ڪتاب جو نالو: تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 30 آگسٽ 2016 ع
پڙهيو ويو: 1487 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 270 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • سنڌي ٻولي
  • سنڌي نصاب جي ڪهاڻي
  • سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون
  • ٿر جو سير
  • جــهــرڪ
  • ننگر ٺٽي جون خماريل هوائون
  • ڀـنـڀـور يـاد ديـبـل بـنـدر
  • ٻنون انسپيشڪن بنگلو
  • ڪُمڀ ميلو
  • دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وسڪاري جا گيت ۽ ناچ عام آهن
  • تـــــرڪ ادب
  • اســڪــاٽــش ادب
  • ٽيڪسلا هڪ تاريخي ماڳ
  • شراب جي تاريخ
  • جــيــل يــا تــرا
  • ســيــاســت
  • عـيـسـائـي يـا مـغـربـي مـلـڪ
  • عـراق تـي آمـريـڪـا جـو حـمـلـو
  • پاڪستان جا ڪِرستان يا عيسائي
  • ڪــراچــيءَ جــا يــهــودي
  • يـادگـيـري بـچـائـڻ لاءِ جـنـگ
  • رت کان به وڌيڪ اهم جسماني جزو
  • هي مضمون پڙهو ۽ ڏهه سال زندگي وڌايو
  • مــڇــي ۽ دل
  • ڪانگريس واري لائبرري
  • ويـٽـيـڪـن لائـبـرري
  • آڪـسـفـورڊ يـونـيـورسـٽـي
  • واروِڪ شهر انگلنڊ
  • الاظهر مسجد ۽ يونيورسٽي، قاهره مصر
  • ڪـيـنـري وارف
  • ريجينٽس پارڪ لنڊن
  • نـيـچـرل هـسـٽـري مـيـوزم
  • ڪَــپــاڊوسِــيــا
  • قـرطـبـه خـلافـت جـو عـروج
  • ٽِرانسِ سائبَرِيئَن ريلوي لائين
  • آئي.ايس.ايس. انٽرنيشنل اِسپيس اسٽيشن
  • بائيڪل ڍنڍ
  • مــانــسَــرووَر ڍنــڍ
  • پـيـنـامــا واه Panama Canal
  • اِيــســٽ لــنــڊن مــســجــد
  • گانڌي جي سيڪسي زندگي بابت سچ
  • جِپسِي يا خانه بدوش ماڻهو
  • عــثــمــانــيــه سـلــطــنــت
  • صِــدِي يــحــيٰ مــســجــد
  • اَيــڪــروپــولــس (اٿينس جو قديم قلعه بند شهر)
  • انــڊيــا آفــيــس رڪــارڊس (ائٽ لنڊن)
  • ليکڪ جا ٻيا ڇپيل ڪتاب

  • ارپنا

    آئون هِيءُ پيار جو قلمي پورهيو،
    نهايت عقيدت ۽ احترام سان ارپيان ٿو،
    سنڌي ٻوليءَ جي مهان محسن مخدوم ابوالحسن کي،
    جنهن اولين سنڌي الفابيٽ ٺاهي، موجوده سنڌي لپي/ رسم الخط جي تياريءَ کي بنياد مهيا ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (236) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” تن سِپون سوجهي ڪڍيون “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ مومل پبليڪيشن، ٻنون پاران ڇپايو ويو.

    ٿورائتا آهيون سائين عبد الحئي پليجي صاحب جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. ٿورا ساحل پرنٽرز جي مور ساگر جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سنڌي ٻولي

    سنڌي ٻولي دنيا جي روزبروز بدلجندڙ حالتن سان روز اول کان ترقي ڪري رهي آهي. اها سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين کان ئي هڪ اهم خاصيت رهي آهي جو هِن ٻين حاوي زبانن، جن کي گهڻو ڪري سرڪاري پُٺڀرائي حاصل هوندي آهي، جي پريشر هيٺ به پنهنجو تشخص انتهائي اهميت سان نه صرف برقرار رکيو آهي پر ان کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي. ان جو مثال اسان هر ڌارئين حڪمران دؤر ۾ ائين وٺي سگهون ٿا ته جڏهن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن فارسيءَ کي ڪنهن آسماني ٻوليءَ وانگر اسان تي صادر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت اسان جي عالمن پنهنجي ٻوليءَ کي ڌارين جي ٻولين جي ڪنهن به زور ۾ نه اچڻ ڏنو، پوءِ ان جي لاءِ ڇو نه انهن کي ڪهڙيون به مصيبتون سهڻيون پَيون پر انهن صرف پنهنجي ٻوليءَ جي بقا جي جنگ وڙهي ۽ شاهه لطيف ته اهو به چيو ته:
    جي تون فارسي سکيو، تون گولو تون غلام،
    اُڃيو تان آب گهُري، بکيو تان طعام،
    عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئين.
    ۽ وري جڏهن ميرن سرائڪيءَ کي سنڌيءَ تي ترجيح ڏني ته به اسان جي جهرجهنگ جي فقيرن سنڌي زبان جي جياپي ۾ ئي پنهنجي قوم جي بقا سمجهي
    اسان ان کي سنڌ ڄاين جي پنهنجي زبان سان محبت چئون يا سنڌي زبان جي قسمت پر اها هڪ عجيب حقيقت آهي جو سنڌي زبان پنهنجي مٿان ٿاڦيل ٻولين کي پنهنجي زور سان ختم ته نه ڪري سگهي آهي پر انهن ٻولين جي ڳالهائڻ وارن جو سندس وجود کي ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ به نه ڏنو آهي.
    مير صاحبان کانپوءِ سنڌ تي انگريز حاڪم ٿيا ۽ شايد سنڌيءَ جو بحيثيت زبان جي ان کان بهتر ڪو به دؤر نه رهيو آهي جو ان دؤر ۾ سنڌ کي مرزا قليچ بيگ ۽ ڪاڪا ڀيرومل مليا، سورلي آءِ.آءِ. قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪري ماس ليول تي شاهه جي شاعري ملي ۽ ان کان به وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي گرامر ۽ رسم الخط ملي.
    هن موقعي تي انهن سڀني ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ائين ضروري آهي جو اڄ، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي ڏکيو وقت آڏو آهي. اهو شايد ڪڏهن به نه هو. سنڌي ڳالهائيندڙ ڌرتيءَ تي ڪڍيل سياسي ليڪن جي ڪري ورهايل آهن، جنهن جي ڪري هڪ طرف ته هو پاڪستان ۾ اقليت ۾ آهن ۽ ٻئي پاسي سنڌ ۾ به هر وقت اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي ڊپ ۾ آهن. جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن جا آئين ڪنهن به طرح سنڌي زبان جا مخالف نه آهن ۽ ان جي واڌ وِيجهه جي اجازت ڏين ٿا. ان جو مثال پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 161 آهي، پر تنهن هوندي به نه رڳو سنڌ ۾ سنڌيءَ کي مڪمل سرڪاري ٻوليءَ جو درجو نه آهي پر اسان جا مُلان سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف اردوءَ جو پر مذهب جي واڌ ويجهه جو به دشمن سمجهن ٿا.
    انهن ڳنڀير حالتن ۾ به سنڌي زبان همٿ افزائي جي پنهنجي ڪاروان سان گڏ پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي ترقي لاءِ ٺاهيل سڀ کان وڏو ادارو ته سنڌين جي ڪنٽرول ۾ نه آهي. پر پوءِ به سنڌي زبان ۾ اڳ کان ڪئين درجا بهتر ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌي زبان ۾ ڇپيل ڪتاب مڪمل طور پڙهيا وڃن ٿا. يا ٻين لفظن ۾ اهي مڪمل طور وڪامجن ٿا. ڇو جو ڪا به تخليق جيستائين پنهنجو مقصد نه ماڻي، ان مهل تائين ان جو وجود ۾ اچڻ بي معنيٰ رهندو آهي.
    1955ع کان ڪنهن حد تائين 1990ع تائين سنڌي ادب کي پنهنجو پاڻ کي انتهائي مختلف طور تي پنهنجي پڙهندڙن آڏو متعارف ڪرائڻ جو موقعو مليو جو اهو دؤر انقلابي دؤر هو ۽ اهو دؤر شاگردن جو دؤر هيو ۽ هي اهو ئي دؤر هو جو سنڌي ادب گهڻي کان گهڻو ڇپيو ۽ پڙهيو به ويو. ان دؤر جو اهو به معرڪو چئبو جو نوجوانن نه صرف انقلابي لکڻين کي پڙهيو پر هر اها لکڻي جيڪا ڪيتري به ڏکي هجي يا سولي، ڪيتري به خشڪ هجي يا چٽ پٽي، سفرنامو، ڊرامو، ڪهاڻي، ناول، شاعري يا ڪا به صنف هجي ان کي مڪمل طور پڙهيو ۽ ساراهيو. ان کانسواءِ هن ئي دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ تمام وڏي تعداد ۾ رسالا ڇپجندا رهيا. جيڪو ان ڳالهه جو کليو دليل آهي ته سنڌي زبان پنهنجو سفر اُتم طريقي سان جاري رکيو.
    1990ع کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏي پئماني تي اخبارون نڪرڻ شروع ٿيون جن ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ Commercial element آندو، جو اخبارون ڪنهن ٻوليءَ جي ترقيءَ کان وڌيڪ منافعي حاصل ڪرڻ جون قائل هونديون آهن ۽ سڄي دنيا ۾ اخبار کي ڌنڌو ۽ ان ۾ ڇپجندڙ مواد کي سياسي مواد تصور ڪيو ويندو آهي. اخبارن ۾ جلد وڪامجندڙ مواد ڇاپڻ کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ بلڪل اهڙيءَ ريت سنڌي اخبارن به اهڙا نوان تجربا ڪيا ۽ انهن ۾ ڪامياب به ويون، پر تنهن هوندي به سنڌي اخبارن سنڌي ٻوليءَ کي پڙهندڙن ۾ زنده رکيو ۽ ڪجهه اخبارن خاص طور ”برسات“ ته سنڌي صحافتي ادب نه پر نج سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي جنهن ۾ به خاص طور تي آغا سليم جا ”من اندر جي ڳالهڙي“ جي عنوان سان لکيل مضمون ڪنهن عالماڻي فِڪر سان لکيل هئا.
    1990ع کان تقريباً 2000ع تائين جو اهو دؤر سنڌي اخبارون سنڌي پڙهندڙن خاص طور ان دؤر جي نئين نسل کي سنڌي زبان سان رابطي ۾ رکيو آيون پر تيز بدلجندڙ حالتن اسان کي تاريخ جي انتهائي نئين موڙ تي آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. اهو دؤر آهي ڪميونيڪيشن ايج جو يا سيٽلائيٽ چينلن ۽ ڪمپيوٽر جو. اهو نئون رجحان باقي دنيا ۾ ته ڪجهه عرصو اڳ شروع ٿي چڪو آهي پر اسان وٽ اڃا تائين مڪمل طور تي نه اچي سگهيو آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي واحد چينل KTN سنڌي ٻوليءَ کي وڏي ليول تي هڪ نئين انداز ۾ متعارف ڪرايو آهي ۽ اهو KTN جي چينل کلڻ جو ئي نتيجو آهي جو سنڌي زبان ۾ موسيقي جيڪا تمام پستيءَ جي طرف ڌڪجي وئي هئي ان کي نئين زندگي ملي آهي سنڌي ڊرامو جنهن کي ڪو مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار نه هو اهو واپس منظر عام تي اچي ويو آهي پر نه هجڻ جي ڪري اسان جو واحد سيٽلائيٽ چينل پنهنجي ڪوالٽي ڪيتري عرصي تائين برقرار رکي سگهندو. اهو واپس اسان لاءِ هڪ سوال آهي. Communication age جو ٻيو حصو آهي سنڌي ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي هجڻ جو ڪجهه سنڌي ماڻهن جي محنت سان سنڌي زبان ۾ به فونس ۽ پوءِ آپريٽنگ سسٽم ٺاهيا آهن. جيڪو سنڌي ٻوليءَجو جديد طرز تي ترقيءَ جي راهه تي هڪ اهم قدم آهي پر صرف ڪنهن شيءِ جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ هجڻ سان اها ٻولي ترقي ڪا نه ٿي ڪري پر جڏهن ان شيءِ کي هر عام ماڻهو پنهنجي استعمال ۾ آڻي ٿو ته اها ڳالهه ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب ٿئي ٿي ۽ ان ۾ وڌيڪ جدت ۽ ترقيءَ جو اسڪوپ پيدا ڪري ٿي.
    هن وقت جڏهن اسان جو شهري نسل گهڻن سببن جي ڪري سنڌي ڳالهائڻ به ڪو نه ٿو ڄاڻي ۽ جي ڪو ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ ڄاڻي به ٿو ته وري سنڌي لکڻ پڙهڻ ڪو نه ٿو ڄاڻي اسان لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري وجهي ٿو ته اسان جا شهري ٻار سنڌي ڪو نه ٿا ڄاڻن، انهن مائٽن کي قائل ڪرڻو آهي ته اهي واپس سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجن گهرن ۾ ڳالهائڻ شروع ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي سنڌيءَ جي تعليم به ڏين.
    اسان انهن ماڻهن کي قائل ڪريون جيڪي اهو سمجهن ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي خاتمي جو ڪارڻ ٿيندي ته سنڌيءَ جي هميشه کان هڪ تاريخي حيثيت رهي آهي ته اسان جي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي ڪري ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي ختم نه ڪيو آهي. ۽ نه ڪنهن ٻوليءَ سنڌي کي ختم ڪيو آهي.
    اسان پنهنجن انهن ڪجهه ڊراما نويسن کي قائل ڪريون ته اهي پنهنجا بهترين ڊراما سنڌي زبان ۾ به لکن. جو اها سنڌي ٻولي ڪنهن وقت انهن جي مَشهُوريءَ جو واحد سبب رهي آهي.
    اسان پنهنجي سنڌي چينل وارن کي قائل ڪريون ته اهي ڪوالٽيءَ تي ڪمپرومائيز نه ڪن، جو انهن جي ڪلهن تي اڄ جي دؤر جو سڀ کان ڳرو بار پيل آهي.


    سنڌي نصاب جي ڪهاڻي

    انگريزن کان اڳ سڄي هندستان جيان سنڌ ۾ به مغلن کان وٺي ميرن تائين حڪومت جو سڄو ڪاروهنوار فارسي زبان ۾ هلندو هو. مدرسن ۾ شاگردن کي قرآن شريف سان گڏ فارسيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اهو مشهور هو ته فارسي گهوڙي چاڙه سي.“
    ان فارسي تعليم لاءِ سيوهڻ، ٺٽو، کهڙا، مٽياري، ولهاري ۽ حيدرآباد ۾ وڏا مدرسا هوندا هئا. اهو سلسلوانگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ به ڏهه سال، يعني 1853ع تائين هلندو رهيو. جيسين وڃي سنڌي لپي تيار ٿي نه ته ان کان اڳ شاهه سچل جا رسالا به ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن جيڪي مون وٽ به آهن. 1953ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ سنڌيءَ زبان کي رائج ڪيو. ۽ شهرن ۾ سنڌي اسڪولن ۽ سنڌي نصاب جي شروعات ٿي. جيڪو پنهنجي جڳهه تي هڪ ڏاڍو دلچسپ داستان آهي. اسڪول، استادن ۽ ڪتابن کان سواءِ هلي ڪو نه سگهندا. اُن لاءِ پهرين فارسي، عربي ۽ گجراتيءَ مان ڏهه ڪتاب ترجمون ڪري اسڪولن کي ڏنائون پر مڪمل تعليم لاءِ سڀني سبجيڪٽن لاءِ گهڻن ڪتابن جي ضرورت هئي. اُن وقت سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري کيس بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو. هاڻ سڄي لک پڙهه بمبئي پرڳڻي سان ٿيڻي هئي. سنڌيءَ جي انهن درسي ڪتابن کي قائدي قانون پٽاندر جوڙڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار بمبئي صوبي جي ماهر تعليم ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن مسٽر ڪاورنٽن Covernton کي اهو ڏکيو ڪم سونپيو، خوشقسمتيءَ سان هو پاڻ به سٺي سنڌي ڄاڻندو هو. سندس هيڊڪوارٽر پوني ۾ ٺاهيو ويو. سندس مدد لاءِ ڪمشنر سنڌ پهرين مرزا قليچ بيگ کي مقرر ڪيو پر اُن جي انڪار کان پوءِ ديوان پريمچند کي پوني موڪليو ويو. حڪومت گهڻو سيليبس ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرايو هو پر ڪجهه ڪتاب ترجمي کانسواءِ به لکيا ويا. اُن نصاب جي ڪم ۾
    1. مرزا قليچ بيگ
    2. ڀيرومل آڏواڻي.
    3. پرمانند ميوارام
    4. ديوان ڪوڙو مل
    5. ديوان خانچند ۽ ڪجهه ٻين مکيه ڪردار ادا ڪيو.
    هنن لائق انسانن سالن جا سال وڏي محنت سان اُن ڪم کي مڪمل ڪيو. شاباس هجي انهن اسان جي تعليم جي ماهرن کي جن رات ڏينهن هڪ ڪري اسان کي کوڙ سارا درسي ڪتاب ڏنا. جنهن جي بنياد تي اسان جا اسڪول کُليا ۽ اسان جا ٻار پڙهيا ۽ اسان به برصغير جي پڙهيل قومن ۾ ليکجڻ لڳاسين، انگريزن هندستان جي ٻين صوبن ۾ اهو نظام اڳ ئي رائج ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ به پهرين اهي اسڪول صرف شهرن ۾ شروع ٿيا جت سنڌي مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر هئا پر هندو جيڪي وڏي تعداد ۾ آباد هئا. اُن مان انهن خوب فائدو ورتو تعليم ۾ هو اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا ۽ اسان پٺيان رهجي وياسين جيڪو اسان اڃان پيا لوڙهيون. جيتوڻيڪ خلافت تحريڪ بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ MRD تحريڪ ۾ سنڌي مسلمانن تمام گهڻو حصو ورتو. اُن ڪري هو سياسي سوچ ۾ ته هميشه اڳيان رهيا آهن پر ورهاڱي کان اڳ تعليم ۾ پٺتي هئڻ ڪري اسان جو ڪافي نقصان ٿيو.
    انهن اوائلي درسي ڪتابن مان ڪجهه سبقن جون ڪي سِٽون توهان کي به ٿو ٻڌايان جيڪي هن ريت آهن.
    اڃ لڳي آهي پاڻي ڏي.
    هن دلي ۾ ٿڌو پاڻي آهي.
    اک پٽ انب ڏس.
    انب جي وڻ تي پکي ڏس.
    اٽي ڏڪر کڻي اچ.

    ڪوڏڻ کي مکڻ ماني ڏي.
    سُڪن ٻيرن کي ڪوڪلا چئبو آهي.
    هن گاڏيءَ جا ڦيٿا ڀڳل آهن.

    مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو، پيار منجهان ٿي گود ويهاريو...

    آئون نه ڪڏهن ڪوڙو ٿيندس ساهه سدائين سچ تي ڏيندس.
    مٿيان ٻه نظم ته موجوده ڪورس ۾ به موجود آهن نصاب ۾ گهڻي ۾ گهڻا سبق
    1. پرمانند.
    2. مرزا قليچ بيگ.
    3. ڪوڙي مل.
    لکيا، اهو علم جو پورهيو ڪرڻ وارن پهرين سمجهيو ته کين ڪو به اُجورو يا عيوضو ڪو نه ملندو ۽ اُهي صرف پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن پر حڪومت انهيءَ وقت سندن پورهئي عيوض کين اُجوري جو مُلهه هن ريت ڏنو.
    هڪ سبق لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه روپيه ۽ وڌ ۾ پنج روپيه ۽ بيتن تي به اهڙي طرح سان کين رقم ملي. مسٽر پرمانند ايترا ته سبق ۽ بيت لکيا جو انهيءَ جي عيوض مليل پئسن مان هن هيٺ مٿي جڳهه ٺهرائي اُهو هو جذبو ۽ محنت، جنهن مان ماڻهن حق حلال جي ڪمائي مان پنهنجا گهر ٺهرايا. انهن سبقن لکڻ لاءِ حڪومت جيڪي هدايتون جاري ڪيون اهي به ڏاڍيون دلچسپ هيون. انهن مان ٻه هدايتون توهان کي به ٻڌايان ٿو.
    1. ڪنهن به سبق ۾ الله، خدا، ايشور، پرميشور ۽ ڀڳوان بدران ڌڻيءَ جو لفظ ڪم آڻبو ڇو ته اُهو لفظ هندو توڙي مسلمان استعمال ڪن ٿا.

    2. پهرئين کان ڇوٿين درجي جي سبقن لاءِ ٻه سؤ لفظ ۽ اُنکان مٿي درجي جي سبقن لاءِ اڍائي سؤ کان ٽي سؤ لفظ مقرر ڪيا ويا هئا. هرسبق کي ٽي چار ڀيرا پڙهبو هو ته جيئن هندو توڙي مسلمانن جي دل آزاري نه ٿئي. انهن سڀني ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ٺيڪو لنڊن جي هڪ ڪمپني مئڪملن کي ڏنو ويو هو. جيئن اڄڪلهه سنڌ جا ڪتاب لاهور ۾ پيا ڇپجن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين هڪ غير سنڌي ٿيو هو جنهنجو اصل ڳوٺ لڪي مروت سرحد صوبي ۾ آهي. سنڌي ڪتابن جي ڇپائي کانپوءِ وري انگريزي ڪتابن ۽ انگريزي تعليمي ادارن جي کولڻ جو دؤر آيو اُن ۾ به هندو مسلمانن کان گهڻو اڳتي نڪري ويا. هندن جي اسڪولن ۾ مسلمانن جي ٻارن کي تعليم ڪا نه ڏني ويندي هئي. اُن جو ذڪر جمال ابڙي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
    سنڌ ۾ مسلمانن جو پهريون باقائدي انگريزي هاءِ اسڪول سنڌ مدرسو حسن علي آفنديءَ ڪراچيءَ ۾ کوليو. جنهن ۾ پاڪستان جو باني محمد علي جناح ٽي ڀيرا اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ساڍا پنج سال اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ اسڪول ڇڏڻ جي سبب ۾ لکيل آهي ته شاديءَ سانگي ڪڇ هليو ويو. (ڏسو ڪتاب سنڌ مدرسو صفحو 54)
    سنڌ مدرسي کانسواءِ حيدرآباد ۾ نور محمد لاکير وڪيل، ڊڀري ۾ الهندي شاهه ۽ ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپور ۽ سنڌ جي ٻين مسلمانن به هاءِ اسڪول کوليا پر ابتدائي طرح سان جيڪو تعليمي ڌڪ مسلمانن کي رسيو اُن سنڌي مسلمانن کي ڏاڍو نقصان رسايو. اهو عمل اڄ به جاري آهي. ڇو ته IBA، CBM، Szabist آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، گرامر اسڪول، آمريڪن اسڪول ۽ ٻيا سُٺا اسڪول صرف ڪراچيءَ ۾ ۽ تمام گهڻا مهنگا آهن. جنهن ۾ سنڌين جي امير طبقي جا به چند ٻار پڙهندا آهن. باقي عام ماڻهوءَ جا ٻار ته اهڙن ادارن ۾ پهچي ئي نٿا سگهن.

    لِپِيءَ، اسڪولن ۽ هاءِ اسڪولن جو مسئلو حل ٿيو ته وري ڪاليج جو مسئلو پيدا ٿيو، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ هڪ به ڪاليج ڪو نه هو جت مقامي شاگرد پڙهن. انهيءَ لاءِ بمبئيءَ وڃڻو پوندو هو. جت عام ماڻهن جا ٻار ته پڙهي ڪو نه ٿي سگهيا. امير ماڻهن کي به ڪافي ڏوڪڙ خرچ ڪرڻا ٿي پيا ۽ اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. انهيءَ لاءِ به وري هندن ئي ڏاڍي محنت ڪئي. ديوان ڏيارام ڪاليج جي قيام لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. انهيءَ عظمت جي هڪ خفيه قربانيءَ ڪري پاڻ پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي ممبئيءَ ۾ گمناميءَ جي زندگي گذاريائين.
    سنڌ ۾ ڪاليج به ديوان ڏيارام گدومل جي ڪوشش سان قائم ٿيو. هُن هڪ آرگنائيزيشن ٺاهي سڄي سنڌ جو دورو ڪري ماڻهن کان چندو ورتو. جنهن ۾ سنڌ جا عامل پيش پيش هئا. ان وقت جي اخبارن سنڌ ٽائيمس ۽ سنڌ سڌار وڏا وڏا ليک ۽ ايڊيٽوريل لکيا ۽ انهيءَ خير جي ڪم لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي اپيلون ڪيون. ان وقت ممبئي جو گورنر لارڊ ري (Lord Rey) هڪ تعليمي ماهر ۽ علم دوست انسان هو. سندس اها جستجو هوندي هئي ته سڄي صوبي ۾ تعليم عام ڪريان. ان وقت جي ڪمشنر کي چيف ڪمشنر جا اختيار مليل هئا جنهن ڪافي مدد ڪئي. ديوان ڏيارام گدو مل ممبئي حڪومت، سنڌ سرڪار، ميونسپالٽين ۽ ضلعي لوڪل بورڊن سان گڏ پنهنجي ذاتي دوستن کي به اُن ڪاليج جي چندي لاءِ ذاتي طور ساڻن ملي کين عرض ۽ مجبور ڪيو ته هو گهڻي ۾ گهڻو چندو ڏين. ان ڪم ۾ جن ماڻهن سندس گهڻي ۾ گهڻي مدد ڪئي انهن ۾.
    ڏيارام اُڌارام،
    ڏيارام ڄيٺمل.
    اُڌارام مولچند.
    اي.جي. رستم
    ايڊل جي ڊنشا.
    خاص قابل ذڪر هئا. ٿوري عرصي ۾ ديوان ڏيارام گدومل اسي هزار روپين جو چندو گڏ ڪري ويو ۽ ايتري ئي رقم هن کي ممبئي سرڪار به ڏني. ڏسندي ڏسندي ٿوري عرصي ۾ ڪاليج ٺهي تيار ٿي ويو. جنهن جو نالو سنڌ آرٽس ڪاليج رکيو ويو ”ڏيا رام ڄيٺ مل“ جي مرڻ کانپوءِ وڏي رقم جي عيوض هن ڪاليج جو نالو ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج رکيو ويو. جنهن جو مخفف ٿيو D.J. Arts College اهو ڪاليج اڄ به سنڌ لا ڪاليج جي سامهون اوچي ڳاٽ سان قائم آهي. جنهن جي پروقار ۽ شانائتي بلڊنگ اڄ به ڪراچيءَ جي مکيه بلڊنگن مان هڪ آهي. ڪاليج ٺهڻ کانپوءِ ممبئي سرڪار جي گورنر لارڊ ري کي افتتاح لاءِ عرض ڪيو ويو هن پنهنجي پهرين مصروفيت ۾ هن ڪاليج جو افتتاح ڪيو. ممبئي جي گورنر لارڊ ري جو هي سنڌ جو پهريون دؤرو هو. اهڙي طرح سان ديوان ڏيارام گدومل جي مهربانين ۽ ڪوششن سان سنڌ ڌرتيءَ تي پهريون آرٽس ڪاليج ٺهي راس ٿيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ممبئي پڙهڻ لاءِ گهڻن خرچن کان جان ڇُٽي هاڻ اميرن سان گڏ سنڌ جا غريب ماڻهو به ڪراچيءَ ۾ تعليم وٺي ٿي سگهيا. اهو هو جذبو جنهن اسان ۾ ايڏي تعليمي سجاڳي آندي.
    هيترن سالن گذرڻ کانپوءِ اڄ تائين صرف ٽن سنڌي سرنديءَ وارن مسلمانن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ صرف ٽي اهڙا اعليٰ پائي جا ادارا کوليا آهن يعني حيدرآباد ۾ مرحوم نور محمد لاکير جي ڪوشش سان
    1. مسلم ڪاليج.
    2. نور محمد هاءِ اسڪول.
    3. مسلم هاسٽل (جيڪو اڳ ۾ ٽريننگ ڪاليج هو)
    4. نور محمد مڊل اسڪول.
    5. مسلم پرائمري اسڪول.
    ۽ مرحوم حسن علي آفندي جي ڪوششن سان
    1. سنڌ مدرسو
    2. سنڌ لا ڪاليج.
    ۽ هاڻ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪوششن سان
    1. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي
    ڪراچي
    لاڙڪاڻو
    اسلام آباد
    دبئي
    ۽ لنڊن لا ڪاليج ائٽ ڪراچي
    کوليا آهن وڏن شهرن ۾ جت سنڌ جا سنڌي مسلمان اڄ به پڙهائي لاءِ هزارن جي تعداد ۾ اچن ٿا۽ سنڌي به هاڻ ڪافي تعداد ۾ سيمينٽ فيڪٽرين شگرملن ۽ ٽيڪسٽائل ملن جا مالڪ ٿي ويا آهن، پر اسان جي اُن سرندي واري ڪلاس مان ڪنهن هڪ به اُن طرف ڌيان ڪو نه ڏنو آهي. جڏهن ته ٻين قومن جي سرنديءَ وارن پنهنجا ڪئين ادارا ٺاهي ڇڏيا آهن. رڳو اخبارن ۾ فوٽو ۽ بيان ڇپرائڻ تي زور آهي. اُن پهلوءَ تي اسان ڪڏهن به ڪو نه سوچيو آهي.


    سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون

    منهنجي ننڍي ڀيڻ جي شادي وقت پهريون ڀيرو شاديءَ جي ريتن رسمن کي ڏسڻ جو موقعو مليم. ان کان اڳ منهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ٿي هئي پر آئون انوقت ننڍو هئس. پر هينئر مون کي انهن رسمن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو صحيح طريقي سان موقعو مليو. هن وقت ته شهرن ۾ شادي جي هر رسم مصنوعي ۽ ڦڪي ڦڪي پئي لڳندي آهي. گهوٽ / گهوٽيتا به شادِي هال ۾ ٻين وانگر مهمان پيا لڳندا آهن. شهري شادين ۾ پنهنجون سنڌي رسمون رواج بلڪل نظر ڪو نه اچن. اها شادي نه پر صرف رسمي دعوت هوندي آهي. جنهن ۾ ڪنوار اسٽيج تي هڪ ڊيڪوريشن پيس وانگر نظر ايندي جيڪا ميڪ اپ جي تَهنِ ۾ هڪ ڀوت لڳندي آهي. وڊيوڪئميرا ۽ ڪئميرائن جي روشني ۾ ڪنوار جو ميڪ اپ لهندو ويندو آهي. جنهن کي سڀني جي سامهون ٽشو پيپر سان پيا صفا ڪندا آهن نه ڳيا نه سهرا، نه لانئون، نه سرگس نه دهل دمام صفا رُکي ۽ ڦِڪِي تقريب، جيڪا ڪلاڪ اڌ ۾ ختم، اڳ ۾ ونوا جي ستن ڏينهن کان وٺي ويندي شاديءَ تائين گهوٽ جا مٽ مائٽ پيا مينديءَ ۽ ٻڪيءَ جون رسمون ڪندا ۽ راڄ جي مڱڻهاري سڄو هفتو پئي ڪنوار کي پيٺيءَ جي مالش ڪندي ۽ ست ڏينهن سندس مُنهن اکئي ۾ ڍڪيو پيو هوندو. انهيءَ دوران ڪنوار جي رنگت ئي تبديل ٿي ويندي هئي. شاديءَ ۾ ڪُنوار کي سڀ ڳهه پيل هوندا هئا. خاص ڪري ڪُنوار نٿ پائيندي هئي. جيڪا سڄي زندگي کيس پهريل هوندي، جيسين وڃي سندس مڙس وفات ڪري. ڪُنوار کي گهر ۾ ڪنوار ٻائي جي نالي سان سڏبو هو جيسين وڃي کيس اولاد ٿئي. پر هينئر شهري شاديءَ ۾ ڪنوار نٿ ڪا نه پائي نه ته اڳ ۾ بولو، بينسر، ڦلي، ڪلي، ڪوڪو، لونگ، سري مورائو وينڍو نڪ جا زيور هئا. مطلب ته:
    1. مڱڻي.
    2. شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ.
    3. مينڌي جي رسم.
    4. پڙي جا گيت.
    5. ونواهه.
    6. شادي جي رسم.
    7. نکيٽيءَ جي رسم.
    8. ۽ ستاڙي جي رسم.
    ڪنواريتا ۽ گهوٽيتا وڏي ڌام ڌوم سان ملهايئدنا هئا ۽ هر تقريب ۾ سهرا، هيرا ۽ گيت ڳايا ويندا هئا. ڪي ڳيا ۽ ڳيچ ڏاڍا وڻندڙ ۽ دلچسپ هوندا هئا جيڪي مون کي اڃان تائين ياد آهن ۽ توهان کي به ٿو ٻڌايان.

    موڙ ادل جا مان لاڙئون گهرايان
    ڇَٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
    کهنبا ادل جا مان لاڙئون گهرايان
    ڇَٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
    ڀيڻون لاڏل جون مان لاڙئون گهرايان،
    ڇَٽ جهلي آيو لاڏل بني تي

    سهڻي دهري جوڙائي ادل تنهنجيءَ شاديءَ ۾ پايان،
    منهنجي ادل کي شوق، مور مومل ماڻي آيو،
    سيڻ سڄڻ سالا تنهنجا ڪاڄ ڪري آيو،
    منهنجي ادل کي شوق، مور مومل ماڻي آيو،
    سهڻي نٿ جوڙائي ادل تنهنجي شاديءَ ۾ پايان،
    منهنجي ادل کي شوق مور مومل ماڻي آيو.


    ڏند ادل جا ماڻڪ موتي
    ڪجل جوڙ بنايو ادل جو ٿيو لايو سجايو

    ”هاڻ ته ڏند ادل جا ماڻڪ موتي نه پر پانن جي ڪاٿي ۽ چن جي راڳي سان سونهن پيا.“
    مڱڻيءَ جي موقعي تي چاندي جي وَٽيءَ ۾ کير وجهي ان ۾ منڊي وجهي پوءِ مڱڻيءَ جي رسم مهل اها منڊي کير وٽي مان ڪڍي ڪنوار کي پهرايو ته معنيٰ مڱڻي ٿي وئي. مڱڻيءَ کان پوءِ ونواه جي رسم جنهن ۾ نياڻين جي ڪوٺ ڪري ڪنواريتا پنهنجي حيثيت مطابق ونوا ڪندا. جنهن ۾ ڳيا سهرا، ڳيچ ڳايا ويندا ۽ ڪنوار کي ساٽ سوڻ ڪري وِينڍو ويڙهيو ۽ پوءِ ست ڄڻيون اهو کولينديون ۽ پوءِ اکيو ٻڌبو آخر ۾ ڪُنوار کان پليٽ ڀڃرائي پوءِ مينديءَ جي رسم ٿيندي. جيڪي گهوٽ جون مائون، ڀيڻون ڪنديون تنهن کانپوءِ شاديءَ جي رسم ٿيندي جنهن ۾ ڪنوار کي چپن تي مساڳ لڳل، هٿن پيرن تي ميهڙ جي ميندي لڳل، اکين ۾ ڪجل پاتل نڪ ۾ سهاڳ جي نشاني نٿ پاتل ۽ ڊيل جهڙي ڳچيءَ ۾ ست سري دُهري پاتل، سينڌ ۾ چوٽي ڦل ڳچيءَ سان لڳل هار جنهن کي ڳل پٽا چئبو ۽ ٻانهن ۾ ٻائهيون پير ۾ ڇير، ور وڇوئڙا پاتل هوندا هئا. مطلب ته بدن جي هر حصي ۾ ڪنوار کي زيور پهريل هوندا هئا. ان کان پوءِ رات جو دير سان ڀيچ ڀنيءَ مهل لائون لهڻ ٽڪ ۾ هڪ ٻئي جو مُنهن ڏسڻ گهوٽ طرفان ڪُنوار جو هٿ کولڻ آخر ۾ ساليون گهوٽ جي نڪ ۾ جهلينديون ۽ جتولڪائينديون ۽ پوءِ گهوٽ سالين کي پيسا ڏيندو ته نڪ مان هٿ نڪرندو ۽ جتو به واپس ملندو، تنهن کانپوءِ گهوٽ ڪنوار ڪجهه وقت لاءِ هڪ تمام سهڻي نموني سينگاريل ڪمري ۾ ويهندا ۽ پوءِ گهوٽ هليو ويندو ۽ ڪنوار کي سندس سهيليون پيون ٺاهينديون جوڙينديون اڄڪلهه شادي ختم ٿيڻ شرط گهوٽيتا ڪنوار وٺيو وڃن. پر اڳ ائين ڪو نه هوندو هو ڇو ته هينئر شادي جي ماني هڪ ويلو ٿئي، پر اڳ ۾ شاديءَ ۾ ٽي وقت ماني کارائبي هئي، رات جي ماني صبح جو ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني، تنهن کانپوءِ سج لٿي مهل گهوٽيتا، ڳيتن، سِهرن، دُهلن، شَرناين سان ڪنوار کي وٺي ويندا هئا. اڳ ۾ وَنوَا ڪنواريتا ۽ شادي گهوٽيتا ڪندا هئا. پر هينئر شهرن ۾ وَنوَا، مينڌي ۽ شادي ڪنواريتا ڪن ۽ گهوٽيتا صرف وليمون ڪن، اهي رسمون شهرن ۾ رهڻ ڪري خالص هندو رسمون آهن نه ته سنڌي مسلمانن ۾ اڳ ۾ ائين ڪو نه هوندو هو. سنڌي مسلمانن جون سڀ رسمون عربن ۽ مسلمانن جون رسمون آهن. جيڪي اڄ به عربن ۾ سواءِ ڪن تبديلين سان قائم آهن. اڄڪلهه شاديءَ جو ڪاڄ ڪرڻ بلڪل آسان آهي، هر ڳالهه فون تي ٿئي مثلاً:
    1. جيولري وارو.
    2. ڪپڙن وارو.
    3. ماني ۽ ڊيڪوريشن وارو.
    4. هال بڪنگ.
    5. اسٽيج ٺاهڻ.
    6. بيوٽي پارلر وارو.
    7. فوٽوگرافر ۽ وڊيو وارو.
    8. ڪارڊن ڇپائڻ لاءِ ماڻهوءَ کي رڳو فون ڪري پنهنجي گهر گهرائڻ جي دير آهي. اڄڪلهه ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ دعوتون به فونن ۽ موبائيلن تي ڏين ۽ گهوتيتا به شاديءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ هال ۾ پهچن،پر پهرئين شادين جون تياريون مهينا اڳ شروع ٿينديون هيون. ۽ ڪم ڪار ورهائي کڻبا هئا ڪو ڪاڄ جي ڀت لاءِ ڪاٺين جو انچارج ته ڪو ڇنهي جو انچارج، ڇنهون به اڳ پهريائين ٿليون ڪاٺيون کوڙي پوءِ مٿان ۽ پاسي کان لئين جي سنهين ڪاٺين سان ڍڪبو ۽ پاسا ٻڌبا هئا. پوءِ وچئين دور ۾ ڇنهون ٽُوئَن ۽ پکن سان ٺاهبو هو پر هاڻ ته اهڙا شاميانه ۽ تنبو ۽ فرنيچر وجهن جو ان ۾ گهڙڻ سان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي جو ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن فائيواسٽار هوٽل ۾ داخل ٿي رهيو آهي. باقي خود فائيواسٽار هوٽلن ۾ شادي ته عام ڳالهه آهي نه ته اڳ ۾ ڇنهون، ڪاٺيون، ديگيون راڄن مان گڏ ڪرڻ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ، ڦنڊرون، ڇيلا، ڪم ڪار لاءِ ڍڳي گاڏيون، چرون، سيڌو خريد ڪرڻ ۽ راڄن تائين دعوتون پهچائڻ ۽ خود ڪنهن شاديءَ ۾ پهچڻ وڏو مسئلو هوندو هو. وڏين شادين ۾ ڳائڻ، گهوڙا ڊوڙائڻ ملاکڙو عام ڳالهه هوندي هئي. منهنجي شادي فيبروري 1977ع ۾ اليڪشن دوران ٿي انهيءَ شاديءَ ۾ رئيس محمد يوسف چانڊئي عام جلسن جيان تقريرون ڪري ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي. شاديءَ ۾ کاڌي پيتي لاءِ ڦيليون، مٽ، دلا، ڪرا، چليمچيون، ،ڇلون، ناديون راڄ جو ڪنڀار ٺاهيندو هو. جيڪو ان سامان ٺاهڻ لاءِ هڪ پئسو به ڪو نه وٺندو هو، پر آخر ۾ گهوٽيتا کيس مينهن ڏيندا هئا. ائين طُهرن مهل حجام کي به مينهن ڏني ويندي هئي. باقي مڱڻهارن جا ته ونواه، ميندي، شادي، سرگرس لانئون هر وقت پئسا ئي پئسا لڳا پيا هوندا هئا. شادين ۾ وڏي سرنديءَ وارا ماڻهو سنڌ کان ٻاهران به گويا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون گهرائيندا هئا. جيئن لاهور واري بالي ڳائيندي ڳائيندي خيرپور رياست جي راڻي ٿي وئي.
    آئون ممبئي ويس ته دادا گوبند سان گڏجي ماسٽر چندر سان به ملڻ ويس تمام گهڻي ڪچهريءَ کانپوءِ پڇيائين توهان جي اوطاق ۾ جيڪو نم بيٺل هو اهو اڃان بيٺو آهي يا نه، مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ڪٿ ممبئي ڪٿ ٻنون ۽ ان ڳالهه کي به ڪئين سال ٿي ويا هوندا، پر کيس ٻني جا ماڻهو ته ٺهيو پر وڻ به ياد آهن. واقعي! مٽيءَ جي محبت جهڙو ٻيو ڪو به رشتو ڪونهي. مونکي پوءِ پاڻ سربستو احوال ٻڌايائين ته آئون ۽ بسنت فقير شرنائي نواز ڪوٽڙيءَ وارو لائقپور ۾ڪنهن ديوان جي شاديءَ تي ڳائڻ لاءِ آيا هئاسين. پوءِ شاديءَ جي ٻي رات مون کي توهان جو والد صاحب ارباب نور محمد ٻني وٺي آيو هو. ۽ اسان توهان جي اوطاق ۾ نم هيٺان سڄي رات راڳ رنگ جي محفل ڪئي هئي. پاڻ ٻڌائين ته اسان لائقپور کان ٻني ٻيڙيءَ ۾ آيا هئاسين، ٻني کانپوءِ هڪ وڏي ٻيڙي جنهن کي ڪٽار ٿي چئون، ان ۾ چڙهي گدو بندر پهتا سين. سانوڻ درياء جي موج مستي ۽ درياء جي ٻنهي ڪپرن تي ٻيلن جي وڏن وڏن وڻن جا ديدار ڪندا درياء ۾ ٻُلَهڻِينِ جا ٺينگ ٽپا ڏسندا اچي پنهنجي منزل تي پهتا سين. اُهي درياهه جون موجون ۽ گجگوڙون جڏهن ياد ٿيون پون ته ويهي درياء شاهه جا بيت جهونگاريندو آهيان. سڄي سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون گهڻو ڪري هڪجهڙيون هونديون آهن پر لاڙ، اُتر، ٿر ۽ ڪوهستان جي شادين جي رسمن ۾ ٿورو فرق به هوندو آهي. اسان جي سڄي تر يعني ٻنون، لائقپور، دڙو، بلڙي شاه ڪريم جي شادين جي رسمن کان اسان جي ڳوٺ سان لڳو لڳ راهوٺ ڳوٺ جون رسمون ڪجهه مختلف آهن. ڇو ته راهوٺ انهن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کان تمام گهڻو قديم آهي جنهن جو سنڌ جي ڪافي پراڻن ڪتابن ۽ تاريخن ۾ به احوال آهي. جنهن ۾ تحفة الڪرام به شامل آهي. اڄڪلهه امير ماڻهن جون شهرن ۾ ٿيندڙ شاديون اسان جي تهذيب ثقافت ۽ ورثي کان بلڪل مختلف آهن. انهن شادين تي سنڌ کان وڌيڪ يوپي، سي پي ۽ دهليءَ جي ثقافت جو رنگ چڙهيل آهي. خاص ڪري ڪنوار شادي جي ڪپڙن ۾ ته ڪنوار صفا هندستاني لڳندي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهي قديم رسمون ۽ رواج قائم ۽ دائم آهن.
    مون ڏٺو آهي ته شهري ۽ امير سنڌي ماڻهو اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ٿيندو وڃي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ان جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ ٻوليءَ کي قائم رکيو اچن.


    ٿر جو سير

    آئون ۽ بابا سائين ڳوٺ يا حيدرآباد وڃڻ بدران، ڪراچيءَ کان سڌو نئون ڪوٽ ريل گاڏيءَ ذريعي وياسين. پوءِ اتان کيکڙي ۾ چڙهي مِٺي روانا ٿي وياسين. انهيءَ سال سڄي سنڌ ۽ ٿر ۾ ڏاڍيون برساتون پيون هيون، تنهن ڪري سڄو ٿر سر سبز ۽ گل و گلزار لڳو پيو هو. آئون ۽ بابا کيکڙي جي ڊرائيور سان گڏ واريءَ سيٽ تي ويٺاسين. اسان سان گڏ منهنجي عمر جو هڪ ٻيو به نوجوان ويٺل هو. پهريائين ته سڀ سفر جي انتظار ۾ خاموش ويٺا هئاسين، پر جڏهن اهو انتظار ختم ٿيو، ته پوءِ هڪ ٻئي کان خبرون وٺڻ لڳاسين. انهيءَ نوجوان ٻڌايو ته منهنجو نالو گوتم پرڪاش راٺي آهي. آئون ٽنڊي ڄام ۾ زرعي ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. مِٺي منهنجو اباڻو ڳوٺ آهي، هاڻي اوڏانهن پيو وڃان ۽ اسان کان پڇيائين ته توهان هيڏانهن ڪهڙي دوست ڏانهن وڃي رهيا آهيو، يا ڪنهن غميءَ يا خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو؟ اسان چئيس ته اسان جا واقف به مِٺيءَ ۾ آهن، پر جي ڪا سٺي هوٽل هوندي ته اُت رهي پئبو. اسان هت صرف ٿر گهمڻ آيا آهيون. هڪ ڏينهن مِٺي، پوءِ اڳيان ڪارونجهر جبل گهمڻ وينداسين، جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته ڪارونجهر جبل اوتروئي قديم آهي، جيتري هيءَ ڌرتي! پاڻ اسان کي ٻڌائين ته مٺيءَ ۾ ڪا به هوٽل ڪانهي، باقي ڪنهن زماني ۾ مسافرخانا هوندا هئا، جن تي هاڻ بااثر ماڻهن قبضا ڪري ڇڏيا آهن. پاڻ اسان کي وٽس رهڻ جي صلاح ڏني. جيسين وڃي کيکڙو مٺي پهچي، تيستائين ڳالهين ڳالهين ۾ اسان جي واقفيت وڃي ويجهڙائپ کي رسي ۽ آخر ۾ ڳالهه اُت وڃي پهتي، جو اسان کيس جواب نه ڏئي سگهياسين ۽ کيکڙي مان لهي سڌا وڃي سندس آستاني ڀيڙا ٿياسين. آئون سمجهان ٿو ته اهو سال 1970ع هو. ۽ اها دوستي ات وڃي پهتي، جو اسان جا پاڻ ۾ اڄ به اُهڙائي گهرا تعلقات آهن ۽ دوستي ۽ سنگت اهڙي ساڳي آهي جيڪا انهيءَ ڏينهن اتفاق سان شروع ٿي هئي. اڄ معني! 2016ع ۾ گوتم جڏهن به ڪراچيءَ اچي ته اسين هڪ ٻئي سان ضرور ملون! اسان پنهنجو سامان کڻي اچي گوتم جي گهر، مهمان خاني واري حصي ۾ ويٺاسين. گوتم رات جو مقامي فنڪارن ۽ سندس دوستن کي به دعوت ڏني. رات محفل ۾ نئين ماحول، ڍاٽڪي ۽ سنڌيءَ ۾ راڳ جي محفل جو به هڪ پنهنجو نرالو مزو ۽ لطف هو. مون کي راڳ، ڊانس ۽ مچ اڳيان محفل ڏاڍي وڻندي آهي، جنهن جي موج هڻيو ماڻهوءَ کي مست ڪريو ڇڏي. گوتم جا ويجها دوست ڊاڪٽر گهنشام ۽ انوڌر جگرو به اُت هئا، جن سان پوءِ سڄي زندگي سنگت جو رستو رهيو. اهي ماڻهو به ٻئي ڏاڍا لاجواب هئا. انوڌر پوءِ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ پروفيسر ٿي رٽائر ڪيو ۽ ڊاڪٽر گهنشام ستر جي جنگ ۾ هندستان هليو ويو، جيڪو هاڻ جئيپور ۾ رهندو آهي ۽ گهر ۾ هندي ڳالهائيندو آهي. هت پاڻ وڏو قوم پرست شاگرد ليڊر هو. صبح سوير اٿي مٺي شهر جو چڪر لڳايو سين. مٺي انهيءَ وقت تمام ننڍو ڳوٺ هو، پر هاڻ اهو ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ پڻ تمام وڏو شهر ٿي ويو آهي. انهيءَ ڏينهن شهر جون عورتون ٿري لباس پهريل ٽولن جي صورت ۾ مٿي ۽ چيلهه تي ٽامي جا دِلا کڻي تلاء تان پاڻي ڀرڻ وڃي رهيون هيون. ان وقت مِٺي شهر جو ڏيک ۽ منظر سنڌ جي ڳوٺن کان بلڪل مختلف ۽ راجستان جي ڪلچر سان مشابهت رکندي راجستان جوئي هڪ ڳوٺ لڳي رهيو هو. هت مسجدن سان گڏوگڏ ڏاڍا سٺا مندر به ٺهيل هئا ۽ سڄي ٿر وانگر مٺيءَ ۾ به هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ڏاڍي پيار ۽ محبت سان گڏ گذاري رهيا هئا. مٺي شهر جو نالو به ٿر جي سرسبز، حسين ۽ رومانوي منظرن وانگر پيار ۽ پيار ڪندڙن جي هڪ نشاني ٿو لڳي، ڇو ته چُمِيءَ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ (Kiss) مِٺي به چوندا آهن. سنڌ ۾ صرف مِٺي نه پر ڪيترن ئي ٻين شهرن جا نالا به اهڙا عجيب ۽ وڻندڙ آهن. مثلاً سنڌ ۾ هڪ اهڙو به شهر آهي، جيڪو هڪ پکيءَ جي نالي پٺيان آهي ته، هڪ شهر وري ڪِراڪِري جي نالي مشهور آهي ته، هڪڙو شهر عورت جي وارن جي سينگار ۾ ڪم ايندڙ هڪ شيءِ جي نالي پٺيان سڏيو وڃي ٿو. عورتن جي نالي سان ته سنڌ ۾ ڪافي شهر آهن. مثلاً سيتا روڊ، مڪلي بيگنا، بلڙي، جاتي، ماتلي، ستياڻيون وغيره. پکيءَ جي نالي وارو شهر جهرڪ، جانورن جي نالن وارا شهر بگهاڙ موري، گهوڙا ٻاري وغيره، ڪراڪري جي نالي وارو شهر پاٽ، عورت جي سينگار ۾ ڪم ايندڙ شيءِ جي نالي وارو شهر سڳيون ۽ مردن جي نالن سان ته بيشمار ڳوٺ انهيءَ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي نالي سان سڏجن ٿا. سڄي ٿر جي ڪل ايراضي ستهتر هزار چورس ميل آهي، جنهن مان پاڪستان اندر ٿر جي پکيڙ صرف پنج هزار چار سئو چورس ميل آهي. (ٿر ۽ پارڪر ضلعو ليکڪ ص:11)
    ٿر جي سوڍن جون عورتون مشرق جي تمام حسين عورتن مان آهن، جن جي حسن جا ڪڏهن خوني مقابلا به ٿيندا آهن. ٿر جا ٻه وڏا قبيلا راهمان ۽ نهڙيا ٿر جي سوڍن کان سڱ وٺي انهن سان شاديون ڪندا آهن. (ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر ص 17 18)
    ٿر مان ورهاڱي کان پوءِ وڏي تعداد ۾ هندو لڏي هندستان هليا ويا، پر ٿر جي سوڍن جو بادشاهي گهر جن کي راڻا به سڏيو ويندو آهي، جن ۾ راڻا چندر سنگهه ۽ سندس پٽ راڻا همير سنگهه جو گهر هندستان لڏي نه ويو ۽ اڄ به هت وزير، سفير امير ٿي ڏاڍي شان مان سان زندگي گذاري رهيا آهن. ٿر ۾ مسلمانن جون هي ذاتيون آهن. نهڙيا، راهمان، راڄڙ، رونجها، کوسا، ساند، دل، ميمڻ، جهنجهي، آريسر، جوڻيجا وغيره وڏي تعداد ۾ رهندا آهن، جيڪي زياده تر ملتان واري پير شاهه محمد قريشي، پير جي ڳوٺ واري پير پاڳاري ۽ هالن واري مخدوم جا مريد آهن. سڄي سنڌ وانگر ٿر ۾ به برساتون تمام گهٽ پون. ڪيترن ئي سالن جي وقفي کان پوءِ جڏهن برساتون گهڻيون پون، ته ٿر سڄو سرسبز ٿيو پوي، جنهن کي ڏسندي اکيون ئي ٺريو پون. انهن سرسبز نظارن اندر ڪٿ ڪٿ پاڻيءَ جون ننڍيون وڏيون ڍنڍون ٺهي پون، جن کي ٿر ۾ ترايون چون. ٿر جي سر سبز ڀٽن تي مال چرندي ايڏو ته سهڻو منظر پيش ڪري، جو انهن حسين منظرن کي ڏسڻ لاءِ سڄي سنڌ جا شوقين ماڻهو ڪهي ٿر اچن، جيئن اسين هت گهمڻ آياسين. ارباب رحيم ٿر جو رهاڪو آهي، جڏهن پاڻ جنرل مشرف جي دور ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيو ته سڄي ٿر ۾ ڏاڍا ترقياتي ڪم ڪرايائين، خاص ڪري سڀني وڏن شهرن ۾ ڏاڍا سٺا روڊ رستا ٺهرايائين. ساڳئي دور ۾ وزير خزانه شوڪت عزيز کي ٿر مان ايم اين اي چونڊرائين جيڪو وزير اعظم ٿيو ته ٿر جي ترقي لاءِ ڪافي اسپيشل گرانٽون ڏنائين. ٺٽي ۽ بدين ضلعي وانگر ٿر به نڌڻڪو ضلعو هو جنهن جي سياست جون واڳون به ٻين ماڻهن وٽ آهن ۽ مقامي ماڻهن کان اهو حق به ڦري ٻئي استحصال وانگيان هاڻ سياست جو حق به کانئن کسي ضلعي کان ٻاهر جا ماڻهو اهو حق ۽ ان مان ملندڙ مال ۽ پاور جا به پاڻ ڌڻي ٿي ويهي رهيا آهن.
    ٿر مان اليڪشن ۾ بيهندڙ غير ٿرين ۾ غلام محمد وساڻ پير غلام رسول جيلاني، هالا وارا مخدوم، ملتان وارا شاهه محمد قريشي ۽ سندس پٽ، پير نور محمد شاهه، شرجيل ميمڻ وغيره. اهڙيءَ طرح سان بدين مان حسنين مرزا، ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، مير علي احمد ٽالپر، قمرالزمان شاهه، عبدالخالق سومرو. گولاڙچيءَ واري صوبائي تڪ تان 1977ع ۾ شهيد فاضل راهو جي سامهون وڏي ڌانڌليءَ طفيل چونڊيو هو. اهڙيءَ طرح سان ٺٽي ضلعي مان به سدائين ڌاريان ماڻهو اليڪشن ۾ حصو وٺي، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ٿيندا رهيا آهن. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، پر انهن ڌارين ۾ ڪي ڪامياب ۽ ڪي ناڪامياب ٿيندا رهيا آهن. انهيءَ عمل جي شروعات ان وقت سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي پوٽي کي ٺٽي مان چونڊرايو. تنهن کان پوءِ ٺٽي ۾ ڌارين ماڻهن جي لائين لڳي وئي، جنهن ۾ قاضي فضل الله ۽ يوسف هارون پوءِ سنڌ جا وزير اعليٰ ٿيا ۽ شهيد ڀٽو به ٺٽي مان چونڊجي پوءِ پاڪستان جو صدر ۽ وزير اعظم ٿيو، پر پوءِ پاڻ ٺٽي جي سيٽ خالي ڪري ڇڏي ته وري به ٻيو ڌاريون يعني مخدوم امين فهيم ساڳي سيٽ تي ميمبر چونڊيو ويو. سندس مخالف اميدوار به هڪڙو ٻاهريون ماڻهو قاضي امام علي هو. انهيءَ کان سواءِ اڪبر ڪلهوڙو، بشير احمد شاهه، پير رحماني ۽ هاڻي 2013ع ۾ اويس مظفر پڻ ٻاهريون ماڻهو آهي، جيڪو هتان چونڊيو ۽ وزير ٿي ويو. پر وري انهن ٻاهرين ماڻهن کي چونڊين به مقامي ماڻهو ٿا. اهي ڇو ٿا ڌارين کي چونڊين؟ نه چونڊين ته وري ڪڏهن به ٻاهريون اميدوار ڪو نه چونڊبو. ٿر گهمندي، ٿر ضلعي سان گڏ بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي سياست به ياد اچي ويئي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ”گزيٽيئر آف سنڌ“ ڪتاب جي صفحي نمبر 10 تي لکي ٿو ته سڪندر يوناني جڏهن سنڌ آيو هو، تڏهن ٿر ۾ Inland sea سمنڊ هو، يا ڪا وڏي ڍنڍ هئي ۽ وري انهيءَ صفحي تي پاڻ لکي ٿو ته 1762ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي ٿر اڳيان هڪ وڏو بند ٻڌي، ٿر ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ کي دشمن ڏانهن وڃڻ کان روڪي پنهنجون زمينون آباد ڪيائين. ۽ پڻ 1819ع واري زلزلي ڪري ٿر ۽ سمنڊ ۾ وڏي تبديلي آئي. ٿر ۾ برساتن جي گهٽ پوڻ ڪري ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب، قدرتي طور ٿر جي اُٺ، گهوڙي ۽ ڳئون ۾ وڏي سهپ ۽ طاقت ٿئي. ٿر ۾ اُٺ بار برداري ۽ سواريءَ جي ڪم اچي. اٺ جي سواريءَ وقت ٿر ۾ جيڪر سواري سان گڏ جيڪا عورت سوار جي اڳيان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس ڀيڻ آهي ۽ جي سوار جي پٺيان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس زال آهي. ٿر جي گهوڙي جي اڳين ٽنگن ۾ قدرت ڏاڍي طاقت رکي آهي، جنهن طاقت سان هو واريءَ جي دڙن مٿان به تيزيءَ سان ڊوڙندو وڃي منزل تي پهچندو آهي. چون ٿا ته ٿر جي جانورن جي مضبوطيءَ جو ڪارڻ، انهيءَ ٿر واري ڌرتيءَ مان پيدا ٿيندڙ اَن ۽ چاري جو وڌيڪ طاقتور هئڻ آهي. ٿر جي ڳئون جي کير جو سڄي هندستان ۽ پاڪستان جي ڪا به ڳئون مقابلو ڪانه ٿي ڪري سگهي، پر جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ سواءِ رشوت جي جديد طريقن کان سواءِ، ٻيو ڪو به عمل انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اڳيان نه وڌي سگهيو آهي. انهيءَ جو مُک ڪارڻ Rule of law جو نه هئڻ ۽ هر ڪنهن کي لُٽَ مار جي مڪمل آزادي ۽ ڪنهن حد تائين سندن تحفظ ۽ سپورٽ به آهي، جنهن ڪري زراعت، صنعت، واپار ۽ تعليم ۾ اسان اڳيان جي بجاءِ پٺيان وڃي رهيا آهيون. سارين ۽ ڀاڄين ۾ چين جي هائبرڊ ٻجن ڪري ڪجهه واڌارو ٿيو آهي پر ڪمند ۾ ته B.L.4 جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪا به ڪمند جي نئين سٺي ورائٽي اڄ تائين ڪا نه آئي آهي. اڳ جڏهن شگر مِلون ڇهه ست مهينا ڪرشنگ سيزن ڪري هلنديون هيون، سي هاڻ ٻه يا ٽي مهينا به مس ٿيون هلن. بدين ضلعو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪمند جو وڏو مرڪز هوندو هو ۽ جتي ڇهه شگر ملون قائم هيون، جن ۾ انصاري شگرمل، باواني شگرمل، کوسڪي شگرمل، پنگريو شگر مل، مرزا شگر مل ۽ فوجي ويلفيئر شگر مل شامل آهن. پر هاڻ بدين ضلعي ۾ ڪمند جي پوکي نه هئڻ ڪري پنگريو، کوسڪي ۽ مرزا شگرملون ته جهڙيون ڪر بند پيون آهن، باقي ٻيون مِلون به ٻاهرين ضلعن مان ڪمند خريد ڪري پيا ملن کي هلائين. پاڪستان جا چانور، ڦٽيون ۽ ڪمند مُک فصل آهن، پر ملڪ اندر ڪا به نئين تحقيق ڪري، ڪو نئون ٻج آڻجي جنهن ڪري ملڪ کي ڪو فائدو ٿئي، اهڙو ڪم ڪڏهن به ڪو نه ٿيو آهي، جيڪتوڻيڪ اسان وٽ سنڌ م چانورن ۽ ڪمند لاءِ ڪَنئين تحقيقي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر ڪا به نئين جنس جنهن مان ملڪ کي ڪو فائدو ٿئي، سو ڪم ڪڏهن به ڪو نه ٿيو آهي. ٽيهن چاليهن سالن کان سجاول ڀرسان ڪمند تي تحقيق جي باري ۾ هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جت ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ميٽنگن ۾ آئون به ويو آهيان ۽ هڪ دفعو ته سنڌ جو گورنر تاباني به هن اداري ۾ آيو هو. پر ڪو به ڪم ٿئي، سو نظر نٿو اچي. باقي ميٽنگون ڊنر پارٽيون وڏيون وڏيون پُر اهتمام تقريبون، ٻاهرين ملڪن جا دورا، تن جي ڪا به کوٽ ڪانهي!
    اسان ٿر جي ڀِٽُن تي چڙهي، پري پري جا نظارا ڏسي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين. اُت ڪافي فوٽا ڪڍياسين. ٿر جون ڀِٽون سڄيون واريءَ سان ٺهيل آهن ۽ اهي هوائن، طوفانن ۽ برساتن ڪري ننڍيون وڏيون ٿينديون رهنديون آهن. پر جبلن جون پٿرن سان ٺهيل ٽڪريون، ساڳين هنڌ، هزارن لکن سالن کان اُت جو اُت قائم ۽ دائم آهن، سواءِ زلزلن جي باقي ڪنهن به قدرتي اثر کان بلڪل بي نياز نظر ايندون. جڏهن ته ٿر ۾ واريءَ جون ڀِٽُون به ٿر جي هوائن سان گڏوگڏ هيڏانهن هوڏانهن گهمنديون ڦرنديون رهنديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ وڏيون ۽ ننڍيون ٿينديون رهنديون آهن. ٿر ۽ جابلو علائقا ميداني علائقن کان پنهنجي ڀِٽُن ۽ جبلن ڪري مٿاهان ٿين، تنهن ڪري برساتن کان پوءِ اُت پيدا ٿيندڙ ساوڪ ۽ وڻڪار ڪري ڏاڍا حَسين، وڻندڙ ۽ رومانوي لڳندا آهن. ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ مهينن بعد ڪيترن قسم جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه ڦٽن، جن کي قدرت بي پناهه طاقت بخشي آهي، جيڪي انسان ۽ چوپائي مال جي چاري کان سواءِ دوائن ۾ به ڪم اچن. ان چاري جي ڪري ئي ٿر جو گهوڙو، اُٺ ۽ ٻيو مال ٻي دنيا جي جانورن کان وڌيڪ طاقتور ۽ سگهارو ٿئي. مزيدار ڳالهه ته ٿر جو ڪانگ سڄي سنڌ جي ڪانگ کان مختلف ٿئي، يعني پنهنجي ڪانگ کان وڏو، ٿلهو ۽ وڌيڪ صحتمند ٿئي. انگلينڊ جو ڪانگ به بلڪل ٿر جي ڪانگ جهڙو ٿئي. ٿر ۾ جڏهن مينهن پوي، تڏهن سڄي ٿر جي زمين مان ڄڻ ته خوشبو ۽ سرهاڻ پيئي نڪرندي اهي ۽ سندس ڪُک مان ڦٽي نڪرندڙ ساوڪ مان ڄڻ ته عورت جي بدن جهڙي دلڪش ۽ رومانوي سرهاڻ پيئي ايندي آهي. انهيءَ ساوڪ مٿان جڏهن مور ۽ ڊيل ڪوڪون ڪري اڏامن ته ماڻهوءَ جو ڄڻ ته سڄو سرير مست ٿيو پوي. انهيءَ رُت دوران سڄي وايو منڊل ۾ ڀيني ڀيني خوشبوءِ ۽ سرهاڻ پئي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنهن بُٺيءَ مٿان ٿر جي شامن جا منظر ايڏا ته حسين هوندا آهن، جو ماڻهو چاهيندو آهي ته اهو منظر ڪڏهن ختم ئي نه ٿئي. اسان ٿر جي انهن سڀني منظرن مان لطف اندوز ٿي ۽ ٿر جا لوڪ گيت ٻڌي ۽ ٿر جا مخصوص کاڌا کائي پي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين.
    ٿر جي پسمنظر ۾ انگريزي ۽ هندستان جي مقامي ٻولين ۽ اردوءَ ۾ ڪيتريون ئي فلمون ٺهيل آهن، جيڪي گهڻو ڪري سمگلنگ جي موضوع تي ٺهيل آهن. ٿر جي پس منظر ۾ هندستاني فلم ...................... ڏاڍي لاجواب فلم هئي. هينئر 2013ع ۾ هدايت ڪار گيان گجراتي ۾ ٿر تي هڪ ڏاڍي لاجواب فلم ”دي گُڊ روڊ“ ٺاهي آهي، جنهن کي آسڪرايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ لنچ باڪس ۽ جهڙپون لاجواب فلمون به آسڪرايوارڊ جي ريس ۾ هن سان گڏ شامل هيون، پر هيءَ فلم هنن سڀني کان گوءِ کڻي، آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿي ويئي. فلم ۾ ٿر جي سرسبز ۽ من موهيندڙ نظارن فلم کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. مون کي هونئن به هندستان جون آرٽ فلمون ڏاڍيون وڻنديون آهن. فلمن جو آئون ننڍي هوندي کان ئي شوقين آهيان، پر آرٽ فلمن جو شوق مرحوم طارق اشرف مون کي سندس گهر فلمون ڏيکاري پيدا ڪيو، جنهن ۾ هاڻ مون کي انگريزي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين جي آرٽ فلمن جي نالن کان پرهه واقف ڪندي آهي يا ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون فلمون وٺي به ڏيندي آهي.
    پرهه هاڻ ڪافي وقت کان آئرلينڊ جي گاديءَ واري شهر ڊبلن ۾ رهي، پر اسان جي سڀني ٻارن وانگر هر روز Skype يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ته پرهه سندس ڏٺل آرٽ فلمن جا نالا به ٻڌائي. سو احوال پيو هلي ٿر جي سير جو، پر هينئر دنيا ۾ سڀ کان وڏي رڻ پٽ بابت ٻڌايان ته ان جو نالو صحرا جو رڻ پٽ آهي، جيڪو آفريڪا کنڊ جي اترئين ڀاڱي ۾ ٽيهه لک چورس ميلن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. اتر آفريڪا کي پارڪندي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان لبيا جي رڻ پٽ تائين هن جي سراسري ويڪر 1440 ڪلوميٽر آهي، جيڪا نيل درياهه تائين وڃي ٿي، ان کان اڳتي اهو ريگستان نوبين ريگستان کان ڳاڙهي سمنڊ تائين هليو وڃي ٿو، جنهن ۾ مراڪش، الجيريا، تيونس، لبيا، مصر، سوڊان، چاڊ نائيجر، مالي، ماريطانيه ۽ اولهه صحارا جي حصن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ٿو، جنهن ۾ اولهه اتر پاسي اٽلس، اها گار ۽ تبستيءَ جا جابلو سلسلا به اچي وڃن ٿا. هن صحرا جي سطح گهڻي ڀاڱي مٽيءَ جي دڙن سان ڀريل هوندي آهي. هتي وسڪارو گهٽ ٿئي ٿو، جنهن ڪري هتي ٻوٽا وغيره پوکڻ ڏکيو ٿيو پوي. هتي اهي ئي ٻوٽا پهنجي حياتي ماڻين ٿا جن ۾ پاڻيءَ کي جذب ڪرڻ جي سگهه هوندي آهي. هتي اڪ جا ٻوٽا جام ٿين ٿا. صحرا ۾ جهنگلي جيوت به مشڪل سان رهي ٿي. جتي پاڻيءَ جا ذخيرا يا نخلستان آهن اُتي کجيءَ جا وڻ به جام ٿيندا آهن. هن عظيم ريگستان بابت چيو وڃي ٿو ته ڏهه هزار سال اڳ اهو ساوڪ سان ڀريل ميدان تي ٻڌل علائقو هو. اسڪالرن کي يقين آهي ته هن علائقي جا پهريان رهواسي نيگرو نسل جا هئا، جيڪي ڏکڻ پاسي کان هلان ڪري هتي آيا ۽ اچي نخلستان آباد ڪري، پوکي راهيءَ کي هٿي ڏنائون. اڳاٽين لکتن مان پروڙ ٿي پوي ته هنن لوڪن جا مصري، فونيقي، ڪارٿيجن ۽ ٻين ڀون وچ سمنڊ جي ماڻهن سان رابطا ۽ وهنوار هئا. ان کان پوءِ صحرا کي اوڀر کان ايندڙ مسلمان عربن فتح ڪيو، جيڪي پاڻ سان گڏ ٻه نيون جنسون، هڪڙي کجيءَ جي صورت ۾ ۽ ٻي سواريءَ لاءِ اُٺ جي صورت ۾ کڻي آيا، جنهن هن علائقي جي زندگيءَ جي طرز کي تبديل ڪري ڇڏيو. کجيءَ جي پيداوار سان باغن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته اٺ جي استعمال ان ڳالهه کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ته سون ۽ ٻين معدنيات جي واپار کي ڀونچ سمنڊ جي ملڪن ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ هٿي ملي. مسلمانن جن باغن ۽ نخلستانن تي پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪيو، سي قديم انداز ۾ ويڙهي جي صورت ۾ ئي رهندا هئا. واپاري قافلن جي رجحان جي حوصله افزائي ڪندي، هٿي ڏئي اڳتي وڌيا. اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ يورپي لوڪن هن علائقي تي پنهنجو اثر قائم ڪيو. يورپي لوڪن خاص طور فرانسيسي اثر رسوخ وڌڻ سان صحرا جي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي. فرينچن پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ڊرمن جي شڪل مثل گول ۽ تمام وڏيون ٽانڪيون ٺاهيون. مقامي وڳوڙي قبيلن تي ضابطو رکڻ لاءِ هتي رهندڙ فرينچ فوجن جي حياتيءَ جو مدار گهڻي قدر هنن ٽانڪين تي رهيو. صحرا ۾ آباديءَ ۽ وسنديءَ جا مُک مرڪز اهي نخلستان ئي آهن، جن ۾ جَرَ جو پاڻي به ملي ٿو. گهڻي ڀاڱي نخلستان، صحرا جي اترئين ۽ ڏاکڻي ڀاڱي ۽ وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ آهن جتي پاڻياٺ يا پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو آهي. ان پاڻيءَ کي جر مان ڪڍي ڪتب آڻجي ٿو. هن عظيم صحرا ۾ وڏا نسلي گروهه: توريگ، مورز ۽ تيبو آهن. توريگ گهڻي ڀاڱي وچ صحرا جي جابلو علائقن ۾ رهن ٿا. اهي مسلمان آهن. سندن ثقافت ۾ اسلام کان اڳ وارين ريتن ۽ رسمن جا اُهڃاڻ به ملن ٿا. جڏهن ته مورز اولهه صحرا ۾ رهن ٿا. اهي عرب، بربر ۽ ڪجهه نيگرو نسلن جا گاڏڙ قبيلا آهن.
    تيبو نسلي گروهه فيضان، چاڊ ڍنڍ ۽ تبستي ماسف جي علائقن ۾ رهي ٿو، جيڪو گهڻي ڀاڱي نيگرو نسل سان تعلق رکي ٿو. هن رڻ پٽ جي اڀرندي ڀاڱي ۾ Dijanet ڊائجانيٽ نالي شهر جي اتر پاسي پنجاهه ميلن جي مفاصلي تي تاسلي ديس، اجر نالي ماڳ وٽ نرم وارياسي پٿر واري هڪڙي وڏي بُٺي يا ٽڪري آهي، سا اڪيچار صدين جي ڊگهي عرصي دوران وارياسن تيز طوفان جي ضِد ۾ رهندي، واريءَ جي ذرڙن وسيلي گسندي، تراشجندي ۽ ڪٽجندي، اهڙين عجيب شڪل جي ڇِپن ۾ اهڙي انداز سان تبديل ٿي وئي آهي، ڄن ته اها هٿ سان تراشي تيار ڪئي وئي آهي! صحرا جي ماڻهن جي زندگيءَ جو دارومدار گهڻي ڀاڱي پوکي راهي ۽ قديم طرز ۾ ڌڻ چارڻ تي آهي. پر هتي تجارتي بنيادن تي به ڪجهه پوکي ٿئي ٿي، سا هتي ڪالونيون قائم ڪندڙ يورپي لوڪن شروع ڪئي، جنهن جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. هتان جي سڀ کان وڌيڪ اهم پيداوار کارڪون آهن. ان کان سواءِ اناج ۾ ڪڻڪ، ٻاجهري، ۽ چانور به ڪجههه مقدار ۾ ٿين ٿا. ڪجهه ڀاڄيون ۽ ڪجهه ميوو به ٿئي ٿو. الجزائر ۾ تيل لڀڻ سان هن عطيم صحرا جي معيشت ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي.
    اسان ٿر جي حَسين وادين کان موڪلائي کيکڙي ۾ چڙهي نئون ڪوٽ آياسين، اتان ريل ۾ چڙهي حيدرآباد پهتاسين. حيدرآباد مان جيپ ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻني آياسين.


    جــهــرڪ

    ڪارن ڪڪرن هيٺ پنهنجي گهر جي پارڪ ۾ سهڻن گلن جي وچ ۾ ڇٻر تي ستو پيو آهيان سانوڻ جي مهيني جي تمام سهڻي ۽ هلڪي بوند، لطف اندوز انداز ۾، منهنجي بستري جي مٿان ٻَڌل مَهرِيءَ تي وسي پئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل بوند جون سنهيون سنهيون ڦڙيون منهنجي جسم تي به پيون پون، تن بدن ۾ خوشيءَ جون مڌر لهرون پيدا ڪري وِڌيون آهن. دل ٿي چئي ته آئون هتي ئي پيو بوندن جو لطف وٺندو رهان، پر بوندن جڏهن بس نه ڪئي ته مجبوراً اٿي اندر ويس ته سڀ ٻار، جيڪي عيد تي آيل هئا، تن چيو ته بابا! ٻاهر برسات ۽ اندر گهر ۾ گرمي آهي، تنهنڪري اسين واپس ڪراچي ٿا وڃون. تنهن تي مون کين ٻڌايو ته ٻني کان مٿي اٺ ميل مفاصلي تي ۽ جهرڪن کان ٻه ميل هيٺ سنڌو درياه تي ڪوريا جي هڪ تعميراتي ڪمپني هڪڙي پُل پئي ٺاهي، اچو ته هلي اها ٺهندڙ پل ڏسي اچون. اها ڳالهه ٻڌي سڀ راضي ٿيا. اڳيان موٽر سائيڪلن تي منظور ۽ سليمان پليجو، پويان موٽرن ۾ اسان يعني مِنيٰ، سِپي، فريده، آئون، فرخ، محبوب ۽ قادر، ٻني کان ڳوٺ لائق ڏنو پليجو تائين پڪي رستي تان، پوءِ سراسر بند جي ٽاپ تان هلندي وڃي پُل ڀيڙا ٿياسين. هتان ويندي ڳوٺ لائق ڏنو پليجو وٽ بند تي چڙهڻ کان پوءِ پُل ڏانهن ويندي، بند جي اندرئين پاسي، اتر طرف، ڪچي ۾ پهرين ماءُ نياڻيءَ جو مزار ۽ پوءِ ميل کن اڳيان شاهه فتح محمد جو مقبرو ڏسڻ ۾ آيو. ٺٽي ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن جي وچ ۾ پوليس پوسٽ قائم آهي، تنهن جي ٻاهران بند تي مالوند ماڻهو ٻڪريون ۽ مينهون ويهاري ويٺا هئا. پري کان پليجن جا ٻه ڳوٺ، هڪ ”ريل“ ۽ ٻيو صادق پليجو، پڪيءَ ۾ يعني بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڏسڻ ۾ آيا پئي. بند اندر ڪچي ۾ اتر طرف به ٻه گوٺ، هڪڙو مير بحرن جو ۽ ٻيو ڪولهين جو، به پري کان ڏٺاسين. درياه جي ٻنهي ڪنڌين تي نه هو ڪو وڻ ٽِڻ، نه وري اتي ڪو چوپايو مال چرندي نظر آيو ٿي. اڳي درياه جي ٻنهي ڪنڌين تي زبردست قسم جا نهايت گهاٽا ٻيلا نظر جي دنگ تائين ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جيڪي اکين کي ڏاڍي فرحت ڏيندا هئا. اهي سنڌ جا ٻيلا ”رب پاڪ جي رضا“ سان وڻن ٽِڻن کان صاف ۽ پاڪ ٿي ويا. ٻيلن واري ايراضي يعني ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو، گهر ٺهرائڻ لاءِ هاڻ ڪاٺ ڪراچي ۽ حيدرآباد مان وٺن. مئي ۽ جون ۾ جڏهن درياه جو پاڻي کارو ٿي وڃي، ته مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ مير بحر، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪولرن ۾ پنهنجي گهران کڻي وڃن. دنيا جي آڳاٽي تاريخ ڏيکاري ٿي ته اڳي بادشاهن ۽ اميرن جو اولاد گهڻو پيدا ٿيندو هو ۽ غريبن ۽ مسڪين ماڻهن کي ٿورا ٻار پيدا ٿيندا هئا. مثلاً شاهجهان بادشاه کي فقط هڪڙي راڻي ممتاز محل مان به چوڏهن ٻار ڄاوا. آخري ٻار جي ويم دوران راڻي پاڻ به مري وئي. سعودي بادشاهن جا ٻار ته چاليهه پنجاهه کان گهٽ ڪو نه هوندا هئا. يورپي بادشاهن جا به جام ٻار هوندا هئا. راڻي وڪٽوريا کي به ڏهه ٻار هئا. پر اڄوڪي دنيا ۾ وري قصو ابتو ٿي ويو آهي، يعني ڪافي ملڪن جي صدرن، وزير اعظمن بادشاهن کي مس ڪو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار ٿين ٿا. مثال طور سابق آمريڪي صدر بِل ڪِلنٽن فقط هڪ ٻار يعني ڌيءَ چيلسيءَ جو پيءَ آهي، بش جون ٻه ڌِيئرون ۽ صدر باراڪ حسين اوباما کي به فقط ٻه ڌيئرون آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪيٿولڪ فرقي وارا عيسائي اڄ به جام ٻار ڄڻين ٿا. منهنجي ڌيءَ پره هينئر اتر آئرلينڊ جي گاديءَ واري شهر ڊَبِلَن ۾ رهندي آهي، اها چوي ٿي ته بابا! آئرلينڊ ۾ گهڻو ڪري ڪيٿولڪ فرقي وارا ڪرستان آهن، سي برٿ ڪنٽرول جي خلاف آهن، تنهن ڪري سندن ٻار جام آهن. هتي ڪن ڪن ماڻهن جا ته يارهن يارهن ۽ ٻارهن ٻارهن ٻار به آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ غريب مسڪين ماڻهن جا جام ٻار آهن. ٻارهن چوڏهن ته رواجي ڳالهه آهي. هڪ همراه جا ته ٻاويهه ٻار آهن. سو هاڻ ته سڄو چرخو ئي اونڌو ٿي ويو آهي. درياهن ۾ پاڻي ڪونهي ۽ ٻيلن ۾ وڻ ڪونهي! اسان بند مٿان موٽرن جي سواريءَ دوران خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيندا اڳيان وڌندا رهياسين. منهنجي ننڍپڻ واري وهيءَ ۾ ٻني کان ملاڪاتيار، پوءِ ٻني کان حيدرآباد وايا ملاڪاتيار هڪڙي بس هلندي هئي، جيڪا وسعين ملوڪ شاهه جي رهاڪو سيد قمبر علي شاهه جي هئي. ان بس جو ڪنڊيڪٽر، ڳوٺ بچل گگي جو جَکُو ميگهواڙ هوندو هو، اهو وڏي عمر وارن حال حيات ماڻهن کي اڄ به ياد آهي. انهيءَ زماني جي مشهور چَوَڻي ته: اَڪَ جي ٽاريءَ تي ۽ قمبر علي شاهه واري لاريءَ تي ڀروسو نه ڪجي. جهونن ماڻهن کي اها ڳالهه به ياد آهي ته جيڪڏهن بس ٻيلي ۾ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ جي ويجهي پنڌ تي خراب ٿي پوندي هئي ته صادق پليجو بس جي سمورن مسافرن کي ماني کارائيندو هو، پر افسوس! جو مون اها دعوت واري ماني ڪڏهن به نه کاڌي!
    انسان ته مريو وڃي، پر سندس ڪيل چڱايون توڙي مدايون، صدين تائين پيون ڳائجن. قديم عرب دنيا جو مثالي ڪردار جو حاصل شخص، حاتم طائي سخاوت جي علامت طور ساري جهان ۾ مشهور آهي. اڄ به سخاوت جي حوالي سان، هر ننڍو وڏو مثال ڏيندي چوي ٿو فلاڻو حاتم طاعي جهڙو سخي آهي، يا: تون ته ڪو حاتم طاعي ڪو نه آهين جو هر سائل لاءِ مراد وند هجين. مسلمانن لاءِ وري ابوجهل هڪ اڻ وڻندڙ ۽ قابل نفرت شخصيت طور سُڃاتو وڃي ٿو. اڄ صادق ڇورئي پليجي جي ڳوٺ وٽان لنگهياسين ته ساڻس وابسته ڳالهيون ياد آيون. اسان بند مٿان هلندي آس پاس جا نظارا ڏسندي پسندي اچي انهيءَ هنڌ پهتاسين، جت ڪوريا جي ڪمپني سنڌو درياه تي دروازن کان سواءِ پل تعمير ڪري رهي آهي. سنڌو نديءَ تي هن کان اڳ ۾ ٺهيل سمورين بيريجن وارين پلين توڙي غير بيريجي پلين جي ڀيٽ ۾ هيءَ جهرڪن جي ويجهو ٺهندڙ پل ڊيگهه ۾ سڀني پُلين کان ننڍي آهي، يعني اها فقط 1.2 ڪلوميٽر ڊگهي ٿيندي. هيءَ پل حيدرآباد ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي جهرڪ شهر کان ٻه ميل کن ڏکڻ اولهه طرف پري جمارين جي ڳوٺ وٽان درياه شاهه تي ٺهي پئي. پل جي حقيقي ڊيگهه ٻارهن سئو ميٽرن ۾ ان جي ٻنهي ڇيڙن وٽ هڪ هڪ سئو ميٽر اضافي ڀرائي ڪري ان کي ڪل چوڏهن سئو ميٽر ڊيگهه واري پل ڪري تيار ڪيو ويندو. هن پل کي نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍڻ لاءِ 2.5 ڪلوميٽر ۽ ٽنڊو محمد خان سجاول روڊ سان ڳنڍڻ لاءِ 22.5 ڪلوميٽر ٻه طرفو عاليشان موٽر وي تعمير ڪيو ويندو. موٽر وي جي تعمير جو ٺيڪو پل جي تعمير جي ٺيڪي کان الڳ آهي هن تعميراتي منصوبي جا ٻه ڀاڱا آهن، هڪ ۾ پل جي اڏاوت ۽ موٽر وي جي تعمير ٿيندي. تعميرات جي ٻئي ڀاڱي موجب، جهرڪ پُل وارو موٽر وي، ماتلي ۽ پوءِ اتان کان چمبڙ تائين ٺهندو، يعني انصاري شگر ملز ماتِليءَ کان چمبڙ شگر ملز تائين. چمبڙ شگر ملز جو پهرين بچاڻي شگر ملز نالو هو. اهي ٻئي کنڊ جا ڪارخانا هڪ ئي مالڪ جا آهن. انهيءَ رستي ٺهڻ کان پوءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ سڀني لاڙ وارين شگر ملن ۽ ٺٽي جي سيمنٽ فيڪٽري تان چڪر لڳائي سوير واپس گهر ڪراچي پهچي وڃبو. اسان گاڏين مان لهي هيٺ اڏامندڙ واريءَ تان پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي اُت بيٺاسين، جت درياه جي پيٽ ۾ پل جا لوهي پِلَرَ لڳائي ڇڏيا هُئائون. ڏکڻ طرف کان اٺ پِلر لڳل هئا، جي ڪجهه سُڪي زمين ۾ ۽ ڪچهه پاڻيءَ ۾ لڳل هئا. جهرڪن واري اترئين پاسي کان ڪيترا ٿنڀا لڳل هئا، اها خبر ڪانه ٿي پئي، ڇو ته پلر اڃان مڪمل تيار ٿي اُڀا ڪو نه ٿيا هئا. درياه جي بچاءَ بند کان ٻاهر ڏکڻ طرف ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جي وڏي ڪيمپ لڳل آهي، جنهن ۾ پل ٺاهڻ لاءِ گهربل سامان پيل آهي، جنهن ۾ وڏي هيوي مشينري به شامل آهي. لوهه جا ٺهيل پلر ڪافي تعداد ۾ درياهه جي ڪپ تي، درياهه ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڪم بند هئڻ ڪري ائين ڇڙوڇڙ پيا هئا. درياه ۾ پاڻي تمام تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو ۽ موسم به مڪمل جهڙالي هئي. شام جو پهر هو. هُن طرف، درياه جي ساڄي ڪپ تي ”جهرڪ“ منهنجي پِريِنءَ جو شهر، مونکي ڪي پنهنجون ڳالهيون ياد ڏيياري، پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو. جهرڪن جا ڪجهه بجليءَ جا ٿنڀا ۽ موبائيل فون ڪمپنين جا چار بُوسٽر صاف نظر پي آيا. درياه ۾ هلندڙ هُڙن ۽ بتيلن جا سِڙهه ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ ماحول کي وڌيڪ رومانوي ڪري رهيا هئا. درياه ۾ پاڻي تيزيءَ سان چڙهندي هيٺاهان پٽ ٻوڙي رهيو هو. ڪپ جي ويجهو پاڻيءَ جي وچ ۾ واريءَ جي هڪڙي وڏي ڊُٻ تي چڙهي، ماحول مان لطف اندوز ٿيندي، اسان ڪافي فوٽو ڪڍيا. انهيءَ ڊٻ ۾ ٿوري دير ۾ پاڻي چڙهڻ سبب ڏار پوڻ لڳا ۽ جڏهن ڊٻ جي وچ ۾ وڏو ڏار پوندي ڏٺوسين ته ڊٻ تان ڊوڙندا لٿاسين. ڊوڙڻ دوران هڪ هنڌ منهنجي سڄي ٽنگ گوڏي سوڌي واريءَ ۾ گهڙي وئي، پر ترت ڇڪي ڪڍيم ۽ اسين تڪڙا تڪڙا انهيءَ ڊٻ تان لهي جڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر ٿي بيٺاسين ته ٿوري ئي دير اندر ڏسندي ڏسندي اها ڊٻ مومل جي ماڙيءَ وانگر سڄي پاڻي ۾ ٻڏي وئي، ڄڻ ته اُت اڳيئي ڪا شيءِ ڪا نه هئي. اها سڄي ايراضي چئو طرف رڳو پاڻي ئي پاڻي ٿي ويو. اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ شهر جي ڀرسان پڃاريءَ ۾ جڏهن به پاڻي ايندو آهي ته آئون انهيءَ ۾ ضرور وهنجندو آهيان. سو هينئر به دل ته ڏاڍو ٿي چاهيو ته وهنجي وٺان، پر ائين ٿي نه سگهيو ڇو ته اتي نه هئا ڪَڇا ۽ گوڏيون ۽ نه وري ڪي لائيف جيڪيٽس هئا، تنهن ڪري منهنجي اها خواهش دل ئي دل ۾ دفن ٿي وئي. اسان کي هن وڻندڙ ماحول مان نڪرڻ تي دل ئي نٿي ٿي، پر اسان کي هتان ٿوري ئي پنڌ تي ٻڌڪا ٽڪر به ڏسڻو هو. تنهنڪري هتي فوٽا ڪڍي ۽ مووي ڀري واپس بند تي گاڏين ۾ چڙهي ٻڌڪا ٽڪر وياسين. آئون هت اڳ به ڪافي ڀيرا اچي چڪو آهيان، پر منيٰ، سِپي، فرخ، محبوب ۽ قادر هت پهريون دفعو آيا آهن. اسان ٽڪر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر چوڌاريءَ ديوين جا تمام گهڻا وڻ هُئَڻَ سبب چڙهڻ ۾ ڪافي ڏکائي ٿي ۽ معمول کان وڌيڪ وقت لڳو. اڳي هتي ديوين جا ايترا گهڻا وڻ ڪو نه هوند اهئا، تنهن ڪري چڙهڻ ۽ لهڻ ۾ گهڻي تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي. خير نيٺ الله الله ڪري وڃي ٻڌڪا ٽڪر جي چوٽيءَ تي پهتاسين. ٽڪر تي مٿي ٻه ٽي قبرون آهن ۽ ٻيو خير يعني اتي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. هتي رني ڪوٽ مان لڀندڙ اڌ ڪاٺ ۽ اڌ پٿر جهڙا ڪي پٿر به نٿا لڀن. ڪنهن زماني ۾ هت ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو. ماڻهن جو هِت اچڻ ته پري، پر پنهنجين ٻنين تي ويندي به ڊپ پيو ٿيندو هو. البت هاڻ اها صورتحال مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي. هاڻ ماڻهو رات جو ٻارهين بجي به بنا خوف جي هت اچي سگهي ٿو. هتي فرخ، محبوب ۽ سپيءَ چوطرف نظارن جون موويز ڀريون ۽ فوٽا ڪڍيا. موسم هت به تمام خوشگوار هئي. وڻندڙ سنهي بوند به وسي رهي هئي. ”ٻڌڪا“ يا ”ٻڌ جو“ ٽڪر جو ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي، پر آئون ان جو احوال ٻٽن سِٽن ۾ ٻڌايان ٿو. هنن آثارن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهي سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم واري دور جا يادگار آهن. هنن آثارن تي تحقيق ڪندي مسٽر ڪارٽر هتي ٻه ننڍا دڙا ڳولي لڌا. هتان لڌل سرن جي مٿاڇري تي ڪم آيل رنگ، ڪاريگري ۽ لکت کي جانچيندي کيس ٻڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي راجا ڪنشڪ جي زماني ۾ ٿي گذريا آهن. موجود وقت ۾ هن ٽڪر تان اهڙيون سرون هٿ اچن ٿيون، جن تي ٻڌ ديوتا جي تصوير چٽيل آهي. ڇمر ڪري سج ته سڄو ڏينهن ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه آيو، پر اسان هاڻ واپس ورڻ واري ڪئي. بند جي ٻنهي طرفن سڄو ملڪ سرسبز ۽ آباد لڳو پيو هو. اسين انهن سهڻن نظارن مان لطف اندوز ٿيندي آهستي آهستي واپس ڳوٺ ورياسين. ائوميل جي ڪتاب Dancing shadow جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب جو نالو ”سنڌو تهذيب ۽ سنڌو ڌرم جا يورپ ۾ قديم آثار“ آهي، تنهن جي صفحي نمبر 24 تي لکيل آهي ته: ”سنڌو تهذيب جا ماڻهو هاري هئا، جن پهريون ڀيرو آبپاشيءَ جو هڪ شاندار ۽ وڏو نظام قائم ڪري ورتو هو، جنهن جو مثال دنيا ۾ اڳي موجود ڪو نه هو، جنهن کي اُتر کان آرين حمله آورن ڀينگ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ساڳين ماڻهن اهو احوال رِگ ويد (500 1000 ق.م) ۾ قلم بند ڪري ڇڏيو، جيڪو سلوڪن جي شڪل ۾ موجود آهي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته آريا لفظ جي معنيٰ آهي اوچي نسل جو ماڻهو سر مونيئر وليئمس 1893ع ۾ لکيو هو ته آريا لفظ جي معنيٰ کليل ۽ وسيع ايراضي آهي، جنهن جو اشارو ڌنارن ۽ هارين ڏانهن آهي. سنڌ جا دراوڙا سوٽي ڪپڙو پائيندا هئا. دنيا ۾ تڏهن ڪا ٻي اهڙي قوم موجود ڪا نه هئي، جيڪا اهڙو لباس پائيندي هجي (رگ ويد ۾ لکيل آهي ته آريا سوٽي ڪپرو پائيندا آهن. مترجم) هنن ماڻهن وٽ سون تمام گهڻو هوندو هو، جيڪو هو کاڻين مان کوٽي ڪڍندا هئا. ان کان سواءِ سنڌو درياه جي واريءَ مان به سون سوجهيندا هئا. پوکيءَ ۾ هتي ڪڻڪ جَوَ، چڻا، مٽر، تر، سرنهن، رائي ۽ گدرا به ٿيندا هئا. هن کان علاوه کارڪون به ٿينديون هيون. هتان جي ماڻهن ڪيترائي جهنگلي جانور پالي گهرو بنائي ڇڏيا هئا، جن ۾ ڳئون، سوئر، ڪتا، ٻليون، اُٺ ۽ هاٿي هئا. ان سان گڏ Porcelain جي ٿانون جا مهان ڪاريگر هئا. هيءُ دنيا جي پهرين قوم هئي جنهن وٽ ضرب ٿيل Minted سِڪا هئا. پر ڌاتو جي ڪاريگريءَ جا مثال مختصر آهن. قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته ڌاتو جا وڏا ڪاريگر ڪو نه هئا. پر چَڪَ وسيلي ٺڪر جا ٿانوَ جوڙڻ ۾ ڏات ڌڻي هئا. کين اهڙو ڏانءُ هو جو ڏکيون ۽ منجهيل شيون سولائيءَ سان ۽ سادي نموني جوڙي سگهندا هئا. سنڌو تهذيب وارا علائقا ڏاڍا شاهوڪار هئا. ميسوپوٽيميا ۽ چين جي قديم تحريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون نهايت چٽيءَ ريت بيان ڪيون ويون آهن. اڄ جي سنڌ ۽ ماضيءَ جي سنڌو تهذيب جون ڳالهيون ٻڌيو ۽ پڙهيو اکيون آليون ٿيو پون ۽ دل اداس ٿيو وڃي. هيڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي نائکا!


    ننگر ٺٽي جون خماريل هوائون

    دادا گوبند پنجابي، جنهن جي ڪري مون کي بمبئي ۾ ڪيترن ئي سنڌي ڀائرن سان ملاقات جو موقعو مليو، مثلاً پروفيسر رام پنجواڻي، سندري، اتم، ڪلياڻ آڏواڻي، ٽهلرام آزاد، برصغير جو مهان فنڪار ماسٽر چندر، سندس گهرواري ۽ پڻ ٻين ڪيترن سنڌين سان ملاقاتون ڪرايائين ۽ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون گهمايائين؛ تنهن کي جڏهن مون هندستان ڇڏڻ مهل سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني ته کلي چيائين ته گذريل ڪيترن سالن کان انهيءَ ڪوشش ۾آهيان ته پاڪستان جي ويزا ملي ته سنڌ ڏسان ۽ پنهنجو پراڻو ماڳ شڪارپور ۽ ڪوئيٽا ڏسان پر اڃا شايد منهنجيءَ انهيءَ تمنا ۾ ايتري سڪ پيدا نه ٿي آهي جو مونکي ويزا ملي.
    آئون هندستان مان ٿي آيس، تنهن کي سڄا سارا چار سال گذري ويا پر دادا گوبند نه آيو، هڪ ڏينهن ٻني ۾ پنهنجي گهر ۾ ويٺو هوس ته اوچتو جهوڪ وارو ڪاڪو نٿو مل اچي سهڙيو. خبر چار ڪندي ٻڌايائين ته بمبئيءَ وارو گوبند پنجابي ڪراچي آيو آهي ۽ اوهان لاءِ نياپو ڏنائين ته ڪراچيءَ ۾ آئون سيٺ گابا جي گهر رهيل آهيان. ٻئي ڏينهن تيار ٿي محمد صابر پليجوسان گڏ سندس ڪار ۾ ڪراچيءَ روانو ٿيس. ڪراچيءَ ۾ سيٺ گابا جو گهر اڳ ۾ ئي ڏٺل هوم، تنهن ڪري تڪليف نه ٿي. بنگلي تي سيٺ گابا پاڻ ويٺو هو. جنهن خاطر تواضع ۽ خبرن چارن وٺڻ کان پوءِ ٻڌايو ته دادا گوبند پنجابي کي بمبئي کان آئي ٻه ڏينهن ٿيا آهن پر اڄ صبح جو کيس محبوب ۽ مهتاب محبوب حيدرآباد وٺي ويا آهن. هاڻ توهان کي حيدرآباد ۾ مهتاب محبوب جي جڳهه تي ملندو. اسان ڪراچي مان سڌا انهيءَ وقت حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. رات جو اٽڪل نوين وڳي حيدرآباد ۾ پهتاسين. مهتاب محبوب جي جڳهه مون پنج سال اڳ ڏٺي هئي. جنهنڪري جڳهه ڳولهڻ مسئلو ٿي پيو. هڪ ته رات جو وقت ٻيو انهيءَ دوران حيدرآباد ۽ خاص ڪري لطيف آباد جتي مهتاب محبوب جي جڳهه هئي سخت سنڌي مهاجر جهيڙا ٿيا هئا ۽ ڪيترا سنڌي حيدرآباد ۽ لطيف آباد ۾ شهيد ٿي ويا هئا. هر ٻئي ٽئين ڏهاڙي ڪرفيو هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي هئي سو رات جي وقت الله الله ڪري وڃي مهتاب محبوب جي گهر پهتاسين. محبوب، مهتاب محبوب ۽ دادا گوبند اڳئي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هئا ڇو ته ڪراچيءَ مان اسانجي رواني ٿيڻ شرط سيٺ گابا کين فون تي ٻڌائي ڇڏيو هو ته عبدالحئي توهان ڏانهن، هتان کان روانو ٿي ويو آهي. دادا گوبند تمام گهڻي سڪ ۽ اڪير سان مليو. بمبئيءَ جي دوستن ۽ اسان جي ڳوٺ وارن جا کوڙ سارا سلام ڏنائين. اڃا اهي ئي حال احوال پئي اوريا سين ته مٿان حميد سنڌي ۽ سائين محمد ابراهيم جويو جن پڻ اچي پهتا. ٿوري دير ۾ ماني به ميز تي رکي ويئي. ماني کائيندي کائيندي رات جا ٻارهن ٿي ويا. اسان ڳوٺ وڃڻ واري ڪئي. محبوب ۽ دادا گوبند گهڻو ئي جهليو ته رات ڪافي ٿي ويئي آهي، حالتون ٺيڪ نه آهن. سو ايڏي دير سان ايڏي لاءِ وڃڻ ٺيڪ نه آهي پر اسان دادا گوبند کان ٻني جو پروگرام وٺي ڳوٺ روانا ٿي وياسين.
    هڪ ڏينهن ڇڏي پروگرام موجب اسان ڪراچيءَ پهچي وياسين.اتان سيٺ گابا واري ڪلفٽن واري بنگلي تان دادا کي ساڻ ڪري شام جو ستين وڳي روانا ٿياسين ۽ رات جو ڏهين وڳي ٻني پهچي وياسين ٻني ۽ آسپاس جا دوست جنهن ۾ منهنجي هندستان جي سفر وارو ساٿي ڊاڪٽر راڄو جنهن کي هندستان ۾ ڊاڪٽر راجو Dr Rajoo چوندا هئا. اهو به نظر آيم. ڊاڪٽر گولاڙچي کان خاص هتي دادا جي پروگرام جو ٻڌي آيو هو. سندس پٽ وزير به ساڻس گڏ آيل هو. سمورن ويٺل دوستن دادا جي گهڻي سڪ ۽ پنهجائپ سان آڌر ڀاءُ ڪيو. سمورن دوستن سان گڏ دادا به ماني کاڌي. ڪچهري ۽ رهاڻ جو شوق ته سڀني کي تمام گهڻو هو پر منهنجي ٻڌائڻ تي ته دادا سڀاڻي ۽ سڀان رات به پاڻ وٽ آهي ۽ پرينهن ڪراچي واپس ويندو. اڳ ئي گهڻي سفر سبب ڪافي ٿڪل آهي. سو اڄ رات کيس آرام ڪرڻ ڏيو، وري سڀاڻي صبح حال احوال وٺبس. ائين چئي دادا کي سندس ڪمري ڀيڙو ڪري اسان به وڃي کٽ ڀيڙا ٿياسين.
    صبح جو رات وارن ساٿين کانسواءِ ٻين به ڪيترن دوستن، کي دادا جي اچڻ جي خبر پيئي، سي سڀ دادا سان ملڻ لاءِ پهچي ويا. صبح انهن سڀني سان گڏ ناشتو ڪري ۽ کين رات جي مانيءَ جي دعوت عرض ڪري، اسان پروگرام تحت ڏهه ٻارهن دوست ٽن گاڏين ۾ پهريائين بلڙي شاهه عبدالڪريم جي درگاهه لاءِ روانا ٿياسين. جتي پهچي دادا شاهه عبدالڪريم کي نوڙت ڀريو سلام ڪيو ۽ درگاهه جي مجاورن کان شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۽ سندس مقبري ۽ ڪرامتن جي باري ۾ معلوم ڪيو.
    پوءِ بلڙيءَ جي شهر جو چڪر هڻندا سمورا ساٿي شاهه شهيد عنايت صوفيءَ جي درگاهه ڏانهن روانا ٿياسين. بلڙي ۽ جهوڪ جي وچ ۾ مفاصلو فقط ٽي ميل آهي. جنهن ڪري اسان چند منٽن ۾ جهوڪ شريف شاهه شهيد جي ماڳ تي پهچي وياسين. جهوڪ ۾ پهريائين درگاهه جي گادي نشين ۽ صوفي علي اڪبر جي پڇا ڪئي سين پر معلوم ٿيو ته ٻئي همراهه حيدراباد ويل آهن ۽ درگاهه مئنيجر، ڪاڪو نٿو مل به ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويل هو. پوءِ اسان سڀ درگاهه ۾ شاهه شهيد جي سلام لاءِ حاضر ٿي کيس عقيدت ۽ احترام ساڻ سؤ سؤ سلام ڪندي دعا گهريسين. دادا گوبند اتي مجاورن کان درگاهه بابت ڪافي سوال پڇيا. درگاهه جي ڀر سان مسجد شريف جو ڪم هلندڙ هو. جتي مستري ۽ مزدور ڪم ۾ مصروف نظر آيا. اسان ڪجهه وقت مسجد شريف ۽ درگاهه جو ديدار ڪري پروگرام موجب ميرپور بٺوري روانا ٿياسين. بٺوري ۾ پهريائين ڊاڪٽر عبدالڪريم پليجي ۽ پوءِ غلام حسين رنگريز وٽ وياسين. رنگريز وٽ بٺوري جا ٻيا به ڪافي دوست داداگوبند جو ٻڌي پهتا هئا. اتي ئي غلام حُسين رنگريز سنڌي ادبي سنگت بٺوري پاران ايندڙ ڏينهن تي دادا سان رهاڻ جي دعوت کيس ڏني. دادا اها شڪرئي ساڻ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ڏهين بجي اچڻ جو واعدو ڪيو. مون ٻني ۾ رات جي مانيءَ جي دعوت رنگريز کي عرض رکي ۽ کيس سنڌ جي سٺي راڳيندڙ علي محمد خاصخيلي ۽ سندس پٽ الهڏني کي به ساڻ آڻن لاءِ عرض ڪيو، جيئن ته رات جو راڳ جي محفل ڪريون.
    اسان اتان موڪلائي بٺوري شهر جو چڪر لڳائيندا ۽ واٽ مان دڙي شهر مان مختصر خريداري ڪندا شام ڌاري واپس ٻني پهچي وياسين. پروگرام موجب اسان ٿوري دير ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ ٻني شهر ڀرسان پڃاريءَ واهه واري قديم ڦاٽ مان ٿيندا، مولچند ٻيلي جو چڪر لڳائيندا اچي سنڌو نديءَ جي ڪناري ڀيڙا ٿياسين. ڪلاڪ کن درياهه جو سير ڪري واپس پنهنجي جڳهه تي پهتاسين. دادا گوبند سنان ڪري، ڪپڙا بدلائي ٻاهر اچي ويٺو جتي ٻيا سڀئي سفر جا ساٿي سڄي ڏينهن جي مسافريءَ ڪري ٿوري دير آرام ڪري وري تازا توانا ٿي اڱڻ ۾رات جي محفل لاءِ رکيل ڪُرسين تي پنهنجي پنهنجي جڳهه والاري ويهي رهيا. رات جي ماني ۽ راڳ جي محفل لاءِ جن دوستن کي عرض ڪيل هو سي پڻ آهستي آهستي اچڻ لڳا جن ۾ گولاڙجي، بٺورو، در ملوڪ شاهه، دڙو، بلڙي شاهه ڪريم، قادر ڏنو شاهه، اسماعيل پليجو ۽ ٻني شهر جا ڪافي دوست ۽ مهربان شامل هئا.
    غلام حسين رنگريز پڻ سڄي ساري سوزوڪي مهربان دوستن ۽ فنڪارن سميت ڀري پوري ٽائيم تي ٻني پهچي ويو. ريڊيو ۽ ٽي وي جا فنڪار علي محمد خاصخيلي، الهڏنو خاصخيلي ۽ ماسٽر محبوب علي خاصخيلي ۽ مقامي فنڪارن ۾ استاد گلشير خاصخيلي راڻو مير بحر، ملهار لاشاري ۽ بهادر مڱڻهار شامل هئا. ٻني جي نمن جي ٻُور جي سرهاڻ ۽ بوگن ولا ول جي هزارين ڳاڙهن، اڇن ۽ گلابي گهاٽن گلن جي ڇڳن به انهيءَ رات دادا کي جهومي ڀليڪار ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت هن سرهي محفل جي شروعات دادا جي اجازت ساڻ ٿي. راڳ رهاڻ جي هيءَ حسين محفل ساڍي اٺين وڳي شروع ٿي ۽ رات جو ٻه وڳي پوري ٿي. سڀني فنڪارن پاڻ ملهايو، هر ڪنهن پنهنجي وس آهر ڪا به گهٽتائي ڪا نه ڪئي ۽ محفل جي سامعين کان خوب داد وصول ڪيو، جيئن جيئن رات ماڪ ۾ ٺرندي ويئي تيئن تيئن ماسٽر محبوب جي آواز ۾ سوز ۽ مٺاڻ وڌندو ويو. محفل جي پڄاڻيءَ تي بهادر مڱڻهار الغوزي تي راڻو وڄائي سمورن جي دل موهي محفل کي ائين مست ڪري ڇڏيو ڄڻ ته سڀني تي اڻپيتي نشي جا کيپ چڙهي ويا هجن ۽ اهڙي طرح هن راڳ رهاڻ جي پڄاڻي ٿي.
    ماني کائي ڪي دوست ترسي پيا ۽ ڪي واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا. صبح جو ننڊ مان اٿڻ تي دل ئي نه پئي چاهيو پر دادا جو سڄي ڏينهن جو پروگرام اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هو.تنهن ۾ تر برابر به گهٽ وڌائي جي گنجائش نه هئي سو تيار ٿي ناشتو ڪري سڄي ٻني شهر جو دادا گوبند کي سير ڪرائي خاص ڪري سندس دوست ڪُندن ٽيڪواڻيءَ جي اڳوڻي جڳهه وارو هنڌ جتي هينئر به هڪ هندو ڀاءُ رامچند جو گهر آهي، اتي سندس فوٽو گراف ڪڍرائي شهر وارن کان موڪلايو. ان مهل سنڌي روايت مطابق ادا غلام رسول، سندم ڀاڻيجي ڊاڪٽر عبدالڪريم ۽ بين شهر وارن دادا گوبند کي اجرڪون پهرايون تنهن کان پوءِ هي قافلو دادا سان گڏ دڙو لائقپور روڊ کان ٿيندو ميرپور بٺوري، جتي دادا جي مان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو پاران آجياڻو منعقد هو، اُتي پهتو ته ادبي سنگت ۽ ميرپور بٺوري جي معزز شهرين سندس مان ۽ مرتبي مطابق هنجو کليءَ دل سان زبردست استقبال ڪيو.اهڙي پيار ۽ پاٻوهه سان ڀليڪار ڏسي دادا گوبند جون اکيون به آليون ٿي پيون. اسٽيج سيڪريٽري غلام رسول پرهياڙ جڏهن دادا گوبند کي مٿي اچي اسٽيج تي ويهڻ لاءِ گذارش ڪئي تنهن مهل هال ۾ موجود سمورن سڄڻن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس مرحبا ڪئي. تاڙين جي گونج ڳچ گهڙيون جاري رهي جنهن دؤران دادا گوبند هٿ ٻڌيو سڀني جا ٿورا مڃيندو رهيو. حاضرين جي چهرن تي پيار ۽ پنهنجائپ وارو منظر ڏسڻ وٽان هو. دادا گوبند جي ويهڻ بعد ئي سمورا ساٿي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا. دادا سنڌي ٻوليءَ جو وڏو اديب آهي. هن ورهاڱي کان به اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ اڃا به لکندو اچي. کيس ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترا ڀيرا ايوارڊ ۽ انعام به مليا آهن. پاڻ 1947ع کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ آيو ۽ هتي سڄيءَ سنڌ ۾ کيس زبردست مڃتا ملي ۽ سندس مان ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي يادگار ادبي تقريبون ۽ محفلون منعقد ڪيون ويون. انهن جو احوال اخبارن ۾ اچي چڪو آهي. هيءَ تقريب سنڌ جي ڄاتل ۽ مڃيل سنڌي ادبي سنگت جي بٺورو شاخ طرفان رٿيل هئي. سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽدري محترم غلام حسين رنگريز جيڪو سنڌ جو مڃيل اديب ۽ دانشور آهي، اهو پڻ هن بٺوري واري شاخ سان واڳيل آهي. هن آجياڻي جي شروعات سڀ کان اول اجرڪن پهرائڻ واري رسم سان ٿي. سنگت بٺوري طرفان غلام رسول پرهياڙ، خواجه اعجاز ۽ شهرين طرفان گرمک داس اجرڪون اوڍايون. دادا کي اجرڪ پهرائڻ وقت، هر اجرڪ پهرائيندڙ جي، دادا وٽ پهچڻ ۽ کيس اجرڪ اوڍائڻ تائين تاڙين جي گونج سان آجيان ڪئي ٿي ويئي.
    اجرڪن پهرائڻ جي تقريب کانپوءِ غلام حسين رنگريز سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل طور تقرير ڪئي. پهريائين دادا گوبند جو تعارف ڪرايائين. انهيءَ کانپوءِ سندس ڪيل ادبي ڪارنامن کان واقف ڪرايائين. کانئس پوءِ قاسم پٿر، اعجاز خواجه، پرويز ميمڻ، سائين اڪبر شاهه ۽ ٻين ڪيترن دوستن تقريرون ڪري دادا گوبند پنجابيءَ جي سنڌ اچڻ تي کيس ڀليڪار چئي ۽ سندس ادبي خدمتن جي مڃتا ڏني.
    هتي دادا گوبند اعلان ڪيو ته هو هاڻي پنهنجي نالي پويان ’پنجابي‘ نه پر ’سنڌي‘ لکندو. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان مهمانن کي ٽي پارٽي ڏني ويئي، جنهن کانپوءِ دادا ۽ سندس قافلي جا سڀئي ساٿي بٺوري جي دوستن کان موڪلائي اڳتي روانه ٿيا. پهريائين دادا جو هي قافلو سنڌ جي قديم ۽ سرمد جي محبوب اڀيچند جي شهر ننگر ٺٽي پهتو ته مون کي اياز جو شعر:
    ”ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،
    ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون.“
    ۽ دکن جي درٻار جي شاعر عثمان جو هي شعر دکني زبان ۾ ياد اچي ويو جيڪو هن پنهنجو مثنوي ”چتراولي“ ۾ ٺٽي شهر جي سونهن کان متاثر ٿي لکيو هو.
    مطلب ته ٺٽو ننگر هيري جهڙو خوبصورت آهي منجهس سارين جون سايون پوکون، هرڻ ۽ ڪشادا ۽ سهڻا جهنگل موجود آهن.
    ٺٽي شهر جي قدامت ۽ سونهن جي باري ۾ ڪيئي ڪتاب لکجي چڪا آهن پر آئون هتي صرف ٻه حوالا ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ ته تازو سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي سڀني شهرن ۾ مون کي ٺٽو ٿو وڻي پاڻ چئي ٿو ته جيڪر صحت ٺيڪ هجي ها ته گهر ٺهرائي وڃي ٺٽي ۾ رهان ها. ٻيو واقعو هن ريت آهي ته دارا شڪوه جڏهن سندس پيءُ شاهجهان سان ڪاوڙ جي ٺٽي آيو هو ته (بقول صاحب مقالات الشعرا) کيس ٺٽو نه وڻيو ۽ هڪ دروازي کان ٿيندو، ٻئي دروازي کان هليو ويو. قاضي ابراهيم ٺٽوي سندس مصاحب هو. تنهن کي حڪم ڏنائين ته ٺٽي کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. حاڪم جي حڪم جي بجا آوري خاطر گهاٽ واري پاسي، ڪجهه ڀونگين کي باهه ڏني ويئي. مير علي شير قانع جي دؤر تائين انهي باهه جا نشان موجود هئا ۽ عرف عام ۾ انهيءَ جڳهه کي ”سوخته گهاٽ“ يعني سڙيل پتڻ سڏيندا هئا.
    29 مئي 1658ع تي سامو ڳڙهه جي ميدان جنگ ۾ جڏهن دارا شڪوه شڪست کاڌي ۽ پاڻ زنده بچي ويو تڏهن هن ٺٽي ڏانهن منهن ڪيو.
    اورنگزيب سندس پٺيان صف شڪن خان، دلير خان ۽ شيخ مير جي ڪمان هيٺ پندرهن هزار فوج سميت دارا جي گرفتاريءَ لاءِ روانو ڪيو. دارا شڪوه مختلف شهرن کان ٿيندو، آخر 13 نومبر 1658ع تي ٺٽي پهتو. اتي ٺٽي جي باري ۾ نه معلوم ته ڇا سوچيو هوندائين ته هي اهو سندس ساڙايل شهر ٺٽو آهي يا ڪو ٻيو ٺٽو؟ بهرحال پاڻ نيٺ بولان ويندي 9 جون 1659ع تي ملڪ جيوڻ جي هٿان گرفتار ٿي دهليءَ لاءِ روانو ٿيو. ۽ اڄ هي اسان جو قافلو دادا گوبند جي سربراهيءَ ۾ قديم تاريخي جڳهين جي سير لاءِ مڪليءَ پهتو مڪلي، کير ٿر جبل جي هڪڙي تمام پري واري ٽڪريءَ جو ٽڪرو آهي جيڪا اتر کان ساموئي وٽان شروع ٿي ڏکڻ طرف يارهن ميل هلي ڪلان ڪوٽ وٽان ٿيندي پير پٺي وٽ ختم ٿئي ٿي. مڪلي جي چاڙهيءَ وٽ مڪلي کي ڪراچي ويندڙ رستو ڪٽي ٻه اڌ ڪري ٿو. ڏاکڻي اڌ ۾ عيد گاهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابو قاسم نقشبندي، مخدوم آدم، سيد محمد يوسف بکري، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جون قبرون آهن. انهيءَ پاسي ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ ڦٽل عمارتن جا آثار موجود آهن. اترئين حصي ۾ ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ هُجرا آهن. سراُتر جي ڇيڙي تي ڄام نظام الدين، دولهه دريا خان، ڄام تماچي ۽ ٻين سمن حاڪمن جا مقبرا آهن. انهيءَ طرف جامع مسجد مڪلي، پير مراد، شيخ جيئو، حماد جمالي، عيسيٰ لنگوٽي، مراد پليجو (مڪلي نامون صه 703) ۽ شڪرالاهي سيدن جا مقبرا ۽ قبرستان آهن. اسان به سنڌ جي انهيءَ ڇهن سو ورهين جي تاريخي جڳهه مڪلي جو سير ڪيو.


    ڀـنـڀـور يـاد ديـبـل بـنـدر

    ڀنڀور ميوزم ۾ ڀنڀور جي کوٽائيءَ وسيلي لڌل شيون رکيل آهن. اسان ٽڪيٽ وٺي، ٿوري دير پارڪ جو چڪر هڻندا، اندر ميوزم ۾ داخل ٿياسين اتي سياحن جي مدد لاءِ هڪ گائيڊ پڻ مقرر ٿيل آهي. جيڪو پنهنجي ڄاڻ مطابق، اسان کي هر شيءِ بابت سمجهائيندو رهيو. دادا گوبند هن کان ڪافي سوال پڇيا، پر هن تاريخي بنياد تي ڪي خاطرخواه جواب نه ڏنا. ادب دوست ڪامورو محترم عبدالقادر منگي جڏهن هتي اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته هن ديبل بندر جي موضوع تي هڪ سنڌ ليول جو سيمينار ڪرايو هو ۽ اتي پيش ڪيل مقالن ۽ تقريرن کي سهيڙي هڪ ڪتاب ڇپرايو هو، جيڪو ”ڀنڀور ديبل“ نالي سان پڌرو ٿيو. بنڀور ۽ ڀنڀور، ديول ۽ ديبل يا بن ۽ بهار، بن ۽ بهور؛ ۽ ون + وهار Van-Vihara لفظن جي صداقت بابت بحث اڃا جاري آهي. اميد ته تاريخ ۽ قديم آثارن جا ماهر، ضرور ڪنهن نتيجي تي پهچي قوم کي صحيح معلومات مهيا ڪندا. ۽ تاريخ جي شاگردن کي اڳتي لاءِ آساني ٿيندي. ڀنڀور جو هي علائقو جنهن جا کنڊر، ڊٻون، وهڪرا، نالا ۽ ڦاٽن جا نشان جيڪي ميلن ۾ پکڙيل آهن. سي ديهه پليجاڻي، ليراڻي، تلي، ترابي ۽ گجي کان به اڳتي نڪري وڃن ٿا. (ڀنڀور ديبل صفحو 143)
    ڀنڀور جي کوٽائي 1930ع ۾ اين جي مجمدار جي ڏينهن ۾ شروع ٿي، تنهن کانپوءِ 1951ع ۾ مسٽر ليزلي الڪاڪ جي ڏينهن ۾ ٿي. انهيءَ کانپوءِ وري ڊاڪٽر ايف اي خان جي دؤر ۾ قديم آثارن جي کاتي 1958ع ۾ ان جي کوٽائي شروع ڪئي جيڪا 1963ع تائين جاري رهي.

    يوناني جاگرافيدان بطيلموس جنهن سڀ کان پهريائين دنيا جو نقشو ٺاهيو هو، تنهن پڻ انهيءَ نقشي ۾ ڀنڀور کي ’باربريڪ ايمپريم ‘Barbarik Emporium ڄاڻايو آهي. جنهن جو مطلب آهي: واپار جي وڏي مارڪيٽ يا منڊي.
    ايڇ ڊبليو اسڪوف (H.W. Schoff) سندس خيال ظاهر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ٻي صدي عيسويءَ جو برک جاگرافيدان ايلان پڻ ڀنڀور کي باربرڪ جي نالي سان سڏيو آهي
    ڀنڀور جي واپار جي باري ۾ ”تاريخ تمدن سنڌ“ جو ليکڪ مولائي شيدائي چوي ٿو ته ڀنڀور هڪ تمام وڏو تجارتي مرڪز هو. جتان دنيا جي ڪيترن ملڪن سان واپار ٿيندو هو. هتي باقاعده ڪسٽم ورتو ويندو هو، جنهن کي گمرگ چئبو هو. مال جي روانگي وقت پنجوڻ جيترو معصول وصول ڪيو ويندو هو. ڀنڀور بندر تان ڪوڪن ملبار (سلون) سري لنڪا، ڪارومنڊل، ايراني نار، سوراشٽر، مشرقي ٻيٽن، چين، حضرالموت، مصر فنيقي، ڪلداني ۽ هندستان سان غورابن وسيلي وڏي پيماني تي واپار ٿيندو هو. انهن ملڪن ڏانهن، سنڌ مان جيڪو مال ويندو هو، تنهن مان ڪجهه جنسن جا نالا هي آهن: هيرا جواهر، سنگ مرمر، سليماني پٿر، عقيق، عقيق احمر، عقيق سليماني فيروزه، ياقوت، ياقوت ڪعبود، لعل، سچو بلور، نيلم، دوڌيو پٿر، ڳاڙها، ڪارا مرچ، ڦوٽا، سنڍ، عطر، کنڊ، کونئر، لاک، پنير، عاج، پستا، بادام، نيزا، ڪشمش، ڪپهه شيشم، ديال، ساڳ، چانور، جوئر، ڪڻڪ، ٻاجهر، داليون، تيلي ٻج، مشڪ، کٿوري، ريشم وغيره.
    جيڪي شيون ٻاهرين ملڪن مان گهرايون وينديون هيون تن ۾ يورپي عورتون، مصري، ڪپڙو، چانديءَ جا ٿانوَ، هيرا، شيشو، سون، موتي وغيره اچي وڃن ٿا. (ڏسو ڀنڀور ديبل صفحو 263) تاريخ گزيده، ڪامل ابن اسير، تاريخ عزرالسير الثعالبي ۽ فارسي نامه جو مؤلف، ابن بلخي لکي ٿو ته ديبل بهرامگود، بن نردگود، بن شاپود ساسانيءَ کي ڏاج ۾ مليو هو.
    ڀنڀور يا ديبل تنهن جو فيصلو تاريخ جا ڄاڻو ڪندا پر هي مقام، جتي دادا گوبند جي دوستن جو قافلو بيٺو آهي، انهيءَ مقام کي وري هڪ دفعو تاريخ ۾ زبردست شهرت ملي. سسئي ۽ پنهون جي داستان سبب، هي ماڳ هڪڙو دفعو وري به سڄي سنڌ جي توجهه جو مرڪز ٿي پيو. لطيف کان اياز تائين هر شاعر هن داستان تي خوب لکيو آهي. سنڌ جي عظيم شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ٽيهن سُرن مان، سڄن سارن پنجن سُرن ۾ انهيءَ داستان جو ذڪر ڪيو آهي. يعني (1) سُر آبري، (2) معذوري، (3) ديسي، (4) ڪوهياري ۽ (5) حسيني.
    سسئي ۽ پنهون، ٻئي لفظ سنسڪرت ٻولي جا آهن. سسئي = شاسٽين = چنڊ ۽ پنهون = ڀنون = سج.
    پيار جي داستان ۽ ڀنڀور جي ماڳ کي سنڌ جي شاعرن ڳائي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آهي شايد ئي ٻئي ڪنهن شهر ۽ داستان جو سواءِ ملير جي ايترو ذڪر سنڌي ادب ۾ ملندو. هيٺ ڪجهه مشهور شاعرن جا چند شعر هن باري ۾ پيش ڪجن ٿا.

    ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪن نه نيا پاڻ سين،
    سڪڻ سپرين کي، لاڳاپا سين لوڪ.
    (قاضي قاضن)

    مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،
    ولهيءَ جي وٿاڻ تي، توڏ نه تنوارين،
    هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
    (شاهه لطيف)

    ڀينر هن ڀنڀور ۾، گهايل ٿي گهاريان،
    سڄڻ جي سانگ ويا، سيئي ئي ٿي ساريان،
    سي ڪيئن وساريان، جي وٽان مون واٽ ٿيا.
    (شاهه لطيف)

    ڪيچان آيو قافلو، کڻي عطر عنبير،
    تنهين جي تاثير، واسيو شهر ڀنڀور کي.
    (سچل سرمست)

    پنهون! منهنجا پراڻ، ڪٿي ڇڏيئي سڃ ۾،
    موٽان ته ڀنڀور جا مور نه وڻن ڀاڻ،
    وڌان ته اهڃاڻ، ڪٿان آڻيان ڪيچ جا.
    (اياز)
    اڄ جو هي خاموش ويران، ڦٽل، اجاڙ ۽ اداس ڀنڀور، علامت بنجي ويو آهي پيار ۽ محبت جي، هن اداس ڀنڀور جي مٽيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي ڪا ايڏي پيڙا آهي جو صديون گذرڻ بعد به منجهس رچيل عشق ۽ سرمستي جي خوشبو ائين واسيل آهي، جيئن پرهه ڦٽي جو ماڪ ۾ ڀنل رابيل جي سرهاڻ!
    اسان جو هي قافلو، ڀنڀور جي محبت واري ماڳ ۽ سرهاڻ جي سرزمين کي نوڙت ڀرريو سلام ڪندو ڪراچي روانو ٿيو. جتي دادا گوبند کي گابا جي حوالي ڪري واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽياسين.


    ٻنون انسپيشڪن بنگلو

    ٻنون انسپيڪشن بنگلو ٻني کان ميل کن پري پيڃاري ڦاٽ سان لڳ تقريباً پندرهن ايڪڙن ۾ پکڙيل باغ ۾ وڏن پپرن، بڙن ۽ نمن هيٺان هڪ محل لڳندو هو. انگريز دؤر حڪومت ۾ اهو قانون هو ته صوبي جو گورنر پنهنجي صوبي جي اندر ندين ۽ اهم آثار قديم جي ماڳن تي سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور وڃي، هڪ ته انهيءَ ڪري انهن جي سار سنڀال ٿي ويندي هئي، ٻيو ته صوبي جي سربراهه کي اهي هنڌ ڏسڻ ڪري سڄي پوزيشن جي خبر پوندي هئي. اهڙي طرح سان وري وائسراءِ لاءِ به قانون هوندا هئا ته سال ۾ هڪ ڀيرو هندستان جي اهم قومي ورثن ۽ اهم فوجي اهميت جي ماڳ مڪانن تي سال ۾ هڪ ڀيرو وڃي ڏسي، اهو سبب هو جو وائسراء موهن جو دڙو ڏسڻ ايندو هو ۽ پوءِ انهيءَ بهاني اُت شڪار به ڪندو هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ تر جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو سر شاهنواز ڀٽو، قاضي فضل الله ۽ ايوب کهڙو هندستان جي مکيه ليڊرن ۾ ڳڻجڻ لڳا، سر شاهنواز ڀٽو جهوناڳڙهه جو وزير اعظم ۽ ايوب کهڙو گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن وڃي پهتو، نه ته خانبهادر ته سڄي سنڌ ۾ جام هئا. رڳو اسان جي سجاول سب ڊويزن ۾ به سڄا سارا ٻه خانبهادر موجود هئا؛ هڪ خانبهادر خير محمد چانڊيو ۽ ٻيو خانبهادر خير بخش خان لغاري انگريز حاڪمن جي انهن دورن ڪري ٻني انسپيڪشن بنگلي جو وڏو شان هو. بنگلي ۾ اڳيان ورانڊو پٺيان ورانڊو وچ ۾ وڏو هال، هال جي ٻنهي پاسن کان ٻه وڏا سوٽ هئا هر سوٽ ۾ ٻه ڪمرا، وڏو باٿ روم، جنهن ۾ هر شيءِ انگريزي نموني جي، يعني وڏا ٽب، ڪموڊ وغيره باٿ رومن جي صفائي لاءِ ٻاهران ٻاهر دروازا هئا بنگلي جي ڪراڪري لاءِ بنگلي اندر هڪ جدا ڪمرو هو پر بورچي خانو پر ڀرو هو بنگلو ايڏو ڪشادو جو ٻنهي سوٽن ۾ رهندڙن جي پوشيدگي بلڪل قائم رهي. انهيءَ وڏي بنگلي ۾ صرف صاحب لوڪ ۽ انهن جون مئڊ مون رهنديون هيون. جڏهن اهي هليا ويندا هئا ته بنگلو صفا بند ٿي ويندو هو. ڪير به ان ۾ ڪو نه رهندو هو. بنگلي ۾ هوا لاءِ وڏيون جهليون ڇت ۾ ٽنگيل هونديون هيون جن جا رسا ڇڪڻ لاءِ ڀتين۾ سوراخ ٺهيل هئا رسو ورانڊي ۾ ويٺل نوڪر ڇڪيندا رهندا هئا. انگريز آفيسرن کي ۽انهن رسن ڇڪڻ وارن کي هڪ ٻئي جي شڪل ته پري پر هڪ ٻئي جي ڪا خبر به ڪانه پوندي هئي ته اندر صاحب لوڪ ڇا پيا ڪن. بنگلي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪشادي ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٺهيل هوندي هئي. ان ڏاڪڻ جي ڀرسان بنگلي لاءِ وڏي پاڻي جي ٽانڪي هوندي هئي. جنهن کي اِرِيگيشن کاتي جا ملازم سڄو ڏينهن پيا ڀريندا هئا ۽ صفائي ڪندا رهندا هئا. بنگلي جي ڇت تي آفيسرن جي ويهڻ جو بندوبست ٿيل هوندو هو. بنگلي جي اڳيان هڪ وڏو ٿلهو هوندو هو جنهن جو سيمينٽ پلستر سج جي روشنيءَ تي پيو چلڪندو هو. انهي تي تمام وڏيون آرام ڪرسيون رکيون هونديون هيون، مون ايڏيون وڏيون ڪرسيون زندگي ۾ ڪو نه ڏٺيون قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب شهاب نامه ۾ لکيو آهي ته اُهي هوا واريون جهلون هلائڻ وارا ملازم جي ننڊ سبب سمهي پوندا هئا ته انگريز آفيسر کين ٿڏا هڻي ماري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ جي ڪڏهن انهي آفيسر تي انڪُوائِرِي ٿي ته کيس وارننگ ڏني ويندي هئي يا مٿس ٻه روپيا ڏنڊ وجهبو هو. مون پاڪستان ۽ هندستان گهڻو ڪري سڄو ڏٺو آهي. مثلاً ممبئي جو گيٽ وي آف انديا، اورنگ آباد لڳ اجنتا الورا ۽اورنگ آباد اندر اورنگزيب جي زال تي ٺهيل مقبرو جنهن کي هندستان۾ ”بي بي ڪا مقبرا“ چون،. جيڪو هوبهو تاج محل جو نقل ٺهيل آهي، دهليءَ ۾ لال قلعو بادشاهي مسجد، لوڌي گارڊن جنهن ۾ ننڍا وڏا مقبرا شامل آهن، قطب مينار، انڊيا گيٽ ۽ ان جي چؤطرف انگريزن جون ٺهيل جايون جنهن ۾ وائسراءِ جو گهر به شامل هو، جنهن ۾ انهيءَ وقت ٽي هزار ملازم هوندا هئا. اتي اهڙا ته ڪاريگر بورچي هوندا هئا جو لارڊ مائونٽ بيٽن جي زال پنهنجي ساروڻين ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته جڏهن اسان پهريون ڀيرو وائسراءِ هائوس ۾ آياسين ته ات بورچين اسان جي پاليل ڪُتي لاءِ ڪڪڙ ٺاهي کيس ڏنو پر مونکي اهو ڪتي لاءِ پڪل ڪڪڙ اهڙو ته وڻيو جو مون لِڪِي وڃي هڪ عليحده ڪمري جي ڪُنڊ ۾ کاڌو، چون ٿا ته انگلينڊ جو ولي عهد انهي دؤر ۾ جڏهن هندستان آيو تڏهن وائسراءِ هائوس ۾ قيام کان پوءِ چيائين ته مونکي اڄ خبر پئي آهي ته بادشاهه محلن ۾ ڪيئن رهندا آهن. مٿرا ۾ ڪرشن جي جاءِ پيدائش ۽ اُت ٺهيل مندر، آگري ۾ تاج محل، آگري جو قلعو، فتح پور سِڪري ۾ جامع مسجد، قلعو ۽ ان ۾ ٺهيل محل، لاهور ۾ بادشاهي مسجد، لاهور جو قلعو، شاليمار باغ، ڪراچيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ، سنڌ اسيمبليءَ جي بلڊنگ ۽ راڻي باغ ڏٺا آهن. واقعي مغلن ۽ انگريزن گڏيل هندستان ۾ وڏي شوق ۽ نفاست سان محل محلاتون باغ باغيچا ٺهرايا جن جو مثال ڪونهي ۽ هندستاني اُنهن تي ترنگا هڻي ويهي رهيا. هاڻ وري ٿا اچون ٻني جي بنگلي جي احوال تي. انهيءَ جي ٿلهي اڳيان وڏو باغ هوندو هو. جنهن ۾ وڏي لان جنهن جي چؤ طرف رنگبرنگي موسمي گل جنهن لاءِ ڪيترا مالهي هر روز باغ جي سار سنڀال لهندا هئا. منهنجو ننڍي هوندي جڏهن به باغ/ بنگلي ڏانهن وڃڻ ٿيندوهو ته ڪيترا سارا گُل ۽ ڊاک مالهي مون کي ڏيندا هئا. جن کي کڻي اچي ڏاڏيءَ جي پيرن تي رکندو هوس. هن وڏي بنگلي جي ڀر ۾ ٻيو به هڪ تمام وڏو بنگلو هو، (پر انسپيڪشن بنگلي کان ڪجه ننڍو) جنهن جي اندران ٻاهران ڪئين ولائتي شيشا لڳل هوندا هئا جن۾ پاڻ کي سڄو ڏسي ڏاڍو لطف ايندو هو. اهو بنگلو به وڏي بنگلي کان گهٽ ڪو نه هوندو هو پر انهيءَ اڳيان دڪو ۽ باغيچو ڪو نه هوندو هو. انهيءَ بنگلي ۾ ريگيوليٽر، ڪالوني، پيڃاري ۽ شاخن جو انچارج اسسٽنٽ انجينئر رهندو هو. انهيءَ کان ٿورو پرڀرو سب انجينئر فون آپريٽر (جنهن کي ان وقت ڪئنال وائر چوندا هئا) گدام، بورچي خانو ۽ ڪئمپ آفيسر لاءِ ٺهيل آفيس ۽ ٻيا ڪوارٽر ٺهيل هوندا هئا پر پوءِ فون آفيس ۽ فون آپريٽر لاءِ ڪوارٽر بنگلي کان گهڻو پري ٺاهيو ويو ڇو ته فون آپريٽر جي هيلو هيلو ۽ فون جي گهنٽين جو آواز بالا آفيسرن جي آرام ۽ ڳالهائڻ کي ڊسٽرب ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري فون کي هتان هٽائي آواز جي رينج کان ٻاهر لڳايو ويو.
    بنگلي جي پندرهن ايڪڙن جي ايراضيءَ کي سرسبز رکڻ لاءِ واهن مان پاڻي ايندو هو ۽ جڏهن واهن جو پاڻي هيٺ ٿي ويندو هو ته پڪي کوهه ذريعي پارڪ گُلن ۽ هن سڄي ايراضيءَ ۾ پوکيل وڻن کي پاڻي ڏنو ويندو هو.
    نيويارڪ ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر پڻ پندرهن ايڪڙن تي ٺهيل آهي. اُها زمين راڪفيلر مفت ۾ ڏني ڇو ته زمين شهر کان پري هئڻ ڪري وڪي ڪانه ٿي پوءِ اقوام متحده جي هيڊ ڪوارٽر ٺهڻ دوران ئي وڏي اگهه ۾ وڪجي ويئي (ڏسو روسي صدر گرو ميڪو جي آتم ڪٿا) بنگلي ۽ ڪوارٽرن اڳيان ۽ رستن تي ڇڻڪار ڪئي ويندي هئي. انهيءَ وائي جي ڀرسان ڍڳن لاءِ گاهه (جيڪي نار وسيلي کوهه مان پاڻي ڪڍندا هئا) به جام هوندو هو. هڪ ڇني تي پکڙيل ڊاک جي وَل جو وڏو شيڊ هوندو هو. جنهن ۾ هميشه ڪاري ڊاک جا وڏا ڇُڳا پيا لڙڪندا هئا. پارڪ سان گڏ بنگلي ڏانهن ويندڙ سڀني رستن تي ڪيترن ئي قسمن جا گُل پوکيل هوندا هئا. انهن جي باقائده هر روز سار سنڀال ۽ ڇانٽي ٿيندي هئي. انسپيڪشن بنگلي جي حدن اندر چوپايو مال ته ٺهيو پر اسٽاف کانسواءِ غير واسطيدار ماڻهو به نطر ڪو نه ايندو هو. سڄو منظر ۽ ماحول پرسڪون ۽ گلن جي خوشبوئن سان واسيل هوندو هو. اڄ به بنگلي اڳيان جيڪو پپر جو وڻ بيٺو آهي. تنهنجي ٿُڙ جي گولائي گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه ٽيهه فٽ ٿيندي. هاڻي ٻيو ته سڀ ڪُجهه ختم ٿي چڪو آهي. سواءِ بنگلي جي بلڊنگ جي تنهن جا به حال هيڻا سور ٻيڻا آهن.
    چون ٿا ته درياء مان نڪرندڙ پيڃاريءَ ۾ جڏهن پاڻي لهي ويندو هو ۽ درياء کان بنگلي تائين ٻيڙي ڪانه پهچي سگهندي هئي ته پوءِ صاحب لوڪن ۽ سندن مئڊمن کي آگ بوٽ ۽ وڏين ٻيڙين مان کڻي بنگلي تائين پهچائڻ لاءِ وڏيون سينگاريل ڏوليون هونديون هيون جن ۾ کڻي کين انسپيڪشن بنگلي تائين پهچايو ويندو هو. پوءِ اهي مئڊمون وڏن وڏن ٽبن ۾ شام جو خوشبودار پاڻيءَ ۾ وهنجي سهنجي تيل ڦليل ڪري اچي باغ ۾ ٽلنديون هيون. بقول ڪنهن شاعر جي ته:
    کیا رات تھی کے، ایک کہانی میں کٹ گئی،
    اڄ انهيءَ بنگلي ڏانهن ويندي به ڊپ ٿو لڳي.
    انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. ڪهڙن نه تجربن ۽ قائدن قانونن سان انگريزن هي سڀ ڪجهه ٺاهيو ۽ ڪيئن نه يڪدم کيل ختم ٿي ويو.اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ اُهو سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو هو.
    وڏا چوندا هئا ته هر سال جڏهن ممبئي جو ۽ تنهن کانپوءِ سنڌ جو گورنر ٻني بنگلي تي اچي منزل ڪندا هئا ته ٻني ۽ اردگرد جي علائقي ۾ ميلي جو سمان لڳندو هو. گورنر سان سندس فئملي ۽ سڄو اسٽاف گڏ هوندو هو. اسٽاف لاءِ ٽينٽ (تنبو) لڳندا هئا. جن ۾ هو رهندا هئا. گورنر جو رڪارڊ اٺن جي ٻنهي پاکڙن تي رکيل پيتين ذريعي پهچندو هو.
    گورنر هت ٻه ڏينهن رهندو هو. انهن ٻن ڏينهن ۾ پاڻ باقاعدگيءَ سان سرڪاري ڪاغذ ڏسندو، پڙهدو ۽ انهن تي ضروري حڪم جاري ڪندو هو. ڳوٺ جا وڏا ڳالهيون ٿا ڪن ته صبح سوير گورنر انهيءَ جي زال ۽ سندس ڌيئرون بنگلي کان نڪري ٻني جي چؤطرف بند تي چڍين سان واڪ ڪندا هئا. ساڻن ڪو به گارڊ نه هوندو هو. صرف هڪ گائيڊ (ترجمان) ساڻن گڏ هوندو هو. جڏهن ٻني جي ويجهو بند جي چاڙهيءَ هيٺان ماڻهن جا هشام ڏسندا هئا. جيڪي ماڻهو کين ڏسڻ لاءِ اتي جمع ٿيندا هئا ته انهيءَ گائيڊ کان پُڇندا هئا ته هي هيترا سارا ماڻهو هت ڇو اچي گڏ ٿيا آهن ته گائيڊ کين ٻڌائيندو هو ته هي ماڻهو توهان کي ڏسڻ لاءِ آيا آهن ته پاڻ ماڻهن ڏانهن نهاري هٿ لوڏي مشڪي اڳتي روانا ٿي ويندا هئا. ۽ ڳوٺ جا غريب، مسڪين ماڻهو انهيءَ ادا تي خوش ٿي ويندا هئا.


    ڪُمڀ ميلو

    هندو مذهب موجب مخصوص ماڳن تي واري واري سان هندو ڌرم ۾ ڄاڻايل مقدس ندين ۾ هندو ماڻهو ٻارن ٻچن سميت غسل ڪندي پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ مذهبي رسم کي ڪمڀ ميلو سڏيندا آهن. پوري دنيا ۾ هي نرالي حيثيت جو حامل ميلو، جتي سڀ کان وڌيڪ تعداد ۾ يعني ڪروڙين ماڻهو مخصوص مذهبي انداز ۾ وهنجندي پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪرڻ ڪارڻ اچي ڪٺا ٿيندا آهن. اتي ندين ۾ اجتمائي مذهبي غسل واري پوڄا کان سواءِ هندو مذهب جي مَتن ۽ منڊلن بابت مذاڪرا ۽ مباحثا پڻ معياري پيماني تي ڪيا ويندا آهن، ته رقص ۽ موسيقيءَ جون محفلون به ميلي جي راتين جون رنگين يادگار آهن، جن کي دستاويزي طور تي فلمايو ويندو آهي. انهن سمورين ريتن رسمن ۽ محفلن ۾ مذهب جو مدار مڪمل طور تي ماڻهپي، مَڌُرتا ۽ پرامن ماحول ۾ محبت تي ڏيکاريو وڃي ٿو. سن 2013ع ۾ منعقد ڪيل مها ڪمڀ ميلي ۾ اٽڪل ڏهه ڪروڙ هندو مردن، عورتن ۽ ٻارن وهنجندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪئي، جنهن ۾ پؤترتا ۽ پريم لاءِ پرارٿنا ٿي. ڪمڀ ميلو هر ٽئين سال هيٺ ڄاڻايل چَئين شهرن، يعني: 1. هردوار، 2. الهه آباد، 3. ناسڪ، 4. اُجينِ مان ڪنهن به هڪ شهر وٽ موجود وهندڙ نديءَ ۾ وِهنجندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري اجتماعي پوڄا لاءِ منعقد ٿيندو آهي، اهڙيءَ ريت مذڪور هر شهر ۾ اهو ڪمڀ ميلو، سلسليوار هر ٻارهين سال ملهايو ويندو آهي. هردوار شهر وٽان گنگا ندي وَهِندي آهي؛ الهه آباد شهر وٽان گنگا ۽ جمنا نديون گڏجي وَهنديون آهن. اتي سَرَسِوَتي نديءَ جو تصور به موجود آهي، يعني گهڻي آڳاٽي زماني دؤران هندو ڌرم موجب الهه اباد يا پريياگ شهر وٽان هيءَ عظيم سَرَسِوَتي ندي وهندي هئي. ناسڪ شهر وٽان گوداوري ندي وَهِندي آهي. اُجيَنِ شهر وٽان شِپرا ندي وَهِندي آهي. انهن ندين ۾ مخصوص وقت دؤران هندو مذهب جا پوئلڳ پنهنجن مڪمل خاندانن يا ڪُٽنبَن سميت اچي گڏيل غسل دؤران گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪندا آهن. هن ميلي جو نالو، اصل سنسڪرت، هندي ۽ ٻين ڏيهي ٻولين ۾ مُرَوج لفظ ”ڪمڀ“ مان اخذ ڪري مقرر ڪيو ويو آهي؛ انهيءَ لفظ جي معني: پاڻيءَ جو لوٽو، ٽِڀو، ڪاڍو، ڪُوزو يا جڳ آهي. ”ميلا“ لفظ جي معنيٰ ”تجارتي نمائش“ آهي. جن بندرَن تي لکين ڪروڙين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن، اتي بازاريون ته بيشڪ وڏي پيماني تي لڳدنيون آهن! ڪمڀ ميلو هر ڀيري ڏيڍ مهيني کن تائين جاري رهندو آهي. هندو ڌرم جي تعليمات موجب امرت سان ڀريل ڪوزي مان امرت جا ڪجهه ڦڙا مٿي بيان ڪيل درياهن ۾ تڏهن اچي ڪريا، هئا، جڏهن کير جو سمنڊ ولوڙڻ کان پوءِ ديوتا ۽ سندن مخالف پيدا ٿيل امرت جو زبردست ڪوزو هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. تنهن ڪري مهاديو وِشنو امرت جو اهوڪوزو کڻي آسمان ڏانهن اڏاڻو ته امرت سان ڀريل ڪوزي جي ڇلڪڻ سان امرت جا ڪجهه ڪجهه ڦُڙا مٿي ڄاڻايل ندين ۾ اچي ڪريا هئا. هن ميلي کي پوري دنيا ۾ مذهبي زائرين جو سڀني کان وڏو ميڙ ڪري ليکجي ٿو. سن 2013ع ۾ الهه آباد يعني پريياگ ۾ ملهايل ڪمڀ ميلي دؤران Royal Bath شاهي سنانم يعني غسل ڪندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري عظيم مذهبي تقريب منعقد ٿي، جنهن دوران گوپين جي تيرهن ٽولين کي پاڻيءَ ۾ وهنجندي ۽ ترندي جلوس جي صورت ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جي سنگم وٽ پهچايو ويو. مها ڪمڀ ميلي دؤران فقط هڪ ڏينهن يعني 10 فيبروري 2013ع ۾ اٽڪل ٽن ڪروڙن عقيدتمندن وِهِنجَندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪئي. تاريخي طرح ڪمڀ ميلي بابت لکيل پهريون احوال هڪڙي چيني هندو جوڳيءَ جي لکڻين ۾ مليو هو. انهيءَ جوڳي جو نالو ايگزوئان زينگ يا سُئان سَينگ هو. هن سن 629ع کان 645ع تائين هندستان جو سير ۽ سفر ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ ”هرش ورڌن“ هندستان جو بادشاه هو. ندين ۽ درياهن تي منعقد ٿيندڙ ميلن جو اهتمام ڪئين هزار سال اڳي منظم ڪيو ويو هو. هندو مت جي وچئين دؤر واري ديني تعليم موجب ڪمڀ ميلي جي شروعات يا رواج ۾ اچڻ جو احوال مشهور زمانه هندو مذهبي ڪتاب ”ڀڳوت پُراڻ“ ۾ ملي ٿو. تنهن کان سواءِ ٻين مشهور مذهبي ڪتابن جهڙوڪ: ”وِشنو پُراڻ“ ”مهاڀارت“، ۽ ”رامائڻ“ ۾ به سموندر مينٿن يعني سمنڊ ۾ طوفان ۽ وڏيون لهرون پيدا ٿيڻ کان پوءِ ديوتائن جو امرت سان ڀريل لوٽو کڻي آسمان ۾ اُڏامڻ جو ذڪر موجود آهي. انهن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته: دُرواس منيءَ جي بددعا سبب ڪيترن ئي ديوتائن جي سگهه ختم ٿي وئي، تنهن جي بحاليءَ خاطر اهي ديوتا مهاديو برهما ۽ مهاديو شِوَ وٽ دانهن کڻي ويا. انهن مهاديون ديوتائن کي مهاديو وِشنو ڏانهن موڪليو، جتي پهچي ديوتائن مهاديو وشنو جي پوڄا ڪئي. تنهن کان پوءِ مهاديو وِشنوء ڪشير ساگر يعني کير جو سمنڊ ولوڙڻ جي ديوتائن کي هدايت ڪئي ته جيئن کير جي سمنڊ ولوڙجڻ سان امرت يعني آب حيات حاصل ڪري سگهجي. کير جو سمنڊ ولوڙڻ لاءِ ديوتائن کي پنهنجن دشمنن آسورن سان ٺاهه ڪرڻو پيو ته اهي ساڻن گڏجي کير جو سمنڊ ولوڙين ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ملندڙ وَٿ يا دولت ۾ پاڻ سمورا هڪجيترا ڀائيوار ٿينداسين. سمنڊ ولوڙجڻ کان پوءِ جڏهن امرت جو ڀريل زبردست ڪوزو ظاهر ٿيو ته ديوتائن ۽ اسورن ۾ انهيءَ ڪوزي تي قبضو ڪرڻ لاءِ اچي جنگ لڳي، جيڪا ٻارهن ڏينهن ۽ ٻارهن راتيون هلي. اهي ڏينهن ۽ راتيون اسان جي ٻارهن مهينن جي برابر آهن. انهيءَ جنگ دؤران مهاديو وِشنو امرت سان ڀريل اهو ڪُوزو کڻندو، آسمان ۾ اڏامڻ لڳو، انهيءَ دؤران امرت جي ڀريل انهيءَ ڪوزي مان ڇُلڪندي امرت جا ڪجهه ڪجهه ڦڙا مٿي ذڪر ڪيل چئين ندين ۾ اچي ڪريا هئا. جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي ته ڪمڀ ميلو هر ٽئين سال مٿي ڄاڻايل چئين شهرن مان ڪنهن به هڪ شهر ۾ ان شهر وٽان وهندڙ درياه تي منعقد ٿيندو آهي. ارڌ ڪمڀ ميلو هر ڇهين سال فقط ٻن شهرن يعني هردوار ۽ الهه آباد يعني پريياگ مان ڪنهن هڪ شهر ۾ منعقد ٿيندو آهي. پُرنا ڪمڀ ميلو هر ٻارهين سال فقط الهه آباد يعني پريياگ ۾ ملهايو ويندو آهي. مها ڪمڀ ميلو هر هڪ سؤ چويتالِيهين سال فقط الهه آباد يعني پريياگ ۾ ملهايو ويندو آهي. سن 2015ع ۾ لڳندڙ ڪُمڀ ميلو 15 آگسٽ کان 13 سيپٽمبر تائين ناسِڪ شهر وٽ گوداوري نديءَ جي ڪپن تي ملهائبو. اُجين ۾ لڳندڙ ڪمڀ ميلي کي Simhastha سمهاسٿ به سڏيندا آهن. سن 2016ع ۾ پُرنا ڪُمڀ ميلو اُجين ۾ ملهائبو ڪُمڀ ميلو جُپيٽر گِرَه ۽ سج جي مختلف وقت تي مختلف بيهڪ موجب، مختلف ماڳن ۽ مختلف ٽاڻن ٿي ملهائبو آهي. مثلاً: جُپيٽر ۽ سج، راس منڊل ۾ اسد بُرج (Simth Rashi) منجهه هوندا آهن، تڏهن ڪمڀ ميلو ٽرمباڪيشور يعني ناسِڪ شهر ۾ لڳندو آهي. جڏهن سج، راس منڊل جي دِلو برج منجهه (Kumbh Rashi) هوندو آهي ته ميلو هردوار ۾ ملهائبو آهي. جڏهن جُپيٽر گِرَه راس منڊل جي ثُور برج منجهه هوندو آهي ۽ سج، جِدي برج منجهه هوندو آهي، تڏهن ڪمڀ ميلو پِريياگ يعني الهه آباد ۾ لڳندو آهي. جڏهن جُپيٽر ۽ سج راس منڊل جي وِڇونءَ بُرجَ منجهه هوندا آهن تڏهن هي ميلو اُجين ۾ ملهايو ويندو آهي. هر ڀيري ميلي جي انعقادُ واسطي عِلم جوتش جا ماهر حساب لڳائي تاريخون ۽ وقت مقرر ڪندا آهن. ”دِي امپيريئل گزيٽيئر آف انڊيا“ مطابق سن 1892ع ۾ هردوار شهر ۾ لڳل ڪمڀ ميلي ۾ ڪالرا جي وبا پکڙي هئي. تنهن کان پوءِ ”هردوار اِمپرووِ مينٽ سوسائٽي قائم ڪري، شهر ۾ گهربل ترقياتي ڪم زور شورَ سان ڪيا ويا. سن 1903ع ۾ ٿيل ڪمڀ ميلي ۾ چار لک هندو زائرين آيا هئا. سن 1954ع ۾ پِريياگ يعني الهه آباد وٽ لڳندڙ ڪمڀ ميلي ۾، ڪنهن بد نصيبيءَ سبب، ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾، تقريباً 500 هندو ياتري اجل جو شڪار ٿيا ۽ سوين ٻيا زخمي ٿيا. سن 1998ع ۾ هردوار شهر ۾ لڳل ڪمڀ ميلي دؤران تاريخ: چوڏهن اپريل تي اٽڪل هڪ ڪروڙ هندو عقيدتمند آيا هئا. سن 2001ع ۾ لڳل ڪمڀ ميلي ۾ چار ڪروڙ هندو عقيدتمند شريڪ ٿيا. ميلي واري انتظاميه جي پڌرائيءَ موجب، سن 2007ع ۾ لڳل ارڌ ڪمڀ ميلي ۾ اٽڪل ست ڪروڙ هندو عقيدتمند اچي ڪٺا ٿيا هئا. اهو ارڌ ڪمڀ ميلو پِريياگ يعني الهه آباد ۾ لڳو هو. سن 2001ع ۾ پريياگ يعني الهه آباد وٽ ملهايل ڪمڀ ميلي ۾ ٽِن کان ستن ڪروڙن جي تعداد ۾ هندو زائرين آيا هئا.
    هن ميلي جي مکيه خصوصيت مخصوص نديءَ ۾ وِهنجندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا يا مذهبي ريت رسم آهي، اها ڪڏهن هردوار شهر وٽ گنگا نديءَ ۾ اجتمائي غسل ڪندي ادا ڪبي آهي ته ڪڏهن ناسڪ شهر وٽ گوداوري نديءَ ۾ ساڳئي طور طريقي موجب ادا ڪندا آهن؛ ڪڏهن اها مذهبي رسم الهه آباد يعني پريياگ وٽ گنگا ۽ جمنا نديءَ جي سنگم وٽ ادا ڪبي آهي ۽ ڪڏهن وري اها اُجين شهر وٽ ڪِشپرا نديءَ ۾ هو به هو انداز ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. اُنهيءَ مکيه مذهبي رسم ادا ڪرڻ کان سواءِ ميلي دؤران مذهبي بحث مباحثا ۽ مذاڪرا پڻ مٿئين پيماني تي منعقد ٿيندا آهن. لنگر جو ميلي دؤران مڪمل بندوبست ٿيل هوندو آهي. سڀني ريتن ۽ رسمن ۾ رقص ۽ موسيقيءَ جون ڪيتريون ئي شاندار محفلون منعقد ٿينديون رهنديون آهن. هندو مذهب موجب هي ڪمڀ ميلو سڀ کان وڌيڪ مقدس هندو مذهبي ريت رسم يا پوڄا تصور ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته هن ميلي ۾ هزارين هندو درويش مرد ۽ عورتون پاڪيزگي حاصل ڪرڻ واري اجتماعي غسل واري پوڄا ۾ اچي شريڪ ٿينديون آهن. ساڌوئن کي گيڙوءَ رتا ڪپڙا اوڍيل هوندا آهن ۽ سندن بدن تي رَکَ مَليلَ هوندي آهي. انهن ساڌوئن مان ڪِنِ کي نانگا يا ننگا سنياسي سڏيندا آهن، جيڪي ڪهت سياري ۾ به انگ تي ڪپڙو ڪو نه ڍڪين! جڳ مشهور ليکڪ مارڪ ٽئين، سن 1895ع وارو ڪُمڀ ميلو گهمڻ کان پوءِ لِکيو ته: ”اهو (ڪمڀ ميلو) نهايت حيرت انگيز طور تي عقيدي جي ڪمال طاقت طور انسان ذات جي هڪ زبردست ۽ شاندار علامت جو حامل آهي. هڪ نهايت نرالي ۽ پرڪيف اجتماعي روپ ۾ غسل ڪندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪرڻ خاطر جوان توڙي جهونن، مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن جي جفاڪشي ڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي شڪايت کان سواءِ، صبر ۽ استقلال سان سفر ڪرڻ، اجتماعي غسل ڪندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ ۽ وري پنهنجن ڪکن ڀيڙو ٿيڻ واسطي، معلوم ڪونهي ته پيار وچان يا ڪنهن ڊپ سبب، پر سڀني ڪٺي ٿيل عقيدت مندن کي مذهبي جذبي سان سرشار ڏٺم. اسان جهڙن ٿڌي طبيعت وارن ڳورن لاءِ، ڪُمڀ ميلو، پنهنجي جوش ۽ جولان کان هٽي ڪري به، انساني عمل جو هڪ نهايت ناقابل يقين عجوبو آهي“ غسل ڪندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪرڻ لاءِ عقيدتمندن کي نديءَ ۾ گهڙڻ جو حڪم ڪرڻ ”جُونا“، ”نرنجاڻي“ ۽ ”مهانرواڻي“ گوپين جي ٽولين جي هٿ وس آهي.

    ڪمڀ ميلي جا اهم ڏينهن

    1. ڀيشم اڪاداسي سِنان: هن ڏينهن تي ڪورو گهراڻي جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور، سڀني کان وڌيڪ ڏاهي، سڀني کان وڌيڪ پيرسن ۽ سڀني کان وڌيڪ صحيح شخص ڀيشم پتاماه، اٽڪل پنج هزار سال اڳ، مهاديو ڪرشن جي عظمت جي واکاڻ، پانڊوَنِ جي سڀني کان وڏي ڀاء يُڌشِٽر اڳيان شري وِشنوء جي معرفت ڪرائي. پرماهنس يوگانند سندس ڪتاب: ”آٽوبايوگرافي آف اي يوگي“ ۾ لکيو آهي ته: سن 1894ع ۾ پريياگ شهر ۾ لڳندڙ ڪمڀ ميلي دؤران سندس گُروُ شِري يُڪتِيسِوَر، مها اوتار باجا جِي سان مليو هو. ستاويهه جولاءِ کان ست سيپٽمبر، سن 2003ع ۾ ناسڪ شهر ۾ منعقد ڪمڀ ميلي دؤران 39 عقيدتمند (28 عورتون ۽ 11مرد) رَش ۾ پٽ تي ڪِري، ماڻهن جي پيرن هيٺان چيڀاٽجندي مري ويا ۽ 57 ٻيا زائرين زخمي ٿيا. عقيدتمند هن سِنانم واسطي، گوداوري نديءَ جي ڪپن تي اچي گڏ ٿيا هئا. انهن عقيدتمندن مان اٽڪل ٽيهارو هزار زائرين کي، رامڪُند ماڳ ڏانهن ويندڙ هڪڙي سوڙهي گهٽيءَ ۾ رڪاوٽون پکيڙي، کين روڪي، واپس پويان موٽايو ويو، جيئن ته ساڌو سناسي اتي سَوَلائِيءَ سان غسل ڪندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪري سگهن. اطلاع موجب هڪ ساڌوء ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪجهه چانديءَ جا سِڪا اُڇلايا، تنهن ڪري ماڻهن ۾ گوڙ ٿيو ۽ منجهن ڀاڄ پئي. سن 2004ع ۾ اُجين شهر وٽ ڪِشپرا نديءَ ۾ عقيدتمندن ڪيترائي ڀيرا مذهبي غسل ڪيو، جنهن دؤران اهي وِهنجندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪرڻ ۾ مشغول رهيا. سن 2007ع ۾ پريياگ ماڳ يعني الهه آباد شهر وٽ ملهايل ارڌ ڪمڀ ميلي ۾ ستن ڪروڙن کان به وڌيڪ عقيدتمند هندوئن شرڪت ڪئي 14 جنوري 2010ع ۾ مَڪَر سنڪرانتي واري ڏڻ کان وٺي 28 اپريل 2010ع تي ساک پُرنيما سِنانِ واري پوڄا تائين هردوار شهر ۾ پُرنا ڪمڀ ميلو ملهايو ويو. انهيءَ ميلي دؤران 14 اپريل 2010ع ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هندو عقيدتمندن گنگا نديءَ ۾ سنان ڪندي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري پوڄا ڪئي. 14 جنوري 2010ع کان اپريل جي وچ تائين تقريباً چار ڪروڙ عقيدتمند هندو اجتماعي غسل واري پوڄا ڪري چُڪا هئا. تڏهن هندستاني زائرين سان سوين پرڏيهي سيلاني به اچي شامل ٿيا هئا؛ چون ٿا ته انهيءَ سال پوري دنيا ۾ اهو ميلو سڀني کان وڏو مذهبي ميڙ هو. زائرين جي ايڏي وڏي تعداد کي ميلي ۾ پهچائڻ ۽ واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽائڻ لاءِ هندستان جي ريلوي انتظاميه گهربل انگ ۾ خصوصي طور معمول کان زياده ريل گاڏيون مهيا ڪيون. انهيءَ سال هندو عقيدتمندن ۽ هندو مُلن ۾ ڦڏو ٿيڻ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي، جنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو پٽ تي ڪِرِي، ماڻهن جي پيرن ۾ چيڀاٽجڻ سبب مري ويا. 14 جنوري کان 10 مارچ 2013ع تائين الهه آباد شهر وٽ پِريياگ ماڳ تي مها ڪمڀ ميلو ملاهيو ويو. انهيءَ دؤران 10 فيبروري 2013ع تي اندازاً ٽن ڪروڙن عقيدتمند هندوئن غسل وسيلي گناهن کان پاڪ ٿيڻ واري اجتماعي پوڄا ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميلي وارن 55 ڏينهن دؤران اٽڪل ڏهن ڪروڙن هندو عقيدتمندن شرڪت ڪئي. انهيءَ ميلي دؤران 10 فيبروري 2013ع ۾ ڪنهن سبب شهر جي ريلوي اسٽيشن تي زائرين ۾ ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾ 36 ماڻهو مري ويا ۽ ٻيا 39 ڄڻا ڦٽجي پيا. ڪيترن ئي خاندانن جا ضعيف مرد، عورتون ۽ ٻار، ماڻهن جي حد کان وڌيڪ پيهه سبب ڌار ٿي گم ٿي ويا. 2013ع واري مها ڪمڀ ميلي جي غسل واري پوڄا جون مکيه تاريخون هيٺ ڏجن ٿيون.
    1. 10 جنوري 2013ع (سومار) مڪر سنڪرانتي سِنانِ.
    2. 27 جنوري 2013ع (آرتوار) پائُش پُرنيما سنان.
    3. 6 فيبروري 2013ع (اربعا) اڪاداشي سنان.
    4. 10 فيبروري 2013ع (آرتوار) مائوني اماواسيا سنان.
    5. 15 فيبروري 2013ع (جمعو) وسنت پنچمي سنان.
    6. 17 فيبروري 2013ع (آرتوار) رٿ سپتمي سنان.
    7. 21 فيبروري 2013ع (خميس) ڀيشم اڪاداشي سنان.
    8. 25 فيبروري 2013ع (سومار) ماگهي پُرنيما سنان.
    9. 10 مارچ 2013ع (آرتوار) مهاشِوِ راتري سنان.
    سن 1982ع واري ڪمڀ ميلي جي بنگالي ٻوليءَ ۾ تيار ڪيل دستاويزي/ فيچر فلم جو هدايت ڪار، دليپ راءِ هو. انهيءَ فلم جو نالو: ”امرت ڪمڀر سنڌاني“ هو. سن 2001ع واري ڪمڀ ميلي بابت پڻ ڪيتريون ئي دستاويزي فلم ٺهيون، جن مان ”ڪمڀ ميلو، ڌرتيءَ تي سڀني کان وڏي نمائش“ نالي دستاويزي فلم جو هدايت ڪار گراهم ڊي هو. 24 سيپٽمبر 2003ع ۾ اخبار ”هندو“ ۾ خبر ڇپي ته ناسڪ شهر ۾ لڳندڙ ڪمڀ ميلي ۾ ستن ڪروڙن کان به گهڻن عقيدتمندن شرڪت ڪري رام ڀڳوان ۾ ايمان جو ثبوت ڏنو. ”ڪمڀ ميلا: سانگس آف دي رِوَر 2004ع“ نالي دستاويزي فلم نديم الدين جي تيار ڪيل آهي. ان کان سواءِ ”اِنووڪيشن: ڪمڀ ميلا 2008“ دستاويزي فلم پڻ تيار ڪئي وئي آهي. شارٽ ڪٽ ٽُو نِروانا: ڪمڀ ميلا“ نالي دستاويزي فلم 2001ع واري الهه آباد ۾ ملهايل ڪمڀ ميلي دؤران نِڪ ڊي جي هدايتن تحت تيار ڪئي وئي هئي. ان فلم جو پروڊيوسر، مائوري زيئو بينازو هو. 18 اپريل 2010ع ۾ مشهور آمريڪي شو ”دِي سِي بي ايس سنڊي مارننگ“، ”دِي لارجيسٽ پلگرميج آن ارٿ“ جي عنوان هيٺ هردوار شهر ۾ منعقد ڪمڀ ميلي جي جوڳي پرچار ڪئي ۽ ان کي ”ڌرتيءَ تي عقيدي جي سڀ کان وڌيڪ غير معمولي نمائش ۽ ڪروڙين ماڻهن کي ڇڪي ويندڙ حيرت انگيز مسافري“ سڏيو. 28 اپريل 2010ع ۾ بِي بِي سِي ”ڪمڀ ميلا: گِريٽيسِٽ شو آن ارٿ“ عنوان تحت هڪ آڊيو ۽ وِڊيو رپورٽ نشر ڪئي ۽ ڏيکاري. 30 سيپٽمبر 2010ع ۾ ”اين اِڊِيئٽ اَيبراڊِ“ جي عنوان تحت، اِسڪاءِ وَنِ ٽِي وِي سِيريزِ جي ٻِي قسط ۾ ڪمڀ ميلي بابت هڪڙو فلم فيچر ڏيکاريو هو. سن 2011ع ۾ ”ڪمڀ ميلا: واڪنگ وِٿ دي ناگاز“ سِري هيٺ ڪمڀ ميلي بابت هڪڙي نئين دستاويزي فلم تيار ڪئي وئي هئي. ”امرت: نيڪٽار آف اِمارٽلٽي“ عنوان سان هڪڙي دستاويزي فلم سن 2010ع ۾ ملهائيل ڪمڀ ميلي دؤران هردوار شهر ۾ جوناس اِسڪِيُو ۽ فلپ آئر جي هدايتن تحت تيار ڪئي وئي هئي. 10 فيبروري 2013ع ۾ ميڊيا خبر پڌري ڪئي ته آلهه آباد ريلوي اسٽيشن تي ماڻهن ۾ ڀاڄ پوڻ ڪري 36 ڄڻا مري ويا. انهيءَ واسطيدار اِداري ۽ رياستي سرڪار ٿيل بدانتظاميءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سندن مؤقف هو ته ريلوي اسٽيشن تي ٿيل ڀاڄ ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي موت جو سبب، فقط ۽ فقط اتي پيدا ٿيل نهايت غير متوقع ۽ بي انداز اجتماع هو، جيڪو غسل واري پوڄا تان موٽندڙ ۽ انهيءَ پوڄا ڪارڻ ايندڙ عقيدت مند زائرين جو اسٽيشن تي لکين ماڻهن جو هڪ زبردست ميڙ بنجي ويو هو. مارچ 2013ع ۾ ”انسائيڊ دي مها ڪمڀ“ عنوان سان نيشنل جاگرافڪ چينل وارن هڪڙي دستاويزي فلم تيار ڪري ڏيکاري هئي. انهيءَ فلم ۾ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ پيدا ٿيل ”بابا رامپوري“ کي پَهرئين پرڏيهي طور ڏيکاريو ويو، جيڪو ساڌو يا سناسي ٿيو هو.


    دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وسڪاري جا گيت ۽ ناچ عام آهن

    پراني زماني ۾ جڏهن آبپاشي جو نظام سڌريل حالت ۾ نه هو ته زراعت ۽ چراگاهن جو مدار مينهن تي هوندو هو. مينهن وسڻ جا ويس ڪندو هو ته ماڻهو بود ۾ ڀرجيو پيا ناچ نچندا ۽ همرچو ڳائيندا هئا. جنهن مند ۾ وري مينهن نه وسندو هو ته ماڻهو مرگهه، پکي پکڻ ۽ سڀ ساهوارا پيا ڌڻيءَ در ٻاڏائيندا هئا. اهڙي ريت ڪن قومن مينهن جا ديوتا ٺاهي انهن جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ جانورن ۽ انسان جون قربانيون ڏيڻ شروع ڪيون ته ڪن وري طاقتور روحن کي پرڀائڻ لاءِ جنتر منتر تخليق ڪيا. اسان وٽ به مينهن نه پوڻ جي صورت ۾ يا حد کان وڌيڪ پوڻ جي حالت ۾ ماڻهو ڀت خيرات ڪندا آهن، شڪراني جون نمازون پڙهندا آهن يا هزارين صلواتون ورد ڪندا آهن، ٽوڪيو ۾ هر سال جي 17 جولاءِ تي مينهن روڪ ناچ ٿيندو آهي. جنهن ۾ ٽي ازدها ناچ ڪندي مينهن بند ٿيڻ جون دعائون گهرندا آهن، انهيءَ صدين پراڻي رسم کي جپاني ٻوليءَ ۾ مزو ڊومينو مائي Mizudomino Mai سڏيندا آهن، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پاڻي روڪ ناچ؛ هي ناچ شنگاوا (Shingaawa) جي ويجهو گونشو جي مندر ۾ ٿيندو آهي، جتي هزارين ماڻهو اچي مڙندا آهن، هن ناچ ۾ اسٽيج تي ٻه نر ازدها (Dragons) هڪ مادي ازدها جي پيار جيتڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ناچ جو بنياد اڄ کان 550 سال اڳ پيو، اندازو آهي ته سال 1429ع ۾ هن ايراضي ۾ برسات نه پوڻ سبب سخت ڏڪار پيو هو، ڏڪار جي ستايلن ماڻهن ۽ هزارين نارين گونشو جي مندر جي هڪ پروهت هوميسوو کي وڃي عرض ڪيو ته هو مينهن وسڻ لاءِ دعا گهري. انهي بزرگ پروهت هوميسوو فصلن جي ديوتا اناري ميوجن (Inari Myojin) جي مورت ڪاٺ ۾ جوڙائي ڪکن مان هڪ ٻي ديوتا (Dragon God) ڊِرَيگَن جي مورت به ٺهرائي ۽ پوءِ هڪ هفتي تائين وسڪاري لاءِ دعا گهرندو رهيو. ستين ڏينهن جي شام جو هن ڊريگن ديوتا ريوجن جي ڪکائين مورتي سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏي. وري مندرن ۾ موٽي اچي ٻڌ ڌرمي دعائون پڙهڻ لڳو. ڏسندي ڏسندي آسمان تي ڪڪرن جي ڪارونڀار ٿي ويئي، وڄن وراڪا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ مينهن جون اوڙڪون وسڻ شروع ٿي ويون، هارين نارين جا گوندر لهي ويا ۽ اڃايل ڌرتي سيراب ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت وقت ويو گذرندو. ٻن سالن کان پوءِ يعني 1431ع ۾ وري بارشن جون اهي ٻَنا ٻوڙ اوڙڪون وَسيون، جو ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. چوندا آهن ته ماڻهو نه سهي سردي ۽ نه سهي گرمي، سو هاري ناري ۽ ڪڙمي ڪاسبي وري ڀڳا ساڳئي بزرگ پروهت وٽ ته: ”اي ڀلارا انسان، سڄي مهيني جي مسلسل مينهن هڻي فصل تباهه ۽ مال ماري ڇڏيا آهن. هاڻي ته جيئڻ ئي جنجال ٿي پيو آهي، ڀلائي ڪري ڪا دعا گهرو ته بارش بند ٿئي.“ هارين نارين ۽ ماڻهن جي اِها سقيم حالت ڏسي هن بزرگ وري به دعا گهرڻ جو سنباهو ڪيو. هن ڀيري هن ٽن ازدهن (Dragons) جون مورتيون تيار ڪرايون، جن کي مِزو دومي (Mizo Domie) (يعني پاڻي روڪ) جو نالو ڏنائين، پورهيت هارين کي چيو ته اهي، مروڊومي ازدهن جا نقاب منهن تي چاڙهي دهل ۽ توتاڙا وڄائي ناچ ڪن. هاري دهل ۽ توتاڙا وڄائي ناچ نچندا رهيا ۽ هي انهيءَ دوران دعائون گهرندو رهيو. ڏسندي ڏسندي آسمان صاف ٿي ويو. ڪارونڀار هٽي ويئي، بارش بس ٿي ويئي ۽ سج پوري آب تاب سان چمڪڻ لڳو. سارو لوڪ حيرت زده رهجي ويو ۽ هن آفت کان ڇوٽڪارو پائي سرهو ٿيڻ لڳو. انهيءَ واقعي جي ياد ۾ 17 جولاءِ تي هي ڏيهاڙو ملهايو ويندو آهي.
    پراڻي زماني کان وٺي انسان مئلن جي روحن کي خوش رکڻ لاءِ ڀانت ڀانت جا نطريا رکندو ۽ مختلف رسمون بجا آڻيندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ جديد سائنسي انڪشافن انهن ڳالهين کي وهم کان وڌيڪ ڪا به اهميت نه ڏني آهي، پر تڏهن به ابن ڏاڏن سان جذباتي وابستگي انهن رسمن کي قائم رکڻ لاءِ محرڪ طور ڪم ڪندي رهي آهي، دنيا جي مختلف قومن، مذهبن ۽ ڌرمن ۾ روح جي پرواز، روحن جي جاءِ رهائش ۽ روحن جي ڪار گذارين بابت ڪئين عجيب و غريب نطر يا هلندڙ آهن.
    هندوئن ۾ روح يا آتما جي جسمن بدلائڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. قديم مصرين ۾ مرده جسم ۾ ڪنهن به وقت روح جي داخل ٿيڻ جو عقيدو هو، غالباً انهي ڪري ئي قديم مصري لاشن کي دوائن ۽ مصالحن وسيلي محفوظ رکندا هئا ۽ مرندڙن سان گڏ سندن سازو سامان به دفن ڪندا هئا ته جڏهن مردو جيئرو ٿئي ته کيس استعمال جون سڀ شيون اڳواٽ ميسر هجن.
    عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن ۾ روحن جي عالم برزخ ۾ رهڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. اهڙي ريت جپان جي ماڻهن ۾ جن جو تعلق ٻڌمت ۽ شنتومت سان آهي، اُنهن ۾ به روحن جي موجود رهڻ ۽ سيرو سفر جو عقيدو عام آهي. انهي سلسلي ۾ هو 13 جولاءِ کان 16 تاريخ تائين ياروُ ڪوني جنجا (Yarru Kuuni Jinja) ۾ رنگ ناچ وغيره جون تقريبون منعقد ڪندا آهن. اهي تقريبون گذريل جنگين دوران شهيد ٿيلن جي روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملهايون وينديون آهن. هنن جو عقيدو آهي ته مئلن جا روح پنهنجن دنياوي گهرن گهمڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ايندا آهن ۽ 16 جولاءِ تي وري واپس ٻي جهان ڏانهن هليا ويندا آهن. شترائن ۾ هر شام 2500000 روحن لاءِ مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ امن لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن. انهي تقريب کي چراغن جو تهوار به ڪري سڏبو آهي، هن تهوار ۾ هزارين ننڍا وڏا چراغ روشن رکيا ويندا آهن ته جيئن روح پنهنجن گهرن ڏانهن ايندي ۽ ٻي جهان ڏانهن موٽندي اوندداهين ۾ نه ڀٽڪن، هن ڏيهاڙي جون رنگا رنگ تقريبون جن ۾ رقص وسرود، نمائشون، ڪرتب، لوڪ ناچ وغيره هوندا آهن ڪافي دلچسپ ۽ وندرائيندڙ آهن.
    3. موسم گرما جي دلچسپ رسمن مان هڪ رسم آهي تلاءُ يا ندي تي ڏيئا ٻرڻ. اسان وٽ سنڌ ۾ هندو سنڌوءَ تي هميشه ڏيئو ٻرندڙ رکندا هئا. انهن کي درياه پنٿي سڏيو ويندو آهي. ڀٽائي گهوٽ به انهي رسم جو ذڪر ڪيو آهي.
    جپان ۾ پاڻيءَ تي ڏيئن تارڻ واري رسم کي تورو ناگاشي Toro Nagashi چئجي ٿو، رات جي ڪاراڻ ۾ جَر تي ترندڙ ۽ ٽمڪندڙ ڏيئن جي جوت جو ڏيک ڏور کان ڏاڍو رومانٽڪ لڳندو آهي. منگل جي سانجهيءَ مهل هزارين ٽمڪندڙ ڏيئا پاڻيءَ تي ترندا ۽ پاڻي ۾ اولڙا ٺاهيندا ڪنهن اڻ ڄاتي سفر تي ويندا نظر ايندا آهن. اِها تورو گاشي رسم ٻڌمت وارن جي پراڻي رسم آهي ۽ بون ڏيهاڙي سان هن جو واسطو آهي. ٻڌمت وارن جي عقيدي موجب بون (Bon) سال جو اهو ڏيهاڙو آهي، جڏهن هنن جي ابن ڏاڏن ۽ عزيزن قريبن جا روح پنهنجن وارثن سان ملڻ لاءِ زمين تي ايندا آهن، اهو ستين مهيني جو تيرهون ڏينهن هوندو آهي. عبادتگاهن ۾ قرباني جا خاص هنڌ جوڙيا ويندا آهن، جن تي آيل روحن لاءِ کاڌا خوراڪون، ميوا مٺايون ۽ شربت رکيا ويندا آهن. 16 تاريخ ارواح واپس وڃڻ شروع ڪندا آهن ۽ انهن جي راهه روشن رکڻ لاءِ پاڻي تي ڏيئا تاريا ويندا آهن. ڏيئا جن ٿالهين تي تاريا ويندا آهن انهن تي ڪجهه کاڌا ۽ ميوا به رکيا ويندا آهن ته جيئن ارواح واپسيءَ جي سفر دوران کائي سگهن. اهڙيءَ ريت اها رسم 16 تاريخ جي پڄاڻي سان اَنتَ تي ايندي آهي.


    تـــــرڪ ادب

    توهان کي اسان جي ملڪ ۾ ته انگريزي، روسي ۽ فرينچ ادب جا هزارين ڪتاب ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي ڪتاب گهرن توڙي ملڪ جي مکيه لائبررين ۾ ۽ ڪيترن ئي بڪ اسٽالن ۽ وڏن دڪانن تان ملي ويندا، پر اتان ترڪيءَ جي سلطانن، مولانا رومي يا ناظم حڪمت ۽ جديد ترڪيءَ جي بانيءَ مصطفيٰ ڪمال پاشا بابت چند ڪتابن کان سواءِ ترڪ ٻولي، ترڪ ادب، ترڪ سماج، ترڪ ثقافت توڙي ترڪ علوم ۽ فنون بابت ڪتاب خير ڪو ملندا. سو مون ۽ محبوب ڪوشش ڪري / ڏهاڪو کن ڪتابن جو ترڪ ادب بابت خريد ڪيو.آئون چاهيان ٿو ته ترڪ ادب جي باري ۾ پڙهندڙن سان به ڪجهه شيئر ڪريان.
    ترڪ ادب سينه به سينه يعني سُگهڙن، چارڻن وغيره طرفان زباني طور حاڪمن توڙي قومي سورمن بابت بيان ڪيل معرڪن ۽ واقعن جي ڪهاڻين ۽ داستانن ۽ عثماني گهراڻي جي اقتدار دؤران ترڪ ٻوليءَ جي تبديل ٿيل جوڙجڪ ۾ لکيل نظم توڙي نثر تي مشتمل آهي. ترڪ ٻوليءَ جي انهيءَ بدليل صورت ۾ فارسي ۽ عربي ٻولين جا تمام گهڻا لفظ شامل هئا ۽ اها بدليل ترڪ ٻولي عربي۽ فارسي ٻولين جي گڏيل صورتخطيءَ ۾ لکي ويندي هئي. منگوليا جي اورهان واديءَ مان لڌل نقش ترڪ ٻوليءَ ۾ لکيل قديم ترين نسخا، تقريباً ٻارهن سؤ سال پراڻا يعني اٺين عيسوي صديءَ ۾ لکيل ڄاڻايا وڃن ٿا. تنهن کان پوءِ نائين ۽ يارهين عيسوي صديءَ جي وچ ۾ رزميه داستانن جُڙَڻ جي روايت، موجوده ترڪ قوم جي اصل ابن ڏاڏن، يعني وچ ايشيا جي منگول خانه بدوش قبيلن طرفان قائم ڪئي وئي. يارهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيل منز يڪرت واريءَ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد سلجوق يا اوگهز ترڪ قبيلن اناطوليه يعني موجوده ترڪيءَ ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ ترڪ ادب جي قديم روايتن سان گڏ فارسي ۽ عربي ادب جي صنفن موضوعن ۽ اسلوب کي اختيار ڪندي ترڪ ادب ۾ نواڻ پيدا ڪئي. بعد وارن تقريباً 900 سالن جي عرصي دؤران قديم ترڪ لوڪ ادب ۽ جديد ترڪ ادب، پنهنجي پنهنجي فني نرالائي برقرار رکڻ ڪارڻ، هڪٻئي کان الڳ سهيڙيو ويو، تان جو ان کي سن 1923ع ۾ ترڪيءَ جي عوامي جمهوري رياست جي قيام بعد ئي هڪٻئي سان گڏي سهيڙڻ شروع ڪيو ويو. قديم توڙي جديد ترڪ ادب جي نثر توڙي نظم جي موضوعن، جوڙجڪ، گهاڙيٽي، اسلوب، بحر ۽ وزن ۾ به نمايان فرق هو. ترڪ لوڪ شاعريءَ جي بنيادي ۽ مکيه صنف ”رُباعي“ هئي، جڏهن ته جديد شاعريءَ جي مکيه صنف بيت يا دوهو هو، جيڪو ٻن سٽن يا مِصرَعن تي مشتمل وقت جي مقبول عام شعر جو قسم هو. ترڪ لوڪ شاعري ۽ لوڪ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق آهي، ڇو ته اهي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم عناصر آهن. يارهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي چوڏهين صديءَ جي اوائل جي درميان سلجوق گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ ترڪيءَ ۾ سرڪاري زبان ترڪي ٻولي نه پر فارسي زبان هئي. تيرهين عيسوي صديءَ دؤران سلطان علاؤالدين قيقباد جي درباري شاعر Dehhani دهانيءَ، سڀني تصنيفن واري ترڪي زبان ۾ فارسي زبان کي تمام وڏي پيماني تي ملايو. جڏهن چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروع ۾ وري عثماني سلطنت زور ورتو ته ان سان گڏ ترڪي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي ٻولين جو ميلاپ ۽ اثر اڃا به وڌڻ لڳو. شاعريءَ ۾ به فارسي ۽ عربي ٻولين واريون صنفون مثلاً غزل مثنوي ۽ قصيدي تي گهڻي طبع آزمائي ٿيڻ لڳي ۽ فارسي ۽ عربي علم عروض (شاعريءَ جا اصول ۽ بحر) استعمال ٿيڻ لڳو. علم عروض جي تقاضا پوري ڪرڻ خاطر ترڪي ٻوليءَ ۾ فارسي ۽ عربي لفظن جو ايترو ته گهڻو تعداد استعمال ٿيڻ لڳو، جو ترڪي ٻوليءَ جي بنيادي ساخت ئي تبديل ٿيڻ لڳي. ترڪي ٻوليءَ جي انهيءَ بگڙيل صورت کي سلطنت عثمانيه جي جديد ترڪي ٻولي، جديد ادبي ٻولي، يا ديواني ادبيات سڏيندا هئا. ترڪ لوڪ شاعري ترڪ لوڪ موسيقيءَ ۾ ڳائبي هئي، تنهنڪري اها ترڪ عوام ۾ گهڻي مقبول ۽ تمام گهڻي ڳائي ويندي هئي. جڏهن ته جديد ترڪ عروضي شاعري ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ ڳائجڻ سبب اها فقط حاڪم طبقي جي وندر جو ذريعو ٿي رهجي وئي ۽ عوامي مقبوليت کان وانجهيل رهي. ترڪ لوڪ ادب جو بڻ بنياد وچ ايشيا جي خانه بدوش، چوپائي مال جي ڀاڳين يعني پاليل جانورن جو چارو ڳوليندڙ قبيلن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن تي مشتمل آهي، جيڪي سوين سالن جي ڪشالي ۽ هزارين ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ ترڪي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳا ۽ اڳوڻي طرز معاشرت به تبديل ڪرڻ لڳا. انهيءَ زماني جي هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻيءَ جو مکيه ڪردار يا هيرو، جنهن جو نالو Keloglan ڪيلوگِلان آهي، پڻس جي وفات بعد ڪٽنب سنڀالڻ ۾ ماڻس جو مددگار آهي، اهو پاڙيسرين جي معاندانه رَوَئِي سبب ۽ شاديءَ لاءِ زال جي ڳولا ۾ حيران ۽ پريشان آهي. هڪ ٻئي لوڪ داستان جو مکيه ڪردار ناصرالدين آهي، جيڪو ٻيا به مختلف ڪردار ادا ڪري ٿو. کيس حاضر جوابيءَ ۾ ملڪو حاصل آهي ۽ اعليٰ ظرافت جو پڻ حامل آهي. سندس استاد واري حيثيت ۾ ڪو ماڻهو کانئس ملم ٺاهڻ لاءِ چاليهه سال پراڻو سُرڪو طلبي ٿو ته ان جي هئڻ جي قبوليت ڪري ٿو پر ڏيڻ کان انڪار ۾ ظريفانه دليل ڏيندي چوي ٿو ته جيڪڏهن اهو توکي ڏيندس ته مون کي وري اهو چاليهن سالن کان پوءِ نصيب ٿيندو، تيستائين ڪير جيئندو! تنهنڪري اهو توکي ڪو نه ڏبو. ترڪ لوڪ موسيقيءَ تي صوفي عارفن ۽ شيعه مسلڪ جي عالمن جو گهرو اثر رهيو، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجن عقيدن، ارادن ۽ خيالن کي، مقبول عام لوڪ ڌنن ۽ گيتن جي اسلوب موجب پنهنجي شاعري وسيلي عوام ۾ مقبول بڻايو. انهيءَ دؤر جا اهم ۽ مشهور شاعر يونس عمر، سلطان وليد ۽ سيد حمزه هئا. موجوده ترڪيءَ جي حدن اندر تيرهين عيسوي صديءَ جي پوين حصي ۾ ڪرامان نالي هڪڙي طاقتور ريارست قائم هئي. ان رياست جي حاڪم Karamanoglu Mehmet Bey محمد بي ترڪي ٻوليءَ کي پنهنجي رياست جي سرڪاري ٻولي مقرر ڪيو. ترڪ لوڪ شاعريءَ کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1. ڪٽر مذهبي روايات جي حامل لوڪ شاعري، جيڪا شيعا توڙي سني عالمن جي زير اثر وڌي ويجهي. 2. مذهبي ڪٽر پڻي کان آزاد ۽ مجازي گداز تي مشتمل روايات واري لوڪ شاعري. هن قسم جي لوڪ شاعريءَ جي ميدان ۾ تمام ٿورا شاعر مشهور ٿيا، جهڙوڪ Koroglu ڪوروگِلُو، جيڪو سن 1606ع ۾ ڄائو ۽ 1689ع ۾ وفات ڪيائين؛ Dadaloglu دادا لوگِلُو، جيڪو سن 1785ع ۾ ڄائو 1868ع ۾ وفات ڪيائين. تنهن کان سواءِ ڪيترائي عاشق فقير ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر سير سفر ڪندا، ٻن ٽن تارُن وارن تنبوري جهڙن سازن تي مجازي ۽ عارفانه ڪلام مقبول لوڪ موسيقيءَ ۾ ڳائي پيا پنهنجو روح ريجهائيندا هئا ۽ ماڻهن کي به محضوظ ڪندا هئا. اُوڻيهَئين عيسوي صديءَ ۾ هن قسم جي لوڪ شاعري زوال جو شڪار ٿي، پر وري چند عارفن ۽ عاشقن، جهڙوڪ Veysel Satroglu ويصل جنم 1894ع، وفات 1973ع، Mahzuni Serif محضوني شريف جنم 1938ع وفات 2002ع، Neset Ertas نسد ارتاس جنم 1943ع وغيره انهي مجازي عارفانه لوڪ شاعري کي وري زنده ڪيو. هن شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ ڪٽر مذهبي ترڪ شاعري مختلف مذهبي فرقن جهڙوڪ شيعه ۽سني مسلڪ جي عالمن ۽ مذهبي تڪين ۽ گادين جي مُرشدن ۽ خليفن جي شاعري، گهڻي مقدار ۾ لکيل ۽ ڪتابي صورت ۾ هئي. هن قسم جي شاعرن ۾ يونس عمر جنم 1240ع وفات 1320ع، سليمان جليبي جنم 1422ع، جنهن ”وسيلت النجات“ عنوان سان هڪ طويل نظم لکيو، جيڪو اڃا تائين مقبول آهي، پر رسول ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن جي ولادت بابت لکيل سندس ”مولود شريف“ وڌيڪ مقبوليت ماڻي، Kaygusuz Abal ڪيغسُز عبدل جنم 1397ع، علوي / بقطشي ادب جو معمار سڏبو هو؛ ۽ پير سلطان عبدل جنم 1560ع وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. پير سلطان عبدل هن گروهه جي شاعرن جو اڳواڻ ليکيو ٿو وڃي.
    ترڪ لوڪ داستان: ترڪي ٻولي لوڪ داستانن، لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ ظريفانه نقلن نظيرن ۾ بيحد شاهوڪار آهي. هن سلسلي ۾ ناصرالدين حقه جو نالو سڀني ڪردارن ۾ نشانبر آهي، جنهن سان ترڪي ٻوليءَ، تهذيب ۽ تمدن توڙي ترڪ ريتن رسمن بابت هزارين نقل، نظير، اصطلاح ۽ چوڻيون منسوب آهن. ترڪي ٻوليءَ ۾ کيس ناصرالدين ”حقه“ يعني ”استاد“ ناصرالدين سڏيندا آهن، ڇو ته هو ڏسڻ ۾ ڏڏ پر حقيقت ۾ اعليٰ ادراڪ ۽ باڪمال ظرف جو مالڪ شخص هو. لوڪ ادب جي هن قسم سان وابسته ڪردارن ۾ Bektashi بقطشي جو نالو به تمام مقبول رهيو آهي. هن جي ڪردار سان پڻ سوين ظريفانه نقل نظير ۽ تنقيدي چوڻيون منسوب آهن. ترڪ لوڪ داستاني ادب ۾ ٻيا ٻه نالا پڻ اهيمت جا حامل آهن. انهن مان هڪڙو Karagoz ڪرغوض، هڪ ٻالو ڀولو ڳوٺاڻو يعني ٻهراڙي ۾ رهندڙ شخص آهي، ۽ ٻيو Hacivat حَجِيوَت، هڪ هوشيار ۽ حرفتباز شهري ماڻهو آهي. هنن ڪردارن سان وابسته داستان موجب اهي ٻئي ڄڻا عثمانيه گهراڻي جي بانيءَ عثمان اول يا سندس جائنشين اورهان اول جي ڏينهن ۾ ڪنهن محل، يا بُرسا شهر ۾ ٺهندڙ مسجد جو ڪم ڪندڙ مزورن ۾ شامل هئا، پر ڳالهين جا ڳهير هئڻ ڪري، مزورن سان ڪچهريون ڪري اڏاوت جي ڪم ۾ کوٽيئپي جا مرتڪب بڻيا. تنهن ڪري بادشاهه کين قتل ڪرايو. پر ٿيو هينئن ته قتل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪرامت ڏيکاريندي پنهنجون ڌڙن کان ڌار ٿيل سسيون خود پاڻ پنهنجي هٿن سان کڻي خبر ناهي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويا.

    عثماني ادب

    سلطنت عثمانيه جي سرپرستيءَ ۾ تخليق ٿيندڙ تقريباً سمورو ادب پنهنجي ساخت ۾ جديد ۽ اعليٰ قسم جو ادب آهي. ان جي نظم واري ڀاڱي يعني شاعريءَ ۾ فارسي ۽ عربي ادب وارين صنفن جو اضافو فارسي ۽ عربي عروض موجب وڏي پيماني تي ڪيو ويو، تنهن تخليقي عمل سبب ڪيترائي اصحاب ديوان شاعر پيدا ٿيا ۽ ڪامياب ويا، ڇاڪاڻ ته انهن کي سلطاني سرپرستي حاصل هئي. انهيءَ دؤر جي ديواني شاعريءَ، مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي ريتن ۽ رسمن جي انعقاد واسطي هڪ مخصوص تخليقي روپ اختيار ڪيو، جنهن ۾ واضح اڪثريت فارسي صنفن جي هئڻ سبب انهيءَ بدليل ترڪ ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙ شاعريءَ ۾ سمورا فني اصول ۽ اسلوب پڻ فارسي عروض وارا اختيار ڪيا ويا. فارسي عروض جي گهُرجَ جي پورائي خاطر علامتون، تشبيهون، استعارا توڙي ٻيا فني اصطلاح، چوڻيون، نقل نظير وغيره پڻ فارسي لفظن سميت استعمال ۾ آندا ويا. ان کان سواءِ مذهبي ٻولي عربيءَ جا لفظ پڻ ڪثرت سان استعمال ٿيندا رهيا. اهڙيءَ ريت عثماني سلطنت جي سرپرستيءَ ۾ تخليق ٿيندڙ جديد ترڪ ادب جي ٻوليءَ واري ساخت يڪسر تبديل ٿي، روايتي خالص ترڪ ٻوليءَ کان مختلف ۽ نرالي صورت اختيار ڪري وئي. انهيءَ دؤر جي ديواني شاعريءَ ۾ صوفي خيالات ۽ روايات جو غلبو نمايان آهي. انهيءَ شاعريءَ ۾ الحاد ۽ نفساني اعمال جا عناصر پڻ ڪثرت سان موجود آهن. منجهس فارسي شاعريءَ وارو مجازي توڙي روحاني عشق، عاشق معشوق، بلبل ۽ گل، گلشن ۽ گلستان، سالڪ، درويش، ولي، زاهد، شيخ دين دنيا، خالق مخلوق، مالڪ، قادر ۽ ڪائنات جا تقريباً سمورا تمثيلي ڪردار پنهنجي سمورين جمالياتي خوبين ۽ خاصيتن سميت موجود آهن. ديواني شاعريءَ جي پنج سؤ ساله دؤر ۾ ترڪ ادب۾ فارسي دانيءَ جي مخالفت ڪندڙ ٻه شاعر ڄاڻايا وڃن ٿا. انهن مان هڪڙو آذربائيجاني نسيمي سن 1417ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ٻيو، علي شير نوائي سن 1441ع ۾ ڄائو ۽ سن 1501ع ۾ وفات ڪئي. انهي دؤر جي سلطاني مراعات يافته شاعرن مان هڪڙو، ”فضلي“ اصل ترڪ نسل، وڏو عالم اديب ۽ شاعر هو. پاڻ سن 1483ع ۾ ڄائو ۽ سن 1556ع ۾ فوت ٿيو. هن جديد عثماني ساخت واري ترڪ ٻوليءَ کان سواءِ فارسي توڙي عربيءَ ۾ پڻ نظم توڙي نثر جا ڪيترائي ڪتاب لکيا. ”باقي“ نالي، سلطان سليمان عاليشان جي ايامڪاري ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو، اهو سن 1526ع ۾ ڄائو ۽ سن 1600ع ۾ وفات ڪيائين. Neji نيجي قصيدي ۽ هِجوِيه نظم جو تمام وڏو شاعر، سن 1570ع ۾ پيدا ٿيو، هِجوِيه ۽ تنقيدي شاعري ڪرڻ جي پاداش ۾ سن 1635ع ۾ حاڪمن طرفان قتل ڪيو ويو. Nabi نبي نالي عظيم شاعر سن 1642ع ۾ پيدا ٿيو. هن سلطنت عثمانيه طرفان سماجي چُرپُر تي لڳائيل بندش ۽ جمود خلاف بيباڪ شاعري ڪئي. هي عظيم انقلابي شاعر 1712ع ۾ گذاري ويو. Nedim نديم، عظيم انقلابي شاعر سن 1681ع ۾ ڄائو هو. هن پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ آسان ۽ عوامي ٻولي استعمال ڪئي. هن سن 1730ع ۾ رحلت ڪئي. شيخ غالب، صوفي عالمن جي فرقي سان واسبته وڏو شاعر، سن 1757ع ۾ ڄائو. سندس شاعريءَ ۾ هندو شاعريءَ وارو اسلوب نمايان هو. هن سن 1799ع ۾ وفات ڪئي. ديواني ترڪ شاعري گهڻو ڪري غزل، قصيدي ۽ مثنوي جي صنفن تي مشتمل هئي.
    عثماني دؤر جو نثري ادب: عثماني دؤر واري شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ انهيءَ دؤر واري نثري ادب ۾ ڪڏهن به ڪو خاطر خواهه سڌارو، واڌارو يا اوج حاصل نه ٿي سگهيو. هن دؤر واري نثر جي ساخت، نثر جي عربي اصول، ”سجع“ موافق رهي، جنهن تحت جملي جي اسم ۽ صفت جي وچ ۾ تُڪَ يا ڪافيو ڪم آڻيندا هئا، يعني نثر ۾ به تُڪَ بندي ڪندا هئا. خيالي يا تصواتي نثر جو هن دؤر ۾ ڪو مثال ڪونهي. البت معروضي نثر، جنهن ۾ تاريخ، سفرناما، سفارت ناما، سياست ناما، تذڪرا، مخطوطات يا ادبي خط ۽ مباحثا يا مناظرا وغيره لکيا ويا. تاريخدانن ۾ پندرهين صديءَ ۾ پيدا ٿيل ”عاشق پسازد“ ۽ سترهين صديءَ وارن ”ڪاتب جَليبي“ ۽ ”نائما“ جا نالا قابل ذڪر آهن. سفر ناما لکندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور نالو سترهين صديءَ واري سيلاني ”اويلاء جَلِيبي“ جو آهي. عثماني دؤر سلطنت ۾ مختلف سفيرن ۽ ايلچين، سندن سفارت جي تجربن ۽ تجزِيَن کي قلم بند ڪيو. انهن ۾ وڌيڪ اهميت جو حامل سفارتنامون سن 1718ع کان سن 1720ع تائين پيرس شهر ۾ فرانس جي شهنشاهه لوئس پندرهين جي درٻار ۾ عثماني سلطان طرفان مقرر ڪيل سفير، Yirmisekiz Mehmed Celebi محمد جَليبيءَ جي تجربن، تجزيئن ۽ سفر جي حالتن جي احوال تي مشتمل هڪ اهم ڪتاب آهي. انهيءَ وقت سياست نامن لکڻ جو رواج پڻ موجود هو، جن ۾ حڪومت جي ڪمن ڪارن جي منصوبا بندي، مختلف مسئلن جي هل لاءِ ڇنڊ ڇاڻ، قائدا قانون ۽ ڪمن جي ڍنگ بابت راءِ، صلاح ۽ مشورن کي ڪتابي صورت ڏني ويندي هئي. انهيءَ ڏِس ۾ سلجوق ترڪ بادشاهن الف ارسلان ۽ مالڪ شاهه اول جي قابل وزير نظامُ المُلڪ جو يارهين عيسوي صديءَ ۾ لکيل سياست نامون وڏي اهميت وارو آهي. عثماني نثري ادب ۾ تذڪرن واري صنف پڻ شامل آهي، جنهن ۾ ملڪ جي نامور هستين ۽ شَخصِيَتُن جي زندگين ۽ ڪارنامن جو احوال قلم بند ڪيو ويو آهي. لطيفي ۽ عاشق جَليبي جي گڏيل تصنيف ۾ سورهين عيسوي صديءَ جي نامور شاعرن جي سوانح عمرين سان گڏ سندن مثالي ڪلام شامل ڪيل آهن. تنهن کان سواءِ انهيءَ دؤر ۾ مغربي مصنفن کان متاثر ٿي خطن، پيغامن وغيره کي پڻ ڪتابي شڪل ڏني وئي، جن کي ”مَنشآت“ (خطن، رقعن ۽ پيغامن جو مجموعو) سڏڻ لڳا. مذهب، منطق، فلسفي، دهر، مادو ۽ ٻين طبعي علمن بابت مباحثي يا مذاڪري جي مجموعن کي ڪتابي صورت ڏيئي، ان کي ”مناظره“ ڪوٺيو ويو.

    اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ ۾ ترڪ ادب تي مغربي ادب جو اثر.

    اُوڻِيهَئين عيسوي صديءَ جي شروعات تائين ترڪيءَ جي عثماني سلطنت مرڻينگ ٿي وئي هئي. کيس بچائڻ لاءِ لشڪر جان نثاران پنهنجي حال سارو وڏيون قربانيون ڏنيون، پر سلطان محمود ثاني سن 1826ع ۾ لشڪر جان نثاران ٽوڙي ڇڏيو، اهڙيءَ ريت سلطنت جي امور ۾ اصلاحات جي عمل جي شروعات ٿي ته ان سان گڏ تُرڪ ادب ۾ پڻ چُر پُر ۽ تبديليءَ جو آغاز ٿيو، جيڪو ترڪ ٻوليءَ ۾ سڌارو آڻڻ ۽ نئين فني ۽ فڪري اصناف جي تعارف سان عمل ۾ آيو. ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سڌارن جي علمبردار ضيا پاشا جو بيان هو ته ”اسان جي ٻولي عثماني نه پر ترڪي آهي، غزل ۽ قصيدو وغيره ڌاريون صنفون آهن. اسان کي پنهنجون اصلي نظم توڙي نثر واريون صنفون ۽ فني اسلوب اپنائڻ گهرجن ۽ اهي ضرور ڪتب آڻجن ته جيئن پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب کي ڌارين ادبيات جي حملن کان بچائي ۽ قائم رکي سگهون. سمورن تُرڪ عالمن ۽ اديبن کي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ خاطر اچو ته گڏجي جدوجهد ڪريون.“ انهيءَ دؤران ترڪ ادب ۾ جديد مغربي صنفون، ناول ۽ مختصر ڪهاڻي متعارف ٿيون. اهو رجحان سلطان عبدالعزيز جي وزير اعظم، يوسف ڪامل پاشا سن 1691ع ۾ هڪ فرينچ ناول جو عثماني ترڪ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪرڻ سان شروع ڪيو. ترڪي ٻوليءَ ۾ پهريون طبع زاد ناول، ”سمستن سامي“ نالي ليکڪ سن 1872 ۾ ”تعشق، طلعت و فطنت“ عنوان سان لکي شايع ڪرايو. سن 1854ع کان 1856ع تائين هلندڙ ڪِرائميا واري جنگ کان پوءِ ترڪيءَ جا فرانس سان ناتا وڌيڪ گهرا ٿيڻ سان، فرينچ ادب جو ترڪ ادب تي اثر ٿيڻ شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. سن 1876ع ۾ مشهرو شاعر، نامڪ ڪمال، ”انتباه“ جي عنوان سان ناول لکيو. اهڙيءَ ريت اُوڻِيهَئين صديءَ جي هڪ صحافيءَ، جنهن جو نالو سناسي هو، تنهن ”شاعر جي شادي“ جي عنوان تحت پهريون، جديد، هڪ ايڪِٽ وارو مزاحيه ڊرامون سن 1861ع ۾ لکيو. انهيءَ زماني ۾ احمد مدهت افنديءَ ڪيترائي ناول لکيا، جن ۾ ”حسن ملاح يا خود سر ايچيڪده اسرار“، ”اسرار ۾ اسرار“ ۽ ”سترهن ساله ڳڀرو“ قابل ذڪر آهن.

    وِيهَئين عيسوي صدي جي اوائل وارو ترڪ ادب.

    سن 1896ع ۽ سن 1923ع ۾ ترڪ رِيپَبلِڪ قائم ٿيڻ جي وچ واري عرصي ۾ ترڪ ادب ۾ سلسليوار ٽي اصلاحي تحريڪون وجود ۾ آيون: 1. جديد ادبيات، 2. فَجرِ مستقبل ۽ 3. ملي ادبيات. ترڪيءَ ۾ ”جديد ادبيات“ نالي ادبي تحريڪ، سن 1891ع ۾ ”ثروَت فنون“ رسالي جي اشاعت سان شروع ٿي. ان تحريڪ جو روح روان، ”توفيق فڪرت“، مشهور ليکڪ هو. شاعرن مان، جناب شهاب الدين ۽ نثر نويسن مان هالت ضياء، اُشاڪِليگِل ۽ محمد رئوف ساڻس شامل هئا. سن 1909ع ۾ ”ادبيات و حقوق“ عنوان هيٺ هڪڙو ليک ”ثروت فنون“ رسالي ۾ ڇپجڻ سبب، سلطان عبدالحميد ثانيءَ جي سرڪار پاران بندش وجهڻ سبب، رسالو ڇهن مهينن تائين ڇپجڻ بند ٿيو، پر پوءِ وري به شائع ٿيڻ لڳو.
    ”فجرِ مُستَقبلِ“ نالي ادبي تحريڪ: هن کان اڳ ۾ شروع ڪيل ”جديد ادبيات“ نالي تحريڪ جي باني اديبن سن 1910ع ۾ سندن منتشر ٿيل ادبي تحريڪ کي بدليل حالتن موجب وڌيڪ فعال بنائڻ خاطر ان کي مٿي ڏنل نئون نالو ڏنو ۽ پنهنجي منشور ۾ ”ادبي تخليق شخصي ۽ مُقدس آهي“ جي اصول تي زور ڏنو. واضح منشور نه هئڻ ۽ گهربل جدوجهد جي فقدان سبب، هي ادبي تحريڪ به منتشر ٿي وئي. انهيءَ دؤر جي شاعريءَ ۾ احمد هاشم ڪامياب شاعر ۽ نثر ۾ يعقوب قادري ڪامياب اديب جي حيثيت سان مشهور ٿيا.

    ملي ادبيات تحريڪ

    سن 1908ع ۾ سلطان عبدالحميد ثانيءَ آئيني حڪومت جوڙي، جيڪا پارليامينٽ چونڊائي، تنهن ۾ واضح اڪثريت انهن قومپرست نوجوانن جي هئي جن پوءِ ترڪ قوم ۽ ترڪ رياست جي آزاديءَ واري تحريڪ هلائي، انهيءَ دؤر ۾ سِرجَندڙ ترڪ ادب ۾ قومي وحدت ۽ قومي آزاديءَ وارو رجحان نمايان ٿيڻ لڳو ۽ اهو ترڪ قومي ادب سڏجڻ لڳو. تُرڪ ادب مان عثماني ساخت وارن ڌارين عنصرن جي ڇنڊڇاڻ پڻ شروع ٿي. هن تحريڪ جو مکيه رسالو ”گنج قلملر“ يعني ”نوجوان ليکڪ“ هو، اهو سن 1911ع ۾ سيلانڪ شهر مان شائع ٿيڻ لڳو. هن ملي ادبيات تحريڪ جا روح روان ضياء گو ڪلپ، سماجيات جو دانشور عمر سيفتين ۽ هڪ شاعر علي جانب يونتم هئا. هن تحريڪ جو مکيه مقصد ترڪي ٻوليءَ مان ڌارين لفظن ۽ فضول صنفن کي خارج ڪري، ان کي خالص ترڪ قوم جي نرالي مادري ۽ اباڻي ٻولي بنائڻ هو.

    آزادي کان پوءِوارو ترڪ ادب

    پهرين عالمي لڙائيءَ ۾ هارائڻ سبب عثماني سلطنت ٽٽي تباهه ٿي وئي، تنهنڪري ترڪ قومپرستن ترڪيءَ جي قومي آزاديءَ جي بانيءَ مصطفيٰ ڪمال پاشا جي اڳواڻيءَ ۾ قومي آزاديءَ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ سن 1923ع ۾ ڌارين فوجن ۽ حاڪمن کي نيڪالي ڏئي هڪ آزاد وطن ۾ رعيتي راڄ قائم ڪيو. آزاديءَ جي تحريڪ ۾ مذڪور ادبي تحريڪ به شامل هئي، تنهنڪري ان تي پڻ انقلاب ۽ آزاديءَ جو اثر ٿيو ۽ ملي ادبيات واري تحريڪ ۾ فطرت پسنديءَ ۽ حقيقت پسنديءَ وارا رُجحان حاوي رهيا. يعقوب قادري Wilds يعني ”وحشي“ عنوان سان قومي ۽ سماجي صورتحال بابت سن 1932ع ۾ ناول لکيو، جيڪو مذڪور رُجحانن جو مظهر هو. سماجي حقيقت پسنديءَ واري ادبي تحريڪ جو مکيه نمائندو، مختصر ڪهاڻيون لکندڙ مشهور اديب سائت فائق هو، جنهن استنبول شهر جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي صورتحال کي ڪهاڻين ۾ حقيقي طور پيش ڪيو. انهيءَ کان پوءِ هڪ ڪتاب ”وليج ناول“ ۾ ترڪيءَ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ جي تهذيب، ثقافت ۽ انهن ماڻهن جي حقيقي مسئلن جي اپٽار ڪئي وئي. هن ادبي رجحان وارن اديبن ۾ ڪمال طاهر، اورهان ڪمال ۽ ياسر ڪمال مکيه ڪردار ادا ڪندڙ هئا. ياسر ڪمال پنهنجي ادبي تخليقات کان سواءِ سياسي طور کاٻي ڌر سان واڳيل هئڻ سبب، پرڏيهه ۾ پڻ وڏي شهرت ۽ عزت ماڻي. طنزيه ۽ حِجِوِيه ڪهاڻي ڪارن ۾ عزيز نِسَن ۽ رِفعَت اِنگاز جا نالا سر فهرست آهن. اورهان پامڪ سن 2006ع ۾ ادب جو نوبيل انعام حاصل ڪيو. وقت گذرڻ سان گڏ ترڪ ادبيات ۾ پڻ مسلسل تبديليون رونما ٿينديون رهيون. مضمون نگار، ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾، احمد حمدي تنپنار تمام گهڻو ادبي پورهيو ڪيو. ان جي برعڪس Ogus Atay اوگس اَتي وجوديت جو حامي يعني ماده پرست ۽ جِدَت پسند اديب جي حيثيت ۾ سماجي صورتحال کي وڌيڪ وائکو ڪيو. سندس ٻه ناول، ”گُڊ فار نَٿِنگ“ ۽ ”مَينِ اِن اي وائيٽ ڪوٽ“ انهي حقيقت جا واضح مثال آهن. ٻئي طرف اونات ڪُتلر جي ڪهاڻين ۾ صوفيانه، ساحرانه ۽ ٻارن جي حقيقي مزاج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو اهي. جديد ادبيات ۾ عدالت اگائوگِلُو 1930ع ۽ 1987ع درميان جديد ترڪي رياست ۽ ترڪ قوم جي سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلين کي پنهنجن ٽن ناولن ۾ڪاميابيءَ سان اُجاگر ڪري، هڪ داناء اديبه عورت طور سچي ساک ۽ عزت حاصل ڪئي. آزاديءَ کان پوءِترڪ شاعريءَ ۾ به جديد رُجحان پيدا ٿيا، پر احمد هاشم ۽ يحيٰ ڪمال بياتلي گهڻي ڀاڱي عثماني ادبيات وارن رُجحانن ۽ روايتن موافق شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪندا رهيا، جڏهن ته آزاديءَ کان پوءِ به شاعرن جي واضح اڪثريت حب الوطن، قومي ٻولي ۽ لوڪ شاعريءَ وارا عناصر ۽ رجحان ڪتب پئي آندا. اهي موضوع ملي ادبي تحريڪ مان ڦٽي نڪتا هئا. انهن ۾ روايتي لوڪ شاعريءَ وارا گهاڙيٽا ڪافيا ۽ اسلوب اختيار ڪيا ويا. ناطم حڪمت ران، ترڪي جي قومي آزاديءَ واري تحريڪ دؤران روس ۾ شاگرد جي حيثيت ۾ رهيل هو. اُتي هڪ آزاد طبع شاعر، وِلادِيمِير مايا ڪو فسڪيءَ کان متاثر ٿي، ترڪيءَ ۾ ان وقت سڀني مُرَوِج ادبي رجحانن کي ترڪ ڪري، نئين مغربي صنف ”جديد آزاد نظم“ تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳو ۽ ترڪ زبان ۾ پهريون آزاد نظم ”هنگريءَ جا شاگرد“ عنوان تحت لکيو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪميونزم جي افڪار جو بيباڪيءَ سان اظهار ڪيو، تنهن سبب کيس ڪيترا سال قيد ڪاٽڻو پيو. ترڪيءَ جي قومي آزاديءَ کان ڪافي سال پوءِ سن 1941ع ۾ ”ڌاريو“ عنوان هيٺ چند نظمن تي مشتمل هڪ ڪتابچي جي اشاعت سبب، ترڪ شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ٿيو.


    اســڪــاٽــش ادب

    ايڊنبرگ مان اسڪاٽش ادب، سياست، سياحت ۽ معيشيت تي ڪجهه ڪتاب خريد ڪيا هئم تن کي ريل اندر سرسري نظر سان پڙهي رهيو آهيان اچو ته اسڪاٽش ادب جي باري ۾ توهان کي به ڪجهه ٻڌايان.
    اسڪاٽش ادب مان مُرادَ اهو ادب جيڪو اسڪاٽلينڊ رياست جي حدن اندر تخليق ٿيو يا اسڪاٽلينڊ جي شهريت جي حامل ليکڪن جو سرجيل ادب آهي، جيڪو وقتاًفوقتاً سازگار حالتن پٽاندر، نه فقط هڪڙي اسڪاٽش يعني اسڪاٽلينڊ جي قومي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندو رهيو پر اهو انگريزي، اسڪاٽش، گائيلڪ يعني قديم آئرلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي مٿانهن پَٽَن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي، برائٿونڪ، يعني ويلسِ ۽ بريٽن لوڪن جي ٻولي، فرانسيسي، لاطيني توڙي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ سرجندڙ ادب، اسڪاٽش ادب سڏجي ٿو. جهڙوڪ ڇهين عيسوي صديءَ ۾ برائيٿانڪ ٻوليءَ ۾ لکيل ادب ويلس رياست جي ادب جي حصي جي حيثيت ۾ اڃا زنده آهي ۽ اهو موجوده جديد اسڪاٽلينڊ رياست جي حدود اندر تخليق ٿيڻ سبب ”اسڪاٽش ادب“ شمار ڪيو وڃي ٿو.
    بعد وارين صدين ۾ رومن ڪيٿولڪ چرچ جي اثر هيٺ اسڪاٽلينڊ ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ ادب سرجيو ۽ آڳاٽي انگريزي بوليءَ ۾ سرجيل ادب، انگريزي ڪليسا جي پوئلڳ انگريز آبادڪارن اسڪاٽلينڊ ۾ آندو. جڏهن کان قديم Alba البا نالي علائقو اٺين عيسوي صديءَ ۾ ترقي ڪري اسڪاٽلينڊ نالي آزاد رياست طور وجود ۾ آيو ۽ اتي بادشاهي نظام حڪومت قائم ٿيو، تڏهن کان هتي ترقي پسند ليکڪن جو هڪ گروهه پيدا ٿيو، جنهن گائيلڪ ۽ لاطيني، ٻنهي ٻولين ۾ اِسڪاٽ لَينڊ، آئرلَينڊ ۽ ٻين ڀروارن علائقن جي سماجي ۽ ثقافتي صورتحال بابت ادب تخليق ڪيو. تيرهين عيسوي صديءَ ۾ برپا ٿيندڙ ڊيوِڊ واري ادبي انقلاب کان پوءِ ترقي پذير فرينچ ٻولي ۽ ثقافت وارو رجحان انهيءَ وقت جي ادب تي ڇانيل رهيو، جڏهن ته ان وقت اسڪاٽلينڊ ۾ آباد ٿيندڙ ناروي ۽ اسڪينڊينيويا جي ٻين علائقن کان آئيل لوڪن وري نارس Norse يعني ناروي ملڪ جي ماڻهن جي مادري ٻوليءَ ۾ ادب تخليق ڪرڻ شروع ڪيو، جيئن سنڌي ٻولي ۾ شاهه لطيف سنڌ جي سورمين ۽ سُورِمَن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪري امر ڪري ڇڏيو، تيئن چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ مشهور اسڪاٽ شاعر John Barbour جان باربر جو لکيل سورمن جي ڪارنامن بابت رزميه شاعريءَ تي مبني طويل نظم، جنهن جو عنوان Brus برس هو، حقيقت ۾ اسڪاٽش ادب جو پهريون مکيه ڪتاب آهي، جيڪو اڃا تائين ثابت ۽ سلامت آهي. تنهن کان پوءِ اسڪاٽلينڊ ۾ ڳالهايون ويندڙ تقريباً سڀني ٻولين ۾ يورپ جي وچئين دؤر جي مشهور عِشقِيھ ڪهاڻين تي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ٿيڻ لڳي. انهن شاعراڻين ڪاوشن جو سلسلو پندرهين عيسوي صديءَ ۾ سرجندڙ اسڪاٽش نثري ادب ۾ شامل ٿيو.
    آڳاٽي جديد ادبي دؤر ۾ شاهي (سرڪاري) سرپرستيءَ سبب شاعريءَ، نثر توڙي ناٽڪن واري صنفن ۾ ڪافي ادب تخليق ٿيو. بادشاه جيمس پنجين James V جي درٻار سان وابسته نامياري اديب ۽ شاعر Sir david Lindsay of the Mount يعني مائونت واري، سر ڊيوڊ لِنڊسي جي مشهور تصنيف The thrie Estaitis دي ٿري اسٽيٽس، انهيءَ ڏِس ۾ مثال طور ڄاڻائي وڃي ٿي، سورهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ شاهي سرپرستيءَ هيٺ اسڪاٽلينڊ جي شاهي درٻار سان وابسته شاعرن ۽ موسيقارن جي هڪڙي انجمن Castilian Band ڪَيسِٽِيلِيئَٽ بينڊ جي نالي سان قائم ڪئي وئي. بادشاهه جيمس ڇهون ان انجمن جو سرپرست ۽ ميمبر پڻ هو. جڏهن سن 1603ع ۾ سياسي معاهدي تحت اسڪاٽلينڊ انگلينڊ جي تخت جي طابع ٿي ويو ته شاهي سرپرستيءَ جي عدم موجودگيءَ سبب اڪاٽش ادب، خاص طور تي اسڪاٽش شاعريءَ ۾ ماٺار اچي ويو ۽ پوري هڪ صديءَ کان پوءِ يعني سن 1707ع ۾ انگلينڊ سان سياسي طرح اتحاد جي قيام کان پوءِ اهو جمود ٽٽو، جنهن ۾ مکيه ڪردار ناميارن ليکڪن Allan Ramsay ايلن رامسي ۽ James Machpherson جيمس ميڪفرسن ادا ڪيو. جيمس ميڪفرسن جي تصنيف Ossian Cycle ”اوشيئن سائيڪل“ کيس اسڪاٽلينڊ جو پهريون عالمي شاعر هجڻ جو عظيم رتبو حاصل ڪرايو. هن رابرٽ برنس، والٽر اڪاٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي همعصر جونيئر يعني سيکڙاٽ تخليقڪارن جي همٿ افزائي ۽ مدد ڪئي، جنهن ڪري رابرٽ برنس اسڪاٽلينڊ جي قومي شاعر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ والٽر اسڪاٽ کي Waverley Novels ”ويورلي ناولس“ وسيلي اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ واري اسڪاٽلينڊ جي حقيقي معاشرتي يعني، سياسي، معاشي، ثقافتي ۽ علمي ادبي صورتحال جي عالمانه اپٽار ڪرڻ سبب عالمي شهرت نصيب ٿي. مهاراڻي وڪٽوريا جي دؤر حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ اسڪاٽلينڊ ڄاون ليکڪن ادبي دنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي. انهن ۾ رابرٽ لوئس اسٽِيوينسَن، ارٿر ڪينن ڊائل، جي.ايم برٽي ۽ جارج ميڪڊونالڊ پڻ شامل آهن.
    ويهئين عيسوي صديءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي ادبي دنيا ۾ سڌاري ۽ واڌاري واري هڪ سگهاري تحريڪ شروع ٿي، جنهن کي اسڪاٽش ادب ۾ پيدا ٿيندڙ نئين جاڳرتا واري تحريڪ سڏين ٿا. انهيءَ تحريڪ جو روح روان، هَف ميڪ ڊائرمڊ Hugh MachDiarmid هو، جنهن اسڪاٽش ٻوليءَ (اسڪاٽ لينڊ جي قومي ٻولي) کي سنجيده ۽ مقامي معياري ادب سرجڻ واسطي استعمال ڪيو ۽ پنهنجي حلقئه ادب ۾ رائج ڪرايو. اسڪاٽش اديبن جي هن لڏي جي پيروي ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ نئين ٽهيءَ جي اسڪاٽش اديبن ۽ شاعرن ڪئي. انهن ۾ Edwin Morgan ايڊوِن مارگن جو نالو سرفهرست آهي، جنهن کي سن 2004ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي سرڪار واري افتتاحي تقريب دؤران ”اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر“ واري اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو. سن اوڻيهه سؤ اسي واري ڏهاڪي کان وٺي اڪاٽش ادب ۾ هڪڙي جاڳرتا واري جديد لهر پيدا ٿي جنهن جو گلاسگو جي اديبن جي ترقي پسند گروهه سان گهرو لاڳاپو هو. انهيءَ گروهه جو منهندار، اِروِن ويلش Irvine Welsh هو. انهيءَ دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ اسڪاٽش شاعرن ۾ مکيه نالو ڪيرول اين ڊُفِي Carole Ann Duffy جو آهي، جيڪا پهرين اسڪاٽش آهي جنهن کي شاعراڻي ڏات جي مڃتا طور UK Poet Laureate ”برطانيه جي عظيم شاعره“ جي اعزاز سان نوازيندي مئي 2009ع ۾ کيس ”پوئيٽ لاريئيٽ“ جي تاجپوشيءَ لاءِ مخصوص گلن جو ٺهيل تاج پهرايو ويو. ڪي ماڻهو پنهنجن سفرنامن ۾ صرف چٽپٽيون ڳالهيون بيان ڪندا آهن پر آئون ڪوشش ڪري سفر ڪيل ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، معيشيت، سياست ۽ ادب تي پڻ ڪجهه نه ڪجهه لکندو آهيان، جيئن پڙهندڙن کي انهي ملڪ جي باري ۾ اها معلومات ملي، سو ذڪر پيو هلي اسڪاٽش ادب جو.
    تاريخي طور يورپ جي وِچئين دؤر ۾ رومي حڪمرانن جي برطانيه مان نڪري وڃڻ کان وٺي Alba البا رياست جي بادشاهي جي قيام ۽ البا رياست جو اسڪاٽلينڊ نالي رياست جي قيام تائين واري عرصي دؤران Celtic languages سيلٽڪ ٻولين جي گروهه مان اتر برطانيه وارن علائقن ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، انهن جي نتيجي طور هنن علائقن ۾ عيسائيت وارو مذهب پکڙيو، مضبوط ٿيو ۽ لاطيني ٻولي ۽ آڳاٽي انگريزي ٻولي پيدا ٿي. جديد ادبي تاريخ جنهن جو بنياد ڪجهه جهونن ماڳن ۽ وستين جي نالن ۽ تاريخي ثبوتن تي مشتمل آهي، ڄاڻائي ٿي ته اتر اوڀر اسڪاٽلينڊ ۾ رهندڙ قديم لوڪ، جن کي Picts پڪٽ سڏيو ٿي ويو اهي ماڻهو Brythonic برائيٿونڪ ٻولي ڳالهائيندا هئا، پر هن وقت انهيءَ جو ڪو به علمي ادبي مواد يا رڪارڊ موجود ڪونهي. گهڻي آڳاٽي ويلش ادب جو ڳچ مواد موجوده اسڪاٽلينڊ ۽ ان جي آسپاس وسندين ۾ تخليق ٿيو ۽ اهو به برائيٽونڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. ويلس رياست جي ماڻهن جي ويلش ٻولي به انهي برائيٽونڪ ٻوليءَ مان پيدا ٿي ۽ ڪافي عرصو بعد ۾ ويلس علائقي ۾ لکجڻ لڳي. ويلِش ٻوليءَ ۾ لکيل قديم ترين صحيفو Gododdin گوڊوڊن ڪتاب شمار ٿئي ٿو جنهن جو مصنف Aneirin اَنيرن ڄاڻايو ويو آهي. چَوَڻ ۾ اچي ٿو ته انيرن ڇهين عيسوي صديءَ ۾ گوڊوڊن نالي شهر جو رهاڪو شاعر هو. ويلش ٻوليءَ ۾ لکيل ٻئي قديم ڪتاب جو نالو Battle of Gwen Ystrad بيٽل آف گِوين يسٽريڊ آهي، جنهن جو مصنف Taleisin ٽيليسِن، تقريباً اَنيرن جو همعصر ۽ Pheged فيجڊ جو درٻاري شاعر هو. انهيءَ کان سواءِ انهيءَ دؤر ۾ مذهبي ادب پڻ تخليق ٿيو، جيڪو وري اڃا مختلف يعني Gaelic گائيلڪ ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. جهڙوڪ Dallan Forgaill ڊالان فورگائل جو تصنيف ڪيل Elegy for st Columba ”ايليگي فار سينٽ ڪولمبا“ سن 597ع ۾ لکيو ويو ۽ In prais of st columba ان پريز آف سينٽ ڪولمبا Beccan mac luigdech بيڪن ميڪ لِيوگ ڊيڪ نالي مصنف سن 677ع ۾ لکيو. بيڪن روم جو رهاڪو هو. لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل مذهبي ڪتاب Prayer for protection ”پريئر فار پروٽيڪشن“ ڇهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري Saint mugint سينت ميوگنٽ تصنيف ڪيو ۽ Altus prosator ”الٽس پروسيٽر“ سينٽ ڪولمبا سن 597ع ڌاري لکيو. اسڪاٽلينڊ جي اوائلي دؤر ۾ انهن علائقن اندر ڳالهائي ويندڙ آڳاٽي انگريزي ٻوليءَ ۾ تحرير ٿيل ڪتاب The Dream of the rood ”دي ڊريم آف دي روڊ“ مان ورتل چند سٽون Ruthwell cross رُٿويل ڪراس“ نالي صليبي شيلڊ تي اُڪريل لڌيون آهن.
    اسڪالٽلينڊ جي بادشاهه ڊيوڊ اول جي حڪومت کان اڳي ئي اُتي عالمن ۽ اديبن جو ترقي پَسندِ حلقو موجود هو. انهن شاعرن ۽ اديبن گائيلڪ ۽ لاطيني ٻولين ۾ ڪافي مقدار ۾ ادب تخليق ڪيو جنهن جي اشاعت آئرلينڊ ۽ آسپاس جي ٻين علائقن ڏانهن به منتقل ٿيندي رهي. اسڪالينڊ جي هيٺاهن علائقن جي مختلف وستين جهڙوڪ Loch leven لوچ ليون ۽ Brechin بريچن ۾ به تيرهين عيسوي صديءَ دؤران گائيلڪ ٻوليءَ ۾ ادب تخليق ڪندڙ ادبي گروهه موجود هو. يورپي وچئين تاريخي دؤر دؤران به آئرش ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيل ادب جو اڪثر مواد ممڪن آهي ته آئرلينڊ جي بدران اوڀر اسڪاٽلينڊ ۾ ئي سرجيو هجي، پر افسوس ته چوڏهين عيسوي صديءَ جي شروعات کان اڳي ئي اسڪاٽ لينڊ ۾ علمي ادبي سرگرمين ۾ ماٺار سبب، اهو آئرش ادب ضايع ٿي ويو. Thomas Owen Clancy ٿامس اوون ڪلينسي، مشهور اديب جو خيال آهي ته ڪتاب Lebor Bretnach جنهن کي آئرش ٻوليءَ ۾ Irish Nernius آئرش نرنِيئَس سڏين ٿا اهو اسڪاٽلينڊ جي شهر Abernethy ايبرنيٿي ۾ قائم عيسائي خانقاهه ۾ لکيو ويو هو. پر انهيءَ جو مسودو فقط آئرلينڊ ۾ محفوظ ڪيل دستاويزن ۾ موجود هجڻ سبب مذڪور دعويٰ کي گهربل اهميت ڪانهي. ٻين بَچِي ويل ادبي دستاويزن ۾ ڏاهي شاعر Gille Brighde Albanach گل برائيڊ البانيڪ جو لکيل نظم Heading for Damietta ”هيڊنگ فار ڊميٽا“ به شامل آهي، جيڪو هن سن 1218ع ڌاري پنجين صليبي لڙائيءَ جي تجربن بابت لکيو هو.
    تيرهين عيسوي صديءَ ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ فرينچ ٻوليءَ پڻ علمي ۽ ادبي زبان جي حيثيت ۾ ترقي ڪئي، جنهن ۾ لکيل ڪتاب Roman de gergus اسڪاٽلينڊ ۾ تخليق ٿيل قديم ترين فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل دستاويز آهي. Arthurian Cycle ارٿريئن سائڪل نالي فرينچ ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ شامل ڪيترين ۽ لکڻين بابت D.D.R. owen ڊي.ڊي.آر. اوون سميت گهڻن عالمن جو خيال آهي ته اهي پڻ اسڪاٽلينڊ ۾ ئي تخليق ٿيون هيون.
    مٿي ذڪر ڪيل ٻولين کان سواءِ اسڪاٽلينڊ جي اتر ۽ اولهه وارن علائقن ۾ آباد ٿيندڙ ناروي جي ماڻهن جي نارس Norse ٻوليءَ ۾ پڻ ڪجهه ادبي مواد سرجيل آهي. مثلاً نارس ٻوليءَ ۾ لکيل مشهور ڪتاب Orkneyinga saga ”آرڪنئنگا ساگا“ جيڪو آرڪني علائقي جي نوابيءَ Earldom of Orkney بابت هو، اهو به اسڪاٽلينڊ جي Iceland علائقي ۾ تخليق ٿيو هو. ٻين ٻولين سان گڏ اسڪاٽلينڊ ۾ لاطيني ٻوليءَ ۾ پڻ علم ۽ ادب تخليق ٿيو. مثلاً هڪ نڻم جيڪو گلاسگو جي شهرين جي فتح بابت لکيل آهي، انهي جو عنوان Carmen de morte summer ledi ”ڪارمن ڊي مورٽ سمر ليڊي“ هو، ۽ Inchcolm Antiphoner ”انچڪام اينٽي فونر“ عنوان سان لکيل شعر جيڪو سينٽ ڪولمبا جي شان ۾ رچيل هو. وچئين دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جو حامل ادبي شهپارو Vita Columbae ”ويٽاڪولمباء“ عنوان هيٺ لکيل ڪتاب، جيڪو لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، ان جي تخليق جو ماڳ پڻ اسڪاٽلينڊ آهي.
    آڳاٽي اسڪاٽ ادب جي مکيه ڀاڱي ۾ John Barbour جان باربور جو تحرير ڪيل رزميه شاعريءَ تي مشتمل، Brus بُرس جي عنوان هيٺ، شاهه رابرٽ ثانيء جي سرپرستيءَ تحت سن 1375ع ۾ سرجيو. انهيءَ رزميه شاهڪار ۾ جان باربور انگريزن جي اسڪاٽلينڊ تي حملي کان وٺي آزاديءَ جي جنگ دوران رابرٽ اول جي شجاعت ۽ همٿ جو احوال شاندار نموني بيان ڪيو آهي. آڳاٽي اسڪاٽش ادب جو هي پهريون شاهڪار آهي، جيڪو محفوظ ڪيو ويو. هي شاهڪار، حاڪم ۽ امير طبقي توڙي اسڪاٽ عوام ۾ نهايت مقبول آهي.
    جهڙيءَ طرح انگلينڊ ۾ سندس همعصر شاعر چائوسر کي انگريزي ٻولي جو اولين عظيم شاعر هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، ساڳي طرح جان باربور کي پڻ اسڪاٽلينڊ ۾ اسڪاٽش ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر هئڻ جو رتبو حاصل آهي. پندرهين عيسوي صديءَ ۾ ٻيا به عظيم ليکڪ پيدا ٿيا. انهن مان هڪڙي Andrew of Wyntoun اينڊريو وِنٽوُنِ Orygynale Cronykil of Scotland ”اوريجنل ڪرائينڪل آف اسڪاٽلينڊ“ عنوان سان شاعري جو شاندار شاهڪار تخليق ڪيو ۽ Blind Harry بلائينڊ هيري نالي تخليقڪار The Wallace ”دي واليس“ نالي تاريخي مجازي ڪهاڻين تي مشتمل شاهڪار سرجيو. هنن ٻنهي ڄڻن تي فرينچ لوڪ ڪهاڻين جو گهرو اثر هو. جهڙوڪ The Buik of Alexander دي بيوڪ آف اليگزيندر، Launcelot of the laik لينسيلاٽ آف دي ليڪ ۽ The proteous of Noblenes دي پورٽيئس آف نوبلنيس. پويون ڪتاب Gilbert hay گلبرٽ هي جي تصنيف آهي.
    وچئين دؤر ۾ اسڪاٽ ادب جا معمار جن کي Makers ميڪرس سڏيندا هئا، انهن جي شاهي درٻارن سان وابستگي هئي. جهڙوڪ James جيمس اول، جنهن The king is Quair دي ڪنگس اِزِ ڪوائر نالي ڪتاب لکيو. انهن اديبن ۽ شاعرن مان ڪيترائي اعليٰ تعليم يافته هئڻ سبب Kirk ڪرڪ نالي اسڪاٽ مذهبي اداري سان پڻ واڳيل هئا. جڏهن ته Dunbar ڊنبار جو لکيل ڪتاب Lament for the Markaris ليمينٽ فار دي ميڪرس جيڪو هن سن 1505ع ۾ لکيو هو، اهو درٻار ۽ چرچ کان ٻاهر سيڪيولر خيالن جو ثبوت پيش ڪري ٿو. اسڪاٽلينڊ ۾ ڇاپخانا قائم ٿيڻ کان اڳ وارا اديب ۽ شاعر اسڪاٽش شاعريءَ جي معراج تي هئا، جهڙوڪ رابرٽ هينري سن، وليئم ڊنبار، والٽري ڪينيڊي ۽ گَويِن ڊَگِلَس.
    پندرهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ اسڪاٽ ادب ۾ نثر جي تخليق به ٿيڻ لڳي. جيتوڻيڪ آڳاٽي اسڪاٽ ادب ۾ به نثر نويسي جو ثبوت موجود آهي، مثلاً Auchinleck Chronicle آچنليڪ ڪرانيڪل. اسڪاٽ نثري ادب ۾ پهريون مڪمل طور محفوظ ڪتاب، جان آئرلينڊ جو لکيل The meroure of Wyssdome ميروئر آف وزڊوم سن 1390ع ۾ لکيو ويو هو. هن دؤر يعني 1450ع کان وٺي فرينچ نثر جو اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ The Book of the law of Armys دي بڪ آف دي لا آف دي آرميز Order of knychthode آرڊر آف ڪنچٿوڊ ۽ Secreta secetorum سيڪريٽا سيڪيٽورم نالي ڪتاب سر فهرست آهن.
    جيمس ڇوٿين جي دؤر حڪومت ۾ گَيوِن ڊگلس طرفان Virgil ورجل جي ڪتاب جو ترجمون حقيقي شاهڪار آهي ۽ اهو آڳاٽي ادب مان چونڊي مڪمل طور ترجمون ليکيو وڃي ٿو. ڊلگس انهيءَ ڪتاب جو مڪمل ترجمون سن 1513ع ۾ پورو ڪيو.
    شاعرن ۽ اديبن جي سرپرست جي حيثيت ۾ بادشاهه جيمس پنجين ناميارن تخليقڪارن وليئم اسٽيوارٽ ۽ جان بيلينڊن جي ڀرپور مدد ڪئي، جن لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب Histry of Scotland جو سندن مادري ٻوليءَ اسڪاٽش ۾ ترجمو ڪيو ۽ سن 1527ع ۾ هيڪٽر بوئيس نالي مؤلف انهيءَ ڪتاب جي نظم توڙي نثر ۾ تاليف ڪئي. سر ڊيوِڊ لنڊسي، لارڊ لِيون يعني لِيون ڪورٽ جو جج، سفارتڪار ۽ شاندار شاعر هو. هن لنلٿگو محل ۾ سندس لکيل هلندڙ ناٽڪ The thrie Estaitis دي ٿِري اسٽيٽس جي اڌ۾ ادڪارن توڙي ڏسندڙن کي ساهي کڻائڻ واسطي وقفو ڪرايو. اهو سن 1540ع هو. انهيءَ ناٽڪ ۾ هن چرچ توڙي حڪومت تي بدعنوانيءَ باعث تنقيد ڪئي. اسڪاٽش ادب جو اهو پهريون ناٽڪ محفوظ آهي.
    سن 1580ع کان 1590ع تائين بادشاه جيمس ڇهين پنهنجي جنم ڀوميءَ جي ادب کي فروغ حاصل ڪرايو. هن علم عروض بابت پنهنجو لکيل ڪتاب Some Rules and Cautions to be observed and eschewed in scotish prosody. سن 1584ع ۾ شائع ڪرايو، تڏهن پاڻ اڃا فقط 18 سالن جو نوجوان هو. هن انهيءَ ڪتاب ۾ سندس مادري زبان ”اسڪاٽش“ جي شاعريءَ جو جائزو وٺي ان جي سڌاري ۽ واڌاري خاطر مروج ادبي اصناف سان نئين جاڳرتا وارا ترقي پسند اصول لاڳو ڪرايا. هو Castalian Band ڪاسٽيليئن بينڊ نالي اديبن، شاعرن ۽ موسيقارن جي منڊليءَ جو سرپرست ۽ پڻ ميمبر ٿيو. انهيءَ شاعرن ۽ موسيقارن جي منڊليءَ ۾ وليئم فائولر ۽ اليگزينڊر مونٽگمري به شامل هئا.
    هن دؤر ۾ Ballad يعني داستاني گيت اسڪاٽش ادب ۾ توڙي عوام ۾ مقبول صنف جي حيثيت حاصل ڪئي جيتوڻيڪ بيليد اسڪاٽش ادب ۾ انهي وقت کان گهڻو عرصو اڳي رائج هو ۽ تيرهين عيسوي صديءَ جي اسڪاٽش ماڻهن جي رسم وراوج بابت قصا ۽ ڪهاڻيون موجود هيون. انهيءَ وقت جي بيليڊ جي تخليقڪارن ۾ سر پيٽرڪ اسپينس ۽ ٿامس دي رائمر سر فهرست هئا. شروعات ۾ بيليڊ لکيا ڪو نه ويندا هئا، پر فقط ڳائي وڄائي اهي داستاني گيت پيش ڪيا ويندا هئا. گهڻو گهڻو پوءِ انهن کي لکت ۾ آندو ويو. بيليڊ سهيڙيندڙن ۾ مکيه نالا رابرٽ برنس ۽ والٽر اسڪاٽش جا آهن. سترهين عيسوي صديءَ کان وٺي انهن داستاني گيتن کي ادبي صنف جو درجو حاصل ٿيو. اهو ادبي صنف وارو درجو ڏيارڻ ۾ رابرٽ سيموئل، ليڊي ايلزبيٿ وارڊلا ۽ ليڊي گرزل بيلي جو اهم ڪردار رهيو.
    جيتوڻيڪ انگلينڊ سان اتحاد سبب اسڪاٽش خاص طبقي ۾ انگريزي ٻولي رواج ۾ آئي، پر اسڪاٽش ادب مسلسل ترقي ڪندو ۽ برطانيه ۾ مقبوليت ماڻيندو رهيو. اَيلن رامسي آڳاٽي اسڪاٽش ادب لاءِ نئين جاڳرتا جو بنياد رکيو ۽ دهڪاني شاعريءَ جو رجحان پيدا ڪيو ته جيئن ”هيبي اسٽينزا“ نالي صنف ۾ ترقي ٿئي. جيمس ميڪفرسن پهريون اسڪاٽش شاعر هو جنهن کي Ossian اوشيئن نالي شاعر جو ڪلام هٿ ڪري، انهي جو ترجمون شائع ڪرڻ تي بين الاقوامي شهرت حاصل ٿي. سندس تاليفات کي سيلٽڪ ٻوليءَ ۾ تخليق ڪيل آڳاٽي رزميه شاعريءَ واري حيثيت حاصل ٿي. Fingal فِنگل نالي ڪتاب جو يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمون ٿيو، ڇو ته انهي تصنيف ۾ اصلوب، ٻوليءَ، قدرتي حسن، مجازي گداز ۽ غم وَ الم کان متاثر يورپ جي ادبي دنيا ۾ رومانوي انداز تحرير جي تحريڪ پيدا ٿي؛ انهي تحريڪ جو اثر Herker هرڪر ۽ Goethe گوئٽي جي تخليقات ۾ ظاهر ٿيو. رابرٽ برنس ۽ والٽر اسڪاٽ تي پڻ اوشيئن واري شاعراڻي اصلوب جو گهرو اثر هو. رابرٽ برنس يارڪ شائير شهر جو رهاڪو، اسڪاٽلينڊ جو قومي شاعر تسليم ڪيو ويو. رومانوي تحريڪ ۾ سندس مکيه ڪردار هو. هن اسڪاٽلينڊ ۽ ان کان ٻاهرين علائقن جو لوڪ ادب پڻ تاليف ڪيو، جنهن ۾ لوڪ گيتن جو ذخيرو ذخيم هو. سندس مشهور گيت Auld Lang Syne آلڊ لينگ سائين سال جي آخري ڏينهن وارين تقريبن ۾ ڳايو ويندو هو. Scots wha hae ”اسڪاٽس وا هاءِ“ جي عنوان واري گيت کي طويل عرصي تائين غير سرڪاري طور پر قومي تراني وارو رتبو حاصل رهيو.
    والٽر اسڪاٽ وقت جو وڏو شاعر هو. هن ڪيترائي داستاني گيت يعني بَيليڊ ميڙيا، چونڊيا ۽ شائع ڪرايا. سندس پهرين نثري تخليق Waverly Novals ويوَرلِي ناولس سن 1814ع ۾ شائع ٿي. انهيءَ کي اسڪاٽش ادب ۾ پهريون تاريخي ناول قرار ڏنو ويو آهي. هن ٻيا به ڪيترائي تاريخي ناول لکيا. جهڙوڪ Ivanhoe اِوان هوء، Rob Roy راب راء ۽ The Heart of Midlothian دي هارٽ آف مڊلوٿئين، جنهن ۾ هن اسڪاٽش سماج جي سموري ۽ سچي عڪاسي ڪئي آهي. جيمس هاگ، ايلن ڪننگهام ۽ جان گالٽ مذڪور اديبن ۽ شاعرن جا همعصر تخليقڪار هئا.
    اُوڻيهَئين عيسوي صديءَ جي آخري ڀاڱي ۾ به اسڪاٽ ڄاون اديبن ۽ عالمن عالمي شهرت ماڻي. انهن مان هڪڙو رابرٽ لوئس اسٽيوينسن 1886ع ۾ Strange case of Drijekyll عنوان تحت گاٿ قوم جي شهري زندگيءَ متعلق هڪڙو زبردست ناول لکيو ۽ ٻيا ناول تاريخي مهم جوئي متعلق پڻ لکيا. جهڙوڪ Kidnapped ڪڊنيپڊ ۽ Treasure Island ٽريزر آئلينڊ وغيره. Arthur Conan Doyle نالي اديب Sher lock Holms ”شرلاڪ هوم “ نالي جاسوسي ادب جو شاهڪار جوڙيو، جنهنڪري جاسوسي ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ جو رواج اُسريو. J.M. Barrie جي.ايم بيري، پيٽريان ۽ جارج ميڪڊونالڊ Fantasy يعني خيالي ڪردار نگاريءَ واري صنف جا اسڪاٽش ادب ۾ پيشرو هئا.
    ويهين عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ اسڪاٽ ادب ۾ نئين جاڳرتا جو رجحان پيدا ٿيو، جنهن ۾ مکيه ڪردار Hugh Mac Diarmid هَف ميڪڊائرمڊ ادا ڪيو. هن اسڪاٽش ٻوليءَ ۾ سنجيده ادب جي تخليق واسطي حقيقي ڪوشش ڪئي. سن 1936ع ۾ A Drunk Man Looks at the thistle اي ڊرنڪ مَين لُڪس ايٽ دي ٿِسل“ لکي، اسڪاٽش ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي ۾ مختلف متروڪ لفظن، محاورن ۽ مختلف علائقن ۾ ڳالهايا ويندڙ لهجن کي ڏاهپ سان ملائي اسڪاٽش ٻوليءَ کي نهايت من فرد صورت ۽ صلاحيت عطا ڪئي. هن نئين جاڳرتا واري تحريڪ ۾ جن شاعرن ۽ اديبن حصو ورتو انهن ۾ Edwin Muir ايڊوِن مُوئِر، Willian Soutar وليئم سوٽار، نيل گُن، جارج بليڪ، نين شيفرڊ، اي،.جي ڪِرونِن، نائومي مِڇيسن، ايرڪ لِنڪِليٽر، لوئِس گِراسِڪ گِبَن ۽ جيمس بِرائِيڊِي وغيره شامل هئا، جيئن اسان وٽ شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني شمشير، امداد حسيني، سرويچ سجاولي، امر جليل، جي.ايم سيد، ابراهيم جويو، قليچ بيگ، حسام الدين راشدي، الانا، جديد ادب جا باني هئا. اسڪاٽلينڊ ۾ ڪجهه ٻيا ليکڪ جيڪي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيا، اُهي ميڪ ڊائيرمِڊ کان متاثر ٿيا ۽ اسڪاٽش ٻوليءَ ۾ لکڻ لڳا، انهن مان مکيه نالا رابرٽ گَيرِيئوچ ۽ سِڊني گُڊسَر اسمٿ جا آهن. جن اسڪاٽش اديبن انگريزي ٻوليءَ ۾ دلچسپيءَ سان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. انهن ۾ نارمن ميڪ ڪائگ، جارج پرُوس ۽ مَئُو رائيس لِنڊسي جا مکيه نالا آهن. اورڪنِي شهر جو رهاڪو جارج مَيڪي برائون ۽ لَين ڪِرچِٽَن اسمٿ جيڪو لوئس شهر جو رهاڪو هو، تن ٻنهي ڄڻن نطم توڙي نثر ۾ سندن مخصوص جزيرن جي سماجي پس منظر ۾ طبع آزمائي ڪئي. گلاسگو شهر واسي شاعر ايڊوِن مارگن مختلف يورپي ٻولين مان شاعري چونڊي اسڪاٽ ٻوليءَ ۾ ترجمون ڪرڻ سبب شهرت ماڻي، هي پهريون اسڪاٽ شاعر آهي، جنهن کي سن 2004ع ۾ اسڪاٽش سرڪار هڪ پروقار سرڪاري تقريب منعقد ڪري کيس ”سرڪاري طور اسڪاٽ ٻوليءَ جو قومي شاعر هجڻ جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو. تازو دور درشن تان گلزار کي اندراگانڌي ايوارڊ سان نوازڻ واري تقريب ڏٺم، جنهن ۾ وزيراعظم من موهن سنگهه ۽ سونيا گانڌي به شريڪ ٿيا هئا انهي تقريب ۾ گلزار ڏاڍي لاجواب تقرير ڪندي چيو ته ڪڏهن خوشي جا موقعا به ايڏا ڳرا ٿيندا محسوس ٿيندا آهن جو غم وارن واقعن کان به ماڻهو جي ذهن تي وڌيڪ بار ٿي پوندا آهن مون اُها سڄي تقريب رڪارڊ به ڪئي پر ذڪر پيو ڪجي اسڪاٽش ادب جو ته.
    ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ڪيترائي اسڪاٽش ناولنگار، جن سندن حياتيءَ جو ڳچ حصو اسڪاٽ لينڊ کان ٻاهر گذاريو، مثلاً مُورِيئَل اسپارڪ، جيمس ڪيناوي، اليگزينڊر ٽروشي، جيسي ڪيسَن، روبن جينڪِنس ۽ ٻيا، پر سندن تخليقات جو محور سندن مادر وطن اسڪاٽلينڊ جي سماجي پس منظر تي منحصر آهي. جهڙوڪ مُورِيئَل اسپارڪ جو سن 1961ع ۾ لکيل ناول The prince of Miss jean brodie دي پرنس آف مس جين بروڊي ۽ سن 1956ع ۾ ڪيناوي جو فلم Tunes of Glory ٽِيونس آف گلوري لاءِ لکيل مُسَوِدو. مَيڪلِين جا ايڪشن ناول ۽ ڊوروٿي ڊونيٽ جا تاريخي فڪشن ناول اسڪاٽ عوام ۾ مقبول ٿيا. سن 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن دؤران جيڪي نوان ناول نويس پيدا ٿيا، انهن ۾ شينا مَيڪي، اَيلن اسپينس، اَيلن ماسِي ۽ وليئم ميلواني جا نالا قابل ذڪر آهن.
    سن 1980ع کان وري به اسڪاٽش ادب ۾ سڌاري ۽ نواڻ جي هڪڙي ترقي پسند تحريڪ گلاسگو سان وابسته ليکڪن جي ٽولي شروع ڪئي، جنهن جو روحروان، فلپ هوبسِبام نالي عظيم استاد، نقاد ۽ شاعر هو. پوليگان بُڪس سلسليوار ڪتابن جي ايڊيٽر پيٽر ڪِراوِتز جو پڻ هن تحريڪ ۾ اهم ڪردار هو. جيمس ڪَلمَينِ، الاسڊيئر، لِزل وِچهيڊ، ٽام ليونارڊ ۽ اونگِهاس ميڪنِيڪائيل به مٿي ڄاڻائيل تحريڪ جا برجستا ڪارڪن هئا. هن لڏي جي ليکڪن مان اِروِن ويلش جي ناول Trainspatting ٽرينسپيٽنگ 1993ع ۾، وارنر جي ناول Marvern Callar مارِوَرنِ ڪالر 1995ع ۾ ۽ ڪَلمَينِ جي ناول How late it was, how late! هائو ليٽ اِٽ واز، هائوليٽ 1994ع ۾ ادبي انعام حاصل ڪيا.
    Crime Fiction يعني سماجي ڪُڌن ڪرتوتن کي ادب ۾ پڌرو ڪري تنقيد جو نشانو بنائيندڙ قلمڪارن ۾ وال مِڪِڊَرمِڊ، فِريڊَرِڪ لِنڊسي، ڪرسٽوفر برُوڪمائير، ڪُوئنِٽِن جارڊن، ڊينائيز مِنا ۽ ايڊنِبَرگ واري آئن رَينڪِن جا نالا قابل ذڪر آهن. اديبن ۽ شاعرن جي هن سٿ ۾ ڪَيٿلِين جَيمِي ۽ گلاسگو ڄائي ڪيرول اَين ڊُفِي جا نالا پڻ اهميت جا حامل آهن. ڪيرول اَين ڊُفِي کي سن 2009ع ۾ Poet Laureate يعني سرڪاري وظيفو حاصل ڪندڙ درٻاري شاعر جو اعزاز مليو. اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته هُوءَ پنهنجي تخليقات ۾ کُليءَ طرح هم جنس سنجوگ جو پرچار ڪندڙ پهرين اسڪاٽش شاعره آهي، جنهن کي اسڪاٽش سرڪار، ڪامل شاعره جي حيثيت ۾ وظيفو مقرر ڪري ڏيندي اچي، سنڌي ادب ۾ جنس يا Sex تي لکڻ ته ڄڻ ڏوه برابر آهي ٻي دنيا ۾ ته ٺهيو پر هندستان ۽ بنگلاديش ۾ به Sex تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي انهي موضوع تي اردو ادب ۾ زاهده حنا جو ڪتاب ”راه مين اجل هي“ هڪ لاجواب ڪتاب آهي.


    ٽيڪسلا هڪ تاريخي ماڳ

    سير سياحت جتي روح ريجهائيندڙ وندر آهي. اتي ڄاڻ ۽ علم پرائڻ جو به وڏو وسيلو اهي. سير و سفر سان ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ، قومن جو عروج ۽ زوال تهذيب، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مختلف قومن جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ عبرت به حاصل ڪري سگهجي ٿي. قدرت جون لک مهربانيون جو مون کي ڪيترن ملڪن ڏسڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ دنيا جا اميرترين ملڪ جهڙوڪ سينگاپور، جپان، آمريڪا، يورپ، ايشيا ڏٺم. جپان کي گهمندي جپاني ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي اٿڻي ويهڻي ۽ تيز تر صنعتي ترقي کي ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليم. سچ ته هيءَ قوم عجيب و غريب صلاحيتن جي مالڪ آهي. فونيڪسل پکي وانگي پنهنجي رک مان نئون جنم ماڻيندڙ هيءَ قوم ڏسڻ پرکڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهي. جتي ٻاهرين دنيا جا ڪيترا سارا ملڪ ڏٺم. اتي پاڪستان ۽ هندستان جا تاريخي اهميت جا پڻ ڪيئي ماڳ مڪان ڏٺم شروعات ۾ بابا مرحوم سان گڏ اسان جي زمين جي ويجهو تاريخي ماڳ ٻڌڪا ٽڪر پوءِ مڪلي، حيدرآباد جو قلعو، ڪلهوڙن جا مقبرا، قلندر جي درگاهه، رني ڪوٽ، چؤڪنڊي جا آثار، مورڙي جي قبر ۽ برساتن جي موسم ۾ ٿر جا حسين منظر، محمد طور، سونڍن جو تاريخي قبرستان، ڀنڀور، اروڙ، ڪوٽ ڏيجي جو تاريخي قلعو، موهن جو دڙو. ڪينري ڪيوز، اجنتاالورا جون غفائون، اورنگ آباد جو تاريخي قلعو ۽ پٽنا ديوي، پنهنجي ٻارن سان گڏ، درگاهه شاهه عنايت شهيد، شاهه عبدالڪريم، شاهه عبداللطيف، مخدوم نوح، لاکو لطف الله ۽ ڪراڙ جي ڍنڍ، پليجن جو تاريخي قبرستان، دولهه درياخان، ڄام نظام ۽ ڄام تماچي جي مزار، ڪينجهر جي ڍنڍ ۽ اتي ئي نوريءَ جي قبر، گنجو ٽڪر منوڙو ۽ سسئي جو ماڳ ڀنڀور انهن سان گڏ سنڌ جا ٽيئي بئراج ۽ پاڪستان جا مشهور ڊيم تربيلا، منگلا وارسڪ ۽ راول ڏٺم. لاهور جي بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، جهانگير جو مقبرو، شالامار باغ، نورجهان جو مقبرو ۽ لاهور جا تاريخي ماڳ ڏٺم. مطلب ته ترخم کان منوڙي تائين شايد ئي ڪو هنڌ رهيل هجي، پر پاڪستان ۾ ئي هڪ اهم تاريخي ماڳ يعني ٽيڪسيلا ڏسڻ جو موقعو ئي نه مليو. جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڪيترا ڀيرا آيس ۽ واپس هليو ويس. راولپنڊي جي ويجهو سهالا پولس اڪيمڊمي ۾ ته سڄا سارا ست مهينا رهيس ۽ پوليس جو ڪورس ڪيم ۽ اتي ئي پاڪستان ۽ ون يونٽ ٽوڙيندڙ صدر يحيٰ خان ڏٺم. جيڪو انهيءَ وقت سهالا پوليس ريسٽ هائوس ۾ نظربند هو. پر ٿوري ئي پنڌ تي ٽيڪسيلا ڏسي نه سگهيس.
    غلام حسين رنگريز ڪنهن ڪورس سانگي اسلام آباد ويو ۽ اتان ڪورس دوران ٽيڪسيلا ڏسي آيو ۽ مون کي ٻڌايائين ته ٽيڪسيلا تمام تاريخي اهميت جي جڳهه آهي ۽ ٻيو ته دنيا جي قديم ترين يونيورسٽي جا کنڊرات ته ڏسڻ وٽان آهن. سال گذرندي دير ڪا نه ٿي. وري به غلام حسين رنگريز کي ڪنهن ڪورس لاءِ اسلام آباد هڪ مهيني لاءِ وڃڻو پيو. سو اتان خط لکيائين ته هن ڀيري ضرور اچ. آئون به تيار ٿي ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي اسلام آباد روانو ٿي ويس اسلام آباد هوٽل تي پهچي تيار ٿي غلام حسين وارو خط ڳوليم (جنهن ۾ سندس ائڊريس لکيل هئي) ته خط ملي نه. شايد ڳوٺ رهجي ويو يا واٽ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. هاڻ غلام حسين کي ڪٿ ڳولجي. دل جي دؤڙ تي ٽيڪسي ڪري چار پنج ڪلاڪ ڳولا ڪيم پر ڪا به خبر ڪانه پيئي، واپس اچي هوٽل ڀيڙو ٿيس، ماني کائي لت کوڙي سمهي رهيس. خيال ڪيم ته صبح جون خبرون صبح ساڻ، صبح جو تيار ٿي نيشنل اسيمبليءَ جو اجلاس هلندڙ هو. هاسٽل ۾ اسان جي ٺٽي ضلعي وارو اسيمبلي ميمبر بابو غلام حسين گڏيو جنهن کان غلام حسين رنگريز جو پڇيم تنهن جواب نهڪر ۾ ڏنو. رنگريز جي پوءِ پڇا ٿا ڪريون تون هل ۽ هلي اجلاس ڏس. سو آئون به بابو غلام حُسين سان گڏ اچي اجلاس ڀيڙو ٿيس. بينظير جي حڪومت جا آخري ڏينهن هجن.
    اسيمبلي اڳ به ڪئين ڀيرا ڏٺل هئي. اجلاس هلندڙ هو. ولي خان ۽ مولانا فضل الرحمان منهن ۾ ئي گڏيا، بابو غلام حسين ساڻن ڪو نه مليو. اندر اجلاس ۾ مائي عابده حسين انگريزي ۾ تقرير ڪري رهي هئي. انگريزي تمام سٺي ٿي ڳالهايائين. اڌ ڪلاڪ کن اجلاس ڏسي بابو غلام حسين کان موڪلائڻ کانسواءِ ٻاهر نڪري ٽيڪسي ڪري اچي نبي بخش کوسي ڀيڙو ٿيس. نبي بخش ٻڌايو ته ڪالهه ئي غلام حسين رنگريز مون وٽ آيو هو ۽ ائڊريس به ڏئي ويو آهي. پاڻ ٻڌايائين ته غلام حسين رنگريز وارن جي هاسٽل بلڪل يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي آفيس جي ڀر سان آهي. مون ٻڌايس ته يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن وارن جي ته آفيس مون ڪالهه به ڏٺي هئي. چيئين ته هاسٽل ته اتي ئي آهي. آئون سڌو ٽيڪسي ڪري يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي آفيس پهتس انهن جو ته وڏو بورڊ لڳل هو. پر ڀر سان غلام حسين رنگريز وارن جي هاسٽل تي ڪو به بورڊ لڳل نه هو. چوڪيدارن کان گيٽ تي معلوم ڪيم ته واقعي هي ٽرينر وارن جي هاسٽل آهي. چئون ته ها. مون کي ڪالهه رلڻ جو سبب معلوم ٿي ويو. ڇو ته جيڪر هاسٽل جي ٻاهران بورد هڻي ڇڏين ها ته شايد آئون ڪالهه ئي پهچي وڃان ها. غلام حسين ڪمري ۾ ويٺو هو. مون کي ڏسي خوش ٿيو. ٻڌايومانس ته خاص ٽيڪسيلا ڏسڻ لاءِ آيو آهيان، تيار ٿي ته هلون. چيئين ته اڄ دير ٿي ويئي آهي، سڀاڻي هلبو ٻي ڏيهاڙي ٽيڪسي ڪري اسان سڌا ٽيڪسيلا لاءِ روانا ٿياسين.
    ٽيڪسيلا پنجاب جي راولپنڊي ضلعي ۾ ۽ راولپنڊيءَ کان تقريبن 32 ڪلوميٽر پري ٿيندي، ٽيڪسيلا ڏانهن ويندڙ رستو سرسبز وڻن ۾ ڍڪيل ڪشادو ڊبل وي آهي. رستي تي ٽرئفڪ تمام گهڻي هئي. هي رستو پنڊي کان پشاور ڏانهن ٿو وڃي پر ڪجهه پنڌ کان پوءِ پشاور پندي هاءِ وي کي ڇڏي ٻيو رستو ٽيڪسيلا لاءِ نڪري ٿو. ٽيڪسيلا ويندي ويندي رستي تي مون ٻه ڳالهيون نوٽ ڪيون. هڪ ته جيئن ٺٽي کان ڪراچي ويندي ڪيترن هنڌن تي ماڻهو مڇيون وڪڻڻ لاءِ جهليو بيٺا هوندا آهن تيئن هت ڪيترا ماڻهو ماکيءَ جا شيشا ۽ ڏٻا ماکيءَ مان ڀريل هٿن ۾ جهليو هر گاڏيءَ واري کي وڪڻڻ جو اشارو ڏيئي رهيا هئا. ٻيو ته مون پنجاب جي ٻهراڙين ۾ عام غريب مردن ۽ عورتن کي سنڌي اجرڪ پر ريشمي ڪپڙي تي ڇريل پهريندي عام جام ڏٺو پر شهرن ۾ تمام گهٽ يا ڪنهن کي ايڪڙ ٻيڪڙ اجرڪ ۾ ڏٺو پر اهو به غريب طبقي وارن کي اسان جي ٽيڪسي ريلوي ڦاٽڪ وارو رستو پار ڪري اچي ٽيڪسيلا جي ميوزم وٽ بيٺي. ميوزم جي ٻاهران ڪافي دڪان هئا. جن ۾ ڪتابن ۽ ويوڪارڊن جا دڪان به شامل هئا. اسان ڪجهه ڪتاب ۽ ويوڪارڊ خريد ڪري ميوزم اندر روانا ٿياسين ميوزم جي اڳيان ۽ پٺيان عاليشان باغ پڻ هو. ميوزم اندر ٽيڪسيلا کندرات مان جيڪي شيون لڌيون ويون آهن. سي رکيل آهن. ٽيڪسيلا جي کوٽائي پهريائين شروع ٿي پر هي ميوزم ڪافي بعد ۾ ٺهرايو ويو. جنهن ڪري هن خطي مان لڌل نوادرات مان ڪيترا اهم نوادرات هن وقت برٽش ميوزم لنڊن، ڪراچي واري قومي عجائب گهر ۽ لاهور واري عجائب گهر ۾ پڻ رکيل آهن. هن شهر جي کوٽائي پهريائين سر اليگزينڊر ڪننگهم 1863ع ۾ شروع ڪئي. جيڪا يارهن سال يعني 1874ع تائين جاري رهي. کوٽائي دوران هن کي هڪ چاندي جو سِڪو مليو، جنهن تي هن شهر يعني ٽيڪسيلا جو نالو لکيل هو. انهيءَ سڪي ملڻ تي هن کي پڪ ٿي ته دنيا جي قديم تهذيب گنڌارا جي گاديءَ جو هنڌ ٽيڪسيلا هتي ئي دفن آهي. 1874ع کان 1912ع تائين جي هيڏي وڏي عرصي ۾ کوٽائي جو ڪم بند ٿو نظر اچي. 1912ع ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي جي مهندار ۽ موهن جي دڙي تي هڪ ناياب ڪتاب جي ليکڪ سر جان مارشل هي ڪم وري نئين سر شروع ڪيو. سر جان مارشل پنهنجي سرڪاري ريٽائرمينٽ تائين انهيءَ جستجو ۾ لڳو رهيو. هن کي ڄڻ ته ٽيڪسيلا جي هنن کنڊرن ۽ هن وادي سان پيار ٿي ويو جو ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ به ڪافي وقت هت رهيو، سر جان مارشل پهريون ماڻهو هو جنهن ٽيڪسيلا بابت هڪ ناياب ڪتاب لکيو. ڪتاب جو نالو هو ٽيڪسيلا گائيڊ. هي ڪتاب پوءِ سڀني لاءِ هڪ مشعل راهه ثابت ٿيو. وري 1944ع ۾ سرمارٽيمر وهيلر (Morimer Wheeler) ٽيڪسيلا جي کنڊرات جي کوٽائي شروع ڪرائي جيڪا هندستان جي ورهاڱي يعني 1947ع تائين جاري رهي. 1947ع کان 1967ع تائين يعني سڄا سارا ويهه سال کوٽائي جو ڪم مڪمل طور بند رهيو. پاڪستان آثار قديم جي کاتي 1967ع ۾ محمد شريف جي نگراني ۾ وري کوٽائي ڪرائي، جيڪا 1968ع تائين جاري رهي. (Taksha Sila) کي پنهنجي نالي پٺيان گادي جو هنڌ ڪيو. جيڪو نالو بگڙي ٽيڪسيلا ٿيو ۽ گنڌارا جو نالو شوي آرين جي پري جي شوٽ رهيو آرين جي هڪ حاڪم گانڌرا جي پٺيان گنڌار پيو پر پاڪستان آثار جو محقق محمد ولي الله خان جو چوڻ آهي ته گنڌار جو نالو ڪورُن جي ماءُ يعني راڻي گنڌاري جي ڪري پيو. (گنڌارا صفحو 96) الائي ڇو هي حوالو ڪنهن به محقق نه ڏنو آهي جيڪو پڻ ڪافي دلچسپ آهي. راڳ جا بنيادي ست سر آهن جيڪي عام طرح سان هيئن، سڃاتا وڃن ٿا. ”ساري گم پ ڌني“ جيڪو ستن سرن جو مخفف آهي. هي مخفف هيئن جوڙيو.
    (1) شڌ ’سا‘
    (2) رشڀا ’ري‘
    (3) گنڌار ’گا‘
    (4) مڌيم ’م‘
    (5) پنچم ’پ‘
    (6) ڌئوت ’ڌ‘
    (7) نشاد ’ني‘
    هي سر قديم زمانن ۾ رشين، منين، جانورن، پکين ۽ ٻين قدرتي آوازن مان جوڙيا يعني:
    (1) سا: مور جي رڙ سان مشهابت رکي اٿن.
    (2) ري: ڳئون جي آواز سان منسوب آهي.
    (3) گ: ٻڪريءَ جي آواز جهڙو آهي.
    (4) م: سانئين پکيءَ جي آواز يا پاڻي جي آواز مان ورتل.
    (5) پ: ڪوئل جي آوازتان کنيل.
    (6) ڌ: گهوڙي جي هڻڪار مان ورتل.
    (7) ني: هاٿيءَ جي آواز مان ورتل.
    هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته سُر نمبر ٽي ”گا“ جيڪو گنڌار جو مخفف آهي. انهيءَ تان گنڌار تي نالو پيو يا سُر تي قديم وادي گنڌار جي ڪري کيس گنڌار سڏيو ويو. ٽيڪسيلا جي وادي ڪيترا ڀيرا آباد ٿي ۽ ڪيترائي ڀيرا برباد ٿي. ڪڏهن ڌارين جي حملي ڪري ڪڏهن قدرتي حملن ڪري، پر قدرتي حملن ڪري گهٽ ۽ حاڪمن جي حملن ڪري زياده تباهه ۽ برباد ٿي. ڪيترا دفعا ته خود جن تباهه ڪيس ۽ وري نئين سر تعمير ڪري وري پاڻ ئي حاڪم ٿي هتي رهڻ لڳا. ٽيڪسيلا جي کوٽائي مان چئين پراڻن شهرن ۽ ڪيترن ئي قلعن ۽ اسٽوپائن جي ڄاڻ پئي جن جا نالا هي آهن:
    (1) سرکولا.
    (2) ڀڙ (جنهن کي هاڻ ڀڙ مائوند چيو ٿو وڃي)
    (3) سر ڪپ.
    (4) سر سک.
    (1) سرکولا: (Sir Khula) سرکولا جا آثار هڪ ڊِٻِ تي آهن. آثار قديم جي ماهرن جي خيال موجب هي شهر ٽي دفعا مختلف حادثن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي.
    آخري دفعو هيءَ وسندي اٺين عيسوي صديءَ ۾ ڪجهه وقت وري آباد نطر اچي ٿي، پر جلد ئي ختم ٿي وئي. جيڪا اڄ تائين اسان وٽ صرف کنڊرن جي شڪل ۾ آهي. سرکولا جي کنڊرن مان لڳي ٿو ته هتي جا ماڻهو فن تعمير ۽ ڌاتو کان بلڪل اڻ واقف هئا. هتي جا ماڻهو پٿر ۽ هڏن کي اوزار طور استعمال ڪندا هئا. آثار قديم جي ماهرن جي راءِ مطابق هتي جا اصل رهاڪو مهذب نه هئا. هنن جا گهر بلڪل بي ترتيب ٺهيل هئا. جن ۾ صحت صفائي جو ڪو به خيال نه هو ۽ نه وري شهر کي ٻاهران ڪا چوديواري هئي. کوٽائيءَ دوران پٿر ۽ هڏن جي اوزارن سان گڏ مٽي جا ٿانوَ، ٺڪريون ۽ عورتن جون مورتيون هٿ آيون آهن. کوٽائيءَ دوران هتان تمام گهٽ سامان هٿ آيو.
    (2) ڀڙ (Bhir Mound) جنهن کي هاڻ ڀڙ مائونڊ سڏيو ٿو وڃي. اڄ جو ٽيڪسيلا قديم شهر ڀڙ مائونڊ جي کنڊرن مان هڪ کنڊر شاهه ڍيري تي آباد آهي ۽ اسان جنهن ميوزم ۾ بيٺا آهيون. اهو پڻ انهيءَ قديم ايراضي تي ئي قائم ڪيو ويو آهي. ڀڙمائونڊ جو قديم شهر ٽي دفعا تباهه ٿيو ۽ ٽي دفعا آباد. هي شهر به ڪنهن منصوبابنديءَ کانسواءِ ئي ٺهيل آهي. سوڙها ڦڏا رستا جنهن کي جت آيو اتي گهر ٺاهي ويهي رهيو. نه هوا جو خيال نه صفائي جو بندوبست هر گهر جو غسل خانو ۽ بورچي خانو سواءِ پلاننگ سان ٺهيل. جيئن جيئن آبادي وڌندي ويئي تيئن تيئن گهٽيون سوڙهيون ٿينديون ويون هن شهر جي هيڏي وڏي آبادي ۾ صرف ڪجهه گهر جيڪي شايد ان وقت جي امرائن جا هوندا تن جي بناوت ۾ ڪجهه ترتيب نظر اچي ٿي. هي گهر گهڻو ڪري ٻه ماڙ آهن. شايد مٿي هو خود پاڻ رهندا هئا ۽ هيٺ ٻانهيون غلام ۽ نوڪر. ڀڙ مائونڊ جي اُلهندي حصي ۾ هڪ تمام وڏي عمارت جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنهن ۾ هڪ هال پڻ آهي. هي وسيع عمارت شايد حاڪمن جي رهائش گاهه هوندي. يا ڪو وڏو مندر شهر جي چوڌاري سرن جي ڪوٽ جا آثار مليا آهن پر ڪوٽ تمام ڦٽل حالت ۾ آهي. جنهن ڪري درن جي ڪا به خبر نه آهي ته ڪهري هنڌ هئا ۽ گهڻا هئا. هن قديم شهر جو پايو وجهندڙ هنجا منشي هو، راجا امڀي جي گاديءَ جو ماڳ پڻ هي شهر ئي هو. هن شهر سڪندراعظم، اشوڪ اعظم ۽ چندرگپت جي عظمت ۽ شان شوڪت کي پڻ ڏٺو. دنيا جون قديم ۽ عظيم درسگاهون جيڪي موريا دؤر ۾ ٺهيون سي پڻ هن ئي شهر ۾ قائم هيون. جتي دنيا جي عظيم فيلسوف ”چانڪيا ڪوتليا“ فِلسَفي جي تعليم ورتي ۽ مشهور قانوندان ۽ ٻوليءَ جو ماهر پانني مني هن شهر ۾ ڄائو ۽ تعليم پرائي، جنهن جو سنسڪرت ۾ ٺاهيل گرامر ”اشٽا ڌيائي“ اڄ به مشهور آهي. انهن سڀني عظمتن ۽ خوبين هوندي به هي شهر انتها ئي گندو ۽ غليظ هو، جنهن جو ذڪر سرمور ٽيمر وهيلر ۽ سر جان مارشل هن ريت ڪيو ته ”سڪندراعظم ان وقت جي گنڌارا جي گاديءَ جي هنڌ ٽيڪسيلا ۽ اڄ جي ڀڙمائونڊ ۾ جڏهن داخل ٿيو ته سندن استقبال شاهاڻي نموني ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر هن شهر جي آڏين ڦڏين ۽ سوڙهين گهٽين مان جڏهن سڪندر لنگهيو ته چؤ طرف ڌوڙ سندس استقبال ڪيو. هر هنڌ مٽيءَ جا ڍير لڳا پيا هئا، جنهن مان ڌپ اچي رهي هئي. گهر جهڙو ڪَرَ مال جا وٿاڻ، شهر ۾ چؤطرف سوين رولو گڏهه رلي رهيا هئا. شهر جي مٿان ڳجهون لامارا ڏيئي رهيون هيون.“
    (ڏسو ٽيڪسيلا ڪا تهذيبي سفرناما ص46)
    پر ٽيڪسيلا جي مقابلي ۾ موهن جو دڙو جيڪو ٽيڪسيلا کان هزارين سال قديم آهي. جنهن جي کوٽائي پڻ سرجان مارشل ڪرائي آهي. تنهن لاءِ سرجان مارشل لکي ٿو: ”موهن جي دڙي ۾ جيڪو پاڻي جي نڪاسيءَ جو انتظام ٿيل هو تهڙو بندوبست يورپ جي ڪنهن به شهر ۾ اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. موهن جي دڙي مان کوٽائي سان لڌل زيورن جي باري ۾ لکي ٿو ته اُھي زيور اهڙا ته سهڻا ۽ نفيس هئا جو اڄ جي لنڊن جي مشهور زيورن، جي بازار بانڊاسٽريٽ (Bond Street) ۾ رکيل زيورن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. آئون ۽ غلام حسين ميوزم ۽ ڀڙمائونڊ جا کنڊر ڏسي اڳتي سرڪپ جا قديم آثار ڏسڻ لاءِ گاڏي ۾ چڙهي روانا ٿياسين.
    (3) سرڪپ (Sir Kap): سرڪپ ڀڙمائونڊ کان اڌ، ميل کان به گهٽ پنڌ تي آهي. سر ڪپ شهر ٻن حصن۾ ورهايل آهي. هڪ هاٿيال پهاڙي وارو حصو ٻيو ڪنال (Kunal) اسٽوپا وارو حصو، ڪنال، اشوڪ جو پٽ هو. باختري يونانين جڏهن ٽيڪسيلا فتح ڪيو، تڏهن ڀڙمائونڊ جهڙي گندي شهر جي عيوض ڀڙمائونڊ جي ويجهو هڪ مٿانهين پهاڙي تي سرڪپ نالي هڪ نئون شهر تعمير ڪيو. جنهن جو نقشو شطرنج بورڊ جهڙو آهي. هي شهر ڪشادو ۽ نقشي مطابق ٺهيل آهي پر اها اوائلي منصوبا بندي هئي هن شهر جو بنياد ڊميٽريئس (Demitrius) رکيو ۽ شهر جي چوڌاري ڪوٽ، شاڪا بادشاهه ڏياريو جيڪو ساڍا ٽي ميل ڊگهو آهي. شهر جي مٿئين پهاڙي واري حصي ۾ هڪ وڏي محل جا کنڊرات آهن جيڪي شايد حاڪمن جون رهائش گاهون هيون غلام حسين ۽ مون کي گهڻي دير هنن ئي کنڊرن کي ڏسندي لڳي. هيءَ محلات ڏاڍي سهڻي ترتيب سان ٺاهيل نظر آئي. ديوان عام ۽ ديوان خاص، زناني خاني واريون رهائش گاهون، سڀني جي اڳيان وڏا اڱڻ، جتي باغيچن جي لاءِ ناليون ٺهيل هيون. چون ٿا ته پارٿين بادشاهه گندو فارس، عيسائي درويش، طامس جي هن محلات ۾ دعوت ڪئي. (ٽيڪسيلا ڪا تهذيبي سفرناما) هندستان جو وائسراءِ لارڊ ويول 16 نومبر 1945ع ۾ سرڪپ جو هي محل ڏسڻ آيو. انگريزن نه صرف هندستان، پاڪستان جا قديم آثار کوٽائي دنيا اڳيان ظاهر ڪيا. جنهن ۾ موهن جو دڙو، ٽيڪسيلا، اجنتا ۽ الورا ته سڄي دنيا جي توجهه ۽ تفريح جو مرڪز بڻجي پيا آهن، پر انگريز حاڪم انهنءَ قديم آثارن کي وڏي اهيمت ڏيئي خود به ڏسڻ ايندا هئا، پر اڄ جا حاڪم انهن تي ڪو خاص توجهه نه ٿا ڏين. سر ڪپ جي کوٽائي دوران هتان ڪافي شيون مليون جنهن ۾ سون ۽ چاندي جا زيور، چاندي جا ٿانوَ، ٽامي ۽ پتل جا قلمدان عطر دانيون، پيالا، لوهه جا هٿيار، پٿر جا ٿانوَ، مٽيءَ جون مورتيون، ٻارن جا رانديڪا ۽ وڏا وڏا مٽ قابل ذڪر آهن. ڪن ٿانون تي شراب جي ديوتا ڊايوناس جون تصويرون حسن ۽ محبت جي يوناني ديوي ايفروڊائيٽ جو سون جو ننڍڙو مجسمو، عشق جي ديوتا ڪيو پڊ جو ننڍڙو سونو مجسمو هٿ آيو آهي. ٽيڪسلا وادي جو هي شهر 30 عيسوي سال ۾ هڪ وڏي زلزلي ۾ اڌ کان به مٿي تباهه ۽ برباد ٿي ويو. وري 78 عيسوي سال۾ پليگ جي بيماريءَ ۾ شهر جي هڪ وڏي آبادي موت جو شڪار ٿي ويئي ۽ نئين فاتح حاڪم ماڪيڊ فيسنرز هن شهر کي نڀاڳو سمجهي وڃي سر سک نالي شهر 78ع ۾آباد ڪيو.
    (4) سر سک: ٽيڪسيلا واديءَ جو آخري ۽ چوٿون شهر سر سک، سِر ڪپ کان صرف ڏيڍ ميل پري آهي هن قديم شهر جي قديم آثارن جي کوٽائي تمام گهٽ ٿي سگهي آهي. ڇو ته هنن آثارن جي وڏي حصي تي هاڻ ٽي ڳوٺ (1) توفڪيان، (2) پنڊ گاکڙا ۽ (3) پندورا آباد ٿي ويا آهن. باقي رهيل حصي زمين تي باغ ۽ پوک ٿيندي آهي جنهن ڪري کوٽائي نه ٿي سگهي آهي. صرف ٿوري حصي جي کوٽائي ڪرائي ويئي آهي پر ٿوري کوٽائي مان به اهو تاثر ٿو ملي ته هي شهر ٻين سڀني شهرن کان وڌيڪ منصوبا بندي سان ٺهرايو ويو هو. شهر جي چوگرد جيڪا ديوار ڏنل هئي. انهيءَ جا آثار پڻ نالي ماتر وڃي بچيا آهن. پر انهي نالي ماتر حصي مان به اندازو لڳائي ٿو وٺجي ته هن شهر جي چؤديواري ٻين شهرن جي چؤديواري کان وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ نظر ٿي اچي. جيڪا ڪشان حاڪمن منجهان هڪ حاڪم ڪانشيڪا ٺهرائي هئي. هي ساڍا ارڙهن فٽ ٿلهي آهي ۽ هن ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر وڏا ۽ گهڙيل آهن. جڏهن ته سرڪپ واري چؤديواري ننڍن ۽ اڻ گهڙيل پٿرن جي ٺهيل آهي.جيڪا گهٽ محفوظ آهي.
    سر سک جي چوديواري ۾ نوي فٽن جي فاصلي تي بُرج ٺهيل آهن جن کي ٺاهڻ ۾ ريتيءَ سان گڏ چن به استعمال ڪيو ويو. ٽيڪسيلا جي سڀني شهرن جي کوٽائي ۾ هي پهريون ڀيرو چن استعمال نطر ٿو اچي. جيڪا هڪ بلڪل نئين ڳالهه آهي. تيرن جي استعمال لاءِ سوراخ ڏنا ويا آهن. جيڪي اندران ننڍا ۽ ٻاهران وڏا آهن. توفڪيان ڳوٺ۾ کوٽائي مان هڪ وڏي عمارت ظاهر ٿي. جنهن جي بناوت به سرڪپ جي جڳهين جهڙي ئي بي ڊولي آهي، پر تڏهن به چنائي ۾ ڪجهه خيال رکيو ويو آهي. جنهن ڪري سرڪپ وارين جڳهين کان ڪجهه مختلف ٿي نظر اچي. ٽيڪسيلا واديءَ جو هي آخري شهر پنجين صدي عيسوي کان پوءِ ”سفيد هن“ نالي قومن جي مسلسل حملن جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو. هن شهر جي تباهي کان پوءِ هت وري ڪو شهر آباد ٿي نه سگهيو. چيني سياح هسوان تسنگ (Huswan Tsang) پڻ 629ع کان 645ع ڌاري گنڌارا ۽ ٽيڪسلا جا کنڊر ئي ڏٺا. جنهن جو پاڻ سندس سفرنامي ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ آهستي آهستي هن عظيم تهذيب جا کنڊر زمين هيٺ دفن ٿيندي ويا ۽ ٽيڪسيلا جو نالو گمنامي جي اونداهين ۾ غرق ٿيندي ويو. سوين صديون گذري ويون پر تاريخ جي ورقن ۾ ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. کوٽائي دوران درما راجڪا جي بت ڪده مان مليل هڪ چاندي جي ٽڪري تي لفظ ٽيڪسيلا لکيل نطر آيو ۽ ائين وري هڪ دفعو ٽيڪسيلا سڄي دنيا اندر مشهور ٿي ويو ۽ سڄي دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز ٿي ويو ۽ اسين به هت پهچي وياسين.


    شراب جي تاريخ

    منهنجو پنهنجي زندگي جو تجربو آهي ته دنيا ۾ خراب ۾ خراب شئي نشو ۽ شراب، ۽ سٺي ۾ سٺي سادگي آهي، نشي ۾ سڄي دنيا ۾ زياده ۾ زياده گهڻي ۾ گهڻو شراب جو استعمال ٿئي ٿو جيڪو توهان کي سڄي دنيا ۾ هر هنڌ ملندو.
    اسان کي تاريخ مان شراب جي شروعات هن ريت معلوم ٿي آهي، جيڪا آئون چاهيان ٿو ته توهان کي به ٻڌايان، ڇو ته منهنجي خيال ۾ اها ڪافي دلچسپ آهي. هيءَ حقيقت قابل يقين آهي ته انسان ذات جي اوائلي زرعي سماج دؤران، جڏهن انهيءَ وقت جا هاري ماڻهو ميوي وارن وڻن جي قدرتي وادين اندر ڪن کڏن ۽ کوٻن ۾ قدرتي طور سڙيل ڳريل ميون جي رچيل رس جي نرالي بوء ۽ ذائقي مان لطف اندوز ٿيڻ کان پوءِ مختلف ميون کي سنڌي رچائڻ جا تجربا ڪري، ڳَهَرَ ۽ خمار پيدا ڪندڙ هڪ عجيب مشروب تيار ڪري واپرائڻ لڳا، تنهن کي خُمر يعني خمار پيدا ڪندڙ مَشِرُوب يعني شراب ڪوٺڻ لڳا. اٽڪل ڏهه هزار سال اڳ ماکي ۽ جهنگلي ميون جي خمير مان شراب چِڪائڻ جو عمل منظم انداز ۾ شروع ٿيو. ڇهه هزار سال قبل مسيح دؤران ڪاري سمنڊ ۽ ڪَيسِپيئَن سمنڊ جي وچ وارين جابلو وادين ۾ فقط شراب چِڪائڻ واسطي انگورن جا باغ پوکيا پئي ويا. ان کان پوءِ وارن ٻن هزارن سالن دؤران ميسوپوٽيميا يعني موجوده عراق ۾ شراب سازيءَ واري صنعت زور ورتو. ٽي هزار سال قبل مسيح دؤران شراب سازيءَ۽ سموري رومي سمنڊ ۾ بحري جهازرانيءَ وسيلي شراب جي واپار اهل مصر کي اوج تي رسايو ۽ مصري رياست ۽ تهذيب ترقي ڪئي. انهيءَ کان پوءِ اهل روم پڻ انگورن ۽ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ خميري وارين جنسن کي استعمال ڪري شراب تيار ڪرڻ لڳا، جيڪو انگورن جي باغن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ غلام خريد ڪرڻ ۽ ٻين ضروريات جي پورائي لاءِ ڏيساور جي واپار جو اهم وڙ هو. روم وارن ڪلاڙن سوڙهي چيلهه وارن پيپن يعني ڊِرَمن ۾ انگورن جي فصل جي عرصي جي برابر وقت تائين شراب سَنڌي رکڻ سان سٺي قسم، ذائقي ۽ وڌيڪ نشي وارو شراب تيار ڪرڻ شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ يونانين به اهڙن پيپن يا ڊرمن ۾ شراب چِڪائڻ شروع ڪيو. انهن پيپن يا ڊِرَمن کي کڻڻ لاءِ انهن جي ٻن پاسن کان ٻه ڪڙا لڳل هوندا هئا. انهن پيپن ۾ اٽڪل ست گيلن شراب سمائجي سگهندو هو. شراب وجهي پوءِ انهن پيپن کي مڪمل ۽ چڱيءَ طرح بند ڪيو ويندو هو. ڏيڍ هزار سال قبل مسيح جي لڳ ڀڳ رومي ديو مالا مطابق انگورن جي فصل جي لاباري ۽ شراب چِڪائڻ واري ديوتا ڊائِيونِيسَسِ Dionysus جو رومي ادب ۾ ذڪر ٿيڻ لڳو. يوناني ديومالا موجب شراب جي ديوتا جو نالو Bacchus بَيڪِهَس يا بَيچَس آهي. انهيءَ وقت جي مُرَوِج مذهب ۾ هڪ رجحان اُسريو ته مذهبي رَسمُن ۾ شراب نوشي انسان کي گناهن کان آجو، وڌيڪ معصوم ۽ سالم دماغ بنائي ٿي. اڃا تائين Bacchanal بيچنل لفظ شراب نوشيءَ جي تقريب طور استعمال ٿئي ٿو. جڏهن شراب نوشي مذهبي رسم طور اٽليءَ جي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي بدڪاريءَ جو اُهڃاڻ ٿي پئي ته رومي سينيٽ انهيءَ شراب نوشِيءَ کي غيرقانوني عمل قرار ڏنو ۽ ان تي بندش وِڌي. ممڪن آهي ته مغربي ملڪن کان به اڳ چين ۾ شراب چِڪائڻ ۽ واپرائڻ جو عمل رواج ۾ هجي، پر اهڙا ڪي دستاويزي يا تاريخي ثبوت اڃا عدم موجود آهن. گمان غالب آهي ته چين ۾ ڪنهن وقت سرڪاري عهدي جي حلف برداريءَ واري رسم، جنگ شروع ڪرڻ واري رسم، شاديءَ جي رسم ۽ مرتئي وارين رسمن ۾ شراب نوشيءَ جو رواج هو. 1116 سال قبل مسيح ۾ جڏهن سرڪاري طرح اعتدال پسندي ۽ امن امان جي حوصله افزائي ڪئي وئي، انهيءَ دوران شراب جي واپار سان چيني خزاني ۾ خاطر خواه اضافو ٿيو. اٺ سؤ سال قبل مسيح ۾ ڀارت ۾ چانورن ۽ جَوَنِ جو هلڪو يعني گهٽ نشي وارو شراب ٺاهڻ شروع ڪيو ويو. انکي مغرب ۾ بيئر چوندا آهن. چار سؤ قبل مسيح ۾ مشهور يوناني ڏاهي چيو ته شراب صحت ۽ خوشيءَ لاءِ فائدي مند آهي، پر فقط امن امان واري صورتحال ۾! وقت گذرڻ سان، هڪ ٻئي پويان پيدا ٿيندڙ فيلسوفن شراب نوشيءَ تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. انهن مان هڪڙي ڏاهي چيو ته هن علت کي وائکو ڪري نِندَڻ گهرجي. ٻئي طرف سڪندر اعظم مقدوني شراب جو ڪوڏيو هو، ته ان سان گڏ غير ملڪن کي فتح ڪرڻ جي به مَنجهِس زبردست صلاحيت هئي. پنج سؤ ۽ ٽي سؤ قبل مسيح سال جي وچ واري عرصي دؤران يهودين جي سمورن سماجي طبقن ۽ هر عمر جي ماڻهن ۾ شراب نوشيءَ جو رواج پيو ۽ اهو هڪ عام مشروب کان وٺي، مخصوص تقريبن ۾ استعمال ٿيندڙ اهم مشروب، هڪ دوا، جنگ دؤران خاص مشروب ۽ حياتيءَ لاءِ تمام ضروري عنصر طور ڪتب اچڻ لڳو ۽ پوءِ قليل عرصي اندر يهودين جي مذهبي ۽ ٻين سماجي رسمن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳو.
    حضرت عيسيٰ عليه سلام جي حياتيءَ ۾ عيسائي مذهبي لکڻين ۾ شراب نوشيءَ تي تنقيد ٿيل هئي، پر انتي بندش ڪانه هئي ۽ دوا طور استعمال جو مشورو به ڏنل هو.روم جي ڪيترن ئي بادشاهن شراب نوشيءَ واري علت جا هڪ ٻئي پٺيان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. پر سن 69 عيسوي کان پوءِ سڄي رومي سلطنت ۾ شراب نوشيءَ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ٿيڻ لڳي. سن 600ع ۾ رسول ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن پنهنجي امت کي شراب نوشيءَ کان مڪمل طور منع ڪئي ۽ انکي حرام قرار ڏنو. ٻُڌمت وارن ۽ هندو برهمڻن به شراب نوشيءَ کان پاڻ کي پري رکيو ۽ پاڻ کي بچايو سن 1100ع ڌاري اِٽلِيءَ ۾ هڪڙِي طبي درس گاه وارن وڌيڪ خالص ۽ وڌيڪ نشي وارو شراب چِڪائڻ شروع ڪيو. يورپي تاريخ جي وِچئين دؤر ۾ يورپ ۾ ڪَنئِين قسمن جو شراب، بِيئَر ۽ مِيڊ يعني ماکيءَ مان ٺهيل شراب جي تياري ۽ استعمال وافر مقدار ۾ ٿيندو رهيو. پوري يورپ ۾ اٽليءَ، اِسپينِ ۽ فرانس ۾ شراب جو واپار گهڻو رهيو. عيسائي راهبن تمام سٺي قسم جو بِيئر چِڪائڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ شراب جا ڪيترائي قِسمَ ملائي، ڪَلِيسائُن ۾ ٿيندڙ مذهبي تقريبن دؤران استعمال ڪيو ويندو هو. بيئر چِڪائڻ جو عمل جرمنيءَ ۾ به اُسرڻ لڳو، جتي مختلف شهرن جا ڪلاڙ بهتر قسم جو بيئر ٺاهڻ لاءِ مقابلا ڪرڻ لڳا. يورپي تاريخ جي وِچئين دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ شراب ۽ بيئر جي پيداوار پنهنجو رُخ انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ ڏانهن ڪيو ۽ جلد ئي شراب چِڪائڻ جا ڪارخانا، اتي جي اهم صنعت جي حيثيت اختيار ڪري ويا. سن 1600ع ۾ انگلينڊ ۾ شراب نوشيءَ هڪ ناگوار سماجي مسئلي جي صورت اختيار ڪئي ۽ شراب کي ڏوهن ۽ گناهن ڪرڻ لاءِ اُڪسائڻ وارو مشروب چوڻ لڳا. پوءِ نئين شروع ٿيل صديءَ ۾ يورپ جي مذهبي ٽولن، آمريڪا کنڊ ۾ وڃي، اتي شراب نوشيءَ کان پرهيز ڪرڻ ۽ پرهيز ڪرائڻ واريون جماعتون جوڙيون ۽ شراب نوشيءَ خلاف تبليغ شروع ڪئي. عيسائين جي پروٽيسٽنٽ يعني احتجاج ڪندڙ فرقي وارن شراب کي يورپ ۾ الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل تحفو قرار ڏنو ۽ چيو ته شراب صحت، وِندِرَ وِرُونهَن ۽ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، پر ان جو حد کان وڌيڪ استعمال ڏوهه ۽ گناه قرار ڏنو ويو. اِنهيءَ ڏِسِ ۾ انسان ذات طرفان توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش سان اِسپين ۽ پولينڊ جو هاري طبقو هڪ ڏينهن ۾ سرسري طور بيئر جا ٽي لِٽرَ واپرائيندو هو ۽ انگلينڊ جي ڪِن علائقن ۾ هڪ ماڻهو هڪ هفتي دؤران بيئر ۽ شراب جون سَتِرَهن کن پِنٽون استعمال ڪندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ اڄڪلهه هتي هڪ ماڻهو هڪ هفتي ۾ فقط ٽي پنٽون واپرائي ٿو. سُئيڊن ۽ ڊينمارڪ جي بحري جهازن جو خَلاصي ۽ مزدور، هڪ ماڻهو روزانو هڪ گيلن يعني نَوَ پنٽون بيئر جون واپرائيندو هو. آمريڪا ۾ شراب چِڪائڻ جو پهريون ڪارخانو اِسٽيٽَن ٻيٽ تي قائم ڪيو ويو ۽مساچُوسيٽس رياست ۾ بيئر ٺاهڻ ۾ ڪم ايندڙ هاپس Hopps نالي ٻوٽن جي پوک چالو ڪرائي وئي، جِينئَن ته ڪارخاني کي ان پوک جو گهربل مقدار پهچائي سگهجي. مساچوسيٽس رياست جي بوسٽن شهر ۾ رَمِ Rum نالي شراب جو قسم ٺاهڻ لاءِ سن 1657ع ۾ هڪ ڪارخانو چالو ڪيو ويو ۽ ترت پوءِ شراب چِڪائڻ واري صنعت ترقي يافته صنعت ٿي اڀري ۽ رياستي ضرورت کان وڌيڪ مقدار ۾ پيداوار ٿيڻ سبب شراب جي مخصوص مقدار تي مختلف رياستن محصول مقرر ڪري وصولي شروع ڪئي، تڏهن شراب جي ڪارخانيدارن ۽ واپارين ٽيڪس کان بچڻ خاطر شراب جي سِمگِلِنگ شروع ڪئي. سن 1700ع جي شرعات ۾ انگلينڊ ۾ جِنِ ۽ ٻين قِسمَن جي شراب جي پيداوار لکين گيلنن کان به وَڌي وئي. سن 1733ع ۾ فقط لنڊن شهر جي پسگردائيءَ ۾ يارهن مِلِيئَن گيلن يعني هڪ ڪروڙ ڏهه لک گيلن جِنِ نالي وارو شراب تيار ٿيو، جنهن ڪري ننڍن شهرن جو غريب ماڻهو به اهو شراب پيئڻ جهڙو ٿي پيو ۽ شراب نوشي عام ۽ هڪ سماجي بُرائيءَ جي صورت اختيار ڪئي، انهيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ شراب تي ڳرو محصو مڙهيو ويو.
    صنعتڪاري وڌڻ ۽ پکڙڻ سان گڏ سماج ۾ ڀروسي، اعتبار، سنجيدگيءَ ۽ سِياڻپ وارو ماحول به پيدا ٿيڻ لڳو ۽ ڪارخانن ۾ ڪم لاءِ وڌيڪ گهربل تعداد ۾ مزور ڀرتي ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت پيداواري عمل ۾ واڌارو ۽ سڌارو ٿيو. پهرين عالمي لڙائيءَ دؤران آمريڪا مُلڪ، پنهنجي قانون ساز اداري ڪانگريس پاران ٺاهيل قانون تحت شراب تي مڪمل بندش وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. نتيجي طور ماڻهن جي اڪثريت جي پسنديده مشروب جي حاصل ڪرڻ خاطر شراب جو ناجائز ڪاروبار شروع ٿي ويو ۽ اهو ڏوهه وارو عمل زور وٺي ويو، جيئن اڄڪلهه پاڪستان ۾ ٺرو عام آهي. سماجي تاريخ ۾ الڪوهل يعني شراب مختلف مقصدن لاءِ ڪم ايندو ۽ گهڻو ڪري مختلف نتيجا ڏِيندو رهيو آهي. انساني تهذيب جي شِروعات کان وٺي اڄ تائين شراب يهودي، عيسائي ۽ هندو مذهب ۾ مذهبي عبادت ۽ مختلف رسمن ۽ رواجن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شراب وِندِرَ وِرونهن کان سواءِ انساني غذا جو اهم عنصر، زخم ڇُٽائڻ جي دوا ۽ آڳاٽي زماني ۾ سُور ڇڏائڻ جي اهم دوا طور استعمال ٿيندو هو. شراب جُزوِي طرح اڄ به انهيءَ مقصد لاءِ ڪم آندو پيو وڃي. ٻئي طرف انهيءَ جو غلط استعمال به ٿيندو رهيو آهي، پر مجموعي طور انسانذات لاءِ صحت، معيشت ۽ وِندر وِرونهن واسطي سدائين استعمال ٿيندو رهيو آهي، اڄ به پاڪستان جي هر وڏي شهر اندر پوش سوسائٽيءَ ۾ زالين مُڙسين بنا ڪنهن به خوف ۽ حجاب جي استعمال ٿيندو رهندو آهي. الڪوهل عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، پر شراب لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ به اهوئي عربي لفظ الڪوهل استعمال ٿئي ٿو.
    مولانا روميءَ جو چوڻ آهي ته جيڪي دوست تو سان شراب پيئڻ ڪري گڏ آهن، اهي تنهنجا دوست تو سان صرف تيستائين گڏ آهن، جيستائين تون شراب ٿو پيئين، جڏهن تون شراب پيئڻ ڇڏي ڏيندين، تڏهن هو به توکي ڇڏي ويندا! واقعي! جيستائين آئون شراب پيئندو هوس، تيستائين ٻني يا ڪراچيءَ ۾ انهيءَ محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪَنئين اديب، دانشور، سياستدان، اسيمبلي ميمبر، وڏا وڏا ڪامورا ۽ درگاه نشين الاجي ڪٿان ڪٿان اچي اويل سويل ڪڙڪندا هئا، مون شراب پيئڻ آڪٽوبر 1999ع ۾ ڇڏي ڏنو ته هاڻ بدن مان سور ۽ هيڻائي به ختم ٿي وئي آهي. اڳي ننڊ مان اُٿڻ مهل جهڙو بيمار لڳندو هوس، پر هاڻ بلڪل تازو توانو ٿي ننڊ مان اٿي، واڪ ڪري پوءِ چانهه پي تيار ٿيندو آهيان. سو عرض پي ڪيم ته جڏهن شراب ڇڏيم ته انهن ماڻهن وري ڪڏهن به مُڙِي مون ڏانهن ڪو نه نهاريو. انهن وري پنهنجا ٻيا شرابي دوست ڳولهي لڌا، ڇو ته هو منهنجا نه پر شراب جا دوست هئا! واقعي! مولانا روميءَ واري ڳالهه صحيح ثابت ٿي، يعني رات گئي، بات گئي! پر شاه لطيف چئي ٿو ته ”منڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو“ شراب جي باري ۾ آمريڪي چون. More whisky, more thinking انگريز چون Whisky in, truth out ۽ سڄي دنيا چوي One for your favour to gather. يورپ ۾ انگريز شراب جي تعريف ڪَنِ، فرينچ، وائين جي؛ جرمن، بيئر جي ۽ رومن سندن ٺهيل ڳاڙهي شراب جي، پر آمريڪن لاءِ سڀ اکين تي.


    جــيــل يــا تــرا

    گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ انجنيئرنگ ڪاليج جا شاگرد يونيورسٽي، ڪاليج ۽ پرائيويٽ بسن ذريعي ڀلاري ڀٽ ڌڻيء جي ميلي تي پهتا، شاگردن ميلي تي آيل سنڌي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ لائوڊ اسپيڪرن تي هر مناسب جڳهه تي تقريرون ڪيون. انهيء کان سواءِ پمفليٽ بيج ۽ ڪتابڙا تقسيم ڪيا. اهو سلسو ميلي وارن ڏينهن ۾ روزانه جاري رهيو. ميلي جي پڇاڙڪي ڏينهن تي پوليس شاگردن کي پمفليٽ ورهائيندي گرفتار ڪيو. دوستن جي مشوري تي صورتحال جو اندازو لڳائيندي ڄام ساقي پوليس کان کسڪي ويو ۽ باقي مهر حسين شاهه، شفيق صديقي، رفيق صفي، مسعود پيرزادو، مير ٿيٻو ۽ آءُ (عبدالحئي پليجو) گرفتار ڪيا وياسين، اسان کي پهرين ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پڇا ڳاڇا لاءِ رکيائون، جتي D.S.P راجا اسان کان پڇا ڳاڇا ڪئي، اُتان کان اسان کي S.H.O محمد صديق شورو هالا پوليس اسٽيشن وٺي ويو، جتي اسان کي لاڪپ ۾ رکيائون. (S.H.O محمد صديق شورو ڀٽي صاحب جي دؤر حڪومت ۾ تيرهن سؤ بد عنوان عملدارن سان گڏ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. وري ڪجهه سالن بعد ڀٽي صاحب جي پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ڪوٽڙيءَ واري تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو).
    رات جو اسان وٽ مخدوم اعجاز آيو جنهن چيو ته توهان کي جيڪا به شيء کپي ته ٻڌايو اسان توهان کي آڻي ڏيون. اسان سندس مهرباني مڃيندي فقط هي عرض ڪيو ته هنن ٽيليفون نمبرن تي اسانجي والدين ۽ واسطيدارن کي اطلاع پهچائي ڇڏجو. اهو ڪم مخدوم اعجاز وڃڻ شرط ڪيو، ڇاڪاڻ جو ڪيترن ڇوڪرن جا والدين صبح سوير پهچي ويا. هن اسان لاءِ رات جي ماني به موڪلي. لاڪپ ۾ اسان سان گڏ ٻه ٻيا ماڻهو به هئا، جن کي چوريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ٻئي ڏينهن صبح جو مختيارڪار هالا کان اسانجو چوڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو. اڌ رات جو جڏهن سارو لوڪ سپنن جي سنسار ۾ کوئيل محو خواب هو اسان کي هڪ بند ٽرڪ ۾ هالا کان کڻي حيدرآباد سٽي ٿاڻي جي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. اسان کي آڻڻ لاءِ پوليس جو وڏو اٽالو موڪيلو ويو هو، جنهن مان سرڪار جي سراپ جو پتو پيو ٿي. اسان جي منتقليءَ واري ڳالهه کي ڳُجهه ڳوهه ۾ رکيو ويو هو، جنهن ڪري اسان جا رشتيدار ۽ ساٿي شاگرد ملاقات لاءِ ٻه ٽي ڏينهن هالا جا چڪر ڪاٽيندا رهيا. ٻه ٽي ڏينهن بعد ۾ کين خبر پئي ته اسان سٽي ٿاڻي حيدرآباد جي لاڪپ ۾ مهمان آهيون، اسانجي گرفتاريءَ خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ، انجنيئرنگ ڪاليج ۽ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسان وٽ لاڪپ تي دوستن، شاگردن، ساٿين ۽ ورڪرن جون قطارون لڳيون پيون هونديون هيون، جنهن ڪري انتظاميه لاءِ اسين اُتي به مٿي جو سور بنجي پياسين ۽ هنن جند ڇڏائڻ لاءِ اسان کي سينٽرل جيل موڪليو جتي ڪجهه ڏينهن بعد ڄام ساقي به گرفتار ٿي اچي ملاقاتي ٿيو. جيل اندر اسانجي روز جي ريت هوندي هئي ته صبح سوير اُٿي وهنجي سهنجي ويهندا هئاسين ته رضو ڀنڀرو ۽ سندس ساٿي اسان لاءِ چانهه تيار ڪري ايندا هئا. چانهه گهڻو ڪري کير بنا يعني سليماني هوندي هئي، پر ڏاڍي مزيدار هوندي هئي، مون کي ته حياتيءَ ۾ وري اهڙي مزيدار چانهه نصيب نه ٿي.
    مون مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”غبارِ خاطر“ ۾ چانهه بابت تعريف پڙهي هڪ ڀيرو سوچيو هو ته ڇا چانهه به ڪا اهڙي شيءَ آهي؟ جنهن جي مولانا صاحب جهڙو ماڻهو ايتري تعريف ٿو ڪري، اها چانهه پي ان تي چريو ٿي پيس، ڳوٺن ۾ اڳي چانهه کي دوا طور استعمال ڪيو ويندو هو يعني ڪنهن کي ٿڌ ۽ تپ ٿي پيو ته سليماني چانهه ۾ ليمي جو رس وجهي پياربو هو ته طبيعت بحال ٿي ويندي هئي، هڪ دفعو پوءِ مون هڪ ميڊيڪل جرنل ۾ چانهه تي هڪ مضمون پڙهيو هو تنهن ۾ به لکيل هو ته Tea is rather a medicine چانهه ته هڪ دوا آهي، پر سنڌ اندر اَپر سنڌ جي ڀيٽ ۾ لوئر سنڌ (لاڙ) ۾ چانهه جو استعمال زياده آهي، ڇو ته اها گهُميل آبهوا جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ٿڪاوٽ ۽ سُستِيءَ کي دؤر ڪري ٿي. جيل ۾ چانهه وارن کان پوءِ حجام ايندو هو ۽ اسان سڀني جي شيوِ Shave ڪندو هو، هونئن گهر ۾ ته پهريائين شيوِ پوءِ غسل پوءِ ماني کائبي آهي، پر هتي جيل ۾ ته سڀ سلسلا اُلٽا اُبتا ٿي ويا هئا، ڇاڪاڻ ته هيء دنيا ئي ٻي هئي. پاڻ جهڙن ٻن ڪنن، ٻن هٿن، ٻن اکين ۽ ٻن پيرن وارن ماڻهن اڳيان بي وس ۽ لاچار هئاسين، شايد اهو ڪيتو انهيءَ جو لوڙي رهيا آهيون جو جڏهن اسان (عوام) روسو جي معاهدي عمراني تحت پنهنجي مرضي Will ٻين اڳيان ڦٽي يعني (Surrender) ڪئي هئي. اسان عوام قانون ، حڪمران ۽ آئين جي تقدس ۽ زوراوريءَ اڳيان ذهني طور ايترا هيڻا ۽ هيسيل ٿي ويا آهيون جو اُٿندي ويهندي پيا ڊڄون، پر ڏاڍ سان ٽڪرڻ لاءِ ڏاڍو ٿيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته لوهه ئي لوهه کي ڪٽيندو آهي، ڪامريڊ مائوزي تنگ لکيو هو ته ”توهان جيڪڏهن بندوقن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ گهُرو ٿا ته بندوقون کڻو“. ملاقاتن جو سلسلو به روزانو هوندو هو، ٻنپهرن جي ماني سڀني لاءِ شفيق صديقيءَ جي گهران ايندي هئي. ماني ست رڇي ۽ بنهه لذيذ هوندي هئي، ماني کائڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مطالعي ۾ مصروف هوندا هئاسين ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي بحث مباحثو ڪندا هئاسين، رفيق صفي جيڪو ان وقت جو تمام سٺو مقرر هو ۽ آل پاڪستان يونيورسٽيز ڊبيٽ يعني تقريري مقابلي ۾ جيڪو ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو هو، پهريون نمبر انعام کٽي آيو هو، سو ڳالهائڻ ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو. (رفيق صفي 10 سال ٽيپ ڪٽي تازو هاڻي آزاد ٿيو هو ۽ پيپلز پارٽيءَ سان وابسته آهي، ايمنيسٽي انٽرنيشنل کيس ضمير جو قيدي قرار ڏنو هو. پاڻ هن وقت انساني حقن جي حفاظت لاءِ به سرگرم آهي) شاگرد اڳواڻ مهر حسين شاهه به تقرير جو ڀلوڙ هوندو هو ۽ مطالعو به هئس، ڄام ساقيءَ جو به مطالعو سٺو هو پر تقرير ۾ ايتري روزاني نه هيس. سياستدانن وانگي توري تڪي ڳالهائيندو هو ۽ سندس گفتگو ۾ استد لال هوندو هو. ڄام جهڙو هو سياسي بحث ۾ ڀڙ، تهڙو ئي پهرئين نمبر جو چرچائي، کلائي کلائي پيٽ ۾ ڳڍون وجهي ڇڏيندو هو. اڪثر سياسي لطيفا جام ٻڌائيندو هو. اسان جيل ۾ اڳ آيا هئاسين ۽ ڄام پوءِ سانگهڙ مان گرفتار ٿي آيو. اسان ويٺا هئاسين ته پريان ئي ٽهڪ ڏيندو آيو، ملياسين خوش خير آفيت ڪئي سين ۽ پوءِ پاڻ سندس گرفتاريءَ جو سربستو احوال ڏيندي ٻڌائين ته انور نظاماڻيءَ کان موڪلائي ٽانگي مان سانگهڙ جي بس اسٽاپ تي اڃا پير مس رکم ته پريان هڪڙي همراه جيڪو C.I.D پوليس جو سپاهي هو، تنهن پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته ”ڄام صاحب! آپ سے مل کر بہت خوش ہوئے ڏٺم ته پريان پوليس جو وڏو اٽالو بيٺو هو. يڪدم جواب ڏنو مانس ”جناب! مجھے تو آپ سے مل کر بلکل خوشی نہیں ہوئی ! بهرحال اهو احوال دير تائين جاري رهيو.
    شاگرد دؤر ۾ منهنجو ڄام ساقيءَ سان ڪافي وقت تائين واسطو رهيو، آخري وقت ۾ ذهني طور تي قومي لاڙي وڌڻ ڪري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان تعلق قائم ٿيو، منهنجي پهرين ملاقات ڄام ساقيءَ سان مسلم هاسٽل جي ڊائننگ هال جي ٻاهران ڇٻر تي ٿي. اُنهيء وقت مون ۽ مراد جوڻيجي گڏجي يونائيٽيڊ اسٽوڊينٽس فيڊريشن ٺاهي هئي، پاڻ اها خبر اخبار ۾ پڙهي هئائين ۽ چيائين ته مون ٻين دوستن سان به ڳالهايو آهي. اچو ته گڏجي ڪم ڪريون، مون کيس چيو ته ٻين ساٿين سان صلاح بعد کيس جواب ڏئي سگهندس، ساڻس هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا منهنجي جڳهه تي يا سندس جڳهه تي ملاقات ٿيندي هئي، جتي مختلف ڪتابن تي راءِ زني ٿيندي رهندي هئي، ڄام جي معرفت منهنجي مرحوم ڪامريڊ عنايت ڪاشميري، هدايت حسين، مير ٿيٻو، مرحوم منير احمد ميمڻ (جيڪو ادبي دنيا ۾ ماڻڪ جي تخلص سان معروف ڪهاڻيڪار ٿيو ۽ جوڀن ۾ ئي لاڏاڻو ڪيائين) سان واسطا ٿيا، انهن سان به سياسي ۽ نظرياتي بحث مباحثا ٿيندا هئا. ڄام سان بعد ۾ قومي سوال تي ۽ مٿس مهاجر پنجابي ڪامريڊن جي ذهني ڇاپ جي ڪري اختلاف ٿي ويا، پر ان دؤر کان اڄ تائين اسان ياريء جو رشتو نه ڇنيو آهي، ملندو آهي ته روايتي چُمي ضرور ڏيندو آهي، ۽ ڏاڍي اُڪِيرَ ڏيکاريندو آهي. پاڻ هينئر آزاد ٿيڻ کان اڳ جڏهن جناح اسپتال ڪراچيء ۾ زير علاج هو ته ساڻس ملاقات ٿي، عجيب اتفاق هو ته ساڳئي ڏينهن ۽ ساڳئي اسپتال ۾ سائين جي ايم سيد ، رسول بخش پليجو ۽ ڄام ساقي زير علاج هئا. ياد ٿو اچيم ته جڏهن سائين جي ايم سيد سنڌ جي دوري تي نڪتو هو ته ڪينجهر تي عبدالحڪيم شاهه مرحوم سونڊن واري سائينءَ جي دعوت ڪئي هئي ۽ آئون ڄام سان گڏ آيو هوس. اسان ڪجهه وقت سائين وٽ رهڻ بعد واپس هليا وياسين پر بابا صاحب (ارباب نور محمد پليجو) دوري ۾ سائين سان گڏ هو. منهنجي والد صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام سُٺا واسطا هئا، تمام پراڻا ۽ نياز منداڻا واسطا هوندا هئا ۽ سائينء جي ڪيترن ئي ڪتابن جو ڇپائيندڙ بابا سائين هو. ذاتي نوعيت جا ڪم هجن يا سياسي معاملا بابا هر وقت، هر حال ۾ سائين جو ساٿي رهيو، سائين به ڪيترائي ڀيرا پنهنجا ڀال ڀَلائي اسان جي تڏي تي آيو. سنڌ جي هن يڪتا بي لوث خادم ۽ محب وطن جي قرب ۽ آمد کي اسان هميشھ پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهيو آهي. اسان سياسي ميدان ۾ نوان ۽ جونيئر هئاسين، ڄام اسان ۾ نسبتاً پختو هو. مير ٿيٻو قد جو ڇوٽو پر ذهين ۽ هوشيار هوندو هو ۽ نظرياتي ماڻهو هوندو هو. انهن جي ڀيٽ ۾ آئون، مسعود پيرزادو، شفيق صديقي ۽ شبير نوراني (پويان ٽيٽي هينئر انجنيئر آهن) بحث مباحثي ۾ گهٽ حصو وٺندا هئاسين. شبير ته اڪثر مون سان ڪچهري ڪندو هو ۽ چوندو هو ته يار هي همراه ته ڪي چريا آهن، سڄو وقت سياست جو ڀوت سوار اٿن، جهڙوڪر سياست کان سواءِ ٻيو ڪو ڌنڌو ئي نه هجين! شفيق ۽ مسعود ڏاڍي سلجهيل ۽ سلڇڻي سڀاءِ وارا هئا، ڪڏهن به ڪنهن سان تيز نه ٿي ڳالهائون. شفيق جو چاچو حنيف صديقي جيڪو هڪ سٺو اديب آهي ۽ انگريزيء مان ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس: مثلاً ڊاڪٽر جيمس برنس جو ڪتاب ”سنڌ جي دررٻار“ ، اهو به شفيق سان ملاقات لاءِ آيو هو، جيل جا اهي ڏينهن، اُهي ڪچهريون ۽ مارڪا ۽ اهي يار ڏاڍا ياد اچن ٿا.
    سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
    وسايم وڏڦڙا، مٿي ماڙين مِينهن،
    نِيئر منهنجو نينهن، اجاري اڇو ڪيو.
    جيل سياسي ورڪر لاءِ سکيا جو گهر آهي، خصوصاً ان وقت، جڏهن ٻيا سياسي ورڪر يا ساڃهه ڀريا ماڻهو گڏ هجن، جيل ۾ پڙهڻ جو موقعو به موچارو ملي ٿو. بحث ته پيا هلندا هئا. رات جو ننڊ اچڻ تائين اهو سلسلو پيو هلندو هو. رات جو اسان کي ڪوٺين ۾ بند ڪندا هئا، سو به ٻَڌيء ۾ نه پر اِڪِي جي حساب ۾، يعني ٻه، چار، ڇهه، اَٺ نه، پر ٽي، پنج ، ست وغيره، اهڙيء ريت هر رات هڪ ساٿيء کي اڪيلو رهڻو پوندو هو. اڪثر همراه اڪيلائيء کان نٽائيندا هئا. بشير نوراني يا ڄام ئي اڪثر اڪيلا بند ٿيندا هئا. مسعود پيرزادو به هڪ با مُرَوَت، با اخلاق، يار ويس ۽ هٿ جو کليل هوندو هو. انهن ڏينهن هيسباڻي درگاه جي فقيرن کي به گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو هو. انهن جو ڏوهه هي هو ته اهي روزانو يحيٰ خان تي لعنت جا نعرا هڻندا هئا.


    ســيــاســت

    سياست ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ پنهنجي ديس واسين جي ڀلائي لاءِ ۽ انهيءَ لاءِ واسطيدار نطريي ساڻ محبت جي، جنهن لاءِ انسان کي تمام وڏيون قربانيون ڏڻيون پونديون آهن ۽ سوين تڪليفون ڏسڻيون ۽ سهڻيون پونديون آهن. ان لاءِ پنهنجي ذات کانسواءِ پنهنجي ملڪيت ۽ اولاد کي به قربان ڪرڻ کان ڪو نه ڪيٻائبو آهي ۽ قدم قدم تي پنهنجن ۽ پراون کان هر وقت مخالفت، تڪليف ۽ مقابلي جو منهن ڏسڻو پوندو آهي. ان ۾ جيل، ڪوڙا، سزائون سدائين سرتي کڻڻيون پونديون آهن. روپوش ٿيڻ، گهرن جا جهاڙو، مال ملڪيت جون نيلاميون ۽ ٻيا به ڪيترائي اذيتناڪ ڏک ڏسڻا پوندا آهن. ٻي سياست خود مطلبيءَ واري سياست جيڪا پنهنجي ذات پنهنجي پيٽ ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪجي ٿي. ان ۾ وزارتون، اسيمبليءَ جون ميمبريون، چيئرمينيون، وڏن سرڪاري ادارن ۾ تمام گهڻي رشوت وارا وڏا وڏا عهدا، ڊائريڪٽريون وغيره ماڻڻ لاءِ ماڻهن کي موڳو ڪندڙ سبز باغ ڏيکارڻ واري سياست هوندي آهي. اهڙي سياست ڪرڻ سان هر طرف کان هر قسم جي مادي فائدن لاءِ دروازا کليل رهندا آهن. اهڙن سياست ڪارن جي زرعي فارمن تي جائز ناجائز پڪا رستا، غير قانوني واٽر ڪورس ۽ ٽيلي فون جا بوسٽر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. کين سرڪار طرفان وڏيون عزتون اعزاز ۽ تمغا عطا ٿيندا آهن.

    اهو سڀ انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ديس جي مفادن ۽ خوشحالي يا بامقصد نظريي ۽ مسڪين مارو ماڻهن جي ڇوٽڪاري ڀلائي ۽ امن امان جي ڳالهه به ڪرڻي ناهي. پوئين قسم جي سياست جو وجود آڳاٽي زماني ۾ سڄيءَ دنيا ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر اڄ اهو دنيا جي اڪثر ملڪن مان پنهنجي بڇڙاين ۽ مڪارين سبب ختم ٿي چڪو آهي. اڃا تائين ان سياست جو وجود ٽين دنيا جي غريب ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي اهو ڦرمار واري صورت ۾ پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيو آهي. اسان جو سڄو ملڪ، خاص ڪري اسان جي پنهنجي ڌرتي سنڌ امڙ انهيءَ مدي خارج ۽ پنهنجي پيٽ ڀرڻ واري سياست ۾ وڪوڙيل آهي ان جو مرڪزي ڪردار ويڪو وڏيرو آهي. اسان جو ويڪو وڏيرو انهيءَ ڦرلٽ ۾ ڌارين سان هر دؤر ۾ گڏ نظر اچي ٿو. ”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ ويڪو وڏيري کي سنڌ جو مفاد ۽ سنڌي غريب مسڪين ماڻهن جي لاءِ ذري برابر به عزت ۽ احساس نه آهي ۽ نه ئي مخصوص طبقي جي حيثيت ۾ مِسڪين ماڻهو پاڻ متحد آهي پنهنجي مفادن لاءِ وڏيرن کي سدائين وڙهندو ڏٺو ويو آهي، جيئن ڪنهن ڍونڍ تي ڳجهون ۽ ڪتا وڙهندا آهن. سنڌ ۽ سنڌي غريب مسڪين ماڻهن جي پٺ تي پوڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهي ئي وڏيرا آهن. اهي ماڻهو علم ۽ ادب کان پري رهڻ ڪري بلڪل اڻڄاڻ آهن. کين نه دنيا جي ڄاڻ، نه ملڪ جي خبر، نه سنڌ جي تاريخ جو پتو نه ئي ڪا جاگرافيءَ جي ڄاڻ آهي. هنن کي جيڪڏهن ڪا ڄاڻ آهي ته هيءَ ته ڪراچي جي بنگلن جي مسواڙ ۽ قيمت، ڪارن جي ماڊلن ۽ قيمت جي، ڪراچي جي پلاٽن جي اگهن، ايئرڪنڊيشن ۽ ولايتي وسڪين جي نالن جي، سٺين هوٽلن ۽ سٺن درزين جي کين ڀلي ڀت خبر آهي. اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي ويا ته آڱرين تي ڳڻڻ وارن کانسواءِ ٻين کي اسيمبلي لفظ جي هجي به ڪانه ايندي کين اسيمبلي جي ڪارگذاريءَ کان اڻڄاڻائي سبب ان ۾ ڪا به دلچسپي ڪانهي نه کين بجيٽ جي خبر، نه GNP، IMF، ايشين بئنڪ، ورلڊ بئنڪ يا ملڪي اقتصاديات بابت ڄاڻ کين صوبن ۾ فنڊن جي ورهاست، انفليشن، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واپار جي به خبر ڪانهي نه ڪسٽم ڊيوٽي جي ڄاڻ اٿن، نه ئي ان کي ڄاڻڻ جي ڪا سَڌَ اٿن. ويچارن انهن وڏيرن مان ٻن ٽن ميمبرن کانسواءِ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائڻ جي به خبر ڪانهي پر وزارت لاءِ هرڪو اميدوار ٿيندو ڀلي انگريزي جي ABC جي به واقفيت نه هجي. کين تڏهن اڻڄاڻائيءَ جو احساس ٿئي ٿو جڏهن هوائي اڏي تي ٻاهرين ملڪن جي وفدن ۽ اخباري نمائندن کي منهن ڏيڻو ٿو پوين. ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو، خاص ڪري سرڪاري سلسلي ۾ ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هنن صاحبن جون اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي مصروفيتون آهن انهن کان هاڻي سنڌ جو هرڪو ماڻهو واقف آهي. عيش عشرت ۽ ذاتي مفادن کانسواءِ وٽن ٽائيم نه آهي. سندن تڪن جا ماڻهو سوين هزارين روپيه خرچ ڪري جڏهن انهن شهرن ۾ پهچندا آهن تڏهن ڪم ته ڪم جي ماڳ پر ساڻن ملڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن. انهيءَ وڏيرڪي طبقي جي وڏيرڪي سياست جي ڪري سنڌي عوام کي جيڪو نقصان رسيو آهي ان جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي. وطن سان ڪهڙا ويل وهيا، ڌرتيءَ کي ڪيئن ڪالونائيز ڪيو ويو. ٻوليءَ سان ڪيئن ٺٺوليون ڪيون ويون، اسان جي تهذيب کي گڏهن چارڻ وارن جي تهذيب ڪوٺيو ويو. اسان جي ئي شهرن ۾ سنڌي ماڻهن جو رهڻ حرام ڪيو ويو. اسان جي مائرن ۽ ڀينرن کي شهري اباڻن گهرن ۾ بيعزت ڪيو ويو ۽ شهرن ۾ سَوَن جي تعداد ۾ شهيد ڪيو ويو.
    هزارين سنڌي ماڻهو جيڪي سوين سالن کان اتي آباد هئا سي پنهنجا گهر ڀڳڙن جي مٺ تي وڪڻي شهر خالي ڪرڻ لڳا. سَوَن جي تعداد ۾ سنڌي ڳوٺ نيست و نابود ڪيا ويا ۽ انهن مٿان هيليڪاپٽرن سان بمباريون ڪيون ويون. سون جي تعداد ۾ سنڌي سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترا ڳڀرو جوان، ڌارين جي هٿان گولين جو بک ٿي شهيد ٿي ويا، جيل ڀرجي ويا ۽ سياسي قيدين کي جيڪي جيلن ۾ اذيتون ڏنيون ويون تن جو ذڪر ڪندي اکيون رت ٿيون ڳاڙين.
    روئندي روئندي نير کٽي ويو لهو اچي ويو لڙڪن ۾،
    آئون ڪيئن کلندي کير پيان، منهنجي سنڌڙي آهي سڏڪن ۾.
    (نياز همايوني)
    مهينن جا مهينا بند وارڊن ۾ سوگها، هٿن ۾ هٿڪڙيون، چيلهه ۽ پيرن ۾ ڏندا ٻيڙيون. صبح شام مٿن ڪوڙن جا وسڪارا سڄو بدن رت، نه ڌڻي نه سائين ۽ نه علاج جي سهولت ۽ جيڪڏهن انهن حالتن جي خلاف بک هڙتال ڪن ته ڳجهن عضون ذريعي سيون هڻي کين اندر ڪن جيئن مري نه سگهي. رسالا ۽ اخبارون اهڙيون خبرون شايع ڪرڻ کان مجبور، ايڏن ڏکن ۽ سورن کان پوءِ انهن جا جذبا وڌيڪ جوان آهن.
    هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا،
    جيئن لُڪَ لڳي تيئن رُڪِ ٿيا.
    اهو سارو ظلم ۽ ستم ڏسندي واسندي به اهي اشراف ته چون به ڪو نه ڪڇيا. اشراف آئون انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڌارِيَن حاڪمن هميشه هنن جي پٺي ٺپري کين اشراف چئي خوب جاوا ڪيا، پر مرڳو انهن ڌارين چورن ۽ ڦوروئن جا ساٿاري بنجي بيهي رهيا. جيڪڏهن ڪنهن شخص يا ڌُر هنن جي اڳيان قومي غيرت يا محبت جي ڳالهه ڪئي ته هي غيرت کان وانجهيل يڪدم باهوڙجي کڻي کيس ڳٿڙ مان جهليندا، هم زبان، هم قوم، ۽ هم وطن ٿي به پنهنجائيءَ جا سمورا ليڪا لتاڙي حياء ۽ غيرت ترڪ ڪري ڌارين جا دلال ۽ جاسوس بنجي، پيا نوس نوس ڪندا. وٽن اها ئي دقيانوسي ۽ مدي خارج وڏيرڪي سياست ۽ وڏيرڪي قيادت آهي. جيڪا مڪمل طرح سان انهيءَ قومي غلاميءَ لاءِ ذميوار آهي. اڄ جي سنڌ ۾ وڏيون نوڪريون ۽ ڪارخانا گهڻي تعداد ۾ غير سنڌين وٽ آهن. باقي زمين ڳچ انداز ۾ سنڌين وٽ وڃي بچي آهي پر انهن زمينن تي به ڌارين جي ساٿارين وڏيرن جو قبضو آهي. جيڪو سنڌي ماڻهن، کي هيسائڻ ۽ جاهل رکڻ ۾ ئي پنهنجي وجود جو بچاءُ ۽ ڀلائي سمجهي ٿو. سنڌ جي سياسي بدحاليءَ سان گڏوگڏ هي سنڌ جي معاشي بدحالي جو پڻ اڪيلو ذميوار آهي. ان جو مثال هن ريت آهي ته هن جيڪا دولت ناجائز طور زرعي بئنڪن شگر ملن ۽ ٻين مالياتي ادارن مان قرض وٺي گڏ ڪئي آهي. اها به جاگيردار، زميندار، ميمبر، وطن دشمن ۽ عوام دشمن وڏيري جي حيثيت ۾ حاصل ڪئي آهي.
    ٿاڻو ۽ وڏيرو جنم جنم جا ساٿي آهن. پنج ٻڌائڻ پنج ڇڏائڻ سندن شوق جي ڳالهه آهي. پوليس ڪاموري جي عزت سندس نس نس ۾ سمايل آهي. پوليس واري جي عزت سندس پيءُ کان به وڌيڪ ڪندو آهي. انهيءَ ڪامياب نسخي سبب چور ۽ ڌاڙيل سندس طاقت جو سرچشمو آهن. ڪنهن غريب مسڪين کانئس حق جو مطالبو ڪيو ته راتو رات سندس ڪنڊي مينهن غائب، جنهن جو کير سندس بيمار مسڪين پيءُ ۽ معصوم ٻار پيئندا هئا. مطلب ته تر جو چور ۽ پوليس سندس ٻه مضبوط ٻانهون آهن. انهن تي ڪنٽرول ئي سندس شان ۽ دٻدٻي جي نشاني آهي. هن جي سياست جو دارومدار پڻ انهن ٻن مضبوط ٿنڀن تي مرڪوز آهي. جيڪو به انهن اصولن تي عمل ڪري ٿو. اهو ڪامياب ۽ ڪامران آهي باقي جيڪو غريب ۽ مسڪين جي ڳالهه ڪري ٿو ساڻن هر ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي آهي. اهو انهيءَ تر جي سياست ۾ گهڻو وقت هلي نه سگهندو. خود ننڍا وڏيرا ۽ ڪامورا سندس ويري ٿي پوندا پوءِ کيس يا ته اهڙيون حرڪتون ڪرڻيون پونديون جيڪي وڏيرن کي پسند هجن يا، پنهنجي فيوڊل ڪلاس جي ماڻهن ۽ سندن ڇاڙتن جي سخت مخالفت برداشت ڪرڻي پوندي.
    سنڌ جي مير، پير، مرشد، ڪاموري، ٺيڪيدار ۽ وڏي زميندار تي اهو نفسياتي اثر ويٺل آهي ته آئون ٻين کي دٻائي ۽ هيسائي پنهنجو مان مٿانهون ڪريان ۽ پاور تي قابض رهان. نه ته منهنجو پنهنجو جيئڻ هن انڌي معاشري ۾ ڏکيو ٿي پوندو ۽ هر طرف کان اڪيلو ٿي پوندس ڪنهن وٽ به منهنجي ڪو نه هلندي. تنهنڪري ننڍي وڏي جو آسانيءَ سان کاڄ ٿي ويندس. اها غلط سوچ کيس هزارين بڇڙا ڪم ڪرائي ٿي ۽ انهيءَ ڪري هو پنهنجي ديس ۽ ديس واسين تي ڌارين جا ڪٽڪ آڻيو مڙهي. هي ڌارين جو پڇ لٽڪائو ٿي، پنهنجي قوم جي محب وطن ماڻهن تي چغلخور بنيو بيٺو آهي. اها سوچ سندس ڪريل ڪردار، بي همتي ۽ جهالت جو کليل ثبوت آهي. سندس اها سوچ تڏهن تبديل ٿيندي. جڏهن هو نظرياتي تعليم کان واقف ٿيندو. پنهنجي مٽي ۽ ماروئڙن سان مثبت رشتو قائم ڪندو.
    انهي احساس ڪمتريءَ سبب هو هميشه چڙهندڙ سج جو سلامي ۽ وقت جي حاڪم ۽ حڪومت جي جيحضوري ڪندو رهي ٿو. پاڻ کي وقت جي حڪومت کان ٻاهر، ائين ٿو سمجهي جيئن پاڻيءَ کان ٻاهر مڇيءَ جو حال هوندو آهي. نه رات جو ننڊ اٿس نه ڏينهن جو آرام پنهنجي وجود کي، ٽنٽندو، ڳرندو ۽ سُسَندو محسوس ڪندو آهي، تنهنڪري نه هو پاڻ سان سچو ۽ نه ٻين سان، انهيءَ طريقي تي عمل ڪندي پارٽيون بدلائڻ ۽ حاڪم پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سندس شوق شغل هوندو آهي. ڪجهه وقت اقتدار کان ٻاهر به ڪنهن پارٽيءَ ۾ هوندو آهي پر اها پڪ هوندي اٿس ته اها پارٽي جلدي پاور ۾ ايندي پوءِ سڀ لڙهه لهي ويندا جنهن به پارٽيءَ جي سياست وطن ۽ وطن جي غريب عوام لاءِ هوندي تنهن کي ويجهو به نه ويندو. سڄو ڏينهن انهن کي ويٺو گاريون ڏيندو. ديس لاءِ محبت رکڻ وارين سياسي پارٽين سندن ڪارڪنن ۽ ان جي جلسن ۽ جلوسن کان کيس باه هوندي آهي. انهن جا ٻه دلچسپ واقعا جن بابت مون کي ذاتي طور خبر آهي جيڪي هتي پيش ٿو ڪريان.
    هڪڙي وڏيري جي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ شهر ۾ هڙتال ۽ ان کان پوءِ جلوس ۽ جلسو ٿيڻو هو. انهيءَ وڏيري رات جو صوبيدار، چيئرمين ۽ ٻين مکيه ماڻهن کي گهرائي حڪم ڏنو ته هڙتال، جلسو ۽ جلوس ڪنهن به حالت ۾ نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته اسان جي ڳوٺ ۽ شهر ۾ هن کان اڳ ۾ ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي. جيڪڏهن اها وبا هتي پکڙجي ويئي ته وري ڪڏهن به ختم نه ٿيندي ۽ پنهنجي سياست جا پوءِ پويان ڏينهن آهن. اهي ڇورا مٿي اگهاڙا اهو راڳ هميشه لاءِ آلاپيندا رهندا ۽ ماڻهن ۾ نيٺ سجاڳي پيدا ٿيندي. جيڪا اسان جي سياست کي هميشه جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيندي. صوبيدار، ميمبر ۽ اشراف ماڻهن کيس ڏاڍي دلداري ڏني پر ٻئي ڏينهن ٻڌم ته شهر ۾ هڙتال کانپوءِ ڪامياب جلوس ٿيو. انهيءَ جو وڏيري تي ڪهڙو اثر ٿيو. تنهن جي خبر اتي جي ماڻهن کي ضرور پئي هوندي پر آئون معلوم ڪري نه سگهيس.
    اهو وڏيرڪو طبقو جنهن ۾ مير، پير، مرشد، مخدوم ۽ مَلَڪ، ڄامَ، ڄاموٽ، رئيس ۽ خان، صاحب، ارباب، سيٺيون، زميندار، وڏا واپاري، ٺيڪيدار، وڪيل ۽ ڪامورا شامل آهن. انهيءَ طبقي ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به آهن. جن پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون. جيل، ڪوڙا، ڏنڊ ۽ پنهنجي سِرَ جون قربانيون به ڏنيون آهن. انهن مان جي . ايم . سيّد شهيد الله بخش سومرو ۽ شهيد فاضل راهو ۽ ٺوڙيءَ جي شهيدن جا نالا اسان لاءِ مثال رهندا. ون يونٽ خلاف هلچل ۾ به وڏيري طبقي جا چند اهڙا شخص جيڪي ملڪ جا هڏ ڏوکي هئا، شاگرد، هاري ۽ مزدورن ساڻ، ان جدوجهد ۾ گڏوگڏ نظر اچن ٿا ۽ حيدرآباد ۾ پهرين آڪٽوبر 1988ع جي واقعن ۾ پڻ اهڙا چند ماڻهو نظر اچن ٿا، خود شهيد فاضل راهوءَ کي سندس تر ۾ اڄ تائين ”وڏيرو فاضل“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر هو پاڻ پنهنجو سِرُ پنهنجي وطن جي مسڪين ۽ مجبور ماڻهن تان قربان ڪري پنهنجي ساک رکي سنڌ جي سينڌ کي پنهنجي لال لهوءَ سان سينگاري ويو.
    اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا، ڪنهن لُڙڪَ ڦڙا، ڪنهن ماڪَ ڦڙا،
    جن توکي پنهنجو رت ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا.
    (شيخ اياز)
    اختلاف انهيءَ غنڊاگرديءَ واري ذهينت سان هئڻ کپي ۽ انهن عوام دشمن سياسي قوتن سان هئڻ گهرجي، جيڪو ڪردار مجموعي طور مذڪور طبقو ادا ٿو ڪري. جيڪو وطن ۽ ويڙهيچن جو ويري ۽ ڌارين جو دلال ۽ سندن سرخرو ساٿاري آهي. جيڪو به فرد پنهنجي انهيءَ ظالم ڪلاس جي عوام دشمن ۽ وطن دشمن سياست کي ڇڏي سنڌ جي مظلوم عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ عوام دوست ۽ وطن دوست سياست کي پنهنجي سياست ڄاڻي ۽ قبول ڪري ٿو. ته پوءِ هو هن سنڌي سماج جو ڪارگر حصو آهي. نه ڪي اڳوڻو ڪردار رکندڙ وڻ ويڙهي. هونئن به اڄ جي سنڌي سماج جي اها اشد ضرورت آهي ته سنڌ امڙ جا سڀئي ٻچا، پاڻ ۾ متحد ٿي وطن جي دشمنن طرفان ٿيندڙ حملن ۽ هلائن کان ان کي محفوظ رکن ۽ مستحڪم بنائين هن وقت ائين نه ٿي سگهيو ته پوءِ موجود صورتحال جي پيش نظر سنڌين جو مستقبل ڏاڍو ڏکيو ۽ تنگ پيو محسوس ٿئي، جنهن لاءِ ايندڙ نسل، اسان سمورن موجود سنڌين کي ڪڏهن به انهيءَ هاڃي ٿيڻ جي معافي نه ڏيندا.
    سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ، جنهن ۾ راءِ گهراڻو برهمڻ گهراڻو، عرب، ارغون، ترخان، مغل، ڪلهوڙا، ٽالپر، سما، سومرا ۽ انگريز شامل آهن، انهيءَ سموري ماضيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو اهڙي تمام ڳنڀير، منجهيل، مشڪل، موت ۽ زندگيءَ جي انتهائي ڀيانڪ ۽ ڪشمڪشن واري صورتحال ۾ ڦاٿل نظر نه ٿا اچن، جهڙا اڄ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    انهيءَ سموري ماضيءَ واري دؤر ۾ سنڌ ۽ انهن ملڪن ۾ جتان سنڌو ندي لنگهي ٿي. ائين نظر نه ٿو اچي ته درياء سنڌ تي بند ٻَڌا. سنڌ جي زراعت ۽خوشحاليءَ جو ڌارومدار پاڻيءَ تي آهي. (ڪتاب: پاڻيءَ منجهه پساهه پڙهڻ گهرجي) پر جنهن رفتار سان پنجاب ان تي در ٻڌي مهراڻ جي سموري پاڻيءَ جو رخ پنجاب جي زمينن ڏانهن موڙي رهيو آهي، ان جو نتيجو اهو ٿيندو جو سڄي سنڌ جون سون ورنيون زمينون رڻ پٽ ٿي وينديون ۽ سنڌ مڪمل طرح سان پنجاب وٽ هميشه هميشه لاءِ بليڪ ميل ٿيندي رهندي ۽ سندس حيثيت مڪمل طور غلام ملڪ جهڙي ٿي ويندي. سنڌ اندر پاڻيءَ جي اڳ ۾ ئي کوٽ هئي پر پنجاب جي حڪومت سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي اجازت کانسواءِ ئي سنڌو نديءَ تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهي سنڌو جي بين الاقوامي پاڻيءَ جي ورهاست واري معاهدي جي کلمکلا خلاف ورزي ڪئي. مٿان وري هاڻ ڪالا باغ ٺاهڻ لاءِ پنجاب حڪومت بيتاب آهي. پهريائين اهو شوشو ڇوڙيو ويو ته ڪالا باغ ڊيم فقط بجليءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي پر جڏهن غفار خان سڄي سرحد صوبي جو دؤرو ڪري اتي جي عوام کي ڊيم جي ٺهڻ کانپوءِ جي خطرناڪ صورتحال کان واقف ڪيو ۽ کين چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي بجليءَ جي ضرورتن سبب، ڪنهن ڊيم جي ضرورت آهي ته پوءِ اهو ڊيم ڀاشا وٽ ٺهڻ سان پوري ڪري سگهجي ٿي. ڀاشا جبلن جي وچ ۾ اهڙي هنڌ تي واقع آهي. جتان زراعت لاءِ ڪو به واه کوٽي نه ٿو سگهجي. انهيءَ نئين راءِ عامه جي پيش نظر، پنجاب پنهنجي ٻولي ڦيرائي چيو ته اسان کي ڪالا باغ ڊيم ٺاهي، پنجاب جي زمين کي آباد ڪرڻو آهي.
    غفار خان کي شاباس هجي، جيڪو هڪ سؤ سالن جي عمر ۾ بيحد ضعيف ۽ بيمار، هئڻ جي باوجود سموري سرحدصوبي جو دؤرو ڪري، اتي جي عوام کي، هن ڊيم کان ايتري ته نفرت ڏياري جو پوري صوبي ۾ انهيءَ منصوبي خلاف گهوڙا گهوڙا مچي ويئي ۽ سرحد جي انهيءَ وقت جي وزير اعليٰ، ارباب جهانگير به انهيءَ سلسلي ۾ بيان جاري ڪيو. ته ”اسان وزارتون ڦٽيون ڪري ڇڏينداسين، پر ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين“ پر افسوس جو ان وقت جي بجلي ۽ پاڻيءَ واري وفاقي وزير، جيڪو سنڌي هو، تنهن اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي باري ۾ ٿيندڙ سوالن جا جواب ڏيندي وضاحتي بيان ڏنو، جيڪو 16 جون 1987ع واري ”هلال پاڪستان“ واري نالي سان شايع ٿيندڙ اخبار ۾ ڇپيو. جيڪو هن ريت آهي ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان، صوبي سرحد جي 38 هزار 7 سؤ ايڪڙ زمين جي ڀيٽ ۾ پنجاب صوبي جي 59 هزار 8 سؤ ايڪڙ زمين پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندي“ پر وزير موصوف اهو ڪو نه ٻڌايو ته انهيءَ ڊيم ٺهڻ سان پنجاب جي 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، پر سرحد صوبي جو هڪڙو ايڪڙ، زمين به آباد ٿي ڪو نه سگهندو. اها ڳالهه وڌيڪ افسوس جي آهي ته انهيءَ وزير صاحب پاڻ سنڌي هئڻ جي باوجود، سنڌ جي زمين سان جيڪا قيامت ٿيڻ واري هئي ان جو ذڪر، ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو، اهي آهن اسان جي وڏيرن وزيرن جا حال، جو اهڙن اهم مسئلن تي به ڪجهه نه ٿا ڪڇن. سي ٻين عام مسئلن تي ڇا ڳالهائيندا. اُهو وفاقي وزير قاضي عابد هو.

    ٻيو اهو مسئلو جيڪو قوم لاءِ منهنجي خيال ۾ مٿئين مسئلي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. سو آهي ڌارين ڪٽڪن جي يلغار ۽ آبادڪاري. هيءَ به هڪڙي تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ، جي ماڻهن پنهنجي سر زمين کي ايڏي وڌي تعداد ۾ ڪڏهن به نه ڇڏيو. جيتري تعداد ۾ پاڪستان جي قيام ۽ هندوستان جي ورهاڱي وقت وطن ترڪ ڪيو. انهيءَ وقت 15 لک سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ کي هميشه هميشه لاءِ خيرباد چئي، وڃي هندستان جي مختلف صوبن ۾ آباد ٿيا. اهي سمورا سنڌي، هندو هئا جن ۾ شاهوڪار ۽ پڙهيل، طبقي جو تمام وڏو تعداد هو. انهيءَ وقت جي پاڪستاني وزيراعظم لياقت علي جيڪو خود مهاجر هو، تنهن هندستان مان اٽڪل 15 لک مهاجر ڀائر گهرائي، سنڌ اندر آباد ڪيا ۽ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ همٿايو ويو. ڌارين جي ٻيو نمبر يلغار، جنرل ايوب جي مارشل لا کان، ترت پوءِ شروع ٿي ۽ اها سندس پوري دؤر حڪومت ۾ جاري رهي. انهيءَ دؤر ۾ پنجابي پٺاڻ ۽ پناهگير فوجي ۽ سول آفيسرن کي ڪوٺڙي، گڊو ۽ سکر، بيراج جون ڀليون زمينون، لکن ايڪڙن جي تعداد ۾، مفت ۾ ورهائي ڏنيون ويون ۽ کين ايتريون ته ٻيون، سهولتون ڏنيون ويون جو، واسطيدار ماڻهو خودبخود وڏيءَ خوشيءَ سان اُنهن ايراضين ڏانهن اچڻ لڳا، کين جيڪي سهولتون ۽ رعايتون ميسر هيون تن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو.
    1. ڏهن سالن لاءِ ڍل معاف، 2. زمين سڌارڻ لاءِ بلڊوزر جو خرچ معاف، 3. ٽريڪٽر، ڍڳا، ٻج ۽ ڀاڻ وغيره خريد ڪرڻ لاءِ سندس زمين تي ئي قرض ڏيڻ وارا ادارا ۽ بئنڪن وغيره جو قيام، 4. سندن سهولت لاءِ کين واه به کوٽائي ڏنا ويا.
    جنرل ايوب خان جي دؤر ۾ پٺاڻ، ڪراچي شهر ۾ وڏي تعداد ۾ آباد ٿيا. اتي پٺاڻن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو، هر دؤر ۾ ڪراچي مان صوبائي توڙي قومي اسيمبلي ميمبر پٺاڻ چونڊجي اچڻ لڳا. جن مان ملڪ هزار خان، مير مروت خان، مير عرفان مروت، جا نالا قابل ذڪر آهن. ضياء جي عامر شاهي دؤر ۾، سنڌ جي ڪابينه ۾ ڏهن مان 3 پٺاڻ وزير مقرر ڪيا ويا. سکر مان منور خان، ڪراچيءَ مان مروت خان، ۽ ترئين آفريدي پوءِ 1985ع جي اليڪشن ۾ ڪراچيءَ مان جڏهن، ميمبر چونڊجي آيو ته محمد خان جوڻيجي جي ڪئبينٽ ۾ ڪراچي جي نمائندي طور کيس مرڪزي وزير مقرر ڪيو ويو. 1988ع جي اليڪشن ۾ پڻ پٺاڻ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ جا اميدوار ٿي بيٺا، پر هن دفعي انهن مان فقط هڪ اميدوار عرفان مروت سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. پٺاڻن اچڻ شرط اسان جو معاشي استحصال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ روزگارن جي وسيلن تي راتاهو هنيو. جڏهن پيٽ ڀريائون ڪافي مال ملڪيت جا مالڪ ٿيا، ته سياست ۾ به اسان جا ڀاڱي ڀائيوار ٿي پيا. مهاجرن ۽ پٺاڻن کانسواءِ پنجابين جو پڻ تمام وڏو تعداد سنڌ ۾ آباد آهي. سنڌ جي زمينن، ڪارخانن ۽ نوڪرين تي مهاجرن ۽ پٺاڻن کان به وڌيڪ پنجابين جو قبضو آهي پر اهي سنڌ ۾ ڪنهن هڪ هنڌ آباد نه هئڻ ڪري نسلي بنياد تي. سندن ڪو به ماڻهو اسيمبلي ميمبر چونڊجي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بشير احمد شاهه، ۽ سندس پٽ اختر شاهه، جيڪي پنجابي آهن، ڪيترا ڀيرا، پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ۽ ان کان اڳ بشير احمد شاهه اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو هو. سندس اها ميمبري پارٽيءَ جي بنياد تي حاصل ڪيل هئي. نه ڪي نسلي بنياد تي، ڇو ته سندن واسطيدار تڪن ۾ رهندڙ ماڻهو سؤ سيڪڙو سنڌي آهن. حاصل مطلب ته سنڌ مان ڪڏهن به پنجابي نسلي بنياد تي ڪامياب نه ٿيو آهي. انهيءَ کانپوءِ هندستان کان لڏي آيل، اردو ڳالهائيندڙ ٿا اچن، 1970ع واري اليڪشن ۾ مهاجر حيدرآباد شهر مان سؤ سيڪڙو ۽ ڪراچيءَ مان 80 سيڪڙو چونڊجي آيا. انهيءَ وقت مهاجر پڻ پارٽي بنياد تي چونديا. نه ڪي نسلي بنياد تي انهيءَ اليڪشن ۾، ڪراچيءَ مان ٽي سنڌي، ميمبر پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيا. اهي هي هئا. ذوالفقار علي ڀٽو، حفيظ پيرزادو ۽ عبدالستار گبول، مهاجرن جا ميمبر پڻ نسلي بنيادن تي نه پر جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماء پاڪستان جي ٽڪيٽن تي چونڊجي آيا.
    سنڌ کي آدمشماري جي واڌ جو جيڪو حقيقي خطرو آهي سو آهي ٻين صوبن جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ۽ ٻين ملڪن جهڙوڪ، هندستان، بنگلاديش، برما، ايران، افغانستان ۽ ٻيا غير مسلم غريب ملڪ، جن جي مسلمان آبادي غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ ڌڙا ڌڙ اچي رهي آهي. انهن ۾ خاص ڪري، برما، ڪوريا، ٿائليند، سريلنڪا، ڪمپوچيا، لائوس ۽ سائوٿ آفريڪا، اچي وڃن ٿا. مهاجرن کي هنن جي اچڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي. کين خبر آهي ته اهي ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿيندا ۽ غير سنڌين جي آدمشماري وڌندي ۽ سنڌين جي گهٽبي جنهن مان کين فائدو آهي. ڪڏهن به ڪنهن مهاجر ليڊر انهيءَ جي خلاف بيان نه ڏنو آهي. ۽ نه ئي ڏيندو. انهيءَ غير قانوني آباديءَ جي واڌ کي هر حالت ۾ روڪڻو آهي ۽ انهيءَ لاءِ گڏيل حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. انهيءَ کانسواءِ اسان جي پنهنجي قدرتي دولت، پيٽرول، گيس ۽ ڪوئلي تي پڻ مڪمل، طرح سان ڌارين جو قبضو آهي. وفاقي ۽ صوبائي ڪارپوريشن، بئنڪن ۽ ٻين خانگي ادارن جي نوڪرين ۾ اسان جي لاءِ دروازا مڪمل طرح بند آهن. اسان جي زبان، تهذيب ۽ آثار قديمه جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ ڪجهه به ڪو نه ٿو ڪيو وڃي. مرڳو هر طرح سان انهن کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي تعليمي ادارن کي مهينن جا مهينا بند رکيو ويندو آهي ۽ کين ٿاڻن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيئن اسان جو ايندڙ نسل، هيسيل ڊنل ۽ جاهل هجي. مطلب ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت هر طرف کان اسان لاءِ گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۽ سنڌي عوام شايد پنهنجي وجود جي آخري ويڙهه وڙهي رهيا آهن. جنهن ۾ ڪاميابي ئي اسان جي ايندڙ نسلن کي سلامت رکي سگهي ٿي. انهيءَ جنگ ۾ اسان کي نهايت ئي عقلمندي سان اڪري پار ٿيڻو آهي. عقل ۽ طاقت کي زيان ٿيڻ کانسواءِ استعمال ڪرڻو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي هڪ پليٽفارم تي آڻڻو آهي. اهو نه صرف احساس ڏيارڻو آهي پر ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته سنڌ، ڪنهن هڪ فرد جي يا ڪلاس جي جاگير نه پر هن پنهنجي ڪک مان سڀني ٻچن کي جنم ڏنو آهي اهي سڀ سندس وارث آهن ۽ مڙني وسيلن جا هڪجهڙا حقدار آهن. سڀني سياسي پارٽين گروهن ۽ فردن کي گهٽ ۾ گهٽ هيٺين نقطن تي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو آهي. سنڌ آهي ته اسان سڀ آهيون. ان کانسواءِ اسان جو پنهنجو وجود يا سڃاڻپ ئي ڪانهي. وقت گذرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏجن ........... سي ڪهڙي ڪم جا.!
    چئو وڃان مان وڃان، ڪيئن مان ڀيرو ڀڃان،
    سج ويندو لهي، پير ويندا ڊهي.
    (شيخ اياز)

    1. اڄ کان اسان کي هڪ ٻئي سان بيمقصد جنگ ختم ڪرڻي پوندي.
    2. اسان کي هڪ ٻئي تي اعتبار ۽ اعتماد ڪرڻو پوندو.
    3. اسان کي هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻي پوندي.
    4. اسان کي ٻئي جي گريبان ۾ جهلڻ کان اڳ پنهنجو گريبان ڏسڻو پوندو.
    5. اسان کي ايماندار ٿيڻو پوندو.
    6. اسان کي آدمشماري وڌائڻي پوندي.
    7. اسان کي سخت محنت ۽ پورهيو ڪرڻو پوندو.
    8. اسان کي قابل ۽ محنتي استاد ۽ شاگرد ٿيڻو پوندو.
    9. اسان کي لائق مائٽ ۽ لائق اولاد ٿيڻو پوندو.
    10. اسان کي قابل محنتي ۽ ايماندار، انجنيئر ۽ ٺيڪيدار ٿيڻو پوندو.
    11. اسان کي قابل ۽ ايماندار ڪاريگر ۽ مزدور ٿيڻو پوندو.
    12. اسان کي قابل محنتي ۽ ايماندار آبادگار ۽ هاري ٿيڻو پوندو.
    13. اسان کي قابليت ۽ محنت جو مثال ڏيڻو پوندو.
    14. اسان کي 2، 3، 4 يا 5 نه پر (1) هڪ ٿيڻو پوندو.
    15. اسان کي هڪ تي بار وجهڻ نه پر گڏجي بار کڻڻ جي اصول تي هلڻو پوندو.
    16. اسان کي سڀاڻي نه پر هر ڪم اڄ جي اصول تي هلڻو پوندو.
    17. اسان کي اونداهي کان ڊڄڻ نه پر ان کي ختم ڪرڻو پوندو.
    18. اسان کي اٻهرو نه پر هر قدم بردباريءَ سان کڻڻو پوندو.
    19. اسان کي رات کي نيٺ صبح ڪرڻو پوندو.
    20. اسان کي سچو ۽ ايماندار تخليقڪار ٿيڻو پوندو.
    21. اسان کي سچو اديب ٿيڻو پوندو.
    22. اسان کي سچو رهبر ٿيڻو پوندو.
    23. اسان کي سچو سنڌي ٿيڻو پوندو.
    24. اسان کي، اڃ بک ۽ باهه برداشت ڪرڻ جو عادي بنجڻو پوندو.
    25. اسان کي دريائن، جهنگل، جبلن، ٿرن، برن جو عادي بنجڻو پوندو.
    26. اسان کي شخصي خودغرضي کي تِڇ سمجهڻو پوندو.
    27. اسان کي انفرادي نه پر اجتمائي جنگ وڙهڻي پوندي اسان کي سنڌ امڙ تان پنهنجي جان قربان ڪرڻي پوندي.


    عـيـسـائـي يـا مـغـربـي مـلـڪ

    دنيا جا عيسائي ملڪ جن کي ڏاڍي حرفت سان مغربي ملڪن جي نالي سان دنيا ۾ سڃاتو ۽ سڏيو ٿو وڃي. جيڪي مسلمانن کي مذهبي انتها پسند ۽ خبرناهي ته ڪهڙن ڪهڙن نالن سان ياد ٿا ڪن. ۽ پاڻ کي پوتي پاڪ ٿا سمجهن پر سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ زياده ۾ زياده مذهبي جنوني ته خود عيسائي پاڻ آهن. جيڪي سالن کان پوپ کي هر هنڌ ۽ ملڪ ۾ گهليندا گهمن ۽ انهيءَ جي وڏي پئماني تي سڄي دنيا ۾ پروپئگنڊا ٿا ڪن ۽ مغرب جا سڀ ريڊيو ۽ ٽي وي چئنل انهيءَ مذهبي ڏيکاءُ کان آجا ڪو نه آهن ۽ پاڻ پوپ جي استقبالن، جلسن ۽ مذهبي تقريبن کي تمام شوق سان ڏسن ۽ سندن ميڊيا ذريعي سڄي دنيا کي وڏي فخر سان ڏيکارين. انهيءَ جو هڪ مثال هي به آهي ته گذريل صديءَ ۾ وڏي ۾ وڏيون جنگيون يورپ ۾ لڳيون جنهن ۾ ٻه عالمي جنگيون به شامل آهن. پاڻ هڪٻئي جا وڏا دشمن هوندي ۽ ٻن فرقن ۾ يعني ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ ۾ ورهايل هئڻ جي باوجود به هڪٻئي جي چرچن ڪيٿڊرلن ۽ مذهبي عبادتگاهن تي نه بمباري ڪئي نه کين مسمار ڪيو پر انهيءَ جي مقابلي ۾ مسلمان شيعا، سُني جي بنياد تي هڪٻئي جي امام بارگاهن مدرسن ۽ مسجدن ۾ گهڙيو هڪٻئي کي نماز پڙهندي به ماريو رتورت ڪريو ڇڏين.

    مسلمان ته حضرت عيسيٰ عليه السلام کي به نبي ڪري مڃين ۽ سندس وڏي عزت ڪن. خود قرآن پاڪ ۾ به حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ذڪر آهي، پر عيسائي مسلم قوم، مسلمانن جي نبين، ديني ڪتابن ۽ مذهبي جڳهين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب ناما“ ۾ لکيو آهي ته ”هالينڊ ۾ هر ماءُ جي پنهنجي اولاد لاءِ اها اپيل آهي ته توهان دنيا ۾ ڀلي هر مذهب اختيار ڪيو يا لامذهب ٿيو پر ڪڏهن به مسلمان نه ٿجو.“
    هن وقت ايشياء ۽ آفريڪا۾ عيسائي مشينري جو شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڄار وڇايو پيو آهي. جنهن تي اربون ڊالر خرچ ٿين. اهو خرچ ڪير ٿو ڪري، اهي يورپ جا امير ماڻهو ۽ ملٽي نيشن ڪمپنيز آهن. جيڪي غريب ملڪن مان ڪمائي سڄي دنيا جي دولت انهيءَ عيسائي مشينري نيٽ ورڪ کي مهيا ٿا ڪ ن. پر ڪنهن عرب ملڪ يا مسلمان امير شهري ڪنهن مذهبي تنظيم يا اداري کي هڪ رپيو به امداد طور ڏنو ته سڄي دنيا ۾ BBC, Fox ۽ CNN ۽ مغربي اخبارون هائي گهوڙا مچائي ڏينديون خاص ڪري مسلمان ملڪن تي. هاڻ ته سعودي عرب کي به پيا بلئڪ ميل ڪن ته 11 سيپٽمبر جي واقعي ۾ سعودي شهرين امداد ڪئي اهڙي خبر واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿي ۽ BBC ۽ CNN 24 نومبر 2002ع تي نشر ڪئي.
    خود هندستان ۾ سوين اهڙا واقعا به ٿيا آهن جو عيسائي عورت راهبائن سان زنا ۽ زيادتي ڪئي وئي پر مغربي پريس ۽ ميڊيا اهڙن افسوسناڪ واقعن کي ڪڏهن به اشو بنائي هاءِ گهوڙا ڪا نه ڪئي آهي. انهيءَ جي برعڪس مسلم ورلڊ ۾ ڪڏهن به اهڙو واقعو نه ٿيو آهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”غريب تان ڪاوڙ لهي ئي ڪا نه ۽ امير تي چڙهي ڪانه“ هندستان سري لنڪا ۾ تاملن معرفت جيڪي ڪلور پيو ڪري اهو ڇا آهي؟ انهيءَ کانسواءِ خود يورپ ۽ آمريڪا ۾ مذهبي پارٽيون ۽ انهن جون اخبارون ۽ رسالا توهان کي هر ملڪ ۾ ملندا جنهن جو مثال جرمني، آسٽريليا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ نالي سياسي پارٽيون ۽ آمريڪا ۾ ڪرسچن سائنس مانيٽر ۽ ٻيا ڪيترا مذهبي رسالا شايع ٿيندا آهن. ڪيترن ملڪن ۾ ننڍين قومن جي آزادي ۽ مذهبي تسلط جا سوين مثال آهن. ڪيترن جا نالا لکجن، جنهن جو شڪار اسان خود به آهيون پر آمريڪا کي سڄي دنيا ۾ صرف عيسائي ۽ يهودي مظلوم نظر ٿا اچن. تازو اقوام متحده آمريڪا ۽ يورپ جي فوجي طاقت جي زور تي انڊونيشيا جي هڪ عيسائي اڪثريت واري صوبي اتر تيمور ۾ راءِ شماري ڪرائي کيس حق خود اراديت ڏيئي آزاد مملڪت جو درجو ڏنو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي هن کي به ايشياء ۾ ٻيو اسرائيل بنائي، ڪورئينِ ويٽنامين ۽ چينين جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيندا. جيئن عربن سان ڪيو اٿن. هن وقت دنيا ۾ مسلمانن جي آدمشماري هڪ عرب چاليهه ڪروڙ ايڪٽيهه لک آهي ۽ دنيا جي نقشي تي مسلمان ملڪن جو تعداد ايڪهٺ آهي. جن جا نالا هي آهن: 1. آذربائيجان، 2. آئيوري ڪوسٽ، 3. اردن، 4. ازبڪستان، 5. افغانستان، 6. البانيا، 7. الجزائر، 8. انڊونيشيا، 9. ايٿوپيا، 10. ايران، 11. بحرين، 12. برڪينيا فاسو، 13. برونائي، 14. بنگلاديش، 15. بوسينيا، 16. بينن، 17. پاڪستان، 18. تاجڪستان، 19. ترڪمانستان، 20. ترڪي، 21. تنزانيا، 22. تيونس، 23. ٽوگو، 25. چاڊ، 26. سري نام، 27. سعوديه، 38. سوڊان، 29. سيراليون، 30. سيني گال، 31. شام، 32. صوماليه، 33. عراق، 34. عمان، 35. فلسطين، 36. قازقستان، 37. قطر، 38. ڪرغيزستان، 39. ڪمورو، 40. ڪويت، 41. ڪيمرون، 42. گني، 43. گني بساءُ، 44. گيانا، 45. گيبون، 46. ڪيمبيا، 47. لبنان، 48. لبيا، 49. مارطانيا، 50. مالديپ، 51. مالي، 52. امارات، 53. مراڪش، 54. مصر، 55. ملائيشيا، 56. موزمبق، 57. نائيجر، 58. نائيجريا، 59. وسطي آفريقا، 60. يمن، 61. يوگنڊا.
    انهن ايڪهٺ ملڪن جي وڏي حصي تي گذريل سون سالن کان عيسائي قابض رهيا آهن ۽ سندن دولت ۽ قدرتي وسيلن تي سڌي اڻ سڌي طريقي سان اڄ به عيسائي ملڪن جو قبضو آهي ۽ سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن تي عيسائين ۽ يهودين (يهودي به عيسائين جي طاقت سان) جا حملا جاري آهن. جنهن ۾ چچنيا، بوسنيا، عراق، ايران، فلسطين، افغانستان، لبنان، شام شامل آهن. پنهنجي انهيءَ مذهبي عيسائي سڃاڻپ کي لڪائڻ لاءِ پاڻ کي سڏاين.مغربي ملڪ يا مغربي طاقت ۽ مسلمانن کي سڏين انتها پسند.
    آئون بذاتِ خود مذهبي جنوني نه پر ”لَکُم دِينکُم وَلِيَ دِين“ رستي ۽ فڪر جو پيروڪار آهيان ۽ بقول شيخ اياز جي ته:
    ”جا ٻانهن ڀڳي منهنجي ڀڳي، جو ظلم ٿيو مون تي ٿيو.“
    ظلم زبردستي ۽ انياء ته ڪنهن به قوم يا فرد تي ٿيڻ نه کپي. ڀلي کڻي اهو ڪير به هجي. حد ته اها آهي جو عيسائي ملڪن (مغرب) جي اسڪولن ۾ مسلمان شاگرد نياڻين کي قانوني طرح اسڪول ۾ مٿي تي پوتي ڍڪڻ جي اجازت به ڪانهي. پر خود پاڻ مذهبي تقريبن ۾ مٿي تي ٽوپي پائيندا آهن جيڪو توهان BBC ۽ CNN تي ڏسي سگهو ٿا. تازو ماسڪو ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ يارهين سيپٽمبر جي واقعي بابت هڪ تقريب ٿي جنهن ۾ گهڻو ڪري سڀني عورتن جا مٿا ڍڪيل هئا. اها تقريب BBC پندرهين سيپٽمبر ڏينهن جو ٽين بجه ڏيکاري يعني پاڻ عيسائي مٿو ڍڪين يا اگهاڙوڪن ته مرضيءَ جا مالڪ پر اسان ڪيون ته رجعت پسند ۽ ڏوهه جا ڏوهاري. 23، 24 نومبر تي BBC هيءَ خبر ڪيترا دفعا هلائي ته آسٽريليا جي عيسائي مذهبي اڳواڻن مطالبوڪيو آهي ته مسلمان عورتن کي برقعي ۽ چادر سان پردي ڪرڻ تي بندش وڌي وڃي ڇو ته انهيءَ آڙ ۾ هي دهشتگردي ٿيون ڪن جنهن جو مثال هن روس ۾ ٿيئٽر کي يرغمال ٿيڻ ڏنو. اهو اڄ نه پر جڏهن کان اسلام دنيا ۾ عام ٿيو تڏهن کان سندن اسلام سان دشمنيءَ وارو رويو هليو اچي. حد ته اها آهي ته جيڪي مسلمان اسلام کي گاريون ڏين تن کي هي جيءَ ۾ جايون ڏين، جنهن جو مثال: سلمان رشدي ۽ تسليمان نسرين کي وائيٽ هائوس ۾ دعوتون ۽ ڪئين انعام اڪرام ڏنا آهن. پر پنهنجو مطلب پوري ٿيڻ کانپوءِ پُڇن ئي ڪو نه. جنهن جو مثال اسٽالن جي ڌيءَ رضا شاهه پهلوي ۽ ٻيا سَوَ هزار آهن. اهي مسلمان هنن جي خوشنوديءَ لاءِ ڪيترو به مسلمان ٿيڻ کان پري ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پر هنن ڳالهين کان ڪيئن ٿا انڪار ڪري سگهن.
    1. اسان جو نالو اسلامي طرز مطابق آهي.
    2. هر مسلمان پنهنجي ٻار کي (طهر سنت) ڪرائي ٿو.
    3. هر مسلمان سڏائڻ واري جو شاديءَ مهل نڪاح پڙهائجي ٿو.
    4. مرڻ کان پوءِ سڀ رسمون مسلمان طور طريقي مطابق ٿين ٿيون ۽ مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ٿئي ٿو.
    تازو سن 2002ع جو عالمي حسن جو مقابلو نائيجريا جي شهر قدونا ۾ منعقد ٿيو. جنهن۾ عيسائي پارٽين جي اخبارن اهڙا ته دل آزاريندڙ مضمون لکيا ته نعوذ بِاالله جي اڄ حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن زنده هجن ها ته هنن حسينائن مان ضرور ڪنهن هڪ سان شادي ڪن ها. اسان ته حضرت عيسيٰ، گُرونانڪ، گوتم ٻُڌ يا ٻي ڪنهن مذهبي رهنما لاءِ اهڙا لفظ سوچي به ڪو نه ٿا سگهون. گهڻو وقت اڳ هڪ هندو به ”رنيگلا رسول“ نالي اهڙو هڪ دل آزاريندڙ ڪتاب لکيو هو.
    دنيا جي وڏي ۾ وڏي فوجي طاقت ناٽو جا 26 ملڪ سواءِ ترڪيءَ جي سڀ عيسائي آهن. جن جا نالا هن ريت آهن: آمريڪا، ڪئناڊا، ڊينمارڪ، فرانس، انگلينڊ، يونان، آئيسلينڊ، لگزمبرگ، نيدرلينڊ، ناروي، پورچوگال، ترڪي، اسپين، جرمني انهيءَ کانسواءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي دولت جي تنظيم G.8 ۽ IMF جا سڀ ميمبر سواءِ جپان جي عيسائي آهن.
    مطلب ته سڄي دنيا جا عيسائي هڪ پليٽفارم تي گڏ آهن ۽ ٻي سڄي دنيا کي پٺتي ڌڪڻ ٿا چاهين. هاڻ ته پنهنجي عيسائي مذهبي پيشوائن جا احوال ريڊيو تي ٻڌائين ۽ انهن کي اولياء ڪري دنيا اڳيان پيش ڪن.
    12 ڊسمبر 2002ع تي شام جو سيربين ۾ BBC ٻڌايو ته ته پوپ مدر ٽريسا کي اولياء جو درجو ڏنو ڇو ته ڪلڪتي ۾ هڪ عورت جڏهن مدر ٽريسا جي تصوير ڏسي دعا گهري ته کيس پراڻي ڪئنسر جي بيماري ڇڏي وئي. اها خبر BBC وڏي شدمد سان نشر ڪئي،پر خود پوپ کي ايڊز جي بيماري ڪنهن دعا يا ڪرشمي سان به نٿي ڇڏي!


    عـراق تـي آمـريـڪـا جـو حـمـلـو

    سنڌ تي عربن جي حملي بابت تاريخ ۾ لکيل آهي ته سيلون مان ڪئين ڪنيزون ٻيڙن ۾ خليفي جي خدمت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڃي رهيون هيون ته رستي ۾ ويندي انهن عورتن جي ٻيڙن تي سنڌ ۾ حملو ٿيو، ۽ انهن عورتن آهه و پڪار ڪئي جيڪا خليفي ٻڌي ۽ پنهنجي لشڪر کي انهن کي بچائڻ لاءِ موڪليو جن اچي سنڌ فتح ڪئي پر جنگ کانپوءِ جيڪي به تاريخون لکيون ويون انهن ۾ ڪٿي به انهن عورتن جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي ته هيتري ساري فوج جيڪا انهن عورتن کي بچائڻ لاءِ ڪٿان کان سنڌ پهتي تنهن انهن عورتن جو ڇا ڪيو. سو هينئر به بظاهر ته آمريڪي فوجون عراق ۾ مُهلڪ ڪيميائي هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ آيون آهن پر ٿيندو ائين جو اهي ڪيميائي هٿيار پيٽرول جي خزاني ۾ گم ٿي ويندا.
    مون 30 مارچ 2003ع جي ڪاوش ۾ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو ته عراق کان پوءِ ايران، شام ۽ پاڪستان جو وارو ايندو ۽ ان لاءِ انهن ملڪن کي هينئر کان ئي ڪا جامع ۽ مضبوط حڪمت عملي جوڙڻ کپي. ان ئي ڏينهن جي اخبار ۾ ايران ۽ شام جي حڪومتن لاءِ ڌمڪيون ۽ پاڪستان جي ايٽمي پلانٽ سان هر قسم جي ڏيتي ليتي تي آمريڪي پابنديءَ جون خبرون به نمايان طور تي ڇپيون. آئون ڪو جنگي تجزيه نگار ڪو نه آهيان جو دعويٰ ڪريان ته منهنجو تجزيو صحيح ثابت ٿيو پر، جيڪو ماڻهو پڙهي ۽ پروڙي ٿو سو اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿو ته هاڻ حالتون ڪهڙو رخ اختيار ڪرڻ وڃي رهيون آهن. ڏاهن جو اندازو هو ته ملڪ جي سٺ سيڪڙو شيعا آبادي پنج سيڪڙو عيسائي آبادي ۽ پندرهه سيڪڙو ڪرد باقي بچيل عرب سني آباديءَ جي حڪومت جي خاتمي لاءِ آمريڪي فوجن کي اڇا جهنڊا کڻي، گلن جا هار پارائي، ٽئنڪن تي ٿڌا مٺا شربت پياري استقبال ڪندا ڇو ته افغان جنگ ۾ آمريڪا اتر اتحاد معرفت افغانن کي ورهائي ۽ پنهنجي منظور نظرن کي حڪومت ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر عراق ۾ سندن سڀ تجربا، اندازا ۽ دليل غلط ثابت ٿيا ۽ هيتري ساري فوج ۽ هٿيارن هوندي به منجهي پيا آهن ۽ ڪيترا دفعا هڪ ٻي تي حملا ڪري ڪيترو جاني نقصان ڪيو اٿن.
    آئون سمجهان ٿو ته بغداد آمريڪا لاءِ ائين ثابت ٿيندو جيئن ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ لاءِ اسٽالن گراڊ، ڇو ته عراق ۾ عراقي فوج سان گڏ عراق جو عوام جنگ ۾ وڏي دليريءَ سان آمريڪا جي جارحيت جو مقابلو ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مرد هٿياربند، عورتون علمبردار ۽ ٻار پر اميديءَ سان پنهنجي وطن جي عزت ۽ ناموس لاءِ شان مان سان سِر تي ڪفن ٻڌي موت جي پرواهه ڪئي بغير شهرن ڳوٺن ٻنين ٻارن گهرن گهٽين ۾ وڙهي پنهنجي بهادري ۽ وطن سان محبت جو اڻ موٽ ثبوت ڏيئي رهيا آهن جنهن آمريڪين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن ۽ سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته هي جنگ برابري ۽ سراسري جي نه پر دنيا جي واحد سپرپاور جي آهي جنهن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان دنيا ڪنبي رهي آهي ته ٻئي پاسي اهو ملڪ چئجي ها پر هت ته هڪ جي مقابلي ۾ سؤ جي تناسب جو تفاوت آهي، آمريڪا ته پري ٿيو پر سندس منظور نظر اسرائيل سان به عربن جا ٽي اهم ملڪ مصر شام ۽ اردن چند ڏينهن به جنگ وڙهي نه سگهيا ۽ اڃا تائين شام جو ڪيترو حصو اسرائيل جي قبضي هيٺ آهي سو عراق جي عوام جو آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ جو ڏسي دنيا حيران ٿي وئي آهي نه ته جنگ کان اڳ آمريڪا جي وزير دفاع آمريڪي ڪانگريس کي يقين ڏياريو هو ته هن جنگ ۾ صرف ستر هزار آمريڪي فوجون هڪ ٻن ڏينهن ۾ بنا ڪنهن جاني نقصان جي سڄي عراق تي قبضو ڪري وٺنديون پر اڄ عراق جي سر زمين تي ٽي لک اتحادي فوجون موجود آهن ۽ هڪ لک ٽيهه هزار وڌيڪ فوج روانو ٿيڻ شروع ٿي ويئي آهي ۽ رَمسفِيلڊ تي ملڪ ۾ ڇتي تنقيد شروع ٿي ويئي آهي ته جنگ جو غلط اندازو لڳائڻ جي ڪري آمريڪا کي دنيا ۾ وائکو ٿيڻو پيو هيترا سارا جهاز هيليڪاپٽر ۽ ٽينڪون تباهه ٿيون ۽ ڪيترا آمريڪي فوجي مئا ۽ گرفتار ٿيا باقي رهيو آمريڪي وزير خارجا ڪولن پاول، ان جو ميڊيا تان گم ٿيڻ به گهڻن سوالن کي جنم ڏئي ٿو. ايڏن ڌچڪن کانپوءِ اڃا به جنگ جي ميدان ۾ جيڪڏهن ٽي هزار آمريڪي فوجون پنهنجون جانيون وڃائين ته جنگ ۽ طويل بيٺڪ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪجهه وقت به پير ڄمائي نه سگهندا.
    آزاد ميڊيا جا چميپئين سڏائيندڙن کي جڏهن پنهنجا فوجي گرفتار ٿيندي ۽ انهن جي لاشن جون تصويرون نظر آيون ته الجزيره ٽي وي کي ڌمڪايو ويو ته اهو ميڊيا ۽ انساني قدرن جي خلاف آهي ۽ ان جا اگرا نتيجا نڪرندا ڪيڏانهن وئي آزاد ميڊيا ۽ ڪيڏانهن وئي غير جانبداري! بقول رضا علي عابدي، جيڪو پنجويهه سال BBC اردو سان وابسته رهڻ کانپوءِ به چوي ٿو ته غير جانبداري نالي سان ڪا شيءِ دنيا ۾ ٿئي ئي ڪو نه، باقي متوازن خبرن هلائڻ کي ديانتداري ڪوٺي سگهجي ٿو.
    اڄ ڪلهه هڪ ٻيو موضوع به ڏاڍو بحث هيٺ آهي ته صدام ته خود وڏو ظالم آهي ۽ عراقي شيعن جو ۽ ڪردن جو وڏو قاتل آهي. اهي ٻارهن چوڏهن سال پراڻيون حقيقتون اڄ ياد پيون اچن. واقعي حاڪميت ۽ دولت وڏيون بي رحم شيون آهن جن جي حصول لاءِ اصولن جي لتاڙ ڪرڻي ٿي پوي ۽ دولت جي ڍڳ ۽ حڪومت جي ڪرسيءَ ڏانهن ڪابه چڱائيءَ جي واٽ ڪانه ويندي آهي. غير جمهوري پٺتي پيل ملڪ ته پري ٿيا خود آمريڪا ۾ گذريل صدارتي اليڪشن ۾ ڇا ٿيو الگور ۽ بش جون رزلٽون هر لمحي هڪ نئين اعتراض سان ڪورٽن ۾ چيلينج ٿيون ۽ نيٺ تيل جي وڏين ڪمپنين ميدان ۾ لهي پنهنجا تماشا ڏيکاريا ۽ تيل سان لڳاپيل ليڊرن کي حڪومت ۾ آندو. سو سائين صدام به نيٺ واقعي حاڪم آهي ان به وڏا ظلم ڪيا هوندا خود ايران عراق جنگ ۾ آمريڪا جي اشاري تي ميدان ۾ لٿو پر اڄ صورتحال مختلف آهي. پاءَ صدي پراڻي ڳالهين جا فيصلا اڄ ڪو نه ٿيندا ۽ پوءِ جيڪڏهن صدام ملڪ بدر ٿي هليو به وڃي ته آمريڪي فوج عراق جو تيل ڇڏي واپس هرگز ڪو نه ويندا ۽ صدام جي جڳهه تي عراق جي عوام جي اڳواڻي ڪرڻ وارو ڪير به ڪو نه هوندو پوءِ انهي صورتحال ۾ صدام حسين جو قوم لاءِ ڀڄڻ صحيح ٿيندو يا فوج ۽ قوم جي ڪمان سنڀالي آخر ۾ سر ڏِيَڻ قبول ڪرڻ صحيح فيصلو هوندو.
    عراق جي قيادت ۽ عراقي عوام جنهن بهادري سان آمريڪن فوجن سان وڙهي رهيو آهي انهي ڳالهه کي نظر ۾ رکندي آئون سمجهان ٿو ته بغداد ۾ ٻنهي ڌرين جي وڏي رتوڇاڻ ٿيندي جيڪو شايد هلاڪو جي حملي جي ياد تازي ڪري ڇڏي هن جنگ ۾ جيئن ته اقوام متحده کي بي اثر ۽ نظر انداز ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هاڻ اقوام متحده به پنهنجي حيثيت وڃائي ويهندي ۽ دنيا ۾ آمريڪا پنهنجو نيو ورلڊ آرڊر هلائيندو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي جنهن جا تمام خراب سياسي ۽ معاشي اثر سڄي دنيا تي پوندا.


    پاڪستان جا ڪِرستان يا عيسائي

    پاڪستان ۾ هندن کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو اقليتي گروهه ڪرستان يا عيسائي سڏجن ٿا. سن 2005ع جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ اُن وقت پنجويهه لک کن عيسائي ماڻهو هئا، جن ۾ تقريباً اڌ آبادي رومن ڪيٿولڪ فرقي وارا ۽ باقي اڌ آبادي عيسوي مذهب جي پروٽيسٽيٽ فرقي ۾ شامل آهن. پاڪستاني عيسائين جي واضح اڪثريت هن ننڍي کنڊ هند پاڪ تي انگريزن جي بيٺڪي يا سامراجي حڪومت دوران عيسائي مذهب قبول ڪندڙ ماڻهن جو اولاد آهي. پرتگال، فرانس ۽ برطانيه جي سامراجي ٽولن سندن عيسائي مذهب پکيڙڻ واسطي تبليغ لاءِ سندن مبلغ ملن کي به پاڻ سان گڏ هتي آندو، پر عيسوي مبلغ ملن جي واضح اڪثريت کي برطانوي سامراج ارڙهين ۽ اوڻيهين صدين دوران هتي آندو ۽ مکيه شهرن ۾ عيسوي مذهبي عابدتگاهه ۽ درسگاهه قائم ڪيا ويا. مثلاً ڪراچيءَ ۾ سينٽ پيٽرڪ ڪيٿڊرل، لاهور، راولپنڊي ۽ پشاور ۾ قائم ڪيل چرچ. انگريزن راولپنڊيءَ ۾ پنهنجي مکيه فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. هتي آيل يورپ جي عيسائي مبلغن کي تبليع جي شروعاتي عرصي ۾ ئي ڪجهه مقامي ماڻهن کي عيسوي مذهب قبول ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ٿي، اُهي عيسائي مبلغ عيسائيت جي ڪيترن ئي مختلف فرقن ۽ مختلف قومن ۽ ملڪن سان واسطو رکندڙ هئا ۽ هر مبلغ فقط سندس فرقي جي تبليع پئي ڪئي. مثلاً اينجليڪن، ميٿڊسٽ، لوٿرن، رومن ڪيٿولڪ، پروٽيسٽنٽ وغيره. ان وقت پنجاب، بلوچستان ۽ بختون خواه صوبن ۾ اسلام تمام طاقتور دين هو، پر تنهن هوندي به اتي مقامي نون مسيحين ننڍين اقليتي برادرين کي منطم ڪيو، جنهن سبب برطانوي فوج ۽ حڪومت جي اهلڪارن مان گهڻن ماڻهن عيسوي دين قبول ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن يورپي عيسائين ۽ مقامي تونگر نؤ عيسائين ڪراچي، لاهور راولپنڊي ۽ پشاور جي شهرن ۾ ڪاليج، اسڪول، چرچ ۽ اسپتالون قائم ڪري ملڪ ۾ تعليم، صحت ۽ عيسوي دين جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي. ٻي عالمي لڙائيءَ کان اڳ برطانوي حڪومت ڪراچيءَ جي بنيادي ڍانچي يعني روڊ رستن، ڊرينيج سسٽم، واٽر سپلاءِ سسٽم، بجليءَ جي سپلاءِ وغيره جي نظامن کي جديد تقاضائن موافق ترقي ڏياري، انهي دؤر وارن ماڻهن کي مخصوص برادريءَ طور منظم ڪيو ويو، جنهن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جا حامل آئرلينڊ جا اهي ماڻهو هئا جيڪي انگريزن جا هندستانين جهڙا غلام هئڻ سبب سامراجي فوج ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا. سن 1947ع ۾ ڏکڻ ايشيا جي عوام کي انگريز سامراج کان آزادي ملڻ کان پوءِ هتي جي عيسائي برادريءَ جي تنظيم ۽ مختلف سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ سماجي عوامل توڙي سرگرمين ۾ زبردست تبديليون وجود ۾ آيون سنڌ ۽ پنجاب ۾ موجود عيسائي برادريءَ 1945ع کان پوءِ قائد اعظم ۽ سندس پارٽي مسلم ليگ جي آزاديءَ واري جدوجهد جي کلي طرح حمايت ڪئي ۽ هندستاني عيسائين جي سرگرم اڳواڻن جهڙوڪ پوٿان جوزف وغيره مسلم ليگ جو پرچار سچار صحافين جي حيثيت سان ڪيو. سک ملڪ ڇڏي ويا پر ڪرستان برادري هتي ئي رهي. جنهن کي انگريزن ۽ آمريڪين جي سپورٽ هئي. پاڪستان سپريم ڪورٽ جو پهريون غير مسلم چيف جسٽس اي آر ڪارنيليئس، هڪڙو پاڪستاني ڪرستان هو. هوائي فوج ۾ ڪرستان برادري پنهنجي عاليشان ڪارڪردگي جو ثبوت ڏنو آهي. مثال طور سيسل چوڌري، پيٽر او ريئلي، مَرِوِن ايل مدل ڪوٽ وغيره پهرين هواباز هئا. عيسائي ڀائرن تعليمدانن، ڊاڪٽرن، قانوندانن ۽ استادن طور قوم جي خدمت ڪئي ۽ پنجابي هئڻ ڪري کين هت ڪا به ڏکيائي ڪا نه ٿي آهي. راندين ۾ يوسف يوحنا جي صورت ۾ هنن پاڻ ملهايو آهي. برطانيه ۾ رهندڙ ۽ روچيسٽر چرچ جو اعزازي بشپ مائيڪل نظير علي پڻ پاڪستاني ڪرستان آهي.
    سن 1998ع جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ڪرستان برادريءَ جو صوبه وار تعداد ۽ سيڪڙو هن ريت آهي.
    صوبو آدمشماري سيڪڙو
    1. خيبر پختون خواه 36668 0.21%
    2. فاٽا 2306 0.07%
    3. پنجاب 1699843 2.31%
    4. سنڌ 2،94885 0.97%
    5. بلوچستان 312000 0.4%
    6. اسلام آباد 32738 4.07%
    پنجابي هئڻ ڪري پاڪستان جي عيسائي برادري پاڪ فوج ۾ به نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، خصوصاً پاڪ هوائي فوج ۾ هيٺين جوانن نمايان ڪردار ادا ڪيو.
    1. ايئر وائيس مارشل ايلن پيري ڪين. 15 اگسٽ 1947 کان 17 فيبروري 1949ع.
    2. ايئروائيس مارشل رچرڊ اَچرلن. 18 فيبروري 1949ع کان مئي 1951ع.
    3. ايئروائيس مارشل ليلي وليئم ڪينن 7 مئي ا1951ع کان 19 جون 1955ع.
    4. ايروائيس مارشل ارٿر مڪڊونالڊ 20 جون 1955ع کان 22 جولائي 1957ع.
    5. گروپ ڪيپٽن سائسل چوڌري 1965 جنگ جو هيرو.
    6. گروپ ڪيپٽن ايرڪ گورڊن هال.
    7. ونگ ڪمانڊر نظير لطيف.
    8. ونگ ڪمانڊر مَروِن ايل مڊل ڪون.


    ڪــراچــيءَ جــا يــهــودي

    ڪراچي جي يهودي برادري ابهام جي صورت ۾ گم ٿي وئي آهي ۽ پويان ڪجهه نشان، ماضيءَ ۾ سندس هتي موجودگيءَ ڄاڻائين ٿا. ڪراچي شهر سان سندن لڳاء جي نشاني چندريگر روڊ تي اوڻيهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل ميريويدر ٽاور اڃا موجود آهي، جيڪو اڄڪلهه گهڻ ماڙ عمارتن جي گهيري ۾ شهر جي اصلوڪي واپاري مرڪز ۾ پنهنجي نرالي بناوت سبب اڃا تائين نمايان حيثيت جو حامل آهي. ٽاور جي وچ ۾ نصب هڪ پٿر تي حضرت دائود عليه السلام جي علامت وارو تارو اُڪريل آهي. ڪنهن مذهبي انتها پسند ٽاور تي اسپري پينٽ سان ”يهودي“ لفظ لکي ڇڏيو آهي ته جيئن موقعي پٽاندر مستقبل ۾ انهيءَ کي مسمار ڪجي. ڪراچيءَ ۾ انگريز دؤر حڪومت ۾ ٿوري تعداد ۾ پر خوشحال يهودي رهندا هئا. انهن مان هڪڙو نالي اَبرهام رِيُوبِن ڪراچي سِٽي ڪارپوريشن جو ڪائونسلر چونڊيو ويو هو. اهو 1919ع ۾ KMC جو ڍنڍورچي هوندو هو. هنن مان گهڻا اسراعيل جي رياست وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اوڏانهن لڏي ويا. باقي برادريءَ جا ماڻهو اسراعيل عرب جنگ سبب يهودين خلاف پاڪستان ۾ پيدا ٿيل نفرت سبب ملڪ ڇڏي ويا. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته منجهانئن پوڙها پڪا ته بيماريءَ سبب ۽ قدرتي طور هي جهان ڇڏي ويا پر اڃا به ڪي چند آهن پر گمناميءَ واريءَ حالت ۾ پيا جيئن. معلوم ڪرڻ سان، هڪ شخص ميوا شاهه واري شاهي قبرستان ۾ موجود يهودين جو مقام ڏسڻ ويو، جتي هڪ کٽ تي ويٺل ماڻهن کان پڇا ڪيائين ته هي يهودين جو مقام آهي ڇا؟ ويٺلن مان هڪ ڇوڪري جواب ڏنس ته ”اسرائيلي مقام آهي“. ڇوڪري جي سمجهه ۾ ”اسرائيلي“ ۽ ”يهودي“، ٻنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي آهي. ٻاهٺ سالن جي عمر وارو محمد ابراهيم جيڪو يهودين جي مقام جي سنڀال ڪندو آهي، اهو انهيءَ مقام اندر ٺهيل هڪ ننڍي ڪمري واري جاءِ ۾ پيدا ٿيو هو. هن ٻڌايو ته اسان جا مائٽ گهڻو اڳي گذاري ويا. اسين پڻ پنهنجي حياتي هت ئي پيا گهاريون. مقام جي سار سنڀال لاءِ گهربل پيسن جي کوٽ آهي. ڪجهه ماڻهو سال ۾ هڪ دفعو هتي ايندا آهن ۽ ڪجهه ڏوڪڙ ڏيئي هليا ويندا آهن. هن ٻڌايو ته مقام جي چوديواري اسان پنهنجي خرچ تي تعمير ڪرائي آهي. هن يهودين واري مقام ۾ اٽڪل پنج هزار قبرون ٺهيل آهن، انهن مان ڪافي ڀڳل نطر آيون ۽ اتي ڊڀ ۽ ٻيا جهنگلي ٻوڙا جام هئا. ابراهيم ٻڌايو رچل نالي هڪڙي مائي هتي ايندي رهندي هئي پر هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اها لنڊن لڏي وئي آهي. هن مقام جي حد اندر رهندڙ ڇهن ڪٽنبن ۾ هڪڙي پوڙهي ڏاهي مائي مهرالنساء هن مقام کي نظر انداز ڪرڻ تي سرڪار تي تنقيد ڪندي ٻڌايو ته زمينن تي ناجائز قبضو ڪندڙ ٽولن، مقام تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي. تنهن بابت ڪيترائي ڀيرا اسان پوليس وٽ فرياد داخل ڪيو آهي پر سرڪار انهيءَ ڏس ۾ ڪو به قدم ڇو نٿي کڻي. فقط اسين ئي اڃا تائين مقام کي قبضي کان بچائيندا اچون. ابراهيم سليمان دائود نالي هڪ شخص جي قبر جيڪا هڪ ڪمري ۾ ٺهيل هئي ڏيکاري ۽ ٻڌايو ته سليمان دائود KMC ۾ عملدار هو ۽ هن صدر واري علائقي ۾ Magain shalome synagogue نالي يهودين جي ديني درسگاهه جوڙائي هئي. سليمان دائود جي قبر واري ڪمري ۾ ڀڳل ٽٽل سامان به پيل نظر آيو. ابراهيم ٻڌايو ته هن مقام ۾ آخري ڀيرو تدفين 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي. شهر ۾ چند يهودي ڪٽنب اڃا به هئا پر انهن مسلمانن سان مٽي مائٽي ڪري ڇڏي ۽ مسلمانن ۾ زم ٿي ويا. صدر واري علائقي ۾ نشتر روڊ تي ٺهيل يهودين جو ديني درسگاهه سن 1980ع واري ڏهاڪي دؤران ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. اڄڪلهه انهيءَ ڀيڻيءَ تي وڏو شاپنگ پلازا تعمير ٿيل آهي.
    پارسي برادريءَ جي هڪ مشهور ماڻهو بيرام آواري ٻڌايو ته هاڻ ڪراچيءَ ۾ يهودي ڪو نه رهيا آهن، البت اڳي هوندا هئا. انهن مان هڪڙو اسڪول ۾ پڙهائي دؤران منهنجو سنگتي هو. ان جا مائٽ پاڻ کي عيسائي سڏائيندا هئا. اهي ڪيناڊا لڏي ويا، جتي مون وارو سنگتي گذاري ويو. هن ٻڌايو ته منوڙي ٻيٽ تي به يهودين جو هڪڙو ديني درسگاه هو. هتي يهودي عام طرح پاڻ کي عيسائي سڏائيندا هئا ۽ سلوار قميس پائيندا هئا. هاڻي ته يهوديءَ جو پاڪستان ۾ رهڻ سدائين خوف ۽ حراس واري ڪيفيت وارو ٿيندو ۽ سدائين موت جو خطرو موجود رهندو، ڇو ته هتي اها ڳالهه هُلائيل آهي ته پاڪستان ۽ مسلم امت تي جيڪو به ظلم ستم ۽ دنيا ۾ ناانصافي يهودي لابيءَ جي ڪري ئي روا آهي. پاڪستان ۾ اڪثر ڪري اسرائيل جو جهنڊو ساڙيو ويندو آهي ۽ يهودين خلاف سخت نعريبازي ٿيندي رهندي آهي. منجهائن ڪامورا ماڻهو 1950 واري ڏهاڪي دوران ۽ فنڪار ۽ مئخانن ۾ ڪم ڪندڙ يهودي عورتون ستر واري ڏهاڪي ۾ ملڪ ڇڏي ويون مقام جي رکوال شڪايت ڪندي ٻڌايو ته ماڻهو هتي ايندا ۽ حال احوال وٺي فوٽو وغيره ڪڍي گهمي ڦري هليا ويندا آهن پر هن مقام جي سار سنڀال جي لاءِ چندي طور ڪجهه ڪو نه ڏيندا آهن. بس اسين پنهنجي سِر محنت مزوري ڪري ۽ ڪن مخير ماڻهن کان چندو گڏ ڪري مقام جي سار سنڀال پيا ڪريون. شهر ۾ هاڻي فقط ميري ويدر ٽاور ۽ مقام يهودين جي ماضيءَ ۾ هتي موجودگيءَ جون نشانيون وڃي بچيون آهن. باقي سائناگاگ جي فقط تصوير آهي جيڪا ڪن انٽرنيٽ جي ويب سائٽن تي موجود آهي. صدرالدين هاشواني پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي39 تي لکيو آهي ته ٻي عالمي جنگ ۾ ٽيهه هزار يهودي انگريزن پولينڊ مان آڻي ڪراچي ۾ آباد ڪيا.


    يـادگـيـري بـچـائـڻ لاءِ جـنـگ

    چاٻيون وڃايون يا وري ڪو نالو وسريو؟ اُنهن ڏينهن ۾ ماڻهو پنهنجي عمر رسيده ياداشت تيز ڪرڻ لاءِ جتن ڪندا آهن هن صورت ۾ ڪهڙي شيءِ ڪم ٿي ڪري ۽ توهان کي ڳڻتي ڪڏهن ٿيڻ گهرجي؟ جنهن ڏينهن مون کي گهرجي معاملي ۾ چڙ پيدا ٿي، آئون پنهنجي يادگيريءَ بابت ڳڻتي ڪرڻ لڳس انهيءَ حقيقت کان واقف ڪيو ته اڳوڻي جهڙي يادگيري نه رهي اٿم. ظاهري طرح مون کي چوڻ گهرجي ته جڏهن ويسر شروع ٿئي ته مون کي ڳڻتي ڪرڻ لاءِ سبب موزون آهي. آئون عمر جي ستر واري ڏهاڪي تي پهتو آهيان. جنهن عمر ۾ ماڻهو پاڻ کي اڃا ايترو وڏو نه پر ننڍو سمجهندا آهن ۽ محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ته سندن حواص ڪمزور ٿيڻ لڳا آهن. جهڙوڪ: نظر، جسماني قوت ۽ لياقت گهٽجڻ لڳي آهي. جيڪڏهن مَٿِيئَن حواسن ۽ عضون ۾ ڪمزوري پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ يادگيري ڇو ڪا نه گهٽبي. تنهن کانسواءِ نسلي اثرات پڻ آهن. منهنجي وسيع خاندان جا اڪثر ڀاتي 70 جي ڏهاڪي ۾ حال حيات آهن ڪي منجهائن 70 تي ڇيهه ڪن ٿا. انهيءَ عرصي دوران سندن اڪثر حواس توڙي عضوا ڪمزور ٿي وڃن ٿا. انهن سڀني شين ۾ کوٽ يا ڪمزوري پيدا ٿيڻ ۾ سڀني کان اڳ ۾ يادگيري ڪمزور ٿئي ٿي.
    مون کي به اهڙيون اوڻايون پريشان ڪري وجهن ٿيون، جڏهن ڪنهن تقريب ۾ داخل ٿيندي جن ماڻهن سان متعارف ڪرايو وڃان ٿو ۽ اڃا مس وڃي ٿانيڪو ٿيان ٿو ته متعارف ماڻهن جا نالا وسري ٿا وڃن يا جڏهن ڪنهن قسم جي نياپي يا هدايت موجب ڪنهن ڪمري ۾ داخل ٿيان ٿو ته اها ڳالهه وسري وڃي ٿي ته ڪهڙي ڪم سان هتي آيو آهيان؟ انهن حقيقتن جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا ڪنهن مخصوص عمر کانپوءِ يادگيريءَ وارو دماغي رڪارڊ يا ڪيسٽ ڀرجڻ لڳي ٿي يا خراب اِهو ته وچ عمر ۾ عام کوٽون، نقص يا حادثا پوئين عمر جي عذاب يا ناسور جا اشارا ٿين ٿا. جهڙوڪ يادگيريءَ جي ڪمزوري يا کوٽ.
    ڪتاب گَهرَ يادگيري سڌارڻ جي ڪنئين رهبر ڪتابن سان سٿيا پيا آهن. انٽرنيٽ، ويب سائيٽ، خصوصي اسپتالن ۾ ۽ خانگي طبيبن طرفان يادگيري سڌارڻ جا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا. ايتري قدر جو صحت سڌارڻ وارن کاڌن جي دڪانن تي پڻ يادگيري سڌارڻ لاءِ ڪنئين نُسخا ۽ کاڌا موجود آهن. اهو ڄاڻڻ لاءِ ته انهن مان ڪو فائدي وارو نسخو به آهي يا نه. جتي دماغ يادگيري گڏڪري ٿو، سو دماغ جو اڳيون ڀاڱو آهي، جيڪو ياگيريءَ کي وري ڪم ۾ آڻي ٿو. پنهنجي يادگيري گڏ ڪرڻ واري سموري صلاحيت جي باوجود اهو اڳيون ڀاڱو نهايت نازڪ آهي. عام ٿڪاوٽ کان وَٺِي جيوگهرڙن جي نهايت سادي تصادم سان به ان ۾ گهٽ وڌائي پيدا ٿئي ٿي.
    وڏي عمر ۾ دماغ جي انهيءَ اڳين حصي ۾ ٿيندڙ عملن ۾ تبديلي ٿئي ٿي. اهو وري يڪسان طور هڪ هنڌان ٻئي طرف هَٽي وڃي ٿو. جنهن سبب يادگيريءَ ۾ خلل پوي ٿو. گهڻن ماڻهن ۾ هن قسم جو نقصان ڳڻتيءَ جو باعث آهي، پر ايترو اپاهج ڪندڙ ڪونهي. ڪجهه کوٽ ٿيندي پر گهڻي نه. 65 ۽ انهن کان وڌيڪ سالن جي عمر وارن ماڻهن جو به فقط 15 سيڪڙو شروعاتي قسم جي ويسر جو شڪار رهندا.
    ڪيترا ٻيا ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته نه سُڃاتل مرضن جهڙوڪ شريانين جي ڀتين جي ٿولهه، مِني اسٽروڪ ۽ ٿائروئڊا غدود ۾ ٿيل خرابي سبب ويسر جو شڪار هجن. اڃا ٻين ماڻهن ۾ ويسر جو سبب ٿي سگهي ٿو ته شراب ۽ ٻيون جائز ۽ ناجائز منشيات جون شيون هجن. اهي شيون جيڪي مرڪزي تنتي سرشتي تي منفي اثر ڪندڙ آهن. جهڙوڪ غشي ڏياريندڙ دوائون يادگيري سڌارڻ واري لياقت تي آلو غلاف چاڙهيو ڇڏين. رت جي داٻ واريون دوائون ۽ ڊپريشن کي ختم ڪرڻ واريون دوائون به مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿيون. انهي عمل دوران اهي يادگيري جهٽيندڙ خُليَن کي بلاڪ Block ڪنديون آهن. جيئن ته سندن استعمال ڪرڻ جو مقصد حاصل ٿئي. اهي خليا يادداشت پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪيميائي شين جي استعمال کي روڪڻ سان مسئلو ڪجهه گهٽجي ٿو پر صفا ختم نٿو ٿئي. شرابين کي سندن سمورن يادگيري خراب ڪندڙ خلين کي درست ڪرڻ لاءِ پورن پنجن سالن تائين شراب جو استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. يادگيريءَ جي ماهر گياتري ديوي جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جي پوئين عمر ۾ وري به ويسر جي شڪايت جو انديشو موجود آهي.
    مٿي ڄاڻايل سمورين حالتن ۾ وڏو خطرو لاحق آهي مگر عالم ماڻهن جي گهڻائي انهن تڪليفن کان بچيل آهي. تمام گهڻن ماڻهن ۾ سندن وچ عمر واري يادگيري برقرار رهي ٿي، پوءِ بلڪل ٿورڙي سڌري سگهي ٿي.
    ڪتاب ٽوٽل ميمري ورڪ آئوٽ Total Memory Workout جي مصنف سنٿياگرين Synthia Green جو چوڻ آهي ته سٺي يادگيري قائم رکڻ لاءِ يادگيريءَ جي مشق ضرور ڪريو. توهان جڏهن به ڪنهن شخص سان پهريون دفعو ملو ته چهري جي مهانڊي نقش نگار کي جانچي پوءِ انهن کي سندس نالي سان نفسياتي طور ڳنڍيو. اهو نفسياتي طور جيترو بي سُرو لڳندو اوترو بهتر ڇو ته اهو چڱيءَ طرح ذهن تي اڪرجي يا ڇپجي يا سمائجي ويندو. جيڪڏهن توهان وڏن ڪنن واري ماڻهو سان ملو ٿا ته ذهن ۾ سندس اهڙي تصوير سمايو جيئن توپ سندس ڪنن وٽان نه ڇُٽَندِي هجي يا ڪنهن وڏي وات واري شخص سان ملو ته ذهن ۾ هن لاءِ اهڙو خاڪو رکو جو ڄڻ هن جي وات ۾ ڪپڙو پيل هجي. نالن ياد ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان سندن نالن جي هجي Spell پڇو ۽ سندن نالن جي معنيٰ موجب سوال ڪريو. نالن کي ورجئاڻ يعني وري وري اچارڻ سان به يادگيري پڪي ٿئي ٿي. جيڪڏهن آئون پنهنجي ياداشت تي زور ڏيان ته ڪتابن جو مطالعو انهيءَ ۾ کوٽ ڪو نه آڻيندو.
    جنڪگو بائلوبا Ginkgo Biloba جو سڪل پن رت جو دورو سڌارڻ ۽ يادگيريءَ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ مفيد آهي. جڏهن ته جنڪگو کي هڪ متابدل دوا طور ڪم آڻجي ٿو پر ان جي شهرت ايتري حد تائين وڌي ويئي آهي جو دوائن جي جڳ مشهور ڪمپني بائر Bayer جنهن جي ٺاهيل دوا ايسپرين دنيا ۾ مشهور آهي تنهن ڪمپني جنڪگو جو واپار شروع ڪري ڏنو آهي. جنڪگو لاءِ اهو اصول قائم ٿيل آهي ته انهيءَ سان رت جو دورو درست ٿئي ٿو. جنهن سبب يادگيري ۾ پيدا ٿيل نقص پڻ درست ٿئي ٿو. سڌارڻ جي هڪڙي ٻئي عام دوا وٽامن اِي Vitamin E آهي. هيءَ دوا جسم ۾ حياتياتي عمل دوران آڪسيجن وارن ڪيميائي مرڪبن کي نقصانڪار عمل کان روڪڻ لاءِ ڪم اچڻ سبب مشهور آهي. جنڪگو وانگر هيءَ دوا پڻ ويسر جي مريضن تي آزمائي ويئي آهي ۽ ڏٺو ويو آهي ته بيماريءَ کي تيزيءَ سان وڌڻ کان روڪي ٿي پر سڌارو نٿو ٿئي.
    جنڪگو ۽ وٽامن اي ٻئي رت کي ڇڊو ڪندڙ آهن. انهن مان ڪا به هڪ دوا استعمال ڪرڻ سان جسم اندر شريانين جي ڦاٽڻ سان رت وهڻ جو خطرو لاحق ٿئي ٿو. ٻنهي دوائن کي گڏ استعمال ڪرڻ سان خطرو اڃا به وڌي وڃي ٿو. انهي ريت ويهن سالن کان دماغ بابت تحقيق ڪندڙ سائينسدان پنهنجي پنهنجي حاصل ڪيل نتيجن کي اهڙي ريت ڳنڍڻ ۽ سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. دوائن وسيلي تنتي خلين کي عام جيو خلين سان ملائڻ وارو گهربل موزون اصول يعني NMDA receptor سڏجي ٿو، اهو انهيءَ ڪيميائي مرڪب جو مخفف آهي جيڪو تنتي خلين تي ٿيندڙ ڪيميائي تجربن ۾ ڪم اچي ٿو اهو ڄاڻايل اصول هيٺئين طريقي سان عمل پيرا آهي ته جيڪڏهن هڪ تنتي خليو ٻئي خليي ڏانهن مسلسل اشارا ڪندو رهي ٿو ته ردعمل طور انهيءَ خليي ۾ موجود NMDA receptor جهٽڻو اهڙيون ڪيميائي لهرون خارج ڪري ٿو جيڪي ٻن خلين کي پاڻ ۾ وڌيڪ مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ جو وسيلو ٿين ٿيون. اهو ائين ڪيئن ٿو ٿئي سا ڳالهه لڳ ڀڳ هڪ علمي بحث آهي پر ڪنهن طرح سان مذڪور ڳانڍاپي جي مقدار ۾ ڪجهه ڦيرو آيو آهي. ڪن حالتن ۾ بلڪل نوان ڪنيڪشن استوار ٿي سگهن ٿا. اها ڳالهه سالن کان وٺي معلوم آهي ته جن ڪوئن ۾ NMDA receptor ڪيميائي طور بلاڪ ٿيل آهن انهن کي منجهيل جاين تي رستو ڳولهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.
    پرنسٽن يونيورسٽي جي هڪڙي ٻئي محقق جوزف سين Joseph Tsien) جينيٽڪ انجنيئرنگ وسيلي چست ڪوئن Smart Mice جو قسم تيار ڪيو آهي. جنهن ۾ انهن جي NMDA receptor جي قوت کي وڌايو آهي ۽ ڏيکاريو آهي ته انهن ڪوئن ۾ يادگيري جي صلاحيت وڌي ويئي آهي. پر جيئن ئي تجربن جا اهي ذرڙا گڏ ٿيڻ لڳا ته سين جي ليبارٽريءَ ۾ هڪڙو اڃا نرالو تجربو ٿيو جنهن سموري مسئلي کي هڻي منجهائي ڇڏيو. ٻين ڪوئن کي NMDA receptors کانسواءِ ليب ۾ رکيو ويو ته انهن جو حافظو تمام خراب ٿي ويو پر جڏهن کين موزون ماحول ۾ رکيو ويو جتي رانديڪا ۽ ٻيا ڪسرت وارا ڦيٿا رکيل هئا ته سندن حافظو وري بحال ٿيو.
    سائنسدانن جڏهن ڪوئن جي هپوڪيمپس وارن ٽشوز جي چڪاس اليڪٽرانڪ خوردبيني سان ڪئي ته انهن ڏٺو ته يادگيريءَ لاءِ گهربل NMDA receptor کان سواءِ ئي انهن جي تنتي خلين ۾ ڳانڍاپو پيدا ٿي ويو هو. سين جو چوڻ هو ته اها ڳالهه حيران ڪندڙ هئي.

    هن سلسلي ۾ ٻه اعتبار جوڳيون سمجهاڻيون به آهن هڪ اها ته ٿي سگهي ٿو ته هپوڪيمپس ۾ نيورانن جو ڳانڍاپو اهڙي پوشيده طريقي سان ٿيندو هجي جيڪو تحقيق ڪندڙ جي نظر کان اوجهل رهيو هجي ۽ ٻيو خيال اهو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هپوڪيمپس جتي عام طرح سان نيورانن جو ڳانڍاپو ٿئي ٿو. اهو ڳانڍاپو انهيءَ جي بدران سيريبرل ڪارٽيڪس ۾ سرزد ٿيندو هجي جتي ڪوئن وارا NMDA receptors درست حالت ۾ رهندا آهن. دماغن بابت مزي واري ڳالهه اها آهي. ته دماغ جي ڪنهن مخصوص حصي ۾ ٿيندڙ ڪم اتي رڪجي وڃي ٿو ته اهو عمل دماغ جي ٻئي حصي ۾ ٿيڻ شروع ڪريو ڏي. بهرحال پراڻو مفروضو وري به خاڪ ٿيو وڃي ياداشت جي تَنتِي خلين ۾ حافظي جي سمائجڻ واري طريقي جو تعين ڪرڻ، ته آيا Neurogenesis تنتي خلين جي ڳانڍاپي واري عمل جو حافظي محفوظ ڪرڻ واري عمل ۾ واقع دخل آهي؟ اهو فيصلو هن ديرينه موڙهل مسئلي جي حل ۾ پهريون قدم هوندو ته اسان جي يادگيري ڪيئن ٿي پيدا ٿئي. جيڪڏهن يادگيريون ڳنڍيل تنتي خلين جي صورت ۾ گڏ ٿين ٿيون ته پوءِ انهن جي بناوت ڪهڙي هوندي؟ توهان جي پاليل ٻِليءَ جي عڪس ۾ گهڻن نيورانن جو ميلاپ هوندو ۽ خيالي ٻلين، ٻين پاليل ۽ کير ڏيندڙ جانورن جي عڪس ۾ ڪيترن نيورانن جو ڳانڍاپو هوندو ۽ جڏهن ڪتاب پڙهو ٿا ته ان ۾ ياد ڪرڻ جوڳي ٽڪري جي حافظي لاءِ ڪيترا نيوران پاڻ ۾ ميلاپ ڪندا؟ جيڪڏهن توهان کي خبر آهي ته يادگيري پنهنجي تجربي مان نه پر ڪتاب مان حاصل ٿي ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته يادگيري جمع ڪيئن ٿي ٿئي؟
    اڌ صدي اڳي دماغ جي هڪ سائنسدان، ڪارل ليشلي Karl Lashley هڪ مقالو ”اينگرامن جي ڳولها ۾“ عنوان تحت لکيو. انهيءَ ۾ هن ڪوئن جي دماغ ۾ موجود انهن حافظي وارن تنتي خلين جي ميڙ کي لڀڻ لاءِ ڇرڪائيندڙ ڪوشش جو ذڪر ڪيو آهي. جن نيورانن جي ميڙ ۾ ڪوئن منجهيل ۽ ڳجهي جڳهين جي يادگيري گڏ ڪئي هئي، هن ڪوئي کي انهيءَ منجهيل هنڌ تي هيرائڻ کانپوءِ ان جي دماغ جي ذري ذري جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن ڪوئو سست ۽ موڳو ٿي پيو ته ليشلي کي ڪوئي جي دماغ ۾ ڪا به اهڙي جاءِ محسوس ڪا نه ٿي جتي ڪوئي يادگيري گڏ ڪئي هجي. هن افسوس ڪندي لکيو ته منهنجي تجربي جو لازمي نتيجو اهو آهي ته هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ تقريباً ناممڪن آهي. پنجاهه سالن کانپوءِ به حافظي بابت تحقيق ڪندڙ پاڻ کي اميد، غير يقيني ۽ڊپ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سمجهن ٿا. سندن سمورين مايوسين جي باوجود به اهي اميد جو اهو دامن جهليو اچن ته مسلسل تجربن سبب سندن ڄاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڏينهن ڏانهن وڌي رهيا آهن. جنهن ڏينهن حافظي ۾ جيڪو به نقص يا خلل پيدا ٿيندو ته اهي انهيءَ خرابيءَ کي دور ڪري ۽ حافظو درست ڪري وٺندا.

    ويسر بابت ڳڻتي ڪڏهن ٿي ٿئي؟
    توهان کي وسري ٿو وڃي ته پنهنجون چاٻيون ڪٿي رکيون اٿوَ، پنهنجو چشمو وڃايو ڇڏيو، يقيناً روزانه استعمال ۾ ايندڙ نالا به توهان کي ياد نٿا رهن. سمهڻ وقت، باٿروم ۾ لڳل آرسيءَ ۾ لاشعوري عجب سان ڏسو ٿا ته توهان ڏندڻ ڪيو به آهي يا نه. هڪ دفعو توهان ڊنر پارٽيءَ جي سلسلي ۾ غلط هوٽل تي حاضر ڏٺا ويا. هي ڇا پيو ٿئي؟ هنن غلطين کي توهان حافظي جي تمام خراب حالت يا مرڳو ويسر جو مرض تصور ڪريو ٿا يا نه؟ انهيءَ ڳالهه کي درگذر ڪريو. هن قسم جون ذهني غلطيون وچين عمر ۾معمول ٿي پون ٿيون. ايتري قدر جو نوان بالغ جوان جن کي سڄيون ساريون ڪمپيوٽر واريون ڊسڪون ياد هونديون آهن. ڪڏهن ته انهن کان به ويسر ٿئي ٿي. حالانڪ مائٽن يا استادن جي ڏنل ڪم بابت به ماڻهو ڪڏهن متشڪي رهندو هوندو، جيستائين منطقي طور تي حافظو خراب نٿو ٿئي تيستائين فڪر ڪونهي. جيڪڏهن ڪوتاهيءَ جو سبب دماغ جي غير حاضري آهي ته ان جو مثال عظيم سائنسدان آئين اسٽائين به آهي جنهن کي اضافت جي نظريي تي ڪم ڪندي سادا انگي حساب وسري ويا. توهان کي ويسر بابت ڳڻتي تڏهن ڪرڻ کپي جڏهن توهان لڳاتار حافظي جي ڪمزوري جا شڪار رهو. مثال طور: توهان کي پنهنجي چيل ڳالهه يڪدم وسري وڃي. مختلف مقرر ڪم مسلسل وسرندا آهن. هر هر ساڳيا لطيفا ٻڌائڻ يا ساڳئي ڪم لاءِ ساڳين ماڻهن کي هر هر فون ڪرڻ وغيره يا وري مزاج ۾ تبديليءَ سبب پريشاني، چِڙُ يا شڪ جي بنياد تي مثال طور توهان جو گهر اندران ڀڳل هئڻ تي توهان جي گهرواري اوهان تي تنقيد ڪري ۽ انهيءَ گوڙ تي پاڙيسري اوهان وٽ اچن. اهڙي صورت ۾ به تڪڙ ڪري ڪو انتهائي قدم کڻڻ نه گهرجي. وچين عمر دوران گهڻين ئي ڳالهين ڪري حافظوڪمزور ٿئي ٿو. ڊپ ۾ مبتلا ڪندڙ سوچ بابت ته ڪجهه چوڻو ڪونهي. جهڙوڪ وچ عمر ۾ عورتن ۾ ماهواري جو بند ٿيڻ، هن وقت ڪو وڏو مسئلو ڪونهي ۽ انهيءَ شڪايت جو ازالو ايسٽروجين دوائن سان آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. هي ڳالهه پڻ ذهن نشين ڪجي ته عمر سارو ماڻهن ۽ جاين جي نالي وٺڻ لاءِ تمام ٿوري ڪوشش گهربل آهي. انهيءَ عمل کي نفسيات جا ماهر Processing Speed پروسيسنگ اسپيڊ سڏين ٿا.
    اسان جا دماغ اهڙيءَ ويسر جا شڪار آهن جو آخرڪار اُهي بيڪار اطلاعن ۽ خبرن سان سَٿجِيو وڃن. وڏي عمر وارن ماڻهن ۾ حافظي جي خرابي جا مسئلا، خراب کاڌي، وٽامنن جي کوٽ ۽ غدودن ۾ گهٽ وڌائي سبب پيدا ٿين ٿا. جيڪي سموريون شڪايتون دوائن جي استعمال سان دور ٿي سگهن ٿيون. سواءِ انهن مرضن جي جيڪي خاص طور تي وڏي عمر وارن ماڻهن ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ ختم نٿا ٿين. دماغ جو فيل ٿيڻ Dementia حتيٰ ڪه جيڪڏهن ڪو طبيب حافظي جي ڪمزوري تشخيص ڪري تڏهن به انهيءَ ڳالهه کي اهڙي خطرناڪ نه سمجهڻ گهرجي. جيترو انهيءَ کي اڳي سمجهيو ويندو هو. دماغ کي مسخ ڪندڙ بيماري البت مڪمل طور تي ختم نٿي ٿئي. هيستائين موجود دوائن سان چند علامتن کي گهٽائي سگهجي ٿو. جهڙوڪ پريشاني، مايوسي، اٻاڻڪائي ۽ ننڊ جي خرابي وغيره ۽ ڪنهن حد تائين حافظي جي تڪڙي خاتمي واري عمل جي رفتار کي گهٽائي سگهجي ٿو. هن بيماريءَ جو اثر جدا ماڻهن تي جدا نموني ٿئي ٿو. ڪن ماڻهن ۾ بيماري جي سڃاڻپ کان پج ڏهه سال پوءِ به ماڻهن جي صلاحيت جهڙوڪ گولف راند ڪرڻ يا ٻيڙي هلائڻ واري صلاحيت برقرار رهي ٿي يا ته ڪن ۾ وري اهڙي صلاحيت يا ڪم لاءِ سندن پراڻن واقعن کي ياد ڪرڻ واري صلاحيت موجود هوندي آهي. بهرحال هي مرض سائنس جي تحقيق لاءِ اڃا تائين هڪ تمام وڏو مسئلو آهي. سائنسدان ڪن اهڙنِ جزن کي سڃاتو آهي، جيڪي حافظي جي تنتي خلين کي ماريو ڇڏين. اهي انڪشاف هن خيال کي مڪمل بنائين ٿا ته چند سالن اندرهن موذي مرض جو مڪمل علاج حاصل ڪري وٺنداسين.


    رت کان به وڌيڪ اهم جسماني جزو

    جنسي قوت جا مردانه جزا، گهر توڙي ٻاهر اهڙو فرق ظاهر ڪري سگهن ٿا. انهن کي جلد ئي جيليءَ جي صورت ۾ توهان حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا. پر اهو خطرناڪ مادو آهي. ڇا اهو مادو مرد کي واقعي طاقتور بنائي ٿو؟
    مردانه جنسي جزن بابت ٻيا ڪيترائي خيال سوچيو پر هيئن به چئي سگهو ٿا ته اهو ڳنڀير موضوع آهي. انهيءَ بابت لکڻ دوران ماڻهو سڀ کان پهرين ڳالهه اها پڇن ٿا ته توهان مون کي ڪجهه ڏيئي سگهو ٿا ڇا؟ هر شخص ويندي عورتون پڻ اهو پڇن ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه حيرت جو باعث نه هجي. جي هن رت کان به وڌيڪ ڪو جسماني مادو اهم آهي اهو مردانه جنسي جزو يا مادو آهي. جنهن کي اسين صحيح يا غلط نموني پر مردانگيءَ جو جوهر سمجهون ٿا. هنن جزن کي ڪڏهن علامتي ته ڪڏهن علمي طور انساني گڻن ۽ اوگڻن جي خاصتين جو حامل بڻايو ويو آهي. مثال طور، ماڻهو گهرن ۽ گهٽين ۾ جهيڙاڪن ٿا، ٽي وي چينل تبديل ڪن ٿا، ڳوڙهي کوجنا ۾ مبتلا رهن ٿا. ٻين مٿان غالب يا وڌيڪ اهميت وارو رهڻ جي ڪوشش ۾ رهن ٿا ته ڪڏهن آسپاس سمهي رهن ٿا، گاڏيون تمام تيز هلائين ٿا، ڪڏهن ڦرمارڪن ٿا، جانورن وانگر رنڀون رڙيون يا بڇڙا آواز ۽ گوڙ شور مچائين ٿا. ڀالا بڙڇيون کڻي هل بکيڙو ڪن ٿا ۽ دهشت پکيڙين ٿا، گڏجي سازشون ڪن ٿا، حملا توڙي قبضا ڪن ٿا، پنهنجي جسمن تي رنگين نقش ٺاهين ٿا ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪرتب ڪن ٿا!
    اڄ تائين مردانه جنسي مادي بابت ڳالهيون گهڻيون پر ڪم ٿورو پر ڏکيو پي رهيو آهي. آمريڪا جا اٽڪل 4 ملين ماڻهو مرداني ڪمزوريءَ سبب هفتي ۾ هڪ دفعو يا ٽن هفتن ۾ هڪ دفعو سئي جي صورت ۾ اهو مادو استعمال ڪن ٿا، پر اهو مادو سندن بدن ۾ هر وقت ٿيندڙ قدرتي چرپر ۾ لڳاتار تبديلي نٿو آڻي، پر ترت ڦڙڦوٽ پيدا ڪري ٿو ۽ تيز، جذباتي ۽ طبعي اثرات مرتب ڪري ٿو. قوت جي اثر سان جنسي جذبو، سطحي ۽ ڪڙڪي ترت ٿئي ٿي. خصين کي روزانه جيلي لڳائڻ جيئن ته اهي نرم ٿين اهو اهم مبتادل آهي، ڪي ڊاڪٽر چون ٿا ته خشڪ ڪندڙ اوزارن سان جيلي خصين تي لڳايو جيڪا ڳالهه لطف ڏيندڙ هجي به يا نه. ٿوري وقت کانپوءِ هيءَ سموري صورتحال تبديل ٿي ويندي. جڏهن اينڊروجن جيل پهريون دفعو عام طور تي ملم جي صورت ۾ موجود هوندي. (يوني ميڊفارما سيوٽيڪل) دوا ساز ڪمپني جو چوڻ آهي ته اينڊروجيل ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا استعمال ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري ان جي استعمال سبب گهڻيون گهٽ وڌايون ختم ٿي وينديون مردن ۾ اهي جزا قدرتي طرح 30 سال عمر کان پوءِ آهستي گهٽجڻ لڳن ٿا. گهڻا مرد انهن جزن جي تپاس ڪو نه ٿا ڪرائين، پر سئي وسيلي استعمال ڪن ٿا، يا جيلي جي صورت ۾ تيل وانگر جسم کي مکين ٿا ۽ اوچتو يڪدم تيار ۽ جذباتي ٿيو پون. اهو مادو بهرحال جسم جي مشڪن کي طاقت ڏئي ۽ وڌائي ٿو ۽ جنسي قوت پيدا ڪري ٿو. اهو جگر کي نقصان ۽ غدود جي ڪينسر کي وڌائي سگهي ٿو، پر گهڻو ڪري غدود تي اثر ڇڏي ٿو. ڪجهه هفتا اڳ نِيُو رِيپَبلڪِ رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر 36 ساله اينڊريو سليوان نيويارڪ ٽائمس ميگزين ۾ طويل مضمون ۾ ٽيسٽو سٽيرون بابت سندس ذاتي تجزين جو احوال ڇپايو. ٻن سالن ۾ هن جون مُشڪون 9 ڪلوگرام وڌيون. ٻن هفتن ۾ هڪ وزن سان هو وڌيڪ طاقتور، پر اعتماد، وڌيڪ جنسي طور مائل، مطلب ته هر طرح وڌيڪ فٽ، هن مادي بابت سائنسي تحقيق تي نظر وجهندي چئي ٿو ته مرد جي جسم ۾ عورت جي ڀيٽ ۾ جنسي مادو وڌيڪ ٿئي ٿو. جنهن سبب مردن ۾ استعمال، مقابلو ڪرڻ، خطري کي منهن ڏيڻ وارا جزبا پاڻمرادو پيدا ٿين ٿا. انهيءَ جو جواب نتيجي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عين يقيني ڏنو ويو. پر انهيءَ جواب ميڊيا ۽ سائنسي دنيا ۾ هنگامو برپا ڪري ڇڏيو جڏهن کان وٺي اهو بيان ڪيو ويو ته مردن ۽ عورتن ۾ جنسي فرق جو تعلق ماڻهن جي خيال جي برعڪس حياتياتي علم سان وابسته آهي. ڪن محققن سليوان تي تنقيد ڪئي ته هن پنهنجي خيالن کي وڌائي پيش ڪيو آهي. سليٽ نالي رسالي ۾ صحافي شليوٽز قدرت / فطرت کي ماحول تي فوقيت ڏيڻ واري ڳالهه ڪرڻ سبب سليوان تي تنقيد ڪئي آهي ڇو ته شليوٽز موجب انهيءَ بابت اڃا تائين ڪا به يقيني ڳالهه ڪانه ٿي آهي. مٿئين رسالي ۾ سليوان، شليوٽز تي وري به تنقيد ڪئي ۽ ساڻس ٻيا به ليکڪ شامل ٿي ويا. جيڪڏهن هن مادي جو استعمال هڪ صحيح ثقافتي رواج ٿي پوي ٿو ته پوءِ جنس جي فرق وارين ڳالهين کي به قبولڻو پوندو، پوءِ ڀلي تشدد وارو ڇو نه هجي، پر اهو مادو حقيقت ۾ توهان لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري ٿو؟ طبعي ۽ ماحولياتي دٻاء ۾ جيڪو تشدد جو سبب ٿئي ٿو، اهو مادو ماورائي حيثيت جو حامل آهي ڇو ته جڏهن تجزياتي انگ اکر گهٽجن ٿا ته ان وقت انهيءَ مادي جي ماورائي حيثيت اجاگر ٿئي ٿي. 1935ع کان وٺي جڏهن اهو جنسي مادو حاصل ڪيو ويو هو تڏهن کان مادي جي تبديلي وارو علاج هلندو اچي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن متعلق تحقيق وڌيڪ ٿئي پئي هي مردانو جنسي مادو مردانه جزن مان ٺهي ٿو جيڪي جزا هڪ قسم جي چربي اسٽيروئڊس (Steroids) مان ٺهن ٿا. مرد توڙي عورتون اهي مادا پيدا ڪن ٿا. مرد خصين ۽ ايڊرنل غدودن ۾ ۽ عورتون ايڊرينل غدودن ۽ ٻچي داني ۾ پيدا ڪن ٿيون. مردن ۾ اهو مادو تمام گهڻو يعني رت پِلازِما جي هڪ ڊيسي لٽر جي نسبت 260 کان 1000 نينوگرام پيدا ٿئي ٿو جڏهن ته عورتن ۾ اهو فقط 15 کان 70 نينوگرام پيدا ٿئي ٿو.
    مختلف ماڻهن ۾ هن مادي جي پيدا ٿيڻ جو مقدار گهٽ وڌ ٿئي ٿو. ڪن ماڻهن ۾ مادو جزب ڪندڙ گهرڙا گهڻا ٿين ٿا، تنهن سبب گهڻو مادو جذب ٿيو وڃي ان جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ درجي تي رهندي به مرد جنسي گهرج ۽ ٻين فائدن لاءِ مادي جي پنهنجي ٺهيل مقدار مان پورائو ڪري ٿو وڃي. صحتمند مردن ۾ مقدار جو فرق ڏينهن دوران ٿئي ٿو. ان جو عروج صبح 8 بجي هوندو اهي. ڇو ته مرد عموماً جنسي ڪيفيت ۾ صبح جو جاڳن ٿا ۽ رات جو سُمهڻ کان ٿورو اڳ ۾ اها ڪيفيت تقريباً ختم هوندي اٿن. جنسي مادو ڇوڪرن کي عملي طور تي رحم ۾ موجود (ڪچن) ٻارن جهڙو ڪريو ڇڏي. حمل رسڻ کانپوءِ ڪيترائي هفتا ان حمل واري مادي ۾ جنسي عمل نه ٿيندو آهي، ڇهين هفتي دوران Y ڪروموسوم حرڪت ۾ اچن ٿا جيڪي ٽيسٽوسٽيرون جي اضافي جو سبب ٿين ٿا ٻين ڳالهين کان سواءِ اهو جنسي مادو آلت ۽ خصين جي بناوت سندن چرپر جي عمل ۾ ڪم اچي ٿو. بلوغت دوران سندن آواز ڳرو ٿئي ٿو، ڏاڙهي، بغل ۽ جنسي عضون تي وار پيدا ٿين ٿا ۽ بدن جي سمورن مشڪن ۾ واڌ ٿئي ٿي سا انهيءَ جنسي مادي سان ٿئي ٿي. سن بلوغت دوران جنسي مادو ٻه هزار نينوگرام تائين وڌي سگهي ٿو. جيڪو سندن وضاحت لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو. هن جنسي مادي جو آسان استعمال ڪلبن ۽ آکاڙن ۾ ويندڙ ڇوڪرن ۾ حسد ۽ ساڙ جو سبب ٿي سگهي ٿو. منجهائن گهڻا اهڙا ڪو نه آهن جيڪي انهيءَ مادي جي کوٽ بابت سوچين ۽ جائز طريقي سان ڊاڪٽرن وٽان انجو پورائو ڪن پر 20 سال جي لڳ ڀڳ عمر وارن ڇوڪرن ۾ غلط ۽ ناجائز طريقن اختيار ڪرڻ جو گهڻو رجحان آهي. اُهي ڇوڪرا وڌيڪ طاقتور مادن جي حيران ڪندڙ ڳالهين جو شڪار آهن ته فلاڻي دوا اڳوڻي کان وڌيڪ سٺي آهي. خاص ڪري سن بلوغ ڇوڪرن ۾ نه فقط چمڙي جي بيماري ۽ ببن جي واڌ جي خرابي آهي، پر سندن هڏن جي نشو نما بند ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته اهي زندگيءَ جي اهڙي جذباتي عمر مان گذري رهيا آهن. جنهن کين خطرن کان صفا لاپرواهه ڪري ڇڏيو آهي سو وڏي عمر وارن مردن ۾ ضروري ناهي ته جنسي مادي جي گهڻائي غدودن جي ڪينسر جو سبب ٿئي پر ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن ٽيومر سرجيل هوندو ته انهي واڌ جو سبب ٿي سگهي ٿو. ڇو جو بيماريءَ جو مٿئين درجي ۾ علاج ڪيميائي طريقي سان بيماري واري جسم جي حصي کي ناڪاره ۽ بيحس (Castrate) ڪيو وڃي ٿو. امير ماڻهو مردانه جنسي مادي جي استعمال بابت سڀني کان اڳتي ۽ آگاهه هوندا آهن. اهي ماڻهو جنسي قوت ۾ اضافي بابت ڳالهين ۾ مبالغو ڪن ٿا. اهڙيون ڳالهيون سادن سودن ماڻهن تي به اثر ڪن ٿيون. خاص ڪري اهڙن ماڻهن تي جيڪي ٻار ڄڻڻ چاهيندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته سندن قوت سو سيڪڙو بحال ٿئي.
    مردن جو اهو گروپ جنسياتي انقلاب مان پيدا ٿيو آهي. اهي پنهنجي سڃاڻپ شهوتي حيوان طور ڪن ٿا ۽ انهيءَ عمل کي ڪڏهن به ڇڏڻ نٿا چاهين. هر ماڻهو چاهيندو آهي ته 20 يا 30 سال عمر وارو ٻار ٿي پوان ته چڱو. ڪجهه محقق مردن ۾ جنسياتي وقفي واري خيال بابت ڏاڍا ڳنڀير آهن سندن چوڻ آهي ته هڪڙي پريشاني آلت جي ڍرائي (سختيءَ جو خاتمو) جسماني تبديلي جي سلسلي جو اهڃاڻ آهي. جنهن جو سبب 50 سال عمر کان پوءِ هارمون ۽ ٽيسٽوسٽيسرون جي کوٽ پيدا ٿيڻ هوندو آهي. اسان کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته ٽيسٽوسٽيرون جي کوٽ رت جي وهڪري جي گهٽتائي نفسياتي ۽ سماجي تبديليءَ سان پڻ منسلڪ آهي. فقط ائين سمجهڻ ته اينڊروجين جي کوٽ جو پورائو ٽيسٽوسٽيرون جي استعمال سان ٿي ويندو ته اهو ائين نه ٿيندو. وقت جي گُذرڻ سان به ڪا گارنٽي نٿي ملي ته ڪنهن شخص ۾ ٽيسٽوسٽيرون ايتري حد تائين ڪو نه گهٽبو جو اهو شخص عمر جي وچئين حصي تائين پهچي محسوس ڪري.
    اهي وچٿري عمر وارا ماڻهو جن پنهنجو باڊي وزن 20 سالن جي عمر وارو ساڳيو برقرار رکيو آهي. انهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته نه گهٽجي. پر جيڪي اوور ويٽ آهن انهن ۾ ٽيسٽوسٽيرون ليول جي گهٽجڻ جو رجحان موجود رهي ٿو. هن جو مطلب هي آهي ته ٿي سگهي ٿو ته بدمعاش جوڙي جو آواز گهٽيو هجي هڪ دفعو توهان ٽيسٽوسٽيرون، لبيڊو ۽ مشڪن واري مادي جي تعلق کان گذري وڃو ته پوءِ انهيءَ مادي جي فائدن کي ثابت ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي جيتوڻيڪ انهن ڳالهين ٻڌڻ ۾ دلچسپي گهٽ نه هوندي آهي. ڦڏو فساد، جهيڙو ۽ مقابلو ڪرڻ وارن رجحانن پيدا ڪرڻ ۾ هن مادي جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ جيڪي ماڻهو اهو مادو سئي وسيلي استعمال ڪن ٿا ٻڌائين ٿا ته وزن وٺڻ کانپوءِ پهرين شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن منجهن ٽي ليول زياده هوندي آهي ان وقت اعتماد وڌي وڃي ٿو. جوش گهڻو هوندو آهي. منجهن ٻهڪ ۽ مهڪ به ٿئي ٿي ته هو بيچين پڻ رهن ٿا.
    انسان ۽ جانورن تي تجربن مان ظاهر ٿيو آهي ته انهيءَ مادي ۽ ڦڏي فساد ۽ تشدد جو هٿ ۾ هٿ رهيو آهي. خصي ڪندي ڪندي به توهان کي هڪ هڪ جنسياتي عنصر ملي وڃي ٿو. سئي وسيلي خصي جانور ۾ ٽي (T) ليول وڌائڻ سان اهو شينهن وانگر جوهر ڏيکاري ٿو. مردن جي هڪ جائزي دوران جڏهن منجهن انهيءَ مادي جي مقدار کي گهٽايو ويو ته منجهن لبيدو ۽ زورآور مزاج گهٽجي ويو پر وري جڏهن انهيءَ مادي جو 20 سيڪڙو ڏنو ويو ته منجهن حاوي رهڻ واري قوت توڙي آلت جي سختي ساڳي سِطح تي چڙهي ويئي جتان گهٽجڻ شروع ٿي هئي. اهو ڄاڻائي ٿو ته جنهن ڳالهه جي اسان کي خبر آهي ان جي ضرورت گهٽ آهي. ٻين اڀياسن ڏيکاريو آهي ته جن مردن ۾ قدرتي طور ٽي (T) ليول گهڻي آهي اهي وڌيڪ سرڪش ۽ فسادي آهن ۽ سندن ڀيٽ ۾ گهٽ ٽي ليول وارا مرد سياڻا آهن. تحقيق ڪندڙن کي يقين آهي ته انهي مادي جو تعلق مرد جي ڪيترن ئي مزاجن ۽ طبيتن سان آهي.
    انهيءَ مادي جي شراڪت ماڻهو جي برجستگي ۽ سندس خيال جي مرڪز يا دائري ۾ آهي. سائنسي برادري لاءِ اهو ممڪن آهي ته اهي هن مادي بابت اهڙي نرالي نتيجي لاءِ فقط انهي لاءِ نه گڏجن ته تحقيق محدود آهي پر انهيءَ لاءِ گڏ ٿين، ڇو ته انساني رجحان تمام گهرا آهن، جي ڪڏهن اسين انهيءَ وقت موڙ کائون ٿا جنهن وقت اهو مادو وڌيڪ نئون ٿيڻ جوڳو وسيلو ڪري ڳڻيو ته ٿي سگهي ته اسان سڀئي انهيءَ مادي کي وڌيڪ چٽي نموني واضح ڪري سگهون ته اهو مادو اڃا وڌيڪ ڪهڙا عجيب ڪرتب ڪري سگهي ٿو. جنهن معاشري ۾ مردانگي جي معنيٰ قبضي ڪرڻ، ظلم ڪرڻ واري خاصيت آهي، اتي جيڪڏهن ماڻهو انهيءَ مادي بابت سوالن جي جواب لاءِ نهاريندو ته اهي فقط سندس لاءِ ئي هوندا. تنهن ڪري اهي گهڻو ڪري مايوس رهن ٿا. هڪ شيءِ جنهن بابت يقين آهي اها هيءَ ته مردانگي جو جوهر رت واري ڪنهن خسيس جزي کان هميشه وڌيڪ پيچيده ۽ اهميت وارو ئي هوندو.


    هي مضمون پڙهو ۽ ڏهه سال زندگي وڌايو

    صحت برقرار رکڻ لاءِ پنجويهه ڏَسَ، جن تي عمل ڪندي ڏهن سالن کان به وڌيڪ وقت پيريءَ جي خراب اثرن کان آجو رهي سگهجي ٿو. اسين اڳي ائين سمجهندا هئا سين ته قدرت قسمت مقرر ڪري ڇڏي آهي، جيڪا قسمت جي تختيءَ تي لکيل آهي يا آسماني ستارن ۾ موجود آهي. پر هاڻي وڏي مهرباني انهيءَ طبي تحقيق جي آهي، جنهن وڌيڪ ۽ بهتر حياتي گذارڻ جو راز فاش ڪيو، جنهن ڪري اسين اڳُوڻي علم کان مختلف ڄاڻون ٿا، جنهن ۾ مذهب ۽ وڏي صحتمند عمر ماڻڻ لاءِ سٺي نسل جي گهرج ڪانهي، پر سٺي صحت واري وڏي عمر لاءِ گهربل اصولن يا ڏَسَنِ جي چونڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي ڪهڙا ڏَسَ ڪجن جن وسيلي سالن جي صورت ۾ پيريءَ جا اثرات گَهٽائي سگهجن؟
    تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين ڳالهه پرهيز يا ڪِري آهي، جنهن ڪري وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ٿئي ٿو. هيٺ اهي سٺا 25 ڏس پيش ڪجن ٿا، جن تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر خود پاڻ به عمل ڪري رهيا آهن.

    1. پيريءَ ۾ به پنهنجو جسماني وزن اوترو برقرار رکو جيڪو وزن اوهان جي ارڙهن سال عمر ۾ هو.
    خوراڪ ۽ حِفظانِ صحت جي ماهر مسٽر والٽر وِليٽ جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ڇڪڻ کان پرهيز ڪرڻ واري اصول کان پوءِ سڀ کان اهم ڳالهه مناسب جسماني وزن برقرار رکڻ واري آهي. ٿولهه جي ڀيٽ ۾ سنهون جسم صحت لاءِ بهتر آهي. ٿولهه يا گهڻي وزن ڪري جسم جي چربي مان پيدا ٿيندڙ جُزا مٺن پيشابن واري بيماريءَ جو سبب پيدا ڪن ٿا. چرٻيءَ مان پيدا ٿيندڙ سائٽوڪائينز نالي جُزا دل، شريانين ۽ ٻين عضون ۾ سوڄ ۽ سختيءَ جو سبب ٿين ٿا. جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ چرٻي ڪينسر جي ڪجهه قسمن پيدا ٿيڻ جو جواز مهيا ڪري ٿي. تحقيق ڏيکاري ٿي ته ٿُلهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 75 سالن کان گهٽ عمر وارا جسم ۾ سَنها ماڻهو وقت کان اڳ غير منطقي موت کان 50 سيڪڙو بچيل رهن ٿا. حڪومت جي خيال ۾ مختلف قدن لاءِ ڪيترائي مختلف وزن صحت لاءِ مناسب آهن مثلاً 5 فٽ 4 اِنچَ ڊگهي عورت لاءِ مناسب وزن 110 کان 140 پائونڊ جي وچ ۾ ٿئي ٿو. جسماني وزن مناسب حد اندر برقرار رکڻ ئي ضروري آهي. ڊاڪٽر جي صلاح آهي ته پنهنجي ٿولهه ۽ وزن گهٽائي شاگرديءَ واري زماني وارا سوڙها ڪپڙا پائڻ جي ڪوشش ڪريو، ڇو ته انهيءَ عمر ۾، اوهان جو وزن صحت موافق هو. جيڪڏهن ائين نٿا ڪري سگهو ته BM123.5 اصول موجب عمل ڪريو. ڊاڪٽر خود اهو اصول اپنائي پيو. سندس قد 6 فوٽ 2 انچ ۽ وزن 184 پائونڊ اٿس.

    2. گهربل مناسب ۽ متحرڪ دوائون استعمال ڪريو.
    حياتياتي ڪيميادان ڊاڪٽر بيرُوس اين اَيمسِ روزانه 800 ملي گرام الفالِپوئڪ ايسڊ ۽ ٻه گرام ايسيٽِل ايل ڪارنيٽين دوا خود استعمال ڪندو آهي ۽ چوڻ اٿس ته مذڪور دوائون جيو گهرڙن کي قوت ڏين ٿيون ۽ جيوگهرڙن جي بناوت جي عمل کي تيز ڪن ٿيون. جيوگهرڙن جي بناوت واري عمل ۾ کوٽ پيدا ٿيڻ پيريءَ جو مکيه ڪارڻ آهي ۽ مٺن پيشابن ۽ ويسر جي بيمارين جو موجب پڻ آهي. ڪوئن تي ٿيل تجربي ثابت ڪيو ته مٿيون دوائون مؤثر آهن ۽ ماڻهن ۾ انهن دوائن جو مُضرر اثر تمام گهٽ آهي ۽ تمام ٿورڙن ماڻهن جي جسم تي آرائين جهڙيون ڦرڙيون ٿين ٿيون ۽ ڪن جي بدن تي ڇالا ٿين ٿا.

    3. هڪ ويلو کاڌو نه کائو.
    جن ڪوئن معمول کان ٽيهه سيڪڙو گهٽ خوراڪ کاڌي سي معمول موجب غذا کائيندڙ ڪوئن کان ٽيهه سيڪڙو وقت وڌيڪ زنده رهيا. سينٽ لوئيس اسڪول آف ميڊيسن ۾ اڀياس موجب معمول کان گهٽ غذا کائيندڙ سنهي جسم وارن ماڻهن جون دليون معمول موجب کاڌو کائيندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڏهن کان پندرهن سال عمر ۾ ننڍيون ڏسڻ ۾ آيون. ٻين تجربن ۾ معلوم ٿيو ته گهٽ کاڌو کائيندڙ ماڻهن جي رت ۾ انسولين جي مقدار ۾ اَلفا وارو ۽ منجهن بنيادي نسلي مادي ۾ ڀڃ ڊاهه وارو عمل تمام گهٽ هو. گهٽ کاڌو کائڻ ڪري رت ۾ موجود معمول کان وڌيڪ کند ۽ خراب مادن ۽ سوڄ نه هُئڻ سبب تاندورن جي ڀڃ ڊاهه واري عمل ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. مساچوسيٽس يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر ايڊورڊ ڪالا بريس ٻن پهرن جي ماني ڇڏي ڏني ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايجنگ ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ميٽسن ويهن سالن کان نيرن ڪونه ڪري. ڪوشش ڪري ڏينهن ۾ هڪ ويلو کاڌو نه کائي. ميٽسن جي تحقيق موجب انهيءَ ڏينهن توهان جي جسم ۾ قدرتي طور معمول کان گهٽ کوٽ ٿيندي. يا ٻي صلاح آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن روزو رکڻ گهرجي ۽ پاڻي گهڻو پيئڻ گهرجي.

    4. پالتو جانور ڌاريو.
    پنهنجو گهر ۽ دل ڇيڪ گُهمندڙ جانورن لاءِ کولي رکو. پينسلوانيا يُونِيوَرسٽِيءََ جي هڪ ڊاڪٽر جيمس سرپيل جو چوڻ آهي ته هڪ پالتو جانور ڌارڻ ۽ پالڻ ڪري انسان جو ڊاڪٽرن ڏانهن چڪر ڪرڻ گهٽجيو وڃي، دل جي دؤري پوڻ کان پوءِ به جيئڻ جو عرصو وڌي ٿو ۽ مايوسي ۽ اٻاڻڪائي دفع ٿئي ٿي. ڊاڪٽر سرپيل جي ڪٽنب وٽ هڪڙي ٻلي هڪ ڪتو، هڪ وڏي سائي ڳوهه، هڪ گهوڙيال ڏاڙهيارو نانگ ۽ هڪ ڊزن مڇيون سانڍيل آهن.
    جانورن جي پالڻ واري ڪرت سبب پوڙهائپ جي وڏي مسئلي رت جي وڌيل داٻ خلاف تحفظ نصيب ٿئي ٿو. اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ منفرد اڀياس مان معلوم ٿيو. ته ڪِن ماڻهن هڪ سانڍيل جانور ڌاريو، جڏهن اهي ذهني دٻاء جا شڪار ٿيا ته سندن مخالف ماڻهو جن وٽ ڪو به سانڍيل جانور ڪو نه هو، انهن جي ڀيٽ ۾ سندن رت جو داٻ اَڌَ کان به گهٽ درجا ٿي وڌيو.
    جانورن جي پالنا نهايت خبرداريءَ سان ڪرڻ گهرجي، زيان خور جانور ڌارڻ ۽ پالڻ مان مذڪوره فائدو حاصل ڪو نه ٿيندو.

    5. جسم ۾ سور يا تڪليف کان ڇوٽڪاري لاءِ مدد وٺڻ گهرجي.
    ڪافي اڀياس مان خبر پئي آهي ته مسلسل سور هئڻ سبب جسم ۾ موجود بيمارين سان مقابلوڪرڻ واري سرشتي ۾ ڪمزوري پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. تجربي سان ثابت ٿيو آهي ته مسلسل سور سبب ماندڪائي وڌي ٿي ۽ نقصانڪار دٻاءُ پيدا ڪندڙ جزن ۾ واڌارو ٿئي ٿو ٽفٽ يونيورسٽيءَ جي ماهر ڊاڪٽر نيٿنيئل ڪاٽز جو چوڻ آهي ته سخت سور ٿيڻ ڪري صبر ۽ شڪر کي ڇڏي ترت طبيب سان رجوع ڪريو ۽ جيستائين توهان کي علاج مان فائدو نه ٿئي تيستائين طبيب وٽ شڪايت ڪندا رهو. سور دفع ٿيڻ سان توهان جي مزاج ۾سڌارو ٿيندو ۽ توهان جي قوت مدافعت جي سرشتي ۾ به سڌارو ٿيندو.

    6. پنڌ ڪريو.
    ٽيڪساس يونيورسٽيءَ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر هيروفومي چيو ته پنهنجي رت جي نالين جي ڀتين کي سست ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو لچڪيدار بنائڻ لاءِ هفتي ۾ پنج ڏينهن هر روز هڪ دفعو ٽيهه منٽ تيز پنڌڪريو. سٺ سالن کان وڌيڪ عمر وارن، وڌيڪ رت جي دٻاءُ جو شڪار ستر سيڪڙو مريضن جي رت جي نالين جون ڀتيون پراڻن ٽائرن وانگر سخت ٿيو پون. ورزش رت جي نالين کي لچڪدار بنائي ٿي. هلڪي ورزش به مٺن پيشابن، ڪجهه قسمن جي سرطانن، اٻاڻڪائي، چمڙيءَ جي سوڪ ۽ ايتري قدر جو چريائپ جهڙين بيمارين جي خطري کي به گهٽائي ٿي.

    7. زال مڙس پاڻ ۾ اٽڪن تڏهن به فضيلت ڌارين.
    زالن ۽ مڙسن وچ ۾ بيحودا بحث شريانين جي بند ٿيڻ جو خطرو وڌائين ٿا. اُتاهه يونيورسٽيءَ ۾ تازو ٿيل اڀياس مان معلوم ٿيو ته جڏهن عورتن دشمنيءَ واريون ڳالهيون ڪيون ۽ ٻڌيون تڏهن سندن دلين کي طبعي تڪليف رسي مردن جي دلين دٻائيندڙ ۽ قبضو ڄمائيندڙ ڳالهيون ٻڌڻ سبب نهايت خراب رد عمل ظاهر ڪيو.
    اوهيو اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر رونالڊ گليسر جو چوڻ آهي ته زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جهيڙو معمولي ڳالهه آهي، ان کي گهڻو نه وڌائجي. نفسياتي ماهر ڊاڪٽر جينائيس جو چوڻ آهي ته زال مڙس کي هڪ ٻئي جي ڳالهه نه وڻي ته بدشد ڳالهائڻ يا بيحوده اشارا ڪرڻ بدران کين فقط ايترو چوڻ گهرجي ته آئون تنهنجي ڳالهه سان متفق ڪو نه آهيان.

    8. ترسو ۽ گلاب پوکيو.
    باغبانيءَ وارو مشغلو ڪرڻ يا وڻن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ هئڻ سان فائدو ٿئي ٿو. هڪ اڀياس موجب ڪجهه مزورن کي بامشڪت ڪم ۾ لڳايو ويو. انهن مان جن مزورن جي ڪم واري جاءِ ۾ ٻوٽا نه هئا، تن ۾ رت جو دٻاءَ گهڻو وڌيو ۽ جن مزورن جي ڪم ڪرڻ واري هنڌ گل ٻُوٽا هئا انهن ۾ ٻوٽن کان خالي هنڌ ڪم ڪندڙ مزورن جي ڀيٽ ۾ فقط چوٿون حصو رت جو داٻ وڌيو. هڪڙي ئي ڏينهن آپريشن ٿِيڻ کان پوءِ جيڪي مريض گلن ۽ ٻوٽن جي ويجهو رهيا اهي انهن مريضن کان هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ اسپتال مان نڪتا، جيڪي مريض ڪمرن اندر ئي پيا هئا ۽ وڻن ٻوٽن ڏانهن نٿي ويا.

    9. ڪجهه وزن کڻڻ واري ورزش ڪريو.
    هرڪو ڄاڻي ٿو ته دل جي مريضن لاءِ مقرر ڪيل ورزش پوڙهي ٿيڻ واري رفتار کي گهٽائي ٿي. اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي ته قوت مدافعت وڌائيندڙ ورزش انهيءَ ڏِس ۾ فيصله ڪُن ڪردار ادا ڪري ٿي. حقيقتاً عام طرح پنجيتاليه سال عمر کان پوءِ هر سال جسم جي مشڪن مان پاءُ پائونڊ مشڪون ڳرنديون رهنديون آهن ۽ ان جي ابتڙ پاءُ پائونڊ چرٻي ٺهندي رهي ٿي. ٽَفِٽِس يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر مِرِيَم نيلسن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مناسب ورزش ڪبي رهبي ته ويهن سالن تائين توهان جي جسم ۾ مشڪن جي ڳرڻ جو عمل ڪو نه ٿيندو. جيڪڏهن هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن روزانو 30 منٽ وزن کڻڻ واري ورزش ڪبي ته عمر جي 90 واري ڏهاڪي ۾ به مشڪون ٺهي سگهن ٿيون. وزن کڻڻ واري ورزش سبب جسم ۾ قوت مدافعت وڌي ٿي، هڏ وڌيڪ مضوط ٿين ٿا، مٺن پيشابن جو خطرو گهٽجي ٿو، ننڊ سٺي اچي ٿي ۽ سوچ پڻ بهتر ٿئي ٿي. ڊاڪٽر نيلسن ڪوهه پيمائي ڪندو آهي ۽ ڪيتريون ئي وزن کڻڻ واريون ورزشون ڪندو آهي.

    10. ڀلائي جا ڪم ڪريو.
    مدد جي مستحق پاڙيسريءَ لاءِ توهان سندس پارڪ مان يا دُڪان مان گند ڪچرو ميڙي ڪڍو. اها ڳالهه برونل يونيورسٽي جي هڪ ليڪچرر مسٽر وليئم برائون ڪئي. هن بروڪلن ۾ اڀياس ڪندي ڄاتو ته جيڪي ماڻهو گهڻي سماجي ڪم ۾ مشغول رهن ٿا ۽ وٺڻ جي ڀيٽ ۾ پيسو، کاڌو، صلاح صولي يا ٻين کي وقت وڌيڪ ڏين ٿا اهي ٻين جي ڀيٽ۾ وڌيڪ صحتمند نظر اچن ٿا. مڪيگان يونيورسٽيءَ ۾ 423 پرڻيل جوڙن بابت پنج سال اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته جيڪي جوڙا بي لوث هئا ۽ خود عرض ڪو نه هئا، انهن ۾ موت جا پنجاهه سيڪڙو آثار به ڪو نه هئا. جيڪي دنيا کي ڪتن وانگر هڪٻئي کي ماري کائڻ وارو ماڳ يعني خود مطلبيءَ واري جاءِ ڀائين ٿا، جنهن ۾ جيڪو ڏاڍو سو گابو آهي پر دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جو به وڏو تعداد موجود آهي جيڪي ڀائين ٿا ته صحتمند زندگي گذارڻ جو راز ٻين سان نيڪي ۽ مهرباني ڪرڻ ۾ مضمر آهي.

    11. هر قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا واپرايو.
    آمريڪي نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ جي ڊاڪٽر پيٽرگرين والڊ موجب ڀاڄين جي ٺهيل انڊلٺ کائو ڇو ته انهن ۾ سرطان کان بچاءَ جي صلاحيت ٻين کاڌن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي. هيءَ ڳالهه ياد رکو ته روزانو مختلف ڀاڄيون ۽ ميوا نَوَ دفعا کائيندا ڪريو.

    12. مفيد سامونڊي غذا واپرايو.
    پنهنجي کائڻ واري پليٽ ۾ رڳو هڏن ۽ ڪنڊن واري مڇي نه کڻو. اوهان کي سٺي چرٻيءَ واريون مڇيون جهڙوڪ سلمان، سارڊائين ۽ ٽرائوٽ وغيره واپرائڻ گهرجن. انهن ۾ EPA ۽ DHA يعني اوميگا ٿري چرٻيءَ وارا تيزاب موجود آهن. تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته اهي دل جي دؤري سبب اوچتي موت کان بچائڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ اهي اوميگا ٿري تيزاب، ماندڪائي، الزيمر واري بيماري، ڪجهه قسمن جي سرطان ۽ نابينائيءَ جي مکيه ڪارڻ پيريءَ ۾ جسم تي داغ ٿيڻ يا رِجون چڙهڻ واري بيماريءَ کان بچائڻ ۾ مدد ڪن ٿا ٻيا فائديمند سَڻڀَ جهڙوڪ اکروٽ، روزانه هڪ آئونس اکروٽ جو مغز کائو، ڪارن آئل گهٽ ۽ ڪينولا يعني سرنهن جو تيل ۽ زيتون جو تيل زياده استعمال ڪريو. ڊاڪٽر گريگ ڪول روزانه ٻه گرام مڇي جو تيل واپرائيندو آهي هو هفتي ۾ هڪ دفعو ٻه ٽونا مڇيءَ جا سينڊوچ ۽ DHA اوميگا ٿري چرٻيءَ ۾ ٺهيل ٻه بيضا کائيندو آهي.

    13. راڳ ڳايو وڄايو.
    راڳ جي وندر ڪرڻ سان قوت مدافعت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر رابرٽ بيڪ اڀياس دؤران ڏٺو ته جڳ مشهور موسيقار بيٿووِن جي ”مِسا سوليمنِس“ نالي هڪڙي ڌُن ڳائيندڙ ٽوليءَ جي فنڪارن جي ڦيڻ ۾ IgA آءِ جي اي نالي جسم ۾ موجود بيماري مخالف جزن ۾ 240 سيڪڙو اضافو ٿي ويو.

    14. چاءِ پيئندا ڪريو.
    سائُودَرنِ ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر ايناوُو تحقيق مان معلوم ڪيو ته چاءِ پراسٽيٽ يعني مثاني جي غدود وڌڻ جي بيماري، دل جي بيماري ۽ اُرهن جي سرطان لاءِ مفيد آهي. پاڻ روزانه گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪوپ چاءِ پيئي ٿي سندس چوڻ آهي ته سبز چاءِ سڀ کان سٺي آهي جيتوڻيڪ ڪاري چاءِ به ڪجهه فائدو ضرور ڏي ٿي.

    15. چيلهه سنهي ڪريو.
    جيڪڏهن چاهيو ٿا ته توهان جو جسم جوان رهي ته پوءِ قد ماپڻ واري پٽيءَ بجاءِ ٿولهه ماپڻ واري ڦيٿ يا ٽيپ وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو. توهان جو وزن ساڳيو برقرار رهندي، توهان جون مُشڪون ڳرڻ لڳن ٿيون ۽ جسم ۾ چرٻي وڌندي رهي ٿي، جنهن ۾ آنڊن، بڪين، دل، چيلهه ۽ پيٽ تي چڙهندڙ دشمن چرٻي به شامل آهي. انهيءَ خراب چرٻيءَ جو تعلق پيريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ بيمارين جهڙوڪ رت جو وڌيل داٻ، مٺن پيشابن ۽ دل جي بيمارين سان رهندو آهي. عورت جي چيلهه جيڪڏهن 35 انچن کان مٿي ۽ مرد جي چيلهه چاليهن انچن کان وڌيڪ آهي ته شايد انهن جي پيٽ تي چرٻي گهڻي آهي. جانس هاپڪنس يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪيري اسٽيوارٽ جو چوڻ آهي ته جسماني ورزش جسم جي انهيءَ اندروني فضول بار کي گهٽ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ بهترين ذريعو آهي. چَئِين مهينن ۾ 65 مردن ۽ عورتن جي مُشڪن مان ڊاڪٽر اسٽيوارٽ ڏٺو ته انهن جي جسمن ۾ ويهه سيڪڙو چرٻي گهٽجي ويئي، جڏهن ته انهن جو وزن سراسري طور فقط پنج پائونڊ گهٽيو. ڊاڪٽر اسٽيوارٽ جي ڏسيل ورزش وارو پروگرام،ڪرڻ ۾ تيز پر ڏکيو ڪو نه هو. انهيءَ ۾ 45 منٽن لاءِ ساهه ڇڏڻ، روڪڻ ۽ کڻڻ واري مشق هفتي ۾ ٽي ڏينهن ۽ 20 منٽن لاءِ پوري پني محنت سان وزن کڻڻ واري مشق هفتي ۾ ٽي ڏينهن مقرر ڪئي.

    16. وٽامن ڊي واپرايو.
    ماهر طبيبن جو چوڻ آهي ته صحت لاءِ ضروري ڪو به هڪڙو وٽامن ملي ته به ضرور استعمال ڪريو. وٽامن ڊي چمڙيءَ ۾ تڏهن ٺهندو آهي جڏهن ان تي سج جي روشني پوندي آهي پر جيئن ماڻهو پوڙهو ٿيندو ويندو ته وٽامن ڊي ٺهڻ به گهٽجندو ويندو ۽ نيٺ ٺهڻ بند ٿي ويندو آهي. تقريباً پنجاهه سيڪڙو آمريڪي باشندا وٽامن ڊي جي کوٽ جو شڪار آهن. هي وٽامن جسم ۾ ختم ٿيڻ سبب هڏن ۾ پورِ يا ڍَڍَر ٿيڻ جي ڪري هڏ ڀُرڻ يا ٺاڪون ٿيڻ واري بيماري، کل جي سختيءَ جي بيماري ۽مختلف سرطانن جي پيدائش جو خطرو لاحق ٿئي ٿو. جيستائين گهڻي مقدار ۾ مڇي نٿا کائو تيستائين اوهان کي وٽامن ڊي دوا جي صورت ۾ ضرور واپرائڻ گهرجي. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر اسٽيپفر جو چوڻ آهي ته انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻي اٿوَ ته چمڙيءَ ۾ ٺهندڙ وٽامن D3 اوهان جيڪي دوائون استعمال ڪندا آهيو، انهن ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر اسٽيمپفر خود سياري جي مند ۾ وٽامن D3 جا 1800 آءِ يو روزانه ۽ سال جو باقي عرصو روزناه 800 کان 1200 آءِ يو دوا طور استعمال ڪندو آهي.

    17. هيڊ استعمال ڪريو.
    ٻوڙ پيلو ڪندڙ مصالحو ”هيڊ“ ڪَرڪِيُومِن نالي هڪ نهايت ڪمائتي ڪيميائي عنصر سان پُر هوندي آهي جيڪو جسم جي اندروني توڙي ٻاهرين سوڄ کي ختم ڪرڻ ۽ جسم ۾ آڪسيجن واري عمل کي روڪيندڙ خاصيت رکي ٿو. پاڪستان ۽ هندستان ۾ هيڊ ڦٽن ۽ زخمن جي علاج لاءِ پٽيءَ يا لپڙيءَ ۾ ڪم آڻيندا آهن. اوڀر ايشيا جا ماڻهو پڻ هيڊ کائيندا آهن، تنهنڪري آمريڪين جي ڀيٽ ۾ انهن ۾ الزهيمر نالي دماغي بيماري، مختلف قسمن جي سرطانن ۽ پارڪنسنز نالي فالج جي بيماريءَ تمام گهٽ ٿي ٿئي. ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر ڪول چوي ٿو ته روزانه اڌ گرام کان هڪ گرام تائين هيڊ دوا طور کائڻ گهرجي. پاڻ خود به هفتي ۾ ٽي ڀيرا هيڊ سان چڪار هندستاني کاڌو کائيندو آهي.

    18. صحتمند ماڻهن کي رت جو عطيو ڏيڻ گهرجي ٿي سگهي ٿو ته رت جو عطيو ڏيئي ٻين جي حياتي بچائڻ وارن جي زندگيءَ جي بچاءَ جو راز خود رت جو عطيو ڏيڻ ۾ سمايل هجي.
    اڪثر ماهرن جي خيال موجب جسم ۾ فولاد جو گهڻو مقدار ڳاڙهو گوشت يعني وڏن جانورن جو گوشت کائڻ سان حاصل ٿئي ٿو. جسم ۾ ضرورت کان زياده فولاد هئڻ سبب جسم ۾ فري ريڊيڪلس نالي صحت دشمن جزا پيدا ٿين ٿا، جنهن ڪري پوڙهائپ جي رفتار ۾ تيزي، دل جي بيماري الزهيمر واري دماغي بيماري ۽ سرطان جي پيدائش جو خطرو وڌي وڃي ٿو. ماهواري ۾ وقفي کان سواءِ عورتون قدرتي طور فولاد جي گهڻي مقدار هئڻ کان محفوظ رهن ٿيون پر پيريءَ ۾ وري انهن کي اهو خطرو لاحق رهي ٿو. ابتدائي اڀياس مان خبر پئي آهي ته لڳاتار، قاعدي موجب رت جو عطيو ڏيڻ سبب دل جي بيماري پيدا ٿيڻ جو خطرو گهٽ ٿئي ٿو. بوسٽن يونيورسٽي جو ڊاڪٽر ٿامس پرلس هر ٻن مَهِينَن ۾ هڪ دفعو رت جو عطيو ڏيندو آهي. جيڪڏهن اوهان خوفزده آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ هينئن ڪريو ته روزانه وڌيڪ نه، فقط پتن جي تاش جي سائيز برابر ڳاڙهي گوشت جو هڪ ٽُڪر کائيندا ڪريو.

    19. اکين جي حفاظت لاءِ ڪوشش ڪريو.
    کاڌي يا دوائن وسيلي اوميگا ٿري جي استعمال ڪري پيريءَ سان واسطه بدن تي ڇالن، ڏاڌِينِ ۽ اکين ۾ رجون چڙهڻ واري بيماريءَ مان ڇوٽڪاري ۾ مدد مِلي سگهي ٿي. اوميگا ٿري پن گوبي ۽ بيضي جي زرديءَ ۽ مختلف مڇين ۾ موجود آهي. اهي واپرائڻ گهرجن، آمريڪا جي نيشنل آءِ انسٽيٽيوٽ جي هڪڙي سائنسدان جان پال سَينجِيو واني، اکين جي نابينائيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ نسخو تجويز ڪيو آهي جيڪو هيٺ ڏجي ٿو:
    روزانه 500 ملي گرام وٽامن سي، 400 آءِ يو وٽامن اِي، 80 ملي گرام زِنڪ، 15 مِلِي گِرام بِيٽاڪيروٽين ۽ ٻه ملي گرام ڪاپر استعمال ڪرڻ گهرجي.

    20. چمڙيءَ جي حفاظت لاءِ فَرن جو ايڪسٽريڪٽ استعمال ڪرڻ گهرجي.
    تحقيق موجب آمريڪي ٻوٽي فرن جو مغز يا عرق چمڙيءَ کي سختيءَ کان بچائڻ ۽ جسم ۾ سوڄ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو. نيولين يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽرياڻي ميري ليوپو جو چوڻ آهي ته فرن ايڪسٽريڪٽ چڪن سوپ وانگر آهن جنهن مان ڪو به نقصان ڪونهي ۽اهو ٿورو يا گهڻو فائدو ضرور پهچائي ٿو. هوءِ پاڻ هيليوڪيئر نالي دوا جا روزانه 240 ملي گرام وٺندي آهي. هو سج جي خطرناڪ ڪرڻن کان بچڻ واسطي روزانه سن اسڪرين ۽ ريٽِن اي Retin-A مشق ڪندي آهي ۽ ڪنئين مفيد ڀاڄيون جهڙوڪ پالڪ ۽ پن گوبي ۽ ميوا جهڙوڪ بلوبيري، راسپيري، گريپفروٽ سبز چاءِ سميت چاڪليٽ به واپرائيندي آهي. سندس چوڻ آهي ته سڀ کان ضروري ڳالهه آهي اُس کان بچڻ ۽ تماڪ نه ڇڪڻ.

    21. گهرو ساهه کڻو.
    ذهني دٻاءَ، رت جي دؤري ۾ شامل بيمارين کان بچائيندڙ مادن ۽ تنتي سرشتي کي پيغام پهچائيندڙ جزن جي گهاٽائيءَ کي وڌائي ٿو. جنهن سبب رت جو دٻاء وڌي ٿو ۽ مدافعتي قوت گهٽجي ٿي. وڌيڪ ذهني دٻاء زخم ڇُٽڻ جي رفتار گهتائي ٿو، شريانين جون ڀتيون سوڙهيون ڪري ٿو ۽ سِکڻ ياداشت ۽ مزاج بحال رکڻ سان واسطو رکندڙ دماغ جي حصن کي خشڪ ڪرڻ ۽ سُسائڻ جو امڪان پيدا ڪري ٿو. ذهني دٻاء سبب پيغام پهچائيندڙ جزن ۽ مدافعتي قوت برقرار رکندڙ جزن جي گهاٽائيءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پٽسبرگ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر بِرُوس ريبن پنهنجي ڪيل تحقيق تي مبني، لکڻ پڙهڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ، گهرو ساهه کڻڻ، ساهه بند ڪرڻ ۽ ساهه ڇڏڻ وغيره مشقن وارو پروگرام مرتب ڪيو آهي. اهو پروگرام ”هيلدي لائيف اسٽائيل پروگرام ويب سائيٽ تي ڏسڻ گهرجي. ڊاڪٽر اينڊريو ويل چئي ٿو ته گهرو ساهه کڻي بند ڪرڻ“ هن پروگرام ۾ ذهني دٻاء ختم ڪرڻ ۽ مذڪور مادن جي عمل ۾ سڌارو آڻڻ ۽ مذڪور بيمارين کان بچڻ جي مکيه مشق آهي. سندس چوڻ آهي ته اها مشق فقط ٻه منٽ ۽ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ڪرڻ گهرجي. آئون صبح جو، شام جو سمهڻ مهل ۽ جيڪڏهن طبيعت ۾ گڙ ٻڙ محسوس ڪندو آهيان ته ڪنهن به وقت اها مشق ڪندو آهيان.

    مشق جو طريقو: اول زور سان وات مان ساهه ٻاهر ڪڍو. پوءِ 4 انگ ڳڻيندي نڪ مان ساهه کڻي 7 انگ ڳڻڻ تائين ساهه بند ڪريو. پوءِ 8 انگ ڳڻڻ تائين سُوسڙاٽ واري آواز سان ساهه ٻاهر ڪڍو. هيءَ مشق هر ڀيري چار دفعا ڪرڻي آهي.

    22. گوڙ ۽ خراب ۽ تيز آوازن کان ڪن ٽاريو يا بچايو.
    خراب ۽ تيز آواز ڪنن اندر موجود نازڪ وار گهرڙن کي خراب ۽ بيڪار ڪري ٿو. تنهنڪري جڏهن گوڙ گهمسان واري هنڌ هجو ته توهان ڪنن جي بچاء وارا پِلگ ڪنن ۾ لڳائيندا ڪريو. لاس اينجلس شهر جي هائوبس ايئر انسٽيٽيوٽ جي ڊاڪٽر اينڊي وَرِ مِگلِيو آڊيو انجنيئرن لاءِ تجارتي نمائشن ۾ ماڻهن کي ڪنن جي مفت تپاس ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. هو هڪڙي نوجوان انجنيئر جي ڪهاڻي ٻڌائيندو آهي، جيڪو ڪنن جي حفاظت بابت بنهه لاغرض ۽ مذهبي طور ڪٽر ماڻهو آهي، سو هاڻي 70 سالن جي پوڙهن ماڻهن وانگر تمام گهٽ ٻڌي سگهي ٿو.

    23. ڪوشش ڪري وڌيڪ وقت ننڊ ڪريو.
    گهٽ ننڊ جي ڪن سببن ڪري رت جي دٻاء دل جي بيماري، مٺن پيشابن جي بيماري ۽ ٿولهه جي بيماريءَ جو خطرو رهي ٿو. هر ماڻهو کي ننڊ جو مناسب وقت مختلف پيماني وارو گهربل هوندو آهي. تمام گهڻن ماڻهن لاءِ ست کان اٺ ڪلاڪ ننڊ ضروري آهي. هر ماڻهوءَکي گهرجي ته هو جانچي ته کيس قدرتي طور ننڊ ڪيترو وقت ايندي آهي ۽ ضرورت موجب طبيب سان مشورو ڪري. زال مڙس هڪٻئي کي کونگهرا هڻڻ بابت آگاهه ڪن. ننڊ ۾ کونگهرن ۽ وڦلڻ ۽ رڙيون ڪرڻ کي ننڊ ۾ ساهه تاڪجڻ واري بيماري يعني (Sleep Apnea) سِلِيپ ايپنيا سڏجي ٿو جنهن ڪري ننڊ دوران هڪ ڪلاڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڀيرا ساهه تاڪبو آهي. جنهنڪري دماغ ۾ فالج جو خطرو به رهي ٿو. ننڊ بابت آمريڪي قومي اداري جي هڪ رپورٽ موجب تقريباً 18 مليئن آمريڪي باشندا انهيءَ مرض ۾ مبتلا هوندي به ان کان بيخبر آهن. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي خراب عادت بابت حقيقت لڪائڻ سبب ڊاڪٽرن کي اهو مرض عورتن ۾ بنهه گهٽ نظر آيو آهي. ڪيئن به هجي پر ڊاڪٽر کي حقيقت کان واقف ڪرڻ بهرحال ضروري آهي.

    24. پٽاٽا ۽ ڪاربوهائڊريٽ واريون شيون واپرائڻ ڇڏي ڏيو.
    پٽاٽا ۽ ڪاربوهائڊريٽ واريون شيون واپرائڻ سان مٺن پيشابن واري بيماري ۽ گهڻو کائڻ واري بيماري جنهن ۾ بک ختم نٿي ٿئي، پيدا ٿين ٿيون. انهن بيمارين ڪري پوڙهائپ جي رفتار تيز ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهو وقت کان اڳ پوڙهو ٿئي ٿو. هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر وليٽ موجب اسان کي پنهنجي لاءِ نقصانڪار کاڌا پٽاٽا ۽ کنڊ وارا مشروب ۽ کاڌا کائڻ نه گُهرجن، ڇو ته انهن ۾ موجود کنڊ رت ۾ تمام جلد شامل ٿئي ٿي. ڊاڪٽر طرفان ڪيل تازي تحقيق موجب ويهن سالن دؤران جن عروتن سَڄَن داڻن وارو اناج زياده ۽ پٽاٽا گهٽ واپرايا انهن ۾ ٻئي درجي واري مٺن پيشابن جي بيماريءَ جو خطرو 20 کان 30 سيڪڙو گهٽ هو. ڊاڪٽر پنهنجي ڊنر خاڪي موجب چانور، سڄن دالين واري ڊبل روٽي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄن داڻن واري ڪڻڪ جي ماني يا رٻ واپرائيندو آهي.

    25. گلابي رنگ جا چشما پايو.
    پنهنجي حياتي خوش اسلوبيءَ ۽ زنده دليءَ سان گهاريو. پوڙِهپَڻ متعلق مثبت رويو اختيار ڪندڙ عورتون ۽ مرد معمول کان ست سال کن وڌيڪ حياتي ماڻين ٿا. وڏي عمر بابت نيويارڪ شهر ۾ قائم هڪ عالمي اِداري جي سربراهه ڊاڪٽر رابرٽ بٽلر جي چوڻ موجب جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي بامقصد سجهندي، مثبت جذبن، شوق، زنده دليءَ ۽ خوش طبعيءَ سان گهارين ٿا، اهي معمول کان وڌيڪ حياتي ماڻين ٿا.
    حياتي ۾ پيريءَ کي چُهٽا رهو (ان کان بيزار نه ٿيو) ڇو ته اها ته هر ڪنهن جي حياتيءَ ۾ اچڻي آهي.
    سڀ کان وڏي منادي يا اعلان ۾ هتي ست مکيه تجويزون ڄاڻائجن ٿيون جن تي عمل ڪرڻ سان توهان جوان رهي سگهو ٿا.!
    1. پنڌ ڪرڻ واري مشق دؤران تکا هلو.
    2. پنهنجي چيلهه کي سنهو ڪري رکو.
    3. ڀاڄين ۽ ميون جا گهڻي کان گهڻا قسم واپرايو.
    4. هفتي ۾ ڪجهه ڀيرا جسماني قوت واريون ورزشون ڪريو.
    5. گهڻي ننڊ ڪريو.
    6. ذهني دٻاء تي ضابطو آڻيو.
    7. مِزاج ۽ چال چلت ۾ مثبت رويو ڌاريو.


    مــڇــي ۽ دل

    اسين مڇيءَ سان پيار ڪريون ٿا. هي مڇيون انهيءَ خاص چرٻيءَ سان ڀرپور آهن، جنهن کي اوميگا ٿري سڏجي ٿو. اها چرٻي توهان لاءِ سٺي ٿي سگهي ٿي. دل جي بيمارين جا ماهر اها ڳالهه گهڻو اڳي کان ڄاڻن ٿا ته مڇي کائڻ سان دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. اها البت کين خبر ڪانهي ته مڇي فائديمند ڇو آهي. اڳي مڇيءَ کي ڳاڙهي گوشت جي نعم البدل طور استعمال ڪبو هو ڇو ته ڳاڙهي گوشت ۾ موجود چرٻي رت جي نلين کي سوڙهو ڪري بند ڪري ڇڏيندي هئي. تنهنڪري انهيءَ گوشت جي بدران مڇي استعمال ڪبي هئي پر گذريل ٽيهن سالن جي گڏ ڪيل ثبوتن مان پتو پوي ٿو ته مڇيءَ ۾ ڪجهه خصوصيت به آهي. خاص طور تي مڇيءَ ۾ اوميگا 3 نالي خاص جزا موجود آهن. جيڪي دل ۽ رت نالين جي صحت ۾ ڪارفرما آهن. هي جزا سارڊائين، سلمان ۽ مڊڪرل مڇين ۾ گهڻي مقدار ۾ موجود آهن.
    امريڪن هيلٿ سينٽر مڇيءَ جي انهيءَ خاصيت کان متاثر آهي، تنهن هن مهيني کان اڳ ۾ مڇيءَ بابت غذائي ترجيحات پڌريون ڪيون آهن. AHA نالي طبي تنظيم هينئر پهريون ڀيرو پنهنجي ترجيح شايع ڪئي آهي، جنهن موجب هر ماڻهوءَ کي هڪ هفتي ۾ ٻه ويلا چرٻيءَ واري مڇي کائڻ گهرجي جنهن ۾ اٽڪل 85 گرام مڇي هجي. مذڪور طبي ماهرن جو پينل اها ڳالهه پڌري ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هو ته اوميگا 3 جزا گوريءَ جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ سان دل جي حفاظت ٿي سگهندي.
    ماهرن جو خيال هو ته گورين جي صورت ۾ آسانيءَ سان ضرورت کان به زياده مذڪور جزا استعمال ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي صورت ۾ خطرناڪ قسم جا سائيڊ افيڪٽ پيدا ٿي سگهن ٿا جهڙوڪ جسم اندر رت نالين مان ٻاهر وهي سگهي ٿو.
    انهيءَ سوال کي گذريل سال آمريڪي فوڊ ائنڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. اين ڊي اي جيتوڻيڪ اوميگا 3 جزن ۾ دل جي بيمارين کان بچاءَ وارو ثبوت مڪمل طور ڪو نه ڏٺو پر هنن اڳتي وڌي دوا ساز ادارن کي اجازت ڏني ته اهي ڀلي اوميگا 3 ۽ مڇيءَ جي تيل مان فائدن بابت اشتهار شايع ڪن ۽ ليبل ۾ ڄاڻائين ته روزانو وڌ ۾ وڌ ٻه گرام تيل استعمال ڪن. هن فيصلي سبب اوميگا 3 انهن غذائي جزن سان شامل ٿي وڃي ٿو. جهڙوڪ سليئم Psyllium سُواءِ Soy هول اوٽس Whole Ots وغيره جن ۾ پڻ صحت بخش ساڳيون خاصيتون موجود آهن.

    اوميگا 3 جو ڪجهه پس منظر
    اوميگا 3 سڻڀ وارن انهن تيزابن سان وابسته آهن جن کي عام طور تي مرڪب اڻ رچيل چرٻيون چئبو آهي. اوميگا 6 وري اهڙن اڻرچيل چرٻين جو هڪڙو ٻيو تيزابن وارو گروپ ٺاهين ٿا. هي سڻڀ يا چرٻيون جسم جي مکيه عضون جهڙوڪ دماغ ۽ انهن جزن لاءِ ڪچي مال طور ڪم اچن ٿا. جيڪي سوچ، رت جي دٻاء ۽ رت ۾ ڄميل چرٻيءَ تي ضابطو قائم ڪن ٿا.

    جيئن ته اوميگا 3 جزا اسان جي جسم ۾ پيدا نٿا ٿين تنهن ڪري اهي غذا وسيلي حاصل ڪرڻا آهن خاص ڪري مڇيءَ مان. تنهن کانسواءِ ڪن ٻوٽن جهڙوڪ فليڪس سويابين، والنٽس وغيره مان اهي جزا حاصل ٿين ٿا. وڌيڪ اهو ته گهڻن يورپي ملڪن ۾ ٻارن لاءِ دوائن ۾ اوميگا 3 جزا شامل ڪيل آهن. هن بابت سائنس جو انڪشاف ڇا آهي؟
    آڳاٽي خبر موجب گهڻي مڇي کائيندڙ ماڻهن جهڙوڪ گرين لينڊ وارن ايسڪيموس، اتر اولهه آمريڪا جي اصل رهاڪن ۽ جاپانين ۾ دل جون بيماريون نسبتاً گهٽ ٿين ٿيون. ان کان پوءِ تجربيگاهن جي رپورٽن موجب هي جزا رت ۾ ڄميل چرٻيءَ جي انهن جزن کي گهٽائين ٿا، جيڪي هارٽ اٽيڪ جو عام سبب ٿين ٿا. هي جزا سڻڀ جي هڪ ٻئي قسم ٽراءِ گليسرائيڊ وارن جزن کي پڻ گهٽائين ٿا. اهي جزا پڻ دل جي مرض جو سبب ٿين ٿا. مزڪوره ڳالهين کانسواءِ اوميگا 3 جزا دل جي بيقائدي ڌڙڪن کي پڻ گهٽائين ٿا. هي سموريون ڳالهيون ڀليون پر صحت لاءِ ڪافي نه هيون حقيقي وزندار ثبوت گذريل سال برطانوي تحقيقي رسالي جي اشاعت سان مهيا ٿيڻ شروع ٿيا جنهن موجب اٽليءَ ۾ ڊاڪٽرن دل جي 11 هزار مريضن کي چئين گروپن ۾ ورهايو سمورن کي معياري طبي سنڀال هيٺ رکيو ويو. انهن مان ڪجهه مريضن کي روزانو مڇيءَ جي تيل جو هڪ ڪيپسول ڏنو ويندو هو. ڪجهه مريضن کي روزانو وٽامن E جا 300 ملي گرام کارايا ويندا هئا ته ڪجهه ٻين کي وٽامن E ۽ مڇيءَ جو تيل گڏي ڏيندا هئا يا وري اهڙي دوا Plaubo کارائيندا هئا ٻن سالن کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو ته جن مريضن کي مڇيءَ جو تيل کارايو ويو انهن ۾ ٻئي هارٽ اٽيڪ سان مرڻ جو خطرو گهٽجي ويو. اها گهٽتائي اٽڪل 17 سيڪڙو سراسري طور ٿي جڏهن ته وٽامن E جو ڪو به اثر نه ٿيو.

    گهڻن محققن جي پيش نظر هي ثبوت وڏو آهي ته مڇيءَ جي تيل جو بيماري تي اثر ٿئي ٿو. اڃا تائين ڪجهه اهم پهلوئن بابت خيال آرائي ڪا نه ٿي آهي جڏهن ته اوميگا 3 رت ۾ موجود ٽراءِ گليسرائيڊ جُزن جي ليول گهٽائين ٿا، جيڪي هارٽ اٽيڪ جو سبب بنجن ٿا ته ٻئي طرف اهي جزا LDL يعني بيڊ ڪوليسٽرول جي ليول وڌائين ٿا. اها خبر ڪنهن کي به ڪانهي ته اهو ڪو صحتمند اُهڃاڻ آهي يا اهو ڪنهن لاءِ ٿي سگهي ٿو.
    حامله عورتن کي خاص ڪري مڇيءَ جي تيل وارين دوائن بابت خبردار رهڻ گهرجي مثال طور ڪاد مڇيءَ جي تيل ۾ موجود وٽامن اي جي وڌيڪ استعمال سبب ويم ۾ تڪليف ٿي سگهي ٿي. ڪجهه عذاوارن ماهرن جو خيال آهي ته بعض وٽامن جهڙوڪ ڪارن وغيره ۾ موجود اوميگا 6 جزا، اوميگا 3 جزن جي فائدن کي گهٽائي سگهن ٿا. هتي هڪڙي ڳالهه صاف آهي اها هيءَ ته توهان اوميگا 3 جزا گورين مان حاصل ڪريو يا مڇيءَ ۽ تيل مان پر اهي مڪمل علاج ڪو نه آهي. تنهن ڪري توهان کي مڪمل طور گهربل متوازن غذا کائڻي پوندي. جنهن ۾ ڪيليريون ۽ سڻڀ گهٽ هجي گهڻا ماڻهو متوازن غذا ڪو نه کائيندا آهن ۽ اهي گهڻي سڻڀ وارا کاڌا کائيندا آهن ۽ توهان جيڪڏهن انهن جهڙو کاڌو کائيندا ته پاڻ لاءِ تڪليف جو باعث ٿيندا. هونئن به سنڌي ۾ چَوَڻي آهي ته ”پنهنجي وڍي جو ويڄ نه طبيب.“


    ڪانگريس واري لائبرري

    هي ڪتب خانو، آمريڪا ملڪ جي قومي اسيمبلي، جنهن کي اهي ڪانگريس چوندا آهن، تنهن جي آئيني، قانوني ۽ سرڪاري علمي ضرورتن جي پورائي لاءِ تحيقيقاتي قومي ڪتب خاني ۽ آمريڪا جي قديم ترين وفاقي ثقافتي اداري جي حيثيت ۾ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن جي واشنگٽن ڊي سي نالي علائقي ۾ موجود چئين عمارتن ۾ قائم آهي. منجهس موجود ڪتابن جي تعداد موجب اهو دنيا جو سڀني کان وڏو ڪتب خانو آهي. ڪتب خاني جي مکيه منتظم کي ”لائبريريئن آف ڪانگريس“ چوندا آهن. انهيءَ آساميءَ تي هن وقت مسٽر جيمس ايڇ پلنگٽن مقرر آهي. هي ڪتب خانو ڪانگريس واسطي سن 1800ع ۾ ڪانگريس واري عمارت ۾ ئي قائم ڪيو ويو ۽ اوڻيهَئين صديءَ جو گهڻو عرصو اتي ئي برقرار رهيو. سن 1812ع واري جنگ دؤران ڪتابن جي اصل گڏ ڪيل ذخيري جو وڏو حصو تباهه ٿيڻ کان پوءِ، انهيءَ وقت آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن سن 1815ع ۾ پنهنجا ذاتي خريد ڪيل ڇهه هزار چار سؤ ستاسي ڪتاب هن لائبرريءَ کي وِڪڻي ڏنا. زوال واري عرصي کان پوءِ اوڻِيهَئين صديءَ جي وچ دؤران آمريڪا واري گهرو لڙائيءَ کان پوءِ ڪانگريس واري لائبرري وسعت توڙي اهميت ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندي پنهنجي الڳ نئين عمارت حاصل ڪئي ۽ ڪانگريس سان وابسته ۽ ٻيا واسطيدار سمورا ڪتاب، مسودا، دستاويز، نقشا ۽ مخطوطا وغيره لائبرريءَ جي نئين عمارت ۾ آڻي خوش اصلوبيءَ سان محفوظ ڪيا. وِيهَئين صديءَ واري تيزيءَ تي مشتمل توسيع واري عمل دؤران هن لائبرريءَ آمريڪي عوام ۽ خصوصي طور آمريڪي عالمن ۽ دانشورن لاءِ ملڪ ۾ علم ۽ آگهيءَ جي عظيم گهواري جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو لائق رتبو حاصل ڪيو. انهيءَ موجب هن ڪتب خاني جو بنيادي مقصد آمريڪي ڪانگريس لاءِ ڪانگريس جي ميمبرن تي مشتمل تحقيقاتي ۽ جائزه ڪميٽين لاءِ گهربل مڪمل بندوبست ۽ اهتمام ڪرڻ آهي. هيءَ لائبرري عوام لاءِ کليل هئڻ جي باوجود انهيءَ جي ڪتابن جي چڪاس جي اجازت فقط ڪانگريس جي ميمبرن، سپريم ڪورٽ جي ججن، ڪتب خاني جي ملازمن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن کي آهي. حقيقي طور اعليٰ قومي لائبرريءَ جي حيثيت ۾ هيءَ لائبرري آمريڪن فوڪ لائيف سينٽر، آمريڪن ميمري، سينٽر فار دي بُڪ ۽ پوئيٽ لاريئيٽ نالي سان عام تعليم ۽ آمريڪن ادب بابت منصوبن تي عمل پيره آهي.
    ملڪ آمريڪا جي گادي فِلاڊيلفيا شهر مان کڻي واشنگٽن شهر ۾ قائم ڪرڻ بابت آمريڪا جي صدر جان ايڊمس 24 اپريل سن 1800ع تي هڪڙي ”ايڪٽ آف ڪانگريس“ نالي قانون تي صحيح ڪئي، تڏهن ڪانگريس واري لائبرري به قائم ڪئي وئي. انهيءَ ايڪٽ تحت ڪانگريس لاءِ گهربل ضروري ڪتابن خريدڻ ۽ لائبرريءَ لاءِ عمارت واسطي پنج هزار ڊالر منظور ڪيا ويا. 740 ڪتاب ۽ ٽي نقشا لنڊن مان خريد ڪيا ويا ۽ ڪانگريس جي عمارت جي هڪ ڪمري ۾ ڪتب خانو قائم ڪيو ويو. آمريڪا جي صدر ٿامس جيفرسن هن لائبرري جي قيام بابت پهريون بنيادي قانون 26 جنوري 1802ع تي ڪانگريس کان پاس ڪرائي صحيح ڪيو، جنهن ۾ لائبرريءَ لاءِ عمارت جي تعمير، لائبرريءَ جو سمورو انتظام سنڀاليندڙ هڪ جوائنٽ ڪميٽيءَ جي تشڪيل، ”لائيبرَريئَن آف ڪانگريس“ نالي ڪتب خاني جي مُکُ ملازم جي آساميءَ جي قيام، جنهن کي صدر مقرر ڪندو ۽ ڪتابن جي حصول لاءِ صدر ۽ نائب صدر کي اختيار ڏيڻ بابت قاعدا ۽ قانون درج ٿيل هئا. آگسٽ سن 1814ع ۾ برطانوي حمله آور فوج ڪانگريس واري عمارت کي باهه ڏني، جنهن ڪري لائبرريءَ ۾ رکيل ٽي هزار کن ڪتاب سڙي ويا. انهيءَ واقعي کان پوءِ هڪ مهيني اندر ئي سابق آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن پنهنجي ذاتي لائبرري ڪانگريس کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. سندس انهي آڇ کي قبول ڪندي ڪانگريس جنوري 1815ع ۾ جيفرسن جي ڪتب خاني ۾ گڏ ڪيل سمورا ڪتاب، جن جو ڪل تعداد ڇهه هزار، چار سؤ ستاسي هو، ٽيوِيهه هزار، نَوَ سؤ پنجاهه ڊالرن ۾ خريد ڪيا. ڪتابن جي انهيءَ ذخيري ۾ پرڏيهي ٻولين ۾ خالص ادب کان سواءِ فلسفي، سائنس، عمارت سازي، قانون ۽ لطف واري ڳالهه ته رڌ پچاء بابت به ڪجهه ڪتاب شامل هئا. آمريڪا واري گهرو لڙائيءَ کان اڳ واري عرصي دؤران هن لائبرريءَ لاءِ ڏکيا ڏينهن هئا. 1850ع واري ڏهاڪي دؤران اِسمِٿِسَنِيئَنِ اِنسٽِيٽِوُٽِ واري لائبرريئن چارلس ڪافن جوئيٽ جارحانه نموني سندن اداري کي آمريڪا جي قومي لائبرري بنائڻ واسطي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن اداري جي سيڪريٽريءَ جوزف هينري سندس انهيءَ مقصد کي رد ڪرائي ڪانگريس لائبرريءَ جي ترقي ۽ انهيءَ کي آمريڪا جي قومي لائبرري بنائڻ جي حمايت ڪئي ۽ جولاءِ 1854ع ۾ چارلس ڪافن جوئيٽ کي پنهنجي اداري مان ئي ڪڍائي ڇڏيو. بعد ۾ سن 1866ع ۾ جوزف هينري سندن اداري اِسمِٿِسَنِيئَن اِنسِٽِيٽِيُوٽِ واري لائيبرريءَ چاليهه هزار ڪتابن جو بهترين ذخيرو ڪانگريس جي لائبرري کي ڏيئي ڇڏيو. 24 ڊسمبر 1851ع ۾ لائبرريءَ کي سندس قيام واري تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڀيانڪ باهه لڳي، جنهن ڪري ڪتابن جي ڪل ذخيري يعني پنجونجاهه هزار ڪتابن مان تقريباً پنجٽيهه هزار ڪتاب سڙي ويا، انهن ۾ سابق صدر جيفرسن جي ڪتابن جو به وڏو حصو باهه جي نذر ٿي ويو. تنهنڪري سن 1852ع ۾ ڪانگريس، ساڳين سڙي ويل ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ هڪ لک، اَٺهٺ هزار، ست سؤ ڊالر منظور ڪيا. انهن پراڻن ڪتابن کان سواءِ ڪي ٻيا نوان ڪتاب يا ڪو نئون گهربل سامان خريد ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪوشش ڪا نه ٿي، اهڙيءَ رَوَش لائبرريءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ جي شروعات ڪئي. انهيءَ رَوَشَ جو ڪارڻ، دقيانوسي سوچ جا حامل عامل، هڪ لائبرريئن جان سِلِوا مِيهَنِن ۽ ٻيو لائبرريءَ جو انتظام هلائيندڙ اداري جوائنٽ ڪميٽيءَ جو چيئرمين جيمسِ اي پيئرسِ هو، جن لائبرريءَ جي ترقي توڙي اتي ٿيندڙ تدريسي ۽ تحقيقاتي عمل ۾ رنڊڪون ۽ رُخنا وجهڻ شروع ڪيا. سن 1857ع ۾ ڪانگريس سرڪاري دستاويزات جي اشاعت ۽ ورهاست جون ذميواريون گهرو معاملن واري کاتي کي سونپيون ۽ لائبرريءَ طرفان ٿيندڙ عالمي پيماني تي ڪتابن جي ڏي وٺ وارو پروگرام به ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جي حوالي ڪيو ويو. سن 1861ع ۾ آمريڪي صدر اَبراهامِ لِنڪَن طرفان سياسي بنيادن موافق جان جِي اِسٽِيفَنسَن جي لائبرريئن آف ڪانگريس طور مقرريءَ هن ڪتب خاني کي ويتر وڌيڪ ڪمزور ڪيو، ڇو ته ان شخص لائبرريءَ بابت ڪجهه به نه سوچيو ۽ ڪيو. هو ملڪ ۾ جاري گهرو ويڙهه دؤران پنهنجي پارٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ وفادار رضاڪار طور مشغول رهيو. مذڪور گهرو ويڙهه جي اختتام تي لائبرريءَ ۾ اسي هزار ڪتابن جا جلد موجود هئا، پر انهن جي سار سنڀال خاطر فقط ست ملازم مقرر ٿيل هئا. سن 1859ع ۾ ڪاپي رائيٽ آفيسن يعني اشاعت ۽ نقل يا اُتارڻ جي حق وارن دفترن کي آمريڪا جي پَيٽَنٽ آفيس يعني ڪنهن به قدرتي يا ايجاد ڪيل جنس يا شيءِ جي تحفظ استعمال ۽ واپار جو اختيار ڏيندڙ اداري جي حوالي ڪرڻ سان، انهن سمورن ڪاپي رائيٽيڊ ڪتابن ۽ پمفليٽن کي هن ڪتب خاني ۾ سنڀالي گڏ ڪري رکڻ وارو گذريل تيرهن سالن کان ٿيندڙ ڪردار ختم ٿي ويو. اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ دؤران خصوصي طور سن 1865ع کان 1897ع واري عرصي ۾ هڪ لائق انسان، لائبرريئن، آئِنس وَرِٿِ رَينڊ اِسپافورڊ جي ايامڪاريءَ دؤران هن ڪتب خاني کي وري ترقيءَ جي راهه تي آندو ويو. انهيءَ وقت وفاقي حڪومت جي سڀ طرفي توسيع ۽ سازگار سياسي وايومنڊل ۾، آمريڪا جي قومي ڪتب خاني ۽ قانون سازيءَ لاءِ مکيه ۽ مفيد مواد مهيا ڪندڙ اداري جي حيثيت سان، ممڪن امداد حاصل ڪرائيندي مسٽر اسپافورڊ نيڪ نِيَتِي، ڪُشاده دِلِي ۽ اوِرِچائيءَ سان آمريڪي ادب تي مشتمل نوان توڙي پراڻا ڪتاب، نُسِخا، مُسَوَدا، ڪتابچا پفليٽ، پرچا، مصوريءَ جا جديد توڙي قديم شاهڪار فن پارا ۽ فرنيچر جا عناصر ڳولي گڏ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ شروع ڪيا، ڪتب خاني لاءِ گهربل نئين عمارت اڏائڻ لڳو ۽ لائبرريئن کي هڪ بااختيار ۽ خود مختيار حيثيت جو حامل عملدار بنائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سن 1865ع ۽ 1870ع جي وچ ۾ آمريڪي ڪانگريس سابق صدر ٿامس جيفرسن جي نالي سان عمارت جي تعمير لاءِ پئسا منظور ڪيا. ان عمارت ۾ ڪاپي رائيٽ تي مشتمل سمورا ڪتاب، نسخا ۽ دستاويز رکيا ويا، انهيءَ سلسلي ۾ ٿيندڙ سموريون سرگرميون، توڙي عالمي پيماني تي ڪتابن جي ڏيتي ليتيءَ جا اختيار ڪتب خاني کي سونپيا ويا. آمريڪي تاريخدان پيٽرفورس جون عاليشان لائبرريون پڻ هن لائبرريءَ کي مِليون، جنهن ڪري هن لائبرريءَ جي سائنسي توڙي خالص ادب ۽ ٻين فنون لطيفه جي فن پارن جي تعداد ۾ خاطر خواهه اضافو ٿيو. سن 1876ع ۾ بوسٽن پبلڪ لائبرريءَ کي هن لائبرري سان ملايو ويو ته هيءَ آمريڪا جي سڀني کان وڏي لائبرري ٿي پئي ۽ منجهس ڪتابن جو ذخيرو ٽن لکن کي وڃي رسيو. جڏهن سن 1897ع ۾ لائبرريءَ کي پنهنجي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، انهيءَ وقت منجهس اٺ لک اسي هزار ڪتاب موجود هئا، جن ۾ چاليهه سيڪڙو ڪتاب ڪاپي رائيٽ ڊپازٽ تي مشتمل هئا. لائبرريءَ جي نئين عمارت ۾ منتقليءَ کان اڳ انهيءَ جي مستقبل ۾ سڌاري، واڌاري ۽ ترقي بابت جوائنٽ لائبرري ڪميٽي جون چند گڏجاڻيون ٿيون، جنهن ۾ آمريڪن لائبرري اَيسوسيئيشن طرفان ڇهه ماهر نمائندا شريڪ ٿيا، انهن ۾ هڪڙو مسٽر هربرٽ پٽنيم، جيڪو مستقبل ۾ هن لائبرري جو لائبريريئن مقرر ٿيڻ وارو هو ۽ نيويارڪ اسٽيٽ لائبرريءَ وارو ميلوِل ڊِيُوئي به شامل هو. مزڪور ڪميٽيءَ جي فيصلن ۽ تجويزن جي روشنيءَ ۾ سينيٽرن: جَسِٽِن مارِل ۽ ڊينِيئَل وورِهِيز جي مدد سان ڪانگريس لائبرريءَ جي ملازمن جو تعداد، جيڪو ان وقت ٻائيتاليهه هو، وڌائي هڪ سئو اَٺ ڪيو ۽ گهربل نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا. لائبريريئن جا اختيار وڌايا ويا، جنهن موجب هو گهربل وڌيڪ ملازم به مقرر ڪري سگهيو ٿي. اهڙيءَ طرح سن 1897ع ۾ نئين انتظامي جوڙجڪ تحت هن ڪتب خاني تيزيءَ سان ترقيءَ جي راهه تي هلڻ شروع ڪيو. اسپافورڊ جي جاءِ نشين لائبريريئن جان رُسل يَنگِ، پنهنجي فقط ٻن سالن جي نوڪري دؤران ٻاهريَن ملڪن کان امداد حاصل ڪري لائبرريءَ طرفان نابين ۽ معزور ماڻهن جي امداد بابت هڪڙو پروجيڪٽ قائم ڪيو. مسٽر ينگ جي جاءِ نشين لائبريريئن هربرٽ پُٽنَيمِ لڳاتار چاليهه سال انهيءَ عهدي تي رهيو. هن ٻن سالن اندر ڪتابن جو تعداد ڏهه لک تائين پهچايو. هن لائبرريءَ کي عوام توڙي ٻين ڪتب خانن لاءِ فائديمند بنايو ۽ لائبرري لون سروس قائم ڪري انهيءَ کي تحقيق ڪندڙ عالمن ۽ سائنسدانن جي تحقيق ۽ تجربن واسطي ڪارگر بنايو. عالمن ۽ دانشورن جي ڀلائيءَ خاطر ڪتب خاني ۾ موجود بنيادي مواد جي اشاعت شروع ڪئي. هن صاحب صدر ٿيوڊور روز ويلٽ کي دليلن سان راضي ڪري کانئس آرڊر ڪرائي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رکيل ڪانگريس ۽ ان جي لائبرريءَ متعلق اصل ڪاغذ پٽ ۽ ٻيو رڪارڊ هن لائبرريءَ ۾ منتقل ڪرايو. سن 1904ع ۾ اِنڊيڪا واري لائبرريءَ جا چار هزار ڪتاب خريد ڪيا، سن 1906ع ۾ جي وي يوڊِن واري روسي لائبرري خريد ڪئي جنهن ۾ اسي هزار ڪتاب هئا. سن 1908ع ۾ اوپيرا ۽ بيليٽ بابت ڪتابن جو ذخيرو خريد ڪيو ويو. سن 1930ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ رومانوف ڪٽنب جي ڪتب خاني ۾ رکيل روسي شاهي خاندان جي گڏ ڪيل ناياب ڪتابن جو ذخيرو، جنهن ۾ ٻه هزار ڇهه سؤ انمول نسخا هئا، خريد ڪيو ويو. عبراني، چيني ۽ جپاني ڪتاب پڻ خريد ڪيا ويا. سن 1929ع ۾ ڪانگريس پنهنجي ميمبر راس ڪولنس جي رٿ بحال ڪندي آڳاٽي ادب جا ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ پندرهن لک ڊالر لائبرريءَ کي منظور ڪري ڏنا، جنهن تحت اوٽو وولبهر وارو آڳاٽي ادب جو ناياب ذخيرو خريد ڪيو ويو، جنهن ۾ انجيل ۽ تورات جو گڏيل نسخو جيڪو اصلي چمڙي مان ٺهيل ڪاغذ تي لکيل هو موجود هو. سن 1914ع ۾ پُٽنَيمِ ليجسِليٽِوِ رِفَرَنسِ سروس نالي لائبرريءَ ۾ هڪ جدا انتظامي دفتر قائم ڪيو، جنهن تحت ڪانگريس طرفان ٿيندڙ انڪوائرين ۾ گهربل مواد مهيا ڪيو ويندو آهي. سن 1965ع ۾ ڪانگريس هڪ ايڪٽ پاس ڪيو، جنهن موجب لائبرريءَ ٽرسٽ فنڊ بورڊ نالي هڪ نئون دفتر قائم ڪيو ۽ جيڪو چندي، امداد ۽ بخشش طور مليل رقم حاصل ڪري مختلف علوم و فنون جي سرپرستي ڪري ٿو. مخير حضرات ۾ راڪ فيلر، وِلبَر ۽ هنٽنگٽن شامل آهن. ڪِلارِڪ وِٽال پنج وايولن (ساز) ڏنا. ايلزابيٿ اِسپِرَيگ ڪُولج راڳ جي محفلن لاءِ هال ٺهرائڻ لاءِ گهربل رقم ڏني. اهڙيءَ طرح هن فند جي نسبت مختلف عملن لاءِ گهربل دفتر قائم ڪيا ويا. لائبرريءَ ۾ ڪتابن جو ذخيرو عمارت جي گنجائش کان وڌي وڃڻ سبب ڪانگريس سن 1928ع ۾ لائبرري جي عمارت جي ڀرسان زمين لائبرريءَ لاءِ گهربل وڌيڪ جڳهه ٺهرائڻ لاءِ وٺي ڏني، جتي گهربل عمارت 1938ع ۾ جُڙي راس ٿي ۽ عوام لاءِ 1939ع ۾ کولي وئي. سن 1939ع ۾ مسٽر پُٽنَيم جي رٽائر ٿيڻ بعد صدر فِرَينڪِلِن رُوزويلٽ، آرڪِيبالڊ مَيڪلِيش کي لائبرريئن مقرر ڪيو، جيڪو ٻي عالمي جنگ دؤران پنهنجي عهدي تي نهايت سرگرم رهيو. هن ملڪ جي ٻين لائبريريئنس يعني ڪتب خانن جي مک عملدارن کي جمهوريت جي حمايت ۽ مطلق العناني جي مخالفت خاطر ڀرپور نموني ترغيب ڏني. هن لائبرريءَ جي ايڊمِس بِلڊنگ وارو ڏاکڻيون ريڊنگ روم سابق جمهوريت پرست صدر ٿامس جيفرسن جي نالي منسوب ڪيو، هڪ پينٽر عزرا وِنٽر کان ان جي ديوارن تي جمهوريت جي تصور موافق نقاشي ڪرائي ۽ منجهس ”ڊيموڪريسي اَلڪووِ“ نالي هڪڙو جارو يا ديوار ۾ ٺهيل ڪٻٽ ٺهرايو، جنهن ۾ آمريڪا جي آئين، وفاق ۽ آزاديءَ جي اعلان وارو مسودو ۽ ٻيا تمام اهم سرڪاري ڪاغذ محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. ٻي عالمي جنگ دؤران اهي اهم دستاويزات فورٽ ناڪس نالي قلعي ۾ محفوظ ڪيا ويا هئا. ميڪ ليش کان استعيفا ڏياري کيس سن 1944ع ۾ صدر هيري ٽِرُومين اَسِسِٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مقررڪيو ۽ سندس جاءِ تي لُوٿر ايوانِس کي لائبرريئن بنايو. 1953ع تائين انهيءَ عهدي تي رهندي هن ڪتبخاني معرفت ڏيساور علمي، ادبي توڙي سماجي ۽ عالمي سطح تي سياسي مشاورتي وفد موڪليا. انهن جي نتيجي طور اقوام متحده جي قيام، نيشنل ڊائيٽ لائبرريءَ جي قيام لاءِ ۽ لائبرري آف ڪانگريس توڙي آمريڪا جي ٻين ڪتب خانن واسطي يورپي پَبلِيڪيشن جي ادارن طرفان تعاون حاصل ڪيو. ايوانس جي جانشين ڪُئِنِسي ممفورد 1974ع تائين لائبرريئن جو عهدو سنڀاليو. سندس ايام ڪاريءَ ۾ هن ڪتب خاني لاءِ گهربل ٽِئين عمارت جيمس مَيڊِيسَن ميموريئَل بلڊنگ ٺهي ۽ ڪاهره ۽ نئين دهلي شهرن ۾ اڪُئِيزيشن سينٽر قائم ٿيا. ڪتابن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪڙو سيل يا دفتر قائم ڪيو ويو جيڪو سڄي آمريڪا ۾ پنهنجي نوعيت جو حامل واحد ادارو هو. سن 1970ع ۾ هڪ ايڪٽ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هن لائبرريءَ جي ماتحت هلندڙ اداري ليجسليٽِوِ رِفَرَنسِ سروس جو نالو بدلائي ”ڪانگريسنل ريسرچ سروس“ مقرر ڪيو ممفورڊ جي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ صدر جيرالڊ فورڊ، 1974ع ۾ ڊينيئل بورسٽِن کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو، جنهن لائبرريءَ کي 82 1981ع جي وچ ۾ نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو. هن لائبرريئن جي ايامڪاريءَ ۾ 1975ع ۾ لائبرريءَ جي بجيٽ وڌائي 116 مليئن ڪئي وئي ۽ 1987ع ۾ اها وڌائي اڍائي سؤ مليئن ڪئي وئي ته بورسٽن عالمن، اديبن، ثقافتي ۽ سماجي اڳواڻن اشاعتي ادارن ۽ تاجران حضرات سان خوشگوار تعلقات قائم ڪيا ۽ لکين ڪتاب، مسودا، دستاويزات ڪتابچا ۽ ٻيا اهم ڪاغذات شائع ۽ محفوظ ڪرايا. سندس ريٽائيرمينٽ تي مشهور جريدي نيويارڪ ٽائيمس پنهنجي تاثر ۾ لکيو ته هو قوم جو هڪ عظيم دانشور عملدار هو. سندس آساميءَ تي صدر رونالڊ ريگن جَيمِس بلنگِٽَن کي تيرهين لائبريريئن طور مقرر ڪيو. هن 1991ع ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال وسيلي ملڪ جي ٻين لائبررين ۽ تعليمي ادارن سان انٽرنيٽ سان پنهنجي لائبرري کي ڳنڍي سمورن ادارن کي باهمي فائدو ڏنو. سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اوڀر يورپ جي ملڪن سان باهمي تعاون جي بنياد تي تعلقات قائم ڪيا ۽ انهن ملڪن کي سندن پارليامينٽن جا ڪتب خانا قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 1990ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ”ورلڊ ڊِجيٽَل لائبرري“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن وسيلي ڪتابن کي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. سن 2010ع ۾ ٽيوِٽَر آرڪائيو سسٽم تحت پڻ مختلف علوم کي محفوظ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. هن عظيم ڪتب خاني ۾ 470 ٻولين ۾ ٽي ڪروڙ ويهه لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن. تنهن کان سواءِ هتي 6 ڪروڙ، ڏهن لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ ڪتابن جا هٿ سان لکيل مسوَدا، نسخا، آمريڪا جي آزادي جو اعلان يا پڌرنامون اصل حالت ۾ ۽ چمڙي جي ڪاغذ تي لکيل گوٽِن برگ بائيبل جي دنيا ۾ باقي بچي ويل فقط چَئين نُسخن مان هڪڙو نسخو به موجود آهي. ڏهن لکن کان وڌيڪ آمريڪي سرڪاري ڇپيل دستاويز، گذريل ٽن صدين دؤران شايع ٿيل اخبارن جون ڏهه لک ڪاپيون ۽ بائينڊ ٿيل يعني جلد ٺاهيل اخبارن جا ٽيٽيهه هزار واليوم، پنج لک مائيڪروم فلمن جا ريل، ڇهه هزار ڪامڪ بڪ ٽائيٽل فلمون، ٽيونجاهه لک نقشا، سٺ لک موسيقيءَ جون شيٽون، ٽيهه لک سائونڊنگ رڪارڊ، هڪ ڪروڙ، ستيتاليهه لکن کان به زياده انگ ۾ فوٽوگراف، فائين آرٽ ۽ پاپيولر آرٽ جا فن پارا ۽ تعميراتي ڊرائنگ تصويرون ۽ ڪيترائي ساز به هن لائيبرريءَ جي ضخيم ذخيري ۾ موجود آهن.
    لائبرريءَ طرفان پنهنجي ڪتابن کي مضمونن، عنوانن نظريئن، اصولن، قائدن ۽ قانونن، علائقن ۽ مختلف علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تهذيبي دؤرن جي نسبت سان تحقيق واسطي ترتيب جو هڪڙو ڏاڍو ڪارائتو سرشتو جوڙيو آهي جنهن مان ملڪ جي سڀني ڪتب خانن توڙي تعليمي ادارن کي وڏو لاڀ حاصل ٿئي ٿو. هيءَ لائبرري آمريڪا جي ڪاپي رائيٽ آفيس سان گڏ ڪاپي رائيٽ رجسٽريشن جي رڪارڊ ۽ واسطيدار دستاويزن جي محفوظ بئنڪ وارو ڪردار پڻ ادا ڪري ٿي. مذڪور مقصد جي حصول واسطي ملڪ جا سمورا رجسٽر ٿيل توڙي رجسٽر نه ٿيل پَبِلشَر پنهنجي شايع ڪرائيل هر ڪتاب، پمفليٽ توڙي ٻئي چپيل مواد جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪاپيون هِن لائبرريءَ کي ڏيندا آهن. انهيءَ عمل کي مَينِڊيٽَرِي ڊِپازِٽ يعني اصولي طور لازمي جمع بندي چوندا آهن، جنهن موجب آمريڪا ۾ ڇپجندڙ نون ڪتابن توڙي ٻين دستاويزن جون هر ڪم واري ڏينهن تقريباً ٻاويهه هزار ڪاپيون لائبرريءَ ۾ جمع ٿين ٿيون. عام تاثر جي ابتڙ هتي جمع ٿيندڙ سموريون ڪاپيون لائبرريءَ جي مستقل ذخيري واري ڪيٽالاگ ۾ داخل نَٿيون ٿين. البت سرسري طور ڏهه هزار ڪاپين جي داخلا ٿئي ٿي. داخلا کان بچيل ڪاپيون ٻاهرين ملڪن جي لائبررين کي، آمريڪا ۾ وفاقي ايجنسين، اسڪولن ۽ ٻين علمي ادبي ۽ فلاحي ادارن کي عطئي طور ڏنيون وڃن ٿيون. ڪانگريس واري هن عظيم لائبرريءَ ۾ ڪتابن جي ڪٻٽن جي ڪل تعداد جي مجموعي ڊيگهه 833 ميل کن ٿيندي، جڏهن ته بربش لائبرريءَ ۾ ڪٻٽن جي مجموعي ڊيگهه 388 ميل کن ڄاڻائي وئي آهي. هن ڪانگريس واري لائبرريءَ ۾ مجموعي طور تقريباً چوڏهن ڪروڙ، ستر لک ائٽم يعني شيون موجود آهن، جن۾ اٽڪل ٽي ڪروڙ، ٽيهه لک ڪتاب پڻ شامل آهن. هن لائبرريءَ جي ويب سائيٽن تي هر موضوع بابت تقريباً سموري معلومات موجود ملندي. ڪانگريس جي لائبرري ڪانگريس بلڊنگ جي ويجهو ٺهيل ٽن عمارتن تي مشتمل آهي، جيڪي زير زمين گذر گاهن وسيلي ڳنڍيل آهن. گهٽ استعمال ٿيندڙ شين ۽ ڪتابن جو ذخيرو ورجينيا رياست جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ معقول ماڳ تي، هڪ سٺي عمارت ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. هي ڪتب خانو عموماً عوام ۽ سياحن جي گهمڻ لاءِ کليل آهي پر ريڊنگ رُومن ۾ داخلا جي اجازت فقط ريڊنگ سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن کي آهي. اهڙا ڪارڊ لائبرريءَ جي ميڊيسن بلڊنگ ۾ اهڙن ماڻهن کي ملي سگهندا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ سورهن سال عمر جا هوندا ۽ وٽن سرڪاري سڃاڻپ ڪارڊ يا ڊرائيونگ لائسنس يا پاسپورٽ هوندو. باقي ڪانگريس جا ميمبر ۽ اهلڪار، سپريم ڪورٽ جا جج ۽ اهلڪار، هن لائبرريءَ جا اهلڪار ۽ ٻيا سرڪاري ڪامورا لائبرريءَ جي مڙني شين کي استعمال ڪرڻ جا مجاز آهن. ڪتاب پڙهڻ وارو ڪارڊ رکندڙن کي به ڪتاب ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت ڪانهي. اهي فقط ريڊنگ رومن ۾ ئي ڪتاب پڙهي سگهن ٿا.


    ويـٽـيـڪـن لائـبـرري

    هي لئبرري پوپ سِڪِسٽسِ چوٿئين سن 1474ع ۾ قائم ڪئي هئي، هيترين صدين جي سفر دوران اُها گهڻو وڌي ويجهي آهي. سن 1987ع ۽ 1589ع جي وچ ۾ مشهور معمار ڊومينيڪو فونٽانا Domenico fontana پوپ سِڪِسِٽسِ پنجين واسطي لائبرري لاءِ گهربل هڪ شاهي هال تعمير ڪرايو. پوپ انهيءَ هال تي سَلِون سِسِٽِينو Salone Sistino نالو رکيو. هن هال ۾ ست پيلپاوا آهن جن جي وچ ۾ ويهڻ لاءِ رکيل بينچن جون 3 ٽي قطارون آهن. پلرن تي فريسڪو پلستر تي پوپ سِڪِسِٽَسِ پنجين جي دؤر جا مکيه ڪارناما پينٽ ٿيل آهن. هن لائبرري ۾ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا هٿ جا لکيل نُسخا، علمي ۽ ادبي تاريخي ۽ ثقافتي شخيصتن جا آٽوگراف، ناياب دستاويز ۽ ڪتاب ۽ ٻيون نادر لوازمات مختلف موزون شيلف، شو ڪيسن ۽ ڪٻٽن ۾ نمائش ۽ انهن مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪري رکيون ويون آهن.
    لائبرريءَ سان مُنسلڪ 12 ننڍا ڪمرا پڻ پنهنجي مقصد موجب وڏي اهميت جا حامل آهن. انهن مان هڪ روم ۾ پوپن Popes ڏانهن موڪليل خراج عقيدت جا دستاويز، بيان ۽ خط ۽ تارون وغيره جيڪي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سندن پوئلڳن جا موڪليل آهن. محفوظ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ موڪليندڙ جون سموريون ايڊريسون به شامل آهن. هن روم جو نالو انگريزي ۾ ئي درست رهندو جيڪو Sala Degli Indirizzi Di Pio IX آهي. هن روم جي ڀر ۾ سينٽ پائيس پنجين جو جوڙيل ننڍڙو عبادت خانو آهي. هن ننڍڙي گرجا ۾ شهيد سينٽ پيٽر جي زندگيءَ جي واقعن کي مشهور مصور جيڪو پوزُوشي Jacopozucchi فريسڪو پلستر تي پينت ڪيو آهي.
    هڪ ٻيو ڪمرو جنهن ۾ سڪندر اعظم ۽ راڻي راڪسانا جي شادي جون تصويرون رکيل آهن. اهي تصويرون فريسڪو پلستر تي ٺهيل آهن سي اصل ۾ هڪ محلات جي باغ مان لڌيون ويون هيون پوءِ هتي محفوظ ڪيون ويون. هن ڪمري جو نالو انهيءَ محلات وارو قائم ڪيو ويو جيڪو آهي: Sala Delle Zozze Aldobrandine Sala Del Papiri سالا ڊيل پيپري نالي واري روم ۾ شيشي جون ٺهيل شيون نمائش لاءِ رکيل آهن.
    ميوزم سيڪرو Musea Sacro نالي ڪمري ۾ قديم ڪرسچن نوادرات محفوظ آهي. گيلري آف اربن ايٽ Gallery of Urban VIII نالي واري ڪمري ۾ سائنسي اوزارن جي نمائش قائم ڪيل آهي. هن کان سواءِ ٻيا به هيٺين نالن وارا ڪمرا آهن جهڙوڪ:
    Pauline Room (Sale Pauline)
    Sala Alesandrina
    Galleria elementina
    Museo Profano
    انهن ڪمرن ۾ ڪيتريون ئي ناياب شيون محفوظ ڪيل آهن.


    آڪـسـفـورڊ يـونـيـورسـٽـي

    آڪسفورڊ يونيورسٽي انگلينڊ جي سڀني کان جهوني ۽ تاريخي طور نرالي حيثيت جي حامل مادر علمي آهي جيڪا لڳاتار نون صدين کان وٺي تدريس ۽ تحقيق جو عمل برقرار رکيو اچي. انهيءَ جو بنياد پوڻ جي حقيقي تاريخ ته معلوم ڪونهي پر سن 1096ع ۾ اُتي درس ۽ تدريس جو عمل باقائدي جاري هو ۽ سن 1167ع ۾ بادشاهه هينري ثاني، جڏهن انگريز شاگردن تي پيرس يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ تي بندش وڌي، تڏهن کان وٺي هيءَ يونيورسٽي تيزي سان ترقي ڪرڻ لڳي.
    سن 1188ع ۾ انگريز تاريخدان جيرالڊ آف ويلس، آڪسفورڊ ۾ يونيورسٽي جي سمورن استادن جي ميڙ اڳيان پنهنجو مقالو پڙهي ٻڌايو. سن 1190ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون پرڏيهي شاگرد اچي داخل ٿيو. اهو ايمو (Emo) نالي فريس لينڊ Friesland جو باشندو هو. سن 1201ع ۾ يونيورسٽي جي ناظم اعليٰ کي ميجسٽر اسڪالرم آڪسوني (Magister Scolarum Oxanie) چوندا هئا، تنهن کي سن 1214ع ۾ چانسلر (Chancellor) ڪوٺڻ لڳا. سن 1231ع ۾ يونيورسٽيءَ کي ڪارپوريشن يعني مالياتي ۽ انتظامي طور پاڻ ڀرو ۽ آزاد حيثيت وارو ادارو تسليم ڪيو ويو.

    تيرهين صدي عيسوي ۾ آڪسفورڊ جي شهرين ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن درميان فساد ٿيڻ جي نتيجي طور يونيورسٽي انتظاميه طرفان قديم رهائشي هال تعمير ٿيڻ لڳا، انهن اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جي ماتحت هلندڙ ڪاليجن جي صورت اختيار ڪئي. انهن جو انتظام هلائيندڙ کي ماسٽر Master سڏيو ويندو هو. اهو منتظم يونيورسٽيءَ طرفان مقرر ڪيو ويندو هو. باليئل ڪاليج Balliol College ۽ مرٽن ڪاليج Merton College آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جا سڀ کان جهونا ڪاليج آهن جيڪي سن 1249ع دؤران قائم ٿيا هئا.
    انهي کانپوءِ هڪ صديءَ کان به ٿوري وقت اندر پنهنجي قدامت، نصاب، ضابطه عمل ۽ شاگردن لاءِ مهيا ڪيل سهولتن جي ڪري آڪسفورڊ وقت جي موجود سمورين درسگاهن ۾ اعليٰ رتبو حاصل ڪيو ۽ پوپن، بادشاهن ۽ وقت جي اڪابرين طرفان ان جي تعريف ۽ تعظيم ٿيڻ لڳي. سن 1355ع ۾ بادشاهه ايڊورڊ ٽئين يونيورسٽيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته يونيورسٽيءَ تدريسي عمل ۾ بي بها ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ آڪسفورڊ جا سَنَد يافتھ افراد رياستي ادارن ۾ عاليشان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي جس لهڻن.
    ڪجهه وقت کان پوءِ آڪسفورڊ وارا علماء ۽ اڪابر استاد مذهبي ۽ سياسي تڪرارن سبب اختلافن جو شڪار ٿيندي مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا. باليئل ڪاليج واري چوڏهين صديءَ واري ماسٽر يعني ناظم اعليٰ، جان وائڪلف John Wyclif ڪليسا جي خلاف بائيبل (توريت ۽ انجيل جي گڏيل نسخي) کي لاطيني ٻوليءَ بدران انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي ڇپائڻ واسطي وڏي مهم هلائي هئي. سن 1530ع ۾ بادشاهه هينري اٺين پنهنجي راڻي ڪَيٿرِين Catherine of Aragon کي ڏنل طلاق کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ يونيورسٽيءَ تي گهڻو دٻاءُ وڌو. سورهين صديءَ وارن سڌارن جي سرڪاري مهم دؤران Anglican Church اينجليڪن چرچ وارن عالمن Cramner، ڪرينمر، Latimer لاٽيمر ۽ Ridelyرِڊلي تي مذهبي بيحرمتيءَ جي الزام ۾ مقدمو هلائي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ اندر ساڙي ماريو ويو. انگلينڊ جي گهرو لڙائيءَ دؤران آڪسفورڊ يونيورسٽي بادشاهه جي حامي رهي، جنهن دؤران بادشاهه چارلس پهرئين يونيورسٽيءَ جي ڪانووڪيشن هال ۾ اصل پارليامينٽ جي خلاف نقلي پارليامينٽ جو اجلاس منعقد ڪيو هو. سترهين صديءَ جي آخري حصي دؤران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ واري جڳ مشهور مفڪر John Locke جان لاڪ کي غداريءَ ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، ارڙهين عيسوي صديءَ دؤران جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ قدامت پرست مذهبي رُجحان جي زور هوندي به تعليمي ڏِس ۾ قابل قدر تحقيق ۽ سائينسدانن طرفان نيون ايجادات ٿينديون رهيون. جاميٽريءَ جي پروفيسر Edmmad Halley فلڪياتي عنصر Conduct پڇر تاري جي وري آسمان تي ظاهر ٿيڻ جي پيشگوئي ڪئي، جيڪا صحيح ثابت ٿي ۽ انهي پڇرتاري تي ”هيلي“ يعني انهي پروفيسر جو نالو ڏنو ويو، انهيءَ عرصي دؤران يونيورسٽيءَ جي مذهبي قدامت پرست اڳواڻ John جان ۽ چارلس ويسلي Charles Wasleyوارن سخت جنوني مذهبي جلسا ڪري هڪڙي جنوني عيسائي فُرقي Methodist Society جو بنياد رکيو.
    مهاراڻي وڪٽوريا جي دؤر حڪومت ۾ خصوصي طور مذهبي فسادن جي حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مکيه ڪردار ادا ڪيو. هتي جي مذهبي عالمن جنوني مذهبي تحريڪ برقرار رکندي اينجليڪن فرقي ۾ ڪيٿولڪ جنوني نڪته نظر نئين سر اُجاگر ڪيو. آڪسفورڊ جي انهن مذهبي اڳواڻن مان هڪڙو John Henry Newman جان هينري نيومين سن 1845ع ۾ رومن ڪيٿولڪ فرقو اختيار ڪيو ۽ بعد ۾ هو Cordinal ڪارڊينل يعني پوري مُلڪ ۾ سمورن پادرين جو مک پادري مقرر ٿيو. سن 1860ع ۾ يونيورسٽيءَ جي نئين ميوزم ۾ عظيم مفڪر ٿامس هُڪسلي Thomas Huxley جيڪو ارتقا جي جديد نظريي جو وڏو حامي هو، ۽ هڪ پادري Bishop Wilberforce ولبر فورس جي وچ ۾ مشهور علمي مناظرو منعقد ٿيو هو.
    سن 1878ع کان وٺي عورتن جي لاءِ الڳ تعليمي درسگاهون قائم ٿينديون رهيون انهن کي سن 1920ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ سان الحاق حاصل ٿيو. سن 1947ع کان وٺي يونيورسٽيءَ سان ملحق 39 ڪاليجن پنهنجي اڳوڻي پاليسي تبديل ڪري مردن سان گڏ عورتن کي پڻ داخلا ڏيڻ شروع ڪئي، پر يونيورسٽيءَ جو فقط هڪڙو سينٽ هلڊاز ڪاليج آهي، جنهن ۾ اڃا تائين فقط عورتن کي ئي پڙهايو وڃي ٿو.
    ويهئين صدي عيسوي دؤران آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تدريسي عمل ۾ وڏي پيماني تي توسيع سمورن سائينسي شعبن ۾ تحقيق جي صورت ۾ ٿيندي رهي، جنهن ۾ طب ۽ دوا سازيءَ لاءِ علم ڪيميا ۾ خصوصي کوجنا قابل ذڪر رهي. اهڙيءَ ڪارڪردگيءَ سان يونيورسٽيءَ عالمي پيماني تي هڪ عظيم مادر علمي ۽ ڏاهپ جي مرڪز طور پنهنجي روايتي ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ مستحڪم بنايو.
    جوڙجڪ ۽ انتظامي طريقه ڪار جي حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽي پنهنجو انتظام پاڻ ئي هلائيندڙ آزاد علمي ادارو آهي، جنهن ۾ چاليهارو کَن ڪاليج مرڪزي ڍانچي يعني يونيورسٽيءَ ماتحت عمل پيرا آهن، وائيس چانسيلر يونيورسٽيءَ جو سڀ کان مٿانهون ناظم هوندو آهي، انهيءَ کانسواءِ پنج پرو وائيس چانسيلر مقرر ٿيل آهن، جيڪي پنجن مخصوص انتظامي شعبن جهڙوڪ
    1. ترقيات ۽ خارجه معاملات جو شعبو
    2. تعليمات جو شعبو
    3. ذاتي، انفرادي ۽ مساوي موقعا مهيا ڪندڙ شعبو
    4. وسائل ۽ منصوبه بنديءَ وارو شعبو ۽
    5. کوجنا ۽ تحقيق وارو شعبو
    کي سنڀاليندا آهن.
    يونيورسٽيءَ جو چانسلر، حزب معمول ملڪ جي مشهور ماڻهن مان هڪڙو تاحيات چونڊبو آهي. هن جو عهدو اعزازي هوندو آهي. هو يونيورسٽيءَ جي سمورين مکيه تقريبات جي اڳواڻي يا صدارت ڪندو آهي.
    آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو مکيه پاليسي ساز ادارو يونيورسٽيءَ جي ڪائونسل Council of the University سڏجي ٿو. ڪائونسل جا 26 ميمبر هوندا آهن، جن مان چار ميمبر غير يونيورسٽيءَ يعني يونيورسٽيءَ کان ٻاهران افراد مان چونڊبا آهن. باقي 22 ميمبر يونيورسٽيءَ اسٽاف ۽ ملحق ڪاليجن جي نمائيندن مان چونڊبا آهن. هيءَ ڪائونسل تعليمي پاليسي ۽ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ انهيءَ تي عمل پيرا ٿيڻ واسطي هدايات جاري ڪرڻ وارو واحد ادارو آهي، جيڪو چئن مکيه ڪاميٽين وسيلي سمورن قائدن قانونن ۽ پاليسين تي عمل در آمد ڪرائي ٿو. اهي ڪاميٽيون هيٺيون آهن.
    1. ايجوڪيشنل پاليسي ۽ اسٽينڊرڊ ڪاميٽي
    2. جنرل پَرپَزز ڪاميٽي
    3. پرسنل ڪاميٽي
    4. پلاننگ اينڊ رسورس ايلو ڪيشن ڪاميٽي
    يونيورسٽيءَ جي تدريس، تحقيق توڙي انتظامي معاملات نسبت قانون سازي ڪرڻ وارو آخري ادارو يونيورسٽيءَ جي قانون ساز مجلس Congregation آهي، انهيءَ مجلس جا 3700 ميمبر آهن، جن کي اڪيڊمڪ برانچ کوجنا جي شعبي، لائبرري، ميوزم ۽ ايڊمنسٽريشن شعبن جي ملازمن مان چونڊبو آهي.
    ماليات ۽ منصوبه بندي متعلق هر روز حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ واريون ذميواريون، يونيورسٽيءَ جي چئين تدريسي شعبن جهڙوڪ هيومينٽيز Humanities جي شعبي، رياضي، ۽ طبعي سائينسز واري شعبي، طبي سائينسز واري شعبي ۽ سماجي سائينسز واري شعبي کي سونپيل آهن. هر هڪ شعبي جو بورڊ چونڊيو ويندو آهي، شعبي جو اڳواڻ ڪل وقتي ملازمت جي اصول تحت مقرر هوندو آهي. تدريسي عمل جو تسلسل قائم رکڻ اڃا ٻئي بورڊ جي ذميواري هوندي آهي.
    انفرادي طور آزاد ۽ خودمختيار رهڻ جي باوجود اڳ ذڪر ڪيل 39 ڪاليج وفاقي اصول موجب الحاق قائم ڪندي هن مادر علميءَ جي جوڙجڪ ڪن ٿا. هر هڪ ڪاليج کي پري ڪائونسل طرفان تصديق ٿيل چارٽر ڏنو ويندو آهي، جنهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪاليج لاءِ هڪڙي مجلس عمل governing body يونيورسٽيءَ جي اهلڪارن تي مشتمل مقرر ڪيل هوندي آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ست دائمي پرائيويٽ هال يعني ڪاليج عيسائي مذهبي نالن سان قائم ٿيل آهن، جن ۾ اڃا تائين مذهبي اثرات موجود آهن.
    يونيورسٽيءَ جي ٽيهن 30 ڪاليجن ۽ مذڪور ستن پرائيويٽ هالن يا ڪاليجن ۾ شاگردن جي داخلا انڊر گريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ ڊگرين واسطي ٿيندي آهي. يونيورسٽيءَ جا ست ٻيا ڪاليج فقط گريجوئيٽ ڊگري وٺڻ وارن شاگردن جي داخلا لاءِ مخصوص آهن.
    يونيورسٽيءَ جي All Souls College آل سولس ڪاليج ۾ فقط Fellows داخل ٿين ٿا. ۽ يونيورسٽيءَ جي هڪڙي ٻئي Kellogg College ڪيلاگ ڪاليج ۾ پارٽ ٽائيم گريجوئيٽ ۽ پڙهائي برقرار رکندڙ شاگرد داخل ڪيا ويندا آهن.
    آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هر سال دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن ڇاڪاڻ ته اها دنيا جي قديم ۽ بهترين مادر علميءَ جي حيثيت سان حقيقي طلباءِ علم لاءِ واقع ڪشش جو باعث آهي، انهيءَ سبب آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سؤ ٽيهن کان به وڌيڪ قومن ۽ ملڪن جا شاگرد داخل آهن، هن يونيورسٽيءَ جا ڏيهي توڙي پرڏيهي کوجنا ڪندڙ ادارن، صنعتي ۽ تجارتي ادارن سان تدريس ۽ تحقيق واسطي مستحڪم تعلقات قائم آهن ته هن کان سواءِ يونيورسٽيءَ جون پنهنجون جڳ مشهور لائيبرريون، ليبارٽريون ۽ عجائب گهر به آهن جتي مطالعي، مشاهدي، تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ جون بهترين سهولتون ميسر آهن. يونيورسٽيءَ جي مخصوص ڪاليجي الحاق واري نظام سبب يونيورسٽيءَ جا استاد توڙي شاگرد پاڻ کي هڪڙيءَ ئي برادري جا ماڻهو يعني هڪ ٻئي کي پنهنجا عزيز قريب ڪري ليکين ۽ ورتاءِ ڪن ٿا. شاگردن کي هتي عظيم محققين جي ماتحت سکڻ جا موقعا ميسر آهن.
    آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ طرفان هڪڙو مالي مدد جو منصوبو جوڙي ان تي سن 2006ع کان عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت برطانيه جي انهن غريب شاگردن جي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي، جيڪي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي خواهش رکندڙ آهن. انڊر گريجوئيٽ شاگردن لاءِ پنهنجي پسند جي مضمونن ۾ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ انيڪ موقعا ميسر آهن. نظام تدريس موجب شاگرد اڪيلي سِر يا ٻن ٽن جي گروپ جي صورت ۾ پنهنجي استادن سان هميشه پابندي سان سکيا واسطي ملندا رهندا آهن. انهيءَ نظام تدريس جو مکيه مقصد آهي ته شاگردن ۾ منطقي، علمي ۽ آزاد حيثيت سان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي.
    يونيورسٽيءَ جي ٽيهن ڪاليجن ۽ ستن پرائيويٽ هالن يعني يونيورسٽيءَ ۾ مذهبي ادارن طرفان قائم ڪيل ڪاليجن ۾ انڊر گريجوئيشن لاءِ (سينٽ هلڊا ڪاليج جنهن ۾ فقط عورتون داخل ڪجن ٿيون) مردن توڙي عورتن ٻنهي جنسن کي داخلا ملي ٿي. سمورن ڪاليجن ۾ فقط ذهني طور بالغن شاگردن جي داخلا ٿئي ٿي. هيرس مانچيسٽر ڪاليج ۾ داخلا لاءِ اڃان وڌيڪ سختي ڪئي وڃي ٿي.
    گريجوئيشن لاءِ يونيورسٽي جي ٻين ستن ڪاليجن جهڙوڪ گرين ڪاليج، لائنيڪر ڪاليج، نيو فيلڊ ڪاليج، سينٽ اينٽونيز ڪاليج، سينٽ ڪراس ڪاليج، ٽيمپلٽن ڪاليج ۽ وولفسن ڪاليج ۾ ٻنهي جنسن جي شاگردن جي داخلا ٿئي ٿي. جيڪي ڪل شاگردن جو ٽيون حصو کن ٿيندا، اُهي شاگرد يونيورسٽيءَ جو بيش بها ڀاڱو جوڙين ٿا، اُهي هڪ ٻن ۽ ٽن سالن وارين گريجوئيشن ڊگرين لاءِ تدريس ۽ تحقيق ۾ رُڌل رهندا آهن.
    آڪسفورڊ يونيورسٽي تدريس، تحقيق توڙي پرڏيهي درسگاهن سان سٺن تعلقات جي تسلسل واسطي پرڏيهي شاگردن کي خصوصي اهميت ڏيندي آهي، ڇو ته اُهي ڪل شاگردن جو تقريباً چوٿون حصو هوندا آهن.
    هر سال سوين پرڏيهي شاگردن کي يونيورسٽي پاڻ ۽ ٻين امدادي ادارن طرفان اسڪالرشپس مهيا ڪندي آهي جيئن ته اُهي پنهنجي خواهش موافق تعليمي زيور سان سينگارجن جڳ مشهور عظيم يونيورسٽيءَ جي حيثيت ۾ سموري دنيا مان عالم ۽ استاد آڪسفورڊ ۾ تحقيقي ۽ تدريسي ڪمن ۾ شامل ٿي وڌيڪ کوجنا لاءِ ڪَهِي ايندا آهن. هن يونيورسٽيءَ طرفان سموري دنيا جي مُکيه تعليمي ۽ تحقيقي ادارن سان سهڪاري اُپاءُ جاري ۽ ساري آهن. انهيءَ ڏِسِ ۾ هن مادر علميءَ طرفان، ڏُور، اوڀر، ڀارت، پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ ڪجهه ڏکڻ آمريڪي ملڪن ۾ تدريسي ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪيل آهن.
    پرنسٽن يونيورسٽيءَ، ڪِيوٽو يونيورسٽي، آسٽريليئن نيشنل يونيورسٽيءَ ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ سان، تدريسي ۽ تحقيقي عمل لاءِ باهمي تعاون جا معاهدا ڪيا ويا آهن. تنهن کانسواءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي IARU انٽرنيشنل الائينس آف ريسرچ يونيورسٽيز ۽ LERU ليگ آف يُورپئين ريسرچ يونيورسٽيز جي ميمبر پڻ آهي.
    برطانيه جي پنجويهن وزراءِ اعظم ۽ دنيا جي ٻين هزارين سياسي اڳواڻن ۽ تعليمي ماهرن کانسواءِ پاڪستان جي ٻن ورزاءِ اعظم ۽ ڀارت جي هڪڙي وزيراعظم پڻ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي.
    پاڪستان جي سابق وزيراعظم بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي صدر پڻ چونڊي هئي، آمريڪا جو سابق صدر بل ڪلنٽن به آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو، منهنجو پٽ نور محمد انگلينڊ جي واروڪ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ ويو ته پهريون هفتو کيس اورِيَنٽيشن لاءِ سڄي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو سير ڪرايائون.


    واروِڪ شهر انگلنڊ

    واروِڪ ننڍڙو شهر جنهن کي انگريز وارِڪ سڏيندا آهن اهو انگلينڊ رياست جي واروِڪ ضلعي ۾ اَيوَنِ نديءَ جي ڪپ تي، ڪو وينٽري شهر جي ڏکڻ ۾ يارهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ ليمنگٽن ڪووينٽري شهرن کي اولهه طرف کان ڄڻ ته ڳنڍيل آهي. سن 2001ع ۾ ٿيل برطانيه جي آدمشماري موجب واروِڪ شهر ۾ 23350 ماڻهو آباد هئا. هن شهر جي ماڳ تي انساني سرگرميءَ بابت، تاريخ کان گهڻو آڳاٽو جديد پٿر واري دؤر يعني اِنسانِ ذات جي غير تمدني دؤر جا آثار مليا آهن، پر ڇهين عيسوي صديءَ کان هن ماڳ تي انساني وسنديءَ جو سلسلو لڳاتار نطر اچي ٿو. قديم جرمن انگريز نسل جي تاريخ موجب قديم جرمن انگريز نسل سان وابسته بادشاهه ايڊورڊ دي ايلڊر آف ويسيڪس جي ڀيڻ، خاتونِ مَرسِيئَٽسِ اِيٿلفِليڊا Ethelfleda سن 914ع ۾ واروِڪ واري ڀيڻيءَ تي مورچه بند ڪوٽ اندر هڪ محل اڏايو هو، انهي محل کي ان زماني ۾ بُره Burh سڏيندا هئا. جيڪي قلعن جو ڪم به ڏيندا هئا. ايٿلفليڊا وارو برهو پڻ مرسيا جي بادشاهت جي بچاء لاءِ تعمير ٿيندڙ ڏهن بُرهن يا قلعن مان هڪڙو هو، جيڪي ڊينمارڪ جي حمله آور فوجن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اڏايا ويا هئا. بچاءُ وارن قلعن لاءِ واروِڪ وارو ماڳ انهيءَ سبب چونڊيو ويو هو ڇو ته هي ماڳ انهيءَ زماني ۾ آمدرفت جي مکيه رستي فاسي وي ۽ اَيوَن نديءَ سان متصل هو. ڏهين عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ واروِڪ شهر سان لڳ هڪ ٻيو به شهر يا ڪالوني قائم ڪئي وئي، جنهن جي حيثيت شهر جي انتظام سنڀالڻ واري ڪاموري لڏي جي دفترن ۽ رهائش واري علاقئي جي هئي. واروِڪ Warwick لفظ جي معني مڇي مارڻ واري هنڌ وٽ اڏيل رهائشي جڳهه يعني مهاڻن جو گهر آهي. سن 1050ع ۾ ڊينمارڪ جي لشڪر مرسيا تي حملو ڪري واروِڪ شهر جو گهڻو ڀاڱو ساڙيو، جنهن ۾ عيسائي راهبائن جي مڙهي يعني خانقاه، جيڪا هن وقت موجود سينٽ نڪولس واري چرچ واري ماڳ تي ٺهيل هئي اها به ڀسم ٿي ويئي. ملڪ جي اتر طرف ٿيندڙ بغاوت کي روڪڻ لاءِ يارڪ شائير شهر ڏانهن ويندي انگلينڊ جي بادشاهه وليئم دي ڪانڪرر واروِڪ شهر وٽ واروِڪ محل جو بنياد رکيو، جنهن لاءِ گهربل ايراضي خاطر اتي ٿيل اصل تعميرات مان چار مکيه عمارتون ڍاٺيون ويون. واروِڪ محل انهيءَ هنڌ اڳيئي ٺهيل وڏي بُرهي يعني قلعي اندر اڏيو ويو. بعد ۾ انهيءَ قلعي جي مورچابند ڪوٽ سان گڏي شهر جي بچاء وارو ڪوٽ اڏيو ويو. يورپي تاريخ جي وچئين دؤر ۾ واروِڪ شهر واروِڪ جي نوابن جي هٿ هيٺ رهيو، جن مان گهڻن جو تعلق بيوڪيمپ خاندان سان هو. شهر جي اصل ڪوٽ مان هاڻي فقط اوڀر ۽ اولهه طرف اڏيل گيٽ هائوس بچيا آهن. اوڀر طرف وارو گيٽ هائوس هن وقت واروِڪ اسڪول جي هڪ ماتحت اداري ڪنگس هاءِ اسڪول جي هڪ ڀاڱي طور ڪم اچي پيو. واروِڪ شهر 1545ع تائين برگ يعني اهو شهر جيڪو پارليامينٽ ۾ پنهنجو ميمبر چونڊي موڪلي، واري حيثيت حاصل ڪري نه سگهيو هو. شهر ۾ عيسائي مذهب وارن جي خانقاهه سن 1142ع ۾ قائم ٿي جيڪا موجود پريئري پارڪ واري هنڌ اڏيل هئي.
    موجود وقت ۾ سڀني طرفن ويندڙ رستن جي وِچَ تي هئڻ سبب ڪيترين ئي قومي توڙي گهڻ قومي ڪمپنين پنهنجا مکيه دفتر واروِڪ ۾ قائم ڪيا آهن. جهڙوڪ سن 2004ع ۾ نيشنل گرڊ پي ايل سي پنهنجو نيشنل گيس ڪنٽرول سينٽر واروِڪ ٽيڪنالاجي پارڪ جي ڏکڻ ۾ A425 روڊ جي وچ ۾ قائم ڪيو آهي. ڪو نوڪر فلپس ۽ سندن JET جيٽ نالي گروپ برطانيه ۾ سندن مرڪزي دفتر واروِڪ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ قائم ڪيو آهي، جيئن براويسيموڪمپنيءَ وارن ساڳئي علائقي ۾ پنهنجو دفتر قائم ڪيو آهي. برطانيه ۾ آءِ بي ايم ۽ وولوو گروپ وارن پنهنجا تجارتي مرڪز واروِڪ شهر جي اترئين ڀاڱي نالي ويج ناڪ انڊسٽريئل ايسٽيٽ ۾ A46 ٽرنڪ روڊ جي نزديڪ قائم ڪيا آهن. واروِڪ شهر ۾ پڻ ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪيتريون ئي ثقافتي سرگرميون ٿينديون آهن، جنهن ۾ موسيقي، رقص ۽ ناٽڪن جا ساليانا ميلا منعقد ٿيندا آهن. جهڙوڪ وڪٽوريئن ايوننگ سان وابسته ساليانه ميلا نومبر جي پڇاڙيءَ ۽ ڊسمبر جي شروع ۾ لڳندا آهن. سينٽ ميري واري چرچ ۾ ارلي ميوزڪ ڪنسرٽس نالي راڳ جا ڪَنئِين پروگرام منعقد ٿين ٿا. برچ هائوس ٿيٽر ۾ ميوزڪ ان رائونڊ نالي پروگرام ٿيندا آهن. واروِڪ چيمبر آف ٽريڊ شهر ۾ ٿيندڙ سمورين سماجي تجارتي توڙي ثقافتي سرگرمين ۾ شهرين توڙي شهر ۾ ايندڙ سيلانين سان ڀرپور تعاون ڪندو آهي. شهر واروِڪ محل جي حوالي سان به مشهور آهي جيڪو سن 1068ع ۾ اڏجڻ شروع ٿيو هو. ٽائون سينٽر پڻ تاريخي اهميت جي حامل طرز تعمير سبب مشهور آهي جنهن ۾ ٽيوڊور ۽ سترهين عيسوي صديءَ ۾ اڏيل عمارتون شامل آهن. واروِڪ شهر پنهنجي گهوڙن جي ڊوڙ واري ميدانن جي حوالي سان به سڃاتو وڃي ٿو جتي سال اندر ڪيترائي گهوڙي ڊوڙ جا مقابلا منعقد ٿيندا آهن جيڪي ٽيليويزن تي ڏيکاريا ويندا آهن. ريس ڪورس سان متصل هڪڙو گولف ڪورس يعني گولف راند جو ميدان پڻ موجود آهي. هن شهر ۾ واروِڪ هاسپيٽل، رائيل هيمِنگِٽَن اِسپا رِيهَيبلِيٽيشَن هاسپيٽل ۽ سينٽ مائيڪلس هاسپيٽل جيڪا نفسياتي مريضن جي مرڪزي اسپتال آهي موجود آهن.


    الاظهر مسجد ۽ يونيورسٽي، قاهره مصر

    الاظهر مسجد جو بنياد 14 رمضان سن 359 هِجري مطابق سن 971 عيسوي مصر ملڪ جي قاهره شهر ۾ رکيو ويو. تعمير جي تڪميل ۾ ٻه سال کن لڳي ويا. هن مسجد شريف ۾ پهرين نماز تاريخ ستين رمضان المبارڪ سن 361 هِجري ۾ ادا ڪئي ويئي. سن 988 عيسوي ۾ هن مسجد واري مدرسي هڪ مڪمل يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪيو، جتي ديني تعليمات سان گڏ انهيءِ وقت رائج سمورا جديد سائنسي علوم جهڙوڪ طب، رياضي، جغرافيه، تعميرات، فلڪيات ۽ طبعيات وغيره جي باقائده تدريس، تحقيق ۽ تصنيف ٿيڻ لڳي.
    هن عظيم اداري تي اهو نالو رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي پياري نياڻي حضرت بيبي فاطمه الرهزه جي نالي تان اخذ ڪيو ويو. هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ وقت گذرڻ جي باوجود الله پاڪ جي فضل و ڪَرم سان الاظهر اسلامي تعليمات خصوصاً فقھ ۽ عربي ٻوليءَ جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مستحڪم مرڪز ۽ مکيه ادارو آهي، جتان اسلام ۽ سمورن مسلمانن جي ڀلائيءَ خاطر سمورن اسلامي ملڪن ۾ اسلامي عِلوم جي اشاعت جاري آهي، جنهن ۾ اسلامي ثقافتي ورثو، اسلامي تعليمات جو اڀياس، اشاعت ۽ تبليغ شامل آهي. الاظهر يونيورسٽيءَ مان مذڪوره علوم جي اشاعت دهريت، غير اسلامي مذهبي، تبليغي مهمات، گمراهي، آپيشاهي، پسماندگي ۽ تباهي ڦهلائيندڙ تحريڪن سان مسلسل نبردآزما آهي. هن اداري انسان ذات جي وڌ کان وڌ ڀلائيءَ ۾ ڪار فرما افراد ۽ ارڪان جي نشاندهي ڪئي ۽ اسلام جي مکيه مقصد کي ڀليءَ ڀت بيان ڪيو، اهو انهيءَ لاءِ ته اسلام اهو دين آهي، جنهن موجوده دنيا جي مسئلن ۽ آخرت جي مسئلن کي گَڏي انهن جي حل لاءِ حقيقي اصول بيان ڪيا آهن، انهيءَ سبب اهو حقيقي عبادت جو ادراڪ ڪري ٿو، جنهن تي زندگيءَ جي مسائل جي حَلَ جو دارو مدار ٿئي ٿو، ڇو ته اسلام مڪمل ظابطه حيات آهي جيڪو حقيقي عدل ۽ انصاف تي مبني معاشرو قائم ڪري ٿو.
    الاظهر يونيورسٽي عالمي سطح تي مختلف مُلڪن ۾ پنهنجي طرفان قائم ڪيل اسلامي تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن، جتي الله پاڪ جي حقيقي دين جي حقيقي تبليغ ۽ اشاعت ٿئي ٿي. مثلاً معياري منتخب اسلامي ادب، قرآن مجيد جا معياري نسخا ۽ اعليٰ معيار جا حامل مبلغ جيڪي ڌڻيءَ جي راهه ڏانهن گامزن ٿيڻ لاءِ معاشري ۾ مذهب ۽ زندگيءَ کي مربوط ۽ منسلڪ هجڻ بابت اصولي تربيت ڪن ٿا ۽ رهبرانه تلقين ڪن ٿا.
    الاظهر اسلام جو اهو روحاني پناهگاهه آهي جنهنجي حيثيت ۽ اهميت عالمي سطح تي ڀليءَ ڀَتِ تسليم ٿيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن اداري جو وقار سموري مسلم امت جي دلين ۾ موجود آهي، تنهنڪري سمورن مسلم ملڪن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي هزارن جي تعداد ۾ اسلامي تعليمات حاصل ڪرڻ خاطر الاظهر يونيورسٽي موڪليندا آهن، جتي کين کُلي ذهن سان غور ۽ فڪر ڪرڻ، آزاديءَ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ عقلي ادراڪي ۽ منطقي طور تي قائدن، قانونن ۽ اصولن کي قبول ڪرڻ لاءِ جديد طريقه تعليم مهيا ڪيو وڃي ٿو، جينئن ته اهي قابل احترام فارع التحصيل علماء بڻجي سگهن ۽ پوري دنيا ۾ حق، سچ ۽ پر اَمن بقاءِ باهمي تي مبني الله تعاليٰ جي ڏسيل ضابطه حيات واري سنئين واٽ ڏيکاريندڙ علم جا عظيم مينار محسوس ٿين.

    الاظهر يونيورسٽيءَ جا مختلف شعبا:
    1. سپريم ڪائونسل: هن اداري جو اڳواڻ الاظهر يونيورسٽيءَ جو مکيه امام، شيخ الجامع الاظهر هوندو آهي. ان جي ماتحت نائب امام، سمورن شعبن جا ڊين ۽ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي تحقيق واري اڪيڊميءَ جي اهلڪارن مان چار ميمبر، وقف، تعيلم، انصاف ۽ ماليات وارن سرڪاري کاتن مان هڪڙو اَنڊر سيڪريٽري، ثقافت ۽ پرڏيهي ملڪن لاءِ اسلامي تبليغي و فوڊ جو ڊائريڪٽر، الاظهر يونيورسٽيءَ جي سمورن شعبن جو ڊائريڪٽر ۽ يونيورسٽيءَ جي تعليم ۽ ان سان واسطيدار عام معاملن وارن شعبن مان ٽي اهلڪار الاظهر سپريم ڪائونسل جا ميمبر هوندا آهن.
    هن سڀ کان مکيه اداري کي يونيورسٽيءَ جي مڪمل نصب العين جي حصول لاءِ منصوبه بندي، طريقه ڪار ۽ واضح عام اصول ۽ قائدا قانون مرتب ڪرڻ ۽ اسلامي ثقافت ۽ عربي ٻوليءِ جي عالمي سطح تي پرچار ڪرڻ، يونيورسٽيءَ جي نصاب جي سُڌاري، ترميم توڙي واڌاري بابت تجويزون مرتب ڪرڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي سمورن شعبن جي ڪارڪردگيءَ جي نگهباني ڪرڻ وارو اهمترين ڪم سونپيل آهي. هن ڪائونسل کي يونيورسٽيءَ ۾ وقت سر گهربل وڌيڪ نوان شعبا قائم ڪرڻ ۽ سمورن شعبن جي مالياتي معاملن بابت فيصلا ڪرڻ جو به اختيار آهي.
    دنيا جي هن قديم ترين يونيورسٽيءَ الاظهر جو نصب العين ته اسلام جي سني فرقي جي تعليمات جنهن ۾ قرآن شريف ۽ احاديث نبوي ۽ سني فرقي وارن جي قائم ڪيل ثقافت جي تدريس ۽ اشاعت آهي، پر انهيءَ سان گڏ اڄڪلهه هن عظيم مادر علمي ۾ وقت جا جديد علوم جهڙوڪ جديد طب، طبعيات، ڪيميا، رياضي، حياتيات وغيره پڻ سيکاريا وڃن ٿا. يونيورسٽيءَ جي آئين جي فقري 103 موجب سن اوڻيهه سؤ ايڪهٺ ۾ جديد سائنس جي ٻن مکيه شعبن طب ۽ انجنيئرنگ لاءِ الاظهر ۾ ٻه الڳ ڪاليج قائم ڪيا ويا. مصري شاگردن کان سواءِ اڪثر مسلم ۽ يورپي ملڪن کان آيل هزارين مسلم شاگرد هتي پڙهن پيا.
    الاظهر يونيورسٽي اصل ۾ الاظهر مسجد جي معروضي توسيح آهي، جيڪا روء زمين تي سمورن اسلامي تعليمي ادارن ۾ قديم ترين درسگاهه آهي ۽ پنهنجو مثال فقط پاڻ ئي آهي. هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي دؤران الاظهر يونيورسٽي اوڀر توڙي اولهه جي سموري مسلم امت لاءِ هڪ اُتساهيندڙ اسلامي ثقافتي مرڪز طور سرگرم عمل و فڪر رهي آهي. هن عظيم يونيورسٽيءَ جي تعليمي پاليسي هيٺين مکيه اصولن تي مبني آهي.
    اول ته هيءَ مادر علمي انهن سمورن مسلم شاگردن لاءِ هميشه کُليل آهي، جيڪي ڪنهن مخصوص علم جو اڀياس ڪرڻ گهرن ٿا يا اهي اسلامي تعليمات جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪرڻ چاهين ٿا. هيءَ عظيم درس گاهه سدائين سموري اسلامي دنيا ۾ علمي ايڪي لاءِ حتي المقدور ڪوششون ڪري پئي. نه فقط ايترو پر اها مسلم اُمت جي تعلقات کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۽ دين اسلام لاءِ وفاداريءَ لاءِ سخت جاکوڙ ڪري رهي آهي. سندس سموري نصاب ۽ پنهنجي عالمانه سرگرمين ۾ اها اسلام جي روحاني تعلقات کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي ۽ عوام ۾ قومي خودداريءَ جي احساس کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشان آهي.
    هي مادر علمي اسلام جي رهبرانه روشني ۽ عرب قوم جو مضبوط قلعو، مسلمانن جي دلين ۽ دماغن ۾ اسلامي تعليم حقيقي طور پهچائڻ جو مکيه وسيلو، عربي ٻوليءَ جي محافظ، اسلامي، ثقافتي ورثي ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪندڙ، انهيءَ کي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وڌيڪ اجاگر ڪندڙ ۽ پنهنجن اغراض و مقاصد جي حِصول لاءِ جاکوڙيندڙ ادارو آهي. تنهنڪري اها سموري مسلم دنيا ۾ اسلامي تعليمات جي تبليغ ۽ اشاعت واري عمل واسطي رهبرانه ڪردار جي ڀلي ڀت لائق آهي. اهڙي ريت هيءَ مادر علمي خواهان آهي ته اها مصر، عرب دنيا ۽ سموري اسلامي دنيا لاءِ بهترين عالم ۽ ماهر مهيا ڪري جيڪي اسلامي اخلاقيات ۽ ثقافت بابت عبور رکندا هجن ۽ پنهنجن معاشرن جي خدمت لاءِ تيار هجن ۽ پنهنجن ملڪن کي اسلامي ۽ سائينسي بنيادن تي تعمير ڪرڻ ۾ پنهنجو مڪمل مثبت ڪردار ادا ڪن.
    عظيم ۽ ماهر تعليمدان ۽ سائينسدانن جي عاليشان کيپ پيدا ڪرڻ، جينئن ته اهي ايندڙ نسلن لاءِ تعليم جي سمورن شعبن ۾ گهربل مهارت مهيا ڪري سگهن، جيڪا زندگي جي روحاني ۽ مادي پهلوئن ۾ گهربل هوندي. انهي اعليٰ مقصد جي حصول خاطر هيءَ يونيورسٽي اعليٰ تعليم جي همٿ افزائي ۽ مدد ڪندي رهي ٿي.
    مختلف تعليمي شعبن ۾ اعليٰ تعليمي مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپس يعني علم جي حصول لاءِ وظيفا مهيا ڪيا ويا آهن، جينئن ته مصر۽ سموري اسلامي دنيا کي فائدو رسي سگهي. اڄڪلهه پوري دنيا ۾ ٿيندڙ سائينسي تحقيقي سرگرمين مان لاڀ حاصل ڪرڻ واسطي الاظهر يونيورسٽيءَ دنيا جي تقريباً سَمُورِين مشهور يونيورسٽين سان باهمي تعاون ڪارڻ ڪافي عرصي کان گهاٽا تعلقات قائم ڪري رکيا آهن ۽ يونيورسٽيءَ جي سمورن شعبن لاءِ عالمي ماهرن جي اچڻ وڃڻ جو بندوبست ٿيل آهي، جيڪي ايندا ويندا رهندا آهن ۽ تقريباً سمورن شعبن جو معائنو ڪندا آهن، مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندا آهن ۽ تحقيقي ڪارگذارين جو جائزو وٺي گهربل رهنمائي ڪندا آهن.
    يونيورسٽيءَ پنهنجي سمورن تحقيقي شعبن مان اهلڪار تازه ترين تحقيق ۽ ايجادن جي سلسلي ۾ گهربل ماهرانه علم واسطي ٻاهرين يورپي ۽ آمريڪي ملڪن ڏانهن موڪليندي رهي ٿي، جينئن ته سندس شاگرد جديد ترين علوم سان بهره ور ٿي سگهن ۽ پوئتي رهجي نه وڃن.
    الموئظ، فاطمي خليفي سن 358 هجري مُطابق 969ع ۾ پنهنجي سالار، جواهر کي مصر فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، تنهن ملڪ فتح ڪرڻ کانپوءِ قاهره شهر ۽ مسجد الاظهر جي تعمير شروع ڪرائي. مسجد شريف تقريباً ٻن سالن جي قليل عرصي ۾ جُڙي راس ٿي ۽ ستين رمضان سن 361 هه مطابق 22 جون 972ع ۾ اتي پهريون ڀيرو نماز پڙهڻ شروع ٿي. انهيءَ زماني کان وٺي اڄ تائين هيءَ مسجد ۽ يونيورسٽي سموري دنيا ۾ پنهنجي ديني توڙي دنيوي علوم جي عظيم درسگاهه طور مشهور آهي.
    الاظهر مسجد جي تعمير کان ساڍا ٽي سال پوءِ اتي ديني تعليم لاءِ مدرسو قائم ڪيو ويو. سن 365 هجري جي رمضان شريف ۾ مطابق آڪٽوبر 975ع فاطمي خليفي الموئظ جي خواهش موجب امام ابو حنيفه جي پٽ ابو الحسن قاضي القضات يعني چيف جسٽس جي حيثيت ۾ سندس والد امام ابو حنيفي جو فاطمي شيعه فرقي جي اسلامي قانون يعنيٰ فقه بابت لکيل اختصار مسجد شريف ۾ منعقد ٿيل پهرئين مذهبي/سياسي جلسي ۾ منبر تي چڙهي پڙهي ٻڌايو. انهيءَ کانپوءِ اهڙا ڪيترائي جلسا منعقد ٿيندا رهيا. خليفي العزيز باالله جي حڪومت جي شروع ۾ الاظهر مدرسي تعليمي ڏس ۾ ڪافي ترقي ڪئي.
    خليفي الموئظ ۽ بعد ۾ خليفي العزيز باالله جي وزير يعقوب ابِن خِلس خليفي جي خواهش موجب شيعه فقعھ بابت پنهنجو لکيل الرساله العزيزيه مدرسي ۾ منعقد جلسي ۾ پڙهي ٻڌايو. بعد ۾ هن مدرسي ۾ مروج تعليم کي ترقي ڏياري ۽ هن اتي ٽيهه فقه جا ماهر قانون دان مقرر ڪيا. کين عاليشان پگهار ڏياريائين ۽ کين الاظهر جي ويجهو گهر پڻ ٺهرائي ڏنائين. فاطمي دؤر خلافت ۾ الاظهر علم ۽ دانش جو مکيه مرڪز هو. مذڪور جلسن کان سواءِ فقط عورتن لاءِ پڻ اخلاقيات بابت جلسا منعقد ٿيندا هئا. نه فقط ايترو پر ڪن ڪن ڏينهن دؤران الاظهر مدرسي ۾ ڪورٽون قائم ٿينديون هيون ۽ محتصب يعني احتصاب ڪندڙ عملدار جي ٻن صدين تائين آفيس الاظهر ۾ قائم رهي. بغداد ۽ اندلس ۾ قائم عربي ٻوليءَ ۽ اسلامي تعليمات جا مرڪز جڏهن برباد ٿي ويا ته الاظهر ۾ اهڙا مکيه مذهبي تعليمي مرڪز قائم ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح الاظهر پوري دنيا ۾ اسلامي تعليمات ۽ عربي ٻوليءَ جو سڀني کان وڏو ادارو ٿي اُسريو. انهيءَ وقت کان وٺي سمورا جلسا خالص طرح تعليم ۽ تدريس موافق منعقد ٿيڻ لڳا، جتي آزاديءَ سان جديد سائينسي علمن تي بحث مباحثا ٿيڻ شروع ٿيا ۽ ڏيساور کان اعليٰ تعليمي ماهرن جا وفد اچڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ لڳا. اهڙين سرگرمين ۾ واڌاري سبب هتي يونيورسٽيءَ واري نظام تعليم جا بنياد پيا ۽ بعد ۾ انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ اوڀر توڙي اولهه ۾ پکڙجي ويئي ته الاظهر دنيا ۾ قديم ترين مذهبي يونيورسٽيءَ آهي.
    البت صلاح الدين ايوبي جي دؤر حڪومت کان وٺي اٽڪل هڪ صديءَ تائين الاظهر مسجد توڙي يونيورسٽيءَ جي حيثيت سان پنهنجي ڪارڪردگي ۾ طعطيل جو شڪار رهي، پر تعليمي اڀياس فاطمي دؤر حڪومت وانگر جاري رهيو. ان جو دائرو خالص ديني ۽ عربي ٻوليءَ تائين محدود رهيو.
    مملوڪ دؤر حڪومت يعني سن 648هه کان 922 هه مطابق سن 1250ع کان 1517ع واري طويل عرصي دؤران الاظهر يونيورسٽيءَ کي اسلامي دنيا طرفان نيون ذميواريون سونپيون ويون. وچ ايشيا جي ملڪن تي مغلن جي حملن ۽ اندلس ۾ اسلامي رياست جي خاتمي سبب مسلم عالمن ۽ محققن واسطي فقط هڪڙو پناهگاهه الاظهر يونيورسٽي هئي جتي پهچي جيئدان حاصل ڪيائون. انهن علماء ۽ محققين جي مدد ۽ محنت سان اٺين ۽ نائين هجري صدين ۾ الاظهر يونيورسٽي تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ ترقي ڪري ڪمال تي پهتي. انهيءَ دؤران الاظهر يونيورسٽيءَ قدرتي سائينس يعني خالص سائينس جي مختلف علمن جي کوجنا ۽ ترقي ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. سائينسدانن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيميا ۽ دواسازي، رياضي، فلڪيات، تاريخ، جاگرافي، طب ۽ طبعيات جي شعبن ۾ قابل تعريف تحقيق ۽ ترڪي ڪئي. انهن علماء ڪرام حڪومتن جي عدم استحڪام ۽ تعليم ۽ تدريس ۾ عدم دلچسپيءَ جي باوجود مذڪور علوم ۾ پنهنجي تدريس ۽ تحقيق جاري رکي.
    سلطنت عثمانيه جي ماتحت عرصي دؤران ڪافي وقف جي ملڪيت حاصل ڪرڻ سبب الاظهر يونيورسٽي مالياتي طور آزاد رهي. جنهن سبب عالمن کي پنهنجي پسنديده علمي شاخ ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ مڪمل آزادي حاصل هئي، جنهن سبب اسلامي ۽ عربي علوم ۾ اها پوري دنيا ۾ واحد رهبرانه ڪردار جي حامل مادر علمي ٿي پئي، ۽ اها سموري اسلامي دنيا جي شاگردن توڙي استادن لاءِ باعث ڪشش ٿي پئي. اها پڻ ڳڻڻ جوڳي ڳالهه آهي ته عثماني خليفن مان ڪنهن به حڪمران الاظهر ۾ پنهنجي طرفان ڪو به امام يا هن عظيم اداري جو اڳواڻ مقرر ڪونه ڪيو. اها آسامي فقط مصري ماڻهن لاءِ مخصوص ڪيائون. جڏهن فرينچ بادشاهه نيپوليئن بونا پارٽ سن 1789ع مطابق 1213 هجري ۾ مصر تي قبضو ڪيو ۽ الاظهر جو معائنو ڪيو، تڏهن انهيءَ کي سموري اسلامي دنيا جي عظيم ترين درسگاهه ڪري تسليم ڪيائين. سينٿ هيلينا جزيري ۾ جلاوطنيءَ دؤران لکيل ڊائري ۾ هن الاظهر يونيورسٽيءَ کي پيرس شهر ۾ موجود عظيم فرينچ يونيورسٽيءَ جي برابر بيان ڪيو. هن الاظهر جي علماء اساتذه ۽ محققين کي حقيقي علماء ۽ محققين ۽ مصري قوم جا اڳواڻ ڪري ليکيو. هن قاهره شهر تي قبضو ڪري شهر جي انتظام واسطي نون ميمبرن تي مشتمل هڪڙي اسپيشل ڪائونسل جوڙي جنهن جو اڳواڻ الاظهر جو امام شيخ عبدالله الشرڪلوي ۽ سمورا ميمبر الاظهر جا استاد هئا. جيتوڻيڪ ساڳئي وقت فرينچ مخالف انقلابي ماڻهو به الاظهر ۾ اچي گڏجاڻيون ڪندا هئا. انهن انقلابين جو اڳواڻ شيخ محمد السادات هو. جڏهن فرينچن خلاف انقلابي جدوجهد شروع ٿي ته الاظهر جي استادن سمجهيو ته هن صورتحال ۾ تدريسي عمل مشڪل آهي تنهنڪري انهن مسجد بند ڪري ڇڏي، ٽن سالن کانپوءِ جڏهن فرينچ ملڪ مان نڪري ويا تڏهن الاظهر نئين سر کوليو ويو ۽ تدريسي عمل بحال ڪيو ويو.

    سن 1805ع مطابق 1220هه ۾ محمد علي مصر تي قبضو ڪيو ته هن مصر کي جديد رياست بنائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪئي.
    مذڪوره مقصد جي حصول خاطر بادشاهه مکيه انحصار الاظهر يونيورسٽيءَ تي ڪيو. الاظهر جي ڪيترن ئي شاگردن کي وظيفا ڏيئي ڏيساور جديد اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ موڪليو. انهن جديد اعليٰ تعليم يافته ماڻهن موٽڻ بعد مصر ۾ علمي ادبي ۽ سياسي سُجاڳيءَ جي تحريڪ برپا ڪئي. اوراٻي تحريڪ جي انقلابين جي اڪثريت الاظهر جي گريجوئيٽ هئي سن 1919ع واري انقلاب جو اڳواڻ سعد زغلول محمد عبده ۽ المتفالوطي وغيره الاظهر ۾ تعليم مڪمل ڪئي.
    انهي جديديت واري عمل دؤران مذهبي رواداريءَ جو وڏو واقعو به الاظهر يونيورسٽي ۾ رونما ٿيو، جڏهن مسلم ۽ ڪرستان علماء مسلمانن ۽ ڪرستانن جي گڏيل جلسي عام کي الاظهر يونيورسٽيءَ جي جلسه گاهه ۾ خطاب ڪري مذهبي رواداريءَ جو مثال قائم ڪيو.
    جڏهن سن 1952 ۾ مصر ۾ انقلاب برپا ٿيو ته الاظهر يونيورسٽيءَ کي جديد علوم سان بهره ور ڪري کيس ترقي ڏني ويئي، جينئن ته اها نه فقط مصر ۽ عرب ملڪن لاءِ پر پوري اسلامي دنيا جي فلاح ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو اصل عالمانه ڪردار ادا ڪندي رهي.


    ڪـيـنـري وارف

    ڪينري وهارف لنڊن شهر جي ٽاور هَيملِيٽس نالي مشهور علائقي ۾ هڪڙو وڏو واپاري مرڪز آهي، جيڪو لنڊن شهر جي ٻن مکيه مالياتي مرڪزن مان هڪڙو آهي ۽ هتي برطانيه ملڪ ۾ اڏيل تمام اوچيون عمارتون گهڻي تعداد ۾ موجود آهن، مثلاً وَنِ ڪيناڊا اسڪوائر جيڪا پوري ملڪ ۾ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ اوچي عمارت آهي. ڪينري وهارف واپاري مرڪز اٽڪل هڪ ڪروڙ چاليهه لک چورس فوٽ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جنهن مان تقريباً اوڻاسي لک چورس فوٽ ايراضيءَ ۾ دوڪان توڙي دفتر ڪينري وهارف گروپ، هڪ واپاري ڪمپنيءَ جي ملڪيت آهن، هن واپاري مرڪز ۾ اٽڪل نوي هزار ماڻهو سرگرم عمل آهن. منجهس دنيا ۽ يورپ جي مکيه بينڪن جا هيڊ ڪوارٽر واپاري ڪمپنين ۽ ميڊيا آرگنائيزيشن جهڙوڪ تِرڪِليز، سٽي گروپ ڪلفورڊ چانس، ڪريڊٽ سُوئيز ايڇ. ايس. بِي. سِي.جِي.پِي مارگن، ڪي.پِي.ايم.جِي، ميٽلائيف، مارگن اِسٽينلي، اِسڪَيڊن، اِسٽيٽ اِسٽِريٽ ۽ ٿامسن رِيوٽرس جون آفيسون قائم آهن. هي واپاري مرڪز اوڀر لنڊن ۾ برگ آف ٽاور هيمليٽس واري علائقي نالي آئسِل آف ڊاگس واري ويسٽ انڊيا ڊاڪس، جيڪو اڳي دنيا جي مصروف ترين بندرن مان هڪڙو هو، انهيءَ علائقي ۾ واقع آهي. ڪينري وهارف تي ويسٽ انڊيا، ڊاڪس ۾ ٻاهران ايندڙ مال لاءِ مخصوص ويسٽ ووڊ ڪُئي، دڪي نمبر 32 تان نالو پيو. اهو سن 1936ع ۾ فريڊ اوسلن لائينس ڪمپنيءَ جي گماشتي طور فروٽ لائينس لميٽيڊ جي نالي تعمير ٿيو، ويسٽ ووڊ ڪُئي ۽ اُتي ٺهيل گودين ۽ دڪانن کي ڪينري وهارف جو نالو ڏنو ويو. اهو واپاري مرڪز ڪريڊٽ سوئيز فَرِسٽ بوسٽن ۽ جِي ويئر ٽريول اسٽيڊ ڪمپني جي ڪوشش سان واپاري مرڪز طور تعمير ٿيڻ لڳو. اهو پروجيڪٽ اولمپيا اينڊ يارڪ ڪمپني خريد ڪري 1988ع ۾ تعمير چالو ڪرائي هئي. سڀ کان پهرين تعمير ٿيندڙ عمارتون 1991ع ۾ جُڙي راس ٿيون جن ۾ وَنِ ڪيناڊا اسڪوائر به شامل هو. اها بلڊنگ ان وقت سڄي برطانيه ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اوچي عمارت هئي. انهيءَ شاهي مارڪيٽ جي کلڻ سبب لنڊن جي ڪمرشل پراپرٽي مارڪيٽ تباهه ٿي وئي ۽ اولمپيا اينڊ يارڪ ڪينري وهارف لميٽيڊ ڪمپني مئي 1992ع ۾ ڏيوالي جو شڪار ٿي وئي.
    مقامي ماڻهن هن ڪينري وهارف جي پروجيڪٽ جون نوڪريون ۽ مزوري نه ملڻ جي انديشي سبب مخالفت ڪئي ۽ انهي جي خلاف ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي پر انهن ڪيس هارايو. اڄڪلهه 7000 کان وڌيڪ مقامي ماڻهو نوڪرين ۾ آهن ۽ کين ٻيا به ڪافي فائدا حاصل ٿيا آهن، 1995 ع ۾ هڪ عالمي مالياتي ڪمپني هتي سيڙپ ڪاريءَ واري اسڪيم خريد ڪئي. اها ڪمپني اول ڪينري وهارف لميٽيڊ ۽ پوءِ ڪينري وهارف گروپ نالي سان واپار ۽ تعميرات ۾ سيڙپ ڪندڙ مکيه ڪمپني طور قائم آهي. هن واپاري مرڪز ۾ جديد، اعليٰ معيار واري ڪاروباري ڪمپنين لاءِ گهربل دفترن جي لڳاتار گهرج ۽ سرمائي جي سيڙپ ڪاريءَ ۾ واڌ سبب پلاٽن ۽ جائين جڳهين جي ڪاروبار ۽ وياج ۾ آهستي آهستي سڌارو ٿيندو رهيو. سڌاري جي رفتار ۾ سُستيءَ جو هڪڙو سبب جوبلي لائين ۾تعميري عمل ۾ گهڻي مَهِمَلي به هئي جڏهن ته سرڪار جي خواهش هئي ته جوبلي لائين ۾ تعمير ترت مڪمل ٿئي، ته جينئن اُتي ٻه هزاري جشن ملهائي سگهجي. سن 2004ع ۾ ڪينري وهارف گروپ کي گِلِڪِ فيملي اِنِويسٽِمينٽس مارگن اِسٽينلي وڏن مالياتي ادارن ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ساڻن سانگ برڊ اسٽيٽس نالي ڪمپني به شامل هئي. هن واپاري مرڪز ۾ اڏيل ايڇ . سي. بِي. سِي واري مشهور عمارت سن 2007ع ۾ جائداد جي قيمتن جي عروج دؤران رڪارڊ، سڀ کان وڌيڪ قيمت يعني هڪ ڏهائي هڪ بِلِيئَن پائونڊن ۾ وِڪِجِي وَئي. هن واپاري مرڪز جي ترقياتي قيادت پنهنجي هن مرڪز جي ترقيءَ واسطي ضروري ڄاڻندي ٽرانسپورٽ جي ذريعن ۾ سڌاري ۽ واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن مطابق سن 1985ع ۾ ڊاڪ لينڊس لائيٽ ريلوي جي لائين ۾ توسيع، منجهس گنجائنش ۾ واڌاري ۽ چڪرن جي تعداد ۾ اضافي سان شروعات ڪئي وئي. سن 1988ع ۾ ڊاڪ لينڊس تائين وڌيڪ هڪڙي نئين ريلوي لائين جوڙڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، جيڪو جُوبِلي لائين ايڪِسٽينِشَنِ جي صورت ۾ ئي ٺهي راس ٿيو. ۽ 1999ع ۾ چالو ٿيو. ڪينري وهارف لنڊن سٽي هوائي اڏي کان هوائي سروس جي وسيلي پڻ ڳنڍيل آهي. تنهن کان سواءِ اهو لنڊن زير زمين ريلوي سروس يعني ميٽرو ذريعي پڻ ڳنڍيل آهي. هي ڪينري وهارف تمام گهڻن بس روٽن سان به ڳنڍيل آهي، انهن مان ڪجهه هن طرح آهن. روٽ نمبر 135 اولڊ اسٽريٽ اسٽيشن کان ڪراس هاربر تائين وڃي ٿو. روٽ نمبر 277 جيڪو هاءِ بري ۽ آئس لِنگٽَن کان لِيمائوٿ تائين وڃي ۽ اين 550 نائيٽ بس روٽ ڪَينِنگ ٽائون کان ٽرافلگر اسڪوائر تائين وڃي ٿو. تنهن کان سواءِ لوڪل بسون لنڊن ڊاڪ لينڊس جي چوڌاري رُوٽِس جهڙوڪ D3 روٽ، D6 روٽ، D7 روٽ ۽ D8 روٽ ڪينري وهارف ڏانهن ويندڙ آهن. پر اسان گهران ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي هوٽل پهتاسين اسان جنهن هوٽل تي ماني کاڌي اها هوٽل، مانيءَ سان گڏ پنهنجي نهايت لذيذ ۽ تازن سلادن ڪري هِن سڄي علائقي ۾ مشهور آهي.


    ريجينٽس پارڪ لنڊن

    لنڊن جو هي عظيم پارڪ لنڊن شهر جي وچ ۾ تقريباً اتر طرف شهر جي رائيل پارڪن مان هڪ آهي، جيڪو سٽي آف ويسٽ مِنسِٽر ۽ لنڊن برگ آف ڪيمڊن يعني ٻنهي مکيه ڀاڱن ۾ پکڙيل آهي. هن شاهي پارڪ جي حدود ۾ رِيجينٽِس ڪاليج ۽ لنڊن زُو پڻ قائم آهن. پارڪ جي ٻاهران موجود رِنگ روڊ کي آئُوٽَر سرڪل سڏيندا آهن، اهو 4.3 ڪلوميٽر طويل آهي، پارڪ جي حدن اندر به هڪڙو رِنگ روڊ آهي، جيڪو هن پارڪ اندر ٺهيل ڪُئين مَيرِيز گارڊنس نالي باغيچي جي چوڌاري ڦري ٿو، تنهن کي اِنَرِ سَرڪِل سڏيندا آهن، هن عاليشان پارڪ جي ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه طرفن کان ٺهيل گهرن جا دالان چيرولي جي پلستر سان آراسته آهن. انهن جي آرائشي ڊزائين مشهور معمار جان نَيش تيار ڪئي هئي. پارڪ جي اُتِرئين دنگ وٽان رِيجينِٽِس ڪَينال وهندو، اڳتي گرانڊ يُونِيئَن ڪَينال سان ملندو لنڊن ڊاڪس وٽ پهچي ٿو. 410 ايڪڙ = 166 هيڪٽيئر ايراضي والاريندڙ هن زبردست پارڪ اندر وڏن توڙي ننڍن ٻارن لاءِ ڪَنئِين قسمن جي تفريح ۽ وِندر وِرُونهن جو جو ڳو بندوبست ٿيل آهي. پارڪ اندر هڪڙي عاليشان ڍنڍ موجود آهي، تنهن ۾ سير ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون به موجود آهن ته ٻارن جي راند واريون نائيلون جون ٻيڙيون به آهن، هن ڍنڍ ۾ ٻَگههِ پکي ۽ آڙي يا مرغابي يعني پاڻيءَ وارا پکي هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن، پر هنن پکين کي هت ڪو به تنگ ڪرڻ وارو يا مارڻ وارو ڪونهي. پارڪ اندر ڪيترائي ننڍڙا پارڪ ۽ باغيچا، جن ۾ خوشبودار ۽ رنگين گلن جي سَوين قِسمَن ٻاهرين ماحول کي بيحد خوشگوار ۽ وڻندڙ بنايو آهي. پارڪ اندر راندين جا گرائونڊ به ٺهيل آهن، جتي سدائين رانديون چالو آهن. پارڪ جي اُتِرئين ڀاڱي ۾ لنڊن زُو يعني جانورن جو گهر قائم آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان آندل هزارين قسمن جا جانور ۽ پکي نمائش خاطر گڏ ڪيل آهن. زُولاجِيڪَل سُوسائِٽِي آف لنڊن جي آفيس به جانورن جي گهر سان مُتصل آهي. پارڪ اندر ٺهيل رِنگ روڊ، جنهن کي اِنرِ سَرِڪِل سڏين ٿا. انهي سرڪل اندر عاليشان باغيچو ڪُئِين مَيريز گارِڊَنس سڏجي ٿو. انهيءَ باغيچي ۾ اوپن ايئرَ ٿيٽر ٺهيل آهي، جتي تفريحي ناٽڪ، موسيقيءَ جون محفلون ۽ ٻيا ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن. هن عاليشان رِيجينٽِس پارڪ جي اتر اوڀر ڪنڊ طرف هڪڙو مخصوص اِٽليءَ جي طرز باغبانيءَ موجب نهايت سهڻو پارڪ ٺهيل آهي ۽ انهي جي ڀرسان هڪڙو وڌيڪ پارڪ خُصوصاً انگريزي طرز تي پوکيل آهي. هن شاهي پارڪ جي الهندي ڀاڱي ۾ برطانيه ۾ رهندڙ آمريڪي سفير جو سرڪاري گهر ٺهيل آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن تي سينٽ جان لاج جو باغيچو آهي. آمريڪي سفير جي گهر جو نالو ”وِن فِيلِڊ هائوس“ آهي.
    رِيجينٽِس پارڪ جي ڀر ۾ ئي اولهه طرف لنڊن سينٽرل مسجد اڏيل آهي، جنهن کي عام طرح ريجنٽ واري مسجد ڪوٺيو ويندو آهي، اسانجو پهريائين جمعي نماز هت پڙهڻ جو پروگرام هو پر هي مسجد جيئن ته نور محمد جي گهر کان پري آهي، ٻيو ته پوءِ سڄو پروگرام تبديل ڪرڻو پوي ها سو بهتر سمجهيوسين ته بنگالين واري انهي علائقي ۾ نماز پڙهجي. هن عظيم پارڪ اندر ٺهيل انر سرڪل نالي رِنگ روڊ جي ڏکڻ طرف رِيجينٽِس ڪاليج ٺهيل آهي، اهو ڪاليج اعليٰ تعيلم جي مختلف ادارن جهڙوڪ لنڊن بُزينيس اسڪول، يُورَپيئَن بُزِينيس اسڪول لنڊن، برٽش آمريڪن ڪاليج لنڊن ۽ ويبِسٽر گريجوئيٽ اسڪول جي ڪَنِسورِشِيئَم يعني گڏجي قائم ڪيل اعليٰ تعليم جو اعليٰ ادارو آهي.
    ريجينٽس پارڪ جي ڀر ۾ اتر طرف پِرمِروزِ هل نالي به هڪڙو پارڪ آهي، جتان ويسٽ منسٽر اَيبِي چرچ ۽ شهر جو عاليشان نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي پِرمِروزِ هل پارڪ برطانيه جي شاهي گهراڻي جي ملڪيت ۾ شامل آهي ۽ ڪارپوريشن آف لنڊن جي سنڀال هيٺ آهي. رِيجينٽِس پارڪ رائيل پارڪس نالي سرڪاري اداري جي سنڀال هيٺ آهي، جيڪو شاهي گهراڻي جي ملڪيت جو انتظام سنڀاليندو آهي.
    هن شاهي پارڪ وارو ماڳ، يورپي تاريخ جي وچئين دوُر ۾ ٽائِبَرَن نالي جاگيردار جي جاگير جو هڪڙو حصو هو، اها ايراضي بارِڪِنگ اَيبِي يعني خانقاهه جي ملڪيت هئي. بادشاهه هينري اٺين شاهي فرمان وسيلي موناسٽرين يعني خانقاهن کي ۽ انهن جي ملڪيت کي رد ڪري ضبط ڪيو. ان موجب، اها ايراضي شاهي ملڪيت ۾ شامل ٿي ويئي ۽ 1649ع تائين ميرل بون پارڪ نالي شڪار گاهه طور ڪتب آئي. تنهن کان پوءِ کير جي پيداوار لاءِ مال جي واڙي طور استعمال ٿي.
    سن 1811ع ۾ مقاطعو پورو ٿيڻ کان پوءِ پرنس رِيجينٽ جيڪو پوءِ بادشاهه جارج چوٿون ٿيو، تنهن جان نَيش نالي معمار کي هن پٽ کي سهڻي نموني آباد ڪرڻ لاءِ عاليشان منصوبو تيار ڪرايو، جنهن ۾ شهزادي لاءِ محل ۽ سندس دوستن لاءِ عاليشان گهرن جي تعمير شامل هئي، پر جڏهن سن 1818ع ۾ تعميرات جي شروعات ٿي ته محل ۽ گهڻن گهرن جي اڏاوت ڪانه ڪئي وئي. البت منصوبي موجب گهڻن گهرن جا دالان يا وِرانڊا پارڪ جي آئوٽر سرڪل ۽ پارڪ جي ڪناري اسٽوڪو پلستر سان سينگاريا ويا. جان نيش عمارت سازي مڪمل ڪونه ڪئي. ان جي جاءِ تي ڊيسِيمَس بَرٿن نالي معمار اهو ڪم سنڀاليو. اصل ترقياتي منصوبي ۾ سينَٽ جيمس واري پارڪ کان پاليامينٽ هِل تائين رِيجينِٽ اِسٽِرِيٽ ۽ ڪالٽن هائوس ٽيريس جي تعمير عمل ۾ آئي. پارڪ تيار ٿيڻ کان پوءِ عوام جي تفريح لاءِ سن 1935ع ۾ کوليو ويو. شروعات ۾ هفتي ۾ ٻه ڏينهن کليل رهندو هو. 15 جنوري سن 1767عيسويءَ ۾ پارڪ واري ڍنڍ ۾ ڄميل برفي تهه ٽُٽي پوڻ سبب اتي گهمندڙ ماڻهن مان ٻه سؤ ڄڻا ڍنڍ ۾ ڪري پيا، انهن مان چاليهه مري ويا، باقي ماڻهن کي ڪڍي بچايو ويو. اُنهيءَ حادثي بعد ڍنڍ جي گهرائي گهٽائي فقط چار فُٽَ ڪئي وئي، تنهن کان پوءِ اها ڍنڍ تفريح لاءِ وري کولي وئي. ڪڏهن يورپ ۾ ايڏي ته برف پوي ۽ طوفان لڳن جو هزارين هوائي جهازن جون پروازون به منسوخ ڪرڻيون پون، اسان هڪ دفعو سياري ۾ لنڊن وياسين تڏهن به ڏاڍي برف پئي لنڊن ۾ ۽ ويسٽ منسٽر ايبي وارو گهڙيال به بيهي رهيو. لنڊن ته وياسين پر صرف هوٽل تائين محدود ئي وياسين نيٺ تنگ ٿي واپس روانا ٿي وياسين هن پارڪ ۾ سن 1982ع ۾ هتي ٺهيل ميوزڪ هائوس تي آئيرلينڊ جي حريت پسند تنظيم بم اڇلايو هو، جنهن سبب هتي ڊيوٽي ڏيندڙ ست سپاهي مارجي ويا.
    اڳوڻن راندين جي ميدانن جي سن 2002 ۽ 2004ع ۾ سٺي مرمت ڪرائي ويئي سن 2005ع ۾ هڪ نئون پويليئن تعمير ڪيو ويو.
    ست جولاءِ سن 2006ع تي 7 جولاءِ 2005ع ۾ لنڊن ۾ بم ڌماڪن جي احتجاج طور هڪ قومي جاڳرتا واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دؤران چونڊ عمائدين، ڌماڪن سبب شهيدن جي يادگار طور، ستن واڱڻائي رنگ جي پَتِين تي موزيڪ چوڪا نصب ڪيا. بعد ۾ متاثر ڪُٽِنبَن جي ڀاتين موزيڪ چوڪن جي وچ تي پِيلي رنگ جا چَوڪا نصب ڪيا. هن پارڪ ۾ ڪيتريون ئي رانديون، جهڙوڪ ٽينِس، نيٽ بال، ڪرڪيٽ، سافٽ بال، فوٽ بال، آسٽريليئن فوٽ بال، رُگبِي، رائُونڊَرِسِ، اَلٽِيميٽ فِرِيِبِي، رَنِنگ هاڪِي ۽ ٻيون اَيٿليٽِڪِسِ رانديون کيڏيون وينديون آهن، ٻارن جي راندين لاءِ ٽي ميدان الڳ مخصوص آهن، جتي هر ميدان ۾ هڪڙو اَٽينڊنٽ يعني ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ نوڪر حاضر هوندو آهي. ٻارن جي خاص تفريح لاءِ ڍنڍ ۾ مخصوص ٻيڙيون موجود آهن.

    هن پارڪ اندر ڪيئي لاجواب هوٽلون به ٺهيل آهن، اسان به هڪ هوٽل اندر چاءِ بسڪيٽ ۽ پاڻي پيتو ۽ ڪافي دير آرام ڪيو ڇو ته پارڪ تمام وڏو هو سو گهمي گهمي ٿڪجي پيا هئاسين.
    اسان وري پارڪ گهمڻ ۽ هڪ ٻي جا فُوٽو ڪڍڻ ۾ لڳي وياسين، هن سڄي پارڪ کي گهمڻ لاءِ چند ڪلاڪ نه پر ٻه ڏينهن گُهرجن. پارڪ اندر برونائي جي شهزادي جعفري بوليڪاه جو ذاتي گهر آهي، پر انهيءَ وارو پارڪ شهرزادي جي اجازت سبب عوام جي تفريح لاءِ کُليل آهي. ريجينٽ پارڪ ۾ اڏيل دي هوم نالي عمارت، جديد حقيقت پسند فنون کي سهيڙيندڙ مشهور فنڪار ايڊورڊ جيمس جي ڀيڻ آڊِرِي پِلِيڊيل بُوَرِي جي ملڪيت هئي ۽ اڃان تائين خانگي ملڪيت ۽ رهائش آهي. انهيءَ جو باغيچو پڻ عوام جي تفريح لاءِ سال جا ڪافي ڏينهن کليل هوندو آهي. پارڪ ۾ تعمير ٿيل ”سائوٿ وِلا“ نالي عمارت جارج بشپ واري تحقيقاتي رسدگاهه واري ڀيڻي تي اڏيل آهي، انهيءَ رسد گاهه ۾ ست انچ قطر واري دوربيني رکيل هئي. اُنهي رسدگاهه ۾ مشهور سائينسدان جهڙوڪ هائينڊ، ووگَل، مارٿ، ٽيلِمَيگ، پوگِسَن ۽ ڊَيوِس تجربا ڪيا. اها رسدگاهه سن 1836ع ۾ تعمير ڪئي وئي ۽ جارج بشب جي وفات سبب سن 1861ع ۾ بند ڪئي وئي ۽ انهيءَ رسدگاهه وارا اوزار سن 1863ع ۾ ٽِوِڪِنهام جي مِيڊ و بينڪ ڏانهن منتقل ٿي ويا. ٽِوِڪِنهام واري رسد گاهه 1877ع ۾ بند ٿي ته اهي اوزار وري رائيل آبزرويٽري آف نيپلز کَڄي ويا. سائوٿ وِلا واري عمارت کي رِيجينٽِس ڪاليج جي عمارت ۾ تبديل ڪيو ويو. هن رِيجينٽِس ڪاليج جي ڪيمپَس يعني شاخ اِنُرِ سرڪل ۾ ٺهيل بيڊ فورڊ ڪاليج جي عمارت ۾ قائم ڪئي وئي آهي.
    ڪرائون اسٽيٽ نالي شاهي گهراڻي جي ملڪيت وارين جائين جڳهين جي منتظم اداري، سن 1988ع کان 2004 عيسوي جي وچ ۾ پارڪ جي اتر-اولهه ڀاڱي ۾، آئوٽر سَرِڪِل ۽ رِيجينٽِس ڪينال جي وچ ۾ ڇهه نوان وِلاز يعني بنگلا اڏايا، انهن تي سندن مختلف طرز تعمير سبب مختلف نالا جهڙوڪ ڪورِٿينِيئَن گوٿِڪ، آيونڪ، رِيجينِسِي، ٽُسِڪَن ۽ وينيٽو ولاز رکيا ويا. پارڪ جو اهم حصو جتي سن 2000ع ۾ سمر اولمپڪس رانديون منعقد ٿيون هيون، انهيءَ کي آبرن سڏيندا آهن. تنهن جو اصل نالو نارِٿرِن پارڪ لينڊ آهي. هتي ٺهيل پويليئن ۽ زيرِ زمين ڪمرن جي ڊزائين ٻن معمار ڪمپنين گڏجي ڪئي هئي. انهن جا نالا 1. ڊَيوِڊ مارلِي آرڪيٽيڪٽس 2. ”پِرائِيس اَينڊ مائيرِس اِنجنِيئِرسِ“ آهن. انهن جي جُڙِي راس ٿيڻ تي سن 2005ع ۾ راڻي ايلزبيٿ ثاني انهن جو افتتاح ڪيو. معمار ڪمپنين کي هن نرالي اڏاوت سبب سن 2006ع ۾ مڃتا جو ايوارڊ مليو. هن پارڪ وٽ سائيڪِلنگ ڪلب به قائم آهي، جيڪو پارڪ جي آئوٽر سرڪل جي چوڌاري سائيڪلون ڊوڙائڻ جو مقابلو مرتب ڪندو آهي.
    لنڊن اندر ڪَئيِن لاجواب باغيچا ۽ گُلستان ٺهيل آهن جن ۾ هائيڊ پارڪ ڪيو گارڊن ۽ هي ريجنٽِس پارڪ ته ڏاڍا مشهور آهن ۽ اسان اهي پارڪ ڪئين دفعا گهميا آهن پارڪ جي بند ٿيڻ جو ٽائيم تمام قريب آهي، تنهن ڪري اسان هتان ٽيوب ۾ چڙهي بوبِيءَ جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين.


    نـيـچـرل هـسـٽـري مـيـوزم

    اسان جي گائيڊ ڊاڪٽر رابعه جي هدايتن مطابق ميوزم گهمڻ جي شروعات ڪئيسين. هي نيچرل هسٽري ميوزم لنڊن شهر جي ڪينسنگٽن علائقي ۾ ايگزيبيشن روڊ تي قائم ٽِن شاهي عجائب گهرن مان هڪڙو آهي. ٻين عجائب گهرن جا نالا آهن: 1. سائينس ميوزم، 2. وڪٽوريا ائنڊ البرٽ ميوزم. نيچرل هسٽري ميوزم ٽيڪسن کان آجو ڪيل فلاحي ادارو آهي، جيڪو انگلينڊ جي خبر رسائيندڙ اداري، راندين واري اداري ۽ ثقافت واري کاتي جي سهڪار سان هلندڙ آهي. هن عجائب گهر ۾ گڏ ڪيل پنجن سائنسي علمن سان واسطو رکندڙ شين، جِنسُن، تقريباً سمورن ساهوارن، جيتن جَڻِيَن، وڻن ۽ ٻوٽن تي مشتمل عناصر جو تعداد اٽڪل ست ڪروڙ کن ٿيندو. هي ميوزم عالمي شهرت جو حامل تحقيقاتي ادارو به آهي، جتي مختلف شين، وڻن ٻوٽن، سمورن ساهوارن ۽ جيتن جَڻيَن جي سُڃاڻپ، درجه بندي ۽ حفاظت ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل ڪئي وڃي ٿي. مشهور سائنسي عالم چارلس ڊارون جي گڏ ڪيل شين، جيتن ۽ ٻوٽن وغيره وانگر هن عجائب گهر ۾ رکيل لکين شيون تاريخي ۽ سائنسي طور تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهن. هتي قائم ڪيل ڪتب خاني ۾ مختلف سائنسي علمن متعلق ڄاڻ ۽ تحقيق واسطي لکيل ڪتاب، رسالا، ميگزين، اخبارون، هٿ سان لکيل مُسودا، فنپارا وغيره به لکن جي تعداد ۾ گڏ ڪيل آهن. ڪتب خاني ۾ رسائي يا داخلا فقط واسطيدار عملدارن کان اجازت وسيلي ٿئي ٿي. قديم جانورن يعني ڊئنوسارس جي هڏائين پڃري جي نمائش سبب هن ميوزم کي عالمي شهرت ملي. اسان کي فقط هن ئي هڏائين پڃري کي ڏسڻ ۾ پورو هڪ ڪلاڪ لڳو. اها واقع حيرت انگيز شيءِ آهي. سن 181ع ۾ الفريڊ واٽر هائوس نالي گهربل عمارت جوڙي، بِڙٽش ميوزم مان نرالي خاصيت وارين مخصوص شين کي آڻي هن عمارت ۾ نمائش لاءِ آويزان ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن نمائش گاهه کي جيالاجيڪل ميوزم جو نالو ڏنو ويو. هن ميوزم ۾ ڊارون سينٽر گهڻو وقت پوءِ قائم ڪيو ويو. ڊارون جا لکيل ڪتاب ننڍي هوندي ڏاڍو بور ڪندا هئا، پر پوءِ اهي وري وري پڙهڻ سان جيڪا سمجهه ۽ سُرت هاصل ٿي تنهن دماغ جا سڀ پردا هٽائي ڇڏيا ۽ سموريون دقيه نوسي ۽ مُدي خارج سوچون دماغ مان هميشه لاءِ نڪري ويون، ڪوڙ ۽ سچ ۾ تميز ٿي، هر ڳالهه عقلي بنياد تي سمجهه ۾ اچڻ لڳي ۽ صدين جي مصنوعي ڪوڙن مان زندگيءَ کي نجات ملي. هن ميوزم ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر سر هينس سِلون جا گڏ ڪيل سُڪل ٻوٽا، جانورن ۽ انسانن جا سُڪايل هڏاوان پڃرا رکيا ويا، جيڪي هن کان اڳي بِرٽش ميوزم جي مونٽيگ هائوس نالي عمارت ۾ سن 1756ع ۾ رکيا ويا هئا. سرهينس جا گڏ ڪيل اهي نوادرات برطانوي سرڪار لاٽريءَ وسيلي خريد ڪيا هئا. اُوڻِيهَئين عيسوي صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن دؤران انهن نوادرات جي گهڻائي گم ٿي وئي. ميوزم جي زولاجي واري شعبي جي سن 1826ع تائين رهندڙ انچارج عملدار ڪيتريون ئي شيون رائيل ڪاليج آف سرجنس کي وڪڻي ڏنيون. هُن کان پوءِ مقرر ٿيل عملدار وليئم ايلفورڊليچ ميوزم جي هيٺئين ڀاڱي ۾ باه لڳارائي. سن 1833ع جي رپورٽ موجب ڊاڪٽر سِلون جي ٺاهيل فهرست ۾ ڄاڻايل 5500 جيتن جا ڍانچا تباهه ٿي ويا. اهڙيءَ ريت ميوزم جي عملي جي نااَهلِي پڌري ٿي پئي، ڇو ته عملي کي اقربا پروريءَ جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو هو. مثلاً هڪڙي ٽُرَسٽِيءَ جي داشته جي ڀائٽي کي اينٽامالاجيڪل اسِسِٽَنٽ طور مقرر ڪيو ويو، جنهن کي هڪ پوپٽ ۽ ڪِينئين ۾ فرق به معلوم نه هو. زولاجي واري شعبي جي انچارج عملدار جي.اي گِري ميوزم جي عملي ۾ ذهني ناچاڪيءَ جي شڪايت ڪئي. هڪڙي ملازم نالي جارج شا محفوظ ڪيل ڪوڏا ڀڃڻ جي ڌمڪي ڏني. هڪ ٻئي ملازم جيتن وارين پيتين تان نمبر ۽ ليبل لاهي ڇڏيا. ڪوڏن ۽ سپين جي گڏ ڪيل ذخيري مان گِري جي زال ڪوڏن وارا اگهاڙا ٽِري کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي ته ان وقت واچوڙي لڳڻ سبب ڪوڏن تي لڳل سمورا ليبل لهي اڏامي ويا. انهيءَ وقت لائبرريءَ جي مکيه انچارج ملازم اينٽونيو پانيزي کي سائنسي علمن ۽ نيچرل هسٽري ميوزم جي مڙني شُعبن کان سخت نفرت هئي. عوام کي نيچرل هسٽري ميوزم ۾ لڳل نمائشون ڏسڻ لاءِ ڪا به ترغيب ڪا نه ٿي ڏني وئي. سن 1835ع ۾ سر هينري ايلِس پارليامينٽ جي سليڪٽ ڪميٽيءَ اڳيان بيان ڏنو ته ميوزم جي ڪتب خاني جو مکيه عملدار ۽ سندس ساٿي اهلڪار مذڪور ناجائز رَوَيي کي مڪمل طور روا رکيو اچن. نيٺ سن 1856ع ۾ رچرڊ اووِن کي برٽش ميوزم جي نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن جو سُپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو، تنهن اچي مذڪور اُڻائِين کي ختم ڪيو. سندس آندل سڌارن کان متاثر ٿي هڪ عالِم بِل بِرائِسَن لکيو ته نيچرل هِسٽري ميوزم کي هر شخص جي ڏسڻ لاءِ تيار ڪري مسٽر اووِن اسان جي انهن توقعات کي وڌايو آهي ته هڪ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو مقصد ڇا هوندو آهي! اووِن محسوس ڪيو ته نيچرل هسٽريءَ وارن شعبن کي حقيقي طور تي موجود ايراضيءَ کان اڃا وڌيڪ ايراضي گهربل آهي، جڏهن ته برٽش ميوزم وٽ ايتري وڌيڪ گهربل ايراضي ڪانهي. تنهن ڪري انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ ڏکڻ ڪينسنگٽن علائقي ۾ گهربل ايراضي خريد ڪئي وئي ۽ سن 1864ع ۾ اتي ميوزم جي عمارت اڏڻ لاءِ ان جي نقشي ۽ پلان واسطي وقت جي ناميارن معمارن ۾ چٽا ڀيٽ ڪرائي وئي، جن مان سِوِل انجينئر ڪَيپٽَن فرانسز فائوڪ جو نقشو پاس ڪيو ويو. اهو انجنيئر ٿوري ئي وقت اندر گذاري ويو ته پوءِاهو منصوبو الفريڊ واٽر هائوس جي حوالي ٿيو، تنهن نقشي ۾ پنهنجي سوچ آهر جيڪا تبديلي آندي اها ساراهي وئي. اڏاوت جو ڪم سن 1873ع ۾ شروع ٿيو ۽ سن 1880ع ۾ مڪمل ٿيو. نئون ميوزم جُڙڻ کان پوءِ 1881ع ۾ عوام جي ڏسڻ لاءِ کوليو ويو، جيتوڻيڪ سمورا نوادرات نئين عمارت ۾ آڻي رکڻ جو عمل سن 1883ع ۾ مڪمل ٿيو. هن عمارت کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ خاطر عمارت اندر توڙي ٻاهر ٽيراڪوٽا يعني پڪن ٽائيلن جو استعمال ڪيو ويو آهي. انهن ٽائيلن جي سِرُن تي مختلف قسمن جي گلڪاري ۽ آڳاٽن ۽ هاڻوڪن جانورن جون تصويرون ٺاهيون ويون آهن. انهن کي ڊارون جي نظريئي مطابق ڏيکاريو ويو آهي ته موجوده جانور آڳاٽن جانورن مان ڪِيئن سُڌري موجوده حالت ۾ آيا آهن. هي ميوزم امپيريل ڪاليج لنڊن، رائيل البرٽ هال ۽ البرٽ ميموريل وارين عمارتن جي سِڌِي قطار ۾ انهن سان متصل آهي. رائيل البرٽ هال ۾ پاڪستان ۽ هندستان جا ماڻهو پنهنجا پنهنجا ميوزڪ پروگرام ۽ سياسي جلسا ڪندا آهن، جن کي ٻنهي ملڪن جا ماڻهو تمام مهانگيون ٽڪيٽون خريد ڪري وڏي چاهه سان ڏسندا آهن. تقريباً ٽيهارو کن سال اڳ رائيل البرٽ هال ۾ لتامنگيشڪر جو ميوزڪ ڪنسرٽ پروگرام ٿيو هو. انهي پروگرام جي سڄي ڪامينٽري دليپ ڪمار هلائي هئي. پاڻ انهي ڪمپيئرنگ دؤران لتا منگيشڪر جي شان ۾ اهڙا ته سٺا ۽ وڻندڙ ٻول ٻوليائين جو انهن مان ڪجهه مون کي اڄ به دل تي تري آيا آهن. لتامنگيشڪر جي آواز جي باري ۾ دليپ ڪمار چيو ته: ”جس طرح کسی پھول یا بہتے ہوئے جہرنے کا کو ئی مذہب نہیں ہوتا، اسی طرح لتا جی کے آواز کا بھی کوئی رنگ، نسل یا مذہب نہیں۔ لتا جی جب گاتیں ہیں تو ایسا لگتا ہے کہ جیسے اس کے گلے میں سے بھگوان بول رہا ہے۔“ مار! ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتاسين! نيچرل هسٽري ميوزم الڳ حيثيت سان تعمير ٿي کلڻ جي باجود سؤ کن سالن تائين بِرٽش ميوزم جو حصو ٿي رهيو، جيتوڻيڪ سن 1866ع ۾ چانسلر آف ايڪس چيڪر وٽ داخل ڪيل دعويٰ تي واسطيدار ادارن ۽ سائنسدانن جهڙوڪ ڊاروِن، هُڪسلي وَيليس وغيره صحيحون ڪري هن ميوزم کي جداگانه آزاد حيثيت ڏيارڻ جي گهُرَ ڪئي هئي، تقريباً سؤ سالن جي مٿاڪُٽ کان پوءِ نيٺ برٽش ميوزم ايڪٽ 1963ع تحت برٽش ميوزم آف نيچرل هِسٽري هڪ آزاد عجائب گهر جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ ان جو پنهنجو الڳ بورڊ آف ٽِرسٽِير قائم ٿيو، تنهن هوندي به ان جو نالو ساڳيو ئي يعني برٽش ميوزم آف نيچرل هِسٽري برقرار رهيو، تان جو ميوزمس ائنڊ گيلريز ايڪٽ 1992ع ٺهڻ کان پوءِ ان جو نالو ڦيرائي نيچرل هِسٽري ميوزم مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي لنڊن جي سفرنامي ۾ هن ميوزم جو پراڻو نالو لکيو آهي. سن 1986ع ۾ جيالاجيڪل ميوزم کي هن عجائب گهر ۾ ضم ڪيو ويو. هن ميوزم ۾ مشهور عالم سائنسدان چارلس ڊاروِن جي نالي سان ڊارون سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، جتي سائنسي طور اهميت واريون ۽ ڪمائتيون شيون تجربن، تجزيئن ۽ نمائش خاطر محفوظ ڪيون ويون آهن. ڊاروِن سينٽر جي فيز پهرئين ۾ رکيل جنسون الڪوهل ۾ محفوظ ڪيل آهن. انهن جو واسطو حيوانات وارن شعبن سان آهي. ڊاروِن سينٽر جو ٻيو ڀاڱو سن 2008ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ جُڙي راس ٿيو ۽ عوام لاءِ سيپٽمبر 2009ع ۾ کوليو ويو. هن ڀاڱي ۾ ناياب جِيتَن ۽ ٻوٽن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سينٽر جي هن ڀاڱي جي وچ تي رکيل 8.62 ميٽر ڊگهي سامونڊي مڇ کي گهڻي شُهرت ملي آهي. ڊاروِن سينٽر ۾ ملٽي ميڊيا ڪميونيڪيشن واسطي مشهور براڊڪاسٽر سر ڊَيوِڊ اٽينبرگ جي نالي سان اٽينبرگ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جتي روزانه ليڪچر ۽ ڊمانسٽريشنس ٿيندا. ڊاروِن سينٽر جي مرڪزي هال ۾ ڪارنيگي ميوزم ۾ رکيل 105 فوٽ ڊگهي مڇ جي اصل هڏائين پڃري جو نقل رکيل آهي. انهيءَ نقل ٺاهڻ جو خرچ برٽش ميوزم جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ بادشاهه ايڊورڊ ستين سان گفتگو ڪرڻ بعد اسڪاٽ آمريڪن ڪارخانيدار ائنڊريو ڪارنيگي 2000 پائونڊ ڀريو. ڪارنيگي انهيءَ ڊائينوسار جا نقل يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين عجائب گهرن ۾ به ٺهرائي رکڻ جو فيصلو ڪيو. اسان هت اچڻ کان اڳ به هن ميوزم متعلق ڪافي پڙهيو هو، پر ڊاڪٽر رابعه به انهي جي باري ۾ اسان سان ڪافي ناليج شيئر ڪيو، ڇو ته هوءَ تازو ئي پره ۽ ان جي ٻارن کي هي ميوزم گهمائڻ آئي هئي؛ ٻيو ته پاڻ ڪافي سالن کان لنڊن ۾ رهندي آهي، تنهن ڪري هوءَ هاڻ اسان جي لاءِ سٺي گائيڊ ثابت ٿي رهي هئي. نيچرل هسٽري ميوزم جي نيو وهيل هال ۾ 25 ميٽر ڊگهو ۽ 10 ٽن وزني بِلُو وهيل مڇ جو ماڊل رکيل آهي. هن ميوزم جي ڊارون سينٽر ۾ سن 2004ع ۾ فاڪلينڊ جي جزيرن وٽان ڄار وسيلي پڪڙيل 8 ميٽر ڊگهو آرڪي نالي مڇ پڻ نمائش خاطر محفوظ ڪيل آهي. ٿيمس نديءَ مان پڪڙيل وهيل مڇ جا هڏا پڻ هتي رکيل آهن، جيڪو سن 2006ع ۾ ڀُلجِي ٿيمس نديءَ ۾ اچي ڦاٿو هو. هتي ڊائنوڪوچليا نالي هڪ پراسرار آبي جنس جو ڍانچو به محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن کي اَوَلِ شاهي گيسٽر ويوڊ، پوءِ ڪوپرولائيٽ ۽ آخر ۾ وڏي جيت جي پٿرائيل خول طور سُڃاتو ويو. هن ميوزم ۾ جهنگلي جيوت لاءِ گهر به ٺهيل آهي. هتي واسطيدار سائنسي علمن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ پبلڪ پروگرام منعقد ڪرڻ جو پڻ بندوبست ٿيل آهي. جيڪو سياح، اسڪالر يا شاگرد، جنهن کي لنڊن گهمڻ يا اتي پڙهڻ جو موقعو ملي، تنهن کي هي ميوزم ضرور ڏسڻ گهرجي. اهو گهمڻ کان اڳ انٽرنيٽ تي يا ڪتابن ۾ هن ميوزم بابت ڪجهه اهم معلومات حاصل ڪري، تنهن کان پوءِ هي ميوزم گهمڻ ۾ کيس وڌيڪ مزو ايندو. چند ماڻهن کان سواءِ باقي ماڻهو روز روز ته لنڊن گهمڻ ڪو نه ٿو اچي جو ان کي اهڙو عاليشان ميوزم ڏسڻ جو موقعو سدائين ميسر هوندو. نيچرل هسٽري ميوزم جي انتظاميه ڊيوِن ۽ ڊورسيٽ جي جيوراسڪ ساحل کي يونيسڪو طرفان عالمي تهذيبي ورثي طور تسليم ڪرائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ۽ اها انتظاميه لائيم ريگس جانورن جي پٿرائيل جسمن جي نمائش لڳائڻ ۾ ڀائيوار طور ڪم ڪندي آهي. سن 2005ع ۾ هن ميوزم ۾ چند عالمن ۽ علم پرور ماڻهن جا نقل تيار ڪرائي هڪ گيلريءَ ۾ رکيا ويا، جيڪي گيلري گهمندڙ ماڻهن کي سندن ڪهاڻيون، واقعا ۽ ايجادون کِل ڀوڳ واري انداز ۾ بيان ڪري کين واقف ڪن ٿا ۽ وندرائين ٿا. سن 2010ع ۾ بي بي سي وارن ڇهن ڀاڱن تي مشتمل هڪ ڊاڪيوميٽري فلم نيچرل هسٽري ميوزم بابت تيار ڪئي، تنهن جو عنوان هو ”ميوزم آف لائيف ۽ بيهائينڊ دِي سِين“ هن ميوزم ۾ ”نيچرل لائيو“ عنوان سان هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سير ڪندڙ ماڻهو ميوزم ۾ تحقيقاتي ڪم ڪندڙ سائنسدانن سان ملي سندن ڪم بابت گفتگو ڪندا آهن. اهي گڏجايون روزانو 14.30 گِرين وِچ مين ٽائيم موجب ٿينديون آهن جن دؤران ڪائنات جي پيدائش کان وٺي آبهوا جي تبديليءَ، حياتيات ۽ خِلا بابت علمن تي گفتگو ٿيندي آهي، سياح سوال پڇن ٿا، غير معمولي شين جو معائنو ڪن ٿا ۽ وِڊيو عمل ۾ شامل ٿين ٿا. اهو وڊيو عمل ميوزم جي ويب سائيٽ تي موجود هوندو آهي ۽ انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ ڏسجي ٿو. هرٽ فورڊ شائير شهر جي نرالي مزاج واري شخص نالي والٽر روٿسچائلڊ، پنهنجي شهر جي ٽرنگ علائقي ۾ نيچرل هسٽري ميوزم وانگر سندس نالي سان والٽر روٿسچائلڊ زولاجيڪل ميوزم قائم ڪيو، تنهن جو نيچرل هسٽري ميوزم سان سن 1938ع ۾ الحاق ٿيو. اسين انهن چند ماڻهن ۾ شامل هئاسين جيڪي هن ميوزم مان سڀني ماڻهن کان پڇاڙيءَ ۾ نڪتا هئا. واقع عجب ۾ وِجهندڙ ۽ حيران ڪندڙ آهي هي نيچرل هسٽري ميوزم!


    ڪَــپــاڊوسِــيــا

    ڪپاڊوسيا، جنهن کي ترڪي ٻوليءَ ۾ ”ڪپاڊوڪيا“ ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪپاڊوڪياه تلفظ سان اُچاريووڃي ٿو، اهو معروضي طور موجوده ترڪي رياست جي ايشيا واري ڀاڱي جي وچ ۾ واقع آهي. ان جي گهڻي ايراضي ترڪيءَ جي Nevsehir نيوِ سِهِر صوبي ۾ شامل آهي. جڳ مشهور يوناني تاريخدان هيروڊوٽس جي زماني ۾ ڪپاڊوسِيا نسل جا ماڻهون ٽائورس جبل کان وٺي اري سمنڊ جي آسپاس تائين واري سموري علائقي ۾ آباد هئا، اهڙيءَ طرح ڪپاڊوسيا وارو علائقو ڏکڻ طرف کان ٽائورس جبل جي قطار سان گهيريل آهي، اهو جبل ڪپاڊوسيا کي ترڪيءَ جي سليسا صوبي کان ڌار ڪري ٿو. ڪپاڊوسيا جي اوڀر طرف فرات نديءَ جو مٿيون ڀاڱو ۽ آرمينيا وارا مٿاهان پٽ موجود آهن. ڪپاڊوسيا جي اتر طرف پونٽس وارو علائقو ۽ اولهه طرف Lycaonia لائيڪائونيا يا لِڪائونيا وارو علائقو موجود آهي. ڪپاڊوسِيا جو نالو سڀ کان اڳ ڇهين صدي قبل مسيح جي پڇاڙيءَ ۾ ايراني بادشاهن دارا ۽ ايگزَرِڪِسِزِ طرفان ٽن ٻولين ۾ لکائيل سرڪاري ڪاغذن ۾ ايراني سلطنت جي مختلف فتح ڪيل مُلڪن مان هڪ مُلڪ طور لڌو ويو آهي. هيرو ڊوٽس لکي ٿو ته ايراني ماڻهو هن ملڪ کي ڪپاڊوڪياه ۽ اتي جي ماڻهن کي ڪپاڊوڪياه جا ماڻهو سڏيندا هئا. يوناني کين شامي يا گورا شامي سڏيندا هئا. هو ڄاڻائي ٿو ته ڪپاڊوسيا ۾ رهندڙ قبيلن مان هڪڙي کي Moschoi موسچوئي سڏيندا هئا ۽ ٻئي قبيلي کي Mosocheni موسوچيني ٿي ڪوٺيائون. انهن توڙي ڪپادوسيا جي سموري علائقي ۾ رهندڙ سمورن مختلف قبيلن کي گڏيل حيثيت ۾ Cappadocians يعني ڪپاڊوسيائي سڏيندا هئا. ايراني سلطنت جي پوين بادشاهن جي حڪومتن دؤران ڪپاڊوسيا رياست کي ٻن سرڪارن ۾ ورهايو ويو هو. انهن مان هڪڙي سرڪار، جيڪا ڪپاڊوسيا ملڪ جي مرڪزي ڀاڱي ۾ قائم ڪئي وئي، ان جو ساڳيو نالو ”ڪپاڊوسيا“ برقرار رهيو ۽ يوناني جاگرافيدانن انهيءَ ئي نالي کي ڪتابن ۾ لکيو. ٻي سرڪار کي Pontus ”پونِٽَس“ نالو ڏنو ويو. ڪپاڊوسيا جي اها ورهاست زينوفون بادشاه جي حڪومت کان اڳئي عمل ۾ اچي چڪي هئي ۽ دائمي صورت اختيار ڪئي هُئائين. جزوي طور آزاد رياست جي صورت ۾ مُؤرخ Strabo اِسٽرابو جي وقت تائين ڪپاڊوسيا جي رياست ۽ بادشاهت برقرار هئي. ملڪ جي راڄداني Caesarea قيصريا شهر ۾ قائم ڪئي وئي، جيڪو Cilicia سِلِيسِيا صوبي يا پرڳڻي ۾ واقع هو. اسٽرابو ڪپاڊوسيا رياست جا اهميت جي لائق فقط ٻه شهر ڄاڻايا آهن. انهن ۾ هڪڙو، ملڪ جي گاديءَ وارو شهر ”قيصريا“، جنهن جو اصل نالو ”Mazaca مزاڪا“ هو ۽ ٻيو شهر Tyana ”ٽيانا“ يا ”ٽائنا“ هو، جيڪو ٽائورس جبل جي اوٽ کان گهڻو پري ڪونه هو. ڪپاڊوسيا اصل اناطوليه جي اڀرندي ڀاڱي ۾ ۽ موجوده ترڪي رياست جي وچ واري ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جيڪا سراسري طور هڪ هزار ميٽر اوچي ٻرندڙ جبل جي صورت ۾ موجود آهي. Mount Erciyes اِرسِيئَس پهاڙي جنهن کي اڳي Argaeus آرگائيَس سڏيندا هئا، Kayserie قيصري شهر جي ويجهو، ان جي اوچائي 3916 ميٽر آهي. ڪپاڊوسيا جي ڏکڻ طرف، تائورس جبلن جي قطار سِلِيسِيا صوبي جي سرحد جوڙيندي، هن ڪوهستاني صوبي کي رومي سمنڊ کان گهڻو پري ڪريو بيٺي آهي. ڪپاڊوسيا جو علائقو چار سؤ ڪلوميٽر اولهه اوڀر ڊگهو ۽ اڍائي سؤ ڪلوميٽر اتر ڏکڻ ۾ ويڪرو آهي. هتي سراسري آبهوا، اونهاري جي مند ۾ گرم ۽ خشڪ آهي ۽ سياري جي مند ۾ تمام گهڻي ٿڌ ٿئي ٿي، ڇو ته هتي جي اوچي پهاڙي سلسلي ۾ برف باري ٿيندي آهي. هتي برسات تمام گهٽ وسندي آهي. هي علائقو گهڻو ڪري خشڪ ۽ غيرآباد آهي. ڪپاڊوسيا ڪانسي يعني پِتلِ ڌاتوءَ واري دؤر ۾ Hatti ”هاٽي“ سڏبو هو، جنهن جي اقتدار جو مرڪز Hattusa ”هاٽوسا“ شهر هو. هتي جي ماڻهن کي Hittite هٽائيٽ سڏيندا هئا. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ Lydia لائڊيا جي بادشاه Croesus ڪِروئِسَس هٿان کين مليل شڪست کان پوءِ سندن اقتدار زوال جو شڪار ٿي ويو ۽ ڪپاڊوسيا جي رياست، جاگيردار اميرن جي تسلط هيٺ رهي، جن پنهنجن محلن ۾ عياشيون ڪندي پنهنجي رعيت کي غلاميءَ واري ذلت آميز زندگي گهارڻ تي مجبور ڪري رکيو. هن رياست کي ايراني سلطنت جي ٽئين صوبي طور ايراني سلطنت ۾ شامل ڪيو ويو، پر انهيءَ تي حڪومت تڏهن به سندن جاگيردار طبقو ئي ڪري رهيو هو. انهن ۾ به ڪو اهڙو برجستو حاڪم ڪو نه هو، جيڪو سموري ملڪ تي حڪومت ڪري سگهي. سمورا ڏيهي حاڪم مڪمل طرح خودمختيار ڪو نه هئا ۽ يوناني بادشاه جا ڏن ڀرو هئا. ايراني سلطنت جو خاتمو آڻڻ کان پوءِ سڪندر اعظم پنهنجي فوجي جنرلن هٿان ڪپاڊوسيا تي حڪومت ڪرڻ چاهي، پر ڪنهن حيلي بهاني Ariarathes آرِيارَيٿِس نالي هڪڙو ايراني اميرزادو ڪپاڊوسيا جو بادشاه ٿي ويو. هن 332 ق.م. کان 322 ق.م. يعني ڏهه سال هڪ ڪامياب حاڪم طور حڪومت ڪئي ۽ ڪپاڊوسيا جون حدون ڪاري سمنڊ تائين وڌايون. سڪندر اعظم جي وفات تائين ڪپاڊوسيا ۾ امن امان قائم هو. سڪندر کان پوءِ يوناني سلطنت ٽُٽي ٽڪرا ٿي وئي ۽ ڪپاڊوسيا Eumenes يُومينِس نالي يوناني جنگي سردار جي قبضي هيٺ آيو، جنهن سن 322 ق.م. ۾ يوناني امير پرڊيڪاس هٿان ڪپاڊوسيا جي ايراني حاڪم آرياريٿس کي ڦاسي ڏياري مارايو، پر يومينس بادشاه جي حڪومت ۾ وڳوڙ ۽ فساد وڌي ويا، تنهنڪري بادشاه جو موت ٿيو ۽ آرياريٿس جو پٽ ڪپاڊوسيا جو بادشاه بڻيو ۽ پيءَ جي نالي سان شاهي گهراڻو قائم ڪيائين. سندس اولاد مان ڪيترائي ماڻهو ملڪ جا بادشاه ٿيا هئا. آرياريٿس چوٿين جي حڪومت ۾ ڪپاڊوسيا رومي سلطنت سان ۽ شهنشاه Antiochus the great اينٽيوڪس اعظم سان دشمني وارو رويو اختيار ڪيو، پر پوءِ مقدونيه جي بادشاه Perseus پرسيئس جي خلاف اينٽيوڪس جو جنگي اتحادي ٿي رهيو ۽ جن ملڪن کي اڳي ڏن ڏيندو هو، تن جو ڏن بند ڪري ساڻن وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ڪپاڊوسيا جو بادشاه آرياريٿس پنجون، روم جي سپهه سالار Pubius Licinius Crassus پِيُوبِيئَس لِسِينِيئَس ڪِراسَس سان گڏجي پرگامون جي حاڪم Aristonicus ارسٽونيڪَس تي ڪاهي ويو، پر سندن لشڪر سن 130 ق.م. ۾ تباه ٿي ويو. آرياريٿس پنجين جي وفات کان پوءِ، ملڪ وڏن وڳوڙن جي ور چڙهي ويو ۽ پونٽس رياست جي اُسرندڙ طاقت، حملو ڪري، ڪپاڊوسيا جي انتشار جو شڪار هن ايراني نسل جي شاهي گهراڻي آرياريٿس جو زوال آندو. تڏهن ڪپاڊوسيا جي حڪومت ۾ شامل اميرن، پونٽس جي بادشاه خلاف، رومي شهنشاه جي پٺڀرائيءَ سان، گڏيل راء موجب Ariobarzanes آريو بارزينس کي سن 93 ق.م. ۾ بادشاه بنايو پر ساڳئي سال Tigranes the great ٽگرينس اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ آرمينيا جو لشڪر ڪپاڊوسيا ۾ داخل ٿي مڪمل قبضو ڪيو ۽ آريوبارزينس کي تخت تان لاهي، سندس هڪ جنگي سردار Gordios گورڊيئوس کي ڪپاڊوسيا جو نائب يا عبوري بادشاه بنايو ۽ رومي مداخلت کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ رومي سلطنت ۽ آرمينيا جي وچ ۾ ڪپاڊوسيا کي Buffer zone غير جانبدار علائقو بنايو، پر 63 ق.م. ۾ رومي سلطنت پونٽس ۽ آرمينيا وارن بادشاهن کي معزول ڪري آريوبارزينس کي وري ڪپاڊوسيا جي تخت تي ويهاريو پر ملڪ خانه جنگيءَ جو شڪار ٿي ويو ۽ پهرين Pompey پومپي جي قبضي هيٺ آيو. ان کان پوءِ مٿس Caesar قيصر قبضو ڪيو. بعد ۾ Antony اينتوني جي ور چڙهيو ۽ نيٺ ان کان به اقتدار کسيو ويو ۽ ڪپاڊوسيا تي Actavian ايڪٽيوِيئن تسلط قائم ڪيو. اهڙي طرح آريو بارزينس گهراڻي جو خاتمو آيو ۽ اول اينٽوني جي ۽ پوءِ ايڪٽيويئن جي حمايت سان ڪپاڊوسيا جي هڪڙي امير Archelaus آرڪيلائس کي تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڪپاڊوسيا هڪڙي ڏن ڀرو رياست طور باقي رهي، تان جو سن 17 عيسويءَ ۾ آرڪيلائس رومي شهنشاه کي ڪاوڙائي وِڌو، جنهن ڏمرجي کيس روم جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو ۽ ڪپاڊوسيا جي هڪ آزاد رياست واري حيثيت ختم ڪري، ان کي رومي سلطنت جو هڪ صوبو بنايو ويو، جنهن تي رومي سلطنت طرفان مقرر ٿيل گورنر حڪومت ڪرڻ لڳو. ڪپاڊوسيا ۾ ڪيترائي زير زمين ننڍا وڏا ڳوٺ موجود آهن. عيسوي مذهب جيستائين رياست طرفان قبوليت جو درجو حاصل نه ڪيو هو، تيستائين آڳاٽا عيسائي مذهب اختيار ڪندڙ ماڻهو، غير عيسائي حاڪمن، ملن ۽ ماڻهن جي تشدد کان بچڻ خاطر انهن زير زمين ڳوٺن ۾ لڪل رهندا هئا. انهن ڳوٺن ۾ دشمن جي حملي کان بچڻ لاءِ، ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ وارن لنگهن يا دروازن تي تمام وڏا پٿر رکي ڇڏيندا هئا، جن کي ٻاهريان حمله آور هرگز هٽائي ڪو نه سگهندا هئا. انهن زير زمين ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مختلف سطحن تي ڪيترائي لنگهه ٺهيل هوندا هئا، جن کي بند ڪرڻ جي باوجود، اندر موجود ماڻهو ٻاهرين حمله آور ماڻهن کي لنگهن جي ويجهو اچڻ تي اندران نيزا يا ڀالا به هڻي سگهندا هئا. ڪپاڊوسيا جي چوٿين عيسوي صديءَ وارن عيسائي مذهبي پيشوائن جو، عيسوي مذهب جي اوائلي پيش ڪيل اصولن ۽ عقيدن سان نه ٽُٽندڙ ۽ گَهِرو رِشتو موجود هو. انهن پيشوائن ۾ قسطنطنيه جو هڪڙو بزرگ John of Cappadosia ڪپاڊوسيا وارو جان به هو، جنهن سن 517ع کان 520ع تائين وڏي پادريءَ جو عهدو سنڀاليو. باظنطيني اقتدار واري تقريباً سموري عرصي دؤران، ساساني شهنشاهت سان هن علائقي ۾ ٿيندڙ ٽڪرائن ۽ هلندڙ جهيڙن ۽ جنگين جي باوجود ڪپاڊوسيا ۾ عيسوي مذهب جي مروج نظام ۾ ڪو رخنو يا ڦيٽاڙو ڪو نه ٿيو، پر پوءِ اهو مسلمانن جي فتوحات خلاف بغاوت ۽ مزاحمت ڪندڙ سرحدي علائقو ٿي پيو. ستين عيسوي صديءَ کان وٺي ڪپاڊوسيا عيسائيت جي ٻن گروهن، جهڙوڪ هڪ اناطوليه واري فرقي ۽ ٻئي آرمينيا واري فرقي ۾ ورهائجي ويو. نائين عيسوي صديءَ کان يارهين عيسوي صديءَ تائين عيسائيت جا ٻه مختلف نظريا رکندڙ فرقا؛ هڪ ڪپاڊوسيا وارو عيسائي نطريو رکندڙ فرقو ۽ ٻيو Charcianon چارسِيئنون عيسائي نظريي جو پوئلڳ فرقو، موجود هئا. ڪپادوسيا پاڙيسري ملڪ آرمينيا سان سدائين ڦرندڙ گهرندڙ تعلقات رکندو رهيو ۽ ان جي شهنشاهت جو حصو به ٿيندو رهيو. هڪ عرب تاريخ نويس ابوالفارابي ڪپاڊوسيا جي شهر Sivas سِواس ۾ ڏهين عيسوي صديءَ دؤران اچي آباد ٿيندڙ آرمينيا جي باشندن جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”ڪپاڊوسيا جو شهر سِواس آرمينيائي آبادڪارن جي غلبي هيٺ هو ۽ انهن آبادڪارن جو تعداد تمام گهڻو هو. اهي وڏي تعداد ۾ فوج ۾ به شامل هئا ۽ کين عربن کان کسيل قلعن ۽ ڪوٽن جي نگهبانيءَ تي مقرر ڪيو ويو هو. اهي پاڻ کي شاهي فوج جا نهايت تجربيگار سپاهي سڏائيندا هئا ۽ رومي فوجين سان يا باظنطيني فوجين جي ڀر ۾ وڏي بهادري ۽ شجاعت سان جنگ ڪندا رهندا هئا.“ باظنطيني فوجي مهمات ۽ ترڪيءَ جي سلجوق حاڪمن طرفان آرمينيا تي ڪاهه سبب آرمينيائي ماڻهو ڪپاڊوسيا ۽ اوڀر طرف Cilicia سليسيا مان اُتر شام جي جابلو علائقن ۽ ميسوپوٽيميا ۾ پکڙجي ويا جنهن جي نتيجي طور آرمينيائي ڀاڄوڪڙن جي حرفت سان سليسيا جي بادشاهت قائم ٿي. انهيءَ زوال ۽ چوٿين صليبي جنگ جي نتيجي طور، صليبي جنگيون ڪندڙ رياستن جي قيام سبب آمينيائي ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو. صليبي جنگيون ڪندڙ عيسائي ملڪن جي نظر ۾ ڪپاڊوسيا آرمينيائي ماڻهن جو ملڪ هو، ڇو ته اتي آرمينيائي ماڻهو وڏي تعداد ۾ موجود هئا. سن 1071ع ۾ Battle of Manzikert مانزيڪرٽ واري لڙائيءَ کان پوءِ ترڪيءَ جي سلجوق حاڪمن جي اڳواڻيءَ هيٺ مختلف ترڪ قبيلن ۽ ذاتين جا ماڻهو اناطوليه ۾ آباد ٿيڻ لڳا ۽ اتي سندن غُلبو ٿيڻ سبب ۽ ڪپاڊوسيا جي اوڀر توڙي اولهه طرف قائم ڪيل ترڪ رياستن جي قيام سبب، ڪپاڊوسيا آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو، نيٺ انهن ملڪن کي ڏن ڏيندڙ رياست ٿي پيو. ملڪ جي ماڻهن جي ڪجهه حصي اسلام قبول ڪيو. يوناني ۽ باظنطيني ماڻهن جي گهڻي تعداد، ايشيا مائينر جي علائقي Ionia آئيونيا جي ساحلي پٽيءَ ڏانهن ڪُوچ ڪيو. ٻارهين عيسوي صيءَ ۾، ٻئي يا ٽئين ڏهاڪي ڌاري اناطوليه ۾ آباد ٿيندڙ سلجوقي ترڪن هن سموري علائقي تي مڪمل غلبو اختيار ڪري ورتو، پر تيرهين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ ۾ قونيه وارا سلجوق ترڪ جڏهن انتشار ۽ زوال جو شڪار ٿيا ته انهن جي اقتدار تي Karaman ڪرامان علائقي وارن Beylik بِيلِڪ جنگي سردارن قبضو ڄمايو. وري انهن کان اقتدار پندرهين عيسوي صديءَ دؤران ترڪيءَ جي عثمانيه سلطنت کسي ورتو. اهڙيءَ ريت ڪپاڊوسيا جي رياست ايندڙ صدين ۾ سلطنت عثمانيه جو هڪ صوبو ٿي رهي ۽ اڃا تائين اها جديد ترڪي واري رياست جو هڪ ڀاڱو يا صوبو آهي ارڙهين عيسوي صديءَ جي اوائل ۾ نيوِ سهِر واري علائقي ۾ پيدا ٿيل ترڪ وڏي وزير Damat Ibrahim Pasha دامت ابراهيم پاشا ”نيوِ سهِر“ نالي سان هڪڙو نئون شهري مرڪز قائم ڪرايو، جنهن ڪري انهيءَ علائقي ۾ بنيادي سڌاري واري تبديلي رونما ٿي ۽ نيوِ سهِر هن علائقي جي راڄدانيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. انهيءَ عرصي دؤران ڪپاڊوسيا جي اڳوڻن رهاڪن Karamanlica ڪرامانليڪا نالي سان ترڪ ٻوليءَ جو هڪ نرالو لهجو ڳالهائڻ اختيار ڪيو، جنهن کي يوناني الف بي ڪم آڻيندي لکبو هو. جتي يوناني ٻولي استعمال ۾ هوندي هئي: جهڙوڪ Sille سِل، Kayseri قيصري Pharasa فراسا ۽ ٻين آس پاس وارن واهڻن ۽ وستين ۾ ڳالهائي ويندي هئي، اتي يوناني ٻوليءَ تي انهيءَ علائقي جي چوڌاريءَ ڳالهائي ويندڙ مقامي ترڪي ٻوليءَ جو گهرو اثر ٿيو. يوناني ٻوليءَ جي انهيءَ لهجي کي Cappadocian Greek يعني ڪپاڊوسيا ۾ ڳالهائي ويندڙ يوناني ٻولي سڏيندا آهن. سن 1923ع ۾ ترڪي ۽ يونان جي وچ ۾ مختلف انساني قبيلن جي مٽ سٽ ٿي، ان جي نتيجي طور هاڻي اها ڪپاڊوسيا واري يوناني ٻولي ترڪيءَ مان لڏي يونان ۾ آباد ٿيندڙ ماڻهن جي پويَن يعني سندن موجوده چند خاندانن طرفان استعمال تائين محدود ٿي وئي آهي.
    مختصراً ڪپاڊوسيا ترڪيءَ جي اناطوليه علائقي ۾ چنڊ وانگر بيمثال سهڻن قدرتي نظارن واري سرزمين آهي، جنهن ۾ زير زمين شهر، غارن ۾ ديول ۽ ٽڪرين کي تراشي گهر، وستيون ۽ واهڻ به ٺاهيل آهن. برساتي نالن ندين ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ وارن تيز وهڪرن جي نرم پٿر وارين پهاڙي وادين مان لنگهندي، کاڌ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نرم پٿرن ۾ نهايت حيرت انگيز شڪليون پيدا ٿيل آهن، جو انهن کي Fairy Chimneys پرين جي مُلڪ جون سوکڙيون سڏيندا آهن. ڪپاڊوسيا ۾ تاريخ کان اڳ جون وسنديون Koskhoyuk ڪوسخويُڪ. Aksaray Asikli Mound اڪسري اَسِيڪِلي مائونڊ، Nev sehir civelek cave نيوِسِهِر سوليڪ ڪيوِ، Kultepe ڪُلٽيپ، Kanis ڪَينِس ۽ Alisar الِيسار آهن. هن ملڪ کي Seythian يعني اسڪائيٿيا جي ٻوليءَ ۾ Khepatukhe خيپاتوخ يعني مهاديوَ يا مُک ديوتا Hepat هيپات جي رعيت جو ملڪ سڏيندا هئا. فارسي شاعريءَ ۾ ڪپادوسيا جو نالو Katpatuka ڪتپتوڪا ڄاڻايو ويو آهي، تنهن جي معنيٰ سهڻن گهوڙن جي سر زمين آهي. قديم آثارن مان لڌل تختيون، يادگار صليب، هٽائيٽ فن پارا ٻه هزار سال قبل مسيح کان 1200 سال قبل مسيح جا پراڻا ڄاڻايا وڃن ٿا اسڪائيٿيا جي Khatti خٽي يا خاٽي نسل جي ماڻهن هن علائقي ۾ سڀني کان پهرين پنهنجي حڪومت Tobal Kingdom تبل بادشاهت قائم ڪئي. هٽي لوڪن ۽ ايراني دؤر حڪومت جي پوئواري ڪندي، ڪپاڊوسيا جي بادشاهت سن 332 ق.م. ۾ قائم ٿي. رومي دؤر حڪومت ۾هي علائقو آڳاٽن ڪرستان پناهگيرن جي حقيقي پناهگاه طور ڪم آيو.


    قـرطـبـه خـلافـت جـو عـروج

    جڏهن عبدالرحمان ٽئين پنهنجي ڏاڏي کان پوءِ اسپين ۾ اسلامي حڪومت جون واڳون سنڀاليون تڏهن هو فقط 23 سالن جو ڳڀرو جوان هو ۽ سندس رياست پنهنجي وسعت ۽ قوت وڃائي فقط راڄداني قرتبه ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي هئي پر، هن نو عمر اميرالمؤمنين پنهنجي رياست جي اصل وسعت، شان ۽ شوڪت ٻيهر حاصل ڪري پاڻ کي وقت جو عظيم ۽ ڪامياب حڪمران ثابت ڪري ڏيکاريو ڇو ته هن ۾ مستقل مزاجي، جرئت ۽ شجائت واريون حقيقي خوبيون قدرتي طور تي اڳ ۾ ئي موجود هيون جيڪي ڪنهن ڪامياب ۽ عظيم حڪمران لاءِ نهايت ضروري هونديون آهن.
    هن ڌيري ڌيري پر نهايت يقين محڪم سان پنهنجي رياست جا سمورا وڃايل علائقا ۽ صوبا ٻيهر حاصل ڪيا. اهڙيءَ طرح هن هر طرف فتوحات حاصل ڪيون ۽ سن 912ع کان 961ع تي مشتمل اڌ صديءَ جي طويل عرصي تائين خوش اصلوبيءَ سان حڪومت ڪئي. ايسيجا Ecija وارن ته سندس حڪومت جي پهرئين سال جي آخري ڏينهن تي آڻ مڃي. ايلويرا وارن پڻ ايسيجا وارن جي تقليد ڪندي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ جين وارن به ڪو مقابلو ڪو نه ڪيو. آرڪيڊونا وارن ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. ڏورانهين صوبي سيول سن 913ع ۾ خليفي لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا.

    ريگيو Ragio وارن جي پهاڙي جهان پناهه سبب مضبوط مزاهمت به آهستي آهستي گهٽائي ۽ ختم ڪئي وئي. باقي فقط ٽوليڊو Toledo وارن جي ارڏائي برقرار هئي اهي به سن 932ع ۾ ڏڪار ۽ مُحاصري سبب پيش پيا، اهڙيءَ ريت سموري اصل وسيع رياست تي اسلامي حڪومت بحال ڪئي وئي ۽ انهيءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون ويون.
    انهيءَ سموري عرصي دوران ڌارين عسڪري طاقتن جو خطرو برقرار رهيو. انهن ۾ ڏکڻ طرف فاطمي مسلمان حاڪم ۽ اتر ۾ ليئن Leon وارا عيسائي بادشاهه وڌيڪ طاقتور ۽ خطرناڪ دشمن موجود هئا. 909ع ۾ تيونس ۾ فاطمي گهراڻي جي حڪمراني قائم ڪندڙ بادشاهه عبيدالله المهدي ريگيو واري دشمن حڪمران ابن هفسون سان سازباز ڪري قرتبه جي حڪومت ۾ پنهنجا جاسوس موڪليا هئا ۽ قرتبه شهر جي هڪڙي فيلسوف کي عبدالرحمان جي خلاف سازش ۾ شامل ڪيو. انهيءَ صورتحال جي پيشنظر عبدالرحمان ڪيوٽا Ceuta ۽ ان سان متصل علائقن تي قبضو ڪري بربري ساحل تي آباد سرڪش حڪمرانن کان ڏن وصول ڪيو. عبدالرحمان پنهنجي بحري ٻيڙي کي رومي سمنڊ ۾ طاقتور ترين بحريه بنائي ۽ ان جو مکيه بندر الميريا هو. فرانس ۽ اسپين جي اسلامي حڪومت جي وچ تي باسڪو Basques جو عيسائي حڪمرانن جو علائقو حائل هو. جيڪي دائمي طور اسلامي رياست جي مد مقابل رهيا. اوڀر طرف تي نواري ۽ اريگن جا مخالف ملڪ پڻ موجود هئا. اهي سمورا ملڪ اسلامي ملڪن جي باهمي اختلافن مان ناجائز فائدو وٺندي انهيءَ تي وقتاً فوقتاً حملا ڪندا رهندا هئا. ليئن جو بادشاهه آرڊونو ثاني عبدالرحمان جي هڪڙي سالار کي قيد ڪري سين ايسٽيبان ڊي گورمز نالي سرحدي قلعي جي ديوار تي ڪلن سان مارائي ڇڏيو. انهيءَ سالار مذڪور قلعي جو محاصرو ڪيو هو.
    سن 920ع ۾ عبدالرحمان خود فوجي اڳواڻي ڪندي انهيءَ قلعي سان گڏ دشمن جا بيا به ڪيترائي مضبوط ڳڙهه تباهه ڪيا ۽ ليئن ۽ نواري عيسائي ملڪن جي بادشاهن آرنوڊو ۽ سينڪو جي لشڪرن کي للڪاري کين سخت شڪست ڏيئي اسلام کي سر بلند ڪيو.
    عبدالرحمان پنهنجي باقي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ امن امان ۽ نظم و ضبط قائم ڪيو ۽ ڪيترائي انتظامي سُڌارا آندا. انهن ۾ سندس نمايان ڪارنامو 16 جنوري 929ع وارو سندس فرمان آهي. جنهن تحت هن پاڻ کي اميرالمؤمنين بدران دين الاهيءَ جو محافظ خليفو سڏائڻ شروع ڪيو. سن 939ع ۾ ليئن ملڪ جي بادشاهه راميرو ۽ نواري ملڪ جي راڻيءَ جيڪي عيسائي هئا، عبدالرحمان جي لشڪر تي اُلهندي گهاٽ وٽ هڪڙو خطرناڪ فوجي حملو ڪيو، جيڪو عبدالرحمان جي 27 ساله دور حڪومت ۾ عيسائين جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ حملو هو. جنهن سبب بادشاهه پنهنجي جان بچائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ ترت ئي پوءِ هنن کي ماري مات ڪيائين، جنهنڪري نواري جي راڻي ٽوٽا پنهنجي پٽ ۽ پوٽي سميت عبدالرحمان جي دربار ۾ اچي حاضر ٿي ۽ علاج معالجي ۽ پنهنجي پوٽي جي تخت نشينيءَ لاءِ مدد لاءِ عرض ڪيو. انهيءَ وقت عبدالرحمان جي حڪومت عروج تي هئي، جنهن جو حڪم ايبرو کان ايٽلانٽڪ ۽ فِرينچ پائرينيز کان جبل الطارق تائين نافذ هو. پوري يورپ ۾درٻار جي عظمت جو چرچو هو. اسلامي اسپين جي گاديءَ جي هنڌ قرتبه ۾ انهيءَ وقت پنج لک انسان آباد هئا. شهر ۾ ست سؤ مسجدون ۽ ٽي سؤ حمام موجود هئا ۽ هن شهر سان فقط مسلم شهر بغداد ۽ قسطنطنيه مشابهه هئا.
    شاهي محل ۾ ڪُل چار سؤ ڪمرا ٺهيل هئا. اهو شهر جي اتر اولهه ڀاڱي ۾ هڪڙي ٽڪريءَ تي اڏيل آهي. بادشاهه اهو محل سن 936 ۾ اڏائڻ شروع ڪيو هو. جنهن تي خرچ ڪيل رقم سندس داشته جي ملڪيت هئي.
    هن جو اول ۾ خيال هو ته انهيءَ رقم عيوض عيسائي حڪمرانن وٽ قيد مسلمان آزاد ڪرائجن پر جڏهن اهڙن قدين بابت جڏهن خبر ڪا نه پئي ته هن سندس ٻي داشته جي صلاح موجب اهو محل اڏائڻ شروع ڪيو ۽ انهيءَ تي انهيءَ داشته زهره جو نالو رکيو.

    هن محل ۾ ڪم آيل سنگمرمر نيو ميڊا ۽ ڪار ٿيج کان گهرايو ويو.
    ڪالم ۽ بيسبن قسطنطنيه مان تحفي طور مليا. انهيءَ کان سواءِ ڏهه هزار مزورن ڏيڍ هزار بار ڍوهيندڙ جانورن سان گڏ سانده ڏهه سالن تائين پورهيو ڪيو بعد ۾ هن محل ۾ پوءِ وارن حڪمرانن به توسيع ۽ تزعين ڪرائي هئي.
    سن 1910ع ۽ ان کانپوءِ هن محل جي کوٽائي ڪرائي وئي هئي. الزهره جي هن شاهي محل ۾ بادشاهه پنهنجي 3750 محافظن ساڻ چڪر لڳائيندو هو. جتي سندس سلاميءَ واسطي هڪ لک لشڪر حاضر بيٺو هوندو هو.
    عبدالرحمان جي دؤر حڪومت ۾ اسپين جي اسلامي رياست ۾ زراعت ۽ تجارت ٻنهي اقتصادي شعبن ۾ خاطر خواه ترقي ٿي جنهن سبب پيدائش وڌي ۽ سرڪاري محصول ٻاهٺ لک پنجيتاليهه هزار دينارن کي وڃي پهتو. هن سرڪاري آمدنيءَ جو ٽيون حصو فوج تي خرچ ڪيو ويندو هو ۽ ٽيون حصو عام ڀلائي جي ڪمن تي خرچ ڪبو هو ۽ باقي رقم بيت المال ۾ جمع هوندي هئي. اسپين ۾ اسلامي رياست جنهن کي اندلس سڏيندا هئا. ۽ سندس دارالخلافه قرتبه اُنهيءَ وقت کان اڳي اُن عروج تي ڪونه هئا. اهو سڀ ڪُجهه فقط هڪڙي فرد يعني بادشاهه عبدالرحمان ٽئين جي عقل ۽ عمل جو نتيجو هو جيڪو 73 ورهين جي طويل عمر ۾ گذاري ويو. پڇاڙيءَ ۾ سموري حياتي ۾ خوشي جا کيس فقط چوڏهن ڏينهن نصيب ٿيا.


    ٽِرانسِ سائبَرِيئَن ريلوي لائين

    هيءَ ريلوي لائين روس جي ريلوي نظام ۾ طويل ترين ريلوي لائين آهي، جيڪا ماسڪو کي روس جي ڏور اوڀر ۾ قائم شهر وِلاڊيواسِٽَڪ سان ۽ ٽن ملڪن: منگوليا، چين۽ اتر ڪوريا جي ريلوي لائينن سان ڳنڍي ٿي. مارچ 1890ع ۾ پنهنجي دنيا جي سفر جي پڇاڙيءَ ۾ جپان گهمڻ کان پوءِ روس جي اُڀرندي سرحد وٽ موجود شهر وِلاڊِيواسِٽَڪ ۾ ترسڻ دؤران روس جي آئنده ٿيندڙ شهنشاه، زار، نڪولس ٻئي، ٽرانس سائيبَرِيئن ريلوي جي ڏور اوڀر واري ڀاڱي جي تعمير جو افتتاح ڪيو. هن زار پهنجي ريل گاڏيءَ ۾ ڦُر لُٽَ کان بچيل سائيبريا واري لائين تي آرامده سفر ڪرڻ واري آرزوءَ بابت پنهنجي روزنامچي ۾ ڳچ فُقرا لکيا هئا. روس جي بادشاه کي ”زار“ سڏيندا هئا. زار جي ريل گاڏي سينٽ پيٽرس برگ شهر ۾ جوڙي وئي هئي، جنهن جي حيثيت، ملڪ جي دؤري دؤران بادشاه ۽ سندس عملي جي مکيه ”متحرڪ دَفتر“ واري هئي. ٽرانس سائبريئن ريلوي لائين جو مکيه روٽ يا رستو ماسڪو شهر مان شروع ٿي روس جي وڏن شهرن؛ ياروسِلاوِل چِيٽا، چيليابِنِڪس، اومِسِڪ، نوووسِيبِرِڪِ، اِرڪُوٽِسِڪ يُولانِ يُوڊِي ۽ خَبارو فِسڪِ مان لنگهندي وڃيو وِلاڊيواسٽڪ شهر ۾ ڇيهه ڪري! هيءَ شاهي ريلوي لائين زار اليگزينڊر ٽِئين ۽ سندس پُٽَ زار نڪولس ٻئي طرفان مقرر ٿيل سندن وزيرن جي نگرانيءَ ۾ 1891ع ۾ ٺهڻ لڳي ۽ 1916ع ۾ جُڙِي راسِ ٿي. هن ريلوي لائين جو ٻيو واڌُو ڀاڱو چائِنِيز اِيسِٽَرنِ ريلوي رُوس کي چين سان ڳنڍيندڙ ريل جي رستي طور تعمير ٿيو. اها ريلوي لائين چيني شهرن مان لنگهندي روس جي ڏور اوڀر سرحد وٽ قائم شهر وِلاڊِيواسِٽَڪ وٽ وڃيو ڇيهه ڪري. ٽرانس سائيبريئن ريلوي لائين واري هن چيني اضافي ڀاڱي جو انتظام روسي عملي جي حوالي آهي، جنهن جو دفتر هاربن شهر ۾ قائم آهي. ٽرانس سائيبَريئَن ريلوي لائين روس جي مکيه ٽرانس ڪانٽِينينٽَل ريلوي لائين سان اڪثر شهرن ۽ ماڳن وٽ ڳنڍيل آهي. اها ريلوي لائين روس جي يورپ توڙي ايشيا وارن ڀاڱن جي سَوين ننڍن وڏن شهرن کي ملائي ٿي. هيءَ ريلوي لائين 9259 ڪلوميٽر، برابر 5753 ميل ڊگهي پٽڙي آهي، سا وقت جي ستن معياري ايراضين تي مشتمل آهي. انهيءَ سڄي ريلوي پٽڙيءَ تي سفر ڪرڻ ۾ اَٺَ ڏينهن لڳن ٿا. ٽرانس سائيبريئن ريلوي لائين سان ملندڙ ٻي ريلوي لائين ٽرانس مَنچُوريئن ريلوي لائين آهي، جيڪا ساڻس ڪريمسڪايا شهر جي اوڀر طرف ستن ميلن جي مفاصلي تي تارسڪايا شهر وٽ مِلي ٿي. تارسڪايا شهر بائيڪل ڍنڍ جي اوڀر طرف 621 ميل يعني هڪ هزار ڪلوميٽر پري آهي. ٽرانس مَنچوريئَن ريلوي لائين ٽارسڪا يا شهر مان نڪري، ڏکڻ اوڀر ڪُنڊَ ڏانهن مُڙندِي چين جي هاربن ۽ مُدانجِيانگ شهرن مان لنگهندي وِلاڊِيواسِٽڪ شهر جي اتر طرف اُسرِي پيسِڪِ شهر ۾ اچيو مکيه لائين سان ڳنڍجي. وِلاڊِيواسِٽَڪ ڏانهن ويندڙ هيءَ ريلوي لائين سڀني پٽڙين کان پراڻي ۽ سڀني کان ننڍي ريل جي پٽڙي آهي. مدان جيانگ شهر وٽان نڪرندڙ هڪڙي ريل جي پٽڙي بيجنگ شهر سان ڳنڍيل آهي. ماسڪو کان بيجنگ ويندڙ ريل گاڏيون انهيءَ ريل جي رستي تان وينديون آهن. ڪي ريل گاڏيون چين جي شييانگ شهر وٽان هن ريل جي پٽڙيءَ تان لهي ٻئي پٽڙيءَ تي چڙهي اتر ڪوريا جي گاديءَ واري شهر پيانگيانگ ڏانهن وينديون آهن. ٽرانس سائبَرِيئَن ريلوي سان ڳنڍجندڙ ٽيون ريل جو وڏو رستو ٽرانس منگولِيئَن ريلوي آهي، جيڪو هن سان بائيڪل ڍنڍ جي اڀرندي ڪناري تي ٺهيل ڏوراهين شهر يُولان يوُڊِي وٽ اچيو ڳنڍجي ۽ بيجنگ شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ڏانهن مُڙَڻ کان پهرين اهو ڏکڻ طرف مُڙِي يولان باٽار شهر پهچي ٿو. ٽرانس سائيبريئن ريلوي سان ڳنڍجندڙ ريل جي چوٿين وڏي پٽڙي ”بائيڪل اَمُور مين لائين“ آهي، جيڪا ساڻس بائيڪل ڍنڍ جي اولهه طرف ڪيترائي سؤ ميل پري ٽائشيٽ شهر ۾ اچيو ڳنڍجي. بائيڪل اَمُور مين لائين جي تعمير جو ڪم سُستيءَ سان ٿيڻ سبب اها لائين گهڻو دير سان يعني سن 1991ع ۾ جُڙِي راس ٿي. هيءَ ريل جي پٽڙي خابارو فِسڪ شهر جي اتر طرف وهندڙ اَمُور درياه جي ڪناري تي ٺهيل شهر ڪومسومولِسڪ وٽ امور درياه پار ڪري ٿي، پوءِ اڳتي وڌندي سوويٽِسڪايا گاوان شهر وٽ پَيسفِڪ سمنڊ سان وَڃِيو لڳي. 13 آڪٽوبر 2013ع ۾ هڪ ريل گاڏيءَ پنهنجو افتتاحي سفر راجِن شهر وٽ پورو ڪيو. سن 1851ع ۾ ماسڪو کان سينٽ پيٽرس برگ تائين ريلوي جي پٽڙي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سائيبريا واري علائقي ۾ ريل جي پٽڙي ٺاهڻ جا منصوبا چالو ڪيا ويا. انهن منصوبن مان اولين اِرڪُوٽِسڪِ، چيٽا ريلوي لائين جوڙڻ وارو منصوبو هو، جنهن جي رِٿَ آمريڪي سرمائيدار پيري ڪولِنسِ پيش ڪئي ۽ روس جي ٽرانسپورٽ واري وزير: ڪانسِٽينٽائِينِ پوسِيٽ ان جي پُٺڀَرائي ماسڪو کي ريل جي رستي اَمُور درياه ۽ اڳتي پيسفِڪ سمنڊ تائين ڳنڍڻ واري خيال جي بنياد تي ڪئي. سائيبريا جو گورنر نڪولاء مُراوِيوف اَمُورِسڪِي روس جي ڏور اوڀر وارن علائقن ۾ روسي آبادڪاريءَ لاءِ آتو هو، پر جيستائين آبادڪارن لاءِ گهربل خوراڪ چين ۽ ڪوريا کان وٺڻي ٿي پئي، تيستائين گورنر جو مذڪور منصوبو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي نه سگهيو. ٽرانس سائيبريئن ريلوي جي ڪل وقتي تعيمر وڃي 1891ع ۾ شروع ٿي. ان منصوبي تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ انهيءَ منصوبي جي مڪمل نگراني روسي وزير خزانه ”سَرگَئِي وِٽ“ ڪئي. آمريڪا جي پهرئين ٽرانس ڪانٽينينٽل ريل روڊ جي تعميراتي طريقئه ڪار وانگر، روسي معمارن به سندن هن ريل جي رستي جي تعمير انهيءَ لائين جي ٻنهي ڇيڙن وٽان شروع ڪئي، جيڪا وِچَ ڏانهن وڌندي رهي. ريل جو اهو رستو وِلاڊِيواسِٽڪ شهر کان اتر طرف ڏانهن، اُسُورِي درياه جي ساڄي ڪپ سان ٺاهڻ شروع ڪيو ويو، جيڪو اڳتي وڌندو اَمُور درياه وٽ خاباروفِسڪ شهر تائين پهتو، تڏهن ان کي اُسُورِي ريل جو رستو سڏيو ويو. سن 1890ع ۾ اُرَل نديءَ تي پُل اڏي وئي ۽ نئون ريل جو رستو ايشيا ۾ داخل ٿيو. سن 1898ع ۾ اونِ درياه تي پُل ٺهي، انهيءَ ماڳ جي ويجهو سن 1883ع ۾ نووونِيڪو لائِيفِسڪ نالي هڪڙو ننڍڙو شهر قائم هو، اهو وڌي ويجهي سائيبريا جي علائقي ۾ ”نووسِيبرسڪِ“ نالي هڪڙو عاليشان شهر ٿي پيو. سن 1898ع ۾ نوووسيبرسڪ جي اوڀر طرف 37 ميلن جي مفاصلي تي بائيڪل ڍنڍ جي ڪنارن جي ويجهو موجود اِرڪُوٽِسڪ شهر ۾ پهرين ريل گاڏي اچي سهڙي. هڪ سال اڳ يعني 1897ع ۾ وِلاڊيواسِٽَڪ ۽ خاباروفِسڪ شهرن جي وچ ۾ ريل جي پَٽڙي وِڇائي وئي هئي. انهيءَ کان پوءِ ريل جي پٽڙي اِرڪوٽِسڪ شهر جي اوڀر طرف وڌندي شِلڪا ۽ اَمُور نديون ٽپندي وڃي خابارو فِسڪ شهر ۾ پهتي. هن ريل جي پٽڙيءَ جي وِڇائڻ واري ڪم ۾ روسي فوج جي سپاهين ۽ پڪن قيدين کان ڪم ورتو ويو هو. هن علائقي ۾ موجود بائيڪل ڍنڍ چار سؤ کن ميل ڊگهي ۽ پنج هزار، ٻه سؤ فوٽ اونهي يا گِهرِي آهي خصوصي طور انهيءَ ڍنڍ لاءِ سرڪم بائيڪل ريلوي جي پٽڙي ٺهڻ کان اڳ، مٿي ڄاڻايل ريل جي پٽڙيءَ بائيڪل ڍنڍ جي هڪ طرف وٽ اچي دنگ ڪيو هو. سن 1897ع ۾ برف ٽوڙيندڙ پتڻ واري ريل گاڏي ”ايس ايس بائيڪل“ ٺاهي وئي ۽ 1900ع ۾ ”ايس ايس انگارا“ نالي ٻي برف ٽوڙيندڙ پتڻ واري ريل گاڏي ٺاهي وئي ۽ بائيڪل ڍنڍ جي ٻنهي پاسن تي موجود ريل جي پٽڙين کي انهن برف ٽوڙيندڙ ريل گاڏين وسيلي پاڻ ۾ ملايو ويو. برف ٽوڙيندڙ ريل گاڏين کي ڍنڍ واري برف ٽوڙي ٻئي ڪناري تي پهچڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳندا هئا. بائيڪل ۽ انگارا نالي برف ٽوڙيندڙ پتڻ وارين ريل گاڏين جي ڊزائين جو خاڪو روسي بحريه جي ايڊمِرل ۽ مهم جُو ”اِسٽِيپان ماڪاروف“ تيار ڪيو هو، پر انهن کي انگريز اِنجنيئر ”آرمِسٽِرانگ وِٽِوَرٿ“ انگريزي شهر نيوڪيسل اُپانِٽائينِ ۾ جوڙي راس ڪيو حقيقتاً اهي برف ڀڃي اڳتي ويندڙ پتڻ واريون ريل گاڏيون، اسٽوڪ لڳائي هيٺ برف تي لاٿيون ويندڙ ٻيڙيون هيون، جن کي کولي سندن اوزار ۽ پُرزا، سَوَنِ جي تعداد ۾ کوکن يا پيتين ۾ بند ڪري اِسٽويا نڪا شهر ۾ آندو ويو، جتي انهن ريل گاڏي نما ٻيڙين جي پُرزن کي پاڻ ۾ مِلائي سڄيون ساريون برف ڀڃي اڳتي ويندڙ ريل گاڏين يا ٻيڙين جي اصلوڪي شڪل ڏيڻ ۽ ڪم آڻڻ لاءِ ٻيڙن ٺاهڻ جو ڪارخانو ٺهيل هو. انهن ريل گاڏيءَ جهڙن ٻيڙن جا بوائلر، انجڻيون ۽ ٻيا ڪُل پُرزا سينٽ پيٽرس برگ شهر جي ڪارخاني ۾ ٺاهيا ويا هئا. اهي به اِسِٽوِيانڪا شهر جي انهيءَ ڪارخاني ۾ آندا ويا. ايس ايس بائيڪل ريل ٻيڙي ۾ پندرهن بوائلر ۽ چار فَنَلَ نصب ٿيل هئا. اهو ٻيڙو 64 ميٽر يعني 210 فوٽ ڊگهو هو. انهيءَ ريل گاڏي نما ٻيڙي جي وِچئين طبق تي 24 ريل ڪوچ ۽ هڪ انجڻ کڻڻ جي صلاحيت هئي. ايس ايس انگارا ريل گاڏي نما ٻيڙو ننڍو هو، جنهن ۾ ٻه فُنَلَ نصب ٿيل هئا. بائيڪل ڍنڍ جي چوڌاريءَ ڦِرندڙ سر ڪم بائيڪل ريلوي لائين سن 1904ع ۾ ٺهي راس ٿي ته انهيءَ پتڻ وارين ريل گاڏين نما ٻيڙين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو پر انهي سر ڪم بائيڪل ريلوي کي ڪڏهن ڪڏهن ريل جي پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ ۽ ريل جي پٽڙيءَ تي برف ۽ پٿر جي ڇِپُن ڪِرَڻ سبب گهڻو نقصان رسيو، تنهن ڪري ڪنهن هنگامي صورتحال دؤران ڪم آڻڻ ايس ايس بائيڪل ۽ ايس ايس انگارا ٻنهي ريل گاڏي نما ٻيڙن کي تيار ڪري سن 1916ع ۾ چالو رکيو ويو. انهن مان ايس ايس بائيڪل، روس ۾ گهرو لڙائي دؤران سڙي تباه ٿي ويو، پر ايس ايس انگارا ريل گاڏي نما ٻيڙو اڃا تائين موجود آهي، جيڪو هڪ دفتر ۽ عجائب گهر طور ڪم اچي پيو. جيستائين بائيڪل ڍنڍ جي ڏاکڻي ڪناري تي Spur اِسپر يعني جهل يا روڪ لاءِ ديوار مڪمل ڪا نه ٿي هئي، تيستائين سياري جي مُندَ ۾ مسافرن، سندا سامان ۽ ٻئي بار کي کڻي وڃڻ لاءِ برف گاڏيون استعمال ٿينديون هيون. سن 1916ع ۾ چين جي سرحد جي اُتر ۾ اَمُور درياه واري ريل جي پٽڙي ٺهي راس ٿي ته اها پيٽروگِراڊ کان وِلاڊيواسِٽڪ تائين سدائين برقرار رهندڙ ريلوي لائين ٿي پئي ۽ اها دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڊگهي ريلوي لائين طور موجود آهي. هن طويل ترين ريلوي لائين کي بجلي مهيا ڪرڻ وارو ڪم سن 1929ع ۾ شروع ٿيو ۽ سن 2002ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن ڪري هن ريلوي لائين جي بار ڊوهڻ واري سگهه ۽ صلاحيت ٻيڻي ٿي وئي. هن ٽرانس سائيبريئن ريلوي چالو ٿيڻ سان سائبريا واري علائقي ۾ زراعت خوب ترقي ڪئي ۽ زرعي جنسون وِچ روس ۽ يورپ ڏانهن وڃي وِڪَجڻ لڳيون. هن ريلوي لائين، ساڻس سڌيءَ طرح يا درياهن وسيلي ڳنڍجندڙ سمورن علائقن تي معاشي ۽ ثقافتي طور تي خاصو مثبت اثر مرتب ڪيو ۽ کين مڙني شعبن ۾ ترقي ڏياري. مثلاً الٽائي ڪِرائي علائقي مان ڪڻڪ اوب نديءَ وسيلي ريلوي اسٽيشن تي پهچائي وئي، جتان بار بردار ريل گاڏين اها اولهه روس ۽ يورپ ۾ پهچائي. اهڙيءَ ريت سن 1861ع ۾ غلاميءَ کي قانوني طور رد ڪرڻ کان پوءِ سائيبريا واري علائقي 1870ع واري ڏهاڪي دؤران اولهه روس ۽ اولهه وارن ٻين مُلڪن ڏانهن وڪري لاءِ سستو اناج موڪلڻ شروع ڪيو. تنهن دؤر ۾ روس جي مرڪزي علائقي ۾ زراعت اڃا معاشي دٻاء هيٺ هئي، تنهن به سڌرڻ شروع ڪيو. مرڪزي علائقن جي بچاء ۽ سماجي زوال کي روڪڻ لاءِ روسي سرڪار، چيليار بِنسڪِ شهر وٽان کڄي ويندڙ اناج تي ۽ منچوريا ۾ موڪليو ويندڙ اناج تي چيليار بِنِسڪِ ٽيرف نالي محصول نافذ ڪيو. روسي سرڪار جي ٽيڪس مڙهڻ سبب، ڏيساور ويندڙ مال جي نوعيت بدلجي وئي ۽ اناج جي پيداوار واري علائقي جي شهرن، جهڙوڪ: اٿائي ڪِرائي، نوووسيبرِسڪِ ۽ ٿوڪِمسِڪ ۾ روٽي ٺاهڻ جا ڪارخانا روٽي /ماني تيار ڪرڻ لڳا. ڪيترن ئي زرعي فارمن ۾ ڪارن/اناج جي پوک ٿيڻ لڳي. سن 1896ع کان 1913ع تائين سائيبريا سراسري طور پنج لک، هڪ هزار، نَوَ سؤ، ٻَٽِيههَ ٽَنَ اناج، اٽو ۽ روٽي ماني في سال ڏيساور موڪليندو رهيو. ٽرانس سائيبريئن ريلوي جي موجودگيءَ سبب روس جي اُلهندنِ ڀاڱن ۽ يوڪِرين مان لکين هاري لوڪ، سائيبَريا جي زرعي علائقن ۾ اچي آباد ٿيا. سن 1906ع کان 1914ع تائين اٽڪل چاليهه لک غير سائيبريائي ڪُڙمي سائيبريا اچي سهڙيا. انهيءَ عرصي دؤران تمام گهڻا ماڻهو هتي لڏي آيا هئا. هيءَ ريلوي لائين پوري روس ۾ سفر ڪرڻ ۽ بار ڊوهڻ جو اهم ترين وسيلو آهي ۽ روسي برآمدات جو ٽيهه سيڪڙو هن ئي ريلوي لائين وسيلي ٿئي ٿو. جڏهن ته ٽرانس سائيبريئن ريلوي پرڏيهي سيلانين جي اڪثريت لاءِ پڻ پرڪشش آهي، ڇو ته روس جي ڏور اوڀَر واري علائقي ڏانهن ويندڙ مکيه ريلوي لائين آهي. موجوده دؤر ۾ هن ريلوي لائين وسيلي، هر سال اٽڪل ٻه لک ڪنٽينر يورپ روانا ٿيندا آهن. هيءَ ريلوي لائين ڪنٽينر ٽِرَيفِڪ جي گُنجائِش ٻيڻي ڪرڻ، خصوصي گاڏن جو فليٽ تيار ڪرڻ ۽ مختلف بندرن، اڏن، ٽرمينلن ۽ گهاٽن جو تعداد وڌائڻ جي پروگرام تي عمل پيرا آهي. چين ڏانهن ويندڙ روس جو واپاري مال سٺ مِلِيئن يعني ڇهه ڪروڙ ......... کان به وڌيڪ موڪلڻ جو منصوبو آهي. انهيءَ مال جو وڌ ۾ وڌ مقدار هن ئي ريلوي لائين وسيلي، نيو ۽ آندو وڃي ٿو. شامل ملڪن جي ريلوي انتظاميائن جي دُرستِ رابطي وسيلي ٽرانس سائيبريئَن ريلوي ۽ ٽرانس مَنگولِيئَن ريلوي معرفت ڪيترن ئي ڪنٽينرن تي مشتمل مال پندرهن ڏينهن اندر بيجنگ کان هيمبرگ تائين پهچائي سگهجي ٿو. جڏهن ته عموماً جپان کان روس جي يورپي ڀاڱي ۾ مال پهچڻ ۾ پنجويهه ڏينهن لڳيو وڃن. ٽرانس سائيبريئن ريلوي لائين تي ڪنهن ڊگهي سفر ڪرڻ وارن مسافرن کي صلاح ڏجي ٿي ته اهي پاڻ سان هڪ ننڍو چاقو، روٽي، ڀاڄي ۽ ميوو ڪَٽڻ لاءِ رکو، ٽِشُو پيپر، منهن هٿ اُگهڻ لاءِ رکو، دنيا جي هِن بيمثال ريل گاڏيءَ ۾ سياحت ۽ تفريح جو ماسڪو کان وِلاڊيو اسِٽَڪ تائين ستن ڏينهن جو خرچ 640 يو ايس ڊالر آهي. جنهن ۾ ماني به شامل آهي، پر رائل راجستان ريلَوِي جو صرف هڪ ڏينهن جو ڪرايو 1720 يو ايس ڊالر آهي. هن سفر ۾ ضرورت وقت پڙهڻ ۽ لِکڻ لاءِ هڪ هيڊليمپ پاڻ وٽ رکو. وِندرَ خاطر شطرنج راند جي ڪوڏين جو سيٽ يا تاش راند جا پتا به پاڻ آڻڻ نه وساريندا. تنهن کان سواءِ پنهنجي گهر ۽ ڪُٽنب وارن جو فوٽو البم به آڻڻ گهرجي. گُفتگو جو رهبر ”فِريزِبڪ“ وقت سٺو گذارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڌارِين ضروري ڏُکين لفظن جي فهرست تيار ڪري ياد ڪرڻ گهرجي ته جيئن ضروري شين جي حصول ۽ مقصد واري ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ سَولائي ٿئي. پنهنجي پسند موجب سير ۽ سفر جو خاڪو تيار ڪرڻ لاءِ گهربل ”رُشيا پِلانَر“ رهبر ڪتاب توهان لاءِ بيحد ڪمائتو ثابت ٿيندو. ٽرانس سائيبريئن ريلوي لائين جا ٽي مکيه شهر: ماسڪو، بيجنگ ۽ وِلاڊيواسِٽڪ آهن، تنهن کان سواءِ ماسڪو کان اتر ڪوريا جي گاديءَ واري شهر پيانگِيانگِ ڏانهن پڻ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ريل گاڏي، انهيءَ ساڳي ريلوي لائين تان وڃي ٿي. يورپ جي ڪنهن به شهر کان ريل گاڏيءَ وسيلي ماسڪو اچي سگهجي ٿو. يورپيئن ڪوچ لائين، يعني يورو لائين پڻ لنڊن کان ماسڪو سميت سڄي يورپ ۾ هلي ٿي. ”ايروفِلوٽِ“ روس جي مکيه هوائي سروس آهي، جيڪا سڄي يورپ سان گڏ سڄي دنيا ۾ هلي ٿي. تنهن کان سواءِ روس جون لانچون ۽ مسافر بحري جهاز ايشيا توڙي يورپ ۾ مسافرن کي آڻين ۽ نين ٿا. مسافرن کي البت پرڏيهي مُلڪ گهمڻ خاطر انهن ملڪن ۾ داخل ٿيڻ خاطر ۽ رهڻ لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزاگهربل ٿئي ٿي. مسافرن کي پاسپورٽ آفيس مان پاسپورٽ ٺهرائڻا آهن ۽ ويزا سندن ملڪ ۾ واسطيدار ملڪن جي سفارتخانن مان ملندي آهي. سفر لاءِ ٽڪيٽ، ٽِريول ايجنسي ۽ ريلوي لائين تي قائم اهم اسٽيشنن تان خريد ڪري سگهجن ٿا. ويمي وارا ٽِڪيٽ به ملن ٿا. ماسڪو وِلاڊيواسِٽڪ روٽ تي ريل گاڏي، هر ٽِنِ چئين ڪلاڪن کان پوءِ وِيهَن کان ٽِيهه منٽ ڪنهن نه ڪنهن اسٽيشن تي بيهندي آهي، جنهن دؤران مُسافر ريل گاڏيءَ مان لهي پنهنجي پسند ۽ ضرورت موافق، تازا تازا تيار ٿيل کاڌا، ميوا ۽ مشروبات وٺي کائيندا ۽ پيئندا آهن. روس ۾ ريلوي اسٽيشنن تي فقط روسي سڪو هلي ٿو. بائيڪل ڍنڍ وارين اسٽيشنن تي Omal اومَل نالي تازي پڪل مڇي به مِلي ٿي. ريل گاڏيءَ ۾ پڻ ماني کائڻ وارا ريل جا گاڏا ريل گاڏي ۾ ئي لڳل آهن، جتي هر قسم جا گاڏا پيتا مُيسِر آهن. گرم پاڻيءَ وارو سماوار ريل جي هر گاڏي ۾ موجود هوندو آهي، جتان چانهه ۽ ڪافي لاءِ گرم پاڻي مفت ۾ حاصل ٿئي ٿو. هتي مسافر ريل جي گاڏيءَ ۾ ٽن قسم جا ريل گاڏا ٿيندا آهن. 1. فرسٽ ڪلاس گاڏا، 2. سيڪنڊ ڪلاس گاڏا ۽ 3. ٿرڊ ڪلاس گاڏا ٿيندا آهن. فرسٽ ڪلاس گاڏن ۾ ڪمپارٽمينٽ ٿيندا آهن، جن ۾ ٻه ٻه صوفا ۽ اٽيچڊ باٿ روم هوندا آهن،. ڀاڙو مهانگو اٿن، ڇو ته انهن جو معيار يورپ ۽ آمريڪا جهڙو آهي. ٿرڊ ڪلاس گاڏن ۾ پڻ سفر آسان آهي، پر لگزري ڪانهي. تمام گهڻا مسافر هن ئي ڪلاس جي گاڏن ۾ سفر ڪندا آهن. ٽرانس منچوريئن روٽ وارين ريل گاڏين ۾ وهجڻ وارو شاور ڪو نه ٿئي. واشروم ۾ گرم ۽ ٿڌو پاڻي ملائي بالٽيءَ ۾ وهنجي سگهجي ٿو. فرسٽ ڪلاس گاڏن جون ڪيبِنون يا ڪمپارٽمينٽ مسافرن جي مرضيءَ موجب اندران توڙي ٻاهران تالن سان بند ڪري سگهجن ٿا. هن ٽرانس سائيبريئن ريلوي وارين ريل گاڏين ۾ ڊگهي سفر لاءِ گروپ ٽوئر سٺو ۽ سستو آهي. ريل گاڏين ۾ مانيءَ وارن گاڏن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم خدمتگار، مسافر گاڏن ۾ وڃي مسافرن ۾ چانهه ۽ ڪافي وڪڻندا آهن. مانيءَ وارن گاڏن مان سافٽ ڊرنڪ ۽ بيئر وٺي مسافر پنهنجن گاڏن ۾ کڻي اچي سگهن ٿا. هتي رشيا جي جڳ مشهور ووڊڪا پيئڻ نه وسارڻ گهرجي.


    آئي.ايس.ايس. انٽرنيشنل اِسپيس اسٽيشن

    بين الاقوامي خلائي اسٽيشن، جنهن کي عموماً آءِ.ايس.ايس. سڏيندا آهن، اها خِلا ۾ ڌرتيءَ کي ويجهي مدار ۾ يعني ڌرتيءَ جي چوڌاريءَ مستقل طور ڦرندڙ هٿرادو ٺهيل اپگره يا خلائي جهاز آهي، جنهن ۾ خلائي سائنسدان رهندي مخصوص ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر مختلف تجربا ڪندا رهندا آهن. هيءَ خلائي اسٽيشن، اول سوويت يونين ۽ پوءِ روسي خلائي اسٽيشنن جهڙوڪ: سيلِيُوٽ، الماز ۽ مِير خلائي اسٽيشن ۽ بعد ۾ موڪليل آمريڪي خلائي اسٽيشن اسڪاء ليب جو تسلسل آهي. هيءَ خلائي اسٽيشن، خلائي جهاز ٺاهيندڙ انجنيئرن طرفان جوڙيل هڪ اعليٰ معيار وارو راڪيٽ آهي، جنهن جو هڪڙو مکيه ڀاڱو سن 1998ع ۾ ٺاهي خلا ۾ موڪليو ويو هو. تنهن کان پوءِ پروگرام موجب اسٽيشن جا ٻيا ڀاڱا به واري واري سان هڪ هڪ ڪري تيار ڪري، زمين جي ويجهي مدار ۾ ڦرندڙ هن خلائي اسٽيشن ڏانهن موڪلي، ان سان ڳنڍيا ويا آهن. تنهن ڪري هيءَ خلائي اسٽيشن هن وقت دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي هٿرادو ٺهيل راڪيٽ يا خلائي جهاز جي صورت ۾ ڌرتيءَ کي ويجهي خلا ۾ ڌرتيءَ جي چوڌاريءَ گردش ڪري پئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن آسمان صاف هئڻ دؤران دوربينيءَ کان سواءِ به ڌرتيءَ تان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هن خلائي اسٽيشن سان داٻ هيٺ آيل خلائي جهاز کان جُدا ٿي ۽ ڳنڍجي سگهندڙ حصا، رسا، شهتير، پٽيون يا ڪمانيون، سج مان سگهه حاصل ڪندڙ اوزار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مشينون ڳنڍيل آهن، جيڪي ضرورت موجب اسٽيشن کان جدا ڪري سگهجن ٿيون. هن خلائي اسٽيشن سان ڳنڍي سگهجندڙ مختلف مَشينَريءَ جا پُرزا آمريڪا جي خلائي راڪيٽن يعني شَٽِلرَ ۽ روس وارن پروٽان ۽ سَويَوزِ راڪيٽن وسيلي ڌرتيءَ تان روانا ڪيا ويندا آهن، جيڪي زميني ڪنٽرول تحت پروگرام موجب وڃي هن ڦرندڙ خلائي اسٽيشن سان ڳنڍبا آهن. ناڻي جي مجبوريءَ، خلائي اسٽيشن ٺاهڻ وارن ٽن منصوبن کي جپان جي خلائي اسٽيشن Kibo ڪِبو جي مَنصُوبي ۽ ڪيناڊا جي خلائي اسٽيشن روبوٽڪس واري منصوبي سان ضم ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار بنايو. سن 1993ع ۾ روسي خلائي اسٽيشن مير 2، جنهن لاءِ جزوي طور تيار ڪيل مشينون حقيون هيون، انهيءَ منصوبي، آمريڪا جي رِٿيل خلائي منصوبي ”فريڊم“ ۽ يورپي يونين طرفان جوڙيل خلائي منصوبي ”ڪولمبس“ کي پاڻ ۾ زم ڪري هڪ معياري خلائي اسٽيشن جوڙڻ بابت هڪ گهڻقومي منصوبو تيار ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن آءِ.ايس.ايس. وارو منصوبو، دنيا جو خلائي تحقيق لاءِ واحد سڀ کان وڌيڪ خرچ وارو منصوبو ٿي ويو آهي، جنهن جي هي خلائي اسٽيشن مائڪرو گِرَيوِٽي يعني مختصر ڪشش ۽ خلائي ماحول بابت تحقيق ڪندڙ خلا ۾ موجود تجربي گاه آهي. هن خلائي اسٽيشن ۾ رهندڙ خلائي سائنسدان، حياتيات، انساني حياتيات، طبعيات، موسميات ۽ ٻين علمن متعلق تجربا ڪندا آهن. هيءَ خلائي اسٽيشن چند، مريخ ۽ ٻي خلا ۾ موڪليا ويندڙ راڪيٽ ۽ انهن جي مختلف نظامن جي تپاس لاءِ مناسب تجربي گاه آهي. ڳنڍجندڙ خلائي جهاز، ايڪسپيڊيشن وَنِ 2 نومبر سن 2000ع ۾ هن اسٽيشن سان ڳنڍجڻ کان وٺي ڊسمبر 2013ع تائين مسلسل تيرهن سالن ۽ اوڻهٺ ڏينهن تائين انسان جي خلا ۾ موجودگي رهي، جيڪا اڃا تائين برقرار آهي. اهڙيءَ طرح روسي خلائي اسٽيشن تي 3634 ڏينهن يعني تقريباً ڏهن سالن تائين انسان جي خلا ۾ رهڻ واري رِڪارِڊَ کي هن خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلابازن ٽوڙيو. هن خلائي اسٽيشن جي صفائي، مرمت ۽ سار سنڀال مختلف ڳنڍجندڙ راڪيٽن جهڙوڪ: سويُوزِ، پروگريس، اِي ٽِي ويهيڪل، ايڇ ٽُو ٽرانسفر ويهيڪل، ڊريگن ۽ سِگِنَس وسيلي ٿئي ٿي. هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن ڏانهن پندرهن مختلف ملڪن جا خلانِوَرد يا خلابار مختلف تجربا ڪرڻ لاءِ ويندا آهن. موجوده وقت ۾ هن خلائي اسٽيشن تي ٿيندڙ مختلف تجربن وارو منصوبو، دنيا جي پنجن خلائي ادارن جهڙوڪ: ناسا، روسڪوموس، جي اي ايڪس اي، اي ايس اي ۽ سي ايس اي، جو گڏيل منصوبو آهي. هن اسٽيشن جي مالڪي ۽ استعمال وارو سَمجهوتو واسطيدار ملڪن ۽ حڪومتن جي وچ ۾ طئي ڪيل آهي. هيءَ خلائي اسٽيشن ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هڪڙو ڀاڱو رشيئن آريٽل سيگمينٽ ۽ ٻيو يو ايس آريٽل سيگمينٽ سڏجي ٿو، جيڪو گهڻين قومن ۾ ورهايل آهي. هيءَ بين الاقوامي خلائي اسٽيشن ٽي سؤ ٽيهه ڪلوميٽرن يعني ٻه سؤ پنجن ميلن ۽ چار سؤ پنجٽيهن ڪلوميٽرن يعني ٻه سؤ ستر ميلن جي اوچائيءَ واري فاصلي تان ڌرتيءَ کي ويجهي خلائي مدار يعني خلائي رستي تي ڌرتيءَ جي چوڌاريءَ گردش ڪري رهي آهي. انهيءَ گردش کي برقرار رکڻ لاءِ زويزدا جون معياري مشينون استعمال ٿين پيون. هيءَ ISS خلائي اسٽيشن روزانو هڪ ڏينهن يعني چوويهن ڪلاڪن ۾ پنهنجي خلائي رستي يعني مدار تي ڦرندي ڌرتيءَ کي 15.15 يعني ساڍا پندرهن ڦيرا ڏيندي آهي. هن خلائي اسٽيشن کي خلا ۾ گردش ڪرڻ ۽ مختلف تجربا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ گهربل ناڻي جو 2020ع تائين بندوبست ٿيل آهي ۽ اها 2028ع تائين پنهنجو سونپيل ڪم ڪرڻ جي لائق آهي. روسي وفاقي خلائي ايجنسي: آرڪي اي روسڪوموس هن اسٽيشن کي ڌرتيءَ تي لاهڻ کان اڳ، نئين خلائي اسٽيشن ”او پي ايس اي ڪي“ لاءِ گهربل راڪيٽ ۽ مشينري تيار ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. آمريڪي خلائي اداري ناسا ۽ روسي خلائي اداري روسوا يا ڪوسموس جي وچ ۾ ٿيل اصل عهدنامي موجب هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جي حيثيت خلا ۾ قائم ڪيل هڪ تجري گاه، آسماني جسمن کي چڪاسڻ واري رسدگاه ۽ خلائي اسٽيشن لاءِ گهربل اوزار ۽ مشينري تيار ڪرڻ واري ڪارخاني واري آهي. اهو منصوبو پڻ رٿيل آهي ته هن خلائي اسٽيشن تان مستقبل ۾ چند، مريخ ۽ ٻين گِرهن ڏانهن راڪيٽ موڪليا وڃن. آمريڪا جي سن 2010ع واري قومي خلائي پاليسيءَ موجب هن بين القوامي خلائي اسٽيشن کي تجارتي، سفارتي ۽ تعليمي ڪم سونپيا ويا. هيءَ خلائي اسٽيشن سائنسي تحقيق واسطي به ڪم اچي ٿي، ڇو ته ماڻهوءَ کان سواءِ هلندڙ راڪيٽن ۾ اهڙي تحقيق ناممڪن آهي، جڏهن ته هن خلائي اسٽيشن تي گهربل اهم تحقيقي ڪم ڪيترن ئي سالن تائين خوش اسلوبيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. هيءَ اسٽيشن تحقيقي عملن کي وڌيڪ آسان بنائي ٿي، جنهن ڪري تحقيقات ڪندڙن جي گهڻي تعداد جي ضرورت ڪانهي. هن اسٽيشن تي ٿيندڙ تحقيق جا مکيه مضمون: خلائي حياتيات، فلڪيات انساني جسم ۽ صحت تي ٿيندڙ اثرات بابت تحقيق، خلائي موسميات، طبعيات ۽ زميني موسميات آهن. ڌرتيءَ تي رهندڙ سائنسدانن کي خلائي تحقيق جي معلومات حاصل ٿئي ٿي، جنهن ڪري اهي وڌيڪ درست اصول ۽ قانون جوڙي انساني سماج ۾ وڌيڪ سڌارو آڻين ٿا. اڄڪلهه امريڪا، يورپ توڙي ايشيا جا ڪجهه خلانوَرِدَ ڪيتري ئي عرصي تائين خلائي اسٽيشن تي رهي گهربل تحقيقات ڪري سگهن ٿا. جپان جو خلائي تحقيقاتي ادارو Kibo ڪِبو، خلائي تحقيق جي روشنيءَ ۾ جپان جي سائنس ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ دواسازيءَ ۾ وڌيڪ سڌارا ۽ واڌارا آڻڻ جو ارادو رکي ٿو. ڪائنات ۾ موجود سياه مادي جي تشخيص ۽ ٻين بنيادي سوالن جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ، دنيا جي سائنسدانن ۽ اِنجنيئرن، اَلِفا مَيگِنيٽِڪ اسپيڪٽرو ميٽر نالي هڪ دوربيني ايجاد ڪئي آهي، جنهن کي آمريڪي خلائي اداري، ناسا آمريڪي سائنسدانن جي ٺاهيل هَبِل ٽيلسِڪوپ سان ڀيٽ ڪندي چيو ته اي ايم ايس دوربيني آزاديءَ سان اڏامندڙ ڪنهن راڪيٽ تي نصب نٿي ڪري سگهجي ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ ان دوربينيءَ جون گهربل ضرورتون، ڪنهن خلائي جهاز يا راڪيٽ تي نصب ٿيل هوندي پوريون نٿيون ٿي سگهن. 3 اپريل 2013ع ۾ ناسا جي سائنسدانن چيو ته سِياه مادي جي تشخيص الفاميگنيٽڪ اسپيڪٽرو ميٽر وسيلي ٿي سگهي ٿي. انهن جي چوڻ موجب خلا ۾ موڪليل اسپيڪٽرو ميٽر طرفان موڪليل اطلاع، ڌرتيءَ وٽ موجود ڪائناتي ڪِرِڻن ۾ گهڻي طاقت وارا پازيٽران حد کان وڌيڪ مقدار ۾ موجود هجڻ جي خاطري ڄاڻائين ٿا. خلا وارو ماحول حياتيءَ جو دشمن ماحول آهي، ڇو ته خلا ۾ پروٽان ۽ شمسي هوا وسيلي چارج ٿيل ٻيا به ڪيترائي نيم ايٽمي تابڪار ذرڙا خطرناڪ مقدار ۾ پکڙيل آهن. خلا ۾ تمام وڏا خال ساه وارن جي سهپ کان گهڻي گرمي ۽ مختلف قسم جي مخفف ڪشش موجود آهي. هن خلائي ماحول ۾ بلڪل خشڪ حالت دؤران تمام سادي جسامت وارا ساه وارا، جن کي سائنسدان ”ايڪسٽِريمو فائيلِس“ ۽ ”ٽارڊيگريڊس“ سڏيندا آهن، سي ئي بچي سگهن ٿا. خلا ۾ گهڻو وقت رهندڙ ساه وارن تي ٿيندڙ اثرات، جنهن ۾ مُشڪن جي سوڪ، هڏن ۾ کوٽ ۽ جسماني پاڻياٺ ۾ تبديلي ٿئي ٿي، تنهن بابت طبي تحقيق ڄاڻ وڌائي ٿي. تنهن ڪري هن خلائي اسٽيشن تي، نيشنل اسپيس بايو ميڊيڪل ريسرچ اِنسٽيٽيوٽ طرفان طبي تحقيق ٿئي ٿي، جنهن ۾ نمايان ڪم ايڊوانسڊ ڊائيگنوسٽِڪ الٽرا سائونڊ اِن مائيڪرو گِريوِٽي جو مطالعو آهي، جنهن دؤران خلا نوَرِدَ سائنسدان الٽرا سائونڊ جو گَهِرو اڀياس ۽ جانچ پڙتال ڪندا آهن. خلا ۾ انهيءَ اڀياس جو مکيه مقصد خلا ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ موجود بيمارين جي سڃاڻپ ۽ انهن جو صحيح علاج ڪرڻ آهي. خلائي اسٽيشن ۾ ڊاڪٽر موجود نه هئڻ سبب، خلابازن جي بيماريءَ جي تشخيص هڪ مشڪل مسئلو آهي. ڌرتيءَ جي سطح تي ڌرتيءَ جي ڪَشَشِ کان آءِ ايس ايس يعني هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جي مدار وٽ ڌرتيءَ جي ڪشش ڪِي قدر گهٽ آهي. جڏهن ته خلائي اسٽيشن جي مدار وٽ هر شيءِ مسلسل ڪِرَڻ واري ۽ وزن کان خالي حالت ۾ آهي. شين جي وزن کان وانجهيل انهيءَ حالت ۾ هيٺيان پنج عناصر رُخنو وِجهَنِ ٿا.
    1. جڏهن هيءَ خلائي اسٽيشن ڌرتيءَ جي پاڇي ۾ داخل ٿئي ٿي، تڏهن ڪجهه رهيل فِزا جي ڇِڪَ يا گيهَل، خلائي اسٽيشن کي اڳتي وڌڻ ۾ روڪ پيدا ڪري ٿي، تنهن کي ختم ڪرڻ ۽ مدار ۾ پيدا ٿيندڙ نقصان کان بچڻ لاءِ خلائي اسٽيشن ۾ نصب ٿيل پينل ڦيرايا وڃن ٿا.
    2. خلائي اسٽيشن جي مختلف مشينن ۾ چُرپُر ۽ خلابازن جي هلڻ سبب اسٽيشن ۾ لوڏا پيدا ٿين ٿا.
    3. خلائي اسٽيشن جي مشينن جي ڪم ۾ تيزي، گردش نما اوزارن تي ڪنٽرول ڪري ٿي.
    4. خلائي اسٽيشن کي اڳتي ڌِڪيندڙ گيسن جي نيڪال سبب، خلائي اسٽيشن جي گردش واري رستي يعني مدار ۾ جُزوِي تبديلي پيدا ٿئي ٿي.
    5. خلائي اسٽيشن سان ڳنڍجندڙ مشينون جيڪڏهن اتفاقاً اسٽيشن سان نٿيون ڳنڍجي سگهن، ته اهي مدار کان ڪجهه ٻاهر نڪري وڃن ٿيون، پر انهن جو رابطو ۽ انهن تي اسٽيشن طرفان ضابطو برقرار هوندو آهي، تنهن ڪري ڪجهه وقت اندر اهي اسٽيشن سان ڳنڍجي وڃن ٿيون.
    هن خلائي اسٽيشن تي رهي تحقيقات ڪندڙ سائنسدان ڪائنات ۾ ارتقا، واڌارو، ترقي ۽ وڻن ٻوٽن ۽ ٻين ساه وارن تي خلائي اسٽيشن جي ويجهڙائيءَ ۾ موجود شين جي بي وزن هئڻ واري حالت ۾ انهن تي ٿيندڙ اثرات جي کوجنا ڪري رهيا آهن. آمريڪي خلائي اِدارو ناسا ٽه پاسائين بيهڪ جي حامل انسان جي جسم جي تاندورن تي مرتب ٿيندڙ مخفف ڪشش جي اثرات بابت تحقيق ڪرڻ گهري ٿو ۽ اهو ادارو غير معمولي پروٽين وارن قلمن تي خلا ۾ پيدا ٿيندڙ اثرات بابت تحقيق ڪرڻ گهري ٿو. مخفف ڪشش ۾ پاڻياٺن مادن جي طبعيات بابت ٿيندڙ تحقيق، تحقيق ڪندڙ سائنسدانن کي پاڻياٺن مادن لاءِ معياري ۽ وڌيڪ صحيح قاعدا جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ڇو ته ڪيترائي پاڻياٺا مادا، ڌرتيءَ تي پاڻ ۾ پوريءَ ريت نٿا مِلن، يا تمام گهٽ مِلن ٿا، پر اهي خلا ۾ مخفف ڪشش واري حد اندر پاڻ ۾ مڪمل طرح ڳري ۽ مِلي وڃن ٿا. اهي رد عمل، جن جي تيزي گهٽ ڪشش ۽ گهٽ گرمي پد سبب گهٽجي ٿي، انهن جي تپاس وسيلي تحقيق ڪندڙن کي، مڪمل طور پسرائڻ يا پکڙجڻ واري خاصيت بابت وڌيڪ ۽ بهتر ڄاڻ حاصل ٿيندي. مختلف مادن جي سڃاڻپ واري علم جو اڀياس ڪرڻ هن خلائي اسٽيشن تي ٿيندڙ تحقيق جو اهم عمل آهي، جنهن جو مقصد هن خلائي اسٽيشن تي ٿيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ زمين تي گهربل طريقيڪار ۾ تبديلي آڻي، متوقع وڌيڪ لاڀ حاصل ڪرڻ آهي. هن خلائي اسٽيشن تي ٿيندڙ تحقيق ۾ گهٽ ڪشش واري قدرتي ماحول جو ٻرڻ يا باه لڳڻ واري عمل تي ٿيندڙ اثر بابت تحقيق به شامل آهي، جيڪا ٻرڻ جي صلاحيت، خارج ٿيندڙ مادن ۽ غليظ مادن تي ضابطو آڻيندڙ اڀياس جي صورت ۾ ٿئي ٿي. خلائي اسٽيشن تي ٿيل تحقيقات مان حاصل ٿيل معلومات جي آڌار تي توانائيءَ جي پيداوار متعلق وڌيڪ مفيد ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، جنهن مان ماحولياتي ۽ اقتصادي فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا. خلائي اسٽيشن تي رهي تجربا ۽ تحقيقات ڪندڙ سائنسدانن جي آئنده پروگرام ۾ ڌرتيءَ واري ماحوليات اندر هوا ۽ ٻين گيسن سان ڀريل ڦوهارن، اوزون گيس، پاڻيءَ جي بُلبُلَن يا ڦوٽن ۽ آڪسائيڊ جي مختلف قسمن سان گڏ ڪائناتي ڪِرڻن، ڪائناتي دِزَ يا غبار، ضِد مادي يا مادي جي ٽوڙ ۽ ڪائنات ۾ موجود سِياه يا ڪاري مادي بابت گهربل وڌيڪ کوجنا شامل آهي. هيءَ خلائي اسٽيشن چنڊ ۽ مريخ ڏانهن ويندڙ خلائي راڪيٽن ۽ جهازن جي نظامن متعلق گهربل تجربا ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ جي هيٺاهين مدار واري نسبتي حفاظت لاءِ گهربل ماڳ مهيا ڪري ٿي، جنهن وسيلي مدار ۾ خلائي مشينن جي سنڀال، مرمت ۽ تبديليءَ جو عمل آسان ٿي سگهي ٿو، زمين کان پري به خلائي جهاز يا راڪيٽ هلائڻ ۾ سَوَلائي ٿيندي، خلا ۾ ٿيندڙ ڪمن ۾ پيش ايندڙ خطرن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ ڏوراهن سَيارن ڏانهن خلائي سفر ڪرڻ ۾ ترقي ٿيندي. مريخ 500 واري تجربي جي حوالي سان يورپيئن اسپيس ايجنسيءَ جو بيان آهي ته شيُن جي بيوزنيءَ واري ممڪن حالت، خلا ۾ مختلف مادن جي پکيڙ ۽ خلا سان لاڳاپيل ٻين مسئلن جي جواب لاءِ بنيادي ۽ اهم ڪردار هن خلائي اسٽيشن جو آهي ۽ گهڻو وقت خلا ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ شين تي ٿيندڙ اثرات کي دور ڪرڻ لاءِ گهربل اُپاء وٺڻ واسطي، هن خلائي اسٽيشن تان حاصل ٿيل ڄاڻ کي ڪم آڻي سگهجي ٿو. روسي خلائي اداري روسڪوموس واري خلا ۾ انسان کي کڻي ويندڙ راڪيٽن جي اُڏامن واري پروگرام جي اڳواڻ ”سَرگئي ڪراسنوف“ سن 2011ع ۾ تجويز ڏني ته مريخ 500 نالي مقرر اڏام جو تجربو هن اسٽيشن تي به ڪري سگهجي ٿو.
    انٽرنيشل اِسپيسِ اسٽيشن وارو پروگرام ٽِن قومي خلائي منصوبن جهڙوڪ: 1. سوويٽ/روسي مير 2، 2. ناسا واري فريڊم ۽ 3. جپان جي ڪِبوليبارٽريءَ جي نمائندگي ڪري پيو. يورپ جو ”ڪولمبس“ نالي خلائي پروگرام ۽ ڪيناڊا وارو روبوٽِڪس پروجيڪٽ، هن خلائي اسٽيشن واري تحقيقاتي پروگرام ۾ شامل ٿيا آهن. روسي خلائي اسٽيشن ”مير 2“ اصل ۾ فيبروري 1976ع واري ٺهراء مطابق سوويت اِسپيسِ سِسِٽم جي ٽئين مرحلي جي ترقيءَ لاءِ بااختيار بنايو ويو. انهيءَ سلسلي جي پهرين خلائي اسٽيشن، خلا ۾ موڪلڻ کان چند منٽ پوءِ، ترت ئي تباه ٿي وئي. سن 1980ع جي شروع ۾ آمريڪي خلائي اداري ”ناسا“ سوويت خلائي اسٽيشن ”سيلِيُوٽ“ ۽ ”مِير“ جي مد مقابل ”فريڊم“ نالي پنهنجي خلائي اسٽيشن خلا ۾ موڪلڻ جو منصبو جوڙيو، پر اها فريڊم خلائي اسٽيشن جُڙِي ڪا نه سگهي، البت انهيءَ اسٽيشن لاءِ تيار ڪيل ڪجهه ڪَلِ پُرزا ISS جي تياريءَ ۾ ڪم آيا. سن 1982ع ۾ ناسا جي گذارش جي جواب ۾ جپان سن 1985ع ۾ JEM يا Kibo نالي خلائي پروگرام جو اعلان ڪيو، جيڪو آمريڪي خلائي اسٽيشن ”فريڊم“ واري پروگرام جو حصو ڄاڻايو ويو. سن 1985ع جي شروع ۾ يورپيئن اسپيس ايجنسيءَ ۾ شامل ملڪن جي سائنس وارن کاتن جي وزيرن جو اجلاس اٽليءَ جي گاديءَ واري شهر روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ”ڪولمبس“ نالي خلائي اسٽيشن موڪلڻ وارو پروگرام منظور ڪيو ويو. انهيءَ کي تڏهن خلائي تحقيق وارو عاليشان پروگرام ڄاڻايو ويو، جنهن موجب هڪ راڪيٽ تيار ڪري امريڪا طرفان ٺهندڙ خلائي اسٽيشن سان ڳنڍڻ جو پروگرام رٿيو ويو. بعد ۾ ڪولمبس خلائي اسٽيشن هڪ الڳ ۽ آزاد حيثيت واري تحقيق ڪندڙ خلائي اسٽيشن طور روپ ڌارڻ جو پروگرام پڻ بنايو ويو هو. آمريڪا جي اڳواڻيءَ هيٺ يورپ ۽ جپان جا خلائي ادارا ناسا سان گڏجي ڪم ڪندا ۽ ڪنهن به ٻي قوم کي خلائي تحقيق لاءِ آزاد، اهم ۽ مدمقابل حيثيت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ به فيصلو ڪيو ويو. هن خلائي اسٽيشن کان اڳ ۾ روس طرفان سيليوٽ ۽ الماز سِيريز، ڪوسموس 557 ۽ مِير ۽ آمريڪا طرفان اسڪائليب خلائي اسٽيشنن جي حيثيت ۾ خلا ۾ اماڻيون ويون هُيون، جن ۾ ڪو انسان سوار نه هو. البت هيءَ بين الاقوامي خلائي اسٽيشن آءِ ايس ايس، انسان کڻي ويندڙ خلائي اسٽيشنن جو مثال آهي! 1. سوويٽ/روسي خلائي اسٽيشن ”مِير“، 2. روسي خلائي اسٽيشن ”اوپِسيڪ“ ۽، 3. چين طرفان تيار ٿيندڙ خلائي اسٽيشن، جيڪا اڃا تياريءَ هيٺ آهي. پهرين خلائي اسٽيشن سيلِيُوٽ وَنِ ۽ بيون هڪڙي ڳوڙهي يا پيچيده مشين تي مشتمل خلائي اسٽيشنون، جن کي مونو ليٿِڪ فرسٽ جنريشن اِسپيسِ اِسٽيشنِس چوندا آهن، جهڙوڪ سيلِيُوٽ ٽُو، سيلِيوٽ ٿِرِي، سيلِيوٽ فور، سيلِيُوٽ فائيوِ ڊي.او.ايس. ٽُو، ڪوسموس 557، الماز ۽ ناسا واري اسڪاء ليب، اهڙيون ٺاهيل خلائي اسٽيشنون هيون، جن ڏانهن ڪا به گهربل شيءِ، ٻارڻ، نئين مشين يا ڪو به ڪُلِ پُرزو ٻيهر موڪلي ڪو نه سگهبو هو. سيِليُوٽ ڇهه ۽ سيليوٽ ست خلائي اسٽيشنن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڊاڪِنگ پورٽ هئا ۽ انهن ڏانهن گهربل سامان يا مشينون وغيره ٻيهر موڪلي سگهبيون هيون. اعليٰ معيار جون ٺاهيل خلائي اسٽيشنون پنهنجو عملو تبديل ڪري ۽ خراب ٿيل مُشينون تبديل ڪري سگهڻ جي صلاحيت جون حامل هونديون آهن. هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تي فِزائي حالت ڌرتيءَ واري فزا جهڙي آهي. هن آءِ ايس ايس تي عمومي هوائي داٻ KPa101.3 (برابر psi14.7) آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي سمنڊ جي سطح تي موجود هوائي داٻ جي بلڪل برابر آهي. هن خلائي اسٽيشن تي ڌرتيءَ جهڙي ئي آبهوا هئڻ سبب، اها خلائي اسٽيشن تي هٿرادي طريقي سان پيدا ڪئي ويندڙ متبادل آبهوا کان وڌيڪ سٺي آهي، ڇو ته هٿرادي آبهوا ۾ آڪسيجن گيس جو مقدار وڌيڪ هئڻ ڪري، اتي باه لڳڻ جو خطرو دائمي طور برقرار رهي ٿو، جيئن اڳوڻي خلائي اسٽيشن اپولو وَنِ ۾ باه لڳڻ سبب اسٽيشن جي عملي سان موت جو حادثو پيش آيو هو. سمورين سوويت ۽ روسي خلائي اسٽيشنن تي به ڌرتيءَ واري آبهوا جهري فزائي ڪيفيت کي برقرار رکيو ويو هو.
    خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلابازن جو کاڌو گهڻو ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند ٿيل هوندو آهي، ڇو ته ڪَينَ ڳرا ۽ مهانگا آهن، تنهن ڪري اهي نه هئڻ جي برابر ڪم آڻجن ٿا. خلابازن کي عموماً رڌي پچائي محفوظ ڪيل کاڌو پسند ڪونهي ۽ جڏهن اهو کاڌو مخفف ڪشش واري ماحول ۾ سواد جي گهٽ ٿيل احساس ۾ واپرائجي ٿو ته ان کي سوادي بنائڻ لاءِ ڪافي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. اُتي معمول کان وڌيڪ مصالحا کائڻا پون ٿا ۽ خلاباز تازين ڀاڄين ۽ ميوَنِ لاءِ ڌرتيءَ تان خلائي اسٽيشن ڏانهن ايندڙ راڪيٽن لاءِ واجهائيندا رهندا آهن. انهيءَ ڳالهه جو تمام گهڻو احتياط ڪيو وڃي ٿو ته جيئن کولڻ ۽ کائڻ دؤران کاڌو ڀَڄي ڀُري ذرا ذرا ٿي فرش تي ڪِري نه پوي ۽ هوا جي اخراج وارن سوراخن، مشينن ۽ اوزارن ۾ داخل ٿي نقصان نه رسائي، تنهن ڪري خلائي اسٽيشن جي مَشِينَن ۽ اوزارن کي غلاظت کان بچائڻ خاطر، هتي اڪثر ڪري چَٽڻِي ۽ چهراڻ واري غذا واپرائجي ٿي، جنهن جي هارجڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي. خلائي اسٽيشن تي موجود هر هڪ خلاباز کي کاڌي جي الڳ ٿيلهي ملندي آهي، جنهن مان هو کاڌي جو گهربل وڙ ۽ مقدار ڪڍي، خلائي اسٽيشن جي رڌڻي ۾ ضرورت موجب گرم ڪري يا رڌي پچائي کائيندو آهي. رڌڻي ۾ هڪ ريفريجريٽر به رکيل آهي، جيڪو اُتي 2008ع ۾ آندو ويو هو. رڌڻي ۾ کاڌو گرم ڪرڻ جا ٻه چُلها ۽ هڪڙي پاڻيءَ جي مشين رکيل آهي، جنهن مان ٿڌو توڙي گرم پاڻي مِلي ٿو. پيئڻ واريون شيون يعني مشروبات پاڻياٺ ڪڍي خشڪ ڪيل پائوڊر جي صورت ۾ هوندا آهن. انهن کي ضرورت موجب پاڻيءَ ۾ ڳاري پيئندا آهن. مشروبات ۽ سُوپَ يا شوروا پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ڪانين ساڻ پيئندا آهن. ڪجهه سخت ۽ ڪجهه نرم کاڌو ڇُري ۽ ڪانٽي سان کائبو آهي. ڇُري ۽ ڪانٽو ڪِري پوڻ ۽ پري ٿِڙي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ مقناطيس وسيلي ٽِري سان لڳل هوندا آهن. جيڪو کاڌو ۽ ان جا ڀور ڀُڪا ٽري ۽ ٿانوَنِ مان ٿِڙي هيٺ يا ٻئي پاسي ڪِريو پَوَنِ، اهي هر طرح سان چڱيءَ طرح ميڙي مقرر هنڌ گڏ ڪجن ٿا، ڇو ته اُهي نه ميڙڻ جي صورت ۾ خلائي اسٽيشن جي هوا کي ڇاڻي صاف ڪندڙ فلٽرن ۾ وڃي ڄمي انهن کي ۽ ٻين اوزارن کي خراب ڪن ٿا. هن خلائي اسٽيشن ۾ روسي ساخت جا ٻه بيت الخلاء ٺهيل آهن. انهن مان هڪڙو اسٽيشن جي زِويزڊا ڀاڱي ۾ ۽ ٻيو ٽِرَينڪِيُولِٽِي ڀاڱي ۾ ٺهيل آهي. انهن ۾ اِسپيس شُٽِل ويسٽ سسٽم نصب ٿيل آهي. خلاباز پهرين بيت الخلا ۾ ويهڻ واريءَ ڪرسيءَ تي پاڻ کي ڪرسيءَ ۾ لڳل پٽن سان چڱيءَ طرح ٻَڌندو آهي. پوءِ غلاظت نيڪال ڪندڙ دري کوليندو ۽ پنهنجي حاجت پوري ڪندو آهي، تڏهن نيڪال ڪندڙ مشين غلاظت نيڪال ڪندڙ دريءَ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي آهي. سخت فُضلو پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ گڏ ڪري، اليومينيئم جي دٻن ۾ رکيو ويندو آهي. اهي دٻا ڀرجڻ بعد نيڪال لاءِ مقرر هنڌ اماڻجن ٿا. پاڻياٺ وارو غليظ مادو بيت الخلا جي مُهاڙيءَ ۾ نصب ٿيل هڪڙي نڙي يا پائيپ وسيلي نيڪال ڪري يورپين فَنَلِ اَيڊاپِٽَر نالي مشين ۾ موڪليو وڃي ٿو. پوءِ سمورو غليظ مادو واٽر رِڪَوَري سسٽم ڏانهن اُماڻجي ٿو ۽ اتان کان اهو اسٽيشن مان نيڪال ڪجي ٿو.
    اُهي مُسافر جيڪي خِلا ۾ سفر ڪرڻ خاطر گهربل ناڻو واسطيدار خلائي ادارن کي ادا ڪن ٿا، اُنهن کي روسي توڙي آمريڪي خلائي ادارن طرفان ”خِلائي اڏامن ۾ حصو وٺندڙ سڏيو وڃي ٿو ۽ انهن مسافرن کي غير رسمي طور خلائي سياح به سڏيندا آهن. خلائي اُڏامن ۾ حصو وٺندڙ غير سائنسدان ۽ عام ماڻهو، ڪُل ست ڄڻا هُئا، جن کي روسي راڪيٽ سويوزِ ۾ چاڙهي، هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تي پهچايو ويو. جڏهن پيشيور خلاباز هڪ سويوز راڪيٽ ۾ ٽن سيٽن سان ورهائجي نه سگهڻ واري تعداد ۾ بَدِلِي ڪيا وڃن ٿا ۽ ٿوري وقت لاءِ خلا ۾ تَرسندڙ خلاباز کي خلائي اسٽيشن ڏانهن ڪو نه موڪلبو آهي، تنهن صورت حال ۾ ”مِير ڪارپوريشن نالي روسي خلائي ادارو، اهڙي طرح خالي پيل سيٽ، خلائي مهم جو ماڻهن ۾ وِڪڻي ٿو. سن 2011ع ۾ جڏهن خلائي راڪيٽ شٽل جو مُدو پورو ٿيو ۽ خلائي اسٽيشن جي خلاباز عملي جو انگ گهٽيو، تڏهن خلائي اڏامن ۾ شريڪ ٿيندڙ مَهمِجو ماڻهن جو خلا ۾ وڃڻ روڪجي ويو، ڇو ته انهن جو خلائي اسٽيشن تي پهچڻ واسطي انحصار، روس جي خلائي راڪيٽ ۾ خالي سيٽن تي هو. سن 2015ع کان پوءِ روسي خلائي راڪيٽ سويوز جي اُڏامن جو تعداد وڌي پنج ٿيو. اهڙيءَ ريت سيٽن جو تعداد به پندرهن ٿيو، جڏهن ته کين پيشيوراڻي بنياد تي فقط ٻارهن سيٽون درڪار هيون. اهڙيءَ حالت ۾ بچيل سيٽون اٽڪل چار ڪروڙ آمريڪي ڊالرن ۾ انهن عام خلائي مهم جو ماڻهن کي وڪيون ويون، جيڪي صحيح صحت جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري چڪا هئا. يورپي ۽ آمريڪي خلائي ادارن شروع ۾ عام ماڻهن جي خلائي سفر جي مخالفت ڪئي ۽ ناسا وارن هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن ڏانهن وڃڻ واري پهرين عام ماڻهوءَ ڊينسِس ٽِٽو کي گهربل سکيا ڏيڻ جي مخالفت ڪئي. جپاني براڊڪاسٽر، ٽويو هيرو اَڪِيياما، روسي خلائي اسٽيشن ”مِير“ تي هڪ هفتو رهندي، اُتان ٽيلي ويزن نشريات جاري رکي. هن کي تجارتي مُسافر جي حيثيت ڏني وئي. سندس خرچ جپاني اداري ”ٽوڪيو براڊڪاسٽنگ سِسِٽم“ ادا ڪيو. انوشه انصاري پهرين ايراني عورت هئي، جنهن پنهنجي خرچ تي، آءِ ايس ايس ڏانهن ويندي ۽ ايندي خلا ۾ سفر ڪيو هو. واسطيدار خلائي اداري جي عملدارن ٻُڌايو ته هن عورت سِکيا دؤران بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. سندس تعليم ۽ تجربي جي بنياد تي کيس هڪ سيلانيءَ کان بالڪل وڌيڪ، هڪ نرالي ۽ عظيم شخصيت قرار ڏني وئي. هن عظيم خاتون خلائي اسٽيشن تي ڏهه ڏينهن گُذاريندي مخفف حياتيات ۽ اَدِوِيات بابت روسي ۽ ٻين يورپي علوم جو اڀياس ڪيو. ”اِسپيسِ ٽوئرسٽِس“ عنوان واري هڪڙي دستاويزي فلم ۾ کيس خلائي سفر ڪندي، خلائي اسٽيشن تي رهندي، اتي مختلف علوم جو اڀياس ڪندي ۽ ڌرتيءَ ڏانهن واپس ورندي ڏيکاريو ويو آهي. انهيءَ خلائي سفر جي صورت ۾ انوشه انصاري انسان جي خلا ۾ سفر ڪرڻ واري پُراڻي خيال يا تصور کي انفرادي طور تي عملي جامو پهرايو! انهيءَ فلم ۾ ڪجهه قزاقستاني ماڻهن کي خلائي جهاز مان خلا ۾ ڪِرندي ڏيکاريو ويو آهي. هيءَ دستاويزي فلم ٺاهيندڙ ”ڪِرسچَن فِرِي“ چيو ته روسي اهلڪارن فلم ٺاهڻ جي اجازت ته ڏني، پر تمام ڏکيا شرط به مڙهي ڇڏيائون جنهن تحت ردي ڌاتو ميڙيندڙ قزاقستانين جي عمومي ڪارگذاري بلڪل ڪو نه ڏيکارڻي هئي، جيتوڻيڪ اها فلمائڻ صفا سَوَلي هئي. جڏهن ته روسي فوجي جاسوس مخصوص يونيفارمن ۾ ملبوس سندن ڪارڪردگيءَ کي اهڙي انداز ۾ فلمائڻ لاءِ آتا هئا، جنهن موجب ماسڪو ۾ ويٺل سندن آقائن کي اهو انداز مناسب لڳي. خلائي اڏام ۾ حصو وٺندڙ رچرڊ گيريئٽ، هن خلائي اسٽيشن ۾ پنهنجو سامان رکڻ لاءِ هڪڙو ڪٻٽ رکيو هو. هن خلائي اسٽيشن ۾ رهندڙ خلاباز روزانو صبح 6 بجي ننڊ مان اُٿندا آهن ۽ معمول موجب صبح واري پهر دؤران خلائي اسٽيشن جو معائنو ڪندا آهن. تنهن کان پوءِ نيرن ڪندا آهن پوءِ روزانه منصوبه بنديءَ بابت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندا آهن، جيڪا 8.10 بجي صبح جو منعقد ٿيندي آهي. ڪانفرنس کان پوءِ پهرين مخصوص ڪسرت ڪندا آهن. ان کان پوءِ ڪانفرنسن ۾ طئي ٿيل ڪم شروع ڪندا آهن، جيڪو 1.5 بجي منجهند تائين جاري رهندو آهي. 1.5 بجي منجهند جي مانيءَ ۽ ڪجهه آرام لاءِ هڪ ڪلاڪ جي ساهي ٿيندي آهي. 2.5 بجي وري ڪسرت ڪرڻ کان پوءِ مقرر ڪم ۾ مشغول ٿي ويندا آهن. 7.30 بجي شام جو رات جي ماني ٺاهڻ ۽ کائڻ ۾ لڳي ويندا آهن. مانيءَ مان فارغ ٿي ڪِرِيو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندا آهن. 9.30 بجي رات جو سمهڻ جو وقت شروع ٿيندو اَٿَن. هن خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلاباز عموماً هر روز تقريباً ڏهه ڪلاڪ مقرر ڪم ڪندا آهن ۽ هر ڇنڇر جي ڏينهن پنج ڪلاڪ ڪم مقرر آهي. باقي وقت ۾ اهي پنهنجي مرضيءَ موجب رهيل ڪم اُڪلائيندا آهن يا وري آرام ڪندا آهن. هر خلاباز کي خلائي اسٽيشن ۾ پنهنجو الڳ ڪوارٽر مليل آهي ۽ سمهڻ لاءِ ٻه سمهڻ جا هنڌ ”زويزِڊا“ ڀاڱي ۾ ۽ چار ”هارموني“ ڀاڱي ۾ مُهيا ڪيا ويا آهن. آمريڪي معمارن جا ٺهيل ڪوارٽر ماڻهو جي سائيز جا ۽ سائونڊ پروف آهن؛ روسي سائنسدانن جي ٺهيل ڪوارٽرن ۾ هڪ هڪ ننڍي دري ٺهيل آهي. خلاباز پنهنجي ڪوارٽر ۾ رسي سان ٻڌل سمهڻ واري ٿيلهي ۾ سمهندو اتي راڳ ٻڌندو آهي ته ليپ ٽاپ به استعمال ڪري ٿو. هو پنهنجون ذاتي شيون، ڪوارٽر ۾ ٺهيل هڪ خاني يا هڪڙي ڄاريءَ ۾ رکندو اهي. ڪوارٽر ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ بلب ۽ ڊيسڪ جي تختي به موجود آهي. خانگي ۽ غير پيشيور خلابازن کي ڪوارٽر ڪو نه ٿو ملي، پر سندن مخصوص سڀني ڪمن لاءِ کين جوڳو بندوبست ڪري ڏجي ٿو. هن خلائي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ خلابازن جي ڪوارٽرن ۾ هوا جي گذران جو مڪمل بندوبست ٿيل هوندو آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهو بندوبست نه هجي ته جيڪر خلاباز پنهنجي خارج ڪيل گيس جي ڪمري ۾ موجودگي ۽ آڪسيجن جي کوٽ سبب اهي جاڳي ۽ تڪليف ۾ پئجي وڃن. جيئن فلڪيات دان دوربينيءَ سان آسماني جسم ڏسي، ڪيميرا سان تصويرون ڇڪيندا آهن، تيئن خلاباز به خلا ۾ موجود دلچسپيءَ جي حامل عناصر جون تصويرون ڇڪڻ ۾ خوش ٿيندا آهن. ڏينهن جي روشنيءَ دؤران هيءَ ISS خلائي اسٽيشن دوربينيءَ ذريعي ڏسڻ ۾ اچيٿي. پيرس شهر جو رهاڪو انجينئر ۽ خلائي فوٽوگرافر ٿيئري ليگالِٽ، جيڪو سج وٽان لنگهندڙ خلائي جهازن جون تصويرون ڇڪڻ لاءِ مشهور آهي، سو سج، چنڊ ۽ هن خلائي اسٽيشن جون تصويرون ڇڪڻ لاءِ سن 2011ع ۾ عَمانِ ويو هو. کيس فرانس جي علم فلڪيات واري قومي اداري طرفان ”مارِيئس جيڪو ميٽن ايوارڊ مليو هو. ٿِيئَرِي ليگالٽ ۽ فلڪياتي عناصر جا ٻيا فوٽوگرافر سندن ويب سائيٽن تي هن بين الاقلامي خلائي اسٽيشن آءِ ايس ايس جي چُرپُر ۽ سير سفر بابت ڪافي معلومات فراهم ڪن ٿا ته هيءَ خلائي اسٽيشن ڪِٿي ۽ ڪهڙي وقت ڏِسڻ ۾ ايندي ۽ اها سج ۽ چنڊ وٽان ڪڏهن لنگهندي هيءَ خلائي اسٽيشن ڌرتيءَ جي مقناطيسي ايراضيءَ وسيلي مبهم انداز ۾ خلا واري ماحول جي اثر کان بچائي وڃي ٿي. سج جي ڪارڪردگيءَ تي ڀاڙيندي، ڌرتيءَ وارو مقناطيسي منڊل ڌرتي ۽ هن خلائي اسٽيشن جي چوڌاريءَ موجود سج جي تابڪاريءَ واري هوا جو رُخ ڌرتيءَ ۽ هن خلائي اسٽيشن کان هٽائي ٻئي طرف ڦيرائڻ شروع ڪري ٿو. جڏهن ته سج جي روشنيءَ ۽ گرميءَ جو ڀڙِڪو يا اوچتو وڌاءَ خلابازن لاءِ اڃا تائين خطرناڪ آهي، جن کي انهيءَ ڀڙڪي کان بچڻ لاءِ فقط چند منٽ مَسَ ٿا ملن. هن خلائي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ خلابازن جِي ڏَهِين مَهمِ جو ٽوليءَ سن 2005ع ۾ سج جي ايڪس ٿِرِي ڪلاس تابڪاري پروٽان واري طوفان کان بچڻ لاءِ آر.او.ايس جي هڪ ڀاڱي جي اوٽ ۾ لِڪي پناه ورتو، پر ڌرتيءَ واري مقناطيسي منڊل جي جزوي بچاء بِنا، خلابازن لاءِ هن طوفان جو خطرو برقرار آهي. خلابازن کي فقط هڪ ڏينهن ۾ ڪائناتي ڪِرڻن ۽ سج جي تابڪار روشنيءَ جو ايترو گهڻو مقدار سامهون اچي ٿو، جيترو مقدار ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي سڄي سال ۾ سامهون اچي ٿو! نتيجي طور، خلابازن ۾ ڪينسر پيدا ٿيڻ جو تمام گهڻو خطرو آهي. انهن ڪرڻن جي پکيڙ سبب جسم جا تاندورا، جسم ۾ نسلي جُزا ۽ جسم ۾ موجود بيمارين کان بچائيندڙ جُزا ناڪاره ٿيو وڃن خلابازن جي جسم ۾ قوت مدافعت گهٽجڻ جا اشارا مليا آهن. سندن اکين ۾ موتيو پيدا ٿيو آهي. بچاء واري شِيلِڊ ۽ بچاء وارين دوائن سان مَٿِيئَن خطرن مان ڪنهن حد تائين جزوي طور بچي سگهجي ٿو. هن خلائي اسٽيشن تي ٿيندڙ تجربي ۾ پڌري ٿيندڙ سج جي تابڪاريءَ جي پکيڙ جي ليول، هوائي جهاز جي مسافرن واري تجربي ۾ ظاهر سج جي تابڪاريءَ جي پکيڙ جي ليول کان پنج ڀيرا وڌيڪ هئي. ڌرتيءَ جي بجليءَ واري مقناطيسي ايراضي، ڌرتيءَ واري هيٺاهين مدار ۾ سج جي تابڪاري ۽ ٻين مادن جي تابڪاريءَ کان انهي ليول جي برابر بچاء ڪري ٿي، جيتري ليول جو بچاء، اها وايومنڊل ۾ تابڪار مادن کان ڪري ٿي. ذهن تي نفسياتي دٻاء، خلابازن جي باهمٿ ڪردار آڏو تمام اهم رڪاوٽ ثابت ٿيو آهي. ٻه ڀيرا ”سوويٽ يونين جو سورمو“ وارا ايوارڊ ماڻيندڙ روسي خلاباز ”ويلري ريومِن“ روسي خلائي اسٽيشن ”سَلِيُوٽ ڇهه“ تي انفرادي طور ڏکيو وقت گذاريندي، پنهنجي نوٽ بُڪ ۾ لکيو ته: ”توهان جيڪڏهن ڪن ٻن شخصن کي، ويهه فوٽ ضربيان ارڙهن فوٽ ماپ واريءَ ڪيبن ۾ ٻن مهينن تائين بند ڪري رکندا، ته پوءِ سندن قتل لاءِ گهربل سموريون اهم تقاضائون مڪمل ٿي وينديون.“ خلا ۾ سفر ڪرڻ سبب پيدا ٿيندڙ ذهن تي دٻاء بابت آمريڪي خلائي اداري طرفان اڀياس ڪرڻ جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن آمريڪا طرفان خلا ۾ انسان جي اُڏام شروع ٿي ۽ انهيءَ جي اڀياس ۾ وڌيڪ دلچسپي تڏهن پيدا ٿي، جڏهن آمريڪي خلاباز، روسي خلائي اسٽيشن ”مِير“ تي وڃي روسي خلابازن سان مليا هئا. آمريڪا وارين شروعاتي خلائي مهمن دؤران، خلابازن جي ذهن تي نفسياتي دٻاء جا ڪارڻ هيٺيان هئا. هڪ ته: سرڪاري نظرداري ۽ تحقيق تحت اعليٰ پيماني جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ؛ ٻيو ته: پنهنجي ڪٽنب ۽ هڪ جيڏن سنگتين ساٿين کان پري هئڻ. مذڪور ٻئي مکيه سبب تشخيص ڪيا ويا هئا. مثلاً آمريڪي خلاباز ”ڊينيئل ٽيني“ جي ماءُ جو، جڏهن ڪار ۾ مرڻ وارو حادثو ٿيو هو ۽ ٻئي آمريڪي خلاباز مائيڪل فِنِڪ جي ٻئي ٻار جي پيدائش وقت ان کي ڏسڻ کان روڪيو ويو هو. تڏهن ٻئي خلاباز سخت نفسياتي دٻاءُ جو شڪار هئا. طويل وقتي خلائي اُڏامن جي اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته خلائي اڏامن جي شروعاتي ٽن هفتن تائين خلاباز سخت ڪٺن صورتحال مان گذرندا آهن، ڇو ته اُهي انتهائي تبديل ٿيل ماحول ۾ پاڻ کي ڪاميابيءَ سان هيرائڻ ۽ ڪنهن ناگهاني خطري کان بچڻ لاءِ تمام گهڻي نفسياتي دٻاء هيٺ رهندا آهن. اهو نتيجو آمريڪي خلائي اسٽيشن ”اِسڪاليب“ تي سلسليوار هڪ مهينو، ٻه مهينا ۽ ٽي مهينا رهندڙ ٽن خلابازن جي ڪارڪردگيءَ جي اڀياس مان حاصل ڪيو ويو. خلا ۾ ڳچ وقت تائين رهڻ سبب، جسماني صحت تي ڪافي منفي اثرات مرتب ٿين ٿا. مثلاً گهڻو وقت بي وزنيءَ واري حالت، مُشڪُن جي ڪمزوري ۽ ساڻائي، هڏائين پڃري ۾ بگاڙ ۽ زوال، جسم ۾ پاڻياٺ جي بي ترتيب ورڇ، رت جي دؤري واري نظام ۾ ڍرائي ۽ سُستيءَ جي پيدائش، رت جي ڳاڙهن جُزن جي بناوت ۾ کوٽ ۽ مُنهن تي سوڄ وغيره ڏسڻ ۾ آئي، تنهن کانسواءِ جسم جي مدافعت واري نظام ۾ ڪمزوري ۽ جسماني مايي جي کوٽ نتيجي طور محسوس ٿي. هن خلائي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ خلابازن جي ننڊ، هن اسٽيشن سان اچي ملندڙ ۽ ان کان جدا ٿيندڙ راڪيٽن جي ڳنڍجڻ ۽ ڇڄڻ وقت، هڪ اڻٽر صروتحال پيدا ٿيڻ سبب ڦِٽي پوندي آهي. اسٽيشن تي گوڙ هُونئن ئي گهڻو آهي، جتي پنکا ته هر وقت چالو آهن، ڇو ته اُتي موجود فِزا کي چُرپُر ۾ آڻڻ لاءِ قدرتي ماحول موجود ناهي، تنهن ڪري اسٽيشن اندر موجود گيسن کي خارج ڪرڻ لاءِ پنکا مسلسل چالو آهن. منطي نفسياتي اثرات دَفِع ڪرڻ خاطر، اسٽيشن ۾ مختلف ورزشون ڪرڻ لاءِ، ٻه مختلف مشينون نصب ڪيون ويون آهن، جن کي استعمال ڪندي، هر خلاباز روزانه گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ مختلف ورزشون ڪري ٿو. خلاباز ٽِريڊ مِل نالي ورزش واري مشين سان پاڻ کي ٻڌل رکڻ لاءِ، ”ٻُنجِي“ نالي واريون رَسِيون ڪم آڻيندا آهن سن 1972ع ۾، ”اَپولو سويوزِ ٽيسٽ پروجيڪٽ“ جي صورت ۾، آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ خلائي تحقيقاتي ڪمن بابت بين الاقوامي باهمي تعاون شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ جولاءِ سن 1975ع ۾ روسي خلائي جهاز ”سويوز نائين ٽين“ ، آمريڪي خلائي جهاز ”اپولو“ سان ڳنڍجي ويو. سن 1978ع کان 1987ع تائين سوويت يونين واري ”انٽرڪوسموس“ پروگرام ۾ وارسا پيڪٽ ۾ شامل ملڪ ۽ روس جا غير اتحادي ملڪ جهڙوڪ هندستان، شام ۽ فرانس شامل هئا ۽ روسي خلائي اسٽيشنن: سَيليوٽ سِڪسِ ۽ سَيليوٽ سيون وارن، ماڻهن کان سواءِ ۽ ماڻهن کي کڻي ويندڙ خلائي مُهمن ۾ حصو ورتو. سن 1986ع ۾ سوويت يونين مِير خلائي اسٽيشن جي تحقيقاتي پروگرام وسيلي ٻين ڊزن کن ملڪن سان تعاون ڪيو ۽ وڌايو. سن 1994ع کان 1998ع تائين آمريڪي خلائي اداري ”ناسا“ جا خلائي جهاز شٽِلس هڪ ٻئي پٺيان وڃي روسي خلائي اسٽيشن ”مِيرِ“ سان ملندا رهيا ۽ پنهنجن خلابازن کي روسي خلابازن سان ملائيندا رهيا. انهيءَ ئي سال، هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن ”آءِ ايس ايس“ وارو پروگرام شروع ٿيو. مارچ 2012ع ۾ ڪِيُوبيڪِ شهر ۾ ڪيناڊا جي خلائي اداري جي اڳواڻن ۽ آمريڪا، روس، جپان ۽ ڪجهه وابسته يورپي ملڪن جي عيوضين جي وچ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ هڪ نئون پيڪِٽ ٿيو، جنهن تحت هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن کي گهٽ ۾ گهٽ سن 2020ع تائين سنڀالي هلائڻو آهي ناسا، پاڻ کي هن منصوبي سان ٻڌل ڄاڻايو، پر خلائي اِسٽيشن کي اڃا به نئين انداز سان استعمال ڪرڻ جي خواهِش هئي، جنهن جي وضاحت ڪانه ڪئي. ڪيناڊا جي خلائي ايجنسيءَ جي صدر: اِسٽِيوِ مَيڪلِينِ چيو ته: آءِ.ايس.ايس. 2028ع تائين پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ڪري سگهندي ۽ 2020ع کان پوءِ به انهيءَ پروگرام ۾ ڪيناڊا جي شرڪت برقرار رهڻ جو اشارو ڏنو. خلائي جهازن ۽ سازوسامان جي مالڪيءَ، شامل مُلڪن ۽ ادارن طرفان خلائي اسٽيشن جي استعمال ۽ خلائي اسٽيشن کي گهربل شيُن جي رَسد جي زميواريءَ بابت، خلائي اسٽيشن لاءِ ٿيل بين الحڪومتي معاهدي موجب اِصول ۽ ذميواريون مقرر ٿيل آهن. انهيءَ مُعاهِدي تي 28 جنوري 1998ع ۾ آمريڪا، روس، جپان، ڪينڊا ۽ يورپي خِلائي ايجنسيءَ جي ميمبر ملڪن: بيلجيئم، ڊينمارڪ، فرانس، جرمني، اٽلي، نيدرلينڊس، ناروي، اِسپينِ، سوئيڊن، سوئزرلينڊ ۽ برطانيه جي نمائدن دستخط ڪيا هئا، برطانيه کان سواءِ، معاهدي ۾ شامل سڀني مُلڪن هن بين الاقوامي خلائي اسٽيشن واري منصوبي ۾ حصو ورتو. تنهن کان پوءِ انهيءَ سِلسِلي ۾ ٻيا به معاهدا ڪيا ويا، پر ڪِن اڻ ٽر اسباب سبب ختم ٿي ويا. آءِ ايس ايس پروگرام ۾ شِرڪَت خاطر برازيل، آمريڪا سان ٻه طرفو معاهدو ڪيو هو، پر پيسن جي مسئلي سبب هو هٿ کڻي ويو. چين کي هن پروگرام ۾، نه شامل ڪيو ويو، نه ئي سندس ڪنهن خلاباز کي آءِ ايس ايس تائين رسائي رَسِي! چين، پنهنجي سِرِ خلائي پروگرام چالو ڪيو آهي، تنهن کي ”اِسپيسِ پروگرام پروجيڪٽ نائين هنڊريڊ، ٽوئنٽي وَنِ“ سڏجي ٿو. چين، روس ۽ جرمنيءَ سان ماڻهن وارن ۽ ماڻهن کانسواءِ خلائي منصوبن ۾ تعاون ڪيو آهي. چين 2011ع ۾ سيپٽمبر جي مهيني دؤران ”تيئانگانگ ون“ نالي هڪڙي خلائي اسٽيشن خلا ۾ موڪلي هئي ۽ سرڪاري طرح خلاباز بردار چيني خلائي اسٽيشن جي پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ هڪڙو دائمي خلائي تحقيقاتي ادارو قائم ڪيو آهي. سن 2010ع ۾ آءِ ايس ايس لاءِ لاڳت ڏيڍ سؤ ارب آمريڪي ڊالر ڪَٿي وئي هئي، تنهن ۾ آمريڪي اداري ”ناسا“ جي 1985ع کان 2015ع تائين آءِ ايس ايس تي خرچ ڪرڻ لاءِ مختص رقم 58.7 ارب آمريڪي ڊالر پڻ شامل آهي. روس طرفان هن مبصوبي لاءِ ٻارهن ارب آمريڪي ڊالر، يورپ طرفان پنج ارب آمريڪي ڊالر ۽ ڪيناڊا طرفان ٻه ارب آمريڪي ڊالر ڏنا ويا. تنهن کانسواءِ آءِ ايس ايس جي تعمير لاءِ شٽِل خلائي جهازن يا راڪيٽن جي ڇَٽِيهَنِ اُڏامن تي (50.4) پنجاه، ڏهائي چار ارب امريڪي ڊالر خرچ ٿيا.


    بائيڪل ڍنڍ

    روس جي وسيع علائقي سائبيريا جي ڏکڻ اوڀر طرف 3.15 مِليئن هيڪٽيئرن، يعني 78 لک 75 هزار ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل بائيڪل ڍنڍ هن ڌرتيءَ جي گولي تي قديم ترين يعني اٽڪل اڍائي ڪروڙ سال اڳ قدرتي طور وجود ۾ آئيل ڍنڍ آهي،. سا سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ اونهي ڍنڍ به آهي، ڇو ته ان جي گهرائي 1700 ميٽر يعني 5525 فوٽ آهي. انهيءَ قدرتي ڍنڍ ۾ سڄي دنيا جي اڻ ڄميل ۽ تازي پاڻيءَ جي ڪل ذخيري جو ويهه سيڪڙو يعني پنجون حصو موجود آهي. انساني آباديءَ کان نِسبتاً جُدا يا پري هُئڻ ۽ انهيءَ جي سڀ کان وڏي عمريعني ڪروڙين سال جهوني وجود سبب، انهيءَ ڍنڍ ۾ وڏي تعداد ۾ نرالي قسم جا آبي جانور رهندا آهن، تنهنڪري اِرتَقا جي سائنس جي تقاضا موجب، اهي جانور خصوصي اهيمت جا حامل آهن. هيءَ قديم ترين ڍنڍ ”بائيڪل“ ايشيا کنڊ جي تقريباً وچ تي، منگوليا جي سرحد جي اُتر ۾ ڏکڻ اوڀر سائبيريا وٽان اٽڪل چار سؤ ميلن جو وڏو ور کائيندي، سمنڊ جي سطح کان 14460 فوٽ مٿي، پٿر جي بيحد وڏي پيالي سان مشابهت رکندڙ وجود جي مالڪ آهي. ڌرتيءَ جي علم وارن عالمن جو چوڻ آهي ته هيءَ ڍنڍ ايشيا کنڊ ۾ زلزلن سبب پيدا ٿيل تمام وڏين کاهين يا شگافن واري ايراضيءَ تي وجود رکندي، هن وقت اهڙو ڏيک ڏئي رهي آهي جهڙو ڏيک ڪروڙين سال اڳ اتر آمريڪا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊن جي سامونڊي ڪنارن وارا علائقا، هڪ ٻئي کان معروضي طور جدا ٿيڻ وقت ڏيکائي ڏيندا هوندا! هن قدرتي ڍنڍ ۾ آبي جانورن جا اٽڪل 1340 قسم موجود آهن، جن ۾ 745 قسمن جا آبي جانور فقط هن ڍنڍ جي پيداوار آهن، جيڪي پوري دنيا ۾ ٻئي ڪنهن به ڍنڍ، نهر، ندي يا سمنڊ ۾ ڪو نه ٿا لڀن. هن ڍنڍ جي آسپاس تقريباً 570 قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا پڻ نيم برفاني علائقن جي جهنگ ۽ ٻيلن جي صورت ۾ موجود آهن. انهن ۾ به ڏيڍ سؤ کن وڻن ۽ ٻوٽن جا قسم هتي جا مقامي آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به ماڳ مڪان تي ڏسڻ ۾ نٿا اچن. هيءَ ڍنڍ چوڌاري برفاني ۽ نيم برفاني ٽڪرين سان گهيريل آهي جن ۾ جتي ڪٿي ننڍيون وڏيون جام ڍنڍون آهن، انهن ڍنڍن ۽ برفاني علائقن ۾ ننڍا وڏا ٻيٽ به ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. تنهن کان سواءِ ڍنڍ جي ڏکڻ اوڀر ڏِس ۾ موجود نيم برفاني واديون وڻندڙ رنگين گلن ڦلن سان ڇانئيل وڻڪار سان قدرت جا نهايت دلفريب نظارا پيش ڪن ٿيون! ٽينگنيڪا ڍنڍ وانگر هيءَ بائيڪل ڍنڍ به نهايت قديم ۽ تمام وڏي کاهيءَ يا ڌرتيءَ ۾ پيدا ٿيل تمام وڏي شگاف تي مشتمل واديءَ ۾ قدرتي طور پيدا ٿيل نرالي بيهڪ واري، تمام سهڻي ڍنڍ، تقريباً چار سؤ کن ميلن جيتري وڏي هلال جي شڪل ۾ اٽڪل 12242 چورس ميل، يعني لڳ ڀڳ 31772 چورس ڪلو ميٽرن جي برابر ايراضيءَ تي محيط آهي. بائيڪل ڍنڍ جي اڀرندي پاسي وارين وادين ۾ Buryat بريات نسل جا ماڻهو رهندا آهن. انهن جو گذران ٻڪريون، رڍون، ڳئون ۽ اُٺ پالڻ تي آهي. هن ڍنڍ واري علائقي ۾ سياري جي مند ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرميءَ جو درجو ڪاٽو 19 ڊگريون سيلسيئس، برابر ڪاٽو ٻه ڊگريون فارنهائيٽ ۽ اونهاري دؤران وڌ ۾ وڌ گرميءَ واڌو 57 ڊگريون فارنهائيٽ ٿيندو آهي. هن ڍنڍ کي Lake Khowvsgol خووسگول ڍنڍ ۽ سندس ويجهي، ننڍي ۽ بائيڪل ڍنڍ جي وڏي ڀيڻ ۽ روسي کيس ”سائبيريا جو موتي“ پڻ سڏيندا آهن. بائيڪل ڍنڍ جي آسپاس 27 ٻيٽ يا جزيرا به موجود آهن. انهن ۾ سڀني کان وڏو ٻيٽ Olkhon اولخون سڏجي ٿو. اهو پنجيتاليهه ميل ڊگهو ۽ پوري دنيا ۾ ڍنڍ جي پاڻيءَ سان گهيريل ٽيو نمبر سڀني کان وڏو ٻيٽ آهي. هن ڍنڍ ۾ تقريباً 330 قدرتي نهرن ۽ ندين جو پاڻي داخل ٿيندو آهي. منجهس سڌيءَ طرح داخل ٿيندڙ مکيه نديون هيٺيون آهن.
    1. Selenga River سيلينگا ندي.
    2. Barguzin River بارگوُزِن ندي.
    3. Upper Angara River مٿاهين اينگارا ندي.
    4. Turka River ٽُرڪا ندي.
    5. Sarma River سارما ندي
    6. Snezhnaya River سِنيزهنايا ندي.
    بائيڪل ڍنڍ مان فقط هڪڙي نهر يا ندي ڦُٽي نڪري ٿي، تنهن جو نالو Angara River اينگارا ندي آهي. هن ڍنڍ جو پاڻي خوب آڪسيجن مليل، بيحد صحت افزا ۽ نهايت لذيذ آهي. آبي جانورن ۾ Baikal Seal بائيڪل ڍنڍ واري ڄاريدار پيرن واري گوج مڇي، خالص طرح فقط هن ڍنڍ ۾ ئي پيدا ٿيل آهي، جڏهن ته سيل يا گوج مڇيءَ جا ٻه ٻيا به قسم آهن، جيڪي هن ڍنڍ کان ٻاهر مختلف سمنڊن ۾ لڀن ٿا. انهن کي Ringed Seal سڏيندا آهن. هن ڍنڍ جي گهري پاڻيءَ ۾ رهندڙ Golomyanka گولوميانِڪا جنهن کي Baikal Oil Fish بائيڪل ڍنڍ واري گهڻي تيل يا چرٻيءَ واري مڇي چوندا آهن گهڻي تعداد ۾ موجود آهي. اها مڇي بائيڪل ڍنڍ ۾ رهندڙ گوج مڇيءَ جي وڻندڙ خوراڪ آهي. اها گلابي رنگ واري، نيم شفاف گولوميانڪا مڇي نهايت صحت افزا آهي. هن ڍنڍ ۾ Grayling گِريلِنگ نالي تيز رفتار ترندڙ مڇيءَ کي Salmonid سلمونڊ به سڏيندا آهن ۽ Baikal Sturgeon بائيڪل ڍنڍ واري اِسٽرجيئن مڇي، اهي مڇيءَ جون ٻئي جنسون خوب تجارتي مُلهه جون حامل آهن؛ تنهن کان سواءِ Omuls اومل نالي هن ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ سلمونڊ مڇيءَ جو نرالو قسم ڍنڍ جي چوڌاري قائم مارڪيٽن ۽ هوٽلن ۾ پچائي، سدائين وڏي مقدار ۾ وڪيو ويندو آهي. بنا ڪرنگهي جيوت ۾ ورم، سانپا، ڪوڏ، ايمپوڊ يعني پاڻي توڙي خشڪيءَ تي گذارو ڪري سگهندڙ جانور، جهڙوڪ: ڪُمي يا ڪَڇُون، گانگٽ، سانا، کيکڙا وغيره ته هن ڍنڍ ۾ بلڪل بي انداز مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا. بائيڪل ڍنڍ ۽ ان جي آس پاس رهندڙ ساهه وارن وڻن ۽ ٻوٽن ۽ انهيءَ سموري علائقي جي ماحول ۽ آبهوا جي سائنسي اڀياس واسطي ڪيتريون ئي کوجنا ڪندڙ تنظيمون ۽ ادارا روسي حڪومت جي سهڪار ۽ سرپرستيءَ تحت مختلف قسمن جي علمن بابت گهربل تحقيقات جي عمل ۾ مشغول آهن. هتي ٽرانس سائبيريئن ريلوي لائين سن 1896ع ۽ 1902ع جي وچ ۾ وڇائي راس ڪئي وئي، تنهن کان پوءِ بائيڪل ڍنڍ جي ڏکڻ اولهه طرف وٽان هڪڙي ٻي به ريل جي سهڻي پٽڙيءَ جو منصوبو جوڙي ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ منصوبي ۾ ريلوي لائين هيٺان ٽيٽيهه سُرنگهون ۽ ٻه سؤ پليون تعمير ڪرڻ به شامل هو. انهيءَ منصوبي جي تڪميل تائين، بائيڪل ڍنڍ واري بندر کان مائيسو وايا نالي سياحتي ماڳ واري پتڻ تائين پهچندڙ ريل گاڏي واري سروس چالو رهي. سياري جي مُند ۾ هن ڍنڍ ۾ پاڻي ڄمي برف ٿيڻ سببب، اتي پيادو سفر به ڪري سگهبو آهي، مگر اهو خطرناڪ پڻ هوندو آهي، ڇو ته ڄميل برفاني تهه تي ماڻهوءَ جي جسماني وزن پوڻ سان دٻاء سبب برفاني تهه اوچتو ڀڄي پوڻ جي صورت ۾، بيحد ٿڌي پاڻيءَ ۾ اوچتو ڪِري، غرق ٿيڻ سبب ماڻهومري ويندا آهن. ٻيو ته اُتي تمام ٿڌي ۽ تمام تيز لڳندڙ هوا سبب ماڻهوءَ جو جسم لباس هوندي به بلڪل ٿڌو ۽ رت ڄمي وڃڻ واري بيماري ٿي پوندي آهي، جنهن سبب موت واقع ٿئي ٿو. سن 1996ع ۾ اقوام متحده طرفان هن ڍنڍ کي يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو. سن 1966ع ۾ بائيڪل ڍنڍ جي ڪناري تي ڪاغذ ٺاهڻ جو ڪارخانو تعمير ڪيو ويو، جتان ڪاغذ ٺهڻ دؤران نڪرندڙ غليظ مادو ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو هو، تنهن ڍنڍ جو پاڻي خراب ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ صورتحال جي خلاف ماحوليات سجاڳ ماڻهن ۽ تنظيمن جي سخت احتجاج سبب ۽ نفعو نه ٿيڻ ڪري، نومبر 2008ع ۾ ڪارخانو بند ڪيو ويو، ۽ مارچ 2009ع ۾ ڪارخاني جي مالڪ هڪ بيان ۾ يقين ڏياريو ته هي ڪارخانو هاڻي وري ڪڏهن به ڪو نه هلايو ويندو، پر 4 جنوري 2010ع ۾ اهو ڪارخانو وري چالو ڪيو ويو، پر انهيءَ مان ڌڻيءَ کي ڪو به لاڀ حاصل ڪو نه ٿيو، اٽلو ڏيوالو نڪري ويس. ٻئي طرف انهيءَ جي خلاف اڳي کان به وڌيڪ سخت ۽ مسلسل احتجاج ڪيو ويو. نتيجتاً اهو ڪاغذ جو ڪارخانو 28 ڊسمبر سن 2013ع ۾ هميشه لاءِ بند ڪيو ويو، جنهن ڪري ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ اٺ سؤ ملازم في الوقت بيروزگار ٿي ويا. ڍنڍ جي حدن اندر روسي حڪومت ايسٽ سائبيريا پيسفڪ اوشن آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو هڪ منصوبو جوڙيو هو،پر هي سمورو علائقو دائمي طور زلزلن جي ور چڙهيل هجڻ سبب، تيل واري نهايت خطرناڪ پائيپ لائين مان ازالو نه ٿيندڙ نقصان جو هميشه خدشو برقرار هجڻ جي خلاف عوام جي تمام سخت ۽ مسلسل احتجاج ٿيندا رهڻ سبب، حڪومت انهيءَ منصوبي کي عملي جامو پهرائي نه سگهي. روس سرڪار طرفان هن ڍنڍ جي حدن اندر هڪڙو ايٽمي ڪارخانو لڳائڻ جو به منصوبو بنايو ويو هو، پر انهيءَ ايٽمي ڪارخاني جي مُجوزه تعمير خلاف پڻ روسي عوام منظم ۽ ملڪ گير احجتاج ڪري، سرڪار کي انهيءَ جي اڏاوت ڪرائڻ کان روڪي رکيو،
    بائيڪل ڍنڍ تي پهچندڙ پهريون يورپي شخص Kurbat Ivanov ڪُربت اِوانوف هو، جيڪو اتي سن 1643ع ۾ پهتو هو. آڳاٽي زماني ۾ روس جا ماڻهو هن ڍنڍ کي احترام وِچان ”بائيڪل سمنڊ“ سڏيندا هئا. سترهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙي ۾ Semyon Remezov سيميون ريمِيزوف نالي جاگرافيدان جي ٺاهيل روس جي نقشي ۾ به هن ڍنڍ جو نالو ”بائيڪل سمنڊ“ ڄاڻايل آهي، جيڪو هڪ دستاويزي ثبوت طور موجود آهي. اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ هن ڍنڍ وارو علائقو گهمندڙ T.W. Atkinson ٽي.ڊبليو اَيٽڪِنسَن نالي يورپي سيلانيءَ جي لکت موجب هن علائقي ۾ رهندڙ مقامي ماڻهن جو عقيدو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام هن ڍنڍ جي زيارت ڪرڻ آيو هو ۽ ڍنڍ جي ڪپ واري اوچي ٽڪريءَ تي چڙهي هيٺ سڄي واديءَ تي نظر وڌي، پوءِ اتر طرف منهن ڪري دعا گهُريائين. تنهن کان پوءِ ڏکڻ طرف ڍنڍ تي نظر وجهي، پنهنجو هٿ لوڏيندي، وڏي واڪ چيائين ته: ”هن کان پري يا اڳتي ڪجهه ڪونهي“. تنهن ڪري هتي ڪو به اناج پيدا نٿو ٿئي!


    مــانــسَــرووَر ڍنــڍ

    هيءَ تازي پاڻيءَ واري مانسَرووَر ڍنڍ ٿٻيٽ يعني Tibet تبت نالي هماليه جبل جي آزاد علائقي ۾ لاشا (Lasha) نالي ماڳ کان 940 ڪلوميٽر، برابر 580 ميل ڏور آهي. هن ڍنڍ جي اولهه طرف Rakshastal راڪشسِٽل ڍنڍ ۽ سندس اتر طرف ڪئلاش نالي برفاني ٽڪري آهي. مانسَرووَر ڍنڍ 4590 ميٽر يعني 15060 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿاهين ماڳ تي واقع آهي. هيءَ ڍنڍ شڪل ۾ نسبتاً گول آهي ۽ سندس گولائي 88 ڪلوميٽر برابر 55 ميل آهي. سندس وڌ ۾ وڌ گهرائي 90 ميٽر يعني 300 فوٽ آهي ۽ سندس سطح واري پکيڙ جي ايراضي 320 چورس ڪلوميٽر برابر 120 چورس ميل آهي. هيءَ ڍنڍ قدرتي طور موجود Ganga Chhu گنگا ڇُو نالي واهُڙ وسيلي سندس ويجهي هڪ ڍنڍ، نالي Lake Rakshastal راڪشسٽل سان ڳنڍيل آهي. هيءَ ڍنڍ ستلج درياه جي مهاڙيءَ واري ايراضيءَ جي ويجهي آهي، جيڪو سنڌو نديءَ جو اوڀر طرف کان وڏو ڏاني درياه آهي. برهمپترا ندي، سنڌو ندي ۽ ڪرنالي نديءَ جا مُنهن به هن مانسرور ڍنڍ جي ويجها آهن. ڪرنالي ندي، جنهن کي گهاگهرا ندي به سڏيندا آهن، اها گنگا نديءَ جي هڪ اهم ڏاني ندي آهي. هن ڍنڍ جو نالو مانسَرووَر، سنسڪرت ٻوليءَ جي ٻن لفظن Manas مانس Sarovara سرووَر کي ڳنڍي ٺاهيو ويو آهي. مانس معنيٰ شعور يا عقل ۽ سَرووَرَ معنيٰ ڍنڍ. هندو ڌرم موجب مهاديو برهما، پهرين هن ڍنڍ کي پنهنجي تصور ۾ تخليق ڪيو ۽ پوءِ ان کي معروضي وجود ۾ آندو، تڏهن هيءَ ڍنڍ ڌرتيءَ تي مادي طور ڏسڻ ۾ آئي. هندو عقيدي موجب مانسَرووَر ڍنڍ صفائيءَ، پاڪيزگيءَ ۽ خالصپڻي جي معروضي صورت آهي. جيڪو به شخص هن پاڪ ڍنڍ جو پاڻي پيئندو، اهو مرڻ کان پوءِ مهاديو شِوَ جي رهائش گاه، سرڳ يعني جنت ۾ داخل ٿيندو، ڇو ته سندس هڪ سؤ حياتين جي برابر عرصي ۾ ڪيل سمورا گناه به هن ڍنڍ جي پوتر پاڻي پيئڻ سان معاف ٿي ويندا. ڪئلاش پهاڙيءَ وانگر مانسَرووَر ڍنڍ به هڪڙو پاڪيزه ماڳ ۽ زيارت گاه آهي، جتي هندستان، نيپال، تبت ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جا مذهب پرست ماڻهو، زيارت ۽ عبادت لاءِ سدائين ايندا رهندا آهن. هن ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ غسل ڪرڻ ۽ هن ڍنڍجو پاڻي پيئڻ سان هندو عقيدي موجب انسان جا سمورا گناه معاف ٿي وڃن ٿا. هتي جي زيارت لاءِ سير ۽ سفر جا سدائين بندوبست ٿيندا رهندا آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور ”ڪئلاش مانسَرووَر ياترا“ نالي سير سفر جو پروگرام آهي، جيڪو هر سال منعقد ٿيندو آهي ۽ زيارت ڪندڙ ماڻهو، هڪ قسم جي عبادت طور پنهنجا گناه ڌوئي پاڻ کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ خاطر هن ڍنڍ جي برفاني پاڻيءَ ۾ گهڙي غسل ڪندا آهن. هن ڍنڍ مان ايشيا کنڊ جون چار وڏيون نديون: 1. برهمپترا ندي، 2. ڪرنالي ندي، 3. سنڌو ندي ۽ ستلج ندي وهنديون آهن. انهيءَ ڪري هندو ڌرم موجب هيءَ ڍنڍ هڪ اهم زيارت گاه سمجهي وڃي ٿي ۽ هزارين سالن کان هتي زيارتي ايندا رهندا آهن. هندو مذهب موجب همسا هنس يعني هنج پکيءَ جو اونهاري جي مند ۾ رهڻ وارو ماڳ پڻ هيءَ مانسرور ڍنڍ آهي. هندو ڌرم موجب همسا هنج پکي، سياڻپ ۽ سونهن جي علامت ۽ مقدس پکي آهي. ٻڌ ڌرم ۾ هن ڍنڍ جو لاڳاپو هڪڙي ٻي ڍنڍ سان ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ ڍنڍ کي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ Anavatapta اناوتاپت ۽ پالي زبان ۾ Anotatta انوتات سڏيو وڃي ٿو. ٻُڌ عقيدي موجب راڻي ماياوتيءَ کي هن ڍنڍ تي رهندي، گوتم ٻُڌ پيٽ ۾ سرجيو هو. هن مانسَرووَر جي ڪنارن تي ٻُڌ مت جون خانقاهون يا سنياسين جي عبادت جون مڙهيون ٺهيل آهن، جن مان اهم سمجهي ويندڙ خانقاه جو نالو Chiu Gompa Monastary چيو گومپا خانقاه آهي، اها هڪ اڀي ٽڪريءَ تي اهڙيءَ طرح اڏيل آهي، ڄڻ ته ان کي ٽڪريءَ مان ٽانڪي يا کوٽي اڏيو ويو آهي. ٻڌ مذهب ۾ هن ڍنڍ سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ واقعا منسوب آهن. مثلاً گوتم ٻڌ هن ڍنڍ تي ڪيترائي ڀيرا اچي ترسيو ۽ تپسيا ڪيائين. مانسَرووَر ڍنڍ جو ذڪر تبت علائقي جي فڪري ڌارا ۽ رسوم و ورايات ۾ جوڳي جڳهه والاري ٿو. مثلاً هن ڍنڍ کي (The Jewel of Tibet) تبت جو هيرو يا جوهر سڏيو وڃي ٿو. جين ڌرم موجب ڪئلاش مانسَرووَر جو لاڳاپو مهاديو Shri Rishabh Dev سري رشڀ ديو سان ڏيکاريو ويو آهي. اشتاپد جبل، جيڪو ڪئلاش جبل جي ويجهو آهي، اتي شري رشڀ ديو جي پنهنجن ڪروڙين پوئلڳن سان گڏ ڌڻيءَ سان روحاني طور وصال ماڻي ڇوٽڪارو ۽ آنند حاصل ڪيو.


    پـيـنـامــا واه Panama Canal

    پيناماواه 77.1 ڪلوميٽر يعني 48 ميل ڊگهو، بحري جهاز راني واسطي هڪڙو هٿرادو ٺهيل نرالو واه، آمريڪا کنڊ جي اوڀر طرف وهندڙ ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کي، آمريڪا کنڊ جي اولهه طرف وهندڙ پَيسفِڪ وڏي سمنڊ کي ڪَيريبيئن سمنڊ معرفت ڳنڍي ٿو. هِي واه اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊن کي مِلائيندڙ پيناما واري ڳچي ڌرتي جي کوٽائي ڪري تيار ڪيو ويو آهي، اهو اڄڪلهه عالمي بحري تجارت لاءِ ڪم ايندڙ نهايت اهم واه آهي. هي واه ۽ ساڻس سلهاڙيل Gatun Lake گيتُن ڍنڍ، ٻنهي طرفن کان سمنڊ جي سطح کان پورا ڇَويهه ميٽر يعني پنجاسي فوٽ مٿي يا اوچائي تي تعمير ڪيا ويا آهن، تنهن ڪري بحري جهازن کي واه مان لنگهائڻ واسطي، جهازن کي مٿي کڻي واه ۾ پهچائڻ خاطر، پيناما واه جي ٻنهي ڇيڙن وٽ نرالي قسم جون تمام وڏيون مشينون نصب ٿيل آهن. اهي 33.5 ميٽر يعني 110 فوٽ ويڪريون آهن. موجوده دؤر ۾ بحري جهازن جي سائيز جهونن جهازن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏي هئڻ جي پيش ضرورت، پيناما واه ۾ نصب ٿيل مشينن کان وڌيڪ وڏيون ۽ وڌيڪ آسانيءَ سان استعمال ٿي سگهڻ ۽ وڌيڪ صلاحيت واريون جهاز کڻي واه ۾ پهچائيندڙ مشينون زير تعمير آهن. انهن مشينن کي 2015ع ۾ اڳوڻين مشينن جي جڳهه تي نصب ڪرڻ جو منصوبو آهي. تاريخي طور سڀ کان اَوَل پيناما واري ڳچي ڌرتيءَ منجهان واه کوٽي جهازرانيءَ کي آسان بنائڻ واسطي اسپين جي بادشاه چارلس پنجين جي سن 1534ع ۾ پيناما ڳچي ڌرتيءَ جي گهربل چڪاس لاءِ صادر ڪيل حڪم جو احوال ملي ٿو. انهيءَ بادشاه چارلس پنجين کي رومي ڪليسا Holy Roman Empire ”رومي سلطنت جو مقدس شهنشاه“ به بنايو هو. بادشاه جي خيال ۾ اسپين کان پرڀرو جتي سندس قبضو هو، ان جي وچ ۾ مذڪور مُجَوِزه نئون آبي گذرگاه فوجي توڙي تجارتي جهاز رانيءَ لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿيندو ۽ اسپين جي فوج کي پرتگال مٿان سبقت حاصل ٿيندي. سن 1788ع کان 1793ع تائين هلندڙ مهم جوئيءَ دؤران Alessandro Malaspina اليسانڊرو ملاسپينا نالي هڪ کاهوڙي شخص، پيناما ڳچي ڌرتيءَ مان هڪڙي آبي گذرگاه جي تعمير جو منصوبو تيار ڪيو هو. انهيءَ کان تقريباً هڪ سؤ سال اڳ، سن 1698ع ۾ اسڪاٽلينڊ طرفان پيناما ڳچي ڌرتيءَ تي هڪڙي پُل تيار ڪري، تجارتي رستو قائم ڪري، اتان محصول اُڳاڙڻ بابت بدنيتيءَ تي مُبني هڪڙو منصوبو گهڙيو هو، پر ناموافق معروضي ۽ ماحولياتي حالات سبب اهو منصوبو ترڪ ڪيو ويو. سن 1849ع ۾ ڪيليفورنيا رياست ۾ سون لڀڻ واري انڪشاف، سموري يورپ توڙي ٻين کنڊن جي حريص ماڻهن ۾ جلد ۾ جلد ايٽلانٽڪ توڙي پيسفڪ سمنڊ اُڪرِي آمريڪا ۽ ڪيليفورنيا پهچڻ لاءِ عجيب حيجاني رُجحان پيدا ڪيو. تنهن جي نتيجي طور پيناما ڳچي ڌرتيءَ تي Panama Railway نالي ريل جي پٽڙي وڇائي، سن 1855ع ۾ چالو ڪئي وئي. ڳچي ڌرتيءَ تي تعمير ڪيل هن ريلوي نظام ۽ مغربي دنيا ۾ موجود خشڪي رستن ۽ ريلوي جي وڇايل پٽڙين يورپ ۽ آمريڪا ۾ صنعت ۽ حرفت سان گڏ تجارت ۾ ترقي ٿي ۽ مستقبل ۾ پيناما ڳچي ڌرتيءَ ۾ وڏن سمنڊن کي ڳنڍيندڙ هڪ گهرو واه کوٽڻ لاءِ حالتون سازگار ڪيون، ڇو ته واپار کي اڃا وڌيڪ زور وٺائڻ لاءِ تجارتي رستن ۽ خصوصي طور طويل بحري تجارتي رستن جي ڀيٽ ۾ ننڍن يعني گهٽ مفاصلي وارن رستن ٺاهڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي، وڏن سمنڊن کي ڪنهن آبي گذر گاه وسيلي ڳنڍڻ جو تصور، انهيءَ زماني ۾ موزون ترين حل سمجهيو ويو. انهيءَ ڏِسِ ۾ ڪم ڪندي، مينڪس شهر ۾ ڄاول، آئرلينڊ جي هڪڙي انجنيئر William Kennish وليئم ڪينِش، جيڪو آمريڪا ۾ سرڪاري ملازم هو، تنهن پيناما ڳچي ڌرتيءَ جي چڪاس ۽ ماپ ڪري، اتي هڪ واه کوٽڻ بابت سن 1855ع ۾ هڪڙي جامع ۽ قابل عمل منصوبي جي رپورٽ پيش ڪئي، اها هڪ ڪتابچي ۾ ”ايٽلانٽڪ ۽ پيسفڪ وڏن سمنڊن کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ مُجَوِزه آبي گذر گاه جي ممڪن حيثيت ۽ اهميت“ جي عنوان تحت شايع ٿي. ان کان پوءِ سن 1877ع ۾ فرينچ بحري فوج جي انجنيئر Ammand Reches آرمينڊريڪلس ۽ ٻئي اننجنيئر Lucien Napoleon Bonaparte Wyse لوسِين نيپولِيئَن بونا پارٽ وائيز گڏجي پيناما ڳچي ڌرتيءَ جي جوڳي جانچ ڪري پيناما واه کوٽڻ بابت فرانس جي حڪومت جو منصوبو شايع ڪيو. فرانس طرفان انهيءَ کان اڳ ۾ سوئيز واه جي کوٽائيءَ ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيءَ، ان کي هن وڌيڪ ڏکئي قسم جي واه جي کوٽائيءَ لاءِ وڌيڪ اتساه ۽ حوصلو عطا ڪيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ پيناما ڪينال کوٽڻ جي پهرين عملي ڪوشش، پهرين جنوري، سن 1881ع ۾ سوئيز ڪينال جي ڪامياب فرينچ معمار Ferdinand de lesseps فرڊيننڊ ڊي ليسيپس جي سرڪردگيءَ تحت شروع ڪئي وئي. انهيءَ وقت پيناما ڪينال وارو علائقو ڪولمبيا ملڪ جو هڪ حصو هو. هن واه جي کوٽائيءَ لاءِ گهربل سرمايو ۽ سهڪار فرانس جي حڪومت مُهيا ڪيو، پر پيناما جي ڳچي ڌرتيءَ واري غير مستحڪم جابلو سرزمين تي برسات پوڻ سبب پيدا ٿيل گپ چِڪ ۾ کوٽائيءَ واري ڪم ۾ ڏُکائي پيدا ٿيڻ ۽ لاڳت واري سرمائي ۾ کوٽ سبب تعميراتي ڪم ۾ سُستي ۽ اينگهه پيدا ٿي پئي. تنهن کان سواءِ غير موزون آبهوا، غليظ ماحول ۽ حادثن سبب اٽڪل 22 هزار ڪم ڪندڙ ماڻهو مري ويا. نتيجي طور 28 ڪروڙ ستر لک آمريڪي ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود ڏيوالو نڪرڻ کان پوءِ نيٺ فرينچن کي هن پروجيڪٽ جو ڪم بند ڪرڻو پيو. ان وقت جي مبصرن جي راءِ موجب، هن واهه جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ، پيناما واري علائقي جي زمين جي مادي بناوت، آبهوا ۽ قدرتي ماحول جو گهربل سائنسي اڀياس نه ڪرڻ سبب، هن خِطي جي حقيقي سائنسي احوال کان بيخبر هجڻ ڪري، ٺيڪي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ ترت ڪم چالو ڪيائون، پر غير متوقع طور تي پيناما ڳچي ڌرتيءَ جي خراب جاگرافيائي جوڙجڪ ۽ بيهڪ، ناگهاني برساتن، موسمي ۽ مخصوص علاقائي بيمارين ۽ سرمائي جي مسلسل کوٽ جو پورائو نه ٿيڻ ڪري، بدقسمتي ۽ اڻٽر حالتن جا شڪار فرينچ معمار، واه جي تعمير جو ڪم 15 مئي 1889ع ۾ مجبورن بند ڪري ويا. پنج سال پوءِ سن 1894ع ۾ هڪڙي ٻي فرينچ ڪمپنيءَ کي ريل جي پٽڙي، کوٽائي ۽ عمارت سازيءَ لاءِ آندل مشينري ۽ خام مال جي سار سنڀال ۽ واه جي کوٽائيءَ جو ڪم سونپيو ويو، پر اها تعميراتي ڪمپني به سونپيل ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ڪري، هڪڙي آمريڪي معمار ڪمپنيءَ کي ڏهه ڪروڙ آمريڪي ڊالرن ۾ پنهنجو سمورو خام مال، تعميراتي مشينري ۽ جايون جڳهيون وغيره وڪڻي ڏيڻ ۽ پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ تيار ٿي وئي. جون 1902 ۾ پيناما ڪينال واري تعميراتي منصوبي تي ڪم ڪرڻ لاءِ آمريڪي سينيٽ ووٽ وسيلي حمايت ڪئي ۽ 22 جنوري سن 1902 ۾ Hay-Herran Treaty هي هيرن معاهدي تي آمريڪي وزير خارجه John M Hay جان ايم هَي ۽ ڪولمبيا جي حڪومت طرفان Dr. Tomas Herran ڊاڪٽر ٽامس هيرن دستخط ڪيا. اُنهيءَ معاهدي تحت آمريڪا کي ڪولمبيا وٽان پيناما ڪينال واري سموري علائقي جو دائمي ٺيڪو ملڻو هو، تنهنڪري انهيءَ جي تصديق آمريڪي سينيٽ 14 مارچ 1903ع ۾ ڪئي، پر ڪولمبيا جي سينيٽ ڪا نه ڪئي. انهيءَ وچ ۾ پيناما ڪينال کوٽڻ واري فرينچ ڪمپنيءَ جو چيف انجنيئر ۽ ٺيڪي ۾ ڀائيوار Phillpe Bunau Varilla فلپي بيونائُو واريلا، آمريڪي صدر روز ويلٽ ۽ وزير خارجه، جان هَي کي ٻڌايو ته پيناما صوبي جا باغي سياستدان ڪولمبيا کان الڳ ٿي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي فوجي ۽ مالي امداد جا خواهان آهن. اها ڳالهه هڪ دم قبول ڪندي، 2 نومبر 1903ع تي آمريڪي بحري جنگي جهازن، پيناما ۾ بعاوت کي ڪُچلڻ لاءِ ڪولمبيا طرفان پيناما تي ممڪن حملي کان بچائڻ خاطر، ڪولمبيا کان پيناما صوبي ڏانهن ويندڙ سمورا گهٽ گهيڙ بند ڪري ڇڏيا ۽ ٻئي ڏينهن يعني 3 نومبر 1903ع ۾ پيناما پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو، ته آمريڪا هڪدم پيناما کي آزاد رياست طور تسليم ڪيو ۽ تُرت ئي 6 نومبر 1903ع ۾ John Hay-Bunau Varilla Treaty جان هَي بيونائو واريلا معاهدو ٿيو، جنهن تي پيناما جي آمريڪا ۾ نامزد سفير بِيُونائُو واريلا، (جيڪو اصل ۾ فرينچ هو ۽ پيناما جي حڪومت طرفان قانوني طور اهڙن معاهدن تي دستخط ڪرڻ جو مجاز ڪو نه هو، پر آمريڪا اڳيان انڪار ڪرڻ کانسواءِ ئي) جان هَي سان گڏ صحيح ڪئي. سن 1904ع ۾ آمريڪا پيناما ريلوي لائين سميت پيناما ڪينال واري علائقي ۾ ٿيل کوٽائيءَ جي لاڳت ۽ اتي پيل سڀ فرينچ مشينري ۽ جايون جڳهيون وغيره، چار ڪروڙ آمريڪي ڊالرن ۾ خريد ڪيون. انهيءَ رقم مان ٽي ڪروڙ ڊالرن جو تعلق Culebra Cut ڪيوليبراڪٽ نالي ايراضيءَ ۾ بنيادي طور مڪمل کانٽيءَ سان مشروط هو، جنهن موجب هڪ ڪعب گز مٽيءَ جي کوٽائي لاءِ اگهه هڪ ڊالر مقرر ٿيل هو. سن 1921ع ۾ آمريڪاڪولمبيا کي هڪ ڪروڙ ڊالر امداد ڏني ۽پوءِ اڍائي لک ڊالر في سال، ڳچ سالن تائين ڏيندو رهيو. ان جي موٽ ۾ ڪولمبيا، ٿامسن اُروٽيا معاهدي تحت پيناما کي هڪ آزاد ۽ خود مختيار ملڪ طور تسليم ڪيو. 4 مئي 1904ع ۾ آمريڪا باضابطه طور فرينچن کان ورتل پيناما واه سان لاڳاپيل سموري جائداد ۽ چٽ ٿيل مزور لڏو پنهنجي حوالي ڪيو ۽ Isthmain Canal Commission I.C.C. اِسٿميئن ڪينال ڪميشن، مخفف آءِ سي سي نالي ادارو قائم ڪري، پيناما ڪينال جو سمورو علائقو، انتظام ۽ کوٽائيءَ جو ڪم ان کي سونپيو. انهيءَ سموري علائقي تي آمريڪاجو اقتدار اعليٰ يا سرڪاري اختيار لاڳو هو. آءِ سي سي هتي جي معروضي صورت حال جو گهرو جائزو وٺي رپورٽ سڌيءَ طرح آمريڪي وزير جنگ William Howard Taft وليئم هوارڊٽافٽ کي موڪلي، جنهن ۾ پندرهن سال اڳ فرينچن کي تباه ڪندڙ ۽ هتي اڃا تائين موجود نااهلي ۽ رشوت جي عمل کي ختم ڪرڻ لاءِ ترت مناسب ۽ ضروري اُپاءُ وٺڻ لاءِ سفارش ڪئي. انهيءَ جي روشنيءَ ۾ صدر ٿِيوڊور روز ويلٽ، اِلِينُوئس سينترل ريل روڊ جي اڳوڻي چيف انجينئر ۽ جنرل مئنيجر John Findlay Wallace جان فِنڊليواليس کي پيناما ڪينال پروجيڪٽ جو چيف انجنيئر مقرر ڪيو، پر بيماريءَ سان بدحال ۽ ناموافق آبهوا واري هن ناگوار خطي کان عاجز، ناقص مشينريءَ مان ڪَڪِ ۽ آءِسي سي جي ناجائز ڪامورڪي رَوَيي کان دلشڪسته ٿي، جان واليس نيٺ جون 1905ع ۾ غير متوقع طور تي پنهنجي ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، تنهن ڪري انهيءَ آساميءَ تي گِريٽ نارِدَرنِ ريل روڊ جي معمار انجنيئر John Frank Stevens جان فِرَينڪ اِسٽيونس کي مقررڪيو ويو. اسٽيونس آءِ سي سي جو ميمبرڪو نه هو ۽ انهيءَ کي هتي ٿيندڙ سموري ڪم ۾ مکيه رنڊڪ ڄاڻندي، پنهنجي نڪته نظرموجب، ضرورتن، گُهرجن ۽ کوٽ جي پورائي، ڪم ۾ رخني، رنڊڪ ۽ خرابين خامين کي دُور ڪرڻ لاءِ سِڌي طرح امريڪي صدر جي واشنگٽن ۾ انتظاميه سان لِکَپَڙهه شروع ڪئي. پيناما ۾ سندس اولين ۽ بنيادي ڪاميابيءَ يا حاصلات طور پاڻ پيناما واه جي کوٽائيءَ سان گڏ هزارين ملازمن ۽ مزورن جي سمورين جائز ضرورتن جي مناسب پورائي لاءِ حَتيَ الاِمڪان ڪوشش ڪري، سندن رهائش لاءِ گهر، هوٽلون، مارڪيٽون، ورڪ شاپ، مشينريءَ جي مرمت لاءِ ورڪ شاپ، پيئڻ جي پاڻيءَ جي رسد ۽ خراب پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ مناسب نظام تعمير ڪرايو ۽ روڊن رستن جو بهتر ڄار پڻ تعمير ڪرايو. هن آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي هزارن جي تعداد ۾ مزدورن ۽ ڪاريگرن کي مناسب اُجوري ۽ مناسب رهائشي سهولتون مهيا ڪري هتي آڻي کانئن سٺو ڪم ورتو. سن 1905ع ۾ کوٽجندڙ پيناما واه جي ڊزائين جي نظرثانيءَ لاءِ هڪ پينل قائم ڪيو، تنهن صدر رُوز ويلٽ کي واه جي کوٽائي سمنڊ جي سطح جي برابر ڪرائڻ جي سفارش ڪئي، جيئن اڳي ڪم ڪندڙ فرينچن جو منصوبو هو. جڏهن ته انجنيئرن جي گهري اڀياس جي نتيجي طور واه کي Lock system جي اصول موجب سمنڊ جي سطح کان 85 فوٽ مٿي تعمير ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. انهيءَ اصول مطابق ڪينال سان ڳنڍيل Gotun Dam يا Gatun Lake گيتُن ڊيم يا ڍَنڍ به تعمير ڪرڻي هئي. لاڪ سسٽم ڪينال تعمير ڪرڻ لاءِ سترهن ڪروڙ ڪُعب گزن کان به وڌيڪ مٽيءَ جي کوٽائي گهربل هئي. آمريڪي ڪاريگرن ممڪن حد تائين تمام تيزيءَ سان پراڻي مشينري کي سڌاري صفا ڪري ۽ گهربل نوان اوزار ڪم آڻيندي، مجموعي طور ڪم ۾ بهتري ۽ تيزي پيدا ڪئي. گهربل اهم ۽ نئين مشينري آمريڪا مان آڻي ڪتب آندي وئي. نئين ٺهيل گيتُن ڍنڍ ڪيترن ئي هنڌن وٽان پلٽي اڳوڻي ريلوي لائين ٻوڙي ڇڏي. تنهن ڪري صورتحال جي تقاضا موجب، نئون ريلوي ڊبل ٽريڪ، اڳوڻي ريل جي پٽڙي واري اوچائيءَ کان به گهربل وڌيڪ اوچائي تي تعمير ڪيو ويو. سمورا حفظان صحت اختيار ڪرڻ جي باوجود، آمريڪين طرفان هن پيناما واه جي تعمير واري عرصي دؤران هتي اٽڪل 5600 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، جن مان ڪجهه حادثن ۾ به مئا هئا. پيناما ڪينال جي تعمير سن 1914ع ۾ مڪمل ٿي. هن وڏي تعميراتي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي آمريڪا اٽڪل ساڍا ستٽيهه ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا، جيڪي اڄوڪن اٺ ارب، سٺ ڪروڙن جي برابر هئا. انهيءَ وقت تائين پيناما ڪينال وارو منصوبو، آمريڪا جو مڪمل ڪيل وڏي ۾ وڏو تعميراتي منصوبو هو. جديد ۽ نرالي طرز تعمير مطابق جوڙيل هي عجيب واه، بحري جهازن جي لنگهه طور باقائدي S.S.Ancon ايس ايس اَينڪون نالي هڪڙي باربردار تجارتي بحري جهاز کي، نئين ۽ نرالي طريقي سان انهيءَ واه مان لنگهائي ٻئي پار پهچائڻ واري تقريب جي صورت ۾ 15 آگسٽ 1914ع ۾ کوليو ويو. سن 1930ع ۾ پيناما ڪينال ۾ پاڻيءَ جي رسد جو مسئلو پيدا ٿيو، تنهن کي حل ڪرڻ لاءِ گيتُن ڍنڍ جي مٿئين پاسان وهندڙ Chagres River چاگرس نديءَ تي Madden Dam ماڊن بند ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو، اهو سن 1935ع ۾ جُڙي راس ٿيو. انهيءَ ڊيم کي پوءِ Alajuela Lake اليجوئلا ڍنڍ سڏڻ لڳا. انهيءَ وسيلي پيناما ڪينال کي پاڻيءَ جو گهربل مقدار سولائيءَ سان ملڻ لڳو. سن 1939ع ۾ امريڪا وي سائيز ۾ ٺهندڙ جنگي بحري جهازن کي پيناما ڪينال مان لنگهائڻ واسطي، واه جي صلاحيت وڌائڻ وارو تمام وڏو تعميراتي منصوبو چالو ڪيو، پر ٻي عالمي لڙائي کان پوءِ، پيدا ٿيندڙ اڻٽر حالتن سبب اهو رد ڪيو ويو ۽ پيناما ڪينال ۽ انهيءَ علائقي تي آمريڪا جي سانده اقتدار اعليٰ جي حوالي سان پيناما ۽ آمريڪا جا باهمي تعلقات ڇڪتاڻ وارا ٿي پيا. پيناما جي عوام ۽ خاص ڪري شاگردن گهڻا احتجاجي مظاهرا ڪيا، پر پيناما ڪينال ۽ آس پاس واري علائقي تي آمريڪي قبضو برقرار رهيو، تنهنڪري آمريڪي قبضي خلاف عالمي پيماني تي احتجاج ٿيڻ لڳا. سن 1956ع ۾ مصر جي صدر جمال ناصر انگلينڊ ۽ فرانس جو گڏيل قبضو ڇڏائي سوئيز ڪينال قومي ملڪيت ۾ شامل ڪيو ته انگلينڊ ۽ فرانس معاشي لالچ ۽ سياسي غلبي جي بحاليءَ خاطر ان تي طاقت جي زور تي وري قبضو ڪرڻ چاهيو، پر سندن سامراجي حاڪم آمريڪا کين سوئيز ڪينال تي وري قبضو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. تڏهن کان وٺي پيناما واري علائقي تي آمريڪي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرن هنگامن ۽ فسادن جي صورت اختيار ڪري 9 جنوري 1964ع ۾ پيناما جي مشتعل عوام پيناما ڪينال وٽ قابض آمريڪين کي اچي للڪاريو. نتيجي طور انهيءَ ڏينهن اتي قابض آمريڪي فوج ويهارو کن پيناما جا شهري شهيد ڪيا ٻه ٽي آمريڪي فوجي پڻ مئا هئا. تڏهن کان وٺي اها تاريخ 9 جنوري شهيدن جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. سن 1977ع ۾ پيناما ڪينال ۽ انهيءَ علائقي تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ پيناما جون آمريڪا سان سنجيده ڳالهيون شروع ٿيون ۽ 7سيپٽمبر 1977ع ۾ Carter-Torrijos Treaty ڪارٽر ٽوريجوس معاهدي تي آمريڪي صدر ڪارٽر ۽ پيناما جي اڳواڻ ٽوريجوس صحيحون ڪيون، جنهن تحت پيناما ڪينال ۽ پيناما زون پيناما جي حڪومت جي حوالي انهيءَ شرط موجب ڪيو ويو ته پيناما جي حڪومت انهيءَ واه جو استعمال مڪمل طور غيرجانبداري سان ڪندو. انهيءَ معاهدي تي عمل ڪندي 7 سيپٽمبر سن 1999ع ۾ عين ٻنپهرن وقت، پيناما جي حڪومت طرفان پيناما ڪينال ۽ زون جو سمورو انتظام سنڀالڻ لاءِ ٺاهيل اداري جي مجاز اهلڪارن کي پيناما ڪينال ۽ زون جو مڪمل اختيار منتقل ڪري قابض آمريڪي فوجي اهو علائقو مڪمل طور خالي ڪري ويندا رهيا! قبضو حاصل ڪرڻ کان اڳ پيناما جي حڪومت واه جي ٺيڪي جي نيلام لاءِ اشتهار شايع ڪيو هو. نتيجي طور هانگ ڪانگ جي سيٺ Li Ka Shing لي ڪاشنگ جي Hutchison Whampoa هُچِيسَن وامِپوئا نالي واري ڪمپنيءَ اهو ٺيڪو حاصل ڪيو. پيناما ڪينال پيناما ملڪ جي آمدني جو اڃا تائين اهم ذريعي طور ڪم پيو اچي. هن واه سان ٻنهي ڇيڙن وٽ هٿراديون ڍنڍون ڳنڍيل آهن. انهن ڍنڍن جي ڇيڙن وٽ Locks System لاڪس سسٽم يعني نرالي قسم جون ڀاري مشينون نصب ٿيل آهن. ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان پيسفڪ وڏي سمنڊ ڏانهن ويندي پيناما ڪينال مان لنگهندڙ جهاز واه مان هيٺينءَ ريت پار ٿئي ٿو. ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ مان پيناما ڪينال ڏانهن ويندڙ جهاز اَوَل Limon Bay لائمون اُپسمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو، اهو جهڙو ڪر قدرتي گهاٽ آهي. انهيءَ تانگهي سمنڊ ۾ 8.7 ڪلوميٽر يعني 5.4 ميل اڳتي هلندو، جهاز اچي Colon Free Trade Zone وٽ رسي ٿو، جتي قائم ريلوي گوديءَ ۾ مال لاهي ۽ اتان کڻي سگهجي ٿو. اُتان جهاز 3.2 ڪلوميٽر يعني 2 ميل ڊگهي چينل ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهن جي دنگ وٽ پهچڻ تي، اتي نصب ٿيل وڏيون مشينون، جن کي انگريزيءَ ۾ ٿِرِي اِسٽيج گيٽُن لاڪس Three stage Gatun Locks چوندا آهن، جهاز کي سمنڊ جي سطح کان 26.5 ميٽر يعني 87 فوٽ مٿي کڻي 1.9 ڪلوميٽرن يعني 1.2 ميل مفاصلي تائين تارينديون، اچي گيٽُن ڍنڍ ۾ داخل ڪن ٿيون. گيٽُن ڍنڍ جنهن کي گيٽن ڊيم به سڏيو وڃي ٿو، پيناما ڳچي ڌرتيءَ ۾ کوٽي تيار ڪيل، پيناما ڪينال جو 24.2 ڪلو ميٽر يعني پورا 15 ميل ڊگهو، اصل يا مکيه ڀاڱو آهي ۽ سمنڊ جي سطح کان 26.5 ميٽر يعني 87 فوت مٿي آهي. گيٽُن ڍنڍ ۾ پاڻي ڪينال جي مٿئين پاسي تان وهندڙ قدرتي گيٽُن نديءَ مان آندو وڃي ٿو ۽ گيٽُن لاڪس يعني جهازن کي مٿي کڻي اڳتي يا پوئتي تاريندڙ مشينن جي چالو ٿي ڪم ڪرڻ دؤران پاڻي گيٽن ڍنڍ مان خارج ٿيندو رهي ٿو. گيٽُن ڍنڍجي مٿئين پاسي کان وهندڙ ٻي قدرتي نهر Chagres River چيگرس نديءَ کي گيٽُن ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي وڌيڪ گهربل مقدار جي پواري ڪرڻ خاطر، هٿرادي نموني گيٽُن ڍنڍ کان به نِسبتاً وڌيڪ اوچو بنائي، پيناما ڪينال جي هن مکيه ۽ سڀ کان وڌيڪ اوچي ڀاڱي يعني گيٽُن ڍنڍ ۾ پاڻي جو وڌيڪ گهربل مقدار وجهبو آهي، چيگرس نهر جو هٿرادو اوچو بنائيل ڀاڱو 8.5 ڪلوميٽر يعني 5.3 ميل ڊگهو آهي پيناما ڪينال جو تنهن کان پوءِ ايندڙ ڀاڱو Culebra Cut سڏجي ٿو. اهو ڪينال جي کوٽائيءَ واري ايراضيءَ ۾ قدرتي طور موجود هڪڙي جابلو ٽڪري تراشي تيار ڪيو ويو آهي. انهي ڀاڱي واري ايراضيءَ کي Continental Divide يعني اُتر ۽ ڏکڻ آمريڪا وارن ٻن کندن کي جدا ڪندڙ ماڳ به چوندا آهن. پيناما ڪينال جو هي ڀاڱو 12.6 ڪلوميٽر يعني 7.8 ميل ڊگهو آهي. انهيءَ ڀاڱي جي دنگ وٽ Single stage pedro Miguel lock پيڊرو ميگوئل لاڪ، جهاز مٿي کڻندڙ مشين 1.4 ڪلويمٽر يعني 0.87 ميل ڊگهي، 9.5 ميٽر يعني 31 فوٽ مٿي رسائيندڙ صلاحيت واري مشين پيناما ڪينال جي پيسفڪ سمنڊ ڏانهن ويندڙ لاهيءَ جو پهريون حصو آهي. اها مشين جهاز مٿي کڻي اچي هڪ وڌيڪ ٻي هٿرادي ٺاهيل ڍنڍ جي صورت ۾ 1.7 ڪلوميٽر يعني 1.1 ميل ڊگهي، پيناما ڪينال جي پيسفڪ وڏي سمنڊ طرف واري آخري ڀاڱي ۾ داخل ڪري ٿي. انهيءَ ڀاڱي کي Miraflores lake ”مائرا فلورس ڍنڍ“ سڏجي ٿو. مائيرافلورس ڍنڍ تي مشتمل، ڪينال جو هي ڀاڱو سمنڊ جي سطح کان 16.5 ميٽر يعني 54 فوٽ مٿي آهي. مائيرافلورس ڍنڍ جي لاهيءَ واري حصي ۾ Two-stage miraflores locks مائيرافلورس لاڪس نالي واريون جهاز کڻندڙ مشينون 1.7 ڪلوميٽر يعني 1.1 ميل ڊگهيون آهن. انهن مشين جي لاهي يا لاهوندي، آڌي يا وچ وِيرِ وقت 16.5 ميٽر يعني 54 فوٽ هوندي آهي. مائيرافلورس مشينن وسيلي جهاز کي Balboa Harbour بالبوئا بندر ۾ پهچايو وڃي ٿو. هن بندر تي به ريلوي جي گودي موجود آهي، جتي پڻ مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي. بندر جي ويجهو ئي پيناما شهر ٺهيل آهي. بالبوئا بندر وٽان پيناما واه ۾ داخل ٿيڻ ۽ ان مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ قدرتي طور موجود واهڙ مان لنگهندو جهاز پيناما نار يعني پيسفڪ وڏي سمنڊ جي ساحل سان متصل تانگهي پاڻيءَ ۾ داخل ٿئي ٿو. مائرافلورس لاڪس کان پيناما نارتائين 13.2 ڪلويمٽر يعني 8.2 ميل مفاصلو آهي. اهڙيءَ طرح پيناما واه جي ڪل ڊيگهه 77.1 ڪلو ميٽر يعني 48 ميل آهي. هن واه مان لنگهندڙ جهاز کان لنگهڻ جو محصول مقرر ۽ وصول ڪرڻ وارو ادارو Panama Canal Authority ”پيناما ڪينال اٿارٽي“ سڏجي ٿو. محصول مقرر ڪرڻ جو دارو مدار جهازن جي قسم، سائيز ۽ کنيل سامان جي قسم تي هوندو اهي. پهرين مئي سن 2009ع کان نافذ اگهوتري هيٺينءَ ريت آهي. باربردار جهازن جي بار کڻڻ جي گنجائش Twenty foot equivalent units مخفف TEU جي جدول موجب ماپي محصول اڳاڙجي ٿو. هڪ TEU ويهه فوٽ 8x فوٽ 8.5x فوٽ = سامان سان والاريل ايراضي مقرر آهي. هڪ TEU تي 72 آمريڪي ڊالر محصول مقرر آهي. هڪڙو Panamax پيناميڪِس باربردار جهاز 4400 ٽِي اِي . يُو بار کڻي سگهي ٿو. بار کان سواءِ خالي جهاز لنگهڻ تي 57.60 ڊالر في ٽي اي يو جي حساب سان محصول ادا ڪن ٿا. مسافر بردار جهازن کان، ويهڻ يا سمهڻ جي سيٽن يا برٿن جي تعداد ۽ خالي يا والاريل سيٽن جي تعداد موجب محصول جو مختلف اگهه آهي هڪ والاريل سيٽ جو محصول 115 آمريڪي ڊالر آهي ۽ هڪ خالي سيٽ جو محصول 92 آمريڪي ڊالر آهي. پيناما ڪينال جي ڪمائيءَ تي حِرکي نِڪاراگُئا ملڪ جي حڪومت به پنهنجي ملڪ ۾ ايٽلانٽڪ ۽ پيسفڪ وڏن سمنڊن کي ڳنڍيندڙ واه جي تعمير بابت دلچسپي رکندڙ معمار ادارن سان سنجيده رابطن ۾ مشغول نظر اچي ٿي.


    اِيــســٽ لــنــڊن مــســجــد

    هي مسجد لنڊن شهر جي اڀرندي ڀاڱي ۾ ٽاور هَيمليٽس واري اِنَر لنڊن برگ نالي علائقي، ۾ ٺهيل آهي، جيڪو شهر جو واپاري يا تجارتي لحاظ کان اهم علائقو آهي، ۽ اهو لنڊن ڊاڪ لينڊس کان ٻه ميل کن پري ٿيندو.
    لنڊن مسلم سينٽر سان لڳ تعمير ٿيل هيءَ برطانيه ۾ اڏيل تمام وڏين مسجدن مان هڪڙي مسجد آهي، ۽ منجهس پنج هزار ماڻهو هڪ ئي وقت نماز ادا ڪري سگهن ٿا. هن ٽماڙ مسجد جي تعمير سن 1982ع ۾ انهيءَ ماڳ تي شروع ڪئي وئي، جيڪو ٻي عالمي جنگ دؤران بمباريءَ کان پوءِ خالي ڇڏيل هو. اها مسجد سن 1985ع ۾ جُڙِي راس ٿي. مسجد جي تعمير جان گِل اَيسوسِيئيٽِس نالي معمار ڪمپنيءَ ڪئي. مسجد جي ٻاهرئين پاسي ٻن رنگن وارين سِرِن کي استعمال ڪيو ويو آهي. مسجد جي سامهون وائيٽ چپل روڊ ۽ اُن جي پُٺئين طرف فِيلڊ گيٽ اِسٽِرِيٽِ آهي. مسجد جي ساڍا اٺ ميٽر قطر واري عاليِشان گُنبذ کي سُنهري رنگ لڳل آهي، هڪ مُنارو زمين جي سطح کان ٻاويهه مِيٽر اوچو ۽ مسجد جي مکيه دروازي جي مٿان ٻه ننڍڙا مُنارا ٺهيل آهن. مسجد جا ٻه وڏا هال آهن اُن کان سواءِ هڪ گيلري، ڪلاس روم، آفيسون ۽ هڪ رِٽيل يونٽ پڻ اٿس. هن مسجد جي تعميراتي توسيع جي پهرئين مرحلي ۾ لنڊن مسلم سينٽر جي تعمير سن 2002ع ۾ شروع ٿي. جيڪو سن 2004ع ۾ جُڙي راس ٿيو. مسجد سان لڳ تعمير ڪيل هن ڇهه ماڙ عاليشان عمارت جي مکيه دروازي کي سفيد سيمنٽ ۾ چمڪندڙ رنگين پٿرين سان بيحد خوبصورت چٽساليءِ ۽ گُلڪاريءَ سان سينگاريو ويو آهي. هِن سينٽر جي عمارت ۾ ٻه گهڻ مقصدي اَيوانَ، هڪڙو سيمينار سُوٽ، معصوم ٻارن لاءِ هڪڙي نرسري، ڪيترائي ڪلاس رُومَ، هڪڙو فِٽنيس سينٽر، هڪڙو ننڍو اسلامي ڪُتب خانو ۽ هڪ ريڊيو اسٽيشن قائم آهي. تنهن کان سواءِ منجهس ڪيتريون ئي آفيسون ۽ رِٽيل يونٽ به قائم ڪيل آهن. هن لنڊن مسلم سينٽر جي عمارت جو نقشو Kaschka Architecture and Design ڪاسچِڪا آرڪيٽيڪچر اَينڊ ڊِزائيِن نالي معمار ڪمپنيءَ تيار ڪيو هو. هن مسجد جي توسيع جو ٻيو مرحلو مَريَم سينٽر جي تعمير واسطي سن 2009ع ۾ شروع ٿيو. جنهن مطابق فيلڊ گيٽ اسٽريٽ واري پاسي، جتي مسجد سان وابسته مسلمانن جي جنازن جي ڪفن ۽ دفن بابت مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون هيون، انهي هنڌ هيءَ نَوَ ماڙ مريم سينٽر جي عظيم عمارت سن 2012ع ۾ جُڙي راس ٿي. هن سينٽر جو نقشو پڻ انهي ساڳي معمار ڪمپني کان تيار ڪرايو ويو هو، جنهن اڳي لنڊن مسلم سينٽر جي عمارت جو نقشو جوڙيو هو. هن سينٽر ۾ عورتن ۽ ٻارن جي نماز لاءِ، سندن مفصل توڙي مختصر وقت لاءِ تعليم ۽ تدريس جو بندوبست ۽ ان کان سواءِ عورتن واسطي سٺي صحت بحال ۽ برقرار رکڻ لاءِ هڪڙو هيلٿ ۽ فِٽنيس سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي. مريم سينٽر جي وچئين طبق ٿي مکيه هال جي چوڌاري بالڪني يا گيلري ٺهيل آهي. جنهن ۾ هڪ وِزِيٽرس سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. دنيا جي سڀ کان وڏي سلطنت، جنهن جي رعيت ۾ ڪروڙين مسلمان به شامل هئا، پر ان جي گاديءَ واري شهر لنڊن ۾ وِيهَئين صديءَ تائين هڪ به مسجد ڪا نه هئي. سن 1910 ع ۾ لنڊن ايندڙ مسلمان ايلچين، سفيرن ۽ ٽاور هَيملِيٽس واري بحري بندر تي ايندڙ وڻجارن ۽ واپارين جي مذهبي عبادت ۽ ٻين رسمن ۽ ضرورتن جي پورائي لاءِ هڪ مسجد هئڻ ۽ اڏڻ کي ضروري ڄاتو ۽ قبول ڪيو ويو جنهن موجب 9 نومبر سن 1910 ع ۾ رِٽِز هوٽل ۾ چند مسلم ۽ غير مسلم عمائدين جي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ ٻن نُڪتن هڪ ته جمعي جي نماز جو اهتمام ۽ ٻِيو ته لنڊن ۾ مسلمانن جي عبادت لاءِ هڪ مستقل عمارت يعني مسجد جي تعمير واسطي ”لنڊن ماسڪ فنڊ“ نالي مسلم توڙي غير مسلمن تي مشتمل هڪ منڊلي ٺهي جنهن ضرورت پٽاندر چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ان فنڊ جي انتظامي ڪميٽيءَ جو پهريون چيئرمين، سيد امير علي، 1928ع ۾ پنهنجي وفات تائين انهي عهدي تي فائض رهيو. هُو برطانيه جي سرڪار ۾ پهريون هندستاني صلاحڪار مقرر ٿيو هو. سر حسن سُهروردي به ان ڪميٽيءَ جو چيئرمين رهي چڪو هو. هِزِ رائيل هائِنيس آغا خان ٽيون فنڊ جي بورڊ آف ٽُرسٽِيز جو تاحيات صدر هو. قرآن پاڪ جا مترجم 1. عبدالله يوسف علي ۽ 2. محمد مرمادُوڪ پڪٿال (انگريز مسلمان) بورڊ آف ٽُرسٽِيز جا ميمبر هئا. ناٿن روٿِس چائلڊ به ٽرسٽي يعني بورڊ جو ميمبر هو.
    مسجد ٺهڻ کان اڳ سن 1910 ع کان 1940ع تائين جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي مختلف ماڳن پر مکيه طرح هن اوڀر لنڊن واري علائقي ۾ ڪا خالي جاءِ مسواڙ تي وٺي نماز پڙهبي هئي. نيٺ سن 1940 ع ۾ لنڊن شهر جي اُڀرندي ڀاڱي ۾ ڪمرشل روڊ نمبر 446 ۽ 448 تي ٽي گهر خريد ڪري نماز پڙهڻ لاءِ مسقل جاءِ قائم ڪئي وئي. سن 1941ع ۾ ٻه آگسٽ تي انهن ٽن گڏيل گهرن جو اِيسِٽ لنڊن مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز جي حيثيت ۾ افتتاح ڪيو ويو. ان تقريب ۾ مصر ۽ سعودي عرب جي سفيرن ۽ برطانيه جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا، ڪرنل سر گورڊن نيل به شرڪت ڪئي هئي. ان موقعي تي پهرين نماز سعودي عربيه جي سفير شيخ حافظ واهب پڙهائي هئي. وِيهَئين عيسوي صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ مان، خصوصاً بنگال جي سلهٽ واري علائقي مان لڏي انگلينڊ ويندڙ ماڻهن سبب لنڊن ۾ مسلمانن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ هتي مسلم آباديءَ ۾ اڃا به گهڻي واڌ ٿي. سن 1975ع ۾ مقامي با اختيار اداري مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز واريون عمارتون خريد ڪري مسجد ۽ ثقافتي مرڪز سنڀاليندڙ اداري کي سندن مقصد لاءِ گهربل ايراضي فيِلڊ گيٽ اِسٽرِيٽِ گريٽ سائناگاگ جي ڀر ۾ وائيٽ چپل روڊ تي گهربل عارضي جاءِ جوڙي ڏني، جتي مسجد ۽ اسلامي مرڪز لاءِ گهربل مناسب عمارت جي تعمير سن 1982ع ۾ شروع ٿي ۽ سن 1985ع ۾ اُها جُڙِي راس ٿي.
    مسجد ۽ مرڪز جي تعمير لاءِ قائم ڪيل فنڊ ۾ سعودي بادشاهه ڪافي رقم ڏني هئي. پوري برطانيه ملڪ ۾ هيءَ پهرين مسجد هئي جنهن جي مناري تان لائوڊ اسپيڪرن وسيلي آزان ڏيڻ شروع ڪئي وئي، هن مسجد ۾ انهي وقت 2 هزار نمازين جي گنجائش هئي، جنهن ۾ مَردَ توڙي عورتون شامل هيون.

    اضافي ضمني تعليم واسطي ثقافتي مرڪز ۾ ڪمرا مخصوص هئا. نمازين جي تعداد ۾ گنجائش کان وڌيڪ اضافي ٿيڻ ۽ گهربل مقصدن ۾ واڌاري سبب 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هن مسجد ۽ ثقافتي مرڪز واري عمارت معروضي طور اڻپوري ۽ ناموزون ٿي پئي، تنهن ڪري سال 1999ع ۾ مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز واري عمارت جي ڀر ۾ ٻي عالمي جنگ دوران ٿيل بمباريءَ سبب تباهه ٿيل جڳهين واري خالي ڇڏيل ايراضي مسجد ۽ ثقافتي مرڪز واري ٽرسٽ خريد ڪئي. سن 2001ع ۾ هز رائيل هاءِ نيس شهزادي چارلس انهيءَ خريد ڪيل ڀيڻيءَ تي لنڊن مسلم سينٽر جو سنگِ بنياد رکيو ۽ اُن جي تعيمر سن 2002ع ۾ شروع ٿي ۽ اهو جُڙي راس ٿيڻ کانپوءِ 11 جون 2004ع ۾ چالو ٿيو، تڏهن منجهس پندرهن هزار نمازين اِفتتاهي نماز ادا ڪئي هئي جنهن ۾ مسجد ۽ سينٽر واري عمارت کان ٻاهر حاضر ماڻهن جو تعداد تقريباً ٻيڻو هو. مسجد ۽ مرڪز واري عمارت ۾ هڪ وقت پنج هزار نمازين جي گنجائش هئي. هن پروجيڪٽ جي تعمير تي هڪ ڪِروڙ پائونڊن کان به وڌيڪ رقم خرچ ٿي، تنهن ۾ عام مسلمانن پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ چندو جمع ڪري ڏنو هو. هن مرڪز جو افتتاح جمعي جي ڏينهن تي جمع نماز پڙهي ڪيو ويو هو. اها نماز ڪعبة الله شريف جي امام شيخ عبدالرحمنٰ اَل سُودَئِس پڙهائي هئي.هن موقعي تي خاص مهمانن ۾ نسلي برابريءَ واري محڪمي جو برطانوي وزير فايونا ميڪٽا گارٽ اِيڪُوئَلِٽِي اَينڊ هِيوُمين رائيٽس ڪميشن جو چيئرمين ٽِريوَر فِلِپس ۽ مسلم ڪائونسل آف بِريٽينِ جا سِينِيئَر عملدار شامل هئا.

    سن ٻه هزار چار عيسويءَ جي جولاءِ واري مهيني ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم عبدالله احمد بَدَوي مسجد ۽ مسلم سينٽرجو دؤرو ڪيو. انهي سال جي نومبر مهيني ۾ هز رائيل هائينس پرنس چارلس پڻ مرڪز جو دورو ڪيو. ۽ ڊسمبر ۾ ڪِرسِمَس جي موقعي تي هر ميجيسٽي راڻي ايلزابيٿ خير سگاليءَ جو پيغام موڪليو. هن مسجد ۽ اسلامي ثقافتي مرڪز جو انتظام اِيسِٽ لنڊن ماسڪ اينڊ اسلامڪ ڪلچر سينٽر ٽرسٽ هلائيندي آهي. مسجد اندر هڪ ننڍو سنگ مرمر جو پٿر نصب ٿيل آهي. انهي تي لکيل آهي. ته هي مسجد علامه آءِ آءِ قاضي جي ڪوششن سان تيار ٿي علامه صاحب هِن مسجد ۾ تقريبن ويهه سال کن ليڪچر ڏنا.
    هيڏي وڏي مسجد هوندي به مسجد اندر تمام گهڻي رش هئي، پر انهي رش ۾ به نماز پڙهي دعا گهري واپس گهر پهتاسين. اسان هتان لنڊن جي هڪ نهايت امير علائقي ڪينري وهارف طرف روانا ٿياسين جتي وڃڻ لاءِ محبوب جي هڪ دوست ڊورڪا طرفان اسان کي دعوت ملي هئي.


    گانڌي جي سيڪسي زندگي بابت سچ

    تپاس ۽ چڪاس هيٺ ايندڙ مهاتما موهن داس گانڌيءَ جي مذهبي پاڪيزگي حاصل ڪرڻ لاءِ تجربن ۽ اصولن بابت تحقيق تي مبني ڪتاب Thrill of the chaste جي ليکڪ جَيڊ ايڊمس Jad Adams مهاتما گانڌيءَ جي عريان عورتن ساڻ عريان ٿي گڏجي سمهڻ واري مشغلي تي روشني وجهندي کيس جنسياتي مستانو ڪوٺيو آهي. مهاتما گانڌيءَ جي غير معمولي ۽ نرالي جنسياتي زندگي ڪا ماڻهن کان لِڪَل يا ڳجهي ڳالهه هرگز ڪا نه هئي. هو پاڻ سدائين جنسيات متعلق ڳالهائيندو ۽ پنهنجن پوئلڳن کي اڪثر ڪري چِڙَ ڏياريندڙ هدايتون جاري ڪندو رهندو هو ته ا ُهي پنهنجي پاڪيزگي بهترين طريقي سان ڪيئن اختيار ڪن. جنسياتي پاڪيزگيءَ بابت سندس خيال سدائين غير مقبول رهيا. آزاد هندستان جي پهرئين وزير اعظم جواهر لعل نهروءَ، گانڌيءَ طرفان تازي شادي ڪيل جوڙن کي روحاني پاڪيزگيءَ خاطر جنسي عمل کان پري رهڻ واري صلاح کي هڪڙو نامعقول ۽ غير فطري خيال ڪوٺيو. گانڌيءَ جي روحاني پاڪائيءَ بابت عقيدن، پرچار ۽ سندس غير معمولي تجربن، جن دؤران هو برهنه عورتن سان برهنه ٿي گڏجي سمهڻ وسيلي چڪاس ڪندو هو ته پنهنجي نفس تي سندس ضابطو مڪمل آهي يا نه، جَيڊ لکيو ته گانڌيءَ بابت پنهنجي ڪتاب لاءِ گهربل مواد لاءِ ڪيل کوجنا دؤران سؤ کن ڪتابن ۽ ڪيترن ئي چشم ديد گواهن طرفان مهيا ڪيل مواد مان سندس جنسياتي زندگيءَ بابت عجيب غريب مواد مليو. سندس حياتيءَ دؤران سندس جنسياتي تجربن متعلق مواد ڪافي مقدار ۾ موجود هو، پر سندس وفات کان پوءِ کيس ”باباءِ قوم“ واري درجي تي رسائڻ خاطر، انهيءَ مواد کي سهيڙجڻ کان پري رکيو ويو ۽ گانڌيءَ کي انهيءَ مواد جي منفي اثرات کان بچائڻ خاطر حتيٰ الامڪان ڪوششون ڪيون ويون. جڏهن ته آزاديءَ کان اڳ سندس جنسيات متعلق عقيدا توڙي تجربا سدائين نامقبول ۽ تنقيد هيٺ رهيا. جهڙوڪ آزاديءَ کان اڳ واري هندستان ۾ موجود رياست ”ٽراونڪور“ جي وزير اعظم جي چوڻ موجب مهاتما گانڌي هڪڙو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شخص ۽ نيم جنسياتي جيوڙو هو. گانڌي هندستاني رياست گُجرات ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 1883ع ۾ تيرهن سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪئي. سندس زال، ڪستورٻائيءَ جي ان وقت عمر چوڏهن سال هئي، جيڪا انهيءَ زماني جي رواج موجب شادي ڪرڻ لاءِ ڇوڪريءَ جي ڪا ننڍي ڄمار هرگز ڪا نه هئي. نئين جوڙي جي جنسياتي زندگي حسب معمول پنهنجي خاندان جي گهر جي هڪ جُدا ڪمري ۾ گذري پئي ۽ زال ترت ئي حامله ٿي پئي ٻه سال پوءِ جڏهن گانڌيءَ جو پيءُ بستر مرگ ٿي پيو هو، تڏهن به گانڌي پڻس واري بستري وٽان اُٿي وڃي پنهنجي زال سان همبستر ٿيو. عين انهيءَ گهڙيءَ سندس پيءَ جي حياتيءَ جا پل به پورا ٿيا. تڏهن گانڌيءَ ڏک ظاهر ڪندي چيو ته ”افسوس! جو آئون نفساني غلبي جو اهڙو ته شڪار ٿيس، جو بابا جي پوين پساهن وقت به وٽس حاضر رهي نه سگهيس! گانڌي ۽ ڪستورٻائيءَ جو آخري ٻار سن 1890ع تائين پيدا ڪو نه ٿيو هو. در حقيقت گانڌيءَ ٽيهن سالن جي عمر تائين جڏهن هن ڏکڻ آفريڪا ۾ قيام دؤران برطانوي سامراج جي ايمبولينس ڪور ۾ رضاڪار جي حيثيت ۾ خدمت ڪرڻ جي شروعات ڪئي، تيستائين هن جنسيات کي شهواني جذبات کي ختم ڪرڻ جو ذريعو ڪو نه بنايو هو. بوئرن يعني ڏکڻ آفريڪا ۾ ڌارين يورپي ماڻهن طرفان ڏکڻ آفريڪي ماڻهن سان جنگ ۽ زولو قبيلين جي بغاوتن دؤران مقامي ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر ڊگها پنڌ ڪندي، گانڌي انهيءَ نتيجي تي پهتو ته غريب عوام سان سچي همدردي ۽ اخلاقي پاڪيزگيءَ وسيلي انسان ذات جي بهترين خدمت ٿي سگهي ٿي. سن 1906ع ۾ 38 سالن جي ڄمار دؤران هن برهم آچاريه يعني روحاني زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو، جنهن جو بنياد پاڪيزگيءَ تي مُبني آهي، يعني جنسياتي عمل جي مڪمل روڪ آهي، جنهن کان سواءِ هندو مذهب موجب روحاني زندگي گذارڻ ناممڪن آهي. گانڌيءَ غربت ۾ گذارڻ کي آسان چاتو، پر پاڪيزگيءَ کيس موهي وِڌو، تنهن ڪري هن پيچيده عقيدن ۽ اصولن جو هڪڙو سلسلو مرتب ڪيو، جنهن جي بنياد تي جنسياتي / شهواني رَوَيي توڙي گفتگو ۾ مشغول رهڻ جي باوجود به، پاڻ ڀرپور پاڪيزگيءَ جو حامل هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهندو هو. نفس ڪشيءَ جي جذبي ۾ سندس وچن جي هڪ سال اندر سندس اخبار ”اِنڊِيئن اوپِينِيئَن“ جي پڙهندڙن کي تلقين ڪئي ته هر ذي فهم هندستانيءَ جو فرض آهي ته هو شادي نه ڪري، پر جيڪڏهن هو شاديءَ جي سلسلي ۾ لاچار آهي، تڏهن به هو پنهنجي گهرواريءَ سان جنسياتي عمل ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي رکي. انهيءَ دؤر ۾ پاڻ کي روڪي رکڻ لاءِ گانڌي پنهنجو نرالو انداز اختيار ڪيو. هن نفس ڪشيءَ لاءِ ادارا جوڙيا، جن کي آشرم سڏبو هو. آشرمن ۾ رهندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پاڻ ۾ گڏجي غسل ڪن ۽ گڏجي سمهن، پر جنسياتي عمل کان پاڻ کي روڪين ۽ پاڪيزه زندگي گذارين. جنسياتي عمل توڙي جنسياتي گفتگو ڪرڻ وارن کي سزا ڏني ويندي هئي. مرد توڙي عورتون آشرمن ۾ گڏجي رهندا هئا، پر کين هدايت ڪيل هئي ته زال ۽ مڙس پاڻ ۾ اڪيلا نه گڏجن ۽ پاڻ جڏهن جنسياتي جذبو اڀريل محسوس ڪن، تڏهن کين ٿڌي پاڻيءَ سان غسل ڪرڻ گهرجي. مهاتما گانڌي نفس ڪشيءَ لاءِ جيڪي اصول مرتب ڪيا هئا، هن پاڻ کي انهن کان آجو رکيو هو. سندس سيڪريٽريءَ جي پرڪشش ڀيڻ، سوشيلا، جيڪا سندس ذاتي طبيب ٿي پڻ رهي، اها ننڍپڻ کان وٺي گانڌيءَ جي خدمت چاڪريءَ ۾ رهي. هوءَ ساڻس گڏجي غسل ڪندي هئي ۽ ساڻس گڏجي سمهندي پڻ هئي. جڏهن گانڌيءَ تي سوشيلا سان سنجوڳ بابت تنقيد ٿيڻ لڳي، تڏهن هن وضاحت پيش ڪئي ته سندن گڏجي سمهڻ نفس ڪشيءَ جو تجربو آهي. جنهن وقت هوءَ غسل ڪندي آهي، تنهن وقت آئون پنهنجون اکيون بلڪل پوري ڇڏيندو آهيان ۽ خبر ڪا نه پوندي آهي ته هوءَ عريان آهي يا نه. البت آواز مان محسوس ٿيندو آهي ته هوءَ صابڻ استعمال ڪندي آهي. گانڌيءَ جي اهڙيءَ طرح ٿيندڙ خاص خدمت واري رعايت، آشرم ۾ رهندڙ جوڙن جي طنز حسد جو سبب بني. سندس زال ڪستورٻائيءَ جي وفات کان پوءِ، هُن پنهنجي پيريءَ دؤران، اهڙين گهڻين عورتن سان گڏجي سمهڻ جو عمل شروع ڪيو، جن کي گانڌيءَ جي مرتب ڪيل اصولن موجب، آشرم اندر پنهنجن مڙسن ساڻ گڏجي سمهڻ تي بندش پيل هئي. گانڌي انهن سان گڏجي سمهندو هو. انهن سان گڏجي سمهڻ دؤران، جنسياتي اصولن متعلق گانڌيءَ جا خط پڙهڻ، نچندي نچندي ڪپڙا لاهي عريان ٿيڻ ۽ سنجوگ کان سواءِ جنسياتي عمل وغيره جهڙا تجربا ٿيندا هئا. گانڌيءَ جي نفس ڪشيءَ ۽ روحاني پاڪيزگيءَ بابت اصولن ۽ تجربن بابت عام فهم مواد گهڻي ڀاڱي ضايع ڪيو ويو آهي. البت سندس لکڻين ۾ انهن تجربن بابت ڪٿي ڪٿي اهڙي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جهڙوڪ ”وينا جي مون سان گڏجي سمهڻ کي هڪ اتفاقيه عمل يا حادثو چئي سگجي ٿو. انهيءَ عمل کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته هوءَ مون سان لڳي سُتي اهڙيءَ عبارت مان اهو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته گانڌيءَ وارن تجربن دؤران لڳي سمهڻ کان وڌيڪ عمل جو امڪان پڻ پيدا ٿيندو هوندو. گانڌي هندستان موٽي اچڻ کان پوءِ مسلسل غير رضاڪارانه انزال جي شڪايت ڪندو رهندو هو. کيس ماده توليد جي قوت ۾ تقريباً ساحرانه يقين هو ۽ چوندو هو ته جيڪو شخص پنهنجي ماده توليد جي مڪمل حفاظت ڪندو، انهيءَ شخص کي قدرت طرفان لافاني قوت حاصل ٿيندي. ماده توليد جي حفاظت ڪرڻ واري عرصي دؤران ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته روحاني طور صبر ۽ برداشت لاءِ ڪوشش وڏي پيماني تي درڪار آهي. انهيءَ آزمائش لاءِ وڌيڪ سهڻيون ۽ وڌيڪ پرڪشش عورتون گهربل هيون. سن 1947ع ۾ سوشيلا 33 سالن جي ٿي وئي هئي. تنهن ڪري هاڻي 77 سالن جي پيرسن گانڌيءَ سان سمهڻ لاءِ انهيءَ دوشيزه کي چونڊيو ويو، جنهن جي عمر سوشيلاجي عمر کان تقريباً اڌ جيتري مَسَ هئي. آزاديءَ کي ويجهو ٿيندي، بنگال ۾ ٿيندڙ فرقيوار فساد ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجن پوئلگن ساڻ دؤرن جي وقت ۾، گانڌيءَ پنهنجي ڀائٽي جي ڀائٽيءَ مَنو کي پاڻ سان گڏ سمهارڻ خاطر گهرايو هو. هُن مَنوءَ کي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته پاڻ ٻئي مسلمانن هٿان ماريا وڃون، تنهن ڪري پاڻ تي فرض ٿو عائد ٿئي ته پاڻ پنهنجي پاڪيزگيءَ کي مڪمل ڪرڻ واري آزمائش شروع ڪريون ته جيئن پاڻ کي معلوم هجي ته اسين خالص ترين قرباني پيش ڪريون پيا، يعني پاڻ ٻنهي کي گهرجي ته هاڻ عُريان ٿي گڏجي سمهڻ شروع ڪريون. نفس ڪُشيءَ لاءِ گانڌيءَ جو اختيار ڪيل طريقيڪار، ڪو برهم آچاريه اصولن جو حِصو ڪو نه هو، پر هُن سندس نئين سِر جوڙيل اصول هن طرح بيان ڪيو ته جنهن شخص کي ڪڏهن به ڪو شهواني خيال پيدا نه ٿيو آهي ۽ اهو شخص سدائين ايشوَر جي حضُور ۾ حاضر آهي اهو شخص شعوري يا غير شعوري انزال ماده توليد خلاف هڪڙو ثبوت ٿي پوي ٿو. انهيءَ شخص ۾ هڪ اهڙي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي، جنهن سبب اهو شخص حسين ۽ عُريان عورتن سان عُريان ٿي گڏجي سمهڻ جي باوجود، شهواني جذبي جوشڪار نٿو ٿئي. اهڙو شخص مذڪور مستقل عمل ذريعي اشور کي ويجهو ٿيندو ٿو وڃي. اهڙي شخص جو هر عمل انهيءَ مقصد جي حصول لاءِ وقف آهي. اهڙي شخص ۾ جيستائين چِٽو شهواني خيال پيدا نه ٿيندو، تيستائين اهو شخص جيڪي ڪجهه ڪرڻ گهُرندو، اهو ڪري پيو سگهندو. گانڌيءَ پنهنجي ذاتي عمل کي معقول هجڻ واري شرف خاطر، سندس پاڪيزگيءَ واري عقيدي يا اصول کي نئين سر ۽ وڌيڪ اثرائتي انداز سان واضح ڪيو. جڏهن هندستان غلاميءَ واري ڪُنَ مان آزاد ٿيڻ جي ويجهو آيو. تڏهن گانڌيءَ سندس جنسياتي تجربن کي قومي اهميت جو حامل بنائڻ واسطي، روحاني دليل بازي شروع ڪئي ۽ چيو ته منهنجو ايمان آهي ته وطن جي سچي ۽ حقيقي خدمت، هنن جنسياتي تجربن ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿي. هو جڏهن پنهنجن ذاتي تجربن کي بلڪل صحيح سمجهڻ ۽ وڌيڪ بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان انهن تي عمل ڪرڻ لڳو، تڏهن گانڌيءَ جي رَوَيي تي گهڻي ٽيڪا ٽپڻي ٿيڻ لڳي ۽ سندس خاندان جي افراد ۽ مکيه سياسي اڳواڻن طرفان مٿس سخت تنقيد ٿيڻ لڳي. سندس اخبار جي ٻن ايڊيٽرن، گانڌيءَ جي سمهڻ واري بندوبست بابت سندس تقريرن جي نامناسب ٽڪرن کي اخبار ۾ ڇپڻ کان انڪار ڪيو، ته گانڌيءَ مٿن سخت ڪاوڙ ڪئي، تنهن ڪري اهي ڪجهه ٻين ساٿين سميت کانئس رُسي ويا. اهڙي صورتحال ۾ به پنهنجن تجربن تي ٿيندڙ اعتراض ۽ تنقيدن مان به پنهنجن تجربن کي برقرار رکڻ لاءِ جواز پيدا ڪندي چيو ته ”جيتوڻيڪ مَنوء جو مون سان گڏجي سمهڻ تمام ضروري سمجهان ٿو، سو جيڪڏهن کيس پاڻ سان گڏجي سمهڻ کان روڪيان، ته پوءِ اها ڳالهه مون ۾ ڪمزوريءَ جي نشاني ڪا نه هوندي ڇا؟ گانڌيءَ جي ڀائيٽي جي اولاد مان هڪ فرد، ڪانُو گانڌيءَ جي ارڙهن سال عمر واري زال، اَڀا، سن 1947ع دؤران آزاديءَ جي تيز جدوجهد خاطر ٿيندڙ طوفاني دؤرن دؤران گانڌيءَ سان اچي شامل ٿي. آگسٽ جي آخر ۾ هو ٻنهي ڄڻين، يعني منو ۽ اڀا سان ساڳئي وقت گڏجي سمهندو هو. جنوري سن 1948ع ۾ جتي کيس قتل ڪيو ويو هو، اتي به اهي ٻئي ڇوڪريون وٽس موجود هيون. هي به ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته گانڌيءَ جي حياتيءَ جي پوين سالن دؤران، سندس مستقل ساٿي هجڻ جي باوجود، گانڌيءَ جي گهر ڀاتين نيٺ مَنُوء کي گانڌيءَ کان جدا ڪري ڇڏيو، تڏهن گانڌيءَ پنهنجي پٽ کي هڪ خط ۾ لکيو ته ”مون کيس (منوءَ کي) مون ساڻ گڏجي سمهڻ لاءِ خط ذريعي راءِ ڏيڻ لاءِ چيو آهي“ گانڌيءَ تي سندس جنسياتي تجربن تي ٿيندڙ ملڪ گير تنقيد سبب، سندس شخصيت جا حقيقي محافظ، سندس زندگي جي انهيءَ عنصر کي مڪمل طور خارج ڪرڻ لاءِ آتا هئا. گانڌيءَ جو پٽ ديو داس منوء سان دهليءَ جي ريلوي اسٽيشن تائين گڏجي ويو، جتي کيس منوء کي گانڌي جي سلسلي ۾ خاموش رهڻ جي هدايت ڪرڻ جو موقعو مليو. سن 1970ع ۾ سوالن جا جواب ڏيندي، سوشيلا زندگيءَ جي گانڌي واري مذڪوره بالا انداز کي برهم آچاريه تجربن جو نالو ڏئي مٿاهون يعني شاندار عمل قرار ڏنو ۽ انهيءَ رويي جي تنقيد جو رد عمل ڪوٺيو سوشيلا ٻڌايو ته جڏهن ماڻهو گانڌي جا عورتن سان طبعي تعلقات، منوء، اڀا ۽ مون سان سندس تعلقات بابت سوال پڇڻ لڳا، تڏهن برهم آچاريه تجربن وارو تصور ترقي ڪرڻ لڳو. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته گانڌي پنهنجي مرضيءَ موجب زندگي گذاريندو هو. کيس جڏهن للڪاريو ويندو هو، تڏهن هو پنهنجي ترجيحات کي فائدن ۽ نيڪين جي عالمي نظام طور بيان ڪندو هو. ڪيترين ئي عظيم شخصيتن وانگر، هو پڻ جيئن ئي اڳتي وڌندو ويو، تيئن ئي پاڻ لاءِ گهربل اصول قائدا ۽ قانون مرتب ڪندو ويو. جيئري هوندي مٿس ٿيندڙ ٽيڪاٽپڻي، سندس شخصيت لاءِ نقصانڪار محسوس ٿيندي هئي، تنهنڪري سندس وفات کان پوءِ ڳچ وقت تائين سندس جنسياتي سِلُوڪَ کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو. اهو فقط هاڻي ممڪن ٿيو آهي ته گانڌيءَ واري ذاتي جنسياتي نفس ڪشيءَ وارن تجربن بابت هٿ ڪيل ذرن پرزن کي ڳنڍي ڪهاڻي مڪمل ڪريون. گانڌيءَ بابت اها به المئي تي مُبني هڪ حقيقت آهي ته آزاديءَ جي حصول وقت ڪانگريسي سياستدانن گانڌيءَ کي پويان ڌڪي ڇڏيو. سندس ماده توليد محفوظ هئڻ باوجود هندستان ورهاڱي کان بچي ڪو نه سگهيو ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ فيصله ڪن ڳالهيون ۽ مکيه فيصلا، ڪانگريس پارٽيءَ ۾ موجود اقتدار جي پوڄاري واپارين وڃي ڪيا!
    (لنڊن مان نڪرندڙ اخبار Independent جي ٿورن سان 2015-7-9 تي شايع ٿيو.)


    جِپسِي يا خانه بدوش ماڻهو

    ڌرتيءَ جي سمورن کنڊن ۾ ڪنئين صدين کان وٺي، گهر ڪُلهي تي رکي هلندڙ رول ماڻهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Gypsy جِپسِي چوندا آهن. اُنهن ماڻهن جي اصل نسل يا قوميت ۽ اصل وطن جي ته اڃا تائين ڪابه يقيني ۽ قابل فهم ڄاڻ مُيَسر ڪانه آهي، پر انهن جي اڪثريت يورپي مُلڪن ۾ موجود آهي. روايتي طور اهي رول ماڻهو چوپايو مال چاريندڙ، گهوڙن تي سوار ڌراڙن جي قافلن جي صورت ۾ تقريباً چوڏهين ۽ پندرهين عيسوي صدين دوران يورپ کنڊ ۾ ٻن طرفن ۽ واٽن تان هلندي اچي داخل ٿيا. منهجانئن جيڪي قديم ايران مان پنهنجي منزل کڻي اچي مصر ۾ ويٺا ۽ اُتان پوءِ اُتر آفريڪا جي ٻين ملڪن ڏانهن اولهه طرف پنهنجا گهر گهاٽ ڪُلهن تي رکي رمندا اچي يورپ کنڊ جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ وٽ سهڙيا، جتان پوءِ اُهي نيٺ يورپ کنڊ ۾ داخل ٿي ويا. خانه بدوشن جي ڪن ٻين گروهن وچ ايشيا مان يورپ ڏانهن ويندڙ واٽن تان هلندي روس ۽ ٻين اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ داخلا حاصل ڪئي. يورپ ۾ موجود هنن خانه بدوش قبيلن ۽ گروهن کي ڪيترن ئي نالن سان ڄاتو ۽ سُڃاتو وڃي ٿو، پر اُنهن مان ڪنهن به نالي وسيلي، سندن اصل نسل توڙي اصل وطن جي ڪا به سُڃاڻپ ۽ ڄاڻ معلوم ٿي نه سگهي آهي. انگريزن هنن رولاڪ ماڻهن کي مصري نسل سان وابسته ڀانئيندي پنهنجي نسل ۽ علمي برتريءَ واري فرسوده سوچ ۽ عمل موجب، سندن طرفان مصر جي ماڻهن لاءِ مقرر ڪيل لفظ Egyptian جي تلفظ يعني اُچار کي بِگاڙي هنن خانه بدوش ماڻهن کي Gypsy جِپسِي سڏڻ لڳا. فرينچن هنن رول ماڻهن کي بوهيمِيئن جو نالو ڏنو، اِسپين ملڪ جا ماڻهو کين ٻن نالن سان يعني هڪ فِليمِش يعني اُتر بيلجئم جا رولاڪ ماڻهو ۽ ٻيو، گِٽانو ڪري به سڏيندا آهن. انهيءَ لفظ جو مطلب آهي ته اهي اصل ۾ مصري نسل جا ماڻهو آهن سوئيڊن ۽ اتر يورپ جي ڪن ملڪن ۾ انهن کي تاتاري نسل جا ماڻهو تصور ڪيو ۽ سڏيو وڃي ٿو. نيدرلينڊس، هالينڊ، جرمني ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ هنن خاندبدوش ماڻهن کي عموماً ڪافر نسل سمجهيو ۽ سڏيو ويندو آهي. دراصل سندن ٻوليءَ ۽ تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن رولاڪ ماڻهن جو اصل وطن هند/سنڌ ٿي سگهي ٿو، پر انهن ماڻهن سندن اصل وطن مان هجرت ڇو ڪئي، هنن اها لڏپلاڻ ڪهڙي ريت ڪئي ۽ هنن پنهنجي اصل وطن جا وڻ ڪڏهن ڇڏيا، تنهن بابت ته ڪا به تاريخي يا قابلِ يقين ڄاڻ عدم موجود آهي. البت سندن موجودگي سن هڪ هزار عيسوي ڌاري قديم ايران ۾ ڄاڻائي وڃي ٿي. چيو وڃي ٿو ته هنن رولو ماڻهن ايران مان ئي آفريڪا، يورپ ۽ ٻين کنڊن ۽ ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ اختيار ڪئي ۽ ويهئين صدي عيسويءَ دوران آمريڪا توڙي آسٽريليا کنڊن ۾ وڃي پهتا. اهي پاڻ کي يورپ ۾ هڪ نسلي نالي Rom روم سان واڳيل بيان ڪن ٿا. جنهن جي معنيٰ ”ماڻهو“ يا ”انسان“ ڄاڻائي وڃي ٿي. هنن کي باقي سمورن غير خانه بدوش قبيلن، نسلن ۽ ماڻهن کي ڄٽ يا وحشي سڏيندي ڪا به هٻڪ ۽ کُٽڪو ڪونه ٿو ٿئي. هي رولاڪ ماڻهو گهڻو ڪري سمورن ماڳن، مڪانن ۽ ملڪن ۾ اصل رهواسين جي وچ ۾ رهندي، سدائين حالتن مطابق قربانيءَ جي ٻڪري طور استحصال جو شڪار ٿيندا رهندا آهن. ۽ هند سنڌ ۾ رهندڙ هندن جي گهٽ ذاتين يعني شودرن جهڙا ڀائيندي، سڄي دنيا جا ماڻهو ساڻن نامناسب ۽ ناانصافيءَ تي مُبني رويو برقرار رکندا اچن. اڳي ته مٿن سڀني سماجي بڇڙائين ۽ سماج دشمن حرڪتن ۽ ڏوهن ۾ مُلوِث هئڻ جا الزام لڳايا ويندا هئا ۽ کين بيجا سزائون ڏنيون وينديون هيون. ٻي عالمي لڙائي دوران جرمنيءَ ۾ حڪمران نازي پارٽيءَ جي دهشتگردن جي هٿان يهودين سان گڏ، چَئين لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ جِپسِين کي پڻ ملياميٽ ٿيڻو پيو! انهي ڳنڀير صورتحال جي پيش نظر خاندبدوشن پاڻ کي واسطيدار ملڪن جي ماڻهن ۽ قومن ۾ ضم ٿيڻ واري ڪوشش جي شروعات ڪئي ۽ يورپ جي ملڪ اسپين ۽ برطانيه جي رياست ويلز ۾ انهن پنهنجي دائمي سڪونت اختيار ڪري ورتي ۽ سمورن ٻين ملڪن ۾ پڻ مستقل بستيون بنائي، مقامي ماڻهن سان مٽي مائٽي ۽ رت جو رشتو قائم ڪرڻ چالو ڪري ڏنو آهي. خانه بدوشن ۾ اڳي اهڙو رجحان بلڪل ڪونه هوندو هو. گذرسفر خاطر سندن ڌنڌا ۽ روزگار جا طريقا پڻ غيرفعال هوندا هئا. سندن اصل نسل جي مزاج مطابق مستقل طور ڪم ڪرڻ، يعني لڳاتار محنت مزوري ڪرڻ جو منجهن ڪو به رُجحان ڪونه هوندو هو مقامي يا اصل ماڻهو جن ڪمن کي سُٺو نه سمجهي، انهن ڪمن ڪرڻ کان لوائيندا هئا، خانه بدوش ماڻهو اهي ڪم خوشيءَ سان ڪندا هئا. جهڙوڪ: ماڻهن کي کل ڀوڳ ۽ ٽوٽڪن تي مشتمل ڪهاڻيون ٻُڌائي سندن دل وندرائڻ، ڀڳل ٽُٽل شين جي مرمت ڪرڻ، ميلن ملاکڙن ۾ مسخرن ۽ بازيگرن وارا ڪرتب ڏيکارڻ، مجلسن ۽ محفلن ۾ ڳائي وڄائي ماڻهن کي وندرائڻ، غلامن کي گهربل مختلف ماڳن تي رسائڻ، ڪتا پالڻ، قسمت سانگي جلاد جي حيثيت ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ لڳاتار نه پر ڪڏهن ڪڏهن، ڇٽو پاٽو ۽ مجبوراً بُک مَرندي ڪم ڪرڻ وغيره سندن سُست مزاج مطابق هو.
    منجهائن ڪي لوهارڪو ڪم به ڪندا هئا ۽ ڪي موسيقار ۽ ڳائڻا فنڪار هوندا آهن. انهن مان ڪي ماڻهو گهوڙن جو واپار پڻ ڪندا آهن. سندن عورتون بازيگرياڻيون، قسمت ٻڌائيندڙ نجومڻيون، جوڳياڻيون، فقيرياڻيون ۽ ڳائي وڄائي ماڻهن کي وندرائيندڙ فنڪارائون ٿي پنهنجو گذرسفر ڪنديون آهن. گهر ۾ سندن خدمت چاڪري ڪرڻ واري ڪردار باوجود خانه بدوش عورتون محنت ۽ پورهيو ڪرڻ ۽ روزي ڪمائڻ ۾سدائين چُست ۽ ڦُڙت هونديون آهن. ڌرتيءَ تي ٻين نسلن جي ماڻهن وانگر ئي رهندي، کين پڻ ڪنئين جُڳ گذري چڪا آهن، پر هنن خانه بدوش ماڻهن مان ڪنهن نه ڪنهن ماڳ کي وطن قرار ڏيندي ڪو ٻنيءَ ٻارو آباد ڪونه ڪيو ۽ اهي ڪِٿي به هاري ۽ ڪُڙمي ٿي نه رهيا، اُهي فقط سادا سودا لوهار، ٺاٺارا ۽ اڻپورا ڪاريگر ۽ هنرمند ئي مس ٿي سگهيا. هنن خانه بدوش قبيلن ۾ سياسي طور تي ڪنهن به ٻڌي اتحاد ۽ تنظيم بابت ماضيءَ ۾ ڪابه روايت يا اهڃاڻ موجود ڪونهي، هنن مان ڪجهه باشعور ماڻهن ماضي قريب ۾ يورپ ۾ جپسين جي عالمي ڪانگريس منعقد ڪئي ۽ پنهنجي جِپسِي برادريءَ جو هڪڙو چڱومڙس چونڊيو ويو تنهن کي جپسي برادريءَ جو بادشاهه سڏڻ لڳا آهن ۽ ان جي تاجپوشيءَ پڻ ٿي هئي. پاڻ کي سماجي طور سڌارڻ ۽ سماج ۾ بهتر ورتاءُ حاصل ڪرڻ لاءِ جِپسِين طرفان خاطرخواه ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن، پر اُنهن ڪاوشن کي جپسين جي تمام ٿورن ذِي فَهم فردن مڃتا ڏني ۽ قبول ڪيو آهي. هي خانه بدوش يورپي قبيلا اڃا تائين سماجي، سياسي ۽ تنظيمي طور تي ڪنهن گڏيل مرڪز يا پليٽفارم تي اچي گڏ ٿي نه سگهيا آهن ۽ هڪٻئي کان ته انهي حوالي سان، اڃا گهڻو پري پيا گذارين.


    عــثــمــانــيــه سـلــطــنــت

    هيءَ عثمانيه سلطنت يا شهنشاهت، جنهن کي خلافت عثمانيه پڻ سڏيو ويندو هو، ۽ شهنشاهه کي ”سلطان“ کان سواءِ سموري دنيا ۾ موجود دين اسلام اختيار ڪندڙ سموري مسلمان اُمت جو ديني پيشوا، خليفو ۽ اميرالمؤمنين پڻ بيان ڪيو ويندو هو. اُها سلطنت، دنيا ۾ قائم ٿيندڙ سڀني کان وڏين شهنشاهتن مان هڪڙي هئڻ سان گڏ اُها دنيا ۾ تمام گهڻي عرصي تائين قائم رهندڙ شهنشاهتن مان هڪڙي تمام عظيم سلطنت ٿي گذري آهي. تنهن جي ايتري ڊگهي وقت تائين ڪامياب ۽ قائم رهڻ جو مکيه معروضي ڪارڻ، اسلامي معاشري کان متاثر ٿي، اسلامي نظام حڪومت جي قيام خاطر، سمورا سرڪاري انتظامي ادارا قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جي اسلامي اصولن موجب قائم ڪيا ويا ۽ سرڪار جو سمورو ڪار وهنوار اسلامي تعليمات ۽ عمليات موجب، مثبت مرڪزي ضابطي تحت رواج ۾ آندو ويو. اهڙيءَ ريت سلطنت عثمانيھ، اوڀر رومي سمنڊ يا ڀُونءَ، وِچِ سمنڊ سان وابستھ سمورن مُلڪن ۽ حڪومتن جي وچ ۾ بازنطيني عيسائي سلطنت جي جاءِ تي بالادست قُوَتَ جي حامل هڪ مستحڪم رياست جي حيثيت حاصل ڪري ورتي. سلطان سليمان عالي شان جي دؤر حڪومت ۾ سلطنت عثمانيھ پنهنجي عروج تي هئي. تنهن وقت انهيءَ جي سرحدن اندر تُرڪي، مصر، يونان، بلغاريھ، رومانيھ، مقدونيھ، هَنگِري، فِلسطين، اُردن، لبنان، شام، عربستان جا ڪجهه علائقا ۽ اُتر آفريڪا جي ساحلي پٽي جو وڏو حصو شامل ٿي چُڪو هو. ترڪيءَ واري شهنشاهت عثمانيھ جي ڪاميابي ۽ گهڻو وقت قيام جا ڪيترائي معروضي اسباب به ڪار فرما هئا. جهڙوڪ انهيءَ سلطنت جو انتظامي ڍانچو ۽ جوڙَجَڪَ، هڪ اعليٰ پايي جي مضبوط مرڪزيت تي مُبني نظام حڪومت تي مُشتمل هئي. رياست ۽ حڪومت جو سمورو اختيار ۽ اقتدار، فقط ۽ فقط سلطان، خليفي يا اميرالمؤمنين کي ئي حاصل هو، جنهن ۾ ساڻس ڪو به ٻيو، ڪنهن به طرح ڀائيوار ڪو نه هوندو هو. تعليمي ۽ عدالتي نظام رياست جي مڪمل ضابطي ۽ سنڀال هيٺ هوندو هو. رياست جي سرڪاري اهلڪارن توڙي اقتدار ۾ شامل افراد جي حيثيت ۽ منصب ۾ ترقيءَ جو دارومدار خالصتاً لياقت ۽ قابليت تي هوندو هو. سلطنت جي رعيت ۾ سياسي توڙي نسلي طور تي مختلف قومن، قبيلن ۽ نسلن جي گروهن ۾ باهمي اتحاد ۽ ايڪو قائم ڪرايو ويندو هو. مذهبي توڙي نسلي ۽ سماجي رواداري قائم ڪئي ويندي هئي. اها ٻڌي ۽ رواداري اسلامي نظريھ حيات موجب قائم ڪئي ويندي هئي. اسلامي نظريھ جهاد موجب فوجي تنظيم جوڙي فتوحات ڪيون ويون ۽ سلطنت ۾ مثالي اسلامي نظام حڪومت ۽ تنظيم سازي ڪئي ويندي هئي.
    دنيا جي مختلف ثقافتي نظامن ۾ موجوده مثبت عوامل ۽ عناصر کي تسليم ڪندي، انهن کي پنهنجو ڪري استعمال ڪرڻ ۾ سلطنت عثمانيھ سدائين پيش پيش رهندي هئي. ٻين مذهبن ۾ موجود وفاداريءَ تي مبني اصولن ۽ قائدن قانونن جي هميشه همٿ افزائي ڪئي ويندي هئي. خانگي يا نجي ملڪيت ۽ توانائي تي رياست جو مڪمل ضابطو ۽ اختيار برقرار هوندو هو. سلطنت عثمانيه وٽ هڪڙو تمام طاقتور، مُنظم ۽ بيحد وفادار لشڪر هو ۽ ان سان گڏ بارود بنائڻ وارا تمام وڏا ڏاها ڪاريگر ڪيمياگر وافر تعداد ۾ موجود هئا. سڀ کان وڌيڪ اهم هيءَ حقيقت ته رياست جي سموري انتظامي پڃري ۾ فوجي ضابطھ اخلاق ۽ نظم و ضبط نافذ هو ۽ سياسي طور مقامي اڳواڻن سان سرڪاري رويو نهايت سخت هوندو هو. جڏهن بغداد تيرهين عيسوي صديءَ جي پهرئين اڌ دؤران، هلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ منگولن جي قبضي ۾ آيو، تنهن کان پوءِ سلجوڪن اوڀر ۽ وچ ايشيا مائينر ۾ پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار سلطنت قائم ڪئي، جنهن تي سن 1301ع ۾ عثماني پاڙي جي هڪ اُزبيڪ جنگي سردار سلجوڪن واري امير شاهي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، ايشيا مائينر واري رياست تي قبضو ڪري، پاڻ کي تنهن رياست جو سلطان هئڻ جي دعويٰ سان، شاهي تخت تي برانجان ٿي، وڏي داٻ ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪرڻ لڳو. انهيءَ بَرٗاَنجِمَانِ جنگي سردار جو نالو پڻ عثمان هو. سو پاڻ کي هاڻ سلطان عثمان سڏائڻ لڳو. ايشيا مائينر واري سلنطت ۾ عثماني سلطانن جو اقتدار اوائلي دؤر ۾ ڪمزور ۽ غير محفوظ هو، تنهن کي محفوظ، مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ جي سلسلي ۾ سرڪار ڪٽر ۽ متعصب ويڙهاڪ ماڻهن تي مشتمل ڪيترائي فوجي ٽولا منظم ڪري، کين صورتحال جي تقاضا موجب مڪمل طور هٿياربند ڪيو ويو ۽ انهن کي اعليٰ قِسم جي عسڪري سکيا ڏني وئي. سلطنت عثمانيھ جي لشڪر جو هر اول دستو ”جان نثاران“ سڏبو هو، اهو فوج جو مکيه ۽ نهايت اهم ريجمينٽ هو. لشڪر جو اهو ريجمينٽ، عيسائي مذهب ترڪ ڪري دين اسلام قبول ڪندڙ نَو مسلم غلامن تي مشمتل، سلطنت جو سڀني کان وڌيڪ وفادار، سچار، طاقتور، هڏڏوکي، جانباز، جوشيلو، پر نهايت بردبار ۽ باضابطھ ۽ حقيقي طرح فوج جو قابل فخر ريجمينٽ هو. ”جان نثاران“ نالي هن خصوصي لشڪر جي ڪامياب حڪمت عملي ۽ مهم جوئي وسيلي، زوال جو شڪار بازنطيني عيسائي، شهنشاهت تي ڪيتريون ئي شڪست آميز يلغارون ڪري بيحال بنائڻ بعد، ترت ئي اولهه طرف توسيعي ڪارروايون چالو ڪيون ويون. بازنطيني رياست جي دل ۽ گاديءَ وارو شهر قسطنطنيھ، سلطان محمد ثانيءَ سن 1453ع ۾ فتح ڪيو ۽ ان جو نالو تبديل ڪري، ان تي نئون نالو ”استنبول“ رکيو ويو ۽ ان شهر استنبول کي سلطنت عثمانيھ جو پايھ تخت بنايو ويو. جڏهن سلطان محمد ثاني سفيد رنگ واري گهوڙي تي سواري ڪندي، عثمانيه لشڪر جي سالار جي حيثيت ۾ وڏي شُجاعت جو مظاهرو ڪندي، قُسطنطنيھ شهر ۾ هڪ فاتح سالار جي روپ ۾ داخل ٿي، ساڳئي ڏينهن سموري شهر تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، تڏهن بازنطيني عيسائي شهنشاهت، پنهنجي يارهن سؤ ساله اقتدار جي اختتام جي عملي صورت اختيار ڪئي!، بازنطيني اقتدار جي خاتمي سبب، عيسائي مذهب وارين يورپي قومن ۽ رياستن تي انتهائي منفي اثرات مرتب ٿيا. استنبول شهر ۾ عيسائي فرقي جي سرڪش اڳواڻن جي اڪثريت کي موت جو کاڄ بنايو ويو ۽ باقي بچيلن کي به ملڪ بدر ڪيو ويو. جنگ جي مُنفي اثرات کي ميسارڻ لاءِ، استنبول شهر جي تعمير نَو بابت ڪافي ضروري ترقياتي منصوبا عمل ۾ آندا ويا. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جي سڀني اهم تجارتي شاهراهن جي ميلاپ واري ماڳ تي موجود، سلطنت عثمانيھ جي گاديءَ واري شهر جي حيثيت ۾ استنبول جي اقتصادي، اقتداري ۽ معاشرتي استهڪام ۽ اوج واسطي، سلطان مُحمد ثانيءَ پنهنجن سمورن وسيلن کي ڪم آڻي، ان کي ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جو تجارتي، مرڪز، تعليمي مرڪز ۽ ثقافتي مرڪز بنائيندي، سياسي توڙي سماجي طور دنيا جي عظيم شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تنهن ڪري هن جهان جي سڌاري واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ انسانن، هن شهر کي سندن سرگرمين لاءِ ان ٽاڻي موزون ترين محسوس ڪندي، دنيا جي ڏاهن، عالمن، اڪابرن، سائنسدانن، ڪاريگرن، هنرمندن، عالمي سرمائيدارن، سوداگرن، واپارين توڙي فنڪارن اچي استنبول شهر کي پنهنجو مسڪن بنايو. عثمانيه سلطنت جو ٻيو شهر ”بُرسا“ پڻ ريشم ۽ ريشمي ڪپڙي جو تمام وڏو تجارتي مرڪز ٿي پيو. استنبول ۽ بُرسا جي ترقياتي منصوبن جي تڪميل کان پوءِ حاصل ڪيل فتوحات جو مکيه مقصد پڻ باقي بچيل ٻين تجارتي شاهه راهن ۽ تجارتي مرڪزن تي قبضو ڄمائڻ هو.
    سلطنت عثمانيه جي روانگي واپار ۾ هيٺيان اهم وَڙَ شامل هئا. جهڙوڪ: ريشم ۽ ريشمي ڪپڙو، اوني ڪپڙو ۽ پشم، ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙو، مشڪ، عطر ۽ عنبير، چينيءَ جا برتن، گرم مصالحه، نير ۽ ٻيو رنگاوتي سامان، سينگار جو سامان، دوائن ۾ ڪم ايندڙ نباتاتي يا جڙي ٻوٽيون وغيره. ڪاريگرن، هنرمندن، معمارن، سرمائيندارن، سوداگرن، عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جي حقيقي همٿ افزائي ۽ سرپرستي ڪري، سلطان محمد ثاني سلطنت عثمانيھ کي سر بلند سياست ۽ مستحڪم معيشت جي حامل رياست بنائي ڇڏيو. کانئس پوءِ وارن سلطانن پڻ سندس پاليسيون ۽ حڪمت عمليون برقرار رکيون.
    سلطنت عثمانيھ جي ڀيٽ ۾ عيسائي يورپي ملڪن ۽ قومن کي وڏو سياسي صدمو رسيو ۽ اهي معاشي بد حاليءَ جو شڪار ٿي ويون. انهيءَ ڳنڀير سياسي ۽ اقتصادي صورتحال مان نجات حاصل ڪرڻ خاطر، عيسائي مذهب جي رومن ڪئٿولڪ فرقي جي عالمي روحاني پيشوا، جنهن کي ”پوپ“ چوندا آهن، انهيءَ دؤر جي پوپ، يورپ جي سمورن عيسائي ملڪن ۽ حڪومتن کي تلقين ڪئي ته اُهي پنهنجون سموريون فوجون پوپ جي اڳواڻيءَ تحت منظم ڪري، عيسائي مذهبي جنگ يا صليبي جنگ وسيلي، سلطنت عثمانيھ کان استنبول شهر واپس کسي ورتو وڃي. پر معروضي حالتن جي مجبوريءَ سبب عيسائي ملڪ، کيس وقت سر گهربل لشڪر مهيا ڪري نه سگهيا، تنهن ڪري استنبول شهر واپس کسڻ لاءِ پوپ صليبي جنگ مچائي نه سگهيو ۽ هٿ ڦوڪي ويهي رهيو. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا ۾ واپار وسيلي عيسائي قومن طرفان ٿيندڙ معاشي استحصال ختم ٿيڻ جي نتيجي طور انهن استحصال تي جيئندڙ عيسائي يورپي قومن، شديد گهربل استحصال خاطر، اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن ڏانهن ويندڙ ٻين تجارتي رستن ۽ واٽن کي ڳولي لهڻ لاءِ جتن شروع ڪيا، جيڪي پوءِ ڪولمبس، مئگلان ۽ ڊِرَيڪ جي مهمن واري عمل ۾ نمودار ٿيا. سلطنت عثمانيھ جي سرحدن اندر رهندڙ سمورن غير مسلم مذهبي گروهن کي ”ملت عثمانيھ“ جي منصب تحت منظم ڪري، سندن مقامي/گروهي باهمي مفادن جي حفاظت ۽ معاشي ڪفالت خاطر، کين محدود اختيار ۽ حيثيت عطا ڪئي وئي، جيڪا سلطنت جي مرڪزي انتظاميه جي ماتحت عمل پيرا هئي. قدامت پرست عيسائين جي اولين مِلَت، سندن مذهبي پيشوا، جنهن کي اُنهيءَ وقت ”پَيٽرِيارِچ“ سڏيندا هُئا. انهيءَ جي ڳواڻيءَ هيٺ سن 1454ع ۾ قائم ٿي. تنهن ڪري سلطنت ۾ سمورا قدامت پرست عيسائي لوڪ، هڪڙي ئي فرقي ۾ منظم ٿي ويا. انهيءَ فرقي جي اڳواڻ کي، سلطان طرفان مِلت جي انتظام واسطي خاطر خواهه اختيار حاصل هو. انهيءَ اولين مِلت وانگر پوءِ آرمينيا وارن عيسائين، يهودين ۽ ٻين غير مسلم مذهبن وارين رَعيَتن جي نالن سان ٻيون ملتون به قائم ڪيون ويون، تِن کي سندن مذهبن ۽ فرقن لاءِ گهربل آزادي حاصل هئي. سندن فرقيوار مسئلن ۽ مطالبن جي حل لاءِ کين گهربل قانوني ۽ انتظامي اختيار حاصل هئا. غير مسلم رعايا تي مُشتمل ڪي مِلَتون، کين حاصل ٿيندڙ آمدنيءَ مطابق سرڪار کي مقرر محصول ادا ڪنديون هيون ۽ ڪن مِلتن کي سرڪاري خدمت چاڪريءَ سبب اهو محصول ڀرڻ کان آجو ڪيل هو.
    سلطنت ۾ ”ملت عثمانيھ“ جي قيام کان گهڻو اڳي، چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ غُلامَ حاصل ڪرڻ لاءِ ”نظام ديوِ شِرَم“ جوڙيو ويو، جنهن تحت سلطنت جي غير مسلم رعيت، پنهنجي نريني اولاد جو تقريبا ”وِيهه“ سيڪڙو تعداد، محصول طور سرڪار کي ڏيڻ لاءِ قانوني طور ذميوار بنائي وئي. انهن ٻارن کي مسلمان بنائي، سلطنت جي سؤ سيڪڙو وفادار غلام طبقي ۾ شامل ڪيو ويندو هو. سلطنت عثمانيه جي فوج جي ”جان نثاران“ نالي ريجمينٽ وارن انهن وفادار غلامن کي سلطنت ۾ معمول کان وڌيڪ وقار ۽ مراعات حاصل هئا. انهن غلام نوجوانن کي حڪومت جو انتظام هلائڻ لاءِ سرڪاري نوڪريءَ واسطي گهربل مڪمل سکيا ڏئي، مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيو ويندو هو. نوڪريءَ دؤران ايمانداريءَ، جفاڪشيءَ ۽ وفاداريءَ سبب اهي ترقي ڪندا، ناظمن، وزيرن ۽ سفيرن جي اعليٰ عهدن تي به پهچي ويندا هئا. انهن مان فوجي اعليٰ عهدن تي پڻ فائز هوندا هئا. سلطان محمد ثانيءَ طرفان قسطنيطنيھ شهر کي ڪامياب گهيرو ڪرڻ، ان کي فتح ڪرڻ، توڙي ان تي مڪمل قبضو ڄمائڻ ۽ اتي امن امان بحال ڪري شهر کي تعمير نَو وسيلي سڌارڻ ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ جان نثاران ريجمينٽ جو مکيه ڪردار هو.
    سلطنت جي اعليٰ انتظامي توڙي اعليٰ عدالتي عهدن تي پڻ غلامن جي انهيءَ وفادار ۽ ايماندار طبقي مان ئي مقرريون ٿينديون هيون، اهي صاحبان ثَروَت، پُروقار ۽ تونگر هئڻ جي باوجود، بامُروت ۽ خوش خُلق هوندا هئا.

    غلامن جو اهو طبقو پيدا ڪندڙ ”نظام ديوِ شرم“ سطلنت عثمانيھ ۾ سترهين عيسوي صديءَ جي آخر تائين جاري رهيو. مسلمانن ۽ عيسائين جي وِچ ۾ ٿيل لڙائين کان پوءِ، ٻنهي مان جيڪا به ڌر، جِتي سوڀاري ٿي، تنهن مُخالف ڌر جي عبادت گاهن کي سندس مذهب جي عبادتگاه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مثلاً عيسائي ڪامياب ڌر مسجدن کي ڪليسا ۾ تبديل ڪيو ۽ مسلم ڪامياب ڌر ڪليسائن کي ڦيرائي مسجدون ڪيو، سرڪش ۽ نبردآزما عيسائي اڳواڻن کان سواءِ، سلطان محمد ثانيءَ، عام عيسائي رعيت سان ڪنهن به قسم جو ظلم ۽ ستم روا ڪو نه رکيو ۽ سلطنت ۾ مذهب جي تقريباً مڪمل آزادي برقرار رکي. انهيءَ جو مکيه ڪارڻ، سلطنت عثمانيھ جي رعيت ۾ تمام گهڻي آدمشماري غير مسلم، خصوصاً عيسائين جي هئي. تنهنڪري تڪرارن ۽ اختلافن جي ڀيٽ ۾ باهمي امن امان واري زندگي گذارڻ کي هن سلطنت ۾ واضع فوقيت حاصل هئي. اهڙيءَ ريت عيسائي رعيت مان سلطاني سرڪار جي ڪاروهنوار ۽ نظم و ضبط خاطر گهربل موزون ترين ملازمن جو قابل قدر تعداد خوش اسلوبيءَ سان حاصل ٿيندو هو، ته ساڳئي وقت اسلامي نظام حڪومت موجب، مسلمان سمورن غير مذهبن کي پڻ عزت، آبرو ۽ احترام جي نگاهن سان ڏسندا هئا، ۽ ساڻن باهمي رواداريءَ وارو سلوڪ روا رکندا هئا. سلطان محمد ثانيءَ نه فقط عيسائين کي پرچائي پنهنجو ڪيو، پر هن يهودي واپارين ۽ شاهوڪارن لاءِ پڻ استنبول جو شهر پُرڪَشش بنائڻ لاءِ ڪافي جتن ڪيا، جن کان متاثر ٿي استنبول جا اصل يهودي سوداگر ۽ سرمائيدار، ڪجهه تعداد ۾ سياڻا ٿي موٽي آيا ۽ شهر ۾ اڳي وانگر عزت ۽ امن سان پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لڳا. انهن کي بازنطيني دؤر حڪومت ۾، قدامت پرست عيسائي ڪليسا طرفان سخت ظلم ۽ ستم جو نشانو بنايو ويو هو. رعيت جا سمورا غير مسلم قبيلا ۽ گروهه سندن اڳواڻن ۽ مذهبي پيشوائن جي قيادت تحت مِلَتن جي صورت ۾ سلطنت جي مڪمل ضابطي هيٺ هوندا هئا. سمورن غير مسلم مذهبي فُرقَن ۽ گروهن کي، هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر ۾، سندن مزاج موافق، سندن سڪونت توڙي عبادت خاطر، کين مخصوص ۽ نويڪلا ماڳ مڪان ۽ پاڙا خالي ڪرائي ڏنا ويا، ته جينئن اهي پنهنجي ذاتي زندگي امن، سڪون ۽ آزادي سان گذارين. سرڪار طرفان حاصل ڪيل اهڙن مراعات عيوض، اهي غير مسلم قبيلا به سرڪار سان حقيقي طور نيڪ نِيتِي ۽ وفاداريءَ وارو ڪردار نڀائيندا هئا. سلطان محمد ثانيءَ، پنهنجي وڏي پٽ کي سلطنت جو ولي عهد نامزد ڪيو هو، تنهن جو نالو بايزيد هو. سلطان سن 1481ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن بايزيد سلطان جي حيثيت ۾ تخت نشين ٿيو، پر اها ڳالهه سلطنت اندر مسلمانن جي شيعھ فرقي وارن کي بنهه ڪا نه وڻي، تنهن ڪري انهن سلطان بايزيد جي خلاف ۽ سلطان جي ننڍي ڀاءُ جي حمايت ۾ باقائدي هٿياربند بغاوت ڪئي. شيعن جي تنهن بغاوت کي جان نثاران واري فوجي ريجمينٽ سختيءَ سان ڪُچلي ڇڏيو. تڏهن کان وٺي جان نثاران واري ريجمينٽ کي سلطنت عثمانيھ جي سياسي عمل ۾ دائمي طور اهم حيثيت حاصل رهي. جان نثاران جي حقيقي حمايت جي حامل، سلطان بايزيد جي پٽ، سلطان سليم، عالمي سلطنت عثمانيھ جو پايو وِڌو، تنهن سلطنت جي استحڪام جو وسيلو سلطان سليم جي مطلق العنان اختيار تي مُبني هو. شيعن جي سرڪشيءَ کي بي رحميءَ سان ڪُچلي، سلطنت جي غدار شيعا اڳواڻن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي. انهن جي اڪثريت ايران ڏانهن فرار ٿي وئي، تنهن اُتي جي شيعا آباديءَ سان سازباز ڪري صَفِوي گهراڻي جي اميرن جي اڳواڻيءَ ۾ صَفِوِي حڪومت قائم ڪئي.
    سلطنت عثمانيه جو حاڪم، سلطان، استنبول شهر ۾ اڏيل ”توپ ڪپي محل“ ۾ رهندو هو. هُن پنهنجي درٻار ۾ بازنطيني حڪمرانن وارا طور طريقا اختيار ڪيا هئا. مثال طور بازنطيني فرمان روائن وانگر، عثماني سلطان به پنهنجا ريشمي ڪپڙا فقط هڪ ڀيرو اوڍيندو هو ۽ اُهي ساڳيا ڪپڙا، وري ٻيو ڀيرو ڪو نه پائيندو هو. ترڪ سلطان جي هڪ ڀيرو پهريل انهن ڪپڙن جو چڱو ذخيرو، اڄڪلهه توپ ڪپي محل ۾ قائم ڪيل عجائب گهر ۾ نمائش لاءِ سجايل آهي. توپ ڪپي محل ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي املهه، لاثاني ۽ اڻلڀ شيون، سلطنت جي ڪُنڊَ ڪُڙڇَ مان ميڙي آڻي محفوظ ڪيون ويون، جن جي موجودگيءَ سبب، عثماني گهراڻي وارا سلطان، دنيا ۾ سموري مسلمان اُمت جا پيشوا، خليفا ۽ امير المؤمنين هجڻ واري دعويٰ کي بلڪل درست قرار ڏيندي، عقيدت تي مُبني انهيءَ حيثيت جو عالمي پئماني تي پرچار ڪرائيندا هئا. اُنهن اڻلڀ شين ۾ رسول ڪريم، مِٺي مُحمّد، صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي چادر مبارڪ، عَلم پاڪ ۽ سندن بابرڪت نقش قدم مبارڪ، سڀني شين کان وڌيڪ متبرڪ، ۽ تعظيم جا حامل عناصر آهن. اهي مُتبَرڪات، قاهره شهر مان تڏهن آندا ويا هئا، جڏهن شيعا مسلڪ واري مملوڪ حڪمران کي شڪست ڏيئي مصر جو ملڪ فتح ڪري سلطنت عثمانيھ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. غير معمولي ۽ هنگامي حالتن کان سواءِ، سلطان جو گهڻو وقت پنهنجي حرم سراءَ ۾ گذرندو هو، جتي محل جي سمورن 230 ننڍڙن ۽ اونداهن ڪمرن جا رهواسي ڪُل بَنِي بَشَر، سلطان جا ٻانهن ٻَڌا، ڳِچِيءَ ۾ ڳارِيءَ سميت بيحد وفادار ۽ جان نثار غلام، مُستقلاً مُنتظر موجود هوندا هئا. اڪثر اوقات دؤران، حرم سراءِ ۾ سلطان جي سُهاڳڻين سُريتن جو تعداد، مِلينيئم يعني هزار کان به چڙهي ويندو هو. اهي سڄي دنيا مان سوکڙيءَ جي صورت ۾ چونڊي آڻي سلطان لاءِ سانڍبيون هيون. محل اندر دائمي طور خدمتون بجا آڻيندڙ عملو، فقط جنس مُخنث، خواجه سرائن يعني کدڙن اهلڪارن تي مشتمل هوندو هو. سلطان وٽ وڃي سگهڻ واري صلاحيت کي، سلطان طرفان انهي فرد تي عنايت سان گڏ، سرڪاري قُوَت يا اقتدار ۾ شرڪت واري لياقت به تصور ڪيو ويندو هو. جڏهن ته سلطان کي مڙني ماڻهن مان ڪنهن به فرد تي ڪنهن به طرح ڪو به ڀروسو ۽ اعتبار ڪو نه هو، تنهن ڪري قتل ٿيڻ کان بچڻ ۽ پرسڪون ننڊ ڪرڻ واسطي، سلطان هر رات پنهنجو ٺڪاڻو مَٽائيندو رهندو هو. اعتماد ۽ ڀروسي وارن سياستدانن کي شام ۽ مصر جهڙن ڏوراهن ڏيهن ڏانهن حڪمراني ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو هو، ۽ ناپسند ۽ مُتشِبھ ماڻهن کي محل اندر به قيد ڪري رکيو ويندو هو. جيتوڻيڪ سلطنت عثمانيھ جي سرحدن اندر رهندڙ سمورن مذهبن وارن ماڻهن جون پنهنجون پنهنجون مختلف ۽ نراليون ريتون ۽ رسمون رواج ۾ هيون ۽ سرڪار طرفان انهن تي ڪنهن به قسم جي بندش ڪانه هئي، پر سلطنت ۾ مجموعي طرح دين اسلام جو اثر نمايان ۽ بول بالا هو. حڪمران طبقو، پنهنجي خاص غلام طبقي جي لائق افراد کي ديني مدرسن ۽ سرڪاري درسگاهن ۾ داخل ڪرائي، سرڪاري انتظام ۽ ڪاروبار هلائڻ لاءِ کين اسلامي ديني تعليم، اسلامي نظام معاشرت جي تعليم، اسلامي نظام حڪومت جي تعليم، اسلامي عسڪري نظام ۽ جهاد جي تعليم، اسلامي اقتصادي ۽ تجارتي نظام جي تعليم ۽ مختلف سرڪاري ذميوارين بابت مڪمل سکيا ڏني ويندي هئي. سرڪاري عملدارن ۽ اهلڪارن کي، کين سونپيل ذميوارين واسطي، مقرر درجھ بنديءَ موجب، ننڍن يا وڏن عهدن ۽ آسامين تي مقرر ڪيو ويندو هو. انهن اهلڪارن جي نوڪريءَ ۾ ترقي ڪرڻ جو دارومدار مڪمل طور لياقت، ڪارڪردگيءَ، سچائيءَ ۽ وفاداريءَ تي مبني هوندو هو. انهيءَ ڏِسِ ۾ رنگ، نسل، ذات پات توڙي عزازت ۽ قرابت جو ڪنهن به قسم جو اثر قبول ڪو نه ڪيو ويندو هو. سموري سلطنت ۾ فقط ۽ فقط سلطان جي منصب واسطي سلطاني نسل درڪار هو. سلطنت عثمانيھ، سلطان سليم جي پٽ، سلطان سليمان جي دؤر حڪومت ۾ عروج تي پهتي، جنهن سن 1520ع کان 1566ع تائين حڪومت ڪئي. اهو عروج سلطان سليمان جي پٽ، سلطان سليم ثانيءَ جي دؤر اقتدار تائين قائم رهيو. سلطان سليم ثانيءَ سن 1566ع کان 1574ع تائين، فقط اٺ سال حڪومت ڪئي. اهو عرصو تاريخ ۾ سلطنت عثمانيه جو سُنهري دؤر شمار ڪيو وڃي ٿو. سلطان سليمان دنيا جي سڀني کان وڌيڪ دولتمند حڪمرانن مان هڪ جي حيثيت سان تخت نشين ٿيو. سندس والدَ، سلطان سليمَ، سلطنت اندر سياسي توڙي سماجي مخالفت کي ختم ڪري ڇڏيو هو، پاڙيسري مخالف، صفويٰ سلطنت ايران کي، خوف ۾ مُبتلا ڪري رکيو هو، ۽ مصر ۽ شام واري شيعا مملوڪ سلطان کي شڪست ڏئي، شام ۽ مصر فتح ڪري، پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري، دنيا ۾ پنهنجي شُجاعت، ثَروَت، مُروَت ۽ عظمت کي ثابت ڪري، وَلِي عهد لاءِ جاه، جمال ۽ جلال جا سموارا وسيلا مُيسر ڪري ۽ نظام حڪومت کي نهايت مُستحڪم ڪري ويو هو. اُهي فتوحات، جن سبب اوڀر يورپ ۽ اوڀر رومي سمنڊ سان واڳيل سمورا خُشڪِي ماڳَ ۽ مُلڪَ، هڪڙي ئي سلطان جي سلطنت ۾ شامل ٿيندي، پاڻ ۾ اچي گڏيا، تڏهن انهن ۾ امن قائم ٿيو، سلطنت جي انتظام ۾ نظم وَ ضبط بحال ٿيو، ڪاروهنوار ۾ استحڪام پيدا ٿيو ۽ سلطنت معاشي توڙي معاشرتي ترقي ڪئي. سلطان سليمان جي اقتدار جا ڪي به داخلي دشمن ڪو نه بچيا، ڇو ته اقتدار جي سمورن حريص آرزومند شهزادن کي، جن ۾ سلطان سليم جا ننڍا ڀائر به شامل هئا، سلطان سليم پنهنجي مَوت کان اڳ، انهن سمورن شهزادن کي، سليم جي اقتدار کي ذاتي طور ڇيهو رسڻ جي پش نظر نه، پر هن اسلامي سلطنت عثمانيھ جي بقا ۽ بهبود خاطر جلادن معرفت دار البقا اماڻيو. سلطان سليمان جي دؤر حڪومت ۾ سلطنت عثمانيھ جي سرحدن اندر ڪيترائي اهڙا ملڪ شامل هئا، جتي دين اسلام رائج هو. ۽ دين اسلام جي حوالي سان، ڪيترائي مقدس ماڳ ۽ مڪان موجود هئا. انهيءَ معروضي صورتحال جي پيش نظر، سموري اسلامي دنيا ۾ سلطان سليمان کي امير المؤمنين ۽ خليفة المسلمين واري سعادت حاصل هئي. سلطنت جي امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ، انهيءَ دؤر جي وڏن مسلم مفڪرن، عالمن، جديد علوم جي ماهر سائينسدانن، سرمائيدارن، سوداگرن، وڏن ويڄن ۽ حڪيمن، ڏاهن شاعرن توڙي لوڪ فنڪارن کي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ڇِڪي، آڻي استنبول شهر ۾ گڏ ڪيو. سلطان سليمان کي، ريسَ ۽ رِشڪَ وچان، يورپي، آفريڪي توڙي ايشيائي قومون ”سليمان، دي مَيگِنِيفِيشَنٽِ“ ”سليمان عظيم ال شان“ يا ”سلطان سليمان عالي شان“ جي عالي مرتبت منصب سان ياد ڪنديون هُيون، پر سندس سلطنت واري رعيت کيس ”انصاف مهيا ڪرڻ وارو سلطان“ يا قانون ٺاهي ڏيندڙ سلطان“ اُچاريندي سندس انصاف پروريءَ تي ناز ڪندي هئي. عثماني گهراڻي جي سلطانن، اڪثر ڪري مختصر مُدت وارن منصوبن بنائڻ ۽ ان کي قليل عرصي اندر عملي جامون پهرائڻ واريون پاليسيون جوڙيون ۽ حڪمت عمليون اختيار ڪيون، وٽن ڪي به طويل ميعادي منصوبا غور ۽ عمل هيٺ نه رهيا. هنن وڌيڪ علائقا ڦٻائڻ ۽ آئيندي وڏو فائدو حاصل ڪرڻ خاطر، اتي دولت سيڙائڻ واري نظرئي کي يڪ لخت رد ڪري ڇڏيو. اهي، زمين، زر، توڙي ماڻهن کي بلڪل مختصر مُدت تائين، پنهنجي مناسب ۽ ضروري غرض ۽ مقصد واسطي واسطيدار ڪمن ۾ سيڙائيندا هئا ۽ انهن کان پهچ ۽ سهپ آهر ڪم وٺندا هئا. ڪم پورو ٿيڻ يا ٿڪاوٽ سبب، کين موڪل ڏيندا هئا. پر ٻئي طرف سلطنت جي استحڪام ۽ اَوج خاطر توسيعي عمل پڻ ضروري هو.
    جيڪڏهن رياست ۾ توسيع نه ٿيندي، ته پوءِ اها زوال ۽ تنزل جو شِڪار ٿيندي. تنهن ڪري سترهين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ دؤران توسيع خاطر يورپ ڏانهن ڪاهه ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، پر خاطر خواه سوڀَ ڪانه سَرِي . آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ۽ انهيءَ زماني ۾ يورپ جي وڏي تجارتي مرڪز وِيانا شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ ٻيو ۽ آخري ڀيرو ڪيل حملي ۾ ناڪاميءَ سبب، سن 1683ع ۾ سلطنت جي زندگيءَ ۾ جُزوي طور زوال ڏانهن جهڪاءَ پيدا ٿيو. سلطنت جي زوال ۾ ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ ڪار فرما هئا. جهڙوڪ انهيءَ وقت يورپي تجارتي قَوَتَ جي حامل قومن کي پنهنجي اقتدار جي استحڪام خاطر توسيع جي شديد خواهش هئي. ساڳئي وقت هندستان ۽ ڏُور اوڀر جي ملڪن مان آئيل سستي مال سبب مقامي مارڪيٽ ۾ مقابلي جو رُجحان پيدا ٿيو ۽ مُلڪي شين جي واپار ۾ گهٽتائي ظاهر ٿي. آمريڪا سان به تجارتي مقابلو شروع ٿي ويو. تنهن صورتحال، مجموعي طور مُلڪي معيثت تي نهايت منفي اثرات مُرتب ڪيا، ۽ قومي خزاني ۾ کوٽ ٿيڻ سبب، سلطنت اندر بيروزگاري وڌڻ لڳي. تنهن ڪري حڪومت ۽ سلطنت وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ حڪومت جو مرڪزي ضابطو پڻ ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيڻ لڳو. نتيجي طور سلطانَ پڻ سلطنت جي انتظام ۾ سالميت ۽ استحڪام واسطي گهربل فولادي ضابطو نافذ ڪرڻ ۾ گهربل سختي پيدا ڪري نه سگهيا ۽ عوام جي راءِ ڏانهن پوريءَ ريت توجهه ڏئي نه سگهيا. سلطانن جي ولي عهدن کان سواءِ، سندن ڀائرن ۽ پُٽن کي قتل ڪرڻ بدران قيد ڪرڻ سبب، انهن قيدي شهزادن مان جيڪي قسمت سان آزاد ٿي، اوچتو تخت جا ڌڻي سلطان ٿي پيا، تن کي مطلق العنان حاڪم ٿيڻ لاءِ گهربل مثبت، مناسب ۽ ضروري سِکيا نصيب نه ٿيڻ سبب، منجهن حڪمرانيءَ لاءِ گهربل حقيقي لياقت ۽ ادراڪ جي فقد ان ڪري، ارڙيهن ۽ اوڻِيهَئين عيسوي صدين دؤران، هڪ ٻئي پويان سلطنت جي رعيت تي نا اهل سلطان ٿا ڦيا پئي ويا. تنهن ڪري انتظامي نا اهلي، معاشي بدحالي، سماجي ناانصافي، بي ايماني ۽ بدمعاشي مُلڪ جو مُقدر بنجي وئي. پوءِ جلدئي لفظ ”تُرڪ“ دغابازي، ظلم ۽ سِتم جي علامت طور استعمال ٿيڻ لڳو. انهيءَ سنگين ۽ بدترين صورتحال، ڪمال اتاترڪ جهڙن خيالن جي حامل ترڪ مفڪرن ۽ ترڪ عوام کي سلطنت عثمانيھ جي آخري دؤر ۾ رائج سياسي ۽ سماجي نظام کان سخت مَتنفره ۽ ان جو دشمن بنائي ڇڏيو. سلطنت ۾ ظلم، زوري ۽ رشوت خوريءَ سبب، سماجي ناانصافي جي شڪار عوام کي، انهيءَ سموري سياسي ۽ سماجي نظام کي رد ڪري، ڊاهي، حقيقي انصاف تي مُبني هڪ جديد ترڪ قوم جي تشڪيل ڪرڻ لاءِ، اُوڻِيهَئِين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ پيدا ٿيل سماجي ۽ سياسي مفڪر مصطفيٰ، ڪمال اتا ترڪ، تُرڪ عوام جي رهنمائي ڪئي. سندس اڳواڻيءَ ۾ ترڪ قوم جي ڪامياب جدوجهد جي نتيجي طور، سرڪاري طرح، پهرين نومبر سن 1922ع ۾ سلطنت عثمانيھ کي ڊاهي، ختم ڪري هڪ جديد ترڪي جي قومي رياست جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ ڪمال اتاترڪ جي قيادت ۾ نئين ترڪي واري قومي رياست ۾ جهموري نظام حڪومت نافذ ڪيو ويو. جڏهن ته جديد عالمي سامراج جي انهيءَ وقت واري حڪمت عمليءَ موجب، خلافت عثمانيھ کي، هڪ مفلوج ۽ مرڻينگ اداري طور، هارايل جُواريءَ وانگر، سامراجي مفاد خاطر، خير ۾ ڪاهڻ واسطي، نالي ماتر سامراجي ساهه کڻايو، پر نيٺ، 3 مارچ ، سن 1924ع ۾ ان جو پساه وارو پکيئڙو، پرواز ڪندي پولار ۾ الوپ ٿي ويو. تُرڪ سلطانن، سندن اقتدار جي آخري دؤر ۾، هندستان جي ”حيدرآباد دکن“ واري رياست جي آخري والي کي هڪ ترڪ شهزادي پرڻائي ڏني. حيدرآباد دکن جي مرڪزي يونيورسٽيءَ تي، حيدرآباد دکن جي واليءَ ”عثمانيھ يونيورسٽي“ نالو رکيو، جيڪا پنهنجي ساڳئي نالي سان اڃان تائين قائم آهي.


    صِــدِي يــحــيٰ مــســجــد

    صِدِي يحيٰ مسجد اولهه آفريڪا جي مالي رياست جي گاديءَ واري شهر ٽِمبَڪٽُو ۾ آزاديءَ واري محل جي اتر طرف سن 1400ع ۾ تعمير ٿيڻ شروع ٿي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن شهر ۾ 333 درويشن جو مَسڪن هو، انهن مان هڪڙي جي نالي سان هيءَ مشهور مسجد سڏجي ٿي. غير مسلم باشندن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڪانهي. هن صِدي يحيٰ مسجد جي ٻاهرئين ڏيک ۾ ڪا به نرالائي يا ڪنهن دلچسپيءَ واري منفرد خاصيت خير ڪا آهي، جيڪا ٽمبڪٽو شهر جي ٻين مسجدن ۾ بلڪل پڌري آهي. هيءَ مسجد مذهبي تعليم لاءِ ٽِمبڪٽو شهر جي عظيم درسگاهه طور پڻ ڪم ۾ ايندي رهي آهي، انهيءَ جي تعمير جي تڪميل سن 1440ع ۾ ٿي Djnguereber ڊِجِنگوُئريبَر مسجد ۽ Sankore سينڪور مسجد جي هن مسجد سان تعليمي مقاصد خاطر الحاق جوڙي ٽِمبَڪٽو شهر ۾ Sankore University نالي مادر علمي قائم ڪئي وئي.
    صِدِي يحيٰ مسجد حقيقت ۾ سندس پهرئين مقرر ڪيل امام ۽ ناظم، جنهن کي پروفيسر صِدِي يحيٰ تادلسي يا ال اندلسي سڏيندا هئا، انهيءَ جَيَدِ عالم جي نالي پٺيان صِدِي يحيٰ مسجد سڏجڻ لڳي. هيءَ مسجد، شهر جي مشهور سينڪور مسجد جي ڏکڻ طرف ٺهيل آهي. هن مسجد جي تعمير شهر جي حاڪم شيخ المختار حمالا هڪ برگزيده درويش جي پيدائش جي مثبت توقع واري تصور تحت سن 1400ع ۾ شروع ڪرائي ۽ اها چاليهن ورهين جي طويل عرصي ۾ جُڙي راس ٿي. تڏهن ٽِمبڪٽُو شهر جي گورنر Mohammad Naddah محمد نداه، پنهنجي گهري دوست Yahya Sidi Al Andlusi صِدِي يحيٰ ال اندلسي کي هن مسجد جو امام مقرر ڪيو، اهو صِدِي يحيٰ مسجد جو پهريون امام هو، تڏهن کان وٺي هن مسجد جو نالو صِدِي يحيٰ مسجد رکيو ويو ۽ استعمال ۾ آيو. هيءَ مسجد هن سموري علائقي ۾ ديني تعليم جي عظيم درسگاه طور پڻ استعمال ٿيڻ لڳي. مسجد جي تعريف جي لائق مرمت جو سٺو ڪم سن 78 1577ع ۾ قاضي ال عاقب ڪرايو هو. مسجد جي اصل اڏاوت هڪ قلعي جهڙو ڏيک ڏيندي هئي، تنهن ڪري انهيءَ قلعي نِما اڏاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ گهربل تعميراتي ترميم سن 1939ع ۾ ڪرائي وئي هئي پر مسجد جو شاهي مينار پنهنجي اصل هنڌ تي موجود آهي. انهيءَ عظيم مينار جي هيٺان پروفيسر صِدِي يحيٰ ال اندلسيءَ ۽ محمد نداه جا مزار موجود آهن. چون ٿا ته انهن ٻنهي دوستن جي وفات ۾ فقط هڪ هفتي جو وقفو ٿيو هو. مسجد جي تعميراتي ترميم دؤران انهيءَ جي دروازن ۾ پڻ اسلامي ملڪن ۾ مُرَوِج Gothic style of architecture گوٿڪ طرز تعمير موجب ترميم ۽ مرمت ڪئي وئي. شهر جي ٻين جامع مسجدن سان ڪافي تعميراتي مشابهت رکڻ جي باوجود اُن جي اڏاوت ۽ بناوت ۾ ڳچ نرالايون پڻ موجود آهن؛ جهڙوڪ: هيءَ صِدِي يحيٰ مسجد ٻين مسجدن جي عمارتن جيتري اوچي ٺهيل ڪانهي ۽ سندس دروازن جي بناوت مُراڪش جي نقش نگار سان ٺهڪندڙ آهي. مسجد ۾ اڏيل ٿنڀ يا پيلپايا ٽن قطارن ۾ ٺهيل آهن. مسجد جو مکيه دالان يا اڱڻ شهر جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ واقع آهي، جنهن جي مٿان عظيم مينار اڏيل آهي. انهي دالان کي قبرستان ۾ تبديل ڪيو ويو هو، پر هاڻي اهو مذڪور استعمال ۾ ڪونهي. صِدِي يحيٰ مسجد ۽ مدرسي جا امام ۽ معتمد مسجد جي اتر طرف هڪ زير زمين هنڌ ۾ دفن ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ ماڳ تي صبح ۽ شام جون نمازون ادا ڪيون وينديون آهن. انهيءَ هنڌ مسجد جي محافظن جي رهائش جو پڻ بندوبست ٿيل آهي. مسجد سان متصل هڪ ننڍو دالان، رسول ڪريم حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي جشن ولادت يعني عيد ميلاد النبي جي دؤران دارالمطالع طور استعمال ٿيندو آهي. ٽمبڪٽو شهر جي ٻين مسجدن جي ڀيٽ ۾ صدي يحيٰ مسجد جي مرمت ۽ سار سنڀال وغيره وڌيڪ سٺي نموني ٿيندي رهندي آهي. سن 2012ع جي اُونهاري جي مند ۾ Ansar Dine انثار دين نالي مذهبي انتها پسند دهشتگردن هن مسجد جا اهي دروازا، اها تهمت مڙهيندي ته ”انهن دروازن جي بت پرستيءَ وانگر پوڄا پئي ٿئي“ ڀڃي ڇڏيا. انهن دروازن بابت هڪ ڏند ڪٿا موجود هئي ته اهي دروازا هن دنيا جي خاتمي واري آخري وقت ۾ کُلندا، انهيءَ گَهڙِيءَ کان اڳ هرگز ڪو نه کُلندا.
    قرآني تعليمات جي عظيم سينڪور يونيورسٽي ۽ ٻين عاليشان ديني مدرسن جو حامل ٽِمبَڪٽُو شهر پندرهين ۽ سورهين عيسوي صدين دؤران سموري آفريڪا کنڊ ۾ اسلامي تعليمات، تبليغ ۽ اسلامي روحانيت جي مرڪز طور نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. ٽِمبَڪٽُو شهر جو بنياد، پنجين هجري صدي جي پڇاڙيءَ ڌاري هڪ خانه به دوش ٽولي جي ماڻهن سندن اصل ماڳ کان اڍائي سؤ کن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هڪڙو عارضي اجهو قائم ڪرڻ جي صورت ۾ وڌو ۽ Buktu بَڪِٽُو نالي هڪ بَرجُستي عورت کي انهيءَ اجهي يا ڪيمپ جي حفاظت تي معمور ڪيو، تنهن ڪري انهيءَ وَستِيءَ کي Tim-Buktu ٽِم بَڪٽُو يعني بَڪٽُوءَ جو گهر سڏڻ لڳا. اها وستي ڪيترن ئي تجارتي واٽن ۽ رستن جو سنگم ٿيڻ سبب ترقي ڪرڻ لڳي. تنهن کان ترت پوءِ اتي جي ماڻهن دين اسلام قبول ڪيو. شهر ۾ صِدِي يحيٰ مسجد جي اڏاوت کان اڳ ٻه مسجدون، 1. ڊجنگاريبر ۽ 2. سينڪور نالن سان Mandigue Period مينڊيگُو گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ اڏيون ويون. واپاري مرڪز واري حيثيت واري هن ٽِمبَڪٽُو شهر کي اقتصادي، مذهبي ۽ ثقافتي ترقي ۽ عروج Askia Dynesty اسڪيا گهراڻي جي دؤر حڪومت يعني سن 1493ع کان 1591ع دؤران حاصل ٿيو. تنهن کان سواءِ هي شهر قرآني تعليمات ۽ اسلامي ثقافت جو آفريڪا کنڊ ۾ اهم مرڪز جو حامل ٿي رهيو، جتي سينڪور اسلامي يونيورسٽي ۽ ديني تعليم جا ٻيا به ڪيترائي مدرسا قائم هئا، جتي پنجويهه هزار کن شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لڳا.آفريڪا کنڊ ۽ ٻين اسلامي ملڪن مان شاگردن کان سواءِ وڏا عالم، معمار ۽ ڪاريگر ماڻهو ٽِمبَڪٽُو شهر جي ديني ۽ ٻين درسگاهن جي عالمن کان فيض پِرائڻ خاطر ڏوراهن ڏيهن مان ڪهي ايندا هئا. اهڙي صورتحال موافق ٻاهريان سوداگر توڙي سيلاني پڻ ٽمبڪٽو شهر جي تجارتي ۽ ثقافتي ترقيءَ جي ڪشش سبب هتي ايندا رهندا هئا. صِدِي يحيٰ مسجد ۽ ٻين مسجدن کان سواءِ ٽِمبَڪٽُو شهر جي جن قديم آثارن ۽ اهم عمارتن کي ثقافت جي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن ۾ مسلم درويشن جا مقبرا ۽ قبرستانن ۾ موجود اهم مزار شامل آهن، انهن جو تعداد 16 ڄاڻايو ويو آهي. هتي جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته شهر ۾ موجود درويشن جا مقبرا ۽ مزار شهر کي قدرتي آفتن کان بچائڻ جو ڪردار ادا ڪندا آهن!


    اَيــڪــروپــولــس (اٿينس جو قديم قلعه بند شهر)

    اٿينس شهر واري ٽڪريءَ تي هزارين سال قبل مسيح دؤران اڏيل اٿينس جي قديم شهر کي تاريخي طور يورپ ۾ نئين جاڳرتا واري دؤر کان دنيا ۾ Acropolis of Athens يعني اٿينس جو پراڻو قلعا بند شهر سڏيو وڃي ٿو. اهو ماڳ موجوده دؤر ۾ فقط آثار قديمه يعني رڳو هڪڙي پراڻي ڦٽل شهر جي کنڊر واري حالت ۾ آثار قديمه کاتي ۽ کنڊرات ۾ دلچسپي رکندڙ دنيا جي عالمن ۽ سيلانين جي وندر جي وسيلي طور ڏسجي ۽ پسجي پيو. انهيءَ ۾ ڪيترين ئي جهونين عمارتن جا فقط کنڊر موجود آهن. کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويل انهن عمارتن جي اڏاوت يعني طرز تعمير کي آثار قديم جي ماهرن وڏي شد ۽ مد سان ساراهيو آهي ۽ انهن کي تاريخي طور عظيم طرز تعمير جا حامل قرار ڏنو آهي. انهن سمورن کنڊرن مان فقط هڪ کنڊر کي جنهن جو نالو Parthenon پارٿينون ڄاڻايو ويو آهي، انهيءَ کي ٻين سمورن کنڊرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پزيرائي ۽ مشهوري حاصل ٿي. لفظ Acropolis يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن 1. Akron ايڪرون، جنهن جي معنيٰ: ڪنارو، دنگ ڇيهه ۽ اوچائي آهي ۽ ٻيو لفظ Polis پولس، جنهن جي معنيٰ ”شهر“ آهي انهن لفظن جي ميلاپ سان ٺهيل آهي. انهيءَ ترقيب موجب ايڪروپولس جي معنيٰ ”مٿاهين هنڌ يا ٽڪريءَ تي اڏيل شهر“ آهي. يونان ملڪ ۾ ٻيا به گهڻائي پراڻا قلعا بند ڦٽل شهر کنڊرن جي صورت ۾ اڃا باقي آهن، پر اٿينس واري ايڪروپولس جي مخصوص سياسي ۽ تاريخي حيثيت ٻين سڀني کنڊرات تي مقدم رهي آهي. آثار قديمه ۽ جديد علمن جي ماهرن جي راءِ موجب هن ڦٽل شهر واري ٽڪريءَ تي مسيح عليه السلام جي پيدائش کان اٽڪل چار هزار سال اڳي به لاثاني وَسَندِي يا وَستي قائم هئي. سن 495 ق.م. کان 429 ق.م تائين Pericles پير يڪِلَس اٿينس رياست جو حاڪم ٿي گذريو آهي، تنهن هن ڦٽل شهر جي سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل چند عمارتن، جهڙوڪ: Parthenon پارٿينون، Propylaia پروپائلائيا، Erechtheion اِريڪٿِيئون ۽ عقل يا ڏاهپ جي ديوي Athena اٿينا جي مندر جي تعمير متعلق سنجيدگيءَ سان هم آهنگي پيدا ڪئي ۽ تعميرات جي حتيٰ الامڪان تڪميل جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سن 1687ع ۾ وينس جي سوداگر حاڪمن جي بحري ۽ بري فوج طرفان اٿينس شهر کي محاصري هيٺ آڻي، توپن سان گولاباري ڪئي وئي، تنهنڪري پارٿينن ۽ ٻيون ڪَئين عمارتون بلڪل ڀڄي ۽ ڊهي پيون، ڇو ته انهيءَ جنگ دؤران پارٿينون واري عمارت بارود خاني طور استعمال پئي ٿي، اُتي توپن جي گولن لڳڻ ڪري بارود ڦاٽو ته پارٿينون سان گڏ ٻيون عمارتون به ڪافي تعداد ۾ ڊهي پيون. اٿينس واري هن قديم ڦٽل شهر کي يورپ جي ثقافتي ورثي جي يادگار ماڳن بابت، 26 مارچ سن 2007ع ۾ مرتب ڪيل فهرست ۾ اصولي طور تي وڌيڪ اهميت ۽ عظمت جو حامل جهونو ماڳ قرار ڏنو ويو آهي. ايڪرو پولس ڦٽل شهر، اٿينس شهر واري سمنڊ جي سطح کان 490 فوٽ اوچي ٽڪريءَ تي هزارين سال اڳي قائم ڪيل انساني وسندي آهي، تنهن کي اٿينس جي اصل رهواسي بادشاه Cecrops سيسروپس جي نالي پٺيان Cecropia سيسِروپيا“ پڻ ڪوٺيندا هئا. آڳاٽن کنڊرن جي علم موجب، هن ماڳ تان هٿ آيل سڀ کان وڌيڪ پراڻيون جايون جڳهيون ۽ ٽول ٽڙا انساني سماج جي پٿر واري وچئين دؤر سان واسطو ظاهر ڪن ٿا. هن ڦٽل شهر واري علائقي کي گهڻو آڳاٽي زماني ۾ Attica اٽيڪا سڏيو ويندو هو، تنهن کان پوءِ Athens اٿينس سڏڻ لڳا. هن علائقي ۾ ڪن ماهرن طرفان انساني آبادڪاريءَ جي شروعات پٿر جي آڳاٽي دؤر، يعني اٽڪل ڇهه هزار سال قبل مسيح ۾ ڄاڻائي وئي آهي. يونان جي ڪن تاريخ نويسن اٿينس واري ٽڪريءَ تي Late Bronze Age يعني ڪانسي يا پِتِل واري پوئين دؤر ۾ Megaron ميگاران نالي شهر جو قيام ڄاڻائيندي معروضي طور تي مغالطو پيدا ڪري وڌو آهي، ڇو ته سندن دعويٰ موجب هن ماڳ تي ميگاران نالي شهر جو ته انهيءَ دؤر ۾ ڪو وجود ئي ڪونهي، البت چن جي پٿر جو ٺهيل هڪ ڪالم جو بنياد ۽ واريءَ واري پٿر جا ٺهيل ڪجهه چاڙهيءَ جا پٿر، انهيءَ ناپيد شهر سان منسوب ڪيا اٿن. معتبر مؤرخن جي لکڻين موجب، هن ٽڪريءَ تي هڪ محل جي تعمير کان پوءِ، ان جي چوڌاريءَ، آڳاٽي رومي طرز تعمير وارو هڪڙو شاهي ڪوٽ اڏيو ويو، جنهن 760 ميٽر انمول ۽ محفوظ وسيلي طور ڪم ڏنو. آرگولس رياست جي قبضي دؤران ايڪروپولس ۾ آرگولس جي حڪمران طرفان سندس اڏايل محل جي موجدگيءَ جو ثبوت به هر حال ڪونهي مليو. جيڪڏهن مذڪور محل واقع اڏيو ويو هو ته ممڪن آهي ته ان کان پوءِ ايڪروپولس ۾ نئين عمارتن جي تعمير واسطي ٻين غير ضروري عمارتن سان گڏ انهيءَ محل کي به ڊاهيو ويو هُجي. قديم آثارن جي ماهرن ايڪروپولس جي هن ڦٽل شهر ۾ Archaic Era يعني 6 يا 7 صديون قبل مسيح واري زماني تائين ٿيندڙ تعميرات بابت ڪاخاص ۽ خاطر خواه ڄاڻ مهيا نه ڪئي آهي. ڇهين ۽ ستين صدي ق.م. دؤران هي ماڳ هڪ مقامي جنگي سردار Kylon ڪائلون جي قبضي هيٺ آيو. پوءِ هڪڙي ٻئي جنگي سردار Peisistratus پِيسِسِٽِرَيٽس ٻه ڀيرا مٿس قبضو ڪيو. پيسسٽِريٽَس ايڪرو پولس جي مورچه بند ڪوٽ ۾ هڪ نئون شاهي دروازو تعمير ڪرايو ۽ اٿينا ديويءَ واري ديول جي مرمت ڪرائي. انهيءَ هنڌ وٽان چن جا ڪجهه گهڙيل پٿر لڌا آهن، جن تي مورتيون تراشيل آهن. انهيءَ ڀيڻيءَ وٽ هڪ وڏي ديول جا بنياد به دريافت ٿيا آهن. ايڪرو پولس واري ٽڪريءَ جي اُتر الهندي پٻ وٽ Clepsydra ڪليپسڊرا نالي، پاڻي جي هڪ تمام وڏي قدرتي چشمي جي چوڌاريءَ بچاءَ جِي دِيوار ٺهيل هئي، جنهن کي Enneapylon اينيپائلون چوندا هئا ڇو ته ان ۾ نَوَ دروازا ٺهيل هئا. Athena Polias اٿينا پوليئس يعني شهر جي محافظ ديوي اٿينا وارو ديوَل سن 570 ق.م. کان 550 ق.م ڌاري اڏايل هو. ويجهن، سوڙهن ۽ گهڻن ٿنڀن تي اڏيل هئڻ سبب Hekaton Pedon هيڪاتومپيڊن، يعني هڪ سئو ٿنڀن تي اڏيل مندر سڏيندا هئا. هِن مَندَر جا ڳچ عناصر بچي ويا، جهڙوڪ ان جا ٿنڀ، قديم منارو، سندس ٽڪنڊي مُهاڙِي ۽ ان مهاڙيءَ تي آويزان، ٽن گڏيل جسمن واري ماڻهوءَ نما نانگ جو مجسمو. انهيءَ مجسمي ۾ تراشيل ماڻهن جي ڏاڙهين کي گهري نيري رنگ سان رنگيو ويو هو، تنهن ڪري انهي مندر کي Blue Beard Temple يعني نِيرِينِ ڏاڙهين واري مجسمي وارو مندر به سڏيندا هئا. ڇا مذڪور ديول يا مندر ڪنهن اڳوڻي مندر جي ڀيڻيءَ تي اڏيو ويو، يا اهو هڪ مقدس آڳنڌ آهي يا اهو هڪڙو مذهبي قربان گاه آهي، تنهن بابت پڪي پختي ڄاڻ خير ڪا آهي. شايد سؤ ٿنڀن وارو مندر، انهي هنڌ تعمير ڪيل هو، جتي هن وقت اٿينا ديويءَ جو يادگار مندر قائم آهي، سن 529 ق.م. ۽ 520 ق.م جي وِچَ واري عرصي دؤران Peisistratds پيسسِٽَريٽڊس نالي حاڪم هڪڙو ٻيو مندر به جوڙايو هو. اٿينا ديويءَ واري مندر کي پراڻو مندر سڏيو ويندو هو. اهو پراڻو مندرسن 480 ق.م ۾ ايراني حملي دؤران ناس ٿي ويو ۽ غالباً ان کي 454ق.م ۾ وري جوڙيو ويو. يوناني تاريخدان Xenophon زينوفون لکي ٿو ته سن 406 يا 405 ق.م ۾ انهيءَ مندر کي باه ڏئي ساڙيو ويو، پر ٻين مؤرخن انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. البت اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سن 500 ق.م ڌاري اٿينا ديويءَ جي پراڻي مندر کي ڊاهي وري نئين سر وڌيڪ پکيڙ تي ۽ وڌيڪ وڏو ۽ سٺو مندر اڏيو ويو هو، جنهن جي بنياد ۾ ٻه ٽَنَ وزن وارا اٺ هزار وڏا گهڙيل پٿر لڳائي بنياد يارهن ميٽر يعني 36 فوٽ اونهو بنايو ويو. مراٿان واري جنگ جي سن 490ق.م ۾ فتح کان پوءِ مندر کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ خاطر منجهس سنگمرمر لڳايو ويو. مندر جي نئين سر تعمير جي پهرئين دؤر کي Pre Parthenon-1 پري پارٿينون ون ۽ ان جي ٻئي تعميراتي دؤر کي Pre Parthenon-II پِري پارٿينون ٽو سڏيو ويو آهي. Xerxes ايگزرڪِسِس بادشاه جي تخت نشينيءَ کان پوءِ پيداواري وسيلن کي بچائڻ خاطر مندر جو وڌيڪ تعميراتي ڪم بند ڪيو ويو. سن 480 ق.م ۾ ايراني حمله آور فوج هن ٽڪريءَ تي ٺهيل سمورين عمارتن مان ڦرلٽ ڪئي ۽ مندر کي باه ڏئي ساڙيو ويو. ايرانين جي پيدا ڪيل بحران مان نِڪرڻ کان پوءِ يونانين ايڪرو پولس واري مندر ۽ ٻين عمارتن مان باه ۽ ڦرلٽ کان بچيل سچيل ۽ ڀڳل ٽُٽل پر اهميت جون حامل شيون ميڙي آڻي مورچه بند ڪوٽ اندر مورچن ۽ مينارن کي ملائيندڙ نئين اڏيل ديوار جي احاطي ۾ رکيون. انهن شين کي War Memorials يعني ايراني جنگ جي بربريت جي يادگارن طور اڃا تائين سانڍي ۽ سنڀالي رکيو آهي. باقي ملبي جو گند ڪچرو ٽڪريءَ ۾ وڏيون کاهيون کوٽي منجهن ڍڪيو ويو، جنهن کي قديم آثارن جي ماهرن کوٽائي ۽ تپاسي بيش بها ورثو قرار ڏنو آهي. سن 468 ق.م ۾ Eurymedon ”يوري ميڊن“ ماڳ وٽ لڳل جنگ کٽڻ کان پوءِ فاتح يوناني جنگي سردارن Cimon سائمون ۽ Themistocles ٿيمسٽوڪِلِس ايڪرو پولس جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ڪوٽ جي ڊٺل ديوارن جي نئين سر تعمير جو حڪم ڏنو. بادشاه پيريڪلس جي رهبريءَ ۾ اهيمت وارن سڀني مندرن ۽ يادگارن کي سن 460 ق.م. کان 430 ق.م جي عرصي دؤران، جنهن کي اٿينس جي رياست جو سُنهري دؤر سڏجي ٿو، نئين سر تعمير ڪيو ويو. Phidias فيڊيئس، عظيم مجسمه ساز ۽ ٻن تعميرات جي ماهرن Ictinus اِڪٽِينَس ۽ Callicrates ڪَيلِيڪِرَيٽِس کي مذڪور سموري تعميرات جي ذميواري سونپي وئي. سن 437 ق.م ۾ Mnesicles مِنيسِسيڪِلس ايڪروپولس جي اُلهَندي دنگ وٽ هڪڙو شاندار شاهي دروازو جوڙائڻ شروع ڪيو، جنهن جا ٿنڀا قديم يوناني ڊورڪ طرز تعمير موجب ۽ پينٽيلڪ سنگ مرمر سان ٺاهيا ويا. انهن سوڙهن ٿنڀن واري ڇڄهري ٻن ڀاڱن ۾ ورهائيل هئي. ان جو اُتريون ڀاڱو Polygnotus پولي گنوٽس نالي مصور جي ٺاهيل رنگين تصويرن سان سينگاريل آهي. ساڳئي عرصي ڌاري انهيءَ شاهي دروازي جي ڏکڻ طرف يوناني طرز تعمير موجب اٿينا نائيڪ جي مندر جي تعمير شروع ڪئي وئي، جنهن ۾ اصل يوناني مندرن ۾ ٺهيل چورس ڇٽيءَ وارن ٻُنڀن جهڙا ٻُنڀا اڏيا ويا. پوئنيشيا وارن حاڪمن طرفان اٿينس سان جنگ لڳڻ سبب هن مندر جي اڏاوت مڪمل ٿي نه سگهي ۽ ان جي رهيل اڏاوت سن 421 ق.م کان 409 ق.م تائين يونان ۾ امن امان واري عرصي دؤران مڪمل ڪئي وئي. Erechtheion اِريشٿيئن وارو شاندار مندر سن 421 ق.م کان 406ق.م جي وچ ۾ اڏيو ويو. ان جي اڏاوت خاطر ڳچ ننڍا مقبرا مسمار ڪيا ويا ۽ زمين جو مٿاڇرو سَنوَت ۾ آندو يوو. مندر ۾ داخل ٿيڻ واري لنگهه جي مُهاڙ اوڀر طرف آهي ۽ اهو دروازو ڇهن يوناني طرز جي ٿنڀن تي ٺهيل آهي. معمول جي خلاف هن مندر ۾ ٻه ڇڄا يا ورانڊا ٺهيل آهن. انهن مان هڪڙو مندر جي اتر اولهه ڪنڊ تي قديم يوناني طرز جي ٿنڀن تي اڏيل آهي ۽ ٻيو ورانڊو مندر جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي، ڪپڙا پهريل عورتن جي مجسمن سان ٺهيل ٿنڀن تي اڏيل آهي. مندر جو اڀرندو ڀاڱو شهر جي محافظ ديويءَ Athena Polias اٿينا پوليئس کي ارپيل آهي ۽ الهندي ڀاڱي ۾ قديم يوناني بادشاه Poseidon Erechtheus پوسيڊان اِريشٿيئس جي مذهبي عقيدي جون رسمون ادا ڪيون وينديون هيون. انهيءَ ڀاڱي ۾ Hephaestus هيفائيسِٽَس ۽ اريشٿيئس جي ڀاءَ Voutos ووٽوس واريون ديوتائن لاءِ ٿيندڙ قربانيءِ جون اڏيون رکيل هيون. هن مندر جي اندروني اصل صورتحال بابت نهايت مختصر ڄاڻ ملي سگهي آهي، ڇو ته اهو مندر پهرين صدي ق.م. ۾ باه لڳڻ سبب اندران بلڪل سڙي ويو ۽ پوءِ اهو ڪيترائي ڀيرا نئين سر اڏبو رهيو آهي. اِنهيءَ ساڳئي عرصي دؤران اٿينا ديوي، پوسيڊان، اِريشٿِيئس، سِسِروپس، هَرسِ، ڀينڊروسوس ۽ ايگلائوروس جي مندرن سميت سڀني مقدس جڳهين کي Kare Parch دوشيزائن واري ڇانئيل ورانڊي ۽ عورتن جي مجسمن مان ٺاهيل ٿنڀن واري بالڪنيءَ سان ڳنڍي مربوط ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو. اٿِينا نائيڪ جي مندر ۽ يادگار مُناري جي وچ ۾ Artemis Brauronia آرٽيمِس ديويءَ جو مندر ٺهيل آهي، جيڪا رِڇَ جي روپ ۾ قديم يوناني شهر Brauron بريئورون ۾ قائم مندر ۾ پوڄي ويندي هئي. پُئونِيسِيئَس موجب هن ديويءَ جي هن ايڪروپولس واري مندر ۾ Praxilates پِرَيگسِيلَيٽش نالي شاهه ڪاريگر واڍي جو ٺاهيل آرٽيمِس ديويءَ جو ڪاٺ جو مجسمو ۽ هڪڙو پٿر جو مجسمو چوٿين صدي ق.م ۾ ٺاهي رکيو ويو هو. پيسِسِٽِرَيٽس جي اڏايل شاهي دروازي جي پويان، يعني ڪوٽ جي اندرئين پاسي عظيم مجسمه ساز فيڊيئَس هٿان ٺهيل جنگ جي پهرين صُفَ ۾ وڙهندڙ يعني بهادر ديوي Athena Promachos اٿينا پروميچوس جو پِتِل ڌاتوءَ جو ٺهيل هڪ زبردست ۽ شاندار مجسمو نصب ڪيو ويو هو، جيڪو ايڪروپولس ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان هو.ان مجسمي جي بنياد واري دِڪي جي اوچائي چار فوٽ، يارهن انچ هئي ۽ مجسمي جي ڪل اوچائي ٽيهه فوٽ هئي. لڙائيءَ جي ديويءَ جي ساڄي هٿ ۾ نيزو جهليل آهي ۽ سندس کاٻي پاسي کان هڪڙي وڏي ڍال، سندس کاٻي هٿ جي گرفت ۾ آهي. انهيءَ ڍال تي Mys مِسِ نالي مُصور، جنگ جا نظارا چِٽيا هئا. اٿينس تي يوناني ۽ رومي سلطنت واري عرصي دؤران ايڪروپولس واري ايراضي اندر زماني جي گردش ۽ جنگين سبب زبون حال ۽ ڀڳل ڊٺل عمارتن جي وڏي انگ جي جوڳي مرمت ڪرائي وئي. ان سان گڏ ڌارين بادشاهن، جهڙوڪ: Attalos-II اٽالوس ٻيو، ۽ Eumenes-II يومينس ٻيو جا مجسما پڻ يادگار مينار ۽ شاهي دروازي وٽ نصب ڪيا ويا. انهن مجسمن کي پوءِ رومي بادشاه Augustus آگسٽس، Claudius ڪِلاڊِيئَس ۽ Agrippa ايگريپا سان عقيدت وچان منصوب ڪيو ويو. رومي بادشاه جُوليئَس ۽ ڪِلاڊِيئس جي حڪومتن دؤران روم جي آگسٽس بادشاه جي مندر جي هڪڙي ننڍي ۽ گول عمارت، جيڪا اٿينا ديويءَ جي يادگار مينار کان اٽڪل 23 ميٽر پري ٿيندي اها ايڪروپولس جي قديم عمارتن جي سلسلي ۾ آخرين اڏيل عمارت ليکي وڃي ٿي. انهيءَ عرصي دؤران ايڪروپولس واري ٽڪريءَ جي اُترِئين طرف واري لاهيءَ وٽ هڪڙي غار ۾ مندر ٺاهيو ويو، جيڪو پوءِ Appolo اپولو يعني سورج ديوتا کي ارپيو ويو. سن 161ع ۾ رومي بادشاه، هيروڊس اَٽِيڪَس هن ٽڪريءَ جي ڏاکڻي لاهيءَ وٽ Odeon اوڊِيئَن يعني راندين ۽ ناٽڪن ڏسڻ لاءِ گول چوديواريءَ وارو اکاڙو يا ناٽڪ گهرٺاهرايو هو. اهو هيروليا واري حمله آور لشڪر هٿان ٽئين عيسوي صديءَ ۾ زبون ٿي ويو هو. انهيءَ ٿيٽر کي اٿينس وارن گذريل صديءَ ۾ يعني 1950ع ۾ نئين سِر تعمير ڪرايو. ڌارين حمله آور لشڪرن جي خطري جي پيش نظر ٽئين صدي عيسويءَ ۾ ڪوٽ جي ڀتين جي مرمت ڪرائي وئي. مندر واري دروازي جي سامهون شهر ۾ داخل ٿيڻ تي روڪڻ لاءِ، انهيءَ جي اڳيان هڪڙو مورچه بند دروازو ٺاهيو ويو. اهڙيءَ ريت ايڪروپولس وري به هڪ قلعي طور استعمال هيٺ آيو. بازنطيني دؤر حڪومت ۾ Parthenon پارٿينون يعني اٿينا ديويءَ واري يادگار مندر کي Church چرچ يعني عيسائي مذهب جي عبادتگاه ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ بي بي مريم سان منسوب ڪيو ويو. اٿينس تي رومي قبضي دؤران پروپائيليا رومي ناظم جي محل جو هڪڙو ڀاڱو ٿي ڪم آيو. ترڪيءَ جي عثماني سلطنت طرفان ڪيل يونان جي فتح کان پوءِ، اٿينا ديويءَ جي مندر کي فوجي چوڪيءَ طور استعمال ۾ آندائون. اِريشٿِيئَس واري رهائش گاه ترڪ گورنر جي گهر طور استعمال ۾ آئي. سن 1687ع ۾ وينس جي لشڪر طرفان محاصري ۽ جنگ سبب ايڪروپولس جي عمارتن کي گهڻو نقصان رسيو، ڇو ته انهيءَ وقت پارٿينون مندر بارود خاني طور استعمال ۾ هو، جتي توپ جو هڪڙو گولو وڃي ڪِريو ته ڀنڀٽ پيدا ٿي پيو ۽ گهڻين جڳهين کي تمام گهڻو نقصان رسيو. انهيءَ کان پوءِ واري وقت دؤران هي ايڪروپولس شهر، بازنطيني، جرمن ۽ ترڪ حڪمرانن جي تعميرات سان هڪڙو مصروف يعني نهايت سرگرم انساني آباديءَ واري صورت اختيار ڪري ويو. ترڪ تعميرات ۾ پارٿينون اندر ٺهيل مُناري واري مسجد اهم تعمير ليکي وڃي ٿي. يونان جي آزاديءَ واري جنگ کان پوءِ بازنطيني، جرمن ۽ سموريون ترڪ اڏاوتون مسمار ڪري، قديم ۽ اصل عمارتن جي نئين سر تعمير لاءِ گُهربَل صفائي ڪئي وئي. هتي بچيل قديم آثارن ۾ پروپائيليا، يعني شاهي دروازو، اٿينا نائيڪ جو مندر، انهيءَ دروازي جي ڏکڻ طرف، ايڪرو پوليس جي وچ تي Athena Parthenos اٿينا پارٿينوس يعني اٿينا ڪنواري جو مندر، انهيءَ جي اتر طرف Erechtheum يعني اِريشٿِيئَس وارو مندر، ٽڪري جي چوٽيءَ تي ڊايونيسس واري ٿيٽر جا ڪجهه آثار ۽ هيروڊس وارو، وري جزوي طور اڏيل ٿيٽر شامل آهن. هتان لڌل نوادرات ايڪروپولس واري عجائب گهر ۾ نمائش لاءِ محفوظ ڪيل آهن. اٿينس جا رهواسي، هر چوٿين سال Panathenaea پيناٿينائيا نالي راندين ۽ راڳ جي محفلن تي مشتمل هڪڙو جشن ملهائيندا هئا، جنهن جي اهيمت اولمپڪ راندين جي ميلي جيتري هوندي هئي. انهيءَ ميلي دؤران اٿينس شهر مان جلوس نڪرندو پيناٿينائيا ميلي جي ماڳ وٽان گذرندو اچي ايڪروپولس ۾ ڇيهه ڪندو هو. اتي پهچڻ کان پوءِ، پشم جو ٺهيل هڪ نئون جبو، شهر جي محافظ ديوي اٿينا جي مجسمي تي، يا ڪنواري اٿينا جي مجسمي تي چاڙهيو ويندو هو. مغربي تهذيب جي پوئين روايت ۽ قديم يوناني روايات جي بحاليءَ جي سنگم سان، عيسوي ارڙهين صديءَ جي وچ کان وٺي، اٿينس واري ٽڪريءَ تي اڏيل هي ڦٽل شهر ايڪروپولس، قديم يونان جي عظمتن ۽ يونان جي قديم تهذيب جي ورثي جو حقيقي آماجگاهه ۽ مقدم علامت جي حيثيت جو حامل ماڳ آهي.


    انــڊيــا آفــيــس رڪــارڊس (ائٽ لنڊن)

    بر صغير هندستان ۾ انگريزي واپاري ڪمپني ۽ برطانوي حڪومت طرفان قائم ڪيل سامراجي حڪومت جي انتظام ۽ ڪار وهنوار متعلق سن 1600ع کان 1947ع تائين ڪمپني جي حڪومت ۽ انگريزي حڪومت جي سموري لِکَپڙه وارا دستاويز، فرمان، اعلان، بيان ۽ ٻيا واسطيدار سمورا ڪاغذ پَٽَ، لنڊن شهر ۾ قائم ڪيل هڪڙي اداري ۾ گڏ ڪري محفوظ ڪيا ويا آهن ۽ اهڙو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي، ته جينئن هرڪو ماڻهو پنهنجي خواهش آهر، انهن سمورن ڪاغذن کي ڏسي واسي ۽ پڙهي، توڙي گهُربل نوٽِنگ به ڪري سگهي. اهو ادارو ”انڊيا آفيس رڪارڊس“ نالي سان برٽش لائبرريءَ جي ماتحت قائم ڪيو ويو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڪاغذ پٽ، چَئِين مکيه وسيلن ۽ ڌُرين وٽان ميڙي چونڊي آڻي مذڪور اداري ۾ گڏ ڪيا ويا آهن. جهڙوڪ: 1) انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ پوءِ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان سن 1600ع کان 1858ع تائين سموري سرڪاري لکپڙه وارا سڀئي ڪاغذ ورتا ويا. 2) ”دِي بورڊ آف ڪنٽرول“ نالي اداري کان سن 1784ع کان 1858ع تائين سندس دؤر متعلق سمورا ڪاغذات وصول ڪيا ويا. 3) ”دِي انڊيا آفيس“ نالي اداري جا سن 1858ع کان 1947ع تائين ٿيل لکپڙه تي مشتمل سمورا ڪاغذ هٿ ڪيا ويا. 4) ”دِي برما آفيس“ نالي اداري جا سن 1937ع کان 1948ع تائين ٿيل ڪارگذاريءَ متعلق مڪمل رڪارڊ حاصل ڪيو. تنهن کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي واسطيدار ذيلي ادارن ۽ دفترن مان هٿ آيل سمورا اهم ڪاغذ پٽ به هتي گڏ ڪيا ويا آهن. هتي گڏ ڪيل ڪاغذن جو ذخيرو سرڪاري پبليڪيشنس، فرمانن، اعلانن، بيانن، اطلاعن، دستاويزن، ڇپيل نقشن، فوٽو گرافن ۽ نجي يا ذاتي لِکَپَڙه تي مبني ڪاغذات وغيره تي مشتمل آهي. انهن مڙني اسمن جو تعداد پوڻن ٻن لَکَن کان تجاوُز ڪري ويل آهي. جن ڪٻٽن ۽ شيلفن تي اهي ڪاغذ پٽ محفوظ ڪري رکيا ويا آهن، انهن جي مجموعي ڊيگهه، نَوَنِ ميلن کي وڃيو رسي. مٿي ذڪر ڪيل ڪاغذ پٽن جي تاريخي اهميت سن 1600ع کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن انگريزي سرڪار طرفان انگلش اِيسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي هندستان واري ننڍي کنڊ سميت سموري ايشيا کنڊ ۾ واپار تي قبضو ڪرڻ جو اختيار حاصل ٿيو. شروع وارن سؤ سالن جي عرصي ۾ ڪمپنيءَ پنهنجي سموري دولت ۽ طاقت مقامي علاقائي ۽ ٻين عالمي تجارتي ڪمپنين سان واپاري ۽ سياسي چٽا ڀيٽيءَ ۾ سرف ڪندي، پاڻ کي مستحڪم ڪيو. جيتوڻيڪ اُها هڪڙي خالص تجارتي اداري طور قائم ٿي، پر توقع کان وڌيڪ گهڻو نفعو ڪمائي وڌيڪ طاقتور ٿيڻ ۽ ڪافي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ سان، ارڙهين عيسوي صديءَ جي شروعات ۾ مقامي علاقائي سرڪارن جي انتطام ۾ بيجا مداخلت ڪرڻ لڳي ۽ قبضي واري زمينن ۾ چانهه، پست تماڪ وغيره جي پوک ڪرائي رعيت تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ ۾ مشغول ٿي وئي. ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري هندستان جي ڪافي علائقن اندر سرڪار يا حڪمران وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳي ۽ هن ملڪ کي سامراجي بيٺڪ بنائڻ لاءِ، پنهنجي وس آهر سمورا وسيلا ڪتب آندا، ته جيئن سندس گهڻي نفعي وارو واپار مسلسل وڌندو رهي. اهڙيءَ ريت سن 1757ع ۾ ميجر جنرل ڪائِيوِ جي قيادت ۾ ڪمپنيءَ جي فوج نواب سراج دولهه کي شڪست ڏئي، بنگال واري رياست تي مڪمل قبضو ڪري، اتي ڪمپنيءَ جي حڪومت قائم ڪئي ۽ برصغير ۾ انگريزي بيٺڪ جو بنياد وِڌو. انهيءَ عمل جي توسيع خاطر برطانوي حڪومت سن 1784ع ۾ پِٽس انڊيا ايڪٽ پاس ڪري، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي حڪومت هلائڻ لاءِ ”بورڊ آف ڪنٽرول“ نالي هڪڙو رهبر ادارو قائم ڪري ڏنو. انهيءَ اداري جي رهبريءَ تحت سن 1857ع تائين برصغير هند مڪمل طرح برٽش انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت هيٺ اچي چُڪو هو. انهيءَ سال دهليءَ جي عوام ڪمپنيءَ جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. انهيءَ صورتحال جي تقاضا موجب برطانويءَ حڪومت سن 1858ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ برصغير هندستان تي برطانيه پنهنجي سڌي سامراجي حڪومت مڙهي ڇڏي. ان وقت هندستان واري بيٺڪ جي معاملات متعلق برطانيه طرفان مقرر ڪيل خصوصي عملدار، ”سيڪريٽري آف اسٽيٽ، فار انڊيا“ جي هدايتن تحت ”انڊيا آفيس“ نالي هندستان جا سمورا معاملات سنڀاليندڙ ادارو قائم ڪيو ويو. انهيءَ اداري تي گهڻين ذميوارين هجڻ سبب، انهيءَ تان ڪجهه بار گهٽ ڪرڻ خاطر، سن 1937ع ۾ ”برما آفيس“ نالي هڪڙو ذيلي ادارو پڻ قائم ڪيو ويو. مٿي ڄاڻايل، انگريز حڪومت جا هندستان متعلق گڏ ڪيل سرڪاري ڪاغذ پٽ، هڪ عجيب تاريخ جا حامل آهن. انهن سرڪاري ڪاغذن کي، سندن اهميت موجب ساري سنڀالي رکڻ ته ازخود واسطيدار دفتردارن جي حسب معمول ذميواري هئي، پر انهن کي خصوصي طور سنڀالي ۽ محفوظ ڪري رکڻ وارو عمل، سن 1771ع ۾ شروع ٿيو. انهيءَ مقصد جي حصول خاطر، برطانوي سرڪار هڪڙو خصوصي عملدار مقرر ڪيو، تنهن کي keeper ڪِيپَر يعني شين کي محفوظ ڪري سنڀاليندڙ ملازم سڏيندا هئا. انڊيا آفيس طرفان هندستان سان سموري لکپڙه تي مشتمل سمورن سرڪاري ڪاغذن، ليکن، دستاويزن، هداينامن، فرمانن، اعلانن ۽ ٻين هر قسم جي سرڪاري ڪاغذن کي ڳولهي ڦولهي، ميڙي چونڊي ۽ محفوظ ڪري سنڀالي رکڻ، انهيءَ ڪِيپَر جي سرڪاري ذميواري هئي. هندستان ۾ برٽَشَ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ انهن سرڪاري ڪاغذن ۽ دستاويزن جو گڏ ٿيل تمام وڏو ذخيرو، لنڊن اماڻيو ويو، جتي انهيءَ ذخيري کي اهم سرڪاري دستاويزن جو درجو ڏئي محفوظ ڪيو ويو. حقيقت ۾ اهي سمورا ڪاغذ واقع اهم انتظامي امور سان مُنسلڪ هئا. جڏهن اهي سرڪاري ڪاغذ/دستاويز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان انڊيا آفيس رڪارڊس لنڊن پهچايا ويا، تڏهن انهن جي جائزي ۽ چڪاس واسطي هڪڙي نظرثاني ڪندڙ ڪميٽي تشڪيل ڪئي وئي. تنهن ڪميٽيءَ جي سفارش موجب، اُنهن سرڪاري ڪاغذن مان ٽي سؤ ٽَنن کان به وڌيڪ وزن تي مشتمل ڪاغذ، ڇانٽي ڪري ردي پَنن طور وِڪيا ويا، يقيناَ سرڪاري ڪاغذن جي انهيءَ ذخيري مان ايتري قدر گهڻي تعداد ۾ رَدِي پنا ٿي نڪرڻ ته وڏي نقصان جو باعث هو، پر حقيقت ۾ انهيءَ ذخيري ۾ نقل ڪاغذن جو اُهو اَجايو فضول تعداد، خبر ڪانهي ته ڇو شامل هو، جن ۾ با مقصد ۽ اهم مواد نالي ماتر به ڪو نه هو. اُنهن ڪاغذن ۽ سرڪاري دستاويزن جي ڇانٽي، ترتيب ۽ سنڀال جي سلسلي ۾ ڪم، پهرين سن 1879ع ۾ شروع ٿيو، جنهن بابت انگريزي اهلڪار جارج بَرڊ وُڊ انڊيا آفيس ۾ موجود پراڻن سرڪاري دستاويزن بابت تيار ڪيل پنهنجي رپورٽ شايع ڪئي.
    هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ سن 1947ع ۾ مذڪور سرڪاري ڪاغذن جي مالڪي، برطانيه جي دفتر خارجه ۽ ڪامن ويلٿ ڏانهن منتقل ڪئي وئي. سال 1967ع ۾ ڪامن ويلٿ جي دفتر، انهن سرڪاري ڪاغذن کي، بليڪ فِريئر روڊ تي اڏائيل نئين عمارت ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو، جتي انهن سڀني سرڪاري ڪاغذن کي انڊيا آفيس لائبريري جي مواد سان ملائي زم ڪيو ويو. انڊيا آفيس لائبرريءَ ۾ انهن ڪاغذن کي جديد سائنسي طريقي سان وڌيڪ محفوظ ڪري رکيو ويو ۽ انهن پراڻن سرڪاري ڪاغذن کي مختلف کاتن ۽ شُعبن سان وابسته هُجڻ ڪري، مخصوص درجھ بنديءَ موجب ترتيب سان سهيڙي رکيو ويو. سن 1982ع ۾ اهي سمورا پراڻا سرڪاري ڪاغذ پَٽ، انڊيا آفيس لائبرريءَ مان کڻي، وڃي بِرٽش لائبرريءَ ۾ رکيا ويا. اهي ڪاغذ هن وقت بِرٽش لائبرريءَ جي، ايشيا، پَيسفِڪ ۽ آفريڪا واري ذخيري جي حصي طور رکيل آهن. انهن جي سنڀال سرڪاري دستاويزن طور ٿئي ٿي. تنهن ڪري، لائبرريءَ جي مطالعي وارن ڪمرن ۾ انهن کي عام ماڻهو به پَڙهي ۽ ان جو حوالي خاطر نقل به ڪري سگهي ٿو. انهن دستاويزن/سرڪاري ڪاغذن کي ترتيب سان سنڀالي يعني شعبي ۽ مضمون موجب جدا جدا ڀاڱن، ڪالمن ۽ مختلف وقتن پٽاندر، الف ب واري ترتيب سان سهيڙي رکيو ويو آهي، ته جِينئَن انهن ڪاغذن ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن، خصوصي طور مُخققِين ۽ مؤلفين حضرات کي گهربل مواد سَوَلائيءَ سان ۽ صحيح تاريخي تسلسل سان دسِتياب ٿي سگهي. انهيءَ ترتيب جو وِچور هيٺيئَن طرح آهي.
    A –اي سيڪشن يا ڀاڱي ۾ انگلش/بِرٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا چارٽر، عهدنامان، دستاويز ۽ معاهدا، جيڪي سن 1550ع کان 1950 تائين عمل ۾ آيا هئا، انهن کي سهيڙي رکيو ويو آهي.
    B بِي سيڪشن ۾ سن 1599 ع کان 1858ع جي وچ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان واسبتھ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ۽ ڪورٽ آف پروپرائيٽرس جي ڪاروائين تي مشتمل ڪاغذن کي سهيڙي سنڀالي رکيو ويو آهي.
    C- سِي سيڪشن ۾ ڪائونسل آف انڊيا جا سن 1858ع کان 1947ع تائين شايع ٿيل ميمورنڊا ۽ ڪارروايون مرتب ڪيون ويون آهن.
    D- ڊِي سيڪشن ۾ سن 1700ع کان 1858ع جي وِچ ۾ ايِسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي جنرل ڪميٽين جون ڪارروايون ۽ ياداشت نامان گڏ ڪري سهيڙيا ويا آهن.
    F – ايف سيڪشن ۾ سن 1784ع ۽ 1858ع جي وچ ۾ بورڊ آف ڪنٽرول طرفان پڌرا ڪيل/شايع ڪيل ڪاغذ گڏ ڪري رکيا ويا آهن.
    G- جِي سيڪشن ۾ سن 1595ع کان 1858ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪارخانن/فيڪٽرين بابت ڪاغذ محفوظ ڪيا ويا آهن.
    H – ايڇ سيڪشن ۾ سن 1600ع کان 1900ع تائين انڊيا آفيس جا متفرقھ دستاويز سهيڙيا ويا آهن.
    I – آءِ سيڪشن ۾ سن 1475ع کان 1824ع جي وچ ۾ هندستان ۾ رهندڙ ٻين يورپي قومن جي ماڻهن بابت ڪاغذات گڏ ڪيا ويا آهن.
    Jand K – جي ۽ ڪي سيڪشن ۾ سن 1749ع کان 1925ع جي وچ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان قائم ڪيل ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن بابت ڪاغذ ترتيب ڏنل آهن.
    L – ايل سيڪشن ۾ انڊيا آفيس جا کاتيوار ڪاغذ سهيڙي رکيا اٿن.
    L.A.G – ايل . اي . جي نالي سيڪشن ۾ سن 1601ع کان 1947ع تائين وارا انديا آفيس جي اڪائونٽنٽ جنرل جا ڪاغذات سنڀالي رکيل آهن.
    L.E – ايل . اي سيڪشن ۾ سن 1876ع کان 1950ع تائين وارا انڊيا آفيس جي اقتصادي شعبي متعلق ڪاغذ پٽ محفوظ ڪيا ويا آهن.
    L.F – ايل . ايف سيڪشن ۾ سن 1800ع کان 1948ع تائين انديا آفيس جي مالياتي کاتي جا ڪاغذ رکيل آهن.
    L.I – ايل . آءِ سيڪشن ۾ سن 1921ع کان 1949ع جي وچ وارا انڊيا آفيس جي انفارميشن کاتي جا ڪاغذ سهيڙي رکيا ويا آهن.
    L.Millitary- ايل . مليٽري سيڪشن ۾ سن 1708ع کان 1959ع تائين انديا آفيس جي زميني فوج واري کاتي جا ڪاغذ پٽ رکيل آهن.
    L. Parliament ايل. پارليامينٽ سيڪشن ۾ سن 1772ع کان 1952ع تائين انڊيا آفيس جي پارليامينٽ واري برانچ جا دستاويز سنڀالي رکيل آهن.
    L.O.P- ايل . پي . او سيڪشن ۾ سن 1858ع کان 1948ع تائين سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا جي پرائيويٽ آفيس مان مليل ڪاغذ جمع ڪيل آهن.
    L.P.W.D- ايل.پي.ڊبليو.ڊي سيڪشن ۾ سن 1839ع کان 1931ع تائين انڊيا آفيس جي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جا ڪاغذ رکيل آهن.
    L.P. and J- ايل. پي اينڊ جي سيڪشن ۾ سن 1795ع کان 1950ع تائين انڊيا آفيس جي پبلڪ اينڊ جوڊيسل ڊپارٽمينٽ جا دستاويزات رکيل آهن.
    L.P. and S- ايل . پي . اينڊ ايس سيڪشن ۾ انڊيا آفيس جي پوليٽيڪل اينڊ سيڪريٽ ڊپارٽمينٽ جا سن 1756ع کان 1950ع تائين وارا اهم دستاويز سهيڙي رکيل آهن.
    L. Survery- ايل سروي سيڪشن ۾ سن 1837ع کان 1934ع تائين انڊيا آفيس جي سرويئر ڊپارٽمينٽ جا ڪاغذ سهيڙيا ويا آ هن.
    L.R- ايل . آر سيڪشن ۾ سن 1859ع کان 1959ع تائين انڊيا آفيس جي رڪارڊس ڊپارٽمينٽ جا اهم ڪاغذ پٽ سنڀالي رکيل آهن.
    L. S and G- ايل. ايس اينڊ جي سيڪشن ۾ سن 1920ع کان 1970ع تائين اينڊيا آفيس جي سروسز اينڊ جنرل ڊپارٽمينٽ وارا ڪاغذ پٽ رکيل آهن.
    L.W.S- ايل.ڊبليو.ايس سيڪشن ۾ سن 1921ع کان 1951ع تائين انڊيا آفيس جا وار پيپرس نالي اهم ڪاغذ سنڀالي رکيل آهن.
    M- ايم سيڪشن ۾ سن 1932ع کان 1948ع تائين برما آفيس جا رڪارڊس / ڪاغذات رکيل آهن.
    N- اين سيڪشن ۾ سن 1698ع کان 1969ع تائين هندستان ۾ انگريزن/برطانوين جي ڄمڻ/پيدائش، شادين مرادين ۽ مري وڃڻ بابت لکيل دستاويز ۽ احوال موجود آهن.
    P- پي سيڪشن ۾ 1702ع کان 1945ع تائين هندستان ۽ انگلينڊ/برطانيه جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪنسلٽنٽ ۽ پروسيڊنگس بابت دستاويزات سنڀالي رکيل آهن.
    O- او سيڪشن ۾ سن 1702ع کان 1948ع تائين انگريزن جا سوانحي احوال گڏ ڪيل آهن.
    Q- ڪيو سيڪشن ۾ سن 1895ع کان 1947ع تائين ٿيندڙ ڪانفرنسن، ڪميٽين ۽ ڪميشنن وارا ڪاغذ/دستاويز گڏ ڪري رکيل آهن.
    R- آر سيڪشن ۾ وقتاً فوقتاً لنڊن موڪليل ۽ انڊيا آفيس جي رڪارڊ ۾ شامل ڪيل ڪاغذ رکيل آهن.
    R-1- آر. وَن سيڪشن ۾ سن 1880ع کان 1947ع تائين هندستان جي وائيس راءِ طرفان هندستان ۾ موجود رياستن ۽ ريزيڊينسين متعلق قائم ڪيل پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ وارا اهم ڪاغذ پٽ رکيل آهن.
    R-2- آر. ٽو سيڪشن ۾ سن 1789ع کان 1947ع تائين هندستان ۾ موجود رياستن ۽ ريزيڊينسين متعلق ڪاغذات جمع ڪري رکيل آهن.
    R-3- آر. ٿِري سيڪشن ۾ سن 1899ع کان 1948ع تائين وائِيس راءِ هند جي پرائيوٽ آفيس جا ۽ وائيس راءِ جا ٻيا به سرڪاري ڪاغذ رکيل آهن.
    R-4- آر. فور سيڪشن ۾ سن 1870ع کان 1967ع تائين بِرٽش هاءِ ڪميشن جي سيميٽريءَ متعلق لکيل ڪاغذن جو مجموعو محفوظ ڪيل آهي.
    R-5- آر. فائيو سيڪشن ۾ سن 1792ع کان 1872ع تائين نيپال جي کٽمنڊو ريزيڊينسي متعلق ڪاغذات محفوظ ڪري رکيل آهن.
    R-8- آر. ايٽ سيڪشن ۾ سن 1942ع کان 1947ع تائين برما ۾ مقرر برطانوي گورنر جي آفيس جا ڪاغذات سنڀالي رکيل آهن.
    R-9- آر. نائين سيڪشن ۾ سن 1685ع کان 1835ع تائين ملايا جي ملاڪا آرفن چيمبر ۽ ڪائونسل آف جَسٽس جا دستاويزات رکيل آهن.
    R-10- آر. ٽين سيڪشن ۾ سن 1623ع کان 1841ع تائين چين جي ڪينٽون شهر ۾ انگريزن جي قائم ڪيل ڪارخانن بابت دستاويز ۽ ٻيا ڪاغذ گڏ ڪري رکيا ويا آهن.
    R-12- آر. ٽِويلوِ سيڪشن ۾ سن 1923ع کان سن 1948ع تائين افغانستان ۾ انگريز سفير جي آفيس وارا ڪاغذ پٽ سهيڙي رکيا ويا آهن.
    R-15- آر. فِفٽِين سيڪشن ۾ سن 1763ع کان سن 1951ع تائين خليج العرب جي رياستن: بُشائر، بحرين، ڪُويت، مسقط ۽ ٽروشل ايجنسين وارا ڪاغذات رکيا ويا آهن.
    R-19- آر. نائِينِٽين سيڪشن ۾ سن 1832ع کان 1870ع تائين مصر ملڪ جي شهر قاهره، سڪندريھ ۽ سوئيز ڪينال وارين ايجنسين وارا سرڪاري ڪاغذ پٽ محفوظ ڪيا ويا آهن.

    R-20- آر. ٽوينٽي سيڪشن ۾ سن 1937ع کان 1967ع تائين عدن ۾ برطانيه طرفان مقرر ڪيل انتظاميه/ سرڪار وارا ڪاغذات سنڀالي رکيل آهن.
    S- ايس. سيڪشن ۾ سن 1900ع کان 1930ع تائين هندستان ۾ مُرَوِج ٻولين جي اڀياس متعلق گڏ ڪيل ڪاغذات رکيل آهن.
    V- وي. سيڪشن ۾ سن 1760ع کان 1957ع تائين انڊيا آفيس رڪارڊس بابت شائع ٿيل سرڪاري ڪاغذ پٽ سهيڙي رکيل آهن.
    W.X and Y- ڊبليو. ايڪس اينڊ واءِ سيڪشن ۾ سن 1700ع کان 1960ع تائين انڊيا آفيس رڪارڊس ۾ شامل تقريباً سمورا نقشا، سهيڙي سنڀالي رکيل آهن.
    Z- زيڊ سيڪشن ۾ سن 1700ع کان 1950ع تائين انڊيا آفيس جي رڪارڊس سِيرِيز جا اوريجنل يعني اصلي رجسٽر ۽ انڊيڪسِز يعني فهرستون، ياداشتون ۽ ضميما وغيره سنڀالي رکيل آهن.
    انگريزن توڙي هندستان ۾ انگريزي دؤر حڪومت دؤران هندستان ۾ مقرر سمورن ملازمن جي شجرن جي تحقيق لاءِ هي ڪاغذ پٽ بيحد ڪارائتا آهن، تنهن ڪري برطانوي سرڪار اهڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جي لاڳاپيل تحقيقات ڪرڻ وارن ماڻهن لاءِ هتي مناسب ماحول مهيا ڪيو آهي. جيڪو به ذي فهم شخص /دوست لنڊن وڃي، سو شهر جي سير دؤران،هن لائبرري ۾ ضرور وڃي، ڪجهه ڪلاڪ ان ۾ سرف ڪري ڄاڻ حاصل ڪري، ته ڪافي ڳالهيون به جيڪر ظاهر ٿين ۽ اسان کي به ڄاڻ حاصل ٿئي. خان ولي خان جڏهن لنڊن ۾ رهيو ته انهيءَ لائبرريءَ جي رڪارڊس مان نوٽس وٺي ”حقائق، حقائق پيس“ نالي سان هڪ لاجواب ڪاب لکيو، جيڪو پاڪستان ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو.


    ليکڪ جا ٻيا ڇپيل ڪتاب

    1. They Ruled Sindh For Fifteen Years
    2. ڏوريم ڏيسارو (سفرنامو)
    3. هو وري نه ورندو وڻجارو
    4. هو جي وڻ ولات جا (سفرنامو)
    5. سنڌي شاگرد سياست
    6. ڪجل ڀنل نيڻ (سفرنامو)
    7. اُتر لڳا آءُ پرين (سفرنامو)
    8. ديس بديس (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
    9. بندر مون ڏور ٿيا (سفرنامو) ٽي دفعا ڇپيل
    10. عالم عجائبات
    11. اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪهاڻي)
    12. ٽوئر ٽو آمريڪا (سفرنامو)
    13. ٻنو ٽو ٽوڪيو (سفرنامو)
    14. پريان سندي پار ڏي (سفرنامو)
    15. ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون (سفرنامو)
    16. دنيا جا مشهور شهر
    17. ڪنواريون ۽ ڪنول (سفرنامو)
    18. ڪيڏي نه مختصر زندگي (آتم ڪٿا)
    19. لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽلينڊز جون راتيون (سفرنامو)
    20. جيڪي منجهه جهان ( )
    اڻ ڇپيل ڪتاب
    21. مضمون
    22. خاڪا
    23. واقعات عالم
    24. سفر نامو
    25. خط
    26. ليکڪ بابت لکيل مضمون


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471120
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ