ڪتاب جو نالو: لـهندڙ سج جي لام
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 05 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1755 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 704 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”لهندڙ سج جي لام “ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن ۽ ليکن جو مجموعو آهي.
هو لکي ٿو ”انهن ئي ڏينهن ۾ مان خوفناڪ اوڙاهه ۾ وڃي ڦاٿو هوس. ٿاڦوڙا هڻندو هوس، پر اوڙاهه مان نڪري نه سگهندو هوس. تڏهن اوچتو، الاءِ ڪٿان، زندگيءَ ۾ پهرين دفعي سنڌو منهنجي آڏو اچي بيٺي هئي. هٿ وڌائي مون کي اوڙاهه مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتو هئائين“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب ـــ ارپنا Dedication
  • سنڌ سلامت پاران
  • آتم ڪٿا : 1960
  • ڀٽائي گهوٽ جي ڪلام ۾ افسانوي پهلو
  • سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
  • رڻ ڳجيو، راڙو ٿيو
  • سڪڻ ۽ سوري
  • جڏهن سڄڻ ياد پياس
  • بندر بازاريون
  • لامڪان
  • شاهه ۽ ايڇ ـ ٽي سورلي
  • عاشق زهر پياڪ
  • وحدت الوجود جو احساس
  • سيني ۾ سنگرام
  • سنڌ جو منصور
  • سيني ۾ صنم
  • ادب بابت خط
  • ادبي روح رهاڻ
  • ڪڏهن منجهه ڪوٽن
  • ڳوليان ڳوليان م لهان
  • ادبي خط
  • جوڳين جوڳه اجوڳه
  • موت جو آواز
  • سکر ۾ هڪ سنڌيءَ سان ملاقات
  • اگهيو ڪائو ڪچ ...
  • اديب ٿيڻ جا ڪجهه راز ۽ رمزون
  • اليگزينڊر سولز هنستن
  • ادب ۽ نعريبازي
  • ڪرشن چندر جو بيج ناٿ
  • ذڪر منٽو جي هڪ ڪهاڻيءَ جو
  • البرٽ ڪاميو
  • ڪردارن جي ڪهاڻي
  • تنقيد ۽ ادبي وٺ وٺان
  • سياسي ادب
  • جيمس بالڊون
  • سونهري اصول
  • اياز تي اُلرون
  • ڪرشن چندر جو لاڏاڻو
  • مذهب جي نالي ۾
  • ديسي اديب
  • ادبي فراڊ
  • چارلس ڊڪنس
  • رسول ميمڻ
  • الف ليليٰ
  • ليکڪ ۽ سرحدون
  • آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي جو جائزو
  • ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي
  • ورهاڱي جو محشر : ڪرشن چندر جي ڪتاب ”غدار“ جو مهاڳ
  • روايت جي ابتڙ : ماهتاب محبوب جي ڪتاب ”پرهه کان پهرين“ جو مهاڳ
  • رفيق سومري جي ڪتاب جو مهاڳ : مهاڳ ـ جيڪو اصل ۾ امهاڳ آهي
  • امهاڳ : رسول ميمڻ جي ڪتاب ”ڪافر ديوتا“ جو مهاڳ
  • انگريزي ۽ سنڌي اُچار وارو سفر : الطاف شيخ جي ڪتاب ”بندر بازاريون“ جو مهاڳ
  • مان ڀَڄان، مان ڀُران، تڏهن به تنهنجو آهيان
  • اعتراف جي شام
  • ڪا شام هجي ۽ لهندڙ سج جي لام هجي

  • انتساب ـــ ارپنا Dedication

    ڪراچيءَ جي گهٽين، گهيرن ۽ رستن، خاص طرح سان پاڪستان چوڪ ۽ گرومندر جي نالي جتي فيلڊ مارشل ايوب خان جي استحصالي قوتن خلاف ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اسان دوستن جنگيون جوٽيون هيون.

    امرجليل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (213) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”لهندڙ سج جي لام “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار مرتب ناميارو ليکڪ ۽ دانشور امر جليل صاحب جي قصن، ڪٿائن ۽ ليکن جو مجموعو آهي.

    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    آتم ڪٿا : 1960

    آتم ڪٿا ائين نه لکبي آهي جيئن مان لکي رهيو آهيان. آتم ڪٿا ۾ نه ربط آهي، نه ئي تسلسل آهي. مون کي اِن اوڻائيءَ جو احساس آهي. مون کي اِن ڳالهه جو پڻ احساس آهي ته اهڙي اوڻائيءَ جو لاڳيتو مرتڪب ٿيڻ کان سواءِ مان آتم ڪٿا لکي نه سگهندس. اڳتي هلي آتم ڪٿا جا مختلف باب تسلسل جي اوڻائيءَ سميت ڪتابي صورت ۾ جڏهن اوهان تائين پهچندا تڏهن اوهين محسوس ڪندا ته منهنجو اتاولو روح مُني صدي، 1936 کان 2010 تائين ابابيل وانگر وراڪا ڏيندو رهيو آهي. مان لمحن جو قيدي ناهيان. مان لمحن جي وس ۾ نه آهيان. لمحا منهنجي وس ۾ آهن. مان جڏهن چاهيان تڏهن وَيَل لمحن ۾ جيئرو رهي سگهندو آهيان ـــ گذري ويل لمحن ۾ ملي، ۽ ملڻ کان پوءِ وڇڙي وَيل صورتون ۽ مورتون ڏسي سگهندو آهيان. سندن پاڇولا پسي سگهندو آهيان، ۽ سندن پڙلاوءَ ٻڌي سگهندو آهيان. ماضيءَ ۾ موٽي وڃڻ لاءِ مون کي تسلسل جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
    1936 کان 2010 تائين، مُني صديءَ جي سفر ۾ 1960 وارا ڏهه سال مون کي چٿي، چيڀاٽي، ڊاهي ۽ وري ٺاهي ڇڏڻ وارا ڏهه سال آهن. اِهڙا ڏهه سال نه اڳ منهنجي زندگيءَ ۾ آيا هئا، ۽ نه اڄ تائين آيا آهن. مون کي انيڪ سنسن ۽ وهمن کان نجات ملي ويئي. خالق بابت مخلوق جي ڏند ڪٿائن کان مون کي مُڪتي ملي ويئي. آپگهات بابت منهنجو نظريو پختو ٿي پيو. آپگهات ڪري مري وڃڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهو ٻيهر جيئرا ٿي پوندا آهن. منهنجين ٻانهن ۾ امان جي اُسهڻ مون کي پڪ ڏياري ڇڏي ته انسان بي وس آهي. هو فقط ڪوشش ڪري سگهي ٿو. نتيجو سندس هٿ ۾ ناهي. انهن ڏهن سالن ۾ صوفي مت بابت ڊانوان ڊول ٿيندي مون کي گوتم جي گيان جو گس ملي ويو. مون کي اِها آگاهي به ملي ويئي ته مذهب نه ننڍا هوندا آهن، ۽ نه وڏا هوندا آهن. مذهب نه اهم ٿيندا آهن، ۽ نه غير اهم ٿيندا آهن. هر ڪو مذهب پنهنجي يقين ڪرڻ ۽ مڃڻ وارن لاءِ وڏو ۽ اهم مذهب هوندو آهي. جڏهن به ڪو مذهب پاڻ کي اُتم ۽ اعليٰ مڃائڻ جي هوڏ ۾ سرحدون لتاڙي ويندو آهي تڏهن معاشرن ۾ خونريز ممڻ مچائيندو آهي ـــ مختلف تهذيبن جو پاڻ ۾ تصادم ٿيندو آهي.
    انهن ئي ڏهن سالن ۾ منهنجي لاءِ اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلمن جا در کلي پيا. مون تخليقي دنيا کي تمام ويجهڙائيءَ کان ڏٺو. خارجي حالتن جو اثر لازمي طرح ادارن جي باطني حالتن تي پوندو آهي. ٻاهرين دنيا جي ڪرپشن ۽ ڪڌائين جي ڇاپ فن ۽ فنڪارن جي دنيا تي لڳل هئي. مايوسيءَ بدران مان بد دل ٿي پيو هوس. مون کي پڪ ٿي ويئي هئي ته پاڪستان ۾ تخليقي ادارا ٻوٽو ٻاري نه سگهندا. چاليهه پنجاهه سالن کان پوءِ ڏسان پيو ته فلم انڊسٽريءَ کي ذري گهٽ تالا لڳي ويا آهن. لاهور ۽ راولپنڊيءَ کان سواءِ سموري ملڪ ۾ ٿيٽر جو نالو نشان ڪونهي. ريڊيو ڊرامو ٻڌڻ وارو اوهان کي ورلي لڀندو. باقي ويهه ٽيهه ٽيليويزن چينل ماڻهن جو روح ريجهائي ويٺا آهن. پينٽنگ، سنگتراشي، ۽ سنجيده موسيقيءَ ويراڳ وٺي ڇڏيو آهي. اڳڪٿين جي صحيح ثابت ٿيڻ مون کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو ته مان ڪٿي عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو مائٽ ته نه آهيان!
    انهن ڏهن سالن جي شروعات ۾ مون سنڌ ۾ وڏيرائپ جي بدترين شڪل ڏٺي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته سنڌي ماڻهن جي مڪمل تباهي وڏيرن، پيرن، ميرن، سيدن، جاگيردارن هٿان ٿيندي. هاڻوڪي ٻوڏ (2010) ۾ سڄي دنيا تباهه حال سنڌي ماڻهن جي جهلڪ ڏسي ڇڏي آهي. اِهي مسڪين ماڻهو وڏيرن ۽ پيرن ميرن جا هاري ناري آهن. وڏيرن کين اڻپڙهيل، بکايل ۽ ستايل رکي پنهنجي پنهنجي ووٽ بينڪ پختي ڪري ورتي آهي.
    انهن ڏهن سالن ۾ مون نوڪريءَ جي ٽوڪري مٿي تي کڻي ورتي. انهن ئي ڏهن سالن ۾ مون پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي کان وڏي فراڊي اليڪشن ڏٺي جنهن ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان صدارتي چونڊ ۾ فاطمه جناح کي شڪست ڏني هئي. ماڻهن جي غضب کان بچڻ لاءِ ايوب خان 1965ع ۾ هندستان سان هٿرادو جنگ جوٽي هئي. اُن زماني ۾ عام افواهه هليو هو ته ايوب خان کي فاطمه جناح کان چونڊ کٽائڻ پٺيان ذوالفقار علي ڀٽي جو هٿ ۽ دماغ هو.
    انهن ڏهن سالن ۾ اسان ذوالفقار علي ڀٽي کي بغاوت ڪري، ايوب خان کان ڌار ٿي سياسي مدبر وانگر اُڀرندي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وجهندي ڏٺو هو. انيڪ اوڻائين جي باوجود پاڪستان جي تاريخ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کان ذهين، ۽ مقناطيسي ليڊر اسان اڄ تائين سياسي افق تي نه ڏٺو آهي. مرڻ مهل انسان جي ڪردار جي پروڙ پوندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو آمريت جا عذاب سهندي چٿجي چُور ٿي پيو، پر جهڪيو نه.
    انهن ڏهن سالن جي شروعات ۾ مون پهرين عشق ۾ پنهنجي ناڪاميءَ کي قبول ڪيو، ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو. پر، منهنجو عشق گهٽ نه ٿيو آهي ـــ نه ئي اڇي ڏاڙهيءَ ۾ ٻڍو ٿيو آهي، بلڪه جوان ٿيندو رهيو آهي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ مان خوفناڪ اوڙاهه ۾ وڃي ڦاٿو هوس. ٿاڦوڙا هڻندو هوس، پر اوڙاهه مان نڪري نه سگهندو هوس. تڏهن اوچتو، الاءِ ڪٿان، زندگيءَ ۾ پهرين دفعي سنڌو منهنجي آڏو اچي بيٺي هئي. هٿ وڌائي مون کي اوڙاهه مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي ورتو هئائين.

    امر جليل
    28 ، آڪٽوبر 2010
    B-702, Sand View Homes
    Frere Town, Clifton, Karachi.
    Emial: amarjaleel@link.net.pk
    amarjaleel36@gmail.com


    ڀٽائي گهوٽ جي ڪلام ۾ افسانوي پهلو

    8 ـــ آغا بلڊنگ
    بارنس اسٽريٽ
    ڪراچي ـــ 3

    برادرم وفائي صاحب
    پر خلوص عقيدتن سان.
    ساڳيو ادبي مسئلو کڻي اڄ وري حاضر ٿيو آهيان.
    قتل ڪرڻ جا ٽي طريقا هوندا آهن. هڪ ڇريءَ سان، ٻيو ڪنهن جي گهاٽين پنبڙين وارين سياهه اکين سان ۽ ٽيون تعريفي جملي سان. مون کي پڻ مخلص تاج بلوچ سنڌي ادب جو سلجهيل دماغ افسانه نويس لکي گهائل ڪري ڇڏيو آهي. کيس اعتراف آهي ته مان سٺو افسانه نويس آهيان. مان ۽ افسانه نويس! ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ باغي، ضدي، سماج جي ذليل رسمن رواجن جي دشمن لاءِ اهي تعريفي جملا ڪيئن چيا ويا آهن.
    سنڌي ادب ۾ تنقيد جو ٻيو مطلب آهي بي همت ۽ دلشڪسته ڪرڻ. پر، تاج صاحب ڇو ان پراڻي تحريڪ کي ٽوڙي ڇڏيو؟ ڇو سندس قدم روايتي نقش تان هٽي ويا؟ ۽ ڇو اڄ هو هڪ دلشڪسته انسان جو مداح ٿي پيو؟ شايد ان ڪري ته سندس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ افسانن لاءِ ڪا گنجائش ضرور آهي کيس افسانه آکاڻيون ۽ قصا ڪهاڻيون ضرور پسند آهن ۽ ان امر کان هو صاحب شايد پاڻ به انڪار ڪري نه سگهي.
    برادرم وفائي! اها پسند هر انسان جي فطرت آهي. ۽ جي اها پسند انسان جي فطرت آهي ته پوءِ هڪ ڏينهن منهنجو دوست تاج بلوچ پڻ Fiction جي فاعدي ۽ اهميت تي هڪ مضمون ضرور لکي ويهندو. کيس مڃڻو پوندو ته ڪرشن چندر افسانا لکندو آهي. کيس اهو به مڃڻو پوندو ته پيسٽرنڪ ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ لکي 1958ع جو نوبل انعام حاصل ڪيو هو.
    هو صاحب ان حقيقت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نه سگهندو ته وڪٽرهيوگو ۽ ليوٽالسٽاءِ دنيا جا عظيم ناول نگار آهن. سندن نالو سج ۽ ستارن سان سمائجي هميشه چمڪندو رهندو.
    جيتوڻيڪ جئڪس روسو ۽ ٿامس ڪارلائل مفڪر آهن، پر تڏهن به سندن تحرير ۾ Fiction شامل آهي. ڇا روسو جي مشهور ڪتاب ”ايميليءَ“ جو ڪردار بذات خود افسانوي ڪردار جهڙو ڪونهي؟ جيڪڏهن تاج صاحب اڃان به فڪشن جي اهميت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، ته مان کيس ثابت ڪري ڏيکاريندس ته شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف جي ڪلام ۾ پڻ Fiction سمايل آهي.
    دلي جذبات ۽ انساني فطرت کي ڪاغذ تي اتارڻ ئي ته فڪشن آهي. ڪنهن جي انتظار ۾ واٽون نهاريندي پرهه ڦٽي پرڀات ٿئي. ڪنهن جي انتظار ۾ اميدن جا ديپ جلائڻ ـــ هجر ۾ بيقرار ۽ بيچين رهندي اهو چوڻ ته:
    شمع ٻاريندي شب پره باکون ڪڍيون،
    موٽ مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ رب،
    تنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا.
    ڇا ان مان ڪنهن قصي جو پهلو نه ٿو بکي؟ ڀٽائي گهوٽ پنهنجي ظاهري اکين سان ڪنهن به بابو بيکاريءَ کي ڪاڪ کان ايندي نه ڏٺو هو. پر هن صاحب فطرت ۽ مشاهدي جي مالڪ من جي اکين سان ان مجروح انسان کي ڏسي ورتو، جنهن جو جگر مومل جي مجاز ڪومل ڪري ڇڏيو.
    ”ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون ڳوڙها پيس ڳري.“
    ڇا فراق ۾ فنا ٿيل جو حال قصا ۽ ڪهاڻيون لکندڙ کان سواءِ ٻيو ڪوبه لکي سگهي ٿو؟ ها، باقي مان ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگهان ته ”ٻئي کي نڪ ۾ نوڙي وجهي هلائڻ جو راز“ ۽ ”برهانپور جا اوليا“ قصا نه آهن. اُماس جي ڪاري رات ۾ وسيلا وساري، موجون ماريندڙ مهراڻ ۾ هڪ تنها عورت جو ڪچو گهڙو کڻي گهڙڻ ۽ روح جي گهراين مان اها دانهن ڪرڻ ته:
    ”درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي ــ“ ضرور قصي ۾ ويڙهيل حقيقت آهي. برادرم وفائي! ذرا ان عورت جي باري ۾ سوچيو جيڪا جبلن جي لڪن مان بي يارو مددگار رڙهي آهي سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ۽ وار پريشان آهن. بکايل ۽ اڃايل پنهنجي پرڻ ٿيل پيرن کي سمجهائي رهي آهي، ته:
    ”متان ٿي اونداهه پير نه لهين پرين جو“
    ۽ پوءِ جڏهن سندس ڦـٽيل ۽ ڇليل پيرن ۾ جبلن جا نوڪدار پٿر ٿا چڀن ته روئيندڙ اکين سان جبلن ڏانهن نهاري چوي ٿي.
    ”ڏونگر مون نه ڏکوءِ آءُ اڳ ڏکوئي آهيان.“
    شاهه صاحب نظم جي روپ ۾ افسانا چيا آهن ۽ اهو ئي سندن شهرت قابليت ۽ عظمت جو قوي دليل آهي ۽ ان جي برعڪس جي شاهه صاحب اهو ٻڌائي ها ته گنجي ٽڪر تي سڀ کان اول ڪهڙو فقير پهتو هو، ته يقين اٿم ته کيس تقسيم هند تائين ته ڪوبه نه پڇي ها ۽ تقسيم هند کان پوءِ سندس گنجي ٽڪر جو ڪتاب ڪنهن نيم سرڪاري اداري مان (رنگين ڪور ـــ سٺي ڇپائي ـــ اوچو پنو قيمت ٽي رپيا ۽ ڪاپيون ڏهه هزار شايع ٿئي ها.
    برادرم وفائي! مون کي ٻڌايو ته ڪهڙو سالم دماغ سنڌي گنجي ٽڪر جهڙا کهرا، غير دلچسپ، خشڪ، ناقص ۽ ناڪارا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندو؟ مان يقين سان لکي سگهان ٿو ته نوي فيصد پڙهيل سنڌي مرد ۽ عورتون اردو ناول ۽ افسانا پڙهنديون آهن. سبب؟ سبب اسان جي ادب ۾ ان صنف جي غير حاضري آهي. موجوده دور جي تقاضائن کي فقط ناول ئي پورو ڪري سگهن ٿا. سماج جي گندن رواجن کي فقط فڪشن سان ئي نهوڙي ناس ڪري سگهجي ٿو. پر سنڌي رهنما ان صنف جي اهميت کان انڪار ڪري، ظاهر ڪري رهيا آهن ته اسان جا رواج ۽ ريتون رسمون سڌريل آهن. ڇا اهو سچ آهي؟ جن کي به سنڌي سماج تي ناز آهي مان انهن کي عرض ڪندس ته هو پنهنجي دعويٰ کي صحيح ثابت ڪري ڏيکارين.
    افسانن ۽ ناولن ۾ هر دکي، ٺڪرايل، ستايل، تنها ۽ اُداس انسان لاءِ آرام، اميد، سک ۽ سانت سمايل هوندا آهن.
    ڇا اسان خوشحال، بي غم، آسودا ۽ هر فڪر کان آجا آهيون؟

    توهان جو پنهنجو

    1960


    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

    سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

    (مقالو، جيڪو هڪ ڪاليج طرفان شاهه لطيف جي ورسيءَ ۾ شاگردن آڏو پڙهڻ نه ڏنو ويو.)

    مون هڪ شانائتي، هشمت واري ۽ بيحد عظيم انسان کي سفر لاءِ سامان ٻَڌندي ڏٺو. هو پير مرد هو، ۽ سندس وجود مان سنڌ ملڪ جي مٽيءَ جي سڳنڌ پئي آئي. مون کيس ڄاتو، سڃاتو، ۽ سندس پيرن جي پڻيءَ جو پيشانيءَ کي تلڪ ڏنو. مون کي يقين نه پئي آيو، ته هو ڪڏهن سنڌ ڇڏڻ جي سنبت به ڪندو. هڪ دفعي جڏهن هن ڪربلا جي سفر جو ارادو ڪيو هو، تڏهن ڪنهن چيو هوس ته، تنهنجي زندگيءَ جي سفر جي پڄاڻي آهي، سنڌ کان ٻاهر وڃي ڇا ڪندين! تڏهن هو سنڌ ۾ رهي پيو هو. ڪربلا جي سفر جو ارادو لاهي ڇڏيو هئائين. هن پنهنجي حياتي، حياتيءَ جو مقصد، ۽ عظيم فن جي تخليق جا جوهر سنڌ ماءُ جي جهول ۾ وڌا هئا، ۽ مرڻ کان پوءِ هن پنهنجو بي بقا بُت سنڌ ماءُ جي مٽيءَ کي ڏيڻ جي تلقين ڪئي.
    هو اڳ به سفر تي روانو ٿيو هو. سالن جا سال سنڌ کان ٻاهر رهيو هو. هن لکپت ۽ گرنار، جيسلمير ۽ ٿر، لاهوت لا مڪان، ڪابل ۽ هنگلاج جو سفر ڪيو هو. تڏهن سنڌ وارن جي هنياءَ ۾ هٿ نه پيو هو، تڏهن سنڌ ديس جي ڌرتي درد ۾ نه ڦٿڪي هئي، تڏهن سنڌو درياهه ڪپر وٽ ڪُن هڻي پنهنجي ارمان جو اظهار نه ڪيو هو، سنڌ مٿان بيٺل آسمان اُداس نه ٿيو هو ـــ تڏهن سنڌ ملڪ جي ماڻهن واچوڙن ۾ وار کولي ماتم نه ڪيو هو. هنن کي خبر هئي ته هو موٽي ايندو ـــ موٽي ايندو ۽ سنڌ جي سينڌ سنواريندو. 1972ع جي سنڌين وانگر 1712ع جي سنڌين کي خبر هئي ته جيئن خالق ۽ مخلوق، رت ۽ رت جو ريٽو رنگ هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، تيئن هو ۽ سنڌ هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. ٻنهي جو وجود هڪٻئي کانسواءِ بمعنيٰ ۽ بيمقصد آهي. ٻئي هڪٻئي کان ڌار ٿي ائين ويڳاڻا ٿي ويندا، جيئن روح بنا زندگي.
    1972ع ۾ جڏهن مون کيس سفر لاءِ سامان ٻَڌندي ڏٺو، تڏهن مون ڪڪرن کي ڪرندي نه ڏٺو، تڏهن مون سنڌ ديس جي سرويچن کي ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ ڏيئي نينهن جا نعرا هڻندي ڏٺو. تڏهن مون سنڌ ملڪ جي ماڻهن جو ٻرندڙ جبل جي اندر وانگر ٽهڪندڙ ۽ اُڌما کائيندڙ وجود ڏٺو. سنڌ جي ٻچي ٻچي کي خبر هئي ته هو هن دفعي اڻکُٽ سفر تي روانو ٿي رهيو هو ـــ هو هن دفعي ويندو، ته وري ڪڏهن موٽي نه ايندو. مون ۽ منهنجي دور جي نوجوان نسل محسوس ڪيو ته هو سفر تي نه پئي اُسهيو، پر هو جلاوطن ٿي رهيو هو.
    هو شاهه عبداللطيف ڀٽائي هو.
    فاتح قومون ٻين قومن جي ملڪ کي طاقت سان يا ٺاهه ٺڳيءَ سان هٿ ڪرڻ کان پوءِ، سڀ کان اڳ ان قوم جي ٻولي ۽ تمدن کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو رٿينديون آهن. انگريز سامراجين سنڌ تي مڪمل قبضي ڪرڻ کان پوءِ، معمول جي خلاف، سنڌي ٻوليءَ تي وار نه ڪيو. انگريزن جي ان چالبازيءَ جا ڳڻ اڄ تائين ڳايا وڃن ٿا ۽ اسڪولن کان يونيورسٽيءَ تائين ساراهيا وڃن ٿا. سامراجين، رٿيل منصوبي مطابق، سنڌ جي عظيم ترين شاعر لطيف سائينءَ ۽ سنڌ جي لافاني ۽ لاثاني باغي شاعر سچل سرمست جي ڪلام، ڪلام جي پرچار، پيغام ۽ حق جي آواز کي صوفي ازم جو ليبل هڻي ٻنهي جي هٿ ۾ يڪتارو ڏيئي ڇڏيوـــ هڪڙي کان چوايائون ”پيرين پوندي سان، نه چوندي سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾“، ۽ ٻئي کان چوايائون، ”جنهن دل پيتا عشق دا جام سو دل مست و مست مدام“. جابر ۽ ٺڳ قومون، جيڪي ويسا گهاتيءَ سان ٻين جي ملڪ تي قبضو ڪنديون آهن، سي اُن مفتوح قوم جي ادب مان باغي رجحانن کي ڪوري ڪڍڻ جي ترڪيب استعمال ڪنديون آهن. ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس جي ڄمڻ کان اڳ سچل چيو هو:
    ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    پيرن، بزرگن، پنڊتن بيحد ڀلايا،
    ڪي نمازون نِوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪـيـن آيـا عـقـل وارا عـشـــــق کـــي.“
    لطيف سائينءَ سنڌ تي ڌارين جون يلغارون ڏسي سنڌ جي ڇڙوڇڙ ۽ خانه جنگين ۾ مبتلا ماڻهن کي چيو هو:
    ”سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار،
    مــٿــان تــيــغ تــرار، مــار تـه مـتارو ٿـئين.“
    لطيف سائين بدقسمتيءَ سان سيد هو، تنهن ڪري سامراجين جي رٿابنديءَ جو شڪار ٿيو. لطيف جي مقبري تي گهنڊ لٽڪايا ويا، اگربتين ۽ لوبان جا واس ڏنا ويا، نغارا وڄايا ويا، تعويذ ڳنڍن جي تجارت جا مرڪز کوليا ويا. بي اولادين پُٽَ پنيا ۽ اهڙي نموني سنڌ جي عظيم ترين شاعر کي، شاعر جي ڪلام کي، ڪلام جي مفهوم کي پٺيرو ڪري، هڪ پير ۽ ڪاني ڪرامتن واري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي معروف ڪيو ويو. پر سنڌ جي نوجوان نسل لطيف سائين خلاف سامراجين جي سازش کي چيري، ڦاڙي، چٽ ڪيو آهي، ۽ لطيف کي سڏ ڪيو آهي ـــ ۽ ان سڏ جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صدا آهي:
    ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
    مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
    اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري ڇڏيون.“
    لطيف سائين، جنهن جلاوطن ٿيڻ لاءِ سفر جا سانڀاها ڪيا هئا، سو ترسي پيو آهي. هُن منهن ورائي موجوده نسل کي ڏٺو آهي ـــ موجوده نسل جو آواز ٻڌو آهي:
    ”ڀٽائيءَ جي ڀٽ تي جنهنجو نينهن نواس،
    تنهن ۾ منهنجو ماس، ڪوري آيو ڪينرو.“
    ”توکي ساري سنڌڙي، ساري ڀٽ ڌڻي،
    مور نه ٿيندي مارئي، ٻي ڪا ماءُ ڄڻي،
    تـــنــهـنـجي پـيـر پَـڻي، ڏات سموري ڏيهه جيl “.
    هڪ سچو فنڪار پنهنجي وقت جو، پنهنجي ماحول جو، پنهنجي دور جو سڀ کان حساس، بهادر، ۽ سچ چوندڙ انسان هوندو آهي. عظيم فنڪار، نه فقط پنهنجي دور جو حق گو هوندو آهي، پر هو زمان ۽ مڪان جون سرحدون لتاڙي هر دور لاءِ سچ ۽ انصاف جي علامت ٿي پوندو آهي.
    لطيف سائينءَ پنهنجي سموري عمر سنڌ ۾ افراتفري ۽ ڌارين جون يلغارون ڏسندي گذاري ڇڏي. سنڌ تي انگريزن جي مڪر ۽ فريب جو ڄار هٿ ٺوڪين فيوڊل لارڊس جي مدد سان سوگهو ٿيندو ويو. ان کان اڳ انگريزن وڏي چالاڪيءَ سان وچ هندستان ۽ پنجاب ۾ پنهنجا مڊل ڪلاس ايجنٽ تيار ڪري ورتا، جيڪي اڳتي هلي هندستان ۾ آزاديءَ جي هلچل لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا. انگريزن جي ايجنٽن 1857ع وارو بلوو ناڪام ڪرايو. 1923ع ۾ جوڙيان والا باغ ۾ گولي هلارائي تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ پهچايو، ۽ اڳتي هلي 1947ع ۾ لکين ماڻهن کي مارايو ۽ بي گهر ڪيو. اُهي سامراجي ايجنٽ اڄ سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جي مڪروهه تحريڪ هلائي رهيا آهن.
    دهليءَ جي ڊهندڙ سلطنت سُکيءَ سنڌ کي بکايل اکين سان ڏسي، پنهنجن خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي. لطيف سائينءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي تاريخ ساز معرڪا ڏٺا، انهن ۾ سڀ کان اهم معرڪو، دهليءَ جي شهزادي محمد معيزالدين جي فوجن ۽ سنڌ جي جوڌن جي وچ ۾ خونخوار جنگ هئي، جيڪا لطيف 26 سالن جي عمر ۾ ڏٺي. محمد معيز الدين جي حڪم تي پنجاب مان راجا ڪج سنگهه ڀٽي ۽ سورج مل سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سنڌي فوج يار محمد جي سپهه سالاريءَ ۾ هئي ۽ ان دور جا ٽي سرويچ جوڌا، تاجاهه، جاده ۽ بختيار سنڌ جي فوجن ۾ شامل هئا. هنن ٽنهي گهوٽن سنڌ تان ساهه ڏنو. هنن ڌرتي ماءُ کي رتَ جو نذرانو ڏيئي مغلن جي پنجابي فوجن کي عبرتناڪ شڪست ڏني ۽ سنڌ مان ڀڄائي ڪڍيو. اهڙي واقعي کان پوءِ لطيف سائين جهڙو فنڪار، عظيم شاعر ائين ئي چوندو:
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“

    ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مَرڪُ،
    وجـــهـن تـــان نه فــــــــرق، رُڪ وهــــنـــدي رانـــــد ۾.“
    ٻاهران هلان ڪري ايندڙ وحشين ۾، جن سنڌ کي ڀائيچاري جي بازيءَ ۾ ڦاسائي گهوڙن جي سنبن هيٺان لتاڙي ڇڏيو، انهن ۾ نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جا نالا به شامل آهن، جن لطيف سائينءَ جي حياتيءَ ۾ سنڌ تي حملو ڪيو.
    وقت جو آواز صدا بڻجي هر طرف کان اچڻ لڳو:
    ”هوڏانهن هن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،
    سُرنايون، سُنڌڙا، ٻنين پار ٻُرن،
    گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻَ ۾ لائون لڌيون.“

    ”ڀڳو، آءٌ نه چوان، ماريو ته وسهان،
    ڪاند منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان،
    تــــــه پــــــڻ لـــڄ مــــران، هـــونـــسِ پُـــــــٺ ۾“.
    انگريز سامراجين ۽ سندن ايجنٽن اسان کان اسان جو بهادر، سرويچ، وطن پرست ۽ جنگجو لطيف لڪائي ڇڏيو، ۽ اسان کي لطيف جو فقط هڪ رخ ڏيکاريو ۽ چيو، ته بابا فڪر ڦرهي هٿ ۾ کڻو، مونن ۾ منهن وجهو، ۽ ظالم کي سونهري موقعو ڏيو ته توهان جي وجود کي يڪتاري جي ڪدوءَ وانگر اندران خالي ڪري ڇڏي. اسان کان اُهو گهوٽ اڻموٽ لڪايو ويو،
    جنهن قوم کي سچ تان سر ڏيڻ لاءِ مچ ۾ ڪاهي پوڻ جو سبق سيکاريو:
    ”پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
    پسي لهس نه لچئا، سڙيا مٿي سچ،
    ســــنـــدا ڳـــچــيـن ڳــچ، ويــچـارن وڃــائــيـــــا“.
    لطيف سائين جي زندگيءَ ۾ سڀ کان المناڪ واقعو شاهه عنايت جي شهادت آهي، جنهن لطيف سائينءَ جي حساس دل کي هماليه جبل جيڏو ڏک ڏنو. لطيف رنو، ته چئي ويٺو:
    ”جــي جــيءُ جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.“
    مان مٿي عرض ڪري آيو آهيان، ته ڀٽائي گهوٽ جهڙو عظيم شاعر، زمان ۽ مڪان جي پابندين جو محتاج نه هوندو آهي. سندس پيغام هر دور ۾ اوندهه ۽ ظلم خلاف احتجاج، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف بغاوت جو درس هوندو آهي. سُر سهڻي ۾ لطيف سائين جو هڪ بيت آهي:
    ”گهڙيا، سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾ پئهُ ٽپو ڏيئي،
    تــــه مـــيــهــار مـــلــيـئـي، سـنـڀوڙو سيڻاهه سين.“
    ان بيت جي معنيٰ اسان کي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هن ريت سمجهائي ويندي هئي، ته: ٻارو، الله جي راهه ۾ مشڪلون برداشت ڪريو ۽ جنت ماڻيو.
    موجوده دور ۾ ان بيت جو مطلب آهي ته حقن لاءِ، سچ لاءِ، پنهنجي وطن جي لڄ لاءِ مصيبتن جي منهن ۾ وڃڻ کان نه ڪيٻايو. وڌو، تڪليفن کي ڪٿَ ۾ نه آڻيو ۽ پنهنجو مقصد حاصل ڪريو.
    مان ان وقت جو منتظر آهيان، جڏهن اسان جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ ۾ لطيف سائينءَ جي عظيم شاعريءَ کي تصوف جي آفيم کان آجو ڪري، ترقي پسند تحريڪ ۽ نظريي مطابق پڙهايو ۽ سمجهايو ويندو.
    عشق ۽ بغاوت تخليقي فن جي اوسر جا سرچشما آهن. قسمت سانگي ڪي اهڙا انسان پيدا ٿيندا آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ جيءُ جَسو ڏيئي عشق جي اڻانگين راهن تي نڪري پوندا آهن، ۽ حالتن کان نابري واري، ٺاهه ٺڳيءَ کان بغاوت ڪندا آهن. لطيف سائينءَ کي زندگيءَ ۾ اهڙي محبت ملي جنهنجو پيچ مرڻ گهڙيءَ تائين نه لهندو آهي. اهڙي محبت ۾ وقتي مايوسيءَ جي جوڳ لطيف سائين کي سڃ جو سفر ڪرايو ۽ سندس شاعريءَ کي ابدي بقا بخشي ڇڏي:
    ”محبت جي ميدان ۾ سِر جو ڪرمَ سانگُ،
    سوريءَ سپرين جي، چڙهه ته ٿئين چانگُ،
    عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.“

    ”عشق نه آهي راند، جيئن کيڏن ٿا ڳڀرو،
    جيءَ جُسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،
    سسي نيزي پاند، اُڇل ته ٻه اڌ ٿئي.“

    ”چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان تان نه پرين سين،
    تــــــون اڇــــــو ۾ رات، ســـڄـڻ نـــت ســوجـهرو.“
    ۽ جڏهن تخليقي فن جو خالق، لطيف سائين، عظيم فنڪار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ بغاوت ڪري ٿو، تڏهن چوي ٿو:
    ”وَڍ سِرُ، ٿي سرهو، مَ ڪي آءُ، مَ ڳاءُ،
    جــاجــڪَ! تــو مـٿاءُ، مُـــلــڪ مـــڙوئـي گــهوريا.“
    مون لطيف گهوٽ کي جڏهن جلاوطن ٿيڻ لاءِ سفر جو سامان ٻڌندي ڏٺو، تڏهن چيم، ”تو مٿان مُلڪ مڙيوئي گهوريان. تون سنڌ ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃين.“
    لطيف سائينءَ وراڻيو:
    ”اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
    اٺــــئــي پــهــر اٿـــن، ســـعـــيـو ڪـنهن سفر جو.“
    سائينءَ کي عرض ڪيم، ”تو کانسواءِ ننگر ۽ ناڙيون، بندر ۽ بازاريون سڃا ٿي ويندا.“
    وراڻيائين، ”منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.“
    نيزاري ڪندي چيم، ”تون ويندين، اسان کان سنڌ ويندي.“
    ڏک، ارمان ۽ تڪليف وچان لطيف سائينءَ چيو، ”سنڌ ۾ اڄ سنڌي ٻوليءَ خلاف آواز اُٿيو آهي. سڀاڻي ڪاٺ ڪهاڙا کڄندا. ان کان اڳ جو سنڌي ٻولي سنڌ مان نڌڻڪي ٿي نڪري، مان اڳواٽ جلاوطن ٿيڻ ۾ ڀلائي ڀانيان ٿو.“
    ”ترس. نئين نسل جو آواز ٻڌ،“ مون لطيف سائينءَ کي التجا ڪندي چيو. ”توکي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پوندو. سکر پار کان اياز جو آواز ٻڌين ٿو:
    ”سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان، مٽي ماٿي لايان.
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان،
    گيت به مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت به تنهنجا ڀانيان،
    تنهنجيءَ مٽي منجهه ملان جي، آءٌ امرتا پايان،
    سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو ســيــس نــمــايـان.“
    لطيف سائينءَ ترسي توهان ڏانهن ڏٺو آهي ـــ نئين نسل ڏانهن ڏٺو آهي. لطيف جي ٻولي ۽ لطيف جو وطن توهان وٽ سندس امانت آهن. توهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا رکپال آهيو.■

    1972


    رڻ ڳجيو، راڙو ٿيو

    رڻ ڳجيو، راڙو ٿيو

    (هيءُ مضمون سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد طرفان 7 جولاءِ 1973ع تي ٿيندڙ ”يوم لطيف“ جي موقعي تي پڙهڻ لاءِ لکيو ويو. ڪامورن طرفان، هيءُ مضمون نه پڙهڻ جي تنبيهه ڪئي ويئي. بهرحال، ان کان اڳ جو تنبيهه جي خلاف ورزي ڪئي وڃي، فنڪشن مينهن وسڻ سبب رد ٿي ويو.)

    هڪ ڪاليج جا ڪجهه نوجوان آيا. چيائون، ”شاهه لطيف جي ورسي پيا ملهايون، اوهان شاهه جي شخصيت، يا ڪلام تي ڪو مقالو پڙهو،“ مون کين هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو ته، ”بابا، اڄ ڪلهه جي دور ۾ لکڻ پڙهڻ جوکم جو ڪم آهي،“ نوجوان نه مڙيا. منهنجو جواب کين سمجهه ۾ نه آيو. چيائون، ”ڪاٺ ڪهاڙيون ته توهان جي ڪهاڻين ۽ ڊرامن تي کڄنديون آهن. اسين شاهه جي ڪلام تي ڪنهن مقالي لاءِ عرض ڪري رهيا آهيون.“ مون نوجوانن کي سمجهائڻ خاطر چيو ته، بابا، ”شاهه ۽ شاهه جي ڪلام جي باري ۾ منهنجا پنهنجا نظريا ۽ رايا آهن. ان سلسلي ۾ مون اڄ تائين شاهه تي جيڪي به ٻه چار مقالا لکيا آهن، انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ٿي آهي، هن دفعي ڊپ اٿم ته ٽيڪا ٽپڻيءَ بدران مون کي ميرن جي توپ سان مارايو ويندو.“
    سائين، نوجوان ٿيا شهزور، اسين هيڻا. ضد ٻڌي بيٺا. چيائون، ”اجايا بهانا پيا ڪريو. توهان کي مقالو ضرور پڙهڻو پوندو.“ مان ششدر ٿيس. چيم، ”يقين ڪريو، مون هر قسم جي لکڻ پڙهڻ جو ڌنڌو ڇڏي ڏنو آهي. لکڻ آهي مصيبتن کي مهمان ڪرڻ. تنهن ڪري مون لجپت روڊ تي پڪوڙن وڪڻڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي، ۽ لکڻ کان توبهه ڪئي اٿم. لکڻ بدران پڪوڙا وڪڻندس ۽ عزت جي زندگي گذاريندس.“ نوجوان کِليا. چيائون، ”چرچا پيا ڪريو.“ وراڻيم، ”منهنجين اکين ۾ ڏسو. اکين جي ڪٽورن ۾ غم جون گهٽائون ڏسو. گهٽائن ۾ پوشيده، آتشڪدي کي ڏسو. چرچا اسين نه ڪندا آهيون. چرچا اسان سان ڪيا ويندا آهن.“ نوجوانن چيو، ”سائين، ڪجهه به هجي، توهان جي تحرير ۾ مزاح آهي.“ کين جواب ڏنم، ”مزاح جي ڳالهه ٿا ڪريو، ته پوءِ مارڪ ٽئين ۽ برناڊشا جي ڳالهه ڪريو، منهنجي ڳالهه نه ڪريو. مان سرڪس جو اُهو جوڪر آهيان، جو جڏهن پنهنجي منهن تان ماسڪ لاهيندو آهيان، ۽ منهن ورائي روح جي رڻ ڏانهن ڏسندو آهيان، تڏهن چئي ويهندو آهيان.“
    ”ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
    هندو هڏ نه آهين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
    تلڪ تنيـن کـي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.“
    نوجوانن چيو، ”بس، اسين مقالي لاءِ انجام وٺڻ کان نه مڙنداسين. توهان کي مقالو ضرور پڙهڻو پوندو.“ جان ڇڏائڻ جي آخري ڪوشش ڪندي چيم، ”اڄ تائين مون شاهه تي جيڪي ٻه چار مقالا لکيا آهن، سي حقيقت ۾ مقالا ناهن، مقالن جي روايت کان بغاوت آهن.“ چيم، ”مون کي اجايو مارايو نه. وقت وقت جي ڳالهه آهي. مان ٻچڙيوال آهيان. پنهنجي ننڍڙي ڪٽنب لاءِ اڪيلو دال ماني ڪمائيندڙ آهيان. مون تي نه، ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ٻارڙن تي رحم ڪريو. مون کان شاهه تي مقالو نه لکايو.“ نوجوان حيران ٿيا. منهنجي حال تي پريشان ٿيا. پڇيائون، ”شاهه تي مقالو لکندو يا بم گولو ٺاهيندو، جو مصيبت ۾ ڦاسڻ جون ڳالهيون پيا ڪريو؟“ کين سمجهايم ته، بابا، شاهه لطيف جو ڪيترو ئي ڪلام اڃا سينسر ٿيل ناهي. پنهنجي مقالي ۾ جيڪڏهن ڀل وچان ڪو اڻ ـــ سينسر ٿيل شاهه جو بيت، مثال طور، هيءُ بيت پڙهي ويس، ته ڏچي ۾ اچي ويندس :
    ”مـــنــهــن تـــه مـــوسـيٰ جـهڙو، عادت ۾ ابليس،
    اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏئين؟“
    ڪيئن ٿا ڀانيو! آهي نه ٽيپ کارائڻ جهڙو بيت، شاهه لطيف ته ٿيو آرامي. اسين مصيبت ۾ اچي وينداسين. هڪ تمام ننڍڙي ڇوڪري جڏهن اهو بيت پنهنجي اسڪول جي فنڪشن ۾ پڙهيو هو، تڏهن هيڊ ماستر صاحب سخت ناراض ٿيو هو، ۽ ننڍڙي ڇوڪري کي ٽن سالن لاءِ اسڪول مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو هئائين. نوجوانن ۾ هڪڙو ڄڻو منهنجو وڏو خير خواهه هو. چيائين، ”ادا، پنهنجي مقالي ۾ شاهه جا خطرناڪ بيت نه پڙهجو ـــ پوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ مون کيس جواب ڏنو، ”ته منهنجا نوجوان دوست، شاهه جو سمورو ڪلام، اصل پهرين بيت کان وٺي، آخري بيت تائين بم گولو آهي، يعني خطرناڪ آهن. شاهه جي ڪلام جي پهرين بيت جي پهرين سٽ آهي.“
    ”اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي.“
    يعني ڪوبه قانون، ڪوبه قاعدو، ڪابه بندش ۽ پابندي، ليجسليچر ۽ جڊيشري، سيفٽي ايڪٽ آف پاڪستان ۽ ڊفنس آف پاڪستان رولس، اعليٰ عالم جي ڌڻيءَ کان طاقتور ناهن ـــ مٿاهان ناهن ـــ اتم ۽ اهم ناهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته شاهه لطيف جنهن ڌڻيءَ جو ذڪر ڪيو آهي سو ڌڻي مسجدن، مندرن، ڪليسائن، گرجائن ۽ انسان جي انيڪ عبادتگاهن کان آزاد آهي. سو ڌڻي عالم جو ڌڻي آهي ـــ ڪل جڳ جو ڏاتار آهي. ان عالم جي ڌڻي کي ڪنهن به مسجد يا مندر ۾ قيد ڪري نه ٿو سگهجي. هرڪو انسان پنهنجي اندر ۾ ڪا عبادتگاهه کڻي هلندو آهي، ۽ ان جو معبود به اهو ئي هوندو آهي، جنهن کي شاهه اعليٰ عالم جو ڌڻي سڏيو آهي. اعليٰ عالم مان شاهه لطيف جي مراد رنگ، نسل ۽ مذهبي جنون کان آزاد جڳ آهي، ان لحاظ کان، مذهب جي نالي ۾ پيدا ڪيل نفرت، ۽ ان نفرت تي قائم رهڻ جي تلقين شاهه جي فلاسافيءَ جي ابتڙ آهي، ۽ اها فلاسافي زمان حال جي سياسي، سماجي، ۽ ثقافتي ماحول جي بلڪل خلاف آهي. تنهن ڪري شاهه لطيف جي ڪلام جي پهرين بيت جي پهرين سٽ ئي ٽيپ کارائڻ جهڙي آهي.
    نوجوان همدرد چيو، ”اوهان شاهه جي ڪلام جي روحاني معنيٰ تي مقالو ڇونه ٿا لکو؟“ مون کيس جواب ڏنو، ”شيڪسپير، شيلي، ڪيٽس ۽ ڪاليداس، جي ڪلام ۾ ڪابه روحاني معنيٰ ناهي. سندن ڪلام ۾ پنهنجي ماحول سان پختو، سچو، ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، ۽ ظلم ۽ انڌير جو ادبي شاهد، ۽ دستاويز آهي ساڳي طرح شاهه جو ڪلام آهي. شاهه عظيم فنڪار هو. وقت جو پارکو ۽ حالتن جو ڄاڻو هو. سندس حساس دل جو وچن ويڙهيچن سان هو. هن لاءِ سنڌ ملڪ جي مٽي طور سينا جي سرمي کان وڌيڪ مقدس هئي. شاهه کي سنڌ کان مٿي، سنڌ کان عزيز، ۽ سنڌ کان اهم ڪابه هستي، ڪابه طاقت نظر نه آئي هئي. عظيم فنڪار جي سڃاڻپ وطن سان سندس فن جي پيچ مان پئجي سگهندي آهي. شاهه جڏهن جڳ کي سکيو ستابو رکڻ لاءِ دعا گهري آهي، تڏهن هن واضح طور، ۽ تمام چٽي نموني اول سنڌ جو نالو کنيو آهي ـــ سانئيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ـــ سنڌ آباد آهي، ته عالم آباد آهي ــــ سنڌ سرهي آهي ته عالم سرهو آهي ـــ سنڌ سلامت آهي، ته پوءِ عالم سلامت آهي! سنڌ کان سواءِ سمورو جڳ مٽيءَ جو مانڊاڻ آهي. عالم ڀل آباد ٿئي، پر اول سنڌ مٿي سڪار ٿئي! اها شاهه لطيف جي دعا آهي. اها شاهه لطيف جي تمنا آهي. اهو شاهه لطيف جو پيغام آهي. پر اهي ڳالهيون پنهنجي مقالي ۾ لکي نه ٿو سگهان، فقط توهان کي زباني طرح ٻڌائي سگهان ٿو. لکندس، ته مارجي ويندس.“
    مون نوجوانن کي ٻڌايو، ته جڏهن مضبوط مرڪز جا آقا ۽ سندن حواري سنڌ کي لٽي ڦري رهيا هئا؛ جڏهن سنڌ کي مال غنيمت سمجهي مضبوط مرڪز جا باني سنڌ کي ونڊي وراهي رهيا هئا، ۽ سنڌ تي قابض ٿي رهيا هئا، تڏهن شاهه لطيف دهلي جي مضبوط مرڪزي حڪومت جي گماشتن متعلق چيو هو:
    ”ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو“
    آقائن ڪن کڙا ڪيا. فڪرمند ٿيا. شاهه لطيف کي چوائي موڪليائون ته ٻيلي ناراض نه ٿيءُ. اسين توکي ڀٽ شاهه ۾ هڪ ٽيوب ويل هڻائي ڏيون ٿا. توکي ٻني ٻاريءَ لاءِ هڪ عدد فرگوسن ٽريڪٽر به وٺي ڏيون ٿا، تون مهرباني ڪري مضبوط مرڪز خلاف آواز نه اٿار ـــ دهليءَ جا مغل شهنشاهه سنڌ جا خيرخواهه آهن، تون ڪنهن غلطفهميءَ جو شڪار آهين. ڀٽ ڌڻيءَ جو آواز آيو :
    ”سنها ڀانءِ مَ سپ، سڪا جنين پيٽ،
    تـنين جيءَ چهپيٽ، جنگن کي جوکو ٿئي.“
    ۽ وري چيائين:
    ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو، ڪارو ڪيو ڪنگن،
    ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هــــنجڙا.“
    دهليءَ جي مضبوط مرڪز جا آقا، ان داتا باهه ٿي ويا. ڪند ڪٽار، ڄار ڇڳير کڄي ويا. دهليءَ جي آقائن چيو، ”هيءُ باغي ڪير! اسان سنڌين کي اڻ آرين مان آريو بڻايو، کين ڪپڙا پائڻ ۽ پڪن گهرن ۾ رهڻ سيکاريو. سنڌين کي فارسي غزل سان اسان روشناس ڪرايو. کين شامي ڪباب ۽ حليم بارهه مصالح پچائڻ سيکاريو. اڳ سنڌ ريگستان هئي، اسان سنڌ کي آباد ڪيو. اسين دهلي جي سڌريل تهذيبن جا علمبردار آهيون. هيءُ باغي شاهه لطيف ڪير، جنهن مضبوط مرڪز جي مخالفت ڪئي آهي! بس سائين، پوءِ ته دهليءَ جي مرڪزي حڪومت جي سي آءِ ڊي ۽ انٽيليجنس شاهه لطيف جي ڪڍ لڳي ويئي. سندس ناڪه بندي ڪئي ويئي. شاهه لطيف، جنهن جو عظيم ڪلام زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي، ۽ هر دور لاءِ بڙڇي آهي، تنهن چيو:
    ”کــپر گــاروڙيـن سـين، وڏو وڌوءِ وير،
    نانگ! نه ويندين نڪري، تو ڏر مٿي پير،
    هيءُ تنين جو ڍير، جن جهونا ڳڙهه جلائيو.“
    ماڻهن لطيف سائين کي سمجهايو، ته سائين دهلي جي محڪومي بري شيءِ ناهي. دهلي وارن جو Superior Culture آهي. اوهان اجايو فڪرمند ٿيا آهيو.
    ڀٽ ڌڻيءَ اهڙن ماڻهن کي چيو:
    ”جي فارسي سکيو گولو، توءِ غلام،
    جو ٻڌو ٻن ڳالهين، سو ڪيئن چائي ڄام؟
    اڃو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
    اي عامن سندو عام، خاصـن مــنجهه نـه ٿـئــي“
    هاڻي اوهين امين ٿيو. ٻڌايو ته، اهڙيون ڳالهيون، ۽ اهڙا بيت، جيڪي اڃا تائين سينسر نه ٿيا آهن، سي مقالي ۾ آڻي عوام آڏو پڙهي سگهجن ٿا! پر نوجوانن کي ڪير سمجهائي. اسين هيڻا. هو شهزور. سندن ضد قائم رهيو، ته ڪجهه به ٿي پوي، مقالو ضرور تيار ڪريو.
    مون کين جواب ڏنو، ته شاهه جي مقالي لاءِ شاهه واري زماني جي تاريخي پس منظر کي سامهون آڻڻو پوندو، جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران هيڻا، ڪمزور ۽ ڊڄڻا هئا، ۽ عوام بي انتها بهادر، رُڪ وهندي راند ۾ راضي، ۽ مرڻ ـــ مارڻ لاءِ تيار هوندو هو. مان سمجهان ٿو، عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ ان قسم جو ذڪر مقالن ۾ ڪرڻ مناسب ناهي. ان قسم جي ذڪر ڪرڻ سان ۽ ٻڌڻ سان ننڊ ڦٽي ويندي آهي. پر، نوجوان دوستن جي ضد تي مون کين فقط ايترو ٻڌايو، ته ڀائرو، مان جڏهن تاريخ ۾ اِهو پڙهندو آهيان، ته شاهه لطيف واري دور جا حاڪم عوام کان بيخبر، عياش ۽ گيدي هئا، تڏهن مون کي شاهه جي هڪ بيت جو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو آهي ـــ اُهو بيت آهي:
    ”سرهو سُر وڃائيو، ڪوڙن ڪانيرن،
    رُٺـا روهه وڃـن، ڪـنهن هيڻائيءَ کان هنجڙا.“
    اُن دور ۾ سنڌ جا هيڻا حاڪم، دهليءَ جي زوال پذير حاڪمن کان، ايران واري نادر شاهه ۽ افغانستان واري احمد شاهه ابداليءَ کان لاڳيتون شڪستون کائيندا رهيا. شڪستون کائڻ کان پوءِ، نڪ پڪو ڪري جيئندا رهيا، ۽ پنهنجي عوام سان غداري ڪري ڏن ڀريندا رهيا. ان سموري ذلت جي عيوض نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ وٽان کين ”شاهه قلي“، ”شاهنواز خان“ ۽ سر بلند خان، جا لقب مليا، جيڪي هنن نه فقط قبول ڪيا، پر تاريخ ۾ فخر سان پنهنجن نالن سان شامل ڪرايا. سنڌ جي تاريخ پڙهندي مون محسوس ڪيو آهي، ته سنڌ جا حاڪم لقبن جي لالچ ۾ وطن ۽ شجاعت تان به هٿ کڻي ڇڏيندا آهن.
    مغلن، نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جون خونخوار ۽ وحشي فوجون بُکايل بگهڙن وانگر سنڌ تي ڪاهي آيون. حاڪمن تيز رفتار گهوڙن ۽ اُٺن تي ڀاڄ کائي، جان بچائي ورتي، پر سنڌ جو عوام وڙهيو ـــ انگ اگهاڙو، پيٽ بکيو، ۽ ڏتڙيل عــــــــوام سر سان ڪفن ٻڌي وڙهيو، ۽ شاهه لطيف چيو:
    ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
    وجـهــن تان نه فـرق، رُڪ وهــنـدي رانـــد ۾.“
    ٻئي هنڌ ڀٽ ڌڻيءَ چيو:
    ”بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلولِ ڪن،
    وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،
    ڪِـرن، ڪـنـڌ نــچـــن، رڻ گـــجيو، راڙو ٿيو.“
    اڄ تائين بزرگن اسان کي اهو ئي ٻڌايو آهي، ته شاهه صاحب پير فقير هو، ڪاني ڪرامتن جو صاحب هو. يعني ته شاهه صاحب عظيم ترين شاعر نه هو، انتهائي مڪمل فنڪار نه هو. شاهه لطيف سنڌي زبان، سنڌي ادب، ۽ خاص طرح سنڌي شاعريءَ جو هر دور لاءِ شهنشاهه آهي. ڀٽ شاهه تي، ڀٽ ڌڻيءَ جي مقبري آڏو مان جڏهن سوالين کي پُٽن، نوڪرين، وڇڙيل ونين ۽ وڃايل ٻنين لاءِ ٻاڏائيندي ڏسندو آهيان، تڏهن محسوس ڪندو آهيان، ته لطيف سائين جي باري ۾ بزرگن جي پروپئگنڊا بيحد ڪامياب ۽ اثرائتي آهي. اسان لطيف سائين کي پير ڪري پوڄيو آهي، ۽ سندس ڪلام، ۽ ڪلام جي فلسفي کان منهن موڙيو آهي. ورنه ڪو سبب ڪونهي، جو جتي، ۽ جنهن ڌرتيءَ تي شاهه صاحب جهڙو عظيم ترين شاعر جنم وٺي، سا ڌرتي انقلاب کان وانجهيل هجي، ۽ اتان جا ماڻهو ٻين جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو مستقل شڪار رهندا اچن!
    ان سلسلي ۾، مون کي ننڍپڻ جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي. هڪ استاد سڳوري ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪو ساز ڏيکاريندي چيو هو، هيءُ ساز شاهه لطيف جو ساز آهي. هن ساز جو نالو يڪتارو آهي. هيءُ ساز امن جو ساز آهي، پوءِ هن شاهه صاحب جو هڪ بيت پڙهيو هو: ته،
    ”هو چونئي تون مَ چَئهُ واتان ورائي،
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پـانـد ۾ پـائي، ويــو ڪـيئي وارو ڪين ڪي.“
    ان وقت دل چاهيو هو، ته ساز تان ڪپڙو لاهي، يڪتارو ڏسان. پر اِها تمنا پوري نه ٿي. اها تمنا شعور مان نڪري، منهنجي لاشعور ۾ جزب ٿي ويئي. ان واقعي کان گهڻو پوءِ، مون ڀٽ ڌڻيءَ جو هڪ بيت پڙهيو:
    ”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
    مـــٿــان تــــيــغ تـــرار، مــار ته مــتــارو ٿــئــين.“
    اِهو بيت پڙهڻ کان پوءِ، مون محسوس ڪيو هو، ته ڄڻ ساز تان ڪپڙو لهي ويو، ۽ منجهانئس يڪتاري بدران رُڪ جي بڙڇي نڪري آئي ـــ اُها بڙڇي، هر دور جي تقاضائن موجب ڪڏهن بندوق آهي، ۽ ڪڏهن اسٽين گن، ۽ ڪڏهن مشين گن آهي.
    ”هوڏانهن هن هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،
    سرنايون ۽ سنڌڙا، ٻنهي پار ٻُرن،
    گـهوٽـن ۽ گـهــوڙن، رڻ ۾ لائـــون لــڌيــون.“
    مون شاهه صاحب ۽ سندس ڪلام تي مقالو پڙهڻ کان انڪري به ڪٻايو پئي، جو شاهه لطيف جو ذڪر اچڻ شرط شاهه عنايت شهيد جو ذڪر پڻ ضروري ٿي پوندو آهي. ۽ جڏهن سنڌ ۾ عوامي جاڳرتا جي علمبردار شاهه عنايت شهيد جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن سنڌ جي ازلي غدارن ۽ ٻاهرين طاقتن جي ايجنٽن ـــ وڏيرن ۽ زميندارن جو حوالو لازمي ٿي پوي ٿو. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ وڏيرو ايتريقدر ننگو ۽ بي لڄيو نه ٿيو آهي، جيترو شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي دور ۾ ٿيو هو. شاهه عنايت سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون نالو آهي، جنهن ڏتڙيل سانگين ۽ جهانگين، هارين ۽ نارين کي انقلاب جي محور تي ڪٺو ڪيو، ۽ سنڌ ۾ عوامي سجاڳي ۽ جاڳرتا جو پهريون علمبردار ٿيو. عوام جي اسرندڙ ۽ وڌندڙ طاقت جهوڪ جي پسگردائيءَ وارن زميندارن ۽ وڏيرن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي. کين مسڪينن جي سرنانين ۽ سنڌڙن جو گوڙ ۽ شور عياشيءَ ۾ رخنو محسوس ٿيو. ۽ پوءِ ٺٽي جي نواب اعظم خان عوامي طاقت کي چچرڻ لاءِ جڏهن سنڌ جي زميندارن کي حڪم ڪيو، تڏهن شاهه عنايت ۽ سندس تحريڪ خلاف زميندارن، پيرن ۽ بلڙيءَ جي سيدن وڏو ڪٽڪ هٿيارن پنهوارن سان تيار ڪري موڪليو. مان حيران ٿيندو آهيان، ته جڏهن نادر شاهه احمد ابدالي ۽ زوال پذير مغل سلطنت جا گراٺ جيترا حاڪم سنڌ تي ڪاهي ايندا هئا، ۽ ڦر لٽ ڪندا هئا، تڏهن زميندارن جي گڏيل طاقت ڪهڙي اوڙاهه ۾ گم ٿي ويندي هئي! تاريخ شاهد آهي، ته سنڌ جي زميندارن هر دور ۾ ٻاهرين طاقتن سان ٺاهه ڪيو آهي، ۽ پنهنجي وطن جي عوامي قوتن خلاف سٽل سٽيو آهي، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان غداري ڪئي آهي.
    نواب اعظم خان جي چُرچ تي سنڌ جي زميندارن شاهه عنايت خلاف باقاعدي جنگ ڪئي، ۽ عوامي جاڳرتا جي پهرين علمبردار شاهه عنايت کي شهيد ڪيو. ايفرو ايشيائي ملڪن ۾ تاريخ حڪمرانن جي محتاج رهي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه عنايت جي شهادت جو تمام مختصر بيان آهي. پر جتي، ۽ جنهن ملڪ ۾ شاهه لطيف جهڙا عظيم شاعر پيدا ٿيندا آهن، اُتي، ان ملڪ جي گونگي تاريخ کي ڳالهائڻ لاءِ زبان ملي ويندي آهي :
    ”اڄ نه اوطاقن ۾ جاڳرجوڳيڙن جي،
    ساري سنياسن کي، روندين تان رو،
    پس! پارئاتو، لاهوتي لڏي ويا.“

    ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
    آديسي اٿي ويا. مڙهيون مون مارين،
    هـو جـي جـيءَ جــيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.“
    سر ڪيڏاري ۾ قصو ڪربلا جو آهي. پر، اشارو ۽ علامت پهرين عوامي جنگ ۽ شاهه عنايت جي شهادت ڏانهن آهي :
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“

    ”ڀـــڳو آءٌ نه چــــوان، مــــــاريـــو تـــــه وســهان،
    ڪاند منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان،
    تـــــــــه پــــــڻ لــــڄ مــران، هــــونـس پٺ ۾.“
    مون نوجوان کي چيو ته، ”بابا مون کان مقالو نه لکايو. مان شاهه تي مقالو لکندس، ته شاهه عنايت شهيد جو ذڪر ضرور ڪندس. جڏهن شاهه عنايت شهيد جو ذڪر ڪندس، تڏهن سنڌ جي وڏيرن ۽ زميندارن جي ضمير فروشيءَ جو حوالو لازمي طور ڏيندس.“ مون کين سمجهائيندي چيو ته، ”هميشه وانگر اڄ پڻ زميندار ڏاڍا مڙس آهن. سندن ياري يا ته ڌاڙيلن، خونين ۽ چورن سان هوندي آهي، يا پوليس وارن سان. منهنجو مقالو کين پسند نه ايندو. مون کي اجايو قلم 110 ۾ ٻڌرائيندا، يا پنهنجي لوڌ جي بڇ ڪندا. مان مسڪين ماڻهو آهيان. ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکي گذر بسر ڪندو آهيان. مون کان شاهه تي مقالو لکائي مون کي مصيبت ۾ نه وجهو.“
    منهنجي پوئين ڳالهه نوجوانن جي سمجهه ۾ آئي. چيائون، ”چئو سچ پيا. توهان کان مقالو لکائڻ جو ارادو اسين بدلايون ٿا.“
    چيو مان، ”اُهو توهان جو مون تي ۽ منهنجي ڪٽنب تي وڏو احسان آهي. مون اڄ ڪلهه لکڻ کان توبهه ڪري، لجپت روڊ تي پڪوڙا وڪڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. لکڻ جوکم جو ڪم آهي. ادب جا عالم، اڪابر ۽ پارکو اُتر پار کان وڃي نڪتا آهن. اڄ ڪلهه ادب جا وڏا نقاد، وڏا ڄاڻو، ۽ ادب جا وڏا ماهر سي آءِ ڊي ۽ انٽيليجنس وارا ٿي پيا آهن. شاهه جو رسالو انٽيليجنس بيورو ۾ سينسر ٿي رهيو آهي. پاڪستان رائيٽرس جي ججن ۾ پڻ سي آءِ ڊي جا ماڻهو کنيا ويا آهن، جيڪي تحريرن کي پرکيندا، ۽ اديبن کي ادبي انعام ڏياريندا. انهن حالتن ۾ مون کان مقالو لکائي، مون کي مارايو نه. مون کي ڏٺو نه ڪريو. مون کي ڇڏي ڏيو ته مان پڪوڙا وڪڻان ۽ عزت جي زندگي گذاريان.“
    نوجوان پنهنجي ضد تان لٿا. مڙي ويا. ۽ مون کان شاهه تي مقالو لکائڻ بنا هليا ويا. جڏهن هو هليا ويا، تڏهن منهنجيءَ دل تي شاهه سائين جو هيءُ بيت تري آيو:
    ”جوڳي تنهنجي جوڳ ۾، ڳال گُهرجي ڳَچُ،
    وڍيو، چيريو، چچريو، پَرَ ۾ اُڀو پَچُ،
    سوئي ٻارج مَچُ، جو آتشا آب ٿئي.“

    1973


    سڪڻ ۽ سوري

    هڪ دفعي، سر يمن ڪلياڻ ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ بيت جي سٽ پڙهي مان سراپجي ويو هوس. اها هئي ـــ ”سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکر هيڪڙي.“
    هڪ فنڪار لاءِ موت فقط زندگيءَ جي خاتمي جي علامت نه آهي. فنڪار موت کي پنهنجي پروڙ سان پرکيندو آهي. هو موت کي معنيٰ ڏيندو آهي. عظيم فنڪار موت جي مفهوم کي عام رواجي سطح کان مٿڀرو کڻي ويندو آهي، جئي موت ڪنهن مقصد لاءِ شرط جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي. تڏهن، ڀٽ ڌڻيءَ جهڙو عظيم، لاثاني ۽ لافاني فنڪار چئي ڇڏيندو آهي ”سورهيه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار“.
    اهو ڀٽائي گهوٽ جو حڪم آهي، اهو سندس نياپو آهي. اهو سندس پيغام آهي. ان پيغام کي لاکيڻي لال جدا جدا هنڌن تي، جدا جدا نموني آندو آهي. لفظ ڦري وڃن ٿا، پر معنيٰ نه ٿي ڦري. سٽن جي جوڙجڪ بدلجي ٿي، پر ڪلام جي معنيٰ نه ٿي بدلجي. هڪ هنڌ اچي ٿو. ”سسي نيزي پاند اڇل ته اڌ ٿئي“.
    ساڳي معنيٰ، ساڳيو مفهوم، ٻئي هنڌ اچي ٿو. ”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍل م ڍار!“
    موت جي ڀٽائي گهوٽ معنيٰ ڏني آهي. ڀٽائي گهوٽ کان اڳ سنڌي ادب ۾ موت بي معنيٰ ۽ بي مقصد تصور ڪيو ويندو هو. ڀٽائي گهوٽ موت کي شرط جي صورت ۾ بدلائي ڇڏيو.
    ”گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
    مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي،
    تـــه ميـهار مـلـيـئي، سـنڀورو سيڻاهه سين.“
    پنهنجي مقصد لاءِ، سچائيءَ جي ساک لاءِ، حقن جي حفاظت لاءِ ڀٽائي گهوٽ شرط هڻي ڇڏيو آهي. ”مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي!“ موت کان نه ڊڄو. ڪنن ۾ ڪاهي پئو. مقصد پاڻ پنڌ ڪري نه ايندو آهي. مقصد لاءِ سر سهائڻو پوندو آهي. سر سان ڪفن ٻڌڻو پوندو آهي. جيئن:
    ”سڪ نه آهي سٿري، کڻ بروري بير،
    ڪسـڻ ــ ڌاران ڪير، ڪري سڌ سڪڻ جي.“
    ڀٽائي گهوٽ جو حڪم هر دور جي حاڪمن روحاني رازن ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. کين ڀٽائيءَ جي ڪلام مان پنهنجي تباهي ۽ خاتمي جو خوف رهندو هو. کين خبر هئي، ته شاهه جي جيڪڏهن هڪ سٽ به ماڻهن جي سمجهه ۾ اچي ويئي ته پوءِ قهر جا ڪوٽ ڪري پوندا ـــ آسمان مان آواز ايندا. ”سر ته آهي سٽ ۾، پر ٻيو ڪي مڱج مڱڻا.“
    پر، ڪي رند هئا، جن راز پروڙيو. هنن ”سختي شهادت جي نسورو ئي ناز“، جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهي ورتو. هو هوشو هئا، هو هيمو هئا، جن اهو راز پروڙيو هو. هو جوڌا جنگ جوان هئا، جن پنهنجي لاءِ شاهه جو پيغام جهٽي ورتو ـــ ”سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا.“ هو ڦوهه جواني ۾ ڌرتيءَ کي رت جو دان ڏيئي هليا ويا.
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن مـنجهه ڪوٽن، ڪڏهن واهي رڻ جا.“
    هو ٿورو عرصو جيئرا رهيا، پر عزت ۽ آبرو سان رهيا. هنن موت قبوليو، پر غلاميءَ جو طوق نه قبوليو. هنن ڀٽ ڌڻيءَ جو پيغام پروڙي ورتو هو، ته ”سورهيه سو چوائي، جو رڳو ئي رڻ گُهري.“
    ڀٽائي گهوٽ جي اِها عظمت آهي، جو سندس پيغام، حڪم وانگر اٽل آهي. سندس پيغام تاريخ جي هر دور، ۽ هر نسل لاءِ آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي، جو اسين ٻوڙا، گونگا، ۽ ڪند فهم آهيون ـــ اڄ به وايو منڊل مان ڀٽ ڌڻيءَ جي صدا جو پڙلاءُ اچي ٿو.
    ”مون کي جيئاريو، پرينءَ جي ڳالهه ڪري،
    ڊٺـــو اڄ اڏيــو، هـيـنـڙو ڪــوٽ بــرج جـــــنءَ“.

    1973


    جڏهن سڄڻ ياد پياس

    هڪ مهربان دوست مون تي الزام هڻندي چيو، ”تو شاهه لطيف کي خوامخواه Militant شاعر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاهه جنگ جو نه، پر امن جو شاعر آهي.“
    کيس جواب ڏنو هوم، ”شاهه لطيف جي شاعري زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد آهي. شاهه عظيم فنڪار آهي. کيس امن ۽ جنگ جي حد بندين ۾ رَکي نه ٿو سگهجي. شاهه سونهن ۽ عشق جو شاعر آهي، ته جنگ ۽ بغاوت جو به شاعر آهي. شاهه امن جو شاعر آهي، ته انقلاب جو به شاعر آهي. شاهه جي سڀ کان وڏي عظمت اها آهي، ته شاهه تاريخ جي هر دور جو شاعر آهي ـــ شاهه انسان ذات جي سمورن قومن جو شاعر آهي.“
    شاهه ايڏو وڏو شاعر ۽ فنڪار آهي، جو مختلف ذهني لاڙن ۽ نظرين وارا پڙهندڙ شاهه جي ڪلام ۾ غرق ٿي ويندا آهن. مون ملحدن ۽، ڪٽر هندن ۽ مسلمانن کي شاهه جي شاعري جو شيدائي ڏٺو آهي. تنهنڪري، اهو الزام، ته مون شاهه کي فقط جنگجو شاعر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪل بي معنيٰ الزام آهي.
    لطيف سائينءَ جي سر کنڀات ۾ هڪ بيت آهي:
    ”جي تو سڪڻ سکيو، ته ڪاتي پئي م ڪنجهه،
    سپيريان جي سور جو، ماڙهن ڏجي نه منجهه،
    اندر ايءُ اهنج، سـانڍج سـکائون ڪري.“
    سر کنڀات جو مٿيون بيت ايترو ته واضح ۽ وسيع آهي، جو عشق کان عزم تائين ڪو به فلسفو ان بيت جي دائري کان ٻاهر نه آهي. عشق ۽ عزم جو اتاهون مرتبو شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جو روح آهي. اهو mood شاهه سائين جي سموري ڪلام ۾ موجود آهي.
    ساڳي سر ۾ عشق ۽ نڀائڻ واري ڪيفيت کي انتها درجي جي فنڪاريءَ سان بيان ڪندي، هڪ بيت ۾ شاهه سائينءَ چيو آهي:
    ”نو نير، ڏهه ڏاوڻيون، پندرهن پئندي پياس،
    جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنايئين هيڪڙي.“
    قيد ۽ ڪوٽ، نوڙ ۽ زنجير انسان کي فقط ظاهري طرح پرينءَ کان پري ڪري سگهن ٿا. پر، سندس ذهن کي سڄڻ جي ياد کان محروم ڪري نٿا سگهن. هن بيت ۾ لفظ ”سڄڻ“ هزارين معنائن جو ڀنڊار آهي.
    مان جڏهن به سمنڊ ڏسندو آهيان، تڏهن شاهه سائينءَ جي سر سامونڊيءَ جو هيءُ بيت دل تي تري ايندو اٿم:
    ”اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
    اٺـئـي پـهر اٿـن، ســعـيــو ڪـنــهن سـفر جو.“
    هن بيت ۾ ٻه لفظ اهم آهن؛ هڪڙو ”وڻجارا“ ۽ ٻيو، ”سفر“ منهن جي دوست، جنهن مون تي الزام مڙهيو آهي ته مون شاهه سائين کي Militant شاعر ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهن دوست لاءِ وڻجارا معنيٰ واپاري، ۽ سفر معنيٰ ريل جو سفر، يا آگبوٽ جو سفر! جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته هو شاهه سائينءَ کي محدود معنائن جي قيد ۾ قابو ٿيل محسوس نه ڪري ها.
    مون، هڪڙي دفعي، کارو پاڻي ٻڪ ۾ جهلي، سمنڊ کي شاهه سائينءَ جو هڪ بيت ٻڌايو هو:
    ”سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،
    مون کـي ٿـي ماري، اُنـهـي ســنــدي ڳــالهڙي“
    ازل کان لڇندڙ ۽ ڦٿڪندڙ سمنڊ خاموش رهيو، مون کي جواب ڏيئي نه سگهيو. جواب مون کي پنهنجي وجود مان مليو :
    ”جياسون جوڙ ٿي، جوڳي ڏٺوسون جان،
    مون سـڱ جهـين سان، سو سامي سانڀي ٿئو.“
    مٿيون بيت شاهه سائينءَ جي سر رامڪليءَ مان آهي. سر رامڪلي، ۽ سر کنڀات جي وچ ۾ ويهه سر آهن. ويهن ئي سرن ۾ اظهار جو طريقو انوکو آهي، پر Mood ساڳيو آهي. ■

    1974


    بندر بازاريون

    لطيف سائينءَ سر سامونڊيءَ ۾ ڪيترن بيتن ۾ لفظ بندر ۽ بازاريون استعمال ڪيا آهن. محققن انهن ٻن لفظن جي معنيٰ، مفهوم ۽ اشارن کي سمجهڻ لاءِ گذريل اڍائي سئو سالن کان مٿا مونن ۾ پيئي هنيا آهن، اڄ تائين کين ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو آهي. محقق ٿيندا آهن عالم! عالم اڪثر منجهي پوندا آهن. ڪي ڪي عالم اهڙو اچي منجهندا آهن، جو پوئينءَ پڇاڙيءَ جيلن جو منهن ڏسندا آهن، يا گهاڻن ۾ پيڙجي، يا ڦاهيءَ جي تختن تي چڙهي ويندا آهن. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي، ته عالمن کي ٻين عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جي لکيل هڪ هڪ لفظ ۾ معنائن جا ڀنڊار نظر ايندا آهن ـــ کين هڪ هڪ لفظ ۾ هزارين اشارا ڏسڻ ۾ ايندا آهن ـــ ۽ هزارين مفهوم معلوم ٿيندا آهن. جڏهن ايتريون ڳالهيون هڪ هنڌ اچي گڏ ٿينديون آهن، تڏهن عالمن لاءِ مونجهارن جو ماڳ پيدا ٿي پوندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو لطيف سائينءَ جي سر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آندل لفظن ”بندر“ ۽ ”بازارين“ جي معنيٰ ۽ صحيح تشريح اڃا تائين ڪنهن کي سمجهه ۾ نه آئي آهي، ۽ عالم انهن لفظن جي پاتار تائين پهچڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
    پر، اسان جي ميونسپالٽين، ٽائون ڪاميٽين، ۽ ٽرانسپورٽ ڪمپنين جي مالڪن کي شاهه لطيف جي ڪلام جو هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ، ۽ مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو آهي. ڪجهه عرصو اڳ انجنيئرن، ۽ ميونسپالٽيءَ وارن ماهرن ذري گهٽ پڪو فيصلو ڪيو هو، ته ڪراچيءَ جي ڀرسان تعمير ٿيندڙ بندر جو نالو ”ڀٽائي بندر“ رکيو ويندو، ڇو جو سر سامونڊيءَ ۾ لطيف سائينءَ ڪيترن هنڌن تي بندرن جو ذڪر ڪيو آهي! انهيءَ ڪاميٽيءَ ۾ ڪجهه ميمبر دور انديش هئا. هنن جي سنڌي ٻوليءَ سان واقفيت اهڙي هئي، جهڙي ٽه ـــ پتائيءَ جي سچ سان هوندي آهي! چيائون ته، ڀائرو، اڙدوءَ ۾ بندر معنيٰ ڀولڙو؛ تنهن ڪري، ڪراچيءَ جي ڀرسان ٺهندڙ بندرگاهه جو نالو ”ڀٽائي بندر“ نه رکيو وڃي.
    ڪراچيءَ جي ڀرسان ٺهندڙ بندر تي ”ڀٽائي بندر“ جو نالو ته پئجي نه سگهيو، پر جيڪب آباد وارن پنهنجيءَ هڪ بازار جو نالو ”ڀٽائي بازار“ رکي ڇڏيو آهي. ان بازار ۾ شاهه جي رسالي کانسواءِ سڀ ڪجهه ملندو آهي. ان بازار ۾ خاص ڪري بوٽ ڏاڍا عمدا، سهڻا، ۽ پائيدار، يعني جٽاءُ دار ملندا آهن! جيڪب آباد جي ميونسپالٽيءَ وارن وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. هنن سر سامونڊيءَ ۾ ٻن لفظن ”بندر ۽ بازاريون“ جو مفهوم سمجهي ورتو آهي، ۽ ان تي ترت عمل ڪيو آهي، ڀٽائي بازار ۾ ڪپڙو به ملندو آهي. اهو ڪپڙو جوڙن ۽ وڳن لاءِ گهٽ، ۽ ڪفن لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي (ڇو جو گراهڪ ڪپڙي جي قيمت چڪائڻ ۽ ڏيڻ کان پوءِ جلد مري ويندا آهن). ڀٽائي بازار ۾ ماڻهن جا کيسا به نهايت احترام سان ڪتريا ويندا آهن. اوهان جي ٻٽونءَ ۾ جيڪڏهن ناڻي سان گڏ ڪنهن راڻي، يعني محبوب جي تصوير به رهندي آهي، ته پوءِ ڀٽائي بازار ۾ کيسو ڪتريندڙ بشني وڏي اٽڪل سان اها تصوير توهان جي کيسي ۾ ئي ڇڏي ويندو؛ فقط ناڻو ڦٻائيندو! يعني، اهو بشني اوهان جي دل تي ڌاڙو نه هڻندو ـــ هو اوهان کي فقط ڏوڪڙن جي جهنجهٽ کان آجو ڪندو.
    ڀٽائي بازار ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي مورت به نظر ايندي آهي، جنهن جي صورت مرڻ گهڙيءَ تائين، اکين آڏو رهندي آهي. اڄ، جڏهن هيءُ ڪالم لکي رهيو آهيان، تڏهن، ان مورت جي صورت منهنجن اکين آڏو ڦري رهي آهي. ■

    1974


    لامڪان

    سر رامڪليءَ ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جو هڪ بيت هن ريت آهي:

    جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو
    نڪو چاڙهو چنڊ جو، نڪو سج سرو
    اُتي آديسين جو، لڳو دنگ درو
    پـري پـين پـــرو، نــاٿ ڏٺــائــون ناهه ۾.
    مٿيون بيت انڪار ۾ اقرار جي وجود جو فلسفو آهي. فلسفو ساڳيو آهي، جيڪو ”لا“ ۽ ”لا الله“ جو فلسفو آهي. اول انڪار؛ ڀرپور، مڪمل ۽ پختو انڪار ـــ ڪجهه به ڪونهي! اهڙو انڪار، عدم موجودگيءَ تي مڪمل ايمان جو اظهار آهي سمجهاڻي سولي، بلڪل سادي آهي ـــ جيستائين انڪار ۾ ايمان ڪونهي، تيستائين اقرار تائين رسائي ناممڪن آهي. اول ”نه“ سان نينهن لڳايو، ۽ پوءِ ”ها“ سان هينئون هنڊايو.
    مٿئين بيت جي پوئين سٽ جو پويون حصو، انڪار ۾ اقرار جي وجود جو اظهار آهي. ناٿ ڏٺائون ناهه ۾! معنيٰ، ته آديسين پنهنجو محبوب، پنهنجو مالڪ، پنهنجو دلبر انڪار ۾ ڏٺو، نفي ۾ ڏٺو. آديسين کي جيستائين انڪار جي پروڙ نه پيئي هئي، تيستائين کين ناٿ نظر نه آيو هو. پر، انڪار ۾ اقرار جي وجود جي پروڙ کان اڳ شاهه صاحب پنهنجي بيت ۾ هڪ اهڙي مقام جو ذڪر ڪيو آهي جتي نه عرش آهي، ۽ نه فرش آهي، ۽ جتي نه چنڊ چڙهي، ۽ نه سج لهي، جتي نه ڏينهن ٿئي، ۽ نه جتي رات ٿئي. اهو مقام، اهو هنڌ، زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي. اهڙي اسراري مقام جي موجودگيءَ جو ذڪر تصور جي بي پناهه پهچ کان سواءِ ناممڪن آهي.
    تصور جي پرواز ۾ ڀٽ ڌڻي جو ڪوبه ثاني ڪونهي. پرينءَ کي پسڻ لاءِ ڪڏهن ته اندر کي آئيني ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري، ته ڪڏهن وري پنهنجي وجود کي محبوب جي مشاهدي لاءِ فنا ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ـــ
    مئي متي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي،
    ته ميهار مليئي سنڀوڙو سيڻاهه سين.
    هڪ هنڌ اناالحق واري مفهوم ۾ پاڻ پنهو آهيان، وارو اظهار ڪيو اٿائين، پر پوءِ، جڏهن پنهوءَ کي سڄڻ جي صورت ۾ ياد ڪيو اٿائين، تڏهن کيس سوجهرو سڏيو اٿائين ـــ
    چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان تان نه پرين سين،
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو!
    سوجهري کي ڀٽ ڌڻيءَ، نور، حق ۽ سچائيءَ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي. نور کي فنا ڪونهي. نور ازل کان آهي، ابد تائين رهندو. ۽ پوءِ جڏهن شاهه صاحب ان مقام جو ذڪر ڪري ٿو جتي نه عرش آهي، ۽ نه فرش؛ جتي نه چنڊ چڙهي، ۽ نه سج اُڀري، تڏهن هو ازل ۽ ابد جي اسراري مقام جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي، جتي سوجهرو آهي، ۽ سوجهري کي فنا ڪونهي.
    آديسين جو درو اتي آهي، جتي فنا جو وجود ڪونهي. فنا جو انت انڪار آهي ـــ مڪمل، ڀرپور انڪار. ۽ اهڙي انڪار ۾ حقيقي اقرار آهي ـــ ساڳيو اقرار، جنهن جو ذڪر ڀٽ ڌڻيءَ مٿيئن بيت جي پوئين سٽ جي پوئين حصي ۾ ڪيو آهي ـــ ناٿ ڏٺائون ناهه ۾.■

    1975


    شاهه ۽ ايڇ ـ ٽي سورلي

    اٺين مارچ 1975 تي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان حيدرآباد ۾ خاص ڪنووڪيشن جو انتظام ڪيو ويو هو. ان ڪنووڪيشن ۾ ڊاڪٽر اينيميري شميل ۽ ايڇ ـــ ٽي سورلي کي ڊاڪٽر آف لٽريچر جون اعزازي ڊگريون ڏنيون ويون. مرحوم سورلي جي اعزازي ڊگري مرحوم جي ڌيءَ وٺڻ آئي هئي.
    ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾ آيل سڀني غير ملڪي ۽ ملڪي عالمن، اديبن ۽ مورخن، ۽ محققن ان خاص ڪنووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي.
    سورلي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام، پيغام ۽ عظمت کي مغرب ۾ پکيڙي ڇڏيو. سندس ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ،“ فقط ان ڪري اهم نه آهي، جو ان ۾ شاهه سائينءَ جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنل آهي. سورلي ان ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي دور جي تاريخي، تمدني، اقتصادي ۽ سياسي حالتن جو جائزو ورتو آهي. سورلي، هڪ محقق جي حيثيت ۾ ثابت ڪيو آهي، ته ڪوبه فنڪار، اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ پنهنجي ماحول کي نظر انداز ڪري نٿو سگهي. تخليقي عمل غير معمولي حالتن، ۽ آزمائش جي گهڙين ۾ اڀرندو، اسرندو، ۽ معمولي حالتن ۾ پيدا ٿيل تخليقن کان مٿاهون ٿي ويندو آهي. سڙهه جي سگهه جي خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن طوفان جي سٽ جهليندو آهي! شاهه لطيف جو دور سياسي وڳوڙ، سماجي افراتفري ۽ ٻاهرين ڪاهن ۽ حملن جو دور هو. انهن ابتر، ۽ بدتر حالتن سنڌ جي هيڻن کي چيڀاڙي ۽ چيٿاڙي ڇڏيو هو. اسين، شاهه جي ڪلام کي جيڪڏهن سندس دور جي سياسي ۽ سماجي پس منظر جي روشنيءَ ۾ پڙهنداسين، ته عجيب معنيٰ ۽ مفهوم سان روشناس ٿينداسين. في الحال، سنڌ ۾ شاهه لطيف کي فقط روحانيت جي مفهوم ۾ سمجهيو ويو آهي، ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
    مون محسوس ڪيو آهي، ته شاهه لطيف کي عقيدتن جي قيدخانن ۾ بند ڪيو ويو آهي. شاهه لطيف کي سچي، سپتئي، بهادر ۽ عظيم شاعر جي بدران پير ڪري پوڄيو ويو آهي. اسان جي اٻوجهه عوام کي فقط هڪڙو وهم مٿي ۾ ويهاريو ويو آهي، ته شاهه لطيف من جون مرادون پوريون ڪندو آهي، پٽ ڏيندو آهي، ۽ جنن ڀوتن کان نجات ڏياريندو آهي.
    شاهه لطيف جو هڪ هڪ بيت، جيڪو هزارين سياسي ۽ سماجي جنن ڀوتن جو توڙ آهي، تنهن کي ڪنهن به سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.
    شاهه لطيف کي سمجهيو، ته سورلي سمجهيو! ڌارئين ۽ ٻاهرين سمجهيو! شاهه جو ڪلام ميڙي سيڙي ڇپرايو! ته ارنيسٽ ٽرمپ ڇپرايو! ٻاهرين ۽ ڌارئين ڇپرايو!
    مون کي خبر ڪونهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ ارنيسٽ ٽرمپ کي به ڪڏهن ڊاڪٽر آف لٽريچر جي اعزازي ڊگري ڏني آهي، يا نه! پر، اسان سڀني کي خوشي ٿي آهي، ۽ اسان فخر پڻ محسوس ڪيو آهي، ته سورلي کي، سندس وفات کان پوءِ ئي سهي، ڊاڪٽر آف لٽريچر جي ڊگري ڏني وئي آهي.
    مان آخر ۾ ايترو ضرور عرض ڪندس، ته سورلي جو سنڌ ۽ سنڌي ادب تي ڪيل احسان ڪنهن به ڊگريءَ عيوض لاهي نه ٿو سگهجي. اسان ان اعزازي ڊگريءَ معرفت سندس بيشمار احسانن جو اظهار ڪيو آهي. ■

    1975


    عاشق زهر پياڪ

    شاهه سائينءَ جي هڪ بيت جي هڪ سٽ هن ريت آهي:
    ”عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو.“
    ان سٽ ۾ عشق جي تمام مٿاهين مرتبي جو ذڪر آهي ـــ ان سٽ ۾ عشق جي آخري منزل جو پتو آهي. ان سٽ ۾ انهن عاشقن جو احوال آهي، جيڪي عشق ۾ مرڻ کي معراج ڀائيندا آهن. ان سٽ ۾ انهن عاشقن جو حوالو آهي، جيڪي محبت جي ميدان ۾ سر جو سانگو نه ڪندا آهن، ۽ راهه وفا ۾ مرڻ کي مهڻو نه ڀائيندا آهن.
    مٿئينءَ سٽ ۾ عشق جي واضح تشريح ڪيل آهي ـــ اهڙو عشق جنهن ۾ مرڻ اٽل هجي ـــ اهڙو عشق جنهن ۾ زندگي ثانوي حيثيت رکندي هجي، ۽ اوليت موت کي هجي! اهڙو عشق، جيڪو حياتيءَ جي سيج گلن سان نه، پر ڪنڊن سان سينگاريندو هجي! اهڙي عشق جي منزل جا پانڌي زهر پياڪ ٿيندا آهن. جيڪو قدم اڳتي ڪندا آهن، سو قدم پٺتي نه ورائيندا آهن. جيئن جيئن محبت جي راهن ۾ واسينگن جو واسو ڏسندا، تيئن تيئن عشق ۾ مري معراج ماڻڻ لاءِ بيڪل ٿيندا. موکيءَ جي مڌ جا پروڪا پياڪ عاشق زهر پياڪ هئا. وهه ڏسي مدن مست ٿيندا هئا. موت سان بغلگير ٿيڻ لاءِ آتا هوندا هئا.
    اهڙن عاشقن جو ذڪر شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ جا بجا ڪيو آهي. اهڙن عاشقن کي، جيڪي عشق جي شروعاتي دور ۾ زندگي ۽ موت جي مابين ڪشمڪش ۾ ولوڙجي ويندا آهن ۽ عشق ۾ مرڻ کان ڪيٻائيندا آهن، تن کي شاهه سائينءَ هڪ هنڌ چيو آهي:
    ”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار ،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
    مٿـــــان تـــيخ تــــرار، مــار تــه متارو ٿئين.“
    عشق ۾ ڍال جي وجود جو، ڍال جي تصور جو ڪو مقام ڪونهي. بچاءَ لاءِ گيدي واجهائيندا آهن. عاشق زهر پياڪ، جيڪي عشق ۾ مرڻ کي معراج سمجهندا آهن، سي سوڀ لاءِ، عشق جي آخري منزل لاءِ بنا هٻڪ جي، بي خوف ٿي وهمن سان وڙهي پوندا آهن. تڏهن ميهار جي محبت لاءِ، الفت لاءِ، چاهت لاءِ، مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيڻو ئي پوندو آهي.
    حق لاءِ، سچ لاءِ، روشنيءَ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ، سرويچ ۽ سوڍا عاشق زهر پياڪ جي تشريح کي معنيٰ ڏيئي ويندا آهن. اهڙا عاشق ڪڏهن سقراط سڏائي زهر جو پيالو پي، عشق ۾ مرڻ کي مفهوم ڏيندا آهن. اهڙا عاشق منصور، سرمد ۽ شبلي ٿي سنگسار ٿيندا آهن، مقتل جو سينگار ٿيندا آهن، ۽ گهاڻن ۾ پيڙجي ويندا آهن.
    هڪ عاشق زهر پياڪ اهو به هو، جنهن انگريز سامراج جي لالچن کي ٺڪرايو؛ ۽ آخر ۾ سامراجين جا عذاب سهندي سهندي جيل ۾ مري ويو. نوجوان هو. ڳڀرو هو. سچ جو شيدائي هو. حق تي قربان ٿي ويو. هو به عاشق زهر پياڪ هو، جنهن دٻي جي جنگ ۾ توب کي ڀاڪر ۾ ڀري سامراجي فوجن تي اڇلايو هو ۽ سوين زخم سهي، ڌرتيءَ تي سيس نوايو هو.
    ۽ هو به عاشق زهر پياڪ آهي، جنهن جو گريبان چاڪ آهي ـــ جنهن جي پيرن ۾ زخم آهن ـــ جنهن جو روح گهائل آهي، ۽ دل ديواني جي خواب وانگر ٽٽل آهي ـــ هن حياتيءَ تي موت کي ترجيح ڏني آهي ـــ هو عاشق زهر پياڪ آهي. ■

    1976


    وحدت الوجود جو احساس

    احساس جي سمجهاڻيءَ لاءِ، نه حسابن ڪتابن جا اصول ۽ نه ئي سائنس جا مڃيل مول متا ڪم ايندا آهن. احساس نفسياتي وصف نه آهي، تنهنڪري ڊاڪٽر ۽ نفسيات جا ماهر احساس جو ڇيد ڪري نه سگهندا آهن. احساس ڪنهن ڪيفيت جو نالو نه آهي. ڪيفيت عارضي هوندي آهي ۽ احساس کي دائمي بقا نصيب ٿيندي آهي. خوشبوءِ گهڙي کن جي مهمان هوندي آهي. ڪجهه دير کان پوءِ هوا جي هندولن ۾ هلي ويندي آهي. روشنيءَ جي غير موجودگيءَ جو ٻيو نالو اوندهه آهي. اوندهه جي اوڙاهه ۾ ڏيئي جي لاٽ پرهه ڦٽي تائين غنيمت هوندي آهي ۽ سج جي موجودگيءَ ۾ بي معنيٰ وجود جو تصور ٿي پوندي آهي. تنهن ڪري احساس کي خوشبوءِ ۽ ڏيئي جي لاٽ سان تشبيهه ڏيئي نه سگهبي آهي.
    احساس جي اپٽار لاءِ ادب ۽ موسيقيءَ کان سواءِ ٻي ڪا مناسب صنف نه آهي. احساس جي ترجماني اڄ تائين فقط ڪهاڻين، ناولن ۽ شاعريءَ ۾ ٿي آهي. اڃان به جيڪڏهن دائري کي محدود ڪجي ته شاعريءَ جي الهامي ڪيفيت ۾ احساس جو اولڙو واضح نموني نظر ايندو.
    وحدت، (Unity) احساس آهي. نثر ۾ وحدت جي سمجهاڻيءَ لاءِ انيڪ مثالن جا آڏاڻا اڏي سگهجن ٿا. ڪهاڻين جي تت ۾ وحدت لاءِ واضح اشارا ممڪن ٿي سگهن ٿا. پر، وحدت جيئن ته احساس آهي تنهن ڪري سندس اظهار جو امڪاني مڪان شاعري ۾ آهي، بلڪه، وضاحت لاءِ شاعريءَ سان گڏ لفظ الهامي استعمال ڪجي. هتي، الهاميءَ مان مراد آهي، اهڙي شاعري جنهن ۾ شعوري ڪوشش جو پورهيو شامل نه هجي، اهڙي شاعري جيڪا فاعلاتن جي محتاج نه هجي:
    اکين کي روئاري،
    ياد کي سيني ۾ ساري،
    توکي پڪاري پڪاري ٿڪاسي،
    مگر تون نه آئين!
    يا:
    اڄ وقت جي هن وهڪري ۾،
    تون جدا ۽ مان جدا،
    دل جدا جذبن کان آهي،
    مرڪ چپڙن کان جدا.
    يا:
    آڪاش جي دامن تان اڄ،
    چنڊ ۽ ستارا ويا هليا،
    زندگيءَ جو ساز ڀي خاموش آ،
    راڳ ڪهڙو!
    گيت گهٽجي ويا هليا!
    اهي ڪجهه مثال شعوري شاعريءَ جا آهن، يا هڪ گهڙيءَ، هڪ لمحي، هڪ پل جي شاعريءَ جا مثال آهن. زندگيءَ جي لاهي چاڙهي ۾ هڪ المئي جي جاءِ جيڪڏهن ٻئي المئي ۽ هڪ حادثي جي جاءِ ٻئي حادثي والاري، ته اظهار جي ڪيفيت بدليل نظر ايندي:
    فطرت منهنجي آهي اها،
    مشڪلن جي ڄار ۾ ڦاسي پوان،

    ڪشمڪش جون ڪيتريون،
    مجبوريون مون کي ڇڪن،
    پرزا پرزا جسم منهنجو،
    ساهه منهنجي کي ڇڪن.
    يا:
    هار منهنجي هردي ۾ ناهي،
    مان جيت جو جيون ها،
    مان ئي آهيان جنهن جي آڏو،
    هــار مــڃـي ســنـــسار.
    زندگي لاڳيتو ۽ مسلسل سفر آهي.ڏکن سُکن جا جهر جهنگ ۽ ڪارا سمنڊ جهاڳي انسان جڏهن موت جي منزل تي پهچندو آهي، تڏهن پاڻ سان لڙڪن ۽ مُرڪن سان ٽمٽار لمحن ۽ ساعتن جا انبار کڻي ايندو آهي. آخري منزل کان اڳتي، لامڪان ڏانهن روانو ٿيڻ کان اڳ هو ڪيفيتن جي ڪائنات پوئتي ڇڏي، پاڻ سان گڏ فطرت حيرت جو احساس کڻي ويندو آهي.
    حيرت کان اڳتي وحدت جو مقام آهي. حياتيءَ ۾ حيرت جو مقام ڪن نصيب وارن کي ملندو آهي. عام انسان ڏکن ۽ سکن جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪي ڦٿڪي پنهنجي انت کي پهچندو آهي. زندگيءَ جي سالن مهينن، هفتن، ڏينهن ۽ ساعتن کي جڏهن تجربن سان ونڊڻ ويهندو آهي، تڏهن مايوسيءَ کانسواءِ پاڇيءَ ۾ کيس ڪجهه پلئه نه پوندو آهي ۽ پوءِ افسوس، ڏک ۽ پڇتاءُ سندس پيڇو ڪندو آهي. پڇتاءُ جو احساس مستقل سزا وانگر کيس نه هن حياتيءَ ۾ ۽ نه ايندڙ حياتيءَ ۾ عذاب کان آجو ڪندو آهي. مها آتما گوتم ٻڌ وٽ ان عذاب، ان ڀوڳنا لاءِ هڪ لفظ آهي، جنهن لفظ کي عالمگير مڃتا ملي آهي ۽ اهو لفظ آهي دکا، دک، ڏک! مها آتما گوتم ٻڌ جي بنيادي پنجن عقيدن مان (جن جي ڪري انسان جي مرڻ ۽ جيئڻ جو سلسلو مستقل عذاب وانگر هلندو رهي ٿو) هڪ عقيدو آهي ته: ”زندگي ڏک آهي.“ حسد، ريس، طمع، نفرت ۽ انتقام آهي پنج بنيادي عنصر آهن جيڪي مجموعي طرح ۽ انفرادي طرح انسان لاءِ ڏک جو سبب ٿي پوندا آهن ۽ کيس مرڻ ۽ جيئڻ جي جنڊ ۾ پيهندا رهندا آهن.
    ڏک کان ڇوٽڪاري لاءِ مها آتما گوتم ٻڌ وٽ هڪ ٻيو لفظ آهي، جنهن لفظ کي دنيا جي نامورن ٻولين اصل صورت ۾ قبول ڪيو آهي ۽ فلسفي جي ڪنهن نقطي کي سمجهائڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي، سو لفظ آهي نرواڻ! اصل سان، حقيقت سان ۽ سچ سان هڪ ٿي، ايڪي ۾ اچي مستقل عذاب ۽ ڀوڳنا کان ڇوٽڪاري جو فلسفو يا اصول! نرواڻ، اصل ۾ احساس آهي.
    بظاهر وحدت الوجود ۽ نرواڻ جو، احساس جي ناطي، پاڻ ۾ سڌو سنئون تعلق محسوس ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين پڻ محسوس ٿيندو آهي ته وحدت الوجود ۽ نرواڻ هڪ ئي ڪيفيت جا ٻه نالا آهن. پر، اصل ۾ ائين نه آهي. نرواڻ، انسان لاءِ ڏکن ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪيل جدوجهد جو ثمر آهي، انعام آهي. انسان جيڪڏهن ريس، حسد، طمع، نفرت ۽ انتقام جي سفلي جذبن تي مڪمل فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي وجود مان انهن جذبن کي ڪوري ڪڍي ڇڏي ته ان جي نتيجي ۾ کيس نرواڻ حاصل ٿيندو، اصل سان، ڪُل سان، بي انت سان کيس مستقل ايڪي جو ثمر حاصل ٿيندو! نرواڻ ۾ ڪُل، بي انت جي هئڻ جو احساس آهي. پر، بي انت سان ايڪو مشروط آهي. يعني، ريس، حسد، طمع، نفرت ۽ انتقام جهڙن گندن ۽ غليظ جذبن کان مڪمل ڇوٽڪاري کان پوءِ نرواڻ نصيب ٿيندو آهي.
    وحدت الوجود ۾ بي انت سان ايڪي جو غير مشروط احساس آهي. اهو احساس پنهنجي مڪمل ۽ اصلي صورت ۾، لاشعوري طور تي جيستائين انسان جي باطن ۽ ظاهر تي طاري نه ٿيندو تيستائين وحدت الوجود جو فلسفو سمجهه ۾ نه ايندو. اهو احساس ته اسين پنهنجي ذات ۾ ڪجهه نه آهيون. مٽيءَ جي مُٺ ۽ روشنيءَ جو هڪ ڀٽڪندڙ ترورو آهيون، بلند ۽ برتر خالق جي تخليق آهيون، اهو احساس انسان کي وحدت الوجود جي آڏو آڻي بيهاريندو آهي.
    تخليق جي حيثيت ۾ مان ڪير آهيان ۽ خالق سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي، يا تخليق ٿيڻ کان اڳ مان ڪٿي هوس، اهڙا ٻه ٽي سوال آهن جن جا جواب يا ته سمجهه ۾ ايندا آهن. يا قطعي سمجهه ۾ نه ايندا آهن. ٺهڻ، تخليق ٿيڻ ۽ وجود ۾ اچڻ کان اڳ چترڪار ظفر ڪاظميءَ جي نئين تصوير ڪٿي هئي! ڪنهن ڪٻٽ ۾ رکيل هئي؟ ڪنهن اسٽور روم ۾ پيئي هئي؟ ڪنهن سيف ڊپازٽ سسٽم ۾ محفوظ ڪرايل هئي؟ تخليق ٿيڻ کان اڳ ظفر ڪاظمي جي تصوير ڪٿي هئي؟ عالم وجود ۾ اچڻ کان اڳ اها پينٽنگ، اها تخليق ڪهڙي ڪيفيت ۾ ۽ ڪٿي موجود هئي؟
    انهن سمورن سوالن جو هڪئي جواب آهي ته ايجاد ٿيڻ کان اڳ، وجود ۾ اچڻ کان اڳ، تخليق ٿيڻ کان اڳ آرٽسٽ ظفر ڪاظمي جي تخليق سندس سوچ ۾ موجود هئي. سندس تصور ۾ هئي. ساڳي طرح اسين وجود ۾ اچڻ کان اڳ بي انت جي لامحدود ڪائناتن ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هئاسين. هتي، جيئن ته اشارو عظيم ترين خالق ڏانهن ڪيل آهي، تنهن ڪري مون سوچ ۽ تصور جو لفظ استعمال نه ڪيو آهي. سوچ ۽ تصور بدران مون لفظ بي انت ڪتب آندو آهي. لا محدود ڪائناتون بي انت جو حصو آهن. بي انت کان سواءِ لا محدود ڪائناتن جو حوالو بي معنيٰ آهي.
    گرمي جي شدت سبب ٻاڦ ٿي آسمانن ڏانهن اُڏامي ويل پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي، ڪڏهن مينهن ۽ ڪڏهن ماڪ ٿي سمنڊن ۽ دريائن ڏانهن موٽندو آهي، يعني، پنهنجي اصل ڏانهن ورندو آهي. اصل کان الڳ نه برسات جي ڦڙن ۽ نه ماڪ ڦڙن جو پنهنجو ڪو خود مختيار وجود آهي! برسات ۽ ماڪ ڦڙن کي پنهنجي اصل، پنهنجي منبع ڏانهن موٽڻو آهي. ساڳيءَ طرح اسان کي پنهنجي بي انت ڏانهن موٽڻو آهي. اسين بي انت جي لامحدود ڪائناتن جو حصو آهيون. اسان جو پنهنجو ڪو وجود ڪونهي. اسان کي پنهنجي اصل، پنهنجي بي انت ڏانهن لازمي طرح موٽڻو آهي، ۽ ڪُل سان ايڪي ۾ اچڻو اهي. اسين حق جو حصو آهيون. اسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن حق سان هڪ ٿيڻو آهي.
    مضمون جي شروعات ۾ عرض ڪيو هيم ته ايڪو، وحدت احساس آهي. احساس کي حساب ڪتاب ۽ سائنس جي اصولن ۽ مول متن سان سمجهائي نه سگهبو آهي. وحدت جي توصيف لاءِ نثر کان وڌيڪ نظم، شاعريءَ جي صنف مناسب آهي، لمحن، گهڙين جي شاعري نه، بلڪه الهامي شاعري. احساس جي ٻي صورت الهامي شاعري آهي:
    اکيون،
    جن ۾ جهرڻا غمن جا سدائين رهن ٿا،
    تن لاءِ
    خوشيون پرايون، ۽
    مسرت سان ٽمٽار لمحا پرايا،
    جن اکين ۾ اداسيون ڪجل ٿي رهن ٿيون،
    پنبڻيون سدائين ئي رهن ٿيون،
    تن لاءِ،
    ڌرتي پرائي، آسمان ڀي پرايو.
    اها لمحن جي شاعري آهي. دل جي ڪيفيت سان دنيا جون ڪيفيتون ۽ موسمون وابسته هونديون آهن. دل اُداس ٿيندي آهي ته دنيا تي فقط خزان جي موسم ڇانيل نظر ايندي آهي. الهامي شاعري لمحن جي قيد کان آزاد هوندي آهي. اهڙي شاعريءَ ۾ ابديت جو احساس هوندو آهي.
    تون اکين ۾ ٿي ويهه،
    ته توکي واري ڍڪيان.
    يعني:
    توکان سواءِ مان ڪجهه نه ڏسان ۽ نه توکي ئي ڪو ڏسي سگهي. تنهنجي ۽ منهنجي وجود ۾ ڪو فرق نه رهي. اسين ايڪي ۾، وحدت ۾ هڪ ٿي وڃون!
    ۽ هڪ منزل اهڙي به آهي جو، جيڏانهن ڪيان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون!
    اَبُر کان الڳ ٿي پاڻيءَ جو ڦڙو جڏهن پنهنجي اصل، پنهنجي بحر ۾ وڃي ڪرندو آهي، تڏهن بحر سان ملي هڪ ٿي ويندو آهي ۽ هر طرف پاڻيءَ جي لامحدود موجودگيءَ کان سواءِ کيس ڪجهه به محسوس نه ٿيندو آهي.
    سچل سرمست جو سمورو ڪلام وحدت الوجود، يعني بي انت سان ايڪي جي واضح تشريح آهي. بي انت سان ايڪو، يا وحدت الوجود احساس آهي، تنهن ڪري احساس جي وضاحت لفظن جي لامحدود ذخيري ۽ لفظن جي بامعنيٰ استعمال سان ٿيندي آهي. وحدت الوجود جي توصيف، توضيح ۽ تشريح لاءِ سچل سرمست وٽ لفظن جي ڪايا ۽ مايا آهي.
    ”هڪ سفر ساعت، ٻيو سفر سال“
    احساس جو سفر ڪڏهن ته ساعت ۾ پورو ٿئي ۽ ڪڏهن سالن جا سال سفر جاري رهي. حق جي حقيقت سمجهه ۾ ايندي آهي ته هڪدم گهڙي پل ۾ ايندي آهي، ورنه ورهيه وهامي ويندا آهن، پر اسرار جو سِرو هٿ نه ايندو آهي:
    ”ڪَــلَ نــه پَـيـڙَءِ ڪــا، اصــولي اسرار جـــي.“
    اسرار! ڪهڙو ۽ ڇا جو اسرار؟ سچل سرمست روحاني طرح حلاج جو معتقد هو. منصور حلاج کي الاهي اسرارن جي اپٽار لاءِ سرمست واري واٽ مليل نه هئي. هن وحدت الوجود کي سڌو سنئون اناالحق جي نعري سان واضح ڪيو آهي. ان وضاحت جي سچل سرمست لفظن جي بامعنيٰ استعمال سان تشريح ڪئي آهي:
    پُٺيءَ ڄَڃَ نه ڄُلُ، منجهه تماشي نه پوين،
    گهوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگامو هُلُ،
    ڀـول نـه ٻـئـي ڪـنـهن ڀُل، وٺج حال حلاج جو.
    تماشائي ٿيندين ته حق جي حقيقت کي پهچي ۽ سمجهي نه سگهندين. تون پاڻ تماشو ٿيءُ، هُل هنگامي جو حصو ٿيءُ، اصل سان ايڪي ۾ اچ، تڏهن توکي منصور حلاج جي احساس جي ڪَلَ پوندي.
    ”تون جا ڀائين موج، سا مڙيائي مهراڻ ٿي.“
    سچل سائينءَ جي ڪلام جو وڏي ۾ وڏو ڪمال اهو آهي جي وحدت ۽ وحدت الوجود جي احساس کي لفظن جي موسيقي ڏيئي ڇڏي اٿائين:
    ”جي فڪر کون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور“
    ”بي رنگيءَ مون رنگ، ظاهر ۾ پيو زنگ“
    ”دين ڪفر دل دام، ڏج مڙيوئي موج ۾“
    سوز گداز ۽ غم، مڙيوئي معافي ٿيو،
    مــار دمـامين دم، عاشــق انـــاالــحـــــق جــو.
    مٿيون شعر مها آتما گوتم ٻڌ جي ”نرواڻ“ جي بنهه مخالف يا ابتڙ آهي. گوتم ٻڌ جي فلسفي موجب جڏهن انسان پاڻ کي ڏک ۽ تڪليفن جي پنجن سببن، حسد، ريس، طمع، نفرت ۽ انتقام کان آجو ڪري ٿو، تڏهن نرواڻ ماڻي ٿو، يعني حق سان هڪ ٿئي ٿو. پر منصور حلاج ۽ سچل سرمست وٽ حقيقت برحق ابتڙ آهي. عاشق انا الحق، حقيقت، ۽ حق سان ايڪي ۾ اچي، هڪ ٿي سوز گذار ۽ غم کان آجو ٿي ويندا آهن.
    ”ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناهه، هر ڪنهن صورت آپ الله“
    سچل وٽ لفظن جي موسيقي حيرت انگيز آهي:
    ”عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي.“
    ”گَل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي،
    عاشق ڏسڻ کئون ڪاٿي، رهندو پتنگ پياسي.“
    ”ابليس جي وڏائي، هر سانس تي سوائي،
    جيوڻ ته دم ڀلائي، نه ته تحت نحس ناسي.“
    ”پاڻ ئي پنهل آهيان، ڄاڻو ڪو نه ٻيو،
    ظاهر منهنجي ذات کي، ڪيچين پاڻ ڪيو.“
    ”حــاضـر نــاظــر تــون، بــاطــن ظــاهـــر تون.“
    وحدت الوجود، بي انت سان ايڪي جي احساس کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ڏکيو آهي. هرڪو ماڻهو اناالحق جو نعرو هڻي سَر سهائي نه سگهندو آهي. ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا حق ۽ حقيقت جا متلاشي مس ملندا جيڪي وحدت الوجود جي وڳي ۾ نظر ايندا:
    ”جتي ماڻهن ميڙ آهه، آءُ تِتي ناهيان،
    سسي سنباهيان، پٺيءَ شاهه حلاج جي.“

    ”جي مڃن ٿا آدمي سو نه مڃان مان،
    ڪوئي آهيان آنءُ، جو ٻانهو ڪنهن جو نه ٿيان.“
    حسين ابن منصور الحلاج وانگر سچل سرمست ڪثرت سان نه، پر ڪٿي ڪٿي اناالحق، مان حق آهيان، مان سچ آهيان، مان ئي خالق آهيان جو کلي طرح، واضح نموني اظهار ڪيو آهي:
    ”ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀُل، تون ته آدم ناهين“
    پر، ساڳي ڪافيءَ ۾ هڪدم ٻئي سٽ ۾ خالق ۽ مالڪ جي حاضر ناظر هئڻ جو ذڪر ڪيو اٿائين جنهن کي عام فهم سمجهاڻيءَ ۾ تضاد سڏي سگهجي ٿو، پر اصل ۾ تضاد ناهي:
    ”لڪو ٿو لاتيون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل!“
    ڪافي جي ٻن بندن مان سوال ٿو اُٿي ته آدم جيڪڏهن اصل ۾ آدم ناهي ۽ خود ئي خالق آهي ته پوءِ اها ڪهڙي هستي آهي جيڪا لڪل آهي، مخفي آهي، پوشيده آهي، پر لاتيون ۽ ٻوليون ٿي ٻولي جيئن باغ اندر بلبل!
    اناالحق جي ڪيفيت وحدت الوجود کان مٿاهين مقام تي آهي. سچل سرمست حسين ابن منصور الحلاج کان بيحد متاثر هو، پر وجداني صوفيءَ وانگر سٻاجهڙو، حق ۽ سچ جو متلاشي ۽ وحدت الوجود جو زبردست داعي هو:
    ”منصوري جي موج ۾، ٿو اناالحق الايان،
    واديءَ ۾ وحدت جي، گهوري سِرُ گهمايان،
    اعليٰ اعظم شان جي نوبت نينهن وڄايان،
    ظاهر باطن هڪڙو، آءٌ تا حڪم هلايان،
    سچو سارو سچ ٿيـو، حـڪمت هيءَ چلايان.“
    ڪافيءَ ۾ انا الحق جو اظهار منصور جي حوالي سان آهي، پر حلاج وانگر بيخود نه آهي. ٻئي هنڌ ساڳي ڪيفيت ۾ چيو اٿائين:
    ”پاڻ ئي پنهل آهيان، ڄاڻو ڪونه ٻيو،
    ظاهر مـنهنجي ذات کي، ڪيچين پاڻ ڪيو.“
    اصل ۾ سچل جو سمورو ڪلام سوچ ويچار مان اُڀري، مستيءَ ۾ ڀرجي، انا الحق ۽ وحدت الوجود جي درمياني ڪيفيت يا احساس جي اظهار جي شاعري آهي:
    ”جوئي هدايت ۾، سوئي آهي گمراهه،
    احـــد احـــمــد هـــڪـــڙو، آهــــي پــــاڻ الله.“
    منصور حلاج جي جرئت کان پنهنجي دور جا وڏا وڏا عالم، صوفي ۽ درويش متاثر ٿيا هئا، جن ۾ فريدالدين عطار، شمس تبريزي، جلال الدين رومي ۽ سچل سرمست شامل آهن. حسين ابن منصور الحلاج پاڻ حضرت عيسيٰ، يسوع مسيح جي جرئت ۽ سوريءَ کي سينگار سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ واري ڪيفيت ۽ احساس کان متاثر هو، صلاح، يسوع مسيح جي ان قول کان ڏاڍو متاثر هو، ته جنهن مون کي ڏٺو تنهن خدا کي ڏٺو. انــــــا الحق جي دعويٰ، حلاج جي صورت ۾ يسوع مسيح جي قول جي توسيع آهي. حلاج پنهنجي عقيدت ۾ ايتريقدر اڳتي وڌي ويو جو، هن يسوع مسيح وانگر سوريءَ تي ساهه ڏنو.
    منصور ثاني جي لقب جو حقدار هئڻ جي باوجود، مُلن جي ڪوڙين فتوائن جي باوجود، سچل سرمست کي حلاج وانگر ڪڏهن به واجب القتل قرار نه ڏنو ويو. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو جو سچل وحدت الوجود جي انتهائي مخفي ۽ باطني رمزن ۽ اسرارن جي انتها تائين پهچڻ جي باوجود ڪائنات کي خالق جي اولڙي ۽ اظهار جو واضح ثبوت مڃڻ کان انڪاري ٿي نه سگهيو هو. هُن مينهن ۽ ماڪ ڦڙي کي سمنڊن جي امانت سمجهيو هو. اسين تخليق ڪار جي تخليق ۽ سندس تخيل جو ثبوت آهيون. اسين بي انت، وسيع وحدت جو ڪنهن ماڪ ڦڙي، مينهن ڦڙي وانگر حصو آهيون، پر خود سمنڊ نه آهيون. وسڻ کان پوءِ، اسين، مينهن ڦڙن وانگر ڌرتي ۾ سمائجي ڌرتي ڏانهن ۽ بي انت سمنڊ ۾ ڪري سمنڊ جو حصو ٿي پنهنجو ننڍڙو وجود پنهنجي اصل ۽ وڏي وجود ۾ گم ڪري ڇڏيندا آهيون:
    ”سڀ ڪنهن پار پرينءَ جو پرتو، خــوابون عيــن کلايو،
    وحدت مون، وو، ڪثرت ڪيائين، رنگيءَ رنگ رچايو.“
    خالق کي، تخليق ڪار کي، هر رنگ ۾، هر روپ ۾ ڏسڻ، پنهنجي وجود جي نفي ڪرڻ ۽ هر وجود ۾ سچ کي، حق کي پَسڻ ۽ پاڻ کي حاضر ناظر جو حصو سمجهڻ ۽ ان سان ايڪي ۾ اچڻ وحدت الوجود آهي:
    ”حاضر ناظر آهين اسان سان، ڪيئن چوان تون ناهين،“
    عِلم، عقل ۽ دانش جي انتها حيرت آهي، سچل سرمست جو ڪلام حيرت جو اظهار آهي. انا الحق بدران سچل سرمست بي انت سان ايڪي ۽ حق موجود جو وڏي ۾ وڏو داعي آهي:
    ”يا تون آهين ذات ديوانو، جو ڪيڏا ٺاهه ٺاهين ٿو،
    ڪا ٿئين ملا قاضي تون، ڪا ٿئين سيد سڏائين ٿو،
    ڪا ٿئين مغ برهمڻ تون، ڪا ٿئين ٻانگ ٻڌائين ٿو،
    ڪا ٿئين مُنهن ۾ محراب، ڪا ٿئين تلڪ لائين ٿو،
    ڪا ٿئين تسبيحان تون سورين، ڪا ٿئين جڻيان پائين ٿو.“
    ۽ اڳتي هلي ساڳي ڪافي ۾ چوي ٿو:
    ”ڪا ٿئين ڏيئي شرعي فتويٰ، ڪا ٿئين منصور مارائين ٿو.“
    مسلسل سوچ ۽ ويچار انسان کي آخرڪار وسوسن ۽ سودائن کان آجو ڪري، حقيقتن جي آئيني تان وهمن جي دز لاهي، حق آڏو آڻي بيهاريندا آهن. تڏهن انسان تي انيڪ راز افشان ٿي پوندا آهن:
    ”صورت منجهان ٿي ٻي صورت، وچئون گرد اڏاڻي.“
    ۽ جڏهن وچئون گرد اُڏامندي آهي، آئينا صاف ٿيندا آهن، حقيقتون هموار ٿينديون آهن، تڏهن شاهه لطيف واري رمز سمجهه ۾ ايندي آهي ته:
    ”اندر آئينو ڪري، پرين سو پسيج“
    سچل سرمست جي هڪ ڪافيءَ جا ٻه بند گرد جي هٽي وڃڻ کان پوءِ سامهون ايندڙ صورت حال جي اظهار جي عڪاسي ڪن ٿا:
    ”پاڻ پنهون آءُ آهيان، اڙي ڀينر ڀُلي ناهيان“
    ۽ ٻئي ڪافيءَ ۾ چيو اٿائين:
    ”ٻيائي سان ٿو ٻاهر ڳولين، نه ٿئي پر بحر ۽ بن،
    چهرا چوريءَ چليو ڏسين ٿو، اٿئي سو چاند چمن.“
    وحدت الوجود جي راز ۽ رمز کي سمجهڻ کان پوءِ اهڙيءَ ڪيفيت مان به گذريو هو جڏهن چيو هئائين:
    ”ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
    انـهيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سمجهي ســچـيــڏنـو چوي.“
    سوال ٿو پيدا ٿئي ته اُها ڪهڙي حقيقت آهي جنهن جي جيڪڏهن سرمست پرده داري ڪري ٿو، ماٺ ڪري ويهي رهي ٿو. مشرڪ سڏائڻ جي مترادف ٿي پوي ٿو! ۽ جيڪڏهن حال حقيقت تان پردو کڻي ٿو، راز افشان ڪري ٿو ته ڪافر چورائي ٿو اهو ڪهڙو راز، ڪهڙي حقيقت آهي! اهو راز انا الحق نه آهي، خودي يا حق ۽ سچ هئڻ جي دعويٰ نه آهي. اُهو راز احساس آهي بي انت جي ايڪي جو، حقيقت سان هڪ ٿيڻ جو. اهو احساس ته مان هن جو پرتو (پاڇو / اولڙو) آهيان، هن جو مظهر آهيان، ته پوءِ منهنجي اندر، منهنجي وجود ۾ هُن جو ئي ديرو آهي، هن کانسواءِ ٻيو ڪونهي، يعني وحدت الوجود جي مڪمل ڪيفيت، جيڪا روح تي طاري رهي ٿي:
    جو ٿو ڳولين يار، سو تان تو ۾ آهي!
    ڏونـــگـــر ڪــيــڏا ڏورئـين، چئو تون ڪَني لاءِ؟“
    اڳتي هلي ساڳئي ڪافيءَ ۾ چوي ٿو:
    ”دل واري خاني ۾، سندي جانب جاءِ.“
    جانب جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي جنهن جي محبت سرمست جي من ۾ اک مچائي آهي! ڪو ڏس پتو، ڪا پهچاڻ!
    هو حق آهي، حق موجود آهي، برحق آهي. هو هر هنڌ آهي، هر رنگ ۾، هر روپ ۾، هر ذات ۾، هر لات ۾ موجود آهي. ان احساس کي سرمست بار بار دهرايو ۽ ورجايو آهي:
    ”ڪاٿئين ڏاڍو، ڪاٿئين هيڻو، ڪا ٿئين جوڙ جئيا ٿو پائي،
    ڪاٿئين ڪوري، ڪاٿئين موچي، ڪاٿئين سيد سڏائي،
    ڪاٿئين ڪافر، ڪاٿئين مومن، ڪاٿئين سوريءَ سر سهسائي،
    ڪــا ٿــئين سـامي، ڪا ٿئين انعامي، ڪاٿئين تلڪ لڳائي.
    اها عشق جي انتها آهي جنهن جي منزل وحدت الوجود جي احساس سان شناسائي آهي:
    ”ورتم دڳ درد جو، تنهن سڀ ڪـا واٽ وساري.“
    ۽ احساس سان شناسائيءَ ۽ حقيقت سان هڪ ٿيڻ ۽ بي انت سان ايڪي ۾ اچڻ کان پوءِ ٻيون سڀ واٽون وساري سالڪ حق جي هڪ ئي واٽ وٺي ٿو:
    ”جن موجن چڙهياسي، لهرن لڙهياسي، انا الحـق پڙهياســــي،
    کنيا هن خمار،
    هي نعرو هنيائون، اناالحق پڙهيائون، نئي سر سلايائون،
    ٿيا گم غيار.“
    ۽ اڳتي هلي چوي ٿو، ساڳئي ڪافيءَ ۾:
    ”اها اعتباري، سوري جن سواري، عجب خوش خماري
    ڪُٺن جي قطار،
    ٿي منصوري مستي، ڪيئن گم هستي، هنــيائين دو دســـتي،
    تپش جي ترار
    ساڳي ڪافيءَ جا بند آهن:
    ”هنيائين هڪل هيءَ، وئي تان شڪل هيءَ، نه حاجت
    عقل هيءَ، جليا جلوه دار.“
    سچل سرمست پنهنجي سموري ڪلام ۾ وحدت الوجود جي احساس ۾ مدهوش ٿي اناالحق جي در تي بار بار دستڪ ڏيئي موٽي اچي ٿو ۽ احساس کي ابديت ڏئي ٿو:
    ”اثر اُهي عشق جا، اول وڃائي هوش،
    سالڪ سُک نه سرها، گوندر ڏي ڪن گوش،
    خلق الانسان عليٰ صورت، پادشاهي پوش،
    ســچــو ســوريءَ وڃــڻا جي، مُئي ۾ ٿيا مدهـوش!“


    سيني ۾ سنگرام

    سچل سمورو سچ، سمورو سون.
    سچل سُرويچن جو سردار آهي. حق جو علمبردار آهي. هڪ دفعي چيائين،
    ”سيني ۾ سنگرام، سچا سنياسن جي.“
    زمان ۽ مڪان جا ويڇا ختم ٿي ويا. وقت عجب جا زنجير پائي بيهي رهيو. سچن سالڪن پنهنجا سر نيزي تي چاڙهي ڇڏيا. ابن الوقت گماشتن ۽ درٻارين ڪن لاٽار ڪئي. ملن کان فتويٰ ورتائون. چيائون سچل مجذوب آهي، مست آهي، ملحد آهي، تڏهن ته سيني ۾ سنگرام جون ڳالهيون ٿو ڪري!
    گماشتن کي سچل جو جواب مليو،
    ”آهن ڪوڏيا ڪات جا، پڻ ڪاپڙي ڪي ،
    سر سنباهن سي، جنين ناتو ناٿ سان!“
    وٺ وٺان ٿي ويئي. چيائون، وڏو ڪو باغي آهي! شاعريءَ ۾ ڪات جون ۽ سر سنباهڻ جون ڳالهيون ٿو ڪري. نوجوان نسل کي گمراهه ٿو ڪري. کين بغاوت جو ڏس ٿو ڏئي. نه ڇڏيوس. پڪڙيوس! ڪنهن صلاح ڏني، سيفٽي ايڪٽ قسم جي ڪنهن قانون ۾ قابو ڪيوس!
    سيني ۾ سنگرام! جنگ جو ميدان! ڇا جي جنگ؟ حق ۽ باطل جي جنگ، باطن ۽ ظاهر جي جنگ، ذات ۽ صفات جي جنگ، حق ۽ ناحق جي جنگ، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي جنگ، سوريءَ ۽ سچ جي جنگ، ڪات ۽ ڪنڌ جي جنگ!
    ڀٽائي، سائين جو هڪ بيت آهي.
    ”روزا ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“
    ڀلڻا ڀلي پيا. منجهڻا منجهي پيا. حد بندين جا قيدي ڪجهه سمجهي نه سگهيا. جڏهن ڪنهن نتيجي تي نه پهتا، تڏهن مٿئين بيت ۾ روحاني راز جي کوج لڳائڻ لڳا.
    ڀٽائي سائينءَ جو بيت جتي ختم ٿئي ٿو، ۽ فهم جي جنهن اشاري تي پورو ٿئي ٿو، اتان سچل جو هڪ بيت شروع ٿئي ٿو. لطيف چيو،
    ”روزا ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم ،
    او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“
    سچل چيو:
    ”ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
    سمورو بيت هن ريت آهي.
    ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    شيخن، پيرن، پنڊتن بيحد ڀلايا،
    ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.“
    سچل سائينءَ جو بيت شاهه سائينءَ جي فهم واري فلسفي جي سمجهاڻي آهي. ان سمجهاڻيءَ کان پوءِ ٻيءَ ڪنهن به سمجهاڻيءَ جي محتاجي نه رهي آهي. اهو فهم، جنهن ڏانهن لطيف سائينءَ اشارو ڪيو آهي، اُهو فهم سچ آهي، جنهن جي وضاحت سچل سائينءَ پنهنجي بيت ۾ ڪئي آهي. هتي سچل سائينءَ جنهن سچ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سچ سيني ۾ سنگرام کان مختلف نه آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي هڪ بيت مان ”مونا طور سينا“ جي فلسفي جي وضاحت، سچل سائينءَ جي بيت ۾ ”سيني ۾ سنگرام“، جي اشاري سان ڏنل آهي. فلسفو ساڳيو آهي. سلسلو ساڳيو آهي. فرق فقط ايترو آهي جو سچل سرمست اناالحق جو نعرو هڻي، سوريءَ کي سينگار سمجهي، صوفي طريقي جي ڪنهن به دستور کي مبهم نه رکيو آهي. سچل سنڌ جو سڀ کان پهريون، سڀ کان وڏو، ۽ سڀ کان سرڪش شاعر آهي.
    ڪنهن بزرگ مون کان پڇيو، ”ڪهڙو سبب آهي، جو اڄ تائين سچل جي عظمت کان انڪار ڪيو ويو آهي؟“
    مون کيس جواب ڏنو، ”اهو ملو جنهن ٻه سئو سال اڳ سچل جي مخالفت ڪئي هئي، ۽ مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني هئي. سو ملو مئو ناهي. اهو ملو جيئرو آهي. هن هر دور ۾ سچ جي مخالفت ڪئي آهي. هن هر دور ۾ منصور، سرمد ۽ سچل تي پابنديون وڌيون آهن. عجب ته، اهو ملو هر دور ۾ اقتدار ۾ رهندو رهيو آهي.“ ■

    1974


    سنڌ جو منصور

    اڄوڪو ڪالم خيرپور مان لکي رهيو آهيان. اسلام آباد ويندي هڪ ڏينهن لاءِ خيرپور ۾ ترسي پيو آهيان. خيرپور هونءَ ته تاريخي شهر آهي، پر خيرپور کي مان تنوير عباسيءَ جو شهر سڏيندو آهيان. ڪجهه شهر تمام وڏين هستين جي موجودگيءَ سبب اهم ٿي پوندا آهن. خيرپور شهر کي مان اهم ان ڪري سمجهندو آهيان ڇو جو اتي تنوير عباسي رهندو آهي. سنڌي ادب جو تمام وڏو ۽ وڏيءَ سوچ وارو شاعر آهي ـــ نئين روايت جو خالق آهي. ملندو ته اهڙي قرب سان ملندو ـــ اهڙي پيار سان ملندو جو اهو احساس ئي ٿيڻ نه ڏيندو ته هو سنڌي ادب جو تمام وڏو ۽ اهم شاعر آهي. طبيعت جو نماڻو ۽ نهٺو ـــ هميشه قرب پيو ونڊيندو! اڄ رات جو سچل سرمست جي درگاهه تان موٽڻ کان پوءِ ارادو پئي ڪيم ته تنوير عباسيءَ ڏانهن وڃان ته ايتري ۾ پاڻ اچي پهتو ۽ مون کي پنهنجي گهر وٺي ويو. خيرپور ۾ ڊاڪٽري ڪندو آهي، تنهن ڪري بيحد مصروف رهندو آهي. پنهنجي مصروفيت مان وقت ڪڍي اسان سان ملندو آهي ـــ حب ۽ سڪ سان ملندو آهي. ٻه ڪلاڪ کن اسان پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي. ٻه ڪلاڪ ئي ادب ۽ موجوده حالتن تي ڳالهايوسين.
    تنوير عباسيءَ سان ملڻ کان اڳ مان شام جو سچل سرمست جي درگاهه تي ويو هوس. سچل سرمست سنڌ جو پهريون ۽ سڀ کان وڏو باغي ۽ انقلابي شاعر آهي. مان ورهين کان پوءِ سندس درگاهه تي ويو هوس. اکين کي اعتبار نه پئي آيو. هر طرف ويراني هئي ـــ اداسائي هئي. سنڌ جي سڀ کان وڏي انقلابي شاعر وٽ ڪوبه سلامي ڀرڻ نه آيو هو. ”سچو آهي سبحان ماڻهن ليکي آدمي ـــ“ اتي آدمي نه هو. سچل اداس ۽ اڪيلو هو. اوقاف کاتي وارن سندس درگاهه ٻاهران چار بتيون هڻائي مٿس وڏو احسان ڪيو آهي! درگاهه جي در مٿان ٽڪ وارن ڪاريگرن جو ڪم ڪيل آهي. اُس جي پهرين ۽ پوين ڪرڻن ۾ سموري درگاهه تجلا ڏيندي آهي. در مٿان لڳل ننڍڙا ننڍڙا آئينا پٽجي ويا هئا. مون کي ڏک ٿيو. دل کي جهوٻو آيو.
    اسين سنڌي بنيادي طرح پير پرست آهيون. اسين انسان جي عظمتن جا پيدائشي منڪر آهيون. سچل بدقسمتيءَ سان پير نه آهي. پير هجي ها ته سنڌي کيس هڪ پل لاءِ هيڪلو نه ڇڏين ها. دهلن ڌمالن سان سندس ڀيرو پيا ڀرين ها. کانئس پٽ پنن ها ـــ نوڪرين ۾ ترقيءَ جون دعائون گهرن ها ـــ رشوت جي ڪيس مان ڇوٽڪاري جون دعائون گهرن ها. پر سچل پير نه آهي. سچل فقط سچل آهي. سبحان آهي ـــ ماڻهن ليکي آدمي آهي. تنهن ڪري ماڻهن وٽ قدر نه اٿس. ائين برابر آهي ته سچل جي شاعريءَ ۽ ڪلام تي اڄ تائين مستند ڪم نه ٿيو آهي. آغا صوفيءَ ويچاري سچل سان عقيدت جو اظهار ڪندي سندس رسالو شايع ڪرايو هو، جيڪو ڇپائيءَ ۽ فني لحاظ کان پيش ڪرڻ جهڙو نه آهي. ”سنڌ صدين کان“ سيمينار لاءِ سچل تي مقالو تيار ڪرڻ لاءِ مون آغا صوفيءَ جي رسالي مان هڪ ٻه تاريخي حوالو ڏنو هو، جيڪو سيمينار ۾ غلط ثابت ٿيو. صوفي صاحب رسالي جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ ميران ٻائي ۽ بيبي رابع بصريءَ کي همعصر ڏيکاريو آهي ـــ جيتوڻيڪ ٻنهي جي دور ۾ اٺ سئو سالن جو فرق آهي. صوفي صاحب کان پوءِ عثمان علي انصاريءَ سچل جي رسالي کي ٻيهر نظر مان ڪڍي ادبي بورڊ معرفت شايع ڪرايو. انهن ٻن ڪتابن يا ڪاوشن ۽ محنتن کان سواءِ سچل تي اڄ تائين ڪم نه ٿيو آهي. سچل تي جيڪي به ڪتابڙا ۽ چوپڙيون شايع ڪرايون ويون آهن، انهن ۾ سچل جي عظمت تي لکڻ بدران ٻين شاعرن کي هيٺاهون ڪري سچل جو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سچل سنڌ جو يگانو شاعر آهي ـــ پهريون ۽ سڀ کان وڏو انقلابي شاعر آهي ـــ هن جي ٻئي ڪنهن شاعر سان ڀيٽ ڪرڻ غلطي آهي. سچل ريس جو گهوڙو نه آهي. سچل سنڌ جو منصور آهي ـــ ۽ منصورن جو قد وڌائڻ لاءِ ٻئي جي قد کي گهٽائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. هو بذات خود قداور هوندا آهن. ■

    1977


    سيني ۾ صنم

    سچل سائينءَ کي چيم، ”تون سمورو سچ آهين.“ سچل سائين خاموش رهيو.
    چيم، ”سچل سائين، تون نسورو نور آهين.“ جواب نه ڏنائين.
    چيم، سچل سائين، تون روشنيءَ جو مرڪز آهين ـــ تجلي جو محور آهين.“
    سچل سائينءَ جلال واري نگاهه سان مون ڏانهن ڏٺو.
    چيم، ”درازن ۾ اڄ وري ميلو متو آهي.“
    شهنشاهه عشق ڪجهه نه چيو.
    ڪنهن مون کان پڇيو، ”منصور ثاني خاموش ڇو آهي؟“
    چيم،
    ”سچل کي سدا، سيني ۾ صنم،
    ڪونهـيـس ٻـيو ڪو ڪم، پٿر جي پوڄا بنا.“
    سچل سائينءَ جي منهن تي مقدس مرڪ تري آئي. چيم، ”سچل سائين، تنهنجي خاموشي بي معنيٰ نه آهي.“
    تڏهن، سچل سائينءَ پهريون دفعو ڳالهايو. هن چيو،
    ”ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان ته ڪافر،
    انهـيءَ وائـيءَ ور، ســـمجهي ڪو سچو چــوي.“
    ان وچ ۾ ڪجهه عقيدتمند اتي اچي گڏ ٿيا.
    هڪڙي عقيدتمندچيو، ”اسان کي خود شناسيءَ جو درس ڏي سچل سائين.“ سچل سائين سواليءَ ڏانهن ڏٺو، ۽ چيو،
    ”جي تو ڄاتو پاڻ، ته آءُ ڪو ٻيو آهيان،
    ڪندءِ غرق گمان، ڳهيلا انهيءَ ڳالهه ۾.“
    هڪڙي ٻئي عقيدتمند سچل سائينءَ کان پڇيو، ”محبت جو مامرو ڇا آهي؟“
    سچل سائينءَ وراڻيو،
    ”محبت جي مهراڻ مان، جي ملا چاش چکين،
    ته ڪنز قدوري ڪافيا، پڙهين ڪين لکين،
    رحــل ســـڀ ســٽـيــن، مـلا مـسجد ڪنڊ ۾.“
    پوءِ، هڪ پيرسن عقيدتمند پڇيو، ”سائين، مون کي عبادت جي باري ۾ درس ڏي.“
    سچل سائينءَ چيو،
    ”پاڻ پڙهج پاڻ بيهج، پاڻ ئي سجدو ڪج،
    ٻـول نــه ٻــيـو ڀـانـئج، ڪافر مومن هڪ ٿيو.“
    ڪنهن عقيدتمند سچل سائينءَ کان پڇيو، ”انا الحق ڇا آهي؟“
    سچل سائينءَ وراڻيو،
    ”جتي ماڻهن ميڙ، آءُ تتي ناهيان،
    سِــســي سَـنـڀايــان، پــٺـيءَ شاهه حلاج جي.“
    هڪڙي پريشان حال نوجوان چيو، ”مان وهمن گمانن ۾ گرفتار آهيان، مون کي سنسن مان آجو ڪر.“
    سچل سائينءَ وراڻيو،
    ”پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڃاڻ،
    الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
    تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاهد آ قرآن،
    نـاهــي شـڪ گمـان، سـچو سائين هيڪڙو“
    تڏهن هڪ شخص هجوم مان وڌي، اچي سچل سائينءَ آڏو بيٺو هن چيو، ”انيڪ مذهب، ۽ مذهبن جا انيڪ فرقا ــ مان ڪهڙي واٽ وٺان؟“
    سچل سائين چيو،
    ”سمجهايو مان طالب تو کي، سچ اهو ٿي سارو،
    ارض سما ۾ واهه وڄائج، عاشق نبهه نغارو،
    نام ڇڏي بدنام ٿي اچ تون، لوڪ ڏسي سڀ سارو،
    سٽ سچل سامان صلح جو، مار حقاني نعرو.“
    پوءِ، هڪ بيحد دکي انسان سچل سائينءَ کان پڇيو، ”دنيا دکن جو
    ديس آهي. دکن جي ديس ۾ رهڻ جو ڪو درس ڏي.“
    سچل سائينءَ چيو،
    ”مريد ڪرڻ جو خيال نه رکجانءِ، عاشق ٿج نرالو،
    دين مذهب ٻوڙ ٻيائي، مست ڦرج متوالو،
    مان ۽ تون جي سودي اندر، متان ڪڍين ڏيوالو.“
    ان کان پوءِ سچل سائين اٿي بيٺو ــــ هن معتقدن کان موڪلايو.
    مون سچل سائينءَ کان پڇيو، ”ڪنهن ڏوراهين سفر جو سانڀاهو آهي؟“
    سچل سائينءَ وراڻيو،
    ”الستي آواز ڪو، منهنجي ڪن پيو،
    هردي اندر هير جي، آهي ڪونه ٻيو،
    مـرليءَ مـست ڪـيو، جوڳيڙن جي جـيـڏيون.“
    ۽ پوءِ روشنيءَ جو محور روشنيءَ جي محور ڏانهن موٽي ويو. ■

    1977


    ادب بابت خط

    برادرم علي نواز وفائي،
    ايڊيٽر، هفتيوار آزاد
    ڪراچي

    گذريل سال اوهان اسان جي ڪاليج جي مئگزين ڇپي هئي ۽ پوءِ منهنجو ادب لطيف ”تنهائي“ اوهان ”آزاد“ ۾ شايع ڪيو هو. دوستن جي پسند همت ته وڌائي ۽ سوچيم ته ٻيو ڪجهه به توهان کي شايع ڪرڻ لاءِ موڪليندس پر ڇا ڪيان، هن مشيني شهر ۾ پنهنجي تمنائن کي عملي جامو پهرائڻ تمام مشڪل آهي. امتحانن هر طرف کان لا پرواهه ڪري ڇڏيو، ان ڪري جلد اوهان اڳيان پنهنجي نئين تحرير کڻي اچي نه سگهيس.
    جيڪا ضرب مون کي ٻه سال اڳ سنڌ جي ڪثير اشاعت رسالي جي ايڊيٽر هئين آهي، تنهن جا زخم اڃا تائين تازا آهن. ان ڪري پنهنجا افسانا ۽ آکاڻيون ٻين ايڊيٽرن ڏانهن موڪليندي منجهندو آهيان. مان نٿو چاهيان ته منهنجو هلندڙ قلم هڪ ٻي چوٽ کائي خاموش ٿي وڃي. منهنجو قلم ئي منهنجي زخمن جو مرهم آهي. مان ان مرهم کان پاڻ کي محروم ڪرڻ نٿو چاهيان.
    يقين اٿم ته توهان جي دوربين نگاهن ”تنهائيءَ“ ۾ منهنجو لڪل غم ڏسي ورتو هو. ان ڪري ته توهان منهنجي همت افزائي ڪئي هئي. ۽ اڄ هن خط رستي افسانو نه، بلڪه سنڌي ادب جي باري ۾ دلسوز حقيقتون کڻي ”آزاد“ لاءِ حاضر ٿيو آهيان.
    ڪجهه ڏينهن کان ”هال ڪين“ جي الميه ناولن جي ڳولها ۾ آهيان ايلفي ۽ بندر روڊ کان وٺي ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪي به دڪان آهن، انهن ۾ گهڙي ويس پر ناول نصيب نه ٿيا. ان دوران ۾ هڪ ڏکائيندڙ حقيقت سامهون آئي. انهن ڪتابن جي دڪانن تي هڪ به سنڌي ڪتاب نظر نه آيو، ڪٿي به سنڌي رسالو نه ڏٺم ۽ نه ئي ڪنهن سنڌي اخبار تي نظر پئي. اڄ اسان جي ادب جي اهڙي زبون حالت ڇو آهي؟ ڇو سنڌي ادب اهڙي ڪسمپرسيءَ ۾ ڪراچي کي الوداع چئي رهيو آهي؟ ڇو اسان جو ادب حد ڪماليت تي پهچڻ کان اڳ ئي زوال ڏانهن لهي رهيو آهي؟ انهن سوالن جا جواب سنڌي ادب جا ابا ڏيئي سگهن ٿا، جي نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ادبي ميدان ۾ ديرو ڄمائي ويٺا آهن. برادرم وفائي! انهن سوالن جا جواب سنڌي ادب جا اُهي حاسد ۽ بغض رکندڙ وڏا اديب ڏيئي سگهن ٿا، جيڪي نه پاڻ ڪجهه ادب جي بهبوديءَ لاءِ ڪن ٿا ۽ نه ئي نوجوانن کي ان ڏس ۾ قلم آزمائيءَ جو موقعو ٿا ڏين.
    اها خود ساخته رهنمائن جي مهرباني آهي جو اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ڊوستو وسڪي، ۽ وڪٽرهيوگو پيدا نه ٿيا آهن. ۽ جيڪڏهن اڃا به اک نه کولي سين، ۽ نابينا ٿي انهن جي پٺيان هلندا رهياسين، ته پوءِ قيامت تائين ٽالسٽاءِ ۽ ڪرشن چندر جهڙا عظيم فنڪار اسان جي ادب ۾ جنم وٺي نه سگهندا.
    ترقي پسند قومن جي ادب تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سندن ادب Fiction ۾ مهارت حاصل ڪري ادبي افق کي هٿ لاٿو آهي. روسي ادب جي عالمگير شهرت ۽ مقبوليت جو سبب سندس ٽي لافاني ناول نگار ۽ افسانه نويس، ميگسم گورڪي، ليوٽالسٽاءِ ۽ ڊوستو وسڪي آهن. ادب جي انهن ٻن شعبن ۾ ترقي ڪري فرينچ ادب انگريزيءَ کان اڳ نڪري ويو آهي ساڳيو طريقو اختيار ڪري همعصر اردو ادب حيرت انگيز ترقي ڪري رهيو آهي ۽ انگ اکر ثابت ٿا ڪن ته هر مهيني اردو ۾ ٽن سئون کان مٿي افسانا ۽ پنجويهن کان وڌيڪ ناول شايع ٿا ٿين.
    ان جي برعڪس جيڪا اسان جي حالت آهي، سا ڪنهن کان به لڪل ڪونهي.
    گهڙو ڀڳو منڌ مئي وسيلا ويا،
    تـهــان پـــوءِ ســڻا، ســهڻــي، سـڏ مـــيـهار جا.
    خدا خدا ڪري جي سال ۾ ڏهه ڪتاب ٿا عوام اڳيان اچن ته انهن
    مان پنجن ۾ مغز منجهائيندڙ ۽ زماني جي هر وڌندڙ قدم کان پوئتي وک ورائيندڙ، بلندين بدران پستين ڏانهن وٺي ويندڙ ادب هوندو آهي. ۽ باقي پنجن ڪتابن ۾، غير اهم تاريخون، گم نام مئلن جا قصا ۽ من گهڙت روايتون هونديون آهن.
    هڪ سسئي ٻيا سور ويا پٽيندا پاڻ ۾.
    خوب دل کولي ناول ۽ افسانه نويسيءَ کي دلشڪسته ڪيو ويو آهي. مان نقادن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ادب جي ترقيءَ جو دارومدار Fiction تي منحصر ڪونهي، ته پوءِ ميگسم گورڪي ۽ را بندر ناٿ ٽيگور ڪير هئا؟ ڇا موجوده صديءَ جا ٻه عظيم ۽ حقيقت پسند فنڪار، سمرسٽ مهام ۽ ڪرشن چندر، تحفه، تعويذن ۽ پيرن جي ڪرامتن جا قصا لکندا آهن؟ گهڻو ئي پاڻ کي سمجهايان ٿو ته.
    ٻئي ڏانهن ڪيم نهار، گهڻو ويسارا سپرين، پر حقيقتون هر دم روشن ڏينهن وانگر افشان ٿي اڳيان ٿيون اچن.
    برادرم وفائي! هي دور ڪشمڪش جو آهي. هن وقت دنيا جا اديب معاشري جي اصلاح لاءِ لکي رهيا آهن. سوسائٽيءَ جي بيمار روح جي شفا لاءِ لکي رهيا آهن. ته پوءِ اسان جا ليکڪ به ڇونه سماج جي گندن ۽ ذليل رواجن ۽ رسمن خلاف قلم کڻن جنهن ۾ انسانيت سڏڪي سڏڪي دم ٽوڙي رهي آهي. ڀٽائي گهوٽ جو آواز نوجوانن جي ڪنن ۾ پهچي چڪو آهي ته :
    ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
    ۽ هو پاڻ به محسوس ڪري چڪا آهن ته.
    جڏهن ستيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
    تــڏهــن ٿـئـي کـي، سـاٿ ســـتــيـئـي ڇڏيو.
    پر اک کولڻ کان پوءِ، پنهنجي اڳيان ڪڪ ڪندڙ ۽ غير دلچسپ ادب ڏسي، وري منهن موڙي سمهي ٿا پون.
    برادرم وفائي! سنڌي ادب جي اهڙي مسڪين حالت ڏسي دل خون جا لڙڪ ٿي وهائي. افسوس ٿو ٿئي ته اسان مفلس ٿي رهيا آهيون ۽ ڏک ٿو ٿئي ته اسان ڏتڙجي رهيا آهيون. پر اسان نوجوان ڇا ٿا ڪري سگهون. قمر شهباز جهڙو عظيم فنڪار ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گم نام زندگي گذاري رهيو آهي. اسان پاڻ مجبور آهيون. پنهنجن جا ستايل ۽ پنهنجن جا ٺڪرايل ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا چوان ته :
    ڪلهي ڦاٽو ڪنجهرو مٿو اُگهاڙو،
    منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾.
    (شاهه)
    توهان جي مصروفيت کي مد نظر رکي، پاڻ حاضر ٿي نه سگهيو آهيان.
    توهان جو پنهنجو

    1960


    ادبي روح رهاڻ

    8 ـــ آغا بلڊنگ
    بارنس اسٽريٽ
    ڪراچي ـــ 3

    برادرم وفائي!
    پر خلوص عقيدتن سان
    اڄ مان عرض ڪرڻ آيو آهيان ته، اسان هر لحاظ کان ترقي ڪري رهيا آهيون. اسان جي ادب، تمدن ۽ ثقافت، ريتن ۽ رسمن سڀني ترقي ڪئي آهي. نه فقط ايترو بلڪه اسان لٽي ڪپڙي، اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ پڻ نوان نوان تجربا ڪري رهيا آهيون.
    مون کي پنهنجي گذريل ٻن خطن جي باري ۾ ڪجهه به نه لکڻو آهي ۽ نه ئي هن خط کي انهن ٻن خطن جو رد عمل سمجهان ٿو. اهي خط مون شايد انتقامي جذبي ۾ ڦٿڪندي ۽ لڇندي لکيا هئا. پر هي خط، سچ ٿو چوان برادرم وفائي، ته برف جو پاڻي پي لکي رهيو آهيان. پڪ اٿم ته ادبي ابن ۽ ٺيڪيدارن کي بڇان نه لڳندي ۽ هو ڪڏهن به منهنجي خط جي تپش ۽ سيڪ محسوس ڪري نه سگهندا. پر جيڪڏهن گهڻي ڪوشش جي باوجود، سندن دليون منهنجي خط جي گرميءَ ۾ ٻوساٽجڻ ۽ رجڻ لڳن، ته عرض ڪندس ته کين به برف جو پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي.
    مٿين جملن کي گستاخي يا بي حرمتي تصور نه ڪيو وڃي. ڇو جو مون جهڙو مسڪين ۽ بي پهچ ڪيئن ٿو اهڙي جرئت ڪري سگهي! هن خط ۾ ته مون فقط ان ترقيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن تي ادبي ابن کي ناز ۽ ٺيڪيدارن کي فخر آهي. آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ڪڏهن ڪو چڙبو آهي! ته پوءِ ڪو سبب ڪونهي جي ناخدا ناراض ٿين. سچ پچ ته اسان کي فخر آهي پنهنجي ادبي ابن ۽ ٺيڪيدارن تي، جن جا سنڌي ادب تي هزارين نه لکين بلڪه ڪروڙين احسان آهن. ويچارن کي ڪيترو نه سنڌي ادب جو خيال آهي! اڄ سنڌي ادب جي سقيم حالت ڏسي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چوٽيءَ جا اديب (جن کي مٿي تي چوٽي ڪونهي) ۽ اهل قلم (جن کي مان نااهل نه ٿو لکڻ چاهيان) بيچين ٿي اٿيا آهن. سنڌي ادب کي بنگالي ۽ اردو ادب سان ڪلهو هڻائڻ ۾ سندن ڪوششون مبارڪ جوڳيون آهن ۽ اسان نوجوان ته اجايو ادبي ابابيلن کي بدنام ڪري رهيا آهيون. اسان کي ائين ڪرڻ نه گهرجي.
    خوامخواهه بهڪي رهيو آهيان. حاضر ٿيو آهيان ترقيءَ جو بيان کڻي ۽ لکي رهيو آهيان توهين ۽ تعريف جي تفاوت تي. اها به اسان سنڌين جي خاص خوبي آهي ته جلد بهڪي ويندا آهيون. ڳالهه هوندي نڪ جي ته حوالو ڏينداسين ڪن جو. ان موضوع تي هڪ قصو ٿو ياد اچيم. هڪ دفعو سنڌي ادب جي نڪ تي ڀري محفل ۾ خوب آڪڙجي ڳالهائي رهيو هيم، ”ڳالهيون ڪندي نڪ جو عقل ويو ڦري.“ تڪڙ ۾ چئي ويٺس ته سنڌي ادب کي هڪ نڪ، هڪ اک ۽ ٽي ڪن آهن. اها اٿو منهنجي لاپرواهيءَ جي انتها ـــ ڇو جو مان سنڌي آهيان.
    وري اصل موضوع کان هٽي رهيو آهيان. ها، ته برادرم وفائي، مان عرض ڪري رهيو هوس ته اسان ترقي ڪري رهيا آهيون. ڪيئن؟ ته جواب حاضر آهي. اسان پنهنجن گهرن مان بابا، امان، ادا ۽ اديءَ کي ڌڪاري ڊئدي، ممي، ڀائيجان ۽ آپا کي آڻي رهيا آهيون. ان تحريڪ تي ڪيترن ادبي ابن جي خاندانن ۾ زور شور ۽ نهايت جوش و خروش سان عمل ٿي رهيو آهي. سچ به ته آهي. ترقيءَ جي تحريڪ ۾ ادبي ابن کي اڳيان رهڻ گهرجي! ڇو خوامخواهه ابن ڏاڏن جي ايجاد ڪيل اصولن کي چنبڙيا پيا هجون. ابا ڏاڏا به ڪهڙا. جي هر هلائيندا هئا، جن جي تن من ۾ سادگي هئي، غيرت ۽ عزت جن جا زيور هئا، جن اخلاق کي ٻين خوبين تي ترجيح ڏني هئي ۽ جن جا در هميشه مهمانن لاءِ کليل رهندا هئا! اهي اصول آهن ته اسان جو ورثو، پر ماڊرن سوسائٽيءَ ۾ انهن اصولن ۽ خوبين کي بيوقوفيءَ سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. بهتر آهي ته انهن کان پاسو ڪيون ورنه ترقيءَ ۾ رنڊڪ پوندي رهندي.
    ترقيءَ جي ٻيو مثال حاضر آهي! سنڌي عورتن پڻ چست ”اسڪرٽ“ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ۽ گرميءَ کان بچڻ لاءِ هنن پنهنجن فراڪن ۽ اسڪرٽ کي اڌ پٺيءَ ۽ ڪي قدر اڳيان پڻ تراشڻ شروع ڪيو آهي. هئي پروڙ مارئيءَ کي هن مام جي، ۽ هئي سسيءَ کي سڌ هن سماج جي! ملاحظه هجي برادرم وفائي ته ترقي ٿي رهي آهي. ادبي ابا خوش آهن ۽ مان پڻ. مان اسڪرٽن جي فائدي ۾ آهيان. ڇوجو، اول ته انهن ۾ ڪپڙو گهٽ ٿو استعمال ٿئي. ٻيو ته اسڪرٽ استعمال ڪرڻ سان گرمي گهٽ محسوس ٿيندي آهي ۽ ٽيون سڀ کان اهم نقطو ته اسڪرٽن پائڻ سان حسن دوبالا ٿئي ٿو يعني هڪ اسڪرٽ پائڻ سان عورتن کي چار چنڊ لڳندا آهن. ڀل ته بدن جون بيڊوليون يا هاٺيءَ ۾ ڪاٺي هجن؛ چار چنڊ ضرور لڳندن. رئي جي ضرورت اڄ تائين محسوس ٿي نه سگهي آهي. رئي کي رسيءَ وانگر وڪوڙي ۽ ڪنڌ تي ويڙهڻ جو ڪهڙو مقصد آهي، ان جي شايد عمل ڪندڙن کي به خبر نه هوندي. ها باقي ائين ڪرڻ سان سندن وار پريشان ٿيڻ کان بچي وڃن ٿا. پر هونءَ به مصنوعي زلف پريشان ڪرڻ جو اڄ ڪالهه عام رواج آهي. پيشانيءَ تي رقص ڪندڙ چڳون چار نه ته ٻه چنڊ ضرور لڳائينديون آهن. ادبي ابابيل مون سان ضرور متفق هوندا ته اهي اهم نشانيون ترقيءَ جون آهن.
    ڀٽائي گهوٽ روحاني اکين سان ڏسي رهيو آهي ته ”نوريون“ سانڊي وانگر رنگ ٿيون مٽائين. سندس آيتون برسر عام اڏامي رهيون آهن. ۽ ستين ست کي هوا ۾ اڇلايو آهي. ڇو جو ترقي ٿي رهي آهي، ۽ ميڪ اپ ان ترقيءَ جو راز آهي. اسان جون سياڻيون ۽ عقل ۾ اڪابر ٻڍيون دل کولي ”ميڪس فيڪٽر“ تي مهربان ٿي پيون آهن. برادرم وفائي! توهان پراڻين ۽ گٺل موٽرن کي اسپري رنگ سان چمڪندي ۽ تجلا ڏيندي ڏٺو هوندو ۽ مون ڪراڙين کي دراز عمر جون جهريون لڪائڻ لاءِ چهري کي رنگن سان ٿڦيندي ڏٺو آهي. سچ ٿو چوان ادا وفائي، ته ڪجهه دير لاءِ پنجاهه سالن جون پوڙهيون به ويهن سالن جون البيليون نظر اينديون آهن. آهي ڪو دل جگر وارو جو ان حيرت انگيز ترقيءَ کان انڪار ڪري سگهي. ڪيئن! هينئر ته ادبي ابا به انڪار ڪري نه سگهندا.
    اسان سنڌي ملهه به رفته رفته ترقي ڪري رهيا آهيون. اسان مردن به ”جينز“ پائڻ شروع ڪيون آهن. ڪالر کي ڪنڌ تي کڙو ڪرڻ فيشن آهي. آهيون ته جوان پر چيلهه لوڏي هلڻ نزاڪت آهي. ”ڪروڪٽ“ وار رکائي اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان ولائتي آهيون ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ محض اتفاق آهي. ۽ جنهن وقت محفل ۾ ويهي اسان اصليت لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون (ته اسان سنڌي آهيون) ان وقت هڪ ورانگ سان ترقيءَ جا ڏهه ڏاڪا طي ڪري ويندا آهيون. اهڙي ترقي شايد ئي ڪڏهن ٿي هجي. ترقيءَ جي تيزي ڏسي ادبي ابا گدگد ٿيندا هوندا. ان ترقيءَ لاءِ ٺيڪيدارن خوب پاڻ پتوڙيو آهي. جيڪو ٻج انهن گهڻو اڳ ڇٽيو هو تنهن جو نتيجو اڄ سندن اڳيان آهي. خود ساخته سنڌي ادب جي رهنمائن ۽ ليڊرن نهايت ديده دليريءَ سان ۽ مستقل مزاج ٿي، پنهنجي نسل ۽ مستقبل جي معمارن کي سنڌي ادب، تمدن، ثقافت ۽ ٻوليءَ کان بد دل ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان ضرب سان سندن حسرتون پوريون نه ٿيون، هتاڪه هنن پنهنجي اولاد کي هر ان جز کان جدا ڪري ڇڏيو جنهن ۾ سنڌي ساهت سمايل هئي. ۽ اڄ اسان نوجوان ان راهه تي رسي رهيا آهيون جيڪا سنڌي ادب جي محسنن تعمير ڪئي. منزل ويجهي آهي برادرم وفائي، جلد ادبي ابا پنهنجو ماڳ ماڻيندا. ادا، ڏسو ته ترقي ٿي رهي آهي!
    ماشاء الله اها ترقي جاري رهي! ۽ جاري به ته آهي. جنهن ڪوٽ کي اڄ کان تيرهن سئو سال اڳ تعمير ڪيو ويو هو، اڄ ان ڪوٽ جي فصيل کي اڃا به بلند ڪيو ويو آهي. بندياڻين کي بند ۾ رکڻ به ته ترقي آهي. سبحان الله، ترقيءَ جو انداز به ته ڏسو ـــ انسانيت ته رهي درڪنار، مذهب کان به پاسو آهي. ستا سور ٿا جاڳن ادا وفائي، هنياءُ ٿو ڦاٽي هيءَ ترقي ڏسي، مان سهي نٿو سگهان.
    سماجي ناسورن کي ڦٽو ڪري لهي اچي ادب تي. هڪ همراهه جو خيال آهي ته تقسيم هند کان پوءِ سنڌي ادب ۾ خاص ڪري ناولن ۽ افسانن حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي. سبب ۾ صاحب موصوف فرمايو ته اڄ تائين سندس پنج افسانه شايع ٿي چڪا آهن. سوچڻ جو انداز نهايت اوچو آهي!
    هڪ ٻئي اديب سان (جنهن کي وسيع مطالعي جي دعوا آهي) ادب تي ڳالهائيندي جڏهن مون کيس ڪرشن چندر جو حوالو ڏنو ته هڪدم لاپرواهيءَ سان چيائين. ”ڪرشن چندر ڪهڙو، شڪارپور وارو، جيڪو لکي در تي پڪوڙا وڪڻندو آهي“. برادرم، ڪرشن چندر جي وجود کان ناواقف، عظيم اديب اسان وٽ موجود آهن. اها ترقيءَ جي انتها آهي جنهن کان مون اڳ انڪار ڪيو هو. افسوس اٿم پنهنجي غلطيءَ تي!
    هڪ ٻئي اديب ترقيءَ جي بچاءَ ۾ هڪ زوردار دليل پيش ڪيو ته هو (پاڻ اديب صاحب) سنڌ جو مشهور اديب آهي، ظاهر ٿيو ته سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي. لبيڪ يا ترقي!
    هڪ دفعو گڏهه کي سڱ ڄاوا هئا ته سندس فوٽو ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيو هو. پوءِ ان گڏهه دعويٰ ڪئي ته گڏهن ترقي ڪئي آهي ڇوجو سندس فوٽو اخبارن ۾ آيو آهي. برادرم وفائي، ڏسندا وڃو ترقيءَ جو انداز!!! هڪ چوٽيءَ جي ليکڪ ۽ اديب نهايت فخر سان ڳالهائيندي مون کي ٻڌايو ته سڄي سنڌ کي هن تي ناز آهي ڇوجو کيس مغربي يونيورسٽيءَ جي ڊگري آهي. مون کانئس اهو نه پڇيو ته حضرت ذرا ٻڌايو ته مغرب جي اها ڪهڙي يونيورسٽي آهي جتي سنڌي لٽريچر پڙهايو ويندو آهي. خاموشيءَ ۾ بهتري ڄاتم ڇو جو صاحب موصوف ڪهنه مشق ۽ اهل قلم، مايه ناز ليکڪ ۽ صاحب قلم، اديب ۽ نقاد، فاضل ۽ عالم، سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل ادبي سرمايه کي ميڙيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته اڃا تائين ”نوجوان“ آهي.
    برادرم وفائي! پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ڪراچي آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪتابن جا وڏا وڏا دڪان آهن. انهن دڪانن ۾ توهان کي سنڌي ناولن، افسانن ۽ مضمونن جي مجموعن جا لاتعداد ڪتاب نظر ايندا. خريدارن جي پيهه ته توهان به ڏٺي هوندي. دڪانن جي الماڙين، ڪٻٽن ۽ ريڪس ۾ رکيل سنڌي ڪتاب بار بار مون کي ڦڪو ٿا ڪن ته سنڌي ادب ترقي ڪري رهيو آهي ۽ تون ان امر کان انڪار ٿو ڪرين. ۽ خريدارن جي پيهه شرمندو ٿي ڪري، ته اي ادبي ابابيلن جا دشمن اسان سڀ سنڌي ناول ۽ افسانن جا مجموعا وٺڻ آيا آهيون. ڏسي ڪيتري دير کان اسان هن دڪان جي کلڻ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌي ڪتابن جو اڪيچار خزانو سمايل آهي. ڪراچيءَ جي هر دڪان جي اها حالت ترقيءَ جي قوي ۽ کليل دليل آهي. ٻارهن سالن کان سنڌي ڪتاب ڇپائيندڙ، ڏسندا وڃن هي تماشو!!!
    برادرم وفائي! ڪنهن ڏينهن توهان به مون سان گڏجي هلو ته ٻه چار سنڌي ناول خريد ڪيون. ورنه دوست الزام لڳائيندا ته سنڌي فقط انگريزي ۽ اردو ناول ٿا وٺن ۽ کين سنڌي ناولن کان نفرت آهي.
    ٻڌي ٻاروچا ورين، هن عاجز جون آهون،
    درد ڀريون دانهون، ڪري ٿي ڪافن ۾.
    (سچل)
    توهان جو پنهنجو

    1960


    ڪڏهن منجهه ڪوٽن

    حيدرآباد، سنڌ

    پيارا طارق
    هي خط بي انتها گُهٽ ۽ ٻُوسٽ جي احساس مان لکي رهيو آهيان. هي خط پابندين جي احساس مان لکي رهيو آهيان. هيءُ خط پريشاني ۽ پشيمانيءَ جي احساس مان لکي رهيو آهي. ڪوٽ آهن، ڪڙا آهن، ۽ مان توکي خط لکي رهيو آهيان.
    هيءَ خط تنهنجي لاءِ آهي. هيءُ خط سهڻيءَ جي لاتعداد پڙهندڙن لاءِ آهي، جن سان تو منهنجي نمبر متعلق واعدا ڪيا، پر اُهي واعدا منهنجين ڪوتاهين سبب وفا ڪري نه سگهيو آهين، مان ڏوهي آهيان، مون کي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف آهي.
    گذريل ويهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه مون سان ٿي گذريو آهي، سو توکان ڳجهو ناهي. گذريل ويهه ڏينهن مون ذليل ۽ خوار ٿيندي گذاريا آهن. گذريل ويهه ڏينهن مون ٺوڪرون کائيندي گذاريا آهن. گذريل ويهه ڏينهن مون انڌير نگريءَ ۾ ادب لاءِ انصاف ڳوليندي گذاريا آهن. ان عرصي ۾ جيڪي ڪجهه منهنجي مشاهدي ۾ آيو آهي، ۽ جيڪي ڪجهه مون سان ٿي گذريو آهي، ۽ گذري رهيو آهي، سو منهنجي ادبي زندگيءَ جي ميراث آهي. مان اها ميراث معاشري کي موٽائيندس. مان هيڪلو پنهنجي تجربي جو شاهد آهيان. مان ئي پنهنجي تجربي جي تلخين جو ڪاتب ٿيندس.
    گذريل ويهن ڏينهن جي وٺ ـــ پڪڙ منهنجن نظرين کي پختو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي يقين ٿي ويو آهي ته ايفرو ايشيائي، ۽ خاص ڪري سنڌ جي ليکڪن لاءِ تحرير جي آزاديءَ جي تمنا رڻ پٽ جو سفر آهي ــ
    ڏکوين اهڃاڻ، ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو،
    وڃن گندر گڏيون، لوڪ نه آڇن پاڻ،
    سورن اسـان سـاڻ، نــنــڍيـئي نــيهه ڪــيـــو.
    عام طرح، سنڌي اديب غيرتمند هوندو آهي، ۽ ادب جي اعليٰ قدرن جو پرستار هوندو آهي. هو ثنا خوانيءَ بدران قلم کي دل ۾ ٽنبي، هميشه لاءِ خاموش ٿي ويندو آهي، پر ادب جي تقاضائن کي نه لڄائيندو آهي. گذريل ويهن ڏينهن ۾ رکي رکي منهنجي آڏو اهو ئي مسئلو ايندو رهيو آهي، ته مان هميشه لاءِ خاموش ٿي وڃان، يا پنهنجي ضمير ۽ ڌرتيءَ سان سچو رهي لکندو رهان، ۽ ان جي عيوض پنهنجي ڪٽنب سميت بيروزگاري، بک، ۽ افلاس جي اجگر آڏو ذبح ٿي وڃان! اهو مسئلو فقط منهنجو مسئلو ناهي. اهو مسئلو ايفرو ايشيا جي انهن سمورن ليکڪن جو مسئلو آهي، جيڪي ڪنهن به قيمت تي حالتن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
    طارق، مان اڃا جيئرو آهيان، پر منتشر ٿي ويو آهيان. مان پنهنجي وجود جا ٽڙيل پکڙيل حصا ميڙي رهيو آهيان. مان گم ٿيل، ۽ ڪومايل گلن جو تبسم ڳولي رهيو آهيان. مون کي سچل واري اڻانگي عشق جي تلاش آهي. زندگيءَ جي قدرن متعلق منهنجا ڪي پنهنجا نظريا آهن. انهن نظرين جي اظهار جو مون کي ويهين صديءَ جي سڌريل ۽ بين الاقوامي قانونن مطابق حق آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه حق جي تقاضا منهنجي خلاف سڀ کان وڏو الزام آهي. مون کي سڌو سنئون مصلحت جي سوريءَ تي لٽڪائڻ وارا قلندر لعل شهباز جي چوهن کي شرمندو ڪري رهيا آهن.
    منهنجي خلاف جيڪو غبار اُٿيو آهي، سو لٿو ناهي. ڊيموڪليس جو خنجر، جيڪو ڪچي ڌاڳي ۾ منهنجي مٿان لٽڪايو ويو آهي، سو اڃا ٽٽو ناهي. منهنجا پساهه، جيڪي گذرندڙ هر گهڙيءَ سان گڏ ختم ٿي رهيا آهن، سي کُٽا ناهن. نه مون پنهنجي سيني آڏو بچاءَ لاءِ ڪا ڍال جهلي آهي، ۽ نه سنگينون پنهنجي جاءِ تان پري ٿيون آهن. نه مون ڪا پناهه ورتي آهي، ۽ نه ئي گولي هلائڻ وارا پنهنجي هوڏَ تان لٿا آهن. منهنجا هٿ ننڍا آهن. مان انصاف جي ساهميءَ جي ڪاڻ ڪڍي نٿو سگهان. مان هن وقت ٿامس ڪارلائل جي ٻڌايل لمحن جي پولار ۾ قابو آهيان. مان ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺو آهيان، ۽ ڳاڙهن ٻيرن لاءِ واجهائي رهيو آهيان. مون کي ان شخص جي ڪهاڻي لکڻي آهي، جنهن نانگ ڦڻ ۾ مڻيان ڳولڻ جي بيوقوفي ڪئي هئي.
    سهڻيءَ جو هيءُ، جولاءِ وارو پرچو نمبر ٿي نه نڪتو آهي، تنهن لاءِ تنهنجي بدران مان سهڻيءَ جي پڙهندڙن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. مهربان پڙهندڙ منهنجين مجبورين ۽ روح تائين ڪڙو ڪندڙ آزمائشن کي محسوس ڪندي، مون کي بخشي ڇڏيندا. مان آگسٽ جي پرچي لاءِ توکي ڪجهه ڪهاڻيون، مضمون ۽ انٽرويو ڏيندس. پر تون طارق، نمبر لاءِ ڪوبه واعدو نه ڪجانءِ. اسان سڙهه لاٿا ناهن، ۽ واءُ جي سنوت جي ڪا سُڌ ڪونهي. ڪا خبر ڪونهي، ته غوراب ڪڏهن، ۽ ڪهڙي ڪُن ۾ غرق ٿي ويندو.

    تنهنجو

    1973


    ڳوليان ڳوليان م لهان

    منهنجا پيارا، منهنجا دلبر، نثار
    ڪوبه رشتو دل جي رشتي کان وڌيڪ مضبوط نه ٿيندو آهي. قرب جي ڪنڍيءَ جي ڇڪ ڪوهن تان محسوس ڪبي آهي. اوهان جا قربائتا، پيارا ۽ حبدار خط مون کي ملندا رهيا آهن. هر دفعي اوهان جو خط پڙهي سوچيندو آهيان ته اوهان کي خط جو مفصل جواب لکندس ـــ اوهان سان اندر جو حال اوريندس ـــ دل جي شهر جو در کولي اوهان کي وستين جي ويراني ڏيکاريندس!
    گهڻو اڳ ڪنهن انٽرويو ۾ مون کان پڇيو ويو هو ته ”تون لکندو ڇو آهين!“ جواب ته مون کي ياد ڪونهي، پر جواب جو مفهوم ياد آهي. جواب ۾ چيو هوم، ”ته مان نڪمو ۽ ناڪارو شخص آهيان ـــ منتشر خوابن جي سلسلي کي جوڙي ڪهاڻيون لکندو آهيان. لکڻ کان سواءِ مان ٻيو ڪو به ڪم ڪري نه سگهندو آهيان. مون لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي، تنهن ڪري مان لکندو آهيان.“ نثار، منهنجا دوست، ان جواب کي تحرير ڪئي، ۽ شايع ٿئي ڪي ورهيه وهامي ويا آهن. ان جواب کان پوءِ مون کي جيڪي چوڻو هو، سو تڏهن مان چئي نه سگهيو هوس. ان جواب کان پوءِ مون کي جيڪي چوڻو هو، سو اڄ چوندس.
    مان اوهان کان هزار کن ميل پري آهيان. گذريل ٽن چئن سالن ۾ (هلال پاڪستان ۽ الفتح جي ڪالمن کان سواءِ) مان شايع نه ٿيو آهيان ـــ منهنجيءَ مسلسل خاموشيءَ انومانن ۽ افواهن جا ڪوهيڙا کڙا ڪري ڇڏيا آهن ته امر جليل ڊڄي ويو آهي ـــ امر جليل نوڪري بچائڻ جي چڪر ۾ آهي ــــ وغيره. ڊڄڻ! نوڪري بچائڻ! مان عرض ڪري چڪو آهيان ته مان لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪري نه سگهندو آهيان ـــ مان بدحواس آهيان ـــ وحشتن جو ساٿي آهيان ـــ خوابن لاءِ تعبيرن جو ۽ تعبيرن لاءِ خوابن جو متلاشي آهيان. مان جنهن ڏينهن لکڻ ڇڏيندس، ان ڏينهن خودڪشي ڪندس. ان ڳالهه جو لوح محفوظ ۾ فيصلو ٿيل آهي. نثار، منهنجا دوست، مون لکڻ ڇڏيو ناهي. لکي رهيو آهيان ـــ، مسلسل لکي رهيو آهيان، اها ٻي ڳالهه آهي ته باقاعدي رسالن جي غير موجودگيءَ سبب شايع نه ٿي رهيو آهيان. پر، اصل ۾ هڪ ٻيو سبب به آهي، جيڪو سڀ کان اهم آهي، اتم آهي، جو ڪٿي به شايع نه ٿي رهيو آهيان ـــ. اڄوڪي خط ۾ مان اوهان سان ۽ اوهان جي پبليڪيشن جي پڙهندڙن سان ان سلسلي ۾ ڳالهائيندس.
    مون ڪڏهن به ان دعويٰ سان نه لکيو آهي ته منهنجين تحريرن سبب سنڌ ۾ سماجي، معاشرتي، اقتصادي ۽ سياسي انقلاب ايندو. مون ڪڏهن به ان دعوايٰ سان نه لکيو آهي ته منهنجين ڪهاڻين پڙهڻ سان سوچ جو نئون سلسلو شروع ٿيندو. مون فقط هڪ اميد جي سهاري لکيو آهي، ته منهنجي تحرير ڪنهن جي مقدس هٿن تائين پهچندي هئي. ڪو منهنجيون ڪهاڻيون پڙهندو هو، ڪالم پڙهندو هو، ڪالمن ۾ اندر جو احوال ڏسندو هو! منهنجي هر تحرير جي هڪ هڪ سٽ هن لاءِ هئي، هن لاءِ آهي، ۽ هن لاءِ هوندي. ٽن ـــ چئن سالن کان مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي ڪابه تحرير هن جي مقدس هٿن تائين پهچڻ کان مجبور ٿي پئي آهي.
    هن هڪ دفعي چيو هو، ”تون لکندو آهين، يا جادوگري ڪندو آهين!“
    پڇيو هيم، ”ڪيئن.“
    هن چيو هو، ”تنهنجين ڪهاڻين ۽ ڪالمن ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي، پر تنهن هوندي به ماڻهو توکي پڙهندا آهن.“
    مون سندس ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو هو، ”جادوگري هنن، تنهنجن مقدس هٿن ۾ آهي سنڌو. مان تنهنجي ڪري آهيان. مان تنهنجي لاءِ آهيان. تون جنهن ڏينهن مون کي پڙهڻ ڇڏي ڏيندينءَ، تنهن ڏينهن سمورو ڏيهه مون کان منهن موڙي ڇڏيندو ــ سمورو طلسم ٽٽي پوندو.“
    هڪ دفعي هڪ نامور اديب مون کان پڇيو هو،
    ”توهين شادي ڇو نه ٿا ڪريو؟“
    مون ان باري ۾ ٻئي ڏينهن سنڌوءَ سان ڳالهايو هو. آرٽس ڪائونسل جي لان تي اسان گلرنگ کان چانهه گهرائي هئي، هن بنا کنڊ جي چانهه جو ڪوپ ٺاهي منهنجي اڳيان رکيو. چيم، ”کنڊ تي راشن آهي، پر هوٽل جي کنڊ تي ته راشن ناهي.“
    چيائين، ”تنهنجي لاءِ کنڊ تي مڪمل بندش آهي. ٿلهو ٿي پيو آهين. نسيم کرل سان مقابلو ڪندين ڇا!“
    چيم، ”ڪهاڻين ۾ جيڪڏهن نسيم کرل جو مقابلو ڪري نه ٿو سگهان ته گهٽ ۾ گهٽ ٿولهه ۾ ته نسيم کرل جو مقابلو ڪري سگهان ٿو.“
    چيائين، ”ڪابه جرح توکي کنڊ جي اڌ چمچي لاءِ مستحق ثابت ڪري نه سگهندي.“
    ڦڪي چانهه پيئندي مون سنڌوءَ کان پڇيو، ”اسين شادي ڇونه ٿا ڪريون.“
    سنڌوءَ چيو، ”ڇو جو اسين پنهنجي رشتي جي سموري سونهن کي بدصورتيءَ ۾ بدلڻ نه ٿا چاهيون.“
    چيم، ”هڪ ٻيو سبب به آهي، سنڌو.“
    پڇيائين، ”ڪهڙو!“
    چيم، ”اسين شاهه لطيف جا سودائي آهيون. تون ۽ مان شاهه لطيف جي هڪ بيت جو مفهوم آهيون ـــ تشريح آهيون.“
    پڇيائين، ”ڪهڙو بيت.“
    چيم، ”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت.“
    هوءَ اداس ٿي پيئي ـــ ناريل جي وڻن ڏانهن ڏسڻ لڳي. خيالن ۾ وڃائجي ويئي. تڏهن، مون سندس اکين ۾ لڙڪ ترندي ڏٺا. کيس سڏ ڪيم، ”سنڌو.“
    هن مون ڏانهن ڏٺو.
    ”ڇو سنڌو؟“
    ”ڪجهه ڪونهي.“
    ”ڪجهه ته آهي.“
    ”بس ائين ئي.“
    پڇيم، ”ان وقت جي اذيت جي باري ۾ پئي سوچين جڏهن تون ۽ مان ڪڏهن به ملي نه سگهنداسين.“
    هڪ لڙڪ پنبڻين جو بند ڀڃي سندس اکين مان وهي نڪتو. چيائين، ”مان ان وقت جي اذيت سهي سگهنديس. پر تون مري ويندين ـــ امر تون مري ويندين.“
    مان اڃا جيئرو آهيان، نثار، (تعجب آهي)! مان توهان جي پبليڪيشن لاءِ لکندس. الاءِ ڇو محسوس پيو ڪريان، ته ڪو وسيلو پيدا ٿي پوندو، ۽ اوهان جي پبليڪيشن وارو پرچو ڪو مهربان هن جي مقدس هٿن تائين پهچائيندو. مان توهان جي پبليڪيشن لاءِ ضرور لکندس. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن فون ڪري پڇندي هئي، ”ڪيئن آهين!“
    مان چوندو هوس، ”اڃا جيئرو آهيان.“
    توهان جي پبليڪيشن ۾ منهنجي هيءَ، يا ٻي ڪا تحرير ڏسي شايد هوءَ وري ڪٿان فون ڪري، ۽ پڇي، ”امر، ڪيئن آهين!“
    ۽ مان چوندس، ”بس سنڌو جيئرو آهيان.“
    ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته سنڌو ڪير آهي؟ مان رازن مان نه ڄاڻان. پر هوءَ منهنجيءَ زندگي جو سڀ کان پهريون، ۽ سڀ کان آخري راز آهي. مان سنڌوءَ جي باري ۾ فقط ايترو ٻڌائڻ جي قناعت ڪري سگهان ٿو ته مان هن لاءِ لکندو رهيو آهيان، ۽ مان هن لاءِ لکندو رهندس.
    مان پيغمبر نه آهيان، تنهن ڪري ڪوبه جبريل مون سان مخاطب نه ٿيو آهي. مون جبريل سان ڳالهايو آهي ـــ ته هوءَ جتي به آهي، شل سندس دامن خوشين سان ٽمٽار رهي، ۽ سندس اک آلي نه ٿئي.

    تنهنجو

    1975


    ادبي خط

    ايڊيٽر ٽه ماهي مهراڻ
    سائين
    پڙهندڙن طرفان آيل خطن جي جواب ۾ ڪجهه خط اهڙا به هوندا آهن، جن جو دائرو هڪ فرد تائين محدود نه لڳندو آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي جواب شايع ڪرائي عام پڙهندڙن تائين پهچائجن. اهڙو هڪ ٻيو خط ڪالهه لکيو اٿم. ٻنهي خطن جون فوٽو ڪاپيون موڪلي رهيو آهيان، ”ادبي خط“ جي عنوان سان شايع ڪري ڇڏيندا.
    ـــ جليل

    ڀاءُ عبدالجليل مخدوم،
    ورهين کان پوءِ يادگيريءَ لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان.
    ڪراچيءَ ويل هوس. ڪالهه موٽيو آهيان. اوهان جو خط پڙهي خوشي ٿي. خوشي ان لاءِ جو ليکڪ سان واضح نموني ۽ تفصيل سان ڳالهائجي. اهڙن خطن جا جواب مان ترت ڏيندو آهيان، ۽ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان.
    ڀاءُ، هڪ لحاظ کان منهنجي بدنصيبي آهي، جو شهر ۾ ڄائس، شهر ۾ نپيس ۽ پليس، شهر ۾ ئي جوان ٿي پوڙهو ٿيس. لڳيم ٿو، آخري سفر تي پڻ شهر مان روانو ٿيندس. بدقسمتيءَ سان منهنجو مشاهدو شهرن تائين، ۽ شهرن جي وچين، هيٺاهين ۽ ڏتڙيل طبقي تائين محدود آهي. مان جيستائين متاثر نه ٿيندو آهيان (ڪنهن واقعي يا ڪردار کان) تيستائين لکي نه سگهندو آهيان. اهو ئي سبب آهي (شايد) جو مون تي اڪثر تنقيد ڪئي ويندي آهي ته منهنجين ڪهاڻين جا ڪردار عام رواجي نه هوندا آهن. مان سمجهان ٿو ائين برابر آهي. مان جيڪڏهن ليکڪ بدران آرٽسٽ هجان ها، ته يقين ڄاڻو، صادقين وانگر انسان جي درد کي اظهار جي صورت ڏيڻ لاءِ سندس جسم مان ٿوهر ڦٽي نڪرندي ڏيکاريان ها، ۽ سندس سسي سندس ئي هٿ تي بيهاريان ها. مان مارا ڪاريءَ کي خودڪشيءَ جو اعليٰ ترين طريقو سمجهندو آهيان. مان جيڪڏهن فوٽو گرافر هجان ها ته جيڪر ڊبل ۽ ملٽيپل ايڪسپوير واري فوٽو گرافري ڪريان ها، ۽ اسپيشل اِفيڪٽس لاءِ مختلف لينس استعمال ڪريان ها. ان احساس کي اوهين منهنجي وڏي ۾ وڏي خامي سڏي سگهو ٿا.
    گهڻو اڳ، ڪنهن انٽرويو ۾ پڇيل هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو هوم ته، لکڻ لاءِ جيڪڏهن مون کي رواجي حالتون مِلن ها ته مان ڪڏهن به لکي نه سگهان ها، مان فقط گُهٽ، ٻوسٽ، وٺ پڪڙ ۽ سينسر شپ واري غير معمولي ماحول ۾ لکي سگهندو آهيان، ۽ شدت سان لکي سگهندو آهيان. اتفاق جي ڳالهه آهي جو گذريل پنجويهن سالن کان، جڏهن کان مان لکي رهيو آهيان، مون کي لکڻ لاءِ ڏانوَ وٽان ماحول مليو آهي.
    دنيا جي جنهن به يونيورسٽيءَ ۾ ادب پڙهايو ويندو آهي، اُتي ڪهاڻيءَ ۽ ناول کي تخليقي ادب جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪهاڻي ۽ ناول جي صنف جا ليکڪ پنهنجين تحريرن ۾ اهڙن ڪردارن کي به تخليق ڪندا آهن، جنم ڏيندا آهن ۽ پيدا ڪندا آهن، جن جي باري ۾ پڙهڻ، يا ٻڌڻ سان اتساهه، اميد، محبت، نفرت، بدلي ۽ در گذر ڪرڻ جهڙا بنيادي انساني جذبا واضح نموني ظاهر ٿي پوندا آهن، ۽ پنهنجي دور کي متاثر ڪندا آهن، جيئن آرٿر ڪوئيسلر جي ناول ”ڊارڪنيس آئٽ نون“ جو مرڪزي ڪردار روباشوف.
    سمجهان ٿو، مون ڏيڍ يا ٻه سئو کن ڪهاڻيون لکيون آهن. انهن مان پنجن ـــ ڇهن ڪهاڻين ۾ اسٽينوگرافرن، ڪلارڪن، ڪافي ۽ ريسٽورنٽ وغيره جو ذڪر آهي. غير سنجيده تنقيدن ۾، جن کي مان پنهنجي باري ۾ ٺٺوليءَ سان تشبيهه ڏيندو آهيان، فقط اِنهن ڪهاڻين جو سرسري حوالو ڏنو ويندو آهي، جيئن اوهان پنهنجي خط ۾ ڏنو آهي. اهڙين تنقيدن ۾ اروڙ جو مست، زندگي هڪ ڪن، هن ڄار ۾، عشق ۽ انٽرويو، موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، ۽ چرٻٽ وارين ڪهاڻين جو ذڪر يا حوالو نه ڏنو ويندو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ لکيل، عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن، ٽئين دنيا، پنجين موسم، رني ڪوٽ جو خزانو وغيره جو به ذڪر نه ڪيو ويندو آهي. انهن ڪهاڻين ۾ اسٽينو گرافر ڇوڪريون، ڪلارڪ، ڪافي ۽ ريسٽورنٽ وغيره وارو ماحول نه آهي.
    هر اُچاريل لفظ کي ٻڌندڙ ۽ هر لکيل لفظ کي پڙهندڙ ملي ويندو آهي. منهنجين تحريرن کي فقط اهڙن پڙهندڙن پسند ڪيو آهي، جن رستي جي پٿرن ۾ تاج محل ڏٺو آهي، ۽ سوريءَ کي سرويچن جو سينگار سمجهيو آهي. مون کي احساس آهي ته منهنجن پڙهندڙن ۽ منهنجين تحريرن کي پسند ڪرڻ وارن جو تعداد تمام محدود آهي. مان محدود دائري ۾، محدود پڙهڻ وارن جو، محدود ليکڪ آهيان.
    ڪجهه عرصي کان منهنجين تحريرن ۾ ايليمنٽ آف سُپر نيچرل، جنهن کي سنڌيءَ ۾ مافوق الفطرت چئبو آهي، داخل ٿي رهيو آهي، شايد معنائن کي وڌيڪ توسيع ڏيڻ لاءِ. ان سلسلي ۾ مان حوالو ڏيندس، ”عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن“، ۽ ”رني ڪوٽ جو خزانو“، وغيره جو. ”ٽيون وجود“ جهڙي پڄاڻي هڪ کان وڌيڪ دفعا مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺي آهي. دنيا ۾ اڃا به گهڻو ڪجهه، ۽ بي انتها حد تائين، ترقي پسنديءَ جي باوجود انسان جي عقل ۽ فهم جي دائري کان ٻاهر آهي. جنهن رات ڪراچيءَ ۾ منهنجي جيجل امڙ منهنجين ٻانهن مان آسمان ڏانهن پرواز ڪئي هئي، تنهن رات، سڪرنڊ ۾ اَڌ رات ڌاري، ساڳئي وقت، بابا جاڳي پيو هو، ۽ تهجد پڙهندي روئي پيو هو. منهنجي ننڍپڻ جو سنگتي، ساٿي ۽ سئوٽ، رفيق، ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ مون سان ملڻ آيو هو. شينهن جهڙو اورچ ۽ سگهارو. اسٽيشن تي ڇڏڻ ويو مانس. ڀاڪر پائي موڪلايوسين ته روئي پياسين. مون محسوس ڪيو ته کيس وري ڏسي نه سگهندس.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ روهڙيءَ مان فون آئي. رفيق اوچتو ئي اوچتو گذاري ويو. موت منهنجي لاءِ نه فقط پُر اسرار آهي، پر هميشه کان، خاص ڪري امڙ جي اُسهڻ کان پوءِ، تجسُس جو سبب رهيو آهي. ”ٽيون وجود“ ۾ روپ جو اهڙي وقت اچڻ، جڏهن چاچا ذري گهٽ آخري سفر تي روانو ٿي چڪو هو، ”عاشق ۽ شهيد موٽي ايندا آهن“ ۾ محرم علي جي موٽي اچڻ کان وڌيڪ پُر اسرار نه آهي. پهرين ڪهاڻيءَ ۾ تجسس امڪان جي حد اندر آهي، ۽ ٻئي ڪهاڻيءَ ۾ تجسس امڪان جي حد کان ٻاهر آهي.
    دعائون
    اوهان جو
    o
    پيارا جئرام
    اسلام آباد کان ٻاهر ويل هوس. موٽي آيو آهيان ته اوهان جو، قربائتو خط، مليو آهي. جواب ۾ دير لاءِ دل ۾ نه ڪندا.
    اوهان پنهنجي خط ۾ ڪجهه سوال پڇيا آهن. جواب لکڻ فرض سمجهان ٿو، ۽ عرض ڪريان ٿو ته منهنجو خط پنهنجي دوستن کي به پڙهائيندا، جن ايتري پيار ۽ غور سان مون کي پڙهيو آهي.
    لاڳيتو ۽ مسلسل لکڻ سبب هر ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ، پنهنجي تحرير ۽ پنهنجي اظهار لاءِ پنهنجو انفرادي انداز ۽ ڍنگ پيدا ڪري وجهندو آهي، جنهن ۾ سندس شعوري ڪوشش کي ڪوبه دخل حاصل نه هوندو آهي. ڪرشن چندر، هيمنگوي، بيدي، ۽ پُراڻي ڪلاسيڪي ادب مان ڀيرومل مهر چند آڏواڻي وغيره جو مثال ان سلسلي ۾ ڏيئي سگهجي ٿو. شاعرن ۾ اوهان ڏٺو هوندو ته سچل ۽ شاهه جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي. اياز ۽ نياز همايونيءَ جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي. مون کي پنهنجي اوڻائيءَ جو احساس آهي. هڪ اسٽائيل هئڻ سبب مان ڪجهه پڙهندڙن کي بنهه نه وڻندو آهيان.
    ”دل جي دنيا“ لکڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو هو، ته ڪهاڻي ختم ٿي ويندي آهي، پر ڪهاڻيءَ جا ڪردار ختم نه ٿيندا آهن ـــ ڇوته ڪهاڻين جو ڪو اهڙو سلسلو شروع ڪجي جنهن ۾ ڪردار ساڳيا هجن، پر ڪهاڻيءَ جو موضوع نئون هجي! اهڙي سوچ اچڻ کان پوءِ ”زهر ۽ زندگي“ لکي هيم. افسوس اٿم جو ان سلسلي کي جاري رکي نه سگهيم. حياتيءَ وفا ڪئي ته ان سلسلي کي هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
    پيارا جئرام، هر ليکڪ سڌي طرح، يا اڻسڌي طرح پنهنجي تحرير ۾ موجود هوندو آهي. پر، هر ڪهاڻي ليکڪ جي آتم ڪهاڻي نه هوندي آهي. ”مان برف ۾ توسان ملندس“ لاءِ به مون کان پڇيو ويو هو ته ڇا اِها اوهان جي پنهنجي ڪهاڻي آهي؟ ”منهنجي نصيب ۾ تون نه آهين“، بابت به ساڳي پڇا ڪئي ويئي هئي. ”هڪ دل جي اڪيلائي“ ۽ ”هڪ دور جو ماتم“ تي اڪثر پڙهندڙن کي ساڳيو گمان ٿيو آهي. هن دفعي، ”ٽيون وجود“ بابت به مون کان ساڳيا سوال، يا ساڳيو هڪ سوال اڪثر دوستن پڇيو آهي، ته ڇا اِها ڪهاڻي اوهان جي پنهنجي ڪهاڻي آهي! مان ڪهڙو جواب ڏيان پيارا! ڪهڙي وات سان چوان ته اِها منهنجي ڪهاڻي نه آهي؛ ۽ ڪهڙي وات سان چوان ته اِها منهنجي آتم ڪهاڻي آهي! ليکڪ جي دنيا ڏاڍي پُراسرار، ۽ هزارين پيچرن ۾ ورهايل هوندي آهي. ليکڪ ڪڏهن عڪس، ۽ ڪڏهن پاڇو ٿي پنهنجي تحرير ۾ هليو ايندو آهي، پر سندس وجود مخفي رهندو آهي.
    ”ٽيون وجود“ ۾ روپ بابت اوهان پڇيو آهي ته هوءَ هندو آهي يا مسلمان آهي؟ پيارا، غير معمولي چاهتن جا امين فرقن، نسلن ۽ مذهبن ۾ ورهايل نه هوندا آهن. اوهين دوست به روپ کي ويڇن ۾ نه ورهايو. هوءَ جيئن آهي، کيس قبول ڪريو.
    ۽ شادي!
    چون ٿا ته گهڻو اڳ منهنجي شادي ٿي ويئي هئي؛ پر، مون کي ته اڃا تائين يقين نه آيو آهي. ايڏي وڏي حادثي جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ به جيئرو آهيان! وڏو ڪو نِرڄو آهيان.
    دوستن لاءِ سلام ، دعائون ۽ جهجها جهجها پيار.
    اوهان سڀني جو

    1986


    جوڳين جوڳه اجوڳه

    هڪ تهذيب ٻي تهذيب کان مختلف، ڪجهه رواج ٻين رواجن کان مختلف، هڪ ملڪ جون رسمون ٻي ملڪ جي رسمن کان مختلف ٿينديون آهن.
    خون جي نوعيت به بذات خود حقيقتن جو خون آهي. رحيم هنڱورو خون ڪري ڦاهيءَ تي ڦتڪيو، ۽ جنرل قاسم فيصل جو خون وهائي عراق جو صدر ٿي پيو هو. خون خون آهي. پوءِ ڀل ته ڪهڙي به جذبي سان کڻي ڪهاڙي کڻجي.
    برنارڊشا چيو هو ته جي شينهن انسان کي ماريندو ته خونخوار سڏائيندو ۽ ماڻهو جڏهن شينهن کي ماريندو، ته بهادر چوائيندو.
    حقيقتن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جا مختلف زاويه آهن. اسان وٽ شراب علت ۽ ذلت جو ڪارڻ ۽ مغربي تهذيب ۾ شراب محفل جو روح روان! تاريخ هميشه ثابت ڪندي آئي آهي ته هڪ قوم ٻي قوم کان تهذيب ۽ تمدن جي تشبيهه ۾ جدا هوندي آهي. هڪ ملڪ ٻي ملڪ کان ڀل ته هرهڪ انساني قدر جي معيار ۾ مختلف هجي، پر ڪجهه حقيقتون الف اگهاڙو ٿي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ جهپ ڏينديون آهن. گار گار آهي، پوءِ اها گار ڀل ته ڇونه انگريزيءَ ۾ ڪڍجي، روسيءَ ۾، فارسيءَ ۾ يا سنڌيءَ ۾، پر سندس اثر ساڳيو ئي هوندو. ڪجهه ذليل حرڪتون اهڙيون به هونديون آهن جن کي عالمگير لعنت ملندي آهي.
    اهڙيون ئي ڪجهه ذليل ريتون رسمون سنڌ کي ڄور وانگر چهٽي پيون آهن. صدين کان سنڌو ٿو ڇوليون ماري، پر اهي نڀاڳا رواج نه ڌوپي نه ڌوپيا. انهن رواجن ۾ سڄي سنڌ پيڙجي ۽ چچرجي رهي آهي. انهن گندن رواجن چو طرف چوڌاري پنهنجو ڄار ڦهلائي ڇڏيو آهي. آدمي آدميءَ جو دشمن، ۽ هر ذهين شخص کي پنهنجي ماحول کان نفرت ٿيندي ٿي وڃي.
    ڪوڙهي جسم ۾ هڪ فٽ ڳولهڻ ته مشڪل آهي، پر جتان وڌيڪ
    روڳ وهندو، نظر وڃي اتي کپندي. پيري مريديءَ جيڪي ويل وهايا آهن تن کي ڳولڻ لاءِ، سنڌ جي مرشدن جي تاريخ کولڻي پوندي، جن جي آستانن ۽ حجرن ۾ ڀنگ ۽ چرس ۾ مدهوش مريد سندن خدمت ۾ ليٿڙيون پائيندا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ مرشد سڳورو هندستان گهمي موٽيو آهي. جڏهن کيس هوائي جهاز مان لاٿائون ٿي ته حضرت جا قدم نٿي کڄيا، شراب سندس اعصابن کي نابود ڪري ڇڏيو هو. اهڙا جڏا، ڀٽڪيل ۽ ڀليل، اندر جي اکين کان انڌا، جن کي خود روشنيءَ جي ضرورت آهي، سي ٻين کي ڪهڙي راهه ڏيکاريندا ۽ ڪهڙي ماڳ اماڻيندا؟
    سڀ ملامت مرشدن تي ناهي. رڍن وانگر مرد گڏ ڪرڻ لاءِ دماغ ۽ عقل جي ضرورت آهي. شابش آهي اهڙن مدارين کي جي پنهنجو جلوس پاڻ ڪڍائن ٿا. سچ پچ ته اهڙن دماغن کي داد ملڻ گهرجي، جيڪي اجتماعي طور تي عوام کي اُلو بنائيندا آهن.
    پر اهي ٽانءِ ڀريا سانڀر جن کي صبح شام پنهنجي دولت ۽ ملڪيت، شان ۽ شوڪت، ۽ خاندان جو گهمنڊ ۽ غرور دامنگير رهندو آهي، انهن جيڪي انسانيت سان ظلم ڪيا آهن، تن جو مثال فقط اسلام کان اڳ عربن جي بد رسمن رواجن ۾ ملي ٿو.
    خاندانَ دهل مثل آهن.
    مڃئون ٿا ته جيئن وڏو دهل، تيئن وڏو سندس آواز! پر اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته جيئن وڏو دهل تيئن اندر ۾ خالي. هڪ ٻي حقيقت جا دهلن جي باري ۾ مشهور آهي، سا آهي ته، وڏا دهل جهٽ ڦاٽي پوندا آهن.
    پر جيستائين وڏا دهل ڦاٽن ۽ جيستائين وڏا خاندان خود ساخته وڏائيءَ جي خوشفهميءَ ۾ مگن آهن، تيستائين سنڌ ۾ انسانيت پوين پساهن ۾ ڇڙيون هڻندي، خاڪ ۾ ملي ويندي. اجهو ٻن چئن سالن جي ڳالهه آهي. نواب شاهه جي موني بازار مان مٽيءَ لٽيل جيپ ۾ هڪ وڏي خاندان جي ڇوڪري پنهنجي شيدي ڊرائيور سان ڀڄي ويئي. ٻڌوسين ته ڪجهه عرصي کان پوءِ وڏي خاندان وارن اثر رسوخ هلائي، پنهنجي ڇوڪري واپس ورتي ۽ شيدي جوان کي گاجر واهه تي قتل ڪري ڇڏيائون قاتل اڃا تائين روپوش آهن!
    سماجي افراتفري ۾ جيترا ظلم سنڌ جي سر زمين تي ٿين ٿا، تن جو مثال موجوده وقت ۾ ملڻ مشڪل آهي. قتل و غارت ۽ خون خرابيءَ جا هزارين مثال مهراڻ جي ماٿريءَ ۾ ملندا.
    ڪاش، اهي شخص جيڪي اسان کي اٻوجهه ۽ مسڪين تصور ڪن ٿا، هڪ دفعو اسان جو اصلي روپ ڏسن، اسان جي دل ۾ ليئو پائي چنگيز ۽ هلاڪوءَ جا پاڇا ڏسن، ته هوند کين خبر پوندي ته اسان ظالم، اسان سرڪش، اسان انسانيت کان باغي آهيون. اسان سنڌي آهيون.
    سڄي طلاطم جي پٺ ۾ اسان جي بد رسمن جو بي انت عرصو آهي. ان عرصي جي تاريخ ۾ جيترا ظلم سنڌ ۾ عورت تي ٿيا آهن، تن کي بيان ڪرڻ لاءِ تاريخن جا صفحا به کٽي پوندا. اڄ ڪالهه جيڪي واقعا ڀڄڻ ڀڄائڻ، ۽ ڪارو ڪاريءَ جا ٿين ٿا، تن جا ٻه رخ آهن. هڪ رخ ڀيانڪ ۽ ڪارو آهي، ٻيو رخ حقيقتن جو مظهر ـــ هڪ رخ درد، ٻيو درد جو مرهم آهي. هڪ رخ رڇ ۽ ٻيو ڀني ڀني ڀيڄ آهي. اهڙن پست سماجي حرڪتن جو هڪ رخ اسان جي سامهون اچي ٿو ۽ ٻيو لڪل رهي ٿو. جيڪو رخ سامهون آهي، تنهن ۾ اسان ڀڄي ويل نياڻين جو گنهگار عڪس ڏسون ٿا، کين رسوا ۽ ڌڪاريل ڏسون ٿا. ٻئي رخ ۾ حقيقتون آهن. ۽ حقيقتون هميشه تلخ هونديون آهن. حقيقت هيءَ آهي ته اهي نياڻيون جن کي قدرت جي قانون ۽ انسانيت جي قدرن خلاف حويلين ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو، سي هڪ ڏينهن موقعي ملڻ تي، آزاديءَ جي آواز تي لبيڪ چئي مجبور ٿي، بند خلاص ڪري، لامحدود ڪائنات جي ملامت سهڻ لاءِ نڪري پون ٿيون.
    تصوير جا ٻه رخ آهن، هڪ طرف مسلسل ستم ۽ هتيا ڪنڊ ٻئي طرف آزادي، ۽ انسانيت جي بنيادي عقيدي، پيار جي چاهت آهي.
    آزادي انسان جو پيدائشي حق آهي. ڳالهائڻ جي آزادي، خيالن جي پرواز ۾ آزادي، سوچڻ جي آزادي، ۽ اخلاق جي حدن اندر ابابيل جي پرواز جهڙي آزاديءَ جي حصول جي تمنا انسان سان دامنگير رهي ٿي. آزادي جي خواهش، امير توڙي غريب، سياڻو توڙي بيوقوف، عالم توڙي جاهل، سڀني ساهه وارن ۾ روان روان آهي. ان آزاديءَ لاءِ تاريخن جا صفحا معصومن جي خون سان رڱجي ويا. مظلومن جي آهه و زاريءَ سان ڀرجي ويا. هزارن جي دربدر زندگين جي ڪارهن سان ڪارا ٿي ويا. آزاديءَ جي تمنا جڏهن انفرادي دل ۾ پاسو اٿلائي، ته گهر تباهه ٿين. افراد جي دلين ۾ اٿل کائي، ته خاندان تباهه ٿين، ۽ جڏهن قومن جي دل ۾ جاڳي ته ملڪ ۽ دنيا جو امن تباهه! پر سڀ ڪجهه لٽائڻ کان پوءِ جيڪو سرور آزاديءَ جي وصال ۾ آهي تنهنجي مقابلي ۾ تڪليفن جي پيڙا ڪابه حيثيت نٿي رکي.
    آزادي، روماني شاعر جي تخيلي محبوبه کان حسين، فنڪار جي رنگن کان وڌيڪ جميل ۽ ڪويءَ جي ڪويتا کان وڌيڪ مقدر آهي. سندس سڏ تي هزارن لبيڪ چيو آهي. سندس اشاري تي هن ڌرتيءَ جي ڇاتي پيادن جي پيرن هيٺان، گهوڙن جي سنبن هيٺان ۽ ٽينڪن جي ڦيٿن هيٺان ڇلجي ويئي. سندس آواز تي پاڻيپٽ ۽ مياڻي، برلن ۽ ليننگراڊ عراق ۽ شام جا ميدان. سرڪش جوانن جي فوجن سان ڀرجي ويا.
    آزاديءَ ۾ جيڪا طاقت آهي، سا سج جي تپش کان تيز، چنڊ جي چانڊوڪيءَ کان نرم، ۽ مهراڻ جي وهڪري جهڙي ماٺيڻي آهي.
    اها ئي آزاديءَ جي خواهش آهي، پنهنجن جائز حقن جي حفاظت جي تمنا آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جون مظلوم نياڻيون، ڪهاڙين جي ڇانو ۾ بندوقن جي پاڇن ۾ راتو واهه ”عمر ڪوٽ“ کي ڪيري ڀڄي ٿيون نڪرن. اهائي آزاديءَ ۽ جائز حقن جي تمنا آهي، جنهن جي تلاش ۾ سنڌ جون بي آواز ۽ بيڪس نياڻيون هن هوشربا دنيا ۾ ڇولين ڇلڻ کان به ڪين ٿيون ڪيٻائن.
    پوڙهو زميندار، ڪجهه جڙيون ٻوٽيون چکي ۽ چٻي چار شاديون رچائيندو، پر پنهنجي ڌيءَ جي خواهشن، تمنائن، امنگن ۽ قدرت جي اڻ ٽر قاعدي کي ڪچلي ڇڏيندو. حويلين جي ڀتين کي ويهه فوٽ اُڀو ڪري، ڪنهن ڪمري ۾ نياڻين کي پوري پنهنجي امارت، ڪوڙي شان ۽ شوڪت، جوٺي عزت ۽ احترام جو دهل وڄائيندو آهي.
    دهل ڀل ته ڪيترا به کڻي گجگوڙ ڪري، پر اندر خالي، خيال خالي، پر ٿو تڪي آڪاش کي. گڏهه شينهن جي کل پائي شينهن ٿي نه سگهندو. اسان جي پياري پيغمبر جي اچڻ کان پوءِ عربستان جا سنڌي نما عرب، جي جهالت سبب نياڻين کي يا ته زنده دفن ڪندا هئا يا، کين سڄي عمر ڪنيز ڪري گهر ۾ پوري ڇڏيندا هئا، سي سڌريا، ڪڌا ڪم ڇڏي ڏنائون، جهالت جي اوندهه مان نڪتا.
    پر اها چوڏهن سئو ساله پراڻي جهالت، جنهن عربن جي سماج، ريتن ۽ رسمن ۾ جنم ورتو، سا ته ان سر زمين تي ئي فنا ٿي ويئي، پر سنڌ، جنهن کي قديم ۽ قدامت پسند تهذيب جي دعويٰ آهي، اڄ به ان جهالت کي ڄور وانگر چهٽيل آهي.
    هر علت، جرم، ڏوهه ۽ جهالت جو ڪونه ڪو سبب ضرور هوندو آهي. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي شادي نه ڪرائڻ ۽ کين حويلين ۾ قابو ڪري رکڻ جا به ڪجهه سبب آهن. اهو ڪوڙ آهي ته ”وڏي خاندان“ جي ڇوڪرين جي شادي سنڌ ۾ نه ٿيندي آهي. اهو ڍونگ آهي ته آن ۽ شان رکڻ لاءِ خود ساخته وڏا خاندان، هٿرادو پير ۽ مرشد، پنهنجن ڇوڪرين کي حضرت رسول (صلعم) جي حڪم ۽ قدرت جي قانون جي انحرافي ڪندي شادي نه ڪرائيندا آهن. سبب ڪجهه ٻيو آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته هر ان خاندان جي ڇوڪرين جي شادي نه ٿيندي آهي، جنهن خاندان جا مرد، نوجوان ۽ پوڙها سڄو ڏينهن شراب ۽ ڀنگ پين، وئشيائون پورين ۽ راتيون چڪلن ۾ رنڊين جي ڪوٺن تي گذارن. اهڙن بدڪردار ”وڏن“ لاءِ مرد ۽ عورت جو فقط هڪ رشتو آهي، حوس. هنن عورت جي جسم کي هارين نارين، مزدورن ۽ مفلسن جي پگهر مان ڪمايل دولت سان خريد ڪيو، کيس چچريو ۽ چيڀاٽيو. اهڙن ڀليل ۽ ڀٽڪيل انسانن جي اندر جي جوت اُجهايل هوندي آهي، سندن دل ۾ گهور انڌيرو هوندو آهي. هنن لاءِ سڀ ڳئون پڇ ڪاريون هونديون آهن. هنن عورت کي پاڻ ڪيريو ۽ پاڻ ئي سندس ڀيانڪ روپ پنهنجن ڀيڻن، مائرن ۽ ڌيئرن جي روپ ۾ ڏسن ٿا. اهو سبب آهي، اها ئي سندن روح جي ڪٽ آهي، جا کين پنهنجي نياڻين جي شاديءَ کان روڪي ٿي.
    اسان بي حس آهيون.
    اسان ساڪت ۽ ڄميل آهيون.
    اسان جمود آهيون.
    اسان جي تهذيب گنجو ٽڪر آهي ـــ اسان ڪاهوءَ جو دڙو آهيون. هر دور ۾ اسان تي ظلم ٿيندا رهيا آهن. هر دور ۾ اسان ستم سٺا آهن. مسلسل نا انصافيون سهندي سهندي اسان پاڻ ظالم ۽ سنگدل ٿي پيا آهيون. اسان جي دل ڄمي وئي آهي. اسان محمد شاهه رنگيلي جا ساٿي آهيون.
    حوس انسان جي اکين تي رنگين عينڪ چاڙهيندي آهي. شهوت پرست پاڻيءَ کي جام ۽ عورت کي رنڊي سمجهندو آهي. اڄ جن به شخصيتن جي هٿ ۾ سنڌي رواجن جي لڄ آهي، سي عياش، زاني، بزدل ۽ پست خيالن جا پتلا آهن. سندن زندگيءَ جو مقصد آهي لطافتون ۽ تراوتون! جنهنجي دل ۾ احساس ڪونهي، سو انسان به ڪونهي. حق تي هلڻ ڪنهن ڪنهن جو ڪم آهي، ڪوڙ جا ساٿي کوڙ!
    اسان حق جا دشمن آهيون.
    اسان ان حق ۽ انصاف جي حفاظت ڪري نه سگهياسين. جنهن جي لاءِ دنيا جا عظيم ماڻهو شهيد ٿيندا رهيا. اسان انهن جي قولن ۽ اقرارن کي نه پاڙي سگهياسين، جنهن جو وعدو دنيا جي وڏن ماڻهن ڪيو هيو. اسان پنهنجي جهالت سان عمر فاروق رضه جي عظمت کي جهڪائي ڇڏيو آهي.
    اڄ جڏهن هر طرف سماجي سجاڳيءَ جو سج اُڀريو آهي، اسان وٽ ساڳي اوندهه آهي. اڄ اسان جو ملڪ تمدن ۽ تهذيب جي راهن ۾ تيزيءَ سان وک وڌائي رهيو آهي، پر اسان پنهنجي ڀيانڪ ماضيءَ جي لٽ ۾ لٽيل آهيون. اسان منزل کان محروم آهيون. اسان جو ڪوبه ماڳ ڪونهي. اسان ڀليل ۽ ڀٽڪيل راهي آهيون. سچل صحيح چيو هو ته:
    ”پيرن، پنڊتن، بزرگن بيحد ڀلايا.“
    ڪراچيءَ جي فٽ پاٿن تي چپي چپي ته مداري ملندا. طاقت جون گوليون وڪڻڻ وارا ملندا ۽ سنڌ ۾ قدم قدم تي سڙيل ڳڙيل رواجن جا رکوالا ۽ ڪرامتن جي اوٽ ۾ عورتن جي عزت ۽ نادانن جا ننگ لٽڻ وارا ”گرو“ ملندا. سنڌ ۾ ٻه ٽي لک قبرن وارا پير ۽ سوا لک ”الک“ نيم پاڳل ۽ مجذوب ملندا، جن وٽ سوالين جي پيهه ڏسي گند تي ويٺل مکين وارو منظر اکين آڏو اچي بيهندو آهي.
    جڏهن انسان جو پاڻ مان ۽ خدا مان عقيدو نڪري ويندو آهي، تڏهن کيس خوفناڪ آفتون خواب ۾ ڏکائينديون آهن. تڏهن کيس هزارين سنڪا ۽ سنسا ستائيندا آهن. جڏهن غافل غفلت جي عميق گهراين ۾ گوتا کائيندو، تڏهن کيس ڪک پن ۾ به ڪناري جي تصوير نظر ايندي آهي.
    اسان سنڌي پنهنجي اڻڄاڻائيءَ، ۽ ڪوتاهه نظريءَ ڪري جڏهن به ٿاٻا کائيندا آهيون، تڏهن اسان ونجهه بنا ٻيڙيءَ وانگر، سڌو اچي ڪاني ڪرامتن جي ڪن ۾ ڦاسندا آهيون.
    ڪراچيءَ ۾ موٽرون ائين، جيئن مٿي ۾ وار. پر سائي شور ليٽ ڪير وساري سگهندو! ٻيون به موٽرون سنڌ مان ڪراچيءَ ۾ ڪهي اينديون آهن. پر ان موٽر کي خاص خصوصيت آهي. ان ۾ اهي عورتون به اينديون آهن، جن کي دماغ ۾ دولت ۽ امارت جو نشو طاري هوندو آهي. جيڪي زندگيءَ جا طويل لمحا پکن ۾ گذاري اوچتو ئي اوچتو ڪنهن رنگيلي زميندار جي ملڪيت تي قبضو ڪري وٺنديون آهن، اهي عورتون مرد کي سنڀالڻ بدران کيس وڌيڪ بدراهه ڪنديون آهن. اهڙين عورتن جي موجودگي ۾ عورت جو درجو ڌتڪار جي لائق هوندو آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي، جو لاشعور ۾ عورت لاءِ لڪل نفرت کي مرد اهڙي ئي نموني پروان چاڙهيندو آهي، جيئن اڄ ڪالهه سنڌ جا وڏا گهراڻا ”مارئن“ کي ڪوٽن ۾ قابو ڪري رکندا آهن.
    اهڙن گهراڻن لاءِ ڇوڪريءَ جي شادي ڏوهه آهي ... گناهه آهي. ڇو جو کين پنهنجي ضمير ۾ ڪنڊو چڀيل آهي، ته عورت فقط رانديڪو آهي، رات جي ساٿي آهي. ڇوجو هنن دولت جي آڌار تي عورت کي ايترو ته ذليل ڪيو آهي، جو سندن ئي نظر ۾ سندن عورتن جي عزت ڪري پيئي آهي. اهڙن خاندانن جي پاڙ ۽ پشت ۾ بدڪاريون ۽ بدفعل ڀريل هوندا آهن. اسلام دنيا کي انسانيت جي روشني ڏني. ان روشنيءَ جي ڪرڻن ۾ عربستان جون برايون ڌوپي ويون. پر اسان! اسان ڪربلا جي واريءَ وانگر بي رحم ۽ تتل آهيون. هڪ سوال سنڌ جي قدامت پرست پيرن ۽ گهراڻن جي دل ۾ گرز ٿي لڳندو، ته، ڇا رسول اڪرم صه پنهنجن نياڻين کي نه پرڻايو هو؟
    مٿين عنوان ۾ زير بحث سر زمين سنڌ جي پير پرستي به اچي وڃي ٿي. هڪ طرف سماجي افراتفري آهي ۽ ٻئي طرف پيرن وارا وڄايا آهن. هن اقتصادي ۽ معاشي بحران ۾ جڏهن هر طرف زندگيءَ جي قدرن کي عام رواجي سطح کان مٿڀرو کڻڻ جا جتن ٿي رهيا آهن، اسان سنڌي اڃا به قبر پرست، موالين ۽ مجذوبن جا مريد ٿيا پيا تڳئون.جيڪا ٿوري گهڻي بچت آئي ويل ڪم لاءِ پاسيري رکڻ گهرجي، سا ڪاني ڪرامتن جي مدارين جي ڀڀ ۾ دفن ٿيندي رهي ٿي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي منهن ۾ سنڌي سٻاجها ٻوٿ لٽڪائي نه گهر جا ۽ نه گهاٽ جا ٿا رهن. پيرن جي ڄار اڳ به مضبوط هئي ۽ اڄ به مضبوط آهي. ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي ته دنيا ترقيءَ جون منزلون طي ڪندي، ماڳ کي وڃي رسندي، پر سنڌي سٻاجها ڪنهن ديواني جي درشن ۾ وقت سان ظلم ڪندا رهندا.
    جنهن قوم کي وقت جو قدر ڪونهي تنهن کي پنهنجي بلندي جو فڪر به دامنگير نه رهندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان وقت کي ٺڪرائي وقت جي توهين ڪندي دنيا جي سڀ کان پٺتي پيل قومن مان هڪ ٿي پيا آهيون. اسان جي تهذيب موهن جو دڙو آهي. اسان کنڊر ۽ ويرانيون آهيون. اسان ماضي جي دز آهيون. جن حرڪتن ڪري اسان تنزل طرف ڌڪجي ويا هئاسين، اڄ به انهن عادتن جا حامل آهيون. اسان ان ۾ ئي خوش آهيون ته دنيا اسان کي سٻاجهي قوم سمجهي ٿي. سٻاجهي اکر پويان اسان جي خاموش تاريخ جا غير اهم صفحا آهن. سٻاجهي اکر پويان اسان جون زنگ آلود تلوارون آهن. اسان کي مڃڻو پوندو ته اسان پاڻيپٽ جي ميدان جي مٽي نه ڏٺي آهي. هڪ هوشوءَ کان سواءِ اسان ڪوبه اهڙو جوڌو جوان پيدا ڪري نه سگهيا آهيون جنهن جو نالو کڻندي اسان کي ڪا خوشي محسوس ٿئي ـــ يا جنهن جو نالو ۽ سندس ڪارناما دنيا آڏو فخر سان پيش ڪري سگهون. صدين جي اڏوهي لڳل تاريخ ۾ تاريڪيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. اسان خالد بن وليد ۽ عمر فاروق رضه جي نقش قدم تي هلندڙ مجاهد پيدا ڪري نه سگهياسين. اسان وٽ ڪنهن به نيپولين ۽ سيزر جنم نه ورتو. اسان جي پياسي زمين ابن سينا ۽ سقراط جي قدمن لاءِ سڪندي رهي. اسان اشوڪ جهڙا وير ۽ راڻي پرتاب جهڙا حب الوطن فرزند پيدا ڪري نه سگهياسين. اها اسان جي تاريخ آهي. اسان اٻوجهه ۽ سٻاجها ان ڪري آهيون، جو اسان تاريخ جي صفحن کي پنهنجي ڪارنامن سان ڪين سينگاريو آهي ۽ نه جوهر جا جلوا دنيا کي ڏيکارياسين. پوءِ ڇونه اعتراف ڪريون ته اسان بزدل ۽ سنڪي آهيون. اهي حقيقتون آهن. اسان جي بزدليءَ جي پشت ۾ اسان جا اهي تاريخي حاڪم آهن جن پنهنجن قبرن تي قبا ته اڏايا، پر پنهنجي عظمت جي اعتراف لاءِ هڪ بهادري جو مثال به نه ڇڏيائون. کين ڀنگ، شراب ۽ عورتن جي محفلن کان ئي فرصت نه ملندي هئي جو قوم جي بهبوديءَ لاءِ جتن ڪن ها. کين عيش کان اجازت ئي نه ملندي هئي جو پنهنجي قوم جا قدم پختا ڪن ها. هنن وڌايو ۽ ڦهلايو پيرن جي هٿرادو ڪرامتن جي شهرت کي. سندن دغلبازين کي! هنن جيڪو بدعاتن ۽ بدرواجن جو ٻج ڇٽيو، تنهن جو فصل اڄ اوج تي آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، اتر کان ڏکڻ تائين ۽ اوڀر کان اولهه تائين هزارين بلڪه لکين پير، فقير، ڪرامتن جا مداري ٺڪرن ڀترن وانگر ملندا.
    پيري مريدي اسان جي سرزمين جي ڪنڊ آهي. جيڪڏهن دنيا جو جائزو ورتو وڃي ته فقط وچ آفريڪا ۾ اسان جي پيري مريديءَ سان ملندڙ جلندڙ، جنتر منتر اڇليندڙ حبشي ملندا. هن دور ۾ جڏهن سائنس ۽ سماجي علم جي تعليم ۾ هر طرف کوجنائون ٿي رهيون آهن، اسان جي مريديءَ جو فعل بلڪل احمقاڻو ۽ جهالت سان ڀرپور نظر اچي ٿو. ان مان اسان جي ڪمزوري، ڀڳل عقيدي، خود اعتماديءَ جي غير حاضري ۽ لا محدود پستيءَ جي پرک پوي ٿي. ظاهر آهي ته اسان لا علم، ڪم فهم، گيدي ۽ ڏڪڻا آهيون. پنهنجي ڀوَ، سنڪي، ۽ وهم جي لاءِ پيرن جا در پنندا آهيون.
    هڪ انسان ٻي انسان کان خانداني شان، دولت ۽ امارت جي زور تي برتر ٿي نٿو سگهي. انسان جي عظمت اخلاق ۾ آهي. انسان جي عظمت علم جي عميق مطالعي ۾ آهي. انسان جي عظمت انسانيت جي خدمت ۾ آهي. اهوئي انسان رهبر ٿي سگهي ٿو، جنهن وٽ آئيني جهڙي دل ۽ ماڪ ۾ ڌوتل عادتون آهن. ڇا اسان جا پير اخلاق جا سرچشما آهن؟ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ڪاني ڪرامتن جا صاحب شرابي، چرسي، جواري ۽ عياش هوندا آهن. ڪجهه ظاهر ظهور حرڪتون ڪن، ۽ ڪجهه پنهنجين مريداڻين تي هٿ صفا ڪندا رهندا آهن. اخلاق ۽ انسانيت جي ان ذليل موڙ تي بيٺل سنڌي جيڪڏهن اڄ به سجاڳ نه ٿيا ته پوءِ اسان جو رهيل کهيل وقار به وڃائجي ويندو. هر قوم اسان تي لعنت موڪليندي.
    جيڪڏهن اسان سنجيدگيءَ سان غور ڪيون ۽ پنهنجين اوڻاين تي نظر وجهون، ته هوند معلوم ٿي سگهندو، ته اسان جي پستيءَ، جهالت، غربت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جا ڪارڻ ڪرامتي پير آهن، جن اسان کي زندگيءَ جي هر موڙ تي، هر دفعي لٽيو آهي، ڦريو آهي. اسان کي جاهل رکي، اسان جي لا علميءَ جو فائدو ورتو آهي. پير پرستي اسان جي جهالت جو کليل ثبوت آهي. ■

    1961


    موت جو آواز

    اڄ به وچ هندستان ۾ خزان جا سڪل پن حسرت ۽ مايوسيءَ سان مغل شهنشاهن جي مقبرن ۾ رلندا رهندا آهن. اڄ به آسمان جي اکين مان ماڪ جا موتي لڙڪ ٿي وهندا آهن ۽ اڄ به سرد باهه ۾ جلندڙ چنڊ شاهجهان ۽ سندس اولاد جي حسرت ناڪ موت تي انهن جا مقبرا ڏسي اداس ٿي ويندو آهي.
    تاج محل جي خالق کي خواب و خيال ۾ به نه هو ته هڪ ڏينهن هو ايتري ڪسمپرسيءَ ۾ موت جي آواز تي لبيڪ چئي هن دنيا مان ڪوچ ڪندو. اها ڪهڙي نه هيبت ناڪ رات هئي جڏهن شاهجهان جو ساهه نڪري رهيو هو ۽ جهان آرا پرنم نگاهن سان پيءُ جي آخري سفر لاءِ تياري ڏسي رهي هئي. شاهجهان هٿ جي اشاري سان ڌيءَ کي سامهون واري دري کولڻ لاءِ چيو. جهان آرا دري کولي ۽ شهنشاهه پويون دفعو پنهنجين وسامندڙ اکين سان تاج محل ڏٺو ۽ هن جي ذهن ۾ ممتاز محل جي تصوير اجاگر ٿي ـــ هن سوچيو اڄ رات آڪاش جا ستارا، تاج محل مان هڪ عورت جي آهه و زاري ٻڌندا. ممتاز جا سڏڪا ٻڌي وڻن جا پن سڪي ويندا ۽ ٻن حسين اکين مان وهندڙ لڙڪ ڏسي آسمان به روئي پوندو.
    شاهجهان منهن ورائي ڌيءَ کي ڏٺو. جهان آرا جي اکين ۾ سانوڻ جون گهٽائون ڀريل هيون پر هوءَ ڪنهن اڻ ڄاڻ جذبي جي زير اثر خاموش هئي ۽ پوءِ اوچتو هن پيءُ جي سيني سان لڳي قلعي جي در و ديوار کي رئاري ڇڏيو. شاهجهان پنهنجو ڪمزور هٿ جهان آرا جي منجهيل وارن تي ڦيريو. جهان آرا جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ڪجهه دير لاءِ رڪجي ويا ۽ پوءِ جڏهن هن پيءُ جي زرد منهن ۾ نهاريو ته هن کي ٻه وساميل چراغ نظر آيا. مسافر پنهنجي آخري سفر تي روانو ٿي چڪو هو.
    پيءُ جي حسرتناڪ موت کان پوءِ ڪنهن به جهان آرا کي کلندي نه ڏٺو ۽ نه ئي وري هن جي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي. اڄ به جڏهن دنيا جا سياح دهليءَ جي ديوارين وٽان لنگهندا آهن ته، هنن کي هڪ سنگمرمر جي سفيد قبر نظر ايندي آهي، جنهن جي پٿر جي عبارت پڙهي، هو اداس ٿي ويندا آهن.
    ”ڀل ته هي گاهه هڪ دکي دل، مسڪين، ۽ ٺڪرايل مٽيءَ جي قبر کي ڍڪي ڇڏي. هن قبر ۾ هندستان جي شهنشاهه شاهجهان جي ڌيءَ جهان آرا دفن آهي.“
    طاقت ۽ حڪومت جي حرص ۾ تلوارون مياڻن مان نڪري آيون. سڳا ڀائر هڪ ٻئي جي برخلاف سينه سپر ٿي بيٺا ۽ هندستان جي سرزمين وڏي ڀاءُ دارا کي ننڍي ڀاءُ اورنگزيب هٿان اجمير وٽ شڪست کائيندي ڏٺو. شاهه جهان جي نور نظر پوريءَ ريت تباهه ۽ برباد ٿي، ڪڇ جي ڦورن وٽ پناهه ورتي. سندس رفيق حيات زندگيءَ جا زخم سهندي گذاري وئي ۽ هينئر سڄي دنيا ۾ فقط هڪ ڌيءَ دارا جي ساٿي ۽ همدرد هئي. ڦورن جي سردار مڪاريءَ سان دارا کي اورنگزيب جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    دهليءَ جي عوام وسندڙ اکين سان ولي عهد دارا کي ذليل ۽ رسوا ٿيندي ڏٺو. جڏهن هن کي ليڙون ۽ ڦاٽل ڪپڙا پهرائي دهليءَ جي گهٽين مان گهمايو ويو ته اوچتو ماڻهن جي هجوم مان هڪ نوجوان ڇوڪري روئيندي رڙندي هن ڏانهن ڊوڙي آئي. سپاهين بي درديءَ سان ڇوڪريءَ کي ڇڙيل وارن کان وٺي پري ڪري ڇڏيو ۽ دارا حسرت ۽ مجبوريءَ سان ڌيءَ کي ڏسي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ جڏهن دارا جلاد اڳيان گردن جهڪائي ته هن جي دل ۾ سڀ خواب ۽ تمنائون دم ٽوڙي چڪيون هيون. جلاد جي تلوار دارا جي ڪنڌ تي ڪري. ان وقت سج ٻڏي ويو. شفق جي سرخي ۾ هڪ مجروح پيءُ جو خون ملي ويو ۽ ان رات دهلي جي ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ چراغ روشن نه ڪيا.
    اورنگزيب جي خون ۾ ٻڏل تلوار سندس باغي ڀاءُ شجاع خلاف چمڪي. شجاع جا ارمان به کنوڻ ۾ جلي ويا. سڀ ڪجهه جنگ ۾ هارائي، هو اراڪان ڏانهن ڀڳو. محلن جو پاليل بي يارو مددگار بيابانن ۾ ڀٽڪندو ڏٺو ويو. ان دک درد جي درياءَ ۾ هڪ عورت هن سان ساڻ هئي، جنهن سک سانت ۾ پڻ سندس ساٿ ڏنو هو. هن وفا جي پتليءَ کي، ڪمزور، زخمي ۽ ناتوان شجاع سان گڏ جبلن جي کاهين ۾ لهندي ڏٺو ويو، جتي موت سندن انتظار ڪري رهيو هو.
    شاهجهان جو ننڍو ۽ زنده دل فرزند مراد، قيدخاني جي تاريڪ ڪنڊ ۾ خاموش ويٺو هو. منگهه مان ايندڙ روشني هن جي ڪمزور جسم تي پئجي رهي هئي ۽ هن جو چهرو اوندهه ۾ هو. شاهجهان کي پنهنجي معصوم شرارتن سان کلائيندڙ ۽ ممتاز جي لاڏلي مراد جو، پٿر جي ڀتين کان سواءِ ڪو به ساٿي ڪونه هو. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ سپاهي لاپرواهيءَ سان هن جي سامهون ماني اڇلي. پر مراد پنهنجي جاءِ تان نه چريو. سپاهي هن کي ڪلهي کان وٺي لوڏيو ۽ مراد جو لاش سخت پٿر جي فرش تي ليٽي پيو. منگهه جي روشنيءَ ۾ انسانيت ڏٺو ته هڪ ڀاءُ تخت جي لالچ ۾ ٻئي جون اکيون ڪڍرائي ڇڏيون هيون.
    زماني ڪڏهن به اورنگزيب عالمگير کي آرام سان سمهندي نه ڏٺو. هر وقت هڪ بيچيني هن سان دامنگير رهندي هئي ۽ پوءِ جڏهن موت جو آواز اورنگزيب جي ڪنن ۾ آيو ته هن پنهنجي غلطين ۽ گناهن جو اعتراف ڪندي شهزادي اعظم کي لکيو:
    ”مان بيحد ڪمزور ٿي چڪو آهيان. مون کي ياد آهي ته مان جڏهن ڄائو هوس ته گهڻائي ماڻهو منهنجي چوگرد موجود هئا. پر اڄ جڏهن مان مري رهيو آهيان ته ڪوبه منهنجي قريب ڪونهي. مون دنيا ۾ پاڻ سان ڪجهه به نه آندو هو، ليڪن اڄ پاڻ سان لاتعداد گناهه کڻي ٿو وڃان. نٿو ڄاڻان ته خدا وٽ مون کي ڪهڙي سزا ملندي، پر پڪ اٿم ته الله معاف ڪندڙ ۽ مهربان آهي.“
    ۽ ٻئي خط ۾ ڪام بخش کي لکيائين:
    ”مان پاڻ لا محدود گناهن جو ڪاروان ساڻ ڪري الله ڏانهن وڃي رهيو آهيان. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به ڪم ڪيا. جهڙو ٻين سان برتاءُ ڪيو ۽ غلطيون مون کان سرزد ٿيون آهن انهن جو نتيجو پاڻ سان ساڻ کڻي ٿو وڃان.“
    ان وقت هن دعا لاءِ هٿ کنيا پر زبان هن جو ساٿ نه ڏنو ۽ پوءِ جڏهن جاه و حشمت ۽ شان و شوڪت جو چراغ وسامي ويو ته ڪجهه دير لاءِ آڪاش جي دامن تان ستارا به گم ٿي ويا. ■

    1961


    سکر ۾ هڪ سنڌيءَ سان ملاقات

    ڪنهن ڪم سانگي سکر ويو هئم.
    سکر سنڌين جو شهر آهي. سنڌي، جيڪي روڏ آهن، ڏڏ آهن، آرام پسند ۽ سست آهن. مهراڻ جون موجون سکر کي پسائينديون رهيون آهن، پر سنڌين جا سڪل ذهن صدين کان ٺوٺ آهن. سنڌوءَ جي رواني سنڌين جي خيالن ۾ نوان لاڙا آڻي نه سگهي آهي. سندن سوچ ۽ ويچار جو معيار عربن جي جهالت واري زماني سان ملندڙ جلندڙ آهي. مروٽيل مُڇ سندن شان ۽ عورت جي مجبوري سندن آن جي ڪسوٽي آهي.
    اهڙي ئي هڪ سنڌيءَ سان پنهنجي دوست جي آفيس ۾ ملاقات ڪيم. مشين سان تراشيل سندس ڏاڙهي مڇ خطرناڪ حد تائين وڏي نه هئس، پر تڏهن به چڱا چوکا سندس رعب ۾ ريڙهيون پائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. مٿي تي ڪراڪولي ٽوپي، جسم تي بوسڪيءَ جي قميص ۽ ويڪري ڪالر وارو ڪوٽ، پاجامي نما پتلون ۽ پيرن ۾ زريءَ سان پشاوري چمپل پيل هئس. ها، اکين تي عينڪ به هئس. ائين نه هو ته ڪا نظر گهٽ هئس؛ پر عينڪ فقط ان ڪري چاڙهي هئائين جيئن ڏسڻ ۾ پڙهيل ڳڙهيل نظر اچي. بدقسمتيءَ سان هئو به پڙهيل ڳڙهيل.
    مان جنهن وقت آفيس ۾ پهتس، ته ڪنهن ڳوڙهي مسئلي تي خوب گرما گرم بحث هلي رهيو هو. عليڪ سليڪ ۽ تعارف کان پوءِ ٻيهر بحث ڇڙيو. آفيسن ۾ ڪم بدران بحث هلندا رهندا آهن، اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي. ڪراچيءَ جي آفيسن ۾ قوالن جهڙا آفيسر ۽ ڪلارڪ ڪاريون شيروانيون پائي ايندا آهن. پان چٻاڙيندا ۽ شمع معمه حل ڪندا آهن. منهنجي دوست جي آفيس ۾ بحث هلي رهيو هو، تعجب نه ٿيم.
    بحث جو موضوع هو، اسلام ۾ چئن شادين جي اجازت! مرزا، جيڪو ساڳي آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي، تنهن ٽيبل تي وزني مڪ وهائيندي چيو:
    ”اڙي ميان، اسلام چئن شادين جي اجازت ڏني آهي، ته ان سان هڪ سخت شرط به شامل ڪيو آهي.“
    سنڌيءَ قوم جي Specimen پنهنجي ڪرا ڪولي ٽوپي نڪ تي رکندي چيو. ”شرط! ڪهڙو شرط؟“
    ”ته چئني زالن سان هڪ جهڙو برتاءُ ڪجي.“ مرزا جواب ڏنو ۽ داد وٺڻ لاءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. پر هو صاحب به مڃڻ وارو نه هو، سنڌي هو، ڏاند گاڏيءَ جهڙو قدامت پسند هو. وراڻيائين:
    ”ان شرط ۾ ڇاهي؟ آسان آهي.“
    ”واهه“ مرزا ذري گهٽ رڙ ڪئي. ”هڪ انسان لاءِ اهو ناممڪن آهي ته هو پنهنجن چئن زالن سان هڪجهڙو برتاءُ ڪري.“
    ”ڇو ناممڪن آهي؟“
    ”ڇو جو انسان فطرتا ڪمزور آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”اڙي ميان، ڏٺو نه اٿئي، ته هڪ ماءُ جنهن کي چار پٽ هوندا آهن، سا منجهائن هڪ کي وڌيڪ چاهيندي آهي. چاهڻ به برتاءُ ڪرڻ ۾ شامل آهي. جيڪڏهن ماءُ پنهنجي اولاد سان هڪ جهڙو برتاءُ ڪري نٿي سگهي ته پوءِ اهو انسان لاءِ قطه ناممڪن آهي ته هو پنهنجن زالن سان هڪ جهڙو برتاءُ ڪري.“
    سکر جو سنڌيءَ باهه ٿي ويو ـــ ان عينڪ جا شيشا اگهندي چيو،
    ”عورت سان موچڙي جهڙو برتاءُ ڪجي ـــ هڪ جُتي کسي ته ٻي آڻجي.“
    ”عورتن ۾ مائرون ۽ ڀينرون به ته هونديون آهن.“
    ”حد کان ته نه وڌ مسٽر مرزا ـــ مان زالن، يعني جوئرن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.“
    ”ها، ها، انهن ۾ ڪي ڪنهنجون ڌيئر هونديون، ڀينر هونديون، مائر هونديون.“
    ”تون ته يار ڳالهه کي ئي ڦيرائي وئين ـــ ڳالهه هئي برتاءُ جي.“
    ”برابر“ مرزا وراڻيو. مان ۽ منهنجو دوست، ٻنهي جي بحث کي صبر سان ٻڌي رهيا هئاسين ـــ سنڌي صاحب وراڻيو.
    ”مون کي چار زالون آهن، مان چئني سان هڪ جهڙو برتاءُ ڪندو آهيان.“
    ”ڪيئن؟“
    ”هڪ جهڙا وڳا وٺندو آهيان، هڪ جهڙا چمپل ۽ هڪ جهڙيون سڳيون.“
    ”واهه واهه“ منهنجي زبان مان ازخود نڪتو.
    ”هڪڙي ماروٽ آهي، ٻي پڦاٽ، ٽين ماسات ۽ چوٿين سئوٽ.“
    ”واهه واهه“
    ”رات جو موٽان ته ٻه ٻانهن ۽ ٻه ٽنگن کي زور ڏينديون آهن. ڪجهه دير کان پوءِ جنهن جي مرضي پوندي آهي، سا ترسندي ۽ ٻيون وڃي پنهنجي بسترن تي ڪرنديون آهن.“
    ”سبحان الله“
    ”سائين“ هينئر هو صاحب اسان سان مخاطب ٿيو. ”سنڌي عورتون آهن سٻاجهيون ۽ نماڻيون، اصل چون چان نه ڪن ـــ سڄو ڏينهن جانورن وانگر وهنديون آهن، پر ٻڙڪ به نه ڪڇنديون آهن.“
    ”الله صبر جي توفيق ڏئين.“ منهنجي دوست چيو.
    ”ها سائين“ هن وراڻيو ـــ ”مون رکيو به ڪرڙي نظر ۾ اٿن، مجال آهي جو اک کڻن ـــ اڃا تائين رئي بدران اجرڪ اوڍينديون آهن ـــ جن چئن ڀتين ۾ ڄايون ۽ نپيون، تن مان نڪري مون تائين آيون آهن ـــ منهنجي ڀتين مان نڪري قبرستان وينديون.“
    اسان سڀيئي Specimen صاحب جي بيان تي حيرت ۽ اچرج مان ڏانهس ڏسڻ لڳاسين. هن عجيب فخر سان ٽمٽار لهجي ۾ چيو.
    ”اڃا نه ريڊيو ڏٺو اٿائون ۽ نه ريل گاڏي.“
    ”سنڌي عورتون آهن نه، تڏهن.“ مرزا چيو.
    ”ها، مان ساڻن موچڙي جهڙو برتاءُ ڪندو آهيان، مار به دل تي ڏيندو آهيان، پر هڪ جهڙي، ڪنهن کي به گهٽ يا وڌ نه، هڪ جيتري.“
    ”ها سائين، ويچاريون سنڌي عورتون آهن نه!“
    هو صاحب وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو ـــ مرزا کي اک هڻندي. چيائين ـــ ”اسان ته ٻاهر ئي کائي پي ڍءُ ڪندا آهيون.“
    هو هليو ويو.
    منهنجي دوست کان رهيو نه ٿيو ۽ چيائين ـــ ”۽ هنن جي عورتن کي راهڪ ڪڙمي ۽ نوڪر چاڪر کائي پي ڍءُ ڪندا آهن.“
    ”اڙي ميان بس ڪر“ مرزا منهنجي دوست جي وات تي هٿ رکندي چيو ـــ ”ٻڌي نه وٺي.“
    ”ڀل ٻڌي وٺي، ڇا ڪندو؟“
    ”سنڌي آهي، اجايو ڪارو ڪاريءَ جي چڪر ۾ چئني زالن کي ماري وجهندو.“
    ”۽ قانون؟“
    ”قانون هنن لاءِ ڪونهي.“ مرزا وراڻيو ـــ ”پر هن بدبخت جون چارئي عورتون نهايت شريف ۽ پاڪدامن آهن. ڪنهن به سندن نه آواز ٻڌو ۽ نه پلئه ڏٺو آهي.“
    ”ائين چئه نه ته هن حضرت سندن وجود کي نابوت ڪري ڇڏيو آهي.“ منهنجي دوست تلخ لهجي ۾ وراڻيو.
    ”ائين ئي کڻي سمجهه.“
    سامهون سنڌو ڇوليون ماري رهيو هو. اورئينءَ پرتي، ڪاٺين ۽ سنڍن سان ڀريل هڪ ڏاند گاڏي چيڪاٽ ڪندي ٿي ويئي.■

    1962


    اگهيو ڪائو ڪچ ...

    اگهيو ڪائو ڪچ ...

    (سالياني مخزن چانڊوڪي ــ اين جي وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ــ ڪراچي)

    هن مخزن کي پيش ڪندي نه منهنجين اکين ۾ خوشيءَ جا لڙڪ لڙي آيا آهن ۽ نه ئي قرط مسرت کان منهنجو قلم ڪنبي رهيو آهي. مان روايتن جو قائل نه آهيان، تنهن ڪري جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهيان، سو ايڊيٽوريل ناهي.
    جڏهن هِن اسڪول ۾ پڙهندو هئس، تڏهن به مخزن نڪرندي هئي. اڄ جڏهن ساڳي اسڪول ۾ ماستر ٿي موٽيو آهيان تڏهن به مخزن نڪري رهي آهي ۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ به نڪرندي رهندي. تنهن ڪري ڪو عجب ڪونهي جو هِن سال پڻ مخزن ڇپجي رهي آهي. هنن مضمونن کي توهان تائين پڄائڻ ۾ نه مون فرهاد جيان جبل ٽڪيا ۽ نه ئي يوري گاگارين وانگر چنڊ کي چوگرد ڦريس. مون آيل مضمونن کي فقط ڪٺو ڪيو آهي، آسمان مان تارا ڪين لاٿا اٿم. هي رسالو اسڪولي ٻارڙن جو آهي، داد ۽ تحسين کين ملڻ گهرجي.
    عرض ڪري چڪو آهيان ته مان ريتن رسمن جو قائل ناهيان. تنهنڪري هميشه نئين واٽ، نئين لاٽ ۽ نئين جدت جي آرزو ڪئي اٿم. ان تمنا ۾ ڪجهه وڃايو اٿم ته ڪجهه پلئه به پيو اٿم ـــ ڪجهه کويو/ وڃايو اٿم ته ڪجهه پاتو به اٿم. ڏيئي ڪجهه حاصل ڪيو اٿم. الاءِ ڪيستائين زندگيءَ جي ويڻا مان گيت گونجندا رهندا.ڪير ڄاڻي الاءِ ڪڏهن زندگيءَ جو آواز لامحدود شور ۾، گوڙ ۽ گهمسان ۾ گم ٿي وڃي! جيڪي جهول ۾ اٿم سو پنهنجن ننڍڙن دوستن آڏو آڻي رکان ٿو.

    نفرت:
    نفرت آڳ آهي ـــ باهه آهي، آتش آهي. ضمير جو موت نفرت، روح جو زوال نفرت. هي شعلا جتي جاڳن، جنهن دل ۾ جنم وٺن، تنهن کي جلائن، سڄي ماحول کي به جلائن. نفرت آتش نمرود آهي، هڪ دفعو جلڻ کان پوءِ کيس ڪوبه اُجهائي نه سگهيو آهي. هِن نفرت سيسيءَ جي شيديءَ تي گولي هلائي. هِن نفرت آفريڪا جي وطوسيءَ کان نفرت ڪرڻ سيکاري. هِن نفرت انسان کي الله جي گهر ۾ گهڙڻ کان روڪيو. هن نفرت قاتل جو روپ ڌاري لياقت جو خون وهايو ـــ ڪينيڊيءَ تي گولي هلائي. جدا جدا وقتن ۾، جدا جدا روپ کي عظمت جي بلندين تي پڄائي ٿو. انسان جي وجود جو، سندس زنده رهڻ جو ۽ سندس همه گير ڪوششن جو ناخدا آهي، ضمير. ضمير انسان کي اشرف المخلوقات سڏائڻ جو حقدار بڻائي ٿو. جڏهن آدمي اخلاق جي قدرن کي ٺڪرائي ۽ لطيف احساسات کي ٻليدان ڪري ضمير جو خاتمو آڻي ٿو، تڏهن سندس اشرف المخلوقات هئڻ جي دعوايٰ خود بخود ختم ٿي ٿي وڃي ۽ انسان وحشانيت ۽ حيوانيت جي اونداهي اوڙهه ۾ پورجي ٿو وڃي.
    اسان جي جنم سان اسان جو ضمير جنم ٿو وٺي. اسان سان گڏ وڌي ۽ ويجهي ٿو ـــ ڏسي ۽ سکي ٿو. سندس پوشاڪ آهي روح جي پاڪائي. سندس مڪان آهي جرڪندڙ آئيني جهڙي دل. سندس اکين ۾ حڪمت ۽ حليمائي جي جوت آهي ۽ سندس هٿ ۾ انصاف جي ساهمي. اوندهه ۾ ضمير اسان جي مشعل راهه ۽ اڪيلاين ۾ اسان جو ساٿي آهي. ضمير گناهه ۽ انسان جي وچ ۾ ڀت آهي. ضمير انسان ۽ جرم جي وچ ۾ ڀالو آهي. ضمير لا محدود قوتن جو مالڪ آهي. پر ڪيستائين؟ جيستائين توهان سندس وجود کي برقرار رکندا ـــ سندس پوشاڪ لاهي کيس الف اُگهاڙو نه ڪندا ـــ دل جو آئينو پرزا پرزا نه ڪندا ۽ سندس اکين ۾ ظلم و ستم جا تير نه وهائيندا. ضمير کي زنده رهڻ ڏيو، جيئن توهان جو وجود هن ڌرتيءَ تي بار ٿي نه پوي.

    اسڪول:
    اسڪول فقط آلجبرا جا فيڪٽر، انگريزيءَ جي ايڪسرسائيز ۽ ٻه ٽي سبق سکڻ جي جاءِ ناهي. اسڪول درسگاهه آهي اخلاق جو، سٺين سٺين عادتن ۽ وڻندڙ روش جو. اسڪول، منهنجي قريب عظمت جو مرڪز ۽ انسانيت جي اڻ ميي قدرن جو سنگم آهي. اسڪول جو وقار اجتماعيت ۾ آهي، تنهن ڪري اسڪول سڀ کان اول تنظيم ۽ بلند عزائم سيکاري ٿو.
    اسڪول فقط ٻن قسمن جي شاگردن لاءِ هوندو آهي. اول اُهي جيڪي اسڪول ۾ پڙهڻ خاطر ايندا آهن، ڪجهه سکڻ ۽ ڪجهه پرائڻ ايندا آهن. ٻيو، اُهي شاگرد جي پنهنجن راندين، ليکن ۽ بحثن سان اسڪول جو نالو جرڪائيندا آهن. اسڪول انهن لاءِ ڪونهي جيڪي اسڪول کي محض تفريح گاهه سمجهي، پنهنجي والدين جي عزت ۽ شرافت کي ذليل حرڪتن سان نابود ڪندا آهن. اهڙا شاگرد پاڻ تي بار، پنهنجي والدين تي بار، اسڪول تي بار ۽ سڄي قوم تي بار هوندا آهن. سج ڪڪرن ۾ لڪي پيو ته ڪهڙي ڪم جو! گهوريو اُهو سون جيڪو ڪن ڇني.

    هيءَ مخزن:
    هيءَ مخزن ٻارڙن جي آهي. هن ۾ ليک به ٻارڙن جا آهن. ميٽرڪ جي شاگرد اقبال جتوئي خط لکي پڇيو آهي ته، ڇو گذريل سال سندس هڪ به مضمون مخزن ۾ نه آيو. پنهنجي ننڍي دوست ۽ شاگرد کي جواب عرض رکان ٿو ته، ادا، تنهنجي مضمون بدران شايد ڪنهن استاد صاحب جو مضمون ڇپجي ويو هوندو. هن سال ڪنهن به استاد مضمون ڏيڻ جي آڇ نه ڪئي ۽ نه ئي مون کانئن ڪجهه گهريو. چڱو ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ شاگردن کي پنهنجو پورو پورو حق ته ملي سگهيو!
    جيئن مضمون مليا هئم تيئن توهان اڳيان آڻي رکيا اٿم. ڪنهن به مضمون يا ليک سان هٿ چراند نه ڪئي اٿم. اصلي حالت ۾ مضمون ان ڪري ڏنا اٿم جيئن سنڌي ادب جو ايندڙ نسل پينگهي ۾ پڌرو ٿي پوي. جيڪڏهن ڪو مضمون چورايل ثابت ٿيو ته ان ۾ منهنجو ڏوهه نه رهندو. مان مسڪين ماستر آهيان، پوليس وارو ناهيان. منهنجو ڪم مخزن کي ترتيب ڏيڻ آهي، چوريون پڪڙڻ نه. ادب جو ساگر اونهو، مان ڪيستائين موتي ۽ ماڻڪ شيشن کان ڌار ڪندس.

    ادبي مجلس:
    شاگردن لاءِ گهڻي چاهه مان سنڌي ادبي مجلس جو انعقاد ڪيو هئم. گهڻيون ئي اميدون وابسته ڪيون هئم ـــ گهڻن ئي حسرتن کي جنم ڏنو هئم. پر ويري ٿي واءُ جنهن ڪکائون تاج محل ڊاهي ڇڏيو. دل جو شيشو پرزا پرزا ٿي ويو ۽ ان سان گڏ پاڻ ئي پنهنجن هٿن سان پنهنجي تشڪيل مٽائي ڇڏيم. مجلس کان منهن موڙيم ۽ هڪ اونهو گهاءُ کڻي ٻيو مشاهدو ماڻيم. مان انسان ذات لاءِ پيار جو متلاشي رهيو آهيان. پيسجي ويس جڏهن پنهنجي ئي سامهون حسد، نفرت، حقارت ۽ ڪيني جا ڪُنَ ڏٺم. مجلس ۾ هڪ ليکڪ جي ٻي ليکڪ سان هلت ڏسي، سوچيان ٿو ته ڪوڙهه سچ پچ لا علاج مرض آهي.

    ڳالهه پراڻي ٻيهر:
    شاهه ڀٽائي سنڌ جو عظيم شاعر آهي؛ ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪري سگهندو! بيتن جو بادشاهه ڀٽائي، وائيءَ جو شهنشاهه شاهه لطيف، حقيقتن جو همراز آهي گهوٽ لطيف سائين. سندن تخيل جي پرواز لامحدود بلندين کي ڇوهي ٿي، جڏهن چون ٿا:
    ”ڳوليان ڳوليان، مَ لهان، شال مَ ملان هوت،
    مـــن انـــدر جــي لـوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي“.
    پنهنجي ماڳ کان منهن موڙڻ، پنهنجين تمنائن کي نا تمام ڪرڻ، حسرتن کي خاڪ ۾ ملائڻ محبوب کان ويراڳي ٿيڻ، ۽ پنهنجي ئي آتر ويلا کي سيني ۾ سانڍي سڄي عمر سوگوار ٿي درد کي اپنائڻ، جنهن ۾ هلڪي هلڪي پيڙا جي لوچ هجي، تنهنجو ڏَسُ سڀ کان اول شاهه صاحب ئي ڏنو هو.
    حضرت موسيٰ جبل طور تي چڙهي خدا سان هم ڪلام ٿيو هو. پر ڀٽ ڌڻي مونن ۾ منهن وجهي مشاهدو ماڻيو ته:
    ”مونا طور سينا سدا سنياسين،
    فـــڪــر فــرهــي هٿ ۾ ماٺ مطالع ڪن.“
    بس، انهن ٻن سٽن ئي شاهه صاحب کي لازوال شهرت، مرتبو ۽ عظمت و احترام جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن چيو، اسان هم ڪلام ڇو ٿيون، اسان سنياسي فڪر جي فرهي کڻي ماٺ ۾ محبوب جو مشاهدو ماڻينداسين.
    اسان سڀ سر نوايون ٿا تنهنجي آڏو، گهوٽ ڀٽائي،
    ڇا اسان وٽ فقط شاهه صاحب ئي آهي؟
    اهو سوال مون کان پڇيو ويو هو. اڄ ساڳيو سوال مان توهان کان پڇان ٿو ــ ۽ اِهو پڻ، ته، ڇا اسان وٽ سچل ۽ سامي، بيدل ۽ بيڪس ناهن؟

    مخزن جا مضمون:
    ننڍڙن اُسرندڙ ليکڪن جا ليک جتي جتي ختم ٿيا آهن، اُتي سنڌي ادب جي برک اديبن جي شهه پارن مان ”موتي ۽ مثال“ جي عنوان سان چونڊ نثر جا حصا ڏنا اٿم. هن مخزن ۾ توهان کي سڀاڻي جا ليکڪ اڄ جي اديبن سان ڀر ۾ بيٺل ڏسڻ ۾ ايندا. اهو ان ڪري ڪيو اٿم جيئن اُسرندڙ اديب ڪهنه مشق اديبن جي طرز تحرير، لفظن جي بيهڪ، خيال جي گهرائي، رواني ۽ فڪر جو مطالعو ڪري سگهن.
    هن مخزن ۾ افسانا، مضمون ۽ نظم سنڌي ادب جي ايندڙ نسل جو آئينو آهن. ڪجهه جذباتي آهن ته ڪجهه جذبات کان خالي. ڪجهه روايتي آهن ته ڪجهه غير روايتي. جيڪو حال حبيبان هو، سو پيش پريان.
    اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
    پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

    1964


    اديب ٿيڻ جا ڪجهه راز ۽ رمزون

    ننڍو هجي يا وڏو، جوان هجي يا پوڙهو، گڏهه هجي يا گهوڙو، هر ڪنهن کي اديب ٿيڻ جي تمنا هوندي آهي. گهوڙن تي ماڻهو سوار ٿيندا آهن، ۽ ماڻهن تي اديب ٿيڻ جو ڀوت سوار هوندو آهي. گهوڙن کي (۽ ٻن گگدامن کي پڻ) سوار چهبڪ سان ڪٽيندا آهن ۽ اديبن کي نقاد پنهنجي تنقيد جي لڪڻ سان لوئيندا آهن. اڳ، انگريز سرڪار (مائي باپ) جي ڏينهن ۾ جانورن تي ايڏو ظلم نه ٿيندو هو، انصاف جو دهل وڄندو هو، ٻڪري شينهن جي ساهيڙي هوندي هئي ۽ هندو مسلمان ساڳي هوٽل ۾ ماني کائيندا هئا، وڏيرا عملدارن جا بوٽ پالش ڪندا هئا ۽ عملدار انگريز سرڪار (مائي باپ) جي مسڪا پالش ڪري خان صاحب ۽ خان بهادر ٿي ويندا هئا.
    هت اسان نه جانورن جي مجبوريءَ تي ڪجهه لکنداسين ۽ نه ئي خان بهادرن جي وفاداريءَ تي. اسان فقط اديب ٿيڻ جا راز ۽ رمزون بيان ڪنداسين. اڳتي هلي، جيڪي به راز ۽ رمزون بيان ڪيون وينديون، تن ۾ وڏن وڏن ڪهنه مشق اديبن جا آزمايل نسخا موجود آهن. جنهن به ڀاءُ يا ڀيڻ جي تمنا هجي، سو هن نسخي کي غور سان پڙهي، دل سان هنڊائي، ته انشاالله دل جي مراد ماڻيندو ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انسان مان اديب ٿي پوندو ۽ هڪ ٻئي کان زور شيون کلڻ شروع ڪندو.
    هرڪو اديب زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ناڪام محبت ڪندو آهي، ۽ پوءِ سڄي عمر عورتن جي ”برادري“ خلاف توتڙي وڄائيندو آهي. تنهن ڪري توهان کي به جڳائي ته زندگيءَ ۾ هڪ منڊي ٽنڊي ناڪام محبت ڪري، سڄي عمر لاءِ مرد جي مجبوريءَ جي ٺمري ڳائيندا رهو. ائين ڪرڻ سان توهان جي چهري تي اديبن جهڙي سنجيدگي پيدا ٿيندي. جهڙي تهڙي سنجيدگيءَ جو ڪم ڪونهي. سنجيدگي اهڙي ته پختي هجي جو جيڪر وڏا وڏا چٻرا به کل ۾ ويڙهجي وڃن. سنجيده ۽ رنجيده شڪل توهان جي اديب ٿيڻ جي علامت آهي. ان لڪ مان لنگهڻ کان پوءِ توهان کي ڪڙڪ سليماني چانهه سان دل رکڻي پوندي. قديم زماني ۾ سليماني چانهه فقط جن ۽ راڪاس پيئندا هئا، پر هن دور ۾ اديب پيئندا آهن. اهڙي چانهه پيئڻ جهاد کان گهٽ ڪونهي.
    توهان کي پنهنجي شخصيت نمايان رکڻي پوندي، ڇو جو توهان کي اديب ٿيڻو آهي. اديبن جي ڏاڙهي وڌيل ۽ وار اڻڀا هوندا آهن. وڏا اديب ٻٽوئان وار رکائيندا آهن، ۽ مغز جي خشڪي دور ڪرڻ لاءِ رات جو گهر جي ڀاتين کان لڪي لڪي پنج باداميون کائيندا آهن. جن کي بادامين کائڻ جي توفيق نه هوندي آهي سي بوهي منڱ (جيڪي ڀولڙا کائيندا آهن) چٻاڙيندا آهن. اديبن لاءِ اکين ۾ اداسي هئڻ به لازمي آهي. اکين ۾ اداسي پيدا ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن: هڪ ته صبح جو اکين مان چپيون (يا پچيون) نه ڪڍو. ٻيو ته آڱر تي سرمو کڻي اکين جي چوگرد زور سان مهٽا ڏيو. ڪاري شيڊ ڪري اکيون خود بخود ڏرا ڏنل ڏسڻ ۾ اينديون. ان عمل کي انگريزيءَ ۾ ميڪ ــ اپ چوندا آهن. توهان کي ڪپڙا به نرالا ۽ انفرادي پائڻا پوندا. ڪوشش ڪري ڪٿان به کاڌي هٿ ڪيو. کاڌيءَ جو ڪپڙو اڪثر جيلن ۾ ٺهندو آهي، تنهن ڪري ڏسڻ ۾ مجرمن جهڙو ايندو آهي ۽ هٿ لائڻ سان جهڙو ريگمال پر توهان کي ته کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻا آهن. هاڻي اچو ته ڏسئون، ته اديب صاحب ۽ سنگت ساٿ جي محفل ۾ ڪهڙي روش اختيار ڪندا آهن. اميدوار اديبن کي گهرجي ته هو وڏن وڏن اديبن (قد بت ۾ نه) جي هلت چلت ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو غور سان جائزو وٺن.
    ڪنهن به محفل ۾ اديب صاحب جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته جڏهن ڪنهن لطيفي تي يار ٽهڪ ڏيندا ته هو صاحب آهه ڀريندو. گنڀير گفتگو هلندي ته هو صاحب اوٻاسيون ڏيندو. مذهب جي ڳالهه نڪرندي ته هو حضرت بيزار نظر ايندو. مطلب ته ادي سائين جو سڄو وجود محفل ۾ دالچينيءَ جهڙو هوندو آهي. اول ته ڳالهائيندو نه، پر جي ڳالهائڻ ۾ اچي ڇٽو ته پوءِ فقط ڦٽڦٽي (يعني موٽر سائيڪل) سندس مقابلو نه ڪري سگهندي. اڌ محفل مان اٿي وڃڻ به سندس خاص اَدا آهي. محفل هيٺين ڪمري ۾ هوندي ته هو صاحب هڪدم ٻاهر نڪري ويندو ۽ در ٻاهران پير جي آڱوٺي سان مٽي کوٽيندو. مٽي نه هوندي ته ڇٻر جو گاهه پٽيندو (کائيندو نه). محفل مٿين ڪمري ۾ هوندي ته هلندي ڪچهري مان اٿي بالڪونيءَ ۾ اچي بيهندو. رات هوندي ته تارا ڳڻيندو ۽ جي ڏينهن هوندو ته موٽرن جا نمبر نوٽ ڪندو. مطلب ته هر ممڪن طريقي سان پنهنجي شخصيت مان نهايت الميه طرز عمل جو اظهار ڪندو. ان لاءِ اميدوار اديب حضرت کي سخت پريڪٽس يعني مشق ڪرڻي پوندي. الميه اداڪاري وڏن اديبن جو خاص مشغلو آهي. تنهن ڪري توهان کي به دنيا جي وڏن وڏن الميه اداڪارن جهڙوڪ مارلين برانڊو، دليپ ڪمار، مانٽگو مري ڪلفٽ وغيره جون فلمون نهايت غور سان ڏسڻ گهرجن، جيئن وقت آهر توهان سندن نقل و حرڪت جي بخوبي ڪاپي ڪري سگهو.
    اديب ٿيڻ لاءِ نالو مٽائڻ به نهايت ضروري آهي. نالو مٽائڻ جا ٻه سبب آهن. اول ته اهي اديب نالو مٽائيندا آهن، جن جي ادبي تبديليءَ جي گهر ۾ سخت مخالفت ٿيندي آهي. اهڙا نوجوان اديب پيءُ جي مار ۽ وڏي ڀاءُ جي ٺونشن کان جان بچائڻ لاءِ پنهنجو نالو بدلائي ڪنهن مخفي نالي سان قلم آزمائي ڪندا آهن. نالي مٽائڻ جو ٻيو سبب آهي، پنهنجي دقيانوسي نالي ۾ رومانيت پيدا ڪرڻ. ڪجهه نالا ادب ۾ ڪوڙي باداميءَ وانگر ٿوڪاريا ويندا آهن، مثال طور: کدن، ڦندڻ، ليمو، آچر، سومر وغيره. اهڙا نالا ادب لاءِ سخت بي ادب آهن ۽ کوٽي پيسي وانگر ڪڏهن به هلي نه سگهندا، تنهن ڪري، ان کان اڳ جو توهان ڪا قيمتي فائونٽن پين (جهڙوڪ: پارڪر، شيفر، پيليڪان وغيره) وٺي لکڻ تي سندرو ٻڌو، تنهن کان اڳ توهان کي پاڻ لاءِ نهايت ئي روماني نالو تجويز ڪرڻ گهرجي. نالو اهڙو هجي جنهن ۾ درد و الم جي جهلڪ نمايان هجي. ڪجهه هن طرح جو نالو هجي: برباد، ناڪام، ناشاد، زخمي، ڦٽيل وغيره.
    جيڪڏهن توهان کي چوٽيءَ جو اديب ٿيڻو آهي ته پوءِ سخت عشقي يا روماني افسانا لکڻ شروع ڪيو. عشقي افساني جي فارمولا لکڻ کان اڳ اسان لفظ ”چوٽيءَ“ جي وضاحت ڪنداسين. چوٽيءَ مان مراد عورتن جي چوٽي (يعني پوني ٽيل) نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن يتيم جي ٺوڙهي ٽڪڻ تي لهرائيندڙ چوٽيءَ سان هن لفظ جي ڪا مائٽي آهي. ادب ۾ لفظ ”چوٽيءَ“ جي معنيٰ گنجي ٽڪر جي چوٽي آهي، جنهن کي اهميت نه هئڻ سبب ڪنهن به ابڊمنڊ هلاري ۽ شرپا تن سنگهه فتح ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هينئر اسان روماني افساني جي فارمولا بيان ڪيون ٿا.
    روماني افسانن ۾ هڪ هيروئن، هڪ هيرو ۽ هڪ ولين يعني بدمعاش هوندو آهي. سنڌي ادب ۾ هيروئن کي نائڪا ۽ هيرو کي نائڪ چئبو آهي. انگريز سرڪار (مائي باپ) جي ڏينهن ۾ نائڪ، پراڻي ۽ وفادار پٽيوالي کي سڏبو هو. آزاديءَ کان پوءِ نائڪ (پٽيوالو) ڪليڪٽر ته ٿي نه سگهيو، پر افسانن جو هيرو نائڪ ٿي پيو آهي. اِهي ادب جا پيچيده مسئلا آهن، في الحال اسان کين پرڀرو رکي، روماني افساني جي فارمولا جو راز فاش ڪيون ٿا.
    هيرو ۽ هيروئن کي محبت ڪرايو. يا ته ننڍپڻ گڏ گذاريو اٿائون جو جوانيءَ ۾ هڪ ٻئي لاءِ حيران پريشان آهن، يا هيرو هيروئن کي بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن، سئنيما (انهن مان ڪنهن به هڪ هنڌ) تي بيٺل ڏسي مٿس اڪن ڇڪن ٿي پوي. مطلب ته، ڪيئن به ڪري هيرو ۽ هيروئن جو پاڻ ۾ عشق ڪرايو. لڪي ڇپي ملن. ڪڏهن سمنڊ جي ڪناري واريءَ جي دڙن تي ۽ ڪڏهن تارن ڀريل رات ۾ ملندا رهن. مائٽن کان اک بچائي باغ ۾ ملن. محبت جي جيت جدائي آهي. تنهن ڪري ولين يعني بدمعاش کي ان محبت ڀريل دلين جي وچ ۾ ديوار يعني ڀت ڪري بيهاريو.ولين ڏنڊو مشٽنڊو هوندو آهي ۽ هيرو نهايت ئي ڳڀرو يعني ٺاهوڪو. بدمعاش هيروئن کي هيرو کان کسي کڻي ويندو. هيرو کي ڪاوڙ لڳندي. بدمعاش جي پيڇو ڪندو. آخر ۾ هيروئن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو جي نه، ته هيروئن سميت آپگهات ڪندو. پر ڪامياب ڪهاڻي (چوٽيءَ جي) اها آهي جنهن ۾ هيروئن بدمعاش سان ٺهي وڃي ۽ هيرو کي بي وفائي جو داغ ڏئي.
    اهڙا عشقي افسانا جيتوڻيڪ چوٽيءَ جا اديب لکندا آهن، پر تڏهن به شروع شروع ۾ شايع نه ٿيندا. افسانا شايع ڪرائڻ به پنهنجي جاءِ تي نهايت ئي مشڪل ۽ مشيني ڪم آهي. هت اسان اميدوار اديبن جي عام فائدي لاءِ اهي طريقا بيان ڪيون ٿا، جن کي اختيار ڪرڻ سان سندن افسانا هڪ ٻئي پٺيان شايع ٿيندا رهندا.
    سڀ کا اڳ اديب کي ڪنهن به رمز سان رسالي جي ايڊيٽر سان دوستي ڳنڍڻ گهرجي. ايڊيٽر صاحبان آسانيءَ سان هٿ اچڻ جا ناهن. ڏاڍا هوشيار ۽ سياڻا هوندا آهن، پر توهان به پنهنجو بارود تيار رکو. ڪجهه مهينا سندس رسالي جي تعريف ۽ ايڊيٽوريل جي ثنا ۾ لفظن جا راڪيٽ ڇڏيندا رهو. توهان جا اهڙا خط رسالي ۾ شايع ٿيندا. توهان جو نالو پڙهندڙن تائين پهچي ويندو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ايڊيٽر صاحب تي نازل ٿيو. پاڻ سان سير کن مٺائي به کنيو وڃجو. اهڙي شيرين يعني مٺي نموني توهان جو تعارف ٿيو. ڪجهه ڏينهن رکي پنهنجو شهپارو (افسانو) خوب عطر هڻي کيس ڏياري موڪليو. انشا الله توهان جي پهرين ڪوشش ڪامياب ويندي. پهرين افساني شايع ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ٻن چئن دوستن ۽ ان رسالي جي ايڊيٽر کي هڪ زوردار ڊنر ڏيو. اهڙي نموني پنهنجي دوستي ۽ ياري ايڊيٽر سان وڌائيندا رهو. گنجي ٽڪر جي چوٽيءَ تي پهچڻ جو سڀ کان سولو طريقو اهو ئي آهي. توهان جو دوست ايڊيٽر دوستيءَ جي پت رکڻ لاءِ هر مهيني وڏي اهتمام سان توهان جا افسانا شايع ڪندو رهندو. اها ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ڪونهي. جيئن وڏن وڪيلن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار جج صاحب جي دوستيءَ تي هوندو آهي، تيئن اديبن جي ڪاميابي به ايڊيٽر جي دوستيءَ تي منحصر آهي. ڪڏهن به نه سوچجو ته جنهن معاشري ۾ وڪيل جج جو دوست آهي اتي انصاف ڪڏهن به پلئه نه پوندو ۽ جنهن ادب ۾ اديب ايڊيٽر جو دوست آهي، اتي سٺو ۽ صحتمند ادب ڪڏهن به پيدا نه ٿيندو. اهي ڳالهيون قديم زماني جون آهن، جڏهن نه جج هوندا هئا، نه رسالن جا ايڊيٽر!
    جيئن جيئن توهان جي دوستي ايڊيٽر سان گهاٽي ٿيندي ويندي، تيئن تيئن توهان گنجي ٽڪر جي چوٽيءَ کي ويجها پوندا ويندا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ايڊيٽر صاحب توهان کي ڦيرائي ڦيرائي چوٽيءَ طرف اڇلائيندو. توهان بابت لکندو: ”هن پرچي ۾ پڙهو سنڌي ادب جي انٽليڪچوئل اديب جي ڪهاڻي.“ پوءِ توهان جي نالي سان لقبن جو پڇ ڳنڍجي ويندو: ”سنڌي ادب جو اڪيلو افسانه نگار“، ”عظيم ليکڪ“ وغيره.
    ايڊيٽر صاحب ته پنهنجو فرض نڀايو. هاڻي توهان تي ڇڏيل آهي ته پاڻ کي اهڙن لقبن جي لائق ثابت ڪريو. اهو ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. ادب ۾ ڪجهه نالا فقط فيشن طور استعمال ٿيندا آهن. توهان کي اهڙن اديبن جا نالا ۽ سندن مشهور تصنيفن جي لسٽ ياد هئڻ گهرجي. (ضروري ناهي ته توهان سندن ڪتاب ڏسو يا پڙهو). هاڻي پڙهندڙن تي رعب ويهارڻ لاءِ توهان پنهنجين لکڻين ۾ ادبي فيشن جا نالا ۽ وزني ڪتابن جا حوالا ڏيڻ شروع ڪيو. مثال طور، پنهنجي افساني جي نائڪا (هيروئن) جي باري ۾ لکو ته، ”هوءَ ٽالسٽاءِ جي ايناڪرنينا جهڙي هئي.“ ظاهر آهي ته توهان خواب ۾ به ٽالسٽاءِ جو ناول ايناڪرنينا نه ڏٺو هوندو. اهڙي نموني ٻيا به ڪجهه نالا آهن جيڪي ادب ۾ wash-n-wear وانگر استعمال ٿيندا آهن. ۽ توهان جي وسيع مطالعي جي ثابتي ڏيندا، (جيتوڻيڪ توهان انهن ليکڪن کي پڙهيو به نه هوندو). انهن مان ڪجهه نالا هي آهن: ٽالسٽاءِ، ٽئگور، وڪٽر هيوگو، سمر سٽ ماهم، موپاسان، ٿامس هارڊي، ميڪسم گورڪي وغيره.
    توهان کان اڪثر سوال پڇيو ويندو ته توهان جو پسنديده ليکڪ ڪير آهي؟ جواب ۾ مٿين آفت ليکڪن مان ڪنهن به هڪ جو نالو ۽ سندس ڪتابن جي فهرست ٻڌائي وڃو.
    ڪجهه بي ادب توهان جي ادبي ڪاميابي تي ساڙ کائيندا، جڪ کائيندا ۽ توهان کي ڪنهن روزاني اخبار ۾ (جنهن کي شايع ڪرڻ لاءِ خبرون نه ملنديون هونديون) گاريون ڏيندا. اهڙن اٻوجهن جي نادان حرڪت توهان لاءِ فائدي واري ثابت ٿيندي. توهان جي شهرت وڌندي رهندي. توهان جي ناموس کي روز ٻه ٽي چنڊ لڳندا رهندا. جن توهان جا شهپارا (ان لفظ جو ”نمڪ پارا“ سان ڪو به تعلق ڪونهي) نه پڙهيا هوندا، تن جي دل ۾ توهان جي لکڻين کي پڙهڻ جي تمنا جاڳندي.
    اسان جيڪو نسخو بيان ڪيو آهي، سو وڏن وڏن ڪهنه مشق اديبن جو آزمايل آهي ۽ انشا الله اميدوار ۽ اسرندڙ اديبن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. نوٽ: اڇن اجرن ڪپڙن، سٺي صحت ۽ وسيع مطالعي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هي نسخو افسانه نگار، ناول نويس ۽ شاعر اميدوار استعمال ڪري سگهن ٿا. ■

    1965


    اليگزينڊر سولز هنستن

    ظلم، بي انصافي، انڌير خلاف ڪهاڻيون، ڊراما، ۽ ناول لکڻ جي ڏوهه ۾ روسي اديب اليگزينڊر سولز هنستن کي جلاوطن ڪيو ويو آهي.
    مشهور قانوندان ۽ عالم جارس ميڊيو ڊيف جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج ڪندي سولز هنستن 15 جون 1970ع تي اختياريءَ وارن کي چتاءُ ڏيندي لکيو: ”ذهين ماڻهن کي عذاب ڏيئي سندن روح فنا ڪرڻ اهڙو ئي ڏوهه آهي، جهڙو گيس چيمبر ۾ ڪنهن کي چيچلائي مارڻ. اهي ڏوهه هرگز بخشيا نه ويندا، ۽ تاريخ جي هر دور ۾ ننديا ويندا. ظلم ڪرڻ وقت ان انتها کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي، جتي پهچڻ کان پوءِ انسان ۽ آدم خور ۾ فرق باقي نه رهندو آهي، جيڪڏهن ڪو ان خام خيال ۾ مبتلا آهي، ته طاقت جي زور تي اقتدار ۾ رهي سگهجي ٿو، ته اهڙو شخص حقيقت ۾ پنهنجي ضمير جي آواز کان منهن موڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.“
    سولز هنستن جو چتاءُ ادب ۾ بهادريءَ ۽ سچ لاءِ جاکوڙ جو يادگار مثال آهي. اهو چتاءُ سقراط، سرمد ۽ منصور کان وٺي مارٽن لوٿر ڪنگ، پسترناڪ ۽ سولز هنستن تائين انسان ذات جي ذهني آزاديءَ لاءِ مسلسل جدوجهد جي هڪ ڪڙي آهي.
    شاهه لطيف جي سر سامونڊيءَ ۾ هڪ بيت آهي:
    ”اونهي ۾ اُهري جڏهن جي وئا،
    سانداري سمونڊ جي نهوڙي نئا،
    وڃـــي تـــت پـــئا، جــت نــهايت ناهه ڪا.“
    ان بيت ۾ اونهي جي اسرارن جيڏي وڏي ۽ اونهي معنيٰ آهي. عميق جو انت لهڻ وارا، جڏهن ظلم ۽ ستم جا سمنڊ ڇاڇولين ٿا. تڏهن سندن جستجو جي ڪابه حد، ڪابه سرحد موجود نٿي رهي! مسلسل ۽ لاڳيتي جدوجهد! جاکوڙ! ”هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار ـــ“ ان سلسلي ۾ آمريڪي شيدين جي انقلابي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ هڪ دفعي چيو هو، ”اسان جي جدوجهد اصل ۾ روشنيءَ جي اوندهه خلاف جدوجهد آهي ـــ انصاف جي ظلم خلاف جدوجهد آهي.“ ڪجهه عرصي کان پوءِ مارٽن لوٿر ڪنگ کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيائون.
    مارٽن لوٿر ڪنگ انسان ذات جي آزاديءَ ۽ عزت لاءِ صدين کان هلندڙ جدوجهد ۽ جاکوڙ جي هڪ ڪڙي هو. سندس موت کان پوءِ اُها جاکوڙ، اُها جدوجهد ختم نه ٿي آهي. اليگزينڊر سولز هنستن ساڳي جاکوڙ جو سلسلو آهي ـــ
    ”سانداري سمونڊ جي نهوڙي نئا“
    روسي اديبن جي چوٿين ڪانفرنس ڏانهن 16 مئي 1967 تي پنهنجي خط ۾ سولز هنستن هڪ هنڌ لکيو هو، ”ادب بندش کي قبول نه ڪندو آهي. ادب پابندين جي قيد ۾ اُسري نه سگهندو آهي. اهو ادب، جيڪو پنهنجي معاشري جي عڪاسي نٿو ڪري، ماڻهن جي ڏک سور ۽ خوف جو اظهار نٿو ڪري، ۽ ايندڙ انديشن کان آگاهه نٿو ڪري، اهڙو ادب ڪنهن به صورت ۾ ادب سڏائڻ جوحقدار ٿي نٿو سگهي.“
    اڳتي هلي، سولز هنستن کي جڏهن ليکڪن جي يونين مان خارج ڪيو ويو، تڏهن 12 نومبر 1969ع تي هن يونين جي سيڪريٽريٽ ڏانهن پنهنجي خط جي آخر ۾ لکيو، ”اظهار ـــ مڪمل اظهار جي آزادي معاشري ۽ ملڪ جي صحت لاءِ لازمي آهي. جو شخص، اظهار جي آزاديءَ جو حامي ناهي، سو حقيقت ۾ پنهنجي وطن سان سچو ناهي. اظهار جي آزاديءَ کان منڪر هميشه ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيندو آهي. وطن کي اظهار جي آزاديءَ کان محروم رکڻ وارا اصل ۾ وطن جا خيرخواهه ناهن. هو وطن جي مرضن لاءِ علاج ڳولڻ بدران، مرضن کي لا علاج ڪرڻ جي ڪڍ لڳل آهن.“
    سولز هنستن کي انسان ذات لاءِ عزت ۽ آزاديءَ جو اونو هو. هن کي پنهنجي وطن سان عشق هو. ان الزام ۾ کيس پنهنجي وطن کان جلاوطن ڪيو ويو ـــ ”سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا.“ ■

    1974


    ادب ۽ نعريبازي

    ”ميڪسم گورڪيءَ جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟“
    ”ادب ۾ نعريبازي ڪندو هو. جک ماريندو هو.“
    ”ڀلا دوستو وسڪي؟“
    ”بڪواس لکندو هو. فقط نعريبازي.“
    ”۽ چارلس ڊڪنس جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟“
    ”ادب ۾ سياست لکندو هو. فرينچ ريو وليوشن جون ڳالهيون ڪندو هو. نعريبازي ڪندو هو.“
    ”البرٽ ڪاميو؟“
    ”وڏو شر پسند هو. لکندو هو، ته وڙهندو به هو. اصل ڪٽر نعريباز اديب هو.“
    ”۽ سارتر؟“
    ”وڏو بدمعاش آهي. اديب ٿي ڪري ملڪ جي سياست ۾ عملي حصو وٺندو آهي. فرانس جي نعريباز اديبن جو بابو آهي. ادب ۾ اِنگزسٽينشلزم جون ڳالهيون ڪندو آهي.“
    ”چڱو ڀلا، هيمنگوي جي باري ۾ ڇا ٿو چوين؟“
    ”هو اديب نه، پر داداگير هو. باڪسنگ، ۽ بل فائيٽنگ جو مداح هو. سول وار ۾، ۽ مهاڀاري جنگ ۾ حصو ورتائين. زخمي ٿيو. اديب گوريلو نه هوندو آهي. هو شودو لکڻ سا گڏوگڏ وڙهندو به هو.“
    ”بورس پلسٽرنڪو جي باري ۾ ڪهڙو رايو اٿئي؟“
    ”هو پيدائشي نعريباز اديب هو. سياسي ادب لکڻ سبب جيل ڪاٽيائين، تڪليفون ڏٺائين. آخر ۾ عذاب سهندي مري ويو.“
    ”۽ اليگزينڊر سولزهنستن جي لاءِ ڪهڙو رايو اٿئي.“
    ”سمورن ناولن ۾ سياست جي اُپٽار ڪئي اٿائين.“
    وڏو بڪواس ۽ نعريباز ليکڪ هو. مون سندس ٻه ناول، ”ڪينسر وارڊ،“ ۽ ”ون ڊي ان دي لائيف آف ايوان،“ پڙهيا آهن. سياست سان ڀرپور آهن.“
    ”۽ ڀلا، آرٿر ڪوئيسلر جي باري ۾ ڇا ٿو چوين؟“
    ”هن کان وڌيڪ نعريباز ناول نويس انگريزي ادب ۾ اڄ تائين پيدا ئي نه ٿيو آهي. لکندو هو. سياست ۾ حصو وٺندو هو، ۽ گوريلن سان ڪم ڪري، گسٽاپو سان وڙهندو هو. سندس ڪتاب، ”اسڪم آف دي ارٿ“ پڙهي ڏس!“
    ”۽ جيمس بالڊون؟“
    ”آمريڪا جو شيدي ناول نويس! وڏو نعريباز آهي. فقط ڏتڙيل شيدين جي حقن لاءِ سياسي ڪهاڻيون، ۽ ناول لکندو آهي، ڌوڙ پائيندو آهي.“
    ”ڪرشن چندر جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟“
    ”اردو ادب ۾ نعريباز ادب جو ابو آهي. وڏو بدمعاش آهي. ورهاڱي جهڙي سياسي موضوع تي ناول ۽ افسانا لکيا اٿائين. بڪواس ڪئي اٿائين.“
    ”۽ روح رهاڻ رسالي جي باري ۾ ڇا ٿو چوين، جنهن تي 1968ع ۾ مارشل لا حڪومت بندش وڌي هئي؟“
    ”وڏو بڪواس ۽ واهيات رسالو هيو، سياسي ادب سان ڀريل هوندو هو. ون يونٽ خلاف ڪهاڻيون ۽ شعر ڇاپيندو هو. سنڌي ماڻهن ۾ سياسي شعور ۽ حقن لاءِ جدوجهد جو جذبو جاڳائيندو هو. اصل، نعريباز سان ڀريل هوندو هو، منهنجا سائين.“
    ”اوهان جي خيال موجب ادب ۾ سياسي موضوع تي لکڻ، نعريبازي آهي؟“
    ”بلڪل نعريبازي آهي. اهڙي ادب کي ادبي اوسر ۾ هرگز شمار نه ڪجي.“
    ”ان لحاظ کان، يعني نعريبازي جي ليبل هيٺ اوهان ويهين صديءَ جو ڪل ڪيترو ادب خارج ڪري ڇڏيندا؟“
    ”گهٽ ۾ گهٽ اسي سيڪڙو!“ ■

    1974


    ڪرشن چندر جو بيج ناٿ

    مون گهڻو اڳ ورهاڱي جي موضوع تي ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“ پڙهيو هو. ان ناول کي پڙهڻ، دردناڪ تجربي مان گذرڻ برابر آهي. ڪرشن چندر نظرياتي ادب لکيو آهي. ”غدار“ سندس تخليق جو عروج آهي. ورهاڱي جي موضوع تي، ”غدار“ سان ڪلهو هڻندڙ جيڪڏهن ٻيو ڪو ناول لکيو ويو آهي“ ته اهو خوشونت سنگهه جو انگريزي ناول Train to Pakistan آهي. ان سلسلي ۾ افسانن جو ذڪر ڪبو. ته منٽو جو افسانو ”ٽوبا ٽيڪسنگ“ اتاهون نظر ايندو.
    ڪجهه سال اڳ، ڪرشن چندر جي ناول ”غدار“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو وليرام ولڀ ڪيو هو، ۽ خوشقسمتيءَ سان ”غدار“ جي سنڌي ترجمي جو مهاڳ مون لکيو هو. ان طرح، مون کي ٻه ــــ چار دفعا ”غدار“ پڙهڻ، ۽ دردناڪ تجربي مان لنگهڻ جو موقعو مليو آهي.
    ناول ”غدار“ جي مرڪزي ڪردار جو نالو بيج ناٿ آهي. مرڪزي ڪردار کي ايڏي ته مهارت ۽ فنڪاريءَ سان لکيو ويو آهي، جو جيڪي ڪجهه بيج ناٿ سان ٿي گذري ٿو، تنهن جو عذاب پڙهندڙ پنهنجي روح ۾ محسوس ڪري ٿو. ناول جي پڇاڙيءَ ۾ بيج ناٿ لاشن جي انبار مان هڪ ٻار کي کڻي وٺي ٿو، جيڪو اتفاق سان جيئرو آهي. ٻار کي هنج ۾ کڻي بيج ناٿ روشنيءَ جو سفر شروع ڪري ٿو. هن ناول ۾ ٻار آئينده جي علامت آهي. ٻار کي هنج ۾ کڻي، بيج ناٿ جو سج ۽ روشنيءَ ڏانهن سفر، انساني تاريخ ۾ معاشرتي اوسر، ۽ خودشناسائيءَ ڏانهن اشارو آهي. انسان وڍجي، ڪٽجي، ولوڙجي منزل ڏانهن وڌندو رهندو، هلندو رهندو.
    ڪالهه مون اخبارن ۾ يونيسيف (Unicef) جو اشتهار ڏٺو هو. هڪ آفريڪي ٻار، ڏٻرو ۽ بيمار، ويرانين ۾ ويٺو هو، ۽ اُجهاميل اکين سان پولار ۾ نهاري رهيو هو. اشتهار جي هيٺان لکيل هو ـــ هيءَ ٻار اوهان جي مدد جو مستحق آهي. هن جي مدد ڪريو. مدد ڪريو! عجيب جملو هو. مون اڳ به اهو جملو ان اشتهار هيٺان پڙهيو هو، پر ايڏو عجيب ۽ ٺٺولي ڪندڙ محسوس نه ٿيو هو. آفريڪي ٻارن جي امداد لاءِ اپيل يونيسيف ڪئي آهي. ۽ يونيسيف جون آفيسون اتي آهن، جتي بم آهن، راڪيٽ آهن، ٽينڪون ۽ توبون آهن! اشتهار جي هيٺان جيڪڏهن اهو لکيل هجي ها، ته هن ٻار کي لولو ڏيو، يا گولو، ته جملو وڌيڪ معنيٰ وارو محسوس ٿئي ها.
    ٻارن کي اسرائيل رانديڪا ڏنا. رانديڪن ۾ بم هئا. يونيسيف جو خواب اسرائيل پورو ڪيو جنهن ٻار گڏيءَ کي ڀاڪر پاتو، سو ٻار موت جي هنج ۾ هليو ويو.
    مان ڪرشن چندر جو بيج ناٿ نه آهيان. منهنجيءَ هنج ۾ جيڪو ٻار هيو، سو منهنجيءَ هنج مان لهي ويو آهي. مان لاشن جي انبار مان سفر ڪري رهيو آهيان، پر منهنجي هنج خالي آهي. مان ڪرشن چندر جو بيج ناٿ نه آهيان. ■

    1974


    ذڪر منٽو جي هڪ ڪهاڻيءَ جو

    اڄ مون کي مرحوم سعادت حسن منٽو جي هڪ ڪهاڻي ”نيا قانون“ دل تي تري آئي آهي.
    ان ڪهاڻيءَ ۾ 1942ع واري دور جو ذڪر ڪيل آهي، جڏهن هندستان جي عوام جي انگريز سامراج خلاف نفرت ۽ بغاوت عروج تي پهتل هئي. سياسي شعور رکندڙ پڙهيل ڪڙهيل طبقو ته ڇڏيو، مزور ۽ هاري به انگريز خلاف حقارت جو علم کڻي ميدانن، رستن، گهرن ۽ گهٽين ۾ ڪاهي پيا هئا. جن کان جلسن جلوسن، ۽ انگريزن جي ديسي پگهاردار فوج ۽ پوليس سان وڙهڻ نه پڄندو هو، سي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪري انگريزن خلاف پنهنجي ڌڪار ۽ نفرت جو اظهار ڪندا هئا. ان ڪهاڻيءَ جو سمورو پس منظر سياسي آهي. بيحد طاقتور ۽ سهڻي ڪهاڻي آهي، (اها ٻي ڳالهه آهي، ته اسان جا هٿ ٺوڪيا سنڌي نقاد ان ڪهاڻيءَ کي نعريبازي سڏيندا.)
    ڪهاڻي ”نيا قانون“ جو مرڪزي ڪردار هڪ ٽانگي وارو آهي، جنهن کي انگريزن لاءِ بي انتها نفرت آهي. هو ڪنهن جي واتان ٻڌي اچي ٿو، ته هندستان لاءِ ”نئون قانون“ ٺاهيو ويو آهي، جنهن مطابق هندستان جي عوام کي اڳ کان وڌيڪ بنيادي حق ڏنا ويا آهن. هو اها خبر پنهنجن ساٿي ٽانگي وارن کي ٻڌائي ٿو، ۽ چوي ٿو ته هو هينئر انگريزن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو ۽ کين ڏسي رهندو. ڪجهه دور انديش دوست کيس صلاح به ڏين ٿا، ته مولائي مڙي وڃ، ڪجهه به نه بدليو آهي، ڪوبه نئون قانون نه ٺهيو آهي. ماٺ ڪري ويهي رهه ـــ غريب آهين، مارجي ويندين!
    پر ٽانگي وارو جنوني هو، سو ڪٿان ٿو ماٺ ڪري ويهي. هڪڙي انگريز عملدار کي ٽانگي ۾ ويهارڻ کان انڪار ڪيائين. انگريز باهه ٿي ويو ـــ هن خواب ۾ به نه سوچيو هو، ته ڪڏهن ڪو ڪارو هندستاني کيس ٽانگي ۾ چاڙهڻ کان انڪار ڪندو! هن لڪڻ کڻي ڦيهي رکيو. ٽانگي وارو به انگريز تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. اهڙي ڌمال ڪڍيائينس جو پوليس وارا ڊوڙندا آيا، ۽ انگريز بهادرکي بچائي ٽانگي واري کي ٿاڻي تي وٺي ويا. ٽانگي واري گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، ته بابا نئون قانون ٺهيو آهي. انگريزن جو زور ٽٽو آهي! پر ٿاڻي تي ڪنهن به سندس ڳالهه کي اهميت نه ڏني. موچڙا هڻي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيائونس.
    مان سوچيان ٿو، منٽو جي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪڏهن سنڌ جي هاريءَ جي وڏيري جي ظلم ۽ ستم خلاف بغاوت جو ذڪر ڪيل هجي ها ۽ ان ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ٽانگي واري بدران ڪو هاري هجي ها، ۽ اُهو هاري ڪنهن وڏيري کي بٽئي ڏيڻ کان انڪار ڪري ها، ته پوءِ ڪهاڻي آخر ۾ ڪهڙو تاثر ڇڏي ها! ■

    1974


    البرٽ ڪاميو

    ”اديب جو ڪم نهايت ڏکيو ۽ مشڪل آهي. اصولي طرح هو انهن جو خدمتگذار نه ٿيندو جيڪي تاريخ جوڙيندا آهن. هو لازمي طرح فقط انهن کي ڪم ايندو، ۽ انهن جي خدمت ڪندو جيڪي تاريخ جا تابع آهن، يعني عام ماڻهو. جيڪڏهن هو ائين نٿو ڪري، ته پوءِ کيس پنهنجي فن کان محروم ٿي هيڪلو رهڻو پوندو. ظلم ۽ تشدد جي فوجن جا هزارين لکين ماڻهو سندس تنهائي دور ڪري نه سگهندا. ان حد تائين جو هو خود به ظالمن جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهش ظاهر ڪري . دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، مصيبتن ۾ گرفتار ڪنهن قيديءَ جي خاموشي هڪ ليکڪ کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ته هو ان مظلوم جي خاموشيءَ کي پنهنجي فن ذريعي پڙاڏي ۾ بدلائي ڇڏي.“
    مٿيون پيراگراف البرٽ ڪاميو جو آهي. اهو رايو هن ڊسمبر 1957ع ۾ ادب جو نوبل پرائيز وٺندي اسٽاڪ هوم ۾ پنهنجيءَ تقرير دوران ڏنو هو.
    دنيا جو هر ڪو سجاڳ اديب، شاعر ۽ مصور پنهنجي ماحول جي عڪاسي ڪندو آهي. هو جيڪي ڪجهه پنهنجي وقت ۾ ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي، تنهن کي پنهنجي فن ۾، پنهنجين تحريرن ۾ موضوع طور استعمال ڪندو آهي. ڪوبه فرض شناس اديب معاشري ۾ ايندڙ تبديلين کان منهن موڙي فقط عشق ۽ محبت جا قصا نه لکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سموري دنيا ۾ اڄوڪي ادب جا خاص موضوع سياست، ۽ مذهب، ۽ فرض ۽ فراريت آهن.
    اسان جي ملڪ ۾ ادب جا قدر ڪابه واضع شڪل وٺي نه سگهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ادب جا وڏا پارکو اديب ۽ عالم نه، بلڪه پوليس ۽ سي آءِ ڊيءَ وارا آهن. البرٽ ڪاميو جي تقرير جو حصو، جيڪو مون مٿي نقل ڪيو آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن سنڌي اديب جو لکيل هجي ها، ته مٿس ڪات ڪهاڙا کڄي وڃن ها.
    اسٽاڪ هوم واري تقرير ۾ اديب جي فرضن بابت ڪاميو هڪ هنڌ چيو:
    ”زندگيءَ جي هر دور ۾ هڪ اديب، ڀل ته مشهور هجي يا مشهور نه هجي، ظلم سبب خاموش هجي، يا عارضي طرح آزاد هجي، مٿس لازم آهي ته معاشري جي جذبن، اميدن، ۽ خواهشن جي عڪاسي ڪري جيڪڏهن ڪو اديب پنهنجين ذميدارين کي قبول ڪري ٿو. ته پوءِ هو بنيادي طرح پاڻ کي لائق ثابت ڪرڻ لاءِ ٻن اهم فرضن کي به قبول ڪري ٿو. اُهي آهن، سچ جي خدمت ۽ آزادي جي خدمت.“
    ڪاميو جي چوڻ مطابق هڪ سجاڳ اديب جا ٻه بنيادي فرض آهن. هڪ، سچ جي خدمت، ۽ ٻيو آزاديءَ جي خدمت، مون کي فخر آهي، ته سنڌي اديب فرض شناس آهي؛ سنڌي شاعر فرض شناس آهي، جو ڏکئي کان ڏکئي ماحول ۾ اڄ تائين سچ ۽ آزاديءَ جي خدمت ڪندو رهيو آهي. سنڌي اديب اڄ تائين ڪڏهن به حالتن سان ٺاهه نه ڪيو آهي. هن جيڪي ڏٺو آهي، جيڪي محسوس ڪيو آهي، سوئي قلمبند ڪيو آهي. اسان جي سنڌي اديب جي ڪنهن نظريي، يا رائي تي اعتراض ته ٿي سگهي ٿو، پر ان کي غلط ثابت ڪري نه ٿو سگهجي. ان ساڳئي تقرير ۾ ڪاميو هڪ هنڌ چيو:
    ”اسين اديب ڀل ته ڪيترائي ڪمزور کڻي ڇونه هجون، اسان جي اعليٰ ظرفي ٻن فرضن جي پورائي ۾ آهي. هڪ ته اسين جيڪي ڄاڻون ٿا، ان جي باري ۾ ڪوڙ نه ڳالهايون؛ ۽ ٻيو ته ظلم جي مخالفت ڪريون. ■

    1975


    ڪردارن جي ڪهاڻي

    اڄ ادب ۾ ڪردارن جو ذڪر ڪبو.
    ادب کان ناآشنا، جيڪي افساني ۽ مضمون ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهندا آهن، ۽ افساني کي به مضمون سڏيندا آهن، سي تخليقي ادب جي ڪردارن کي اديب جو مافي الضمير سمجهندا آهن. يعني ڪردارن ۾ اديب کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مثال طور، ڪنهن افساني ۾ جيڪڏهن ملحد جو ذڪر آهي، يعني ڪردار آهي، ته ادب کان ناآشنا شخص ملحد جي ڪردار ۾ خود اديب جو عڪس ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ڪميونسٽ جي ڪردار کي ليکڪ سان تشبيهه ڏيندو. ان قسم جي غلط فهمي خاص ڪري تڏهن ادب کان ناآشنا جي ذهن ۾ پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ڪا ڪهاڻي يا ناول ضمير متڪلم ۾ لکيل هوندي آهي. يعني ڪهاڻي ”مان“ واري ڪردار جي چو طرف پکيڙيل هوندي آهي. مون سٺ ـــ ستر کن ڪهاڻيون، ضمير متڪلم ۾ لکيون آهن. ڪو ناآشنا نهايت ئي بيوقوف هوندو جو مون کي سٺ ـــ ستر ڪهاڻين جي ڪردارن سان ڀيٽيندو. خاص ڪري اهڙا ڪردار جيڪي نفسياتي ڇيد مطابق هڪٻئي کان بنهه مختلف آهن.
    ادب کان ناآشنا، جن کي بدقسمتيءَ سان ادب جي ڇنڊ ڇاڻ جو شوق پيدا ٿي پوندو آهي، سي ضمير متڪلم ۾ لکيل ڪهاڻين کي ليکڪ جي آتم ڪهاڻي سمجهي ويهندا آهن.
    جيڪڏهن ائين ڪرڻ ويهجي، ته پوءِ خبر پوندي ته سمر سيٽ ماهم گهٽ ۾ گهٽ پنج ـــ ڇهه سئو کن پنهنجيون آتم ڪهاڻيون لکيون آهن. اهڙي طرح هيمنگوي پڻ ضمير متڪلم ۾ ڪهاڻيون لکندو هو ـــ ان جو مطلب ٿيو ته هيمنگوي به ٽي ـــ چار سئو کن پنهنجيون آتم ڪٿائون لکيون آهن. پر، ائين ناهي. هڪ ليکڪ پنهنجي تخليقي عمل لاءِ يعني ڪهاڻين يا ناولن لاءِ ڪردارن جي چونڊ ڪندو آهي. انهن ڪردارن جو باقاعدي جائزو وٺندو آهي، ۽ پوءِ انهن ڪردارن تي مبني ناول يا ڪهاڻي جي پيڙهه رکندو آهي. ٻيو ليکڪ پنهنجي ناول يا ڪهاڻيءَ لاءِ ڪو واقعو، حادثو، يا تجربو کڻندو آهي، جنهن ۾ لازمي طرح ڪي نه ڪي ڪردار هوندا آهن، ۽ پوءِ هو پنهنجيءَ ڪهاڻي يا ناول جي اوسر ڪندو آهي.
    اهڙا پارکو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا، جيڪي هيمنگوي جي ڇهه ــ ست سئو افسانن ۽ چويهه کن ناولن کي پڙهڻ کان پوءِ چئي سگهن ته ٻيلي هيمنگوي اسان کي پنهنجي ناول ”فيئر ويل ٽو آرمس“ ۾ هينريءَ جي ڪردار ۾ محسوس ٿيو. يا پنهنجي ناول ”فار هوم دي بيل ٽالس“ جي مرڪزي ڪردار رابرٽ جارڊن جي ڪردار ۾ محسوس ڪيو.
    ڏاڍو کل جهڙو سوال آهي، ته شيڪسپيئر کي آٿيلو جي ڪردار ۾ ڳولجي، يا اينٽونيءَ جي ڪردار ۾!
    هرڪو ليکڪ پنهنجي ڪهاڻيءَ لاءِ منتخب ڪيل ڪردارن جو نفسياتي جائزو وٺندو آهي. سندس ڪردار پنهنجي ذهني لاڙي مطابق عمل ڪندا ڳالهائيندا آهن. هڪڙي ملحد ڪردار کان مذهب جي اهميت بابت مڪالما ڳالهرائي نه ٿا سگهجن. هڪ لچو لفنگو ڪردار ڪنهن عورت لاءِ شائسته گفتگو نه ڪندو. هڪ چور تبليغ نه ڪندو. ڌاڙيل اخلاقي درس نه ڏيندو. ان قسم جا ڪردار جڏهن به ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ ايندا آهن، تڏهن پنهنجي نفسياتي ۽ ذهني اوسر مطابق ڳالهائيندا آهن. ادب کان ناآشنا اهڙي گفتگو پڙهي، ڇرڪي اٿندا آهن، ۽ ان گفتگو ۾ ليکڪ جو مافي الضمير، يعني نيت جو دخل ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. خدا شل سنڌي ادب جي حال تي رحم ڪري. ■

    1975


    تنقيد ۽ ادبي وٺ وٺان

    ادب تي معياري ۽ ڪارائتي تنقيد تمام ڏکيو ڪم آهي. ادب جي ڇنڊ ڇاڻ هر ڪنهن جو ڪم ناهي. مثال طور، ڪنهن افساني تي فقط اهڙو شخص تنقيد ڪرڻ جو حق رکي سگهي ٿو، جنهن گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ـــ ٻه سئو کن دنيا جا معياري افسانا پڙهيا هجن. فقط اهو شخص حليم بروهيءَ جي طنزيه ۽ مزاحيه افسانن جي باري ۾ چئي سگهندو ته، ”انهن افسانن مان ادب ۾ ڪهڙو واڌارو ٿيو آهي“، جنهن وليم سيرويان کي نه پڙهيو هوندو، جنهن ٿربر کي نه پڙهيو هوندو، جنهن مارڪ ٽيئن کي نه پڙهيو هو، جنهن شفيق الرحمان ۽ رشيد ڀٽيءَ کي نه پڙهيو هوندو.
    ذاتي پسند ۽ ناپسند کي تنقيد سڏي نه ٿو سگهجي. ڪوشش جي باوجود مان ٿامس هارڊيءَ کي بنهه پسند ڪري نه سگهيو آهيان. پر، ان جو اهو مطلب ناهي ته ٿامس هارڊي ڪو گهٽ درجي جو اديب آهي. ٿامس هارڊيءَ کي پڙهڻ ۽ پسند ڪرڻ وارن جو ڳاڻاٽو لکن ۾ وڃي نڪرندو. ٿامس هارڊيءَ جي باري ۾ منهنجيءَ ناپسنديدگيءَ کي تنقيد سڏي نه ٿو سگهجي.
    سنڌي ادب ۾ تنقيد، ڇنڊڇاڻ ۽ ادبي وٺ وٺان جو معيار بلڪل ذاتي پسند ۽ ناپسند تي منحصر هوندو آهي. بدقسمتي سان ڪو اهڙو صاحب، جيڪو ڪنهن عهدي تي هجي ۽ کيس ڪو ڪن ۾ ڀڻڪو پئجي وڃي ته فلاڻي اديب جو فلاڻو افسانو فحش آهي. ۽ ان افساني سبب اسلام خطري ۾ پئجي ويو آهي، ۽ نظريه پاڪستان جا بنياد لڏي ويا آهن، ته اهو صاحب رد عمل جي صورت ۾ ان اديب تي عذاب نازل ٿيندو ۽ اديب جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو. صاحب کي گهڻو ئي سمجهائبو ته يا حضرت! ان افساني جهڙا ڪيترائي افسانا اڳ شايع ٿي چڪا آهن، ۽ پوءِ به دنيا ڍڳي جي سڱ تي آرام سان بيٺي آهي، پر صاحب نه مڃيندو. صاحب کي چئبو ته قبلا منٽو جا افسانا ”ٺنڊا گوشت“، ”کول دو“، ۽ ”ٽوباٽيڪ سنگهه“ پڙهي ڏسو، ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“، ۽ سندس افسانا ”پشاور ايڪسپريس“ ۽ ”برهمڻ“ پڙهي ڏسو؛ خوشونت سنگهه جو ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ پڙهي ڏسو (جيڪو پاڪستان ۾ عام جام وڪامي رهيو آهي)، ۽ ساڳئي موضوع تي غلام عباس، خواجه احمد عباس، راجندر سنگهه بيدي، مرحوم رئيس احمد جعفري، ۽ عصمت چغتائيءَ جا افسانا پڙهي ڏسو. ساڳئي موضوع تي قــرت العين حيدر جا ناول ”آگ ڪا دريا“، ”سيتا هرڻ“، ”ڇٽي“، ”اسير تو بدلا هوا زمانا تها“، پڙهي ڏسو؛ افڪار جو ”خدا نمبر“ پڙهي ڏسو. علامه اقبال جو ”شڪوه “پڙهي ڏسو جنهن ۾ هن خدا کي هرجائي سڏيو آهي. پر صاحبن وٽ وقت ڪٿي آهي! هو ته چمڪي تي بندوق ڇوڙيندا آهن!
    ڪنهن سنڌي اديب جو افسانو، يا افسانا صاحبن کي رڳو ان ڪري ڇرڪائي وجهندا آهن، جو صاحبن جديد ادب ۽ ادب ۾ جديد لاڙن ۽ تقاضائن متعلق ڪڏهن به ڪجهه پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي تڪليف نه ورتي آهي. جنهن ”کول دو“، ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه“، ”ٺنڊا گوشت“، ۽ ”برهمڻ“ جهڙا افسانا ۽ ”غدار“ ۽ ”آگ ڪا دريا“ جهڙا ناول پڙهيا آهن، سو اسان جا افسانا پڙهي هرگز نه ڇرڪندو، اٽلندو اسان تي تنقيد ڪندي چوندو ته، پٽ ڏاڍو دير سان سجاڳ ٿيا آهيو! اهڙن موضوعن تي اڳ گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي!
    مان واسطيدارن کي عرض ٿو ڪريان، ته سنڌ ۾ ادب جي جديد تقاضائن ۽ رجحانن متعلق هڪ اعليٰ سيمينار سڏايو وڃي. مون کي يقين آهي، ته اهڙو سيمينار موجوده افراتفريءَ ۾ ادب جي بيش بها خدمت انجام ڏيندو، ۽ ادبي مسئلن کي حل ڪندو. ■

    1975


    سياسي ادب

    چون ٿا، ته ادب ۾ سياست جو وري ڪهڙو ڪم ـــ جيڪي افسانا سياسي پس منظر سان لکيل هوندا آهن، سي لازمي طرح اعتراض جوڳا هوندا آهن!
    مٿئين منطق مطابق افسانن ۾ فقط عشق ۽ محبت جون آکاڻيون هئڻ گهرجن ـــ راز و نياز جا قصا هئڻ گهرجن ـــ يعني افسانن ۾ فقط هڪ مسئلو هئڻ گهرجي ته ڇوڪري جي ڇوڪريءَ سان ۽ ڇوڪريءَ جي ڇوڪري سان پنهنجي پسند مطابق شادي ڪيئن ٿئي! پر، ان مسئلي ۾ به حد بنديون آهن. هو ٻئي هرڪو ڪم مائٽن جي مرضيءَ مطابق ڪندا.
    جيڪڏهن ان جي برخلاف ڪم ڪندا ته افسانو فحش سمجهيو ويندو. مطلب ته ملڪ ۾ ڀڄڻ ڀڄائڻ، آبرو ريزين ۽ ناجائز ٻارن جي ڄمڻ ۽ ڄمڻ شرط مارڻ جهڙا واقعا بنهه ڪونه ٿا ٿين. افسانه نگار هٿرادو اهڙا واقعا گهڙي ٺاهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪن ٿا!
    ادب پنهنجي معاشري جي ماڻهن جي ڏکن ۽ خوشين، اميدن ۽ مايوسين، لڙڪن ۽ مرڪن، فتح ۽ شڪست، ۽ امن ۽ جنگ جي عڪاسي ڪندو آهي ـــ ترجماني ڪندو آهي. هاڻي سوال ٿو اٿي، ته ڇا سياست اسان جي معاشري لاءِ نه آهي؟ ڇا هڪ معاشري ۾ رهندڙ ماڻهو سياست ۾ حصو نه وٺندا آهن؟ ڇا سياست جي چوپڙ تي چڱن چڱن جا لاهه نڪري نه ويندا آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ سياست کي ادب کان ڪيئن ڌار ڪري سگهجي ٿو!
    ويهين صديءَ ۾ جيڪو وڏو ادب پيدا ٿيو آهي، سو بنا امتياز جي سياسي پس منظر ۾ لکيل آهي. ڇا هيمنگوي اسپيني جنگ متعلق ناول نه لکيو آهي؟ ڇا اسٽائين بيڪ جنگ جي پس منظر ۾ ناول ۽ افسانا نه لکيا آهن؟ ڇا سارتر ۽ ڪاميو جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ ڇا آرٿر ڪوئيسلر جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ ڇا پيسٽرناڪ ۽ سولز هنستن جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ ڇا گورڪيءَ جو سمورو ادب سياسي نه آهي؟ آمريڪا جي شيدي اديب جيمس بالڊون جو ادب سياسي نه آهي؟
    سموري دنيا ۾ سٺو ۽ وڏو ادب سياسي پس منظر سان شايع ٿي رهيو آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ڪرشن چندر، ۽ خوشونت سنگهه سياسي ادب پيدا ڪري رهيا آهن.
    جڏهن سڄي جنگ ۾ اهم ادب سياسي پس منظر سان لکجي رهيو آهي، ته پوءِ ڏنڊا ۽ باٺا فقط سنڌي ادب خلاف ڇو؟ سنڌي اديبن ۽ ادب خلاف ڏنڊا ۽ باٺا فقط تڏهن کڻي سگهجن ٿا، جڏهن پاڪستان ۾ سارتر، ڪاميو، ڪوئيسلر، پيسٽرناڪ، سولزهنستن، بالڊون، گورڪي ۽ ڪرشن چندر جي ڪتابن تي باقاعدي بندش پئجي وڃي. انهن اديبن جا ڪتاب جيستائين پاڪستان ۾ وڪرو ٿيندا رهندا، تيستائين سنڌي ادب تي اعتراض بي معنيٰ آهي.
    هر دور ۾ موجوده نسل پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ امانتون ۽ فيصلن جو تت ڇڏيندو آهي. اسان جو ايندڙ نسل اسان جي موجوده نسل جي احڪامن کي عجب سان ڏسندو. اسان جو ايندڙ نسل سوچيندو ته اهي ڪير هئا، جن سنڌي ادب جي اوسر کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو؟ اهي ڪير هئا جن سنڌي ادب جي اعليٰ معيار کي سطحي تنقيدن ۽ ڇنڊڇاڻ سان جهاٽڪو ڪري ڇڏيو؟ مون کي پڪ آهي، کين سوال جو جواب لهڻ ۾ دير نه ٿيندي. ■

    1975


    جيمس بالڊون

    آمريڪا جي تخليقي ادب مان جيڪڏهن پنجن وڏن همعصر اديبن جا نالا ڳڻايا وڃن، ته منجهن هڪ نالو جيمس بالڊون جو ضرور ايندو.
    جيمس بالڊون شيدي اديب آهي. عمر پنجاهه ـــ پنجونجاهه سال هوندس. سوين افسانا، ڏهه ـــ ٻارهن ناول ۽ ڪيترائي معياري مضمون لکيا اٿائين. سندس موضوع آمريڪي معاشري ۾ سياسي، سماجي، تهذيبي ۽ ثقافتي مسئلن بابت هوندا آهن.
    دنيا جو ڪو ملڪ مسئلن کان آزاد نه هوندو آهي ـــ پوءِ ڀل ته ڪو ملڪ کڻي اشتراڪي ڇونه هجي، يا سرمائيداري نظام جو پيروڪار هجي! مسئلا هر ملڪ ۾ هوندا آهن ـــ ۽ مسئلن کي گهڻو ڪري هر ملڪ ۾ منهن ڏنو ويندو آهي. ڪي ملڪ اهڙا به ٿيندا آهن، جيڪي مسئلن کي منهن ڏيڻ بدران مسئلن کان منهن موڙڻ جي غلطي ڪندا آهن. هو مسئلن جي بنيادي سببن کي سمجهڻ بدران مسئلن کي ٻنجو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙين حالتن ۾ نتيجو نيوٽن جي اصولن مطابق ئي نڪرندو آهي ـــ عمل جو رد عمل ٿيندو آهي.
    جيمس بالڊون مسئلن بابت ڏاڍا وزندار رايا ڏنا آهن. اسين سندس راين سان اختلاف ڪري سگهون ٿا، پر سندس راين کي ٻڌڻ ۾ ڪو جوکو ڪونهي. ٿي سگهي ٿو، جيمس بالڊون جي تحريرن مان ڪا راهه نظر اچي وڃي، جيڪا پڙهندڙن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿئي!
    آمريڪا ۾ اڇن ـــ ڪارن جي نسلي فرق بابت هڪ هنڌ جيمس بالڊون لکيو آهي، ”آمريڪا ۾ شيدين جو مسئلو آهي، پر ان مسئلي تي تمام خراب نموني لکيو ويو آهي. دڪان خراب نموني لکيل ڪتابن سان سٿيا پيا آهن. اهي ڪتاب اسان جي روايتي رويي تي اثرانداز ٿين ٿا. سندن اثر سٺو به آهي، ۽ خراب به آهي. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ منهنجو رايو آهي ته شيدين جي مسئلي بابت بدنيتيءَ بدران نيڪ نيتيءَ جي ضرورت آهي.“
    اڳتي هلي، هڪ هنڌ لکي ٿو، ”هڪ ليکڪ لاءِ لازمي آهي ته هو مسئلي کي سطحي طرح ڏسڻ بدران، مسئلي جي تهه ۾ لهي وڃي.“
    پنهنجي ڪتاب Notes of a Native son ۾ هڪ هنڌ جيمس بالڊون لکيو آهي، ”ته نسلي فرق جي مسئلي تي نه اڇن ۽ نه ئي ڪارن حقيقت پسندي جي نگاهه سان ڪڏهن ڏٺو آهي يا پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو ماضيءَ ڏانهن ڏسڻ لاءِ تيار ناهن. مان سمجهان ٿو اِهو ماضي ئي آهي، يا ماضيءَ بابت معلومات ئي آهي، جنهن سان حال کي موافق ڪري سگهجي ٿو. ماضيءَ کي جيستائين پرکڻ جي ڪوشش نه ڪبي، تيستائين ماضي ڀيانڪ محسوس ٿيندو.“
    ساڳئي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ جيمس بالڊون لکيو آهي، ”مان نٿو سمجهان ته آمريڪا ۾ نسلي فرق جي مسئلي تي تاريخ، روايت، تهذيب ۽ اخلاقي قدرن کان جدا ٿي ڪو ڪارگر بحث ڪري سگهجي ٿو.“
    جيمس بالڊون جو مطلب هي آهي ته ڪنهن به مسئلي کي سمجهڻ لاءِ تاريخ ۽ روايتن جي پس منظر ۾ بحث ڪرڻ لازمي آهي. ماضيءَ کي نظر انداز ڪري، مسئلي جو حل ڪڍي نٿو سگهجي.
    مٿئين ڪتاب ۾ جيمس بالڊون هڪ هنڌ لکيو آهي، ”مون کي آمريڪا سان بي انتها محبت آهي، تنهن ڪري مون کي حق آهي ته مان لاڳيتو مٿس تنقيد ڪندو رهان.“ ■

    1975


    سونهري اصول

    آغا محمود نالي ڪنهن مصور ڪراچيءَ ۾ آپگهات ڪيو. سندس موت جي خبر اخبارن ۾ پڙهي، مان مري ويس. ڪجهه ديرکان پوءِ مان وري جيئرو ٿي پيس. مون جهڙا گدڙ پنهنجي مستقل موت کان اڳ حياتيءَ ۾ هزارين دفعا مرندا آهن، ۽ مرڻ کان پوءِ هزارين دفعا جيئرا ٿي پوندا آهن. آغا محمود جي مرڻ جي خبر پڙهي مان مري ويس. ڪجهه دير کان پوءِ مان جيئرو ٿي پيس، ۽ اڄوڪو ڪالم لکڻ ويهي رهيس.
    آغا محمود کي مان نه سڃاڻان. سمجهان ٿو، مرحوم نوجوان هو. اڄوڪي دستور کان اڻ واقف هو. شايد جذباتي هو ـــ تنهن ڪري اندر جي اُڌمن کي عقل جي رانديڪن سان ريجهائي نه سگهيو. مري ويو. ريل جي پٽي تي ليٽي پيو. ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. وڍجي ويو. بيحس، بيدرد، ٻوڙي ۽ گونگي معاشري ۾ پنهنجي احتجاج جي صدا ڇڏي ويو! بيوقوف هو. نادان هو. اڻڄاڻ هو. کيس خبر نه هئي، ته فنڪارن، اديبن ۽ مصورن جي موت کان اڳ ۽ سندن موت کان پوءِ اسان جي معاشري ۾ ڪنهن به صدا جي وجود کي تسليم نه ڪيو ويندو آهي.
    اسان جي معاشري ۾ مصورن فنڪارن، اديبن، شاعرن، ۽ صحافين لاءِ زنده رهڻ جا بنيادي اصول ايجاد ڪيا ويا آهن. انهن اصولن تي عمل ڪرڻ ۾ سندن بهبودي آهي، ۽ انهن اصولن سان انحراف سندن موت!
    متان ٻيو ڪو آغا محمود آپگهات جو ارادو ڪندو هجي، تنهن ڪري، مان فنڪارن ۽ اديبن لاءِ زنده رهڻ جا بنيادي اصول مختصر نموني بيان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.
    ڪنهن به مصور لاءِ لازمي آهي ته وڏيون مڇون رکائي ۽ پنهنجي چوطرف سهڻين ڇوڪرين جو جهرمٽ گڏ ڪري. ڪنهن صحافيءَ کي کارائي پيئاري پنهنجي باري ۾ تعارفي مضمون لکائي. ان کان پوءِ اميرن، وزيرن کي پنهنجيون ٺاهيل ڪجهه تصويرون مڙهائي، تحفي طور پيش ڪري. ان مرحلي کان پوءِ ڪنهن به آرٽس ڪائونسل يا گيلريءَ جي صاحبلوڪ کي فنڪار لاءِ در بند ڪرڻ جي همت نه ايندي. فنڪار جي، مصوريءَ جي معيار مطابق ڪهڙي حيثيت آهي؛ ان کي ڪوبه نه ڏسندو! ڪونه ڪو وڏو صاحب ريشمي فيٿو ڪپي، سندس تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪندو. آغا محمود انهن اصولن تي نه هليو. معاشري جي ناقدريءَ کان مايوس ٿيو. ريل جي پٽي تي ليٽي پيو. وڍجي ويو.
    اِهي اصول منهنجا آزمايل آهن. مثال طور، مان صدر اسڪندر مرزا جي دور ۾ اسڪندر مرزا جي تعريف ۾ مضمون لکندو هوس، ۽ پنهنجي جريدي ۾ سندس تصويرون ڇاپيندو هوس، ۽ قلم جي عظمت جا قسم کڻندو هوس.ان کان پوءِ جڏهن ايوب خان اقتدار ۾ آيو، تڏهن ايوب جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندو هوس، ۽ تڏهن به قلم جي عظمت جو قسم کڻندو هوس. ايوب ويو. يحيٰ خان طاقت ۾ آيو. مون سندس ساراهه ۾ سرخيون ڀري ڇڏيون. کيس قوم جو بچائيندڙ سڏيم، ۽ قلم جي عظمت جو قسم کڻندو رهيس. يحيٰ ويو، اڄ ڪلهه مان موجوده دور جي حاڪمن جي شان ۾ قصيدا لکي رهيو آهيان، ۽ قلم جي عظمت جو قسم کڻي رهيو آهيان. ان اصول تي هلندي مان هميشه سرخرو ٿيو آهيان. يقين ڪريو، ماڻهن جو حافظو ڪمزور ٿيندو آهي هو اسان جي ماضيءَ کي هميشه وساري ڇڏيندا آهن، ۽ فقط زمان حال جو شڪار ٿيندا رهندا آهن.
    مان وڏو ڪوڙو ۽ ڏٽئي آهيان. اها منهنجي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. مان صدر اسڪندر مرزا کان وٺي، ويندي صدر فضل الاهيءَ تائين، هر دور ۾ پڙهندڙن کي يقين ڏياريندو رهيو آهيان ته مان سچ جو پرستار آهيان ـــ سچ جو پرچارڪ آهيان.
    تاريخ جي هر دور ۾ جنهن به سچ جو ساٿ ڏنو آهي، تنهن تڪليفن جو منهن ڏٺو آهي. مون ڪڏهن به تڪليفن جو منهن نه ڏٺو آهي. هر دور ۾ مزي ۾ رهيو آهيان. هيرا ڦيري ڪندو رهيو آهيان. ماڻهن
    ـ جي ڪمزور حافظي جو فائدو وٺي، مان هميشه سچ سان ساٿ نڀائڻ جي دعويٰ ڪندو رهيو آهيان. بس، هڪ ڳالهه کان ڊڄندو آهيان، ته ماڻهو ڪنهن ڏينهن منهنجي جريدي جا گذريل شمارا شل ڏسي نه وٺن! ڊڄندو آهيان، ته هو منهنجي جريدي ۾ اسڪندر مرزا، ايوب خان ۽ يحيٰ خان جون تصويرون ۽ منهنجا ايڊيٽوريل ڏسي ۽ پڙهي نه وٺن! الله ۾ آسرو اٿم! رب سڻائي ڪندو!
    جيڪو به اديب، شاعر، صحافي، ۽ فنڪار سونهري اصولن تي عمل ڪندو، سو آغا محمود وانگر ريل هيٺان وڍجي نه مرندو، بلڪه هر دور ۾ مزا ماڻيندو. ■

    1975


    اياز تي اُلرون

    اديب ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا اديب دلير ۽ بهادر ٿيندا آهن، ۽ پنهنجن خيالن کي شجاعت سان بيان ڪندا آهن. هو ملن مولوين ۽ معاشري جي دقيانوسي قدرن جي جاهل ٺيڪيدارن کان نه ڊڄندا آهن. هو بيمار ۽ ڪوڙهي معاشري جي مرضن جي وڏي واڪ نشاندهي ڪري ويندا آهن. هو روايتن کان بغاوت ڪندي نه ڪيٻائيندا آهن. هو مرندي مري ويندا آهن، ڦاسيءَ جي تختن جو سينگار ٿيندا آهن، پر حق جي، سچ جي ۽ روشنيءَ جي ڳالهه لکڻ کان نه مڙندا آهن. اهڙا اديب وڏا اديب ٿيندا آهن. دنيا کين عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندي آهي.
    دنيا جي وڏن اديبن سختيون سٺيون آهن ـــ تڪليفون برداشت ڪيون آهن. هو جيلن ۾ ويندا رهيا آهن ـــ ڦاسيءَ جي تختن تي چڙهندا رهيا آهن ـــ روشنيءَ کي پنهنجي سر جو نذرانو ڏيندا رهيا آهن. سندن ڪتاب ۽ تحريرون ضبط ٿينديون رهيون آهن. اهڙا اديب وقت تي پنهنجي عظمت جي ڇاپ هڻي ڇڏيندا آهن. هنن جي باري ۾ سڄي ملڪ ۾ چؤٻول هلندو رهندو آهي ـــ هنن متعلق قراردادون پاس ڪيون وينديون آهن. سندن هر فعل ۽ عمل جو جائزو ورتو ويندو آهي. وڏن اديبن جي هڪ سڃاڻپ اها به ٿيندي آهي، جو سندن مخالف ۽ ويري کين نظر انداز ڪري نه سگهندا آهن، وڏن اديبن جي ٻي سڃاڻپ اها به ٿيندي آهي جو جاهل، ڄٽ، ڇسا ۽ ڄامڙا هنن متعلق فتوائون صادر ڪندا آهن.
    ٻئي قسم جي اديبن ۾ مون جهڙا سطحي ۽ معمولي سرت سمجهه وارا اديب شامل هوندا آهن هو ڏات کان وانجهيل، بنيادي طرح اڻپڙهيل، اندران بلڪل خالي ۽ ذهني طرح ڀوڪ ٿيندا آهن. سندن کوپڙين ۾ معجزن جي ڏندڪٿائن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿيندو آهي. هو ادب ۾ محض تگڙمبازيءَ سان پنهنجي وجود کي برقرار رکي سگهندا آهن. ان گروپ جا ڪجهه اديب مذهب کي ادب جي نالي ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ ان هيراڦيريءَ ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري وٺندا آهن. هنن وٽ مذهب کي استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو آهي. هو جيڪڏهن مذهب کي استعمال ڪرڻ جي چالاڪي نه ڪن، ته هوند کين پڙهڻ وارو هڪ ڄڻو به جيڪر ملي نه سگهي!
    اڄڪلهه الاءِ ڪيترا ٽٽون ٽوپڻ پيدا ٿي پيا آهن، جن وٽ مذهب مسڪين کي استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. انهن مان ڪي سبيل آهن، ڪي حافظ آهن، ڪي موسيٰ آهن، ڪي ظهير آهن ۽ ڪي ڊوگر آهن ـــ ۽ الاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڄامڙا، رجعت پسنديءَ جي گٽرن جا ڪيئان آهن، جيڪي مذهب غريب کي تلوارون ۽ نيزن تي کڻي ادب ۾ هنبوڇيون هڻڻ لاءِ نڪري پيا آهن.
    مٿئين گروهه مان هڪ ڄڻي جو نالو آهي عبدالڪريم عابد. سندس سموري عمر اياز جي قد گهٽائڻ ۾ گذري ويئي آهي هن ”افريشيا“ نالي هڪ غير معروف ۽ رجعت پسندن جي نئين هفتيوار پليندي ۾ شيخ اياز خلاف پنهنجي پست ذهنيت جو مظاهرو ڪندي ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو آهي ته سائين توهان جا صلاحڪار بلڪل بيوقوف آهن. مان عقلمند آهيان. منهنجي ڳالهه کي پٿر جو ليڪو سمجهيو. مان افلاطون ثاني آهيان. مان ٿو توهان کي صلاح ڏيان ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان شيخ اياز کي هٽايو ۽ اتي رجعت پسندن ۽ جماعت اسلاميءَ جي حوارين جي مرضيءَ ۾ صلاح سان ٻيو ڪو وائيس چانسلر مقرر ڪيو. ڏسجي ته ڪڏهن ٿو عبدالڪريم عابد کي وزيراعظم جو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو وڃي!
    جيڪي به رجعت پسند شيخ اياز خلاف ڳالهائي رهيا آهن، تن شيخ اياز کي نه پڙهيو آهي، ۽ نه ئي کين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي سڌ آهي. مون کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لاءِ بيحد عزت آهي، عقيدت آهي. مان کين علم ۽ تاريخ جي اينسائيڪلو پيڊيا مڃيندو ۽ سڏيندو آهيان. پر صاحبو، ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽهڪندڙ نئين نسل کي سنڀالي نه سگهيو. شاگرد سندس ضابطي کان ٻاهر هئا. ڊاڪٽر صاحب هميشه پنهنجا پلئو شاگردن جي سياست کان آجا رکندو آيو. موجوده دور ۾ ڪوبه وائيس چانسلر ”واچ ٽاور“ ۾ ويهي شاگردن کي ضابطي هيٺ آڻي نه ٿو سگهي. وائيس چانسلر کي شاگردن ۾ بيهي سندن مسئلن کي سمجهڻو آهي، ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. اهڙي طرز عمل لاءِ وائيس چانسلر اهڙو هجي جيڪو شاگردن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي نه هجي. شيخ اياز سموري پاڪستان ۾ واحد شخص آهي جيڪو سنڌ جي شاگردن ۾ هر دلعزيز آهي. هو شاگردن ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي. هو سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ اوپرو ۽ ڌاريو نه آهي. هو نوجوانن لاءِ سونهو آهي، روشنيءَ جو مينار آهي.
    عبدالڪريم عابد ۽ سندس جماعتي ڇيلا ڇا ٿا چاهين! هو چاهين ٿا ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن سان حڪومت ٺاهه ڪرڻ بدران Show down ڪري. هٿيارن پنوهارن سان جهنجهي ڪنهن اوپري ۽ غير معروف شخص کي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي ۽ شاگردن جي احتجاج تي شاگردن کي گولين جو نشانو بنايو وڃي. شاگردن کي جنگ تي آماده ڪيو وڃي. جماعتي ٺڳن جي اها اسڪيم اسان کان لڪيل نه آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٺاپر آڻڻ بدران هو چاهين ٿا ته شاگردن کي ڇيڙيو وڃي. ڪو رجعت پسند وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن ڪو هنگامو ٿئي ته شاگردن کي ٽينڪن سان ماريو وڃي!
    جماعت اسلاميءَ جا آدمخور بنگال جو ڊرامو سنڌ ۾ کيڏڻ جون خونخوار تياريون ڪري رهيا آهن. کين لغام ڏنو وڃي. ■

    1976


    ڪرشن چندر جو لاڏاڻو

    اڄ (8 مارچ 1977) ريڊيو پاڪستان ۽ آل انڊيا ريڊيو تان خبر ڏني اٿائون ته ڪرشن چندر لاڏاڻو ڪيو آهي ـــ ڪرشن چندر مري ويو آهي. چون ٿا ته اها خبر سچي آهي پر، اهو به سچ آهي ته سچ ڪڏهن نه مرندو آهي. ڪرشن چندر سراسر سچ هو. ڪرشن چندر سچائيءَ جو علمبردار هو. ڪرشن چندر سچائيءَ جو راکو هو. سچ هميشه زنده رهندو آهي. ڪرشن چندر زنده آهي. ڪرشن چندر ڪڏهن نه مرندو.
    سچ ڇاهي؟ سچائي ڇاهي؟ اوندهه کي اوندهه چوڻ سچ آهي. ظلم کي ظلم سڏڻ سچ آهي. ڦوروءَ کي ڦورو لکڻ سچ آهي. ڪوڙ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ سچ آهي. ڊوهه کي ڊوهه، ۽ فريب کي فريب ڄاڻڻ سچ آهي. ڪرشن چندر گذريل 45 سالن جي ادبي زندگيءَ ۾ ادب تفريح لاءِ تخليق نه ڪيو هو. هن سچ ۽ سچائيءَ جي روشنيءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ادب کي خلقيو هو. سندس هڪ هڪ افسانو ۽ هڪ هڪ ناول سچ ۽ سچائيءَ جي اصولن جو شاهد آهي. پنهنجي ناول ”غدار“ ۾ هڪ هنڌ ڪرشن چندر لکيو آهي ـــ ”مرڻ واري جي زبان تي خدا جو نالو هو، ته مارڻ واري جي زبان تي به خدا جو نالو هو.“
    ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“، ورهاڱي جي تاريخ آهي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي. اهو ناول نه فقط هندستان ۾ برداشت ڪيو ويو، پر ان ناول کي دنيا جي 28 ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان ناول ۾ ڪرشن چندر مذهبن جي نالي ۾ ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪندي توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر توازن رکي نه سگهيو آهي. اهو ڄاڻندي به، ته هو هندستان جو شهري آهي، ۽ هندو معاشري جو فرد آهي، هن پنهنجي ناول ۾ سکن ۽ هندن جي ظلم کي ڀرپور نموني لکيو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ان قسم جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ان قسم جي ادبي تخليق لاءِ ليکڪ جو ذهني طرح آزاد هئڻ ضروري آهي. ڪرشن چندر آزاد هو ــ هو نه هندو هو، نه سک هو، نه مسلمان هو، نه عيسائي هو. ڪرشن چندر بنيادي طرح انسان دوست اديب هو ــ سچائيءَ جو علمبردار هو. سچ سان محبت ڪرڻ وارا سچائيءَ جي روايت کان سواءِ ٻئي ڪنهن به، روايت ۽ رسم جا پابند نه هوندا آهن. ڪرشن چندر جو مذهب سچائي هو. سچائيءَ جي ڪسوٽيءَ تي جيڪو پورو نه لٿو، تنهن کي هن بنا ڪنهن رعايت جي پنهنجين ادبي تخليقن ۾ ڏٺو ڪري وڌو آهي.
    ڪرشن چندر جي هڪ افساني جو نالو ”برهمڻ“ آهي. ان افساني کي ورهاڱي جي فسادن جي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي. هڪ هندو فسادن دوران هڪ مسلمان کي ماري، ڳترا ڳترا ڪري گٽر ۾ اڇلائي، هڪ هوٽل ۾ اچي ٿو. هوٽل واري کان کائڻ لاءِ ڪجهه گهري ٿو. هوٽل وارو کيس گوشت جو ٻوڙ ڏئي ٿو. اهو هندو گوشت ڏسي ڪاوڙجي پوي ٿو ۽ پليٽ هوٽل واري جي منهن تي هڻندي چوي ٿو ـــ ”خبر اٿئي، ته مان برهمڻ آهيان، ۽ گوشت کي هٿ نه لائيندو آهيان!“
    ڪرشن چندر ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو باني هو. هو فقط اردوءَ جو افسانه نگار نه هو. هو آفريڪا ۽ ايشيا جي ڏتڙيل عوام جو افسانه نگار هو. ڪرشن چندر ويهين صديءَ جي اهم اديبن مان هڪ هو. ڪرشن چندر جو ادب ظلم ۽ انڌير جي هنياءَ ۾ سچ جي بڙڇيءَ مثل آهي. ڪرشن چندر جو ادب اوندهه ۾ روشنيءَ مثل آهي. چون ٿا ته ڪرشن چندر گذاري ويو آهي ـــ پر ڪرشن چندر زنده آهي، ڇو جو سچ ڪڏهن نه مرندو آهي. ■

    1977


    مذهب جي نالي ۾

    سعادت حسن منٽو جا ڪجهه افسانا ورهاڱي وارن فسادن جي پس منظر ۾ لکيل آهن. انهن افسانن مان هڪ افساني ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪاررواين دوران هڪ شخص لاهور ۾ گنگارام جو مجسمو ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ـــ ان دوران پوليس جي گولي لڳڻ سبب اهو شخص زخمي ٿي پوي ٿو. کيس علاج لاءِ گنگارام هاسپيٽل آندو وڃي ٿو.
    ڪرشن چندر جي جڳ مشهور ناول ”غدار“ ۾ سوين ڪردارن جو ذڪر آيو آهي. انهن ڪردارن مان ڪجهه ڪردار هندستان کان پاڪستان، ۽ پاڪستان کان هندستان ويندي سرحد وٽ هڪ پل پار ڪندي پاڻ ۾ ملن ٿا. انهن ڪردارن ۾ ٻه ڄڻا موچي آهن ـــ هڪ هندو آهي، ۽ ٻيو مسلمان آهي. ٻئي غريب آهن ـــ مسڪين آهن، ۽ پاڻ ۾ گهاٽا يار رهي چڪا آهن. ڀاڪر پائي پاڻ ۾ ملن ٿا ـــ وڇڙڻ کان اڳ موڪلائين ٿا ـــ ۽ چون ٿا، ”اسين ماضيءَ ۾ به موچي هئاسين ـــ بوٽ ڳنڍيندا هئاسين ـــ مستقبل ۾ به موچي رهنداسين، بوٽ ڳنڍينداسين. پوءِ اسين ڇو هڪٻئي کان وڇڙي رهيا آهيون ـــ اسين ڇو جلاوطن ٿي رهيا آهيون.“ ڪردارن جي مڪمل گفتگو ته مون کي ياد ناهي ـــ پر مفهوم اهو ئي اٿن، جيڪو مٿي لکي آيو آهيان.
    ڪرشن چندر ۽ منٽو جي ادب مان حوالا ان ڪري ڏنا اٿم، جو ٻئي ڄڻا تمام عظيم افسانه نگار آهن ــــ ۽ سندن ادب جو اهم ۽ وڏو حصو ورهاڱي جي فسادن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. هو ننڍي کنڊ جي بدترين فسادن جا عيني شاهد آهن. هنن جيڪي ڪجهه ڏٺو، محسوس ڪيو، ۽ تجربي ۾ آندو، سو پنهنجي ادب ۾ قلمبند ڪيو آهي. ورهاڱي جا فساد ٻنهي طرفن کان مذهب جي نالي ۾ ڪرايا ويا هئا. فسادن ۾ اُهي غريب مارجي ويا، لٽجي ويا، جيڪي ٺيڪيدارن هٿان استعمال ٿيا. ٻنهي ڌرين، يعني هندن ۽ مسلمانن کي استعمال ڪندڙ مذهب جا ٺيڪيدار مال ملڪيت سميت سلامتيءَ سان سرحدون پار ڪري ويا. مذهب جا هندو ٺيڪيدار هندستان ۾ ڪروڙ پتي ٿي پيا ۽ مذهب جا مسلمان ٺيڪيدار پاڪستان ۾ اڏجي ويا. جيڪي غريب مسڪين مارجي ويا، سي وساريا ويا. ٻنهي ڌرين جي مئلن ۾ ورلي ڪو ملان، يا پنڊت شامل هو.
    اهو فسادن جو فلسفو آهي. غريب ۽ مسڪين جا ٻار يتيم ٿيندا آهن. توهان ورلي ٻڌو هوندو ته فسادن دوران ڪڏهن فساد ڪرائيندڙ دونهيدار تقرير ڪري، اٻوجهن کي ڀڙڪائي، فسادن جي باهه دکائي پنهنجي عاليشان ڊرائينگ روم ۾ وڃي ويهندو آهي، ۽ مالٽي جي رس جون چسڪيون ڀريندو آهي، ۽ ٻاهر رستن تي غريب شخص بي مقصد پنهنجو رت وهائيندو آهي، ۽ پنهنجن ٻارن کي يتيم ڪرائيندو آهي. فسادن مان جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو آهي، سو ڊرائينگ روم ۾ مالٽي جي رس جون چسڪيون ڀريندڙن کي حاصل ٿيندو آهي. فسادن ۾ تباهه ٿيل شخص اڳ کان وڌيڪ تباهه حال ٿي ويندا آهن.
    اسين عقيدي جا مسلمان، ۽ روايتن جا پابند آهيون. اسين مذهب جي تعليم بدران تجربي جي ڪسوٽيءَ تي پرکيل آهيون. ■

    1977


    ديسي اديب

    عام طرح شڪايت ٻڌبي آهي ته اسين ديسي اديب سٺو ادب پيدا ڪرڻ جي قابل نه آهيون ـــ اسان جو ادب دنيا جي ٻئي ادب جي ڀيٽ ۾ اڇاترو ۽ بي اثر آهي! ان سلسلي ۾ جڏهن به ڪنهن صاحب کان سندس پسنديده اديبن جا نالا پڇيا ويندا آهن، تڏهن هو صاحب بنا هٻڪ جي اهڙن عالمگير اديبن جا نالا ڳڻائي ويندو آهي، جن جا نالا هينئر فقط فيشن طور مٿئين طبقي جي صاحبلوڪن ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. مون کي پڪ آهي ته صاحبلوڪن انهن اديبن جي هڪ به تحرير نه پڙهي هوندي ــــ پر اهي نالا جيئن ته ادب ۾ سند آهن، تنهن ڪري انهن نالن جو ذڪر ضرور ڪندا آهن. انهن نالن مان ڪجهه نالا هي آهن ـــ ٽالسٽاءِ، گورڪي، گوگول، ترگنيف، موپاسان، سارتر وغيره. ان قسم جي اديبن جا لاڳيتو نالا ٻڌڻ کان پوءِ، (خاص ڪري انهن جي واتان جن کي ادب سان ڪابه دلچسپي نه آهي) مان سوچيندو آهيان ته ڇا آفريڪا ۽ ايشيا جي قومن اڄ تائين ڪي به اديب پئدا نه ڪيا آهن! مان سوچيندو آهيان، ته ائين ڇو آهي جو اُهي قومون جيڪي اقتصادي ۽ معاشي طرح مجبور آهن، سي قومون اقتصادي ۽ معاشي مدد وانگر ادب لاءِ به آسودين قومن ڏانهن ڇو ڏسنديون آهن! ڇا هندستان، نيپال، سري لنڪا، برما، فلپين، ويٽنام، وغيره ۾ اهم ادب پيدا نه ٿيو آهي! ڇا پاڪستان ۾ اهم ادب پيدا نه ٿيو آهي! ڪٿي ائين ته ناهي، جو اُهي قومون جيڪي اقتصادي ۽ معاشي طرح مجبور هونديون آهن، سي سٺو ادب پيدا ڪرڻ جي قابل نه رهنديون آهن! يا، نفسياتي طرح اسين سکين قومن جي بالادستي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي پيا آهيون! مون کي لڳي ٿو ته آسودين ۽ ڏتڙيل قومن جي وچ ۾ هڪ قسم جي نفسياتي جنگ هلي رهي آهي، جنهن ۾ ڏتڙيل قومون پنهنجي معاشي بدحاليءَ سبب سکين قومن کي ذهني برتريءَ جي علامت سمجهي ويٺيون آهن.
    مان هتي، هڪ ڪالم ۾، پنهنجي اديبن جي فيشن جي طور تي استعمال ٿيندڙ اديبن جي نالن سان ڀيٽ ڪرڻ مناسب نه ٿو سمجهان. هونءَ به فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي پنهنجي شخصيت هوندي آهي، تنهن ڪري فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي ڀيٽ ڪرڻ بي معنيٰ عمل آهي. مان اڄوڪي ڪالم ۾ انهن حالتن جو مختصر نموني ذڪر ڪندس جن حالتن ۾ موجوده سنڌي اديب لکي رهيو آهي.
    ادب اسان وٽ معاشي ۽ اقتصادي مدد جو ذريعو نه ٿي سگهيو آهي. يورپي اديب هڪ ڪتاب لکي سڄي عمر ان جي ڪمائيءَ مان عيش جي زندگي گذاريندو آهي. ان جي ابتڙ، اسان جو ديسي اديب پيٽ گذاري لاءِ ادب تي نه ڀاڙيندو آهي. ديسي اديب پيٽ پالڻ لاءِ ڪٿي نه ڪٿي نوڪري ڪندو آهي. مالي پريشانين سبب هو ذهني طرح به پريشان رهندو آهي. هو جن وٽ نوڪري ڪندو آهي، تن کي ادب سان وير هوندو آهي. جڏهن به ديسي اديب جي ڪا شي شايع ٿيندي آهي تڏهن صاحب سڳورا ڪن کڙا ڪندا آهن ـــ يعني نوڪري به ڪري رهيو آهي، ۽ لکڻ جهڙو ڪڌو ڪم به ڪري رهيو آهي! اهڙين حالتن ۾ لکڻ وارو اديب هيسيل ۽ ڊنل ڊنل رهندو آهي، ۽ سندس ان طرح جي ذهني ڪيفيت جي جهلڪ سندس تحرير ۾ به نظر ايندي آهي.
    ادب تي اک رکڻ وارا ادارا بيحد ظالم، بي مروت، علم ادب کان وانجهيل، ۽ موقعي پرست آهن. هنن پنهنجين انتقامي ڪارروائين سبب ديسي اديب کي عام طرح ۽ سنڌي اديب کي خاص طرح ڊيڄاري ڇڏيو آهي. جن ادب کي رت ست ڏنو، اهي اڄ جيلن ۾ پيا آهن. اهڙين حالتن ۾ لکڻ معجزي کان گهٽ نه آهي. اسين سنڌي اديب لکڻ جي نالي ۾ معجزو ڪري رهيا آهيون، ورنه ادب ۽ اديب کي ناس ڪرڻ لاءِ يارن وسان گهٽايو نه آهي. ■

    1977


    ادبي فراڊ

    دنيا جو مشهور افسانه نگار ۽ ناول نويس ارنيسٽ هيمنگوي خودڪشي ڪئي هئي. هن پنهنجي شڪاري رائيفل سان پنهنجي کاڏيءَ هيٺان گولي هلائي پنهنجو انت آندو هو. هيمنگوي منافق نه هو. هن ڪرستانن جي معاشري ۾ پاڻ کي ناستڪ يعني ملحد ظاهر ڪيو هو. کيس ڪرستانن جو وڏي ۾ وڏو ليکڪ ٿيڻ جو شوق نه هو. هن جي نينهن جو ناتو انسانيت سان پيل هو. تنهن ڪري هيمنگوي جا افسانا فقط ڪرستانن جا افسانا نه آهن. هن جا افسانا سموري جڳ جا آهن ــــ سموري جڳ جي ڏکايل، ٿڪل، منتشر ۽ جدوجهد ڪندڙ انسانن جا افسانا آهن. ليکڪ لاءِ لکڻ جي مڪمل آزادي بيحد ضروري آهي. جنهن به معاشري ۾ ليکڪ تي طرحين طرحين جون پابنديون پيل هجن، تنهن معاشري ۾ هيمنگوي پيدا نه ٿيندا آهن ـــ تنهن معاشري ۾فقط ايم اسلم پيدا ٿيندا آهن.
    خودڪشيءَ کان ڪجهه عرصو اڳ هيمنگوي کي اهو چوندي ٻڌو ويو هو ته، ”دنيا ۾ منهنجي اچڻ جو مقصد ختم ٿي چڪو آهي.“ سندس اشارو ان تخليقي جمود ڏانهن هو، جنهن جي ڪري هو 1954ع کان 1960ع تائين ٻن افسانن کان سواءِ ڪجهه به لکي نه سگهيو هو. هيمنگوي جي باري ۾ اهو پڻ تحريري طور چيو ويو آهي ته، هن هڪ دفعي پنهنجي دوست هوچنر کي چيو هو ته، ”منهنجن افسانن ۽ ناولن جا ڪردار جهڙي نموني موت جي منهن ۾ ڪاهي پوندا آهن ۽ موت کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏيندا آهن، تهڙي نموني مان به موت کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏيندس ــــ مان جڏهن ۽ جنهن وقت چاهيندس پنهنجيءَ مرضيءَ سان پنهنجو انت آڻيندس ــــ مان موت جو انتظار نه ڪندس.“
    مون کي هيمنگوي جي موت تي بحث ڪرڻو ناهي. هو تمام وڏو ليکڪ هو. کيس جهڙي نموني پسند آيو، هن پنهنجو انت آندو. مان پتڪڙو انسان ايڏي وڏي شخص جي باري ۾ ڪابه ٽيڪا ٽپڻي ڪري نه سگهندس. هيمنگوي جي وفات کان پوءِ سندس شخصيت بابت ڪجهه ڪتاب ظاهر ٿيا. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ چوٻول هوچنر جي ڪتاب ”پاپا هيمنگوي“ جي باري ۾ ٿيو. ان ڪتاب ۾ هوچنر هيمنگويءَ سان پنهنجي گهري دوستيءَ جو ذڪر ڪيو. دوستيءَ دوران هن هيمنگوي سان جن موضوعن تي بحث مباحثو ڪيو، انهن جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو. هن دعويٰ ڪئي ته هيمنگوي جي وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ پڻ هو ساڻس گڏ هيو.
    هوچنر جي ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ اها گفتگو آهي، جيڪا مختلف موضوعن تي هيمنگوي ۽ هوچنر جي وچ ۾ ٿيل آهي. ان گفتگو ۾ هيمنگوي موت، زندگي، محبت، جنسي تعلقات، جدوجهد، ۽ ان قسم جي ٻين موضوعن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اها گفتگو ايڏي ته اثرائتي ۽ وڻندڙ آهي جو پڙهندڙ کي جڪڙيو ڇڏي. پڙهندڙ ائين سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي ته هو ڄڻ هيمنگوي کي ڪنين ٻڌي رهيو آهي.
    گذريل سال آمريڪا ۾ مون فلپ ينگ جي مضمونن جو ڪتاب ”ٿري بيگز فل“ پڙهيو. ان ڪتاب ۾ هڪ مضمون هوچنر ۽ سندس ڪتاب بابت آهي. اهو مضمون حيرت انگيز آهي. فلپ ينگ هيمنگوي جي ڪتابن مان مثال ڏيندي ثابت ڪيو آهي ته هوچنر جو ڪتاب جڙتو آهي ـــ هن هيمنگوي سان ڪنهن به قسم جي گفتگو نه ڪئي آهي ـــ هوچنر جي ڪتاب ۾ هيمنگوي سان ڏنل گفتگو هوچنر هيمنگوي جي افسانن ۽ ناولن مان کنئي آهي. جنهن به افساني يا ناول ۾ هيمنگوي موت، زندگي، محبت، جدوجهد بابت ڪردارن معرفت گفتگو ڪئي آهي، اُها گفتگو هوچنر پنهنجي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ”پاپا هيمنگوي“ ۾ ڏني آهي. ■

    1977


    چارلس ڊڪنس

    ”اها هڪ حيرت انگيز حقيقت آهي ته هرڪو انسان پنهنجيءَ ذات ۽ شخصيت ۾ ٻئي انسان لاءِ پراسرار آهي ـــ تجسس جو سبب آهي.“
    مٿيون جملو چارلس ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي (A tale of two cities) جي باب ٽئين ۾ هڪ هنڌ آيل آهي.
    چارلس ڊڪنس جنهن غربت، افلاس، مايوسي ۽ غم ۾ جدوجهد ڪندڙ ڪردارن جون آکاڻيون لکيون آهن، 1812ع ۾ برطانيه جي هڪ ننڍڙي شهر لينڊ پورٽ ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ نيوي آفيس ۾ معمولي ڪلارڪ هو. ڊڪنس بيحد حساس ۽ جذباتي هو. تنگدستيءَ ۽ افلاس هن کي ننڍپڻ کان سوگهو ڪيو هو. بي پناهه تخليقي قوت سبب ڊڪنس صحافت ۽ ادب ڏانهن لاڙو رکيو، ۽ پنهنجين تحريرن ۾ ڪمال فنڪاريءَ سان تنگدست، غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي بيحد چٽي نموني عڪاسي ڪئي.
    چارلس ڊڪنس جي تحريرن جي فهرست تمام طويل آهي. عام طرح سان ڊڪنس جي ٻن ناولن جو اهميت سان ذڪر ڪيو ويندو آهي ـــ ”آليورٽويسٽ“ ۽ ”ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ“. سندس هڪ ناول ”ٻن شهرن جي آکاڻي“ جنهن جي ٽئين باب مان مٿي حوالو ڏنو اٿم، نقادن جي بي رحم تنقيد جو نشانو ٿيندو رهيو آهي. ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ، جڏهن ادب ۾ نوان تجربا ڪيا ويا، نئين روايتن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، ادب ۾ اظهار کي اهميت وارو مقام ڏنو ويو، تڏهن نقادن جي بي رحم تنقيد جو سلسلو ختم ٿيو، ۽ سئو سال اڳ لکيل ڊڪنس جو ناول ”ٻن شهرن جي آکاڻي“ دنيا جي اهم تخليقي ڪارنامن ۾ شامل ٿي ويو. مان نه ٿو سمجهان ته هينئر، موجوده دور ۾ اهڙو ڪو ظالم نقاد هوندو جيڪو ”ٻن شهرن جي آکاڻيءَ“ کي تنقيد جو نشانو بنائڻ جا سانڀاها ڪندو.
    ناول ”ٻن شهرن جي آکاڻي“ فرانسيسي انقلاب جي پس منظر ۾ لکيل آهي ـــ پر ناول جا ڪردار ڊڪنس جا تخليق ڪيل آهن. ڪجهه نقاد گهڻو اڳ ان فني نقطي تي اعتراض ڪندا رهيا. هنن جي اعتراض موجب ڪنهن به تاريخي ناول ۾ حقيقتن پٽاندڙ اصلوڪا ۽ حقيقي ڪردار آڻي سگهجن ٿا. سندن تنقيد موجوده دور ۾ بي معنيٰ آهي. موجوده دور ۾ انيڪ ناول حقيقي ۽ تاريخي پس منظر ۾ لکيا ويا آهن، پر انهن ناولن جا ڪردار تخليقي آهن. مثال طور ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“. ڪرشن چندر جو ناول ورهاڱي جي خوني تاريخ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. پر ناول جا سمورا ڪردار تخليقي آهن ـــ (تخليقي ڪردارن کي فرضي ڪردار به چيو ويندو آهي ـــ پر مان هتي لفظ تخليقي استعمال ڪندس). تاريخي پس منظر ۾ بيشڪ ڪردار تخليقي هوندا آهن، پر واقعا حقيقي هوندا آهن، ماحول حقيقي هوندو آهي.
    ڊڪنس اصل ۾ ٿامس ڪارلائل جي ڪتاب ”فرانسيسي انقلاب جي تاريخ“ (History of the French Revolution) کان بيحد متاثر ٿيو. هن ڪارلائل جي ڪتاب مان پنهنجي ناول لاءِ تاريخي مواد هٿ ڪيو ـــ ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجو نهايت اهم ناول ”ٻن شهرن جي آکاڻي“ لکي پورو ڪيو.
    اها ڳالهه 1859ع جي آهي. ان ناول ۾ بيپناهه ادبي خوبيون آهن. پر خاص طرح سان ناول جي شروعات بيحد دلپذير، جاذب ۽ اثرائتي آهي. مون پنهنجي مختصر ۽ محدود مطالعي ۾ اهڙي قسم جي شروعات فقط روسي ناول نويس ۽ شاعر بورس پيسٽرناڪ جي ناول ”ڊاڪٽر زهواگو“ ۾ پڙهي آهي. هر ڪنهن پڙهندڙ کي پنهنجي پسند جا ليکڪ وڻندا آهن. هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون کي هال ڪين جي ناولن جي شروعات ڏاڍي وڻندي آهي (هال ڪين منهنجو پسنديده ناول نويس آهي). پر، تنهن هوندي به مان ورائي ورائي چارلس ڊڪنس جي ناول ”ٻن شهرن جي آکاڻيءَ“ جي شروعات ڏاڍي چاهه وچان پڙهندو آهيان. مان سمجهان ٿو، اوهان دوستن منجهان ڪيترن ڄڻن ”ٻن شهرن جي آکاڻي“ جي شروعات پڙهي هوندي، ۽ اوهان کي ياد به هوندي. عين عقيدت سبب اڄ مان ”ٻن شهرن جي آکاڻي“ جي شروعات جو پهريون پيراگراف ترجمو ڪري رهيو آهيان.
    ”اهو وقت پنهنجي دور جو بهترين وقت هو، اهو وقت پنهنجي دور جو بدترين وقت هو ـــ اهو زمانو عقلمنديءَ جو زمانو هو، اهو زمانو بيوقوفن جو زمانو هو ـــ اهو عهد اعتقاد جو عهد هو، اهو عهد بي اعتقاديءَ جو عهد هو ـــ اها روشنيءَ جي موسم هئي، اُها اوندهه جي موسم هئي ـــ اُها مند اميدن جي بهار هئي، اُها مند مايوسين جي سرءُ هئي ـــ سڀ ڪجهه اسان جي اکين آڏو هو، ڪجهه به اسان جي آڏو نه هو.“
    چارلس ڊڪنس 1870ع ۾ گذاري ويو. ■

    1977


    رسول ميمڻ

    منهنجي هٿ ۾ سنڌي افسانن جو هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪل هڪ سئو اٺ صفحا آهن. ڪتاب جي زرد سرورق تي ڌرتيءَ جي درد مان اُڀي ٿيل ٻانهن ”امن جي نالي“ آسمان جي وسعتن سان وڃي لڳي آهي ـــ هٿ ۾ امن ۽ آشتيءَ لاءِ سپاسنامو، ۽ ٻه اڏامندڙ ڳيرا!
    مان حيرت، اچرج ۽ تجسس وچان ڪتاب ڏانهن ڏسي رهيو آهيان. منهنجو ننڍڙو مٺڙو دوست اياز گل جيڪڏهن قرب ڪري هيءُ انمول ڪتاب مون کي پٿرن جي شهر اسلام آباد ۾ نه موڪلي ها، ته منهنجي ذهن جون غفائون نئين سج جي روشنيءَ کان جيڪر محروم رهن ها. هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مان پاڻ کي ان ننڍڙي نينگر وانگر نوبنو محسوس ڪري رهيو آهيان جنهن دنيا جي گولي کي ڍڳي جي سڱ تان لاهي پنهنجي هٿ تي کڻڻ جو خواب ڏٺو آهي. مان خوش آهيان ـــ بيحد خوش آهيان. ائين لڳيم ٿو، ڄڻ اسٽائين بيڪ يا ڪرشن چندر جي چونڊ افسانن جو ڪتاب پڙهي اٿيو آهيان. هيءُ ڪتاب سنڌي تخليقي ادب جو هڪ معجزو آهي ـــ هڪ اهم ڪارنامو آهي. مان نقاد سڳورو نه آهيان، تنهن ڪري ڪتاب جي مصنف کي ڪنهن به قسم جو سرٽيفڪيٽ نه ڏيندس. مان فقط پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندس. هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون پنهنجيءَ دل جي ويران شهر مان هڪ اهڙي نوجوان کي لنگهندي ڏٺو آهي جنهن وٽ جذبي جي سچائي آهي ـــ جنهن وٽ احساس جي اظهار لاءِ اسلوب جو سوايو آهي.
    هن ڪتاب جي مصنف جو نالو آهي رسول ميمڻ، ۽ سندس افسانن جي ڪتاب جو نالو آهي ”امن جي نالي“.
    ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي. اهڙن قداورن جي وچ ۾ ڏات ۽ ڏانءَ سان جهنجهيل هيءُ نوجوان وڏيءَ هاٺيءَ ڪاٺيءَ سان پيدا ٿيو آهي. سندس ڪتاب ”امن جي نالي“ منهنجن ٻن يارن جي نالن جي وچ ۾ سينڊوچ ٿيل آهي. شروعات ۾ ڪتاب جو پيش لفظ رشيد ڀٽيءَ لکيو آهي: ۽ ڪتاب جي پڄاڻيءَ تي رسول جو تعارف منهنجي دلبر دوست فتاح ملڪ ڪرايو آهي. نئين ٽهيءَ جا نوجوان اسان جي عزت افزائي ڪندا آهن جو اسان کان پنهنجي ڪتاب جو تعارفي صفحو، يا پيش لفظ لکائيندا آهن. ورنه، مون محسوس ڪيو آهي ته اسان جي نوجوان ليکڪن جي نئين ٽهي سنڌي ترقي پسند ادب جي روايت موجب بيحد سجاڳ، حساس، ذميدار، حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار، ۽ ادب جي اعليٰ قدرن کان آگاهه آهي. مان نٿو سمجهان ته رسول ميمڻ، رفيق سومري، خليل قاضي، سليم ڪورائي، رزاق مهر، زيب، ۽ ٻين نوجوانن کي ڪنهن به قسم جي تعارف وغيره جي ضرورت آهي. هو بيپناهه ڏات سبب معروف ٿي چڪا آهن، ۽ سنڌي ترقي پسند ادب جي واڳ سندن هٿ ۾ آهي.
    رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جهڙن ٻن وڏن نالن جي وچ ۾ سينڊوچ ٿيڻ جي باوجود رسول ميمڻ مون کي بيحد قداور محسوس ٿيو آهي. مون کي ائين لڳو آهي، ڄڻ ٻن قداورن ٽئين قداور جو تعارف ڪرايو آهي. مون هڪ دفعو سندس ڪتاب پڙهيو آهي. مان رسول جو ڪتاب ورائي ورائي پڙهندو رهندس. هن ڪتاب ۾ مون کي زندگيءَ جي گم ٿيل قدرن جي ڳولا، زخمي ٿيل انسانيت لاءِ مرهم، ۽ اوندهه لاءِ روشنيءَ جي مقدس آدرش جو احساس ٿيو آهي.
    رسول ميمڻ امن جو پيغامبر آهي. رسول انسانيت جي مرڻينگ جسم ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ مسيحا آهي. رسول اسان ارڏن، سودائين، ۽ سچائيءَ لاءِ متلاشي قافلي جي مسافرن جو نئون ساٿي آهي. ڪالم لکڻ کان اڳ سوچيو هيم ته ڪتاب جي سونهن جون سپيون کولي اوهان کي حوالن سان رسول جي سوچ ۽ ڏات جا موتي ڏيکاريندس. پر، محسوس ڪريان ٿو ته ائين ڪرڻ ممڪن ناهي ـــ سمورو ڪتاب، ۽ ڪتاب جو هڪ هڪ لفظ ۽ جملو هن ڪالم ۾ اتارڻ منهنجي لاءِ ناممڪن آهي. اوهين ڪتاب پڙهي ڏسو، ۽ ليکڪ کي، سندس سچائي کي، سندس ڏات کي محسوس ڪريو. ■

    1977


    الف ليليٰ

    پهرين دفعي الف ليليٰ جو طويل داستان مون تڏهن پڙهيو هو، جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هوس. تڏهن الف ليليٰ جو داستان ۽ ان داستان ۾ جنن، ڀوتن ۽ راڪاسن جا قصا پڙهي سياٽجي ويندو هوس. جنن، ڀوتن، ۽ راڪاسن سان وڙهي، شهزادن جو قيدن ۽ قلعن کي ڪيرائي، شهزادين کي آزاد ڪرائڻ واريون آکاڻيون پڙهي، خوش ٿيندو هوس. تڏهن، جنن ۽ ڀوتن، ۽ راڪاسن جو مفهوم سمجهه ۾ نه ايندو هيو. تڏهن الف ليليٰ جي تهه تائين پهچي نه سگهندو هوس. الف ليليٰ کي شهزادن جي جانبازيءَ ۾ بهادريءَ جو داستان سمجهي لطف اندوز ٿيندو هوس.
    ٻئي دفعي الف ليليٰ جو داستان تڏهن پڙهيو هوم جڏهن سنڌي ادب ۾ پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو هوم. لکڻ سان گڏوگڏ پڙهڻ لازمي آهي. ذهن ڌرتيءَ مثل آهي. آسمانن مان ابر، ۽ علم جا موتي نه ملندس، ته سڪي ٺوٺ ٿي ويندو. ڪجهه پيدا ڪري نه سگهندو. تڏهن، جيڪي ڪتاب هٿ ڪندو هوس، پڙهي پورا ڪري ڇڏيندو هوس. شروع شروع ۾ سٺي ۽ عام رواجي ادب ۾ ڇنڊ ڇاڻ نه ڪندو هوس. هٻڇي ٻار وانگر پڙهندو ويندو هوس. انهن ئي ڏينهن ۾ الف ليليٰ جو قصو ٻيهر پڙهيو هو.
    مون الف ليليٰ جي داستان کي جنن ۽ راڪاسن، ۽ شهزادن درميان ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ جو رواجي داستان نه سمجهيو. ماحول جي ٻوسٽ الف ليليٰ جي داستان کي وسعت ڏيئي ڇڏي. داستان جون باطني معنائون ظاهر ٿيڻ لڳيون. مون محسوس ڪيو ته الف ليليٰ جي داستان ۾ جن، ۽ راڪاس، شهزادا ۽ شهزاديون فقط ڪردار نه آهن. اهي سڀئي علامتون آهن. جن ۾ راڪاس ڏاڍ ۽ ظلم جي علامت آهن. شهزادا حسن ناصر، ۽ هيمو ڪالاڻي جي علامت آهن. هر ان شخص جي علامت آهن جنهن ڏاڍ ۽ ظلم آڏو سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. شهزاديون علامت آهن آزاديءَ جي اظهار جون، سچ جون، روشنيءَ جون ۽ ساڃهه جون.
    ادب ۾ علامت کي هن صديءَ جي ايجاد چيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ ائين نه آهي. ادب ۾ علامتون تڏهن کان مروج آهن، جڏهن کان انسان اظهار لاءِ ادب جو سهارو ورتو. ان لحاظ کان ديو مالائي قصا به علامتون آهن. ايراني قصن ۾ ذوهڪ جو ڪردار ظلم ۽ ناانصافيءَ جي علامت آهي. هو ايران تي حڪومت ڪندو هو. سخت گير، ۽ ظالم هو. ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو هئائين. هڪ دفعي خواب ۾ ڏٺائين ته فريدون نالي هڪ نوجوان ايران ۾ پيدا ٿيندو، ۽ هو سندس (ذوهڪ) انت آڻيندو. ذوهڪ ڏاڍو پريشان ٿيو. هن ايران ۾ موجود هر هڪ مرد کي مارائڻ جو حڪم ڏنو. ظلم جڏهن انتها تي پهتو، تڏهن گواهه نالي هڪ ڌنار ماڻهن کي چمڙي جي جهنڊي هيٺ گڏ ڪيو. ان وچ ۾ فريدون جو پيءُ ذوهڪ هٿان مارجي ويو. فريدون جي ماءُ فريدون کي لڪائي ايران مان نڪري ويئي. ان وقت فريدون جي عمر ٻه مهينا هئي. گواهه پنهنجي ساءِ ذوهڪ سان جنگ جوٽيندو آيو. نيٺ فريدون جوان ٿيو. هو گواهه ڌنار سان آزاديءَ جي جنگ ۾ شامل ٿيو، ۽ آخر ۾ ذوهڪ ظالم کي مارڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان قصي ۾ مون ڌنار گواهه جي ڪردار کي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف عوامي تحريڪ طور محسوس ڪيو آهي. فريدون، ٿامس ڪارلائل جي فلسفي مطابق هيرو آهي، جيڪو مخصوص وقت تي پيدا ٿيندو آهي، ۽ تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيندو آهي. ■

    1977


    ليکڪ ۽ سرحدون

    ڪجهه مهينن کان هندستان جا ليکڪ هڪ ٻئي جي ڪڍ لاڳيتو پاڪستان اچي رهيا آهن. سٺي ڳالهه آهي. هونءَ به هڪ ليکڪ خيالن ۾ وسعت سبب بين الاقوامي شهري هوندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي جو جيڪي اديب انگريزيءَ ۾ لکندا آهن، يا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندا آهن، سي بين الاقوامي شهرت جا مالڪ ٿي پوندا آهن. ننڍي کنڊ، هندستان ۽ پاڪستان جا ليکڪ انگريزيءَ ۾ نه لکندا آهن، ۽ نه ئي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندا آهن. جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب انگريزيءَ ۾ لکندا آهن، سي سڄيءَ دنيا ۾ سڃاتا ويندا آهن. ٽيگور تمام وڏو اديب هو، شاعر هو. پر بنگاليءَ جو هڪ ٻيو ليکڪ سرت چندر چيٽرجي ڪنهن به صورت ۾ ٽيگور کان گهٽ نه هو. ٽيگور وڏو زميندار هو. انگريزي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهيو هو، تنهن ڪري انگريز اديبن، نقادن ۽ ايڊيٽرن سان لهه وچڙ ۾ هو. کيس نوبل انعام مليو. سرت چندر چيٽرجي پرائمري ماستر هو. اسڪول وقت تي پهچڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ مان صبح جو 4 لڳي روانو ٿيندو هو. فقط بنگاليءَ ۾ لکندو هو. تنهن ڪري بنگال تائين محدود آهي.
    ڳالهه پئي ڪيم هندستاني اديبن جي جيڪي لاڳيتو پاڪستان اچي رهيا آهن. گذريل مهيني رام لعل آيو هو. رام لعل افسانه نگار آهي. پاڪستان ۾ اردو اديبن عام طرح، ۽ ڪراچيءَ ۾ خاص طرح سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. اخبارن ۾ رام لعل تي مضمون لکيا ويا. رام لعل جي اعزاز ۾ جيڪي تقريبون ڪيون ويون، اخبارن ۽ رسالن انهن تقريبن جا مفصل احوال ڏنا.
    رام لعل جي وڃڻ کان پوءِ جگن ناٿ آزاد اڄ ڪلهه پاڪستان آيل آهي. کيس اڪيڊمي آف ليٽرس سرڪاري طرح گهرايو آهي. سٺو رجحان آهي. سياستدان قومن ۾ نفرتون ۽ تفرقو وجهندا آهن. سياستدان قومن کي هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيندا آهن. اديب ۽ شاعر قومن کي هڪ ٻئي جي قريب ڪندا آهن. اديب ۽ شاعر محبتون ۽ الفتون ونڊيندا ۽ وراهيندا آهن. تنهن ڪري اديبن ۽ شاعرن جو اچڻ وڃڻ چاهتن جي پرورش ڪندو.
    ڪجهه عرصو اڳ (ڏهاڪو کن سال اڳ) ڪجهه سنڌي اديب هندستان کان پاڪستان آيا هئا ته ڪجهه اخبارن هاءِ گهوڙا لائي ڏني هئي. ڪجهه مخصوص رسالن ۾ ان قسم جا مضمون لکيا ويا هئا، جن ۾ صاف طرح لکيو ويو هو ته سنڌي اديب اکنڊ ڀارت يا سنڌوديش ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. انهن رسالن ۽ اخبارن جي پروپئگنڊا جو ان وقت جي حڪومت نوٽيس ورتو. پگهاردار محڪمن، جن جو ڪم ئي الزامن جون فهرستون ٺاهڻ آهي، رپورٽون تيار ڪيون. وٺ وٺان ٿي ويئي. نتيجو اِهو نڪتو جو هندستان جي سنڌي اديبن وري پاڪستان جو رخ نه ڪيو.
    سنڌي ادب جو چڱو خاصو حصو هندستان ۾ تحرير ٿي رهيو آهي. رسالا ۽ ڪتاب ڇپجي رهيا آهن. اهو ممڪن نه آهي جو سياسي اختلافن سبب هڪ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ ادب کي ٻئي ملڪ ۾ رد ڪيو وڃي. ڪرشن چندر جا جيترا پڙهندڙ هندستان ۾ آهن، ان کان وڌيڪ پڙهندڙ پاڪستان ۾ آهن، سنڌي ادب جا تمام سٺا اديب هندستان ۾ آهن ـــ نارائڻ شيام، پوپٽي هيرا ننداڻي، موهن ڪلپنا، لعل پشپ، گنوسامتاڻي، ارجن، واسديو، ۽ انهن کانسواءِ سدا حيات ڪوي ماسٽر چندر ۽ پروفيسر رام پنجواڻي وغيره. اهي سڀ آرٽسٽ آهن. فنڪار آهن. انهن لاءِ به در کوليا وڃن. کين اچڻ ڏنو وڃي. مان يقين سان لکي سگهان ٿو ته لڇمڻ ڪومل ۽ مان نه اکنڊ ڀارت ٺاهي سگهنداسين، ۽ نه ئي ڪي ٻيو. اسين خوابن جا مسافر محبت ونڊيندا آهيون ــــ چاهتون وراهيندا آهيون. اسين عشق جا راکا آهيون. پيار تي لبيڪ چوندا آهيون. ■

    1980


    آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي جو جائزو

    پنهنجين ڪهاڻين جو جائزو وٺان، اها حرڪت ناجائز آهي. ٻين جي ڪهاڻين جو جائزو وٺان، ان جو حق مون کي ڪونهي. مان نقاد نه آهيان، ڪهاڻيڪار آهيان. افسانا لکندو آهيان. جيڪي ڪجهه لکندو آهيان سو نقادن لاءِ نه، بلڪه، پاٺڪن لاءِ لکندو آهيان. نقادن پنهنجي تخريبي تنقيد سان ليکڪ ٺاهيا ناهن، بلڪ ڊاهيا آهن. پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو اظهار هرڪو ڪري ڄاڻي. اها تنقيد ناهي. William Faulkner هڪ دفعو نقادن جي باري ۾ چيو هو: ”ته هو مجبور آهن. ليکڪن جا محتاج آهن. جيستائين ساهت ۾ ڪجهه لکيو نه ويندو تيستائين نقاد پنهنجي تنقيد جا تير هلائي نه سگهندا.“ فاڪنر جو رايو پٿر تي ليڪو آهي. پڙهندڙ ئي ليکڪ جا پارکو آهن. سندن پسند ليکڪ جي ليک جي ڪسوٽي آهي.
    مان هت فقط انهن ڌارائن جي باري ۾ ڳالهائيندس جتان ڪهاڻيون ڪهڪشان جي تارن وانگر ترنديون اينديون آهن. انهن واقعن جي باري ۾ لکندس جتان Inspiration جو آبشار وهي نڪرندو آهي. هيءَ زندگي مسلسل حادثن جو اڻکٽندڙ سلسلو آهي. هت هڪ ڪهاڻيءَ کان پوءِ ٻي ڪهاڻي جنم وٺندي آهي.
    ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ هڪ ستن سالن جي ڇوڪري آندائون. سڄو سرير باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويو هئس. جسم ۾ فقط ساهه هلي رهيو هئس. ڊاڪٽرن پلاسٽڪ سرجري لاءِ عوام کي عرض ڪيو. سوين انسانن هڪ ٻارڙيءَ جي زندگي بچائڻ لاءِ قطارن ۾ اچي بيٺا. انهن ۾ هندو هئا، مسلمان هئا، اڇي چمڙيءَ وارا انگريز ۽ ڪاري کل وارا شيدي هئا. هڪ ٻارڙيءَ جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ سڀني پنهنجي پنهنجي جسم جي کل ڏني. ڊاڪٽرن ڪامياب آپريشن جو اعلان ڪيو. هندن ۽ مسلمانن، اڇن ۽ ڪارن پاڻ ۾ ڳراٺڙيون پاتيون. خوشيءَ ۾ نعرا هنيائون. ڀاڪر وجهي هڪ ٻئي کي مسرت ۾ ڦيرائڻ لڳا سڀني جو مقصد هڪ هو ـــ ٻارڙيءَ جي زندگي.
    ٽين ڏينهن اُها ڇوڪري مري ويئي.
    اڄ تائين اُهو لوڏو وساري نه سگهيو آهيان. هر روز لکين انسان مرن ٿا. پر ڪجهه موت اسان جي دل ۾ نه وسرندڙ ياد ڇڏي ويندا آهن. ڇوڪريءَ جو موت سوين انسانن جي ارمانن ۽ اميدن جو موت هو.
    اسڪول ۾ مون سان گڏ ابوبڪر پڙهندو هو. شرارتي هو. هڪ ڏينهن هيڊ ماستر کيس سگريٽ ڇڪيندي ڏسي ورتو. اسيمبليءَ ۾، سڀني جي سامهون ڪن کان جهلي چماٽ وهائي ڪڍيائينس. ابوبڪر پنهنجي بي عزتيءَ جي بدلو وٺڻ لاءِ چيو ـــ ”توهان به ته سگريٽ ڇڪيندا آهيو.“
    هيڊ ماستر ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو. ابوبڪر کي اسڪول مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيائين. اُهو هيڊ ماستر ڪجهه سالن کان پوءِ ايڊيوڪيشن انسپيڪٽر ٿي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. هينئر روهڙيءَ ۾ پنهنجو ڪاليج کوليو اٿائين.
    اڄ ٺوڪر گلي، جاپاني روڊ ۽ نيپيئر روڊ تي ابو دادا جي نالي جي ڌاڪ ويٺل آهي. ابوبڪر ڪراچيءَ جي سينيمائن جو Black King آهي. اٺ ڏهه خون به ڪيا اٿائين. ڪڏهن ڪڏهن ملندو آهي ته ڏاڍي عزت سان پيش ايندو آهي. هڪ دفعو مليو ته چيو هئائين، ”هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور پڪڙبس، ڦاهيءَ جي تختي تي لٽڪندس. هيڊ ماستر منهنجي هڪ غلطي معاف ڪري ها ته مان هزارين گناهه نه ڪيان ها.“
    جيڪو انسان گناهه جو اعتراف ڪري ٿو، تنهنجو ضمير هميشه بيدار ۽ بيچين رهي ٿو. عقل ۽ اکين هوندي به اسان پاپ ۽ پڃ جي وچ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهيا آهيون هيڊ ماستر صاحب هڪ ڪاليج جو مالڪ ۽ پرنسپال آهي. عزت اٿس، ناموس اٿس. ابوبڪر، منهنجو دوست، خوني آهي، بليڪ ڪنگ آهي. نه عزت اٿس، نه ناموس.
    مان اهڙن ڪردارن جو جائزو وٺندو آهيان. کين ڳولي ڦولي، جاچيندو آهيان. گناهه کان پوءِ جيڪي انسان اعتراف ڪن ٿا، پڇتائن ٿا، سي منهنجا هيرو آهن، نائڪ آهن. کين سيني سان لڳائي سانڍيندو رهندو آهيان. سندن هار ۾ جيت جو پهلو تلاش ڪندو آهيان.
    آمريڪا جي بدنام باڪسر سني لسٽن جنهن رات غمگين اکين واري فلائڊ پيٽرسن کي Knock-out ڪيو هو، تنهن رات، تمام دير سان، اوهائيو هائي ـــ وي تي هڪ ڪار پرڀرو ٿي بيٺي. منجهس جيڪو نوجوان ويٺو هو تنهن جي منهن تي نقلي ڏاڙهي مڇون لڳل هيون. اوچتو پهرو ڏيندڙ سارجنٽ پنهنجي جيپ ڪار جي پويان روڪي ۽ نوجوان جي منهن تي ٽارچ جي روشني وڌائين. سارجنٽ حبشي نوجوان کان لائسنس گهريو. پر هو لائسنس شڪاگو ۾ وساري آيو هو. انڪار ڪيائين ته سارجنٽ چيس ـــ
    ”مان توکي گرفتار ڪندس“
    نوجوان پنهنجي نقلي ڏاڙهي لاهي ڇڏي ــ
    ”تون ڪهڙي قسم جو ايڪٽر آهين؟“
    نوجوان نقلي مڇون ۽ بيرٽ ٽوپي هٿ ۾ ڪري سارجنٽ ڏانهن نهاريو.
    ”تون فلائڊ .......“
    ”ها مان فلائڊ پيٽرسن آهيان. اڄ رات مون شڪست کاڌي آهي، ڇا هينئر به مون کي هارائڻو پوندو؟
    ”نه نه، ائين نه، ٿيندو“
    فلائڊ پيٽرسن ٻه دفعا سني لسٽن کان هارايو آهي، پر تنهن هوندي به پيٽرسن منهنجو هيرو آهي. عظيم انسانن جي ظاهري هار سندن جيت ٿي پوندي آهي. راڻي پرتاب سنگهه کي تاريخ جي صفحن ۾ ايتري ئي اهميت ملندي رهندي، جيتري اشوڪ ۽ جابر اورنگزيب کي ملندي رهي آهي. هو هارائيندا ناهن، بلڪ هميشه جي جيت کي اپنائڻ لاءِ ڪجهه دير جي شڪست کي ڳلي لڳائيندا آهن.
    نيشنل ٿيئٽرس جي هڪ ڊرامي ۾ بهترين پرفارمنس جو انعام مليو هئم. ميڪ اپ روم ۾ آيس ته ڊرامي جي نائڪا ميڪ اپ اُتاري رهي هئي. سندس دل رکڻ خاطر چيم ـــ
    ”پرواهه نه ڪر. ٻئي دفعي توکي انعام ملندو.“
    آئيني جي عڪس مان نهاريندي وراڻيو هئائين ـــ
    ”مان انعام لاءِ نه، پيٽ پالڻ لاءِ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي آهيان.“ سندس جواب ۾ جيڪو درد هو، غم ۽ ڏک هو تنهن کي وساري نه سگهيو آهيان. هيري جي ڪڻ ڪنهن لاءِ سجاوٽ، ڪنهن لاءِ زهر قاتل. مون رستي جي پٿرن ۾ تاج محل ۽ ٽٽل تاري جي لاٽ ۾ لکين نکٽ ڏٺا آهن.
    لائبريريءَ کان موٽندي، نشاط سينيما جي سامهون روز هڪ ڪراڙي شخص کي ڏسندو هئس. وڻ کي ٽيڪ ڏيئي پوسٽرن کي گهوريندو هو. ڪپڙا معمولي هوندا هئس. ائين لڳندو هئم ڄڻ چڱا ڏينهن ڏسڻ کان پوءِ مصيبتن جي ڄار ۾ وڃي ڦاٿو هو. اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ ساڄو پاسو، ٽنگ ۽ ٻانهن سميت مارجي ويو هئس. هڪ ڏينهن رهيو نه ٿيو. ڪجهه پيسا ڪڍي ڏانهس وڌايم. پنهنجي لڪڻ جي سهاري سڌو ٿي بيٺو ـــ ڪنبندڙ آواز ۾ سختي پيدا ڪندي چيائين ـــ
    ”مون کي خيرات ٿو ڏئين. خبر اٿئي مان ڪير آهيان؟“ هڪ دم هٽي بيٺس. لڳم، ڄڻ سندس اپمان ڪيو هئم. هن لرزندڙ پير سان وک وڌائيندي چيو ـــ
    ”مان هندستان جو مشهور ايڪٽر صادق علي آهيان. مون چندر موهن، پرٿوي راج ۽ سهراب مودي جهڙن فنڪارن سان ڪم ڪيو آهي. ديوڪاراني مونسان هيروئن ٿي ايندي هئي. اڄ تون مون کي بيکاري سمجهي دان ٿو ڏين“.
    هو پنهنجو شان برقرار رکندو، قدم قدم تي لڏندو لمندو اڳتي وڌي ويو. نشاط ۾ پراڻي فلم ”پڪار“ هلي رهي هئي. صادق عليءَ جي جوانيءَ واري فوٽي جو وڏو پوسٽر لڳل هو. اهڙن ڪردارن جي جائزي ۾ ڪهاڻيون اجاگر ٿينديون آهن.
    الاءِ ڇو فقط اهي ڪهاڻيون پسند ڪندو آهيان جن ۾ conflict جو جز هوندو آهي. شايد ان ڪري جو conflict ـــ ڇڪتاڻ ۾ زندگي آهي ـــ جيون جي ساگر جون لهرون آهن. ڇڪتاڻ پوءِ ڀل ته ٻن انسانن جي وچ ۾ هجي ـــ هڪ مجبور شخص ۽ سماج جي وچ هجي، مون کي متاثر ضرور ڪندي.ڪنفلڪٽ کي هر هڪ روپ رنگ ۾ پسند ڪندو آهيان ـــ پوءِ اها ڇڪتاڻ ڇونه کڻي انسان جي بغاوت ۽ قدرت جي ڏمر جي وچ ۾ هجي، ضمير ۽ نفس جي خواهش جي وچ ۾ هجي، منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويندي. گناهه ۽ ثواب جي ڇڪتاڻ، پاپ ۽ پڃ جي ڇڪتاڻ ۽، جرم ۽ سزا جي ڇڪتاڻ ۾ ڪهاڻي ڪلا لاءِ لامحدود ۽ وشال ڪائنات آهي.
    مان پنهنجين ڪهاڻين تي ڪجهه به نه لکندس پنهنجين ڪهاڻين تي ڳالهائڻ پسند نه ڪندو آهيان. جيڪڏهن ڪو سوال پڇندو آهي ته پگهرجي ويندو آهيان. مان وهمي آهيان، سنڪو آهيان. سمجهندو آهيان ته پنهنجي فن تي ڳالهائڻ ۽ ٻي جي فن تي تنقيد ڪرڻ سان پنهنجو فن ڪمزور ۽ ٿڪل ٽٽل ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن ڦونڊ ۾ ڀرجي وڌيڪ ڳالهائيندس ته Integration ساٿ ڇڏيندي رهندي ۽ فن تخليق ڪرڻ بدران سياست تي تقرير ڪرڻ جو ڪڌو جذبو جاڳي اُٿندو. ٽرڙائي ۽ show off ڪلا جو موت آهي. ڏاڙهي وڌائي، وار اڻڀا ڪري، ڪڇ ۾ ڪتاب کڻي ڪافي هائوس ۾ ويهڻ ۽ ڪنهن جي گلا ڪرڻ سان پنهنجو فن جاڳندو ناهي، بلڪه هميشه لاءِ سمهي پوندو آهي. فن جي باري ۾ ڳالهائبو ناهي، فن display ڪبو آهي. فنڪار پنهنجي فن جي تعريف ۽ ٻئي جي فن جي گلا ڪڏهن به نه ڪندو؛ ڪڏهن به تنقيد جو تخريبي پهلو پيش نه ڪندو. هو فقط پنهنجي پسند ظاهر ڪندو آهي.
    ڪهاڻي لکڻ بيحد ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن وقت لفظ ڪونجن جي قطار وانگر اُڏامندا ايندا آهن، ۽ ڪنهن وقت آڪاش جي تارن وانگر دور. ڪهاڻي ذهن ۾ ڪروٽون بدليندي رهندي آهي، پر جملا کيس جهٽي نه سگهندا آهن. خيال ڪنهن وقت ٽٽل مالها جي موتين وانگر منتشر، ته ڪڏهن سانوڻ جي وسڪاري وانگر ويجها. هڪ ڪهاڻيءَ کي پاٺڪ تائين پهچڻ ۾ جن مرحلن مان لنگهڻو پوي ٿو تنهنجي خبر ڪنهن ليکڪ کي ئي هوندي. مختلف مصيبتن جا ڪنڊا سندس راهن ۾ وڇايل هوندا آهن. مائٽن جي پٽ سٽ ۽ رولاڪ دوستن جي اچ وڃ هن لاءِ پريشانيءَ جو باعث آهي. لکڻ لاءِ اڪيلائي گهرجيس، پر گهر ننڍو آهي. پر جيڪڏهن هٿ پير هڻي ڪهاڻي لکي به ورتائين ته سڀ کان وڏي رنڊڪ سامهون اچي بيهندس ـــ ايڊيٽر جي پسند. ايڊيٽر کي ڪهاڻي پسند نه آئي ته ڄڻ سموري محنت بيڪار. ايڊيٽر جي پسند مان کيس پار پوڻو آهي. لاتعداد ۽ بي انت رنڊڪن ۽ مرحلن مان نڪرڻ کان پوءَ هڪ ڪهاڻي پاٺڪ تائين پهچي سگهي ٿي. ايترين مصيبتن کي منهن ڏيڻ جي سرت پاڻ ۾ نه ساري، ڪيترائي ليکڪ، جن ۾ لکڻ جي لامحدود ڏات هوندي آهي، ادبي ميدان مان نڪري ويندا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو آزاديءَ کان پوءِ سالن ۾ مشڪل سان ڪو هڪ نئون نالو ساهت ۾ ساهه کڻڻ لائق ٿئي ٿو، نه ته اُهي ئي لاٽون اُهي ئي چگهه.
    آزادي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا لاڙا آيا آهن، ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ ڪهڙا رنگ اپنايا آهن، مان تن جي ايناٽامي نه ڪندس. هونءَ ئي ان موضوع تي سنڌي ادب ۾ ٻه گروهه پيدا ٿي پيا آهن. هڪڙا اُهي آهن جن سنڌي ڪهاڻيءَ جي موجوده وجود کي لوئيو آهي، ننديو آهي. کين اڄ جي ڪهاڻيءَ ۾ فحاشي ۽ اُگهاڙپ نظر آئي آهي، ٻئي گروهه اڄ جي ڪهاڻيءَ کي جديد ۽ جديد تقاضائن سان ڀرپور سڏيندي سندس رکشا ڪئي آهي. مان ان اجائي ۽ بيڪار بحث ۾ پوڻ نٿو چاهيان. مان ايترو سو ضرور چوندس ته آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي ٻن حصن ۾ وراهجي ويئي آهي. هڪ ڪهاڻي هند ۾ ۽ هڪ سنڌ ۾ لکي وڃي ٿي. ٻئي سڏائڻ ۾ سنڌي آهن، پر ٻولي مختلف اٿن. هڪ هندي ۽ سنسڪرت ۾ لڙهي رهي آهي ۽ ٻي اردو ۽ فارسيءَ ۾ ٻڏي رهي آهي. اها وڇوٽي وڌي رهي آهي ـــ تيزيءَ سان، تمام تيزيءَ سان. اهو وقت پري ڪونهي جڏهن هند جي سنڌين کي سنڌ جي ڪهاڻي، ۽ سنڌ وارن کي هنن جي سنڌي ڪهاڻي سمجهه ۾ نه ايندي. اِها آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ تي سڀ کان وڏي چوٽ هوندي. سنڌي ٻوليءَ جون اکيون ٽيڏيون ٿي وينديون. مٿس ڌاريون ٻوليون کلنديون. علاج؟ علاج لاءِ مغز مارڻو پوندو!
    ڪوشش اها ڪئي اٿم ته نه پنهنجين ڪهاڻين جو ۽ نه ٻين جي ڪهاڻين جو جائزو وٺان. پر تنهن هوندي به جيڪي ڪجهه لکي ويو آهيان سو جائزو ٿو ڀانئجي. ڪهاڻي ڪلا جي ٽيڪنڪ جي ڳالهه ڪئي اٿم ته پنهنجي محبوب ليکڪن جا نالا به ضرور کڻندس.
    ڪرشن چندر کي ايتري ئي احترام سان پڙهندو آهيان جيترو Ernest Hemingway ۽ William Saroyen, Erstin Cardwel کي. هنن ٽنهي ڪهاڻي ڪلاجي گهڙيل اصولن کي ٽوڙي ڦوڙي، هڪ انوکي نرالي ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ اسٽائيل ۽ ٽيڪنڪ کي وجود ۾ آندو. ڪهاڻيءَ کي محدود دائري مان ڪڍي لامحدود ڪائنات ۾ ڇڏي ڏنو اٿائون. سير ويان انتها پسند آهي. اڄ هو Plotless ڪهاڻين جو خالق آهي. ناول نگار Hall Caine کي پوڄڻ جي حد تائين پسند ڪندو آهيان ـــ Victor Hugo کان به وڌيڪ انساني فطرت کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ٽٽولڻ جي بي انداز قوت جيڪا هال ڪين ۾ آهي سا ورلي ڪنهن ۾ لڀندي. انسان جي اندر ۾ سڌو سنئون جهاتي پائي وٺندو آهي.
    هن ليک جي منڍ ۾ لکيو هئم ته پنهنجين ڪهاڻين تي ڳالهائڻ پسند نه ڪندو آهيان. جيڪڏهن ڪو اسرار ڪندو آهي ته پاڻ کي سخت الجهن ۾ محسوس ڪندو آهيان ۽ جان ڇڏائڻ جون ترڪيبون تلاش ڪندو آهيان. T.S. Eliot جون Cocktail Party ۾ چيل سٽون ذهن ۾ اُڀري آيون آهن ـــ
    Half the harm that is done in this world
    Is due to the people who want to feel important.
    They do not mean to do harm – but the harm does not interest them,

    Or they do not see it, or they justify it
    Because they are absorbed in the endless struggle
    To think well of themselves.
    مون کي ڪوبه حق ڪونهي ته پنهنجين ڪهاڻين جو جائزو وٺان.انسان آهيان. فطرت جو غلام آهيان. پنهنجين ڪهاڻين جو جائزو وٺندس ته پاڻ کي اهم محسوس ڪندس. مان T. S. Eliot واري harm کان ڀڄڻ چاهيان ٿو، دور رهڻ چاهيان ٿو. ■

    1965


    ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي

    اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ آخرڪار ڳالهه ڪبي ڪهاڻيءَ جي، يعني افساني جي، يعني شارٽ اسٽوريءَ جي، پر ان کان اڳ مان ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اوهين مرضيءَ جا مالڪ آهيو. اضافي ڳالهين کي اوهين وڻيو ته تمهيد سڏي سگهو ٿا، يا اهڙين ڳالهين کي مهاڳ جو نالو به ڏيئي سگهو ٿا. پر مان ائين نه ڪندس. اضافي ڳالهيون هن مضمون جو حصو آهن. ائين سمجهو ته جيڪي ڪجهه اڳتي هلي مون کي چوڻو آهي ان جي پيڙهه آهن. اضافي ڳالهيون ڪٿان شروع ٿي ڪٿي ختم ٿينديون، ان باري ۾ مون کي ڪا خبر ڪونهي. ڪهاڻيءَ بابت ڳالهه ڪٿان شروع ٿيندي، ان سنڌي يعني حد بنديءَ بابت به مون کي ڪا خبر ڪونهي. اهي منهنجا اوگڻ آهن. مان جڏهن به ڪا ڪهاڻي شروع ڪندو آهيان تڏهن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي بابت نه سوچيندو آهيان. هن مهل به مان ساڳي ذهني ڪيفيت مان گذري رهيو آهيان. مون کي خبر ڪونهي ته ڪهاڻيءَ بابت اڄوڪي ڳالهه ٻولهه جو انت ڪيئن ٿيندو، ۽ ڪٿي ٿيندو!
    اوهين هن وقت جيڪي پڙهي رهيا آهيو، يا منهنجي واتان ٻڌي رهيا آهيو. سا، ”ڪي نوٽ ايڊريس key note address ناهي. اڄوڪي سيمينار جو انتظام هلائڻ وارن کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. اهو ئي بنيادي فرق ٿيندو آهي هڪ تخليقڪار ۽ هڪ اسڪالر يعني هڪ عالم جي رويي ۾. عالم ۽ اسڪالر ”ڪي نوٽ ايڊريس“ زباني، ڪلامي ۽ تحريري طور بيان ڪري سگهندا آهن. اسان جهڙا جڙتو ڪهاڻيون گهڙيندڙ موت جي گولي ۾ موٽر سائيڪل هلائي وڃي پار پوندا آهن. ۽ رات جي ماني شينهن جي کل پاتل گدڙ سان کائي، سرڪس جي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي سيليوٽ هڻي هليا ويا ويندا آهن. اوهان پاڻ سياڻا آهيو. منهنجي ڳالهه سولائيءَ سان سمجهي سگهيا هوندا. مان پڄاڻيءَ بابت شعوري طرح نه سوچيندو آهيان. پڄاڻي انسان جي وس ۾ نه هوندي آهي. فقط شروعات انسان جي وس ۾ هوندي آهي. سفر جو سانگو ڪري، اسين ڄاتل اڻڄاتل راهن ۾نڪري پوندا آهيون. ڌڪا ٿاٻا کائيندا آهيون جهرن جهنگن ۾ منجهي مرندا آهيون. جبلن ٽڪرن ۾ واٽ وڃائي ويهندا آهيون. ۽ آخرڪار گدڙن جو کاڄ ٿي ويندا آهيون. اهو ضروري ناهي ته هر ڪو مسافر سوچيل سمجهيل پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان اڳ گدڙن جو کاڄ ٿي وڃي. ڪجهه مسافر سوچيل سمجهيل پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان پوءِ گدڙ کي ڪهي، سجي پچائي کائي ڇڏيندا آهن.
    موليٰ جيئن ماڻهوءَ کي مختلف شڪليون، نڪ نقشا، منهن مهانڊا ۽ رنگ ڍنگ ڏنو آهي، تيئن ماڻهوءَ کي لکڻ پڙهڻ جو الڳ الڳ ڏانءُ ڏنو آهي. ڪهاڻي فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ جي رٿيل فارمولائن مطابق نه لکبي آهي. پر، اوهان کي اهڙا انيڪ ليکڪ ملي ويندا جيڪي لکڻ کان اڳ ڪهاڻيءَ جو خاڪو ٺاهي سامهون رکندا آهن ۽ پوءِ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندا آهن. خاڪي ۾ ڪهاڻيءَ جو منڍ، جسم يعني باڊي، ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ بابت نوٽ ورتل هوندا آهن. ڪيترائي ليکڪ ڪلائيميڪس ۽ پڄاڻيءَ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. لکڻ لاءِ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ هر ليکڪ کي پنهنجو ڏانءُ، پنهنجو انداز ۽ پنهنجو طريقو هوندو آهي.
    مان لاڳيتو لفظ ڪهاڻي استعمال ڪري رهيو آهيان. ڪهاڻيءَ مان منهنجو مطلب افسانو، يا شارٽ اسٽوري ناهي. مون لفظ ڪهاڻيءَ کي وسيع معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اسٽيج ڊرامي ۾ ڪهاڻي هوندي آهي. ناول ۾ ڪهاڻي هوندي آهي. اخبار يا رسالي لاءِ لکيل ڪنهن سياسي يا غير سياسي واقعي جي انويسٽيگيٽو رپورٽ ۾ ڪهاڻي هوندي آهي. ويندي جو اوهين پنهنجي گرل فرينڊ کي جيڪو خط لکندا آهيو، ان ۾ به ڪهاڻي هوندي آهي. هڪ انسان جي زندگي، جنم کان سندس موت تائين، مرڪزي ڪهاڻي هوندي آهي، جنهن مان حالتن پٽاندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون انيڪ ڪهاڻيون ڦٽي نڪرنديون آهن. ڪهاڻيءَ جي اهميت جو اندازو اوهين هن حقيقت مان لڳائي سگهو ٿا جو سمورن مذهبن جا ڪتاب ڪهاڻين تي مبني آهن. سڀني ڪتابن ۾ قصا آهن، ڪٿائون آهن. هر ملڪ جي انفرادي تاريخ کان وٺي انسان ذات جي مجموعي تاريخ تائين، هر تاريخ هڪ دور جي عروج ۽ زوال جو قصو آهي. ويندي جو سائنسي ايجادون به ڪهاڻيءَ وانگر دلچسپ، ڇرڪائيندڙ، تجسس پيدا ڪندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ هونديون آهن.
    آگاهه آهيان ته اڄوڪو سيمينار سنڌي ڪهاڻيءَ بابت آهي، پر مون پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو دائرو ويڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ان لاءِ مون وٽ سبب آهي. فزڪس، فزڪس هوندي آهي، فزڪس پاڪستاني، هندستاني، ايراني يا يوناني نه هوندي آهي، ڪيمسٽري، ڪيمسٽري هوندي آهي. ڪيمسٽري هندو، مسلمان، عيسائي، يهودي نه ٿيندي آهي. ساڳي طرح ڪهاڻي، ڪهاڻي هوندي آهي، سنڌي، هندي، اردو، انگريزي، روسي، فرانسيسي ۽ اهڙين انيڪ ٻولين ۾ لکڻ جي باوجود ڪهاڻيون بنيادي ماپن ۽ پيمانن ۾ هڪجهڙيون هونديون آهن. بس، رڳو ٻين ٻولين ۾ تحرير ڪيل ٻين ملڪن ۽ معاشرن جي پس منظر ۾ لکيل هونديون آهن. ڪلاشنڪوف ڪنهن سنڌيءَ جي هٿ ۾ اچڻ سان غليل نه ٿي پوندي آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ سان ڪهاڻي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين کان افضل يا ابتر نه ٿيندي آهي. ۽ اهو به ضروري ناهي ته انگريزيءَ ۾ لکيل هر ڪهاڻي سٺي هجي.
    اسان سنڌين ۾ پاڻ پڏائڻ جو ڏاڍو پراڻو مرض آهي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ آيل انگريزن مان هڪ انگريز، شايد رچرڊ برٽن پنهنجين يادگيرين ۾ سنڌين جي پاڻ پڏائڻ واري خصلت جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”چار پنج سنڌي پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، هٿ ۾ ڪٽ کاڌل ڳن ڀڳل ڪهاڙي هوندن ته پاڻ کي لشڪر سڏائيندا.“ لٻاڙ ۾ اسان جي انتها جو اندازو اوهين ان مان لڳائي سگهو ٿا جو اسين سينو ڦوڪي اڍائي ٽن ڪلاڪن وارين دٻي ۽ مياڻيءَ جي ويڙهه کي ٻن مهاڀاري جنگين سان ڀيٽيندا آهيون. پهرين عالمي جنگ ۽ ٻي عالمي جنگ.
    ائين ممڪن ناهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ هيرو يعني نائڪ پيدا نه ٿيو هجي. ٿامس ڪارلائل جي جڳ مڃيل ٿيئري آهي ته هيرو هر دور ۾ پيدا ٿيندو آهي، پر ماحول ۾ ٺاپر، لاتعلقي ۽ لاپرواهي کيس اڀري اچڻ جو موقعو نه ڏينديون آهن. اهڙيءَ ريت نامناسب ماحول سبب هيرو اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، اڻ ڳايل هتان هليو ويندو آهي. مان جڏهن سنڌين جي روين ۽ روايتن ۾ ليئو پائي ڏسان ٿو، تڏهن ٿامس ڪارلائل جي ٿيئريءَ کانسواءِ به ڪجهه ٻيا سبب مون کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا جن جي ڪري اسان سنڌ جي تاريخ ۾ آٿينٽڪ يعني مستند هيرو، سواءِ هڪ ٻن مثالن جي لهي نه سگهيا آهيون. عين ممڪن آهي ته هڪ ٻن مثالن وارن هيروز ڪي وڏا ڪارمانا ڪري ڏيکاريا هجن، يا قول ٻولن جي صورت ۾ اسان کي ڏيئي ويا هجن، جيئن هوشو شيديءَ جو مشهور جملي ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“، پر اهڙين ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿائن کان اڳتي تاريخ گونگي شاهد وانگر خاموش آهي. متجسس نسل پڇندا رهيا آهن ته اڙي بابا، ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ کان علاوه به ته هوشوءَ ڪجهه ڳالهايو هوندو؟ ڪجهه چيو هوندو؟ يا ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“ سندس پهريون ۽ آخري جملي هو، ۽ ان کان پوءِ گذاري ويو هو؟ هوشوءَ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، سنڌ جي نامياچار لاءِ هن ڇا ڇا ڪيو؟ اسان کي ان باري ۾ تفصيل سان ڪا خبر ڪونهي.
    اڄوڪو سيشن تاريخي تحقيق يا تاريخ ۾ تحقيق متعلق ناهي. پر تاريخ، ٻين صنفن وانگر، يعني، سياست، جاگرافي، سائنس، نفسيات، اقتصاديات، تهذيب، تمدن وغيره وانگر ادب جي لپيٽ ۾ ايندي آهي. تنهن ڪري هڪ ٻن حوالن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ مون تاريخ جو ورق ورايو آهي. هوشو هڪ جملو ڳالهائي، ”مرويسون، سنڌ نه ڏيسون“، تاريخ ۾ هڪ هيرو واري حيثيت ماڻي ويو آهي. پر ان کان پوءِ ايندڙ دورن کان وٺي موجوده دور تائين جن چيو، ”سنڌ ڏيسون، سر نه ڏيسون“، انهن کي تاريخ ۾ ولين، ڊوهي، ٺڳ ۽ روسياه سڏي نه سگهيا آهيون. پر اهو ڪم سنڌي ادب ۾ ڪيو ويو آهي. اها ڪا نئين روايت ناهي. دنيا جي هر ملڪ، هر ٻوليءَ ۾ سياسي پس منظر ۾ ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن ۽ لکجي رهيون آهن ۽ شايع ٿي رهيون آهن. اهڙي ادب کي دنيا ۾ ”لٽريچر آف ريزسٽنس“ يعني ”مزاحمتي ادب“ جي نالي سان ڄاتو، سڃاتو ۽ مڃيو ويندو آهي. اهڙي ادب کي سنڌ ۾ حقارت سان نعريباز ادب، يا ٺلهو نعريبازي سڏيو ويندو آهي. خشونت سنگهه جو سمورو ادب، خاص طرح سان سندس ناول ”اي ٽرين ٽو پاڪستان“، ڪرشن چندر جو ناول ”غدار“، منٽو جو افسانو ”ٽوباٽيڪ سنگهه“، آرٿر ڪوئيسلر جا ناول، خاص ڪري ”ڊراڪ نيس ائٽ نون“، سمورو روسي ادب گورڪي، ڊوستو وسڪيءَ کان وٺي اليگزينڊر سولزهنستن ۽ بورس پيسٽرناڪ تائين، انهن ۾ فرار ٿيل روسي اديب جرزي ڪاز نسڪي جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو، ۽ لکي ٿو، اچي وڃي ٿو، سنڌي ۾ جاءِ والارڻ لائق ناهن. مون کي اوچتو ڪاميو ۽ سارتر جو خيال آيو آهي، انهن کي ڪهڙي کاتي ۾ رکنداسين؟
    هيرو کي سڃاڻڻ ۽ سندس اڀري، سامهون اچڻ واري ٿامس ڪارلائل جي ٿيئري سنڌ لاءِ ڪارگر ثابت نه ٿي سگهي آهي. سنڌ جون سياسي ۽ اقتصادي حالتون، خاص ڪري 1947ع کان وٺي، بد کان بدترين ٿي رهيون آهن. سياسي، معاشي ۽ اقتصادي افراتفريءَ ۾ اسان ڪنهن به هيرو کي اڀري، سامهون ايندي نه ڏٺو آهي، سواءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي، ڀٽو بدنصيب هو، جو نه سهو ۽ تنگ دل سنڌين جي معاشري ۾ پيدا ٿيو، تنهن ڪري ٿامس ڪارلائل جي ٿيئريءَ مطابق هيرو ورشپ واري حيثت ماڻي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن ڪنهن ساڃهه وند ملڪ ۽ معاشري ۾ جنم وٺي ها، ۽ حڪومت هٿان مارايو وڃي ها، ته اڄ ذوالفقار علي ڀٽو ان ملڪ جي ماڻهن لاءِ انقلاب جي علامت هجي ها، گهر گهر پوڄيو وڃي ها.
    سنڌ ڏاڍي نڀاڳي آهي جو تاريخ جي هر دور ۾ ڌڪن مٿان ڌڪ، دوکن مٿان دوکا ۽ فريبن مٿان فريب کائڻ جي باوجود هوش ۾ نه آئي آهي. ڪٽ کاڌل ڪهاڙي کڻي اسين پاڻ کي لشڪر سڏائيندا آهيون. ذوالفقار علي ڀٽي جي مقابلي ۾ جنهن به شخص کي سنڌين هيرو سڏي سامهون آندو، کيس ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي مٿاهون ڪيو، سو زيرو ثابت ٿيو.
    ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو پاڻ، اوچتو ئي اوچتو هيرو ٿي اسان جي آڏو نه آيو هو. لا ابالي، من موجي نوجوان کان وٺي فيلڊ مارشل ايوب خان جي وزارت ۾ شامل ٿي، پنهنجي ذهانت سان آمر جا هٿ مضبوط ڪرڻ کان وٺي، اقوام متحده جي ايوانن کي پنهنجي يادگار تقرير سان لوڏي ڇڏڻ، تائين هو ملڪ جي جمهوري قوتن آڏو هڪ ڊڪٽيٽر جو ايلچي ٿي ايندو رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو وات ۾ چاندي ۽ سون جا چمچا کڻي پيدا ٿيو هو ۽ زمينداراڻي ۽ جاگيرداڻي ماحول جي عيش عشرتن ۾ پليو، نپيو ۽ وڏو ٿيو هو، پر هن جي وجود ۾ آگاهي ۽ ساڃاهه جي جوت جلي رهي هئي. آمريت جي تاريڪ راهن ۾ کيس اندر جي اجالي نئين واٽ تي وجهي ڇڏيو، کيس نئين سر زندگي شروع ڪرڻ ۽ منزل طرف وڌڻ جو اتساهه مليو. مان وري به ورجايان ٿو ته اڄوڪو سيشن تاريخ تي تحقيق جو ناهي پر ڇا ڪجي جو ادب پنهنجي ذات ۾ ڪائنات وانگر وشال آهي جنهن ۾ تاريخ کي نظر انداز ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ لکيل يا ترتيب ڏنل ڪتاب ”اف آئي ايم اسيسنيٽينڊ“ ڪنهن به بيسٽ سيلر ناول يا ڪهاڻين جي ڪتاب کان گهٽ متاثر ڪندڙ ناهي. ڪتاب ۾ تخليقي ادب جهڙي ڇڪ آهي، ڪشش آهي، ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ هڪ هڪ جملو دل ۾ گهر ڪري ويهي رهڻ جهڙو آهي. ستاويهه اٺاويهه سال گذري وڃڻ جي باوجود ڪتاب جا نوان ايڊيشن پيا شايع ٿين. سبب ساڳيو آهي جنهن جو ذڪر مان منڍ ۾ ڪري آيو آهيان. ”اف آئي ايم اسيسينيٽيڊ“ ۾ ڪهاڻي آهي، ايليمينٽ آف اسٽوري، تجسس آهي، پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ مواد آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته پڙهندڙ ڪتاب جي پهرين صفحي کان لاشعوري طور تي ليکڪ جي سفر ۾ شامل ٿي، آخري صفحي تي وڃي دنگ ڪري ٿو.
    ڪهاڻي کڻڻ يا ڪهاڻي ٻڌائڻ فن آهي، آرٽ آهي، ڏات آهي، اها ڏات ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان ملي نه سگهندي آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته پوءِ انگريزيءَ، سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ ايم اي ڪرڻ وارا ڪهاڻيون لکن ها، ناول لکن ها. وڏي تپسيا، چلا ڪڍڻ ۽ جهرجهنگ جهاڳڻ کان پوءِ گيان ڌيان جا در انهن لاءِ کلي پوندا آهن جن جي اندر ۾ ڏات جي چڻنگ اڳواٽ پئي ٽمڪندي آهي، اها ڳالهه مون ڪهاڻيون ۽ ناول لکڻ وارن لاءِ ڪئي آهي. ورنه، خالص ڪهاڻيءَ جو عنصر اوهان کي هر سٺي تحرير ۾ نظر ايندو آهي. يا کڻي ائين چوان ته هر سٺي تحرير ۾ ڪهاڻيءَ جو عنصر موجود هوندو آهي. سٺين صحافتي رپورٽن ۾ ڪهاڻيءَ جو انداز هوندو آهي. عدالتي ڪيسن بابت ”پي ايل ڊي“، ”پاڪستان لا ڊائجيسٽ“ ڪهاڻين جو ڪتاب لڳندو آهي، ڪي ايل گابا جو ڪتاب ”ناناوتي مرڊر ڪيس“ مڪمل ناول آهي، جيتوڻيڪ ڪتاب انڊين نيول آفيسر، سندس زال ۽ قتل جي واردات جو سچو پچو پيرائي ۾ ٻڌايل قصو آهي.
    اوائلي دور جو انسان ڪنهن کان غارن ۾ رهڻ سکيو؟ ڪيئن مٿس چقمق جي ٻن پٿرن کي گهي باهه ٻارڻ جو راز کليو جنهن کي اڄوڪي دور ۾ اگنيشن سڏيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي آڌار تي انسان آسمانن تي راڪيٽ ۽ ميزائل چاڙهي ڇڏيا آهن؟ ڦيٿي جي ايجاد جنهن جي آڌار تي مڪينيڪي دنيا جو وهنوار هلي رهيو آهي؟ جيتوڻيڪ اهي سائنسي ڳالهيون آهن، پر ڪهاڻيءَ جي عنصر سان ڀرپور آهن. مولانا روم جي ”مثنويءَ“ جا ڇهه واليوم پڙهي ڏسو، هر واليوم ۾ اوهان کي پڙهڻ لاءِ انيڪ ڪهاڻيون ملنديون. شاهه لطيف جو سڄو سمورو رسالو لوڪ ڪهاڻين جي رازن رمزن ۽ آفاقي اسرارن جو منظوم ڪتاب آهي.
    اوهين ڪنهن به موضوع تي لکيل ڪتاب جا ورق ورايو، ميٿميٽڪس کي ڇڏي، اوهان کي ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جو عنصر ملندو. جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪهاڻيءَ جو عنصر موجود نه هوندو ته ڪتاب جي تحرير ٻسي، ڦڪي ۽ غير دلچسپ هوندي. اوهين رائيٽ ڀائرن بابت ڪتاب پڙهي ڏسو جن هوائي جهاز ۾ اڏامڻ جو ڪامياب تجربو ڪري ڏيکاريو هو. هنن کان اڳ انسان جي اڏامڻ وارين ڪوششن جا قصا پڙهي اوهين حيران ٿيندا جنهن ۾ اڏامڻ جا بيشمار جنوني جبلن جي چوٽين تان ڪري پرزا پرزا ٿي ويا. ان قسم جون انيڪ ڪهاڻيون پڙهي اوهين تپرس ۾ پئجي ويندا ۽ سوچيندا ته پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ۽ خوابن جي تڪميل لاءِ انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ويندي جو پنهنجي جان به ڏيئي سگهي ٿو. تمنا جي تڪميل لاءِ انسان سرحدون مقرر نه ڪندو آهي، ۽ نه ئي ٻين پاران بيهاريل سرحدن جي پرواهه ڪندو آهي. جنون جي انتها نه هجي ها ته پوءِ مجنون پيدا نه ٿين ها، ۽ انسان اڄ به غارن ۾ رهي ها.
    ڪهاڻيءَ جو عنصر جيڪڏهن سائنس، ٽيڪنالاجي، اينٿرا پالاجي ۽ آرڪيالاجيءَ جهڙن مضمونن لاءِ لازمي آهي ته پوءِ ڪهاڻيءَ جو عنصر خود ڪهاڻيءَ يعني افساني، ناول ۽ ڊرامي لاءِ ڪيتري قدر نه اهم هوندو! مان اوهان کي نئين ڳالهه نه پيو ٻڌايان. اهي عالمي اصول آهن ۽ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين ۽ ناولن ۽ ڊرامن سان لاڳو آهن. سياست ٻولين ۾ ويڇا وجهي سگهندي آهي، پر مقرر ٿيل ٽيڪنيڪي اصولن سان هٿ چراند ڪري نه سگهندي آهي.
    انگريزي ادب يورپ خاص ڪري انگريزي ۾ لکيو ويندو آهي ۽ آمريڪا ۾ به، انگريز پنهنجي ادب کي انگلش لٽريچر سڏيندا آهن. پر آمريڪي پنهنجي انگريزي ادب کي انگلش لٽريچر نه چوندا آهن، هو پنهنجي ادب کي سڏيندا آهن ايمريڪن لٽريچر. ٻنهي ملڪن جي انگريزي ادب ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. آمريڪي انگريزي ادب، آمريڪي تهذيب ۽ تمدن جي پس منظر ۾ لکيل آهي. اهو فرق قدرتي آهي، نيچرل آهي. ڪنهن به ملڪ ۽ ملڪ جي ڪنهن به خطي ۾ تحرير ٿيندڙ ادب، ڪردارن کان علاوه خود ليکڪ جي روين، رجحانن، زندگيءَ ۽ موت ڏانهن لاڙن، طبيعت ۾ اٻهرائپ، ماٺاڻ، سختگيري ۽ پنهنجي فن سان مڪمل وابستگيءَ جا اولڙا ڏيکاريندو آهي.
    سياسي اٿل پٿل، ڏڦير، تشدد ۽ ورهاڱا تهذيبن ۽ تمدن کي، ريتن ۽ رسمن کي، ٻوليءَ جي هيئت کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ان ڳالهه جو واضح مثال هندستان ۽ هندستان جو ورهاڱو آهي.
    مان ڪوشش ڪندس ته هندستان جي ورهاڱي بابت ڳالهائيندي پاڻ کي ادب تائين محدود رکان. مان ورائي ورائي چئي چڪو آهيان، مڃي چڪو آهيان ته اڄوڪو سيشن ڪهاڻي متعلق آهي. ادب متعلق آهي. تاريخ يا سياست بابت ناهي. پر، ڇا ڪجي! ادب جو دائرو ايتريقدر ته وڏو ۽ وسيع آهي جو هر اهو عمل جيڪو انساني زندگيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو، يا انساني زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿو، اهڙي عمل جو ادب جي دائري کان بچي وڃڻ يا ٻاهر رهڻ ممڪن ناهي. تنهن ڪري، مان ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۽ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌي ۽ اردو ادب جو ذڪر ڪندي سياسي تاريخ جا ڪجهه حوالا ڏيندس.
    هيڏي ساري هندستان جو بٽوارو، ورهاڱو مٺ ماڻهن جي چوڻ تي ڪيئن ٿيو، ۽ ڇو ٿيو؟ اهو نج تاريخي ۽ سياسي سوال آهي. اڄوڪي سيشن ان اهم سوال تي ڳالهائڻ لاءِ مناسب ناهي. تنهن ڪري اسين پاڻ کي هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان ٺهڻ تائين محدود رکنداسين. ان لاءِ سببن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪنداسين.
    هندستان جي ورهاڱي ۾ لکين مرد، عورتون ۽ ٻار مارجي ويا، برباد ٿي ويا. اڄ تائين دنيا جو ڪوبه ادارو ايڏي ساري قتل و غارتگريءَ جا مستند انگ اکر ظاهر ڪري نه سگهيو آهي سمورا انگ اکر انومانن، اندازن ۽ ڌُڪن تي ٻڌل آهن. ان سلسلي ۾ وڏو هاڃو پاڪستان ۾ تعليم کاتي ڪيو آهي. تعليم کاتي طرفان تيار ڪرايل تاريخ ۾ هر سطح تي ٻاراڻي درجي کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين ٻارن کي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ لاءِ لکين مسلمانن جان جي قرباني ڏني هئي. اهو بنهه غلط ۽ سراسر ڪوڙ آهي. آل انڊيا مسلم ليگ جي دستاويزن ۾ ڪٿي به لکيل ڪونهي ته جيڪڏهن هزارين مسلمان جان جي قرباني نه ڏني ته پاڪستان ٺهي نه سگهندو. هندستان قديم تاريخ کان وٺي هندن ۽ هندو تهذيب وارن جو ملڪ هو. اسان مسلمانن کي هندستان ۾ آئي ڪي پنج ڇهه سئو سال ٿيا هئا جيتوڻيڪ ان کان وڌيڪ اٽڪل ست اٺ سئو سال مسلمانن اسپين تي حڪومت ڪئي هئي. اسپين ۾ مسلمانن جو جڏهن زوال آيو ته هنن سيپريٽ هوم لينڊ فار دي مسلمز آف اسپين جي گهر نه ڪئي هئي. پر، هندستان ۾ جڏهن مسلمانن جي حاڪميت جو زوال آيو تڏهن هنن سيپريٽ هوم لينڊ فار دي مسلمز آف انڊيا جو نعرو بلند ڪيو.
    اوهين پاسي واري پلاٽ مان هڪ انچ زمين جو ڦٻائي، پنهنجي پلاٽ سان شامل ڪري، جاءِ ٺاهرائي ڏسو! زميندارن ۽ قبيلن وچ ۾ گراٺ جيتري زمين ٽڪر لاءِ ورهين جا ورهيه رتو ڇاڻ هلندي آهي. نسلن جا نسل گراٺ جيتري زمين لاءِ وڙهندا رهندا آهن. هڪٻئي کي ماريندا ۽ مرندا آهن. هندستان جو ورهاڱو معمولي ڳالهه نه هئي. هڪ هزارين سال پراڻي ملڪ جو چوٿون يا پنجوڻو حصو ڪٽي ڌار ڪيو ويو هو. فساد ته هر حال ۾ ٿيڻا هئا ۽ ٿيا. فساد ايڏا ته هيبتناڪ هئا جو فقط ٻه سال اڳ ختم ٿيل ٻي مهاڀاري جنگ جون تباهه ڪاريون ۽ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي اڇلايل ايٽم بمن جي قيامت دنيا کان وسري ويئي. انهن فسادن ۾ اڻڳڻت هندو، مسلمان ۽ سک مارجي ويا. هندو، مسلمان ۽ سک عورتون بي آبرو ٿيون، ٻارن کي ڳترا ڳترا ڪيو ويو. اهو بانور ڪرائڻ ته انهن فسادن ۾ فقط مسلمان مئا هئا، سراسر غلط آهي. پاڪستاني حاڪمن کي اهڙي قسم جي تاريخن کي سڌارڻو پوندو، ورنه پاڪستان جو هر هڪ نسل سينن ۾ نفرت کڻي ۽ دماغ ۾ حقارت ڀري کامندو رهندو. اهو پڻ الڳ موضوع آهي جنهنجو اڄوڪي سيشن سان ڪو واسطو ڪونهي. پر، هڪ لحاظ کان ان موضوع جو اڄوڪي سيشن سان سڌو سنئون واسطو آهي، جو ورهاڱي ۽ فسادن جي موضوع تي بيشمار ڪهاڻيون، ناول، ڊراما ۽ ٻيو ادب ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين، خاص طرح سان بنگالي، هندي، مرهٽي ۽ اردوءَ ۾ لکيو ويو آهي. هتان لڏي ويل اصلي سنڌين هندستان ۾ ورهاڱي جي موضوع تي دل کولي لکيو.
    ورهاڱي هڪ ئي ٻوليءَ ۾ سرحد جي آرپار تحرير ٿيندڙ ادب ۾ سنڌا وجهي ڇڏيا. ان حوالي سان مان سرسري طور ٻن ٻولين جو ذڪر ڪندس. هڪ اردو ۽ ٻي سنڌي. ورهاڱي کان اڳ اردو سڄي هندستان جي ٻولي هئي. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي هئي، البته ان ٻوليءَ کي اردوءَ بدران هندستاني سڏيو ويندو هو. اسين ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ هندستاني ڳالهائيندا هئاسين. بمبئي، ڪلڪتي ۽ لاهور ۾ هر سال سوين فلمون هنديءَ ۾ ٺهنديون هيون. سڄي هندستان ۾ هلنديون هيون، خلقڻ واري تنگدل ماڻهو خلقڻ ۾ ڪا ڪنجوسي نه ڪئي آهي. اردوءَ جي عالمن ۽ اڪابرن اردوءَ ۾ خالص فارسي ۽ عربي لفظ ۽ محاورا شامل ڪيا. ساڳيءَ ريت هندستانيءَ ۾ عالمن ۽ اڪابرن ٺيٺ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ وجهڻ شروع ڪيا، اڳ ڳالهائڻ مهل خبر پئجي نه سگهندي هئي ته ڳالهائڻ وارو اردوءَ ۾ پيو ڳالهائي يا هندستانيءَ ۾ پيو ڳالهائي. فقط لکڻ مهل هندستاني گهڻو ڪري هندي صورتخطيءَ ۾ ۽ اردو فارسي صورتخطيءَ ۾ لکي ويندي هئي.
    سياست پليگ پکيڙي، مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا، ليڊرن جي روپ ۾ ٺڳن بيحد ڀاڳ ڀلايا. هيڏو سارو هندستان ڀاڱا ٿيو. ويڇا وڌيا. نفرتن جا ٻج پوکيا ويا. وڻ وڌي اونداهو جهنگ ٿي پيا. جهنگ ۾ ڪيني، ڪدورت ۽ حقارت جا نانگ، بلائون ۽ بگهڙ رت پيئڻ لاءِ آتا ٿي پيا. هندستان مان اردوءَ جا تڏا پٽجي ويا. هندستان کي وراهڻ واري تحريڪ اردوءَ ۾ هلائي هئائون، تنهن ڪري ورهاڱي کان پوءِ اردو هندستان ۾ مان مرتبو وڃائي ويٺي. اها ٻولي، جيڪا سڄي سموري هندستان جي ٻولي هئي، سا اتي ڏتڙيل مسلمانن جي ٻولي ٿي رهجي ويئي آهي. اڄوڪي هندستان ۾ لکيل ۽ پاڪستان ۾ لکيل اردو ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ ۾ ۽ لهجي ۾ اوهان کي واضح فرق محسوس ٿيندو، جيتوڻيڪ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٻنهي ڪهاڻين ۾ ڪو فرق ڪونهي.
    اصلوڪا سنڌي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏي هندستان هليا ويا.هنن سان گڏ سنڌ جو سلڇڻو، سڌريل، پڙهيل، ڪڙهيل ۽ اروچ مڊل ڪلاس به هتان هليو ويو.جن جو سڌو سنئون تعلق ست هزار سال پراڻي موهن جي دڙي واري سڀيتا، تهذيب ۽ تمدن سان هو، سي هتان هليا ويا، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کوليل لائبريريون ريڊنگ روم، ڌرم شالائون، خيراتي اسپتالون، موسيقيءَ جون منڊليون، راڳ رهاڻ جا مرڪز، اسڪول ۽ آشرم بند ٿي ويا، سکي، ستابي ۽ سڌريل سنڌ ويران ٿي ويئي. اجڙجي ويئي. موجوده سنڌ ڪنهن به حوالي سان اها سنڌ ناهي جيڪا سنڌ ورهاڱي کان اڳ هئي. 1947 کان پوءِ پيدا ٿيل نسل کي ڪيئن قائل ڪجي ته ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ کي ننڍڙو لنڊن ڇو چيو ويندو هو؟ ڇو شڪارپور جو شهر هندستان جي بي انتها سهڻن شهرن ۾ شمار ٿيندو هو؟
    سنڌ مان لڏي ويندڙ اصلوڪن سنڌين کي پنهنجي نئين وطن هندستان ۾ پاڻ مڃرائڻ ۾ دير نه لڳي، هندستان جي هڪ سئو ڏهه ڪروڙ آباديءَ ۾ سندن تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهي. پر، هنن هندستان جي ٽريڊ، ڪامرس، انڊسٽري ۽ بزنس ۾ شانائتي ساک، مان ۽ مرتبو حاصل ڪري ورتو آهي. سندن انيڪ ڪارنامن ۾، هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا وڏو ڪارنامو آهي. هندستان ۾ ڪافي اهڙيون قومون رهن ٿيون جن جو تعداد ڪروڙن ۾ آهي، پر سندن ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي مڃتا مليل ناهي. هندستان ۾ سنڌين جو تعداد رڳو لکن ۾ آهي، اٽڪل چاليهارو لک کن آهن. پر هنن سنڌيءَ کي اهو ئي مرتبو ڏياريو آهي. جيڪو مرتبو مختلف اسٽيٽس ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولين کي مليل آهي. بنگالي، گجراتي، مرهٽي وغيره. سنڌيءَ ۾ اخبارون اٿن، رسالا اٿن، ڪتاب لکجن، ڪتاب ڇپجن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي پڙهن ۽ پڙهائن.
    سٺ سال انساني تاريخ ۾ ڀل تر جيترا هجن، پر شخصي سطح تي سٺ سال ڊگهو عرصو آهي. انهن سٺ سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌ ۾ لهجو بدلجي ويو آهي. ڪيترائي لفظ مذڪر مان مونث ۽ مونث مان مذڪر ٿي پيا آهن. ڪجهه فيشن طور ۽ ڪجهه مجبوريءَ سبب. ٻاهريان لفظ سنڌيءَ ۾ مروج ٿي ويا آهن. ٻولي، ڪنهن به تحرير جو جامو هوندي آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جامي تي ٻين ٻولين، خاص طرح سان اردوءَ جا پيوند لڳي ويا آهن.
    ساڳيءَ ريت هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جامي تي وڏي انگ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻولين جهڙوڪ هنديءَ جا پيوند لڳي ويا آهن. سرحد جي ٻنهي پاسي سنڌيءَ ۾ ڪهاڻيون لکجي رهيون آهن. پڙهجي رهيون آهن. پر، ٻنهي طرف تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين تي پنهنجي ماحول ۽ معاشري جا ٻوليءَ جي روپ ۾ ايترا ته پيوند لڳي ويا آهن جو سرحد جي ٻنهي پاسي تخليق ٿيندڙ ڪهاڻي هڪٻئي لاءِ اجنبي ٿيندي پيئي وڃي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪو ترت تدارڪ نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو وقت به ڏسڻو پوندو جو سرحد جي ٻنهي پاسي هڪٻئي جون تحريرون پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سنڌي، هندي ۽ اردو ڊڪشنريون کولي، سامهون رکڻيون پونديون. دوري يا وڌندڙ وڇوٽيءَ جو مسئلو ان لاءِ به گنڀير هو جو ٻنهي ملڪن جي ليکڪن کي لکڻ لاءِ هڪٻئي کان بنهه مختلف مواد ۽ موضوع ملي رهيا آهن. هڪ ملڪ ۾ جمهوريت آهي، قانون جو احترام آهي، ۽ عدالتن تي ماڻهن کي اعتبار آهي. ٻئي ملڪ ۾ نه جمهوريت آهي، نه آئين آهي، نالي ماتر قانون جو ٽڪي جيترو احترام ناهي ۽ عدالتن تان ماڻهن جو اعتبار کڄي ويو آهي. ماحول ۾ ان انتها جو فرق هئڻ سبب ٻنهي طرف عام ماڻهوءَ کي سامهون ايندڙ مونجهارا ۽ مسئلا به بنهه مختلف آهن.
    ڏات ۽ ڏانءُ ليکڪ کي الاءِ ڪٿان ملندو آهي. پر لکڻ لاءِ ليکڪ مواد پنهنجي معاشري مان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تان کڻندو آهي. ليکڪ ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما لکندي لکندي مري ويندا آهن. هنن جي جاءِ ٻيا ليکڪ اچي ولاريندا آهن. اهو سلسلو ازل کان هليو هو ۽ ابد تائين هلندو رهندو. ليکڪ کي لکڻ جو اتساهه ڏيڻ لاءِ ماحول مان ملندڙ مواد ۾ ڪا ڪمي نه آئي آهي. ڪنهن به قسم جي مادي يا روحاني ترقي انسان جي باطني ۽ ظاهريءَ جو وجود کي فنا ڪندڙ مسئلن جو حل ڏيئي نه سگهي آهي. هر طرح جي ترقيءَ جي باوجود انسان اڪيلو، توائي، مايوس يا جنوني ٿيندو ٿو وڃي. ڪهاڻي ان ڏينهن پيدا ٿي جنهن ڏينهن انسان پيدا ٿيو هو. ڪهاڻي ان ڏينهن پنهنجو پاڻ مري ويندي جنهن ڏينهن دنيا جو آخري ماڻهو مري ويندو. ڪهاڻي مرڻ واري اصطلاح ڪجهه سئو سالن کان سنڌ ۾ اچي آباد ٿيڻ وارن نووارد سنڌين جي ايجاد آهي. ان قسم جو مايوس ڪندڙ اصطلاح مون ٻي ڪا ٻولي ڳالهائڻ وارن جي واتان ڪڏهن ڪو نه ٻڌو آهي. اهو مسئلو نووارد سنڌين جو آهي جن 1947ع کان پاڻ مڃائڻ بدران، پاڻ وڃائڻ واري خصلت ۾ پنهنجو ثاني نه ڇڏيو آهي. نووارد سنڌين جا پنهنجا انيڪ قبائلي مسئلا آهن، جن هنن کي اڄ تائين هڪ ٿيڻ نه ڏنو آهي. جهيڙن جهٽن کان علاوه هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ نووارد سنڌين جي مخصوص سڃاڻپ ٿي پيئي آهي.
    جيستائين هڪ به سنڌي جيئرو آهي، پوءِ ڀل ته کڻي هو اصلوڪو سنڌي هجي يا نووارد سنڌي هجي، سنڌي ڪهاڻي جيئري رهندي، ڇو جو ڪهاڻي ڪميونيڪيشن آهي ۽ ڪميونيڪيشن هر انسان جي ضرورت آهي. ڪهاڻي هنر آهي ۽ هنر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رهندو آهي. مووي ڪيميرائن اچڻ سان اسٽل ڪيميرائون ٺهڻ بند نه ٿيون آهن. ٽيليويزن جي اچڻ جو فلم انڊسٽريءَ تي تر جيترو به اثر نه ٿيو آهي. اٽلندو، آمريڪا، هندستان، جاپان ۽ چين ۾ فلمن ٺهڻ جو تعداد وڌي ويو آهي.
    آئنسٽائن جي مرڻ کان پوءِ سائنسي ايجادن کي ٻنجو نه آيو آهي. سقراط جي مرڻ کان پوءِ به فلسفو نه مئو آهي. مائيڪل اينجيلو جي مرڻ کان پوءِ حقيقي آرٽ ۽ مجسمه سازيءَ جو فن فنا نه ٿيو آهي. پڪاسو جي مرڻ کان پوءِ تجريدي آرٽ ختم نه ٿيو آهي. هيمنگوي جي مرڻ سان آمريڪي ڪهاڻيءَ جو خاتمو نه ٿيو آهي. ڪرشن چندر جي مرڻ کان پوءِ اردو ڪهاڻيءَ جو انت نه آيو آهي. خليل جبران جي مرڻ کان پوءِ صوفياڻي پيرائي ۾ ڳالهه ٻڌائڻ جو هنر موڪلائي نه ويو آهي. اڄ تائين ڪو اهڙو انسان دنيا ۾ نه آيو آهي، جنهن جي اسهڻ سان هن وايو منڊل جو، ڪائنات جو ڪاروبار هڪ گهڙيءَ لاءِ بيهي رهيو هجي.
    اسين مري وينداسين، سنڌي ڪهاڻي نه مرندي. ■

    2008


    ورهاڱي جو محشر : ڪرشن چندر جي ڪتاب ”غدار“ جو مهاڳ

    هڪ سوال جي جواب ۾ ڪرشن چندر چيو هو، ”منهنجي ڪاميابي جو راز شايد ان ڳالهه ۾ پوشيده آهي جو مان پنهنجين تخليقن ۾ موجوده مسئلن کي کڻندو آهيان ۽ انهن مسئلن کي سادي نموني پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جيئن رواجي پڙهندڙن کي به ڪهاڻي سمجهه ۾ اچي سگهي.“
    ڪرشن چندر جي غير معمولي مقبوليت ۽ عالمگير شهرت جو سڀ کان وڏو سبب به اهو ئي آهي جو هو پنهنجي تحرير ۾ سادگيءَ کان ڪم وٺندو آهي ۽ عام پڙهندڙن کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪندو آهي. سندس ڪهاڻين، ناولٽ ۽ ناولن جا ڪردار به اسان منجهان هوندا آهن ۽ اسان وانگر عام رواجي هوندا آهن. ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا ڪردار جيتوڻيڪ ڏتڙيل ۽ چيڀاٽيل، ٿڪل ۽ ٽٽل، وڍيل ۽ وياڪل هوندا آهن، پر تنهن هوندي به سندن اُجهايل اکين ۾ مستقبل جي روشني ۽ سڪل چپن تي اميدن جي اڻ لکي مرڪ هوندي آهي. بلونت سنگهه جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڪرشن چندر چيو هو، ”منهنجي ذهن ۾ ڏکن ۽ ڏاکڙن جا ڊگها پاڇا ايندا آهن، پر مان انهن کي ايد جي روشنيءَ سان پري ڪندو آهيان، ڇوته انسان جو آئيندو روشن آهي.“ ڪرشن چندر کي پنهنجو مخصوص ۽ منفرد لکڻ جو ڍنگ آهي. هو پنهنجي تحرير ۾ طنز ۽ مزاح کان ڪم وٺندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن طنز ۽ مزاح ۾ فرق نه رکندو آهي ۽ ڪمال خوبيءَ سان مرڪ ۽ لڙڪ گڏي زندگيءَ جو حقيقي رخ پيش ڪندو آهي. سندس ڪهاڻيون، ناولٽ ۽ ناول زندگيءَ جي ترجماني ڪندا آهن. سندس لکيل هڪ لفظ ۽ جملي جي منفر معنيٰ ۽ مقصد هوندو آهي. هو عالمگير امن جو حامي ۽ مذهب جي نالي ۾ پيدا ڪيل نفرت جو جاني دشمن آهي. پنهنجي ان نظريي جوا ظهار ڪرشن چندر لاتعداد ڪهاڻين، ناولٽ ۽ ناولن ۾ ڪيو آهي، پر جنهن طاقت ۽ اثر سان مذهب جي نالي ۾ پيدا ڪيل نفرت کي هن ”غدار“ ۾ ننديو آهي، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
    ناول ”غدار“ جو پس منظر 1947ع وارو خوني زمانو آهي، جڏهن، دين ڌرم جي نالي ۾ انسانيت کي اگهاڙو ڪري، ملڪي حوس جي چوواٽي تي سندس عزت لٽي ويئي هئي. دوستيءَ شرم وچان خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اخلاق آپگهات هو. نفرت جي شيطان هڪ هٿ ۾ تلوار، ٻئي هٿ ۾ ويد کڻي ڌرتيءَ کي لتاڙي ڇڏيو هو. ان افراتفريءَ واري دور جي قاتلن ۽ مقتولن جي باري ۾ ڪرشن چندر لکيو آهي، ”مرندڙ جي زبان تي پويون نالو خدا جو هو ۽ ماريندڙ جي زبان تي به خدا جو نالو هو ۽ جيڪڏهن مرندڙ ۽ ماريندڙ جي مٿان، تمام پري، مٿي ڪو خدا هو ته بنا شڪ جي بيحد ستم ظريف هو.“
    ناول ”غدار“ ۾ ڪرشن چندر سياسي چوپڙ کي بلڪل رد ڪري، رڳو انهن مظلوم انسانن جي ڪهاڻي لکي آهي، جن کي ازل کان مذهبي جنون جي صليب تي ۽ سياسي سرحدن جي ديوارن تي لٽڪائي نفرت جي تيرن سان چٽيو ويو آهي. هن ناول جو مرڪزي موضوع آهي نفرت خلاف احتجاج.
    ڪرشن چندر جي لامحدود تخليقي قوتن هن ناول ۾ فن جي انتهائي بلندين کي ڇهي ورتو آهي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هي ناول ڪرشن چندر جو عظيم ناول آهي. هن خودڪلامي (Monologue and Soliloquy) علامتن (Symbols) تخليل جي پرواز منظر ڪشي ۽ سهڻين تشبيهن ۽ ٺهڪندڙ استعارن (Metaphor) کان ڪم وٺي ناول ”غدار“ جي گرفت کي ايتري قدر ته مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي ساڳئي وقت مهاجر ۽ سرنارٿي، هندو ۽ مسلمان، ظالم ۽ مظلوم قاتل ۽ مقتول محسوس ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو. هن ناول جا ڪجهه حصا شعوري وهڪري (Stream of Consciousness) ۾ لکيل آهن ۽ بيحد اثرائتا آهن. ناول جي انهن حصن ۾ مرڪزي ڪردار بيج ناٿ جي ذهني ۽ نفسياتي اوسر کي ڪرشن چندر فنڪاريءَ سان چٽيو آهي. هڪ هنڌ، هنسن کي ڏسي بيج ناٿ کي خيال ٿو اچي ته، ”اڄ انسان جي دنيا ۾ گگهه اونده آهي، نسورو ظلم آهي، سخت تنگ نظري آهي. مون کي پنهنجن پرن تي ويهاري پاڻ سان وٺي هلو، هنسو.“
    هٿرادو تهذيب جي کوکلائپ تي ڀرپور وار ڪرڻ لاءِ ڪرشن چندر بيج ناٿ جي ذهني ڪشمڪش ۽ انتشارگي پڙهندڙ آڏو پيش ڪيو آهي. بيج ناٿ جڏهن فسادين کان جان بچائڻ لاءِ ڪمند جي پوک ۾ گهڙي پوي ٿو ۽ اوچتو پنهنجي ڪتيءَ کي ڪڍ ايندي ڏسي ٿو، تڏهن دل ئي دل ۾ ڪتيءَ کي چوي ٿو، ”تون ته ڪتي آهين، توکي ڪهڙو ڊپ، تون انسان ٿورئي آهين، جو توکي جان جو خوف هجي. هي سڀ ته تهذيب جون ڳالهيون آهن، وڏن وڏن مذهبن ۾ اخلاقن جا جهڳڙا آهن. شڪر ڪر جو تون غير مذهب، جاهل ۽ بي اخلاق آهين. شڪر ڪر جو اڃا توکي اها ڄاڻ ڪونهي ته مذهب ڇاهي ۽ تون ڪنهن مسجد، مندر ۽ گرجا ۾ نه ويئي آهين. تو ڪڏهن آزاديءَ جو مفهوم نه سمجهيو آهي. ڪڏهن ڪنهن سياسي ليڊر جي تقرير نه ٻڌي اٿئي. شڪر ڪر ته تون ڪتي آهين، انسان ناهين.“
    ناول ”غدار“ ذهني انتشار، ڪشمڪش ۽ جدوجهد جي ڄار ۾ ڦاٿل بيج ناٿ جي فرار جو ناول آهي. سندس ڳوٺ جتي هو ۽ سندس ابا ڏاڏا صدين کان رهندا آيا هئا، ورهاڱي وقت پاڪستان جي حصي ۾ اچي ٿو. ڳوٺ ۾ فساد ٿئي ٿو ۽ هندن ۽ سکن کي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ڀڄڻو پوي ٿو. ڀڄندي ڀڄندي بيج ناٿ سان جيڪي ڪجهه وهيو واپرايو آهي، جيڪي به کيس ذهني ۽ روحاني صدما رسيا آهن، سي ڪرشن چندر پنهنجي خدا داد في قوت ۽ تخيل جي پرواز سان هن ناول ۾ قلمبند ڪيا آهن. هي ننڍڙو ناول نه رڳو مظلوم انسانن جي بي انت ڏکن سورن جو داستان آهي، پر ورهاڱي جي خوني تاريخ تي هڪ قوي هيڪل شاهد پڻ آهي. بيج ناٿ ٻڌائي ٿو، ”منهنجي چئني طرف لاش ئي لاش پيا هئا. ڪراڙن جا لاش، جوانن جا لاش، عورتن جا لاش، ٻارن جا لاش، اُبتا لاش، ستبا لاش، اوڪڙون لاش، جن جا ڌڙ اگهاڙا هئا. جن جا هٿ سيٽجي ويا هئا. لاش، جن جون اکيون کليل هيون. لاش، جن جون اکيون بند هيون، لاش جن جي هٿن ۾ کير جون بوتلون هيون. لاش، جيڪي زندگيءَ جو سمورو زهر پي ويا هئا ۽ هميشه لاءِ سمهي پيا هئا.“
    ڪرشن چندر عظيم ليکڪ آهي. هڪ ليکڪ کي ڪهڙي ڳالهه لکڻ گهرجي ۽ ڪهڙي نه لکڻ گهرجي، تنهن باري ۾ هو هميشه خبردار رهندو آيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جملو پورو نه ڪرڻ سان يا جملي مان ٻه چار لفظ ڪڍي ڇڏڻ سان ڪهاڻيءَ جي مخصوص ماحول ۾ جيڪو تاثر پيدا ٿيندو آهي، سو مڪمل جملي يا لفظن جي غير ضروري وڌاءُ سبب زيان ٿي ويندو آهي. هن ناول ۾ ان قسم جا ڪيترائي مثال ملندا جي قابل ليکڪ فنڪاريءَ سان جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آهي يا جملي مان ڪجهه لفظ ڪڍي ڇڏيا آهن. شرنارٿين جي ڪيمپ ۾ بيج ناٿ هڪ هنڌ هندو جوانن جي قطار ڏسي، قطار ۾ بيٺل هڪ شخص کان پڇي ٿو، ”ڇا هتي راشن ملي ٿو؟“
    جوان کلي جواب ڏيئي ٿو، ”ها، هتي سيڪس (Sex) جو راشن ملي ٿو.“
    ”مطلب؟“
    جوان چوي ٿو، ”هڪ مسلمان ڇوڪري هٿ چڙهي ويئي آهي، اسان سندس بي عزتي ڪري رهيا آهيون.“
    اُن هيبتناڪ منظر ۾، قطار ۾ بيٺل هڪ هڪ هندو نوجوان اندر وڃي ٿو ۽ مسلمان ڇوڪريءَ جي عصمت لٽي ٿو. ڇوڪريءَ جي تڪليف، ايذاءَ، ڏک ۽ مجبوريءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪرشن چندر نامڪمل جملي کان ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري اُن منظر جو ڇهاءُ رجيل لوهه وانگر پڙهندڙ جي روح مان پار ٿي وڃي ٿو. بيج ناٿ مسلمان ڇوڪريءَ جا ايلاز ٻڌي ٿو، ”او ڀاءُ، او ادا منهنجا ڀائڙا، مان تنهنجي ڀيڻ آهيان.“
    مٿين اڻپوري جملي کان پوءِ ڪرشن ان بدنصيب ڇوڪري جي باري ۾ ڪجهه نه لکيو آهي. ڪجهه نه لکي، هن ڇوڪريءَ جو ڪردار پڙهندڙن جي ذهن تي هميشه لاءِ نقش ڪري ڇڏيو آهي.
    ڪرشن چندر عالمگير نظرين جو حامي آهي. عالمي امن ۽ انسان جو روشن آئيندو سندس دائمي فڪر آهن. سندس هر ڪهاڻي ۽ هر ناول مان اهڙا اشارا ملندا رهن ٿا جن مان اهو ثبوت ملي ٿو، ته ڪرشن چندر بنيادي طرح ڏتڙيل انسانن جي سلامتي ۽ بهبوديءَ جو علمبردار آهي، کيس ان ڳالهه سان واسطو ڪونهي ته ڏتڙيل انسان هندو آهي يا مسلمان، سک آهي يا عيسائي. هن ڏتڙيل انسانن جي حمايت لاءِ دين ڌرم کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي. هن ناول ۾ هڪ هنڌ ڀڄ ڀڄان ۽ افراتفريءَ جي دوران ٻه سنگتي پاڻ ۾ ملن ٿا. منجهائن هڪ هندو آهي ۽ ٻيو مسلمان، ٻئي موچي آهن. ڀاڪر پائي ملن ٿا ۽ روئن ٿا. مسلمان موچي چوي ٿو، ”ويٺي ويٺي زماني کي ڇا ٿي ويو، نٿو، هي ڇا ٿي ويو، اسان جلنڌر ۾ به بوٽ ڳنڍيندا هئاسين، لاهور وڃي به بوٽ ڳنڍينداسين. هي جهيڙو ڇا جو آهي.“
    دنيا جي جديد ادب ۾ ٻار (Child) کي آئيندي جي علامت (Symbol) طور استعمال ڪيو ويو آهي. ٻار تنهن ڪري اڄوڪي ادب جو لازمي حصو ٿي پيو آهي. ڪرشن چندر ٻار جو ڪردار علامتي انداز ۾ پنهنجن لاتعداد ڪهاڻين ۽ ڪجهه ناولن ۾ به استعمال ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سندس ڪجهه مشهور تصنيفون آهن. ”دادر پل ڪي بچي“، ”چوراهي ڪا ڪونئا“، ”راني“، ”ڪالا سورج“، ”پالنا“، ”ايراني پلاءُ“، ”آسمان بناني والا“، ”ميري يادون ڪي چنار“، ”ڀگوان ڪي آمد“ وغيره. ان لحاظ کان ناول ”غدار“ جي پڇاڙي پنهنجي ساءِ ادب جو مثالي حصو آهي جنهن ۾ بيج ناٿ هڪ مسلمان ٻار کي سيني سان لڳائي، لاشن مٿان لنگهندو، پکڙجندڙ روشنيءَ ڏانهن هليو وڃي ٿو.
    بيج ناٿ ماضيءَ جي خوشحالي ۽ حال جي بدحاليءَ جي وچ ۾ وچڙيل ذهين طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن کي مستقبل ۾ امن ۽ پيار جي تلاش آهي. بيج ناٿ جي ٻانهن ۾ ٻار انسان ذات جي روشن آئيندي جي علامت آهي ۽ آسمان مان ڦٽندڙ روشني سچ آهي، جنهن جي آڏو، هٿرادو نفرتن جي اوندهه کي شڪست کائيندي ڏيکاريو ويو آهي.
    ناول ”غدار“ ۾ زبردست طاقت آهي، بيپناهه قوت آهي. لفظ لفظ پنهنجي جاءِ تي معنيٰ سان ڀرپور آهي. منجهس ايڏو ته زور آهي جو پٿر جهڙا روڏ ۽ برف جهڙا سرد ذهن به ناول جي آتش آڏو رجي ميڻ ٿي ويندا. ڪو اهڙو پڙهندڙ نه ملندو جيڪو هن عظيم ناول جي اٿل کان پاڻ ڪڍائي سگهندو. ناول ”غدار“ پڙهڻ کان پوءِ هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو ته هندستان ۽ پاڪستان جا عوام، جيڪي مانيءَ جا محتاج، بي گهر، اُگهاڙا ۽ بيمار آهن، تن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ نفرت جو ٻج ڪنهن ڇٽيو آهي ۽ ڇو ڇٽيو آهي؟ ڇا ان نفرت سان ڏتڙيل انسانن جا مسئلا حل ٿي سگهندا؟ ڇا هڪ ٻئي لاءِ نفرت جا کورا سيني ۾ سانڍي ٻنهي ملڪن جا ماڻهو جيئرا رهي سگهندا ۽ پنهنجي شخصي آزاديءَ سان گڏ پنهنجي پنهنجي ملڪ جي آزادي برقرار رکي سگهندا؟ ناول ”غدار“ جي باري ۾ ڪرشن چندر لکيو آهي ته، ”هن ناول مان منهنجو مقصد ڇا آهي؟ نفرت؟ هر گز نه. مان پاڪستان جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ جو خواهشمند آهيان ته هندستان جي سلامتيءَ جو پڻ. مان چاهيان ٿو ته ٻئي ملڪ جدا، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي آزاد ۽ خود مختيار رهن ۽ هڪٻئي جي ڀلائي چاهين، ته جيئن، ننڍي کنڊ جي غريب ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن.“
    ڪرشن چندر جي عمر 54 سال آهي.l تعليم انگريزيءَ ۾ ايم . اي ۽ ايل. ايل. بي تائين حاصل ڪئي اٿائين. شروعات ۾ آل انڊيا ريڊيو ۾ نوڪري ڪيائين، جيڪا سندس دل وٽان نه هئي ۽ آخر ڇڏڻي پيس. هن وقت ڪرشن چندر هندستان جي فلمي صنعت سان وابسته آهي ۽ فلمن لاءِ ڪهاڻيون، مڪالما وغيره لکندو آهي. کيس لکڻ سان جنون جي حد تائين چاهه آهي. سندس اٺ سئو کن ڪهاڻيون ۽ چوويهه کن ناول شايع ٿي چڪا آهن، جن مان اڪثر ڪهاڻين ۽ ناولن جا ترجما دنيا جي سڀني سڌريل ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن.
    ناول ”غدار“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پيش ڪري اداري ادب نو، سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو ڪيو آهي. هن ناول جو ترجمو نوجوان ڪهاڻيڪار وليرام ولڀ ڪيو آهي. وليرام ولڀ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ هن وقت سنڌيءَ ۾ ايم . اي ڪري رهيو آهي. ■

    1968


    روايت جي ابتڙ : ماهتاب محبوب جي ڪتاب ”پرهه کان پهرين“ جو مهاڳ

    هڪ همعصر جڏهن پنهنجي دور جي ٻئي همعصر کي قبول نه ڪندو آهي، تڏهن سندس ڪتاب جو مهاڳ لکندو آهي. پر، مون ماهتاب جي ڏات کي هميشه قبول ڪيو آهي. ان وقت به مان سندس فني قابليت جو قائل هوس، جڏهن هوءَ ماهتاب منور عباسيءَ جي نالي سان لکندي هئي، ۽ اڄ پڻ آهيان، جڏهن هوءَ ماهتاب محبوب جي نالي سان لکي رهي آهي. تنهن ڪري، ماهتاب جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ ڪوبه مناسب سبب منهنجي سمجهه ۾ اچي نه سگهيو آهي.
    عام حالتن ۾ ڪوبه هوشمند شخص پنهنجي همعصر جي ڪتاب جو مهاڳ نه لکندو آهي. جيڪڏهن لکندو آهي، ته کيس پنهنجي مٿي تي هڪ عدد چٻرو ويٺل محسوس ٿيندو آهي، جيڪو کيس خوامخواهه افلاطون هئڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رکندو آهي. مون پنهنجي مٿي تي ڪنهن به قسم جي چٻري کي ويهڻ نه ڏنو آهي. منهنجو رشتو ڌرتي سان آهي، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان آهي. مان ماهتاب جي ڪتاب جو مهاڳ ان ناتي لکي رهيو آهيان، جو هوءَ ڌرتيءَ جي ماڻهن جون ڪهاڻيون لکندي آهي. عام ماڻهن جون ڪهاڻيون لکندي آهي. سمجهه ۾ ايندڙ، سادي ۽ سولي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون لکندي آهي.
    مهاڳ، دستور موجب، ڪتاب جي مواد تي لکيو ويندو آهي. پر مان، ان دستور جي خلاف ورزي ڪندي ڪتاب جي مواد تي نه لکندس. ماهتاب جون ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون آهن. کيس پڙهندڙن جو وڏو حلقو آهي. مان پنهنجو رايو پڙهندڙن تي مڙهڻ نه ٿو چاهيان. مان هميشه ان حقيقت جو قائل رهيو آهيان، ته نقاد ۽ مهاڳ لکندڙ کان وڌيڪ عام پڙهندڙ اهم آهي، جنهن جي ڪري، ۽ جنهن جي وسيلي ليکڪ زنده رهي ٿو؛ اُڀري ۽ اُسري سگهي ٿو. مان، تنهن ڪري ڪتاب جي مواد تي ڪجهه نه لکندس.
    ٻارهن ـ چوڏهن سال اڳ جي ڳالهه آهي! تڏهن ماهتاب جون ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ پابنديءَ سان ڇپجنديون هيون، ۽ مان پنهنجي ڪا ڪهاڻي نئين زندگي رسالي جي صفحن تي ڏسڻ لاءِ سڪندو هوس. مان رسالي جي ايڊيٽر کي پابنديءَ سان ڪهاڻيون موڪليندو هوس ۽ هو ڏاڍي پابنديءَ سان ڪهاڻيون موٽائي موڪليندو هو.
    ماهتاب جون ڪهاڻيون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڏسي مان خار کائيندو هوس. مون کان جڏهن برداشت ٿي نه سگهيو، تڏهن مون هڪ هفتيوار اخبار ۾ ماهتاب جي ڪهاڻي، ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر ۽ رسالي جي پاليسيءَ خلاف نجمه شيرين جي نالي سان تنقيدي خطن ۽ مضمونن جو سلسلو شروع ڪيو. مخفي نالي سان لکيل منهنجن خطن ۽ مضمونن پڙهندڙن ۽ ماهتاب جي صحت تي ڪو اثر ڇڏيو يا نه، تنهن باري ۾ مون کي ڪابه خبر ڪانهي. باقي ڪجهه پڙهندڙن کي منهنجو مخفي نالو، نجمه شيرين ڏاڍو وڻي ويو. هنن مون کي ايترا ته عشقيه خط لکيا، جو مجبور ٿي مون کي نجمه شيرين جي نالي سان لکڻ جو تنقيدي سلسلو ختم ڪرڻو پيو.
    مون پنهنجي اصلي نالي، امر جليل، سان جلاوطن ٿي لکڻ جو فيصلو ڪيو. ان عرصي ۾ مون محسوس ڪري ورتو هو، ته ٻئي همعصر تي تنقيد ڪرڻ ۽ ساڙ کائڻ سان پنهنجي حصي ۾ ڪروڌ کان سواءِ ڪجهه نه ٿو اچي. مون هندستان جي سنڌي رسالن ۾ پابنديءَ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ سالن تائين منهنجي تحرير سنڌ لاءِ سڪندي رهي.
    مقصد سان سچائيءَ جو درس مون کي ماهتاب وٽان مليو. عام عورت جي سجاڳي، وهمن، سنسن، ۽ دقيانوسي روايتن خلاف جنگ جوٽڻ ماهتاب جي ڪهاڻين جو مقصد آهي. سندس طنز جو زهر ڪنهن ڪنهن وقت ايڏو ته ڪڙو هوندو آهي، جو پڙهندڙ ماهتاب جي تحرير جي تلخي پنهنجي روح ۾ محسوس ڪندو آهي.
    1947ع کان پوءِ، سنڌي ادب جي تخليقي ادب ۾ فقط ماهتاب ئي آهي جنهن پابنديءَ سان مسلسل ۽ لاڳيتو لکيو آهي. مسلسل ۽ لاڳيتو لکڻ سنڌي ادب لاءِ بلڪل نئين روايت آهي. ان روايت گهڻن ئي نقادن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. سنڌي تخليقي اديب جي ادبي عمر پنجن کان ڏهن سالن جي وچ ۾ هوندي آهي. دنيا جي ٻين ٻولين جي اديبن جي ادبي عمر پنجويهن کان پنجاهه، ۽ سمر سيٽ مهام جي معاملي ۾ ستر سال آهي. ان لحاظ کان ماهتاب سنڌي تخليقي ادب ۾ لاڳيتو ۽ مسلسل لکڻ جي پيڙهه وڌي آهي.
    ماهتاب ضدي، ۽ پنهنجن فيصلن جي پابند رهي آهي. مان سمجهان ٿو، هن جڏهن ڪو سنڌي ادب ۾ لاڳيتي ۽ مسلسل لکڻ جي پيڙهه وڌي آهي، تڏهن ان کي پختو به ضرور ڪندي، ۽ لکندي رهندي.
    تمام گهٽ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته ماهتاب منهنجي ڀيڻ آهي. نه فقط ايترو، هوءَ منهنجي پياري دوست محبوب شيخ جي گهرواري پڻ آهي. ٻئي زال مڙس زور آور آهن. منهنجي مٿي تي چٻرو ويهاري چيائون ته، ”هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لِکُ“. مون چٻرو اُڏاري ڇڏيو، پر سندن حڪم ٽاري نه سگهيس. تنهن ڪري، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو مهاڳ ناهي. ■

    1973


    رفيق سومري جي ڪتاب جو مهاڳ : مهاڳ ـ جيڪو اصل ۾ امهاڳ آهي

    ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ گهڻو ڪري ٽن قسمن جا ماڻهو لکندا آهن ـــ مصنف جا دوست، رٽائر ڪيل اديب، ۽ نقاد ـــ مصنف جي دوست طرفان لکيل مهاڳ ۾ مصنف جي رازن تان پردو کنيو ويندو آهي، ۽ پڙهندڙن کي مصنف جي مخفي زندگيءَ سان روشناس ڪرايو ويندو آهي. مثال طور، فاضل مصنف ننڍپڻ ۾ ڪهڙي رنگ جي نڪر پائيندو هو ـــ اسڪول ۾ ماستر هٿان مار کائيندو هو، يا نه ــــ بيحد جذبات هئڻ سبب هن گهڻا دفعا عشق ڪيو، ۽ هر دفعي عشق ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ خودڪشيءَ جو پروگرام ٺاهيندو رهيو، پر خودڪشي ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ٻي محبوبا سان ملندو رهيو. اهڙي طرح فاضل مصنف جي زندگيءَ کي موڙ ملندو رهيو، ۽ هن آخرڪار سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏنو، وغيره. گذريل ويهن سالن ۾ سنڌي ادب کي ايترا ته موڙ مليا آهن، جو سمورو سنڌي ادب مڙي ويو آهي. هينئر ٻڪ سان لکي نٿو سگهجي ته سنڌي ادب ڪڏهن ۽ ڪيتري عرصي لاءِ سڌي سنوت ۾ هلندو رهيو هو. گهٽ ۾ گهٽ اسان ته سنڌي ادب کي فقط موڙ کائيندو ڏٺو آهي.
    مان رفيق سومري جو دوست نه آهيان. اسين پاڻ ۾ ڪڏهن به نه مليا آهيون. تنهن ڪري خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي رفيق سومري جي مخفي زندگيءَ جي باري ۾ ڪا خبر ڪونهي. مون کي خبر ڪونهي ته هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن، ڇو ۽ گهڻا دفعا عشق ڪيو آهي. هن جي زندگيءَ کي ڪڏهن موڙ مليو ۽ ان موڙ سبب هن سنڌي ادب کي ڪيئن موڙ ڏنو.
    رٽائر ڪيل اديب طرفان لکيل مهاڳ ۾ ڪتاب جي مصنف بابت گهٽ ۽ خود رٽائر ڪيل اديب بابت وڌيڪ مواد هوندو آهي. رٽائر ڪيل اديب پنهنجي دور کي سنڌي ادب جو سونهري دور سڏيندو آهي، ۽ ان کان پوءِ کيس سنڌي ادب ۾ اوندهه نظر ايندي آهي.
    رٽائر ڪرڻ کان پوءِ اديب ٻين مصنفن جي ڪتابن جا مهاڳ لکي
    خوش ٿيندو آهي. اهڙن مهاڳن ۾ رٽائر ڪيل اديب، ڪتاب جي مصنف کي آئيندي جي اميد سڏيندو آهي، ۽ اڳتي هلي مصنف لاءِ پنهنجي جاءِ والارڻ جي پيشنگوئي ڪندو آهي. اهڙي طرح سموري مهاڳ ۾ رٽائر ڪيل اديب ڪتاب جي مصنف کي چيلو ۽ پاڻ کي گرو يا واهه گرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اسان جو سنڌي اديب عالم شباب ۾ ٽن سببن ڪري ادب تان رٽائر ڪندو آهي. ڏهه ـــ ٻارهن افسانا لکڻ کان پوءِ هو پاڻ کي ادب تي اٿارٽي سمجهڻ لڳندو آهي، ۽ وڌيڪ ڪجهه لکڻ مناسب نه سمجهندو آهي. هو ڏهن ـــ ٻارهن افسانن سان ادب جو سمورو سمنڊ جهاڳي ويندو آهي. ٻيو سبب، اديب کي چڱي موچاري نوڪري ملي ويندي آهي. اسان جي معاشري ۾ ماڻهو آزاديءَ سان چوري ڪري سگهي ٿو. آزاديءَ سان ڌاڙا هڻي سگهي ٿو. آزاديءَ سان خون ڪري ۽ ڪرائي سگهي ٿو. آزاديءَ سان سمگلنگ ڪري سگهي ٿو ـــ آزاديءَ سان عصمت فروشي ۽ جوا جا اڏا هلائي سگهي ٿو ـــ پر، آزاديءَ سان لکي نٿو سگهي. لکڻ سبب جان جو جوکو ۽ نوڪريءَ لاءِ رولو پيدا ٿي پوندو آهي. عالم شباب ۾ ادب لاءِ مرڻ ڪا مبارڪ ڳالهه ڪونهي. تنهن ڪري اسين عالم شباب ۾ ادب تان رٽائر ڪندا آهيون، ۽ ڪباب کائيندا آهيون. باقي رهي شاديءَ جي ڳالهه! اول ته سنڌي اديب جي شادي ڏاڍي ڇڪتاڻ ۽ ڪشمڪش کان پوءِ ٿيندي آهي. سنڌي اديب جيڪڏهن افسانا نگار آهي، پوءِ سمجهو ته ڄڻ اشتهاري ملزم آهي. مون کي خبر ڪونهي ته رفيق سومري جي شادي ٿيل آهي، يا نه ـــ هڪ اشتهاري ملزم جي حيثيت ۾ رفيق جي شادي نه ٿيندي. ۽ جيڪڏهن ستارن جي گردش سبب رفيق شادي ڪيل آهي، ته پوءِ سندس زندگي نه فقط عبرتناڪ بلڪ وحشتناڪ گذرندي هوندي. تخليق جو عمل غم، تڪليف، اضطراب ۽ بيچينيءَ مان جنم وٺندو آهي. زال ازدواجي اصولن پٽاندڙ رفيق حيات هوندي آهي، هوءَ رفيق افسانا نگاري ٿيڻ پسند نه ڪندي آهي. هوءَ خوشيءَ جي تلاش ۾ اشتهاري ملزم جي اصلاح ڪندي آهي، ۽ کيس ادب کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، ۽ ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيندي آهي.
    اهڙي صورتحال ۾ اديب ويچارو عالم شباب ۾ شادي ڪرڻ کان پوءِ ادب تان هٿ کڻندو آهي، ۽ پوءِ ڀينڊين، ڪريلن ۽ واڱڻن جا تازا نرخ ياد ڪندو آهي. مون سان اهڙي ڪابه ويڌن ناهي، تنهن هوندي به رفيق جي ڪتاب لاءِ مهاڳ لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.
    نقاد ويچارا جيئن ته ڪوبه تخليقي ڪم ڪري نه سگهندا آهن، تنهن ڪري تخليقي ادب تي تنقيد ڪرڻ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻندا آهن. هو تنقيد ڪرڻ کان سواءِ مختلف ادبي سرٽيفڪيٽ به ورهائيندا آهن ـــ مثال طور، فلاڻو اديب ٻوليءَ جو شهنشاهه آهي ـــ فلاڻو اديب تشبيهن جو وزيراعظم آهي ـــ فلاڻو ليکڪ استعارن جو پرڏيهي وزير آهي، مون کي خبر ڪونهي ته رفيق سومرو نقادن کان ڪجهه سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، يا نه. ان سلسلي ۾ مان رفيق سومري کي بد دعا ڏيندس ته خدا کيس نقادن کان پنهنجي پناهه ۾ رکي، ۽ کيس يڪسوئي ۽ ڀرپور اڀياس سان لکڻ جي توفيق عطا ڪري.
    شروعات ۾ عرض ڪيو اٿم، ته ٽن قسمن جا ماڻهو ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ لکندا آهن ـــ مصنف جا دوست، رٽائر ڪيل اديب ۽ نقاد. مان رفيق سومري جو لفظي معنيٰ مطابق دوست نه آهيان ـــ مان رٽائر ٿيل اديب به ناهيان ـــ ۽ خوشقسمتيءَ سان نقاد به ناهيان، پر تنهن هوندي به رفيق سومري جي ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي رهيو آهيان. مان رفيق جي ڪتاب لاءِ جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهيان، سو مهاڳ نه آهي. جڏهن ڪهاڻي لکي نه سگهبي آهي، تڏهن اڪهاڻي لکبي آهي. ۽ جڏهن مهاڳ لکي نه سگهبو آهي، تڏهن اَمهاڳ لکبو آهي. روايتن پٽاندڙ مهاڳ ۾ ليکڪ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريا ويندا آهن. پر مان جيئن ته مهاڳ نه، پر اَمهاڳ لکي رهيو آهيان؛ تنهن ڪري ساراهه بدران رفيق جي اوڻائين جو ذڪر ڪندس ـــ گڻن بدران اوگڻ ڪڍندس. تعريف بجاءِ رفيق جي گلا ڪندس.
    رفيق سومري جي اوڻاين جي شروعات ڪريان ٿو سندس پابنديءَ سان لکڻ جي ڏوهه سان! رفيق پابنديءَ سان لکي رهيو آهي ـــ لاڳيتو لکي رهيو آهي. اها سندس وڏي ۾ وڏي اوڻائي آهي. اسين سنڌي ڪوبه ڪم پابنديءَ سان نه ڪندا آهيون، ۽ رفتار ۾ ڪُميءَ کي مات ڪندا آهيون، پر رفيق سومرو روايتن کان باغي آهي. هو مسلسل لکي رهيو آهي، ۽ ويچاريءَ ڪُميءَ جو ڪم خراب ڪري رهيو آهي. ادب کي نئون موڙ ڏيڻ لاءِ رفيق کي ان علت کان آجو ٿيڻو پوندو. سال ۾ هڪ افسانو لکڻ ڪافي آهي. سال ۾ جڏهن هڪ افسانو لکبو آهي، تڏهن اهو افسانو نقادن ۽ رٽائر ڪيل اديبن کان لازمي طرح شاهڪار افساني جي سند حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ اهو هڪ افسانو سنڌي ادب کي نئون موڙ بخشيندو آهي.
    مون غور سان رفيق سومري جا افسانا پڙهيا آهن. هو مون کي ٻوليءَ جو شهنشاهه ته ڇڏيو، ٻوليءَ جو مختيار ڪار به محسوس نه ٿيو آهي. سندس ٻولي سادي، سلوڻي، عام ماڻهن جي ٻولي آهي ـــ اديبن جي ٻولي نه آهي. اها سندس ٻيو نمبر خامي آهي. سنڌي ادب ۾ عوام جي نه، بلڪه خواص جي ٻولي لکبي آهي. جيڪا ڪڏهن به روز مره جي گفتگوءَ ۾ ڪتب نه ايندي آهي. رفيق پنهنجن افسانن ۾ عام رواجي ٻولي استعمال ڪئي آهي، جيڪا روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندي آهي، سندس ان خطا کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
    اُهي افسانا (ڪهاڻيون) جن جا ڪردار انڌا، ٻوڙا گونگا هوندا آهن، ۽ ڌاڳن ذريعي مصنف جي آڱرين سان ٻڌل هوندا آهن ۽ سندس اشارن تي هلندا آهن، سي افسانا سنڌي ادب ۾ اهميت واري جاءِ والاريندا آهن. رفيق جي ڪهاڻين جا ڪردار خودسر، خودمختيار ۽ جيئرا جاڳندا آهن. هُنن کي ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ٻولي، پنهنجو لهجو ۽ پنهنجو انداز آهي. هن ڪتاب ۾ شامل افسانن ۾ رفيق جي تخليق ڪيل ڪردارن ڳالهايو آهي. خوب ڳالهايو آهي. هن ڪردارن جي اوسر لاءِ ڪامينٽريءَ کان ڪم نه ورتو آهي. ليکڪ افساني جي ڪردارن بابت جيستائين رننگ ڪامينٽريءَ نه ڏيندو، تيستائين سندس افساني کي سنڌي ادب ۾ سنجيدگيءَ سان قبول نه ڪيو ويندو. ان لحاظ کان عمر قريشي پاڪستان جو بهترين افسانا نگار آهي. هن پنهنجي ڪامينٽري ۾ حنيف محمد جي هڪ هڪ حرڪت کي ڪمال جي فنڪاريءَ سان بيان ڪيو آهي. حنيف هينئر بيٽ مٿي ڪئي آهي. سندس کاٻو پير اڳتي وڌيو آهي. هن جو ڪنڌ ساڄي ڪلهي ڏانهن جُهڪي ويو آهي. هو تيزيءَ سان ايندڙ بال کي غور سان ڏسي رهيو آهي. بال حنيف کان اڌ وال کن اورتي ڪريو آهي. حنيف کاٻو پير اڳتي ڪري بال کي بيٽ سان ڌڪ هنيو آهي ــــ چونڪوــ سڄو اسٽيڊيم تاڙين سان گونججي رهيو آهي. رفيق جي ڪهاڻين ۾ مون کي ان قسم جي ڪامينٽري نظر نه آئي آهي. اها رفيق جي سنگين غلطي آهي.
    رفيق وٽ جذبي جي سچائي آهي، موجوده دور ۾ جذبي جي سچائيءَ جو قدر نه ڪيو ويندو آهي. سماجي، سياسي ۽ معاشرتي افراتفريءَ سبب جيڪو ذهن معاشري جي تاريخ مرتب ڪري رهيو آهي. رفيق ان ذهن کي قلمبند ڪيو آهي. ان قسم جي حرڪت ادب ۾ ڪارگر نه ٿيندي آهي. ان قسم جي حرڪت کي ادب ۾ نعري بازي سڏيو ويندو آهي. رفيق جي ڪهاڻين جا ڪردار پريشان، توائي، ضدي، لاپرواهه، باغي ۽ ڏکي آهن. اهڙن ڪردارن جي ترجمانيءَ کي سنڌي ادب ۾ نعريبازي سڏيو ويندو آهي. اهڙن ڪردارن جي عڪاسي دنيا جي ٻي ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ ڪري سگهجي ٿي، پر سنڌي ادب ۾ هرگز نه. اهو سونهري اصول آهي. رفيق سومري ان سونهري اصول جي خلاف ورزي ڪئي آهي.
    رفيق سومري جي انيڪ اوڻاين جي وڌيڪ کوجنا مان مناسب نٿو سمجهان. اوهين سندس افسانا پڙهڻ شروع ڪيو. ۽ سندس اوڻاين کي هڪ هڪ ڪري محسوس ڪندا وڃو.
    مهاڳ جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو مهاڳ ناهي. لفظي معنيٰ مطابق مان رفيق جو سنگتي ناهيان، رٽائر ٿيل اديب به نه آهيان، ۽ خدا جي فضل، ڪرم، ۽ رحم سان نقاد به ناهيان؛ تنهن ڪري رفيق جي ڪتاب لاءِ مهاڳ بدران امهاڳ لکي ويو آهيان. ■

    1977


    امهاڳ : رسول ميمڻ جي ڪتاب ”ڪافر ديوتا“ جو مهاڳ

    ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ گهڻو ڪري رٽائرڊ اديب لکندا آهن. مان لکڻ تان رٽائرڊ نه ٿيو آهيان. مان هڪ ٽهيءَ کان ٻيءَ ٽهيءَ تائين نوجوانن جو همعصر آهيان ـــ لکي رهيو آهيان. ڪتابن جا مهاڳ رٽائرڊ اديبن کانسواءِ بزرگ اديب به لکندا آهن. مان عمر جي لحاظ کان لهندڙ سج ۾ شاهه بلوط جو پاڇو آهيان. مان موهن جي دڙي جو ڊٺل چوواٽو آهيان. مان اروڙ جي شڪست آهيان. پر، مان بزرگ نه آهيان. مان محبت جو ليکڪ آهيان. مان ڦوهه جوانيءَ ۾ پنهنجي محبت کان جدا ٿيل آهيان، ان جدائيءَ کي مون جسم کان جان جي جدائي وانگر محسوس ڪيو آهي ـــ دل جا داغ روشن آهن. وقت جي دز تصور جي آئيني ۾ ڪنهن جو عڪس لٽي نه سگهي آهي. مون کيس پنهنجي وجود ۾ ساهه وانگر محسوس ڪيو آهي. حياتيءَ جي وحشتن ۾ ڪا گهڙي اهڙي نه گذري آهي جو خيالن جا غوراب ياد جي سمونڊ تان واپس وريا هجن. هوءَ جتي به آهي، جيئن به آهي منهنجي قوت آهي ـــ منهنجي همٿ آهي. هوءَ منهنجي روشني آهي. هوءَ منهنجي بصيرت آهي. اسين ٻئي پنهنجي پنهنجي تقدير جا ڪاتب نه هئاسين؛ تنهن ڪري جدائيءَ جي ريکا ڊاهي نه سگهياسين، منهنجي تحرير جو هڪ هڪ لفظ هن لاءِ آهي ـــ هڪ هڪ جملو هن لاءِ آهي. مون هن لاءِ لکيو آهي؛ مان هن لاءِ لکندو رهندس. مون هڪ دفعي کيس چيو هو، ”منهنجو آواگان ۾ يقين آهي. مان تاريخ جي هر دور ۾ تنهنجي لاءِ جنم وٺندو رهندس سنڌو، مجبورين ۽ پابندين جي باوجود مان توسان محبت ڪندو رهندس توکي چاهڻ جي باوجود تو کان جدا ٿيندو رهندس.“
    محبت جا ليکڪ بزرگ نه ٿيندا آهن. تنهن ڪري مان رسول جي ڪتاب جو مهاڳ نه لکندس. مان رسول جي حوالي سان ادب ۾ اولڙن جو ذڪر ڪندس.
    دنيا جي هر ڪا تخليق درد مان جنم وٺندي آهي. تخليقي عمل جي درد مان لنگهندي ڪجهه عرصي تائين فنڪار کي سنئين واٽ وٺ نه ڏيندي آهي. ان مونجهاري چڱن چوکن فنڪارن کي ماري وڌو آهي. مون رسول جا افسانا غور ۽ چاهه سان پڙهيا آهن. مان اهو نه چوندس ته رسول کان اڳ ڪنهن به اهڙا سٺا افسانا نه لکيا هئا! ۽ رسول کان پوءِ ڪوبه اهڙا سٺا افسانا نه لکي سگهندو. اها ننگي منافقت ٿيندي. رسول کان اڳ سٺا افسانا لکيا ويا آهن! ۽ رسول کان پوءِ به سٺا افسانا لکيا ويندا. تاريخ جي تسلسل کي ڪابه طاقت روڪي نه سگهي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ شايع ٿيل رسول جي شاعريءَ جو ڪتاب ”اوشا جي آشا“ پڙهڻ کان پوءِ شدت سان محسوس ڪيو اٿم ته رسول بنيادي طرح Fiction جو ليکڪ آهي. ڪهاڻيءَ جي فن ڏانهن سندس لاڙو شاعراڻو آهي. سندس سوچ شاعراڻي آهي. سندس اظهار جو طريقو شاعراڻو آهي. سنڌي ادب ۾ تمام گهٽ اهڙا اديب آهن جن کي نظم ۽ نثر تي هڪجهڙي قدرت حاصل آهي. في الحال اهڙن ٻن اديبن جا نالا دل تي تري آيا آهن ـــ هڪ لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيو قمر شهباز.
    رسول کي سٺن افسانن جي ڏات مليل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل افسانن جي باري ۾ ڪابه راءِ ڏيئي، مان اوها جي راءِ لاءِ تضاد جو سبب پيدا نه ڪندس.مان فقط ايترو چوندس ته رسول جا افسانا غور سان، توجهه سان ۽ همدرديءَ سان پڙهيا وڃن. رسول جا افسانا انهن جي سمجهه کان بالاتر آهن جن جي عقل ۽ فهم تي تعصب جا پاڇا پيل آهن. ■

    1979


    انگريزي ۽ سنڌي اُچار وارو سفر : الطاف شيخ جي ڪتاب ”بندر بازاريون“ جو مهاڳ

    آمريڪي خلاباز نيل آرمز اسٽرانگ چنڊ تي پير رکيو. دنيا حيران ٿي وئي. مان حيران ٿيس. مان حيران ان وقت ٿيو هوس جڏهن الطاف شيخ ويسٽ انڊيز جي زمين تي قدم رکيو هو. متان سمجهو ته ويسٽ انڊيز پڻ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جهڙن ٺڳن جي ڪا ٽولي آهي. نه ـــ ويسٽ انڊيز اسان جي زمين جو ڏورانهون حصو آهي جتي اڇي چمڙيءَ وارا اقليتي، ڪاري چمڙيءَ واري اڪثريت تي حڪومت ڪندا آهن. ويسٽ انڊيز نائيٽ ڪلبن ۽ جوئا جي ٽڪرين ڪري مشهور ناهي. ويسٽ انڊيز سر فرينڪ واريل، ايورٽن ويڪس، ڪلائيڊ والڪاٽ ۽ گار فيلڊ سوبرز جي ڪري مشهور آهي. انهن سوشلزم جي پرچار ڪري پنهنجو ملڪ سرمائيدارن، پيرن، ميرن، زميندارن، جاگيردارن، اسمگلرن، خونين ۽ پاٿاريدارن جي حوالي نه ڪيو آهي.هو موالي نه آهن. هو ويسٽ انڊيز جا نامور ۽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ شهنشاهه رانديگر آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف شيخ ويسٽ انڊيز ۾ ڪنهن به رانديگر سان نه مليو. ان ۾ ڏوهه الطاف جو ناهي ـــ ڏوهه منهنجو آهي ـــ مون کي ڪرڪيٽ، فٽ بال ۽ باڪسنگ سان بي انتها چاهه آهي. الطاف مون کي ويسٽ انڊيز جي باري ۾ هڪ ٻي خبر ٻڌائي. اها خبر حيرت انگيز هئي. هن ٻڌايو ته ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون ۽ واپار جون منڊيون آهن.
    نيل آرمز اسٽرانگ ٻه لک چاليهه هزار ميلن جو خلائي سفر ڪري چنڊ تي پهتو. مون کي حيرت نه ٿي. پر الطاف جڏهن ويهه هزار ميلن جو سامونڊي سفر ڪري ويسٽ انڊيز پهتو تڏهن مون کي سخت حيرت ٿي. سمورن دوستن کي حيرت ٿي.
    اسين سنڌي، چوندا آهن ته، ڪنهن اڻڄاتل سبب ڪري سفر نه ڪندا آهيون. اسين فقط انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندا آهيون. اسين اقتصادي، معاشي ۽ ثقافتي طرح انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندا آهيون.
    الطاف شيخ ڪولمبس ناهي. پر هن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آهي (سنڌي اُچار وارو سفر). اسان منجهان جڏهن ڪو نوجوان سنڌي اُچار وارو سفر ڪندو آهي، تڏهن اسان جا مائٽ انگريزي اُچار وارو سفر ڪندا آهن. دنيا جي فقط هڪ سرحد آهي. اُها سرحد دنيا جي ابتدا ۽ اها ئي سرحد دنيا جي انتها آهي. الطاف دنيا جي سرحد ڏٺي آهي. هو جڏهن به سفر تان موٽندو آهي، تڏهن مان کانئس ساڳيو سوال ورجائي پڇندو آهيان. پڇندو آهيانس ته، ”هن دفعي دنيا جي ڪهڙي ڪهڙي حصي ۾ سنڌي ڏسي آيو آهين؟“
    الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي. تنهن ڪري، هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آهي، اتي سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولا ڪندو آهي. سندس کوجنا اڪثر ڪري بر ثواب ٿي آهي. هن سنڌين کي پرديس ۾ سُکيو ستابو ڏٺو آهي. هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، بيروت، وچ مشرق، يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ سنڌين جا دڪان،هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن. مان الطاف جون ڳالهيون ٻڌي سوچيندو آهيان ته اسان منجهان اهڙو ڪو مڙس ماڻهو شل نروار ٿئي، جيڪو سِڪَ جو سڳو کڻي نڪري ۽ سموري دنيا جي سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي ڇڏي.
    الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ جيڪي سفرناما سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا آهن، تن ۾ گهڻو ڪري مغربي تهذيب جي گلا، عورتن جي آزاديءَ تي اعتراض، پردي جي غير موجودگي تي افسوس ۽ سموري دنيا تي مسلمانن جي قبضي نه هئڻ جو ارمان ڪيو ويو آهي. اهي دقيانوسي سفرناما، سفرناما گهٽ ۽ تبليغي جماعت جا بليٽن وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن. اهڙا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ لازمي طرح انگريزي اُچار وارو سفر (Suffer) ڪندو آهي. شاهد موجود آهن ته اهڙن سفرنامن جا ڪمپازيٽر، ڇاپيندڙ ۽ پروف پڙهندڙ اڄ تائين انگريزي اُچار وارو سفر ڪري رهيا آهن ۽ سنڌي اچار واري سفر کان بيزار آهن.
    الطاف شيخ تبليغ بدران جديد تقاضائن موجب لکيل سفرناما ڏنا آهن. هن سادن جملن ۽ دلفريب ڪهاڻين رستي پرڏيهي تمدن، تهذيبن ٻولين، تاريخ جاگرافي ۽ عام معلومات جي اپٽار ڪئي آهي. الطاف جا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته هيءَ دنيا اوپري نه آهي. الطاف سفرنامن پڙهندڙن جي دل وٺي ڇڏي آهي. هو سنڌيءَ جي اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن کي ڪيترن ئي پڙهندڙن وٽان خط ملندا آهن، جن ۾ کانئس ٻاهرين ملڪن جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا، نوڪرين ۽ پڙهڻ جي مسئلن ۽ وسيلن متعلق معلومات ورتي ويندي آهي. ان مان هڪ طرف الطاف شيخ جي شهرت ۽ ٻئي طرف نئين نسل جي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو. هن اڪيلي سر لاتعداد نوجوانن جي دل ۾ ٻاهرين دنيا ڏسڻ جو جذبو وڌو آهي. اهو سندس تحرير جو وڏو ڪارنامو آهي. الطاف شيخ کي 1970ع ۾ ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ طرفان سندس سفرنامن جي ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ تي ادبي انعام ملي چڪو آهي. ■

    1979


    مان ڀَڄان، مان ڀُران، تڏهن به تنهنجو آهيان

    افسانو پڙهڻ کان اڳ دستور موجب ضروري آهي ته هڪ اڌ انڌي منڊي تقرير ڪريان، بلڪه پڙهان ۽ پنهنجي خاص مهمان هئڻ جو ثبوت ڏيان. خاص مهمان جا ڪيترائي اهڃاڻ هوندا آهن. خاص مهمان گهڻو ڪري مون وانگر اڻپڙهيل ۽ اڻ گهڙيل، جڏا ۽ ڇسا هوندا آهن، ٿوڻين ٿنڀن تي بيٺل هوندا آهن. خاص مهمان لاءِ اهو لازمي هوندو آهي ته هو ٻيو ڪجهه ڀل نه ڪري. مثال طور توهان جي ڳوٺ يا پاڙي لاءِ هڪ اسڪول کولائڻ جو واعدو، هڪ اسپتال جو واعدو، پڪن رستن جو واعدو، بجليءَ ۽ پاڻيءَ جو واعدو، محبت نڀائڻ جو واعدو (ايندڙ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ) مطلب ته مهمان سڳورو ڀل ته ڪوبه واعدو نه ڪري، پر هڪ تقرير ضرور ڪري. تنهن ڪري مان وقت جي تقاضا موجب اول تقرير ڪندس، ۽ پوءِ ٻيو ڪجهه ڪندس، يعني افسانو پڙهندس.
    تقرير ڪرڻ مون لاءِ، ۽ تقرير ٻڌڻ توهان لاءِ عذاب آهي. ان جو مون کي احساس آهي. تقرير ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو مداريءَ وارا ڪرتب ڏيکاري، جيئن اڄڪلهه جا تقرير باز ڪري رهيا آهن. تقرير ٻڌڻ کان بهتر آهي ته ماڻهو پنهنجي خونخوار سس کان پنهنجي خونخوار ڌيءَ يعني پنهنجي گهرواريءَ جي سٻاجهي طبيعت ۽ نرم سڀاءَ جي ڪٿا ٻُڌي. انهن ٻنهي آزمائش جي گهڙين مان ڪهڙي غنيمت آهي، ان جو فيصلو ڪنهن تاريخدان کي ڪرڻو آهي. اهو توهان جي ۽ منهنجي مٿي جو سور نه آهي. مان دوستن جي مهرباني ۽ سفارش سان اڄوڪي شام ۾ مهمانن کي بور ڪرڻ لاءِ خاص مهمان آهيان، ۽ ان ڪم لاءِ خاص طرح ڪراچيءَ کان سڏايو ويو آهيان. تنهن ڪري روايت موجب، مون کي بدقسمتيءَ سان تقرير ڪرڻي آهي، ۽ توهان کي دل پڪي ڪري، بدقسمتيءَ سان، پر صبر سان، منهنجي تقرير ٻڌڻي آهي. مون کي توهان سان ۽ پاڻ سان همدردي آهي.
    مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، قسم ٿو کڻان، ته هيءَ تقرير منهنجي پنهنجي لکيل آهي، ۽ ڪنهن پرائيويٽ سيڪريٽريءَ کان لکايل ناهي، جيئن اڄ ڪلهه جو دستور آهي. ائين برابر آهي، ته مان ڪنگلو آهيان، ۽ هڪ پرائيويٽ سيڪريٽري رکڻ مون لاءِ ائين نا ممڪن آهي جيئن ڪنهن عمارت جي بنياد جو پٿر رکڻ. اهي ٻئي ڪم وڏا ماڻهو ڪندا آهن. پر منهنجي گهر واري نه فقط گهر واري آهي، پر منهنجي پرائيويٽ سيڪريٽري به آهي. ڪنهن ڪنهن وقت سيڪريٽ ايجنٽ جو ڏيک به ڏيندي آهي. مثال طور، جڏهن ٻڌايو مانس ته حيدرآباد پيو وڃان، پاڪستان ڪائونسل جي ڊائريڪٽر حميد آخوند، جيڪو منهنجو گهاٽو سنگتي به آهي، تنهن سڏايو آهي، تڏهن چيو هئائين، ”ٻيا ماڻهو کٽا، جو پڳ تنهنجي مٿي تي ٿا رکن! چَئُه ته سنگتين سان سٽل ٺاهي پنهنجي ڪنهن پراڻيءَ ڇوريءَ سان ملڻ ٿو وڃين. حيدرآباد ۾ جيڪي ڪم ڪيا هيئه انهن جي مون کي سڌ آهي.“ ان مثال مان توهين چڱيءَ ريت اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مان پنهنجي گهر واري کان هڪ مغز ڦاڙ تقرير لکائي اچان ها، ۽ ڪائونسل جي بلڊنگ کي بيزار ڪريان ها، پر مون ائين نه ڪيو آهي. مون کي خبر آهي ته دنيا ۾ فقط مان هڪ شخص آهيان جيڪو پنهنجي گهر واريءَ جي تقرير ٻڌي سگهندو آهيان. ٻيا سندس تقرير ٻڌي ملڪ ڇڏي ويندا. مان کيس ڇڏي نه ٿو سگهان. تنهن ڪري منهنجا دوستو، هيءَ تقرير مون لکي آهي. مان هن تقرير جي هڪ هڪ لفظ، ۽ هڪ هڪ جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم کان واقف آهيان، ۽ ان لاءِ پوريءَ ريت جوابدار آهيان، ۽ ذميوار آهيان. تنهن ڪري، اڄ تقرير ڪرڻ کان پوءِ، سڀاڻي تقرير تان گهمري کائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي اخباري بيان ڪڍڻ جو ارادو نه ٿو رکان.
    هڪڙي ڏينهن تقرير ڪري، ٻئي ڏينهن تقرير جي مفهوم سمجهائڻ يا ماڳهين تقرير تان ڦري وڃڻ اُنهن صاحبن ۽ خاص مهمانن جو معجزو آهي، جيڪي صبح جو ڪنهن يتيم خاني جي بنياد جو پٿر رکندا آهن، منجهند جو گهوڙن جي ريس جو افتتاح ڪندا آهن، شام جو پريس ڪانفرنس ڪندا آهن ۽ رات جو ڪنهن مشاعري جي صدارت ڪندا آهن. اهڙن صاحبن جون تقريرون سندن پرائيويٽ سيڪريٽري لکندا آهن. نتيجو اهو نڪرندو آهي جو يتيمن کي گهوڙن واري تقرير، گهوڙن کي يتيمن واري تقرير ۽ صحافين کي شاعري ۽ شاعرن کي پريس جي آزاديءَ تي تقرير ٻڌڻي پوندي آهي. مان سمجهان ٿو، ڪنهن صاحب ڪنهن يتيم خاني ۾ ڀل وچان گهوڙن تي لکيل تقرير پڙهندي اهو ضرور چيو هوندو ته، گهوڙو دنيا جو سڀ کان نيڪ ۽ افضل جانور آهي. گهوڙو احترام جوڳو جانور آهي. رسول اڪرم جن جنهن بُراق نالي جانور تي چڙهي معراج تي ويا هئا، چون ٿا ته ان جانور جو جسم گهوڙي جهڙو هو. سنڌ جي گهوڙن جو نسل گهڻو ڪري عربي آهي. راجا ڏاهر جي شڪست کان پوءِ سنڌ جا سمورا گهوڙا صدق دل سان مسلمان ٿيا، ۽ اُنهن نوجوان فاتح محمد بن قاسم جي هٿ تي بيعت ڪئي،‘ اهڙي غلطي فقط مشغول صاحب ڪندا آهن، جيڪي هر وقت Busy هوندا آهن. مان واندو آهيان ۽ قسمت سانگي هتي آيو آهيان. مون جهڙا ماڻهو ڪنهن ستاري جي گردش سبب خاص مهمان ٿي پوندا آهن.
    اڄوڪي دور ۾ گهڻو ڪري ٽن قسمن جا ماڻهو محفلن، ميٽنگن، ميلن، نمائشن ۽ مشاعرن جا خاص مهمان ٿي سگهندا آهن.
    پهريان اُهي شخص خاص مهمان ٿيندا آهن، جيڪي محفل يا مشاعري جو انتظام ڪرائيندڙ جماعت کي چندو ڏيندا آهن. اهڙا شخص گهڻو ڪري ڪنهن سئنيما يا ڪارخاني جا مالڪ هوندا آهن. هو چندو وغيره ڏيئي، اخبارن ۾ فوٽا ڇپارائي ايندڙ چونڊن لاءِ ميدان تيار ڪندا آهن. ٻيا اُهي شخص خاص مهمان ٿيندا آهن جيڪي ڪامورڪي ڌنڌي ۾ هوندا آهن ۽ سرڪاري گرانٽن تي نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ويٺا هوندا آهن. هو گرانٽ جي جنتر سان صدارتي ڪرسيون والاريندا آهن. هو ڀل ته ڳاڙهي سائي رنگ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهن، پر پينٽنگن ۽ مصوريءَ جي نمائش جو افتتاح ضرور ڪندا. ٽيان اُهي شخص ”مهمان خصوصي“ ٿيندا آهن، جيڪي في سبيل الله عوام جي ڏکن سورن، فلاح ۽ بهبوديءَ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻندا آهن. هو پاڻ کي ليڊر سمجهندا آهن، ۽ هر وقت ۽ هر دم عوام جي تڪليفن کي ياد ڪري صحتمند ۽ جانٺا ٿيندا ويندا آهن. اهڙا ليڊر ڊنر کائڻ کان پوءِ پيٽ بکين جي باري ۾ ڪانفرنس ڪندا آهن، ۽ ايئرڪنڊيشن آفيسن ۽ ڊرائينگ رومن ۾ ٽنگ ٽنگ تي رکي پگهر وهائيندڙ پورهيت جي مسئلي تي ڏاڍي آرام سان ڳالهائيندا آهن.
    اڄوڪي دور ۾ استاد يا عالم، ڊاڪٽر يا پروفيسر، شاعر يا اديب کي محفلن، ميٽنگن ۽ مشاعرن وغيره جي صدارت لاءَ ڇسو ۽ بيڪار سمجهيو ويندو آهي. پر مون کي اڄوڪي شام لاءِ هتي ڏسي حيران نه ٿيو، منهنجا دوستو! مان نه اُستاد آهيان نه عالم (اُستاد جي ٻي معنيٰ به آهي، جيڪا سمجهو ڪي سمجهن) مان نه پروفيسر آهيان، نه شاعر، ۽ نه اديب، نه ڪامورو آهيان، نه ڪنهن سئنيما يا ڪارخاني جو مالڪ آهيان؛ پر تنهن هوندي به هتي موجود آهيان. مان دوستن جي مهربانيءَ، ۽ سفارشن سبب اڄوڪي شام جو خاص مهمان ٿي سگهيو آهيان، هڪ اديب جي حيثيت ۾ هرگز نه.
    مون پاڻ کي اڄ تائين اديب تسليم نه ڪيو آهي، ڇو جو منهنجا افعال اديبن جهڙا ناهن. دوستن جو خيال آهي ته مان پنهنجي ڏيک ويک مان ليکڪ گهٽ ۽ دادگير وڌيڪ نظر ايندو آهيان. منهنجي هڪ سنگتيءَ کي لفظ ابتا ڪري پڙهڻ جو مرض آهي. هو لفظ وزير کي اُبتو ڪري پڙهندو ۽ چوندو آهي ـــ ريزو. روس کي ابتي پاسي کان پڙهندو، چوندو ـــ سور. هو لفظ اديب کي اُبتو ڪري، يعني کاٻي پاسي کان پڙهندو آهي ۽ اُچاريندو آهي ـــ بيدا. هن يار لفظ اديب کي ايترا دفعا ته اُبتو ڪيو آهي، جو هينئر اديب ۽ بيدن ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي. تنهن ڪري منهنجا دوستو، سڄڻو، مان اديب هئڻ جي غلطي فهميءَ ۾ مبتلا نه آهيان.
    مان افسانا لکندو آهيان. افسانن کي دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب ۾ ڀل ته ڪهڙي به کڻي اهميت حاصل هجي، پر سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ افساني کي ادب کان آئوٽ، بلڪ گيٽ آئوٽ، يعني خارج سمجهيو ويندو آهي. مان تنهنڪري، افسانن جي آڌار تي ادب جي مقدس زمين تي پير پائي نه سگهيو آهيان، ۽ ڪڏهن به پائي نه سگهندس. جيڪي قلم جا ڌڻي تخليقي ادب (افسانو، ناول ۽ ڊرامو) کان منڪر آهن، سي افساني کي ادب ۾ غنڊه گردي سمجهندا آهن. هو ڪهاڻيڪارن کي اهڙي نگاهه سان ڏسندا آهن، جهڙي نگاهه سان ميسڻا ۽ گيدي ماڻهو سرڪش جوڌن کي ڏسندا آهن. هو نه ساڻن ڦٽائيندا آهن، ۽ نه وڌيڪ ڪا راهه رسم رکندا آهن. اهو اسان جي ادب جو الميه آهي.
    هڪ نوڪريءَ دوران مان ۽ هڪ سانوري سلوڻي ٽائيپسٽ ڇوڪري ساڳئي ڪمري ۾ ويهندا هئاسين. آفيس جي وڏي صاحب کي جڏهن خبر پيئي ته مان افسانا لکندو آهيان، تڏهن هن هڪدم ٽائيپسٽ ڇوڪريءَ کي اُن ڪمري مان اُٿاري ٻئي ڪمري ۾ ويهاريو ۽ اُتان هڪ ٻڪر جهڙو ملان آڻي منهنجي سامهون ويهاري ڇڏيو. اها ٽائيپسٽ ڇوڪري واندي وقت ۾ مون کي انگريزيءَ جا جملا ٽائيپ ڪري ڏيکاريندي هئي ۽ پوءِ ڦاڙي ڇڏيندي هئي ـــ مثال طور:
    “Some people belong to each other for ever”.
    “Is it possible that you can express your profound love to someone without ever telling him that you love him”?

    “Someone comes along from somewhere and occupies a permanent place in our memory”.
    “Only death could separate us”.
    هڪ دفعي ان سانوريءَ ٽائيپسٽ چيو هو، ”فقط موت اسان کي ڇني ڌار ڪري سگهي ٿو.“
    پر پوءِ جڏهن صاحب بهادر کيس ٻئي ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو، تڏهن هن مون سان ملڻ ڇڏي ڏنو. ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. هڪ ڏينهن پڇيو هومانس، ”مون سان ڳالهائين ڇو نٿي؟“
    تمام هراسيل نموني وراڻيو هئائين، ”تون افسانا ٿو لکين. مون کي بدنام ڪندين، مون کي تو کان ڊپ ٿو ٿئي.“
    ان ٽائيپسٽ جو نالو زهره هو. هن مون کي زهر ڏنو، مون کي ڪجهه عرصو ڏک ٿيو.
    پر پوءِ منهنجو ڏک حيرت ۾ بدلجي ويو. اوڙي پاڙي جي گهرن ۽ اسان جي مائٽن مٽن پنهنجين جوان ڇوڪرين تي اسان جي گهر اچڻ لاءِ بندش وجهي ڇڏي. امان سمجهيو ته ڇورو ڇتو ٿيو آهي، خوار خراب ٿيو آهي جو نياڻين نينگرين اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، سو اٿڻ شرط منهنجي شاديءَ جي چڪر ۾ پئجي ويئي، ان اميد تي ته جوڻس اچي ٺيڪ ڪندي. امان وڏي جفاڪشي کان پوءِ سندس چوڻ موجب، هڪ وَسَ جهڙي، ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي ڇوڪري منهنجي لاءِ پسند ڪئي ۽ کانئن منهنجي لاءِ سڱ وٺڻ ويئي. چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي ڇوڪريءَ جي مائٽن امان کي اهو چئي ٺپ جواب ڏنو ته، ”اسين پنهنجي ڇوڪريءَ جي شادي ڪنهن خچر سان هرگز نه ڪرائينداسين، مائي. اسان کي سڀ خبر آهي. تنهنجو پٽ افسانا لکندو آهي.“
    امان کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ان ڳالهه جو. اتان موٽي آئي، ۽ چيو هئائين، ”موئا ماريا، افسانا لکڻ بند ڪر ته ڪٿان ڪا ٻانهن مليئي.“
    مون امان کي جواب ڏنو هو. چيو هوم، ”مان، منهنجو وجود، منهنجا افسانا سنڌ ديس جي ڌرتيءَ لاءِ آهن. تون چنڊ جهڙي ڇوڪريءَ جي ڳالهه ٿي ڪرين، مان سنڌ ديس جي ڌرتيءَ لاءِ سڄي دنيا کان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. مان سنڌ لاءِ جوڳي ٿي جوڳ وٺندس.“
    امڙ جي هنياءَ ۾ هٿ پيو هو. چيو هئائين، ”حالتون ٺيڪ ناهن. شادي وڃي ٻن پوي. تون ڪجهه عرصي لاءِ لکڻ ڇڏي ڏي. حالتون ٺيڪ ناهن.“
    ”اهو ڇو نٿي چوين ته جيئڻ ڇڏي ڏيان.“ مون وراڻيو هو، ”جيڪي ڌرتي ماءُ جا لال آهن، تن لاءِ حالتون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ٺيڪ نه هونديون آهن. مان سنڌ جي نئين ٽهيءَ مان آهيان، نئين ٽهيءَ لاءِ آهيان. سنڌ جي سرويچن جي ايندڙ ٽهي اسان جي رت ڦڙن مان نسرندي، ۽ اُسرندي. سنڌ اسان لاءِ مڪو آهي، مدينو آهي، سنڌ اسان لاءِ ڪاشي آهي، مَٿَرا آهي. سنڌ اسان لاءِ پيڪنگ آهي، ماسڪو آهي، واشنگٽن آهي. اسين ان اقرار جا انڪاري ناهيون. اسين ڏوهي آهيون، جيڪڏهن ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ ڏوهه آهي.“
    اهو جواب ورهيه ٿيا جو مون پنهنجي ماءُ کي ڏنو هو.
    اڄ مان سنڌ جي تاريخ ساز نسل آڏو بيٺو آهيان. اڄ مان سنڌ جي هوشن، هيمن ۽ دودن آڏو بيٺو آهيان.
    اڄ منهنجي ماءُ جيئري ناهي، پر اسان جي سنڌ جيئري آهي، ۽ قيامت تائين جيئري رهندي. ان عرصي ۾ اهو ڄاڻندي به ته ڌرتيءَ جا گهوٽ اڻموٽ مٽيءَ سان لائون لهندا آهن، ۽ عورت سندن زندگيءَ ۾ ٻئي درجي جي ثانوي حيثيت رکندي آهي. مون اتفاق سان شادي ڪئي، ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيم ـــ پر منهنجي وجود جو هڪ هڪ ٽُڪر سنڌ جي مٽيءَ ۾ ڀڀوت آهي.
    عام طرح سمجهيو ۽ چيو ويندو آهي ته امر جليل جنگجو قسم جا، ۽ باغي نموني جا افسانا لکندو آهي. مان سڄڻن جي خيال آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو ۽ سندن راءِ تي رايو نه ٿو ڏيان. هتي مان فقط ايترو چوندس ته امر جليل جي ڪاري، ڪوجهي ۽ ڪارونجهر جهڙي ظاهر پٺيان هڪ بيچين روح به لڪل آهي، جنهن کي ازل کان هڪ بيغرض ۽ سنڌوءَ جهڙي سرڪش محبت جي جستجو رهي آهي. امر جليل جي دل رت ۽ الفت جو سنگرام آهي. امر جليل هڪ شخصيت جو نالو ناهي. امر جليل مختلف ٽُڪرن جو نالو آهي. اُهي ٽڪر هڪٻئي کان ڌار، خودسر ۽ خودمختيار آهن. انهن ٽڪرن مان هڪڙو سرڪش آهي، باغي آهي. ٻيو خود ڪوي آهي ۽ اياز جو عاشق آهي. ٽيون پيار جو پوڄاري آهي. چوٿون جوڳي جوڳ سندو آهي. پنجون سر سان ڪفن ٻڌي گهوٽ اڻموٽ جهڙن مستن جي قطار ۾ بيٺو آهي. انهن ٽُڪرن جي طبيعت هڪ ٻئي کان ڌار آهي. پر اهي سمورا ٽُڪر هڪ زنجير جي ڪڙين ۾ جڪڙيل آهن، جنهن زنجير جو ٻيو پاسو سنڌ جي تحت السرا ۾ ڦاٿل آهي.
    وطن پرستي ۽ محبت تي مون هڪ ڪهاڻي ”جڏهن مان نه هوندس“ لکي آهي. ان ڪهاڻيءَ ۾ هڪ هنڌ مرڪزي ڪردار ۽ هڪ ٻئي ڪردار يوسف جي وچ ۾ گفتگو جي دوران يوسف مرڪزي ڪردار کان پڇي ٿو ته، ”وطن پرست بنيادي طرح رومئنٽڪ ڇو چوندا آهن“؟ مرڪزي ڪردار جواب ڏئيس ٿو، ”ڇو جو عورت ۽ ڌرتيءَ ۾ بنيادي مشابهت آهي. ٻئي پنهنجن سرويچن جي رت جي سيندور سينڌ ۾ وجهي، قيامت تائين سندن ياد تازي رکنديون آهن.“
    منهنجا دوستو، جڏهن منهنجي روح جي چاهت بيچين ٿي ڪنهن کي ڳولڻ لڳندي آهي، جڏهن دل ڪنهن پاڇولي جي پيار لاءِ ڦٿڪي اُٿندي آهي، ۽ جڏهن گذريل گهڙين جي ڪا ياد لاشعور ۾ ٻٻر جي ڪنڊي وانگر چڀڻ لڳندي آهي، تڏهن مان ان عذاب مان اُٿل کائي ڪا اهڙي ڪهاڻي لکي ويهندو آهيان، جيڪا ڪڏهن ”هڪ دل جي اڪيلائي“ ٿي شايع ٿيندي آهي. ڪڏهن ”دل جي دنيا“، ڪڏهن، ”برف جو تاج محل“، ڪڏهن، ”پٿر ۽ پيار“ ۽ ڪڏهن، ”هڪ ياد جو ماتم“، ٿي منهنجي وجود مان چيرجي ڪپجي ٻاهر ايندي آهي، ۽ مان اُن ڪهاڻيءَ جو تاثر پنهنجي روح ۾ ماضيءَ جي ڪنهن ياد وانگر دفن ڪري ڇڏيندو آهيان.
    يادگيريون ذهن جي مقبرن ۾ قيد ٿي، ٻوساٽجي مري وينديون آهن. پر مان اُنهن مقبرن کي نابود ڪري، پنهنجي غم جا تابوت کڻي، ڪنهن ياد جو ماتم ڪندو آهيان . ■

    1972


    اعتراف جي شام

    جيستائين الهام ۽ انڪشاف جا در بند هئا، تيستائين سمجهندو هوس ته مان دنيا جي اُنهن بدبخت ۽ بد نصيب انسانن منجهان هڪ آهيان جن کي تقرير ڪندي تپ چڙهندو آهي. اُنهن ڏينهن ۾ رسول بخش پليجي کي فصاحت ۽ بلاغت سان تقرير ڪندي ڏسي ۽ ٻڌي مان حيران گهٽ، ۽ پريشان وڌيڪ ٿيندو هوس. هو پنهنجن لفظن جي چونڊ، ۽ جُملن جي جوڙجڪ سان مون کي ڏاڍو متاثر ڪندو هو، بلڪه ماري وجهندو هو. مان اڪثر سوچيندو هوس، ڪاش رسول بخش پليجو ڇوڪري هجي ها، ۽ مان ساڻس اهڙي محبت ڪريان ها، جنهن جا مثال دنيا قيامت تائين ڏيندي رهي ها. پر، ائين ٿي نه سگهيو.
    مان رکي رکي سوچيندو آهيان، ۽ الله سائينءَ جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته انهن ڏينهن ۾، جن ڏينهن ۾ رسول بخش پليجي پنهنجين طلسمي تقريرن سان منهنجي زندگيءَ ۾ رِڻ ٻاري ڏنو هو، مان ڇوڪري نه هُئس. ڇوڪري هجان ها ته پليجي جون تقريرون ٻڌي وڍجي وڃان ها، ۽ سڄي عمر پڇتايان ها. ٻاروچل جي چڪر ۾ چري ٿي پوان ها.
    اوهين مهرباني ڪري معنيٰ در معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو. منهنجي چوڻ جو سليس مطلب آهي ته تقرير ڪرڻ وارن کي تقرير ٻڌڻ وارن جي ڪيفيت جي ڪل ئي نه پوندي آهي. مون گهڻو ڪري تقرير ٻڌڻ وارن جو مٿو ڦاٽل ڏٺو آهي. مون اڄ تائين ڪنهن تقرير ڪرڻ واري جو مٿو ڦاٽل نه ڏٺو آهي.
    رسول بخش پليجي جي سياست، ۽ سياسي وابستگيءَ سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي. رسول بخش پليجو منهنجو دوست آهي، مون کي وڻندو آهي، ۽ ڏاڍو خوش نصيب آهي. خوش نصيب اِن ڪري آهي جو عورت نه آهي، ۽ مون جهڙي مجنونءَ کان بچي ويو آهي. هو خوش نصيب اِن ڪري به آهي جو مان عورت نه آهيان، بلڪه ڇوڪري نه آهيان، ورنه
    حجر جا گيت ڳائي سندس ننڊ حرام ڪري ڇڏيان ها.
    اِهو قطعي غلط آهي ته جيل ۾ رسول بخش پليجي کي ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا هئا. باوثوق ذريعن کان خبر پيئي آهي ته جاڳائڻ بدران جيل ۾ رسول بخش پليجي کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. هو جيستائين جاڳندو هو، تيستائين تقريرون ڪري جيل جي عملي کي توائي ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ٻن جيلرن خودڪشيءَ جي به ڪوشش ڪئي هئي. اُن کان پوءِ اسلام آباد مان آرڊر آيو ته جيل ۾ هر قيمت تي، ۽ هر صورت ۾ پليجي کي ننڊ ڪرايو، کيس جاڳڻ نه ڏيو.
    هڪ دفعي چوائي موڪليو مانس، ”يار پليجا! ملاقات جو امڪان آهي؟“ جواب موڪليائين، ”ملنداسين، ڇونه ملنداسين، سپني ۾ ملنداسين.“ خبر پيئي ته ننڊ جون گوريون کارائي ڇڏيون هئائونس، ننڊ ۾ هو.
    رسول بخش پليجي سان ملاقات ٿي، ننڊ ۾ نه، پر جاڳندي، سجاڳيءَ ۾. اسان جي ملاقات راولپنڊيءَ جي پراڻي پريزيڊنسيءَ ۾ ٿي جنهن ۾ اڄ تائين جنرل ضياالحق جي آتما ڀٽڪندي رهندي آهي. کيس مُڪتي ملي نه سگهي آهي. هو بهاولپور ۾ هرڪيوليس جهاز ڪيرائڻ وارن جي ڪڍ آهي.
    موقعو مهل ته ياد ناهي، پر سمجهان ٿو عيد ملن، يا چاند گرهن قسم جو ڪو موقعو هو. پراڻي پريزيڊنسيءَ ۾ بينظير ڀٽو جي سڏ تي انيڪ فوجي، ۽ ڀانت ڀانت جا بدبودار بيوروڪريٽ پيٽيس ۽ سينڊوچ کائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا. بدبودار بيوروڪريٽس ۾ مان به شامل هوس. اجايو پيپلس پارٽيءَ وارن کي وڻي ويو هوس. ٻه پوسٽون منهنجي حوالي ڪري ڇڏيائون، پر، پگهار هڪ ڏيندا هئا. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس جو ڊائريڪٽر جنرل ڪيائون، ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به مقرر ڪري ڇڏيائون. هڪ دفعي موقعو مليو ته چيو مانِ، ”مهربانو، قدردانو، هڪ پگهار تي ٻه نوڪريون ڪرڻ لاءِ مان تيار آهيان، پر ورهين کان منهنجي مٿان ملڪ ڊاهڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ، ۽ نوجوانن کي ملحد ڪرڻ وارا ڪيس ته ختم ڪريو. رٽائر ٿيم ته پينشن نه ملندي.“
    چيائون، ”تنهنجا ڪيس ايجنيسن جي حوالي آهن. ايجنسيون اسان جي ماتحت نه آهن. اسين ايجنسين جي ماتحت آهيون. تون الله جو نالو وٺي هڪ پگهار تي ٻه نوڪريون ڪندو رهه. ملڪ جي اقتصادي حالت ٺيڪ نه آهي. الله اَجرُ ڏيندوءِ.“
    ماڻهن جي ميلي ۾ انيڪ سياستدانن جي درميان مون کي رسول بخش پليجو ملي ويو. ورهين کان پوءِ ڏٺو هو مانس. ڀاڪر پائي مليو مانس. حال احوال ورتائين، پر پيٽيس نه کاڌائين. سندس حصي جي پيٽيس مون کائي ڇڏي. پاڻ وڃي سياستدانن جي انبوهه ۾ بيٺو. سوچيم، شايد تقرير ڪندو. پر تقرير نه ڪيائين. بينظير جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي تقرير ڪرڻ جي مجال نه هئي. تقرير ڪرڻ ۾ هوءَ سڀني سياستدانن جي ناني هئي.
    بينظير کي تقرير ڪرڻ جو هنر برطانيه جي يونيورسٽين مان هٿ لڳو هو، جتي هوءَ ڊبيٽن ۾ سڀني کي ماري مات ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ آخر تائين تقرير ۽ ڊبيٽ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهي. هوءَ هر تقرير کي ڊبيٽ سمجهي ڪپ کٽي هلي ويندي هئي. هوءَ تقريرن ۾ زبردست ڊبيٽ ڪندي هئي، ۽ تقريرن ۾ ملڪ جا سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ مالي مسئلا حل ڪري هلي ويندي هئي. ڏاڍا ڪپ ۽ ٽرافيون کٽيائين.
    هڪ دفعي تاريخ ساز تقرير ڪيائين. انعام ۾ کيس آصف علي زرداري ڏيئي ڇڏيائون. اُن کان پوءِ هوءَ ڪڏهن به ڪو ڪپ، ڪا ٽرافي کٽي نه سگهي.
    تمام پراڻي ڳالهه آهي. ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پڪوڙا پي کاڌم. اوچتو پٿرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. آسمان ڏانهن ڏٺم. ابابيل نظر نه آيا. ڊوڙ پائي قبرستان ۾ هڪ ڀڳل قبر ۾ وڃي پناهه ورتم. قبر ۾ موجود مڙدي اعتراض ڪندي پڇيو، ”اڙي تون لاهور جي مشهور قبضه گروپ جو ميمبر ته ناهين!“
    وراڻيم، ”مان ٿوري دير لاءِ مري ويو آهيان. پٿرن جو وسڪارو ختم ٿيڻ شرط مان جيئرو ٿي پوندس، ۽ هتان هليو ويندس.“
    مڙدو سنڌي هو. منهنجي آئو ڀگت ڪيائين، ۽ پيئڻ لاءِ مون کي ڀنگ ڏنائين.
    ٿوري دير کان پوءِ پٿرن جو وسڪارو ختم ٿيو. مان جيئرو ٿي قبر مان ٻاهر نڪري آيس. پٿرن جي وسڪاري بابت خدا جي خلق کان حال احوال ورتم. خبر پيئي ته مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊي مستي خان ۾ تقرير پئي ڪئي. مون کي حيرت ٿي. مون هڪ بدحال دانشور کان پڇيو، ”ڪهڙو سبب آهي جو مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊي باگي، ٽنڊي آغا، ۽ ٽنڊي الهيار بدران ٽنڊي مستي خان ۾ وڃي تقرير ڪئي آهي؟“
    دانشور منهنجو جائزو وٺندي چيو، ”تون رڇ آهين. توکي اِها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي. فلسفي جي ڳالهه آهي.“
    چيم، ”مان مداريءَ جو رڇ آهيان. ڊگڊگيءَ جو آواز ٻڌي ٻن پيرن تي بيهي نچي سگهندو آهيان. تون مون کي ٽنڊي مستي خان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ.“
    چيائين، ”اِها هستيءَ ۽ مستيءَ جي ڳالهه آهي. تنهنجي عقل کان بالاتر آهي.“
    کيس عرض ڪندي چيم،”ايترو ڪٺور نه ٿيءُ، دانشور. مون کي مستيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ.“
    دانشور کي منهنجي حال تي رحم آيو. هن چيو، ”جڏهن ڪو صوبو مضبوط مرڪز سان وچڙندو آهي، تڏهن مستي ڪندو آهي. ۽ مضبوط مرڪز جڏهن ڪنهن صوبي کي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن خرمستي ڪندو آهي.“
    مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    رات جو چمڙن ۽ چٻرن سان گڏ مان به جاڳندو آهيان، تنهن ڪري دوستن کان سواءِ اوڙي پاڙي وارا مون کي تهجد گذار سمجهندا آهن. اُماوس جي رات هئي، مون خدا کي چيو، ”مون خوديءَ کي بلند ڪيو آهي. هاڻي تون خدا مون بندي کان پُڇ ته منهنجي رضا ڪهڙي آهي؟ منهنجي رضا اِها آهي ته تون الهام ۽ انڪشاف جا بند در کولي ڇڏ. مون کي ٻڌاءِ ته مون کان علاوه ٻيا ڪير بدبخت ۽ بدنصيب آهن جن کي تقرير ڪندي تپ چڙهندو آهي.“
    خدا چيو، ”پاڪستان مان منهنجو دور ختم ٿيو. ماڻهن ۽ ٽيليويزن
    وارن خدا حافظ بدران الله حافظ چوڻ شروع ڪيو آهي.“
    مون کي حيرت ٿي. چيم، ”تنهنجو، يعني خدا جو قسم کڻي مون ڪنهن سان قيامت تائين واعدو وفا ڪرڻ جو اقرار ڪيو هو. اُن جو ڇا ٿيندو؟“
    خدا چيو، ”واعدو وفا نه ڪر. منهنجو دور ختم ٿيو. تون آزاد آهين.“
    پڇيم، ”تنهنجو قسم کڻي ڪوڙن شاهدن هزارين بيگناهن کي ڦاهيءَ تي چاڙهائي ڇڏيو. انهن جو ڇا ٿيندو.“
    ”منهنجي دور سان گڏ هنن جا گذريل گناهه معاف ٿي ويا.“ خدا چيو، ”هينئر هو عدالتن ۾ الله جو قسم کڻي ڪوڙي شاهدي ڏيندا. هاڻي هو ڄاڻن، هنن جو الله ڄاڻي. باقي ٽيليويزن وارن منهنجو دور ختم ڪري ڇڏيو.“
    مون الله سائينءَ کي چيو، ”مان تنهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ نه پوندس. تون ڄاڻين، خدا ڄاڻي ۽ ٽيليويزن وارا ڄاڻن. بس تون منهنجي لاءِ الهام ۽ انڪشاف جا در کولي ڇڏ.“
    مون کي ننڊ اچي ويئي، يا مون کي ننڊ کڻي ويئي. مون کي ڪا خبر ڪونهي. مان اڄ تائين فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان ته مون کي ننڊ ايندي آهي، يا ننڊ مون کي کڻي ويندي آهي! مان سمهي پوندو آهيان.
    الله سائينءَ سان ڳالهائڻ کان پوءِ مان سمهي پيس. منهنجي لاءِ الهام ۽ انڪشاف جا سمورا در، دريون، دروازا، ڳڙکيون، ۽ روشندان کُلي پيا. خبر پيئي ته مان دنيا ۾ اڪيلو بندو گندو نه آهيان جنهن کي تقرير ڪندي تپ چڙهندو آهي. پاڪستان جا پريزيڊنٽ، وزيراعظم، وزير ۽ نالي ماتر وزير يعني State Ministers به تقرير ڪري نه سگهندا آهن. هو پگهار تي تقريرون لکائيندا آهن، ۽ جلسن، ۽ ڪانفرنس ۾ ماڻهن کي تقرير پڙهي ٻڌائيندا آهن.
    هڪ دفعي پگهار تي تقريرون لکڻ وارن ٻه تقريرون لکيون، هڪ پريزيڊنٽ لاءِ، ۽ ٻي وزيراعظم لاءِ. هڪ تقرير ميله مويشيان ۾ پڙهڻ لاءِ هئي جنهن ۾ جانورن جي افزائش، ۽ سار سنڀال بابت ڪارآمد ڳالهيون لکيل هيون. اُها تقرير پريزيڊنٽ کي ميله مويشيان ۾ پڙهڻي هئي. ٻي تقرير اديبن جي قومي ڪانفرنس ۾ پڙهڻ لاءِ لکي ويئي هئي. اُن تقرير ۾ پگهار تي تقريرون لکڻ واري اديبن کي لکڻ ۽ پڙهڻ جي فن کان آگاهه ڪيو هو. هن ليکڪن کي ٻڌايو هو ته ناول، ڪهاڻي، ڊرامو، گيت، غزل ۽ نظم ڪهڙي پيرائي ۾ ڪڏهن لکجن، ۽ ڪڏهن نه لکجن، ۽ ڇو لکجن. هن پنهنجي تقرير ۾ اديبن کي هڪ ڪم جي صلاح ڏني هئي، ”جيڪڏهن حاڪم وقت جي ساراهه جا ڍُڪ ڀري نه سگهو، ته پوءِ زهر جو پيالو پي ڇڏجو.“ اُها تقرير اديبن جي قومي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم کي پڙهڻي هئي.
    بدقسمتيءَ سان فائيل بدلجي ويا. ميله مويشيان ۾ پريزيڊنٽ ڍورن ۽ ڍڳن کي مفيد ۽ ڪارآمد ادب جي رازن ۽ رمزن کان آگاهه ڪيو. ساڳي طرح اديبن جي قومي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم اديبن کي جانورن جي سار سنڀال، ۽ افزائش بابت مفيد مشورا ڏنا، ۽ دهل جي ٽاپ ۽ شرناءِ جي سُرن تي پوئين ٻن ٽنگن تي بيهي نچڻ واري گهوڙي جي ساراهه ڪئي. هن وڏن سڱن وارن ڏاندن ۽ سانن لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو.
    اوهين سوچيندا هوندا ته هينئر مان اوهان کي اُن پريزيڊنٽ ۽ اُن وزيراعظم جو نالو ٻڌائيندس، جن جانورن کي ادب جي اُفاديت کان آگاهه ڪيو هو، ۽ ليکڪن کي اُن گهوڙي کان سبق سکڻ جو درس ڏنو. جنهن دهل جي ٽاپ ۽ سرناءِ جي سُرن تي نچي ڏيکاريو هو!
    نه بابا سائين نه. مان هينئر اُهو اڳوڻو احمق امر جليل نه رهيو آهيان. مان خدا جي فضل سان، بلڪه الله سائينءَ جي فضل سان هينئر عاقل ۽ بالغ ٿي پيو آهيان. منهنجي شاديءَ لاءِ هينئر مناسب رشتا به اچڻ لڳا آهن. مون کي خيرن سان مضبوط مرڪز واري شهر اسلام آباد به موٽي وڃڻو آهي. تنهن ڪري مان اوهان کي نه پريزيڊنٽ جو نالو ٻڌائيندس ۽ نه ئي وزيراعظم جو. اِهو ئي سبب آهي جو مون ڳالهه ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ ڪئي آهي، ۽ وقت ۽ مقام کان آزاد ڪري ڇڏي آهي. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ حاتم طائي به اچي ويندو آهي. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ هارون ۽ مامون رشيد به اچي ويندا آهن. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ اله دين، اله دين جو چراغ، ۽ چراغ جو جن به اچي ويندا آهن. ”هڪدفعي“ واري پيرائي ۾ علي بابا، ۽ چاليهه چور به اچي ويندا آهن، جن جو تعداد اڄڪلهه وڌي ويو آهي. ۽ هونءَ به، بابا سائين، نالي ۾ ڇا رکيو آهي!
    مون کي شينهن سڏائڻ جو شوق هوندو هو. هڪ مئل شينهن جي کَل وٺي پائي ڇڏيم. شينهن سڏجڻ ۾آيس. هڪ دفعي شينهن جا شڪاري آيا. اِن کان اڳ جو گولي هلائي منهنجو انت آڻين، مون شينهن واري کل لاهي کين ڏيئي ڇڏي. شينهن جي کل هيٺان گدڙ ڏسي هو ڏاڍو حيران ٿيا. هنن جو شينهن تان ويساهه کڄي ويو. هنن تاريخ ۾ لکيو: شينهن درحقيقت شينهن نه هوندا آهن. شينهن جي کل هيٺان گدڙ هوندا آهن.
    اُهو تاريخي دستاويز لنڊن واري اِنڊيا لائبريري ۾ موجود آهي. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته شينهن کي جيڪڏهن ازل کان گدڙ سڏيو وڃي ها ته اڄ هر هنڌ گدڙن جي هاڪ هجي ها، ۽ ويڙهاڪ شير بدران گدڙ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ها.
    ورهيه وهامي ويا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نوڪري ڪندو هوس. ڪو ڏينهن پئي ملهايائون، يا ڪو هفتو پئي ملهايائون، مون کي ٺيڪ سان ياد ڪونهي. گذريل 52 سالن کان اسان ايتريقدر ته پاڻ ملهايو آهي، جو هينئر ملهائڻ لاءِ ڦٽاڪن هلائڻ کان سواءِ اسان وٽ ڪجهه باقي نه بچيو آهي. ريڊيو پاڪستان جي هيڊڪواٽرز مان حڪم آيو: مسلمان فيلسوفن، دانشور ۽ اديبن تي ٻه ٽي زبردست قسم جا پروگرام ڪري ڇڏيو. مان پروگرام مينيجر هوس. پروڊيوسرن کي چئي مسلمان فيلسوفن، دانشورن ۽ اديبن تي زبردست پروگرام ڪرائي ڇڏيم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تعريفي خط بدران تنبيهه وارو خط مليو. لکيو هئائون: خليل جبران جهڙي عظيم مسلمان فيلسوف ۽ اديب کي پروگرامن مان دانسته نظر انداز ڪري تو ڪوتاهي ڪئي آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته توکي گهٽ ۾ گهٽ ڊموٽ (عهدي ۾ گهٽ) ڇونه ڪيو وڃي!
    اڄ ويهين صديءَ جي آخري سج گرهڻ ٿي آهي. رات شهاب ثاقب ڪرندا، تنهنڪري، اڄوڪي شام کي مان اعتراف جي شام سمجهان ٿو.
    اڄ کان پنجويهه ـ ٽيهه سال اڳ حيدرآباد ۾ مون سان پهرين ادبي شام حميد آخوند جي ڪوشش سان ملهائي هئائون. اڄوڪي شام، جيڪا ممڪن آهي ته منهنجي آخري شام هجي، حميد آخوند جي توسط سان ٿي آهي. انهن ٽيهن پنجٽيهن سالن ۾ حميد هڪ دلبر دوست ۽ ننڍي ڀاءُ وانگر هر سطح تي منهنجي لاءِ وڙهندو رهيو آهي. منهنجي لاءِ اعليٰ اختياريءَ وارن سان وچڙهندو رهيو آهي. منهنجو دفاع ڪندو رهيو آهي. مون کي پروموٽ ڪندو رهيو آهي.
    هڪ دور تمام طويل، ٿڪائيندڙ، ۽ جهوري وجهڻ جهڙو آيو هو. پنهنجين تحريرن ۾ ملڪ ٽوڙڻ، سنڌو ديش ٺاهڻ ۽ نوجوانن کي ملحد ڪرڻ جهڙا الزام مڙهي ورهين جا ورهيه انڪوائريون ۽ آڏيون پڇائون هليون هيون. هڪ حميد کان سواءِ سمورا دوست جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ هئا، منهن موڙي گم ٿي ويا. حميد پنهنجو ڀيرو نه ڀڳو. ساٿ نه ڇڏيو. هڪ اڌ ڏينهن لاءِ اسلام آباد ايندو هو ته ڳولي هٿ ڪري وٺندو هو. وڏو وڙ اٿس. اهڙي ئي دوستي احمد فراز سان نڀائي اٿائين، ويندي جو احمد فراز جڏهن جلاوطن هو، تڏهن به حميد سندس ساٿ نه ڇڏيو.
    حميد تمام گهڻو ٽريول ڪيو آهي، ۽ تمام گهڻو پڙهيو آهي. جنهن جنهن ملڪ ويو، اُتان ڪتابن جي ڀري کڻي موٽندو آهي. دنيا جي انيڪ جديد ليکڪن ۽ سندن ڪتابن ۽ تحريرن جي باري ۾ مون پهريون دفعو حميد کان ٻڌو ۽ سکيو آهي.
    مون کان اڪثر ورائي ورائي پڇيو ويو آهي، ”هينئر ته تون رٽائر ٿي چڪو آهين. سنڌ ڪڏهن موٽندين؟“
    مان خوابن جي سهاري جيئندو آهيان، ۽ خوابن جي سهاري مري ويندس. تعبير ڏسي نه سگهندس.
    ڏهن سِرن وارن ٽيهه سال اڳ مون کي سنڌ لاءِ ناقابل قبول قرار ڏنو هو. جيتوڻيڪ مون وٽ ڪَشتيون نه هيون، مان سمورا آگبوٽ، ڪشتيون ۽ ٻيڙيون ساڙي هتان هليو ويو هوس. اسان سنڌين جي وجود ۾ مارئيءَ جو واسو آهي. اِها ڳالهه ٻي ڪنهن قوم کي سمجهه ۾ نه ايندي آهي. مون آمريڪا ۾ آباد سنڌين کي سنڌ لاءِ واجهائيندي ڏٺو. سنڌ لاءِ فڪرمند ڏٺو.
    مان اوهان سڀني کي چتاءُ ٿو ڏيان، خاص ڪري قاسم آباد ۾ رهڻ وارن سنڌين کي، ته مان عنقريب موٽندس، ۽ قاسم آباد ۾ اچي رهندس. هونءَ ته منهنجي وڏي نيڪنامي آهي، پر مان اوهان کان ڀُنگ وٺندس. دل ۾ نه ڪجو پنهنجا پاڻ ۾ آهيون. مان اوهان کان منٿليون به وٺندس. مان دڪانن تان سيڌو سامان مفت ۾ کڻندس. هوٽلن تي ماني کائي پيسا نه ڏيندس. جيڪڏهن ڪنهن پيسا گهرڻ جي همٿ ڪئي ته اُن جي پڳ لاهي پَٽ تي رکندس.
    گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مان اوهان کي ٽيش ۾ گاڏي هلائيندي، ۽ اڪثر داداگيري ڪندي نظر ايندس.
    مان اوهان سان واعدو ٿو ڪريان ته سنڌ جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلڻ نه ڏيندس. امتحان ٿيڻ نه ڏيندس. هاسٽلن تي قبضو ڪري ويهي رهندس. ڪنهن ٽيچر يا شاگرد اعتراض ڪيو ته کيس موچڙا هڻندس، ۽ ضرورت پيئي ته کيس گولي هڻي ڇڏيندس.
    سنڌ واسيو! خاص ڪري قاسم آباد جا رهواسيو! مايوس نه ٿيو. مان عنقريب اوهان جي وچ ۾ اچي رهندس ۽ اوهان جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جا ڪايا پلٽي ڇڏيندس. اِن ڪم کان مون کي ڪوبه روڪي نه سگهندو. آئي جي منهنجي مامو، ڊي آئي جي منهنجو ماروٽ، ايس پي منهنجو پپاٽ ۽ ايس ايڇ او منهنجو ٽيلينٽڊ ڪزن آهي.
    پنهنجي انقلابي ڪم ۾ رخني جو انديشو مون کي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست، آرٽسٽ، ۽ وڏي ويڙهاڪ ظفر ڪاظميءَ کان آهي. پر، هينئر هو پوڙهو ٿي چڪو آهي. منهنجي انقلابي ڪم ۾ دخل اندازي ڪيائين ته ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيندو مانس.
    اوهين منهنجي اچڻ جو ۽ انقلاب جو انتظار ڪيو. خوابن جي ڍير تي تعبيرن جي چتا کي باهه ڏيئي ڇڏينداسين.
    مان حميد آخوند جو شڪرگذار آهيان جنهن مون کي اوهان سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. مان اوهان سڀني سنگتي ساٿين جو ٿورائتو آهيان، اوهان وڏي تحمل سان مون کي ٻُڌو ۽ برداشت ڪيو. ■

    1999


    ڪا شام هجي ۽ لهندڙ سج جي لام هجي

    اڄ ڪلهه جو دور تقرير بازيءَ جو دور آهي. جيڪو گهر کان رُسي، هڪ عدد تقرير هنيو ڇڏي. مان گهر کان رٺل نه آهيان، پر تنهن هوندي به هڪ تقرير ضرور ڪندس. سياسي جلسو هجي، يا ادبي محفل، چوپائي مال جي نمائش هجي، يا موسيقيءَ جي محفل، تقرير ضرور ٿيندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته تقرير ڪرڻ وارو، تقرير ٻڌڻ وارن کي دنيا جو چيمپئن بور ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڪٽر هيو گو جي ناول ”هنچ بئڪ آف ناٽر ڊيم“ جي ڪٻڙي عاشق ڪسيمڊو جهڙو ڀوڪ نظر ايندو آهي. دوستو! ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ اُٺ جيڏي غلطي ڪرڻ کان پوءِ، ساڳي غلطي ٻيهر نه ڪندو آهي پر ـــ هڪ تقرير ڪرڻ کان پوءِ ٻي تقرير ضرور ڪندو آهي. مان پنهنجي زندگيءَ جي پهرين تقرير ڪيان ٿو، ۽ جيڪڏهن ماحول سازگار رهيو، يعني ماڻهن کي بور ٿيڻ تي آماده ڏٺم، ته انشاالله تقريرن جو سلسلو جاري رکندس، ۽ موقعي لاءِ پيو واجهائيندس. هڪ ڪُهنه مشق تقريرباز جو قول آهي، ته ڪنن آنن ۽ ڪنن ٽماٽن جي موسم ۾ هرگز تقرير ڪرڻ نه گهرجي، ۽ ٻيو ته تقرير ٻڌڻ وارن کي اولهندي منهن، يعني ڪعبته الله ڏانهن منهن ڪري نه ويهارجي، ڇو جو سندن دل مان تقرير ڪندڙ لاءِ بد دعا نڪرندي آهي، جيڪا صحيح رخ هئڻ سبب جلد اگهامندي آهي.
    دوستو! توهان تي تقرير ٻڌڻ جو جيڪو عذاب نازل ٿيڻ وارو آهي، تنهن لاءِ مان توهان کان ۽ خدا کان معافيءَ جو طلبگار آهيان.
    ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ڪائونسل جي ڊائريڪٽر حميد آخوند مون سان جڏهن هڪ شام ملهائڻ جو ذڪر ڪيو هو، تڏهن اِهو چئي پنهنجي جان بچائي هيم ته ”ادا، شام اُن سان ملهائجي جنهن پاڻ موکيو هجي، پاڻ ملهايو هجي. ۽ جنهن جي ٽوپي ۾ سرخاب نالي ڪنهن پارسيءَ پکيءَ جو کنڀ لڳل هجي. بدقسمتيءَ سان مون اِهو سرخاب پکي خواب ۾ به نه ڏٺو آهي، ۽ ٻيو ته مان ٽوپي پايان ڪونه. جيڪڏهن اتفاق سان ٽوپي پايان به ها، ته منهنجي ٽوپيءَ ۾ سرخاب جو نه، پر سنڌي جهرڪيءَ جو کنڀ لڳل هجي ها.“ حميد آخوند کي هڪدم ڳالهه سمجهه ۾ آئي. زور نه ڀريائين.
    پوءِ اوچتو، ٻه چار منصف مهربان ٿا. مَهر جي نظر ڪيائون، ۽ پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 69ـــ1970 جو ادبي انعام ڏنائون. حميد آخوند آيو. چيائين، ”ڏي خبر، هينئر ته هڪ شام ملهائجي“. وراڻيم، ”ها سائين، کيپ کٽي اٿم. آسمان مان پڇڙ تارو پٽيو اٿم؛ توهين ڀل ”هڪ شام“ ملهائڻ جو بندوبست ڪيو. دوست گهمندا ڦرندا هليا آيا ته اُنهن کي، نه ته خالي ڪرسين کي خوب بور ڪري هليو ويندس“.
    سائين، پاڪستان رائيٽرس گلڊ، جيڪا پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ رويي ۾ اسرائيل جي گولڊا ميئر جي همعصر آهي، تنهن جڏهن پنجسو رپين جي قاروني انعام جو اعلان ڪيو، تڏهن مان سچ پچ منجهي پيس. سوچيم، انهن پنجسو رپين مان تاج محل اڏايان، ريل گاڏي وٺان، يا سڌو سنئون آمريڪا جي هينري فورڊ خاندان سان سرمائيداريءَ جو مقابلو ڪيان. مون پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي سيڪريٽريءَ کي لکي موڪليو: ”اي سخي بابا، علاقائي اديبن کي پنج پنج سئو رپين جا انعام هڪدم نه ڏيو، قسطن ۾ ڏيو. اسين خوشيءَ وچان سجدي ۾ نه ڪري پئون ـــ ۽ ٻيو ته ويچارن بنگالي ۽ اردو اديبن سان ايڏي جٺ ۽ ناانصافي ڇو ٿي ڪئي وڃي، جو هنن ويچارن کي فقط ٻه لک چاليهه هزار رپيا انعام ۾ ڏنا وڃن ٿا. ٻه لک چاليهه هزار رپين جا خسيس انعام به ڪي انعام آهن! هنن ويچارن کي به علاقائي اديبن وانگر پنج پنج سئو رپين جا قاروني ۽ زبردست انعام ڏنا وڃن.“ سائين، خط جو جواب پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي سيڪريٽري صاحب وٽان نه آيو. پاڪستان ڪائونسل طرفان سڏ آيو ته اچي هڪ شام ۾ شامل ٿيءُ.
    سائين، سنڌ بنيادي طرح ۽ روحاني طرح شاعرن جو ملڪ آهي. هتي افسانا فقط اُهو شخص لکندو آهي، جنهن جي دال شاعريءَ ۾ نه ڳرندي آهي. مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ۾ افسانن سان گڏ شاعري ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. ٻه چار نظم ۽ آزاد نظم ڇپجي به ويا هئا، پر شاعري مون کي راس نه آئي. دوستن چيو، ”ٻيلي، تون ڏيک ويک ۾ رف ٽف آهين! ۽ ڏسڻ ۾ به هوبهو محرم جانوريءَ جو فرار ٿيل ساٿي ٿو لڳين، تنهن ڪري تون شاعري ڪري نه سگهندين. شاعري نازڪ خياليءَ سان ٿيندي آهي، تنهنجا خيال خطرناڪ آهن. تون افسانه لک.“ مون کين مولانا گراميءَ جو مثال ڏنو. چيائون، ”exception آهي“. ”شمشير حيدري سنڌي شاعرن جي علامت آهي.“ مون کي نيٺ شاعريءَ کان بان ڪرايائون.
    اُنهن ڏينهن ۾ هڪ آزاد نظم لکيو هوم، جنهن ۾ اُن وقت جي بدنام باڪسر جانو مڪرانيءَ جو ذڪر ڪيو هوم، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ اوچتو عروج ۽ اوچتو زوال ڏٺو هو ـــ اُهو آزاد نظم پيش ڪيان ٿو:
    اسان کان پري ٿي بيهو ٿا!
    دامن بچائي
    نظرن کي ڦيري،
    پري ٿي بيهو ٿا!
    اسان کي چئو ٿا ته بدڪار آهيون.
    غنڊا ۽ لوفر
    بيڪار آهيون،
    قاتل ڪمينا
    زماني جي ڌتڪار آهيون.
    اوباش آهيون
    آواره آهيون
    توهان جي نگاهن ۾ ناڪاره آهيون.
    اسان جي حياتي
    رستي جو پٿر،
    ڪڏهن ٺوڪرن ۾،
    ڪڏهن گندگيءَ ۾،
    ڪڏهن ڪن ڪچري جا گهارا سڏايون
    سوئر سڏايون،
    ۽ ناسور آهيون.
    اونده جا ساٿي
    گناهن جا سنگتي
    پاپن جا پاليل اسان ئي ته آهيون.
    قانون ڪهڙو اسان لاءِ آهي!
    انصاف ڪهڙو اسان لاءِ آهي!
    رهون ٿا اسان ئي اُجالن کان دور
    ڌڪاريل، وساريل
    ۽ بدنام آهيون.
    ڪجهه به کڻي،
    ڀل ته ڪهڙا به آهيون،
    پر توهين ڇو اسان کان پري ٿي بيهو ٿا.
    چوريون ۽ زوريون
    توهان لئه ڪيون سي،
    ڦر لٽ ۽ ڌاڙا توهان لئه هنياسين
    بينڪن کي ٽوڙي،
    ٽجوڙيون توهان جون ڀريون سين،
    تڏهن به چئو ٿا ته بيڪار آهيون!
    اليڪشن ۾ ورڪر توهان لئه
    اسين ئي هئاسين،
    ظلمن جا پيڪر
    اسين ئي هئاسين
    توهان جا سپورٽر
    اسين ئي هئاسين،
    جڏهن وقت چونڊن ۾ ٿورو رهيو هو
    توهان جا هئاسين
    توهان جا رهياسين.
    پر اڄ ڪيئن چئو ٿا ته ناڪاره آهيون؟
    پر اڄ ڪيئن چئو ٿا ته بيڪار آهيون!
    اسان جي ڪري ئي ته ڪامياب آهيو،
    ڪرسين جا مالڪ
    غريبن، فقيرن، صغيرن جا مالڪ
    اسان جي ڪري ئي ته ناياب آهيو.
    ووٽر توهان لئه
    بوگس ۽ ڪوڙا
    اسان ئي ٿا آڻيون.
    تڏهن به چئو ٿا ته آواره آهيون!
    توهان کي ٿا ٺاهيون
    توهان کي بنايون،
    ڀل ته ڪهڙا به آهيون،
    توهان لاءِ قانون ٺاهڻ جون ڪرسيون
    اسان ئي ٿا آڻيون.
    جڏهن اڄ توهين،
    عملدار آهيو،
    آقا ۽ داتا،
    غريبن جا غمخوار آهيو،
    تڏهن، اڄ توهين به اسان کان پري ٿي بيهو ٿا.
    اسان کي چئو ٿا ته دشمن سماجن جا آهيون،
    ڌاڙيل، قاتل
    رهزن، ڪمينا
    ۽ جڳ خوار آهيون!
    ها، اسين نصيبن جا ماريل،
    ۽ مجبور آهيون،
    جيلن جي زينت،
    ۽ ڦاسيءَ جي تختي جو سينگار آهيون ـــ
    جانو مڪراني داداگير هو. گهڻن کي ٺاهيائين. جن کي ٺاهيائين تن عوام ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ کيس ڊاهي ڇڏيو. l
    اسان جي معاشري ۾ هرڪو قدر دولت جي وال سان ڪٿبو آهي. ڀولي جيترو ڪو ڀوڪ بصر جيڪڏهن راتو واهه لک پتي يا ڪروڙ پتي ٿي پوي، ته ٻي ڏينهن ڪنهن ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندو؛ تصوير جي نمائش جي ريشمي ربن چانديءَ جي قينچيءَ سان ڪپي، نمائش جو افتتاح ڪندو؛ راندين جي مقابلي ۾ ڪپ وراهيندو، ۽ هڪڙي ڏينهن دانشور جي ٽوليءَ ۾ شامل ٿي، ٻين ملڪن ۾ اسان جي ادب، فن، ثقافت تي ليڪچر ڏيڻ ويندو. اسان جو اديب غريب آهي، مفلس آهي، تنهن ڪري سندس قدر نه آهي. اسان جي ملڪ ۾ اديب کان وڌيڪ اُن وئشيا جو قدر آهي، جيڪا ڪلچر شو جي نالي ۾ پنهنجو شو ڪندي آهي.
    اڄ جو عالمگير تخليقي ادب سچ آهي، سچ جو حامي آهي، سچ جو پيغامبر آهي. اهڙي ادب جو هر هنڌ قدر آهي. پر اسان جي اديب کي سچ لکڻ جي عيوض مصيبت ڳچيءَ ۾ پوي ٿي. اسان جو اديب سچ لکي، پنهنجي مٿان ڊيموڪليس جو خنجر ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌي، لٽڪائي ڇڏيندو آهي. جيڪو اديب سچ لکندو آهي، تنهن کي باغي، تخريب پسند ۽ Dangerous سمجهيو ويندو آهي. اهڙي اديب تي فرشتا نازل ٿيندا آهن، ۽ سندس ننڊ حرام ڪندا آهن. سندس تحريرن کي پرکڻ لاءِ اڌ اکري مقرر ڪيا ويندا آهن. اڌ اکريءَ تي هڪ قصو ياد آيو اٿم. هارون رشيد جي ڏينهن ۾هڪ قاضي مري ويو. دستور موجب سندس پٽ کي قاضي مقرر ڪيو ويو. قاضيءَ جو پٽ اڌ اکري هو. دوستن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته نئين قاضيءَ کي جيئن ته وڏن وڏن ڪيسن جا فيصلا ڪرڻا پوندا، پر پاڻ خدا جي فضل سان اڌ اکري آهي. تنهن ڪري سندس تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي. هڪ قابل استاد رکي ڏنائونس. استاد قاضيءَ جي پٽ کي ڏوهاري ۽ فرياديءَ جو فرق سمجهائڻ لاءِ هيءُ جملي ٻڌايو: ”زيد لٺ سان عمر کي مار ڏني. هن جملي ۾ زيد ڏوهاري ۽ عمر فريادي آهي.“
    قاضيءَ جي پٽ چيو، ”پر زيد عمر کي ڇو مار ڪڍي.“
    استاد سمجهايس، ”قبلا اهو فقط جملو آهي، اوهان جي سمجهاڻيءَ خاطر هٿرادو ٺاهيل آهي.“
    قاضيءَ جي پٽ ڪاوڙ مان چيس، ”ڏس مون سان چالاڪي نه ڪر. زيد ڏوهاري آهي. هن کي هڪدم عدالت ۾ حاضر ڪر.“
    استاد آزيءَ سان وراڻيو، ”سائين جنهن زيد عمر کي لٺ سان مار ڪڍي، سو زيد دنيا ۾ موجود ئي نه آهي. اهو فقط جملو آهي. سمجهاڻيءَ لاءِ آهي. ان کان وڌيڪ ان جملي جي ڪابه اهميت نه آهي.“
    قاضيءَ جو پٽ باهه ٿي ويو.چيائين، ”تون مون کي بيوقوف ٿو سمجهين. مون کي سڀ خبر آهي، تو زيد کان رشوت ورتي آهي، ٻيو ته تون زيد کي سزا لاءِ ڪورٽ ۾ پيش به نٿو ڪرين، تنهن ڪري پهرين سزا توکي ٿو ڏيان.“
    قاضيءَ جي اڌ اکري پٽ پنهنجي اُستاد کي ٽيپ ڏيئي ڇڏي.
    اڄوڪي شام ۾ نوجوان دوستن جي اڪثريت آهي، تنهن ڪري علم جي Side Effects تي ڪجهه ڳالهائيندس. سائيڊ افيڪٽ جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي ـــ ابتو اثر. ڪجهه عرصو اڳ ننڊ ڦٽي ويئي هئي. هڪ ڊاڪٽر ننڊ آڻڻ لاءِ گوريون لکي ڏنيون. پڇيومانس، ”ڊاڪٽر صاحب هنن گورين جو ڪو سائيڊ افيڪٽ، يعني ابتو اثر ته نه آهي؟“
    ڊاڪٽر صاحب وراڻيو، ”اُبتو اثر دنيا جي هر عمل ۾ آهي. مانيءَ جا Side Effects آهن،وائي، بادي سور، بدهاضمو، ڇار اوڳرايون وغيره، پر ماني کائڻ ڪوبه نه ڇڏيندو آهي.“
    علم جو سڀ کان خطرناڪ ابتو اثر اِهو آهي، جو صدين جا ستل انسان جاڳي پوندا آهن. جاڳندڙ ماڻهو گوڙ ڪندو آهي، دنيا جا رنگ ڏسي وائسي باشعور ٿيندو آهي. اهڙو ماڻهو معاشري لاءِ، چوندا آهن، ته مٿي جو سور هوندو آهي. علم جو ٻيو سائيڊ اِفيڪٽ آهي، پنهنجن حقن جي پروڙ پوڻ. ماڻهو حق لاءِ آواز اُٿاريندو آهي، واءُ ويلا ڪندو آهي، ۽ چوندا آهن، ته طوفان کڙو ڪندو آهي. علم جو اسان سنڌين تي سڀ کان خطرناڪ سائيڊ افيڪٽ اهو آهي، جو اسين پڙهي ڪڙهي Cannilial يعني هم جنس خور ٿي پوندا آهيون. هڪ ٻئي کي کائيندا آهيون ـــ هڪ ٻئي کي سهي نه سگهندا آهيون. ڪو سنڌي پڙهي ڳڙهي، يا ٿوڻين ٿنڀن سان مٿي ٿيندو، ته اسين کيس مٿي ٿيندو ڏسي نه سگهنداسين. پيا پيٽ ۾ وٽ پوندا. ترو جيتوڻيڪ بالٽين جو نڪرندو آهي، پر اسين ان يار جي تري ڪڍڻ جون ترڪيبون سوچينداسين. ۽ وري جيڪو مٿي چڙهي ويندو آهي، اُهو هيٺ نه ڏسندو آهي. ڪو مون جهڙو مسڪين، سندس پٽيوالي کان اک بچائي (سنڌي صاحب جو پٽيوالو نائڪ سڏائيندو آهي، ۽ رعب ۽ آڪڙ ۾ صاحب کان ٻه رتيون سرس هوندو آهي.) آفيس ۾ گهڙي ويندو، ته صاحب چوندو، ”واٽ ڊو يو وانٽ“.
    مان چوندس، ”سائين ايم ـــ اي آهيان. بک ٿو مران“
    ”اڙي بک ٿو مران، ته واءِ هِيو يو ڪم هيئر. دِسِ اِز ناٽ اي هوٽل.“
    عرض ڪندس، ”سائين بيروزگار آهيان، نوڪري گهرجي“.
    ”نوڪري گهرجي! ايوري ٽام ڊِڪ اينڊ هيري ڪِمس هيئر.“
    ليلائيندس: ”سائين، مان سنڌي آهيان.“
    ”اڙي! ته پوءِ اميجيٽلي گيٽ آئوٽ. وڏو ڪو بلڊي فول آهين. ڊونٽ پُٽ ماءِ نوڪري اِن ڊينجر ـــ آئوٽ.“ مان چَپ لٽڪائي ٻاهر هليو ويندس.
    اسان وٽ افسانه نگارن کي ڇسو، بيڪار ۽ خيالي پلاءُ پچائيندڙ سمجهيو ويندو آهي. ادبي محفلن ۽ ڪانفرنس ۾ ساڻن اهڙو برتاءُ ڪيو ويندو آهي، جهڙو برهمڻ اڇوتن سان ڪندا آهن. اسان جي هڪ افسانه نگار دوست جا ستن هنڌن تان مڱڻا فقط ان ڪري ڦِٽا آهن، جو ڪنواريتن کي دشمنن اها خبر پهچائي ته گهوٽ سڳورو افسانه نگار آهي.
    هڪ افسانه نگار پنهنجي اصلي مرداني نالي سان ايڊيٽرن کي افسانا ڏياري موڪليندو هو. ايڊيٽر سندس افسانا شايع نه ڪندا هئا. پوءِ هن زناني نالي سان افسانا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي زور شور سان ڇپجڻ لڳا. اهو راز سڀ کان اڳ افسانه نگار جي پيءُ تي کليو. اُهو هن ريت جو هڪڙي ڏينهن پڻس چيس، ”اڙي وڏو ڪو نالائق ٿي پيو آهين.“
    هن ڏڪندي ڏڪندي پڇيو، ”ڇو بابا؟ ڇا ڪيو اٿم؟“
    پڻس اکيون ڏيکاريندي پڇيس، ”ٻڌاءِ رات اڌ رات تائين ڇا پئي ڪيئه؟“
    هن ڏڪندي ڏڪندي وراڻيو، ”ڪجهه به نه بابا.“
    ”اڙي بدبخت ڪوڙ ٿو ڳالهائين!“ پڻس لپاٽ وهائيندي چيس، ”اڙي رات افسانو نه پئي لکيئه؟“
    ان ۾ اُن پيءُ جو ڏوهه نه آهي. اسان جو ماحول ئي افسانه نگاريءَ لاءِ ناساز آهي. هِتي، چئن ڪتابن مان حوالا ۽ جملا ڏئي پنجون ڪتاب تيار ڪندڙ کي محقق ۽ سندس ڪتاب کي ريسرچ سمجهيو ويندو آهي. اهڙي ماحول ۾ Creative Literature لاءِ ناقدري، حيران ڪندڙ نه آهي.
    افسانو پڙهڻ لاءِ هوندو آهي، ٻڌائڻ لاءِ نه، پر جنهن هوندي توهين ۽ مان هڪ ٻئي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهران تيار ٿي نڪتا آهيون. تنهن ڪري مان افسانو پڙهندس ۽ توهين اميد اٿم ته صبر سان ۽ همت سان افسانو برداشت ڪندا. اِن الله مع الصابرين. ■

    1970


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515348
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ