ڪتاب جو نالو: سندي ذات هنجن (ادب جي پرک)
مصنف: رسول بخش پليجو
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 27 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 1708 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 621 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.
ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : سندي ذات هنجن (محمد ابراهيم جويو)
  • سَرُ وڃايو سُرهو ڪُوڙن ڪانئرن،
  • باب پهريون : هوئج هوشيار ! ترڪڻ آهي تڙ ۾! (شاهه)
  • باب ٻيو : خاص ادبي پُڙي!
  • باب ٽيون : دلين جو درد – نئين کوجنا؟
  • باب چوٿون : ڇا، ڏک رڳو تباهه ڪندڙ آهن؟
  • باب پنجون : من حرام تي حُجتان ڍير! (سرائيڪي چوڻي)
  • باب ڇهون : طبقاتي مفادن ۽ نظرين کان بالاتر خالص ادب جو ڍونگ
  • باب ستون : ادب تخليق ڪرڻ لاءِ رُڳو احساس ۽ جذبا ڪافي آهن ڇا؟
  • باب اٺون : ماضِيءَ جو ادب
  • باب نائون : دنيا کي لِيڪَ!
  • باب ڏهون : اڳوڻُو يورپي ترقي پسند ادب
  • باب يارهون : هڻ ٿي فريدا ! شاد ول ..
  • باب ٻارهون : نوان هيرا!

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (220) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ادب جي پرک جو هي ڪتاب ”سندي ذات هنجن“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار، دانشور، قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو لکيل آهي.

    ڪتاب بابت محمد ابراهيم جويو پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
    هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.

    هي ڪتاب 1978ع ۾ ڇپڻو هيو پر ڪجهه مونجهارن ۽ مسئلن سبب ڇپجي نه سگهيو پر 1983ع ۾ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي، حيدر آباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب مختلف وقتن تي ڇپبو رهيو آهي. آخري دفعو 2016ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ : سندي ذات هنجن (محمد ابراهيم جويو)

    هيءُ ڪتاب، ”سندي ذات هَنجن“ ادب جي پرک جو هڪ ڪتاب آهي، جيڪو اسان جي سڄاڻ ساٿيءَ، اسان جي اڄ جي ادبي حالتن ۾، اسان لاءِ لکڻ مناسب سمجهيو آهي، ايئن ئي جيئن هُن 1960ع ڌاري ”اَنڌا اُونڌا ويڄ“ اسان لاءِ لکيو هو. هيءُ اسان جو بهادر ساٿي گذريل چئن سالن کان لاهور جي لکپت جيل ۾ بند آهي، بيمار گذاري ٿو- پر اسان جي حالتن کان باخبر آهي، ۽ اسان لاءِ سوچي رهيو آهي. دراصل اُتي هو اسان جي ئي ڏوهن جو ڪُفارو ادا ڪري رهيو آهي- جيتوڻيڪ تازو پنهنجي شعور ۽ ارادي جي زنده هجڻ جو جيڪو ثبوت اسان وٽان کيس مليو آهي، اُن کيس بيحد خوش ڪيو هوندو.
    پنهنجي هِن پياري ساٿيءَ سان اسان جا انيڪ لاڳاپن جا ڌاڳا رات جي اُڀ ۾ سدا چمڪندڙ چنڊ ۽ تارن جا ڌاڳا، ڏينهن جي اوجل صبح جا ڌاڳا، اسان جي حالَ جا ڌاڳا ڳنڍيل آهن، ۽ ڪو هڪ ڌاڳو به ڇڪجي ٿو، ٿوري ئي ڪا اُن کي ساهَه اچي ٿي، ته هُن جو مَنُ ضرور اُتي لرزبو هوندو. پر خاص طرح اسان جي ٻولي، جيڪا اسان جو ساهُه آهي ۽ جنهن سان اسان جو مَنُ جيئي ٿو، اُها هُن کي ۽ اسان کي (ان کان اسين باخبر هجون يا نه) هڪ گهڙي به جدا ٿيڻ نه ٿي ڏئي.
    ”ٻولي“، آواز، دانهَن ۽ دانهَن جو جواب ٻوليءَ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن، بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف (83-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏئين ٿي ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي واپري رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان!“ پر ڪو ايئن آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي! اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اُها اسان جو ڏڍ آهي، آٿت آهي ۽ اسان جا شڪ ۽ نراسائيون دور ڪري ٿي، ۽ جيڪا ٻولي اسان کي اڄ ”سَندي ذات هَنجن“ جهڙو نثر ڏيئي سگهي ٿي ۽ اُن جهڙي پرک ڏيئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي!
    ترگنيف جو لاش جڏهن ٽيهن سالن جي غريب الوطنيءَ کان پوءِ روس جي مٽيءَ ۾ پورجڻ لاءِ پئرس مان وڃي رهيو هو، تڏهن مشهور فرينچ اديب، فيلسوف ۽ تاريخ نويس رينان اٿي چيو هو: ”ترگنيف کان وڌ دنيا ۾ اڄ ڪو شخص ڪونهي، جو هڪُ پنهنجي سڄيءَ قوم جو ترجمان بڻجي سگهيو هجي! هُن جي وڏن جا ڪيئي خاموش نسل، جيڪي صدين جي ننڊ ۾ ٻُڏل هئا، اُنهن کي به هِن جي ذريعي آواز مليو آهي، ۽ اُهي وري زندهه ٿيا آهن.“ سچ پچ، ٻولي قومن جو آبِ حيات آهي- انساني روح جو سدا تازو، ڀريو ڀاڳيو، پاڪ چشمو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي گڏ ڪري رکن ٿا، ۽ پنهنجي تمنائن جو، ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ- ويچار ۽ پروڙ جو عڪس ڏسن ٿا، ۽ اِهو سڄو ڪم سندن سگهڙَ، اديب ۽ شاعر ڪن ٿا.
    ترگنيف نثر نويس هو ۽ همه- وقتي اديب هو. شعر جي دنيا ۾ اسين به پنهنجي تاريخ جي هڪ دور ۾ هڪ اهڙو پنهنجو محسن رکون ٿا- لطيف، جيڪو هڪُ ئي سڳورو شخص اسان جو پورو ترجمان هو، ۽ پوءِ اسان کي ٻيا به ڪي شاعر پنهنجي پنهنجي دور جا ڪجهه ڪجهه ترجمان مليا، پر اسان جي نثر جي دنيا اڃا اَهڙن ئي رڳو ڪجهه- ڪجهه ترجمانن سان آباد آهي، اُن کي اڃا ڪنهن دور جو هڪ ئي پورو ترجمان نه مليو آهي. اسان جي هِن رهنما اديب ۽ نقاد ساٿيءَ، رسول بخش پليجي ۾ اُها ڏات ۽ ڏانءُ هئا، جو هو ادب جي نثري صنف ۾ پنهنجي دور جو پورو ترجمان بڻجي سگهي ها- پر افسوس، هُن جي سياسي مصروفيتن هُن کي اُها فرصت نه ڏني.
    هلندڙ صديءَ جي پوئين اڌ شروع ٿيڻ سان اسان جي ادبي دنيا ۾ هڪَ تازه دم چرپر شروع ٿي، ۽ اسان جا قلمڪار، شاعر ۽ اديب، ملڪي آزاديءَ جي مسئلن سان مُکاميل ٿيندي ئي، ۽ اُنهن جي پهرينءَ اجنبيت ۽ دهشت تي غالب پوندي ئي، پنهنجي وطن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پنهنجي ماڻهن جون، اُنهن جي غريبيءَ جون، اُنهن جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن جون ۽ سندن روزمره جي مسئلن جون….. ۽ اِيئن ڪجهه وقت ئي نه گذريو ته سندن حيرت جي حد نه رهي، جو مٿن تهمتن ۽ بهتانن جا بند ٻڌجڻ شروع ٿي ويا، ۽ ري گناهه هو ڪافر بڻجي ويا، غدار به ٿي ويا، ۽ ڪيئي قسم جا لقب مٿن لڳي ويا. ڳالهه کي ڪجهه ڪَنائيندي، ڏٺائون ته اُهي ڌوڙيا مٿن اُتان ٿي اُٿيا، جتي جهالت هئي، بيجا عصبيت هئي ۽ هٺ ڌرمي هئي، ۽ وڏي ڳالهه ته جنهن پاسي دولت ۽ دولت جا ذريعا هئا ۽ اقتدار هو، ۽ اُنهن جو اونو هو، ۽ اُنهن تي ڏاڍو وڏو آڌارُ ۽ گهمنڊُ هو. ترت ئي پوءِ خود منجهن به ڪي اِهڙا نڪورا نوان اديب اسري ميدان تي آيا، جيڪي سامراجي يورپ جي انساني زوال کان متاثر ”جديديت“ جا سِڌا يا اُن جي اثر ۾ آيل ڪجهه اُهڙي اردو ادب ۽ ڪجهه هڪ ٻن ڀارت جي اُهڙن سنڌي اديبن وسيلي، ايترا ته هڪدم عادي ۽ اصلي متوالا بڻجي پيا، جو پنهنجي ادب جي محبِ وطن ۽ انسان دوست ڪردار کان لادعوى ٿي،”بيزاريءَ ۽ فرار“ جي مُوڊ ۾، ادب ۾ ”ڳالهه“ کي ڇڏي ”فن“ جا دعويدار ٿي بيٺا، ۽ ڪي ته اَهم- واد (Egotism) ۾ اچي، خاص طرح ”جسم جي پنٿ“ (Cult of Body) کي ”جوانيءَ جي راهه“ (Way of Youth) سڏيندي، ڪي اِهڙا سطحي ۽ سهل، ابتا ۽ لاتعلق ”فنپارا“ پيش ڪرڻ لڳا، ۽ اڳرا ٿي، اُنهن جو دفاع ڪرڻ لڳا، جو عصري ادب جي سرمايه پسند ۽ اقتدار پرست اصلوڪن عداوتين کي پنهنجي تهمت بازين ۽ بهتان تراشين لاءِ ويٺي ويٺي ڪافي گهڻو مواد ملندو رهيو- جيئن هاڻي به اُنهن کي وٽانئن ملندو رهي ٿو. هِن ڪتاب جي مصنف، اسان جي سُجاري اڳواڻ ساٿيءَ، جيئن سنڌي ادب جي پهرئين سڌي ۽ پڌري مخالف گروهه جي وارَ جو بروقت پنهنجيءَ جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تُز جواب ڏنو هو، تيئن هُن پنهنجيءَ هِن املهه تصنيف ”سندي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي ”پنهنجن“ جي ويس ۾ لِڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي، جنهن لاءِ سچ ته سنڌي ادب سندس سدا ٿورائتو رهندو.
    جيئن پراڻيءَ شيءِ جو پراڻو هجڻ ئي اُن جي قدر جو ماڻ نه آهي، تيئن نئينءَ شيءِ جو نئون هجڻ به اُن جي چڱائيءَ جو دليل ڪونهي. نظرياتي طور، اسان جا ”جديدي“ دوست پاڻ به پنهنجيءَ اِن ”جديديت“جي ڪنهن انساني وٿ يا قدر جا قائل نه آهن بلڪ هو پنهنجي
    ”جديدي ادب“ کي انسانَ ۽ انسان جي دنيا کان پري رکڻ ئي پنهنجو منصب سمجهن ٿا. اصل ۾، خود فن به هُنن لاءِ ڪا اهميت ڪانه ٿو رکي- فن کي هو هڪ کيل، هڪ سانگُ ئي سمجهن ٿا، ۽ چون ٿا ته زندگي، جيڪا ڳنڀير ۽ ڳري آهي، اُن سان فن کي ملائڻ ئي نه کپي، ڇوته فن نِرو فن ئي رهڻ کپي. ايئن هو زندگيءَ کان فن کي پري رکي، جيئن ادب کي تيئن اُن جي فن کي به پنهنجي انفرادي مرضيءَ ۽ ريچڪ جي تابع رکڻ چاهين ٿا، بلڪ اُن لاءِ هو هر تسليم ٿيل ۽ پسند پيل ادبي ۽ فني معيار جي مذاق اُڏائين ٿا، ۽ جديديت جي عشق ۾، اُن لاءِ پنهنجي نفرت، بلڪ ڪراهت جو اظهار ڪن ٿا. کُليو کُلايو هو چون ٿا ته هنن جي ”تخليق“ مخصوص ماڻهن لاءِ، بلڪ فقط سندن پنهنجي پاڻ لاءِ آهي- هُنن کي ئي اُن مان مسرت حاصل ڪرڻي آهي، ۽ اُن لاءِ هُنن جي اِها ڪوشش ٿي رهي ته پنهنجي فنپاري مان انساني دلچسپيءَ جي ڳالهين يا مسئلن کي جيئن پوءِ تيئن گهٽائيندا وڃن- ويندي سندن ادب ۾ سندن ٻولي به ماڻهن جي ٻولي نه رهي- تان جو باقي جيڪا سندن ڪاوش بچي، سا خالص سندن ”فن“ هجي، ۽ پوءِ اُهو اَهڙو فن هوندو، جو اُن کي فقط فن جا خاص ڄاڻو، يعني آخري طور رڳو هو پاڻ ئي سمجهي سگهندا، ۽ اُن مان سڄي جمالياتي مسرت ۽ ٻيو به جو ڪجهه اُن ۾ باقي هجي سگهندو، سو اُهي پاڻ ئي اُن مان حاصل ڪري سگهندا!
    هيءَ جديديت، ”جدت براءِ جدت“، ”جدت پنهنجي ريچڪ ۽ رؤنشي لاءِ“، ادب ۽ فن جو ايئن جيڪو حشر ڪري ٿي، اُن مان ڏسي سگهجي ٿو ته فائدو نيٺ ڪنهن کي آهي. جيڪڏهن اُن مان انساني ڪارجُ، انسان کي بهتر انسان بنائڻ جو ڪارجُ، انساني سماج جي تبديليءَ جو ڪارجُ سِڌ نه ٿيو، ته باقي اُن مان فقط هڪ ئي ڪارج سِڌ ٿيندو يعني بيٺلَ ۽ موجود سماج جي خيريت ۽ سلامتي ۽ اُن جو تحفظ. ۽ اِهوئي اسان جا هي، فقط ڏِک ۽ نالي لاءِ، پاڻ کي ”نئين کان نوان“ ترقي پسند چوندڙ دوست چاهين ٿا- ڇوته هو (عالمي توڙي ملڪي، ڪنهن به سطح جي) انقلاب کان ڊڄن ٿا ۽ کين اُن کان نفرت آهي، جيڪو مٿن ذميواريون رکڻ چاهيندو، ۽ هو انساني مسئلن جي سلسلي ۾ ڪابه ذميواري قبولڻ لاءِ تيار نه آهن.
    عالمي سطح تي، مغرب جو سامراج اڄ کُليو کُلايو انسان- دشمن فسطائي راهه تي بيٺو آهي ۽ ڪٿي به، ڪنهن به صورت ۾ انقلاب نٿو چاهي. دنيا جو هر سُک ۽ چڱائي ۽ اُن جي دولت جا سڀ وسيلا هو پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو، ۽ ان لاءِ هو جيئن سائنس کي تيئن ٻئي علم، ادب ۽ فن کي پنهنجي عوام ۽ پوئتي پيل محڪوم دنيا جي قومن ۽ عام انسانن جي خلاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو- سائنس کي هڪ دڙڪي طور يعني اُن جي ڊيڄاريندڙ ۽ ناس ڪندڙ حيثيت سان، ۽ علم، ادب ۽ فن کي هڪ دلبي طور يعني انهن جي منفي اِبلاغي حيثيت ۾. محڪوم ۽ پوئتي پيل دنيا ۾ هِن سامراج جي ”گراهڪ“ قومن جون حڪومتون ۽ اُتان جا حڪمران طبقا- ڇاڪاڻ ته اُهي به پنهنجي پنهنجي ملڪ جو هر سُک ۽ چڱائي ۽ اُن جي دولت جا سڀ وسيلا پاڻ لاءِ پسند ڪن ٿا- مغرب جي اِن انسان دشمن سامراجي منصوبي ۾ شريڪ آهن، ڇوته اِن ۾ اُهي پنهنجي فوري خيريت ۽ سلامتي ڏسن ٿا. ادب ۽ فن ۾ ”جدت براءِ جدت“ جو رجحان، انسان ۽ انسان جي مسئلن ڏانهن بي تعلقيءَ جو رجحان، ادب ۽ فن کي سندن اُن منفي ابلاغي حيثيت ۾، عالمي سامراج لاءِ ۽ اُن جي گراهڪ قومن جي حڪمران طبقن لاءِ، اُنهيءَ دلبي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش آهي. اُهي جيڪي عالمي سامراج ۽ اُن جي ملڪي حڪمران گروهن جي منصوبن کي ڄاڻن ٿا، ۽ اُنهن سان شامل نه آهن، سي هرگز پنهنجي ادب ۽ فن کي، جديديت جي چَڪمي ۾، ايئن دلبي طور استعمال نه ڪري سگهندا.
    اسين پنهنجي محترم عزيز ساٿيءَ جا دلي شڪرگذار آهيون، جو پاڻ اسان کي هيءُ وقتائتو ۽ اهم ڪتاب ڏنو اٿن. ادب ۽ فن ۾ جديديت جي فتني لاءِ، جنهن جا مغرب جي سامراجي دنيا ۾، جتي اُن جي اوسر ٿي، گهڻيئي دلڪش نالا ۽ گهڻيون ئي مٿي- ڦير تاويلون موجود آهن، اُن سڀ لاءِ پاڻ اسان کي هِن ڪتاب ۾ جيڪا تفصيلي ڄاڻ ۽ پرک جي ڪسوٽي ڏني اٿن، اُها اسان لاءِ پنهنجي ادب کي وطن دوست، عوام پسند، انقلابي راهه تي قائم رکڻ ۾ املهه رهبريءَ جو ڪم ڏيئي سگهندي- ۽ اِها راهه ئي اسان لاءِ پنهنجي ادب ۽ فن جي سچي ترقي پسند انساني راهه آهي.

    محمد ابراهيم جويو
    حيدرآباد سنڌ
    13-09-1983ع


    سَرُ وڃايو سُرهو ڪُوڙن ڪانئرن،

    سَرُ وڃايو سُرهو ڪُوڙن ڪانئرن،
    آڌيءَ رات اُٿي ڪري دَدا دانهون ڪن،
    سندي ذات هَنجن، منهن کوڙي موتي چُڻي!

    (لطيف)


    باب پهريون : هوئج هوشيار ! ترڪڻ آهي تڙ ۾! (شاهه)

    سنڌي ادب مقدار توڙي اهميت جي خيال کان هن ملڪ جو ٻيو نمبر اهم ادب آهي. ملڪ جي غيرسرڪاري عوامي زبانن مان ڪنهن به ادب اهڙي ترقي نه ڪئي آهي، جيتري سنڌي ادب. سنڌي ماڻهن جي سجاڳي ۽ واڌاري جي گهڻ طرفي جدوجهد ۾ سنڌي ادب جو هڪ خاص ڪردار رهيو آهي، جيڪو سمورين ڪمزورين جي باوجود، پنهنجي حد اندر، نهايت اهم رهيو آهي.
    دنيا جي ڪيترن ٻين اُسرندڙ ادبن وانگر سنڌي ادب به هميشه طوفانن وچان اڳتي وڌيو آهي. ان کي وِک وِک تي اندروني توڙي ٻاهرين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ نِت نَوَن مسئلن کي حل ڪرڻو پيو آهي.
    اڄ به سنڌي ادب هر طرح جي مسئلن ۾ گهيريل آهي. انهن جي حل نه ٿيڻ ڪري اهو ڪن ڳالهين ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ٻين بُنيادِي ڳالهين ۾ پوئتي موٽ کائيندو رهيو آهي. انهن مسئلن مان ڪي ته “اُڀ اکئين پيو ڏسجي آڱر سڃي ڇا ڪبو” وانگر سڀ ڪنهن کي اکين اڳيان آهن ته ڪي وري اهڙا آهن، جن کي چڱيءَ طرح کولي بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    اٽڪل ويهه سال اڳ، 1960ع کان وٺي، اسان جي ادب جي خلاف هڪ زبردست طوفان اُٿيو هو. هيءُ طوفان سالن جا سال هليو هو ۽ اسان جي ادب جي زندگي ۽ بقا کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو هئائين. سنڌي ادب جي اسان سمورن گهڻ گهرن ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي سالن جا سال سنڌي ادب جي زندگي ۽ بچاءُ جي اها جنگ لڙي هئي ۽ ان طوفان جو ڪامياب مقابلو ڪيو هئوسين. اهو طوفان مڪمل طرح نه ختم ٿيو. اهو موقعو ملڻ تي رکي رکي وري تيز ٿيندو آهي ۽ جيستائين موجوده نظام قائم آهي، تيستائين سدائين وقت بوقت تيز ٿيندو رهندو، پر ان وقت اسان سندس بُنيادِي زور ٽوڙي رکيو هو ۽ في الحال منجهس اڳوڻو دم ڪونهي. اها سنڌي ادب توڙي سنڌي ماڻهن جي شاندار سوڀ هئي. ان ڪري سنڌي ادب لاءِ سنڌي ماڻهن جي بهتر خدمت ڪرڻ جي راهه سالن جي لاءِ صاف ٿي وئي ۽ اهو ڪافي وڏيون ٻرانگهون ڀري اڳتي وڌيو.
    ڪجهه سالن کان، هند ۽ پاڪستان جو ادب هڪ زبردست عالمي ادب-دشمن طوفان جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي. اهو مجموعي طور هندستان ۽ پاڪستان توڙي ٽين دُنِيا جي هن دؤر جي ادب کي هڪ نهايت غلط ۽ خطرناڪ واٽ ڏانهن ڌِڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري اهو مجموعي طور اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽ کائي رهيو آهي.
    هند ۽ سنڌ جي سنڌي ادب تي به ان طوفان جا نهايت بُرا اثر پيا آهن ۽ سالن جا سال اسان جو ادب اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي موٽ کائيندو رهيو آهي. شڪر آهي ته هاڻ ڪجهه سڻائو واءُ وريو آهي ۽ اسان جي اديبن، ادب دوستن ۽ پڙهندڙن ان طوفان خلاف جدوجهد ڪري ان کي جهَڪو ڪيو آهي، پر ان جدوجهد ۾ اڃا گهرائي ۽ وُسعت نه آئي آهي. ان جا نظرياتي بنياد نه رکيا ويا آهن، ان ڪري مرض جون پاڙون نه پٽجي سگهيون آهن.
    جيڪڏهن ان مسئلي ۽ اهڙن ڪن ٻين بُنيادِي مسئلن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي، انهن جا حل ڳولي نه ڪڍيا ويا ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ مخالف طوفانن سان چيلهه ٻڌي مقابلو نه ڪيو ويو ته اسان جو ادب هَلِي هَلِي نيٺ مجموعي طرح رجعت پرست، عوام دشمن ۽ سامراج پرست ادب به ٿي سگهي ٿو.
    جنهن عالمي ادب- دشمن طوفان سڄيءَ دُنِيا جي ادب کي، هندستان ۽ پاڪستان سميت ٽين دنيا جي سمورن ملڪن جي ادبن کي ۽ هِندُ ۽ سنڌ جي سنڌي ادب کي وڪڙ ۾ ورتو آهي، سو آهي هڪڙي پاسي مار ڌاڙ وارو جادوئي، ڪرامتي ۽ تاريخي “ادب” ۽ ٻئي پاسي نااُميدي ۽ مايوسي ڦهلائيندڙ نام نهاد نئين يا جديد ادب جو عالمي ادب- دشمن طوفان.
    اسين هتي ان رجعت پرست ادب ۽ ان سان لاڳاپيل ڪجهه ادبي، فني ۽ عملي مسئلن جو جائزو وٺنداسين.
    هيستائين هن قسم جا جائزا اڪثر نام نهاد “طبقن کان بالاتر”، نقطه نظر کان ورتا ويندا رهيا آهن. هيءُ جائزو اسين ان منافقيءَ کي رد ڪندي، دُنِيا جي عوام جي اڪثريت جي باخبر ۽ باشعور عالمي نقطه نگاهه ۽ بيهڪ کي اختيار ڪندي، وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسون.

    عالمي ميدانِ جنگ
    هر اخبار پڙهندڙ ۽ دُنِيا جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکندڙ ماڻهوءَ کي خبر آهي ته دُنِيا جي سامراج اڄ سڄيءَ دُنِيا کي عوام خلاف جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي. تعليمي ادارن کان وٺي راند جي ميدانن ۽ ورزش جي آکاڙن تائين، ادبي ڪچهرين ۽ مشاعرن کان وٺي سَٽي مارڪيٽن ۽ جُوا خانن تائين، فوجي پريڊ گرائونڊن ۽ پارڪن کان وٺي مندرن، مسجدن ۽ ڪليسائن تائين، رڻن پٽن، ميدانن ۽ پهاڙن کان وٺي سمنڊ جي تِرن ۽ خلائن جي ڏورانهين بلندين تائين، هُو هر جاءِ، هر هنڌ کي پنهنجي جنگي اڏي ۾ تبديل ڪري رهيو آهي.
    هن کي جيڪا به شيءِ نظر اچي ٿي، تنهن کي هو هٿيار ڪري استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. عام تباهيءَ جي ٻين ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ بمن، راڪيٽن ۽ شعاعن کان سواءِ هن اهڙيون قاتل گئسون ٺاهيون آهن، جيڪي پکي پکڻ، ماڻهو، جانور، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاهه ۽ فصل هر شيءِ تباهه ڪريو ڇڏين. جيوڙا ٺاهيا اٿس، جيڪي ملڪن ۾ هٿراديون اڻ ڏٺيون ۽ اڻ ٻڌيون خوفناڪ وبائون ٿا ڦهلائين، ٻيو ته ٺهيو گگدام جانورن کي تربيت ڏيئي کانئن قاتلن جو ڪم پيا وٺن. ٻلهڻين ۽ ٻين سامونڊي جانورن کي تربيت ڏني اٿن ته پاڻ سان ٻڌل تارپيڊي سميت وڃي پراون جهازن سان ٽڪرائين ۽ انهن کي غرق ڪن! جي ڪنهن کي ان خلاف دانهن ڪوڪ ڪرڻي هجي ته ڀلي وڃي مئل ٻلهڻ کي چالان ڪرائي!
    پر عوام کي دشمنن جي رڳو مارڻ ڪونه ماريو آهي. گهڻو ماريو ته سندن منجهانئن ئي آهي. گهڻي ۾ گهڻا گهوٽ مونجهارن جا ماريل ۽ گمراهين جا گهايل ئي هوندا آهن، تڏهن مارئيءَ به چيو آهي:
    مارن منجهه مُياس، نه ته ماڙي ماريس ڪين ڪي. (شاهه)
    هيستائين ڪوبه عوام دشمن، سموري عوام کي ماري چٽ ڪري، پورو پئي ڪونه سگهيو آهي. ان ڪري عوام دشمنن جو ڳُجهو نعرو آهي، “عوام کي مارڻ سان گڏ مُنجهايو، برغلايو ۽ مت مان ڪڍو! اول کين مُنجهايو، برغلايو ۽ مت مان ڪڍو، پوءِ فقط انهن کي ماريو، جيڪي مُنجهانئڻ سان مري نه سگهن.”
    ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ بهتر زندگيءَ جي آس ۽ اُميد ئي نه سرجي، سندن دماغن ۾ سندن زندگين کي جهنم بڻائيندڙن سان مقابلي جو خيال ئي پيدا ٿي نه سگهي ۽ جي پيدا ٿئي ته اُسرندي ئي ختم ٿي وڃي، ان لاءِ هنن ماڻهن جي ذهنن ۽ روحن، احساسن ۽ جذبن، سوچن ۽ نظرين کي ڪوڙهيو ڪري ڇڏڻ واسطي، ڪئين ذهني ۽ روحاني وبائي مرض ۽ وچڙندڙ بيماريون هٿرادو تيار ڪرائي، سڄي دُنِيا ۾ پکيڙي ڇڏيون آهن. هنن پنهنجي ثقافتي هٿيارن جي فيڪٽريءَ ۾ هٿرادو “علم” ۽ “سائنسون” تيار ڪرايون آهن. ويندي هٿرادو سامراج پرست “مذهبي” فرقا ۽ “مذهب” به تيار ڪرائي دنيا ۾ ڦهلائي ڇڏيا اٿن. دنيا جي ڄاتل سڃاتل قديم مذهبن جون به، هنن پنهنجون نيون نڪوريون هٿرادو سامراجي تشريحون ۽ تفسير تيار ڪرائي ڇڏيا آهن.

    نئون عالمي زيارتگاهه!
    وچ مشرق (فلسطين کان وٺي عربن تائين وغيره) دنيا جي ڪئين وڏن مذهبن جو پينگهو سڏيو وڃي ٿو، پر جيترا “مذهبي” فرقا ۽ خود ڪي بلڪل نوان “مذهب” عالمي سامراج گذريل ٿورڙي عرصي ۾ تيار ڪرايا آهن، تن جي مقابلي ۾ وچ مشرق ڄڻ ڪجهه به ڪونه ڪيو آهي. جيترو صدق اوچتو ئي اوچتو آمريڪي ۽ يورپي ارب پتي سرمايه دارن ۽ خاص ڪري سي آءِ اي کاتي جي عملدارن کي دنيا جي سڀني پراڻن ۽ نون مذهبن لاءِ ٿي پيو آهي، سو جيڪڏهن واقعي سچو هجي ها ته جيڪر ڪو سرمايه دار يا سي آءِ اي وارو ڪليسائن، سناگاگن، مندرن ۽ مسجدن کان ٻاهر مشڪل لڀي ها. سڀ رات ڏينهن يا ته انهن عبادتخانن جي اندر عبادت ۾ مشغول نظر اچن ها يا وري منجهانئن هڪڙا انگ ڀڀوت ٿيا، ڪنهن اوچي پهاڙ جي چوٽيءَ تي هڪ ٽنگ تي بيهي تپسيائون ڪندا نظر اچن ها ته ٻيا غارن ۽ چُرن ۾ رياضتون ڪندا لڀن ها. هڪڙا سَر روزا اڌ کارڪ تي کوليندا وتن ها ته ٻيا خانقاهن ۾ چاليها ڪڍندا يا کوهن ۾ اونڌا لٽڪندا نظر اچن ها.
    سڄي دنيا جي پادرين، پنڊتن، يهودي ربيسن، ٻوڌي ڀڪشوئن ۽ دنيا پرست عالم سڳورن ۽ ٻين اهڙي قسم جي ڀلارن بزرگن جون ڳاڻيٽي کان ٻاهر جنسون سال ۾ ڪَئين ڀيرا ولرن جا ولر ۽ قافلن جا قافلا ڪريو، ڪن ولايتن کان ڪهيو اچيو فيض جي چشمن مان سيراب ٿيڻ لاءِ آمريڪا ولايت جي ڪينجهر جي ڪنڌين تي ڪَٺا ٿين.
    هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل،
    نڪا جهل نه پل، سڀڪو پَسي پِرينءَ کي.

    وارو ڪم لڳو پيو آهي. هر ملڪ جي اهڙن ڀلارن جي هڪڙي ٽنگ ڳوٺ آهي ته ٻي هتي. ڪي بزرگ ته پنڌن ۽ رولڙن کان بچڻ لاءِ، مورڳو ٻارين ٻچين لڏي پلاڻي اچي هن نئين ڀلاري ولايت ۾ راڄ ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن. اهڙيءَ ريت اڄ هيءُ ملڪ هڪڙي اهڙي بين المذهبي زيارتگاهه بڻجي وئي آهي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. مڪي ۽ مديني، ڪاشي، روم ۽ بيت المقدس ۾ فقط ڪنهن هڪڙي يا وڌ ۾ وڌ ٻن مذهبن جا زيارتي گڏ ٿين ٿا، پر هت ته دنيا جي سمورن مذهبن جا خاص ڀلارا بزرگ، جن جي مٿان نر پکي پيو هڪلجي ۽ جيڪي هونئن هڪ ٻئي جي مذهب جو نالو ٻُڌي مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا ۽ هڪٻئي جي مذهبن خلاف ڪئين الماڙيون ڪتابن جون ڀريو ويٺا آهن ۽ زباني ڇُرا ۽ ڪات کڻيو هلندا وتن، سي هتي پهچڻ سان شينهن ٻڪريءَ وانگر هڪڙي ئي گهاٽ تي فيض ۽ برڪت جا پاڻي پين ٿا. مجال آهي جو ڪو ڪنهن کي الف مان ب به کڻي چئي! اهڙيءَ ريت سامراجي آمريڪا اڄ نه رڳو بين الاقوامي پر بين المذهبي زيارتگاهه (Holiest of Holy Places) بڻجي چڪو آهي.
    هي جو روز اخبارن ۾ پڙهندا اچون ته اڄ فلاڻي هنڌ مذهبي دنگا فساد ۽ ڪُوس ٿيا، هيترا ڦٽيا، هيترا مئا، اڄ فلاڻي سامراج دشمن حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو، اڄ فلاڻي ليڊر جو ڪم لهي ويو، سو رڳو ايئن پاڻمرادو ته ڪونه ٿو ٿئي! ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ انهن ڀلارن بزرگن جون ڪجهه دعائون، ڪجهه ڪرامتون ۽ ڪجهه هٿ جون صفايون به شامل هونديون آهن.

    ثقافتي هٿيار
    جنگ ۾ هر قسم جا هٿيار کپن، جن ماڻهن تي اهڙن ڀلارن بزرگن جو ڦيڻو ڇٽو به نٿو هلي سگهي، تن لاءِ وري ٻيون قسمين قسمين نشي آور پُڙيون آهن، جن جو ڪم به آهي، ماڻهن کي عقل ۽ هوش مان ڪڍي ڇڏڻ، عقل ۽ هوش ويو ته باقي ڇا رهيو؟ لک فوجن جي سورهي سپهه سالار کي ننڊ جي گولِي ڏيئي پوءِ ڀل ٽئي ڪپڙا به لاهي وٺوس! ڪنهن ارسطو، بو علي سينا ۽ اينسٽائن جهڙي کي آفيم جي پنڪيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. سڀ وڄائون وسري ويندس! ٻِڪي جو کوڙو به ڪونه ٻُڌائي سگهندو!
    جاسوسي، جنس پرست، جادوئي، ڪرامتي ۽ وحشي مارا ماريءَ وارو سامراجي ادب ۽ فن ماڻهن جي ذهنن ۽ دماغن کي مُڏو ۽ موڳو ڪري، سندن قدرتي طرح صحتمند احساسن ۽ جذبن کي بادفرنگ ۽ ڪوڙهه لڳائي، ماڻهوءَ کي روحاني طرح پنڪي خور، موالي ۽ هپي ڪريو يا ٻنهي پڙن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي يا بي حس ۽ بي رحم، جهنگ جو ڇتو مِرون بنايو ڇڏي.

    “ادبي” ڊائجيسٽون
    پنڪيون ڏيندڙ، ڪوڙهئي ۽ بادفرنگي ادب کي وبا وانگر سڄي جهان ۾ ڦهلائڻ ۾ “ادبي” ڊائجيسٽون سڀ کان اثرائتو وسيلو ثابت ٿيون آهن. انهن ۾ ٻن چئن عوام جي ڀلي جي سُٺين لکيتن جي آڙ ۾، کنڊ چڙهيل زهريلو مال هلايو ويندو آهي. دنيا ۾ انگريزي ريڊرز ڊائجيسٽ کان وڌيڪ مشهور ۽ مقبول ڊائجيسٽ ٻي ڪانهي. ان ۾ ڪن تمام سُٺن ڪارائتن ۽ خوبصورت مضمونن جي آڙ ۾ نهايت بي حيائيءَ ۽ بي شرميءَ سان سامراج پاران زهريلي ۽ ڇتي عوام دشمن پروپئگنڊا ڪئي ويندي آهي. عوام جي قاتل دشمنن ۽ غدارن کي سندن مُحسن ۽ هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي ۽ حقيقي مُحسنن ۽ هيرن کي بدمعاش، مُجرم ۽ پاڳل ڪري پيش ڪيو ويندو آهي. هر ٽئين چوٿين پرچي ۾ سامراجي موت جي واپارين يعني عام تباهيءَ جا هٿيار تيار ڪري، هٿرادو جنگيون جهيڙا ڪرائي، ملڪن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، پنهنجي هٿيارن جو وڪرو وڌائي، ارب پدم ڊالر پيدا ڪندڙ ڪارخانيدارن ۽ واپارين پاران هڪڙو اهڙو مضمون ضرور شايع ٿيندو ته، “جنگ سِرَ تي بيٺي آهي، پاڻ وٽ هٿيار ذات ڪونهي. بجيٽ سڄي فضول ڪمن تي يعني تعليم، صحت، سماجي بهبود تي خرچ ٿي ويئي ۽ بُکيا کائي ويا! ملڪ خطري ۾ آهي. مغربي تهذيب آخري پساهن تي آهي! ٻيا فضول خرچ هڪدم بند ڪري جنگ لاءِ تيار ٿي وٺو! فوج وڌايو، هٿيارن جا زبردست نوان آرڊر ڏيو!”

    في سبيل الله شاهدي
    هر ملڪ ۾ سامراج جا “مشهور معروف” اديب، صحافي، دانشور ۽ محقق وغيره ڌاريل آهن ۽ ڪئين “مشهور معروف” رسالا ۽ ڊائجيسٽون ڪڍايل آهن. پنهنجي ڪوڙي پروپئگنڊا کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ “چانڊيا چور شنباڻي شاهد” واري ڳالهه وانگر سامراج جا هندستان ۾ ڌاريل پالتو، “مشهور معروف” اديب، صحافي، رسالا ۽ ڊائجيسٽون وغيره، مصر جي “مشهور معروف” سامراجي ڇاڙتن، اديبن، رسالن ۽ ڊائجيسٽن جي شاهدي واريندا ۽ سندن حوالا ڏيندا. اهي وري پاڪستان وارن جي واريندا ۽ اهي جرمنيءَ وارن جي واريندا. دُنِيا ۾ ڏيڍ سئو کان مٿي ملڪ آهن، انهن مان ڪنهن به ملڪ جا سامراجي، پالتو “اديب، دانشور ۽ عالم” ڪنهن به ٻئي ملڪ جي پالتوئن جي شاهدي وجهن ۽ حوالا ڏين ته وس وارا آهن. شاهدي اها ملندي جيڪا موت جي واپارين، سندن سي آءِ اي جي ڳالهه کي سچو ڪندي، تِر جو به فرق ڪونه پوندو.

    جاسوسي ڪهاڻيون
    ڪارنل وولرچ ۽ ٻئي اهڙي هڪ اڌ جاسوسي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين کي ڇڏي باقي ٻيو سمورو سرمايه دار جاسوسي ادب ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مان ڀروسو ڪڍيو ڇڏي. دنيا جي عوام جون وڏي ۾ وڏيون ضرورتون آهن، هڪٻئي سان همدردي ۽ پيار، هڪٻئي تي ڀروسو، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ تنظيم. جي جاسوسي ڪهاڻين واري ڳالهه سچي آهي ۽ اڪثر ماڻهو واقعي ايتري قدر نيچ، پئسي جا پُٽ آهن جو ٻٽن هوارن لاءِ سڳي ماءُ جو ڪنڌ لاهيندي دير نه ڪندا ته پوءِ عام ماڻهن جي پاڻ ۾ گڏجڻ، هڪٻئي جو حال ڀائي ۽ همدرد ٿيڻ، ٻڌي ڪرڻ ۽ تنظيم ٺاهڻ، سڄي عمر پنهنجي قول تي پورو ۽ وفادار رهڻ ۽ گڏجي سِرَ جون سَٽون ڏيڻ جو سوال ئي ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي؟ سامراج کي کپي ئي اها ڳالهه ته عوام تي اهو عام اثر هجي ته، “پاڻ ۾ ٻڌيون وري ڇاجون!؟ سڀ ماڻهو بي ايمان، دوکيباز، چور، ڌاڙيل ۽ رهزن آهن. آءٌ ڇو پوئتي رهان؟” هي ڪهاڻيون اهو به اثر ٿيون ويهارين ته، “غريب ماڻهو وري ڇا جا مظلوم ۽ اشراف آهن؟ اشراف ۽ مظلوم ته ويچارا ڪروڙپتي، ارب پتي سيٺيون ۽ سيٺياڻيون آهن، جيڪي پگهر جي پورهئي مان محل ماڙيون اَڏائين ٿا ۽ هيرا جواهر خريد ڪري رکن ٿا، جن کي غريب ماڻهو هر وقت تاڙيندا ۽ چورائيندا رهن ٿا.” اهو به سبق ٿو ملي ته حاڪم طبقن جي ڇاڙتي پوليس ۽ سندن عدالتي نظام اجايا، رحمدل ۽ نرم دل آهن. انهن هڻي بُکين بدمعاشن جو دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين ڏاڍي مشڪل سان ڪا ٿوري گهڻي سيکت مس ٿي ملي. هجي ڪو ملڪ ۾ مڙس ماڻهو جو ڏُکين سيٺين ۽ سيٺياڻين کي حرام خور ۽ مجرم غريب ماڻهن کان بچائي دعا کَٽي!
    ڪي سمجهُو ماڻهو به سوچيندا هوندا ته آمريڪا ۽ يورپ سامراجي ملڪ آهن، اُتي برابر اڪثر ماڻهو اهڙا ئي بدمعاش هوندا، پر اُتي رڳو سامراجي سيٺيون نه پر عوام به رهي ٿو، مظلوم به رهن ٿا، سُٺا ۽ اشراف ماڻهو به رهن ٿا، اُتي جي عام ماڻهن ۾، پنهنجين خاص حالتن مطابق، خامين سان گڏ خوبيون به آهن، اُتي به ظالمن سان گڏ مقابلو ڪري هڪ نئون جهان اَڏڻ وارا ماڻهو موجود آهن، سرمايه دار سامراجي جاسوسي ڪهاڻيون، جيڪو آمريڪي ۽ يورپي عوام جو نقشو چِٽين ٿيون، سو مجموعي طور سراسر ڪوڙو، گمراهه ڪندڙ ۽ بي ايمانيءَ وارو آهي.

    جادو! اسرار! ڪرامتون
    پنهنجن حالتن کي بدلائڻ بابت سوچيندو ۽ ان لاءِ جاکوڙ ۽ ويڙهه ڪندو اهو، جنهن جا پير پَٽ تي هجن ۽ دماغ جاءِ تي هجي. جادو ۽ اسرار جون ڪهاڻيون ماڻهوءَ جا پير ڌرتيءَ تان کڻيو ڇڏين ۽ دماغ کي بولاٽيون کارايو ڇڏين. هو سڄو ڏينهن پيو سوچيندو ته “ڇا جا پڙهڻ، ڇا جا پورهيا، ڇا جا ڪشالا، ڇا جا گهر گهاٽ!؟ قسمت ياوري ڪري ته بس رڳو ڪو پراڻو ڏيئو يا لالٽين اهڙو هٿ چڙهي وڃي، جنهن ۾ ڪو جِن ويٺل هجي! پوءِ ته پئون ٻارهن! سڀ سَڻايون! نه ته وري گس هلندي ڪا اهڙي مومل ملي وڃي جا ڏسندي ئي رڙ ڪري چهٽي وڃي! چي “توکي ته مون الائي ڪيترن جنمن کان الائي ڪهڙين ڪهڙين دُنيائن ۾ پئي ڳوليو! تون هتي ويٺو آهين!” هڪدم ٻَک وِجهي کڻي وڃي ڪنهن ٻئي زماني ۽ ٻيءَ دُنِيا ۾ رسائي. پوءِ ته مزا ئي مزا!”

    مارا ماريءَ وارو “ادب”
    مارا ماريءَ وارو ادب عوام کي بي رحمي، سفاڪي ۽ وحشانيت سيکاري ٿو ۽ کيس اهڙو وحشي درندو بنائڻ گهري ٿو جو منجهائنس پنهنجي پرائي جي ساڃاهه ئي نڪري وڃي ۽ جيڪو سامهون اچيس تنهن جي نڙي وڍي رکي. اهڙي انساني “مال” مان سامراج کي عوام خلاف ڪارائتا ڪِرائي جا قاتل، جاسوس ۽ ايجنٽ ملن ٿا، جيڪي چند ڏوڪڙن عيوض پنهنجي وطن جي عوام خلاف توڙي دُنِيا جي عوام خلاف ڪهڙو به غداريءَ، درندگيءَ ۽ شيطانيءَ وارو جرم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.

    ڪرامتي “ادب”
    ڪرامتي ادب ۽ جادوئي اسراري ادب جو ڀاءُ آهي. پِير جي هڪڙي شُوڪاري يا تعويذ سان ئي لُڏڻ ڪنوار ملي وڃي ۽ سڀ ڏکيائيون آسان ٿي وڃن ته ماڻهو ٻيا جوڳ ڇو پچائي؟
    ڪرامت باز ليکڪ ڪرامتن بيان ڪرڻ ۾ اهڙيون اهڙيون بائونڊريون ۽ ڇَڪا ٿا هڻن جو عمران خان ۽ دنيش لِلي پارا پنهنجي گهر ويهن! ڪي نه ڪي ماڻهو ضرور انهيءَ سوچ ۾ به پئجي سگهن ٿا ته، “جي اهو حساب آهي ته دُنِيا جون حڪومتون ڏاڍيون ڪي ڀورڙيون آهن جو ايڏا ڪروڙ ۽ ارب خرچي هيڏا سارا هٿيار ۽ فوجون گڏ پيون ڪن ۽ ملڪ جي اقتصادي حالت کي ٽيڪ ڏيارڻ لاءِ هيڏا سارا پاپرا پيون پٽين! دُنِيا ۾ هرو ڀرو اهڙي صفا سُڃ به ڪانه هوندي! هيءُ جو هيڏو سارو جهان پيو هلي، سو به ڪِن جي ڪري ته هلندو هوندو! انهن خاسارن جي بدران ڇو نه ٿيون ڪنهن ڪاني ڪرامت واري کي ڪٿان ڳولي هٿ ڪن، جيڪو هڪڙي ئي شُوڪاري سان دشمن جا راڪيٽ ۽ بم ڀسم ڪري ڇڏي ۽ ٻن چئن تعويذن سان، ڏڪار دور ڪري، فصل ڀلا ڪري، پيداوار وڌائي ۽ غيرملڪي واپار ۾ کوٽ پوري ڪري ملڪ جو ٻيڙو تاري ڇڏي.”

    “تاريخي” ڪهاڻيون
    ادب جي روپ ۾ سامراجي پروپئگنڊا جي زهر جو ٻيو قسم آهي تاريخي ڪهاڻيون.
    هر نئون ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقو يا ٽولو پهريائين عوام جي مدد سان اڳئين حاڪم طبقي سان مقابلو ڪري ان جو تختو اُٿلائي ٿو. ڪم نڪرڻ کانپوءِ عوام سان ڪيل واعدن کي پاڻي ڏيڻ بدران اهو پنهنجي دشمنن يعني اڳوڻن حاڪم طبقن ۽ ٽولن سان سمجهوتو ڪري، انهن کي پنهنجو ڇوٽو ڀائيوار بڻائي، انهن سان گڏجي پنهنجي مددگار عوام کي ڪُچلي ٿو. دُنِيا جي هر ملڪ جي جاگيردارن پهريائين عوام سان گڏجي غلام دارن جو تختو اونڌو ڪيو. پوءِ هنن عوام سان دوکو ڪري، شڪست کاڌل غلام دارن سان ٺاهه ڪري، ساڻن سازباز ڪري، پنهنجي مددگار اُسرندڙ عوام کي ڪُچلي ڇڏيائون.

    تاريخي مها زٽ
    18هين ۽ 19هين صديءَ ۾ جڏهن سرمايه داري اڃا اُسري رهي هئي ۽ نئون جوڀن هوس، تڏهن ان، مُردار جاگيرداريءَ جي لعنتي نظام تي، هر ميدان ۾ زبردست ۽ قاتلانه حملا ڪيا ۽ ان جي بُنيادن ۾ زلزلا وجهي ڇڏيا، پر هاڻ هن صديءَ ۾ جڏهن سرمايه داري پاڻ آدمخور پوڙهي ٻانڀ ٿي وئي آهي، تڏهن “چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهن تي ڳولهي لهي” واريءَ ڳالهه وانگر هن جاگيرداريءَ جي مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل ڏائڻ کي پنهنجو ننڍو ڀائيوار بنايو آهي ۽ اُن کي رت جون بوتلون چاڙهي، منجهس ڪجهه نئون ساهه وجهي، کيس نئين سر عوام جي خلاف استعمال ڪرڻ لڳي آهي. سامراج جي سرپرستيءَ ۽ مدد سان، هر ملڪ جا جاگيردار پرست، عوام دشمن، جاگيردار ثقافت جي بدبودار لاشن کي قبرن مان کوٽي، ڪڍي، کين ٽيڪون ڏيئي، ويهاري، سندن ڳڻ ڳائي ۽ کين جيئرو پِير ڪري پُوڄارائي رهيا آهن. جاگيردار طبقي جا ڪئين نئين دؤر جا ادبي ڀَٽ ۽ مڱڻهار دهل ڳچين ۾ وجهيو، رسالن، ڪتابن، ريڊين، ٽي وين ۽ فلمن ۾ سرمائيداري نظام کان سوين دفعا بدتر بُڇڙي ۽ بيهودي جاگيرداري نظام، جاگيردار طبقي ۽ اميرن، اُمرائن، بادشاهن ۽ ٻئي جاگيردار طبقي جي فردن جا هٿرادو ۽ ڪوڙا ڪارناما بيان ڪريو، کين ڌرتيءَ جا سوڍا پُٽ ڪريو پيا ڳائين، وڄائين. انهن هٿرادو ۽ ڪوڙن قِصن کي “تاريخي” ڪهاڻيون ۽ “تاريخي” ناول ڪري سڏيو ويندو آهي.

    ڌرتيءَ جي هڪڙي ڪوڙيءَ کان ڪوڙي لکت
    هن ڌرتيءَ جي اڪثر بُنيادِي کان بنيادي ڳالهين بابت جيڪي ڪوڙين کان ڪوڙيون لکيتون موجود آهن، تن ۾ هڪڙي ڪوڙين کان ڪوڙي لکيت اها آهي، جنهن کي اسين “تاريخ” سڏيون ٿا. هن ۾ ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪري ڏيکاريو ويو آهي. ظالم کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم ڪري سڏيو ويو آهي. ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سخي ۽ ڏاتار ڪوٺيو ويو آهي. الله جي مخلوق لاءِ قيامتون برپا ڪندڙ وحشي درندن کي سلطان، عادل ۽ الله جو پاڇو سڏيو ويو آهي ۽ پنهنجون جانيون، مال ۽ لڄون بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي گَسَ تان ٿِڙيل، نافرمان ۽ باغي سڏيو ويو آهي. جاهل ۽ بيهودن غنڊن کي روشن ضمير ۽ دانائيءَ جو سمنڊ ڪوٺيو ويو آهي ۽ دانائن کي ڪَل ٿِڙيل ۽ پاڳل سڏيو ويو آهي. هڪڙو ڪمينو ۽ لوفر بدمعاش ٻيا پاڻ جهڙا بدمعاش، ڪمينا ۽ لوفر ساڻ وٺي، ڪنهن جون ٻڪريون ۽ رڍون ڦُري ٿو، ڪنهن جي کري کي باهه ٿو ڏئي، ڪنهن جي ڌيءَ ۽ زال کڻي ٿو يا ڪنهن کي ماري وجهي ٿو ته سماج ان کي چور، ڦورُو ۽ ڌاڙيل سڏي ٿو ۽ ان کي سوريءَ تي چاڙهڻ کي مناسب سزا ٺهرائي ٿو، پر جي ٻيو رولاڪ لوفر ۽ بدمعاش رهزن پاڻ سان پنجاهه هزار يا لک ٻيا پاڻ جهڙا رولاڪ لوفر ۽ بدمعاش رهزن وٺي، مسڪين ماڻهن جون لک رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ، گهوڙا ڦُري ٿو، ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ شهرن جا شهر ۽ ملڪن جا ملڪ ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿو. هزارين لکين ماڻهو بيگناهه قتل ڪري ڇڏي ٿو، ماڻهن جون هزارين لکين نياڻيون ۽ لڄون ڀَڄائي کڻي وڃي، انهن جي پاڻ به لڄالٽ ڪري ٿو ۽ ٻين لوفرن ۽ بدمعاشن هٿان به سندن لڄالُٽ ڪرائي ٿو ۽ ان کان پوءِ انهن کي ڍورن وانگر بازارين ۾ تين وال ڪري ٿو، ته جعلي تاريخ ان کي مهاڀلي، مهاراج، اڌيراج، امير، غازي، سلطان، بادشاهه، شهنشاهه، ظِلِ الله، قيصر قسريٰ، محافظِ دين و الملت Defender of the faith جي لقبن جا هار پهرائي، آفرينون ڏئي ٿي ۽ سندس انهيءَ انسانيت سوز ڏوهن کي “فتح” ۽ “ڪشور ڪشائيءَ” جو لقب ڏيئي، انهن ڀيانڪ بين الاقوامي ڏوهن کي قابلِ فخر ڪارناما ٺهرائي ٿي.
    ان ڳالهه جو بُنيادي سبب اهو آهي جو دنيا جي تاريخ ذري گهٽ سڄي جي سڄي يا ته حاڪم طبقن جي ٽُڪرِيلُ ڇاڙتن طرفان لکي وئي آهي يا انهن طرفان لکي وئي آهي، جيڪي حاڪم طبقي منجهان يا ان جي رحم ڪرم تي هئا ۽ ڪيڏو به چاهين ها ۽ سماج ۽ تاريخ بابت پوري ڄاڻ ۽ سمجهه به رکن ها (جيڪا ڳالهه گذريل دؤرن ۾ سماجي سائنس جي موجود نه هئڻ جي ڪري ناممڪن هئي) ته به انساني سماج ۽ تاريخ جون بُنيادِي حقيقتون بُنيادِي طرح سچي نموني لکي نٿي سگهيا.

    سنڌي تاريخ جا ماخذ
    پري وڃڻ جي ضرورت ڪانهي، رڳو سنڌي تاريخ جي بنيادي ماخذن جهڙوڪ چچ نامي، تاريخ معصومي، تاريخ طاهري، ترخان نامي، مظهر شاهجهاني، نوائي مُعارڪ وغيره جي لکندڙن کي وٺو، جن مان پهرئين کان سواءِ ٻيا سڀ سنڌ جا رهندڙ “سنڌي” هئا. سندن لکيل “تاريخن” کي پڙهي فيصلو ڪريو ته جنهن ملڪ جي تاريخ پيئي لکيائون، تنهن جي ماڻهن جا سڄڻ هئا يا انهن کي ڦُريندڙ ماريندڙ سامراجين جا ٻولڙيا ۽ ڍنڍورچي؟

    ڳُجهي تاريخ
    دُنِيا جي عوام جي باشعور نقطي نگاهه کان اڃا دُنِيا جي مُفصل ۽ مُستند تاريخ ڪانه لکي وئي آهي. پاڻ کي دُنِيا جي اڳوڻي تاريخ ۾ شايد فقط هڪڙو اهڙو ڪتاب ملندو، جنهن جي لکندڙ پنهنجي دؤر جي جابر حڪمرانن بابت، پنهنجي ذاتي ڄاڻ ۽ طبقاتي سوچ ۽ سمجهه آهر، ڪنهن به “يعني”، “مگر”، “چونڪه”، “چنانچه” کان سواءِ، سندن اهڙو ڪچو چٺو کولي کڻي سڄيءَ دُنِيا کان اڳيان رکيو آهي، جنهن جو مثال روءِ زمين تي اڄ تائين مشڪل ملي. اهو ماڻهو پنهنجو داستان ڪجهه هن قسم جي لفظن ۾ شروع ٿو ڪري: “مون اڳ فلاڻا فلاڻا تاريخي ڪتاب لکيا آهن، انهن ۾ شهنشاهه ۽ ملڪه عالم جي حڪومت ۽ سندن ذاتي خوبين جو مفصل ذڪر ڪيو اٿم. انهن تاريخن جو لفظ لفظ ڪوڙ آهي. اهي تعريفون بي ايمانيءَ واريون آهن، منهنجو ضمير مون تي ملامت ٿو ڪري. هاڻي ڀڄي اچي هتي هڪڙي تهه خاني ۾ لڪي، هيءُ تاريخ لکان ٿو، جنهن ۾ لفظ لفظ سچ لکندس. هي سٽون به ويٺو لکان ۽ ڏڪان به پيو ته متان پوليس ڇاپو نه اچي هڻي...”
    ان تاريخ جو انگريزي ترجمو ڇپيل آهي، ان جو نالو آهي ڳُجهي تاريخ (Secret History)، ان جو لکندڙ هڪ يوناني مورخ آهي، جنهن جو نالو آهي پروڪوپيس Procopious. هن اها تاريخ 14 صديون اڳ قسطنطنيه جي هاڪاري رومي شهنشاهه جسٽينين جنهن کي عيسائي ذري گهٽ وليءَ جو درجو ڏيندا هئا، تنهن ۽ سندس ملڪه ٿيوڊورا Theodora جي عقل چرخ ڪندڙ شيطاني ڪارنامن جي باري ۾ لکي آهي. پنجاب ۾ چوندا آهن ته، “جنهن لاهور نه ڏٺو، سو ڄڻ ته ڄائو ئي ڪونه.” سو ان ڳالهه وانگر جنهن پروڪوپيس جي ڳُجهي تاريخ نه پڙهي، تنهن به چئبو يا عمر بنان ملاوت واري، حال سارو اصلي، تاريخي چيز جو چُشڪو نه ورتو.
    جيڪڏهن سموري تاريخ “ڳُجهي تاريخ” وانگر لکيل هجي ها ته پوءِ جيڪر خلفاءِ راشدين، خليفي عمر بن عبدالعزيز ۽ ٻين اهڙن ڳاڻ ڳڻين، اڻلڀ ۽ بي مثال حاڪمن کي ڇڏي، باقي دُنِيا جي ٻين اهڙن ڦورن ۽ ظالم حاڪم طبقن جي فردن يعني جاگيردارن، اميرن، نوابن، سلطانن، راجائن، مهاراجائن، قيصرن، ڪسرائن ۽ ڏنڊي جي زور تي ٺهيل هٿرادن اميرالمومنين ۽ خليفن جا سياهه ڪارناما پڙهي ماڻهن جو رَتُ ٽهڪي پوي ها.* هنن ماڻهن پنهنجين حياتين ۾، خدا ۽ انسانيت جي مهذب قانونن جي خلاف، جيڪي خدا جي مخلوق سان ويل وهايا آهن ۽ انهن خلاف سنگين ۽ ڪڏهن به معاف نه ڪرڻ جهڙا جرم ڪيا آهن، سي سڀ رڪارڊ ڪيا ويا هجن ها ۽ انهن جي کين عام ماڻهن وانگر پوري پوري سزا ڏجي ها ته ڏيئي ئي نه سگهجي ها! جيڪر سزا طور سندن جيئري کَلون لاهي، سندن بدن وڍي، ٽُڪر ٽُڪر ڪري، تيل جي ڪڙاهين ۾ ڪاڙهي ۽ پوءِ سندن ٽُڪر سِبي، کين سُورين تي چاڙهيو وڃي ها ۽ گذريل سموريون صديون هو ايئن ٽنگيا پيا هجن ها ۽ هجن به جيئرا ها، ته به جيڪر سندن ڀيانڪ شيطاني ڪرتُوتن جي سزا ملي پوري ڪانه ٿئي ها.
    ڪڏهن نه ڪڏهن اهو ڏينهن ضرور اچڻو آهي، جڏهن عوام جي ازلي ۽ ابدي دشمنن يعني شيطان صفت آدم خورن کي هٿرادي نموني عوام جو گهڻ گهُرو، محسن، محبوب هيرو ۽ معصوم فرشتو بڻائي کين عوام تي ذهني طرح مڙهڻ وارن ضمير فروش ۽ بي حيا جعلي تاريخ نويسن جي ڪوڙيءَ شهرت جي لاش کي دنيا جو سجاڳ عوام قبرن مان ڪڍي ڪُتن جي حوالي ڪندو.

    بغداد ۾ ڌاڙي هڻڻ جو سرڪاري ٺيڪو!
    نام نهاد تاريخي ڪهاڻين ۽ تاريخي ناولن ۾ ٻيون سڀ ڳالهيون آهن، سواءِ انهن ٻه ٽڪا اصلي ڳالهين جي، جيڪي اُن دؤر جي تاريخن ۾ قسمت سانگي لکجي ويون آهن. ڪابه ڊائجيسٽ اسان کي اها تاريخي حقيقت ڪانه ٻُڌائيندي ته عباسي خلافت جي پهرئين دؤر ۾ بغداد جي قاضيءَ جي عهدي کي باقاعدي نيلام ڪيو ويو ۽ قاضيءَ کان لکائي ورتو ويو ته رشوت مان هيترا پئسا سرڪاري خزاني ۾ پياريندين! نڪو ان ڳالهه جو ذڪر ايندو ته ڪنهن وقت بغداد کي لُٽڻ لاءِ به باقاعدي سرڪاري طرح احمدي ڌاڙيل کي ٺيڪو ڏنو ويو، جنهن جا ماڻهو ٺيڪي کڻڻ کان پوءِ باقاعدي ڏينهن ڏٺي، شمعدان ٻاري، گهرن مان مال لُٽيندا هئا (پڙهو: تاريخ طبري ۽ تاريخ خلافت از علامه جلال الدين سيوطي وغيره وغيره). حوالو رڳو حاڪمن جي “نوازشن”، “حلم”، هڪڙي ڏينهن قاضيءَ اڳيان تابعدار ٿي بيهڻ، ٽوپيون سبي وڪڻڻ ۽ ان مان گذر ڪرڻ، ڪنهن پوڙهيءَ کي انعام ڏيڻ جو ايندو هو! انهن ٻٽن نمائشي ڊرامن جي پويان جيڪا خدا جي مخلوق مٿان صدين جون صديون قيامت برپا رهندي آئي آهي، تنهن جو نالو نشان گم ڪيو ويندو رهيو آهي.


    باب ٻيو : خاص ادبي پُڙي!

    دُنگي وچ درياهه، ڪي ٻُڏي ڪي اُپڙي،
    هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
    معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
    ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
    جتي ڍينگ ڍريا، اتي تاري تنهنجي!

    (لطيف)

    جادوئي، ڪرامتي، جاسوسي، نام نهاد تاريخي وغيره ادب کي هونئن ته سڀ پڙهن ٿا، پر اهو خاص ڪري گهٽ پڙهيل ماڻهن ۾ وڌيڪ مقبول هوندو آهي. ڳچ پڙهيل اديب ۽ دانشور قسم جا ماڻهو جيڪي خود پنهنجي سر عوام جي راءِ تي گهڻو اثر وجهي سگهن ٿا، تن جي ذهنن کي مائوف ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٻي خاص زهريلي ادبي جنس تيار ڪري، ڳچ عرصي کان دنيا ۾ هلائي پئي وڃي. اها هڪ وچڙندڙ وبا وانگر ڏسندي ڏسندي دُنِيا جي ملڪن کي وڪوڙي وئي آهي. خاص ڪري ٽينءَ دُنِيا جي اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ ان موذي مرض هاڃا ڪري ڇڏيا آهن. ان ادب جو زهريلو پيغام اهو آهي ته، “ماڻهو نه ڪجهه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ڪري سگهندو. زندگيءَ جو ڪوبه مطلب، ڪوبه مقصد، ڪابه معنيٰ ڪانهي، ان ۾ ڪابه آس اُميد رکڻ اجائي آهي. چوطرف صرف اوندهه هئي، اوندهه آهي ۽ اوندهه رهندي. سماجي قيامت اچي وئي آهي. اڳتي مايوسين ۽ پيڙائن جي دوزخ جي باهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. قسمت جي ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦٿڪڻ اجايو آهي. ڪو ڪنهن جو ڪونهي. هڪٻئي کي ڇڏيو! هڪٻئي کان پري ڀڄو! اڪيلي وجود جي ٻِر ۾ گهڙي وڃو! ڊڄو! ڀڄو! لِڪو! گم ٿيو! روئو، پِٽيو، اوڇنگارون ڏيو، ختم ٿيو! ختم ٿيو!”

    ڇو مئلن کي ٿو مارين!
    اهو ادب اڻ ڄاڻائيءَ، جهالت ۽ گمراهيءَ جي هٿان اڳ ۾ ئي اڌ مُئل عوام کي اڃا به ٻيا نوان ڊپ ڏيئي، وهم وجهي، مت مان ڪڍي، آسن، اُميدن ۽ مقصدن کان خالي ڪري، مورڳو وائڙو ۽ بتال بنائي ٿو ڇڏي. اهو کين پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي سموري زندگيءَ مان ۽ هن سموري جهان مان بيزار ۽ مايوس بنائي، يا ته جيئرو لاش بنائي ٿو ڇڏي يا وري هڪٻئي جا ٻوٽ پٽي کائڻ لاءِ تيار درندا بنائي ڇڏي ٿو.
    اهو ادب ماڻهن ۾ بي مقصد مِيڪ مِيڪ ڪري، ڪنجهڻ، ڪُرڪڻ، روئڻ، پچڪڻ جو مرض وجهيو، منجهن بي اعتمادي، بي همتي ۽ بزدلي پکيڙي ٿو. اهو ماڻهن جو اندر کائي، سندن ذهني صحت ۽ روحاني مڙسي ختم ڪري، کين ذهني طرح پِنگِلو ۽ روحاني طرح خصي ڪريو ڇڏي.
    اهو ثقافتي ڳوڙها آڻيندڙ گيس “Tear Gas” آهي، جيڪو ماڻهن جي اکين ۾ زبردستي ڳوڙها آڻي، کين روئاڙي، بيهوش ڪري، دشمن جو شڪار بڻائي ٿو.
    سامراج جو هيءُ گولو غلام ادب جيڪو سندس هٿ جو باز ۽ عوام جي ثقافتي صفن ۾ سندن ففٿ ڪالم ايجنٽ آهي. تنهن ۾ گهڻو ڪري ڪوبه سُرتال ڪونهي، نه منجهس رس آهي ۽ نه وندر ۽ نه ڪنهن به قسم جو حقيقي فن. هن جا علمبردار علي الاعلان چون ٿا ته هيءُ ادب عوام لاءِ ڪونهي. ان ۾ ماڻهن جي سمجهڻ يا کين سمجهائڻ جهڙيءَ ڪنهن به ڳالهه جو هجڻ ضروري ڪونهي. هو چون ٿا ته اُن مان ماڻهن جي ڪا ڀلائي ٿئي يا بُرائي، تنهن سان اسان جو واسطو ڪونهي. ان ۾ ڪنهن به معنيٰ هجڻ جي به ضرورت به چون ٿا ته ڪانهي. هو ٻوليءَ، ان جي گرامر ۽ ان جي عام استعمال جي مڃيل طريقن کي رد ڪن ٿا. هو چون ٿا ته انسانن جي ٻولي اسان جي احساس، جذبن ۽ خيالن جو اظهار نٿي ڪري سگهي. تنهن ڪري هنن ٿورن اکرن ۽ گهڻين عجب ۽ سوال جي نشانين، ٻُرين، ڊئشن، ليڪن ۽ ڏاڪڻين واري هڪ اُبتي اڌ اکري به ايجاد ڪئي آهي.
    جيئن ته هن ادب جي اظهار جو طريقو سَکڻي کڳي ۽ ڍِڍپِٽ آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ٻيا ادب “ادب براءِ ادب” ۽ “ادب براءِ زندگي” وغيره سڏجن ٿا ته هن کي “يخي براءِ يخي” سڏي سگهجي ٿو. بشرطيڪه يخيءَ جو مطلب رڳو اجائي بي مقصد بَڪ بَڪ نه پر بيهودي ۽ بُڇڙي جهَڳي، ولل ۽ واويلا ورتو وڃي. هن وللي واويلائي ۽ جهَڳي باز ادب کي دُنِيا جي ادبي بازارين ۾ “نئين ادب” يا “جديد ادب” جي ليبل هيٺ هلايو وڃي ٿو.

    نوان بانڪا
    لکنؤ ۾ جڏهن زوال آيو ۽ حاڪم طبقن مان سچ پچ زنده رهڻ ۽ وڙهڻ جي پهچ نڪري وئي، هو سماجي طرح سُڃا ۽ خصي ٿي پيا ۽ ڪنهن به حقيقي سورهيائيءَ واري ڪارنامي جي لائق نه رهيا، تڏهن منجهن بانڪن جو رواج پيو. انهن بانڪن جو مکيه مقصد هو بي مقصد “نواڻ” پيدا ڪرڻ.
    ان “نواڻ” جي پٺيان انهن مان ڪي اڌ مٿي کي پاڪي هڻايو ۽ اڌ مٿي تي ڪلهن تائين ڊگها وار رکايو گهمندا هئا. ڪي مُڇ جو هڪڙو پاسو چَٽ ۽ ٻيو سڄو سارو رکيو پيا هلندا هئا. ڪي فقط ململيون پايو، تهه سيارن ۾، شهر گهمندا هئا ۽ اونهاري ۾ اُن جا گڊلا پايو، نٽهڻ اُس ۾ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ نڪرندا هئا، ڪي ته ڪاوڙ ۾ اچي، ٻين کي سيڪ ڏيڻ لاءِ، پاڪيءَ جي هڪڙيءَ رهڙ سان، خود پنهنجا نڪ چپ وڍي ڏيکاريندا هئا. مطلب ته پنهنجي ذاتي ۽ سماجي ڏيوالي کي لڪائڻ لاءِ، ڪئين رنگ ڪندا هئا. اڄ ڪلهه جڏهن، تاريخي حساب سان، سامراج ۽ سرمايه داريءَ جا پويان ڏينهن آهن، تڏهن به مٿئين طبقي جا يورپي ۽ آمريڪي جوان ۽ جوانڙيون، گهر گهاٽ ۽ ڪم ڌنڌا ڇڏيو، ڪنڌن ۾ هار وجهيو، انگ ڀڀوت ڪريو، چرس جا سُوٽا هڻيو، ملنگ ٿيو، سڄيءَ دنيا ۾ هلندا وتن. هن ادب کي به بانڪو يا هِپي ادب سڏي سگهجي ٿو. فرق هيءُ آهي ته بانڪا ۽ هِپي بنيادي طرح رڳو خود سندن واسطي نقصانڪار آهن، پر هيءُ ادب عوام لاءِ قاتل زهر آهي.

    ڪُوڙن جا قسم
    ڪُوڙن جا ڪيترائي قسم آهن. هڪڙن ڪُوڙن جا پَير هوندا ئي ڪونه آهن. انهن کي ننڍڙو ٻار به ٿڏي تي پڪڙي سگهندو. ٻيا ڪُوڙا اهڙا هوندا آهن، جن جون پاڙون ذري گهٽ ڄڻ ته پاتال ۾ هونديون آهن. اهي ڳوهه وانگر اڳواٽ ڪيتريون اونهيون ڏريون کوٽيو ويٺا هوندا آهن. کين ڊوڙائي ڊوڙائي جهلبو، ته ڪنهن هڪڙيءَ ڏر ۾ گهڙي ويندا. اها ڏر کوٽي، ڀانئبو ته پڪڙيا ته اوچتو لُوهه ڪري، ٻيءَ ڪنهن ڏر ۾ گهڙي ويندا! ٻيءَ مان ٽينءَ ۾، ٽينءَ مان چوٿينءَ ۾، چوٿينءَ مان وري پهرينءَ ۾...
    هن “نئين” ادب جا علمبردار به هزارين ڪُوڙا آهن. ههڙن شرطي ڪُوڙن کي پڪڙڻ لاءِ به ڪافي ذهني ڊُڪ ڊوڙ ۽ علمي کوٽائي نه ڪبي ۽ کين سڀني ٻِرن مان ٿَڪائي ٻاهر نه ڪڍبو ته اهي وٺ ئي ڪونه ڏيندا. چي “اسين سچا! ڏٺو! ڪو پڪڙياسين؟”
    اچو ته هنن جديد ڪُوڙن جي لِڪڻ جون سموريون ڏريون کوٽي ڏسون.
    “نئين” ادب جي پرچارڪ هن “نئين” ادب جي انوکيءَ ۽ اچرج جهڙيءَ “نواڻ” جي حمايت ۾ طرحين طرحين جا دليل ۽ حُجتون پيش ڪن ٿا. هو چون ٿا ته هيٺين ۽ ٻين سببن جي ڪري “پراڻو” ادب موجوده دؤر جي ترجماني ڪرڻ جي لائق نه رهيو آهي ۽ فقط “نئون” ادب ئي اهو فرض انجام ڏيئي سگهي ٿو:

    (1) هيءُ نئون ۽ نرالو دؤر آهي. دنيا بلڪل بدلجي ويئي آهي. زندگيءَ جون پراڻيون بنيادي کان بنيادي حقيقتون بدلجي ويون آهن. پراڻا مُقدس کان مُقدس لاڳاپا ۽ اعليٰ کان اعليٰ قدر ڀڄي ڀُري، پُرزا پُرزا ٿي چڪا آهن. رشتا ناتا ٽُٽي چڪا آهن. اڄ جي نئين نسل ۽ پراڻي نسل جي وچ ۾ پيڙهي وڇوٽيءَ جي اٿاهه کاهي آهي. هن دؤر جي پراڻي پوڙهي پيڙهيءَ ۽ نوجوان پيڙهيءَ جي وچ ۾ بنا اعلان جي اهڙي جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٺاهه ۽ سمجهوتي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
    (2) ڳوٺاڻو سماج ٽُٽي رهيو آهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڌڙاڌڙ شهرن ۾ اچي رهيا آهن. اڄوڪو انسان خاص ڪري ٻهراڙين کان شهر ۾ آيل انسان، اڪيلائپ، اڻ سلامتيءَ، بي حسيءَ، وائڙپ، بي مقصدائيءَ، مونجهاري ۽ پِيڙا جو شڪار آهي. سندس شخصيت ڀڄي ڀُري، ڀور ڀور ٿي پئي آهي. سندس اندر کاڌل آهي. سندس ظاهر ۽ باطن ۾ تضاد آهي. هو پاڻ تي هڪڙو هٿرادو خول چاڙهي هلڻ تي مجبور آهي. سندس ٻين ماڻهن سان واسطو بي واسطيداريءَ وارو آهي. هو جيڪي ڏسي ٿو سو ناهي، ان جي اُبتڙ آهي.
    (3) انساني ٻولي انسان جي اندر جو فقط محدود حدن اندر اظهار ڪري سگهي ٿي. ان جي اظهار جي صلاحيت اڃا شروعاتي ڏاڪي کان مٿي نه چڙهي آهي ۽ فقط اٽڪل روءِ پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿي. اها ڪنهن به دؤر ۾ انسان جي اندر جي احساسن، جذبن ۽ سوچن جي مڪمل ترجماني نه ڪري سگهي آهي، ڇو ته اها ڪري ئي نٿي سگهي. ان ڪري نئون ادب نئين انسان جي اندر جي دُنِيا جي اظهار لاءِ پاڻ کي روايتي اڻ پوري ٻوليءَ تائين محدود رکي نٿو سگهي.
    (4) زندگيءَ توڙي ادب ۽ فن جا پراڻا قدر، پراڻا ادب ۽ فني ٽيڪنڪ، پراڻي زماني جي زندگيءَ، فن ۽ ادب لاءِ مناسب ۽ موزون هئا ته هئا، پر اڄ جي نئين دؤر جي نئين انسانن جي نئين شخصيت ۽ ان جي نَون مونجهارن ۽ پيڙائن جي ترجماني ڪري نٿا سگهن.
    (5) فن ۽ ادب جي لاءِ ڪنهن به قسم جي اجتماعي، سماجي يا عوامي مقصد هجڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. ان جو حقيقي ۽ صحيح مقصد فقط فنڪار ۽ اديب جي اندر جي مونجهارن ۽ پيڙائن جو اظهار آهي. زندگيءَ جون جيڪڏهن ڪي اجتماعي حقيقتون، مسئلا، مونجهارا ۽ حل هوندا ته اهي پاڻيهي ڪنهن نه ڪنهن اديب يا فنڪار فرد جي احساسن ۽ سوچن جو روپ وٺي پاڻمرادو پيش ٿي ويندا، ڇو ته اديب ۽ فنڪار به ته ڪي آسمان مان ڪونه ٿا ڪِرن. اهي به هن سماج جو حصو آهن. انهن جي سوچ لازمي طرح پاڻمرادو ماڻهن ۽ سندن سماج جي احساسن، جذبن ۽ سوچن، مسئلن ۽ مونجهارن جو عڪس پيش ڪندي. ان کان الڳ ڪنهن به اجتماعي ۽ سماجي سوچ جو تصور ادب ۾ داخل ڪرڻ، ادب جي بي ادبي ۽ نعري بازي ٿيندي.
    (6) ادب ۽ فن هر ڪنهن جي سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون ڳالهيون ناهن. انهن کي آباديءَ جو فقط اهڙو تهه يا طبقو چڱيءَ طرح سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿو، جنهن جو ان ڏانهن خاص لاڙو هجي ۽ جنهن ان باري ۾ خاص مطالعو ۽ تجربو حاصل ڪيو هجي.
    (7) ان ڪري فن ۽ ادب عام ماڻهن لاءِ نه آهن، نه هئڻ گهرجن ۽ نه وري ٿي سگهن ٿا. اديبن ۽ فنڪارن جو اهو فرض ڪونهي ته ڪو هروڀرو پنهنجو ادب ۽ فن پڙهندڙن جي دماغ ۽ ذهن تائين رسائين، سندن سمجهه ۾ آڻين. سندن ڪم آهي ته جيڪي سندن اندر ۾ آهي، تنهن جو ادبي ۽ فني نموني اظهار ڪري ڇڏين، پريان ڪو سمجهي يا نه سمجهي، تنهن سان هو ٻڌل ڪونهن.
    (8) سچو پچو ادب ۽ فن پنهنجا تنقيد نگار پاڻ آهن، ڪوبه ٻيو ماڻهو، چاهي اهو ڪيڏو به وڏو نقاد ڇو نه هجي، سو سندن اهڙي پرک نٿو ڪري سگهي، جيڪا سندن سمورين ڳالهين بابت هميشه لاءِ صحيح ۽ قائم رهي. درحقيقت ڪنهن به دؤر جي ماڻهن جي اقليت يا اڪثريت پنهنجي دؤر جي ڪنهن به ادبي يا فني تخليق بابت اهو قطعي فيصلو ڪري نٿيون سگهن ته هن دؤر جي فلاڻيءَ تخليق جو رتبو فلاڻو آهي. اهو فيصلو ڪرڻ گهڻن نسلن، دؤرن ۽ صدين جو ڪم آهي ته فلاڻيءَ تخليق جو تاريخي مُلهه ڇا آهي. ان ڪري نئين ادب ۽ فن کي ماڻهن جي ٿورائيءَ يا گهڻائيءَ جي پسند يا ناپسند جو محتاج رکي نٿو سگهجي. انهن کي ڪنهن جي تعريف ۽ گِلا کان بي نياز ٿي، پنهنجو رستو وٺي، اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي.
    (9) نئون ادب خالص ۽ نِجو ادب آهي. اهو زمان ۽ مڪان کان بي نياز هڪڙي آفاقي، ازلي ۽ ابدي شيءِ آهي. شيڪسپيئر، ورجل، هومر، ڪاليداس، ميران ٻائي ۽ لطيف جي عظمت کي ڪنهن خاص زماني يا جاگرافيائي ٽُڪري اندر قيد ڪري نٿو سگهجي. ڪنهن خاص طبقي، قوم يا مذهب تائين محدود ڪري نٿو سگهجي. گُلاب جو گُل هر زماني ۽ هر علائقي ۾ گُلن جو بادشاهه آهي ۽ سندس خوشبوءِ بي مثال رهندي. روشنيءَ ۽ خوشبوءِ وانگر ادب ۽ فن جو به ڪوبه دين، ڌرم، ڪوبه طبقو يا مذهب، ڪوبه رنگ يا نسل ڪونهي. نئون ادب هر گروهي نظريي ۽ طبقاتي مفاد کان پاڪ ۽ بالاتر آهي.
    (10) هيستائين جنس کي ادب ۾ جاگيرداري منافقيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. ان جي مسئلن جو صحيح، ڀرپور ۽ جرئت ڀريو اظهار فقط “نئون” ادب ڪري سگهي ٿو، وغيره وغيره.
    ڪاغذ جا گل ڏسڻ ۾ سُهڻا پر خوشبوءِ کان خالي هوندا آهن. ڪيتريون ڳالهيون به ڪاغذ جي گُلن وانگر هونديون آهن. مٿيون ڳالهيون به ايئن آهن. ڏسڻ ۾ دلفريب پر حقيقت جي خوشبوءِ کان خالي. منجهن حقيقت واجبي ساجبي ۽ وڌاءُ، هڪ طرفائي ۽ کوکلي لفاظي گهڻي آهي. مڃيل حقيقتن ۾ زباني مرچ مصالحا ۽ لفاظيءَ جو گيهه وجهي، منجهائن وات جو پلاءُ تيار ڪيو ويو آهي.
    اچو ته انهن دليلن ۽ دعوائن کي ورائي ڦيرائي ڏسون ته منجهن حقيقت ڪيتري قدر آهي ۽ مرچ مصالحو ڪيترو.

    “نواڻ” جي طوطي ۾ ساهه
    سندن هن کان اڳ بيان ڪيل دعوائن ۽ دليلن جي پهرئين کان وٺي آخري نُقطي جو تَتُ هڪڙي ئي اکر ۾ اچي وڃي ٿو. يعني لفظ “نئين” ۾. مثلاً “نئون دؤر”، “نئون انسان”، “نئين دؤر جا نوان مسئلا”، “نئين دؤر جو نئون ادب” وغيره.
    جيئن قديم قصن ۾ جادوگرن جو ساهه اڪثر ڪري ڪنهن طوطي ۾ هوندو آهي، تيئن هنن غلط ۽ گمراهه ڪندڙ دعوائن ۽ دليلن جو ساهه لفظ “نئين” جي هٿرادي ۽ جُڙتو معنيٰ جي طوطي ۾ سمايل آهي. ان طوطي جي چڱيءَ طرح خبر وٺبي ته هنن جي سموري جادونگريءَ جو مانڊاڻ ڊهي اچي پٽ پوندو.
    لفظ “نئين” جي اوٽ ۾ هنن موجوده دؤر کي هڪڙو ازغيبي برڙباڪاس بڻائي وڌو آهي. هنن اهو ڄڻ ڪنهن راڪاس ٺاهيندڙ فيڪٽريءَ مان خاص آرڊر ڏيئي، پنهنجي پسند جي ماپ ۽ ڊزائن تي، خاص پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ ٺهرائي، هينئر ئي آندو آهي. ان برڙ باڪاس سان نه ڪو فطرت جو قاعدو قانون لاڳو آهي، نه انسان جو. ان جي نه ڪا اڳ آهي نه پُٺ. اهو نه ڪٿان آيو آهي ۽ نه ڪيڏانهن ويندو. بس پنهنجي سر پاڻ آهي. ذري گهٽ “نه ڪنهن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام وياء” وارو لقاءُ آهي! ڄڻ ان جي اچڻ سان سموريون تاريخون ۽ جاگرافيون، سمورا فطري، سماجي، جدلي ۽ منطقي قانون قاعدا، سمورا علم ۽ سائنسون منسوخ ٿي ويا. جيڪي اڳ هو سو سمورو رد. ماضيءَ کي ليڪ، روايت کي ليڪ، ورثي کي ليڪ، فارغ ۽ سماج جي ڳانڍاپي ۽ تسلسل کي ليڪ. زندگيءَ جي صفحي تان ٻيهر هرڪو اکر “نئين” جي رٻڙ سان ميسارجي ويو. هاڻ فقط سفيد اڇو پنو رهيو. اهو آهي نئون دؤر. ان سفيد اڇي پني تي اسان جا جديدي لکڻ وارا جيڪي لکندا سو ئي هلندو. ٻي هر شيءِ رد ۽ باطل. ماڻهن کي اهو لکيو پنهنجي نصيب جو لِکيو سمجهي قبول ڪرڻو آهي. “لِکڻ واري جيڪي لِکيو! لِکيو! هئه ڙي لِکيو!”

    نئون!
    “نئين” جو تصور نهايت من موهيندڙ آهي! اهو هر وقت سورنهن سينگار ڪريو، اسان جي تخيل جي سيج تي ويٺو آهي. اسان جي ذهن جو تصوير-گهر، سوين هزارين نين شين ۽ ڳالهين جي خوبصورت تصويرن سان سينگاريل آهي. نئين جي تصور ۾، بهار جي تازين کِڙيل، ماڪ ڀِنل، مُکڙين جون سرهاڻيون، سانوڻ جي پهرين وسڪارن جا سُر ۽ ساز، کِنوڻين جا تجلا، پهرين پيار ڀريل نگاهن جا جادو، پهرئين پيار جا خُمار، پهرئين انجام جون بي قراريون ۽ پهرئين وِصل جون سرمستيون ۽ سرشاريون، نين ڪنوارين جون لڄاريون، مُرڪون ۽ مائرن جي هنجن ۾ معصوم ٻارن جا ٽهڪڙا سمايل آهن.
    ٻين بي انداز خوبصورت ۽ من موهيندڙ شين ۽ ڳالهين وانگر، هن خوبصورت ۽ من موهيندڙ تصور کي به عوام دشمن پنهنجي مُردار ۽ پليت مطلبن لاءِ ناجائز طرح ڪتب آڻيندا رهيا آهن. جديدي به ايئن ڪن ٿا.
    ان ڪري اچو ته ٿورو پنهنجي دماغ کي تڪليف ڏيئي ويچار ڪريون ته “نئين” جي تصور ۾ درحقيقت ڪيتري قدر حقيقي نواڻ آهي ۽ ڪيتري قدر ڪانهي. خود نواڻ ڪهڙين حالتن ۾ ماڻهن جي فائدي لاءِ آهي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ نه. آخر ۾ اهو به پتو ڪڍندا هلون ته هي جديدي همراهه جو “نئين” جي لفظ لاءِ هيئن “قربان!” “قربان!” پيا ٿين ۽ “نئون! نئون!” ڪريو اصل مريو ٿا پون، تنهن جو اصل راز ڪهڙو آهي.
    سڀ کان پهرين سوال اهو آهي ته ڇا هر نئين شيءِ يا ڳالهه لازمي طرح سُٺي آهي ۽ ان معنيٰ ۾ “نئين” سڏائڻ جي لائق آهي، جنهن معنيٰ ۾ ماڻهو “نئين” تي فدا آهن؟ “نئين” جي اکري معنيٰ آهي، اها ڳالهه يا شيءِ جيڪا اڳ ڪانه هئي ۽ اِجها هاڻ پيدا ٿي يا آئي آهي. ڪيتريون ئي نيون شيون ۽ ڳالهيون تمام خراب ۽ بُڇڙيون به ٿي سگهن ٿيون. مثال طور: نئين برطرفي، نئين بيماري، نئون دوکو، نئون ڪيس، نئون ايڪسيڊنٽ، اهي سڀ لفظي معنيٰ ۾ نوان ئي آهن، پر جنهن معنيٰ ۾ نئين شيءِ سُٺي سمجهبي آهي، ان معنيٰ ۾ نوان يعني خوبصورت ۽ پيارا ناهن، بلڪه ان جي اُبتڙ آهن.
    تنهن کانپوءِ سوال آهي ته ڇا دُنِيا ۾ واقعي ڪي اهڙيون قطعي نيون شيون ٿينديون آهن ڇا، يا ٿي سگهن ٿيون، جي اڳي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به حد تائين موجود نه هجن ۽ بلڪل قطعي طرح هر ڳالهه ۾ نيون نِڪوريون ۽ بنهه هينئر ئي پيدا ٿيل هجن؟ جواب آهي ته ايئن نه ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪڏهن ٿيو آهي. انگريز انهيءَ ڪري چوندا آهن ته، “There is nothing new under the sun”، “هن آسمان هيٺان ڪابه شيءِ نئين ناهي.” سائنس اسان کي ٻُڌائي ٿي ته سڀ شيون مادي مان ٺهيل آهن ۽ مادو ڪڏهن به قطعي طرح ختم نٿو ٿئي. فقط پنهنجي صورت بدلائي ٿو. گرميءَ ۾ سمنڊ جو پاڻي ڦري بخار جي صورت ۾ اچي ٿو. بخار مان ڪَڪَرن جي صورت وٺي ٿو. ڪَڪَرن مان پاڻيءَ جي صورت وٺي زمين تي ڪِري ٿو. زمين تي اهو گاهن ۽ ٻُوٽن ۾ جذب ٿي، ٻوٽن جي نون خلين جي حصن جو روپ وٺي ٿو. اتان اهو جانورن جي پيٽ ۾ داخل ٿي ان جو جزو بڻجي ٿو. ماڻهوءَ جي بدن مان اهو پگهر وغيره بڻجي گرميءَ ۾ بخار جو روپ وٺي، فضا ۾ ٻئي بخار ۾ شامل ٿئي ٿو ۽ نيٺ ڪَڪَر بڻجي مِينهن جو پاڻي بڻجي وسي ٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ سان گڏجي سمنڊ ٿئي ٿو، وري ساڳيو چڪر شروع ٿي وڃي ٿو.
    اها ڳالهه رڳو اڄوڪن نه، پر اڳوڻن سائنسدانن کي به معلوم هئي. اڍائي هزار ورهيه اڳ يوناني سائنسدان ائين ايگزاگورس (500 ق.م – 422 ق.م) چيو ته، “ڪائنات ۾ مڪمل ۽ قطعي طرح نيون شيون ٿينديون ئي ناهن.”
    دراصل ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ يا ڳالهه قطعي ڪانهي. هر شيءِ، هر ڳالهه نسبتي يا مشروط آهي، يعني فقط ڪن حالتن ۾ ۽ ڪنهن حد تائين آهي. جيڪو ٻار بنهه ٻه منٽ اڳ ڄائوآهي، ڇا اهو به بلڪل نئون ماڻهو آهي؟ سندس اکيون ۽ نڪ چڱيءَ طرح جاچي ڏسو! ڇا اهي گهر جي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهوءَ جي اکين ۽ نڪ جهڙيون ناهن؟ ويندي منجهس ڄائي ڄمندي بيماريون به اهي ئي پراڻيون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي سندس مائٽن ۽ وڏن ۾ پُشتا پُشت هلنديون اچن. اهو ٻار بيشڪ نئون آهي پر قطعي نئون ڪونهي، اهو فقط نسبتي طور ۽ هڪ حد تائين نئون آهي.
    ڪلهه ڄاول چيني ۽ جپاني ٻار جو نَڪُ اهڙو ئي منو ۽ اکيون اهڙيون ئي پيٺل هونديون جهڙيون ايامن کان وٺي ان نسل جي ماڻهن جون هلنديون اچن!

    خصوصيت ۽ عموميت
    هر شيءِ ۽ هر ڳالهه جو هڪ خاص پاسو ۽ هڪ عام پاسو هوندو آهي. هر ڳالهه ۾ ساڳئي وقت ڪافي ذاتي خصوصيتون به آهن ته ٻين سان گڏيل ڪي هڪجهڙايون يعني عموميتون به آهن.
    ان ڪري اها ساڳئي وقت خاص به آهي ته عام به آهي. هن خاص ماءُ پوڻيٺڙيءَ جو ٻار اِجهو اڄ ڄائو. هن خاص ڇوڪريءَ پنهنجي محبوب کي سلام پهريون ڀيرو اڄ موڪليا آهن. انهن لاءِ اهي خاص ڳالهيون آهن، پر مائون، پوڻيٺڙيءَ جا ٻار لکين سالن کان ڄڻينديون اچن ۽ جوان پنهنجي محبوبائن کي پهريان سلام جُڳن کان ڏيندا اچن، ان ڪري دنيا لاءِ اهي عام ڳالهيون آهن.
    اِجهو هينئر تازي پاڻيءَ سان ڀرجي آيل جيڪو گهڙو اسان جي اڳيان رکيو آهي، ان جو پاڻي تازو به آهي ته ڪروڙين سال پراڻو به آهي، ڇو ته ڪروڙين سالن کان ڌرتيءَ تي هڪڙو به پاڻيءَ جو اهڙو ڦُڙو ڪونه وٺو آهي، جيڪو قطعي نئون هجي!
    اڄوڪو دؤر نئون برابر آهي پر قطعي ۽ مڪمل طرح نئون ڪونهي. اهو فقط نسبتي طرح نئون آهي. ڪن ڳالهين ۾ ۽ ڪنهن حد تائين نئون آهي.

    نوان دؤر
    نوان دؤر جُڳن کان ايندا رهيا آهن. رڳو سياسي تاريخ جي خيال کان ئي وٺجي ته ويهه سال اڳ هتي 1954ع ۾ پهريون دفعو ون يونٽ جو “نئون دؤر” آيو هو. هوبهو ان جهڙو دؤر اڳ ڪونه هو. ان کان اڳ 1843ع ۾ انگريزن جو “نئون دؤر” آيو هو. تنهن کان اڳ ڪلهوڙن جو “نئون دؤر”، مغلن جو “نئون دؤر”، ترخانن، ارغونن، سومرن، سمن، عربن، برهمڻن ۽ راءِ گهراڻي جا “نوان دؤر” آيا هئا. ان کان اڳ سڪندراعظم جي نئين ڪاهه هڪ “نئون دؤر” آندو هو. ان کان اڳ بي انداز نوان دؤر آيا هئا. اهي سڀ نوان دؤر هئا. سڀ هڪٻئي کان تمام گهڻو مختلف ۽ نرالا هئا، پر ڇا اهي قطعي ۽ مڪمل طرح نرالا ۽ هڪٻئي کان قطعي ۽ مڪمل طرح مختلف هئا؟ منجهن ڪابه شيءِ مشترڪ ڪانه هئي؟ مثال طور، ڇا انهن سمورن دؤرن ۾ ماڻهن جي وڏي اڪثريت ساڳئي نموني پورهيا ڪندي ۽ بُکون ڪانه ڪاٽيندي هئي ۽ ماڻهن جا ننڍڙا ٽولا موجون ڪونه ماڻيندا ۽ حڪم ڪونه هلائيندا هئا؟ ڇا ماڻهو ساڳئي نموني گذر لاءِ ڪشالا ڪونه ڪڍندا هئا؟ پيار ۽ دوستيءَ لاءِ ڪونه واجهائيندا هئا؟ پاڻ ۾ رُسندا ۽ پرچندا ڪونه هئا؟ وِصل ۽ وڇوڙي جا گيت ڪونه ڳائيندا هئا؟ لڙايون، جنگيون ڪونه ڪندا هئا؟ ڇا انهن سڀني دؤرن ۾ پوليس جا پهرا، جيل، جلاد، بيماريون ڪونه هيون؟ هڪ طرف تعصب، نفرت، ظلم ، ٻئي طرف محبتون، قُرب، ڪچهريون ۽ شغل ڪونه هوندا هئا.
    انسانن جا مسئلا ساڳئي وقت وقتي ۽ نوان به آهن ته دائمي ۽ پراڻا به آهن.


    باب ٽيون : دلين جو درد – نئين کوجنا؟

    سُورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان،
    جيڪر آءٌ هُياس، ڪاگري گوندر ول جي.

    (لطيف)

    پيڙهي وڇوٽيءَ جي ڳالهه کي وٺو. ڇا، ماڻهن اولاد فقط هن دؤر ۾ ڄڻڻ شروع ڪيو آهي؟ اولاد ۽ مائٽن جي خيالن ۾ فرق فقط هن دؤر ۾ ئي پيدا ٿيو آهي؟ ڇا اڳين دؤرن جا ماڻهو سدائين ايئن سوچيندا، چوندا ۽ ڪندا هئا، جيئن سندن مائٽ سوچيندا، چوندا ۽ ڪندا هئا؟ جي ايئن هجي ها ته ماڻهو اڃا تائين غارن ۾ ڪونه ويٺا هجن ها؟ ڇا نئون نسل، هينئر ئي، هن دؤر ۾ ئي، آسمان جي ڳڙي وانگر مٿان ڪِريو آهي؟ ڇا اڳي نوان نسل ڪونه هوندا هئا. اهي اڳين نسلن سان زبردست اختلاف ڪونه رکندا هئا؟
    هر ڪا شيءِ ڪنهن ٻي شيءِ مان پيدا ٿي آهي ۽ سندس پيٽ ۾ سُڀان پيدا ٿيڻ واري ڪا ٻي شيءِ سرجي رهي آهي. هر شيءِ جنهن مان پيدا ٿي آهي، تنهن جو ۽ جيڪي منجهائنس پيدا ٿيڻ وارو آهي، تنهن جو ميلاپ آهي. هر شيءِ ۽ ڳالهه ماضيءَ، حال ۽ آئيندي جو سنگم آهي. هر شيءِ ۽ ڳالهه بي انت ڪائنات ۽ بي انت وقت جي چوواٽن تي بيٺل زمان ۽ مڪان جو هڪ اهڙو سنگ ميل ۽ حد نشان آهي، جيڪو سڀني ڏسين ۽ زمانن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.
    خلا ۾ لٽڪيل، سيل مهر ٿيل دؤر!؟
    اڄوڪو دؤر ڪو اهڙو خلا ۾ لٽڪيل، چئني طرفن کان سيل مهر ٿيل دؤر ڪونهي، جنهن ۾ ٻين دؤرن جي هوا به اچي نه سگهي، جيڪو قطعي نرالو، قطعي بي مثال ۽ قطعي ڌار هجي.
    ان جي خصوصيتن توڙي عموميتن ٻنهي کي ڌيان ۾ رکڻ بدران ان جي فقط خصوصيتن ۽ نرالاين تي اجايو زور ڏيڻ ۽ سندس عموميت کي، سندس ٻين دؤرن سان هڪجهڙاين کي صفا نظرانداز ڪرڻ، هن دؤر جي تصور کي بگاڙڻ ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ آهي.
    هيءُ دؤر هڪ اهڙو نئون دؤر آهي، جنهن ۾ نه رڳو ماضيءَ جي سمورن دؤرن جو سلامت رهڻ جهڙو سماجي جوهر سمايل آهي، پر سندس پيٽ ۾ ايندڙ نون سماجي دؤرن جا ٻِج به موجود آهن ۽ موري رهيا آهن. سڀاڻي اهي پنهنجا سَلا ۽ گونچ ڪڍندا.
    هن دؤر جي ٻين دؤرن سان تسلسل، ساڻن لاڳاپن ۽ هڪ جهڙاين کي نظرانداز ڪري، ان کي هڪڙو ابوبهر ڪري ڇو ٿو پيش ڪيو وڃي؟ ان ڳالهه جو “روحاني راز” ڪهڙو آهي؟

    جديدي ماما پَٽ ۾ ڇو پيا آهن؟
    ڳالهه ڪندا آهن ته ٻار ماءُ کي چيو ته، “امان! ماما چريو ٿي پيو آهي! اڄ وچ بازار ۾ پَٽ تي سمهي رهيو!؟” ماءُ چيو، “ابا! مامهين واپاري ٻچو آهي. ان چرپڻ جو به ڪو مطلب هوندو. ڪو پيسو پٽ تي ڏٺو هوندائين جو هونئن لِڪائي نه کڻي سگهيو هوندو ته ايئن کنيو هوندائين!” ڳالهه به اها هئي.
    سو هن “نئين دؤر” جي رٽ ۾ به هنن “جديد” اديب مامائن جو وڏو مطلب آهي. هن دؤر کي هو، اجهو هينئر آسمان مان ڪِريل، ڳڙو ڪري، انهيءَ لاءِ پيش ٿا ڪن ته جيئن ان هٿرادي، خاص الخاص “نواڻ” جي آڙ ۾ هو هن دؤر کي، پنهنجيءَ پَر ۾، سماجي ۽ ادبي تاريخي تسلسل، اڳ پُٺ ۽ رشتن ناتن کان ڪاٽي، کيس اڪيلو ئي اڪيلو، لاوارث ڇورو ڇِنو سماجي دؤر “ثابت ڪري” پاڻ کي سندس اڪيلو وارث ثابت ڪري، کيس هر ڳالهه ۾ رڳو نرالو ئي نرالو ڏيکاري، مٿس پنهنجو نرالو ادب ۽ نراليون ادبي ڪسوٽيون ۽ نرالا ثقافتي فرمان مڙهي سگهن. ان مها نواڻ جي امرت ڌارا سان هو هر “مرض” جو علاج ڪري سگهن ٿا ۽ هر “مصيبت” کي منهن ڏيئي سگهن ٿا.
    مثال طور جي چئبن ته “ٻوليءَ جي ٻيڙي نه ٻوڙيو!” ته چوندا، “‘نئين’ دؤر جي ‘نون’ ماڻهن جي ‘نون’ احساسن ۽ جذبن جي ترجماني ڪندڙ ‘نئون’ ادب پراڻي ٻوليءَ ۾ لکي نٿو سگهجي!” چئبو ته “ادب عظيم مقصدن ۽ عظيم فن جو، سهڻيءَ صورت ۽ سهڻيءَ سيرت ٻنهي جو سنگم ۽ ميلاپ هئڻ گهرجي” ته چوندا ته “اها پراڻي دؤر جي ڳالهه آهي. ‘نئين’ دؤر سان پراڻا ادبي قدر ۽ ڪسوٽيون لاڳو ئي نٿيون ٿي سگهن.”
    اهڙيءَ ريت لفظ “نئين” جي بيهودي رٽ لڳائڻ سان هنن کي ادب خلاف هر جهالت ۽ بيهودگي ڦٻي سگهي ٿي. ان ڪري هو رڙ ڪريل لفظ “نئون” کي چُهٽي پيا آهن ۽ ا ن کي ڍال بڻائي، بنا روڪ ٽوڪ جي، ادبي ۽ فني ميدان ۾ عوام خلاف سنگين ثقافتي جرم ڪري رهيا آهن.

    پيڙا جي “ايجاد!”
    جديدين جي چوڻ موجب سندن جُڙتو جديد ادب جيڪو وڏي ۾ وڏو تير ماري ٿو، سو آهي انسان جي اندر جي پيڙا جو اظهار ڪرڻ. ان ڳالهه کي هو “اندر جي پيڙا”، “پيڙا جي احساس”، “ذات جي انڪشاف”، “اندر جي ٻرڻ ۽ ٽُٽڻ”، “ڀرڻ ڀڄڻ جي ماتم”، “ذات جي اظهار جي سچائي”، “ٽڙندڙ-پکڙجندڙ، ڀڄندڙ، ڀُرندڙ قدرن” ۽ “علامتن جو ترجمان” ادب سڏين ٿا ۽ “هيءَ پيڙا، هي سناٽو، منهنجي اندر جو!” جا نعرا هڻي، وڏي فخر سان چؤطرف لوڻا هڻي، پنهنجي ان کوکليءَ لفاظيءَ ۽ مخرج جو داد طلب ڪن ٿا.
    ڇا انسان جي دل ۾ درد، ڪا نئين سائنسي کوجنا آهي، جيڪا هينئر هن “جديد سماجي سائنسدانن” اوچتو ڪري وڌي آهي؟ ڇا اڳ انسانن کي ڏک ڪونه هئا؟
    برابر، اڄ عوام دشمن قوتون انسانيت کي عام تباهيءَ جي اوڙاهه جي ڪناري تي بيهاريو، کيس ان ۾ ڌِڪو ڏيڻ جي سعيي ۾ آهن. برابر اڄ جي هٽلرن، مسولينين، پهلوين ۽ سندن جانشينن، عوام لاءِ اهڙا اهڙا وحشي عذاب ايجاد ڪيا آهن، جن جو چنگيزن ۽ هلاڪوئن ۽ نادرن کي پتو به ڪونه هو. برابر اڄ به انسانن جي اڪثريت جي زندگي ڄڻ جيئري دوزخ جي برابر آهي، پر ڇا هاڻي وانگر اڳي به غلامداري ۽ جاگيرداري ۽ پيداواري لاڳاپن ۽ انهن جي پيڙهه تي اڏيل غلامداري جاگيرداري ريتن رسمن جا راڪاس “آدم بوءِ، آدم بوءِ!” ڪندا، انسانن جي جسمن ۽ روحن کي چيڀاٽيندا ڪونه رهندا هئا؟ ڇا طبقاتي سماجن جي قائم ٿيڻ جي روز اول کان وٺي، ڊڪٽيٽري نظامن جي وحشي اونداهين جي ڀيانڪ، نه کُٽندڙ رات ۾، ڦورو ۽ ظالم طبقن هٿان عام انسان اندر ۾ سڙندو، ٻرندو، پچندو ۽ رجهندو ۽ وِهُه جا وٽا پيئندو ڪونه رهيو آهي؟ هنن هومرن، ورجلن، شيڪسپيئرن، حافظن، رومين، ڪبيرن، تُلسيداسن، ميران ٻاين، لطيفن ۽ سانوڻ فقيرن، پنهنجي درديلن گيتن، نغمن ۽ بيتن ۾ سمايل لافاني درد جا املهه موتي تڏهن ڪنهن جي دلي جي ڏک جي سمنڊن جي پاتال مان ڳولي هٿ ڪيا هئا؟ هن گونگي ٻوڙي ڌرتيءَ جي سيني ۾ جيڪي دٻيل دانهن گهُٽيل آهُن جا طوفان ۽ گونگن لڙڪن جا سمنڊ دفن ٿيل آهن، سي تڏهن ايئن سکڻا بي سبب آهن؟
    ڇا اندر جو حال اورڻ ادب ۽ فن ۾ اهڙي پراڻي ڳالهه ناهي جهڙا هن ڌرتيءَ تي پاڻي، وڻ ۽ پٿر!
    اٽڪل اڍائي سَئو سال اڳ لطيف پنهنجو پچندڙ اندر ههڙين لافاني سٽن ۾ اوريندو هو:
    ڪڏهن ڪڏهن جيڏيون، ڪو پهه اچيو پوءِ،
    سو پڻ ساڙو هوءِ، جو آهي ساههُ سرير جو!

    - - - - - - - - -

    مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان.

    - - - - - - - - -

    سور مَ ڏي ڌوڻ، آءٌ اڳيئي ڪاهري،
    جا پر پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي!

    - - - - - - - - -

    اڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن!
    گوندر مٿان جندڙيءَ ويا ولين جئن!

    کانئس هڪ صديءَ پوءِ دهليءَ ۾ مير تقي مير پنهنجي حال تي هينئن افسوس ڪندو هو:
    سرِ شام ہی بُجھا رہتا ہے،
    دل ہوا ہے چراغ مفلس کا!

    (ڪنهن مسڪين جي ڏِيئي وانگر منهنجي دل سانجهيءَ کان ئي وساڻي وساڻي پيئي آهي.)
    ۽ سندس هم عصر خواجه مير درد ههڙا درديلا غزل چوندو هو:
    زندگی ہے یا کوئی طوفان ہے،
    ہم تو اس جینے کے ہاتھوں مر چلے۔

    ۽ غالب چئي ويو آهي:
    زندگی اپنی گر اس طرح سے گذری غالب،
    ہم بھی کیا یاد کرینگے کہ خدا رکھتے تھے۔

    - - - - - - - - -

    اب تو گھبراکے یہ کہتے ہیں کہ مرجائینگے،
    مر کی بھی چین نہ پایا، تو کدھر جائینگے۔

    انهن کان سَوين سال اڳ سورهين صديءَ ۾ شاهه ڪريم هي ڏکارا بيت پئي چيا:
    آيل سهڻو در، سوهڻي ڪام وسهي،
    سُتي هئڙم گڏ، جان جاڳان تان ناهه پرين!

    - - - - - - - - -

    سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
    اکر اڳيان اڀري، واڳو ٿي وريام.

    شاهه ڪريم کان چار سَئو سال اڳ ٻارهين صديءَ ۾ پاڪ پتڻ جي شيخ فريد پنهنجي دل جو درد ههڙن سنڌيءَ گاڏڙ بيتن ۾ بيان پئي ڪيو:
    فريدا ڏُکان سيتي ڏينهن ڳيا، سولان سيتي رات،
    کڙا پڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.

    (فريد! ڏينهن ڏکن ۾ گذري ويو ۽ رات سورن ۾، مٿان پاتڻي بيٺو دانهون ڪري ته پنهنجو ٻيڙو ڪُنن جي وات ۾ اچي ويو!)
    فريدا مين جاڻيا دک مجهه ڪو، دک سڀا اي جڳ،
    اُچي چڙهه ڪي ويکيا، تان گهر گهر ايها اڳ.

    (فريد! مون ڀانيو ته رُڳو مون کي ڏک آهن پر ڏک سڄي جهان کي آهن. مٿي ڪوٺي تي چڙهي ڏٺم ته گهر گهر اها ئي ڏک جي آڳ پيئي ٻري!)
    جي اڃا به ڪيئي صديون، گهڻيون گهڻيون صديون پوئتي، تاريخ جي شروعات جي ڪوهيڙي ۾، جڏهن روم ته ڇا، يونان به ڪجهه ڪونه هو، تڏهن فرعونن جي دؤر جي قديم مصر ۾، “راڳيندڙن جي گيتن” (Songs of the Harpers) جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ ايندا، جن ۾ زندگيءَ کان عاجز اهڙن دُکي انسانن جون درديليون ڪهاڻيون سمايل هيون، جيڪي ان زندگيءَ کان موت بهتر سمجهندا هئا. اهي ڏکارا گيت قبرن تي اُڪيري ڇڏيا هئا. انهن مان هڪڙي جو عنوان هو:
    “زندگيءَ مان عاجز انسان” “The man who was tired of life” جو گيت.1
    دراصل موجوده دؤر جي هر بڇڙائي، ڦُرلٽ ۽ وحشانيت جي باوجود، زماني ۾ جيئن پوئتي وڃجي، تيئن عام انسان جي زندگي وڌيڪ مجموعي غيرمحفوظ، وڌيڪ سُڃي، سکڻي، وڌيڪ اذيتناڪ اچي ٿي. اڄوڪي عالمي سرمايه داري/ پورهيت دؤر کان جاگيردار عالمي دؤر عام انسانن لاءِ وڌيڪ اذيتناڪ هو. ان کان غلامدار دؤر اڃا به وڌيڪ وحشي ۽ بي رحم هو. اڄ به دنيا جي ملڪن جي ماڻهن جي اڪثريت فاقن ۾ آهي، اُگهاڙي آهي، پر اڳ ماڻهو ٻار وڪڻڻ تي مجبور ڪيا ويندا هئا. ماڻهو بک جي انڌ وچان ٻئي ماڻهُوءَ کي کائيندو هو. روز ڪونه ڪو چنگيز، تيمور، نادر شاهه، شاهه شجاع پارو علائقي يا بين الاقوامي بدمعاش، لوفرن ۽ ڌاڙيلن جا ڊمبلا وٺيو، ڊڊا ڊوڙائيندو، نعرا هڻندو، ماڻهن جي مٿان ٽُورو ٿيو بيٺو هوندو هو ۽ ڪُوسَ ڪَريو، گهر ساڙيو، سندن ٻار ٻان ڪريو، ٻارن ٻچن کي نڪن ۾ سُوئا ٽُنبيو، ناڪيليون وجهيو، گهوڙي پُٺيان ڊوڙائيندو، کڻيو ويندو.
    اڄ به پنهنجي حقن جي گهُر ڪرڻ وارن سان ڇا نه ڪيو وڃي ٿو! پر اڳي حالت اڃا به بدتر هئي.

    سِرُ به وڏيءَ سفارش سان لهندو هو!
    اڳي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ يا سياسي اختلاف رکڻ واري کي تلوار جي هڪ ڌڪ سان سِسِي لاهي يا ڦاسيءَ جي جهٽڪي سان پورو ڪرڻ جي نرم سزا ڪا ورلي ۽ وڏيءَ سفارش ۽ اثر رسوخ سان ملندي هئي، اڪثر کين اهڙا ڀيانڪ ايذاءَ ڏئي ماريو ويندو هو، جو سندن مائٽ رحم جون اپيلو ڪندا هئا ته هنن کي هڪدم ختم ڪيو وڃي! منصور کي جڏهن ڦٽڪا هڻي، سندس کَل ماس تان اُڏائي، سندس هٿ پيرُ وڍي، پوءِ سندس رَتُ ڳاڙيندڙ ڍڍڙيءَ کي سوريءَ تي ٽنگيو ويو، تڏهن سج لٿي مهل ڪن خدا ترسن وڏي اثر رسوخ سان آخر اهو “رحمدليءَ” وارو فرمان جاري ڪرايو ته هاڻي ڀلي ڌڪ هڻي، سندس سِسِي لاهي، کيس وڌيڪ عذاب کان ڇڏايو وڃي، پر شهر جي ڪوٽوال قانوني اعتراض اُٿاريو ته، “هاڻ سج لهي ويو آهي، وقت ختم ٿي ويو آهي، سِسِي سڀاڻي لهندي، اڄ نه!”
    اميرالمومنين عبدالله بن زبير رضه جيڪو حضرت علي رضه کان پوءِ خليفو ٿيو ۽ جنهن کي مڪي شريف کي جلائيندڙ، صحابه ڪرام ۽ ٻين لکين مسلمانن جي قاتل، سنڌ تي چڙهائي ڪرائيندڙ ۽ اسلامي تاريخ جي چنگيز، حجاج بن يوسف، شهيد ڪرائي، کيس سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو، تنهن جي لاش کي ڪيترن ڏينهن بعد به ٽنگيل ڏسي، ماڻس بي بي اسماءَ رضه هيءُ دل ڏاريندڙ جملو چيو هو، “هيءُ شهسوار اڃا گهوڙي تان نه لٿو آهي!” سوار ڏينهن جا ڏينهن گهوڙي تان نه لٿو. حڪم ڪونه هو.
    وقت جي فرعونن جي مخالفن جي لاشن سان جنگ اتي به ختم ڪانه ٿيندي هئي. لاش دفن ڪرڻ لاءِ مائٽن جي حوالي ڪرڻ بدران پَٽَ تي اُڇلائي ڪتن ۽ ڳِجهن جي حوالي ڪري، مٿن پهرو بيهاريو ويندو هو ته متان مائٽ لڪ چوريءَ ڪُتن ۽ ڳِجهن کان ڇڏائي، کڻي وڃي، دفن نه ڪري ڇڏين!
    جيئري کَلون لاٿيون وينديون هيون. پاليل نانگن جي کوهن ۽ بُکين بگهڙن ۽ شينهن جي پڃرن ۾ اُڇليو ويندو هو. جيئري گڏهه يا ڍڳي جي کَل ۾ سبي ڇڏيو ويندو هو. کَل سُڪندي هئي ته بدن کي پيڙيندي هئي ۽ ماڻهو پيڙجندو ويندو هو.... پهريائين ڪاساين جي ڪاتين سان اکيون ڪڍائي، پوءِ هاٿين هيٺان چيڀاٽيو ويندو هو. جيئري زمين ۾ دفن ڪرايو ويندو هو. جيئري ڀِتين ۾ لنبائي ڇڏيو ويندو هو. هڪڙي ماڻهوءَ جي ڏوهه ۾ ان جي پڙ ڏاڏي جي ڄڻ ٻچي ۽ سندس ڄڻ ٻچي کي ختم ڪيو ويندو هو!
    دُنِيا جي ڦورو ۽ ظالم نظامن ۽ طبقن جي انسان ذات خلاف ڏوهن جي تاريخ اسان جي وهم ۽ گمان کان وڌيڪ ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. اڄ، جو رجعت پرست اڳوڻي زماني کي ياد ڪري چپ پيا چَٽين ۽ ان کي وري ماڻهن تي مسلط ڪرڻ لاءِ واجهه پيا وجهن، سو به ان ڪري. تاريخ بظاهر پاڻ کي دهرائي ٿي. ساڳيا ڏک، ساڳيون تباهيون، ساڳيا ظلم، ساڳيا بيداد بار بار عوام تي نازل ٿين ٿا ۽ انهن جو هڪڙو اڻ کُٽندڙ سلسلو هليو اچي، پر اهو دهرائڻ جو عمل هر دفعي اڳي کان اوچيءَ سطح تي ٿئي ٿو، ڇو ته هر دؤر ۾ عوام اڪثر انفرادي طرح ۽ وچ وچ ۾ اجتماعي طرح، ڦورن ۽ ظالمن ۽ سندن نظام خلاف هزارين لکين مختلف طريقن سان وڙهندا، طوفان اُٿاريندا، انقلاب آڻيندا ۽ انهن کي وِک وِک تي وڌيڪ ڪمزور ڪندا ۽ کانئن ڪڏهن ٿورا ٿورا ڪڏهن وڏا وڏا حق حاصل ڪندا رهن ٿا.
    ان ڪري مجموعي طور اڳوڻي زماني جي انسانن جون زندگيون اڄ کان ڪَئِين دفعا وڌيڪ ڏکن سورن سان ڀريل هيون.
    جيتري قدر اسان جي پيڙائي حضرات ۽ سندن سفيد پوش طبقي جو تعلق آهي، اڄوڪي دؤر ۾ به جڏهن جتي جتي ڦورو ۽ ظالم نظام رائج آهي، اتي پورهيت عوام جي زندگي دوزخ جي برابر آهي ۽ سندن دلين ۾ دکن جا کورا پيا ٻرن، تڏهن پڙهيل سفيد پوش طبقي جا نسبتاً پتڪڙا ڏک انهن جبل جيڏن سورن سان ڀيٽڻ ڄڻ درحقيقت سفيد پوش طبقو مجموعي طرح پنهنجي خاص ماحول جي تربيت (Conditioning) سبب پورهيت خاص جي اڄوڪن سورن ۽ ڏکن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ ته ڇا، رڳو انهن جو تصور ڪرڻ جي به نه خواهش رکي ٿو، نه ذهني، جذباتي ۽ تخيلي لياقت ۽ قوت.
    حقيقت هن حال جِي جي ظاهر ڪريان ذري،
    ته لڳي ماٺ مِرن کي، ڏونگر پون ڏري،
    وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪين ڪي.

    (لطيف)

    مطلب اهو ناهي ته ڪو ادب ۾ اندر جو حال جيڪو اورجي ويو، سو اورجي ويو. هاڻ ان جو ورق وري ويو. آئيندي ان جي ادب ۾ ڪابه گنجائش ڪانهي. مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اندر جي حال اورڻ تي هڪ هٽيءَ ۽ ٺيڪي جا دعويدار پيڙائي ادب پيدا ٿين ٿا، انهن جي جيڪا سڌي توڙي اڻ سڌي دعويٰ آهي ته اندر جو حال اسان وارو “نئون” ادب ئي اوري ٿو، ڄڻ اها سندن ئي ادبي ايجاد آهي، سا دعويٰ ادبي تاريخ ۽ حقيقت جي روشنيءَ ۾ انتهائي غلط، واهيات ۽ بوگس آهي.
    تنهن کان سواءِ خود ان دؤر ۾ جنهن کي نام نهاد جديدي، جديد دؤر سڏين ٿا، يعني ويهين صدي، تنهن ۾ به سڄيءَ دنيا اندر، يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا ۾، هند ۽ سنڌ ۾، جيڪو عظيم ادب پيدا ٿيو آهي، سو اڄ جي نون پراڻن انسانن، ڏکن ۽ پيڙائن جو ترجمان ناهي ته ٻيو وري ڇا آهي؟ ڇا، جديد حضرات جي خودپرست مِيڪ مِيڪ ۽ مايُوس واويلا، گورڪي، شولوخوف، پبلونرودا، ناظم حڪمت، لوسون، يئنگ مو (چيني ناول “جوانيءَ جو نغمو” جي لکڻ واري)، آمريڪي مصنف هاورڊ فاسٽ، ويٽنام شاعر گيانگ نام، ڪرشن چندر، منٽو، فيض، ساحر، اياز ۽ ٻين هن دؤر جي بي انداز عوام دوست اديبن طرفان دُنِيا جي سمورن کنڊن، سمورن ملڪن ۽ قومن جي ماڻهن جي دکن دردن جي جيڪا فنڪارانه انداز ۾، زبردست اثر رکندڙ عڪاسي ۽ ترجماني ڪئي وئي آهي، تنهن جي ڌوڙ کي به رسي سگهي ٿي؟ درحقيقت ان جي ڀيٽ ۾ هنن جون مايوسي ڏياريندڙ، سخت بور ۽ بيزار ڪندڙ بي مقصد کڳيون آڦريل پيٽن جون کٽيون اوڳرايون ٿيون لڳن.
    ته ڇا اڄ ۽ ڪالهه ۾ ڪوبه فرق ڪونهي؟ ڇا، نوان دؤر بنهه ٿيندا ئي ڪونهن؟ انهن مان هرهڪ جون پنهنجون خصوصيتون ڪونه ٿينديون آهن؟ ڇا، اڄ جو دؤر نئون دؤر ڪونهي ۽ ان جو پنهنجو ڪو نئون ادب ڪونهي؟
    انهن سڀني سوالن جو جواب ها ۾ آهي. ٿوري ۾ ڳالهه جو مطلب ته هيءُ دؤر برابر نئون دؤر آهي ۽ ان جو نئون ادب به آهي، پر هڪڙي پاسي اڄ جو دؤر اڳين دؤرن سان ڳنڍيل، انهن مان پيدا ٿيل، انهن سان تسلسل رکندڙ آهي ته ٻئي پاسي فطرت، انساني سماج ۽ سوچ جي بنيادي قانونن مطابق جيئن ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ يڪي هڪ ساري ٿي ئي نٿي سگهي ۽ جيئن ته هر شيءِ اُبتڙ شين جو ميلاپ ۽ انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو ميدان هوندي آهي، ان ڪري نئون دؤر ۽ نئون ادب به يڪا هڪ جهڙا ۽ هڪ سارا ۽ سڄي جا سڄا يڪا هڪڙا ناهن. منجهن اُبتڙ شيون ۽ ڳالهيون سمايل آهن، جيڪي هر وقت هڪٻئي سان ويڙهه ۾ مشغول آهن.

    هڪ نه ٻه نوان ادبي دؤر
    تاريخي حساب کان ويهين صديءَ جو نئون دؤر هنن ٻن اُبتڙ دؤرن مان بنيل آهي:

    (1) سرمايه داري نظام جي راڄ جو نئون زوالي دؤر ۽ (2) ان جي مخالف پورهيت عوام جي سامراج دشمن جدوجهد جو نئون دؤر.
    سرمايه داري نظام جي هن دؤر ۾ سرمايه داري نظام جاگيردار دشمن، جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند نظام مان ڦري، مردار جاگيرداريءَ سان سمجهوتو ڪندڙ رجعت پرست ۽ سامراجي نظام بڻجي چڪو آهي ۽ قسمين قسمين گهوٽالن ۾ ڦاسي، زوال ۽ تباهيءَ طرف وڃي رهيو آهي.
    سرمايه داريءَ جي هن نئين رجعت پرست دؤر ۾ جڏهن سرمايه داري سامراج تاريخ جي سمورن رجعت پرست قوتن سان، خاص ڪري جاگيرداريءَ سان، عوام جي خلاف هڪ ناپاڪ اتحاد قائم ڪيو آهي، تڏهن ان عوام دشمن اتحاد جي نقطي نگاهه ۽ موقف کان هن دؤر جي زندگي ۽ سماج جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ ادب ٻن قسمن جو آهي. (1) رجعت پرست جاگيردار ادب. هيءُ ادب جاگيرداريءَ جي گذريل صدين جي وحشي ۽ ڀيانڪ دؤر کي سونو پاڻي ڏيئي، چمڪائي، دلڪش بڻائي پيش ڪري ٿو ۽ بي شرميءَ سان دهل وڄائي ۽ جهُمريون هڻي، ان جا گيت ڳائي ٿو. (2) مايوسيءَ ۽ موت جو پيغام ڏيندڙ، رجعت پرست، سامراج پرست، سرمايه دار ادب.
    ان جي اُبتڙ دُنِيا جي پورهيت عوام جي بهتر زندگيءَ ۽ روشن آئيندي لاءِ جدوجهد جو نئون دؤر اهو دؤر آهي، جنهن ۾ دُنِيا جي سمورين قومن ۽ ملڪن جي عوام جون طبقاتي ۽ قومي آزاديءَ، ملڪي خودمختياري، جمهوريت ۽ هڪ انصاف ڀريي سماجي نظام لاءِ ۽ هر قسم جي ناانصافيءَ، اڻ برابريءَ ۽ بالادستيءَ، دٻاءَ ۽ ظلم خلاف جدوجهدون، ڌار ڌار رستن تان هلندي هلندي، نيٺ ان مٿاهينءَ منزل کي رسي ويون آهن، جتي اهي سڀ آهستي آهستي پاڻ ۾ ملي، هڪ ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، ۽ پنهنجي گڏيل دشمن، عالمي سامراج ۽ سندس ملڪي ۽ مڪاني ڇاڙتن خلاف قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي زبردست ويڙهه ۾ جُنبي ويون آهن. ان لاڳيتيءَ عالمي ويڙهه جي ڪري، دُنِيا جا عوام روز بروز وڌيڪ سجاڳ، وڌيڪ سمجهُو، وڌيڪ مُتحد ۽ وڌيڪ سرگرم، وڌيڪ ويڙهو، وڌيڪ سوڀارا، وڌيڪ تخليقون ۽ تعميرون ڪندڙ بڻبا پيا وڃن. حقيقي نئون ترقي پسند ادب پنهنجي بهترين سيرت ۽ صورت ۾، ان شاندار سفر ۾، سندن سوجهرو، سندن سونهون، سندن آسرو ۽ آڌار آهي. کين ڏڍ، دلداريون ۽ همتون ڏياريندڙ آهي. سندن پُشت پناهي ڪندڙ ۽ سندن سورهي ساٿي آهي. هيءُ ادب نئين دؤر جي انقلابي لشڪر جي مهڙ واري شاندار روحاني فوج آهي، جيڪا سڀ کان اڳ بجلي بڻجي دشمن تي ڪڙڪي ٿي ۽ ان وقت به وڙهندي رهي ٿي، جڏهن ٻين انقلابي دستن لاءِ وڙهڻ جي ڀيڻي نٿي رهي.
    پورهيت عوام جي زندگي ۽ جدوجهد جي هن نئين دؤر جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ نئين ادب کي طبقاتي نگاهه ۽ موقف جي خيال کان چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. (1) زندگيءَ جي جمهوريت پسند، ترقي پسند، سرمايه دار نقطه نگاهه ۽ موقف کان ترجماني ڪندڙ سرمايه دار ترقي پسند ادب. (2) ننڍي وچولي سُفيد پوش طبقي جي نقطي نگاهه ۽ موقف کان زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ (Petty Bourgeois) يا ڇوٽو سرمايه دار يا سفيد پوش ترقي پسند ادب. (3) صحيح پورهيت عالمي نقطه نظر، سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه بِنا، رُڳو دل جي ڌوڙ تي تخليق ڪيل پورهيت ادب. (4) پورهيت طبقي جي صحيح سائنسي عالمي نقطي نظر، سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾ پورهيت سماجي نقطي نگاهه ۽ موقف کان زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندڙ پورهيت ترقي پسند ادب.
    هتي اها ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته سرمايه داري لاڙا دُنِيا جي هر علائقي ۽ هر ملڪ ۾ مختلف نموني جا آهن. آمريڪا ۽ يورپ ۾ اهي زواليت ۽ پڄاڻيءَ ڏانهن مائل آهن، ڇو ته اتي سرمايه داريءَ جي عروج وارو دؤر گذري، ختم ٿي چڪو آهي، پر ٽينءَ دُنِيا ۾ هڪڙي پاسي نوان قومي عوامي جمهوري ۽ سوشلسٽ لاڙا ته ٻئي پاسي سرمايه داري لاڙا اڃا اُسري ۽ نسري رهيا آهن. اهڙيءَ ريت سرمايه داري لاڙن اندر به اُبتڙ موجود آهي. ان ڪري اهي هڪ پاسي عالمي سامراج جا حامي آهن ته ٻئي پاسي سامراج دشمن عوام جا حامي به! ان ڪري ٽينءَ دُنِيا ۾ قومي، عوامي، جمهوري ۽ پورهيت ترقي پسند ادبي لاڙن سان گڏ هڪڙي پاسي اُسرندڙ سرمايه داريءَ وارا جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند ادبي لاڙا به آهن ته ٻئي پاسي زواليت پرست، رجعت پرست، سرمايه داري، سامراج پرست لاڙا به.


    باب چوٿون : ڇا، ڏک رڳو تباهه ڪندڙ آهن؟

    ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو!

    (لطيف)

    “عرفي! دل آباد بيک جو نه خرد عشق،
    من هم دل ويران، بدو عالم نه فروشم!”

    (عرفي)

    (عرفي! عشق ڪنهن آباد ۽ خوشحال دل کي هڪڙي جَوَ جي داڻي عيوض به ڪين وٺندو! خوشيءَ ڀريل دل کي وٺي ڇا ڪبو؟ ان جي قيمت ئي ڪهڙي؟ آءٌ به پنهنجي ويران ۽ تباهه دل ٻن جهانن عيوض به نه ڏيندس!)
    وللي واويلائي ادب، هڪ طرفائيءَ ۽ وڌاءُ کان ڪم وٺي، انساني دل جي سمورن رنگ برنگي جذبن کي فقط ڏکن تائين محدود رکي ٿو ۽ ڏک جو ردعمل فقط مايوسي ڏيکاري ٿو. مايوسيءَ کي وري هڪ نسبتي، جُزوي ۽ عارضي جذبي بدران قطعي، دائمي ۽ آخري جذبو ڪري پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت اهو دائمي ڏک ۽ مايوسيءَ جو پرچار ڪري، انسانن سان همدرديءَ جي آڙ ۾، کين ڏکن ۽ مايوسين سان ويڙهه جي ۽ ڏک ۽ مايوسيون ڏيندڙ ماڻهن ۽ قوتن سان مقابلي جي خواهش ۽ سگهه کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ ريت اهو دوستيءَ جي رُوپ ۾ ماڻهن سان دشمني ڪري ٿو ۽ انهن يزيدي قوتن جي خدمت ۽ دلالي ڪري ٿو، جيڪي چاهين ٿيون ته ماڻهُو هڪڙي معمولي چوٽ کائڻ شرط ئي ڏکن ۽ مايوسين ۾ اهڙا وٺجي وڃن جو وري يا عمر ڪنڌ مٿي کڻي، دشمن جي مُنهن ۾ نهارڻ جو سوچي به نه سگهن.
    اهو ڏک جي مسئلي کي فقط مِيڪ مِيڪ ڪرڻ تائين محدود رکي ٿو. انساني ڏک جي بُنيادِي عالمي تاريخي ڪارڻن بابت، ان جي عالمي تاريخي نوعيت ۽ ان جي بُنيادِي علاج بابت، ڏک ڏيندڙ قوتن ۽ ڏک جو علاج ڪندڙ قوتن بابت، نه رُڳو هو پاڻ چپن کي چُنو لايو ويٺو آهي ۽ ٻڙڪ به ٻاهر نٿو ڪڍي پر ٻين کي به نڙيءَ تي گهُٽو ڏيو ويٺو آهي ته انهن ڳالهين بابت اکر به ڪڍيو اٿم ته اوهان کي نعريباز ۽ پروپئگنڊا باز اديب ٺهرائي، ادب جي ملڪ مان ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين.
    اهو ڏک سک جي توازن کي نظرانداز ڪري، ڏک ۽ مايوسيءَ کي مطلق (Absolute) ۽ قطعي، آخري ۽ دائمي ٺهرائي، ان کي سندس پس منظر، اڳ پُٺ کان الڳ ڪري، ان بابت خيالي ۽ بي بنياد تصور کڙا ڪري، ان کي هڪڙو ڀُوت بڻائي، انساني ڏک جي حقيقي ۽ تخليقي ترجماني ڪرڻ بدران ان کي بگاڙي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ نموني ۽ بيهودي ۽ واهيات انداز ۾ پيش ڪري، ان کي خوار ڪري ٿو. ڏک جي ڀوت جهڙن خيالن ۽ هٿرادن تصورن جي آڙ ۾، اهو انسانن جي حقيقي ڏک جي صحيح ۽ ڀرپور اظهار جو رستو روڪي ٿو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجن سامراجي آقائن جي خدمت ڪري ٿو، جيڪي دُنِيا جي اربين ڏکويل ماڻهن جي حقيقي ڏک کان ڊڄن ٿا. کين خبر آهي ته جيڪڏهن اهو سمنڊن جهڙو اٿاهه ڏک گڏ ٿيو، ان کي سندس صحيح ڪارڻن ۽ صحيح علاجن سميت صحيح نموني سمجهيو ۽ پروڙيو ويو ته اهو دُنِيا ۾ اهڙو انقلابي طوفان بڻجي اُٿندو، جنهن جي سٽ هماليه جبل به سهي ڪونه سگهندو.
    اهو ادب جنهن بيهودي نموني ۾ هٿرادي ڏک جو واهيات اظهار ڪري ٿو، تنهن جي ڪري ماڻهو ڏک بابت ڳالهه پڙهڻ لاءِ تيار نٿا ٿين، بلڪه جيڪي پڙهندڙ هنن جي پروپئگنڊا طوفان جي اثر هيٺ اچي، هن ادب کي ئي ادب سمجهن ٿا ۽ ان ۾ پيش ڪيل ادب کي ئي ماڻهن جي اندر جي پيڙا جو اظهار ڪندڙ ادب سمجهن ٿا، سي سموري ادب کي ههڙو هوائي، بيهودو ۽ بور ڪندڙ سمجهي، ڪنهن به حقيقت پسند ادب ڏانهن منهن ڪري به نٿا نهارين ۽ وڃيو جادوئي، اسراري، جاسوسي ۽ نام نهاد تاريخي ڪهاڻين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسائن. اهڙيءَ ريت اهو ادب ان تڙ ڪرڻ واري وانگر آهي، جيڪو شڪار کي هڪليو وڃيو، شڪاريءَ جي بندوق جي سامهون آڻي! هيءُ ادب ماڻهن کي حقيقي ادب کان ڊوڙايو، ڀڄايو، وڃيو آفيمي ادب جي حوالي ڪري.
    اها ڳالهه هرڪو ڄاڻي ٿو ته ماڻهن جي وڏي ۾ وڏي گهڻائي اڄ سوڌي هميشه محرومين، مصيبتن، مونجهارن ۽ عذابن جو شڪار پئي رهي آهي. اڪثر حالتن ۾ وٽن ڇوٽڪاري جو ڪوبه رستو ڪونهي. منجهانئن گهڻا اڪثر ماٺ مٺيءَ ۾ يا ڪجهه مقابلي کان پوءِ، ان ڳالهه کي پنهنجي تقدير ۽ لکئي جو ليک سمجهي، برداشت ڪن ٿا ۽ زندگيءَ جو زهر ڦڙو ڦڙو ڪري ٻي، چڻي چڻي، حياتيءَ جي قيد جا ڏينهن پورا ڪن ٿا. سندن اندر هر دم روئندو، سڙندو پچندو ۽ ٻرندو رهي ٿو. ڪي ته ڏک وچان پاڳل ٿيو پون ۽ جيئري ئي مئن گڏ ٿيو وڃن.
    ڏک، پيڙائون، مايوسيون ۽ موت زندگيءَ جون ازلي ابدي حقيقتون آهن. اهي اڄوڪي انسان جي زندگيءَ ۾ به موجود آهن، پر ڇا زندگي ۽ انسان جي دل ۾ فقط ڏک ۽ پيڙائون ئي آهن؟ ڇا انهن ڏکن ۽ پيڙائن جي ڪري ماڻهو فقط دل ۾ رجهن پچن ٿا، رڳو رڳو مايوس ئي ٿين ٿا، رڳو ماتم ئي ڪن ٿا ۽ ذهني، جذباتي ۽ روحاني طرح رڳو مرن ۽ ختم ئي ٿين ٿا؟
    نه. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ رڳو ڏک، ناڪاميون ۽ مايوسيون ۽ موت جون تمنائون ڪونهن. زندگيءَ ۾، بدترين دؤرن ۽ حالتن ۾ به، ڪي سک، ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي زندهه رهڻ جون آسون هجن ٿيون.

    لازم – ملزوم!
    انساني زندگي به اُبتڙن جو ميلاپ آهي. ان ۾ ڏک ۽ سک ٻئي آهن. ٻئي هڪٻئي جي اُبتڙ به آهن ته لازم ملزوم به آهن. اهي زندگيءَ جون اهڙيون هڪٻئي سان لاڳاپو رکندڙ ۽ هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ اُبتڻيون آهن، جهڙا ڏينهن ۽ رات، ڄم ۽ موت ۽ سردي ۽ گرمي، نه سک بنا ڏک جو تصور ڪري سگهجي ٿو، نه ڏک بنا سک جو. ٻنهي جو هڪٻئي تي دارومدار آهي ۽ هڪٻئي ۾ سمايل آهن. جيئن ٿَڪ بنا آرام جو، اوجاڳي بنا ننڊ جو، رات بنا ڏينهن جو ۽ سرءُ بنا بهار جو احساس ٿي نٿو سگهي، تيئن جنهن کي ڏکن جي خبر ڪانهي، تنهن کي سکن جو ڪهڙو احساس، ڪهڙو قدر ٿي سگهي ٿو؟
    اُڃ نه هوندي ته شربت به ڪونه وڻندو. ڍاؤل ماڻهو ست رڇي طعامن ڏانهن به اک کڻي ڪونه نهاريندو. جنهن جي حرم ۾ هزارين سهڻيون زالون فالتون ويٺيون هونديون، ان کي ڪهڙي خبر ته پرديسي محبوب سان اوچتي ملاقات ڇا ٿيندي آهي؟
    درحقيقت خوشيءَ جو ڪافي دارومدار ڏک تي آهي. سچو سک پيدا ئي ڏک مان ٿئي ٿو. ماءُ ڏک ڏسي ٻار ڄڻي ٿي، تڏهن ان کي ٻار ايڏي خوشي ڏئي ٿو. محبوب جي هڪڙي جهلڪ ان عاشق لاءِ خوشيءَ جو خزانو آهي، جنهن ان لاءِ ڪانگ اُڏايا ۽ فالون پاتيون آهن، تارا ڳڻيا ۽ راڄن جون غلاميون ڪيون آهن.
    ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري. (لطيف)
    رڳو لٺ ٻڌي سُکن پٺيان ڪاهجي پئبو ته اهي سُک ڦريو وڏي ۾ وڏا ڏک ۽ مصبيتون ٿي پوندا. ماڻهو بُک نه ڪاٽي ۽ سڄو ڏينهن ويٺو کائڻ جون لستون وٺي، جاڳي نه رڳو سُتو پيو هجي ته جيڪر سندس ڪهڙو حال ٿئي؟ ڏک ئي سکن جي راهه ڏيکارين ٿا ۽ انهن کي پيدا ڪن ٿا.
    ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو. (شاهه)
    ڪي ڪي ڏک ته اهڙا به آهن، جو ماڻهو هزارين سُک اُنهن تان قربان ڪري ڇڏي. ماءُکي ته ڀلا چئجي ته تون هروڀرو پاڻ کي اوجاڳا نه ڏي، ڇڏ ته ٻار ڀلي پيو رڙيون ڪري، صبح جو آرام سان اُٿي خبر وٺجانس! جي عاشق کي چئجي ته “ميان! ڇو ٿو اجايو آزار ۾ پئين! ڇڏ ته پرائي ڌيءَ ڀلي پرڻجي وڃي، تون آرام سان گهر ۾ ويهي آرام ڪر!” ته جيڪر ڪهڙو جواب ڏئي؟ ڪڏهن ماڻهو سؤ سُک عيوض ۾ ڏيئي، زندگيءَ جي بازار مان هڪڙو وڏو ڏک به خريد ڪندو آهي. چاهي اهو ذاتي هجي يا طبقاتي ۽ قومي يا عدم انساني.
    سو سُک ڏيئي، وِرهه وهايم هيڪڙو. (شاهه)
    ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ڏک ۽ درد ئي علاج پيدا ڪندا آهن. طبيب ۽ ڊاڪٽر تيار ڪندا آهن. ڏک ئي نه هجي ته علاج ڇا جو؟
    جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو،
    جو سو سُرئو سور، ته ڪر ويڄ ور پيو.

    (لطيف)
    (جيسين ضرورت ڪانهي، تيسين طبيب ڪونهي. سُور حاصل ٿيو معنيٰ ڄڻ ان جو علاج ڪرڻ وارو ويڄ يا طبيب هٿ اچي ويو!)

    خوشي رڳو خوراڪ ڪانهي!
    چوندا آهن ته “خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي. ڏک ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.” ٻين پهاڪن ۽ چوڻين وانگر هيءُ پهاڪو به فقط جزوي طرح صحيح آهي. هن ۾ به ٻين وانگر هڪ طرفائيءَ ۽ وڌاءُ کان ڪم ورتو ويو آهي. خوشي برابر ماڻهوءَ کي طاقت ڏئي ٿي ۽ ڏک ڪمزور ڪري ٿو، پر هر وقت نه ۽ سدائين لاءِ نه. محرومي ۽ ڏک ڪجهه عرصي کان پوءِ محروم ۽ ڏکويل ماڻهن، قومن ۽ طبقن ۾ ڪيترين ڪمزورين سان گڏ سهپ، جفاڪشيءَ، دورانديشيءَ، بي خوفيءَ ۽ قربانيءَ جون قوتون به پيدا ڪري ٿو. سُکين ماڻهن، طبقن ۽ قومن کان اهي ڳالهيون آهستي آهستي ڪري نيٺ موڪلايون وڃن. ان ڪري نيٺ ڪنهن ڏينهن محروم ۽ ڏکيا ماڻهو، قومون ۽ طبقا سُکين کان زور ٿيو وڃن، سندن ڏک سُکن ۾ بدلجيو وڃن.

    ڏک تخليق ڪندڙ ۽ اَڏيندڙ به آهي!
    ڏک رڳو ڊاهيندڙ ۽ ناس ڪندڙ نه پر ڪيترين حالتن ۾ اَڏيندڙ ۽ تخليق ڪندڙ به آهي. هر عظيم ۽ پياري شيءِ ۽ ڳالهه، مسئلن ۽ مونجهارن، ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلي ۽ ويڙهه مان پيدا ٿي آهي. ڏک انسانيت جا گهڻا اعليٰ ترين گُڻ پيدا ڪن ٿا. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويجهي ۾ ويجها ناتا، گڏيل ڏک، گڏيل پيڙائون پيدا ڪن ٿيون. ماڻهوءَ جي آزمائش سُکن ۾ نه، ڏکن ۾ ٿئي ٿي. ڏک ۽ پيڙائون ئي انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائين ٿا.
    دُنِيا جا پياري ۾ پيارا، املهه ۾ املهه ماڻهو ڏکن ۽ پيڙائن جي اوڙاهن جهاڳڻ وارا ماڻهو ٿيا آهن. الجزائر، ويٽنام، روس، چين، فلسطين جي آزاديءَ جي پروانن ۾ زمان، مڪان ۽ مرتبي جي هر فرق جي باوجود، هڪ ڳالهه ساڳي آهي. انهن سمورن سُکن سان سڱ ڇڏي، ڏکن سان پاند اڙايو هو ۽ انهن سان مقابلو ڪيو هو.
    سورن سانڍياس پورن پالي آهيان،
    جُڪس آءٌ هياس، ڪا گري گوندر ول جي.

    (لطيف)

    مايوسي قطعي ۽ آخري جذبو ڪونهي!
    ڏک جو ردعل رڳو مايوسي ڪانهي. ڏک ڪاوڙ ۽ بدلي، جدوجهد ۽ ويڙهه جا جذبا، سورهيائي ۽ قربانيءَ جا جذبا به پيدا ڪري ٿو. خود مايوسي به ڪو قطعي، آخري، تبديل نه ٿيندڙ ۽ دائمي احساس ڪونهي. مايوسي ڪجهه وقت کانپوءِ بدلجي اُميد به ٿي سگهي ٿي. اها ڦِري ڪاوڙ ۽ مقابلي جو جذبو به ٿي سگهي ٿو. احساس ۽ سمجهه جي سفر ۾ مايوسي هڪ قدرتي منزل آهي، پر اها آخري منزل ڪانهي. ماڻهن، طبقن ۽ قومن جي زندگيءَ ۾ مايوسين جون ڪئين ٻاٽ اونداهيون راتيون اچن ٿيون ۽ اُميدن جي سڀاڳن صبحن کي جنم ڏيئي گم ٿيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن اهي راتيون سڀ کان اونداهيون اُن وقت نظر اينديون آهن، جڏهن پرهه جي ڦُٽڻ ۾ باقي ڪي گهڙيون هونديون آهن!
    انسان جي انفرادي توڙي گڏيل زندگيءَ جو سفر لاهين، چاڙهين ۽ ورن وڪڙن جي باوجود، بنيادي طرح ڏکن ۽ مايوسين کان سوڀن ۽ خوشين ڏانهن سفر آهي.
    ڄمڻ مهل ماءُ جي اذيت ڀريل دانهن ۽ ٻار جي رڙين کان ماءُ جي ڪڇ ۾ ٻار جي معصوم ٽهڪڙن ۽ ماءُ جي چهري تي مرڪن جي ست-رنگي انڊلٺن ٽڙي پوڻ تائين سفر، غلام انقلابي اسپارٽئڪس جي دليرانه بغاوت ۽ ان جي حيوانيت سان ڪچلئي وڃڻ کان وٺي، آمريڪا ۾ غلام دارن جي بغاوت جي ڪچلئي وڃڻ ۽ غلامن جي آزاد ٿيڻ جو سفر، بنو هاشم جي مڪي مان نيڪالي ۽ سندن قريش سرمايه دارن طرفان حُقي پاڻي بند ٿيڻ کان وٺي، مڪي جي فتح تائين جو سفر، روس ۾ 1905ع جي انقلاب جي ڪچلئي وڃڻ کان عظيم آڪٽوبر انقلاب جي شاندار ڪاميابيءَ تائين جو سفر، شانگهائيءَ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ طرفان 1927ع ۾ دغا سان انقلابين جي قتلام ڪرائڻ کان 1949ع جي چيني انقلاب جي ڌرتي ڌوڏيندڙ فتح تائين جو سفر، ويٽنام ۾ 1933ع جي پورهيت بغاوت جي ڪچلئي وڃڻ کان پوءِ ڊين بين ڦو جي عظيم فتح ۽ 1975ع واري سڄي ملڪ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ زبردست سوڀ تائين جو سفر وغيره. ڏکن ۽ مايوسين کان سوڀن ۽ خوشين ڏانهن عالمي تاريخي سفر جي راهه ۾ جيڪي لکين حد نشان آهن، انهن مان ڪي ٿورا حد نشان اهي آهن.

    انسان ذات مجموعي طرح بدنصيب نه پر خوش نصيب آهي
    نه رڳو انسان جي تاريخ بلڪه هن ڌرتيءَ جي ۽ هن پوريءَ ڪائنات جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انسان ذات مجموعي طرح بدنصيب نه پر خوشنصيب آهي. سندس آئيندو اونداهو نه پر روشن آهي. انسان کي پنهنجي مجموعي ۽ گڏيل مقدر بابت مايوس نه پر بيحد آسائتو ۽ يقين سان ڀرپور هجڻ گهرجي. هر ڳالهه جي باوجود، کيس پنهنجي انسان هجڻ تي فخر ڪرڻ جو حق آهي. مڪمل تباهيءَ جي خطرن جي باوجود، هيءُ دؤر انسان ذات جي زوال جو نه پر اؤسر جو دؤر آهي. سندس جوڀن ختم نه ٿيو آهي. اهو اڃا هاڻ اچڻ وارو آهي. هيستائين انسان جي ٻالڪپڻ جو دؤر هلي رهيو هو. ڀلا انسان جي وسهڻ ۽ تصور کان ٻاهر حيرت انگيز خوش نصيبيءَ تي ويچار ته ڪريو!
    ڪائنات جا ڄاڻو سائنسدان، بي پناهه طاقت رکندڙ ريڊيائي رسدگاهن وسيلي ڪائنات ۾ اها تلاش ڪري رهيا آهن ته ڌرتيءَ جهڙو ڪو ٻيو اهڙو گرهه به آهي، جتي ساهوارا هجن. ڪجهه سال اڳ تائين روس جي گورڪي شهر واري ريڊيائي رسدگاهه جي سربراهه پروفيسر وسيو ولود ٽرائٽسڪيءَ چيو هو ته، “اسان ڌرتيءَ جي چوڌاري خلا ۾ 16 نوري سالن جي پنڌ تائين تپاس ڪئي آهي ته اتي ڪوبه ڌرتيءَ جهڙو اهڙو ٻيو خوش نصيب گرهه ڪونهي، جتي انسان ته ڇڏيو پر ڪوبه ساهوارو هجي. ڪائنات جي انهيءَ پٽ ۾ اسان جي سج جهڙا هزارين ٻيا سج آهن. انهن مان ڪيترن سجن کي پنهنجا پنهنجا گرهه آهن، پر انهن هزارين ڌرتيءَ جهڙن گرهن مان ڪنهن جي به ڪُک سائي ڪانهي.” اسان جو تارو جنهن جو نالو اسان سج رکيو آهي، سو ڪو اهڙو وڏو تارو به ڪونهي. اهو هڪڙو ٻئي ٽئي درجي جو نهايت معمولي تارو آهي ۽ اسان جي ڪهڪشان جي هڪڙيءَ ڪُنڊ ۾ پيل آهي، پر ڪائنات جي اسان واري اربين ضربيان اربين ضربيان اربين ميلن جي علائقي ۾ فقط اسان وارو تارو (سج) ئي هڪڙو اهڙو گرهه رکي ٿو، جنهن تي زندگي آهي! تنهن کان پوءِ سج جو گرهه رڳو ڌرتي ڪانهي، ٻيا به آهن. زحل آهي، مشتري آهي، مريخ آهي، وغيره. انهن مان ڪي تمام وڏا آهن ۽ ڪئين ڪئين چنڊ رکن ٿا. پر زندگي اسان جي ننڍڙي گهر يعني ڌرتيءَ تي ئي پيدا ٿي ۽ نه ڪنهن به ٻئي گرهه تي! اسين فقط هن ئي خاص ننڍڙي گرهه بدران ٻين هزارين سجن جي لکين گرهن مان ڪنهن به ٻئي گرهه تي هجون ها ته يا ته بي جان پٿر هجن ها يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ جا ٽڪرا!
    اسان واري تاري يعني سج جي به ڌرتيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي گرهه تي هجون ها ته به اهي ئي پٿر يا ڪنهن ٻيا بي جان ٽڪرا هجون ها، اسان جو بخت ڏسبو جو ڪروڙين اربين گرهن مان هن اڻ لڀ ۽ بي مثال اڪيلي گرهه ڌرتيءَ تي پيدا ٿيا آهيون ۽ سو به پٿر، لوهه جا ٽڪرا بنجي نه، پر ساهوار بنجي ۽ ساهوارن ۾ به مانگر مڇ، ڏيڏر، لومڙ، ڪَڇون يا جيت جڻيا بنجي نه، انسان بنجي!
    حساب لڳايو اٿن ته ڪائنات اٽڪل 30 ارب سال يعني ٽي هزار ڪروڙ سال اڳ ڦهلجڻ شروع ڪيو. ان 30 ارب سالن جي عرصي جي پنجن حصن ۾ اسان جو تارو، سج، دنيا ۾ هو ئي ڪونه. اهو ڦهلجندڙ ڪائنات جي ڪُل عمر جي پوئين ڇهين حصي ۾، اٽڪل 5 ارب سال اڳ پيدا ٿيو آهي. انهن پنج ارب سالن جي پهرين ٻن پتين ۾ يعني 2 ارب سالن تائين اسان جي ڌرتيءَ جو وجود ڪونه هو. اها اٽڪل 3 ارب سال يعني ٽي سئو ڪروڙ سال اڳ وجود ۾ آئي.
    ڌرتيءَ جو سڀني کان بزرگ يا سينيئر ساهوارو انسان ناهي، ٻيا آهن. پٿر جي دؤر جو انسان 10 لک سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هو، پر هو ڄڻ نو وارد هو، ڇو ته کير ڏيندڙ جانور کانئس ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ ۽ مڇيون کانئس 20 ڪروڙ سال اڳ ڌرتيءَ تي موجود هيون!
    دنيا لازمي طرح ۽ اٽل نموني ترقي ڪري رهي آهي. “ڪين” مان “ڪجهه” بلڪه تمام گهڻو “ڪجهه” پيو ٿئي. اسان ڏسون ٿا ته اربين سال سج جو اٿاهه پاڙو زندگيءَ کان خالي ۽ ويران هو. پوءِ ڌرتي پيدا ٿي. اتي به سوين ڪروڙ سال زندگيءَ جو ڪوبه آثار ڪونه هو. پوءِ نيٺ زندگي پيدا ٿي، پر وڻن ٽڻن جي صورت ۾. جڏهن جانور پيدا ٿيا، تڏهن به ڪروڙين سال ڌرتيءَ جون مالڪ اهڙيون اجگر بلائون هيون، جن کي پنهنجن ٻچن جي سنڀال ۽ پرگهور جي به ساڃاهه ڪانه هئي. ماڻهو پيدا ٿيو ته اهو به پهرين وحشي آدمخور قسم جو هو. انهن ڀيانڪ ۽ وحشي جانورن جهڙن ماڻهن مان ترقي ڪري ماڻهو ماڻهو ٿيو ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اسپارٽئڪس، قلوپطره، گوتم ٻُڌ، موسيٰ، عيسيٰ عه، محمد صه، ارسطو، بو علي سينا، نيوٽن، گئليلو، لطيف، شيڪسپيئر، اينسٽائين، مارڪس، اينجلس، لينن، مائو، هوچي منهه، ميران ٻائي، قرت العين طاهره ۽ لتا منگيشڪر جهڙا ماڻهو پيدا ٿيا.
    تنهن کان پوءِ هيءَ ته اڃا مس شروعات آهي. انسان کي نئين دؤر جو انسان ٿئي 25 هزار سال مس ٿيا آهن. ان عرصي ۾ 20 هزارن سالن تائين جي سندس ڪابه تاريخ ڪانه ٿي ڏسجي. سندس تاريخ پنج هزار سالن کان شروع ٿئي ٿي. اهو پنج هزار سالن جو عرصو پورهيت عوام گهڻي ڀاڱي غلامدارن، جاگيردارن ۽ سرمايه دارن جا غلام رهيا آهن. دنيا جو پهريون پورهيت سماجي انقلاب فقط 24، 25 سال اڳ آيو آهي ۽ اڃا دنيا جي فقط ٽئين حصي ۾ پورهيت گهڻائيءَ جو اقتدار قائم ٿيو آهي. ڌرتيءَ تي صحيح انساني دؤر تڏهن شروع ٿيندو، جڏهن سڄيءَ دنيا تي پورهيت عوام يعني انساني اڪثريت جو راڄ قائم ٿي ويندو. اڃا ته ڦورو ۽ ظالم ٽولن جي اڳيان اربين عوام جي بي وسيءَ ۽ مجبوريءَ جو دؤر ختم نه ٿيو آهي. جڏهن اهو دؤر ختم ٿيندو، تڏهن ئي انسان ذات پنهنجي جوانيءَ ۾ قدم رکندي ۽ صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي ترقيءَ جي سفر جو آغاز ڪري سگهندي.

    ڏکن جي ماٽيءَ مان سُکن جي مکڻ جو دُڪو!
    جدوجهد ختم ٿيڻي ناهي. جڏهن ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ جدوجهد ڪامياب ٿي ويندي ۽ طبقا ختم ٿي ويندا، تڏهن به نئين ۽ پراڻي جي وچ ۾، صحيح ۽ وڌيڪ صحيح جي وچ ۾ جدوجهد جاري رهندي. ڏک ۽ سک ايندڙ دؤرن ۾ به هوندا، پر انهن جي نوعيت بدليل هوندي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن انهن جو توازن بدلبو ويندو. اڄ ڏکن جي سڄي ماٽي ولوڙڻ سان سُکن جي مکڻ جو دُڪو به مس نٿو نڪري ۽ اهو به ڦورو ۽ ظالم اڪثر چورايو ۽ ڦُريو کڻيو وڃن. ايندڙ دؤر ۾ ڏک جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اعليٰ درجي جا هوندا. انهن مان سُکن جو مکڻ جهجهو نڪرندو ۽ انهن کي ڪير به اڄ وانگر شاهه شاهوڪاريءَ چورائي يا ڦُري ڪونه سگهندو.
    هر قسم جي محرومين، ڏکن ۽ تباهيءَ جي خطرن جي باوجود هيءُ دؤر انسان ذات جي زوال جي مايوس ڳالهين جو نه پر سندس اؤسر ۽ عروج جي اُميدن ۽ اُمنگن ڀريل ڳالهين جو آهي.


    باب پنجون : من حرام تي حُجتان ڍير! (سرائيڪي چوڻي)

    آڻيو آب اکين ۾ ڏيهه کي ڏيکارين... (لطيف)

    زال ذات سان ڏيکاءُ واري همدردي
    رجعت پرست نظامن ۾ غلامداري، جاگيرداري توڙي سرمايه داري نظامن انسانيت خلاف جيڪي زبردست تاريخي جرم ڪيا آهن، تن ۾ هڪڙو وڏي ۾ وڏو جرم آهي عورت کي غلام رکڻ ۽ جنسي معاملن بابت ظالماڻو، منافقيءَ ۽ مڪر وارو پليت رويو ڦهلائڻ. انهن ڳالهين خلاف جدوجهد عوام جي ادب ۽ ثقافت جو اهم ۽ مقدس فرض آهي. اهو مسئلو ٻن مان هڪڙيءَ جنس جي يعني اڌ انسانيت جي غلاميءَ ۽ هڪ ظالماڻي ۽ منافقيءَ واري رجعت پرست روش جو مسئلو به آهي ته ان سان گڏ ۽ ان کان وڌيڪ ڦورو ۽ ظالم نظامن جي ٻين گهڻن بنيادي مسئلن منجهان هڪ بنيادي مسئلو آهي. ان جي حل لاءِ الڳ جدوجهد به ٿيڻي آهي ته هن سميت سڀني مسئلن جي گڏيل بنيادي ۽ دائمي حل لاءِ گڏيل جدوجهد به ڪرڻي آهي، الڳ جدوجهد محدود هوندي. ان جا نتيجا به محدود هوندا. اها به ڪرڻي آهي ۽ ٻي به ڪرڻي آهي. مسئلي جو بنيادي حل ڪرڻو آهي.

    عورت جي ذلت، انسان ذات جي ذلت
    عورت جي غلامي رڳو عورت جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت ناهي، هڪ حد کان پوءِ اها عورت توڙي مرد ٻنهي جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي. اها هن غلام ماءُ جي پٽ، هر غلام ڀيڻ جي ڀاءُ، هر غلام محبوبه جي عاشق، هر غلام زال جي مڙس ۽ هر غلام ڌيءَ جي پيءُ جي غلامي، بدنصيبي ۽ ذلت آهي. ان غلاميءَ خلاف مقدس جدوجهد ۾ رڳو عورت جي نه پر مرد توڙي عورت، سموري عوام، سموري انسان ذات جي نجات آهي.
    سرمايه داري، خاص ڪري هن دؤر جي رجعت پرست بڻجي ويل زوال پذير سرمايه داري، انسان ذات جي ان ازلي غلاميءَ، بدنصيبيءَ ۽ ذلت کي کرڙي، ڌوئي، ڌرتيءَ کي ان کان پاڪ ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ بدران ان جدوجهد کي روڪي ۽ ٽارپيڊو ڪري ٿي، ڇو ته اها ڌرتي ڌوڏيندڙ جدوجهد جيڪا اڌ انسانيت جي جدوجهد ٿيندي، جيڪا دنيا جي هر پُٽ جي ماءُ، هر پيءُ جي ڌيءَ، هر ڀاءُ جي ڀيڻ، هر عاشق جي محبوبه ۽ هر مڙس جي زال جي جدوجهد ٿيندي، سا جيڪڏهن واقعي صحيح نموني هلي ته اها هن زمين کي، ان جي تاريخ کي، ان جي ڦورو، ظالم، جنگجو، ڌاڙيل، رهزن ۽ قاتل سماجن ۽ نظامن کي زير زبر ڪري ڇڏيندي. دنيا جون مائون، ڌيئون، ڀيڻون، محبوبائون ۽ زالون سجاڳ ٿي اُٿي کڙيون ٿين ۽ پاڻ ۾ توڙي ٻين انسان دوستن سان ٻڌي ڪري، منظم ٿي، هڪ عالمي طاقت بڻجي وڃن، ته ڇا هو موت جي سوداگرن کي عام تباهيءَ جا هٿيار تيار ڪرڻ ڏينديون؟ جنگيون ڪرڻ ڏينديون؟ پنهنجا پٽ، پيءُ، ڀائر، محبوب ۽ مڙس سرمايه دارن جي ٽجوڙين ڀرڻ لاءِ ڪُهائڻ ڏينديون؟ موت ۽ تباهيءَ کي ڌرتيءَ جي تقدير بڻجڻ ڏينديون؟ هرگز نه!
    ان ڪري عوام دشمن سازش اها آهي ته عورت، جا ڌرتيءَ وانگر هر نيڪيءَ، قوت ۽ خير جو سرچشمو آهي، جيڪا زندگيءَ جي خالق ۽ ان جي محافظ آهي، جيڪا هن ڌرتيءَ جي تقدير لاءِ مرد کان وڌيڪ ذميوار آهي، ان کي فقط جنس جو مجسمو بڻائبو، ان جي فقط جنسي محرومي، مظلوميت جي ڳالهه ڪبي، سا به ڪوشش ڪري، گندي، بيهودي، بڇان ڏياريندڙ نموني، سندس زندگيءَ ۽ سندس مقدر جي مسئلن کي فقط جنس تائين محدود رکبو، جنسي مسئلو زبردست ۽ بنيادي جمهوري مسئلو آهي. ان جي صحيح نموني ڳالهه به لازمي ٿيڻ کپي ۽ زبردست نموني ٿيڻ کپي، پر اهو عورت جو اڪيلو مسئلو ۽ فقط عورت جو مسئلو ته ڪونهي. اهو ٻين کان الڳ ته ڪونهي. ان کي اڪيلي سر ٻين کان ڌار حل ته نٿو ڪري سگهجي. جيستائين قبائلي، سرداري ۽ جاگيرداري نظام قائم آهي. سرمايه داري ۽ سامراجي نظام قائم آهي، جيستائين انهن جي سماجي، اقتصادي، ثقافتي، نظرياتي ۽ سياسي نوٽڻ قائم آهي ۽ جيستائين سمورا عوام سندن مها ڄار ۾ قيد ۽ بيوس آهن، تيستائين ٻئي عوام وانگر عورت به هڪڙي غلاميءَ جي ڄار يعني جاگيرداري رسمن رواجن جي ڄار مان نڪرندي ته سرمايه داري ۽ سو به زوال پرست سرمايه داريءَ جي ڄار ۾ ڦاسندي. هوءَ مجموعي طرح هر حال ۾ غلام رهندي.
    جڏهن عورتن ۽ مردن جي ڪوشش ۽ ويڙهه سان اهڙو نظام قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀ عورتون اقتصادي طرح پنهنجن پيرن تي بيٺل هونديون، ڪنهن جون محتاج نه هونديون، ڪنهن جي کيسن ڦلورڻ، ڪنهن جي خوشامد ڪرڻ لاءِ مجبور نه هونديون، اٽي، لٽي، گهر ۽ آبروءَ لاءِ ڪنهن جون محتاج نه هونديون، جڏهن هو مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڌرتيءَ جون وارث ۽ مالڪ بڻبيون، تڏهن ئي غلامي ختم ٿيندي، نه رڳو عورت جي پر سموري عوام جي، سموري انسانيت جي.
    جيڪو ادب عورت کي رڳو هڪ جنس طور پيش ڪري ٿو ۽ سندس مسئلو فقط جنسي مسئلي تائين محدود رکي ٿو، سو دوست جي ويس ۾ عورت جو دشمن ادب آهي. اهو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو ڇاڙتو ادب آهي.

    ڳوٺن مان شهرن ۾ اچڻ وارن جي پيڙا
    هزارين سالن کان ڳوٺن مان ماڻهو شهرن ۾ ايندا رهندا آهن. هاڻ به اچن پيا، سڀاڻي به ايندا ۽ پرينهن به. هر دؤر ۾ شروعات ۾ هو پاڻ کي نئين شهر ۾ اوپرو اوپرو، وائڙو وائڙو محسوس ڪن ٿا، پر پوءِ ٺهيو وڃن، نيٺ پراڻا شهري ٿيو وڃن. اُنهن جا مسئلا اهم آهن ۽ اهي حل ٿيڻ گهرجن. پر اهي اهڙا ڪي بنهه اچرج ۾ وجهندڙ مسئلا ناهن، جي نه ڪنهن سُڻا نه ٻُڌا ۽ جنهن لاءِ ڪو نئون برڙ باڪاس قسم جو ادب لازم ٿيو پوي. عالمي ادب صدين کان ڏڪارن، قتلامن، ٻوڏين، جنگين جي پيڙا جو اظهار پئي ڪيو آهي. اها ڪهڙي اهڙي انهن کي وڏي ازغيبي پيڙا آهي، جنهن جو اظهار نه ڪري سگهندو ۽ ان لاءِ ڪنهن جو به روزگار جي خاص الخاص پيڙائي ادب جي ضرورت پئجي وڃي.

    پراڻا قدر ۽ ناتا ٽُٽن ٿا ته ٽُٽڻ ڏيو!
    چوندا آهن “ڪُتِي، سهڪي ڌڃاڻي! ڇو؟ چي، مون کي نيپاج جو ساءُ!” هيءُ قصو اڃا به اور آهي. هتي ته مورڳو، “ڌڃاڻي، سهڪي ڪُتي!” وارو ڪم آهي!
    ڀلا جيڪي اڳوڻا سماجي قديم ناتا ٽُٽن پيا سي ڪهڙا آهن؟
    اڳوڻا سماجي قدر ۽ ناتا ڪهڙا هئا؟ اهي سماجي طرح جاگيرداري، سرمايه داري، سامراجي قدر ۽ ناتا هئا. ڳچ وقت تائين اهي بنيادي طرح ساڳيا رهڻا آهن. فرض ڪريو ته اهي بدلجن پيا، ٽُٽن پيا، ڀُرن پيا، پر انهن تي ٽين دنيا جي عوام کي رنج ٿيڻ جو ۽ ماتم ڪرڻ جو ڪهڙو لاچار آهي؟ اهي عوام ڪهڙا يورپي ملڪيت وارا طبقا آهن، جن وٽ سرمايه داري نظام پهرين عروج تي هو ۽ جن ان جي وسيلي پنهنجي عوام ۽ سڄيءَ دنيا جي عوام کي ڦُري ماري ۽ لُٽي موجون ماڻيون؟ اهي ڪهڙا جاگيردار، نواب، بادشاهه ۽ سُلطان آهن، جن پراڻن جاگيرداري قدرن ۽ ناتن جي ذريعي خرمستيون ڪري عيش ٿي ڪيا؟ انهن کي سرمايه داري، جاگيرداري نظامن ڪهڙو پينگهن ۾ لوڏيو هو جو هو ويهي اِنهن جي زوال ۽ سندن قدرن ۽ ناتن جي ٽُٽڻ تي پار ڪڍن؟ هنن جون ته انهن آدمخور نظامن ۽ سندن قدرن ۽ ناتن، پيڙهيون ڳاڙي ۽ سندن کلون لاهي ڇڏيون!

    ڪا اِٽي، ڪو ڏونڪو؟
    خاص ڪري هندستان پاڪستان جي جديدين کان ته ڪو ماڻهو هجي جو پڇي ته، “ميان اوهان جو انهن مردار نظامن ۾ ڪا اِٽي، ڪو ڏونڪو! اوهان جاگيردار، سرمايه دار، سامراجي نظامن جا ماريل، ڪُٺل ماڻهو، اوهان کي انهن نظامن ڪهڙيون پڳون ٻُڌايون آهن، جو انهن جي ڏک ۾ اوهان جو هيءُ پار جو ٺڪاءُ پيو پوي ۽ اکين تان ڳوڙهو نٿو سُڪيو!؟ اوهان جي ته پاڻ خدا ٻڌي، جو اهي آدمخور نظام ۽ سندن قدر ۽ ناتا پنهنجي کُٽيءَ مرن پيا! اوهان کي ته پاڻ گهرجي ته سڄي دنيا ۾ جيڪو نئون جاگيردار دشمن، سرمايه دار دشمن ۽ سامراج دشمن، قومي عوامي جمهوري انقلابي نظام ڏاڪي به ڏاڪي اڏجي پيو، ان ۾ پهچ آهر هٿ وجهايو. ان جي اُسرڻ، نسرڻ، وڌڻ ويجهڻ جي آجيان ڪريو، خوش ٿيو، سرهايون ڪريو. اوهان کي وري محمد باقي يا محمد تغلق، تيمور يا نادر شاهه ۽ لارڊ هيٽنگس جي راڄ جو شوق ٿيو آهي، جو مٿي ۾ ڌوڙ وجهيو مُنهن مٿا پيا پٽيو!؟”

    “ڄڃ ۾ ڄاڻي ڪونه، چي آئون گهوٽ جي پڦي!”
    انگريزن جي واريءَ ۾ ڪيترا ڪارا هندستاني به گورن انگريزن جو نقل ڪندا هئا ۽ ماڻهن تي پنهنجي صاحبلوڪيءَ جو رعب وجهندا هئا. ماڻهو انهن کي ڪارا انگريز ڪوٺيندا هئا، جيڪي ٽين دنيا جي اديب، يورپ ۽ آمريڪا جي سرمايه دار سامراج جي زوال تي ماتم ڪندڙ آمريڪي، يورپي زوالي اديبن جو نقل ڪري، دنيا ۾ سرمايه دار سامراجي قدرن ۽ ناتن جي ٽُٽڻ جو ادبي ماتم پيا ڪن، سي به ادب جا ڄڻ ڪارا انگريز آهن.
    انگريزن جي دؤر ۾ ويچارن ديسي ڪارن ڪرستانن کي، پاڻ بابت، ڏاڍيون رحم جوڳيون خوش فهميون هونديون هيون. ڳالهه ڪندا آهن ته لاهور ۾ انگريزن جي راڄ ۾ هڪڙي ڀيري انگريزن خلاف مظاهرا ٿيا. هڪڙي ڀنگياڻيءَ ٻيءَ کان پڇيو، “ني اي ڪِي مندگي هين؟” ٻيءَ وراڻيو، “اي ساڊي ڪولون آزادي پي منگدي نين تي اسي نيهون ديڻ لگي.” (“ائي! هي ڇا ٿا گهرن؟” “هي پاڻ کان آزاد ٿا گهرن ۽ پاڻ ڪونه ٿا ڏيون.”) مطلب ته ٻهارا هٿن ۾، پر پاڻ کي گورن انگريزن جو شريڪ ۽ ملڪ جو مالڪ پيو سمجهجي! تيئن ٽين دنيا ۾ ماڻهو موچڙن جي ويل ۾ ۽ هنن کي غم جاگيردارن ۽ سرمايه دارن ۽ سامراجي قدرن ۽ ناتن جي ٽُٽڻ جو!

    ٻوليءَ کي ڇا ٿيو آهي؟
    چون ٿا ٻولي اسان جي احساسن جو ڀرپور اظهار نٿي ڪري سگهي. ڪيئن ڪندي؟ ٻولي ماڻهوءَ کي اچي ته ان کان ڪم به وٺي سگهي نه! انساني ٻوليءَ ڪروڙين ڪتاب لکايا آهن. هزارين شعر، ڊراما، ناول، ڪهاڻيون، قصا وغيره ان ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن. انهيءَ ٻوليءَ ۾ هومر، ڪاليداس، ورجل، دانتي، شيڪسپيئر، لطيف، گورڪيءَ ۽ ٻين پنهنجي ڏات جو اظهار ڪيو آهي. ان ٻوليءَ ۾ ڪائنات جا ڪروڙين اسرار ڪاميابيءَ سان سمجهايا ويا آهن. سوين سائنسون ان ۾ نهايت چٽائيءَ ۽ صفائيءَ سان بيان ٿي چڪيون آهن. اينسٽائين انهيءَ انساني ٻوليءَ ذريعي پنهنجو تاريخ ساز اضافيت جو نظريو بيان ڪري ورتو.
    هاڻ ٻوليءَ کي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي جو هي جديدي حضرات ان ۾ پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ٿا ڪن؟ تنهن کان سواءِ هر ٻي شيءِ وانگر ٻولي به هر دؤر ۾ ارتقائي يا انقلابي ترقي ڪندي رهي ٿي، وڌندي ويجهندي رهي ٿي. هنن جديدي حضرات وٽ اهڙا ڪهڙا غيبي اسرار لڪل آهن، جن کي هو سدا وڌندڙ ويجهندڙ انساني ٻوليءَ جي مدد سان ظاهر ڪري نٿا سگهن؟
    درحقيقت ٻوليءَ تي پورو عبور حاصل ڪرڻ محنت طلب ڪم آهي. ان لاءِ وڏيءَ ڄاڻ، وڏيءَ لياقت، وڏي ڪمال جي ضرورت آهي. جديدين جي هڪڙي سڃاڻپ اها آهي ته هنن کي پنهنجي ٻولي نٿي اچي. هر خوبصورت، اثرائتي ۽ جاندار ٻولي ته ٺهيو، صحيح ٻولي به لکي نٿا سگهن. اڪثر ڪري ان ڳالهه ۾ هو بلڪل ڄٽ ۽ جاهل آهن.

    پراڻا ادبي ۽ فني قدر ۽ ٽيڪنيڪ ٽُٽن پيا!
    برابر ٽُٽن پيا، پر رڳو ٽُٽن ڪونه پيا، بدلجن، ٺهن ۽ جُڙن به پيا. اهو سلسلو شروع کان وٺي هليو اچي ۽ هلندو رهندو. ان ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جيڪا بلڪل اهڙيءَ بنهه نئين هجي، جو ان لاءِ آسمان مان ڪنهن بنهه هوائي ادب جي نازل ٿيڻ جي ضرورت پوي. ادب ۾ ان جي ٽيڪنيڪ ۾ نوان عنصر سدائين شامل ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا، پر هيئن نه ته اڳوڻي هر ڳالهه رد ۽ سماج جا سمورا رشتا غائب.

    ماڻهو اسان جي ڳالهه سمجهي نه سگهندا!
    ماڻهو ڇو نه سمجهي سگهندا؟ آخر ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ارسطو، بو علي سينا، گئليلو، مارڪس، اينسٽائين، شيڪسپيئر، رومي ۽ لطيف کي به سمجهي ويا. ماڻهو ڪائنات جا ڪئين قانون ۽ راز به سمجهي ويا. مادي جا، ايٽم بم جا، ڪو ائٽم نظريي جا، خلا جا، خلا ۾ سمايل مقناطيسي برقي لهرن جا. اهڙو سمجهي ويا جو ڪائنات کي فتح ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿن. ماڻهو چنڊ تي پهچي ويا آهن. سمنڊن جي پاتالن ۾ پهچي ويا آهن. هتان نشانو ٿا چُٽين ته ٺڪ وڃيو مريخ کي لڳي! ماڻهو هزارين سال اڳ جون بابلي، ايسري ۽ مصري لکيتون پڙهي ويا آهن. موهن جي دڙي جي لکيتن کي لڳا پيا آهن.
    اهي ماڻهو هنن جي لکيت ڇو نه سمجهندا؟ هي ڪي زحل ۽ مشتري يا ستاري الفاسينٽاري جي مخلوق ته ناهن جو هنن جون لکيتون ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اچن؟ پر پريان ڪا سمجهڻ جهڙي ڳالهه به ته هجي! ڪا معنيٰ ڪو مطلب به ته هجي!

    ڪنهن معنيٰ مطلب سان واسطو ڪونهي!
    پر هنن جو ڪنهن به معنيٰ مطلب سان واسطو ڪونهي. هنن کي پنهنجون بي مثال صلاحيتون، معنيٰ ۽ مطلب جهڙي خسيس ڳالهه تي زيان ڪرڻيون ڪونهن! هنن کي “نئون”، “جوان سال”، “پنهجي ذات جي آگاهي رکندڙ”، “پنهنجي ذات سان سچو”، “اندر جي پيڙا ۾ پچندڙ”، “صليب ڪلهي تي کڻي، ٻاٻرن ڪنڊن تي هلندڙ”، “ڀور ڀور ٿيندڙ”، “ٽِرندڙ پکڙجندڙ ذات وارو” جغاداري مها اديب ٿيڻو آهي. چرچي جي ڳالهه ته ڪانهي! مطلب ۽ معنيٰ جيترو گهٽ، اوترو چڱو! اوتري لکيت وڌيڪ علامتي ۽ خيالي ٿيندي. مطلب ته معنيٰ بنهه نه هجي ته اهڙي ڳالهه ڪا ٻي! لکيت نسوري علامت، علامت جي به علامت هجي ۽ مٿان جي ان ۾ پڙهندڙ کي بنهه مت مان ڪڍي ڇتو ڪري، کانئس گونهه دڦاني جو مصالحو به پيل هجي ته پوءِ ڄڻ کير ۾ کنڊ پئجي ويئي! “نئين” ادب جو بي مثال شاهڪار تيار ٿي ويو، آسپاس جا ڪئين نقاد ۽ پُٽن پوٽن وارا “جوان سال اديب” نئين مها ادب جي چرنن ۾ سيس نوائڻ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيندا. سندس شاهڪار ۾ لڪل عظيم علامتي ڳُجهارتن جون سوين ڀڃڻيون ۽ روحاني راز پيش ٿي ويندا. ڪو چوندو “پيڙهي وڇوٽيءَ جي علامت آهي.” ڪو چوندو، “نراس سچائيءَ جي علامت آهي”، ته ڪو چوندو، “نه، نراس سچائيءَ جي علامت نه، سچيءَ نراسائيءَ جي ڳُجهارت آهي.” مطلب ته جيترا ڏند ڏاڙهون وڃائي ويٺل، ڏاڏي آدم جي واريءَ جا “نوان” نقاد، اوتريون، مُنهن جي پڪائيءَ ۽ جاهل ۽ کوکليءَ لفاظيءَ واريون تاويلون.
    ننڍي هوندي ٻن ٺڳن جو قصو پڙهيو هئوسين، جن بادشاهه کي چيو هو ته اسان توکي سونيءَ تار مان اُڻيل اهڙا حيرت انگيز ڪپڙا پارايا آهن، جن کي ڪوبه بيوقوف يا تنهنجو ويري ڏسي ڪونه سگهندو. اهڙيءَ طرح بادشاهه کي اُگهاڙو ئي اُگهاڙو، گهوڙي تي چاڙهي کڻي سندس شهر ۾ جلوس ڪڍرايائون. ڪنهن کي بادشاهه جي نظر ۾ بيوقوفي ۽ ويري ته ٿيڻو ڪونه هو! سو سڄو شهر واهه واهه ڪرڻ ۾ لڳي ويو. آخر هڪڙي ٻار وٺي رڙ ڪئي، “اڙي بادشاهه اُگهاڙو!” “اڙي بادشاهه اُگهاڙو!” تڏهن وڃي ٺڳي ظاهر ٿي.
    سو هي به پنهنجيءَ پر ۾ سونيءَ تار مان اُڻيل حيرت جهڙو ادبي لباس اوڍيو ويٺا آهن. ڪير چوي شينهن کي ته مون کي کاءُ! ڪير چوي “بادشاهه اُگهاڙو!؟”

    ماڻهو سمجهن نه سمجهن، پسند ڪن نه ڪن، اسان جو واسطو ڪونهي، اسين پنهنجا نقاد پاڻ آهيون.
    چالاڪيءَ جي به ڪا حد هجي! پنهنجا شاهڪار به لکڻا آهن، ڇپائڻا آهن، شهر شهر پهچائڻا به آهن، انهن جون تعريفون به ڪرائڻيون آهن، مها نئون اديب به سڏائڻو آهي، پر جي ڪو وات مان اکر ڪڍي ته، “ٻيلي، ڏاها ٿيو! هن ۾ ادب جي ڀائي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” ته هڪدم اکيون ڦوٽاري چئبو، “اسان اوهان لاءِ نه لکيو آهي، اوهان کي سمجهه ۾ به ڪونه ايندو. اچي نه اچي، اسين ٻڌل ناهيون، اسين پنهنجا نقاد پاڻ آهيون.”
    مطلب ته ماڻهو داد ڏين ته سبحان الله! پر جي سوال جواب ڪن ته “ماڻهن جو اسان سان واسطو ئي ڪونهي!”
    ڀلا جي ماڻهو اعليٰ ادب سمجهي به نٿا سگهن، انهن لاءِ آهي به ڪونه، انهن جي راءِ کي ڪوبه وزن ڪونهي ته پوءِ آخر پنهنجي خيالن کي لکڻ جي تڪليف ڪرڻ جو ضرور ڪهڙو؟
    لکڻ ته آخر ڪنهن نه ڪنهن جي سمجهڻ يا ان کي سمجهائڻ لاءِ هوندو آهي! ڇو نه اهي اڻ لڀ خيال دماغ ۾ ويچاري، دماغ ۾ ئي سانڍي رکي ڇڏجن؟ هيڏي تڪليف ڪري پني تي لکڻ جو ڪهڙو ضرور؟ پر جي هروڀرو لکڻ بنا رهي نه سگهجي ته پاڻ پڙهي ڦاڙي ڇڏجي يا وڌ ۾ وڌ پاڻ وٽ سوگهو ڪري رکي ڇڏجي ۽ جڏهن وڻي تڏهن پيو پڙهجي. ان کي هرو ڀرو ڇپائڻ جو ڪهڙو ضرور؟ بازار ۾ آڻڻ ۽ عام ماڻهن ۾ وڪڻڻ جو ڪهڙو ضرور؟
    هيءُ دؤر اسان جي تخليق جي عظمت جو فيصلو نٿو ڪري سگهي!
    برابر ڪي ماڻهو، ڪي فنڪار اهڙا به آهن، جن جي تخليق جي سموريءَ عظمت کي ڪو هڪڙو نسل، ڪو هڪڙو دؤر يا ڪا هڪڙي اڌ صدي مڪمل طرح پروڙي نٿي سگهي. ڪيئي اهڙا به ٿي گذريا آهن، جن کي سندن زماني جي وڏن پڳڙن مرڳو ڌڪاري ڇڏيو. سندن ڳالهه مرڳو سمجهي ئي ڪانه، پر انهن مان اڪثر، انهيءَ جي باوجود، پنهنجي دؤر جي عوام جي عدالت ۾ پيش ٿيا. صحيح يا غلط، انهن جي راءِ ٻُڌائون ۽ سَٺائون. ايئن ڪنهن به ڪونه چيو ته، “ماڻهو مون کي سمجهي ڪونه سگهندا. ماڻهن جو مون ۾ ڪجهه به ڪونه وڃي. مون کان ڀڄي پري ٿيو!” نه ڪاليداس ايئن چيو، نه هومر، نه سئفو، نه ميران، نه شيڪسپيئر، نه لطيف، نه ٽالسٽاءِ، نه گورڪي يا ڪنهن ٻئي اهڙي.
    تنهن کان سواءِ عظيم فنڪارن، جي ناجائز ملامت سَٺي آهي ته اڪثر ڦورو، ظالم طبقن ۽ سندن ادبي ۽ ثقافتي ڪمدارن هٿان، هيءُ ادب ته دنيا جي سرمايه دار سامراجي طبقي جي عين منشا ۽ مرضيءَ مطابق آهي. انهن جو ئي خادم آهي، انهن جو ئي ڪم ڪري ٿو، مڪاني حاڪم طبقي کي به هن ادب مان اڻ سڌو نفعو نقصان ڇا جو؟ ماڻهن کي ادب جي نالي ۾ نااُميديءَ ۽ مايوسيءَ جو چرس ۽ گانجو پياري، بتال ڪرڻ واري ادب کان وڌيڪ حاڪم طبقن جو هيئين ٺار ادب ٻيو اڃا ڪهڙو ٿيندو؟ اهڙي ادب کي زماني مان ٻيو ڪهڙو ڊپ ڊاءُ؟
    پر حال اهو آهي، جو جنهن ڪڪڙ جي آني مان ڦُٽي “چيون!” “چيون!” مس شروع ڪئي ته هن لاءِ هڪدم ماڻهو ٿيو وڃن جاهل ۽ سڄي نسل جو نسل ۽ دؤر جو دؤر ٿيو پوي هن جي عظيم وللي ۽ واويلائي فن بابت ڪا راءِ ڏيڻ لاءِ نااهل! تنقيد جا دروازا بند! ادب کي پرکڻ جون سموريون ڪسوٽيون رد ۽ باطل! “مين جو آکيا گابا سو گابي ڪِوين ٿيسي؟” جي هي عوام لاءِ چون ٿا ته عوام جي اڪثريت کين ۽ سندن فن کي سمجهي نٿي سگهي ۽ سندن عوام سان ۽ انهن جي پسند ناپسند سان واسطو ئي ڪونهي ته ڇا عوام کي اهو حق ڪونهي ته هو به چون ته، “اي ادب جي مسند جا عالمي مقامو! جيئن ته اوهين به اسان کي ۽ اسان جي دُکن دردن کي سمجهي نٿا سگهو، تنهن ڪري اوهين به اسان جي ڪم جا ناهيو! اوهين به اسان کي ڪونه کپو! کڻي وڃو اسان جي اڳيان هي پنهنجا ڪوڙا ۽ جُڙتو دفتر ۽ بند ڪريو اسان جي اڳيان هي اجايون وللون ۽ کڳيون؟”

    “عوام کي نفعو ٿئي يا نقصان اسين ٻڌل ناهيون”
    عام طرح هر ڪو ماڻهو بنيادي طرح پنهنجي فائدي لاءِ ڪم ڪري ٿو، پر ڪي جيري ڪارڻ ٻڪري ڪُهن ٿا. ڪي نه، چرس ۽ گانجو وڪڻندڙ، سمگل ڪندڙ، ڪوڙيون دوائون وڪڻندڙ، ٻار اغوا ڪندڙ، بلئڪ مارڪيٽر، ذخيره اندوز، رشوت خور ڪامورا ۽ ظالم حڪمران طبقا، ملاوت ڪندڙ، سڀ ايئن سوچين ٿا ته، “اسان جو ڪم پنهنجي فائدي سان. ان مان ٻئي جو نفعو ٿئي يا نقصان، اسان جو واسطو ڪونهي.” ادب جي ميدان ۾ به ڪن ماڻهن جي سوچ اها آهي. ادب جي ميدان ۾ عوام جي مفادن ڏانهن لاتعلقيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو، جنسي پرستيءَ، ماراماري، دهشت انگيزيءَ، خودپرستيءَ، لالچ، عوام دشمنيءَ، مايوسيءَ ۽ بزدليءَ جو سڌو ۽ اڻ سڌو پرچار ڪندڙ اديبن يا فنڪارن لاءِ به عوام جو رويو اهو ئي رهڻ گهرجي، جهڙو ٻار اغوا ڪندڙن، بلئڪ مارڪيٽرن، ذخيره اندوزن وغيره لاءِ. اهي سڀ عوام جا مجرم آهن، جن کي عوام جي ڀلي جو خيال ڪونهي، جيڪي عوام جي مفادن بابت لاتعلق ۽ لاپرواهه بڻجي ٿا وڃن، تن سان عوام جو سلوڪ به اهڙو ئي هئڻ گهرجي.

    هي لاتعلق هرگز ڪونهن!
    پر هي عوام ڏانهن لاتعلق ناهن. فقط اهڙو ڍونگ رچائين ٿا. هنن جو عوام جي مفادن ۽ نفعن ۽ نقصانن سان گهرو واسطو آهي. عوام جي دشمنن جو ڇاڙتو ادب پنهنجي شڪار يعني عوام تي هردم ڪَرڙي نظر رکيو ويٺو آهي. سندس ڊيوٽي ئي اها آهي ته عوام کي ڪيئن وڌ ۾ وڌ نقصان رسائي، پنهنجي آقائن يعني عوام دشمن حاڪم طبقن وٽ سرخرو ٿئي.
    نام نهاد “نئون” ادب قسمين قسمين رنگن ۽ روپن ۾ طرحين طرحين نموني سان پنهنجن آقائن جي خدمت ۽ دنيا جي عوام سان دشمني پيو ڪري.
    عوام جي حمايت ۽ عوام دشمنن جي مخالفت ڪندڙ ادب خلاف خونخوار جنگ
    عوام جي خدمت ڪندڙ ادب عوام جي دشمنن خلاف سڄي دنيا جي ڪروڙين ڦُريل ماريل انقلابي ماڻهن جي ذهنن ۾ ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا جدوجهد ۽ ويڙهه جي پختن ارادن، سورهيائيءَ ۽ قربانيءَ جي حوصلن جا بم بارود پيو رکي. هيءُ “نئون” ادب ڊوڙ ڪريو، انهن بمن جا فيوز اُڏايو ڇڏي. هي ماڻهن کي جنس پرستيءَ، مايوسيءَ، بزدليءَ، خودلذتيءَ، خودقياسيءَ ۽ خودپرستيءَ جا چريا ڌاتُورا پياريو، کين مت مان ڪڍيو، سندن ڌيان مٿين ڳالهين تان هٽايو ڇڏي.

    اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ
    پيڙهي وڇوٽي، انسان جا ذاتي مونجهارا، جنسي مسئلا وغيره انساني مسئلا آهن، پر اهي بنيادي مسئلن جي پيداوار آهن، خود بنيادي کان بنيادي مسئلا ناهن. بنيادي کان بنيادي مسئلا هڪ ڦورو ۽ ظالم سماجي نظام ۾ عوام جي ڦُرلٽ ۽ غلاميءَ جا پيدا ڪيل مسئلا آهن. جي سماجي نظام ٿو بدلجي ۽ اهي مسئلا حل ٿا ٿين ته پيڙهي وڇوٽي ماڻهن کي ڦان ڪانه ڪري ڇڏيندي.
    ماڻهو سجاڳ، متحد، منظم ۽ سرگرم هوندا ته فرد جي اڪيلائپ ۽ وائڙپ جو علاج به ٿي پوندو ته جنسي منافقيءَ ۽ مڪاريءَ جو به. اصل بيماري ٽي بي آهي، مٿي جو سُور نه. اهو ته ان جو اثر آهي. هي اصل مرضن کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ لاءِ، انهن جي ڳالهه به نٿا ڪرڻ ڏين. رڳو مٿي جي سور تي اوڇنگارون پيا ڏين ۽ ائسپرو جو علاج پيا ڏسين. اهڙيءَ ريت تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي، هٿرادن مسئلن ۽ اصل مسئلن مان پيدا ٿيل ٻئي ٽئين درجي جي مسئلن بابت ڦشري مچائي، هو اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائي، انهن جي حل جي راهه روڪي، عوام دشمنن جي خدمت ڪن ٿا.

    جعفر واريون ڪوڙيون دانهون
    متان ڪي ماڻهو، سچن پچن مظلوم ماڻهن جي سچي پچي اجتماعي ۽ تاريخي مظلوميت بابت سچيون دانهون ڪري، عوام کي سجاڳ نه ڪري وجهن، ان ڪري ڪوڙي جعفر واريون ڪوڙيون دانهون ڪري ادب ۾ “دانهن ڪوڪ” جي تصور کي اهڙو بور ڪندڙ، گندو ۽ بدنام ڪريو ڇڏين، جو ماڻهو ان کان ايئن ٿا ونءُ وڃن جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان!

    ميسڻپائيءَ سان فتني انگيزي
    زواليت، مايوسيءَ ۽ موت جا پرچارڪ جديدي ادب ڏسڻ ۾ ڏاڍا بي ضرر قسم جا چرڙيا ۽ بتال قسم جا ماڻهو نظر اچن ٿا، پر اهو رڳو سندن ظاهري ڏيک ۽ ڍونگ آهي. ان بتالپڻي جي ٻهروپ هيٺ هو وڏي سازش لڪايو ويٺا آهن. پاڻ تي ڪَک به نه سهڻ وارا! وقت تي چانهه نه ملي ته هڪدم سٽ ڏيئي، قلم کڻي، ڪامائن، اڌ دمن ۽ سوالن جي نشانين جي اڌ اکريءَ ۾ واويلا مچائي ڏيندا! چي “پيڙهي وڇوٽيءَ ماري ڇڏيو! ڀڄان پيو! ڀُران پيو! بس ويس!” جي ڪو منجهانئن بور ٿي، ٻه ٽي ڏينهن کانئن ڀڄي پنهنجي جان بچائي ته هڪدم “اڪيلائيءَ جي صليب” مٿي کڄي ويندي ۽ “ٻاٻرن ڪنڊن تي سفر” شروع ٿي ويندو! مطلب ته شل نه مٿي ۾ سُور پوين! پوندو قلم جي نڪ ۾ هٿ ۽ اوڇنگارو جو ٺڪاءُ شروع ٿي ويندو.
    پر شل نه ڪا خبر پوين ته ڪنهن اديب يا فنڪار، ڪروڙين محروم ۽ مظلوم ماروئڙن جي ڏکن سورن، مقصدن ۽ آدرشن ۽ جدوجهدن ۽ سوڀن کي پنهنجي جيءَ ۾ محسوس ڪري، انهن کي سمجهي ۽ پروڙي، انهن جي روشنيءَ ۾ ڪا ادبي ۽ فني تخليق ڪئي آهي! اک ڇنڀ ۾ هي ظاهري انان چريا، جيڪي ڏسڻ ۾ رڳو پنهنجي جَوَڙَ ۾ پورا آهن ۽ ڪنهن جي به نه هنئي ۾ آهن نه کنئيءَ ۾، سي اکيون ڦوٽاري رانڀاڙ ۽ چچراٽ ڪري اُڀا ٿي ويندا! چي “ادب ۾ سياست، هان؟ سنئين سڌي نعري بازي! فن جي توهين! نڪرو اسان جي ادبي گهر مان ٻاهر!” واڪا ڪندا ۽ ڍڍپٽ مچائيندا، سڄي ملڪ ۾ پکڙجي پوندا ته، “وٺونَ! نه ڇڏيونَ، هي اٿوَ بي ادب، نعريباز! سياسي غنڊا.”
    اهڙيءَ طرح هي هڪڙي طرح اديبن کي نعريبازيءَ جي ٺپي لڳڻ ۽ ادبي ڀت پوت مان ڪڍڻ جو ڊپ ڏيئي، کين پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق ادب تخليق ڪرڻ کان روڪي، عوام کي پنهنجي ڪم جي ادب کان محروم ڪن ٿا ته ٻئي طرف ادبي ميدان تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري، ماڻهن تي سچو پچو نعريباز ۽ پروپئگنڊا باز، رجعت پرست ۽ سامراج پرست ادب مڙهين ٿا.

    رجعت پرست جاگيردار، سرمايه دار ۽ سامراجي ادب سان ٻِٽڻ
    دراصل هيءُ ميسڻو، ترقي پسنديءَ جو ٺپو لڳل ادب ڏٺي وائٺي رجعت پرست، جاگيردار ۽ سرمايه دار ادب سان گڏ ٻِٽڻ مچايو ويٺو آهي. ظاهر ظهور رجعت پرست ۽ کُليو کُلايو عوام دشمن ادب، عوام ۽ سندن ادب تي کُليا کُلايا نظرياتي ۽ سياسي وار ڪن ٿا. ان ڪري اهي عوام وٽ ڄاتل سُڃاتل ۽ اڳواٽ ئي خوار خراب ٿيل آهن ۽ عوام انهن کي ڏسڻ شرط سڃاڻي، ڌڪار وچان ٿوڪاري ڇڏي ٿو، پر هي نواڻ ۽ روشن خياليءَ جو پوش چاڙهي گهمندڙ ادب، عوام جي وچ ۾ مُبي ٿيو ويٺو آهي ۽ سندن دوست جي لباس ۾ سندن خلاف کڏُون پيو کوٽي. ان ڪري هيءُ ادب انهن ادبن کان وڌيڪ خطرناڪ عوام دشمن ادب آهي.
    جن جن ملڪن ۾ عوام بنهه هيڻا آهن ۽ ڦورو طبقا مٿن ٻي دستوري ڦُرلٽ ۽ ظلم سان گڏ، مٿن اُگهاڙيون آمريتون به مڙهيو ويٺا آهن، اتي ته هنن لاءِ چاندي آهي. آمريت آئي، ڄڻ هنن جو لولو گيهه ۾ ڪري پيو! ڇو ته عوام جي گهڻگهرن اديبن ۽ فنڪارن تي سرڪار جا ڪات ڪهاڙا هوندا آهن ۽ اُهي لِڪڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ هي زهريلا ڪانڊيرا، آمريت سان هڪڙي اڻ لکيل سمجهوتي موجب، انهن جي اڻ لکيل اجازت سان، عوامي اديبن کي بي دخل ڪري، ادب ۽ فن جي ملڪ جا وڏا درخت بڻجي ويهي رهندا آهن ۽ ملڪ جا مالڪ ٿي حڪم هلائيندا آهن.


    باب ڇهون : طبقاتي مفادن ۽ نظرين کان بالاتر خالص ادب جو ڍونگ

    چئي “ڪُن فيڪون”، جڏهن خلقيا روح خداءِ،
    گڏ جِت گذران هو، جَڙَ لڳي تنهن جاءِ،
    مون توهين سين آءِ، اِها ساڃاءُ سپرين!

    (لطيف)

    زوالي چون ٿا ته اسان جو ادب خالص آهي. ان ۾ ڪابه ملاوت ڪانهي، ڪابه غيرادبي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ نه ڪنهن طبقي جي ڳالهه آهي، نه ڪنهن نظريي جي، ڇو ته اهي ڳالهيون ادب کي خراب ٿيون ڪن. ادب کي ادب نٿيون رهڻ ڏين ۽ پروپيگنڊا بڻايو ڇڏين.
    ڇا، اها ڳالهه سچي آهي؟ ڇا واقعي خالص ادب نالي ڪا شيءِ دنيا ۾ ٿي آهي؟ يا ٿي سگهي ٿي؟ ڇا، ڪنهن نه ڪنهن فرد، انساني گروهه، طبقي يا قوم جي فائدي يا نقصان جي سڌي يا اڻ سڌي، ڪنهن نه ڪنهن قسم جي، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، ترجماني يا وڪالت يا تبلغ (پروپيگنڊا) ڪرڻ کان سواءِ به ڪو ادب وجود ۾ اچي سگهيو آهي يا سگهي ٿو؟
    دنيا ۾ ڪوڙيون ڳالهيون سچين ڳالهين کان لک ڪروڙ دفعا گهڻيون ٿيل ۽ ڦهليل آهن. اهي لکين ڪروڙين ڪوڙيون ڳالهيون ڪن ايامن کان لکين ڪروڙين دفعا ورجائينديون رهيون آهن ۽ روز پيون ورجائجن. سچي ڳالهه ڪا اڌ دفعو، ڪنهن ڪنڊ پاسي کان لڪي ٿي وئي ته ٿي وئي، نه ته ٻيو ٿيو خدا جو نالو. ان ڪري ضرورت آهر زندگيءَ جي سچاين کي جيترو گهڻو ورجائجي سو ٿورو.
    اچو ته ذهني تڪليف کان وئون ويندڙ، علمي ۽ سائنسي ڳالهين کان پري کان ٽهندڙ، پنهجي قومي نازڪ مزاجيءَ جي گهوڙي کي، هڪ پل لاءِ لغام ڏيئي ۽ پنهنجي ڪَک جيترو بار نه سهندڙ ۽ لحظي ۾ بور ٿي پوندڙ دماغ کي ٿورڙي تڪليف ڏيئي، انساني زندگي ۽ سماج جي ڪن بنيادي حقيقتن ۽ سچاين کي، بنهه ٿورڙن لفظن ۾، هڪ دفعو وري ورجائي وٺون.
    انسان ۽ حيوان ۾ هڪ وڏو فرق اهو آهي ته انسان جون ضرورتون رڳو جسماني ناهن. دنيا ۾ انسان ٿي رهڻ لاءِ رڳو اٽو، لٽو ۽ اَجهو ڪافي ناهن، اهي به کپن، پر ڪجهه ٻيو به کپي. “او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.” سندس ذهني، جذباتي ۽ روحاني ضرورتون ڳڻي پوريون ڪري ڪونه سگهبيون. انهن ضرورتن جي پورت کان سواءِ انسان ۽ حيوان ۾ ڪهڙو فرق؟
    پر ماڻهوءَ جي جياپي لاءِ مرڳو هڪڙي حيوان جي جياپي جيترو به بندوبست به نه هوندو، ته اهو انسان ڇا مان ٿيندو؟
    ڄمندي ڄام ڪير به ڪونهي، ننڍڙي ٻار کي پهلوان مرد ليکي نٿو سگهجي. ٻار، ٻار آهي، پهلوان مرد ٻي ڳالهه آهي، پر جيڪو ماءُ پيٽان ڄاول انساني ٻچڙو، ٻار جي درجي کي ئي رسي نه سگهندو ۽ اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويندو، سو اڳتي وڌي پهلوان مڙس ڇا ٿي سگهندو؟ الف-ب ياد ڪرڻ ۽ کوڙا پڪا ڪرڻ سان ماڻهو پي.ايڇ.ڊي. ڊاڪٽر ۽ علم جو اڪابر ٿي ڪونه پوندو، پر الف-ب ياد ڪرڻ ۽ کوڙا پڪا ڪرڻ بنا به ڪو ماڻهو علم جو ڊاڪٽر ۽ اڪابر ڪونه ٿي سگهندو. انسان جيسين ٻيو ڪجهه ٿئي، جيسين شاعر، مدبر، پهلوان، انجنيئر، عاشق، واپاري يا ولي الله جو بڻجي، تنهن کان اڳ سندس پيٽ ۾ ڪجهه ٽڪر مانيءَ جو پوندو رهڻ ضروري آهي. سيءُ واءُ کان بچاءُ لاءِ بدن تي ڪپڙي جي ليڙ ۽ سسيءَ مٿان ڍنگر ٽارو هجڻ به لازم آهي، ڇو ته بُکون، سرديون ۽ لُڪون ندوريون آهن ۽ ڪنهن جي اڳتي هلي عالم يا انجنيئر وغيره ٿيڻ جي صلاحيت جو ڪو لحاظ نٿيون ڪن.
    ٿورو ياد ڪريون ته ننڍڙي هوندي ڪيترا نه بيحد هوشيار، ذهين ۽ محنتي ٻار پاڻ سان گڏ پڙهندا هئا! انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه موتيءَ جا داڻا هئا ۽ اهي ڇا ڇا نه بڻجي ٿي سگهيا! پر مڙس يا ته بکن ۽ بيمارين هڻي فنا ڪري ڇڏيا يا اڻ هوندي وگهي مال چاريندي، ڪوڏريون هڻندي، يا چوريون ڪندي ۽ پوليس جون مارون کائيندي، ڄڻ جيئري ئي ختم ٿي ويا!
    حسرت ان غنچون په هي جو بن کِلي مرجها گئي!
    (افسوس گلن جي انهن مُکڙين تي آهي، جيڪي ٽِڙڻ بنا ئي ڪومائجي ويون.)

    سڀ ڪهان ڪچ لاله و گل مين نمايان هوگئين!
    خاڪ مين ڪيا صورتين هونگين ڪي پنهان هوگئين!

    (خاڪ ۾ الائي ڪهڙيون سدا ملوڪ صورتون لڪل هونديون! سڀ جون سڀ ڪٿي پڌريون ٿيون! منجهانئن مس ڪي ٿوريون گلن جي روپ ۾ ظاهر ٿيون آهن.)
    “غالب” اها ڳالهه اجائي ڪانه ڪئي آهي. زمين توڙي سماج جي خاڪ ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا گل سمايل آهن، جن کي ظاهر ٿي ٽِڙڻ نصيب ئي نه ٿيو. ڌرتيءَ جي ڌين رڳو اهي ڳاڻ ڳڻيا لال ته ڪين ڄڻيا، جن مان ڪي ارسطو ۽ سُقراط، ارشميدس ۽ هرئڪليٽس، ابن رشد ۽ بو علي سينا، ڪاليداس، شيڪسپيئر، رومي، لطيف، گئليلو ۽ برونو، نيوٽن ۽ اينسٽائين، سهڻي، سسئي، مارئي ۽ جون آف آرڪ، دودو ۽ درياهه خان ۽ ٻيا اهڙا ڳچيءَ ۾ ڳهه ڪري پائڻ جهڙا ماڻهو بڻيا! انهن ڪُکن ۾ ڪئين اهڙا لکن جا مٽ، مور مڙس، لڪل هئا، جيڪي اٽي لٽي ۽ اجهي جي اڻ هوند جي پارن سرجندي ئي ساڙي ڇڏيا.

    ڳالهه جو اکر ٿورو ته:
    انسان کي سڀ کان پهرين گذر کپي، پوءِ ئي هو جيئرو رهي سگهندو. مذهب، فلسفي ۽ سائنس بابت سوچي سگهندو، ادب ۽ فن تخليق ڪري سگهندو ۽ ڳُجهارتون ۽ ڏور ڏيئي سگهندو. ميلاپ جا گيت ۽ وڇوڙي جون وايون ڳائي سگهندو. ڪو گراهه ڀور پيٽ ۾ هوندن، تڏهن ئي موملون ۽ مينڌرا، ڪاڪ ڪنڌين تي، هڪٻئي کي ماڻي سگهندا.

    اياز بلڪل سچ چيو آهي:
    “ڍَوَ بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي!”
    بدقسمتيءَ سان دنيا ۾ جيترا گهرجن اوترا گذر جا وسيلا ڪونهن. تنهن ڪري هزارين سالن کان وٺي گذران جي گهڻن ۾ گهڻن وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ لٺ لڳندي اچي. “ڏاڍو سو گابو” واريءَ ان ويڙهه ۾ هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ ٿورا بدمعاش ۽ غنڊا ماڻهو پنهنجي پتيءَ کان تمام گهڻا وڌيڪ گذر جا وسيلا (چراگاهه، زمينون، ڪارخانا وغيره) ڦٻائي ويهي رهندا آيا آهن. جنهن جو پيڙهه تي قبضو سو عمارت جو مالڪ، جنهن جو ٿُڙ تي قبضو، سو ٽارين، پنن ۽ ميون سوڌو سڄي وڻ جو ڌڻي!
    گذران جي وسيلن تي قابض ٿيڻ کان پوءِ اهي ڦورو ۽ ظالم ٽولا هر ٻي شيءِ، سياست، قانون، انصاف، علم، مذهب، فن، تعليم، فلسفي توڙي نظريي تي قابض ٿي ويندا رهيا آهن ۽ انهن کي هٿرادو بڻائي، بگاڙي ۽ خراب ڪري پنهنجي ڦورو ۽ ظالم مطلبن لاءِ ناجائز طرح استعمال ڪندا رهيا آهن. هڪڙي پاسي انهن شين جي مدد سان ته ٻئي پاسي اُگهاڙي جبر ۽ ڏنڊي جي زور تي، اهي ماڻهو ماڻهن جي وسيلن کان محروم بڻايل اڪثريت کي ڍورن وانگر وهائي، سندن ڪمائيءَ مان مال ۽ دولتون گڏ ڪري، عيش ۽ بادشاهيون ڪندا رهيا آهن.
    اهڙيءَ طرح هزارين سال اڳ انساني تاريخ جي هڪڙي ڏاڪي تي، انسان اهڙن مخالف وڏن ٽولن ۾ ورهائجي ويا، جن مان هڪڙا پيٽ ٽڪر تي پورهيا ڪري، دولتون ۽ ملڪيتون ٺاهيندا رهيا آهن ۽ ٻيا انهن دولتن ۽ ملڪيتن تي ناجائز قبضا ڪري، ملڪ جا مالڪ بڻجي، عيش ڪندا رهيا آهن. انهن ٽولن کي سماجي علم جي ٻوليءَ ۾ “طبقا” سڏجي ٿو. غلام ۽ غلامدار طبقا، هاري ۽ زميندار طبقا، مزدور ۽ سرمايه دار طبقا انساني تاريخ جا ڇهه وڏي ۾ وڏا طبقا ٿيا آهن.
    انهن مخالف طبقن جا ٿورا مفاد پاڻ ۾ گڏيل ۽ گهڻا هڪٻئي جي سخت خلاف ۽ اُبتڙ پئي رهيا آهن. هڪڙي جو فائدو ٻئي جي نقصان بنا ٿي نٿو سگهي. هڪڙي جي نقصان جو لازمي طرح ٻئي کي فائدو ٿو رسي. مخالف طبقن جي مخالف نفعن نقصانن کي “طبقاتي مفاد” چئجي ٿو. اُبتڙ طبقاتي مفادن جي ويڙهه کي “طبقاتي ويڙهه” سڏجي ٿو. انساني تاريخ جي ذري پرزي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڏسبو ته پس پيش انساني تاريخ جو نچوڙ (تفصيل نه) اها طبقاتي ويڙهه آهي. انساني تاريخ جي هر شيءِ، سماج، تاريخ، مذهب، قانون، سياست، ادب، فن وغيره تي اُبتڙ طبقاتي مفادن ۽ سندن ويڙهه جا اثر ڏسي گهجن ٿا، بشرطيڪه ماڻهو سماجي علم ۽ سائنس جي خوردبين ۽ دوربين سان انهن کي تپاسي.
    خاص حالتون هر ڳالهه ۾ آهن، ان ڪري جڏهن به ڪا عام ڳالهه ڪبي تڏهن اها ڳالهه هر وقت ذهن ۾ رکبي ته خاص حالتن ۾ اَوس ان عام ڳالهه جي اُبتڙ به ٿيڻو آهي. خاص حالتن جي ڳالهه کي ذهن ۾ پاسيرو رکي، غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته انساني سماج جي تاريخ ۾ بُنيادي اهميت ماڻهن جي گذر سفر جي اُبتڙ مفادن يعني اُبتڙ اقتصادي مفادن کي حاصل آهي. مفادن کي جيڪڏهن ڪنهن جاءِ سان ڀيٽ ڏجي ته پوءِ چئبو ته گذر سفر جا مفاد ان جاءِ جي پيڙهه آهن ۽ ٻيا مقصد انهن جي مٿين اڏاوت ۽ رنگ روغن.

    پرائي دل پرديس
    اسين سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون، “پرائي دل پرديس آهي.” حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پرائي ڇا، پنهنجي دل به پرديس آهي. اسان مان ڪنهن کي خبر آهي ته خود اسان جي دل ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون “سلڻ نه جهڙيون، ڪرڻ نه جهڙيون” ڳالهيون ذهن جي ڪنڊن پاسن ۽ تهخانن ۾ لڪيون، دٻيون ۽ دفن ٿيون پيون آهن ۽ اهي ڪيڏي مهل، اوچتو، سٽ ڏيئي، پنهنجا ڪفن ڦاڙي، ٻاهر اچي، ڪهڙيون قيامتون برپا ڪنديون! سلطان باهوءَ سچ چيو آهي ته “دل درياءَ سمندرون ڊونگهي، ڪون دلان ديان جاڻي؟” (دلين جا درياهه سمنڊ کان به اونها آهن، انهن جا راز ڪير ٿو ڄاڻي سگهي؟)
    ان حقيقت جي باوجود، ٿلهي ليکي ۽ عام طرح بنيادي حقيقت اها آهي ته ماڻهوءَ جا خيال ۽ سوچون بنيادي طرح مادي دنيا ۽ مادي زندگيءَ جو عڪس هوندا آهن. ماڻهو جهڙي نموني جيئي ٿو، اهڙي نموني جا خيال ۽ سوچون ڌاري ٿو.
    مُهاڻو اڪثر مڇين ۽ ٻيڙن بابت سوچيندو، سيٺ اڪثر بازار جي اگهن بابت، ڀاڳين کي چورن ۽ پوليس تي باهيون هونديون ۽ پوليس کي چورن، وڪيلن ۽ ڪورٽن تي. ساڳيءَ طرح گڏيل مفادن ۾ به ماڻهو انهن گڏيل مفادن کي بنيادي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي سندس گذر سفر ۽ اقتصادي مفادن بابت آهن. گڏيل سوچون به اهي اهم آهن، جيڪي گذر سفر بابت آهن، جن ماڻهن جا گذر سفر جا وسيلا گهڻين ڳالهين ۾ هڪجهڙا آهن، تن جون بنيادي سوچون به ساڳيون. جي رپئي جا سورهن آنا نه ته به ڏهه ٻارهن آنا ته بلاشڪ ساڳيون هونديون. زميندار لاڙ جو هجي يا اُتر جو، سنڌ جو هجي يا پنجاب جو، ايران جو هجي يا ملايا ۽ اسپين جو، ايشيا جو هجي يا لاطيني آمريڪا جو، ڪارو هجي يا گورو يا پيلو، سندس سوچ، پاڻي، ٻج، ڀاڻ، جيت مار دوائن، فصل جي اگهن ۽ هارين جي “سستين ۽ ڪاهلين” بابت هوندي. سڄي دنيا جي هارين جي سوچ به موسم، زميندارن جي زيادتين، فصل نه ٿيڻ، گذر ۾ تنگيءَ بابت ساڳي هوندي. سيکاٽ جي پوليس واري جي سوچ پنهنجي ڳوٺ جي پوليس جي ستايل ڀاڳئي جهڙي نه پر ڪوريا يا يونان جي ڪنهن ڳوٺاڻي ٿاڻي جي سپاهيءَ سان وڌيڪ ملندي. سڀني جي سوچ اها ئي هوندي ته، “ڀاڳين ۽ ٻين ماڻهن جو دماغ خراب آهي. انهن کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي!” ساڳيءَ طرح سکر، ڪوٽ ادو، مني پور (ڀارت)، ڪوالالمپور، پاناما ۽ اسپين جي چورن جا خيال ۽ سوچون به هڪٻئي سان ايترو ملندڙ جلندڙ هونديون، جو سڳن ڀائرن جون به اهڙيون نه هونديون. حالانڪه انهن کي هڪٻئي جي وجود به پتو نه هوندو! سندن رنگ، نسل، مذهب سڀ هڪٻئي جي اُبتڙ هوندا.
    مطلب ڳالهه جو ته جن ماڻهن جا گذر سفر جا وسيلا ۽ طريقا عام طرح ۽ لڳ ڀڳ هڪجهڙا آهن ۽ سماج جي اقتصادي نظام ۾ سندن پوزيشن هڪجهڙي آهي، يعني هو ساڳئي سماجي طبقي جا ماڻهو آهن، تن جون سماج بابت سوچون بُنيادي طرح ۽ لڳ ڀڳ هڪجهڙيون ٿين ٿيون. چاهي هو ڪهڙن به ڌار ڌار علائقن، ملڪن يا زمانن ۾ رهندا هجن ۽ سندن قبيلو، قوم، رنگ، نسل، ٻولي، ثقافت ۽ مذهب ڪهڙا به مختلف بلڪه مخالف ڇو نه هجن، هو اڪثر هڪ خاص قسم جي گذر سفر رکندڙ انساني گروهن ۽ سندن سماجي سوچن جا مخالف هوندا آهن، چاهي اهي سندن هم وطن، هم مذهب، هم زبان ڇو نه هجن.
    روءِ زمين جا مزدور ۽ سرمايه دار هڪٻئي جا اَقي ويري آهن، چاهي پاڻ ۾ هم وطن، هم مذهب ۽ هم زبان ڇو نه هجن، روءِ زمين جا زميندار، مذهبن، ٻولين ۽ تهذيبن جي اختلافن ۽ تضادن جي باوجود هارين خلاف ساڳي ٻولي ٻولين ٿا. “چي سست! ڪم چور! اٽي تي چٽي!” اها ساڳي ٻولي، کانئن سندن ساڳيا طبقاتي مفاد ٻولائين ٿا.
    ماڻهو پنهنجن دشمنن يعني حاڪم طبقن جي طبقاتي سوچ کان به متاثر ٿين ٿا.
    عربيءَ ۾ چوندا آهن “الناس عليٰ دين ملوڪهم” (ماڻهو پنهنجي بادشاهن جي دين تي هلندا آهن.) صدين کان ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقا، فريب توڙي زبردستيءَ سان، ڪڏهن دين ڌرم جي آڙ ۾، ڪڏهن علم ۽ ڏاهپ جي نالي ۾، ڪڏهن قدرتي قانون جي نالي ۾، سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح پنهنجا طبقاتي خيال، سوچون ۽ نظريا عوام تي مڙهيندا رهن ٿا. ان ڪري عوام جي سوچ جو هڪ وڏو حصو دشمن طبقن جي طبقاتي سوچ پٽاندڙ هوندو آهي. اها سوچ مٿن زباني توڙي لکت ۾، گهرن، ڪچهرين، اسڪولن، عبادتگاهن، ثقافتي گڏجاڻين، ڪتابن، اخبارن، رسالن، فلمن، ٽي وين وغيره ذريعي مڙهي ويندي آهي.
    هونئن به طبقن جي وچ ۾ ڪابه چين جي شاهي ديوار ٺهيل ڪانهي، جنهن ۾ هڪڙا هر وقت هڪڙي پاسي هجن ۽ ٻيا سدائين ديوار جي ٻئي پاسي. مختلف طبقن جا ماڻهو ڏينهن ۾ هزار دفعا هڪٻئي سان ملن ٿا يا ٻيءَ ڪنهن طرح هڪٻئي جي طبقاتي سوچ جي سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح اثر هيٺ اچن ٿا. ان ڪري هڪڙي طبقي جي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ رڳو سندس طبقي جا خيال نه پر ڪيترن ٻين طبقن، خاص ڪري حاڪم طبقن جي طبقاتي نفعي نقصان، وارا خيال به اڪثر گهر ڪري ويٺا هوندا آهن. اهڙيءَ ريت هڪڙي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ غالباً خيال گهڻو ڪري سندس ڄاڻ ۽ سمجهه آهر سندس ئي (حقيقي يا فرضي) طبقاتي نفعي نقصان مطابق هوندا آهن، پر انهن سان گڏ بلڪه انهن سان مڪمل طرح گڏ وچڙ ٿيل حالت ۾، ٻين طبقن، خاص ڪري ٻين حاڪم طبقن، کان پرايل انهن طبقن جي نفعي نقصان وارا خيال، به لاشعوري طرح موجود هوندا آهن. اهي گڏ وچڙ خيال ڪڏهن کيس ڪهڙي طبقاتي سوچ جي گس ڏانهن وٺي ويندا آهن ته ڪڏهن ڪهڙي. انهيءَ ڳالهه کان اديب فنڪار به آجا ناهن. سندن سوچ به ايئن گڏ وچڙ هوندي آهي. ان ڪري شعوري يا لاشعوري طرح اڪثر هر تخليق ۾ مختلف طبقن ۽ گروهن جي گڏيل ۽ اُبتڙ طبقاتي مفادن جي گڏ وچڙ ادبي ۽ فني ترجماني ۽ عڪاسي ڪيل هوندي آهي.

    دنيا جي ثقافت مجموعي طرح ڦورو ۽ ظالم طبقن جي ترجماني ڪري ٿي

    دنيا جي ثقافت ان ڪري بنيادي طرح ڦورو ۽ ظالم طبقن جي ترجمان ثقافت آهي. ان ۾ فقط ڪجهه جزا دنيا جي پورهيت طبقي جي گهڻائيءَ جي زندگين ۽ مفادن جي ترجماني ڪن ٿا.
    ادب ۽ فن ثقافت جو حصو آهن، ان ڪري دنيا ۾ جيڪو ڪُل سُٺو يا بُرو لکيو ويو آهي، اهو مجموعي طرح ڦورو ۽ ظالم طبقن جو ترجمان پئي رهيو آهي. ان جا فقط ڪجهه جزا، ڪجهه تخليقون، جزوي يا مجموعي طور عوام جي ترجماني ڪندڙ آهن. انهن کي به پوريءَ طرح ڇنڊي ڇاڻي ڏسڻو آهي ته اهي ڪيتريءَ حد تائين تائين عوام جون ترجمان آهن، ڪيتريءَ حد تائين نه.

    طبقاتي ۽ ٻين مفادن ۽ نظرين کان بالاتر ۽ خالص ادب دنيا ۾ ڪڏهن به پيدا ڪونه ٿيو آهي
    دنيا ۾ اڄ تائين اهڙو هڪڙو اکر به نه ڳالهايو ويو آهي نه لکيو ويو آهي، جيڪو ذاتي، طبقاتي ۽ ٻين سماجي مفادن ۽ نظرين کان خالي يا بالاتر هجي، ڇا لطيف جي ڪلام جي هڪ وڏي حصي جي سٽ سٽ، اکر، اکر، حڪمران طبقن جي ظُلم ۽ زبردستي، سندن قدرن ۽ پسندن ۽ نظرين جي خلاف ۽ عوام جي فائدي ۾ ڪونهن؟ ڇا خود سندس مذهبي تشريح به، مجموعي طور، ڦورو ۽ ظالم طبقن واري مذهبي تشريح جي اُبتڙ ڪانهي؟ الف ليليٰ سڄو عورتن، غلامن، نوڪرن ۽ پورهيت طبقن خلاف پروپئگنڊا سان سٿيو ڪونه پيو آهي؟ عام طرح ڪلاسيڪي ادب ۾ حسن، وفاداري، بهادري، شان، سخاوت، مهرباني وغيره گُڻن کي جنهن نموني پيش ڪيو ويو آهي، سو سراسر حاڪم طبقن جي رائج تصورن، نظرين ۽ مفادن وٽان ۽ باشعور عوام جي صحيح عالمي تصورن، نظرين ۽ مفادن جي خلاف ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جيڪو مسٽندو ڪم چور، ڦورو ۽ ظالم حاڪمن طرفان، چوري ۽ گناهه، ڦُرلُٽ ۽ تباهيءَ ۾ شامل ٿئي ۽ ٻيءَ ڌُرَ جا گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو قتل ڪري، سو ٿيو بهادر، چاهي انهن هن جو ڪَک به نه بگاڙيو هجي! چاهي هُو پنهنجن گهرن ۾ پنهنجن ڪَکن، لڄن ۽ نياڻين جو بچاءُ پيا ڪندا هجن! جيڪا مفت خورن ڪک ڇني ٻه نه ڪري، ماڙين ۽ محلن ۾، سڄو ڏينهن غريب پورهيتن کان ويٺي پان مهٽائي ۽ ويلي تي سئو گهرن جي گذران جي رقم جيترا کاڌا ۽ ميوا هضم ڪري ۽ سڄو ڏينهن حڪم هلائي، پاڻ جيڏين جون زندگيون زهر ڪري، سا ٿي محبت ۽ پوڄا جي لائق! ڇا، حقيقي انساني سونهن ۽ دلڪشي رڳو عضون جي ماپ، اڇڙي ڳاڙهڙي رنگ، چُميءَ، ناز نخري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ۾ آهي؟ دنيا جو ڪلاسيڪي ادب گهڻي ڀاڱي رڳو مفت خور ۽ ظالم طبقن جي اهڙين مفت خور عورتن جي شان ۾ قصيدا ٿو پڙهي، جيڪي حقيقي سونهن سان ٽمٽار، عوام جي بکين نياڻين جي جُتيءَ جي برابر ڪونه هيون! انهن کي هڪڙو ڏينهن به عوام جي ڌين جهڙي سخت ۽ ڪٺور زندگي گذارڻي پوي ها ته ٻوٿ سُڪي پادر ٿي پونن ها! لک غنڊا گڏ ڪري انهن جي زور تي، ماڻهن جا گهر ڦُري ٻهاري، بي حيائيءَ سان ائنڊ ٻڌي، شهر مان لنگهڻ ۽ پاڻ پڏارائڻ، اهو ٿي پيو شان! ڪروڙن اربن جا ٽپڙ مسڪين بکين جي وات تان کسي، انهن مان ڪجهه ٽڪر خوشامدي ٽٽوئن يا ڀاڙت قاتلن کي ڏيڻ، سا ٿي سخاوت! راڄن کي جلائي، ساڙي، ٻاري، خاڪ ڪري پوءِ منجهائن ٻن چئن کي ڪتي واري زندگي گهارڻ جي موڪل ڏيڻ، سا ٿي مهرباني، عنايت خسروانه، نوازشات سڪندرانه!
    اهي سڀ ڳالهيون ڦورو ۽ ظالم حاڪم طبقن جي مفادن، قدرن ۽ نظرين مطابق پروپئگنڊا جون ڳالهيون ناهن؟ جنهن ادب ۾ اهي اڻ لکي فنائتي نموني سمايل آهن، سو بدترين معنيٰ ۾ نظرياتي، طبقاتي ۽ پروپئگنڊا ادب ناهي؟
    دنيا جي پراڻي توڙي اڄوڪي ادب ۾ هڪڙي سِٽَ ته ڪو ڏيکاري، جنهن ۾ توڙي کڻي ستن پردن ۾ ويڙهيل، پر ڪنهن نه ڪنهن فرد، گروهه يا طبقي جي مفادن ۽ قدرن جي تبليغ نه ڪئي وئي هجي! ڏسڻ واريون اکيون هجن ته ڏسي سگهبو ته سامراجي دنيا جا سائنسي ۽ خلائي افسانا ۽ خود ٻاراڻو ادب به عوام دشمن پروپئگنڊا جي جيوڙن سان ڀريا پيا آهن! چوڻين، پهاڪن، نقلن، ٽوٽڪن تي ويچار ڪريو ته گهڻا غريب عوام جي ساراهه ۾ آهن، گهڻا مٿن ٽوڪ ۽ چٿر جا!
    چرچي ڀوڳ، مزاح ۽ طنز واري ادب کي ٻيهر غور سان پڙهو ۽ ڏسو ته انهن جو نشانو اڪثر ڪهڙي طبقي جا ماڻهو آهن ۽ سڌي يا اڻ سڌي ساراهه ڪهڙي طبقي جي ٿيل آهي؟
    هندستان پاڪستان جي شفيق الرحمان جهڙن مزاح نگارن جون مزاحيه لکڻيون ان خيال سان وري پڙهي ڏسو. جڳ مشهور انگريزي مزاح نگار پي جي ووڊ هائوس جي لکڻين ۾ لڪل لارڊن پاران معذرت پڙهو. سندن اڻ سڌي تعريف پڙهو. انگلينڊ جي ڀيانڪ ظالم ۽ مجرم جاگيردار نظام کي ڏنل سونو پاڻي ڏسو. اهڙي هر تخليق سڌي يا اڻ سڌي، نفيس ۽ نازڪ، بخملي ۽ اطلسي، فني، پوشن ۾ ويڙهيل طبقاتي پروپئگنڊا نظر ايندي.

    طبقاتي مفادن کي سمجهڻ پيچيدو ۽ ڏکيو ڪم آهي
    سماجي لاڳاپا، تضاد ۽ مفاد ڪَئِين قسمن جا، گهڻ طرفا ۽ نهايت پيچيدا ٿين ٿا، ڪي مادي آهن ته ڪي روحاني ته ڪي سڌا آهن ته ڪي اڻ سڌا. ڪي ويجها ۽ فوري آهن ته ڪي تمام ڏورانهان ۽ گهڻيءَ دير سان اثر ڏيکاريندڙ. وڏي ڳالهه ته هڪڙا عالمي تاريخي حساب سان نسبتاً دائمي ۽ بنيادي ٿين ٿا ته ڪي ان حساب سان عارضي ۽ ثانوي نوعيت جا.
    انساني سماج جي هڪڙي بنيادي عالمي تاريخي حقيقت اها پئي رهي آهي ۽ اڄ تائين قائم آهي ته مفت خور، ڦورو ۽ ظالم طبقا پنهنجي بنيادي ۽ دائمي طبقاتي لاڳاپن، تضادن ۽ مقامن کي نسبتاً چڱيءَ طرح سمجهي، پروڙي، کين بنيادي اهميت ۽ اوليت ڏيندا رهيا آهن. هُو پنهنجي جڳ جهان جي طبقاتي دوستن جا جگري دوست ۽ پنهنجي جڳ جهان جي دشمنن يعني پورهيت عوام جا جاني دشمن پئي رهيا آهن.
    هُو پنهنجي طبقي جي ماڻهن سان پنهنجي سنگين ترين اختلافن ۽ تضادن کي، هر قسم جي ڪُتن واريءَ ويڙهه کان پوءِ جلد از جلد حل ڪندا يا گهٽائيندا ۽ حد ضابطي اندر رکندا رهيا آهن. ٻئي طرف هُو عوام جي اندر جيڪي ننڍا وڏا حل ٿيڻ جوڳا اختلاف ۽ تضاد آهن، انهن کي وڏي سازش، منصوبه بندي ۽ جاکوڙ سان وڌائي وڻ ڪندا ۽ ڦرڙيءَ مان ڦَٽُ بڻائي، ناقابل حل بڻائيندا رهيا آهن. هُو عوام جي ذهنن ۽ ضميرن کي خاندان، پاڙي، ذات پات، راڄ، قوم، مُلڪ، مذهبن، رنگ ۽ نسل جي رفق جي آڙ ۾ تعصب ۽ نفرت جي هڻ کڻين ۽ ڪوراڙين هٿان ڏنگارائي، سندن نس نس ۾ هڪٻئي لاءِ زهر ڀرائي، کين هڪٻئي کان پري، ڇڙوڇڙ ۽ اڪيلو اڪيلو ڪري، صدين جون صديون، وَيرَ، دشمني ۽ ڪروڌ جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪري، جنم قيدن جون سزائون ڪاٽارائيندا رهيا آهن.
    سندن جيڪي عوام جي بُنيادِي، دائمي ۽ ڪڏهن به حل نه ٿيڻ جوڳا دشمنيءَ وارا تضاد آهن، انهن جي سلسلي ۾ هُو هڪڙي طرف عوام سان آقي ويريءَ وارو ورتاءُ ڪري، کين پيڙهيندا ۽ چيڀاٽيندا رهيا آهن ته ٻئي پاسي عوام کي ڏيکاءُ اهو ڏيندا رهيا آهن، ڄڻ انهن تضادن جو ڪو وجود ئي ڪونهي. کين اهڙي ڪا ڳالهه خيال ۾ ئي ڪانهي. عوام سندن ٻچا آهن.
    عوام اندر به ڌار طبقا ۽ پَرتُ هوندا آهن، جهڙوڪ هاري، مزدور، وچولي طبقي جو هيٺيون پَرتُ وغيره. انهن ۾ مُفادن جي بنيادي ۽ دائمي هڪجهڙاين سان گڏ دوستاڻي نموني حل ٿيڻ جوڳا جزوي ۽ ثانوي تضاد به هوندا آهن ۽ انهن تضادن جي ڪري عوام جي مختلف گروهن جون ڦورو طبقن سان خاندان، ذات، مذهب وغيره ۽ گذر سفر جي بنياد تي جزوي ۽ ثانوي هڪ جهڙايون به هونديون آهن. ڦورو طبقا عوام کي هميشه اها پٽي پڙهائيندا رهندا آهن ته اسان جي توهان جي وچ ۾ طبقاتي، بنيادي ۽ دائمي تضاد ڪا شيءِ ناهن. توهان جون پاڻ ۾ مفادن جون بنيادي ۽ دائمي هڪجهڙايون به ڪا حقيقت ڪانه ٿيون رکن. اصل ڳالهيون آهن، اُهي جن جي ڪري اوهان جا پاڻ ۾ تضاد آهن ۽ اسان سان هڪ جهڙايون آهن. هُو ماڻهو کي ٻُڌائيندا رهيا آهن ته، “دنيا ۾ اصل رشتو خاندان، پاڙي، قبيلي، مذهب، قوم، رنگ يا نسل وغيره جو آهي. ان ڪري ساڳئي خاندان يا پاڙي يا قوم يا مذهب يا رنگ يا نسل جي ڪري پاڻ، پاڻ ۾ هڪ آهيون. اسين ان رشتي جي ڪري اوهان جا ٿيو، ٻيءَ دنيا کي ترڪ ڪريو ويٺا آهيون.” حالانڪه سموري تاريخ ڏيکاري ٿي ته هُو پنهنجي ذاتي ۽ طبقاتي مفاد خاطر پنهنجي خاندان، پاڙي، راڄ، مذهب، قوم، رنگ ۽ نسل جي غريب ماڻهن جا هميشه ترا ڪڍندا رهيا آهن ۽ تاقيامت ڪڍندا رهندا.
    دنيا جي عوام لاءِ، عالمي تاريخي حساب سان، نسبتاً دائمي ۽ بُنيادِي رشتو، محنت، محروميءَ، مظلوميءَ، محڪوميءَ جو، انهن کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ هڪ نئين انصاف ڀري دنيا اَڏڻ جي ازلي ضرورت ۽ ان لاءِ جدوجهد جو رشتو ئي آهي. ٻيا رشتا، عالمي تاريخي حساب سان، پنهنجي حصي جي اهميت رکندي به پَس پيش ثانوي سماجي رشتا آهن.
    پر دنيا جا عوام سماج جي سٽاءَ ۽ ارتقا جي رازن کان اڻ واقف آهن، ان ڪري هُو اڃا تائين گهڻي ڀاڱي پنهنجن بنيادي لاڳاپن، تضادن ۽ مفادن ۽ ٻئي درجي لاڳاپن وغيره جي وچ ۾، حقيقي ۽ نمائشي مفادن وغيره جي وچ ۾، اهم ۽ خَسِيس مفادن وغيره جي وچ ۾، فرق سمجهي نه سگهيا آهن. ان ڪري هو پنهنجي دائمي، بُنيادِي، حقيقي ۽ اهم سماجي مفادن کي ڇڏي، فقط ٻئي ٽئي درجي جي، عارضي، خَسِيس، نقلي ۽ نمائشي مفادن کي اهميت ڏيئي، انهن پويان لڳي، هڪٻئي کان ٽُٽي، ڇڙوڇڙ ٿي، وڃي پنهنجي ازلي ۽ بُنيادِي دشمن طبقن جا شڪاري ۽ هڪٻئي جا مارا بڻجي، صدين جون صديون ڌڪ کائيندا رهيا آهن.
    مثال طور جڏهن هڪڙين قومن، ملڪن، نسلن وغيره جا پورهيت عوام ٻين قومن، ملڪن يا نسلن جي پورهيت عوام پنهنجي بنيادي طبقاتي دوستيءَ جي رشتن ۽ لاڳاپن ۽ پنهنجي قوم، ملڪ ۽ نسل جي ڦورن ۽ ظالمن سان سندن جيڪي نسبتاً دائمي ۽ بُنيادِي تضاد ۽ وَيرَ آهن، تن کي وساري نظرانداز ڪري، صدين جي اڻ ڄاڻائي ۽ گمراهيءَ جو شڪار ٿي، فوري فائدن جي انڌي لالچ ۾ اچي، ذات، راڄ، قبيلي، دين ڌرم، قوم، رنگ، نسل وغيره جي نالي جي آڙ ۾ پنهنجي حقيقي سڄڻن يعني ٻين ذاتين، راڄن، قبيلن، مذهبن، قومن، رنگن ۽ نسلن جي پورهيتن سان وڙهن ٿا، تڏهن فطري دوست ڦِريو هڪٻئي جي نسلن لاءِ ويري بڻجيو ۽ پنهنجي فطري ويرِين جا ٻانهن ٻڌا ٻانها ٿيو، هڪٻئي جا ٻَوٽَ پَٽيندا ۽ ويرِين جا سهم سهندا رهن ٿا ۽ سندن دشمن الولِيون ڪندا رهن ٿا.
    عوام دشمنن طرفان صدين کان ڦهلائجندڙ گمراهيءَ کان سواءِ، عوام جي طبقاتي ۽ سماجي حقيقتن بابت اڻڄاڻائيءَ ۽ مونجهاري جا ٻيا به ڪَئِين سبب آهن.
    علمي طرح وڏو سبب اهو به آهي ته دنيا ۾ تضاد ۽ لاڳاپو، دوستي ۽ دشمني ٻئي آهن ۽ ٻنهي جو وري پاڻ ۾ لاڳاپو به آهي. هڪٻئي تي دارومدار به آهي، پاڻ ۾ سمايل به آهن! اهڙي پيچيدي گورک ڌنڌي کي سمجهڻ ۾ ماڻهن کي، خاص ڪري ويچارن مسڪين ماڻهن کي، ڏکيائي ۽ مونجهارو ٿئي ته ڪا عجب جي ڳالهه ڪانه ٿي.
    مونجهاري جو ٻيو مکيه سبب اها ڳالهه آهي ته انسانن جا رڳو پاڻ ۾ لاڳاپا ۽ تضاد ناهن. سندن هڪڙا بُنيادِي کان بُنيادِي ۽ دائمي کان دائمي تضاد فطرت سان آهن. فطري قُوتن کان هُو ڪجهه حد تائين واقعي هڪ جهڙا متاثر ٿين ٿا. ظاهري طرح ته اها هڪجهڙائي مڪمل نظر اچي ٿي.
    بنا ڪنهن امير غريب جي فرق ۽ لحاظ جي، فطري قوتون سڀني لاءِ هڪجهڙا لَقاءَ ڏيکارينديون رهن ٿيون. موسمون بدلجن ٿيون، ٻوڏون ۽ طوفان ۽ زلزلا اچن ٿا، پارا پون ٿا، لُڪون ۽ جهولا لڳن ٿا، گُل ٽِڙن ٿا، ساوڪون ۽ بهارون ٿين ٿيون، ٻاٻن توڙي ٻانهين کي وقت تي محبت جي پياس لڳي ٿي. امير توڙي فقير مائورن سور کائي ٻار ڄڻين ٿيون ۽ گهڙيءَ گهڙيءَ اولاد خاطر گهاوَ سهن ٿيون. هر طبقي ۾ هڪڙا چڱا آهن ٻيا بُرا. هڪڙا سهڻا آهن ٻيا ڪوجها. هڪڙا ڏاها آهن ٻيا سادا، بيماريون، ڏک، پيار، وڇوڙا، يادگيريون ۽ پڇتاءُ امير غريب نٿا ڏسن. آخر ۾ موت هر ڪنهن جو مهمان آهي. ڪوڏيءَ جو محتاج ۽ ڪروڙپتي، ٻئي هڪڙي ڏينهن مريو وڃن، شهنشاهه ۽ پينو فقير ٻئي نيٺ خاڪ ٿيو وڃن.
    عام ماڻهو انهن لَقائن کي ڏسندي ڏسندي صدين کان ائين سمجهڻ تي مجبور آهن ته فطرت جي انهن شهزور قوتن جو سڀني انسانن تي هڪجهڙو اثر پوي ٿو. اها ڳالهه فقط هڪ حد تائين صحيح آهي.
    مثلاً بيمار ته سڀ ڪو ٿئي ٿو ۽ مري به سڀ ڪو ٿو، پر پورهيت جي بيماريءَ جو ڦورو طبقن جي ماڻهن جي بيماريءَ سان ڪهڙو مقابلو؟ غريب جو ٻار سَستيءَ ڦَڪيءَ لاءِ تڙپي مري ويندو. امير هچا اسي سالن جي به ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي زور تي بيمارين جي پاڙ پٽي نين شادين جا پروگرام پئي بڻائيندي. امير مرندو ته راڄ ماري پوءِ، غريب جو پٽ ننڍپڻ مان چڙهي جوانيءَ کي رسيو ته به وڏي ڳالهه. غريب عوام جي پُٽَ ڌِيئن جي جواني جهڙي کهنبي جو چٽڪو. امير پوڙهيون ٻانڀون به چَتو ته ڪر هينئر سيج تان لهي آيون آهن.
    تنهن کان سواءِ فطرت جي قوتن جو انسان تي اثر هڪ طرفي آمدرفت One way Traffic ڪانهي. موٽ ۾ انسان به فطرت جي شهزور ارڏين قوتن کي سمجهي، کين پنهنجي وس ڪري، ڪتب آڻي، فطرت کي بدلائي رهيو آهي. فطري قوتن، کِنوڻين، ٻوڏن، زلزلن، طوفانن ۽ ظاهري فطري قوتن جهڙوڪ بيمارين، وبائن، ڏڪارن وغيره جي مڪمل بي لغامي به ڏاڪي به ڏاڪي گهٽجي رهي آهي.
    سماجي – اقتصادي نظام ۽ ڊگهين طبقاتي ويڙهين کان پوءِ انهن جي تبديلي، انساني تقدير تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اثرانداز ٿي رهيا آهن.
    سماجي مُفادن جي پيچيدگيءَ جي حد اها آهي جو ساڳئي ماڻهوءَ جا ساڳئي هڪڙي مسئلي ۾ به اُبتڙ مفاد ٿي سگهن ٿا. سندس هڪڙي دل چوندي ته هينئن ٿئي ته چڱو، ته ٻي چوندي ته نه، ائين نه، هينئن ئي ٿئي ته چڱو! مثال طور جنهن زميندار جي زمين جبل توڙي ميدان ۾ هوندي، سو ڪنهن مهل چوندو ته مينهن ڀلي گهڻي ۾ گهڻو پوي ته جيئن باراني فصل کي فائدو رسي ته ڪنهن مهل چوندو ته هاڻ اصل نه پوي، متان ميدان وارو فصل نه تباهه ٿي وڃي! ساڳئي ماڻهوءَ جون هڪ کان وڌيڪ طبقاتي حيثيتون به ٿي سگهن ٿيون. جيڪو ماڻهُو ڪجهه زمين جو ٽُڪر پاڻ آباد ڪري ٿو ۽ ڪجهه هارين کان ڪرائي ٿو، سو هاري به آهي ته زميندار به. سندس سوچ تي ٻنهي قسمن جا اثر پوندا رهندا.

    ماڻهُو پنهنجا مفادَ سَنوان سِڌا بيان نه ڪندا آهن
    فرد، گروهه، طبقا ۽ قومون پنهنجا سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي توڙي ٻيا مفاد اڪثر کُليا کُلايا بيان نه ڪندا آهن. پنهنجي نياڻيءَ لاءِ ور کپندو ته ايئن ڪير ڪونه چوندو ته، “ڌِيءَ لاءِ مڙس کپيم.” پر هرڪو چوندو ته، “بار لاهڻو اٿم.” سڱ گهرندڙ به ٻيءَ ڪنهن ڳالهه بدران چوندا ته، “ماءُ پوڙهي آهيس، گهر ۾ ڪو لولوي پچائڻ وارو ڪونهيس. وڏو ٻار وهارڻ خدا، خدا جي رسول جو ڏوهه آهي. وڏو بنبال آهي.” وغيره. پراون ملڪن جي مسڪين ماڻهن جا مال ملڪيتون، ٻار ٻچا، لَڄُون لُٽڻ جو ارادو هوندو ته ملڪ وڌائڻ جي ڳالهه ڪبي، ڪشور ڪشائيءَ جي ڳالهه ڪبي، مذهب ڦهلائڻ ۽ غازِي ٿيڻ جي ڳالهه ڪبي يا تهذيب جي روشني عام ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي. ثقافتي ميدان ۾ ته خاص ڪري طبقاتي مفادن جي ڳالهه، هڪڙي نه، ستر پردن ۾ ڪئي ويندي آهي.
    ڦورو طبقا پنهنجي مُفادَن جي وڪالت ٻين کان ڪرائيندا آهن
    هرڪا ڌر پنهنجي مُفادَن جي وڪالت پاڻ نه ڪندي آهي. جاگيردار ۽ سرمايه دار مُفادَن جي وڪالت ۽ تبليغ ثقافتي ميدان ۾ اڪثر بکين ڀانگن اديبن ۽ فنڪارن کان ڪرائي ويندي رهي آهي. بادشاهن جا قصيدا بادشاهه ڪونه لکندا آهن، بُکيا شاعر لکندا آهن. سندن پاران ناحق ماڻهُو مارڻ جو شرَعِي جواز سندن پُٽُ ڀائٽيا ڪونه ڳولي ڪڍندا آهن، سندن پگهاردار بُکيا لالچي قاضي ڳولي ڪڍندا آهن. ساڳيءَ طرح ادب ۽ فن ۾ مختلف طبقن جي قدرن، لاڙن ۽ سندن ناپسندين، نفعن نقصانن جي وڪالت ۽ ترجماني اڪثر ٻين طبقن مان ڀرتي ٿيل، ماڻهُو ڪندا آهن.
    چوندا آهن ته، “ڪن جو روئڻ به راحت ته ڪن جو کِلڻ به خواري”. هڪڙا سُٺي ڳالهه ڪندا ته به سندن ڳالهه ۾ رس ڪونه هوندو. ٻيا گهٽ ڳالهه ڪندا ته به ماڻهوءَ کي پيا وڻندا.
    اديب ۽ فنڪار پنهنجي ڳالهه هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ڪن ٿا. ان ڪري سندن تخليقن ۾ طبقاتي مُفادَن جو چور ڳولي لهڻ هر ڪنهن جو ڪم ڪونهي، پر اها ڳالهه اڻٽر آهي ته ڪي گهٽ ڪي وڌ، پر هرڪو اديب ۽ فنڪار شعوري يا لاشعوري طرح ڪن نه ڪن سماجي مفادن جي ترجماني ضرور ڪري ٿو. چاهي پنهنجي پر ۾ سندس نيت کڻي ڪهڙي به هجي يا نه هجي.
    اديب ۽ فنڪار ڪهڙن سماجي گروهن ۽ طبقن جي نمائندگي ٿو ڪري، تنهن جي خبر رڳو ان مواد مان ڪانه پوندي، جيڪو هُو سماجي زندگيءَ مان کڻي، پنهنجي ادبي ۽ فني تخليق ۾ ڪم آڻي ٿو ۽ ان کي اهميت ڏيئي ٿو، پر ان ڳالهه مان به پوندي ته هُو زندگيءَ جي ڪهڙين حقيقتن ۽ ڪهڙن لقائن کي نظرانداز ٿو ڪري ڇڏي يا اهميت ئي نٿو ڏئي. سندس مواد جي چونڊ ئي سندس اصلي طبقاتي لاڙن تي پهرين چُغلي هڻندي.

    ادب ۽ فن جي طبقاتي ڇنڊڇاڻ به هڪ ڏکيو ۽ پيچيدو ڪم آهي
    ڪا تخليق ڪهڙي طبقي جي نقطي نظر جي ترجماني ڪري ٿي، سا ڳالهه سمجهڻ وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ ڪاريگريءَ جو ڪم آهي. ان ۾ مشيني طريقو اختيار ڪري نٿو سگهجي.
    بهرحال ڄاڻُو، سمجهُو ۽ سُڄاڻ ترقي پسند ادبي پارکُو اُونهي جاچ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان نيٺ سمجهي سگهي ٿو ته ان تخليق جو مجموعي تاثر ڪهڙي طبقي جي سماجي لاڙن جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ پَس پيش ڪهڙي گروهه يا طبقي جي ٻولي ٻوليل آهي.


    باب ستون : ادب تخليق ڪرڻ لاءِ رُڳو احساس ۽ جذبا ڪافي آهن ڇا؟

    اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون!
    سا تان سڌ نه ڏين، جتي وَهه ويڌ ڪري!

    (لطيف)

    چيو وڃي ٿو ته ادب رُوح جو ريلو آهي، احساس آهي، ان لاءِ ڪنهن به خاص سماجي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ جي ضرورت ڪانهي، جيڪي اک ڏسي ۽ رُوح محسوس ڪري اهو لکڻ ئي ادب آهي. ان کان وڌيڪ نعريبازي آهي.
    ڇا، اها ڳالهه صحيح آهي؟ هرگز نه!
    ادب سڌيءَ طرح دماغ سان مخاطب نٿو ٿئي. اهو اڻ سڌيءَ طرح، دل جي معرفت دماغ سان پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو. سندس ٻولي علمي ڳالهين ۽ عقلي دليلن جي نه پر احساسن ۽ جذبن جي ٻولي آهي. سندس وسيلو رواجي لفظ نه پر لفظن وسيلي ٻين جي دلين ۽ تصورن تي چِٽيل تصويرون آهن.
    پر بامعنيٰ احساس يا جذبا به ڪنهن نه ڪنهن ڄاڻ، ڪنهن نه ڪنهن سمجهه تي ٻڌل هوندا آهن. ڄاڻ ۽ سمجهه کان خالي، بي معنيٰ احساس ۽ جذبا بي اثر ۽ فضول ٿين ٿا. اديب ۽ فنڪار جا احساس ۽ جذبا زندگي ۽ انساني سماج بابت جيتري وڌيڪ ڄاڻ ۽ سمجهه جي سرچشمن مان ڦُٽي نڪتا هوندا، اوترا ئي اُهي وڌيڪ اثرائتا ٿيندا. اهي زندگيءَ جي بُنيادِي حقيقتن ۽ سچاين جي جيتري گهري ۽ وسيع پروڙ جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪندا، اوترا ئي اُهي وڌيڪ قيمتي ۽ ڪارائتا بڻبا. زندگيءَ ۽ انساني سماج جي بنيادي حقيقتن ۽ سچاين جي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ کان خالي ادب ۽ فن ۾ کڻي ڪيتري ڪاريگري ۽ هنر، سِٽاءُ ۽ فن هجي پر اهو ڄڻ پاڻيءَ تي ڦوٽو آهي، جيڪو پل ۾ ڦِسي پوندو.
    اڄ جو انسانيت دوست ۽ عوام دوست مثالي ادب اهو ۽ فقط اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو انساني سماج، انساني تاريخ ۽ اڄ جي دنيا جي مکيه ۽ بنيادي حقن ۽ سچاين کي ڄاڻي، سمجهي، پروڙي، انهن جي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي عڪاسي، ترجماني ۽ وڪالت ڪري.

    ڀرپور سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه کان سواءِ اعليٰ عوامي ادب تخليق نٿو ڪري سگهجي
    نه سڀ صحيح سماجي عالم ۽ سائنسدان ۽ نه وڏا اديب ۽ فنڪار هئا ۽ نه سڀ اديب، شاعر ۽ فنڪار ڪي وڏا سماجي عالم هئا، نه وري ڪو ايئن آهي ته ڪو هروڀرو سڀ گهڻي سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه رکندڙ اديب، شاعر ۽ فنڪار گهٽ سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه رکندڙ اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کان لازمي طرح وڏا اديب، شاعر ۽ فنڪار هوندا. ممڪن آهي ته انهن ۾ صحيح سماجي ڄاڻ، سمجهه ۽ پروڙ هجي، پر ڏانءُ ۽ فن جي معاملي ۾ پوئتي پيل هجن.
    استثنائون يعني نِياريُون حالتون هر هنڌ آهن پر عام طرح ايئن آهي ته وڏي ۾ وڏا اديب، شاعر ۽ فنڪار اهي ماڻهُو ٿيا آهن، جن ڪتابن توڙي ذاتي مشاهدي ۽ تجربي وسيلي هن جهان، انساني سماج ۽ انساني زندگيءَ جو پنهنجي دؤر جي سڀ کان اڳتي وڌيل علمن جي روشنيءَ ۾ ڳوڙهو ۽ تخليقي مطالعو ۽ استعمال ڪيو، اڄ جي دؤر جي سچي اديب ۽ فنڪار لاءِ به انساني زندگي، انساني سماج ۽ انساني تاريخ بابت سماجي علمن ۽ سائنسن جي پوري واقفيت، سمجهه ۽ پروڙ بيحد ضروري آهي.

    زندگيءَ جا ڪي بُنيادِي ۽ وڏا سوال
    هيءَ ڪائنات ڇا آهي؟ ان جي بناوٽ ۽ تاريخ ڇا آهي؟ ڌرتيءَ ۽ ان تي پيدا ٿيل زندگيءَ جي ڪهاڻي ڇا آهي؟ انسان ڪيئن پيدا ٿيو ۽ تاريخ جون ڪهڙيون منزلون ٽپي هِتي پهتو آهي؟ انساني سماج ڇا آهي؟ هيءَ دنيا جيئن آهي تيئن ڇو آهي؟ ڇا، اها هميشه ايئن رهي آهي ۽ سدائين ايئن رهندي! يا ڇا اها بدلجي پئي؟ جي ها، ته ڪيئن ۽ ڪهڙين قوتن جي زور تي؟ ڇا ان تبديليءَ جي رفتار کي تيز ڪري سگهجي ٿو؟ جي ها، ته ڪيئن؟ ڇا اهڙا به ڪي قانون آهن، جي فطرت، انساني سماج، انساني سوچ سڀني سان هڪجهڙا لاڳو هجن؟
    ڇا، ڪائنات جا اهڙا وڏي ۾ وڏا سوال به آهن، جن کان وڏو سوال ٻيو اڄ تائين پيدا ڪونه ٿيو آهي؟ انهن جا ڪهڙا جواب ڳولي لڌا ويا آهن؟ وغيره وغيره. اهي سوال جواب انسان جي علم ۽ سندس سمجهه ڀرئي عمل جي پيڙهه آهن. پيڙهه کان سواءِ اڏاوت ڪهڙي؟
    روز ازل کان عظيم انساني ذهن، انهن ڳالهين بابت سوچيندا رهيا آهن. اڄ انهن بابت سوچڻ ۽ صحيح جواب معلوم ڪرڻ جي جيڏي ضرورت آهي، ان کان وڌيڪ اڳ ڪڏهن ڪانه هئي. اڄ جيتري انهن جوابن معلوم ڪرڻ جي سهوليت آهي اوتري اڳ ڪڏهن به ڪانه هئي.
    جيڪو استاد، شاعر، اديب، خطيب ۽ عالم وغيره پنهنجي سبق، ڪلام، خطاب يا ٻيءَ تحرير ۽ تقرير وسيلي عوام کي مخاطب ٿئي ٿو، سو جيڪڏهن ان کان اڳ پنهنجيءَ وِتَ آهر پنهنجون بهترين صلاحيتون ڪتب آڻي، ان علمي ۽ عملي پيڙهه بابت ٽيهن ئي نسن جو زور لڳائي، هر ممڪن حد تائين صحيح معلومات حاصل ڪري، انهن جي روشنيءَ ۾ عوام سان نٿو ڳالهائي ۽ رڳو جيڪا ڳالهه هتان هُتان ٻُڌي اٿس، سا يا جيڪا خيال ۾ اچيس ٿي، سا پيو ڪري يا رڳو ڊز پيو هڻي ته ان کان وڌيڪ “نيم حڪيم خطره جان، نيم مُلا خطره ايمان!” ٻيو ڪونهي.
    هن جهان ۽ ان ۾ وسندڙ انساني سماج جي سمورين پيچيدگين کان پوريءَ طرح واقف ٿيڻ جي ڀرپور ايمانداريءَ واري ڪوشش ڪرڻ ۽ سدائين ڪندو رهڻ، هر سچي عوامي اديب ۽ فنڪار جو اولين فرض آهي.

    باخبر، باشعور ۽ باضمير ڏات ڌڻي
    باخبر، باشعور ۽ باضمير ڏات ڌڻي اهو ٿيندو، جيڪو پاڻ کي هن دؤر جي سڀ کان اڳتي وڌيل فطري ۽ سماجي ڄاڻ، سمجهه ۽ سوچ سان هٿياربند ڪري، ان جي روشنيءَ ۾ ۽ ان جي مدد سان، ٻين ڳالهين سان گڏ، نه رڳو اهو ڏيکاري ته دنيا جي ۽ هن ملڪ جي عوام جي زندگي ڪيئن ٿي گذري؟ پر اهو به ڏيکاري ته اها ايئن ڇو ٿي گذري ۽ ڇو نه ٻي بهتر طرح ٿي گذري؟ اهو ادب نه رڳو اهو ڏيکاري ته هن کان بهتر زندگي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ۽ ٿيڻ گهرجي، پر اهو به ڏيکاري ته اها ڪهڙي رستي، ڪهڙن طريقن سان ۽ ڪهڙن وسيلن سان بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ اهي ڪهڙا ماڻهُو، ڪهڙيون سماجي قوتون آهن، جيڪي ان ڳالهه جي ٽيهن نَسن سان مخالفت ڪن ٿيون ۽ ڪنديون رهنديون ۽ ڪهڙيون آهن، جيڪي ان بهتر زندگيءَ لاءِ عوام جي مدد ۽ رهبري ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪن ٿيون. اهو باضمير ادب ۽ فن پنهنجو اهو فرض سمجهندو ته اهڙين قوتن سان موت ۽ حياتيءَ جي جنگ لڙي، جيڪي عوام جي بهتر زندگيءَ واسطي جدوجهد جي راهه جو پٿر آهن ۽ انهن قوتن سان دل جان سان ٻانهن ٻيلي ٿي، وِک وِک سان ۽ ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي هلي، جيڪي ان جدوجهد جون مددگار ۽ سرواڻ آهن.
    سماج جي خرابين ۽ ظلمن تي هر ايماندار اديب ۽ فنڪار کي ڏک ۽ ڪاوڙ ٿئي ٿي ۽ هُو ادب ۽ فن وسيلي ان جو اظهار ڪري ٿو، پر سچي ايماندار اديب جو فرض رڳو اتي ختم نٿو ٿئي، پر سچي ۽ ايماندار اديب کي سوچڻو پوندو ته جن خرابين ۽ ظلمن کان هُو نفرت ٿو ڪري، سو رڳو اتفاقي آهي يا موجوده نظام ۾ اهي لازمي آهن. اهي رڳو ڪنهن هڪڙي وقت تي، ڪنهن هڪڙي هنڌ ٿين ٿا يا سڄي سماج ۾ هر وقت ٿين ٿا؟ انهن جو ڪارڻ فقط ڪو هڪ اڌ خراب ۽ ظالم ماڻهُو آهي يا اهڙا خراب ۽ ظالم ماڻهُو سماج ۾ هر وقت ۽ هر هنڌ موجود آهن؟ جي اهڙا ماڻهُو سماج ۾ هر دؤر ۾ هر هنڌ موجود ۽ غالِب آهن ته ايئن ڇو آهي؟ ڇا اهو رڳو ڪو اتفاقن جو سلسلو آهي يا اهڙا ڪي سماجي ڪارڻ آهن، جن جي ڪري اها صورتحال ايئن آهي ۽ هيتريون صديون ۽ هيترا زمانا قائم رهي آهي ۽ بدلجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي؟ انهن ڪارڻن کي دور ڪرڻ ۽ انهن خرابين ۽ ظلمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ عملي طرح به ڪجهه ٿي ۽ ڪري سگهجي ٿو يا رُڳو انهن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو؟
    اُن لاءِ کيس هر قسم جي جاچ ڪرڻي پوندي، باخبر ۽ باشعور ٿيڻو پوندو. گهربل ڪتاب پڙهڻا پوندا. ضروري پڇا، ڳولا ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوندي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ، جي کيس پڪ ٿي وڃي ته هن ڪَلُور کي ختم ڪرڻ جي ڪا واٽ آهي ۽ اها واٽ فلاڻي آهي ته پوءِ هڪڙي ايماندار ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ ان اديب ۽ فنڪار جو اخلاقي، سماجي ۽ انساني فرض ٿي پوي ٿو ته ثقافتي، ادبي ۽ فني ميدان ۾ پنهنجن اعليٰ آدرشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ان واٽَ جي ڪاميابيءَ لاءِ، پنهنجي ادبي ۽ فني صلاحيتن وسيلي جيڪي ڪجهه ڪري سگهي، سو ڪري. آدرش ڌارڻ ۽ انهن جي ڪاميابيءَ بابت لاتعلق ٿي وڃڻ منافقي ۽ مَڪارِيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿيندو.

    براين ۽ ظلمن جي صرف اوگهڙ؟
    بُراين ۽ ظلمن کي اُگهاڙو ڪرڻ ۽ انهن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ نفرت پيدا ڪرڻ ادب ۽ فن جو اهم فرض آهي. ساڳيءَ طرح ظالم لاءِ نفرت ۽ مظلوم لاءِ همدردي ۽ قياس پيدا ڪرڻ به ضروري آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ناهي.
    بيماريءَ جو تفصيلي ذڪر ڪري ويهي رهڻ ۽ علاج جي ڳالهه ئي کائي وڃڻ، ڌاڙي جو اکين ڏٺو احوال ٻُڌائڻ ۽ ڌاڙيلن کي ڪيئن پڪڙجي، سا ڳالهه ئي نه ڪرڻ، بلڪه مرض جي علاج ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ جي ڳالهه ٻُڌي ڪاوڙجي پوڻ غيرفطري حرڪتون آهن.
    ڪهڙو نه عجيب لڳندو جو پُٽُ، جو ماءُ کي چوي، “امان! اڃا توکي ڇا کپي؟ ادا وڏي جي قتل ٿيڻ جي سڄي اکين ڏٺي واردات توکي ٻُڌايم، سندس واسطي تنهنجي دل ۾ قياس ۽ قاتلن لاءِ نفرت به پيدا ڪيم. توکي واقعي جي خبر به پيئي، توکي قياس ۽ افسوس به ٿيو. نفرت به ٿي. باقي بدمعاش ڪير آهن، انهن کي ڪيئن پڪڙجي؟ ڪنهن جي مدد سان پڪڙجي، ڪهڙو رستو وٺي پڪڙجي، وڙهن ته ڪيئن وڙهجي، انهن ڳالهين سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ اهي ڇو معلوم ڪري توکي ٻُڌايان؟”
    اهڙو ئي رَويو آهي انهيءَ اديب جو جيڪو چوي ٿو ته، “آءٌ رُڳو پيڙا بيان ڪندس. ان جي ڪارڻن ۽ علاجن جي منهنجي اڳيان ڳالهه به نه ڪريو، نه ته آءٌ وٺي واڪا ڪندس ته، ‘ادب ۾ نعري بازي پئي ٿئي!’”

    مظلوم ۽ قياس جوڳا ڪردار به ڪافي ناهن!
    ساڳيءَ طرح رڳو مظلوم ۽ قياس جوڳا ڪردار پيش ڪرڻ به ڪافي ناهي. اها ڳالهه نه رُڳو عوامي ادب جي انقلابي مقصدن جي خلاف ٿيندي، پر خود سماجي حقيقتن جي به خلاف ٿيندي.
    ڇا سماج ۾ عوام جا رُڳو اهي ۽ اهڙا ئي ڪردار آهن؟ ٺيڪ آهي. هڪ حد تائين عوام هينئر برابر “ڪارا، ڪوجها، ڪوڙا ۽ مُور نه موچارا” آهن. برابر منجهن ڄاڻ ۽ سمجهه ڪانهي. منجهن عقل گهٽ آهي. هُو ڪيترين ڳالهين ۾ ڪِريل، بي حال، بي ثمرا، بي وسيلا، دوست، دشمن جي سڃاڻپ نه رکندڙ، ڇڙوڇڙ، وائڙا، بتال، جهنگ جا جناور آهن. هُو برابر ڊيڄو، هراسيل، موچڙن ڪُٽيل، ذليل ۽ خوار آهن.
    پر اها ڳالهه فقط هڪ حد تائين صحيح آهي. ان کان وڌيڪ نه.
    مٿئين جزوي حقيقت جي باوجود به هر دؤر ۾ هن ڌرتيءَ تي گذران، مال، دولت، تهذيب تمدن ۽ انسانيت جا خالق ۽ قوت جا سرچشما عوام ئي هئا ۽ اهي ئي رهندا. ايئن نه هجي ها ته اسين اڃا تائين غارن ۾ ويٺا هجون ها.
    تنهن کان سواءِ اها جُزوي حقيقت ۾ تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي. اڄ پورهيت عوام منجهان هزارين لکين ماڻهُو مفت خور، ڦورو ۽ ظالم طبقن جي ماڻهن کان ڪَئِين دفعا وڌيڪ پڙهيل، قابل، داناءُ، سورما، سائنسدان، سپهه سالار، انقلابي سياسي اڳواڻ ۽ مُدَبَر بڻجي چڪا آهن ۽ بڻجي رهيا آهن.
    اڄ به اسان وٽ عوام ۾ هر وقت اهڙا مرد، عورتون ۽ ٻار ٻُڍا موجود آهن، جي دَٻاءُ ۽ وحشانيت جي اونداهيءَ رات ۾ ٽانڊاڻا، ڏيئا ۽ روشنيءَ جا منارا بڻجي چمڪن پيا.
    انهن ماڻهن جون ادب ۾ تصويرون چِٽڻ لازمي آهن.

    جيڪڏهن....!
    جيڪڏهن اڳوڻين صدين جي عالمي ۽ ملڪي ادب ۾ عوام جي سچن پچن مثالي ماڻهن جون وڌ ۾ وڌ اعليٰ تصويرون چِٽيل هجن ها ۽ اسان وٽ اهڙن تمام گهڻن ماڻهن جا مثال اکين اڳيان هجن ها ته جيڪر اسان جي بهتر زندگيءَ لاءِ اڄوڪي جدوجهد ۾ اڄ کان ڏهوڻي سُرِت، سمجهه، يقين، خوداعتمادي، ٻڌي ۽ قوت هجي ها.

    هنن جا ٻيا هيرا! عوام جا ٻيا!
    اسان جي هيرن ۽ عوام جي دشمنن جي هيرن ۾ ڪهڙو فرق بلڪه تضاد آهي، تنهن جو اندازو رُڳو ٻنهي ڌرين جي “مَحبُوبه” بابت مختلف بلڪه اُبتڙ تصورن مان ئي لڳائي سگهجي ٿو.

    مثالي مَحبُوبه ڪنهن کي چئجي؟
    هڪڙي پورهيت جا عورت کي پسند ڪرڻ جا اُصول، ماپا توراڙا ۽ ڪسوٽيون، مُفت خور طبقي جهڙا ساڳيا ٿي نٿا سگهن.
    پورهيت جي دلپسند عورت اها ٿي نٿي سگهي، جيڪا سڄو ڏينهن رُڳو هار سِينگار ڪريو، اڇڙي چمڙيءَ واري گُڏي ٿيو، ويٺي ناز نخرا ڪري، پاڻيءَ جو وَٽو به پاڻ ڀري پيئڻ لاءِ تيار نه هجي، ڪَک ڀڃي ٻيڻو نه ڪري سگهي، وات مان ڪو اکر ڪڍي ته ڏهه ڏينهن مُنهن سُڄايو ويٺي هجي. پورهيتن جي تصورن جي محبُوبه اها سدا ملوڪ “مڙس ماڻهُو”، لڏڻ هوندي، جيڪا دل ڏيئي ته وري مار موچڙي جي ڊپ کان پير پوئتي نه موڙي وڃي. اونداهي سُهائيءَ جو خيال نه ڪري، پن جي کڙڪي يا ڪُتي جي ڀؤنڪ تي ڏڪي نه وڃي. ڪوهه اڌ پنڌ ڪرڻو هجي ته ڪري اچي، پڇاڙيءَ جو جي محبت جون ويرياڻيون ڪُهاڙيون اُڀيون ٿي وڃن ته يا بسم الله! ڪري، پهرين پنهنجو سِرُ اَڏيءَ تي رکي!
    جيڪا زال بڻجڻ کان پوءِ لولو به پچائي، مال به ڏُهي، گاهه پٺو به ڪري، گهر جو ڪارخانو به هلائي، ٻار به پالي، ڪنهن مهل ڪاوڙ ۾ ٻه سونٽيون لڳي وڃنس ته مهينو سڄو مٿو ٻڌيو به نه ويٺي هجي، لٿي پٿي مڙس سان لٺ ڌُڪي ۾ به سروبَدر لٺ وڄائي ڄاڻي، هروڀرو ڪنهن للوءَ پنجونءَ جي حشمت ئي نه ٿئي، جو ساڻس مُهاڏو اٽڪائي سگهي!

    حقيقت، حقيقت پسندي ۽ حقيقت نگاري ڇا آهن؟
    جڳ مشهور داناءَ اينجلس چيو آهي: “Things are dead by destination” (جن شين جي مقدر ۾ موت آهي، سي (ڪن ڳالهين ۾) ڄڻ هينئر ئي مئل آهن.) ساڳيءَ طرح ڊگهي عرصي جي خيال کان سڀاڻي وجود ۾ اچڻ واري حقيقت کي اڄوڪي حقيقت ڪري شمار ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪرڻ گهرجي.
    ظاهر ۽ باطن ۾، صورت ۽ اصليت ۾ اڪثر تضاد هوندو آهي. ڪيتريون شيون ظاهري طرح حقيقت نظر اينديون آهن، پر اِهي اڪثر پنهنجي حقيقت وڃائي چڪيون هونديون آهن. هُو اهي زنده لاش هونديون آهن، جيڪي اڃا دفن نه ٿيا آهن. ساڳيءَ طرح ڪيتريون زبردست حقيقتون عام اکين کان اوجهل هونديون آهن. انهن کي ڏسڻ لاءِ دوربيني ۽ خوردبينيءَ جي لوڙ پوندي آهي.
    سائنسي عالمي تاريخي نقطي نظر جي دوربيني ۽ صحيح سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي خوردبينيءَ سان ڏسبو ته اڄ سموريءَ دنيا ۾ “وجاءَ الحق، وزهق الباطل انالباطل ڪان زهوقا.” (حق آيو، باطل تباهه ٿي ويو، بيشڪ باطل تباهه ٿيندڙ شيءِ آهي) وارو منظر نظر ايندو، پر عام ماڻهن جون اکيون انهن حقيقتن کي في الحال ڏسي نٿيون سگهن.
    حقيقت نگاريءَ جو مقصد اهو ناهي ته ادب ۽ فن ئي ختم ڪري ڇڏجي، رُڳو فوٽو گرافي ڪجي جا لازمي طرح بلڪل سطحي، هڪ طرفي ۽ بي جان هوندي. عوامي ادب ۽ فن جو مقصد عوام کي سندن زندگيءَ جو صحيح، گهرو ۽ ڀرپور شَعُور ڏيڻ آهي. اها ڳالهه تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن ادب ۽ فن کي سندس دستوري هٿيارن يعني بامقصد وڌاءَ، مفروضن ۽ سينگار سان هٿياربند رهڻ ڏنو وڃي.

    پورهيت ادب تي اجايو زور ڏيڻ جو ڪهڙو ضرور؟
    سرمايه دار ترقي پسند اديب ۽ وللي واويلائي اديب ٻئي ڌريون هن باري ۾ مختلف نمونن ۾ ساڳي ڳالهه چون ٿا. هي چون ٿا ته، “پورهيت ادب تخليق ڪرڻ جي ڳالهه تي اجائي زور ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي. سماج ۾ رُڳو پورهيت ته ڪونهن! ڇو نه سڀني طبقن بابت لکجي؟”
    پورهيت عوام بابت، پورهيت عوام لاءِ، سندن ئي باشعور عالمي نقطي نظر ۽ بيهڪ کان ادب ۽ فن تخليق ڪرڻ تي گهڻي ۾ گهڻو زور ڏيڻ ان ڪري ضروري آهي، جو دنيا جو اڄ تائين جو ادب نوانوي ڏهائي نوانوي سيڪڙو غيرپورهيت آهي ۽ ڪافي حد تائين پورهيت مخالف ادب آهي. ان ڪري باخبر ۽ باشعور پورهيت ۽ غيرپورهيت ادب جي وچ ۾ توازن سراسر پورهيت ادب جي خلاف بيٺل آهي. اهڙي بگڙيل توازن کي درست ڪرڻ عوام جي لاءِ اشد ضروري آهي.
    پر اسين کڻي ڪهڙي به ڪوشش ڪريون ته به موجوده حالتن ۾ اسين ان توازن کي درست ڪري نٿا سگهون.
    انهن حالتن ۾ باخبر ۽ باشعور اعليٰ پورهيت ادب جي تخليق تي جيترو گهڻو زور ڏجي، سو ٿورو ٿيندو. جيڪو به ماڻهو عوام جي خلاف ناهي، سو ان ڳالهه کي انصاف ڀريو بلڪه انتهائي لازمي سمجهندو.

    اوڻٽيهه راتيون چور جون هڪڙي رات شاهه جي!
    ٻين طبقن جي جذبن، اُمنگن ۽ سندن هيرن، هيروئنن جو ذڪر ته صدين کان ٿيندو اچي ۽ اڄ به ٿئي پيو. باشعور عوام جي هيرن ۽ هيروئنن ۽ ٻين مثالي ڪردارن ۽ ڪارنامن جو ذڪر ذري گهٽ ڄڻ ٿيو ئي ڪونهي. ان هڪ طرفائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ پورهيت عوام بابت ادب ۽ سو به باشعور انقلابي سمجهه ۽ نقطي نگاهه وارو ادب تخليق ٿيڻ ضروري آهي.
    اڳي هر ڳالهه ۾ غيرملڪي عوامي طبقن جي هڪ هٽي هئي. هاڻ صدين بعد نيٺ عوام جو وارو آيو آهي ۽ اهي آهستي آهستي هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي هر شعبي تي قبضو ڪري رهيا آهن. “اوڻٽيهه راتيون چور جون هڪڙي رات شاهه جي!” هاڻ شاهه عوام جو زمانو اچي ويو آهي. ان کي وارو ڏيڻ ۾ ڪنهن کي ارهو نه ٿيڻ گهرجي.
    ڇا پورهيت ادب جي معنيٰ سکڻي نعريبازي آهي؟
    عام طرح پورهيت ادب جو مطلب اهو ورتو ويو آهي ته پورهيت ادب کي فقط پيٽ جي مسئلن تائين محدود رکيو وڃي، سو به نهايت مشيني، بيهودي، سطحي ۽ غيرفني نموني، سُونهن جي مقابلي ۾ رڳو بُک تي لکجي. مانيءَ کي سونهن جو مخالف ڏيکاري، سونهن کي رد ڪجي ۽ مانيءَ جا نعرا هڻجن.
    اها ان مسئلي ڏانهن، نهايت بي سمجهي، بي علميءَ واري رَوِش آهي. انسان کي ماني به کپي ته محبوب به. علم به کپي ته عمل به. لطيف ۽ حافظ جا شعر به کپن ته اينسٽائين ۽ مارڪس جا سائنسي نظريا ۽ کوجنائون به.
    اقتصادي مسئلن سميت سمورا انساني مسئلا ادب جو جائز مواد آهن، پر رُڳو رُکي، ٻُسي ۽ غيرفني نموني مسئلا بيان ڪرڻ ادب ناهي. سچو ادب سيرت سان گڏ صورت به آهي. صحيح سوچ ۽ مقصد سان گڏ صحيح ڏانءُ ۽ ڏات به آهي. صحيح سوچ ۽ مقصد کان سواءِ ادب، ادب ته آهي پر کوکلو ۽ ڪوڙو ادب آهي. ساڳيءَ طرح ڏات ۽ ڏانءُ کان خالي ڳالهيون صحيح سوچ ۽ مقصد واريون ڳالهيون ته هونديون پر انهن کي ادب ۽ فن ڪونه ڪوٺي سگهبو.
    مقصد ۽ فن ۾ توازُن جو مسئلو ڏکيو مسئلو آهي، پر ان کي ڪوشش سان حل ڪري سگهجي ٿو. عالمي پورهيت ادب ۾ ان کي نهايت خوبصورتيءَ، نَفاسَت ۽ ڪاريگريءَ سان حل ڪيو ويو آهي.

    جاگيردار سرمايه دار ادب معنيٰ جاگيردارن يا سرمايه دارن جو جاگيردارن يا سرمايه دارن لاءِ لکيل ادب؟
    نه. جاگيردار ادب اهو جيڪو لکيو کڻي هڪڙي بُکئي ڀان هاريءَ هجي، پاڻ جهڙن ئي بکين ڀانگن لاءِ، سندن ئي باري ۾ ۽ سندن ئي ٻوليءَ ۾، پر مجموعي طرح ان جو تاثر جاگيردار طبقي جي سوچ، لاڙن ۽ مفادن مطابق هجي.
    ساڳيءَ طرح سرمايه دار ادب اهو ادب آهي، جيڪو لکيو ڀلي سرمايه دار نظام توڙي سرمايه دارن کي گاريون ڏيندڙ ماڻهوءَ هجي، پر شعوري يا لاشعوري طرح ان ۾ ڳالهه اها ٿيل هجي جا سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سرمايه دار طبقي جي سوچ جي مطابق هجي ۽ پَس و پيش انهن جي حڪمت عمليءَ کي هٿ ڏئي. مثال طور، عام ماڻهن ۽ سفيد پوشن جي رُڳو انهن سماجي اُمنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري، جن جي پوري ڪرڻ لاءِ بظاهر پورهيت انقلاب يا پورهيت اقتدار جي ضرورت نه پوي ۽ اهي سرمايه دار اقتدار جي حدن اندر ئي پوريون ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريل هجي.

    ڇا پورهيت طبقي جو اديب جيڪو ادب تخليق ڪري، سو پورهيت ادب چئبو؟
    اسين چئي چُڪا آهيون ته حاڪم طبقن جا زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمائندا رُڳو سندن طبقي جا نه هوندا آهن. هُو اڪثر گهڻو ڪم ڦُريل ماريل طبقن مان ڀرتي ڪيل ڇاڙتن کان وٺندا آهن. ڦورو فوج جي اڪثريت غريب طبقن جي هارين جي هوندي آهي. ادب ۾ به ڪيترا بُکيا ڀانگ اديب ۽ فنڪار پيٽ ڀريل طبقن جون ٻوليون ٻوليندا آهن. ان جي اُبتڙ هينئن به ٿيو آهي ته سفيد پوش طبقن مان به ڪي ڪي اديب پورهيت ادب يا گهٽ ۾ گهٽ پورهيت دوست ادب تخليق ڪندا رهيا آهن. ان ڪري پورهيت ادب جي سڃاڻپ جي ڪسوٽي رڳو لکندڙ جو پورهيت هجڻ ناهي.

    ڇا پورهيتن سان هَمدرديءَ وارو هر ادب پورهيت ادب سڏي سگهجي ٿو؟
    ڏسڻو اهو آهي ته ادب، پورهيت طبقي جي علمي تاريخي نقطي نظر، مُفادَن ۽ سندن جدوجهد جي ڀرپور ۽ اونهي سمجهه ۽ شعور جي روشنيءَ ۾ تخليق ڪيو ويو آهي يا ان بنا؟ پهرين حالت ۾ ان کي باشعور پورهيت ادب چئبو، ٻيءَ حالت ۾ ان کي پورهيت ادب ته چئبو پر باشعور نه بي شعور، دل جي ڌوڙ تي تخليق ڪيل پورهيت ادب.
    پر مڪمل طرح باشعور پورهيت ادب لاءِ رڳو صحيح فطري ۽ سماجي سمجهه جي ضرورت ناهي. اها به ضرورت آهي ته لکندڙ پاڻ کي باخبر ۽ باشعور پورهيت عوام جي پوزيشن ۾ وجهي، ذهني ۽ جذباتي طرح انهن جو موقف ۽ بيهڪ اختيار ڪري، يعني خود ڌر- ڌڻي بڻجي لکي ۽ نه هڪ ڄاڻو ۽ سمجهو ٽياڪڙ ۽ خدا ڪارڻ جواب ڏيڻ وارو تماشائي بڻجي.

    ڇا سفيد پوشن ۽ ٻين طبقن بابت ادب تخليق نه ڪجي؟
    ڇو نه ڪجي؟ پر هيٺيون ڳالهيون ذهن ۾ رکي پوءِ:
    (1) لکندڙ اڪثر سفيد پوش طبقي جا آهن ۽ انهن گهڻي ڀاڱي رڳو پنهنجي طبقي بابت لکيو آهي. عوام بابت لکيو اٿن ته عوام جي باخبر، باشعور نقطي نظر ۽ موقف کان نه پر سندن پنهنجي طبقي جي نقطي نظر ۽ موقف کان. ادب ته اڳيئي سفيد پوش طبقي بابت ۽ ان لاءِ لکيل ادب جو غَلبو آهي. ادب جي گاڏي اڳيئي ان طبقي جي پاسي اولار ٿي بيٺي آهي.
    (2) سفيد پوش طبقو ساڳئي وقت ٻن اُبتڙ قسم جي سماجي مُفادَن ۽ سماجي منزلن ڏانهن ڇِڪ محسوس ڪري ٿو. اهو گهڻي ڀاڱي عوام مان پيدا ٿيل آهي، هينئر به سندس گهڻي ۾ گهڻا بُنيادِي ۽ دائمي مُفاد عوام سان گڏيل آهن، پر سندس سماجي ڪَعبو قبلو ڦورو طبقا آهن، جن سان گڏجي هڪ ٿيڻ لاءِ هُو تڙپندو رهي ٿو. اها ڳالهه ٻي آهي ته مجموعي طور هُو ڪڏهن به اها منزل حاصل ڪري سگهي ئي نٿو. سفيد پوشن جي عوام سان گڏپ وارن سماجي مُفادَن بابت ادب به صحيح نُقطي نظر کان لکيل هجي ته پورهيت ادب جو حصو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته سفيد پوش هڪ حيثيت ۾ پورهيت آهي. البت ٻيءَ ۾ هُو عوام کي ڦُريندڙن ۾ شامل ۽ ساڻن به پتيدار آهي، سا ڳالهه به ڪڏهن وسارڻي ڪانهي.
    بهرحال سچو باخبر ۽ باشعور پورهيت اديب سفيد پوشن بابت ته ڇا خُود جاگيردار ۽ سرمايه دار طبقن بابت لکندو ته به اهو پورهيت ادب ئي چئبو، ڇو ته پنهنجي پورهيت نقطي نظر يا موقف جي ڪري اهو ادب، پورهيت طبقي بابت نه هوندي به ۽ انهن جي دشمنن بابت هوندي به، پورهيت عوام جي ئي نقطي نظر ۽ موقف کي هٿي ڏيندو. مثال طور گورڪيءَ جا آمريڪي سرمايه دارن بابت تاثر جيڪي سنڌيءَ ۾ “ڪروڙپتيءَ” جي عنوان سان ڇپيل آهن.
    اَلبَت بُنيادِي طرح پورهيت ادب پورهيتن بابت ئي هوندو ۽ انهن لاءِ ئي تخليق ڪيل هوندو. اهو بُنيادِي طرح پورهيت عوام جي انهن سماجي اُمنگن ۽ آدرشن جي ترجماني ڪندو، جيڪي فقط سماجي انقلاب ۽ پورهيت انقلابي اقتدار وسيلي ئي پورا ٿي سگهن ٿا.

    ڇا وللي واويلائي ترقي پسند آهن؟
    ڪيترائي وللي واويلائي پاڻ کي ترقي پسند سڏائين ٿا، ان لاءِ هُو ڪَئِين پراڻيون سندون ۽ انعامي ٻلا ڪڍيو ڏيکارين. ڇا هو واقعي ترقي پسند آهن؟
    جيڪي شيون يڪيون ۽ سڄيون ساريون نظر اچن ٿيون، سي فقط ٻاهران ۽ پري کان ايئن نظر اچن ٿيون. حقيقت ۾ اهي گهڻن اُبتڙ ۽ پاڻ ۾ وڙهندڙ جُزن جون ٺهيل هونديون آهن.
    هر ٻيءَ شيءِ وانگر ادبي ۽ فني تحريڪون به، اُبتڙن جي ميلاپ ۽ پاڻ ۾ ويڙهه جي پيداوار آهي. اهي به ان ويڙهه جي نتيجي طور پنهنجون خاصيتون ۽ مقدار بدلائين ٿيون. جيڪي شيون شروعات ۾ ترقي پسند هيون، سي حالتن جي تبديليءَ سان گڏ آهستي آهستي پنهنجو روپ بدلايو پنهنجي اُبتڙن ۾ بدلجي سگهن ٿيون. ترقي پسند ادب جي تحريڪ هڪ گهڻ-طبقاتي ادبي گڏيل مَحاذُ هو، جنهن ۾ ٿورا سماجي سُرت ۽ سمجهه رکندڙ پورهيت اديب به هئا ۽ گهڻا سرمايه داري لاڙا رکندڙ توڙي موقعي پرست ۽ ابن الوقت ماڻهو به هئا.
    جنهن دؤر ۾ عوام جي جدوجهد چاڙهه ۾ اچي ٿي ۽ ترقي پسنديءَ ۾ عزت آبرو ۽ فائدا آهن، تڏهن موقعي پرست اديب ترقي پسنديءَ جا سڀني کان وڏا پڳڙ ٻَڌيو، اسٽيج تي سڀني کان اڳ اچيو، براجمان ٿيو وڃن ۽ پاڻ کي ترقي پسنديءَ جا واحد نمائندا ۽ چوڌري ڪريو مشهور ڪرائين.
    پر جڏهن اها لاٿ ۾ اچي ٿي، ته هي رات وچ ۾ بدلجيو ماڻهُو ئي ٻيا ٿيو پون، ڄڻ ترقي پسنديءَ نالي ڪنهن شيءِ جا واقف ئي ناهن!
    سموري ملڪ جي ابن الوقت سابق ترقي پسندن جي اها حالت آهي، اڄ هُو “ساڌن سان سن مُک، پئنچن سان پورا” ٿيا ويٺا آهن. “ماسي ورائي، دم پنهنجي دم پرائي.”
    سنڌ ۾ به اڄ ڪيترا سابق ترقي پسند موقعي پرست ادبي چوڌري، موقعي پرستن جي ازلي آئين ۽ دستور مطابق، پنهنجي ادبي دڪانن تي ترقي پسنديءَ جا پراڻا بورڊ ٽنگيو، انهن هيٺ پنهنجن دڪانن کي زندگيءَ کان مايوسيءَ جي مکين جهنگيل زوالي مال سان سٿيو، مُڇون وٽيو، مجمعا لڳايو ويٺا آهن ۽ ترقي پسند ۽ بامقصد عوامي ادب تي ٺٺوليون ڪندي ۽ مٿس نعريبازيءَ جا الزام هڻندي، وات ئي بند نٿو ٿئين. اهڙي قسم جا ماڻهو حقيقي طرح نه اڳ ترقي پسند هئا ۽ نه اڄ آهن.


    باب اٺون : ماضِيءَ جو ادب

    ماڻهو سڀ سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

    (لطيف)

    عوام دشمنن هميشه پنهنجي دؤر جي هر سچائيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي ڇتي مخالفت پئي ڪئي آهي. اها مخالفت “اڄ” جي ڪوڙ، ناحق ۽ رجعت پرستيءَ جي وسيلي به ڪئي اٿن ۽ “ڪالهه” جي مُدي خارج سچائي ۽ سابق ترقي پسنديءَ سان به ڪندا رهيا آهن.
    هُو هميشه ڪالهوڪي سچ، ڪالهوڪي حق ۽ ڪالهوڪي ترقي پسنديءَ تي زور ڏيندا ۽ ان کي اڄوڪي سچ، اڄوڪي حق ۽ اڄوڪي ترقي پسنديءَ ۽ انقلاب کي دٻائڻ لاءِ کڙو ڪندا رهيا آهن. بلڪل ايئن جيئن ڪالهوڪي ڏاڍي مڙس کان پوليس پڳيءَ، پيراڍي ۽ لال جو ڪم وٺندي آهي.
    جڏهن ڪالهه “اڄ” هو ۽ جڏهن ڪالهوڪي ترقي پسندي، ان وقت جي “اڄ” جي ترقي پسندي هئي، تڏهن اهي ساڳيون سماجي قوتون، جيڪي اڄ انهن جي ساراهه مان نٿيون ڍاپن، سي ڪات ڪهاڙا کڻي، سندن پويان پيل هيون.
    اڄ عوام دشمن چون ٿا، “ڇا جو عوامي ادب، ڇا جو عوامي دشمن ادب؟ ڪهڙو پورهيتن جو ادب، ڪهڙو سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جو ادب؟ ادب، ادب آهي. دنيا جو عظيم ادب ڏسو! هر قسم جي ماڻهن ان کي لکيو آهي. غريب کان غريب ۽ شاهوڪار کان شاهوڪار اديبن ان کي لکيو آهي، پر مجال آهي جو ان ڪري ڪو تِر جو به فرق پوي؟ عظيم ادب عظيم آهي، چاهي ان کي غريب لکيو هجي يا شاهوڪار. ادب ۾ اهو غريب شاهوڪار، سرمايه دار پورهيت جو ڏڦيڙ وجهڻ جهالت ۽ بيهودگي آهي.”
    عوام جو دشمن هڪڙو ٽولو نه، گهڻا ٽولا آهن. جيڪڏهن سُرت نه ڪبي ته ماڻهو هڪڙي دشمن جي ڳالهين کي مُنهن ڏيڻ ۾ اهڙو محول ٿي ويندو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري ويهندو، جو هڪڙي دشمن کان پاڻ بچائيندي ٻين دشمنن جو آسان شڪار ٿي پوندو. هڪڙي ٽولي جي وڇايل ڪوڙڪيءَ کان پاڻ بچائيندي، ازخود ٻين ٽولن جي وڇايل ڪوڙڪين ۾ ڦاسي پوندو!
    جاگيردار رجعت پرست ادبي ٽولو سدائين فرمائيندو رهندو آهي ته فقط “پنهنجو” يعني جاگيردار رجعت پرست “ادب” پڙهو! “پرائو” يعني ترقي پسند سرمايه دار ادب يا پورهيت ادب نه پڙهو. اُهو آمريڪا، يورپ، روس ۽ چين وارن ڪافرن جو ادب آهي. ان سان پنهنجو ڪهڙو واسطو؟ ان جي جواب ۾ ترقي پسند چوندا آهن ته، “ادب نه ‘پنهنجو’ ٿيندو آهي نه ‘پرائو’. ادب سڄيءَ دنيا جي انسانن جي، سموري انسانيت جي گڏيل ميراث آهي.”
    جاگيردار رجعت پرستن جي اُٿاريل دليلن جي جواب جي حد تائين اهو جواب صحيح آهي، پر مڪمل طرح ۽ غيرمشروط طرح صحيح ڪونهي. مثلاً ماضيءَ جي ادب ۽ فن کي وٺو.

    ماضيءَ جو عظيم ادبي ورثو:
    هنجن سي هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارئين،
    ته لڳن سي ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌي ڪڏهين.

    (لطيف)
    اسان جو “هينئر”، “اڳ” جي پيڙهه تي بيٺل آهي. هن دؤر جو پورهيت توڙي ٻيو اعليٰ ادب، ماضيءَ جي اعليٰ ادب جي پيڙهه تي بيٺل آهي. ان پيڙهه کان سواءِ اهو هرگز تعمير ٿي نه سگهي ها.
    ماضيءَ جي انسان دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند ادب انساني تاريخ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي ڪري انسان ذات ان جي جائز طرح ٿورائتي آهي ۽ سدائين رهندي.
    ماضيءَ جي ادب کان تنقيدي نموني پر توجهه ۽ احترام سان سِکڻ کان سواءِ ڪوبه اديب صحيح معنيٰ ۾ اعليٰ عوامي ادب تخليق ڪري نٿو سگهي.
    ماضِيءَ جي انسان دوست، روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن ۽ فنڪارن پنهنجين حدبندين، نقصن ۽ اڻ پوراين جي باوجود، ادب ۽ فن تخليق ڪرڻ لاءِ ڏاڍا ڪشالا ڪيا ۽ ڏک ڏٺا آهن. ڪيترين حالتن ۾ هنن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

    جيئرا جاڳندا معجزا
    هنن مان ڪي اهڙا به هئا، جن جي تخليقي فتحن ۽ ڪارنامن اڳيان جوليس سيزر، سڪندراعظم، چنگيز، تيمور ۽ نيپولين جهڙن جون فتحون هيچ هيون. هنن پنهنجي وقت، پنهنجي طبقاتي، ملڪي ۽ قومي سوچ ۽ سمجهه جي حدن اندر، فن جا اهي تاج محل اڏي ڇڏيا آهن، جن جي سُونهن ۽ عظمت، هر ڳالهه جي باوجود، ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. هنن پنهنجي وقت جي هماليه جي چوٽين کي سر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ستارن تي ڪَمَندُ وڌا آهن. هنن اهڙا جيئرا جاڳندا معجزا ڏيکاريا آهن، جيڪي هر نسل کي اچرج ۾ وجهندا رهندا. هي ماڻهو انسانيت جو سينگار ۽ هن ڌرتيءَ جا مرڪ هئا. ڌرتيءَ جا پُٽ ۽ ڌِيئون هميشه سندن ياد کي احسانمنديءَ جي آلاڻ سان ڀريل اکين سان ۽ احترام ۽ شڪر گذاريءَ وچان جهڪيل ڪنڌن سان، نمي سلام ڪندا رهندا.
    ماضيءَ جي اديبن ۽ فنڪارن زندگيءَ جون جيڪي لکين ڪروڙين، اڪثر اڻ پوريون، هڪ طرفيون، پر گُوناگُون جهلڪيون اسان کي ڏيکاريون آهن، انهن سمورين گڏجي، ڇنڊجي ڇاڻجي، ڄاڻ، سمجهه ۽ ڏاهپ جي داڻن ڪڻن جا ايڏا انبار گڏ ڪري ڇڏيا آهن، جو جيڪڏهن اسين انهن کي جانچي ڏسون، صاف ڪريون ۽ وري تنقيدي ۽ تخليقي نموني پرکيون ته “ڪڻن مان ڪيچ” واري حساب سان اسان وٽ ڪيچ پچي پون.
    دنيا جو اعليٰ ادب اسان جو اهڙو بي بها ورثو آهي، جنهن جي تنقيدي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، ان کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ انهن مان پورو پورو تخليقي نفعو حاصل ڪرڻ اسان جو مقدس عالمي تاريخي فرض ۽ اعزاز آهي.
    انهن ڳالهين جي باوجود اها ڳالهه هرگز نظرانداز ڪرڻي ناهي ته ماضِيءَ جو ادب عوام لاءِ تمام گهڻين غلط ۽ نقصانڪار ڳالهين سان به ڀريل آهي.
    ماضِيءَ جي ادب ۾، ڪافي حد تائين، خود ماضِيءَ جي عظيم ادب ۾ به، انساني سماج جي سڀ کان وڏين ۽ بُنيادِي حقيقتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. سماجي تاريخ جي هڪڙي پاسي سڀ کان نيچ ۽ ظالم ۽ ٻئي پاسي سڀ کان عظيم ۽ نيڪ ڪارنامن تي ۽ سڀ کان اهم سماجي لاڙن ۽ تحريڪن تي پردو وڌو ويو آهي ۽ انهن بابت خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. انهن جي جاءِ تي عام طرح ڏهين درجي جي معمولي ڳالهين کي کنيو ويو آهي ۽ کين حد کان وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.
    ماضِيءَ جي ادب مجموعي طرح عوام کي پنهنجي مدد کان محروم رکيو آهي ۽ سندن دشمنن جي خدمت ڪئي آهي.
    ان جا مکيه سبب هئا اڻڄاڻائي ۽ مجبوري. اڻڄاڻائي اها، جو ماضِيءَ جو ادب عام طرح سماج بابت نهايت هڪ طرفي، مٿاڇري، سطحي، قياسي، گهڻي ڀاڱي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ ۽ سمجهه جي آڌار تي تخليق ڪيل هو.

    ماضِيءَ جو ترقي پسند ادب
    خود اهو ادب جنهن کي اسين اڄ ماضِيءَ جو ترقي پسند يا عظيم ادب چئون ٿا، اهو به اُبتڙن جي ميلاپ ۽ ويڙهه جي پيداوار هو. اهو يڪو، سڄو سارو ترقي پسند ۽ عوام دوست ڪونه هو.
    گذريل زمانن جا جيڪي عظيم اديب ۽ فنڪار پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي نظام جي ترقي پسند لاڙن جا ترجمان ۽ وڪيل هئا، تن جون تخليقون ان وقت جي حالتن ۾ رجعت پرست تخليقن جي ڀيٽ ۾ کڻي ڪيتريون به اڳڀريون ۽ ترقي پسند هيون پر تڏهن به اهي پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي سماجي نظام ۽ پنهنجي حاڪم طبقن جي سوچ، سمجهه، لاڙن ۽ آدرشن کان قطعي طرح آجيون هرگز ٿي نٿي سگهيون.
    اهڙو ڪوبه اديب، فنڪار يا دانشور ڪونهي، جيڪو پنهنجي دؤر جي سوچن، لاڙن ۽ آدرشن کي صفا ڇڏي رڳو ايندڙ زمانن جي سوچ، لاڙن ۽ آدرشن کي اختيار ڪري سگهي. اديب ۽ فنڪار ڪهڙو به باڪمال هجي ۽ ڪيڏو به دورانديش ۽ آئيندي جا خواب ڏسندڙ هجي، پر سندس تخليقن تي ڪنهن نه ڪنهن نموني، ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ پنهنجي دؤر، پنهنجي سماجي نظام ۽ پنهنجي دلپسند سماجي گروهن ۽ طبقن جي سوچن ۽ آدرشن جون مهرون ضرور لڳل هونديون.
    اڪثر عالمي شاهڪار پنهنجي سموري عوامي مقبوليت، ڪمال ۽ عظمت جي باوجود، بُنيادِي طرح هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪن خاص طبقن ۽ گروهن جي ادبي ۽ فني مفادن جي ترجماني ڪن ٿا.

    ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟
    جيڪي واقعي وڏا فنڪار آهن، اهي پنهنجي ذاتي ۽ پنهنجي دلپسند طبقاتي سوچن ۽ لاڙن سان گڏ سماج جي ٻين طبقن جي پسند جي ايتري وسيع ۽ قابليت واري ترجماني ڪن ٿا، جو سواءِ تمام قابليت ۽ باريڪ بينيءَ واري تپاس جي، اهو معلوم ئي ڪونه ٿي سگهندو ته هُو حقيقت ۾ بُنيادِي طرح ڪهڙن طبقن جي سوچن، لاڙن ۽ قدرن جي ترجماني ۽ وڪالت ڪري رهيا آهن. اهي وڏا فنڪار بي پناهه فني ڏانءُ ۽ ڏات کانسواءِ هن جهان ۽ زندگيءَ بابت هڪ وسيع ۽ گهرو عالمي نقطي نگاهه پڻ رکن ٿا. سندن ڀيٽ ۾ عام پڙهندڙ جو عالمي نقطي نظر تنگ ۽ محدود آهي. ان ڪري سندن ڏات ۽ وسيع عالمي نقطي نظر جي ميلاپ مان جيڪي تخليقون ٺهن ٿيون، سي پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ ۾ کاٽ هڻي کيس پاڻ تي فدا ڪريو ڇڏين.
    هڪ ته اڻ لکي کاٽ ڪري ٻيو ته پڙهندڙن جي اڻ ڄاڻ ۽ اڻ تربيت يافته هجڻ ڪري عام پڙهندڙن کي ورلي ڪو اهو سَماءُ پئجي سگهي ٿو ته فلاڻيءَ عظيم تخليق ۾ ڪهڙي گروهه يا طبقي جي سماجي ۽ عالمي نقطي نظر جي ترجماني ۽ وڪالت ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا جزا صحيح ۽ عوام دوست آهن ۽ ڪهڙا غلط ۽ عوام دشمن. جهڙيءَ ريت ڪنهن سُٺي بورچيءَ جي رڌل طعام کي کائي، ماڻهو رُڳو وات چٽيندو رهجي ويندو آهي ۽ اڪثر کيس اها خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته هيءُ کاڌو ڪهڙين شين مان ٺهيل آهي ۽ اهي سندس صحت واسطي ڪيتري قدر فائديمند يا نقصانڪار آهن، تهڙيءَ طرح سواءِ ڪن ٿورڙن تمام ڄاڻو پڙهندڙن جي، ٻين کي اهو سَماءُ ئي ڪونه پوندو آهي ته هن تخليق ۾ ڪهڙي سماجي سوچ جو مال مصالحو آهي ۽ هن ۾ ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟ هو رُڳو ان جي ڳالهه ڪرڻ جي ڍنگ ۽ ٻين فني ۽ فڪري چاشنين ۾ ئي گم ٿي ويندا آهن.
    خود اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دؤر ۾ ته ڇا سڀني دؤرن جا عجائب بڻجي ويا آهن، انهن جي سوچ تي به غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ڪيترين نهايت اهم ڳالهين ۾، اڄ جي حساب سان، اهي اڄ جي معمولي کان معمولي ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ به قدامت پرست ۽ مُدي خارج ٿي چڪا آهن. سندن ڳچ خيال انسان ذات لاءِ نهايت نقصانڪار ٿي چڪا آهن بلڪه ان وقت به هئا پر ماڻهن کي ان وقت ان جو سَماءُ ئي نٿي پيو!
    مثلاً ارسطو، سُقراط ۽ افلاطون ڪير سڏائي؟ الڪندي، فارابي، غزالي، بو علي سينا، ابنِ رشد، ابن خلدون ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ خود فردوسي، حافظ، عمير خيام، ڪاليداس، شيڪسپيئر کان وڌيڪ سندن دؤر جو روشن خيال ۽ انسان دوست ڪو ٿيو!؟

    ارسطو، ولبر فورس ۽ اڄ جو ننڍو ٻار!
    پر انهن سڀني جي عظيم ادبي ۽ فڪري شاهڪارن ۾ ڪا هڪڙي سِٽ به غلاميءَ جي نظام جي خلاف ته ڪڍي ڏيکاريو؟ اهي سڀ ويچارا پنهنجي دؤر ۽ پنهنجي وقت جي سماجي نظام جي سماجي فڪرن جي حدن کي اورانگهي، اهو تصور به نٿي ڪري سگهيا ته ماڻهُو، ماڻهوءَ کي ذاتي طرح ۽ ٻارن ٻچن سميت غلام بڻائي ڍورن ڍڳن وانگر وڻيس ته وهائي، وڻيس ته سندن سودا ڪندو وتي، اها ڳالهه ڪا ظلم جي ڳالهه آهي! هُو غلاميءَ جي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ آواز اُٿارڻ جو سوچي به نٿي سگهيا.
    ولبر فورس ۽ ٻيا جن غلاميءَ جي نظام خلاف انگلينڊ، آمريڪا ۽ يورپ ۾ جهاد ڪئي، سي علمي، ادبي ۽ فڪري طرح مٿين عظيم هستين جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ڪجهه به ڪونه هئا، پر ڳالهه دؤر ۽ نظام جي آهي. هنن کي سندن دؤر ۽ سماجي نظام هڪ خاص حد کان اڳتي سوچڻ ئي نه ڏنو. ولبر فورس وارا ان دؤر ۽ نظام ۾ آيا، جيڪو دؤر ۽ جيڪو نظام اڳين دؤرن ۽ نظامن جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳتي هو، جنهن جي ڪري غلاميءَ جو نظام مُدي خارج بڻجي چڪو هو.
    اڄ جي هڪڙي ننڍڙي ٻار کي به خبر آهي ته ماڻهُو طرفان ماڻهوءَ کي غلام بنائڻ گندو ڏوهه آهي. ان حساب سان سماجي فڪر جي ڪسوٽيءَ تي اڄوڪو ٻار به غلاميءَ بابت سوچ ۾ مٿين سمورين يگانين هستين کان ڪي زمانا اڳتي آهي!
    ٿامس هارڊي، ٽالسٽاءِ ۽ ٽئگور وغيره ڪيئن ٿا ڀانيو؟ پر سندن ادب مان جيڪو سبق ملي ٿو، سو آهي رضا تي راضي رهڻ ۽ تقدير تي ڀاڙڻ، ويڙهه کان پاڻ بچائڻ. اديب ته جبل جيڏا پر سندن ادب جو تت اڄ ڪهڙو ماڻهو قبول ڪندو؟ ڪير چوندو ته عوام لاءِ اهو سبق فائديمند آهي؟ اهو سبق ڪهڙن طبقن کي فائدو ڏئي ٿو، سا ڳالهه اڄ هرڪو سمجهي سگهي ٿو!

    ادبي بُتَ!
    اڳ جي ادبي هستين جي تخليق جي عوام جي نقطي نگاهه کان ڇنڊڇاڻ نه ٿيڻ ڪري ڪيترن کي ڏٺو ويندو ته اهي سَکڻا بُتَ آهن. سندن انڌي پُوڄا پيئي ٿئي. درحقيقت اها پوڄا حاڪم طبقن جا ادبي ۽ فني دلال ٿا ڪرائين.
    انهن نام نهاد عظيم هستين مان ڳچ جيترا عوام جي نقطي نظر کان، خود سندن دؤر ۾ به، تمام قدامت پرست، پوئتي پيل ۽ عوام جا مخالف هئا.
    ڪيترا “وڏا” بنايل اديب پنهنجي ڳالهه کي ٺاهڻ لاءِ اهم سماجي مسئلن بابت نهايت هڪ طرفيون، غيرذميواريءَ واريون، نقصانڪار ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهيون ڪري ويا آهن. پڙهندڙن جي اٻوجهائي ۽ اڻڄاڻائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي سهڻي، دلفريب ۽ ڇرڪائيندڙ ٻولي، نهايت فصاحت ۽ بلاغت سان، اهي نسورا زٽ ۽ ڊز هڻي ويا آهن. اهي جعلي “دانائي” ۽ “تجربي” جا نُڪتا هو اهڙي پيغمبري شان سان ڪري ويا آهن، ڄڻ مٿن ڪا وَحِي لٿي هئي.
    اهو ڌنڌو اڄ تائين چالو آهي. سنڌي ادب جو جائزو وٺبو ته مختلف دؤرن جي ادب ۾ اهڙا موتي ڪيترن ئي هنڌن تي پکڙيل نظر ايندا!

    سو فيصدي ترقي پسند تخليق
    جيڪا ماضيءَ جي تخليق ڪالهه، ڪالهوڪي ماحول ۾، سو فيصدي ترقي پسند هئي سا به ضروري ناهي ته اڄ اسان جي ماحول، دؤر ۽ نظام جي حساب سان به، ترقي پسند هجي.
    ان جي خوبين مان سِکبو، سندس اڳوڻي ترقي پسند سماجي سيرت ۽ ڪردار کي سڃاڻبو ۽ تسليم ڪبو ۽ اڳوڻي زماني جي سلسلي ۾ انهن کي ساراهبو، پر اڄوڪين حالتن ۾، نه رُڳو انهن جي ساراهه نه ڪبي ۽ ماڻهن کي انهن کان متاثر ٿيڻ لاءِ آماده نه ڪبو، پر انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري سندن چڱايون ۽ مدايون نروار ڪبيون.

    عوامي ٻولِي ۽ عوامي انداز واريون تخليقون
    جيڪي تخليقون عوامي انداز ۾ عوام لاءِ سندن ئي دل پسند ٻولِيءَ ۾ لکيل هجن، سي به لازمي ناهي ته عوام-دوست ۽ ترقي پسند هجن. ڪيتريون بدترين عوام دشمن تخليقون نهايت دلنشين نموني وڏي ڏات ۽ ڏانءُ سان لکيل آهن.
    اهڙين عوام دشمن تخليقن ۾ جيترو ڏانءُ ۽ ڏات وڌيڪ هوندا، اهي جيتريون اثرائتيون ۽ مقبول ٿينديون، اوتريون ئي اهي وڌيڪ پنهنجو زهريلو عوام دشمن اثر ڦهلائي عوام کي نقصان پهچائينديون.

    پيشو ته مون وارو! پر قدر ڪونهي!
    اڪثر ماڻهو جنهن به ڳالهه ۾ ڀَڙُ هوندو آهي، تنهن بابت سمجهندو آهي ته دنيا ۾ آهي ئي اها ڳالهه، جي ڏاتِ آهي ته به اها. جي ڄاڻ آهي ته به اها، جي نيڪي آهي ته به اها، مطلب ته سڄي ڪائنات جي تخليق جو مقصد ئي ڄڻ رُڳو اها ڳالهه آهي. سينٽرل جيل حيدرآباد جو جلاد خواص خان اڪثر چوندو هو ته، “سائين! ڦاسي ڏيڻ ڪو هر ڪنهن للوءَ پنجوءَ جو ڪم ناهي! ڪيترا ماڻهو اهڙا نالائق هوندا آهن جو اڌ ڪلاڪ کين ٽنگي وري کڻي لاهي ڏس ته اڃا به پيا چُرن پُرن! هاڻ وري چاڙهڻ تي ٿي خواري! آءٌ پنهنجي هٿ سان انهن جو ڳاٽو مروٽي ڇڏيندو آهيان! جيل ۾ فساد ٿين، تڏهن به ايئن! جهيڙي مهل ڪو فسادي قيدي هٿ چڙهي وڃي ته ماٺ مٺيءَ ۾ ان جو ڳاٽو مروٽي ڇڏيندو آهيان! پر قدر ڪونهي!”
    پنهنجي پيشي ۽ ڪِرتِ بابت اهڙي قسم جا خيال هر ڪِرتِ ۽ پيشي وارن ماڻهن کي هوندا آهن. هرڪو ڀائيندو ته، “پيشو ته مون وارو، ٻيون ٺلهيون ڳالهيون! پر قدر ڪونهي!”
    اڪثر اديب ۽ فنڪار به ڀائين ٿا ته، “ڪائنات ۾ جيڪي آهي، سو رُڳو ادب ۽ فن. اهي پاڻ مراديون پيدا ٿيل قدرتي چيزون آهن. اهي ئي نيڪيءَ، سُونهن، سچائيءَ ۽ تخليق جا سرچشما آهن. اهي ڪنهن به ٻيءَ شيءِ جون پيداوار ناهن. ڪنهن ٻيءَ شيءِ کان متاثر نه ٿيون ٿين. ڪنهن به ٻيءَ شيءِ تي انهن جو دارومدار ڪونهي. ڪنهن به ٻيءَ شيءِ سان ڳنڍيل ناهن. بس يڪي سر پاڻ آهن. ازلي ۽ ابدي آهن. عالمي ۽ آفاقي آهن.”
    ان باري ۾ اديبن ۽ غيراديبن جي وچ ۾ فرق رڳو اهو آهي ته اڪثر ٻين ڌنڌن ۽ هنرن وارا ماڻهو اهي وهم گهڻي ڀاڱي پاڻ تائين محدود رکڻ تي مجبور آهن، پر اديب ۽ فنڪار انهن وهمن کي عوام ۾ ڦهلائين ٿا. کين جيئن ته ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏاتِ آهي ۽ هو ٻين کي هڪدم متاثر ڪرڻ جا بادشاهه ٿين ٿا، تنهن ڪري هو پنهنجي ان گمراهه ۽ هوائي سوچ کي عوام ۾ ڦهلائڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. هڪڙي ڏاهي جو قول آهي ته، “پڙهيل احمق جاهل احمق کان وڏو احمق ٿئي ٿو.” پڙهيلن جون ڦهلايل اهي گمراهيون ۽ وهم اڻ پڙهيلن جي ڦهلايل وهمن ۽ گمراهين کان وڌيڪ جهالت ۽ گمراهي ڦهلائين ٿيون.

    ادب ۽ فن جا عالمي ۽ آفاقي قدر
    چڱيءَ طرح ويچار ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري ڏسبو ته خبر پئجي ويندي ته ادب ۽ فن جا عالمي ۽ آفاقي قدر ۽ اُصول به حقيقت ۾ اهڙا قطعي ۽ آخري طرح عالمي ۽ آفاقي ناهن. نه وري اهي ادبي ۽ فني ۽ فني ميدان ۾ هلندڙ طبقاتي ويڙهه ۾ اهڙا ڪي غيرجانبدار قدر ۽ اُصول ئي آهن.
    ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ سڀني طبقن جي وچ ۾ مُفادَن جون ڪي هڪ جهڙايون آهن ته ڪي تضاد به.
    ادب ۽ فن جي عالمي ۽ آفاقي قدرن جا اصطلاح فقط محدود ۽ نسبتي معنيٰ ۾ صحيح ٿيندا. هونئن نه. انهن مان مراد مادي ۽ روحاني قدرن ۽ مُفادَن جون اهي هڪجهڙايون آهن، جيڪي تاريخ جي هر دؤر جي روشن خيال ادب جي وچ ۾ هميشه رهيون آهن، پر انهن هڪجهڙاين کان سواءِ انهن جي وچ ۾ تضاد به سدائين موجود رهيا آهن. اهي هڪجهڙايون ۽ تضاد هر دؤر، هر سماجي نظام ۽ هر طبقي جي فني ۽ ادبي قدرن، لاڙن جي وچ ۾ آهن. اڳئين دؤر جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ انقلابي ادب ۽ فن جي وچ ۾ ساڳيءَ طرح هڪجهڙايون ۽ تضاد آهن.
    ادبي ۽ ٻين سماجي قدرن جي آفاقيت انهن قدرن جي سماجي سيرت جو فقط هڪڙو پاسو، حقيقت جو فقط هڪڙو تهه ۽ پريان نظر ايندڙ ٻاهريون ڏيک آهي. اندرو اندر، حقيقت مختلف بلڪه اُبتڙ آهي. ان حقيقت جو ٻيو ۽ وڌيڪ اهم پاسو انهن قدرن جو پاڻ ۾ ٽڪر ۽ مقابلو آهي.
    آفاقيت صدين جي ادب جي پاڻ ۾ عام هڪجهڙائيءَ ۽ ميلاپ واري پاسي جي ترجماني ٿي ڪري. هر دؤر ۽ هر طبقي جي ترجماني ڪندڙ ادب ۾ پنهنجون پنهنجون نراليون ۽ خاص وصفون ۽ خاصيتون به آهن. هي آفاقي قدرن جي پوش هيٺ لِڪل آهن ۽ پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. ان ڪري هر ادبي تخليق ساڳئي وقت آفاقي ادب ۽ قدرن جي ميلاپ ۽ پڻ انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو روپ ۽ سندن عموميت ۽ خصوصيت جي صورت آهي. انهن قدرن جي وچ ۾ هلندڙ ويڙهه جو پاسو اول ۽ حاوي آهي ۽ ميلاپ ۽ هڪجهڙائيءَ جو پاسو ثانوي ۽ ماتحت آهي.
    انهن مان ڪنهن به هڪ پاسي کي (Absolutize) ڪبو ۽ قطعي ۽ آخري سمجهبو ته حقيقت جي پروڙ جو توازُن بگڙي پوندو ۽ اسان جي ڄاڻ غلط ٿي پوندي.
    ادبي قدرن جي آفاقيت به انساني سماجي قدرن جي آفاقيت (Universality) وانگر آهي. مثال طور انساني سماج جو اهو هڪڙو آفاقي قدر آهي ته، “بني آدم اعضائي لکيريگرند”، “انسان هڪٻئي جا عضوا آهن.” هڪ معنيٰ ۾، هڪ سطح ۽ هڪ حد تائين اها ڳالهه صحيح آهي، پر اسين روزمره جي زندگيءَ خواه انساني تاريخ ۾ ڏسون ٿا ته اهو قدر نِسبتي آهي ۽ ڪُلي ناهي. اهو فقط مخصوص حالتن ۽ حدن اندر صحيح آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ اها بنيادي حقيقت لڪايو ويٺو آهي ته هڪڙا انسان ٻين جا ماري آهن. مارين ۽ مرندڙن ۾ ڄڻ روزِ ازل کان وٺي جنگ هلي رهي آهي. جيستائين ان جنگ ۾ انسانن جي وڏي اڪثريت جي سوڀ نه ٿي آهي، تيستائين آدم جا ٻچا هڪٻئي جا عضوا ٿي ئي ڪونه ٿيندا.
    طبقاتي سماج ۾ هر قسم جا آفاقي قدرن جو تصور نِسبتي تصور آهي، قطعي ناهي. تنهن ڪري انهن ۾ گهٽ-وڌائي ٿيندي رهندي آهي. سماج جا ڪيترا “عالمي ۽ آفاقي” قدر درحقيقت تنگ ۽ عارضي طبقاتي قدر ثابت ٿيا آهن. مثلاً اڳي اهو هڪڙو طئي ٿيل عالمي سماجي قدر سمجهبو هو ته گولو ۽ غلام ذليل آهي، بي وفا آهي، نيچ آهي ۽ ٻيا ڪَئِين پهاڪا ۽ چوڻيون ان “عالمي ۽ آفاقي” “سچائي” جي تائيد ۾ چيل آهن. فردوسيءَ جهڙي ماڻهُوءَ به چيو آهي:
    “پرستار زاده نيايد بکار!”
    (گولي جو پٽ ڪنهن به ڪم نه ايندو)
    پنهنجيءَ پر ۾، هن جي نظر ۾، ان کان وڏي دليلن کان بي نياز سچائي ٻي ٿي نٿي سگهي، پر اڄ اسان کي خبر آهي ته ذليل، بي وفا ۽ نيچ دراصل ڪير هئا ۽ آهن... غلام دار يا غلام!
    جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو هلي تيئن تيئن نوان عالمي ۽ آفاقي قدر ٺهندا رهن ٿا ۽ ٺهندا رهندا ۽ ڪي پراڻا رد ٿي ويندا رهن ٿا.
    تنهن کانسواءِ انهن قدرن جي ظاهري شڪل صورت بظاهر ساڳي رهندي به انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۽ حقيقي استعمال ۾ هميشه فرق بلڪه تضاد پئي رهيو آهي. هر طبقي، گروهه، هر “آفاقي” قدر کي پنهنجي خاص مفاد جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ ان موجب انهن جون فوقيتون (Priorities) مقرر پئي ڪيون اٿس.


    باب نائون : دنيا کي لِيڪَ!

    ڪو ٿو ڪاگر ڪوريين؟ ويٺو وڃايين مس!

    (لطيف)

    آمريڪا ۽ يورپ جا سماجي طور جاهل، ذهني مريض ۽ پاڻ پوڄيندڙ زوالي اديب ۽ فنڪار پنهنجي گندين ۽ سڙيل سوچن ۽ وهمن جي مَٽُ ۾ جيڪا مانڌاڻي وجهيو بيٺا آهن، تنهن آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي سرمايه دار طبقي ڏانهن مائل (پيٽ ڀريل توڙي بُکين ڀان) اديبن کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. انهن مان نيپال، سلمان رشدي (مصنف “آڌيءَ رات جا ٻار” وغيره) جهڙا ته بين الاقوامي زوالي ۽ اوڇنگاري برادريءَ جي مٿي جا موڙ بڻجي ويا آهن.
    تازو سلمان رشدي جو انگريزي ناول “آڌيءَ رات جا ٻار” ڇپيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا جو ورلي ڪو نامور اديب رسالو يا اخبار رهيل آهي، جنهن هن ناول جي شان ۾ باقاعدي قصيدا نه پڙهيا هجن. بس مڙس ڳالهه ڪريو مٿان ٿيو ڪِريو پون! ڪاش اهو “عالمي شاهڪار” اردوءَ ۾ به ترجمو ٿئي ۽ ماڻهو ڏسن ته اهي آهن ڪهڙيون چيزون جن ههڙن حريفن کي حيران ڪيو آهي!
    جاهل کان جاهل، سيکڙاٽ کان سيکڙاٽ ماڻهو به اهڙيون بيهوديون، اڻ ٿيڻيون، هندستان جي تهذيب ۽ ثقافت سان ڪوبه ميل نه کائيندڙ ڳالهيون نه لکي، جهڙيون هن ماڻهُوءَ ويهي لکيون آهن! هڪڙو باب پڙهبو ته مٿو ڄڻ ٺَڪاءُ ڏيئي ڦاٽڻ تي هوندو. ايڏيون بور ڳالهيون، ايڏي خشڪ، چچريل، غلط ۽ بيهودي زبان! پنهجي ڏاڏيءَ بابت، ماءُ بابت، ڀيڻ بابت، پُڦِي بابت، اهڙيون بور ۽ بيهوديون ڳالهيون لکيون اٿس، جو هتي بابت ذرو ڄاڻ رکندڙ ماڻهو چوندو ته هن ماڻهُوءَ کي هتي جي ثقافت ۽ تهذيب جي الف-ب جي به خبر ڪانهي.

    ڏاڏيءَ جو سڏاتورو پوٽو!
    مثلاً لکي ٿو ته، “ڏاڏيءَ جي وڏي زميندار پيءُ جي مرضي ٿي ته منهنجو ڊاڪٽر ڏاڏو، جيڪو غريب هو، تنهن کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏي. سو ڏاڏي کي ريجهائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي هٿرادو بيمار ڪري، چادر مان ٽنگ ڪڍي، هڪڙي پاسي ڏاڏي کي بيهاريندو هو ۽ ٻئي پاسي ڏاڏيءَ کي. ڏاڏي کي چوند هو ته، ‘ٽنگ مان هٿ وڌائي مريض کي تپاس.’ اهڙيءَ ريت ڏاڏي کي سندس عضوا هٿ لاهرائي ڏيکاريندو هو ته هو ڏسي ته مال ٺيڪ آهي! ڏاڏو پهرين ڏينهن جي تپاس خاص ڪري ڇاتين جي تپاس مان ئي مرض کي سمجهي ويو ۽ ڏاڏيءَ تي عاشق ٿي پيو پر زميندار صاحب ڇهه مهينا روبرو بيهي ڌيءَ جي ڇاتين ۽ ٻين عضون جي اها تپاس جاري رکائي!”
    هڪڙو مسلمان جاگيردار پاڙي جي هڪ بُکئي گهر جي ڊاڪٽري پاس ڪيل سيکڙاٽ کي پنهنجي سدا ملوڪ ڌيءَ وٺڻ تي آماده ڪرڻ لاءِ ڇهه راتين جا پير ڀر بيهي پنهنجي ڌيءَ جون ڇاتيون مهٽرائيندو رهندو هو ۽ سو به هندستان ۾، اها ڳالهه فقط اهڙن ماڻهن جي دماغ ۾ اچي سگهي ٿي، جن کي ڪا فني تخليق پيدا ڪرڻي ڪانهي، رڳو دماغ ۾ گڏ ٿيل ڪرفتي خارج ڪرڻي هجي.
    ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪئين ٻيا اهڙا اديب به آمريڪا ۽ يورپ جي زوالي ڪرفتِيءَ جا ٽوڪرا مٿن تي رکيو، پنهنجن ملڪن ۾ انهن جا هوڪا ڏيو مها جديد اَدَبَ ٿيا بيٺا آهن.

    هندي ۽ اردو-ڏيرياڻيون ويرياڻيون – پر....!
    هندي اردو هونئن ته پاڻ ۾ ڏيرياڻيون ويرياڻيون آهن پر زوالي اوڇنگاري ادب جي پيدائش جي معاملي ۾ ٻئي ڄڻ سڳيون بلڪه جاڙيون ڀيڻون! هڪڙيءَ جو ڪنجهندڙ ڪرڪندڙ سکڻي ڍڍپٽ وارو ادب پڙهي وري ٻيءَ جو پڙهي ڏسو. چئو ته ڪر ساڳئي قلم مان نڪتل آهن! ساڳيو حال سنڌي ۽ پنجابيءَ جو آهي. بس ڳل ڳل سان لائي کڻو! ساڳي ڪنجهه ڪُرڪ، ساڳيون ڪوڙيون ڍڪون، ساڳيا پار ۽ تار و گهار، ساڳيا اکري تَرڪُ تال، ساڳي بي معنيٰ پاروٿي لفاظي، ساڳيون اڌ اکريون، سڀ پگهر مان شم، داد جا گهورا، تيسمارخان، هوڏانهن به داد-طلب لوڻو، هوڏانهن به، ته ڪير ڏسي ٿو الائي نه، ته ههڙيون بلائون اسان ماريون آهن!
    پنهنجي پاڻ پوڄيندڙ، آدم بيزار، خَسِيسُ ذهنيت واري اندر جي گندگيءَ جي تعريف ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ هنن باهمي امداد جي عالمي، ملڪي ۽ مڪاني ادارا ٺاهيا آهن. ڄڻ شهر جي هرڪا مائي پنهنجي گهر جو گند ڪچرو گڏ ڪري شهر جي چوواٽي تي رکي، سڄي شهر ۾ پڙها گهمارائي ۽ ماڻهو گڏ ڪري، ان گند جي پاڻ به ويهي تعريف ڪري ۽ شهر وارن کي به تعريف ڪرائي.
    پاڪستان ۾ اردو، پنجابي ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪو وللي واويلائي ادب ٿو لکجي، تنهن جي ڀيٽ ۾ اسان جي محترم بزرگ شاعر، غالبِ سنڌ حضرت فيض بخشاپوري صاحب جا غزل ڄڻ سادگيءَ، روانِيءَ ۽ معنويت جا معراج ۽ سماجي شَعُور ۽ مقصديت جا سمنڊ آهن.

    پنجابي ادب جا حال
    پاڪستان جي دؤر ۾ جوشوا فضل الدين جي ناولن کي ڇڏي، باقي پنجابيءَ ۾ گذريل سالن تائين ڪل 18 ناول لکيا ويا، پنجابي تذڪره نگار عصمت الله زاهد جي چوڻ موجب انهن ۾ عبدالمجيد ڀٽي، سليم خان گمي ۽ احمد سليم جي ٽن ناولن کي ڇڏي، باقي 15 ناول “نوان” ۽ “علامتي” آهن، يعني سولي سنڌيءَ ۾ وللي واويلائي ادب جو چريو ڌاتورو آهن. فخر زمان جي ٻن ناولن “ست گواهي لوگ” ۽ “اِک مري بندي دي ڪهاني” جون ملڪن ۾ پوڪارون آهن. چون ٿا ته هندستاني پنجاب جا پنجابي جديد زوالي ادب ۽ پڙهندڙ انهن ناولن پٺيان چريا آهن ۽ اهي يونيورسٽيءَ جي ڪورس ۾ رکايا اٿن! اسان جا پڙهندڙ به جي اهي پڙهي ڏسن ها ته خبر پئجي وڃين ها ته برابر، ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي!
    هند ۽ سنڌ جي وللي واويلائي زوالي برادري
    هند ۽ سنڌ جي سنڌي زوالي اديبن جي تخليق کي پڙهي ماڻهو ته ڀانئي ته سندن سُڃ تي سِيٽَ ڦوڪ ۽ آڪڙ تي کِلان يا سنڌي ادب جو جيڪو حال ڪيو اٿن، تنهن تي ويهي روئان.
    ڏسڻا وائسڻا اديب به وللي واويلائي ٿي پيا آهن
    ڏسندي ڏسندي چڱا ڀلا ڏسڻا وائسڻا سنڌي اديب “جيڏيان جهرمر لائي، ته ميڏا روح به نه رهيا!” واريءَ ڳالهه وانگر شَعُوري توڙي لاشعوري طرح وللي واويلائي اديب بڻجي ويا. منجهانئن هاڻ مس مس وڃي ڪن مڙسن پير جهليا آهن، پر بدن مان بيماري اڃا به صفا ڪانه ويئي اٿن.

    وللي واويلائي ادب جي ڦهلجڻ جا ڪارڻ
    سرمايه داريءَ دنيا ۾ هر شيءِ کي واپار جي جنس بڻائي ڇڏيو آهي. ائڊورٽائيزنگ سرمايه داريءَ جو اسم اعظم جو ڦيڻو آهي ۽ ان کي ڄڻ “قم باذني” جو اذن آهي. ائڊورٽائيزمينٽ جا جديد مشهوريءَ ذريعي اها هڪ ڀيري زهر کي به امرت مشهور ڪري، ماڻهن کي ان جو شائق ۽ خريدار بڻائي سگهي ٿو.
    ڪتاب سرمايه داري نظام ۾ هڪ وڏي واپاري جنس آهي. ڪتاب لکائڻ ۽ وڪڻڻ هن دؤر جو اربن کربن جو هڪ تمام وڏو بزنس ۽ ڪاروبار آهي. ان ۾ اربن جو نفعو آهي. ان جي پبلسٽي ۽ مشهوريءَ تي لَک نه پر ڪروڙ خرچ ڪيا وڃن ٿا. پبلسٽيءَ بنا عظيم ترين شاهڪارن کي ڪير ٽڪي تي به نه پڇندو. پبلسٽيءَ سان گند جي دٻي ۾ اُڇلائڻ جهڙا ڪتاب موتين جي مُلهه وڪڻي سگهجن ٿا.
    وللي واويلائي، جادوئي، ڪرامتي، جنس پرستي ۽ مار ڌاڙ وارو ادب، سرمايه دار سامراجين جو پنهنجو پيارو ادب آهي. هو جمهوري، عوامي، انقلابي ادب بدران ان ادب کي سڄيءَ دنيا جي عوام تي مڙهين ٿا.

    هٿرادي جديد تنقيدنگاري ۽ جُڙتو عظيم تنقيدنگار
    “اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون!”
    هنن پنهنجي ادبي ڪاروبار جي ڪارخانن ۾ تنقيد جا جُڙتو اُصول ۽ قدر ۽ جُڙتو عظيم تنقيدنگار پيدا ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ سڄي جهان ۾ انهن کي مشهور به ڪري ڇڏيو اٿن. انهن جي مدد سان هنن جُڙتو “عظيم عالمي ادب” ۽ بوگس “عظيم عالمي ادب” به تيار ڪرائي ڇڏيا آهن. انهن جي هٿرادين ادبي ڪرامتن کي ملڪن ۾ اهڙو مشهور ڪرائي ڇڏيو ويو آهي، جو اڻ ڄاڻ ماڻهُو اُنهن جا نالا ٻُڌيو غش ٿيو وڃن. حالانڪه سرمايه دار پبلسٽيءَ جي پيدا ڪيل انهن ادبي پِيرن ۾ ايتري ڪرامت آهي، جيتري عام رواجي ٺوڳي پِيرن ۾.

    مخرج واريون تنقيدي عربيون فارسيون
    اڄ اسان جي ملڪ ۾ جن يورپي ۽ آمريڪي عالمي ادبي پارکن ۽ منصفن جون سَندون پيش ڪيون وڃن ٿيون، سي نه حقيقي عالمي معيار جا پارکو آهن ۽ نه وري سڄي جهان ۾ عوام ۽ عوام دشمنن جي وچ ۾ هلندڙ سڀ-طرفي ويڙهه ۾ غيرجانبدار آهن. جاچ ڪبي ته خبر پئجي ويندي ته اهي ادبي ڪانيءَ ڪرامت وارا بزرگ جيڪي ادبي معتبريءَ جا پڳڙ ٻڌيو، وڏي مخرج سان تنقيدي عربيون، فارسيون پيا ڪن ۽ فتوائون پيا جاري فرمائين، سي خيرن سان عالمي سرمايه دار طبقي جي ڪنهن نه ڪنهن “پارٽيءَ” جي نقطي نظر جا ادبي ۽ فني ٻولڙيا ۽ دلال آهن. فن ۽ ادب جي ميدان ۾ عوام جي تاريخي عالمي مفادن جي ترجماني ڪرڻ جي ڀانءِ وٽن ڪاري رات آهي.

    مفروضن جي پيڙهه تي ٻڌل فرضي سَؤ-ماڙ
    زوالي ادبي “ماهر” نظريه دان، پارکو ۽ فيلسوف جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ سڀ کان ماهر آهن ته اها آهي منهن جي پڪائي ۽ نڪ جي ڏاڍائي.
    هڪڙو علمي ۽ سائنسي طرح بلڪل بي بنياد مفروضو تيار ڪري ان کي بار بار دهرائيندا. اهڙيءَ ريت پيڙهه پڪي ڪري، وري ان مٿان ٻيو مفروضو، ان جي مٿان ٽيون، اُن مٿان چوٿون... مفروضا در مفروضا، زٽ در زٽ.... تان جو هڪڙو فرضي سئو-ماڙ کڙو ڪري ڇڏيندا! ڪنڌ مٿي ڪري نهار ته مٿي ۾ ڦيري پئجي ويندي! علمي حياءُ ۽ شرم جو نالو به نه. ستر گز زبان، هٿرادي جناتي ٻوليءَ ۾ چير چر، مُنهن تي رُڪ چڙهيل، اکين مان ٽانڊا وسندڙ يا بي حيائي تيرا آسرا!
    واويلائي ايڊيٽوريل پڙهبو ته ڀانئبو ته ڄڻ ڪو جبل ڦاٽي پيو آهي! حقيقتن ۽ دليلن بدران بي حقيقت لفاظي جي گرم لاوا پيئي وسي! سَؤ زٽ في صفحي جي حساب سان آگ وسائيندا هلندا.

    يان پال سارتري به انهن منجهان
    يان پال سارتري جي ادبي عظمت جون ملڪن ۾ پوڪارون آهن پر جيئن اسين اڳ چئي آيا آهيون، الجزائر جي جنگ آزاديءَ جي تائيد ڪرڻ جي باوجود سندس عالمي نقطي نظر زوالي، مايوسي ڦهلائيندڙ ۽ بنيادي طرح رجعت پرست آهي.
    هو وجوديت (Existentionalism ) جو علمبردار ليکيو وڃي ٿو. وجوديت جو ٻن اکرن ۾ مطلب آهي ته زندگيءَ ۾ پنهنجي وجود جو حالتن آهر ڪونه ڪو انڌو منڊو ثبوت ڏيڻ. اها ڳالهه ظاهري طرح زندگيءَ بابت مايوسي ڦهلائڻ کان الڳ آهي، پر حقيقت ۾ ٻنهي ڳالهين ۾ بنيادي طرح ڪوبه فرق ڪونهي.
    سارتري جو رينگٽ به ساڳيو ڪافڪا، البرٽو، موراويا، ڪامو، ايلياس ڪئنيتي پارن وارو آهي ته زندگي بي معنيٰ ۽ بي مقصد آهي. ان مان سواءِ مايوسيءَ، تباهيءَ ۽ برباديءَ جو ٻيو ڪجهه به ورڻو سرڻو ڪونهي.
    هنن جو چوڻ رڳو ايترو آهي ته پنهنجي ذاتي ڀرم ڀريءَ لاءِ، زندگيءَ ۾ مڙيئي ڪنهن نه ڪنهن سماجي برائيءَ کان انڪار ڪري يا ٻيءَ ڪنهن ريت اهو ثبوت ڇڏجي ته هن بي مقصد دنيا ۾ اسين به آيا هئاسين ۽ رهي ويا هئاسين. سارتري جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ۽ ٽماهي “مهراڻ” ۾ ڇپيل هڪڙي ڪهاڻي Wall (“ديوار” مترجم زرينه بلوچ) مان سندس وجودي فلسفي جي نچوڙ جو سنڌي پڙهندڙ پورو اندازو لڳائي سگهن ٿا.

    ادب جو نوبل انعام – عالمي سرمايه داريءَ جو ثقافتي هٿيار
    هيءُ اهو انعام آهي، جنهن جي وسيلي سرمايه داري دنيا اهڙن ماڻهن کي انعام ڏيئي مشهور ڪري ٿي، جي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏين ٿا. سچ جي ملاوت بنا، ڪوڙ ڪهڙي ڪم جو؟ هن انعام جو هڪڙو حصو جائز نموني ڏيئي، ان جو دنيا ۾ ڌاڪو ڄمائي، ان تي عوام جو اعتماد پيدا ڪري، ان جي باقي حصي کي ناجائز سرمايه پرست ۽ عوام دشمن مقصدن لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. ٿلهي ليکي، سائنسي ڪارنامن تي انعام اڪثر جائز نموني ۽ سماجي ڪارنامن تي انعامن سرمايه داري دنيا جي فائدي لاءِ حقيقي مستحقن بدران سرمايه داريءَ جي دل گهُرين کي ڏنا ويندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت عوام کي انهن ميدانن ۾ سندن اصل هيرا لڪائي، مٿن دشمنن جا جُڙتو هيرا مڙهيا ويندا آهن.
    برابر ڪڏهن ڪڏهن عظيم روسي اديب ميخائيل شولوخوف کي به انعام ڏين ٿا. ٽئگور کي به انعام مليو، پر اهڙيءَ ريت ان انعام جي ساک قائم ڪئي وئي. تنهن کان سواءِ ٽئگور جو ادب سرمايه دارن لاءِ اهڙو خاص خطرناڪ ته ڪونهي! امن، شانتي ۽ پيار جي ڳالهين ۾، تصوف ۾، ڀڳوان جي ڀڳتيءَ ۾، سرمايه داريءَ لاءِ ڪهڙو خطرو؟ خطرو ته عوام ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڳالهين ۾آهي، جدوجهد ۾ آهي، ويڙهه ۾ آهي! انهن ڳالهين ڪرڻ واري عظيم عوامي ادب کي انعام نه ملندو. ها پئسترنيڪ جهڙن عوام جي جدوجهد خلاف ڀينڊيون ۽ ڏچرپا ڪرڻ وارن کي، مايوسيءَ ۽ موت جا پيغام ڏيندڙ اديبن(1) کي جام نوبل انعام!

    ڇڙواڳ ۽ مايوس طبقي جو ڇڙواڳ ۽ مايوس ادب
    ڇوٽو وچولو طبقو ڇڙوڇڙ آهي. بنهه وڏين تباهين کان بچيل ۽ وڏين ڪاميابين جي امڪانن کان محروم آهي. هن طبقي جي ماڻهن جا طبقاتي مطلب هن سماج ۾ پورا ٿي سگهن ئي نٿا. نه وري اهي انهن قوتن جي صحيح ۽ ڪامياب اڳواڻي ڪري سگهن ٿا، جيڪي هن سماج ۾ اهي بنيادي تبديليون آڻي سگهن ٿيون، جن مان گهڻين تبديلين جي هن طبقي کي به سخت گهرج آهي.
    ان ڪري هن طبقي جي ماڻهن جا خيال خودپرستيءَ تي ٻڌل، محدود ۽ سطحي آهن. ان طبقي جا ڪيترا اديب پنهنجي ادب ۾ اڪثر رڳو پنهنجي ئي طبقي جي انفرادي مصيبتن تي روڄ راڙو ڪن ٿا.
    اڄ ٽينءَ دنيا جي ملڪن ۾ هن طبقي جا ٽي اُبتڙ مُفاد ٽن ڌار ڌار رستن وٺڻ سان پورا ٿي سگهن ٿا. وچان چوٿون رستو ڪونهي. پهريون ته هو پورهيت عوام جي اڳواڻي ڪري، جاگيرداري، سرمايه داري ۽ سامراج جي ڦُرلٽ ۽ غلاميءَ جي ڳَٽَ کان عوام کي آزاد ڪرائي. ٻيو ته هُو جاگيردارن، سرمايه دارن ۽ سامراجين جو پُڇ لٽڪائو ۽ شڪاري ڪُتو بڻجي، انهن پاران عوام کي ڏاڙهي، ۽ ان جي عيوض مالڪن کان انعام طور ٽڪر وٺي کائي. ٽيون ته هُو پورهيت عوام جي پُٺ وٺي، سندن جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، وٽن عزت ڀريو مقام حاصل ڪري. هُو ٽئين رستي تي هلڻ ۾ پنهنجي بي عزتي ٿو سمجهي، پهرئين رستي جي منجهس جرئت ۽ لياقت ڪانهي.
    تنهن ڪري هُو گهڻو ان ڪوشش ۾ آهي ته جاگيردار سرمايه دار حاڪم طبقن ۾ شامل ٿيان يا انهن جي ويجهڙائي ۽ سرپرستي حاصل ڪريان، انهن جهڙو ٿيان ۽ انهن سان گڏجي موجون ماڻيان.
    دنيا جون حالتون ڪيتريون به بدلجن پر ٽين دنيا جي ملڪن جي گهڻائيءَ ۾ ظاهري طرح ڇوٽي وچولي طبقي جي بالادستيءَ جا في الحال ڪي به امڪان نظر نٿا اچن.
    ڇوٽڙو وچولو طبقو جيتري سماجي ترقي ڪري ٿو، جيترو عوام کان پري ان جي دشمن طبقن جي اوڏو رسي ٿو، اوترو اهو عوام دشمن طبقن جي تاريخي مقدر ۾ جيڪا شڪست زوال ۽ جيڪا تباهي ۽ ذلت لکيل آهي، تنهن کي لوڏو رسي ٿو.
    اڄ اهو ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سماجي طرح خصي آهي، نه نر نه مادي، يا ٻه ٽي ڏينهن نر ته گهڻا ڏينهن مادي.
    ان ڪري کيس پنهنجو ڪوبه گڏيل طبقاتي آئيندو نظر نٿو اچي ۽ انفراديت، اڪيلائپ، ڇڙواڳيءَ ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. ان جو هڪ ئي علاج آهي ته هُو پورهيت عوام جي سمنڊ ۾ گڏجي انهن سان ملي هڪ ٿي وڃي ۽ انهن سان گڏجي انسان ذات جي گڏيل نجات لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ شريڪ ٿي، وڏي مائٽيءَ وارو ٿي وڃي.
    پر ان لاءِ گهڻي ڀاڱي هُو تيار ڪونهي.
    ان طبقي جو ادب ان انفراديت، اڪيلائپ، ڇڙواڳيءَ ۽ مايوسيءَ جو زهر پنهنجي ادب وسيلي سموري سماج ۾ ڦهلائي ٿو.
    هونئن به نقل ڪرڻ انساني فطرت آهي. حاڪم طبقا وللي وايلائي ادب جي همت افزائي ڪن ٿا. ان ڪري هيٺين طبقن جا عام اديب، فيشن سمجهي، غلامانه ذهنيت وچان ان جو نقل ڪن ٿا.

    وللي واويلائي ادب لکڻ سولو آهي
    ان لاءِ ڪنهن به وڏي مشاهدي، ڪنهن به وڏي ڄاڻ، فني ڪاريگريءَ ۽ تخليقي محنت جي درڪار ڪانهي. سکڻي، مٿي ۾ سور وجهندڙ گهوڙا گهوڙا ۽ يخي برائي يخي ڪوبه ماڻهو جنهن کي چار اکر لکڻ اچن ٿا، سو به ڪري سگهي ٿو. نه ٻوليءَ جي ۽ نه گرامر جي گهڻي ڄاڻ هجڻ جو ايڏو لاچار آهي.

    پنهنجي خاص ٻولي ٺاهي ورتي اٿن
    وللي واويلائي ادب پنهنجا خاص تصور، محاورا، علامتون ۽ ٻيا اظهار جا طريقا گهڙي، دنيائي سطح تي پنهنجي بي پناهه پبلسٽيءَ جي وسيلن کي ڪم آڻي، ڦهلائي، عام ڪري ڇڏيا آهن. هاڻ جنهن کي “جديد” اديب ٿيڻو هجي، سو تمام آسانيءَ سان “ٻاٻرا ڪنڊا” صليب ڪلهي تي کڻي هلڻ، “ڇيهون ڇيهون ٿيل ڏات” وغيره وغيره ٺهيل ٺڪيل فقرا ورجائي، “جديد” اديب ٿي سگهي ٿو.

    سستي شهرت جا فوري موقعا
    هن ادب تي جيئن ته پابندي ڪانهي، ڦورو طبقن طرفان ان تي ڪوبه دٻاءُ ڪونهي، بلڪه اڻ سڌيءَ طرح ان جي همت افزائي ٿيندي آهي، تنهن ڪري هن قسم جي ادب ذريعي بنا تڪليف ۽ خوف جي مُفت جي شهرت ملي ٿي. غريب ملڪن ۾ به هن ادب سان واسطو رکندڙ ماڻهو اڪثر مٿين وچولن طبقن جا آهن. انهن جا هٿ وڏا آهن، انهن جي اخبارن، رسالن ۽ ٻين پبلسٽيءَ جي ادارن تائين گهڻي رسائي آهي. سُکيا ستابا منجهن گهڻا آهن، ان ڪري ماڻهو انهن جي ٽولي ۾ شريڪ ٿي، هٿوهٿ کڄيو وڃي، جيڪي بنهه تار خرابيءَ ۾ وڃيو پون، سي رات وچ ۾ “عظيم جوان سال اديب” مشهور ٿيو وڃن.


    باب ڏهون : اڳوڻُو يورپي ترقي پسند ادب

    جتي هنج هئا، اتي ڪانگن ڪانگيرا ڪيا.

    (لطيف)

    ٻين به ڪيترين شين وانگر هيءُ جديد ادب به سرمايه دار يورپ جي پيداوار آهي، اتي ئي سندس روايت جون پاڙون آهن ۽ اتان ئي اهو ٻيءَ دنيا ۾ پکڙيو آهي. هن يورپي سماج ۾ ارتقا جي هڪ خاص ڏاڪي تي جنم ورتو آهي. ساڳئي وقت اهو يورپ جي رجعت پرست ادب جي روايت جي سلسلي جي هڪڙي ڪڙي به آهي.
    يورپ جي ادب جي تاريخ کي ٿلهي ليکي پنجن وڏن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهن مان چوٿون پنجون دؤر گڏ هلي رهيا آهن. چوٿون زوال طرف وڃي رهيو آهي ۽ پنجون اُسري نسري ڪمال طرف وڌي رهيو آهي.
    پهريون اُن جو دؤر قديم غلامدار، يونان ۽ روم جي علم ۽ عظمت جو دؤر آهي، جيڪو انساني تاريخ ۾ اڄ به بي مثال ۽ يگانو ليکجي ٿو. يوناني مدبر پيريڪليس جي حضرت عيسيٰ کان اٽڪل چار سئو سال اڳي کان اٿينس جي شهر ۾ ڪيل جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ جي ڀيٽ واري تقرير اڄ به پڙهندا ته وات مان “واهه واهه” نڪري ويندي! معلوم ٿيندو ته عقل ۽ تَدبُر، فصاحت ۽ بلاغت جو هڪڙو درياهه پيو اُڇلون ڏئي! ٿيوسپيڊائيڊس جي پوليشيائي لڙاين جي تاريخ پڙهو. هومر جا لافاني داستان ۽ سئفو شاعراڻي جي محبت جا گيت پڙهو. ائرسٽوفئنس جا ڊراما پڙهو. ان کي اڄ جي بهترين تخليق سان ڀيٽي ڏسو ته خبر پوندي ته يوناني علم ۽ ادب پنهنجو مٽ پاڻ هئا. پئٿاگوراس، ائين ايگزاگورس، ڊما ڪرئٽس، هرئڪليٽس، سُقراط، بقراط، افلاطون جهڙا يگانا عالم، داناءُ فيلسوف ۽ سائنسدان يونان جي ئي دنيا کي ڏنل هئا. تنهن کانپوءِ انهن سمورن تارن ۽ چنڊن جو سج، سڪندر اعظم جو استاد ارسطو هو، جيڪو حضرت عيسيٰ کان 384 سال اڳ ڄمي، دنيا ۾ 62 سال رهي، لافاني بڻجي ويو. هن لاءِ سندس وفات کان چوڏهن صديون پوءِ عظيم مسلمان داناءُ ابن رشد چيو، “ارسطو سمورين سائنسن جو اول ۽ آخر آهي. کانئس اڳ ڪوبه قابلِ ذڪر سائنسدان پيدا ڪونه ٿيو ۽ کانئس پوءِ جي چوڏهن صدين ۾ ڪنهن به سندس تعليم ۾ ڪو خاص واڌارو ڪونه ڪيو آهي... ارسطو عظيم ترين عالم آهي، خدا کيس بي مثال بڻايو هو.” ساڳيو رنگ جلد ئي پوءِ روم ۾ ٿيو. اُتي سائنسدان ۽ فيلسوف ته ايترا نه هئا پر ٻين شعبن ۾ بي مثال عالم ۽ اديب ۽ ٻيا يگانا داناءُ پيدا ٿيا. سيسرو، پلمي، جوليس سيزر وقت جي علم ۽ دانش جا ٻيا سوين جڳمڳائيندڙ چنڊ، تارا هئا.
    تنهن کان پوءِ قرون وسطيٰ ۾ صدين جون صديون يورپ تي مذهبي جهالت، تنگ نظري ۽ تعصب ۽ وحشي جبر جي رات ڇانيل رهي. اهو يورپي ادب جو ٻيو ۽ اونداهو دؤر هو.

    ڀلن جي پيٽان ٺلها ۽ ٺلهن جي پيٽان ڀلا!
    پندرهين صديءَ ۾ اهو اونداهو دؤر اڃا ختم نه ٿيو هو ته ان دؤر جي پيٽَ مان يورپي علم ۽ ادب جو ٽيون دؤر، جيڪو روشن دؤر هو، سو ڄائو ۽ سورهين صديءَ ۾ اُسري نسري وهيءَ چڙهيو. پندرهين صديءَ واري يورپي جاگيرداري نظام جي ڀيٽ ۾ اهي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي قوتون اُسرڻ نِسرڻ شروع ٿي ويون، جن اڳتي هلي، زبردست ويڙهيون ڪري، نيٺ کيس ختم ڪري سندس جاءِ تي سرمايه داري نظام کي قائم ڪيو، سورهين صديءَ کان ئي سرمايه داري نظام جا بُنياد پوڻ شروع ٿي ويا ۽ نيون اُسرندڙ ترقي پسند سرمايه دار قوتون سردار جاگيرداريءَ جي اقتصادي ۽ سياسي، ذهني ۽ روحاني بالادستيءَ، هڪ هٽيءَ ۽ آمريت جي قلعن کي ڊاهڻ ۾ جُنبي ويون. جاگيرداري پنهنجا اُکڙيل پيرَ وري ڄمائڻ لاءِ بار بار جوابي حملا ڪندي رهي. تان جو اوڻويهين صديءَ جي اڌ تائين اهي سمورا حملا ناڪام ٿي ويا ۽ سرمايه داري پوري يورپ تي ڇانئجي وئي ۽ سڄي دنيا جي مٿان ڇانئجڻ لڳي.
    جيئن فوج جا ڪَئيِن قسم هوندا آهن، بَحرِي، بَري ۽ هوائي وغيره، تيئن ٻن سماجي نظامن وچ ۾ ٿيندڙ جنگ ۾ وڙهندڙ فوجون به طرحين طرحين جون هونديون آهن. مادي ۽ روحاني، اقتصادي ۽ سياسي، ثقافتي ۽ نظرياتي، فوجي ۽ سفارتي وغيره.
    جاگيردار ۽ سرمايه دار سماجي نظامن جي وچ ۾ صدين تائين هلندڙ، هن ڌرتي ڌوڏيندڙ، شاهي جنگ ۾ سرمايه داري لاڙا رکندڙ علم ۽ سائنس، ادب ۽ فن هڪ اهم قوت طور ڪم ڪيو. اهي نئين نظام جي لشڪر جي ثقافتي فوج هئا. اهو سڄو عرصو نين اُسرندڙ ترقي پسند سرمايه دار قوتن جي عقل ۽ سمجهه کي وڌائيندا، سندن دلين ۽ روحن کي مضبوط ڪندا، ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿيندا ۽ سندن سُونهَپَ ڪندا رهيا.
    اڄ به جيڪو بوڪيشو جي ڪهاڻين جي مجموعي “دي ڪئميران” ۽ بالزاڪ جي “شرارت ڀريل ڪهاڻيون” (Droll Stories) يا ماپاسان جون ڪهاڻيون ۽ اهڙيون ٻيون شوخ ۽ مزيدار ڪهاڻيون پڙهندو، تنهن ڄڻ جاگيرداري فرعونيت ۽ سندس روحاني ڇاڙتن جي منافق اڊمبر کان مرعوب ٿيڻ جي مرض خلاف حفاظتي ٽُڪا هڻائي ڇڏيا! ان تي ڪنهن به جاهل فرعون ۽ ڪنهن به مقدس منافق جي آڪڙ ۽ رُعب تابُ جو ۽ ڪنهن به ڪتابن سان لڏيل گَڏههُ جي پُستين جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو!
    دنيا جي ادب جي تاريخ ۾ جاگيرداري فرعونيت ۽ خاص ڪري دِين ڌَرم جي ٺيڪيدارن جي روحاني هڪ هٽي ۽ آمريت خلاف هيءُ ڪو پهريون ادبي حملو ڪونه هو. هن کان صديون اڳ عرب، ايران ۽ هندستان وغيره ۾ تَصَوُف ۽ ڀڳتي لهر جي شاعرن انهن خلاف پنهنجا آواز بلند ڪيا هئا، جن جا پڙاڏا اڄ تائين پيا گونجن.
    هر سُٺي نئين شيءِ يا ڳالهه جا خالق عوام ۽ عوام دوست ماڻهو هوندا آهن ۽ عوام دشمن رجعت پرست اڪثر انهن جي هر ممڪن مخالفت ڪندا رهيا آهن، پر اڳتي هلي جڏهن اهي شيون يا ڳالهيون مقبول ٿي وينديون آهن، تڏهن عوام دشمن انهن جا هٿرادو وارث بڻجي، انهن تي قبضو ڪري، انهن کي پنهنجو هٿيار بڻائيندا رهيا آهن. صوفي شاعريءَ تي ڪنهن زماني کان وٺي حاڪم طبقن جو قبضو ٿي چڪو آهي ۽ اهي ان کي پوٺِي (پاليل فرمانبردار وهٽ وانگر) ڪريو پيا هلائين، ان ڪري جيئن يورپ جي موجوده سامراج پرست پاليل ۽ پوٺِي ادب کي ڏسي ڪو مشڪل سان اندازو لڳائي سگهندو ته اڳي ڪنهن زماني ۾ يورپ جي ادب ۾ ڪهڙا انقلابي جوهر هئا، تيئن صوفي شاعريءَ جي پوءِ جي حالتن کي ڏسي عام ماڻهو اهو اندازو لڳائي ڪونه سگهندو ته پنهنجي شروعاتي اؤسر جي ترقي پسند دؤر ۾ ان ۾ ڪهڙيون بجليون ڀريل هيون. ان ڪهڙن طوفانن جا مقابلا ڪيا آهن ۽ مڪر، منافقي، تنگ نظري ۽ تعصب جا ڪهڙا ڪوٽ ڪيرايا آهن.

    مذهب جي آڙ ۾ هڪ هٽي ۽ روحاني آمريت
    هر ٻي شيءِ وانگر صوفي شاعري به اُبتڙن جو ميلاپ هئي. ان ۾ ترقي پسند توڙي رجعت پرست عنصر پاڻ ۾ گڏ هئا ۽ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. ترقي پسند عنصر هيءُ هو ته ان وقت جي جاگيردار فرعونيت ۽ ان جي ڇاڙتي مذهبي ٺيڪيداري، هڪ هٽي ۽ روحاني آمريت خلاف جيڪا عوام جي دلين ۾ بي پناهه نفرت هئي ۽ غُصو هو، تنهن جي ترجماني ڪندي هن جاگيردارن کي اڻ سڌيءَ طرح ۽ سندس روحاني ڇاڙتن کي سڌيءَ طرح اُگهاڙو ۽ ننگو ڪري ان تي ملامت جا تير وَسايا.

    “... ته پوءِ ڇا ڪجي؟”
    هر ڪاروبار ۽ هر علم (Discipline) جي پنهنجي خاص، ڍڪيل ٻولي هوندي آهي، پنهنجو هڪ خاص علامتي ڪوڊ هوندو آهي. مثال طور واپاري اگهن گهٽجڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران “بازار جي ڪِرڻ” جي ڳالهه ڪندا آهن. حالانڪه بازار پنهنجي جاءِ تي بيٺي هوندي آهي. شاعر ۽ عاشق، ٻي ڪنهن ڳالهه بدران رُڳو نرگسي نيڻن ۽ چانڊوڪي رات جون ڳالهيون ڪندا آهن، تيئن تَصَوفُ جي شاعري ڦورو ۽ ظالم جاگيرداريءَ سماجي نظام لاءِ “دُنِيا” ۽ “آسمان” جون علامتون ڪم آنديون آهن. جيڪا لعنت ملامت، اميرن، خانن، نوابن، بادشاهن، سلطانن ۽ شهنشاهن ۽ سندن ڇاڙتن تي ۽ جنهن نظام انهن کي ملڪ جو مالڪ ڪيو آهي، تنهن تي وسائڻي هوندي اٿن، اها “فڪ ناهنجار”، “فلڪ ڪج رفتار”، “دنيائي دُون”، “چرخ گردون”، “ستم پيشه آسمان” کي مُنهن ۾ ڪري، مٿن وسائيندا رهيا آهن.
    “هي آسمان خراب آهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟” ان جا جواب ٻن قسمن جا ڏنا ويا آهن. پهريون ته گهٽ گوهي ڏيئي، ڪنهن نموني، پاڻ کي هن نظام جي شڪنجي مان ڇڏائي، جيترو موقعو هٿ ڪري سگهو، اوتريون موجُون ماڻي ۽ عيش ڪري وٺو! ٻيو آهي ته دُنِيا کي تَرڪ ڪري، پنهنجي اندر ۾ گهڙي وڃو ۽ ان کي اُجاريو، هلڻ جي تياري ڪريو.
    هي ٻئي جواب حاڪم طبقن جي دل وٽان آهن. سماج جا بهترين دماغ ۽ دليون جيڪڏهن ساڻن اندر اُجارڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ته ٻيو ڦورن ۽ ظالمن کي ڇا کپي!
    سواءِ هڪ اڌ استثنا جي، هنن شاعرن وٽ انهن کان سواءِ ٽيون صحيح جواب نه هو ۽ نه وري ان وقت ٿي ئي سگهيو ٿي. اهو صحيح جواب اڃا تاريخ جي ڪُک ۾ سرجيو ئي ڪونه هو. ان جا مهانڊا اڃا ايندڙ زمانن جي اونداهن پاڇُولن ۾ لِڪل هئا. جاگيرداري نظام جا تاريخي ڏينهن اڃان پورا ڪونه ٿيا هئا. کيس دسي دفن ڪرڻ وارين سماجي قوتون جيڪي، سماجي قانون مطابق، ان وقت، فقط سرمايه داري قوتون ئي ٿي سگهيون ٿي، سي اڃا اُسريون نِسريون ئي ڪونه هيون. ان لاءِ کين صديون گهربل هيون. هزارين سڀ طرفين لڙاين ۾ کٽيل سوڀون ۽ تجربا گهربل هئا.
    والٽير، روسو، بالزاڪ ۽ ٻيا ارڙهين صديءَ جا يورپي سرمايه دار اديب ۽ دانشور تاريخي ارتقا جي گهڻو مٿاهين ڏاڪي تي آيا. هُو صدين جي اقتصادي ۽ سياسي، نظرياتي ۽ روحاني لڙاين جي هڪ ڊگهي سلسلي ۾ عوام طرفان حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين کانپوءِ، عالمي ادب جي اسٽيج تي پيش ٿيا هئا. تاريخ هنن لاءِ هڪ اسٽيج اڳي ئي تيار ڪري، سينگاري ڇڏي هئي. وقت سندن انتظار ڪري رهيو هو.
    هُو سماج جا تماشائي، ان تي غيرجانبدار تبصرو ڪندڙ يا عوام جا سَکڻا همدرد بڻجي ڪونه آيا هئا. هُو ڌُر ڌڻي ٿي آيا هئا. هُو عوام جي دلين جي عدالت م عوام جي مجرمن جي ڏوهن جا تفصيل ۽ ثبوت پيش ڪندڙ، سندن ڏوهه ثابت ڪندڙ ۽ سندن جوڳي سزا تجويز ڪندڙ هئا. سندن اعليٰ فنڪاريءَ واري ڳالهه ۾، ان جي آواز ۽ انداز ۾، پنهنجن کي سڏ ۽ دشمنن کي للڪار هئي. ان ۾ سوڀ لاءِ توڙ تائين وڙهڻ جو اٽل ارادو ۽ ان جي حاصل ڪرڻ جو مڪمل يقين هو. هُو هڪ نئين نظام ۽ نئين دؤر جا نقيب ۽ روشن سڀان جي خوشخبري ڏيندڙ هئا.

    هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين!
    حافظ شيرازيءَ حسرت ڀريون صدائون هنيون هيون:
    بياڪه قاعده آسمان بگردانيم،
    فلڪ راشگف بشگايم، و طرح نو باندازيم!

    (اچو ته هن دُنِيا جو نظام بدلايون – پراڻو جهان ڊاهي نئين جي پيڙهه رکون!)
    اهي صدائون پنهنجي زماني ۾ “بوند بوند لئي ڀٽڪي ڀٽڪي، وري ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي، ڦان ٿي، پَٽَ تي ڇڙهيون هڻندڙ، ڪنهن واڍ وڙيل، هليلي هرڻ، جي پاڻيءَ لاءِ حسرت ڀري پڪار وانگر، هڪ پل لاءِ، وقت جي رڻ پَٽَ ۾ گونجي، تاريخ جي خلائن ۾ گم ٿي ويون.” چئن صدين کان پوءِ هاڻ اهي صدائون ڌرتِيءَ جي هڪڙي حصي ۾ تاريخ جو اٽل فرمان بڻجي، ارڙهين صديءَ جي انقلابي اَدب جي باهه جهڙين لکڻين جي ٻرندڙ لفظن منجهان، وقت جي فرعوني نظام ۽ ان جي علمبردارن کي گهُوري رهيون هيون!

    پراڻو پاپي نظام
    هر نئون طبقاتي نظام پنهنجي اؤسر ۽ جوانيءَ وقت ترقي پسند ٿئي ٿو ۽ سماج کي اڳتي ڌِڪي ٿو. اڳتي هلي اهو پنهنجون سموريون ترقي پسند قوتون خرچ ڪري سُڃو ٿي پوڙهو ۽ رجعت پرست بڻجي، سماج لاءِ “جيءَ جو جنجال” بڻجيو وڃي. ان وچ ۾ سندس پيٽَ ۾ سرجيل نئون ترقي پسند نظام جنم وٺي ٿو، جو به پنهنجي اؤسر ۽ جوانيءَ وقت، اڳئين جي ڀيٽ ۾، ان جي اؤسر ۽ جوانيءَ جي وقت کان به وڌيڪ، ترقي پسند ٿئي ٿو. نيٺ اهو به پوڙهو ٿي پوي ٿو ۽ سندس پَيٽَ مان نڪتل نئون نظام کيس ختم ڪري پاڻ ان جي جاءِ وٺي ٿو. غلام دار نظام به پنهنجي وقت آهر ترقي پسند هو. جڏهن اهو پوڙهو ۽ رجعت پرست ٿيو، تڏهن نئين ترقي پسند جاگيردار نظام سندس جاءِ ورتي. ان جي پوڙهي ۽ رجعت پرست ٿيڻ بعد سرمايه دار نظام سندس جاءِ ورتي، جيڪو پنهنجي اؤسر ۽ جوانيءَ جي وقت انهن ٻنهي کان سَوين دفعا وڌيڪ ترقي پسند هو.
    پندرهين عيسوي صديءَ کان اوڻويهين صديءَ تائين اهو يورپ ۾ جاگيرداري نظام کي ڊاهي، ان جي جاءِ وٺڻ جي لڙاين ۾ مشغول هو. نيٺ جاگيرداريءَ تي مڪمل سوڀ پائڻ کانپوءِ ان جي ڄڻ ڪنهن اسم اعظم جي ڦيڻي يا ڪنهن “قم باذني!” جي حڪم سان سماج جي پيداواري ۽ تخليقي قوتن جي پيرن ۾ پيل جاگيرداري زنجيرون ٽوڙي، انهن ۾ نئون ساهه وجهي، کين اُٿاري کڙو ڪري، سموري سماج، سموري يورپ ۽ پوءِ آمريڪا ۾ اهو انقلاب آڻي ڇڏيو، جنهن جو مثال اڳين سمورين صدين ۾ ڳولڻ اجايو آهي. ان ڄڻ هڪ جادوءَ جي لڪڙي گهمائي سڄي دُنِيا جو نقشو بدلائي ڇڏيو!
    تان جو اوڻويهين صديءَ تائين وڌي ويجهي اهو پنهنجون بُنيادي ترقي پسند صلاحيتون خرچ ڪري سماج لاءِ هڪڙي ڄَؤرَ بڻجڻ شروع ٿيو. ان ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا کي ڦُري لُٽي ڪنگال بڻائي ڇڏيو. 1825ع ۾ سرمايه داري نظام ۾ پهريون ڀيرو اقتصادي بحران آيو. هاڻ ڏهين پندرهين سال نئون ۽ اڳي کان وڌيڪ پيچيدو ۽ اونهون بحران ٿو اچي. اهو ٻن عظيم جنگين ذريعي دُنِيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي چڪو آهي ۽ ٽي لاءِ تياريون پيو ڪري. اڃان اهو جيئرو آهي، سندس نوان نوان سماجي معجزا ڏيکارڻ جي قوت به صفا ختم ڪانه ٿي آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو نئون انقلاب کيس اڃان به نوان ڊوز ڏيندو تڳائيندو اچي. اڃان به وٽس زبردست پيداواري ۽ تخليقي قوتون ۽ دولت جا اڻ کُٽ خزانا آهن. سماج جي مختلف ميدانن ۾ سندس قبضا، برتريون، بالادستيون ۽ هڪ هٽيون ۽ بچت ۾ رکيل (رِزرو) قوتون اڃان به موجود ۽ سلامت آهن.

    رَتُ پياڪ ڏائڻ!
    پر تاريخي ۽ مجموعي طرح، اهو هاڻ انساني سماج لاءِ هڪ مُدي خارج ۽ مُفت خور، اٽي تي چٽي، رَتُ پياڪ پوڙهي ڏائڻ بڻجي پيو آهي. ڪنهن زماني ۾ دُنِيا جي پيداواري ۽ تخليقي قوتن جي پيرن مان زنجيرون ڪڍڻ وارو هيءُ نظام هاڻ خود انهن لاءِ هڪ ارڙ بلا جيڏي زنجير بڻجي چڪو آهي. اهو هينئر دُنِيا ۾ فقط ڦُرلٽ، بيروزگاريءَ، مهانگائيءَ، بک، ڏڪار ۽ جنگ ڦهلائڻ وسيلي ئي ڪجهه عرصو وڌيڪ جيئرو رهي سگهي ٿو. هونئن نه.
    عالمي ڦُرلٽ، هڪ هٽي ۽ عام تباهيءَ تي ڀاڙيندڙ، قبر جي ڪنڌيءَ تي پهتل، هن نظام وٽ زندگيءَ جي ڪنهن به ميدان ۾ سياست، اقتصاديات، علم، ادب ۽ فن وغيره جي ميدان ۾، هينئر ماڻهن کي آڇڻ لاءِ ڪابه خوشي يا آئيندي جي خوشخبري ڪانهي. اهو دُنِيا کي فقط مايوسي، عام تباهيءَ ۽ موت جو پيغام ئي آڇي سگهي ٿو. جهڙي سماجي نظام جي حالت اهڙا سندس غالب سماجي لاڙن جي ترجماني ۽ وڪالت ڪندڙ ادب جا افعال، جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا، جهڙو زوال پذير سرمايه دار سامراجي نظام اهڙو سندس هيءُ پيارو ٻچڙو يعني جديدي زوالي ادب.

    ٻه ادب
    جڏهن اوڻويهين صديءَ ڌاري سرمايه داري نظام پنهنجي ترقي پسند فطرت بدلائي هڪ هٽي رجعت پرست سامراج ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو، تڏهن ٻه ڳالهيون ٿيون.
    پهرين ڳالهه ته سرمايه دار ادب ۾ رجعت پرست لاڙا زور وٺڻ لڳا ۽ حاوي ٿي ويا. ٻيو ته سرمايه داريءَ جي پيٽ اندر پورهيت انقلاب جون قوتون سرجڻ شروع ٿيون ۽ پورهيت ادب پيدا ٿيڻ شروع ٿيو. اهڙيءَ طرح يورپي ادب جا ٻه نوان دؤر يعني ان جو چوٿون ۽ پنجون تاريخي دؤر شروع ٿيا. هڪڙو زواليت پرست ۽ رجعت پرست سرمائيدار ادب جو دؤر، جيڪو سرمايه داريءَ جي زوال جو ماتم ڪري ٿو، ٻيو پورهيت ترقي پسند ۽ انقلابي ادب جو دؤر، جيڪو پورهيت طبقي ۽ پورهيت انقلاب جي اُسرڻ، نِسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ جي عڪاسي، ترجماني، مدد ۽ رهبري ڪري ٿو. هڪڙو مُردار ماضيءَ جو ماتم ڪندڙ آهي، ٻيو عوام جي روشن آئيندي جي آجيان ڪندڙ ۽ ان کي ڳائيندڙ وڄائيندڙ آهي.
    هنن ٻنهي هڪٻئي جي اُبتڙ ۽ مختلف ادبن جي سلسلي ۾، ويهين صديءَ جي پهرين چوٿائي هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. هن چوٿائيءَ ۾ اهي ٻه اديب تخليق ۾ سرگرم هئا، جيڪي انهن ٻنهي قسمن جي ادبن جا باني ۽ مکيه علمبردار هئا ۽ انهن جي سڀ کان وڏي علامت بنبا. اهي ٻه هئا گورڪي ۽ ڪافڪا. ڪافڪا 1924ع ۾ وفات ڪئي ۽ گورڪيءَ ڪجهه سال پوءِ. ڪافڪا سرمايه دار زوال جو ترجمان ۽ ماتمي اديب هو ۽ گورڪي پورهيت انقلاب جي آجيان ڪندڙ، ان جا قصيدا ڳائيندڙ، ان جي مدد ۽ رهبري ڪندڙ ۽ ان پاران سِرَ جون سَٽون ڏيندڙ مجاهد انقلابي اديب هو. ٻئي پنهنجي پنهنجي فن ۾ قابل هئا. هو ڳالهين کي مُنجهائڻ ۾ ۽ هي ان مُنجهيل سُٽ کي سنوارڻ ۾! ٻنهي قسمن جا اديب هند، سنڌ ۽ دُنِيا جي هر ملڪ ۾ موجود آهن. جديدي ادب جي وبا جو باني ڪافڪا ليکيو ويندو آهي ۽ وجوديت جي فلسفي جي ملاوت جي باوجود سارتري، البرٽو موراويا ۽ ڪامو ڪافڪا جا ئي خليفا آهن.
    هونئن رجعت پرست جديد ادب جون پاڙون عالمي ادب ۾ تاريخ ۾ گهڻو هيٺ به ڏسي سگهجن ٿيون. اهو ايترو پراڻو آهي جيتري رجعت پرستي.

    نِتُ نوان ٻهروپ
    مغربي ادب جي تاريخ تي هڪڙي مٿاڇري نظر وجهڻ سان ئي معلوم ٿي ويندو ته نام نهاد “نئون” ۽ “جديد” ادب ڏاڏي آدم جي واري جي شيءِ آهي، ۽ نِتُ نَوان ٻَهرُوپ ڪندو ۽ پاڻ تي نوان ليبل چنبڙائيندو، هر دؤر ۾ پاڻ کي “نئون” ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي آهي. Neoterikos (نئين کان نئون)، Baroque (نمودي)، Parnassianism (قدامتي)، Metaphysical (مابعدالطبعياتي)، Impressionism (تاثرائيت)، Symbolism (علامتيت)، Hermetism (رهبانيت)، Futurism (مستقبليت)، Existentialism (وجوديت) وغيره وغيره ڪَئِين ٻَهرُوپ، ڪَئِين ليبل، پر ڳالهه اها ئي ساڳي پراڻي پاروٿي. يعني عوام جي زندگي جي حقيقتن کان ڀاڄ، انهن کي ٽوڙڻ، مروڙڻ، ادب کي ڦورو طبقن ۽ سندن حوارين جي هٿ جو هٿيار ۽ ماڻهن کي بطال ڪرڻ لاءِ چَرسُ ۽ ڀنگ جهڙو نشو بنائڻ.

    Neoteric شاعري:
    “نئين کان نئين” جي رينگٽ کي وٺون. اهو حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به گهڻو گهڻو اڳ شروع ٿيل رينگٽ آهي. قديم رَوم ۾ “حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 146 سال اڳ (رَوم جي دشمن) ڪارٿيج ۽ ڪارنن جي (رومين هٿان) تباهي کانپوءِ رَومي اميرن ۾ خشحالي ۽ ٻاهرين حملن کان سلامتي حاصل ڪرڻ ڪري Otium (واندڪائي) جي مزن ماڻڻ ۽ (فقط) پاڻ کي خوش ڪرڻ واري ادب لاءِ ماحول پيدا ٿيو. ان ماحول ۾ شاعرن جو Neoterics نالي هڪڙو نئون ٽولو پيدا ٿيو، جن “نئين کان نئين” جي تلاش ۾ “ادب براءِ ادب” جي ذهنيت ڦهلائي.” (1)
    17هين صديءَ ۾ جڏهن يورپ ۾ سُڌاري Reformation جي تحريڪ هلي ته ان جي مخالفت ۾ رجعت پرست قوتن “سڌاري جي مخالفت” Counter Reformation جي تحريڪ هلائي. ان رجعت پرست تحريڪ سُڌارن جي حامي ادب جي مقابلي ۾ Baroque (نمودي) ادب پيدا ڪيو. “ان مکيه علمبردار اٽليءَ ۾ گيامبتيستامرينو Giambatista Marino، اسپين ۾ لوئي ڊي گونگورا Louis de Gongora ۽ جرمنيءَ ۾ مارٽن اوپز Martin Opitz هئا. ان ادب جون مکيه وصفون هيون، علامت نگاري، لفاظي ۽ (سکڻي) صنعت گري. (2)
    انگلينڊ ۾ رجعت پرست تحريڪ پادري شاعر جان ڊان جي Metaphysical (مابعدالطبعياتي) شاعري جو رُوپ ورتو. ان شاعري ۽ Baroque ادب ۾ ڪيئي هڪجهڙايون هيون.(3)
    اوڻويهين صديءَ ۾ فرانس ۾ رجعت پرست ادب کي Parnasianism واري ليبل هيٺ هلايو ويو. ان جو مشهور علمبردار چارلس بادليئر Charles Baudelaire هو، جنهن جي فتويٰ هئي ته، “جيڪا شيءِ فن ناهي، سا بدصورت ۽ نڪمي آهي.”(4)
    انهيءَ دؤر ۾ انهيءَ قسم جي ادب تي تاثراتي (Impressionists)، علامتي (Symbolist) ۽ ماورائي (Transcendentalist) ليبل چنبڙايا ويا. تاثراتي ليبل واري ادب جو باني پال ورلين Paul Verlaine ۽ علامتي ليبل واري ادب جو باني اسٽيفين ملارمي Stephane Mallaarme هو. جرمن شاعر رلڪي Rilke علاميت جو وڏو علمبردار ليکيو ويو ٿي.
    ماورائيت جو زور به حقيقي زندگيءَ جي ترجماني ڪرڻ بدران نام نهاد روحانيت ۽ اندر جي اُڌمن جي ذڪر تي هو.(5)
    انهيءَ صديءَ جي آخر ۾ ئي اهي اديب حضرات پيدا ٿيا، جن جو نالو ئي هو Decadents (زواليت پرست)، سندن مکيه نمائندو فرينچ شاعر جولس لافاگو Jules Lafergue هو.(1)
    انهيءَ صديءَ ۾ جڏهن اٽليءَ کي فاشزم جو ڪوڙهه وڪوڙي ويو، تڏهن فاشي اديبن Futurist (مستقبلي) ۽ Hermeric، Emerlismo (رمباني) ليبلن هيٺ اهي فاشي ادبي نظريا پيش ڪيا ته ادب جو ڪم حال سان نه مستقبل سان آهي. ٻيو ته ادب کي ظاهري دُنِيا جي جهڳڙن سان واسطو ٽوڙي تارڪ الدُنِيا بڻجي پنهنجو اندر اُجارڻ گهرجي.(2)
    اظهاريت Expressionism جي ليبل هيٺ اهڙو ادب پيش ڪيو ويو، جنهن “زندگيءَ کي عمل ۾ سرگرم حالت ۾ نه پر خيالي پُورن جي صورت ۾ پيش ڪيو.(3)
    هن ئي صديءَ جي پهرين ڏاڪي ۾ ڪافڪا جو ڀوائتن خوابن جهڙو ادب ماڻهن تي مڙهيو ويو.(4)
    سندس ناول “مُقدمو”، “قلعو” ڄڻ ڪنهن ڀيانڪ خواب وانگر آهن، جن ۾ مايوسي ۽ خوف جو زهر ڦهلايو ويو آهي.
    يان پال سارتري پنهنجي وجوديت Existentialism جي نظريي جو نظرياتي اظهار پنهنجي ڪتاب “هُجڻ، نه هُجڻ” “Being and nothingness, Nousi” وغيره ۽ ناولن “مکيون”، “گندا هٿ”، “هارائيندڙ کٽي ٿو” نيڪراسوو وغيره ۾ ڪيو آهي. ان نظريي جو مکيه نُڪتو اهو مايوس بڻائيندڙ خيال آهي ته، “انسان کي آزاديءَ جي سزا مليل آهي” ۽ “سندس زندگي هڪڙو بي اثر جذبو آهي.”(5)
    ساڳيو حال Neo-expreimentalism, Experimentalism, Dadaism, Surrealism, ۽ ٻين اهڙين قسمين قسمين ۽ روز بروز بدلائجندڙ ليبلن واري ادب جو آهي. اهو ادب به عوام لاءِ بي معنيٰ ۽ ڪنهن به ڪم جو نه هو.(6)
    ناول جي دُنِيا ۾ رجعت پرست ادب، خالص ناول (Pure Novel)، نئين ناول (New Novel)، علامتي ناول (Allegorical Novel)، ويندي اُبتي ناول (Anti Novel) جهڙا عوام جي زندگيءَ جي حقيقتن ۽ سندس سمجهه سان ڪوبه واسطو نه رکندڙ فضول ۽ بيهودا ابوبهر پيدا ڪيا.
    اهڙن نام نهاد “نون” ناول نگارن، ناولن اندر، ڪنهن ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، صورت، ڏانءُ، معنيٰ، زماني جي اڳ پُٺ جي لحاظ، سوچ ۽ احساس جي تجزيي وغيره جي مذمت ڪئي. هنن حقيقتن کي سڙيل لاش وانگر بدبودار ڪري پيش ڪيو. (تاريخي) وقت جي حساب ڪتاب کي ٿُڏي ڇڏيائون. منجهن جيڪي وڃي بچيو سي هئا سکڻا انگ اکر، جنهن مان ڪن عالم فاضل اڪابر پڙهندڙن کي پنهنجو ناول پاڻ جوڙڻو هو. (ناول ۾) ناول نگار جو، سنئون سڌو، پڙهندڙن سان خطاب ڪري ڳالهه ڪرڻ، عيب ٺهرايو ويو. (1)
    ٻولي ناقص آهي. گرامر جي ضرورت ڪانهي. ان ڪري گرامر جي چيلهه ڀڃي، اُبتي ٻولي لکجي، سا ڳالهه به پراڻي آهي. آسٽريا جي تاثراتي جرمن شاعر هگو وان هاف مئنسٽل Hugo von Hofmannsthal 1902ع ۾ پنهنجي مضمون “لارڊ چئنڊوس جو خط” ۾ اعلان ڪيو ته انساني ٻولي منهنجي جذبن جي اظهار ڪرڻ کان قاصر آهي.”(2)
    رجعت پرست فن ۽ ادب جا اهي نخرا رُڳو ڪي مغرب تائين به محدود ڪونه هئا. اهو هڪڙو عالمي تاريخي لقاءُ آهي. مثال طور “مان اديب آهيان، منهنجي ذميواري فقط پاڻ سان سچائي آهي. عوام جاهل آهي. اهي منهجي ڳالهه سمجهن نه سمجهن، تنهن سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي.” اها ڳالهه جهڙي مغرب ۾ تهڙي مشرق ۾ ڪئي ويندي پئي رهي آهي.
    اڄ کان ٽي سَؤ سال اڳ جي منگ گهراڻي جي چيني اديب يوئان هن تائو Yuan Hung tao اعلان ڪيو هو ته هُو “جهڙن تهڙن عام ماڻهن سان گڏ مُرڪي يا روئي نٿو سگهي... سُٺي اديب جو مکيه فرض آهي... (فقط) پاڻ سان سچو رهڻ.”(3)
    سورهين صديءَ جي چيني اديبن تان يوئان چون Tian Yiian Chun ۽ چنگ هسنگ Chung Hsing “چيني گرامر جي قاعدن جي پورائي ڪرڻ کانسواءِ ادب تخليق ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.”(4) پر قصو نه هليو


    باب يارهون : هڻ ٿي فريدا ! شاد ول ..

    هُڻ ٿي فريدا! شاد ول
    ڏکڙين ڪون نا ڪر ياد ول،
    جهوڪان ٿيسن آباد ول،
    ابها نئن نه وهسي هڪ - مڻي.

    (خواجه فريد)

    (فريد! هاڻ وري خوشي ٿي
    ڏکڙن کي وري ياد نه ڪر،
    پنهنجون وستيون وري آباد ٿي وينديون
    زماني جي نئين هاڻ رڳو هڪڙي پاسي ڪانه وهندي!)

    عالمي عوامي مقابلي جو نئون نرالو تاريخي دؤر
    ڌرتيءَ جي ڌيئن ۽ پُٽن ڪڏهن به وس پُڄندي ڦورو ۽ ظالم ٿوراين جي ڦُرلٽ ۽ ظُلم کي قبول نه ڪيو آهي ۽ انهن کان پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ساڻن ملهُون ۽ مقابلا ڪرڻ بند نه ڪيا آهن.

    باغي رَتَ جي جڳ مڳ جرڪندڙ ليِڪَ
    حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اٽڪل ٻه سَئو سال اڳ، چيني غلامدارن جي ڦورو ۽ ظالم راڄ جي خلاف چين شينگ ۽ ووڪانگ جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪامياب هاري بغاوت کان گهڻو اڳ کان وٺي، حضرت عيسيٰ کان مني صدي اڳ رومي غلام اسپارٽئڪس جي اڳواڻيءَ هيٺ ٻن لکن غلامن جي ناڪام بغاوت تائين ۽ ان کان وٺي اڄ تائين جي هزارين سالن جي عرصي ۾ هر ملڪ جا ڪَئِين حق پرست، انصاف پسند، ڦُريل ماريل ماڻهو اڪيلي سِرُ توڙي ٻين سان گڏجي هر قسم جي ڦورن ۽ ظالمن خلاف هر ميدان ۾، هر هٿيار، هر وسيلي ۽ هر طريقي سان هزارين لکين ڪروڙين ننڍيون توڙي وڏيون بغاوتون ۽ مقابلا ڪندا، وڙهندا، مرندا، ماريندا رهيا آهن. فتح توڙي شڪست جي حالت ۾ هُو کين ڪمزور ڪندا، پوئتي هٽائيندا، اڪثر سندن اقتدار ۽ بالادستي، ڏاڍ ۽ جبر جي تختن کي ٽُڪي ٽُڪي، پاڙان کائي کائي، اونڌا ڪندا ۽ مجموعي طور ڦُرلٽ ۽ ظلم جي نظامن کي اندران کوکلو ڪندا رهيا آهن. ابن مريم کان وٺي فاطمه جي لال تائين، سُقراط کان برونو تائين، منصور کان سرمد ۽ صوفي شهيد تائين، اسپارٽئڪس کان لومبا تائين، دودي ۽ درياهه خان، هوشو ۽ هيمونءَ کان جولس فيوچڪ ۽ وان تروئي تائين ۽ ان کان پوءِ اڄ جي انساني تاريخ جي ڪهاڻي درحقيقت انصاف پسند ۽ حق پرست انسانن طرفان ڦُرلٽ ۽ ظُلم جي راڄ آڏو آڻ مڃڻ کان انڪار ۽ ان سان سِرَ جون سَٽون ڏيڻ جي، سُورهيائيءَ جي سرهاڻين ڀري ڳاڙهي ريٽي ڪهاڻي آهي. بدر کان ڪربلا تائين، اروڙ ۽ وڳهه ڪوٽ کان مياڻيءَ ۽ دُٻي تائين، اسٽالن گراڊ کان دين بين ڦو ۽ بيروت تائين حق پرست باغي، رات جي هڪڙي روشن جڳ مڳ، جڳ مڳ جرڪندڙ ليِڪ دُنيا جي سمورن ملڪن ۽ سمورن کنڊن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي، سمورن زمانن، مڪانن کي لتاڙيندي اچي اسان تائين پهتي آهي. اها رَتَ جي لِيڪَ اسان جو هڪڙو وڏي ۾ وڏو روحاني ۽ ثقافتي مقدس ورثو آهي. دنيا جو ڪوبه چنگيز يا هلاڪو، يزيد يا حجاج، تيمور يا نادر شاهه، هٽلر يا مسوليني ان رت ۾ سمايل حق پرست بغاوت ۽ مقابلي جي شعلن کي وِسائي نه سگهيو آهي. حق پرست بغاوتون ۽ مقابلا اڄ تائين جاري آهن ۽ توڙ تائين جاري رهندا.
    عوام جي ڦُرلٽ ۽ ظُلم سان لڳاتار مقابلن ڪَئِين ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا، پر بُنيادِي سماجي سببن جي ڪري، هن کان اڳ هر هنڌ ۽ هر دؤر ۾ هڪڙي ڦورو ۽ ظالم ٿورائيءَ جي تختي اونڌي ڪرڻ کان پوءِ ان جي جاءِ تي اقتدار عوام جي اڪثريت جي هٿن ۾ نه، پر ڪنهن ٻي ڦورو ۽ ظالم ٿورائيءَ جي هٿن ۾ ئي اچي ٿي سگهيو. هڪڙي ڦورو ۽ ظالم نظام جي جڳهه فقط ٻيو ڦورو ۽ ظالم نظام ئي والاري ٿي سگهيو.
    هزارين سالن جي لکين ڪروڙن ويڙهين جو نتيجو هميشه ساڳيو اهو نڪرندي نڪرندي، نيٺ اڄ اسان جي دؤر ۾ اها سڀاڳي منزل اچي سهڙي آهي، جڏهن هڪڙي ڦورو ۽ ظالم ٿورائيءَ جي جاءِ تي خود مظلوم ۽ محڪوم پورهيت گهڻائي سماج ۽ ان جي هر شيءِ جي مالڪ ٿي سگهي ٿي. هيترن ڦورو ۽ ظالم نظامن جي جاءِ هڪ حق پرست ۽ انصاف پسند سماجي نظام والاري سگهي ٿو. ناانصافين ۽ ظلمن جي هڪڙي ڊگهي ۽ ظاهري طرح نه کُٽندڙ ٻاٽ اونداهي رات کان پوءِ ڌرتيءَ جي حلالي ۽ ڪرمي ڌيئن، پُٽن کي پنهنجو ورثو ۽ پنهنجو حق نيٺ ملي سگهي ٿو ۽ آهستي آهستي، ڏاڪي به ڏاڪي ملي رهيو آهي. گذريل اڌ صديءَ کان ٿورڙي وڌيڪ عرصي ۾ ڌرتيءَ جي ٽئين حصي تان ڦورو ۽ ظالم ٿورايون ۽ سندن لٺ سردار آقا، دُنِيا جا سامراجي، بي عزت ٿي موچڙا کائي تڙجي چڪا آهن. اڄ اتي انهن ملڪن جي مالڪ اڳوڻن معتبرن جي جنس دوا لاءِ به ڪانه ٿي ملي سگهي. سندن شان شوڪت ۽ جاهه جلال جا نشان يا ته قبرن ۾ ساڻن گڏ پوريل آهن يا ڀوتخانن ۽ عجائب گهرن ۾ ماڻهن جي عبرت لاءِ رکيا ويا آهن.
    اڄ هڪ طرف سڄي دُنِيا جا محنتي، محروم، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهو ته ٻئي طرف سندن دشمن دنيائي سامراج ۽ سندس ملڪ جا ڇاڙتا، ڦورو ۽ ظالم پنهنجي پنهنجي الڳ ڪئمپ قائم ڪريو، هڪٻئي سان اکيون اکين سان ملايو، مقابلي جي ميدان ۾ دوبدو ٿيا بيٺا آهن. هن کان اڳ تاريخ ۾ ايئن ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي. هيءُ اڄ تائين جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏ ۽ سڀ کان وڌيڪ فيصلو ڪندڙ مقابلو آهي. انسان ذات جي روشن آئيندي جو سمورو دارومدار ان مقابلي ۾ سوڀ پائڻ تي آهي.
    سمورين کوٽين ۽ ڪمزورين جي باوجود، دُنِيا جو عوام، ڪڏهن اڻ لکي نموني رڙ بند ته ڪڏهن ڊرامائي انداز ۾ زبردست ڇال ڏيندو، پنهنجي عظيم منزل مقصود ڏانهن وڌي رهيو آهي. تاريخ جي اڻ ٽر قلم، نه ميٽجي سگهندڙ روشن اکرن ۾، سندن نرڙن تي “سوڀ” ۽ سندن دشمنن جي نِرڙ تي “شڪست” جا لفظ اُڪيري ڇڏيا آهن. ان لکئي کي ڪوبه مٽائي نٿو سگهي.
    توڙي هلين تڪڙو، توڙي هلين وِک،
    پر لکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نه ٿئي.

    (لطيف)

    نوان ۽ اڻ ٻُڌل فرض
    هي نسبتاً نئون ۽ نرالو عالمي دؤر دُنِيا جي ادب ۽ فن کي اڳي جي ڀيٽ ۾ نوان ۽ اڻ ٻُڌل فرض ٿو سونپي.
    اڄ دُنِيا جي انقلابي عوام جي ادبي، فني ۽ ثقافتي فوج سندس سموري انقلابي عوامي فوج جو هڪ سُورهيه ۽ سوڀارو لشڪر آهي، جنهن جي جهنڊن تي “ڄاڻ، سمجهه، روشني، محبت، جدوجهد ۽ سُرهيائي” جا لفظ سوني پاڻيءَ ۾ اُڪريل آهن. هن لشڪر بنا، دُنيا جا عوام هرگز جٽادار سوڀ حاصل ڪري نٿا سگهن.
    اڄ جو سچو پچو نئون عالمي ادب ۽ فن دنيا تي رڳو تنقيد نٿو ڪري، ان کي ڊاهي نئين سر اَڏڻ ۾ به ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو آهي. اهو ڪنهن هڪڙي فرد يا ٽولي بدران ڌرتيءَ جي ڌيئن ۽ پُٽن جي زبردست اڪثريت جي ڏکن، سکن، اُميدن ۽ انديشن، لڙڪن ۽ مُرڪن، سپنن ۽ ساڀيائن جي اهڙي باشعور ۽ بامقصد فنڪارانه ۽ اثرائتي ترجماني ٿو ڪري جو اهو سندن بهتر آئيندي واسطي جدوجهد جي واٽ جو سونهون، سندن ٻانهن جو ٻَل، دلين جو سهارو ۽ اکين جي روشني ثابت ٿي رهيو آهي.

    نئون اعليٰ عوامي ادب تخليق ڪرڻ لاءِ گهربل سائنسي سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه هن دؤر ۾ ئي ميسر آهي
    فطرت سان گڏ انساني سماج ۽ انساني سوچ بابت صحيح ڄاڻ، ڦورو طبقن جي سخت مخالفت جي باوجود، گذريل صدين ۾ “ڦُڙيءَ ڦُڙيءَ تلاءَ” وانگر آهستي آهستي گڏ ٿي، وڌي ويجهي، نيٺ گذريل صديءَ م هڪ باقاعدي علم ۽ سائنس جي رُتبي کي اچي رسي آهي. اها هاڻ ئي ان پوزيشن ۾ آئي آهي جو سماج ۽ انساني سوچ (جنهن مان ادب، فن، علم ۽ سائنس وغيره پيدا ٿيا آهن) بابت اڻ ڄاڻائي، ڌوکيبازي ۽ نسوري ڪوڙ، زٽ ۽ گمراهيءَ تي ٻڌل ڳالهين سان صحيح معنيٰ ۾ مقابلو ڪري سگهي.
    انسانن جي اڪثريت اڃان تائين انهن ڳالهين بابت صحيح ڄاڻ ۽ سمجهه حاصل ڪري نه سگهي آهي، پر ان جو هڪ حصو ان ڌُٻڻ کان ٻاهر نڪري چڪو آهي. هاڻ اديبن، عالمن، دانشورن توڙي عام ماڻهن لاءِ اهو ممڪن ٿي پيو آهي ته جيڪڏهن هو چاهين ۽ پوري اورچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان ڊگهي جدوجهد ڪن ته انساني سماج، انساني سوچ ۽ انهن جي پيداوار (ادب، فن ۽ علم وغيره) بابت صحيح ۽ پڪي پختي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.

    زندگيءَ جي هيڪڙائي، نرالائي، پيچيدگي، سڀ-طرفائي، وسعت ۽ گهرائيءَ جو ترجمان ادب
    عام طرح ادب ۾ زندگيءَ کي سماجي طرح هڪ هنڌ بيٺل، اڻ چُرندڙ، ڇڙوڇڙ ۽ هڪٻئي کان ڌار سماجي لقائن، روپن ۽ حالتن جي صورت ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ نه پاڻ ۾ ڳنڍيل، هڪٻئي مان پيدا ٿيندڙ، هڪٻئي تي دارومدار رکندڙ، هڪٻئي کي متاثر ڪندڙ، هڪٻئي ۾ پيٺل ۽ هر وقت چُرندڙ پرندڙ ۽ بدلجندڙ نظامن جي سلسلي جي روپ. ان ادب جو ڏوهه ڪونه هو. اهو گهڻي ڀاڱي سائنسي عالمي تاريخي نقطي نظر ۽ سائنسي سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾ ڪيل زندگيءَ جي سڀ طرفي، اونهي ۽ وسيع مطالبي ۽ مشاهدي جي پيداوار نه هو.
    هن دؤر جو عوامي ادب ان ڳالهه ۾ اڳين عوامي ادبن کان گهڻو اڳتي آهي.
    اهو زندگي ۽ سماج کي صحيح عالمي تاريخي نقطي نگاهه کان، سائنسي، سماجي ڄاڻ ۽ سمجهه جي روشنيءَ ۾، سندن سموري زمان ۽ مڪان جي هيڪڙائي ۽ وحدت، لاڳاپي ۽ تسلسل، دارومدار ۽ باهمي اثراندازي، هڪٻئي ۾ سمايل هجڻ ۽ لڳاتار چرپر، تبديليءَ جي صورتن ۾ سندن سمورن رنگن ۽ روپن ۾، سطح، رفتار ۽ رُخ جي لڳاتار تبديليءَ سان، سندن پنهنجو پاڻ کي بظاهر دهرائيندو رهڻ، پر حقيقت ۾ ڏاڪي به ڏاڪي، هيٺان کان مٿي ويندڙ حالتن ۾، ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

    اڳ جي عوامي ادب ۽ هاڻوڪي عوامي ادب ۾ فرق
    اڳ عوام دشمن نظامن جي مقابلي ۾ نئين نظام قائم ڪرڻ جو واضح تصور موجود ڪونه هو. ان نئين نظام کي قائم ڪرڻ واريون قوتون، انهن جون تنظيمون، سوچيل سمجهيل طئي ٿيل مقصد ۽ پروگرام موجود ۽ معلوم ڪونه هئا. ان ڪري ان دؤر جي عوام جي گهڻگهري ادب لاءِ اهو ئي ڪافي سمجهيو ويندو هو ته اهو رائج ڦورو ۽ ظالم سماجي نظام جي ڌار ڌار، ڇڙوڇڙ ڳالهين ۽ سندس مشينريءَ جي ڌار ڌار پرزن جي، بنا واضح مقصدن جي، عام اوگهڙ ۽ مخالفت ڪري، مظلومن تي ٿيندڙ ظلمن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ۽ وچولن ۽ مٿين طبقن جي دلين ۾ مظلوم لاءِ قياس ۽ همدردي ۽ ظالمن لاءِ نفرت پيدا ڪري. ان ادب کي اڄوڪي سماجي ٻوليءَ ۾ سڌارڪ ادب سڏي سگهجي ٿو.
    پر هيءَ صدي ٻي صدي آهي. هيءَ صدي پراڻن نظامن خلاف نه رڳو نفرت جاڳائڻ، مظلومن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ جي صدي آهي پر انهن سان مظلوم عوام طرفان منظم نموني ڊگهي ۽ اڻانگي، مرڻ جيئڻ جي ويڙهه ڪري کين ڊاهي نيست نابود ڪري سندن جاءِ تي هڪڙو انصاف ڀريو عاليشان نئون نظام قائم ڪرڻ جي صدي پڻ آهي. ان ڪري هن دؤر ۾ عوام جي گهڻگهري ادب جا فرض اڳوڻي سڌارڪ ادب جي ڀيٽ ۾ انقلابي آهن. اهو پراڻي عوام دوست ادب جو نقل نٿو ڪري سگهي ۽ اوستائين محدود رهي نٿو سگهي. هُن ۽ هن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.
    اڳوڻي دؤر ۾ اديبن ۽ فنڪارن جو دنيا کي بدلائڻ جي اڻ لکي جدوجهد ۾ ڪردار تمام گهٽ اثرائتو، جهَڪو ۽ اڻ لکهو آهي. هن دؤر ۾ سندن ڪردار نهايت نمايان ۽ اثرائتو آهي. ان ڪري اڳوڻن دؤرن جي عوام جي گهڻگهرن اديبن ۽ فنڪارن جي سماجي ذميوارين ۽ فرضن ۽ اهميت ۽ هاڻوڪن عوام جي گهڻگهرن اديبن ۽ فنڪارن جي ذميوارين ۽ فرضن ۽ اهميت ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي.


    باب ٻارهون : نوان هيرا!

    ننڍو ته ڪوهه، وکين آهي وترو،
    وڃيو ڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکي جئن پوءِ،
    ان ڪُرَ سندو ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي!

    (لطيف)

    موکي متارن جا ننڍا ڪيم نهار،
    ساماڻا سري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
    ناڻو ڪمي نهار! هي سر پڻ ڏيندا سٽ ۾!

    (لطيف)

    ڪڏهن نه اهڙا، جهڙا هيل!
    مون وٽ باک – ڀنا رابيل!

    (اياز)

    هر دؤر جو ادب ۽ فن رڳو حقيقتن جو نه پر خوابن ۽ خيالن جو به ترجمان رهيو آهي. حقيقت پسند ادب جو مطلب به مشيني ۽ لڪير جي فقيريءَ وارو به وٺڻ گهرجي. جڏهن ادب ۾ پيش ڪيل خواب ۽ خيال حقيقتن مان پيدا ٿيل آهن ۽ سڀاڻي جي حقيقتن جي عڪاسي ڪن ٿا، تڏهن اهي ادب جي حقيقت پسنديءَ کي گهٽائين نٿا، وڌائين ٿا.
    هر دؤر ۾ ادب ۽ فن ماڻهن جي زندگين جي حقيقتن توڙي خيالن ۽ خوابن جي ترجماني ڪندي سندن دل گهريا ۽ دل گهريون ڳالهيون پيش ڪيون آهن. زندگيءَ جي حقيقت مان ڪچو اڻ گهڙيو مواد وٺي، ان کي گهڙي سنواري، حقيقت کان گهڻو گهڻو وڌيڪ خوبصورت ۽ اثرائتو بڻائي پيش ڪرڻ ادب ۽ فن جو بنيادي ڪم پئي رهيو آهي.
    وڌاءَ، مفروضا ۽ سينگار ادب جي جان آهن. ماڻهن جي سُونهن، سخاوت، بهادري، ڪرامت، طاقت ۽ چالاڪيءَ بابت هر قسم جون صفا فرضي ۽ بنهه گهڻي وڌاءَ واريون، ڪهاڻيون ۽ داستان، عالمي ادب جو حصو آهن. اهڙن زبردست واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جي نه ڪڏهن ٿيا ۽ نه انهن حالتن ۾ ٿي سگهيا ٿي.
    اهڙا وسيلا ۽ اهڙيون شيون ۽ قوتون فرضي طرح موجود ڪري ورتيون ويون آهن، جيڪي اڃان ڌرتيءَ تي تصور ۾ به مس اچي ٿي سگهيون.
    مثلاً الف ليليٰ ۽ ٻين داستانن ۾ اسم اعظم، اُڏند کٽولي، سامونڊي گهوڙا ۽ اڄوڪين جاسوسي، سائنسي ۽ خلائي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ذڪر ڪيل خيالي اوزار، هٿيار، مشينون، قوتون ۽ جڳهون وغيره.

    هاڻ هيرا نه کپن
    جڏهن سرمايه دار طبقو اُسري، وڌي ويجهي رهيو هو ۽ جڏهن اهو ترقي پسند هو ۽ وڏا ۽ شاندار ڪارناما سرانجام ڏيئي سگهيو ٿي، تڏهن ان ادب ۾ پنهنجي طبقي جي نقطي نظر کان زبردست هيرا ۽ هيروئنون پيش ڪيون. عوام وٽ انهن ڏينهن ۾ طبقاتي سمجهه ڪانه هئي. عالمي تاريخ ۾ سندن ڪردار درحقيقت ڪيڏو زبردست هو، سا کين خبر ڪانه هئي. تڏهن هنن جاگيردار ۽ سرمايه دار طبقي جي عالمي ۽ سماجي نقطي نظر ۽ موقف کان تخليق ڪيل هيرن ۽ هيروئنن کي ئي پنهنجا هيرا ۽ هيروئنون تسليم ڪيو ٿي ۽ انهن جو مثال ورتو ٿي.

    گناهه ٿيندو!
    هاڻ جڏهن جاگيردار ته ٺهيو، خود سرمايه دار طبقي جي عالمي ڪردار ۽ اهميت ۾ زبردست زوال آيو آهي ۽ سندن سورهيائي ۽ شان جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن ۽ عوام جي سورهيائي ۽ شان جا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن ۽ اهو وقت اچي ويو آهي جو ادب ۽ فن ۾ ڦورو طبقن جي سورمن بدران عوام مان سرجندڙ نون سچن پچن سورمن ۽ سورمين جا ڳڻ ڳايا وڃن، تڏهن زوال پذير سرمايه دار ادب هڪدم پلٽو کاڌو آهي ته، “ادب ۾ سورمن ۽ سورمين جي ڪابه ضرورت ڪانهي! اها پراڻي ڳالهه آهي. دراصل زندگيءَ ۾ ڪي ساراهه لائق ڪارناما هوندا ئي ڪونه. هن دؤر ۾ ڪهاڻيءَ بدران آ – ڪهاڻي لکڻ ۽ ناول بدران آ– ناول (Anti-Novel) لکڻ گهرجي.” مطلب ته جڏهن راند ۾ ٻين جي کٽڻ جو وارو اچي ته راند بند! چي، “راند بدعت آهي. شريعت ۾ ناجائز آهي! گناهه ٿيندو!”
    هيستائين عالمي ادب ۾ گهڻي قدر هيرا غلامدار، جاگيردار، سرمايه دار يا بنهه گهڻو ڇيهُه ٿيو ته لاچار وچولي سفيد پوش طبقي جي سوچ ۽ سمجهه، خيالن ۽ خوابن مطابق تخليق ڪيا ويندا رهيا آهن. جان عالم، ممتاز دمساز، شهزادو اندري، ٽارزن، سُپرمئن جهڙا هزارين لکين ڪردار ۽ هيرا انهن سوچن، خيالن ۽ خوابن مطابق پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. انهن جي جواب ۾ عوام منجهان هيرا به آهن. مثلاً کپرڙو چور، وتايو فقير، مُلا نصيرالدين وغيره پر اهي استثنائون آهن. خود انهن جي سوچ به وقت جي حڪمران سوچ جي دائري اندر آهي، ٻاهر ڪانهي.
    ٻئي طرف اڳوڻي ترقي پسند ادب جا هيرا آهن، اهي سماج جا ڌڪاريل، ڪِنا، قابلِ نفرت ماڻهو، جن جي دل ۽ روح ۾ ڪا شيءِ آهي جا گندي ٿيڻ کان بچي وئي آهي.
    پر اهي ڪردار به عوام منجهان مثالي ڪردار ناهن. اهي صرف عوام جي پستيءَ جا، جهالت جا، مظلوميت جا ۽ بيوسيءَ جا نمائندا آهن. جيئن اسان چئي چڪا آهيون، عوام رڳو پستي ۽ جهالت ناهن، مظلوميت ۽ بيوسي ناهن. عوام هر پستي، جهالت، مظلوميت ۽ بيوسيءَ جي باوجود لکن ڪروڙن خوبين، گُڻن ۽ قوتن جون کاڻيون ۽ ڀنڊار آهن. کاڻيون کوٽي ۽ ڀنڊار کولي ڏسبو ته، ڪچي ۽ اڻ گهڙيل حالت ۾ ئي سهي، حقيقي سمجهه، عقل، همت، سونهن، سچائي، عظمت ۽ سورهيائيءَ جا اصل خزانا عوام وٽ ئي آهن ۽ نه سندن دشمنن وٽ.

    عوامي ادب جا اڳوڻا هيرا ۽ هاڻوڪا هيرا
    چيخوف، منٽو ۽ ڪرشن چندر وغيره ترقي پسند اديبن، جاگيردارن ۽ سرمايه دار نقطي نگاهه وارن جُڙتو هيرن بدران عوام مان هيرا تخليق ڪري پيش ڪيا.
    انهن هيرن مان گهڻا ظاهري صورت ۾ غريب بدمعاش هئا، ڀُليل ۽ گمراهه، بيوقوف ۽ ظالم هئا. گندي زبان استعمال ڪندا هئا ۽ اڪثر گندا ڪم ڪندا هئا، پر فنڪارن ڏيکاريو ته انهن جي انسانيت مڪمل طرح مري ڪانه وئي هئي. سندن زندگين جي رَکِ ۾ شرافت جون ڪَئِين چڻنگون لڪل هيون. اهي ظاهري اڇن اُجرن ۽ اندر جي ڪارن منافقن ۽ مڪارن کان دل جا وڌيڪ صاف ۽ سُٿرا اڇا اُجرا انسان هئا.
    پر زندگيءَ جي، خاص ڪري اڄ جي زندگيءَ جي، رڳو اها حقيقت ڪانهي ته ڪارين دلين ۾ اڇن اُجرن ڪپڙن وارن ماڻهن سان گڏوگڏ ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارا ۽ اڇين صاف سٿرين دلين وارا ماڻهو به موجود آهن پر زندگيءَ جي غالب حقيقت اها آهي ته اڳ به هميشه اهڙا ماڻهو موجود رهيا آهن ۽ هن دؤر ۾ ته خاص ڪري اهڙا گهڻا ماڻهو موجود آهن، جيڪي نه رڳو ظاهري سُٺن ۽ اندر جي خراب ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ خراب بلڪه بهتر انسان هئا ۽ تن جي ظاهري سُٺن ۽ اندر جي خراب ماڻهن جي بلڪل اُبتڙ هئا ۽ آهن. اهي خراب رُوپ ۾ چڱيرڙا ماڻهو نه پر سُٺي روپ ۾ سُٺا انسان هئا ۽ آهن، جيڪي اندر به عظيم هئا ۽ آهن ۽ ٻاهر به شاندار هئا ۽ آهن. اڄوڪي دؤر ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اهڙا کوڙ ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي زندگين کي ڀرپور نموني ماڻڻ لاءِ، انسانيت جي اعليٰ ترين آدرشن لاءِ، مظلوم ماڻهن جي تقدير لاءِ هڪ نئون جهان اَڏڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪريو ويٺا آهن. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي حق ۽ سچ جي هڪڙي مُني ٿيو بيٺو آهي. هو روز تلاش، جاکوڙ، سهپ، قرباني ۽ سورهيائيءَ جا اهڙا بي انداز اڻ لکا توڙي ظاهر، ننڍڙا توڙي وڏا ڪارناما سرانجام پيا ڏين، جو جيڪڏهن هيءُ دؤر اڳين دؤر وانگر هجي ها ته ماڻهو کين رشي مني ۽ اَولِياءُ بلڪه ان کان به وڌيڪ درجو ڏيئي سندن پير چُمن ها.

    پل پل هڪ ڪارنامو
    تنهن کان سواءِ منجهان عام مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻُڍا جيڪي پهاڙ جهڙيون زندگيون گذاريندا رهيا آهن، تن جو هڪ هڪ پل سهپ جاکوڙ، تخليق ۽ سورهيائيءَ جو ڪارنامو پئي رهيو آهي. هر زندگي هڪ معجزو آهي، هڪڙي رن زال، ولر يتيم ٻارن جو، هڪڙو مڙس، لشڪر ويرين جو، هڪڙو پساهه ۽ محرومين، بيمارين، ڏکن، اڻ هوندن، خوفن جا ڪٽڪ! رستمن ۽ سهرابن جا داستان، حالتن آهر، هنن داستانن جي ڀيٽ ۾ ڦڪا ۽ خسيس آهن.
    عوام ۾ حالتن آهر اهڙا اهڙا حرفتي، چالاڪ، قابل ۽ ڏاها ماڻهو پيا آهن، اهڙا اهڙا تخليقي ذهن رکندڙ ۽ ڪاريگر ماڻهو پيا آهن، اهڙا اهڙا وينجهار ۽ ڳچيءَ جا هار ماڻهو پيا آهن، اهڙا اهڙا اڻ موٽ، مٿير ۽ قنڌار مرد، عورتون ۽ ٻار پيا آهن، جو انهن جي پيٽ ۾ ادبي ڀَٽن ۽ مڱڻهارن طرفان ماڻهن ٿي ٿاڦيل ڦورو ۽ ظالم طبقن ۽ سندن حوارين ۽ پڇ لٽڪائوئن جا هيرا ڄڻ ته ڌوڙ ۽ ڦلهيار آهن.
    جيئن اسين ڳالهه ڪري آيا آهيون ته ادب رڳو فوٽوگرافري ڪونهي. اهو خالق ۽ سينگاريندڙ به آهي. نئين عوامي ادب کي عوام جي سچن پچن سُٺن اعليٰ ۽ سُورهيه ڪردارن جي ڪچي سون کي چمڪائي ۽ گهڙي ان مان ادبي ۽ فني ڪرشما پيدا ڪري ڏيکارڻا آهن.
    انقلابي ادب کي به اهو حق هئڻ گهرجي، بلڪه سندس ڪم هئڻ گهرجي ته عوام کي پنهنجو پاڻ ۾ وڌيڪ اعتماد ڏيڻ، کيس آئنده جون تصويرون اڳواٽ ڏيکارڻ ۽ سندن جدوجهد کي تيز تر ڪرڻ لاءِ اهو سُٺن، روشن خيال ۽ انقلابي ماڻهن ۽ تحريڪن بابت دستوري ادبي وڌاءَ، مفروضن ۽ سينگار کان ڪم وٺي، کين اهڙو سيبتو، سُٺو، روشن خيال، سجاڳ، سمجهو، ڏاهو، متحد، متحرڪ، گهڻ-گهڻو، سڀ طرفو ويڙهو، سُورهيه ۽ شاندار ڪري پيش ڪرڻ جهڙا اڃا هو حقيقت ۾ نه ٿي سگهيا آهن.
    اهڙو ماحول، اهڙيون حالتون، اهڙا فرد، اهڙا گروهه، اهڙيون تنظيمون، اهڙا ڪارناما، اهڙيون ڪاميابيون اڄ ئي چٽي پيش ڪرڻ گهرجن، جن اڃا وجود حاصل نه ڪيو آهي ۽ سڀاڻ وجود ۾ اينديون.
    اهڙا روشن ۽ بلند خيال، مائٽ، اهڙا ڀائر ۽ ڀيڻيون، اهڙا دوست اهڙا ساٿي، اهڙا اعليٰ عاشق ۽ معشوق، اهڙا بلند پائي جا انساني ناتا ادب ۽ فن وسيلي تخليق ڪري ڏيکاري جي عوام لاءِ مثالي بنجن ۽ کين به اهڙو ٿيڻ لاءِ هرکائين.
    عوام کي بنهه وڏيون نه ته ننڍيون ننڍيون ۽ وچٿريون ڪاميابيون حاصل ڪندو ڏيکاريو وڃي. اسان جا هيرا محبت ۾، علم ۾، پورهئي ۾، جدوجهد ۾، انقلاب ۾، پاڻ کي بدلائڻ ۾، نئون مثالي انسان ٿيڻ ۾ ٻين هزارين ڳالهين ۾، ڪامياب ٿي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ٿيا به آهن. گهربل حالتون تخيل جي مدد سان تخليق ڪري سگهجن ٿيون.
    سونهاري صبح جون جهلڪيون اڄ ئي ماڻهن کي پسائي، کين مٿس موهت ڪري، انهن جي وڌيڪ ڪوشش سان، ان صبح کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ گهرجي.
    پيرَ حقيقتن جي زمين تان کڄي نه وڃن!
    ان سموري عمل جي دوران اديب جا پيرُ پنهنجي دؤر ۽ سماج جي بُنيادِي حقيقتن جي ڌرتيءَ تي مضبوطيءَ سان کُتل هجن.
    حقيقت ۽ فنڪاريءَ جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ توازن اهڙو آهي جهڙو ٻوڙ ۽ مصالحي جو، بنا مصالحي جي ٻوڙ به ڪونه ٺهندو ۽ حد کان وڌيڪ لوڻ مرچ وارو ٻوڙ به ٻوڙ نه ٿبو! اهو ڪم وڏي قابليت، توازن ۽ ڪاريگريءَ جو آهي.
    آهستي آهستي ۽ ڏاڪي به ڏاڪي اهي ڳالهيون محنت سان سِکي وڃبيون، غلطيون ٿينديون ۽ ضرور ٿينديون، ماڻهو به کِلندا پر غلطيون درست ڪري سگهجن ٿيون ۽ ماڻهن جي کِل کي تحسين ۾ بدلائي سگهجي ٿو.

    عوامي نقطي نگاهه، عوامي موقف يا بيهڪ
    نئون عوامي ادب زندگيءَ جي هر حقيقت کي سرمايه دار يا جاگيردار يا سامراجي يا خود سفيد پوش ۽ وچولي طبقي جي نقطي نگاهه جي بدران باخبر ۽ باشعور پورهيت عوام جي نقطي نگاهه سان ڏسندو، سمجهندو ۽ پيش ڪندو. اهو ادب پاڻ کي انهيءَ عوام جي پوزيشن ۾ وجهي انهيءَ موقف کان دُنيا کي ڏسندو.
    اهڙيءَ ريت اهو رڳو پورهيت عوام بابت ادب نه هوندو پر ان سان گڏ پورهيت عوام جي نقطي نگاهه ۽ موقف وارو ادب به هوندو. پورهيت نقطي نگاهه ۽ بيهڪ يا موقف اهو جيڪو هن دؤر جي سڀ کان ترقي يافته انقلابي پورهيت نظريي جي روشنيءَ ۾ بنيو هجي ۽ نه اڻ ڄاڻ، بي سمجهه ۽ پرمتڙي پورهيت سوچ ۽ سمجهه جي اوندهه ۾.

    قومي عوامي جمهوري سامراج دشمن انقلابي ادب
    اهو ادب قومي هوندو، ڇو ته اهو قومي برابريءَ جو علمبردار ۽ قومي ڦُرلٽ ۽ جبر جو جاني دشمن هوندو. اهو عوام جي وڏي گهڻائيءَ لاءِ هوندو ۽ نه رڳو ٿورڙن ڀريلن پيٽن لاءِ يا رڳو سفيد پوشن لاءِ. اهو عوام جي حقن ۽ جمهوريت جو حامي ۽ فسطائيت ۽ سامراج جو دشمن هوندو. اهو عوام جي زندگيءَ کي، هن دنيا کي بُنيادِي ۽ مڪمل طرح بدلائڻ جو علمبردار هوندو ۽ نه رڳو ان تي افسوس ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪجهه نيون چَتيون هڻڻ جو.

    سَوَلو، عام فهم جو ادب
    اهو ادب ڪوشش ڪري سَوَلو، آسان ۽ ماڻهن کي سمجهه ۾ اچڻ جهڙو هوندو ته جيئن اهو عوام جي وڏي گهڻائيءَ کي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ۽ اهي ان مان پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ نئين روشني ۽ سگهه حاصل ڪري سگهن.

    رڳو ڪهاڻيون نه، ناول به لکڻ گهرجن
    سنڌي ادب ۾ گهڻو ڪري رڳو ڪهاڻين جي ڀرمار آهي. ناول جي سخت اڻاٺ آهي.
    عام طرح ڪهاڻي گهڙيءَ جو چُٽڪو آهي. اها زندگيءَ جي فقط ڪنهن هڪ اڌ ڪردار، واقعي، تاثر ۽ پل جي ڳالهه آهي. اها زندگيءَ جي گهڻ-پاسائيءَ کي نظرانداز ڪري ٿي. عام طرح ناول جو دائرو وسيع آهي. ان ۾ اڪثر ڊگهن عرصن، گهڻن واقعن ۽ گهڻن ڪردارن جي ڳالهه هوندي آهي. اهو ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جي گوناگوني، گهرائي، پيچيدگي، ڊيگهه ۽ ويڪر، بلنديءَ ۽ پستيءَ جي وڌيڪ ڪاميابيءَ سان ترجماني ڪري ٿو.
    ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ ناول لاءِ زندگي وسيع ۽ گهرو، تجربيڪار ۽ بالغ فن ۽ سوچ گهرجي. ان لاءِ زندگيءَ جو ڪونه ڪو منظم فلسفو گهرجي ٿو.
    چيو وڃي ٿو ته ماڻهن وٽ ناولن لاءِ وقت ڪونهي. ان ڪري ڪهاڻيون وڌيڪ ڪارگر ۽ مقبول آهن؟ ڪو پڇي ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جن وٽ دلچسپ ۽ مَنَ موهيندڙ ناولن لاءِ وقت ڪونهي؟ آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هجن ته ڀلي باقي اسان وٽ ته هرو ڀرو اڃا اهڙي رات ڪانه پئي آهي! اسان وٽ ته ماڻهو اڃا به وڏي ذوق شوق سان گل بڪاولي، ممتاز دمساز، الف ليليٰ جا نعالم ۽ ليليٰ مجني، شيرين فرهاد، سسئي پنهون، مومل راڻي وغيره جا داستان پيا پڙهن. پڙهن ٿا ته رکڻ تي دل نٿي ٿئين! اڄ ٻهراڙين ۾ گهر گهر پڙهيل ويٺا آهن. ماڻهن جي باشعور ۽ بامقصد پسند وٽان ناول هجن ته ماڻهو ٻئي پاسي لوڻو به ڪونه هڻندا.
    جن اديبن کي ناول لکڻ جو ڪجهه نه ڪجهه ڏانءُ هجي ۽ وٽن عوام جي بامقصد ۽ باشعور پسند جي ڪا ڳالهه، ڪو پلاٽ هجي ته انهن کي گهڻي ۾ گهڻو ڌيان ان پاسي ڏيڻ گهرجي. بالغ نظر اديبن کي موجوده حالتن ۾ ناول لکڻ ئي جُڳائي ٿو.

    آهين جي مڙس، گل تون درس، گهِڙ منجهه تار، ڏي تاريون،
    ڇاکي ٿو ڇوڪرن جئن، ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڪرين ڇٻ ڇٻ!
    (خليفو گل)

    ماضيءَ جي ادب ڏانهن رويو
    ماضيءَ جي ادب ڏانهن نئين ادب جو رويو “خذما صفادع ماکدر” (جيڪي چڱو آهي سو هٿ ڪريو، جيڪو خراب آهي تنهن کي ڇڏيو) وارو هئڻ گهرجي.
    ان ادب کي تنقيدي نموني ڪتب آڻڻو آهي. هر تخليق جي سُٺين ڳالهين کي پِرائڻو آهي، بُرين عوام دشمن ڳالهين ۽ سوچن کان بچڻو آهي ۽ انهن کي رد ڪرڻو آهي.
    اڻويهين صديءَ جي مشهور جرمن اديب ۽ شاعر هينرڪ هائين Heinrich Heine جي ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکڻو آهي ته، “هر دؤر جڏهن نوان خيال حاصل ڪري ٿو، تڏهن هو انهن نون خيالن سان گڏ نيون اکيون به حاصل ڪري ٿو. ان ڪري اڳين زمانن جي ذهني تخليقن ۾ کيس گهڻيون ئي نيون ڳالهيون نظر اچن ٿيون.”

    ٻه ڪسوٽيون
    ماضيءَ جي ادب کي اڄ ڪهڙي ڪسوٽيءَ تي پرکجي؟
    ڪسوٽيون ٻه هئڻ گهرجن، نه رڳو اها هڪڙي جيڪا عام طرح ٿيندي رهي آهي.
    اها عام ڪسوٽي آهي ته اهو ادب جنهن دؤر ۽ ماحول ۾ خلقيو ويو هو، انهن جي مجموعي حالتن ۾ ترقي پسند هو يا رجعت پرست.
    ٻي ڪسوٽي اها آهي ته اهو اڳوڻو ترقي پسند ادب اڄ جي دؤر ۽ حالتن ۾ ڪيتريءَ حد تائين ترقي پسند رهجي ويو آهي؟ اڄ جي ترقي پسند سوچن سان ڪيتري قدر هم آهنگ آهي؟
    هومر، هوريس، ورجل، ڪاليداس، شيڪسپيئر وغيره پنهنجي دؤر ۾ ته سبحان الله هئا. اڄ تائين سندن ڌاڪون آهن، پر انهن جون سوچون اڄ جي حساب سان ڪيتري قدر ترقي پسند ۽ عوام دوست آهن، سو حساب اڄ نئين سر لڳائڻو پوندو ۽ ايندڙ هر دؤر ۾ اهو سلسلو جاري رکڻو آهي.
    انهن ٻنهي ڪسوٽين تي پرکڻ کان پوءِ، ماضيءَ جي اعليٰ ادب جو باخبر ۽ باشعور عوام جي نقطي نگاهه کان جيڪو رُتبو وڃي بيهي، سو مقرر ۽ قائم رکڻ گهرجي.
    دنيا جي اڳوڻي توڙي اڄوڪي اعليٰ عوامي ادب جي ڳولا ڪريو!
    عالمي ادبي پبلسٽي، خريد فروخت، ڇپائي ۽ ترجمي ۽ تنقيد تي سرمايه دار سامراجي طبقن جي قبضي هئڻ ڪري ۽ ٽين دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ عوامي ادب خلاف ڪات ڪهاڙا کنيل هئڻ ڪري ٽين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪو اڳوڻو توڙي اڄوڪو اعليٰ ادب اصلوڪي صورت ۾ يا ترجمن جي صورت ۾ اچي ٿو ۽ جيڪو پڙهايو وڃي ٿو، سو درحقيقت دنيا جو پراڻو ۽ نئون بهترين ادبي مال ڪونهي.
    مرزا قليچ بيگ جو مثال وٺو. هن تي اسان کي جائز طرح فخر ۽ ناز آهي ۽ رهندو، پر هن جيڪي ترجما ڪيا، سي شيڪسپيئر کي ڇڏي ٻيا ڇا ان زماني جي عالمي ادب جا نمائندگي ڪندڙ ادب جا ترجما هئا؟ نه. “گلن جي ٽوڪري” وغيره ناول ايستائين تخليق ٿيل اعليٰ ادب ۾ شامل ئي نه هئا. رڳو ايترو ياد رکڻ ئي ڪافي نه ٿيندو ته يورپ جو جڳ مشهور سرمايه دار جمهوري انقلاب ادب خاص ڪري عظيم فرينچ انقلاب کان اڳ جو انقلابي ادب، مرزا صاحب جي زماني کان اڌ صدي اڳ موجود ٿي چڪو هو! حقيقي اعليٰ ادب انگريز سنڌ ۾ اچڻ ئي ڪونه ڏين ها. ترجمي ڪرائڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.
    اڄ ڪلهه جيڪو آمريڪا، يورپ ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جو “چونڊ ادب” ترجمو ٿي اسان اڳيان اچي ٿو، تنهن جو ڳچ حصو يا ته بنهه وللي واويلائي زوالي گند ڪچرو آهي يا غيرعوامي، غيرانقلابي خَسِيس قسم جو، بي مقصد ۽ گهٽ فني معيار جو ادب آهي. خود پورهيت اقتدار وارن ملڪن جي ٻولين مان جيڪو ادب ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ آڻجي ٿو، سو به گهڻا ڀيرا پراڻو سرمايه دار دؤر جو وللي واويلائي ادب هوندو آهي! حالانڪه اڄ عالمي ادب آسمان جي بلندين کي ڇُهيو بيٺو آهي!
    ڏکيءَ توءِ ڏڪار توڻي وسن مينهڙا. (لطيف)
    ان ڪري اسان کي گذريل توڙي هاڻوڪي ادب جو نئين سر مطالعو ڪري ان مان چونڊ ادب ترجمان ۽ تلخيصون ڪري سنڌيءَ ۾ آڻڻ گهرجي. دنيا جي اعليٰ عوامي ادب ۾ نه رڳو سرمايه دار دنيا جو اعليٰ عوامي ادب پر پورهيت نظام وارن ملڪن ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جي اعليٰ عوامي ادب کي به شامل ڪرڻ گهرجي.

    اڄوڪي ترقي پسند ادب ڏانهن رويو
    اڄوڪو ترقي پسند ادب، نه سمورو پورهيت انقلابي ادب آهي ۽ نه صحيح ۽ ڀرپور معنيٰ ۾ ترقي پسند ادب آهي. ان ادب جي باخبر ۽ باشعور پورهيت عوام جي عالمي نقطي نظر، سماجي سمجهه ۽ پروڙ، انقلابي عوامي موقف جي دوربيني ۽ خوردبينيءَ سان تپاس ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. ان جي حقيقي ترقي پسند جُزن ۽ رجعت پرست جُزن کي الڳ ڪري، ان ادب ڏانهن ان حساب سان رويو قائم ڪرڻ گهرجي.

    نئين اُسرندڙ عوامي ۽ پورهيت ادب ۽ فن جي همت افزائي ڪجي
    هر طبقي جي نمائندگي ڪندڙن ۾ سُٺا ۽ خراب اديب ۽ فنڪار ٿين ٿا. هرڪو چاهيندو ته جيڪا به تخليق پيش ٿئي يا ٻين ڳالهين سان گڏ فني طرح به اعليٰ درجي جي هجي.
    عام طرح سرمايه دار ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عوامي اديبن جي ڀيٽ ۾ جاگيردار، سرمايه دار، رجعت پرست ۽ سامراج پرست لاڙا رکندڙ اديب فني طرح وڌيڪ تجربيڪار، قابل ۽ مقبول آهن.
    پورهيت عوامي ادب جي انهن ملڪن ۾ اڃان ڄڻ شروعات آهي. هر ٻي نئين شيءِ وانگر اهو ادب به شروع شروع ۾ ڪچو ڦڪو هوندو. عوامي اديبن جو فرض ٿيندو ته هو ٻين ڳالهين سان گڏ فن جي پختگيءَ تي به خاص ڌيان ڏين ۽ ڏاڪي به ڏاڪي ان جو معيار وڌائين.
    ٻئي طرف عوام جو به فرض آهي ته عوام دشمن يا غير عوامي ادب جي ڀيٽ ۾ ڪچي ڦڪي اُسرندڙ نئين عوامي ۽ پورهيت ادب جي همت افزائي ڪن ته جيئن اهو سندن مدد ۽ همت افزائيءَ سان جلد از جلد پنهنجو معيار اوچي ۾ اوچو ڪري عوام دشمن ۽ غيرعوامي ادب کان ان ڳالهه ۾ گوءِ کڻي وڃي.
    دراصل پَس پيش صحيح عظيم عالمي ادب اهو پورهيت ادب ئي ٿيندو، ڇو ته اهو ئي ڌرتيءَ جي ڌيئن پُٽن جي وڏي اڪثريت جي جذبن ۽ صلاحيتن جي ترجماني ڪري ٿو. جڏهن اهو اسان وٽ وهيءَ چڙهندو تڏهن اهي رنگ ڪري ڏيکاريندو، جو ماڻهن کي اڳيون خبرون وسري وينديون.
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي جي ناهه ڪو!
    سنڌ ۾ اڄ به ٿورن وڏن اديبن ۽ شاعرن کي ڇڏي، ٻين گهڻن کي اسان جا نوان اُسرندڙ پورهيت اديب ۽ شاعر اَشي ڪشي ملهون ماريو بيٺا آهن! اڃان ته ڪٿي ڳالهه پئي آهي!
    عام ٿورو پڙهيل غريب ماڻهو به اديب ٿي سگهن ٿا ۽ ضرور ٿين!
    حقيقي عوامي ادب تڏهن تخليق ٿيندو، جڏهن خود شهري توڙي ٻهراڙيءَ جا ڏکن ڏڌل، ماريل پيڙيل غريب ماڻهو قلم هٿ ۾ کڻندا.
    جتي باهه ٻري اها جاءِ جلي،
    ڪهڙا سيڪ پاڙي واليان نون!

    خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌ ۾ ڪَئيِن پورهيت ماڻهو چڱا شاعر ۽ اديب ٿي ويا آهن. ادبي رسالن وارن کي کپي ته اُنهن جي همت شڪني نه، همت افزائي ڪن. خاص ڪري آتم ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ پورهيت ماڻهن سان ڪو ٻيو مقابلو ڪري ڪونه سگهندو. هر ٿوري گهڻي پڙهيل، غريب پورهيت ماڻهوءَ کي، پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي ٻين کي پڙهي ٻُڌائڻ گهرجي. جيڪي وڌيڪ سُٺيون هجن، تن کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

    فوري اشاعت نه ٿئي ته پرواهه ڪانهي
    هونئن ته ادب آهي ئي ڇپجڻ لاءِ پر ڪي حالتون اهڙيون به ٿينديون آهن، جن ۾ جيڪي لکڻ ضروري آهي، سو في الحال ڪن سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهندو آهي. اهڙين حالتن ۾ لازم آهي ته صحيح عوامي ادب جي تخليق جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، هر حالت ۾ جاري رهي، چاهي اهو هڪدم ڇپجي سگهي يا نه.
    دنيا جا ڪي تمام وڏا شاهڪار فوري طرح ڇپجي نه سگهيا، اڳئين زماني ۾ پريسون ۽ اخبارون ڪونه هيون. قلمي نسخن تيار ڪرڻ لاءِ هزارين روپيا خرچ ۽ ڪَئِين سال وقت لڳي ويندو هو. ڪي ڪتاب ته ماڻهن لکي ٽيهه ٽيهه سال رکي ڇڏيا، پوءِ شايع ڪيا. سائنسدان ڪاپرنيڪس پنهنجو جڳ مشهور سائنسي شاهڪار “انساني جسمن جي حرڪت جا قائدا” مرڻ کان ٿورو اڳ ۽ لکڻ کان 30 سال پوءِ شايع ڪرائڻ جي اجازت ڏني!

    عوام دشمن ادب تي تنقيد ڪريو!
    ادب بابت عام ماڻهن جو اهو رويو پئي رهيو آهي ته ماڻهن کي جيڪو وڻي سو ادب تخليق ڪن. وڻندو ته پڙهنداسين، نه ته نه پڙهنداسين. اهو رويو نقصانڪار آهي. اڄ هر مسئلو عوام جو مسئلو آهي. اهي زمانا ويا جڏهن عوام هن ڌرتيءَ کان لاوارث ۽ لاتعلق هو. هاڻ هر ڪم سان سندس واسطو آهي. عوام ئي وارث ۽ مالڪ ٿيو آهي هر ڳالهه جو.
    سوچڻ گهرجي ته عوامي ادب تي عوام دشمن جا ڇاڙتا ڪيڏا نه ڇتا چچراٽ ٿا ڪن! ڪهڙن ڪهڙن بيهودن دليلن ۽ حجتن جا ڏنڊا ٿا اُلارين! ڪيڏيون نه اکيون ٿا ڦوٽارين! ڪيڏو نه مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن! ان جو سبب اهو آهي ته ادب ۽ فن وانگر، ادبي ۽ فني تنقيد ۽ پرک به، طبقاتي مفادن، لاڙن ۽ ذهني، فڪري، جذباتي، روين ۽ عادتن کان هرگز بالاتر ڪانهي. اها به ادبي ۽ فني ميدان ۾ هڪ طبقاتي هٿيار طور ڪتب ايندي رهي آهي.

    “بادا بي ميار” نه ٿيو!
    اهڙي حالت ۾ ڇا اسين عوام دشمن ادب ڏسي “بادا بي ميار” ٿيا ويٺا هجون، ڄڻ الائي ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي؟ نه! عوام اڳيان جيڪا هڪ هڪ سِٽَ بازار ۾ پيش ٿئي ٿي، تنهن جي اسان کي پوري پوري چڪاس وٺڻ گهرجي ته اسان جي دشمن سِٽَ آهي يا دوست سِٽِ.
    ظاهر آهي ادبي پرک جا معيار پنهنجا آهن. ان لاءِ ڪجهه ڄاڻ، تجربو ۽ هنر گهرجي، پر هروڀرو تنقيد اهڙي “جُوج بلائي” به ڪانهي، جو ماڻهو ڊپ کان ويجهو به نه وڃيس! گهڻو ڪري ته “سُر کنيو راڳ پروڙيو” ۽ “ڪرمي پٽ پينگهن ۾ پڌرا” واري ڳالهه وانگر ماڻهو گهڻين حالتن ۾، گهڻو ڪري، اُٿندي ئي سمجهي ويندو ته ماکي آهي يا زهر. واقعي ادب آهي يا ٺلهي ولل ۽ يخي برائي يخي.
    تنهن کان سواءِ اسان جي سڄاڻ ترقي پسند پارکن کي به پنهنجو ڪم وڌيڪ وسيع، گهرو ۽ تيز ڪرڻ گهرجي. کين پنهنجي ادبي نظرياتي پيڙهه وڌيڪ پختي ڪرڻ گهرجي. خاص ڪري سائنسي فلسفي تي گهري دسترس ۽ مڪمل عبور حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ادب ۽ ثقافت بابت جُڙتو سامراجي نظرين جون پاڙون پٽڻ گهرجن.
    جُڙتو “نئين ادب ۽ فن” جي پاڙ پٽڻ ۽ سچي نئين ادب ۽ فن کي زور وٺائڻ، ادب ۽ فن جي ميدان ۾ اڄ جي دؤر جو هڪڙو اهڙو اهم ترين ۽ مقدس ترين عوامي فرض آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 536
    ڪتابن جو مشاهدو: 564140
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 214825
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ