچيندي آهيان ته زندگيءَ کي ڪهڙا ڪهڙا رنگ ڏجن- هڪ ننڍڙو سکيو ستابو گهروندو- اٽو- لٽو- اجهو.
    هي مئو جيٽ ايج، جنهن ۾ پاڻ رهون ٿا، سڀ ڪجهه اوکو آهي. آئون چپ ٿي وڃان ته مون کي مئل نه سمجهيو وڃي- گهٽ لکان ته اجهامي وڃڻ جا ڏوراپا نه ڏيئوم- منهنجيءَ چپ جو ڪارڻ خادم ساڻ سنجوڳ ڪونهي- انهيءَ کان مليل ذهني آسودگي آهي- جيڪا ورهين پڄاڻان ملي اٿم. مون چيو نه ته آئون ذهني آسودگيءَ واري دور ۾ ڪجهه به نه لکي سگهندي آهيان- ڪجهه ڏينهن لفظن جي عذب کان پاسي رهي زندگيءَ جا ست رنگ پاند ۾ ميڙي وٺان- زندگيءَ کي صرف ڪارو رنگ ته نه گهرجي.
    آئون، هن ميدان ۾ اڪيلي ڪانه آهيان- مون سان گڏ زندگيءَ جي سنگهر به آهي، جيڪا نڀاڳي مرڻ- پل تائين پيرن ۾ پيل آهي- ڪنهن اڻپوري پل ۾ ڪو اڻپورو نظم ئي سهي- لفظن سان وفا ته ڪرڻي آهي- پتنگن کان کامڻ جون خبرون پڇبيون ته پوءِ انيڪ آهن، پر ڇپجڻ ايڏو ضروري ته ڪونهي. ها دوستن جي اها به صلاح آهي ته آئون نئون انداز- نئون روپ ڏيان لفظن کي- ايڏي نفرت جيڪا لوڪ لاءِ من ۾ پالي رکي اٿم مون کي فنا ڪري ڇڏيندي- جلاوطن مون محبتن جي ڪهاڻي لکڻ چاهي هئي، پر انهيءَ نفرت تي وڃي پڄاڻي ڪئي- تازو لکيل ڪهاڻي ”من – درپن“ نفرتن جي ڪهاڻي آهي، جنهن محبتن تي وڃي پڄاڻي ڪئي “Come Back Africa” محبتن ۽ نفرتن جي وچ واري وڇوٽيءَ تي هلندڙ ڪهاڻي آهي- جيڪا منهنجي هنن لمحن جي ڪهاڻي آهي- ڪو دوست- ڪو دشمن- انهن ڪهاڻين کي ڪو نانءُ ڏيڻ کان اڳ، منهنجين اڳوڻڪين ڪهاڻين جي سچائيءَ کان انڪار ڪري سگهندو!! هي ٻه ڪهاڻيون لکڻ مهل، منهنجي من ۾ محبتن جو واسو هو، نفرت جو نه.

    هاڻ آئون محبتن جون به ڪهاڻيون لکندس- محبتون، جيڪي انسان، انسان سان ڪندو آهي، ۽ هي ڪتاب جڏهن اوهان جي هٿن ۾ ايندو، هڪ نانءُ نه وسارجو، فهميده حسين جو نانءُ. اهائي سگهڙين سٿ (هلال پاڪستان) واري فهميده حسين، سنڌي لفظن سان منهنجي عشق جي پهرين واٽ يا سنگ ميل- ڪهاڻي کيتر ۾ آئون جيڪر ڪجهه آهيان ته فهميده حسين جي دين آهيان. مون جڏهين سنڌيءَ ۾ پهريون ليک لکيو هو، تڏهين مون کي سنڌي پڙهڻ به سولي ڪانه ايندي هئي- اهو ليک، انهيءَ سگهڙين سٿ ۾ ڇپيو هو. پوءِ چترڪار کان انيڪ ڪهاڻين تائين مون کي ڇپيندي رهي. سگهڙين سٿ منهنجي عاشقيءَ جو پهريون ميدان- منهنجو ادبي اسڪول- اهو پرچو پڙهندڙ سنڌ جون اداس شهزاديون اڄ به مون لاءِ منزل جو پهريون نشان آهن. منهنجا سڀئي لفظ سنڌ جي انهن اداس شهزادين لاءِ آهن.

    ڪيترا اهل پل پويان رهجي ويا آهن، جن تي ڪهاڻيون لکڻ چاهيندي آهيان- انهن سڀني ڪهاڻين کان مختلف ڪهاڻيون- جڏهين ڪراچي پنهنجي اباڻي گهر ويندي آهيان. صندل تي ڀرت ڀريندڙ امان ۽ جاءِ نماز تي ويٺل بابا ڪيڏا اڪيلا اڪيلا ڀاسندا اٿم- ڄڻ ٻه ننڍڙا، وڇڙي ويل ٻارڙا- آئون اڳتي نڪري آيس ۽ هو گذري ويل لمحن وانگر پويان رهي ويا. منهنجو ڪمرو، چپ چاپ پيو منهنجو اوسيئڙو ڪندو آهي. گهر جون ديوارون سرگوشيون ڪنديون آهن. ڪهاڻيڪار! ايڏا ڏينهن لاتا اٿئي. اسان به ته تنهنجي ڪا بيحد اداس ڪندڙ ڪهاڻي آهيون.
    تنهن پل دل چوندي اٿم ته امان جي اندر ۾ سمائجي وڃان. ٻيو جنم وٺڻ لاءِ بابا جي ڪلهن تي چڙهي، سياري جي بيحد سرد رات ۾ به شيءِ وٺي ڏيڻ لاءِ ڌمچر ڪريان.
    اهڙي پل انسان سان انسان جي محبتن جي اها ڪهاڻي سرجي ويندي آهي، جيڪا لکي سگهڻ جو مون ۾ ساهس ئي ڪونهي. محبتن جا اهي انڪشاف شايد منهنجين ڪهاڻين مان نفرت جو زهر ڌوئي سگهن.

    پر ڳالهه انهيءَ قيامت جي به آهي، جيڪا اسان جي مٿان کان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ وانگر وهندي ٿي وڃي. نياءُ ۽ انياءُ جي وچ واري وڇوٽيءَ تان ڪيڏو الميو آهي ته اسان جن پيرن هيٺان ڌرتي نڪرندي ٿي وڃي ۽ اسان ٻنيءَ ۽ ونيءَ لاءِ سر ڏيڻ وارا اندر ئي اندر مئا پيا آهيون- جتي اعتبار جون حدون اچيو پڄاڻي ڪن، اتان کان ڪوڙ جو اونداهو گس ٿو شروع ٿئي، ۽، منهنجو اعتبار سڙي رک ٿيو آهي. آئون سچ چوندس ته اوهان جو ڪنڌ نمي پوندو. اوهان ڏوراپا ڏيندا، ٻڪن ۾ پٿر ڀري منهنجي اڳيان سنگسار جي رسم نڀائڻ جو اعلان ڪندا.

    ڪوڙا، اسان جن نسن ۾ ڦهليو پيوآهي- پر، ڪوڙ اسان جو ورثو ته ڪونهي. ٽکڙ جي جبلن تي ڦهليل ٿوهر جي ٻوٽن کان سچ ۽ زهر مون کي ورثي ۾ مليو آهي. سچ جو ميٺاج وسري ويو آهي به ته- اهو ئي زهر امرت ڌارا بڻجي سگهي ٿو.
    سو- اچو ته محبتون ڪريون، وصل جي ڪنهن خوبصورت رات ۾ سچائيءَ سان لائون لهون، محبتون، جيڪي جسم جي ڄار ۾ ڦاٿل نه هجن، پر روح ۾ پاتال تائين ڦهلجي وڃن. محبتون، جيڪي جنگ جي ميدان ۾ به انسان- انسان سان ڪري سگهي. محبتون جيڪي سنڌي سماج جي ڪلر کاڌل ديوار کي ڊاهي سگهن.
    آئون محبتن جي اها رسم نڀائيندي، اوهان کي هي اڻپورو ڪتاب ٿي ڏيان.
    اوهان به ڪجهه نه ڪجهه ڏيو- چپن تي جڳن کان اٽڪيل اناالحق جو نعرو ئي سهي.
    ۽ پڇاڙيءَ ۾-

    هي ڪتاب اوهان جن هٿن تائين آڻڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن جي محبتن جو اعتراف.
    خادم، پنهنجي جيون ساٿيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن لکڻ وارن لمحن ۾ مون سان گڏ ويهي، منهنجين ڪهاڻين جو زهر پيتو آهي. عالم حسينيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن ڪتاب سهڙڻ لاءِ ڊگها ڊگها پنڌ ڪيا آهن. نثار حسينيءَ جي محبت جو اعتراف، جنهن جو شوق ڪتاب ڇپجڻ جو ڪارڻ آهي ۽ فتاح (شرجيل) جي محبت جو اعتراف، جنهن منهنجن لفظن کي چترن جو روپ ڏنو آهي.
    ۽ -
    ٻه ليڪا ڪڍي
    صليب ٺاهي
    پنهنجو پاڻ ٽنگي ڇڏيان
    جي
    دک سڀئي لکي نه سگهان.


    نورالهديٰ شاهه
    5 فيبروري 1979ع
    حيدرآباد


    پاروٿو گوشت

    حويليءَ ۾ ٻانهين جو ولر، ۽ انهيءَ ولر ۾ هڪ ڏينهن اوچتو هوءَ به الاءِ ڪٿان اچي نڪتي هئي. جنهن کي پهريون ڀيرو ڏسي ننڍي سائينءَ کي ڪچيءَ ووڊڪا (Vodka) جو ذائقو ياد اچي ويو هو. هن جي بدن ۾ ڄڻ وڄ وراڪا ڏيندي هئي. ڪڏهن هِتي، ڪڏهن هُتي. هو جيڏانهن ويندو هو، هوءَ نظر ايندي هئس. ڀانءِ حويليءَ جي هر ڪنڊ ۾، هر ڪمري ۾، ڪنهن هن جو هڪ هڪ بت سجائي رکيو هجي ۽ هر بت جو پنهنجو روپ ۽ پنهنجو حسن هو. هوءَ ڏسندڙ جي اکين ۾ بجليون ڀري غائب ٿي ويندي هئي. سندس انهيءَ ادا ننڍي سائينءَ کي، بنا ڇهڻ، بنا چکڻ ۽ پيئڻ جي مست ڪري ڇڏيو هو. هن جي اڳيان هر ڪو شراب، هر ڪو نشڪو ڦڪو ۽ بي ذائقو ڀاسندو هئس. ڀلا انهيءَ شيءِ جو نالو ڇا هئڻ گهرجي، جنهن کي صرف ڏسڻ سان ئي نشو چڙهي وڃي. سڀئي روپ سڀئي نالا هن لاءِ هئڻ گهرجن. ننڍو سائين هن کي ڏسيو الاءِ ڇا ڇا پيو سوچيندو هو. بس ڪنهن اهڙي مهل جي وجهه ۾ هو، جڏهن هوءَ اڪيلي نظر اچي وڃيس. ۽ هڪ ڏينهن نيٺ هوءَ اڪيلي ور چڙهي وئي هيس اتر پاسي، نما شام جي مهل.
    ”نالو اٿئي؟“ ننڍي سائينءَ جي ٻانهن، ناگ جيان ور وڪڙ کائيندي هن جي سنهڙي چيلهه کي ويڙهي وئي. هوءَ ائين ڇرڪي ڀانءِ پير ۾ ڀٽونءَ ڏنگ وڌو هجيس. هوءَ وڄ جيان ننڍي سائينءَ جي ٻانهن مان نڪري ڪجهه پرڀرو وڃي بيٺي. ڪي پل حيران حيران نظرن سان ننڍي سائين کي ڏسندي رهي، ڄڻ پڇي رهي هجي ته، ”ڀلا توکي اهو حق ڪنهن ڏنو؟“ پوءَ اوچتو وٺي ڊوڙ پاتائين. هوءَ ننڍي سائين جي اکين ۾ بجليون ڀري غائب ٿي وئي. اُڃ جو شديد احساس ٿو هر جي ڪنڊن جيان ننڍي سائينءَ جي نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳو.
    هن کي شايد اڃا ڪل ئي ڪانه هئي ته مالڪ جو گهر جي هر شيءِ تي حق هوندو آهي. ننڍو سائين به ته هن حويليءَ جو مالڪ هو. وڏي سائين جو وڏو فرزند. مستقبل ۾ گاديءَ جو وارث، هن جو ته ڄڻ ڪائنات جي هر شيءِ تي حق هو. هوءَ ته پوءِ به انهيءَ ڪائنات منجهان هڪ هئي.
    هڪ ڏينهن ننڍو سائين حويليءَ ۾ اندرئين پاسي آيو. ماڻس جي ڪمري ۾ وڄ پئي وراڪا ڏنا. وڄ جا چمڪاٽ ڏسي هو به ماڻس جي ڪمري ۾ هليو آيو. هن کي ڏسي ننڍي سائينءَ جي اکين ۾ بجليون ڀرجي آيون. عورت جي بدن تي پوتي ويڙهيل نه هجي ته قيامتن جا آثار ويجها ٿي ويندا آهن غاليچي تي برش ڏيندي هن جي بدن انيڪ روپ ٿي مٽايا. ڀانءِ انڊلٺ جا ست رنگ ڌرتيءَ تي لهي آيا هجن. اوچتو هن دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺل ننڍي سائينءَ کي ڏسي ورتو. الاءِ ڇو هن کي ڀٽونءَ جو ڏنگ ياد اچي ويو. هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي، پينگهي جي گهوڙيءَ تي ٽنگليل پوتي لاهڻ لاءِ. انهيءَ کان اڳ جو هوءَ پوتيءَ سان پاڻ ڍڪي، ننڍي سائينءَ جون شڪاري ٻانهون ڪڻس نانگ جيان ويڙهي ويون.
    ”ڀڄين ڇو ٿي، اها قيامت جهڙي جواني لڪائڻ لاءِ ٿورئي هوندي آهي، اها ته لٽائڻ لاءِ آهي، جيتري لٽائي سگهين لٽاءِ، موٽ ۾ اسان تنهنجو گهر ڀري ڇڏينداسون.“ ننڍو سائين بنا پيئڻ جي بهڪڻ لڳو هو. هوءَ حيران ۽ هيسيل نگاهن سان ڪي کن ننڍي سائينءَ جو چهرو تڪيندي رهي جيڪو شيطان جو روپ ڌاريو بيٺو هو. ننڍي سائينءَ نمي پنهنجا چپ هن جي چپن ڏانهن وڌايا، پر انهيءَ کان اڳ جو قيامت اچي هن جا ڏند، ننڍي سائينءَ جي ٻانهن ۾ کپي ويا. هڪڙي دانهن جيڪا ننڍي سائينءَ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي. ڀاڪرن جو گهيرو ٽٽي پيو. هوءَ وڄ جيان وراڪا ڏيندي غائب ٿي وئي.
    ”هيءَ ڪير آهي؟ امان!“ هن کي دالان ۾ ڪڻڪ ڇڙيندو ڏسي ننڍي سائينءَ ائين ماڻس کان پڇيو، ڄڻ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هجيس. هن به شايد ننڍي سائينءَ جو سوال ٻڌي ورتو هو. تڏهن هن پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيو هو.
    ”ڇو؟“ ماءُ پٽ جي شوق کان اڻڄاڻ ته نه هئي سو ڏاڍي غور سان هن جو چهرو تڪڻ لڳي.
    ”ائين ئي پڇان ٿو، اڳ ڪڏهن ته ڪانه هئي.“ هو گهٻرائجي ويو هو. ”کدوءَ جي ڪنوار آهي، آهي ته نئين پر ڏاڍي سگهڙ زال آهي، مون ته پنهنجا ڪم، گُلان کان وٺي هن جي بلي ڪيا آهن.“ ننڍي سائينءَ جون نظرون هن جي بدن جي قيامتن جو طواف ڪري رهيون هيون. اهو ٻڌي ته هوءَ پرڻيل آهي، الاءِ ڇو ننڍو سائين وسامي ويو.
    حويليءَ ۾ ته ڪابه اهڙي پرڻيل ڪانه هئي جنهن جي بدن جو افتتاح ڪنواري هوندي ئي حويليءَ جي ڪنهن نه ڪنهن ”سائينءَ“ جي شوق جي قينچيءَ سان نه ٿيو هجي . اها ريت وڏن کان هلندي ٿي آئي. هينئر ننڍو سائين اها پراڻي روايت نڀائي رهيو هو.
    هوءَ به شايد ان عنايت کان محروم نه رهي ها، پر هوءَ ٻئي ڳوٺ مان، کدوءَ سان لائون لهي، ڏيڍ مهينو کن اڳ حويليءَ ۾ آئي هئي. کدو ٻاهر اوطاق جو ڪم ڪار ڪندو هو. سندس ابا ڏاڏا به ننڍپڻ کان انهيءَ درجا ٽڪر کائيندا رهيا هئا ۽ پويان ورثي ۾ هن کي ڇڏي ويا هئا. هوءَ نئين هئڻ ڪري حويلي جي اصولن کان اڻڄاڻ هئي، نه ته ننڍي سائينءَ کي مٿس ايتري محنت نه ڪرڻي پوي ها. پر پرڻيل هئڻ جي باوجود هوءَ ڄڻ ووڊڪا (Vodka) جي ڀريل بوتل هئي، جنهن جو اڃا ڪنهن ڍَڪ به نه لاٿو هجي. ننڍي سائينءَ جي بي پناهه شوق ۾ ڪو به فرق نه آيو. هو بس ڪنهن اهڙي مهل جي وجهه ۾ هو جڏهن هوءَ اڪيلي ملي وڃيس، پر هوءَ ته ڄڻ مائونٽ ايورسٽ هئي ۽ هن جي اچڻ کان پوءِ ته ڄڻ ڪوهه پيمائي به ننڍي سائينءَ جو شوق بڻجي وئي هئي.
    هڪ ڏينهن ننڍي سائينءَ نيٺ ڪوهه پيمائيءَ ڏانهن پهرين وک ائين وڌائي جو هوءَ ڌرتتيءَ مهل ماڻس جي باٿ روم ۾ شاور هيٺ پنهنجين سمورين قيامتن سميت نظر اچي وئي هيس. هوءَ ڳوٺاڻي، نئين نموني جي درن جو ڪڙو ڏيڻ ايندو ڪونه هئس. در صرف ورائي ڇڏيو هئائين. وڏي سائين جا ڪپڙا ۽ باٿ روم ڌوئڻ کان پوءِ هوءَ پاڻ به شاور هيٺ اچي بيٺي هئي. باٿ روم ۾ وهنجڻ هن لاءِ ڪيڏو پُرڪشش هو. ڳوٺ ۾ ته ننڍي هوندي کان، کٽ اڀي ڪري، پوتيءَ جي گوڏ ٻڌي، ڇل سان پنهنجي مٿان پاڻي وجهندي وجهندي سندس هٿ ئي ساڻا ٿي پوندا هئا. ڪنهن جي اچڻ جو ڀئو به ڪو نه هئس. ڀلا وڏي سائڻ جي باٿ روم ۾ ڪنهن جو ڪم، ڪو هروڀرو انهيءَ پاسي ايندو به ته ڪونه هو. هاڻي ڀلا ڪڻس اها ته ڪل ئي ڪانه هئي ته ننڍي سائينءَ کي ڪائنات جي هر ڪنڊ ۾ ووڊڪا جي ڀريل بوتل جي خوشبو اچيو وڃي، شاور مان وهندڙ پاڻيءَ هيٺ قيامتون ڏسي، ننڍي سائينءَ جون اکيون ته ڄڻ ڦاٽي پيون. ننڍو سائين ڄڻ ميڪدي جي دروازي تي بيٺو هو. هيڏانهن هوڏانهن چوڌاري مئي هاري پئي هئي. وڄ جا وراڪا، اکين ۾ بجليون ڀرجي آيون هئس. هوءَ جا پاڻ لڪائڻ لاءِ واجهائي رهي هئي، تنهن کي پڪڙڻ لاءِ ننڍو سائين پاڻ به وڃي شاور هيٺ بيٺو. انهيءَ کان اڳ جو ننڍو سائين هٿ وڌائي، هن جون رڙيون باٿ روم ۾ گونجڻ لڳيون. ڀانءِ پير ۾ ڀٽونءَ ڏنگ وڌو هجيس. هن جي رڙين کان گهٻرائجي ننڍو سائين تڪڙو تڪڙو باٿ روم مان نڪري آيو، پاڻي ننڍي سائينءَ جي ڪپڙن مان پئي ٽميو، ماءُ جي اچڻ جي ڊپ کان پوئين دروازي مان ئي ٻاهر نڪري ويو. هوءَ انيڪ پل باٿ روم جي دروازي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي رهي. ڪڻس ننڍي سائينءَ جي موٽي اچڻ جو ڊپ هو. ڊٺندي در جي سير ڪري ليئو پاتائين. ڪمري ۾ ڪوبه ڪو نه هو.
    تڪڙا تڪڙا ڪپڙا پائي هوءِ ڊنل هرڻيءَ جيان وٺي ٻاهر ڀڳي، دالان ۾ ننڍو سائين هارايل جواريءَ جيان بيٺو هو. هوءَ سچ پچ مائونٽ ايورسٽ هئي، هن جي چوٽيءَ تائين رسڻ ڪيڏو ڏکيو هو.
    ۽ انهيءَ ئي رات جڏهن ڪم ڪار لاهي ٿڪجي ٽٽي کدو سندس ڀر ۾ اچي کٽ تي ليٽيو هو، تڏهن دل ڀرجي آئي هيس. کدوءَ جي سيني تي مٿو رکي گهٽيل گهٽيل آواز ۾ چيائين.
    ”سوٽ! هڪڙي ڳالهه چوانءِ،“ آواز به لڙڪ گهٽڻ ڪري ڀرجي آيو هئس، ”ڇاهي روئين ڇو پئي؟“ کدوءَ جي پڇڻ تي سچ پچ سڏڪي پئي.
    ”آئون هاڻ حويليءَ ۾ ڪونه ويندس .“ هن ڄڻ فيصلو ڪري ڇڏيو هو..
    ”ڇو؟“ کدوءَ کي سندس اهو فيصلو ناگوار محسوس ٿيو هو. سندس ڏس ۾ ڪڏهن به ڪنهن اهڙي ڳالهه ڪانه چئي هئي. هوءَ نئين هئي، پر انهيءَ جو مطلب اهو ته ڪونه هو ته هوءَ ايڏي وڏي بغاوت ڪري.
    ”ڇو ڪانه ويندينءَ. حويليءَ ۾ ڪهڙا ڏنجهه پهتا اٿئي؟“ کدوءَ جي آواز ۾ ڪيڏي نه ڌاريائپ ۽ سختي هئي. وراڻيءَ ۾ هن سڏڪن جي وچ ۾ سڄي آکاڻي ڪري ٻڌائي. کدو ٻڌندو رهيو ۽ جڏهن هن ڳالهه پوري ڪئي تڏهن ڪوٺيءَ ۾ موت جهڙي ماٺ پکڙجي وئي.
    ”تون ڳالهائين ڇو نٿو؟“ هن کي کدوءَ جي ماٺ کان مُنجهه ٿيڻ لڳي.
    ”تو ننڍي سائينءَ سان ائين ڪري چڱو ڪونه ڪيو.“ ڊگهيءَ ماٺ کان پوءِ کدوءَ ڳالهايو. هن تي ڄڻ ڇپ ڪري پئي.
    ”هو اسان جي پير مرشد آهن، اسان جو سڀ ڪجهه هنن لاءِ ئي ته آهي“ ڪيڏي نه وفاداري هئي کدوءَ جي لهجي ۾.
    ”توکي ڪابه غيرت ڪانهي؟“ هوءَ حيران رهجي وئي. هن ته ٻڌو هو ته مرد ته ڏاڍا غيرت مند ٿيندا آهن. ٻنيءَ ۽ ونيءَ لاءِ ته ڪنڌ ڪپائي ڇڏيندا آهن. هن کي کدوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. ڀانءِ هو ڪنيءَ ڪسيءَ جو گندو ڪيڙو هجي.
    ”ڏس هو آهن وڏا ماڻهو. هڪڙي چمي ۽ ڀاڪر جي بدلي گهر ڀري ڇڏيندا آهن. پاڻ ته هونئن به غريب آهيون. ڏيڍ ٻن سون مان هيڏي منهگائي ۾ ڇا ٿو ٿئي. تون جيڪر ننڍي سائين جي ڳالهه مڃيندي رهين ته ننڍو سائين ائين به پنهنجون جهوليون ڀري ڇڏيندو.“ کدوءَ جي اکين ۾ لالچ ڀرجي آئي. هو حيران حيران نظرن سان کدوءَ کي ڏسندي رهي.
    ”ڏس هتي سڀني پنهنجا گهر ڀري ڇڏيا آهن. شاديءَ کان اڳ آئون به دعائون ڪندو هئس ته الله سائين مون کي به اهڙي زال ڏي جيڪا منهنجو گهر ڀري ڇڏي.“ ڪيڏو بي غيرت پئي محسوس ٿيو. هن جي ڪنن جا پڙدا ڄڻ ڦاٽڻ لڳا هئا.
    ”ڏس هاڻي جو ننڍو سائين چوي ته سندس ڳالهه ضرور رکجئين“. کدوءَ جي لهجي ۾ حڪم هو، ”ٻڌين پئي نه منهنجي ڳالهه.“ هوءَ چپ چاپ ڇت کي گهوريندي رهي. ڪابه وراڻي ڪانه ڏنائين.
    ”آئون ڇا پيو چوان؟“ سندس ايڏي گهري ماٺ تي کدوءَ کي ڪاوڙ اچي وئي.
    ”نه مون کان اهو ڪم ڪونه پڄندو.“ هن پنهنجو فيصلو ائين ٻڌايو، ڀانءِ کدوءَ کي سندس فيصلو مٽائڻ جو ڪو به حق نه هو. عورت ٻين لاءِ ڪيڏي به مائونٽ ايورسٽ ڇو نه هجي، پر پنهنجي مڙس لاءِ محض واريءَ جو ننڍڙو ذرو هوندي آهي.
    کدوءَ ڪاوڙ ۾ هن ڏانهن نهاريو.
    ”منهنجي ڳالهه ڪانه مڃيندينءَ.“
    ”نه،“ هن جي آواز ۾ جبلن جيڏي سختي هئي.
    هڪڙي لت جيڪا هن جي ڪُک تي پئي ۽ هوءَ اٿلجي کٽ تان پٽ تي اچي ڪِري ۽ پوءِ مٿس لتن جا وسڪارا پئجي ويا. هُو هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو. ٻئي هٿ هن جي نڙيءَ تي هئس.
    ”جي منهنجي ڳالهه نه مڃيئي ته آئون توکي طلاق ڏئي ڇڏيندس.“
    ڪيڏو ڀوائتو ٿي ويو هو کدوءَ جو چهرو، هن اکيون پوري ڇڏيون. سندس ساهه گهٽجڻ لڳو.
    ”تون ڀانئين ته آئون سڄي عمر ٻن سون جي آسانگي تي گهاري ڇڏيان، بُکون مران، پر تون راڻي بڻجي کائيندي رهين.“ وفاداريءَ کان وڌيڪ کدوءَ جي اکين ۾ پيسي جي لالچ هئي. ائين دال نه ڳرندي ڏسي، هو ڍرو پئجي ويو. پيار مان هن کي سمجهائڻ لڳو، ”ڏس، اسان آهيون نوڪر ماڻهو، اسان جي ڪهڙي عزت ۽ غيرت، انهن کان وٺيو پيا کائينداسون. عزتون سوچڻ لڳاسون ته بکون مرنداسيون، پوءِ ڪير اسان کي ٿڪ به ڪو نه هڻندو.“ هوءَ ماٺ ڪيو اکيون پوريو پٽ تي پئي هئي، سندس بند اکين جي اندر لڙڪ ڀرجي آيا هئا.
    ۽ ٻئي ڏينهن رات جو ننڍو سائين اوطاق مان پنهنجي ڪمري ۾ موٽيو ته پل اپل لاءِ اونداهي ۾ هن کي ڏسي نه سگهيو ۽ جڏهن لائٽ آن ڪيائين تڏهن ٽيوب لائٽ جي روشنيءَ ۾ هن کي ڏسي ڇرڪي پيو. هوءَ ڪوچ کي ٽيڪ ڏيو غاليچي تي ويٺي هئي، ننڍي سائينءَ کي ڏسي هوءَ مرڪي پئي (مئل مئل مرڪ).
    ”در ڏئي ڇڏيو سائين، ڪير اچي نه وڃي.“ اڄ مائونٽ ايورسٽ ڪيڏو نه هيٺ لهي آيو هو. ننڍو سائين جيڪو ننڍپڻ کان در ڏيندو آيو هو سو پل اپل لاءِ مُنجهي پيو.
    ”در ڏئي ڇڏيو سائين“ هوءَ پنهنجي وات سان دعوت ڏئي رهي هئي، پر سندس آواز ۾ ڪو زهر هو سو ننڍو سائين محسوس ڪري نه سگهيو.
    ننڍو سائين در ڏئي مڙيو ته هوءَ چولو لاهي رهي هئي. هوريان هوريان هن جي بدن جون قيامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون هڪ هڪ ڪري هن پاڻ ئي سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيا. ٽيوب لائيٽ جي روشنيءَ ۾ هو ننڍي سائين جي نالي لکيل Invitation Card بڻيو ويٺي هئي. هن کي پلنگ تي ليٽائيندي ننڍي سائين کي ائين لڳو ڄڻ، اجهو هينئر هو رڙيون ڪندي يا پنهنجا ڏند ننڍي سائينءَ جي ٻانهن ۾ کپائي ڇڏيندي، پر هن ڪجهه به ڪونه ڪيو، بس اکيون پوري ڇڏيون هئائين. پرهه ڦٽيءَ کان اڳ هوءَ ننڍي سائينءَ جي ڪمري مان ٻانهر نڪتي. سندس مُٺ ۾ ٻه سؤ ڀيڙيل هئا.
    جڏهن اهي ٻه سؤ کدوءَ کي ڏنا هئائين، تڏنهن کدوءَ خوشي مان هڪ ڊگهي چمي ڏني هئي. انهن ٻن ڳاڙهن نوٽن کان پوءِ ننڍي سائين سچ پچ هن جو گهر ڀري ڇڏيو. هو روز آڌيءَ مهل ننڍي سائينءَ جي ڪمري ۾ ويندي هئي. ننڍي سائينءَ کي مٿس ڪابه محنت ڪانه ڪرڻي پوندي هئي. کدوءَ چيو هئس ته سائين کي ايترو خوش ڪر جو سائين سون مان تو کي ڳاڙهو ڪري ڇڏي ۽ هن سچ سچ ننڍي سائين کي خوش ڪري ڇڏيو هو، سون مان ڳاڙهي ٿيڻ لاءِ نه، کدوءَ جي خوشيءَ لاءِ، جنهن سان نڪاح جي ٽن ٻولن سندس مرڻ جيئڻ جو ساٿ لکي ڇڏيو هو. هوءَ جڏهن به ننڍي سائينءَ جي ڪمري مان نڪرندي هئي ننڍو سائين هٿ ۾ نوٽ ڏيندي چوندو هئس، ”سڀاڻي ايندينءَ نه؟“ ۽ هو هائوڪاري ۾ ڪنڌ ڏوڻي پنهنجي ڪوٺي ۾ ايندي هئي ته کدو سندس انتظار ۾ پيو جاڳندو هو. هن کي ڏسي هٿ وڌائيندو هو پيسن لاءِ ۽ پوءِ هڪڙي ڊگهي چمي ڏيندو هو نوٽن کي.
    ننڍو سائين ستاويهن جو اچي ٿيو هو. ماڻس هڪڙي ڏينهن ڀيڻس کي چيو هو، ”ڪيسين ٻانهين ۽ شهر جي رنن جي پويان پيو ڊوڙندو. مرد ماڻهو آهي، شادي جنجير وجهينس ته ڪو ڍرو ٿئي.“ فيصلو ٿي ويو. ننڍپڻ جي سدان ملوڪ مڱ ويٺي هئس. ننڍي سائينءَ کي ڀلا ڪهڙو اعتراض! سو چيائين ته اهو به مزو وٺي ڏسجي سو يڪدم کڻي هائوڪار ڪيائين. شاديءَ جون تياريون ٿيڻ شروع ٿيون. انهيءَ نئين شوق سچ پچ ننڍي سائينءَ کي ٿورو ڍرو ڪري ڇڏيو هو. هاڻ هوءَ رات جو ايندي هئي ته رڳو سائين ڪڻس بستري ۾ ليٽائي ڀاڪر پايو ستو پيو هوندو هو. هلڻ مهل ته هاڻي اڪثر ننڍو سائين ”خرچي“ ڏيڻ وساري ويهندو هو ۽ ٻيءَ رات اچڻ جو واعدو به نه وٺندو هو. بس هوءَ پاڻ پئي ايندي هئي ته من اڄ ننڍي سائينءَ کي خرچي ڏيڻ ياد اچي وڃي ته کدوءَ جي ڪاوڙ به گهٽجي.
    ۽ پوءِ شاديءَ وارو ڏينهن به اچي ويو. ننڍو سائين خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو.
    ”اڄ سائين موج ۾ اٿئي. اڄ نوازي ڇڏيندءِ. وڃ هيئنر وڃ. اجهو هينئر اندر حويلي ۾ ويو آهي“ کدوءَ ٻاهران سهڪندو آيو. اکين ۾ ڪيڏي لالچ هئس.
    ”نه. اڄ آئون ڪونه وينديس.“ هن کي خبر هئي ته ننڍي سائينءَ جو اهو وقتي شوق ختم ٿي چڪو آهي. هن جي بدن جون قيامتون ننڍي سائين کي نٿيون موهي سگهن.
    ”چري! اڄ ته گهرڻ جي مهل اٿئي. تون وڃ ته سهي.“
    ”نه آئون ڪونه وينديس.“ هن جواب ڏئي ڇڏيو.
    ”ڪانه ويندئين؟“ کدوءَ مٿس اکيون ڪڍيون، هوءِ هيسجي وئي. هو کدوءَ جي مار کان ڏاڍو ڊڄندي هئي. مارڻ ويل هو ڪيڏو ظالم بڻجي ويندو هو. هوءَ اٿي بيٺي. ڀت ۾ ٽنگيل آرسي ۾ پنهنجو پاڻ ڏٺائين. اڄ پنهنجي لانئن وارو وڳو ڍڪيو هئائين. اڄ وري مٿس روپ آيو هو. ڀانءِ اڄ ڪا سندس ئي شادي جي رات هجي. هن سوچيو هو ته اڄ هوءَ ننڍي سائينءَ وٽ ڪانه ويندي. اڄ هو ڪم ڪار لاهي کدوءَ جي ڀاڪرن ۾ انيڪ پل گهاريندي. هر ڪا عورت، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن شاديءَ رات جا لمحا ورجائڻ چاهيندي آهي، پر کدوءَ سندس انهيءَ ڪلپنا کي ڪيڏيءَ بيدرديءَ سان بي موت ماري ڇڏيو هو. هو ڪنهن هارايل جواريءَ جيان ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي حويليءَ ڏانهن هلي وئي.
    کدوءَ کي پڪ هئي ته ننڍو سائين اڄ دل تي نوازيندو. هو کٽ تي ليٽي جوڻس جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳو. ائين پئي ڀانيائين ڄڻ هو دنيا جو سڀ کان وڏو خوش قسمت انسان هو، جنهن جي پڃري ۾ سوني جهرڪي بند هئي. هن جون اکيون دروازي تي کتل هيون. هو اندازو هڻي رهيو هو ته ننڍو سائين ڪيترا ڳاڙها نوٽ ڏيندو. اڌ ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڪوٺيءَ جو در کليو. هوءَ در جي تاڪ کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. کدو ٽپ ڏئي اُٿي ويهي رهيو.
    ”وئينءَ؟“ کدوءَ جي آواز ۾ خوشيون ئي خوشيون هيون. هن ڪابه وراڻي ڪانه ڏني. هوءَ چپ چاپ بيٺي رهي. هن جون اکيون قبرستانن جيان سنسان هيون. ڪيڏي ٿڪل ٿڪل پئي لڳي. ڀانءِ صديون پنڌ ڪيو هجيس. هن جي چهري تي پيڙائن جا پاڇولا هئا.
    ”ڏاڍي جلد موٽينءَ؟“ کدو سندس اُجڙيل اُجڙيل وجود جي معنيٰ نه پئي سمجهي سگهيو، پر هوءَ چپ، موت جيان.
    ”ڇا ڏنو سائينءَ؟“ کدوءَ جون نظرون هن جي هٿن جو طواف ڪرڻ لڳيون جيڪي خالي هئا، جن ۾ ڪوبه نوٽ ڪونه هو.
    ”ڇا ڏنو ننڍي سائينءَ؟“ هو گهٻرائجي کٽ تان لهي هن جي ويجهو اچي بيٺو.
    ”ڇا ڏنئين؟ ٻڌائين ڇو نٿي؟“ هن جو آواز اوچو ٿي ويو. هن ڏسڻ ٿي ڇاهيو ته سائينءَ اڄ ڪيترو نوازيو آهي، پر هن جا چپ ڀانءِ مئل انسان جا چپ، جن تي ڪا اڌوري ڳالهه اٽڪيل هجي، جيڪا اوچتو مري وڃڻ جي ڪري چئي نه سگهجي. هن جي چهري تي ڪائنات جو سمورو عذاب هو.
    ”آئون توکي آهيان نه.“ هن ڪاوڙ ۾ وڏي سڏ چيو. ڄڻ هن کي سجاڳ ڪرڻ ٿي چاهيائين. هن جي ڊگهي ماٺ کان گهٻرائجي هو هن جي ڳاڙهيءَ پوتيءَ جا پلاند، سٿڻ جا ور، چولي جي اندر جاچڻ لڳو ته متان هن نوٽ لڪايا هجن، پر سڀ ڪجهه خالي هو. اڄ هوءَ به خالي خالي هئي. ڀانءِ ووڊڪا جي خالي بوتل جنهن جي تري ۾ به ڪنهن ڦڙو نه ڇڏيو هجي.
    ”تون وئي هئينءَ؟“ هن پڇيو. ڪڻس ويساهه ئي نه پئي آيو ته ڪو اڄ به سائين نوازيندو ڪونه. هوءَ چُپ هئي هن جي اکين ۾ دُور دُور تائين واري اُڏامي رهي هئي.
    ”تون ڳالهائين ڇو نٿي؟“ کدوءَ هن کي ڪلهن کان جهلي ڌونڌاڙيو. تڏهن هن ويران ۽ اُجڙيل اُجڙيل اکيون کڻي کدوءَ ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ اهو پل، اهو هانَو ڏاريندڙ هڪڙو پل، هن جي زندگيءَ جو آخري پل هجي.
    ”ننڍي سائينءَ چيو آهي.“ هن جو آواز سڏڪن ۾ وچڙڻ لڳو.
    ”ها، ها ڇا چيو آهي ننڍي سائينءَ“ اميد جو ڏيئو جيڪو وسامڻ لڳو هو سو ٻيهر کدوءَ جي اکين ۾ ٻرڻ لڳو.
    ”ننڍي سائينءَ چيو آهي،“ الاءِ ڇا هن چوڻ ٿي چاهيو جيڪو هوءَ چئي نٿي سگهي.
    ”ننڍي سائين چيو آهي، ته مون کي تو مان، پاروٿي گوشت جي ڌپ ٿي اچي.“ اهو لفظ جيڪو هن جي نڙيءَ مان نٿي اُڪليو سو سڏڪن جي وچ ۾ ائين چيائين ڀانءِ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو هاڃو ٻڌائي رهي هجي.
    ”ننڍي سائين چيو، آهي ته ، مون کي تو مان پاروٿي گوشت جي ڌپ ٿي اچي.“ دروازي جي چائنٺ تي ويهي، گوڏن ۾ منهن لڪائي هوءَ ائين سُڏڪي پئي ڄڻ، هينئر هن لمحي هن جو سهاڳ لٽجي ويو هجي، ۽ هوءَ نه چاهيندي به، ڦوهه جوانيءَ ۾ ڏهاڳڻ ٿي وئي هجي.


    سنگسار

    ٽي ڌيئرون انهن کي ڏسي ڪڻس زندگي عذاب محسوس ٿيندي هئي. ڪيتريون مڃتائون مڃيون هئائين، پر هڪڙي به نه مُئي، ٽئي جيئريون جاڳنديون وڻ جيان وڌنديون ٿي ويون ۽ پٽ هڪ به نه ٿيس، جنهن جي ڪڻس ڏاڍي سڪ هئي. جوڻس کي پيو گاريون ڏيندو هو، ”نڀاڳيءَ ٽي بلائون ڄڻي رکيون آهن، پٽ ڄڻيندي ڄڻ پيٽ ٿي ڦاٽس.“ جوڻس جي به پئي دانهن پوندي هئي، ”مئو ڪنگلو هٿ ۾ ٽڪو به نه لڀيس جو کڻي ٽي پهر ماني کائون. فلاڻن فلاڻن جون ته زالون ڏس، ڪيئن پيون جرڪن. مڙسن سان فلمون ڏسن ۽ گهمن ڦرن. هڪڙو منهنجو ڀاڳ ڦٽو هو، جو توساڻ پلاند اٽڪايو اٿم.“ هوءَ روئندي ويندي هئي ته مائٽن کي به پٽيندي ويندي هئي، جيڪي پاڻ ته مري ويا، سندس پلاند مئي ڪنگلي سان اٽڪائي ويا.
    جوڻس آڙي پاڙي جا ڪپڙا سبي، جيڪي چار پيسا گڏ ڪندي هئي، سي به ڦري وڃي نشو پتو ڪندو هو ۽ جڏهن موٽندو هو تڏهن ڄڻ ساڻس گڏ قيامت اچي ويندي هئي. جوڻس کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيندو هو ۽ هو ٽئي طوفان ۾ آيل ڪکن جيان پيون ڏڪنديون هيون ۽ پوءِ جيڪر انهن مان ڪا هڪڙي سڏڪي پوندي هئي ته قيامت جو عذاب ويتر وڌي ويندو هو.
    جيل جو ڊپ نه هجيس ها ته انهن چئني کي اڦٽ ماري ڇڏي ها، پر جيل کان ڊڄندو هو. اڳ به سال کن جيل ڪمائي آيو هو. اتي جيڪر ڪنهن ڳالهه جو سک هئس ته اهو. جو اتي اهي ٽي-چار بلائون نه هيون. هڪ واري جوڻس پل لاءِ آئي به ته، اهڙي ته جٺ ڪيائينس جو هوءَ وري نه موٽي. جيل ۾ ڪڻس ڪم ڪرڻو پوندو هو. بس انهيءَ ڪري هو جيل کان ڊڄندو هو.
    جنهن رات هو گهر نه موٽندو هو، نشي ۾ ڪنهن به فٽ پاٿ تي پئجي رهندو هو. انهيءَ رات هو ٽئي ڪيڏيون نه پر سڪون ٿي وينديون هيون، ڄڻ ڪنهن سوريءَ تي ٽنگيل کي زندگيءَ جو پيغام ڏئي ڇڏجي، پر انهيءَ رات به سندن ماءُ هوريان هوريان پئي سُڏڪندي هئي. بدن تان ڪپڙا لاهي پئي ڦٽ ڌوئيندي ۽ سيڪيندي هئي. ڪارا نيرا نشان ڏسي پئي روئيندي پٽيندي هئي.
    ڪجهه ڏينهن کان مڙس جي نڪري وڃڻ کان پوءِ وٽس هڪ ٻيو مرد ايندو هو.
    انهيءَ جي اچڻ کان اڳ سينگار پکا ڪندي هئي. فلمي گانا جهونگاريندي هئي. سستي قسم جي خوشبوءَ هڻندي هئي ۽ جڏهن اهو ٻيو مرد ايندو هو، ته ٻئي ڄڻا ڪوٺيءَ جو در بند ڪيو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺا هوندا هئا ۽ هو ٽئي ڄڻيون در تي پهرو ڏينديون هيون. پريان پيءُ جي سائيڪل کي ايندو ڏسنديون هيون ته ڊوڙي وڃي ماءُ کي ٻڌائينديون هيون. ماءُ ته نڪري ايندي هئي ۽ هو دري ٽپي هليو ويندو هو. هوءَ جهٽ جهٽ ڪري ڪپڙا مٽائيندي هئي، پر جڏهن سندس مڙس اندر گهڙندو هو ته ڪٿان نه ڪٿان عطر جي خوشبوءَ اچي ويندي هئس. وارن مان ڇڪيندي چوندو هو، ”ڪهڙو يار آيو هيئي جو گهر ۾ خوشبو پکڙي پئي آهي.“ ۽ هوءَ ڊوڙي وڃي طاق تان قرآن پاڪ کڻندي هئي.“ آءٌ ڦٿڪي مران جو تو کان سواءِ ڪو ٻيو آيو هجي.“ پوءِ هن کي ته مارڻ جو بهانو گهربو هو، سو جوڻس کي رتو ڇاڻ ڪري رکندو هو.
    ۽ هو جو ايندو هو ته هنن ٽنهي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کڻي ايندو هو. گڏيون، چوڙيون، واليون ۽ اهي شيون هنن کي ايڏيون وڻنديون هيون، جو ڪڇنديون ڪونه هيون. ڪڻن هو وڻندو ڪو نه هو، پر ماءُ کان پڇنديون هيون، ”امان هي ڪير آهي؟“ ته پوءِ ڳراٽي پائي چوندي هئن ته، ”چاچو سليم آهي، پڻهين کي متان ٻڌايو ڇوريون! نه ته مئو پاڻ کي ماري وجهندو.“ هوءَ نه به چوي ها، ته به هو ماٺ هجن ها، جو پيءُ ته اوري به نه اچڻ ڏيندو هون. ڳالهائڻ جو ته تصور ۾ به ڪو نه هون. پوءِ هڪ ڏينهن اجهو اچان ٿي چئي، هوءَ چاچي سليم سان ائين وئي جو سج لهي ويو؛ پر هوءَ نه موٽي. ڪڻن اڪيلائپ کان ڊپ ٿيو ته هڪٻئي کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳيون. انهيءَ رات سندن پيءُ به نه آيو ۽ نه ماءُ وري. اُنداهي ۾ زندگيءَ جا ڀوت هنن ڏانهن وڌڻ لڳا. ٽنهي جون دانهون آڪاس کي ڇهڻ لڳيون. پر ڪوئي به نه آيو ۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن سندن پيءُ آيو. نشي ۾ ٿاٻڙجندو، اڱڻ ۾ بيٺي رنڀ ڪيائين، ”ڪٿي آهي هوءَ ڀڙوي.“ هنن ٽنهي جو ساهه سندن نڙين ۾ گهٽجڻ لڳو. ماءُ جي پتيءَ جو عذاب به هاڻي ڪڻن سهڻو هو.
    ”ڪٿي آهي؟“ هن جي اکين مان باهه وسڻ لڳي. ”چاچا سليم سان وئي آهي.“
    ننڍيءَ سگهه ساري. بس انهيءَ ڳالهه تي هو مڇرجي پيو. وڌيڪ ڳالهه نه ٻڌائين ۽ ٽنهي کي هڻي ڦٽي ڇڏيائين. پوءِ ته گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳالهه پکڙجي وئي ته جوڻس سليم ٻيڙيءَ واري سان ڀڄي وئي.
    جوڻس ته ڀڄي وئي جيڪا ڪڻس هٿن جو پورهيو ڪري ٽڪا ڏيندي هئي. ڪمائڻ جو افعال منجهس ڪونه هو. اٽلو جوڻس ٽي بلائون ڳچيءَ ۾ ڇڏي ويس هنن ٽنهي کي اڃان تائين ماءُ جو اوسيئڙو هو. گهر جي در تي ٽئي ڄڻيون ماءُ جي راهه پيون تڪينديون هيون. پاڙي جا ٻار انهن کي ڏسي ڇيڙيندا هئا. ”اوهان جي ماءُ ڀڄي وئي.“ ۽ اهو ٻڌي هو روئي ڏينديون هيون، ڄڻ ڪنهن گار ڏئي ڇڏي هجين. هيسيل ايڏيون جو وڙهي به ته نه سگهنديون هيون. گهٽيءَ مان ڪو لگهندو هنن کان پڇندو هو، ”ماڻهين ڪيڏانهن وئي ڇوريون.“ ”ڀڄي وئي چا چا سليم سان“ جيڪو دنيا کان ٻڌو هئائون، سو ئي چونديون هيون، پر اهو چوندي به ٽنهي جي ميرين اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا هئا ۽ پڇڻ وارو ٽهڪ ڏئي اڳتي وڌي ويندو هو.
    سال کن ۾ وڏيءَ ته روپ ئي مٽائي ڇڏيو. ساڳي ماءُ جهڙي. ماڻس وانگر ٻنهي ننڍين کي سيني سان لاتو هيائين ۽ سندس نئون روپ ڏسي آڙي پاڙي جا ڇورا پيا در آڏو سيٽيون وڄائيندا هئا. فلمي گانا پيا ڳائيندا هئا. سندس پيءُ ته آڌي رات جو پيو ايندو هو. پئسو کيسي ۾ نه هئس، نشو پتو ڪٿان ڪري. لالٽين جي ميراڻ جهڙي روشنيءَ ۾ هوءَ ڪڻس زيبو محسوس ٿيندي هئي. ڪڻس ائين لڳندو هو، ڄڻ هوءَ به ڀڄي ويندي. ڪڻس ڌيءَ کان نفرت محسوس ٿيندي هئي. ” حرامزادي ساڳي ماءُ جهڙي.“ نشي جي طلب وڌي ويندي هئس.
    ۽ جڏهن نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳا هئس ۽ مولوءَ آڏو وات مان گگ ڳڙي پيس، ”هڪڙو راڪيٽ مولو. الله قسم عمر سڄي دعا ڪندوسانءِ.“ ٻئي هٿ مولوءَ آڏو کڻي ٻڏايائين. مولو ٽهڪ ڏئي کلي پيو، ”دعائن جو ٻوڙ رڌيندس ڇا؟“
    ”سچي مولا عليءَ جو قسم ٽڪو به نه اٿم کيسي ۾.“ روئڻ هارڪو ٿي پيو.
    ”ڇو جوڻهين ڀڄي وئي ڇا؟“ مولو کلڻ لڳو، هئڊا ڏند ڪڍ ي.
    ”ها يار ڀڄي وئي“. نشي جي لالچ ۾ ڪڻس غيرت به نه آئي.
    ”اڃا مال اٿئي کيسي ۾.“ مولوءَ اک ڀڳي.
    ”ڪٿي يار، اهڙو نصيب ڪٿي؟“ هن ٿڌو ساهه ڀريو. سندس ڳالهه تي مولو ڀوت جيان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
    ”آءٌ ٻڌايانءِ“ کلندي کلندي چيائين.
    ”ٻڌاءِ!“ سندس اکيون به اُميد ۾ جرڪڻ لڳيون، جيتوڻيڪ نشي جي طلب سندس سَنڌ ٽوڙي ڇڏيا هئا.
    ”ٻڌو اٿم تو وارين ٽن ٻيرين مان هڪ پچي وئي آهي.“ مولوءَ جي اکين ۾ گندگي ڀرجي آئي.
    هو پل اپل لاءِ ڇرڪي پيو اندر ۾ دک جو، ڪاوڙ جو زهر ڀرجي آيس پر ٻئي پل سندس اندر جو لالچي مرد جاڳي پيو، جنهن کي چرس جي هڪڙي گولي کپندي هئي.
    جنهن کي مارفيا جي انجيڪشن جي گهرج هئي. سندس اندر جي گندگيءَ مان جنم ورتل سڀئي ڀوت ڪر موڙي اٿي بيٺا.
    رات جو هو موٽيو، ته هوءَ جاڳي پئي. ڪجهه اڳ شام جو رنو هئائين، جو اکيون اڃان به آليون هيس. سندس ئي پاسي ۾ هو ٻئي ستيون پيون هيون. مانيءَ لاءِ روئي روئي ستيون هيون ۽ هن کي بک جي شدت ۾ ننڊ نٿي آئي پيءُ کي ايندو ڏسي سندس بدن ڪنبڻ لڳو.
    ”جاڳين پئي؟“ پڻس جي لهجي ۾ خوشامد هئي. هوءَ چپ رهي.
    ”آءٌ نوڪري ڳولهڻ ويو هئس. اها ئي خوشامد، ڪوڙ ۽ لوڀ، پر هوءَ چپ به حيران به!
    ”نوڪري ملي وئي اٿم بلقيس!“ وات مان گگ ڳڙي پيس ۽ بلقيس کي ڄڻ ويساهه نه پئي آيو.
    ” تولاءِ به نوڪري ڳولهي اٿم.“ پڻس جي اکين ۾ لالچ ليئا پائڻ لڳي، جنهن کي سندس ذهن سمجهي نه پئي سگهيو.
    ”نوڪري ڪندينءَ نه؟“ هو ويجهو هليو آيو.
    ”توکي اُتي نوان ڪپڙا ملندا ماني ملندي.“ ڪپڙن ۽ مانيءَ جو ٻڌي بلقيس جي اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. پر اڃا به چپ هئي.
    ”ڪندينءَ نه؟“
    ”هائو.“ ڌرتيءَ جي پاتال ماڻ ڄڻ آواز آيو.
    ”اُٿي هينئر هلون.“ عجيب ڪروڌ پڻس جي چهري تي پکڙجي آيو هو.
    وراڻيءَ ۾ بلقيس خاموش اکين سان ڀينرن ڏانهن نهاريو. هو سندس مطلب سمجهي ويو. چيائين، ”هي ستيون پيو هجن، آءٌ توکي ڇڏي اجهو ٿو اچان. هنن لاءِ ماني به وٺي ايندس.“
    ڪيڏو پيار هو، هن جي لهجي ۾ بلقيس کي پل اپل لاءِ ڄڻ ٻئي جهان ملي ويا. هوءَ هڪدم اٿي بيٺي.
    ”جُتي ته پاءِ،“ هن جا اُگهاڙا پير ڏسي پڻس چيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، ”جُتي آهي ڪانه.“
    ”چڱو اُتي نئين جتي به ملي ويندءِ.“ هڪ وار وري بلقيس جي اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. هن ٻيهر ننڍين ڀينرن ڏانهن ڏٺو ۽ پڻس سان گڏ ٻاهر نڪري آئي. ٻاهر هن جي بخت جهڙي ونداهي هئي.
    رات جو الائي ڪهڙو پهر هو، هوءَ نوَن ڪپڙن، ماني ۽ جتيءَ جا خواب ڏسندي، مولوءَ وٽ پهچي وئي. زندگيءَ جي ڪنهن به روپ کان واقف نه هئي، جو ڪجهه سمجهي سگهي ها. پڻس کيس پنجاهه روپين ۾ مولوءَ وٽ وڪڻي، سڀاڻي اچڻ جو چئي هليو ويو.
    بک کان هن جو ساهه پئي نڪتو. هوءَ روئڻ لڳي.
    ”ڇو ٿي روئين؟“ نشي ۾ ڀاري آواز.
    ”بک لڳي آهي.“ هوءَ روئندي رهي. هن کي بند ڪوٺيءَ ۾ گهُٽ ٿي رهي هئي. ڪڻس اها ته خبر هئي ته نوڪريءَ ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪبي آهي يا ڪپڙا ڪڙا ڌوئبا آهن، پر هي نوڪري هن کي سمجهه ۾ نه پئي آئي، جنهن ۾ هوءَ جهول کٽ تي اگهاڙي جسم سان پئي هئي، سيءَ کان، بک کان، ڊپ کان هن جو بدن ڏڪي رهيو هو.
    مولوءَ اخبار ۾ ويڙهيل ڪباب کوليو، بلقيس جي اکين ۾ ستارا جرڪڻ لڳا. ”ڪباب کائيندينءَ؟“ مولوءَ هٿ ۾ ڪباب کڻندي چيو. هن بک وچان بي صبريءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”اچي وٺ.“ بلقيس هٿ وڌايو، پر ان کان اڳ مولو کلندي ڪباب واپس اخبار تي رکي ڇڏيو ۽ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو... هوءَ روئڻ لڳي. ”اچي ڀلا وٺ.“ هن وري ڪباب وڌايو، بلقيس هٿ وڌايو، پر اڳي جيان هن ٽهڪ ڏئي ڪباب واپس رکي ڇڏيو. مولو ننڍي هوندي ڪتن ۽ ٻلين کي ائين سڪائيندو هو ۽ ٽهڪ ڏيندو هو ۽ جڏهن سندس نپايل ڪتا ۽ ٻليون زبان ڪڍي پير چٽيندا هئا، تڏهن انهن جي وات ۾ هڏا ۽ ڇيڇڙا وجهند هو. هو چوندو هو، ”الله سائين ڪتيءَ کي زال جي روپ ۾ به خلقيو آهي.“
    ”اچي وٺ ڪباب.“ هن ڪباب وڌايو ۽ بلقيس هٿ وڌائڻ چاهيو.....
    ”ترس، پهرين منهنجا پير چٽ.“
    بلقيس سندس ڳالهه سمجهي نه سگهي. هن هر ظلم سَٺو هو، پر اهو ظلم نه سَٺو هئائين.
    ”پير چٽ ته سڀ ڪباب ڏيندوسانءِ.“ هوءَ کٽ تان هيٺ لهي آئي. انهن ڪبابن جي حصول لاءِ هوءَ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. سندس اگهاڙو جسم مولوءَ جي مٽيءَ ۾ لٽيل پيرن تي نمي ويو. هن جي زبان مولوءَ جي پيرن جي گندگي چٽڻ لڳي. مولوءَ جا ٽهڪ ڪوٺيءَ ۾ چؤڌاري گونجي رهيا هئا. بلقيس ڪنڌ کڻي مولوءَ ڏانهن نهاريو، ڄڻ چئي رهي هجي، ”هاڻ ته ڪباب ڏي.“
    مولوءَ هڪڙو ڪباب کيس ڏنو. سندس اکيون جرڪڻ لڳيون. هڪڙي پل ۾ ڪباب ڳڙڪائي ڇڏيائين.
    ”پير چٽ ته ٻيو ڪباب ڏيندوسانءِ.“ هن مولوءَ جا پير چٽڻ شروع ڪيا. مولو کلندو رهيو، ڪباب ڏيندو رهيو ۽ جڏهن اهو تماشو ختم ڪيائين ته هن جي جسم کي ٿڏو هڻي چيائين، ”ڀيڻيان ڏاڍي سٺي نسل جي ڪتي آهي.“
    سج اڀرئي پڻس آيو. هن کي نه ئي نوان ڪپڙا مليا، نه ئي جُتي! پر انهن سڀني کان اُتم ڪباب هئا، جيڪي مولوءَ ڪڻس ڏنا هئا. ڪيترن ڏينهن جي بک وسامي وئي هيس. پر جڏهن پڻس سندس آڏو آيو، ته اتي ٻارهن سالن جي بلقيس ڪانه هئي. زيبوءَ جهڙي عورت ويٺل هئي. اهڙي عورت جنهن جو پيٽ ته ڀريل هجي، پر سندس بدن جو هر حصو لُٽجي چڪو هجي ۽ هينئر جنهن جي دل ۾ سموري ڪائنات جو زهر اوتجي آيو هجي، جيڪا هڪ رات ۾ چند ڪبابن جي حصول لاءِ معصوم ڇوڪريءَ مان عورت بڻجن تائين جو سفر ڪري چڪي هجي. جنهن هڪ رات ۾ زندگيءَ جا سمورا تجربا ڪري ورتا هجن. پڻس انهيءَ عورت سان اکيون ملائي نه پئي سگهيو.
    هو ٻئي ماٺ ۾ هئا. هلندي مهل مولوءَ ايندڙ رات لاءِ ويهه روپيا ايڊوانس ڏنا، هوءَ پيرن اگهاڙي آئي پيرين اگهاڙي وئي پئي. سندس سنَڌ سنڌ ساڻو ٿي پيو. هوءَ هلندي ٿاٻڙي پئي ۽پڻس خوش هو، ٽي ڌيئرون!
    ڪڻس پنهنجي زندگي بيحد روشن نظر پئي آئي. اڄ پٽ نه هئڻ جو ڪڻس ڪوبه ڏک ڪونه هو. هاڻ چرس جو حصول ۽ مارفيا جون سُيون هن جي لاءِ بيحد آسان هيون. ڪڻس دنيا جو سڀ کان وڏو خزانو بلقيس لڳي، ۽ هوءَ چپ هئي. راتوڪي سڄي رات سندس ذهن ۾ زهر جيان پکڙجي آئي هئي. هوءَ گهر پهتي ته سندس ٻئي ڀينرون اڱڻ ۾ ويٺي رنيون.
    پڻس پنچ روپيا مانيءَ لاءِ ڏئي هليو ويو. ويندي ويندي هن کي رات جو تيار ٿي ويهڻ لاءِ چئي ويو. پنج روپيا هن جي مُٺ ۾ سڏڪڻ لڳا. راتوڪي رات سندس چوڌاري رقص ڪرڻ لڳي.
    ”ادي تون ڪيڏانهن وئي هئينءَ؟“ هڪ ڀيڻ پڇيس. هوءَ ڄڻ ڌرتيءَ جي پاتال مان نڪري آئي.
    ”ڪيڏانهن وئين هئينءَ؟“ ٻيءَ پڇيو، پر سندس چپ نه کليا.
    ”تو رات ماني کاڌي هئي ادي!“ ڀيڻس ڄڻ سندس ڦٽن تي مرچ ٻُرڪي ڇڏيا سندس اندر ۾ ڄڻ طوفان اچي ويو.
    ”تو رات ماني کاڌي هئي؟“ ڀيڻس وري پڇيو. هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو، پر چپ رهي.
    ”ڇا کاڌو هيئي ادي؟“ هنن ٻنهي جي اکين ۾ رشڪ ۽ حسرت جا پاڇولا ليئا پائڻ لڳا.
    ”ڪباب“ هن جي اندر مان سُڏڪو اُڀريو.
    ”ڪباب!!“ هنن ٻنهي جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ”اسان ته ڪجهه نه کاڌو هو ادي.“ هنن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    ”تون اڄ رات جو به ڪباب کائڻ ويندينءَ؟“ هنن پڇيو. هن هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”اسان کي به وٺي هلجانءِ ادي. اسين به ڪباب کائينديوسين.“ هنن جي انهيءَ ڳالهه هن جي اندر ۾ عذاب ڀري ڇڏيو. هوءَ ڇرڪي پئي. اکيون کڻي ڏٺائين، ڪڻس ائين لڳو ڄڻ سندس ٻئي ڀينرون عورتون بڻجي ويون هجن. هڪڙيءَ رات ۾ عورت بڻجڻ واريون عورتون! هن جي بدن جي هر حصي تي مولوءَ جي هٿن جا نشان هجن ۽ هو ڪبابن لاءِ مولوءَ جي پيرن جي گندگي چٽي رهيون هجن. سندس اندر ۾ ڪجهه ڀُرڻ لڳو. اکين ۾ باهه ٻرڻ لڳس. ڪيترا طوفان هن جي ننڍڙي ذهن ۾ آيا ۽ لنگهي ويا. هن جي اندر جي دنيا تباهه ٿيڻ لڳي. هوءَ اوچتو پنچ روپيه مُٺ ۾ ڀيڙي اٿي بيٺي.
    ”ڪيڏانهن ٿي وڃين ادي؟“ پر هو چپ رهي.
    ”ڪباب وٺڻ ٿي وڃين؟“
    ”ها“ هن جي آواز ۾ زهر هو، هوءَ ٻاهر نڪري وئي. آئي ته هٿن ۾ گاسليٽ جي بوتل هيس. هن جي هٿن ۾ ڪباب نه ڏسي هو مايوس ٿي پيون. پوءِ اميد مان پڇيائون.
    ”گاسليٽ ڇو آندو اٿئي ادي؟“ ۽ هوءَ چپ رهي.
    ”گهر ۾ ڪباب ٺاهيندينءَ.“ هوءَ چپ رهي. گاسليٽ کٽن تي، ڪپڙن تي، ۽ سڄي ڪمري ۾ هاري ڇڏيائين.
    ”ڇا ٿي ڪرين ادي؟“ هو حيران هيون. هن دراندران بند ڪري ڇڏيو. هنن ٻنهي کي الائي ڇو خوف محسوس ٿيڻ لڳو ۽ پل کان پوءِ چؤڌاري باهه جا ڀوت رقص ڪرڻ لڳا بلقيس اکيون پوري ڇڏيون. هنن ٻنهي جون رڙيون چؤڌاري گونجڻ لڳيون ۽ بلقيس ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون.
    ”ادي باهه وساءِ ادي، ادي،“ هو هن کي آزيون ڪرڻ لڳيون، پر هوءَ ته ڄڻ اندر ئي اندر فنا ٿي وئي هئي.


    فوٽ پاٿ

    ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي ته هن ننڍڙي پتڪڙي وجود کي بصران فٽ پاٿ تي جنم ڏنو هو. گهور اونداهي تنهن ۾ دوُر ميونپسالٽيءَ جي بلب مان ايندڙ ميرانجهڙي روشني بصران جي وجود تي پي پئي. اونداهه ۾ دائيءَ کي ڏاڍي تڪليف پئي ٿي ۽ هن به ته ڄڻ ڄمڻ جو نانءُ ئي نه پئي ورتو. دائيءَ خار ۾ چيو: ”حرام جو ٻار ڄڻڻ ڀي ڪو سولو آهي.“ بصران تڪليف ۽ شرمندگيءَ جي شدت ۽ بدناميءَ جي خوف کان نه دانهن ڪئي ۽ نه جواب ڏنائين.
    سرد رات جي سرد واءَ کان هن جو وجود هوريان هوريان ڏڪيو پئي. ڪيڏي مهل هلڪڙي دانهن ٿي ڪيائين. فٽ پاٿ تي ستل فقيرياڻين ۽ ٻين ڪنڌ کڻي بصران ڏي نهاريو ۽ اونداهه ۾ هڪ آواز اُڀريو.
    ”بصران ڪڄا ڄائو؟“
    ”ڌوڙ“ دائيءَ خار منجهان وراڻي ڏني .
    ”ڏسجئين ڌيءَ ڄڻيندي.“ ٻيو آواز اُڀريو.
    ”سابه ماءُ تي ويندي.“
    ”ها جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.“
    بصران جي تڪليف ۽ شرمندگيءَ جي شدت جو احساس ويتر وڌي ويو. هوريان هوريان وري ماٺ پکڙجي وئي.
    دائيءَ ڀڻڪي چيو: ”هڪڙي ته اونداهه لڳي پئي آهي. ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي ....“
    ”گناهه اونداهه ۾ ئي ٿيندا آهن، سوجهرو هوندو ته سڄي دنيا ڏسندي.“ اوندهه ۾ ڪنهن جواب ڏنو.
    ”مان ماچيس ٻاريان ماسي.“ ٻانهي ٻيڙيءَ جو اڌڙ جيڪو هن فٽ پاٿ تان ئي لڌو هو، دکائيندي چيو.
    ”ها ابا ٻار ته سهي.“ دائيءَ وراڻي ڏني.
    ”نه مون کي شرم ٿو اچي.“ بصران احتجاج ڪيو.
    ”ڀلا شرم ٿو اچيس! ڪارو منهن ڪندي شرم اچنئي ٿو؟“ هن جي وراڻي ڏيڻ کان اڳ تيلي جو سوجهرو ٿيو، ٻانهو شود پائيءَ سان تيلي ٻاريندو رهيو. هن شرم کان ٻانهن اکين تي رکي ڇڏي ۽ جڏهن روئڻ جو آواز اُڀريو ته هو ڇرڪي پئي. ٻانهن کڻي ڏٺائين، دائي جي هنج ۾ اگهاڙو ۽ پتڪڙو وجود هو. رائون رائون پئي ڪيائين، ڄڻ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏئي رهيو هجي. فٽ پاٿ تي ستل، انڌا، لولا، منڊا ۽ بيمار جسم رڙهي اوريان هليا آيا، ”ڇا ڄائو؟“ ڪيترا آواز اڀريا.
    ”ڇوڪري.“ دائي جو آواز بصران کي ڏاري ويو. هوءَ هن جي وائون وائون مان ئي سمجهي وئي ته اها ڌيءَ هوندي. ڪو ڪپڙو به ته ڪونه هو جنهن ۾ هن پتڪڙي وجود کي ويڙهجي. بصران پاڻ به ته اڌ اگهاڙي هئي، سندس ڪپڙا ڇيهون هئا. ٽڪو ٽڪو پنندي هئي، سو مانيءَ ڳڀي تي هليو ويندو هو، پوءِ هن لاءِ ڇا آڻي ها. پتڪڙو وجود سيءَ ۾ ڏڪي رهيو هو، ڪنهن رستي تي پيل اخبار جا ڪاغذ کنيا ۽ هن جي ڌيءَ کي ويڙهي ڇڏيو. ڪاغذن جي آسانگي تي هو کن پل لاءِ ماٺ ٿي وئي.
    ”هاڻ ڪيڏانهن ڪيانس؟“ دائيءَ بصران جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو. بصران کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي ته اها ڄاڻ ئي ڪا نه هئي ته هن جو پيءُ ڪير آهي؟ ڪيترا سارا هئا؟ سيٺ عمر ڀائي! وڏيرو جمال خان! رئيس الله ڏنو! صوبيدار! پوليس وارو! پٽيوالو! دڪان وارو! چمڪندڙ موٽرن وارو! وڏي بنگلي وارو! ۽ يا الائي ڪيترا هئا. هر رات نئون راهي، ڪهڙي خبر اها ڪنهن جي دَيا هئي.
    برسات جي راتين ۾ جڏهن فٽ پاٿ تي ڦڙڦوٽ پوندي هئي ۽ هر ڪو پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اجها پيو ڳوليندو هو، تڏهن انهن بيمار جسمن کي جن ۾ ڍونڍ جهڙي باس هوندي هئي، ڪير به اجها نه ڏيندو هو. اهڙي راتين ۾ هن جي جوان وجود کي اَجهو ملندو هو، ان جي صلي ۾ هن کي پنهنجو پاڻ وڪڻڻو پوندو هو. ڪيترا ڏينهن پنڻ جي باوجود ڪجهه ڀي نه ملندو هوس، تڏهن هو پنهنجو پاڻ وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ هر روز چند ٽڪن تي نون نون خريدارن جي ٻانهن ۾ هوندي هئي. هن جو ڪوئي ڪونه هو، هن جڏهن اک پٽي ته هو فٽ پاٿ تي رهندي هئي. پنندي هئي. انهيءَ ئي فٽ پاٿ تي اڄ به زندگي ٿي گذري. هن جو ڪوئي ماضي يا مستقبل ڪونه هو، نه ئي حال هئس. هوءَ هئي ۽ زندگيءَ هئي. ڪڏهن فٽ پاٿ جي پٿرن تي ڪڏهن عاليشان بيڊرومن ۾. پر ائين به ٿيندو؟ اها ته کيس ڄاڻ ئي ڪانه هئي ۽ اڄ جڏهن هن جي چيڀاٽيل وجود مان هڪ نئين وجود جنم ورتو ته هو سوچڻ لڳي ته هن جو مالڪ ڪير آهي. پر هن جي اڳيان ته پوري پلٽڻ هئي. ڪنهن جي سڃاڻپ ڪري.
    ”گند جي ڊرم ۾ اڇلائي ڇڏينس.“ ڪنهن صلاح ڏني. هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني. سڀئي هن کي تڪي رهيا هئا ۽ هوءَ اکيون ٻوٽيو پئي هئي، سانت ٿي وئي. ڪي هاڻ ٿڪجي پيا هئا ۽ واپس رڙهي پنهنجي جاءِ تي هليا ويا. ٻه پوليس وارا گشت ڪندا پاڇن جيان لنگهي ويا. هنن کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو، جيڪر پوليس واري کي خبر پوي ته سڀني کي وڏي گهر وٺي وڃي.
    ”گهٽو ڏئي ماريانس.“ دائي سرٻاٽ ڪيو.
    ”اڌ مئل ته آهي، کڻي ماري ڇڏينس.“ ڪنهن صلاح ڏني. بصران خاموش هئي. نئين وجود هلڪڙي وائون وائون ڪئي، هو سڀ ڇرڪي پري ٿيا، ڄڻ راڪاس اچي ويو هجي. پوليس وارن جي بوٽن جا ٺڪاءُ ٻڌي دائيءَ جهٽ ڪري کڻي هٿ هن جي وات تي رکيا.
    ”اڄ ته پڪ جهلياسون... بصران اسان جي روزيءَ تي ضرور لت هڻندي.“ ڪنهن خارن منجهان چيو.
    هو چپ رهي، ڪنهن اوچيءَ هستي جيان ماٺ.
    ”اَئي هاڻ ڦاٽ، آخر ڄائي اٿئي سو ڪيڏانهن ڪندينءَ؟“ مختلف سرٻاٽ هن جي ڪنن تي پئي پيا.
    ”ماٺ ڪري ڏينس گهٽو.“ ڪنهن چيو. دائيءَ چور نظرن سان عزرائيل جيان بصران کي ڏٺو، بصران ڄڻ ڏري پئي. اُمالڪ ڪانوَ جيان ٻار کي جهٽي ورتائين، سڀني جي آڏو ڪنهن شرم ۽ حيا کانسواءِ‎‎ ڇاتيءَ تان ڦاٽل چولي کڻي ٿڃ ڏيڻ لڳس ۽ هوءَ به چُس چُس ڪري پيئڻ لڳي. سڀني هڪ ٻئي کي اچرج وچان ڏٺو. بصران هٿن جو سهارو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي. هن جي هيٺيان گندي پاڻيءَ جو نالو وهي رهيو هو.سندس چولو گندي پاڻيءَ سان پُسڻ لڳو، پر سندس جذبن اهڙي اٿل کاڌي هئي جو هوءِ هر شيءِ کان کن پل ۾، بي نياز ٿي وئي هئي ۽ سندس تخليق سندس ڇاتيءَ ۾ چنبڙي پئي هئي ۽ ٿڃ ائين ڌائي رهي هئي ڄڻ پوءِ ڪڏهن ڀي نه ملندس. سانت ۾ چُس چُس جو آواز پئي گونجيو. سڀني جون اچرج وچان ڦاٽل اکيون بصران تي کتل هيون.
    بصران ڇو ٿي اسان جو اَجهو وڃائين. پوليس ڏسندي ته اسان جو به ٻيڙو ٻوڙيندي.“ ڪنهن ڊپ جو اظهار ڪيو.
    سڀئي ٻيهر رڙهي آيا، انهيءَ سوال جي جواب لاءِ سڀني ٻانهي کي ڏٺو. فٽ پاٿ ٻانهي جي جاگير هئي. هو سڀني کان چار چار آنا وٺندو هو ۽ پوليس کي ٽاريندو هو. سندس گذارو به انهن پئسن مان ٿيندو هو جنهن مان هو ڀنگ، ٻيڙيون ۽ ماني ڪندو هو. جڏهن ڀاڳ جاڳندو هوس ته ٽي چار رپيا جوا ۾ کٽي ايندو هو، نه ته فٽ پاٿ جي ڪمائي به هارائي ايندو هو.
    ٻانهي جو سڀني کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏٺو ته کيس پنهنجي جاگير خطري ۾ نظر آئي. چيائين: ”بصران هت رهڻو اٿئي ته انهيءَ ڪتي جي ٻچي کي گند جي ڊرم ۾ اڇلائي ڇڏ، نه ته پوءِ تون به هتان رواني ٿي.“
    ٻانهي حاڪماڻي انداز ۾ چيو هو. هن جي اکين ۾ ساري جهان جو ڪروڌ تري آيو. هن جو هانَو ڏڪي اُٿيو. سڀئي ٻانهي کي ائين ڏسي رهيا هئا ڄڻ داد ڏئي رهيا هجن.
    بصران ڀت کي ٽيڪ ڏيو، نيڻ نوايو پنهنجي تخليق کي ڏسي رهي هئي. سو چيائين هن ڀريل جهان ۾ مان پنهنجو پيٽ نٿي پاري سگهان، سو هن کي ڪٿان پارينديس. کن کان پوءِ ماءُ جا اُُتم جذبا سندس خود غرض سوچن تي ڳرا پئجي ويا.
    پريان پوليس جي سيٽيءَ سانت جو سينو چيريو، ٻانهو ۽ ٻيا هن کي يڪ ٽڪ ڏسي رهيا هئا.
    ”ٻڌاءِ ڇا ٿي چئين؟“ ٻانهي ڪنهن جاگيردار جيان گجگوڙ ڪئي.
    ”هي فٽ پاٿ سرڪار جو آهي، تنهن جو ڪونهي.“ بصران بي نيازيءَ سان چيو. هوءَ ڏاڍي ڪمزوري ۽ تڪليف محسوس ڪري رهي هئي پوءِ به جبل جيان اٽل ٿي بيٺي. جيتوڻيڪ سندس سَنڌ سَنڌ ڀُري رهيو هو. ڪيڏي نه تڪيلف سَٺي هئائين هن ٻار جي تخليق ڪندي، پوءِ ڪيئن پنهنجي تخليق کي اڇلائي ڇڏي.
    ”سرڪار جو آهي ته وڃي سرڪار کان وٺ.“ اهو چئي ٻانهي ٻانهن کان ڇڪي ڌڪو ڏنس ته اڇلجي وڃي رستي تي ڪري. ڏامر جي ڪاري رستي تي، هن جو بيمار وجود ڄڻ ڦٿڪي اُٿيو. سندس ڌيءَ سندسن ٻانهن ۾ ٻليءَ جيان وائون وائون ڪري رهي هئي. بصران جو مٿو ڄڻ ڦري ويو. ٿاٻڙجندي اُٿي، ڌيڻس کي هنج ۾ کنيائين. ڪنڌ کڻي ڏٺائين، سڀڪو رڙهندو پنهنجي جاءِ تي پئي ويو، بس ٻانهو اڏول ٿي بيٺو هو ۽ هن کي گهوري رهيو هو. اونداهه رات ۾ هو ڌيءُ کي کڻي نڪري آئي. سيءُ جون لهرون هن جي وجود مان سيسڙاٽ ڪري لنگهي رهيون هيون. هن اُداس نظر فٽ پاٿ تي وڌي، سڀ ائين ويٺا، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هِن فٽ پاٿ تي هُن زندگيءَ جا ڪيترا سال گهاريا هئا ۽ اڄ ڄڻ هڪ ڊڪٽيٽر جي حڪم تي جلاوطن ٿي رهي هئي. فقط هڪ گناهه ڪاڻ، جيڪو هن دور ۾ هر ماڻهو ڪري ٿو، پر ڀوڳي ڪوئي ڪوئي ٿو.
    اهي گناهه جڏهن گهر جي مقدس چار ديواريءَ ۾ ٿيندا آهن تڏهن شرافت ۽ عزت جو ڀرم رکڻ لاءِ ائين دٻائي ڇڏبا آهن، جو ٻاهر ٻاڦ به نه نڪرندي آهي. اُهي گناهه رنڊيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندا آهن ته هو هن کي سانڍي وڏو ڪندي آهي، جو هو هن هٿ ٺوڪئي معاشري کان ڊڄي نٿي. شايد معاشرو هن کان انهيءَ ڪري ڊڄي ٿو جو معاشري جي ٺيڪيدارن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي سگهي ٿي. ليڪن اهو ساڳيو گناهه جڏهن فٽ پاٿ تي جنم وٺندو آهي، تڏهن گناهه جسماني ۽ روحاني عذاب ٿي پوندو آهي. اڄ اهو جسماني ۽ روحاني عذاب بصران ڀوڳي رهي هئي. اهو سڀ ڪجهه هن من ئي من ۾ سوچيو هو.
    هوءَ قبر مان اُٿيل انهيءَ لاش جيان هئي جنهن جو چم ۽ ماس ڪيڙا کائي رڳو هڏ وڃي ڇڏيندا آهن. هن جو دماغ ڀوانٽيون کائڻ لڳو. ميونسپالٽيءَ جو بلب سورج جيان ٻرڻ لڳو. هو ڪيڏانهن پئي وئي، ڪائي ڄاڻ ڪانه هيس. ڪنيو ڍونڍ گهٽيون ٽپي، هو بندر روڊ تي اڇي بيٺي، جيڪو جيان جيان چپ چاپ هو. ڪيڏيءَ مهل ڪا موٽر زوزاٽ سان هن جي اڳيان لنگهيو ٿي وئي. سوچيان: ”ڪاس ڄاڻ هجيم ته هن جو پيءَ ڪير آهي؟“
    بندر روڊ جو ويڪرو رستو ٽپندي هوءَ ڇرڪي پئي. پوليس وارو هن کي چتائي ڏسي رهيو هو. هن اچرج وچان هن جي هنج ۾ رت هاڻو ٻار ڏٺو، نرڙ تي گهنڊ وجهي چيائين:
    ”ڪيڏانهن پئي وڃين؟،
    هوءَ چپ.
    ”ڀڳي آحين؟“
    هوءَ چپ رهي.
    ”هيءُ رت هاڻو ٻار ڪنهن جو آ؟“
    ”منهنجو“ هوءَ ڀڻڪي.
    ”ڪوڙ ٿي ڳالهائي. هيءُ تازو ڄاول ٻار آهي.“ ٻئي وچ ۾ ڳالهايو.
    ”ٻه ڪلاڪ اڳ مون هن کي جنم ڏنو آهي.“ هن وراڻي ڏني. پوليس وارن کي ڄڻ سڪتو ٿي پيو.
    ڀوتڻ ته نه آهين ني؟“ هڪ اچرج وچان پڇيو.
    ”ٻار چڻڻ واري ڀوتڻ ٿيندي آهي ڇا؟“ هن ٽوڪ ڪئي. ٻئي پوليس وارا شڪي ٿي پيا.
    ”حرامي ٻار آهي؟“ هڪ سوال ڪيو.
    ”مان ۽ هن جو پيءُ حرامي آهيون، هيءَ حلالي آهي.“ نئين وجود کي ڏنل گار هن کان برداشت نه ٿي. هنن ٻنهي کي پڪ ٿي وئي ته ٻار حرامي آهي.
    ”پرائيويٽ آهين؟“ هڪ سوال ڪيو.
    هن سوچيو جواب ڏيان، ليڪن هوءَ خاموش رهي.
    ”نه فقيرياڻي آهي.“ ٻئي هن جا ڇيهون ڇيهون ٿيل ڪپڙا ڏسي چيو ۽ هوءَ هنن ٻنهي جي اکرن ۾ پيڙهجي رهي هئي ۽ هنن کي ڄڻ تماشو هٿ آيو هو.
    ”مون کي وڃڻ ڏيو.“ هوءَ ڀڻڪي.
    ”هڪڙي شرط تي“ پنهنجا فرض جا ڪپڙا لاهي هو ڄڻ کن پل ۾ ننگا ٿي بيٺا.
    ”مان بيمار آهيان.“ هنن جو شود پائي کي سڃاڻندي بصران حقارت سان هنن ٻنهي کي ڏ ٺو ۽ پٽ تي ٿُڪ ائين اڇلايائين ڄڻ اها ٿُڪ سموري سنسار کي هڻي رهي هجي ۽ هوءَ اڳتي وڌي وئي، جبل جيان اٽل پئي محسوس ٿي، ٿاٻڙندي اڳتي وڌي آئي. پر تنهن پل بصران پاڻ کي ڀُرندو محسوس ڪيو هو.
    سي‎ءُ جي سرد لهر کان هن جي ڌيءُ وڏي آواز ۾ روئڻ لڳي. انهيءَ روئڻ ۾ بصران جو وجود ٻڏندو ويو. هن پتڪڙي وجود جي تخليق لاءِ هن کي ڪيڏو ايذاءُ سهڻو پيو هو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن جو دماغ ڦري رهيو هو. سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ اتي ڊهي پوندي، ڪنهن پراڻي عمارت جيان.
    سندس ڌيءُ جو روئڻ ويران روڊ تي گونجڻ لڳو. الائي ڇو ائين روئڻ سان هوءَ هيسجي وئي. هلندي هلندي هن جا پير ڏڪڻ لڳا هئا. ڊينس هال وٽ فٽ پاٿ تي هوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي. اکيون ٻوٽڻ مهل هن ڌيءُ جي هانوَ ڏاريندڙ دانهن ٻڌي جيڪا سانت ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي اُٿي.
    سج اُڀري آڪاس تي جرڪڻ لڳو هو. هن اکيون کوليون، هوءَ ڊينس هال جي فٽ پاٿ تي پئي هئي، ساڻي ساڻي. هن آڏو ٻه ٽي آنا پيا هئا، پر اهو وجود ڪونه هو، جنهن لاءِ هن رات اکٽ سفر ڪيو هو. هن جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو هو. بس فٽ پاٿ تي لال لال لهوءَ جا داغ هئا، جيڪي سورج جي ڪرڻ ۾ وڌيڪ جرڪي رهيا هئا.
    ماڳ ڏانهن ويندڙ راهه جي اڌ تي ئي لٽجي ويندڙ مسافر جي احساس وانگر، هوءَ ڀي ڄڻ پاڻ کي لٽجندڙ محسوس ڪري رهي هئي. سهڪندي ڀت جو سهارو وٺي اُٿي بيٺي، ڏڪندڙ پير اڳتي وڌايائين، تڏهن سندس نظر کاٻي گهٽيءَ جي فٽ پاٿ تي پيل گند جي ڍير تي ٻار جي لاش تي پئي جنهن کي ڪتا سونگهي رهيا هئا ۽ واٽهڙو ائين ڏسي ٿي اڳتي وڌيا ڄڻ اُهي روز جا تماشا هجن. هن گهري نظر لاش تي وڌي ۽ پنهنجي پراڻي فٽ پاٿ ڏانهن موٽي وئي.


    شريف زادي

    ڀريل شهر اڪيلائپ جو ڏنڀيندڙ احساس، بدن ۾ پکڙجي آيل انيڪ ننڍڙين ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو زهر، رڳ رڳ ۾ سمايل اڪيلائپ جي گهٽ ، اکين ۾ چڀندڙ کاري پاڻيءَ جو ذائقو، ڀانءِ اندر ۾ کاري پاڻيءَ جو نيرو سمنڊ ڀرجي آيو هجي. اهڙي سمي اهي سڀ پيڙائون جيڪي زمانن کان من جي ڪنهن سنسان ڪنڊ ۾ دفن هيون، هينئر سندس ئي جنازو ڪلهن تي کنيو آڏو اچي بيٺيون آهن.
    ”جيجي! ڇا ٿيو؟“ سندس ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ لڙڪن جون قطارون ڏسي زيبوءَ جا زور ڏيندڙ هٿ رڪجي ويا، پر هوءَ ماٺ، موت جي تنها احساس جيان. اکيون پينگهي جي گهوڙيءَ ۾ لڳل آرسيءَ تي اٽڪيل، چهري تي جوانيءَ جا پڇاڙڪا پساهه. ڪارن وارن ۾ پکڙيل چانديءَ جون انيڪ تارون، ڍرڪيل بي ڊولو بدن. اکين ۾ پنهنجي ئي وجود جو آسيب سمايل. تنهن پر پنهنجي گهٽيل خواهشن کان گهٻرائجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس.
    ”جيجي! چاڪ ته آهيو؟“ وراڻيءَ ۾ ٿڌو شوڪارو. جيڪو اٽڪي پيو اٿس بند چپن ۾.
    ”‎زيبو!“ کن کان پوءِ بند چپن جو ڀڻڪو.
    ”جي سائڻ؟“
    ”سگريٽ آندو اٿئي؟“
    ”هائو سائڻ! پيندؤ؟“
    هوءَ ماٺ.
    سگريٽ دکايو اٿس سائڻ لاءِ ۽ سائڻ جي سڪل ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سستو سگريٽ . بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيو اٿس سگريٽ جو اڇو دونهون. اڪيلائپ جي گهٽ.
    ”سائڻ! اڄ ته ڪاروءَ به ڏسي ورتو.“
    ”پو؟،“ ڀؤ کان ڇرڪ.
    ”چوڻ لڳو، ڇاڪندي آهين سگريٽن کي؟“
    ”تو ڇا چيو؟“ اکين ۾ راز کلڻ جي ڀَو جا پاڇولا.
    ؟چيم، آئون سگريٽ پيندي آهيان.“ ٻنهي جي هلڪڙي کل ڄڻ کنڊرن ۾ تنها سڏجو پڙلاءُ.
    ”زيبو!“ اهو ئي بند چپن جو ڀڻڪو.
    ”جي سائڻ.“
    ”توکي ڪارو وڻندو آهي.“ ڏاڍو گهرو سوال پر بظاهر رواجي.
    ”پنهنجا ورَ ڪنهن کي ڪونه وڻندا سائڻ؟“
    ”تو کي ڀائيندو آهي؟“ ساڳي گهرائپ سوال ۾.
    ”سائڻ! هو ته چوندو آهي ته پل به مون کان پري نه ٿي.“ ڏاڍي مانَ سان ڏنل جواب ۽ هن جي اندر ۾ نڙيءَ کان هيٺ ڄڻ گرم گرم رت لهي آيو هجي. بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيل سگريٽ جو دونهون، هڪ ڊگهو سوٽو، سوچن جو سلسلو.. اڻپورين خواهشن جو زهر. تڏهن من تي هُري آيو اٿس هڪ سانورو چهرو، جيڪو بند دروازي جي سِير مان ليئو پائي ڏسندي هئي.
    هڪ ڏينهن ڌرتتيءَ مهل بند دروازي جي سِير مان هن ڪڻس ليئا پائيندي پڪڙي ورتو هو. ”ڇا ٿي ڏسين؟“ ڀو کان هن جو ساهه سُڪي ويو.
    ”ڇا ٿي ڏسين؟، جان!“ هن جي هيسيل وجود جي چوڌاري ٻانهون پکيڙيندي چيائين. هن جي دل سيني مان نڪري اچي رت جي هر ڦڙي ۾ ڌڙڪڻ لڳي. پيار جو ايڏو انبر جيڏو ڦهلاءُ هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي آيو هو. تڏهن زيبوءَ ڪنهن کي ايندو ڏسي کنگهڪار ڪئي هئي ۽ هوءَ ٻانهن جي گهيري مان نڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ لڪي هئي.
    ننڍي هوندي کان احمد جي نانءِ ٿيل هئي. گهڻو اڳ سج لٿي ويل سندس چاچيءَ ڪڻس جهلمل ڪندي ڳاڙهي پوتي پارائي، ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيو هو، ”منهنجي احمد جي ننڍڙي ڪنوار.“ ۽ اهي لفظ زمانن کان سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا هئا. تڏهن کان احمد لاءِ انيڪ خوبصورت سپنا ڏٺا هئائين.
    پوءِ سندس خوابن کي تعبير ائين مليو جو زيبوءَ جي پهري ۾ اونداهين راتين جو ڇت تي ڊگهيون ملاقاتون، خوشبو وارا ڊگها خط، ٻانهن جو انبر جيڏو ڦهلاءُ، تيستائين جو احمد جيڪو پڙهڻ سانگي وٽن حيدرآباد ۾ اچي رهيو هو، وري موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ولايت هليو ويو. تڏهن هو هيڏي ڀريل بنگلي ۾ اڪيلي رهجي وئي. ڄڻ مڪليءَ جي مقبرن ۾ ڀٽڪندڙ ڪو تنها بدروح. رنگ هئيڊو پئجي ويو هئس. اندر اندر بدن جي پاتال ۾ احمد جي ٻانهن جو مضبوط وڪڙ. ڪنن ۾ سُرٻاٽ. ”نيٺ به ته منهنجي ڪنوار ٿيندينءَ جان! شرمائين ڇو ٿي؟“ ۽ رت جي هر ڦڙي ۾ اڻڄاتو ڀاري بوجهه سمائجي آيو هئس. ٻئي مهيني ئي پاڻ سمجهي وئي تڏهن ڄڻ چري ٿي پئي. ٻئي هٿ ڪنن تي رکي جا ريهه ڪندي هئي ته ڌرتيءَ کان آڪاش تائين پڙلاءُ بڻجي گونجندي هئي.
    ماڻس جون تکيون اکيون سڀڪجهه سمجهي ويون هيون. بيهوش ٿي پئي هئي، اکين آڏو اونداهي پکڙجي وئي هئس. اهو سوچي ته ڀاڻس جن جيڪي ايڏا غيرت وارا آهن؛ جيڪر خبر پوين ته ڪڻس اُڦٽ ماري ڇڏين. پڻس جيڪو هيڏي عزت وارو آهي؛ سندس ساهه نپوڙي ڇڏي، پر تن ڏينهن هو سڀ گهر ۾ نه هئا.
    ڀاڻس جن نيون گاڏيون کنيو شهر جي ڇورين سميت حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ پيا ڊوڙندا هئا. پڻس ڳوٺ ۾ اڃا تازو هڪڙي مهاڻي بي نڪاحي ويهاري هئي؛‎ سو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ هوندو هو. هڪڙي ماڻس هئي جيڪا سارو ڏينهن چرين وانگر پئي سندس پيٽ گهوريندي هئي ۽ هوءَ هئي جا ڪمرو بند ڪيو سارو سارو ڏينهن پينگهي ۾ اونڌو ڪنڌ ڪيو پئي هوندي هئي.
    پوءِ نيٺ ماڻس زيبوءَ کي موڪلي شهر مان ڊاڪٽرياڻي گهرائي. جڏهن هن جي بدن جي پاتال ۾ لڪل بوجهه گهٽجي ويو، تڏهن ماڻس ٻه هزار ۽ سوني منڊي ڏئي ڊاڪٽرياڻي جو وات بند ڪري ڇڏيو هو. پر هوءَ ته ڪي ڏينهن سڪل ٺوٺ اکين مان ڇت کي پئي گهوريندي هئي. هر احساس ڄڻ پنهنجي موت پاڻ مئو پيو هو. تڏهن اُمالڪ من تي سٽ ڏئي هُري ايندو هئس، رت ۽ گوشت جو ننڍڙو ڳاڙهو ٽڪر، جيڪو زيبوءَ ڪموڊ ۾ هاري فليش هلائي ڇڏيو هو. پاڻيءَ جي هڪڙي تکي لهر آئي ۽ گوشت ۽ رت جي ان ڳاڙهي ٽڪر کي ڌرتيءَ جي پاتال ڏانهن ڇڪي وئي.
    پر ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو اهو بيجان ٽڪر هن جي من ۾ ڪئڪٽس جي ٻوٽي جيان چڀندو رهيو، تڏهن هن کي پنهنجي بدن تي اهو ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو ٽڪر سُرندو محسوس ٿيندو هو. ننڍڙيون پتڪڙيون ٻانهون هن جي سموري بدن کي ويڙهي وينديون هيون ۽ پوءِ اندران من جي پاتال مان دانهن نڪرندي هئس، جيڪا سموري ڪائنات کي ويڙهي ويندي هئي. پڻس ڊاڪٽر اچي گڏ ڪيا، ”هسٽريا اٿس، شادي ڪرايوس“ ڊاڪٽرن فتويٰ ڏني. پڻس مڇرجي پيو، ”اسان جي نياڻي لاءِ چون ٿا ته شادي ڪرايوس... دوزخي“. ڊاڪٽرن کي گاريون ڏئي ڪڍيائين، تڏهن هن جون دانهون ويتر وڏي ويون.
    پنهنجن گهٽيل احساسن کان گهٻرائجي احمد کي خط لکيو هئائين، جيڪو زيبو سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري آئي هئي. وراڻيءَ ۾ انيڪ ڏينهن کان پوءِ احمد جو خط آيو ته سهي، پر پڻس جي نانءِ: ”آئون فردوس کي وڏن جي ڪيل فيصلن کان آزاد ڪيان ٿو. جون مون به هتي شادي ڇڏي آهي.“ احمد جي خط ته ڄڻ ڪو ممڻ مچائي ڇڏيو هو، ڀاڻس جن ته مرڳو ٽڪيٽ وٺيو ولايت ٿي ويا، احمد جو خون ڪرڻ (ڄڻ هتي به سنڌ جيان ماڻهو مارڻ ڪو سولو هو)، پر پڻس عقل وارو هو، عزت جو معاملو هو. غيرت وارا هڪ ڀيرو جتي پلاند اٽڪائيندا آهن، اتي نڀائيندا به آهن ۽ اها ڳالهه ڪا ايڏي وڏي به ته نه هئي.
    ٻه ونيون ته اسان سنڌي مڙدن جو شان آهي. سو احمد کي لکي موڪليائين، ”جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون اوترو مرد جو شان، پر لکئي جا ليکا ڊاهبا ڪونه آهن. جتي پلاند اٽڪائبو اُتي نڀائبو؛ اهو اسان جي راڄ جو شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي تولاءِ ويٺي هوندي.“
    پر احمد ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ جڏهن راڄ ۾ ڳالهه پکڙي ته هن به ٻڌي ۽ من جون بلند عبادتگاهون پل ۾ ڊهي پيون. ڪڻس هڪ وار وري رت ۽ گوشت جو اهو بيجان ڳاڙهو ٽڪر ياد اچڻ لڳو، جيڪو اونداهه ۾ ڪڻس پنهنجي بدن تي سُرندو محسوس ٿيندو هو. انيڪ خط احمد جي نانءِ لکيائين. زيبو جن سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري ايندي هئي، پر هن پار ڪيڏي ماٺ، ڪابه وراڻي نه، ڪوبه لفظ، ڪوبه خط نه. هوءَ اندر ئي اندر ڀُرندي رهي واريءَ جي وکريل ذرڙن جيان.
    رت جي هر ڦڙي ۾ زندگيءَ جو زهر پکڙي ويو اٿس، جواني جي ٻڏندڙ سج جو شديد احساس، اڪيلائپ جي گهُٽ. زيبوءَ پوتيءَ جي پلاند مان هڪ ٻيو سگريٽ ڇوڙي دکائي ڏنو اٿس. سڪل ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سگريٽ، ٻه ٽي لاڳيتا ڊگها سوٽا، سيني مان اٿندڙ هلڪڙي کنگهه جو پڙلاءُ، دل ٿي چويس، انسان جي وستيءَ مان منهن ڪري ڪيڏانهن نڪري وڃي، پر زهريليون سوچون دماغ جي هر ڪنڊ ۾ پکڙجي آيون اٿس.
    ”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو.
    ”جي سائڻ؟“
    ”آئون جيڪر مري پوان ته؟“
    ”اوهان جا دشمن مرن، سائڻ!“
    ”نه، آئون ڀڄي وينديس.“ هلڪڙي کل.
    ”ڪو ٻڌي نه وٺي!“ ڀَوَ کان ڇرڪ، ڪنهن جي ٻڌي وٺڻ جو ڊپ.
    ”تو ڀانيو ته آئون سچ پچ ڀڄي وينديس ڇا؟“ زوردار ٽهڪ، ڄڻ سلهه جي کنگهه جو پڙلاءُ وراڻيءَ ۾ زيبوءَ جو به هلڪڙو ٽهڪ.
    ”آئون ڀڄي وڃان ته مرڪو ڪُهي ڇڏينم.“ ٽهڪ، پر ٽهڪ ۾ اها ساڳي کوکلائپ، جنهن تي سڏڪي جو گمان. اکين ۾ خوابن جا جنازا سمائجي آيا اٿس. من ۾ پڻس ۽ڀاڻس جن جو ڊپ، جن جون غيرتون ۽ عزتون صليب جيان سندس ڪلهي تي ٽنگيل آهن، تنهن پر بند اکين ۾ تري آيون اٿس انيڪ ساروڻيون.
    سليم، جيڪو برقعي جي ڪاري نقاب مان ريشمي گهٽيءَ جي هڪ زيورن جي دڪان تي ڏٺو هئائين، زيبوءَ سان گڏ هن جي بيحد ويجهو زيور ڏسندس الائي ڇو هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي هئي.
    ”اوهان نقاب ته کڻو.“ منڊيون ڏيکاريندي هن فردوس جي ڪنن ۾ سرگوشي ڪئي. نقاب جي اندر هن جو چهرو پل اپل لاءِ ڳاڙهو ٿي ويو. ۽ جڏهن هن منڊي آڱر ۾ پائي ٿي ڏٺي، تڏهن اُمالڪ هن سندس هٿ پڪڙي ورتو.
    ”ايڏن نازڪ هٿن ۾ ايڏي بيدرديءَ سان منڊي نه پايو.“ هوءَ هن جي هٿن مان پنهنجا هٿ ڇڏائي نه سگهي، هو ڪڻس ديسي فلمن جو هيرو محسوس ٿيو هو، جنهن سان ڪنهن زماني ۾ ڪڻس عشق ٿي پيو هو، جنهن جا فلمي اخبارن ۽ رسالن مان ڪٽيل ڏيڍ سؤ کن فوٽا هئا سندس ڪٻٽ ۾ رکيل.
    منڊي وٺي جڏهن هو دڪان مان نڪتيون ٿي، تڏهن فردوس جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو هئائين.“ وري اچجو، مان اوهان جو انتظار ڪندس.“ ۽ پوءِ سڄي واٽ هو ۽ زيبو هن جون ڳالهيون ڪنديون رهيون هيون. اها سڄي رات ڪڻس ننڊ نه آئي. ان رات ڪڻس نه احمد جو سانورو چهرو ياد آيو نه ئي گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر، ڪڻس پنهنجي بدن تي سُرندو محسوس ٿيو. سندس اکين آڏو اهو چهرو گهمندو رهيو جنهن منڊي پارائيندي سندس هٿ پڪڙي چيو هو، ”اوهان جا هٿ ڪيڏا نه نازڪ آهن، چمڻ تي ٿي دل چوي.“ اها سڄي رات هوءَ اونداهه ۾ پنهنجا اُهي خوبصورت هٿ گهوريندي رهي هئي، جن تي اڃا تائين ڪڻس سليم جي هٿن جو ڇهاءُ محسوس ٿي رهيو هو.
    ڪڻس ٻئي ڏينهن ئي اها منڊي آڱر ۾ سوڙهي محسوس ٿيڻ لڳي. ماڻس کي چوڻ لڳي، ”منڊي سوڙهي ٿي پئي اٿم، ڀانيان ته مٽائي اچان.“
    ۽ پوءِ شام جي اُداس ويلا ۾ جڏهن هوءَ چهري تي نقاب ڍاري زيبوءَ سان گڏ دڪان ۾ گهڙي تڏهن هو ڄڻ ٽڙي پيو. زيبو سندس چوڻ تي در وٽ ئي بيهي رهي ۽ هوءَ اڪيلي اڳتي وڌي آئي. هن جي بيحد ويجهو برقعي جي ڪاري نقاب ۾ لڪل سندس چهرو گهوريندي هو مرڪي پيو.
    ”مون کي پڪ هئي ته تون ايندينءَ.“
    ”ڇو؟“ ڪيترا سوال انهيءَ هڪ ڇو ۾ سمايل هئا.
    ”مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو.“ هن جو هٿ پڪڙي هن ڏاڍي ويساهه سان چيو. تڏهن هن جي دل سيني مان نڪري اچي ڀانءِ پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳي، پر بظاهر ڏيکاءَ لاءِ هن جي هٿ مان هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.جيتوڻيڪ سندس دل ڪيڏي شدت سان پئي چاهيو ته هو ائين ئي سندس هٿ جهليو بيٺو رهي ۽ زندگي ان لمحي ساڪت ٿي وڃي، پر هو انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍو تجربيڪار هو. هن اتي ان دڪان ۾ انيڪ ڇوڪريون ڦاسايون هيون. هو شريفزادين جي اندر ۾ لڪل انيڪ ننڍڙين اڻپورين خواهشن کان اڻڄاڻ نه هو. هو پاڻ انهن خواهشن جي تڪميل ڪندو هو، سو هن جو هٿ بيحد مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو رهيو.
    ”تنهنجا هٿ چمڻ تي ٿي دل چوي.“ هن سُرٻاٽ ڪيو ۽ هوءَ ائين شرمائجي وئي ڄڻ پهريون ڀيرو اهي لفظ ٻڌا هجنس، نه ته احمد ته سندس سڄو وجود چميو هو. احمد کان اڳ، سندس اسڪول جي ڪلارڪ به ته سندس چپ چميا هئا. پر هوءَ شرمائجي وئي، ڪنهن ڪنوار جيان.
    ”منڊي سوڙهي اٿم، سا مٽائڻ آئي آهيان.“
    ”پهرين نقاب ته کڻو.“ هن فردوس جو نقاب کڻڻ چاهيو، پر هو ڊپ کان ڇرڪي پئي.
    ”نه، نه، ڪوئي ڏسي وٺندو.“
    ”هڪ جهلڪ ته ڏسڻ ڏيو.“ هن هيٺ ٿيل نقاب مان ليئو پائي، فردوس جو چهرو ڏٺو، هن جي دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳي.
    ”ڪيڏي حسين آهين، دل ٿي چوي تنهنجو چهرو به چمي ڇڏجي.“ هن جي آواز ۾ الائي ڇا هو، جو فردوس کي پنهنجو پاڻ پگهرندو پئي محسوس ٿيو.
    منڊي سوڙهي ته ڪانه هيس، پر ماڻس کي ڏيکارڻ لاءِ ڪڻس منڊي به مٽائڻي پئي. تڏهن دڪان ۾ ٻيا گراهڪ اچي ويا، جنهن جي ڪري ڪڻس موٽڻو پيو.
    موٽر ۾ واٽ تي زيبوءَ کي هوءَ هوريان اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندي رهي، جيڪي سليم هن سان ڪيون هيون.
    ۽ پوءِ اتي به ٽپاليءَ جو ڪم زيبوءَ ڏنو. خوشبودار ڊگها روماني خط (جيڪي اردو شعرن سان ڀريل هوندا هئا)، ڀرت ڀريل ريشمي رومال. ملڻ لاءِ نياپا ۽ ملاقاتون، جيڪي گهڻو ڪري سليم جي دڪان جي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ يا سندس دوستن جي گهرن ۾ ٿينديون هيون. گهران ساهيڙين جو بهانو ڪري نڪرندي هئي، ڪڏهن ميلاد شريف، ڪڏهن درزي، ڪڏهن دعوت جو بهانو، ماڻس اٻوجهه، ڀانءِ ته ڀلي احمد جو ڏنل دک گهٽجي وڃيس. پوءِ برقعو پائي زيبوءَ سان نڪرندي هئي. ٻه ٻه موٽرون در تي بيٺل هيون، ڪوبه فاصلو نه هو، سندس ۽ سليم جي وچ ۾.
    هڪ ڏينهن سليم جي ڪلهي تي مٿو رکندي چيائين، ”مون سان شادي ڪندين؟“ ۽ هو ڇرڪي پيو.
    ”تنهنجا مائٽ وڏا ماڻهو آهن، فردوس مون کي تنهنجو سڱ ڪڏهن به ڪونه ڏيندا.“ بهانو ڪيائين.
    ”پاڻ لڪي شادي ڪنداسون.“ هن جي ڳالهه ٻڌي سليم جو منهن هئڊو پئجي ويو. هن ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي ڪانه ڪئي هئي. هن جي پنهنجي زال هئي، بيحد خوبصورت ۽ هن کي بيحد پياري، سندس ٻه پٽ به هئا. فردوس ۽ ٻيون انيڪ هن جي زندگيءَ ۾ آيون ۽ هليو ويون. هو هڪ تجربيڪار رانديگر هو.
    ”پنهنجي شادي جائز ڪانهي.“
    ”ڪوڙ ٿو چوين.“
    ”سچي، قرآن ۽ حديث کولي ڏس.“ هن قرآن ۽ حديث جو ڪوڙو حوالو ڏنو. فردوس مان جند ڇڏائڻ لاءِ ۽ هوءَ چپ ٿي وئي. موت جي تنها احساس جيان اها ماٺ هن جي من ۾ دور دور تائين زهر جيان پکڙجي وئي.
    ٻئي ڀيري انيڪ ڏينهن دک ڀوڳڻ کان پوءِ زيبوءَ سان اوچتو وڃي سليم جي دڪان تي پهتي. سليم ڪونه هو، هڪ ٻيو ننڍيءَ عمر جو ڇوڪرو ويٺو هو. هن جي پڇڻ تي چوڻ لڳو، ”ادا سکر هليو ويو آهي، هاڻ اتي ئي رهندو، جو هاڻ هو سکر وارو دڪان سنڀاليندو.“ ان هڪ لمحي سندس من جون ڪچيون پڪيون عبادتگاهون ڊهي پيون.
    هوءَ ڀريل شهر ۾ اڪيلائپ جو ڏنڀيندڙ احساس کڻي گهر موٽي آئي. ڪڻس هڪوار وري هسٽريا جا دورا پوڻ لڳا. ڊاڪٽرن فتويٰ ڏني، ”شادي ڪرايوس.“ پڻس مڇرجي پيو، اها به ڪا ٿيڻي هئي، هن کي پڇاڙڪن پساهن تائين احمد جو انتظار ڪرڻو هو، جيڪو هن ڪرڻ نٿي چاهيو.
    ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ هڪ لڙڪ نه چاهيندي به لڙي آيو اٿس هڪ ٻيو سگريٽ ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل ڊگهو سوٽو، آرسيءَ ۾ سندس چهري جو عڪس، جيڪو انيڪ چپن جي ڇهاءَ ڪاڻ ڪوماڻل. اندر ٻاهر اڪيلائپ جو احساس ڀرئي ڀڪلي شهر ۾ موت جي احساس جهڙي اڪيلائپ انيڪ ساروڻيون، رت جي هر ڦڙي ۾ سمايل ڪيترا چهرا، ٻانهن جو ڦهلاءُ، چپن جو ڇهاءُ، ڪلهن تي زندگيءَ جو صليب، ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو هجوم، بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيل زهر زندگيءَ جو.
    ”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو.
    ”جي سانئڻ؟“
    ”پاڻي“ اُڃ ڪنڊا بڻجي نڙيءَ ۾ پئي چڀيس. پاڻي جا لاڳيتا ٻه ٽي ڍُڪ، ٿڌو شوڪارو، ٿڪجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس.
    ”زيبو!“ اوچتو ڪجهه ياد اچي ويو اٿس.
    ”جي سائڻ؟‎“
    ”تون فيملي پلاننگ واري اسپتال وئينءَ؟“
    ”ها سائڻ وئي هيس.“
    ”گوريون مليون؟“ ڪجهه هٻڪندي پڇيو اٿس.
    ”ها سائڻ! پنهنجي نالي تي وٺي آئي آهيان. ڏاڍي مشڪل سان مليون اٿم.“ پلاند مان فيملي پلاننگ جي گورين جو پاڪيٽ ڇوڙي ڏنو اٿس سائڻ کي.
    ”سائڻ! ڊاڪٽرياڻي چوڻ لڳي ته جيترا ڏينهن اهي گوريون کائبيون اوترا ڏينهن خير هوندو.“ ٻنهي جي هلڪڙي کل، پر هن جي کل ڄڻ تنها سڏجو پڙلاءُ. پاڻيءَ سان گوري نڙيءَ کان هيٺ لاٿي اٿس، ڄڻ زندگيءَ جو زهر نڙيءَ مان هيٺ لاٿو هجيس. پل اپل لاءِ ڪڻس گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر پنهنجي ڪومايل بدن تي سُرندو محسوس ٿيو آهي، جيڪو گهڻو اڳ، زيبوءَ باٿ روم جي ڪموڊ ۾ وجهي، فليش هلائي، وهائي ڇڏيو هو. گورين جو پيڪيٽ ويهاڻي هيٺ رکي ڇڏيائين. ويهاڻي هيٺ رکيل خط ڪڍي زيبوءَ کي ڏنائين، ”هي جميل کي ڏئي اچجئين، چئجانس آئون سڀاڻي شام جو اينديس.“ زيبو هلي وئي خط کڻي. هوءَ اڪيلي موت جي احساس جيان، پينگهي جي تکي لوڏ، سگريٽ جا ڊگها سوٽا، ازل جو عذاب رت جي هر ڦڙي ۾ سمائجي آيو اٿس ڊگهو ساهه کڻي اکيون پوري ڇڏيائين.


    سرحدون ۽ فاصلا

    ريگل سئنيما جي سامهون شانتي منزل کي جڏهن به ڏسندو هوس، تڏهن هڪ املهه تصوير اکڙين آڏو اچي ويندي هئم. ننڍپڻ ۾ مان ۽ ٻيا هاسٽل جا ڇوڪرا شانتي منزل ويندا هئاسون. شانتي ڌان جي وسيع لائبريريءَ مان املهه ڪتاب کڻي ايندا هئا سون. پوءِ شانتي ڌان انهن ڪتابن بابت ڏاڍيون اُچيون ڳالهيون ڪندو هو. چوندو هو انسانيت دين ڌرم اٿم، سنڌ ڌرتي ماءُ اٿم ۽ ڀٽائي مرشد! اسان ڀي هر ڪنهن آڏو سندس اهي قول ورجائيندا هئاسون. اسان کي سدائين چوندو هو جيڪر شادي ڪيو ته ڪنهن وئشيا سان ڪجو. سندس چوڻي هئي ته وئشيا سان رات گذارڻ ۾ اُهو لطف ڪونهي، جيڪو لطف ۽ راحت غلاظت جي گندين نالين مان عورت جي موتيءَ جهڙي تقدس کي ڪڍي گهر جي چار ديواريءَ جي حفاظت ۾ آڻڻ ۾ آهي.
    اسان جا ڪچا ذهن انهن ڳالهين کي پوري ريت سمجهي نه سگهندا هئا ۽ سماج جي ٺهيل ٺڪيل اصولن جي ائين خلاف ورزيءَ تي عجب ٿيندو هو، پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به شانتي ڌان جي شخصيت، سندس قولن تي شڪ نه ڪري سگهندا هئاسون. ڪيترا ڀيرا اسان کيس نيئپر روڊ ۾ ڏٺو. مٿس ڪيس هليو هو ته هو چڪلي جون رنون ورغلائي ڀڄائي ٿو. رنن جي دلالن مٿس ڪيترا ڀيرا ڪيس به ڪيا ته هو سندن زالن کي کانئن بغاوت تي آماده ڪري اغوا ٿو ڪري، پر تڏهن خبر پئي ته اُهي سڀئي رنون گهرن جي چار ديواريءَ ۾ عزت جي زندگي گهاري رهيون آهن. ماڻهن ۾ شانتي ڌان لاءِ ڪيڏي نه عزت وڌي وئي هئي. شانتي ڌان ڏينهن جو سوجهري ۾ به انهن انسانن سان ملندو هو، جن کي انسان تڙي ڪڍندا آهن ۽ رات جو دلين ۾ جايون ڏيندا آهن. پوءِ اسان ڏٺو ته چڱن ماڻهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي نيچ ڌنڌي وارا، دلال ۽ ڪسبياڻيون وٽس اينديون هيون. سڀني کي اُٿي کيڪاريندو هو.
    هڪ دفعو مون چيو هو، ”سائين! اوهان جهڙو بلند انسان ايڏن ذليل ماڻهن سان ملڻ ڪيئن ٿو پسند ڪري!“ تڏهن ڏاڍي غور سان مون کي ڏسي چيائين، ”نه، مان بلند آهيان، نه هي ذليل آهن. اسان فقط انسان آهيون. هنن جي چهري تي غلاظت مڙهڻ جا ذميوار اسان ئي آهيون ۽ هاڻ انهن جا مک ڌوئڻ اسان جو فرض آهي. هي سڀ اسان جي ماحول جي غلط ڳالهين جي پيداوار آهن. ڪوبه انسان ڄائي ڄم کان دلال يا وئشيا ناهي.“
    شانتي ڌان جي شخصيت عجيب قسم جي هئي. ڊگهو سنهو، وار وڏا ۽ سفيد، پهرياڻ ۽ پاجامي منجهه هو هڪ اٿاهه سمنڊ وانگر لڳندو هو، جنهن جي مٿاڇري تي ماٺ واسو ڪيل هجي. پر هُو ائين پيو ڇلي ڄڻ ڪي طوفان پيا پلٽجن. ڳالهائيندو هو ته محسوس ٿيندو هو ڪو ماڻهو نه پيو ڳالهائي. پر سندس اندر مان مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا چشما پيا ڦٽن. چڱن ۽ مٺن کي ائين سيني سان لائيندو هو، ڄڻ اهي ٻئي سندس بدن جا حصا هئا. هو ڪچن ذهنن سان ڊگهيون ڪچهريون ڪندو هو ۽ ٻئي پاسي اِهي انسان جيڪي ظاهري طور سماج جي بيڪار عضون مثل هئا، تن جي وڍ ڪٽ ۽ سنوارڻ ۾ رڌل رهندو هو.
    ورهاڱي جا فساد شروع ٿيا. هندو هندوستان وڃي رهيا هئا. مسلمان پاڪستان اچي رهيا هئا. ٻڌم ته شانتي ڌان وڃي رهيو آهي. پڇيو سين ته اُٻاڻڪو ٿي چيائين، ”سنڌ جي حد مان نڪرندي مان مري پوندس، اهو ياد رکجو.“ ڄڻ سنڌ ۾ هن جو ساهه هو.
    ڪراچي اچي مسلمانن وسائي. هن جي خلاف نفرت پکڙبي وئي. شانتي منزل تي پٿر وسايا ويا. انهيءَ ڏينهن شام جو شانتي ڌان هليو ويو. وڃڻ ويل سندس هٿ ۾ صرف ”شاهه جو راسلو“ هو اسين ڏاڍا رنا هئاسون. هن کي ويندو ڏسي ڪيترا ماڻهو رنا هئا. انهن ۾ اُهي عورتون به هيون، جيڪي هن جي آسانگي تي تقدس جي زندگي گهاري رهيون هيون.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته گاڏيءَ ۾ ويهندي، جڏهن کوکراپار کان سرحد ٽپيو ته سندس جسم ۾ ساهه نه هو. ورهاڱو ٿي ويو. جسم هن پار هليو ويو ۽ روح سنڌ جي ريگستانن ۾ رهجي ويو. اهو شانتي ڌان جو انجام هو. پر هن ويندي مهل اهو به چيو هو ته ”مان جنهن مذهب جو خادم آهيان، سو دنيا جي ذري ذري ۾ ڦهليل آهي. خدمت لاءِ ڌرتي ساري پئي آهي ۽ جڳائي به ائين ٿو. پرماتا جي هنج ۾ ڏاڍي ڇڪ آهي. منهنجي گهڻن ڀائرن کي اها ڄاڻ نٿي پوي ۽ نفرت جي آڌار تي ماڻهو ماڻهوءَ کان ڌار پيو ٿئي، پر اصل برائي آهي پريم جي اڻ هوند. جتي پيار آهي اُتي زندگي آهي. ڪو به مذهب پيار جي پرچار جي خلاف نه آهي. ان لاءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏيان، پنهنجن کي يا پراون کي. سڀ ٺيڪ آهي، پر ڌرتي ماتا کان ڌار ٿيڻ ڏاڍو اؤکو آهي.“
    ويندي مهل شانتي ڌان، پنهنجي شانتي منزل انهن چئن زالن جي حوالي ڪئي، جيڪي غليظ پيشي کي ڇڏڻ کانپوءِ بي سهارا هيون. هاڻ شانتي منزل انهن جي هئي.
    ڪيترا سارا ڏينهن اسان دوست گڏجي شانتي ڌان کي ياد ڪندا هئاسون. اڄ به ريگل سئنيما جي سامهون اکڙين آڏو ڦري ايندي اٿم. فرق ايترو آهي جو وڏي لوهي دروازي وٽ سنگ مرمر جي ڪتبي تان شانتي ڌان جو نالو ڪنهن کرڙي ڊاهي ڇڏيو آهي. شانتي منزل جا لفظ آهن، جيڪي وقت جي دز ۾ جهڪا پئجي ويا آهن.
    انهيءَ ڳالهه کي ورهه گذري ويا. تنهن ڏينهن ڪراچيءَ جي رستن تي ٿاٻا جهلي رهيو هئس، جو اوچتو گل محمد سومرو ملي ويو. ننڍپڻ کان وٺي ڪاليج تائين گڏ پڙهيا هئاسون. سومرو هڪ وڏيري جو پٽ هو، انهيءَ ڪري اڳتي نه پڙهيائين ۽ ڳوٺ هليو ويو. هو به اسان سان گڏ شانتي منزل هلندو هو، پر کيس شانتي ڌان جو اوچيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. هو شانتي ڌان کي سدائين چريو سمجهندو هو. پر اڄ هن هنگامن جي شهر ۾ جتي هر انسان اڪيلو پيو ٿاٻا کائيندو آهي، جنهن وٽ اوچو بنگلو مرسڊير ڪار، ڀريل کيسو ۽ ڀر ۾ سهڻي ڇوڪري نه هوندي آهي، ڪو وڇڙيل ساٿي ملي وڃي ته خوشيءَ وچان انسان ٽپا ڏيڻ لڳندو آهي. ڏاڍا ڀاڪر پائي مليو. پنهنجي مرسڊيز ڪار ۾ ويهاريندي ڏاڍي فخر سان مون کي ڏٺائين. ڪوڙي مُرڪ چپن تي تري آيس. ريگل سئنيما جي سامهون لنگهندي پڇيائين، ”شانتي منزل ويندو آهين؟“
    ”شانتي ڌان ڪونهي ته مان شانتي منزل ۾ ڇا وڃي ڪيان؟“
    ”شانتي ڌان جون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ.“ هو طنز وچان کليو.
    مون به کلي ڏنو پوءِ چيم، ”مون کي ماضيءَ جا کنڊر ڦلورڻ ۾ مزو نه ايندو آهي، جو فقط دز ۽ ڌوڙ نڪرندي آهي.“
    چيائين، ” پر جي هاڻ شانتي ڌان جا کنڊر کوٽين ته رنگينيون ملندئي.“
    سومري جي ڳالهه سمجهي نه سگهيم. هو ورائي ڪار شانتي منزل آڏو وٺي آيو. ڪار مان لهندي چيائين، ”لهو.“
    ”ڪيڏانهن؟“ اچرج وچان پڇيم.
    ”شانتي منزل ۾ وٺيو ٿو هلانءِ.“ وراڻي ڏنائين.
    الائي ڇو دل نه گهريو، ”مان ٽيويهن سالن کان هتي نه آيو آهيان.“
    ”اڄ کڻي هل.“ سومري زور ڀريو. هن جي زور ڀرڻ تي لهي پيم. سومرو گهر جي مالڪ جيان ڪارو لوهي دروازو کولي اندر گهڙيو. الائي ڇو اندر گهڙندي اُداس ٿي پيم. اسان هڪ سهڻي سينگاريل ڪمري ۾ اچي ويٺاسون. نوڪر سومري آڏو وڇائجي ٿي ويا.
    چيم، ”ڪٿي هي گهر خريد ته نه ڪيو اٿئي.؟“
    ”ائين ئي کڻي سمجهه.“ هو شودپائي سان هڪ اک ڀڃي کلڻ لڳو. کلڻ تڏهن بند ڪيائين، جڏهن هڪ وڏي عمر جي عورت غرارو سنڀاليندي پان چٻاڙيندي اندر گهڙي ۽ سومري کي چيائين، ”ڏاڍي راهه ڏيکاريئي.“ وراڻيءَ ۾ سومري ٻڌايس ته مان ڪير آهيان ۽ کلي چيائين، ”نئون آهي.“ جواب ۾ پوڙهيءَ به هڪ آواره ٽهڪ ڏنو. پان جي رنگ واڇن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هيس ۽ ڪوچ تي چڙهي ويهي رهي.
    ”ناز بيگم ڪو مال ٻال هوندو؟“ هو ڏند ڪڍي کليو. مان ڇرڪ ڀريو. ناز بيگم جو ٽهڪ اندر ساڙي ويو. پاندان ريڙهي آڏو رکيائين. سومري کي پان ڏنائين ۽ ٻيو مون ڏي وڌايائين. چيم، ”مان کاوان ڪونه.“ اچرج وچان وراڻي ڏنائين، ڪمال آهي. پان ته اڄ جي تهذيب جو اهم جزو آهي.“
    چيم، مان ڪنهن تهذيب جو غلام نه آهيان.“
    ”سومرو شروع ۾ ايندو هو ته ڪونه کائيندو هو، هاڻ سڄو ڏينهن پيو کائيندو هو .“ ناز بيگم چيو.
    تڏهن چيم، ”سنڌ جو هر وڏو ماڻهو چلڪندڙ تهذيب جو غلام آهي ۽ ڪي خرمغز پنهنجي اصل تهذيب جي مقبري جا مجاور آهن.“
    سومري نرڙ تي گهنڊ وجهي منهنجي منهن ۾ نهاريو شايد کيس منهنجو ڳالهائڻ نه وڻيو ۽ ناز بيگم کي چيائين، ”ڀلا ڪو مال ٻال آهي.“
    ”هت کپي يا...“ ناز بيگم ٽهڪ ڏئي پڇيو.
    هڪ ڇوڪري آئي، ڇڻ ڇڻ ڪندي ڀت وٽ بيهي رهي. منهنجي نظر ڀت تي ان هنڌ وڃي کتي جتي اڳ شانتي ڌان جي تصوير ٽنگيل هئي. اجرڪ ڪلهن تي، هٿن ۾ ”شاهه جو رسالو“ هئس. ساڳي گنڀيرتا ۽ خاموش وسيع سمنڊ جهڙي شخصيت اکين آڏو ڦري وئي. انهيءَ ساڳئي ڪمري ۾ غلاظت مان آيل مرد ۽ عورتون نئون جنم وٺنديون هيون ۽ هاڻ ساڳئي هنڌ هڪ رات لاءِ دلين جا سودا ٿي رهيا آهن. هونئن هاڻ اسان جي هن عظيم شهر ۾ تمام وڏا وڏا ڪارخانا کلي ويا آهن، جن ۾ مزدور پنهنجي پگهر جي عيوض پيٽ قوت حاصل ڪن ٿا ۽ ٻئي پاسي انيڪ بنگلن ۾ انيڪ جسم اطلس ۽ ڪيمخواب ۾ ويڙهيل رات جي اوندهه ۾ جرڪن ٿا ۽ جرڪي جرڪي اُجهامي وڃن ٿا. پهرئين اهي ڏياٽيون ڪن خاص هنڌن تي هونديون هيون ۽ هاڻ محلي محلي ۾ مشعلون ٻرن ٿيون. اُجهامن ٿيون. اونداهي روشني! سومري کيسي مان نوٽ ڪڍي ناز بيگم ڏي وڌايا.
    اسان شانتي منزل مان ٻاهر نڪري آياسون. ڇوري رشو به اسان ساڻ هئي. ڏاڍا اوچا اوچا ٽهڪ ڏئي رهي هئي. هن جا وار هلندڙ گاڏيءَ ۾ واءَ تي اُڏاڻا پئي، تڏهن مون پاڻ کي شدت سان چرٻٽ محسوس ڪيو هو. سومرو فاتح جيان مون ڏي ڏسي رهيو هيو. سوچيم ته سنڌ جا وڏا ماڻهو هڪ رات لاءِ عورت کي خريد ڪري پاڻ کي فاتح سمجهندا آهن، پر هو پنهنجو پاڻ به فتح نه ڪري سگهيا آهن. هو سومري سان ڏاڍي بي تڪلف ٿي رهي هئي، ۽ مان پوئين سيٽ تي ڀوڪن جيان تڪي رهيو هئس. مون پاڻ کي، سومري يا رشوءَ کي اهو ڪتو محسوس ڪيو هو، جيڪو هر ڪنهن غلاظت تي نوس نوس ڪندو آهي. مون کي اُهي عورتون ياد اچي ويون، جن کي شانتي ڌان وئشيا مان عورت جو درجو ڏنو ۽ رستي تي هلندي هلندي مون سومري کان پڇيو، ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. شانتي ڌان جن زالن کي شانتي منزل ڏئي ويو هو سي ته مون ڪونه ڏٺيون.“
    ”اڃا تائين بالغ نه ٿيو آهين“ سومري چيو، اهي ڪڏهو ڪيون تڙجي نڪتيون. سيٽلمنٽ وارن هندو جائداد هٿ ڪري، شانتي منزل هڪ مسلمان گهراڻي کي الاٽ ڪئي، جنهن رنن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو. پوءِ شانتي منزل ڪيترن هٿن مان گهمندي ڦرندي هاڻ ناز بيگم جي ملڪيت آهي.
    ”انهن زالن جو ڇا ٿيو جيڪي شانتي منزل ۾ رهنديون هيون.“
    ”ڇا ٿيندو! هر ڪو ماڻهو پنهنجي اصليت ڏانهن موٽندو آهي، وڃي پنهنجي وڻج واپار کي لڳيون هونديون.“ سومرو ٿوري دير ماٺ رهيو، ”پر ڇڏ انهيءَ گهپلي کي ـ هي معشوق ڪيئن آهي. شانتي ڌان وارن کان ته ڀلو ماڻهو آهي ـ ماضيءَ کان حال بهتر آهي ۽ مستقبل ته بهترين اٿئي.“
    اڳئين موڙ تي مون گاڏي روڪائي ۽ رستي جي روشن ماحول ۾ لهي ويس ۽ ائين لڳم ڄڻ روشني اکين ۾ چڀي پئي.


    من درپن

    وشال ڌرتيءَ تي هن ڀر تائين گونجندڙ پيڙا جو پڙلاءُ.
    ساروڻين ۾ جڳن تائين اها ساڳي پيڙا ڇو ٿي رهي نرمل! ـ ساروڻا، جيڪي اسان سارڻ نه چاهيون، پوءِ ڇو ٿا ڀلا اندر منجهاران ريههءَ ڪري اُڀرن (ساروڻين کي ڪيڏو نه پڙلاءُ آهي). نرمل! ساروڻا هٿ تريءَ جون ريکائون ته ناهن جو ڊاهي نه سگهجن. پوءِ ڀلا تون ڇو نٿي وسرين بلڪل ائين جيئن تو کي ۽ مون کي، پنهنجي پنهنجي، جنم پل جا ساروڻا ڪينهن.
    ۽ اڪيلائپ جو گهيرو ڪيڏو نه تنگ آهي (ڄڻ ڪُن ۾ گهريا پيا هجون جُڳن کان) ڪو دوست، ڪو سنگي ـ ڪو ساٿي، سڀ ڪيڏو دُور رهجي ويا، وشال نيري اُڀ جي هن پار. تون به نرمل! ـ ۽ آئون بلڪل اڪيلو سرءُ جي اگهاڙي وڻ سمان.
    نرمل ـ او ـ و ـ نر ـ مل.
    تون منهنجو ڳالهيون سَلين ڇو نٿي، جڏهن ته هر ڳالهه کي هزارين معنائون آهن. جيئن تنهنجي چانڊوڪي رات جهڙِي بدن کي انيڪ روپ آهن. منهنجو روح گفائن ۾ گم ٿي چڪو آهي. هي منهنجي آخري جنم ـ پل آهي، پوءِ آئون ڪڏهن به هن ڀونءِ تي موٽي ڪونه ايندوسانءِ. تون ـ مون کي پڪارين ڇو نٿي نرمل (پيڙا جي پڙلاءُ سمان) آئون ـ جو گم ٿيندو ٿو وڃان هوري ـ هوري ڀُرندو ٿو وڃان. آئون ته موهن جي دڙي جو کنڊر آهيان نرمل!ـ
    وسڪيءَ جي ڀريل گلاس ۾ ليئو پائي ـ هن نرمل کي ٿي پڪاريو.
    سگريٽ جي دونهين جي هن پار ـ هن نرمل جا سرخ چپ چمي ورتا هئا ۽ لپ اسٽڪ جو رنگ هن جي چپن تي رهجي ويو هو. (رنگ، جيڪي جڳن تائين رهجيو وڃن). هن نرمل کي انهيءَ ئي گلاس ۾ ڀري پيئڻ چاهيو هو ۽ هوءَ چپ چاپ هلي وئي هئي. اُڃ کان نڙي خشڪ ٿي پئي هئي.
    ـ ۽ هو بلڪل اڪيلو ـ اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهريل
    من ـ درپن ٽٽڻ جو آواز لاڳيتو ٿو اندر منجهاران اُڀريس، نر ـ مل ـ او ـ و ـ وـ نرمل ـ او ـ و ـ وـ
    هن ڀونءِ کي ڀلا ڪو سک آهي؟ـ ۽ دک جي انهي سلسلي ۾ اسان سڀ گهيرجي ويا آهيون. دک جا گول دائرا ـ ۽ اندر ۾ انيڪ صليب ٽنگيا پيا آهن.،وک ـ وک تي ـ
    دور ـ بيروت ۾ باهه ٿي دکي ـ
    ڀارت ۾ هندو مسلم فسادـ
    باهه ۾ ٻرندڙ ايران جي ڌرتي ڌٻي هئي ـ ۽ سڀ موت ڳڙڪائي ويوـ
    ۽ ـ تون نرمل ! ڪير ڄاڻي بيروت جي باهه ۾ سڙي وئين يا ايران ۾ تنهنجو سَجيل سجايل گهروندو کن ـ پل ۾ ناس ٿي ويو ـ ۽ تون ڪنهن ڊٺل ديوار هيٺ رهجي وئين. او ـ و ـ نرمل! تون ڀلا وسرين ڇو نٿي !!؟؟
    سگريٽ جي بوءِ ۾ اُجهامندو ٿو وڃي ـ ڀُرندو ٿو وڃي.
    آئون ـ هن ڀونءِ تي سڀ کا دُکي انسان آهيان. بلڪل اڪيلو ـ جڏهن تنهنجو جهاز ڌرتيءَ تان اُڏاڻو هو ۽ نيڻ نهار کان اڳتي وڃي گم ٿي ويو هو ـ تڏهن آءٌ ڪلاڪن تائين بيٺو رهيو هئس. اُڀ تي بادل ڦهلجي ويا هئا ۽ آئون پولارن ۾ توکي ڳوليندو رهيو هئس.
    هن لمحي تون ڪٿي آهين نرمل ـ سڄي ڀونءِ تي باهه ٿي دُکي.
    هي چنڊ وري ڪڏهن نه اُڀرندو
    هن رات کي اچ ته وسڪيءَ جي ڍُڪ سمان
    ڳيت ڏئي پي ڇڏيون
    سمنڊ ڪناري ـ واريءَ تي
    هڪ ٻي جان ناءَ لکندا رهون.
    Oh! My friend come Back, come back.
    وشال نيري آڪاش تي ـ ٽيڙو ٿو ٽمڪي، جيئن تنهنجي نيڻن ۾ ٽيڙو ٽمڪندو آهي.
    تو کي ياد آهي سکر جي اها بيحد اُداس رات ـ نرمل! ـ تو چيو هو ـ ”تون منهنجن سپنن جي سُندرتا آهين.“ انهيءَ پل آسمان تي انيڪ تارا ٿي جرڪيا ۽ جڏهن هڪ تارو اُجهاڻو هو. تڏهن تو چيو هو، ”اهو اجهاڻل تارو ـ آئون هيس. “
    ”نه آئون هئس ـ“ مون چيو هو.
    هن پل ـ جڏهن انيڪ تارا منهنجي اندر ۾ اُجهامندا ٿا وڃن ـ تڏهن آئون سوچيان ٿو ته اهو اُجهامندڙ تارو به آئون هوندس.
    گذري ائين ٿي رات وئي ـ تَن مان نه تنهنجي تات وئي.
    منجا پرين ـ اوبانورا ـ او سانورا، جهونگاريندي ـ جهونگاريندي انيڪ ساروڻا ورائي ويا اٿس ـ
    اڃا رات ڪيڏي ڊگهي آهي ـ منهنجي ٻانهن ۾ هلي آ ـ نرمل!
    زندگي نانءُ آهي انهي پل جو، جيڪو گذري ٿو تنهنجين هٿ ريکائن ۾
    ۽ ـ اهو پل ڪڏهن به ته نه آيو هو ـ هن جي ڪنهن به جيون ۾ ـ پل ۾ ـ صديون ـ يُگ ـ جنم اڳ
    اھجهامندڙ نماشام جو پهريون پل.
    نرمل کي، سريل جي وڻ هيٺ، ميل جي سفيد پٿرن سمان، بلڪل تنها ڏٺو هئائين.
    ـ عابد! ـ هوءَ تنهنجي ڪنوار ـ سريل جي وڻ هيٺ (من ـ ڀنڀرجي پيو هئس). ٻرانگهون ڀريندو ـ سَريل جي وڻ هيٺ، هن جي بيحد ويجهو اچي بيٺو هو ـ ايترو ويجهو جو نرمل کي هن جو ساهه پنهنجي مک تي سُرندو محسوس ٿيو هو. هوءَ لپ اسٽڪ جي رنگ وانگر سرخ پئجي وئي هئي. سَريل جي انهيءَ وڻ هيٺ هن نرمل جا چپ چمي ورتا هئا ۽ ڪيترا رنگ سندس چپن تي رهجي ويا هئا.
    ”مون سان اُڀ جي هن پار ـ هلي هل نرمل!“
    ” ڇا آهي ـ اُڀ جي هن پار؟“ هن جي ٻانهن ۾ گلاب جي سرخ پنکڙين وانگر هڪ ـ هڪ ڪري وکرندي ٿي وئي.
    ”هڪ ننڍڙو سکيو ستابو گهروندو ؛ هلندئين نه نرمل!“
    اُڀ تي تارا ٿي جرڪيا ـ روح ۾ ڦهليل بليو روشنيءَ ۾ هن نرمل کي ٿي ڏٺو، جنهن ڇلڪڻ ٿي گهريو ۽ ڪيترا رنگ هن جي سرخ لپ اسٽڪ لڳل چپن تي چهٽيا پيا هئا. ۽ هو اُهي سمورا رنگ، هڪ هڪ ڪري، پنهنجن بي رنگ چپن تي سجائيندو رهيو هو.
    ”چور!“ هوءَ ائين کلي ـ ڄڻ دُور ـ ڪٿي ڪو ساز وڄندو هجي. الله ـ هو ـ هو ـ ، الله هوـ هو ـ هوـ
    برسات جون انيڪ بوندو مٿانس اچي ڪريون هيون، ٽپ ٽپ، ٽپ.

    بليو روشنيءَ ۾ جرڪندڙ، نرمل جي سُندر پاڇولي تان سٽ ڏئي ـ ڪاري ، اُماس رات جهڙي ساڙهي ڇڪي ورتي هئائين. دُور ـ اُڀ جي هن پار ڪو سڏڪو اُڀريو هوـ ’ڪنهن جو هو اهو سڏڪو!‘ (هو جڳن تائين سوچيندو رهيو هو) اڄ به وسڪي جي ڀريل گلاس منجهاران اهڙا انيڪ سڏڪا اڀرندا آهن ـ ۽
    ۽ ـ هو پگهريل ميڻ بتيءَ وانگر اُجهامي ويندو آهي
    نرمل ـ هن جي زندگيءَ جي الاءِ ڪائين عورت هئي.
    هر عورت جو بدن هڪجهڙو ٿيندو آهي.
    ساڳي خوشبو
    پر ـ نرمل ـ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪائنات جا سڀئي رنگ ۽ روپ هيا.
    نرمل ـ جيڪا سندس حواسن تي ڇانئجي وئي هئي.
    ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ و ـ و ـ وـ
    انيڪ ڏينهن کان پوءِ.
    انهيءَ ئي سَريل جي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺي هيائين (جڳن جي بيمار ٿي لڳي) هوـ چپ چاپ سندس پويان اچي بيٺو هو.
    هن، اُڀ جي هن پار ٿي ڏٺو (ڇا آهي اُڀ جي هن پار؟. هڪ ننڍڙو سجايل ـ سنواريل ـ سکيو ـ ستابو گهرندو )
    ۽ هو چپ چاپ هليو آيو هو ۽ نرمل کي ڪل ئي ڪانه پئي هئي.
    هو ـ اُماس راتين ۾ سوچيندو هو ته ڀلا ڇا ٿي ڏٺو هن، ائين اُڀ جي هن پار ـ
    پوءِ گڏيءَ جي برٿ ڊي تي.
    ڀاڀيءَ جي بيڊ روم ۾ ؛ کيس اڇي رئي ۾ ويڙهيل سيڙهيل نماز پڙهندي ڏٺو هيائين ـ ايڏي شوق سان ـ ڄڻ خدا کي ڏسندي هجي ۽ هو ـ ڀر ۾ ـ پٽ تي ويهي رهيو هئس ۽ ـ جڏهن سلام واري هن کي ڏٺو هيائين ـ تڏهن، ڏسندي ئي رهي هئي. انيڪ پل ’مون لاءِ به دعا گهر نرمل!‘ ـ زندگيءَ ۾ پهريو ڀيرو ـ ڪيڏي سچائيءَ سان هن روئڻ چاهيو هو، نرمل جي بوٽ تي سر ڌري.
    ۽ ـ هو ٻنهي هٿن ۾ مُک لڪائي روئي پئي هئي ـ ” تون ـ تون ـ هليو وڃ هتان ـ هليو وڃ“ چري ٿي پئي هئي ڇا! (هن اڪيلائپ ۾ سوچيو هو) ۽ نرمل جي انهن انيڪ سڏڪن جي موٽ ۾ هو وکري پيو هو.
    ”نر ـ مل! ـ سچي، آئون ڏاڍو برو آهيان. ڏس توکي هٿ ٿو ٻڌان (هن هٿ جوڙيا هئا) آئون انهيءَ رات توکي ڏسي ـ الاءِ ڇو وس ۾ ڪونه رهيو هئس ـ تون ـ مون لاءِ ڪائنات جي سڀ کان مقدس عورت آهين ـ نرمل! مون کي معاف ڪندينءَ ـ آئون تنهنجو گنهگار آهيان نه “
    ”منهنجي ڪنوار نه ٿيندينءَ نرمل!“ هو سچ پچ هن جي اڇي رئي جي پلاند ۾ مُک لڪائي روئي پيو هو هي ڇوڪريون ايڏو جلد ڇو ڀُرڻ لڳنديون آهن.
    ـ نرمل کان پوءِ ـ هن کي سڀ عورتون ڪوڙ ۽ ڌوڙ ڀاسنديون هيون.
    پوءِ ـ هوءَ هن کي روئندي ڇڏي ـ روم کان ٻاهر نڪري وئي هئي ـ هو ڀنل اکين سان فرش تي وڇايل مُسلو ڏسندو رهيو هو، جنهن تي هوءَ پنهنجي عبادت جا نشان ڇڏي وئي هئي. ڪيڏو چاهيو هيائين ته انهيءَ مُسلي تي ويهي ـ اهو هڪ گناهه بخشرائي ـ اهو گناهه جيڪو ، هڪ بيحد اُداس رات، نرمل جي بدن جي سُندرتا، پنهنجي هٿ ـ ريکائن ۾ سجائڻ جي عيوض مليو هئس.
    ـ الا ـ ايڏو ـ ڪلاپ
    هن لائٽ آف ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪلاڪن تائين دريءَ وٽ سگريٽ پيئندو رهيو هو ( ۽ پل پل ڪري دُکندو رهيو هو) ٻاهر لان ۾. برٿ ڊي مهل سڀني ٿي سندس پڇا ڪئي، هن پنهنجو نانءُ ڪيترا ڀيرا ٻڌو هوـ پر ـ ڪوبه سڏ ڪونه ڏنو هئائين.
    لان ۾، ٿوهر جي ٻوٽن وٽ ـ هو سڀني کان الڳ ٿلڳ بيٺي رهي ـ هو چپ چاپ بند دريءَ جي شيشي مان هن کي ڏسندو رهيوـ ڪيترا پل ـ ڪيترا پهر
    ـ ۽ پوءِ ـ
    نشي ۾ الوٽ
    روم ۾ ڦهليل چوڌاري ـسگريٽن جا اڌڙ
    ماچس جون تيليون ـ ڪيترو چاهيو هئائين ته ڪنهن هڪ تيليءَ سان پاڻ ساڙي ناس ڪري ـ زندگي ـ موت
    اهو به ته موت هيو ـ زندگي ته اها آهي جيڪا نرمل جي ڇانوَ ۾ گذري.
    ڀلا انهيءَ ۾ ڇا هيو جو هن نرمل جي ڪنواري بدن کي (نرمل جي نه چاهيندي به) انيڪ روپ ڏنا هئا. (هي عورتون ـ بدن جي پوترتا لاءِ ايڏيون ڇتيون ڇو آهن ـ پر ـ نرمل ته اڄ به مون لاءِ ـ ساري لوڪ لاءِ پوتر آهي)ـ ويهاڻي پُسي پيو هئس.
    ڀاڻس جي گهر وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين (جتي نرمل جو واسو هو) اُتي متان ڪنهن پل ـ سَريل هيٺ ـ اُمالڪ هوءَ لڀي پوي
    ۽ ـ پوءِ هڪ رات فون جي ريهه ـ سانت جو سينو چيريندي ـ سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي هئي ـ مُک تاڻجي ويو هئس ـ سَٽ ڏئي ڪريڊل تان رسيور کنيو هئائين.
    هُن پار ـ ڀاڀي هيس
    ”عابد! ـ پليز ـ هينئر ـ هن لمحي ـ هليو آ ـ“ فون جي هُن پار ڀاڀيءَ جو سُڏڪو اُڀريو هو ۽ هو من ئي من ۾ سڄو سَراپجي ويو هو ـ نرمل کي نه ڪجهه ٿيو هجي. هن بن ته هو مري پوندو. ناس ٿي ويندو ـ ”ڇا ٿيو ڀاڀي؟“ جيئن تيئن ڪري اُهي ٽي لفظ اُڪليا هئس.
    ”نرمل ـ ننڊ جون گوريون کاڌيون آهن“ هوءَ فون تي روئي پئي هئي.
    فليٽ جو در کليل ئي ڇڏي ـ لفٽ بدران ـ اٺين ماڙ تان ـ ڏاڪڻين مٿان ڊوڙندو لٿو هو. ڪيتريون ٽيڪسيون ڀرسان لنگهي ويون هئس ۽ هو چؤواٽي تي ـ ڪنهن ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر روئي پيو هو.
    هاسپيٽل ۾ ـ نرمل جي سيرانديءَ بيهي ـ جڏهن هن ڏانهس نهاريو هو تڏهن ـ دُور ـ ڄڻ ڪنهن مندر ۾ گهنڊ ٿي وڳا.
    ”ڪيئن آهين ـ نر ـ مل“. هن الاءِ ڪائون سگريٽ دکايو هو ۽ ـ نرمل اکيون پوري ڇڏيون هيون ـ شايد هن جو مُک ڪونه پسڻ چاهيو هئائين.
    ”آئون هن ڀونءِ تي سڀ کان بدصورت شيءِ آهيان نه ـ نرمل“ هو ٻارن وانگر اُداس ٿي پيو هو ـ نرمل جو مُک تاڻجي ويو هو ـ پيلي پئجي وئي هئي، سرءُ جي پيلي پن وانگرـ ”ڇو آيو آهين تون ـ نفرت آهي مون کي تو کان ـ آئي ـ آئي هيٽ يوـ“.
    ڪيترا لڙڪ ـ ڪيترا دُک ۽ پيڙائون نرمل جي نيڻن ۾ ڦهلجي ويون هيون.
    هن کي ڀلا ڪهڙي ڪَل ته ڪيترا هاڃا هئا نرمل جي بند اکين ۾
    ”ڪڏهن به مون سان پيار نه هُيئي ـ نرمل آئي ـ آئي ـ لو ـ يو ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ“ ٻرندر سگريٽ هن جون آڱريون ساڙڻ لڳو هو.
    ”نه ـ“ نرمل جي اها هڪڙي نه (جنهن ڪڻس پاتال تائين لوڏي ڇڏيو هو)
    ٻُڌي ـ موٽي آيو هو ـ ۽ ـ نرمل پڪاريو به نه هئس
    ۽ هن جي جيئڻ جا سڀئي ڪارڻ اڻپورا رهجي ويا هئا
    ڀلا ڪهڙو ڪارڻ هو هن وٽ جيئڻ جو ـ هينئر هن لمحي ـ هن پل
    زندگي تو بن ـ سنڌ جون ڀٽون ۽ بر آهي
    زندگي تو بن ـ اُماس رات آهي نرمل!
    تن ڏينهن جڏهن هو هاسپيٽل مان موٽيو هو ۽ نرمل کيس پڪاريو به نه هو
    هو نشي ۾ الوٽ پيو هوندو هو
    سڄو ڏينهن پنهنجي پاڻ سان پيو وڦلندو هو
    وشال نيري آڪاش تي ـ جي ڪو تارو اجهامندو هو ته ـ اهو اجهاڻل تارو پنهنجو پاڻ ڀاسندو هئس ـ تن ڏينهن هن جي پلنگ وٽ پيل Dust bin سگريٽ جي اڌڙن ۽ ماچيس جي تيلين ۽ ڦاٽل ڪاغذن (جن تي هن نرمل لاءِ خط لکي ۽ ڦاڙي ڇڏيا هئا) سان ڀرجي ويو هو ـ تن ڏينهن ـ روز رات جو ـ ڪا نه ڪا عورت بيڊ روم ۾ سجائيندو هو ـ ڪٿي به سڪون ڪونهي ـ نر ـ مل!
    هوءَ ـ جيڪا اهو سوچي آئي هئي ته هو هن جو انگ انگ ڦلوريندو ـ سا ڪيڏو هار سينگار ڪري آئي هئي ـ پر هو ـ هن جي اگهاڙي بدن تي ڪنڌ لاڙي روئندو رهيو هو ـ لڙڪ ـ جيڪي عورت جي بدن ۾ جذب ٿيندا ٿي ويا ـ هر لڙڪ جي ڪا ته معنيٰ هوندي آهي ـ ڪو ته نانءُ هوندو آهي.
    ”ڇو ٿو روئين؟“ هن جي روئڻ تي ـ عورت ڪيڏي ناگواريت محسوس ڪئي هئي.
    اگهاڙي بدن تي لڙڪ ته ڪونه لاڙبا آهن ـ اتان ته رنگ چورائبا آهن
    پر ـ هو روئندو رهيو ـ
    ”ڇو ٿو روئين؟“
    ”مون کي نرمل ٿي ـ ياد اچي ـ“ هو نشي ۾ وڦلڻ لڳو ـ ”هن کي مون سان نفرت آهي نه ـ ان ڪاڻ روئان ٿو ـ نه روئان ڇا؟ ٻڌ! اوهين عورتون ڪپڙن ۾ اندران هڪ جهڙيون آهيو ـ پر ـ اوهان جي آتما ۾ هڪ جهڙو حسن ڇو ڪونهي ـ اوهين سڀ بڪواس آهيو ـ آئي هيٽ ـ يو ـ“ عورت جو مُک تاڻجي ويو هو ـ ”تون به جڏهن هتان ويندينءَ ته مون کان نفرت ڪندينءَ نه ـ“ هو سڏڪيو.
    هو روئندو رهيو ـ ۽ جڏهن صبح ٿيو هو، تڏهن هوءَ هلي ويئي هئي ـ
    ٻيءَ رات ـ هن هڪ ٻي عورت بيڊ روم ۾ سجائي هئي
    ڪابه ته نرمل ڪانه نڪتي
    سڀ محض عورتون هيون ـ شوپيس ـ سجيل سنواريل
    پر نرمل ڪابه ڪانه هئي ـ پر ـ نرمل به ته عورت هئي نه ـ
    ڪيترين جون ساڙهيون هن سَٽ ڏئي لاٿيون هيون ـ پر ڪنهن به ته اهو سُڏڪو نه ڀريو هو ـ جيڪو سڄيءَ ڀونءِ تي (هن ڀر کان هُن ڀر تائين) پيڙا جو پڙلاءُ بڻجي گونجيو هو ـ ڪنهن به ته هن کان نفرت جو اظهار نه ڪيو هو.
    ـ هو دکندو رهيو.
    دکي ـ سڙي ـ رک ٿي ويندو ـ ناس ٿي ويندو
    يا ـ هڪ اداس رات ـ گورين لپ ڦڪي مري ويندو
    دُور ـ اُڀ مٿي چنڊ ٿو جرڪي
    آئون توکي گلاب چپن سان چمڻ ٿو چاهيان
    آئون ـ رڻ ۾ جُڳن کان ٿو رلان
    پر چنڊ ڪڏهن به ڌرتي تي لهي نه سگهندو
    اچ ته ـ هن لوڪ کان دُور
    هڪ ننڍڙو گهروندو جوڙيون
    جتي ڪوبه پاڻ کي لڀي نه سگهي
    اچ ته هڪ ٻي ۾ گم ٿي وڃون
    Oh! My friend come back, come back.
    ڀاڻس کي ڪيڏو دُک هو سندس نه اچڻ جو
    گڏي انيڪ ڏينهن بيمار هئي پر هو ڪونه ويو
    نرمل آپگهات ڪيو ـ انيڪ ڏينهن هاسپٽل ۾ رهي ـ پر هو صرف هڪ وار ويو (هاڻ هو ڇا چوي ها ته اهو هڪ وار هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بڻجي پيو هو) ٻيو نه ته ڀاڀيءَ جو ئي خيال ڪري ها، جنهن جي هوءَ ڀيڻ آهي.
    اسان ـ لوڪ ڪاڻ ٿا جيئون
    لوڪ ڪاڻ ٿا مرون
    لوڪ سان گڏ نه هلون ته ڪيڏا ڏوراپا گڏ ٿيو پون
    هڪ گرم ٻنپهرن جو هو ڀاڻس جو گيٽ اورانگهي اندر گهڙيو هو
    ورانڊي ۾ لڳل مني پلانٽ جا پن پيلا پئجي ويا هئا ـ ڪير به نه هو ـ بس ڀت تي ـ هڪ ڪارو ڪانگ ڪنڌ نوايو ويٺو هو ـ موٽي وڃڻ چاهيو هئائين.
    ڪاش ـ ڪنهن روم مان ـ ڪنهن وڻ جي پويان کان ـ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان هوءَ نڪري اچي (نه چاهيندي به اها خواهش من ۾ واسو ڪرڻ لڳي هئس ) ۽ ـ جڏهن هو واپس موٽڻ لڳو هو تڏهن ڀاڻس جي ڪار اندر گهڙي هئي ـ
    هن کي هروڀرو ـ نه اچڻ جي معافي وٺڻي پئي ـ ڀاڻس کان. پوءِ ـ
    پوءِ ـ هو سڀني جي وچ ۾ ويٺو هو ـ پر هوءَ ڪانه هئي
    نه ئي هن جو ڪو آواز ـ ڪو پاڇولو به نه هئس ـ ٻاهر رات ڦهلجي وئي هئي ـ ڪيڏانهن وئي هلي هوءَ؟ ـ (هو پل ـ پل ـ سوچيندو رهيو) ڪوچ کي ٽيڪ ڏئي اکيون پوري ڇڏيون هيائين ـ ڀاڀي شڪايتون ڪندي رهي سندس هاڻوڪي ورتاءَ جون (هن کي ڀلا ڪهڙي ڪَل ته هڪ رات ـ بيوس ٿي مون سندس ڀيڻ جي چانڊوڪي رات جهڙي سُندر بدن تان ڪاري اُماس رات جهڙي ساڙهي سَٽ ڏئي لاهي ورتي هئي)
    ۽ هوءَ هٿن ۾ مُک لڪائي روئندي رهي هئي
    مون هن جي بدن جا سمورا رنگ چونڊي ورتا هئاـ
    ۽ هاڻ آءٌ هن لاءِ پل ـ پل ٿو دُکان ـ سگريٽ وانگر ـ ڀاڀيءَ جو آواز دُور ٿيندو ٿي ويو ۽ هو ڀريل ڊرائينگ روم ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويو هو ـ هن جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل سگريٽ ـ هوريان ـ هوريان دکندو رهيو هو
    ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ و
    اندر منجهاران مسلسل سڏ ٿي اڀرياس ۽ انهيءَ پل بتيون اُجهامي ويون هيون ـ روم ۾ ڪيترا آواز بتيون اُجهامڻ تي تبصرو ڪرڻ لڳا ـ ڀاڀي ـ ڀاءُ ـ گڏي ـ منو
    ۽ ـ انيڪ آوازن ۾ اُمالڪ هن جو به آواز اڀريو هو ـ هن بند اکيون پٽي ڇڏيون هيون. ڪيترا پل هوءَ هن کي نظر نه آئي هئي (۽ ڪيترا پل نرمل کي به هو نظر نه آيو هو ـ نه ته جيڪر روم مان هلي نه وڃي ها ـ جن کان نفرت هجي ـ انهن آڏو هڪ پل به جبل جيڏو ٿيو پوي ـ جن سان اٿاهه پريم هجي ـ انهن آڏو پل به ڪيترا ننڍڙا ٿيو پون)
    پوءِ هن ڏٺو هو ـ
    هن ٽيبل تي ميڻ بتيون ٿي ٻاريون ـ ميڻ بتين تي نميل هن جو مُک ڪيڏو اُداس ۽ بيمار ٿي لڳو ـ سرءُ جي پيلي پن سمان ـ
    هن تي پن ـ ڇڻ جي رُت جو گمان ٿيو هئس
    هوءَ شايد ڪنهن شاديءَ تان موٽي هئي ـ ميڪس لڳل ڪاري ساڙهيءَ ۾ ـ هوءَ ـ
    ۽ هن کي اها ئي اُماس رات جهڙي ڪاري ساڙهي ياد اچي وئي هئي ـ جيڪا ـ
    سگريٽ فلٽر تائين دکي دکي هاڻ هن جون آڱريون ساڙڻ لڳو هو ـ ۽ ـ جڏهن هوءَ اُتي آئي ـ ميڻ بتيءَ وٽ ـ هيٺ غاليچي تي ويهي رهي هئي ـ تڏهن اهو سوچي هن جو ساهه منجهڻ لڳو هو ته ـ جيڪر هوءَ ڪڻس ڏسي وٺندي ته ـ اٿي هلي ويندي ۽ هو انيڪ ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويندو.
    انسان جي اندر جي اڪيلائپ ڪڏهن به ناهي ڀربي
    ن ـ ر ـ م ـ ل ـ آئون اندر ئي اندر ڪيڏو اڪيلو آهيان ـ جُڳن کان
    ـ تون ته مون لاءِ ڪالي داس جي شڪنتلا آهين نرمل راڻي! تَن جي بُک کان اڳتي آتما جي اُڃ به ته ڪجهه آهي ـ توکي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ ته انهيءَ رات تنهنجي اندر ـ تهائين اندر ـ مون پنهنجيءَ آتما کي ڇُهي ورتو هو ـ اُڃ ۽ تؤنس کان آئون نِستو ٿي پيو هئس (هو من اندر بيحد اُداس ٿي سوچڻ لڳو)
    نر ـ مل ـ را ـ ڻي!
    هوءَ هن کي ٽِڪ ٻڌي ڏسندي رهي ۽ پگهر جون ڪيتريون بوندون هن جي نرڙ تي جرڪيون ـ ٻاهر برسات ٿي پئي ـ تارا سڀئي اُجهامي ويا آهن ـ اونداهيون اسان جي اندر ۾ به ته وک وک تي ڦهليل آهن ـ پوءِ اسان ٻآهر جون اُونداهيون پَسي ايڏا اُداس ڇو ٿي ويندا آهيون؟ ڪيڏو شور آهي ڊرائينگ روم ۾ ـ ۽ ـ هوءَ ميڻ بتيءَ جي پيلي ڇانوَ ۾ ويٺي آهي ـ
    ۽ ـ جڏهن ڀاڀي ۽ ڀاءُ ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر هليا ويا هئا ـ گڏي ديوان تي سمهي رهي هئي ـ منو الاءِ ڪهڙيءَ ڪنڊ پاسي ۾ هو ـ
    ـ ۽ مون هڪ نئون سگريٽ دُکايو هو ـ تيلي ٻرندي رهي هئي ـ ڪي کن ـ پوءِ اڻپورين خواهشن وانگر ـ پاڻ ئي اُجهامي وئي هئي.
    دريءَ کان ٻاهر ڪي کن ترسي ـ وڄ جي بليو روشني ٿي ڦهلجي وئي ـ اها بليو روشني ـ جنهن ۾ اسان پل اپل لاءِ هڪ ٻي کي ڪيڏو چٽو ٿي ڏٺو.
    ـ تڏهن نرمل! ـ آئون ڄڻ ڀُرندو ـ وکرندو تو آڏو اچي ويٺو هئس
    ”نر ـ م ـ ل!“
    ـ تون چپ چاپ اُڀ جي هن پار ڏسندي رهي هئين ـ
    ”ڇا ٿي ڏسين ـ نر ـ مل!“
    ”هڪ سکيو ستابو گهروندو ـ“ ڪيترا تارا ـ ڪيترا لڙڪ ٿي تنهنجن نيڻن ۾ جرڪيا ـ ”تنهنجن نيڻن ۾ ٽيڙو ٿو ٽمڪي ـ تون مون لاءِ ڪالي داس جي شڪنتلا آهيان ـ ڏس نرمل ـ آئون تو آڏو ـ هن ميڻ بتيءَ وانگر پگهرندو ٿو وڃان ـ اُجهامندو ٿو وڃان ـ ڏس آءٌ جُڳن کان تو آڏو روئڻ ٿو چاهيان ـ پر ـ روئي نٿو سگهان ـ آئون ـ آئون انيڪ عورتن جي بدنن ۾ ـ شراب جي انيڪ گلاسن ۾ ـ سگريٽن جي اَٿاهه دونهي ۾ ورهائجندو ٿو وڃان ـ پر ـ ڪٿي به تنهنجي خوشبو ناهي ـ آئون تنهنجيءَ ڇانوَ ۾ جيئڻ چاهيان ٿو ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل“
    ”تون هليو وڃ هتان ـ پليز ـ عابد!“ ايڏي پيڙا ڇو هئي تنهنجي آواز ۾؟ ”توکان اڳتي ڪوبه ته گس ڪونهي ـ آئون ته ـ نرمل ـ انهيءَ هڪڙي دڳ تي جُڳن تائين بيهي ليڪا پائڻ ٿو چاهيان ـ جيڪو ـ تو تائين وڃيو پڄاڻي ڪري ـ نرمل! تون ٻڌي رهي آهين نه ـ تو پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون ڇو وجهي ڇڏيون آهن؟ مون کي ٻڌين ڇو نٿي؟ آئون ڪيڏو به برو سهي ـ پر ـ منهنجي اندر ـ ڪنهن ڪنڊ ۾ ـ هڪ خوبصورت انسان به ته آهي ـ نرمل ـ راڻي ـ“
    ”تو ڪڏهن آڪاش تي اُجهامي ويل تارا ڏٺا آهن ـ عابد!“ هوءَ دريءَ وٽ اچي بيٺي هئي ـ ۽ دري کولي ڇڏي هيائين ـ ”آئون به انهن تارن سمان آهيان ـ جيڪي آڪاش تي هوندي به ـ اُجهامي ويندا آهن ـ پر ـ پر ـ مون ته ـ اُجهامڻ نه چاهيو هو عابد!“
    کليل دريءَ مان ـ برسات جون بوندون اندر اچي هن جو ميڪ اپ ڪيل مُک پسائڻ لڳيون هيون ـ ”هاڻ ته مون ۾ آرسي ڏسڻ جي سگهه به ڪانهي.“ شايد هوءَ رُني ٿي من اندر ۾ انهيءَ پل ـ عابد ـ آخري سگريٽ پاڪيٽ مان ڪڍي دکايو هو.
    دريءَ جي هن پار ـ لان ۾ بيٺل ـ انيڪ اوچا ـ اوچا وڻ ـ برسات جي انهيءَ اُنداهي رات ۾ ڪيڏا ڀوائتا ٿي لڳا ـ ڄڻ ـ انيڪ بدروح هوريان هوريان جهومندا هجن ـ
    هو چپ چاپ ـ دريءَ جي هن پار ڏسندو رهيو هو
    ”عابد! تون به مون لاءِ انهن ڀوائتن وڻن سمان آهين ـ جن کي برسات جي اونداهي رات ۾ ڏسي، من اندر ئي اندر سراپجي وڃي ـ ۽ ـ دل ـ بي اختيار دري بند ڪرڻ تي چوي.“
    ـ انهيءَ رات هن بي انداز پيتي هئي
    گلاس ۾ وسڪي ۽ لڙڪ گڏيندو رهيو هو
    انهيءَ رات هن سندس ڊرائينگ روم ۾ سجايل سڀئي خوبصورت مورتيون ڀڃي ڀورا ڪيون هيون ۽ ـ پوءِ هيٺ غاليچي تي اونڌو ڪنڌ ڪري ڪِري پيو هو
    فجر مهل جڏهن مسجدن ۾ ٻانگون ٿي آيون ـ تڏهن هو نشي ۾ الوٽ ـ گيلريءَ ۾ اچي بيٺو هو ۽ خدا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو.
    اُماس جهڙي رات ـ ڪاري ساڙهي ـ اچ ته پنهنجي مٿان تاڻي سمهي پئون.
    ٻڌ ـ دُور ـ قيامت جي اچڻ جو آواز ـ سڀ ڪجهه ناس ٿي ويندو ايندڙ لمحن ۾ ـ
    عورت جي بدن تان ڪاري ساڙهي ڇڪي هن مُک تي تاڻي ڇڏي هئي ـ جيئن ننڍي هوندي رات جو ـ جنن ڀوتن جي خيال کان سراپجي پنهنجي مٿان رلي تاڻي ڇڏيندو هو.
    ”رشي! تون نرمل ته ناهين، پر ـ اڄ رات مون لاءِ نرمل بڻجي پؤ ـ آئون توکي پوري ـ پوري قيمت ڏيندس.“ ۽ هو ٽيبل تان وسڪيءَ جو ڀريل گلاس کڻي پيئڻ لڳو ـ
    آئون ـ تنهنجي نانءُ اڄ پنهنجو پاڻ فنا ٿو ڪريان
    جبلن جي هن پار
    جڏهن سج ٻڏڻ لڳندو
    تڏهن ـ تنهنجي روم جي ديوارن تي منهنجا پاڇولا ڊگها ٿيندا ويندا
    پوءِ تون ـ کن ـ پل لاءِ ئي سهي
    ڇو نٿي مون کي چاهين؟
    Oh! My friend come back, come back.
    هوءَ جا هڪ رات لاءِ سندس بستري تائين آئي هئي ـ تنهن سندس چپ چُمي ورتا هئا ـ
    ”آئون ـ نرمل آهيان ـ آئون توکي جُڳن کان چاهيندي ٿي اچان ـ آئون ـ رات جي اڪيلائپ ۾ تنهنجا سپنا ڏسندي آهيان (عورت ـ هن جا دک ونڊڻ لاءِ ـ کن ـ پل ۾ انيڪ ڪوڙ ڳالهايا هئا) تون ـ منهنجن سپنن جي سُندرتا آهين!“ گهڻو گهڻو اڳ نرمل به ساڻس اهي ڳالهيون ڪيون هيون ـ ڪوڙ ـ سچ ـ انهن جي ڪٿ هو ڪڏهن نه ڪري سگهيو ـ هن جو اندر سگريءَ جي اڱارن سان دکڻ لڳو ـ ”بڪواس ـ بند ـ ڪر ـ بڪواس بند ڪر ـ بند ڪر ـ بند ـ ڪر ـ ڪر ـ ڪر ـ“ وسڪيءَ جو خالي گلاس ـ عورت جو جرڪندڙ بدن اُڪري ڀت سان وڃي لڳو هو ۽ ڀور ڀور ٿي غاليچي تي ڦهلجي ويو هو
    من ـ درپن ڀڄي ڀورا ٿيو هو
    ٽڪر ـ چار سُو ڦهلجي ويا هئا
    هو ـ عورت جي ڪاري ساڙهيءَ ۾ مُک لڪائي رُئندو رهيو ـ عورت کي پهريون ڀيرو ساڻس همدردي محسوس ٿي رهي هئي. هوءَ مٿانس ائين نمي وئي هئي، ڄڻ سندس جيون ساٿياڻي هجي (نرمل ته پوءِ به هوءَ بڻجي نه سگهي هئي ـ)
    ”تون ـ ڇو ٿو روئين؟“ هن جي وکريل وارن کي آڱرين سان سنواريندي عورت پڇيو هو ـ
    ”اوهان عورتون ڪپڙن اندران بلڪل هڪ جهڙيون آهيو ـ پر ـ پر ـ اوهان جي آتما ۾ ڇو هڪ جهڙي خوشبو ناهي؟“
    ”سڃاڻپ آتما سان نه پر تن سان ٿيندي آهي ـ ڀلا توکي ڪهڙي ڪَل ته ڪيڏي ڊگهي پلصراط تي ٿي منهنجي آتما هلي ۽ ڪيڏي بي نانءُ (انيڪ نانوَ هوندي به) آهي منهنجي آتما ـ تون ـ تون پنهنجيءَ آتما کي سڃاڻين ٿو ـ ڪهڙو نانءُ آهي تنهنجي آتما جو؟ ـ“
    هوريان هوريان عورت جون اکيون آليون ٿينديون ٿي ويون
    الاءِ ڪهڙو دک ٿي هن جي من ۾ سگريءَ جي اڱارن وانگر دُکيو،
    هن ساريءَ ڀونءِ تي ڪيترا دک
    Oh! God (خداوندا!) ڪيترا دک آهن تو وٽ ـ جيڪي تو اسان سڀني جي اندر ۾ ڀري ڇڏيا آهن ـ ته به ـ نٿا کٽن ـ وڌندا ٿا وڃن ـ
    عورت جي بدن تي سندس ڪنڌ لاڙيو پيو آهي ـ هوءَ آڱرين سان سندس وارن کي پئي سنواري ـ اسان جنم ـ پل کان پيار جي ڪنهن هڪ پل لاءِ ٿا واجهايون.
    جنم ـ جنم جا ناتا کن ـ پل ۾ ڪوڙا ٿي پوندا آهن ـ ۽ ـ پل اپل جا ناتا ڇو جيئڻ جو ڪارڻ پيا ڀاسندا آهن ـ (نرمل ساڻ به ته منهنجا جنم جنم جا ناتا هئا ـ)
    زندگي ـ ۽ زندگيءَ کان پوءِ آهي موت جو اکٽ سلسلو ـ
    ڇا هيءَ هڪ رات جي عورت موت جي سلسلي تائين منهنجا لڙڪ اگهندي رهندي ـ پر هن کي ٻين جا به ته لڙڪ اگهڻا هوندا ـ پر ـ آئون ته نرمل جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي روئڻ ٿو چاهيان ـ
    نرمل جي تن جا رنگ چونڊي مون ته آتما کي ڇهڻ چاهيو هو ـ تن ۽ آتما ۾ ڪيڏي وڇوٽي آهي ـ

    صبح جو جڏهن هن اک پٽي هئي ـ ۽ سوچ جا ڪرڻا مٿانئس اچي ڦهليا هئا
    رڌڻي مان ٿانون جو ٿي آواز آيو ـ هن اکيون پوري ڇڏيون هيون ـ
    نرمل ـ اچي وئي آهي منهنجو گهر آباد ڪرڻ لاءِ ـ نرمل توکي نيٺ به اچڻو هو
    رڌڻي ۾ ڪو ـ ڪوپ يا شايد ڪو گلاس ـ يا ـ ڪا پليٽ (يا من ـ درپن) ڀڄي پيو هو.
    مون ـ تو بن ـ جيئڻ جا سڀئي ڪارڻ وڃائي ڇڏيا هئا ـ نرمل!
    هو رڌڻي ۾ هليو آيو ـ
    مون جنم ـ پل کان انهيءَ لمحي جو سپنو ڏٺو آهي ـ نر ـ مل!
    هاڻ آئون ڪنهن ٻيءَ عورت جي بدن جا رنگ نه چونڊيندس ـ وسڪيءَ جون ڀريل بوتلون باٿ روم ۾ هاري ڇڏيندس ـ آئون ـ تنهنجيءَ ڇانوَ ۾ ٿو جيئڻ چاهيان ـ
    تون آهين ته ـ آءٌ اندران ڪيڏو ڀرجي ويو آهيان ـ
    هو رڌڻي جي در تي اچي بيٺو
    ڪاريءَ ساڙهيءَ ۾ هوءَ در ڏانهن پٺ ڪيو بيٺي هئي (هن کي ڪَل ئي ڪانه پئي ته ڪو رڌڻي جي در تي هو بيٺو آهي ـ ڄڻ ـ ڪنهن عبادتگاهه جي چائنٺ تي بيٺو هجي) چلهه تي ٽهڪندڙ چانهه جي پاڻيءَ مان هوريان هوريان ـ ٻاڦ ٿي نڪتي ـ
    هن ٻئي هٿ ـ پويان کان ـ هن جي اکين تي ڌريا هئا ۽ هوءَ گلاب جي پنکڙين جيان هڪ هڪ ڪري سندس ٻانهن ۾ وکري وئي هئي ـ
    اڙي Oh! No... هوءَ نرمل ته ڪانه هئي ـ هوءَ ته راتوڪي عورت هئي ـ رشي ـ جنهن جي بدن تي ڪنڌ لاڙي هو ساري رات روئندو رهيو هو ـ اُهي لڙڪ جيڪي هو جڳن جي خواهش کان پوءِ به نرمل آڏو لاڙي نه سگهيو هو
    هانوَ تي راتوڪي رات جا ساروڻا هُري آيا هئس ـ ٽِڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو هو ـ انيڪ پل.
    ڪاش ـ هيءَ عورت تون هجين ها نرمل! آءٌ هن پل مُڪتي پائي وٺان ها ـ هو دُکي ٿي پيو هو ۽ ـ انيڪ پيڙائون سندس من پاتال تائين ڦهلجي ويون هيون.
    اسان جيڪي ڪجهه چاهيندا آهيون، اهو سڀ ڪجهه ناهي ٿيندو ـ آخر ڇو نرمل؟؟ ـ آخر ڇو؟
    انيڪ وار وکرندا رهون ـ انيڪ وار پنهنجي هٿان ـ ٻين جي هٿان جُڙندا رهون، پر اهڙا ڇو نه جُڙي سگهندا آهيون ـ جهڙا جنم پل کان جُڙيل هوندا آهيون ـ جن سان دک ونڊڻ چاهيندا آهيون ـ سي ڪڏهن به هٿ نه ايندا آهن ـ جن کان دک پيا لڪائيندا آهيون، سي ائين دک ونڊي ويندا آهن جو ڪَل ئي ڪانه پوندي آهي ـ ها نه ـ نرمل!
    چانهه جو پاڻي ٽهڪڻ لڳو هو ـ هوءَ هن جي ٻانهن کان ڌار ٿي ڪم ۾ لڳي وئي هئي ـ ڪينهن بيحد سگهڙ ۽ چاهڻ واريءَ زال سمان.
    ”تون هل ـ آئون ـ اجهو ٿي نيرن کنيو اچان ـ“ ڪٽليءَ ۾ چانهه وجهندي هن مرڪي ڏانهس نهاريو هو ـ ”ڏينهن کان ٿانوَ خراب ڪري ڇڏيا اٿئي ـ هاڻ ڏس مون رڌڻو صاف ڪري ڇڏيو آهي ـ وري خراب نه ڪجئين.“
    ”ايڏا سگريٽ ڇو پيئندو آهين؟ ـ مون تنهنجي بيڊ روم مان اڄ سوَن جي حساب سان سگريٽن جا اڌڙ ميڙيا آهن ـ“
    ”ٻڌ ـ هڪ ڳالهه چوانءِ ـ ايڏو نه پيئندو ڪر ـ مر ـ ي پوندين.“
    ”آئون به ته مرڻ چاهيان ٿو ـ پر مري نٿو سگهان ـ الاءِ ڇو ـ مرڻ جيئڻ اسان جي وس ۾ ڪونهي ـ“
    ”ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ“ هن من ئي من ۾ ٿي واڪا ڪيا.
    هن جو سڄو فليٽ هڪ عورت جي خوشبوءِ سان واسجي ويو هو ـ سڄي گهر جو روپ ئي مٽجي ويو هو ـ
    نرمل ـ آئون توکي ڇُهڻ ٿو چاهيان ـ منهنجا سمورا گس گم ٿيندا ٿا وڃن ـ آئون تنهنجن جوڙيل گول دائرن ۾ پيو ٿو ڊوڙان ـ هيءَ عورت ڇو ٿي انهن دائرن کي ڊاهڻ چاهي؟
    هيءَ عورت منهنجي ڇا ٿئي؟ ـ جيڪا ساڙهيءَ جو پلاند چيلهه سان ٻڌيو ـ برش سان غاليچو پئي صاف ڪري ـ جنهن جا وکريل وار ـ غاليچي مان اٿندڙ دز ۾ لٽجي ويا آهن
    اسان سڀ مٽيءَ ۾ لٽيا پيا آهيون ـ مٽي ـ جيڪا وقت مٺيون ڀريو ٿو اڇلائي ـ
    هن سڄيءَ ڀونءِ تي ڪهڙو گهر آهي هن عورت جو؟ ـ ڪهڙو ناتو اٿس مون ساڻ ـ
    پل اپل جو ساٿ ـ پوءِ هيءُ مُٺ ۾ پئسا ڀيڙي هلي ويندي ـ پر ـ هيءَ اڃا وڃي ڇو نٿي ـ ڇا ٿي چاهي ـ آئون ته صرف تنهنجو آهيان ـ نرمل ـ او ـ نرمل!
    گهر صاف ڪري هوءَ ڪيڏي پرسڪون ٿي پئي هئي
    ۽ هو پاڻ ڪيڏو بي سڪون ٿي پيو هو
    ”تون ـ گهر نه ويندينءَ ـ ڏنل ٽائيم کان ته وڌيڪ مون وٽ ويٺي آهين ـ“ هن کيسي مان انهيءَ ٽائم جا پئسا ڪڍي وڌايا هئا ـ جيڪو هن ڏنل ٽائم کان وڌيڪ ساڻس گهاريو هو ـ ۽ ـ سرخ نوٽن جي پاڇولي ۾ عورت جو مُک تاڻجي ويو هو ـ سگريٽ سمان دونهاٽجي ويو هو ۽ ڏندن هيٺ چپ ڏئي ڇڏيو هيائين ـ ڄڻ ـ اهو سندس آخري جنم ـ پل هجي.
    ”وٺ نه ـ“ چيو ته هيائين ـ پر ڀوَ جا ڀاوَ هانوَ تي هُري آيا هئس ته جي هيءَ وئي هلي ته اڪيلائپ جي ڏائڻ مون کي ڳڙڪائي ويندي ـ Oh! God دنيا ۾ ايترا سارا ماڻهو آهن پوءِ به ڇو آهي ايڏي اڪيلائپ؟؟؟
    ”تنهنجي قميص جو بٽڻ ٽٽو پيو آهي ـ ڏي ته ٽانڪي ڏيانءِ ـ“
    ”تنهنجو منهنجو ڪهڙو ناتو آهي ـ تون آخر وڃين ڇو نٿي ـ“ ڪيترا گهنج هن جي نرڙ تي پئجي ويا هئا.
    هوءَ هن جي بيحد ويجهو بٽڻ ٽاڪيندي رهي هئي ـ هن جي نيڻن ۾ الاءِ ڇا ٿي جرڪيو ـ
    نرمل! ـ هن لمحي تون ڇا سوچيندي هوندينءَ ـ ڪهڙي ڄاڻ
    زندگي ـ محض هڪ ڏيکاءُ آهي
    اسان سڀ بظاهر جيئون ٿا
    ڀلا ـ جي اسان سچ پچ جيئون ٿا ته پوءِ ڇو هر پل موت جا ڀاوَ ٿا هانوَ تي هُرن
    نرمل! ـ اسان زندگيءَ ۾ ئي مريو وڃون ـ پر ڪوبه ته اچي پير ناهي ڀريندو ـ ڪو دوست ـ ڪو سنگي ـ ڪو ساٿي
    ڇا ضروري آهي ته اسان ڪفن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ـ ڌرتيءَ جي سيني ۾ ـ مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ٿي وڃون
    زندگي ته اها ئي آهي ـ جيڪا تنهنجي تن جي ڇانوَ ۾ ٿي گذري
    آئون جو تو بن مرندو ٿو وڃان ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ
    ”ٻڌ! ـ پيسن تي ورتل بدن ۾ به ته آتما هوندي آهي نه ـ بدن جي ڳانڍاپي ۾ ـ ڪٿي نه ڪٿي آتما کي به ته اسان جون آڱريون ڇُهي وٺنديون آهن ـ هن سڄيءَ ڀونءِ تي ڪوبه ته گهر منهنجو ڪونهي ـ جنهن کي آئون سجايان ـ سنواريان ـ پر پوءِ به هن گهر جهڙا منهنجا انيڪ گهر آهن ـ تون ـ ٻڌين ٿو نه عابد! جيئن تون اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهين ـ تيئن آئون به بلڪل اڪيلي آهيان ـ ڇا سڀ ماڻهو اندران اڪيلا هوندا آهن ـ سڀ اندران قبرستانن وانگر سنسان هوندا آهن ڇا؟ ـ اسان هڪ ٻي جون اڪيلايون ورهائي ڇو نٿا وٺون عابد ـ آئون به تو وانگر جيئڻ ٿي چاهيان پر ـ اندر ئي اندر مئي پئي آهيان ـ هاڻ ـ هاڻ منجهي سگهه به ختم ٿي وئي آهي ۽ ـ ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اسي ورهين جي پوڙهي ٿي وئي آهيان ـ“
    رشي ـ (اها ئي هڪ رات لاءِ خريد ڪيل عورت) گرم ڪافي سِپ ڪندي ـ هوريان هوريان ڳالهائيندي رهي ۽ هو چپ چاپ ڪوپ مان اٿندڙ ٻاڦ ۾ الاءِ ڇا ڏسندو رهيو.
    نرمل ـ او ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ و ـ و ـ
    ٻاهر مسجدن ۾ ٻانگ ٿي ـ ڪيترا پيلا پن ـ هڪ هڪ ڪري ڇڻي پيا آهن.
    ”تون ـ عابد علي! ـ مون سان شادي ڪندين؟“
    هن جي نيڻن ۾ لڙڪ جهلمل ڪرڻ لڳا ۽ هڪ لڙڪ ڪوپ ۾ پيل ڪافي منجهه گم ٿي ويو هو ـ جيڪو هن ڪافيءَ سان گڏ ڳيت ڏئي پي ڇڏيو هو ـ
    ”آئون ـ گفائن ۾ گم ٿي چڪي آهيان ـ آئون ـ ڌرتيءَ تي ڪنهن به مڙد جي (پوءِ هو ڪيڏو به برو ڇو نه هجي) زندگيءَ ۾ اچڻ ٿي چاهيان ـ ڪنهن جي جيئڻ جو ڪارڻ بنجڻ ٿي چاهيان ـ عابد! هن ڌرتيءَ جي هر عورت وانگر آئون به هڪ ننڍڙو سکيو ستابو خوبصورت گهر ٿي آباد ڪرڻ چاهيان ـ گهر ـ جنهن ۾ آءٌ ڪنهن جو پل ـ اپل اوسيئڙو ڪيان ـ“
    ”مون سان شادي ڪندين ـ عابد علي!“ ڪوپ ٽيبل تي رکي هوءَ هٿن ۾ مُک لڪائي روئي پئي هئي.
    اهو سڀ ڪجهه تو ڇو نه چيو نرمل!
    هن جي وشال من تي دور دور تائين ٿي دک جا تارا جرڪيا
    نرمل! اڄ آئون پاڻ کي تنهنجي ساروڻن جي قبرستان ۾ ٿو دفن ڪيان
    هي ـ اڄوڪو ڏينهن به سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي ـ ائين زندگيءَ جا سمورا پل ٻڏندا ويندا سمنڊ ۾ ـ درياهن ۾ ـ جبلن جي هن پار ـ رڻن ۾ ـ بلڊنگن جي پويان ـ سرءُ جي پيلن پنن ۾ ـ ڪوبه پل نه رهندو ـ نرمل راڻي!
    پوءِ ـ هڪ وار ـ صرف هڪ وار ـ آئون توکي گلاس ۾ ڀري پيئڻ ٿو چاهيان ـ
    هيءَ عورت ـ جيڪا سامهون ڪوچ تي ويٺي آهي، مون سان اڪيلائين جو سودو ڪرڻ ٿي چاهي ـ پر مون ۾ ايڏو ساهس ئي ڪٿي آهي جو هن جي اڪيلائين ۾ رنگ ڀري سگهان ـ اڪيلو ته آئون به آهيان (جنم پل کان اسان سڀ اڪيلا آهيون) ـ پر ـ منهنجين اڪيلائين ۾ ته تنهنجو رنگ آهي ـ
    اچ ته هڪ وار وري وڇڙڻ لاءِ پيار ڪريون ـ انهيءَ پيار ۾ آئون توکي ڇُهڻ جي خواهش ڪڏهن به ڪونه ڪندس ـ ڇُهڻ سان واريءَ جا گهر ڊهي پوندا آهن نه نرمل! ـ
    تون هن پل ڇا سوچيندي هوندينءَ نرمل!
    - - اسان بي معنيٰ ليڪا آهيون ـ ڪير ٿو ڀلا اسان کي سَلي سگهي ـ
    ۽ ـ انهيءَ رات هن وسڪي به ڪانه پيتي هئي ـ هو نشي ۾ الوٽ ته نه هو ـ هن آخري ڀيرو نرمل کي فون تي چيو هو:
    ”مون سان شادي ڪندينءَ ـ نرمل؟“ هن ڄڻ بيک گهري هئي ـ
    ”آئون ـ مرڻ ٿي چاهيان ـ عابد!“
    ”پوءِ مون سان شادي ڇو نٿي ڪرين ـ اهو به ته موت آهي نه جو تون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرين (نه چاهيندي به) جنهن کان توکي نفرت هجي.“
    ”آئون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪندس عابد! جنهن جي آڱرين ڪڏهن به مون کي ڇهي نه ڏٺو هجي.“
    رسيور جي اندر ڪيڏو شور آهي
    لاڳيتو ڪجهه ٽٽندو ٿو وڃي
    ـ نرمل ـ تنهنجو آواز ڪيڏو دُور آهي ـ ڀانءِ اُڀ جي هن پار کان ايندو هجي ـ
    منهنجي سامهون اها عورت ويٺي آهي ـ جيڪا منهنجين اڪيلائين ۾ ڀريل تنهنجو رنگ پنهنجي مُک تي سجائي نرمل بڻجڻ ٿي چاهي ـ ڪيڏيون پيڙائون آهن هن جي مُک تي ـ آئون توسان فون تي پيو ڳالهايان ـ پر تنهنجو آواز ڪيڏو دُور ٿيندو ٿو وڃي
    Hello! – Hello!! - ، نرمل ـ ا ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ
    ”پر ـ آئون توسان شادي ڪرڻ بدران ـ گورين لپ ڦڪي آسانيءَ سان مري سگهان ٿي ـ مون کي نفرت آهي توکان ـ تو ته مون کي پاتال تائين دفن ڪري ڇڏيو آهي ـ هاڻ ته مون ۾ اهو جيئڻ جو ساهسُ ئي ناهي رهيو ـ“ هوءَ سڏڪي پئي هئي ـ يا اهو هن جو گمان هو.
    اهڙا انيڪ سڏڪا ـ جيڪي ڪڻس رات جو اڪيلائپ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن
    ”تون ـ عابد علي ـ ڇو ٿو مون کي پورڻ چاهين ـ آئون ـ ڪي پل جيئڻ ٿي چاهيان ـ بيحد سڪون سان ـ تنهنجي وجود کان ڌار ٿي ـ زهر جو پيالو پي ـ سدائين لاءِ اکيون پورڻ ٿي چاهيان ـ عابد علي ـ آئون ـ آئون ـ“
    ”مون کان ڌار ٿي ـ جي سگهندينءَ ـ نرمل!“
    تون ـ دريءَ کان ٻاهر ـ ڏسين ٿي نرمل ـ وشال نيري آڪاس تي ٽيڙو ٿو ٽمڪي ـ ڪيڏي روشني آهي سڄي شهر ۾ ـ پر ڪيڏي اونداهي آهي ـ ڇا اسان جيئري ئي قبرن ۾ دفن آهيون ـ اسان هاڻ ڪڏهن به ٻيو جنم نه وٺي سگهنداسون ـ
    ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ نرمل
    ۽ نرمل ڪيڏي زور سان (شايد ـ نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ) رسيور ـ ڪريڊل تي رکي ڇڏيو هو ـ هو انيڪ پل رسيور هٿن ۾ جهليو بيٺو رهيو.
    اڄ آئون پيئندس ـ تنهنجي درد جي نانءِ ـ نرمل!
    اڄ آئون پاڻ ۾ مرڻ جو ساهسُ پيدا ڪندس
    ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ نرمل ـ ر ـ ا ـ ڻي ـ
    اڄ آئون پنهنجا سڀ درد توکي ٿو ارپيان
    موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ ـ ٽيڪسلا ۾ ـ رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ـ ها ـ سنڌوءَ جي ڪپ تي ـ مهاڻن جي ٻيڙين ۾ ـ
    مڪليءَ ۽ ڀنڀور ۾
    سنڌ جي ڀٽن ۽ برن ۾
    ٽکڙ جي پيلن جبلن تي اُڀريل ٿوهر جي ٻوٽن جي ڇانوَ ۾
    سنڌ جي جهونن اوليائن جي مقبرن تي
    ڀٽ شاهه کان ـ سچوءَ تائين ـ نرمل ـ ڪٿي به سڪون ناهي ـ پيڙا آهي ـ جا هن سڄيءَ ڀونءِ تي ٿي رقص ڪري ـ کنڊرن ۾ ـ درياهن ۾ ـ مقبرن ۾ ۽ ـ ڪتابن ۾ ـ
    ماڻهن جي دلين ۾ ـ
    جي ڪو تنهنجي درد ۾ پاڳل ٿي نڪري ـ ته به ڪيڏانهن وڃي ـ نرمل راڻي ـ
    نرمل جي درد ۾ ـ دنيا تياڳي ـ سنڌ جي ڀٽن برن ۾ وڃي نڪتو هو
    پيرين پيادو ـ سنڌ جي سڄي ڌرتي هن کي روئندي محسوس ٿي هئي ـ اوم ـ شانتي ـ شانتي ـ هو هلندو رهيو ـ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ـ نشي ۾ الوٽ
    ڪٿي به مڪتي ناهي نرمل ـ هڪڙيءَ تيليءَ سان ـ سڄي ڪائنات ٿي دُکي ـ
    هن پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائي ـ ۽ ٽنگون ڊگهيڙي ـ اکيون پوري ڇڏيون هئائين
    سج ـ لهي سانجهي ـ ٿي ـ پکين کوڙيا ـ پک ـ ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي ـ ڪن ميڙيا ڪک
    پن جي ٻيڙي ـ هن جي آڱرين ۾ دکندي رهي
    ڀٽ جي فقيرن جا آواز اوچا ٿيندا ٿي ويا ـ آڪاس ڏانهن ـ اُڀ جي هن پار ـ ڌرتيءَ جي رڳ رڳ ۾ ـ الله ـ هو ـ الله هو ـ هو ـ هو ـ
    هن جي پيرن تي سنڌ جي ڀٽن ـ برن جي مٽيءَ جا تهه هيا ـ هو ڀنگ جي نشي ۾ جهومڻ لڳو ـ اوم ـ شانتي
    نرمل ـ تنهنجو پاڇولو ـ ڪيڏو دُور ٿيندو ٿو وڃي ـ ڪيڏو دُور
    ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي ـ ڪن ميڙيا ڪک
    ڪن ميڙيا ماڻڪ ـ ڪن ميڙيا ڪک
    هن پتلون جي کيسي مان الاءِ ڪائين ٻيڙي ڪڍي دکائي ۽ ـ انهيءَ پل اجهامندڙ اکيون وڃي سامهون اٽڪيون هئس ـ
    پولارن ۾ ـ جتي هوءَ بيٺي هئي ـ جنهن ساڻس اڪيلائين جو سودو ڪرڻ چاهيو هو.
    ڪٿي به مڪتي ناهي ـ هو ـ انهيءَ هڪ رات لاءِ خريد ڪيل عورت جي ٻانهن ۾ گهيرجي ويو ـ جيڪي ڪجهه آهي انهيءَ پيڙا ۾ آهي ـ
    ”ڪوهه ٿو پنهنجو پاڻ جلائي ناس ڪرين ـ پاڇولن جي پويان ـ
    هل ته موٽي هلون ـ عابد! هٿ هٿ ۾ ڏئي ـ دُور ـ جبلن مان سج ٿو اُڀري ـ ڪنهن هڪڙي دڳ تي ويهي ليڪا پائڻ ۾ ته مُڪتي ناهي ـ اچ ته سج جا سمورا ڪِرڻا پنهنجي پاند ۾ ميڙي ـ سيڙي وٺون ـ جيڪي ڪجهه آهي ـ هن پل ۾ آهي ـ جيڪو مُٺ ۾ بند آهي ـ آسمانن جا ستارا اُجهامي وڃن ته ڇا آهي ـ اکڙيون ٻاٽ ۾ ٻرنديون رهنديون ـ اچ ته دائرن ۾ ڦرندي رهڻ بدران ـ دائرن جا ليڪا ڊاهي اڳتي نڪري وڃون ـ دک جا ٻنڌڻ ٽوڙي آزاد ٿي وڃون ـ انيڪ دُک ڦهليا پيا آهن، ڪهڙي ڄاڻ انهن ۾ مُڪتي هجي ـ ڌرتي جيڪا باهه جو ٻرندڙ گولو آهي ـ پگهر جي بوندن سان اها باهه اُجهائي ـ امرتا ماڻيون ـ شانتي آهي نياءُ ۾ ـ سچ ۾ ـ سچ ـ جيڪو تو وانگر دنيا تياڳي گم ٿي چڪو آهي ـ اچ ته انهيءَ جا پيرا کڻي هلون ـ ڪٿي نه ڪٿي ته سج لڀي پوندو نه ـ عابد!“
    هر لڙڪ کي هزارين معنائون آهن ـ هر روپ جا انيڪ رنگ آهن ـ هن ڀونءِ تي جيڪي ڪجهه آهي سو سپنو آهي ـ سپنن جي ساڀيان ماڻڻ جو ڪنهن ۾ آهي ساهسُ! ـ سمنڊ ڪناري ـ سنڌوءَ جي ڪپ تي هلندا رهون ـ پنهنجا پيرا ـ جيڪي پويان رهجي ويندا سي آهن باک ڦٽيءَ جو پهريون پل ـ عابد! ـ دوست! ان کان اڳ جو ڪائنات سڄي ڀسم ٿي وڃي ـ ڪنهن نيوٽران بم جي ڪرڻ سان ـ ان کان اڳ جو مهاڀاري جنگ جي آڳ ۾ سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي وڃي ـ ان کان اڳ جو ڪجهه به نه رهي ـ اچ اهو دڳ وٺي هلون ـ جتان کان سُج ٿو اُڀري ـ
    هوءَ عورت ـ جنهن سندس سنسان زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ چاهيا ها ـ سا سندس اُجهاڻل اُجهاڻل مُک تي نمي وئي هئي ـ
    پنهنجي سرخ چپن سان سندس بي رنگ چپ چمي ورتا هيائين
    سندس هٿن کي پنهنجن سرد هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيو هيائين ـ هن کي ٻانهن ۾ ڀري ـ وٺي آئي هئي ـ سنڌ جي بيرانن مان ـ
    ”آئون تنهنجي ڪجهه به نٿي لڳان ـ پوءِ به منهنجا توساڻ هڪ رات جا جوڙيل انيڪ ناتا آهن.
    اسان جيڪي هڪ ٻئي جي جسمن جا رازدار آهيون ـ اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهيون جُڳن کان ـ ڇا آهي جو هڪ ٻئي لاءِ پناهه گاهه بڻجي پئون ـ“
    هو چپ چاپ ـ اکيون بند ڪيو ـ ٻڌندو رهيو
    هوريان هوريان ـ تن پاتال تائين ـ سرد آڱرين سان پنهنجي آتما کي ڇُهندو رهيو هو ـ
    ڪيڏا ميرانجهڙا پئجي ويا ها نرمل جا پاڇولا ـ دائرا ـ هڪ هڪ ڪري ٽٽندا ٿي ويا ـ دُور جبلن مان سج ٿي اُڀريو ـ
    ڪلاڪن کان ـ دريءَ تي ٺونٺ رکيو بيٺو رهيو ـ ٻاهر سڄي ڪائنات ڦهليل هئي ـ سندس پويان ـ ڪيڏيون اونداهيون رهجي ويون هيون ـ
    وشال نيري آڪاش جي ڇانوَ ۾ ـ بادلن جو سينو چيريندو جيڪو جهاز وڃي پيو ـ انهيءَ ۾ ـ نرمل راڻي ـ تو سان منهنجا اڻپورا سپنا به اُڏاڻا آهن ـ
    آئون ـ ريڊيو ـ ٽي وي ـ اخبار ۾ ڀوائتيون خبرون پڙهي ـ ٻڌي ـ اکيون پوري ڇڏيندو آهيان ـ ڪهڙي ڄاڻ تون ڪٿي هجين ـ هن پل ـ جڏهن ڌرتي سڄي ـ هڪڙيءَ تيليءَ سان ٿي دکي ـ ڀ‍ؤ جا اهي ڪهڙا ڀاوَ آهن ـ نرمل!
    اُداس راتين ۾ جڏهن رشي ـ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي وائلن وڄائيندي آهي ـ تڏهن آئون گيلري ۾ رکيل ٿوهر جي ٻوٽن وٽ اچي ويهي رهندو آهيان ـ ڪيترا تارا آسمان تي اُجهامندا ويندا آهن ـ مون کي تون ياد ايندي آهين ـ
    مون ـ مني پلانٽ جي هر پن تي تنهنجو نانءُ لکي ڇڏيو آهي
    ۽ ڪيترا پيلا پن ڇڻي ـ منهنجي اڱڻ ۾ وکريا پيا آهن
    جڏهن ڪائنات سڄي اُداس رات جو واسو هوندو آهي
    تڏهن تنهنجا ساروڻا، دل نگر جي گهٽيءَ ـ گهٽيءَ ۾ رقص ڪندا آهن ـ
    Oh! My friend come back, come back.


    ديوارون

    سمورو پاڙو شريفن جو. اوچيون ديوارون هڪ ٻئي سان گڏ ٿيل، وچ ۾ گهٽي هئي جنهن جي ٻنهي پاسي گندي پاڻيءَ جون ڪِنيون ناليون وهنديون هيون. آڌيءَ رات جو انهن نالين جي ڌپ ويتر وڌي ويئدي هئي، جا هوريان هوريان برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي هئي. اهڙين ئي راتين جو آڌيءَ ويل جڏهن نسيمه موٽندي هئي، تڏهن انهن اوچين ديوارين ۾ لڳل درين سِيرن مان ڪيتريون ئي ديوارين جي اندر ٻوساٽيل حيران حيران اکيون ليئا پائينديون هيون. انهن سيرن جي پويان جهاتيون پائيندڙ اکين کي نسيمه چڱيءَ ريت ڏسي سگهندي هئي. سندس ڳاڙهن چپن تي حقارت ٽهڪ بڻجي گونجندي هئي. ڄاڻي واڻي پنهنجي گراهڪن ڏانهن نهاري کلي ڏيندي هئي. هن جي ٽهڪ جي گونج ٻڌي درين جون سِيرون بند ٿي وينديون هيون ۽ انهن سان گڏ ئي هن جو ٽهڪ به ٻڏي ويندو هو. گراهڪن کان موڪلائي هوءَ اندر هلي ويندي هئي.
    سمورو پاڙو شريفن جو هو، جڏهن هوءَ اتي ويٺي تڏهن ڪيترا ڏينهن ڌنڌو ڪري نه سگهي. شريفن جي پاڙي ۾ گناهه ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. نيٺ ڌنڌو شروع ڪري ڏنائين. شريفن جي پاڙي جون ته ديوارون ئي لڏي ويون؛ پر هن جي اڳيان ڪنهن جي نه هلي. شهر جي هر وڏي ماڻهوءَ وٽ اونداهيءَ رات ۾ هن جو نالو وٺبو هو. ها ايترو ضرور ٿيو جو هن جي گهر ڏانهن کلندڙ دريون بند ٿي ويون، پر جڏهن آڌيءَ رات جو گراهڪ سان ٽهڪ ڏيندي هئي ته انهن درين ۾ سِيرون کلي وينديون هيون ۽ هوءَ ٽهڪ روڪي نه سگهندي هئي.
    شريفن جي انهيءَ پاڙي ۾ هن جي گهر جي ديوار سڀن کان ننڍي هئي. هر گهر جي دريءَ مان هن جي گهر جو اڱڻ صاف ڏسبو هو.
    سج لٿي جڏهن هو ساڙهي پائي، ميڪ اپ ڪري، ڪلهن تي وار کولي، خوشبو هڻي ٻاهر نڪرندي هئي تڏهن به درين ۾ سيرون پَئجي وينديون هيون. کن پل لاءِ ترسي هوءَ چوڌاري نهار ڪندي هئي، اهي ئي حيران حيران هن کي گهوريندڙ ٻوساٽيل نظرون ۽ پوءِ مرڪي هوءَ گرهاڪ جي موٽر ۾ ويهي رهندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن نسيمه جي دل چوندي هئي ته هو انهن ديوارن ۾ ٻوساٽيل نظرن وارين ڇوڪرين وٽ وڃي ۽ انهن آڏو بيهي ايڏا آزاد ٽهڪ ڏئي جو هنن جي گهرن جون ديوارون ڀُري پون.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس اڱڻ ۾ هوءَ پنهنجي گراهڪ کي پئي وندرائيندي هئي، تڏهن اڱڻ جي بلڪل سامهون کلندڙ دريءَ جي سير مان به نظرون مسلسل پيون گهورينديون هيون، جئين ڪو پڃري ۾ قيد پکي حسرت سان آزاد پکين کي گهوريندو آهي. نسيمه جون ادائون ويتر وڌي وينديون هيون.
    تنهن رات ننڊ مان هوءَ سجاڳ ٿي، اُڃَ ڪنڊا بڻجي سندس نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳي. هوءَ اڱڻ ۾ پاڻي پيئڻ آئي، پاڻي پيئندي اوچتو سندس اکيون سامهونءَ واريءَ دريءَ تي وڃي کتيون. دريءَ جا ٻئي تاڪ کليل هئا. انهن حيران نظرن ۾ اڄ ڊپ هو. هوءَ دريءَ مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڄڻ ڪجهه ڳولي رهي هئي ۽ زهر ڀري مرڪ نسيمه جي چپن تي تري آئي هئي.
    ڀر سِرڪندو ڪو ڀوائتو پاڇو دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. نسيمه کي آڌي رات جو اوچن وَڻن جا ڀوائتا پاڇا ياد اچي ويا. انهيءَ ڀوائتي پاڇي جيان هي پاڇو دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. دريءَ ۾ بيٺل هيسيل ڇوڪري هر هر ڊپ وچان ڪڏهن اندر ڪڏهن ٻاهر ڏسي رهي هئي. پاڇو هن جي اوريان هليو آهيو، دريءَ مان ايندڙ ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اُن پاڇي کي ڏسي نسميه ڇرڪي پئي…. اهو عالم هو جيڪو اڃا ڪلهه رات نسيمه وٽان ٿي ويو هو. عالم اڪثر نوٽن جون دستيون کڻي نسيمه وٽ هڪ رات جو سودو ڪرڻ ايندو هو. نفرت جون چڻنگون نسيمه جي اکين ۾ ٻرڻ لڳيون. حقارت سان هوءَ ڀڻڪي، ”شريفن جو پاڙو.“
    ٻئي ڏينهن عالم سدائين جيان نوٽن جي دستي کڻي آيو. نسيمه جي بدن ۾ باهه ٻرڻ لڳي. عالم ڏانهن گهور ڪري چيائين، ”رات گهڻي قيمت ڏنئي؟“
    ”ڪنهن کي؟“ عالم ڇرڪي پيو.
    ”جنهن ڏانهن ويو هئين.“
    عالم ڦڪي کل کلڻ لڳو. ڪجهه سوچي پوءِ چيائين، ”تو ڏسي ورتو!“
    ”رنڊيءَ جون نظرون تيز هونديون آهن، عالم.“
    ”هوءَ تمام شريف ڇوڪري آهي، نسميه!“
    ”قيمت گهڻي ڏنئي؟“ نسيمه حقارت سان چيو.
    ”چيم نه ته هوءَ تمام شريف ڇوڪري آهي.“
    ”آئون رنڊي آهيان، انهيءَ ڪري منهنجو مُلهه آهي. هوءَ شريف ڇوڪري آهي، انهيءَ ڪري املهه آهي!“
    ”اهو زماني جو دستور آهي.“ عالم نوٽن جي دستي ڪرسيءَ تي ڦٽي ڪندي چيو.
    نسميه وڦلي پئي. الائي سندس ڪهڙي ڀرم کي ڌڪ رسيو هو. نفرت سان نوٽن کي گهوريندي چيائين، ”پر رات جو لڪي انهيءَ وٽ به ائين ئي ويو هئين جيئن هت آيو آهين.“
    ”هوءَ شريف ڇوڪري آهي، نسيمه.“
    ”تڏهن توسان رات جو ملي ٿي.“
    ”انهيءَ لاءِ جو هوءَ شريف ڇوڪري آهي.“ عالم چڙي پيو.
    ”هوءَ به رنڊي آهي.“ نسميه جو آواز اوچو ٿي ويو.
    ”هوءَ رنڊي ڪانهي. هوءِ شريفن جي پاڙي جي لڄ آهي.“
    ”پوءِ آءٌ به شريف زادي آهيان. شريفن جي پاڙي جي لڄ.“ هن جي دماغ جون نسون ڄڻ ڦاٽڻ لڳيون. ڪرسيءَ تان نوٽن جي دستي کڻي زور سان عالم ڏي اڇليائين، جيڪا عالم جي پيرن ۾ اچي ڪري، هوءَ وڦريل نانگڻ جيان سهڪڻ لڳي. عالم به مڇرجي اٿي بيهي رهيو. نوٽ کڻي نسيمه ڏانهن نفرت سان گهوريندو هليو ويو. عالم جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ ڪيتري دير وحشت جو روپ بڻيو بيٺي رهي. ساري رات پنهنجي کٽ تان سامهون بند ٿيل دريءَ ڏي گهوريندي رهي. هن جي دماغ ۾ هڪ ئي لفظ چڪر کائيندو رهيو، ”آءٌ رنڊي نه آهيان، آءٌ رنڊي نه آهيان.“ ”…جيڪي اونچي ديوارين جي پويان رهندڙ ڇوڪريون ائين غير مرد جا (آڌيءَ رات جو دريءَ مان جهاتي پائي) چپ چمي سگهن ٿيون ته پوءِ آءٌ ڇو ائين ڪرڻ سان رنڊي آهيان. آءٌ به لڄ آهيان. آءٌ به لڄ آهيان.“ ساري رات هن جو دل ۽ دماغ جنگ ڪندو رهيو. ٻئي ڏينهن سيٺ هاشم ڀائيءَ جو ڊرائيور چارچڪر هڻي موٽي ويو، پر هوءَ سڄو ڏينهن در بند ڪيو ويٺي، رهي انهيءَ رات جو سيٺ هاشم پاڻ هلي آيو. رات جو اڱڻ ۾ سيٺ هاشم جي اڇن وارن ۾ آڱريون ڦيريندي انهيءَ دريءَ ڏانهن گهوريندي رهي. آڌيءَ ويل اها دري کلي، ڇوڪريءَ سيس ٻاهر ڪڍيو. اڄ انهيءَ رات کان به وڌيڪ ميرانجهڙي روشني هئي جنهن ۾ ڇوڪريءَ جو پاڇو ڀوائتو ٿي ويو هو، ساڳي ريت ٻاهر ڏسي رهي هئي، نسيمه هوريان ڀڻڪي، ”شريفن جو پاڙو.“
    ”ڇا چيئي مٺڙي؟“ سيٺ کيس ڳراٽي پائيندي چيو،. هوءَ ڄڻ ڇرڪي پئي.
    ”ڪهه به نه سيٺ صاحب! ڪجهه به نه.“
    ”تون چئو ته مٺڙي! بندو حڪم جو غلام آهي.“
    ”سيٺ سچ چئو ته آءٌ رنڊي آهيان يا لڄ؟“
    ”تون اسان جي لڄ آهين مٺڙي.“ سيٺ سندس چپ چمندي چيو. اهو چوندي سيٺ جي پوڙهن چپن تي عيار مرڪ تري آئي. نسيمه جي دل ڪيو ته هوءَ سيٺ جي انهن عيار مُرڪ وارن چپن تي ٿُڪي ۽ چئي، ”رنڊي جي نظر ڏاڍي تکي هوندي آهي …. سيٺ.“ پر هوءَ چپ رهي. سندس نظرون ”کليل دريءَ“ تي کتل رهيون. هن شريف زاديءَ جو پاڇو ويتر ڀوائتو ٿي ويو. ”شريف زادين جا پاڇا ڀوائتا ٿيندا آهن.“ هوءَ من ئي من ۾ ڀڻڪي.
    پريان ڀت سان لڳل پاڇو هوريان کليل دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. نسيمه جي اکين ۾ رت مڙي آيو. نالين جي ڌپ ويتر وڌي وئي هئي. ساهه منجهائيندڙ ڌپ. هن جو در کليل ئي رهيو، جنهن مان هن جون تيز نظرون پاڇن کي گهوري رهيون هيون. اهو عالم ئي هو جنهن کي ڏسي ڇوڪريءَ کن کان پوءِ دريءَ مان بيگ اڇلائي جنهن کي عالم جهٽي ورتو. اها بيگ نسيمه جي مٿان ڄڻ ڇپ بڻجي ڪري. هن ڄاتو ٿي ته هاڻ ڇا ٿيندو، اهوئي جيڪو شريفن جي پاڙي ۾ به ٿيندو آهي. پر هڪڙو چڪلو ٿو سڏرائجي، ٻيو شريفن جو پاڙو، ٻي پل ڇوڪريءَ به دريءَ مان ٽپ ڏنو، پر ڪابه ديوار نه لڏي. عالم شريف زاديءَ جا چپ چمي ورتا. انهن ئي چپن سان هن نسيمه جا به چپ چميا هئا. پر پوءِ به نسيمه رنڊي هئي ۽ هوءَ شريف زادي. نسيمه جي اکين آڏو سڀ ڪجهه ميرانجهڙو ٿي ويو. ”چڪلو شريفن جي ئي گهٽي مان جنم وٺندو آهي.“ هن چاهيو ته اهي اکر رڙ ڪري چوي، پر سڀ ڪجهه گُهٽجي ويو. سيٺ هن جي اگهاڙي بدن سان کيڏندو رهيو ۽ هوءَ …..!!
    هوءَ ٻاهر گهوريندي رهي. شريف زاديءَ عالم جي ٻانهن جهلي چوڌاري نهاري اهڙو ئي ٽهڪ ڏنو جيڪو نسيمه گراهڪ جي ٻانهن جهلي درين جي سيرن مان ليئو پائيندڙ نظرن ڏي نهاري ڏيندي هئي. ان ٽهڪ جو پڙاڏو صرف نسيمه ٻڌي سگهي. ٻنهي جا پاڇا گڏجي ويتر ڀوائتا ٿي ويا هئا. هو ٻئي گهٽيءَ ۾ پکڙيل اونداهيءَ ۾ غائب ٿي ويا… دري کليل ئي رهي.
    ٻئي ڏينهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي گهر ۾ ڏاڍو گوڙ هو. نسيمه چاهيو ٿي ته وچ گهٽيءَ ۾ بيهي اوچا اوچا حقارت ڀريا ٽهڪ ڏئي، پر هوءَ چپ رهي، پر دٻيل آواز ۾ ڀڻڪي رهي هئي، ”آئون شريف زادي آهيان، آءٌ لڄ آهيان. ”سج لٿي هن جي گهر ڏانهن کلندڙ درين کي سرون رکي بند ڪيو ويو ۽ ديوران کي ويتر اوچو ڪيو ويو.
    صبح جو رئيس خان محمد کان موڪلائيندي نسيمه ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان کيس چيو، رئيس هڪ فرمائش ڪيانءِ.“
    ”چؤ جاني سر به حاضر آهي.“ رئيس کيس ڀاڪر پائيندي چيو.


    ناگاساڪي

    ۽ پوءِ هن جي شادي ٿي وئي. بلڪل ائين جيئن سڀني جي ٿيندي آهي. ڏاڍي ڌام ڌوم سان ڄڃ آئي، هن کي مينا بازار جيان سينگاريو ويو ۽ پوءِ نڪاح جي ٽن ٻولن سندس زندگي جون راهون ائين مٽائي ڇڏيون، جو پل اپل لاءِ ته ڪڻس ويساهه ئي نه پي آيو ته ڪو هوءَ ائين کن پل ۾ نه چاهيندي به، رئيس خدا بخش جي زال بڻجي وئي آهي. هن ته نڪاح مهل ”قبول“ به نٿي چيو جو اهو ننڍڙو پر ڪيڏو ڀاري لفظ سندس نڙي ۾ زهر جي ڪساري ڍُڪ جيان اٽڪي پيو هو، پر جڏهن ماڻس ڪڻس آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ پڻس اکين ۾ لڙڪ ڀري سندس آڏو هٿ ٻڌي ليلڙاٽيون پاتيون هيون، ”ڌيءُ! منهنجي عزت رک، منهنجن اڇن وارن ڏانهن نهار، نه ته آئون پيريءَ ۾ خوار ٿي ويندس،“ تڏهن نه چاهيندي به، ڪيترا سڏڪا نڙي ۾ گُهٽي. اکيون پوري هن ’قبول‘ چئي ڇڏيو هو. ائين پڻس جي به اڇن وارن ۾ عزت رهجي آئي ۽ ماڻس آپهگات ڪرڻ کان بچي وئي هئي. پر هن جي اندر جي دنيا موهن جو دڙو بنجي وئي هئي. سندس نڙيءَ ۾ رت ڀرجي آيو هو ۽ اکين آڏو ڦري ويو هئس، پڻس جي عمر جيڏي رئيس خدابخش جو چهرو، جنهن تان هوءَ سدائين سرتين سان گڏجي چرچا ڪندي هئي.
    هڪ ڀيرو چرچي ۾ نسيم کي چيو هئائين، ”آئون ته رئيس خدا بخش سان شادي ڪنديس. ملڪيت به ڏاڍي اٿس ۽ ڀائيندو به ڏاڍو.“ انهيءَ چرچي تي هو ڏاڍو کليون هيون. تڏهن اهو نه سوچيو هئائين ته ڪڏهن ڪڏهن محض کلڻ خاطر ڪيل چرچا زندگيءَ جا سڀ کان وڏا ڪائنات جا به سڀ کان وڏا هاڃا بڻجيو پون. ۽ پوءِ هن جو ڪيل اهو ننڍڙو چرچو سچ پچ هن جي زندگي جو سڀ کان وڏو هاڃو بڻجي ويو.
    رئيس خدابخش جو ڏاڍو ڀاري قرض پڻس تي هو، شايد انهيءَ ڪري الاءِ انهيءَ ڪري ته پڻس اڻ ڄاڻائي ۾ اهو سمجهيو هو ته رئيس خدابخش جي ايتري ساري ملڪيت سندس ڌيءَ کي ڪائنات جا سڀئي سک ڏئي سگهندي، سو رئيس خدا بخش جو آيل سڱ هو موٽائي نه سگهيو، بنا هن کان پڇڻ جي، بنا اهو سوچڻ جي ته الاءِ هوءَ زندگي جو ايڏو هاڃو سهي به سگهندي يا نه.
    هن جڏهن شاديءَ بابت ٻڌو تڏهن ڪي ڏينهن هن کي ويساهه نه پي آيو. هوءَ جا بيحد خوبصورت خواب ڏسندي هئي ۽ سندس خوابن جو شهزادو به ڪيڏو نه خوبصورت هوندو هو، سو سڀ ڪجهه ٻوڏ هيٺ آيل ڪچي ڳوٺ جيان لڙهي ويو. سندس ڪنهن به نه ٻڌي. سندس هر احتجاج جي وراڻي مائٽن اها ڏني ته، ”تون اڃا ننڍي آهين، نٿي سمجهين ته ڪو به مائٽ پنهنجي اولاد جو برو ناهي چاهيندو.“ ۽ اهو هو به سچ ته ڪو به مائٽ پنهنجي اولاد جو برو ناهي چاهيندو، پر هوءَ به ڇا ڪري ها، سندس من کي ويساهه جو نٿي آيو، سندس اندر جي دنيا به ته ڄڻ ناگاساڪي ۽ هيروشيما بڻجندي ٿي وئي.
    شاديءَ رات رئيس خدا بخش دل تي پيتي هئي. وارن ۽ مُڇين کي تازو ڪارو رنگ ڪيو هئائين، بوسڪيءَ جو وڳو ۽ پٽڪو ٻڌي، پنهنجي پر ۾ نوجوان ٿيو هو. هيءَ سندس ٽين شادي هئي. وڏيءَ رئيسياڻيءَ جوانيءَ ۾ الاءِ ڇو آپهگات ڪري پنهنجو انت آندو هو ۽ پويان هڪڙو پٽ ڇڏي وئي هئي، حميد جيڪو هاڻ اچي جوان ٿيو هو. حيدرآباد واري بنگلي ۾ رهندو هو ۽ پڻس کان به ڄڻ رتيون ڪثر هو. ٻيو نمبر رئيساڻي جهڙي هئي تهڙي ڪانه، ڌار حويليءَ ۾ رهندي هئي. گهڻا ڏينهن اڳ رئين ڪڻس رٽائر ڪري ڇڏيو هو ۽ پينشن ۾ هن کي ساهيڙيون مليون هيون، جن مان هوءَ رئيس جون سڪون پئي لاهيندي هئي.
    ۽ هيءَ رئيس جي ٽين شادي هئي. هونئن ته رئيس لاءِ عورتن جي ڪابه کوٽ ڪين هئي، پر نڪاح ٻڌي ننڍيءَ نيٽيءَ زال جي ته ڳالهه ئي ٻي آهي، اهڙو چيڪ جڏهن دل چاهي ڪيش ڪرائي ڇڏجي. هوءَ به رئيس لاءِ انهيءَ چيڪ سمان هئي، جيڪو رئيس پهرئين ئي رات ڪيش ڪرايو هو. پر هن کي رئيس جي اگهاڙي ڀاري جسم مان مردار گوشت جي ڌپ آئي هئي، جيڪو انيڪ ڏينهن دڙي تي پئجي پئجي ڍونڍ ٿي ويو هجي. سمورو وقت هن جون اکيون بند رهيون ۽ نڙي ڪڙي.
    سدائين پنهنجو چيڪ ناهي ڪيش ڪرائبو. پرائي پئسي جيان پرائي عورت جي بدن جو نشو به جدا هوندو آهي، جنهن جي رئيس کي گهڻي عادت هئي ۽ پوءِ نئين ڪنوار هئڻ جي باوجود به هوءَ ته ڄڻ برف جي سِرُ هئي. وراڻيءَ ۾ رڳو رئيس کي ڀاڪر به ڪانه پائيندي هئي. پٿر جي بت جيان اکيون پوريو پئي هوندي هئي ۽ اها ڳالهه رئيس کي ڪانه وڻندي هئي، هوئن به ڀلا ڪيسين تائين هڪڙو ئي نشو پي سگهجي ٿو، جنهن جي رئيس کي صفا عادت نه هئي، سو ٻه ٽي ڏينهن هن سان مٿو هڻي هڻي جڏهن ٿڪجي پيو تڏهن جيپ ڪاهي اچي زمرد بانوءَ وٽ حيدرآباد پهتو.
    هوءَ پراڻي رانديڪي جيان اڪيلي رهجي وئي. من جي شهر جون عمارتون سمنڊ ڪناري، واريءَ جي ننڍڙن گهرن جيان، هڪ هڪ ڪري ڊهنديون ٿي ويون، سندس اکين جي صحرا ۾ واري پري پري تائين اُڏامڻ لڳي هئي. رئيس جو اهو ڀوائتو پاڇولو، جيڪو هر لمحي سندس بدن تي بکايل ڪتن جيان چهٽيو پيو هوندو هو سو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڌار ٿي ويو هو، پر انهن جو ڇهاءُ اڃا تائين سندس بدن تي هُري رهيو هو. ڀانءِ ٿوهر جا انيڪ ٻوٽا سندس بدن تي اُڀري آيا هجن ۽ هوءَ انهن مان هڪ هڪ ڪري ڪنڊا چونڊي رهي هئي، جن سندس رڳ رڳ ۾ ، رت جي هر ڦڙي ۾ زهر ڀري ڇڏيو هو. رئيس ڪڻس رٽائر ڪونه ڪيو هو، پر ايڊوانس ۾ لاڪس ٻانهين جو واڙو ڇڏي ويو هو. جيڪي چاهينديون هيون ته هوءَ به رئيس جي ٻيءَ زال جيان، منجهان رئيس جون سڪون لاهي، پر هن کي منجهان، رئيس جي پوڙهي جسم جهڙي، مردار گوشت جي ڌَپ ايندي هئي ۽ اُهي هن جي ويجهو اچڻ لاءِ پيون واجهائينديون هيون، جو کيس خبر هئي ته هنن جي جنسي قربت جي بدلي، رئيسياڻيون، نوازڻ ۾ وس آهر ڪونه گهٽائينديون آهن، پر هوءَ به ويجهو اچڻ ڏئين، جنهن خواب ڏٺا ها، ڪنهن نوجوان شهزادي جا.
    ”جيجان! ٽنگن کي زور ڏيانءِ! ٿڪجي پئي هوندينءَ.“ هن کي اڪيلو ڏسي ڪانه ڪا اچي پاسي ۾ ويهندي هئس. هنن جا عادي هٿ هن جي بدن تي چارسو ڊوڙڻ لڳندا ها، ۽ هن کي اُٻڙڪو اچي ويندو هو، ”آخ ٿو.“
    رئيس زمرد بانوءَ وٽان موٽي آيو ۽ هن جي بدن تي ٿوهرن جو جهنگ ويو ٿي گهاٽو ٿيندو. هن کي ته رئيس جي شوقن جي خبر ئي تڏهن پئي جڏهن رئيس جا ڪي دوست شڪار تي آيا ها، ساري رات ٻاهر اوطاق ۾ گهنگهرو وڄندا رهيا ها ۽ ڪڻس ڪنهن ٻانهيءَ اچي ٻڌايو هو ته رئيس نشي جي حالت ۾، ڪڃريءَ جي ڪڇ ۾ ستو پيو آهي. سندس اندر جي دنيا ۾ طوفان اچي کن پل ۾ لنگهي ويو. الاءِ ڇو، الاءِ ڇو هوءَ اهو ورهاڱو سهي نه سگهي هئي. ڪڻس رئيس کان بي انتها نفرت هئي، پر اهو ٻڌي سندس اندر جي روايتي عورت، نانگڻ جيان ڪَرُ کنيو بيٺي هئي، جيڪا پنهنجي مڙس جي ذات جو ورهاڱو سهي نه سگهندي آهي.
    صبح جو ميرانجهڙي روشني، هوريان هوريان، آڪاس کان ڌرتي تائين پکڙجي رهي هئي. هوءَ اڱڻ ۾ پيل کٽ تي اڃا تائين پئي هئي، رات کان جاڳيل اکيون، جن ۾ سموري رات جو اوجاڳو زهر سمان پکڙيل هو. اوطاق ۾ ماٺ لڳي پئي هئي، پر سندس ڪنن ۾ اڃا تائين گهنگهرو گونجي رهيا هئا. رئيس اڃا اوطاق مان ڪونه وريو هو، ۽ هوءَ جاڳي پي. سندس ذهن ۾ باهه ٻري رهي هئي، جنهن کي هوءَ ساري رات جاڳي جاڳي دکائيندي رهي، سوچيندي رهي ته ڇا ايڏي بيڪار آهيان جو منهنجي زندگي ڦٽائڻ کانپوءِ به رئيس کي ڪڃرين ۾ لذت ٿي اچي. ايڏو وڏو ورهاڱو؟ ايڏي وڏي ويساهه گهاتي؟ باهه وئي ٿي تيز ٿيندي.
    صبح جي اونداهي روشني صاف ٿي وئي هئي، تڏهن رئيس ٻن نشن جي نشي ۾ جهومندو، اوچن سُرن ۾ جهونگاريندو حويليءَ ۾ گهڙيو. هن جي کٽ وٽان لنگهيو ته خوشبوءَ جي هڪڙي تکي لهر سندس چوڌاري پکڙجي آئي. سٽ سان رلي لاٿائين ۽ رئيس جي پٺيان صفي ۾ هلي آئي.
    ”رات اوطاق ۾ ڇا پئي ٿيو؟“ رئيس جي اڳيان ڪنهن مضبوط ديوار جيان اچي بيٺي. رئيس حيران حيران نظرن سان هن کي ڏٺو. ڄڻ هو ڪو بيحد عجيب سوال ڪري رهي هجي ۽ پوءِ ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
    ”ڳائڻ هو،“ ٻن لفظن ۾ ۾ رئيس قصو ختم ڪرڻ پئي گهريو، پر هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پکڙجي آيل زهر جو سمورو حساب ڪتاب وٺڻ ٿي گهريو. منهن مٿو پٽي رکيائين. اوچي آواز ۾ روئڻ لڳي، سـڄي حويلي کڻي مٿي تي کنيائين. درن ۽ درين جي سِيرن مان ٻانهيون هن حويلي جو اهو لقاءُ ڏسڻ لڳيون جيڪو اڳ نه ڏٺو هئائون. رئيس جا وائيسر بتال ٿي ويا، ڀلا اهڙي زال ڪٿي ڏٺي هيائين، جيڪا مڙس جي معاملي ۾ ائين وڏي واڪ ڳالهائي. وڏي رئيسياڻي جڏهن حيات هئي، تڏهن ته رئيس حويلي جي اندر، ٻانهين تي هٿ وجهندو هو پر مجال آهي جو ٻاڦ به ٻاهر نڪتي هجي. اهو ته جڏهن هڪ ٻه ڀيرا ڇوريون پيٽ سان ٿي پيون تڏهن به مرحيات اهڙي هئي جو منجهه ئي منجهه ڇورين جا ٻار ڪيرائي ڇڏيئين جو ڪنهن کي ڪَل ئي ڪانه پئي. پر الاءِ ڇو آپگهات ڪري پنهنجو انت آندائين جو ڪڻس پنهنجي معصوم پٽ تي به ڪهل نه آئي.
    ٻيو نمبر رئيساڻيءَ به ڪڏهن رئيس جي معاملن ۾ نه ڳالهايو هو. سندس هوندي ته رئيس هڪ ڀيري ڪڃريءَ کي اندر حويليءَ ۾ هڪڙي رات رهايو هو. پاسي واري ڪمري ۾ رئيسياڻي ستل هئي، جنهن کي سڄي ڳالهه جي خبر هئي تڏهن به هوءَ ڪڇي پڇي ڪانه، پوءِ ته آهستي آهستي رئيس انهيءَ کي به رٽائر ڪري ڇڏيو، پر هن ته ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. اڪيلي ٿيندي هئي ته پنهنجي ڪمري ۾ (ڪڏهن ڪڏهن، پوءِ اڪثر، بستر ۾ به) ڪا ٻانهي رهائيندي هئي. ائين ٻانهين (جن کي رئيسياڻي ”ساهيڙيون“ چوندي هئي) رئيس جو خال ڏاڍي خلوص سان پُر ڪري ڇڏيو هو. شايد انهيءَ ئي ڪري هن ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو هو. پهرين پهرين ته رئيس کي ڪَل ئي ڪانه پئي ۽ جڏهن پئي ته تڏهن اهو سوچي مطمئن ٿي ويو ته ”رئيسياڻي“ جي بستري ۾ ٻانهي ئي ته هوندي آهي، ٻانهو ته ڪونهي، ڇا ٿو ڀلا فرق پوي.“
    پر هيءَ ڪهڙي زال هئي جيڪا ايڏي ننڍڙي ڳالهه تي ائين مڇرجي پئي هئي، جو رئيس جا ته وائسر ئي بتال ٿي ويا هئا. سمجهه ۾ نٿي آيس ته ڪيئن هن کي پرچائي، ڀاڪر کڻي پاتائينس، ”من! ڪاوڙجين ڇو ٿي؟ اڳتي کڻي ائين ڪونه ڪبو.“ ننڍي نيٽي زال هئي سو رئيس به دٻجي ويو هو. مطمئن ڪانه ٿي. رئيس جي ڀاڪر مان پاڻ ڇڏائي، ڪمري جو در بند ڪري وڃي ويهي رهي. ٻه ڏينهن رئيس هن جي ڊپ کان حويلي ۾ ئي ويٺو رهيو. ٽئين ڏينهن جيپ ڪاهي حيدرآباد هليو ويو، هن جي سامهون سوين قسم کنيائين ته حميد کي ٿو ساريان، انهيءَ لاءِ ٿو وڃان، پر سار آئي هئس زمرد بانوءَ جي. هن کي رئيس جي هلڪڙي ڇهاءُ کان به اُٻٿ ٿيندي هئي. رئيس جي پاڇولي کان به لڪندي هئي، پر جڏهن کان سندس اندر جي روايتي عورت ستل نانگڻ جيان جاڳي هئي، جڏهن کان سندس ”حق“ جو ورهاڱو ٿيو هو تڏهن کان رئيس مان اک ڪانه ڪڍندي هئي. ڪهڙو حق پهچندو هو، رئيس کي، هن جي زندگي ڦٽائڻ کانپوءِ هن جي حق جو ورهاڱو ڪرڻ جو. هن ڄڻ پنهنجي اندر جي ايذائيندڙ جيئري موت جو رئيس کان بدلو ٿي ورتو، جيڪو ستن پشتن تائين هلندو آهي، بنا معاف ڪرڻ جي. رئيس جي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري هوءَ ڄڻ ڪنهن پراڻي رانديڪي جيان اڪيلي رهجي وئي. بلڪل اڪيلي، جنهن جو ڪوبه سنگتي ساٿي نه هجي. سندس چوڌاري هڪ ڀيرو وري ٻانهين جو ولر مڙي آيو. هو هن کي ڏاڍي مزي سان، رئيسياڻي جي بستري جا جنسي راز ٻڌائينديون هيون، پر هوءَ هئي ڄڻ برف جي سر، ڪابه ڳالهه هن ۾ رئيسياڻيءَ جهڙو رنگ ڀري نه سگهندي هئي. هن کي ته ڏک هو پنهنجي حق جي ورهاڱي هو.
    انيڪ ڏينهن کان پوءِ رئيس حيدرآباد مان موٽيو ته ساڻس گڏ حميد به هو. جنهن کي رئيس ٻانهن مان جهلي هن وٽ وٺي آيو.
    ”هي ماءُ اٿئي، ادب ڪجئين هن جو.“ رئيس جي آواز ۾ سختي هئي. هن ٿڪل ٿڪل اکيون کڻي حميد ڏانهن نهاريو. پل لاءِ هن جي دل زور سان ڌڙڪي، ڄڻ ماٺ ۾ اچي وئي. هو هن کان مس ٻه سال کن وڏو هوندو بلڪل خوابن جي شهزادي جهڙو هن جي اندر جي دنيا ناگاساڪي بڻجي وئي.
    جڏهن کان حميد آيو هو، هن جي اندر جي دنيا ۾ ڄڻ انڊلٺ جا ست رنگ پکڙجي ويا هئا. حميد سامهون ايندو هو ته ڪڻس ڪنواري هوندي ڏٺل خوبصورت شهزادو ياد اچي ويندو هو. دل جي شهر جون عمارتون، ٻوڏ هيٺ آيل ڪچن گهرن جيان لڙهنديون وينديون هيون. رات جو رئيس جي ڀر ۾ جڏهن رئيس بکايل ڪتي جيان سندس بدن کي چهٽيو پيو هوندو هو ۽ هن جي پوري بدن مان اُٿندڙ مردار گوشت جي ڌپ تيز ٿي ويندي هئي، تڏهن هوءَ بند اکين جي اندر، من ئي من ۾ سوچيندي هي ته ڪاش .... ڪاش ... هن لمحي ..... هينئر هتي .... رئيس بدران ..... ڪا ش .... هوءَ گهٻرائجي سوچن تي پهرا ويهاري ڇڏيندي هئي، پوءِ به سمورين شدتن سان حميد جو چهرو هانَو تي تري ايندو هئس. حميد جي سامهون اچڻ ڇڏي ڏنو هئائين، پر هڪ ڏينهن نما شام جي بيحد اُداس لمحن ۾ پينگهي ۾ ويٺي لڏي، تڏهن هو آڏو اچي بيٺو هئس. هن گهٻرائجي مٿي تي رؤ رکي ڇڏيو. ڀانءِ هو، هن جو پٽ نه ڪو نامحرم هو.
    هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ڀانءِ ڪو طوفان اچڻ وارو هجي.
    نماشام جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن جو حسن ويتر نکري ويو هو. حميد ڪرسي تي سندس سامهون ئي ويهي رهيو.
    ”تون ايڏي خوبصورت آهين جو توکي ”امان“ چوڻ تي دل نٿي چوي.“ هن ٿڪل ٿڪل اکيون کڻي حميد ڏانهن نهاريو. حميد جي اکين ۾ ڪيڏي تکي گهور هئي، جيڪا هن جي بدن جي پاتال تائين ٿوهر جي گهاٽي جهنگ جيان پکڙجي وئي هئي. اهڙي سمي ڪوئي ڏسي وٺي ته؟ هن جو من پل لاءِ هيسجي ويو هو.
    ”آئون توکي سڪينا چوان؟“ هو کليو، پر هوءَ ماٺ رهي. لفظ نڙي ۾ اٽڪي پيا هئس، ٿوهر جي ڪنڊي جيان.
    ”هن ڀيري مون واري بابي سٺو داءُ هنيو آهي.“ ٽهڪ ڏئي اکين ۾ ليئو پاتائين، ”ڪيئن؟“ ڄڻ هن کان داد ٿي گهريائين پنهنجي لفظن جو. هن گهٻرائجي اکيون پٽ تي کپائي ڇڏيون، جتي انيڪ ننڍڙيون ننٺڙيون ماڪوڙيون، هڪڙو مئل ماڪوڙو کنيون پئي ويون. هوءَ ٽپ ڏئي پينگهي مان اُٿي بيٺي. حميد جي اڳيان جيئري قيامت گُذري وئي. حميد کي پل لاءِ شڪار ڪيل هرڻي ياد اچي وئي، جنهن جو گوشت حميد ڏاڍي شوق سان کائيندو هو. هوءَ تکيون وکون کڻندي اندر صفي ۾ هلي وئي، الاءِ ڇو حميد کي هن جون وکون ٿاٻڙجنديون ڀاسيون هيون. ڀانءِ هو صدين جو ڪو ڊگهو سفر ڪري آئي هجي. هن جو بدن، هن جي چهري سميت حميد جي اکين ۾ ”ٽيڙوءَ“ جيان ٽم ٽم ڪرڻ لڳو، انهيءَ لمحي پڻس جا لفظ وسري ويا هئس ته، ”هيءَ ماءُ اٿئي، ادب ڪجئين هن جو.“ هو ته من ئي من ۾ هن جي سنهڙيءَ چيلهه جي ماپ وٺي رهيو هو، ”منهنجي ڪَرائيءَ جيتري هوندي.“
    ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن طوفان اچي ويو. سڀ ڪجهه انهيءَ طوفان ۾ ختم ٿي ويو، پر هن ائين ڀانيو ڄڻ سرءُ جي بيحد اُداس ڪندڙ مند هاڻ ختم ٿي هجي. (يا الاءِ هاڻ شروع ٿي هئي.)
    رئيس اوطاق ۾ هو. سندس ڪي دوست شڪار تي آيل هئا. حميد به اوطاق ۾ هو. ڌرتتيءَ مهل، لُڪ ۽ ٻُوسٽ ايڏي جو بدن باهه ۾ سڙندو محسوس ٿئي. هوءَ وهنجڻ هلي وئي ۽ جڏهن پسيل وار چيلهه تي وجهي ڪمري ۾ آئي ته پل اپل سندس دل زور سان ڌڙڪي بند ٿي وئي. ڪٻٽ وٽ حميد بيٺو هو.
    ”بابا ريوالور پيو گهري، سو کڻڻ آيو آهيان.“ اهو چوندي هن جي اکين جي گهور تِکي ٿي وئي. وکريل وکريل آلن وارن ۾ هن جو چهرو صبح جي روشن لمحن جيان جرڪي رهيو هو. ٿورن ٿورن آلن ڪپڙن ۾، هن جو جرڪندڙ بدن، ڀانءِ گلاس مان شرابَ ڇلڪڻ ٿي گهريو. حميد ته اهڙا انيڪ نشا چکيا هئا. پر هي شراب، جنهن کي صرف ڏسڻ سان ئي هن کي نشو چڙهي ويو هو. هوءَ در وٽ چپ چاچ گهٻرايل گهٻرايل بيٺي هئي، الاءِ ڇو انهيءَ لمحي هن کي ڪنواري هوندي ڏٺل خوبصورت خوابن جو خوبصورت شهزادو ياد اچي ويو. حميد ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو هن جي بيحد ويجهو (ايترو ويجهو جو ساهه منجهڻ لڳو هئس) اچي بيٺو هو ڪي کن هن کي گهوريندو رهيو. تِکي گهور، جيڪا هن جي بدن جي پاتال تائين لهندي ٿي وئي.
    ”ڇا ٿو ڏسين ؟“ گهٻرائجي هن ائين ئي پڇي ورتو.
    ”تو کي خبر ڪانهي مرد عورت کي ڇو ڏسندو آهي؟“ هو مرڪيو، انهيءَ هڪڙي مرڪ ۾ ڄڻ انڊلٺ جا ست ئي رنگ هئا. هن جو جواب ٻڌي هوءَ ائين گهٻرائجي وئي، ڄڻ هوءَ بنا ڪپڙن جي، ڪنهن نامحرم جي سامهو هلي آئي هجي. پوءِ الاءِ ڪيئن اوچتو در بند ٿي ويو ۽ ڪمري ۾، ڌرتتي مهل به، گهور اونداهي پکڙجي وئي. ڪنواري هوندي ڏٺل خواب، ڪمري ۾، ڪپڙا لاهي، رقص ڪرڻ لڳا.
    هن کي جا رئيس جي پوڙهي بدن مان مردار گوشت جي ڌپ ايندي هئي، تنهن کي ائين پئي ڀاسيو ڀانءِ سڄي ڪائنات ۾ گلاب جي خوشبوءِ پکڙي جي وئي هجي. ڏهه منٽ؛ پورا ڏهه منٽ ۽ انهن ڏهن منٽن ۾ ڄڻ صدين جو سفر ڪري ڇڏيو هئائين. پلنگ تي هوءَ پگهر ۾ شم پئي هئي، سندس ساهه اڃا تائين منجهيل منجهيل هو. ڪمري ۾ هاڻ ڏاڍي تکي روشني پکڙجي آئي هئي. هن آهستي آهستي اکيون پٽي ڏٺو. هن جي پيراندي وٽان حيمد بيٺو هو. ڪپڙا پئي پاتائين. ڪي کن هوءَ چپ چاپ رهي. ٿڪل ٿڪل اکين ۾ وحشت ڀرجي آيس. حميد سان ڪڻس سمورا رشتا ناتا ياد اچي ويا. رئيس جا لفظ ”هي ماءُ اٿئي، ادب ڪجئين هن جو.“ ٻئي هٿ حميد جي وارن ۾ کڻي وڌائين، ”ڀڙوا، ڪتا مري ڇو نه وئين، .“ گاريون ۽ سُڏڪا ڪمري ۾ پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳا. حميد گهٻرائجي، هن جي هٿن مان پاڻ ڇڏائي پري ٿي وڃي بيٺو، هوريان هويان ڪمري ۾ ماٺ پکڙجي وئي، هاڻ هو چپ چاپ ڪنڌ نوايو ڪپڙا پائي رهي هئي. حميد در کوليو هليو ويو ۽ هوءَ انيڪ پل، پلنگ تي اکيون پوريو اُهو سڀڪجهه سوچيندي رهي، جيڪو ڪي پل اڳ ٿي گذريو هو. گناهه ۽ ڏوهه جو احساس سندس بدن ۾ ڪنڊا بڻجي چڀڻ لڳو. سندس اکيون ڀرجي آيون. انيڪ طوفان سندس من ۾ اچي لنگهي ويا ۽ هو من ئي من ۾ انهن طوفانن جي وچ ۾ ٻڏندي ترندي رهي، سندس اندر جي دنيا ٻوڏ هيٺ آيل ڪچن گهرن جيان ڀُرڻ لڳي. ڪنواري هوندي جا خوبصورت خواب سندس چوڌاري ڀوائتا ٽهڪ ڏيڻ لڳا هئا، هن ته اهو سڀ ڪجهه چاهيندي به اهو سڀڪجهه ائين ڪونه چاهيو هو، جيئن ٿي ويو. هوءَ انيڪ پل اکين تي هٿ رکيو روئندي رهي. نماشام جي بيحد اُداس لمحن ۾ هوءَ ٻاهر نڪتي. سانجهي ٻانگ ملي رهي هئي. وضو ڪري هو سجدي ۾ ڪري پئي. سندس اکيون ٻيهر ڀرجي آيون، ڀانءِ سنڌو اٿلي پيو هجي. ڪڻس لفظ نه پئي مليا، ڏوهه جي معافي لاءِ. سجدي مان اُٿي ته من تي ڇانيل بوجهه گهٽبو ڀانيو هيائين. رئيس ۽ حميد اڃا اوطاق مان ڪو نه وريا هئا. آڪاس تي اونداهي پکڙجي وئي هئي. هو اڱڻ ۾ کٽ تي اکيون پوري ليٽي پئي. طوفان ماٺ ۾ اچي ويا ۽ هو ڪجهه ڪجهه پرسڪون ٿي وئي هئي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو حميد جي سامهون اچڻ جي سگهه ساري ڪانه سگهي هئي. صبح کان پنهنجي ڪمري ۾ در ڏئي وڃي ويٺي هئي. رئيس دوستن سان گڏجي شڪار تي هليو ويو هو. حميد به شايد ساڻس گڏ هو، شام جو رئيس آيو ته اچڻ سان ئي کڻي ڪڻس ڀاڪر ۾ ڀريائين.
    ”من! اڪيلي ته ڪانه ٿئين ني؟“ هن اکيون پوري، نه چاهيندي به، رئيس جي سيني تي پنهنجو مٿو رکي ڇڏيو، شايد گناهه جو احساس گهٽائڻ لاءِ.
    ”ڇا ڪيان، دوستن کي به ته وقت ڏيڻو پوي ٿو.“ رئيس شايد پنهنجي ڏوهه جو احساس گهٽائڻ ٿي چاهيو. ”پهرين سوچيم حميد کي تو وٽ ڇڏ وڃان، متان تو اڪيلي ٿئين.“ هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، ”پر حميد کي به شوق هو شڪار جو، واه جو، ”شڪاري“ آهي، منهنجن دوستن جون ته اصل ڏندين آڱريون اچي ويون.“ هن جو ساهه گهٽجڻ لڳو.
    ”رئيس!“ هن گهٽيل گهٽيل آواز ۾ پڪاريو.
    ”چئو مٺي.“ رئيس سندس چپ چمي چيو.
    ” آئون اوهان کي ڪيتري پياري آهيان.“ سندس آوز ڀرجي آيو هو. الاءِ ڇو. وراڻي ۾ رئيس سندس ٿڪل ٿڪل وجود تي نمندي چيو هو، ”سڄي دنيا کان وڌيڪ هن جي اندر ۾ لڪل روايتي عورت کي پل لاءِ سڪون اچي ويو هو. هن کن پل جو سڪون حاصل ڪري اکيون پوري ڇڏيون هيون ۽ رئيس سندس بدن تي بکايل ڪتي جيان چهٽي پيو ۽ جڏهن ڌار ٿيو تڏهن ڪڻس ڀاڪر پائيدي چيائين، ”هڪڙي ڳالهه چوانءِ، من!“ رئيس جو آواز ۾ پيار سان گڏ خوشامد پڻ هئي، ”ناراض ته نه ٿيندينءَ؟“ هوءَ شايد پهرين عورت هئي جنهن کان رئيس ٿورو گهڻو ڊنو پئي.
    ”آئون ڀلا اوهان کان ناراض ٿي سگهان ٿي.“ هن نه چاهيندي به هروڀرو پنهنجي آواز ۾ پيار جو رنگ ڀريندي چيو. اڄ هوءَ رئيس کي اڳ کان ڪيڏي مختلف لڳي رهي هئي. هوءَ جا وراڻيءَ ۾ رڳو ڀاڪر به ڪانه پائيندي هئي، هوءَ جا برف جي سر سمان هئي، اڄ رئيس جي ڪيڏو ويجهو هلي آئي هئي. تڏهن شايد رئيس سگهه ساري نه پئي سگهيو. ”دوست هروڀرو زور پيا ڀرين ته اڄ رات اوطاق ۾ مڙئي موج ڪجي. مون ته تنهنجي ڪري جواب ڏئي ڇڏيو، پر هو مڃين ئي نٿا.“ رئيس جي آواز ۾ ڪائنات جو سمورو لوڀ مڙ ي آيو ۽ هوءَ ائين ڇرڪي ڄڻ ڪڻس ڪنهن موت جي اچڻ جو اطلاع ڏنو هجي. ڄڻ پري ڪٿي ڪنهن بيحد لاش مان هوريان هوريان دونهون اُٿي رهيو هجي. هوءَ ائين ڇرڪي ڀانءِ سندس اندر، ايٽم بم ڪريو هجي ۽ سندس اندر جي دنيا کن پل ۾ ناگاساڪي بڻجي وئي هجي.
    ”تون چؤ ته کڻي دوستن جي اها مرضي پوري ڪيان.“ هوءَ چپ رهي. هن جي چپن تي سنسان قبرستانن جهڙي ڀوائتي ماٺ پکڙجي وئي. رئيس سندس ”حق“ جي ورهاڱي لاءِ کانئس ئي اجازت گهري رهيو هو، هن جي اندر جي روايتي عورت اندر ئي اندر سڏڪڻ لڳي.
    ”پوءِ من ڇا ٿي چوين؟“ رئيس اُميد مان چيو. هوءَ ٽپ ڏئي پلنگ تان اُٿي بيٺي. ”جيئن اوهان جي مرضي، تئين ڪيو.“ هوءَ هارايل جواريءَ جيان ٿاٻڙجندي ٻاهر نڪري وئي. شڪست جو ڏنڀيندڙ احساس سندس رڳ رڳ ۾ زهر سمان پکڙجي ويو.

    ۽ پوءِ انهيءَ رات هڪ ڀيرو وري اوطاق ۾ گهنگهرو پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳا. هن کي پڪ هئي ته رئيس، نشي جي حالت ۾، ڪنهن ڪڃريءَ جي ڪڇ ۾ ستو پويو هوندو. هوءَ تنها اڱڻ ۾ کٽ تي بي سُڌ پئي هئي. اکيون آڪاس تي کتل هئس. هن جي اندر ۾ ڄڻ سنڌو اُٿلي پيو هو. مٽيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ڪچا گهر ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهندا ويا ۽ هوءِ اڪيلي، ڪنهن ڪک سمان لهرن ۾ ٻڏندي ترندي رهي. هن جي اندر ٻاهر پري پري تائين ڄڻ مهاڀاري جنگ لڳل هئي. ايٽم بم شهرن تي ڪرندا ٿي ويا، سڀ ڪجهه اجڙجندو ٿي ويو. هر شهر هيروشيما هو، هر شهر ناگاساڪي هو.

    پنهنجي ڀر مان لنگهندڙ پاڇولي ڏانهن ڇرڪي نهاريائين. حميد اندر پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو پئي. نشي ۾ وکون ٿاٻڙجي رهيون هئس. حميد اندر هليو ويو، شهر جڙندا رهيا. بم وسندا رهيا. هوءَ چپ چاپ ٿڪل ٿڪل اکين سان آڪاس ڏانهن گهوريندي رهي. اوطاق مان ايندڙ ڇم ڇم جا آواز بلند ٿي ويا. رئيس ڪنهن ڪڃريءَ جي ڪڇ ۾ ستو پيو هوندو، اهو احساس ٿوهر جي انيڪ ڪنڊن سمان سندس من ۾ چڀڻ لڳو.
    رئيس ڪيڏي شاندار نموني سندس حق جو ورهاڱو ڪري رهيو هو. سندس اندر جي روايتي عورت، اندر ئي اندر دانهون ڪرڻ لڳي. هوءَ ٽپ ڏئي کٽ تان اُٿي بيٺي، اگهاڙن پيرن هوءَ حميد جي ڪمري ڏانهن هلي آئي، سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن، ڪي هاڃا پنهنجي ئي هٿان ٿي ويندا آهن. هوءَ ڪمري جي در وٽ اچي بيٺي، سامهون پلنگ تي حميد اکيون پوريو ستو پيو هو. ڪي کن هوءَ ٿڪل ٿڪل اکين سان حميد کي ڏسندي رهي. سندس رت جو هر ڦڙو زهر ڦڙو بڻجي ويو هو. پل اپل لاءِ ڪڻس، ڪنواري هوندي، ڏٺل خوابن جو خوبصورت شهزادو ياد اچي ويو. هن در بند ڪري، بتي وسائي ڇڏي ۽ هوريان هوريان هلندي اچي پلنگ جي ايس تي ويٺي. پلنگ جي هلڪڙي لوڏي تي حميد جاڳي پيو هو. ”ڪير آهي؟، هو اونداهيءَ ۾ هن کي ڏسي نه سگهيو هو. وراڻي ۾ هوءَ حميد جي کليل چپن تي نموئي. ”آئون آهيان، سڪينا.“ هن جو آواز، طوفان ۾ آيل ڪک جيان ڏڪي رهيو هو. حميد حيران نه ٿيو، هن کي ڄڻ انهيءَ لمحي جي اچڻ جي پڪ هئي. وراڻي ۾ ڀاڪر پائي هن کي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيائين.
    ”مون کي پڪ هئي ته تون نيٺ به ايندينءَ.“ اونداهيءَ ۾ حميد جو آواز اُڀريو. هن ڪابه وراڻي ڪانه ڏني. حميد جي ڀاڪرن ۾، هن جي من اندر دکندڙ ”بدلي“ جي باهه ويتر تکي ٿي وئي هئي. هن پنهنجي ”حق“ جي ورهاڱي جو رئيس کان بدلو پئي ورتو. بدلو، جيڪو ستن پشتن تائين هلندو آهي، بنا ڪنهن معافي نامي جي.


    دوزخي

    ڪڻس پهريون وارو کدوءَ سان ڏٺو هئم. کدوءَ سندس نالو ربو دادا ٻڌايو هو. اها پوءِ خبر پئي ته سندس نالو رب نواز آهي، پر لوڪ هن کي ربو دادا ئي سڏيندو هو. سدائين شراب جي بوتل هٿ ۾ هوندي هئس. سندس وار گل جيان پيا سندس نرڙ تي جهوليندا هئا. جنهن سان ملندو هو، هئيڊا هئيڊا ڏند ڪڍي کلي ڏيندو هو، ڄڻ ٻئي جو انت ملي ويو هجيس، ٻيو شڪجي پوندو هو.
    الائي ڇو ڪڻس پهريون وار ڏسي ڪِرڀَ اچي وئي هئم. هو مون کي شهر جو ڪو نامي گرامي بدمعاش لڳو هو، جيڪي پنهنجي اوچائيءَ لاءِ ”دادا“ سڏرائيندا آهن. انهن مان هڪ بدمعاش جڏهن کدوءَ کان پڇيم، ”ربو دادا ڇا ڪندو آهي؟“ ته کدو معنيٰ ڀري مُرڪ کلي پيو هو.
    ”ڇا ڪندو آهي؟“ پڇيم. مون کي پڪ هئي ته هو چوندو ته، ”شراب جو ڪاروبار ۽ جُوا جو اڏو هلائيندو آهي.“ کدوءَ کلي چيو، ”واپار ڪندو آهي، ڇورين جو واپار.“ کدوءَ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، ”لعنت آهي اهڙي غليظ ماڻهو تي، جيڪو عورتن جو سوداگر آهي.“ منهنجي اندر ۾ لڪل قوم جو درد جاڳي پيو. کدو منهنجي ڳالهه تي ائين کليو، ڄڻ مان ڪو چريو يا توائي هجان.
    ”ڀيڻسان پاڻ کان ته عقل وارو آهي، مهيني جون پڇاڙڪيون تاريخون بک ته نٿو مري.“ کدو سدائين مهيني جي پڇاڙڪين تاريخن جو روئڻ روئيندو هو.
    ”يار مان به وڃي دلالي ڪيان ٿو.“ کدوءَ سنجيدگيءَ سان چيو. ڪا وراڻي ڪانه ڏنم. منهنجي ذهن ۾ ربو دادا جو قوي ۽ صحتمند جسم ڦيريون کائيندو رهيو.
    ربو دادا پاڻ کي شهر جو داداگير سمجهندو هو. هڪ وار چيائين ته، ”جيڪر اليڪشن ۾ بيهان ته شهر جا سمورا وڏا ماڻهو مون کي ووٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته هنن جي اونداهين راتين جا راز مون وٽ دفن آهن. هنن جا راز، هڪ قيمتي خزانو آهن، جن کي مان نهايت حفاظت سان سيني ۾ لڪايو ويٺو آهيان.“ ربو دادا انهن وڏيرن، رئيسن ۽ وڏن ماڻهن کي بليڪ ميل به ڪندو هو. اهي ’ويچارا‘ ڏينهن جي سوجهري ۾ پنهنجي هٿ گهڙي عزت جو ڀرم رکڻ لاءِ ربو دادا جو کيسو ڀريندا هئا، ته جيئن ربو دادا جو هٿ کليل هجي ۽ وات بند.
    شهر جي هر رنڊيءَ سان گڏوگڏ هر ’پرائيويٽ‘، جيڪي معاشري ۾ پاڻ کي نهايت شريف زاديون ظاهر ڪنديون هيون، انهن سان ربو دادا جو تعلق هو. هو هڪ ڪامياب دلال هو. هن جا شهر جي هر وڏي ماڻهوءَ سان نهايت سٺا تعلقات هئا. هڪ دفعي پوليس اڻ ڄاڻائيءَ مان کيس هٿ وڌو. بس پوءِ ته محشر مچي ويو. اسيمبلي ميمبرن کان وٺي شهر جي هر معزز ماڻهوءَ جا فون ٿاڻي تي پهچي ويا. ٿاڻيدار نه فقط ربو دادا کي ڇڏي ڏنو، بلڪ چانهه به پياريائينس ۽ گڏوگڏ معذرت به ڪيائينس.
    ربو دادا ڀڙوت جي فن ۾ استاد هو. هن کي عورت جي جسم جي ڏاڍي گهري پرک هئي. هو ڏاڍو غليظ انسان هو. چوندو هو، ”مون ڪيترين شريف زادين جا پاڻ ويمَ ڪيا آهن ۽ انهن جا ناجائز ٻار گند جي ڊرم ۾ اڇلايا آهن، جن کي صبح جو ميونسپالٽيءَ وارا گند ۾ ميڙي کڻي ويندا آهن.“
    ربو پاڻ کي سيد سڏرائيندو هو. چوندو هو، ”منهنجي ماءُ بي بي هئي، پر رنڊي هئي. منهنجو پيءُ شيخ هو ۽ مان حرامي ڦر آهيان.“
    هو پيءُ جي نالي تي سڏرائڻ کي دوکو ۽ فريب چوندو هو. هو چوندو هو، ”توکي يقين آهي ته تون پنهنجي پيءُ جو پٽ آهين؟“ سندس چوڻ هو، ”ڪوبه ماڻهو يقين سان نٿو چئي سگهي ته مان پنهنجي پيءُ جو پُٽ آهيان.“
    سندس اهي ڳالهيون هڪ شريف ۽ عزت واري انسان کي پل ڀر ۾ ننگو ڪري ڇڏينديون هيون. بلندين تي بيٺل باعزت انسان کي پل ڀر ۾ چڪلي جي غليظ ۽ بدبودار نالين ۾ ڪيرائي ڇڏينديون هيون. هن سان ملڻ کان پوءِ مان پاڻ کي پستين ۾ پيل ناليءَ جو غليظ ڪيڙو محسوس ڪندو هئس. مون کي پڪ ٿي ويندي هئي ته مان به ڪنهن رنڊيءَ جو جنم ڏنل حرامي ڦر آهيان. مان هن پيءُ جو پٽ نه آهيان، جنهن جو نالو منهنجي نالي پٺيان چنبڙيل آهي. مان پنهنجي ماءُ جو پٽ آهيان.
    هو رنڊين کان سواءِ شهر جي اوچن شيش محلن ۾ رهندڙ شريف زادين جو به رازدار هو، جيڪي پنهنجي جسماني بيمارين کان وٺي، پنهنجي خريدارن تائين جون رازداريون هن کي ٻڌائينديون هيون. پر ربو دادا هنن کي بليڪ ميل نه ڪندو هو. هڪ وار چيومانس، ”توکي اهو ڌنڌو ڪندي شرم ڪونه ٿو اچي. تون معاشري جو ناسور آهين. تون شرافت جي نرڙ تي داغ آهين. تون پستيءَ جو غليظ ڪيڙو آهين. توکي موجوده نسل توڙي ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندو.“ منهنجي اندر جو قومي درد جاڳي پيو.
    ربو دادا ڏاڍي حقارت سان ٽهڪ ڏنو. هن جي کل ۾ نفرت جو درياه هو. هن کلندي منهنجي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”تون اديب آهين، تون ڪوڙو آهين. تون ڪتاب ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ڪرين ٿو ۽ توهان اديب مون کان وڏا ڀڙوا آهيو. منهنجو جيڪو ڪجهه باطن ۾ آهي، سو ئي ظاهر ۾، ليڪن توهان ظاهر ۾ ڪجهه ۽ باطن ۾ ڪجهه آهيو. توهان اديب ناسور آهيو. ايندڙ نسل توهان کي معاف نه ڪندا. توهان غريب جي غربت جي ڳالهه ڏيڍ سؤ روپين جي شراب جي بوتل پي پوءِ ڪريو ٿا. توهان شراب جي نشي ۾ ڳورا ڪتاب لکي ماڻهن کي ٺڳيو ٿا. توهان ’غريبن جي ڳالهه‘ ڪري غريبن کي ٺڳيو ٿا، ته جيئن هو توهان کي پنهنجو همدرد سمجهي توهان کي پنهنجي رهنما جو درجو ڏين ۽ توهان جي لکئي کي قرآن سمجهن. توهان شهرت چاهيو ٿا، توهان شهرت جا بکيا آهيو. مان چوان ٿو خدا جو قسم اوهين ته مون کان به وڏا ڀڙوا آهيو.“ ربو دادا اُٿي بيٺو، ”هل توکي چڪلن ۾ نچندڙ اهي جوان ۽ سهڻا سهڻا جسم ڏيکاريان جيڪي تو جهڙن عزت دارن جي دياآهن. جن جا پيءُ وزير، اسيمبلي ميمبر، سينيٽر، قانون جا محافظ ۽ قوم جا رهنما آهن. خدا جو قسم هل، توکي هن ڪوڙيءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سچ ڏيکاريان. هت دلال، ڀڙوا، ڪسبياڻيون، خوني، چور ۽ حرامي ٻار توهان شريف زادن طرفان اسان لاءِ وڏو تحفو آهن.“ ربو دادا ٻهڪڻ لڳو. هن ڪاوڙ ۾ منهنجي منهن تي ٿُڪي ڏنو ۽ مان اها ٿُڪ اُگهي به نه سگهيس.
    هڪ وار مون کي چيائين، ”ڪسبياڻيءَ سان هڪ رات جو ڪسب ڪرڻ لاءِ دل ٿي چوئي، پر ماڻهو توکي عظيم اديب چون ٿا، ان ڪري تون نٿو وڃين..... هل توکي ڏيکاريان هتي توکان به وڌيڪ عظيم اچن ٿا. هو جنهن وقت رنڊيءَ کي ويجهي کان ڏسندا آهن ته ڇتا ڪتا ٿي پوندا آهن. ڪپڙا لاهي هنن جي پراڻي بدن کي چنبڙي ويندا آهن، جيئن ڪتا چٻاڙيل هڏن تي ڪِرندا آهن. تنهن مهل هنن جي سموري اڳواڻي سندن ڪپڙن سان لهي ويندي آهي. پوءِ صبح جو منهنجي دل چوندي آهي ته انهيءَ اگهاڙي جسم کي حيدر بخش جتوئي چوڪ وٽ، جيئي سنڌ پارڪ جي ڦواري وٽ بيهاريان ۽ هن بدن تي لڳل چڪن جا نيرا نيرا نشان، ماڻهن کي ڏيکاريان ۽ چوان ته ڏسو، اوهان جي اڳواڻن جا اصلي چهرا، جي ڳولي سگهو ٿا ته ڳوليو، هن ننگي جسم ۾ توهان جا بااخلاق اديب به آهن ۽ رهنما به.“
    اڪثر مون کي محسوس ٿيندو هو ته هو منهنجي عزت، شهرت ۽ بلنديءَ کي چڪلي جي ڪنهن غليظ ناليءَ ۾ دفن ڪرڻ چاهي ٿو، پر هو غليظ هوندي به ايڏو غليظ ڪونه هو. پوءِ به مون کي هن کان ڊپ ٿيندو هو. هو وڏو ’دوزخي‘ هو. هو پاڻ چوندو هو ته ماڻهن جي عزت لاهيندي، هنن جو انت کوليندي، مون کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. ربو دادا هر انسان جو آئينو هو. هرڪو انهيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسندو هو، جا ڪيڏي نه ڀوائتي نظر ايندي هئي.
    ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ منهنجي دل به چوندي هئي ته مان ربو دادا جي دنيا وڃي ڏسان. منهنجي نظر ۾ عورت ڏاڍي مقدس هستي آهي، پر منهنجي زال جي ڪپڙن ۾ پيشاب جي ڌپ آهي. هوءَ مون سان سمهندي آهي ته مون کي الٽي اچي ويندي آهي. ڏهه ٻار ڄڻي هن جو جسم بي ڊولو ٿي پيو آهي. هو پيٽ سان نه هوندي به پيٽ سان لڳندي آهي. مان ٻي شاديءَ جو مخالف ڪونه آهيان، پر ڇا ڪيان جو مان ٻي شاديءَ جي خلاف لکندو آهيان. عورت جي حقن تي لکندو آهيان، پر ڳوٺ ۾ منهنجي هڪ سُريت آهي، هن سان به سال ٿي ويندو آهي ملندي. منهنجي دل چيو هو ته مان به ربو دادا جي چڪلي ۾ وڃان. ’جي ڪنهن ڏسي ورتو ته؟‘ ’مان رات جو ويندس.‘ پوءِ هڪ رات مان ربو دادا سان، سري گهاٽ وٽان ٿيندو، موچيءَ گهٽيءَ مان لڪندو ڌُو ڪري وڃي چڪلي ۾ پهتس.
    ڪافي رات ٿي چڪي هئي. سئنيمائن جا پڇاڙڪا شو ختم ٿي چڪا هئا. ربو دادا فتحيابيءَ واري انداز ۾ منهنجي اڳواڻي ڪري رهيو هو. هن ڄڻ منهنجي اندر جي انسان کي ننگو پڪڙي ورتو هجي. ڪيڏي مهل منهنجي منهن ۾ نهاري مرڪي ٿي ڏنائين. ڄڻ چئي رهيو هجي، ”ڏٺئي اوهين ليکڪ وڏا ڪوڙا ۽ ڀڙوا آهيو.“
    ڪاٺ جون پراڻيون چاڙهيون چڙهي اسان هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ گهڙياسين، جنهن جي در تي پراڻي ڪپڙي جو ڦاٽل پڙدو لڳل هو. اندر گهٽ پاور جي بلب جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ پٽ تي هڪ عورت، جنهن جي عمر چاليهن اندر ٿي لڳي، اگهاڙي ويٺي هئي. سندس بي ڊولي بدن تي انيڪ ڦٽ هئا، ڦٽن سان هوءَ سڄي رڌي پئي هئي، جن مان رت سان گڏ گند سِمي رهيو هو ۽ هوءَ ڦٽن کي ڌوئي رهي هئي. هوءَ ننگي ويٺي هئي، پوءِ به هن منهنجي اچڻ جو ڪو نوٽيس نه ورتو، ڄڻ مان مرد نه هجان يا هوءَ عورت نه هئي.
    هن جي چهري تي تڪليف جا آثار هئا. مون کي ڏسي خوشيءَ جي هلڪڙي لهر سندس چهري تي ڊوڙي آئي هئي.
    ”ڪير آهي ربو دادا؟“
    ”گراهڪ.“ ربو دادا وراڻي ڏني.
    ”حاجو ڪٿي آهي؟“ ربو دادا پڇيو.
    تڏهن وراڻيءَ ۾ هن اگهاڙيءَ عورت جهيڻي آواز ۾ حاجوءَ کي سڏ ڪيو. کن کان پوءِ يارنهن ٻارنهن سالن جي ڇوڪري ڪپڙي جي گڏي هيانوَ سان لائي ڊوڙندي آئي. مون کي ڏسي ڇرڪي پئي، پوءِ ڪنڌ نمائي بيهي رهي.
    ”پيسا ڪڍ!“ ربو دادا هٿ وڌائيندي چيو، ”ويهه مال جا، ويهه منهنجي دلالي ۽ ڏهه روپيا واپسي ڀاڙي جا ۽ ها ٿورو خيال ڪجانءِ.“ هو پوري ريت دلال نظر اچي رهيو هو.
    ”پر ربو دادا! هيءَ ته اڃان ٻار آهي.“ مون احتجاج ڪيو. مون کي پنهنجي يارهن سالن جي ڌيءَ بلقيس ياد اچي وئي.
    ربو دادا تلخيءَ سان وراڻي ڏني، ”هت ڪير ڪنهن جي ڌيءُ ناهي، ڪير ڪنهن جي ڀيڻ ۽ ماءُ ناهي. هي چڪلو آهي، جتي سڀ ڪجهه هلندو آهي، تون ڏوڪڙ ڪڍ ۽ پنهنجو ڪم ڪر.“
    مون پنجاهه جو نوٽ ڪڍي ربو دادا جي تريءَ تي رکيو. ربو دادا ڪجهه وقت لاءِ حاجوءَ کي وٺي ٻاهر ويو. ڪوٺيءَ ۾ ساڳي ريت سانت ٿي وئي. اُگهاڙي عورت ساڳيءَ ريت ڪنڌ نوائي پنهنجا ڦٽ ڌوئڻ لڳي، ڄڻ ڪنهن به ڳالهه سان هن جو تعلق نه هو. حاجو هن جي ڌيءَ هئي، مون ٻنهي جي نقشن مان اندازو هنيو.کن کان پوءِ ربو دادا آيو. چيائين، ”سامهون واريءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ.“
    مان پنجاهه روپيا وصول ڪرڻ لاءِ اٿيس. ڪوٺيءَ ۾ اوندهه پکڙيل هئي. گهٽ پاور جو هڪ بلب ٻري رهيو هو، جنهن جي روشني ناڪافي هئي. ڪمري جي وچ ۾ هڪ ڇنل کٽ پئي هئي، جنهن تي حاجو اونڌي ٿي پئي هئي. هوءَ بلڪل اُگهاڙي هئي، هن جي ڀر ۾ کٽ تي ڪپڙي جي گڏي پئي هئي. مون جڏهن پنهنجي شرافت جيان پنهنجا ڪپڙا لاهي هن جي وجود کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريو هو، تڏهن هوءَ ڪنهن ڊنل ٻار جيان گهٽيل گهٽيل سُڏڪن ۾ روئڻ لڳي هئي.
    دنيا ۾ شرافت نالي جي ڪابه شيءِ نه آهي. جيڪي پاڻ کي فرشتو ثابت ڪرڻ لاءِ شرافت جو مظاهرو ڪندا آهن، اهي اندران شيطان کان به بدتر هوندا آهن. انسان شيطانيت جو ٻِيو نالو آهي، جيئن ڪنهن بدبودار جهڳي تي تاج محل لکي ڇڏجي. ائين ئي شيطانيت جي در تي شرافت جو نالو لکيل آهي. ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جو رشتو صرف انهن سان جوڙي سگهجي ٿو، جن سان حقيقت ۾ هوندو آهي. ٻين کي اسان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءُ فقط پاڻ کي شريف هئڻ جو يقين ڏيارڻ لاءِ چوندا آهيون. اندر ۾ لڪل ڀوائتي روپ کي جڳ کان لڪائڻ لاءِ چوندا آهيون. مون پاڻ کي دلاسو ڏنو.
    دنيا ۾ ڪوبه ماڻهو شريف ڪونهي، اهو لفظ هڪ ڀرم آهي، جيڪو اونداه ۾ قائم نٿو رکي سگهجي. اسان سڀئي هڪ غسل خاني ۾ اگهاڙا آهيون. اسان هڪ ٻئي جو هر جسماني عضوو چٽي طرح ڏسي سگهون ٿا، پر پوءِ به پاڻ کي دلاسو ڏيون ٿا ته اسان کي ڪپڙا پهريل آهن، اسان جا عيب لڪل آهن، اسان کي ڪمخواب جو لباس پهريل آهي، جنهن جي اندر لڪل برايون ٻين کي نظر نه اينديون هونديون.
    هوءَ ننڍي ٻار هئي. هن جي ڀر ۾ پيل ڪپڙي جي بي جان گُڏي اشرف المخلوقات جي ڪردار تي رڙيون ڪري رهي هئي. هن جي ٻالڪپڻي جي گواهي ڏئي رهي هئي، پر هن جي اگهاڙي جسم کي مان ڪتي جيان چنبڙي پيو هوس. مون کي يقين هو ته هن کان اڳ هن جي مقدس وجود کي ڪنهن هٿ به نه لاتو هو. هن جون دانهون اونداهي ڪوٺيءَ ۾ گهٽجنديون ويون. هوءَ ڪنهن اهڙي پکيءَ جيان ڦٿڪي رهي هئي، جنهن کي شڪاري صرف مزي ماڻڻ لاءِ ڇُري سان زخمي ڪندو آهي. هوءَ مون لاءِ بلقيس ڪانه هئي، هوءَ حاجو هئي، رنڊيءَ جي ڌيءُ. مون هن جي بدن جو افتتاح ڪيو هو، هن جي مستقبل جو افتتاح، هن تي جواني جي پڇاڙڪي پل تائين اهو ڪجهه ڪرڻو هو، جنهن لاءِ مان هن کي مجبور ڪري رهيو هئس. صدين تائين شرافت جو ڪفن پهريل هئڻ ڪري، جڏهن اهو ڪفن لٿو ته مان وحشي هئس، جنوني هئس، سچ پچ مڙد ڪتو آهي، حرامي ڦر. هو هڪ پراڻي بدن تي يا هڪ نئين نڪور بدن تي ائين ڪِرندو آهي، جيئن ڳجهه مردار تي. هوءَ بيهوش ٿي پئي هئي، مان ٿڪجي چُور ٿي پيس.
    پرهه ڦٽڻ کان اڳ در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، مون دروازو کوليو، ربو دادا هو. ”هاڻ نڪر.“ ربو دادا سرٻاٽ ڪيو. اسان ٻاهر نڪري آياسين. هوءَ ائين ئي کٽ تي بيهوش پئي هئي. واٽ تي ربو دادا ٻڌايو هو، اصل ۾ ڌنڌو حاجوءَ جي ماءُ ڪندي آهي، پر بدن تي ڦرڙيون ٿي پيون اٿس. کلي چيائين، ”اهي ڦرڙيون به اوهان جهڙن جي دَيا آهي. کيس علاج خاطر پئسو کپي، انهيءَ ڪري ڪجهه عرصو حاجوءَ جو وارو آهي. حاجوءَ جو پهريون گراهڪ تون آهين.“
    اڄ انهيءَ ڳالهه کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن. هينئر کدوءَ ٻڌايو، ”رات ربو دادا ننڊ ۾ ستو پيو هو جو حاجوءَ لوهه جي شِيخ سندس مٿي ۾ هڻي کيس خون ڪري وڌو.“ کدوءَ حيرت سان چيو، ”الائي ننڍڙي ٻار جي ربو دادا سان ڪهڙي دشمني هئي؟ بهرحال، پوليس تحقيق ڪري رهي آهي.“ کن کان پوءِ کدوءَ کلي چيو، ”چڱو ٿيو ڀيڻسان هو به وڏو دوزخي.“
    تڏهن دل چئي رهي هيم ته چوانس، ”نه کدو! دوزخي ربو دادا ڪونهي، دوزخي ته اسان ماڻهو آهيون، جيڪي ڀيانڪ چهري تي شرافت جي چادر پهري هلون ٿا ۽ انهيءَ چادر کي ڏسي، دنيا اسان جي اندر نٿي ڏسي بلڪ شرافت جي انهيءَ سحر کان متاثر ٿيو نه فقط اسان جي عزت ڪري ٿي، بلڪ اسان کي عظيم چوي ٿي.“ سچ چيو هو ربو دادا، ’اسان ڪوڙا، فريبي، مڪار، ناٽڪي ۽ وڏا ڀڙوا آهيون.‘
    پر مان کدوءَ کي چئي نه سگهيس، ڇو جو سنڌ ۾ منهنجي ڏاڍي عزت ۽ شهرت آهي. دنيا منهنجي نالي آڏو عظيم لکي ٿي ۽ مان سنڌ جو ئي نه هاڻ ته ايشيا جو به عظيم ليکڪ ۽ دانشور آهيان. اڃا ته مون کي دنيا جي عظيم ليکڪن ۾ شمار ٿيڻو آهي.
    Come Back Africa
    سج جا پڇاڙڪا ڪرڻا ديوارن تي لڙي آيا هئا.
    ۽ پوءِ ٿيو ائين هو جو ڌرتي هن جي پيرن هيٺ رقص ڪرڻ لڳي.
    شيدي بادشاهه همباشا
    جيڏانهن پير
    تيڏانهن خير.
    ساهه ڀرجي آيو هئس ۽ گپ سان ڀريل پير تپي ٽامو ٿي ويا هئس. چهري جو دانگيءَ جهڙو ڪارو رنگ پگهر جا ڦڙا بڻجي وهندو ٿي ويو، ميري ۽ ڦاٽل قميص جي ڪالرن تائين. ٿلها ۽ ڪارا چپ هيڊن ڏندن هيٺ ڀيڙجي ويا هئس ۽ ننڍڙين ننڍڙين سرخ اکين ۾ ڄڻ ڪنهن تازو تازو رت هاري ڇڏيو هجيس. دهل جي تال تي ويو ٿي سندس ناچ تيز ٿيندو.
    اڄ نه نچان ڪڏهن نچان
    اڄ نه نچان ڪڏهن نچان
    اڄ نه نچان ڪڏهن نچان
    رپئي رپئي جا نوٽ، اٺ اٺ آنا، سندس تيزيءَ سان نچندڙ پيرن ۾ ويا ٿي گم ٿيندا ۽ ماڻهن جو هجوم هو، جيڪو چوڌاري اچي مڙيو هئس، ڄڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي آفريڪا جي ڌرتي رقص ڪندي هجي. هن نچندي نچندي اکيون پوري ڇڏيون هيون. (اکيون؛ جن ۾ انسان خواب سجائيندو آهي) ۽ جڏهن نچندي نچندي هن جا گپ سان ڀريل پير بيهي رهيا هئا، تڏهن ڄڻ ڪائنات جو پن پن ساڪت ٿي ويو هجي، ڄڻ تيزيءَ سان ڦرندڙ ڌرتيءَ جو گولو بيهي رهيو هجي ۽ ماڻهن جون هوريان هوريان ڌڙڪندڙ دليون خاموش ٿي ويون هجن. بس، انهيءَ لمحي سج چپ چاپ اُلهي ويو هو ۽ ماڻهو پنهنجن پنهجن پيرن جا نشان ڪچي پٽ تي ڇڏي هليا ويا هئا. هو پٿر تي ويهي پيسا ڳڻڻ لڳو هو. هڪ، ٻه، ٽي، پورا ويهه رپيا هئا. ”اڄ ته عيد ٿي وئي.“ هن بيحد خوش ٿي من ئي من ۾ سوچيو هو ۽ ’ڀيڄ ڀٽائيءَ‘ جو نعرو هڻي دهل ڪلهي ۾ لٽڪايائين ۽ گپ مان ڀريل بي ڊؤلا پير هوريان هوريان، پوءِ تڪڙا تڪڙا اڳتي وڌائڻ لڳو. چؤڌاري ڪاري دانگيءَ جهڙي رات جي گهور اونداهي ڦهلجڻ لڳي هئي.
    هو جڏهن گهر واريءَ گهٽيءَ ۾ پهتو ته اونداهي اڃا به گهري ٿي وئي هئي. گهٽيءَ ۾ ٻرندڙ سرڪاري بلب جي هيٺ آڙي پاڙي جا ٿڪل جسم پتي راند ڪري رهيا هئا. سڄي ڏينهن جا دک ونڊي ورڇي رهيا هئا.
    ٻه ٽي وکون اڳتي ڦاٽل ڳوڻ جي پويان اهو دروازو هو، جتان کان هن جي خوابن جا سمورا گس لنگهندا هئا. دهل پٽ تي رکي، هو مٿانئس چڙهي ويهي رهيو.
    ”بادشاهه! ڏي خبر، اڄ گهڻي ڪمائي ٿي؟“
    ”بس، مولا جا ڪرم آهن.“ زندگيءَ جا سڀئي دک هن لاءِ مولا جا ڪرم هئا. سڀئي سک به مولا جا ڪرم هئا.
    ”اڄ ته خوش ٿو ڏسجين!“ ڪموءَ اک ڀڃي سندس من – پاتال تائين رسڻ چاهيو هو. پر هو دکي ٿيو ئي ڪڏهن هو. زندگي لاڪاس آفريڪا جو مست ناچ هئي، دهل جا تکا سُر هئي. جيتوڻيڪ ڪائنات جا سمورا دک مٿس ئي نازل ٿيا هئا، سمورا دک هن نچندڙ پيرن هيٺ دفنائي ڇڏيا هئا.
    ”بادشاهه! اڄ ته هٿ جي صفائي ڏيکار.“ ملوڪ سندس ڌيان پتن ڏانهن ڇڪائڻ چاهيو، پر سندس سمورو ڌيان ڦاٽل ڳوڻ جي پويان لڪل، اکڙيل دروازي ۾ هو، جتان کان هن جي خوابن جا سمورا گس شروع ٿي ٿيا.
    ”راند ڪندين؟“ هو سڀ هن کي گهيري ويهي رهيا. پڪ هئن ته اڄ هو کيسا ڀري موٽيو هوندو. جڏهن به کيسا خالي هوندا هئا، تڏهن هو لوڪ سُتي، آڌيءَ مهل موٽندو هو، پر جڏهن کيسا ڀريل هوندا هئس، تڏهن سويل ساجهر؛ سنجهي سان ئي موٽندو هو. اڄ جو هو سوير ڀرو موٽيو هو سو پڪ کيسا ڀريل هوندس.
    ”نه يار، آئون گريب ماڻهو آهيان. مون کي بخش ڪريو.“ هن ٻئي هٿ کڻي هنن اڳيان ٻڌا هئا؛ پر هو ڇڏڻ وارا به ته ڪونه هئا. ورائي ويا هئس، ”اڙي چرٻٽ! ڪهڙي خبر اڄ قسمت توتي مهربان هجي.“ قسمت هن تي ڪڏهن به مهربان ڪانه رهي هئي، پر پوءِ به هو هر وار قسمت جي چڪر ۾ اچي ويندو هو، پر قسمت جي ديوار هو ڪڏهن به اُڪري ڪونه سگهيو هو.
    ”نه يار، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“
    ”اڙي چيوسين نه ته اڄ قسمت توتي مهربان ٿي ڏسجي. اچ وارو ڪر.“
    موٽ ۾ هن قميص هيٺ پيل صدريءَ مان ڏڪندڙ هٿن سان ويهه روپيا ڪڍي ائين کڻي پٽ تي رکيا، ڄڻ سيني مان دل ڪڍي رکندو هجي. (دل؛ جنهن ۾ انسان هزارين خواب سجائيندو آهي) دهل تان لهي هو پٽ تي اچي ويٺو.
    - ۽ پوءِ هو کٽندو رهيو.
    گهٽيءَ ۾ ٻه ڪتا چٻاڙيل هڏن تي ڇتا ٿي وڙهڻ لڳا. راند ڪندي ڪندي هن جا هٿ بيهي رهيا. هانوَ تي پنهنجو ننڍپڻ هُري آيو هئس. مانيءَ جي هڪڙي ڳڀي لاءِ، ائين ڇتن ڪتن وانگر وڙهندي وڙهندي عمر گذري هئس. مانيءَ جو ڳڀو سدائين سندس حصي ۾ نه اچي سگهيو.
    هن ڀيري هو مسلسل هارائيندو رهيو هو، باقي رپيو بچيو هئس.
    ڦاٽل ڳوڻ جي هن پار هوءَ بيٺي هئي، چنڊ جهڙو چهرو. بادشاهه جو رنگ ڪاراٺجي ويو هو. رپيو هٿ ۾ پڪڙيو، هو هن کي ڏسندو رهيو، ٽڪ ٻڌيو.
    باقي رپيو بچيو هئس. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ رپئي جي عيوض مانيءَ ٽڪر ته وٺي سگهندو. هوءَ ته هن جي وس ۾ ڪانه هئي. ڪيترا ڀيرا هن ملوڪ ۽ ڪموءَ اڳيان هٿ ٻڌي آزيون ڪيون هيون، ”يار، بس پنجن منٽن لاءِ مون کي وٽس وٺي هلو.“
    هو ٽهڪ ڏئي کلي پوندا هئا، ”يار بادشاهه! ڇا ڪجي، تون ٿي پيو آهين شيدي ماڻهو. چوي ٿي ته، ”(بادشاهه ايندو ته آئون الٽيون ڪري ڪري بيمار ٿي پوندس.)“ بادشاهه جي دل اهو ٻڌي، مٽيءَ جي ڪچن گهرن سمان ڀُرندي ويندي هئا. ’يار، پوءِ آئون اڇو رنگ ڀلا ڪٿان آڻيان؟ شيدي ته مون کي قدرت ڪيو آهي. منهنجو وس پڄي ها ته آئون انگريزن جهڙو ڄمان ها.‘ ائين چوندي چوندي هو لڙڪ نڙيءَ ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان گهٽي ڇڏيندو هو. پر هن سان ٻه ٽي پل گهارڻ جي خواهش کي هو گهُٽي ڪونه سگهيو هو. اڄوڪي جوا ۾ ڪموءَ کٽيو هو. اڇو، اجرو کير جهڙو ڪمو. هو ويٺلن کي هڪڙي اک ڀڃي اٿيو، ”چڱو! يارو ياري، صبح جو گڏباسون.“
    ’ڪمو! اڄ ته مون لاءِ چئي ڏسجئين.! هن اداس ٿي ڪموءَ اڳيان هٿ ٻڌا. ڪموءَ کي ويندو ڏسي دل ٽٽندي ڀانئي هيائين. هوءَ ڦاٽل ڳوڻ منجهان چنڊ جهڙو چهرو ڪڍيو اڃا بيٺي هئي. هڪ پل لاءِ به ته هن بادشاهه ڏانهن نٿي نهاريو. شڪست جي احساس کان سندس رنگ ويتر ڪاراٽجي ويو هو.
    ڪمو هليو ويو ۽ دروازو بند ٿي ويو هو.
    بادشاهه جڏهن کان ڄائو هو،. تڏهن کان ماڻس پڻس کي ميرن جي غلامي ڪندي ڏٺو هيائين. سندس وڏا، آفريڪا جي اداس ڌرتيءَ تي ڦهليل ڏڪار کان گهٻرائجي وڪامندي وڪامندي اچي نيٺ سنڌ جي ميرن، پيرن ۽ سيدن وٽ وڪاڻا هئا. هو ميرن جي حصي ۾ آيا هئا. اَن جي هڪڙيءَ ڳوڻ جي عيوض هو ستن پيڙهين تائين لاءِ غلام بڻجي ويا هئا.
    بادشاهه پنهنجي پيءُ کي ميرن جي حويلي ۽ اوطاقن ۾، ڪلهن تي پاڻيءَ جا ڀريل دٻا کڻي مٽ ڀريندي ڏٺو هو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ پڻس جا ڪلها نمي آيا هئا. بادشاهه کي اڄ به پڻس جي ڪلهن تي پيل نيل ياد هئا. جنهن رات هن موت واري دڳ تي پير ڌريو هو، انهيءَ رات ماڻس وڏي مير صاحب جي ڳاڙهي کٽ تي، مير صاحب جي لوهي لڱن هيٺ سهڪندي رهي هئي. پڻس اڻڄاڻ ته ڪونه هو، پر غلاميءَ جي اها ئي ريت هئي. هو جڏهن کان وڪاڻا هئا، تڏهن کان اها ريت نڀائيندا ٿي آيا. عاليشان حويلين جي لوهي دروازن تي ڪتن وانگر ٻڌجي ويهي رهيا هئا. هنن جون عورتون ٿانوَ ٻهاري کان وٺي، پنهنجن مضبوط ڪارن جسمن جي ڪري، حويلين ۾ بند ميرياڻين جي جنسي خواهش جي تڪميل بڻجي ويون هيون. جڏهن هو دهل جي تال تي مست ٿي آفريڪا جو ناچ نچنديون هيون، تڏهن ڏسڻ وارن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. هنن جا مضبوط ڪارا جسم سياري جي سرد راتين ۾ گرم ۽ اونهاري جي گرم راتين ۾ تهائين گرم ٿي ويندا هئا. هنن جا مڙد، جيڪي جانورن وانگر بار ڍوئيندا هئا – دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچايا ويندا هئا – رات جو مالڪن جا بسترا گرم ڪندا هئا.
    ست پيڙهيون پوريون ٿي ويون، پر غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان نڪري نه سگهيو. هنن جون عورتون اڄ به پنهنجين اُداس مالڪياڻين جي جنسي خواهشن جي تڪميل هيون، هنن جي سمورن گناهن ۾ هڪ جيتريون شريڪ. هنن جي شاندار ڪارنامن جون رازدار. مڙد اڄ به ڪائنات کان ڀاري بوجهه ڍوئيندا هئا. مالڪن کي وندرائڻ لاءِ دهل ڳچيءَ ۾ وجهي، آفريڪا جو مست ناچ نچندا هئا (پوءِ اندر ۾ ڪيترا دک ڇو نه سمايل هجن). مالڪن جي بي رنگ جسمن ۾ رنگ ڀريندا هئا.
    جنهن رات پڻس موت واري دڳ تي پير ڌريو هو، انهيءَ رات هن تيزيءَ سان ڌڙڪندڙ دل سان پڻس کي هوريان هوريان مرندي ڏٺو هو. تڏهن هو يارهن سالن جو هو. هن پڻس کي رت ٿڪي ٿڪي مرندي ڏٺو هو. انهيءَ رات هو ائين کنگهندو رهيو هو، ڄڻ ساهه جون نسون ٽٽنديون هجنس. کنگهه نڙيءَ ۾ گهٽيندي بادشاهه کي پڪاريو هيائين.
    ”منهنجا با – د – شا – هه، هه، هه.“
    بادشاهه، جيڪو ڪنڊ ۾ هيسيو ويٺو هو، سو رڙهي سندس ويجهو اچي ويٺو.
    ”تون – ايڏو – ڇو – ٿو – کنگهين. مون – کي – ڊپ – ٿو – ٿيئي – بابا.“ بادشاهه جون اکيون ڀرجي آيون هيون ۽ پڻس جو وات رت سان ڀرجي ويو هو. ڳاڙهو ڳاڙهو رت پٽ تي ٿڪيندي چيائين: ”آئون ڄاڻي واڻي ٿورو ٿو کنگهان، بادشاهه!“ هو کنگهه ۾ ٻڏي ويو هو.
    ”بادشاهه! گريب ماڻهو، کنگهندي کنگهندي مري ويندا اٿئي.“ هو سڄي رات ٻرندڙ ميڻ بتيءَ سمان پل پل اُجهامندو رهيو.
    پرهه ڦٽيءَ کان اڳي اڳي هو مري ويو هو، پَٽ تي رت جا انيڪ نشان ڇڏي. جوڻس جڏهن مير صاحب جي ڳاڙهي کٽ تان لهي ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي آئي، تڏهن هن جو بي جان جسم هو، جيڪو ٿڌي پَٽ تي چپ چاپ پيو هو، بنا ڪنهن احتجاج جي. بادشاهه، پٽ تي پيل رت جا نشان ڳڻي رهيو هو. سج اڀرئي هن کي شيدين جي مُقام ۾ دفنايو ويو. پوءِ ٿيو ائين جو بادشاهه سڀ ڳالهيون سمجهڻ لڳو هو ته شيدين جو مُقام ڌار ۽ ميرن جو مُقام ڌار ڇو ٿيندو آهي؟ مرڻ کان پوءِ به ذات پات، رنگ ۽ نسل جا فرق ڇو نٿا ڊهي سگهن؟ ميرن جي مقام جي چوڌاري ڪوٽ ڇو آهي ۽ قبرون سڀ پڪيون ڇو آهن؟ شيدين جي مقام جي چوڌاري ديوار ڇو ڪانهي ۽ قبرون سڀ ڪچيون ڇو آهن؟ شيدين جي ڪنهن به قبر تي ڪو نانءُ ڇو ڪونهي، چوڌاري رڳو ٿوهر جا ٻوٽا ڇو پکڙيا پيا آهن؟ پڻس مري ويو، لاڪاس ورثي ۾ غلاميءَ جو ڳٽ ڇڏي ويو.
    ماڻس هر رات، مير صاحب جي يا ميرياڻيءَ جي ڳاڙهيءَ نهوار واريءَ کٽ تي وڃي سمهندي هئي ۽ هو اڪيلو، ڪوٺڙيءَ ۾ پيو، غلاميءَ جي سنگهر جون ڪڙيون ڳڻيندو هو.
    ڪنهن اهڙيءَ ئي رات، هو غلاميءَ جون سموريون سنگهرون ڇني، ڀڄي ويو هو. پاڻ ئي پاڻ آزادي ماڻي هيائين. تڏهن هو پندرهن سالن جو هو ۽ سندس ڪلهن تي به اهڙا ئي نيل هئا؛ جهڙا پڻس جي ڪلهن تي هئا. هن رت ٿڪي ٿڪي نٿي مرڻ چاهيو. هن نٿي چاهيو ته زندگيءَ جي ڪنهن لمحي ۾ هن جي زال به ماڻس وانگر ڳاڙهيءَ نهوار واريءَ کٽ تي وڃي سمهي. سو هو ڀڄي آيو هو. پوءِ زندگي هن ڇتن ڪتن وانگر مانيءَ جي هڪڙي ڳڀي لاءِ وڙهندي گذاري هئي. گند جي دڙي تان، لوڪ ستي، پاروٿا ڀت، مانيون ۽ ميون جون کلون چونڊي پيٽ ڀريندو هو. گند جي دڙن تان پيٽ ڀريندڙ ڪتا، هن کي ڌاڙو هڻندو ڏسي، هن جا ويري ٿي پيا هئا. هن کي ڏاڙهيندا هئا، اُلرون ڪندا هئا، پر هُن ڪڏهن به ڪونه هارايو. هو غلام پيڙهيءَ جو پهريون باغي انسان هو.
    مير صاحب هن جي ڳولها ۾ شڪاري ڪتن جهڙا غلام ڇڏيا هئا، پر هن کي ته نڄاڻ زمين ڳڙڪائي وئي هئي يا آسمان جهٽي ورتو هو. بادشاهه زندگيءَ جي جنگ ۾ بنا ڪنهن هٿيار جي ڪاهي پيو هو.
    هڪ وار چور جي ڳولها ۾ ڊوڙندڙ ماڻهن هن کي پڪڙي ورتو هو ۽ هو جيل هليو ويو، بنا ڪنهن ڏوهه جي. هن جو ڪوبه گهر ڪونه هو، هن جيل کي گهر سمجهي ورتو هو. هتي هن کي پٽڙي دال ۽ واريءَ گڏيل ماني ملندي هئي. هن کي گند جي دڙي تان پيٽ ڀرڻ جو سامان ڪونه ڳولهڻو پوندو هو. ڪتن سان جنگ ڪانه ڪرڻي پوندي هئس. هن کي جيل سان ائين ئي پيار ٿي ويو هو، جيئن ماڻهن کي گهر سان ٿيندو هو. جڏهن هن جو پيار تمام وڌي ويو هو، تڏهن هڪ صبح هن کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. جيل جي لوهي گيٽ تي بيهي هو ائين سُڏڪي سُڏڪي رنو هو، ڄڻ بنا ڪنهن ڏوهه جي بي گهر ڪيو ويو هجي، جلاوطن ڪيو ويو هجي.
    هڪ ڀيرو وري هُو گند جا دڙا ڦولڻ لڳو ۽ فوٽ پاٿ تي سمهڻ لڳو هو. زندگيءَ جي انهن لمحن ۾ هن تي اهو انڪشاف ٿيو هو ته هو ميرن جي حويليءَ ۾ ئي نه، ڪائنات جي هر هڪ ڪنڊ ۾ قابل نفرت ۽ غلاميءَ جو نشان آهي. هن جو رنگ ۽ روپ هن لاءِ شڪستن جو اهڃاڻ هئا. بک، زهر بڻجي هن جي نسن ۾ واسو ڪندي وئي. هڪ اونداهيءَ رات جو فوٽ پاٿ تي ستل هن جي جسم تان ٿاٻڙجي ڪوئي مٿائنس اچي ڪِريو هو. ڪي پل ته ڪرڻ وارو ڌڪ پچائيندو رهيو. پوءِ مٿائنس چڙهي ويو هو، ”ڀڙوا، ماءُ..... گهر ڪونه اٿئي جو وچ تي پيو آهين.“
    گهر! هن کي جيل ياد اچي ويو.
    ”گهر ئي ته ڪونه اٿم، نه ته سيءَ ۾ ستو پيو هجان ها!“
    ڪِرڻ واري جا هٿ، بادشاهه جي ڳچيءَ تان هٽي ويا. هو پريان ايندڙ ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ بادشاهه کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”ڪير آهين؟“ هن ڀيري هن جو آواز بيحد نرم هو.
    ”ماڻهو آهيان.“ بادشاهه اڃا به هيسيل هو.
    ”شيدي آهين؟“ هن جي ڳالهه ٿوهر جي ڪنڊي سمان بادشاهه جي من ۾ چڀي وئي هئي. دل چيو هيس سموري ڪائنات جي ٻوٿ تي دانگي مَلي ڇڏي. پوءِ هڪڙي هڪڙي کان پڇي، ”شيدي آهين، شيدي آهين؟“ پر هن ڪابه ورندي ڪانه ڏني.
    ”شيدي آهين نه؟“ هن ٻِيهر پڇيو.
    ”هو – نءَ.“ لفظ بادشاهه جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا.
    ”نالو ڇا اٿئي؟“
    ”بادشاهه، ۽ تون؟“ هاڻ بادشاهه جو ڊپ ڪنهن قدر لهي ويو هو.
    ”شيدي بادشاهه همباشا، جيڏانهن پير تيڏانهن خير.“ هو ٽهڪ ڏئي زور زور سان کلڻ لڳو. بادشاهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڀُرڻ لڳو.
    ”منهنجو نالو ڪمو آهي. نه، ڪمال آهي.“ بادشاهه پريان کان ايندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺو، ڪموءَ جو رنگ اڇو اجرو کير جهڙو هو. ائين ڇو آهي؟ ڪو ماڻهو ڪارو ۽ بدصورت، ڪو ماڻهو اڇو ۽ خوبصورت ڇو ٿيندو آهي؟ دنيا ۾ سڀ ماڻهو هڪ جهڙا ڇو ڪونه آهن؟ ڪموءَ جو اڇو اجرو رنگ ڏسي هو اداس ٿي ويو هو.
    ”گهر ڇو ڪونه اٿئي، ڀڄي آيو آهين؟“ بادشاهه جو ساهه نڙيءَ ۾ اچي اٽڪي پيو. هن نٿي چاهيو ته هن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪجهه خبر پوي.
    ”گهر اٿم ئي ڪونه.“ هو چؤواٽي تي گم ٿي ويل ٻار وانگر روئي پيو.
    ”اڙي، شيدي بادشاهه! اڙي، ڀڙوا، مڙد ٿي ڪري روئين ٿو؟!“ ڪمو ائين ڪڻس پرچائڻ لڳو، ڄڻ جڳن جي سڃاڻپ هجيس.
    ”چڱو اچ. اڄ کان تون ۽ آئون يار.“ ڪمو هن جا لڙڪ اگهڻ لڳو.
    ”اڙي، نه رو يار، بادشاهه! بادشاهه به ڪو روئندا آهن!“ ڪمو هن کي پاڻ سان گڏ انهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ وٺي آيو، جيڪا ڪموءَ جو گهر هئي.
    ”هي اٿئي منهنجو تاج محل.“ ڪموءَ قلف کوليندي ڪوٺڙيءَ سان بادشاهه جو تعارف ڪرايو. بادشاهه تاج محل ٻڌو ئي ڪونه هو ڪڏهن. ”تاج محل! اهو ڇا ٿيندو آهي؟“ ڪمو ٽهڪ ڏئي کلي پيو.
    ”ڏس، جيئن تنهنجو نالو بادشاهه آهي، تيئن هن ڪوٺڙيءَ جو نالو تاج محل آهي.“
    ”هڪڙو بادشاهه هو، تو جهڙو نه پر سچ پچ جو بادشاهه، انهيءَ کي پنهنجي زال سان ايترو عشق هو جو جڏهن اها مري وئي، تڏهن بادشاهه انهيءَ تي هڪڙو عاليشان مقبرو ٺهرايو، انهيءَ جو نالو تاج محل آهي.“
    ”تو ڏٺو آهي، تاج محل؟“ بادشاهه اچرج مان پڇيو. ڪموءَ جي کل نٿي بيٺي چوڻ لڳو:
    ”ٻڌو اٿم ته شيدي چريا ٿيندا آهن. اڄ پڪ به ٿي وئي.“ هن ڄڻ بادشاهه کي گار ڏئي ڪڍي هئي. ڪجهه چئي ڪونه سگهيو، پر رنگ ڪاراٽجي ويو هئس.
    ”يار، بادشاهه!“ ڪموءَ هن کي اداس ٿيندي ڏسي چيو، ”اسين غريب ماڻهو پاڻ تي بادشاهه ۽ پنهنجن ڀڳل ٽٽل گهرن تي تاج محل جهڙا عاليشان نالا رکي ئي خوش ٿي ويندا آهيون.“ بادشاهه ڏٺو، ڪمو ميڻ بتي ٻاريندي ٻاريندي، پاڻ ڄڻ اُجهامڻ لڳو هو.
    ”چڱو هاڻ تون هن کٽ تي سمهي رههُ، صبح جو ملنداسون.“ بادشاهه ڪنهن چئيدار پٽ وانگر جهولي کٽ تي ليٽي پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيا ۽ چپ ٿي وئي.
    ”ڏس، اهو نه چئي جئين ته بک لڳي آهي. آئون پاڻ ڪالهه کان لنگهڻ تي آهيان.“ هاڻ ڀلا بادشاهه هن کي ڪيئن اهو ٻڌائي ها ته آئون گند جي دڙي تان پيٽ ڀري آيو آهيان. توکي به جي بک لڳي آهي ته گند جي ڪنهن دڙي تان پيٽ ڀري اچ. پر هو چپ رهيو. ڪمو پٽ تي پراڻي فراسي وڇائي سمهي پيو. ميڻ بتي ٻرندي رهي، بادشاهه جاڳندو رهيو. ميڻ بتي ٻرندي ٻرندي اُجهامي به وئي، پر هو جاڳندو رهيو.
    ڪمو ڀريل کيسا ڪٽيندو هو. بادشاهه کي به اهو ڌنڌو سيکارڻ چاهيائين، پر پهرئين ئي ڀيري بادشاهه ذري گهٽ پڪڙجي پيو هو. ڪموءَ سمجهي ورتو هو ته هو اهو ڪم ڪري ڪونه سگهندو. عقل جي گهٽتائيءَ جي ڪري هو ڪوبه اهڙو ڪم ڪري ڪونه سگهندو.
    ”توکي نچڻ ايندو آهي، بادشاهه؟“ بادشاهه جي هانوَ تي ماڻس ۽ پڻس جو نچندڙ جسم اڳيان اچي ويو. هو شڪي ٿي پيو، ڄڻ ڪمو سندس ڪو گناهه پڪڙي ورتو هجي.“
    ”نه، آئون ڪونه نچندس.“ گهٻرائجي هن ذري گهٽ رڙ ڪئي هئي.
    ”ڏس بادشاهه، جيئرو رهڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي. بيک گهرڻ کان کيسو ڪٽڻ چڱو آهي، پر توکان ته اهو ڪم به نٿو پڄي. منهنجي صلاح وٺ، نچڻ ڳائڻ شروع ڪر. دهل توکي آئون وٺي ڏيندس. ڪلهه مون هڪڙو ماڻهو ڏٺو هو، تو وانگر شيدي هو. دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچيو پئي. ماڻهن مٿائنس رپيا، اٺ آنا، چار آنا پئي گهوريا. تون به اهو ڪم ڪر، بک ته ڪونه مرندين.“ بادشاهه جون اکيون سرخ ٿي ويون هيون، لڱ ڪانڊارجي ويا هئس ۽ ڪارو رنگ ويتر ڪاراٽجي ويو هئس.
    ”آئون اهو ڪم ڪونه ڪندس.“ هن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي صدين جي غلامي ياد اچي وئي هئي. آفريڪا جو مست ناچ، جيڪو هن جا وڏا غلاميءَ جي ورثي سان گڏ سانڍيندا رهيا هئا. هو ته غلاميءَ جي سنگهر ڇني آيو هو. هو ڀلا ڪيئن ٿي نچي سگهيو؟ ’اسان رڳو نچڻ لاءِ، ڳاڙهين کٽن تي سمهڻ لاءِ يا ڀاري بوجهه ڍوئڻ لاءِ آهيون ڇا؟‘ هن ٽٽندڙ دل سان سوچيو هو.
    ”ٻڌ ڪمو! آئون بيک گهرندس، پر نچندس ڪونه.“ هن فيصلو ڏئي ڇڏيو. پيٽ ڀرڻ لاءِ هو گند جا دڙا ڦولريندو رهيو. ڪمو کيسا ڪٽيندي ڏينهن گذاريندو رهيو. بادشاهه، پيٽ ڀرڻ کان پوءِ ڪموءَ جي تاج محل ۾ پيو هوندو هو. ڪمو ڌنڌي تان موٽندو هو ته سج لٿي مهل گهٽيءَ ۾ لڳل بلب هيٺ وڃي ويهندو هو، جُوا لاءِ. جڏهن موٽندو هو، تيسين تائين بادشاهه سمهي رهندو هو.
    هڪ ڀيرو، سج لٿي مهل ڪموءَ هن کي به جُوا واري اڏي تي ويهاري ڇڏيو هو. اتي ڪموءَ ٻين سان هن جو تعارف ڪرايو هو، ”هي منهنجو يار اٿوَ، بادشاهه!“ موٽ ۾ سڀ ڳائڻ لڳا، پنهنجن بي سُرن آوازن ۾ ”شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ بادشاهه جون اکيون پوسرڻ لڳيون. هو مڃي نه مڃي پر هن جا وار، رنگ ۽ نقش پڪاري پڪاري چوندا هئا، ”هي شيدي آهي، هي شيدي آهي.“
    هو چپ چاپ ويٺو رهيو ۽ هو سڀ جوا ڪندا رهيا. پڇاڙيءَ ۾ ملوڪ کٽيو هو. جنهن مهل هو راند ڪري رهيا هئا، تنهن مهل بادشاهه جون سرخ سرخ اکيون سامهون لٽڪيل ڦاٽل ڳوڻ مان ليئا پائيندڙ چنڊ جهڙي چهري تي وڃي اٽڪيون هيون. هو ٽِڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. هن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪندي رهي. هن کي ڪموءَ کان ٻڌل تاج محل واري ڪهاڻي ياد اچي وئي.
    ”ڇا ٿو ڏسين، بادشاهه!“ عارب هن کي اک ڀڳي هئي. هو شڪي ٿي پيو، ڄڻ ڪا چوري ڪئي هجيس.
    ”ڪيئن وڻي ٿي توکي؟“ ڪموءَ ٺونٺ هڻندي پڇيو هئس. هو لال ڪنوار جيان شرمائجي ويو.
    ”ڏي خبر بادشاهه!“ سڀ هن کي ڇيڙڻ لڳا. هن جي دل ڌڙڪندي رهي.
    انهيءَ ڏينهن عارب جوا ۾ کٽيو هو ۽ بادشاهه ڌڙڪندڙ دل سان ڏٺو هو ته هو کيسن ۾ کٽيل پيسا ڀري، در مان ليئا پائيندڙ چهري ڏانهن وڌي ويو هو، ڪنهن فاتح سمان.
    ۽ جڏهن عارب اندر گهڙيو هو، تڏهن در بند ٿي ويو ۽ هو سڀ اُجهاڻل نظرن سان بند دروازي کي ڏسندا رهيا هئا.
    ڪمو اٿيو ۽ ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو گهر واپس وڃڻ لڳو. هو به چپ چاپ ڪموءَ جي پويان پويان هلڻ لڳو. گهر پهچي ڪمو پٽ تي ڦان ٿي ڪِري پيو، ائين ڄڻ چؤواٽي تي لُٽجي ويو هجي. بادشاهه به ماٺڙي ڪري کٽ تي ڪِري پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيو ۽ چپ ٿي وئي. انهيءَ رات هنن ميڻ بتي به ڪانه ٻاري. اونداهيءَ ۾ پيا رهيا. بادشاهه محسوس ڪيو هو ته سڄي رات ڪمو پاسا ورائيندو رهيو هو. بادشاهه کي به ننڊ ڪانه آئي هئي. اکين آڏو اهو چنڊ چهرو ٻرندو رهيو هئس. ڪنهن ڪنهن مهل سندس کٽ به چرڙاٽ ٿي ڪيو ۽ ائين صبح ٿي ويو. ڪمو ٻاهر نڪري ويو ۽ هو کٽ تي بي سُڌ پيو رهيو. ڪمو موٽيو، تڏهن به بادشاهه ائين ئي کٽ تي بي سُڌ پيو هو. ڪمو پٽ تي ويهي پيسا ڳڻڻ لڳو.
    ”ڪمو!“ گهري سانت ۾ هن جو ڀاري ڀاري آواز گونجيو هو.
    ”هون!“ هو پيسا ڳڻيندو رهيو.
    ”هڪڙي ڳالهه پڇانءِ؟“ ڳالهه پڇڻ کان اڳ بادشاهه جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.
    ”راتوڪي ڇوڪري ڪير هئي؟“ ڪموءَ جو جواب ٻڌڻ کان اڳ ئي هو پڇي ويٺو.
    ”پري هئي.“ ۽ بادشاهه کي ننڍي هوندي پڻس کان ٻڌل آکاڻين واري پري ياد اچي وئي.
    ”ملوڪ ڇو ويو هو وٽس؟“
    ”جوا جو کٽي هيائين.“ ڪموءَ نوٽن کي ڊگهي چمي ڏيندي چيو.
    ”تون به هن وٽ ويندو آهين؟“
    ”ها، جڏهن جوا کٽندو آهيان، تڏهن.“ هن ائين چيو، ڄڻ پڪ هجيس ته اڄ هو کٽندو.
    ”ڇا وڃي ڪندو آهين؟“ بادشاهه کٽ تان لهي پٽ تي ڪموءَ جي ويجهو اچي ويٺو.
    ”جيڪو پڻهين.... ماڻهين وٽ وڃي ڪندو هو.“ بادشاهه من ئي من ۾ سراپجي ويو هو، ڪموءَ جي انهيءَ مذاق تي. پڻس ته سدائين ماڻس جون راهون تڪيندو رهيو هو، پر هوءَ مير صاحب جو حڪم هئڻ ڪري راتيون مير صاحب جي ڀر ۾ ڳاڙهي نهوار واري کٽ تي گهاريندي هئي. بس مهيني جون ٽي چار بيڪار راتيون مڙس وٽ اچي چپ چاپ پئجي رهندي هئي، بنا ڪجهه ڪرڻ جي.
    ”بادشاهه!“ ڊگهي ماٺ کان پوءِ ڪموءَ ڪڻس پڪاريو هو،
    ”هون.“ هن جي ’هون‘ ۾ به پيڙائن جو هجوم هو.
    ”ڇا ٿو سوچين؟“
    ”ڪجهه به نه.“ اهو ئي پيڙا جو پڙلاءُ.
    ”پريءَ تي عاشق ٿي پيو آهين ڇا؟“ ڪمو کليو هو.
    ”نه، نه.“ هن صفا صاف ڪوڙ ڳالهايو.
    ”ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟“ بادشاهه ڪڇيو ڪونه. ڪوڙ ئي ته ڳالهايو هيائين.
    ”تون، وٽس ويندين ڇا؟“ ڪموءَ جي انهيءَ ڳالهه تي هو گل وانگر ٽڙي پيو، پر ڪڇيو ڪونه.
    ”بادشاهه! اسان سڀني يارن شرط رکي آهي ته جيڪو، جنهن رات جوا کٽندو، اهو ئي انهيءَ رات گهوٽ ٿيندو.“ بادشاهه ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو.
    ”تون گهوٽ ٿيندين، بادشاهه!؟“ ۽ بادشاهه جي دل ۾ دور دور تائين شرنايون گونجنديون رهيون.
    ”گهوٽ ٿيڻ لاءِ جوا کٽڻي پوندئي.“
    ”-“ بادشاهه چپ رهيو. خوابن ۾ موڙ ٻڌي پريءَ کي ماڻيندو رهيو.
    ”جوا کٽڻ لاءِ پيسا گهرجن، اٿئي پئسا؟“
    بادشاهه کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي غربت جو احساس ٿيو هو. خالي کيسي جو دک ٿيو هو. هو هارايل جواري سمان ڪنڌ نوايو ويٺو رهيو. انهيءَ شام گهٽيءَ مان لنگهندي هن ڏٺو ته هوءَ ڳوڻ مان ليئا پائي رهي هئي. هن جي پيرن ۾ ڄڻ سنگهر پئجي وئي. هو بيهي رهيو ۽ جڏهن پريءَ جي مٿس نظر پئي ته هوءَ حقارت سان مرڪندي اندر هلي وئي هئي ۽ بادشاهه اتي ئي رهجي ويو هو. پريءَ جي خواهش من ۾ ڦهلجي ويس، گلاب جي خوشبوءَ سمان.
    انهيءَ رات هن ٽٽندڙ دل سان ڪموءَ کي چيو هو:
    ”ڪمو! تو چيو هو ته تون – مون – کي.....“ لفظ سدائين جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئس. ڪمو اچرج مان هن کي ڏسندو رهيو.
    ”تو، چيو هو نه ته تون – مون کي – دهل وٺي ڏيندين.“ اهو چوندي بادشاهه جو رنگ ڪاراٽجي ويو هو. ڪموءَ کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو. ڪي پل ته وات ڦاڙي هن کي ڏسندو رهيو، پوءِ ڄڻ سارو معاملو سمجهه ۾ اچي ويو هئس. ٽهڪ ڏيئي کليو هو ۽ پوءِ کل ۾ ئي ٻڏي ويو هو.
    ”واهه ڙي بادشاهه واهه. پريءَ جي عشق توکي به ديوانو ڪري ڇڏيو.“ بادشاهه، لال ڪنوار جيان شرمائجندو رهيو.
    ”ٻڌائي ته ڪڃر! اها ڳالهه آهي نه؟“ ڪمو رڙهي اچي وٽس ويٺو. هن جي دل ڌڙڪندي رهي.
    پوءِ ٿيو ائين، جو ڪموءَ هن کي دهل وٺي ڏنو.
    انهيءَ ڏينهن چؤواٽي تي بيهي، دهل جي تال تي آفريڪا جو مست ڪندڙ ناچ نچيو هو، ڪلاڪن تائين.
    شيدي بادشاهه همباشا
    شيدي بادشاهه همباشا
    جيڏانهن پير
    تيڏانهن خير
    شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.
    ڄڻ آفريڪا جي اُداس ڌرتي، سنڌ ڌرتيءَ تي لهي آئي هجي. ڌرتيءَ جو گولو هن جي پيرن هيٺ ڦرندو رهيو. هو مست ٿي ويو هو. ماڻهو مست ٿي ويا هئا. هن جي رڳن ۾ آفريڪا جي مٽي رت وانگر ڊوڙڻ لڳي. هن جو پيءُ به ائين مست ڪندڙ ناچ نچندو هو. نچي نچي جڏهن ساڻو ٿي پيو هو، تڏهن سندس پير بيهي رهيا. ڪائنات ساڪت ٿي وئي هئي. پن پن خاموش. پيرن ۾ پيل پئسا هن ڳڻيا هئا، ٽيهه روپيه هئا. هن اهي ٽيهه روپيا ائين چونڊيا ميڙيا هئا، ڄڻ من مڻيو چونڊيندو هجي.
    سج لٿي هو موٽيو هو. بلب هيٺ جوا پئي هلي. هن کي ڏسي سڀني نعرو هنيو، ” شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ اڄ پهريون ڀيرو انهن لفظن تي هو دل سان مرڪيو هو، مرڪندو رهيو هو. ڪموءَ اچي ڪڻس ڀاڪر پاتا هئا، ”واهه ڙي شيدي بادشاهه! ڏي خبر، گهڻي ڪمائي ٿي؟“ موٽ ۾ هن ٽيهه روپيه کيسي مان ڪڍي، ڪموءَ جي هٿ تريءَ تي ائين رکيا هئا، ڄڻ من مڻيو رکندو هجي. ڪموءَ، هڪ ڀيرو وري ڪڻس ڀاڪر ۾ کڻي ڀريو هو، ”جيءُ بادشاهه! اڄ ته منهنجو بادشاهه لال پريءَ جو لال گهوٽ ٿيندو.“ ۽ بادشاهه شرمائجي ويو هو.
    اڄ هو به من ۾ ”ڀيڄ ڀٽائيءَ“ جو نعرو هڻي جوا تي اچي ويٺو هو. اڄ سڀني هن کي ڄاڻي ٻجهي کٽايو هو. هن کي کٽائڻ جو واعدو، ڪموءَ سڀني کان ورتو هو. هو هئا ڪموءَ جهڙي سدا ملوڪ يار جا يار، سي ڀلا ڪيئن نه چيو ڪن، سو هو کٽي ويو. هن نوٽ کيسي ۾ ڀريندي سامهون ڏٺو. ڦاٽل ڳوڻ مان انهيءَ ئي چنڊ چهري ٿي ليئا پاتا، جنهن لاءِ هو ڪيترين راتين کان جاڳندو ٿي آيو. ڪيترا خواب هن انهيءَ چهري جا ڏٺا هئا. هن کان وکون نه پئي کنيون ٿيون. هن ته ڪڏهن ڪنهن عورت جو جسم ڇُهي به ڪونه ڏٺو هو. پريءَ سان سڄي رات گهارڻ جي خيال سان ئي هن کي پگهر اچي ويو.
    ”نه يار، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“ هو گهٻرائجي بيهي رهيو هو. هو سڀ هن جي همت وڌائڻ لڳا، پر هو، جنهن اڃا سگهه ئي ڪانه پئي ساري.
    ”اڙي ڊپ وري ڇا جو، ميان!“
    ”آئون، آئون وڃي ڪندس ڇا؟“ پگهر ۾ بادشاهه شم ٿي ويو هو ۽ هو سڀ ٽهڪ ڏئي کلي پيا هئا. کلندا رهيا، هو پگهر ۾ شم ٿيندو رهيو.
    ”اڙي وڃڻ شرط کڻي ڀاڪر پائيجينس. چمي ڀاڪر تون ڪجئين، باقي ڪم هوءَ پاڻ ئي ڪندئي.“ ڪمو هن جي همت وڌائڻ لڳو. هن هوريان هوريان وکون کنيون ۽ جڏهن هو در تي پهتو، تڏهن در ٺڪا ڏئي بند ٿي ويو. من مڻيو ٽٽي ڀور ٿيو هو. هو ڪي پل چپ چاپ بند دروازي اڳيان بيٺو رهيو، پوءَ ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو ڪموءَ جي تاج محل ڏانهن هليو ويو هو. هو سڀ پويان هن کي سڏيندا رهيا هئا، پر هو ته ڄڻ ڪنن کان ٻوڙو ٿي پيو هو. ڪوبه سڏ ڪونه ٻڌو هيائين. بس دروازي بند ٿيڻ جو ٺڪاءُ طوفان وانگر زوزاٽ ڪندو سندس ڪنن ۾ گونجندو رهيو هو. ائين ڀاسيو هئس، ڄڻ هزارين ماڻهو سندس پويان پٿر کنيو، تاڙيون وڄائيندا اچي رهيا هجن. ” شيدي بادشاهه همباشا، شيدي بادشاهه همباشا.“ هو تيز تيز وکون کڻڻ لڳو. گهر پهچي هو جهول کٽ تي ڦان ٿي ڪِري پيو. کٽ چرڙاٽ ڪيو ۽ چپ ٿي وئي.
    آڌيءَ مهل ڪمو موٽيو ته بادشاهه اڃا جاڳيو پئي. ميڻ بتيءَ سمان پل پل دکي رهيو هو. ڪموءَ اونداهي ۾ اهو ڏسڻ لاءِ ته هو جاڳي پيو يا ستو پيو آهي، هن جو چهرو ڇُهي ڏٺو. ڪموءَ جا هٿ آلا ٿي ويا هئا. هو ڇرڪي پيو.
    ”اڙي ڀڙوا! بادشاهه ٿي ڪري روئين ٿو؟“
    هاڻ ڀلا هو ڪموءَ کي ڪيئن سمجهائي ته اسين غريب ماڻهو بادشاهه ۽ تاج محل جهڙا نالا رکي دل خوش ڪندا آهيون نه ته آئون غلام قوم جو فرد آهيان. غلام سڀ ڄمار پيا روئندا آهن. پر ڪجهه چوڻ بدران هو سڏڪن ۾ پئجي ويو. ڪموءَ کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن هو بادشاهه کي پرچائي؟ ”ڏس يار! مون ته رن کي گهڻئي چيو پر چوڻ لڳي ته ’آءٌ مري وينديس پر ڪنهن شيديءَ کي پنهنجي بدن تي هٿ به ڪونه لائڻ ڏينديس.‘“ انهيءَ انڪشاف تي بادشاهه ڀُري پيو هو، واريءَ جي ڪچي گهروندي سمان. شيدي هئڻ جو الميو اڄ تائين ساڻس چُهٽو ٿي آيو. هو ڀلا ڪيئن ماڻهن کي يقين ڏياري ها ته هو غلاميءَ جي سنگهر ڇني آيو آهي، هو آزاد آهي، آزاد آهي. شيدي آهي ته ڇا آهي، هن جا احساس ته اڇا اجرا آهن، چنڊ جهڙا، جهڙو پريءَ جو چهرو آهي. هن جي دل ته هر ماڻهوءَ جهڙي آهي. هن جي رت جو رنگ ته ساڳيو آهي، پر ڪجهه چوڻ بدران هو روئندو رهيو هو.
    ”بادشاهه! يار، هي رنون پيسي پويان بکيون ٿينديون اٿئي. تون پيسو ميڙيندو رهه، ڏسجئين ڪنهن ڏينهن هوءَ پاڻ هلي تو وٽ ايندي.“ ڪمو هن کي دلاسا ڏيڻ لڳو. نڄاڻ ڪنهن پر هن کي روئندي روئندي ننڊ اچي وئي.
    هن پهه ڪيو هو ته هو هارائيندو ڪونه، روز نصيب آزمائيندو. هن جو نصيب، جيڪو هن وانگر ڪاراٽيل هو. هو روز ڪنهن نه ڪنهن چؤواٽي تي بيهي دهل جي تال تي آفريڪا جو مست ڪندڙ ناچ نچندو هو. ماڻهن جا ميڙا اچي گڏ ٿيندا هئا. ماڻهو هن کي نچندو ڏسي مست ٿي ويندا هئا. رپيو رپيو، چار چار آنا، اٺ اٺ آنا هن جي گپ مان ڀريل نچندڙ پيرن ۾ اڇليندا ويندا هئا. هو اڃان به مست ٿي نچندو هو ۽ هن جي سرخ سرخ اکين ۾ پريءَ جو چنڊ جهڙو چهرو پيو رقص ڪندو هو، جنهن کي صرف هڪ ڀيرو چمڻ لاءِ هن نچڻ شروع ڪيو هو. اهو ناچ، جيڪو هن کي غلاميءَ واري دؤر جو ساروڻو ڀاسندو هو ۽ غلامي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ پيل سنگهر ڇني هن آزادي ماڻي هئي. اهو ته ڪڻس گمان ئي ڪين هو ته سموريون زنجيرون ڇني اچڻ کان پوءِ به هن جو رنگ ۽ روپ زنجير بڻجي سدائين (مرڻ پل تائين) سندس پيرن ۾ پيو هوندو، جيڪو هو ڪڏهن به ريٽي نه سگهندو.
    سڄو سڄو ڏينهن نچڻ کان پوءِ، جڏهن سج لٿي کيسا ڀري موٽندو هو، تڏهن سندس پير سُور کان پيا پوسرندا هئا. ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو هو جوارين وٽ اچي ويهندو هو. جنهن مهل کيسن مان پيسا ڪڍي هنن جي آڏو رکندو هو، تنهن مهل ائين ڀاسندو هو ڄڻ من – مڻيو ڪڍي رکندو هجي. دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳندي هيس ۽ جنهن مهل جوا جي جيت سندس حصي ۾ ايندي هئي، تنهن مهل نس نس ۾ طوفان اچي ويندو هئس. هوءَ در تي بيٺي هوندي هئي. دوست هن تي زور ڀريندا هئا ته اڄ هو قسمت آزمائي ڏسي. آخر ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي، ڪو پل ته هن جو به ٿيندو. بادشاهه سڄو پگهر ۾ شم ٿي ويندو هو. هٿ پير فالج جي مريض جيان بيڪار ٿي ويندا هئس. طوفانن ۾ وڪوڙيل بادشاهه، جڏهن هن ڏانهن وکون وڌائيندو هو، تڏهن ڪيتريون نفرتون پريءَ جي اکين ۾ مڙي اينديون هيون. بادشاهه جڏهن در وٽ پهچندو هو، تڏهن اُمالڪ در ٺڪاءُ ڏئي بند ٿي ويندو هو ۽ سندس دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ پوندي هئي. شڪست ۽ ذلت جي احساس کان رنگ ڪاراٽجي ويندو هئس ۽ لڱ پگهر ۾ شم. هو ڪموءَ جي تاج محل ۾ اچي، کٽ تي ڦان ٿي ڪِري پوندو هو. کٽ چرڙاٽ ڪندي هئي ۽ چپ ٿي ويندي هئي. انهيءَ وچ ۾ ڪمو ڪيتريون راتيون پريءَ وٽ گهاري آيو هو. جنهن رات ڪمو پريءَ وٽ هوندو هو، اها سڄي رات هو آلي ڪاٺيءَ جيان پيو رکندو هو ۽ جنهن رات ڪمو به وڃي ڪونه سگهندو هو، اها سڄي رات هو ٻئي ڄڻا آليءَ ڪاٺيءَ وانگر پيا دکندا هئا. ڪمو هن کي دلاسا ڏيندو هو، ”بادشاهه! فڪر نه ڪر، ڪا رات تنهنجي به ايندي.“ هو ڪابه ورندي ڪونه ڏيندو هو، پيرو اجهامندو هو.
    هنن سڀني گڏجي پريءَ کي سمجهايو ته بس هڪڙي رات هوءَ بادشاهه کي به ڏئي، پر هن نرڙ تي گهنڊ آڻي چيو هو، ”آئون مري وينديس، پر ڪنهن شيديءَ کي پنهنجي بدن تي هٿ به ڪونه لائڻ ڏينديس. هو ڪارو ڀولڙو، شڪل به اٿس مون وٽ اچڻ جهڙي.“
    ”يار بادشاهه! ڇا ڪجي، تون ٿي پيو آهين شيدي ماڻهو. رن مڃي ئي ڪانه ٿي.“ هو سڀ همدرديءَ ڀرئي لهجي ۾ هن کي چوندا هئا. شڪست ۽ ذلت جي احساس کان هو ڪنڌ نوائي اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ بند اکين ۾ ڦهلجي ويندو هئس، سمنڊ جهڙو کارو پاڻي.
    تنهن رات به ڪمو پريءَ وٽ هو. هو من ئي من ۾ اجهامندو رهيو هو، دکندو رهيو هو. پريءَ جو اڇو اُجرو، چنڊ جهڙو چهرو ساري رات سندس اکين ۾ ليئا پايو ڀوائتا ٽهڪ ڏيندو رهيو هو. هن جو ڪارو چهرو ڪاراٽبو رهيو هو. اڱارن سمان شڪست، ذلت ۽ غلاميءَ جون ساروڻيون وڪوڙي ويون هئس. ڇو ساري زماني جون شڪستون سندس نصيب ۾ هيون. ڇو دنيا جي سڀني انسانن جو رنگ ڪارو ڪونهي. ڇو هن جو رنگ اڇو ڪونه هو؟ سندس دل چيو ٿي ته ساري زماني جي ٻوٿ تي دانگي مَلي ڇڏي. دانگيءَ جي ڪارنهن، جيڪا سندس من ۾ واسو ڪندي ٿي وئي.
    فجر جي ٻانگن کان اڳ ڪمو موٽي آيو. بادشاهه کي سڏ ڪيائين ۽ هو جاڳندي به ڄڻ ستل هو. ڪمو به ڀت ڏانهن منهن ڪري سمهي پيو. سندس کونگهرا چوڌاري گونجندا رهيا.
    بادشاهه کٽ هيٺ رکيل اڇي بوتل کنئي ۽ ٻليءَ پير هلندو ٻاهر نڪري ويو. گهٽيءَ ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو ۽ بادشاهه جڏهن موٽيو هو، تنهن مهل آسمان جي هن ڪناري تان باک پئي ڦٽي. هو چپ چاپ اچي کٽ تي ليٽي پيو. الاءِ ڪيترن لمحن کان پوءِ ڪموءَ ننڊ مان جاڳايو هئس. جاڳڻ مهل دل تيزيءَ سان پئي ڌڙڪيس. ڄڻ ڪو طوفان اچڻ وارو هجي.
    ”بادشاهه، اڙي اٿي ته سهي. قيامت ٿي وئي، پري......“
    ”ڇا ٿيو پريءَ کي؟“ گهٻرائجي پڇيو هيائين يا اندر جو چور لڪائڻ چاهيو هائين، پر سندس سرخ سرخ ننڍڙيون اکيون ڦهلجي ويون هيون.
    ”پريءَ تي الاءِ ڪنهن تيزاب هاري ڇڏيو آهي. رن سڄي سڙي خاڪ ٿي وئي آهي.“
    بادشاهه جي دل ڌڙڪندي رهي هوريان هوريان، خوشيءَ کان، ڀؤ کان.
    ”الاءِ! چوي ٿي ته آئون اونداهه ۾ ڏسي ڪانه سگهيس. الائي ڪير هو؟ ڀت ٽپي آيو هو ۽ ستل پريءَ تي تيزاب هاري هليو ويو.“ ڪمو سهڪي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”بلي، ڇا مائيءَ جي سونهن هوندي هئي. هاڻ ڏسندين ته سڃاڻي ڪونه سگهندين، اصل جهڙي ڏائڻ.“ ڪموءَ جي انهيءَ ڳالهه تي بادشاهه جي دل اندر، دور دور تائين گلاب ٽڙي پيا هئا. پري به ڏائڻ ٿي سگهي ٿي، اهو ڀلا ڪنهن سوچيو هوندو. جنهن پنهنجي حسن جا دروازا بادشاهه تي بند ڪري ڇڏيا هئا، هاڻ مٿس سموري دنيا جا دروازا بند ٿي ويندا. تڏهن هو، پريءَ جي ڀوائتي چهري لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيندو.
    ”هلينس ٿو ڏسڻ؟ چؤواٽي تي ويٺي منهن مٿا پٽي چري نه ٿي پوي.“
    هو ڪموءَ ساڻ، تکيون تکيون وکون کڻندو هن جي در تائين آيو هو. ماڻهن جو ميڙ اچي گڏ ٿيو هو. اڄ هن ڳوڻ جي ڳڙکي کان ليئا نٿي پاتا، نه ئي اڄ هن لاءِ جوا ٿي هلي. هوءَ پٽ تي ويهي منهن مٿا پٽي رهي هئي. تڪليف کان اکين مان درياهه وهندو ٿي ويس. ڦٿڪي رهي هئي. بادشاهه کي ڪسجندڙ ڪڪڙ ياد اچي ويا هئا. هن جون ٽنگون ست ڇڏينديون ٿي ويون. بادشاهه هن کي انهيءَ حالت ۾ ڏسي سراپجي ويو هو. پريءَ جو اڇو اجرو ماس سڙي رک ٿي ويو هو. ڪوبه ته نشان باقي نه رهيو هئس. ڪالهوڪي حسن جو ڀوائتو چهرو، ڪموءَ کي ڪِرڀ اچي وئي. نڙيءَ ۾ اٽڪيل ٿڪ ائين پٽ تي اڇلائي هنيائين، ڄڻ پريءَ جي ڀوائتي چهري تي اڇلائيندو هجي ۽ ڪيترا گلاب هئا، جيڪي بادشاهه جي دل ڌرتيءَ تي ڦهليا پيا هئا. ماڻهو آهستي آهستي ڪچي پٽ تي پيرن جا انيڪ نشان ڇڏي هليا ويا. ڪو چوي، ”چڱو ٿيو، اهڙين عورتن جو اهو ئي انجام ٿيندو آهي.“ ڪنهن کي ساڻس همدردي هئي. ”ويچاري، ويچاري.“ جا لقب ٿي مليس. ڪنهن نفرت منجهان ٿي چيو، ”هاڻ ڪير هن ڏائڻ تي پيسا وڃائيندو؟“ بس بادشاهه هو جيڪو بيٺو رهيو. دل چاهيو هئس ته مست ٿي ائين نچي، جو گهمندڙ ڌرتيءَ جو گولو بيهي رهي.
    شيدي بادشاهه همباشا
    شيدي بادشاهه همباشا
    جيڏانهن پير، تيڏانهن خير.
    پر هو بيٺو رهيو. پير تپي ٽامو ٿي ويا هئس. هو ڪلاڪن تائين بيٺو رهيو. هوءَ رڙندي رهي. بادشاهه ڀاڪرن ۾ ڀري اُٿاريو هئس ۽ کٽ تي آڻي ليٽايو هيائينس. دلي مان پاڻي اوتي، جڏهن هن جي سڙيل چپن تي آڻي رکيو هيائين.
    ”ڪير آهين؟“ هوءَ ڄڻ سُڏڪي.
    هو چپ رهيو، ڪابه ورندي ڪانه ڏني هيائين.
    ”ڪير آهين تون؟“
    ”آءٌ بادشاهه...“ پريءَ کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو هو. بي نور ٿي ويل اکين اندر انيڪ طوفان اچي گڏ ٿيا هئس. سڀ ڪڻس ڇڏي هليا ويا هئا، بس بادشاهه هو، جيڪو سندس ويجهو، بيحد ويجهو بيٺو هو، جيڪو ڪيترا ڀيرا سندس بند دروازي تان موٽي ويو هو. ڪارو ڪوجهو شيدي، دنيا جي ڏتڙيل قوم جو ڏتڙيل فرد.
    ”بادشاهه!“ هوءَ ڀڻڪي.
    ”هون....“ بادشاهه جي دل ڌڙڪڻ لڳي.
    ”منهنجي شڪل هاڻ ڪهڙي ٿي وئي آهي؟“ هوءَ سُڏڪي.
    ”تمام سهڻي.“ هن جي سڙيل، ڀوائتي چهري تي بادشاهه پنهنجيون ڪاريون، بي ڊوليون آڱريون رکي ڇڏيون هيون. جڳن جي ناڪام خواهش، هن جو خوبصورت چهرو ڇهڻ جو خواب، جنهن جي ساڀيان هن زوريءَ قدرت جي هٿن مان ڦري هئي.
    ”مون کان ڊپ ڪونه ٿو ٿينئي، بادشاهه؟“
    ”نه.“
    ”نفرت به نه؟“
    ”نه.“ بادشاهه جي لهجي ۾ جيت جو گهرو نشو هو.
    هو ڪيتري دير هن جي سيرانديءَ ويٺو رهيو، چپ چاپ.
    ”بادشاهه.......“ ڪنهن مهل هوءَ ڀڻڪي هئي.
    ”هون....“ جيت جو اهو ئي اٿاهه نشو.
    ”مون کي ڇڏي ته ڪونه ويندين؟“
    ”نه.“ هن ٻيهر پنهنجيون آڱريون هن جي چهري تي کڻي رکيون هيون، ڄڻ هن جا ڦٽ ٺارڻ چاهيندو هجي. من ۾ جيڪو چور هئس، سو جيت جي نشي ۾ گم ٿي ويو هو. انهيءَ رات، پريءَ جي در جي سامهون جوا به ڪانه هلي هئي. انهيءَ رات آڌيءَ تائين ڪموءَ، بادشاهه جو انتظار ڪيو هو. پر بادشاهه باک ڦٽيءَ کان پوءِ به ڪونه موٽيو هو. ڪموءَ کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اڄ کان پريءَ جي گهر تي به هن ”تاج محل“ نانءُ رکيو آهي.
    ۽ جڏهن پريءَ جا ڦٽ سُڪي ويا هئا، تڏهن ڪنهن بيحد خوبصورت لمحي ۾، جڏهن هو پريءَ جو هٿ پڪڙي گهٽيءَ ۾ نڪتو هو، تڏهن گهٽيءَ ۾ لڳل بلب هيٺ ويٺل ڪموءَ ۽ سندس ساٿين، تاڙين جي لئي تي، بي سُرن آوازن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو.
    شيدي بادشاهه همباشا
    شيدي بادشاهه همباشا
    جيڏانهن پير
    تيڏانهن خير
    شيدي ...... بادشاهه ... همبا.... شا .... شيدي .... بادشاهه .... شيدي .... بادشاهه .... ۽ بادشاهه جي دل ۾ دور دور تائين گلاب ٽڙي پيا هئا.


    جلاوطن

    جڳن کان من ۾ واسو ڪيل اڻپورو سپنو، اڄ به جڏهن هانوَ تي هُري ايندو اٿم ته ويٺي ويٺي لڱ سمورا ڪانڊارجيو وڃنم. چؤواٽي تي سنگسار جي رسم، زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ زوريءَ گهليو وڃنم، حضرت عمر فاروق رضه جي دور ۾.
    دنيا ۾ سڀ کان پهرين آدم جي روپ ۾ تون خلقيو ويو هئين ۽ مان تنهنجي پاسراٽيءَ مان حوا جي نالي سان. ائين تنهنجو ۽ منهنجو، حاڪم ۽ محڪوم وارو ناتو ڄڻ ازل کان هو جُڙيو. سو پوءِ توکي يا پنهنجي ازلي هيڻائيءَ کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان. ننڍي هوندي کان ٻڌو جو هئم: ”عورت (حوا) جو وجود جڙيو مڙد (آدم) لاءِ ته جيئن هن جو نسل وڌي ۽ هو دنيا ۾ اڪيلائپ محسوس نه ڪري.“
    آيل جي پيٽ کان قبر جي گهور اونداهين تائين مان انهيءَ محڪوم قوم وانگر هيس، جيڪا بغاوت ته ڪرڻ چاهي ٿي، پر جنهن وٽ هٿيار نه هجن.
    حويلي شريف جي پوتر ديوارن کان چڪلي جي سوڙهين گهٽين تائين، شريف زاديءَ کان رنڊي بڻجڻ تائين جو اڙانگو سفر.
    مان، پاڪ گهر سمان، ٻاهران ڪارو غلاف اوڍيل، اندران ڪاري پٿر جون باادب ديوارون ۽ تو انهن ديوارن کي محض ان ڪري سجدو نه ڪيو، جو مان جڙي هئس تنهنجيءَ پاسراٽيءَ مان ۽ مون بنا توکي پرکڻ جي ان لاءِ سجدو ڪيو هو، جو اهو ثواب ته ملائڪن به کٽيو هو.
    توکان ڌار ٿي، سڀ کان پهرين مون پنهنجي نئين سال واري ڊائريءَ جي پهرين جنوريءَ واري ڪالم ۾ لکيل پنهنجا ئي لفظ ته، ’عورت آهي پاڪ گهر سمان. هن جو ٻاهريون غلاف به پوتر، هن جون اندريون ديوارون به مقدس’ ڳاڙهي مس ڀريل پين سان ڪاٽي ڇڏيا هئم، جيتوڻيڪ ان لمحي پنهنجو اندر ٻن حصن ۾ اڌواڌ ٿيندو ڀانيو هئم.
    محبوبيت جي جنگ ۾ تنهنجو پاسو ڳرو رهيو يا منهنجو؟ تڏهن ته ان جي ڪٿ ڪري نه سگهيا هئاسون، پر هاڻ ائين ڀاسندو اٿم ڀانءِ ٻئي پاسا تڇ هئا. بدن جي فطري خواهش کي محبت جهڙو نالو ڏجي به ڇو؟ هونئن به جڏهن تون ۽ مان جڙيا هئاسون (آدم ۽ حوا جي نالي سان)، هڪ ٻئي جي فطري جسماني خواهشن جي تڪميل لاءِ يا اهو خلا پُر ڪرڻ لاءِ، پوءِ دنيا ۾ اچي محبت جو ڪوڙو سانگ ڇو رچائجي؟ جڏهن ته محبت ڪبي آهي پنهنجي پاڻ سان. سو محبت جي اها تند ڪم از ڪم تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ته نه هئي (اهو راز به مون تي هاڻ فاش ٿيو). باقي بدن جا رشتا، سي پنهنجي سموري خوبصورتيءَ ۽ بدصورتيءَ سميت، سٽ ڏئي اڌواڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙو حصو تو ڏانهن ۽ ٻيو مون ڏانهن هليو آيو. تون، تو واري حصي کي مون کان سواءِ، انيڪ عورتن جي انگ انگ ۾ سانڍيندو اچين (جو اها به آهي تنهنجي ازلي فطرت) مون، مون وارو حصو ايٽم بم سان ائين اجاڙي ڇڏيو، جو ڪوبه نشان سَگهو نه ڇڏيو اٿم.
    ۽ اها تنهنجي پهرين شڪست آهي.
    اڄ مان، مريم حسين، توکان منڪر ٿي ٿيان، بنا ڪنهن معافي نامي جي.
    اڄ مان، مريم حسين، توسان شرڪ ٿي ڪيان پنهنجي برابريءَ جو.
    اڄ مان، تنهنجي حاڪميت کان بغاوت ٿي ڪيان.
    توکان پوءِ، مون پاڻ، پاڻ کي بشارت ڏني هئي ته گهٽ ۾ گهٽ توکي مريم حسين! آدم جي نسل جي واڌاري لاءِ ناهي موڪليو ويو. تون سنڌ جي اُداس ڌرتيءَ تي ڪنهن مقدس ڪتاب سمان نازل ڪئي وئي آهين. تون مريم حسين، ”شاهه جي رسالي“ جو پهريون بيت آهين.
    پر ٿيو ائين جو ڪنهن به منهنجي بشارت تي ’ثم آمين‘ نه چيو. مون کي وشال نيري آسمان تان حڪم مليو ’ڪن‘ ۽ مون بيحد خلوص سان ڪنڌ نوائي ڇڏيو ’فيڪون‘ اڳيان. پوءِ مون کي پير ڪڙيون پارائي، زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ عمر فاروق رضه جي دؤر ۾ آندو ويو. تون منهنجو جنمن جو ساٿي، منهنجي هر گناهه ۾ هڪ جيترو شريڪ، جنت مان گڏجي تڙجي نڪتاسون، پر هيٺ ڌرتيءَ تي مون هر گناهه جي سزا هيڪلي سر ڀوڳي، بنا تنهنجي امداد جي ۽ اها منهنجي لاءِ ڪائين شڪست هئي. پر مان، جنهن هر شڪست بنا جنگ جوٽڻ جي قبولي ورتي، اڄ پنهنجي بي نانءِ جيت جو اعلان بنا جنگ جوٽڻ جي ڪيان ٿي.
    ننڍي هوندي سيدن جي حويليءَ ۾، ڏاڏيءَ بيبيءَ وٽ نورنامو ۽ قرآن پاڪ پڙهڻ ويندي هئس ته گهران ئي پنهنجو سڄو بدن (جنهن ۾ اڃا هو نه ڪو رنگ ۽ نه ئي هو ڪو روپ) ململ جي وڏيءَ ويڪريءَ پوتيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي ائين ويندي هئس ته جيئن وارن جي ڪا تند نه نظر اچي، جيئن بدن جي جوڙ سمجهه ۾ نه اچي.
    ’رنون! نامحرمن جي نظر بدن تي پئجي ويوَ ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏينداوَ.‘ ڏاڏي بيبيءَ کي ته به وار نظر اچي ويندا هئا، بدن جي جوڙ سمجهه ۾ اچي ويندي هئي. تڏهن ته پريان کان ئي اکيون ڪڍندي هئي ۽ اهڙا انيڪ ڀوَ من ۾ وجهندي هئي. ’زال جي بدن ۾ شيطان لڪل هوندو آهي، رنون نه ويهنديون ڪريو نامحرمن جي سامهون.‘ مٿي تان پوتي تِرڪي پئي، چپن تي اٽڪي پيوَ ڪنهن سؤٽ جو، ماسات جو نالو ته ڏاڏي بيبيءَ يڪدم هڪدل ڪندي هئي. سو ائين پنهنجي بدن کان ئي نفرت ٿي پيم، جنهن جي اندر (ڏاڏي بيبيءَ جي ڳالهه کان پوءِ) هر پل شيطان ويٺل ڀاسندو هئم. ’نامحرم اهو آهي، جنهن سان نڪاح جائز آهي.‘ ۽ مون پنهنجو پاڻ، پاڻ تي ئي حرام ڪري ڇڏيو. مريم جي پوترتا، رت جي هر بوند ۾ پکڙجي وئي ۽ مون بند اکين اندر من ئي من ۾ ان پوترتا جي آجيان ڪئي هئي.
    حرام ۽ حلال جي اها خوني جنگ انداهين راتين ۾ به جاري هئي، اونداهين راتين ۾ اڱڻ ۾ ستي ستي، جي اوچتو اک پٽجي پئي ۽ نظر سڌو وڃي پوي سيدن جي حويليءَ جي بُرجن تي (جن تي مون اونداهين راتين ۾ به نور وسندي ڏٺو هو) ته لڱ سمورا ڪانڊارجيو ويندا هئم. برجن جي جاءِ تي ڏاڏي بيبيءَ جو چهرو اڀري ايندو هو. ’رنون، بدن ڍڪي ويهنديون ڪريو، نه ته شيطان جي پليت نظر پئجي ويندانوَ‘ ۽ مان بستري مان ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهندي هيس. اجرڪ ۾ پاڻ کي ڍڪي ڇڏيندي هئس ۽ پوءِ ننڊ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موڪلائي ويندي هئي.
    پنهنجو پاڻ مون لاءِ اهڙو ماڻڪ بڻجي ويو، جيڪو لڪائي به نه سگهجي ۽ اُڇلائي به نٿو سگهجي. باٿ روم ۾ وهنجندي، ڪپڙا مٽائيندي، من ۾ واسو ڪيل ڀوَ جون ڀاونائون ڀانءِ سَر تي ڪو نامحرم ٽنگيو بيٺو هجي. ”ملائڪ قيامت جي ڏينهن ڏنڀ ڏينداوَ.“ ڏاڏي بيبيءَ جي لفظن جو پڙلاءُ، تڏهن هر نماز کان پوءِ چپن تي هڪڙي ئي دعا اٽڪي پوندي هئم: ”الله! مون کي نامحرم جي پليت نظر کان بچائي.“ پر هاڻ، ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي وٺ وٺان ۾، اوچتو ڪنهن لمحي جيڪر پل اپل لاءِ الله جي سار اچي به ويم ته ڪا به دعا نه سُجهندي اٿم. ويساهه جو اٿم ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندم. ’سوچيندي آهيان ته جيڪر تون به اتي هجين ۽ ڪم از ڪم اها سزا مون سان گڏ ڀوڳين، جو هن جڳ ۾ ته مون کي هر گناهه جي اوڙاهه ۾ هيڪلو اڇلايو اٿئي.‘
    ’الحمد‘ پڙهندي جڏهن ’اهدنا الصراط المستقيم‘ تي پهچندي هيس ته ڏاڏي بيبي انيڪ وار مون کان ورجارائيندي هئي، اها سٽ. ’اهدنا الصراط المستقيم، ’اهدنا الصراط المستقيم.‘ منهنجو آواز اوچو ٿي ويندو هو ۽ ڏاڏي بيبيءَ جون عينڪ جي فريم ۾ سمايل اکيون بند. تڏهن ان سٽ جي معنيَ به نه ايندي هئم ۽ اڄ جڏهن اچيم ٿي، تڏهن ’صراط المستقيم‘ گهڻو، گهڻو پويان رهجي ويو. موٽڻ جا سڀئي رستا بند ٿي چڪا ۽ هاڻ ائين ڀاسندو اٿم، ڀانءِ جڳن کان پئي هلان پلصراط تي ۽ ان پلصراط تي مون وارا سڀئي گس وڃن ٿا دوزخ ڏانهن.
    جنم جنم جي اها خوني جنگ، جنهن ۾ جيت سدائين تنهنجي حصي ۾ آئي ۽ شڪست بڻي منهنجو ڀاڳ. مٿو ڍڪيان ته به مان، بدن لڪايان ته به مان، نظرون هيٺ ڪري هلان ته به مان ۽ ملائڪ ڏنڀ ڏيندا سي به مون کي ۽ تون! تون ته ازل کان ئي مون کان اُتم رهئين. سجدي جي لائق ۽ قابل احترام! پوءِ ان شڪست کي به پنهنجو ڀاڳ ڇو نه چوان، جيڪا ازل کان ڪرم ۾ لکيل هجي.
    سيدن جي حويلي ۽ ڏاڏي بيبيءَ کان ساٿ تڏهن ٽٽو، جڏهن مون ’قرآن پاڪ‘ ۽ ’نورنامو‘ پڙهي پورو ڪيو. هڪ ڏينهن ڏاڏي بيبيءَ کان موڪلائي، سندس فتوائون ۽ ’الصراط المستقيم‘ جي پوتر دعا، من ۾ سانڍي ڪنهن بيحد پياري ساروڻيءَ سمان، حويليءَ مان نڪري آيس.
    ۽ پوءِ مون قد ڪيو، روپ مٽايو، امان گيهه جا ڍڪ ڀرايا هئم ۽ ائين نصيحتون ڪيون هيائين ته هاڻ زندگيءَ ۾ سنڀالي سنڀالي وکون کڻجئين ۽ مون کي وڪوڙي ويون هيون ڀوَ جون ڀونائون، جو محسوس ڪيو هئم ته اتي اچي ’الصراط المستقيم‘ جو دڳ ختم ٿو ٿئي ۽ پلصراط جو دڳ شروع ٿو ٿئي ۽ سپنا جيڪي سدائين قرآن پاڪ جي آيتن وانگر مقدس رهيا، تن جو روپ مٽايو ته ويا ٿي پراسرار ٿيندا، ڀانءِ ڪنهن جهوني عبادت گاهه ۾ اوچتو بد روحن واسو ڪيو هجي. اڃا مس ذهن ۾ ڪنهن نامحرم جو اڻ چٽو خاڪو اُڀرندو هو ته چپن تي اٽڪي پوندي هئم ’آيت الڪرسي‘ ۽ نظر سڌو وڃي پوندي هئم سيدن جي حويليءَ تي. ائين حرام ۽ حلال جي انهيءَ خوني جنگ ۾ مان اندر ئي اندر مرندي به رهيس ۽ جيئندي به رهيس.
    مان ڄڻ ڪنهن عبادت گاهه جي چائنٺ بڻجي وئي هيس. جت پڃ ۽ پاپ ٻئي پڌرا ٿي پون ۽ منهنجي اندر جي هرڪا ديوار اُوچي، بيحد مضبوط، ڀانءِ هرڪا ديوار هجي چين جي ديوار.
    پر هڪ وار، نيٺ اهي اوچيون ۽ بيحد مضبوط ديوارون لڏي ويون ۽ وڏا وڏا گهارا پئجي ويا هئا، انهن ۾.
    بند دروازي جي سيرَ مان مون تي ڪائنات جو سڀ کان وڏو راز پهريون ڀيرو فاش ٿيو، کن پل ۾ ئي سڀڪجهه وسري ويو هئم. آيت الڪرسي، سيدن جي حويلي، ڏاڏي بيبيءَ جو پهرو ۽ ’اهدنا الصراط المستقيم‘. زندگيءَ جا سمورا گس پلصراط بڻجي ويا.
    ڪائنات جو سڀ کان وڏو راز – (؟)
    ادي مهروءَ کي ڏسي ورتو هئم (بند دروازي جي سيرَ مان)، ادا خالق سان. ادي مهروءِ جي وات تي ادا خالق جو هٿ رکيل هو ۽ دانهون مون ڀانيون هيون نڙيءَ ۾ گهٽبيون. اکيون نڪري آيون هئس. مون کي ٻاڪري عيد تي ڪسندڙ حلال جانور ياد اچي ويا هئا. رت جو درياهه، گهرو ۽ اٿاهه.
    ادي مهرو ۽ ادا خالق جو ته نڪاح به نه پيل هو. بنان نڪاح جي ادا خالق ڪڻس شايد پاڻ لاءِ حلال ڪري ڇڏيو هو. ڀلا جيڪا شيءِ پاسراٽيءَ مان جڙي هجي، انهيءَ کي لوئڻ ۽ کوئڻ لاءِ حرام ۽ حلال جي ڳڻپ ڇو ڪجي؟ جيڪا شيءِ هجي ئي نسل جي واڌاري لاءِ، اڪيلائپ جو احساس مٽائڻ لاءِ، ته پوءِ انهيءَ کي استعمال ڪرڻ لاءِ پرمٽ وٺڻ ضروري آهي ڇا؟ ڪا ٽويوٽا ڪار ته ڪانهي، جنهن لاءِ پرمٽ وٺجي.
    پر سچ پڇين ته مون سنڌ ۾ ٽويوٽا ڪار جي به ائين بي حرمتي ٿيندي ڪونه ڏٺي آهي. مريم وانگر پوتر موٽرون. سنڌ ۾ سموري پوترتا موٽرن جي حصي ۾ آئي ۽ سنڌ جي عورت ٽٽل ڦٽل ۽ موئن جي دڙي جي کنڊرن سمان.
    بنا نڪاح جي ادا خالق ادي مهروءَ کي پاڻ لاءِ حلال ڪيو هو، پر نوَن مهينن جي ڪشالي ڪاٽڻ کان پوءِ، اهو ننڍڙو پسون جيڪو ادي مهروءَ جو بدن چيري، ڪنهن انقلابي تحريڪ سمان نڪري نروار ٿيو، انهيءَ جو نالو اجتماعي طور ’حرامي‘ رکيو ويو.
    ادي مهروءَ تي زنا جو ناقابل معافي ڏوهه ثابت ٿيو هو، سو سنگسار جي رسم نڀائڻ کان اڳ ادي مهروءَ پنهنجو انت آندو. زندگيءَ جي انهن لمحن ۾ مون کي ِاها ڪَل پئي ته ان کان اڳ جو پيار سنگسار جي رسم نڀائين، ڇو نه پاڻ پنهنجو سنگسار ڪجي ۽ پنهنجن ئي هٿن سان صليب تي پاڻ کي ٽنگي ڇڏجي.
    ادا خالق تي زنا جو ڏوهه ثابت ئي نه ٿيو. ڀلا اهو حرامي ٻالڪ ادا خالق جو بدن چيري ته نڪتو نه هو. ها، شايد اتي اچي پلصراط وارو گس شروع ٿيو هو. ادي مهروءَ جي مرڻ واري رات رلهيءَ جي اندران، اکيون پوريو مئل مئل پئي هيس ۽ انيڪ نامحرم ٿوهر جي ڪنڊن سمان بدن وڪوڙي ويا هئم. ڪابه دعا ياد نه آئي هئم. ڀلا هجان ها ڪنهن مير پير جي ڌيءَ ته سڀڪجهه بيحد معمولي ڀاسيم ها، پر تون ته ڄاڻين ٿو اسان ننڍين ذاتين وارا، وچولي طبقي جا ماڻهو، سڄي زندگي عزت جي حصول لاءِ پيا ناڪام لانگ مارچ ڪندا آهيون، سو اسان وٽ جي اهڙا هاڃا ٿين ته حويلين جي ڪوٽن ۾ دفن ٿيڻ بدران گهٽين ۾ بينرن وانگر ٽنگيا ويندا آهن.
    انهيءَ رات ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا ۽ هوائن جو شور وڌي ويو هو. پاسي واري ڪمري ۾ ادي مهروءَ جو لاش پيو هو. ’حراميءَ‘ کي دائي خبر ناهي ڪهڙيءَ حالت ۾ اڇلائي آئي هئي، پر هن جي روئڻ جو آواز، منهنجي رت جي هر بوند ۾ پڙلاءُ بڻجي سڄي رات گونجندو رهيو. مون تي جي ڪائنات جا وڏا وڏا راز بلڪل اوچتو فاش ٿي پيا هئا، تن مون کي هڪ ئي رات ۾ اجاڙي ڇڏيو.
    ان رات، دلهيءَ جي اندر مون ۾ وڏا وڏا خوني انقلاب اچي ويا هئا. ڀانيو هئم ڄڻ مان هجان ادي مهرو. ادا خالق منهنجو بدن لويو ۽ کويو هجي. منهنجي رت جي هر هڪ بوند چوسي هجي ۽ منهنجو ماس پٽيو هجي. ڄڻ زنا جو ناقابلڪ معافي ڏوهه به مون تي ئي ثابت ٿيو هجي. مان ئي چؤواٽي تي سنگسار ٿي هجان ۽ اهو ننڍڙو پسون، منهنجي رت جي بوند مان جڙيو هجي. نوَن مهينن جو ڪشالو ڪاٽي مون ئي هن کي تخليق ڪيو هجي.
    سو ائين پلصراط جو دڳ شروع ٿيڻ کان اڳ، زنا جو ناقابل معافي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ، ڪنهن نامحرم جي هٿن جي ڇهاءُ کان اڳ ئي، تخليق جو سمورو ڪرب محسوس ڪري ورتو هئم. ڪائنات جو سڀ کان خوبصورت ڪرب، تخليق جو ڪرب، خالق بڻجڻ جو اتم احساس. ڀانيم رت جي هر بوند ۾ ديپڪ راڳ، ڀانيم انيڪ گلاب ٽڙي پيا هجن منهنجي رت جي هر بوند ۾.
    خوشبو؛ تيز خوشبو، سڄو بدن، سمورو روح واسجي ويو هئم. رلهيءَ جي اندر مان سڄي خوشبو ئي خوشبو بڻجي ويس. خوشبوءِ ۾ واسجي ويس. ملائڪن جي ڏنڀ ڏيڻ جو ڊپ، پر پوءِ به اها خوشبو هر شيءِ تي ڳري هجي. صراط المستقيم سڄو خوشبوءِ ۾ واسجي ويو، پلصراط سڄو خوشبو، دوزخ جي باهه جا اُلا خوشبو، جنت جي خوشبوءِ کان به تيز خوشبو.
    ۽ اها رات مون پل پل اهو ڪرب سَٺو هو. انيڪ وار ماءُ بڻيس، انيڪ عيسيٰ مون جنم ڏنا. تنهنجي پاسراٽيءَ مان جڙڻ کان وٺي هيل تائين مان اهو ڪرب بيحد خلوص سان ڀوڳيندي ٿي اچان، جو مان جڙي ئي آدم جي نسل جي واڌاري لاءِ آهيان نه. اهو انقلاب من ۾ سانڍي، وڏي خوني جنگ جوٽڻ کان پوءِ شهر اچي وسايم، ايم. اي جي ڊگريءَ لاءِ.
    عزت جي ڦاٽل ڊگريءَ ۾ علم جي ڪاغذي ڊگريءَ جي چَتي ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش. زنده رهڻ به ته منهنجي هڪڙي ناڪام ڪوشش ئي ته آهي نه. اها به ته ناڪام ڪوشش آهي جو گهران نڪرجي هڪڙي اسٽيشن جي ٽڪيٽ پرس ۾ رکي، ۽ ٽرين لاهي ڇڏي ڪنهن ٻيءَ اسٽيشن تي. زندگي سڄي غلط اسٽيشين تي لهندي چڙهندي گذري وئي ۽ هاڻ ته ماڳ تي رسڻ جي ڪلپنا به ختم ٿي وئي. پرس ۾ رکيل ٽڪيٽ تي لکيل لفظ به مٽجي ويا.
    توسان تعارف به ته غلط اسٽيشن تي منهنجو پهريون ڀيرو لهڻ هو. تعارف ته توسان ’ڪن فيڪون‘ کان ئي هو، تون آدم جي نالي سان ۽ مان حوا جي نالي سان. پر هتي اچي ڪهڙا ڪهڙا ته ويس مٽاياسون، پر اندر جو ازلي روپ سو مٽجي ئي نه سگهيو. توکي ائين اُمالڪ آڏو ڏسي لڱ ڪانڊارجي ويا هئم.
    ’نامحرم جي نظر بدن تي پئجي وئي ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏينداوَ.‘
    ۽ مون بدن ڍڪڻ لاءِ ٻئي هٿ پوتيءَ ۾ وڌا هئا. تون ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئين.
    ”بلڪل سنڌ جي روايتي عورت آهين، جيڪا نامحرم کي ڏسي پوتيءَ ۾ پاڻ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهي.“
    پر منهنجي من ۾ ته واسو هو ڏاڏي بيبيءَ جو.
    ”نڪولو ميڪاولي چئي ويو آهي ته: شرم محض حوصلي جي گهٽتائيءَ جو نالو آهي.“ ڏاڍي گهري چوٽ هئي.
    حوصلو؛ جيڪو ڪنهن به دور ۾ مون ۾ نه هو، جي هجي ها ته توسان بغاوت جي جُڳ ۾ پراڻي ڪلپنا جي تڪميل نه ڪريان. سچ ٻڌايانءِ ته برسات جي ان ڀنل رُت جي پهرئين پل ۾، جڏهن توسان تعارف ٿيو هو، مون کي پل اپل لاءِ تاريخ جون خوني جنگيون ياد اچي ويون هيون. پهرين مهاڀاري جنگ، ٻي مهاڀاري جنگ. رت جو وهندڙ گهرو درياهه، جنهن جي هُن پار تون بيٺو هئين ۽ هن پار مان.
    ”ڇا ٿي سوچين؟“ ڇرڪي، موٽي آئي هيس. في الحال ان ٽڪر ۾ امن ۽ آشتيءَ جو واسو هو، جنهن ۾ تون ۽ مان بيٺا هئاسون. چاهيو هئم ته پنهنجي چؤڌاري دائرو ٺاهي ڇڏيان ته جيئن ان دائري جي اندر تون ڪڏهن به اچي نه سگهين. صدين تائين دائري جي ٻاهران جوڳ وجهيو ويٺو هجين، پر دائرو ٺهي نه سگهيو ۽ قيامتون اچي ويون، تو سميت دائري جي اندر.
    اها سڄي رات ننڊ نه آئي هيم. ان رات سيءَ نه هو، پر مان سڄي ڏڪي رهي هيس. اندر ئي اندر سڄي سراپجي وئي هيس. خبر ناهي ڪنهن مٿان گرم گرم سوڙ وجهي ڇڏي هئي. تپجي پيس 104 ٿرماميٽر جي فتويٰ.
    ڏاڏي بيبي سڄي رات سپنن ۾ ايندي رهي. مان سوڙ جي اندران زور زور سان الحمد پڙهڻ لڳيس. ’اهدنا الصراط المستقيم‘ ڀانيم ته منهنجو آواز ڏڪي رهيو آهي.
    ’قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندا‘. نامحرم اهو آهي، جنهن سان نڪاح جائز آهي.
    ننڍي هوندي جي مريم، زور زور سان ’نورنامو‘ ۽ ’قرآن پاڪ‘ پڙهڻ لڳي. ڏاڏي بيبيءَ جون نصيحتون، نيزا ۽ ڀالا کنيو دل نگر ۾ رقص ڪرڻ لڳيون. نيٺ ايڏي خوني جنگ کان پوءِ مان هارائجي ويس. مون دائرن جون ليڪون ڊاهي ڇڏيون. پنهنجي ازلي شڪست آڏو ڪنڌ نوائي ڇڏيم. مان سڄِي واسجي ويس، تنهنجي خوشبوءَ مان. ڏاڏي بيبيءَ جي اچڻ جا سڀئي دروازا بند ڪري ڇڏيم.
    ڇڪبي ويس، ڇڄندي ويس، ڀُرندي ويس.
    ٻئي ڏينهن به تپ ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو هئم. منهنجي روم ميٽ به هلي وئي هئي. مان هيڪلي کٽ تي پئي هيس. هلڪي هلڪي خوشبو اڃا تائين چئني طرف پکڙيل هئي. اکيون پٽيم. اُڃ جو احساس هو جيڪو رڳ رڳ ۾ پکڙجي آيو هئم. سج دريءَ ۾ لهي آيو هو. الاءِ ڪائون پهر هو جو روم ميٽ به موٽي آئي ته به اڪيلائپ جو احساس نه گهٽيو. الاءِ ڇو اکيون ڀرجي آيون هئم.
    ”ڇا ٿيو مريم؟“
    ”-“ چپ چورڻ چاهيم، پر سوچيم ڇا ڳالهائيندس؟ ڪي ڪي ڳالهيون محض ان ڪري چئي نه سگهبيون آهن، جو Ego جا اوچا ڪوٽ اڳيان اچي ويندا آهن. ائين به جنهن شيءِ کان پري رهڻ جو سبق ننڍي هوندي کان سکيو هئم، ڪيئن ٻڌايان ها ته اڄ اها شيءِ منهنجي اندر ۾ واسو ڪري وئي آهي. اڃا به من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ No Parking جو بورڊ لڳل هو.
    ”شروع شروع ۾ هر ڪنهن کي گهر ياد ايندو آهي، پر هوريان هوريان سڀ ٺِيڪ ٿي ويندو.“ هن ڀانيو ته شايد گهر جي سار آئي اٿم. مان چپ رهيس. اندر ئي اندر ڀُرندي رهيس. هوءَ ڳالهائيندي رهي، هن جو آواز ڄڻ پري کان اچي رهيو هو.
    ٽي راتيون؛ زندگيءَ جون بيحد ايذائيندڙ راتيون. ڀوَ جون ڀاونائون. مان گناهه ۽ ثواب جي وچ ۾ لٽڪندي رهيس. دوزخ ۽ جنت جي وچ ۾ ڀٽڪندي رهيس. اهي بدن جون فطري خواهشون هيون يا محبت جو احساس؟ انهيءَ جي ڪٿ ڪرڻ تڏهن بيحد ڏکيو هو. هاڻ سمجهان ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ محبت ته ڪانه هئي.
    اسان بدن جي فطري خواهشن کي محبت جو ڪوڙو نالو ڏئي اندر جو گند لڪائڻ چاهيندا آهيون، نه ته محبت جي جنگ ۾، هڪٻئي جي جسمن جي حصول جو نظريو ڇو هر شيءِ تي ڀاري هوندو آهي؟ محبت ۾ هر شيءِ کان وڌيڪ هڪٻئي جا جسم ڇو ايڏا پرڪشش هوندا آهن، سو جيڪر معاملو جسماني خواهشن جي تڪميل جو ئي آهي ته پوءِ بستري ۾ ساڻ ڪنهن جو به بدن هجي، ڇا ٿو فرق پوي؟
    زندگيءَ جا سمورا هاڃا سهڻ کان پوءِ جيڪي تجربا حاصل ڪيم، انهن مان هڪ اهو ته دنيا ۾ بهرحال محبت کان وڌيڪ اهم ٽن وقتن جي ماني آهي، سو انهن ٽن راتين ۾، تنهنجي حصول جو نظريو هر شيءِ تي ڳرو هو. هر خواهش جو اهڃاڻ تون هئين. ڪيڏي احساس شڪستگي سمائجي آئي هئي مون ۾.
    ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين کان پوءِ مان روم مان ٻاهر نڪتيس. سموري ڪائنات بدليل بدليل لڳي هئم. منهنجي پنهنجي Identity ختم ٿي وئي هئي.
    ۽ پوءِ تنهنجو هٿ پڪڙي، رستن تي Walk ڪندي زندگيءَ جي انهن لمحن کي ڪيڏو نه اهم ڀائيندي هيم. اهي پل سموريءَ زندگيءَ جو حاصل بڻجي ويا هئم.
    ”سنڀالي سنڀالي وکون کڻجئين، مريم حسين!“ منهنجي روم ميٽ، هڪ ڏينهن منهنجين اکين ۾ ائين ليئو پاتو هو، جو سڄي سراپجي وئي هيس. اڙي! اهي لفظ اڳ به ته ڪڏهن ٻڌا هئم. گهڻا ڏينهن اڳ امان چيو هئم: ”هاڻ زندگيءَ ۾ سنڀالي وکون کڻجئين.“ ڇا ڇا نه ياد اچي ويو هئم. سيدن جي حويليءَ جا اوچا ۽ مقدس برج، ”نامحرم جي نظر بدن تي پئجي وينداوَ ته قيامت ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏينداوَ.“ ”زال جي بدن ۾ شيطان لڪل هوندو آهي، نه ويهنديون ڪريو نامحرمن جي سامهون.“ مان اندر ئي اندر هيسجي ويس. منهنجي روم ميٽ ڪنهن ايماندار جج جيان مون کي گهوري رهي هئي. ڏڪڻي ورائي وئي هئم. گيان ڌيان ۾ گم، مان اُمالڪ ڇرڪي پيس.
    ٽپ..... ٽپ. برسات اندر ئي اندر پوڻ لڳي. مان سڄي پُسي ويس برسات جي بوندن ۾. اهو سڀ ڪجهه جيڪو وسري ويو هئم، سو سٽ ڏئي هانوَ تي هُري آيو هئم.
    ”مريم حسين، اسان عورتون انهن غريب ماڻهن وانگر آهيون، جيڪي جهاز جو سفر افورڊ نه ڪري سگهندا آهن، پر ان سفر جا سپنا ضرور ڏسندا آهن ۽ جيڪر خوشنصيبيءَ سان چڙهي به پون ته ماڳ تي رسڻ کان اڳ انهن جا جهاز ڪرئش ٿي ويندا آهن. تون به خيال ڪجئين ته مريم حسين My dear friend تون به جنهن جهاز ۾ سفر ڪري رهي آهين، ڪٿي اهو به ماڳ تي رسڻ کان اڳ ڪرئش ٿي نه پوي.“ ڪيڏو زهر هو هن جي لهجي ۾. مان اندر ئي اندر ڀُرندي رهيس.
    ”بڪواس نه ڪر.“ ڀت ڏانهن پاسو ورائي اکيون پوري ڇڏيون هئم. پر هوءَ ڏاڏي بيبيءَ جو روپ ڌاري منهنجي اندر ۾ ٿي گهڙندي آئي.
    ”اسان عورتون، مردن لاءِ بيحد خوبصورت جاپاني رانديڪا آهيون. پر جاپاني رانديڪا ڏاڍا نازڪ ٿيندا آهن. جان! وقت کان اڳ ٽٽي پوندا آهن.“
    زهر جو درياهه، گهرو ۽ اٿاهه. مون ڪنڌ ورائي هن ڏانهن نهاريو، هن جو چهرو منهنجين اکين ۾ سج جي گولي وانگر چڀڻ لڳو. منهنجيون اکيون پاڻ ئي پاڻ پورجي ويون. پري، ڪنهن عرب شاگردياڻيءَ جي روم مان، قاهره ريڊيو تان ام ڪلثوم ڳائي رهي هئي. لفظ نه سمجهيا هئم، پر ائين ڀانيو هئم ڄڻ درد جون صدائون هيون، جيڪي چار سُو پکڙبيون ٿي ويون. زندگي ٻه – واٽي تي اچي بيهي رهي هئي. ايترا سارا دک، هيڪلي سر ڪيئن ڀوڳيا؟ زندگيءَ جا اهي پل ڪيڏا ايذائيندڙ هئا. منهنجيون اکيون پوسرڻ لڳيون هيون. مون دريءَ کان ٻاهر وشال نيري آسمان ۾ خدا ڏانهن نهاري من ئي من ۾ دعا گهري هئي: ’منهنجا رب زندگيءَ جا سمورا هاڃا، هن لمحي مون تي ظاهر ڪري ڇڏ.‘ مان اندر ئي اندر پُسندي رهيس، سروم دکم، دکم.
    سڄي رات جي خوني جنگ کان پوءِ اها ئي ازلي شڪست. لمحي لمحي جي اها شڪست تڏهن پنهنجي جيت ڀانئي هيم. من جا مامرا ڇو ايڏا الجهيل ٿيندا آهن، جو اونداهيون به روشنيون ڀاسنديون آهن. روشنيون ئي روشنيون. زندگي سڄي پيرس جو شهر بڻجي وڃي ۽ پوءِ اهڙي سمي جيڪر ڪو ايٽم بم وشال نيري آسمان تان نازل ٿئي ۽ اهو ئي پيرس، هيروشيما بڻجي وڃي ته؛ شايد ان کان وڏو ڪو هاڃو دنيا ۾ نه هجي.
    حالتن سان Compromise ۽ اهي حالتون ڪهڙيون هيون؟ منهنجو تنهنجي پويان جنمن جو ڀٽڪڻ. ڪيڏو پاڻ کي سمجهايم ته مريم حسين! ائين نه ٿئي جو تنهنجو جهاز ماڳ تي رسڻ کان اڳ ڪرئش ٿي پوي. ڏس مريم حسين! ڪٿي تنهنجو انجام به ادي مهروءَ وارو نه هجي.
    ڪيڏي ڪوشش ڪيم، پر ننڍي هوندي ٻڌو هئم ته ازل کان جيڪو ڪجهه ڪرم ۾ لکيل هجي، سو مٽجي ناهي سگهندو ۽ مون کي ته ڪرم ۾ لکيل ليک ريٽڻ جي عادت ئي ڪانه هئي.
    ”توکي ڏسي مريم حسين! مون کي ڪا آسماني مقدس آيت ياد اچي ويندي آهي.“
    ايڏو وڏو اعزاز. سرخرو ڪيئن نه ٿيان ها ڀلا. مقدس آسماني آيت جو نالو ڏئي هڪ وار چيئي: ’خبر اٿئي مقدس آيتون چمڻ جو ڪيڏو ثواب آهي؟‘ پوءِ جڏهن مقدس آسماني آيت کي چميو هيئي، تڏهن اندر ۾ خوشبو ئي خوشبو پکڙجي وئي هئي، اگربتيءَ جي پراسرار خوشبو، لوبان جي خوشبو. خوشبو، جيڪا قبرستانن مان ايندي آهي. پنهنجو پاڻ ڪيڏو نه پراسرار ڀاسيو هئم.
    رات جو ستي ستي اک پٽجي پيم: ”چهري تي نامحرم جي پليت چپن جو ڇهاءُ.“ ’قيامت جي ڏينهن تنهنجي چهري کي دوزخ جي باهه ۾ ساڙيو ويندو، مريم حسين!‘
    اگربتيءَ ۽ لوبان جي خوشبو تيز ٿي وئي. سڄو روم واسجي ويو هو. سمورو روم بڻجي ويو هو قبرستان ۽ قبرستان جي هن پار نظر اچي رهيا هئا، سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج.
    پڙهه ’اهدنا الصراط المستقيم، صراط الذين‘ مون من ئي من ۾ اهي لفظ ورجايا.
    ان رات منهنجي روم جي لائٽ آف هئي، پر سج جهڙي روشني پکڙيل هئي چار سو. خبر ناهي اها روشني گناهه جي هئي يا ثواب جي؟ گناهه ۾ به ته ڏاڍي روشني ٿيندي آهي. چانڊوڪيءَ رات جهڙي ٿڌي روشني، جيڪا رڳ رڳ ۾ عجيب سحر پکيڙيو ڇڏي. روشني، جنهن ۾ اگربتي ۽ لوبان جي پراسرار خوشبو هجي. ڀلا انسان جا احساس، پڪاسو جو برش ته ناهن جنهن سان ڪوبه روپ جڙي ته ساراهه جوڳو هجي. پاڻيءَ جو هڪڙو ڇنڊو پوڻ سان رنگ ته پکڙجي سگهن ٿا، روپ جي سندرتا به ته ختم ٿي سگهي ٿي نه.
    پاڻيءَ جو اهو هڪڙو ڇنڊو، جيڪو مٿان اچي پيو هئم ۽ رنگ سمورا پکڙجي ويا هئم. روح جي حيوانيت ۽ بدن جي پوترتا ٻه اهڙا رنگ آهن، جن کي Plus ته ڪري سگهي ٿو، پرMinus نه.
    سو نتيجو (؟) شڪست؛ اها ئي ازلي شڪست.
    ”خبر اٿئي ماڻهو ڇا پيا چون؟“ دريءَ وٽ رکيل ڪئڪٽس جي ٻوٽي وٽ بيٺل منهنجي روم ميٽ جو چهرو، ڏاڏي بيبيءَ جو روپ ڌاريو بيٺو هو. گهٻرائي اکيون پوري ڇڏيون هئم.
    ”ڇا ٿا چون؟“ بي انت سانت کان پوءِ الاءِ ڪيئن چپ چوريا هئم.
    ”اهو ئي، جيڪو چوڻ جو حق هنن کي ازل کان آهي.“ سرد واءُ اندر پر پکيڙي رهيو هو، هن دريءَ جا طاق بند ڪري ڇڏيا هئا.
    ”چون ٿا ته مير آصف علي خان، هڪ ئي وقت ٻن مرسيڊيز ڪارن جو مالڪ، ڪنهن ڏينهن توکي انهن ڪارن هيٺان چيڀاٽي، ڪنهن ٻئي دڳ هليو ويندو ۽ مس مريم حسين! توکي گهر واپس وڃڻ لاءِ ڪا رڪشا به نه ملندي.“
    ”ماڻهو مون کان سڙن ٿا.“ چيو ته هئم، پر اندر ئي اندر سڄي سراپجي وئي هيس، هُن جي ايڏي خوفناڪ ڳالهه کان. ڄڻ هن ٽين مهاڀاري جنگ جي اڳڪٿي ڪئي هجي.
    ڪنهن بيحد شريف ماڻهوءَ وانگيان، اسان عورتون به سڄي زندگي اهو هڪڙو جملو ’ماڻهو ٿا چون‘ زهر جي ڪساري ڍُڪ سمان نڙيءَ کان هيٺ لاهينديون رهيون آهيون. من مڃي نه مڃي، اندر ۾ ڪيڏو به ڍونڍ ڀريل هجي، پر پوءِ به زندگي سڄي شرافت جي ڪوڙي خول اندر ٻوساٽبا رهون.
    سو اڄ به انهيءَ هڪڙي جملي ’ماڻهو ٿا چون‘ کان ائين هيسجي ويندي آهيان، جيئن ننڍي هوندي، جنن ۽ ڀوتن جي خيال کان سڄي سراپجي ويندي هيس.
    مقدس آيتون چمڻ جو ثواب به تو پل پل ڪري کٽيو. ’ننهن کان چوٽيءَ‘ تائين اُڀريل ٿوهر جا ڪنڊا ۽ سڀئي گس، دوزخ ڏانهن ويندس. ’حوا جي بدن جو سڀ کان وڏو حقدار آدم آهي.‘
    سو ڪنهن اعليٰ درجي جي اديب وانگيان تنهنجا سڀئي حق ۽ واسطا قائم رهيا ۽ منهنجا سڀئي حق ۽ واسطا محفوظ.
    زندگي جڏهن هئي ئي ڇپيل پروگرام تحت؛ پوءِ احتجاجي نعرن ۽ بينرن جو فائدو؟ ۽ پوءِ ٿيو ائين جو هڪ ڀيرو اهو جهاز، اُمالڪ ڪرئش ٿي پيو، جنهن ۾ مان، مس مريم حسين سفر ڪري رهي هيس. ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو.
    سرءُ جي انهيءَ بيمار ۽ اُداس نما شام جي آخري لمحن ۾، جڏهن هوٽل جي روم 22 مان ٻاهر نڪتي هيس ته پل اپل لاءِ جلا وطنيءَ جو احساس ٿيو هئم. لڏپلاڻ جو احساس. ماضيءَ کان ڇڄي ڌار ٿيڻ جي پيڙا. رڳ رڳ ۾ ڍونڍ جي ڌپ ڀرجي آئي هيم. پليتائي ۽ پاڪائيءَ جي صليب تي لٽڪيل مان.
    بستري تان اٿڻ مهل چاهيو هئم؛ چاهيو هئم ته ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ اڳيان بيهي، هڪڙي ٿڪ اڇلايان پنهنجي چهري تي، جنهن تي انيڪ ڳاڙها ۽ نيرا داغ پکڙجي ويا هئا، ڪارنهن جا ٽِڪا پيشانيءَ تي سجايل.
    امان چوندي هئي ته نياڻين جي پيشانين تي نور وسندو آهي. نور جو ڪو ننڍڙو ترورو به ته نه رهيو هو منهنجي پيشانيءَ تي. ڪپڙا پاتل هئم، پر ڇا ڪپڙا پائڻ سان اندر جي ننگائپ ڍڪجي سگهجي ٿي؟ جڏهن اگهاڙپ اسان جي چهرن مان ئي ٿي بَکي ته پوءِ ڪپڙن مان اگهاڙپ ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڇو؟.
    رستي تي نڪري آئي هيس، سگريءَ ۾ ٻرندڙ ٽانڊن سمان، نس نس ٻري رهي هيم. تنهنجي چپن ۾ اٽڪيل سگريٽ سمان هوريان هوريان دُکي رهي هيس. فردوس سئنيما وٽان اچي بس پڪڙي هئم. نستو نٻل بدن سيٽ تي ڇڏي اکيون پوري ڇڏيون هئم ۽ بند اکين ۾ گهڙي آيون انيڪ ساروڻيون. سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج. ڏاڏي بيبيءَ جو چهرو. ’اهدنا الصراط المستقيم‘ جون صدائون. اکين ۾ ڀانيم ڪنهن مرچن لپ ڀري ڇڏي هئم. ائين ڀانيو هئم، ڀانءِ اجهو هينئر، هن لمحي، جنت مان تڙجي نڪتي هجان. تڙجڻ جو اهو احساس ڪيڏو ڏنڀيندڙ هو. ڄامشوري ڏانهن ڊوڙندڙ بس ۾ پاڻ کي دلاسا ڏنا هئم ته مريم حسين! تون حوا، آدم جو خوبصورت رانديڪو، آدم جي نسل جي واڌاري جو ذريعو، آدم جي نفس جي تڪميل. پوءِ مريم حسين! جيڪا شيءِ هجي ئي لوئڻ ۽ کوئڻ لاءِ، انهيءَ جو ايڏو غم ڇو؟ تون (حوا) ته آهين آدم جي بستري جو شو پيس، پوءِ ان هاڃي تي ايڏو ماتم ڇو؟.
    شايد اکين ۾ ڪجهه ڀرجي آيو هو، جو ڀر ۾ ويٺل ڪنهن ڇوڪريءَ پڇيو هو روئڻ جو سبب ۽ اهو به ڪيڏو نه واهياتپڻو آهي، جو من ۾ سانڍڻ جهڙا دک چؤواٽي تي پڌرا ٿي پون ۽ پوءِ جيڪر مان هن کي ٻڌائي به ڇڏيان ها ته؛ اجهو، هينئر، هن لمحي، مان پنهنجي بدن جي سموري پوترتا مير آصف علي خان جي کيسي ۾ ڇڏيو پئي اچان، ته پوءِ به هوءَ ڳراٽي پائي منهنجو دک ونڊي ها؟ ڪيڏي تڇ محسوس ٿيان ها هن کي. انهيءَ ئي پل، سنگسار نه ڪري ها مون کي! ۽ پوءِ چؤواٽي تي بيهي پڪاري پڪاري به چوي ها ته: لوڪو! اچو هن کي زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ سنگسار ڪريو.
    چؤواٽي تي اندر جي اگهاڙپ ظاهر ڪرڻ به ته ڪيڏو ڏکيو آهي. سو ٽاريندي چيو هيومانس ته تپ مان اٿي آئي آهيان، مٿو پيو ڦريم ۽ هوءَ ڪيتري دير منهنجي انڪار جي باوجود به منهنجي مٿي کي زور ڏيندي رهي هئي. سوچيو هئم ته جيسين تائين هڪ ٻئي تي اسان جا عيب ثواب ظاهر نٿا ٿين، تيسين تائين اسان هڪ ٻئي لاءِ ڪيڏا اُتم ۽ قابل احترام هوندا آهيون.
    هاسٽل ۾ اچي کٽ تي پاڻ ڇڏي ڏنو هئم، پري ڪنهن روم مان رکيو رکيو ٿي ٽهڪن جا آواز اُڀريا. روڊ تي بسن جي هارنن جا آواز ۽ هيٺ ڪنهن اوچن سُرن ۾ پئي ڪو فلمي گانو ڳايو. پل اپل لاءِ اڪيلائپ جو احساس ورائي ويو هئم. کليل دريءَ ۾ اچي بيٺي هيس، اکيون پوري ڇڏيون هئم ۽ پريان ڪٿان آواز ٿي اڀريو، بلي شاهه جي ڪافي جو:
    اندر خواب وڇوڙا هويا، خبر نه پيندي تيري،
    سَنجي بن وچ لٽي سائيان، چور شنگ ني گهيري.
    بن وچ لٽي سائيان، بن وچ لٽي سائيان، چور شنگ نه گهيري، اندر خواب وڇوڙا هويا، اندر خواب وڇوڙا هويا، خبر نه پيندي تيري.
    ’قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندا.‘
    سڄي سراپجي ويس. ايڏي وڏي سزا، هيڪلي سر ڪيئن ڀوڳبي، مريم حسين؟.
    اندر جا هاڃا، شايد چهري تي ميل جو پٿر هوندا آهن. چهري تي شايد اندر جي قيامت جا پوسٽر لڳل هوندا آهن، تڏهن ته جو گڏبو هئم. پڇندو هئم: ”توکي ڇا ٿيو آ، مريم حسين!“.
    ڀوَ جا ڀاوَ. بائيبل ۾ پڙهيو هئم ته: اوهان جا گناهه نيٺ به اوهان کي ڳولهي لهندا. ائين ڀاسندو هئم ڀانءِ ڪنهن پل، اُمالڪ ڪاريڊور ۾ هلندي اهي گناهه اچي ڳچيءَ کان جهليندا؟ ڪاري گائونَ جي اندر، ويڙهيل سيڙهيل لڱ سمورا ڪانڊارجي ويندا هئم. مُڙي مُڙي پويان نهاريندي هيس.
    تون شايد سمجهي نه سگهين ته ان ڏوهاريءَ جي ڪهڙي حالت هوندي، جنهن کي ڪنهن لمحي به موت جي سزا ملڻي هجي. ڪنهن دهشت پسند گروهه جي ليڊر جيان انڊر گرائونڊ(Underground) رهڻ به ته ڏکيو هو، جو مان ته بهرحال هيس، سنڌي معاشري ۾، وچولي طبقي جي بيحد عام ڇوڪري.
    ڪيئن نه ايڏو وڏو هاڃو لڪائڻ چاهيو هئم. پر ماڻهن جي اکين جي گهور به وئي ٿي تکي ٿيندي. ماڻهو اسان جي اندر جي اونهائين تائين ڪيئن اچي رسندا آهن؟ هٿن جون آڱريون صرف گنهگارن تي کڻڻ لاءِ تخليق ٿيون آهن؟ کنيل آڱريون اکين ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان چڀنديون ڀانيون هئم.
    رات جي گهور اونداهي ۾ سڄي هاسٽل جي لائٽ آف ٿي وئي هئي. تڏهن اونداهي ۾ منهنجي روم ميٽ جو آواز اڀريو هو: ”زندگيءَ جي ان موڙ تي بيهي ڇا ٿي محسوس ڪرين مريم!“
    جيڪر ان لمحي پل اپل لاءِ ئي سهي لائٽ آن ٿي وڃي ها ته شايد هوءَ منهنجي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇولا به ڏسي سگهي ها. ”ڪهڙو موڙ ٿي چوين؟“ سندس ڳالهه لنوائڻ چاهي هيم.
    ”اهو ئي موڙ، جڏهن اوچتو جهاز ڪرئش ٿي پوي ۽ گهر واپس وڃڻ لاءِ ڪا رڪشا به نه ملي.“
    ”پر مان هر حالت ۾ گهر واپس ويندس.“ ڀانيو هئم ته منهنجو آواز هوريان هوريان ڏڪي رهيو هو.
    ”ڪهڙو گس وٺي ويندينءَ؟“
    ”جنهن گس تان آئي هيس.“ پر ان ڳالهه جو ته اڃا پاڻ کي ئي يقين نه ڏياريو هئم.
    ”ڏکيو آ مريم حسين. اسان سنڌي عورتن لاءِ واپسيءَ جو ڪوبه گس نه هوندو آهي. اسان جا سمورا گس ويندا آهن دوزخ ڏانهن – زندگيءَ جي دوزخ ڏانهن.“
    ڪابه ڳالهه نه سُجهي هئم چوڻ لاءِ، لفظ کٽي پيا هئم. انيڪ پل روم ۾ موت جهڙي سانت پکڙيل هئي.
    ”ڪجهه ته ڳالهاءِ مريم، ماڻهو ته الاءِ ڇا ڇا پيا چون.“
    ”ماڻهن جو چوڻ ۽ اسان جو برداشت ڪرڻ ته بيحد فطري عمل آهي.“
    زندگيءَ جي ان لمحي جڏهن مان هن سان گهور اونداهه ۾ ڪيڏي اعتماد سان (بظاهر) ڳالهائي رهي هيس. ها، زندگيءَ جي ان لمحي ۾ مون پاڻ کي ڪائنات جي سڀ کان ڪمزور شيءِ محسوس ڪيو هو، ڄڻ مان ڪنهن تاريخي عمارت جي بيحد ڪمزور ديوار هجان. اسان اندران ڀل ڀور ڀور ٿي پئون، پر ٻاهران ڪيڏا مضبوط پيا هلندا آهيون. وڏي ۾ وڏو هاڃو سهڻ کان پوءِ به فيصلو نه ڪري سگهندا آهيون ته اسان ڪمزور آهيون يا مضبوط؟ پوءِ به ماڻهو ڪيئن اسان جي اندر جي اونهائين تائين اچي رسندا آهن ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن بيحد ڏنڀيندڙ لمحي ۾، تخليق جو ڪرب نس نس ۾ زهر جي ڌارا سمان پکڙيو ڀانيو هئم. رت جي اها هر بوند (جنهن سان آدم جو نسل تخليق ٿيندو آهي) جيڪر بدن ۾ رهجي وڃي ته اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪانهي. ڪٿي پڙهيو هئم: ’عورت جي رت جي هرڪا بوند تخليق جو نشان آهي.‘ پر مان سڄي سراپجي وئي هيس. ڪائنات جو سمورو سراپ منهنجي نصيب جو دک آهي.
    ادي مهروءَ جي تخليق جو ڪرب ايڏو خوبصورت ڀاسيو هئم. اهو ڪرب جڏهن پنهنجي نس نس ۾ پکڙيو ڀانيو هئم ته ڀانيم ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي پئي هجان. اڪيلائيءَ ۾ ڪو ٻيو، وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي ويندو هئم. اندر ئي اندر، ڪو رت چوسي رهيو هئم. ڀرجي وئي هيس، پر انهيءَ ڀرجڻ ۾ به ڪيڏو ايذاءُ هو. ٽانڊا ٻري پيا هئم رت جي هر ڦڙي ۾. شاور هيٺ انيڪ پل ٿڌي پاڻيءَ ۾ پاڻ پسائڻ کان پوءِ به باهه وئي ٿي تيز ٿيندي.
    ڪيڏي پراسرار ٿي پئي هيس. رات جو، ننڊ ۾، جاڳندي، سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج، ڏاڏي بيبيءَ جو چهرو، پنهنجي گهر جو اڱڻ ٻرڻ لڳو هئم. پڙهه: ’اهدنا الصراط المستقيم‘ پر ڄڀ ڪپجي پئي هئم. ڀانءِ ٻرندڙ باهه تي، اگهاڙن پيرن هلي رهي هجان. چئني طرفن هئا دوزخ جي باهه جا اُلا. پلصراط تي اچي بيٺي هيس. ڪيئن نه بوند بوند ڪري پنهنجي بدن جي پوترتا سانڍي هئم. ڪيئن ڪيئن نه پنهنجي بدن جو شيطان لڪايو هئم.
    پر، ڄڻ بهشت مان تڙجي نڪتي هيس. تنهنجي چپن ۾ اٽڪيل گولڊ ليف جي سگريٽ جيان هوريان هوريان دکي رهي هيس. ڪيڏو کوٽ هو منهنجي من ۾، ۽ منهنجي بدن ۾ هن جون پاڙون ويون ٿي گهريون ٿينديون. ان کان اڳ جو سڀڪجهه ظاهر ٿي پوي ۽ ماڻهو گهلي وڃنم عمر فاروق رضه جي دور ۾ سنگسار جي رسم نڀائڻ لاءِ، ٻڏندڙ دل سان سامان پيڪ ڪيو هئم. ائين ڀانيو هئم ڄڻ اباڻو گهر ڇڏي رهي هجان. ٻڌو هئم ته عورت جو ڪوبه گهر ڪونهي، هوءَ ازل کان بي گهر آهي. ان رات، رلهيءَ اندر ويهاڻي ۾ منهن ڏئي ساري رات روئندي رهي هيس. زندگيءَ جا سمورا پُڃ ۽ پاپ آڏو اچي بيٺا هئم. ڏاڏي بيبيءَ وٽ ياد ڪيل دعائون پڙهڻ چاهيون هئم، پر ڄڀ ڪپجي وئي هئم.
    ٻئي ڏينهن جڏهن چوڪيدار کي سڏي، پيڪ ڪيل سامان کڻايو هئم، تڏهن بستري ۾ ستل روم ميٽ، رلهيءَ مان منهن ڪڍي پڇيو هو: ”ڪيڏانهن؟“
    ”گهر!“ لاءِ ڪيئن اُڪليو هئم اهو ننڍڙو لفظ .
    ”موٽي اچڻ لاءِ ٿي وڃين؟“ سمورو سامان پيڪ ڏسي پڇيو هئائين.
    ”شايد، نه.“ اهو چوندي اکيون پوسرڻ لڳيون هئم.
    ”ها مريم، جي گهر ۾ پناهه ملنئي ته موٽي نه اچجئين.“ پري کان هن جو آواز ايندو محسوس ڪيو هئم. ”۽ جي نه ملنئي ته موٽي اچجئين، جو پنهنجن جو سنگسار پراون کان وڌيڪ جهوريندڙ هوندو آهي.“
    اکين ۾ ڪنهن مرچن لپ ڀري ڇڏي هئم. ڪيڏيون پوسرائي رهيون هئم اکيون.
    ”پر توکي پناهه نه ملندي مريم حسين. ڪائنات جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ نه. جن جي نصيب ۾ پناهه گاهون هونديون آهن، سي ڪڏهن به جلاوطن نه ٿيندا آهن.“ ڪيڏو زهر هو هن جي آواز ۾.
    مان تيزيءَ سان روم مان نڪري آئي هيس، بس ۾ وهندي سڄي جهُري پئي هيس.
    ’اندر خواب وڇوڙا هويا، خبر نه پيندي تيري،
    سَنجي بن وچ لٽي سئيان‘ چور شنگ ني گهيري.‘
    ڪيڏو عجيب هئم موٽڻ جو انداز. هٿن ۾ ايم. اي جي ڊگري نه هئم، پر بدن جي اونهائين ۾ تخليق جي ڊگري ڀريل هئي. اسان گهران نڪرندا آهيون ته ڪيڏيون اميدون ۽ سپنا کيسن ۾ ڀريل هوندا آهن، پر واپسيءَ ۾ موٽندا آهيون ناڪامين جي ڊگهي فهرست ساڻ ڪري. ڪيڏي شدت سان پيا چاهيندا آهيون ته ڪاش گهر پهچڻ کان اڳ، واٽ تي ڪٿي ڪو حادثو ٿي پوي، پر حادثا تڏهن ئي ٿيندا آهن، جڏهن اسان نه چاهيندا آهيون.
    بس ۾ تڏهن ڳوٺ ويندي ڪيترا ڀيرا دل چيو هو ته واٽ تي ڪنهن اجنبي ڳوٺ ۾ لهي پوان. ڪنهن ناڪام تحريڪ جي اڳواڻ جيان Underground ٿي وڃان، ڇو (؟) اسان پنهنجي ئي وطن ۾ جلا وطن ٿي ويندا آهيون. گهر هوندي به پاڻ کي بي گهر محسوس ڪندا آهيون. ڪائنات جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪابه پناهه گاهه نه لڀندي اٿئون. بهشت مان تڙجي نڪرڻ کان پوءِ ڪٿي به ته پناهه گاهه نه لڌي هئم ۽ تو لاءِ ڪائنات سڄي پناهه گاهه بڻجي وئي هئي ۽ مان جڳن کان تنها ڀٽڪندي رهيس. سچ چيو هئائين ته: جن جي نصيب ۾ پناهه گاهون هونديون آهن، سي ڪڏهن به جلاوطن نه ٿيندا آهن.
    هر گناهه ۾ تون ۽ مان برابر جا شريڪ ٿيون ته به گناهن جا داغ صرف منهنجو ئي پلاند ڇو ٿا آلو ڪن؟ منهنجي بدن جي نس نس گناهه جو ثبوت بنجيو وڃي. ڇو منهنجي ئي بدن ۾ مون لاءِ دوزخ جو عذاب رکيو ويو آهي؟.
    روايت آهي ته: ’هڪ ڀيرو جڏهن مرد ۽ عورت کي زنا جي ناقابل معافي ڏوهه ۾ سنگسار ڪيو ويو ته مڙد عورت کي پٿرن کان بچائڻ لاءِ عورت جي مٿان نمي ٿي ويو.‘ پر تو ائين به نه ڪيو. سمورا پٿر مون اڪيلي سر پلاند ۾ ميڙي ورتا هئا. مان ’انا الحق‘ جو نعرو هڻان به ته تاريخ ۾ منهنجو ذڪر سونهري لفظن ۾ ته نه اچي ها. جو مون تي ته ثابت ٿيو هو زنا جو ناقابل معافي ڏوهه ۽ منهنجو بدن هو، ان ڏوهه جو اکين ڏٺو ثبوت. ڀلا جنهن جا ڏوهه پيشانيءَ تي لکيل هجن، ڪورٽ ڪيئن نه ڏيندي هن کي سزا.
    ۽ پوءِ نما شام جي بيحد اُداس ڪندڙ بيمار لمحن ۾، منهنجي گهر ڏانهن ويندي، سيدن جي حويليءَ وٽان، پراڻو ٽانگو، ڪچي تي کڙ کڙ ڪندو لنگهيو هو. تڏهن ائين ڀانيو هئم، ڪورٽ ۾ ڪنهن جج اڳيان بيٺي هجان ۽ ڏوهه سڀئي منهنجي پيشانيءَ تي لکيل هجن. اسان وچولي ۽ هيٺين طبقي جي ڇوڪرين جا ڏوهه پيشانين تي لکيل هوندا آهن. اسان وٽ ايترو پئسو نه هوندو آهي جو ڪنهن ڪلينڪ ۾ پنهنجا گناهه دفنائي، دنيا جي سامهون سرخرو ٿي اچون. اسان جون ڪاميابيون به ته اسان جي ناڪامين جو نشان هونديون آهن، سو مان اڄ تائين سمجهي نه سگهي آهيان ته پنهنجي ناڪامين جو دوش ڪنهن کي ڏيان؟ سيدن جي حويليءَ اڳيان لنگهندي، ڪيڏيءَ شدت سان چاهيو هئم ته اجهو، هينئر، هن لمحي تي ئي لهي پوان، وڏيءَ ويڪريءَ پوتيءَ ۾ پاڻ ويڙهي ته جيئن وارن جي ڪا تند به نظر نه اچي، ته جيئن بدن جي جوڙ سمجهه ۾ نه اچي. پهريون سيپارو کڻي اندر هلي وڃان ۽ جُتي حويليءَ جي چائنٺ تي لاهيندي وڃان. پريان کان ئي ڏاڏي بيبي هڪل ڪري، ’رن بدن ڍڪي هلندي ڪر، نامحرم جي پليت نظر پئجي ويئي ته قيامت جي ڏينهن ملائڪ ڏنڀ ڏيندئي.‘ (اهو سوچيندي ڪرب مان اکيون پوري ڇڏيون هئم.
    منهنجو ساهه ڀرجي آيو هو، اها ئي مان مريم حسين، هينئر سيدن جي حويليءَ وٽان، پلصراط جو دڳ وٺيو پئي ويس، ڄڀ ڪپيل هئم ۽ دعائون سڀئي نڙيءَ ۾ گهٽيل، ڀوَ جون ڀاونائون وڪوڙي ويون هئم. هن لمحي جيڪر ڏاڏي بيبي ڏسي وٺيم؟ ڪرب مان اکيون پوري ڇڏيون هئم.
    ٽانگو هوريان هوريان ڊوڙندو ٿي ويو، سيدن جي حويليءَ جا اوچا برج پويان رهجي ويا هئا.
    ۽ مان ويس پئي پلصراط جو دڳ وٺيو ڪنهن پناهه گاهه جي تلاش ۾.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373049
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151962
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ