ڪتاب جو نالو: رڻ ۽ رڃ جو اتهاس
مصنف: نورالهديٰ شاهه
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 28 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 791 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 557 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
” رڻ ۽ رڃ جو اتهاس “ نامياري ليکڪا نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. هڪ هنڌ لکيو اٿائين :
هڪ اونداهين رات، بلڪ انهيءَ ريت هيٺ قلعي ۾ بلووَ ٿيو، جنهن ۾ ٻاهريان ڪاهه ڪري آيل، ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي پيرن هيٺان کان ڌرتي کسڪائڻ جي شروعات ڪندا آهن. جيڪا ڌرتي پناهه ڏي، انهيءَ کي ڌڪاريندڙن جي پيرن هيٺ سدائين پولار رهندو آهي. اُهو ئي پولار سندن هٿيار بڻيو آهي. جنهن ڌرتيءَ ۽ اُن جي ٻولي ۽ اُن جي تاريخ ۽ اُن جي رهواسين کي پنهنجو نه سمجهيو وڃي، اُن ڌرتيءَ تي رت وهائڻ ۽ اُن جي اصلوڪن رهواسين جو ڪوس ايترو ئي آسان آهي، جيترو جانور ذبح ڪرڻ.
آءٌ جانور جيان ذبح ٿي رهيو آهيان.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ : پهرين ايڊيشن جورڻ ۽ رڃ جو اتهاس (شعور/ لاشعور جو اظهار)
  • آخري مئل ماڻهو
  • ڏوهي
  • ڪارا ڪڪر
  • مُڪتي
  • پاتال
  • اڻپورو آسمان
  • جلا وطنيءَ جي سرنگهه
  • اَ – وشواس
  • ڪليسا جي صليب تي ڳجهه
  • منظر – جنهن جو ڪو انت ڪونهي
  • تتو تن تنور جنءِ
  • ناٽڪ (1988-1947ع)
  • هو ۽ ڪارو چهرو
  • هن پهاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آهي!؟
  • ڪيڏارو
  • دنيا هڪ اسٽيج آهي
  • منهنجي پُٽ جي ماءُ
  • هڪ گناهه جي پُڄاڻي
  • ستن آسمانن هيٺ

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (241) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪهاڻين جو هي ڪتاب ” رڻ ۽ رڃ جو اتهاس “ نامياري ليکڪا نور الهدا شاهه جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پيش لفظ : پهرين ايڊيشن جورڻ ۽ رڃ جو اتهاس (شعور/ لاشعور جو اظهار)

    ڪهاڻيون لکڻ جي وچ ۾ ايڏو ڊگهو gap، ائين ئي آ- ڪارڻ نه هو. ان جو ڪارڻ هو، داخلي ۽ خارجي حالتن مان منهنجي شعور جو ٽڪراءُ ۽ اُن سان سهمت ٿي نه سگهڻ. ڏسڻ واري اک ۽ محسوس ڪرڻ واري اک جو پاڻ ۾ اختلاف. هر منظر ۾ شعوري/ لاشعوري نوع ۾involve ٿي وڃڻ کانپوءِ اُن جي پڄاڻي هٿ مان ڇڏائجي وڃڻ، ته جيئن اسان چاهيون ٿا، تيئن ٿئي نٿو. پنهنجي ڪائي choice نه هئڻ جي پيڙا. اَ- وشواس جي ڪيفيت. جيڪو ڪجهه مون لکيوآهي، ان جي ڪائي حاصلات آهي به يا نه!؟؟ ۽ اهو ڊگهو gap سوال جي اهائي نشاني آهي.

    ڪائنات جي گول ڦرندڙ گولي ۾ پنهنجي بولاٽيون کائيندڙ وجود کي لاڳيتو misfit محسوس ڪرڻ.
    ائين به نه .
    هئن به نه .
    ڪجهه به نه .
    ڪجهه به ته نه .
    Dread of nothingness.
    خارجي سطح تي، پنهنجي چؤڏسا ۾، نيڻ نهار جي اندر/ نيڻ نهار کان ٻاهر، حيوان ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ ماڻهو.

    ماڻهوءَ جي رت جي گردش ۾ گردش ڪندڙ پاڳل پڻو. ماڻهوءَ تي ئي سوڀ ماڻڻ جو. ۽ ان پاڳلپڻي ۾ ماڻهوءَ جو ماس، ڏندن سان ڇڪيندڙ ماڻهو. ڏندن ۾ اٽڪي پيل جيئري ماس مان ٽمندڙ رت منجهان لذت ماڻيندڙ ماڻهو.
    موٽ ۾
    ليکڪ/ فرد جي حيثيت ۾ منهنجي اندر لٿل
    ڪرڀ
    خوف
    موت جو سرد احساس
    بوريت سموري منظر کان
    ڪجهه به ڪري نه سگهڻ جي بي وسي.
    ۽ اها مسلسل بي وسي guilt جي احساس ۾ بدلجندڙ.
    . . . . . .
    مان بهرحال committed لکيڪ هيس/ آهيان.
    ڌرتيءَ سان
    ماڻهوءَ سان
    ماڻهوءَ جي ذهني ۽ وجودي آزاديءَ سان.

    پر، مٿئين ٿڪائيندڙ احساسن ۾ گهيرجي وڃڻ کانپوءِ منهنجيون commitments محض سوالن جون نشانيون بڻجي منهنجي سامهون اچي بيٺيون. فنا/ لاحاصلات ڪيتري ڪجهه سان گڏ منهنجي ڪهاڻين جا پرزا به اُڏاري ڇڏيا، اونداهين پولار ۾- سنڌ انهيءَ gap واري عرصي ۾ جيتري به عذاب مان لنگهي، مان بس اُن جي تماشبين هيس. محض تماشبين. مونکي محسوس ٿيو ته مان بند، اونداهين هال ۾ ويٺل تماشبينن جي هجوم ۾، ڪنهن ڪرسيءَ جي اندر وڃائجي وئي آهيان، ڪرسي جنهن تي مون کي محض تاڙيون وڄائڻ لاءِ ويهاريو ويو آهي. اسٽيج تي روشنيءَ جي محدود دائري اندر اونداهي چڪر ڪاٽي رهي آهي ۽ مان تاڙيون وڄائي رهي آهيان.
    مون کي تاڙيون وڄائڻ جي انهيءَ عمل کان اختلاف هو.
    منهنجو لاشعور جنهن محاذ تي هٿيار ڦٽي ڪري رهيو هو، منهنجي شعور کي ان کان اختلاف هو.

    ان وچ واري عرصي ۾ اڪثر منهنجو لاشعور سگهارو بڻيو.
    ان وچ واري عرصي ۾ ڪڏهن ڪڏهن منهنجو شعور سگهارو بڻيو.
    ڪڏهن ڪڏهن لڳو،
    لفظ بيڪار آهن. وڃائجي رهيا آهن. اڻ سليا ئي رهڻا آهن. انهن جي ڪائي معنيٰ ڪانهي. لفظ به فنا ائين ئي ڳهي وڃي ٿي جيئن ماڻهو کي.
    Now as I watch the death of words, I know, there is no limit to decay. All that will be left us in the black earth will be scattered syllables. Accents over nothingness and dust.
    مون خاموشيءَ ۾ فرار چاهيو.
    خاموشي وڌيڪ ٿڪائيندڙ هئي.
    مون محسوس ڪيو، نيٺ به لفظ لکڻ کانسواءِ پناهه ڪانهي
    شعور جي اک ٻوٽي ئي نٿي سگهجي.
    مڙهيل سسٽم هيٺ تاڙيون وڄائيندي، اندر جو غلام سرڪش ٿي پوي ٿي.
    فنا جو خوف جيئڻ جي سگهه اُڀاري ٿو.
    چؤڏسا ۾ ماڻهوءَ جو ماس پٽيندڙ حيوانن (انسانن؟) جو هجوم ۽ ان کان ڪرڀ جو احساس، انسان ۾ انسان کي پائڻ جي ڳولا کي اڃا به تکو ڪري ٿو.
    . . . . . .
    هي،
    منهنجي اُن شعور ۽ لاشعور جي وچ واري، رڻ جيڏي وٿيءَ ۾ ڀٽڪڻ جون ڪهاڻيون آهن.
    فرد جو اڪيلو وجود اجتمائي ٿي نٿو سگهي (۽ اجتماعيت فرد جي اڪيلائپ جو اظهار بڻجي نٿي سگهي). هو بهرحال اڪيلو آهي، اڪيلائپ جي احساساتي معنيٰ ۾ به، پر ان اڪيلي جي اڪيلائپ جو سگهارو اظهار، پنهنجي اظهار کانپوءِ اجتماعي ٿي سگهي ٿو. اظهار جو ڦهلاءُ ڪيڏو به وشال سهي (ڌرتيءَ جيڏو+ آسمان جيڏو) تڏهن به مبهم آهي.
    اڻ سليو، اڻپورو، ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندڙ، ڪيترو ڪجهه سمجهائي نه سگهندڙ ۽ ڪيترو ڪجهه ائين ئي اظهار ۾ اچڻ کان پهرين ذهن جي خانن ۾ وڃائجي ويل ۽ ايترو ڪجهه جڳن تائين لاڳيتو لکڻ، اُنهيءَ وڃايل کي پائڻ جي ڪوشش.
    پر اُهو وڃايل پائي نٿو سگهي، نه پڙهندڙ/ نه لکندڙ.
    محض اُن ڏانهن پنڌ ڪري سگهجي ٿو.
    ٿڪجڻ تائين،
    وک ٽٽڻ تائين.
    ”ڇا تو ڪڏهن اُن پاڳل جي باري ۾ ڪجهه ٻڌو آ جيڪو ڪنهن چمڪندڙ صبح جو، لالٽين ٻاري، بازار ڏانهن اِهو چوندو ڊوڙ پائي ٿو ته؛ ”مان خدا کي ڳوليان ٿو. مان خدا کي ڳوليان ٿو.“ اهو پاڳل ماڻهن جي انبوهه ۾ ٽپي پوي ٿو ۽ انهن کي هڪڙي نهار وجهي چوي ٿو؛ ”خدا ڪيڏانهن ويو؟- مان اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اسان ان کي ماري ڇڏيو آهي. توهان ۽ اسان، اسان سڀئي قاتل آهيون. ڇا اِها حقيقت ناهي ته اسان بي انت فنا جي اُونداهين ۾ ڀٽڪون پيا!- ڇا اهو پولار اسان ۾ ساهه نه پيو کڻي!- ڇا رات اونداهين ۽ تهائين گهڻي اونداهين نه پئي ٿيندي وڃي!- ڇا هاڻي اسان کي ڏينهن ڏٺي جو به لالٽين ٻارڻ جي ضرورت ناهي!- ڇا اسان انهن گورڪنن جو آواز نه پيا ٻڌون، جيڪي خدا کي دفنائڻ جو انتظام پيا ڪن!؟ خدا مري چڪو آهي. اسان ئي ان کي قتل ڪيو آهي. هاڻي اسان پاڻ کي ڪيئن ٿا پرڀائي سگهون. اسان جيڪي اتهاس جي سڀ کان وڏي ۽ ايذائيندڙ قتل جو ڪارڻ بڻيا آهيون. اهو، جيڪو دنيا ۾ سڀ کان مقدس ۽ سڀ کان سگهارو هو، هاڻي اسان جي خنجر هيٺ موت جي ننڊ ستل آهي. هاڻي اسان تان رت جا داغ ڪير ڌوئيندو!!؟؟.“ ان کان پوءِ پاڳل صلاح ٿو ڏي؛ ”ڇا اسان پاڻ ئي نه خدا بڻجي وڃون؟ ۽ پاڻ کي ان لائق ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريون؟- اتهاس ۾ ان کان مهان ٻي ڪائي ڳالهه ٿي نٿي سگهي ۽ انهيءَ ڪاڻ ئي اسان کانپوءِ ايندڙ پيڙهين جو تعلق، ماضيءَ جي اُبتڙ، هڪ مهان اتهاس سان جُڙي پوندو.“ ۽ پوءِ اهو پاڳل چپ ٿي وڃي ٿو ۽ چئني ڏسائن تي بيٺلن تي نهار وجهي ٿو. اهي به سڀئي چپ آهن ۽ اچرج مان هن کي تڪي رهيا آهن. نيٺ هو لالٽين ڌرتيءَ تي ڦٽي ڪري ٿو ۽ اهو پرزا پرزا ٿي اجهامي وڃي ٿو. ”مان وقت کان پهرين اچي ويس.“ هن چيو؛ ”مون لاءِ اڃا بهتر وقت ناهي آيو.“ انهيءَ پاڳل لاءِ چيو وڃي ٿو هڪ ڏينهن گرجائن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو ۽ ماڻهن جي پڇڻ تي چوندو رهيو؛ ”هي گرجائون ڇا آهن هاڻي!؟- جيڪڏهن خدا جا مقبرا ۽ يادگار ناهن ته!؟“
    (Friedrich Nietzche “Jouful wisdom.”)
    خدا جي معنيٰ ۾ اهو انسان ڇا سچ پچ ماري چڪا آهيون!؟
    مون کي لڳي ٿو، شايد هو اڃا ساهه کڻي ٿو!!
    ”شايد.“- کانپوءِ ئي ڪهاڻي لکڻ کي ڪائي معنيٰ ٿي سگهي ٿي.
    اسان جا، شخصي ۽ سماجي تضاد آهن، جيڪي وک وک تي اسان جا رستا ڪٽين ٿا. انهن تضادن کي انڌو بڻجي disown به نٿو ڪري سگهجي. انهن سان ڪنهن پروفيشنل fighter جيان وڙهي به نٿو سگهجي. ان تي re-act ڪري سگهجي ٿو، ان جو اظهار ڪري. سگهارو اظهار، پاڻ پنهنجي اندر احتجاج آهي.
    ۽ احتجاج اهو احساس آهي ته ”مان“ پنهنجي اندر/پاڻ کان ٻاهر آهيان.
    ته اڃا مون ”نه هئڻ“ جي اڳيان سرينڊر ناهي ڪيو- ”شايد!!“
    منهنجو شخصي تضاد:
    فرد – عورت- ؟
    (فرد minus عورت = سوال جو نشان؟)
    فرد جي حيثيت ۾، مان جنهن کليل آسمان هيٺ ساهه کڻي سگهان ها، عورت جي حيثيت ۾ اهو مڪمل کليل آسمان ماڻي نه سگهي آهيان.
    Compromise ڪرڻ بدران کليل آسمان هيٺ ساهه کڻڻ جي خواهش کي ماڻڻ لاءِ مون کي ٽيون رستو چونڊڻو پيو.
    ۽ مون ڪهاڻيون لکيون.
    محسوس ڪرڻ جي اک ڏسڻ جي اک کان تهائين گهڻي تکي ٿئي ٿي. ليکڪ کي هر منظر پنهنجيءَ اک سان/ محسوس ڪرڻ جي اک سان ڏسڻ گهرجي.
    ڏسڻ ۾ محسوس ڪرڻ جي سگهه هئڻ گهرجي.
    محسوس ڪرڻ جي اک سان
    پاڻ کي فرد جي حيثيت ۾/ عورت جي حيثيت ۾
    پنهنجي اندر
    پاڻ کان ٻاهر
    پنهنجي ڌرتيءَ جي جاگرافيڪل حدن جي اندر نه ڳو، پر عالمي سطح تي به انسان مٿان مڙهيل محڪومي، بي وسي، ڏينهون ڏينهن زوال ۽ فنا جي اوڙاهه ۾ ڪِرندڙ، هيٺ اڃا هيٺ.
    مڙهيل جنگين ۾ ڦاسايل، بي گهر، بي زمين، خطري جي سرخ نشان جي هيٺ بيٺل.
    بورجوا اقتصادي سسٽم هيٺ، مارڪيٽ جي گهٽ وڌ اگهن سان سڃاڻپ ۾ ايندڙ.
    ٻوجهه هيٺ دٻجندڙ.
    ان مان آزادي ماڻڻ جي بهرحال ڪلپنا ڪندڙ
    بهرحال هڪڙو ڏيئو هٿ تريءَ تي جلائي رکندڙ
    اڪيلو ۽ اڪيلائپ سان وڙهندڙ به
    ان فرد جي پيڙا کي، محسوس ڪرڻ جي اک سان پنهنجي اندر جذب ڪندي، ان سان نه مان ڪٽيل آهيان نه جڙيل آهيان.
    سنڌ ان سموري پس منظر ۾ (سياسي/ سماجي/ معاشي استحصال سميت) ان سموري پيڙا کان، ان سموري ٻوجهه کان الڳ/ ڪٽيل ته ناهي.
    سوڙهي پوندڙ دنيا ۾ colonized ٿيندڙ علائقن سان گڏ، نفسياتي نوع ۾، ذهني ۽ وجودي طرح سان پڻ جاگرافيءَ جي محدود ۽ اڃا محدود دائرن ۾ بيهاريل فرد مون کي پنهنجي اجتماعي سڃاڻپ ۾، سنڌي فرد به محسوس ٿيو آهي.
    اهو سنڌي فرد داخلي نوع ۾ (منهنجين ڪهاڻين ۾) بس مان ئي آهيان- مان/ تنها.

    اها سموري پيڙا/ ڀوڳنا منهنجي اندر، احساس جي اک رستي هر صبح feed ڪئي وڃي ٿي. مان ان کي قبول ڪرڻ لاءِ ان ڪري مجبور آهيان جو احساس جي اک ٻوٽڻ تي مون کي اختيار ناهي. ان حوالي سان لکڻ منهنجي مجبوري آهي (جيئن جيئڻ منهنجي مجبوري آهي.)
    مون کي لڳو
    مان به غير محفوظ آهيان
    مان به پنهنجي لاءِ، پنهنجي گرڀ مان جنميل فردن لاءِ سلامتيءَ جي ڪائي ضمانت نٿي رکان.
    ٽارچر سيل، فوجي ڇانوڻيون، نفسياتي جنگ ۾ مفلوج ڪندڙ ماهر، چهبڪ سان ريس ڪورس گرائونڊ ۾ گهوڙن جيان فرد کي ڊوڙائيندڙ جوڪي، فرد جي inner feelings جو ايڪسري ڪندڙ ماهر وڃائيجندڙ سڃاڻپ، خوف هيٺ ساهه کڻڻ جو آڊر ته ڪير ڄاڻي صبح ٿئي نه ٿئي ۽ جي هي صبح آهي به ته ڪير ڄاڻي ڪيترا لمحا باقي رهي!؟
    ڪير ڄاڻي!!- ڪير ڄاڻي؟؟- ڪير ڄاڻي!!؟؟-
    اهو سمورو ڪجهه هن ئي ڌرتيءَ تي، عين منهنجن پيرن هيٺان، عين منهنجي گرڀ جي اندر آهي.
    اَ- ويساهيءَ جي ڀاونائن کي مان زهريائتي گيس جيان پنهنجي ساهه ۾ ڀربو ٿي محسوس ڪيان- غير محفوظ ۽ غير يقيني آئيندي جي سامهون بيهي لکڻو پيو آهي مون کي.
    اها ڪيفيت زوريءَ، منهنجي نه چاهيندي به منهنجين ڪهاڻين ۾/ منهنجي اندر گهڙي آئي آهي.
    منهنجي شعور مون کي فقط انهيءَ کان آگاهه ڪيو آهي.
    مون محسوس ڪيو
    ته سنڌي فرد (يا- مان) ان يورپي فرد کان هن وقت مختلف ناهيون- جيڪو ٻن مهاڀاري لڙاين جي وچ ۾ پيڙهجندي، پنهنجي خارج جي حالتن ۾ misfit ٿيڻ کان پوءِ existentialismجي وهڪري ۾ لڙهي ويو.
    ۽ هن ٻاهر جا سمورا دورازا بند ڪري ڇڏيا.
    مان بهرحال ٻاهر جو دروازو کليل ڇڏيان ٿي.
    ٻاهر ڏانهن کليل درازو جيڪو مون کي منهنجي ڌرتيءَ سان ڳنڍي رکي ٿو.
    افسوس
    مون وٽ ورثي ۾ توکي ڏيڻ لاءِ
    آزادي ناهي
    مون کي به منهنجن وڏڙن آزادي نه ڏني هئي.
    افسوس
    مان توکي محڪوم قوم ۾ جنم ڏيڻ تي مجبور آهيان
    ان لاءِ
    جو مان به ان ساڳي محڪوم قوم ۾
    ”جبري جنم“
    وٺي آئي هيس
    ڪڏهن ڪڏهن
    ڏيهه پنهنجو به
    پرڏيهه پيو محسوس ٿيندو آهي
    ۽ پيرن هيٺان ڌرتي هوندي به
    ماڻهو ڄڻ پولار ۾ پيو لٽڪندو آهي
    ڏيڻ لاءِ
    گذريل نسلن کان ايندڙ نسلن تائين
    بس ڦاسيءَ جو ڦندو ئي هوندو
    افسوس-!!
    صد افسوس-!!


    نورالهديٰ شاهه
    31 ڊسمبر 1988ع
    حيدرآباد


    آخري مئل ماڻهو

    تباهه ٿي ويل ڪائنات جو آخري منظر. هوريان هوريان اُٿندڙ دونهون، بوءِ، تپي ڳاڙهو ٽامو ٿي ويل آسمان ۽ ڦاٽي ڳڀا ڳڀا ٿي ويل ڌرتي. وچ ڪائنات ۾ ٽياس مٿان ٽنگيل آخري مئل ماڻهو. سڀئي آواز مري ٺري ويل. موت جي ان بي انت سانت ۾ بس پريان ڪٿان ايندڙ لٺ جي ٺڪ ٺڪ جو پڙلاءُ. آواز هوريان هوريان وچ ڪائنات ۾ ٽگيل آخري مئل ماڻهوءَ جي ويجهو ايندو ٿو وڃي. مئل ماڻهوءَ جي ويجهو پهچي لٺ جي سهاري تي هلندڙ پوڙهو عزرائيل بيهي ٿو رهي. کن لاءِ مئل ماڻهوءَ جي کليل اکين ۾ نفرت (موت کان نفرت) جا ڀاوَ ٿا اُڀري اچن ۽ پوڙهي عزرائيل جي چپن تي بي معنيٰ مرڪ.
    ”مان صدين ڪنان توکي ڳوليان پيو.“ عزرائيل جا بند چپ پهريون ڀيرو کلن ٿا پنهنجي سموري جنم ۾.
    ”مان ڄاڻان ٿو ۽ مان صدين ڪنان توکان لِڪندو ٿو وتان، پر تنهنجي سيني ۾ پٿر ڀريل آهن شايد!“
    مُئل ماڻهوءَ جي بند چپن اندران نڪرندڙ آواز، ڄڻ سياري جي سرد هوا جو سيسراٽ. عزرائيل لٺ پٽ تي رکي بيحد ٿڪل نوع ۾ مئل ماڻهوءَ جي پيرن ۾ ويهي ٿو رهي. هڪ ئي نهار چؤڏسا ۾ تباهه ٿيل ڪائنات تي وجهي ٿو ۽ سندس اڇا ڀرون تاڻجي وڃن ٿا.
    ”تون مون کي ڪڏهن به ڪونه سمجهي سگهيو آهين، هيڏي ڊگهي ڪائنات ۾ ڀلا ڪو هڪ پل به امن جو هو! ماڻهوءَ لاءِ ڪٿي ڪا پناهه گاهه هئي، هان!!“
    ”نه.“ سرد هوا جو سيسراٽ.
    ”ماڻهو، ماڻهوءَ جا پير وڍي رهيو هو. انهن وڍيل پيرن سان ڀلا تون ڪيترو ڊوڙي سگهين ها!!“ عذرائيل ڪنڌ مٿي کڻي مئل ماڻهوءَ جي کليل اکين ۾ نهاري ٿو، پيڙا ڀري نهار.
    ”ڪجهه به هو، مون تڏهن به جيئڻ ٿي چاهيو. منهنجو ان ۾ ويساهه هو ته ماڻهو نيٺ به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪوڙ تي سچ جي سوڀ ماڻي وٺندو.“
    موٽ ۾ عزرائيل ٽهڪ ڏئي کلي پوي ٿو. مئل ماڻهو ائين ٿو محسوس ڪري، ڄڻ پوڙهو عزرائيل سڏڪا ڀري روئندو هجي.
    ”هون!!..... سوڀ!! جڏهن ماڻهن جا سڀئي ڪومل ڀاوَ مري چڪا هئا، تڏهن ڇا سوڀ ماڻڻ ايڏو سڦل ٿي سگهي ٿي! مون کي ته ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ تون جيئڻ جا سمورا ڏينهن اکين هوندي به انڌو رهيو آهين. پٿر ته ماڻهن جي سينن ۾ ڀرجي ويا هئا. مون ته ڪنهن جو به من ڌڙڪندي ڪين ٻڌو هو، سواءِ ابهم ٻارڙن جي. باقي بچيل پٿر ماڻهو هٿن ۾ کنيو ٿي هليا هڪٻئي جو نشانو تاڻيو.“
    ڏک ۽ ڪاوڙ جا گڏيل ڀاوَ عزرائيل جي پوڙهين اکين مان ليئو پائڻ ٿا لڳن. مئل ماڻهوءَ وٽ ورنديءَ ۾ ڪجهه به چوڻ لاءِ باقي ناهي بچيو. انيڪ پل ٻنهي جي وچ ۾ سانت پَر ڦهلايو بيٺي ٿي رهي. انيڪ پل لنگهي وڃڻ کان پوءِ مئل ماڻهوءَ جي بند چپن مان سرد هوا جو سيسراٽ ٿو نڪري:
    ”تڏهن به، مون ۽ هر ماڻهوءَ جيئڻ ٿي چاهيو، ان ساڳي ڪائنات ۾، جيئن به هئي، جهڙي به هئي. پر توکي ڪوبه حق ڪين هو ائين اوچتو سڀ ڪجهه فنا ڪري ڇڏڻ جو.“
    مئل ماڻهوءَ جي کليل اکين ۾ هوريان هوريان ڳاڙهي رنگ جو زهر ڀربو ٿو وڃي. عزرائيل ڇرڪي ڪي پل اچرج مان مئل ماڻهوءَ کي ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻي پل ڪاوڙ، پيڙا ۽ نفرت جا ڀاوَ سندس منهن جي گهنجن مان ليئو پائڻ ٿا لڳن. ڳالهائڻ سمي آواز تهائين اوچو ٿيو ٿو وڃيس.
    ”نه، ماڻهوءَ کي ڪوبه حق ڪين هو جيئڻ جو.“ ڪاوڙ مان ڏڪندو هو اٿي بيهي ٿو. ”تو ته اکين تي کوپا چاڙهي ڇڏيا هئا. ڄڻ، منهن موننن ۾ ڏيو ويٺو هئين. تو ڪڏهن ڪجهه ڏٺو ئي ڪٿي ٿي ڀلا!! ماڻهو، ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ بارود ڀري رهيو هو. روشنيءَ جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي، روشنيءَ کي ماري ڇڏيو هيائون ۽ چئني ڏسائن ۾ ڦهليل اونداهيءَ ۾ ماڻهو هڪٻئي کي ڪُهي رهيا هئا. هڪ ٻئي جا ماس پٽي کائي رهيا هئا. ابهم ٻارڙن جي پيرن هيٺان بارودي سرنگون وڇائي رهيا هئا. سچ جو خون ڪري، ان کي چؤواٽي تي ٽياس مٿان ٽنگي ڇڏيو هئائون ۽...... اونداهيءَ جو فائدو وٺي ڪوڙ جا پير پئي چميائون. اڃا به....... تون ٿو ....... چئين ...... ته....... ته.....“ عزرائيل جو آواز ڀرجي ٿو اچي. مئل ماڻهوءَ کان پنهنجي اندر جا ڀاوَ لڪائڻ لاءِ هو مئل ماڻهوءَ کي پٺ ڏيئي بيهي ٿو رهي.
    پل اپل جي سانت کان پوءِ سرد هوا جو سيسراٽ عزرائيل جي ڪنن وٽان لنگهي ٿو. ”تنهنجيون اکيون ته بس اهو ئي ٿي ڏسي سگهيون نه!..... نه ته جيئڻ سان ته ماڻهوءَ جو موهه جنم کان هو. سوڀ جي آس من ۾ پالي، هر ماڻهوءَ سدائين لاءِ ٿي جيئڻ چاهيو ۽... روشني ۽ سچ جي مرڻ پڄاڻان به..... ٻاٽ اونداهيءَ ۾، ڪڏهن نه ڪڏهن پُنر جنم وٺندڙ روشني ۽ سچ کي ماڻي وٺون ها....... ڪٿي نه ڪٿي ته اونداهيءَ جو انت هجي ها نه! پر...... تون..... بنا ڪجهه سوچڻ جي...... سڀ ڪجهه......“
    عزرائيل هوريان هوريان مڙي ٿو. کيس ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ مئل ماڻهوءَ جي اکين ۾ سمونڊ ڇلندو هجي. ڪي کن هو ٽڪ ٻڌي اچرج مان مئل ماڻهوءَ کي ڏسندو ٿو رهي. ٻي پل نراسائيءَ مان ڪنڌ نمائي ٿو ڇڏي. اُجهامندڙ آواز ۾ ڀڻڪي ٿو: ”ويساهه ڪر، منهنجي سيني ۾ پٿر ڪونه آهن ڀريل. مون ته جنگ، بک، بدحاليءَ ۽ سازش ۾ مارجي ويندڙ ماڻهن ۽ ابهم ٻارن کي پنهنجين هنن پوڙهين ٻانهن ۾ کنيو آهي.“
    عزرائيل پنهنجون پوڙهيون ٻانهون مئل ماڻهوءَ جي کليل اکين اڳيان ڦهلائي ٿو ڇڏي؛ ”تون ٻڌين ٿو نه!!؟“
    ”ها، ٻڌان ٿو. پر هاڻ اهو سڀ ڪجهه ٻڌڻ مان ڀلا ڪهڙو حاصل!! جيئڻ جو وڏو ڪارڻ من ۾ پلجندڙ آس آهي، جيڪا مُئي پڄاڻان سڀ کان پهرين ختم ٿيو وڃي. ان کان اڳتي ته باقي ڪجهه به نٿو رهي..... نه سوڀَ، نه آس، نه نياءَ، نه انياءَ، پوءِ..... پو.... بس اها ڏکوئيندڙ حقيقت رهجيو ٿي وڃي ته.... ته... موت ماڻهوءَ تي سوڀ ماڻي ورتي آهي.“ مئل ماڻهوءَ جي اکين ۾ سمونڊ ڇُلڻ ٿو لڳي. عزرائيل کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ان سمونڊ ۾ ٻڏندو هجي، جڏهن ته ڪائنات تباهه ٿيڻ سمي سمورا سمنڊ (اهي سمونڊ به جيڪي زمين جي ڪنارن وٽ هئا...... اهي سمونڊ به جيڪي ماڻهن جي اندر منجهه هئا) سُڪي ٺوٺ ٿي چڪا هئا.
    ”پر ان ۾ منهنجو ته ڏوهه نه هو. تو ڪونه ڏٺو ڇا ته ماڻهو پنهنجي سموري سگهه ڪائنات جي تباهيءَ لاءِ.....“
    سرد هوا جو سيسراٽ عزرائيل جي ڳالهه اڌ ۾ ئي ڪٽي ٿو.
    ”پر ان تباهيءَ کان اڳتي به ته ماڻهو ڪڏهن نه ڪڏهن امن، خوشحالي، روشني ۽ سچ ماڻي سگهيو ٿي نه...... تو ته بس ڪائنات جو هڪ رخ ئي پَسيو هو..... مان سچ ٿو چوان نه!!!“ مئل ماڻهوءَ جي کليل اکين ۾ ڪي کن اڳ ڇُلندڙ سمونڊ هوريان هوريان سُڪڻ ٿو لڳي، پر سرد هوا جي سيسراٽ تي عزرائيل کي نڄاڻ ڇو سُڏڪن جو گمان ٿئي ٿو.
    ”چريو آهين تون ته..... اهو سڀ نه ڪريان ها ته جيئڻ عذاب بڻجي پوي ها ماڻهن لاءِ. مان نه سهي پر پوءِ ڪائنات جو هر جيوَ پاڻ کي پنهنجي هٿن سان گهُٽو ڏئي ماري ڇڏي ها. پر ..... تون.... تون ته ڪجهه به نه سمجهي سگهندين، ڪجهه به نه.“
    عزرائيل نمي پٽ تان لٺ کڻي ٿو، مئل ماڻهوءَ کي پيڙا ڀريءَ نهار سان ڏسي ٿو ۽ وڃڻ لاءِ وک وڌائي ٿو. هيڪر وري سياري جي سرد هوا جو سيسراٽ ڄڻ سندس ڪنن وٽان لنگهي ٿو:
    ”تون به ڪجهه نه سمجهي سگهندين.... تو ته..... اونداهيءَ منجهان ڦٽندڙ روشنيءَ کي به ڪڏهن پَسيو ڪونهي. پر هاڻ ته هر شيءِ جو انت اچي ويو آهي نه. ڪجهه به نه رهيو آهي باقي. نه روشني، نه آس، نه زندگي، نه نياءَ، نه شڪست ۽ نه سوڀ. ڪنهن کي به ڪا معنيٰ ڪانهي رهي. بس اها ڏکوئيندڙ حقيقت رهجي وئي آهي ته موت ماڻهوءَ تي سوڀ ماڻي ورتي آهي۽“
    عزرائيل کي هيڪر وري سرد هوا جي سيسراٽ تي سُڏڪن جو گمان ٿئي ٿو. هن جي کڄندڙ وک کن لاءِ رڪجي ٿي وڃي. کن لاءِ ماڻهوءَ جي اکين ۾ (جن جو سمونڊ هاڻ سُڪي ٺوٺ ٿي چڪو آهي) ليئو پائي ٿو. کيس ائين ٿو محسوس ٿئي مئل ماڻهوءَ جي اکين وارو سمونڊ هاڻ سندس پوڙهين اکين ۾ ڇُلندو هجي. هو تيزيءَ سان مڙي ٿو. لٺ جي سهاري تي ٺڪ ٺڪ ڪندو پولار ڏانهن وڌندو ٿو وڃي. چؤڏسا ۾ عزرائيل جي لٺ جي ٺڪ ٺڪ ۽ پيرن جي گهِس گهِس جو آواس گونجندو رهي ٿو. پولار کان پاتال تائين بس اهو ئي آواز رهجيو ٿو وڃي. دُک ۽ شڪست جي احساس کان مئل ماڻهوءَ جون سُڪل ٺوٺ اکيون پاڻ ئي پاڻ پورجيو ٿيون وڃن.


    ڏوهي

    رات
    سناٽو
    ماڻهوءَ جي اندر منجهه ڀرجي آيل بوءِ هوا ۾ گهلي ويل ۽ ڏامر جي ڪاري سڙڪ تي ڀاري بوٽن جي ٺڪ ٺڪ، ڪُک ۾ چڀندڙ اسٽين گن جي نالي/موت جي ڌمڪي.
    ڳجهن جو لامارو
    جيئرو انسان ــــ جنهن تي کين لاش جو گمان آهي.
    ٿاٻو ـــ سُڏڪو ـــ آهه ـــــ پرڻ ٿي ويل تن مان دونهين وانگر سٽ ڏئي، ور سَر کائي نڪتل ـــــ رڙـــــــــ پولار کان پاتال تائين هڪ شور. بند مقبري جي ديوارن سان ٽڪرائجي ويل پکيءَ جا ڇڻي پيل کنڀَ ۽ پکيءَ جو ڦٿڪو ڄڻ اهڙي شور جو Echo sound effectـــــ احتجاج تي پابندي پيل.
    اخبارون روز رات جو ڪوڙ منجهان ڪارو منهن ڪري گهر گهر جي در در اڳيان هر صبح لاش وانگر پيل ــــ ريڊيو ــــ ڳلين جي رولو ڪتن جيان مسلسل ڀونڪندڙ.
    ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويٺل سوٽيڊ بوٽيڊ (امپورٽيڊ) باس ــــ ماس خود جانور جيان رت جي باس تي ناسون هڻندي، هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي.
    آدم بوءِ ــــــ آدم بوءِ ـــــ شڪار!ــــ شڪار!
    در کلي ٿو. اسٽين گن جي ڌڪي سان ٿاٻڙجندو، ذري گهٽ باس جي پيرن ۾ اچي پيل ڏوهي. ڏوهيءَ جي ڀرجي آيل ساهه جو سهڪو. باس جي ڏندن هيٺ دٻيل چروٽ جي دونهين جي خوشبوءِ ــــــ
    ڏوهي: ”بليوَ مي سر! آئون اهو ناهيان جيڪو هي مون کي سمجهي رهيا آهن. هي سڀئي چون ٿا ته آئون ئي اُهو ڀڄي ويل قيدي آهيان، ڪورٽ جنهن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي ۽ جيڪو ڦاسي اچڻ کان هڪ رات اڳ جيل مان ڀڄي نڪتو هو. آئون ــــ آئون ڀڳو ضرور آهيان سر! پر جيل مان نه ــــ هي ــــ هي ڏسو منهنجا پٿون پير ــــ هي، اجهو هي ڏسو منهنجي پٺ تي چهبڪن جا نشان ۽ هي منهنجي نڙيءَ تي ساهه گهٽيندڙ آڱرين جا نيل ڏسو پيا نه سر!؟ آئون ــــ آئون ـــــ انهيءَ نقطي کان ڀڳو آهيان، جتي پهچي ماڻهو برف جي سر جيان ٿڌو پئجي وڃي ٿو ــ او ـــــ جيئن موت ماڻهن جي رڳن ۾ لهندو آهي نه!ــــ او تيئن.
    ويساهه ڪريو سر! منهنجي آڏو، منهنجين اکين اڳيان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو، جيڪو ڪنهن به حساس ماڻهوءَ کي پرزا ڪرڻ لاءِ کوڙ هوندو آهي. ڪيترا جڳ سر! ها، ڪيترا جڳ آئون پاڻ به ڪابه حرڪت ڪرڻ بدران برف جي سر جيان ٿڌو هڪ ئي جاءِ تي پيو هئس. پر اهو ته اسڀاويڪ هو. ان کان پوءِ مون کي هڪ ئي نقطو سُجهيو هو سر! ته آئون برف جي ان سر مٿان پيٽرول هاري تيلي ڏئي ڇڏيان ــــ نه ته ڇا آئون جيئرو رهي سگهيس ٿي؟
    مون کي ته پڪ ٿي وئي هئي سر!ــــــ ته آئون مري چڪو آهيان ۽ لوڪ مون کي دفنائڻ بدران ڪنهن سڙڪ جي ڪناري ڇڏي هليو ويو آهي. مون کي پنهنجي پاڻ مان به باس اچڻ لڳي هئي، مئل، خراب ٿي ويل لاش جي -* اهو ته مون تيلي ڏيڻ کان پوءِ ڄاتو هو سر! ته ـــ ته ــــ آئون جيئرو آهيان.
    آئون ــــ جيئرو آهيان سر!
    بليو مي ــــ سر ــــ آئون ـــ جيئرو آهيان ــــ جيئرو ـــ آ – آ – آ – هه – هه.“
    ڀرجي آيل ساهه جي سهڪر هه – هه – هه.
    سناٽو ـــــــ هن جي جيئري هئڻ جو احساس هنن جي پيرن ۾ پگهر جا ڦڙا بڻجي ويل ۽ هنن جي امپورٽيڊ باس جي نرڙ تي پڻ. چهرن تي کن لاءِ هيڊ هارجي ويل ــــ ڏوهي محسوس ڪري ٿو ته هو هن کي ٻڌي نه رهيا آهن – سمجهي نه رهيا آهن. يقين ڏيارڻ جي ڀاونائن سان هو ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو، باس جي اکين ۾ اکيون وجهي.
    ڏوهي: ”سر! پليز ــــــ منهنجي ڳالهه ٻڌوــــــ هي ــــ مون کي اُن سمي پڪڙي آياآهن، جنهن سمي آءٌ شهر وارن جا بند دروازا کڙڪائي رهيو هئس. ڇا اوهان کي سُڌ ڪانهي ته شهر وارن کي خوف جي بيماري ٿي پئي آهي! هو لاڳيتو هڪ صديءَ کان خوف جي بيماريءَ وگهي بي هوشيءَ جي ننڊ ستل آهن ۽ سر!ــــــــ شهر وارن جي هٿن ۽ پيرن ۾ سُتي نيئر ٻڌا ويا آهن ۽ ــــــ ۽ ــــ هي سڀئي ڪارن ٻوٿن وارا ماڻهو جيڪي مون کي پڪڙي آيا آهن، رات جو اسٽين گنون کڻي انهن بند دروازن جو نشانو وٺي، اونداهيءَ ۾ لڪي ويندا آهن. يقين ڪريو سر!ــــ ڏوهي ته هي آهن ــــ انهيءَ ڀڄي ويل قيديءَ جي آڙ وٺي هنن هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو آهي ۽ جيل ۾ پوريو آهي، جنهن پنهنجي اندر جي برف تي پيٽرول هاري تيلي ڏني آهي. هي ـــــ هي ــــ چاهين ٿا ته شهر سڄو بي هوشيءَ جي ننڊ سُتل ئي رهي ۽ هي سُتي ئي هنن جو رت ست چوسي، ساهه جي ڏور ڇني هليا وڃن، پرـــــ پرـــ اهو ڪيئن ممڪن آهي سر!ـــــ ائين ته شهر سڄو قبرستان بڻجي ويندو. اهڙو قبرستان، جنهن جي ڪنهن به قبر تي سڃاڻپ جو ڪوبه نشان لڳل نه هوندوـــــ جنهن تي ڪوبه روئڻ وارو باقي نه بچندوـــــ سر!ــــ شهر وارن کي ڪنهن به طرح سان جاڳائڻ گهرجي. قبرستان ته زندگيءَ جو انت آهي ۽ زندگي ـــــــ زندگي اڃا مئي ناهي. پر ــــ لاڳيتو هڪ صديءَ کان شهر وارن جي بند دروازن تي ڪنهن جواڻ جماڻ وڌوا جيان اوسارو ڏئي رهي آهي. ٿورڙو ڪن ڏئي ٻڌو سر!ـــــــ زندگيءَ جو روئندڙ آواز ڪيڏو نه ڀوائتو ۽ هانوَ ڏاريندڙ آهي. اوهان ٻڌو پيا نه سر!ــــــــ ا ـــــ و ـــــ هان ـــــ ٻ ـــــ ڌ ـــــ و ـــــ“
    ڀرجي آيل ساهه کن لاءِ ٽٽي پيل ۽ سناٽو. اسٽين گن تي هٿ تهائين مضبوط ٿي ڦٻجي ويل ـــــ نشاني جو نقطو هن جي سيني مٿان ـــــ تاڻيل ـــــ ۽ سيني اندر دل طوفان ۾ گهريل ناوَ جيان ـــــ هو محسوس ڪري ٿو ته شايد هو کيس ٻڌي ۽ سمجهي نه رهيا آهن. نراشا جي شديد ڀاونائن ۾ گهيرجي به هو آشا جي آخري ڪوشش ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ سگهه ڪٺي ڪري ٿو ـــــ
    ڏوهي: ”ٿورڙو منهنجي سيني تي هٿ ته رکي ڏسو سر! ـــــ اندر منهنجو من پرزا ٿي رهيو آهي. ڇا اوهان جو من به سر!؟ ـــــ اوهان مون کي ٻڌي رهيا آهيو نه ـــــ ويساهه ڪريو سر! ـــــ آئون هرگز اُهو ناهيان، جيڪو اوهان ۽ هي ڪارن ٻوٿن وارا ماڻهو مون کي سمجهي رهيا آهن. آئون ـــــ آئون ڀڳو ضرور آهيان پر جيل مان نه ـــــ آئون پيڇو ڪندڙ انهيءَ قيامت کان ڀڳو آهيان، جيڪا اگهاڙن پيرن، بنا آواز، هوريان هوريان هلندي شهر وارن کي ناس ڪرڻ لاءِ اچي رهي آهي. آئون سر! آئون انهيءَ قيامت جو دڳ جهلي بيهڻ لاءِ اڳواٽ ڀڳو آهيان ـــــ جيئن ـــــ هوءَ سامهون کان ايندي مون سان ٽڪرائجي پرزا ٿئي ـــــ پر ـــــ پر ـــــ سر! ـــــ هنن مون کي رڳ رڳ کان ڪپيو آهي. هنن ـــــ هنن لوسي ڪُتن منهنجن پيرن هيٺ ٻرندڙ ٽانڊا پکيڙي ڇڏيا آهن ـــــ هي منهنجو ماس پٽي کائڻ چاهين ٿا. هي مئل شهر جي سنسان سڙڪن تي ڀونڪڻ چاهين ٿا ـــــ ۽ ـــــ ۽ ـــــ هي ـــــ ڀڙ ـــــ ماءُ ـــــ جا ـــــ هي ـــــ ڪ ـــــ تن جا ـــــ ڦَ ـــــ ر ـــــ ڌرتيءَ هيٺان ڊائناميٽ وڇائڻ جون سازشون ـــــ رٿي ـــــ رهيا آهن ـــــ آئون ـــــ هنن کي ـــــ سر! ـــــ“
    لؤڻي واري لپاٽَ
    ٺڪاءُ
    ڏوهي بولاٽيون کائيندو پري وڃي پوي ٿو – ڀاري بوٽن جون تڪڙيون وکون ۽ اسٽين گن جي ناليءَ جو هن جي سيني تي وڌندڙ دٻاءُ.
    سناٽو بند ڪمري جي اندر.
    ڍونڍ تي پلجندڙ ڳجهين جي ڀُڻ جهڻ.
    امپورٽيڊ باس ٽيبل جي خاني مان گن ڪڍي لؤڻي وٽ رکي ٿو. فون جو ڊائل گهمائي ٿو. ون ٽو ـــــ ڏوهيءَ جي باري ۾ فيصلو امپورٽ ڪري ٿو.
    فيصلو:
    موت ـــــ ٽو ـــــ ٿري. اسٽئن گن جو هلڪڙو لوڏو ۽ ٺڪاءُ ـــــ
    ڏوهيءَ جو ڦٿڪو ـــــ آخري سڏڪو ـــــ آخري نهار.
    ابائوٽ ٽرن ـــــ ڳجهون مئل شهر جي سنسان سڙڪن تي ٻيهر پکڙجي وڃن ٿيون، هڪ ٻئي شڪار جي ڳولا ۾ ـــــ باس جي امپورٽيڊ آرڊر کي اوبي ڪرڻ لاءِ.


    ڪارا ڪڪر

    سج لهي سانجهي ٿي هئي. کهنبي آڪاس تي بادلن کان به هيٺ پکي آکيرن ڏانهن ٿي موٽيا. پاڻيءَ مٿان ترندڙ ٻيڙين ۽ لانچن جون بتيون پاڻيءَ ۾ گڏجي ان کي سون رنگ ڪري رهيون هيون. لانچ اندر ريسٽورينٽ ۾ ڪيترا پل لنگهي ويا هئا، اسان ٻنهي کي ائين چپ هڪ ئي ٽيبل تي هڪ ٻئي جي سامهون ويهندي. وڃائجي ويل ڳالهين جا سرا ڳوليندي – ريسٽورنٽ اندر شور هوريان هوريان گهري ٿيندڙ شام سان گڏ وڌندو ٿي ويو. سرگوشيون، ٽهڪ ـــــ چمچن، ڪانٽن ۽ اسٽڪس جو پليٽن سان ٽڪرائڻ جو آواز، پرفيومز، وهسڪي، شيمپن ۽ سگريٽن جي گڏيل مهڪ، تڏهن به ڪيڏي ٿڪائندڙ سانت هئي چؤڏسا ۾ . (سانت ماڻهوءَ جي اندر مان اٿندڙ عذاب آهي ۽ شور اها ظاهر پناهه گاهه آهي، جنهن ۾ سچ پچ ته پناهه نٿي ملي). ايترو ويجهو کان هن کي ڏسندي مون ڪيترا ڀيرا سوچيو، هن جي اکين ۾ عينڪ جي اڇن اجرن شيشن پويان ڇا ٿو جرڪي!؟ـــــ لڙڪ يا ٽيبل تي ٻرندڙ ٻن ڊگهين ميڻ بتين جو عڪس شايد ـــــ لڙڪ!!!؟ شايد ــــــ عڪس!؟
    اسان جي وچ ۾ News Week جو تازو پرچو اڃآ به ائين رکيو هو. بم بلاسٽ ٿيڻ کان پوءِ تباهي جي پڄاڻيءَ تي اٿندڙ دونهين جيان، ڪجهه ڪلاڪ پهرين بڪ اسٽال تان اهو ئي ميگزين خريد ڪرڻ کان پوءِ ان جو پنو ــــ پنو اٿلائيندي اوچتو هڪ پني تي هن جون اکيون پٿر بڻجي ويون هيون ۽ ــــ هينئرــــــ !!؟
    ڪجهه مهينا پهرين بلڪل ائين ان ساڳي ٽيبل تي مٺيون ڀيڙي چمڪندڙ اکين سان هو جوش مان ڳالهائي رهيو هو – تڏهن ان شام مند جي پهرين برف پئي هئي ۽ ڳالهين جي ردعمل ۾ اسان جا جسم سوئيٽرن اندر هوريان هوريان ڏڪندي به رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت سگريءَ ۾ ٻرندڙ ٽانڊن جيان گرم هو.
    ”اسان تيسين تائين وڙهنداسين، جيسين تائين اسان جي قوم جو آخري ٻار به جيئرو هوندوـــــــ اسان جي ٿڪجي ويهي به رهون ته ڌرتيءَ تي اسان جي قوم جو جيترو به رت وهيو آهي، اهو اسان کي آڻ مڃڻ نه ڏيندوــــــ“
    مان هٿ تريءَ تي چهرو ڌري ڏانهس نهاري مرڪندي رهيس.
    ”سپر پاورس ـــــ هن ماڊرن ايج ۾ به ماڻهوءَ کي غلام بنائڻ لاءِ هن جي پيرن هيٺان کان هُن جي پنهنجي ڌرتي کسڪائي رهيون آهن ـــــ But, no slavery“ هن جو آواز تهائين اوچو ٿي ويوـــــ هو عربي لهجي ۾ انگريزي ڳالهائي رهيو هو – سامهون واري ٽيبل تي ويٺل آمريڪن جرنلسٽ جي چپن تي زهر ۾ ٻڏل مرڪ تري آئي ـــــــ ”پيرن هيٺان پنهنجي ڌرتي هئڻ گهرجي ـــــ پنهنجي ڌرتيءَ تي ساهه کڻڻ جو حق گهرجي اسان کي ـــ اسان کي دشمن به پنهنجا گهرجن، دوست به پنهنجا گهرجن ــــــ اسان ڌارين دشمنن جي پيرن هيٺان لتاڙجڻ نٿا چاهيون، جيڪي اسان منجهان ناهن ــــــ“ جوش مان ڳالهائيندي هن جو آواز ڀرجي ايندو هو. کن لاءِ ساهه روڪي هو چپ ٿي ويو. آمريڪن جرنلسٽ وهسڪيءَ جو پيگ هڪ ئي ڍُڪ ۾ اندر اوتي ڇڏيو ۽ تکيون وکون کڻندو ٻاهر نڪري ويو. مون پنهنجي اندر ۾ پيڙا ڀرجندي محسوس ڪئي. چيم؛ ”پرـــــ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي نه! جيڪي آزاديءَ لاءِ وڙهندا آهن، اهي آزادي ماڻي نه سگهندا آهن ــــــ غلاميءَ جي دور ۾ ئي مارجي ويندا آهن ــــــ آزادي انهن کان پوءِ اچڻ وارن کي ئي ملندي آهي ـــــ“
    ”ماڻهو وڙهندو ئي پاڻ کان پوءِ اچڻ وارن لاءِ آهي ـــــ مان نه هوندس پر شايد منهنجو ننڍڙو ڀاءُ عبدالله يا شايد ان جو پٽ ــــــ يا اڃان به اڳتي اسان کان پوءِ، اسان منجهان ئي ڪو هڪ آزاد ڌرتيءَ تي جيئڻ جي ساڀيا ماڻي وٺي ــــــ پر ـــــ اهو ڏينهن ايندو ضرور.“
    ريسٽورنٽ جي بند درين جي برائون شيشن تان برف ڪپهه جيان ڪِري رهي هئي. ان ساڳي شام جڏهن هاسٽل تي پنهنجي ڪمري ۾ پهتي هئس ته ٽيبل تي بليو ڪلر جو ايروگرام رکيو هو – پري کان ئي ادا وڏي جا اکر سُڃاڻي ورتا هئم. لکيو هئائين، ”مارئي! (هو مون کي منهنجي اصلي نالي سان نه پر مارئيءَ جي نالي سان سڏيندو هو) هي خط مان توکي جيل مان لکي رهيو آهيان. اسان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اجنبي سمجهيا پيا وڃون. اسان کي غلام بنائڻ لاءِ اسان تي ڌارئين قوم جا لشڪر مڙهي اسان کي Minority ۾ بدلايو پيو وڃي. ٻڌ مارئي!ـــــــ تون Minotaur جي باري ۾ ڄاڻين ٿي؟ يوناني ديو مالا ۾ اها هڪ عجيب مخلوق ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن جو اڌ ڌڙ انسان جو ۽ اڌ ڌڙ ڍڳي جو هو. اسان جي قوم جو به اڌ ڌڙ ڍڳي جو ٿي چڪو آهي ۽ باقي اڌ ڌڙ وڙهي رهيو آهي. توکي انهيءَ پيڙا ۾ ان ڪري شامل ڪري رهيو آهيان جو جڏهن ماڻهوءَ جي اندر جا عذاب Over flow ٿيندا آهن، تڏهن ٻن مان ڪو هڪ ردعمل ٿيندو آهي ماڻهوءَ تي – يا هو آپگهات ڪندو آهي يا جيئڻ لاءِ، وڙهڻ لاءِ نئين سگهه ڪَٺي ڪندو آهي. مان نٿو سمجهان ته اسان کي آپگهات ڪرڻ جڳائي ٿوــــــ ۽ زندگي ـــــ ڌرتي ــــ آزادي ـــــ سچائي ــــ سڀاڻي ـــــــ“ لفظ، لڙڪ لڙڪ منهنجين اکين ۾ جهلمل ڪرڻ لڳا. ٻاهر برف هيڪر وري پوڻ لڳي هئي. سرد هوائون کليل دريءَ مان اندر اچي رهيون هيون. مون اٿي دري بند ڪري ڇڏي. هيٺ روڊ ۽ روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي بيٺل اگهاڙا وڻ ۽ يونيورسٽي جي ڳاڙهين عمارتن جون Slope تي ٺهيل ڇتيون اڇي ڪپهه جهڙيءَ برف سان ڍڪجي ويون هيون.
    ۽ ـــــ هينئر ــــــ !؟
    هو چپ هو. اکيون News Week جي ان هڪڙي صفحي تي پٿرائجي ويل وڏن وڏن اکرن ۾ ڇپيل Can Philistine survive? وچ صفحي تي ڇپيل ٻه فوٽو – هڪ فوٽوءَ ۾ هڪ جواڻ مڙد زمين تي مئل پيو آهي. هن جو جسم لال لهوءَ ۾ لت پت آهي ۽ هن جي پوڙهي ماءُ هن جي سيرانديءَ کان پار ڪڍي روئي رهي آهي ـــــ ٻه وکون پري اسٽين گن کنيو بيٺل سپاٽ چهري وارو هڪ باوردي شخص. هيٺ هڪ ٻيو فوٽو آهي. هڪ جواڻ عورت هنج ۾ کنيل ٻار سميت ۽ اها ئي ساڳي پوڙهي عورت ۽ ڏهن يارهن سالن جو هڪ ڇوڪرو، فائرنگ جي منهن ۾ اچي مري رهيا هئا. هنن جون ڦهليل ٻانهون، کليل وات، ڌرتيءَ تان اکڙيل پير، لهرائيندا، رتوڇاڻ ٿي هيٺ ڪرندڙ – مرندي مرندي هو ڪنهن امريڪن فوٽو گرافر جي ڪئميرا جي اک ۾ سدائين لاءِ freeze ٿي ويا آهن.
    ”محمد!!“ مون سندس هٿ تي پنهنجو هٿ رکيو. هن جي سرد هٿ ۾ اڃان گرميءَ جي ڪائي لهر باقي هئي. ”تون هاسٽل وڃي آرام ڪر. هن وقت تون ڊپريشن جي شديد دٻاءُ هيٺ آهين.“ موٽ ۾ هن پنهنجا چپ ڀيڙي لڙڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ انهن تصويرن تي پنهنجيون آڱريون ائين ڦيرائڻ لڳو، ڄڻ تصويرن ۾ ڇپيل چهرن جو ڇهاءُ محسوس ڪندو هجي.
    ”هي منهنجو ـــــ ڀاءُ آهي ــــ احمد ـــــ الفتح جو سرگرم ڪارڪن ــــــــ موت کي ٻک وجهي وڙهندو هو ــــ ۽ اڄ ـــــ هيءَ تصوير ـــــ“ عينڪ اندر هن اکيون ٻوٽي هڪ اونهو ساهه کنيو. کن ترسي اکيون کوليائين. هن جي آڱر جواڻ عورت جي چهري تي هئي. ”هيءَ منهنجي ڀاڄائي آهي زينب ـــــ هي ــــ ان جو ننڍڙو پٽ بلال ــــ هي منهنجو ننڍڙو ڀاءُ عبدالله ــــ ۽ ــــ هيءَ منهنجي ماءُ آهي ـــــــ“ هن جون آڱريون ماءُ جي چهري تي بيهي رهيون. هن جي اکين ۾ سمنڊ اٿلڻ لڳو. ”مان سدائين ان چهري کي چمي ڏئي گهر کان ٻاهر نڪرندو هئس. جڏهن مان هيڏانهن آيس پي، تڏهن ايئرپورٽ تي منهنجو هٿ پڪڙي چيو هئائين: ”محمد! ڪير ڄاڻي وري ملون نه ملون!! اچ ــــ اچ پهرين مان تنهنجو چهرو ٿي چمان ـــــ“ کن لاءِ هو چپ ٿي ويو. هن جي اک مان هڪڙو لڙڪ ڪِري، هن جي ڳل کي ڀڄائيندو ان جي ماءُ جي چهري تي وڃي ڪِريو. پوءِ هو اندر مان اٿندڙ پيڙا وچان کليو. (مون کي لڳو، هو سڏڪي کي گهٽڻ ٿو چاهي جيڪو هن جي اختيار ۾ ڪونهي). ”پوءِ خبر آـــــ مان ــــــ تمام گهڻو هيٺ نمي پنهنجو چهرو ماءُ جي چپن تي ويجهو آندو هو ــــــ هوءَ منهنجن ڪلهن تائين مس ايندي هئي نه ـــــ نه ته ننڍپڻ ۾ جڏهن مان سندس گوڏن تائين مس ايندو هئس ۽ سندس آڱر جهلي ڪنهن ڳالهه تي کيٽو ڪندو هئس ته هوءَ ايترو ئي نمي مون کي چمي ڏيندي هئي. پر اڄ ــــــ اهي ـــــــ چپ ــــــ اهو چهروــــــ“ هن جو آواز ٽٽي پيو ۽ هو منهن ورائي دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳو. ٻاهر رات پر ڦهلائي چڪي هئي. پاڻيءَ جي اندر پوندڙ روشنين جو عڪس پاڻيءَ مٿان ترندڙ ٻيڙين ۽ لانچن جي روشني، ڪناري تي بيٺل عمارتن جون بتيون، آسمان جا تارا سڀئي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ويا هئا، پر مون کي لڳو ته اونداهيءَ جي ڏائڻ هڪ هڪ ڪري روشنيءَ جا سمورا تارا ڳڙڪائي رهي آهي.
    اها به اهڙي ئي تارن ڀري رات هئي. ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ٿي چڪو هو ۽ هينئر هينئر ريڊيو تي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي تقرير جي پڄاڻي ٿي هئي ۽ هاڻي ريڊيو تي قومي ترانو وڄي رهيو هو. ڪوٺيءَ ۾ بلب جي ميرانجهيءَ روشنيءَ ۾ کٽ تي پيل امان زندگيءَ جا آخري ساهه ڳنڍڻ جا جتن ڪري رهي هئي، پر جيڪي ڪچيءَ تند جيان ڇڄيو ڇڄيو ٿي پيا. بابا جو هٿ پڪڙي ٻڏندڙ ناکئي جيان آخري التجا ڪيائين: ”مون کي ـــــ منهنجو پٽ آڻي ڏي ــــــ ان جو ــــ منهن ڏسي ــــــ مرندس ــــــ“ بابا هارايل جواريءَ جيان ڄڻ خالي هٿ امان جي اڳيان پکيڙي ڇڏيا؛ ”مون ته گهڻئي التجائون ڪيون ـــــ هٿ ٻڌا ــــــ بس پنجن منٽن لاءِ ڇڏيوس ـــــ سندس ـــــ ماءُ ــــ موت ـــــ جي منهن ـــــ ۾ ــــ“ کن لاءِ ساهه روڪي چپ ٿي ويو. پوءِبي وسيءَ مان چيائين: ”پوليس نٿي ڇڏيس ـــــــ چون ٿا ــــ هو ڏوهي آهي ــــــ دشمن جو جاسوس آهي ــــــ باغي آهي ـــــــ غدار آهي ــــ تون ــــــ تون ـــ پٽ جو منهن ڏسڻ بنا ئي مري وڃ ـــــ پٽ ـــــ جو منهن ـــــ ڏسڻ ــــ بنا ــــــ ئي ـــ مري ـــ وڃ ــ“ سندس ڏاڙهيءَ جي وار وار ۾ لڙڪن جا موتي پوئجي رهيا هئا. امان زندگيءَ جي پتوار تي پنهنجا هٿ ڍرا ڪري ڇڏيا. ناوَ ڪُن جي گهيرٽ ۾ ڦرندي ڦرندي پاتال ۾ هلي وئي.
    ”مان روئڻ ٿو چاهيان، پوريءَ سگهه سان ـــــ تيسين تائين، جيسين تائين منهنجي ڳلي مان رت وهي نٿو نڪري.“ هن منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ورتو. اسان ريسٽورينٽ مان اٿي ٻاهر نڪري آياسين. سڙڪون، انسان، هجوم، روشنيون، سڀ ڪجهه لتاڙيندا. يونيورسٽي روڊ سنسان هو. ڪناري تي لڳل ڊگها وڻ سرد هوائن ۾ جهومي رهيا هئا ۽ انهن مان ڇڻيل هيڊا سڪل پن چوڌاري ڦهليا پيا هئا.
    ”ائين ـــــ ڇو ٿيندو ــــــ آهي!؟“ ساڻ هلندي هن چيو.
    ”ڇا ـــــ !؟“ پڇيم.
    ”ڇا ــــ انياءَ جي ڪائي پڄاڻي به آهي؟- ڇا اسان مفت ۾ مارجي وڃڻ لاءِ آهيون؟ اسان بي وطن، هٿيارن کان وانجهيل قومون، اسان جي بقا جي ڪابه ضمانت ڪانهي؟“ ڪي پل چپ چاپ هلندا رهياسون. پوءِ اُداس نوع ۾ چيائين، ”ها – مان سمجهي سگهان ٿو. غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جون سوين صورتون هونديون آهن. جلاوطني، وطن اندر به ماڻهوءَ تي مڙهي سگهجي ٿي. سمورين صورتن ۾. انفرادي طرح به، اجتماعي طرح به ماڻهو ئي ماريو ويندو آهي.“ هو بي ربط ڳالهيون ائين ڪري رهيو هو، جيئن ڦڙو ڦڙو زهر پئندو هجي. اچانڪ هن اننت سانت ۾ آسمان ڏانهن منهن ڪري، ٻئي ٻانهون ڦهلائي، سموري سگهه ڪٺي ڪري رڙ ڪئي: ”اسان ڇو مارجي رهيا آهيون – ڇو!؟ـــ ڇوـــ مارجي رهيا آهيون!؟ Stope salvery“ هن جي رڙ پڙاڏو بڻجي هوائن ۾ گهلي هر شيءِ سان ٽڪرائجي موٽي آئي ـــــــ
    مون هوريان هن جو هٿ جهلي ورتو.
    تڏهن، جڏهن ادا وڏو انڊر گرائونڊ هو، ڪجهه مهينا پهرين جيل مان ڊگهي سزا ڪاٽي موٽيو هو ۽ مٿس ٻيهر وارنٽ نڪتل هئا. هاڻي پوليس هن کي پنهنجي فائل ۾ اسٽوڊنٽ ليڊر بدران مفرور ڌاڙيل لکيو هو ۽ هو سندس ڳولها ۾ ناڪام ٿي چڪا هئا. اهڙي ئي ڪا سرد رات هئي سياري جي. سگريءَ ۾ دکندڙ اڱرن اڳيان بابا مونن ۾ منهن ڏيو ويٺو هو. امان کان پوءِ هو ائين ئي ويهندو هو ۽ نه برابر ڳالهائيندو هو. ٻاهر ڳليءَ ۾ ڪتن جي ڀونڪار ٿي گونجي، ڄڻ شهر سڄو مري ٺري ويو هجي. در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. بابا اٿي در کوليو. پوليس وارا بيٺا هئا. هنن بابا کي ٽانڊن جهڙين اکين سان ڄڻ آرپار ڏٺو. ادا وڏي جو پڇيائون. بابا ٿڌو ساهه ڀري چيو؛ ”مان ته پاڻ سندس چهرو ڏسڻ ڪاڻ سڪان پيو. خبر هجيم ها ته ڪٿي آهي ته پهرين پنهنجيون اکيون ٿڌيون نه ڪريان ها!“ هنن بابا کي ڪرائيءَ ڪنان سوگهو پڪڙي جيپ ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
    ”پر ڇو!؟“
    ”جيسين تنهنجو پٽ پاڻ پيش نٿو ڪري، تيسين توکي جيل ۾ رهڻو پوندو ۽ پٽ جو پتو ته تون تڏهن ٻڌائيندين، جڏهن پوليس جي مار ڏسندين – نه ته ٻي صورت ۾ اسين اوهان جون عورتون ٻڌي وٺي وينداسون.“ بابا جا پير ڄڻ چائنٺ تي ڄمي ويا – هنن سٽ ڏئي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هو ٿاٻڙجندو جيپ جي بانيٽ سان وڃي ٽڪرايو ۽ ڄڻ ان جي اندر ۾ وڇايل بارودي سرنگ اچانڪ بلاسٽ ٿي پئي. ”ڇو – ڇو ٿا اسان کي ماريو!؟ ڇو – اسان تي اسان جي ئي ڌرتي کڻي سوڙهي ڪئي اٿوَ!؟ ڪيڏانهن وڃون!؟ ٻڌايو – ڪيڏانهن وڃون!!؟“ مُٺيون ڀيڙي بابا رڙيون ڪري رهيو هو ۽ هن جون رڙيون پولار کان پاتال تائين گونجي رهيون هيون. پوءِ هو جيپ جي بانيٽ تي مٿو ڌري سڏڪا ڀري روئي پيو. هو کيس جيپ ۾ ويهاري هليا ويا. هيڪر وري اها ئي سانت هئي ۽ ڪتن جي ڀونڪار ۽ اها ئي سرد رات.
    يونيورسٽي روڊ تي فٽ پاٿ ڪناري پٿر جي برف وانگر سرد بينچ تي وڻن هيٺ چپ چاپ ويٺا هئاسون. چنڊ وڻن جي اگهاڙين ٽارين مان لياڪا پائي رهيو هو. سامهون هاسٽلن جون عمارتون هيون ۽ هيڊا ڇڻيل پن هوا ۾ اُڏي اسان جي چهرن سان ٽڪرائجي رهيا هئا. هن اسٽريٽ لائيٽ جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ هيڪر وري News Week جو اهو ئي صفحو کولي ڏٺو. اهي ئي تصويرون، موت جو Freeze ٿيل منظر. ڪيترا پل ائين ئي لنگهي ويا. اوچتو هو منهنجي هنج ۾ منهن لڪائي، ماءُ کان وڇڙيل اڪيلي ٻار جيان سڏڪا ڀري روئي پيو. روئندو رهيو. شايد مان به رني هئس. ڪنهن لاءِ ــــــــ هن لاءِ ـــــــ يا اهڙن ئي عذاب لمحن لاءِ جيڪي مان پويان پنهنجي ڌرتيءَ تي ڇڏي آئي هيس. اسان ٻئي روئي رهيا هئاسون.
    ان رات، ان بينچ تان اٿي هو پنهنجي هاسٽل ڏانهن هليو ويو ۽ جڏهن مان پنهنجي ڪمري ۾ پهتي هئس ته منهنجي ڪورئين روم ميٽ ڳوٺان آيل، بليو ايروگرام هٿ ۾ ڏنو هو. اوپرا هٿ اکر. ڪنهن مائٽ جو خط هو. ”ڌيءَ! اڄ ڪربلا جو واقعو ٻڌائڻ لاءِ مان ئي بدنصيب بچيو آهيان. تنهنجي ڀاءُ، پيءُ ۽ ڪڙم جي ٻين جواڻ ڇوڪرن لاءِ پوليس جي فائل ۾ مفرور ڌاڙيل لکيو ويو ۽ اها رات قيامت کان به ڀيانڪ هئي. گهرين ننڊن ۾ ستل هئاسون جڏهن امن فورس اچي آپريشن ڪلين اپ ڪيو. ڌيءَ! سمجهه ڪربلا جو ميدان هو – زالون، ٻار، جواڻ، پوڙها – ڀڳاسون – جهنگن – برن – مسجدن ڏي – ڳولهي ڳولهي ماريائون – باهين جا گولا ٿي اُڏاڻا ـــــ قرآن کڻي زندگيءَ جي بيک گهري سون ــــ رت جو درياهه وهي ويو جنهن جو ڪوئي پار نه هو. سڄي رات آپريشن هليوــــ فجر جون ٻانگون مليون ـــــ هو هليا ويا ـــــ اسان انڌن وانگر لاش ڪٺا ڪيا – تنهنجو پيءُ – ڀاءُ – ڀاڄائي – ان جو مهيني کن جو ٻار ۽ تنهنجو ننڍو ڀاءُ – چوڏنهن لاش – نه داد – نه فرياد – هيڏو انڌوڪار!! پوءِ به جيئون پيان پر جيئڻ نٿو ڏنو وڃي – پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ماڻهو بي امان ٿئي – پوءِ امان پائڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃي – ڪيڏانهن!؟“ لفظ ڌنڌلائجي اکين کان الوپ ٿيندا ويا. ڪمري جي دريءَ کان ٻاهر آسمان تي چنڊ ۽ تارا ٿي جرڪيا پر مون کي لڳو آسمان هڪدم ڪارو ٿي ويو هجي. ڪارو ڪارونڀار ۽ وڄ جا ڪڙڪاٽ – تيز طوفاني هوائون هر شيءِ کي اُڏارينديون ٿيون وڃن.
    ان کان پوءِ، بظاهر اهو صبح به عام نوع جو هو. هاسٽل جي دريءَ کان ٻاهر زندگي سمورن هنگامن سميت سجاڳ هئي. خط سڄي رات منهنجيءَ مٺ ۾ جڪڙيل رهيو هو ساهه جيان. صبح جو وک وک ڏاڪڻيون لٿي هئس. هن اوپري وشال ديس ۾ هڪ ئي ماڻهو اهڙو هو، جنهن جي ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائي روئي سگهيس ٿي. هن جي هاسٽل جي گيٽ تي سندس هم وطن ۽ روم ميٽ ڀت کي ٽيڪ ڏيو پٿر بڻيو بيٺو هو. ڄڻ سڄي رات هلندڙ سرد هوائن ۾ Freesze ٿي ويو هجي. جڏهن مان ان جي ڀرسان لنگهيس، تڏهن هن جا چپ چرياـــــ
    ”مس!!“
    مان بيهي رهيس.
    ”تون محمد سان ملڻ ٿي وڃين!“ هن ڄڻ پري کان ٿي ڳالهايو. هن جي اکين ۾ اوجاڳو هو. چيم؛ ”ها“ ۽ اندر وڃڻ لاءِ وک وڌايم. هن هوريان منهنجو هٿ پڪڙي ورتو. ”آءِ ايم – سوري مس!ــــــ رات هن پاڻ کي ماري ڇڏيو – هينئر روم ۾ سندس لاش رکيو آهي.“ هن پنهنجا چپ ڀيڙي ڇڏيا ۽ اکيون منهنجي چهري تان هٽائي پنهنجن پيرن تي کپائي ڇڏيون. مون اويساهيءَ مان هن ڏانهن نهاريو – هن جي اکين جا لڙڪ ڏسي مون کي ويساهه اچي ويو. مون کي لڳو مان جڳن جو پنڌ ڪري آئي آهيان ۽ اڃان جڳن جو پنڌ باقي آهي. ٿڪل/هارايل وکون کڻندي موٽي آيس. رستي ۾ ڪيترا ڀيرا منهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيندي بچيو – ڪمري ۾ پهچي آرسيءَ اڳيان بيهي مون حيرت مان سوچيو؛ ”اڇا!! ته – اڃان مان – زندهه – آهيان!!!؟؟“
    بوئنگ منهنجي ڌرتيءَ تي جڏهن لينڊ ڪيو، مند جي پهرين برسات پئجي رهي هئي ۽ منهنجين اکين ۾ ٿرپارڪر جي واري ٿي اُڏاڻي. ٽرين ۾ ڳوٺ ويندي مون محسوس ڪيو، مان ڪربلا جي واقعي جي آخري راوي بچي آهيان. منهنجن پٺن تي منهنجن پيارن جا لاش آهن. ڳوٺ جي اسٽيشن تي ٽرين ٿڪجي، سهڪندي بيٺي ته سج لهي سانجهي ٿي هئي. اها ڏهين محرم جي شام هئي. يومِ عاشور هو. شام ــــــ غريبان جو آخري جلوس اسٽيشن جي ڀرسان لنگهندڙ روڊ تان وڃي رهيو هو. ڪارا ڪپڙا ـــــ ڪارا جهنڊا ــــــ رتو ڇاڻ ڇاتيون ـــــ اگهاڙا پير ــــ هو هڪ آواز ڇاتين تي هٿ هڻي رهيا هئا ـــــ حسين! ــــــ حسين! ـــــ حسين ــــ جلوس روئي رهيو هوــــ اسٽيشن جون ڏاڪڻيون لهي مان به ان جلوس جي پويان هلڻ لڳس ـــــ حسين! ــــــ حسين! ــــــ حسين! ــــــ منهنجو هٿ منهنجي سيني سان مٿو ٽڪرائي رهيو هو ـــــ حسين! ــــــ حسين! ــــــ حسين! ــــــ

    * 19 آگسٽ 1987ع، 4 محرم الحرام تي لکيل.


    مُڪتي

    وشال سمونڊ جي ڪناري ڄڻ جڳن ڪنان بيٺو آهيان. منهنجن پيرن هيٺان ڄڻ صدين تي ڦهليل اتهاس آهي – مان سوچيان پيو، ڇا ماڻهوءَ جو سمورو سفر دائري جو سفر آهي ۽ ماڻهوءَ جا سمورا سپنا – احساس – آدرش هڪ ڊگهو چڪر ڪاٽي، فنا جي آخري نقطي تي اچي بيهي رهن ٿا! – ڇا اهو ڪائنات جو آخري نقطو آهي ۽ ڇا فنا جي ان آخري نقطي کان اڳتي به ڪجهه ٿي سگهي ٿو!! ۽ پوءِ دائري جي ان سفر جو ڪهڙو حاصل آهي ڀلا!! مان محسوس ڪندو آهيان ته مون کان اڳ به انسانن جو هجوم هو، جيڪو اهو سڀڪجهه سوچيندي نيٺ به مري کپي ويو هوندو. مان مرڻ به نٿو چاهيان. ستي سپني ۾ ڪائنات جي گولي کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڊوڙ پائيندو آهيان پر گولو تيزيءَ سان اڇليل بال وانگر مون کان به تکو ڊوڙندو، اونداهين پولار ۾ الوپ ٿي ويندو آهي – ته ڇا انسان هيل تائين ڪائنات تي سوڀ به ماڻي نه سگهيو آهي!! تڏهن چنڊ جي سفر کان وٺي نيوٽران بم جي تخليق تائين سڀ ڪجهه فراڊ آهي ڇا!! ۽ ڇا اخبارن ۾ ڇپجندڙ، ريڊيو ۽ ٽي وي تي رڙندڙ بک، بدحالي، انساني تباهي ۽ ڀيانڪ جنگين جون سموريون خبرون به فراڊ ٿي سگهن ٿيون!! مان اهو به سلي نه سگهيو آهيان ته ماڻهوءَ جي سوڀ ڇا ۾ آهي!! جنگ ۾ - امن ۾ - مذهب ۾ يا سڀڪجهه تياڳي بن واس وٺڻ ۾، مون کي به گمان ٿيندو ته ان سموري مانڊاڻ جي پويان موت جو اوسيئڙو آهي. نه ته بظاهر ماڻهو جيئڻ جا هزارين ڪارڻ گهڙي وٺندو آهي ــــ ڇا ان آخري نقطي تي اچي سموري ڪائنات تباهه ٿي ويندي!
    جڏهن مان اهڙيون ڳالهيون سوچيندو آهيان، تڏهن منهنجن پيرن هيٺان صدين تي ڦهليل اتهاس ڄڻ کسڪڻ لڳندو آهي. مون ٻڌو آهي ته جڏهن ماڻهوءَ جي اندر آتما ۽ وجود جي وچ ۾ آزاديءَ جي جنگ شروع ٿيندي آهي، تڌهن ماڻهوءَ جي اندر احساسن جي تباهه ڪاريءَ جا اهڙا ئي آثار جنم وٺندا آهن. ان سموري احساساتي تباهه ڪاريءَ جي نتيجي ۾ آتما ۽ وجود مان ڪا هڪ شيءِ آزادي ماڻي وٺندي آهي. نتيجي ۾ ماڻهو نارمل نه رهندو آهي – تڏهن ڇا مان پنهنجا حواس وڃائي رهيو آهيان!!؟ هئن منهنجو ان ۾ ويساهه آهي ته ماڻهوءَ جي آتما ۽ وجود هڪ ٻئي کان ڌار رهي بلڪل بيڪار آهن – پر مون کي پنهنجي اندر جي ان سموري ڪيفيت تي ڪوبه اختيار ڪونهي – بي اختياريءَ جي اها ڪيفيت مون کي زوريءَ سمونڊ ڏانهن وٺي ايندي آهي –
    ـــــ نيڻن تي ڌريل ٻئي هٿ هٽائي، ڪي کن ٽڪ ٻڌي پولار ۾ گهوريندو ٿو رهي ــــ ۽ اوچتو سمونڊ جي نيري – کاري پاڻيءَ منجهه باهه ڀڙڪو ڏئي ٻري ٿي پوي ۽ اُلا آڪاس کي ڇهڻ ٿا لڳن. سندس مک تي واسو ڪري ويل پيڙا – موت – ٿڪ ۽ ڪاوڙ جا ڀاوَ - ۽ ڪائنات سموريءَ کي اوچتو، ڏسندي ئي ڏسندي، سندس ئي نيڻ نهار آڏو، باهه جي سمونڊ ۾ ڦٽي ڪيو ٿو وڃي ۽ کانئس هانءُ ڏاريندڙ رڙ نڪري ٿي وڃي – نه ـــ نه ـــ ن ـــ ن ـــ نا ــــ ا ــــ ا ــــ ا ــــ ا – هو سڀڪجهه ڏسي پيو سگهي. (جيڪو سمونڊ ڪناري هلندڙ سُندر، اَسندر چهرن وارا ماڻهو نه پيا ڏسي سگهن ۽ ڏسڻ – نه ڏسڻ جي وچ ۾ سمجهه جي ڏاڍي سنهڙي ليڪ هوندي آهي) هو ڏسي ٿو، جيڪو ڪجهه باهه جي سمونڊ ۾ سڙي ڀسم ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجهه سُندر آهي ۽ اَسندر ته بس اُها باهه آهي، جيڪا سڀڪجهه ساڙي رک ڪندي ٿي وڃي. کيس باهه جي رقص ڪندڙ اُلن ۾ عجيب وحشي پڻو محسوس ٿئي ٿو ــــ (سڏڪو/اَلا سڀڪجهه سڙي رک ٿي ويو، ڪنهن کي به سڌ نه پئي – لوڪ – انڌو لوڪ ستو ئي رهيو) ــــ
    اکيون ٻوٽي، هٿ تريون ڪنن تي ڌري رڙيون ڪندو ٿو رهي ــــ نه – نه – ڀڄو – باهه – با – هه – هه هه –
    سمونڊ جي ڪناري هلندڙ ماڻهو سندس چؤڌاري بيهي اچرج مان کيس ڏسندا ٿا رهن –
    ”ڪٿي آهي باهه؟؟“ هجوم مان ايندڙ ڪجهه آواز.
    هو پيڙا ۽ خوف وچان سمونڊ ڏي نهاري ٿو، جت باهه وڌندي پئي وڃي ۽ سموري سندرتا سڙي رک ٿي رهي آهي –
    ”ڪٿي آهي باهه؟؟“ ماڻهو کيس ڪلهن کان پڪڙي ڌونڌاڙين ٿا –
    ”چريو آهي ويچارو – ڇڏي ڏيوس.“
    ۽ کيس ياد اچي وڃي ٿو ته ماڻهو انڌا آهن – ماڻهن جا سڀئي حواس مري چڪا آهن – ماڻهو باهه ۾ هلندي به – سڙندي به – مرندي به، خوش آهن – پنهنجا سپنا – احساس – آدرش هڪ هڪ ڪري باهه جي مچ ۾ ساڙي رهيا آهن – بنا ڪا ورندي ڏيڻ جي.
    هو ڪنن تي هٿ تريون ڌري باهه – ڀڄو – هه – جو شور مچائيندو، سمنڊ کان دور ڊوڙندو ماڻهن جي نيڻ نهار کان الوپ ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو کلندا – ٽهڪ ڏيندا، ٽڙي پکڙي وڃن ٿا.


    پاتال

    موت جي ڏسا ڏانهن ويندڙ سمورا رستا
    ۽ زندگي انهن رستن تي پٿون پيرن سان هلندڙ.
    ڏامر جي ڪاري تپي ٽامو ٿيل سڙڪ ــــ آڳ اوڳاڇيندڙ آسمان ــــ سناٽو ـــ ساڻ ساڻ – وک وک هلندڙ مڙد ۽ عورت.
    ”ڏس نه – ڪيڏي سُندر آهي هيءَ ڪائنات ـــــ ڪيڏو سڪون آهي سرشٽيءَ مٿان، ڪيڏو موهيندڙ آهي سڀ ڪجهه – تون، مان ۽ هي پل جيڪي پنهنجين هٿ آڱرين جي وٿين منجهان لنگهن ٿا. تون چوندو هئين نه ته ڪٿي به امن ناهي ـــــ پر الائي ڇو مون کي چئني ڏسائن ۾ امن ئي امن ٿو پَسجي ــــ“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي هوءَ ڇرڪي هن ڏانهن نهاري ٿي. ”ائين گهور پائي ڇا ٿو ڏسين مون ڏانهن!؟ نه – ائين گهوري نه ڏسندو ڪر مون کي، موت جهڙيءَ ان نهار سان.“ هلندي هلندي هوءَ هن جو هٿ جهلي بيهي ٿي رهي ۽ موٽ ۾ مڙد جي نگاهن جي گهور تهائين سرد پوندڙ موت جيان – برف جيان – عورت پنهنجي اندر ۾ رڳن تائين ۽ رت ڦڙن تائين سرد – تهائين سرد درياهه لهندو ٿي محسوس ڪري.
    هيڪر وري ڀڻڪي ٿي.
    ”جڳن ڪنان منهنجي من ۾ هڪڙي ننڍڙي پرسڪون گهر جو جيڪو سپنو پلجي پيو، ڇا ڪڏهن به ان کي ساڀيان نه ملندي!!؟“ آواز ٽٽي پوڻ کان پهرين چپ ٿيو ٿي وڃي.
    ”گهر!!“ زهر ۾ ٻڏل مرڪ مڙد جي چپن تي تري آيل. ”مان سوچيندو آهيان، ڇا هر ديوار پناهه گاهه بڻجي سگهي ٿي!! ڇا هر گهر ۾ ماڻهو رهندا آهن!؟ ڪيترا اهڙا گهر آهن، جن ۾ جانورن سمان ماڻهو ۽ ماڻهن سمان جانور رهندا آهن. ايڏي اوچي ديوار به ڇا اڏي سگهجي ٿي جنهن کي موت به نه اُڪري سگهي!! – هان!؟“ ڳالهائيندي آلين ڪاٺين جو دونهون ڄڻ نيڻن ۾ ڀرجي ٿو اچيس. ساڄو هٿ نيڻن تي ڌري ٿو ڇڏي. انيڪ پل سانت جو واسو ٿو رهي ٻنهي جي وچ ۾. ان سانت جي پڇاڙڪي پل ۾ هوءَ ڄڻ سڏڪو ڀري ٿي. ”مان – مان – توکي سڌ به آهي ته – ته – تنهنجي ٻار جي – ماءُ بڻجڻ واري آهيان.“ عورت جي ڳالهه ٻڌندي ئي نيڻن تان ساڄو هٿ لهي ٿو اچيس. نهار هن جي نيڻن منجهه اٽڪيو ٿي پويس. ڄڻ بيٺل پاڻيءَ منجهه پٿر جو شپڪو ٿئي.
    ”نه – ته.“ بس ايترو ئي ڪڇي سگهي ٿو.
    ”نه ڇو!؟ ڇا تو مون سان راتيون ناهن گهاريون!! ڇا تو ڪڏهن به مون کي ڇهيو تائين ناهي!؟“ دک ۽ پيڙا وچان نيڻ ڀرجيو ٿا اچنس. مڙد ڪابه ورندي نٿو ڏئي. چپ آهي پٿر جيان.
    ”توکي – توکي – شاڪ پهتو ڇا!؟“ ڀرجي آيل آواز ۾ پڇيس ٿي.
    ”ها.“ سانت ۾ سڏڪو. نيڻ نهار آڏو هوريان هوريان هن جو مک ڌنڌلو پوندو ٿو وڃيس.
    ”تون چوندو هئين نه ته – عورت جي گرڀ ۾ پلجندڙ ٻار، هن پرٿويءَ جي سڀ کان سُندر تخليق آهي. چوندو هئين نه!!؟“
    ”هاــــــ“ ۽ پوءِ هڪ ڊگهي ماٺار. پولار ۾ گهوريندو ٿو رهي.
    ”پوءِ توکي ايڏو شاڪ ڇو پهتو، هن ٻار جو ٻڌي!؟ لوڪ ڪنان ٿو ڊڄين، مڙد ٿي ڪري......!؟ ۽ مان – عورت هوندي به – تون نٿو ڄاڻين ته – هن ٻار جو سپنو ته منهنجن رت ڦڙن ۾ به ٿو ساهه کڻي - ۽ - ۽ -“ آواز پنڌ ۾ ڇڄيو ٿو پويس ڪچيءَ تند جيان.
    ”ٻڌ.“ مڙد جو ڀڻڪو.
    ڪابه ورندي نٿي ڏئي. هو هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو هيڪر وري ٿو پڪاريس.
    ”ٻڌ!ــــــ هن ايج ۾، جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس کائي رهيو آهي ۽ موت چؤڏسا ۾ پر ڦهلايو بيٺو آهي، تڏهن ڇا اسان کي اڌيڪار آهي ڪنهن انسان کي جنمڻ جو!!؟“
    موٽ ۾ هن جي نيڻن ۾ اُڀري ٿا اچن اچرج جا ڀاوَ ڄڻ ڪجهه به نه پئي سمجهي.
    ”مان سوچيان ٿو تنهنجي گرڀ ۾ هي ٻار جو پيو آهي، هن بارود جي يگ ۾ ڇا ڪنهن ڀيانڪ جنگ جي جوالا ۾ سڙي ڀسم ٿيڻ لاءِ جنم وٺندو!!؟ ۽ ــــــ ۽ ـــــ هيڏي بک آهي، هن وشال پرٿويءَ تي. نڄاڻ ڪيترا ٻار بک وگهي روز ٿا مرن ــــ ۽ ــــــ تون بک کان مرندڙ ٻارن جي فهرست ۾ هڪ ٻيو نانءُ ٿي لکڻ چاهين ڇا!؟ـــــ“
    ”بس ـــــ ڪر ـــــ“ ڪروڌ ۽ پيڙا وچان، هوءَ گهٽيل گهٽيل رڙ ڪري ٿي.
    ”ڳالهائڻ ڏي مون کي.“ ٻيهر ڳالهائيندي هو تهائين ڪٺور ٿو ڀاسي. ”توکي ڪانهي سُڌ ته ڪيڏو وڏو دوزخ ٻرڻ وارو آهي هن ڌرتيءَ تي ۽ موت ڪيڏو ڀيانڪ ٿي پيو آهي. سلو پوائزن جيان جيئندو ۽ مرندو هن جڳ ۽ ايندڙ جڳن جو ماڻهو ــــ ۽ ــــــ ۽ ــــ پناهه گاهه ڪٿي به ڪانهي.“
    ”پاڳل ٿي پيو آهين تون ته.“ هاڻي هو هن لاءِ ڌڪار جي هلڪڙي ڀاونا پهريون ڀيرو پنهنجي من ۾ ٿي محسوس ڪري.
    ”هر اُهو ماڻهو، جيڪو پاڻ کي هن دوزخ ۾ ايڊجسٽ ڪري نه سگهندو، سو يا ته پاڳل ٿي پوندو – يا آپگهات ڪري مري ويندو – پر – مان ته اڃآ – ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهيان. پورن حواسن سان ان ناٽڪ کي چپ چاپ ڏسي رهيو آهيان – بي وسيءَ منجهان.“
    پر عورت کي ان جو چهرو اُن ڪوري ڪاڳر جيان ٿو ڀاسي، جنهن تي ڪجهه به لکيل ناهي.
    ”تون – مون کي ٻڌي رهي آهين نه!؟“
    ”توکي ٻڌڻ لاءِ جيڪا سگهه گهرجي ٿي نه، سا مون ۾ آهي ئي ڪٿي!! تڏهن به شايد توکي ٻڌي ئي ته رهي آهيان!!؟؟“
    ”اهڙي ڪائي سگهه ته مون ۾ به ناهي – تڏهن ته توکي پاڳل ٿو لڳان – پر – ٻڌ ته! – تون ڇو ڪنهن انسان کي جنمي موت جي اِن کوهه ۾ اُڇلڻ ٿي چاهين، جنهن جي ٻاهران تماشبين تاڙيون وڄائي رهيا آهن!! – “
    ”پوءِ!؟“ ٿڪجي، ٽٽندڙ آواز ۾ ڄڻ پاتال مان ٿي ڳالهائي.
    ”پوءِ!! – پوءِ – تون – ايبارشن – ڪراءِ.“
    ”نه.“ هوءَ پولارن ۽ پاتالن جي سموري سگهه ڪٺي ڪري رڙ ڪرڻ ٿي چاهي.
    ”نه – نه – ن – ن – نه – نه – ا – ا – ا – ن – ا – “ نيڻن منجهه لهي آيل پيڙا جا ڀاوَ تهائين شديد ٿيو ٿا پونس.
    ”او! تون ته عورت آهين نه! موتيءَ جهڙو من ٿيندو آهي عورت جو. پوءِ ڇو نٿي تون سمجهين!! ٻڌ! هن وشال پرٿويءَ تي ڪٿي به ڪا پناهه گاهه ڪانهي – اسان جي پُٺ سان بم ٻڌا ويا آهن ۽ ڪير ڄاڻي! ڪڏهن، ڪهڙي سمي سڀ ڪجهه ڀسم ٿي وڃي، هڪ ئي ڌماڪي سان – تون – مان - ۽ - ۽ - هو – به.“
    ۽ هوءَ اداسيءَ وچان ڳالهائي ٿي، ميڻ جيان ڦڙو ڦڙو وگهرجندڙ آواز ۾.
    ”دک اهو آهي ته تو ۾ اُهي سندر ڀاوَ آهن ئي ڪونه، جيڪي ڪنهن سرجڻهار جي من ۾ پلبا آهن – مون کي ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هو پنهنجن پتڪڙن پيرن سان پيو منهنجي انگ انگ ۾ ڊوڙون پائي – هن جا هٿ منهنجي سموري وجود کي ٿا ڇُهن - ۽ - مان ته پنهنجين ڇاتين تي هن جي کير مان ڀنل چپن جو ڇهاءُ به ٿي محسوس ڪريان.“
    ”۽ - ڏک اهو آهي ته تڏهن به – تڏهن به تون هن کي جنمڻ ٿي چاهين!! ڏس نه، بک – بيروزگاري – بارود جو ٻرندڙ آڙاهه – پيڙا – شڪستون ۽ چؤڏسا ۾ ڦهليل فنا جا ڪارا ۽ ڀوائتا پاڇولا – ٻيو ڀلا رکيو ئي ڇا آهي هن هيڏيءَ ساريءَ پرٿويءَ تي!! ڇا اهو سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ جنميندينءَ کيس!؟“
    اوچتو هوءَ اُٿي بيهي ٿي رهي. نيڻن منجهه جُڳن جي پريت اُجهامڻ ٿي لڳيس ۽ من ۾ ڌڪار ڀرجي ٿو اچيس هن لاءِ.
    ”تنهنجي سيني ۾ من ڪٿي ٿو ڌڙڪي ڀلا!؟ پٿر پيو آهي تنهنجي سيني ۾ دل جي جاءِ تي – آئي – آئي – هيٽ يو – ها ٻڌي ڇڏ – نفرت آهي – مون کي توکان – نفرت – آ – هي – تو – ک – ا – ن.“
    سانت ۾ سڏڪا – وڃڻ لاءِ وک کڻي ٿي.
    ”وڃين ٿي – ڇا!!؟“
    ”ها.“
    ”اهو ڄاڻندي به ته پناهه گاهه ڪٿي به ناهي – هان!؟“
    ”پناهگاهون ته ماڻهوءَ جي من ۾ ٿينديون آهن. جنهن کي پنهنجي من ۾ پناهه ملي وڃي نه، سموري پرٿوي پناهگاهه بڻجي ويندي آهي هن لاءِ.“
    وڃڻ لاءِ وک کڻي ٿي ۽ هن جي اندر ۾ ڄڻ ڪجهه ڀُري پئي ٿو. ٻرانگهون ڀريندو آڏو اچي بيهي رهيس ٿو، گس جهلي.
    ”نه – وڃ.“
    ”ترسڻ لاءِ ڪهڙو ڪارڻ آهي باقي!! تنهنجي من جون سموريون سندرتائون مري ٺري ويون آهن ۽ هاڻي مون کي تو مٿان موت جو گمان ٿئي ٿو. بدصورت موت جيڪو سموريون خوبصورتيون ناس ٿو ڪرڻ چاهي – آئي – هيٽ – يو.“
    موٽ ۾ هو کيس ٻنهي ٻانهن کان سوگهو پڪڙي، اکين ۾ اکيون وجهي تڙڦي نهاريس ٿو.
    ”حقيقت اها آهي ته خوبصورتيون، بدصورتين جو کاڄ بڻجي چڪيون آهن. اڳتي – ٻي وک کڄڻ کان پهرين ڪائي اونهي کاهي آهي، جيڪا ڪنهن ڏائڻ جيان وات پٽيو اسان کي ڳڙڪائڻ لاءِ کوٽي وئي آهي – ڪلائمڪس ان ۾ بولاٽيون کائي هيٺاهينءَ ڏانهن وڃڻ آهي، ٽڪرائجي پرزا ٿيڻ تائين - ۽ ان کان اڳ هلي آ – هڪ ٻي جا چپ چمي وٺون.“
    ”چپ چمڻ لاءِ جيڪي ڀاوَ گهربا آهن نه – اهي تو – وٽ.“ عورت جي اکين ۾ ڄڻ آليون ڪاٺيون دکيو ٿيون پون. پنهنجي ٻانهن تي ڦٻيل هن جي هٿن مان پاڻ ڇڏائيندي، تکيون وکون کڻندي هلڻ ٿي لڳي.
    ”مان – وڃان – ٿي.“
    ”مان – توکي آخري موڙ تائين ڇڏي اچان ٿو.“ هو سنسان روڊ تي ٻرانگهون ڀريندو هن ساڻ هلڻ ٿو لڳي.
    ”ٻڌ ته – اسان کي ڪوبه اڌيڪار ناهي، ان ٻار کي جنمڻ جو. ڇا تون ۽ مان ڪافي ناهيون، هيڏا پهاڙ جيڏا ڏک ڀوڳڻ لاءِ!؟“ ڳالهائيندي ساهه ڀرجي ٿو اچيس.
    ”بڪواس ٿو ڪرين تون. نفرت آهي مون کي توکان – مان ڪجهه به ٿي پوي، ابارشن نه ڪرائينديس – ڪجهه به ٿي پوي – ڪجهه – به – ٿي – پوي.“
    گهاٽن ڊگهن وڻن جي ٽارين اندر سج اُلهي رهيو هو. سنسان روڊ جي ڪاري پٿرائين ڇاتيءَ تي ڇڻيل هيڊا پن هن جي پيرن سان ٽڪرائجي، وکرجندا ٿا وڃن. پولار ۾ نيڻ کُپايو هوءَ آس ۽ ويساهه سان ڳالهائيندي ٿي هلي.
    ”مان ڄاڻان ٿي – جڏهن هو جنم وٺندو، تڏهن سڀ ڪجهه تهائين سُندر ٿي پوندو.“
    ”۽ جڏهن اها سندرتا پل اپل ۾ ئي ڀسم ٿي ويندي ۽-“
    ”تڏهن به سج ته اڀرندو نه!! هر نئون ڄاول ٻار نئين سج سمان هوندو آهي – تون ڇو نٿو سمجهين!؟ ڇو ٿو مارڻ چاهين اُن کي!؟ توکي ڏک نه ٿيندو ڀلا!؟“
    ”سج اُڀرندو – اهو سپنو آهي تنهنجو –“
    ”نه – ان جو ويساهه آهي مون کي – ان ڪري ئي هن موڙ کان مان پنهنجا پيچرا ڌار ٿي ڳوليان – ڏس ـــ منهنجو پيڇو نه ڪجانءِ – مان نٿي مارڻ چاهيان پنهنجي اندر جي سُندرتا کي. ٻڌين ٿو نه!!؟ــــــ“
    ”او – ٻڌ – ته –“ ٻرانگهون ڀري هو هن سان وک کڻڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.
    ”هن کي اهو ضرور ٻڌائجانءِ ته مان هن کي جنمڻ جي فيور ۾ نه هئس ان لاءِ – ان لاءِ جو مون نٿي چاهيو ته – هو – سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيڻ لاءِ جنم وٺي – تون – تون – ٻڌين پئي نه!!؟“
    کن لاءِ هوءَ بيهي ٿي رهي – پل اپل لاءِ کيس ٽڪ ٻڌيو ڏسندي ٿي رهي.
    ”ٻڌ! هن پل، جڏهن منهنجي گرڀ ۾ تنهنجو ٻار ٿو ساهه کڻي، مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ڌرتيءَ جي اندر ۽ ڌرتيءَ جي مٿان امن ئي امن آهي – شانتي آهي - ۽ منهنجو من پناهه گاهه آهي هن جي ۽ منهنجي ۽ - ۽ - فنا کان اڳتي ۽ پهرين به حياتيءَ جا ڊگها سلسلا آهن. اهم اُهو آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي اندر آهي – جيڪو سيني ۾ ڌڙڪي ٿو –“
    هو بس پيڙا وچان مرڪي پوي ٿو. سامهون ئي اُهو موڙ آهي، جتان هن جو الڳ پيچرو ڦٽي نڪري ٿو.
    ”الودع – هتان ئي موٽي وڃ. منهنجو پيڇو نه ڪجانءِ. جڏهن تنهنجو من آرسيءَ سمان جرڪڻ لڳندو نه – جڏهن تون زندگيءَ تي ويساهه ماڻي وٺندين نه – تڏهن مان ۽ هو توکي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي لڀي پونداسون–“
    ڪابه ورندي نٿو ڏي. پن ڇڻ جهڙيءَ نهار سان هن کي موڙ مڙندي ڏسندو ٿو رهي. هوريان هوريان هوءَ نيڻ نهار کان الوپ ٿي وڃي ٿي ۽ هو وڻ هيٺان بيٺو اکين تي ٻئي هٿ ڌري ٿو ڇڏي.
    ٻي پل
    پنهنجي پويان کان هن کي بم بلاسٽ ٿيندو ٿو محسوس ٿئي ۽ نيڻن جي سامهون اها ئي گرڀ وتي عورت انهيءَ ٻار کي جنميندي ٿي پسجيس، چؤڏسا ۾ ٻار جي روئڻ جو آواز ٿو ٻري ڄڻ.


    اڻپورو آسمان

    روهڙي جنڪشن تان ريل ڪنجهندي، سهڪندي، ٿڪل ٿڪل نوع ۾ زمين تي وڇايل پٽن مٿان رڙهڻ لڳي (سج لهي رهيو هو ۽ آسمان رت ۾ ٻڏل چنريءَ جيان ٿي محسوس ٿيو) اوچتو مان ڇرڪي سوچيان ٿو ’اڇا! هيءُ سنڌ آهي!؟‘ ۽ مان پنهنجن ساٿين کي ٻڌائڻ لاءِ ڪنڌ ورائي هن ڏانهن نهاريان ٿو. هنن سڀني جون اکيون ٻوٽيل آهن ۽ هو گهري ننڊ جي اونداهين غفائن ۾ وڃائجي ويا آهن. رائفلون هنن جي ٽنگن جي وچ ۾ نيزن جيان اُڀيون رکيون آهن ۽ لوهي ٽوپ هنن جي گوڏن مٿان اونڌا پيا آهن. هنن جي خاڪي وردي ۽ ڀاري بوٽن تي سفر دوران هلڪي هلڪي دز ڄمي وئي آهي. مان ڪنڌ نوائي پاڻ کي ڏسان ٿو. اسان هڪجهڙا ئي آهيون. اسان جا چهرا بس هڪ ٻي کان مختلف آهن. مان ڪير آهيان!؟ ڪيڏانهن پيو وڃان!؟ ڪهڙي ڪاڻ پيو وڃان!؟
    اچانڪ ريل جي ڀريل گاڏي ۾ مان تنها رهجي ٿو وڃان. منهنجي ماءُ ملتان ۾ حضرت شيخ السلام بهاؤ الدين ذڪريا جي چائنٺ چُمي، اُن جي روضي مبارڪ جي خاڪ پنهنجي سيني تي ملي ٻئي ٻڪ کنيا. هن جي ڀڻ جهڻ خوشبوءَ جيان منهنجي اندر گهلڻ لڳي (يا حضرت! منهنجو پٽ سنڌ جي شورش زده علائقن ۾ ٿو وڃي. اُن کي هر مصيبت ۽ آفت کان بچائج. ان کي سوڀ عطا ڪج يا حضرت!!) مون ماءُ ڏانهن نهاريو. هن جي پنبڻين تي ٻه لڙڪ اٽڪي پيا هئا.
    مائون ٻارڙن جيان معصوم ٿينديون آهن. هر ڳالهه سمجهي نه سگهنديون آهن. هوا ۾ لهر لهر هنن کي ڇرڪائي وجهندي آهي. جڏهن مان هيڏانهن آيس پي، تڏهن هوءَ اندر ئي اندر ٻڏندي ۽ اُڀرندي رهي هئي. پاڻيءَ ۾ ترندڙ پراڻيءَ ناوَ جيان، جنهن جي تري ۾ پائليءَ جيترو سوراخ ٿي ويو هجي. منهنجو وڏو ڀاءُ کلنا ۾ مڪتي باهني جي غنڊن (!!؟) هٿان مارجي ويو هو. تڏهن کان ماءُ جي سهميل من کي چين ئي نٿي آيو. چوڻ لڳي: ”پتر! جڏهن تون سنڌ اندر داخل ٿئين ته لا الھ الا انت سبحانڪ اني ڪنت من الظالمين جو ورد ڪندو رهج.“
    مان دريءَ مان ٻاهر نهاريان ٿو. اونداهون پولار – لوهي پٽن تي ريل پري پري تائين گسرجندي وڃي بيهي رهي ٿي. ڪائي ننڍڙي اسٽيشن آهي شايد!! نه پر – ڪجهه به ته ناهي پري پري تائين –
    ۽ اپار اونداهي انڌڪار آهي. سانت ۾، اُن ۾ تڏ جو توارڻ – جهٽڪو لڳڻ سان منهنجا ساٿي به جاڳي پون ٿا. اسين سڀ پنهنجي پنهنجي سيٽ جي ڀر ۾ لڳل درين مان ڪنڌ ڪڍي ٻاهر نهاريون ٿا. گرم هوا اسانجن چهرن سان ٽڪرائجي موٽي ٿي.
    اچانڪ......
    ليفٽيننٽ طارق آرائين کان رڙ نڪري ٿي وڃي. ”اوهه – مائي گاڊ – لڪ ايٽ هم –“ موٽ ۾ منهنجي سامهونءَ واري سيٽ تي اسان جيون اکيون ڄمي ٿيون وڃن. هو اندر آيو ڪيئن!؟ - ڪيئن!؟ - ڪيئن!؟ - ڪمپارٽمنٽ جي دروازن جا ته بولٽ چڙهيل آهن. سواليه نشان اسان جين اکين منجهه اُڀري اچن ٿا. پراڻي اجرڪ جي پڳڙي، ڪارن اڇن گاڏڙ وارن واري گهاٽي ڏاڙهي، جنهن جا وار پاڻ ۾ آکيري جي ڪکن جيان اُلجهي ويل. ڏٻرو ڏيل، ميرا ڪپڙا، هڙ جوٽن تي ۽ جتي پيرن بدران انهيءَ هڙ تي رکيل ۽ هون جون اکيون!!؟
    هن جون اکيون ڏسندي، بلڪل ان پل مون کي جنگي قيدين جون اکيون ياد اچي وڃن ٿيون. انهن منجهه به اهڙا ئي گڏيل ڀاوَ هوندا آهن. خوف، احتجاج، بغاوت، ڏاڍائي، هيڻائي، ـــــــ سڀڪجهه. هو بلڪل منهنجي سامهونءَ واري سيٽ تي ويٺو آهي پنڊ پهڻ بڻيو. هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ايترو گهٽ فاصلو آهي، جو منهنجا گوڏا سرد پوڻ لڳن ٿا هن جي وجود کي محسوس ڪري. هو اسان منجهان ڪنهن ڏانهن به نه نهاري رهيو آهي يا شايد هر ڪنهن جي اکين ۾ ساڳي وقت نهاري ٿو آر ۽ پار، اندر ۽ شهه رڳ تائين.
    اوچتو........
    ڪيپٽن رياض ملڪ جو آواز اسان کي ڪنهن هپنائزڊ لهجي کان ٻاهر ڇڪي وٺي ٿو اچي. ”What a fantastic – unbelieveable“ هو ويٺلن مان ڪجهه کي مخاطب ڪري ٿو. ”Look at him هي پوڙهو بلڪل اُن جهڙو آهي – اوهان کي ياد آهي!! ڍاڪا ۾ نواب پور روڊ وارو – پوڙهو بنگالي پپٽ مين ـــــ!؟“ خوف مان ڪيپٽن جو آواز ڄڻ کوهه مان ٿو اچي ۽ اکيون ڦهلجي ڄڻ گرانٺ جيڏيون ٿيو پون. مان پنهنجي ڳلي ۾ رت جو ذائقو ٿو محسوس ڪريان. رستا – گهر – گهٽيون – اسڪول – ڪاليج – يونيورسٽي – اسپتالون لهو لهو ۽ لاش – ڳجهن ۽ ڪتن جا لامارا. ڪجهه ياد ڪري مان پنهنجا هٿ رائفل تي ڦٻائي ٿو ڇڏيان ۽ لانگ بوٽن اندر منهنجا پير پگهر ۾ شم ٿي ٿا وڃن.
    ”ڊونٽ وري ڪيپٽن! – هيءَ سنڌ آهي – هي ڍاڪا وارو بنگالي پپٽ مين نه پر ويچارو سنڌي ڳوٺاڻو آهي.“
    اسان هن کي لاهڻ چاهيون ٿا ڪمپارٽمينٽ مان. ڪمپارٽمينٽ صرف اسان لاءِ بڪ ٿيل آهي. سويليئن ڪيئن ٿو هن ۾ ويهي سگهي!؟ لاهيوس – لاهيوس – پر – دروازن جا بولٽ چڙهيل آهن ۽ ريل ڪنجهندي سهڪندي – سڏڪندي – هلي ٿي پوي.
    1970ع
    ڍاڪا
    نواب پور روڊ
    هنگامي حالتن جو اعلان
    ڪرفيو
    ماڻهو سڀ گهرن ۾ بند. اسان کي سختيءَ سان آرڊر مليل، جيڪو ٻاهر نڪري گولي هڻوس فورن.
    ديوارون سناٽو اوڳاڇيندڙ
    ڄڻ موت اگهاڙن پيرن سڙڪن تي هلندو هجي – اچانڪ هڪ پوڙهو نڄاڻ ڪٿان کان نڪري ٿو. سانورو، بندرو، ڏٻرو، مٿي تي ڪکن واري ٽوپي، ٻچي ڏاڙهي، چيڪ واري لنگي ۽ ڦاٽل گنجي. هن جي ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ٻڌل ڏورين ۾ لٽڪندڙ پُتلي. پُتلي ڄڻ رت ۾ ٻڏل ڪو لاش آهي، جنهن جا ٻئي هٿ مٿي کنيل آهن آسمان ڏانهن ۽ ڪنڌ ڇاتيءَ تي لڙڪندڙ. اسان منجهان ڪو هڪ جواڻ هن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ رڙ ڪري ٿو، هو آڱرين سان پتلي نچائيندو، رڙيون ڪندو انڌن جيان سڌو وڌندو ٿو اچي – ڪرانتي – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سوراج – سوراج –
    فائر......
    ٺا
    ٺا
    ٺا – ا – ا – ا –
    هن جا پير ڌرتيءَ تان اُکڙن ٿا ۽ هو لهرائجي، ٻانهون ڦهلائي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿو. ڪ – ر – ا – ن – ت – ي – ي – ي –
    دروازا کلي پون ٿا ۽ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سوراج –
    فائر.......
    آنسو گيس
    لاٺي چارج
    پٿرن جو وسڪارو ماڻهن طرفان ۽ موٽ ۾ رائفلن جا منهن هجوم ڏانهن کڄي ويل.
    ٺا
    ٺا – ا – ا – ا –
    ۽
    رابندرناٿ ٽيگور
    نذر السلام
    زين العابدين
    مڌو سودن داس
    شهيد الله قيصر
    شيخ مجيب
    ڀاشاني
    هڪ
    هڪ
    ٿي
    سڀئي
    مري
    ٺري
    ويل
    روڊ سنسان ٿي وڃي ٿو. لهوءَ ۾ لت پت ست لاش وچ روڊ تي پيل ۽ اٺون لاش اُن پپٽ مين جو. ان رات اسان شهر جي آڊيوٽوريئم ۾ ڀارت ناٽيم ڏسون ٿا. سانوري سنجها جهڙيون بنگالياڻيون ۽ انهن جا پشم جهڙا پير.
    ريل ڊوڙي رهي آهي
    ها ڪيپٽن سچ چوي ٿو – هي پوڙهو سچ پچ ته اُن پپٽ مين جهڙو ئي آهي. جيڪڏهن ان جي ڏاڙهي ۽ لباس بدلائي ڇڏجي ته – نه – پر – اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي!؟ اهو اسان جي اندر ۾ رهجي ويل ڪو احساس آهي شايد!! خوف جو!؟ يا – شايد guilt!؟
    ”هي هن شاعر جو روح آهي – ڇا نالو آهي هن جو!؟ هو سنڌي شاعر–“ ميجر خالد بٽ کي نالو ياد نٿو پوي، پر هو مذاق ڪري وايو منڊل تي ڇانيل سانت ۽ هراس کي ٽوڙڻ ٿو چاهي. ”ها – عبداللطيف – شاهه – ڀٽائي!! Am I right?“ هو پاڻ ئي ٽهڪ ڏئي کلي ٿو – ها – ها – ها ٻين جا به گهٻرايل – اُلجهيل ٽهڪ هن جي ٽهڪن ۾ رل مل ٿي وڃن ٿا. مان به ٽهڪ ڏيڻ چاهيان ٿو پر مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هن پوڙهي سنڌيءَ جون اکيون خنجر جيان منهنجي سيني ۾ لهنديون ٿيون اچن ۽ مان ٺوٺ چپن تي ڄڀ ڦيرائي چُپ رهجيو ٿو وڃان.
    ٽهڪ ڏيڻ کان پوءِ هو سڀ رليڪس ٿي وڃن ٿا ۽ نارمل نوع ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا.
    ”يار! هيءَ زندگي به ڪائي زندگي آهي!! موت جو ڪاروبار آهي ڄڻ.“ طارق آرائينءَ جي اکين منجهه دريءَ مان اُڏامي ايندڙ مٽيءَ سان گڏ مايوسيءَ جي رک ٿي اڏامي.
    ”پر اها ئي ته زندگي آهي ينگ مين! اسان پنهنجي فرض لاءِ جيئون مرون ٿا! سرحدن جي حفاظت لاءِ – ملڪ جي بقا لاءِ.“ سڀني جا آواز بحث ۾ اُلجهي ويل.
    ”ها – سرحدن جي حفاظت لاءِ – ملڪ جي بقا لاءِ!؟ ملڪ جي ئي ماڻهن کي ماري، چيڀاٽي ملڪ جي بقا جو نانءُ ڏيڻ – نو – دس از – ناٽ فيئر ڇا اها آهي زندگي!!؟ مائي فٽ – آئي هيٽ دس لائيف – “ ميجر نواز چوڌريءَ جي لهجي ۾ ڀرجي آيل زهر.
    ”جيڪي ماڻهو ماريان وڃن ٿا – اُهي غدار آهن، ملڪ ۽ قوم جا.“
    ”پر غدار جي ڊيفينيشن ڇا آهي!؟“
    موٽ ۾ ميجر خالد بٽ سوچ ۾ پئجيو وڃي ٿو: ”اون – غدار!! غدار Means غدار جي I think – definition.“ اچانڪ هو ڪنڌ ورائي پوڙهي ڏانهن نهاري ٿو. اکين ۾ ڪجهه جرڪي پويس ٿو، ”غدار like this man.“ هن جي مذاق تي سڄو ڪمپارٽمينٽ ٽهڪن مان گونجڻ لڳي ٿو. پوڙهي جي نرڙ جون ريکائون تهائين گهريون پئجيو ٿيون وڃن. هن جون اکيون!! بلڪل اُهو ئي بنگالي پپٽ مين – مون کي محسوس ٿئي ٿو ته هو ڳلو ڦاڙي رڙيون ڪرڻ ٿو چاهي – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سراج – مان رائفل تي پنهنجو هٿ اڃا به ڏاڍيان ڦٻائي ٿو ڇڏيان. ناليءَ جو رخ هن ڏانهن ڪريان ٿو. هو وات پٽي ٿو ڪجهه چوڻ لا!؟ رڙيون ڪرڻ لاءِ!؟ ۽ - ۽ ٻي پل منهنجا هٿ ڍرا پئجي وڃن ٿا ۽ لانگ بوٽن اندر منهنجن پٿرائجي ويل پيرن منجهه ڄڻ ٻيهر ساهه پئجي ٿو وڃي. کليل وات اندر هن جي ڄڀ ڪپيل آهي – اڌواڌ – بلڪل وچ تان – ان ويساهه کان پوءِ ته هو ڳالهائي نه سگهندو، مان رليڪس ٿي ٿو وڃان. منهنجي جسم اندر تاڻجي ويل رڳون ڍريون پئجيو ٿيون وڃن.
    ڪڏهن ڪڏهن منهنجو من چاهيندو آهي ته هيءَ رائفل – هي لوهي ٽوپ – هيءَ وردي – سڀ ڪجهه راويءَ جي درياهه ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيان ۽ فريال جو هٿ پڪڙي ٽيڪسلا جي کنڊرن ڏانهن نڪري وڃان يا مرگلا جي پهاڙين تي بيهي زندگيءَ کي پڪاريان – زندگي! – اي زندگي! – زندگيءَ جو ٻيو نالو مس فريال جهانگير آهي.
    هيڏانهن اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين، اسلام آباد جي ڪشادين سڙڪن تي واڪ ڪندي هن پهريون ڀيرو منهنجو هٿ پڪڙي ورتو هو ۽ منهنجي اندر ۾ ڄڻ طوفاني هوائون ڦيريون پائڻ لڳيون هيون. آسمان جهڙالو ٿي چڪو هو ۽ مند جي پهرين برسات جون سنهڙيون بوندون اسان جا چهرا ڀڄائي رهيون هيون. دنيا پنهنجن هنگامن سميت اُن پل به روان دوان هئي پر مون کي لڳو اسان دنيا کان ڪٽجي ويا آهيون. سامهون ريسٽورينٽ جي شيشي جي ديوار جي هن پار ويٺل خوبصورت چهرن وارا ماڻهو ڌنڌ ۾ وڃائجي ويا آهن – سواءِ منهنجي – سواءِ هن جي – سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي ۽ جيڪڏهن ڪائي معنيٰ آهي ته هن جي هٿ جي ڇهاءَ کي – گلاب جهڙو ڇهاءُ جيڪو سڄي رات ماڪ ۾ ڀڄندو رهيو هجي. اُن پل کان ٽي ڏينهن پوءِ مون کي وردي پائي سنڌ ڏانهن وڃڻ جو آرڊر هو. هنگامي حالتن تي قابو پائڻ لاءِ، شرپسندن جي سرڪوبيءَ لاءِ.
    ساڻ ساڻ هلندي هن چيو؛ ”ڪاش تون فوجي نه هجين ها – ان کان سواءِ ڪجهه به هجين ها –“
    ”مثلاً!؟“
    ”مثلاً“ کن لاءِ هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. هن ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاريو. هن جي برائون اکين جي پنبڻين تي برسات جون بوندون اٽڪي پيون. (يا خدا! زندگيءَ کي بقا ڇو ڪانهي – انسانن کي بقا ڇو ڪانهي!) کن پل لاءِ مون سوچيو هو.
    ڪجهه لمحن کان پوءِ هن ڳالهايو، ”تون – ڪنهن باغ جو مالهي هجين ها – گل پوکين ها – گل جي هر ڪليءَ تي تنهنجين آڱرين جو لمس هجي ها – پر – ڪڏهن ڪڏهن مون کي تومان بارود جي بوءِ ايندي آهي – ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تنهنجي منهنجي وچ ۾ دونهون ئي دونهون آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجي ساهه جي نالين ۾ به ڀربو محسوس ٿيندو آهي........“
    هن هسٽريءَ ۾ ماسٽرز ڪئي آهي ۽ دنيا ڀر جو لٽريچر پڙهيو اٿس ۽ ان ۾ شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو به شامل آهي. چيونگم چٻاڙيندي، هيل واري سينڊل سان ٽڪ ٽڪ هلندي هوءَ ڪبير ۽ امير خسرو کان ٽئگور تائين ۽ ڀٽائيءَ کان بلها شاهه ۽ سلطان باهو تائين ڳالهائيندي اوچتو منهن تي اڏامي آيل وارن کي ڪنڌ جي جهٽڪي سان جڏهن پوئتي ڪندي آهي، تڏهن منهنجي سيني اندر پيل دل جو آواز به منهنجن ڪنن منجهه ٻُرڻ لڳندو آهي. هن جي پيءُ ميان جهانگير اشرف جون سکر بئراج وٽ وسيع ايڪڙن ۾ ڦهليل زمينون آهن، جن جو ذڪر هو ڪنهن فاتح جيان وڏي فخر سان ڪندو آهي.
    ۽ فريال جهانگير پاڻ، ٽيڪسلا جي کنڊرن ۾ مون سان هلندي، گوتم جي مورتين کي ڪومل آڱرين جي ڇهاءَ سان ڇهندي، هسٽريءَ جا انيڪ صفحا هڪ ئي ڇلانگ ۾ لتاڙي ساڌ ٻيلي جي مندرن، لبِ مهراڻ، سکر بئراج ۽ بکر جي قلعي جي کنڊرن ۾ وڃي نڪرندي آهي. تڏهن هوءَ مون کي بيحد پراسرار ۽ اجنبي محسوس ٿيندي آهي.
    ”اوهه گوش!!ــــ ڪيڏو پراسرار ۽ عجيب آهي اُهو سڀڪجهه – يو نو!!ــــ ساڌ ٻيلي جي مندرن جي ڊگهن ورانڊن ۾ مان اگهاڙن پيرن هلي هئس. موسم خزان جا هيڊا ڇڻيل پن هوا جي گهيرٽ ۾، ورانڊن ۾، ڪمري ۾، درين ۽ دروازن منجهان بي چين آتمائن جيان ٿي ڦريا. سچ ــــ بليو مي ـــــ اُتان جا ماڻهو به ڏاڍا عجيب ۽ پراسرار آهن. ڄڻ ڪائي پاڳل ڪامنا انهن کي اندر ئي اندر ولوڙيندي هجي. اُها پاڳل ڪامنا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!؟ تون سوچيندو هوندين مان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيان پر ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ به پاڻ کان ڪٽجي وڃائجي ويندي آهيان. دنيا ته ڇا، ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي ئي هسٽري پڙهندي منهنجين رڳن ۾ رت برف جيان فريز ٿي ويندو آهي. – اوهه – مائي گاڊ!! حيرت آهي ته هو وقت جي ڪيترن اٿاهه لشڪرن سان وڙهندي، اُنهن هٿان ڪسجندي به، ڪيترن حاڪمن هٿان پيڙهجڻ ۽ ڦورن هٿان ڦرجڻ جي باوجود به پنهنجي پراسرار ڪلچر ۽ ٻوليءَ سميت زندهه آهن. ڪن ڏئي ٻڌ ته زمين مان رڙين، دانهن ۽ گهوڙن جي سنبن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز پيا ٻُرندا آهن – اُف سنڌياڻين جي ڊريس!! – how beautiful ــــ گج جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ پيو سج تجلا ڏيندو آهي – تون جڏهن اُتان موٽين ته مون لاءِ گج ضرور آڻجانءِ...... جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ تون سامهون اچي بيهين ته تنهنجو عڪس جرڪي.....“ موٽ ۾ مان ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس. گج کان سواءِ اُن جون سموريون ڳالهيون هن جون پاڳل سوچون محسوس ٿيون هيون.
    ريل لاڳيتو ڪنجهندي سهڪندي لوهي پٽن مٿان ڊوڙي رهي آهي. هنن سڀني جا ڪنڌ ڇاتين تي لڙڪي آيا آهن ۽ هيڪر وري هو سڀئي ننڊ جي گهيرٽ ۾ گهيرجي ويا آهن.
    ۽ پوءِ سموري وجود سان مان ڇرڪي ٿو پوان. منهنجي سامهون واري سيٽ خالي آهي. الاءِ ڪهڙي پل هو اُتان اٿي ويو آهي. بند دروازن ۽ مسلسل ۽ مسلسل ڊوڙندڙ ريل مان نڪري چڪو آهي. اونهاري جي ان رات جي پوئين پهر سياري جي ڪائي سرد لهر منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊاري ٿي ڇڏي.
    فريال جهانگير سچ چيو هو. هتان جا ماڻهو سچ پچ ته ڏاڍا عجيب ۽ پراسرار آهن، ڄڻ ڪائي پاڳل ڪامنا آهي، جيڪا هنن کي اندر ئي اندر ولوڙيندي هجي. ڪنهن به ڀيانڪ انت جي ڄاڻ هوندي به اها ڪهڙي پيڙا آهي، جيڪا هنن کي آڳ جي درياءَ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي!؟ سمورو سک چين تياڳي آخر هي ڇو ٿا ذهني ۽ جسماني ايذاءَ جي بن ۾ ڀٽڪن؟ بظاهر ڪيڏا اٻوجهه، ڪيڏا هيڻا، ڪيڏا ٿڪل ۽ ٽٽل – پر هنن جون اکيون!! بلڪل اهڙيون، جهڙا ڪنهن ڪُٺل ڳڀروءَ جي ڪنڌ تي هاريل رت جا ڦڙا. ٽارچر ڪيمپ ۾ باغي ۽ سرڪش شاگردن کي ٽارچر ڪندي ڪندي مان ان احساس کان پوءِ ٿڪجي پيو هئس ته هنن جي انهيءَ ويڙهه جي ڪائي پڄاڻي ڪانهي ۽ ويڙهه به هنن جي عجيب نوع جي آهي. نه هٿيار کڻي وڙهن ٿا، نه ئي هنن جي احتجاج جي ڪائي گجگوڙ آهي. تڏهن به هنن جي ويڙهه اڳلي کي ٿڪائي ٿي وجهي. هنن کي شڪست در شڪست ڏيندي ڪيترو به پوئتي ڌڪي وڃو، غلاميءَ جا زنجير پارائي درٻار ۾ وقت جي حاڪم جي سامهون وٺي اچو، هنن جي رڳ رڳ ۾ ٽارچر ڪريو، پر هارائيندي به هار نه مڃيندا. هنن جي اکين ۾ پر هڻندڙ جيت جو ويساهه نٿو مري – بس اها ئي ڳالهه ٿڪائيندڙ آهي. فاتح کي سرخرو ٿيڻ نٿا ڏين ـــــ واپسيءَ کان ڪجهه ڏينهن پهرين، اهو به هر لنگهندڙ ڏينهن جهڙو گرم ڏينهن هو. ڌرتي ڄڻ ٽامو – اُن کان گذريل ڏينهن تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪجهه سرڪش ۽ باغي شاگرد اسان جي هٿان مارجي ويا هئا ۽ اهو ڪوبه ڇرڪائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ واقعو به ته نه هو. ائين ئي ته ٿيندو رهندو آهي ۽ ائين ئي ته ٿيندو رهيو آهي. تڏهن به مان ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو، ريلوي لائن جي وچ ۾ وک وک هلندو اُنهيءَ ڦاٽڪ تائين اچان ٿو. هوا ۾ رت جي بوءِ آهي. ڦاٽڪ وٽ ريلوي لائين جي ٻن پٽن جي وچ ۾ هاريل رت جيتوڻيڪ خشڪ ٿي ويو آهي، تڏهن به هن جو ڳاڙهو رنگ ائين ڦهليو پيو آهي، ڄڻ ڪنهن سانوري نار جو کهنبو ريلوي لائن جي پٽن ۾ اُلجهي اٽڪي ليڙون ليڙون ٿي ويو هجي. دور دور تائين ڪير ڪونهي، هوا جا زوزاٽ آهن ۽ اُن جي ڪن ۾ گهيرجي ڦيريون پائيندڙ هيڊا پن، ريتي ۽ مٽي آهي.
    اچانڪ مان ڇرڪي پوان ٿو. ساهه منهنجن پيرن جي آڱرين ۾ فريز ٿي وڃي ٿو. اهو ئي پوڙهو منهنجي سامهون بيٺل آهي. هن جي اکين جون وحشتون منهنجي مٿان ڄڻ اُلرون ڪن ٿيون. هو ٻئي ٻانهون ڦهلائي، پوريءَ سگهه سان رڙيون ڪري ٿو. اڌواڌ ڪپيل ڄڀ هن جي کليل وات ۾ ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪي رهي آهي. هو رت مان ڀنل مٽي ٻُڪن ۾ ڀري ڪڏهن منهن تي مَلي ٿو ۽ ڪڏهن سينه ڪوبي ڪري ٿو ڪنهن سوڳوار ماتميءَ جيان – بلڪل اُهو – بنگالي پپٽ مين – نه – بلڪل اهو – ڪمپارٽمينٽ ۾ چڙهيل سنڌي پوڙهو!! guilt – guilt – guilt – مان اکين تي هٿ رکي ٿو ڇڏيان.
    ڄڻ سال جي بنواس کان پوءِ مان موٽان ٿو پنهنجي ماءُ ڏانهن، جيڪا هر ڪنهن جمعرات حضرت شيخ السلام بهاؤ الدين ذڪريا جي چائنٺ چمي مون لاءِ ٻاڏائيندي هوندي. فريال جهانگير ڏانهن، جيڪا ملندي ئي مون کان يڪ ساهيءَ پڇندي: ”تو – ساڌ ٻيلي جا مندر ڏٺا!؟ لبِ مهراڻ ڏٺو؟ رني ڪوٽ جي قلعي جي باري ۾ ٻڌاءِ!؟ بکر جي قلعي ۾ مان توکي ياد آيس!؟ مڪليءَ جي قبرستان ۾ هلندي تو محسوس ڪيو ته زندگيءَ جي هيءَ سڄي وٺ پڪڙ ڪيڏي لاحاصل آهي. دنيا بس فنا جو ناٽڪ ئي ته آهي – تون ڀٽ شاهه ويو هئين!؟ تو پڪ اُتي محسوس ڪيو هوندو ته....... He is a great poet.“ ۽ جڏهن هوءَ اهي سمورا سوال پڇندي اوچتو ٿڪجي چپ ٿي ويندي ۽ هن جون برائون اکيون سواليه نوع ۾ هڪ ٽڪ مون کي ڏسنديون ئي رهنديون ــــــ تڏهن ــــ !؟ تڏهن !؟ ـــ !!؟؟ــــ
    مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل گج جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ نهاريان ٿو. هر آرسيءَ ۾ فريال جو چهرو ٿو پَسجي.
    ريل ساڳي نوع ۾ ڊوڙي ٿي واپسيءَ جي سفر تي ــــ اُهو ئي ساڳيو ڪمپارٽمينٽ آهي ۽ اسان – اهي ئي ساڳيون ورديون ۽ ساڳيا لوهي ٽوپ ۽ نيزن جيان اُڀيون رائفلون – اسان منجهان ڪجهه ننڊ ۾ ٻڏل ۽ ڪجهه جاڳندڙ. گذريل سال جڏهن اسان وياسون پي، تڏهن رات هئي. قبر جهڙي اُونداهي رات. اڄ واپسيءَ ۾ صبح ٿي رهيو آهي هوريان هوريان. آسمان جي آخري ڪنارن تان پرهه ٿي ڦٽي. ٿڪائيندڙ سانت. مان کن لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان. ريل جهٽڪي سان بيهي ٿي. مان ڇرڪي اکيون پٽي ڳڙکيءَ منجهان ٻاهر نهاريان ٿو – ڪائي ننڍڙي سٽيشن آهي – نيڻ نهار تائين پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي هيڊا ٿيل کيت آهن – مان سوچيان ٿو، اسان جا کيت هيل جوڀن تي هوندا. فصل پچي راس ٿيا هوندا!! ڪنهن به قوم کي زير ڪرڻ لاءِ اُنهيءَ کي ڏڪار جي کوهه ۾ ڌڪو ڏيو. پيٽ جو دوزخ ماڻهوءَ جا سڀئي آدرش ساڙي رک ڪري ٿو – هنن کي زير ڪرڻ لاءِ به اهو ئي حل ڳوليو ويو – پاڻي بند – ٻنيون ٻارا سڪي ٺوٺ ٿي ويل – نيڻ نهار تائين سوڪهڙو ٿو ڄڻ سُڏڪا ڀري. چهرن تي شڪست ۽ بک جو عذاب.
    ريل ٻيهر رڙهي ٿي. مان ڳڙکيءَ کان ٻاهر پَسجندڙ منظرن تان ڌيان هٽائي اندر نهاريان ٿو. دل ڌڙڪندي ڌڙڪندي نڙيءَ ۾ ڄڻ اٽڪي بيهي ٿي رهي. منهنجي سامهونءَ واري سيٽ تي ويٺل اُهو ئي پوڙهو. بند ڪمپارٽمينٽ ۾ هو اندر آيو ڪيئن!؟ اسان سڀني کي خوف جا ڀاوَ ويڙهجي ٿا وڃن ۽ پوڙهي ڏانهن هڪ ٽڪ نهاريندي اسان سڀني جون اکيون ڄڻ پٿرائجي وڃن ٿيون.
    سناٽو
    هن جي اکين ۾ ڄڻ شڪار ٿيل پکي ٿو پَر هڻي. ڦٿڪندو ۽ رتو ڇاڻ. بلڪل اوچتو هو ڪپيل ڄڀ سان رڙيون ڪري، جهپو ڏئي مون کان رائفل ڦرڻ ٿو چاهي.
    ۽
    ٻئي پل
    منهنجي ئي رائفل مان فائر ٿئي ٿو
    هو ڦٿڪي
    پَر هڻي
    لهرائجي هيٺ ڪِري ٿو
    (ڪ – ر – ا –ن– ت – ي –ڪ – ر – ا – ن – ت – )
    هن جي سيني مان ڦٽي نڪتل رت جا ڇنڊا اسان جي وردين تي ڪِرن ٿا ۽ فريال جهانگير لاءِ ورتل گج!!
    جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ منجهه ٿو فريال جو چهرو پَسجي، جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ منجهه، مان هن جي سامهون بيهان ته منهنجو عڪس جرڪي، اُهو ئي گج منهنجن هٿن مان ڇڏائجي رت ۾ رڱجي وڃي ٿو. مان نمي گج کڻڻ چاهيان ٿو. گج جي آرسي آرسي رت ۾ رڱيل آهي، جنهن ۾ فريال جو گلاب مک نٿو پسجي سگهجي – نه ئي منهنجو عڪس.
    اُهي آرسيون ته ڄڻ هِتان جي ماڻهن جون اکيون آهن!! بلڪل اهڙيون، جهڙا ڪنهن ڪٺل ڳڀروءَ جي ڪنڌ تي هاريل رت ڦڙا.


    جلا وطنيءَ جي سرنگهه

    ان رات
    جڏهن مون پهريون ڀيرو توکي پنهنجي گرڀ ۾ چُرندو محسوس ڪيو هو، اُن رات جي شروعاتي لمحن ۾ شام ڪنان ئي شهر جا سمورا رستا وڌوا جي سينڌ جيان هئا.
    سنسان
    ۽
    اُداس
    شهر جون ديوارون ڄڻ ڪرڀ منجهان سانت اوڳاڇي رهيون هيون.
    ڪرڀ.....!!؟
    رهجي رهجي تن جون رڳون ڇڪيندڙ گولين جي ٺڪاءُ کان
    شهر جي ڇاتيءَ تي گشت ڪندڙ موت کان
    ۽ ڪنهن ڪنهن پل هانءُ چيري رڳن ۽ رت ڦڙن مان اُڇل کائي نڪرندڙ ڪنهن
    چيخ
    دانهن
    رڙ
    ۽ سڏڪي کان
    سرءُ جي مند جون سرد هوائون گذريل ٽن چئن ڏينهن کان پيلا پن اُڏارينديون، بند دروازن ۽ ڳڙکين سان مٿو ٽڪرائي رهيون هيون. آڳنڌ ۾ اسان گذريل مند ۾ جيترا به ٻوٽا پوکيا هئا، سي سمورا ڪومائجي پن پن ٿي ڇڻي چڪا هئا. مان ڪنهن ڪنهن پل آڳنڌ ۾ اچي بيهندي هئس ته چؤڏسا ۾ ڦهليل پن، ڪومائجي سڪي ٺوٺ ٿي ويل ڇٻر ۽ وڻن جون ننگيون ٽاريون ڏسي من وسامجي ئي ته ويندو هئم (ڄڻ ڪجهه ٿيڻ کان پهرين هوائون صدائون ڏينديون هجن – جاڳندا رهو – اک – نه – جهپڪي – صبح – ٿيڻ – تائين جاڳندا – رهو – و – و – و –) سرءُ زندگيءَ جي ڪلائميڪس جو اڻٽر منظر آهي. زندگيءَ جي مٽيءَ ۾ پوکيل اسان جا وجود به ڇا محض ائين ئي ڪومائجي، ڇڻي، وکري وڃڻ لاءِ ئي آهن!؟ ۽ باقي رهجي وڃڻا آهن سرد هوا جا گهوگهاٽ!؟
    ۽ قبرستان!؟
    ۽ اجتماعي قبرون!؟
    جڏهن تون منهنجي گرڀ ۾ مس سُريو هئين، تڏهن اسان سڀئي پنهنجي گڏيل وجود جي بقا لاءِ وڙهندي وڙهندي ٿڪجي ڀور ٿيڻ لڳا هئاسون.
    بي وسي
    بي وسي
    مسلسل
    بي وسي
    ۽ انجام ڪار
    سرينڊرـــــــ !!
    سنگينن جي نوڪ هيٺ رکيل اسان جون ڇاتيون پٿرائجي ويون هيون ڄڻ. اُماس جي اُن ساڳي رات تنهنجو پيءُ انيڪ ڏينهن انڊر گرائونڊ رهڻ کان پوءِ موٽيو هو. رات جي پوئين پهر هو منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ ڌري، سڏڪا ڀري روئي پيو هو. ”سڀ لاحاصل – لا – حا – صل – نيٺ به غلاميءَ جو طوق اسان جين گردنن ۾ پوڻو ئي آهي – ته پوءِ اها سموري ويڙهه – اها خود اختيار ڪيل جلاوطني – لا حاصل – مان ٿڪجي پيو آهيان – منهنجا ڪيترا ساٿي – جواڻ – اڙٻنگ – اڌ پنڌ ۾ ئي مارجي ويا آهن ۽ هنن جا لاش رات جي اونداهين ۾ دفنائڻ وارن کي روئڻ لاءِ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ به نه جاري ڪيو ويو – ماتم – ان لاحاصلات تي ماتم – ماتم – ماتم– ماتم –“ هو ڪنهن سوزخوان جيان ڇاتي ڪُٽي ماتم ڪرڻ لڳو ۽ روئندو رهيو. ٻي ڏينهن هو پاڻ ئي اختياريءَ وارن اڳيان وڃي پيش پيو هو ۽ جڏهن هتان موٽيو هو ته حالتن سان هڪ خاموش/بي آواز ڪنڌ جهڪايل compromise ڪري چڪو هو.
    توکي جنمڻ سمي مون جيترو به جسماني ايذاءُ سَٺو هو، اهو گهڻو گهٽ هيو ان ذهني ايذاءَ کان، جيڪو مان تن ڏينهن ڀوڳي رهي هيس. پر اُن پل جڏهن مون سموري ڏينهنءَ جي جسماني ايذاءَ کان پوءِ توکي جنم ڏيندي ئي تنهنجو آواز ڪنايو هو، ان پل مان ڪيڏي نه سگهاري ٿي پئي هيس – ڪيڏي نه ٻلوان!!
    پر تنهنجو آواز لڪائڻ لاءِ ڊاڪٽر گهٻرائجي ليبر روم جا دروازا ۽ ڳڙکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون. ان پل ليبر روم کان ٻاهر سڙڪن تي سنگينن جي ٻل تي ڪرفيو نافذ هيو ۽ هر طرح جي آواز تي پابندي پيل هئي.
    سڏڪن تي به
    ٽهڪن تي به.
    جڏهن تون آڳنڌ ۾ پنهنجن پتڪڙن پيرن سان وک وک هلڻ لڳو هئين، تڏهن به پنهنجي آڳنڌ ۾ ڇانيل سوڪهڙي تي ساوڪ اچي نه سگهي هئي – ڳالهائڻ جي ڪوشش ۾ تون لفظن کي ڄڻ پوپٽن جيان پڪڙڻ چاهيندو هئين پر محض انهن جو رهجي ويل رنگ ئي اُچاري سگهندو هئين. تڏهن تنهنجي پيءُ تي زبان بند رکڻ جي پابندي پيل هئي، ان ڪري هو چپ چاپ توکي هيڏانهن کان هوڏانهن هلندو پيو ڏسندو هو، هڪ ٽڪ. ڪاغذن تي مسلسل Your obedient servant - Your obedient servant – Your – obedient – servant لکندي رکندي سندس آڱرين جا بل به اڱرن جيان ڪاراٺجي ويا هئا ۽ هو انهن آڱرين سان توکي ڇهڻ ئي نه چاهيندو هو (افسوس – اسان جا وڏڙا ڪوئلي جي انهيءَ کاڻ ۾ اسان کي جبري جنم ڏئي ويا هئا – صد افسوس – اسان ڪوئلي جي انهيءَ ساڳي کاڻ ۾ توکي جبري جنم ڏيڻ لاءِ مجبور هئاسون. اتهاس جي ڪُن ۾ ڦرندي ڦرندي ماڻهو پنهنجي رضا ۽ فطرت خلاف جاگرافيءَ جي حدبندين ۾ ڦاسي پوندو آهي. اتهاس وقت جي المناڪ ڀڃ ڊاهه جي ري ايڪشن ۾ پاڻمرادو سرجندو آهي. ان تي ماڻهوءَ کي اختيار ناهي. پر جاگرافي هر هٿيارن کان وانجهي قوم تي، اُن کان ڏاڍي ۽ هٿيارن سان ليس قوم مڙهيندي آهي. اسان پنهنجي اتهاس ۾ جنگي گهوڙن جيان ڊوڙايا ويا آهيون. اسان جن سنبن هيٺان رت ئي رت هاريل آهي، پر اسان ساڳي وقت جاگرافيءَ جي هوريان هوريان سوڙهي ٿيندڙ دائري ۾ ڦاسي بي دم ٿي ڪِريا به آهيون ۽ چؤڏسا ۾ رڳو اسان جي سهڪي جي گونج ئي باقي رهجي وڃي ٿي – ماتم – ماتم – ماتم –)
    اڄ به اکيون ٻوٽي سارڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته تنهنجي ٻالڪپڻي جا ننڍڙا ننڍڙا ساروڻا به مون کي ڏاڍا تلخ محسوس ٿيندا آهن.
    مثلاً: تو ڪڏهن به آزاد هوائن ۾ ڊوڙون ئي نه پاتيون پوپٽن ۽ کڙ کٻيتن کي ٻُڪن ۾ ڀرڻ لاءِ.
    مثلاً: تنهنجين اکين ۾ ڪڏهن به اچانڪ ٽيڙوءَ جيان ٽمڪندڙ ڪائي ڀاونا نه اُڀري هئي.
    بس، اسان جين اکين ۾، چهري تي ۽ چؤڏسا ۾ جيڪو ساهه گهٽيندڙ دونهون پيو ڦيريون پائيندو هو، اهو ئي هوريان هوريان ويو ٿي تنهنجين اکين ۾ ۽ چهري تي ڦهلبو.
    توکي هنج ۾ ڀري ٻڌائڻ لاءِ مرثيا ئي ته باقي بچيا هئا مون وٽ انهن جا، جيڪي تنهنجي جنم کان پهرين ئي/سج اُڀرڻ کان پهرين ئي ڪاري رات جي گرڀ ۾ لاٿا ويا هئا. انهن تنهنجي لاءِ صبح کي/سج کي ٻيهر جنمڻ ٿي چاهيو.
    تون اڌ کليل ڳڙکيءَ ۾ بيهي ٻاهر جو منظر ڏسندي ڏسندي اچانڪ هيڊو پئجي ويندو هئين ۽ ڊوڙ پائي منهنجي ڇاتيءَ ۾ اچي لڪندو هئين. ڄاتم ٿي ته ٻاهر جا منظر ڪيڏا ڀوائتا – بدنما آهن. من ئي من ۾ سهمجي ويندي هئس، اهو سوچي ته ڪير ڄاڻي زندگيءَ جون سندرتائون تون ماڻي سگهين يا نه!؟.
    ڪير ڄاڻي انت ڇا آهي، اسان جو – تنهنجو!؟.
    پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي رفيوجي ڪيمپ!؟.
    واٽ ويندي اوچتو ٿري ناٽ ٿري بور جي رائفل جو کاڄ بڻجي وڃڻ!؟.
    جيل جون کوليون!؟.
    ڦٽڪا!؟.
    ڦاسي گهاٽ!!.
    اهو به ڏاڍو ايذائيندڙ عمل آهي. اتهاس ۽ جاگرافيءَ جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ مائون گرڀ وتيون ٿيندي ئي، سپنن ۾ ڦاسي گهاٽ ئي پسي سگهنديون آهن – موت جو ڀڀ ڀرڻ لاءِ پُٽَ جنمينديون آهن. پاڻ مرثيا پڙهڻ لاءِ، سينا ڪوبي ڪرڻ لاءِ جيئريون رهجي وينديون آهن ۽ هنن جا جنميل جواڻ – اڙٻنگ پُٽ ڦاسيءَ جي ڦندي ۾ وقت جي پنڊولم جيان لٽڪندا رهجي ويندا آهن.
    انهيءَ انت ۾ هو قطعي بي وس آهن پر انهيءَ ڀيانڪ انت سان هر ڀيري نئين ۽ سگهاري ويڙهه شروع ڪرڻ لاءِ هو گرڀ وتيون ٿينديون آهن. پٽ جنمينديون آهن ۽ جواڻي ماڻڻ تي انهن کي آڳ ۽ لهوءَ جي درياءَ ۾ پنهنجن هٿن سان ڦٽو ڪنديون آهن. انت ۾ پاڻ ڌرتيءَ جي مٽي مٿي ۾ ڀري، ڇاتي ڪُٽي، ڪارا ڪپڙا پهري سوزخواني ڪنديون آهن – ماتم – ماتم – ماتم–
    ڪنهن اهڙي ئي ڀاونا سان مون توکي گرڀ ۾ ڀريو جنميو ۽ آڱر کان جهلي ڌرتيءَ تي پيرڙا کڻڻ سيکاريو. تون سوال ڪرڻ لڳين ۽ منهنجي اندر بظاهر سرد ٿيل رک ۾، ڪنهن ڪنهن پل اوچتو ڪو سرڪش احساس ڀڙڪو کائي دکي پوڻ لڳو.
    تنهنجيون پتڪڙيون ٻانهون مون کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وينديون هيون.
    ”مما!“
    ”هون؟“
    ”غلامي ڇا ٿيندي آهي؟“
    ”ــــــ !!؟“
    ”محڪومي ڇا ٿيندي آهي!؟؟“
    ”ــــــ !!؟“
    فوجي سنگينون کڻي اسان جن گهرن اڳيان ڇو ٿا هلن!؟ اسان کي ڇو ٿا گهورين!؟“
    ”ــــــ !!؟“
    ”مما!“
    ”هون؟“
    ”توکي ڇا اهو سڀ سٺو ٿو لڳي!؟“
    ”ڇا!؟“
    ”جيڪو ڪجهه پنهنجي گهر کان ٻاهر ۽ پنهنجي گهر ۾ ٿيندو رهندو آهي!؟“
    ”نه.“
    ”پوءِ تون چپ ڇو هوندي آهين!؟ بابا ڇو نه روڪيندو آهي هنن کي!؟“
    ”ـــــ“
    ”هو اڪثر اسان جي در جو ڪڙو ڇو اچي کڙڪائيندا آهن!؟ پنهنجي گهر جي تلاشي ڇو وٺندا آهن!؟ بابا جي سيني تي رائفل رکي هو ڇا پڇندا آهن!؟“
    ”تون سمهي پؤ هاڻي – ڏس ته ڪيڏي نه رات ٿي وئي آهي!!“ اهو چئي مان شايد تنهنجن سوالن کي لنوائڻ چاهيندي هيس!! پر مان ڇا اُهي ڀيانڪ منظر به لنوائي سگهيس ٿي، جيڪي ڪنهن زهرياتي آڪسيجن جيان اسان جن ساهن منجهه لهي رهيا آهن.
    بوند
    بوند
    اڄاتو خوف
    اويساهي – بس – اجهو – او – هي – پل – آخري – پل!؟.
    دروازي تي کڙڪو، ڳليءَ مان لنگهندڙ ورديءَ وارن جا ٽرڪ، اُڀيون سنگينون ۽ سڙڪن تي هارايل جوارين جو هجوم، (شڪست جو ٻوجهه ڍوئيندڙ، ڪنڌ لنوائي ڪنهن اڄاتي ڏسا ڏانهن ويندڙ. زرد چهرا، واريءَ ڀريل اکيون ۽ ڄڀ ڪپيل).
    هر صبح عدالت ۾ حاضريون، شڪ مان گهوريندڙ اکيون ۽ - سوال – انيڪ سوال.
    ننگا، بوءِ ڏيندڙ، چچريل، ڪتي جيان سهڪندڙ سوال.
    وفاداريءَ جا گهربل ثبوت ۽ غداريءَ جا عائد ٿيندڙ الزام.
    تنهنجي پيءُ عدالت ۾ سڏڪا ڀري چيو، ”يور آنر!ــــ خاموشيءَ سان ماڻهوءَ جو Compromise۽ اهڙي ماڻهوءَ جو Compromise جنهن جي وات ۾ هن جي ڄڀ ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪندي هجي – وفاداريءَ جو وڏو ثبوت ئي ته آهي.“
    پر هنن جو الزام هو ته تنهنجي پيءُ جي اکين ۾ وفاداري نه هئي. انهن مان گستاخي ۽ احتجاج ٿي بَکيو. انڪار ٿي ظاهر ٿيو. سو – هو – غدار هو.
    ٽارچر ڪيمپ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڏيندي هن جو جسم ڇيهون ڇيهون ٿي ختم ٿي ويو هو (الوداع)
    تڏهن تون ٻارهن سالن جو اچي ٿيو هئن. ايندڙ مهيني تنهنجو جنم ڏينهن اچڻو هو ۽ اُن رات، جنهن رات تنهنجي پيءُ جو لاش پرهه ڦٽڻ کان پهرين ٽرڪ مان پنهنجي در اڳيان اچي لاٿو ويو هو، اُن رات اسان جي سنجوڳ کي پندرهن سال پورا ٿيا هئا. اُهي سموريون چُميون، ڀاڪر، سرگوشيون، مُرڪون، ٽهڪ، سڏڪا ۽ لڙڪ، جيڪي اسان پندرهن سال پاڻ ۾ شيئر ڪيا هئا، تنهنجي پيءُ جي ٽارچر ٿيل جسم جي هر زخم ۾ رت جيان سرد پئجي چڪا هئا. اڄ به پيڙا وچان سوچيندي آهيان، افسوس – اسان ته هڪ ٻي کي الوداعي چمي به نه ڏني.
    ان کان پوءِ منهنجي ٻانهن تي مٿو ڌري سمهڻ واريون تنهنجي ٻالڪپڻي جون اهي سموريون راتيون تون سمهي ئي نه سگهيو هئين – هڪ ٽڪ ڇت جي گول ڦرندڙ پکي کي گهوريندو رهندو هئين. اندران ئي اندران وکري ويو هئين ڄڻ.
    هر آواز تي ڇرڪ
    شڪ جي ڪيفيت
    خوف جي ڀاونا ۾ تهائين شدت اچي ويل
    ۽ سوال ڀوَ جي احساس مان جنميل
    ”مما!“
    ”هون!“
    ”بابا – مري ويو آهي!؟“
    ”ها.“
    ”يا – ماريو ويو آهي!؟؟“
    ”ماريو ويو آهي نه!؟“ ويساهه ۽ اويساهيءَ جي وچ واري نوع مان.
    ”ها.“
    ”ڇو!!؟“ ۽ ان ڇو ۾ احتجاج جي سگهه سمايل.
    ”جڏهن منهنجو قد به بابا جيڏو ٿيندو نه، تڏهن ڇا هو مون کي به ماري ڇڏيندا!!؟“
    ”الاءِ!!“ مون کي لڳو پيڙا جي ڀاونا اکين مان لهي ڄڻ نڙيءَ ۾ چڀندي هجي.
    ”ته پوءِ تون ۽ مان اهڙي ديس ۾ ڇو ٿا رهون مما! جتي اسان کي جيئڻ به نٿو ڏنو وڃي!؟“
    ”ان تي اسان کي ڪوبه اختيار ڪونهي پُٽ! ته اسان ڪٿي ٿا رهون يا ڪٿي ٿا جنميا وڃون. پر ڌرتيءَ جي جنهن به ٽڪر تي اسان جنم وٺون ٿا ۽ جتي اسان جين پيڙهين جون پاڙون آهن ۽ جتي جي ٻوليءَ ۾ مون توکي ۽ منهنجي ماءُ مون کي ۽ ان کي ان جي ماءُ لولي ڏني آهي، ڪهاڻيون ٻڌايون آهن نه، اتي اسان ائين ئي جيئڻ لاءِ مجبور آهيون جيئن ساهه کڻڻ لاءِ – تون سمجهين پيو نه منهنجي ڳالهه!؟“
    موٽ ۾ تون چپ چاپ ٽڪ ٻڌي مون کي ڏسندو رهيو هئين ۽ پوءِ کن ترسي منهنجي اُرهه تي ڪنڌ رکي اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيئي پر تنهنجي چهري تي پَر ڦهلائي بيٺل ڀوَ جا ڀاوَ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن هانوَ تي هُري اچنم ٿا.
    ۽ جڏهن تو سچ پچ پنهنجي پيءُ جيڏو قد ڪڍيو هو، تڏهن مان مس تنهنجي ڪلهي تائين پهچي سگهيس ٿي. تنهنجين انهن هراسيل اکين ۾ نڄاڻ ڪٿان/نڄاڻ ڪهڙي پل باز جي اکين جهڙي تکي گهور اچي وئي هئي. اهڙي تکي گهور، جنهن جي اڳيان منهنجو من بلڪل تنهنجي ٻالپڻي جيان هيسجي وگهرڻ لڳندو هو. زندگيءَ جي انهيءَ دور ۾ اچي مان توکان سوال ڪرڻ لڳي هئس. ڊنل ڊنل ۽ هيسيل سوال ۽ موٽ ۾ تنهنجا جواب مون کي ڪيڏو پريشان ڪري وجهندا هئا. جيئن جيئن تون ڪنهن پهاڙ جيان اڏول، اڙٻنگ ۽ ٻلوان بڻبو ٿيو وئين، تيئن تيئن منهنجو ڏيل اوترو ئي ڏٻرو، منهنجو من ان کان به وڌيڪ پتڪڙو ٿيندو ٿي ويو. سڄيون سڄيون راتيون گم هوندو هئين ۽ مان اُهي سڄيون راتيون کليل در جي چائنٺ تي بيهي سرد هوائن سان پئي وڙهندي هيس. ڏينهن به ته اُهي اڳ کان به ڏکيا ٿي پيا هئا نه. اسان کي ايندڙ پيڙهين تائين محڪوم رکڻ لاءِ اسان جي چئني پاسي فوجي ڇانوڻيون ڦهلايون پي ويون. منهنجو من انهن ڇانوڻين جي حدن ۾ لڳل لوهه جي ڪانڊاريل تارن ۾ اُلجهي اٽڪي پيو رتوڇاڻ ٿيندو هو، اهو سوچي ته افسوس، شايد تون به پنهنجي پيءُ وانگر آزادي ماڻي نه سگهين – شايد – تون به – شايد – تون – به، ائين پيو ڀاسندو هو ڄڻ بنا نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ جي اسان ساهه به نٿا کڻي سگهون.
    ذهني ايذاءُ جي ايندڙ لمحن ۾ تون مون کي پنهنجين لوهي ٻانهن جي گهيري ۾ آڻي چوندو هئين؛ ”تون ڀلا ڇا کان ٿي ڇرڪين مما!؟ هي ڏس منهنجي هٿ تريءَ جي ليڪ ڪيڏي ڊگهي آهي – ڏس.“ ائين چئي هٿ تري منهنجين اکين اڳيان ڦهلائي ڇڏيندو هئين.
    تنهنجي پيءُ جي هٿ تي به حياتيءَ جي ليڪ ايتري ئي ڊگهي هوندي هئي – يا شايد ان کان به ڊگهي – پر!!.
    تون ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن وڙهي به پوندا هئاسون، انيڪ ڳالهين تي.
    مثلاً: رات جو تنهنجي دير سان اچڻ تي، تنهنجين انڊر گرائونڊ سرگرمين تي، تنهنجي لهجي ۾ ٻرندڙ جوالا تي – توکان وڇوڙي جو خوف مون کي ڪيڏو ڪمزور ڪندو ٿي ويو نه ته ان رات جڏهن مان ۽ تنهنجو پيءُ سدائين لاءِ وڇڙي ويا هئاسون، مون رنو ئي ڪونه هو /روئڻ ئي نه چاهيو هو.
    منهنجي ڀوَ جي اظهار تي تون، منهنجين اکين ۾ نهاريندي مُرڪي ڏيندو هئين – منهنجا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ ڏاڍيان جهلي پاٻوهه مان چوندو هئين، ”وڇوڙو اڻٽر آهي مما! تو جهڙيون مائون ۽ مون جهڙا پُٽ اڪثر اڌ پنڌ ۾ ئي وڇڙي ويندا آهن. اسان وڇڙڻ لاءِ ئي جنميا ويا آهيون. اها ڪاري رات، جيڪا توکي بابا کان ۽ مون کان وڇڙڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي، ان جو انت ائين ئي آڻي سگهجي ٿو.“
    جنهن ڪاري رات جو تو انت آڻڻ ٿي چاهيو، اُن ڪاري رات جي ڪنهن حصي ۾ هو سنگينون ڪلهن تي ٽنگي توکي وٺڻ لاءِ پنهنجي در تي اچي بيٺا هئا – اها تنهنجي جنم ڏينهن جي رات هئي. اهو سڄو ڏينهن مان رڌڻي ۾ بيهي تولاءِ اُهي سموريون شيون رڌيندي رهي هيس، جيڪي تون ننڍپڻ کان شوق سان کائيندو هئين، جيڪي کائڻ لاءِ ننڍپڻ ۾ تون کيٽو ڪندو هئين. پر اڃا اهو سڀ ڪجهه چُلهه تي ائين ئي رکيو هو جو در تي هٿ لڳو هو ۽ منهنجو من ڄڻ ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي رهيو هو. اهي اوپرا آواز مان سڃاڻي سگهيس ٿي چڱيءَ طرح، جڏهن هو تنهنجي پيءُ کي وٺڻ ايندا هئا، تڏهن کان. وساڻل من سان مان تنهنجي پويان ئي در تي هلي آئي هيس. اسٽريٽ لائيٽ جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اهي ئي هيا. اهي ئي خاڪي ورديون، اهي ئي چٻري جهڙيون اکيون، اهي ئي اُڀيون، تنهنجي سيني ڏانهن تاڻيل سنگينون.
    نالو؟
    پيءُ جو نالو؟
    ڏوهه؟
    ڏوهه ڄاڻائڻ في الحال ضروري ڪونهي. تڏهن به سرسري طرح سان ٻڌائجي ٿو ته:
    ملڪ دشمني
    غداري
    بغاوت
    وفاداري ۽ بيعت کان انڪار
    وقت جي حڪومت خلاف پروپيگنڊه
    احتجاج
    پمفليٽ لکڻ ۽ ورهائڻ
    باغي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هئڻ
    چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر خلاف نعره لڳائڻ
    وغيره – وغيره –
    في الحال پنهنجن ڏوهن سان متفق هئڻ ضروري نه آهي. انهن جي تصديق ۽ فيصلو سرسري عدالت ڪندي. هن وقت توکي اسان سان گڏ هلڻو آهي.
    موٽ ۾ تو ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو – اکين ۾ اها ئي باز جهڙي تکي گهور.
    ”الوداع!؟“
    ”الوداع.“
    تون هليو وئين. اها رات تنهنجي وڃڻ کان پوءِ تهائين ڊگهي ٿي پئي هئي. بظاهر سڀڪجهه جيئن جو تيئن ئي ته رکيل هو. ٽيبل تي رکيل اونڌيون پليٽون، خالي گلاس، برٿ ڊي ڪيڪ، ميڻ بتيون، هينگر تي ٽنگيل تنهنجو ڪوٽ، جيڪو ڪي پل پهرئين ئي تو لاٿو هو ۽ ان ۾ تنهنجي خوشبو – تنهنجو ڪمرو – ڪتاب – ان گهر ۾ سڀڪجهه تنهنجو ئي ته هو. هر شيءِ تنهنجي حوالي سان ئي ته هئي. چؤڏسا ۾ تنهنجي خوشبوءِ جو ئي ته واسو هو.
    پر تون نه هئين.
    تنهنجي بدران اڪيلائپ جو ڀوت هو جيڪو آدم بوءِ – آدم بوءِ ڪندو سڄي گهر ۾ ڦيريون پائي رهيو هو ۽ مان هئس.
    ان رات کان پوءِ سمورو سلسلو ائين ئي هو، جيئن تنهنجي پيءَ ڀيري هو. دائري جو سلسلو، دائرن منجهه دائرا. جڏهن ڪوڙ سچ تي سوڀ ماڻي ويندو آهي نه، تڏهن ماڻهن جون زندگيون دائرن جو روپ ڌاري وٺنديون آهن. گول گول ڦرندڙ انڌا دائرا ۽ ان ۾ ٻڌل ماڻهو گهاڻي جي ڏاند جيان –
    انهن دائرن ۾ ڳچيءَ کان ٻڌل عدالتون
    اکين تي کوپا چاڙهي گول ڦرندڙ جج ۽ وڪيل
    ڏوهن جي فهرست
    ۽ تون
    ۽ توسان گڏ ڏوهين جي ڊگهي قطار
    ۽ مان تنها، عدالتن جي ڊگهن سرنگهه جهڙن ورانڊن ۾ توکي ڏسڻ لاءِ جُتيون گسائڻ لڳي هئس.
    سر!
    سر – پليز –
    لسن مي سر!
    سر پليز هيلپ مي –
    آئي – ايم – ا – مدر
    آ – مدر – آف – ا – سن –
    ۽ ڳجهن جي شور ۾ مهنجو آواز دٻجي ويندو هو.
    هڪ لڱان توکي چيو هئم:
    ”پٽ! هي ملڪ برف جو ڪارخانو آهي – هتي سپيريئر ڪوالٽي جا ماڻهو برف مان ٺهيا آهن ۽ باقي عوام ۾ زوريءَ برف ڀري وئي آهي.“
    تو چيو هو:
    ”مما! برف رجندي به آهي نه. مون گليشئر ڏٺو ته ناهي، پر ان جي وهڪري کي مان پنهنجين رڳن ۾ محسوس ڪري سگهان ٿو.“
    ۽ پوءِ ـــــ
    انيڪ انيڪ ڏينهن کان پوءِ
    جڏهن سڙڪن تي برف رجڻ لڳي هئي
    ۽ گليشر ڦُٽي نڪتو هو برف جي پهاڙن مان
    تڏهن مان توسان آخري ڀيرو ملي هئس. پگهر مان شم مُٺ ۾، نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ڀيڙي، وک وک جيلر جي پويان هلندي، هيڊن چهرن ۽ بيمار جسمن وارن قيدين جي بي وس اکين کي لتاڙيندي تو تائين پهتي هئس.
    اونداهي کولي
    اڪيلائي
    سانت
    ۽
    تون
    مان ته سڃاڻي ئي نه سگهي هيس توکي – تنهنجو ته سڄو وجود منهنجن هٿن مان سرجي نڪتو هو پر – ڪيڏو ڏٻرو ٿي ويو هئين – ڪيڏو زرد سرنهن جي گلن جهڙو – نرڙ کان هيٺ، اندر گهڙي ويل ٻه اکيون ۽ انهن ۾ اها ئي باز جهڙي تکي گهور پسي ئي سڃاڻي سگهي هئس توکي. بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي تو منهنجن هٿن تي پنهنجا هٿ ڦٻائي ڇڏيا هئا.
    منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي انيڪ پل نهاريندو رهيو هئين. منهنجين اکين ۾ تنهنجي جنم پل کان وٺي، تنهنجي ٻالڪپڻي جا ساروڻا، منجهين راتين جا اوجاڳا، تولاءِ ڏٺل خواب، تنهنجي پيءُ جو وڇوڙو، تنهنجي اڏول، اڙٻنگ ۽ ٻلوان جواڻيءَ جا سمورا پل برف جيان رجڻ لڳا هئا. شايد!! يا – پڪ سان مون توکي وڇوڙي جي انهيءَ پل لاءِ ته جنميو هو. پنهنجي ڏيهه جي اتهاس ۾ اهو ئي ته لکيل آهي ته تون سوريءَ چڙهين ۽ مان تنهنجي سيرانديءَ ويهي، سينا ڪوبي ڪرڻ لاءِ باقي رهجي وڃان.
    الوداع ــــــــ


    اَ – وشواس

    مان ته ڄڻ وڃائجي وئي آهيان/پڪ ته،
    پنهنجي پاڻ کان
    پنهنجي اندر کان
    پنهنجي هئڻ کان.
    شروع ۾ مون کي محسوس ٿيندو هو ته مان وڙهڻ چاهيان ٿي/وڙهي سگهان ٿي.
    گهڻو اڳتي هلي هوريان هوريان منهنجا هٿ ويڙهه جي انهيءَ ڀاونا/ويساهه تي ڍرا پوڻ لڳا.
    وڙهي ئي نٿو سگهجي.
    بلڪل به نه.
    سمجهوتن جا ڪيترا ئي بلينڪ پيپرز مون کان سائن ڪرايا ويا آهن – جن تي شرطن جي فهرست لکڻ وارا ٻيا آهن.
    رشتا/ناتا – اهم/غير اهم
    سماج
    سرڪار
    مها سرڪار/سپر پاور.
    (اها هڪڙي ئي چين آهي اُها، جيڪا شخصي/گڏيل سطح تي ماڻهوءَ کي/ماڻهن کي ٻوجهه ڍوئيندڙ جانورن جيان انهيءَ هڪ ئي ڏسا ڏي هڪليندي ٿي رهي، جنهن ڏانهن ويندي هن کان/هنن کان منظر سمورا الوپ هجن).
    شرط مون مڃيا آهن زندهه رهڻ جي فطري خواهش هيٺ نه، پر زندهه رهڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي ڪونهي، ان ڪري.
    جيتوڻيڪ زندهه رهڻ لاءِ مان ٻن نتيجن تي پهتل آهيان.
    1. سماجي/سرڪاري طرح سان مون کي زنده رهڻ جو آرڊر ڪونهي/ذاتي سطح تي مان زندهه رهڻ افورڊ ڪري نٿي سگهان/خدا مون کي محض زنده رکڻ لاءِ زندگيءَ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي.
    2. مون کي محسوس ٿيندو آهي ته جنم کان ئي مون کي بنا ڪنهن مختارنامي جي موڪليو ويو آهي محض بي وسيءَ جو تجربو ڪرڻ لاءِ/جنم کان پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن اسٽيج تي مون کان مختارنامو ڦريو ويو آهي محض بي وسيءَ جو تجربو ڪامياب بنائڻ لاءِ.
    انهن ٻنهي نتيجن کان هٽي ڪري جيئڻ لاءِ ڪيترا ئي ڪارڻ گهڙي وٺبا آهن، پر هر ڪارڻ جي پويان جيڪو ڪارڻن جو اننت سلسلو آهي، اُهو تهائين گهڻو ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ آهي ۽ آخر ۾ اهو ويساهه به ته جيئڻ پنهنجي اندر آ – ڪارڻ آهي.
    اهو سمورو احساس شروع کان ناهي – اهو وڃائجي وڃڻ کان پوءِ جو آهي ۽ اهو احساس منهنجي اندر تڏهن جنميو هو، جڏهن مان اهو ڄاڻي سگهي هئس (۽ اها ڄاڻ سرڪار/سماج جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ کان پوءِ ئي ماڻي سگهجي ٿي) ته جيئڻ معنيٰ محض ساهه کڻڻ ئي ٿي نٿو سگهي.
    جيئڻ معنيٰ:
    پنهنجي شخصي سوچ ۽ اُن جي سگهه ۽ اُن جي آزاد اظهار جي اندر ماڻهوءَ جو جياپو ڪنڌ کڻي هلي سگهي.
    سوچ!!؟
    ان جي سگهه!!؟
    اُن جي اظهار جي آزادي!!؟
    پوءِ مان ٻن حصن ۾ ورهايل. اڌ حصو عورت جي خاني ۾ پيل - پئي پئي بوءِ ڏيندڙ ۽ ٻيو اڌ حصو انسانن جي خاني ۾ پيل ۽ مري مري به جيئندڙ پر!!
    نتيجي ۾ مليل شڪست ۽ مسلسل شڪست کان پوءِ
    هاءِ بلڊ پريشر/لو بلڊ پريشر.
    ڊاڪٽر همدرديءَ وچان اکين ۾ اکيون وجهي چيو:
    ”اهو سڀ ذهني دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي ڪري آهي – ڪارڻ؟ عورتن ۾ عام طرح اها ڪيفيت ڪنهن اندروني جسماني بيماريءَ ڪارڻ ٿيندي آهي. مثلاً: يوٽريس ۾ انفيڪشن وغيره – ٿي – سگهي – ٿو – ته –
    چڱو ڀلا تون ڪنهن سٺي گائناڪالاجسٽ کي ڏيکار.“
    ڪيترا ٽيسٽ ۽ رپورٽون
    آخر ۾ گائناڪالاجسٽ جي راءِ (ڪاروباري نوع ۾).
    ”يو آر نارمل – دراصل اسان جي سماج ۾ عورتون اڪثر اپ سيٽ رهنديون آهن. انهن ويچارين جو ڏوهه به ڪونهي. مڙد جي ذهني ۽ جسماني domination ان کي به ذهني ۽ جسماني طرح سان ٿڪائي وڌو آهي. دنيا جي بدلجندڙ سماج ۾ هوءَ عورت جي آزادي ڏسي وڌيڪ depress ٿي وڃي ٿي. منهنجو خيال آهي ته تون ڪنهن سائيڪا ٽرسٽ کي ڏيکار.“
    ”چرئين جي ڊاڪٽر کي!!؟“
    ”ها – ان ۾ برائي ڪهڙي آهي!؟ اسان جي ملڪ ۾ ٽي حصا ماڻهو ذهني طرح سان وکريل/بيمار آهن.“
    ”پوءِ ذهني طرح سان صحت مند ڪير آهي!؟ باقي اُهو چوٿون حصو جيڪو سماجي/سرڪاري سطح تي حڪومت ڪري ٿو بيمار ذهنن تي!؟“
    ڊاڪٽر جو ٽهڪ – رسمي
    ”بهرحال، مون کي وومن لبريشن جو احساس بيماريءَ جي صورت ۾ ناهي. مان ته ان کي پنهنجو حق سمجهي اون ٿي ڪريان، وومن لبريشن جي ڪائي موومينٽ جوائن ڪرڻ کان سواءِ. باقي اها الڳ ڳالهه آهي ته مون تي اها بيماري مڙهي مون کي وري به مڙد کان الڳ ٻئي درجي جو فرد ثابت ڪيو وڃي ۽ مان سماج جي سيڪنڊ ڪلاس ڪمپارٽمينٽ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مجبور ئي رهان/رهندي ٿي اچان.“
    ”تڏهن پوءِ تون ڇا ٿي محسوس ڪرين!؟“
    ”مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڊاڪٽر! ڄڻ/پڪ ته مان وڃائجي وئي آهيان، پنهنجي پاڻ کان/پنهنجي اندر کان/پنهنجي هئڻ کان.“
    ”اڇا!!؟“
    عينڪ جي پويان گائناڪالاجسٽ جي اکين ۾ همدردي/رحم.
    ”پوءِ تون سائيڪاٽرسٽ کي ضرور ڏيکار – گاڊ بليس يو.“

    رات جو
    بستري ۾
    اکيون ڇت تي لفظ لکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون
    لفظ، جيڪي ڏينهن جو اُچاري نه سگهبا آهن. سماج جو کاڄ بڻجي ويل لفظ. پاڻ ۾ رل مل ٿي وڃائجڻ لڳن ٿا.
    مون کان/پنهنجي پاڻ کان.
    پاسو ورائي ڀت ڏانهن منهن ڪرڻ ۾ ئي في الحال پناهه ٿي محسوس ٿئي.
    ڀت ۾ پناهه!!؟
    اوچتو پٺيءَ تي هن جي هٿ جو ڇهاءُ – مان ڇهاءُ کان ڇرڪان نٿي. عادي ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڇرڪي نٿو ۽ اهو به پنهنجيءَ نوع جو Compromise آهي.
    هڪڙو سرد ڪمپرومائيز
    برف.
    ”چپ ڇو آهين؟“
    ”ڳالهائڻ کان سواءِ ڇا تون مون کي نٿو سمجهي/محسوس ڪري سگهين؟“
    ”ڇا سمجهان توکي؟“
    ”مان – مان – ٿوم – بصر ۽ ڪچي گوشت جي اگهن کان هٽي ڪري ٻهاري جي دز ۽ چلهه مان اٿندڙ دونهين منجهان نڪري، ڪجهه ٻيو/ڪجهه مٿانهون محسوس ڪرڻ ٿي چاهيان – ڪجهه اهڙو، جنهن ۾ مان پنهنجو پاڻ پائي سگهان. رڌڻي کان بيڊروم تائين – بيڊروم کان رڌڻي تائين – جي – اها – زندگي –“
    ڳلي ۾ ڪجهه (الاءِ ڇا!!؟) ڪڙو، تز ۽ چڀندڙ اٽڪي پوي ٿو. ان کان پوءِ مان چُپ ۽ هن جي اکين ۾ حيرت جا ڀاوَ. سمجهي سگهان ٿي ته هو مون کي نه پيو سمجهي سگهي – بس اچرج مان ڪيل هڪڙو سوال.
    ”تڏهن؟“
    ”مون ۾ پگهر جي بوءِ ئي ته باقي رهجي وئي آهي، جيڪا منهنجي هئڻ جو احساس ڏياري ٿي مون کي به/توکي به. رڌڻي جو پگهر – بستري جو پگهر – ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ مهانگائي، نوڪرن جا مسئلا، ٻارن جون ضرورتون ۽ لوڪ کي اهو ويساهه ڏيارڻ کان سواءِ ته پنهنجي گهرو زندگي ڪيڏي خوشگوار آهي – ٻيو ڪجهه به ته باقي ڪونهي.“
    ”پر ڇا! اهو سچ ناهي ته اسان جي گهرو زندگي خوشگوار آهي!!؟“ اکين ۾ اکيون وجهي ڪيل سوال.
    شڪ
    اکين ۾ به
    سوال ۾ به
    نڄاڻ پنهنجي لاءِ!؟ نڄاڻ منهنجي لاءِ!؟
    ”ها سچ آهي پر اهڙو سچ، جنهن کي اسان ڪنهن ساهه کڻندڙ جيوَ جيان نه پر روبوٽ جيان نڀائي رهيا آهيون.“
    ان کان پوءِ
    ڪنهن تلخ احساس هيٺ
    هو چپ
    مان به چپ.
    ۽ چپ کي پنهنجي پيڙا ٿيندي آهي ۽ ان پيڙا جي ري ايڪشن ۾ يا اُن پيڙا مان نڪرڻ لاءِ لائف بوٽ جيان هڪ ٻي جو استعمال.
    ڀاڪر
    چُمي
    نهار
    بي ذائقي هئڻ جو احساس
    Tasteless
    وچ وچ ۾ ٽٽي پيل تعلق
    بنا حواس جي مشيني انداز
    بي حس
    ٿڪائيندڙ.
    ريل جا ٻه الڳ الڳ پٽا ساڳي ڏسا ڏي ويندڙ ۽ اُنهن مٿان ٿڪل ۽ بيمار پوڙهيءَ جيان هلندڙ ريل ۽ خالي ڪمپارٽمينٽ ۾ ويٺل ٻه اجنبي.

    ان منجهند مان مين روڊ ڪراس ڪرڻ لڳي هئس. ڪجهه بدليل هو جنهن روڊ جي روزاني روٽين کي به بدلائي ڇڏيو هو. گهٽ ٽريفڪ ۽ پوليس جا جٿا گشت ڪندڙ، بند ٿيل دڪانن يا تيزي سان بند ٿيندڙ – آنسو گيس جا ڇڏيل شيل ۽ اکين ۾ لڙڪ.
    مان بيهي رهان ٿي. سامهون نيڻ نهار جي حد کان اورتي، ايندڙ جلوس – ڪارا ڳاڙها بينر، نعره، ڳاڙها ٽامو ٿيل چهرا – جلوس ويجهو ايندڙ ۽ گشت ڪندڙ پوليس جي اکين ۾ لٿل رت.
    ڪلهه يونيورسٽيءَ جا ڪجهه شاگرد پوليس جي گولين جو کاڄ بڻجي ويا هئا. اڄ اُن جو ري ايڪشن هو ٻنهي ڌرين ۾. صبح مارجي ويلن جا فوٽو ڇپيا هئا اخبار ۾. ٽيبل تي ناشتو ڪندي، اخبار جي اُن حصي تي اکيون اُٿندي ئي ڪوسي چانهن جو ڍُڪ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هئم.
    کن لاءِ من ۾ واڪا ڪندڙ خواهش: ٽيبل تي رکيل ٽي سيٽ پٽ تي اُڇلي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏڻ جي. اکين ۾ لهندڙ لڙڪ ۽ ٻي پل سڀ ڪجهه بي معنيٰ بڻجي ويل گهر جي هنگامي ۾.
    ”جلدي چانهن ڏي – آفيس کي دير ٿي ٿئي.“
    ”منهنجا شوز نٿا لڀن.“
    ”بٽڻ ته ٽانڪي ڏي.“
    هوشوءَ جي هوم ورڪ ڪاپي گم.
    سپيءَ جو لنچ باڪس اڃا تيار ڪونهي
    مسلسل وڄندڙ فون
    ۽ سمورو هنگامو پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان پوءِ،
    مان
    تنهائي
    چانهن جو ٿڌو ٿيل ڪوپ
    ٽي سيٽ
    ۽
    اخبار.
    هينئر جلوس منهنجي ويجهي کان ٿو لنگهي. هٿ وڌائي ڇُهڻ چاهيان ته ڇُهي سگهان پر ڇُهان نٿي. چهرا منهنجا ڏٺا وائٺل. مارجي ويل چهرا به اهڙا ساڳيا. اهڙا ساڳيا ڳڀرو.
    گذريل انيڪ ڏينهن کان مان ۽ اخباري خبرون هڪٻئي سان وڙهي رهيا آهيون.
    جيڪي ڪجه ٿي رهيو آهي اُن تان.
    هي نياءِ آهي.
    هي انياءِ آهي.
    عين اُن پل، جنهن پل هن مون سان هم بستري ٿي ڪئي، عين اُن پل رت جو درياهه وهي نڪتو هو اِن ساڳي ڌرتيءَ تي – عين اُن پل سرڪار آرڊر جاري ڪيو هو قتل عام جو. عين اُن پل انسانن جو هجوم توپ جي کلي ويل منهن اڳيان اچي ڇيهون ڇيهون ٿي/پرزا پرزا ٿيندڙ.
    عين اُن پل
    عين اُن پل
    عين اُن پل بستري ۾ اسان جي مٿان ڳجهن جا لامارا. اخبار جي پنن جي ڦڙ ڦڙ ۽ مري ويلن جا انگ اکر ڀت تي لکجندا ٿا وڃن. ڪراهت جو احساس جڪڙي ٿو وٺي مون کي – هم بستريءَ کان، اُن مان ماڻيل لذت کان. پنهنجي جسم مان/هن جي جسم مان ايندڙ رت جي ۽ سڙندڙ ماس جي بوءِ. پاڻ ڇڏائي اُٿي بيهي ٿي رهان.
    ”ڇو؟“
    ”ان کان اڳتي به ڪجهه آهي.“
    ”مطلب؟“
    ”ان – کان – اڳتي – ان – کان – اڳتي – عورت جو مڙد لاءِ استعمال نه – نه – پر – ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ لاءِ استعمال – صرف انسان جي حيثيت ۾ - ان لذت کان اڳتي – اڳتي – ڪجهه ٿيڻ/محسوس ڪرڻ ته ڏي مون کي – ماڻهو – مري – رهيا – آهن – فار گاڊ سيڪ – اسٽاپ اٽ – ماڻهو – م – ر – ي – ر – هه – ي – ا – ا – ا –“
    ان کان پوءِ مان ڄڻ هسٽريا جي ڌٻڻ ۾ لهندي ٿي ويس.
    سڏڪا
    اوڇنگارون
    پوءِ ٽٽي، ڇڄي پيل دانهون.
    گائناڪالاجسٽ ڇا سچ چيو هو ته مان ڪنهن سائيڪا ٽرسٽ کي ڏيکاريان!؟ ڇا منهنجي پيڙا رڳو سائيڪاٽرسٽ پائي سگهندو!!؟ ڇا سچ پچ هن ملڪ جا ٽيون حصو ماڻهو ذهني مريض آهن يا ڪيا ويا آهن!؟.
    جلوس: مارجي ويلن جون تصويرون هنن جي هٿن ۾ - رڙيون، دانهون، نعرا، احتجاج احتجاج احتجاج – اچانڪ ڪجهه وراڪا ڏئي وڄ جيان منهنجي اندر گهڙي آيل ۽ ڪجهه دکي پيل. هوريان هوريان رکندڙ آڱرن مان جيئن اوچتو ڀنڀٽ ٻري پوندو آهي. آسمان کي ڇهندڙ اُلا. مان اُنهن ۾ گڏجڻ چاهيان ٿي. وک کڻڻ چاهيان ٿي/کڻان ٿي ۽ بيهجي وڃان ٿي ڄڻ – ڪنهن حڪم هيٺ.
    ٻه ٿا ٿين
    ٻار اسڪول کان موٽندا هوندا!
    هو به اچڻ وارو هوندو!
    بک کان اصل هنگامو کڙو ڪري ڏيندا.
    چلهه تي رکيل منجهند جي ماني!؟
    ۽ هتي – هيءَ – نياءِ ۽ انياءَ جي ويڙهه – منهنجي اندر دُکي پيل احتجاج ۽ احتجاج ڪري نه سگهڻ جي پيڙا!!؟
    ٻه واٽو
    ۽ ٻه واٽي مان ڦٽي نڪتل ڪيترا ئي ٻه واٽا/ٽه واٽا/چؤواٽا – زندگيءَ جا
    آتما جا
    احساسن جا.
    پنهنجي پاڻ ڏانهن ويندڙ راهه انهن ٻه واٽن/ٽه واٽن/چؤواٽن ۾ وڃائجي وئي آهي ڄڻ. يا هيئي ڪانه يا منهنجي اکين تي ڪوهيڙو چڙهي ويو آهي؟
    اها منهنجي شخصي بي وسي آهي
    ۽ اُن سان مٿو ٽڪرائيندڙ اُن قوم جي گڏيل بيوسي، جنهن منجهان مان آهيان.
    اُن کان پوءِ منهنجو جسماني روبوٽ گهر واري راهه ڏانهن مڙي وڃي ٿو.
    انڌو
    گونگو
    ٻوڙو
    روبوٽ.


    ڪليسا جي صليب تي ڳجهه

    دريءَ کان ٻاهر نيڻ نهار تائين منظر سمورا بدنما ٿي چڪا آهن.
    هنن بيئر، وسڪي ۽ سوڍا جون بوتلون کوليون ۽ گلاسن ۾ اونڌيون ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ گلاسن ۾ هنن جا وجود ترڻ لڳا.
    چيئرز
    چيئرز
    چوٿين پيگ تي، پرين ڪنڊ ۾ ويٺل اڇي چمڙيءَ واري پوڙهي فلاسفر جو اندر ڄڻ اُٿلي پيو. هن رڙ ڪري چيو:
    ”فار گاڊ سيڪ ـــــ آواز سڀئي بند ڪري ڇڏيو. مان انهن کي نٿو ٻڌڻ چاهيان. منهنجن ڪنن جا پڙدا ڦاٽي پوندا – سڪون!! سڪون!! اڳتي اونداهون پولار آهي. اتي ئي سڀئي بيهي رهو اڌ پنڌ ۾ - ڊونٽ موو ـــــــ اڳتي اونداهون پولار آهي، وات پٽي بيٺل، اسان کي ڳهڻ لاءِ Man has been thrown into this world in order to die – to die – die – e – e – e.
    چوٿين پيگ جي آخري ڍڪ تي پهچندي پهچندي هو ٽيبل تي مٿو ڌري سڏڪا ڀري روئي پيو ۽ هائيڊيگر جا جملا سندس آواز ۾ ٽٽندا وکرندا ٿي ويا.
    ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ مرڻ لاءِ ڌڪيو ويو آهي.
    ماڻهوءَ ــــــ کي ـــــ هن ــــ دنيا ۾ ــــــ مرڻ ــــ لاءِ ـــــــ ڌڪيو ــــــ ويو ــــــــ آهي ـــــ
    هال ۾ رکيل ٽيلي ويزن جي چؤڪنڊي اسڪرين تي ڳاڙهي روشني آئي ۽ نيوز ريڊر جي گرانٺ جيڏي ڄڀ ٻاهر نڪري سهڪڻ لڳي.
    اڄوڪيون اهم خبرون ــــ !!!؟
    مرڻ وارن جو تعداد
    زخمي ٿيلن جو تعداد
    ٻڌجي، جيلن ۾ ڀرتي ٿيڻ وارن جو تعداد،
    ۽ ان ۾ جنم ٽيپ، ڏنڊ، سخت پورهئي سان ڊگهي ٽيپ ۽ ڦاسي ۽ مارڻ وارن، زخمي ڪندڙن ۽ ٻڌڻ وارن کي مليل گولڊ ميڊل، عالمي امن انعام.
    هال ۾ ويٺلن پنهنجن پنهنجن گلاسن ۾ ترندڙ اکيون ڪنارن تي آڻي، حيرت ۽ همدرديءَ وچان فلاسفر کي ڏٺو ــــــ پوءِ نفرت ڀري نهار نيوز ريڊر تي ــــــ نفرت جي پويان لڪل ڀوَ جا ڀاوَ.
    چيئرز
    چيئرز
    اڄ صبح هن تهائين گهڻي شدت سان آپگهات ڪرڻ جي خواهش من ۾ محسوس ڪئي هئي. سائيڊ ٽيبل جي خاني ۾ ننڊ جون گوريون به رکيل هيون. ڪم از ڪم ان عمر جي موت لاءِ ڪافي هيون. هن شيشي کولي هٿ تريءَ تي اونڌي ڪئي. گوريون ڳڻيون، پاڻيءَ جو گلاس ڀريو. دريءَ مان ڏسجندڙ گلاب تي به هن آخري نهار وڌي، پر آپگهات ڪري نه سگهيو. اسان آپگهات ڪري نٿا سگهون ان ڪري ڇا جيئون ٿا!!؟ جيئڻ جو ڪارڻ به ناهي، جيئڻ لاءِ من ۾ موهه به ناهي، جيئڻ ممڪن به نٿو محسوس ٿئي، پر هن کي محسوس ٿيو، جيئڻ هن جي مجبوري آهي، قدرتي موت تائين لاءِ.
    هن زندگيءَ جي فلسفي تي ڪتاب لکيا – ليڪچر ڏنا. جنهن صبح امريڪن سرڪار طرفان زوريءَ سندس پٽ کي ويٽ نام جي محاذ تي موڪليو ويو، اُن صبح هن پهريون ڀيرو موت جي فلسفي تي سوچيو. هن کي لڳو هو آيو ناهي، ڦٽي ڪيو ويو آهي، ان ناٽڪ ۾، جنهن ۾ هن جو ڪردار جيئن لکيو ويو آهي، تيئن هن کي پرفارم ڪرڻو آهي، پنهنجي ڪردار سان سهمت نه هوندي به. هن کي هڪ اهڙي جواڻ پٽ جي پوڙهي پيءُ جو رول پلي ڪرڻو آهي، جيڪو ويٽ نام جي محاذ تي وڃائجي ويو.
    نڄاڻ زنده!!؟
    نڄاڻ مرده!!؟
    هن پنهنجي اندر جو ڪٿارسس، هٿيارن جي ڊوڙ تي مضمون لکي ڪڍيو. تاڙيون به وڳيون ۽ هن کي عالمي امن انعام به مليو، پر پوءِ تاڙيون وڄائڻ وارن ئي، عالمي امن انعام ڏيڻ وارن ئي کيس ڳٿڙ کان جهلي بارود جي ڍير تي ويهاري ڇڏيو.
    هو بارود جي ان ڍير ۾ ڀسم ٿيڻ جو اوسيئڙو ڪري سگهيو ٿي، پر آپگهات نه. آپگهات اُهي به نٿا ڪري سگهن، جيڪي ٽيلي ويزن جي اسڪرين تي روز ماريا ٿا وڃن. هو ڏاڍي ڌيان سان عينڪ جا شيشا اُگهي، اُها نيوز ريل ڏسندو آهي، جنهن ۾ ماڻهو کيس فٽ بال جيان، هيڏانهن کان هوڏانهن، هوڏانهن کان هيڏانهن اُڇلبا نظر ايندا آهن. نه هو نيوز ريڊر جون اکيون اُگهي سگهندو آهي، نه نيوز ريڊر هن جون.
    آواز ــــ سڀئي ـــــ بند ـــــ ڪري ـــــ ڇڏيو ــــ منهنجا ــــ ڪن ــــ ڦاٽي ــــ پونداـــــ
    دريءَ وٽ ويٺل ڏکڻ آفريقا جي گهري، ڪاري رنگ واري نوجوان دريءَ کان ٻاهر نهاريو. منظر سمورا بدنما هئا. هن جون ڳاڙهيون اکيون ٽانڊن جيان ٻري رهيون هيون. هن پنهنجي اڳيان رکيل گلاس مان آخري ڍُڪ ڀري سوچيو، ’فرد جي حيثيت ۾ اسان سڀئي بيوس آهيون. اسان جو شخصي انڪار ڪمزور پوندڙ آهي اڪثريتي احڪام هيٺ guilt جو احساس ڪنهن اڻ ڪيل ڏوهه بابت. ڄڻ اسان منجهان ڪنهن، ڪنهن کي واٽ ويندي ماري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ماريو ناهي/ماريا ويا آهيون. شخصي طرح سڀني تي دهشت جي بيماري مڙهيل. ائين محسوس ٿيندڙ، ڄڻ پيرن هيٺان زمين کسڪندي هجي. پيرن هيٺان زمين ڪيئن ٿي کسڪي سگهي!!؟
    اسان زمين جي مٿان کان کسڪائي، پولار ۾ ڦٽي ڪيا ويا آهيون. کسڪائڻ جي سازش کان ۽ اُها سازش رٿڻ وارن کان نفرت – نفرت - ۽ نفرت پاڻمرادو رحم ۽ همدرديءَ ۾ بدلجندڙ. هي ويچارو پوڙهو ڪري به ڇا ٿو سگهي سواءِ رڙيون ڪرڻ جي!!؟ مان ڇا ٿو ڪري سگهان سواءِ رڙيون ڪرڻ جي!!؟ اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، سواءِ رڙيون ڪرڻ جي!!؟‘.
    هن رحم ۽ همدرديءَ مان اڇي چمڙيءَ واري پوڙهي فلاسفر کي ڏٺو. هن جي رحم ۽ همدرديءَ جي احساس ۾ ڪٿان گهڙي آيل ڪراهت جو احساس. هن جي وڏن اهڙن ئي اڇي چمڙيءَ وارن جي غلامي ڪئي آهي، گذريل پيڙهين کان هُن تائين.
    غلامي!!!
    هن ڳيت ڏئي نڙيءَ ۾ اٽڪيل ڪڙو ڪسارو احساس هيٺ پيٽ ۾ لاهڻ چاهيو، پر اُهو نڙيءَ ۾ ئي اٽڪيو رهيو.
    ڪلهه رات ٽيرس تي اهو ئي امريڪن فلاسفر هن سان بحث ڪري رهيو هو ۽ مٿس ثابت ڪري رهيو هو ته هنن جي غلامي فطري/قدرتي آهي، سندن ڌرتيءَ جي طبعي ماحول ۽ موسمن جي دائري اندر جنميل سندن وجود اوترا ڪارائتا ناهن، جيترا اڇي چمڙيءَ وارن جا. پوءِ هن ٽامس بڪل ۽ ڊارون جا حوالا ڏئي کيس مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هو انسان جي ذهني ارتقا جي اڃا شروعاتي دور ۾ آهن. هنن جي مزاج ۾ غلامي آهي.
    جيئن جيئن هو پوڙهو، اڇي چمڙيءَ وارو فلاسفر ڳالهائيندو ٿي ويو، تيئن تيئن هن جي اکين اڳيان غلاميءَ جي سينما اسڪوپ فلم هلندي رهي. هن جي ماءُ جي هٿن جا ڦلڻا، هن جي پيءُ جي پٺن جا نيرَ، بيمار، بکيا، مرڻينگ، هڏن تان لهندڙ ماس وارن ڪارن ۽ اُگهاڙن ٻارن جو هجوم. هٿ، ڪشڪول، ڪشڪول ۾ ڪِرندڙ داڻو داڻو ڪڻڪ ۽ مٿي هوائي جهازن مان نازل ٿيندڙ من وسلويٰ. ۽ لاش، لاشن جا پهاڙ ۽ پهاڙن مٿان لهرائيندڙ سپر پاورس جي فتح جو پرچم.
    بلڪل اوچتو هن پوڙهي فلاسفر کي ڪالر کان پڪڙي ورتو هو ۽ ڄڻ وحشي ٿي پيو هو. گڦ سندس وات مان اُڏامي فلاسفر جو چهرو ڀڄائيندي ٿي وئي. پرــــ هينئر!!؟ هينئر هو اُن ساڳي پوڙهي کي همدرديءَ وچان ڏسي رهيو آهي. هن کي اوچتو خيال آيو ته پيڙا ۾ ماڻهوءَ جا ڀاوَ هڪ جهڙا ئي ته هوندا آهن.
    اسان ۾ ڪجهه، مشترڪ، هڪ جهڙو آهي. ان هوندي به ته اسان ڌار ڌار سيمائن تي پنهنجي اندر، پاڻ کان ٻاهر، بي وس، اڪيلا ۽ خوفزده نوع ۾ پولار ۾ هٿ هڻي وڙهي رهيا آهيون. وڙهي نه رهيا آهيون پر وڙهي نه سگهڻ جي پيڙا هيٺ پولار ۾ بولاٽيون کائي رهيا آهيون.
    ان کان سواءِ مان/هو/هي/اسان ڪري به ڇا ٿا سگهون!؟.
    هن کي خيال اچي ٿو.
    اسان گڏيل/اجتماعي ويڙهه ۾، گڏيل/اجتماعي مفادن خاطر وڙهندي به، ڌار/پنهنجي اندر/شخصي سطح تي ٿڪل، هارايل، ڪمزور ۽ وڃائجي ويل آهيون. منهنجي قوم شايد آزادي ماڻي به وٺي. منهنجي اندر غلاميءَ کان نفرت جا اُلا اُٿن ٿا. منهنجي ذهن ۾ ان جو زهر ڀريل آهي، پر تڏهن به مان پنهنجي اندر/اڪيلو/پاڻ کي unsafe ٿو محسوس ڪيان. ڪٿي شايد، ڪنهن ڪنڊ ۾ بي اعتباري مون کي چُڀي ٿي. اها بي اعتباري ڇا لاءِ آهي!!؟ ـــــ ڇا لاءِ آهي!؟
    ؟؟؟؟؟؟ ــــ ؟ ـــــــ ؟ ــــــ ؟ ــــــ ؟ ـــــ گلاس ۾ سوالن جون نشانيون اُڀري هن کي اڃا به بي اعتبار ڪنديون ٿيون وڃن.
    رڙيون ـــــ دانهون ــــ سڏڪا ـــــ
    ”بند ڪريو اهي آواز ـــــ فار گاڊ سيڪ ـــــ رحم ڪريو مون تي ــــــ“ پوڙهي ٽيبل تان ڪنڌ مٿي کڻي، ويٺلن کي بي وسيءَ مان نهاريو ۽ ڪنن ۾ آڱريون وجهي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
    هال جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ ۾ بيٺل پادريءَ اُداس نوع ۾ سمورن چهرن کي ڏٺو، محسوس ڪيو، پوءِ دريءَ کان ٻاهر نهاريندي، نيڻ نهار تائين ڦهليل بدنما منظرن جي آخري ڪناري تان ڦٽي نڪتل آسمان جي اننت ڦهلاوَ ۾ خداوند کي ڳوليندي، سيني تي صليب جو نشان ٺاهي، خداوند سان مخاطب ٿيو:
    ”خداوند!! ڪليسائن جي دروازن تي لٽڪندڙ قلفن تي ڪٽ چڙهي وئي آهي ۽ ڪتابن مان لفظ وڃائجي ويا آهن، بلڪل ائين، جيئن انسانن مان انسان وڃائجي ويا آهن ۽ هڏن تي چڙهيل ماس باقي رهجي ويو آهي. مان چرچ جي سنسان هال ۾، يسوع ۽ مقدس مريم جي ڇانوَ ۾ بيهي انسانن کي مخاطب ڪندو آهيان ته مبارڪ آهي اُهو، جيڪو سچ کي آسمانن تي ڳولڻ بدران ان کي انسانن ۾ پائي ٿو. مبارڪ آهي اهو، جيڪو پنهنجا هٿ ٻين جي رت مان ڌوئڻ بدران، اُنهيءَ رت کي بچائڻ لاءِ پنهنجو رت وهائي ٿوـــــ مباــــ رڪ ـــــ آ ـــــــ هي ـــــ اُهو ـــــ
    ۽ پوءِ خداوند!
    چرچ جي سنسان هال ۾، قطار ۾ رکيل بينچون ٽهڪ ڏئي مون تان کلي ڏينديون آهن.
    ۽ مان، يسوع ۽ مقدس مريم مونن ۾ منهن ڏئي ويهي رهندا آهيون.“
    پادريءَ دريءَ کان ٻاهر نهاريو.
    ڪليسا جي صليب تي ڳجهه ويٺي هئي ۽ ڪليسا جي دروازي تي بيٺل رڇ ڏند ڪڍي پادريءَ جي معصوميت تي کلي رهيو هو. پادريءَ گهٻرائجي ٻيهر سيني تي صليب ٺاهڻ چاهيو، پر هن کي لڳو ته هن جا هٿ برف ٿي چڪا آهن ۽ هو پاڻ صليب تي ٽنگيو پيو آهي.
    ٽٽي پرزا ٿيل عڪس
    مون کي چئني ڏسائن کان گهيري بيٺل سماج جي دائري ۾ مان پنهنجي ئي وجود جي بائلاجيڪل سسٽم جي ماريل عورت، چادر ۽ چار ديواريءَ جي قبرستان ۾ پناهه وٺڻ لاءِ قبرون ڳوليان ٿي. تنهائيءَ جو نانگ منهنجن پيرن هيٺان سُرندو منهنجين رڳن ۾ لهي آيل. مان سڏ ڪيان ٿي، پر عبادت گاهن جي دروازن تي اوساري ڪئي وئي آهي. اندر بند ٿيل ماڻهو سجدي ۾ پئي پئي بوءِ ڏيڻ لڳا آهن. مان ٻاهر هجوم ۾ گهيرجي وئي آهيان. مڇريل هجوم منهنجي جسم تي ويڙهيل ساڙهي ڇڪي پٽي لاهي ٿو ۽ ان کي چؤواٽي تي نيلام ڪري ٿو.
    مون احتجاج ڪرڻ چاهيو.
    وڻ جي آخري ٽار تي ويٺل چٻري ٽهڪ ڏئي چيو:
    عورت معنيٰ اُگهاڙي.
    منهنجي ماءُ مون کي گونگو ڄڻيو ۽ جڏهن مون پنهنجي وات ۾ ڄڀ جو ٻج پوکيو، تيسين تائين لفظ حرام جي نُطفي مان جنميل ٻار جيان گند جي ڊرم ۾ ساهه ڏئي چڪا هئا.
    مون روئڻ چاهيو.
    پر ان کان پهرين سمنڊ خشڪ ٿي چڪو هو ۽ ان جي پيٽ ۾ واري ٿي اُڏاڻي. مان پنهنجي سالن جي اُڃ ڪاڻ، ڄڀ ڪڍي، تئي جيان تپي باهه ٿيل واري چٽڻ لاءِ مجبور هئس. منهنجي وات ۾ منهنجي ڄڀ ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪي.
    چيائين،
    ڪو هڪ لفظ ته ڳالهائڻ ڏين ها مون کي.
    ڳالهائي نه سگهڻ جي پيڙا ماس جيان منهنجن ننهن ۾ ڀري پئي آهي ۽ اُنهن مان ڦڙو ڦڙو رت ٿو ٽمي. مان آڱرين جا رتوڇاڻ بل ڏندن هيٺ ڏئي، رت چوسيندي پٿرن جي ڌٻڻ ۾ لهندي ٿي وڃان.
    مون کي سنگسار ڪيو ويو،
    منهنجي هئڻ جي ڏوهه ۾.
    مون ديوار جي هن پار جا منظر ڏسڻ چاهيا هئا – انهيءَ ڏوهه ۾ منهنجي وجود جي مٿان سرون رکي اوساري ڪئي وئي. مان هاڻي آرسيءَ ۾ پاڻ کي ڏسي حيران ٿي سوچيندي آهيان ديوار ۾ ڏار ڇو پوندا ٿا وڃن!؟،
    منهنجن ڪلهن تان منهنجو چهرو غائب ٿيندو ٿو وڃي يا نقش ئي ڌنڌلائجي ويا آهن.
    رات اسان ٻئي هڪ ئي تابوت ۾ بند هئاسون. هن منهنجو چهرو سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو. محض منهنجو جسم ئي سڃاڻي سگهيو هو، پر ان ڪري نه ته منهنجو جسم منهنجي چهري جو جسم آهي، ان ڪري ته اُهو بهرحال جسم آهي، مڪمل جسم، جيڪو ڪنهن به عورت جو ٿي سگهي ٿو، جيڪا تابوت ۾ فِٽ ٿي سگهي. رات جي پڄاڻيءَ تائين مان پنهنجن ڪلهن تي، تابوت جي چئني ديوارن تي ۽ هن جي پيرن جي ننهن ۾ ڦاٿل ماس ۾ پنهنجو چهرو ڳوليندي رهيس.
    بازي گر منهنجو چهرو پولار ۾ ٽنگي آڊيئنس ڏانهن نهاريو. چؤڏسا ۾ تاڙين جو ڪن چير شور ٻُرڻ لڳو.
    وڃائجي ويل چهرو،
    ۽ ان سان گڏ سموري سڃاڻپ رد ٿي ويل.
    مان پاڻ، شخصي سطح تي، پنهنجي چهري ۽ اُنهيءَ مان جنميل سڃاڻپ جي حوالي سان،
    ڪجهه به نه.
    عورت ــــ عورت ـــــ عورت ــــ عورت ــــ جي شور ۾ وڪوڙجي استعمال ٿيندڙ منهنجو جسم، محض جسم. بنا چهري، نانوَ ۽ سڃاڻپ جي.
    منهنجو ساهه ڀرجي آيو آهي. مان ريس ڪورس جي گرائونڊ ۾، ريس ۾ ڊوڙندڙ گهوڙن سان گڏ ڊوڙي رهي آهيان. نمبر ون ــــــ نمبر ٽو ــــــ نمبر ٿري ــــــ نمبر فور ــــــ منهنجي پٺيءَ تي لکيل نمبر مان پڙهي نٿي سگهان ۽ ٻيا پڙهي سگهن ٿا ــــــ ٽريجڊي!!
    ڇا مان بستري جو ئي ڪو حصو بڻجي چڪي آهيان!!؟
    چادر!؟
    وهاڻو!؟
    ڪمبل!؟
    ڪڏهن هيٺان وڇائڻ لاءِ!!
    ڪڏهن مٿي هيٺ ڏيڻ لاءِ!!
    ڪڏهن مٿان تاڻي سمهڻ لاءِ!!
    تابوت مضبوطيءَ سان بند آهي. اُنهيءَ تي ٺوڪيل ميخون منهنجيءَ سگهه کان وڌيڪ سگهاريون آهن.
    گونگو هئڻ ئي ته پيڙا جي شدت آهي. ڪائنات ۾ ڪيترو ڪجهه انڌو نه هوندي به،
    سج انڌو آهي.
    چنڊ انڌو آهي.
    زمين انڌي آهي.
    آسمان انڌو آهي.
    پر منهنجي سموري وجود تي اندر ۽ ٻاهر، اکيون ئي اکيون اُڀري آيون آهن.
    پاڻ مرادو
    نڄاڻ ڪهڙي پل!!
    ٻئين جي نه چاهيندي به.
    ان کان پوءِ ڏسي سگهڻ، ڏسي سگهڻ جو احساس ۽ اُن مان جنميل پيڙا ته انهيءَ ڏٺل تي نٿو ڳالهائي سگهجي ۽ اهو ته محض ڏسندو ئي رهڻ، ان کي محسوس ڪرڻ ۽ محسوسات کي ڀوڳڻ ۽ برداشت ڪرڻ ئي منهنجي مجبوري آهي.
    مجبوري!!؟
    وچ تان ڪپي اڌ ڪندڙ مجبوري ۽ اهي ٻئي اڌ پاڻ ۾ محض ان ڪري نه جُڙي سگهجندڙ ته ان ۾ ٻين جو مفاد آهي.
    مفاد!!؟
    معاشيات جي اصول هيٺ ڦرندڙ زندگيءَ جو ڦيٿو ۽ اُن جي وچ ۾ اٽڪيل مان.
    گول، تيز ۽ مخالف ڏسا ڏي ڦڙندڙ.
    بازار ۾ لهندڙ چڙهندڙ اگهه ته منهنجي شخصي حيثيت ۾ ڦير ڦار آڻي سگهن ٿا، پر مان پاڻ نه. مان پاڻ بلڪل بي معنيٰ آهيان. جيئن جيئن پئسي جي ويليو وڌي ٿي، تيئن تيئن مان پراپرٽي جي ڪاغذن يا ان مان حاصل ٿيندڙ منافعي جي حيثيت ۾ لاڪر ۾ بند ٿيندي ٿي وڃان.
    چادر ۽ چارديواريءَ جو لاڪر/سيف ڊپازٽ!!؟؟.
    مون مان ماڻيل انٽريسٽ (وياج) يا ٻين جو مون لاءِ محض ان ڪري ڪانشس هئڻ ته مون تي رقم سيڙايل آهي، انهيءَ ڦيٿي کي اڃا به تيز ڦيرائي ٿو .
    اڃا به تيز.
    اڃا به تيز.
    مان سهڪڻ ٿي لڳان. منهنجي ننڍي پُٽ جي کير جي باٽل منهنجن ڦرندڙ هٿن سان ٽڪرائجي ٿي ۽ منهنجيون اکيون اڃا به ويڪريون ٿي کُلي پون ٿيون. مان منظر اڃا به چٽا پَسي سگهان ٿي، پر محض پَسي سگهان ٿي. باٽل جو کير منهنجي ڇاتين ۾ جذب تي منهنجي وجود کي سائو ڪندو ٿو وڃي.
    فصل جي ساوڪ،
    جنهن کي سڀاڻي ائين ئي ڪٽي وٺبو ــــــ جيئن منهنجي ڄڀ .
    ڪپيل ڄڀ.
    ۽ مان رڙيون ڪرڻ چاهيان ٿي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارڻ لاءِ. پنهنجي الڳ ۽ شخصي آواز جون رڙيون. کير جي باٽل ۾ بند رڙيون – پتلون جي ٻنهي کيسن ۾ قيد ٿيل رڙيون.
    منهنجي وات تي هٿ رکيل آهي.
    سگهارو، لوهي هٿ.
    رڙيون سانت جو ڪفن اُڻن ٿيون، بلڪل ئي ائين جيئن مان پنهنجي ئي جسم جي ريشمي ڌاڳن سان پنهنجي لاءِ ريشمي ۽ رنگين ڪفن اُڻيندي آهيان. مان به هر ڪفن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ (ٻيو ڪفن اُڻجي تيار ٿيڻ تائين) مري ويندي آهيان ۽ منهنجي ڳلي ۾ هڏيءَ جيان اٽڪيل رڙيون به مري وينديون آهن.
    اهو انت ناهي،
    اهو اننت آهي.
    ۽ اهو اننت ڪيڏو ٿڪائيندڙ آهي.
    ڇا مان ساهه کڻان پئي!!
    يا مون کان ساهه کڻايو پيو وڃي!؟.
    گهر جون ديوارون، دريون، فرنيچر، ڪپڙا، ڪچن جا ٿانوَ سڀ ڪجهه سوالن ۾ بدلجي ويا آهن.
    مون کان منهنجي باري ۾ سوال.
    منهنجن سوالن جي باري ۾ سوال.
    ۽ اُنهن جي باري ۾ سوال.
    رت چوسيندڙ سوال.
    سوال مون کي بي امان ڪندا ٿا وڃن، کليل زمين مٿان ۽ کليل آسمان هيٺ – سوال منهنجي ئي مٿان سلهه جي پراڻي مريض جيان کنگهندي کنگهندي رت ٿا ٿُڪين.
    مان پنهنجي ئي ظاهري وجود جي مچَ تي هٿ سيڪيان ٿي، پاڻ کي پنهنجي هئڻ جو ويساهه ڏيارڻ لاءِ، جيڪو هر رات جي پڄاڻيءَ تي اويساهيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿو، پر منهنجي اندر جي برف وگهري ئي نٿي– شايد سمنڊ جو ٻيو ڪنارو آهي ئي ڪونه!!؟ ڌرتيءَ جو ٻيو ڪنارو ڪونهي!!؟ منهنجو به ٻيو ڪنارو ڪونهي!!؟.
    نه پر،
    ٻيو ڪنارو آهي شايد.
    سمنڊ جو به.
    ڌرتيءَ جو به.
    منهنجو به.
    مان ٻي ڪناري تائين پهچڻ لاءِ پنهنجا ڪپيل پير مُٺين ۾ ڀيڙي ڊوڙڻ ٿي چاهيان، پر ڪپيل پيرن سان ته ڊوڙي ئي ڪونه سگهبو. بس ان جو سپنو ئي پَسي سگهبو آهي. ما ٻي ڪناري تائين، پنهنجي ئي وجود جي ٻي ڪناري تائين پهچڻ لاءِ (شايد منهنجي وجود جي ٻي ڪناري تي پير جڙي پوندا هجن!!؟ پکي پَر پکيڙي اُڏامي سگهندا هجن!!؟) سپني ۾ ڊوڙڻ ٿي چاهيان، پر منهنجي اندر ۾ ڄڻ وهيل چيئر جو ڦيٿو تيزيءَ مان ڦريو وڃي ۽ ان جا گهوگهاٽ باقي رهجي ٿا وڃن.
    منهنجي گهر جي چار ديواريءَ تي ڪانگ، ڳجهون ۽ چٻرا اچي ويهندا آهن ۽ مون کي ڪنهن ننڍڙي ۽ اڪيلي ٽانڊاڻي جو اوسيئڙو آهي. منهنجي اڱڻ ۾ ڪِرندڙ پٿر ميڙي ميڙي منهنجا هٿ رتوڇاڻ ٿي پيا آهن. دروازي تي چڙهيل قلف جي چاٻي مون کان ڦري سمنڊ ۾ ڦٽي ڪئي وئي آهي ۽ مان بس ان چار ديواريءَ جي ديوان تي رتوڇاڻ آڱرين سان خوابن جي فهرست ٿي لکان.
    اوچتو مان محسوس ٿي ڪريان، اسپتال جي مرده خاني ۾ برف ۾ فريز ٿيل منهنجو لاش ننگو ٿي پيو آهي ۽ اُن جي مٿان تاڻيل اڇي چادر جو ڪفن ڪانگ، ڳجهون ۽ چٻرا پنهنجين پنهنجين چهنبن ۾ جهلي اُڏامي ويا آهن.
    ننگو لاش.
    اسپتال جو مرده خانو ۽ برف.
    ڇا اها ئي حاصلات آهي/هئڻ گهرجي.
    منهنجي ننڍي پٽ جي کير جي باٽل مان ٽانڊاڻو نڪري ٿو اچي ۽ ٻي پل منهنجين خشڪ ٿيل ڇاتين تي وهي ٽمڪڻ ٿو لڳي –
    منهنجي ننڍي پٽ جي اکين ۾ حيرتون ڀرجي آيون.
    هن ڇرڪي چيو،
    امان!!
    هو ــــــ ڏس
    ص ــــــ ب ــــــ ح ــــــ


    منظر – جنهن جو ڪو انت ڪونهي

    شهر سڄي کي سانت ڳڙڪائي وئي آهي (سانت/موت!؟) ڇا ماڻهو مري ويا آهن؟ ڇا باقي ڪتا جيئرا بچيا آهن، ڀونڪڻ لاءِ، مري ويل/اتفاق سان زنده رهجي ويل ماڻهن جو ماس پٽڻ لاءِ؟ مان ڪٿي آهيان (ڪير آهيان؟) هي ڪهڙو شهر آهي؟ ڇا مان اُهو ئي آهيان، جيڪو هئس يا مان اُهو ناهيان!؟. جيڪو ڪجهه آهي ڇا اُهو ناهي ۽ جيڪو ڪجهه ناهي ڇا اُهو ئي آهي!؟. گذريل ٽن ڏينهن ۽ راتين کان انهيءَ قبر (گهر/قبر!؟) ۾ پوريو پيو آهيان/پوريو ويو آهيان. ٻن حصن ۾، وچ تان ڪپجي، اڌ ٿي، ورهائجي ويو آهيان ڄڻ.
    1 – 1 = 0 (هڪ ڪاٽو هڪ، برابر – ٻڙي)
    هڪڙو حصو کٽ تي مئو پيو آهي – بلڪل لاش – سرد لاش – کليل اکيون ڇت ۾ اٽڪيل – ڪجهه به ناهي اُنهن ۾ - ڪجهه به ته نه – پوءِ مان (جيڪو پنهنجو ئي پيو آڪسيجن ڇڪيندڙ فزيڪل وجود آهيان/ناهيان؟) ڇو پگهرجي وڃان ٿو اُنهن اکين ۾ نهاريندي!؟ ڇا ان لاءِ ته اُنهن اکين ۾ ڪجهه به ناهي؟ معنيٰ ته نه هئڻ، هئڻ کان وڌيڪ ڀيانڪ آهي. ماڻهوءَ جو پاڻ ۾ نه هئڻ – ماڻهوءَ جي اندر احساس جو نه هئڻ – احساس جي اندر زندگي/سگهه جو نه هئڻ – شايد مان وڌيڪ بي چيني ننڊ جون گوريون ختم ٿي وڃڻ ڪاڻ ٿو محسوس ڪريان. هاڻي خالي شيشي ۽ منهنجي وچ ۾ ڄڻ ڊوئل شروع ٿي چڪو آهي (يا مان پُشڪن وانگيان انهيءَ ڊوئل ۾ ڦاسايو ويو آهيان!؟) ۽ هر رائونڊ ختم ٿيڻ تائين مان ٿڪجي سهڪڻ لڳان ٿو. ڪاش مان جن جيان انهيءَ خالي شيشيءَ ۾ سمائجي سگهان پر مان جن ناهيان.
    انسان آهيان.
    انسان آهيان؟
    ا – ن – س – ا – ن – ڪيڏو عجيب، اوپرو ۽ بي معنيٰ لفظ آهي اهو، ۽ ائين ڪيترا لفظ بي معنيٰ بڻبا ٿا وڃن، جن کي مان هر هر ائين اُچاريندو آهيان، ڄڻ حادثي ۾ وڃائجي ويل وسارڻا سارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هجان. پر هر ڀيري ذهن تي ڪجهه اڻچٽو، پاڇولي جيان لهرائجي گم ٿي وڃي ٿو. هر هر ڪاڪوس ڏانهن ائين وڃان ٿو، ڄڻ اِها ئي آخري پناهه گاهه باقي بچي هجي.
    ڪرفيو لڳڻ کان پهرين، مون پاڻ ڪيڏي شديد نوع ۾ اها خواهش محسوس ڪئي هئي ته شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ٿي وڃڻ گهرجي. مون کي پنهنجو بچاءُ ڪرفيو ۾ ئي محسوس ٿيو هو. ڪرفيو لڳڻ کان پهرين فساد نفرت/ خوف جو روپ ڌاري پهرين اخبارن ۾، پوءِ بي بي سي تان، پوءِ سڙڪن کان ڳلين ۾ ۽ اُتان شخصي طرح سان هر شخص جي اندر بلڊ ڪينسر جيان ڦهلجي ويا هئا. نفرت پنهنجيءَ نوع جو بلڊ ڪينسر ئي ته آهي. مريض کان وڌيڪ مريض جي هٿان، غير واسطيدارن جي موت جو ڪارڻ بڻبي آهي. سڀئي ماڻهو مريض ئي ته آهن. خوف/نفرت/ڪراهت جي مرض ۾ وڪوڙيل. ايڊز جي مرض جيان، جسم مان جسم ۾ داخل ٿيندڙ . مان پاڻ ڄڻ بيمار ٿي پيو آهيان. گهر ۾ سور لاهڻ جون جيتريون به دوائون هيون، کائي چڪو آهيان. جسم جي مختلف حصن ۾ سور جو دٻاءُ ايذاءُ وانگر ٿو محسوس ڪريان، جيڪو رات جي پوئين پهر، کاٻي پاسي، سيني ۾ ننگي خنجر جيان لهڻ لڳندو آهي. صبح ٿيڻ تائين پيٽ ۾ کپي ويندو آهي. مون کي ڇا ٿي رهيو آهي!؟ هارٽ اٽيڪ يا السر!؟ السر يا هارٽ اٽيڪ!؟ مان ڊوڙي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ چاهيندو آهيان پر – چائنٺ منهنجا پير پڪڙي وٺندي آهي. خبردار!! خطرو – ٻاهر ڪرفيو لڳل آهي. نستو ٿي پوندو آهيان. هڪڙو خوف اهو ته ڇا مان ان اڪيلائيءَ ۾ اوچتو دل جي حرڪت بند ٿي وڃڻ ڪاڻ سرد پئجي ويندس!! هڪ ڏينهن/ٻه ڏينهن، پوءِ منهنجو جسم بوءِ ڏيڻ لڳندو. انيڪ ماڪوڙا ۽ ماڪوڙيون مون کي چُهٽي ويندا. تڏهن اها ڍونڍ جي بوءِ ٻاهرئين جو ڌيان ڇڪائيندي مون ڏانهن. ته ڇا – ته ڇا – ماڻهو نيٺ به، محض ڍونڍ جو ڍير آهي!؟ ٻاهر ڀڄي وڃان؟ ڇا ڀڄي وڃان؟ ها ڀڄان ٿو – نه پر – ٻاهر ڪرفيو آهي. ٻاهر نڪرندي ئي گولي سيني کان پار ٿي ويندي. ٿي سگهي ٿو ته هو مون کي فسادي سمجهن! نه به سمجهن پر ماڻهن کي تهائين گهڻو هيسائڻ ڪاڻ به ته منهنجو نشانو وٺي سگهن ٿا نه!؟ ڇا فسادين جيان، قانون نافذ ڪرڻ وارا به مون کي/اسان کي شڪاريءَ جيان تاڻيو ناهن ويٺا. وشال نيرو آڪاس. اڏامندڙ پکي. شڪاريءَ جو ڇرڪ. اکين ۾ شڪار پائڻ جي چمڪ. بندوق جو منهن آسمان ڏانهن کڄي ويل. هڪ کن پکيءَ جي اُڏام جو پيڇو/فاصلي جو اندازو. ٻئي کن ٽرائيگر تي آڱر جو دٻاءُ. ٽئين کن، سانت جو سينو چيري، پکيءَ جي جسم ۾ پيهي ويندڙ ڇرا. شڪاريءَ جي اکين ۾ چمڪ. فتح جو احساس. تاڻيل سينو. ان دوران هيٺ، بولاٽيون کائي ڪرندڙ زخمي/مئل پکي، شڪاريءَ جي پيرن ۾ اچي پيل.
    مان/انسان/پکي!؟
    فسادي/قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا/شڪاري!؟
    نه، ڪرفيو ۾ هاڻي جيڪو وقفو ٿيندو، اُنهيءَ ۾ نڪري ويندس. ڪنهن دوست جي گهر يا پوءِ ڳوٺ پر!!؟ نه، اهو وڌيڪ خطرناڪ آهي. ها، اڃا اُن ئي ڏينهن ته بازار ۾، منهنجين اکين جي سامهون بيٺل جيئرو جاڳندو ماڻهو بلڪل اوچتو لهوءَ ۾ لت پت ٿي ويو هو. مون ته بس هن جي پيٽ ۾ لٿل خنجر ڏٺو ۽ خنجر وارو هٿ هجوم ۾ گم. اُهو خنجر منهنجي پيٽ ۾ به ته لهي سگهيو ٿي نه! شڪر مان ان وقت پنهنجي ٻوليءَ ۾ نه ڳالهائي رهيو هئس. پيل به مون کي پينٽ شرٽ هئي. نه ته مان ڪپڙن مان، ٻوليءَ مان جي سڃاڻپ ۾ اچي وڃان ها ته!!؟
    هيڏي تنور جئن تتل گرميءَ ۾ به منهنجا پير ڄڻ برف جي سر تي رکيا آهن. سرد ۽ سُن. مون کي به هٿيار ساڻ کڻي هلڻ گهرجي. پر مون وٽ ته هٿيار آهي به ڪونه.
    هٿيار!!؟
    مان ته وڌ ۾ وڌ ڪو ديسي پستول ئي افورڊ ڪري سگهان ٿو، پر اُهو ڇا انهن ڀيانڪ هٿيارن جي سامهون بي ڪار ۽ فضول نه هوندو، جيڪي هڪڙي سيڪنڊ ۾ ماڻهوءَ کي ڇيهون ڇيهون ڪريو ڇڏين. بم اُن کان سواءِ. منهنجي گهر ڪير بم ته نه اُڇلي ويندو!؟ هو بم به ته اڇلي رهيا آهن. مطلب ته هڪ ئي سيڪنڊ ۾ سڀ ڪجهه ڀسم. آڳ!! نه – آڳ ۾ جيئرو سڙي مرڻ!! نه – نه – اوهه – منهنجو ڳلو خشڪ ٿي ويو آهي. منهنجو ساهه! نه – مان نارمل نوع ۾ نه پيو ساهه کڻان.
    دري کولي ڊگها ڊگها ساهه کڻان ٿو. دريءَ کان ٻاهر نهاريندي منهنجو من ڄڻ ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي ٿو رهي.
    شهر - !؟ ٿڪل ٽٽل، مُئل، ڪانڌين جي اوسيئڙي ۾، برف تي رکيل لاش. اهو ئي شهر ڪجهه ڏينهن اڳ تائين جيئرو ۽ ساهه کڻندڙ. فيصلو ٿي نه سگهيو آهي.
    ان لاش کي دفنائڻ گهرجي؟ جلائڻ گهرجي؟ پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گهرجي؟ يا – يا – ڪانون ۽ ڪُتن جي اڳيان ڦٽو ڪرڻ گهرجي!؟ شايد آخري رٿا تي سڀئي متفق ٿين. ها شايد!! شايد معنيٰ شڪ! شهر جي آخري رسمن سميت، اسان جي/منهنجي جيئڻ/مرڻ جا فيصلا شڪ ۾ پيل. بهرحال قبرستانن ۾ جڳهه خالي ڪانهي ۽ نه ئي ان جو ڪو امڪان آهي. قبرستانن جي اندر مرڻ وارن جي رش آهي. قبرستانن کان ٻاهر ماتمين جي پيههءَ لڳي پئي آهي. قبرستانن جي ديوارن تي نعرا لکيل آهن ۽ قبرستانن جي ديوارن جي پاڙن ۾ پيشاب جي بوءِ آهي. منهنجو لاش!؟ دفنايو ويندو؟ جلايو ويندو؟ پاڻيءَ ۾ لوڙهيو ويندو؟ پولار کان هيٺ ڦٽي ڪيو ويندو؟ پرزا پرزا ٿي وڃائجي ويندو ۽ لڀندو به ڪونه!؟
    شهر جو لاش/منهنجو لاش/اسان جو لاش!!؟.
    هو سامهونءَ وارو رستو جتان مان روز لنگهندو آهيان، ايندي به ويندي به . لنگهڻ ۾، رستو پار ڪري بس تائين پهچڻ ۾، ماڻهن ۽ ٽريفڪ جي پيهه ڪاڻ جتي مون کي پندرهن منٽ لڳندا آهن، هينئر ٻن منٽن جي برابر ٿو ڀاسي. هينئر ڄڻ هتان راڪاس گهمي ويو آهي. ماڻهن کي ڳهي ويو آهي. ننڍڙا ننڍڙا جيتامڙا ماڻهو. سناٽو. اڌ اڌ فرلانگ تي بيٺل ٻه ٻه، ٽي ٽي وردي پوش. تاڻيل اسٽين گنون، رستن تي وڇايل، ڪانڊاريل لوهي تارون. فسادن دوران ساڙيل ٽائر، موٽرون ۽ رستن تي ڦٽي ڪيل پٿرن جو ڍير. هو ڇا آهي؟ هو – ڳاڙهو – ڳاڙهو. وچ رستي تي، عين وردي پوش جي بوٽن هيٺ ڇا آهي؟ رت!!؟ ڪنهن جو؟ آخر ڪنهن جو؟ ڪنهن جو به ٿي سگهي ٿو پر آهي ته ماڻهوءَ جو رت. رت ڏسي هانءُ ڪچو ٿيندو آهيم. حملا آور بادشاهن جي فوجن هٿان ڪرايل قتل عام جا داستان. آباد شهرن کي باهيون ڏيڻ جا منظر. انساني سرن جا پهاڙ کڙا ڪيل ۽ اُنهن جي چوٽيءَ تي لهرائيندڙ فتح جا جهنڊا ۽ آخر ۾ لٽيل مال سميٽي، عورتن جي لويل کويل جسمن ۾ ٻار ڀري، لاشن مٿان گهوڙا ڊوڙائيندي حملا آورن جي واپسي. اُن واپسيءَ کان پوءِ پڪ ته ائين ئي رستا سنسان ٿي ويندا هوندا، جيئن هينئر منهنجي دريءَ کان ٻاهر آهن. ڇا تاريخ انهن واقعن کي ورجائي ٿي؟ ساڳين شهرن ۾؟ ساڳيءَ ڌرتيءَ تي؟ ڇا مان به – اسان – به - !!؟ ڇاتي مهٽيان ٿو. هانءُ ٿو ڪچو ٿئيم. اُلٽي ڪرڻ ٿو چاهيان. نڙيءَ ۾ ڪڙو پاڻي ٿو ڀرجي اچيم. ڪنهن کي سڏ ڪريان؟ دريءَ ۾ بيهي رڙيون ڪريان؟ هيلپ – هيلپ – پوءِ جڏهن هو ايندا ته ڇا چوندس!؟ ڊڄان ٿو؟ ڇا کان؟ اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته رڙيون ڪرڻ تي پابندي پيل هجي. هيءَ گهري/ڊگهي سانت ته اهو ئي ظاهر ڪري ٿي ته رڙيون ڪرڻ تي به پابندي هوندي . پوءِ جي هو مون کي آواز استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شوٽ ڪن ته!؟ نه، پاڙي واري کي ٿو سڏ ڪريان! نه، اهو به رسڪ آهي. پاڙي ۾ مخالف گروهه سان تعلق رکندڙن جو گهر آهي. پر هو ته تمام سٺو ماڻهو آهي. پر ٿي سگهي ٿو ته هينئر هن جي اندر ۾ به ڪروڌ ڀريل هجي! اُن ڏينهن به ته ڪيئن گهور پائي مون کي ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏٺو هيائين، ڄڻ – ڄڻ!!؟ اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته هو مون کي مارڻ جي رٿا رٿيندو هجي. مون کي ڇو ماريندو؟ مون هن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ مون ته ڪڏهن شعوري طرح سان ماڪوڙي به ناهي ماري .
    پوءِ ڏوهه؟
    هينئر مسئلو ڪنهن به شخصي ڏوهه جو ڪونهي. مسئلو اهو آهي ته مان هن جي قوم مان ناهيان، هن جي ٻولي ڳالهائيندڙ ناهيان. پر – ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه!؟ يا هو اسان جي قوم مان ناهي، اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ ناهي ته اُن ۾ اُن جو ڪهڙو ڏوهه؟ پوءِ – هي سڀ ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ ڇالاءِ آهي؟ اڃا اُن ڏينهن آفيس ۾، ڇتو، رت چوسيندڙ بحث ٿيو هو جنهن ۾ مون کي پريان کان ائين لڳو هو ڄڻ لفظ ڪو هڏو آهن، جن تي اسان ڪتن جيان وڙهي رهيا آهيون. هڏو ڪنهن جي حصي ۾ نٿو اچي. ان بحث دوران ڪنهن چيو هو؛ ”يار! سڄو مسئلو آهي ماڻهوءَ جي بنيادي حقن جو. حق مٿيان ڦريندا آهن. جيڪي ٿورا گهڻا حق خيرات ۾ ملندا به آهن ته انهن ۾ به دوائن جيان ملاوٽ ٿيل. مريض جو مرض گهٽجڻ بدران مرڳو ري ايڪشن ٿيو پوي. ملاوٽ ۾، ٿورڙي ڪڙاڻ، ٿورڙو مٺاڻ ۽ ٿورڙو زهر گڏيل. ظاهر آ ته ري ايڪشن ته ٿيندو ئي. سو، حق مٿيان ڦريندا آهن. خونريزي هيٺ ٿيندي آهي. هيٺ، تهائين هيٺ، عام، تهائين عام ماڻهن ۾. ٻولي يا قوميت مسئلو ناهي. ٻولي يا قوميت استعمال ڪئي/ڪرائي ويندي آهي، هٿيار طور، انهيءَ خونريزيءَ ۾ - معاملو بلڪل ائين آهي، جيئن مفاد پرست ڊاڪٽر پنهنجي ڪمائيءَ خاطر مريض جي مرض کي ڊيگهه پيو ڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن ڪارڻ جي، محض پنهنجي مالي مفاد خاطر، مريض جو ميجر آپريشن به ڪري وجهندو آهي ۽ مائنر آپريشن ان کان سواءِ آهن. ڊاڪٽر ڪير آهي؟ مريض ڪير آهي؟“. پوءِ آخر ان جو انت ڇا آهي؟ ڪوبه نه؟ ماڻهن جو ڪوس – بس اهو ئي آهي. ان ۾ ئي جيئڻو آهي. جيئڻو؟ يا مرڻ جو انتظار. اُن ڏينهن مان مڇريل جلوس ۾ ڦاسي پيو هئس. اکين ۾ ٻرندڙ ٽانڊا ۽ وات مان اُڏامندڙ گرم گرم ٻاڦ. هو نعرا هڻي رهيا هئا. مون ڪجهه لفظ سمجهيا، ڪجهه نه سمجهيا. اوچتو مون کي خيال گهيري ويو ته هڪڙو ٻيو به نعرو هڻي سگهجي ٿو يا سمورن نعرن جي معنيٰ اها ئي ٿي سگهي ٿي.
    نعراءِ موت!
    جيئي موت
    جيئي موت
    نعراءِ موت
    نعراءِ موت.
    جلوس مان پاڻ بچائي نڪرڻ کان پوءِ، گهر ڏانهن ايندي، مان چپن ۾ ڄڻ اهو ئي ڀڻڪي رهيو هئس. هينئر به شايد مان اهو ئي ٿو ڀڻڪان. مان شايد ڊڄڻو ٿي پيو آهيان!؟ (يا ڊڄڻو ئي هئس!) ٻيءَ معني! ۾ ڪانئر!؟ نه، مان ڪانئر هجان ها ته اسٽوڊنٽ لائف ۾ ٻه سال جيل نه ڪاٽيان ها. مان سمورين حالتن ۾ زنده آهيان ڇا اها ڪانئر نه هئڻ جي نشاني ڪانهي؟ مان ماڻهوءَ کي نٿو ماري سگهان. ڪنهن به ماڻهوءَ کي. اهو ممڪن ڪيئن آهي ته مان ماڻهوءَ کي ماريان. اهڙو ماڻهو، جنهن کي مان سڃاڻان به نٿو. واٽ ويندو. عين وچ سڙڪ تي، سڙڪ کي پار ڪرڻ دوران، هن ڪناري تي پهچڻ کان پهرين شوٽ ڪري ڇڏيان. هن کي گهر پهچڻ نه ڏيان. هن جي هٿ ۾ جيڪو کاڌي پيتي جو سامان آهي، ان کي سڙڪ تي ڦهلائي ڇڏيان پوءِ پاڻ گم ٿي وڃان. صبح اخبار ۾ هن جو نالو، پتو، ٻولي، قوميت پڙهي، مان پاڻ جيئڻ جو ساهس ماڻيان!؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڇا مان ڪانئر آهيان؟ ڪجهه خيال منهنجي بت مان سيسراٽ ڪڍيو ڇڏين. اهو ته سٺو ٿيو مون زال ۽ ٻار اڳ ۾ ئي ڳوٺ موڪلي ڇڏيا. زال ۽ ٻار هتي هجن ها ته!؟ اُن ڏينهن آفيس ۾ هيڊ ڪلارڪ ئي ته ڳالهه پي ڪئي ته هُن گروهه جا فسادي سندس ڪنهن مائٽ جي گهر ۾ گهڙي پيا هئا ۽ گهر جي عورتن کي بي عزتو ڪيو هئائون. مون اُن پل ئي جسم مان ڊسمبر جي سرد هوا کي ڦيريون پائي لونءَ لونءَ مان لنگهندو محسوس ڪيو هو. هو جي منهنجي گهر ۾ به گهڙي پون!؟ مون کي ڪرسيءَ سان ٻڌي، منهنجي سامهون منهنجي زال ۽ ڌيءَ جا ڪپڙا سنگينن جي نوڪ سان ليڙون ليڙون ڪري وجهن ۽ ڪتن جيان هنن کي -!!
    منهنجي زال جو ننگو جسم.
    منهنجي ڌيءُ جو ننگو جسم.
    مان هيڊ ڪلارڪ جي آفيس مان ڄڻ ڊوڙندو ٻاهر نڪتو هئس. اهڙو وقت آيو ته مان ڇا ڪندس!؟ زال ۽ ڌيءَ کي، هنن جي هٿن ۾ پهچڻ کان پهرين ئي شوٽ ڪري ڇڏيندس. تڏهن آخري نهار هو مون تي ڪيئن وجهنديون؟ مون کي ڪيترين فلمن جا منظر ياد اچن ٿا، جن ۾ مڙد جي سامهو هن جي زال/ماءُ/ڀيڻ/ڌيءُ کي ننگو ڪيو ٿو وڃي. نيئرن ۾ ٻڌل مڙد رڙيون ڪري ٿو، ڦٿڪي ٿو، اکيون ٻوٽڻ چاهي ٿو، پر هو هن جي جسم کي ايذاءُ ڏئي اکيون کولڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. اُهو ڀوائتو منظر ڏسڻ لاءِ ٿا مجبور ڪن، جنهن کان موت وڌيڪ بهتر سزا آهي. نه چاهيندي به پاڻ کي اهڙن منظرن جي فريم ۾ ڄڻ فڪس ڪرڻ جو تصور ٿو ڪريان. پنهنجي ئي تصور ۾ رڙيون ٿو ڪريان. ڪنڌ ٿو هڻان. ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪان ٿو.
    منهنجين اکين جي سامهون هر هر منهنجي زال ۽ ڌيءُ جو ننگو جسم.
    منهنجي اکين ۾ ڪنڊا اُڀري ٿا اچن.
    منهنجي سڄي جسم تي ڪنڊا اُڀري ٿا اچن.
    مون کي ڪنڊا چڀي رهيا آهن ۽ مان اُنهن جو چڀڻ ايذاءُ وانگر ٿو محسوس ڪريان. پگهر ۾ شم ٿي وڃان ٿو. منهنجن پيرن هيٺان قبرون ئي قبرون وڇايل آهن. هر قبر ۾ رڙيون، دانهون، سڏڪا پوريل آهن. منهنجا پير هوريان هوريان/تيزيءَ سان انهن قبرن ۾ لهي رهيا آهن. لائٽ آف ٿي وئي آهي يا منهنجين اکين ۾ اونداهي آهي؟.
    ايڏي اُونداهي!؟؟.
    مان پنهنجي پاڻ کي ان اُونداهي ۾ ڳوليان ٿو. هٿوراڙيون ڏيان ٿو. نيٺ به کٽ تائين پهچي، پنهنجي ئي لاش مٿان ڦان ٿي ڪِران ٿو. کٽ تي پيل منهنجو ئي لاش مون کي ٻک وجهي سمهارڻ ٿو چاهي، سمهي پؤ. انهيءَ ۾ ئي عافيت آهي ته سمهي پؤ. ايذاءُ کي محسوس ڪرڻ جي لذت منهنجو پيڇو نٿي ڇڏي. مان شايد ايذاءُ پسند ٿي پيو آهيان. نه، ايذاءُ جو عادي ٿي پيو آهيان. ايذاءُ جو عادي ٿيڻ ۽ ان کي قبولي وٺڻ، چرس، آفيم، مينڊريڪس ۽ هيروئن جي نشي جي عادي هئڻ ۽ ان تي تڳڻ برابر آهي. ايذاءُ کان نجات پائڻ لاءِ مون کي روئڻ گهرجي. زور – زور – سان، هسٽيريا جي مريض عورت جيان رڙيون ڪري روئڻ گهرجي. ننڍپڻ ۾ رنو هوندس، پر ان کان پوءِ مان رنو ئي ڪونه آهيان. هاڻي مون کي روئڻ گهرجي. پر مون وٽ روئڻ جو ڪارڻ به ڪهڙو آهي؟ ڇا لڙڪ ايندا منهنجين اکين ۾!؟ ڪو اهڙو منظر ياد ڪريان، جيڪو مون کي رُئاري سگهي. ڪهڙو اهڙو منظر ٿي سگهي ٿو؟ ماءُ جي مرڻ جو منظر؟ نه، پيءُ جي مرڻ جو منظر! نه، اُهو منظر جڏهن ڀاءُ ڦوهه جوانيءَ ۾، مئل حالت ۾ گهر کڄي آيو هو ۽ ماءُ ڇاتي ڪٽي، پار ڪڍي رني هئي. مون کي ماءُ جا اُهي اکين ۾ ڀرجي ايندڙ پار به ياد آهن، پر ان پل به مان رنو ڪونه هئس. ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺي مون کي لڳو هو ته مان به ان ڀت جو ئي هڪڙو حصو آهيان. سيمنٽ، ريتيءَ، بجريءَ مان اڏيل وجود. ان ئي منظر کي ياد ڪري روئان. پر روئڻ اچي ئي نٿو. مان ڪجهه به نٿو ڪري سگهان. روئي نٿو سگهان. پنهنجي مرضيءَ جي موت نٿو مري سگهان. رڙيون نٿو ڪري سگهان. ڪنهن کي سڏ نٿو ڪري سگهان. ٻاهر نڪري نٿو سگهان. ٻاهر؟ شايد هاڻي ڪرفيوءَ ۾ وقفو ٿيندو ئي ڪونه. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ بند، پئي پئي مري ٺري ويندا. شايد مري به ويا هجن!! ڇا اسان کي ڪنهن گڏيل قبر ۾ پوريو ويندو!؟ رنگ، نسل، مذهب، قوم، ٻولي، نظرئي ۽ اختلافي نقطي کان هٽي ڪري، کوٽيل اجتماعي قبر. اجتماعي جنازي نماز. خبر نه پوندي ته ڪهڙا لاش هن گروهه جا آهن ۽ ڪهڙا لاش هُن گروهه جا آهن! لاش!؟ هيءَ بوءِ ڇا جي آهي؟ جيئري ماڻهوءَ جو ماس سڙڻ جي بوءِ! مان ساهه کڻان ٿو. بوءِ منهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊي جيان اٽڪي ٿي پوي. مان گهرا گهرا ساهه کڻي بوءِ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. هيءَ ڪهڙي گروهه جي ماڻهوءَ جي ماس جي بوءِ آهي. هِن گروهه جي يا هُن گروهه جي!؟ کٽ تي پيل منهنجو لاش ٽهڪ ڏئي کلي ٿو. نه سڃاڻي سگهندين – نه سڃاڻي سگهندين – ها – ها – هو – هو – هي – هي – ٻاهر وري فائرنگ شروع ٿي وئي آهي. ماڻهوءَ جو ماس سڙڻ جي بوءِ ڇتو ڪندي ٿي وڃي مون کي. منهنجي دروازي تي منهنجو پاڙي وارو پوريءَ سگهه سان هٿ هڻي رهيو آهي. در کولڻ لاءِ رڙيون ڪري چئي رهيو آهي. در کوليان؟ ٿي سگهي ٿو هو پناهه چاهيندو هجي! ٿي سگهي ٿو هو مون کي مارڻ چاهيندو هجي. در کوليان؟ نه، نٿو کوليان، مخالف گروهه جو ماڻهو آهي. پڪ ته مون کي مارڻ چاهيدو هوندو. کوليان ٿو ڀلا. آخر به ته ماڻهو آهي. ٿي سگهي ٿو پناهه چاهيندو هجي. کوليان؟ نه – نٿو کوليان – ها – نه!؟ - نه – ها؟.


    تتو تن تنور جنءِ

    + گهڻن سالن کان پوءِ مليا آهيون!؟
    - الاءِ!! مون ته سالن کي آڱرين تي ڳڻڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.
    + مان سوچيندو هئس ته شايد مان ئي هڪڙو بدلجي ويو آهيان، پر هينئر ڏسان ٿو تون به اُها ساڳي نه رهي آهين. جهڙا نشان منهنجي چهري تي آهن، اهڙا ئي نشان تنهنجي چهري تي به آهن. شايد مختلف حالتون به نشان هڪجهڙا ئي ڇڏينديون آهن!!
    - پيڙا کي، ماڻهو ڀوڳي ته ساڳي ئي نوع ۾ ٿو.
    + ها، انهيءَ ڀوڳنا وقت کان پهرين ئي پوڙهو ڪري ڇڏيو آهي توکي به ۽ مون کي به. اڇن وارن ۽ چهري جي نشانن ۾ ڪم کان وڌيڪ حالتون انوالوَ هونديون آهن.
    - منهنجا وار ته توکان به وڌيڪ اڇا ٿي ويا آهن ۽ چهري جا نشان به توکان وڌيڪ گهرا. ڇا مون توکان وڌيڪ ڀوڳيو آهي!!؟.
    + ڪير ڄاڻي، ڪنهن، ڪيترو ۽ ڪنهن کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي!! هاڻي مان سوچيندو آهيان، هيترا سال گذرڻ کان پوءِ، ته ڇا بس اها ئي هئي منهنجي حصي جي زندگي!!؟ ان کان وڌيڪ/ان کان سواءِ ڇا ٻِيو ڪجهه به نه هو/آهي، ٿيڻ لاءِ!؟.
    - ٿي سگهي ٿو ان کان اڳتي به اڃا ڪجهه هجي!!.
    + ان کان اڳتي ڇا ٿي سگهي ٿو! باقي موت جو تجربو ئي ته رهجي ويو آهي ٿيڻ لاءِ، ۽ اُهو ڪيترو سڀاويڪ/اسڀاويڪ آهي. مرڻ کان پوءِ اهو سوال به بي معنيٰ آهي ۽ مان ان نتيجي تي پهتل آهيان ته سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي.
    - تڏهن تون اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو هئين!!؟.
    + تڏهن مان ڪنهن به نتيجي تي پهتل نه هئس.
    - ....!!-؟-؟-!!
    - ٻيو!؟.
    + ٻيو – ڇا!!.
    - اهي – وچ وارا سال ڇا ڪندو رهيو آهين؟.
    + گهڻو ڪجهه!/ڪجهه به نه. شايد گڏهه جيان بار ڍوئيندو رهيو آهيان، جيڪو مون پاڻ پنهنجي لاءِ چونڊي ڪونهي کنيو پر مون تي مڙهيو ويو آهي بي وس ڪندڙ حالتن هٿان.
    - تو لفظ ”شايد“ استعمال ڪيو. ڇا تون انهن حالتن لاءِ پنهنجي ذهن ۾ اڃا تائين ڪليئر ناهين!؟.
    + نه، حالتن لاءِ ته مان ڪليئر آهيان ته اُهي ذليل ڪندڙ ۽ مڙهيل آهن، پر مان اِن لاءِ واضح ناهيان ته مان ڪهڙي جانور طور استعمال ڪيو ويو آهيان/ڪيو پيو وڃان!؟ گهوڙو؟/گڏهه؟/ڪتو؟.
    - !! - ؟!! - - - - !
    - مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته وري جيڪڏهن، ڪڏهن، ڪنهن موڙ تي حادثاتي طرح سان ئي سهي، ملياسون ته ڳالهائڻ لاءِ اسان وٽ لفظ نه هوندا، زهر هوندو يا هر هر وچ تي، مٿو ٽڪرائڻ لاءِ سانت جي ديوار اچي بيهندي!!.
    + اسان جيڪو ڪجهه سوچيندا آهيون، اُهو ڪونهي ٿيندو ۽ جيڪو ڪجهه سوچي به نه سگهندا آهيون، اهو ئي پيو ٿيندو آهي. انهن ٻنهي احساسن جي وچ واري وٿيءَ تي جيڪو خلا آهي، انهيءَ ۾ پنڊوليم جيان لٽڪندي، هر لنگهندڙ لمحي سان مٿو پيا ٽڪرائيندا آهيون.
    - تلخ ٿي ويو آهين!؟.
    + تون تلخ نه ٿي آهين!؟.
    - مون ڪوشش ڪئي آهي سدائين ته مان تلخ نه ٿيان. ظاهري طرح سان ائين ڪرڻ ۾ شايد سڦل به وئي آهيان – پر – اندران -
    + مان اهو نٿو پڇان ته ظاهري طرح سان تو ڪيئن زندگي گذاري آهي!؟ ڄاڻان ٿو هن سماج ۾ سڀئي عورتون هڪ جهڙي ئي زندگي گذارين ٿيون ظاهري طرح سان. جينئيس عورتون به ۽ جاهل عورتون به . اُنهن کي ساڳي نوع ۾ ئي ته استعمال ڪيو ٿو وڃي. ساڳي طرح سان هو رک ٿين ٿيون . بس اُنهيءَ رک کي هرڪا پنهنجيءَ پنهنجيءَ پيڙا جي شدت هيٺ، الڳ الڳ ڀوڳنا سان ميڙي ٿي.
    - جڏهن ايترو ڪجهه ڄاڻين ٿو، تڏهن ڇا ٿو پڇڻ چاهين مون کان؟.
    + تنهنجي اُها پيڙا/ڀوڳنا، جيڪا تنهنجي ظاهر جي نه، اندر جي وارتا آهي.
    - ٻڌائڻ کي ڪهڙي معنيٰ آهي؟.
    + معنيٰ ڪنهن کي به ناهي. اسان بي معنيٰ آهيون، اهو ته ڏک آهي. ڪيترن سوالن کي جوابن جي معنيٰ نه گهربي آهي، پر اُهي ڪيترا سوال، اُنهن کان به وڌيڪ پيڙهيندڙ سوالن کي پڇڻ لاءِ پڇيا ويندا آهن.
    - گذريل سمورا سال گذارڻ کان پوءِ هاڻي سوچيندي آهيان، مان پاڻ انهن سمورن سالن ۾، انهن ۾ سرجندڙ طويل ڪهاڻيءَ ۾، ڪٿي هئس!؟ ڪهڙي ڪردار جي روپ ۾!؟. مون هر صفحي تي سوچيو، شايد اها ئي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي آهي، پر صفحو اُٿلائڻ کان پوءِ خبر پئي ته نه اڃا به اڳتي، اڃا به اڳتي. نيٺ اهو ئي ڄاتم ته ان ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس آهي ئي ڪونه. منهنجو پنهنجو ڪردار (؟)، ڪردارن جي هجوم ۾ ائين وڃايو آهي جو آرسيءَ ۾ اچي بيهان به ته نٿو لڀيم. آرسيءَ ۾ ته سدائين، الاءِ ڪير، ٿڪل، ٿڪجي چور ٿيل اڌڙوٽ عمر جي عورت ملي. مون مرڪڻ چاهيو به ته اُها عورت مرڪي نه سگهي. مون کي ته ائين به لڳو ته اجهو، هن پل هوءَ روئي ڏيندي، پر هوءَ رني به ڪانه. بي جان بُت جيان، پراڻي ورثي ۾ مليل شوپيس جيان بيٺي ئي رهي، ڪڏهن گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾، ڪڏهن ڪنهن ڪنڊ ۾ ۽ - اڃا – تائين – ائين ئي – آهي.
    + تون سچ پچ ته وڃائجي وئي آهين!.
    - تون – نه – وڃايو – آهين؟.
    نه، نه وڃائجڻ ڪاڻ، اها ڄاڻ هئڻ ڪاڻ ته مان آهيان/ڪير آهيان ۽ پنهنجي مرضيءَ خلاف، ڪنهن ٻي جي ماپ جي قبر ۾ پوريو ويو آهيان، اهڙيءَ ريت جو منهنجا گوڏا ميخن جيان منهنجي ئي پيٽ ۾ گهڙيا ويا آهن. ۽ اهڙن انيڪ ڪارڻن ڪاڻ مان زندگيءَ کي ڀوڳيان پيو، جيڪا مون لاءِ + - جي سوالن جيان ٿي پئي آهي ۽ مان انهيءَ طبقي مان آهيان، جنهن جي ذهن ۾ ماڊرن ڪميوٽر فِٽ ڪيو ئي ڪونهي ويو/نه ئي ملڪ جي بجيٽ ۾ يا پاليسيءَ ۾ ان لاءِ ڪا گنجائش رکي وئي آهي. ان ڪري ظاهر آ ته مون وٽ انهن کي سلڻ جا وسيلا ڪونه آهن. جيئن تون چاهيندي آهين ته ڪٿي، آرسيءَ ۾ يا گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ توکي پنهنجو پاڻ لڀي پوي، تيئن مان سوچيندو آهيان ته ڪاش مان وڃائجي وڃان/وڃائجي سگهان، پنهنجي پاڻ کان ۽ ٻين کان به.
    - هن پل سارڻ لاءِ ڇا اسان وٽ ساروڻا به ڪونه آهن؟ ڇا اسان هن پل کان پوءِ ٻيهر جدا ٿي، ڦڙو ڦڙو زهر پيئڻ لاءِ ئي ٻيهر گڏجي ويٺا آهيون، ڪجهه دير لاءِ ئي سهي؟.
    + اسان شعوري طرح سان ته نه مليا آهيون. نه ئي شعوري طرح سان ملڻ ممڪن ئي آهي. زندگي/حالتن ۾ هن موڙ تي اسان کي جهڙي شڪل ۾ ڦٽو ڪيو آهي، اُنهيءَ ۾ ئي حادثاتي طرح سان هڪ ٻي جي سامهون اچي بيٺا آهيون. تون جيڪڏهن مون کي فرصت جي انهن ڪجهه لمحن بدران آفيس ۾ ملين ها ته شايد مان فائلن جو ڍير ڍوئيندو، ڪتي وانگر باس جي ٽيبل جي آس پاس نوس نوس ڪندو توکي نظر اچان ها. شايد توکي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪيان ها يا تون ئي ائين ڪرين ها. توکي ڪانهي خبر، پر مان توکي ٻڌايان ٿو. ڪجهه سال پهرين سول اسپتال جي ڏاڪڻين تي تون مون کي ملي هئينءَ. منهنجي زال زندگي ۽ موت جي وچ واري وٿيءَ تي آپريشن ٿيٽر ۾ پئي هئي. ان پل مان ايڏو اوپرو هئس پاڻ لاءِ به جو توکي ڏسي هڪ کن جي ڇرڪ کان سواءِ ڪائي ڀاونا نه اڀري هئي منهنجي من ۾. انهيءَ ڀوَ کان ته متان تون مون کي سڃاڻي وٺين، مون ڀت ڏانهن چهرو ڦيرائي ڇڏيو هو ۽ تون بنا مون کي ڏسڻ جي هيٺ لهي وئي هئينءَ.
    ها ياد اٿم. توکي ڪانهي خبر، پر توکي ڏٺو به هئم ۽ سڃاڻي به ورتو هئم. مان هيٺ لهي رهي هيس ۽ تون مٿي چڙهي رهيو هئين (مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ زندگي ائين ئي لنگهي آهي/لنگهي ويندي. مان لاڳيتو هيٺ، اڃا هيٺ، اڃا به هيٺ لهي رهي آهيان ۽ تون مسلسل مٿي چڙهي رهيو آهين/چڙهندو پيو وڃين. نه تون ڪڏهن آخري فلور تي پهچي سگهندين ۽ نه ئي مان ڪڏهن گرائونڊ فلور تي پهچي سگهندس. اُن پل مون تنهنجو نانءُ به اچارڻ چاهيو هو، پر پوءِ الاءِ ڇو مون کي وڌيڪ بهتر اهو ئي لڳو هو ته اسان اوپرا بڻجي ڀر مان لنگهي وڃون. جنهن ديوار ڏانهن تو رخ ڦيري ڇڏيو هو، اُن جي سامهونءَ واري ديوار ڏانهن مون به چهرو موڙي ڇڏيو هو.
    اسان ڪهاڻين جون پڄاڻيون ڳولهي رهيا آهيون. ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيا آهيون. ٿڪجي پوڻ کان پوءِ به ويهي رهڻ تي اسان کي اختيار ڪونهي. جنهن ڊگهي سڙڪ تي، نڄاڻ ڪير مون کي ڊراپ ڪري ويو آهي، اُنهيءَ تي ڪنهن به گهاٽي بڙ جي ڇانوَ ڪانهي، ڪائي بينچ ڪانهي. منهنجي حصي ۾ زندگيءَ جي سمورن فوٽوگرافس جون نگيٽو ڪاپيون آهن. نگيٽو ڪاپين کي روشنيءَ ۾ جهلي بيهو ته سمورا چهرا ڄڻ ڏائڻ جو روپ ڌاري بيهندا آهن. مون کي جيڪڏهن منظر بدنما ٿا نظر اچن ته ان ۾ منهنجو ڪوئي ڏوهه ڪونهي. مون کي بيهاريو ئي منظرن جي اهڙي رخ تان ويو آهي، جتان اُهي بدنما ٿا نظر اچن. تون چوندي هئينءَ، سڀئي چوندا آهن ته چنڊ زرد آهي. مون انيڪ ڀيرا پاڻ کي ويساهه ڏيارڻ چاهيو ته چنڊ زرد ئي آهي، پر نڄاڻ ڇو/نڄاڻ ڪيئن مون کي چنڊ نيرو ئي ٿو نظر اچي. آسمان جي رنگ کان به گهرو نيرو. ائين گهڻو ڪجهه اُهين ناهي، جيئن ٻيا ٿا ڏسن/نٿا ڏسن. مون وٽ ٻين جون اکيون ناهن يا ٻين وٽ منهنجون اکيون ناهن يا اکيون آهن ئي ڪونه.
    مان گهاڻي جو ڏاند آهيان شايد!! مان ڪهڙي رستي کان اِن دائري ۾ گهڙيو هئس ۽ ڪهڙي رستي کان ٻاهر نڪري سگهان ٿو!؟ مان بس اکين تي کوپا چاڙهيو ڦِري رهيو آهيان. اُونداهي منهنجين اکين ۾ ڏند ٿي ڪرٽي. مان بس اُن جي ڏند ڪرٽڻ جو آواز ٿو ٻڌان. تون هئينءَ، مان هئس، خواب به هئا. خواب!!؟؟ مان پتلون جا کيسا ڇڪي ٻاهر ڪڍان ٿو. مهيني جي پڇاڙڪين تاريخن جا خالي کيسا يا شناختي ڪارڊ (مان ان ڪارڊ وسيلي ئي ته آهيان سرڪاري طرح سان. سرڪاري لسٽ تي لکيل. شخصي حيثيت ۾ ڇا مان آهيان به؟ شناختي ڪارڊ تي منهنجو فوٽو چنبڙايل نه هجي ها ته ڇا منهنجو چهرو سڃاڻپ جوڳو هجي ها!؟) ان کان سواءِ بجلي، گيس، پاڻي ۽ دوائن جا بل. ايندڙ مهيني لاءِ لسٽ، اٽو، چانور، گيهه، دال، کير، چانهه وغيره وغيره. زندگيءَ ۾ اهي ئي ٻه لفظ پنهنجيءَ معنيٰ سان بچيا آهن، وغيره وغيره.
    ساڳئي کيسي ۾ پيل ٻارن جي اسڪول في جو آخري نوٽيس، جنهن کان پوءِ انهن جو نالو به ڪٽي سگهجي ٿو. انهن سڀني مان تنهنجا ساروڻا، خواب نڄاڻ ڪٿي ۽ ڪهڙي پل مون کان کپي ويا آهن. گهر ڪنهن روبوٽ جيان موٽندو آهيان. هوءَ به ڪنهن روبوٽ جيان انتظار ڪندي ملندي آهي، منهنجو نه، پر ان جو ته جيئن مون کي ماني گرم ڪري کارائي، آخري ٿانوَ ڌوئي سمهي. ان کان پوءِ مشيني انداز ۾ ڪوري ڪاڳر جهڙي چهري سان ساڳي بستري ۾ گهڙي ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن، جيڪڏهن ٿڪجي چور ٿيل جسم ۾ اڃا ساهه جي ڪائي لهر باقي هوندي آهي ته بک جي ڪنهن احساس هيٺ مان هن کي ڇڪي پاڻ ڏانهن ڪندو آهيان. پر هن جي ته بک ئي مري وئي آهي. کيس بک نه لڳڻ جي ڄڻ بيماري ٿي پئي آهي. سمنڊ جي ڪائي لهر سندس جسم مان نٿي اُٿي. بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي پئي آهي. هر سال جڏهن يورن رپورٽ ڏسڻ کان پوءِ ڊاڪٽر کيس گرڀ وتي هئڻ جي نيوز ڏيندي آهي، اُن رات مون لاءِ هن جي نهار ۾ ڏاڍو ڌڪار هوندو آهي. مان پاڻ گِلٽي محسوس ڪندو آهيان. هن جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاري نه سگهندو آهيان. هاڻي گذريل انيڪ سالن کان سڀ ڪجهه ائين ئي وڃائجي رهيو آهي.
    اسان ٻئي هاڻي ويٽنگ روم ۾ ويٺل ٻه اجنبي مسافر آهيون ڄڻ، جن جي ٽرين هنن کان نڪري وئي هجي. شايد ٻي ٽرين ايندي به ڪانه. واپسيءَ جا رستا به ته برف سان ڍڪجي ويا آهن. هوءَ به ته گهاڻي جي ڏاند جيان آهي. اکين تي کوپا چاڙهيو ڦري رهي آهي منهنجي چؤڌاري، گول ۽ مسلسل. نڄاڻ هن ڪڏهن خواب ڏٺا به هئا يا نه!! نڄاڻ هوءَ ڇا سوچيندي هوندي! بظاهر ته هوءَ ڄڻ ڪوما ۾ آهي سالن کان. گهر کان نڪري مان ساڳين رستن تان لنگهندو آهيان، جتان ڪڏهن تون ۽ مان گڏ لنگهيا هئاسون. هاڻي ته اُهي رستا مون لاءِ هر لنگهندڙ ڏينهن کان پوءِ اوپرا بڻبا ٿا وڃن، جيتوڻيڪ مان روز اُتان لنگهان ٿو ۽ لنگهندو رهندس. تنهنجا ساروڻا منهنجو رستو روڪي به ڪيئن بيهن!!.
    گهر کان آفيس ويندي دير ٿي وڃڻ جو خوف شڪاري ڪتي جيان منهنجي بوءِ سونگهيندو پيڇو پيو ڪندو آهي ۽ ان خوف جي پويان ٻيا ڪيترا ئي ساهه چوسيندڙ خوف. باس جي هٿان ذليل ٿيڻ جو خوف. منهنجي انتظار ۾ پيل فائلن جو ڍير. باس جي ڪمري کان منهنجي ٽيبل تائين نڪتل سڌي ليڪ ۽ ان ليڪ تي ساندهه اٺ ڪلاڪ هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن گڏهه جيان اچ وڃ، اچ وڃ. ان هوندي به روز نوان سرڪيولر، روز نيون وضاحتون، معذرتون ۽ نتيجي ۾ اندر، منهنجي وجود جي گنبذ ۾ پَر هڻندڙ پاريل جيان زخمي ٿيندڙ Ego جنهن کي مان هر لمحي ٺپري ٺپري سمهارڻ چاهيندو آهيان. واپسيءَ تي به ساڳين رستن تان لنگهندو آهيان، جتان ڪڏهن تون ۽ مان لنگهيا هئاسون. واپسيءَ ۾ ڄڻ سرد لاش هوندو آهيان ۽ اُن لاش کي گهر پهچي ڀت تي ٽنگي ڇڏڻ لاءِ اُتاولو ٿي اڃابه تکيون وکون کڻندو آهيان. سڄو وجود ميڙجي پيرن ۾ پيل بوٽن ۾ سمائجي ويندو اٿم.
    تنهنجا خط سال ٿيا ڪونه پڙهيا اٿم. نڄاڻ اسٽور ۾ رکيل کوکن مان ڪهڙي کوکي ۾، ڪتابن هيٺ دٻائي ڇڏيا هئم. ڪجهه ڏينهن پهرئين منهنجي زال چيو پي ته اسٽور ۾ پيل ڪتابن کي اڏوهي کائيندي ٿي وڃي. ڪا دوا ڇو نٿو وجهين! چيم، پهرين تاريخ تي ڪوشش ڪندس. تلخ نوع ۾ چيائين، پهرين تاريخ ايندي ئي ڪڏهن آهي!؟ ننڊ ڪانه ايندي اٿم بنا ڪنهن احساس جي. سڄي رات سوچيندو آهيان ڇا صبح ٿيندو!؟ چنڊ زرد آهي يا نيرو!؟ اڄ ڪهڙي تاريخ هئي!؟ ڪهڙو ڏينهن هو!؟ رات ڪيڏي ڊگهي آهي!!؟ رات کٽي ڇو نٿي!؟ بيهجي ويل هوا ڪاڻ گهُٽ، ٻوسٽ، پگهر ۾ شم ٿي ويل جسم ۽ سڄي رات پراڻي کٽ جا چرڙاٽ. شايد هن پاسي ننڊ اچي!! شايد هن پاسي ننڊ اچي! منهنجي ياداشت ڪمزور پوندي ٿي وڃي. نڄاڻ ڪيترو ڪجهه سارڻ چاهيندو آهيان، پر ڄڻ ڪاغذ تي ڪو لفظ لکجڻ بدران مس هارجي پوندي آهي. منهنجي چئني پاسي ماڻهن جا ايڏا هشام آهن جو مان کلي ساهه به نٿو کڻي سگهان. نه، منهنجي چئني پاسي ايڏي رڳون ڇڪيندڙ تنهائي آهي، جو منهنجو ساهه ٿو گهُٽجي. الاءِ تو ۽ مون ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون هيون! الاءِ اها ڪهڙي تاريخ هئي، جڏهن پهريون ڀيرو مليا هئاسون!؟ الاءِ اها ڪهڙي تاريخ هئي، جڏهن آخري ڀيرو مليا هئاسون ۽ اُهو آخري جملو ڪهڙو هو، جيڪو تو مون کي چيو هو ۽ جيڪو مون توکي چيو هو، نڄاڻ اُهو آخري جملو ڪهڙو هو!!؟؟
    تون ڪافي نٿي پئين!؟ اها ٻي ڪافي آهي، جيڪا تو ائين اڳيان رکي رکي ٿڌي ڪري ڇڏي آهي.
    - ها، ائين اڪثر ٿيندو آهي. چانهن يا ڪافيءَ جي سخت ٻاڙ محسوس ٿيندي اٿم، پر جڏهن اڳيان ايندي آهي ته ائين ئي اڳيان پئي پئي ٿڌي ٿي ويندي آهي.
    شايد، گهڻو سوچيندي آهين؟.
    گهڻو سوچيندي هئس، پر پوءِ سوچڻ ڇڏي ڏنم يا شايد سوچ جي سڃاڻپ ئي وڃائجي وئي مون کان!! مون کي لڳو، مون کي ايترو سوچڻ نه گهرجي. سوچڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه اهڙو آهي، جنهن سان مان سهمت ٿي نٿي سگهان. چاهيندي به نه، جڏهن ته مون کي انهيءَ سموري سان سهمت ٿي وڃڻ گهرجي.
    + تڏهن، جڏهن تون ۽ مان ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڳالهيون ڪندا هئاسون. جيتوڻيڪ ڄڻ جڳ لنگهيا اُنهيءَ کي، پر مون کي هينئر ياد اچي ٿو، گهڻو ڪجهه اهڙو هوندو هو، جنهن سان تون سهمت نه هوندي هئينءِ.
    - ها، جڳ لنگهيا اُنهيءَ کي. پر اسان جي سهمت هئڻ نه هئڻ سان ڇا ڪوئي فرق پوي ٿو!!؟؟ ان سان اسان جي شخصي سزا ۾ ڇا ڪائي ڪمي اچي ٿي!؟
    Compromise؟.
    Compromise جي سسٽم هيٺ جيئان ٿي. اهو جيئڻ پنهنجي اندر سمجهوتو ئي ته آهي. جيتوڻيڪ سوال اهو ناهي ته مان ظاهري زندگي ڪيئن گذريان ٿي؟ پر سوال به اهو ئي آهي ته مان ظاهري زندگي ڪيئن گذاريان ٿي!؟
    هڪڙي ڳالهه پڇان توکان؟.
    - پڇ.
    تون ۽ مان، جيڪڏهن گڏجي زندگي گذاريون ها، ڪنهن هڪڙي ئي آڳنڌ تي، تڏهن شايد ايترا وکريل نه هجون ها، جيترا هينئر آهيون؟.
    - تڏهن ڇا دنيا به بدلجي وڃي ها!؟.
    پر دنيا کي پنهنجيءَ اک سان ته ڏسي سگهون ها نه!؟.
    - تڏهن به ته ان ساڳي سماجڪ سسٽم هيٺ رهون ها نه ۽ آخرڪار اک ۾ ڦلو پئجي وڃي ها. تون ائين ئي خارجي حالتن جون ذلتون صليب جيان ڪلهن تي گهيلندو گهر موٽين ها ۽ مان اهڙي ئي مشين هجان ها/اڄ هنن حالتن ۾ به اهڙي ئي مشين آهيان، جهڙي تنهنجي زال آهي.
    ها شايد ائين ئي هجي ها/نه به هجي ها!! هن مشيني دور ۾ ڦيٿي ۾ ڦرندي ڦرندي اسان ۾ به ته مشيني خصلتون اچي ويون آهن. تون ۽ مان انهيءَ ڦيٿي کان ڪيئن آجا رهي سگهون ها؟.
    هاڻي ته پڇتاءُ جو احساس ئي ختم ٿي ويو آهي يا ائين سمجهه ته هر پڇتاءُ تي پڇتاءُ ٿيندو آهي. پڇتاءُ ٿيندو آهي پنهنجي ذهني/جسماني شڪست تي پر پوءِ انهيءَ پڇتاءُ تي اهو پڇتاءُ ڀاري پئجي ويندو آهي ته مون کي شڪست جي اڻٽر وارتا تي نه پڇتائڻ گهرجي. پڇتاءُ به ته احتجاج آهي نه!! انهيءَ سوال جو ته ڳلو گهٽيل آهي ته مان پنهنجي حصي جي زندگيءَ سان committed آهيان يا نه!؟ وچ تي غير مشروط commitment رکيل آهي، منهن جي اُنهن سان، جيڪي منهنجي حوالي سان آهن يا مان جن جي حوالي سان آهيان. نه پر مان رڳو ٻين جي حوالي سان آهيان. حوالن جي پٺيان انيڪ حوالا آهن زنجير جيان. ڊگهي ۽ اڻ کٽ زنجير. هڪڙو سرو پولار ۾ ٻيو سرو پاتال ۾ وڃائجي ويل. رڳو وچ جون ڪڙيون آهن. ڪنهن ڪڙيءَ ۾ پير ڦاٿل آهن، ڪنهن ۾ هٿ ڪَرايون ۽ ڪنهن ۾ گردن جڪڙيل آهن. آڳنڌ جي ديوار تي ڪانءُ ويهي ٻوليندو آهي. مون کي اُن ۾ پنهنجي معنيٰ نظر ايندي آهي هڪڙي بي معنيٰ، معنيٰ. مان به شايد آڳنڌ جي ديوار تي ويٺل ڪانءُ آهيان!!.
    منهنجا پير انهيءَ ديوار تي ائين ڄمي ويا آهن، جو انهن ۾ ديوار کان اُکڙي الڳ ٿيڻ جي ڪامنا کن لاءِ به نٿي هُري. عجيب سٻنڌ آهي ٻنهي جو!! ڪڏهن اها ئي ديوار ڇڪجي مون کان به مٿي، اڃا به مٿي ٿي بيهي رهندي آهي. ايترو مٿي جو مون کي پنهنجو پاڻ اُن ننڍڙي ماڪوڙيءَ جيان ڀاسندو آهي ، جيڪا مسلسل ديوار جي آخر تائين پهچڻ لاءِ جتن پئي ڪندي آهي ۽ هر ڀيري ديوار کيس پنهنجن پيرن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندي آهي. ديوار جي آخر تي پهچندي به مون کي ديوار جو آخر نٿو نظر اچي. ديوار منهنجي لاءِ کڙي ڪئي وئي آهي يا مان ديوار لاءِ جنمي وئي آهيان!!؟ اهو سوال بس سوال آهي. شايد ان جو جواب آهي به ڪونه. منهنجي وات تي ڪنهن ٻي جو هٿ رکيل آهي ۽ منهنجي آواز تي سانت جي اوساري ڪئي وئي آهي.
    اڪثر رات ڪيڏي گهري ۽ اُونداهين ٿي ويندي آهي ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته ان پل ظاهري طرح سان ڏينهن هوندو آهي. ڏينهن رات آهي يا رات ڏينهن!؟ دروازا کليل آهن يا بند!؟ ديوار آسمان ۾ ڪيئن وڃائجي وئي آهي!؟ ۽ مان چيلهه تائين پاتال ۾ لٿل آهيان. اهو سمجهي سگهڻ ڪيڏو ڏکيو ٿي پيو آهي ته منهنجو هيٺيون ڌڙ جيئرو آهي يا مٿيون ڌڙ!؟ مون کي ته جسماني طرح سان پيڙا نٿي محسوس ٿئي، جسم جي ٻنهي حصن ۾. مان پيڙا کي ڇو نٿي محسوس ڪري سگهان؟ مان گهر جي آڳنڌ ۾ رات جو اُگهاڙن پيرن سان، ٿڌي فرش تي هلي پاڻ کي محسوس ڪرڻ چاهيندي آهيان.
    ان ڏينهن به منهنجو مڙس مون کي ڪنهن سائيڪا ٽرسٽ وٽ وٺي ويو هو. چيائين؛ ”منهنجي زال کي ننڊ ۾ هلڻ ۽ ڳالهائڻ جي عادت آهي. سائيڪا ٽرسٽ مون کي غور مان نهاري سوال منهنجي مڙس کان پڇيو؛ ”Are you sure!! اوهان جي زال ان مهل ننڊ ۾ ئي هوندي آهي، جاڳيل نه!؟“ ان سوال جو جواب هو ئي ڪونه. مان ننڊ ۾ آهيان يا جاڳيل؟ مون جنهن رات جنم ورتو، اُن ئي رات منهنجي ماءُ مون کي چيو هو، ڌيءُ! خواب نه ڏسجانءِ. پر مون خواب ڏٺا. سوئيٽر جيان هڪڙو هڪڙو کن خوابن جو مون پنهنجين آڱرين تي اُڻيو.
    هاڻي خوابن جو اُهو سوئيٽر اسٽور ۾، پيتين ۾ رکيل پراڻن استعمال ٿيل ڪپڙن جي هيٺ ڪٿي رهجي ويو آهي. مون هڪ لڱان اُنهن پيتين کي کولڻ به چاهيو، پر اُنهن مان اُٿندڙ ڪافور جي گورين جي تيز بوءِ منهنجو ساهه مٺ ۾ وٺي ڇڏيو هو. اهڙو ڪو احساس مون ۾ گهڙي آيو هو ته ڄڻ مان قبرن جا ڍڪ کوليان پئي ۽ لاش سڙي بوءِ ڏيڻ لڳا آهن. خوابن کي ڇا ڪافور جون گوريون بچائي سگهن ٿيون؟ مشين جو بٽڻ جيئن آن ٿيو آهي، اُن کان پوءِ آف ئي نه ٿي سگهيو آهي. آن ئي رهندو، فيوز اُڏامڻ تائين. اسان هڪ ٻي جي اکين ۾ نهاريندا ئي ڪونه آهيون. اسان جين اکين واري جاءِ تي هاڻي ٻه گهرا غار آهن. انهن غارن جي اُونداهي سمنڊ وانگر اسان جي وچ تان وهي ٿي. پهرين گونگا ٿياسون، پوءِ ٻوڙا ٿياسون، هاڻي انڌا ٿي پيا آهيون. هوريان هوريان جسم جي هڪ هڪ حصي کان ائين ڪٽبا وينداسون، جيئن معذور ٿيندا ٿا وڃون، تيئن تيئن هڪ ٻي جي مجبوري بڻبا ٿا وڃون.
    گهر کان ٻاهر زندگيءَ جون گنديون ڳليون ڦهليون پيون آهن. ماڻهن پنهنجي پنهنجي حصي جو گند درن کان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي، ٻين تي مڙهڻ لاءِ. هرڪوئي پنهنجي حصي جي گند مان جان ڇڏائڻ چاهيندو آهي، پر ٻين جي حصي جي گند مان گندو ٿي وڃي ٿو. هو به انهيءَ گند ۾ لت پت گهر موٽندو آهي. پاڻ آجو ڪرڻ لاءِ هو اهو گند اوڳاڇڻ چاهيندو آهي ۽ اسان جي وچ ۾ بوءَ ڦهلجي ويندي آهي. گند ته منهنجي اندر ۾ به ڀريو ٿو وڃي. جنهن به وهڪري جي اڳيان ٻنڌ ٻڌجي ته اُهو بوءِ ڏيڻ لڳندو آهي. منهنجي اندر جو وهڪرو به بيهي رهيو آهي، پر مان پنهنجي اندر جي گند کي اوڳاڇي نه سگهي آهيان. ڏوهه هن جو به ناهي. ڏوهه منهنجو به ناهي. اسان ٻئي ان سسٽم اڳيان بي وس آهيون، جنهن اسان کي هڪڙي ئي قبر ۾ پوري ڇڏيو آهي. قبر ئي ته آهي، جنهن تي ٻيا مٽي وجهي هليا ويا آهن. اهي ئي منهنجو مختارنامو مون کا ڦري هن جي کيسي ۾ وجهي ويا آهن. هو اُنهيءَ مختارنامي کي کيسي ۾ رکڻ لاءِ ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. ان کان پوءِ ڪيترو ڪجهه/سڀڪجهه پاڻ مرادو ڪوريئڙي جي ڄار جيان اُڻبو ويو آهي. هو سهمت آهي يا نه/مان سهمت آهيان يا نه؟ ان سوال کي معنيٰ ڪانهي.
    هن ڏکوئجي چيو. تون آزاد ناهين ته مان ڪهڙو آزاد آهيان. فرق اهو آهي ته تنهنجو پڃرو سوڙهو آهي ۽ منهنجو پڃرو اُن جي ڀيٽ ۾ ٿورڙو ويڪرو ۽ بس . پَر نه توکي آهن نه مون کي . تون جيڪڏهن منهنجي وجود سان ٽڪرائجي پرزا ٿئين ٿي ته مان به ڪنهن اڻ ڏٺي ديوار سان ٽڪرائجي پرزا ٿيان ٿو. زندگيءَ جي ان واهيات سسٽم کي بدلائڻ يا ٽوڙڻ ڇا تنهنجي اختيار ۾ آهي؟ ڇا منهنجي اختيار ۾ آهي؟ بس شعور ۽ سمجهه جو اهو موڙ انتهائي نازڪ ٿي پوندو آهي، آرسيءَ جيان. هڪ ٻي جي جسمن تي لکيل صلح نامي تي پنهنجي پنهنجي صحيح ڪري نستا ٿي ڪِري پوندا آهيون . مان سوچيندي آهيان منهنجي زندگيءَ ۾ هن جي بدران جي تون هجين ها يا ڪو ٻيو هجي ها، هن جي زندگيءَ ۾ منهنجي جاءِ تي ڪا ٻي هجي ها ته به سڀڪجهه بلڪل اهڙو ۽ ائين ئي هجي ها. شخصي مٽا سٽا سان اهو سڀ مٽجي ته نٿو سگهي. تڏهن به جنهن رات مون پنهنجي ڌيءَ کي جنم ڏنو هو، ان رات منهنجي ماءَ وانگر کيس خواب ڏسڻ کان منع نه ڪيو هئم. بس اهو ئي ڪري سگهي آهيان.
    ڌيءَ جي آڱرين تي تو ٻيهر خواب اڻڻ شروع ڪيا آهن؟.
    - ها، خوابن جو سلسلو ٽٽڻ نه گهرجي .
    تو جنم کان پڃري ۾ قيد، پکيءَ کي ڪڏهن اُڏائي ڏٺو آهي!؟ پڃري مان نڪري به اهو پڃري کان هٽي پري نه ٿيندو آهي، اُڏامي نه سگهندو آهي. ٻيهر پڃري ۾ موٽڻ چاهيندو آهي .
    - مان هلان هاڻي، پڃري جو دروازو کليل ڇڏي آئي آهيان ۽ هوءَ اڪيلي هوندي.
    + پڃري جي چاٻي؟.
    - اها مون سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏي آهي ۽ دروازو کليل ئي ڇڏي ڏنو آهي.


    ناٽڪ (1988-1947ع)

    (پرومي ٿيوس (Prome Theus) يوناني ڏندڪٿا ۾ دنيا جو پهريون باغي آهي. ان يونان جي سڀ کان سگهاري ديوتا زيوس جي ڊڪٽيٽرشپ کان بغاوت ڪئي ۽ هيٺ زمين تي پيل بي ڪار انساني مخلوق کي سگهاري ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي شرمناڪ ذليل زندگيءَ تي سوڀ ماڻڻ جا راز ٻڌايا هئا، جن مان هڪ آڳ جو استعمال به هو. موٽ ۾ پرومي ٿيوس تي، زيوس جو ڏمر نازل ٿيو ۽ ان جي آرڊر هيٺ، پرومي ٿيوس کي ڪوهه قاف پهاڙ جي چوٽيءَ تي زنجيرن سان ٻڌي، مٿس هڪڙي ڳجهه جي ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪا رات ٿيڻ تائين، سڄو ڏينهن پرومي ٿيوس جو ماس پٽيندي هئي. زيوس جو حڪم هو ته جيسين تائين پرومي ٿيوس معافي نٿوگهري، تيسين ائين کيس انهيءَ مسلسل عذاب ۾ مبتلا رکيو وڃي. پرومي ٿيوس ٽيهه هزار سال اها سزا ڀوڳي. پرومي ٿيوس جي ڪردار کي سڀ کان پهرين مشهور يوناني ناٽڪ ڪار ايس ڪائي لس (Aeschylus) ادب ۾ امرتا ڏني. ايس ڪائي ليس، پرومي ٿيوس جي ڪهاڻي ٽن حصن ۾ بيان ڪري ٿو:
    (1) Prometheus fire bringer
    (2) Prometheus bound
    (3) Prometheus unbound
    پر ڇا اڄ جي اسٽيج جو الميا ناٽڪ ڪونهي!؟ پرومي ٿيوس!!؟ ڪنهن ڊڪٽيٽر جي آرڊر هيٺ مسلسل سزا ڀوڳيندڙ ۽ ڳجهن کي پنهنجو ماس کارائيندڙ. شايد اها سزا به ٽيهه هزار سال طويل هجي. يا ان کان به طويل – يا – اُن – کان – به!!؟؟ ـــــ ان کان اڳتي سوال جون نشانيون باقي رهجي وڃن ٿيون.
    درٻار
    سڀني کان اوچائي تي رکيل ڪرسي.
    (اسان انهيءَ ڪرسيءَ جي پاين سان ٻڌل مخلوق آهيون)
    ۽ اُن تي ويٺل وردي پوش ديوتا زيوس پنهنجون گول اکيون ڦيرائي چئني پاسي نهار ڪري ٿو (مالڪ جي وفادار ڪتن تي پوندڙ نهار ۽ ڪتا!! بيمار، ٿڪل، نٻل ۽ نِستا ٿي، ڄڀ ڪڍي سهڪندڙ، پنهنجا ئي پراڻا، جڳن جا ڦٽ چٽيندڙ ڪتا) بظاهر اهي ئي چهرا ماڻهن جا، قطار ۾، ڪنڌ نوايو ويٺل ۽ ڪنهن اڻ ڄاتي، اڻ ڪئي ڏوهه تي شرمسار.
    ڪجهه ٻيا به ڪردار
    زيوس جا محافظ/زيوس جا وزير/زيوس جا جلاد/زيوس طرفان مڙهيل الزام ثابت ڪندڙ وڪيل/ ڪتا/چٻرا/گدڙ/بگهڙ/ ڪُئا/ نانگ/ڳجهون/ماڪوڙا/ماڪوڙيون، ننڍڙيون – ننڍڙيون – ما – ڪ – و – ڙ – يو – ن – انهن مان ڪجهه، هڪ ٻي کان پري. هِتي، هُتي، ويٺلن ۾، بيٺلن ۾، اُهي به آهن، جن پرومي ٿيوس کان سگهاري ٿيڻ ۽ غلاميءَ جي ذليل زندگيءَ کان انڪار جو احساس ماڻيو آهي (انڪار سگهه آهي).
    اُهي ”ڪجهه“ پنهنجي اندر ۾ هر هر ڪنڌ کڻي وٺن ٿا. جيتوڻيڪ بظاهر انهن جا به ڪنڌ جهڪيل آهن.

    (ڪنڌ کڻي سگهڻ/ڪنڌ کڻي سگهڻ جو احساس ماڻڻ/ڪنڌ کڻي سگهڻ جي سگهه کي پاڻ مان ئي ماڻي سگهڻ کي وڏي معنيٰ آهي.)

    زيوس انهيءَ معنيٰ کي، اُنهن ”ڪجهه“ جي اندر مان پاڙان پٽي ڪڍڻ لاءِ باغيءَ کي درٻار ۾ گهرايو آهي.
    زيوس ورديءَ ۾ اندر ڪيترو ننگو آهي، اهو هو پاڻ به ڄاڻي ٿو ۽ ٻيا به ڄاڻن ٿا ۽ اهو به ته زيوس جا لانگ بوٽ اُن جي سائيز کان ننڍا ۽ سوڙها آهن ۽ اهو به ته زيوس زوريءَ ڇڪي اهي بوٽ پيرن ۾ چاڙهيا آهن ۽ اهو به ته انهن اندر هن جا پير پاڻيءَ ۾ پيل لاش جيان سُڄي نيرا ٿي چڪا آهن.
    تڏهن به سڀ (انهيءَ سڀ ۾ ڪجهه اُهي به آهن، جن انڪار ڪري سگهڻ جي احساس کي ته ماڻيو آهي، پر بظاهر جن جا ڪنڌ جهڪيل آهن – پرومي ٿيوس جي سزا ڏسي اڃا انهن جي رڳن ۾ خوف جو ڪارو نانگ سُرندو رهي ٿو) اُن جي اطاعت لاءِ، اُن طرفان مڙهيل انڌي قانون ۽ اُن قانون هيٺ عطا ٿيل ذليل زندگيءَ کي محض گذارڻ خاطر گذارڻ لاءِ مجبور آهن.
    ان ذليل زندگيءَ جا ذليل ترين اُصول/شرط:
    اطاعت کان انڪار نه ڪرڻ
    ڪنڌ گوڏن تي ۽ اکيون پيرن تي رکي ساهه کڻڻ
    محض – سا – هه – هه – هه – هه – کڻڻ!!؟-؟؟
    اچي – هيءَ ڊگهي سڙڪ آهي – سڌي ۽ اڻ کٽ.
    ڊوڙ
    ڊوڙ انهيءَ تي
    ڊوڙ
    ا – ڃا – به – تيز –
    اڃا به تيز
    ڊوڙ
    هُن سري تائين (۽ سرو آهي ئي ڪونه)
    ساهه ڀرجي اچي، تڏهن به
    ساهه ڇڄڻ لڳي، تڏهن به
    ڪٿي به – ڪنهن به اڌ تي – ڪِرڻ کان پوءِ به
    ٻيهر اُٿي
    ٻيهر ڊوڙ
    هن سِري کان هُن سِري تائين/هُن سِري کان هِن سِري تائين (۽ سِرا آهن ئي ڪونه)
    ۽ - ۽ - ڊ – و – و – و – ڙ –
    باغي ان سزا جي ليڪ تي ڊوڙندو رهيو آهي
    ڊوڙندو رهيو آهي
    مسلسل ڊوڙندو رهيو آهي
    ساهه جو هانبارو
    هه – هه – هه – هه –
    اُٻڙڪو
    آخ
    آ
    آ – خ –
    ٿو
    و.
    ۽ ڳلي کان وات ۾ ڀرجي آيل ڪرهت ۽ نفرت جي ٿُڪ هو ٻيهر ڳڙڪائي ٿو ڇڏي ۽ اها هن جي مجبوري آهي (انتهائي مجبوري) اها ئي مجبوري کيس اُٻڙڪو ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي ۽ اُٻڙڪو ئي سندس بغاوت آهي.
    انڪار کان پهرين هو ڪرهت جي انهيءَ احساس کي سالن ڪنان ڀوڳيندو آيو آهي.
    Nausea جي ڪيفيت
    ڏٺل منظرن تي هانءُ ڪچو ٿيندڙ
    هي هُن جا پير چٽي رهيو آهي
    هو هُن جا
    ۽ اُهو ـــــ هن جا.
    هر ماڻهو پاڻ کان وڌيڪ سگهاري جا پير چٽي رهيو آهي. شل ٿي ويل زبان. سُڪي ٺوٺ ٿي ويل چپ ۽ ڏندن هيٺ ڀُرندڙ ريتي.

    جيئري ماڻهوءَ کي مئل ماڻهوءَ جو ماس کائڻ جو آرڊر
    جيئري ماڻهوءَ کي جيئري ماڻهوءَ جو ماس کائڻ جو آرڊر
    ماڻهو، ماڻهوءَ جو ماس کائڻ کان پوءِ وڌيڪ سڀاويڪ نوع ۾ جانور بڻجي سگهي ٿو ۽ جانور بڻجڻ کان پوءِ اُن ۾ پاليل ڪتي جون خصلتون حاصل ٿيندڙ. اهو ئي ته زيوس کي گهربل آهي.
    ماڻهو نه،
    ڪُتا.
    پاليل ڪتا.
    ٻُڌ
    پرومي ٿيوس!!
    مڙهيل الزامن جي فهرست
    (تنهنجو انهن سان سهمت هئڻ/نه هئڻ ضروري ڪونهي)
    تو زيوس کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهو ڄاڻندي به ته زيوس ڪيڏو سگهارو آهي. تو زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي نه رڳو نهاريو، پر پنهنجي نهار ۾ اُن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو به اظهار ڪيو. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته زيوس جو سگهارو هئڻ قدرتي آهي ۽ سگهاري جي اطاعت ڪرڻ توتي/اوهان سڀني تي لازم آهي. ڇا زيوس جي اطاعت کان فرار ممڪن آهي تو لاءِ/ٻين لاءِ!!؟؟.
    ٻُڌ پرومي ٿيوس!.
    تنهنجون پاڙون غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ لٿل آهن، هاڻي ان ڪري تون پنهنجي بي وسيءَ جو اعتراف ڪر. اعتراف ڪر ته – تون نه رڳو بي وس آهين، پر معذور به آهين. نه سوچي سگهندڙ، نه ڳالهائي سگهندڙ، نه ٻڌي سگهندڙ، نه ڏسي سگهندڙ، معذور. بس توکي ساهه کڻڻ جو آرڊر هو/آهي/رهندو.
    تون پنهنجا هٿ ڪشڪول جيان جهلي بيهه ۽ بيٺو رهه زيوس جي اڳيان، ان ڪري نه ته توکي ڪجهه گهرڻ جو اڌيڪار آهي، ان ڪري ته تنهنجي ائين بيهڻ سان زيوس جي سگهاري هئڻ جو احساس ٿئي ٿو. پر تو پنهنجا ٻئي هٿ ڪشڪول ڪرڻ بدران، مُٺيون ڀيڙي ڇڏيون ۽ انهن کي زيوس جي اکين اڳيان لهرائڻ لڳين!!.
    پرومي ٿيوس! تو رياست جو اُهو سسٽم بدلائڻ چاهيو، جنهن هيٺ زيوس حاڪم آهي ۽ تون ۽ ٻيا سڀ محڪوم. تو اها ڪامنا ڪئي ته مخلوق، ماڪوڙين جهڙي ننڍڙي، جيتامڙي، بي ضرر، بيڪار ۽ بي وس مخلوق پنهنجي گهڻائيءَ ۾ هئڻ ڪري پاڻ ئي پنهنجي جيئڻ لاءِ فيصلا ڪري ۽ زيوس، جيڪو سڀ کان سگهارو ۽ مٿاهون آهي، اُهو بي سگهو ٿئي.
    اها تنهنجي ڀل هئي پرومي ٿيوس!
    اهو تنهنجو پاڳل پڻو هو.
    توکي انهن ڪارڻن جو اندازو ئي نه هو، جيڪي زيوس کي گهڻائيءَ تي قابض رهڻ ۽ انهن جي مرضيءَ کي اهميت ڏيڻ کان سواءِ، انهن جي ڀاڳ کي پنهنجي مرضي ۽ مفاد آهر ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جو اختيار ڏين ٿا.
    سو تون ڏوهاري آهين پرومي ٿيوس!
    باغي آهين
    غدار آهين.
    ۽ ڏس – چڱيءَ طرح سان ڏسي وٺ ته تون زيوس اڳيان ڪيڏو هيڻو، بي وس ۽ هارايل آهين – تون – تو – ن – ن – پ – ر – و – مي – ٿ – يو – س – س –
    الزامن جي فهرست ڳڻائيندي، زيوس پاران مقرر ڪيل وڪيل جو ساهه ڀرجي ٿو اچي ۽ اچانڪ هن کي لڳي ٿو ته هن جي پتلون جا بخيا اُڊڙجندا ٿا وڃن ۽ هو ڀريل درٻار ۾ ننگو ٿي رهيو آهي ۽ پرومي ٿيس جون اکيون ان جي اڊڙيل پتلون جي اندر ڏسي سگهن ٿيون.
    مڙهيل الزامن تي
    تاڙين جو ڦهڪو
    گڏيل آواز (ڪجهه کي ڇڏي ۽ اُهي ڪجهه ساهه جي ڏور پڪڙي بيهڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل آهن. پنهنجي ئي اندر ڪنڌ کڻي زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي نهارڻ جي ڪامنا هيٺ دٻيل آهن. ڪامنا، جيڪا پهاڙ تان ٿاٻو کائي هيٺاهينءَ ڏانهن مسلسل بولاٽيون کائي ڪِرندڙ ڇپ جيان آهي. ڇپ جي گونج، پاريل جيان، انهن جي بند قلف چڙهيل وجودن اندر، ديوارن سان ٽڪرائجي زخمي ٿيندڙ ـــــــــ)
    اسان زيوس سان سهمت آهيون
    زيوس سچو آهي
    سگهارو آهي
    اُتم آهي
    امر
    آهي
    هو سڀ ننگا آهن
    هو سڀ زيوس جي ورديءَ ۾ ڇُپڻ ٿا چاهين
    زيوس جي وردي، زيوس کي به سوڙهي پئجي ويل.
    هو سڀ زيوس جي بوٽن ۽ جورابن ۾، ورديءَ جي کيسن ۾ لڪي وڃڻ چاهين ٿا،
    ظاهر ٿيندڙ ننگائپ کان پناهه پائڻ لاءِ
    پناهه
    زيوس،
    اسان کي پناهه ڏي
    هنن جي گهوريندڙ اکين کان
    جيڪي اسان کي هُن پار تائين ڏسي سگهن ٿيون.
    (باغيءَ جون اکيون تارازيءَ وانگر ٿينديون آهن.)
    سڀني کان الڳ
    ڪجهه مٿاهين تي
    زنجيرن ۾ ٻڌل پرومي ٿيوس
    زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي، هڪ ٽڪ نهاريندڙ، باز جيان. ڄڻ هن جي نيڻ نهار اجهو، هن ئي پل، زيوس کي جهپي وٺندي .
    مان ڳالهائڻ ٿو چاهيان زيوس!
    اِن لاءِ نه ته مان پنهنجي سزا ۾ ڪائي ڪمي/نرمي ٿو چاهيان يا منهنجيءَ آتما کي خوف جو سُرو هوريان هوريان/اندران ئي اندران کائي رهيو آهي يا اهو ته مان ڪو سمجهوتو چاهيان ٿو. نه، اهڙي ڪائي ڳالهه ڪانهي. مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ان ڪري ته اهو مان پنهنجو حق سمجهان ٿو. ڳالهائڻ سان مان اهو ويساهه ٿو ماڻيان ته منهنجي سگهه اڃا ٿڪي ناهي. مان اڃا مئو ناهيان. پنهنجي پاڻ کي محسوس ٿو ڪرڻ چاهيان، ڪنهن به ماڻهوءَ جي رڙ جيان، جيڪا ڏاڍ هيٺ پيڙهجندي بي اختيار ٿي گونجي ٿي.
    تون مون کي ٻڌين پيو نه زيوس!
    تون مون کي نه به ٻڌين ته مون لاءِ ڪو فرق نٿو پوي. جيئن مون کي ٻڌڻ/نه ٻڌڻ سان تولاءِ ڪو فرق نٿو پوي. تنهنجن پيرن هيٺ چيڀاٽجندڙ انساني مخلوق جي پيڙا ۽ انهيءَ پيڙا جي رد عمل کان عمل ۾ آيل ذلت جو احساس ته هو بهرحال سگهه جي اڳيان بي سگها آهن، ۽ ان ئي ڪري هو انساني جسم جي اندر/ٻاهر حيواني عمل/احساس لاءِ مجبور آهن. مان ان سڀڪجهه کان انڪار ڪريان ٿو. مان ڄاڻان ٿو ته احساس کي جسماني سگهه نه برابر ٿيندي آهي پر هوريان هوريان احساس جسماني سگهه کان وڌيڪ سگهارو بڻجي ويندو آهي. زيوس! مان اُن احساس کي ماڻيان ٿو انهيءَ ذلت مان، جيڪا تو طرفان مون تي/ٻين تي مڙهيل آهي. پر مان احساس کي اڪيلو ۽ محض پنهنجي لاءِ نٿو ماڻيان، پر ٻين کي به انهيءَ سان ڳنڍيان ٿو. ان لاءِ ته هو اهو ڄاڻي سگهن ته هو ڳالهائي/ٻڌي/ڏسي/سوچي سگهن ٿا. انهن جي جسماني چرپر محض حيواني نوع جي نه، تنهنجي اطاعت لاءِ نه، پر پنهنجي لاءِ آهي، پنهنجي وجود جي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ . هو، جيڪي اُونداهيءَ جي پاتال ۾ پئي پئي بوءِ ڏيڻ لڳا آهن، روشنيءَ جي وجود کان اڻڄاڻ هئا. تو هنن کي محض ان ڪري اونداهيءَ ۾ رکيو ته جيئن هنن وٽ پنهنجي سڃاڻپ نه رهي – پر زيوس! هنن وٽ پنهنجا چهرا آهن. مون هنن جي چهرن جي اڳيان آڳ روشن ڪئي آهي. آڳ، جيڪا روشنيءَ جيان هنن جي اکين ۾ ڀرجي وئي آهي ۽ جنهن جي گرميءَ ۾ هنن جا ٿڌاپيل وجود ساهه کڻڻ لڳا، ان معنيٰ ۾ ته هو پنهنجي اندر ۾ پنهنجو الڳ انساني وجود رکن ٿا.
    زيوس! مون کي/هنن کي، جسماني سطح تي چيڀاٽي/چيچلائي/ لتاڙي/ماري سگهجي ٿو يا ڪنهن به سزا جي ايذاءُ کي جڳن تائين ڦهلائي سگهجي ٿو، پر ائين ڪرڻ کان پوءِ به مان سمجهان ٿو ويساهه، اويساهيءَ ۾ نٿو بدلجي سگهي. جيئن سج جو منهن ڪارو نٿو ڪري سگهجي يا چنڊ کي هٿ تريءَ سان نٿو ڍڪي سگهجي يا رات جي ڪک مان صبح جو جنم نٿو روڪي سگهجي .
    درٻار ۾
    سناٽو
    س – ن – ا – ٽ – و –
    - و – و – و – و –
    زيوس جي اندر، ڪنهن ڪنڊ ۾، ڪو احساس ڪمزور پوندڙ.
    اويساهي پنهنجيءَ سگهه تي.
    (اويساهيءَ جو احساس پنهنجي ئي سگهه تي، ڪنهن به سگهاري کي تڏهن ويڙهي سگهي ٿو، جڏهن اڳلي جي هيڻائپ انهيءَ سڃاڻپ ۾ بدلجي وڃي ته هو هيڻو آهي ۽ اُن سڃاڻپ جي اڳيان سوال جي نشاني اُڀري اچي – ڇو؟)
    ان لاءِ نه ته زيوس سگهارو آهي
    مٿاهون آهي
    امر آهي
    ان لاءِ ته پرومي ٿيوس جي سگهه ۾ بدلجندڙ هيڻائپ زيوس کي رعايااڳيان بي معنيٰ ڪري سگهي ٿي. هو زيوس جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاري سگهن ٿا. هو زيوس جي پيرن هيٺ آيل زمين جي اندران، تهائين اندران کان ڏيئي جي وٽ مان اُٿندڙ دونهينءَ جي لهر جيان، ور وڪڙ کائيندا، مٿاهينءَ ڏانهن اُڀري سگهن ٿا، ڀوَ جي انهيءَ ڀاونا هيٺ.
    پرومي ٿيوس تي سزا ٿي مڙهي وڃي.
    درٻار ۾
    سناٽو
    س – ن – ا – ٽ – و –
    - و – و – و – و –
    پرومي ٿيوس کي چؤواٽي تي سؤ ڦٽڪن جي سزا
    چؤواٽي تي مڙي گڏ ٿيل رعيت جي عبرت لاءِ.

    (رعيت،
    اکيون سختيءَ سان ٻوٽيل، ڀوَ جي اُن احساس هيٺ، جيڪو اُن منظر کي ڏسي اُڀري ٿو.
    ڪنن ۾، تپايل لوهي شيخن جيان زوريءَ گهيڙايل آڱريون ۽ ڏندن هيٺ آيل ڄڀ رتورت ٿي ويل
    اُهو ئي رت نڙيءَ ۾ ڀرجي آيل
    رعيت)
    آخري منظر:
    ڪارونجهر پهاڙ جي چوٽيءَ تي
    زنجيرن ۾ ٻڌل پرومي ٿيوس
    ليڙون ليڙون ٿيل جسم
    اکيون/ڪن/ڄڀ رتورت ٿيل
    هٿ/ڪرايون/آڱريون، سرءُ جي پنن جيان ڇڻي پيل
    ۽ پرومي ٿيوس جي مٿان، گول، دائري ۾، چڪر ڪاٽيندڙ ڳجهه رڙيون ڪندڙ
    ڪنهن آدم خور وحشيءَ جيان رقص ڪندڙ
    ۽ هر چڪر مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هوءَ پرومي ٿيوس جو جيرو اچي پٽي ٿي – پٽيندي رهي ٿي.
    چاليهه پل/چاليهه ڏينهن/چاليهه مهينا/چاليهه سال/چاليهه هزار سال
    اڃا – به – نه – ڄاڻ – ڪيترو – نه – ڄاڻ – ڪ – ي – ت – ر – و - !!-!؟-
    ائين ته ٿيڻو آهي
    هجوم کي چيريندو، ٽريفڪ هيٺان ايندي ايندي، پاڻ بچائيندو، ڊوڙندو (ڄڻ نيئر ڇنائي ڀڳو هجي) بس اسٽينڊ تائين پهتو هو. بس کانئس هڪ پل اڳ نڪري چڪي هئي. ڪلهي تي ٽنگيل ٿيلهو تهائين گهڻو ڳرو ٿي پيو هئس، ان احساس کان پوءِ ته اڄ به گذريل ڪيترن ڏينهن وانگر ڳوٺ واري بس کانئس نڪري وئي آهي.
    مان ڳوٺ پهچي ئي نه سگهندس، ڪڏهن به. شايد مان پنهنجا سمورا ٻيڙا ساڙي هتي پهتو آهيان! ڇا ڇا سڙي رک ٿي چڪو آهي، انهن ٻيڙن سان گڏ!؟
    پيءُ خط ۾ ڄڻ لڙڪ پوئي مڪيا هئس.
    ابا! هيل مينهن پيائي ڪونه، وڏيري به پاڻي ڪونه ڏنو. سو فصل به نالي ماتر ٿيو اَن جا ٻه ٽي خرار ٿيا جيڪي ڇهه مهينا به مس ڇڪي پورا ڪندا. مٿان قهر اهو ٿيو جو اسان جي ستي رات جو گهر کي اچي باهه لڳي. ڪکائون گهر سو اصل منٽ ٿي ويا. ڪيئن لڳي سا خبر خدا کي. ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي بس ابا!، ڏاڍن سان ڪير پڄي جيئن ٿو وڻين، تيئن ٿا ڪن. ڪک به ميڙِي سيڙهي وري به کڻي جُهڳا کڙا ڪنداسون پر – جي – ٻيهر – به – ؟
    ماءُ لکيو هئس،
    ابا – لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي – پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
    بس نڪري وڃڻ کانپوءِ، موٽندي خيال اچيس ٿو، ڇا مان آپگهات ڪري سگهان ٿو؟
    ڇا ايترو ساهس آهي مون ۾!؟
    ساهس!؟
    ڇا مون ۾ اُهو منظر ڏسڻ جو ساهسُ آهي!؟
    سڙي رک ٿيل ڪکن جي ڍير تي ويٺل پوڙهو پيءُ ڪک – ڪک، ميڙي سيڙهي، ڦاٽل ۽ ميري پوتيءَ جي پلاند ۾ ڀريندڙ ماءُ.
    ۽
    ۽
    آهي مون ۾ ساهس ڀيڻ جي اکين ۾ نهارڻ جو، جنهن جي عزت بچائيندي بچائيندي هو / پيءُ/ماءُ ٿڪجي نستا ٿي پيا آهن.
    ع-ز-ت-ب-چ-ا-ئيند-ي-ي-دي-دي.
    سڙڪ پار ڪندي ٿاٻو کائي ٿو.
    ذهن کي آڪٽوپس جيان چهٽل ساروڻي،
    لوڻي واريءَ لپاٽ جي.
    ڀيڻسان................
    ماءُ جا ..........
    ڪتي .....جا..ڦر
    ڀيڻهين کي... ته....
    ما....ڻهين....کي....
    ٺڪاءُ
    هيءُ ته وٺ پنج...
    پنجئي آڱريون سندس منهن تي ڇپجي ويل. اڄ تائين ڇپيل. سڙڪ پار ڪندي اهائي ساروڻي ايندي ٿاٻو کائي ٿو. جنهن شخص سان ٽڪرائجي ٿو، اُهو ”انڌو“ ٿو چئيس پر گار ڏيڻ واري نوع ۾. جنهن ڪار کي سندس مٿان چڙهندي چڙهندي روڪڻ لاءِ بريڪ هڻڻو ٿو پوي، انهيءَ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل جي اکين جي گهور ۽ ڄڀ کيس ڄڻ وچ سڙڪ تي ننگو ڪريو وجهن.
    سا...لا... باسٽر... حرا....ا...م..ز...ا...د..
    پينٽ جي اندر سندس سنهڙيون ٽنگون سُن ٿيو پون.
    سر!
    مان ساهه کڻڻ ٿو چاهيان. مان ساهه کڻڻ جي سخت ضرورت ٿو محسوس ڪيان. گذريل ڪيترن ڏينهن کان مون ساهه کنيو ئي ڪونهي. مشين کي پيٽرول کانسواءِ ڇا ڦرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي ٿو؟ سو مان به بيهي رهيو آهيان. بيٺي خراب پيو ٿيان. جيترو پگهار مان کڻان ٿو سر!، ان ۾ مان پنهنجا Geniunparts به نٿو افورڊ ڪري سگهان مون کي اميد آهي ته اوهان منهنجي ان گذارش تي ضرور ڌيان ڏيندا ۽ مون کي آفيشلي ساهه کڻڻ جي اجازت ڏني ويندي. اوهانجو تعبيدار نوڪر – نوڪر-نوڪر.
    (اها درخواست هن جون اکيون باس جي ٽيبل تي وڇايل شيشي تي لکنديون آهن. شيشي ۾ هن جو چهرو ڏسندي ئي ڏسندي، ڌنڌلائجي گم ٿي ويندو آهي ۽ عين اُنهيءَ جاءِ تي پيپر ويٽ رکيو هوندو آهي. هن ۾ ۽ پيپر ويٽ ۾ ڪائي مناسبت ته آهي! ڪيترا ڀيرا هن پوري شدت مان چاهيو هوندو ته هو اهو پيپر ويٽ باس جي مٿي تي وهائي ڪڍي. ان خواهش جي دٻاءَ هيٺ هو ڪرسيءَ جون ٻئي ٻانهون ڄڻ سوگهيون پڪڙي وٺندو آهي.)
    ڳوٺ واري بس ڄڻ سدائين لاءِ هن کان ڇڏائجي وئي آهي. رستا اُبتا ٿي پيا آهن ۽ هو ورجاءَ جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو آهي. ذلتون ۽ شڪستون ڍوئيندڙ ورجاءُ. پنهنجي بدنما ماضيءَ کان نه ڪٽجي سگهجندڙ. ماضيءَ کان ڪٽجي سگهڻ جي خواهش هيٺ هو اڃا به تکو – اڃان به تکو اڳتي ڏانهن ڊوڙي ٿو. بظاهر آئيندي ڏانهن پر آئيندو آهي ڪونه، آئيندي کي به هي گذرجندڙ حال ڳڙڪائي ويو آهي. بلڪل ائين، جيئن وڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائي وجهندي آهي.
    هو آهي ڇا؟/ ڇا هو ؟/ ڇا بڻجي سگهي ٿو ؟/ ڇا بڻجي سگهندو نيٺ به ؟
    غلام!؟
    اِبن غلام؟
    اِبن غلام؟
    تعبيدار – نوڪر!.
    ورثي ۾ مليل اُهائي لوڻي واري لپاٽ!
    منهن تي گهروڙي رکيل بجو.
    ابا! هتي پير ڦٻائي نه سگهندين. هليو وڃ هتان.
    ڪيڏانهن وڃان؟
    ڪيڏانهن به وڃ. جتي پير ڦٻائي سگهين.
    تون سمجهين ٿو اهڙي ڪائي جاءِ آهي جتي مان پير ڦٻائي بيهي سگهان!؟- ٻڌاءِ- ڪڇين ڇو نٿو! اهي لپاٽون، گاريون، بُجا، تو به سٺا – مان به سهي ويندس-تنهنجي پيءُ به ته اهوئي ڪجهه سٺو نه!-اُن جي پيءُ به –مان به ته ان سموري چڪر جو حصو ئي ته هيان!!. مان به – سهي – و – يند- س –
    ها، سچ ٿو چئين تون. جي منهنجو ڏاڏو اهو سڀ نه سهي ها. نابري واري ڇڏي ها ان کان، ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ توکي اهي ڏاڍ مڙسيون نه سهڻيون پون ها. پر تو تائين ايندي ايندي، وچ ۾ منهنجو پيءُ ۽ مان به، ڏاڏي – پڙ ڏاڏي کان ساڳيو ورثو گهليندا آيا آهيون.
    پوءِ ڇو ٿو مون کي هتان نڪرڻ لاءِ چئين؟
    تڏهن مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته اُن هٿ کي به پڪڙي، روڪي سگهجي ٿو جيڪو لپاٽ هڻڻ لاءِ کڄي ٿو. مان پڙهيو به ڪونه هئس لفظ ڳالهائيندا آهن، انهيءَ جي ڄاڻ مون کي تڏهن پئي، جڏهن تو پهرين ڀيرو مون کان پڇيو هو ته بابا!،-اسان هيڻا آهيون، انهيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
    هو ڏاڍا آهن، انهيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
    اهو ته مان اڄ به سوچيندو آهيان.
    تڏهن ته چوانءِ ٿو ته هليو وڃ هتان. نوڪري وڃي ڪر شهر ۾. انبوهه ماڻهن جا آهن. ڪير ڪنهن کي ڪونه سڃاڻي. سڀ ڪو پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪفنيءَ ۾ ويڙهيو، لڪيو گهمي. تون به ڪا ڪنڊ وٺي پنهنجي ڪفنيءَ ۾ لڪيو پيو هججانءِ .
    هو شهر آيو
    ڪفن ورتائين
    ۽ شهر جي انبوهه ۾ دفن ٿي ويو.
    شهر ۾ ڪو عيسيٰ ڪونه هو، ان ڪري مُئل جيئرا ٿي نه ٿي سگهيا.
    شهر ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ هو پنهنجي لتاڙيل وجود لاءِ ڪائي معنيٰ پائڻ بدران، تهائين گهڻو بي معنيٰ، بيڪار، فضول شيءِ بڻجي پيو. شهر اچي هو شخص نه رهيو. شيءِ/چيز بڻجي پيو. پڻس مُڪيو هئس پنهنجو وڃايل شخص پائڻ لاءِ. وڃايل شخص، جيڪو شهر پهچڻ کان پهرين Feudalism جي کوھه ۾ پيل ڏيڏر جيان آهي. گذريل پيڙهين کانFeudal Lords جي مفاد ۾ استعمال ٿيندڙ. رشتن ناتن سان commited آهي ڪونه، ڪيو ويو آهي. اهو ئي اڪيلو طريقو آهي، ان کي کٽ جي پائي سان ٻڌي رکڻ جو. ڊارون جي فلسفي موجب هڪڙو جانور، ارتقا ڏانهن وڌندڙ جانور. انهيءَ سسٽم ۾ مِس فِٽ هئڻ جي احساس جي دٻاءَ هيٺ پيڙهجندي اهو ئي شخص/جانور جڏهن شهر پهچي ٿو ته جيوَ مان مشين جو پرزو بڻجيو پوي. ٽيڪنالاجيڪل انقلاب جي تيز وهڪري ۾ ڪک پن جيان لڙهي ويل. ضرورتن/ خواهشن جي ڍير هيٺ دٻيل. ڪارل مارڪس صنعتڪار کي انهيءَ کدڙي کان به ابتر ڄاڻايو آهي، جيڪو هر نوع جا ذليل انداز استعمال ڪري سگهي ٿو پنهنجي مالڪ کان ڪائي رعايت پائڻ لاءِ. صنعتڪار اشتهاز بازيءَ جي صورت ۾ ان کدڙي کان به شرمناڪ طريقا آزمائي ٿو گراهڪ کي ڦاسائڻ لاءِ. گراهڪ، جيڪو اُهو ئي عام شخص آهي. اُن جون دٻيل خواهشون/ضرورتون اُن جو رت ولوڙڻ شروع ڪن ٿيون اُنهن خواهشن/ضرورتن کي پائڻ لاءِ هو هيٺ، اڃا هيٺ، پاتال ڏانهن ڪِرڻ شروع ڪري ٿو. ڪِرندو رهي ٿو، جيوَ مان پرزو بڻجڻ تائين.
    هن جي وهاڻي هيٺ خطن جو ڍير گڏ ٿيل آهي.
    پيءُ جو خط:
    ابا!، دوائن لاءِ پئسا موڪل. تون ته ڄاڻين ٿو هيل صفا تر ٿي ويا آهيون. ماڻهين بيمار آهي. ڊاڪٽر ڳريون فئون ٿا گهرن. رت پيشاب جي تپاس ان کان سواءِ. ڪينر ٿا چون. اِهو به ٿا چون ته ڪو علاج ڪونهي ان جو ۽ علاج ڪن به ٿا. مڙئي ٻه ٽي ڏينهڙا وڌائڻا حياتيءَ جا. فيون ته ڀيڻهين جا زيور گرويءَ رکي ڀريونسين پر دوائون ۽ سُيون!؟ هڪڙي سُئي پنج سئو رپيا!! ابول!! هيترن پئسن مان ته مهينو سڄو پيٽ گذر ڪريون، پر پيٽ گذر لاءِ به ته کيسي ۾ سئو جو هڪڙو ئي نوٽ اٿم، جيڪو تو موڪليو هو.
    ماءُ جو خط:
    ابا! ڀيڻهين سامائي ويٺي آهي. هيڏي ساري زال ٿي پئي آهي. مرڳو اکين ۾ ٿي گهڙي. آخر به ته پرايو گهر وسائيندي. سندس زيور پڻهين گروي رکي ڇڏيا منهنجي علاج جي پويان. آئون جئي جئي به ڪيترو جيئندس!؟ هٿن سان ڀيڻهين کي پرڻائي وينديس ته قبر ۾ به سک هوندم. سڀئي اُميدون تو ۾ آهن.
    پيءُ جو خط:
    ابا!- هانءُ ٿو جهُريم توکي هتان جو احوال لکندي. ڇا ڪريان ٻيو ابو امان ڪونه اٿم. تون ئي هڪڙو آسرو آهينم. وڏيري جي مٿان ڊٻ پئي پوي ته ڇوڪري سندس ڪمدار کي ڏيون. نٿا ڏيون ته به ويل. اسان ماڻهو نه ڪو پنهنجي مرضيءَ سان جيون، نه ڪو پنهنجي مرضيءَ سان مرون. ساهه به ڄڻ پنيو کڻون. باقي ڀيڻهين، سا ته ڄڻ ڀت ٿي پئي آهي. ڪجهه به ڪونه ٿي ٻاڦي. ماڻهين وڌيڪ بيمار ٿي پئي آهي. هڏن مُٺ وڃي بچي آهي تو جيڪي پيسا موڪليا. اُنهن مان هڪڙي سُئي مس ٿي. تون ئي ٻڌاءِ ڇا ڪريان؟ ڇڏي ڏيانس؟ ماٺڙي ڪري ڏسندو رهان ته ڪيئن ٿي ساهه جون تندون ڇني؟ هاڻي حال اهو آهي جو رات اکين ئي اکين ۾ لنگهيو وڃي. ڏينهن پربت جيڏو ٿيو پوي. حياتي نه جيئڻ جوڳي، نه مرڻ جوڳي.
    پيءُ جو هڪڙو ٻيو خط:
    ڀيڻهين کوهه ۾ ٽپو ڏئي پاڻ ماري ڇڏيو.
    آپگهات
    Compromise ۽ مسلسل Compromise کان انڪار.
    ٺيڪ آهي.
    آپگهات، فرار جو کليل ۽ ڪشادو رستو آهي. نه وڙهي سگهڻ جي صورت ۾ اهو ئي ته ڪري سگهجي ٿو. آخر ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ ڪجهه به نه – ڪجهه به نه. ڦرندڙ پکي هيٺ سئون ڊگهو ليٽي، پگهريل جسم جي اندر قيد ٿيل ذهني حدبندين هيٺ هو ڀيڻ جي آپگهات کي justify ڪري ٿو. ٻي پاسي پاڻ کي آپگهات ڪرڻ لاءِ اڄ تائين تيار ڪري نه سگهيو آهي. هو ڀيڻ جي آپگهات مان ڄڻ پنهنجي لاءِ inner satisfaction ماڻي ٿو.
    ماءُ جو خط:
    روئي روئي پڻهين جي نظر جهڪي پئجي وئي آهي. ڊاڪٽر چيو اٿس ته شهر وڃي اکين جي ڊاڪٽر کان آپريشن ڪراءِ. پنج ڇهه هزار خرچ ايندو. حياتي ٿورڙا ڏينهڙا! جيڪر اچين ته اکيون ٿڌيون ڪريان.
    پيءُ جو خط:
    ماڻهين مري وئي. مرڻ کان پهرين اندر ئي اندر ميڻ جيان رجندي رهي. ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌيو وڻ ٿين ته موت ئي ته پلئه پوندو. ٻيو ڇا!؟ ماڻهين جو ڪفن، دفن، ڪانڌپو، ٽيجهو، سڀ اوڌر تي ڪيم، هاڻي ته نظر صفا چَٽ ٿي وئي آهي. اکين جي آپريشن - ۽ پيسو - ۽ ها، قادر ڏنو مارجي ويو – اَڏ ڪپ تي رتوڇاڻ پيو هو. بس ابا! جواڻ جماڻ هو – ڏوهي ڇُڙيا گهمن ۽ پوليس جي وارووار مسڪينن تي متي پئي آهي. هيڏانهن متان اچين. مرڳو ڪنهن ڏچي ۾ ڦاسي نه پئين. ماڻهين موٽندي ته ڪانه. وڃڻو ئي هئس، اهو ته اکين ڏٺو پيو هو. رب شال قبر ڪشادي ڪريس.
    هُن سوچيو:
    جيئري جن جي قبر سوڙهي هجي، مُئي ڇا ڪشادي ٿيندي!!؟
    پيءُ جو اهو خط مُٺ ۾ ڀڪوڙيل.
    قبر جهڙي ڪمري ۾ ساهه ٻوساٽجندڙ
    10×10 جي اُونداهين قبر/ڪمرو+چار سرد ديوارون+چوٿين ديوار ۾ 3×5 جو دروازو – باقي ٽن سرد ديوارن مان، ڪنهن هڪ ديوار جي آخري ڇيڙي تي 3×3 جي ڳڙکي، جنهن مان پسجندڙ چتيءَ جيترو آسمان. مُٺ ۾ ڀڪوڙيل خط هن جي ٽهڪندڙ رت ۾ ڇوليون هڻندڙ. ڪناري سان مٿو ٽڪرائي، ٽٽي، وکري، نستيون ٿي فنا ٿيندڙ ڇوليون. محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ شمشان گهاٽ تي ليٽيو پيو آهي – دکندڙ ڪاٺين مٿان. ڪاٺين تي گيهه بدران پيٽرول هاريو ويو آهي. هو جاڳي پيو، سمجهي پيو، محسوس به ڪري پيو ۽ پنهنجي جيئري جسم کي چتا جيان، چپ چاپ جلندو به ڏسي پيو. آڳ جا اُلا هن ڏانهن وڌي رهيا آهن. اُلرون ڪندا آڳ جي هر ڪا ڄڀي هن جي کوپڙيءَ تائين پهچڻ لاءِ ڄڻ بازي کٽڻ ٿي چاهي. ائين ٿو ڀاسيس اجهو هن پل کان پوءِ، ايندڙ ٻي پل ۾، کوپڙي ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پونديس، ڄڻ اُهو ٺڪاءُ ٻڌڻ لاءِ هن جا ڪن کڙا ٿي پيا آهن. اجهو – ڪي – ا – جهه – و - پر کوپڙي ڦاٽيس نٿي. کوپڙي ڦاٽڻ کان پهرين جو پل هن جي اندر بيهي رهيو آهي. ٻيو پل اچڻو ئي ناهي. ٻي پل جي انتظار ۾ اهو ئي پل وڌيڪ شديد، وڌيڪ ڇتو، وڌيڪ ڀيانڪ بڻجي سندس اندر گردش ڪندو رهندو. اها ڪيفيت بلڪل ائين آهي، جيئن موت جي سزا پائڻ واري شخص جي زندگيءَ جو اُهو آخري سيڪنڊ، جنهن کان پوءِ زندگيءَ جي آخري منٽ جو چڪر پورو ٿي ويندو ۽ هو پولار ۾ لٽڪندو رهجي ويندو. اُن آخري منٽ/سيڪنڊ جي اندر احساس جو جيڪو ڦهلاءُ آهي، ان ۾ ڇا ڇا سميٽجي سگهجي ٿو!؟ بلڪل ائين هينئر کوپڙي ڦاٽڻ کان پهرين واري پل جي ڦهلاءَ ۾ هو ڇا ڇا سميٽي سگهي ٿو!؟ جڏهن ته سڀ ڪجهه سميٽڻ چاهي ٿو.
    مان جيئڻ ٿو چاهيان؟
    پر ڇا جي سگهان ٿو؟
    آپگهات ٿو ڪرڻ چاهيان،
    ڇا ڪري سگهان ٿو آپگهات؟
    اڄ هن چاهيو هو ته باس جي مٿي تي پيپرويٽ وهائي ڪڍي پر عين ان پل کيس پگهار جو چيڪ اچي مليو هو ۽ هو سڄو صابڻ جي گجيءَ جيان وهي رهيو هو. ويٺو رهيو پنهنجي ڪرسيءَ تي، ڪنڌ نوايو، چُپ، خالي ذهن سان. آخر اندر جي سگهه پاڻ ۾ ميڙي ڪٺي ڪيائين ۽ موڪل جي درخواست لکڻ لڳو. درخواست لکندي لکندي هن کي ڄڻ پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. پنهنجي لاءِ ئي ڪرهت جو احساس. پنهنجي تڇ هئڻ جو احساس ۽ ڪاوڙ ان تي ته هو پاڻ کي تڇ own ڪري ٿو، جنهن شخص لاءِ هو من ۾ نفرت ۽ ڌڪار محسوس ڪندو رهيو آهي، ان کي ئي درخواست ۾ ليلڙاٽيون پائي ٿو. جيئڻ لاءِ ڪجهه ساهه گهري ٿو. ٿورڙي رعايت ٿو گهري. زندگيءَ جي معمولي سهوليتن لاءِ. زندگيءَ کي ماڻڻ لاءِ ان شخص کان اجازت گهري ٿو، جنهن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار محسوس ڪندو رهيو آهي. ان شخص کان، جيڪو کيس Irresponsible, Stupid, Idiot Person وغيره چوندو رهيو آهي. جنهن جي وات مان اُڏامندڙ گڦ کي هن پنهنجي چهري تي محسوس ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي منهن ڦيري اُگهيو به آهي. هو ايذاءُ جي گهاڻي ۾ ڦرڻ/پيڙهجڻ لڳي ٿو. انEstablishment جو هو هڪڙو حصو بڻجي نٿو سگهي. هو پاڻ ان ۾ misfit آهي يا ان کيmisfit سمجهي/بڻائي پرينءَ ۽ اونداهي ڪنڊ ۾ ڦٽي ڪيو ويو آهي.
    بهرحال، هن جي ڪلهي تي Establishment جي بندوق رکي ضرور هلائي ويئي آهي. ان ڪري پيڙا سڄي هن جي حصي ۾ اچي ٿي. هو ڪنڌ جهڪائي، سموري ناڪارئيت جي باوجود به، درخواست جي آخر ۾، اوهان جو تعبيدار نوڪر لکڻ لاءِ ايترو ئي مجبور آهي، جيترو ان ڀوائتي وايومنڊل ۾ جيئڻ لاءِ. موڪل جي درخواست منظور ڪانه ٿي. هو تعبيدار نوڪر جيان ئي، لفٽ بدران اٺين فلور تان ڏاڪو ڏاڪو لهندو هيٺ آيو. هن فرار ٿي چاهيو پنهنجي پاڻ کان، ڪيڏانهن وڃان؟ ڳوٺ!؟ ڳوٺ واري بس.....!؟ ......ن......و......ڪ ......ر...... ي......و......ئي......هه......و......ن......د......!! سمنڊ ڏانهن وڃان!؟ س....م....ن.....ڊ ....خ....ش....ڪ....ٿي....ويو....و....و....هو....ند....و....و.... گهر وڃان؟....گهر؟؟ هو شهر ۾ ڪنهن اجنبيءَ جيان ديوار جي سامهون بيهي رهيو. اکيون چوچيون ڪري، ڀت تي لکيل جملا، اشتهار، نعرا پڙهڻ لڳو.
    ڳجهين مڙدانين بيمارين جو علاج حڪيم فلاڻي وٽ. منجن، سرما، اوهانجو جائز اميدوار.... حق پرست اميدوار. اوهان جي ووٽ جو صحيح حقدار. هو مرده باد. هي زنده باد. هُن کي آزاد ڪريو. هن کي قيد ڪريو. هُن جا قاتل پڪڙيو. هن کي ڦاسيءَ چاڙهيو. هو نظام نامنظور ۽ هي نظام منظور. ڳجهين زنانين بيمارين جو علاج. بي اولاد لاءِ اولاد. فلاڻي حڪيم وٽ ڪينسر، السر، شوگر جو شرطيه علاج. انهن سمورن جملن، اشتهارن ۽ نعرن جي وچ ۾ ڪٿي اهو به لکيل هو، هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي. اوچتو هن کي لڳو ڄڻ هن جو مثانو ڀرجي ويو آهي. گڙدن پنهنجو فنڪشن نارمل نوع کان تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن کي ان ديوار جي سامهون بيهي پيشاب ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ هن جا نَرا ڦاٽي پوندا. هو ديوار ڏانهن رخ ڪري بيٺو به، ڪافي پل پر.... هن کي لڳو، هو ان ديوار جو حصو بڻجي ويو آهي. ڪنهن جملي، ڪنهن نعري، ڪنهن اشتهار سان هن جي ڪائي مناسبت آهي ضرور يا هو ساڳي وقت جنسي، جسماني، ذهني ۽ سياسي مريض آهي. اهي سمورا اشتهار ۽ نعرا، جيوڙن جيان هن جي رت ۾ شامل آهن. گهٻرائجي هن ان ديوار کان ڀڄڻ چاهيو ۽ تکيون وکون کڻي ذري گهٽ ڊوڙڻ به شروع ڪيو هيائين، پر ڇا ديوار به پنهنجن لفظن سميت سندس پيڇو نٿي ڪري!؟.
    ديوار تي لکيل لفظ سندس پيڇو ڪن ٿا. پيڇو.... پيڇو.... ڪائي اهڙي سگهه هن جو پيڇو ضرور ڪري ٿي، جيڪا مٿس سوڀ ماڻي، کيس ڪيرائي، دسي، سيني تي چڙهي ويهي، آڱرين جي دٻاءَ سان ڳلو گهٽڻ ٿي چاهي. ٽيڪسي....!! ٽيڪسي..... رڪشا...... رڪشا.....! هر ماڻهوءَ جو ڪانه ڪا اڻ ڏٺي، اڻ ڇُهي سگهه ضرور پيڇو ڪري ٿي. سڀئي ماڻهو ڄڻ خطري جي حد پار ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيا آهن پر حد لڀي ڪانه ٿي. هن کي به حد جي ڄاڻ ڪانهي. بس ۾ ائين ڌوڪي گهڙي پئي ٿو ۽ ڄڻ اُها سگهه ڪم از ڪم بس ۾ ڪانه چڙهندي. هڪ ٻي سان لڳي بيٺل ماڻهن ۾ کن لاءِ هو پاڻ کي محفوظ ٿو سمجهي. سُک جو پهريون ساهه کڻي ٿو پر ٻيو ساهه کڻندي ئي خيال اچيس ٿو ته اهو شخص، جنهن جي جسم سان هو چُهٽيو بيٺو آهي ۽ جنهن جي پگهر جي ناگوار ۽ تيزاب جهڙي باس سونگهڻ لاءِ مجبور آهي، ان جو کيسو به ته ڪٽي سگهي ٿو. ان احساس ساڻ ئي ضرورتون کوهه جيان وات پٽي سندس پيرن جي هيٺان کان ٿي بيٺيون. هو بولاٽيون کائيندو هيٺ کوهه ۾ ڪِرندو رهيو، ڪِرندو رهيو.
    خيال مٽائڻ لاءِ هن پنهنجي پاسي، چتيءَ جيتري بچيل ڳڙکيءَ مان ٻاهر نهارڻ شروع ڪيو. ٻاهر روڊ جي ڪناري ساڳيون ضرورتون، افورڊ ڪرڻ/نه ڪرڻ جوڳيون، سائن بورڊن تي ڇپيل هيون. هو خيال ئي خيال ۾ انهن کي مختصر ڪرڻ لڳو. ٽن وقت بدران ماڻهوءَ کي ٻه وقت ماني کائڻ گهرجي يا هڪ وقت. ڇا ڇڏي سگهجي ٿو يا ڪهڙي ويلي جي بُک ڪاٽڻ آسان ٿي سگهي ٿي!!؟..... نيرن؟..... منجهند؟.... رات؟...... شيوَ ڪرڻ بدران ڏاڙهي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ڊارڪ ڪلر جا ڪپڙا پهرڻ گهرجن، جيڪي جلدي ميرا ۽ پراڻا نه لڳن. سگريٽ بلڪل به نه پيئڻ گهرجي. هونئن به ان مان ڪينسر ٿئي ٿو ڦڦڙن جو. پر سندس ماءُ ته سگريٽ نه پيئندي هئي پر.... ان پر کان اڳتي پولار آهي، جنهن ۾ جهاز ۽ راڪيٽ ٿا اڏامن. ميزائل ٿا لنگهن روشنيءَ جي رفتار کان به تيز. زندگي ڪانهي. بقا ڪانهي. امن جي گارنٽي ڪانهي. بک جو ڪو مستقل حل ڪونهي. ايڊز ۽ ڪينسر جو علاج ڪونهي.
    ڳڙکي ڪنهن ماڻهوءَ جي پويان لڪي بند ٿي وئي. هوا به بند ٿي وئي. جسمن جو پگهر پاڻ ۾ گڏجي بوءِ ڏيڻ لڳو. پولار ۾ ٿيندڙ خونريزيءَ جي ناٽڪ کان هو وري ضرورتن ڏانهن زوريءَ پاڻ کي موٽائي آيو. اهو ئي هڪڙو نقطو هو، جنهن تي سوچڻ لاءِ هو محدود ڪيو ويو آهي. انهيءَ حدبنديءَ ۾ هن جي عافيت آهي، وقتي بقا آهي. سو، مختصر ڪندي ڪندي به فقط سؤ روپيا وڌيڪ ٿي بچيا ۽ ڇا انهن مان ماءُ جي ڪفن دفن، ڪانڌپي ۽ ٽيجهي لاءِ کنيل اوڌر چڪائڻ کان وٺي، پيءُ جي آپريشن تائين سڀڪجهه ٿي سگهيو ٿي!؟ ڪجهه به نه. پيءُ کي انڌو ٿيڻ ڏي!؟ فرق ئي ڪهڙو ٿو پوي! ماءُ به ته مري وئي، ڪهڙو فرق پيو؟ ٻي پل هن کي پنهنجي ان خودغرضيءَ تي پيڙا محسوس ٿي هئي. هو ڇو ايڏو خود غرض ٿيو آهي؟ ڇا لاءِ؟ سوچيائين، بهتر آهي ته شهر ڇڏي ڳوٺ موٽي وڃان. ٻه ٽي ايڪڙ ٻنيءَ جا جيڪي آهن، انهن تي هر کيڙيان. ٻه ٽي خرار اَن جا سال ۾ ٿي پوندا. اسان جا وڏا به ته ائين ئي پنهنجي حصي جي زندگي گذاري مُئا. اچانڪ اکين اڳيان کوهه ۾ ترندڙ ڀيڻس جو لاش تريو ٿو وڃيس. قادرڏني جو لاش سڏڪا ڀريندو ڄڻ بس ۾ گهڙيو ٿو اچي ۽.... لوڻي واري لپاٽ..... ڀيڻسان... ماءُ جا..... ڪُتي جا.... ڦر..... ڀيڻهين کي... ماڻهين کي..... (ٺڪاءُ)... هيءُ ته وٺ پنج.....
    گهٻرائجي هن مُنهن تي ڇپيل ڀونڊو اُگهيو ۽ سندس هٿ پگهر مان پُسي ويو. کيسي ۾ هٿ وڌائين. مهيني جو پگهار پيو هو. سُک جو اُهو ٻيو رهجي ويل ساهه کنيائين. آڏيءَ اک سان ڀر وارن چهرن ڏانهن نهاريائين. سڀئي چهرا پگهريل ۽ هيڊا پيل هئا. هن سوچيو، ڇا سڀني جي ڪيفيت اندران هڪ جهڙي ئي آهي!؟.
    ڳوٺ واري بس اڄ به کانئس نڪري چڪي هئي. هو ڳوٺ پهچي ئي نٿو سگهي. رستا اُبتا ٿي پيا آهن. هاڻي ڳوٺ واري بس کي سندس باس ڊرائيو ڪندو آهي، اُبتي رخ تي، اُبتن رستن ڏانهن.
    دروازو کولي 10×10 جي قبر ۾ گهڙيو. سج لهي رهيو هو. کٽ تي ائين اچي ويٺو، ڄڻ مرتئي تان موٽيو هجي. ذهني طرح سان شمشان گهاٽ ۾ گهڙيو. پيٽرول هاريل ڪاٺين مٿان ليٽي پيو ۽ پنهنجيءَ چتا کي جلندو ڏسڻ لڳو. کيس کوپڙي ڦاٽڻ جو انتظار هو. کوپڙي ڦاٽيس نٿي. بس اُن کي محسوس ڪرڻ وارو پل بيهي ٿو رهي، پوريءَ شدت ۽ ڇتائيءَ سان 3×3 جي ڳڙکيءَ مان هن کي سامهونءَ واري بلڊنگ جي گيلريءَ ۾ اها ئي پارسي ڇوڪري ٿي نظر اچي مني پلانٽ جي ولين کي پاڻي ڏيندي . ڪيترا ڀيرا جهولي کٽ تي پاسا ورائيندي، تصور ۾ هن، ان پارسي ڇوڪريءَ جي اڇن اُجرن، ريشمي ڪلهن تي مٿو ڌري رنو آهي. اُن جي ڇُهاءَ کي محسوس ڪيو آهي. ساڳي تصوراتي سلسلي ۾ هوءَ هن جا لڙڪ چپن سان اُگهندي آهي. هن بند قبر ۾ هن زندگيءَ کي ان ڳڙکيءَ جي رستي، سامهون واريءَ گيلريءَ مان ماڻيو آهي. پنهنجي جلندڙ چتا کي ڪجهه کنن لاءِ اُتي کٽ تي ڇڏي، ڳڙکيءَ ۾ اچي بيهي ٿو. ٽڪ ٻڌي اُن پارسي ڇوڪريءَ کي ڏسندو/ڇُهندو رهي ٿو. اچانڪ ڇوڪري هن جي وجود جو احساس ڪري ڇرڪي هن ڏانهن نهاري ٿي.
    ڇرڪ/حيرت/پريشاني/ڪاوڙ/نفرت/ڪرهت ۽ سمورا ڀاوَ هن تي ڦِٽي ڪري هوءَ واپس اندر مُڙي وڃي ٿي.
    هو
    اُتي ئي بيٺل
    کوپڙي ڦاٽڻ جي انتظار ۾.


    هو ۽ ڪارو چهرو

    موڙ مڙندي ئي هيڪر وري اهو ئي ڪارو چهرو رستو روڪي بيهي رهيس ٿو – هن کي ائين اڳيان ڏسي سندس اکين ۾ نفرت جا ڀاوَ اُڀري ٿا اچن. اهو ڪارو چهرو گذريل انيڪ سالن کان سندس پيڇو ڪري رهيو آهي. ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي، اڪيلائي ۾، سوچن ۾، ماڻهن جي انبوهه ۾ اوچتو اڳيان اچي بيهي رهندو آهيس. آخري ڀيرو هو کيس ان ساڳي رستي تي گڏيو هو. ڦهلجي ويل انداهيءَ ۾ هو، کانئس ٻانهن ڇڏائي سموريءَ سگهه سان وٺي ڀڳو هو. روشنيءَ ۾ پهچڻ تائين هو پگهر ۾ شم ٿي چڪو هو ۽ ساهه ڀرجي آيو هئس. انيڪ پل ته هو ڀت کي ٽيڪ ڏيو سهڪندو رهيو هو. وچ ۾ کوڙ سارا ڏينهن لنگهي وڃڻ کان پوءِ اڄ وري هو ان ساڳي رستي تي سندس گس جهلي بيهي رهيو آهي. لهندڙ سج جي ويلا ۾، سنسان رستي تي، ائين ڪارو چهرو اڳيان بيٺل ڏسي هو اندر ۾ ڄڻ اُجهامي وڃي ٿو. چاهيندي به اکين ۾ اُڀري آيل نفرت، ڌڪار ۽ ڀوَ جا ڀاوَ لڪائي نٿو سگهي.
    ”پڪڙجي وئين نه!!“ ڪارو چهرو ائين ٽهڪ ڏئي کلي ٿو، ڄڻ کيس ذليل ڪرڻ چاهيندو هجي. سندس ذهن ۾ اڀري آيل خيال، ڪاري چهري کي چماٽ هڻي ڪڍڻ جو، پر محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ سندس هٿ برف وانگر سرد ۽ ساڻا پوندا ٿا وڃن يا سڪل پن جيان اجهو ڪي اجهو ڪرائي ڪنان ڇڻي ڪِري پوندا.
    ”ڇا ٿو چاهين مون کان!!؟ آخر ڇو منهنجا گس جهلي بيهي رهندو آهين!؟“ هو گهٽيل آواز ۾ ٽٽل لفظن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪاري چهري تي ڪوڙ، لوڀ، سازش ۽ اندر جو سمورو گند پڌرو ٿي بيهي رهي ٿو.
    ”ڇو ٿو ايڏو پاڻ پتوڙين!؟ ڪي ڪين ورندئي، سواءِ بک، بدحالي ۽ ذليل شڪست جي. مان توکي، تنهنجو ملهه ٿو چڪائڻ چاهيان. مان توکي قد اوچو ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي سگهان ٿو. توکي آسمان تائين پهچڻ جو شارٽ ڪٽ ٻڌائي سگهان ٿو.“ ڪي پل ته هو ٽڪ ٻڌي ڪاري چهري کي ڏسندو رهي ٿو. سوچ: ڇا منهنجو قد ننڍو آهي! ڇا ڪنهن شارٽ ڪٽ رستي آسمان تائين پهچي سگهجي ٿو؟ اوچتو کيس احساس ٿئي ٿو ڄڻ هو جُڳن جي پنڌ کان پوءِ ٿڪجي، نستو ٿي پيو آهي. سندس پير وڍجي ويا آهن ۽ دماغ جون رڳون ڇڪجي رهيون آهن ۽ کيس جڳ لنگهي ويا آهن نٽهڻ اُس ۾ بيٺي. ڄڻ – ڄڻ سج آسمان تان لهي سندس پويان اچي بيٺو هجي ۽ هو اندران سڄو، ٻري سڙي رک ٿي رهيو هجي. کيس ائين سانت ۾ ڏسي ڪارو چهرو ٻانهن ڪنان پڪڙي پڇيس ٿو؛ ”چپ ڇو آهين! ڇا پيو سوچين! مون تي ويساهه نه اٿئي ڇا!!؟“
    ”تون منهنجو قد ڪيئن ٿو ڀلا اوچو ڪري سگهين! مان ته پهاڙ هيٺان دفن آهيان ڄڻ.“ بيحد ٿڪل ۽ هارايل نوع ۾ هو ڀڻڪي ٿو. موٽ ۾ ڪارو چهرو ٽهڪ ڏئي کلي پئي ٿو. ”ماڻهو، جيڪي تنهنجي چوڏسائن ۾ آهن، انهن جي آتمائن کي ماري، انهن جي جيئرن لاشن مٿان بيهي قد اوچو ڪري سگهجي ٿو.“
    او – و – هه –“ هو اندر ۾ اجهامڻ ٿو لڳي. ائين ته هو سپني ۾ به نٿو سوچي سگهي.
    ”ائين ته هٿ آلا ٿي پوندا آهن رت مان ۽ آلن هٿن سان پنهنجو ئي نرڙ به ته ڇهي سگهجي ٿو نه! ۽ منهنجو ملهه! ماڻهوءَ کي وڪڻي ته نٿو سگهجي نه! پوءِ منهنجو ملهه ڀلا ڪيئن ٿو تون چڪائي سگهين!؟“ سالن کان هو پنهنجي اندر جي سچائيءَ کي ان ڪري چهري جي وڌندڙ هٿن کان بچائيندو ٿو اچي. اندر جي سچائي اها روشني آهي، جنهن جي ڦرجڻ، اجهامڻ کان پوءِ ڇا رڳو اندر ئي اونداهون ٿئي ٿو!! نه – نيڻ به ته انڌا ٿي پوندا آهن. بنا ڪجهه پَسڻ، پرکڻ جي سڀ ڪجهه پيرن هيٺان لتاڙجڻ لڳندو آهي ۽ ان سڀ ڪجهه ۾ گهڻو ڪجهه سچو ۽ سُندر هوندو آهي. ڪاري چهري تي ڪارانهن وڌندي ٿي وڃي.
    ”تنهنجو ملهه!! پاڻ وڪڻڻ واري ماڻهوءَ جو ملهه!! اڱرن جي ڪارانهن به ته ٿي سگهي ٿي. پر اڱرن جي ان ڪارانهن جي موٽ ۾ ڪيترا سک ماڻي سگهين ٿو، ان جو ته تو سپنو به نه ڏٺو هوندو.“،
    ”ڪهڙا سک!!؟“ کن لاءِ هن جون اکيون جرڪڻ ٿيون لڳن – جرڪندڙ اکين ۾ هن جا اڻ ساڀيا سپنا آهن – ڪارو چهرو سندس تهائين ويجهو ٿي سندس ڪنن ۾ سرگوشي ٿو ڪري ۽ هن جي ٻانهن ۾ پنهنجي هٿ جي گرفت مضبوط ٿو ڪري ڇڏي.
    ”چريو آهين تون ته، سک جي معنيٰ به نه ٿو سمجهين! جنهن جي پويان دنيا سڄي ڇتي ٿي پئي آهي. ٻڌ – سک اوچو اسٽيٽس آهي. پنهنجي ذات جي ٻاهرين خول جي مڃتا آهي. پاڻ کان گهٽ اسٽيٽس وارن ماڻهن کان پنهنجا پير چٽرائڻ جو گُر آهي. تون سمجهين پيو نه!؟“
    هو بنا ڪا ورندي ڏيڻ جي ڄڻ پنڊ پهڻ بڻيل. ڪاري چهري کي گهوريندي سندس اکيون ويڪريون ٿي وڃن ٿيون. هيڪر وري ڪاري چهري جو آواز سندس ڪنن ۾ ٻرڻ ٿو لڳي.
    ”ڏس – ماڻهوءَ جي احساسن کان وٺي هٿيارن تائين سڀ ڪجهه سودي بازيءَ تي هلي ٿو. پاڻ نه وڪڻندين سدائين رستن تي ائين ٿاٻا پيو کائيندين – ائين تون پاڻ مڃرائي به نه سگهندين – انهيءَ ڪال ڪوٺڙي جهڙي گهر ۾ سڏڪي سڏڪي مري ويندين ۽ مُئي پڄاڻان قبر به ڪانه ملندئي.“
    هو اڃا تائين پنڊ پهڻ بڻيل. هانوُ تي هُري آيل سڀئي ڏک، ڀوڳنائون، شڪستون، اڻپورا سپنا، بدحالي، بي روزگاري، ذلتون ۽ - ۽ دماغ جون رڳون تاڻجي ٿيون وڃنس. ”ويساهه ڪر.“ ڪارو چهرو اوچي آواز ۾ ڳالهائي ٿو؛ ”مون ڪڏهن به نه وڪامجڻ واري ماڻهوءَ کي سک ماڻيندي ڪونه ڏٺو آهي. ماڻهو ڪنهن ڏينهن ٽياس مٿان ٽنگي ڇڏيندي ۽ بس-“ هن جي پيرن هيٺان ڄڻ ڌرتي کسڪڻ لڳي ٿي. ڇا وڪامجي وڃڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي اندر جو انسان جيئرو رهي ٿو!! اندر جو انسان مري وڃي ته پوءِ ماڻهو احساساتي سطح تي خوني ٿي پوندو آهي، چور ٿي پوندو آهي؛ احساسن ۽ سچائين تي ڌاڙا هڻڻ لڳندو آهي ۽ ڇا هن جو چهرو به ائين ڪارو نه ٿي پوندو! ۽ - ۽ هو ڇا ايڏو تڇ آهي جنهن جو ملهه بس اڱرن جي ڪارنهن ٿي سگهي ٿي!؟ ڪارو چهرو ڏانهنس پنهنجو هٿ وڌائي ٿو.
    ”پوءِ – سودو منظور آهي نه!!“
    هو ڪاري چهري جي هٿ ڏانهن نهاري ٿو، جنهن تي اڱر جي ڪنهن مَکيل آهي. هو پنهنجي هٿ ڏانهن نهاري ٿو. اڇو، اجرو، آرسيءَ جهڙو هٿ، جنهن ۾ هو پنهنجو چهرو چٽو پَسي سگهي ٿو، ڄڻ رات جي ڪاري اونداهي مان باک ڦٽندي هجي.
    پيرن هيٺان کان کسڪندڙ ڌرتي ڄڻ اوچتو بيهي رهي ٿي. پيرن هيٺان ڌرتي هجي ته ماڻهو پهاڙ وانگر اٽل ٿي پوندو آهي. هو پنهنجي اندر جي پوري سگهه سان ڪارنهن مليل هٿ مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائي وٺي ڀڄي ٿو. اونداهيءَ ۾ هو دور دور تائين ڊوڙندو ٿو وڃي. روشنيءَ ۾ پهچڻ تائين هو پگهر ۾ شم ٿي وڃي ٿو. ساهه ڀرجي ٿو اچيس. انيڪ پل هو ڀت کي ٽيڪ ڏيو سهڪندو ٿو رهي.


    هن پهاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آهي!؟

    سج ميري ۽ گدلي ميرانجهڙي شام ۾ اگهاڙن ۽ پٿون پيرن کان اڏامندڙ دز ۽ ڌوڙ ۾ ڌنڌلائبو ٿو وڃي. سانجهه سمو ۽ نومبر جي شروعات جي هلڪي هلڪي سرد هوا. ڪاري نانگ جيان ور وڪڙ کائيندڙ پڪي رستي تان موڙ ڪاٽي، ڪار جڏهن هيٺ ڪچي ڏانهن لهڻ شروع ڪري ٿي، تڏهن ئي مان، پهرين ئي نهار ۾، پريان کان ئي اُهي اُگهاڙا پير، هيڊا سانورا چهرا، ڏٻرا ڏيل، سانجها جهڙيون ميرانجهڙيون، اُجهاڻل اُجهاڻل اکيون ۽ لهرائيندڙ هٿن ۾ ڦڙڪندڙ جهنڊا پَسان ٿي.
    شام جو گلابي رنگ ڪارانهن ۾ بدلجڻ شروع ٿيو آهي ۽ نيڻ نهار تائين مان روشنيءَ جو ڪوبه اهڃاڻ نٿي پَسان. نه بجلي، نه لالٽين، نه ڏيئو، نه ئي ڪو ٽانڊاڻو. دور ڪٿي انسان جا پير چنڊ تي پهچي چڪا آهن ۽ منهنجي نيڻ نهار جي سيما اندر انسان جا پير ڌوڙ ۽ دز ۾ لٽجي، اُڀن ڪاون ۽ پٿرن سان ٽڪرائجي پٿون ٿي چڪا آهن، روشنيءَ جي ڪنهن ڪِرڻي جي ڳولا ۾. جنهن روشنيءَ جي ڳولا ۾ مان آس جي ڀاونا وچان سندن اکين ۾ نهاريان ٿي، ان ساڳي روشنيءَ جي ڳولا ۾ هو پاڳلن جيان ڪار ڏانهن ڊوڙندا ٿا اچن. هو نعرا هڻي رهيا آهن. پوريءَ سگهه مان وات ڦاڙي، ڄڻ هانءُ چيري اُنهن مان نعرا پٽي، مٺيون ڀري، چئن ڏسائن ڏي اُڏاري رهيا آهن. پر هنن جا آواز ڌوڙ ڪنان چاڙهيل ڪار جي شيشن تان ماڪ ڦڙن جيان تِرڪي تِرڪي ٿا وڃن. منهنجي پلئه ته محض سناٽو ٿو پوي. ان سناٽي کي به ته معنيٰ آهي، جيڪا منهنجي اندر ۾ لهرون لهرون ڦهليل آهي. مان موٽ ۾ نعرا هڻڻ ٿي چاهيان پر منهنجي ڄڀ تارونءَ ۾ اٽڪي پوي ٿي. هٿ لهرائڻ چاهيان ٿي، پر هٿ ڄڻ ڪنهن ڀاري ڇپ هيٺ دٻجي چڪا آهن. مون کي لڳي ٿو ڄڻ مان پنڊپهڻ بڻجي چڪي آهيان. وقت جي دز مون تي ڄمي وئي آهي. ان دز جي هيٺ الاءِ مان آهيان به يا نه!؟.
    ويجها پهچي هو ڪار کي گهيري ٿا وڃن. افريقا جي مٿي ڦريل حبشين جيان هڪ ئي تال تي رقص پيا ڪن، جنهن ۾ نه رڳو وجود، پر ماڻهوءَ جي آتما به ڦيريون پائي ٿي. سڀئي ورڪرز ڪار مان لهون ٿا. باقي ورڪرز به هنن سان هم آواز ٿي وڃن ٿا ۽ منهنجو اڪيلو وجود هنن جي ڦيريون پائيندڙ وجودن سان بال جيان ٽڪرائجي، هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن ٿاٻڙجندو رهي ٿو. پويان مٽيءَ جي ڪچن گهرن ۽ وٿاڻن ۾، مڇرن کان دکايل دونهينءَ مان اُٿندڙ تکي بوءِ نڪ ۾ گهڙي ڄڻ منهنجو ساهه مُٺ ۾ جڪڙي ٿي وٺي.
    (مان، پنهنجي اندر، مٺ ۾ جڪڙيل ساهه ڇڏائڻ چاهيان ٿي. ڦٿڪان ٿي ۽ منهنجا پر ڇڻي زمين تي ڦهلجي ٿا وڃن. ساهه مُٺ ۾ جڪڙيل ئي رهي ٿو. پر اها مٺ ڪنهن جي آهي!؟ منهنجي!؟ نه، منهنجي ڪيئن ٿي ٿي سگهي!! منهنجي مٺ ته خالي آهي. تڏهن!؟ اها مٺ ڪنهن ٻي جي به ته ٿي سگهي ٿي! ڪنهن مون کان به وڌيڪ سگهاري جي! ها، ڪنهن مون کان به وڌيڪ سگهاري جي ۽ ان ۾ منهنجو ساهه جڪڙيل آهي.)
    (هي ماڻهو به ساهه کڻڻ چاهين ٿا، پر ڇا ساهه کڻي سگهيا آهن!؟ پر ڇا ان ريت ساهه کڻي سگهندا، جيئن وشال نيري آڪاس تي پکي پَر ڦهلائي اڏامندو آهي!! ڇا هنن جا پَر آهن! يا هنن جا پَر به منهنجن پرن جيان ڇڻي وکري ويا آهن!! پوءِ هي رقص ڇو ٿا ڪن!؟ ڇا اندر جي پيڙا ئي هنن کان رقص ڪرائي ٿي؟ ها شايد اندر جي پيڙا ئي هنن کان رقص ڪرائي ٿي. پر مان رقص ڪري نٿي سگهان. مان پنڊپهڻ بڻيل آهيان. مون کي پنڊپهڻ ئي رهڻ گهرجي.)
    نومبر جي ان ميري ۽ گدلي شام ۾ اسان اليڪشن جي ورڪ لاءِ آيا آهيون. اڻپورين خواهشن، اڻپورين ضرورتن، اڻپورن خوابن ۽ اڻپورن آدرشن جي اڻ کٽ فهرست آهي، جيڪا جهنڊي جيان هنن جي اکين ۾ ڦڙڪي ٿي.
    (اچانڪ ــــــ هانءُ تي تنهنجا ساروڻا ٿا هُريو اچنم)
    توکي يادآــــ
    ڪيئي سال پهرين اهڙي ئي ڪنهن ميرانجهڙي، ٿڪل، نستي ٿيل شام ۾ ان ساڳي ڳوٺ ۾ تون ۽ مان آيا هئاسون. تڏهن به اليڪشن جي ئي ورڪ لاءِ. تڏهن به اهو رستو ائين ئي ڪچو هو. اها ئي اونداهي هئي. اهيئي پٿون پيرَ ۽ ڏٻرا ڏيل هئا، پر تڏهن تون ۽ مان پراُميد هئاسون ۽ هي ماڻهو زندگيءَ کان ڪٽيل، موت جي ڀاڪرن ۾ ڪِرندڙ ماڻهوءَ جيان مايوس هئا. هنن کي ويساهه ئي نٿي آيو ته ڪو ڪڏهن صبح به ٿيندو – ته ڪو هن پهاڙ جيڏي رات جي به ڪائي پڄاڻي ٿي سگهي ٿي. اچرج مان، ٽڪ ٻڌي، وات پٽي، پنڊپهڻ بڻيا پاڻ کي ڏسندا/ٻڌندا رهيا هئا. تو ۽ مون ڪيئن ڪيئن نه هنن کي ويساهه ڏياريو هو ته اوهان کي رستا ٺهي ملندا، بجلي ملندي – اوهان جا ڪچا گهر پڪا ٿيندا، اسڪول کلندا، جن ۾ اوهان جا ٻار نئين ۽ روشن صبح جي اُميد ساڻ ڪري پڙهندا. اوهان کي گسن، گهيڙن ۽ ڪورٽن ۾ گهلڻ وارا هٿ ڪپيا ويندا، اوهان ئي طاقت آهيو. اوهان جن هٿن ۾ ئي هن ملڪ جو روشن آئيندو آهي. اچو – اسان – جو – ساٿ – ڏيو –
    ياد آ توکي! جيئن جيئن تنهنجو آواز ويو ٿي اوچو ٿيندو، تيئن تيئن ڄڻ هنن جو پٿر بڻيل وجود ميڻ جيان ڦڙو ڦڙو ويو ٿي وگهرندو. اڄ ڄڻ انهيءَ ساروڻيءَ کي جڳ لنگهيا. ڄڻ ڪو سپنو هو، جيڪو اڌ پنڌ ۾ ٽٽي پيو يا اسان ئي ٿڪجي ٻوٽيل اکيون پٽي ڇڏيون! يا اکيون کليل هيون، جيڪي ٿڪجي پوڻ کان پوءِ ٻوٽي ڇڏيونسين. ڪير ڄاڻي ته اهو سپنو هو يا هي سپنو آهي!!.
    ياد آ توکي! تاڙين جي سُر تي، بي ربط آوازن ۾ سڀئي گڏجي ڳائيندا هئاسون؛ ”هي جيون سارو سپنو آهي – سپني ۾ ڪيئي سپنا آهن – سپني ۾ ڪيئي سپنا آهن – هي جيون سارو سپنو آهي.“ هنن ماڻهن جي اکين ۾ به سپنا آهن. هي ماڻهو، پنهنجا ڏيهه واسي ڍور ۽ ڍڳي وانگر زندگي گهاريندي به ان زندگيءَ سان سهمت نه ٿيندڙ. پنهنجي اندر ۾ هيسيل، هيڻا ۽ جيتامڙا هوندي به ان کان انڪاري. انڪار جي اها سگهه هنن انهن وچ وارن سالن ۾ ويهي ماڻي آهي، جن ۾ تو ۽ مون مايوسيءَ جو زهر ڍُڪ ڀري ويهي پيتو آهي. تو ۽ مون سوچيو هو، نيٺ به، ڪجهه به نه بدلبو. سڀ ڪجهه ائين ئي رهندو، جيئن جڳن کان هليو اچي. چهرا بدلجي ته ويندا، پر سسٽم ساڳي ريت اندران ئي اندران ماڻهوءَ جو رت ست چوسي اُن کي خالي ڪندو رهندو. هي ويچارا ماڻهو سدائين، آد کان جڳاد تائين، ائين ئي هٿ لوڏي لوڏي، رستي جي ڪنارن تي بيهي سلاميون ڏيندا رهندا. ليڊرن جي بتن ۾ ساهه ڦوڪڻ لاءِ نعرا هڻي هڻي ساهه ڏيندا رهندا. جلوسن ۾ روبوٽ جيان لاڳيتو پنڌ هلندا رهندا ۽ تاڙيون وڄائيندي وڄائيندي، نيٺ به ڪنهن ڏينهن پن پن ٿي ڇڻي پوندا. اها ڊيوٽي هنن کي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي آهي. ان هوندي به، هنن لاءِ ڪجهه به نه بدلبو. وڌ ۾ وڌ قبرستان جو ڦهلاءُ وڌي ويندو.
    سچ پچ ته قبرستانن جو ڦهلاءُ وڌي ويو آهي. موت جو سيڪڙو وڌي ويو آهي. بيڪار/رد ڪرڻ جوڳي زندگيءَ جي ري ايڪشن ۾ پلئه پوندڙ موت وڌيڪ تکو ۽ تيز رفتار ٿي چڪو آهي. زندگي ڪجهه وکون/انيڪ وکون پوئتي رهجي وئي آهي. تڏهن به، هينئر جڏهن منهنجي چئني پاسي ماڻهن جو انبوهه نعرا هڻي هڻي نچي رهيو آهي، اُونداهي اڃا به گهري ٿيندي ٿي وڃي. دونهين جي تکي بوءِ اڃا به تکي ٿي چڪي آهي ۽ جهنڊا هنن جي مٿن کان به مٿڀرا اڃان به تيزيءَ سان ڦڙڪي رهيا آهن، مون کي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ موت جي سيني ۾ اڃا به دل ڌڙڪي رهي آهي، غير محسوس نوع ۾، هوريان هوريان.
    پر منهنجي دل ته ڄڻ بيهي رهي آهي. بلڪل ساڪت. مان هٿ ڦهلائي هنن کي روڪڻ چاهيان ٿي، پر اچانڪ هڪڙي ورڪر جو آواز پڙاڏو بڻجي گونج ڪري ٿو:
    ”ٻڌو!! ٻڌو!!
    اسان جي ڳالهه ٻڌو. اسان ڪجهه چوڻ چاهيون ٿا، اوهان جي روشن آئيندي لاءِ. زندگيءَ جي سکن تي اوهان جي حقن لاءِ. چپ ٿي وڃو. چپ چاپ بيهي رهو. اسان اوهان سان ڪجهه واعدا ڪرڻ چاهيون ٿا. سچا، نڀائڻ جوڳا واعدا، جيڪي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سچا ثابت ڪنداسون.
    ٻڌو!!
    ٻڌو!!“
    هجوم ساڪت ٿي بيهي رهي ٿو، پنڊپهڻ جيان. هنن جا کليل چپ هوريان هوريان بند ٿيندا ٿا وڃن. هاڻي صرف جهنڊا ئي ڦڙڪي رهيا آهن ۽ بس. کن کان پوءِ هجوم ۾ ڀڻ جهڻ شروع ٿئي ٿي. جيئن ماکيءَ تي مڙندڙ مکين جي پراسرار ڀڻ جهڻ لڱن مان سيسراٽ ڪڍي ڇڏيندي آهي، تيئن ئي مان محسوس ڪريان ٿي. منهنجا ساٿي ورڪرز جيئن جيئن انهيءَ ڀڻ جهڻ کي دٻائڻ چاهين ٿا، تيئن تيئن انهيءَ ۾ شدت ايندي ٿي وڃي.
    ”چپ ٿي وڃو.“
    ”اسان – سالن کان چپ آهيون بابلا!ـــ سالن کان . اڃا به چئو ٿا ته چپ ٿي وڃو.“ کنگهه ۾ وڪوڙيل هڪڙو پوڙهو آواز هجوم جي آخر مان اڀري ٿو ۽ ٻيهر کنگهه ۾ ٻڏي ٿو وڃي.
    ڀڻ جهڻ ان جملي کان پوءِ اڃا به وڌي ٿي وڃي. اُونداهي ۾ چهرا الوپ ٿي رهيا آهن. منظر وڃائجي رهيا آهن. بس آواز باقي رهجي وڃن ٿا.
    ”اسان اوهان کان ووٽ گهرڻ آيا آهيون، ان لاءِ جو اوهان جن حقن لاءِ ئي اسان وڙهي رهيا آهيون ۽ انهن کي پورو ڪرڻ ئي اسان جي زندگيءَ جو پهريون ۽ آخري مقصد آهي........“
    تقرير وچ وچ ۾ تاڙين جي پڙاڏي ۾ دٻجي ٿي وڃي. تقرير ڪندڙ ورڪر ڳلو ڦاڙي اڃا به زور زور سان رڙيون ڪرڻ جي انداز ۾ ڳالهائي ٿو – ڄڻ هو پنهنجي اڪيلي آواز جي زور تي انيڪ آوازن جي پڙلاءُ سان وڙهڻ چاهي ٿو. مان هن جي وات تي هٿ رکڻ ٿي چاهيان، پر منهنجو هٿ ڄڻ پٿر هيٺان دفن ٿيل آهي .
    هجوم مان هڪ ٻيو آواز اُڀري ٿو. ڪمزور، ٿڪل، هيڻو آوازــــ شايد نعرا هڻي هڻي نستو ٿي پيل.
    ”ابا!- منهنجو جواڻ جماڻ پٽ گذريل اليڪشن ۾ اوهان جي ليڊر لاءِ وڙهندي، وچ چؤنڪ تي مارجي ويو. ڦٿڪو ئي هڪڙو کاڌائين ۽ پوءِ ڄڻ هيو ئي ڪونه. سندس رت ۾ رڱيل قميص اڃا به رکيو ويٺو آهيان!؟ چؤ ته کڻي آڻي ڏيکاريانو!!؟“ هن جو ڳلو ڀرجي اچي ٿو. کن لاءِ ڄڻ هجوم جي ڀڻ جهڻ جو ڳلو گهٽجي ٿو وڃي.
    ”اسان تنهنجي پٽ جي موت جو، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ معاوضو ڀري ڏينداسون – ڪنهن جي به قرباني بيڪار نه ويندي.“ ورڪر ٻيهر ڳلو ڦاڙي ٿو. کن لاءِ سانت ۽ ان سانت کي ٻيهر چيري اُڀرندڙ، هجوم مان ايندڙ ساڳيو آواز.
    ”جواڻيءَ جي موت جو به ڪو اُجورو ٿيندو آهي ڇا بابلا!ــــــ اُن اُجوري مان ڇا ٻيو جواڻ پٽ ڳنهي سگهندس!؟ هڪڙو ئي پٽ هئم ـــ روئي روئي مان ۽ ماڻس نيٺ انڌا ٿي پياسون پر ڪير به اسان جا لڙڪ اُگهڻ نه آيو.“
    ”جن لاءِ وڙهون ٿا، مرون ٿا، اهي گهٽ ۾ گهٽ اسان جا لڙڪ ته اگهن نه – ٻيا سُک ڏين نه ڏين –“ هڪ ٻيو آواز. آواز ۾ ناراضگيءَ جو تاثر سمايل.
    وايومنڊل تي موت جهڙو سناٽو ڇانيل – ڪجهه پل پهرين رڙيون ڪندڙ ورڪر جو به ڄڻ ڳلو گهٽجي ويو آهي. اصل مسئلو آهي آيل لڙڪ اُگهڻ جو. جيڏانهن نهار ڪر، آلين اکين جو نه کندڙ سلسلو آهي، جيڪي ڪڏهن به، ڪنهن به ناهن اُگهيون. مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هو سڀ ڪنهن نه ڪنهن وچ چؤنڪ تي ماريا ويا آهن، گذريل اليڪشن ۾. هاڻي پويان سندن رت ۾ رڱيلون قميصون باقي رهجي ويون آهن، جيڪي منهنجين اکين جي سامهون، گهري ٿيندڙ اونداهيءَ ۾ لهرائجي رهيون آهن ۽ انهن مان ڦڙو ڦڙو ٽمندڙ رت مان منهنجا هٿ آلا ٿي رهيا آهن. مان پنهنجا هٿ ڪلهن تي ويڙهيل شال اندر لڪائڻ ٿي چاهيان، پر هيڪر وري مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ منهنجا هٿ ڪنهن ڀاري پٿر هيٺان دفن ٿيل آهن.
    توکي ياد آ!! اسٽوڊنٽ لائيف ۾ نظرياتي بحث ڪري ڪري اسان جا ڳلا ويهي رهندا هئا. ساهه ڀرجي ايندو هو پر محسوس ٿيندو هو ڄڻ نظرياماڻڻ تائين مُور نه ٿڪباسون. انقلابي نظريا – انقلابي آدرش – رڙيون ڪري چوندا هياسون؛ ”جلائي ڇڏيو هي ايوان، مسمار ڪريو هي محل، آڳ لڳائي ڇڏيو هنن ڪارخانن کي، جيڪي محض پورهيت جو رت چوسڻ لاءِ آهن. آڳ لڳائي ڇڏيو هنن کيتن کي، جيڪي هاريءَ کي پيٽ ڀرڻ لاءِ اَن نٿا ڏين. اسان پنهنجن ليڊرن لاءِ سر ڏئي ڇڏينداسون، پر اُنهن کي سامراج جو کاڄ نه بنجڻ ڏينداسون. هيءَ ڌرتي اسان جي آهي. هن مان اُپايل سُک اسان جا آهن. اسان جا حوصلا بلند آهن. اسان مرڻ گهڙيءَ تائين آڻ نه مڃينداسون.... اسان..... اسان....“
    تڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اسان ئي ڪائنات جي سڀ کان سگهاري سگهه آهيون. لڱ اسان جا لوهه آهن ۽ رڳن مان سمنڊ ٿو ڇوليون هڻي. لڱ ڪيئن مٽي بڻجي ويندا آهن ۽ سمنڊ ڪيئن خشڪ ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيئن سوڪهڙو ڦهلجي ويندو آهي؟ ان جي تڏهن ڄاڻ ئي نه هئي سون. بس جيئن دنيا ان پل هئي، تيئن ئي سدائين رهندي. انيڪ سالن کان پوءِ، جڏهن تون آخري ڀيرو مليو هئين (اُها به اهڙي ئي ڪائي سرد پوندڙ شام هئي – ريلوي لائين جي ڪناري ڪناري هلندي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ ڳالهائينداسون ته سپنو ٽٽي پوندو. مان تنهنجين ۽ پنهنجين کڄندڙ وکن ڏانهن نهاريندي هلي هيس – مون محسوس ڪيو هو ته اڄ تون به تمام گهڻو ٿڪل آهين ۽ مان به تمام گهڻي ٿڪل آهيان. دراصل جتي تون ۽ مان پنڌ پيا هئاسون، اهو محض رستو هو، ڪنهن به ماڳ ڏانهن نه ويندڙ. بس هڪڙي رستي مان سوين رستا ڦٽي نڪرن ٿا، جن ۾ اسان وڃائجي ٿا وڃون، پهرين هڪٻئي کان، پوءِ پنهنجي پاڻ کان.)
    ريلوي لائن جي ڪناري ڪناري، ساڻ ساڻ هلندي تو چيو هو؛ ”ڪير بدلجي ويو آهي! تون ۽ مان!! يا هيءَ ڪائنات!؟“
    تو چيو؛
    ”توکي ياد آ.........“
    مون چيو؛
    ”ها، مون کي ياد آ.... ڇا توکي ياد آ......“
    پر اڄ به مون کي ياد آ ته يادون آڱرين جي وچ وارين وٿين مان پاڻ ڇڏائي لنگهيو ٿي ويون ۽ اسان جا آواز پريان کان ڌوڪي ايندڙ ريل جي شور ۾ دٻجي گم ٿي ويا هئا، هڪٻئي کان به، پنهنجي پاڻ کان به – ڪجهه ڏينهن پهرين تون جيل مان نڪتو هئين. ڊگهو، ٿڪائيندڙ، ايذائيندڙ قيد ڪاٽي. پارٽيءَ جي مهان ليڊر حڪومت جي پارٽيءَ ۾ وزارت قبول ڪري ورتي هئي. تو خالي خالي اکين سان پولار ۾ گهوريندي چيو هو؛ ”مون پنهنجي زندگيءَ جا هيترا قيمتي سال ڇا لاءِ دان ڪيا!؟ ڪير مون کي اُهي موٽائي ڏيندو!؟ تون ئي چؤ اسان آدرشن جي پويان ڇو ٿا پاڳلن وانگر ڀٽڪون؟ هن وقت مون کي منهنجي اها خواهش ڪيڏي حقير ۽ بي معنيٰ ٿي محسوس ٿئي ته ڪو عظيم انقلاب، جادوگر جي لڪڻ وانگر هڪڙي ئي زوزاٽ سان ڪائنات کي بدلائي ڇڏيندو. اسان ڇا بس هوا ۾ لفظ اڏاريندا رهياسون!! ڇا اهو ناٽڪ هو! اهڙو ناٽڪ، جنهن جو مقصد محض عام ماڻهوءَ کي پاڳل ڪرڻو هو!! ويچارو عام ماڻهو – هر ڀيري وڙهندڙ، هر ڀيري مرندڙ ۽ وري اُٿي ٻيهر وڙهندڙ ۽ ٻيهر مرندڙ ۽ پوءِ لاڳيتو مرندڙ، کيتن ۾، چؤواٽن تي، گهٽين ۾، فائلن ۾، ڪرسيءَ جي هيٺان، بوٽن جي هيٺان، جنگ جي ميدان ۾، جلسن ۾، جلوسن ۾، لفظن ۾، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾، لاڳيتو مرندڙ ويچارو عام ماڻهو. مان به بس اهو ئي ويچارو عام ماڻهو آهيان! اهو ئي ته ثابت ٿيو نه هيڏي ڊگهي، ٿڪائيندڙ ۽ لاحاصل ويڙهه کان پوءِ به. هاـــ نه ـــــ ـــ ــ ريل، ڪنهن پاڳل ٿي پيل آدرشيءَ جيان، ڄڻ دنيا تياڳي، مُٺيون ڀيڙي، رڙيون دانهون ڪندي، اسان کي به چيڀاٽيندي، هن ڀر ڊوڙندي ٿي وئي.
    ۽ هينئر جڏهن، سالن پڄاڻان، مان هيڪر وري انهن ئي ساڳين ويچارن عام ماڻهن جي اڳيان بيٺي آهيان، تون ساڻ ناهين پر تنهنجا لفظ به ڄڻ انهيءَ ڀڻ جهڻ ۾ شامل ٿي ويا آهن. ڀڻ جهڻ، جيڪا منهنجن لڱن مان سيسراٽ ڪڍيو ڇڏي. روشني ڪرڻ لاءِ ڪار جون لائيٽس آن ٿيون ڪيون وڃن ۽ هاڻي سڌيءَ طرح روشني هنن جي چهرن تي پئجي رهي آهي.
    ورڪر ٻيهر ڳلو ڦاڙي هنن کي مخاطب ڪري ٿو.
    ”اسان ئي اوهان جي ووٽ جا صحيح حقدار آهيون – اوهان جا ووٽ اوهان جي زندگيءَ جي سکن جا ٻوٽيل دروازا کولي ڇڏيندا. اوهان اسان کي آزمائي ڏسو. اسان اسڪول کولينداسون، هسپتالون کولينداسون، رستا پڪا ڪرائي ڏينداسون، بجلي ڏني ويندي، اوهان جا ڪچا گهر پڪا ڪرائي ڏينداسون. اوهان تي سدائين ظلم ڪرڻ واري طاقت کي ڪچليو ويندو – اسين – اسين – اوهانجن – حقن جي – بقا - ۽ - بچاءُ – لاءِ - - -“ ورڪر جو چهرو اونداهي ۾ الوپ آهي. بس هن جو هٿ ڪار لائيٽس ۾ بيٺلن جي چهرن جي اڳيان لهرائجي رهيو آهي. اوچتو هڪڙو هٿ اُلر ڪري اچي ٿو ۽ ورڪر جي لهرائيندڙ هٿ کي ڪرائي ڪنان سوگهو پڪڙي ٿو وٺي. ورڪر جي ڄڀ رڙيون ڪندي ڪندي ڄڻ تارونءَ سان اٽڪي ٿي پوي. ڇانئجي ويل سانت ۾ ڪنهن قدر سگهارو آواز ٿو اُڀري:
    ”بڪواس ٿو ڪرين تون. اڳوڻڪين اليڪشنن ۾ تون ئي ته آيو هئين. تون نه هوندين ته تنهنجي ئي پارٽيءَ جو ڪو ٻيو هوندو، تو جهڙو. اهو نه هوندو ته اڃا ڪو ٻيو هوندو. اسان ته اسڪولن، هسپتالن، رستن، گهرن ۽ بجليءَ جا خواب ڏسي ڏسي انڌا ٿي پيا آهيون.“
    سو، ويچارو عام ماڻهو انڌو به ٿي چڪو!! يا اڳهين انڌو هو ۽ هاڻي محض اُنهيءَ جي ڄاڻ پائي سگهيو آهي! انڌي ماڻهوءَ جي محسوس ڪرڻ جي سگهه، نارمل ماڻهوءَ کان گهڻي تکي ٿيندي آهي ۽ اها ماڻهوءَ جي بلاسٽ ٿيڻ جي سڀ کان آخري حد ٿيندي آهي – ماڻهو آخري حد تي بيٺل آهن. ماڻهو بلاسٽ ٿيڻ وارا آهن – ماڻهو اندران تپي ٽامو ٿي چڪا آهن نه ته تو ۽ مون ته سوچيو هو ته ماڻهو پنهنجي اندر ۾ مري چڪا آهن. پنهنجي اندر جي سردخاني ۾ لاشن جيان رکيا آهن/رکيا رهندا. لاش، جن جو ڪوبه والي وارث نه لڀندو آهي. پاڻ تي حاوي پوندڙ، ٻاهرين سگهه اڳيان هٿار ڦٽا ڪندي تو ۽ مون پنهنجي طور فيصلو ڪري ورتو هو ته هن ويچاري عام ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي بقا ڪانهي. اهو وري به اهو جانور آهي، جنهن مان هي انسان بڻيو آهي. انسان جي حيثيت ۾ ڪير به هن کي own ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هو پاڻ به پاڻ کي انسان own ڪندي پيڙا جي وهڪري ۾ لڙهيو وڃي. هن جو Ego مري چڪو آهي، پر هن جو Ego هو ئي ڪڏهن!! ان بازي گر جيان، جيڪو ساهه روڪي، اکيون ٻوٽي، پولار ۾ ٻڌل سنهڙي ڏور مٿان وک وک هلندو رهندو آهي، محض ان لاءِ ته هيٺ سرڪس ڏسندڙ ايذاءَ جي لذت مان رڙيون ڪندي، تاڙيون وڄائين. دراصل تون ۽ مان ٿڪجي پيا هئاسون. تون ۽ مان به بهرحال پولار ۾ ٻڌل انهيءَ ساڳيءَ ڏور هٿان اکيون ٻوٽي، ساهه روڪي، وک وک هلي رهيا هئاسون ۽ هيٺ ويٺل تماشبين تاڙيون وڄائي رهيا هئا. انهيءَ تماشو بڻائيندڙ ذلت مٿان سوڀ ماڻي ئي نٿي سگهياسون. ڊگهي، اکٽ رستي تي ڊوڙندي ڊوڙندي اهو ڄاتو هيوسين ته رستا محض رستا ئي ٿيندا آهن، محض ماڻهوءَ کي ڊوڙائڻ لاءِ. ڊوڙائيندي ڊوڙائيندي ٿڪائڻ لاءِ ۽ ٿڪائي اونڌي منهن پٿرائينءَ ڌرتيءَ تي ڪيرائي رتو ڇاڻ ڪرڻ لاءِ.
    ٻيا پارٽي ليڊر به وزارتن تي سوديبازي ڪري چڪا هئا. ڪيترا ئي ڪارڪن ان سمجهوتي جي پويان، پنهنجن پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن مفادن جي حصول ڪاڻ ائين هليا ويا هئا، جيئن ڪُئن جو ولر پائپ وڄائڻ واري جي پويان انڌا ڌنڌ هليو ويندو آهي، سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ تائين. تون اڻڄاتل عرصي لاءِ ٻيهر جيل ۾ واڙيو ويو هئين ۽ مان ـــــ !! مان حالتن جيreaction ۾ بي حس بڻي رهيس. ياد آ مون کي، ڊگهي سڙڪ تي، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي هلندي مان من ئي من ۾ تڪڙو تڪڙو ڳالهائيندي ويندي هيس. منهنجي زبان تارون، ڳلي ۽ ڏندن جي وچ ۾، چپ بند هوندي به گول گول پئي ڦرندي هئي. ڳالهائڻ جي ضرورت شدت اختيار ڪندڙ پر پوري ٿي نه سگهندڙ. ويهاڻي سان ڳالهيون، سَوڙ سان ڳالهيون، ديوارن، ڇت، پولار ۽ پاتال سان ڳالهيون. انيڪ ۽ ڪڏهن به نه کٽندڙ ڳالهيون. پر پوءِ هوريان هوريان ڳالهيون گونگيون پوڻ لڳيون. اکين جي ڪنڊن ۾ اٽڪيل رهجي ويون. مان چپ ٿي ويس. بلڪل چُپ. مون انهيءَ چپ ۾ پاڻ لاءِ پناهه ڳولهي ورتي. تو چيو هو؛ ”اسان ۾ frustration جا اهي ڀاوَ ٻاهران feed ڪيا ٿا وڃن. Establishment کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاءِ. پر اسان انهيءَ feeding کي تڏهن قبول ٿا ڪريون نه، جڏهن ان کي سمائڻ جيترو خلا اندر ۾ ڦهليل هوندو آهي.
    ماڻهو ته جيئن جو تيئن هئا. ڪنڌ جهڪائي هلندڙ، شڪر گذار، ٿڪل، هيسيل، چُپ چاپ انهن ئي ساڳين ڪچن رستن تي هلندڙ، اُهي ئي اکين ۾ اسڪول جا مُئل خواب ٽنگيو، ٻنين ۾ ڍڳن ۽ ڍورن جيان وهندڙ ٻار، اُهي ئي اونداهيءَ ۾ انڌن جيان جيئندڙ – اسپتال جي ڏاڪڻين تي ساهه ڏيندڙ، عدالتن جي ڊگهن ورانڊن ۾، پڳون ٻنهي هٿن ۾ کنيو وڪيلن ۽ ججن جي پويان ليلڙاٽيون پائيندڙ، اُنهن ئي واعدن، خوابن ۽ ووٽن جي انبار هيٺ گهٽجي گهٽجي ساهه ڏيندي به بهرحال جيئندڙ ويچارا عام ماڻهو. سڀڪجهه جيئن جو تيئن هو، آد کان جڳاد تائين. مان اڪيلي ڀلا ڇا ٿي ڪري سگهيس!؟ ڪجهه به نه. ڪجهه به پائي نه سگهڻ جو اُهو ايذاءُ ڪجهه ٻين صورتن ۾ منهنجي اندر ۾ به ته مٿو ٽڪرائي رهيو هو، منهنجي هستيءَ جي ديوار سان – مان پاڻ به ته ضرورتن، روايتن، سوسائٽيءَ جي اُصولن ۽ پابندين ۽ حد بندين جي وچ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي ڪٿي وڃائجي وئي هيس نه – زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو بڻجي پيو هو ته ڪيئن، ڪنهن جي سفارش تي گيس جي پائيپ لائين ڇڪرائجي گهر تائين؟. اکيون خبر ناهي اڱرن کي دکائيندي دکائيندي ايڏيون دونهاٽجي ويون آهن يا مسلسل اوجاڳن جي ڪري!.
    ان کان به وڏو مسئلو اهو هو ته جيئڻ جو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جو اکيون بظاهر کليل هوندي به اندران بند هجن. ساڳيو مسئلو ڪنن ۽ زبان لاءِ به محسوس ڪيو هئم. سو مسئلا حل ڪندي ڪندي سال لنگهي ويا. ياد ئي نه رهيو ته توکي گهڻن سالن جي سزا آئي!؟ اُهي جذباتي ۽ انقلابي تقريرون ڄڻ ڪٿي واٽ ويندي پرس مان ڪِري پيون ۽ اُنهن سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه – ڪڏهن ڪڏهن خود غرض قسم جو ڏک اندر ۾ نانگڻ جيان ڦڻ ڦهلائي اچي ويندو هئم ته مان ڇو نه زندگيءَ جون سهولتون ماڻي سگهيس!؟. ڪارخانا، بنگلا، شورومس، بلڊنگون، موٽرون، شهر جا پوش علائقا ۽ سمورو ڪجهه به جيئن جو تيئن هو، جن جي خلاف پاڻ جذباتي تقرير ڪندا هئاسون.
    هڪڙو سياسي ورڪر انهن ئي جذباتي تقريرن رستي پنهنجين محرومين تي react ڪندي پنهنجي اندر جو ڪيٿارسس ڪندو آهي ۽ گهڻو اڳتي هلي ناڪام سياسي ورڪر ثابت ٿيڻ کان پوءِ، ڪجهه به نه پائي سگهڻ جي پيڙا هيٺ، ڪوبه معاشي انقلاب برپا نه ٿيڻ ۽ رات وچ ۾ غربت جي ڀوت کان جند نه ڇڏرائي سگهڻ جي صورت ۾ سمورو انقلاب، سمورا آدرش کيس بڪواس محسوس ٿيندا آهن. اُها ئي اٽي لٽي ۽ اجهي جي جنگ ۽ لاڳيتي جنگ کان پوءِ به شڪست، ۽ شڪست کان پوءِ به جنگ . نه چاهيندي به، زبردستي ڀرتي ٿيل رنگروٽ وانگر وڙهندا رهو، ڇو ته ٻنهي پاسي موت آهي. پنهنجي طور تو به اهو ئي طئي ڪيو هو ته اُهو سمورو ڪجهه بڪواس هو/آهي – سڀ ڪجهه مرده باد.
    اڄ، نومبر جي ان سرد ۽ گهريءَ اُونداهيءَ ۾ بدلجي ويل شام ۾ مان هيڪر وري اتي ئي بيٺي آهيان، بلڪل ائين، جيئن اتهاس ۾ پاڻمرادو بنا ڪنهن شعوري ڪوشش جي ڪردار ورجائبا آهن. هڪ ٻي ورڪر هاڻي ڪار جي روشنيءَ ۾ هٿ لهرائي لهرائي تقرير ڪري رهي آهي ۽ ان کان پهرين تقرير ڪندڙ ورڪر ڀرجي آيل ساهه کي نارمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي، ڄڻ ميلن جو فاصلو طئي ڪيو هجيس. هو سهڪندڙ آواز ۾ مون کي مخاطب ڪري ٿو.
    ”ٻڌو آ – ڪنهن زماني ۾ تون ڏاڍي سٺي تقرير ڪندي هئينءَ. ماڻهن جا هشام گڏ ٿي ويندا هئا ۽ سُئي به ڪِرندي هئي ته ان جو به آواز ٿيندو هو – اڄ ڇو نٿي ڳالهائين!!“
    مان خالي خالي نيڻ نهار هن تي وجهان ٿي. ان سوال جو به ته ڪوئي جواب ڪونهي ته اڄ مان ڇو نٿي ڳالهايان؟ مون کي لڳي ٿو منهنجي ڄڀ ان هجوم جي پيرن هيٺ لتاڙجي رهي آهي.
    ”صبح ضرور اُڀرندو. جمهوريت جو سج – اسان آمريت کي چؤواٽي تي سوريءَ چاڙهينداسون – جمهوريت زنده باد – آمريت مرده باد – اوهان کي جمهوريت کي ڪامياب بنائڻو آهي – جمهوريت – آمريت/آمريت – جمهوريت – آ – مر – يت – مرد – هه – باد – جمهو – ريت – زندهه – باد – مردهه – باد – زندهه – باد –“
    ورڪر ڳلو ڦاڙي رڙيون ڪري رهي آهي ۽ سندس لفظ معنائون وڃائيندا ٿا وڃن. اچانڪ، هڪڙو ستن سالن جو ميرو، گدلو، اڌ اُگهاڙو ٻار هجوم مان نڪري اچي ٿو ۽ ورڪر جي ٻانهن پڪڙي ائين ڇڪ ٿو ڏي جو ورڪر جو آواز اڌ ۾ ٽٽي سانت ۾ اُلهي ٿو وڃي. جڏهن ڪار پڪي تان موڙ ڪاٽي هيٺ ڪچي تي لٿي هئي، تڏهن اهو ئي ٻار هجوم ۾ سڀ کان اڳيان هو. سندس هٿ ۾ جهنڊو هو ۽ هو نچي نچي نعرا هڻي رهيو هو. اهو ئي ٻار، ڪلهه جڏهن اسين هتان لنگهيا هئاسون ته پڪي رستي جي ڪناري جهنڊو کنيو بيٺو هو ۽ اسان جي ڪار کي هن هٿ لوڏي لوڏي سلام ڪيو هو، هينئر ورڪر جو هٿ هن جي هٿ ۾ آهي. هو ڪنڌ مٿي کڻي ورڪر جي اکين ۾ ائين نهارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڄڻ آسمان تي عيد جو چنڊ ڳوليندو هجي.
    ”آمريت ڇا ٿيندي آهي؟“ بلڪل اوچتو هو سوال ڪري ٿو ۽ هن کي ٻڌائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي ته آمريت ڇا ٿيندي آهي! ڪوبه جواب پائڻ کان پهرين هو هيڪر وري سوال ڪري ٿو.
    ”ڀلا، جمهوريت ڇا ٿيندي آهي؟“ ۽ هن کي ٻڌائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي ته جمهوريت ڇا ٿيندي آهي!
    هجوم مان شايد هن جي ماءُ نڪري اچي ٿي کيس ٻانهن کان سوگهو پڪڙي واپس هجوم ۾ وٺي وڃڻ لاءِ – هو ماءُ سان گهلبو هجوم ڏانهن ويندي ويندين ڪنڌ ورائي پڇي ٿو: ”ڀلا ٽي وقت ماني – ڀلا پيرن جي جُتي – ڀلا هڪڙو وڳو ڪپڙن جو ڪير ڏيندو!؟ آمريت ڏيندي ـــ ڪِ ـــ جمهوريت ڏيندي!؟“ آخري لفظن کي پهچڻ تائين هو اونداهيءَ ۽ هجوم ۾ اَلوپ ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي اهو ٻڌائڻ ڪيترو ڏکيو آهي ته اهي ئي ٽي شيون آهن، جن ماڻهن کي پاڳل ڪري ڇڏيو آهي.
    ياد آ توکي! ٽي ڪلاڪ ساندهه پارٽي ليڊر جي پويان، ٽاڪ منجهند جو جلوس ۾ هلندي، مون توکي چيو هو ته ماڻهو ليڊر جي پويان نه پر پنهنجين اڻپورين ضرورتن ۽ خواهشن جي پٺيان ٿا ڊوڙن، جيڪي هنن جي خيال ۾ ليڊر جي کيسي ۾ ڀريل آهن. ٻار جي موٽي وڃڻ کان پوءِ هجوم ٻيهر نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿو ۽ هوريان هوريان پنهنجا پنهنجا سوال پنهنجي ڳلي ۾ گهُٽي نچڻ شروع ڪري ٿو. اهو ئي افريقا جو مٿي ڦريل حبشين جو ناچ، جنهن ۾ وجود سان گڏ آتما به پئي ڦيريون پائيندي آهي. خواهشون ۽ ضرورتون، ڪڏهن به پوريون ٿيڻ نه جوڳيون، ڄڻ هنن جي پيرن ۾ ڇير جيان ٻڌيون پيون آهن.
    ٻار جو سوال ڄڻ پولار ۾ ٽنگيل رهجي ويو آهي.
    ٽي وقت ماني؟
    پيرن ۾ جُتي؟
    وڳو ڪپڙن جو؟
    مان رڙيون، دانهون ڪري ان منظر مان آزاد ٿيڻ لاءِ ڀڄي وڃڻ چاهيان ٿي، پر منهنجو جسم پٿر آهي ۽ منهنجي ڄڀ... هنن... جي... پيرن هيٺ.... لتاڙجي.... رهي آهي.


    ڪيڏارو

    گولين جي وسندڙ مينهن، رڙين ۽ دانهن جي قيامت جهڙي شور ۽ سڙڪن تي هاريل جيئري رت مان، شڙاپ، شڙاپ، اُگهاڙين پيرين ڊوڙندو، سهڪندو، ٽُٽندو، ڳڀا ڳڀا ۽ پُرزا پُرزا ٿيندو ڀڳو هو، اُن انڌي جيان، جنهن جي اکين تي ڪاريءَ رات جي چادر تاڻيل هجي، پر جنهن جا پير هر سڙڪ، هر گهٽيءَ ۽ هر موڙ جا هيراڪ هجن.
    کيس سُڌ ئي نٿي پئي ته هو جيئرو به آهي يا نه! هن شهر جي ڪهڙي گهٽيءَ ۾ سندس گهر آهي! ڪهڙا ڪهڙا ساروڻا، شهر جي ڪهڙي ڪهڙي موڙ تي ڇڏيا اٿس؟ هاڻي ته ڄڻ ماضي ۽ مستقبل کي ڪائي وڏي مڇي ڳهي وئي آهي، انيڪ ننڍڙين ننڍڙين مڇين سان گڏ. بس اِهو ئي ڀيانڪ ۽ سفاڪ قاتل جهڙو پل بيهي رهيو آهي ۽ بيٺو رهندو. ۽ شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ کي ڏسي، ٽهڪ ڏئي، تاڙيون وڄائي رهيو آهي، ڪنهن ديواني جيان.
    سِول اسپتال، تلڪ چاڙهي، گاڏي کاتو، حيدر چوڪ ۽ هاڻي شاهه مڪيءَ جي مزار جي ڏاڪڻين جي هيٺين سِري تي ڦان ٿيو پيو آهي. وات پَٽيل ۽ اکيون ٻُوٽيل. سياري جي يخ ٿڌيءَ رات جي شروعاتي گهڙين ۾ به سندس جسم رت گاڏڙ پگهر ۾ شم ٿي ويل. اُٻڙڪو اچيس ٿو. ڄڻ جسم جا سمورا اندريان عضوا تکن ساهن جي وهڪري ۾ پٽيل وات منجهان ٻاهر ايندي ايندي رهجي وڃن ٿا.
    ڊگهين ۽ اونداهين ڏاڪڻين جي مٿئين سِري تي در جي مٿان لٽڪندڙ گهنڊ، اندر آڳنڌ جي ٿڌي فرش تي گوڏا کوڙي، اکيون ٻوٽيو، ڪنڌ نِوايو ويٺل معتقد، آڳنڌ جي هن ڀر قبر واري ڪوٺيءَ جي چائنٺ تي، مُونن ۾ مُنهن ڏيو ويٺل مجاور ۽ اندر ڪوٺيءَ ۾ شاهه مڪيءَ جي تربت؛ سڀئي سُڏڪندڙ سانت ۾ ٻُڏاڻل. شهر جي لائٽ آف ڪئي وئي آهي، پر مزار جي طاق تي رکيل ڏيئا اڃا به سُڏڪي سُڏڪي ٻري رهيا آهن ۽ روشني فرش ۽ ديوارن تي رڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، رِڙهي رِڙهي، نِستي ٿي پيئي آهي. ٻاهر حيدرآباد جو شهر، گهٽيون، چاڙهيون، مَنگهه، پٿرن جون پراڻيون عمارتون، قلعي جون ديوارون ۽ برج، اتهاس جي خوني باب ۾، فوج جي آخري جٿي جيان وڙهندڙ، ۽ اُن ساڳئي پَل، شاهه مڪيءَ جي مزار جي ڏاڪڻين تي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، رت ٻُڏاڻل جسم سان پيو آهي. گوليون هن جي ٽنگ کي چيرينديون لنگهي ويون آهن ۽ ڪلاشنڪوف جا برسٽ اڃا تائين سندس ڪنن ۾ پڙاڏو بنجي ٿا گونجن. ڏاڪڻين مان هيٺ، کانئس ڪجهه پرڀرو ويٺل، ڀنگ جي نشي ۾ الوٽ موالين ۽ فقيرن، کن لاءِ اکيون کڻي کيس ڏٺو ۽ ٻيهر پنهنجي اندر ۾ موٽي ويا.
    1768ع ۾ سندس شاهاڻي ۽ فقيريءَ جي رنگ ۾ رنڱيل دل کي اُن شهر جي زمين موهي وڌو هو. ساڳي سال نڄاڻ ڪيڏي موهه منجهان ۽ ڪيترا خواب ساڻ ڪري، هن شهر جو قلعو اڏايو هئائين سامهون ٽڪر تي پنهنجي ڏيهه واسين لاءِ شهر حيدرآباد. سندس اٻوجهه، موتيءَ جهڙي من وارا ڏيهه واسي سٻاجها، جنهن ڌرتيءَ ۾ انُ پوکين ۽ اُپائين، جنهن مٽيءَ ۾ مٽي بڻجن، انهيءَ تان سِرُ گهورين، نج سون جهڙا، چنڊ چانڊيءَ جهڙا، اهڙا سچا جو منجهان ڪيترا ئي صوفي شاعر، اديب، درويش، عالمَ ۽ اولياءَ ٿيا. دليون سندن اهڙيون ته ڪشاديون، جن ۾ پنهنجا ته پنهنجا، پر ڌاريان به پنهنجن پنهنجن وانگر سمائجي ويا. مانيءَ جي ڳڀي مان جي اڌ پاڻ کاڌائون ته اڌ ٻين کي کارايون. لپ پاڻيءَ مان به، پاڻ اُڃيا رهي به، ڌارين جون اُڃون اُجهايائون. ٻيو ڪجهه نه به هوندو، ته اُتهاس ۾ ڪيئي اهڙا موڙ آيا، جڏهن پنهنجو لهو پياريائون ۽ پنهنجو ماس کارايائون. ارغونن ۽ ترخانن جا ستايل، اُنهن جي گهوڙن جي سُنبن هيٺان لتاڙيل، شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ، جيئرن انسانن سميت جلايل، پر هر ڀيري نئين سگهه ۽ اُتساهه منجهان، نئين سري کان ساڳي ڌرتيءَ تي آباد ٿيل. ائين نه هو ته اُهي ڪو هيڻا هئا ۽ ڪڏهن به احتجاج نه ڪيائون . نه، وڙهيا ۽ وڏي دليريءَ سان وڙهيا. سر ڏنائون ۽ گهر گهوريائون. غلاميءَ ۾ جيئڻ سندن مزاج ئي نه هو. پنهنجي ڌرتي ڇڏي ڪڏهن ڌارين ڌرتيءَ ڏانهن ڀڳا ڪونه. پناهه ڏنائون، پر پناهه گير ٿيا ڪونه. خوب وڙهيا. هار ۽ جيت جي فيصلن کان مٿڀرا رهي، پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ سُڃاڻپ کي اتهاس جي صفحن تي جيئرو رکيائون.
    ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏيهه ۽ ڏيهه واسين جو سمورو اُتهاس، اهڙن ئي اُڀن ڪنڊن ۽ ڪاون ڀرئين پيچرن تان ننگن پيرن ۽ رتوڇاڻ ٿيندو لنگهيو هو. آزاديءَ جي خوابن کي راحتن جي رلهين ۾ به ساڻ ڪري سمهندڙ سنڌي، جڏهن ڪلهوڙن جهڙن ٻاجهه ڀرين حاڪمن جي هٿ هيٺ آيا، تڏهن سُک جو ساهه پٽيائون. حيدرآباد جو شهر انهيءَ سُک ۽ ٻاجهه جو شهر ته هو، اُتهاس جي سونهري صفحن تي مير علي شير قانع لکي ڇڏي ويو آهي ته هن قلعي ۽ شهر جي بڻجڻ جو سال 1182هه هن قرآني آيت مان نڪتو هو: ’يا رب، اجعل هذا البلده منا.‘ (اي رب! هن شهر کي امن وارو ڪر.)
    اڄ پوريون ٻه صديون ۽ ايڪيهه سال پوءِ اتهاس جي خوني باب، سال 1989ع جي ڊسمبر جي يخ ٿڌيءَ رات جو، اُهو ئي ٻاجهارو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، شاهه مڪيءَ جي ڏاڪڻين تي رت ٻُڏاڻل پيو آهي. ٻارهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري جڏهن سيد محمد مڪي، مڪي شريف جهڙي امن جي شهر مان نڪتو هو، تڏهن هن به نماءُ، لوڀ ۽ لالچ جي ورن وڪڙن ۾ وڪوڙيل دنيا ۾، کيس سنڌ ۾ ئي اُهو ڪعبي وارو چين محسوس ٿيو هو. نيرون ڪوٽ کيس پنهنجي هانءُ ۾ سموئي ورتو هو. نڄاڻ، تڏهن کيس سُڌ به هئي يا نه، ته اُهو ئي نيرون ڪوٽ، حيدرآباد بڻجڻ کان پوءِ، سالن جي ڦيري ۾ ڦرندي ڦرندي، هڪ ڏينهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سميت، سندس پوتر پيرن ۾ رتوڇاڻ پيو هوندو.
    اُنهن ڏاڪڻين تي پئي پئي، کيس محسوس ٿئي ٿو ته ذهني ۽ جسماني پيڙا رڙ بڻجي، سندس اندر کي چيريندي، ٻاهر نڪرڻ ٿي چاهي ۽ پڙاڏو بڻجي ڪائنات جي ڦهلاوَ ۾ گونجڻ ٿي چاهي. ٻي پل مٿس انڪشاف ٿئي ٿو ته ويڙهه، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي انتها تي، پنهنجي ئي رڙ بي معنيٰ ۽ بي آواز محسوس ٿئي ٿي. آواز به نيڻ نهار جيان، ڪو هينئڙي ۾ وڃائجيو وڃي. اکيون، ڪن، ڄڀ هڪ ئي وقت ڪم ڪرڻ کان انڪاري ٿيو پون. هن وقت هن جي ڄڀ کان نه رڳو رڙ ۽ دانهن ڪرڻ جي سگهه، پر لفظ اُچارڻ جو فطري عمل به کسجي چُڪو آهي ۽ ڄڀ ڪنهن ڀاري ڇِپَ هيٺ رکي آهي. ان کان به ڏکاري حقيقت اها آهي ته نه چاهيندي به، هو ڏسڻ لاءِ مجبور آهي، اُهي سمورا منظر، جيڪي نه رڳو ڀيانڪ، غليظ ۽ ذليل آهن، پر کيس تهائين گهڻو بيوس بنائين ٿا ته هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. ساڳي وقت هو اُهي سمورا وحشي آواز ٻُڌڻ لاءِ به مجبور آهي، جيڪي ڪنهن دهشتگرد جيان، هر لمحي سندس دل واريءَ جاءِ تي هٿيار جي نوڪ رکيو بيٺا آهن ۽ سندس بند مُٺ مان به هوا ۽ پاڻيءَ جيان وهيو وڃن. سڄي سڄي رات هو کٽ تي اکيون پٽيو، لاش جيان پيو هوندو آهي ۽ آواز ڪَنائيندي ڪڏهن سندس دل بيهي رهندي آهي ۽ ڪڏهن دماغ ساڻو ٿي پوندو آهي. ڪڏهن کيس ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هٿيارن جا مُنهن کوليا ويا آهن ۽ سوين هزارين ماڻهو، گهوڙا گهوڙا ڪندا گهرن مان نڪري، هيڏانهن هوڏانهن لڪڻ لاءِ وٺي ڀڳا آهن. ڪڏهن ائين ڀائيندو آهي، ڄڻ ڪنهن عورت جون ڇاتيون ڪَپيون پيون وڃن ۽ ان جو ٻار ڌرتيءَ تي ڇڙيون هڻي روئي رهيو آهي. ڪڏهن ڄڻ ڪوئي ڪنهن کي ڪُهي رهيو آهي مُڏي ڪاتيءَ سان. سڄي سڄي رات هو انهن آوازن تي لُڇندو ڦٿڪندو نيٺ به سرد پئجي ويندو آهي.
    هوريان هوران سندس نيڻ نهار تان ڪوهيڙو گهٽجڻ لڳو آهي. ڪجهه ڪجهه هو سوچي سگهي ٿو. ڪير آهي هو پاڻ! ڪهڙن گسن کان هو ڀڳو هو ۽ ڇو؟ ڪهڙي گهٽيءَ ۾ سندس گهر آهي؟ هن جي اندرجي ڦهلاءُ ۾ ڪيترو ڪجهه پر ڦهلايو بيٺو هو اڏرڻ لاءِ ۽ نڄاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي هن جا پر ڪپيا ويا آهن. نڄاڻ ڪڏهن کان هُو اُڏرڻ بدران پنهنجي جيتامڙي وجود کي سوڙهين گهٽين ۾ گهِلي رهيو آهي. گهٽيون، جيڪي هن ڪُشاديون ٺهرايون هيون، هاڻ ايتريون ته سوڙهيون پئجي ويون آهن، جو کيس پنهنجو ساهه گهُٽبو محسوس ٿيندو آهي. شهر ماتم ڪدي ۾ بدلجي چڪو آهي ۽ هو ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، مٽي مٿي ۾ پائي، لکين ماتمين جي وچ ۾، آهُن منجهان هڪ بڻيو، آهُن جيان ئي مُنهن مٿو پِٽي رهيو آهي ۽ ڇاتي ڪُٽي رهيو آهي. هو ڇا لاءِ ٿو ماتم ڪري!؟.
    هوريان هوريان ڪنڌ ورائي ڏاڪڻين جي مٿئين سِري ڏانهن نهاري ٿو. سندس ڳچيءَ ۾ ڄڻ طوق پيل آهي. سُور جي اهڙي سَٽَ اُڀريس ٿي. اُٿي ٿو، پاڻ گهِليندو مٿي وڃي ٿو. گهنڊ وڄائڻ لاءِ، ڪنهن فرياديءَ جيان، هٿ هڻي ٿو، پر گهنڊ بي داد نگريءَ جي راڄ جيان چُپ آهي. هيٺ ويٺل فقير کان ٽهڪ ڇڏائجي ٿو وڃي. وقت جي بي وفائيءَ تي ۽ ماڻهوءَ جي پٿر دليءَ تي، فقيرن سدائين ٽهڪ ڏئي کِليو آهي.
    فقير چيو: جيڪو ڪالهه هو، سو اڄ ناهي..... جيڪو اڄ آهي، سو سڀاڻي ناهي ۽ نيٺ به ڪجهه به ناهي..... ڪجهه به ناهي. ماڻهو مٽيءَ جا بوتا آهن. پاڻيءَ منجهه پتاشا آهن. ڇا لاءِ ٿا وڙهن!؟ ڪنهن کي به ڪُهن، پر ڄڻ پنهنجو رت ٿا پيئن، ڇا ڌاريون ڇا پنهنجو! ڌرتي اُن جي ماءُ آهي، جيڪو ڌرتيءَ کي چاهي. هاءِ...... هاءِ..... پنهنجي ئي ڏيهه ۾ ماڻهو پرڏيهي ويچارو. رب سچي سچ چيو آهي.... او بنده!.... ڌرتيءَ تي نهٺائيءَ سان هل. سڀ ساراهه سچي ڌڻيءَ کي جُڳائي. ماڻهو ڪجهه به ناهي ۽ جي آهي ته ڌرتي آهي، ڌرتي آهي.
    فقير ٻيهر ٽهڪ ڏئي کِلي ٿو. گاڏي کاتي ۾ هلندڙ ڪلاشنڪوف جا برسٽ چؤڏسا ۾ ٻُرن ٿا. نڄاڻ ڪير ڪُٺو!؟ هو در جي چائنٺ سان رت ٻُڏل پير اُگهي، مزار جي آڳنڌ ۾ گهِڙي ٿو. معتقد کن لاءِ اکيون کڻي کيس ڏسي ٿو. مجاور مُونن مان مُنهن ڪڍي ڏانهس نهاري ٿو. هوا مزار جي ڪوٺيءَ مان ائين سر سر ڪندي لنگهي ٿي، جو طاق تي رکيل ڏيئا اُجهامندي اُجهامندي رهجي ٿا وڃن. مُجاور هن جي اڳيان ميڪانيڪل نوع ۾ پيسن واري پيتي آڻي ٿو، پر سندس کيسا خالي آهن. ڪيئي سال نوڪريءَ لاءِ رُليو ۽ ڀٽڪيو، پر ايم.اي.سنڌي ادب واري ڊگري ڪٿي به نه اگهاڻي. الٽو هر دؤر جي فوجي حڪومت کيس غدار قرار ڏنو. کيس ڀارت جو جاسوس سمجهيو ويو. هاڻي ڪنهن سنڌي پريس ۾ هٿ ۽ ڪپڙا ڪارا ڪري سگهيو آهي. اڄ به اڃا مهيني جي پگهار کيسي ۾ وڌو ئي مس هئائين، جو دهشتگرد هٿيار لهرائيندا پريس ۾ گهِڙي پيا. پهرين پيٽرول هاري پريس کي باهه ڏنائون، پوءِ کيس دسي، ڪيرائي، ڇاتيءَ تي بوٽ رکي بيٺا. کيس پنهنجي ئي ڌرتيءَ کي، پنهنجي ٻوليءَ کي، پنهنجي ئي مٽيءَ کي، پنهنجي ئي ماءُ ڀيڻ کي ننگيون گاريون ڏيڻ لاءِ ٿي مجبور ڪيائون. پنهنجي ئي ڏيهه ۾ ماڻهوءَ لاءِ اهڙو به وقت ايندو آهي ڇا!؟ هن پيڙا وچان ايترو ئي مس سوچيو هو جو مٿس لتن، مُڪن، ٿُڏن ۽ پٿرن جو وسڪارو ٿي ويو. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن وٺي ڀڳو هو، تڏهن دور دور تائين گولين سندس پيڇو ڪيو هو. هڪڙي گولي سندس ٽنگ چيريندي لنگهي وئي هئي.
    هڪڙي چور نهار مجاور تي وجهي، مزار واري ڪوٺيءَ ۾ گهِڙِي وڃي ٿو. سائو پڙ، ڪيئي ڏينهن کان ڪومايل گلاب جون ڪليون، مٿي روشن دانن تي ڀڻ جهُڻ ڪندڙ پاريلَ، اڪيلو ڏيئو، اگربتين ۽ عطر جي تکي ۽ پراسرار خوشبوءِ، گڏجي هن جي ٿڪل روح جا ٻيڪڙيل دروازا کولڻ شروع ڪري ڏنا ۽ هو ڄڻ پن پن ٿي ڇڻي پوي ٿو. اتهاس جي کنڊر بڻيل ديوار جيان، هلڪڙي ڇُهاوَ تي ئي ڀُر ڀُر ڀُرڻ لڳي ٿو. سندس روح وجود مان سٽ کائي نڪري ٿو ۽ سيد محمد مڪيءَ جي قبر جي سيرانديءَ، زخمي پاريلَ جيان ڀڙڪو کائي نِستو ٿي ڪِري ٿو.
    سُڏڪو ڀري ٿو.
    آءٌ تنهائيءَ جي عذاب ۾ آهيان.
    اڪيلو ٿي پيو آهيان،
    هجوم ۾ به،
    پنهنجيءَ قوم سان رهندي به،
    پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتيءَ مٿان رهندي به.
    مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ تنهائي اُڏوهيءَ جيان منهنجي هڏ هڏ ۾ سُري ٿي. بي يقيني آڪٽوپس جيان من کي چُهٽي پئي آهي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جهڙيون عالمي حقيقتون به، مون کي بي يقين سچ ٿيون محسوس ٿين ۽ اُن بي يقينيءَ جي احساس هيٺ، منهنجي پنهنجي گهر جي ڇت ڄڻ منهنجي مٿان کان اُڏامندي ٿي وڃي. منهنجي پيرن هيٺان کان منهنجي پنهنجي ڌرتي ڦاسيءَ جي تختي جيان کسڪائي پئي وڃي ۽ اجهو آءٌ پولار ۾ ٽنگجڻ وارو آهيان.
    پناهه....
    پناهه....
    آءٌ پاڳلن جيان ڪڏهن پنهنجي گهر جي ڇت جهلڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ۽ ڪڏهن زوريءَ پنهنجا پير ڌرتيءَ تي کُپائڻ جا جتن ٿو ڪريان. انهيءَ بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ نڄاڻ آءٌ پاڻ ئي پنهنجي شهر ۾ اوپرو بڻيو ٿو وڃان يا نڄاڻ مون لاءِ سڀ ڪجهه ڄاتل سُڃاتل هوندي به، اڄاتل ۽ اسونهون بڻبو ٿو وڃي!؟ هاڻي ته مون کي پنهنجو ئي گهر اجنبي ٿو محسوس ٿئي، يا آءٌ پاڻ ڪنهن اجنبيءَ/چور جيان پنهنجي ئي گهر ۾ گهِڙندو آهيان. مون کي لڳندو آهي، منهنجي ئي گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾، منهنجو دشمن منهنجي اوسيئڙي ۾ آهي. گهٽيون مون کي ڏسي سوڙهيون پئجيو ٿيون وڃن ۽ رستا مون کي گهر پهچائڻ بدران مخالف ڏسا ڏي مُڙي وڃن ٿا ۽ ديوارون مون کي شهر خالي ڪرڻ لاءِ ٿيون چون. ڪيڏانهن وڃان!؟ ۽ ڪيڏانهن به هليو وڃڻ واري فرار ۾ ۽ ذهني طرح سان، پوءِ جسماني طرح سان به مارجي وڃڻ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي!؟ ڇا تون منهنجو ذهني ڪرب ۽ ايذاءُ محسوس ڪري سگهين ٿو!؟ آءٌ روئڻ ٿو چاهيان، اها ڏاڍي هاڃيڪار صورت آهي. جڏهن ڀريل شهر ۾ ڪنهن به شخص کي روئڻ ۽ کِلڻ لاءِ ڪوبه ساٿي نه لڀي ۽ ماڻهوءَ لاءِ نيٺ به پنهنجو ڏک ۽ خوشي اهڙا ئي بي معنيٰ ۽ فضول بڻجي پون؛ جيئن گهٽين ۾ گند جو ڍير.
    آءٌ اڪيلو نه هئس. پهرين منهنجي پوري قوم کي تنهائيءَ جي غار ڏانهن ڌِڪي اڪيلو ڪيو ويو. پوءِ اُها گڏيل تنهائي چُهڪي چُهڪي زهر پيئندي، ڪڏهن ۽ ڪيئن اسانجي/منهنجي الڳ ۽ شخصي تنهائيءَ ۾ بدلجي وئي. اها ڄاڻ ئي نه پئجي سگهي. بلڪ ائين، جيئن هجوم جي وچ ۾، مُونن ۾ مُنهن ڏيو ويٺل شخص جڏهن ڇرڪي ڪنڌ کڻي ته هن جي چوڌاري هجوم بدران سُڃي ۽ ڀڙڀانگ تنهائي واڪا ڪندي هجي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا حادثا ماڻهوءَ کي ڪيئن ۽ ڪٿي بيوس، اڪيلو، ٿڪل ۽ پوءِ نيٺ پاڻ کان ۽ ٻين کان به وڃائي ويل بڻائين ٿا. آءٌ انهيءَ تجربي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهيان.
    پنهنجي ڏيهه جي جاگرافي بدلجڻ جو خوف؛ اهو خوف ته آءٌ اقليت ۾ بدلجي، محڪوم نه ٿي وڃان ۽ بازارن ۾ ڪنهن غلام جيان وڪيو نه وڃان. منهنجي اتهاس کي ڪنهن سازش هيٺ تِڇ ذليل نه ثابت ڪيو وڃي ۽ آءٌ پاڻ اُن حوالي سان ذليل ڪندڙ نظرن سان گهوريو وڃان، هڪ عام سنڌي شخص جي حيثيت ۾.
    انهيءَ پيڙا هيٺ، اڄ آءٌ پاڳلن جيان انهيءَ جڳ پراڻي قلعي جي ديوارن تي اُنهن هٿن جو ڇهاءُ ڳولهيندو آهيان، جن جي سگهاري رت ۽ ست مان اُهو قلعو جُڙي راس ٿيو هو. اُن جي ڀڳل بُرجن تي وفادار سپاهين کي ڳوليان ٿو، جيڪي شهر واسين جي جان، مال ۽ عزت جي به حفاظت ڪندا هئا. انهيءَ قلعي کي تاريخ منهنجو تخت گاهه لکي ٿي، پر اڄ مون کي لڳندو آهي ڄڻ آءٌ انهيءَ قلعي جي چوڌاري رڙيون واڪا ڪندو، ڪنهن ديواني جيان، سڄي سڄي رات هوائن سان ٽڪرائيندو، اجهاڻل لالٽين هٿن ۾ کنيو، پنهنجو شاندار ماضي ۽ مهان اُتهاس ڳوليان ٿو. صبح ٿيڻ تي ڄاڻين ٿو ته قلعي جي جهُريل ۽ کنڊر بڻجندڙ ديوارن جي پاڙن ۾ مون کي ڇا ٿيندو آهي!؟ ڪٻاڙين جا دُڪان، پان ٻيڙيءَ جون مانڊڻيون، دڪانن تي ٽنگيل 1947ع کان پوءِ هيل تائين جي انهن فوجي آمرن ۽ جنرلن جون فريم ڪيل ورديءَ واريون تصويرون، جن پنهنجيءَ پنهنجي حڪومت جي دور ۾، سنڌ سڄيءَ کي سنگينن جي نوڪ تي رکيو ۽ ڪنهن به سنڌيءَ کي ساهه کڻڻ نه ڏنو. اها به عجيب نفسيات آهي ته هر اُهو ماڻهو، جنهن سنڌ سان نفرت ڪئي، ان انهن فوجي آمرن لاءِ رستا صاف ڪيا. ان کان سواءِ قلعي جي ديوارن جي لڳ، انگريزن جي لاٿل ڪپڙن جا ڀريل گاڏا ۽ انهن تي خريدارن جي پيهُه ۽ (خدا جي قدرت آهي! نه ته اسان انهيءَ کان اباڻي لوئيءَ جا عاشق رهياسون. پوءِ ڪيڏي به ڦاٽل ساٽل ۽ ميري سيري سهي، اُن جي چتين کي به اسان چاهيو، پر ڌارين جي ڏنل ڪيمخواب کي پهرڻ گوارا نه ڪيوسين.) گندگيءَ جا ڍير، بوءِ، موالين ۽ جُئارين جون ٽوليون. 1947ع ۾ هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ جي واڻين جي لڏپلاڻ جي موٽ ۾، ڀارت کان مڪڙن جيان اُٿلي پيل ڌارين جي هٿن ۾ لُٽيل مال وانگر ورهايل قلعي جي زمين، ڪليم ۾ ورتل واڻين جي شاندار گهرن جا قبضا، زوريءَ کڙيون ڪيل قبرن جهڙيون جُهڳيون ۽ انهن اندر مُردن احساسن هيٺ دٻيل اوپرا ماڻهو. اوپرا ايڏا جو مون کي، منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي اتهاس ۽ ڪلچر کي سمجهڻ ۽ مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيائون. نفرت ايڏي، جو قلعي جي ديوارن تي ٿُڪ اُڇليندي ذرو هانءُ نٿو هِڄين ۽ منهنجا هٿ هر ڀيري اُنهن ٿُڪن سان آلا ٿيو پون.
    هڪ اونداهين رات، بلڪ انهيءَ ريت هيٺ قلعي ۾ بلووَ ٿيو، جنهن ۾ ٻاهريان ڪاهه ڪري آيل، ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي پيرن هيٺان کان ڌرتي کسڪائڻ جي شروعات ڪندا آهن. جيڪا ڌرتي پناهه ڏي، انهيءَ کي ڌڪاريندڙن جي پيرن هيٺ سدائين پولار رهندو آهي. اُهو ئي پولار سندن هٿيار بڻيو آهي. جنهن ڌرتيءَ ۽ اُن جي ٻولي ۽ اُن جي تاريخ ۽ اُن جي رهواسين کي پنهنجو نه سمجهيو وڃي، اُن ڌرتيءَ تي رت وهائڻ ۽ اُن جي اصلوڪن رهواسين جو ڪوس ايترو ئي آسان آهي، جيترو جانور ذبح ڪرڻ.
    آءٌ جانور جيان ذبح ٿي رهيو آهيان.
    مسلسل ذبح ٿيڻ جي اُن عمل ۾، منهنجا احساس ڪڏهن شڪست جي دٻاءُ هيٺ دٻجي ويندا آهن. ڪڏهن باغي غلام جيان اصل ڇِتا ٿي پوندا آهن. جنهن رات بلووَ ٿيو، اُن رات هو ننگا خنجر کڻي مون کي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳوليندا رهيا. آءٌ ساهه ٻنهي مُٺين ۾ ڀيڙي، قلعي جي ديوارن سان لڳو بيٺو هئس. جنهن پل هنن مون کي پڪڙيو هو، اُن پل آسمان تان باک ٿي ڦُٽي. قومن جي زوال جي ڪهاڻين ۾ عوام دوست حاڪمن جا آخري منظر اهڙا ئي هوندا آهن. هنن وٽ ته سرڪاري ڪاغذ هئا ڪليم ۾ زمين ملڻ جا. پر منهنجي مٿي تي نه تاج هو، نه پيرن ۾ جُتي. هنن مون کي اُگهاڙن پيرن قلعي مان ڌِڪي ڪڍيو. قلعي کان ٻاهر حيدرآباد جو شهر به ماڻهن جي دلين ۽ بدليل وقت جيان سوڙهو پئجي چڪو هو. مون کي لڳو، منهنجي هٿ ۾ ڪشڪول آهي ۽ اڄ آءٌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پناهه ۽ امن جي بيک گهُري رهيو آهيان، جنهن حيدرآباد جي پيرن هيٺ مون تخت رکيو ۽ مٿي تي تاج.
    جڏهن پنهنجا پنهنجن تي سوڀ ماڻيندا آهن، تڏهن جسمن ۽ احساسن جي ايڏي رتوڇاڻ ڪانهي ٿيندي. جڏهن ميرن اسان ڪلهوڙن تي سوڀ ماڻي هئي، تڏهن به شايد ايڏو نه رُنو هئس، جيترو 21 فيبروري 1843ع تي، مياڻيءَ جي جنگ ۾ ميرن جي دکدائڪ شڪست کان پوءِ، جڏهن انگريز جنرل فاتح بڻجي حيدرآباد شهر ۾ گهِڙيو هو ۽ ان ساڳي قلعي تي يونين جئڪ لهرايو هئائين. جنهن رات انگريزي ڇانوڻيءَ جي ڪيمپ ۾ مير نصير خان سندس تلوار جي مُٺ تي مٿو ڌري رُنو هوندو، اُن ساڳي رات آءٌ قلعي جي دروازي جي چائنٺ تي مٿو ڌري، سُڏڪا ڀري، رُنو هئس. اتهاس جي انهن دکدائڪ حادثن مون کي سيکاريو ته:
    ’ڪوشش ڪر، تنهنجو فاتح به تنهنجي ڏيهه منجهان هجي. تنهنجو باغي به تنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ هجي. توکي چماٽ هڻڻ وارو هٿ ساڳي مٽيءَ جو هجي، جنهن مٽيءَ مان تنهنجو هٿ سِرجيو آهي. اوهان ٻنهي ۾ ساڳي ڌرتيءَ سان موهه جي هڪجهڙائپ هجي. اها تاريخ جي فطري ارتقا آهي، پر اختلاف جو اهو اختيار جيڪڏهن ڌارين ڦري ورتو ته اُنهن جي هٿان اُنهيءَ زوال جو سلسلو شروع ٿي ويندو، جنهن ۾ سر وڍي اُنهن جا پهاڙ کڙا ڪبا آهن.‘
    شاهه مڪيءَ جي مزار واري ڪوٺيءَ جي روشن دان تي ويٺل پاريل، اکيون مِچڪائي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏٺو. ڄڻ ڪو اڻ چٽو ساروڻو هانوَ تي هُريو هجيس. گلاب جون ڪُومايل ڪَليون قبر تان تِرڪي رت ڦُڙن جيان ميان صاحب جي گهاٽي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پون ٿيون. هن جا به سُڏڪا، بي آواز سيد محمد مڪيءَ جي قبر جي چوڌاري طواف ڪن ٿا.
    اڪيلو ٿي پيو آهي،
    پنهنجيءَ قوم سان رهندي به،
    پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتيءَ مٿان جيئندي به.
    هي شهر شايد سندس ڪونهي! دشمنن جو آهي؟ هو شايد پيراشوٽ ذريعي هيٺ لاٿو ويو آهي. ڪير به سندس ٻولي نٿو سمجهي. ڪنهن به سڙڪ تي سندس ٻوليءَ ۾ ڪو سائن بورڊ ڪونهي ۽ هو ڪنهن اجنبيءَ جيان سڙڪن تي ڀٽڪي رهيو آهي. ڳالهين جا مَچ ٿا ٻرن سندس هانوَ ۾. ڪنهن سان ڳالهائي؟ ڪنهن جي ڪُلهي تي مٿو ڌري روئي؟ ڪيڏي افراتفري آهي! ماڻهو پنهنجا پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي رهيا آهن، ڪنهن پناهه گاهه جي تلاش ۾. جن گهرن ۾ هنن جنم ورتو، اُهي ئي گهر هنن لاءِ بي امان ۽ ڄڻ دشمن جي اک بڻجي پيا آهن. هو ماڻهن کي روڪڻ چاهي ٿو، پر هو کيس لتاڙيندا لنگهي ٿا وڃن.
    هو به گاڏي کاتي جي ڪنهن سوڙهي گهٽيءَ ۾ مسواڙ تي ڪنهن واڻئي جي گهر جي چوٿين ۽ سوڙهي حصي ۾ رهندو آهي، جنهن جي مالڪ هاڻي يو.پيءَ جو ڪو مهاجر آهي. اڪثر سندس پاڻي بند رکندو آهي، ڪنهن اڄاتل ڏوهه جي سزا هيٺ. پهريون هو پڪي قلعي ۾ رهندو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٻوليءَ وارن فسادن ۾ کيس اُتان ڀڄايو ويو. اهو به واڻئي جو گهر هو. ان جو به مالڪ آگري جو ڪو مهاجر هو. پاڻيءَ بدران کيس بجلي نه ڏيندو هو. ٻوليءَ وارن فسادن ۾ پهرين کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏنائون، پوءِ گهر جلائڻ جي ۽ آخرڪار سندس ماءُ ڀيڻ کي ننگو ڪري گهٽيءَ ۾ نچائڻ جي ڌمڪيءَ تي، هن ڄڻ پنهنجي اندر ۾ ننگو ٿي، اُهو گهر ڇڏيو هو. اُتي پاڙي وارا کيس غدار.... غدار ڪوٺيندا هئا. هاڻي کيس ٻيهر ڌمڪيون ملنديون آهن، گهر ڇڏڻ لاءِ نه، شهر ڇڏڻ لاءِ. رات جوجڏهن ماڻهو سمهي رهندا آهن ۽ چٻرا جاڳندا آهن، تڏهن هو هٿيار لهرائيندا سندس در جي اڳيان اچي رڙيون ڪندا آهن.
    ميان غلام شاهه ڪلهوڙا!..... اسين توکي وارننگ ٿا ڏيون، حيدرآباد جو شهر خالي ڪر، نه ته سڀاڻي تنهنجو لاش ننگو ڪري، شهر جي گهٽين ۾ گهِليو ويندو.... هو کٽ تي پيو هوندو آهي، ساهه روڪيو. ڪيڏانهن وڃي؟ ڪيڏانهن؟ ۽ - آخر ڇو وڃي؟ ڇو؟ صبح جو ڪنهن چور جيان گهر مان نڪرندو آهي، چور جيان ئي گهڙندو آهي. پريس پهچڻ تائين دل سندس پيرن ۾ پئي وِچڙندي آهي. نڄاڻ ڪٿان کان گولي ٿي اچي. شايد هو ڪلاشنڪوف جي رينج ۾ هجي. ڪير ٿو سندس پيڇو ڪري. ڪنهن جي قدمن جو آواز آهي. ڪيترا ڄاتل سُڃاتل چهرا مارجي چُڪا آهن. ڪيترا گهر ڇڏي ڳوٺن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ ڪيترا گهرن ۾ ساهه روڪيو پيا آهن. صديءَ جي پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان پهرين دنيا سڄيءَ ۾ افراتفري آهي. يورپ ۾ ايندڙ تبديليون، ڪنهن نئين نظام لاءِ هنگاما آرايون، ڏکڻ آفريقا جون تحريڪون، لاطيني آمريڪا جي وٺ پڪڙ، اوڀر جي ننڍڙن ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف هيڻن جي مسلسل ۽ ٿڪائيندڙ ويڙهه ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ. اُن سموري منظر ۾، دنيا جي پريس، ٽي وي ۽ ريڊيو ۽ خود سندس ملڪ ۾ به، ڪٿي به اهو ذڪر ناهي ته هو پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن ٿي رهيو آهي. يو.اين.او ۾، اُهو سُڏڪو پهتل ئي ناهي ته دنيا ۾ زمين جو هڪڙو ننڍڙو ٽڪرو اهڙو به آهي، جنهن جي ٻولي، ڪلچر، تاريخ ۽ ماڻهن جون پاڙون پنج هزار سال گهريون آهن پر اُن تي، اُن جو پنهنجو ماڻهو اوپرو بڻجي رهيو آهي، مارجي رهيو آهي، پنهنجي ئي گهر مان، شهر مان ڪڍيو پيو وڃي. ڪنهن به پريس فوٽو گرافر کي خيال ئي نٿو اچي ته سيد محمد مڪيءَ جي قبر جي سيرانديءَ، مٿو ڌري روئيندڙ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فوٽو ڪڍي، نيوز ويڪ يا ٽائيم ۾ ڇپرائڻ لاءِ.
    ٻاهر ڪرفيو لڳي چڪو آهي. هڪڙيون ڳجهون ماڻهن جو رت چٽي ۽ ماس پٽي، بڀ ڀري موٽي ويون آهن ۽ ٻيون ڳجهون پيرن ۾ ڀاري بوٽ وجهيو، لوهي ٽوپ پايو، سنگينون اُڀيون ڪيو، بڀ ڀريل ڳجهين جي بچاءُ لاءِ، مورچا ٺاهيو، پهرا ڏئي رهيون آهن.
    ميان صاحب اُٿي ٿو، قبر تي پيل پَڙ سان لُڙڪ اگهي ٿو. اُهو خيال ته – سندس اٺن سالن جو پُٽ دريءَ ۾ لٽڪيو، سندس راهه تڪي رهيو هوندو. هاءِ – ڪوئي مٿس گوليءَ جو نشانو نه تاڻي. هاءِ، ائين نه ٿئي ته جڏهن هو گهر پهچي ته لهوءَ ۾ لت پت لاش دريءَ جي سيخن ۾ ٽنگيل هجي، امن جي مارجي ويل پکيءَ جيان. منجهس نئين سگهه (خوف ۾ دٻيل) ڀرجي ٿي. کيس زنده رهڻ گهُرجي. اُن احساس هيٺ سيد محمد مڪيءَ کي الوداع چئي، هو مزار مان نڪري، ٻاهر سڙڪ تي اچي ٿو.
    ڪرفيو.
    هو گهر ڪيئن پهچي سگهندو؟
    سندس پُٽ گوليءَ جو کاڄ نه بڻجي وڃي؟
    ها، پر گهر کان پهرين هو نه ماريو وڃي!
    سڙڪون، گهٽيون موت جي ڄڀ جيان سهڪندڙ ۽ سنسان. پوليس، فوج ۽ رينجرس جا ٽرڪ راڪاس جيان آزاديءَ سان گهمندڙ. وک وک تي وڇايل لوهي تارون. ڪيڏانهن وڃي؟ ڪٿان وڃي؟ کن لاءِ دل بي ايمان ٿئيس ٿي ته شهر ڇڏي وڃي سدائين لاءِ. ٻئي پل پنهنجي ئي اها سوچ کيس بنهه ذليل محسوس ٿئي ٿي. ان کان پوءِ موت بي معنيٰ محسوس ٿئي ٿو. ان کان پوءِ اهو خيال ته اُن عذاب جي غار ۾ هو تنها قيد ناهي. جيتوڻيڪ غار جي اونداهي ۾ ڪجهه به پَسجي نٿو. پر هو محسوس ڪري ٿو ته ڪجهه ٻيا، نه سوين، نه هزارين، نه لکين آهن جيڪي عذاب ۾ سندس ساٿي آهن. شايد هن جيان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ تنها آهن. شايد هن جيان اُن بي يقينيءَ ۾ جڪڙيل آهن ته غار ۾ هو تنها آهن، ڪو ٻيو ناهي.
    موڙ مُڙندي ئي سندس پير بيهي رهن ٿا. اندر جي ڪنهن سگهاري احساس هيٺ ٻئي هٿ تريون وات جي چوڌاري رکي رڙ ڪري ٿو.
    ”ڪوئي آهي؟ آهي ڪوئي؟ آهي...... ي.... ي؟“
    ڪرفيو دوران گشت ڪندڙ ٽرڪ بيهي رهي ٿو.
    ڪوئي مٿس اُلر ڪري ٿو.
    ”ڊونٽ موو.“
    ٻي پل گوليءَ جو ٺڪاءُ......


    دنيا هڪ اسٽيج آهي

    انهيءَ محفل ۾ صرف مون کي ئي سڏيو ويو هو نچڻ لاءِ.
    رات جي پوئين پهر جڏهن ميڙو اچي مَتو هو ۽ سڀئي مڌ پي بي سُڌ ٿي چڪا، تڏهن مون ڇير جي ڇم ڇم سان هوريان هوريان پير کڻڻ شروع ڪيا. ڪجل ٻائي مرحومه، شال بهشت نصيب ٿئيس، هميشه چوندي هئي ته: پهرين تماشائين کي پيالا ڀري ڀري پيار. جڏهن نشي کان چُور ٿي وڃن، پوءِ نچ، پوءِ نچ ته – رڳو نوٽ نه، پر پاڻ کي به گهوري ڇڏين تو تان.
    ڇير جي ڇم ڇم سان گڏ سازندن به ساز چورڻ شروع ڪيا ۽ زمين منهنجي پيرن هيٺ گول گول ڦرڻ لڳي. انهيءَ ڦرندڙ منظر ۾ ئي هو ڄڻ کنوڻ جيان منهنجين اکين منجهان لنگهي گُم ٿيو ٿي ويو. مونن ۾ مُنهن ڏيو ويٺل، سڄو جسم ڪاري کٿيءَ ۾ ويڙهيل.مون کي لڳو هُو بي سُڌ ته آهي، پر هُن مڌ پيتي ڪانهي. هو ئي هڪڙو آهي، جيڪو جاڳي پيو. باقي سڀئي کليل ڳاڙهين اکين اندر مئا پيا آهن ۽ انهن جي پٽيل واتن منجهه محض ڪانگ رڙِي رهيا آهن – ته – نچ – نچڻي! نچ – نچ – نچ – نچڻي! نچ – نچ - !!! نوٽ شڪار ٿيل پکين جيان هوا ۾ هڪڙو ڦڙڪو کائي، بولاٽيون کائيندا واپس اچي پٽ تي ڪِريا ٿي ۽ زمين اڃا به تيزيءَ سان ڦري ٿي منهنجن پيرن هيٺ. زمين جي انهيءَ تيز ڦيري ۾ ئي صرف هڪڙو ڀيرو هن کي هوريان هوريان مونن منجهان منهن ڪڍندي ڏٺم ۽ بس هڪڙي نظر مون تي ائين وڌائين، ڄڻ ڪائي بي حيثيت شيءِ هجان آئون!! ۽ جيئن هڪڙي ڦوڪ سان هوا ۾ جيت اُڏاري ڇڏجي، تيئن مُرڪي واپس مونن ۾ مُنهن ڏئي ڇڏيائين.
    ڪجل ٻائي مرحومه چوندي هئي ته: اهڙو ڪو تماشائي هجي، جنهن جي نهار ۾ تولاءِ ڪائي حيثيت نه هجي، انهيءَ کي ڦاسائي، انهيءَ کي ئي ڦٿڪائي، اڌ ڪُٺو ڪري اُڇلي ڇڏينس. جيئن جيئن ڦٿڪندو ۽ رڙيون ڪندو، زمانو ان جو تماشو ڏسي پتنگن وانگر تو تي مِڙندو.
    هُن جي واپس مونن ۾ منهن هڻڻ کان پوءِ مون پايل جا سُر اڃا به تِکا ڪيا ۽ نچندي نچندي زمين جي ڦيري کي اڃان به سندس ويجهو کڻي آيس. سندس اڳيان ڦيريون پائيندي رهيس، پر نه ڇرڪيو ۽ نه مونن مان منهن ڪڍيائين. نه لهر – نه لوڏو.
    رات شمع جيان وئي وگهرندي ۽ تماشائي پتنگن جيان ويا خاڪ ٿيندا. فجر جي اذان کان ڪجهه پهرين، محفل برباد شهر جي منظر ۾ بدلجي وئي، جنهن کي دشمن جو لشڪر گهوڙن جي سُنبن هيٺ لتاڙي لنگهي ويو هجي ۽ هِتي هُتي لاش ئي لاش پيا هجن. ٿانوَ وڇايل دسترخوانن تي ئي ڀڄي ڀُري پيا هجن ۽ هنڌ پٿراڻيون ستل جسمن هيٺان کان ڇڪجي ويون هجن. شهر اُجڙيو – سازندن مال ميڙيو ۽ هلندا ٿيا. بس آئون هيس ۽ هو هيو. وچ ڪمري ۾ ڳاڙهي ايراني غاليچي تي ويهي مون پنهنجي پايل ٿي کولي. بس ٻه وکون سامهون هُو مونن ۾ منهن ڏيو ويٺل هو. منهنجا هٿ پايل ۾ ۽ اکيون مٿس کتل هيون. ٻاهر مسجد ۾ فجر جي اذان شروع ٿي ۽ سڄي رات ۾ هن ٻيو ڀيرو مونن منجهان مُنهن ڪڍيو. اُٿڻ چاهيائين، کنوڻ جيان اُلر ڪري کيس ٻانهن کان وڃي جهليم.
    ”ترس.“ چيم.
    هو ڄڻ نه چاهيندي به ويهي رهيو. چپ، مون کي ڏسندو رهيو.
    ”منهنجو ناچ نه وڻيو توکي!؟“
    بس مُرڪي پيو.
    ”ڇا تي بانور اٿئي!؟“
    ”مردانگيءَ تي!!؟“
    مون ٽهڪ ڏنو ۽ هو چپن هيٺ سنهڙي ليڪ جيترو مُرڪندو رهيو.
    چيم، ”اُهو مرد ئي ڪهڙو، جنهن جي اک عورت کي ڏسي بي وضو نه ٿئي!! پر حيف بدنصيب! تنهنجي مردانگي کي!!“ مون اکين ۾ ڌڪار ڀري ڏانهنس نهاريو. پر نه هُن چُپ ٽوڙي ۽ نه مُرڪ.
    چيم، ”تنهائي ۾ منهنجو ناچ ڏسندين!؟ هجوم کان گهٻرائي ٿي تنهنجي شرمسار مردانگي!؟ هل هجوم کان پري ڪنهن اڪيلي ڪُنڊ ۾ هلي ڏس منهنجو جوڀن. تنهنجي شرمسار مردانگي، منهنجي جوڀن جو تابُ جهلي ڪانه سگهندي. مجنون وانگر ڪپڙا ڦاڙي واڪا ڪندو وڃي جهنگ بر وسائيندين. اٿئي ڪو دمُ!؟ خبر به اٿئي، هتي ڪيئي آيا ۽ ڪُسجي ويا. اڄ اچ – تون پاڻ کي آزمائي، آئون پاڻ کي ٿي آزمايان، نه ته اها نچڻي ڪهڙي، جيڪا ملائڪن کي به نه هِرکائي وجهي!! ڪجل ٻائي مرحوم جهڙي تيز نظر پارکو به چوندي هئي ته: پنهنجي ستر ورهين جي ڄمار ۾ هن مون جهڙي نچڻي ڪانه ڏٺي، جنهن جو ڪُٺل نه مرڻ ڀيڙو ٿيو ۽ نه جيئڻ ڀيڙو. بس ڦٿڪندو رهيو ۽ هڪڙي ڍُڪ لاءِ اولائيندو رهيو. چوندي هئي، اُهو ڍُڪ ڪڏهن به نه پيارجئين، جيڪو پيئڻ سان ڪُٺل ۾ ساهه پئجي وڃي. هل – ڏس ته سهي منهنجو ناچ!! جنهن کي ڏسڻ لاءِ بادشاهه به فقير بڻجي ويا. ٿالهه نوٽن جا ڀري کڻي آيا ۽ موٽڻ مهل هو ڪشڪول هٿن ۾ کڻي مون کان ئي بيک مڱيندا ويا. پر آئون بادشاهه کي بيک ڏيندي آهيان، گدا کي نه. پر توکي نوازڻ لاءِ تيار آهيان. اچ – اچ تون پنهنجو امتحان وٺ – آئون پنهنجو امتحان ٿي وٺان.“
    سندس کٿيءَ جو پلاند سٽ ڏئي پاڻ ڏانهن ڇڪيم. بنهه هوريان پنهنجو پلاند سوري ورتائين. سندس آواز ۾ ايڏو سڪون هجي، ڄڻ درياءَ جي ڇاتيءَ تي نادَ ترندي ويندي هجي؛ دور تائين – هوريان هوريان بنا ناکئي جي – بي نياز ۽ اڪيلي.
    چيائين: ”سڀ بي سود آهي نچڻي! سڀ اجايو آهي. هي سڄو زعم، هي جوڀن، هي ناچ – ڪجهه به تنهنجو ڪونهي. جنهن کي تون ناچ ٿي چوين، اهو ڪنهن سنهي سُئي جي سڳي جو سرجڻ آهي پاکي منجهان، جنهن جو ٻيو سرو ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي ۽ تون محض نچائي پئي وڃين، ان لاءِ نه ته تنهنجي ناچ تي ڪوئي هِرکي پيو آهي. انهيءَ لاءِ ته زماني کي گردش ۾ رکڻو آهي. شاهه کي گدا بنائڻو آهي ۽ گدا کي تخت نشين ڪرڻو آهي. جنهن جي آڱرين تي سڀني جا سڳا ويڙهيل آهن. انهيءَ جي بي نيازي ته ڏس!! صرف پنهنجين آڱرين جي جنبش کي ڏسي ٿو، هيٺ پتلين جو ناچ نه.“
    ”هيءُ تنهنجن ڦيريون پائيندڙ پيرن هيٺ فن ڦاسي گهاٽ جي تختي جيان وڇايل آهي. پوءِ هيءُ نچڻ به ڪهڙو نچڻ آهي نچڻي!!؟ جتي جتي پير ڌرجي، اُتان اُتان زمين کِسڪندي وڃي! هيءُ جنهن کي تون جوڀن ٿي چوين، خبر به اٿئي انهيءَ جي حقيقت ڇا آهي!!؟ ڪجهه به نه، محض هڏن جي مُٺ تي ماس!! جيسين ڳجهين جو کاڄُ بڻجڻ جهڙو آهي، ماڻهوءَ کي زعم آهي پنهنجي هئڻ جو. جيئن جيئن ماڻهوءَ جي ماس تي ڳجهون مِڙن ٿيون، تيئن تيئن ماڻهو پنهنجي ئي واس جو سُرور ماڻي ٿو. ماس وگهري ويندو – هي ساگر جهڙا نيڻ – هي گلاب جهڙا چپ – هي ڇولين جيان ڇُلندڙ ٻانهون – هي واچوڙي جيان ڦيريون پائيندڙ پير ۽ هي واس ڏيندڙ تن – ڪجهه به ڪونه آهن نچڻي! محض ماس آهن، نه ته ماڻهو هڏن مُٺ آهي، جنهن تي سندس گهايل من جو نشان به نٿو لڀي. هي لُڙڪ، مُرڪ، پيڙائون – ناز ۽ ادائون سڀئي هوا ۾ هڪڙي ڦوڪ آهن. صديون در صديون محض ماڻهوءَ جا گمنام هڏ ۽ خاڪ بنجي ويون. ڪهڙا هڏ شاهه جا ۽ ڪهڙي خاڪ گدا جي؟ اهو ڪير به سلي نه سگهيو سواءِ انهيءَ جي. جنهن جي بي نيازي ته ڏس!! خاڪ مان ماڻهو ٺاهي خاڪ ۾ گڏي ڇڏي ٿو!!
    تون ته نچڻي آهين! پنهنجي خاڪي جوڀن تي ٿي مُرڪين، پر پٺيان ڪنڌ ورائي نهار ته سهي!! بلي – بلي – دنيا کي گهوڙن جي سُنبن هيٺان لتاڙي لنگهي ويل لشڪر – خدائي جا دعويدار – محل ماڙيون قلعا – سڀئي ڌوڙ ڦليار ٿي ويا. دنيا ته ڍونڍ جو ڍير آهي نچڻي!! ڪيترن چکي، ٿُڪي ڇڏيو يا ڪيترن دز جيان آڱرين جي بُلن تي کڻي، هڪڙي ئي ڦوڪ سان اُڏاري ڇڏيو ۽ نچڻي! ڪجهه لاءِ ته هيءَ دنيا محض سنهڙو پڙدو آهي عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾. عاشقن ته هڪڙي ئي سٽ ۾ ليرون ليرون ڪري ڇڏيو دنيا کي!! تون ٻُڌاءِ نچڻي! جڏهن تون ڦيريون پائين ٿي، تڏهن توکي ڇا لڳي ٿي هيءَ دنيا!!؟ مڌ جو پيالو!!؟ سوچيو اٿئي، جڏهن نشو لهندو ته ڇا هوندو!!؟ مڌ پيئڻ لاءِ ڪانهي هوندي نچڻي! مڌ هاري ڇڏڻ لاءِ هوندي آهي ۽ پوءِ چکي ڏس، مڌ چپن تان لاهي هاري ڇڏڻ جو نشو!! بس ايترو نشو چکي وٺجي، نه ته باقي سڀ بي سود آهي، اجايو آهي – خاڪ آهي – فنا آهي.“
    جيتري دير هو ڳالهائيندو رهيو، مون کي ساهه کڻڻ ئي ياد ڪونه رهيو. مون کي لڳو، ماس منهنجن هڏن تان هوريان هوريان وگهري رهيو آهي ۽ هڪڙي عجيب ڍونڍ جهڙي بوءِ منهنجي چؤڏس ڦهلجندي پئي وڃي. زمين منهنجن پيرن هيٺان کان کسڪي رهي هجي ۽ اڃا به ڪو ٽيون آهي، جيڪو هن جي منهنجي وچ ۾ مُرڪي رهيو هجي، هن جي حال تي به ۽ منهنجي حال تي به. منهنجي نڙي کاري ٿيڻ لڳي ۽ اکين ۾ هن کان سواءِ سمورو منظر – ڌنڌلائجي ويو. الاءِ ڇا ٿيو ۽ الاءِ ڇو. مون ڄڻ پنهنجو سڄو وجود ميڙي سهيڙي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ گڏ ڪيو ۽ هن جا هٿ پڪڙي، انهن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا هئا. عين انهيءَ پل مون کي لڳو ته زمين منهنجي پيرن هيٺان کان مڪمل کسڪي چڪي آهي ۽ آئون فنا جي سمنڊ ۾ هيٺ – اڃا هيٺ ٻُڏندي ٿي وڃان، بولاٽيون کائيندي. هن جو هٿ به ڄڻ ڪک جهڙو سهارو هو انهيءَ سمنڊ ۾، سو به ڇڏائجي ويو. منهنجي حالت انهيءَ شرابي جهڙي هئي، جنهن کي پنهنجو نانءُ به وسري ويو هجي ۽ گهر جو رستو به . ڪيئن ٿِڙندي ٿاٻڙجندي گهر پهچڻ بدران ڪجل ٻائي مرحومه جي قبر تي پهتيس؟ ياد ڪونهي. ياد آهي به ته اهو – ته سج لهي سانجهي ٿي چڪي هئي. هيٺ چؤڏسا ۾ نيڻ نهار تائين قبرستان جو ڦهلاءُ هو ۽ مٿي – گهڻو مٿي، سرڻيون ۽ ڳجهون چڪر ڪاٽي رهيون هيون. منهنجو مٿو ڪجل ٻائي جي سري تي هو ۽ مون زاروقطار ٿي رُنو.
    نچڻي چُپ ٿي ته مون روئي ڏنو.
    چيم: ”ڪاري کٿي ۾، مونن ۾ منهن ڏيو ويٺل اهو شخص آئون آهيان. سالن کان ڇير ٻڌي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ نچندو آهيان ۽ توکي ڳوليندو آهيان. ڪشڪول هٿن ۾ کڻي،. در در تي صدائون هڻندو آهيان ته من ڪو هٿ، تنهنجي هٿ جهڙو هجي!! جنهن پل کان تو منهنجن هٿن تان پنهنجا چپ کنيا، انهيءَ پل کان آئون در بدر آهيان. توکان پهرين مون حياتيءَ جا ڪيئي سال مرشد جي قدمن ۾ ويهي گذاري ڇڏيا. اُتي ئي سِکيم دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ نفس جي سرڪش گهوڙي کي سنهڙي سڳي سان ٻڌي قابو ڪرڻ. پر نه – نه – ماڻهوءَ جو نفس سُک چين لاءِ نه، ماڻهوءَ لاءِ پاڳل آهي. دنيا تياڳي به ڇڏجي نچڻي! پر ماڻهو ماڻهوءَ کي ڪيئن تياڳي!! هي ماڻهو جيڪو محض هڏن مُٺ تي چڙهيل ماس آهي، انهيءَ جي ڇهاوَ جي جادوگري ته ڏس!! خاڪ باهه جو مچ بنجيو پوي ۽ باهه جي مچ مان سمنڊ!! باهه جو مچ به اهو، جيڪو سمنڊ به نه ٺري ۽ نه اُجهامي ۽ هن کي به ته ڏس نچڻي! ماڻهوءَ جي وجود جا سڳا ته پنهنجي آڱرين تي ويڙهي ڇڏيا اٿس، پر هن جو من ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو اٿس!! ۽ - الامان – الامان!! جڏهن وجود سندس مرضيءَ سان ٿو ڦيريون پائي ۽ من پنهنجي من ماني ٿو ڪري!! اُن پل ماڻهو جهڙو اڌ ڪُٺل پکي!! هاءِ ڪيئن نه ٿو پرڙا هڻي ۽ ڦٿڪي!! پر – بي سود!! اُن ڏينهن جڏهن تون منهنجي هٿ تان پنهنجا چپ کڻي تکي واءُ جيان هتان نڪري وئي هئينءَ، ان ڏينهن پنهنجي سانڀر ۾ پهريون ڀيرو مون کان فجر جي نماز قضا ٿي هئي ۽ آئون اُتان اڌ ڪُٺل پکيءَ جيان سڌو اچي مرشد جي پيرن ۾ ڪِريو هئس.“
    چيم: ”مون کي آزاد ڪر – مون کي آزادي کپي.“
    مرشد مُرڪي پيو. جيئن ڪنهن ٻار جي ناممڪن خواهش تي مُرڪي پئجي.
    چيائين: ”آزادي آهي ڪٿي!!؟ هي سڀ جيڪي تون ڏسين ٿو، اُهي ماڻهوءَ جي قيد جا مختلف درجا آهن، نه ته بس – قيدخاني جي ڪوٺي بدلجي وڃي ٿي – قيد جو طريقو بدلجي وڃي ٿو پر آزادي ته ڪٿي به ڪانهي. اڳي جتي قيد هُئين، اُتي توسان گڏ ٻيا ڪيئي قيدي هئا. انهيءَ ڪري تون چپ، صبر ۽ سڪون سان ويٺو هُئين. پر عشق!! عشق ته قيد تنهائي مثل آهي. بس الله معاف ڪري. قيد تنهائي سمجهين ٿو!!؟ ماڻهو پاڻ ئي تماشو به آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجو تماشائي به. مُڏي ڇُريءَ سان پاڻ کي پاڻ ئي ڪُهي ٿو. ڳڀا ڳڀا ڪري ٿو. ڦٿڪي ٿو. وري پاڻ کي ميڙي سهيڙي ڪَٺو ڪري ٿو. وري ڪُهي ٿو، ڦٿڪڻ لاءِ، ڳڀا ڳڀا ٿيڻ لاءِ. سڏ ڪري ٿو. واڪا ڪري ٿو. پر – قيد تنهائي آهي نه!؟ سو ڪير به نٿو ٻُڌي سگهي هن جي آهه وبڪا، سواءِ انهيءَ جي، جنهن هن لاءِ اهو قيد مقرر ڪيو آهي.“
    پوءِ مرشد پنهنجا پير سوڙها ڪيا ۽ چيائين: ”وڃ – تنهنجو قيد خانو بدلجي ويو آهي – وڃ.“
    بس – اُهو ڏينهن، هي ڏينهن، آئون مرشد جي ڪيل اڳڪٿيءَ جيان قيدِ تنهائيءَ ۾ آهيان. ماڻهن کي پڪڙي پڪڙي پنهنجا گهاءُ ڏيکاريان ٿو. پنهنجا ڳڀا پايل جيان پيرن ۾ ٻڌي خوب نچان ٿو. تنهنجو نانءُ پڪاري پڪاري ڏاڍو هُل ڪريان ٿو، پر بي سود!! ماڻهو منهنجي ڀر مان ائين لنگهي وڃن ٿا ڄڻ ته مون کي نه ڏسي سگهندا هجن، نه ٻُڌي سگهندا هجن، پر تون مون تي ديا ڪر نچڻي! بس هڪڙو ڀيرو منهنجي هٿ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏ. بس هڪڙو ڀيرو نچڻي! بس هڪڙو ڀيرو!!“
    نچڻي چپ، ڪاري کٿيءَ ۾ ويڙهيل، مونن ۾ منهن ڏيو ويٺي رهي. فجر جي اذان کان بس ڪي پل پهرين هوريان هوريان مونن مان منهن ڪڍيائين. هن جي چپن تي سالن جي سوڪهڙي جا نشان بيهي رهيا هئا. ڄڻ ته هن مڌ پيئندي پيئندي هاري ڇڏي هجي!!
    چيائين: ”هيءُ به بي سود آهي – هي به فاني آهي – هي به خاڪ آهي. بس – هڪڙي ماجرا سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن سڀ ڪنهن جو رُخ هو پاڻ ڏانهن ٿو موڙڻ چاهي ته پوءِ هي هيڏا حيلا بهانا – وَرُ وڪڙ ڇا جا!!؟ خاڪ ئي ته آهي، بس انهيءَ تي پنهنجا پير ڌري ڇڏي!! پر خبر نه ٿي پوي – کيس پاڻ سان ماڻهوءَ جو عشق ٿو کپي يا پاڻ ماڻهوءَ جي عشق ۾ مبتلا آهي!!“
    ٻاهر فجر جي اذان ٿي ملي. نچڻيءَ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڪنهن شڪست خورده سپاهيءَ جيان اُٿندي چيائين، ”پر، جيڪا – سندس مرضي. فجر نماز قضا نه ٿي وڃي – وصل جي گهڙي بس گهڙيءَ لاءِ اچي ٿي. گُسي ته ڇُٽي. هجر ته ماڻهوءَ کان سَٺو ٿو ٿئي، نه کانئس.“
    نچڻي پير کنيا ۽ اسٽيج تان لهي وئي. هن شخص جو ڪردار به پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ اسٽيج تان لهي آيو.
    ۽ پڙدو ڪِري پيو،
    نئون منظر شروع ٿيڻ تائين.


    منهنجي پُٽ جي ماءُ

    مون ۽ هُن جي ماءُ پيار جي شادي ڪئي هئي. اسان جي پيار جو داستان به عجيب داستان هو!! هاڻي ته اُهو پراڻن ڪتابن ۾ لڀندو گلابن جيان، ۽ ...... هو ۽ آئون به ڄڻ انهن داستانن جا ٻه اهڙا ورق وڃي رهيا هئاسون، جيڪي پراڻي ڪتاب مان نڪري هاڻي هوا جي حوالي هجن ۽ هيڏانهن کان هوڏانهن اُڏرندا وتن، هڪٻئي کان بيخبر!! آئون رات جو گهر دير سان موٽڻ لڳو هئس. رستي ۾ اولڊ ڪئمپس جو گهنڊ ٻُڌي وقت جو احساس ٿيندو هئم. اڪثر ٻارهن پيا وڄندا هئا. گهر پهچندو هئس ته هوءَ سُتي پئي هوندي هئي. الاءِ انتظار به ڪندي هئي يا نه!! منهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪري بس پاسو ورائيندي هئي ۽ مون کي به هر رات ڄڻ اُهو اطلاع ملي ويندو هو ته اڃا هوءَ به جيئري آهي مون وانگر!! شايد اُهو احساس ئي اسان ٻنهي لاءِ ڪافي هو!! هڪ ٻئي لاءِ اسان جي ضرورت ئي اها وڃي باقي بچي هئي شايد!! نه ته ڪو وقت هوندو هو، جڏهن هڪٻئي جو ساهه کڻڻ، هڪٻئي جو کِلڻ ۽ مُرڪڻ، هڪٻئي جو لفظ لفظ اسان جي ضرورت هئي، جيئڻ لاءِ به ۽ هڪٻئي سان گهارڻ لاءِ به.
    ڪيترا سال اسان کي فرصت ئي ڪانه ملي شادي ڪرڻ جي. ڪڏهن هوءَ مصروف رهي تحريڪ جي ڪمن ۾، ڪڏهن آئون سر تريءَ تي کڻي شهر... شهر، جهر...... جهنگ رُلندو وتندو هوس. ڪڏهن مون کي گمان ٿيو ٿي ته هوءَ ڪانه رهي هوندي هن ڌرتيءَ تي، ڪڏهن هوءَ پئي منهنجيون پُڇائون ڪندي هئي لوڪ کان. تحريڪ جي ڪنهن ڪارڪن جي موت جي خبر هُلندي هئي ته آئون اُهو سوچيو پيو پريشان ٿيندو هئس ته الاءِ هن تي ڇا گذري هوندي!! جن ڏينهن پوليس ۽ فوج جو ڏمر تحريڪ جي ڪارڪنن تي ڪاري قيام وانگر نازل ٿيندو هو ۽ ڪارڪن ڍورن ۽ ڍڳن وانگر جيلن ۾ واڙيا ويندا هئا، بنا مرد ۽ عورت جي فرق جي.
    آئون انهن راتين جي پوئين پهر اڪثر سينٽرل جيل جو پري پري کان پيو طواف ڪندو هئس ...... ته ...... شايد هوءَ به هتي هجي!! شايد هي چنڊ جيل جي لوهي پڃري مان هوءَ به پَسندي هجي!! شايد هوا جو هي جهوٽو، جيڪو هينئر هينئر مون کي ڇُهي لنگهيو آهي، هُن کي به ڇُهي موٽيو هجي!! ۽ اهڙي ڊگهي جُدائيءَ کان پوءِ جڏهن ملندا هئاسون ته ائين ڄڻ وڇڙيا ئي ڪونه هئاسون!! ڄڻ اڃا ڪلهه ته مليا هئاسون..... ڄڻ اڃا ڪلهه ته وڇڙيا هئاسون!! ائين لڳندو هو ڄڻ وڇوڙو پوليس يا فوج جو ڪو سپاهي آهي، جنهن جي خوف کي اسان مات ڏئي ڇڏي آهي. انهن ڏينهن ۾ جيڪي خط لکيا هئاسون هڪٻئي کي ۽ جيڪي ڊائريون لکيون هيونسين پنهنجي پنهنجي اڪيلائيءَ ۾، تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ نوان ڪارڪن ۽ تحريڪ سان نظرياتي ۽ جذباتي وابستگي رکندڙ ماڻهو انهن کي آسماني صحيفن جيان پڙهندا هئا.
    هوءَ پنهنجن خطن ۾ لکندي هئي: ”تون آئون جي نه ملياسون ته ڇا ٿيو!!....... هيءَ ڌرتي ته آزادي ماڻي وٺندي!!.... انهيءَ آزاد ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي نه سهي، مٽيءَ ۾ سهي.... ملنداسين ته سهي..... اُن جي مٽيءَ مان ئي ته جُڙيا آهيون. انهيءَ ۾ پنهنجي پيار سميت گڏجي وياسين ته سمجهه سَجايا ٿياسين.... تو ۽ مون ته هن ڌرتيءَ سان لانوَ لڌي آهي.... هيءَ ڌرتي ئي پنهنجو وصل آهي.... هيءَ ڌرتي ئي پنهنجو وڇوڙو آهي..... اچ پنهنجو پيار به ارپي ڇڏيون هن ڌرتيءَ کي.....“
    آئون کيس خطن ۾ لکندو هوس: ”لوڪ پنهنجي محبوبائن کي آسمان تان چنڊ ۽ تارا لاهي آڻي ڏيندو آهي، پر آئون ته توکي هن غلام ڌرتيءَ جا لُڙڪ، هن جي واسين جي آهه وبڪا، هي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان آزاديءَ جا خواب، هي نعره، هي اُڀ تائين لهرائيندڙ جهنڊا، هي اکين ۾ خنجر جيان لهندڙ ٽئر گئس، هي ٽائرن مان اُٿندڙ دونهن، هي هن ڌرتيءَ جي ٻلوانن جون پُرڻ ٿيل ڇاتيون ۽ رت ڦڙا...... اهو سڀ ڏيان ٿو، پيار جي سوکڙي ڪري.... جيسين سسيءَ ۾ ساهه هجنئي اهو سڀ سنڀالي رکجئين..... سمجهجئين اهو ئي آهيان آئون.“
    شادي ڪئي سون تڏهن، جڏهن هن جي وارن ۾ به ۽ منهنجن وارن ۾ به چانديءَ جون تارون ٿي جرڪيون. هن جي سونهن ۽ جوڀن..... منهنجي جواني ۽ ٻلهه، لهندڙ سج جي پاڇولن ۾ بدلجي رهيا هئا. تحريڪ نئين نسل سنڀالي ورتي هئي. اسان صرف هڪڙو مثال، هڪڙو استعارو، هڪڙي تشبيهه بڻجندا پئي وياسين. ڪتابن ۾ ۽ شاعريءَ ۾ اسان جا نانوَ پيا پڙهبا هئا.
    شاديءَ کان سال پوءِ هُو ڄائو. اسان ٻنهي هن جو نالو اهو ئي رکيو، جيڪو تحريڪ جي ليڊر جو هو. اهو ئي نانءُ هو، جنهن جا نعرا اسان جون زبانون ائين هڻنديون هيون، ڄڻ رقص ڪنديون هجن!! جيڪو نانءُ جپيندي جپيندي دل جون رڳون ۽ رت ڦڙا تسبيح بڻجي ويا هئا ڄڻ!! هُو ڄائو ۽ اهو ئي نانءُ جڏهن مٿس رکيوسين ته ائين ٿي ڀانيوسين ڄڻ آخرڪار اچي ماڳ تي رسيا هجون. انهيءَ ماڳ تي، جنهن جي لگن، من ۾ پالي سالن جا سال بنا ساهه کڻڻ جي، مسلسل ڊوڙيا هئاسون.
    پر ماڳ!!.... ماڳ تي پهتاسون ته خبر پئي ته اسين به ماڻهو آهيون!!.... حيرت آهي ته اسان کي به بُک لڳي ٿي!! اسان کي به ڪپڙو، لَٽو، اَجهو کپي ٿو!!..... پاءُ اٽي جو ۽ پيٽ ماڻهوءَ جو، ڪيڏي وڏي ويڙهه وڙهن ٿا پاڻ ۾!! آمرن ۽ جابرن جي اڳيان ڪڏهن نه آڻ مڃڻ وارا، ڪيئن نه پيٽ جي اڳيان هارائجي ويندا آهن!!
    ماڻس ڌرتيءَ جي ڏکن تي به ڪڏهن ائين ڪانه ڦٿڪي هئي، جيئن هن جي بک تي ڦٿڪي اٿندي هئي. سندس کير ۽ دوائن لاءِ، خالي کيسن شهر جهاڳيندي، مون کي اڪثر وسري ويندو هو ته ڪو آئون هڪڙو نظرياتي ماڻهو آهيان ۽ ائين ته منهنجو من انهن جلوسن جي پويان ڪاڙهي ڌر تتيءَ ۾، پيرين پنڌ هلندي به ڪونه لُڇيو هو، جيڪي جلوس مون هن ڌرتيءَ لاءِ جهاڳيا هئا!!.
    بلي!!..... هڪڙي پاسي ڇا ته تاريخ جي سونهري صفحن تي اسان جا نانوَ لکيا پيا هئا!!!.... ٻئي پاسي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو جڏهن آئون ۽ ماڻس وڙهياسين ۽ اهو به هن جو کير کُٽي پوڻ تان... تڏهن ماڻس واچوڙي جيان اُلر ڪري مهڻو ڏنو هو مون کي ته؛ ”اٿئي ڇا هڙ ۾!!.... سڄي عمر رُلي پِني وڃائي ڇڏيئي..... اهو به ڪونه سوچيئي ته پنهنجي پيٽ گذران لاءِ نه سهي، ٻچن لاءِ ئي سهي، ڪي ميڙي وٺان!!...... نٿي سمجهيئي پاڻ ۾ اهڙي مڙسي ته ڇو ڪيئي شادي!!... اُهي سکڻا نعرا تنهنجو پيٽ ڀرين ته ڀلي ڀرين.... هن هيڏڙي پسونءَ جو پيٽ ڪونه ڀريندا..... هن کي کير کپي..... کير لاءِ پيو رڙي صبح کان.... وڃي ڪو هٿ پير هڻ...... ٻيو نه ته وڃي هن قوم جي ڳچيءَ مان جهلي ڌونڌاڙ، جنهن لاءِ حياتي سڄي لٽائي ڇڏيئي. ٻُڌائي وڃي هن قوم کي ته منهنجو ٻچو صبح کان پيو بُک کان پاهه ٿيئي... ڦڙو ڦڙو کير جو من ڏين تنهنجي ٻچي لاءِ، انهن قربانين جي بدلي ۾، جيڪي تو سندن لاءِ ڏنيون....!!“
    اُن مهل ائين ٿي ڳالهايائين، ڄڻ پاڻ ته هن سڄي آکاڻي ۾ هئي ئي ڪانه!! نڪو قوم سان هئس ڪو ناتو!!..... نه ئي نعرا ۽ قربانيون سندس حصي پتيءَ ۾ به ڪي رهيون هيون!!..... بس بُک کان روئندو رڙندو پُٽ هئس ڪُلهي تي ۽ ائين ٿي اُلرون ڪيائين، ڄڻ سندس سامهون آئون نه پر هيءَ سڄي قوم بيٺي هجي!!....
    آئون به ته ائين ڪنڌ نمايو بيٺو هئس، هن جي اُلرن اڳيان، ڄڻ سچو پچو ڏوهاري هجان.... ائين ئي ڪنڌ نمائي گهر کان ٻاهر نڪري آيس، ماءُ پٽ کي ائين ئي رڙندو ڇڏي. جنهن کان کڻيو پُٽ جي کير لاءِ اوڌر گهران ۽ حال اوريان ته: ”ڀاءُ! منهنجو ڇهن مهينن جو هيڏڙو پُٽ پيو بُک کان پاهه ٿيئي.... کير لاءِ رڙندو گهر ڇڏي آيو آهيانس.... کيسي ۾ ٽڪو ڪونه اٿم.... بس ٻن ٽن ڏينهن جي اوڌر کپيم..... جيئن ئي ڪٿان ڪم جو وجهه لڳو، موٽائي ڏيندس.....“
    هر ڪنهن اُلر ٿي ڪئي ڄڻ ڏوهاري ئي آئون انهن جو هجان!!.. مار!!... هر ڪنهن وٽ منهنجن ڏوهن جي هڪڙي ڊگهي لسٽ ٺهي رکي هجي.. هرڪو چوي: ”سڄي عمر وڃائي ڇڏيئي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندي... هليو هو مڙس ملڪ کي ۽ قوم کي موڙ ٻڌڻ!!!..... پهرين پنهنجو گهر سنڀالجي، پهرين پنهنجا ٻچا پارجن.... پهرين پنهنجو انگ ڍڪجي.... پوءِ ويهي قوم جي سورن جا هوڪا ڏجن.... ڀلا جنهن پنهنجي ئي پُورت نه ڪئي، سو لوڪ کي ڪهڙا حق ڏياريندو!!!.... ابا!.... هاڻ وڃي ڏي رستن تي ٽائرن کي باهه ۽ روڊ وڃي ڪر بلاڪ ۽ هڻ وڃي نعرا ته؛ ديس واسيو... اچو.... اچو.... اچي منهنجي ۽ منهنجن ٻچن جي پُورت ڪريو..... پوءِ ڏس ته ڏيهه سڄو اُٿلي ٿو پُٽهين لاءِ ڪي نه!!.... آخر ساري زندگي انهيءَ قوم ۽ ملڪ لاءِ ئي ته ٿاٻا کاڌا اٿئي، اسان جي نوڪري ڪانه ڪئي اٿئي جو اڄ اسين ڀريون تنهنجي چٽي!!.....“
    جُٺ ۽ تعديءَ کي کاري ۾ رکندي، ٻه ٽي پئسا ته اُڌارا ملي ويا هئم، جن مان هن جو کير ۽ اسان ٻنهي جي ٻن ڏينهن جي بُکئي پيٽ لاءِ ماني وٺي آيو هئس. کير ته ڄڻ مون کان باز جيان جهپي ورتائين ۽ بوتل ۾ وجهي ائين پُٽ کي پيارڻ لڳي، ڄڻ پنهنجي پيٽ جي باهه اُجهائيندي هجي!!..... پر مانيءَ جو گراهه ائين ٿي وات ۾ وڌائين ڄڻ وهه جو وٽو پيئندي هجي. نڙيءَ کان هيٺ لٿس ئي نٿي. ٽين چوٿين گراهه تي ئي لُڙڪ اکين مان ٽِمي اچي ٻوڙ ۾ ڪِريس. وات وارو اُهو گراهه وات مان ڪڍي، ڦِٽو ڪري، سٽ ڏئي اُٿي هلي وئي اندر!! اُها رات شاديءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پُٺ ڏئي ستا هئاسون، ڄڻ ٻه دشمن هجون!!... بس پوءِ اها دشمني وئي آهستي آهستي وڌندي.....
    نوڪريءَ لاءِ ڌِڪا ٿاٻا جهليندي، هوءَ ۽ آئون ساڳيا جواب وٺي گهر موٽندا هئاسين. هڪٻئي تي نظر پوندي ئي ڄڻ ڇتا ٿي پوندا هئاسين. تاريخ ۾ ڀلي اسان جا نالا سونهري اکرن ۾ لکيا پيا هجن، پر سرڪار وٽ ته اسين ٻئي غدار لکيا پيا هئاسين!!...... غدار به اهڙا جيڪي ملڪي سلامتيءَ لاءِ خطرو هئا. پوليس ته اڪثر در اچي کڙڪائيندي هئي.... ڪڏهن ڪٿي بم ڦاٽو...... ڪٿي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هليو.... پڇا مون تي.... ملڪ جي سلامتيءَ کي ڪٿي ڪو لوڏو آيو ته پُڇا هُن تي. ڀلا ڪنهن ڪنهن کي ۽ ڪيئن ٻڌايون ها ته اسان جي پنهنجي سلامتي ئي خطرن ۾ آهي.... بم آهن ڪي ڪلاشنڪوف..... اهڙا اهڙا ڌماڪا ٿيندا رهن ٿا اسان جي اندر.... جو اُڏوهي کاڌل وڻ جيان هر هر ڌرتيءَ تان اُکڙيو وڃون.
    هوءَ سستي مان سستي اگهه تي ٽيوشنون پڙهائڻ لڳي هئي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارن کي ۽ آئون پريس ۾ گهٽ مان گهٽ معاوضي تي پروف ڏسڻ لڳو هئس. ٻار فيل ٿيندا هئا ته ٻارن جا مائٽ هن تي اچي ڪڙڪندا هئا. اخبار ۾ ڪنهن غلط خبر تي ڪو ردعمل ٿيندو هو ته پروف جي چُڪ ڄاڻائي مون کي پيشي ۽ معافي لاءِ سڏيو ويندو هو.
    انهيءَ وچ ۾ هو اڪيلو پُٽ ڪونه رهيو هو اسان جو..... ٻه ٻيون ڀيڻون به ڄايون هيون سندس. ٽي ٻار ۽ ٻه اسين!!..... آئون ڏينهن ۾ الاءِ ڪيترا ڀيرا آڱرين تي پيو پنجن ماڻهن جي پيٽ جو حساب ڪندو هئس ۽ هوءَ اڪثر اکين ئي اکين مان پئي اِهو حساب ڪڍندي محسوس ٿيندي هئي.
    هڪڙي سانوڻ ۾ جڏهن اٺن سالن کان ٽمندڙ ڇت ٺڪاءُ ڏئي ڪِري پئي هئي ۽ جيئن تيئن سِر بچائي، شڪر جو ساهه کڻي، ڪي کن ترسي هڪٻئي کي ڳڻيو هيوسين ته اسين پاڻ ۾ چار – هُو، هُن جي ننڍي ڀيڻ، سندس ماءُ ۽ آئون هئاسين. سڀ کان ننڍي ڇت هيٺان دٻجي وئي هئي، ابول!!!......
    انهيءَ ننڍي ڌيءَ کي مرڻينگ حالت ۾ ٻانهن تي کڻي سول اسپتال جي ورانڊن ۾ ڪيئن ته هُن ڊوڙون ٿي پاتيون ۽ رڙيون ٿي ڪيون..... ڪيئن نه پنهنجي ئي قوم ۽ ٻوليءَ وارن ڊاڪٽرن کي ٿي يقين ڏياريائين ته هوءَ ڪير آهي ۽ هُن ڪيتريون قربانيون ڏنيون آهن هن قوم لاءِ.... هن قوم جي بقاءَ ۽ بچاءَ لاءِ...... ”اڙي ڪو ته اُجورو ڏيو.... اڙي ڪو ته اُجورو ڏيو...“ سندس التجائون اسپتال جي ورانڊن ۾ پڙاڏو بڻجيو ٿي گونجيون ۽ ڊاڪٽرن کيس خالي خالي ۽ اوپرن نظرن سان ٿي ڏٺو. آئون ته بس خالي کيسن ۾ هٿ وجهيو اسپتال جي ڪُنڊ وٺيو بيٺو هئس. نه اسان وٽ پئسا هئا دوائن جا ۽ نه ئي ڊاڪٽرن جي وس ۾ حياتي هئي. پر اهو منظر اکين ۾ اڪثر ٽئر گئس وانگر ڀرجي ايندو اٿم.
    انهيءَ ڏينهن کان پوءِ کيس ماٺ جو ڄار، اڃا به ڄڻ ويڙهي ويو ڪوريئڙي جيان. هوءَ هر وقت انهيءَ ڄار ۾ ڦاٿل نظر ايندي هئي. پاڻ ڇڏرائڻ لاءِ بظاهر ڦٿڪندي به ڪانه هئي.
    هوءَ ڦٿڪي وري تڏهن جڏهن هُو قد ۾ ذري گهٽ مون جيڏو اچي ٿيو هو ۽ مُڇين جي هلڪي هلڪي ساوڪ به اچي وئي هئس مُنهن تي. هڪڙي ڏينهن اچي ويٺو مون سان بحث ڪرڻ..... چئي: ”چون ٿا.... حق جي ويڙهه ۾ سڀ جائز آهي. ماڻهو تي سندس ڌرتيءَ ۽ قوم جو ايترو ئي حق آهي، جيترو سندس ماءُ جو. جيستائين گڏيل حقن جي ويڙهه ۾ ڪاهي نه پئبو، تيستائين پنهنجي ڪنهن به ذاتي حق جي اُميد رکڻ؛ نه رڳو اجايو آهي، پر خود غرضي به آهي.....“ کن ترسي منهنجين اکين ۾ اکيون وجهي پُڇڻ لڳو: ”بابا!!..... اسان جا گڏيل حق ڪهڙا آهن؟؟؟......“
    اڃا آئون کيس اچرج مان ٽِڪ ٻڌي ڏسي ئي رهيو هئس جو اوچتو پريان کان ماڻس رڙ ڪئي:
    ”ڇا جا حق!!!..... ڪهڙا حق!!!.... نه نه..... اسان جو ڪوبه واسطو ڪونهي حقن سان..... ماٺ ڪري ويهي پڙهه..... ٻه ٽي اکر پڙهي پئين ته من عزت جو ٽُڪر کائڻ لاءِ ملي پونئي!!.... ڪونه ٿا کپن اسان کي ٻيا ڪي به حق.... ڪيڏو چيو اٿم ته نه رُلندو ڪر رولاڪ ڇوڪرن سان.... اُهي پنهنجو به وقت وڃائيندا ۽ توکي به برباد ڪندا..... الاءِ ڪٿي ڪٿي وٺيو وڃي جلسن ۽ جلوسن ۾ ٿُڪون جهلرائين توکي!!......“
    هُو ماءُ کي ڏسي ائين مُرڪي پيو، ڄڻ ماڻس ڪا اجائي ڳالهه ڪندي هجي!! ان کان پوءِ هو اڪثر اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو ۽ ائين ڪندو هو ڄڻ آئون ۽ ماڻس هن ڌرتي، ڌرتيءَ جي واسين ۽ انهن جي حقن سان ويساهه گهاتي ڪندڙ هجون. سندس اکين ۾ شڪ جا اهڙا پاڇولا به ايندا هئا، ڄڻ ڪو ديس جو سچو سپاهي دشمن کي گهوريندو هجي!!
    ڪڏهن ڪڏهن ته آئون به سندس اڳيان هٿ ٻڌي ويهي رهندو هئس ۽ کيس سمجهائيندي سمجهائيندي ۽ سندس منٿون ڪندي ڪندي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويندا هئم..... چوندو هوسانس:
    ”ڏاهو ٿيءُ. پاڻ غريب ماڻهو... پنهنجو ڇا انهن جهيڙن جهٽن ۾..... ٻَڌباسين ته ڪير ڇڏائيندو به ڪونه..... حياتي برباد ٿي ته ڪير مانيءَ ڳڀي لاءِ پُڇندو به ڪونه.... آهو جنهن کي تون ڌرتي ۽ حقن جي ويڙهه ٿو چوين، اهو دوزخ جو آڙاهه اٿئي.... رڳو پنهنجو ڦلهيار ميڙيندين، ٻي ڪي به هڙ حاصل ڪونه ٿيندئي.... ڏس ابا!...... هڪڙو ئي پُٽ آهين اسان جي اکين اڳيان..... ٻه ٽي اکر پڙهي پوندين.... ڪٿي نوڪريءَ سان وڃي لڳندين ته اسان جي به پيري سجائي ٿي پوندي.... سڄي عمر ڌِڪا ۽ ٿاٻا کاڌا اٿئون....“
    پر ماڻس ته ائين وڦلي پوندي هئي، جيئن ڪو شرابي نشي ۾ ڌُت اندر جي باهه اوڳاري وجهندو آهي. آواز پيو گهر کان ٻاهر ٻُڌبو هئس، پر هُو ڄڻ اسان جي ٻُڌندو ئي ڪونه هو. چَپ ڀيڙيو ويٺو هوندو هو. بس اکيون پيون ڳالهائينديون هئس ۽ اکيون به وقت سان گڏ ويس پئي تِکيون ٿينديون...... ايتريون جو آئون به کانئس اکيون چورائڻ لڳو هئس. ماڻس به سندس سامهون بيهي ڳالهائڻ بدران ٻئي ڪمري مان يا رڌڻي مان ويهي ڳالهائيندي هئي. هو پيو ڏينهون ڏينهن گهاٽيون ٿيندڙ مُڇيون وٽيندو هو ۽ ڊگهيون ٽنگون اضطراب مان تيز تيز پيو لوڏيندو هو. راتين جو گُم رهڻ لڳو هو. آئون ۽ ماڻس سڄي سڄي رات پيا پاسا ورائيندا هئاسين ۽ در ڏانهن نهاريندا هئاسين. ڏينهون ڏينهن اسان لاءِ اوپرو بڻبو ٿي ويو.
    جنهن ڏينهن ماڻس کي اچي ٻُڌايو هئم ته: ”پُٽهين به ساڳيءَ تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن بڻيو آهي، جنهن لاءِ تو ۽ مون حياتي وڃائي ڇڏي..... ساڳيا نعرا هڻندو وتي ۽ ساڳي ليڊر جي پونيئرن پُٺيان ڌر تتيءَ جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ جلوسن ۾ پيو هلندو آهي ۽ انهن جي جلسن ۾ اسٽيج تي بيهي ائين گَجندو آهي جو ماڻهن جو انبوهه ڄڻ ساهه مُٺ ۾ جهليو بيٺو هجي!!.....“
    چُلهه ۾ باهه دُکائيندي دُکائيندي ماڻس جا هٿ به بيهي رهيا هئا ۽ اکيون به. هڪ ٽِڪ مون ڏانهن نهاريندي هوريان هوريان چُلهه جون سڀيئي چڻنگون سندس اکين ۾ ڀرجي آيون هيون ڄڻ!!! انهيءَ ڏينهن لاءِ ڄڻيو هوسين کيس!!..... ته هيري جهڙي جواني پنهنجي وڃائي لُٽائي انهن حرامين جي هٿن ۾!؟.... انهيءَ ڏينهن لاءِ ڄڻيو هوسين کيس!!..... انهيءَ ڏينهن لاءِ!!..... اوڇنگارون ڏئي ائين ٿي رُني ڄڻ جوان پُٽ جو لاش رکيو هجيس سندس اڳيان.
    پوءِ هُو اسان جي زندگيءَ ۽ گهر مان ائين گُم ٿي ويو، ڄڻ هيو ئي ڪونه. ٻُڌندا هئاسين ته اڄ جيل ۾ آهي ته اڄ روپوش. اڄ پوليس کي هن ڪيس ۾ گهُربل آهي ته اڄ هُن ڪيس ۾. اهي خبرون به تڏهن پونديون هيون، جڏهن پوليس پاڻ اچي سندس ڳولها ۾ در کڙڪائيندي هئي ۽ هر ڀيري ماڻس اندران ئي هانءُ ڏاريندڙ رڙ ڪندي هئي ته:
    ”مري ويو اسان جو پُٽ..... دفن ڪري ڇڏيوسين کيس سياست جي قبرستان ۾.... هاڻ اُتي وڃي ڳولهيوس.....“
    ۽ سچ ته ائين ئي لڳندو هو ته هُو مري ويو هجي ۽ آئون ۽ ماڻس مري ويل جوان پُٽ جا سوڳوار ماءُ پيءُ هجون!! ڪيئي سال لنگهي ويا ائين. ڪڏهن مليل هن جي خبر چار ماڻس کي ڪونه ٻُڌائيندو هوس، پر لوڪ کان پيو ٻُڌندو هئس.
    انهن ڪيئي سالن کان پوءِ ٻُڌم ته سندس تحريڪ (ها..... سندس تحريڪ ئي ته هئي هاڻ) حڪمرانن سان ٺاهه ڪري ورتو آهي..... جلد ئي کين حڪومت ۾ وزارتون ۽ عهدا ملڻ وارا آهن. حڪومت به انهيءَ ڌُر جي، جيڪا اڌ صديءَ کان سندس قوم (ها..... سندس قوم ئي ته هئي هاڻ) جي ويري رهي هئي ۽ گن پوائنٽ تي رکي جنهن هلايو هو سندس قوم کي. اجهو اڃا ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه ئي ته هئي، جڏهن هر انهيءَ جوان جي خون سان پئي هٿ رڱيندي هئي اها حڪومتي ڌُر، جنهن جي نِرڙ تي لکيل هو سندس قوم جو نانءُ!!.... ڇا ڇا نه ڪيائون!!.... ڪهڙا ڪهڙا نه ظلم!!. نياڻين جون ڇاتيون ڪپيون..... انهن جي اُگهاڙي تن تي لکيائون پنهنجا نانو!.... سندس قوم جي ٻوليءَ کي هر هر ٿُڪ جيان ٿُڪي ٿي ڇڏيائون ۽ جڳن کان سندس قوم جي پيرن هيٺان وڇايل ڌرتيءَ کي ڦاسيءَ جي تختي جيان هر هر ڇڪي ٿي ورتائون سندس قوم جي پيرن هيٺان کان. ڀلا ائين به ڪا قوم پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿيندي آهي ڇا!!..... بلي!!.... اڄ اُهي ڏاڍا بڻيا ويٺا هئا!!..... ملڪ جا ڄڻ چار ئي پيل پايا هئا!!.... ڏاڍي جي لٺ هئي سندن هٿ ۾!!... ۽ هن جي قوم!!.... سا ته ويچاري ازل کان ڄڻ گابو ئي هئي... پنهنجن جي هٿن ۾ به ۽ پراون جي هٿن ۾ به!!.
    پر ماڻس سان ڪونه سليندو هئس من ۾ اُٿندڙ اهي ڀاوَ. من ئي من ۾ اُهي ڀاوَ انهيءَ آس ۾ بدلجڻ لڳا هئا ته شايد هو به ڪٿان نڪري اچي..... من هاڻ هن جا به ۽ اسان جا به سکيا ڏينهن اچي رسن.... اسان کي ته ڪي ڪين سَريو..... من هن جي قربانين جو صلو ائين ئي ملي وڃي!! بس من ئي من ۾ پيو سندس اوسيئڙو ڪندو هئس.
    ماڻس ته ائين ماٺ ۾ ويڙهي پئي هوندي هئي، جو ڪا خبر ئي نٿي پئي ته الاءِ ملڪ جو ڪو واءُ سواءُ اٿس به يا نه.... گهاڻي جي ڏاند جيان پئي گول گول ڦرندي هئي. اها رات به اهڙي ئي ماٺ ۾ ويڙهيل هئي. سياري جي سرد ۽ گونگي رات. ماڻس سڄي گهر ۾ ائين پئي ڦِري، ڄڻ بيچينيءَ جو چهبڪ کيس هيڏانهن کان هوڏانهن ڊوڙائيندو هجي!! ڪم جو ته بس هوءَ ڄڻ بهانو ڪندي هجي!! ڏاڍي دل ٿي پئي ته سڏي ڀر ۾ ويهاريانس. سال صديون لنگهي ويون ڄڻ هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون اوريندي!!
    گڏ کِلڻ ته هونئين وساري ڇڏيوسين، پر گوڏو گوڏي سان گڏي گڏجي ويهي روئڻ به ڄڻ ڪو وسري ويل خواب بڻجي چڪو هو!! پر نه... ڄڻ دريا جي هن پار آئون هئس ۽ هن پار هوءَ!! جيسين هن سان ننڍي ڌيءَ گهر ۾ هئي ته ڪجهه نه ڪجهه اسان جي وچ ۾ رابطو هو. پر جڏهن کان هوءَ اسان وٽان هلي وئي هئي اسان کي ٻُڌائڻ کان سواءِ اهڙي ماڻهوءَ سان، جيڪو کيس اسان کان وڌيڪ سُکيو ٽُڪر کارائي سگهيو ٿي... اسان ٻنهي جي وچ جو رابطو به ائين ٽُٽي پيو هو، جيئن اوچتو بجلي هلي ويندي آهي ۽ ڪمري ۾ ويٺل ٻه ماڻهو گڏ هوندي به اڪيلا ٿي پوندا آهن.
    رات جا شايد ٻارهن وڳا هوندا جڏهن هوءَ به ٿڪجي اچي کٽ تي ليٽي هئي ۽ مون به اڃا مس اکيون پوريون هيون جو در تي گاڏيءَ جو هارن وڳو. در کُلڻ ۽ بند ٿيڻ جا آواز ٿيا. پنهنجي پنهنجي کٽ تي اسين ٻئي ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي رهياسين. اکيون دروازي تي کُپائي تيسين ويٺا رهياسين جيسين در تي ڪنهن هوريان هٿ نه هنيو. نه نه، اها پوليس ته ڪانهي!!.... اسان ٻنهي ڄڻ اهو چئي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو هو. حالانڪ چيو ته نه هن ڪجهه هو ۽ نه مون!!.... اڃا به ڪو اوپرو ۽ نئون هٿ هو در تي!! ٻئي پل ئي خيال آيو هئم ته ڪٿي هُو ته ڪونهي!!.... ۽ وٺي ڊوڙ پاتي هئم در ڏانهن. سٽ ڏئي در کوليو هئم.
    پهرين نهار ۾ ته کيس سُڃاڻي ئي ڪونه سگهيو هئس. اڃا به ڊگهو.... اڃا به ويڪرو، سندس ڪَلف لڳل ڪپڙا اڌ اونداهي ۽ اڌ روشنيءَ ۾ به پئي جرڪيا. سندس اکيون جيئن ئي مون ڏانهن اُٿيون هيون، منهنجي دل ائين ڌڙڪي پئي هئي ڄڻ هو مُنهنجي محبوبا هجي ۽ سالن کان پوءِ اوچتو واٽ ويندي ٽڪرائجي ويو هجان هن سان. مون کي ڀاڪر پاتائين ته ڄڻ سڄو سندس ڇاتيءَ ۾ لڪي ويو هئس آئون. مون کي ڀاڪر ۾ جهلي اندر گهر ۾ گهڙندي ماڻس کي ائين وٺي وڏا وڏا سڏ ڪيائين، جيئن ننڍپڻ ۾ اسڪول مان ايندي ئي بُک کان ماڻس کي سڏ ڪندو گهِڙندو هو ۽ ماڻس پئي صدقو ٿيندي هئي: بس ٻه ٽي منٽ منهنجا مٺا...... بس ٻه ٽي منٽ منهنجا جاني!!.....
    پر اڄ ته ماڻس ڪا ورندي ڏنس ئي ڪانه پئي!!.... ائين پئي هن کي ڏٺائين، ڄڻ سُڃاڻندي ئي نه هجيس. هن ڀاڪر پائڻ چاهيو ته ائين پاڻ کي ڇڏائي ورتائين ڄڻ ته هو ڪو ڌاريو ماڻهو هجي!.
    هڪدم ڄڻ اُتاولو ٿي پيو. چيائين، ”امان!.... تو مون کي سُڃاتو ڪونه!!؟؟ آئون تنهنجو پُٽ آهيان نه!!... ڏس آزاد ٿي موٽي آيو آهيان.... هميشه لاءِ آزاد ٿي.... هاڻ پنهنجا ڏکيا ڏينهن به ويا هليا..... هاڻ ته بس سُک ئي سُک آهن..... مون کي حڪومت ۾ وڏو عهدو ملڻ وارو آهي.... خبر اٿئي آئون هينئر به سرڪاري گاڏيءَ ۾ آيو آهيان.... سرڪاري گارڊ آهن مون سان گڏ.... هاڻ تنهنجي پُٽ کي نه لهر نه لوڏو.... هاڻ تون بنگلن ۾ رهندئين.... گاڏين ۾ گهمندئين.... جتان لنگهندئين، ماڻهو توکي سلام ڪندا.... هاڻ ته مُرڪي پئو امان.... هاڻ ته کِلي ڏي امان!.... امان!.... امان!!!“
    هن ماڻس کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ باز جي پرن جيان ٻئي ٻانهون ڦهلائي ڇڏيون ۽ ماڻس وڄ جيان وراڪو ڏئي، سندس ٻانهن جي گهيري مان نڪري، پٽ تي اُڀي ٿي بيهي رهي. مار!!.... ايڏيون ڪي ڳالهيون سندس پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿي ويون هيون.... مون کي ته خبر ئي ڪانه هئي. ڄڻ ڪو طوفان هجي، جيڪو زوزاٽ ڪندو اسان جي گهر ۾ گهِڙي پيو هو!!... ڄڻ سالن کان سانتيڪو سمنڊ اوچتو اُٿلي پيو هو!!.... کنوڻ جيان مٿس هر هر ٿي اُلر ڪري آئي. سندس سڄو وجود هوا وانگر ٿي ڦيريون پاتيون. ڄڻ اندر جو ڪو ڳجهو ڦٽ کُلي پيو هجيس ۽ هاڻ اُن جو سُور سندس سڄي وجود ۾ ٿي ڊوڙيو.
    ”نڪر منهنجي گهر مان.... ٿُڪ آهي توتي ڪانئر!.... وڪڻي آئين پاڻ کي!!.... اڙي.... شرم ڪونه آيئي پنهنجي قوم جا ڏک، سُکن تي وڪڻندي!!.... اڙي!!.... ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي؛ تو ماءُ کي وڪڻي ڇڏيو.... اڙي.... تو مون کي وڪڻي ڇڏيو!! ڌارين جي هٿن ۾.... منهنجي لڄ وڪڻي محل ماڙيون خريد ڪيا اٿئي!!.... اڙي!!.... انهن خونين جي هٿن تي توکي منهنجن بيگناهه مارجي ويل پُٽن جو خون به ڪونه نظر آيو!!.... تو ته ناحق ڪري ڇڏيو مون سان.... تو ته قهر ڪري ڇڏيو!!.... انهيءَ کان ته مارجي وڃين ها ڪٿي اڌ پنڌ ۾.... گهورجي وڃين ها هن ڌرتيءَ جي ڏکن سُورن تان.... نڪر منهنجي گهر مان.... ڪونه آهين منهنجو پُٽ.... ڪونه ڄڻيو اٿم توکي.... تون ته ڌاريو آهين.... تون ته ڪانئر آهين.... تون ته.... تون ته.... تون ته....“ هوءَ رڙيون ڪندي ٿي وئي ۽ هُن کي در ڏانهن ڌِڪيندي ٿي وئي.....
    هو هڪ ٽِڪ اچرج مان ماءُ کي ڏسندو ٿي ويو ۽ ڄڻ پاڻ ئي پاڻ در ڏانهن ڌِڪبو پئي ويو. در وٽ پهچي ڄڻ پوريءَ سگهه سان هُن کي در کان ٻاهر ڦِٽو ڪيو هيائين، ائين ڄڻ هُو هن جو پُٽ نه پر گهر ۾ پيل ڪا بنهه بيڪار شيءِ هجي ۽ ٺڪاءُ سان در جا ٻئي تاڪ بند ڪري، در سان پُٺ هڻي ائين بيهي رهي هئي، ڄڻ اهو در هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هجيس .
    سندس اکيون مون تي کُتل هيون. ساهه ڀرجي آيو هئس. ڪي کن ائين ئي بيٺي رهي، پوءِ ڀُڻڪي به ته ائين جيئن عدالت جي ڪُرسيءَ تي ويٺل جج آخري فيصلو ٻُڌائيندو آهي. چيائين.... ”غدار!“.


    هڪ گناهه جي پُڄاڻي

    جڏهن انڌي، زال جي پِنڻ واري راءِ رد ڪئي هئي ته زال هن آڏو ٻيو خيال اُهو رکيو هو ته ڇو نه ساران جو سنڱ ڪنهن کي پئسن جي عيوض ڏجي. ائين جيئن هوءَ پاڻ، يارهن هزارن ۾ انڌي جي زال ٿي آئي هئي. انڌي کي اهو خيال پسند آيو هو.
    اتفاق جي ڳالهه هئي ته ساران يعني انڌي جي ڀيڻ، هڪ صابرين ڇوڪري هئي، جنهن زندگيءَ جون ستم ظريفيون، صبر سان سَٺيون هيون، پر هن دفعي، هن ۾ ايتري همٿ الائي ڪٿان آئي جو اُن وڪامجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ساران جي انڪار ڪرڻ تي پهريائين ته هو چُپ ٿي ويو هو، پر پوءِ زال جي چوڻ تي هن جي رويي ۾ سختي ايندي وئي.
    جڏهن انڌي جي زال، سٺ سالن جي سيٺ جوسي کان ساران جي سڱ جا پنجويهه هزار روپيا وٺي، رخصتيءَ جي تاريخ طئي ڪري ڇڏي هئي، تڏهن به ساران پنهنجي انڪار تان انچ به ڪانه هٽي هئي، هوءَ ڀاڄائيءَ سان ڪنهن به معاملي تي وچڙجڻ ڪونه چاهيندي هئي. البت ڀاءُ کي هن واضح نموني ڌمڪي ڏئي ڇڏي هئي ته جيڪڏهن اُهي کيس وڪڻڻ تي ائين بضد رهيا ته هوءَ گهر ڇڏي، مرشدن جي حويليءَ تي وڃي پناهه وٺندي. افسوس جو ساران کي اهو اندازو ڪونه هو ته سندس ڌمڪيءَ جو انڌي ڀاءُ جي سختي ۽ ضد تي ڪهڙو اثر پوندو شايد اُهو سومر جو ڏينهن هو. رخصتيءَ ۾ اڃا چار ڏينهن باقي هئا جو ڀاءُ، ساران کي راضي ڪرڻ جي آخري ڪوشش ڪئي، پر بجاءِ راضي ٿيڻ جي، هوءَ پنهنجو پورو اڻپورو سامان سهيڙي، حويليءَ تي وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳي. دکيءَ دل سان هوءَ ڀاءُ کي ڪاوڙ ۽ غم ڀريل اهڙا ڏوراپا ڏيڻ لڳي، جن جو تعلق گهڻي ڀاڱي سندن ننڍپڻ سان هو.
    پر ساران جا سمورا ڏوراپا، غم ۽ ڪاوڙ اڻپورا ئي رهجي ويا. هن جي ڀاءُ، پنهنجي زال سان گڏجي، ساران کي بيدرديءَ سان گهُٽا ڏئي ماري ڇڏيو.
    ساران جي مرده جسم کي خبر ڪونه هئي ته واردات مٽائڻ لاءِ سندس ڀاڄائي، بيرحميءَ سان هن جو مرده جواڻ جسم استريءَ سان جلائيندي، پر پوءِ به پوليس، اصل حقيقت تائين پهچي ويندي، جنهن ڪري ڀاڄائنس کي عمرقيد ۽ ڀاڻس کي ڦاسي جي سزا ملندي.
    ۽ اُن ڦاسيءَ جي سزا تي عمل درآمد جو وقت، جيل جي کوليءَ ۾ اڄ هن جي انڌي انتظار کي ڪُتري رهيو آهي.
    انڌو هوندي به هُن کي خبر آهي ته جيل جي اُن عمل جي اچڻ جو وقت ويجهو اچي پهتو آهي، جيڪي کيس ڦاسي گهاٽ تائين وٺي ويندا. ڪهڙو فرق ٿو پوي جو هن کي اکيون ڪونهن. وقت جي انوکي آواز کي ڏسڻ لاءِ اکين جي ضرورت ڪونه هوندي آهي.
    هو بي نور اکين سان، لمحو لمحو پنهنجي ماضيءَ مان گهميو آهي. شايد ڀيڻ جي قتل تي هو پڇتائڻ چاهي ٿو. پر ڦاسيءَ جو خوف، هن کي ايتري مهلت ڪونه ٿو ڏئي. ڪجهه دور کان ايندڙ ڳورن قدمن جو آواز هن کي پنهنجي ڦاسيءَ جو يقين ٿو ڏياري ۽ هن جو هانءُ ڦاٽي ٿو پوي.
    هن کي جيڪو عملو ڦاسي ڏيڻ لاءِ وٺڻ اچي ٿو، تن کي کوليءَ ۾ فقط انڌي جو لاش ملي ٿو.


    ستن آسمانن هيٺ

    اسان ٻنهي جي ملاقات سمنڊ ڪناري ٿي هئي.
    هو سمنڊ ڪناري، واريءَ تي ويهي ٽِڪَ ٻڌي سمنڊ جي هُن پار ٻُڏندڙ سج کي ڏسي رهيو هو ۽ مان واريءَ تي ليڪا پائي رهيو هئس.
    هن ته الاءِ اُن پل ڇا ٿي سوچيو، پر مان اُنهن ليڪن منجهه ڪيئي ليڪا پائيندي سوچي رهيو هئس، ’چؤڏسا ماڻهو مري رهيا آهن ۽ ڌرتيءَ ڄڻ اڻڳڻيا لاش اوڳاڇي ڇڏيا آهن. ڪيڏو نه نفسانفسيءَ جو عالم آهي ۽ ڄڻ ڪٿي ڪائي پناهه گاهه ڪونهي. پاڻي جيڪو انسان پيئي ٿو، رت منجهان رڱجي ڳاڙهو ٿي چڪو آهي، تڏهن به ماڻهو اُن کي ڍُڪَ ڀري پيئي به پيو ۽ اُڃ به اُجهاميس ڪانه ٿي. ڪيڏا نه ماڻهو آهن. هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو آهن. اڻڳڻيا ۽ اڻڄاتا. تڏهن به ڪٿي به ڪو ماڻهو ڪونهي. ڄڻ ماڻهو ئي لڏي ويو آهي هن ڌرتيءَ مٿان. ڪيڏي نه بوءِ اچي ٿي هر ساهه واري شيءِ مان. ڪيڏو نه ڀؤ ٿئي ٿو هر ساهه واري شيءِ کان!.
    تڏهن به جيئڻ تي دل ٿي چاهي. تڏهن به دل ٿي چاهي ته انهن ئي ماڻهن منجهه رهجي. انهن سان ئي گوڏو گوڏي ۾ گڏي ويهي روئجي ۽ کلجي به. تڏهن به دل ٿي چاهي ته ڌرتيءَ مٿان لاڳيتو گهلجندڙ زندگيءَ کي چنبڙي پئجي. جيڏانهن جيڏانهن رڙهندي وڃي ٿي، اوڏانهن رڙهبو رهجي، پر جيئجي.
    پر ڇا – جِي سگهجي ٿو؟؟‘
    مون کي لڳو، مان واريءَ تي پاتل پنهنجن ئي لِيڪن ۾ ڦاسندو پيو وڃان. دل چاهي ٿي ته انهن مان پاڻ ڇڏائي اُٿان ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي پڪڙي چوان ته ٻه ٽي گهڙيون مون سان ويهي ڳالهائيندين؟؟ بس ٻه ٽي گهڙيون. مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ڪوئي آهي مون کي ٻڌائڻ وارو؟؟ ڪوئي آهي؟؟ مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ڪوئي آهي؟ ڪوئي آهي؟.
    پري پري تائين ڪيئي ماڻهو پئي هليا. اُهي ئي مون جهڙا. اُهي ئي ٻه اکيون، اُهي ئي ڪن، نڪ، چپ ۽ پيشاني، اُهي ئي ٻه ٻانهون، ٻه هٿ ۽ ٻه پيرَ.
    پر مون کي لڳو، مان هنن سان ڪميونيڪيٽ نه پيو ڪري سگهان. ٻانهن کان جهلي بيهاري نٿو سگهان.
    الاءِ هو ماڻهو آهن به يا نه؟؟؟ سواءِ هن جي، جيڪو پريان اڪيلو ويٺو آهي. ڄڻ ماڻهن جي هجوم ۾، هُو ئي هڪڙو ماڻهو آهي.
    مان لِيڪن ۽ دائرن مان اُٿي اچي هن وٽ ويهي رهيو هئس .
    هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو به ڪينَ، پر ڄڻ مون کي محسوس ڪري ورتو هئائين. سج پاڻ کي اڃا به وڌيڪ ڍاري ڇڏي هو پاڻيءَ منجهه. سمنڊ ۽ آسمان هڪڙي ڳاڙهي لِيڪَ تي اچي پاڻ ۾ گڏجي رهيا هئا.
    مون ئي هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، بنان هن ڏانهن نهارڻ جي.
    چيم...... ”مان ڳوٺاڻو آهيان. منهنجو پيءُ ڳوٺ جو سڀ کان سکيو زميندار هو. اسان جو گهر پڪين سِرن جو ۽ ڳوٺ ۾ سڀني گهرن کان اوچو ۽ وڏو هو. اڱڻ ته ايڏو وڏو هو، جنهن ۾ سڄو ڳوٺ سمائجي وڃي ۽ اُن جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ نم جو گهاٽو ۽ سؤ سالن جي ڄمار ماڻڻ وارو وڻ ڄڻ ڪنهن پهريدار جيان بيٺو هوندو هو. پر تڏهن به اسان جو گهر ڳوٺ ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ گهر هو. منهنجي پيءُ کي پنهنجي پيءُ کان دشمني، بدلو، خون ۽ ڪيئي مُڏا ۽ تکا هٿيار ورثي ۾ مليل هئا ۽ منهنجو پيءُ چوندو هو ته سندس پيءُ کي به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان اهو سڀڪجهه ورثي ۾ مليو هو. هو وڏي مانَ سان چوندو هو ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏي کي ته گذريل پيڙهين کان سندس دور تائين ٿيل مڙني خونن جا انگ اکر آڱرين تي نالن ۽ تاريخن سوڌا ياد هئا. ڪنهن کي ڪنهن ماريو ۽ ڪنهن تي ڪهڙو هٿيار استعمال ڪيو ويو هو! پڻ هنن جا هيل تائين ڪيترا مئا هئا ۽ ڪيترا اڃا هُنن جي کاتي ۾ باقي بچيل هئا ۽ ائين ئي اسان جي پاسي به.
    پر کيس ڏاڍو افسوس هوندو هو ته الاءِ ڇو اهي انگَ اکر چٽيءَ طرح ياد نه رهيا هئا. کانئس اڪثر ڪري انهن جي حساب ڪتاب ۾ ڳڙ ٻڙ ٿي ويندي هئي. منهنجي پيءُ جو ننڍپڻ به اهڙو ئي گذريو هوندو جهڙو منهنجو. مان ته جڏهن ننڍڙو هئس ۽ اڃا انگن اکرن جي سڃاڻپ به ڪانه آئي هئم جو مون کي هر رات، تارن ڀرئي آسمان هيٺ پنهنجي ڀر ۾ ليٽائي دشمني، خون، بدلي ۽ ورثي ۾ مليل مُڏن ۽ تکن هٿيارن جا تفصيل ڪهاڻين جيان ٻڌائيندو هو. جيتوڻيڪ کيس هَر هَر پنهنجي ڳڻپ نئين سري کان شروع ڪرڻي پوندي هئي. پر سندس لهجي ۾ لٿل وڏائيءَ کي ذري جيترو به لوڏو ڪونه ايندو هو. مون کي ڇاتيءَ سان لائي چوندو هو: ”تون جڏهن جواڻ ٿيندين، جڏهن تنهنجا شهپر گهاٽا گهاٽا نڪري اچن ۽ تنهنجي ڇاتي مون کان به ويڪري ٿي وڃي ۽ تنهنجي آواز جي گونجَ تي وڻ تي ويٺل پکي پاڻ ڦٿڙاٽي ٽارين تان اُڏامي نڪرن ۽ مان تڏهن شايد نه به هجان، جو هاڻ اسان جا دشمن منهنجي رت جي اُڃ کنيو وجهه وٺيو ويٺا آهن ته ڪڏهن ٿو مان اُنهيءَ گس تان لنگهان جتي مان هُنن جي هٿيارن جي نشاني تي اچي وڃان ۽ هو مون کي گولين سان ڀُڳڙن جيان ڀُڃي ڇڏين، پر تون تڏهن پنهنجي گذريل سموري پيڙهيءَ جي رت جو وير وٺجانءِ! اهو وير توتي قرض هوندو اُنهن سڀني جو، جيڪي انهيءَ ويڙهه ۾ مارجي ويا. مڙسَ سکَ جي ننڊَ، مرڻ کان پوءِ سمهندا آهن.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو هو مون کي پنهنجي ڇاتيءَ کان ٿورڙو پري ڪري منهنجي منهن کي اکين آڏو ڪري، منهنجي اکين ۾ سڌيءَ طرح نهاريندي پڇندو هو: ”تون منهنجي ڳالهه ٻڌين پيو نه پُٽ؟؟؟!“ مان چوندو هئس، ”ها“. تڏهن، جيتوڻيڪ مان سندس ڳالهه کي پوريءَ ريت سمجهي به نه سگهندو هئس ۽ جيئن جيئن هو ڳالهائيندو ويندو هو، مان هن جي ڇاتيءَ سان لڳل هوندي به اندر ئي اندر پيو وِگهرندو ۽ ڏڪندو هئس. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪوئي منهنجي ڪنڌَ وٽان ڪات پيو تکو ڪري. ساهه منهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊي جيان ڦاسي پوندو هو ۽ پير پگهرجي پوندا هئا، پر تڏهن به مان اهو سڀ ڪجهه مٿس ظاهر ڪونه ڪندو هئس. مون کي لڳندو هو ته جي هُن کي منهنجي ان حال جي خبر پئجي وئي ته هو ئي مون کي ماري ڇڏيندو، نه ته ڪيڏو نه موهه هو هُن جو مون سان!! منهنجي ماءُ کيس چوندي هئي: ”تون ته ڄڻ چريو آهين پُٽ لاءِ. سڄو ڏينهن ان کي ئي ڇاتيءَ سان لايو پيو هلين. ان ڪري ٻيو ڪوبه ڪم نٿو پُڄئي ۽ هن کي به هيڪاري ريجالو ۽ دادلو ڪري ڇڏيو اٿئي!“ موٽَ ۾ هُو اڃا به زور سان مون کي ڇاتيءَ سان لائي کِلي چوندو هو: ”الاءِ ڪير جيئي، ڪير مري. ڇڏ ته پيءُ پٽ سِڪُون ته لاهي وٺون.“
    منهنجي ماءُ جي منهن تي ڄڻ ڪو پاڇولو پئجي ويندو هو، پر منهنجي پيءُ جي سامهون ڪي به ڪِينَ ڪُڇندي هئي. هڪ لڱان ڪُڇي هئي. چيو هئائينس: ”هڪ ئي پُٽ اٿم. ڇو ٿو منهنجن آنڊن ۾ ٽانڊا ڀرين، نه ڀر هن جي معصوم دل ۾ دشمنيءَ جا اُلا، نه ڪر هن کي رتوڇاڻ ۾ ڦِٽي. هن کي جيئڻ ڏي. هن کي جيئڻ ڏي.“ مون کي چٽا ساروڻا آهن ته ان ڳالهه جي موٽ ۾ منهنجو پيءُ هُن تي ڪيئن اُلرون ڪري گجيو هو ۽ هوءَ ڪيئن ڀت سان لڳي ساهه روڪيو بيٺي هئي ۽ مان ڪيئن چاهيندي به هُن جي ٽنگن سان چنبڙي رڙيون ڪري روئي نه سگهيو هئس. پر پوءِ جڏهن جڏهن منهنجو پيءُ گهر ۾ نه هوندو هو ۽ هوءَ ۽ مان اڪيلا هوندا هئاسين، ته هوءَ منهنجو مٿو پنهنجي گوڏي تي ڌري، منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيريندي مون سان ڳالهائيندي ويندي هئي ۽ مان بس ٽِڪ ٻڌيو کيس پيو ڏسندو هئس. سوچيندو هئس: ’منهنجي ماءُ ڪيڏي نه سهڻي آهي!‘ سندس آواز به ته ڏاڍو مٺو هوندو هو، پر مون سان ڳالهائيندي هر هر ڀرجي ايندو هو سندس آواز. ڳالهائيندي ويندي هئي ۽ ڳيت ڏئي لُڙڪَ ڄڻ پيئندي ويندي هئي. چوندي هئي: ”ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تي رت حرام آهي. پاڻ جيئجي يا نه، پر ماڻهوءَ کي جيئڻ ڏجي. ماڻهو ويچارو ٻه ٽي ڏينهڙا ئي ته جيئڻ آيو آهي هن جهانَ ۾. اڃا ٿورڙو ڪي پوکي ٿو ۽ ٿورڙو ڪي لُڻي ٿو، ڪي پورو اڻپورو گهر اَڏي ٿو، ڪي ننڍڙا ننڍڙا ٻار ڄڻي ٿو، انهن لاءِ ڪي ٻه ٽي داڻا اَنَ جا ميڙي مس گڏ ڪري ٿو ۽ اڃا ساهه به ڪين کڻي ٿو جو سڀڪجهه اتي ئي ڇڏي هليو وڃي ٿو هن جهان مان. وڃڻو ته هونئن ئي آهي ماڻهوءَ کي. پوءِ به ماڻهو ماڻهوءَ کي ڇو جيئڻ نٿو ڏئي؟ ۽ ماڻهو، جيڪو ماڻهوءَ کي جيئڻ نٿو ڏئي، اهو به ته ڏس ماڻهوءَ جو خون ڪري موٽي پنهنجن ٻچن ڏانهن ئي وڃي ٿو. پنهنجي گهرڙي جي ڇت هيٺ وڃي ساهه پٽي ٿو. تڏهن به جنهن ماڻهوءَ کان جيئڻ ڦُري ٿو، اُنهيءَ تي قياس به نٿو ڪري.“
    پوءِ هوءَ ڪئي پل چُپ ڪري، منهنجن وارن ۾ پئي آڱريون ڦيريندي هئي. پوءِ اوچتو نه ڄاڻ ڪهڙو پُور پوندو هئس من ۾، جو مون کي ٻنهي ٻانهن کان جهلي اُٿاري ويهاري ڇڏيندي هئي ۽ منهنجي اکين ۾ اکيون وجهي چوندي هئي ”تون ته ڪونه ماريندين نه ماڻهو؟ ڪوئي توتي اُلرَ ڪندو ته به اُن جو هٿ جهليندين، اُن جو ڪنڌ ڪونه ڪپيندين. پاڻ به جيئندين نه؟ واعدو ڪر، تون پاڻ به جيئندين ۽ جواڻ ٿيندي، وڏا وڏا گهاٽا شهپر ٿيندئي، موڙ ٻڌندين. وَنِي پَرڻبين، لائون لهندين، ڪُلهن تي پنهنجا ٻه ننڍڙا ننڍڙا پُٽ کنيو پيو هلندي. انهيءَ لاءِ گهرڙو اَڏيندين. پنهنجي اڱڻ ۾ گُل پوکيندين. پنهنجي گهر جي در تي وڏا وڏا ڪڙا نه چاڙهجئين. مِٽ مائٽ، سڄڻ ۽ ساڻيهه سڀئي پيا گهر اچن وڃن ته پوءِ گهر جو در ڪين ٻوٽٻو ۽ هي ٻنيون ٻارا ماڻهوءَ جو ۽ ماڻهوءَ جي ٻچن جو رزق آهن. انهن تي ماڻهوءَ جو رت ڪونهي وهائبو. ٻني ٻارو، مٽي ۽ ڌرتي، ريتون ۽ رواج، غيرتون ۽ عزتون، ماڻهو انهن سڀني کان مٿانهون آهي. ماڻهو آهي ته مِٽي به آهي ۽ ڌرتي به آهي. غيرت به آهي ۽ عزت به آهي. ماڻهو ناهي ته اهي سڀئي رڻ منجهه ٿوهر جي ٻوٽن جيان آهن ۽ تون به جڏهن انهن ٻنين تان پوکون ڪري ۽ فصل لُڻي گهر موٽندين ۽ تنهنجي چانئٺ تي تنهنجا ٻار ڊوڙي اچي تنهنجين ٽنگن ۾ چنبڙندا تڏهن توکي خبر پوندي ته اصل شيءِ ماڻهو ئي آهي.“ ۽ ڳالهه پوري ڪندي ڪندي ڪڏهن سندس اکين مان لُڙڪ لڙي ايندا هئا.
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي مون پنهنجي ڀر ۾ هُن ڏانهن نهاريو. سج سمنڊ ۾ ٻُڏي چڪو هو ۽ سمنڊ به هاڻ اونداهو ٿي چڪو هو. هو نه ڄاڻ سمنڊ کي گهوري رهيو هو يا اونداهيءَ کي! هُن جي ۽ منهنجي وچ هوا جيتري وٿي هئي. مان هُن کي محسوس ڪري سگهيس ٿي، پر ڏسي ڪونه پئي سگهيس. مون کي لڳو هُن جا چپ پڇاڙڪا پساهه کڻندڙ پکيءَ جيان هوريان هوريان ڦٿڪي رهيا آهن. مون کي لڳو هُو به مون جيان ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿو.
    چوڻ لڳو: مان هن شهر جو ئي ڄاول آهيان. اتي ئي پليو آهيان. سمنڊ ڪناري، سمنڊ کان به وڌيڪ گجندڙ هن شهر جي اُن آباديءَ ۾ منهنجو گهر آهي، جتي ماڻهو، گهر ۽ رستا سڀئي پاڻ ۾ گڏوچڙ ٿي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهي رهندا آهن. بس ڊوڙي ڊوڙي جيئندا آهيون ۽ ساهه ائين کڻندا آهيون ڄڻ سهڪندا هجون. ڏينهن جو گهڻو تڻو حصو پنهنجو نالو به وساري ويهندا آهيون ۽ گهر جو پتو به. شناختي ڪارڊ جي آفيس ۾، ووٽرز لسٽن ۾ اسين رجسٽرڊ آهيون، ان ڪري پنهنجو ڄڻ وجود رکون ٿا. مشينن جان رستن تي ائين هلندا آهيون، ڄڻ ڪنهن اسان ۾ هڪڙي خاص سسٽم هيٺ طئي ٿيل پروگرام فيڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسين هاڻ ان مطابق مقرر ڪيل لِيڪن مٿان پيا ايندا ۽ ويندا آهيون. اسان جي ان مسلسل اچ وڃ جو ڪوبه رڪارڊ ڪونهي رکيل، اسان جي ميمري ڪارڊ ۾ . صبح کان وٺي سج لٿي تائين اسين پئسي جي ڳولها ۾ يا زندگيءَ جي انهن ڪمن پٺيان، جن لاءِ پئسو گهربل آهي، گهر کان ٻاهر بسن ۾ ٽنڊڙجي، سڙڪن تي ٿاٻڙجي، آفيسن ۽ قطارن جا ڌڪا ٿاٻا کائي، ڪُتن جيان نُوس نُوس ڪندا، ٿُڏا ٿُونا سهندا، جڏهن گهرن ۾ گهڙندا آهيون ته اسان جا کيسا اوترا ئي خالي هوندا آهن، جيترا گهران نڪرڻ مهل هوندا آهن. زندگيءَ جون گهُرجون جيئن جو تيئن وات ڦاڙيو اسان جي قبرن جيڏن ۽ قبرن جهڙن گهرن ۾ آدم بوءِ آڊم بوءِ ڪنديون پيون ڦيريون پائينديون آهن. اسان وٽ نه دوستي آهي، نه دشمني آهي، نه ماڻهو آهي، نه ماڻهپي جو ڪو ڪانسيپٽ. بس خواهشن جون چڻنگون آهن ۽ ضرورتن جا اُلا آهن، جيڪي ڪڏهن به اُجهامڻ جا ناهن. ميز ڪُرسي ۽ ٽي وي فرج کان وٺي، اٽي لٽي اجهي تائين کان اهي چڻنگون ڌڳڻ شروع ٿين ٿيون ۽ ڀڳل رستن، گند جي ڍيرن، گئس، پاڻي ۽ بجليءَ جي بلن، مسواڙن، اسڪولن جي فيئن ۽ آدم خور ٽرئفڪ تائين پهچندي پهچندي اهي چڻنگون اُلا بڻجيو پون. اسان جو نه ته ڌرتيءَ سان تعلق آهي ۽ نه آسمان سان. شهر مٿان آسمان نالي سان تاڻيل شيءِ محض پولار آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان پولار ڏانهن ڪنڌ مٿي کڻي نهاربو به آهي ته نيڻ نهار، آڪاس سان ڳاٽ هڻندڙ عمارتن ۾ اٽڪي موٽي ايندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي پاڻ ۾ اڃا جيتامڙو بڻجي پوندو آهي. بس پنهنجي جيتامڙي هئڻ وارو اڪيلو احساس ئي آهي، جيڪو اسان جي وجود جي اندر پنهنجو جيئرو وجود رکي ٿو ۽ جيتامڙي هئڻ جو اهو احساس ئي هو، جيڪو هڪ ڏينهن مون کي شهر جي هڪڙي مسجد ۾ وٺي ويو. مسجد ۾ سومهڻي جي نماز پئي پڙهائي وئي. مون کي وضو به نه هجي ۽ اها به خبر نه هجي ته ڪهڙي رڪعت پڙهائي پئي وڃي؟ مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن سومهڻي نماز پڙهي به ته ڪانه هئي. مان بس آخري صف ۾ ٻانهون ٻڌي وڃي بيهي رهيس. نمازين ۾ به ڄڻ شهر سڄي جيان هڪڙو خاص پروگرام فيڊ ٿيل هو. روبوٽ جيان هو پيش امام جي آواز تي جهُڪيا ۽ اُٿيا پئي ۽ انهن سان گڏ گڏ مان به، بلڪل خالي دل ۽ داخلي دماغ سان. آخري سجدي ۾ الاءِ ڇا ٿيو مون کي، مان پنهنجي جيتامڙي وجود تي روئي پيس. خواهشون ۽ ضرورتون سجدي واري جاءِ تي عين منهنجي پيشانيءَ هيٺ اچي گڏ ٿيون. چئن مهينن کان رهيل گهر جي مسواڙ ۽ مالڪ – مڪان جو هر ٻئي ڏينهن در تي اچي پوليس آڻڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڪيڏي مهل به گهر جا ٽپڙ کڻي در کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڦِٽي ڪرڻ جي وارننگ ڏيڻ. ٻن مهينن کان بجليءَ جو بل نه ڏئي سگهڻ جي ڪري هاڻ بجلي جي ڪٽجي وڃڻ جو خوف ۽ گيس جو ٻن مهينن جو بل پڻ، ۽ ٻارن جون فيون ۽ هر ڏينهن جي شروعات ۽ هر ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي زال جون سوال ڪندڙ اکيون ته اڄ ٻار ڇا کائيندا؟ ننڍڙي جو کير ڪٿان ايندو؟ سيارو اچي پيو ٻارن جي يونيفارم پوري ڪانهي. پنهنجين ختم ٿي ويل دوائن جي ته ڳالهه ئي ڪانه ڪندي هئي. بس ڳالهائيندي ڳالهائيندي هڪ اهڙي نهار دوائن جي خالي شيشين ۽ پاڪيٽن تي وجهندي هئي، ڄڻ زهر جو ڍُڪ ڀريندي هجي ۽ کتريل بوٽن اندر ڦاٽل جورابن ۾ منهنجا پگهريل پير اڃا به پگهرجي ويندا هئا ۽ دل ۾ اها خود غرض خواهش اُڀري هئي ته خدا ڪري هوءَ انهن دوائن جي ڳالهه نه ڪري. خيال به ايندو هو ته جي سندس بيماري وڌي وئي؟ جي مري پئي؟ ۽ موٽ ۾ مان پنهنجي پاڻ کان به اکيون چورائي وٺندو هئس. مٿان آفيس ۾ هر ڏينهن تي منهنجي منهن تي وسڪارو ڪندڙ باس جي گِڦ ته ”تون هر روز ليٽ اچين ٿو. هيءَ آفيس آهي، دوستن جو اڏو نه. تون ڪٿان اچين ٿو ۽ ڪيئن اچين ٿو – اهو آفيس جو پرابلم ڪونهي. توکي هتي پوري ڏهين وڳي هئڻ گهرجي. انڊر اسٽئنڊ! ٻيءَ صورت ۾ تنهنجو پگهار ڪٽيو ويندو.“ باس جي ڪمري کان ٻاهر ويٺلن جون ايڪسري جهڙيون اکيون ڄڻ ڪپڙا ڇڪي لاهي اُگهاڙو ڪري ڇڏينديون هجن ۽ الاءِ ڇا ڇا. مان سجدي ۾ روئي رهيو هئس. مان جو سوچيندو هئس ته ڪٿي به ڪابه پناهه گاهه ڪانهي، مون کي ڄڻ پناهه گاهه ملي وئي هئي. مان هر ٻئي ٽئي ڏينهن مينهن واءَ ڪري ان مسجد ۾ گهڙي ويندو هئس ۽ سجدي واري جاءِ تي خواهشن ۽ ضرورتن جا ٻرندڙ مچ رکي اُنهن مٿان پنهنجي پيشاني رکي ڇڏيندو هئس. ڪڏهن هڪ ئي سجدي ۾ يڪو پيو روئندو هئس. ڪنڌ کڻندو هئس ته مسجد خالي ٿي چُڪي هوندي هئي. ڪڏهن پيش امام جي پُٺيان نماز جوٽي بيهي رهندو هئس ۽ روبوٽ جيان هُن جي پُٺيان پيو اُٿندو هئس. نه ته به خالي مسجد جي اڱڻ ۾ ويٺو هوندو هئس، پر مسجد کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ دل ئي ڪانه چاهيندي هئي. نه گهر ڏانهن، نه شهر ڏانهن. مون کي ان پناهه گاهه سان پيار ٿي ويو – غير مشروط پيار. جيتوڻيڪ مان روز روز ڪونه ايندو هئس. بس ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن زندگيءَ کي سائيڪل رڪشا جيان ڇڪيندي ڇڪيندي مان آخري پساهه کڻڻ لڳندو هئس ته اُھو آخري ساهه مسجد ۾ اچي کڻندو هئس. خدا مون کي ان مسجد جي خالي اڱڻ ۾ مليو. مان هُن کي ڏسي نه سگهندو هُئس، محسوس ڪري سگهندو هئس، پر هُن جي مڪمل وجود کي نه، رڳو هُن جي نهار کي ۽ هن جي مُرڪ کي. شروع شروع ۾ هُو مون ڏانهن نهاريندي بس مُرڪندو رهندو هو ۽ مان هڪ ساهيءَ هُن سان ڳالهائيندو ويندو هئس. منهنجيون ڳالهيون کُٽنديون ئي ڪينَ هيون ۽ هُن جي مُرڪ ٽُٽندي ئي ڪانه هئي. مون وٽ به ته ڪيئي ڳالهيون ۽ ڪي سوال هئا ته تو هيئن ڇو ڪيو ۽ تو هونئن ڇو ڪيو؟ توکي هي ڪرڻ گهرجي ها ۽ هُو نه ڪرڻ گهرجي ها! مان هُن کي آڱرين تي ڳڻي ڳڻي ٻڌائيندو هئس ته ڏس تو هي هي زيادتيون ڪيون آهن مون سان، ماڻهن سان ۽ ساري دنيا سان. منهنجيون آڱريون کُٽي پونديون هيون، پر زيادتين جي فهرست ويندي هئي اڃا به ڊگهي ٿيندي ۽ هُو مون ڏانهن نهاريندو پيو مُرڪندو هو، ڄڻ منهنجي فهرست ئي غلط هجي. هوريان هوريان منهنجون ڳالهيون لُڙڪن ۾ بدلجڻ لڳيون ۽ لُڙڪ جهيڙي ۾. هُن جي مُرڪ ته اڃا به گهري ٿي وئي هئي. پر منهنجي وڙهي پوڻ کان پوءِ هُو منهنجا لُڙڪَ به اُگهڻ لڳو هو ۽ مون کي آٿت به ڏيڻ لڳو هو ته مان آهيان نه، توسان گڏ گڏ. تنهنجي شهه – رڳ کان به توکي ويجهو، توکي خلقڻ وارو، توکي پالڻ وارو، اڪيلو ٿوروئي آهين. ڏُک به مون ڏنا آهن، سُک به مون ڏنا آهن. مان ئي انهن جو ذميوار آهيان. دنيا ته بس پاڻيءَ منجهه پتاشو آهي. ماڻهو ويچارا ماڪوڙن جيان انهيءَ تي هروڀرو اچي مڙيا آهن. پتاشو ڳري پاڻي ٿي ويندو ۽ سڀڪجهه ان پاڻيءَ منجهه لُڙهي ويندو. تنهنجي لاءِ صلو مون وٽ مقرر ڪيل آهي ۽ اُهو توکي ضرور ملندو. بس هن آزمائش تي توکي پورو لهڻو آهي. منهنجا لُڙڪ هوريان هوريان اهڙيءَ مُرڪ ۾ بدلجڻ لڳا، جهڙي هُن جي مُرڪ هئي. منهنجي جهيڙي هُن اڳيان هٿيار ڦِٽي ڪري ڇڏيا هئا ۽ مون هُن جي اڳيان ڪنڌ نمائي ڇڏيو. ڪنهن صلي نه، غير مشروط پيار ۾.“
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي هو چُپ ٿي ويو.
    سمنڊ جي نرڙ تي نڄاڻ ڪيڏي مهل چنڊ چڙهي آيو هو ۽ اُن جا ڪِرڻا سمنڊ جي پاڻيءَ منجهه ڇُلي رهيا هئا. ڪي کن هُو به چُپ رهيو ۽ مان به. ڪي کن پوءِ ساڳئي وقت تي هُن به چيو: ”پر تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي!!“ مون به چيو: ”ها! تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي.“
    سوال ته نه هُن پئي مون کان ڪيو، نه ئي مون. بس مون ئي پنهنجي اڻپوري ڇڏيل ڳالهه کي اُتان کان ڳالهائڻ شروع ڪيو، جتي ڇڏيو هئم.
    چيم: ”منهنجو پيءُ منهنجي جوان ٿيڻ کان پهرئين ئي دُشمن جي هٿان مارجي ويو. هو اسان جي سامهون ڀريل بندوق کڻي نڪتو هو دُشمن کان پنهنجن ابن ڏاڏن جو وير وٺڻ، پر موٽيو هو، هُن جو رتوڇاڻ لاش. سڄي برادري مڇرجي پئي. مون کي پيءُ جي ڇڏيل پڳ ٻڌرائي وئي ۽ اُن جي اها ئي ڀريل بندوق منهنجن هٿن ۾ ڏني وئي. مون کي اڃا تائين اُن بندوق جي نال تي لڳل رت جا لينگها ياد آهن. منهنجي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو هو. مون اُن پل ئي من ئي من ۾ جيئڻ جو فيصلو ڪيو هو. بلڪل ائين، جيئن منهنجي ماءُ مون کي چوندي پئي آئي. مون اها رت رڱيل بندوق هميشه لاءِ پنهنجي ماءُ جي لوهي ڪٻٽ ۾ بند ڪري ڇڏي هئي. مان پنهنجي ماءُ جي سامهون بنا هٿيارن جي جڏهن گهران نڪرندو هئس ته هُن جون اکيون اُڻٽيهينءَ جي اونداهيءَ ۾ کڙکُٻيتن جيان جرڪنديون پيون محسوس ٿينديون هيون. هوءَ چپن ئي چپن ۾ ڪجهه ڀُڻڪندي منهنجيءَ پُٺ ڏانهن شوڪاريندي هئي ۽ مان در جي چانئٺ ٽپندي ٽپندي اُن جي ٿڌاڻ پنهنجيءَ پُٺيءَ تي محسوس ڪندو هئس. مان بنان هٿيارن جي، خالي هٿين اُنهن رستن تان به لنگهڻ لڳو هئس، جتان منهنجن ابن ڏاڏن جا دشمن به لنگهندا هئا. خالي هٿن جو هڪڙو عجيب نشو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هو دنيا جو سڀ کان سگهارو ماڻهو آهي. هر ويڙهه ۾، بنا وڙهڻ جي، هُن جي سوڀ ٿيڻي آهي. مان به ائين محسوس ڪندو هئس. اُنهن رستن تان، جتان منهنجو پيءُ هٿيارن ۽ پهريدارن کان سواءِ ڪونه لنگهندو هو، مان خالي هٿن ائين لنگهندو هئس، ڄڻ مون کي موت ته موت پر زندگيءَ جي به پرواهه ڪانهي. ماڻهو مون کي چريو سمجهڻ لڳا. راڄ برادريءَ وارا مون کي بي غيرت ۽ ويڪو چوڻ لڳا ۽ مون تي پنهنجن خالي هٿن جو نشو ويو اڃا به چڙهندي. اهڙي ئي ڪيفيت ۾ هڪ شام مان اُنهن رستن تان وڃي رهيو هئس. واهه جي ڪپ تان لنگهندڙ ڪچي رستي تي جيپ ڊرائيو ڪندي منهنجي ذهن تان ورثي ۾ مليل پنهنجن ابن ڏاڏن جون دُشمنيون صفا ريٽجي ويون هيون ڄڻ. ۽ مان وِنڊ اسڪرين مان پريان، جهولندڙ کيتن جي هُن پار، لهندڙ سج کي ڏسي سوچي رهيو هئس ته دنيا سچ پچ به ڪيڏي نه خوبصورت آهي! هوا جو هڪڙو جهُوٽو، جيڪو ماڻهوءَ کي ڇُهندو لنگهيو وڃي ٿو، پَنُ، جيڪو ٽاريءَ تان ڇڻي ڪِري ٿو، هڪڙي سنهڙي لهر به، جيڪا پاڻيءَ منجهان اُٿي ٿي ۽ پاڻيءَ منجهه ئي لهي وڃي ٿي ۽ ڪَکُ به، جيڪو اُڏامندڙ پکيءَ جي چهنب مان ڪِري مٽيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. هر شيءِ ۾ ڪانه ڪا سهڻي معنيٰ رکيل آهي. هر شيءِ جي ڇهاءَ ۾ سمنڊ جيڏي گهرائي رکيل آهي ۽ ڪاش ماڻهوءَ کي ان سمنڊ ۾ لهڻ جي مهلت ملي سگهي! بس عين ان پل الاءِ ڪٿان کان گولي ونڊ اسڪرين کان ٿيندي منهنجي ڇاتيءَ مان پار ٿي وئي.“
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي مان چُپ ٿي ويس.
    هُو به چُپ رهيو.
    ٻئي خاموشيءَ سان سمنڊ جي لهرن تي چنڊ جي ڪِرڻن کي ڇُلندو ڏسي رهيا هئاسين.
    ڪيترا ئي پل خاموشي رهي.
    پوءِ هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”مون کي لڳندو هو، خدا هر رات مسجد جي خالي اڱڻ تي منهنجو انتظار ٿو ڪري. مون کي هُن سان پيار ٿي ويو آهي ۽ هُن کي مون سان. هاڻ مان سوال ڪندو هئس ۽ هو مون کي منهنجن سوالن جا جواب ڏيندو هو. الاءِ ڪيترن ڏينهن جي ان ڪچهريءَ ۾ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي ته هُن ڪڏهن به مون کان ڪو سوال ڪونه ڪيو. مان هُن کي ڪيئن ٿو محسوس ڪريان؟ مان هُن جي ڳالهين تي ڪيترو يقين ٿو ڪريان؟ مان ڪيترو هُن سان سچو آهيان؟ ڇا ٿو سوچيان هُن لاءِ؟ ڇا ٿو ڪري سگهان هُن لاءِ! ڪجهه به نه. سوال ڪرڻ وارو صرف مان هئس.
    هڪ اهڙي ئي رات جڏهن اسين ٻئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مسجد جو پيش امام اچي مٿي تي بيهي رهيو. پُڇڻ لڳو: ”تنهنجو فرقو ڪهڙو آهي؟“ منهنجو فرقو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس.
    بُکَ؟؟ بيروزگاري؟؟ بي چيني؟؟ گهاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرڻ ۽ ڦرندي ڦرندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل لِڦون؟؟ موٽ ۾ مليل ڌڪار ۽ اڻ برابري!؟ انهن مان ڪهڙو منهنجو فرقو ٿي سگهي ٿو؟
    پيش امام جو خيال هو ته منهنجو ائين راتين جو هتي ويهڻ شڪ ۾ وجهڻ واري ڳالهه آهي ۽ مون کي پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ کپي. پيش امام مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽ خدا خاموشيءَ سان مون ڏانهن نهاري مُرڪي رهيو هو ۽ پيش امام چئي رهيو هو: ”هيءَ مسجد جنهن فرقي وارن جي آهي، اُنهن ۾ منهنجي باري ۾ سوالن ۽ شڪن جي ڪري بيچيني ڦهلجي رهي آهي. جي مان پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگهان ته پوءِ هن مسجد ۾ اچڻ ڇڏي ڏيان.“ پيش امام جي وڃڻ کان پوءِ مون خدا ڏانهن سوال ڪندڙ اکين سان نهاريو. موٽ ۾ هُو مرڪي پيو. چيم: ”هاڻي مان توسان ڪٿي ملندس؟؟؟ هن شهر ۾ ته اهڙي ڪائي ڪُنڊ ڪانهي جتي ماڻهو اڪيلو لڪي ويهي سگهي، شهر وارن کان به، پنهنجي پاڻ کان به ۽ زندگيءَ کان به.“ ڪيتري دير اسين ٻئي خالي مسجد جي اڱڻ ۾ ويٺا رهياسين. هُو مرڪندو رهيو ۽ مان روئندو رهيس. اُن ٻار جيان، جيڪو اسڪول وڃڻ نه چاهيندو هجي ۽ هن جي مُرڪ ڄڻ چئي رهي هئي ته: ”اسڪول ته توکي وڃڻو ئي آهي.“ اُن رات گهر پهتس ته زال منهنجي انتظار ۾ در جي سامهون ئي ويٺي هئي. منهنجي گهڙندي ئي چيائين: ”وڏي پُٽ کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، چار مهينا في نه ڏيڻ ڪري.“ مان بي دم ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. پاڻي گهريم، پاڻيءَ جي گلاس سان گڏ چيائين: ”لائيٽ وارا آيا هئا، لائيٽ ڪٽڻ. ٻن مهينن جو بل ڪونه پياريل آهي. پر منٿ ميڙ ڪري سڀاڻڪو ڏينهن گهريومانِ. سُڀاڻي جي بل نه پياريو ويو ته هُو ٻيهر اچي لائيٽ ڪَٽي ويندا.“ مان پاڻيءَ جو اُهو گلاس سڄي رات ڪونه پي سگهيس. ڀت ۾ منهن هڻي اکيون ٻوٽي ڇڏيم. منهنجي پُٺيءَ ۾ منهن هڻي هوءَ چئي رهي هئي ته: ”تون ته گهر کان ٻاهر الاءِ ڪجهه کائين به ٿو يا نه، پر ڪا خبر به اٿئي ٻن ڏينهن کان گهر ۾ کنڊ، آئل، چانهه جي پتي ۽ اٽو ڪونهي. دال ۽ چانور به اچي ختم ٿيا آهن. کير وارو به هاڻي روز ڏيڍ لِٽر کير ۾ لپ کن زهر جي ڏيو وڃي ته کير وٺو ٿا پر پئسا ته ڪونه ٿا ڏيو. تون ته هوندو ئي ڪونه آهين، مون اڪيليءَ کي ئي اهو سمورو زهر پيئڻو پوندو آهي.“
    منهنجي پُٺي هوريان هوريان هُن جي لڙڪن سان ڀِڄي رهي هئي. ٻئي ڏينهن مان آفيس مان ائين ڀڳو هئس، جيئن ٻار اسڪول مان ڀڄندا آهن. بنان ساهه کڻڻ جي هڪڙي ئي ڊوڙ ۾ گهر وڃڻ بدران پنهنجي پناهه گاهه ۾ وڃي لڪندا آهن، جيسين اسڪول جو ٽائيم ختم ٿئي. ٽاڪ منجهند جو آسمان ۽ ڌرتي ٽامي جيان تپي رهيا هئا. مسجد ۾ اڳين نماز جي آخري رڪعت پڙهجي رهي هئي. مان به ٻانهون ٻڌي وڃي بيهي رهيس. منهنجيون اکيون بيچينيءَ مان نمازين جي هُن پار خدا کي ڳولهي رهيون هيون. دل جيڪا رات کان ڦٿڪي پئي، انهيءَ کي اڄ سندس تسليءَ جي ٻن ٻولن جي ڏاڍي ضرورت هئي. الاءِ ڇو اڄ هُو ڪونه آيو هو. نماز ختم ٿي، مان به اُداس دل سان نمازين سان گڏ ٻاهر نڪري آيس. جُتي پيرن ۾ پائي مسجد جون ڏاڪڻيون لٿس ئي پئي ته ڏٺم هُو مسجد جي ٻاهر بيٺو هو. مون اتاولائيءَ مان کيس سڏڻ لاءِ چپ کوليا. هُن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هٿ به مٿي کنيم ۽ ڏانهس ڊوڙ پائڻ لاءِ نمازين جي رش کي وچ تان چيريندي رستي ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪيم ئي پئي جو عين ان پل سامهون کان ڪو شخص نمازين کي ڌڪيندو الله اڪبر جو نعرو هڻندو، مسجد ڏانهن ڌوڪيندو پئي آيو ۽ مون سان ٽڪرائجي ويو ۽ بم بلاسٽ ٿي ويو.“
    هاڻي هُو به چُپ هو ۽ مان به چُپ هئس.
    مان ته رنس ئي پئي پر هُو به هاڻي روئي رهيو هو. کاري سمنڊ ڪناري ڪيتري دير اسين پنهنجا پنهنجا لڙڪ لاڙيندا رهياسين.
    پوءِ هُن پڇيو: ”تنهنجو لاش ڪٿي آهي؟“
    چيم: ”گهاٽي ٻيلي جي پيٽ ۾ اڇلي ڇڏيئون مون کي . اڃا تائين ته منهنجن وارثن کي ڪونه لڌو آهي. ڳولها ته هلي پئي وارثن طرفان، پر الاءِ چچريل ۽ ٽڪر ٽڪر ٿيل لاش کي هو سُڃاڻي به سگهندا يا نه؟“
    پڇيومانس: ”تنهنجو لاش ڪٿي آهي؟“
    هو اُداسيءَ مان کلي پيو.
    چيائين: ”منهنجو ڪهڙو لاش! مان ته پُرزا پُرزا ٿي ويس. اڃا تائين خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ته خود ڪش حملي آور سان گڏ ٻيو ڪير هو؟ منهنجي زال چرين جيان اسپتالن ۾ پيل زخمين ۽ مڙداخانن ۾ مون کي ڳولهيندي وتي.“
    هو به ٿڪجي چڪو هو ۽ مان به ٿڪل ئي هئس. هُو به سمنڊ ڪناري واريءَ تي، لهرن ڏانهن پير ڪري ليٽي پيو. مان به هُن جي ڀر ۾ ليٽي پيس. هُن به اکيون ٻوٽي ڇڏيون، مون به اکيون ٻوٽي ڇڏيون .


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515362
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ