ڪتاب جو نالو: گرهوڙيءَ جون پيشنگويون
مصنف: مخدوم شبير احمد
ڇپائيندڙ: سهائي ڪتاب گهر حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 02 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1698 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 616 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مخدوم الملڪ الشيخ عبدالرحيم گرهوڙي عليه الرحمة
  • مڱريا نسل:
  • طريقن جي راهه ۾ تربيت جو آغاز:
  • لنواري شريف ڏانهن سفر:
  • خدا آباد ۾ مناظرو:
  • ٻيو ڀيرو سندن لنواري اچڻ:
  • ميرن کي سنڌ جي بادشاهي وٺي ڏيڻ:
  • گرهوڙ کي پنهنجو آخري آستانو ٺاهڻ:
  • بزرگ گرهوڙي رحه جي مٿين ٽن ديني مقدمن جو تفصيلي احوال:
  • ٽيون ڪارنامون:
  • چار شرط:
  • مزار شريف مٿان روضي جي اڏاوت:
  • سندن اهل عيال بابت ڪجهه وضاحتون:
  • سندن تبرڪات:
  • شاهه عبدالرحيم رحه گرهوڙي۽ شاهه عبداللطيف رحه ڀٽائي:
  • مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
  • گرهوڙي صاحب جو تصنيفون:
  • گرهوڙي صاحب جون پيشنگويون:
  • بزرگ عبدالرحيم گرهوڙي رحهجي پيشنگوئي سان الحاقي ڪلام
  • پيشنگوئي بزرگ فقيرعبدالرحيم گرهوڙي رح
  • مولود شريف

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (242) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ننڍڙو ڪتاب ”گرهوڙيءَ جون پيشنگويون“ نامياري ، ليکڪ مخدوم شبير احمد صاحب جو لکيل آهي.
    ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن.
    هي ڪتاب سهائي ڪتاب گهر حيدرآباد سنڌ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون محترم عبد الجبار شيخ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    محترم استاد مخدوم شبير احمد ، سنڌ جي هڪڙي وڏي عالم ۽ اديب محترم مخدوم امير احمد صاحب جو لائق فرزند آهي. جنهن پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلي ڪافي علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي ، عبدالرحيم گرهوڙيءَ جون پيشنگوئيون ڪيون ويون اُهي هو اکين سان پسن پيا.
    مخدوم شبير احمد صاحب ان سلسلي ۾ جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. اُهو اوهان آڏو آڇيندي خوشي ٿي رهي آهي.

    حيدرآباد، سنڌ.
    لکانو ميمڻ
    چيئرمين
    سهائي اشاعت گهر
    03332765263


    مخدوم الملڪ الشيخ عبدالرحيم گرهوڙي عليه الرحمة

    نرمي جوڳي جوءِ ۾، نڪا جوڳين ذات
    ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا
    هيءَ سون ورني سنڌڙي، سوين جوڳي پنهنجي سينڌ ۾ لڪايون ويٺي آهي. انهن ۾ هڪ مخدوم عبدالرهيم گرهوڙي رحه به آهي. ڪجهه عرصي کان هڪ دوست به صلاحيو ته مخدوم گرهوڙي تي ڪجهه لکان مگر جيئن ته فرصت به گهٽ پي ملي ۽ مواد به پورو هٿ نه پي چڙهيو، ڪلام گرهوڙيءَ جو پهريون ڇاپو ادبي مسلم سوسائٽيءَ طرفان تقريبا 1903ع ۾ ڇپيو. جنهن جو مولف ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب هو. پاڻ وڏي جاکوڙ بعد هن بزرگ جو ڪجهه مواد هٿ ڪيائون. جيڪو ڏند ڪٿائن تي مشتمل هو. ڪو مستند ڪتاب انهيءَ ڏس ۾ کين به هٿ چڙهي نه سگهيو.اڪثر مواد پاڻ ٻن ڪتابن مرغوب الاحباب ۽ فردوس العارفين تان ورتو اٿن. ٿوري ٿڪي مدد کين ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کان ملي آهي. پر اها به هيڪڙٻيڪڙ باقي سندن چواڻي ته بزرگ جو احوال عوامي زبانن تي پکڙيل آهي مگر اهو وسهڻ جهڙو کين نه لڳو. تنهنڪري پاڻ ان تي نظر چڪ ڪري روانا ٿي ويا آهن. ڪن روايتن سندن ذهن قبول نه ڪيو ته ڪي روايتن وري کين مذهبي نقطه نگاه کان لڙڪيل نظر آيون. تنهنڪري مصداق گدڙ جي ”آکو ٿو کٽا“ چئي روانا ٿي ويا آهن. جهڙي طرح گرهوڙي صاحب جو ڪلام سڀ ڪنهن جي سمجهه کان مٿاهون آهي. اهڙي طرح سندن سوانح به عجائبات ۾ شمار ٿيل آهي. وري جو لنواري تي لٽ چڙهندي وئي ته انهيءَ لٽ ۾ سندن سوانح به لٽجي ويل ٿي ڏسجي. سندن سوانح جو هڪ اڻپورو داستان اسان جي سامهون آهي. ڪوشش ڪنداسون ته ان کي ڇنڊي ڇاڻي اڇو اجرو ڪيون ۽ هن دنيا تان ويندي ويندي، يا سندن حياتيءَ جي ڪن اهم موڙن تي ڪيل اظهار جيڪو غيبي ورقن ۾ وڪوڙيل اسان کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو سامعين آڏو واضح ڪندا هلون . جيئن سندن روحاني شخصيت جي نکار مان عوامي دليون ڪي ڪجهه پرائي سگهن. جيئن ته بزرگ گرهوڙي صاحب پاڻ ذات جو مڱريو هو، جنهن متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب هڪ اڻپورو احوال ”مڱريا نسل“ بابت هن ريت ڏئي ٿو.


    مڱريا نسل:

    راجپوتانه جي رڻ پٽ ۾ هڪ ننڍي رياست هئي. جنهن تي ڪنهن سمي هندو راجا باجيراءِ نالي راڄ ڪندو هو. ڪنهن قضاني سندس راڻي کي پيٽ ٿيو. پورن پنجن مهينن جي عرصي گذرڻ بعد راڻي جي بطن مان ڪلمي”لا اله الا الله“ جا آواز اچڻ شروع ٿيا. هن غيبي ۽ انوکي آوازن اچڻ سبب راڻي خواه راجا ڏاڍو حيران ٿيا. پوءِ جيئن جيئن وقت پي گذرندو ويو ته آواز به چٽا ٿيندا ٿي ويا. آخر مجبور ٿي راجا اهو راز منترين ۽ برهمڻن سان وائکو ڪيو. انهن گهڻي غور ويچار بعد راجا کي چيو ته هي ٻار مسلمان ٿو ڏسجي. جي هي ٻار ڄائو ته هتي اسلامي راڄ قائم ڪندو، تنهنڪري بهتر آهي ته هن کي ڄمڻ کان اڳ ئي ختم ڪيو وڃي. انهيءَ لاءِ هنن راجا کي هي طريقو تجويز ڪيو ته راڻيءَ کي ڏاگهه چاڙهيو وڃي. يعني باهه ۾ ساڙيو وڃي.اها تجويز پڪي ڪري ڪاٺين جو چڪاسن تيار ڪيو ويو. ان مٿان راڻيءَ کي وهاري ڪاٺين کي باهه ڏني وئي. ڏسندي ڏسندي باهه جا اُلا اڇا ٿيندا ويا تان جو وڪوڙي ويا.ان وقت سندن پيٽ مان ٻار ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪتو ۽ اچي پٽ تي ڪريو ۽ چيائين محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم. ٻار جو پٽ تي ماءُ جي پيٽ مان ڀڙڪو کائي اچي ڪرڻ ۽ ڪلمو رسالت اچارڻ، هن عجب اسرار ماڻهن تي هيبت طاري ڪري وڌي. برهمڻن جو خيال هو ته ٻار کي وري باهه ۾ وڌو وڃي. مگر راجا ۽ ان جي منترين ان تجويز کي قبول نه ڪيو. هنن جو دليل هي هو ته جيڪو ٻار آڙاهه مان به نڪري ٻاهر اچي پيو آهي. ان ۾ وڏو اسرار سمايل ٿو ڏسجي، ٿي سگهي ٿو ته هن کي ٻيهر زندهه باهه ۾ اڇلائڻ سان بادشاهه جي زندگي ۽ بادشاهي فنا ٿيڻ جو قوي امڪان آهي. تنهنڪري بادشاهه اهڙو ڪوبه حڪم ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو. بلڪ ان ابهم ٻار کي سندس راڄڌانيءَ ۾ ”چانهيا“ نالي هڪ مسلمان قوم رهندي هئي. انهن جي حوالي ڪيو ته هي مسلمان ٻار آهي. اوهان هن کي پاليو ۽ راجا هن جي پالنا جو خرچ هنن کي ٻڌي ڏنو ۽ ان ڇوڪري جو نالو ”مڱر راءُ، رکي سندن حوالي ڪيو.“*


    • هن ڏند ڪٿائي ڪهاڻيءَ ۾ خود ڪيترا اسرار لڪل نظر پيا اچن ٿي سگهي ٿو ته هي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ذهن ۾ به هجن. پهريون ته راجپوتانه جي رڻ پٽ ۾ هڪ ننڍي هندو رياست هئي. جنهن جي خبر نه روايت ڪرڻ واري آهي نه دائود پوٽي صاحب کي ئي ان جي خبر لڳي سگهي. راجا جي نالي جي ته خبر پئجي وئي. مگرراجا جي راڄڌانيءَ جو پتو نه پيو. ٻيو ته باجيراءِ هندو راجا آهي ۽ ان جي راڻي به هندو ، ٻار پيٽ ۾ پيو مسلمان . ڪٿي اهو ٻار راجا سان شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ ته نه پيو. ان جي جيئن ته وضاحت نه آهي. مگر قياس چوي ٿو ته راڻيءَ جو پيچ ڪنهن مسلمان فقير تن درويش سان اٽڪيو هوندو ۽ هن سان رضائي خداوندي تحت مليو هوندو. ان بعد هن جي شادي هن راجا سان ٿي هوندي. جڏهن راجا مٿان راز کليو ته راڻي کي سزا ڏيڻ خاطر ڏاگهه تي چاڙهڻ جو حڪم ڪيو هوندو ته جيئن ٻنهي کي ساڙي ختم ڪيو وڃي. مگر جيئن ته راڻي هندو هئي سڙي وئي ۽ ٻار جيئن ته مسلمان هو ۽ ۽ رضائي خداونديءَ سان هن جو نطفو ٺهيو هو. تنهنڪري ان جوهر کي باهه ساڙي نه سگهي. ۽ ٻار کي خداوند ڪريم هنن جي سوچ جي ابتڙ شڪم مادر مان ڪڍي زمين تي پهچائي ڇڏيو. ٻار جي عمر جي ڪٿ جيئن ته پنجن مهينن جي ذڪر سان ٿئي ٿي تنهن جا ٻه مهينا ٻيا به ٻڌجن ته ٻار وڌ ۾ وڌ ستن مهينن جو آهي. ۽ زمين تي اچڻ سان زبان سان اچاري ٿو ”محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم“ هي واقعو جيئن ته هيبت ۽ حيرت ۾ وجهڻ جهڙو هو. تنهنڪري ان وقت جو عوام اڻڄاتل خوف ۾ وڪوڙجي ويو، ۽ خوف وچان پري ٿي ويو. راجا به ڊڄي ويو. شايد گرهوڙي صاحب جو هي بيتان منظر جي نشاندهي ڪندڙ آهي ته:
    جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان تنهن کي ڪڄاڙو
    ماڻس ستڙو پڻس نالو ڪينڪي

    عوامي زبانن جي اها راءِ آهي ته خود گرهوڙي رحه هو. ۽ چانهين سندن نالو“مڱريو”يعني باهه جي آڙاهه مان نڪري اچڻ وارو رکيو هو. جتان اڳتي هلي مڱريا ذات نڪتي (راقم)
    مڱرراءِ اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو جڏهن بالغ ٿيو ته سندس شادي ڪرائي وئي. کيس ٽي پٽ ڄاوا جن مان وڏي جو نالو”ساهڙ” هو. ساهڙ جڏهن وڏو ٿيو ته ان جي شادي ڪرائي وئي. هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي، پٽ جونالو “ٻڪيو” رکيو. ٻئي ڀاء ُڀيڻ اڄ ننڍا سڀاڻي اچي جوان ٿيا. ساهڙ ته جيئن تيئن غريبي زندگي گذاري جو “ مڱر راءِ” جي گذاري وڃڻ بعد راجا انهن کان جاگيرون کسي ڇڏيون هيون. مگر جڏهن هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ وڏا ٿيا ته پنهنجي ڏاڏي جي روحاني تربيت سان اهي ٻئي ولايت جا صاحب هئا. ڏاڏي جي حڪم تي هنن راجا کان انهن جاگيرن جو مطالبو ڪيو جيڪي هن ڏئي کسي ورتيون هيون. مگر راجا هنن کي جاگيرون ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ته هنن راجا کي چوائي موڪليو ته جيڪڏهن تون جاگيرون جيڪي اسان جو حق آهن. موٽائي نه ڏيندين ته پوءِ اسان پنهنجي زور تي اهي توکان واپس وٺنداسون. پوءِ به راجا هنن جي مطالبي تي ڪن نه ڏنو ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڳوٺان نڪري جيسلمير پهتا. جيئن ته هنن بادشاهه کي اڳئي چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو ته اسان توکان جاگيرون پنهنجي زور تي حاصل ڪنداسون. ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ڀيڻ ڀاءُ کي چيو ته ادا جيئن ته منهنجو درجو ولايت ۾ توکان مٿي آهي. تنهنڪري پهرين تون ”ڪاني هڻ“ يعني ولايت جي قوت استعمال ڪر. جي راجا آڻ مڃي ۽اسانجي ڳالهه قبول ڪيائين ته مان اها ”ڪاني“ واپس موٽائي وٺنديس جيڪڏهن مون ”ڪاني هنئين” يعني ولايت استعمال ڪئي ته توکان اها موٽي نه ٿيندي. ڀاءُ اها ڳالهه قبول ڪئي. ڀاءُ! کيسي مان سُٽ جي ڍيري ڪڍي ان تي دم ڪري اهو سُٽ قلعي تي اڇلايو ته “قلعو پينگهه مثل لڏڻ لڳو ۽ان جو هڪ حصو ڦاٽي ڪري پيو. راجا ۽ ان جا صلاحڪار ڊڄي ويا. راجا جاگيرون موٽائڻ جو واعد ڪيو ته ڀيڻ! اها ڀاءُ جي هنيل ڪاني کڻي ورتي. مگرنشاني طور قلعي جو اهو ڦاٽ قائم رهيو. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ جاگيرون واپس ڪرائي. خوشي گذرانڪرڻ لڳا ۽ اهي سندن اولاد ۾ ورهائجنديون رهيون. اهڙي طرح مڱريا قوم جو بنياد پيو.*
    ———————————————————
    • هي واقعو هڪ ڏند ڪٿا کان وڌيڪ معلوم ٿو ٿئي. جو اها ئي جاگير وري راجا کانئن کسي ورتي هئي. ۽ اهي مڱريا نه مگر چانهيا هجڻ گهرجن. گرهوڙي صاحب وٽ دانهين ٿيا هئا ته اوهان هلي اسان کي جاگيرون واپس ڪرائي ڏيو ۽ گرهوڙي صاحب پنهنجي والده(اها والده جنهن کين پاليو هو)جي چوڻ تي ساڻن هلڻ لاءِ به راضي به ٿي هئي. (جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو)




    ڪجهه وقت گذرڻ بعد مڱريا جيسلمير مان لڏي (اهي چانهيا هوندا) اچي شاهه ڳڙهه ۾ رهيا. مگر اتي به کين سک سان رهڻ نه ڏنو ويو. تنهن ڪري اتان به لڏو پتي سنڌ ملڪ جو رخ ڪيائون ۽ پهرين راڻيپور ۾ اچي آباد ٿيا.
    کڏڙو ان زماني ۾ وڏي ريلوي جنڪشن هو، ۽ وڏو واپاري مرڪز هو. پاڻ کڏڙي ريلوي اسٽيشن جي اوڀر م اچي گهر ٺاهي ويٺا. جتي هن وقت “ ڳاڙها سيد” رهائش پذير آهن. هتي پاڻ ڪيترو وقت رهيا. ان جي ڪابه تصديق نه آهي. قياس طرح چئي سگهجي ٿو ته پاڻ ٻاروتڻ ۾ هتي آباد هوندا. ظاهري علم پاڻ هتي حاصل ڪيائون. کڏري کان ٿورو وٿيرڪو“ چوٽيارين” نالي ڳوٺ ان وقت ۾ وڏو علمي مرڪز هو ۽ “ميان محمد مبين” ان مدرسي جو وڏو مدرس هو. روايت ڪئي وڃي ٿي ته گرهوڙي ظاهري تعليم ميون مبين وٽ ورتي. مدرسي جي طالبن ۾ پاڻ “اصول توڙي فروع” ۾ سڀني کان سرس هوندو هو. فردوس العارفين جو مولف روايت ٿو ڪري ته پاڻ هر وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. مباحثي ۽ مناظري ۾ سڀني تي غالب پئجي ويندو هو. ميان مبين رحه کي پنهنجو مربي سمجهندو هو ۽ سندن وڏي عزت ڪندو هو کيس هميشه بابا ڪري سڏيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪا پريشاني لاحق ٿيندي هئي ته ان ڏي چورائي موڪليندو هو ميان عبدالرحيم پٽ ميان مبين پٽ ميان رعد سلام موڪليا ٿي ۽ چوئي ٿو ته اي پريشاني هتان نڪري وڃ.انهي نياپي تي اها پريشاني يا خطرو هڪدم دفع ٿي ويندو هو. هڪ ڀيري جي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ گرهوڙي ۾ اچي رهائش پذيرٿيا هئا. بزرگ گرهوڙي اتر ڏي منهن ڪيو زور سان وٺيو چوي ميان مبين ڪوپرو، ميان مبين ڪوپرو! ٿورو ئي وقت ۾ ميان مبين اچي پهتو. سندس هٿن ۾ ڏونگهيءَ جا کوپرا هجن جيڪي اچي سندس اڳيان رکيائين. مجلس ۾ موجود ماڻهن سمجهيو ته شايد گرهوڙي کي ڏونگهيءَ جي ضرورت اچي پئي هئي جنهن لاءِ ميان مبين رحه کي پي سڏ ڪيائون. مگر جڏهن بعد ميان رحه کان انجي وضاحت پڇيائون ته هن چيو ته ميان گرهوڙيءَ مون کان پڇي رهيو هو ته “ذات حق” جو پرو پاند به آهي يا نه! جلدي اچ مون کي ڏس. مگر ماڻهن جي ذهنن ۾ رڳو کوپرا پي گهميا. ان کان علاوه ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب نواب محمد علي تاجپور واري کان هي روايت به آڻي ٿو جيڪا هن راضي فقير کان ٻڌي ته ڪجهه وقت گرهوڙي صاحب “ دائري شريف” اڏيري لعل جي هڪ بزرگ سيد وٽ به درس ورتو هو. جيئن ته گرهوڙي صاحب بدن ۾ تمام ڏٻرو ۽شڪل جو پورو پنو هو. تنهنڪري ٻيا شاگرد کانئس نفرت ڪندا هئا. ايسيتائين جو ماني وقت به هن سان گڏ ويهڻ پسند نه ڪندا هئا. شاگردن جو اهو رويو ڏسي ان سيد بزرگ کيس چيو ته ابا! تون ڇڏ هنن جو اپسو اڳتي تون ۽ مان گڏ ماني کائينداسون. سيد صاحب جي انهيءَ پيار سبب گرهوڙي صاحب پنهنجون ٽي نياڻيون سيدن ۾ پرڻايون هيون ۽ وري مڙي هنن جي صورت نه ڏٺي هئائين جڏهن به نياڻين سان ملڻ ويندو هو انهن سان پٺيرو ٿي ڳالهائيندو هو.
    سادات سان بي انتها پيار سبب هيءَ روايت اڪثر عوامي حلقن ۾ گردش ڪندڙ آهي ته هڪ دفعي گرهوڙي صاحب ڪنهن جهنگ مان پي ويو کيس اچي اڃ لڳي. پاڻيءَ جي تلاش ۾ ان جهنگل ڪناري هڪ کوهه وٽ اچي پهتو. مگر ڏٺائين ته پاڻي کوهه جي تري ۾ آهي ، نه ڪو ڏول نه ڪا مالهه کوهه تي رکيل آهي. پريان چند وکن تي هڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيس سمجهيائين ته هي شايد ڳوٺ وارن جو کوهه آهي. سوچيائين ته ضرور ڪو کوهه تان پاڻي ڀرڻ ايندو ته مان به پاڻي پي وٺندس. اهو ارادو ڪري اتي ئي کوهه جي ڀر ۾ ويهي رهيو. ٿوري ويرم نه گذري ته ڏٺائين ته هڪ ننڍي نينگر دلو کنيو کوهه طرف پئي اچي. نه هٽ مالها آهي نه ڏول. ڇوڪري سڌو کوهه مٿان بيٺي. ڪجهه پڙهي کوهه تي دم ڪنيائين ته کوهه جو پاڻي تري مان اڀامي کوهه جي ڪناري سان اچي لڳو. نينگر دلو ڀريو، پاڻي وري هيٺ لهي ويو. گرهوڙي صاحب جو کوهه جي ڀر ۾ ويٺو هو تنهن نينگر کي آواز ڏئي چيو ته امان! مون کي به پاڻي پيار، مسافر آهيان اڃ لڳي اٿم، نينگر وڌي هن کي پاڻي پياريو. گرهوڙي صاحب ڇوڪر ڏي ڏسي هن جي هٿ مٿي تي هٿ رکيو ۽ پڇيائينس ته امان! اوهان ڪير آهيو ؟ نينگر جواب ۾ چيو ته اسان سيد آهيون. هي سامهون اسان سيدن جو ڳوٺ آهي. گرهوڙي صاحب اهو ٻڌو ته پنڊ پهڻ ٿي ويو. ڪو وقت وسوري ۾ ويٺو رهيو. هن کي اها ئي هورا کورا اندر ۾ هئي ته سادات نينگريءَ تي منهنجي نظر ڪيئن پئي ! جيئن تيئن ڪري پنهنجي آستان پهتو. مگر اهو فڪر هن جي دل تي ڄمي ويو. هن دل ۾ چيو ته اي گرهوڙي توکان وڏي ڀُل ٿي، تنهنڪري تنهنجي سزا اها آهي ته تنهنجون اهي اکيون ئي نه هجن. نه اکيون هونديون نه ڪنهن سادات نياڻيءَ تي نظر پوندي. اهو فيصلو ڪري هن پنهنجون ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيون. انهيءَ ويرم امام حسن رضه ۽ حسين رضه مٿانئس اچي بيٺا ۽ ٻئي اکيون اکين تي چنبڙائي مٿان هٿ ڦيرايائون ته اکيون اکين جهڙيون ٿي ويو پوءِ کيس فرمايائون ته عبدالرحيم ايڏي سزا تو پاڻ کي ڏني تو ڪو خراب نظر سان ته نياڻيءَ تي اکيون نه کنيو هيون. اسان تنهنجي صداقت کان خوش ٿياسون.
    بقول ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي ته گرهوڙي صاحب پنهنجي چوٿين نياڻي پنهنجي ڀائٽي کي ڏني. جڏهن ته ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب گرهوڙي صاحب جي ولادت ۾ ان جي والد ۽ والده جوذڪر ته ڪيو آهي مگر انجي ڪنهن ڀاءُ جو ذڪر نه ڪيو آهي. پوءِ جڏهن گرهوڙي صاحب جو ڀاءُ ئي نه آهي ته ڀائيٽو ڪٿان آيو.


    طريقن جي راهه ۾ تربيت جو آغاز:

    گرهوڙي صاحب ظاهري علمن جي تحصيل بعد باطني تربيت جي طرف مائل ٿي چڪو هو. هو هميشه ڪنهن باڪمال صاحب طريقت جي تلاش ۾ هوندو هو ته اهو ڪو صاحب ڪمال جو ملي ته ان جي ڪنجڪ وٺان جيئن مٿي بيان ڪري آياسون ته ويٺي ويٺي رڙيون ڪيائين ته ميان مبين ڪو پرو! اي ميان مبين رحه ڪو پرو پاند ڏس. انهيءَ الاهي محبت جي جستجو ۾ روايت آهي ته سڄا سارا ٻارنهن مهينا شاهه عنايت صوفي جهوڪ شريف رحه جي خليفي ميان “ ابن” سمي اوڙاهه” واري جي صحبت ۾ رهيو ۽ ان کان گهڻو ڪجهه فيض ورتائين. بقول دائود پوٽي جي ته جيڪا روايت هن حاجي محمد علي تاجپور واري کان آندي آهي ۽ تصديق ۾ پوئين دور جي سجاده نشين صوفي عبدالستار پهرئين جي شاهدي ڏني اٿس. جيڪا هن شاهه شهيد رحه فقرآ ءَ کان ٻڌي هئي. ۽ اهو ڄار جو وڻ جنهن جي هيٺان دڪي ٺهيل هئي ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب کي ڏيکاريو ويو هو ته هن وڻ هيٺان هن دڪيءَ تي ويهي گرهوڙي صاحب خليفي اَبَنَ سان روحاني راز ونڊيندو هو. چيو وڃي ٿو ته ابن سمي کي پنهنجي مرشد کان اشارو مليو، جنهن ارشاد تي خليفي ابن گرهوڙي صاحب کي چيو ته “ اسان کان جيڪا خدمت پڳي سان ڪئي سون” هاڻ اوهان لنواري وڃو جو اوهان جي باقي ڳنڍ اتان کلندي يعني اوهان جي امانت اتي رکيل آهي.


    لنواري شريف ڏانهن سفر:

    هاڻي گرهوڙي صاحب جو لنواري شريف وڃڻ جو سبب جڙي ٿو. ان ڏس ۾ پهرين روايت ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب سنگهار فقير کان آڻي ٿو ته:
    گرهوڙي صاحب جي دل هر وقت مرشد جي طلب ۾ سرگردان رهندي هئي. سندن دلي مراد هئي ته ڪنهن ڪامل مرشد جي لڙهه لڳان ، جو رسول الله ﷺ حديث پاڪ آهي : من له شيخ و هو في شيخ شيطان يعني جنهن جو مرشد نه آهي ان جو مرشد شيطان آهي. طريقت جي منزل ۾ پير پائڻ جي لاءِ رسول الله ﷺ فرمايو ته الرفيق تم طريق پهريون رفيق جي تلاش ڪر، بعد ۾ طريقت جي راهه ۾ پير پاءِ جو طريقت سواءِ مرشد جي رهبريءَ جي طئي ٿي نه سگهندي.انهيءَ ڪري سندن نظرون هر طرف ڪامل مرد جي تلاش ۾ لڳيون رهنديون هيون. هڪ ڏينهن گهر اڳيان وضو پي فرمايائون ته هڪ واٽهڙو اچي عرض ڪيس ته سائين جلدي وضو ڪري مونکي ڪونئرو ڏيو ته مان به وضو ڪري نماز پڙهندس. پاڻ ان واٽهڙوءَ کان پڇيائون ته ڪيڏانهن پيو وڃين. واٽهڙو جواب ۾ چيس ته لنواري شريف مرشد جي ديدار تي پيو وڃان. اهو ٻڌي پاڻ کيس چيائون ته ڏٺي مون تنهنجي لنواري! واٽهڙو جواب ۾ چيس ته اهو ڏينهن به الله جل شانه ضرور ڪندو جو تون لنواري ڏسندين. واٽهڙوءَ جي اها ورندي ٻڌي گرهوڙي صاحب ڪو وقت ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ لنواري وڃي پهتو.
    ٻي روايت هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي ته هڪ دفعي پاڻ صبح جي وقت گهر جي ٻاهران ويٺا هئا ته سندن اڳيان هڪ واٽهڙوءَ جو اچي گذر ٿيو. واٽهڙوءَ جيئن ته پيرسن هو، پاڻ کيس سڏي پڇيائون ته ڪيڏانهن ٿو وڃين! هن چيس ته لنواري شريف مرشد جي ديدار تي پيو وڃان. پاڻ چيائونس ته مرشد سان ايڏي دل ٿي واٽهڙو چيو ته سائين آهي! تڏهن ته وڃان پيو بزرگ گرهوڙيءَ چيس ته چڱو! پنهنجي مرشد کي چئجان ته واٽ تي هڪ شخص مليو ان اوهان کان پڇيو آهي ته الله جو حبيب معراج شريف تي ويو. اهو معراج صرف انهن لاءِ ئي مخصوص هو يا ٻيو به ڪو وڃي سگهي ٿو. پوءِ جيڪو جواب تنهنجو مرشد توکي ڏئي اهو موٽ تي مون کي ضرور ٻڌائندو وڃجان.واٽهڙو هائوڪار ڪري روانو ٿي ويو. مرشد جي خدمت ۾ پهتو مرشد جي ديدار ۾ ايترو ته محو(فنا) ٿي ويو جو هن کان اهو نياپو ئي وسري ويو. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن هن جو واپس موٽڻ جو خيال ٿيو ته دل ۾ سوچيائين ته صبح جو مرشد جو آخري ديدار ڪري کانئن موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيندس.صبح جو آخري ديدار لاءِ مرشد جي خدمت ۾ پهتو ۽ اجازت ڳوٺ وڃڻ جي طلب ڪيائين. ان وقت مرشد کيس چيو ته ميان! توکي اسان جو هڪ نياپو مليو هو. مگر اهو نياپو ته اسان کي ڏنو ئي نه... هاڻي اسان ان جو جيڪو جواب توکي ڏيون ٿا اهو ياد ڪري ان شخص کي پهچائيندو پوءِ ڳوٺ وڃجان. ان شخص کي چئجان ته مرشد تنهنجي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته بغداد جي خليفي هارون رشيد دجله ندي ءَ جي ڪناري ماڻهن جي سهولت لاءِ هڪ پل ٺهرائي جنهن جو نالو پنهنجي پياري راڻي زبيده جي نالي تي “زبيده پل” رکيائين. ۽ انجو پهريون افتتاح به ان جي پياري راڻي زبيده ڪيو هو. ان بعد اها پل هر عام خاص لاءِ کولي ڇڏي وئي هئي. اهڙي طرح “معراج شريف” به هڪ پل مثل آهي ”بندي ۽ رب جي وچ ۾“ جنهن جو افتتاح سندس محبوب محمد رسول الله ﷺ جي ذريعي ٿيو. جيئن ته پاڻ خاتم النبيين هئا تنهنڪري سندن پويان ايندڙ “اولياء ڪرام” لاءِ اهو رستو جوڙيو ويو هو. جيڪو قيامت تائين کليل آهي. پوءِجيڪي به عشق جي منزل ۾ فنا جي درجي تي پهتا انهن کي اهو ديدار ٿيندو رهندو آهي. رسول الله ﷺ جو ان تان خاص سندن شان ۽ دستور وٽان هو ۽ لشڪر ٿيو جو سلطان پٺيان لنگهڻ به سندن شان ۽ رواج مطابق آهي.
    ہن درم کہ در بحر جلال اللہ بود ہستم
    بکوہ طور با موسیٰ کلیم اللہ بود ہستم
    مان الله جي بحر جلال جو بي بهادر آهان طور جبل تي موسيٰ عليه سان مان ڳالهائندو هئس.
    منم بدنام در عشقش بیا ای پارسا بہ بین
    نمی ترسمں بہ رسوائی سَر بازار می رقصم
    ( مان عشق ۾ بدنام ٿيو آهيان اي پارسا! اچ اچي ڏس مان هن رسوائي کان نٿو ڊڄان، جو مان هنجي اڳيان عاشق جي بازار ۾ رقص پيو ڪريان)
    انهي جواب ٻڌڻ شرط گرهوڙي صاحب هڪدم لنواري شريف جو سفر اختيار ڪيو. اتي پهچي دل ۾ خيال ڪيائين ته خبر نه آهي خواجه صاحب ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهن. اها ٻڏتر سندن دل ٿيڻ واري ڪيفيت خواجه صاحب کي ڪشفي طرح معلوم ٿي ته پاڻ قرآن ڪريم جي هڪ آيت ڪريمه والطور و ڪتاب مسطور في رق منشور والبيت المعمور جي معنيٰ پڇيائون عبدالرحيم گرهوڙي رحه ظاهري معنيٰ بلڪل سهڻي بيان فرمائي پر جڏهن خواجه صاحب جن انهيءَ قرآني آيت جون روحاني رمزون مٿن واضح ڪرڻ شروع ڪيون ۽ مٿس عين جي علم جي پلٽ ڪيائون ته گرهوڙي صاحب جي اکين تان اونده جا پردا لهندا ويا ۽ پاڻ وٽن دست بيعت ٿي مريدي حلقي ۾ داخل ٿي ويا ۽ وٽانئن روحاني خلافت جو خرقو اوڍيائون هڪ ئي ملاقات کين فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ڇڏيو.
    جکري جهڙو جوان ڏسان ڪونه ڏيهه ۾،
    مهڙ سڀني مرسلن ، سرس سندس شان،
    فڪان قاب قوسين او ادنيٰ ميسر ٿيس مڪان،
    اي آگي جو احسان ،جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

    هڪ ئي ملاقات سان عبدالرحيم جو قلب کلي ويو ۽ پاڻ اٺ پهر غش ٿيا پيا رهيا. جڏهن اها خبر خواجه صاحب جي ڌيان تي آندي وئي ته پاڻ فقراء سميت عبدالرحيم مٿان آيا ۽ کين اٿاري هڪ ڪتاب ڏيون هليا ويا. عبدالرحيم رحه اهو ڪتاب پڙهندو پي ويو ۽ زار زار روئيندو به پي ويو ۽ هي بيت سندن زبان تي جاري ٿي ويا.
    ڏڙهه ڏونگر ۽ ڏيهه وِڄُن رات وسيا
    مون منجهارا کيهه ڪنهن وڏي ڄارڻ نڪري
    *
    ورد وظيفا وسريا نڪا ٿي نماز
    هنيون بحري باز چوري ڪيو چنبن ۾

    پوءِ عبدالرحيم اقامت دين تي قائم هئا. هڪ دفعي ٽيپهري نماز جو وقت ضعيف ٿيڻ تي هو. ان وقت پاڻ خواجه صاحب جن کي فرمايو ته اسان جي مشائخن اهو وقت دير سان پڙهيو آهي. نقشبندي مسلڪ جا صاحب جڏهن مسجد نبوي ۾ ظهر نماز بيهندي هئي ته پاڻ ان وقت ظهر نماز جي تياري ڪندا هئا.( جيئن مڪمل اتباع رسول ﷺ ٿي سگهي.) متفرقه رسالات جو صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته خواجه صاحب جن گرهوڙي جي ان اشاري تي ڪجهه لمحوخاموش رهيا بعد ۾ نماز لاءِ اٿيا ۽ عبدالرحيم ڏانهن منهن ڪندي فرمايائون ته اسان ڍرڙائيءَ جو سبب بدن ۽ طبع جي هيڻائي آهي. خواجه صاحب جيڪڏهن چاهين ها ته کين اهو منظر به ڏيکاري پي سگهيا مگر جيئن ته وٽن اڪيلائي ميسر نه هئي ٻي جماعت به موجود هئي تنهنڪري انهيءَ وضاحت کي ڍڪ ۾ رکي ڇڏيائون. جيئن ته اڃان نئون نئون عبدالرحيم سندن حلقه ارادت ۾ هو، تنهنڪري اڃا کين رهبري جي ضرورت هئي. جيئن حضرت عمرفاروق رضه اڃان نئون نئون دين اسلام ۾ داخل ٿيو هو ۽ اها منزل اڃا نه ماڻي هئائون تڏهن جڏهن رسول الله ﷺ جن جنگ بدر جي مقتولن کي خطاب فرمايو هو ته حضرت عمر رضه عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ مقتولين اوهان جو خطاب ڪيئن ٻڌندا ۽ پاڻ ڪريمن کين فرمايو هو ته هو اسان جو خطاب اهڙي طرح ٻڌي رهيا آهن جهڙي طرح اوهان ٻڌي رهيا آهيو. عبدالرحيم رحه به اهڙو ئي مرشد اڳيان اظهار ڪيو ته قبله فرضن جي ادا ڪرڻ ۾طريقت تي هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي يعني شريعت جو اتباع شايد ايترو ضروري نه آهي جنهن تي خواجه صاحب کيس مسڪرائي جواب ڏنو ته اڃان مُلن وارامناظرا نٿو ڇڏين! ان وقت پاڻ وضو ساري رهيا هئا. وضو ساريندي وضوءَ جو ڇنڊو مٿس اڇلايائون يعني ڏانهن وضوءَ واري هٿ جو اشارو ڪيائون.ته عبدالرحيم رحه اتيئي غش ٿي ڪري پيو ۽ ٻئي ڏينهن تائين انهيءَ جاءِ تي بيهوش پيو رهيو. ٻئي ڏينهن وچينءَ جي مهل فقيرن گڏجي مٿس اچي بيٺا جو فقيرن عرض ڪيو ته قبله عبدالرحيم اڃاتائين غش ٿيو انهيءَ جاءِ پيو آهي. کيس هوشيار ڪندي چيائون ته مڱريا فقير اسان ته باوجود پيريءَ جي وچين نماز ديرسوير پيا پڙهون. پر تون ڪيترائي وقت قضا ڪري چڪو آهين. عبدالرحيم مرشد جو گفتگو ٻڌي سجاڳ ٿيو ۽ سندس زبان مان هي بيت نڪتو ته:

    منهنجو ماهه مجاز پيڃاري جئن پڃيو،
    ورد وظيفا وسريا،نڪا رهي نماز،
    هينئڙو مجري باز، چوري ڪيو چنبن ۾.

    ان بعد مرشد کين وطن ڏي موٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. پان اچي ميرپور ۾ رهيو. مگر ڪيتري جذب باوجود به جلالت جا الا وسامڻ جا نه هيا. ان جلال ۾ پاڻ وڻن تي چڙهيو پاڻ اتان وٺيو هيٺ ڪيرائي ۽ بار بار هي بيت سندن زبان تي جاري رهندڙ هو.
    فرزند بي بي فاطمه جا نا حق ڪسن ڪيئن،
    ويرُ وٺندي سنئينءَ پاسو پٽ نه کوڙبا
    الله اڪبر، ڪونهي تڪبر.

    ائين چئي وٺيو ڀريل ڪونئرو مٿي تي نائي ته سڄو پاڻي مٿي ۾ جذب ٿيو وڃي. هڪ ڦڙو به پاڻي جو پٽ تي نه ڪري اها خبر وڃي لنواري پهتي اتان نياپو آيو ته عبدالرحيم رحه هن وقت جلالي ڪيفيت ۾ آهي. تنهنڪري ڪو به اهڙي صورتحال ۾ وٽس ويجهو نه وڃي. مبادا ڪو نقصان ڪري وجهي. عبدالرحيم رحه جي لاءِ هي پيغام موڪليائون ته “ بهتر آهي ته هلي چليءَ تي هلو!” جڏهن هي پيغام عبدالرحيم رحه کي مليو ته پاڻ چيائون ته اسان جو ته ارادو هو ته شيطان کي ئي دنيا مان تڙي ڪڍون. جيڪو خدا جي مخلوق کي پيو خراب ڪري پرمرشد کان اجازت نه ملي ان بعد آهستي آهستي پاڻ جمالي طبيعت ۾ ايندا ويا.


    خدا آباد ۾ مناظرو:

    جيئن ته هن وقت پاڻ علماءِ حق ۾ شامل ٿي چڪان هئا. تنهنڪري کين جهڙي تهڙي فقيه جي تصنيف ڪيل ڪتابن تي اعتماد نه هوندو هو. بس پنهنجي فهم ۽ فراصت جو رسول الله ﷺ جو فرمان آهي ته
    “ ڊڄو مومن جي فراصت کان جو هو خدا جي نور سان ڏسندو آهي”
    مطابق عمل ڪندو هو جنهن ڪري ڪيترن عالمن سندس تبديع(مخالفت) ۾ فتوائون لکيون ۽ وقت جي حڪومت آڏو اصرار ڪيائون ته کين تعزير ڏنو وڃي جو هو غير شرعي ڳالهيون ٿو پکيڙي. عالمن جي انهيءَ اصرار ۽ چرچ تي وقت جي حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙي (1186کان 1189هه مطابق 1772ع کان 1775ع) عالمن ۽ شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي کي هالن جي ڀر ۾ خداآباد واري شاهي مسجد ۾ مناظري لاءِ مدعو ڪيو ويو.
    گرهوڙي صاحب وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. پر وڃڻ کان اڳ کين چوائي موڪليائين ته هو عالم جو سيد آل رسول صلعم هجي تنهن کي امين مقرر ڪيو وڃي ۽ هر هڪ سان جدا جدا مناظرو نه ڪيو ويندو بلڪه پاڻ مان هڪ عالم پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪن. اهو اسان سان مناظرو ڪري ڀلي ٻيا ان جا مددگار ٿين ۽ کيس ڪتابن مان حوالا عبارتون ڪڍي ڏيندا وڃن. عالمن سندن اهي شرط قبول ڪيا. سيد جمال شاهه گهوٽڪي* کي منصف ڪري مقرر ڪيائون.
    *سنگهار فقير جمال شاهه ”لوءِ“ وارو لکيو آهي. جنهن مان مطلب (پريالوءِ) وارو آهي. توڙي جو گهوٽڪيءَ کي به “ لوءِ صاحبان” چيو ويندو هو. مگر لوءِ صاحبان ۾ اهڙو ڪوبه جيلاني ساداتن ۾ بزرگ ٿي نه گذريو آهي. مگر جمال شاهه پريالوءِ وارو ان وقت ۾ وڏي ڪمال جو صاحب ٿي گذريو آهي. هي بزرگ مخدوم اسماعيل پريالوءِ شريف جو مرشد آهي. هي بزرگ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندو هو. هي بزرگ نقشبندي طريقي جو بزرگ هو. مخدوم اسماعيل رحه هڪ رباعي ۾ نقشبندي طريقن جي وضاحت ڪئي آهي.
    ازم مجدد الف ثاني فيض عالمگير شد
    وز جناب شاهه جهان را برکت وتاثير شد
    شيخ آدم گشت از فيض مجدد کامياب
    شيخ سعد الله از گشته منور مستطار
    زوست ايوب ولي وهم جمال الله شاهه
    زوست مخدوم بريالوئي رابقا مانند مان
    زوشد راشد خليفه از فيوخش بهرمند
    در طريقه عاليه حضرت جناب نقش بند
    **********
    دائود پوٽو صاحب لکي ٿو ته ان مناظري ۾ عالمن جو تعداد 240 هو. جن مان يارهن ڄڻا علم جي زور تي پيري مريدي جو سلسلو رکندڙ هئا. مگر بي مرشد هئا. مناظري لاءِ خاص جاءِ جو اهتمام ڪيو ويو هو. جتي شيخ الفقراء عبدالرحيم رحه گرهوڙيءَ لاءِ هڪ ڪرسي جدا رکيل هئي. گرهوڙي صاحب جڏهن خدا جي ويجهو پهتو ته هن پنهنجي رفيقن کي هي آيت ”ولا قدخلوا من باب واحد، والدخلوا من ابواب متفرقه“ امر ڪيائين ته جداجدا ٿي شهر جي مختلف دروازن کان مسجد ۾ داخل ٿين. پوءِ پاڻ اڪيلوئي اڪيلو عام رواجي فقيري لباس ۾ گودڙي ڪلهي ۾ مٿان چادر اوڍيون ان چادر سان پنهنجو سر مبارڪ ڍڪيو، توڻي جو سندس سر مبارڪ تي دستار فضيلت تُري سان ٻڌل هئي. اچي مسجد شريف ۾ داخل ٿيو. رمضان شريف جو مهينو هو. کين سخت اڃ لڳي هئي. مسجد ۾ گهڙڻ شرط پاڻي گهريائون. ويٺل عالمن کين منع ڪئي ته رمضان شريف جو مهينو آهي تنهنڪري سر عام پاڻي پيئڻ مناسب نه آهي. پاڻ کين چيائون ته مان هڪ مسافر آهيان ۽ مسافر تي پاڻي پيئڻ جي ڪابه منع ٿيل نه آهي. عالمن چيو ته برابر ٿا چئو. پوءِ به رمضان جو احترام ڪرڻ واجب آهي. اهو ٻڌي پاڻ هي آيت ڪريمان تلاوت ڪيائون:
    ومن کان مريضا او عليٰ سفر فعدة من ايام اخر
    جيڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ڀلي روزو نه رکي مگر پوءِ اوترا ڏينهن ٻيا روزا رکي روزن جو عدد پورو ڪري. ان بعد رسول الله صلعم جي هڪ حديث پڻ تلاوت ڪيائون ته: الصائم في السفر کالمنفطر في الحضره روزائتو سفر ۾ ائين آهي روزو ڇوڙيندڙ پنهنجي شهر ۾. آخر سندن ئي خادمن کين پاڻي ڀري ڏنو، جيڪو پي ان جاءِ تي ويهي رهيا.فقير سنگهار هيءَ آڻي ٿو ته پاڻ اتان هڪ قرآن شريف کڻي پٽي تي وهي رهيا. اتي ويٺل عالمن هاڻ کين سڃاتو ته گرهوڙي رحه اهو آهي. عالم سڀ اٿي بيهي رهيا ۽ منصف کي چيائون ته :
    1.اول اعتراض هي آهي ته رمضان شريف جي مهيني ۾ سر عام پاڻي واپرائڻ سراسر بدعت آهي. ان جو جواب گرهوڙي صاحب کين ڏيندي چيو ته رسول الله صلعم جن سمورن اٺن جي قافلي تي سوار اصحابن کي هيٺ لاهي انهن جي سامهون ويهي پاڻي واپرايو هو. ڇا اها به بدعت آهي.
    2. ٻيو اعتراض هي آهي ته قرآن شريف پٽ تي رکيو ويو آهي قرآن رب جو ڪلام آهي ان جو احترام لازم آهي.
    ان جو جواب گرهوڙي صاحب کين ڏيندي چيو ته ”قرآن ڪريم نبي آخر الزمان حضرت محمد صلعم تي نازل ٿيو ۽ رسول اڪرم پٽ تي هئا ۽ آخر ان زمين ۾ داخل ٿيا. پوءِ ڪهڙو گناهه ٿيو جو قرآن ڪريم پٽ تي رکيو ويو.هن جواب باثواب بعد عالمن پنهنجو اعتراض واپس ورتو ۽ ۽ کين چيائون ته اوهان مٿي ڪرسيءَ تي ٿي ويهو. اهو ٻڌي پاڻ اٿي ڪتابن جي گڏ ڪيل ڍيرمٿان چڙهي ويهي رهيا. سندن هن فعل تي وڏو گوڙ مچي ويو ته پاڻ کين جواب ۾ چيائون ته جيئن مان به هڪ ڪتاب آهيان پوءِ جيڪڏهن هڪ ڪتاب ٻين ڪتابن تي رکيو ويو ته ڪهڙو ڏوهه ٿيو؟ اهو گوڙ ٻڌي ماڻهن کي خبر پئي ته گرهوڙي صاحب شهر ۾ تشريف کڻي آيو آهي ته شهر جا اڪابر، عالم فاضل ، عاشق، امير وزير هن دلچسپ مظاهري واري مباحثي ۽ مناظري ۾ اچي شامل ٿيا.هي مناظرو ظهر نماز کان وٺي عصر نماز تائين هليو. عالم ڪتاب کولي سوال ڪندا ٿي ويا ۽ گرهوڙي رحه انهن جاشڪ شبها قرآن ڪريم ۽ حديث شريف جي رهنمائي ۾ رد ڪندا دين جو رستو سڌو ڪندا ٿي ويا. ته منصف صاحب انصاف ڪندا وڃجو. هر سوال ڪتابن مان پيا ڪن ۽ مان کين جواب قرآن ڪريم ۽ حديث شريف ۾ ويٺو ڏيان. هن وانگر اصحابن جي اجماع ۽ مجتهدن موجب ۽ ڪنهن به جهڙي تهڙي يعني غير مستند ڪنهن فقيهه جي قول کي شمار نٿو آڻيندو وڃان. آخرگهڻي ردو بدل بعد فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ هڪ هڪ ٿي ڳالهائي. ان وچ ۾ ٻيو نه ڳالهائيندو. جيڪو ڳالهائيندو ان جو رت ڪڍيو ويندو. ٻيو شرط هي وڌائون ته مون سان اهو صاحب علم بحث ڪري جيڪو مرشد وارو هجي. هن شرط ٻڌڻ تي ان مجلس جي امينيعني ”منصف” سيد جمال شاهه رحه گرهوڙي صاحب کي مخاطب ٿي چيو ته قبله! مونکي مرشد نه آهي. مون ارشاد جي نواز ٿئي(مگرپاڻ ماٺ رهيا) انهي وچ ۾هڪ عالم جيڪو اڃا طالب علم هو جهٽ ڪري اٿيو ۽ چيائين ته مخدوم محمد هاشم رحه هن طرح لکيو آهي.* گرهوڙي صاحب هيڏي هوڏي نهاريو ۽ هڪ مس ڪپڙي کڻي ڀر ڪري ان طالب علم کي هنيائون جيڪا سندس پيشانيءَ ۾ ٺڪاءُ ٿي وئي. ۽ سندس پيشانيءَ مان رت وهڻ شروع ٿي ويو پوءِ کيس چيائين ته مخدوم محمد هاشم رحه جا سڪايل وڻ اڃا ساوا نه ٿيا آهن ۽ تون پيو مخدوم محمد هاشم رحه ڪرين، جيڪڏهن ٻئي درجي ۾ دليل نٿو لڀئي ته چوٿين درجي ۾ ڳولهي پيش ڪر نه ته اجايو بيهودو نه ڳالهاءِ پهريون درجو قرآن ٻيو حديث ٽيون تابعين ۽ ڇوٿون تبع تابعين يعني مجتهدين جو قياس. سندن هن فعل تي وڏو گوڙ ٿيو. مگر اڳ مقرر ڪيل شرطن موجب کين ڪجهه به نه چئي سگهيا.اهو طالب هڪ ئي ڌڪ سان طريقت جون سڀ منزلون طئي ڪري ويو.
    پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي
    ڪانهي ڪڙائي، چڱين جي چيت ڪري
    الغرض عالمن جو هر سوال جو جواب گرهوڙي صاحب تسلي بخش نموني ڏيندو ويو. تان جو سڀ عالم عاجز اچي ماٺ ڪري ويهي رهيا. آخر ان مناظري جي منصف پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته:
    “ بدعت هن شخص جي پاسي مان به گذريل نه آهي هي ته خود قرآن ۽ حديث پاڪ جو ازلي نور آهي”
    اهڙي طرح عالمن جو منعقد ڪيل مناظرو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. سندن رٿيل رٿون سڀ لڙهي ويون ۽ سڀ ڪو هڪ هڪ ٿي اتان کسڪندو ويو. سيد جمال شاهه مٿن تمام گهڻو زور ڀريو ته کين ڪجهه سندن ذات مان عنايت ٿئي. پاڻ کين فرمايائون ته هن وقت ڪيل ارشاد اوهان لاءِ فائدي وارو نه ٿيندو. جو هن وقت مون مٿان جلال جو جوش حاوي آهي. ان جي سختي اوهان جي طبيعت سهي نه سگهندي بهتر آهي ته مڪان تي اچو ته ارشاد به ڏيان ۽ ٿانءُ به جهلڻ جو ڏيانو. ٻي صورت م اوهان جلال جي تجلي سهي نه سگهندا ۽ جلي مري ويندا. مگر جمال شاهه پوءِ به اسرار ڪندو رهيو. جڏهن کين گهڻو مجبور ڪيائون ته کين چيائون ته هڪدم پنهنجي ڳوٺ پهچو. جيئن پنهنجن وڏن جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. جمال شاهه انهيءَ دم روانو ٿيو. اڃا پريالوءِ کان فرسنگ جي مفاصلي تي ئي هو ته سندن دم پرواز ٿي ويو. سندن ساٿين آڻي سندن اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو.
    *———————————————---
    * فقير سنگهار جي روايت موجب اهو طالب مخدوم محمد هاشم رحه ٺٽوي جو پوٽو هو. جنهن جو نالو پاڻ نه ڄاڻايو اٿس. مگر اسان هت ان جو نالو درج ڪريون ٿا ته ان جو نالو مخدوم ابراهيم رحه مڏئي. مڏهڪ ڳوٺ جو نالو آهي ان ڳوٺ ۾ رهائش سبب پاڻ “ مڏئي”مشهور ٿيا. هن صاحب جو مقام ولايت تمام اعليٰ هو عام روايت آهي ته هڪ دفعي پاڻ مٽيارن ۾ مخدوم عبدالله عرف مخدوم ناري سان ملاقات ڪرڻ آيا. پاڻ گهوڙي سو سڌو اچي سندس گهر جي دروازي تي پهتا ڪنهن فقير چيو ته مخدوم ابراهيم کي خبر نه آهي ته چوڌاري ساداتن جا گهر آهن ٻئي فقير چيس اهو به ته ڏس ته گهوڙي جا سنب ڪنهنجن ڪلهن تي رکيل آهن مخدوم ابراهيم جي گهوڙي جا سنب فرشتن جي ڪلهن تي رکيل هئا.


    ٻيو ڀيرو سندن لنواري اچڻ:

    ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب هي روايت پڻ سنگهار فقير کان آندي آهي ته هڪ رات بزرگ گرهوڙيءَ خواب ۾ رسول الله صلعم جو ديدار ڪيو پاڻ ڪريمن کين فرمايو ته هڪدم لنواري وڃ جو هن خاندان ۾ خلل پوڻ جو انديشو آهي. جنهن کي تون وڃي بند ڪر. نبي پاڪ جي فرمان موجب پاڻ هڪدم لنواري شريف پهتا. ڏٺائون ته معاملوواقعي دگرگون آهي مرشد حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان هن جهان مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ۽ سندن فرزند ارجمند خواجه گل محمد رحه جنهن جي عمر مبارڪ ان وقت يارهن سالن جي مس هئي. تنهڪري سندن مامي سليمان جي چرچ تي ڪن وڏن مريدن ۽ سندن ساٿين خواجه گل محمد رحه جي سجاده نشيني تي اعتراض واريو ته هي اڃا صغير آهي. مريدن جي تربيت ڪرڻ جي اڃان قابل نه آهي. تنهنڪري خلافت جي هي وڏي عهدي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چاليهن سالن جي عمر ڪنهن فرد کي سجاده نشين مقرر ڪيو وڃي. جيئن هو خاطر خواهه نموني خلافت هلائڻ جو اهل هجي. جيئن ته اڪثر خادمين سلطان الاولياء جي ڪفن دفن ۾ مشغول هئا. پٺيان ميان سليمان مخالف ڌر جي مدد سان خواجه سلطان الاولياء جي مسند تي ”مسند نشين” ٿي ويٺو ۽ مريدکان بيعت وٺڻ لڳو. اها خبر جڏهن گرهوڙي صاحب کي ٻڌائي وئي ته پاڻ هڪدم ڌوڪيندا خانقاه ۾ آيا ۽ گوڏا ڀڃي ”ميان سليمان“ ڏي وڌڻ لڳا. سندن انهيءَ انداز مان ميان سليمان سمجهيو ته شيخ عبدالرحيم رحه به سندس مريدي حلقي ۾ اچڻ لاءِ آماده ٿيو آهي. سو نهايت خوش ٿي پير ٻاهر ڪڍي چمڻ لاءِ ڏانهن جيئن وڌايائين ته شيخ عبدالرحيم هڪدم سندس پير کان وٺي ٽنگ کان گهلي سٽ ڏئي ٻاهر کڻي اڇلايائين ۽ پاڻ صاحبزادي جي دست مبارڪ تي بيعت ڪري پوءِ کيس هنج ۾ ويهاري مسند تي ويهي ٻين کي بيعت ڪرڻ لاءِ آواز ڏنائين ته اچي بيعت ڪريو. سندس آواز تي سڀني حضرت سلطان الاولياء جي خاص خليفن مان شيخ ابو طالب، حاجي طاهر ۽ حافظ هدايت الله به بيعت ڪئي. انهن ڏيکا ڏيکي سڀني موجوده حاضرين به خواجه گل محمد رحه جو هٿ وٺي بيعت ڪئي صرف ٻه ڄڻا پوئتي هٽيا انهن اڳيان قرآن ڪريم جي هيءَ آيت تلاوت ڪيائون ته ”واٰتيناه الحکم صبيتا” (اسان حضرت يحيٰ کي دانائي بخشي جڏهن اڃا هو ٻار هو) ۽ سندس دل جا شڪ شبها دور ڪري هدايت طرف آندائون ۽ ان دليل تحت هن به حضرت خواجه گل محمد رحه جي بيعت مڃي ٻيو شخص ڪمال نالي عصار (چاڪي) هو جيڪو پنهنجي گمراهي تي قائم رهيو جيئن ته اهو ڪمال چاڪي مير بجر خان جو خاص ماڻهو هو جيڪو ڪنهن خاص مقصد تحت اتي آيل هو. مير بجر خان وٽ وڏي عزت وارو هو. گرهوڙي صاحب مناظري واري موقعي تي انهيءَ ڪمال چاڪي کي جيڪو وٽس مير بجر خان جو هڪ سنيهو کڻي آيو هو. هٿ ملائڻ وقت گرهوڙي صاحب هٿ ملائڻ بجاءِ ڏاڙهي کان جهلي هڪ ئي سٽ ۾ زمين تي ڪيرائي وڌو ۽ لتن سان هنجي خوب مرمت ڪيائين ۽ هي به لفظ چوندو پي ويس ته ان ڏينهن کان وٺي جڏهن تون اسان جي مرشد خواجه رحه جي بيعت کان انڪار ڪيو منهنجي دل ۾ تولاءِ سخت نفرت ويٺل آهي. پير ڀائي هئڻ ڪري گهڻو ئي پاڻ تي ضبط پي ڪيم ته تولاءِ پيدا ٿيل جوش ڍرو ٿئي مگر ڍرو نه ٿيو. جڏهن تون منهنجي سامهون آئين ته سواءِ ان جي ٻي ڳالهه نظر نه آيم ته توسان اها جٺ ڪيان ۽ توکي هلاڪيءَ کان بچايان جي جلال واري نظر وجهانءِ ها ته سڙي دوزخ جي عذاب ۾ هميشه لاءِ سڙندو رهين ها ۽ مرشد وٽ ڪانيارو ٿيڻو پوي ها. جيڪڏهن سوچين ۽ سمجهين ته مون توسان وڏي ڀلائي ڪئي آهي.

    ظهور خشم بزرگان تهي ز رحمت نيست
    غبار چهره گردوندليل باران است
    ( بزرگن جي ڪاوڙ رحمت کان خالي نه هوندي آهي. آسمان جي چهري تي لٺ مينهن جو دليل آهي).

    الغرض خواجه گل محمد رحه جي بيعت خير خوبي سان ٿي گذري. گرهوڙي صاحب ساندهه هڪ سال سندن خدمت ۾ رهيو.انهيءَ عرصي دوران جڏهن به خواجه گل محمد رحه “ محبوب الصمد” ڪنهن مريدي ڏي متوجهه ٿيندو هو ته عبدالرحيم رحه گرهوڙي سندن پٺيان وهندو هو ۽ توجهه وقت پنهنجي روحانيت جو پرو توو ان مريد مٿان وجهندو هو ته اهو مريد تي سحر جو ڪم ڪندو هو. سال بعد پاڻ خواجه گل محمد رحه کان رخصت وٺي پنهنجي ماڳ موٽي آيو. گرهوڙ تي اچڻ بعد پاڻ خلوت اختيار ڪيائون. کاڌو ترڪ ڪيائون . فقط ضرورت وقت واپرائيندا هئا. هر ٽئين ڏينهن مسهل (جلاب) وٺي معدو بلڪل خالي ڪري ڇڏيندا هئا. تان جو نهايت ضعيف ٿي ويا. بس هڏن جي مٺ وڃي بچيا. اڪثر خادم عرض ڪندا هئا ته ڇو پاڻ کي ايتري محنت ۾ وڌو اٿو ته پاڻ کين قرآن ڪريم جي آيت پڙهي جواب ڏيندا هئا ته : وذکرو الله في ايام معدودات (الله کي ياد ڪريم ڪن ڳاڻ ڳڻين ڏينهن ۾ ) بس مصلحت انهي ڳالهه ۾ ڏٺم. جڏهن الله طرفان امر ٿيس ۽ خلوت جا ڏينهن پوراٿيا.تڏهن غسل ڪري نئون وڳو اوڍيائون ۽ ٻاهر اچي مجلس ۾ ويٺا ۽ دهلاري کي سڏي حڪم ڏنائون ته شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ ۽ هي پڙهو وڃي گهماءِ ته ”جيڪو اڄ منهنجي بيعت ڪندو ته سڀاڻي( قيامت جي ڏهاڙي) آءٌ سندس دوزخ دوريءَ جو ضامن ٿيندس“ سڄو ڏينهن منادي ڦري مگر ڪوبه وٽس بيعت لاءِ نه آيو سواءِ هڪ مجذوب فقير “بخشو شامو” نالي جيڪو اڳ ئي هڪ مجذوب جو رنڱيل هو.
    هڪ مريد شيخ فتح محد بيطار نالي جي روايت اچي ٿي ته اڃابالغ ئي مس ٿيو هو، ته پنهنجن رفيقن سان سامان جا اٺ ڀرائي شهدادپور کان ميرپور خاص پي ويو. شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي جي اچڻ جو غوغاءُ ٻڌي، دل ۾ خيال ڪيائين ته مان به وڃي سندس ديدار ڪيان. پر دوستن جهليس ته متان وڃين سخت ڪاوڙيل آهي ماڻهن کي ماريندي دير ئي نٿو ڪري اهو ٻڌي دوستن کي چيائين ته مان سندس ويجهو نه ويندس بس پري کان سندس ديدار ڪري موٽي ايندس. ويندي مهل دوستن جو چتاءُ دماغ ۾ پي ڦريس سو هڪ گهر جي پٺين ڀت جي هڪ سوراخ مان وڃي ديدار ڪيائين. جيئن اهو ازلي طور گرهوڙيءَ وٽ مريدي حلقي ۾ داخل هو. تنهنڪري گرهوڙي صاحب ڪشف ذريعي سڀ ڪجهه معلوم ڪري ورتو هو. تنهنڪري پاڻ به ان سوراخ ڏي توجهه ڪيو ويٺو هو. فتح محمد جو ان سوارخ مان ڏسڻ شرط پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته وڃو پڪڙي وٺي اچوس. جڏهن کيس پڪڙي وٺي آيا ته کين چيائون ته هاڻي ڇڏي ڏيوس. خادمن چيو ته سائين! هڪ دفعي ويو ته وري هٿ نه ايندو. پاڻ انهن کي چيائون ته ”هاڻ ڀڄڻ هن جو محال آهي هاڻ ته سندس هڏا به هت پراڻا ٿيندا“. فقير جو هي سخن فتح محمد جي دل ۾ اهڙو ته گهر ڪري ويو جو دنيا ماصواع ڇڏي سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ وڏي روحاني رتبي کي پهتو. ايسيتائين جو چوندو هو ته “ رب جي ذات جو حضور مون کي هر وقت حاصل آهي.” هڪ اک ڇنڀ جو لمحو به مون کان پري نه آهي. اهڙو صاحب ڪمال جو هو ڇو نه ٿئي جو سندس مرشد به اهڙي ڪمال جو صاحب هو. بزرگان دين کان روايت آهي ته مڱريو ڪري الله الله ۽ الله جي ڪري مڱريو مڱريو!”
    مرغوب الاحباب جو مولف هڪ روايت آڻي ٿو ته سندس ڏاڏي جو ڀاءُ ابوالحسن غازي جيڪو وڏي خواجه سلطان الاولياء جو مريد هو. ان جڏهن اهو ٻڌو هو ته شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي شريف ۾ وارد ٿي ويو آهي ته وٽس زيارت لاءِ ويو.ته ڏٺائين ته عبدالرحيم رليءَ ۾ ويڙهيو تونئري(تڏي) تي ستو پيو آهي ۽ ماڻهو چوڌاري مراقبي ۾ ويٺا آهن. هو چوي ٿو ته مون دل ۾ خيال ڪيو ته وڏي خواجه حضرت سلطان الاولياء جو به شان ڏٺم. مگر هي رنگ ڇا پيو ڏسان؟ قوم جي رهبر کي ته قدري تجمل ۾ هجڻ گهرجي. اهو خيال دل ۾ اچڻ ٿيو ته پاڻ هڪدم مون ڏانهن نظر ڪري هي بيت پڙهيائون:

    مکن عيب درويش مدهوش مست
    که غرق ست زان مي زند پاو دست
    (مدهوش ۽ مست درويش مان عيب نه ڪڍ جو هو غرق آهي. انهي ڪري هٿ پير هڻي رهيو آهي)


    ميرن کي سنڌ جي بادشاهي وٺي ڏيڻ:

    شيخ عبدالرحيم گرهوڙي رحه پنهنجي وقت جو مهدي (مجتهد) هو. جيڪو هڪ هزار سالن بعد پيدا ٿيندو آهي. تنهنڪري سندس ايامڪاريءَ ۾ ملڪن جي دورن يعني حڪمرانين جي ردوبدل ٿيندي آهي. سندن شروع جي دور ۾ ڪلهوڙا سنڌ جا بادشاهه هئا. جيڪي بادشاهيءَ سان گڏ پيري مريدي جو ڌنڌو به هلائيندا هئا.ٽالپور يا مير خراسان واري دور کا وٺي ڪلهوڙن جا مريد هئا ۽ مٿن وڏو يقين رکندا هئا. جڏهن ڪلهوڙا سنڌ جا حڪمران ٿيا ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ميرن کي خراسان مان گهرائي پنهنجي لشڪر ۾ کين وڏن عهدن تي فائز ڪيائون. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دور ۾ ميرن جو وڏو مير بهرام خان ولد مير شهداد خان هو. هن مير، ڪلهوڙا خاندان جون وڏيون خدمتون ڪيون. ۽ ساڻن وڏيون وفاداريون ڪيون. ليڪن ميان سرفراز جي درٻار جي هڪ شرير امير راڄو ليکي جي چرچ تي ميان سرفراز مير بهرام خان کان سڱ جي گهر ڪئي.جنهن تي هن انڪار ڪيو ته ميان سرفراز مير بهرام خان ۽ سندس ڀاءُ مير صوبدار خان کي دغا سان درٻار ۾ گهرائي مارائي ڇڏيو. ان وقت ۾ مير بهرام خان جو وڏو پٽ مير بجار خان حج تي ويل هو.جنهن کي اتي ڪلهوڙن ڪيل هن دردناڪ واقعي کان آگاهه ڪيو ويو. جيسيتائين مير بجار خان سنڌ موٽي انهيءَ وچ ۾ عزيز مير فتح خان بلوچ سپاهين جي مدد سان حيدرآباد جي قلعي کي وڃي گهيرو ڪيو. ميان سرفراز بلوچن جي بغاوت کان ڊڄي ٻي واهه نه ڏسي راتوواهه ٻيڙيون ڪري نڪتو ۽ وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتائين. مير فتح خان ميان سرفراز جي جاءِ تي سندس ڀاءُ محمود خان کي تخت تي ويهاريو.اتي چند سپاهي ڇڏي پاڻ هڪدم حيدرآباد ڏي روانو ٿيو. مير فتح خان جي پيش قدمي جي خبر ٻڌي ۽ مير بجار خان جي انتقامي خوف کان ميان سرفراز ڪلهوڙي جا ڪيترا مکيه سردار ۽ اميرجهڙوڪ راڄو ليکو ۽ الله بخش جهنجهڻ ميان جو طرف ڇڏي اچي ميرن سان شامل ٿيا. سڀني گڏجي حيدرآباد جي قلعي کي گهيرو ڪيو. هفتي کن جي گهيري ۾ قلعو فتح ٿي ويو ۽ سڀ منجهس گهري پيا. ميان سرفراز پوءِ ته گهڻو پڇتايو ۽ وفادار ميرن جي قتل تي افسوس جا ڳوڙها ڳاڙيائين. مگرسندس بخت پٺيرو ٿي چڪو هو. سندس پڇتائڻ مان کيس ڪوبه فائدونه پهتو. پاڻ خزاني جون چاٻيون مير فتح خان جي حوالي ڪرڻ چاهيائين. پر هن چاٻيون وٺڻ کان انڪار ڪيو. ميان سرفراز خان کي چيائين ته مير بجار اسان جو وڏو آهي. اهو اچي انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪندو ۽ دشمن کي جوڳي سزا ڏيندو. مون کي اهڙو به ڪو اختيار نه آهي. مون ته صرف پنهنجي اندر جي آڳ کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
    راڄي ليکي کي ته اهڙو سونهري موقعو گهربو هو. هن هڪدم ڪنجيون پنهنجي هٿ وس ڪيون. ۽ قلعي جي سنڀال پنهنجي پٽ تاجو ليکي جي هٿ هيٺ ڏنائين. جيئن ئي کيس خزانو هٿ چڙهيو. هن دل کولي ان کي خرچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ميربجار خان جي مقابلي جي تياري ڪرڻ لڳو. ميرن جي خاص سردارن الله بخش جهنجهڻ ، پيروز پتافي ۽ کوسن جي سردار کي پنهنجي پاسي ڪيائين. مير فتح خان راڄي جي انهيءَ ڪاروائيءَ کي ڏسي حيدرآباد کان هٽي وڃي شهدادپور ۾ پنهنجي ڇانوڻي هنئين. مير فتح خان جي هئڻ سان راڄي ليکي مير فتح خان جي ٿاڦيل حڪمران کي تخت تان لاهي. ميان غلام نبي خان کي پڳ ٻڌائي. (1189ع مطابق 1775ع) ميان غلام نبي خان توڻي جو پاڻ چڱو مڙس هو. مگر لاچار حريفن سان ٺاهه ڪرڻو پيس. ايتري ۾ مير بجار خان جي اچڻ جا به هل پئجي ويا. راڄي ليکي مقابلي جو ست نه ساريندي خوف وچان زهر کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو ۽ سڄو ڪاروبار کانئس به وڌ سندس شرير پٽ تاجو ليکي جي هٿن ۾ اچي ويو.
    هوڏانهن مير بجار خان حج کان موٽ کائي خدا آباد جي ويجهو پهتو ته سندس پٽ عبدالله خان ۽ صوبدا خان جا چار صغير پٽ ماتم ڪندا اچي کيس مليا. مير بجار خان ٻه ڏينهن سفر جو ٿڪ ڀڃي ڪم جي شروعات ڪئي. سنڌ جي سردارن ۽ چڱن مڙسن ڏي راڄي ليکي ۽ سندس پٽ تاجو ليکي جي ظلمن بابت کين خط لکي آگاهه ڪيائين . جنهن جي نتيجي ۾ گهڻائي ماڻهو اچي ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿيا. انهيءَ دوران مير بجار خان دل ۾ خيال ڪيو ته ميان غلام نبي خان به وچ لهي ڏسجي. پرجيئن ته هوپنهنجن خود غرض سردارن جي هٿن ۾ کينهونءَ مثل پي کيڏيو. تنهنڪري هن مير صاحب طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو. بلڪه پنهنجو مال اسباب کڻي وڃي عمر ڪوٽ کان نڪتو ۽ کوسن کي قلعي مان ڪڍي قلعو والاري ويهي رهيو. پر ستت ئي الله بخش جهنجهڻ جي حرفت سان اهو قلعو ڇڏڻو پئجي ويس. الله بخش جهنجهڻ اتي پنهنجا ٻه هزار سپاهي قلعي جي حفاظت لاءِ مقررڪيا. مير بجار کي جڏهن انهي کيڏ جي خبر پئي ته ڪيئن ميان غلام نبي خان کي قلعي مان ڪڍيو ويو. ته ٻه مهينا جنگي تيارين ڪرڻ بعد مير بجار خان تاجو ليکي کي چوائي موڪليو ته اچ ته پاڻ کلي ميدان ۾ مقابلو ڪريون. تاجو ليکي کي پنهنجي فوج جي اڪثريت تي گهمنڊ هو، تنهنڪري سردارن جي صلح جي صلح کي ريٽي مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ ٽيهه هزار لشڪر سان مير بجار خان جي سامهون ٿيو. مير بجار وٽ ان وقت صرف ڇهه هزار سرويچ سپاهي هئا. ٻئي لشڪر لانياري (تعلقي شهدادپور ويجهو) وٽ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا. وڏي خون ريز لڙائي لڳي. جنهن ۾ پروز پتافي مارجي ويو. ميان غلام نبي جڏهن ڏٺو ته سندس سردار هڪ ٻئي پٺيان مارجي رهيا آهن . تڏهن پنهنجن خاص خدمتگارن هٿان مير بجار خان ڏي قرآن شريف جي ميڙ ڏياري موڪليائين ۽ هي پيغام به ته ”مون کي هنن پاپين جي چنبي کان ڇڏاءِ“ تاجو ليکي کي جڏهن اها کڻڪ پئي ته هن هڪدم ميان غلام نبيءَ کي پنهنجن ماڻهن هٿان مارائي ڇڏيو ۽ پاڻ لشڪر سان ٻيڙين ۾ چڙهي شاهه ڳڙهه روانو ٿي ويو. هي واقعو 1190هه ۾ ٿي گذريو.
    مگر مرغوب الاحباب هن واقعي ۾ هيءَ روات به درج ڪري ٿو ته جڏهن مير بجار خان ڪلهوڙن سان لڙائيءَ جو ارادو ڪيو، ته شيخ عبدالرحيم رحه جي خدمت ۾ هلي ويو هو ۽ کانئس دعا گهرائي هئائين. گرهوڙي صاحب کيس فرمايو ته اوهان جي فتح ڪجهه شرطن تي منحصر آهي. جيڪڏهن اهي شرط پشت به پشت پيش ڪياوينداته سنڌ تي اوهان جي بادشاهي قائم رهندي نه ته صرف 60 ورهيه چيو وڃي ٿو ته ان ۾ پهريون شرط اهو هو ته اوهان بادشاهي شريعت محمدي مطابق هلائيندا. دين جي آسودگيءَ جو خيال رکندا. بدعت جي پاڙ پٽيندا ۽ باغي ڪافرن کي نيست و نابود ڪندا.الغرض ميرن جي رضامنديءَ سان عهد نامي تي مهرون هنيون ويون.ان وقت مير بجار خان کي سندس مقرر ڪيل خابرو ڪن ۾ اچي چيو ته دشمن جو پنجاهه هزار لشڪر پيروز پتافي جي اڳواڻيءَ هيٺ ويجهو اچي پهتو آهي. پيروز پتافي هڪ ظالم ۽ سرڪش سردارآهي.ان وقت مير بجارخان وٽ صرف ڇهه هزار لشڪر هو. جنهن ڪري سندس منهن مان پريشانيءَ جا آثار نظر اچڻ لڳا. گرهوڙي صاحب کي هن پريشان ڏسي چيو ته تون فڪر نه ڪر. هي ته پنجاهه هزارجو لشڪر آهي، پر جيڪڏهن پنجاه لک جو به لشڪر هوندو پوءِ به سوڀ تنهنجي آهي. انهيءَ دم گرهوڙي صاحب مير جي هڪ سپاهيءَ جي ڏاڙهي کان جهلي ير کي چيو ته هي اٿو سسي پيروز پتافي جي... اچي وٺ! پوءِ فرسنگ مير ۽ ان جي لشڪر سان گڏجي ويو ۽ موڪلائيندي چادر جو ٽڪر ڪاٺي ۾ ٻڌي چيائين ته هي آهي جهنڊو اسلام جو. پوءِ مير کي ڏيندي چيائين ته ”آئون دعا جو لشڪر آهيان، هاڻ اوهان ڀلي اڳتي وڌو.“ پوءِ پاڻ پوئتي هٽي جنگ جو نظارو ڪرڻ لڳو ڪنهن وقت اٿيو ۽ پنهنجي جاءِ کي پنهنجي هٿن سان ٻهاري ڏئي. ڪلهي تي مشڪ پاڻيءَ جي کڻي ڇڻڪار ڪيائين پوءِ ادب جا گوڏا ڀڃي اتي ويهي رهيو ۽ ماڻهن کي چيائين ته ڪوبه ليڪي اندر نه اچي ٿوري دير بعد رکي مٿو مٿي کنيائين ۽ چيائين ته ٻئي امام سڳورا منهنجي سڏ تي آيا هئا. هينئر سوڀ جي مبارڪ ڏئي اٿيا آهن . بس اها ئي گهڙي مير بجار خان جو قاصد فتحيابي جي خوشخبري کڻي آيو ۽ هيءَ خبر پڻ آندائين ته جنهن سپاهي جي ڏاڙهي حضرت شيخ پڪڙي هئي انهيءَ ئي پيروز پتافي جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. اهو ٻڌي گرهوڙي صاحب الله تعاليٰ جو شڪر بجا آندو ۽ شڪر جو سجدو ڪيائين ۽ هن سوڀ کي اسلام جي فتح ڪري سڏيائين.
    ڊاڪٽر دائود پوٽي وري سنگهار فقير کان هي روايت آندي آهي ته جڏهن مير بهرام خان ۽ سندس پٽ مير صوبدار خان کي ميان سرفراز درٻار ۾ گهرائي مارائي ڇڏيو. تڏهن ان حادثي جي خبر مير بجار خان کي حرمين شريفين موڪلي وئي. مير بجار خان کي سخت صدمو پهتو دل ۾ خيال ڪيائين انهيءَ درد جي دانهن کڻي مديني جي مير اڳيان عرض رکان ته اهو ڪو غور ڪري . بس انهيءَ ظلم جو داستان کڻي وڃي روضي پاڪ اڳيان روڄ راڙو ڪيائين. سندس آهه و زاري هڻي هنڌ ڪيو، رات جو خواب ۾ مديني جي مير جو ديدار ڪيائين. جن فرمايس ته سنڌ ۾ ”مهدي“ ويٺو اٿئي وڃي سندس دامن جهل ته ماڳهين سنڌ اوهان کي وٺي ڏئي هن هيٺين بيت ۾ بزرگ گرهوڙي رحه پنهنجي مهدي هجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي ته:

    پاڳون پٽن سنديون گل ڦل گجراتا
    آباد آديسين جا واحد وڃايا
    گڙو گودڙين جا خالق خوار ڪيا
    پيون تلڪن ٽوپيون ٿيا ملا مردودا.
    نا مڪو ناهه مدينو، نڪو عرفانه
    آهم آس اها ته سيف سٽيندس ڪل تي
    آهم آس اها ته مهدي ٿيندس ملڪ جو.

    مرغوب الاحباب جو صاحب هڪ ٻي روايت پڻ آڻي ٿو جيڪا هن دعويٰ جي مزيد تائيد ڪري ٿي. جيڪا هن ابيات سنڌي ۾ مذڪور ڪئي آهي.
    “ چنانکه مهدي موعود شيخ عبدالرحيم در شرح بيت شصت و فهم از ابيات سندهي آورده است ان کمال الانسان في مراقب القرب”
    سنڌ ۾ موٽي اچڻ بعد مير بجار خان گهڻن ي فقيرن جا دروازا کڙڪايا مگر سندس مطلب حاصل نه ٿيو. آخرڪار فقيرن تي پنڌ ڪندي اچي گرهوڙي صاحب جي آستاني تي پهتو ۽ هن فقير تن درويش جو دامن جهلي کيس عرض ڪرڻ تي هو ته گرهوڙي صاحب هن جي چوڻ کان اڳ ئي هن کي چيو ته ڪاڻا!ٰ متان مديني جي نشاني ڏين! اهو اهڃاڻ ٻڌي مير بجار رڙ ڪري چيو ته قبلا! هائو اهو ٻڌي مير کي چيائون ته اسان تنهنجو هينئر ئي ٿا فيصلو ڪريون. اسان ٿا ڪريون ڪُهڙ (ڪڙٻ) تون وڃي ڏي باهه مير صاحب کي اعتبار نه آيو. پاڻ وري کيس واضح ڪندي چيائون ته “ تون آهين ڏاٽو ۽ هو(ڪلهوڙا) آهن گاهه وڃي لڻين” تڏهن به مير صاحب نه مڃيو ۽ عرض ڪيائين ته قبله! آءٌ اڪيلو ڪونه ويندس. مهرباني فرمائي مون سان گڏجي هلو. نيٺ ٿوري دير بعد پاڻ مير بجار خان سان گڏجي هليا. ان وقت مير بجار خان وٽ صرف ڇهه هزار سپاهي هئا. جن مان ڪيترن کي ته بندوقون به ڪونه هيون. ٽنڊي الهيار وٽ منزل ڪيائون. ڪلهوڙن کي اطلاع ڏياري موڪليائون. اهڙي طرح ملڻ تي ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي ڏاڍي کل آئي. هن پيروز پتافيءَ جي هٿ هيٺ هڪ هزار گهوڙي سوار ۽ توبخانو هنن جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو. ميرن جي لشڪر کي جڏهن اها خبر پئي ته هو ڀڄڻ جون گهٽيون ڳولڻ لڳا. گرهوڙي صاحب اڳيان پنهنجي دل جو حال اوريو ته پيروز پتافي وڏو ظالم سردار آهي. اسان جي هن سان پڄڻ جي واهه نه آهي. سندن اهوحال ٻڌڻ سان پاڻ يڪدم اٿي ڀرسان بيٺل ٻروچ جي ڏاڙهي هٿ ۾ جهلي ڏاڍا لوڏا ڏئي فرمايو ته پيروزپتافيءَ جي ڏاڙهي منهنجي هٿ ۾ آهي. توهان ڇو بي همت ٿياآهيو؟ مير بجار اهي لفظ ٻڌي وهٽ اتي ڇڏي اڳتي وڌي وڃي هڪ ڇن ۾ لڪي ويٺو. دشمن سمجهيو ته مير جو لشڪر شايد اڃان اڳڀرو آهي. اهو سوچي هو اڳتي وڌاندا ويا جڏهن اچي ميرن جي لشڪر جي روبرو ٿيا. تڏهن گرهوڙي صاحب کين بندوقن هلائڻ جو حڪم ڏنو ۽ سندن زبان مبارڪ تي هي بيت هو:

    بجر ڪاڻا وڃي وجهينس گهاڻا
    نه ڇٽندس توپون نه لڀندس راڻا

    اوچتو بندوقون ڇٽڻ تي ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پئي. ۽ اهو ٻروچ جنهن کي گرهوڙي صاحب ڏاڙهي کان وٺي لوڏا ڏنا هئا. تنهن پيروز پتافي کي قتل ڪري سندس سسي آڻي مير جي اڳيان رکي. ۽ ڪلهوڙن وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي ۽ خدا آباد جو تخت گاهه ميرن جي هٿ آيو. ڪلهوڙا ڪجهه وقت حيدرآباد جي قلعي جي اندر بند رهيا. آخر غلام نبي ڪلهوڙي کي موسيٰ کٽياڻ جي ڳوٺ وٽ ماريو ويو. ان بعد ڪلهوڙا جوڌپور طرف لڏي ويا. جتي اڃا به سندن نسل موجود آهي.
    اهڙي طرح جڏهن ميرن کي سنڌ جي صاحبي ملي تڏهن گرهوڙي صاحب کين ڪي شرط لکي ڏنا. انهن ۾ اهم شرط هي هو ته جيڪڏهن اها شريعت محمدي موجب حڪومت هلائي تا قيامت اوهان جي حڪمراني هوندي. جي نه ته صرف 60 ورهيه. پويان مير جيئن ته اهل تشيع طرف مڙي ويا. تنهنڪري سندن بادشاهت سٺ ورهيه کانپوءِ ختم ٿي وئي.


    گرهوڙ کي پنهنجو آخري آستانو ٺاهڻ:

    لانباريءَ جي لڙائي 1190هه بعد پاڻ گرهوڙ ۾ لڏي گهر اچي ويٺا. سندس گرهوڙ شريف طرف ڪوچ ڪري وڃڻ جو سبب سنگهار فقير جي ڪيل روايت مان هن طرح ملي ٿو ته:
    جيئن ته شيخ عبدالرحيم رحه وڏي ڪاني ڪرامت جو صاحب هو، تنهنڪري مٿس مائٽن(غالبا چانهين) مٿس زور ڀريو ته کين راجا کان سندس پرورش لاءِ مليل جاگيرون واپس وٺرائي ڏئي. پهرين ته پاڻ انهيءَ ڳالهه کان صاف انڪار ڪيائون مگر سموري فقرآء ۽ سندن والده جي زور ڀرڻ تي جيسلمير ڏانهن هلڻ جو قصد ڪيائون . جڏهن گرهوڙ وٽان انهي هنڌان اچي لنگهيا ، جتي هن وقت زيارتي تبرڪ طور خاڪ جي چپٽي کڻندا آهن جو چيو وڃي ٿو ته هن جاءِ گرهوڙي صاحب جن عبادت ڪئي آهي ۽ ڏها رکيا آهن . هن وقت ان جاءِ جي چوڌاري ڀت ڏنل آهي.
    جڏهن انهيءَ جاءِ پهتا ته پري کان هڪڙو سفيد ريش نوراني شڪل پير مرد ايندو ڏٺائون . جنهن کي ڏسي پاڻ اٺ تان لهي پيا. پير مرد ويجهو اچي کين چيو ته : جڏهن خداوند ڪريم ڀونءِ پکيڙي تڏهن حضرت رسول ڪريم صلعم جن مديني منور واري زمين مان هڪ ٽڪرو ڪڍي هن هنڌ رکيو ۽ مون کي امر ڪيائون ته تون هتي ويهي رهه جڏهن شيخ عبدالرحيم رحه اتي اچي تڏهن هي زمين جو ٽڪر سندس حوالي ڪري جيڏانهن وڻئي تيڏانهن هليو وڃج. اوهان جي صورت مبارڪ مون کي ڏيکاري ڇڏي هئائون. هاڻ توهان اچي ويا آهيو سو پنهنجي امانت مون کا وٺو ته آئون پنهنجي ماڳ وڃان. اهو ٻڌي پاڻ هڪدم فاصلي سميت منزل ڪيائون. ۽ اڳتي وڃڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون. ۽ پنهنجي اهل اتي گهرائي ورتائون.
    ان وقت گرهوڙ ۾ پلي قوم جو هڪ وڏو قبيلو رهندو هو. جن جو مرشد محمد شاهه نالي وڏي امانت جو صاهب هو. شيخ عبدالرحيم رحه وٽ ماڻهن جي رجوعات ڏسي سندس اندر ۾ شيخ عبدالرحيم رحه لاءِ ساڙو جاڳيو ته متان سندس ماڻهو به هن جا نه وڃي مريد ٿين.آخر هڪ ڏينهن شيخ عبدالرحيم رحه وٽ لنگهي ويو ۽ کيس چيائين ته هتان هليو وڃ نه ته تنهنجي لاءِ چڱائي نه ٿيندي. شيخ عبدالرحيم رحه جواب ۾ چيس ته مان توهان جي پٺ آهيان. توهان مون مان ارهو نه ٿيڻ گهرجي. مگر سيد محمد شاهه جواب ۾ چيس ته ٻه شينهن ٻيلي ۾ اڪثر نه ٺهندا آهن. تنهن ڪري بهتر آهي ته توهان هتان هليا وڃو.نه ته ٻي صورت ۾ مان اوهان کي ڪرامت جي زور تي ڪڍي ڇڏيندس. گرهوڙي صاحب کيس جواب ۾ چيو ته اوهان جي مرضي مگرمان هتان نه چرندس! هن کتي جواب ملڻ تي سيد محمد شاهه ڪاوڙجي روانو ٿي ويو ۽ وڃڻ سان وڃي ڏهي ۾ ويٺو. هڪ رات هن پاڻ کي حضور صلعم جي ڪچهريءَ ۾ ويٺي ڏٺو. جتي وڏا بزرگ حاضر هئا. ان وقت اتي هڪ شخص ڪاغذ کڻي آيو جنهن تي حضور صلعم جي اڳيان ويهي ٽي مهرون ان ڪاغذ تي هڻي ڪاغذ کنيو هليو ويو. اتي محمد شاهه پاڻ ڪريمن کان پڇيو ته آقا! اهو ڪير هو؟جيڪو مجلس ۾ وهڻ بجاءِ اوهان جي اڳيان رکيل مهر کڻي هڻي ڪاغذ کنيو هليو ويو. پاڻ ڪريمن صلعم جواب ۾ چيس ته محمد شاهه! هي اهو شخص آهي جنهن کي تڙڻ لاءِ تون ڏهو ڪڍيو ويٺو آهين. محمد شاهه! هڪدم توبه ڪئي ۽ چيائين ته مان خود اها جوءِ ڇڏيو هليو ويندس. مگر مون کي هن ڳالهه جي آگاهي ڏيو ته هي ٽي مهرون ڇا جون هڻي کڻي ويو. پاڻ ڪريمن فرمايس ته تنهنجي لاءِانهيءَ ۾ ڪابه ڳالهه نه آهي.
    1. پهرين مهر ــ هن ڳالهه جي اجازت هئي ته پٿورو اصل مسلمان هو. مگر هن جي وفات بعد هندن کيس هندو سمجهي مٿس ڏيوري ٺاهي ڇڏي آهي. ان کي ڊاهي قبر ٺاهڻ ۽ ٻانگ صلوات جي اجازت ورتل هئي.
    2. ٻي مهر ــ ٿر ۾ ٻن وڻن جا ٿڙ آهن جن جي وچان ماڻهو اُڪاري حرامي ۽ حلالي جي پرک ورتي ويندي آهي. انهن ٻنهي وڻن جي ڪپڻ جي اجازت ورتائون.
    3. ٽئين مهر ــ خيرپور رياست جي ٿر ڀاڱي ۾ ڪافر “ مهاڏيو” هڪ مڙهي جوڙي آهي. جنهن ۾ ويهي خرابيءَ جا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مسلمانن جي دين ۾ رخنو وجهي رهيو آهي. انهي مڙهي جا ڊاهڻ جي اجازت ورتائون.
    محمد شاهه پنهنجي ڀيڻي ڀر نه ڏسي ڏهو پورو ڪري گرهوڙ مان لڏو کنيو هليو ويو پويان پنهنجن مريدن کي پڻ هدايت ڪندو ويو ته اهي به گرهوڙ مان ٽپڙ کڻي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهن.


    بزرگ گرهوڙي رحه جي مٿين ٽن ديني مقدمن جو تفصيلي احوال:

    پهريون ديني مقدمو:
    پير پٿوري جي ڏيوري ڊهرائي مٿس قبو ٺهرايائون ۽ مٿس ٻانگ ڏيارايائون جڏهن پير پٿوري جو ميلو لڳندو هو ان وقت ۾ گرهوڙي صاهب جي طرفان هڪ ماڻهو مقرر ٿيل هو. جيڪو ان موقعي تي اچي قبر تي ٻانگ به ڏيندو هو ۽ ماڻهن کي ان حقيقت کان آگاهي به ڏيندو هو. پٿورو هندو نه آهي مگر هو هڪ سچو مسلمان آهي. سندس مينگهواڙ مردن هن کي هندو هُلائي ڇڏيو هو. جڏهن ته پٿورو اصل ۾ خواجه غوث بهاءُ الحق ذڪريا ملتاني جو مريد هو. هي بزرگ ستين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي. وڏي ڪمال جو صاحب هو. هر سال ٻڊي جي مهيني پهرين تاريخ مٿس وڏو ميلو لڳندو آهي.

    ٻيو ديني مقدمو:
    ٽنڊي جان محمد جي ويجهو ٻه شيطاني ٿڙ هئا جن ۾ جادوگر رهندا هئا. اهي خبرون گرهوڙي صاحب کي به پيون. پاڻ به ماڻهو انهن شيطاني ٿڙن کي وڍڻ لاءِ تيار ڪيائون. ۽ کين هدايت ڪيائون ته مان ٿو انهن جادوگرن جي ننڊ ٻڌان. اوهان وڃي اهي ٿڙ وڍيو پر ڏسجو انهن ٿڙن جي اندران ٻه نانگ نڪرندا. انهن کي هڪدم اتي جو اتي ماري ڇڏجو. هي شيطاني ڪم هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو جي اوهان نانگ نه ماريا ته پوءِ انهيءَ جاءِ تي ميلو پيو لڳندو رهندو. ان بعد آخري هدايت ڪندي چيائين ته جيڪڏهن ٻئي جادوگر جاڳي پون ته اوهان وٺي ڀڄجو نه ته اوهان جي جان کي جوکو ٿيندو. پر اوهان ڪوبه ڊپ نه ڪجو. مان زمين تنگ ڪري اوهان کي کڻي وٺندس. اهڙي طرح گرهوڙي صاحب جا ٻئي تيار ڪيل ماڻهو اتي پهتا ۽ حڪم موجب هڪ ٿڙ وڍيائون ته ان مان به نانگ نڪري ڀڄڻ لڳو جنهن کي اتي ماري وڌائون. وري ٻيو ٿڙ وڍيائون ته ان مان به نانگ نڪري ڀڄڻ لڳو ان کي به مارڻ تي وريا ته پٺيان جادوگرجاڳي پيا. گرهوڙي صاحب جا ماڻهو وٺي ڀڳا ۽ اچي گرهوڙ کان نڪتا. نانگ هنن جي مارڻ کان بچي ويو. جنهنڪري ان جاءِ تي اڃا تائين ميلو لڳندو اچي جنهن کي آمريءَ جو ميلو سڏيو ويندو آهي.


    ٽيون ڪارنامون:

    گرهوڙي صاحب جو ٽيون ڪارنامو “مهاڏيو” جي مڙهي ڀور ڀور ڪرڻ هو جنهن ۾ پاڻ شهادت جو پيالو به پيتائون. هن واقعي جو مفصل احوال مرغوب الاحباب جي مصنف کان ۽ سنگهار فقير جي روايت کان ملي ٿو.
    جيئن ته ميرن کي حڪومت گرهوڙي صاحب جي ڪمال روحاني طاقت سبب ملي هئي.تنهنڪري سڀ مير سندس وڏي مرادوندي رکندا هئا. خاص طور مير بجار خان گرهوڙي صاحب جي وڏي مراد رکندو هو. توڻي جو طبيت ۾ گستاخ به هوندو هو. هڪ دفعي گرهوڙي صاحب سان گڏ ميربجار خان سندس وزير مارو ٿيٻو جيڪو گرهوڙي صاحب جو مريد پڻ هو. گڏ ويٺي ماني کاڌي جڏهن کاڌو کائي فارغ ٿيا تڏهين ڳالهين ڪندي مير بجار خان گرهوڙي صاحب کان پڇيو ته قبله توهان ٻڌائي سگهندا ته منهنجو موت ڪيئن ٿيندو. گرهوڙي صاحب کيس فرمايو ته اوڀر کان ٻه بگهڙ ايندا جيڪي اچي تنهنجو پيٽ ڦاڙيندا ٿيو به ائين (جوڌپور کان ٻه راجپوت آيا جن ٻنهي خنجر هڻي مير کي ماري وڌو) وري مير حجاب لاهي گرهوڙي صاحب کان پڇيو ته ڀلا ٻڌايو ته اوهان جو موت ڪيئن ٿيندو تڏهين پاڻ مير کي جلال مان گهوري چيائين ته مون کي حسيني شهادت نصيب ٿيندي اتي هڪ رڙ ڪندي مارو ٿيٻي التجا ڪئي ته قبلا! آءٌ ڪيئن مرندس. گرهوڙي صاحب کيس ڏسي چيو ته پنهنجو رت گڏبو!.
    مرغوب الاحباب جو صاحب وري هيءَ روايت آڻي ٿو ته هڪ ڏينهن گرهوڙي صاحب مير بجار خان، مير فتح خان ۽ سيد الله بخش شاهه پاڻ ۾ گڏ ويٺي ماني کاڌي، ماني کائيندي گرهوڙي صاحب چيو ته اسان چار ئي شهيد ٿينداسون. پر شاهه صاحب کي حسيني درجو حاصل ٿيندو. چون ٿا ته الله بخش شاهه کي سخت اندوهناڪ واقعو پيش آيو. پاڻ آ سميت منهن ڏئي اٿي ڀڳو. لاچار اڃ کان ماندو ٿي هڪ پاڻيءَ جي چشمي وٽ پهتو. جتي شهادت جو جام پيتائين باقي ٽن جو بيان جيڪو مٿي ڪري آياسون اهو ئي لکيو اٿس.
    تاريخ لکي ٿي ته مهاڏيو جي مڙهي خيرپور رياست جي ٿر واري ٽڪر ۾ هئي. هن مقام جو نالو هٿونگو هو (جيڪو هاڻوڪي هٿونگي کان بلڪل جداهو) انهيءَ مڙهيءَ جو بنياد سن 500 ع ۾ رکيو ويو هو. چيو وڃي ٿو ته مڙهيءَ جو پاٺ ڪندڙ گنگا نديءَ مان پاڻي کڻي هليو هو ته ڪٿي هڪ مڙهي ٺاهي وڃي رهان. هن جي دل ۾ مڙهيءَ جوڙڻ بابت ڪجهه اصول هئا. ته ڪهڙن اصولن تي اها مڙهي ٺاهي ويندي. اهو ارادو ڪري هو گنگا جل کڻي اتان هليو . ته جنهن هنڌ جو پاڻي گنگا جل جي پاڻي سان تور ۾هڪ جيترو بيهندو. اتي مان اها مڙهي ٺاهيندس. گهڻا ڏيهه گهميو جتي به ويو ته گنگا جل جو وزن گهٽ پي ٿيو يا وڌ پي ٿيو. آخر هلندي هلندي هنڱورن جي ڳوٺ وٽ آيو ته ان ڳوٺ جو پاڻي گنگا جل جي پاڻيءَ سان وزن ۾ برابر ٿي بيٺو. پوءِ اهو پروهت اتي مڙهي ٺاهي ويهي رهيو.(تيجسنگ سولنڪي لکي ٿو ته اها مڙهي “ رااڻا سر” کان پرڀرو هئي) ۽ ان کي مهاڏيو جي مڙهي يا مهاڏيو جو مندر ڪري سڏيائين. تان جو آهستي آهستي ان جي چوڌاري هڪ شهر بڻجي ويو. مڙهيءَ جو پروهت کي پنهنجي مهاشڪتي تي وڏو ناز هوندو هو جنهن ڪري سڄو ملڪ هن اڳيان نميو پيو هوندو هو. چيو وڃي ٿو ته شروع واري زماني ۾ مڙهي جو پروهت پنهنجي موت ڪونه مرندو هو. بلڪه پاڻ کي جيئري دفنائيندو هو. هڪ وڏو کوهي کڻائي ان اندر “ پروهت” وهندو هو.. ان بعد ساٺن سونڻن سان مٿس لوڻ پلٽيندا هئا. تان جو اڌ کوهي لوڻ سان ڀري مٿان مٽي وجهندا ان جاءِ تي ڏيوڙي ٺاهي ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي اهي ڏيوڙيون ڊهي زمين دوز ٿي وينديون هيون. جڏهن مهاڏيو جي مڙهي مسلمانن جي قبضي ۾ آئي. تڏهن انهي ٽڪريءَ اندر کوهيون کوٽيندي ٻن ٽن هنڌن تي لوڻ مان ماڻهن جا سڄا سارا مڙهه نظر آياهئا.
    مهاڏيو جي مڙهي ڊاهڻ ۽ سندن شهادت جو واقعو ٿيڻ:
    ٻارهين صدي هجري جي آخر واري ڏهاڪي ۾ مهاڏيو جي مڙهيءَ جو مهنت سوامي “ دت گر” نالي هو جيڪو پنهنجي ننڍي ڀاءُ “ گرت گر” جي حمايت سان وڏي هستي رکندو هو. هندو توڙي مسلمان هزارن جي تعداد ۾ سندس مريد هئا ۽ گهڻيءَ پسگردائيءَ ۾ سندس مڃتا جو ڏونڪو وڄندو هو. هنجو لنگر هميشه جاري رهندو آيو هو. سندس نمڪ کائي هنجي ارادتمنديءَ جو دم ڀريندو هو. چانهيا ۽ گجو ذات جا مسلمان به سندس مريديءَ جي دعويٰ ڪندڙ هئا. هنن جي استدعا تي “ سوامي دت گر” کين “ شڌ” ڪري وري هنن کي هندو ڌرم ۾ داخل ڪندو ٿي ويو. هيءَ حقيقت تيجسنگهه سولنڪي پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي آهي. مگر مرغوب الاحباب جو صاحب هن واقعي جي ابتدا ڪندي لکي ٿو ته:

    صادق دوستان گويند که بيعت فرسنگ دوراز گرهور
    در ريگستان بتخانه ايبوداز هنود که در آڻ انواع
    فواحش مي گرديد و حضرت شيخ راير تخريب آڻ پيوسته اهتما بود

    “ سچن دوستن کان روايت آهي گرهوڙ کان سٺ ميل پري ريگستان ۾ هڪ هندن جو بت خانو هو. جتي طرح طرح جون بڇڙايون ٿينديون هيون. حضرت شيخ صاحب جن کي هميشه سعيو هوندو هو ته انهي بتخاني کي وڃي ڊاهيان.
    جڏهن کان مسلمانن جو موتر ٿيڻ جو پڙلاءُ گرهوڙي صاحب جي ڪنن تي پيو. تڏهن کان وٺي سندن هي دلي ارادو پڪو ٿيندو ويو ته اها مڙهي ڀور ڀور ڪري هن ناري مانڊاڻ کان نابود ڪجي. هڪ ڀيري لنواري شريف ڏي ويندي مڙهي طرف کان سندس موڪليل ماڻهن وٽان هي نياپو مليس ته بت خانو اڳي کان به وڌيڪ زور ٿي ويو آهي. اها ڳالهه ٻڌي پاڻ ويتر جوش ايماني ۾ ڀرجي ويا ۽ شريعت جي غيرت مٿن غلبو ڪيو. ساٿين کي فرمايائون ته بت خانو ڊاهڻ ضروري آهي. ائين چئي حاضرين مان هڪ درويش کي پنهنجي پاران خواجه گل محمد رحه ڏي موڪليائون ته وڃي احوال پيش ڪري ۽ پاڻ پوئتي موٽ ڪيائين. انهي درويش خواجه صاحب جي حضور ۾ پيش ٿي. سربستو احوال پيش ڪيو ۽ چيائين ته شيخ صاحب مون کي اماڻن وقت هيٺيون بيت روئي پڙهيو هو:
    جنهن ڪن ٽوپايا ڪوڏ مان، تنهن کي ڪڄاڙو،
    ماڻس ستاڙو، پڻس نالو ڪينڪي
    خواجه صاحب جن اهو سنيهو ٻڌي نهايت افسوس ڪيو ۽ فرمايائون ته حضرت شيخ پنهنجي عمر پڄاڻي ڏٺي آهي.
    گرهوڙي صاحب سڌو گرهوڙ پهتو ۽ عام پڙهو گهمرايائون ته آهي غازي جيڪو جهاد في سبيل الله ۾ سر ڏئي؟ مگر هلي اهو جنهن کي ڦڻي ڏيڻ جيڏي ڏاڙهي هجي. ڪل ٻاهتر ماڻهو ساڻس هلڻ لاءِ تيار ٿيا.اهو پڙهي ٻڌي ماڻهن ۾ ڏاڍو چوٻول پيدا ٿيو ۽ چيائون ته مڙهيءَ جو مهنت ڏاڍو زور وارو آهي اتي اسانجي نه هلندي. تنهنڪري اهڙي ڪا تجويز ڪجي جو ان ارادي کان گرهوڙي صاحب هٿ کڻي وڃي. گهڻي ڪوشش ڪيائون پر گرهوڙي صاحب نه مڙيو. سندس والده صاحبه کي سيکاريائون ته تون کيس منع ڪر جي نه مڃي ته کيس چئج ته ابا! مان تنهنجي والده آهيان. منهنجو فرض لاهي پوءِ ڀلي وڃ. ماڻهن خيال ڪيو ته گرهوڙي صاحب عالم آهي ماءُ جي منع ڪرڻ تي ضرور مڙي ويندو ۽ والده صاحبه کيس منع ڪئي. ۽ چيائينس ته منهنجو حق ادا ڪري پوءِ وڃ.گرهوڙي صاحب جواب ۾ چيس ته امان! مون تنهنجو حق اڳ ئي لاهي ڇڏيو آهي. جو تون اڃا ٻاروتڻ ۾ پئي هئين جو توکي جهڪ کنيو پي وئي مون توکي انهيءَ جهڪ کان بچايو هو.
    هڪ روايت هي به ٻڌائي ٿي وڃي ته جڏهن گرهوڙي صاحب جي والده کيس چيو ته ابا! منهنجو توتي حق آهي. گرهوڙي صاحب چيو ته بيشڪ امان تنهنجو مون تي حق آهي. مگر مون تنهنجو حق لاهي ڇڏيو آهي ۽ ماءُ پڇيس ته ابا تو منهنجو حق ڪيئن لاٿو. گرهوڙي صاحب چيس امان! جڏهن تون والدين کي ڄائي هئين ته هڪ ڏينهن والده توکي پينگهي ۾ سمهاري ڪنهن ڪم سان نڪري وئي. توهان جي گهر کي اچي باهه لڳي. باهه گهر کي ڀڀڙ ڪري وڪوڙي ويئي. ڳوٺ سڄو مڙي آيو. تنهنجا والدين به پهتا کين خبر پيئي ته سندن ٻچڙي اندر گهر ۾ پينگهي ۾ ستل آهي. ڏاڍيون رڙيون وٺي ڪيائون. باهه جيئن ته تمام زوردار هئي. هنن کي يقين ٿيو ته توکي باهه ساڙي ڇڏيو هوندو، پر جيئن ته توکي منهنجي پالنا ڪرڻي هئي. تنهنڪري مون تنهنجي پينگهه اتان کڻي ٻاهر وڻ ۾ ٽنگي ڇڏي هئي. جڏهن تون رڙين تي سجاڳ ٿي روئڻ شروع ڪيو هو. تڏهن ماڻهن ڏٺو ته پينگهه وڻ ۾ ٽنگي پئي آهي ۽ پنهنجن والدين ٻچڙي ٻچڙي ڪندا اچي توکي پنهنجي هنج ۾ کنيائون. سو امان مون انهيءَ ڏينهن تنهنجو حق لاهي ڇڏيو آهي. هي جنم ته توکي منهنجي صدقي ۾مليو آهي.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري هيءَ روايت آڻي ٿو ته جڏهن فقير صاحب جهاد لاءِ روانو ٿيو ته سندس نياڻيون کيس روڪڻ لاءِ قرآن شريف ميڙ کڻي آيون:
    ڳورا ٻئي بار، هورو بار نه هيڪڙو
    وهان ته ويرم پئي، نينهن ۾ پوءِ نهار
    هتي واعدي جي وار، هتي سوٿون ڏينم سرتيون
    حضرت شاهه عبداللطيف رحه جو به اهڙو هڪ بيت آهي، ٿي سگهي ٿو ٿو ته راوي گرهوڙي صاحب سان ڳنڍي ڇڏيو هجي
    ڳورا ٻئي بار، هنيون حيرت ۾ پيو
    وهان ته ويرم ٿئي نينهن ۾ پوءِ نهار
    وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوءِ پچار
    هت ٿي واعدي جي وار، هت سوتيون ڏينم سرتيون
    (شاهه)
    مخدوم عاقل رابع صاحب گهڙوي پنهنجي تاريخي تصنيف “ آئينه گنجينئه جهان نما” ۾ هي واقعو آندو آهي ته واٽ ويندي مخدوم صاحب کي ڪنهن شخص چيو ته حضرتا! اوهان سان ٿورڙا ماڻهو آهن ۽ جوڳيءَ وٽ چيلا گهڻي انداز ۾ آهن جيڪي وٽس رهن ٿا. پوءِ توهان انهن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندا. پاڻ کيس ورندي ڏيندي چيو ته ادا! جي هوءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح اسان جي پر جي هيءَ مڙهي ڀڳي ته به فتح اسان جي.
    ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب محمد اسماعيل عرساڻيءَ کان به هڪ روايت آندي آهي ميان عبدالرحيم گرهوڙي هن وڏي فتني جي خبر ٻڌي پنهنجا چند سرفروش دوست روبرو حالتون ڏسڻ لاءِ هٿونگي روانا ڪيا هئا. جن سموري رپورٽ اچي بزرگ کي ٻڌائي جنهن کي پاڻ فورا پنهنجن احبابن ۽ دين محمديءَ جي شيداين کي گڏ ڪري فرمايائو ته:
    جهاد في سبيل الله ڪرڻو آهي، ڪير آهن هڪڙي خدا جا سچا پرستار ٻانها ، جيڪي مون کي پنهنجو خون لکي ڏين ۽ الله جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿين. ڪيترن ماڻهن ايمان وارن اهو حق جو نعرو ٻڌي سندس آواز تي لبيڪ چئي، جان فدا ڪرڻ جو واعدو پنهنجو رت سان لکي بزرگ جي اڳيان پيش ڪيائون . پر ڪي اهڙا به ضعيف الايمان هئا. جن بزرگ جي عزم کي سست ڪرڻ جي ناڪام ڪوش ڪئي ۽ کيس چيائون ته ٻائي جي مڙهي جادوءَ جو مرڪز آهي. ان کي فتح ڪرڻ ڪا چرچي يا مذاق جي ڳالهه نه آهي. مهرباني فرمائي ڪجهه ڌيرج ڪيو. تڪڙ کان ڪم وٺڻ سراسر غلط ٿيندو اوهان ٻيهر پنهنجي فيصلي تي غور ڪريو. مگر شهيد مجاهد في سبيل الله هن سون جهڙن لفظن سان هن کي جواب ۾ فرمايو ته فتح هر حال ۾ اسان جي آهي. جي هوءَ مڙهي (ٻائي واري) ڀڳي ته به فتح اسان جي ۽ جي هيءَ مڙهي (سندس جسم اطهر ) ڀڳي ته به اسان جي.
    پوءِ هڪدم الله اڪبر جو نعرو هنيائون ۽ پنهنجن مجاهدن سان منزلون ڪندو اچي هٿونگو پهتو. رواني ٿيڻ وقت هڪ خط مارو ٿيٻي هٿان مير بجار خان ڏي لکي موڪليائين ۽ هي نياپو ڏنائونس ته:
    جنهن جي نياپي تي مون توهان کي دنيوي رهائش لاءِ هڪ زمين جو ٽڪر هٿ ڪري ڏنو هو. انهيءَ نياپي موڪليندڙ جي ڪم سان مان هتان روانو ٿي رهيو آهيان. توتي هاڻي فرض آهي ته اچي منهنجي مدد ڪر. حڪم موجب مارو ٿيٻي مير بجار خان کي وڃي خط ڏنو. مگر ايمان ان وقت مير بجار خان کي ڇڏي پاسي ٿي بيٺو. پاڻ ته نه پهتو پر مدد به نه موڪليائين. پاڻان جواب ڏياري موڪليائين ته توهان ۽ مهنت ٻئي فقير آهيو. اسان جو انهيءَ ۾ ڪوبه واسطو نه آهي. جيئن وڻيو تيئن ڪريو. ٻئي پاسي واري مهنت کي چورائي موڪليائين ته اسان جو مڱريي جي ڪاهه سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي. توهان مڱريي سان ڪهڙو به سلوڪ ڪرڻ ۾ آزاد آهيو.
    گرهوڙي صاحب پهرين منزل ”رڪن ڍليار“ وٽ ڪئي. جيڪو ماڳ کپري کان پنج ميل اوڀر ۾ آهي. اتي ٿيٻن وٽ سرنهن جي وڻ هيٺ ڏينهن ٺاريائون. مارو ۽ الياس ٿيٻو ٻئي ڀائر جهاد لاءِ تيار ٿيا. مگر پاڻ الياس کي پوئتي گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيائون فقط ماروءَ کي ساڻ کنيائون. اتان ڪوچ ڪري راڙ جي سيدن ۾ آيا. سيدن کي چيائون ته اوهان سونهان ٿي هلو سيدن جواب ۾ چيس ته مهنت تمام ڪوڙو آهي. هي لشڪر ڪڏهن به سوڀارو نه ٿيندو. جيڪڏهن مهنت کي خبر پئي ته اسان دڳ سونهنپ ڪئي آهي ته اسان کي پيڙي ڇڏيندو. ائين سيدن هلڻ کان صاف جواب ڏئي ڇڏيو. سندن ساٿ ۾ ڪامل نالي هڪ ڪوري هو. جنهن چيو ته قبلا! مان تازو اتان اَنُ خريد ڪري آيو آهيان. واٽ آءٌ ڏيکاري سگهندس. تنهن تي پاڻ هن کي چيائون ته:
    جڏهن تون هنن 72 ڄڻن جو هن وقت سونهون ٿيو هلين ٿو. تڏهن ڏينهن قيامت جي به هنن 72 ڄڻن جو سونهون ٿي هلندين. هنن سيدن جي سيدي وٺي ٿو ڏيان ڪورين کي ۽ ڪورين جي ڪورپ وٺي ٿو ڏيان راڙ جي سيدن کي.
    ”راڙ“ کپري تعلقي جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. جتي اڃا تائين ڪيترا سيد ويٺا آهن. جيڪي ڪورڪو ڌنڌو ڪندا آهن. ۽ ان جوءِ جا ڪوري ڪامل ڪوريءَ جي پويان اڃا تائين گرهوڙي صاحب جي درگاهه جا مجاور ٿيندا اچن. سنگهار فقير جنهن جون روايتون هت درج ڪيون ويو آهن. اهو به ڪامل ڪوريءَ جي ڪڙم مان هو آخر ”راڙ“ مان رڙهي اچي مهاڏيو جي مڙهيءَ کي ويجهو پيا. ۽ انوقت سڄي مجاهدن جي جٿي ۾ فقط هڪ ڏوردار بندوق هئي.*
    ----------
    *گرهوڙي صاحب ان ڪنڊيءَ کي چيو هو ته فلاڻي وقت پير محمد راشد روضي ڌڻي هتان اچي لنگهندو ان کي منهنجا سلام ڏج. اها ڪنڊي ان وقت تائين بيٺي رهي ۽ پير صاحب کي سلام ڏئي ڪري وئي (راقم)
    ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقات موجب مڙهي هاڻوڪي خيرپور رياست جي حد ۾ دين ڳڙهه طرف هئي يعني کپري کان اٽڪل ٽيهه ڪوهه اتر اوڀرطرف اتي ان وقت ۾ ٻه تڙ هئا. 1. رهو 2. ڏيڏرو ره مڙهيءَ کان چاريل ڏکڻ ۾ ۽ ڏيڏرو 3 ميل اولهه ۾ آهي. مخدوم عبدالرحيم رحه ڏيڏرو تر تي هڪ ڪنڊيءَ هيٺ اچي ٿو هو تڙ کان الهندي طرف دڙي بيٺل هئي (هڪ روايت)

    مهنت جو جادو ۽ گرهوڙي جو روحاني ڪمال:
    چون ٿا ته مهنت وٽ هڪ ڪشتو هوندو هو. جيڪو هر طرف کان انُ گيهه ۽ گوشت وغيره گڏ ڪري اچي سندس ديڳ ۾ وجهندو هو. جيڪا انگدائيءَ مان رجهي تيار ٿيندي هئي. ۽ اتي ويٺل رهاڪو هندو توڙي مسلمان ان مان کائيندا هئا ۽ هوءَ اوتري رهندي هئي.*
    ---------
    * عرساڻي صاحب جي روايت مطابق اها جادوءَ جي ڪونڊي يا ننگهه کي مڙهي ڀڃڻ بعد مجاهد پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا ۽ اها ڪونڊي درگاهه لنواري شريف تي سلامت رکيل آهي. مٿس سنسڪرت اکرن ۾ڪي جادوءَ جا ڪلما لکيل آهن. جيڪي زماني جي دست برد سبب پڙهڻ ۾ اچي نٿا سگهن. اها ڪونڊي حضرت سلطان الاولياء جي مقرري واري صحن جي ڏکڻ جي اوڀر واريءَ ڪنڊ ۾ رکيل آهي.جنهن کي هر تمنائي اڄ به ڏسي سگهي ٿو.
    ------------------
    ازانسواءِ ڪهڙو به مريض وٽس ايندو هو ته مٿس ٻه ٽي لفظ پڙهي شوڪاريندو هو ته مرض ۾ هڪدم افاقو ٿي ويندو هو. انهن ٻنهي ڪرتبن ڪري ماڻهن ۾ پروهت جي وڏي مڃتا هوندي هئي.
    گرهوڙي صاحب شهر جي ويجهو وارد ٿيڻ شرط هڪ جتيءَ جي پادر کي حڪم ڏنو ته ڪشتيءَ کي ڪيڏانهن به نه ڇڏج. جتي ڪشتي جو لنگهه روڪي ڇڏيو. ڪشتو جيڏانهن به وڃي ته جتيءَ جا موچڙا کايو موٽيو اچي ساميءَ جي اڳيان ڪري. سامي اهو رنگ ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين ته ڪو سگهو جادوگر آيو آهي جو ڪشتيءَ کي گدائي کان روڪي ڇڏيو اٿس. چوڌاري سونهان موڪليائين جن اچي خبر ڏنس ته ٻيو ته شهر جي ڇڪ ڪير به نه آيو آهي. بس گرهوڙ جو هڪ مڱريو فقير ٻڌجي پيو. ساميءَ کي ڪااڳيئي سڌ هئي ته مڱريو پنهنجي دور جو وڏو درويش آهي. جنهن ميرن کي سنڌ وٺرائي ڏني هئي. اهو ٻڌي ساميءَ جي ننڍي ڀاءُ ”گرت گر“ وڏي ڀاءُ کي چيو ته هن کي ميرن جي ضرور مدد هوندي، تنهن کانپوءِ هو فقير به آهي تنهنڪري ساڻس وڙهڻ چڱو نه آهي. بهتر ٿيندو ته منٿ ميڙ ڪري جان ڇڏائجي ۽ کيس ڪجهه نذرپيش ڪري پوئتي موٽائجي. ”دت گر“ کي ڀاءُ جي اها صلاح وڻي ۽ ٻئي ڄڻا گرهوڙي صاحب وٽ لنگهي ويا. گهڻيون ئي منٿون آزيون ڪيائونس. سون ، هيرن، جواهرن ۽ موڍين عورتن جي لالچ پڻ ڏنائونس. مگر گرهوڙي صاحب سڀني آڇن کي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ابتڙ ان جي ٻنهي ڄڻن کي اسلام آڻڻ جي دعوت ڏنائين ۽ کين صاف ٻڌايائين ته جيڪڏهن ايمان نه آڻيندو ته مان توهان سان جنگ ڪرڻ کان نه گسندس. ٻنهي ڄڻن ايمان آڻڻ کان صاف انڪار ڪيو ته پاڻ کين چار شرط پرکا طور وڌائون ۽ کين چيائون ته جيڪڏهن انهن مان ڪوبه شرط قبول نه ڪيو ويو ته پنجون شرط تلوار جو آهي. جيڪا اسان ٻنهي ۾ فيصلو ڪندي.


    چار شرط:

    پهريون شرط:
    هندن جو سردار اسان وٽ اچي. اسان کيس چاليهه ڏينهن بنا ڪنهن ڄاري يا سوراخ جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ٻاهران در کي قفل ڏئي ڇڏينداسون. اهڙيءَ طرح مان به جيڪو مسلمانن جو مهندار آهيان. هن سان گڏ چاليهه راتيون انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ قفل اندر بند رهندس. پوءِ جيڪو به اسان مان فوت ٿيو تنهنجو لشڪر آڻ مڃيندو.
    مرغوب الاحباب واري ان ۾ واڌارو ڪيو آهي ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو جدا جدا جاين ۾ بند ڪري ڪنجيون کڻي پري وڃي. ويهجي پوءِ جنهن جي طرف ”ذات حق“ هوندي. ان طرف جا ماڻهو پاڻ مرادو نڪري ايندا. پوءِ جيڪا ڌر بنديل رهي اها ٻاهر نڪتل ڌر تي سواءِ ڪنهن شرط شروط جي ايمان آڻي.

    ٻيو شرط:
    هڪ ميدان مقرر ڪجي. هندن جو لشڪر هڪڙي طرف بيهي ۽ مسلمانن جو انجي سامهون طرف. جيئن ته سڀڪو هڪ ٻئي ڏسي سگهي. پوءِ مان ۽ هندن جو سپهه سالار ميدان ۾ ملهه وڙهون. جيڪڏهن ٽي ڀيرا مان مٿس غالب پيس ته هو مسلمان ٿيندو. نه ته آئون جڻيو پائي ساري لشڪر سميت سندس تابع ٿيندس.
    مرغوب الاحباب وري ڪجهه هن طرح ٻيو شرط ٻڌايو آهي ته رات جو ٻئي ڄڻا اڪيلا رهاڻ ڪريون پوءِ جيڪڏهن ساميءَ جي صحبت جو اثر مون تي پيو ته مان جڻيو پائي هندو ٿيڻ جو اعلان ڪندس. پر جيڪڏهن منهنجو اثر ساميءَ تي ٿيو ته سامي خودبخود مسلمان ٿيندو.

    ٽيون شرط:
    مون کي ۽ هندن جي مهنت کي سڀني ماڻهن جي روبرو پڌري پٽ ساهميءَ ۾ تورين جيڪڏهن هو باوجود ٿلهائي جي ڳورو ٿيو ته مان سندس رسمون پاڻ تي لاڳو ڪندس. پر جيڪڏهن مان باوجود ڏٻرائي جي هنکان وزن ۾ ڳورو ثابت ٿيس ته هو اسلام ۾ داخل ٿيندو يعني ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيندو.

    چوٿون شرط:
    هندو پنهنجي بت اڳيان پنهنجون مذهبي رسمون مثال راڳ روپ ۽ ٻيون ريتون رسمون ادا ڪن. پوءِ جڏهن جوش ۾ اچي تڏهن مان تن تنها اڪيلو وٽن حاضرٿيندس. پوءِ جيڪڏهن مون تي پنهنجو مذهبي تصوف قائم ڪيائون ته مان سندس جماعت ۾ شامل ٿي ويندس يا آءٌ اٿي سامهون ذڪر جي حلقي اندر ويهي رهندس. ۽ سندن مذهبي اڳواڻ يعني مهنت اڪيلو اچي. اڃا اوڻٽيهه وکون يا اوڻويهه وکون پري هوندو ته خودبخود شهادت جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيندو ۽ دين اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿي ويندو.
    جي اهي شرط قبول نه آهن ته پنجون شرط ”جهاد“ آهي جنهن لاءِ اسان سنبري آياآهيون ۽ بنان جهاد ڪئي واپس نه موٽنداسون.
    هن پيغام موڪلڻ بعد مخدوم عبدالرحيم رحه پاڻ کي ڪلهن تائين واريءَ ۾ پورايو ۽سڀني مجاهدن کي سڏي کانئن پڇيائين ته جيڪڏهن ڪافر چار ئي شرط نه مڃين ته پوءِ اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي. سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته
    صلاح ماهمه آنست. کان تواست صلاح
    (اسان سڀني جي اها ئي صلاح آهي جيڪا اوهان جي آهي)
    اهو ٻڌي پاڻ فرمايائون ته مون کي ته هي ڳالهه منظور آهي ته “ شهيدٿي پورجان” اهو ٻڌي سڀني چيو ته اسان به شهادت جو موت قبول ڪري آيا آهيون. ان بعد کين زمين کان ٻاهر ڪڍيائون.
    مٿيان چار ئي شرط ساميءَ قبول نه ڪيا ته گرهوڙيءَ صاحب کيس ٻيو وهنوار ڏيندي چيائينس ته ڀلا تون پنهنجو ڪشتو گهراءِ ۽ کانئس پڇ جيئن هو چوي تيئن کڻي ڪريون. سامي ڪشتي کان دريافت ڪيو پر ڪشتي ڪوبه جواب نه ڏنو. تڏن گرهوڙي صاحب چيس ته چڱو ڀلا! هاڻ جمنيءَ کان پڇون ٿا! پوءِ جيئن جمني چوندي تيئن ڪنداسون. سامي سمجهيو ته جمني به ڪشتي وانگر خاموش رهندي. سو هن اهو شرط قبول ڪيو ته جمنيءَ وٺي دين ! دين ! دين! ساميءَ رڙ ڪري چيو ته ڏسو جمنيءَ مان ڌن! ڌن! ڌن! جو آواز اچي ٿوته جمني هڪدم حق! حق جو آواز پڪارڻ لڳي. انهي ڪشمش تي ننڍي ڀاءُ ”گرت گر“ پنهنجي وڏي ڀاءُ ”دت گر“ کي چيو ته بهتر آهي ته هيٺاهين ڪري جان ڇڏائجي نه ته هن بلا مان جان نه ڇٽندي. پوءِ ٻئي ڀائر صلاح ڪرڻ لاءِ اجاز وٺي پنهنجي ماڳ تي موٽي ويا. جڏهن ٻئي ڀائر صلاح مصلحت لاءِ موڪل وٺي ويا ته گرهوڙي صاحب به پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪيو. پهريائين ابراهيم سوڍڙي کان صلاح پڇيائون. جيئن ته هي ماڻهو تازو مسلمان ٿيو هو ۽ ويجهڙائي ۾ لنواري شريف مان “ارشاد” وٺي آيو هو. تنهنن جواب ۾ چيو ته قبله! هي به جذيو وٺي ڇڏيندا هئا. پاڻ به کڻي ائين ڪريون!.... وري گرهوڙي صاحب ابراهيم ٽالپور کان پڇيو ته جنهن جواب ۾ چيو ته قبله! هي مهل برڪت واري اسان کي وري هٿ نه ايندي. باقي توهان لاءِ ته اهڙيون گهڙيون هميشه پيون اينديون . اهو ٻڌي پاڻ ابراهيم سوڍڙي کي مخاطب ٿيندي ٿي فرمايائون ته ”توکي تازو ارشاد مليل آهي ۽ پوءِ به تومان ڪفر جي بوءِ اچي ٿي“ بعد ۾ ابراهيم ٽالپر ڏي منهن ڪري چيائون ته ”تنهنجو درجو خليل الله وارو آهي.“
    هوڏانهن سامي ڀائر جاءِ تي پهتا ئي مس ته مير بجار خان جو مخفي خط به اچي ملين. جنهن ۾ لکيل هو ته اسان جو مڱريي فقير واري جهيڙي سان ڪوبه واسطو نه آهي. اوهان پاڻ ۾ ڄاڻو، جيئن ته ٻنهي ڀائرن کي ميرن جو گهڻو ڊپ هو. پر جڏهن خبر پين ته ميرن جي پٺڀرائي هن جهيڙي ۾ فقير عبدالرحيم گرهوڙي کي نه آهي ته هنن جو ڊپ لهي ويو ۽ هو شينهن ٿي ويا. ۽ چيائون ته اسان هنن ٻاهتر ڄڻن کي ته هڪ ئي جهاٽڪو ڪري ٿا وٺون. هي 72 مجاهد فقير جي سربراهيءَ ۾ هنن جي اکين تري نه سگهيا ۽ وٺي ڀيڙ تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيائون. ۽ جنگ جي تياري ڪرڻ لڳا.ايتري ۾ گرهوڙي صاحب جي ماڻهن به اچي احوال ڪيو ته قبله توڻي جو سامي ڀائر صلاح مشوري لاءِ وقت وٺي ويا هئا. مگر ڀانئجي ٿو ته هو پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويا آهن. هنن ڀيڙ تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو آهي. هن وقت هو جنگ جي تياري ڪري رهيا آهن. اهو ٻڌي گرهوڙي صاحب فرمايو ته ڀانئجي ٿو ته مير بجار ڊوهه ڪيو آهي. ساڻس به ٿيندو ڊوهه! پوءِ هي گفتگو ڪيائون ته :
    اسان پاري ، بجر نه پاري
    وئي بجر جي، سرداري
    هن جنگ ۾ جيئن ته ٽالپور به شامل هئا. تن عرض ڪيو ته قبله بجر ته دغا ڪئي پر ٻين ٽالپورن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو اسان کي به پاراتو ڏنو اٿو. اهو ٻڌي پاڻ ٽالپرن ڏي منهن ڪري چيائون ته “ اوهان مير پيا سُکيو پيٽ پاليندا” سندس دعا جو هي نتيجو ٿيو ته اڄ تائين سڀ ڪنهن ٽالپور وٽ ٿورو ڪي گهڻو زمين جو ٽڪر آهي. جنهن سان هو خوش گذران ڪري رهيو آهي.
    جيئن ته مٿي بيان ڪري آياسون ته سامي ڀائرن کي جيئن ئي مير بجار خان طرفان غير جانبداريءَ وارو خط مليو ته ٻئي ڀائر جنگ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ لشڪر تيار ڪري گرهوڙي صاحب ۽ مجاهدن سامهون جنگي طبل وڄايائي. گرهوڙي صاحب پنهنجي ساٿين کي تيار ڪري هن جي سامهون ٿيو. ۽ رامڻ نالي ٽالپور کي حڪم ڏنائون ته بندوق ڀري ڇڏ رامڻ جواب ڏنو ته قبله! مون اڳئي ڀري ڇڏي آهي. پاڻ چيائونس ته ٻيو نال به ڀري ڇڏينس.
    رامن ٽالپور بابت مرغوب الاحباب جو صاحب روايت ڪري ٿو ته بزرگ گرهوڙيءَ جي جماعت ۾ ”رامي“ نالي ذات جو ٽالپور هڪ ڳڀرو نوجوان هو. جنهن کي واٽ تان جهاد لاءِ ويندي ساڻ کنيو هئايون. هن کي ڏسندي ئي واڪو ڪري چيو هئائونس ته ”هلي آ اڄ تنهنجو وقت آهي“ هن ڳالهه گرهوڙي صاحب جي ساٿين کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو هو. هي اهو رامو نالي ٽالپور هو ”دت گر“ کي نيزو هٿ ۾ گهوڙي تي چڙهيل ڏٺو هو. جيئن ته ساميءَپاڻ تي سحر ڪري ٻين جي نظرن کان پاڻ لڪايو هو. ٻيو ڪير به هن کي ڏسي نه پيو سگهي. مگر رامو ٽالپور جي نظرن کان هو لڪي نه سگهيو هو. پنهنجي لشڪر وارن کي همٿائيندو ماريو ، ماريو جا آواز ڏيندو مجاهدن طرف ڌوڪيندو پي آيو. گرهوڙي صاهب رامڻ کي حڪم ڏنو. رامڻ الله اڪبر جو نعرو هڻي بندوق ساميءَ جي سيني جو نشانو وٺي ڇوڙي. جيڪا سڌو هنجو سينو چيريندي وئي. هن جو سحر ٽٽي ويو. هو ظاهر ٿي مجاهدن جي لشڪر اڳيان ڦهڪو ڪري اچي ڪريو. لشڪر ساميءَ کي مرندو ڏسي فرار ٿيڻ جا گهٽ ڳولڻ لڳا. جيئن ته ساميءَ جو موت رامن ٽالپور هٿان لکيل هو. تنهنڪري گرهوڙي صاحب جي مرشد زادي خواجه گل محمد رحه کين ڪشف رستي اشاروڪيو هو ته رامي ٽالپور کي واٽ تان پاڻ سان ضرور کنيو وڃجو. جو خداوند ڪريم ساميءَ جو موت هنجي هٿن کان لکيو آهي. هي لوح محفوظ جو فيصلو گرهوڙي صاحب به مشاهدو ڪيو هو. جو رامي کي ڏسڻ سان جيڪو گفتگو ڪيائون جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آياسون. جنگ ڇڙڻ وقت پاڻ مجاهدن کان پرڀرو ٿي رامڻ سان گڏ وڃي بيٺا هئا ۽ کيس چوندا پي رهيا ته جڏهن مان چوان تڏهن بندوق ڇوڙج! جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ساميءَ جي مرڻ واري وقت جي انتظار ۾ هئا. جو موت جو هڪ وقت مقرر آهي. مجاهدن جي ڀر ۾ وڃي ڍال سان سندن بچاءُ ڪري پاڻ هڪدم چال واري کي هٽائي چيائون ته:
    سپر سور ڪندياءِ، مرڻ باس ته ميڙ ٿئين.
    جيئن ئي سامي مئو ته مجاهدن وٺي هندن جي لشڪر تي لوهه ڪئي. گرهوڙي صاحب پاڻ نه هٿيار هلايو نه ڪاوڙيا پٽ جو لفظ پنهنجي زبان مان ڪڍيائون. فقط قرآن ڪريم جي هي آيت “اياک نعبد و اياک نستعين ” واري پي دهرائون. ويرم نه گذري ته ”دتگر“ پاڻ تي سحر ڪيل ڪاري گهوڙيءَ کي ڊوڙائيندي پي آيو. ٻين کي ته هو نظر نه پي آيو. مگر گرهوڙي صاحب جو رامي جي ڀر ۾ ساڻس گڏ بيٺو هو، انهن ٻنهي تي هن جو سحر هلي نه سگهيو. پاڻ رامڻ ٽالپر کي حڪم ڏنائين ته ساميءَ جي سيني جو نشانو وٺي بندوق ڇوڙ، رامڻ ساميءَ جي سيني جو نشانو وٺي بندوق ڇوڙي بندوق ڇٽي. ساميءَ جو سينو پروڻ ٿي ويو. سامي گهوڙي تان آئٽيو. سندس ٽنگ گهوڙي جي سنج ڪيل رڪيب ۾ ڦاسي پئي ۽ گهوڙو هن کي ميدان ۾ ڦيرائيندو رهيو. هندن جي لشڪر جڏهن ساميءَ جو اهو حشر ڏٺو ته سامي مري چڪو ۽ سندس گهوڙي کيس ميدان اندر گهليندي ٿي وئي. تڏهن چيائون ته پهرين ساميءَ کي سنڀاليون پوءِ انهن ٻاهتر ڄڻن کي به ماريندي دير نه ڪنداسون. هندو لشڪر اڳيئي خوف ۾ وڪوڙجي ويو هو. تنهنڪري انهيءَ بهاني جان بچائڻ لاءِ پوئتي هٽيو. مجاهدن اهو رنگ ڏسي دشمن ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنو. هو ڀڄڻ لڳا مسلمان هنن پٺيان ڪاهي پيا. اهو وجهه وٺي دشمن جي ماڻهن ساميءَ جو وير وٺڻ لاءِ گرهوڙي صاحب تي سڌو الر ڪري آيا. پهرين لکاني نالي ذات جي چانهيي گرهوڙي صاهب تي بندوق جو فائر ڪيو ته بندوق ڦاٽي پئي ته ان بندوق اڇلي اچي کيس برڇي هنئين. ۽ ستابو ۽ گجو نالي شخصن ترار جا ڌڪ هنيا. هنڱورجي ۽ راڄڙ مٿس ڪهاڙين جا وار ڪيا. مارو ٿيٻي جڏهن هي حال ڏٺو ته ڊوڙندوڊوڙندو ابو ابو ڪري اچي گرهوڙي صاحب جي مٿان پيو. انهن ساڳين نامرادن کيس به ترارن جا ڌڪ هڻي ماري وڌو. اهڙي طرح گرهوڙي صاحب جي چوڻي مارو ٿيٻي جي حق ۾ سچي ثابت ٿي ته ”تنهنجو رت اسان سان گڏبو“.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي روايت موجب شيخ عبدالرحيم گرهوڙي جنگ هلندي زخمي نه ڪيو ويو هو نه سندس ساٿين مان ئي ڪو شهيد ٿيو هو. بلڪ هندو مهنت کي شڪست ڏيڻ بعد گرهوڙي صاحب مڙهيءَ جي ڀرسان هڪ ڪنڊيءَ هيٺان اڪيلو ويٺو هو ۽ مسجد جي اڏاوت جي نگراني پي ڪيائون ته لکانو چانهيو ۽ ستابو گجو بڙڇيون لڪائي وٽس زيارت جي بهاني سان حاضر ٿيا. جيئن ته ان وقت وٽن ڪير به موجود نه هو. سڀ مسجد جي تعمير ۾ مشغول هئا. اهو وجهه وٺي بڙڇيون ڪڍي مٿس مارو ڪيائون. ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون. مارو ٿيٻو جنهن پرڀرو مسجد تي ڪم پي ڪيو سو ڌاڙ گهوڙا ڪندو اچي مٿانئس پيو ايتري ۾ ٻيو فقير اهو هنگامو ڏسي ترار کنيو ڊوڙندو آيو ۽ ڀانيائين ته شايد ماروءَ گرهوڙي صاحب کي زخمي ڪيو آهي. سو ڪاوڙ ۾ ماروءَ کي تلوار هڻي وڌائين هن حادثي تي ماروءَ جي ڀاءُ الياس ٿيٻي هي ٻه بيت چيا آهن.

    1 ستابو ٿيو عتابو، جنهن ڌڪيل ڌڪ هنيو
    گجو گانڊو غير تي، سواصل عتابو
    لک لعنت لکاني تي، جنهن سورهيه ڪين سڃاتو.

    2. عبدالرحيم اڌ ٿيو، مارو تنهن مٿاءَ
    انين جا الياس چئي، ليکا سڀ لٿا.

    گرهوڙي صاحب جا ماڻهو حملي ڪندڙن پٺيان ڊوڙيا. پر بزرگ کين منع فرمائي ۽ چيائين ته کين ڪجهه به نه چئجو نه کانئن ڪو عيوضو وٺجو، جو عيوضو اسان جو ڌڻي وٽ آهي. اهو پوياڙيءَ جو وقت هو. ان وقت ئي فقير صاحب دم ڏنو. سج لٿي لاش لڏيائون. ٻئي ڏينهن سومهڻي جي وقت گرهوڙ آندائون.
    مرغوب الاحباب جي روايت موجب:
    “ چند ضربات و نيزه حضرت شيخ رسيده ڪه ساعتي وفات بر”( يعني حضرت شيخ کي ايترا ترار ۽ نيزي جا گهاوَ لڳا جو انهيءَ گهڙي وفات فرمايائون)
    فردوس العارفين جي عبارت هن طرح آهي:
    هي حادثو 1192هه بمطابق 1770ع ۾ ٿي گذريو. ان وقت شيخ صاحب جي عمر چاليهه سال هئي. روايت آهي ته لاڏاڻي وقت بار بار هيٺيون سٽون پي اچاريائون.
    هئي وٽ( نه ) سومري، مٿو (نه) ڌوتائين،
    قيمتي ڪپڙا، اڇا (نه) اوڍيائين،
    ملير ماڻيائين، ستيءَ سيل نباهيو.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان روايت آهي ته جيڪي هنڱورجا ذات جا ماڻهو ويٺل هئا. انهن کي پارت ڪري ويو ته مسجد جي سنڀال ۽ حفاظت ڪجو.
    چانهيا قوم جا ماڻهو جيئن ته گرهوڙي صاحب جي شهادت ۾ شامل هئا. تنهنڪري گرهوڙ ۾ چانهيو ذات کي گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ مٿس لعنت وڌي ويندي آهي. لک لعنت لکاني تي جنهن مڱريو مارايو. ڪيترن ئي سالن تائين چانهيا درگاهه گرهوڙ تي ڪونه ايندا هئا. انهيءَ ڪري جو جيڪو به روضي مبارڪ جي دروازي کان لنگهندو هو ته ان جي ڏاڙهي ٽنگجي پوندي هئي. هاڻ ڪجهه سالن کان اها تڪليف مٿن گهٽ ٿي آهي.
    مگر سنگهار فقير جي روايت موجب ايڏن زخمن رسڻ جي باوجود به پاڻ زنده رهيا ۽ سندن جسم مبارڪ مان رت جو هڪڙو ڦڙو به نه رهيو. سڀيئي گهاوَ اندران اڇا ڏسڻ ۾ پي آيا. انهي حادثي بعد ۾ پاڻ ٽي ڏينهن هن دنيا ۾ زنده رهيا. ساميءَ جي لشڪر تي اچي الاهي مصيبت ڪڙڪي. سمورو لشڪر ناس ٿي ويو. گرهوڙي صاحب جا به چند ساٿي شهيد ٿيا. پاڻ مجاهدن کي حڪم ڏنائون ته مڙهيءَ کي ڊاهيو ۽ بت کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو. پوءِ انهيءَ جاءِ تي مسجد جوڙڻ جو حڪم ڪيائون ۽ ان ۾ خدمتگار مقرر ڪيائون. مجاهدن کي هدايت ڪيائون ته کائڻ پيئڻ مباح آهي. مگر ڪنهن به شئي کڻڻ جي اجازت نه آهي.ٽن ڏينهن اندر سارو انتظام پورو ڪري پوءِ دم ڌڻي حوالي ڪيائون.
    سنگهار فقير هيءَ به روايت آڻي ٿو ته وصال وقت امر ڪيو هئائون ته مون کي هڪدم نه پوريو وڃي. جو مان ٽن ڏينهن بعد ڪن جو چوڻ آهي ته چاليهن ڏينهن بعد جيئرو ٿي اٿندس. پر جيڪڏهن منهنجي ميت تي ڪا مک اچي وهي ته پوءِ مون کي هڪدم دفنايو وڃي. سندن همراز ساٿي جيئن ته اڃا پٺتي هئا. جوسندن حڪم موجب مسجد جو ڪم ڪري رهيا هئا. انهي وچ ۾ سندن ٻيا ساٿي گرهوڙي صاحب جو جسم مبارڪ کڻي اچي گرهوڙ پهتا. سندن شهادت جو ٻڌي ڪيترائي ٽالپر به اچي گرهوڙ ۾ ڪٺي ٿيا. جڏهن انهن کي خبر پئي ته گرهوڙي صاحب جو هي فرمان آهي ته کين اچي ڊپ ورايو ته جيڪڏهن گرهوڙي صاحب جيئرو ٿي اٿيو ته اسان سخت ڏوراپي هيٺ اينداسون ۽ وڏي مصيبت ۽ عذاب جي منهن ۾ هونداسين جو اسان سندن سڏ تي ڪوبه ڪن نه ڌريو هو. بس! اچي هاءِ گهوڙا مچايائون. ته بزرگ کي هڪدم دفن ڪيو وڃي. آخر انهن جي زور تي جنازو تڙ تڪڙ ۾ زمين داخل ڪيو ويو. جڏهن همراز گرهوڙ پهتا ۽ کين انهي ظلم جي خبر پئي ته ارادو ڪيائون ته قبرکوٽي جنازو ٻاهر ڪڍي رکون. مگر خواب ۾ کين اشارو مليو ته جيئن ته اهو هي چليءَ جي برخلاف ٿيندو. تنهن ڪري هاڻ ان جي ڪابه ضرورت نه آهي.
    مهاڏيو جي مڙهي واري شهر جو نالو مٽائي (دينپور) رکيو ويو. اتي جا خدمتگار اڃا تائين گرهوڙي صاحب جي درگاهه گرهوڙ شريف ۾ سندن عرس مبارڪ تي ايندا آهن ۽ هر سال اتان جي کجي نذراني طور رکي ان بدلي ۾ ڪجهه روحاني وٽ وٺي ويندا آهن.
    هيءَ روايت به عام طور ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته گرهوڙي صاحب پنهنجي همراز ساٿين کي چئي ويو هو ته مان جڏهن هيءَ دنيا ڇڏيان ته منهنجو جنازو ٽي ڏينهن نه دفنائجو ته مان توهان کي قيامت تائين سنڌ اندر جيڪو ڪجهه ٿيڻ واروآهي ٻڌائي ويندس. سنڌ جي بزرگان دين جو چوڻ آهي ته خداوند ڪريم ٻه سومسالن جو لوح محفوظ گرهوڙي صاحب جي سامهون ڪري ڇڏيو هو. جنهن تان ڏسي پاڻ هن دنيا مان رحلت بعد به پيشنگوئي ڪندا ٿي ويا. مگر افسوس جو کيس صرف چار پهر زمين کان ٻاهر رکيو ويو. انهن چئن پهرن ۾ به گهڻو ڪجهه پاڻ ٻڌايون ويا آهن جنهن جو اظهار اڳتي ايندو.


    مزار شريف مٿان روضي جي اڏاوت:

    سندن مزار شريف تي قبو مير احمد خان شاهواڻيءَ ٻڌايو ۽ پڃرو جيڪو سندن مزار جي چوڌاري آهي. اهو اصل ۾ خواجه محمد زمان صاحب جي مقبري وارو آهي. جيڪو مٿن نئين پڃري ٺهڻ بعد گرهوڙ شريف موڪليو ويو هو. جيئن ته گرهوڙي صاحب زماني جي عجائبن مان هو، مرغوب الاحباب جي مولف هيٺيون قطعو سندن شان ۾ چيو آهي.
    گرهوڙي آنکه چون اوکس نه ديده بخوبي در زمانش نافريده
    جهان علم در ظاهر بدانش بمعني از دو عالم دل بريده
    درين دشت هوا انگيز پر آز رميد از خويش با حق آرميده
    بحسن يوسفي درمصر عرفان غلامي را دل عاشق خريده
    بکو و دل زقدح همت خويش حجاب غير از چشمش دريده
    چنين گوئيد کان بگزيده حق چو برچل سال دورانش رسيده
    زدست ساقي دهر اندرين دير مئي تلخ شهادت در کشيده
    چو تاريخ وصائش جستم از دل جواب آمد “ بحق خلوت گزيده”
    1192هه.


    سندن اهل عيال بابت ڪجهه وضاحتون:

    سنگهار فقير کان روايت آهي ته گرهوڙي صاحب ڪل پنج شاديون ڪيون (1) مڱرياڻي (2)هڱورجي (3) ٿيٻي (4) اوٺي ۽ (5) کٽياڻي. پوئين گهر مان ٻه پٽ ڄاوس. پر جيئن اهي پنجن سالن جي عمر ۾ گذاري ويا. باقي ٻين گهرن مان چار نياڻيون ٿين. هڪ مڱرياڻي مان جنهن کي سندس ڏاڏي پوٽي گهر واري چيو وڃي ٿو. مگر پوري تصديق نه آهي. اها پنهنجي ڀائٽي “عبدالله” نالي کي ڏنائون. جڏهن ته سندن پوري سوانح ۾ اهو ڪونه ڏسيو ويو آهي ته سندن ڪو ٻيو ڀاءُ به هو. پيءُ ماءُ جي نالي جي ئي پوري تصديق نٿي ٿئي ته ڀاءُ وري ڪٿان آيو. ٿي سگهي ٿو ته جن کين پاليو. اهي اڳتي هلي مڱريا ٿي ويا هجن. ۽ سندن ڪو ٿڃ شريڪ ڀاءُ هجي. ان جوپٽ عبدالله نالي هجي. ان کي پنهنجي نياڻي ڏني هجائون ۽ کيس پنهنجي روحاني وراثت حوالي ڪئي هجائون. جو کين امر ڪيو هئائون ته پنهنجي خاوند جو حڪم هميشه اکين تي رکيو اچجان. ۽ عبدالله کي هدايت ڪندي چيائون ته جيڪي به موليٰ سائين توکي موڪلي ڏئي. تنهن تي راضي رهجان. تنهنجو ٻيو ڪو ثاني نه آهي. تنهنڪري ڀاءُ ڀنڊ کي لوڙهي اندر قطعي نه ڇڏجان. پوءِ چيائونس ته مون کان گهر جدا اڏي وڃي ويهه. وٽن غربت ۽ مسڪيني ايتري قدر هئي جو سندن نياڻيءَ ۽ ناٺيءَ جو نڪاح روزمره وارن ڪپڙن ۾ پڙهيو هئائون. چون ٿا ته هڪ از غيبي شخص سندن نياڻيءَ لاءِ نوان وڳا ڏئي ويو. شاديءَ جي موقعي تي ابڙيون ذات جون عورتون سڏيون هئائون. جن شاديءَ جوسرجام نباهيو هو.انهن ماين جا نالا عزت، ڪرامت ۽ رحمت هئا.
    باقي ٽي نياڻيون سيدن جي نڪاح ۾ ڏنائون. جن جا نالا سيد حاجي قطب شاهه، سيد پير شاهه ۽ سيد ڪرم علي شاهه هو. انهن ٽنهي نياڻين جي شادي سندن شهادت بعد ٿي. مگر پاڻ فيصلو اڳ ڪري ويا هئا. جڏهن ته روايتن ۾ اچي ٿو ته اهي شاديون به پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ڪري ويا هئا. جنهن جي روايت اسان مٿئين صفحن ۾ پيش ڪري آيا آهيون. جيئن ته سندن ڪوبه نرينو اولاد نه آهي. تنهنڪري سندن مجاوريءَ جو سنڀالو سيد ڪندا پيا اچن. موجوده سندن مزار جو سنڀالو ڪندڙ سيد احمد شاهه نالي آهي. جيڪو هڪ خدا ترس نيڪ انسان آهي.


    سندن تبرڪات:

    جمني جو مٿي ذڪر ٿيل آهي. اها ۽ ترار اڄ ڏينهن تائين درگاهه گرهوڙ شريف تي موجود آهي.
    جمني لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وسيلي ملي هئي. جيڪا وٽن گرهوڙيءَ جي امانت طور رکيل هئي. جو پاڻ هڪ دفعي پنهنجي فقيرن کي چيائون ته هڪ امانت آيل آهي. هلو ته اها ڪڍي ان امانت دار ڏي موڪليون. پوءِ فقراءُ سان گڏجي هڪ کوهه تي ويا. ڏٺائون ته کوهه جو پاڻي مٿي آيو آهي ۽ ان پاڻيءَ مٿان جمني پئي تري جيڪا ڪڍائي عزت احترام سان حضرت شيخ عبدالرحيم رحه ڏي موڪليائون. جمني ڪڍڻ بعد کوهه جي پاڻيءُ ۾ وڃي ترو ورتو. چون ٿا ته شاهه صاحب نه فقط اها جمني ڏياري موڪلي. پر ان سان گڏ هڪ لٺ ۽ هڪ ترار به تحفي طور حضرت شيد عبدالرحيم رحه ڏي عرضي خاصخيلي هٿان ڏياري موڪليون هئائون. چيو وڃي ٿو ته مير بهرام خان جي نوڪر جو نالو به عرضي هو. جنهن کي مير صاحب ترار ڏيئي ميان سرفراز ڪلهوڙي وٽ درٻار ۾ موڪليو هو. ٿي سگهي ٿو اها تلوار ڪنهن ڪارج لاءِ وٽن پهچائي وئي هجي.
    تنهن کانپوءِ دائود پوٽي صاحب هڪ ٻيو گمان ڏيکاري ٿو ته شاهه لطيف رحه جي وقت ۾ شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي صاحب جي عمر 13 سال هئي. تنهنڪري هو گمان ڏيکاري ٿو ته انهي اوستا ۾ ڪو گرهوڙي صاحب ايڏي روحاني اوج ۽ ولايت جي درجي کي رسيو هوندو. جو شاهه لطيف رحه کيس سوغاتون ڏياري موڪلي. اها روايت ۽ ٻيون ڳالهيون عوام جي وات جو ڳالهيون آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب پنهنجي پور ۾ چئي ويو. جيئن ته پاڻ ڪو صاحب ولايت نه هو جو انهيءَ ولايت جي روحاني رمزن کي سمجهي سگهي. جيئن ته هو صاحب پاڻ ئي لکي ٿو ته هو ڄمندي ڄام هو. جو لکي ٿو ته گرهوڙي صاحب پنهنجي والده کي چيو هو ته امان مون تنهنجو حق لاهي ڇڏيو آهي. اهو سندن ڄمندي ڄام هجڻ جو اقرار آهي. ۽ پوءِ ولايت جون ڪي امانتون ڪن صاحبن وٽ امانت رکيل هونديون آهن. يا ڪن هٿن کان کين ڏياريون وينديون آهن. هي وضاحتون لکبيون ته ڪئين صفحا لکجي ويندا. الله وارن جا احوال نهايت عجيب غريب آهن. دائودپوٽو صاحب 13 ورهين ۾ اچي منجهي بيهي رهيو. جنهن لاءِ بيدل فقير چئي ويو ته اکران وچ جو ڪوئي اڙيا عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا.
    چيو وڃي ٿو ته اهو مير بهرام خان جو نوڪر عرضي اهي سوغاتون کڻي جو ويو ته وري پوئتي ڪونه موٽيو. اتي ئي گرهوڙي صاحب جي خدمت ۾ رهي پيو. مهاڏيو جي مڙهيءَ تي حملي وقت به ساڻن گڏ هو. مگر کيس شهادت نصيب نه ٿي. هو اتان زنده موٽيو. پاڻ سان اهي ٽئي شيون به کنيون آيو.شايد گرهوڙي صاحب اهي ٽئي شيون وٽس ئي رکرايون هجن. جيڪي پشت به پشت سندن پونئين ۾ رهنديون پي آيون. هڪ دفعي عرضيءَ جي پٽ موسيٰ خاصخيلي جي گهر کي اوچتو باهه وڪوڙيو. جمني ۽ ترار ته ڪڍي ورتائون باقي لٺ نڪري نه سگهي. باهه جا شعلا گهر کي چوڌاري ويڙهي ويا. پوءِ لٺ سڌو گهر جي ڇت مان ڀڙڪو کائي مٿي هلي وئي.


    شاهه عبدالرحيم رحه گرهوڙي۽ شاهه عبداللطيف رحه ڀٽائي:

    شاهه لطيف رحه جي هن دنيا تان رحلت وقت شيخ عبدالرحيم رحه 13 سالن جو هو. ليڪن انهي ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي علم جو اڪابر هو ۽ الاهي ڏات جي ڪمال جو صاحب هو. چون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه ڪنهن سمي سندن پسگردائيءَ ۾ هڪ ڳوٺ جي مسجد ۾ ماڻهن جي زور ڀرڻ تي عشاء جي نماز پڙهائي. پٺيان عالمن جو هجوم هو. جنهن ۾ گرهوڙيءَ به ٻاراڻي وهيءَ ۾ شامل هو. پهرين رڪعت ۾ هڪ بيت پڙهي رڪوع ڪرڻ مهل پنهنجو منهن اتر طرف ڦيريائين. اهڙيءَ طرح هر رڪعت ۾ پنهنجو منهن نئين طرف ڦيريندا رهيا. تان جو آخري رڪعت قبلي طرف منهن ڪري نماز پوري ڪيائين. هي روايت دائودپوٽي صاحب ڪلام گرهوڙي ۾ سندن سوانح جو احوال لکندي ڏني آهي. جيئن ته هنن هيءَ روايت پنهنجي چاچي کان ٻڌي هئي. تنهنڪري ان تي حيرت نه کاڌي اٿن ته شاهه عبداللطيف شريعت جي ڀڃڪڙي ڪيئن ڪئي. وري اڳتي لکي ٿو ته پڙهيل ته سڀ شاهه لطيف جي پٺ ڇڏي نماز ڀڃي وڃي پنهنجي نماز نيت ڪري پڙهيائون. فقط شيخ عبدالرحيم رحه شاهه لطيف جي پٺيان بيٺو رهيو. نماز کان فارغ ٿيڻ بعد جماعتن شيخ عبدالرحيم رحه جي عمر 12 سال. عالم سوال ٿا ڪن 12 سالن جي ڇوڪري کان جيڪو شاهه لطيف رحه جي ان عمل ۾ شريڪ هو. پاڻ انهن کي جواب ۾ چيائين ته (دائود پوٽو صاحب جي لفظن ۾) اي موڳئو! اوهان کي انهي مام جي ڪهڙي خبر، سڀ ڪنهن رڪعت وقت ملائڪن ڪعبت الله شريف کي ڦيرائي جدا جدا طرفن تي بيهاريو. تنهن ڪري نماز قبول ئي اسان ٻن ڄڻن جي ٿي.
    جڏهن ته اها روايت ائين نه آهي بلڪ هن طرح آهي ته شاهه لطيف رحه ماڻهن جي اسرار تي عشاء نماز نه مگر فجر نماز پڙهائي هئي ۽ فجر نماز فرض ۾ فقط ٻه رڪعتون آهن. جماعت پٺيان بيٺي. شاهه صاحب پهرين رڪعت ۾ قرآن شريف جي آخري آيت قل اعوذ برب الناس پڙهيائون ۽ الله اڪبر چوندا رڪوع ڪندا سجدي ۾ ويا. ٻي رڪعت ۾ پاڻ پنهنجي بيت جي هي سٽ ”نه ڄمي ها مارئي، نه ماڻهو پون ها مامري” پڙهي الله اڪبر چئي رڪوع ڪندا سجدي ۾ ويا. جڏهن سلام ڦيريائون ته سواءِ ٻن طرفن جي چئن طرفن سلام ڦيريائون. ماڻهن ته ٻن طرفن سلام ڦيريو. تڏهن ماڻهن عبدالرحيم رحه کان سوال ڪيو ته تو ڇو چئني طرف ڏي سلام ڦيريو. عبدالرحيم رحه هنن کي جواب ۾ چيو ته شاهه لطيف رحه جنهن طرف سلام ٿي ڦيريو ته ڪعبت الله انهيءَ طرف ڦري ٿي بيٺو ۽ اهڙا ڪيترا مثال آهن. ڪعبت الله شريف پنهنجي جاءِ ڇڏي ويندو آهي. هي مشهور مثال آهي ته ڪعبت الله شريف بيبي رابعه بصري جي استقبال تي هليو ويو هو. ڪنهن الله وارن جي نماز وقت سندن سامهون اچي بيهندو آهي. شاهه لطيف رحه جو چئن طرفن سلام ڦيرڻ ۾ به ڪا مصلحت هوندي. جيڪا ضروري نه آهي ته عام کي ٻڌائي وڃي.
    دائود پوٽي صاحب هڪ ٻي روايت حڪيم معين الدين گلجين نالي هالائيءَ کان آڻي ٿو ته هڪ ڀيري شاهه لطيف رحه پنهنجي هڪ مريد هٿان هيٺيون سوال ميان عبدالرحيم رحه ڏي جواب لاءِ ڏياري موڪليو هو ته:

    سوال: جو مڙني موچارو سو آهي ڪڄاڙو؟

    ميان عبدالرحيم رحه جواب ۾ هي بيت موڪليو ته

    جواب: هڪڙي صحت سرير جي، ٻيو پرين جو پاڙو

    داڪٽر دائودپوٽو صاحب جيئن ته شيخ عبدالرحيم رحه گرهوڙي جي ڪلام مرتب ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ کان ڪم ورتو آهي. جنهنن ۾ هن صاحب نهايت سونهن ۽ صحت سان گرهوڙي صاحب جي هڪ هڪ باب کي ويهي سموهيو ۽ سنڀاليو آهي. انهيءَ ويچار ۽ انهيءَ اڀياس سان سندن هي چوڻ ته شاهه عبداللطيف رح ڪلام جو اثر شيخ عبدالرحيم رحه جي ڪلام تي نهايت گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اها پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي جو ٻنهي فقيرن جو دڳ هڪ ئي هو. واٽ وندر واري ساڳي هئي وڻن ۽ وڻڪار جي ڪيفيت به ساڳئي هئي. فقط مٿين پالش ۾ ٿورو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جو مسلڪ ساڳيو مگر طريقت جو اثر جدا جدا آهي.
    حضرت شيخ عبدالرحيم رحه پنهنجي مرشد حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان جي پيروي ڪندي. جدا جدا موقعن تي شاهه جو شعر شاهدي طور ڪتب آندو آهي. جنهن سبب شاهه لطيف رحه جا ڪيترا شعر سندس شعرن سان رلجي ملجي گڏجي ويا آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن دل ۾ شاهه جي شاعري جي بيحد محبت هئي. بلڪه پاڻ ته ان کي الاهي ڪلام چيو اٿن. جنهن جي سندن چيل هي شعر شاهدي ڀري ٿو ته :

    آهي عبداللطيف تي، رضامندو رحمٰن،
    پڙهيائين پريت مان، باريءَ جو بيان،
    جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو (گرهوڙي*)

    * راضي فقير ذات جو لاشاري بلوچ هو. مون هن فقيرتي ايم اي سنڌي ڪندي مونو لکيو هو. مون سندس 1300 بيت هٿ ڪيا. جيڪي شاهه لطيف جي تتبع تي چيل هئا. کيس شاهه جو سڄو رسالو ياد هو. دائودپوٽي صاحب راضي فقير جي حوالي ڄاڻايوآهي ته راضي فقير کي گرهوڙي صاحب خواب ۾ آيو ۽ کيس بيت جي وچين سٽ جو اضافو ڪري بيت مڪمل ڪرايائينس. (راقم)


    مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

    بزرگ عبدالرحيم رحه گرهوڙي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي وفات 1174هه ۽ بزرگ عبدالرحيم رح گرهوڙي جي شهادت 1192هه جي آهي وچ ۾ فرق صرف ارڙهن سالن جو بيهي ٿو. جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي هن دنيا رحلت ٿئي ٿي ته مخدوم عبدالرحيم رحه ان وقت ۾22 سالن جو نوجوان آهي. اسان سندس زندگيءَ جي 13 سالن ۾ روحاني ڪمال جا رنگ پڙهي آيا آهيون.سندن لاءِ هي عام روايت آهي ته هي ٻئي بزرگ حج جي ارادي سان علي بندر تا ڪي لکن ٿا سورت بندر تان اچي آگبوٽ (ان وقت ۾ جهاز کي آگبوٽ چوندا هئا.) ۾ چڙهيا. ٻي خلق به سڀ چڙهي ويٺي ته اوچتو آگبوٽ اچي لوڏن ۾ پيو. تانجو ڊپ وچان سمورا مسافر آگبوٽ مان لهي ويا. باقي وڃي هي ٻه بزرگ بچيا. جهاز بدستور لوڏن ۾ رهيو. شيخ عبدالرحيم رحه مخدوم محمد هاشم رحه کي فرمايو ته مان لهان ٿو. جيڪڏهن جهاز بدستور لوڏن ۾ رهيو ته پوءِ مون کي اجازت آهي ۽ اوهان کي نه آهي. پرجيڪڏهن جهاز جا لوڏا بيهجي ويا ته پوءِ مون کي اجازت نه آهي توهان کي آهي. مخدوم عبدالرحيم رحه جيئن هيٺ لٿو جهاز جا لوڏا بيهي ويا. عبدالرحيم رحه مخدوم محمد هاشم رحه کي چيو ته اوهان کي اجازت آهي. مون کي نه ملي. منهنجا سردار دوجهان جي روضي تي سلام عرض ڪجان. مسافر جيڪي لهي ويا هئا سي به چڙهي ويٺا جهاز روانو ٿي ويو. مخدوم محمد هاشم رحه جڏهن مديني عالي پهتو سردار دوجهان جي روضي اطهر تي سلام عرض ڪيائين ته السلام عليڪم يارسول الله صلعم کين روضي اطهر مان جواب مليو ته وعليڪم السلام يا محمد هاشم اتي ڪو ٻيو به محمد هاشم نالي موجود هو. تنهن چيو ته مون کي سلام مليا آهن. انهي ڪري مخدو محمد هاشم ٻيهر ورائي سلام عرض ڪيو . ٻيهر به ساڳئي نموني سلام جو جواب آيو. وري به ان محمد هاشم چيو ته سلام جو جواب مونکي مليو آهي. آخر ٽيهر مخدوم محمد هاشم رحه سلام عرض ڪيو ته ٽئين ڀيري وضاحت سان جواب مليو ته وعليڪم السلام محمد هاشم يا محمد هاشم تتوي اي ٺٽي جا محمد هاشم وعليڪم السلام مخدوم صاحب جي اندر ۾ نهايت خوش ٿيا ته پاڻ ڪريمن صلعم کين خواب ۾ ديدار ڏيڻ فرمايو ته اي محمد هاشم اسان توکي سلام جو جواب عطا فرمايو پر جي عبدالرحيم اچي ها ته اسان اٿي بيهي سندس تعظيم ڪيون ها. ۽ اسان جو اٿڻ قيامت جو اچڻ ٿي پوي ها. تنهنڪري اسان کيس حج تي اچڻ جي اجازت مرحمت نه فرمائي. عبدالرحيم رحه تنهنجو مرتبو.


    گرهوڙي صاحب جو تصنيفون:

    بزرگ عبدالرحيم رحه اصول ۽ فروع جو عالم هو. چيو وڃي ٿو ته سندس تصنيفون فقه ۽ سلوڪ ۾ گهڻي انداز ۾ هيون. مگر سندن ڪيترائي ڪتاب مدد خان افغان واري تفرقي ۾ گم ٿي ويا. مدد خان پٺاڻ 1195هه ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي حڪمران جي چرچ تي سندس مدد ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو هو. ۽ ساري سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪئي هئائين. جنهن سبب ماڻهن ۾سخت لڏپلاڻ پئي. سندس وڃڻ بعد ملڪ ۾ ايترو ته ڏڪار پيو جو ڪيترو ئي ذخيرو انهي ڦرلٽ ۽ ڏڪار ۽ لڏپلاڻ جي نذر ٿي ويو. باقي ڪي ٻه ٽي ڪتاب وڃي بچيا. جيڪي هن طرح ٻڌايا وڃن ٿا.
    1.فتح الفصل (عربي) هي ذخيرو در اصل حضرت خواجه سلطان اولياء محمد زمان رحه جي 446 چيل چونڊ مقولن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيل شرح آهي. هي مقولا اصل سنڌي ۾ هئا. ليڪن گرهوڙي صاهب انهن کي عربي زبان جو ويس پارايو. هن بابت سندن استدلال هي هو ته “ والاباس بااختلاف اللسان في اتحاد البيان” زبان جي اختلاف ۾ ڪابه حرڪت يعني اوڻائي نه آهي. جيڪڏهن بيان هڪ آهي ڪاش جيڪڏهن هي نڪتا سنڌي ۾ قائم رهن ها ته خبر پوي ها ته 200 ورهه اڳ سنڌي نثر جي ڪهڙي صورت هئي.*

    *فتح الفصل ويجهڙائي ۾ 2006ع لنواري شريف ادبي ڪميٽي بدين ناليج اداره حيدرآباد مان ٻيهر ڇپرايو آهي. هي ڪتاب 1988ع ۾ڇپيو هو هي ڪتاب منهنجي مطالعي هيٺ آيو. مگر بقول دائودپوٽي صاحب جي ڏاڍو افسوس ٿيو زبان جي تبديلي بيشڪ وڏو هاڃو رسايو. جيڪڏهن عبدالرحيم رحه مقولو سنڌيءَ ۾ رکي ان جو مفهوم ۾ لکي ها ۽ بعد ۾ اهو مقولو سنڌي مفهوم ۾ آندو وڃي ها ته ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها. ٻن يا ٽن سٽن جو مقولو هزارن لفظن جو مجموعو هوندو . معلوم ٿئي ٿو ته عبدالرحيم رح هي مقولا شروعاتي دور ۾ عربي زبان ۾ آندا هوندا. سائين قاسمي صاحب جن به ان جو پورو مفهوم ادا نه ڪري سگهيا آهن . بس فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته اسان جي لاءِ هي خزانو جهڙو آهي تهڙو نه آهي. (راقم)

    2.شرح ابيات سنڌي (عربي)
    جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائودپوٽي صاهب ڪري ”ابيات سنڌي” جي نالي سان سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سهڪار سان ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جا ٻيا به ڪيترا ڇاپا نڪري چڪا اهن. خواجه سلطان الاولياء محمد زمان جو هي تصوف تي جوڙيل بياض تصوف جي عجيب ۽ باريڪ نڪتن جو عجب اسرار آهي. گرهوڙي صاحب به هن بياض جي شرح ۾ تصوف جي بي بپايان بحر جو ٽوٻو ٿي اڀريو آهي. ۽ پنهنجي علمي خزاني مان ڪئين اسرار ويهي بيان ڪيا اٿس.

    3. رسالو گل نما (فارسي) :
    هيءُ رسالو مثنويءَ جي طرز تي لکيل آهي. هن رسالي جو اصل نسخو خواجه گل حسن وٽ موجود هيو. هن رسالي ۾ خواجه گل محمد رحه جي شان ۾ مدح سرائي ڪئي اٿس. هيٺيان ڪجهه بيت فردوس العارفين واري پنهنجي تصنيف جي آخر ۾ ڏنا آهن. جن ۾ فارسي زبان جون غلطيون پڻ آهن.اهي چند بيت اسان هت پيش ڪريون ٿا:
    گل محمد درمناز لها تمام- غير بلبل اين چه داند خاص و عام
    دست مشرڪ گي رسد گل پاڪ را- خاڪ را اين نور ايمان خاڪ را
    خاڪ مسجود ست بهر بوئي گل- جز خراباتي نه باش جائي مل
    عارف آن باشدگه باشد گل شناس- گل ببيند جمله بيند بيقياس
    جان مرجان ولي را دست نيست- رابطه مثان آنچه آندا پوست نيست
    خلق پندارد ولي را شهوئي- روي خود بنيد اورا رحمتي
    تا قيامت آزمايش دائم است- پس بهر دوريولي قائم است

    4.مڪتوبات (فارسي):
    هي مڪتوبات حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي رح جي مڪتوبات جو اختصار آهن.ٻي ڪا خاص خوبي خير ڪا آهي.

    5. مجموعه سنديات (عرف ڪلام گرهوڙي):
    هن نسخي جو اصل درگاهه لنواري شريف جي موجوده سجاده نشين خواجه گل حسن وٽ موجود هو (موجوده سجاده نشين هن وقت موجود نه آهن، دائودپوٽي صاحب جي وقت ۾ زنده هئا. جتان کين ڪلام گرهوڙي جو نسخو مليو هو) جيڪو ماستر شير محمد جو لکيل هو. جنهن کي پاڻ تحقيقي نظر سان سڌاري سنواري شايع ڪرايو اٿن. جيڪو هن وقت سنڌي عوام جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ ماستر شير محمد هن طرح رقمطراز آهي.
    تمام شد مجموع سندي از ڪلام شيخ المشائخ زيده العارفين واصل بالله مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي رح قدس الله تعاليٰ سره. از است احقر الناس جان محمد فخر الله والوالديه مع جميع المومنين والمومنات والمسلمين او المسلمات آمين. برحمتک يا ارحم الراحمين و صلي الله تعاليٰ عليٰ سيدنا محمد وآله واصحابه اجمعين. تاريخ7 ماه جمادي الاول 1293هه.
    هر که خواند دعا طمع داوم- زانکه من بنده گندگارم
    الاهي هر آنکس ڪه ان خط نوشت- عفو کن گناهش عطا کن بهشت
    قارئا بر من مکن قهد و عتاب-من نوشتم آنچه ديدم درکتاب


    گرهوڙي صاحب جون پيشنگويون:

    توڻي جو گرهوڙ شريف جي موجوده درگاهه سنڀاليندڙ سيد احمد شاهه گرهوڙ واري هڪ اعلان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو ته گرهوڙي صاحب طرف ڪيل پيشنگوين جي گرهوڙي صاحب سان ڪابه نسبت نه آهي. مگر ڊاڪٽر دائودپوٽي صاهب هن اعتراف ڪرڻ کان رهي نه سگهيو آهي ته گرهوڙي صاحب جون ڪيل ڪيتريون پيشنگويون حرف بحرف صحيح نڪتيون آهن. پاڻ خود پنهنجن وڏن کان ڪيتريون پيشنگويون ٻڌيون اٿن. ۽ انهن تي ويساهه ڪيو اٿن. توڻي جو پاڻ انهيءَ عبارت کي ڪچو چيو اٿن. ٿي سگهي ٿو ته سندن وڏن يا عوام اندر گردش ڪندڙ پيشنگوين طرف عام طرح ڌيان گهٽ ڏنو يو آهي. بلڪ انجي مفهوم کي وڌيڪ ڏٺو ويو اهي. پوءِ انهيءَ جي ادائگي ۾ ٿي سگهي ٿو ته پنهنجا لفظ استعمال ڪيا ويا هجن. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پيشنگويون عوامي ڪچهرين ۾ گردش ڪندڙ آهن. ڪجهه پيشنگويون هت پيش ڪيون ٿا.

    1. ڇهين پيڙهي ڇيهه ٿيندو ويندس امانتا
    ڪاهي پوندو ڪفر ۾ توڙي منهنجو مرشدا

    2: اولاد احمد ڄام جو، ٿيندو ملحد بيدينا

    3: لڳندي لاڙان، سونچو ٿيندو سري ۾،
    جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي جوکو قنڌاران

    4.لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گهاوَ ڪندا
    لڳندس ڪان ڪراچيءَ ۾، ويندس دهلي هٿا

    5. ڪنگريءَ ۾، ڪوس ٿيندو

    6: سنڌ ڦريي ڦڪي ٿيندي ٿيندي ڀت و ڀت
    ايندي انهن جي هٿ، جن کي ترس نه پوندو تر جو

    7: اتر کان مٿي اگهاڙا ايندا، هتي اچي ديولين وانگر مسجديون جوڙيندا.
    ڪثرت سان روزونماز ڪندا،مگر انهن جي ڪابه نماز قبول نه ٿيندي جو هنن جون دليون ، حسد ۽ بغض سان ڀرليون هونديون.
    8.چون ٿا ته ڪنهن سمي دور ۾ “هندو” سندن خدمت ۾دعا طلبي لاءِ ويا. پاڻ کين چيائون ته ٻڌايو ته مان اوهان جي لاءِ ڪهڙي دعا گهران. هندن چيو ته سائين تون اسان لاءِ دعا گهر پاڻ کين چيائون ته وڃو اوهان کي دولت گهڻي ٿيندي. هندن عرض ڪيو ته سائين! اسان دعا گهر پاڻ کين فرمايائون وڃو اوهان هندستان جا بادشاهه ٿيندا. هندن وري التجا ڪئي ته سائين اسان لاءِ دعا گهر پاڻ کين فرمايائون ته وڃو هر هڪ مسلمان ٻه ٻه هندواڻيون پرڻبو. هندو اهو ٻڌي اٿيا هليا ويا.


    بزرگ عبدالرحيم گرهوڙي رحهجي پيشنگوئي سان الحاقي ڪلام

    بسم الله الرحمان الرحيم
    چوان حمد حڪيم کي سهسين سو ڀيرا
    پڙهان صلوات سرور مٿي هر دم هميشا
    آل ۽ اصحابن تي منجهئون محبتا
    آهي ڪشف ڪتابن ۾ اهڙي پچارا
    جڏهن چوڏهون سن ٿيندو ظاهر ظهورا
    ويندو حياءُ شرم ڇڏي ٿيندي زور زنا
    ماڻهو ڦري مرن جي ماڳ ٿيندا سڻج حقيقت حالا
    ڪي هوندا بڇڙا بدعتي ڀنگي بيدينا،
    ڪي جاهل بڻيا جڳ ۾ ڪي هوندا حيوانا
    ڪي ڪوٺائيندا پاڻ کي واجب وڏيرا
    ڪي پير ڪي سيد پاڻ ۾ هوندا دائم دشمنا
    ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ کان ٿيندو ڀڄي بيزارا
    ويجهو نه سهي هڪٻئي کي توڙي هجي عزيزا
    عبادت نه ڪندا، الله جي مطلقا مورا
    اولاد احمد ڄام جي هوندا بلڪل بيدينا
    ڪي رفض ۾ رلي ويندا ڪي شيعا شوخ ٿيندا
    راهه رهبر رسول جي ۾ پاپي پير نه پائيندا
    ڪي حج تي هلندا وٺي رٺن جا رايا
    ڪي مڙي مسجدن ۾ لکندا ڌڙيل تعوزا
    هاڻي ويس وڳا درويشن جا ٻڌو اهڙا
    هٿ جيتري چڍي هوندين مٿي مقعدا
    هڪ هٿ ڪپڙي جو رکندا پنهنجي مٿي اتان
    ارهه اگهاڙا آدمي نرتئون نادانا
    جتي نه پائين پير ۾ لوئي نه لڱن مٿان
    ماڻهن جي مرڻ کي غنيمت ڄاڻندا
    عورت جي آواز کي گهڻو پسند ڪندا
    فرمودي ڪريم جي ويجهو مور نه ويندا
    محنت کان مولا جي هوندا ڪاهلا
    جي روئن سڄيون راتڙيون تن لاءِ بشارت آهه
    ان الذين يخشون ربهم بالغيب اهڙا اهڃاڻا
    جيسين نه ڪهين نفس کي تيسين ملڻ مشڪل آ
    ڪتي ڪميڻي نفس جو نه مڃ فرمودا
    جو آهي سرڪش سڀين پرئين مٺل مردودا
    ڪيريندو ڪفر ۾ نجس نادانا
    پڻ پروردگار جو، رويت رحمانا
    محبت ري ميسر نه ٿئي هئين سين سڻيجاءِ
    عشق جي آڙاهه ۾ سورهيه سر ڏيندا
    منصور جهڙا ميدان ۾ ڪاهي سي پوندا
    “ العشق فاريحرق ما سواالله”من ۾ مچ مچاءِ
    هاني ڪريان ڳالهڙي سا پڻ سڻيجاءِ
    اچي ڦرڪو ڦرندو آگي جي اسرا
    ڪلهوڙو ڪوچ ٿيندو نورو نادانا
    پوندا گهڻو رقص ۾ مارايندا مقتدا
    پوءِ ايندي قوم هڪڙي مغرب جي پارا
    آتش باز انسان جي ڀوت هوندا ڀولڙا
    ڪندا حرفعون ڪيتريون ۽ هزاري هنرا
    ڪندا جنگ عظيم گهڻي منجهه دهلي جي شهر
    حضرت سليمان جي تخت کي ڪندا بيحد بي تعظيما
    رکندو پناهه ۾ تنهنکي قادر ڪريما
    سندن حرفتن جو هاڻي ٿو ڪريان بيانا
    انگلش انجڻون ڪيتريون هلنديون زمين مٿان
    گڏهيون ڊوڙنديون شهرن ۾ ڏاڍي ڌوم ڌڪاءِ
    وينديون واڪا ڪنديون جلدي جوش منجهان
    بڇڙا آواز تن جا هوندا گڏهن جي مثلا
    پتيون ڏيئي پيرن ۾ واڪا ڪنديون ويندياءِ
    چرخ اڏامندا آسمانن ۾ مڪڙن جي مثلا
    ڪو ڦيرائيندا ملڪ ۾ ڪاغذ زر ڪندا
    ڪاغذ ڦيري ڪارا ڪندا موتي مرجانا
    پوندا ملهه ان مٿي بيحد بي شمارا
    پاڻ پارائيندا. سي موذي مردودا
    پاڻ جو پاڻ ڌڻي رکيو گهڻو شرفا
    سي ساڙائيندا سوئر مهان اندر آتشا
    ڇڏائيندا دين محمدي مرقد ملحدا
    ڪندا دين عيسيٰ جو ڪافر قبولا
    پائي پتلونون پيرن ۾ ڊريس ڍڪيندا
    اي بي سي هوندي سڀني جي واتا
    انگلش ۾ انگريزن جي ٿيندي ٻولي لسانا
    حاڪم ٿيندا ملڪ وڏي نا سا
    پائي قميصون قيمتي سهسين سون رپا
    ظلم ڪندا بدعتي بڇڙي اُپارا
    هوندا خراب خير ۾ وڃائيندا واقعا
    نه نيت نماز جي هوندين نه حد هلالا
    زڪوات نه ڏيندا مال جي پاپي پليدا
    سبب ان جو هوندو حراما
    روڳ گڏائيندا رڳ سين مرن سندو ماسا
    نه کائج مزدورن جون مانيون مليندا
    مرونءَ جي چرٻي سان ماني مکيندا
    جي ڳوڙها رت سين مهٽيل مسڪينا
    “ الناس عليٰ دين ملوڪيم” فرمايو رسول خدا
    ماڻهو مٿي وهندس رعب رغبتا
    اچي پوندس کوٽ خزانن ۾ ڪڍندو ڏيوالا
    تيرنهن سو چوونجاهه هجري ۾ ٿيندو زلزلا
    ويندو تڙجي ملڪ مان ڇڏي هند سنڌا
    لرزش پوندس لنڊن ۾ ڦٽي ويندس انگستانا
    ٿيندو ظهور امام مهدي جو آسمان جي پاران
    تيرهن سو ڇاونجاهه هجري انشاء الله تعاليٰ
    مناديون ڦرنديون ملڪن ۾ آسمان جي پاران
    ******


    پيشنگوئي بزرگ فقيرعبدالرحيم گرهوڙي رح

    آهي ڪشف ڪتابن ۾ اهڙي پچارا
    ته لوڏو ايندو لواريءَ کي ويندس زينتا
    ڇهين پيڙهي ڇيهه ٿيندو ويندس امانتا
    ڪري پوندو ڪفر ۾ جيتوڻيڪ منهنجو مرشد آ
    چوائيندو پاڻ کي آهيان رسولِ خدا
    اهڙا آثار ظاهر ٿيندا بلڪل ظهورا
    چوائيندو پاڻ تي ڪلمون شريفا
    لا الله الا الله محمد زمان رسول الله
    هاڻي سجاده نشين جو ڪريان بيانا
    پرور پيدا ڪندو صاحب سنڌ منجهان
    روضي ڌڻي رهبر ٿيندو سچو شير شجاع
    ڪروڙين ڪرامتون تنهنجون جوڙيون جبارا
    عاشق ٿيندو الله جو جانب جلوي جمالا
    نور تنهنجي نراڙ ۾ ڪندو شمس جان شجاع
    ٻيا وليءَ سنڌ ۾ سڀئي ستارا
    سهائي شمس جي ڪري وڃڻ کي ويا
    بجلي ٻرندي، بتيءَ جو ڪهڙو قدر آ
    سيد ڌارا دين ۾ اونداهه ۽ عيبا
    بادشاهه ولين جو مٿاهون مڙين آهه
    شريعت شان محمدي حقيقت راهه هوا
    سڀئي سڳورا سڀئين پرئين اولادا اميرا
    هڪڙو پيدا ٿيندو عارف غوث اولياء
    ٻيو پيو پيدا ٿيندو ماڻۡ موجو درياء
    چوٿون پيو پيدا ٿيندو اڪمل سر اولياء
    سچي راهه رب جي وٺندو دائم مداما
    شبيه شڪل محمدي صورت سردارا
    هوندي نشاني تر جي ڏائي اک جي پاران
    اجاريندو دين احمدي صاحب سچ ورنا
    صاحب سڳورو سڀئين پرئين ورنه وير ويا
    داناء حڪيم حڪمت ڌڻي دائم درويشا
    پڳ جڙندس پيغمبري مير محمد شاهه
    فتح ڪوٽ خيبر ٿيو حبيب جي مٿان
    هاڻي بيان پير جو صحيح سڻجا
    ننڍڙو نشان ٿيندو بلوغت بادشاهه
    تيرنه سو ڇاونجاهه هجري ۾ ٿيندو زلزله
    نصارو ويندو نگو سار ٿي هند سنڌ مٿان
    ويندو نصارو مردود سو قادر جي قهرا
    ڪمان سڀ ڪنهن ڪڇ ۾ گولي گجرانا
    ويندي سوڀ يورپ جي ٿيندا قاروني ڪورا
    ڪراچيءَ ۾ ڪان لڳندن ، ويندن حيدرآباد مٿان
    ملتان ۾ مارو ٿيندو دهليءَ ۾ در پوريا
    لنڊن ۾ لغور کي گولا گهاءَ ڪندا
    پٽ پوٽا پليد جا ڪري ڪوٽ پوندا
    ڪلڪته ۾ ڪيس ٿيندو بمبئي بازارا
    نڪو دهلي رومي روم ۾ نڪو ايران آبادا
    ابي ڏاڏي شهيد سو ورنه وزرا
    سامي سيد سڀين پرين ماڻڪ موج درياهه
    سنڀري ويهو تيار ٿي هميشه ساڻ هٿيارا
    ايندي قوم هيڪڙي مغرب جي پاران
    ڪنگري ۾ ڪوس ٿيندو وڏي جنگ جدالا
    ڪيئي مرندا مومن سي ظلم جي زورا
    هوندي سختي شاهه سين ست ڏينهن سمورا
    تنها پوءِ اڀرندو تارو هيڪڙو صبح سج پاران
    اڀرندو وقت پهر ڏينهن گردي غبارا
    چار سو شاخون تنهن ۾ ٿينديون رنگي رونقا
    تنهن مان ڪڪر ٿيندو هيڪڙو اُتر جي طرفان
    دهشت ڏاڍي تنهين ۾ هوندي ڪاري رونقا
    ٻيو پڻ ڪڪر پيدا ٿيندو مدينه مٿان
    اڀرندو طرف مشرق جي بيحد بيحيا
    ساڙيندو خلق خدا جي اڏائيندو اُلا
    ٽيون ڪڪر پيدا ٿيندو مدينه مٿان
    وسائي پاڻي پوکن تي اڀاريندو سلا
    چوٿون ڪڪر پيدا ٿيندو مدينه مٿان
    ستر هزار رونقون تنهن ۾ هونديون هميشه
    ستر هزار ملائڪن جا ظاهر ظهورا
    هڪڙو تخت هوندو تنهن ۾ سونهري صورتا
    چڙهيل هوندو چانگو مٿس مهدي مهدارا
    صوبا صحيح سيد جا ستر سلطانا
    پهريون صوبو سنڌ ۾ ڪنگري منجهارا
    ٻيو صوبو دهلي ۾ عليءَ جي اولادا
    ٽيون صوبو هندستان ۾ لاشڪ اهو آهه
    چوٿون صوبو ڪڇ ۾ جيلاني جوانا
    بادشاهي امام مهديءَ جي ست ورهيه سمورا
    غيب جي خبر خاوند کي جو مولو مختارا
    وينداسين ايمان سين ڪلمون پاڪ پڙهندا
    لا الله الا الله محمد رسول الله
    ******


    مولود شريف

    آهي سڪ ساهه جن ۾ چميا پيزار پرين جا
    ڏسي ديد حضرت جو ڪيان ڪهڙي ڳالهه وصفن جي

    وحو واحد ڏانهن آيو وٺي بوراق بهشتن مان
    اٿو سردار ڪيو سعيو آهي درڪار محبن جي

    سچاسردار تنهنجي پيزار ڪيو گلزار عرش کي
    قمر تارا ڏين ڳارا ڪرن تعريف پيغمبر جي

    لبن دندان تان قربان ٿيان لک بار سو ڀيرا
    او شڪر شيرين کان ڀانيان مٺي گفتار عجيبن جي

    آهوءَ کون نيڻ ٿيا افضل نور هن نيڻ نرمل جا
    ڪٿون ٿن نور پرور جو ڪيان ڪهڙي ڳالهه قدرت جي

    لوهر جي پوڪار سڻ سردار ڪيو آ جو گناهن کان
    لک رمضان ڪيا شڪرانه آهيو آڌار يتيمن جي
    *****


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 467
    ڪتابن جو مشاهدو: 397307
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 160522
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ