ڪتاب جو نالو: چِٺيون چَندَن واسُ
مصنف: علي محمد شاهه لڪياري
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 29 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 966 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 216 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”چِٺيون چَندَن واسُ“ محترم علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن جيل مان، جيل ۾ ۽ سنڌ مان جيل ۾ آيل خطن جو مجموعو آهي. علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن لکيل هي سڀئي خط 1980ع واريءَ ڏهاڪي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو چِٽو آئينو آهن.
”چٺيون چَندن واس“ ۾ آيل خط، ڪشمش، زبانن تي تالا بندي، ظلم و جبر، حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون، ڦٽڪا، سزائون قيد ۽ بند جو عقوبتون ڏيڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بلند حوصله ۽ ڪارونجهر جهڙي اڏولتا وغيره جي ڀرپور عڪاسي ڪري پڙهندڙ کي اڄ جي ٽڪي، ٽڪي تي وڪامندڙ دور ۾ حوصلو، همت، اڏولتا ۽ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو درس ڏين ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپـنـا
  • چِٺيون، چَندن واسُ، اکر کُڙ-کُٻيتڙا
  • سنڌ سلامت پاران
  • خطن جا خالق
  • اداريو
  • ڪپر ٿو ڪُن ڪري
  • زبانن تي تالا
  • عبدالواحد آريسر
  • حافظ محمد بخش خاصخيلي
  • تاج جويو
  • حفيظ قريشي (جونيئر)
  • غلام نبي سومرو
  • مٺل حيدري
  • راشد مورائي
  • غلام رسول مستانو
  • شيخ مجيب الرحمٰن
  • ناز لطيفي
  • محمد عمر سيال
  • عزيز الرحمان شيخ
  • وليد خان شيخ
  • محمّد صديق پرهيار
  • رسول بخش ٿيٻو
  • عبدالصمد ڪانڌڙو
  • محمّد خان ابڙو
  • فقير الهه بچايو لغاري
  • سليمان جتوئي
  • رزاق جسڪاڻي
  • ولڻ ملاح
  • غلام حُسين ميربحر
  • جواڻ خان مري سنڌي
  • ذوالفقار علي مري
  • فرمان علي شاهه
  • محمّد حسين ڌنجي
  • محمد ياسين جتوئي

  • ارپـنـا

    قاصد، امام حسين عليھ السلام، حضرت ”جُون“ عليھ السلام جي قدمن ۾ رکان ٿو. حضرت جُون عليھ السلام، اصحاب امام حسين عليھ السلام آهي ۽ ڪربلا مان امام حسين جي مبارڪ هٿن سان لکيل چٺي ڪوفه ڏي حضرت حبيب ابن مظاهر ڏي کڻي ويو ۽ انهيءَ کي وڃي ڏنائين ۽ پوءِ ٻئي اصحاب حسين ڪربلا جي رڻ ۾ سانئڻ فاطمه زهرا اسلام الله عليها جي ٻچڙن تان قربان ٿي ويا.

    علي محمد شاهه لڪياري


    چِٺيون، چَندن واسُ، اکر کُڙ-کُٻيتڙا

    چِٺيون، چَندن واسُ، اکر کُڙ-کُٻيتڙا،
    سِٽون ساهه کڻن پيون، ورق، ورق اِتهاسُ،
    اُجرو ٿيو احساسُ، جذبا جاڳي پيا وري.

    (بخشل باغي)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (221) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”چِٺيون چَندَن واسُ“ محترم علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن جيل مان، جيل ۾ ۽ سنڌ مان جيل ۾ آيل خطن جو مجموعو آهي. علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن لکيل هي سڀئي خط 1980ع واريءَ ڏهاڪي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو چِٽو آئينو آهن.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    ”چٺيون چَندن واس“ ۾ آيل خط، ڪشمش، زبانن تي تالا بندي، ظلم و جبر، حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون، ڦٽڪا، سزائون قيد ۽ بند جو عقوبتون ڏيڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بلند حوصله ۽ ڪارونجهر جهڙي اڏولتا وغيره جي ڀرپور عڪاسي ڪري پڙهندڙ کي اڄ جي ٽڪي، ٽڪي تي وڪامندڙ دور ۾ حوصلو، همت، اڏولتا ۽ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو درس ڏين ٿا.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    خطن جا خالق

    • عبدالواحد آريسر
    • حافظ محمد بخش خاصخيلي
    • تاج جويو
    • حفيظ قريشي (جونيئر)
    • غلام نبي سومرو
    • مٺل حيدري
    • راشد مورائي
    • شهيد غلام رسول مستانو
    • شهيد مجيب الرحمان
    • ناز لطيفي
    • محمد عمر سيال
    • عزيز الرحمان شيخ
    • وليد خان شيخ
    • محمد صديق پرهياڙ
    • رسول بخش ٿيٻو
    • عبدالصمد ڪانڌڙو
    • محمد خان ابڙو
    • فقير الهبچايو لغاري
    • سليمان جتوئي
    • رزاق جسڪاڻي
    • ولڻ ملاح
    • غلام حسين ميربحر
    • جواڻ خان مري سنڌي
    • ذوالفقار علي مري
    • قربان علي شاهه
    • محمد حسن ڌنجي
    • محمد ياسين جتوئي


    اداريو

    سِپ پبليڪيشن، ڪتابن جي سلسلي جي حَسين تسلسل کي برقرار رکندي، هڪ ڀيرو وري ”ڪايا منجهه ڪڙن“ (جيل ڊائري) جي ليکڪ علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن جيل مان، جيل ۾ ۽ سنڌ مان جيل ۾ آيل خطن جو ڪتاب ”چِٺيون چَندن واس“ آڻيندي خوشي محسوس ڪري رهي آهي.
    علي محمد شاهه لڪياري ڏانهن لکيل هي سڀئي خط 1980ع واريءَ ڏهاڪي جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو چِٽو آئينو آهن. ڇاڪاڻ جو وقت ته هر حال ۾ گذرڻو ئي آهي ۽ گذرندو رهندو، پر اُن وقت جي وهڪري تي مُهر ثبت ڪرڻ لاءِ تحرير جي تُرهي تي چڙهي هُن ڀر پُهچڻ وارا ئي وقت کي پنهنجي وس ۾ آڻي کيس قيد ڪري، ايندڙ وقت جي ماڻهن لاءِ ڪيترائي تجربا، احساس، ڏک، درد، موسمن جا رنگ، آزادي يا قيد ۽ بند وغيره جا اکرن جي آرسي ۾ عڪس چٽي ڇڏيندا آهن. جن جي آڌار تي ايندڙ دور جو ماڻهو نظرياتي توڙي فڪري حوالي سان پنهنجون راهون هموار ڪري سگهندو آهي.
    ”چٺيون چَندن واس“ ۾ آيل خط، ڪشمش، زبانن تي تالا بندي، ظلم و جبر، حق ۽ سچ لاءِ آواز اُٿاريندڙن لاءِ ڦاهيون، ڦٽڪا، سزائون قيد ۽ بند جو عقوبتون ڏيڻ ۽ اهڙين ٻين ڪٺن حالتن ۾ ڌرتيءَ جي جوڌن جا بلند حوصله ۽ ڪارونجهر جهڙي اڏولتا وغيره جي ڀرپور عڪاسي ڪري پڙهندڙ کي اڄ جي ٽڪي، ٽڪي تي وڪامندڙ دور ۾ حوصلو، همت، اڏولتا ۽ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري جو درس ڏين ٿا.
    سنڌ جي 1947ع کان پوءِ واري سياسي، سماجي، ادبي صورتحال سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ اهڙو حوصلو ۽ سبق آهي، جيڪو غلام قومن جي لاءِ آزادي جا رستا هموار ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي خط پڙهندي اکين ۾ لڙڪ به اچن ٿا ته روح کي قوت به عطا ٿئي ٿي.
    خط، سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جاءِ والارين ٿا، اهڙن خطن جي حوالي ۾ سائين جي. ايم سيد، علامه آءِ. آءِ قاضي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، محمد امين کوسو، جا خط سنڌي ادب جا شاهڪار هُجڻ سان گڏ، پنهنجي دور جي خوبصورت تاريخ پڻ آهن. اهڙين لکڻين جو مطالعو هر پڙهندڙ جي ذهن تي ڏاڍا پُختا ۽ مثبت اثر ڇڏي، ذهنن تان زنگ ڌوئي صاف ڪري ڇڏي ٿو.
    ”چِٺيون چَندن واس“ جي خطن ۾، جيڪي علي محمد شاهه لڪياري کي جيل ۾ قيد دوران لکيا ويا آهن. اُنهن خطن ۾ علي محمد شاهه جي قومي، نظرياتي ۽ فڪري وابستگي، ارادن ۾ اڏولتا ۽ ان وقت سندس جدوجهد جي ڀرپور معلومات ملي ٿي. هي اڄ جو اجرڪ جي پَٽڪي وارو صحافي، صوفي منش، هٿ جوڙ وارو ماڻهو، ڪالهه قومي تحريڪ جو هڪ باعمل ۽ سچو سپاهي به هو، ۽ اُهي ٻه دور هڪ ٻئي جو ڀرپور تسلسل آهن بقول شاهه سائين جي.
    ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن،
    سرتيون سارو ڏينهن، هنيئڙو هنڌ نه هيڪڙي.
    (شاهه)
    هي ڪيفيتن جي موسمن جا رنگ، ڀلي مٽبا رهن، پر اُنهن سڀني رنگن تي هڪ ئي رنگ غالب رهي ٿو. اهو آزادي پسند، غلام قومن جي شعور جي پالنا ڪري سندن سرشت ۾ اهڙو ته گهرو لهي، جڙون پڪڙي ٿو جو ماڻهو وقت ۽ حالتن جي طوفان ۾ ڪٿي به ڪک پَن ٿي وڃي پر اُهو ميخون ڪري ويل جذبو، احساس، ڪڏهن به ختم نه ٿي سهگندو آهي.
    اهو ئي ڪارڻ آهي جو علي محمد شاهه لڪياري اڄ به پنهنجي روح ۾ رچيل ۽ بسيل آزاديءَ جي خواب ۽ سائين جي. ايم سيد جي فڪري شعور جي مٽن مان پيتل مَڌ جي خمارن کي پنهنجي رت ۾ سنڀالي رکيو آهي. جنهن مَڌ لاءِ ڀٽائي سرڪار به فرمايو ته:
    مَڌ پيئندي مون، ساڄن سهي سُڃاتو.

    بخشل باغي
    اڱارو 22 فيبروري 2011ع
    Cell: 0300-3217411


    ڪپر ٿو ڪُن ڪري

    اهو شايد 93 يا 94، جو سال /دور هُيو، جو نواب شاهه سوسائٽي ۾ اُن وقت قائم علي شاهه آيل هو. مان به اُن هنڌ موجود هئس. مُختلف صحافين قائم علي شاهه کان مختلف سوال پئي پُڇيا. اُنهن صحافين ۾ هڪ صحافي قائم علي شاهه کان سوال پڇيو ته ”اوهان سائين جي. ايم سيد کي قيد ۽ نظربند ڇو ڪيو آهي؟
    اهڙي قسم جي سوال ٻُڌڻ سان منهنجو ڌيان اُن سوال پُڇندڙ صحافي ڏانهن ويو. مون ڪنهن کان سندس نالو پڇيو، ته ڪنهن ٻڌايو ته اهو صحافي، علي محمد شاهه لڪياري آهي. هي اجرڪ جي پَٽڪي سان ماڻهن جي ميڙ ۾ الائي ڇو مونکي ڏاڍو پنهنجو، پنهنجو لڳو. اِها منهنجي علي محمد شاهه سان شناسائي واري پهرين ملاقات هئي ۽ پوءِ اڄ ڏينهن تائين اهو پنهنجائپ ۽ خلوص وارو ۽ خاص طور تي نظرياتي ۽ فڪري هم آهنگيءَ وارو رشتو قائم آهي.

    علي محمد شاهه جي جيل ڊائري ”ڪايا منجهه ڪڙن“ پڙهي ساڻس اڃا به وڌيڪ سنڌ ڌرتيءَ وارو رشتو مضبوط ڀانيان ٿو. هُون به مون کي سائين جي. ايم سيد ۽ سندس نظريي ۽ فڪر سان دل و جان سان محبت آهي. مان هر سنڌي کي آزادي جي قافلي جو سپاهي سمجهندو آهيان. ڇو ته سنڌ ڌرتي اسان سڀني جي ماءُ ڌرتي آهي، ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انياءُ ۽ ڏاڍايون مون کي استحصالي طبقي سان آزادي جي ويڙهه لاءِ اُتساهين ٿا ۽ مون کي بي چين ڪري وجهن ٿا. منهنجي دلي خواهش آهي ته شال سنڌ جا سڀئي سنڌي هڪ ٿي سنڌ جي آزادي جي واٽ تي گڏجي جدوجهد ڪيون ۽ پنهنجن سورن جو پاڻ علاج ڪري. غلامي جا ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي ڦِٽا ڪيون. اڄ هي جيڪو علي محمد شاهه آهي، يا ٻيا جيڪي به سنڌ سان محبت ڪن ٿا، يا اُن جي آزادي لاءِ پاڻ ارپڻ ڪن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه سائين جي. ايم سيد جي عظيم شعور جو ڪرشمو آهي. آخر ۾ ڀٽائيءَ سرڪار جو شعر ته:

    بندر جان ڀَئي، ته سُکاڻيا مَ سُمهو،
    ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مَهي،
    ايڏو سور سَهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
    (شاهه)

    مُختيار چارڻ
    23 فيبروري 2011ع


    زبانن تي تالا

    مون جڏهن مئٽرڪ پاس ڪري مهراڻ ڪاليج مورو ۾ فرسٽ يئر ۾ داخلا ورتي هُئي ته انهيءَ دوران سنڌ جي سڄڻ ۽ املهه انسان راشد مورائي سان واقفيت ٿي. جيڪا پوءِ برادريءَ ۾ تبديل ٿي وئي، ۽ اڄ تائين برقرار آهي. انهيءَ مونکي هڪ ته ٻاٽ اونداهه مان ڪڍي روشن دنيا جو درشن ڪرائيو. ٻيو ته مونکي هن اها صلاح ڏني ته ”جيڪو به خط اچي يا چٺي چڦاٽي اچي ته اها ضايع نه ڪجان، ۽ اها ساهه سان سانڍهي رکجان“ ۽ پوءِ مون ائين ئي ڪيو، جيڪي به خط يا چٺيون پهتيون اُهي مون سانڍي رکيون ۽ مونکي سائين جي ايم سيد جي شهر سن ۽ جي ايم سيد جي زيارت ۽ انهيءَ سان ڪچهريون ڪرڻ لاءِ به آءٌ ٿورائتو آهيان راشد مورائي جو. انهيءَ کانسواءِ ٻيو جيڪو مونکي فائدو ٿيو ته سنڌ جي ناموَر اديبن سان منهنجي شناسائي به راشد جي ڪري ٿي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جي چڻنگ منهنجي دل ۾ راشد، ئي دکائي. جيڪا هيئنر ڀنڀٽ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.
    اهوئي سبب آهي، جو جڏهن آءٌ ۽ ستار موريو کي انٽر نيشنل هاسٽل جي روم نمبر 63 تان رات جي اونداهيءَ ۾ ايس ڊي ايم قلي بخش رند، ايس پي لالا اعظم ۽ ايم ايس پي قربان علي شاهه گمبٽ واري گرفتار ڪيو، ۽ پوءِ 18 فيبروري 1980ع کان 14 ڊسمبر 1982ع تائين جو اٽڪل ٽن ورهين جو عرصو جيل ۾ گذريو ۽ جيل ۾ جيڪو ڪجهه وهيو واپريو اهو احوال ته جيل ڊائري ”ڪايا منجهه ڪڙن“ ۾ ڇپجي ويو آهي. ليڪن جيل ۾ جيڪي خط ۽ چٺيون اينديون هيون، اهي سانڍي رکندو هوس، ۽ پوءِ اهي جڏهن به مارشلا ڪورٽ ۾ شنوائي ٿيندي هئي ته، اتي ڪنهن ذميوار دوست يا پنهنجي ننڍي ڀاءُ ارباب علي شاهه جي حوالي ڪندو هوس.
    جيل جي به عجيب دنيا آهي، ۽ مارشلا جي فوجي دور ۾ جيل جي شڪل، صورت ۽ آفيسرن جو رعب تاب ۽ دٻدٻو به عجيب هوندو هئو. انهيءَ دور ۾ نارا جيل حيدرآباد ۾ سيد محبوب حسين، جيل سپرنٽينڊنٽ هئو ۽ روزاني انهيءَ لاءِ مشهور هئو ته آفيم جو روڙو کائيندو هئو ۽ سڄو ڏينهن پنڪيون کائيندو وتندو هئو ۽ نارا جيل ۾ ستار موريو، آءٌ ۽ منظور پنهور دادو جو، سڄي وارڊ جي ٽن ڌار – ڌار کولين ۾ بند هوندا هئاسين ۽ اسان جي مسلسل ڇهن مهينن تائين حيدرآباد جي مارشلا ايڊمنسٽريٽر قاضي سعيد الدين جي حڪم تي ملاقات به بند هئي ۽ کولين مان به ٻاهر ڪڍڻ جي مهرباني ڪندا هئا، ته ڪڏهن وري 24 ڪلاڪ جيل ۾ بند هوندا هئاسين. جيل جي قانون موجب هڪ باريڪ ۾ قيدي اِڪي ۾ رکڻا هوندا آهن. ۽ اسان به ٽي ڄڻا هوندا هئاسين. پوءِ به اسان کي گڏ نه رکندا هئا ۽ ڇهن مهينن تائين اسان کي جيل جي دال ۽ ٻيون ڀاڄيون ڀانءَ پئجي ويون، ۽ جيل عملي سان به عليڪ سليڪ ٿي وئي، ته جيل جو هڪ سپاهي محمد بخش چانڊيو جيڪو ليٽ ننگر خان چانڊيو مٽياڻي جي ڀرسان ويٺل هئو، انهيءَ کي مون پهريون خط سڪرنڊ جي ساٿي ولڻ ملاح لاءِ لکي ڏنو ته اهو پوسٽ ڪري ڇڏي، پر انهيءَ چانڊيي سپاهي خط ٽپال ۾ موڪلڻ بجاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ سيد محبوب حسين کي وڃي ڏنو ۽ اهو خط مارشلا اختيارين جي حوالي ٿي ويو ۽ پوءِ منهنجي مٿان سختي وڌي وئي ۽ انهيءَ خط ۾ مون ولڻ ملاح کي لکيو هئو ته ”جڏهن هٿ جي تريءَ تي وار ڄمي ايندا ۽ سج اولهه کان اڀرڻ شروع ڪندو ته پوءِ آءٌ پنهنجي ساٿين جي باري ۾ مارشلا جي فوجي سپاهين جي پادرن کان خوف کائي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندس ۽ تون يقين ڪر ته آءٌ پنهنجي مُئل ڀاءُ جو گوشت کائي سگهان ٿو، پر دوستن جي باري ۾ فوجين کي ڪابه معلومات نه ڏيندس“ ۽ جڏهن مونکي اها خبر پئي ته چانڊيي سپاهي ويساهه گهاتي ڪئي آهي، ته مون سندس وڏي ڀاءُ، چڪر جمعدار علي نواز چانڊيي کي دانهن ڏني ته هي تنهنجي ڀاءُ جا ڪم آهن ته انهيءَ چيو ته ”اسان جيل جا ملازم آهيون ۽ اسان کي جيڪو خط ملندو يا ٻي معلومات ملندي ته اها جيل انتظاميه کي ٻڌائينداسون ۽ پوءِ مونکي خبر ناهي ته ولڻ ملاح سان ڇا ٿيو يا نه ٿيو پر منهنجي خطن ۽ چٺين چپاٺين جي چوڪي گهڻي ٿيڻ لڳي. بهرحال آهستي آهستي جيل جا عملدار ڪجهه تبديل ٿيا، ٻيا نوان آئيا ۽ اسان به جيل جا قيدي پراڻن قيدين ۾ شمار ٿيڻ لڳاسون ۽ ملاقاتون به جيل جي ماڙيءَ ۾ ٿينديون هيون ۽ پوءِ خط، چٺيون چڦاٽيون دوستن جي هٿان موڪليندا هئاسون.
    جيل جيئن ته هڪ محدود دنيا آهي، جنهن جا ڪمرا، ڀتيون، ساڳيا ماڻهو روز، روز ڏسڻ جي ڪري دل ڀرجي ايندي هئي ۽ جيڪڏهن نئون قيدي ايندو هئو ته انهيءَ سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي ۽ انهيءَ کي تشدد جو نشانو بنائيو ويندو هئو، ۽ بند وارڊ ۾ بند ڪيو ويندو هئو، ته جيئن اسان پنهنجون من جون مرادون انهيءَ قيديءَ مان پوريون ڪري سگهون ۽ جيل انتظاميه جي اها پرئڪٽس هوندي هئي ۽ پوءِ اهو قيدي مجبور ٿي جيل انتظاميه جو کيسو گرم ڪندو هئو. پوءِ اسان سان ملاقات به ٿيندي هيس ۽ ليپا پارٽيءَ مان به جان ڇٽي پوندي هيس. اهڙي صورتحال ۾ اسان قومپرست دوستن پنهنجي مٽن مائٽن دوستن احبابن کي شنوائي تي يا جيل تي ملاقات دوران عرض ڪري ڇڏيو هئو ته خط ۾ سوچي سمجهي لکندا ڪيو، ائين نه ٿئي جو اسان ۽ توهان ڏچي ۾ اچي وڃون ۽ ضياء الحق جي مارشلا جا پادر اسان ته کاڌا آهن پر توهان ٻاهر وارن بچيل دوستن کي به نه لڳن ۽ ڪافي دوست خط علامتي انداز ۾ غلط نالن ۽ فرضي شهر جا نالا ۽ دوستن جا نالا لکي موڪليندا هئا.
    انهن خطن موڪليندڙن مان عبدالواحد آريسر جا سڀ خط اڪثر ڪري هٿو هٿ ملندا هئا، ۽ ٽپال ۾ نه ملندا هئا ۽ جيڪي مونکي چٺيون ۽ خط دوست لکندا هئا انهن مان ڪجهه ته منهنجي جيءَ جا جيارا، پرين، پيارا اسان کي هميشھ لاءِ وڇوڙو ڏئي، جدائي جو داغ ڏئي ويا آهن. انهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي نوان جتوئي جو، غلام نبي سومرو شهداد ڪوٽ جو، شهيد غلام رسول مستانو، سن جي ڀرسان ڳوٺ قبي جو، شيخ مجيب الرحمان جيڪي منهنجو هاسٽل تي روم ميٽ هئو، محمد صديق پرهيار مورو جو ۽ ولڻ ملاح سڪرنڊ جو هئو. شامل آهن. ۽ انهن جي هن ”چٺيون چندن واسُ“ خطن جي ڪتاب ۾ خطن جي صورت ۾ خوشبوءِ شامل آهي.
    جيل ۾ آءٌ قيدي جي حيثيت ۾ نارا جيل حيدرآباد ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رهيو آهيان، ۽ مونکي خط سڄي سنڌ مان ۽ جيل مان دوستن لکيا آهن، انهن جو تعداد ته تمام گهڻو آهي، پر خرچ جي گهٽتائي ۽ دير ٿي وڃڻ ڪري سپ پبليڪيشن جي ساٿين بخشل باغي ۽ ستار سندر جي فرمائش تي چونڊ خط شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ 26 دوستن کي شامل ڪيو ويو آهي. حقيقت اُها آهي ته آءٌ نارا جيل حيدرآباد مان 14 ڊسمبر 1982ع تي آزاد ٿيو آهيان. ۽ هينئر 5 مارچ 2011ع آهي، ۽ انهيءَ عرصي دوران 29 ورهيه گذري ويا آهن. ۽ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ مونکي جيڪي اولاد ٿيو اُهو به شادي شده ٿي ويو آهي، ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيل جي ڊائري جيڪا مختلف ڌوٻين ڌوتل ڪپڙن جي ويڙهيل خاڪي پنن ۽ ٻين ڪاغذن تي لکيل هئي اها مون اتاري ڇڏي هئي، ۽ جيڪي خط پهتل هئا اهي به مون سانڍي رکيا هئا. ۽ مونکي سپ پبليڪيشن وارن دوستن بخشل باغي ۽ ستار سندر چيو ته اهو جيل ڊائري جو ڪتاب اسان ڇپرايون ٿا. اسان کي ڏيو ۽ مون انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ جيڪي ڳالهيون جيل ۾ روزمره جون هيون، هاڻي اُهي تاريخ محسوس ٿي رهيون آهن ۽ اسان قومپرست قيدي ساٿين رسول بخش ٿيٻو، غلام نبي سومرو، قمر ڀٽي، عبدالواحد آريسر، صمد ڪانڌڙو، شيخ مجيب ۽ ٻين کي اها هدايت مليل هئي ته سائين جي ايم سيد کي سن خط لکو ٿا ته انهيءَ تي خط جي مٿان لفافي تي سائين جي ايم سيد جو نالو نه لکو، بلڪ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو جو نالو لکي موڪليو ته پوءِ اهو خط سائين جي ايم سيد کي ملي ويندو هو ۽ اڪثر ڪري انهن خطن جو جواب سائين جي ايم سيد اعتماد جوڳن ڪارڪنن کي زباني ٻڌائيندو هئو ۽ اهو جواب اسان کي سينه به سينه واپس ملندو هئو ۽ اهو سڄو ڪرشمو ضياء الحق جي مارشلا جو هئو.
    زبانن تي تالا، تخيل تي پهرا،
    لکڻ کان به وياسين، ڪُڇڻ کان به وياسين،
    مليو جي ڪڏهن ڪو به همدم اسان کي،
    پري کان ئي گونگا اشارا ڪياسون.
    (ارشد)

    هي شعر انهيءَ مارشلا جي دور ۾ قابل احترام سائين عبدالحڪيم ارشد جو چيل آهي ۽ انهيءَ دور جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ اها صورتحال هوندي هئي ته متان لکيت ۾ ڪا شيءَ ظاهر نه ٿي پئي. ۽ پوءِ ڇهه وال ڳچيءَ ۾ ڇڪ ڇڪان شروع ٿي وڃي.

    جيل ۾ جيڪي خط مون وٽ ايندا هئا، ته اسان خوش ٿي خط ڏسڻ سان قيدي ساٿي گڏجي ويندا هئاسين ته ڪنهن جو خط آئيو آهي ۽ پوءِ اڪثر ڪري گڏجي پڙهندا هئاسون، ۽ شاعر رحيم بخش قمر جو ريڊيو تي هلندڙ اُن وقت جو مشهور ڪلام ”خط تنهنجو پُهتو، تنهنجي مهرباني“ قيدي دوست گڏجي خوشيءَ ۾ ڳائيندا هئاسون. ۽ افسوس تڏهن ٿيندو هئو جڏهن جيل جي ماڙيءَ تان سپاهي لکيل حالت ۾ خط کڻي وارڊ جي ڪنهن غير ذميوار قيدي دوست کي ڏئي ويندو هئو ۽ اهو خط ايئن گم ٿي ويندو هئو، ۽ انهيءَ خط جا ڦاٽل ٽڪرا وارڊ ۾ اڏامندي حالت ۾ ڏسي منهنجا هوش حواس به ڏک ۾ اڏامڻ شروع ڪندا هئا. انهن ۾ جيڪي مونکي ياد ٿو اچي ته حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ مٺل حيدري جا خط ملندا هئا، باقي سائين راشد مورائي مونکي جيڪو به خط لکندو هئو اهو پوسٽ ڪارڊ تي لکيل هوندو هئو.

    هاڻي تازو آءٌ نوابشاهه ۾ فقير جي ايم ڏاهري جي 21 تاريخ تي ٿيندڙ امير المومينين جي شان ۾ ماهوار صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل ۾ مچ تي ويٺو هوس ته شاگردي واري زماني جو قومپرست ساٿي مختيار چارڻ (جيڪو هينئر ماني مڇيءَ وارو آهي) انهيءَ خطن ۽ جيل جي ڊائري جو پڇيو. مون کيس ٻڌائيو ته خطن جو ڪتاب تيار آهي. ڪو دوست ڇپائڻ وارو هجي ته حاضر آهي، جنهن تي مختيار چارڻ ڪتاب ڇپرائڻ جو وزن پاڻ تي کنيو. جنهن لاءِ سندس وڏا احسان ۽ ٿورا، ڇاڪاڻ ته پاڻ به ساڳئي رستي جو پانڌيئڙو آهي، جنهن جا اسين آهيون. ۽ انهيءَ سان گڏو گڏ سپ پبليڪيشن نواب شاهه جي مهربان دوستن بخشل باغي ۽ ستار سندر معمول مطابق منهنجي هر ڏک ۽ سک ۾ ساٿ نڀائيو آهي ۽ هينئر به هي ڪتاب ”چٺيون چندن واسُ“ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. آءٌ سڀني انهن دوستن جو وار وڇائي اکين سان پنڌ ڪري، ٿورا مڃي رهيو آهيان، ۽ مومنن جو مولا اميرالمومنين علي عليھ الصلوات والسلام انهن کي خوش ۽ آباد رکندو ۽ انهن جو جهوليون سدائين سايون هونديون.

    راتيان ڏينهان ڏور، جا ڏي رضا رب جي،
    اِني تارِ ڪم في ڪُم ثقلين، ڪتاب الله واترتِھ، تارازيءَ ۾ تور،
    ويٺي سڳو سُور، عليءَ جي اولاد جو.
    (شاهه)

    علي محمد شاهه لڪياري
    پريس ڪلب نوابشاهه سنڌ
    Cel: 03003215629
    03337206774


    عبدالواحد آريسر

    [1]

    جيئي سنڌ:
    سڄڻ سائين علڻ شاهه!

    اوهانجا ٻئي خط مليا، جواب ۾ ان ڪري دير ٿي جو سوچيم ته ٿيٻي صاحب وارن جي حاضريءَ جي تاريخ تي جواب ڏيندس، جيڪو يقيني طرح پهچي ويندو، ٻي صورت ۾ خط گم ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو.
    پيارا، خطن ۾ اوهان جن خوبصورت لفظن ۾ نج ۽ نبار خلوص جو اظهار ڪيو آهي، تنهن جي موٽ لفظن ۾ ڏيڻ ته مون جهڙي ماڻهو لاءِ ممڪن ئي ڪونهي.
    اسان ماڻهو هن سماج ۽ ماحول جا مايوس ۽ ذهني مونجهارن جا ماريل، تن کي هڪ مٺو ٻول، ڪو پُرخلوص جملو ۽ ڪا محبت هاڻي ڳالهه جهوري ۽ ڀوري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي شاهراهه تي اسان پنهنجي عمر جا بهترين ڏينهن پٿرائين رستي تي، ٻاٻرن ڪنڊن تي هلندا رهيا آهيون،جتي چئني طرفن کان حقارت ۽ نفرت جي نظرن جا تير اسانکي لڳندا رهيا آهن، اُتي جيڪڏهن اوهان پارن پيارن ماڻهن طرفان ايڏي محبت ملندي رهندي ته هر مشڪل مرحلي تان کلندي گذري وينداسون.
    اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته اُنجو پورو مفهوم ادا ڪرڻ لاءِ ڊڪشنريءَ ۾ ڪو لفظ شايد ئي هجي، اسان سنڌ جي تاريخ جي سڏ جو جواب آهيون، ۽ سنڌي قوم جي هن موقعي تي ضرورت پڻ، ماڻهن کي وقت جي اٿل پٿل وڏي جستجو ۽ ڳولا کان پوءِ ڳولي لڌو آهي، ان لاءِ ته اسان هن سرزمين تي نه صرف نئين سنڌ تشڪيل ڏيون، پر هڪ نئين ۽ نڪور سنڌي قوم ۽ هڪ تاريخ ساز سنڌي ماڻهو ٺاهيون ۽ پنهنجي هن ننڍڙي ڪائنات جا خالق بنجي وڃون.
    توهانجي هتي جي يارن ڪا گرم جوشي ڪا نه ڏيکاري، پوءِ به کين سلام پهچائيندو رهيو آهيان. صرف ”جان من“ (ايوب شورو) جوابي سلام لکڻ لاءِ چيو، ان ڪري سندس ۽ رحمت الله، اقبال ۽ پرويز جا سلام قبول ڪندا، اتي اشرف، اختر، عمر، ملباري، جمعي، مٺل کي سلام چوندا،جمالي ته گهڻو ڪري ڇٽي ويو هوندو.
    پياري صمد ڪانڌڙي کي سلام، چئجوس ته ڏاڍو ياد ايندو آهين، ڇو ته هتي گنجن بندن ۽ ٽيڏن جا ڀنڊار لڳا پيا آهن.
    سائين راشد، ۽ پياري مٺل حيدريءَ ڏانهن خط ۾ منهنجا سلام نياز ۽ حق موجود لکندا.

    نياز مند
    عبدالواحد آريسر
    ناراجيل


    [2]

    پيارا سائين علڻ لڪياري!
    جيئي سنڌ! توهان ڏانهن هڪ خط موڪلي چڪو آهيان، اميد ته ملي ويو هوندو.
    پيارا سائين! آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجي اندر ۾ ڪائي ازل جي اُڃ آهي، جيڪا ڪيترين ئي صورتن ۽ مورتن ڏسڻ سان به نه ٿي اُجهامي، انهيءَ اُڃ اُجهائڻ لاءِ مون اَجهاڳ سفر ڪيو آهي، ايترو اجهاڳ جو هن وقت جڏهن پوئتي مڙي ڏسان ٿو ته مونکي سندم سمورو پيچرو رت هاڻو ٿو نظر اچي، ۽ اهو سمورو رت منهنجي پيرن جي ڦٽن ۽ ڦلوڪڻن جو آهي. اها اُڃ ۽ تئونس صرف اوهان دوستن جي ويجهڙائي ۽ رفاقت سان ئي اجهامي سگهندي آهي، پر افسوس رڳو اهواٿم ته جيل ۾ رهندي به آءٌ توهان جهڙن دوستن جي رفاقت جي آب حيات مان ٻه ٽي سرڪيون ئي مس ڀريندو آهيان، ته وقت جو ظالم وهڪرو اسانکي جسماني طرح هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيندو آهي. جيل جون سختيون منهجي لاءِ نئين ڳالهه نه آهن، سچ پڇو ته جيل جو حقيقي لطف ئي هاڻي اچي رهيو آهي، مونکي انتهائي فخر آهي ته هن دؤر ۾ يعني ان وقت جڏهن هي سرزمين پنهنجي فرزندن لاءِ صنوبر جي بدران ڪوڙا پيدا ڪري رهي آهي. سنڌ ۽ بنگال جي انسانن سان محبت جي جُرم ۾ آءٌ ڪوڙن لاءِ منتخب ٿيو آهيان، جيتوڻيڪ اتي ڪجهه ماڻهو پروپيگنڊا پيا ڪن ته آريسر ڏاڍو ڊنل هوندو. پر مونکي ان ماءُ جي هنج جو قسم جنهن ۾ مخدوم بلاول کيڏيو،ته سزا ٻڌڻ وقت توڻي مونکي اڄ، تر جيترو به فرق ناهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي آءٌ پاڻ حيران آهيان.
    سلام شيخ صاحب،ٿيٻي صاحب ۽ ٻي سڄي سنگت کي چوندا.

    نياز مند
    عبدالواحد آريسر
    نارا جيل
    نوٽ: (هڪڙي ليٽرپيڊ، بليڊ،۽ منهنجا ڪي خط آيا هجن ته موڪليندا.)

    [3]

    نارا جيل
    1980-12-3
    پيارا سائين علڻ شاهه صاحب! سدا خوش هجو.

    جيئ سنڌ !
    توهانجو ۽ صمد جو گڏيل خط مليو، آءٌ توهانجو انتهائي شُڪرگُذار آهيان، جو وقت بوقت مونکي ياد ڪندا رهو ٿا. هڪ فارسي شعر آهي ته:
    دور افتادگان قسمت راياد کردن همت است،
    ورنه هرتحل بپاء خود ثمري افگند.
    يعني: مردانگي ته پري رهيل دوستن کي ياد ڪرڻ آهي، نه ته هرڪا کجور پنهنجي پيرن ۾ ميوو ته اڇلائيندي رهندي آهي.
    اوهان جيڪا ڪيفيت پنهنجي والد صاحب جي اچڻ جي لکي آهي، سا پڙهي مونکي ته سچ پچ روئڻ اچي ويو. هڪ ته اهو روئڻهارڪو منظر ۽ ٻيو وري اوهان جهڙي پياري ۽ پنهنجي ماڻهوءَ سان. توهان خود اندازو لڳائي سگهو ٿا، ته منهنجي ڪهڙي ڪيفيت ٿي هوندي. اها ڪيفيت ۽ حالت ڏسي هڪ اديب سٺي ڪهاڻي يا شعر لکي سگهي ٿو، پر انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ منجهس حوصلو ۽ ولولو پيدا نه ٿيندو آهي. ان ڪري آءٌ چوندو آهيان، ته هڪ انقلابي ڪارڪن دنيا جو حساس ترين انسان هوندو آهي، سندس اکين ۾ ڳوڙها ۽ دل ۾ گندي ماحول کي ساڙڻ لاءِ ٽانڊا هوندا آهن، اهڙو ماڻهو جڏهن قلم کڻندو آهي ته گورڪي، ناظم حڪمت، ٽالسٽاءِ، هيمنگوي، لورڪا ۽ ماياڪو وسڪي ٿي ويندو آهي. يا اسانجي مستقبل جا لورڪا ۽ مايا ڪو وسڪي راشد مورائي ۽ تاج جويو جهڙا اديب ۽ شاعر ثابت ٿيندا.
    سچ پچ هن دور ۾ اوهان جنهن عزم ۽ استقلال سان گُهگُهه اونداهيءَ ۾ روشن ۽ شاندار مستقبل لاءِ حالتن جو مقابلو ڪري رهيا آهيو.ان کي ڏسندي مون جهڙو ڪمزور ماڻهو به پنهنجي اندر ۾ شينهن جي دل محسوس ڪندو آهي. پيارا! فرق صرف سوچ جو آهي، جڏهن هڪ انسان پنهنجي هيڻي حالت تي نظر وجهندو آهي، ان وقت کيس رڳو اهو سوچڻ گهرجي ته هن ملڪ ۽ ديس ۾ اهڙي حالت لکن ڪروڙن ماڻهن جي آهي، ۽ اها حالت تبديل ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ جي تاريخ اسانجي مٿان هڪ اهم ذميواري ۽ فرض عائد ڪيو آهي، ۽ اسانکي اهو فرض هر حالت ۾ پورو ڪرڻو آهي، جڏهن سوچ جي رخ ۾ اها تبديلي آئي، ته ان ماڻهوءَ جي وفاداريءَ جي سرحد تمام وسيع ٿي ويندي، ۽ هو پوري قوم سان اهڙو وفادار ٿي پوندو جهڙو پنهنجي پيءُ زال ۽ ٻار سان.

    نياز مند
    عبدالواحد آريسر


    [4]

    نارا جيل
    1980-12-17

    سدا باغ و بهار هجو.
    پيارا سائين علي محمد شاهه لڪياري!

    خط مليو ڏاڍي مهرباني، ۽ ڪروڙين قرب.
    جڏهن به توهانجو خط ملندو آهي، تڏهن آءٌ ائين محسوس ڪندو آهيان، ته ڄڻ شينهن جي گوشت سان نيرن ڪئي اٿم، خبر ناهي اهو توهانجي محبت جو اثر هوندو آهي، يا اوهانجي بي پناهه محبت، قرب ۽ قومي جذبي جي طاقتور تاثير جو گڏيل معجزو.
    توهانکي ۽ اسانکي وقت اهڙين حالتن ۾ گڏ ڪيو آهي، جڏهن ۽ جنهن وقت ۾ واقعي سچن ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ڏڍ جي سخت ضرورت هوندي آهي. سچ پڇو ته اسانجي وچ ۾ جيڪو رشتو، جيڪو لاڳاپو، جيڪو ڳانڍاپو آهي، تنهن کي دنيا جي ڪنهن به لغت جو ڪوبه لفظ ادا ڪري نه ٿو سگهي. دوستي، پيار ۽ محبت کان اهو رشتو، تعلق، لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو، وڌيڪ اُچو، وڌيڪ گهرو، وڌيڪ پائدار، وڌيڪ مٺو ۽ دل ۽ دماغ جي بي پناهه قوت سان جاءِ وٺندڙ آهي. جنهن کي زماني جي ڪابه گردش ڪو به لوڏو ۽ ڪوبه طوفان پنهنجي جاءِ تان لوڏي يا ڌوڏي نه ٿو سگهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو ڌاڳو صفا ڪچو به ثابت ٿيندو آهي، پر اهو با مقصد ۽ سچن ماڻهن کي، جيڪي بيغرض هوندا آهن، تن جي وچ ۾ فولادي زنج^ير ثابت ٿيندو آهي. مون مٿي لفظ ”بيغرض“ استعمال ڪيو آهي، مولانا آزاد لکيو آهي، ته بيغرض اهو ماڻهو آهي جنهن کي ڪابه تلوار وڍي نه سگهي. پر ان معنيٰ کي اهوئي سمجهي سگهندو. جيڪو خودغرض ۽ لالچ کان مٿاهون هوندو آهي. اهڙن مخلص ۽ بيغرض ماڻهن جي لاڳاپي لاءِ هڪ شاعر چيو آهي.
    تَزُوْل الجِبَالِ الرّاسِياتُ وَ قَلبُهُمˆ،
    عَنِ الحُبِّ لَايَخلُو وَلا يَتَزَلزَلُ.
    يعني: مضبوط پهاڙ پنهنجي جاءِ ڇڏي سگهن ٿا، پر انهن ماڻهن جون دليون پريم کان ڪڏهن به خالي ٿي نه ٿيون سگهن.
    سو پيارا سائين علڻ شاهه! پنهنجي وچ ۾ به اهڙو ئي تعلق آهي.
    ٻيو عرض ته اوهانجي ائڊريس تي منهنجو جيڪڏهن ڪو خط آيو هجي، ته موڪليندا، خالق چيو هو ته مون علي محمد شاهه جي ائڊريس تي خط موڪليو آهي. توهان وٽ منهنجي لکيل ڊائري ۽ ٻن فقيرن تي مضمون آهن، سي ڪنهن طريقي سان موڪليندا ته آءٌ سلسلو اڳتي وڌايان.
    سلام، سليم، جان من، مشتاق، نظام،پرويز جا قبول ڪندا.
    اهو ٻڌائيندا ته آءِ ــ جي جيلز رائونڊ وقت ڪيتري معافي ڏني.

    نيازمند
    عبدالواحد آريسر

    [5]

    1981-10-3
    محترم سائين علي محمّدشاهه!

    جيئي سنڌ:
    سائين، مونکي افسوس آهي، جو آءٌ توهانجي ملاقات تي اچي نه سگهيو آهيان. حقيقت هي آهي ته هتي آءٌ 24 ڪلاڪ نظر هيٺ آهيان، جيڪڏهن ڪيڏانهن نڪران ٿو ته اطلاع ڪري ۽ واپسيءَ تي ٻڌائڻو ٿو پويم. سخت ذهني ۽ نفسياتي پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيان. مون سان ملندڙ جلندڙ هر ماڻهوءَ کي پريشان ڪيو ٿو وڃي. ان جي باوجود اوهانجي يادگيريءَ کان غافل نه آهيان.
    اوهانجي والد جي وفات جي خبر مونکي دير سان سائين نربادشاهه ٻڌائي، مون اهو به ٻڌو هئو ته اوهانکي آزاد پيا ڪن، جنهن لاءِ اوهانکي گهرايو به ويو هئو. ان جي باوجود مون اوهانکي خط لکيو هو، خبر ناهي ڇو نه مليو.
    اوهانجي والد صاحب جي وفات جو جيڪو صدمو مونکي ٿيو. تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري نه ٿو سگهان. آءٌ اڄڪلهه شهرن کان پرڀرو ٿو رهان. جيئن ڪجهه وقت ٻاهر رهي سگهان، شهري دوست ڪانه ڪا آزادي کي خطري ۾ وجهندڙ ڳالهه ٻڌائيندا رهن ٿا.
    شيخ مجيب الرحمٰن صاحب جي ڪوڙن جي خبر ٻُڌي، منهنجا خدشا صحيح ثابت ٿيا.
    سلام. شيخ مجيب، نورل، استاد، قمر راڄپر، ميان امان الله شاهاڻي، لاشاري صاحب، مشتاق نظام، جان من کي چوندا.
    نيازمند
    عبدالواحد آريسر

    [6]

    1982-1-12
    سدا خوش هجو.
    پيارا سائين علي محمد شاهه لڪياري!
    جيئي سنڌ:
    توهانجو جو2-1-1982 تي لکيل خط مونکي 7 جنوريءَ تي مليو. حال احوال معلوم ٿيو.
    پيارا سائين علڻ شاهه! آءٌ ڏاڍو شرمسار آهيان، جو توهانجي ملاقات تي نه اچي سگهيو آهيان، ۽ ان نه اچڻ جا ڪيترائي معقول سبب ڏيئي سگهان ٿو، پر پوءِ به دل مُطمئن نه ٿي ٿئي. وڏي ڳالهه ته ٻاهر رهي توهانجي لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ به نه آهيان، اها ڳالهه چڱي طرح سمجهي سگهو ٿا.
    منهنجي طبيعت سخت خراب آهي، ايڪسري مان خبر پئي ته مثاني ۽ گڙدي جي وچ واري نَليءَ ۾ ٻه پٿريون آهن،۽ ساڄي پاسي واري بُڪيءَ جي سائيز وڌي وئي آهي، ڊاڪٽرن آپريشن جو مشورو ڏنو پر اهو مشورو مون قبول نه ڪيو، جو سمجهيم ته آپريشن مان ڪوبه فائدو ڪونهي، پٿري وري وري پئي ٿئي. هاڻي هندستاني گوريون جيڪي عام طرح ”پٿري ٽوڙ“ گورين جي نالي سان بازار ۾ ملن ٿيون سي کائيندو رهان ٿو.
    توهانجي لاءِ ڪپڙن جي ٻن جوڙن لاءِ مون اديب انقلابيءَ کي چيو هو، سي توهانکي مليا يا نه؟ باقي 17 تاريخ کانپوءِ توهانکي بوٽ ملندو، ان لاءِ اوهانجي پيرن جي ماپ لاءِ راشد مورائي کي چيو ويو هو، ان تي عمل ٿيو يا نه؟
    آءٌ 17 يا 18 تاريخ سائين ارباب علي شاهه وٽ ويندس، جيڪڏهن ٻيو ڪو واقعو يا حادثو پيش نه آيو ته. شيخ مجيب کي نياز. منهنجي لاءِ منٺارن جو ملڪ ممنوع علائقو بنجي ويو آهي، نه ته شيخ صاحب لاءِ ڪجهه ڪوشش ڪريان ها.

    نيازمند
    عبدالواحد آريسر

    [7]

    حيدرآباد
    1982-12-13

    محترم علي محمد شاهه صاحب!

    حق موجود:
    توهانجي آزاد ٿيڻ جي خبر سان ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اڄ توهانجي پڇا لاءِ محترم قربان علي شاهه لڪياري ايڊووڪيٽ جي آفيس تي آياسون، ته خبر پئي ته توهان صبحاڻي آزاد ٿيندؤ.
    اميد ته صُبحاڻي ملنداسون.
    خدا ڪري خيريت سان آزاد ٿي ڳوٺ جي پرفضا ماحول ۾ صحت کي وڌيڪ سڌاريو.

    نيازمند
    عبدالواحد آريسر


    حافظ محمد بخش خاصخيلي

    [8]

    1981-1-17

    پياري لڪياري ڏانهن!
    ربّ شال خوش رکئي. هيءُ غريب غريبي حال ۾ حال مست و خيال مست آهي. هر ڏينهن هيبت خان (مٺل حيدري) جنهن کي گرُو نانڪ وارن مان سمجهي اڄ ڀوڄسنگ جو لقب ڏنو اٿوَ، اهو ۽ مان گڏجي اوهانجي مسئلي تي سوچيندا آهيون. اڄ به ائين ئي ڪچهري لڳي پئي هئي، ته توهان جو قرب نامون پهتو ۽ هميشه وانگر سلام پڻ.
    لَڪڌڻي! ڏاڍو شرمسار آهيان، ۽ معافي لائق به ناهيان بس .... ان راز جي ڪُل ٻروچ کي آهي. جو گهڻي ڪوشش هوندي به ملي نه سگهيس. اها به مهرباني جو خط ذريعي ملون پيا. اوهان مونکي هر خط ۾ ياد فرمايو آهي. جنهن لاءِ احسان آءٌ ته اهي ٿورا ڪڏهن به لاهي نه سگهندس. هونءَ به اسانجو بار اوهان ئي کنيو آهي. فقھ موجب اوهانجي ناني سائينءَ تي حشر جو بار آهي. ۽ هتان سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم جو وري اوهان تي، تڏهن ته حضرت يوسف سائين واري پَر پوري ڪئي اٿو.
    سنڌ جي مارئي به اها رسم ڀوڳي آهي. اُن جي نينهن نِيّر کي اجاري اڇو ڪيو. اميد ته هيءُ اوهانجو نينهن به هن نيِّر کي نِهوڙ ئيندو. نه ته ڇ لڪياري سيّد ڇ جيل يا ترا. پر يار هيءُ ڳالهيون سبب کانسواءِ ڪونه بنيون آهن. دُٻي جو پاڻي سُڪي ويندو. وري، جُهڙ، جَهمر، جهانءِ ٿيندا. ۽ جهوڪ جِهمندي ۽ ٿيندا جِهم جهالار، اوهانجو تڪليفون اجايون ڪونهن!
    ”ماڻڪ تي مڙيوس، جيلهن تنگ ڪڍيائين تار ۾“
    هيبت گور وتي گهُمندو، گارين جو ورد زبان تي جاري اٿس، صبح شام اهي صلواتون وتي پڙهندو.ڪا جهل پل ڪانه، جيڪر وَس پُڄيس ته نوڙ وارن سان هاڃا ڪري ڇڏي، پر مڙس آهي دوالي بند، کيسن ۾ سدائين سڃائيءَ جو واسو، هو مون کان پري، مان هن کان پري، ڪيڏي مهل هڪ پيالي هو پياري، ته ڪيڏيءَ مهل هيءُ مولوي صاحب ڪاتب الحروف خط هٰذا جو. بس سيّد ويساهه ڪرين ته آهيون ٻئي جنجال ۾، پر ان جو هيءُ مطلب هرگز ڪونهي ته ڪو ڪاڻيارا ٿيا آهيون. کِل ڀوڳ ۾ نماز به پڙهيو وڃون، ته دُعا به گهريو وڃون. البت مُلي جي پٺيان ڪونه بيهون. ڇو ته مُلوُ سوئي مُلو نڪتو اُلُو آخر اُلُو نڪتو، مسجد ۾ ٿي ڀينگ انهيءَ دَم، جنهن دم ان مان گُلو نڪتو. نماز ته آخر پڙهڻي آهي. اسلام جي تَجدِيد ٿي رهي آهي. وياج کاتو بند ٿي رهيو آهي. هر لکپڙهه جي شروعات ”بِسمِ الله الرحمٰن الرَحِيم“ سان ڪيون ٿا. ريڊئي تي خبرون السلام عليڪم جي ڪلمي سان شروع ٿين ٿيون. ان ڪري هيبت خان تهجد سان گڏ اشراق به پڙهندو آهي. تسبيح به هٿ ۾ کنئي اٿس، ۽ انجا مڻڪا 25 اٿس. سندس مڪتب مبارڪ ۾ مصلو ڪِليءَ ۾ ٽنگيل آهي. ماشاء الله ڪپڙا به اسلامي پائيندو آهي. بنھ هوبهو حاجي سڳورو نظر ايندو. هاڻ اٺ ئي پهر اڻ تڻ اِها اٿس ته ”مديني ۾ عُمر ساري گهاريان“ هڪ حجرو به ٺهرايو اٿس. جتي آڌي رات اُٿي ڪجهه مولود شريف ۽ ڪجهه مناجات ۽ هرڻيءَ واري مدح شريف پڙهندو آهي.
    اهوئي سبب هيو، جو هڪ سفيد چادر واري نوراني بزرگ اهل الله کي وڃي مٺياڻيءَ ۾ ڳولي هٿ ڪيو اٿس، ۽ انهيءَ مرشيد سڳوري کانسواءِ آرام به ڪو نه اچيس، ۽ گاهي به گاهي اوڏانهن ويندو آهي.جتان ئي اوهانکي خط لکيو اٿس. سمجهي ويئو، خط مٺياڻيءَ مان ڇو لکيائين؟ باقي نه ادلي نه بدلي ٿي اٿس، مڪتب ساڳي ۾ آهي. پاڻ به اوهانکي خط لکندو. هيءَ منهنجي طرفان پهرين چٺي آهي. انڪري لکڻ ۾ ڪجهه موشو ٿوڪريان، ٻئي دفعي لڄ لاهي لکندس. اوهان جيل جي ڊائري ضرور لکندا. ۽ پوءِ طارق اشرف وانگر ڪتاب لکندا سون. سٺي معلومات ملي ويندي. ”ڌنجي“ صاحب جو مڪمل احوال لکندا، آريسر ڪٿي؟ ٿرئي سان مليو آهين. ان املهه ماڻڪ جي قدرداني ڪجانءِ. مون زندگيءَ ۾ ان ڪولهي جي مائٽ (روپلو) مينگهواڙ جي پاڙيسري ٺڪر راجا جهڙو ماڻهو ڪونه ڏٺو آهي. مون ساڻس هڪ ”سِنگ“ ساڻ ۽ هڪ نويڪلي ملڻ جي سعادت حاصل ڪئي هيم. اڄ ته هو به ڪوٽن ۾ بند آهي. اوهان وانگر ڇا ٿريو ڇا ديڙا؟! هڪ طرف پوپٽ جو نرم ۽ نازڪ کنڀ آهي. ٻئي طرف سخت سنگ جو ٿنڀ، ڏسون ته اُن نازڪ ۽ نرم کنبن جو، خوني تيز تر چنبن جو ڪٿي ٿو ڇيهه ٿئي.
    ”اين بارگران گرچ اداشدچه بجا شد“
    مونکي هڪ سوال ڏنو هئائين، ته نورمحمّد ڪلهوڙي جيڪو خوني اُٺ يا گهوڙو لطيف کي مارڻ جي نيت ڪري ڏنو هئائين، سو مهدي جو نپوري کان اڳ يا پوءِ؟؟ ان لاءِ عرض ته مهدي جو نپوري گهڻو وقت اڳ ۾ ارغونن جي اوائلي دور ۾ آيو، ۽ ان ئي دور ۾ هليو ويو. ڪلهوڙي حڪمران جي زماني ۾ ڪو نه هيو. يا سوال مون کان وسري ويو آهي. پر هينئر پڇتايان ويٺو. چئجوس ته اهو سوال وري موڪلي ته جواب حاضر ڪبو. علماءُ سڳورا جو ٿياسون؟ اسانکي آهن رڳو فتوائون ڏڻيون. هُو ٿريو (عبدالواحد آريسر) جنهن جي هڪ لفظ لاءِ سڪون پيا. من هن بهاني سان لکي. ڪاراچيءَ واري ڪڪي جي ڏنگائي ڏٺي اٿو، شل جوڙا سجوڙا ٿين، ته گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ۽ هُو هيبت ڏاڍا خوش ٿينداسون.
    ”نَرُ“ ۽ ٻروچ ٻئي سڳا سؤٽ ٿورڙو هڪ ٻئي کان دور ٿا رهن، ٻنهي کي ”الغُصَّھ“ جي آرزو آهي. انڪري ٻنهي ڏانهن شِفا جون ٽڪيون موڪلج ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. مان ته سٺو حڪيم آهيان. پر منهنجو علاج ڪامياب نه ٿيندو، ڇو ته شودر آهيان، ۽ هو ٻئي هِڪ برهمڻ، ته ٻيو کتري. ان ڪري هريجن جي دال ئي نه ٿي ڳري، توهان ۾ مرجات آهي. ٻنهي تائين رسائي ڪري ۽ مڃرائي سگهو ٿا.
    اڄ بنهه هينئر بي ــ بي ــ سي لنڊن تان 8 1/2¬ واريون خبرون ٻڌيون اٿم ــ رات جون نه ڪ ڏينهن جون، ۽ هيءَ ٻه جملا به هاڻ لکي ارپن ٿو ڪريان.
    هينئر 9 بجه ٿيا هوندا، مان گهر ۾ کٽ تي ويٺو آهيان، ۽ خبر ناهي اوهان وٽ کٽ به هوندي الاءِ نه؟
    جيل ۾ کٽ ڪٿان آئي، هيءُلفظ لکندي روئي ڏنو اٿم ”ٽمون نه نيڻان، ته پير نهاريان پرينءَ جو“ ”مون ور گهاري ولهه“ وارو لقاءُ آهي، ٺيڪ آهي، باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي چيو هو ته ”مصطفيٰ جي ماءُ، ڪجهه ته اوري آءُ“ سنڌڙيءَ خاطر سهه ايزاء، مصطفيٰ جي ماءُ،
    مٺا! اسان بلڪل ننڊ آهيُون، اوهان کي ئي جاڳڻو آهي، اسان پير، مير، مولوي، ۽ سرمائيدار چارئي چُهڙا ٿي ويا آهيون. حسين بخش فقير ديدڙ چيو هو ته ”ڪيها خلل پيا وچه جَڳت جهان، کَر ڳئي چارئي دُرس دڪان“ يا حمل فقير چيو هو ته:
    ڪوٽار ڏنگا، ڪمدار ڏنگا، دهرار ڏنگا، سرڪار ڏنگي.
    جنهن جاءِ هوندي اها چَار ڏنگي، لاچار هوندي هر ڪار ڏنگي.
    سو اسان چارئي چور آهيون، ڪم اوهانکي ڪرڻو آهي، ستار ڏيندوَ سوڀ، مان اوهانجي پڊن (سن) تي ويو هوس، وڻ وڻ کان واڌايون وٺي اوهانکي موڪليان ٿو.
    جيڪڏهن مون ڏي چٺي لکو ته ائڊريس هيبت واري ساڳي آهي، تڪليف اصل نه ڪندا، هڪ ئي چٺي اسان ڏي کوڙ ٿيندي.
    ٿرئي (آريسر) جي ائڊريس موڪليو، ته ڏاڍو سٺو ٿيندو، اسان جي پاران ٿرئي ڏانهن حق موجود چوائي موڪليندا، پوري سنڌ ۾ نوشتھ ديوار تي لکيو پيو آهي ته هينئن نه ڪيو، هونءَ نه ڪيو وغيره.
    هيءَ سٽ قبول پوي.
    اويڙا عشق پيا جهولي، ڇِن ڇوڙيم چُني چولي،
    ڄَمڻ دي مهل ماءُ گهولي،
    ڏِتي لولي، هلوهل وي، رَلي هَئي رمزراول دي،
    ازل دي هي نه اڄ ڪلهدي.
    3 بجي شام ڀوڄو (مٺل حيدري) ايندو. خط ائڊريس ڪندس، اوهانکي الاءِ ڪڏهن ملي، يا نه ملي، هينئر صبح 1/17 آهي. هتان قافلو سن ويو آهي. جنهن قافلي ۾ پُٽم به ويو آهي. موٽي احوال ڪندا، دل ٺرندي، والسلام.

    ڀوڄ سنگ جو ڀاءُ
    روپو
    (حافظ محمد بخش خاصخيلي)

    [9]

    منزِل حُزن
    1981-10-5
    786
    اوم
    پيارا علي قيدي!
    گهڻو ته گهڻو، پرتنهنجو ٿورو به ٿوري جهڙو،
    آءٌ ڪو اهڙو، جو تنهنجي ٿوري کي ٿورو چَوان.
    حق موجود:
    گهڻو زمانو ٿيو، ته هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هُيم، ته کٽ تي يا پٽ تي......
    کٽ مان مطلب ريشمي بسترو هيو،جڏهن ته پَٽ جي معنيٰ تڏيءَ جو مُلڪ، اڃان هينئر هينئر ادا اسٽور واري وٽ پهتس، ته هيبت خان توهان جو خط ڏنو. ۽ ساڳئي وقت هڪ عدد خط اوهانکي لکي بند ڪري چڪو هيو. خبر ناهي، ته ان ۾ هيبت جو مضمون ڇا هوندو، البت مان پنهنجو فرياد جاري رکندس،سڳورا، جنهن تڏيءَ بابت توهان اشارو ڏنو آهي. اهائي تڏي اسان جو وڇاڻو آهي، اڳ هڪ پهاڪو هيو ته:
    ”ميرڻ شاهه جي مڏي، هڪ ڏندڻ ٻِيو تڏي“
    سمجهجي پيو ته انهيءَ تڏيءَ کانسواءِ سيد ميرڻ شاهه جي به نه ٿي سَري، ۽ اهو ميرڻ شاهه حضرت حسن بصري جو همعصر هيو. گويا رسول پاڪ جي صديءَ وارو زمانو. ان طرح جي تڏيءَ جي شان ۾ اسلام جي ثقافت اڙايان ته پوءِ تڏي ۽ رسول پاڪ جي نُک ڳالهه مڙوئي ساڳي ٿيندي. البت تڏيءَ جي ڊيگهه ۽ ويڪر نُک کان تمام گهٽ ٿيندي آهي. پر هڪڙن لاءِ نُک به پوري ڪانه ٿي پوي. جڏهن ته مان تڏيءَ تان به اٿي نه ٿو سگهان. پر سيد! هرشيءَ ۾ اسلام، اسلام جو روح سڳورو ڦوڪيو وڃي ٿو. ان پٽاندر جڏهن اسلامي ماڻهو نُک کي به ڇيهون ڇيهون ڪريو ڇڏين، تڏهن تڏي ڪهڙو ڌڪ جهليندي، جتي رڳو پهري ريڙهي ئي ڪم پورو ڪريو ڇڏي. مگر هروڀرو ائين به ڪونه آهي، جيئن مُلان نُک تي ڇڙهيون هڻندو آهي، انڪري اسان به ائين ٿا ڪريون، مگر اسان هن معصوم تڏيءَ جي تِيلي جي وڏي حفاظت ٿا ڪريون. آخر ته هيءَ تڏي جبلن جي پِيش جي ٺهيل آهي. يعني جابلو تڏي آهي. جنهن تيلي مان مولينٰا عبدالحميد ڀاشاني ٽوپي به ٺهرائي پائيندو هئو. انهيءَ ساڳي پيش جي جيت مان جرجيس پيغمبر ۽ حضرت عيسيٰ کرڪڻ به ٺاهي پيرن ۾ پاتا هئا. مان هن تڏيءَ جو ڪهڙو شان لکان.
    اسان ٻُڌسُٽ وارن وٽ حضرت گوتم ٻُڌ، جي مقدس تڏي آهي، جڏهن ته اوهان مسلمانن وٽ يا اڃا به ائين چُئان ته اوهان سيدن وٽ ناني نبيءَ واري نُک، پر تڏي هجي يا نُک، اها هر اوتار پنهنجي لاءِ پسند ڪئي آهي.انڪري سهڻا سائين! مونکي به تڏي ڏاڍي ٿي وڻي، مولوي قمرالدين لنڊ وانگر اڃان به جيڪڏهن تون نه مڃيندين، ته پوءِ مجبورن مونکي اڃا به وڌيڪ تڏيءَ لاءِ احاديث پيش ڪرڻيون پونديون. پر جي مون وانگر اسلام کان ڦري ويو آهين، ته پوءِ ڪو جرنيل پڄندُءِ منهنجي جاءِ ناهي.
    ويش ۽ برهمڻ جو ذڪر خط ۾ ڇيڙيو اٿئي، آخر ته هيءَ ٻئي شينهن به ته انهيءَ تڏيءَ تان ڪسريا آهن. ٻيو هنن جو ڪهڙو سيئن ٻني تان تڪرار هيو. پر مڙس هيائي تڏيءَ وارا، انڪري جيئن تڏيءَ جي حالت زبون ٿيندي وئي، تيئن هي به تنگ دل ٿيندا ويا. تانجو ويڇو وڏو پئجي ويو آهي، ٻنهي باس باسي آهي، ته جڏهن اوهان آزاد ٿي ايندا، ته پوءِ ٻئي انهيءَ ساڳيءَ تڏيءَ تي شايد گڏ ويهي سگهندا، جتي ڪي گهڙيون اڳ ۾ اوهان ڏٺا هوندا.
    ٿورو زمانو گجريو آهي، ته هِڪ چو ”دري“ جو در چاڪ ٿيو آهي. ڪيئن اها ڳالهه پسند آئي اٿئي، جيڪڏهن جمن چارڻ واري ڦش ڍڳي جِنده هوندي ته پوءِ ويٺو ڏسجانءَ، ته ڪيترا نه ڦشاد پيا ٿيندا، اصل ٺاپر نه ايندي. ڪڏهه ڪٿان، ته ڪڏهه ڪٿان، ڪونه ڪو ڌماڪو ٿيندو رهندو. جيڪڏهن ههڙا باقي چار چودر چاڪ ٿين، ته ٻُنڀُو ڦاٽل ڏسندين، پوءِ تنهنجو هيءُ ٺهيل 47 وارو، ڪاڪ محل مومل سميت ڊهي پٽ پوندو، ۽ پوءِ نه رهندي بانس ۽ نه وڄندي بينسري، ۽ پوءِ نه ڪو هوندو سينٽر جيل ۾ ۽ نه ريلومل ريل ۾، پس لطيف جي پيشن گوئي پوري ٿيندي ته:
    سورٺ مُئي سُک ٿيو، خيمان کنيا کنگهار،
    نه ڪو راڳ نه روپ ڪو، نه ڪا تند تنوار،
    تهان پوءِ مڱڻهار، ڏنو سر ڏياچ کي.
    هي سڀ ماري پوءِ، پاڻ به جلندا مرندا.

    اڳ به هڪ فيلڊ اڌ راڄ ماريو هيو (جنرل يحيٰ) باقي اڌ جي مومن صاحب (ضياءُ) جلد ٻيڙي ٻوڙيندو، هيڻي نه ٻول، قوم چوي ٿي ٻول، او شاعر ٻول:
    اهو اٿئي تڏيءَ جو شان، ٻيو ڪل سُک.

    (دل جي حساب جي بنديءَ جو اتارو)

    تنهنجو ريلو مل ريلائي
    (حافظ محمد بخش خاصخيلي)


    [10]

    جتوئي نوان
    1982-5-15

    جانب توکي جس، جو ڪيئي ياد قيد ۾،
    لکيئي ڪاڳر قيد مان، سندي محبت مس،
    سندي کوٽن کس، لهندي نيٺ ته لوڪ تان.

    مونکي اٺن جملن جو لکيل خط ڪالهه هڪ لڪياري لال لکي هيبت خان جي حوالي ڏيڻ لاءِ تاڳيد ڪيو آهي، اهو هيبت خان هينئر گهر جو ڪڪڙ بنيو ويٺو، آرو پچائي، مڙس مڙهو مرڻ ڪنڌي آهي، ته به تَڏي جي تانگهه نٿو ڇڏي، چوي ٿو ته لڪياري لال جو ڏس ڏنل آهي، ان کان منهن نه موڙبو. سندس ٻيو به چوڻ آهي، ته هُن، اوهان ڏانهن هڪ عدد خط تازو ارسال ڪيو آهي. جنهن ۾ سڀ سور سليل آهن، هونئن هيبت بُت جي بيهڪ ۾ سنڌ جو صوبيدار لڳو پيو آ، سندس هاٺيءَ کي ڪوبه سُرو يا گُهڻو لڳل ڪونه آهي. البت نظام شريعت جي نفاذ لاءِ راتيان رڙندو وتي، چوي ٿو ته اسان مرندا مري وينداسين، ته به مرڪز مضبوط رکنداسين. ڇو ته ٻئي هر جاندار شئي جو پُٺ ۾ ڪانِ جواهر سمايل آهي. پر حضرت انسان ئي آهي. جنهن جي عين وچ تي ڪانِ جواهر جي کاڻ رکيل آهي. ۽ انهي مرڪزي نقطي تي هرڪو مست هوندو آهي، هاڻ اوهان پاڻ عالم دين آهيو. پاڻ فتوا ڪڍو ته هيبت ڪو غلط ٿو سوچي؟ مان به مس مس وڃي هِن فلسفي کي سمڌو آهيان. ته برابر جيڪو راز مرڪز ۾ آهي، سو ڪٿي ڪونهين. اها ڳالهه ٻي آهي، ته موليٰنا ڀاشاني انهي مرڪز جي صورت بگيڙي ڇڏي آهي، ۽ هڪ بي دين شيخ مجيب وڌائين، جيڪو اهڙو ته مڇرجي پيو جو هڻي هِن مرڪز جو سڄو ڍينگو ڊانوان ڊول ڪري وڌائين. ۽ دُن کان مٿيون حصو ڪاٽي کڻي ويو. اسان وڏا وس ڪيا ته مرڪز جو پولهه اڃا به مضبوط هجي. پر بنگالي مڃن ئي نه نٿا، مرڪز ويچارو مُڇا مُڇا ٿي ويو. هينئر باقي بچيل مرڪز جو پولهه اڃا به مضبوط آهي.باقي ٽنگون ٻئي ٿڙڪڻ لڳيون اٿس. ڇا به هجي مگر هيبت چوي ٿو ته مرجائين گي مرڪز مضبوط ڪرين گي، هِن ويچاري کي ٻي به ڳڻتي ڳاري وڌو آهه. اها ڳڻتي اٿس مجاهدان اسلام وارن افضانن جي، جيڪي ويچارڙا ببرڪ ڪارمل جي ڪافرانه حڪومت کان تنگ ٿي 30 لک تعداد ۾ هت اچي پهتا آهن. جيڪي ويچارا چون ٿا ته ببرڪ جي منتخب حڪومت ڪانهين. انڪري غير منتخت حڪومت سان سهڪار ڪرڻ ڪفّر آهي. هيبت به انهن پٺاڻن جو پاسو وٺيو بيٺو آهي. مان کيس گهڻوئي سمجهايان ٿو، ته تون هروڀرو پٺاڻن جو پاسو نه وٺ، جن جي آئي هت دال سان قهر ٿي ويو آهي.15 روپيه سير به نٿي ملي، گندم 100 روپيه ملڻ محال ٿي وئي آهي. پر هيبت آهي جو منهنجي ڳالهه ٻڌي ئي نٿو، هُو چوي ٿو ته گندم 100 روپيه من هي تو ڪيا هي، مومن هي تو بنتا هي بي تيغ سپاهي، شل نه ڪنهن کي حضرت علاما حڪيم الامت، شاعر مشرق، ڊاڪٽر اقبال جو ڪو شعر اچي، پوءِ ته اسانجي لاءِ نسوري قيامت بڻائي ٿو ڇڏي. سو هيبت صاحب به هاڻ حڪيم الامت جي شعر ۾ غرق لڳو پيو آهي. بس ڏينهن رات لوري اٿس ته چين وعرب همارا،هندوستان همارا،مسلم هين هم وطن، سارا جهان همارا، گهڻو ڪري هاڻ هيبت قومي زبان ۾ ڳالهائيندو آهي، ۽ 5 جولاءِ 1977 کانپوءِ پورو پورو مومن ذري گهٽ ٿي ويو آهي. چوي تو ته باقي ٿورڙي ريخت رهيل آهي. جيڪا 5 جولاءِ 1982 تي پورن پنجن سالن ۾ لهي ويندي.۽ پوءِ سڀ مومن گڏجي 5 سالا جشن ملهائينداسون، ۽ لڪياري جهڙن ڏاهر پرستن کي سبق سيکارينداسون، ۽ ڪارمل کي ماري مڃائينداسون. هُو هڪڙو دليل پئو ڏئي ٿو ته جيئن اسان وٽ ڄيٺومل، پوهُومل، هيرومل وغيره ڪاڦر هئا، تيئن ڪارمل به ڪافر آهي. ڇو ته لفظ ”مَل“ معنيٰ ڪافر، روس کان بيزار، چين ۽ امريڪا جو بار ۽ وڏي ڳالهه ته محافِظ مڪا جو ايڏو ته مددگار آهي. جو بس چئجي، اٺئي پهر مڪي جو ذڪر، تسبيح هٿ ۾، اندرا، بندرا، ناصر، ياسر، اسد ، قذافي ڪافر ڪافر، جو نئون نعرو ٺاهيو اٿس، مان ڪونه ڳالهايانس، ڇو ته هُو مومن، مان هندو. هاڻ هندن کان ته ونءُ ٿو وڃي، چوي ٿو، ته هانءُ تڏهن ٺرندو جڏهن چوٿين جنگ ڪاڦرن سان جو ٽيندس، ۽ پوءِ بنگالي کي وري مسلمان ڪندس. ۽ هندن کي زوري پاٽوڙي تي ويهاري، سوپارو صاف ڪرائيندس. ڇو ته جيسين سوپارو صاف نه آ هي، تيسين مرڪز مان گند نڪرندو ئي ڪونه. ڪٿي ڪٿي هيبت جا ڌڪ هڻي هنڌ ٿا ڪن. خود مان به ذري گهٽ مومن ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو هوس. پر هڪڙي ڳالهه پڇي مانس ته مومن جو واعدو هڪ آهي، ۽ اوهانجو وڏو مومن (پنجاب) ڪوبه واعدو نٿو پاڙي سو ڇو؟ چوي ٿو ته جيسين مثبت نتيجا نه ٿا نڪرن، جيسين ملڪ مان رشوت، چوربازاري، ذخيرن اندوزي. مهانگائي، چوري، ڌاڙا ختم نٿا ٿين. تيسين واعده ڪونه پاڙينداسون. چيومانس ته جڏهن مومن جي هٿ ۾ سڀ ڪجهه آهي. ته پوءِ رشوت، چور بازاري،ذخيره اندوزي، چوري، مهانگائي، ۽ ڌاڙا زورن تي ڇو ٿيا آهن.ته موٽ ۾ چوي ٿو ته 90 سيڪڙو عوام، اسان سان گڏ آهي.باقي مُٺي ڀر ماڻهو آهن، جن کي سيکت ڏينداسين، ۽ نيٺ مثبت نتيجا اخذ ڪنداسين، يعني کوٽي، ڪڍنداسين. ۽ پوءِ نظام شريعت جو دور دورو هوندو، پر ان لاءِ وقت کپي، چيومانس ته گهڻو وقت کپي، چيائين انتظار ڪريو. سوهاڻ انهي انتظار ۾ اکيون لايون ويٺا آهيون. هيبت ڪڏهن ڪڏهن هن ڪلام کي گهڻو ڳائيندو آهي، ته جن ڇڏئي ڀُوت ڇڏئي، پر مان نه ڇڏيندو سانءَ. روبينا حيدري انهيءَ گاني تان ڪاوڙجي پئي. وڏو ممڻ مچي ويو. تارون ٿيون پوڪارون ٿيون، ته اهي ڪيسٽ بند ڪريو، بند ڪريو. پر شاعر کي ڪو اثر ڪونه پيو. آخر لاچار روبينا حيدري کي چوڻو پيو ته. دانگي منهن تي گهمائيندي سانءَ، پادر ڏاڍا هڻندي سانءَ، کونس نه تنهنجي سهندي سانءَ، اي ڀڳوان داس، چڱو ٿيو جو زيا ”جيل“ ۾ وئين، ۽ گهڻن سورن کان ڇُٽي پئين. نه نه هِت جلال چانڊيو، روبينا حيدري ۽ الهداد زرداري جي ويڙهه ڏسين ها ته شرم کان ٻڏي مرين ها. ۽ سقراط وانگر شايد زهر جو پيالو هٿ سان وٺي موت قبول ڪرين ها. مگر اهڙا سنڌي سانگيئڙن کان ٻول نه ٻڌين ها. هيبت چوي ٿو، ته اهو سڀ قُصور نه بادشاهه (راشد مورائي) جو آهي. جنهن اهڙي شاعري ايجاد ڪئي. آءٌ سندس اها ڳالهه مڃان ئي ڪونه، ڇو ته انهي ۾ مدنيءَ جو مداحي، مهيسر غلانبي جو به هٿ آهي. ۽ اُن سان گڏ هڪ وڪيل جو به آهي.نوابشاهه جو وڪيل رسول بخش زرداري. جيڪو انڌا ابتا شعر ٺاهي وڪالت مان ڪمايل ڪوڙ تي پيسا وٺي، وري ڳائڻن کي پيسا ڏيندو آهي، ته رڳو منهنجا ڪلام چئو. جن ۾ نه رس، نه رهاڻ، نه ڪس، نه ڪاڻ. رڳو ..... ولوڙ ۽ مانڌاڻ لڳو پيو آهي. ٻڌايو ته اسان ڪاڏي وڃون يار! باقي هڪڙي ڳالهه آهي. جي خدا اسانکي وارو ڏي ته پوءِ ويهي مجا ڏسجانءَ، هينئر ته ڀلي مشلمان (مسلمان) اسان سان جُٺيون ڪن. اسان ڪير آهيون. مشلمانن ته رسول سائين جي اولاد کي به ڪهي ڇڏيو. جي مونکا شچ پڇين ته مسلمان هن ڌرتي ماتا تي وڏو اوبال آهن. جڪي مشيت (مسجد) شڳوري ۾ به نه مڙن، نه پير جي لڄ رکن، نه فقير جي. اشان جي پاڙي ۾ هڪ مولوي شڳورو رهندو هو جنهن مشيت شڳوري ۾ هڪ معصوم سان کُلم ڪري ڀڄي ويو. ٻيو حاجي آهي.حج ڪرڻ کانپوءِ رڳو ڪوڙ ڳالهائي، زنوار ته لعنت جا ورُيا ويٺو وٽي. حافظ سڳوري جا حال نه پڇ، اوهان مسلمانن منجهان باقي ڪنهن جا مثال ڏيان. چارئي چور، چڱو ڪنهن کي چئان.اسان هندو ماڙهُو، نه ڪنهن جو نانءُ وٺون ۽ نه ڪنهن جو ٿانءُ ڪِيلي کي نه ڏکيويون، ۽ اوهان مشلمان پنهنجا پرڪار پسو، جو ماڙهُو ڪُهڻ کان به ڪونه مڙو، هيبت ٻروچ به جبل جو نوجوان آهي. کيس کي مڃائڻ مشڪل پيو لڳي، تون پنهنجا حال ٻڌا. توسان گڏ ڪير ٿا رهن، ڪو منهنجو مائٽ به رهئي ٿو. جيڪڏهن منهنجي جهُوني چاڪ هجي، ته پوءِ گهڻا ڪجهه ڪم ڪريان، پر سدائين اسپتالن جي حوالي. مڙس ٿي ويو آهيان صڦا ڪنگال، منهنجي حال جي هيبت کي ڪافي ڄاڻ آهي. سورن هڻي ساڻو ڪري وڌو آهي. ڪنهن به پوزيشن ۾ نه آهيان، نظام شريعت جي نفاذ واري اعلان کان به گهڻو پوئتي آهيون. پر هجون مسلمان ته پنون. هندوئن کي اسلامي مُملڪت ۾ ڪير خيرات ڏيندو. انهن ڳالهين تي جڏهن ويچار ٿو ڪريان ته وڏاوِرگهه وجود ۾ ٿا پون. ۽ دل پروڻ ٿيو پوي. پر ڪنهن سان سليان سور، آيل ٻاروچل ري، هي ڪنڊ هيبت لاءِ ڇڏيان ٿو. جيڪر ملي ويو ته چار اکر لکرائيندو سانس نه ته گهڻو هجيس خير.

    چڱو آسرو نام جو
    تنهنجو پريمي پريتمداس
    ”حافظ محمد بخش خاصخيلي“

    [11]

    سکر سيئي ڏينهن،جي ”تو“ گهاريا جيل ۾،
    وسائي وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن،
    ساري سانبئڙن کي، ٿيئن تهوارون تيئن،
    نيئر تنهنجي نيهن، اجاري اڇو ڪيو.
    پرين علي شاهه!
    جيئي سنڌ: اڄ بنهه هينئر ٺيڪ 91/2 بجه، يوڄرام ۽ مان گڏ ويٺا آهيون. اسان سان اسان جي پنچائت جا چند مُکي مور به ويٺا آهن، سڀئي ڳالهيون سورن جون ويٺا ڪريون. بقول هڪ اخبار جي ته رئيس رمضان خان اهڙو ڏٺو سون جو ”نانءُ بڙو ديهه ويران“ سندس اوطاق تي مٽ اونڌا ۽ دٻڪيون گلن کان کاڌل ۽ خالي، هن مها موذي جي اوطاق تان نانگ به نيرانا هليا ويا. اهڙي انڌي جي اچڻ ڪري اسان نسورا، جبل ۾ هئاسون ۽ ساهه مُٺ ۾ ته ڪٿي هِن وڏيري جي لٺ نه ڦري. پوءِ جيڪو ڌوڙيو سو غريب جي اک ۾، باقي ٻڌو اٿئون ته اڄ انهي پاپيءَ جا پر کُسڻ وارا آهن. ۽ صبحاڻي بند خلاص ٿيندو، اهڙي آزادي جي خوشي ۾ اسان اوهان کي واڌائي ٿا ڏيون، سچ پچ ته صحيح مبارڪ آهي ئي اها ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪنجوس کان ته جند ڇٽي پئي. باقي اسان صحيح مبارڪ تڏهن ماڻينداسين. جڏهن مارئي آزاد ٿيندي ۽ ظالم عمر جو ڪوٽ ڪرندو، ايستائين جملي ملير جا مارو مونجهه ۾ ملول ويٺا هوندا. توهان جي چٺي اسان جي لئه آخرت جو توشو ۽ هِن دنيا جو تحفو آهي. انڪري پيو سنڀال لهجانءَ، بابا هندو ماڻهو هون به هر شي کي پوڄن. مثال، سج، چنڊ، تارا، نانگ، وڻ، آب، ڌرتي سڀ اسان لاءِ اوتار هوندا آهن.انهن جا صحيح اهڃاڻ وري ايشور جا نِشڪلنڪ اوتار ٿيندا آهن. اهي اوهان مسلمانن وٽ سيد ۽ اسان وٽ برهمڻ ڳالهه مڙيئي ساڳي، تون سيد آهين.انڪري به پوڄڻ جي لائق آهين. ويتر جو چڱي ڪم سان ترم ياترا تي آهين تنهن ته ويتر عظيم ڪري ڇڏيو اٿئي. هن کان پوءِ ڀوڄرام جو پاسو آهي، جيڪو پنهنجو پاسو پاڻ صاف ڪندا. لهٰذا اوهان جي صلاح سٺي اٿس ته کٿري ۽ برهمڻ پاڻ ۾ ٺهي وڃن. آهي ٻنهين جي کل کٽي،۽ اسان وچ تي سودر درجي جانيچ ماڻهو ٻنهي سان پورو تون پوندين يا هُو ٿريو (عبدالواحد آريسر) جنهن کي چيو اٿئي، اميد ته جلد نبيرو ٿيندو، چڱو ست رام.

    تنهنجو پنهنجو
    حافظ محمد بخش


    تاج جويو

    [13]

    سينٽرل جيل حيدرآباد
    1981-9-23

    پيارا علي محمد شاهه!
    حق موجود!
    تنهنجو خط پهتو هئو، ٽپال ۾ جواب ڏيڻ موزون نه سمجهيم، اِتان وارن جي ٻنهي همراهن جي ڪُڌي ڪم جي تفصيلي رپورٽ ڏجان، دودو مهيريءَ کي به ان ڳالهه ٻڌڻ جو وڏو اشتياق آهي. راشد مورائي سان خط و ڪتابت جاري آهي يا نه؟ مون ڪن مصلحتن تحت کيس خط ڪونه پئي لکيو آهي. تون به لکندو هجينس ته آءٌ به شروعات ڪريان، پاڻ سمجهو آهين. پاڻ سڀ يار خوش ويٺا آهيون، مطالعي جي ڌُم آهي. جيل ۾ پاڻ پرکڻ ۽ ٻين کي پروڙڻ جو سٺو موقعو ملي ٿو. لکڻ گهٽ ٿئي ٿو. باقي پڙهڻ پٺيان گهوڙا آهن.
    شيخ مجيب جا ڇا حال آهن؟ کيس سلام ڏيندا، حفيظ قريشي به پهچي ويو آهي مڙس ماڙهو لڳو پيو آهي. کانئس انٽرا گيشن (پڇا ڳڇا) به ٿي آهي. چارج شيٽ به ملي اٿس، 26 تاريخ فيصلو ٿيندو، تون وقت ڪيئن پيو صرف ڪرين.
    تنهنجي والد جي وفات جو ڏاڍو ڏک ٿيو هئو. لکي تعزيت ڪري ڪو نه سگهيس، ان لاءِ معاف ڪندا. اسان هتي پاڻ ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي هئي.
    دودو مهيري نر لڳو پيو آهي. سلام پيو چوي رسول بخش ٿيٻو ۽ قمر کي سلام چوندا.

    تنهنجو
    تاج جويو


    [14]

    سينٽرل جيل حيدرآباد
    1981-11-12

    پيارا علي محمد شاهه ۽ رسول بخش ٿيٻو!
    حق موجود!
    ڪيترن ڏينهن کان چٺي چپاٺي ڪونه ٿا موڪليو، ڇو ڀلا ڪاوڙ آهي ڇا؟
    محمد حسن باغي ۽ ستار موريو آزاد ٿي ويا، باغي ته شايد اڄ مليوَ، ستار موريو لاءِ افواهه ٻڌڻ ۾ آئيو آهي ته وري تيرهن ڊي ۾ جهليو آهي. خاطري ناهي.
    ٻڌڻ ۾ آئيو هئو ته توهان هيڏانهن اچي رهيا آهيو. ڪڏهن ٿا اچو؟ اسان واٽون پيا نهاريون، دودو مهيري به ڏهه ڪوڙا ۽ هڪ سزا وٺي آئيو آهي، حفيظ قريشي ۽ دودو مهيري ڪوڙا لڳڻ جي انتظار ۾ آهن، مرتضيٰ مهيسر کي ٽيون ڏينهن لڳڻا هئا. پر ميجر ڪو نه پهتو.
    ٻوڙو، بچايو مرڻاس به جهلجي آئيو آهي. سڳ سوڌو پڪڙيو آهي. ڪاري چڪر ۾ رهي ٿو. اسان وٽ جيل سپرنٽنڊنٽ کيس نه ٿو ڇڏي، ڪوشش ۾ آهيون ته کيس پاڻ وٽ گهرائيون. 16 تاريخ سمري ملٽري ڪورٽ 18 ۾ پيش ٿيندو. محرم شريف جو حشر هئو ان تي مليا هئاسون.
    علي! اڳيئن خط جو جواب ڪونه موڪليئي ڇو؟ اڄ جواب هن دوست هٿان موڪلجان،
    لعل بخش چانڊيو اچي ته کيس چوندا ته حفيظ قريشي سان ملي،سامان ڏئي وڃي ۽ سندس گهران پڻ سامان ۽ خيرجي خبر وٺي اچي.
    لعل بخش کي چوندا ته اخبار 18 تاريخ قربان کي ڏئي.
    سڄي سنگت دودي مهيري، حفيظ قريشي، لطف عباسي، گل محمد دل ۽ قربان، ارباب ۽ منهنجا سلام قبول ڪندا.

    توهانجو پنهنجو
    تاج جويو

    [15]

    سينٽرل جيل حيدرآباد
    1982-1-13
    پيارا علي محمد شاهه لڪياري ۽ محترم رسول بخش ٿيٻو!
    جيئي سنڌ:
    اميد ته سڀ يار خوش پاش هوندئو، اسان به سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهيون.
    گل محمد دل ۽ لطف عباسي، آءِ جي جيلز جي رائونڊ تي شايد آزاد ٿي وڃن. آءِ جي 16 جنوري تي پيو اچي، 17 تاريخ سن ۾ سالگرهه ملتوي ٿيڻ جو ٻڌڻ ۾ آئيو آهي. اسان هتي جيل ۾ سالگرهه ڌام ڌوم سان ملهائينداسون. ڪيڪ وغيره ڪجهه گهرائيا اٿئون. ڪجهه موقعي تي گهرائبا.
    چاچو علڻ خان ٿيٻو آئيو هجي ته کيس چوندا ته 17 تاريخ ٻه ديڳيون سٺي ڀت جون پهچن ته جيئن جيل ۾ سالگرهه ڌام ڌوم سان ملهائي سگهون.
    حفيظ قريشي ۽ دودو مهيري کي ڪوڙا 7 جنوري 1982ع تي لڳي ويا. همراهن وڏي بهادريءَ سان ڪوڙا کاڌا، ٽڪ ٽڪي تان لهي ڌرتيءَ کي سجدو ڪري چمي هٿ `V` بنائي بلند ڪري چيائون ”سنڌ ڌرتي جي آزادي ۽ سيد جي فڪر لاءِ هي ڪوڙا کائون ٿا.
    ميجر ۽ جيل اسٽاف جا منهن ڪاراٽجي ويا.
    واهه واهه ٿي وئي،
    رسول بخش! توکان همراهه نمبر کڻي ويا. کڙتال کُڙڪي پئي، سندن وات ڦاٽي ويا، سندن همراهه غلام النبي خشڪ کي آپريشن جي بنا تي ڪوڙا ڪونه لڳا. ان کان اڳ خان محمّد لغاري کي جيڪي ڪوڙا لڳا، يا مرتضي مهيسر کي لڳا هئا سي ان ليول جا سخت نه هئا، ان جي ثبوت لاءِ ٻنهي ڌرين جا چُتڙ شاهد هئا. ڊاڪٽر، خان محمد لغاري کي ته پنج ڪوڙا معاف به ڪيا ويا هئا.
    سلام، نورالدين عباسي، دودي مهيري، لطيف لغاري، حفيظ قريشي، مجتبيٰ جوکيو، گل محمد دل، لطف عباسي جا قبول ڪندا.

    اوهانجو پنهنجو
    تاج جويو


    حفيظ قريشي (جونيئر)

    [16]

    پيارا علي محمد شاهه لڪياري!
    جيئي ڌرتي ماءُ، جيئي سنڌ:
    دوست توهان جو خط مليو، ڄڻ روشني ملي، بي ڪران محبت ملي، زندگي کي نئون روح مليو. پيارا ڀاءُ! اوهان جو خط مونکي. 81/1/27 تي شام ڌاري مليو. جڏهن ڳوٺان گهر پهتس ته مليو.مون ڀانيو هڪ ٻيو دوست جو نوڪري سانگي ٻاهر ويل آهي ان جو هوندو، سو خط کولي پڙهڻ شروع ڪيم، تمهيد پڙهي نالي جي ڳولا شروع ڪيم، منفرد جاءِ تي ٻئي صفحي تي نالو عدم موجود هو. نظر جي سرگرداني بعد خط کي ابتو ڪيم، غلط جاءِ تي ”Wrang side“ تي اوهانجو پيارو نالو ڪنهن ڪاري ٻاٽ اونداهي ۾ ٽمڪندڙ ٽانڊاڻي جيان جرڪندو، چمڪندو نظر آيو. مون فرطِ عقيدت سان نالي کي پيار ڪيو (سيد هجڻ جي حيثيت ۾ نه ساٿي هجڻ جي حيثيت ۾) وري نفس مضمون پڙهڻ شروع ڪيم، تان جو پڄاڻي ڪيم. کولين واري معلومات تمام وڻي. باقي لپ لپ لوڻ جي گلاب جي ٻوٽن جي پاڙن ۾ وجهڻ واري ڳالهه ڏک ڏياريندڙ آهي.
    گلاب جي گل جي باري ۾ مولوين جي تحقيقات (جديد سائنسي) مطابق وڻن جو هي قسم جنهن کي گلاب چوندا آهن نبي سائين جن جي پگهر مبارڪ مان پيدا ٿيا آهن. وڌيڪ ٻڌائيندا، سائين محترم عبدالواحد آريسرصاحب! هي سوال ڪونهين تنهنڪري سوال وارو نشان؟ ڪونه ڏنو اٿم، لوڻ ۽ سندس طبعي ۽ ڪيميائي خاصيت جي باري ۾ انسان ذات لاءِ عربي يوناني، لقاني، ايراني ۽ ملتاني حڪيمن جا ڪتاب چڱي چوکي معلومات فراهم ڪن ٿا، بنيادي طرح سڀني جي ڳالهين ۾ هڪجهڙائپ اِها آهي ته لوڻ زهر مار آهي. هن جو استعمال انسان ذات لاءِ تمام ضروري قرار ڏنو ويو آهي. وڏڙا ڳالهه ڪندا آهن ”زهر زهر کي ماريندو آهي“ سو سمجهه ۾ آيو ته لوڻ پاڻ به هڪ طرح جو زهر آهي. انگريزي ۾ ”Na Nad“ سوڊيم (d) ڪلورين سوڊيم ڌاتو آهي. ڊي گيس آهي Na سوڊيم پاڻي ٻرندي آهي ڊي ڪلورين پاڻي کي صاف ڪندا آهي.
    چو مرا ته دلر وهي تو صفا،
    که شبيه صاف صوفي به بيني خدا.
    خير، مختصر ڳالهه حڪيم اي زيڊ قريشي لوڻ بابت ذاتي مشاهدا قلم بند ڪيا آهن بادشاهه پير، مير، حضرات بقدر ضرورت ماڻهن کي کارائي نمڪ حلال بنائيندا آهن. هي طريقو جيتري قدر فائده مند آهي، اوترو وڌ نقصان ڪار، هن طريقي ۾ لوڻ ”نمڪ حلال“ چالاڪي سان کاڌي وسيلي ماڻهن جي رت ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ماني کارائڻ سان گڏ انهي وقت ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جا پادر ماڻهن مٿان اگهاڙي ترار جيان اُڀا هوندا آهن. هن حالتن ۾ (کائڻ ۽ کارائڻ) ماڻهن جو معدو هڪ خاص قسم جو سيڪريشن پيدا ڪندو آهي، جيڪو لوڻ سان عمل ڪري رت ۾ هڪ خاص قسم جا جزا پيدا ڪندو آهي، اهي جزا ماڻهن ۾ موڳائپ، بزدلي، ڀڙوت گيري، چمچاگيري جهڙن موذي مرضن جو ڪارڻ بڻجندا آهن.اهڙي طرح قوم ۾ هڪ عجيب و غريب ماڻهن جي کيپ تيار ٿيندي آهي. جن جون اخلاقي صلاحيتون آريسر جي چواڻي ته مم چٽي وڻي هوندي آهي. اها کيپ پنهنجي آقائن ميرن، پيرن، وڏيرن جي نمڪ حلالي. هڏ ڏوکي، بچاءُ ڪندڙ ٻين لفظن ۾ باڊي گارڊ ڪتن جي لوڌ هوندي آهي. هن جي مثال روينيو آفيس جي پٽيوالي کان وٺي سول جج تائين آهي. جيڪي حاڪمن جي اڇلايل هڏن تي پلنجندا آهن. ڪي درويش صفت ماڻهو لوڻ کي زهر مار ڄاڻندي ماڻهن منجهان حيوانيت جا جزا ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. ائين هن جو گهڻو واهپو ڪرائيندا آهن. نفيس درويشن جا دستر خوان هروقت وڇايل هوندا آهن، درويشن جو خيال هوندو آهي ته پيٽ ڀرجڻ، لوڻ جي اثر جي ڪري ماڻهو جي انسانيت زور وٺندي پر لوڻ جي گهڻي واهپي (پادرن جي عدم موجودگي) ڪري اهي وهه ڪڻا ٿي نڪرندا آهن. پوءِ ڀونڪندا آهن. واٽون ويهه ٿيون ڪوهه ڄاڻان ڪيهي ويا.
    سومناٿ مندر جي فتح کان پوءِ غزني شهر ۾ جڏهن سلطان محمود غزني موٽيو، تڏهن هن سان گڏ مالِ غنميت جي ٻانهين ۾ هڪ عجيب ۽ غريب ڇوڪري هئي. جنهن سان ميلاپ ڪرڻ ۽ چپ چمڻ وارو ماڻهون ڪنجهندي مري ويندو هو. هي مندر جي وڏي ديو داسي ۽ پوڄارڻ هئي. هن ڇوڪري کي مشهور تاريخدان البيروني وٽ پيش ڪيو ويو. تنهن ٻڌايو ته ”هن ديوداسي جي رت ۾ ننڍپڻ کان وٺي کاڌي وسيلي سينکيو داخل ڪيو ويو ۽ لوڻ کارائڻ بند رکيو ويو، تنهن ڪري هو ايتري زهريلي ٿي وئي آهي، جو ڪاريهر نانگ جي ڏنگ جو اثر به ڪونه ٿيندس“ اهڙين ڇوڪرين جي ذريعي مندر جا پروهت، نا پسنديده راجائين کي مارائيندا هئا.
    آخر ۾ هن پوڄارڻ غزني جي جامع مسجد جي درتي، جتي سومناٿ ديوتا جو هڪ ٽڪر لتاڙڻ لاءِ زمين ۾ کوڙيو ويو هو. اتي پنهنجي دل ۾ خنجر هڻي پنهنجو انت آندائين، پوڄارڻ جو رت سومناٿ ديوتا جي ٽڪر تي ايئن پکڙيل هو جيئن مينهن وسڻ کان پوءِ ڀالوا جي پٽ ٿي مينهن وساڙن جون قطارون نڪري قافلا ڪري هلنديون آهن. هيڏي زهرلي پر پنهنجي خدا سان سچي محبت رکندڙ هئي، پر اهي وِهه ڪڻا جن جي لئه لطيف سائين فرمايو آهي ته.
    ڪتا ڪرين ڪن تي، دعوا ۽ دڙ،
    جن وڌئي وڙ، ڏند ڪڍين تن تي.
    چڱو موڪلاڻي

    توهان جو پنهنجو
    فقير حفيظ قريشي
    (جونئير)

    [17]

    پيارا علي محمد شاهه لڪياري!
    جيئي سنڌ، جيئي ڌرتي ماءُ:
    اميد، آهي ته بلڪل خوش باش هوندا،
    ڀاءُ مجيب شيخ جي آزادي جي اوهان کي مبارڪ هجي.
    مارو مينهن گُهرن، آئون مارن ميڙائو،
    ساڏويون ۽ سرتيون، هيئنڙي منجهه هُرن،
    هڪ لڱين لوهه چُرن، ٻي وينجهل ويڙهيچن جي،
    مارو مينهن گهرن ٿا، آئون مارن سان ملڻ گهران ٿو.
    منهنجا پيارا! گذران جا وسيلا سڀ دل ۾ هُرن پيا، مونتي هڪ قيد مڙهيل آهي ٻي ڳڻتي ويڙهيچن جي آهي.
    سو ”ڪڏهن ملنديس ماءُ، منهن ماروئڙن جي“
    زندگي جي هن سهڻي سفر ۾ اوهان جهڙن پر خلوص ۽ سچن دوستن جو ساٿ هڪ نعمت آهي. هن دور ۾ جيڪا شيءَ سنڌين ۾ گهٽ آهي سا آهي خلوص، احترام ۽ سچائي جي، ۽ اهائي اسان کي پيدا ڪرڻي پوندي. اسانکي قومي سوچ ۽ قومي فڪر جي سام ڪرڻ سان گڏ، پيار، محبت، احترام، خُلوص ۽ سچائي جهڙن ڳڻن کي پيدا ڪرڻو پوندو
    هڪڙي ڳالهه مون عام زندگي ۾ محسوس ڪئي آهي ته هر ماڻهو پاڻ کي عقل مند ۽ ٻئي کي بيوقوف سمجهندو آهي ۽ پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    ساڳي ڳالهه سياسي تنظيمن ۾ به ڏسڻ ۾ آئي آهي.
    رجعت پسند ادارن ۽ سياسي تنظيمن ۾ اهڙي ڳالهه عجب نٿي ڏياري، پر انقلاب جي هام هڻندڙ تنظيمون به ساڳي صفتن سان مالا مال ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سا، ڳالهه ڏکوئيندڙ آهي. سياسي دوست يا عام زندگي ۾ سوشل دوست، ٻنهين صورتن ۾ دوست جي تعريف اها ٿيندي ته دوست اهو آهي، جيڪو روحاني ۽ ذهني سڪون جو باعث بنجي، پر هڪ اهڙو شخص جيڪو دوست سڏائي ٿو پر روحاني ۽ ذهني پيڙا جو باعث بنجي ٿو، ان کي ڪجهه ٻيو نالو ڏيڻو پوندو، دوست نٿو چئي سگهجي.
    سور م ڏيج ڌوڻ، آئون اڳئي آهيان ڪانهري،
    جا پر پاڻي لوڻ، سا پر مون جندڙي.
    منصور کي مقتل ڏي کڻي وڃي رهيا هئا. ماڻهن جا انبوهه هئا. جيڪي پٿرن جو وسڪارو ڪري رهيا هئا. انهن ماڻهن ۾ منصور جو دوست شبلي پڻ هو، هُن به ماڻهن جو رخ ڏسي هڪ ننڍڙو گل کڻي منصور کي هنيو ته منصور کان رڙ نڪري ويئي.
    شبلي چيو ته منصور هيڏن پٿرن جي وسڪاري ۾ توکي تڪليف ڪانه آئي، منهنجي ننڍڙي گل توکي ايتري تڪليف ڏني جو توکان دانهن نڪري وئي، ڇو؟
    منصور چيو ته انهي ڪري جو تون مون کي سڃاڻي، منهنجي فڪر کي سمجهين ٿو. تو منهنجي من مندر کي ڏٺو آهي. انهي ڪري پنهنجي حال محرم ۽ ساٿي جو معمولي ڌڪ به جيڪا تڪليف ۽ پيڙاڏي ٿو سا ان ظالم حاڪمن ۽ ان اٻوجهه ماڻهن جا ڌڪ نٿا ڏين.
    اسان کي ڪوڙن اثر ڪونه ڪيو، اسان تمام برد باري سان، ان مرحلي مان گذري وياسين، ڊپٽي چيو ته ”ايڏي برد باري، همت، دليري ۽ صبر سان ڪوڙا کائيندي وڏن وڏن ڇورن کي به نه ڏٺو آهي. آئون تمام متاثر ٿيو آهيان، خاص طرح قريشي کان“.هڪ ڪامورو حڪومت جو ساٿاري ان مشين جو پُرزو جيڪا اسان جو رت ست چوسي ٿي، سو اسان جي عمل کان متاثر ٿئي ٿو، ۽ ان جي زبان مان تعريف ۽ توثيف جا ڪلمان نڪرڻ لڳن ٿا.
    پر هيڏانهن اسان جي همراهن جي حالت اها آهي جو ڏينهن جو ڏهين بجي اٿندا، تمام گهڻي احسان سان، سوچ اها اٿن ته ڪو اسانجي خدمت ڪندو رهي. سارو ڏينهن اجايو سجايو کل ڀوڳ ۽ چرچن گهٻن ۾ گذاري رات جو سمهي رهندا. جيڪي سنجيده دوست آهن، تن کان ڪم ڪرائيندا، هنڌ تي ويهي چانهن پئيندا، پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ به عيب سمجهندا، پڙهڻ جي حالت اها اٿن ته فلمي رسالا ۽ ڊائجسٽ وغيره جام پڙهن ٿا پر قومي ادب کان ونءُ وڃن ٿا. پنج منٽ ڪنهن قومي نڪتي تي ڳالهائي نٿا سگهن ۽ آهن قومي ڪارڪن، ويهه مهينا جيل ۾ گذاريا اٿن پر ڪلاڪن جا ڪلاڪ بڪواس ۽ اجائي گفتگو ڪندي ٿڪجن ڪونه ٿا. آئون مايوس ناهيان پر ڀٽي واري زماني ۾ شاگردن ۾ جيڪا عيش ڪوشي واري ڪرپشن هئي اها ختم نه ٿي آهي. اِهي حقيقتون آهن، معاف ڪندا. پر حقيقت نه چوڻ ۽ حقائق لڪائڻ به صحيح نه آهي.

    اوهان جو پنهنجو
    عبدالحفيظ حق قريشي


    غلام نبي سومرو

    [18]

    سينٽرل جيل سکر
    1981-5-13
    سدا سلامت، دائم آباد
    محترم برادرم: علي محمد شاهه لڪياري صاحب!
    جيئي سنڌ. حق موجود، جي بعد لکجي ٿو ته اوهان جو نوازش نامو 12 تاريخ تي موصول ٿيو، پڙهي حال احوال کان خبر پئجي ويئي.
    سو لفافن جي کوٽ سبب شيخ صاحب جو جواب ته لکي رهيو هيم. مگر لفافو نه هيو، تنهن ڪري جواب گڏيل حاضر آهي. هتي مونسان چار نواب شاهه جا پي پي جا گرفتار ٿيل رحيم بخش جمالي، اڪبر جمالي، ارشاد حسين شاهه ۽ ولي محمد شاهه، سٺ ميل تي ڳوٺ اٿس، رهن ٿا. باقي ٻيا رسول بخش پليجو، الطاف حسين شاهه جيلاني، رفيق صفي گڏ رهندا آهن، انهن سان به هن وقت برتاءُ بهتر هلي رهيو آهي. هو به ٺيڪ رهندا آهن.
    پليجي صاحب، عبدالواحد آريسر لاءِ خاص سلام چيا آهن، استاد ابوبڪر ۽ قمر راڄپر جا پڻ سلام، منهنجي طرفان سڀني جي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي جيئي سنڌ چوندا. آريسر صاحب کي چوندا ته مجيب ۽ رسول بخش کي ڪٿي ٿو ڪوڙا هڻرائين. نارا تي يا پاڻ وانگر حيدرآباد، سائين آريسر کي منهنجي طرفان پيرن تي هٿ رکي دل جي رت ۾ ٻڏل ۽ دل جي گهراين سان جيئي سنڌ چوندا.
    منهنجي طرفان روشن ٻرڙي کي خاص قرب جا سنيها، ستار مورئي ۽ الطاف تنيي ۽ صمد ڪانڌڙي جا احوال لکي موڪليندا ته ڏاڍي مهرباني ٿيندي. هي شعر لکي خط پورو ٿو ڪريان.
    بندر جا ڀئي، ته سکاڻيا مَ سُمهو،
    ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
    ايڏا سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.
    ورزش ڪهڙا ڪهڙا ڪندا آهن، راند ڪهڙي ٿا کيڏو. جي بيد منٽن کيڏو ته اسان حاضر آهيون، صُبحاڻي کان کلي رهي آهي.
    اوهانجو ساٿي نياز مند
    غلام نبي سومرو
    قيدي بي ڪلاس، سينٽرل جيل سکر


    [19]

    شهداد ڪوٽ
    1981-9-16

    شل آزاد ٿيو شال.
    محترمه علي محمد شاهه لڪياري ۽ مهربان سائين.
    شيخ مجيب الرحمٰن!
    جيئي سنڌ: بعد خيريت جي، احوال حاضر آهي. محبوب سائين پاڻ ۾ آهيون. خبر آ خط سڃاڻي ويندين، ڏي خبر ته اوهان جو ڇاٿيو، ڪهڙا ڏينهن واندڪائي جا ٿيندا اٿئو؟
    ها! دوست ان ڏينهن شنوائي تي ملياسون. پوءِ مهمانن کي وٺي ويم ۽ حيدرآباد شهر جا چڪر ڏناسون. ان کانپوءِ پنهنجو وڏو دادو وارو تنهن ڏانهن وياسون. ان وٽ هڪ ٻه ڏينهن ٽڪياسون. ۽ پوءِ واپس ٿياسين ۽ حيدرآباد ۾ ڏکيا سکيا ڏينهن گذارياسين، ڇاڪاڻ ته v.c خاص ڪري مونکي چوي ٿو ته ٻڌرائبو به توکي، مارائبو به توکي، ڀائو خدا جو قسم آفيس مان پوليس ڏانهن فون ڪيائين ته هن کي ٻڌي وڃو. پوءِ آئون اتان رفو چڪر ٿي کسڪي ويس. ٻڌاءُ ته ڪيترو نه پريشان هوندس، هر وقت پاڪستاني پوليس پويان ڪتن وانگي نوسيندي ٿي وتي. اوهان جيل ۾ ٺيڪ آهيو. وڏو جيل ته ٻاهر وارو آهي، ايتريون پريشانيون آهن جو قسم ٿو کڻي چوان ته جيل ۾ ٺيڪ هيس، پيارا ڪيڏي نه تعجب جي ڳالهه آهي ته اسان سنڌي پنهنجي گهر، پنهنجي ڌرتي تي به ڌڪاريل آهيون. پنهنجي گهر ۾ به اسانجون جانيون محفوظ نه آهن. اٿڻ، ويهڻ، ڪڇڻ، پڇڻ، لکڻ ۽ چوڻ تي پا بنديون، هر وقت جان کي خطرو، گهران نڪرون ٿا ته يقين نٿو اچي ته واپس خيريت سان اينداسون يا لاش ايندو.
    ڀلا اوهان جي 25 تاريخ واري قصي جو ڇا ٿيو؟ جواب جو انتظار شدت سان رهندو.
    سڄڻ سارو ڏينهن، توکي ياد جيڪي ڪن،
    تنين کي تون من، ٿو وساري ويهي رهين.
    پيارا مجيب! ڪڏهن ڪڏهن ته اسان کي به ياد ڪندو ڪر. اسان ته جيل واري سنگت کي وساري ئي نٿا سگهون. سکر وارا حيدرآباد وارا، ناراجيل وارا سڀئي ساٿي منهنجي من مندر ۾ ٻرندڙ صندل جي دونهين جيان رهندا آهن. زندان جي ڪٺن گهڙين ۽ ڏينهن ۾ جيڪي رهاڻيون ۽ ڪچهريون پنهنجي جيل جي ساٿين سان ٿيون، اهي اسانجي زندگي جون انمول گهڙيون آهن. زندگي جو چراغ وسامڻ تائين انهن لمحن جي ياد منهنجي من ۾ امرت اوتيندي رهندي. قسم سان جڏهن اوهان محبوبن جي ياد ايندي آهي، دل چوندي اٿم ته هينئر جو هينئر جيل ۾ هجان، مگر پيارا! مجبور آهيون. هاڻي وري جوابداري عائد ٿي آهي. ڪن ضلعن جو D/O ٿيو آهيان، دعا ڪندا ته جيڪا قومي ذميواري عائد ٿي آهي، انهي کي ڀرپور نموني ادا ڪري سگهان.
    او علڻ شاهه محبوب! ڏي خبر ڪڏهن اٿئي شنوائي؟ جواب جو منتظر رهندس. ڇاڪاڻ ته 26 تاريخ تي حيدرآباد ايندس.
    ٻيو سڄي سنگت کي جيئي سنڌ چوندا.
    خاص ڪري قمر راڄپر ۽ استاد کي.

    چڱو موڪلاڻي
    اوهانجو ساٿي
    غلام نبي سومرو
    سنڌ فوٽو اسٽوڊيو شهداد ڪوٽ


    [20]

    شهداد ڪوٽ
    1982-11-1
    سدا سلامت دائم آباد.
    محترم سائين علي محمد شاهه صاحب!
    السلام عليڪم. يا علي مدد فُقرا!
    جيئي سنڌ!
    بعد خيريت احوال حاضر آهي، ته گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. جو هڪ ٻئي جي احوالن کان ۽ ملڻ کان محروم هياسي. ان لاءِ مونکي ڪوبه ڏوهه نٿا ڏيئي سگهو. ڇاڪاڻ ته مان گهٽ ۾ گهٽ توهان جي معاملي ۾ حساس آهيان، ڇو ته پيارا! مونکي اها خبر آهي ته توهان ڪهڙين نه تڪليفن ۾ زندگي گذاري آهي. مونکي اها خبر آهي ته اوهان جو والد صاحب اوهان جي جيل ۾ هوندي هن فاني جهان مان لاڏاڻوڪيو، پيارا! جڏهن ماڻهو زندان جي ڪارين ڪال ڪوٺڙين ۾ بند هوندو آهي، جتي نه سج جا روشن ڪرڻا ڏسي سگهندو آهي نه چنڊ جي مٺي مٺي روشني پسي سگهندو آهي. ۽ نه ڪاري ٻاٽ رات ۾ آسمان تي ستارن جي جهر مر جو من موهيندڙ نظاري جو درشن ڪري سگهندو آهي. پيارا علي شاهه! جواهر لعل نهرو پنهنجي ترم ياترا ۾ لکيو آهي ته ”مونکي جيل ۾ سڀ کان عذاب ڏياريندڙ ڳالهه هي هوندي آهي ته آئون جيل ۾ ڪنهن عورت يا معصوم ٻار جو آواز ٻڌي نه سگهندو آهيان.“ پيارا علي! مان شدت سان محسوس ڪريان ٿو ته اها تڪليف پڻ توکي هوندي، پر پيارا! زندان جي اندر انسان جي دل ان وقت ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي پوندي آهي. جڏهن جيل کان ٻاهران ڪنهن پياري ماڻهو جي گذاري وڃڻ جي هانءُ ڏاريندڙ خبر ايندي آهي. اهڙي ماحول ۾ دل چوندي آهي ته زندان جون اوچيون اوچيون ديوارون ۽ بَرج تي بيٺل پهرا ٽوڙي فرار جو رستو اختيار ڪريان. پر ان کان عذاب ڏياريندڙ ڳالهه هي هوندي آهي ته ان ڪٺن گهڙين ۾ ڪجهه ڪري نه سگهندو آهي. ان وقت ذهن به مفلوج ٿي ويندا آهن.
    پر پيارا! ڪڏهن ڪڏهن دل اوهان جي جذبن جي عظمت جي محرابن ۾ سجدا ڪرڻ چاهيندي آهي. ۽ سوچيندو آهيان، ڪيڏا عظيم آهن اُهي بانديئڙا جيڪي پنهنجي قوم جي خوشحالي ۽ پنهنجي ڌرتي جي آزادي لاءِ زندان ۾ به گلاب جي گل جيان مسڪرائيندا رهندا آهن. پيارا علي! حقيقت ۾ تون عظيم آهين جهڙي نموني تو وقت جي بي رحم حادثن جو مقابلو ڪيو آهي، اهو قابل تحسين آهي.
    پيارا سائين! مان اوهانجي حاضري تي به آيو هوس، پر اوهان غير حاضر هيو.
    سو محترم رسول بخش ٿيٻي سان گڏجي پيم، ڏاڍا چڪر ڏناسون ۽ شام جو موڪل وٺي مان هليو ويم، اهي اٿئي حال چريءَ جي ٻار جا.
    هاڻي ٻڌ! محرم کي ٻڌوسين به ڏاڍو ڏٺوسين به ڏاڍو، ۽ رنوسين به ڏاڍو، رنم انهي ڪري جو امام حسين سان ڪربلا ۾ ڪربلا ٿي هئي ۽ سنڌين سان سنڌ ۾ ڪربلا ٿي رهي آهي.
    پيارا! تون ٻڌا ته ماضي واري ڪربلا تي روئجي يا حال واري ڪربلا تي ماتم ڪجي.
    پيارا! توهان محرم ملهايو آهي يانه؟
    توهان ڪهڙو محرم ملهائيندو، توهان سان ته جيل ۾ به ڪربلا ته ٻاهر به ڪربلا ته کيسي ۾ به ڪربلا، توهان تي ڪهڙي ميار، توهان ته آهيوئي ڪربلائي.

    توهان جو وفادار ساٿي
    (گلو سومرو)
    غلام نبي سومرو

    [21]

    ڪن آفاقي ايمان وتو، ڪن گيتا جو آ، گيان وتو،
    پر مونکي پنهنجي ماءُ مٺي، او ڌرتي! تنهنجي ڌوڙ وڻي.
    محترم سائين علڻ شاهه فقير ۽ مرشد!
    جيئي سنڌ: بعد خيريت طرفين احوال پيش خدمت آهي، پيارا محبوبڻ! چوندا آهن ته خط به جيل ۾ اڌ ملاقات آهي، پر سيد توهان جي صحت تي ته اسان جي خطن جو ذرو به اثر نه ٿيو آهي. مون اوهان ڏانهن خط موڪليو ته آهي مگر 15 ڏينهن ٿيا آهن ته جواب نه آيو آهي.خط ۾ سيئنڊل جو به ذڪر هيو. هاڻي جواب ضرور ڏيندا. 8 اپريل تي پنهنجي طرفان هتي لطيف جي ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي مزو اچي ويو. صدارت گل محمد جکراڻي ۽ خاص مهمان شاهنواز شيخ هو، فنڪارن ۾ علڻ فقير، قمر، ۽ منظور سخيراڻي هئا.
    سڄڻ سنڌي ڪو نه آيو.
    ٻيو ته 8 تاريخ واري شنوائي جا ڪهڙا حال آهن، جلد ان ڪيس ۾ سزا وٺ، ڏاڍو فائدو پوندئي، وڌيڪ فائدو نه ٿيئي ته به ايترو ضرور پوندئي جو جيل ۾ پڪي قيدي جا ڪپڙا ته ملي ويندئي، فقراهه ٺٺ سان پايون مُشان وٽيون ويٺو هججان.
    پيارا! هاڻي مونکي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي، ان ڪري جو ڀائو جي بدلي ٿي آهي، چوانس ٿو ته حيدرآباد وڃڻو آهي، ته ايترا سوال ٿو پڇي جو آئون پاڻ لاجواب ٿي ويندو آهيان. ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. جو گهڻي وقت کان اوهان محبوبن جي زيارت نصيب نه ٿي آهي، بحرحال انشاء الله عنقريب ملاقات ڪري ويندس.
    وڌيڪ پنهنجا احوال ڏيو، ڊاڪٽر عيبد الله (حفيظ سولنگي جو وڏو ڀاءُ) ۽ حاجي غلام مرتضيٰ قريشي (بشير خان قريشي جو والد) جي حد کان وڌيڪ عزت ۽ خدمت ڪندا ۽ انهن جي حال احوال کان واقف ڪندا.

    توهان جو وفادار ساٿي
    (گلو سومرو)
    غلام نبي سومرو


    مٺل حيدري

    [12]

    منهنجا ع . ل . م!
    عرض ته اڄ دل اداس آهي، ڇو جو تو جهڙي هڪ پياري سڄڻ جو نوجوان پٽ پنهنجي هڪ قوم جي فرد هٿان مارجي ويو آهي. هينئر اوڏانهن ٿي ويس ته حافظ مليو، مجبورً ٻه اکر هلندي لکيا اٿم، رضوان پلي، ۽ محمد حسن کوسي کي نياز چوندا.

    مٺل حيدري


    [22]

    ڳوٺ، چار سئو ويهه
    1981-10-9

    ڏينهان ڏورن ڏُٿ سين، راتيان ڪن رهاڻ،
    عمر! تني ڪاڻ، منهنجو روح ريهون ڪري.
    حق موجود:
    پيارا علي محمد شاهه لڪياي!
    جيئي لطيف جيئي لطيف جو ديس.
    احوال ته اوهان جو خط کليل لفافي ۾ مليو، ٻين احوالن سان گڏ اوهان حساس سياستدان يا اديب جو سوال پڇو آهي. جواب لکڻ کان اڳ هيٺيون شعر لکڻ مناسب ٿو سمجهان.
    آءٌ ڏڏ، ڏڏان ئي ڏڏ، ڏڏ نه ڏڏن جهڙو.
    سڻي آيس سڏ، ڏاتر تنهنجي ڏات جو.
    منهنجا پيارا! مون ۾ ايتري هوشياري ڪانهي جو پيچيده مسئلا حل ڪري سگهان، مون تنهنجي ذات جي فرد جو سڏ ٻڌو، جيڪو قافله جو علمبردار ۽ سچو مهندار آهي. ان سڏ کي لبيڪ چئي قافلي وارن جي پيرن مٿان پير ڏيندو، پنهنجي سگهه آهر پيو هلان، مونکي پنهنجي پنڌ جي ڪا خبر ڪانهي، تنهن ڪري سوال جي جواب ۾ ڪا ڪمي پيشي يا گهٽ وڌائي هجي ته مونکي اڻ ڄاڻ سمجهي معاف ڪندا.
    سائين! اوهانجي سوال جي جواب ۾ عرض آهي ته مونکي مختصر زندگي جي مشاهدي ۽ مطالعي مان اهو معلوم ٿيو آهي ته حساس سياستدان نه پر اديب آهي. سياستدان کي حساس چوڻ ائين آهي جيئن شيطان کي امن جو علمبردار چوڻ. تنهن ڪري سياستدان کي حساس چوڻ ئي گناهه آهي. سياستدانن کي جلادن جي جماعت چئجي يا بکايل بگهڙن جو ٽولو چئجي، جن مظلوم قومن کي رولو جانورن جو ولر سمجهي کين بي دردي سان پئي پٽيو کاڌو آهي. سياستدان هڪ ڦورو طبقو آهي. جيڪو سانڊي جيان رنگ بدلائيندو، غريبن جو استحصال ڪندا پيا اچن. سندن دغا بازي، مڪاري، غداري، ۽ بدڪاري سبب ڪيترا سارا غريب خود اعتمادي، خود داري ۽ قوت ارادي جي جوهر کان بلڪل خالي نظر پيا اچن، اوهان ڏسندا ته سياستدانن جي ڪڌن ڪارنامن جي ڪري مظلوم انسان دنياوي دُکن، دردن جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا آهن. اديب هميشه وطن ۽ وطني ماڻهن جي امنگن، آرزوئن، احسانن ۽ جذبن، دکن، دردن جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري ظالم کي ظالم چئي، مظلوم جي حمايت پئي ڪئي آهي. حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ، حضرت گوتم، زردشت، ڊارون ۽ ڪارل مارڪس جهڙيون عظيم هستيون، جن جي فڪر ۽ فلسفي جي ڪري دنيا ۾ نئين رنگيني اچي وئي. سي اديب هئا. اديب به آزاد ذهن پيدا ڪري، آزاد فضا پيدا ڪري، آزاد فضا ۾ کين خوش گذارڻ ڏيندو آهي. اوهان حضرت صوفي شاهه عنايت، حضرت مخدوم بلاول، حيدرشاهه، مولوي محمد صالح ٺٽوي، حضرت مولانا عبيد الله سنڌي. ۽ حضرت سيد اعظم غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد رهبر) جهڙين هستين ڏانهن نهاريو، جن جي حب الوطني ۽ قوم پرستي اڳيان سڄو عالم سربسجود آهي. قومن جي سونهري تاريخ اهڙا اديب ۽ مفڪر ٺاهيندا آهن. جو هڪ مفڪر اديب پنهنجو فڪر پيش ڪندو آهي. ۽ ٻيو عامل بنجي پنهنجي عمل سان ان سچائي جي وضاحت ڪندو آهي. ربّ پاڪ سج کي روشني بخشي، جنهن جي روشني سان ڀاڄيون، ميوا، اناج، ۽ ٻيون شيون پيدا ٿين ٿيون، جن تي زندگي جو دارومدار آهي. اهڙي ريت علم ادب جي نور سان وري دل ۽ دماغ روشن رهن ٿا. جنهن سان حق ۽ باطل جي پروُڙ پوندي آهي. جنهن انسان جي دل دماغ تي اهڙي علم جي روشني پوندي آهي. ان کي ئي اديب چئبو آهي. جنهنجي علم ۽ ادب سان قومن ۾ سجاڳي ايندي آهي. جنهن ڪري مادر وطن جي عظمت کي سمجهي سگهندا. اهڙِي اديب کي حساس اديب چئبو آهي. سياستدان حاڪم توسيع پسندي ۽ فسطائيت ۽ جابرين خاطر جارحانه جنگيون جوٽي، سرسبز ملڪ ويران ڪري، بي حساب ماڻهو ماري وڍيل ٽڪيل انساني لاشن تي ناچ ڪري فتح جو جشن ملهائيندا آهن.
    سياستدان رڃ جهڙو فريبي آهي. جهڙي طرح ٿر ۾ سج جي تپش ڪري ”رڃ“ پاڻي جهڙو ڏيکاءُ ڏيکاريندو آهي. هرڻ ان کي ڏسي اوڏانهون ڊوڙيندو آهي، ڀلاهجي پاڻي ته کيس ملي پر آخر ڊوڙي ڊوڙي مري ويندو آهي.
    تهڙي طرح سياستدان به ڪئي ڏکاءُ ڏيکاري غريبن کي پنهنجي پٺيان ڊوڙائي، ڊوڙائي پيو دوکو ڏيندو آهي. انهن دکي باز ٺڳن جو اهو ڌنڌو صدين کان پيو هلندو اچي، ائين کڻي چئجي ته بگهڙن جي پٺيان بگهڙ، نانگن پٺيان نانگ پيدا ٿيندا رهندا آهن، مظلومن جو رت چوسيندا پيا اچن، پوءِ انهن کي حساس چوڻ سڌو سنئون دوکو کائڻ آهي. هاڻ اوهان چوندا ته سائين حضرت غلام مرتضيٰ شاهه ۽ ٻيا اهڙا سياستدان آهن، جن وطن ۽ وطني ماڻهن لاءِ قرباني ڏني آهي. ۽ حساس آهن! ان لاءِ عرض ته سياستدانن جا ڪيترائي قسم آهن. پر انهن مان مکيه ٻه قسم آهن. هڪڙا ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيئي، قومي مفاد کي قربان ڪرڻ وارا، جيڪي ذاتي مفاد کي مٺو ڪري قومي مفاد قربان ڪندا آهن. سي ووٽ ٺاهڻ وارا سياستدان هوندا آهن. اهي نموني بازي ڪري صرف ووٽ ٺاهيندا آهن. اهڙن سياستدانن جي طبقاتي فطرت قوم دشمني هوندي آهي. اهي پنهنجي ذاتي لالچ خاطر قوم ۽ وطن جي ويرين اڳيان خوشامد، جي حضوري، چاپلوسي ۽ پڇ لوڏ پيا ڪندا آهن. اهڙن ذاتي لالچ رکندڙ سياستدان ڪاٺ جي پتلن يا رٻڙ جي گڏين مثل هوندا، جو ڪڏهن ڪنهن جي هٿ ۾ ته ڪڏهن ڪنهنجي هٿ ۾ نظر پيا ايندا آهن.
    ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي قربان ڪرڻ وارن سياستدانن جي دل ۾ وطني محبت ۽ قومي غيرت هوندي آهي. پاڻ کي تڪليفن ۾ وجهي قوم لاءِ سک ڪندا آهن. ايتري قدر جو، پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي قوم جي حياتي بچائيندا آهن. اهڙا سياستدان قوم ٺاهڻ وارا سياستدان هوندا آهن. اهي اديب هوندا آهن، نه ٺلهو سياستدان، هن مان معلوم ٿيو ته حساس اديب آهي، نه سياستدان، سائين منهنجا! تاريخ جو قلم جڏهن فاتح جي هٿ ۾ اچي ويندو آهي، تڏهن مفتوح قوم جي ذلت ۽ پستي جو بيان ڪندو آهي. اهو قلم ظاهر، حاڪم، جابر جا قصيدا لکندو آهي. ان وقت سياستدان پاڻ وڻائڻ، جي حضوري ڪري، ظالم جي پٺڀرائي پيا ڪندا آهن. ان وقت اديب ئي هوندو آهي، جيڪو سچ جون شيون لکي ظالم کي ظالم چوندو آهي.
    مثال: خليفي عمر جڏهن مصر تي ڪاهه ڪئي، انهي وقت مصر جا بادشاهه آتش پرست هئا. عمر خونريزي، لٽ مارسان گڏ اتي جي لئبريري ساڙائي ڇڏي، جيڪو تمام وڏو ادبي خزانو هو. خليفو عمر سياستدان هو، حضرت علي عليھ جيڪو وڏو اديب هو، جنهن کي رسول صلي الله عليه وآلھ وسلم جو دروازو سڏيو آهي، ان کان ڪنهن پڇيو ته زندگي جو دکدائڪ وقعو، حضرت علي عليھ سلام چيو ته مونکي هِن ڳالهه جو وڌ ۾ وڌ ارمان ٿيو آهي، جڏهن خليفي مصر تي بي گناهه ڪاهه ڪري لٽ مار سان گڏ اتي جو ادبي خزانو جلائي ڇڏيو.
    ٻيو فردوسي ايران جو وڏو شاعر اديب ٿي گذريو آهي، جيڪو هڪ مسلمان به هو، تنهن کي پڻ انهي لئبريري سڙڻ جو ايترو ڏک ٿيو هو، جو عربن لٽيرن کي بدشد به ڳالهايو اٿيئن ۽ قدرت واري کي به نديو اٿئين چوي ٿو ته.
    ”زشير وَ ششر وَ خوردن سوسمار
    عرب راءِ بجاءِ رسيداست کار
    که تخت کيان را کند آرزو
    تفو بر تفو اي چرخ گردن تفو“
    اگر سياستدان حساس ٿئي ها ته عمر وڏو سياستدان هو، ۽ اهڙو ظلم نه ڪري ها، حضرت علي سياستدان سان گڏ وڏو اديب هو، جنهن تي ظالم عمر جي ظلم جو گهڻو اثر ٿيو ۽ کيس عمر جي اها ڳالهه پسند نه آئي.
    فردوسي هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ ٿي ڪري عربن کان نفرت جو اظهار ڪيو اٿس ڇو ته اديب حساس آهي.
    2. اسلامي پڳڙ ٻڌندڙ اورنگزيب سياستدان هو، جنهن ذاتي لالچ ۾ اچي دارا شڪوه ۽ عاشق صوفي سرمد کي بي دردي سان شهيد ڪرائي ڇڏيو.
    3. عبدالملڪ سياستدان هو، جنهن ڪميني حجاج بن يوسف جي هٿان ڪعبتھ الله تي سنگساري ڪرائي. ابن زبير کي شهيد ڪرائي سندس سر شام موڪليو ۽ ڌڙ، مڪي شهر ۾ ٽنگرايو. جي عبدالملڪ حساس هجي ها ته ائين نه ڪري ها. چئبو ته سياستدان حساس ناهي. جي ڪو هروڀرو سياستدان کي چوندو، ته اها هن جي ڀُل آهي، اوهان سنڌ جي غدارن جي لسٽ ڏسندا۽ سياستدان ته وڏا هئا، پر ذاتي لالچ ۾ اچي هن ديس کي شيطانن لاءِ جنت ۽ ديس واسين لاءِ جهنم بنائي ڇڏيو.
    حضرت غلام مرتضيٰ شاهه قومي مفادن کي مٿاهون سمجهي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، ظلم ۽ زيادتي، تشدد، بر بريت خلاف جنگ جاري رکي ٿو اچي، اهڙن حساس طبيعت اديب مفڪرن لئه لطيف چيو آهي ته:
    ”لاوانءَ وڃي وائٺ، هينئڙا! ماڳ پرين جو.
    چميو چم چائٺ، هوءِ جا سَندي سڄڻين“
    هر انسان کي پنهنجي راءِ رکڻ جو حق آهي، ته پوءِ آءٌ حساس اديب کي ٿو چوان.
    مونکي احوال جو انتظار رهندو.

    تنهنجو ڄاتل سڃاتل ح ــ م ــ
    مٺل حيدري


    [23]

    جکرو جوڙي، پاڻ پرين پيدا ڪيو،
    ڪيهر جيئن ڪر کڻي، مَڇون ملهه موڙي،
    گهوٽ چڙهيو گهوڙي، پيچين لائي پيچرا.
    حق موجود:
    پيارا لڪياري!
    جيئي لطيف جيئي لطيف جو ديس.
    احوال عرض ته اوهانجي طرف کان ڪو احوال ڪونه مليو، ان ڪري اوهانجي سوال جي جواب وارو خط هتان ڪالهه موڪليو اٿم، اميد ته اوهانکي مليو هوندو. ڇوڪري جي نوڪري لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم پر ڪم اڃان ڪونه ٿيو آهي. سڪرنڊ ۾ ڪلارڪي جو جايون هيون. پر جن يارن تي ايترو باور ڪيم، هن لاءِ سهڻي شاهه لطيف ڪهڙو نه چٽو چيو آهي.
    ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻا مٿي مڱڻي،
    مون در ڇڏيو مڱڻا! مڱين ڪوهه ٻيا،
    تڏهن تو پيا، وچان ولها ڏينهڙا.
    علي سائين! وري به ننگي تي ننگ آهي، ڪوشش جاري آهي. تڪليفون دور ٿي وينديون. هر وقت لطيف سائين جي ڪلام جي هي آيت ورد آهي.
    ٻوڙين چاڙهين تون ڌڻي، ٻئي جو دعوا رسي نه دم،
    هن منهنجي حال جو، ميهر کي معلم،
    رک ڀيلي جو ڀرم، جو اچي پيو اجهور ۾.
    دعا ڪريو ته ماگر مڇ مري ته ساڻيهه ۾ سک ٿئي.
    منهنجا پيارا گهاتو! اوهان کي مالڪ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪري، مارئي جي ملڪي ماروئڙي يعني عبدالواحد آريسر کي ڀاڪر پائي کيس منهنجا سلام چوندا.
    رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب ۽ قمر ڀٽي کي پڻ سلام چوندا.
    اوهان جو
    مٺل حيدري

    [24]

    مٺياڻي
    1981-1-6
    اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪر ڪارائيو،
    وُٺا نيڻ نصير چئي، ڪيائون روئڻ جو رايو،
    سارنگ کي سعيو، سدا سنڌ وسڻ جو.

    حق موجود:
    پيارا سائين علي محمّد شاهه لڪياري! احوال عرض ته هن خط کان سواءِ ويجهر ۾ ٻيو ڪو خط نه مليو آهي. ڪجهه وقت ٿيندو جو مون پنهنجي ڳوٺ ٿاڻو بولا خان، ملير جي ماروئڙي عبدالواحد آريسر ۽ توڏي جدا جدا خط لکيا هئا. اوهان ڏي ان خط جو جواب هئو، جنهن ۾ توهان ”جهولي“ هڻڻ کان منع ڪئي هئي. پوءِ تنهنجو ڪو خط ڪو نه مليو.
    مونکي شاهه لطيف جي هن آيت:
    سپت ڀريا سپرين، ڪپت ڪام ڪريو!
    ٿوري گهڻي ڏينهين، ماڙهو وڃن مريو،
    تيسن قرب ڪريو، جيسين جئرا هجون جهان ۾.
    ايمان اٿم، هرو ڀرو ڪاوڙ آءُ ڪريان ڪونه، پر اوهان سان ڪاوڙ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڇو ته شاهه سائين جي قول:
    ”ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال“
    ثابت قدم رهيا آهيون. اوهان سان ڪاوڙ ڪرڻ آءُ ڪفر ٿو سمجهان. ادل! سڄڻ ۽ ساڻيهه وسارڻ ڪا معمولي ڳالهه آهي ڇا؟ اوهان هردم ياد آهيو، ۽ مرڻ کانپوءِ به ياد هوندا. اوهان مڙني ماروئڙن لاءِ هيءَ دعا ورد هوندي اٿم ته:
    ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
    ٿر ۾ واري ٿورڙي، تينهان گهڻيرا،
    ڀلائي ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.
    منهنجي پياري، منهنجي سڄڻ، منهنجي وڏي جي لکت سان به نر بادشاهه پنهنجي رويي ۾ ڪا به تبديلي ڪانهي آندي، ۽ ڪوبه کڙ تيل ناهي نڪتو، ته مڙوئي خير آهي. پوءِ ائين ئي سمجهو ته نر جو گهاڻو بلڪل خراب ٿي پيو آهي. ۽ ان کان کڙ ۽ تيل جي گُهر ڪرڻ ئي اجائي آهي. بس پنهنجي جڳهه تي خوش هجي. گهڻي خدمت ڪئيسون، ٿري ماروئڙي شاهه جي هن ٻول:
    جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
    مون ڪو اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوارسين.
    پوري اترڻ تي کيس مبارڪباد ٿو چوان، کيس هتان جهڪي سلام ٿو ڪريان، واه! واه!! خوش رهه منهنجي عظيم سنڌ ڌرتيءَ جا عظيم فرزند.
    تازو سن، سائين جي ايم سيد وٽ ويو هوس، اتي به اوهان ياد هئا، اوهان لاءِ دعائون گهريون ويون. اهي ڪچهريون پُرلطف رهيون. اڄ ڪلهه هت ڪنهن ڪم سان آئيو آهيان، بولاخان ٿاڻي تي ويندس، اوهانجي خط کانپوءِ ٻيو خط لکندس.

    تنهنجو پنهنجو
    مولچند
    (محمد مٺل حيدري)


    [25]

    هوتخان چانڊيو
    1981-1-20
    سائيم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    حق موجود:
    پيارا علي محمّد شاهه لڪياري!
    جيئي لطيف. جيئي لطيف جو ديس!
    سڄڻ سائين! اوهانجو خط پهتو، نهايت خوشي ٿي، جو چيو اٿو ته تنهنجا سڀ خط پهتا آهن. پهريان ته سمجهو هوم ته منهنجا خط ڪنهن شامي حرامي جي ور چڙهي ويا. پر هاڻي پڪ ٿي ته خط توهان کي ملي ويا آهن. ڏاڍو سٺو ٿيو.
    پيارا سائين! زماني جي گردش، پراڻي بيل گاڏي ۽ ڪراڙي ڍڳي کي ڌڪي وڌو آهي. اڳوڻو ڍڳو آهي ڪلهي ۾ سور هوندي به رڙهندو پيو هلي. گاڏي به موهن جي دڙي جي وقت جي آهي، جيڪا هن نهري سان نينهن نڀايو پئي اچي، صاف بيهي رهڻ کانپوءِ بهتر آهي ته رڙهندي ته رهي ٿي، بيهي رهڻ جو الزام ته ڪونهي ڪو. اوهانکي شڪايت ڪرڻي ڪانه هئي. ڇو ته هي گاڏي ”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ جي پيروڪار آهي.
    يار! گاڏي آهي پراڻي، ڏاند به مڙهو آهي، پر اصلي شيءَ اٿئي اڄڪلهه جا ٽريڪٽر پاسو ڪري لنگهندا آهن. اها سڄي ڪرامت مڙهي ڏاند جي سڱن جي آهي. پوءِ تون مڃين يا نه مڃين باقي آهي حقيقت.
    مورائي بادشاهه جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو. هن جي شعله مزاح طبع ۽ شاهاڻن خيالن جي ڪري کيس سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بلڪل بند آهي. جڏهن آءٌ اوهان سان حيدرآباد ۾ اچي ملاقات ڪيان، انهيءَ کان به اڳ ۾ ايئن ٿي ويو آهي. هنجي زبان ڪيترائي زخم رسائيندي رهي. مذهبي هجڻ وقت به ڪنهن شاهه جون اهڙيون ڇڙٻون ڪونه سٺم، مجبور ٿي سائين بادشاهه کي وسارڻو پيو.
    مار پوي رنگ روٽ ڇورن کي جن کي شاعري جو شوق اچي جاڳيو آهي، شاهه جا ڳالهاءِ سهي به وري اچي سندس پيرين پَوَن. انهيءَ ڪري ئي هن جي مزاج ۾ تبديلي اچي وئي آهي. هنجي زبان ڇورن سان به اها ته اسان ڪراڙن سان به اها، هڪ لٺ سان جانورن کي به نه ٿو هلائي سگهجي. اسان ته انسان آهيون. سچ ڪري پڇو ته شاهه صاحب ڏاڍو ڪم وارو آهي، پر جنهن وقت ڏاڏاڻي شاهي واري رڳ تي اچي ٿو ته پنهنجي ڪئي ڪمائي چٽ ڪيو ڇڏي، ڪيترو وقت ٿيو آهي. جو کيس سان ملڻ جلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو اٿم. سندس اها شڪايت آءُ ڪو نه ٿو ڪريان، پر عام دوست ڪري رهيا آهن. آءُ سندس ڏاڍي عزت ڪندوهوس. پر ان جو بدلو خراب مليو. بس هاڻ نڪو ساڻس ملان ۽ نه وري اهڙا سور سهان، الله کيس ڇورن جي ڇانگ نيبهه ڪري. مونکي ڪراڙپ ۾ شاعري جو شوق ڪونهي، جو سندس مهڻا ويهي سهان. سندس اهو قرب ڪافي آهي جو رهبر اعظم قبله سائين جي ايم سيد سان ملائي انساني معراج ڪرايائين. اها ڳالهه اڄ به ڪريان ٿو ته پوءِ به ڪندس..!
    اوهان مٺياڻين مان خط لکڻ جو پڇيو آهي، اهو هي آهي، ته فورٿ پراجيڪٽ ايڊيوڪيشن جي ٽن هفتن جي ٽريننگ لاءِ چونڊجي ويو هوس، اسان سان گڏ هڪ اڌوال ڊگهي ڏاڙهي وارو شيطان طبيعت ملڙو به چونڊجي آئيو آهي، جيڪو 14 سؤ سال پراڻي مسجد، هجري، کانسواءِ ٻي ڳالهه ڪرڻ کي ڪفر سمجهي ٿو. ان سان ڏاڍا بحث ٿيندا رهندا هئا. آءُ سوير اچي بورڊ تي شاهه سچل جو بيت جيڪو ملن جي خلاف چيل هوندو هيو. سو اچي لکندو هوس، پوءِ ملان کي مقعد ۾ مرچ لڳي ويندا هئا. بس ڪلاڪن جا ڪلاڪ قرآن پيو پڙهندو هئو ۽ حديثن جا حوالا ڏيندو هئو. بس گف پئي وهندي هئس. وچ ۾ کڻي ڪو استاد ڳالهائيندو هوس ته هن کي چنبڙي ويندو هئو. چوندو هوس بس ڪر دهرئيي جا پوئيلڳ! هڪ ڏينهن مون شاهه صاحب جو بيت.
    ڪافر ٿي ته ابهين، باب شرع جا ڇڏ،
    من مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿئين وصال کي.
    بورڊ تي لکيو. مُلڙو جيئن ڪلاس ۾ آئيو، بيت ڏٺائين پوءِ ته هن لاءِ قيام اچي وئي، رڙيون ڪري ٻاهر نڪتو، چي، ظلم ٿي ويو. اڙي گهوڙا دهرين جي تحريڪ پئي هلي! وارو ڪريو تعليمي ادارن ۾ ڪفر ڪاهجي پيو آهي. پوءِ ته ان ڏينهن صبح سان اچي تقرير ۾ شروع ٿيو. استادن مجبور ٿي ان ڏينهن سوير موڪل ڪئي. اهڙي ريت ٽي هفتا پورا ڪيا. ۽ هي خط به اتان لکيو هوم، باقي هونءَ اتيئي آهين جتي اوهان ڇڏيون.
    ڪالهه حافظ جو خط روانو ڪيو اٿم،
    شال رهن نه ڏور، هنن اباڻا اوڏڙا،
    ميان تن ري مور، مون هت جالڻ نه ٿئي.
    پنهنجي سنگت کي حق موجود چوندا، هتانجي سڄي سنگت جا نياز قبول ڪندا.

    خادم ساڳيو
    محمد مٺل حيدري


    [26]
    ڳوٺ، چار سوويهه
    1981-6-13

    ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن،
    جت مُترڪن منهن ڪڍيا، جت سانداڻيون سهڪن،
    اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
    عشق سلامت.
    پيارا علي لڪياري لال!
    حق موجود!
    گهڙيءَ تي صبح جا اٺ ٿيا آهن، آءٌ اوهان سان ڳوٺ چار سؤ ويهه مان مخاطب آهيان منهنجي ڀر ۾ توجهڙو ئي پيارو ڪرسيءَ تي ويٺو آهي. اڄ فرعون صفت وڏو وڏيرو آيل آهي. جنهن ڪري شهر ۾ چڱي خاصي رش آهي، سامهون هوٽل ۾ تنهنجي ذات وارو هڪ ٿلهو متارو چاپهين ڏاڙهي، مٿان موٽا مروٽيل شهپر ۽ ڊگهن وارن وارو آلي موالي سلفي کي سوٽا هڻي ريل جي ڪاري مشين وانگر دونهين جون لاٽون پيو ڪڍي، ٻه چار موالي ڏاڍي ادب سان اڳيان ويٺا اٿس، پاسي ۾ هڪ غلمان (خوبرو ڇوڪرو) خوبصورت ڇوڪرو ويٺو اٿس، جنهن ڏي سيد سڳورو اک ٽيٽ ڪري ويٺو نهاري، ڇوڪري ڏي نهارڻي نهايت خطرناڪ اٿس، هن جي نهارڻ تي ڏاڍي کل ٿي اچي، ڇوڪري جي معشوقانه صلاحيتن ۽ والهانه خدمتن، ڪاري الفي، ڪنٺن ۽ ڪولاپن واري مرشد کي موهي وڌو آهي. ڪافي وقت کانوٺي هي موالو مرشد هن شهر ۾ اچي هريو آهي. ڀنگ، چرس، آفيم، ڏوڏي ۽ گانجي جو گڙنگ موالي آهي. بهشت، دوزخ، پلصراط ۽ قيامت جو ڳالهيون ڪري اٻوجهه سنڌي ماروئڙن کي لالچائي ۽ ڊيڄاري سندن رت پيو چوسي.
    سهڻا سائين! اهڙن بدنيت ٺڳن ۽ ظالمن جون مسڪين ماروئڙن سان خدمتون ڏسي اندر جليو ٿو وڃي، پر وري ”ڪڇان تان ڪافر ٿيان، ماٺ ڪيان تان مشرڪ“ واري ڪيفيت طاري ٿيو ٿي وڃي. رهبر شاهه عبدالطيف ڀٽائي گهوٽ اهڙن ٺڳن لاءِ اڳواٽ ڪهڙو نه سچ چيو آهي.
    وياسي وينجهار، هيرو لال ونڌين جي،
    تنين سندا پوئيان، سهڻي لهن نه سار،
    ڪٽين ڪٽ لوهار، تنين سندي ڀيڻين.
    يا
    جنهن سنياسي سانڍيو، گندي ۽ گراهه.
    انهيءَ کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.
    سهڻا سائين! اهڙن ڪوڙي عزت جي گداگر ٺڳن جي خون چڪان داستان لاءِ هن پني جو ميدان بلڪل گهٽ آهي.هن قصي کي هن بيت سان ختم ٿو ڪجي.
    ”حريفان بادها خود رند رفتند، تهي خمخانها کراندو ورفتنار“
    سڄڻ سائين! حافظ محمد بخش جي پاڪن (زال) جي جان في الحال ڏيهي نسخن مان ڇٽي آهي، پر علاج اڌ ۾ ڇڏي ڏنو اٿس، ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي، مون واري همراهه کي روزگار چڱو لڳو آهي، ٻه ڪوڏيون درماهه ڏيندو آهي. ڪڏهن ته ٻن ڪوڏين کان وڌيڪ به ڏيندو آهي. مطلب ته مون واري روزگار پهچائڻ وارو ملائڪ سڳورو اڳي رڳو بصرن جو ڪچونبر ۽ پٽڙي دال آڻيندو هو، هاڻ ان سان گڏ سنڌڙي انب جو اضافو آندو اٿس، ڪجهه وقت کانپوءِ پراڻي دشمني ڇڏي ڏنائين ۽ پوءِ ڪو چڱو ٿي ويو....
    پيارا! اوهان سهڻي لطيف جي هن ٻول:
    ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿجي وات.
    ڪڏهن ٿجي ڪات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو.
    تي عمل ڪري وات ۽ ڪات بنجي جيڪا مسڪينن جي مدد ڪئي آهي، تنهن لاءِ خوشي ٿي آهي. ڌارين کي پاڻ وڻائڻ لاءِ پڇ لوڏ ڪري پنهنجن جا دشمن بنجي پنهنجن تي ظلم زيادتيون ڪندا آهن، ۽ غيرن جا ڀرجهلو بنبا آهن. انهن لاءِ ڀٽائي گهوٽ چيو آهي.
    ورسان رکين ڪاڻ، کرسان کليو گُهمئين،
    ڀوري منڌ اڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تُهه ميڙئين.
    يا
    هيءَ منهن ڏئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين،
    تان جي ملير ڄايون، توسين سڱ نه ڪن.
    تون ڪيئن منجهان تن ، پاڻ ڪوٺائين مارئي.
    انسان پنهنجن جي سهاري هوندو آهي. پنهنجن ۾ وڏيون وڏيون اميدون سمجهندو آهي. پر جڏهن پنهنجائي دشمن بنجي پون ۽ تڪليفون ڏين پوءِ انهن جي دانهن ڪنهنکي ڏجي اهڙي حالت ۾ ڀٽائي گهوٽ هن طرح فرمايو آهي.
    سيئي لوڙائو ٿيا. جني سندي ڌير.
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.
    منهنجي خط جو جواب سهڻي لطيف جي مٿيئن بيت جي تشريح سمجهندا، جيڪا مون ازخود ڪانهي ڪئي، جيڪا اوهان پاڻ ڪندا. جنهن همراهه جي اوهان پڇا ڪئي آهي. اهو همراهه پنهنجي مائٽن جي شادي تي آيو هو، جنهن سان پاءُ، ڪلاڪ ملاقات به ٿي هئي. جنهنجو احوال مون خط ۾ لکيو هئو. همراهه صفا ٺيڪ ٺاڪ هئو. جڏهن کيس سان ملاقات ٿي تڏهن، تنهن وقت اوهان ڄڻ منهنجي ڀر ۾ بيٺا هئا. مون توهانجي باري ۾ پڇيو هومانس چيائين رابطو قائم آهي، هو ٻه چار ڏينهن ڳوٺ هو.
    مٺا سائين! اوهان وٽ ڪي نوان دوست آيا آهن، اهي شال سڀئي شاهه، سچل، صوفي شاهه عنايت، مخدوم بلاول جي پيغام کي پروڙن، ان تي ثابت قدم رهن.
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.
    حيف تني کي هوءِ، وطن جن وساريو. (شاهه)

    هڪ جُوءِ ٻي جَوءِ، ڇڏين ڪين جوان.
    اهي ڀي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا. (سچل)
    پرت ڇڏ پرڏيهه جي، ساڻيهه ڪر سنڀال.
    لکن سندي لال، مڇڻ مفت وڃائين. (زمان)
    سدائين گڏ! منهنجي پياري ٿري آريسر صاحب کي نياز چوندا.

    (پربت علي بلوچ)
    محمد مٺل حيدري

    [27]

    ڳوٺ، چار سئو ويهه
    1981-7-2
    روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم.
    اهو ڪم ٻيو فهم، جنهن سان پسڻ پرين جو.
    سانگيئڙن جي ساٿ سميت خوش هجو.
    پيارا علي محمّد شاهه لڪياري!
    حق موجود:
    طبع جي ناسازگي سبب احوال ڏيڻ ۾ ڪجهه ليٽ ٿي آهي، ان لاءِ معافي. اڄ طبع ڪجهه ٺيڪ آهي، اوهان ڏانهن خيريت جو احوال موڪلي رهيو آهيان.
    ڪراچي واري همراهه لاءِ مون اڳ ۾ لکيو هو ته مونکي اڳ هتي مليو هو. نهايت خوش باش هو. اوهان ڏي حال احوال نٿو موڪلي، خبر ڪانهي ڇو؟ آئون آهيان نبري باز، ڪجهه ڪُڇندس ته دل ۾ ڪندين! تنهن ڪري مونکي في الحال ڪُڇڻو ڪونهي.
    ٻچڙي جي روزگار جي واڌاين لاءِ مهرباني! تازو انٽر جي امتحان تي آيو هو، اوهان ۽ ٿري ماروئڙي کي ڏاڍا نياز ٿي چيائين.
    نربادشاهه جي شعله مزاج طبع جي ڪري ڏيڍ سال کان وٺي (ح) نهايت خوش باش آهي، سندس پاڪ به هاڻ خوش باش آهه.
    خط جي پُڄاڻي هن بيت سان ٿي ڪجي.
    شال نه رهن ڏور، هونئن اباڻا اوڏڙا.
    ميان تن ڏي مور، مون هتي جالڻ نه ٿئي.
    سڀاڻي شيطان هڪ مهيني لاءِ سخت پورهئي سان جيل ويندا، اسان رمضان جا روزا شروع ڪنداسون.
    سلام سڄي سنگت کي چوندا.

    سڪ سان
    محمّد ڪرڙ الدين رند
    (محمد مٺل حيدري)

    [28]

    گهڙيا سي چڙهيا، اينهين اٿئي،
    مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽِپو ڏيئي،
    ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
    شال جڙيو هُجين.
    پيارا لڪياري سائين!
    حق موجود!
    احوال عرض ته هن طرف ڪُلي خيريت آهي. اميد ته اوهان پيارا ساٿ سميت خوش باش هوندا ۽ آهيو، انهي لاءِ ڌڻي در دُعاگو آهيان.
    مطلب ته مارئي جي ملڪي ماروئڙي جر ٿرڏي واپسي جو ٻڌي نهايت خوشي ٿي، مون انهي خوشي ۾ پنهنجن ساٿين کي چانهه جي پيالي سان وات مٺو ڪرايو، بقول شاهه سائين.
    بندي ٻيا قرار، اسان لوچون لوهه ۾،
    مٿي تن ترار، سدا سانبيئڙن جي.
    جي سوچ رکندڙ لاءِ به دعا آهي ته اهي به خيريت سان نڪري پنهنجي ماروئڙن سان وڃي ملن. نر، بادشاهه ڪن دوستن کي ٺهراءُ لاءِ چيو آهي. پر سنڌي جي چواڻي، ”ڦٽ ڇٽي ويندا آهن، پر ويڻ نه ويندا آهن“ موجب سندس چيل ويڻ نٿا وسرن. ۽لاڳيتو سال ٻه کانئس کان پري رهڻ مان مونکي به مزو اچي ويو. دل ڀڄي پئي آهي.انڪري محبت جي ساڳي حد شايد نه رهي. جڏهن بهشت، دوزخ، پُلصراط، قيامت وغيره جي لالچ ۽ خوف هيو، تڏهن گهڻن ئي انڌن، منڊن نرن جي غلامي ڏني سون، هاڻ آهي گُهر ته گهرائين مٺڙا واري ڪار، ڪو جيتري عزت ڏيندو اوتري وٺندو. باقي هروڀرو پنهنجي عزت خراب ڪاڪبي.
    (ح) صاحب نهايت خوش باش آهي. هي به نر جي ڦٽن جو ڦٽيل آهي. ۽ پاسو ڏيو پيو گهمندو آهي، اوهان سان ته ڪا ڪاوڙ ڪانه اٿس. اوهان کي ڏاڍا نياز ٿو چوي ”وريا واهرو“ پيو پڙهي سائين سبب ڪندو اوهان خيرن سان ايندا ته روبرو.
    چڱو يار زنده محبت باقي.
    سڪ سان
    محمّد ڪرڙالدين جمالي بلوچ
    از: سڌوجا (مٺل حيدري)

    [29]

    ڳوٺ، چار سئو ويهه
    1981-8-19

    جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاهه سُپرين سين.
    تڏهان ڪر تر جيترو، ويل نه وسريام،
    سندا روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.

    ساٿ سلامت.
    منهنجا پيارا لڪياري!
    حق موجود!
    احوال عرض ته طبع ٺيڪ نه هجڻ ڪري احوال ڏيڻ ۾ ليٽ ٿي آهي، ان لاءِ معافي.
    سڄڻ! برهمڻ مان جيستائين اوچ نيچ وارا خيال ختم نه ٿيندا، تيستائين کتري ويچارو برهمڻ جي واٽ نه واريندو، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ڦٽ ڇُٽي ويندا آهن پر ويڻ نه ويندا آهن“ برهمڻ پنهجي عادت نه مٽائي ته ڪيترا کتري برهمڻ کان جان ڇڏائي مون واري صف ۾ اچي بيهندا، اعتبار ڪريو ته ائين ٿي رهيو آهي. جيڪو سندس خوشامدڙيو، چاپلوسي، ۽ سندس ثنا صفت نٿو ڪري پوءِ ڪيترو به هو ڪم وارو هجي، پر برهمڻ چوندو، هُو ته بيڪار آهي، معنيٰ ٻيو ڪم ٿئي نه ٿئي، پر جي هن جي ڪنهن چاپلوسي ۽ ڪوڙي عزت ڪئي، اهو هن جي تر ۾ عظيم آهي. اهڙي برهمڻ جي برهمڻي ڪهڙي ڪم جي جيڪو پاپي بنجي کترن جي دل آزادي ڪندو رهي، اوهانکي خبر آهي ته هن برهمڻ جي مون دل وجان سان ڏاڍي خدمت ڪئي، عزت ڪئي. پر ڏٺم ته هِن، ان جو ناجائز فائدو ورتو ته هِن کان يڪي پري ٿيس. هاڻ جان ئي ڇُٽي پئي آهي، اهي ڏينهن ختم ٿي ويا، جو برهمڻ، کترين جي زبان تي لت رکي بند ڪندا هئا. جيئن شڪوه، شڪايت، حق عدالت جو آواز بلند نه ٿيندو هو، کتري ويچارا سمجهندا هئا ته اسان چند جانورن وانگر آهيون. جو انهن جي خدمت چاڪري لاءِ نوان نسل ڏيندا رهون. هاڻ کتري گهڻو هوشيار آهن. هاڻ انهي برهمڻ جي عزت ٿيندي جنهن ۾ اخلاق جي عظمت، پيار، محبت هوندو، باقي هروڀرو پاڻ کي برهمڻ سمجهي ٽُوري ڪندو ته سندس برهمڻي جو خير ڪونه هوندو. معنيٰ ته سندس عزت ڪا به نه رهندي، ڇو ته هاڻي کتري سندن ٻڪري واري کل ۾ بگهڙ واري شڪار کي سمجهي ويا آهن.
    81/8/2 تي هت مارئي جو مائٽ آيو هو. هِن سان برهمڻ به گڏ جي آيو هو، مارئي جي مائٽ سان ڪچهري ٿي. ڏاڍو لطف آيو، بقول لطيف سائين،
    ”مون سي ڏٺا ماءِ، جني ڏٺو پرين کي.
    تني سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي.“
    لڪياري! سچ ته سن واري قلندر کان هِن ماڻهو کي حقيقي فيض مليو آهي. هن ڪچهري وارن کي واهه جو لطيفي لات جي خوشبوءِ وٺرائي، مون وٽ اهي لفظ ڪونهن جو هن عظيم انسان جي سچائي ۽ محبت جي واکاڻ ڪريان، ”سکڻي ڪُني گهڻو اُڀامي“ وارو فرق هن ڪچهري ۾ روبرو ڏٺو سون. عيد تي به اوهان وارو يار ڪونه آيو.عيد جي صبح تي هتان قلندر جي زيارت تي سن ويس. اتي بقول شاهه:
    تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرين جو،
    جي ورق ورائين ويهه، ته اکر اهوئي هيڪڙو.

    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
    حيف تني کي هوءِ، وطن جن وساريو.
    (شاهه)
    جو ورد وظيفو وٺي 11/2 رات آرام ڪيوسين. صبح جو ساڳيو سبق دهرائي واپس آيس، هي احوال تمام ڊگهو آهي، جنهن لاءِ هن پني جو ميدان بلڪل گهٽ آهي. تنهن لاءِ مختصر احوال ته ڏاڍا رس ٿيا. اتي تون به ياد هوئين، صدقو ٿيان قلندر جي نام تان، جيڪو اڀرن سڀرن کي ياد ويٺو ڪري ۽ سڀني کي دعائون پيو ڪري.
    پکن پوءِ پچار، اڄ تماچي آئيو،
    مرڪن ملاحن جا، مٿي ٻانڊي ٻار،
    وڏي ڄام، ڄمار، جنهن مياڻيون موکيون.
    (شاهه)
    مٺڙا لڪياري! اوهان جي والد صاحب جي وفات جو ٻُڌي نهايت ارمان ٿيو، بقول سهڻي لطيف جي.
    ”روئي روئان ڪيترو، آئون روئي نه ڄاڻان.
    مٿي سر، هڻان، هنجن هاڻا هٿڙا“.
    واري ڏک ۾ اوهان سان برابر جو شريڪ آهيان. اوهان پنهنجي جيجل سنڌ جي ٿڃ ملهائي رهيا آهيو. اوهان جي عظمت کي سلام ٿو ڪريان جو اهڙا ڏک به برداشت پيا ڪريو. منهنجا سڄڻ! بقول ڀٽائي گهوٽ جي،
    جا ڀُونءَ پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄڻين.
    ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون.
    ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
    يا
    جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهرون لڳندي اڌ ٿئي.
    تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
    موجب اها تبديلي ضرور اچڻي آهي، شال رب پاڪ توکي صبر جي طاقت عطا ڪري، مرحوم جي لاءِ لطيف جي لفظن ۾ هي دعا آهي.
    ٻوڙين چاڙهين تون ڌڻي، ٻئي جي دعوا رسي نه دم.
    هن منهنجي حال جو، ميهر کي معلم.
    رک ڀيلي جو ڀرم، جو اچي پيو اجهور ۾
    (شاهه)
    منهنجا مٺا! اکين ۾ آب اٿم،

    چڱو موڪلاڻي
    تنهنجو هڪ هندو ڀاءُ
    (مٺل حيدري)


    [30]

    ڳوٺ، چار سئو ويهه
    1981-9-21

    کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،
    اوسئيڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
    ساٿ سلامت،
    پيارا علي محمد شاهه!
    جيئي لطيف! جيئي لطيف جو ديس!!
    احوال عرض ته هن طرف ڪلي خيريت آهي، اوهان پيارا خوش پاش هوندا ۽ آهيو، انهيءَ لاءِ ڌڻي سائين در دائما دعاگو آهيان.
    مطلب ته اوهانجو 5/9/81 وارو خط مليو، يادگيري لاءِ مهرباني، جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، ان ڪري معاف ڪندا. اوهانجا جذبات نهايت ساراهه جوڳا آهن. اوهانجي نيڪ ارادن جي ساراهه لاءِ مونوٽ اهڙا لفظ ڪونهن جو هت لکان.
    سڄڻ! برهمڻ لاءِ اوهان اڳ به لکيو هئو ۽ هاڻ به لکيو آهي. ان لاءِ عرض آهي ته کيس سان اڳ ۾ جيڪو پيار هئو سو ڪنهن جي چوڻ سان ڪو نه هو. هاڻ جيڪا ڪاوڙ ٿي آهي، سابه ڪنهن جي چوڻ تي ڪانه ٿي آهي. اوهان به سچ ٿا چؤ ته ٻه دوست کير کنڊ هجن. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي. پر برهمڻ جي زور رنج طبع جي ڪري کيس کان روحاني طرح ايترو ته دور ٿي ويو آهيان. جو کيس ڏسي به نه ٿو سگهان. مونکي هن کان دور رهڻ ۾ ڏاڍو مزو اچي ويو آهي، تنهن ڪري هن جي ويجهي وڃي وري پاڻ کي ڄانگري ڊينگهري ۾ ڦاسائڻ نه ٿو چاهيان. مارئي جي مائٽ مونکي ان باري ۾ ڪو نه چيو، جيڪا ڳالهه پنهنجي لاءِ مناسب سمجهم ته چڱو ٿيو جو نه چيائين. ٿري (عبدالواحد آريسر) کي اوهانجي والد (سيد عمر شاهه) بزرگ سرڳواسي ٿي وڃڻ جي خبر ڪانه هئي. حافظ صاحب کي اوهانجو خط ڏنو هوم، کيس جواب ڏيڻ لاءِ به چيو اٿم، پر جڏهن تڏيءَ تان اٿي. محمد صديق پرهياڙ صاحب ڪالهه هت اچڻو هيو، تنهنجو نياپو ڏيانس ها پر ڪو نه آيو، ڪڏهن به مليو ته تنهنجو نياپو ڏيندو سانس. اميد ته بخار ڇڏي ويو هوندو.
    پنهنجي ساٿين کي حق موجود چوندا:
    دعا آهي ته هي ٻول رهبر لطيف جو جلد پورو ٿئي.
    هڙ ۾ ڪين هونِ، هونئين هنن نه چاڙهيا،
    سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون،
    جڏهن سائين سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي.


    چڱو آسرو نام جو ، شيخ مجيب کي نياز
    تنهنجو مولچند هندو ڀاءُ
    (محمّد مٺل حيدري)

    [31]

    سائين علي محمّد شاهه لڪياري!
    جيئي لطيف! جيئي لطيف جو ديش.
    پيارا سائين! اوهانجو خط مليو، يادگيريءَ لاءِ مهرباني، عرض ته هاڻ خط ۾ ليٽ ڪانه ٿيندي. بلڪل خاطري سمجهو. آئون اوڏ مٽي ڪوڏ، مون سان ته خط نه لکڻ جي ڳالهه نه ڪريو. آئون اڳي برهمڻ جو ستايل، اوهان به ائين ڪيو ته پوءِ غريب جو حشر ڪهڙو ٿيندو. مڙئي اٿئي پارت، مڙس آهيون مڙها. اوهان جي سهاري جي ضرورت آهي. بابل (ح) تڏي تي جهولي هنيو ويٺو آهي. نفل ادا پيو ڪري. نماز واري سان بقول مسلمانن جي ڳالهائڻ ٺيڪ نه آهي. جڏهن به تڏي تان اٿندو ته ڪن کان جهلي توڏي جواب لکرائيندس. اوهان خاطري ڪريو، اوهان جي ڪيل فرمائش پوري ڪندس. (فوٽو) پر يار ٻيلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي اوهان ته جاچيو ويٺا آهيو، پر ٻئي ڪنهن کي ڊيڄوڙو نه ٿي پوي ته اچي نه وڃو آزار ۾ ............ بس اکيون بند ڪري ياد ڪندا ته خادم ٻيلي سميت اچي حاضر ٿيندو، وڌيڪ جيڪو حڪم هجي. ائين نه مومن!
    ته پِڇي صلوات دي آواز هَو وَڃي، هڪڙا نعرا به هو وڃي مولا دي نام دا، ته پِڇي مئين ذڪر شروع ڪران.
    ها: مومن حافظ محمّد بخش صاحب ڏاڏي آدم وانگر بهشت وِچون تڙيج ڳَئي. هُن ته تڏي وڇا معافي واسطي نمازان شروع ڪر ڏتيسي، پر جڏهن بُل پيا ملديس ڇوٽڪاري لئه پيا مردا ۽ جيندئي، بس دعا هو وي، مٺڙي مجيب شيخ کي حق موجود چوندا.

    چڱو يار زنده محبت باقي
    اوهانجو
    مولچند اوڏ
    (محمّد مٺل حيدري)

    [32]

    ڳوٺ، چار سئو ويهه
    1981-11-5
    سُتي نه سرندي جاءِ، ڪر پچار پرين جي.
    وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هَٿڙا.
    پيارا علي محمد شاهه لڪياري!
    عشق سلامت. حق موجود!
    احوال عرض 29/10/1981 واري احوال کان واقف ٿيس، نهايت مهرباني.
    سڄڻ! مارئي جي مائٽ به مون واري شڪايت ڪئي آهي، ته پوءِ هاڻ اوهانکي به پڪ ٿي ويندي، ته مون واريون دانهون هڪ حقيقت هيون. جن جي تصوير مارئي جي ملڪي ماروئڙن ڪئي آهي.
    سائين! ڳالهه ڪندا آهن ته شاهه بيگ ارغون جي وقت ۾ ٺٽي شهر جو هڪ صوفي بزرگ اسماعيل شاهه درس و تدريس ۾ مشغول هيو ته اوچتو سندس طبع خراب ٿي وئي. هن جي سڄي بدن تي ڏنا ٿي پيا. بزرگ رلهي گهرائي بدن تي ڍڪي ويهي رهيو. نيٺ معلوم ٿيو ته ان وقت شهر جو قاضي ڪورٽ جي چبوتري ۾ هڪ بي ڏوهي غريب سنڌي کي ڪوڙا هڻائي رهيو، آهي. ڪوڙا ان صوفي بزرگ جي بدن تي بيٺا هئا. اهو هيو قومي جذبو، قومي فردن جي نسل، خون وطن ۽ زبان جي مضبوط ڳانڍاپي جو نالو آهي. صوفي اسماعيل شاهه ان ڳانڍپي ۾ ڳنڍيل هيو، انڪري هڪ غريب ڀاءُ کي جيڪي ڌڪ لڳا سي سندس جان تي ظاهر ٿي پيا، ڄڻ ته ڪوڙا ئي هن کي لڳائيندا هئا. مٿين ڳالهه انڪري لکي رهيو آهيان، جو جن جي لکڻ کان منع ڪئي اٿو. سوپاڻ کي قوم جو هڏ ڏوکي ته سڏائي ٿو. پر هٿ ۾ ڏانگ کنيون وتي غريبن جا پُٺا سيڪيندو، چوندا آهن ته ڦٽ ڇٽي ويندا آهن پر ويڻ نه ويندا آهن. هن جي زبان تلوار کان به خراب آهي، جو رڳو دلين جو قتل ٿي ڪري، هِن وٽ خود غرضيءَ، خود پرستي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، معاف ڪندا جو اوهانجي منع هوندي به ڪجهه لکي ويٺو آهيان. اوهانجي فرمائش پوري ڪري رهيو آهيان آءٌ هرو ڀرو ائين ڪونه چوندس. ته ننڍڙن ٻارڙن کي ڊيڄاريو. هڪ جيل ٻيو اهڙيون تصويرون ڏيکاريندؤن ته رات جو ٻچڙن کي ننڊ ڪهڙي ايندي، ائين نه آهي؟ جي ها ته پوءِ مجيب شيخ سان هڪ تاڙو ملائي ڇڏ، کيس موري واري ڳالهه ڪري ٻڌائينس، جو ننڍڙن ٻارڙن اسڪول ۾ دانهون ڪيون هيون. ياد اٿئي الائي وسري ويئي.
    سڄڻ سائين! مهاتما ۽ مهاپرش جي تصوير تنهنجي ۽ مجيب جي درشن لاءِ موڪلي رهيو آهيان. دوستن جي تڪليف لاءِ احساس آهي. بس گهڙياسي چڙهيا. روزن پٺيان عيدون، ڏکن پٺيان سک ۽ اونداهين پٺيان چانڊوڪيون ضرور اينديون. انهي رستي سان هلڻ وارن سڀني کي جَس هجي. اسان پوڙهن کي اوهان نوجوانن تي ناز آهي. دُعا آهي ته ڌڻي سائين اوهان سڀني کي پنهنجي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري، آءٌ في الحال مورو ۽ ان جي آس پاس اُن جي واپار لاءِ آيو آهيان، وري ڳوٺ بولاخان ٿاڻه ويندس، توهان ان ساڳي ائڊريس تي تڪڙو خط لکندا، ته جيئن دلجاءِ ٿئي. خط اوهان کي مليو. آئون ڪڏهن به مهاتما ۽ مهاپرش جي درشن لاءِ (جي ايم سيد) ساڌو ٻيلي ويس / ويندس ته سندس پوَتر چرنن تي سيس نمائي نياز چوندس، حاضر منهنجا سڄڻ!
    ”ح“ (حافظ محمّد بخش) صاحب ۽ سنڌي (محمّد صديق پرهياڙ) جا نياز قبول ڪندا.
    معاف ڪجو جو اوهانجي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري ڪجهه احوال لکيو اٿم، مارئي جي مائٽ ساڳي شڪايت ڪئي آهي، هاڻي ته اوهان کي پڪ ٿي هوندي.
    سائين! ڪاوڙ نه ڪريو، ڌرتي جو قسم همراهه ليڪو لنگهي بيٺو آهي. تمام گهڻيون خبرون آهن. جنهن لئه هن پني جو ميدان بلڪل گهٽ آهي. بس ائين کڻي سمجهه ته ڪئي ڪمائي هٿ وٺي پيو وڃائي، بس وڌيڪ سياڻا آهيو، سمجهي ويندا، آئون اڳي غلطي ڪري اوهانجي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. وڌيڪ ڪونه ٿو ڪُڇان، سڄڻ! اوهان جي فرمائش پوري ڪري موڪلي رهيو آهيان، خط تڪڙو موڪليندا ته جيئن خبر پوءِ ته امانت با سلامت پهتي.

    چڱو نمسڪار
    تنهنجو مولچند هندو
    (مٺل حيدري)

    [33]

    ڳوٺ، راجا ڏاهر آباد
    81-11-29

    ڪٽ ڪڙهي، لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن.
    جت مُترڪن منهن ڪڍيا، جت سانداڻيون سهڪن.
    اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.

    عشق سلامت.
    پيارا علي محمّد شاهه لڪياري!
    حق موجود!
    احوال عرض ته توهانجو 81/11/24 واري احوال کان واقف ٿيس. الڳ چٽڪي ۾ پراڻيون پچارون ياد ڏياري ستا سور جاڳائي وڌا اٿئي! گذريل ڳالهيون جيڪي به لکيون اٿئي. انهن جي پڙهڻ سان دل جي پردي تي ڄڻ پراڻي فلم شروع ٿي وئي. جيڪا ڪافي وقت جاري رهي. وچ ۾ جيڪو وقفو ٿيو، ان ۾ ساڳي پردي تي ڀٽائي گهوٽ جو هي بيت.
    جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاهه سُپيرين سين،
    تڏهان ڪر تر جيترو، ويل نه وسريام.
    سندا روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
    اچي لڳو، بهرحال جهڙي طرح اوهان ياد ڪيو، اهڙي طرح اوهان به ياد رهيا. اوهانجي قلم گذريل وقت جي ڪهاڻي ياد تازي ڪرائي، نهايت مهرباني!
    پيارا علي سائين! ابوالڪلام آزاد جو قول آهي ته ”اڄ جيڪي مونکي باغي قرار ڏئي رهيا آهن. صبحاڻي محب وطن فاتح جي حيثيت ۾ منهنجو استقبال ڪندا. آزاديءَ جي جدوجهد ابتدا ۾ بغاوت ۽ آّخر ۾ وطن دوستي ۽ حق پرستي جي مقدس جنگ تسليم ڪئي ويندي آهي“ ۽ سچ آهي به ائين، شال ڌڻي اهو ڏينهن ڏيکاري جو جيڪي توکي باغي سمجهي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويٺا آهن. ظلم جو مانڊاڻ ختم ٿئي، فاتحن جي قطار ۾ گلن جي هارن سان سينگاريل ڏسجين، تنهنجي روشن خيال ۽ وسيع نظري کي ڏسي اُميدن جا ڪرڻا نظر پيا اچن. ڌڻي شال اوهانکي نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري. هن وقت ظالم کان حق گهرندڙ غدار آهي، ۽ حق ڇڏي، ڏيندڙ وفادار آهي، مسڪين مظلوم جي شڪايت بغاوت آهي، فساد آهي. بيدار ۽ هوشيار بي دين آهي، ڪافر آهي، سُست ۽ ڪاهل، ديندار آهي ۽ شريف آهي. بس قبلا! ظلم، زيادتي جي حد ٿي وئي آهي. ايشور شال عمر جي ڪوٽ کي ڪيرائي ته ديس جا ماروئڙا ڪو سُک جو ساهه کڻن.
    سڄڻ! مارئيءَ جي ملڪي ماروئڙي جي، قوم تان گهور وڃان، سندس ملڪي، رضوان پلي منهنجي سرجو سائين آهي، روحاني طرح سان مون سندس چانهه هت پيتي، مهرباني، کيس منهنجي طرفان نياز چوندا.
    حافظ محمّد بخش خاصخيلي زماني جي گردش سبب هڪ پريشاني ۾ مبتلا آهي. هن کي پنهجي هڪ ويجهڙي عزيز ڏاڍو رنج پهچائيو آهي. جنهن ۾ سندس هڪ وڏي اميد مٽيءَ ۾ ملي وئي آهي. انهيءَ ڪري ئي سندس پٽ گهر ڇڏي خبرناهي ڪهڙي طرف هليو ويو آهي. پاڻ سانجهي صُبح پيو ملندو آهي، ۽ اهي سور سلي رئندو آهي، ڌڻي سائين سندس تڪليفون دور ڪري، محمّد صديق پرهياڙ خوش پاش آهي. سائين! 26 تاريخ توهانجي شنوائي هئي، ان جو ڇا ٿيو؟ هينئر 11 بجه ڏينهن جا ٿيا آهن. منهنجو هڪ ساٿي ڪونهي آئيو. منهنجي چؤطرف ستر ننڍڙا پکي ڦريا ويٺا آهن. مختلف ٻوليون پيا ٻولين. اهي ٻوليون روز ٻڌندو آهيان، پر جڏهن ته اڄ پکين جو انداز گهڻو آهي، تنهن ڪري مڙس آهيان مڙهو سرجي لائي ڏني اٿن.
    هڪ ٻٽيرڙي ته بنهه بيزار کڻي ڪيو آهي. پنهنجو آکيرو ڇڏيو وتي ٿو وڏن پکين سان وڙهندو، هن باغ ۾ هڪ باز به ويٺو آهي. مونکي ته خوف آهي، ته ڪٿي باز جي چنبي سان سندس گُجي نه ڦاٽي پئي، پکين جي شور مٿي ۾ سور کڻي وڌو آهي، تنهن ڪري موڪلاڻي.
    نياز شيخ مجيب صاحب کي رسن.
    تنهنجو مولچند اوڏ
    (محمدمٺل حيدري)

    [34]

    مورو سنڌ
    81-11-2
    دنگي منجهه دريا، ڪي ٻُڏي، ڪي اُپڙي.
    معلم ماڳ نه اڳيئن، فرنگي منجهه ڦريا.
    ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا.
    جتي ڍينگ دريا، تتي تاري تنهنجي.
    عشق سلامت.
    پيارا علي محمّد شاهه لڪياري.
    حق موجود:
    احوال ته هن طرف ڪلي خيريت آهي، اميد ته اوهان پياراخوش پاش هوندا ۽ آهيو. انهيءَ لاءِ درگاهه مولا ۾ دائمه دعاگو آهيان. مطلب ته تنهنجي 14/11/81 واري حوال کان واقف ٿيس، ان لاءِ مهرباني ۽ قرب.
    سائين! ٻچڙن کي ڊڄهڙي کان بچائي وٺندا. هاڻ ته هڪ کان ٻه شاهه آهيون، ڊيڄهڙي وارن جا ٻيڙا پار هئڻ کپن. حضرت علي جو قول آهي، ته جڏهن ڏک وڌي ويندا آهن، ته سُک ويجها اچي ويندا آهن، اوهان به ڏک ڏٺا آهن، سُک اوهان جي قريب اچي ٿيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته باندي خاني مان جلدي نڪري ٻاهر ٿيندا.
    پياري مجيب کي تمام گهڻا نياز چوندا.خط جي پڄاڻي لطيف جي هن بيت سان ٿي ڪجي.
    ڪنهن جنهن گهيڙ گهڙي، جيئن اوتڙان تڙ ٿيوس.
    سالع ويئي سهڻي، ڪُنن ڪِين ڪيوس.
    اُهِسُ اکڙين ۾، پريان جو پيوس.
    حقان حق ٿيوس، هُئي طالب حق جي.
    چڱو ساٿ سلامت
    مولچند هندو
    (مٺل حيدري)

    [35]

    ڳوٺ، راجا ڏاهر آباد
    82-1-16

    جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي.
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير، ريءَ.
    عشق سلامت.
    پيارا علي محمد شاهه صاحب!
    حق موجود!
    احوال عرض ته هن طرف ڪلي خيريت آهي. اميد ته اوهان پيارا خوش پاش هوندا ۽ آهيو. انهيءَ لاءِ ايشور در دائما دُعاگو آهيان، مطلب ته تنهنجو 82/1/12 وارو پيغام نارائڻ داس (حافظ محمّد بخش) هٿان مليو اٿم، ڍولڻ! يادگيري لاءِ مهرباني. سڄڻ! هڪ خط جيڪو مون ٿاڻو بولاخان کان لکيو هئو. يار افسوس جو خط نه مليو. جي ملي ها ته ڪيڏي مهل به کولي پڙهو ها ته منهن تي مرڪ اچيوَ ها، مون وارو ڳوٺائي مهيش ڪمار (ياسين جتوئي) ٻه ڀيرا مليو، ٻئي ڀيرا ساڻس هڪ ٻه ماڻهو گڏ هئا. ان ڪري زباني ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي، باقي اکيون اکين سان مليون ته خبر پئي ته نهايت ئي خوش آهي، ۽ اهو به معلوم ٿيو ته اوهان سان رابطو گهٽ اٿس. وڌيڪ اوهانکي ئي معلوم هوندو. هو ڪالهه ڪراچيءَ ۾ ويو آهي. ڀائي ٻالچند (حافظ محمّد بخش) ڪالهه مليو، ڏاڍو خوش آهي. 17 جنوريءَ تي مهاتما ۽ مها پرش (جي ايم سيد) جي آسڻ تي حاضري ڀرڻ جو خيال هئو پر اهو پروگرام ئي ڪينسل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري اوڏانهن ڪو نه وينداسون، ڀائي ڪُومچند (صديق پرهيار) جنم ڀومي جي محبت ۾ مست لڳو ٿو وتي، پياري مجيب شيخ کي آزادي ملي ته مهرباني ڪري موڪلائڻ وقت منهنجي طرفان هڪ ڀاڪرپائي کيس ڳل تي منهنجي پاران عقيدت جي مهر لڳائي ڇڏيندا ۽ کيس چوندا ته جتي به هجو ته اهو گام، اِهو گس هجي، بس لطيف سائين جي لفظن ۾ ائين کڻي چوان ته:
    مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چڪندڙا اچن.
    کُڙيون کِهه ڀڪليون، پگهر سر پيرن.
    اِي وڙ ويڙيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
    اوهان سڀئي جيڪي هن راهه سان هلي رهيا آهيو. ۽ ٻين کي سونهون پيا ڪيو، اوهان واري راهه جيڪا نهايت ورن، وڪڙن، ڏکن ۽ سورن واري آهي. تنهن هوندي به هلندا ٿا هلو. اوهان کي سلام ٿو ڪريان، اوهانجي هر قدم تان گهور وڃان، اصل سچل سائين جي قول مطابق.
    اهي زورئون زور، جي تو محبت من ۾.
    ڏونگر ڏريون ڏور، ههڙن هوتاڻن لئه.
    سائين! ٻين جي آزاد ٿيڻ جو ته ٻڌائيو ٿا، پر اوهان ڪڏهن اچي ٻاهر ملاقاتون ڪندا، اهو به ته لکو.
    اوهانکي جنهن مصيبت ۾ وڌو آهي، ان لاءِ شاهه لطيف جا لفظ ٿو ورجايان.
    ماري مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،
    جيئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورهين کي.
    سڄڻ! اڄ واپار سانگي هن شهر ۾ آئيو آهيان، ساڍا يارهن ٿيا آهن. سنڌي پرائمري اسڪول جي ٻارڙن کي رسيس ملي آهي، ولر ٻارڙن جو منهنجي ويجهو هڪ تڙڪي واري هنڌ تي اچي بيٺو آهي، سندن جسم تي پورو اوڇڻ ڪونهي. ڪن جا پيرا اگهاڙا، ڪن جو مٿو اگهاڙو، ڪنهن جي قميص ڦاٽل، ڪنهن جي وري سلوار ليڙون، اتر جي ٿڌي هوا لڳي رهي آهي. جيڪا ان ابهم ٻچڙن کي تڙپائي رهي آهي، هو ڪتاب ۽ ڪاٺ جون پٽيون سيني سان لڳائي بيٺا آهن. دل ٿي چوي ته وڏي واڪ رڙيون ڪري چوان ته اسلام، اسلام چوڻ وارئو هنن ٻچڙن جي اهڙِي حالت ڇو ٿي آهي. بس اندر جو اندر مان آواز آئيو آهي. ته ”هي غلام قوم جا ٻچڙا آهن“ سو چيم.
    ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو.
    پُڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ مان.

    تنهنجو مولچند
    (محمد مٺل)


    [36]

    ماري مُنهن مَ پوءِ، ڪان مَ لڳي ڪونجڙي.
    چڱي ڀلي هوءِ، سدا ٻيڙي سڄڻين.

    عشق سلامت.
    پيارا علي محمّد شاهه لڪياري!
    حق موجود:
    احوال ته 26/1/82 واري خطه جو جواب هن کان اڳ موڪليل آهي، هن وقت تائين جواب جو انتظار ڪيو اٿم، مارئي جو مائٽ موري ۾ هڪ شادي تي آيو هو. منهنجي ڀرسان ويٺل هڪ همراهه کيس پنهنجي ڳوٺ وٺي آيو آهي. مارئي جي مائٽ (عبدالواحد آريسر) مونکي قرب ڪري پنهنجي محفل ۾ گهرائي ورتو هو. رات جو ڏاڍي ڪچهري ٿي، توهان کي ڏاڍو ياد ڪيوسون. صبح جو 2/91 بجي تائين ڪچهري ٿيندي رهي، ان ۾ به تون ياد هوئين، بعد ۾ يار ويندو رهيو. اوهانکي ڏاڍا سلام ٿي چيائين، احوال مختصر ان ڪري لکيو اٿم، جو پڪ ڪانه ٿي ٿئي ته خط اوهان کي ملي الائي نه، پنهنجي ساٿي فقير غلام رسول مهرکي حق موجود چوندا.

    چڱو سدائين گڏ
    تنهنجو پنهنجو هڪ ساٿي
    (مٺل حيدري)


    راشد مورائي

    [37]

    مورو، سنڌ
    80-7-23
    جانب شال جئين، تنهنجو ڪنين مدوم سڻان،
    اکيئن ۽ هئين، ٻنهي تات تنهنجي. (شاهه)
    پيارا ڀاءُ سدا سَرها هُجو.
    حق موجود!
    سڄڻ ڀاءُ! اميد ته عافيت سان هوندا. ڀاءُ مير مولا بخش لغاري صاحب 24 کان ضلع نوابشاهه ۾ اچي پيو، ۽ هتي تاريخي جاين جو دؤرو ڪندو. آئون ساڻس گڏ هوندس. تنهن ڪري توهان ڏانهن اچي ڪونه ٿو سگهان، اوهان حقيقت ۾ هڪ جاءِ ڏاڍا سُڪون سان ويٺا آهيو، اسان ته ڏينهن رات پنهنجي داڻي پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ رُڌل رهون ٿا. دُعا آهي ته اها مصروفيت اسان کي شل ڪڏهن به نه ٿڪائي، ڏکيا ڏينهن ٿورا، سُکيا سدائين. شيخ اياز هڪ وفات ڪري ويل دوست لاءِ لکيو آهي ته:
    منهن مٽائي وئين وڃڻ وارا،
    موت آسان زندگي مشڪل،
    دور آڪاش ۾ رهڻ وارا،
    ڌرتتي جي گهڙي گهڙي مشڪل.
    توهان ڄاڻو ٿا ته سچل سرمست چواڻي، ”جو دم عافل سودم ڪافر“ وانگر منهنجو وقت اجايو ڪونه ٿو گذري، تنهن ڪري پڪ اٿم ته منهنجي نه اچڻ ڪري اوهان مونکي مياري نه سمجهندا، نڪي دل ۾ دک کي جاءِ ڏيندا. استاد محمّد صديق پرهياڙ مون وٽ بيمار پيو آهي. سلام ٿو چوي. مٺل حيدريءَ پٽ جي نوڪري لاءِ پريشان آهي، ۽ ان پريشاني ڪري سنگت کان ڪٽيل رهي ٿو، ڊرامي جو فنڪار جَنگ خان روبرو ويٺو آهي، سو پڻ جيئي سنڌ چوي ٿو، چاچا غلام شاهه يا علي مدد فرمائي ٿو، فتح علي شاهه حق موجود ٻولي ٿو، اميد ٻي شنوائي تي فتح علي شاهه يا آئون روبرو اچي ملنداسون. چڱون جيئي سنڌ.

    اوهانجو پنهنجو
    راشد مورائي

    [38]
    مورو، سنڌ 80-8-4
    سَرَ ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاهه.
    سندي آس الله، لُڏي لهرن وچ ۾.
    پيارا ڀاءُ!
    تنهنجو پهريون خط پوسٽ رستي موڪليل ڪو نه پهتو، باقي ٻيو نمبر آخري خط، پوسٽ وارو پهتو، اسان خوش بهار آهيون. اميد ته اوهان به خوش هوندا. بسترو ۽ ريڊيو موڪلجي ٿو، باقي سامان لاءِ معذرت، جيل ۾ آهيو ونواهه ۾ ڪونه آهيو. ڪجهه اسانجي حالتن تي سوچي پوءِ حڪم هلايو، فتح علي شاهه به جيل ۾ اٺ مهينا رهي آيو آهي. پُڇوس ته ان وچ ۾ ساڻس گهڻا ڀيرا ملاقات ڪئي هئم؟ حبيب شاهه کي رلين لاءِ چيو اٿوَ، خبر اٿوَ ته چاچو غلام شاهه کيس گهرمان ڪا ڇنل ٽپڙي به کڻڻ ڏيندو؟ ڇا حبيب شاهه جي اها پوزيشن آهي جو توکي ريڊيو ڏئي سگهي؟ يونيورسٽيءَ ۾ ڪونهين، جيل ۾ آهين. هوش سنڀال!
    (عاشق چئجي ان کي، جنهن جي سڀ ريءَ سري)
    جيل ۾ وڃڻ ڪنهن تي احسان ڪونهي؟
    محمّد صديق پرهيار جو خط، هن سان گڏ موڪلجي ٿو، توهانجو ڏانهنس لکيل خط پڙهيو هوم، حيدريءَ واري معاملي ۾ اوهان بيخبر هوندي به لکيت ۾ ڪا راءِ ڏني آهي، سو غلط آهي. ٻاهر اچي احوالن کان وقف ٿيندين ته خبر پوندئي. حافظ، عمر سيال، ۽ عظيم ۾ منهنجي ڪابه اميد ڪانهي، آءٌ ٺڪر ٺوڪي چڪو آهيان، ٻاهر اچي تون انهن کي ٺاهڻ ۽ ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪجان، حافظ کي شايد تنهنجو خط نه مليو آهي، نه ته مون سان ڳالهه ضرور ڪري ها.
    توهان خطن رستي جيڪو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا، ان مان اُلٽو مونکي نقصان ٿا وجهن، تنهن ڪري في الحال سڪون سان گذارڻ جي ڪوشش ڪريو، ٻاهر اچي سڀڪجهه ڪجو.
    سدا حق موجود سڀني يارن لاءِ

    وڌيڪ سڀ سک
    اوهان جو
    (راشد مورائي)

    [39]

    مورو، سنڌ
    80-9-30

    پيارا ڀاءُ!
    گذريل شنوائي تي آءُ ٻاهر ويل هوس، تنهن ڪري اوهان وٽ اچي ڪونه سگهيس، هتي ٻاهريان مهمان اچڻا هئا. فتح علي شاهه کي انهن جي خدمت لاءِ ڇڏي ويو هوس، صاحب موچيءَ کي پنجاهه روپيه ڏئي ويو هوس ته توهانجي ملاقات ڪري اچي، پر اوچتو پيچش ٿيڻ ڪري اهو به اوهان تائين پهچي ڪونه سگهيو. ايندڙ شنوائي تي ڪوشش ڪبي ته هڪڙو دوست توهان سان ملاقات ڪري وڃي.
    ڀائٽيو مختيار بي چاڪ آهي، ان ڪري پريشان آهيان. هڪ غربت ٻيو گهر ۾ بيماري ڏاڍو تڪليف جو وقت آهي.
    اوهان جيل ۾ ويهي مکڻ ۽ کوپري جو تيل گهري رهيا آهيو. جڏهن ته اسان ٻاهر وارن کي به مکڻ ۽ رڳو سرنهن جو تيل نجو به ميسر ناهي،هي لکيت ۾ خاندانن جهڙيون فرمائشون اوهان جي ڪردار لاءِ داغ آهن، پر اوهانکي ڪير سمجهائي،توهان نه ته منهنجي غربت تي سوچڻ لاءِ تيار آهيو، ۽ نه وري ذهني طرح جيل کي قبول ڪيو اٿوَ.
    اوهان ته جيل ۾ آهيو، پر ٻاهر رهڻ دوران به انسان کي صرف انهن شين جي ضرورت محسوس ڪرڻ گهرجي، جن کانسواءِ جيڪر جيئرو رهي نه سگهجي .
    سمجهو ٿا ته اوهانجا ههڙا خط مونکي خوشي بخشيندا هوندا؟ ڇا مکڻ کانسواءِ جيئرا رهي نه ٿا سگهو؟ ميان! ڪجهه ڪردار کي بلند رک، ۽ پاڻ کي تڪليفن تي هيراءِ! اسان تنهنجي عيش واري زندگي ۾ ساٿ ڏيئي نه ٿا سگهون. سرنهن جو تيل ۽ ضرورت آهر ڊالڊا گيهه گهرجئي ته وٺي موڪلجي، باقي عيش جي سامان جي مون مان توقع نه رک! ڇو ته مان ڪڏهن به اهو نه چاهيندس ته تنهنجي ڪردار کي بگڙيل ڏسان، روبرو هجين ته توکي زندگي گذارڻ جو طريقو به سيکاريان، ۽ ٻين جي غربت جو احساس به چڱي نموني ڏياريان، پر پري ٿي پيو آهين، ڀلي ائين پنهنجي ڪردار کي لوڙهه، پر ياد رکجان متان پوءِ ڪڏهن چوين ته:
    (وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ري)
    اوهانجو خط اڄ مليو آهي، اڄ ئي جواب روانو ڪريان ٿو.
    غلام النبي اعواڻ، فتح علي شاهه، ادريس جتوئي جا سلام قبول ڪندا.

    اوهانجو
    راشد مورائي


    [40]

    مورو
    80-10-3

    پيارا ڀاءُ علي محمّد شاهه!
    عشق سلامت:
    اڄ اوهانجو هڪ ٻيو لفافو پهتو آهي. حافظ صاحب کي اڄ ئي اوهانجو خط پهچايو ويندو. 11 تاريخ تي منهنجو پروگرام اڳواٽ نوشهري تعلقي جي هڪ ڳوٺ ”پنو“ ۾ رکيل آهي، صبح جو ڏهين بجي ٺاروشاهه پهچڻو اٿم، جتي ”پني“ جا دوست ٻه ڄڻا منهنجو انتظار ڪندا هوندا. ساڻن گڏجي سندن ڳوٺ ويندس، ڪوشش ڪبي ته اوهان ڏانهن ڪو دوست موڪلجي نه ته به،
    هر روز آني جاني په نهين رسم عاشقي موتوف،
    عمر ڀر ايڪ ملاقات چلي آتي هئي.
    خط باقاعدي ملن ٿا. باقي تنهنجي پوئواري ڪرڻ ايتري اهم ڪونه ٿو سمجهان، جيترا ٻيا قومي ڪم آهن، ان ڪري فرصت گهٽ آهي، جو ويهي توکي ياد ڪريان، تون به مونکي وساري ڇڏين ته چڱو آهي. شامل خط آريسر صاحب کي ڏجو ۽ ٻين دوستن لاءِ سلام، جيئي سنڌ چوندا.

    اوهانجو
    راشد مورائي


    [41]

    مورو، سنڌ
    80-10-27

    پيارا ڀاءُ علي محمد شاهه!
    حق موجود:
    احوال ته ڪَکَ موڪلجن ٿا، اميد ته کائڻ سان درد مان ڇوٽڪارو ملندو.
    هن سان گڏ آريسر صاحب لاءِ پنجاهه روپيه موڪلجن ٿا، سي کيس پهچائيندا، جيئن ته اڄ شام چئين بجي مونکي ٻاهر وڃڻو آهي، تنهن ڪري موڪليل همراهه کي واپس اچڻ جو تاڪيد ڪندا. جيئن چئين بجي کان اڳ مون سان ملي ۽ اچي حوال ڏئي، اوهان پنهنجو حال احوال کيس لکيت ۾ ضرور ڏيندا. جيئن شنوائي جي تاريخ ملي، همراهه کي واپس ڪندا، اندرين سڀني ساٿين کي سلام چوندا.

    اوهانجو پنهنجو
    راشد علي شاهه

    [42]

    مورو
    80-11-4

    واٽ سنگت ۽ سچائي جي سکو جانڊهه کان،
    ههڙي گردش ۾ نه پٿر کي ڇڏي ٿو پٿر.
    (مرزاقليچ بيگ)

    پيارا ڀاءُ علي محمّد شاهه!
    عشق سلامت:
    سڄڻ ڀاءُ! تنهنجو 29 تاريخ جو لکيل خط اڄ 4 تاريخ مليو. دوا جي ڪِريءَ لاءِ عرض ته ڪابه مَلي واري شيءَ نه کائجو، باقي سڀ ڪجهه کائي سگهو ٿا.
    صبحاڻي کان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ نوشهروفيروز پيو وڃان، جتي ٻين ڪمن ڪارين سان گڏ علي محمّد شاهه شيرازيءَ جي شاديءَ ۾ پڻ شرڪت ڪندس. سندس شادي سٺ ميل ويجهو ويٺل سندس عزيزن مان ٿي رهي آهي.
    سڄڻ سائين! توهانجا ۽ اسانجا رت جا رشتا آهن، جيڪي ڪڏهن به ٽٽڻا ناهن، دنيا ۾ ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، جو محبت ڪرڻ وارا گڏ جيئرا رهندا آهن، ۽ گڏ مرندا آهن. تنهن ڪري مونکي به پورو ايمان آهي ته پاڻ کي مو ت به جدا ڪري ڪونه سگهندو.
    صديق پرهيار تي ڪن دشمنن درخواستون ڪيون هيون، جيڪي اسلام آباد، ڪراچي، سکر ۽ نواب شاهه مان ٿينديون ڊي ــ او تعليم کي انڪوائري لاءِ مليون، انڪوائري گذري، اميد ته ڪوڙ، ڪوڙ ٿبو ۽ سچ، سچ ٿيندو. هڪڙو دوست خون جي ڪيس م جهلجي پيو هئو، جو پڻ ٻه ٽي ڏينهن سختي سهڻ کانپوءِ ٿاڻي تان آزاد ٿيو.
    سچ ته پنهنجي گهر ۾ پنهنجي بيماري، دوستن جي تڪليفن ڪري وسريو وڃي، لڳاتار جاکوڙ ۽ اوجاڳن ڪري صحت ٺيڪ ڪانه ٿي رهيم، پر پوءِ به ضمير مطمئن آهي ته منهنجو جڏو جيءُ يارن جي ڪم اچي رهيو آهي. اوهان مطالع کان غافل نه رهندا، ڇو ته وقت گذارڻ ۽ پاڻ کي سڌارڻ لاءِ اوهانکي سٺي واندڪائي ملي آهي. ٻيو ڪو خاص احوال ڪونه آهي، جو عرض رکان، دوستن کي سلام چوندا.
    قاضي نذير صاحب کي آڳاٽو دل جو دورو ٿيو هئو، هاڻ ٺيڪ ٺاڪ آهي. توهانکي سلام پيو ڏئي، آڳاٽو عظيم سولنگي به اوهان سان ملڻ بابت پڇيو هئو، پر سندس اچڻ محال آهي.

    توهانجو پنهنجو
    راشد علي شاهه
    (راشد مورائي)


    [43]

    مورو سنڌ
    80-11-6

    پيارا ڀاءُ علي محمّد شاهه! سدا سرها هجو.
    حق موجود:
    سڄڻ ڀاءُ! ڪالهه حاجن شاهه وقت تي ڪونه پهتو ۽ آءُ ٻاهر هليو ويس. اڄ 2 بجه اسڪول کان موٽندي مليو، جنهن احوال ۽ چٺي پهچائي ڏني، اڄ ئي ۽ هينئر تڪڙ ۾ جواب لکي روانو ڪري رهيو آهيان، ۽ هينئر ٻاهر روانو ٿيندس.
    توهان ٻين دوستن سان ملاقات تي ايندڙ ڪارين ۽ جيپن وارا ماڻهو ڏسي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿيو ٿا، اهو ٺيڪ ناهي، اوهان اسان هونئن ئي غريب آهيون. تنهن ڪري پنهنجي حالتن تي راضي رهي ضمير کي مطمئن رک! هرو ڀرو ضمير مطمئن نه ٿئي، ته پوءِ انهن سان شامل ٿي وڃ، جنهن لاءِ ڪاريون، موٽرون، اچن ٿيون ، ڇو ته پاڻ وٽ ته ڪڏهن به ڪارن ۽ جيپن جو تصور ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. وڌيڪ پاڻ عاقل آهين. جيئن موزون سمجهين، مونوٽ تولاءِ ايترو ئي پيار آهي، جيترو اڳ ۾ هئو. پوءِ تون ڀلي کڻي ڪهڙي ذهنيت جو ٿي وڃ، تڪڙو آهيان معاف ڪجان وڌيڪ احوال ٻئي خط ۾.
    سردار احمد عالماڻي، ادريس جتوئي، آچر لُنڊ ۽ فتح علي شاهه جا سلام قبول ڪندا.

    راشد مورائي


    [44]

    مورو

    تو جن تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
    (شاهه)
    پيارا ڀاءُ علي محمّد شاهه! يا علي مدد.
    سڄڻ ڀاءُ!
    اوهانجو خط پهتو،يادگيري لاءِ مهرباني! اسانجو وقت خير خوبيءَ سان چڱو پيو گذري، اميد ته اوهان به عافيت سان هوندا.
    ادل! مونکي اوهان لاءِ ڪابه شڪايت ڪانه آهي،اوهان پيارا ماڻهو آهيو، مڙئي ٿورو احساس ڏيارڻو هئو. ان خاطر ٻه اکر لکيا هئم.ٻي ڪا به ڳالهه ناهي،اوهان خط قاضي صاحب جي ائڊريس تي ڇو لکندا آهيو. ائين ڪرڻ سان خط رُلي ٿا وڃن. خط لاءِ بس منهنجو نالو ۽ شهر جونالو ڪافي آهي. هتي جا احوال سڀ خيريت جا آهن. هڪڙو خط عنايت هيسباڻيءَ لکيو هئو، پر هيٺ مٿي ٿي ويو.اوهان سان ملي ته کيس سلام چوندا ۽ سندس ائڊريس موڪليندا.

    اوهانجو پنهنجو
    راشد علي شاهه

    [45]

    ڪونجڙين ڪالهه لنئي، سڄڻ وڌم چت.
    آءُ جني ريءَ هت، گنگهر گهاريان ڏينهڙا.
    (شاهه)
    سڄڻ ڀاءُ علي محمّد شاهه!
    حق موجود:
    ادا سائين! اوهانجي مبارڪن وارو مختصر خط اڄ مليو آهي، يادگيري لاءِ لک ٿورا، خط هونهن ئي لکي رهيا هئا. اگر اُن ۾ ڪجهه وضاحت سان پنهنجي سزا وغيره بابت لکو ها ته بهتر هئو. ڀلا آهي ڪو امڪان ٻاهر اچڻ جو يانه؟
    سڄڻ! زندگي خود هڪ جيل خانو آهي. پوءِ اوهان اگر ٿورن ماڻهن سان گڏ جي ڪلاس B ۾ آهيو ته آءُ وري گهڻن سان گڏ سي (ح) ڪلاس ۾ پيو لوڙان. بس مڙئي ڏينهن حياتيءَ جا گذارڻا آهن سي پيا گذاريون، هتي ٻيو سڀ سک آهي، اميد ته اوهان به ذهني توڙي جسماني طور خوش ۽ آسودا هوندا.

    اوهانجو پنهنجو
    راشد علي شاهه
    (راشد مورائي)

    [46]

    مورو
    81-12-14

    پيارا علي ڀاءُ، علي محمّد شاهه! حق موجود!
    سڄڻ سائين! عذر خواهيءَ لاءِ اوهانجي ڳوٺ ٻه ڀيرا ويس، پهريون ڀيرو ارباب علي شاهه کي روبرو اطلاع ڏنو هوم، پر اتي پهچڻ بعد معلوم ٿيو ته ارباب علي شاهه پورڻ محمّد شاهه جي پٽ جمن شاهه جي شاديءَ تي ٻار وٺي ويل آهي، آءُ سائين محرم شاهه سان عذر خواهي ڪري بيٺي پير واپس ٿيس. ٻئي ڀيري هاڻي تازو نواب شاهه مان هڪ دوست کي ساڻ ڪري ٻيهر اتي پهتس، ارباب علي شاهه مَينهن سان ويل هئو، سائين محرم شاهه ماڻهو موڪلي کيس گهرائيو، اتي مانجهاندو ڪري شام جو واپس آياسون. اوهانجي شنوائي وغيره جي تاريخ جي ساش ٻه ٽي ڀيرا ملڻ بعد به خبر پئجي نه سگهي آهي. تنهن ڪري هن همراهه کي موڪلي هن خط رستي اوهان سان عذر خواهي ڪريان ٿو، هن ڏک ۾ مونکي پاڻ سان گڏ ڀاڱي ڀائيوار سمجهندا، ٻيو عرض ته عبدالواحد آريسر جو ڪتاب ڇپرائي رهيا آهيون، جنهنجو هڪ بوڪ اوهان وٽ هئو، جيڪو اوهان پهريائين ارباب علي شاهه کي ڏنو، پوءِ وري اوهان خط لکي بوڪ گهرائي ڪنهن ٻئي دوست کي ڏنو. هاڻي مهرباني ڪري صحيح ڏس پتو ڏيندا ته اهو بوڪ اوهان ڪهڙي ساٿيءَ کي ڏنو آهي، ته اتان حاصل ڪري اُتاري پريس ۾ ڏجي، اڳيون حصو اسان اُتاري ڇڏيو آهي، اوهانجي ڊائري جا لکيل ورق ايئن رُلي ويندا، جيڪڏهن اجازت ڏيو ته اهي ارباب علي شاهه کان وٺي ۽ ڪجهه مونوٽ آهن انهن کي گذريل سالن جي ڊائرين تي يا بوڪن تي اتارائي ڇڏيان.
    آءٌ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ بابت هڪڙو ڪتاب ”جهڙي آيس جيئن“ پڻ لکي رهيو آهيان. اوهان ڏانهن ڪن دوستن جا آيل خط منهنجا مددگاري ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهي به عارضي وقت لاءِ ڏيئي سگهو ته مهرباني.
    هتي ٻيو سڀ خير آهي، وقت مصروفيت جو تمام سٺو پيو گذري، اميد ته اوهان والد صاحب جي وڇوڙي کي ڪمال بردباري سان سٺو ۽ برداشت ڪيو هوندو. هن مهيني جي آخري هفتي ۾ عبدالواحد آريسر صاحب پڻ اوهانجي ڳوٺ عذرخواهي لاءِ هلندو، ۽ اتي ضلع جي طرفان ڪجهه رقم پڻ ارباب علي شاهه کي ڏيندو، ٻيو ڪو خاص احوال ڪونهي جو عرض رکجي. پنهنجي سڄي سنگت کي حق موجود چوندا، محبوب علي شاهه، عبدالحق ميمڻ ۽ صاحب خان لانگاهه جا سلام قبول ڪندا.
    پنهنجو تازو ڇپايل ڪتاب اوهانجي مطالع لاءِ موڪلجي ٿو.

    زيادهه خير وسلام
    اوهانجو پنهنجو
    راشد علي شاهه
    (راشد مورائي)


    [47]

    مورو
    82-5-8

    پيارا علي ڀاءُ، علي محمّد شاهه!
    حق موجود!
    سڄڻ ڀاءُ! خط تڪڙا تڪڙا ان ڪري پئي لکيم جو ڊپ هئم ته متان حيدري مٺل وانگر آءٌ به ڪنهن جي نه ڪنهن جي شڪايتن سان ڪاڳر ڪارا ڪري ٻين جو رڪارڊ خراب نه ڪري ويهان، آءٌ نه ٿو چاهيان ته لکيت ۾ ويهي ڪنهن دوست جا پول پڌرا ڪيان، ”جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن“ اوهانجي وندر لاءِ آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجي گلاسان ڀرپور مٺل حيدريءَ وارا ڪاغذ ڪافي هئا. تنهن ڪري مون پنهنجو پاسو پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. پڪ اٿم ته هڪ ڏينهن اوهان ٻاهر ايندا ۽ اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا، سڀني جو عمل ظاهر ٿيندو، اها ڪهڙي نه عجيب فطرت آهي، جو مون کان ڀاڙو وٺي، اوهان سان ملاقات ڪري ۽ منهنجون شڪايتون ڪيون وڃن.
    توهان جيڪو سودي بابت لکيو آهي. ان لاءِ مان نه رڳو تيار آهيان، پر اتر ۾ ٻه پئسا به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، خدا رڳو اوهانجي جان ڇڏائي.
    سڄڻ! اها راهه رباني هر ڪنهن لاءِ آهي، اڄ نه ته سڀاڻي سڀڪو هلندو! ”دريا ڪناري ڇوڪر ڪُڏي، اڄ نه ٻڏي سڀاڻ ٻڏي“ موت کان شايد اهي غدار بچي وڃن، جيڪي عمل ۾ سڀني جي پويان ۽ پنهنجن تي گند اڇلڻ ۾ پيش پيش آهن.
    اوهان شاديءَ لاءِ پڇيو آهي، ان لاءِ اطلاع عرض ته امام علي شاهه جي حڪيم صاحب جي نياڻيءَ سان شادي ٿي آهي، جيڪڏهن بدلي ڏيڻ لاءِ مونوٽ سنڱ هجي ها، ته ايترو وقت ڇڙو رهڻ جو ڪو سبب ڪونه هئو. مطلب يڪ طرفان مهرباني ٿيل آهي. وقت خير خوبي سان سٺو پيو گذري. سرور چنو ٻن ٽن مهينن کان بدلي ڪرائي سڪرنڊ، کڏهر ويو آهي ۽ اتي رهي ٿو. هن طرف ٻيو سڀ سک آهي، اڄڪلهه استاد هڙتال تي آهن، پگهارون سرڪار بند ڪري ڇڏيون آهن، مڙوئي وقت پيو گذري ۽ ڀائن ڀيڙا لڳا ويٺا آهيون.
    پنهنجي کولي ميٽ کي مون پاران سلام چوندا. ادا معصوم شاهه، فتح علي شاهه، حسين ڪاريو جا سلام قبول ڪندا.

    اوهانجو
    (راشد مورائي)

    [48]

    مورو
    82-5-16

    پيارا ڀاءُ، علي محمّد شاهه.
    حق موجود! سڄڻ سائين!
    ولي محمّد روشن ڪراچيءَ ۾ جج آهي. گورنر جي آفيس سان سندس ڪو واسطو نه آهي، اڃان به مٽياڻيءَ جو مستوئي مير رسول بخش، مرحوم جو سيڪريٽري هئو. مير صاحب جي وفات ڪري گورنر اهو کاتو پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته مستوئي ان سلسلي ۾ سفارش ڪري سگهي. جيڪڏهن چئو ته اهو بار پاڻ وارن مستوئي دوستن مشتاق احمد ۽ حسين احمد تي رکون!
    ٻيو ڪو خاص احوال ڪونه آهي جو عرض رکان
    اميد ته اوهان عافيت سان هوندا.

    اوهانجو پنهنجو
    راشد علي شاهه
    (راشد مورائي)

    [49]

    مورو
    82-5-26

    پيارا ڀاءُ!
    خط مليو، احوال معلوم ٿيو.
    مشتاق مستوئي کي اڳ ۾ ئي آءٌ چئي چڪو آهيان، ته پنهنجي همراهه کي چوي ته جيڪا به درخواست جيل کان اچي ته ان جي سفارش ڪري، اڄ اوهانجو تفصيل مليو آهي. ان موجب ولي محمد روشن ڏانهن به خط لکي رهيو آهيان. جيئن ڪجهه مدد ۽ سفارش ڪرائي سگهي. امام علي شاهه چيو ته دوا ٺهيل ڪانه آهي. ٺاهي ڏيندس، کيس تاڪيد ڪيل آهي، جڏهن به ڏنائين ته روبرو يا پوسٽ ذريعي موڪلي ڏيندس. سائين ظفر علي شاهه کي يا علي مدد چوندا، ۽ ٻڌائيندا ته شورش ڪاشميريءَ وارو ڪتاب ”پس ديوار زندان“ مون وٽ هئو پر هڪ دوست پڙهڻ لاءِ کڻي ويو آهي. ۽ اهو ماڻهو هينئر ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو، جڏهن به ڳوٺ ايندو ته ڪتاب هٿ ڪري موڪليندس، ٻيو ڪتاب مون وٽ ڪونه آهي.
    هن طرف سڀ سک آهي، اميد ته اوهان به عافيت سان هوندا.

    اوهانجو پنهنجو
    راشد مورائي


    غلام رسول مستانو

    [50]

    نارا جيل
    82-10-10

    حق موجود، سدا موجود
    سائين علي محمّد شاهه!
    احوال هن ريت آهي ته ڪالهه منهنجي تاريخ هئي جت منهنجي هنن دوستن سان ملاقات ٿي ۽ توهانکي سلام چيا اٿن.
    الطاف حسين تنيو، عبدالله شاهه، ڊاڪٽر دودو مهيري، ارشاد نظاماڻي، قربان، ارباب، خان محمد لغاري، متارو ڏاهري، غوث علي شاهه، سليمان ڏاهري، غلام النبي خشڪ وارن توهانکي تمام گهڻا سلام چيا آهن، ۽ اسان ڪافي وقت سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪيو، سٺي ڪچهري ٿي. مسٽر الطاف حسين تنيو چيو ته سائين علي محمّد شاهه کي چوندا ته سندس جيڪا تاريخ هجي لکي موڪلي.
    خاص عرض: ڪجهه لفافا ۽ ڪجهه پنا موڪليندا ته مهرباني ٿيندي.

    اوهانجو خادم
    (شهيد) غلام رسول مستانو

    [51]

    786

    نارا جيل
    82-11-3
    سدا سلامت.
    دوست مهربان سائين علي محمّد شاهه!
    اسلام عليڪم.
    احوال عرض ته ڪالهه توهان هتي چڪر ۾ اسانجي باريڪ ۾ قرب ڪري آئيا هئا، ۽ جيڪا جيئي سنڌ واري ڪچهري باريڪ وارن سان ٿي ان کان ڏاڍو متاثر ٿيا آهن. ۽ چون ٿا ته سنڌ سان اهڙا ظلم ٿين ٿا ڇا؟ بهرحال مان به تبليغ ۾ لڳو پيو آهيان. پنهنجي عقل ۽ سوچ آهر سمجهائيندو رهان ٿو.
    سائين! مونکي ته حقيقي سڪون ۽ خوشي تڏهن ٿيندي، جڏهن مان پنهنجي سنڌ امڙ تان قربان ٿي وڃان. دُعا ڪجو ته رب سائين رليءَ جي موت کان بچائي.
    الطاف حسين تنيو جا ٻه مائٽ هتي جيل ۾ آئيا آهن. هڪڙي کي اسان پاڻ وٽ باريڪ ۾ رهائيو آهي. ٻيو اوهانجي طرف ڇوڪرا وارڊ ۾ اوهان کي ويجهو آهي، ادو، نئون آئيو آهي، ان کي ڪنهن ڳالهه جي خبر ڪانه آهي، ۽ طبيعت به ٺيڪ ڪانه اٿس، اسان ڪوشش ڪري ڪم ڪار کان بچايو اٿس، باقي هن کي کاڌي پيتي جي تڪليف اٿس، ۽ هڪ چادر ۽ رلي ڏجوس، ڀاڄي وغيره جو خيال ڪجوس، ادي جو نالو صيفل تنيو آهي. توهان هن کي گهرائي دلداري به ڏجو، ڇاڪاڻ ته بلڪل ڪورو آهي، اسانوٽ غلام محي الدين تنيو آهي.
    اسان سڀني هنڊيوالن جا سلام ۽ جيئي سنڌ.

    لکندڙ توهانجو دوست
    غلام رسول مستانو
    قيدي نارا جيل چڪر

    [52]

    نارا جيل
    82-11-8

    عزت مآب جناب اعليٰ سائين علي محمد شاهه!
    خوش هجو.
    اسلام عليڪم:
    احوال ته دوستن کان حال احوال نه پهتو آهي، ٻيو ته مامو علي نواز چانڊيو چڪر جمادار پنجاهه روپيه گهري ٿو، توهان موڪليندا ته ڏئي جان ڇڏايان، نه ته ڪم ڪرائيندو. مان تاريخ تان موٽندس ته توهانکي ڏيندس. دوست توهان سان مليا هجن يا ٻاهرين خبر چار ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.

    غلام رسول مستانو


    شيخ مجيب الرحمٰن

    [53]

    دادو
    80-4-3

    پيارا ڀاءُ علي محمد شاهه!
    جيئي سنڌ:
    سائين! احوال ڪهڙا لکي ڪهڙا لکان، سڄي سنگت وارا خوش باش آهن، آءٌ به هتي ڳوٺ ويٺو آهيان، مائٽ نه ٿا ڇڏين. ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا ته رسول بخش ٿيٻو ۽ فضل سولنگي وٺڻ آئيا هئا، ليڪن انهن سان به وڃي نه سگهيس، 12 تاريخ تائين ايندس، توهانکي ته ڪافي تڪليفون آهن، جن جي خبر هئڻ جي باوجود به ڪجهه ڪري نه ٿا سگهون. شنڪر لعل کي اڃان نوڪري ڪانه ملي آهي، سڄو ڏينهن گڏ هوندا آهيون. مونکي جيڪڏهن مائٽن اجازت ڏني ته به ٺيڪ، جيڪڏهن نه ڏنائون تڏهن به يونيورسٽيءَ ڄامشورو ضرور ويندس. هن مهيني پنهنجو ڪنوينشن ٿيڻ وارو آهي.
    سائين توهان پنهنجي ڀاءُ ارباب علي شاهه کي چوندا ته مون سان ملي، اسان ڏي ڪونه ٿو اچي، ستار موريو گهڻو ڪري آزاد ٿي ويندو. باقي توهان پاڻ لاءِ خود سوچي سگهو ٿا ته ڊي ــ ايم ــ ايل ــ اي قاضي سعيد ۽ ٻيا مارشل لا وارا توهان کي آزاد ڪرڻ ۾ ڪيترو خوش ٿيندا. سڄي سنگت توهانکي ڏاڍو ياد ڪندي آهي. دُعا ڪريو ته جلدي ملاقات ٿئي.

    اوهانجو ساٿي
    شيخ مجيب الرحمٰن


    [54]

    سينٽرل جيل حيدرآباد
    80-6-24
    ڀاءُ علي محمّد شاهه! خوش هجو شال.
    جيئي سنڌ:
    ادا سائين! عرض ته اسان 6 تاريخ صبح جو پنجين بجي ڳوٺان گرفتار ٿياسين، سڌو سٽي لاڪ اپ ۾ رکيائون. 17 ڏينهن جي رمانڊ کانپوءِ اڄ صبح ايف ــ آءِ ــ يو، فوجي ڇانوڻيءَ وٺي ويا. چار ڪلاڪ کن کوليءَ ۾ بند رکيائون، ان کانپوءِ فوجين ڀتين ۾ ٽڪر هڻايا.
    رسول بخش ٿيٻي کي مون کان وڌيڪ پيٽ ۾ لتون ۽ ان کان ڪجهه هيٺ هنيائون، کيس الٽو لٽڪائڻ کانپوءِ ڄامشورو پوليس آئي، انهن ايف ـ آءِ ـ يو، جي فوجي عملدارن سان اچي ڳالهائيو ته اڄ هنن جو رمانڊ پورو ٿي ويو آهي، ۽ ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. جن اسان کي ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، بعد ۾ حيدرآباد جي سٽي لاڪ اپ تان قمر ڀٽي کي به پوليس وارن کنيو ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ڇڏي ويا.
    ٿي سگهي ٿو ته ايف ـ آءِ ـ يو، وارا ٻيهر گهرائين، ڀاءُ! اسان ٽاٽُ لڳا پيا آهيون، هتي سڄي سنگت سان اچي مليا آهيون. فقير برادران ڏاڏو متارو ڏاهري، صمد ڪانڌڙو، ظفر راڄپر، مطلب ته ڪل سورهن ڄڻا آهيون. اسان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ناراجيل موڪلين پر ائين نه ڪيائيون.
    سڄڻ سائين! ڪالهه به اسانکي وٺي ويا هئا، ليڪن وري سٽي لاڪ اپ تي ڇڏي ويا. سائين! ايف ـ آءِ ـ يو جي ننڍڙي کوليءَ ۾ تنهنجو نالو به ڏکڻ واري ڀت تي رت سان لکيو پيو آهي. توهانجي هٿ اکرن سان نشاني لڳي ٿي يا نه؟
    عبدالسميع مڱريو جي هٿان هي مختصر احوال موڪلجي ٿو.
    چڱو جيئي سنڌ. هتان جي دوستن جا سلام قبول ڪندا.

    توهانجو ساٿي
    شيخ مجيب الرحمٰن

    [55]

    دادو
    80-2-3


    پيارا علڻ سائين!
    سدا سلامت هجين.
    جيئي سنڌ:
    پيارا! هينئر شهر ۾ جاءِ تي بخار جي حالت ۾ ويٺو آهيان، اڄ بخار اچي ورايو آهي. شايد خُدا کي اِها ڳالهه منظور هئي، ته هن کي بخار ڏيڻ ضروري آهي، جو ڪجهه ٽائيم سڪون حاصل ڪري ۽ واندڪائي ٿئيس، ته علڻ شاهه جهڙن سوڍن ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ بهادرن کي حال احوال لکي.
    پيارا نرُّ لڳو پيو آهين نه؟ پيارو عبدالواحد آريسر آئيو هئو. اوهانجو ڏاڍو پڇائين، سڄي سنگت کي ۽ اوهانکي ڏاڍا سلام ڏنائين، اميد ته جلد آزاد ٿي ويندا، شايد اهڙا حالات پيدا ٿي رهيا آهن. ڪو به مسئلو هجي، ڪم ڪار هجي. فڪر نه ڪجانءَ، حڪم ڪجانءَ، هيءَ بندو حاضر آهي.
    وڌيڪ احوال جلدي روبرو ڪنداسين.
    خاص سلام ڊاڪٽر لغاري صاحب کي ڏيندا.

    اوهانجو ساٿي
    شيخ مجيب الرحمٰن

    [56]

    دادو
    80-10-22

    پيارا علڻ شاهه! سدا سلامت هجو
    جيئي سنڌ.
    بعد پيرن تي هٿ رکڻ جي عرض ته آءٌ ان ڏينهن ضروري ڪم هئڻ ڪري هليو ويو هوس، جو مونکي قومي ڪم سان ڪراچيءَ وڃڻو هئو، اميد ته وري 30 تاريخ تي ملنداسون.
    خاص احوال ته ٻه چار ڏينهن ٿيندا ته اتي اسانجو ننڍو ڀائرن جهڙو دوست لطيف مهيسر آئيو اٿو. ان جي هرطرح پارت اٿو. ڏينهن ٻن ۾ سندس بي (B) ڪلاس ٿي ويندي. قائم مقام آءِ ـ جي صاحب ڪالهه واعدو ڪيو آهي ته آمدني سرٽيفڪيٽ ڏيو ته بي ڪلاس ڪيانس. جنهن لاءِ اڄ اسان وڃون پيا. کيس کي ميس ۾ شامل ڪندا، ۽ هن جو هر طرح خيال رکجو، پاڻ گهڻو ڪري ته مونکي سڃاڻي به ڪونه، ليڪن سندس ڀاءُ اقبال مهيسر اسان جو ڀاءُ آهي. سندس پارت امان الله وارن کي به ڪري ڇڏيندا.
    ٻيو ڪُل خير آهي.
    زياده خير

    خادم
    شيخ مجيب الرحمٰن


    ناز لطيفي

    [57]

    سينٽرل جيل حيدرآباد، اڇو چڪر
    81-1-1

    برادرم سائين علي محمّد شاهه!
    يا علي مدد.
    آئون معافي جو طلبگار آهيان، اوهانکي ناگوار گذريو، ان لاءِ اسين سڀ شرمسار آهيون.
    عرض هي آهي ته هت مون سان گڏ ٻه بورچي به رهن ٿا، سي اچي پاڻ ۾ اٽڪيا، ته ٻاهر ته سڀڪو مصالع وغيره وٺي طعام تيار ڪري ٿو، مگر جيل ۾ مختصر مصالحه تي پساهه تيار ٿي نه سگهندو. ٻيو ڪو به مقصد ڪونه هئو، منهنجي سڀني ساٿين کي توهان سان ملڻ جو ڏاڍو اشتياق آهي. آئون به ڪوشش ڪريان ٿو، توهان به ڪوشش ڪريو ته اڄ هتي گڏجاڻي ڪريون. بجاءِ جي رڳو پاڻ ملون، هي مومن به اوهانجو ديدار ڪن، اوهانجا اسان، ٿورائتا آهيون اسان هرگز ائين نه ڪنداسين، جنهن ۾ اوهانجي دل شڪني ٿئي. آخر ۾ سڀني مؤمنن جا نياز قبول پون، سائين سرور شاهه ۽ نظير عمراڻي جا خاص سلام

    نياز مند
    (علي بخش شاهه)
    ناز لطيفي

    [58]

    سينٽرل جيل، ڪارو چڪر
    1981-2-8

    برادرم علي محمد شاهه!
    السلام عليڪم:
    گذارش ته اوهان جي ڳوٺ جي نالي ديدار ذات چانڊيو ولد عزت بخش تنهن کي ڊپٽي بند ڪيو آهي. ان جو ڀاءُ مون وٽ آيو. جيئن ته هي نئون ڊپٽي منهنجو واقف نه آهي. نه ڪي مليو آهي، انڪري جي اوهان جي چوڻ تي ديدار کي بند مان ڪڍي ته سٺو ٿيندو.

    والسلام
    نياز مند
    (شهزادو علي بخش شاهه)
    ناز لطيفي

    [59]

    سينٽرل جيل حيدرآباد، اڇو چڪر
    80-12-31

    برادرم علي محمّد شاهه ۽ ٿيٻا صاحب!
    بعد از تحفئه يا علي مدد، جيئي سنڌ.
    نوازش نامو بوقت سعيد پهچي مسرت جو باعث بنيو. امام عالي مقام حضرت امام حسين شهيد ڪربلا جي چهلم تي ماتم ۾ شرڪت لاءِ شڪريو. يزيد جي مشابهت برمحل لکي اٿو. تازي ٺهيل نوحي جون مصرع موڪلجن ٿيون.

    ڇا قوم يزيدي روڪندي، منهنجي پير جو ماتم پيو ٿيندو.
    افضل هي عبادت سمجهون ٿا، شبير جو ماتم پيو ٿيندو.

    شبير جي خون کي ياد ڪري، اسان خون جا نذرانا ٿا ڏيون،
    هي عشق حسيني آ قبر تائين، شمشير جو ماتم پيو ٿيندو.

    نوحن جي ذريعي پرسو هي، محمد کي نواسي جو ٿا ڏيون،
    هي اهل قلم جو حشر تاءِ، تحرير جو ماتم پيو ٿيندو.

    زندان هوندا آباد حسيني، مظلوم کي هٿڪڙيون هونديون،
    شبير جي پٽ بيمار عابد، اسير جو ماتم پيو ٿيندو.

    ناز ۽ ان جي ساٿين کي، شان اسير جو آ مليو،
    ماتم کي جاري رکڻ لاءِ، زنجير جو ماتم پيو ٿيندو.

    رئيس علڻ خان ٿيٻي جي ڪوشش لاءِ ٿورائتا آهيون.
    ٿورن تي ٿورا، مون تي محب ميهار جا،
    ڀلائي جا ڀيرا، لاهي لاهيان ڪيترا.
    جيڪي ڏهاڙا هت قسمت ۾ هوندا، اهي هتيئي گهاربا، هي ڏينهن اسان لاءِ تاريخي ۽ عظيم حيثيت رکن ٿا.
    سائين منهنجا! ڌنجي صاحب جي پارت هجيوَ، هي اسانجو مؤمن ڀاءُ آهي، ۽ اڪيلو آهي، هر طرح خيال رکندا ته ٿورائتو رهندس. منهنجي لاءِ ڪوبه حڪم احڪام هجي ته ضرور ياد فرمائيندا.

    نياز مند
    شهزاد علي بخش شاهه
    ناز لطيفي


    محمد عمر سيال

    [60]

    ڪوئٽيه
    81-8-21

    ڪوٽن ڪهڙي ڪل، مون وٽ آهن مينڌرا،
    اٿن نينهن اٽل، جو ويرئون وير اڳتي.
    پيارا علي!
    توهانجو خط مونکي 81/8/20 تي مليو، توهانجي وڏي مهرباني سمجهان ٿو، جو ويندي ويندي آخري گهڙي تائين ياد ڪرڻ کان نه مڙيا آهيو. اهو اوهانجو سچو پُرخلوص جذبو آهي، جو دوستن لاءِ هميشه Reserve آهي، مان محسوس ڪريان ٿو ته تون انهن ئي سهڻن گڻن جي ڪري اسان سڄي سنگت کي مات ڏئي ويو آهين، ۽ اسان کان ڪافي ڪجهه سچائي جي ميدان ۾ اڳتي نڪري ويو آهين ۽ اٽل بيٺو آهين. اسان سان هر دؤر ۾ ڪنهن نه ڪنهن جڳهه تي هڪ درد،هڪ پيڙا ۽ سور بنجي آيو آهين. تون اسانجي خيالن ۾ هڪ فرياد، ڏک، بي آرامي، چنتا بنجي آيو آهين. اسانکي تو مات ڪيو آهي. تون عظمت جون منزلون اورانگهي اڳتي وڌيو آهين.
    پيارا لڪياري! مان توسان ملاقات به ڪري نه سگهيو آهيان، ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان. پر ان لاءِ ڪجهه سبب آهن. هڪ ته اوهان سياستدان ۽ مان پڙهائي جي آخري مرحلي ۾، بلڪل سياستدان دوستن کان بيزار رهيس، ان ۾ مونکي مختلف گروپن طرفان دٻاءُ وڌو ويو. ان ڪري مون پاڻ لاءِ اهو صحيح سوچيو ته جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ لاءِ ويڙهه ۾ رهن ٿا. اُنهن جو رستو ڪجهه مختلف ۽ منهنجو ڪجهه مختلف ۽ ان رستي کي مون مسترد ڪيو، ڇاڪاڻ ته منهنجا خيال ڪجهه ٻيو چاهين پيا، ۽ مون سوچيو ته انهن جا نظريه مڪمل طرح سان انڌي عقيدي ۽ هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ ۽ شخصيت پرستي جا وڪيل سمجهيم، هر سياسي مهري کي سندس اخلاق کان ويندي، سندس سياسي سجاڳي تائين پرکيو. ان ڪري پاڻ سڀني دوستن کان دور رهڻ بهتر سمجهيو. مون هر نوجوان کي ويجهي ۽ پري کان ڏٺو، جيڪي تعليم پڙهڻ، سکڻ، محنت ڪرڻ ۾ سخت ٿيڻ بجاءِ ڪجهه آرام پسند ۽ ڪجهه بد اخلاقين ۾ غرق ڏٺم ويندي، هڪ سٺي ليڊر تائين، انهن کي صرف ٻين کي استعمال ڪرڻ، انهن غريب شاگردن جي زندگي تباهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي آيو. ان جي مقابلي ۾ ڌاريو محنتي، سخت کان سخت، تڪليف کي محسوس نه ڪرڻ به نه وري ٻئي ڪنهن کي محسوس ڪرائڻ ته مان تڪليف ۾ آهيان، اسانجا نوجوان تعليم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي بجاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ، هڪ ٻئي تي نفسياتي برتري حاصل ڪرڻ کي صحيح سياست ٿا سمجهن. مونکي تمام گهڻو افسوس آهي، علي! خدا جو قسم روئڻ ٿو اچيم، جڏهن تو لکيو آهي ته توهانجو والد بزرگوار وفات ڪري ويو آهي، ۽ تون جيل ۾ آهين. تون خوش رهڻ جي ڪوشش ڪر، آزاديءَ جي ڪٺن ۽ سخت ڏکي ويڙهاند ۾ غلام قومن جا فرد جيلن ۾ ويهي ڪنهن ڏي هرگز ڪونه نهاريندا آهن. ڇاڪاڻ ته ننڍي ۽ وقتي ڏک کان دائمي وڪوڙيندڙ غلاميءَ کي اهي وڌيڪ ترجيح ڏيندا آهن، ته انهي هميشھ واري ڏک ۽ عذاب مان جان ڇٽي، سلام مجيب، ابوبڪر زرداري ۽ قمر راڄپر کي ڏيندا.

    اوهانجو
    محمد عمر سيال


    عزيز الرحمان شيخ

    [61]

    دادو، سنڌ
    81-8-22

    پيارا علي محمّد شاهه! خوش هجو شال.
    جيئي سنڌو ديش.
    احوال ته هت سڀ خير آهي، اوهان ڏانهن به ڌڻي تعاليٰ خير ڪندو.
    پيارا! اوهانجي والد جي وفات جي خبر ٻُڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي.
    پيارا! هيءَ دنيا گهڙي پل لاءِ آهي. اڄ نه ته سڀاڻي سڀ ڪو هتان هليو ويندو ۽ وڃي پنهنجو اصلي مقام ماڻيندو، پيارا! هي چڪر ٿيندا رهندا آهن. آخر ڪار اسانکي به هي جهان ڇڏڻو آهي، هيءُ جهان هڪ رانديڪو آهي،ڪنهن وقت به ختم ٿي سگهي ٿو.

    چڱو خدا حافظ
    اوهانجو ڀاءُ
    عزيزالرحمٰن شيخ


    وليد خان شيخ

    [62]

    دادو، سنڌ
    81-1-22

    پيارا سائين علي محمد شاهه!
    جيئي سنڌ:
    احوال ته سڀ کان پهريائين ته سيد اعظم جي سالگرا جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ادل! توهان، اسانجي سنڌ جي ماڻهن جي آزاديءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي. سنڌ امڙ کي آزاد ڪرائيندا. توهانجي ان جذبي کي منهنجو سلام آهي. توهان جيڪو دستور هلڻ لاءِ اختيار ڪيو آهي، اميد ته ان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا.
    پنهنجا احوال ڏيندا ته وقت ڪيئن پيو گذري، توهانجو ڪو به ڪم ڪار هجي ته هيءُ توهان جو ڀاءُ حاضر آهي، ڪنهن به شيءَ جي ضرورت هجي ته مان حاضر آهيان. سڀني ساٿين کي سلام. جيئي سنڌ.

    اوهانجو ڀاءُ
    وليد خان شيخ
    شيخ سائيڪل ورڪس
    نيو چوڪ دادو سنڌ


    محمّد صديق پرهيار

    [63]

    هُبيري
    80-7-28

    ڀاءُ علي محمّد شاهه، شيخ مجيب،
    ستار موريو، ٿيٻا صاحب!
    حق موجود!
    ساٿيو توهانجو لکيل خط مليو، پڙهي نهايت خوشي حاصل ٿي، اميد هيم ته توهان ڀائرن سان وري اچي ملندس، پر منهنجي ڏاڏي جنهنجي دلي دعائن سان هلندو رهان ٿو. هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، دوست وغيره پئي آئيا ان ڪري نڪري ڪونه سگهيس، سٺو ٿيو جو توهانجي خط ان وِٿيءَ کي پُر ڪري سلسلو قائم رکيو. ٿورائتو آهيان. دُعاڳوپڻ، اميد ته جلد توهانجا بند خلاصي ٿيندا ۽ ان سان گڏ سنڌ ۽ سنڌي قوم جا پڻ.
    لڪياري! راشد جي باري ۾ جيڪو توهان لکيو آهي ته اسان پاڻ ۾ رنج رکون ٿا اها توهانکي غلط معلومات ملي آهي. ڀلا مان ۽ راشد ڪي رسڻ وارن مان آهيون ڇا؟ رسڻ، پرچڻ ٻارن جو ڪم هوندو آهي ۽ ٻيو وري اهي جيڪي ذهني طرح بالغ نه هوندا آهن. هونئن به راشد ته دلبر ماڻهو آهي، راشد هڪ آرسي مثل آهي. آرسي عيب ٻڌائيندي آهي،ان سان رسڻ ڪهڙي دانشمندي ٿيندي، راشد پُر خلوص دوست آهي، هن جو تلخي وارو رويو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، هو اسان دوستن سان ڪڏهن به ذاتيات تي ڪونه وڙهيو آهي. باقي هي سندس وڙهڻ اسان پارن سُستن کي اڳتي وڌائڻ ۽ لاپرواهي کان پرهيز ڪرڻ لاءِ هڪ قسم جو ٽانڪ آهي. مان تڏهن خوش ٿيندو آهيان، جڏهن راشد مون سان چڙي ڳالهائيندو آهي ۽ مونکي ته سندس هڪ ئي خوبي وڻيل آهي، اها آهي سندس موڊ آف ڪرڻ، مان ته سندس ان ادا جو عاشق آهيان، خاطري ڪندا اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي، ڀلا ڏيو خبر، خوش ته آهيو نه ؟ ڇُٽڻ، ٻُٽڻ وارو قصو هلي پيو يا ميس ئي مري وئي! ڀلا تصور ۾ ڪير هوندو اٿوَ؟
    ذهن ۾ ته گهڻيون ڳالهيون آيون آهن، پر قلم نه ٿو لکڻ چاهي،روبرو هجين ته ڪي ڏاڍيون ڳالهين ڪيون، خط معرفت سان ٿو مليوَ خوا مخواه خلق خوار ٿيندي. جوڙ ته ماشاء الله سٺا گڏيا آهيون، بنديخاني ۾ سٺا دوست هجن ته بنديخانو به باغ مثل ٿيو وڃي. خدا توهانکي خوش رکي، اسانجون دُعائون توهان سان گڏ آهن. اميد ته بلند حوصلي سان هن منزل مان پار پئي سرخرو ٿي ٻاهر ايندا. وقت ڪنهن جو به انتظار نه ٿو ڪري، هرحال ۾ گذري ويندو. سٺو آهي ته هر حال ۾ خوش گذارجي، توهانجا سلام جمله ساٿين کي پهچايا اٿم.
    آخر ۾ توهان سڀني سڄڻن جي خدمت ۾ جيئي سنڌ، لطيف آرٽ سرڪل جي جمله ميمبرن جا سلام.

    بنده
    محمّد صديق پرهيار


    رسول بخش ٿيٻو

    [64]

    سينٽرل جيل خيرپور
    81-9-1

    پيارا علي شاهه!
    جيئي سنڌ:
    توهانجو قربن ڀريو پتر مليو. پڙهي روح کي راحت ملي، پر ڳوٺ ۾ توهانجي مامن جي حال تي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جي سڄي قوم تي ٿو سوچجي ته اندر سڄو اڌ ٿيو پوي.
    اسانکي توهانجي آزاد ٿيڻ جو وڏو آسرو هئو، پر خبر ناهي ته ڪنهنجي نظر لڳي وئي. هاڻ عيد تي ”شوئر“ آهي.
    باقي جيتريقدر نارا تي بدلي جو سوال آهي، ته اسان هتي خوش آهيون. توهان به بدلي ڪرائي هتي اچو ته بهتر ٿيندو. توهان سمجهي سگهو ٿا ته هتي هر ماڻهو سان ملاقات ٿي سگهي ٿي. خاص ڪري سفر ۾ ڏاڍو مزو هوندو آهي. اسٽيشن تي ويٽنگ روم ۾ اسپتال وارن همراهن سان خلاصي ملاقات ٿيو وڃي ۽ خيرپور وارا يار به ايندا آهن ۽ نوابشاهه وارا يار به اسٽيشن تي ايندا آهن. ان ڪري توهان به اچو ته گڏجي سفر ڪريون، هاڻ اسان به ٻاهر سمهندا آهيون، ٻي به سڀ سهوليت آهي. ڪتل ته ختم ٿي وئي آهي مينهن پوڻ ڪري ته فصل بلڪل تباه ٿي ويو آهي. ان ڪري پڪ نه ٿي ڏيئي سگهجي، باقي ڪوشش وڏي ڪبي ته آڻجي.
    شيخ مجيب کي گذارش ڪندا ته وساري نه ڇڏيو، مون ته تمام گهڻا خط لکيا آهن، پر جواب ڪونه ٿو ملي، 23 کان لکيل اڳي جو خط مليو باقي 23 تي اسٽيشن تان لکيل خط ڇو نه مليو! حيرت آهه؟!
    توهانکي ته اخبار هلال پاڪستان ملندي هوندي، ان ۾ اسانجي هر حاضريءَ جي تاريخ لکيل هوندي آهي. ان ڪري پري، پري جا دوست ملڻ لاءِ ايندا آهن. سفر ۾ ڏاڍا مزا ٿيندا آهن. تون پاڻ سمجهين سگهين ٿو، هن دفعي ريل ۾ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين سان نظرياتي ڪچهري ٿي. ڏاڍيون هوشيار نينگريون آهن. ڌارين جون، هتي اسان ڄڻ جيل ۾ آهيون ئي ڪونه، هر 15 ڏينهن جيڪا ريل گاڏيءَ ۾ تقرير ٿئي ٿي. ان ڪري نوان تازا ٿيو وڃون. توهان ڏيو حال احوال حيدري مٺل ڳوٺ چار سوَ ويهه وارو خط لکندو ٿئي يا نه؟ منهنجا سلام لکندو ڪجانس، ان ڏينهن رش هئڻ ڪري خاص ملاقات نه ڪري سگهياسون، انشاء الله 8 تاريخ خبرون چارون ڪبيون.
    وڌيڪ سڀ خير.
    سلام سڀني کي چوندا.
    مجيب شيخ کي پيار ڏيئي ڇڏج منهنجي پاران.

    تنهنجو
    رسول بخش ٿيٻو


    عبدالصمد ڪانڌڙو

    [65]

    سينٽرل جيل حيدرآباد
    80-8-3

    پيارا علي محمّد شاهه، شيخ مجيب، ستار موريو ۽ ٻيا دوست.
    جيئي سنڌ .
    ادل! اميد ته خوش هوندا، اسان به هتي تمام خوش آهيون.
    توهانجي اچڻ متعلق خبر پئي هئي، پر جيئن ته اسان تي هتي بقول جيل انتظاميه، تمام گهڻي سختي آهي. ڪٿي به رابطو وغيره رکڻ ڪونه ٿا ڏين، انهي ءَ لاءِ ڪوبه مواصلاتي رابطو نه ڪري سگهيا آهيون.
    ٻيو ته توهانجي حال احوال وغيره متعلق معلومات ٿيندي آهي، پر ڇا ڪجي پنهنجين خواهشن ۽ مرضيءَ تي پابندي جو ٻيو نالو جيل آهي.
    توهان پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندا. سامان وغيره گهران ملندو رهندو آهي. تڪليف نه ڪريو ها. خير اکين تي ، وڌيڪ لاءِ ڪو ڪچهري پروگرام رکو ته حال احوال ڪجي. سلام سڄي سنگت کي.
    فقط توهانجو.

    عبدالصمد ڪانڌڙو


    محمّد خان ابڙو

    [66]

    سيوهڻ شريف
    81-12-7

    محترم علي محمّد شاهه!
    جيئي سنڌ.
    عرض ته خط مليو، احوال معلوم ٿيو، خط مونکي ڪجهه دير سان موصول ٿيو، وري محرم شريف هئو. ان کانپوءِ اسان ولي محمّد شاهه لڪياري جي انڪم سرٽيفڪيٽ جي لاءِ ڪوشش ڪئي. جيڪو وڏي محنت کانپوءِ مليو ۽ اهو 45000 رپين جو آهي. آءٌ جلدي اوهان وٽ ايندس. مونکي تمام گهڻي خوشي آهي، توهان منهنجي دوست جي سٺي نموني سان خاطر تواضع ڪئي آهي.
    شيخ مجيب کي سلام، توهان کي پيرن تي هٿ قبول پون.


    اوهانجو پنهنجو
    محمّد خان ابڙو


    فقير الهه بچايو لغاري

    [67]

    مورو-سنڌ!
    حق موجود

    سدائين خوش هجو شال.
    تمام مٺڙا قربدار سائين علي محمّد شاهه لڪياري!
    تحفه يا علي مدد:
    خيرت مطلوب!
    احوال هن ريت آهي ته توهانجو تحرير ڪيل مٺڙو قرب نامون موصول ٿيو. پڙهيم بيحد خوشي محسوس ٿي. مليل جليل ڪيفيت ۾ سوچيم ته ڏڍ به ٿيو ته خوشي به ٿي، خوشي ان ڪري جو توهان مون جهڙي ناچيز کي مٺڙن لفظن سان ياد ڪيو آهي. ليڪن اوهانجي ڏکويل پيڙا مونکي به ڏکوئي وڌو آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ قوم احسان فراموش ٿي وئي آهي. تنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ سان قوم ۾ ڪجهه نه ڪجهه سجاڳي آڻي سگهجي ٿي. هتي ته الٽو فيصلو آهي عملي طرح سان ڪم ڪرڻ واري جو، اسانجي سنڌين جي دلين تي تر جو جيترو به اثر ڪو نه آهي. اهو مثال اوهانجي اڳيان آهي. يعني جهڙي نموني سان اوهان بنديخاني ۾ بند آهيو. ڪنهنکي به اوهانجي يادگيري ڪانه آهي. بحرڪيف، اوهانکي هڪ ڀاءُ جي حيثيت ۾ صلاح ڏيندس ته هي وقت جذباتي ٿيڻ جو نه آهي، ليڪن اوهان ڪجهه مطلب پرست ماڻهن جي صحبت ۾ اچي پنهنجو پاڻ ڦاسائي ويٺا آهيو، ۽ پڻ پنهنجي مستقبل کي ڌوڪو رسايو آهي ۽ ختم ڪيو آهي.
    سڄڻ سائين! حقيقت ۾ مونکي اوهان بابت صرف ايتري خبر هئي جو اوهانکي ٽن سالن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو آهي. جيڪا مون خبر اخبار ۾ پڙهي هئي ۽ باقي وضاحت جي پوءِ خبر پئي ته سنڌ جي هٿرادو مهان شاعر شيخ اياز توهانکي ٽن سالن لاءِ رسٽيڪيت ڪيو آهي، ۽ اها به خبر پئي ته توهان جيل ۾ آهيو، ليڪن الائجي ڪاٿي؟
    پيارا! هن وقت اهڙو ته ڦرڪو ڦريل آهي جو هر انسان کي پنهنجي لڳي پئي آهي. ڪو ڪنهنجو ڪونهي، آءٌ به هڪ مصروفيت ۾ مبتلا آهيان. هن وقت آءٌ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ رهندو آهيان. تنهنڪري ذاڪر لغاري سان ڪافي وقت ٿيو آهي. جو ملاقات نه ٿي آهي. باقي اوهانجا سلام عنايت لغاري ۽ مشتاق لغاري کي ڏنا اٿم. هڪ عرض ته توهان پنهنجي سنوائي بابت لکي موڪلجو ته ڪڏهن آهي. ۽ ڪهڙي طريقي سان توهانجو درشن ڪري سگهون ٿا. ايندڙ خط ۾ لکندا.
    دعاگو آهيان ته رب سائين اوهانکي اوهانجي نيڪ تمنائن ۾ آباد رکي ۽ شادابي ۽ شگفتگي ۾ پڻ ڪامياب رکي.

    بنده اوهانجو خريد ٿيل خادم
    فقير الهه بچايو لغاري
    مورو سنڌ


    سليمان جتوئي

    [68]

    لاڙڪاڻو
    81-9-29
    ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارين.
    رندن مٿان رت، هار ته پسين هوت کي
    (شاهه)
    جيئي لطيف جي ڌرتي:
    محترم علي محمّد شاهه صاحب! سدائين سلامت هجين.
    عرض ته سڀ کان پهريائين معافي وٺندس. ڇاڪاڻ ته بابي وارن جي آزاديءَ کان پوءِ توهان سان نه ملي سگهيا آهيو، سائين، اميد ته معافي ملندي.
    ٻيو عرض ته توهان جو لکيل خط جيڪو غلام رسول ڏانهن هيو. اهو مون به پڙهيو هيو. سائين! حقيقت ۾ انهن توهان کان نه موڪلائي اسانجي به دل رنجائي آهي. مون انهن کان ان غلطيءَ جي سختي سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ۽ انهن جواب ڏنو ته جيل انتظاميه اسانکي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو، ڪنهن کان به موڪلائڻ نه ڏنائون.
    سائين! مان جيڪڏهن توهانجي ساراهه خط ۾ وجهي لکان ته شايد اها بلڪل ناڪافي آهي. مان نه ٿو چاهيان ته توهان جي ايڏي وڏي مهرباني ۽ ٻاجهه، بابا سائين يا بشير خان قريشي جي والد يا ممتاز شيخ جي ڀاءُ وارن سان ڪيل خدمت جو احسان، ٿورو ٻن، ٽن لفظن ۾ ادا ڪري ڇڏيان، اها زيادتي ٿيندي. باقي زندگي رهي ته سائين جن جون ڳالهيون ويهي ڳائيبون.
    اداسائين! مان صبح شام توهانجي آزادي جو خواهان آهيان، شل خدا اوهانجي مدد ڪري.
    وڌيڪ احوال نه آهي جو پيش ڪريان، باقي روبرو ملاقات ڪنداسون، جيڪڏهن خط لکو ته ان ۾ ”سرويچ“ لکجو.

    اوهانجو ساٿي
    سليمان جتوئي


    رزاق جسڪاڻي

    [69]

    ڳوٺ، مهتاڻي آڳڙا
    گمبٽ-خيرپور ميرس
    81-9-29

    منهنجا سائين علي محمّد شاهه!
    جيئي سنڌ.
    جيئو سدائين
    اميد ته خوش گذاريندا هوندئو، اوچتو گمبٽ واپڊا آفيس ۾ وڃڻ ٿيو، اتي سائين ٻڍل شاهه وٽ توهان جو خط پڙهيم، ۽ ائڊريس لکي توهانکي خط لکيم.
    بهرحال توهان قيدي ساٿين کي سلام آهي، اميد ته سڀ حق لاءِ وڙهندڙ ساٿي خوش هوندئو. وڌيڪ احوال کان واقف ڪندا، ته مهرباني ۽ ڪهڙا ڪهڙا ساٿي گڏ آهيو، اهو به لکندا.

    چڱو سائين جيئي سنڌ
    خادم
    رزاق جسڪاڻي


    [70]

    ڳوٺ، مهتاڻي آڳڙا
    گمبٽ-خيرپور ميرس
    81-3-23

    محترم سائين علي محمد شاهه! جيئو سدائين.
    جيئي سنڌ:
    منهنجا سائين! وڏا قرب جواب آيو، پرمان ڪن ذاتي ڪمن جي ڪري ڳوٺ نه هيس، روپوش رهڻو پيو، ڇو ته هتان جي وڏيرن خون جي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش هئي. پر بچي ويس، منهن ته ضرور ڏيڻو آهي، دعا پيا ڪريون.
    خط پهچڻ تي خوشي ٿي. حال احوال کان واقف ٿيس، ساٿين جي به خبر پئي ۽ ان سان گڏ ايمان ۽ عزم به پختو ٿي ويو.
    منهنجا سائين! محنت ڪيون ٿا پيا. جڏهن فصل پچي،بهرحال فرض ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪبي، ٻهراڙيءَ جو ماحول آهي، هتي هلچل ڪري، وڏيرن جي پڳڙيءَ کي به خطرو محسوس ٿئي ٿو، ان ڪري صفا ڪاريهر نانگ وارو وير کڻي رکيو اٿن. ان کانسواءِ وڏيرن جهڙا ڪوڙا ڪامريڊ ڪميونسٽ حضرات به قومپرستن لاءِ ڪات ڪهاڙا کنيون ٿا وتن. حقيقت ۾ هنن به لينن کي چڱي ريت ڪونه پڙهيو آهي. رڳو لڪير جا فقير آهن. بس ڄام ساقي چوي ٿو. ان ڪري قومپرستن جي مخالفت ڪرڻي آهي. بهرحال ”جيها سي تيها مارو مون مڃيا“ مون وارو ڀاءُ ڪجهه وقت ٿڪجي وري اٿيو آهي. يعني هوش ۽ جوش ساڳيان اٿس، ڪجهه سُستي جو مرض اٿس. ان لاءِ سائين عبدالواحد آريسر کي منهنجي طرفان خدمت ۾ عرض ڪندا ته خط ذريعي ڪو دٻڙاٽ ملائيس، ڇو ته ان جي اثر ۾ وڌيڪ آهي. نالو سرور اٿس.
    اميد ته پنهنجي احوال کان واقف ڪندا رهندا. هتان جي دوستن طرفان سلام قبول ڪندا. سائين آريسر صاحب رسول بخش ٿيٻو، شيخ مجيب، صمد ڪانڌڙو، غلام النبي سومرو ۽ ساٿين کي سلام چوندا.

    موڪلاڻي
    اوهانجو ساڳيو خادم
    رزاق جسڪاڻي


    ولڻ ملاح

    [71]

    سڪرنڊ
    81-1-23

    پيارا سائين علي محمّد شاهه! خوش هجو شال.
    جيئي سنڌو:
    بنده طرف ڪل خيريت، توهان لاءِ دُعائون. خط مليو ڏاڍي خوشي ٿي، يادگيري لاءِ ٿورائتو، ياد ته اسان کي ڪرڻ کپندو هئو، پر ٻاهر هوندي به قيد آهيون. سماجي قيد، پگهار گهٽ، ضرورتون وڌيڪ، دوستن آڏو ڪنڌ شرم کان جهڪيل، توهانجو خط اٺ ڏينهن اڳ مليو آهي. پر جواب اڄ ٿو لکان ناراض نه ٿجان، عبدالحڪيم ارشد کي خط مليو هئو، پر جواب نه ٿو لکي. اسانکي ڇڏي چڪو آهي. اسلامي جلسن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو آهي. اسان جن ئي دوستن سان اسانجي خلاف ڳالهائي ٿو. وڌيڪ ان ۾ ڪابه اميد نه ٿي رکي سگهجي، پر پاسو ڪرڻ بهتر آهي، جن دوستن توهان جي خلاف ٻاهر ڳالهيون هلايون تن کي اسان ۽ راشد سالن کان سڃاڻون ٿا. انهن تي ڪابه ميار ڪانهي، ڇاڪاڻ ته نڪري چڪا آهن. دوست تبليغ ۾ ڀرپور حصو وٺي وٺي رهيا آهن. اميد ته جلد نتيجي تي پهچنداسون. سائين آريسر صاحب جا ڪهڙا حال آهن؟ ان کي نياز چوندا. ٿيٻي، مجيب، صمد مطلب ته سڄي سنگت کي نياز چوندا.

    توهان جو مريد
    ولڻ ملاح


    غلام حُسين ميربحر

    [72]

    فتح لشڪر يا علي مدد،


    فتح لشڪر يا علي مدد،
    پيارا سائين علي محمّد شاهه ۽ مجيب الرحمٰن!
    عرض ته توهانجو خط پهتو، مون مسڪين تي توهان جا لک احسان جو ياد ڪيو اٿوَ..... رب سائين توهان پيارن کي خوش رکي.
    سائين شاهه صاحب! ڀائو مجيب کي چوندا ته صمد ڪانڌڙو نمسڪار پيو چوي، ۽ گاجو لُنڊ توهانکي يا علي مدد پيو چوي، لال بخش مون سان هنڊيوال آهي. ڌڻي بخش ڪاري چڪر ۾ آهي. ملباري صديق اتي ئي آهي. ڌمالي جهاڙو پالٽي ۾ آهي. پيارا! وڌيڪ لکندا ته ڀائو ٿيٻي وارا ڪهڙي جيل ۾ آهن ۽ ائڊريس به لکندا.
    انشاء الله ٻئي خط ۾ ملاقات ڪندس.
    اسپيشل سلام عبدالواحد آريسر کي چوندا. ۽ توهان کي پيرن تي هٿ قبول پون.

    لکندڙ توهان جو خادم
    غلام حُسين ميربحر
    سينٽرل جيل حيدرآباد
    اڇو چڪر، باريڪ 11


    جواڻ خان مري سنڌي

    [73]

    سٺ ميل (نوابشاهه)
    80-10-12

    منهنجا سائين علي محمد شاهه صاحب! خوش هجو.
    ياعلي مدد جي عرض اسين سڀ خوش آهيون. اوهان لاءِ دُعاگو آهيون.
    آءُ ٽي چار دفعا جيل تي ملاقات ڪرڻ لاءِ آئيو هوس، پر جيل انتظاميه چيو ته ملاقات بند آهي. مارشل لا، وارن کان اجازت وٺي اچو، ته پوءِ ملاقات ٿيندي. بس اسان ته توهان سان ملاقات جو آسرو ئي کڻي ڇڏيو. وقت آئيو ته ملاقات ڪنداسون. باقي مارشل لا، وارن ڏي ته منهنجي گيسي ڪو نه ويندس.
    عرض ته تڪليف ضرور آهي، پر مقصد توهانجو نيڪ آهي. سو چڱائي جي ڪم ۾ تڪليف ضرورو ايندي، باقي خير ٿي ويندو. دُٻي جو پاڻي سُڪي ويندو، گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ناهي، سنڌ جو سپاهي، آهين، مڙس ٿي منهن ڏجان، جيڪي ٿيڻو هوندو اهو ٿيندو. ان لاءِ چڱو آهي ته مسڪرائيندو رهجان.
    زاهد حسين جيئي سنڌ چوي ٿو.

    توهانجو نياز مند
    جواڻ خان مري سنڌي


    ذوالفقار علي مري

    [74]

    دڙو

    منهنجي مداين جي، ڪل پريان پيئي،
    ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي،
    ساجن سڀوئي، منهنجون ڍڪين ڍول ڍلايون،

    پيارا ڀاءُ علي محمد شاهه لڪياري! خوش هجو.
    جيئي سنڌ، اميد ته خيريت سان هوندا.
    سائين زمين جا پيسه ٿي ويا آهن. 5 مارچ تي لکرائيندسون.
    قبلا سائين! منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي هئي ۽ استاد به موڪل تي ويو هئو، ان ڪري ڪجهه دير ٿي وئي آهي. ان لاءِ معافي، انشاء الله مان جواڻ خان کي به ٽنگ کان وٺي گهلي ايندو سانس ۽ ڪچهري ڪنداسون.
    الله جڙيو جلباڻي، زوار حسين مري، نور احمد مري، رئيس ربنواز خان جا سلام قبول ڪندا.

    توهانجو پيارو ڀاءُ
    ذوالفقار علي مري


    فرمان علي شاهه

    [75]

    حيدرآباد
    80-11-28

    برادرم علي محمّد شاهه! سدا باغ بهار هجو.
    اسلام عليڪم:
    احوال ته بابا سائين کي شام جو ڊاڪٽر عالماڻي کي ڏيکاريو ويو. جنهن چڪاس بعد اها صلاح ڏني ته هن کي ڄامشوري اسپتال ۾ داخل ڪرايو ته مختلف رپوٽون وٺجن، ان کانپوءِ آپريشن ٿيندو. جو پيٽ ۾ اهڙي خرابي آهي.
    جيئن ته اسپتال ۾ داخل ڪرڻ ۽ مستقل علاج ڪرائڻ لاءِ هن وٽ هڪ ماڻهو جي خاص ضرورت هئي، ۽ اڪيلو ڇڏڻ مناسب نه هئو، ڇاڪاڻ ته پيرسن آهي. هتي گهر ۾ رهائي علاج ڪرائجي ها، پر ائين ڊاڪٽر نه ڪيو، ۽ چيائين ته آپريشن ٿيندو.
    توهان پاڻ سوچي سگهو ٿا ته اسانکي ڪيتري تڪليف آهي، گهر ۾ به چاڪائي ڪانه آهي. بهرحال اسان ڳوٺ روانو ٿا ڪريون، ادا قربان علي شاهه، جي به اهائي صلاح آهي، ته بابا عمرشاهه کي ڳوٺ موڪليو.

    اوهانجو
    فرمان علي شاهه


    محمّد حسين ڌنجي

    [76]

    ڪراچي
    81-8-5

    پيارا ڀاءُ سيد علي محمّد شاهه! هميشه خوش هجو.
    اسلام عليڪم:
    توهانجو 15 جولاءِ وارو خط مليو، وڏي مهرباني، مان ته هر وقت دل ۾ دعائون ٿو گهران ته خدا توهانکي خوش رکي ۽ سُڪون عطا ڪري.
    اڄڪلهه مونکي تمام گهڻيون مصروفيتون ٿي ويون آهن. هڪ ته رمضان شريف آهي ۽ ٻيو ته بزنس به ڪرڻوآهي.صبح جو گهران نڪران ٿو، شام جو واپس اچان ٿو. هاڻي ته وري پنهنجي جماعت جو صدر چونڊجي ويو آهيان. بهرحال ايترين مصروفيتن جي باوجود توهان مونکي ڏاڍو ياد ايندا آهيون. توهانجون محبتون ۽ قرب مون کان ڪڏهن به نه وسرندا، مان توهانجو احسانمند آهيان.
    توهانکي ۽ توهانجي ساٿين کي عيد مبارڪ هجي.

    فقط
    محمّد حسين ڌنجي


    محمد ياسين جتوئي

    [77]
    ڪراچي
    ڊيئر برادرم علي محمّد شاهه لڪياري صاحب!
    جئي سنڌ:
    جيئن ته مان توهان کان معافي ٿو وٺان، ڇاڪاڻ ته خط لکڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي آهي، انهيءَ لاءِ عرض ته منهنجو نانو طبيعت ۾ ٺيڪ نه هئو، ان کي اسپتال ۾ داخل ڪرائيو هو. سڄو ڏينهن پريشاني ۽ ڊيوٽي ڏيڻي پوندي هئي، هاڻي رب جي مهربانيءَ سان نانون ٺيڪ آهي. مونکي توهانجي باري ۾ گهڻو اڳ خبر پئي هئي، پر ائڊريس وغيره ڪانه هئي، اتفاق سان استاد محمّد مٺل حيدري مليو، جنهن توهانجو احوال ۽ پتو ٻڌائيو، وڌيڪ لاءِ جلدي روبرو ملاقات ڪنداسين.
    انسان تي اهڙا وقت ايندا رهندا آهن، ڪنهن به پياري مان پياري شيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي زندگيءَ جو ڪجهه حصو قربان ڪرڻو پوندو آهي. انهيءَ ۾ تڪليفون به اينديون آهن. توهان ته هيڏي وڏي عظيم مقصد سان جيل ۾ آهيو، ان لاءِ سرن جا سودا به سستا هوندا آهن.
    سوڀون سرگهرن، سرريءَ سوڀ نه سپجي،
    سوڀ برابر سسيون، توريان نا تُرن،
    جي هنئڙي منجهه هُرن، سي ملهه مهانگا سپرين.
    (خيلفو)
    مونکي جڏهن توهانجي جيل ۾ وڃڻ جي خبر پئي ته دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو هوس ۽ ڏک ٽڪي جو به نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهڙيون قربانيون ڪنهن ڀاڳ واري کي نصيب ۾ ملنديون آهن. انسان پنهنجي جدوجهد جاري رکي، ضرور انهي ءَ جي محنت رنگ لائيندي.
    توهان سان جيڪي به دوست گڏ هجن انهن کي منهنجي طرفان جيئي سنڌ چوندا، ٻيو عرض ته ڪنهن به شيءَ شڪل جي ضرورت هجي، ڪم ڪار هجي ته هڪ ڀاءُ سمجهي ضرور چوندا، حجاب نه ڪندا، مهرباني.

    اوهانجو ڀاءُ
    محمد ياسين جتوئي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567593
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216110
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ