ڪتاب جو نالو: دلدار وڏي شيءِ آ
مصنف: سجاد ميراڻي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2006
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1066 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 392 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”دلدار وڏي شيءَ آ“ پريالوءِ ضلع خيرپور سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي وٽان 2006ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ سميع سجاد ميراڻي ۽ عبدالجبار شيخ ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين عبد الجبار شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • پبلشر جو نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • گلابن جو هڳاءُ رکندڙ سجاد
  • لفظن جو ساٿ وڏي آٿت آهي
  • منهنجو ننڍپڻ جو دوست
  • ڪنهن ، ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
  • ”پيار کي سڀ ڪجهه سمجهندڙ بابا“
  • ”سجاد اکين تي“
  • نفيس انسان سجاد ميراڻي
  • وايون
  • غزل
  • نظم
  • ٻه سٽا
  • ٽه سٽا
  • چو سٽا
  • رنگن جو شاعر سجاد ميراڻي
  • ڌرتي ۽ سرتيءَ جو شاعر
  • ريشم جا ٿانَ اکلي رهيا آهن
  • سرمد ۽ بيدل جي مسلڪ جو شاعر
  • گلابن جي شهر جو شاعر
  • "سجاد ميراڻي" هڪ اديب،شاعر
  • "حساس جذبن جهڙو شاعر"
  • (سچ ۽ سونهن جو شيواڌاري) سجاد
  • پيار ۽ حق سچ جا گل ڇٽيندڙ شاعر "سجادميراڻي"
  • سجاد! نواڻ جي هٻڪار آڇي ٿو
  • سجاد ، شاهه لطف الله قادريءَ جي پيرن جي خاڪ
  • سچ، سونهن ۽ سنڌ جو شاعر سجاد
  • "سجاد ميراڻي" سنڌي شاعريءَ جي سونهن آهي
  • سجاد جي شاعريءَ ۾ حاجي احمد ملاح جهڙي شاعريءَ جا رنگ
  • ها !پياروڏي شيءِ آ

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (147) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دلدار وڏي شيءَ آ“ پريالوءِ ضلع خيرپور سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ پاران سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي وٽان 2006ع ۾ ڇپايو ويو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ سميع سجاد ميراڻي ۽ عبدالجبار شيخ ڪئي آهي. اسان ٿورائتا آهيون سائين عبد الجبار شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    کجين انبن، ڪيلن ۽ گلابن جي شهر” پرين جي لوءِ“ جي نانءِ جنهن جي جهوليءَ ۾ منهنجو جيون گذري ٿو.
    ڀٽائيءَ کان اڳ جي ناليواري ڪلاسڪي شاعر شاهه لطف الله قادريؒ ۽ مخدوم محمد اسماعيلؒ جي نانءِ جن جو تعلق پڻ پريالوءِ سان آهي.
    مرحوم پياري بابا سائين علي بخش ميراڻيءَ جي نانءِ ، جنهن مونکي پيءُ سان گڏ ماءُ جهڙو پيار ڏئي پاليو.
    سائين سليم ڳاڙهوي، سائين حليم سنڌي ۽ سائين نثار بزميءَ جي نانءِ جن مون کي شاعريءَ جا گُر سيکاريا.
    پيارن دوستن هريش ڪمار، ڪلياڻ جي نانءِ جن جي سونهن سوڀيا ۽ پيار منهنجي ڪوتا کي قوت ۽ جلا بخشي.
    پريالوءِ جي ڏات ڌڻين ۽ سٺن دوستن نور احمد ميمڻ چيئر مين سنڌيڪا اڪيڊمي، سرمد سنڌي، شڪيل پريالوي، شهر جي هڏ ڏوکي ڊاڪٽر عبدالرزاق ميمڻ، عبدالله بابو ميمڻ، مخدوم شمس، صغير، سعيد سومرو، رفيق مهر، ۽ عبدالرؤف ميمڻ (ڊينٽست) ۽ ٻين دوستن ۽ ساٿين جي نانءِ جن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهي مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.
    پنهنجي گهرواريءَ جي نانءِ جنهن ڏک سُک ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ دلجاءِ ڏني.
    بلقيس ۽ عطاءُ الله ميراڻي ۽ ٻين پنهنجن ٻچن جي نانءِ جيڪي مونکي بابا با ڪري اچي چنبڙن ٿا ۽ منهنجي دل ٺارن ٿا.


    سجاد ميراڻي


    مهاڳ

    سنڌ جو سيبتو ۽ ڏاهو شاعر
    سجاد ميراڻي

    ادب جي تاريخ ۾ ۾ اهڙو زمانو به هيو. جڏهن ادب جي وصف،” ادب جو ادب لاءِ هئڻ“ ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ” ادب جو وندر ۽ تفريح لاءِ هئڻ“ ٿيڻ لڳي هئي. اسان جي ئي زماني ۾، ڪشنطند بيوس جهڙا استاد شاعر پاڻ سان شاعريءَ جي روپ ۾ جڏهن ترقي پسند روپ کڻي آيا هئا. تڏهن ادب جي وصف ۾ انقلاب اچي ويو ۽ پوءِ ادب جي وصف ” ادب جو زندگيءَ لاءِ هئڻ“ ٿيڻ لڳي هئي. هن وقت، ادب کي ڪسوٽيءَ جي اڃان ڪنهن ٻئي آئيني ۾ ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جوو خاص سبب قومن، سماج، انساني ماڳن، مڪانن ۽ ملڪن جو ٽي ارتقا ۽ اوسر جون منزلون ثابت ٿيون آهن. جي آه: غير ترقي يافته سماج يا ملڪ، ترقي پذيرملڪ ۽ ترقي يافته ملڪ. انگريزيءَ ۾ ، اهڙيم منزلن يا مرحلن کي انڊر ڊيولپڊ، ڊويلپنگ ۽ ڊيولپڊ چيو وڃي ٿو. ترقي، اوسر ۽ ارتقا جي اهڙن بنيادن تي، هن وقت ادب جي وقصف هن طرح ڪري سگهجي ٿي. ” ادب جو سماجي، معاشي، فني، اصلاحي، سياسي ۽ معروضي تبديلين يا انقلاب هئڻ“ مطلب ته اهو سڀ ڪجهه ادب جي سماجي ڪارج (Social Utility) جو ئي نتيجو آهي. جنهن مان هن وقت جا سماجي، سياسي ۽ حڪمراني ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهبري حاصل ڪري، سماج کي ترقيءَ جي مرحلي يا منزل مان ٻئي مرحلي تي پهچائن ٿا.
    هن وقت منهنجي اڳيان پرينءِ جي لوءِ جي ساعر سجاد ميراڻيءَ جو شعري مجموعو” دلدار وڏي شيءِ آ“ آهي. جنهنکي غور سان پڙهڻ کان پوءِ ، سندس شاعريءَ۾ چڱيءَ حد تائين سماجي ڪارج ملي ٿو. خزاص ڪري زميني هڳاءُ وارن قدرن، استحصالي طبقن جي نشاندهي ڪري، کين پڌرو ڪرڻ، علامتي قدرن واري شاعري ۽ عشق مجاز واريون رمزون ۽ راز، اچو ته سجاد ميراڻي جي ادبي پورهئي ۾ ذڪر ڪيل قدر ڳولهيون:
    زميني هڳاءَ واري قدرن جي شاعري:
    هن قسم جي شاعري پنهنجي ڌرتيءَ ۽ فرد جا ادارا ٿي وڃڻ وارين شخصيتن سان پيار ۽ احترام سيکاري ٿي.سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ مان زميني هڳاءَ جا اجهو هن طرح مثال ملن ٿا.
    رات جي راڻي ۾
    ڪيڏي خوشبو آ
    پنهنجي ڌرتيءَ جي
    اَنَ ۽ پاڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو آ
    سنڌوءَ جي ڪپ تي
    لئي ۽ لاڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو آ
    v
    هوشو واري هشمت رک تون
    سنڌڙيءَ سان محبت رک تون
    ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“
    اهڙي همت ، غيرت رک تون
    v
    ڪوبه تنهنجو ڪونه آ ثاني لطيف!
    شعر تنهنجو آهي لاثاني لطيف!
    بيت تنهنجا آيتون قرآن جون،
    نانءُ تنهنجو آهي لافاني لطيف!
    v
    دلدار وڏي شيءِ آ
    ها پيار وڏي شيءِ آ
    ماڻهو ته مٽيءَ جو آ
    ڪردار وڏي شيءِ آ
    هي سونهن ۽ سوڀيا جو
    سنسار وڏي شيءِ آ
    v

    استحصالي قوتن جي نشاندهي ڪرائيندڙ قدر:
    هر سماج ۾ طبقات جو وڇايل ڄار ضرورنظر اچڻ لڳندو آهي. جنهن ۾ انساني فطرت سان گڏ، گمراهي جو عنصر به شامل هجي ٿو. اهڙا طبقا پنهنجن ذاتي مفادن کي مٿڀرو رکي استعمال ڪندا رهندا آهن. جيئن اسان وٽ ڪلهه پاڻي، سالياني آمدني، محصول جي ادائگي ۽ سرڪاري نوڪرين ملن بابت وڏي پئماني تي استحصال ٿي رهيو آهي. سجاد ميراڻي، اهڙن منفي ڪردارن جي اجهو هن طرح نشاندهي ڪئي آهي.
    سرتي! سينڌ!َ نه ڊاهه
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي
    ڪلاچيءَ جي ڪن جا
    مانگر سڀ ماراءِ
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي
    v
    ملان، مير، وڏيرو، پير
    شايد چئني پيتو ناهي
    سنڌو ماتا جو کير
    v



    هيٺ ڏنل سجاد ميراڻي جي سڄي جي سڄي وڏن قدرن واري سون سريکي وائي آهي. جا وائي استحصالي قوتن جي ڀرپور طريقي سان نشاندهي ڪري ٿي،
    ڏاهپ کي ڏانوڻ
    هوندا هن هر دؤر ۾

    سيتا هڪڙي ڪونه هئي
    سيتا ۽ راوڻ
    هوندا هن هر دؤر ۾

    ڏسي سوچ نه او چريا
    اکين ۾ سانوڻ
    هوندا هن هر دؤر ۾

    گوليون، گليلا سنڌ جا
    شهر ۽ واهڻ
    هوندا هن هر دؤر ۾

    سج اڀري شل خير جو
    الڪن ۾ آسڻ
    هوندا هن هر دؤر ۾

    v

    مجازي قدرن واري شاعري:
    انساني ماڳن، مڪانن ۾ هڪڙو عشق ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ تائين محدود هوندو آهي. ۽ ٻيو عشق ڌرتيءَ يا جنم ڀوميءَ سان هوندو آهي، جنهن ۾ جيارڻ ۽ زندگيءَ جي بقا جا وسيلا جيئڻ ته درياهه ۽ فصل به اچي وڃن ٿا. سجاد ميراڻي جو عشق فرد کان نڪري اڳتي پهچي ٿو ۽ هاڻي ذاتي مفادن بدران، اجتماعي مفادن جي ڳولها ۾ آهي:
    v
    انصاف ڪري سگهندين؟
    دل صاف ڪڪري سگهندين؟
    مان ڏوهه مڃان به کڻي،
    تون معاف ڪري سگهندين؟
    v

    پرين سونهن جي ڪا سخاوت ته ڪر
    اها عاسقن تي عنايت ته ڪر
    هلي آءُ هلئون سمنڊ پيو ٿو سڏي
    تو ڇولين سان ٿوري شرارت ته ڪر
    v

    تارا ، چنڊ، ڪتيون
    توڏي ميڙ ورتيون
    آيو آهيان سانوري!

    نفرت جا نٽهڻ ۾
    اڏي پيار ڇتيون
    آيو آهيان سانوري!
    v

    شاعريءَ ۾ علامتي قدر:
    علامت کي انگريزيءَ ۾(Symbol) سان گڏ (Sign) ۽ (Token) به چئبو آهي. علامتون جاندار ۽ بي جان ٿينديون آهن. ٻڪري ۽ شينهن جاندار ۽ گلاب ۽ ڪارو رنگ بي جان علامتون آهن. شينهن طاقت ۽ ڳاڙهو رنگ انقلاب جون علامتون آهن. سجاد ميراڻي چوي ٿو:
    مون پنهنجي
    دوستن جا
    ٿوهر جهڙا لفظ
    هڪ ڳيت سان
    ڳهي ڇڏيا
    پر
    منهنجي دوستن
    منهنجا
    ماکيءَ جهڙا مٺا
    لفء
    چکي به نه ڏٺا.
    v

    هيڏي ساري ٿي پئي آهين
    ڪيڏي پياري ٿي پئي آهين
    ٿورڙي کٽڙي، ٿورڙي مٺڙي
    ٿورو کاري ٿي پئي آهين
    هر ڪنهن تو۾ اک وڌي آ
    سنڌ سونهاري ٿي پئي آهين.
    v
    فڪري ۽ اجتماعي قدرن( Collective Interests) جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته سجاد ميراڻيءَ جا نظم طاقتور ۽ وڏن قدرن واري شاعريءَ (High valued poetry) مثال ٿين ٿا. اهڙا مثال اجهو هن طرح آهن:
    منهنجي پاڙي واري
    ستي، جتيءَ
    مون کي سڏي چيو ته
    رات مون کان پاس ٿيڻ جو
    تعويذ وٺي وڃجانءِ
    ۽ پوءِ مون کي
    رات جو
    اتي به پاس ڪيو ويو
    .v
    پاڻ واري وڏيري
    پنهنجي ٽنهي
    ڌيئرن کان
    حق بخشرائي ڇڏيو
    مگر بعد ۾
    هڪ ڊرائيور سان ڀڄي وئي
    ٻي ڪاري ڪري ماري وئي
    ۽ ٽين چري ٿي پئي.

    مطلب ته سجاد ميراڻيءَ جي ساعري پڙهي سنڌي ساعريءَ جي روشن آئيندي ۾ ايمان پختو ٿي وڃي ٿو.


    تاجل بيوس

    بنگلو نمبرA-62, بلاڪ نمبر A-4
    صحافي ڪالوني، گلشن
    ڪراچي
    تاريخ : 18.5.2005ع


    پبلشر جو نوٽ

    ” دلدار وڏي شيءِ آ“ سنڌ جي ناليواري شاعر سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي. جيڪو سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ پاران ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پهچائي .سنگت جو سٿ سرهائي محسوس ڪري ٿو. هي سنڌي ادبي سنگت جو پريالوءِ جي پاران پهريون ڪتاب آهي. جيڪو سنگت ڇپائي اڪير ۽ محبت سان اوهان آڏو آندو اهي. سنڌي شاعريءَ جي وشال ڪائنات ۾هي ڪتاب ڪيتري جاءِ والاري ٿو اهو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
    جيسيتائين سجاد ميراڻيءَ جو تعلق آهي ته هي شاعر سنڌ، سچ، سونهن جو شاعر آهي. چوويهه ڪلاڪ پيار آڇيندڙ، سدائين کلمک، ڪڙو سچ چوندڙ ۽ ان سان گڏ هڪ سٺو انسان پڻ آهي. هي ڪتاب سندس پيار جو پورهيو آهي. جنهن ۾ سندس سمنڊ وانگر ڇوليون ڏئي رهيو آهي. اميد ته سنڌ، سونهن، سچ سان پيار ڪندڙ ساٿين لاءِ هي ڪتاب لاڀائتو ثابت ٿيندو.


    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت
    پريالوءِ


    پنهنجي پاران

    مان پنهنجي لاءِ صرف سچل سائينءَ جو هي شعر چوندس ته:
    ڪو ڪيئن چوي ، ڪو ڪيئن چوي،
    مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.
    جيسيتائين منهنجي شاعريءَ جو تعلق آهي ته پڙهندڙ ئيمنهنجي شاعريءَ تي راءِڏئي سگهن ٿا. باقي شاعريءَ جي ڪتاب ”دلدار وڏي شيءِ آ“ ڇپائڻ ۾ جن دوستن ساٿين مون سان سهڪار ڪيو. منهنجي لاءِ منهنجي شاعريءَ تي پنهنجا رايا/تاثر لکيا مان انهن سڀني جو دل جي گهرائيءَ سان ٿورائتو آهيان.
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.

    انهن ۾ سائين تاجل بيوس ، محترمو امر سنڌو، نور احمد ميمڻ، ادل سومرو، اياز گل، وسيم سومرو، شوڪت نوناري، قدير انصاري، مخدوم شمس،هريش ڪمار، امر اقبال، سميع ڪنڌر، شاڪر سولنگي،نياز نديم، ڪي ايل ڪندن، دليپ ڪمار راجا، مير صوبدار سعيد، ڪلياڻ ڪٽهڙا، حسن شيخ، برٿ ڪمار، جاويد پنوهر، سيد آفتاب احمد شاهه آف مدئجي، ڪاظم بڙدي، شڪيل پريالوي، روشن شيخ، عزيز الله نوحاڻي۽ معصوم ميراڻي شامل آهن.
    مان سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي سڄي سٿ جو ٿورائتو آهيان. جن منهنجي شاعريءَ کي ڪتابي شڪل ڏئي پڙهندڙ آڏو پيش ڪيو آهي.

    سجاد ميراڻي


    گلابن جو هڳاءُ رکندڙ سجاد

    سجاد ميراڻي، سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن واري رُوپ کان وٺي هڪ شاعر تائين ، ڄاتل سڃاتل نالو آهي. پنهنجي تَرَ ۽ اُن جي آسپاس ٿيندڙ مشاعرن ۾ هو سدائين نمايان رهيو آهي. محفل ۾ دوستن جي ٽوٽڪن ۽ ڀوڳن جو مرڪز رهندڙ هِن شاعر ۾ سهپَ ۽ رواداريءَ جا ڪافي گُڻ موجود آهن. شخصيت ۾ پريالوءِجي گُلابن جو هڳاءُ رکندڙ هِن شاعر جي شاعري کجينجي فصل وانگر آهي. ۽ اُها متاثر ڪندڙ ۽ وڻندڙ به ضرور آهي. هن ڪتاب ۾ به سندس اهڙي من موهيندڙ شاعري موجود آهي. جنهن کي پڙهي اوهان محسوس ڪندا ته هِن اوهان جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي.

    ادل سومرو
    سکر


    لفظن جو ساٿ وڏي آٿت آهي

    زندگيءَ کان زندگيءَ تائين جي سفر ۾ لفظن جو ساٿ وڏي آٿت آهي. 1994ع جي اپريل جي ڪنه سام انهن ڏينهن ۾ سجاد ميراڻي، جيڪو پاڻ شاعريءَ جي حوالي سان مون کان گهڻو آڳاهون، گهڻو ڄاتل سڃاتل ۽ گهڻي پختگي رکندڙ نانءُ جي حيثيت رکندڙ، نه ڄاڻ اُن شام هن ڇا سوچي مون کي پنهنجي آٽوگراف بڪ جي پٺي تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ته مٿيون جملو مون سندس بڪ تي اتاري ڇڏيو.اُن شام کي گُذري ۽ گڏوگڏ يادگيريءَ تان لٿي ڪي سال گذري ويا ته سجاد وري پنهنجي شاعري جو ڪجهه پورهيو ميڙي ڳٽڪي جي شڪل ۾ ان يادگيريءَ جي دُهراءَ سان ڪجهه لکي ڏيڻ لاءِ موڪلي ڏنو آهي. روائتي شاعريءَ جي بحر وزن ۽ فني لوازمات کان بنهه ناوقف ۽ شاعريءَ فقط ردم فقط content ۽ فقط Thought جي حوالي، اُن جي نغمگي ۽ موسيقيت جي رس رچاءَ سان Enjoy ڪري سگهندڙ صلاحيت کان علاوه شاعري فني حوالي سان، منهنجي لاءِ يقينا هڪ اڻ ڄاتل، اڻ سمجهيل دنيا آهي. ان حوالي سان سجاد پنهنجي شاعريءَ تي جيڪڏهن ڪاعالمانه راءِ وٺڻ چاهي ٿو ته کيس ٻڌائبو ته هِن اِها عالماڻه راءِ وٺڻ لاءِ ڪنهن صحيح ماڻهوءَ جو انتخاب نه ڪيو آهي، ها پر ٻي حوالي سان جيڪڏهن شاعريءَ جي پرک جو سوال اچي ٿو ته مان سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ کي ان خاني ۾ رکندس جتي ”مقصديت“کي اوليت هجي ٿي ۽ حساس جذبن جي ولوڙ سان گڏ ڌرتيءَ جي دل سان گڏ ڌڙڪڻ جي تمنا هجي ٿي. سرمائيدار دنيا جيتوڻيڪ دل کان وٺي دنيا جي جي هر ڪاروبار کي نفعي ۽ نقصان جي پرک تي رکي خساري واري سودي کي ترڪ ڪري چڪي آهي.
    خساري واراسودا، اڄوڪي دنيا ۾ دل جي نادانيءَ سان منسوب ڪيا وڃن ٿا پر شايد اِها هڪ شاعر جي ئي دل آهي جيڪا بار بار ان خساري واري سودي ڏانهن ڇڪجي وڇي ٿي. ”مقصديت“ اڄوڪي ادب ۾ شايد اُها بي معنيٰ اضافي چارج آهي. جيڪا ”ڪَٿَ“ ڪرن واري پئمانيتي ماپڻ کان سواءِ رهجي وڃي ٿي.
    سجاد ميراڻيءَ جي ساعري اُن دور جو شعوري/ لاشعوري دهراءُ چئي سگهجي ٿي جتي فن جي دنيا ۾ ”مقصديت“ کي معنيٰ ڏني پنهنجي دل کي ڌرتيءَ جي دل سان هم آواز ڪري ڌرتيءَ کي ڪڏهن محبوبيت ته، ڪڏهن ماءُ جي درجي تي ڏسي پرکبو آهي.
    قوميت جي نظرئي ۾ سياسي لاٿ اچڻ ڪري اڄوڪي شاعريءَ مان اهو غير حاضر موضوع کڻي اچڻ تي منهنجي دل سجاد جي قلم ۽ شاعريءَ کي دعا ئي ڏئي سگهي ٿي.


    امر سنڌو
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    28 آڪٽوبر 2005ع


    منهنجو ننڍپڻ جو دوست

    سجاد ميراڻي منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي مان صرف ان لاءِايترو چوندس ته هو جيترو ٻاهران نماڻو آهي. اوترو ئياندر جو اجرو آهي. مون زندگيءَ جي 40 سالن جي رفاقت ۾ هُن ۾ ڪڏه دوئي ۽ منافقت جو ذرو به محسوس نه ڪيو آهي. جيڪڏهن سجاد ميراڻي اسان جي سياسي يا انتظامي مشنريءَ ۾ اهم ڪل بڻجي ها ته سنڌ کي پنهنجي ذاتي خصلتن جي حوالي سان اڃا به وڌيڪ ڪجهه ڏئي وجهي ها سجاد جي شاعري سنڌ، سونهن ۽ سچ جي چوڌاري ڦري ٿي. ان سونهن مان سندس مراد اندر ۽ ٻاهر جي سونهن آهي ۽ سنڌ کي ان سونهن جي واقعي سخت ضرورت آهي ۽ سچ جو تعلق علم ۽ ساڃاهه سان آهي. ان حوالي سان سندس شاعريءَ جو ڪتاب سنڌ لاءِ قيمتي سرمايو آهي.


    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي
    ڪراچي


    ڪنهن ، ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي

    وشال ڪائنات جهڙي شهر”پرين جي لوءِ“ ۾ جنم وٺندڙ سائين سجاد ميراني مونکي لطيف سائينءَ جي هن بيت وانگي ڀاسندو آهي ته:
    ” ڪنهن، ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي“
    ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته مونکي سجاد مان بهار جي خوشبوءِ ايندي آهي. 15 سالن کان سائينءَ سان منهنجي شناسائي آهي سائين منهنجو استاد ۽ مون سان پيار ڪندڙ پُر خلوص دوست آهي. سجاد ميرانيءَ سان دوستن مان جيترو ويجهو مان رهيو آهيان شايد ڪو رهيو هجي. سائين سونهن جو سدائين سيوا ڪندڙ رهيو اهي.سائين سجاد ميراڻيءَ ۾ ٻي وڏي خوبي هيءَ آهي ته ه ماڻهو شناس ۽ محفل شناس هجڻ سان گڏ مزاحيه طبيعت رکندڙ سچو ۽ کرو ماڻهو آهي جيسيتائين سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو تعلق آهي ته مان سائينءَ جو صرف هي هڪ شعر پڙهندس ته:
    سنڌ، سونهن ۽ سچ سجاد
    جتي ٽنهي جي ڳالهه هلي
    اُتي تون ڀي ، اچ سجاد
    ته سائين سنڌ سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي وڌيڪ پڙهندڙ راءِ ڏئي سگهن ٿا.

    هريش ڪمار.آر.ڌوميجا
    پريالوءِ.


    ”پيار کي سڀ ڪجهه سمجهندڙ بابا“

    بابا سائينءَ جي شاعري جو هي مجموعوحق، سچ، سونهن ۽ سنڌ سان محبت جو اهڃاڻ ۽ عڪس آهي.
    پريان جي لوءِ جي شهر ۾ استاد جو فرض نڀائڻ سان گڏوگڏ بابا سائينءَ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو آهي. سو سون جي پاڻيءَ سان لکڻ جهڙو آهي.اها هڪ روشن حقيقت آهي ته بابا سائينءَ هميشه منهن تيمرڪ ۽ دل ۾ پيار رکيو آهي. ۽ پيار کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو آهي. سندن ئي شعر جيان!
    پيار آهي ته زندگي آهي
    باقي سڀ ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي.
    مون بابا سائينءَ جي شاعري چڱي طرح پڙهي آهي مون کي سندن شاعري ۾ فڪر ۽ اڻٿڪ جستجو جو سبق مليو آهي. هن تنگ دستي ۽ نفسا نفسيءَ جي دؤر ۾ پيار جي پرچار ڪرڻ ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو ڪم آهي. ۽ اها پرچار بابا سائينءَ سل سان ڪري ٿو. منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ سندن شخصيت ۽ شاعريءَ کي هميشه دائم ۽ قائم رکي.
    سميع سجاد ميراڻي
    پريالوءِ


    ”سجاد اکين تي“

    شاعري ۽ شاعر مون کي بلڪل پسند نه آهن پر سجاد ميراڻي کي شاعري سميت اکين تي رکيو آهي.

    مسز سجاد ميراڻي


    نفيس انسان سجاد ميراڻي

    سجاد ميراڻي جيڪو اسان لاءِ هڪ استاد به آهي ته هڪ بهترين دوست به. اسان پريالوءِ جا دوست خوشنصيب آهيون جو جڏهن اسان ادب جي دنيا ۾ وکون کڻن شروع ڪيون ته اسان کي سجاد ميراڻي ۽ شڪيل پريالويءَ جهڙا نفيس انسان ۽ بهترين رهنما دڳ ۾ مليا جن وک وک تي اسان جي رهنمائي ڪئي.
    الائي ڇو سجاد کي مان جڏهن به پنهنجو ادبي پورهيو ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ چيو ته پاڻ هميشه ڪن لاٽار ڪندو رهيو پر نيٺ آخرڪار هن پنهنجي ڪويتائن جو ڪتاب ڇاپائڻ لاءِ هائوڪار ڪئي.
    سندس شاعري کي پرهڻ سان اسان کي سندس سوچ جي وسعتن جو اندازو ٿئي ٿو جنهن سوچ ۾ درد به آهي ته خوسي به ڪائنات جي اتاهه سونهن به ۽ ڌرتيءَ جي دردن جي ڪٿا به جيڪڏهن توهان سندس نظم پڙهندو ته توهان کي هن جي نظمن ۾ ”گلزار“ جي نظمن جهڙي گهرائي ملندي ۽ جيڪڏهن توهان سندس غزل پڙهندو ته توهان کي پروين ساڪر ۽ ناصر ڪاظمي جي غزلن جهڙي چاسني ملندي.
    سندس ويجهو رهندڙ دوست ڄاڻن ٿا ته سونهن سندس ڪمزوري آهي تنهنڪري ئي پاڻ هڪڙي هنڌ چئي ٿوته:
    سونهن سڏي سجاد ميراڻي منهن موڙي
    اهڙي غلطي ڄاڻي واڻي ڪيئن ڪندو
    ان کانسواءِ ڪيترائي شعر سندس سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا جيئن:
    اسان جا ڏوهه ڏسو ٿا ثواب ڀي ته ڏسو
    اسان جي عشق سڳوري جو باب ڀي ته ڏسو
    ائين ئي ڪفر جي فتويٰ ڏيو ٿا رندن تي
    لکيل ڪتاب ۾ ڇاهي ڪتاب ڀي ته ڏسو
    اسان جي دعا آهي ته سجاد ۽ سندس قلمي پورهيو ائين ئي سدائين اسان جي نظرن جي سامهون رهي ۽ اسان جي رهنمائي ڪري اسان جون چاهتون،اسان جون محبتون ۽ دوستن جو ساٿ هميشه سجاد سان گڏ هوندو.


    مخدوم شمس
    پريالوءِ
    26. 2005.07ع
    makhdoomshams@hotmail.com
    makhdoom_s@yahoo.com


    وايون

    مون ۾ تون موجود
    الله هُو الله
    تنهنجو عابد آهيان
    منهنجو تون معبود
    الله هُو الله
    نعرو هڻ تو نينهن جو
    هر دم حق موجود
    الله هُو الله

    ڏک سک ۾ توکي سڏيان
    ٻي کي سڏڻ بي سود
    الله هُو الله
    سائين مان سجاد هان
    مولا تون معبود
    الله هُو الله

    *






    سردارانِ سردارُ
    مير محمد ڄام

    بي وسيلن ڀرجهلو
    اڙين جو آڌار
    مير محمد ڄام

    شافي ڪافي شهنشاهه
    نرمل نامدار
    مير محمد ڄام

    ڪائنات جو ڪارڻي
    ڪامل قربدار
    مير محمد ڄام

    سجادَ سر جو سائين
    مٺڙو ۽ منٺار
    مير محمد ڄام

    *




    سرتي! سينڌ نه ڊاهه،
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي

    موهن جي دڙي جي ناچڻي
    ڇيرن کي ڇمڪاءِ
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي

    ڪينجهر منڇر نيڻ ٻئي
    ڳوڙها ڪين وهاءِ،
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي

    اڙي راڳي! سنڌ جا
    اٿي سورٺ ڳاءِ،
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي

    ڪلاچيءَ جي ڪُن جا
    مانگر سڀ ماراءِ،
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي

    سرويچن جي سٿ ۾
    سجاد! نانءُ لکاءِ
    سنڌ جو نقشو ٿو ڊهي

    *




    تارا چنڊُ ڪتيون
    توڏي ميڙِ ورتيون
    آيو آهيان سانوري

    توتي ورکائڻ لئه
    کڻي گل بتيون
    آيو آهيان سانوري

    نفرت جي نٽهڻ ۾
    اڏي پيار ڇٽيون
    آيو آهيان سانوري

    پيار جي پيچرن تي
    ٻاري ميڻ بتيون
    آيو آهيان سانوري

    *

    متان مُرجهايو
    ڳاڙها گل گلاب جا

    پرين آه پنڌ ۾
    اجهو هو آيو
    متان مُرجهايو
    ڳاڙها گل گلاب جا

    سڳنڌ ساري لوڪ ۾
    پنهنجي ڦهلايو
    متان مُرجهايو
    ڳاڙها گل گلاب جا

    ڪَٺا ڪنڊن سين هي
    خوشبو کنڊايو
    متان مُرجهايو
    ڳاڙها گل گلاب جا

    مالهيءَ من ۾ مير آ
    نه ڪي دل لاهيو
    متان مُرجهايو
    ڳاڙها گل گلاب جا

    *

    ڪهڙو لَڪُ لڪاءُ
    پرين پنهنجي پيار ۾

    اوندهه اوسيئڙو ڇڏي
    سج بيٺي ئي آءُ
    ڪهڙو لِڪُ لڪاءُ
    پرين پنهنجي پيار ۾

    جدائيءَ جو جيءَ ۾
    گهرو آهي گهاءُ
    ڪهڙو لِڪُ لڪاءُ
    پرين پنهنجي پيار ۾

    عَلمُ پنهنجي عشق جو
    هٿ ۾ کڻي آءُ
    ڪهڙو لِڪُ لڪاءُ
    پرين پنهنجي پيار ۾

    *

    اجرڪ جي چولي ۾
    ڪيڏي ٿي ٺهين

    سنڌوءَ ڪپ تي سانوري!
    سرتين جي ٽولي ۾
    ڪيڏي ٿي ٺهين

    منهنجي سنڌڙي سانئڻ!
    ڌرتيءَ جي گولي ۾
    ڪيڏي ٿي ٺهين

    ڇو نه مان توکي ڳايان
    ساز سريلي ۾
    ڪيڏي ٿي ٺهين

    *

    جر ۾ جل جيان
    منهنجي اندر مان
    پيار ته کٽڻو ناهي

    پايل پيرن ۾ وجهي
    نچان ۽ جهومان
    پيار ته کٽڻو ناهي

    جدائيءَ جي جيل ۾
    لڇان ۽ لوچان
    پيار ته کٽڻو ناهي

    سڪ جي ساگر ۾ پرين!
    ٻڏان ۽ تران
    پيار ته کٽڻو ناهي

    هن سان ملي، موٽي
    وري ٿو وڃان
    پيار ته کٽڻو ناهي

    *

    آزاديءَ انگاسُ
    ڪرڻ نه ڏجان ڪڏهين

    ڀلي منهنجا ڀائڙا!
    مرون کائني ماسُ
    آزاديءَ انگاسُ
    ڪرڻ نه ڏجان ڪڏهين

    سوريءَ سڏني جي پرين!
    ٿجان ڪين اداسُ
    آزاديءَ انگاسُ
    ڪرڻ نه ڏجان ڪڏهين

    وطن جي ويرين مٿان
    ڪجان ڪين قياسُ
    آزاديءَ انگاسُ
    ڪرڻ نه ڏجان ڪڏهين

    سوڀارو ٿيندين سڄڻ!
    آ واحد ۾ وشواسُ
    آزاديءَ انگاسُ
    ڪرڻ نه ڏجان ڪڏهين

    *

    سورج مکيءَ جان
    منهنجو منهن تو ڏانهن
    سج جهڙا صنم

    تون جڏهن ٿو اچين
    مان ٿڙي ٿو پوان
    سج جهڙا صنم

    روح ريجهي نٿو
    رات جو چنڊ سان
    سج جهڙا صنم

    رات کي مات ڏئي
    آءُ اڀري ڪٿان
    سج جهڙا صنم

    *

    تنهنجي وئي کان پو
    من الائي ڇو
    ماندو ماندو آ

    پرين! تنهنجي شهر ۾
    تنهنجي لاءِ ڪو
    ماندو ماندو آ

    جنهن کان ايندي هوئين تون!
    اڄ اهو رستو
    ماندو ماندو آ

    ڌرتيءَ جي گولي مَٿان
    سنڌڙيءَ جو نقشو
    ماندو ماندو آ

    ڏياريءَ جي ڏڻ تي
    توبن هر ڏيئڙو
    ماندو ماندو آ

    *

    منگتا! وڃ موٽي
    سوز نه تنهنجي ساز ۾

    سر گهورڻ ته گهوريو
    ملني شل روتي
    سوز نه تنهنجي ساز ۾

    ٻاهر ۾ ٻهروپ تون
    دل اٿئي کوٽي
    سوز نه تنهنجي ساز ۾

    هٿ ۾ هاسو حرص جو
    لالچ جي لوٽي
    سوز نه تنهنجي ساز ۾

    *

    مسجد ، مندر ۾
    پٿر نه هڻو

    يار کي ڳولهي ٿو
    هن کي شهر ۾
    پٿر نه هڻو

    هيڪل وياڪل آ
    ڪوئي سفر ۾
    پٿر نه هڻو

    نوريءَ نشاني آ
    يارَ ڪينجهر ۾
    پٿر نه هڻو

    غريب شاعر هي
    آه ٻڏتر ۾
    پٿر نه هڻو

    *

    ڪيڏو اوسيئڙو
    سجاد جاڳي ٿو

    ٻنڀي ۾ اٿس اکيون
    پاءِ پرين ليئڙو
    سجاد جاڳي ٿو

    محفل به ٿي پوري
    گهر نه اڃا وَيَڙو
    سجاد جاڳي ٿو

    سوَڙ نڪي گبرو
    ڪيڏو ٿو پوي سيئڙو
    سجاد جاڳي ٿو

    نانيءَ جي ڪچي گهر ۾
    آرام ۾ ڪوريئڙو
    سجادجاڳي ٿو

    *

    توسان پنهنجو نانءُ
    لکيل ڏسي هانءُ
    ٺري پيو آهي

    تنهنجي پيار جي ڇانوَ ۾
    دل جو ڪوسو ٿانءُ
    ٺري پيو آهي

    تو تي گيت غزل لکي
    پرين منهنجو ڏانءُ
    ٺري پيو آهي

    منهنجو خط کڻي مٺي!
    تنهنجي ڀت تي ڪانءُ
    ٺري پيو آهي

    *

    ڪينجهر ۾ ڪنول
    ڦٽا هِنِ ڪيڏا

    اوسيئڙي ۾ او پرين!
    پَلن مٿان پَلَ
    ڦٽا هِنِ ڪيڏا

    تنهنجي آئي سانوري!
    مَن اڱڻ تي گل
    ڦٽا هِنِ ڪيڏا

    پرين! پنهنجي پيار جا
    شهر سڄي ۾ هل
    ڦٽا هِنِ ڪيڏا

    *

    چار ئي چپ گڏي
    آءُ ته پرچون پاڻ ۾

    سنڌوءَ ڪپ تي سانوري!
    هڪ ٻي کي سڏي
    آءُ ته پرچون پاڻ ۾

    آڻ مڃي آيو هان
    تنهنجي آءٌ تڏي
    آءُ ته پرچون پاڻ ۾

    سنڌڙي صدقي سانوري!
    ڪاوڙ کي ڇڏي
    آءُ ته پرچون پاڻ ۾

    دوئيءَ کان دور ٿي
    نينهن نگر اڏي
    آءُ ته پرچون پاڻ ۾

    *

    ڪيڏو وڻنديون هِنِ
    تنهنجون تصويرون

    جيون جي هن رڻ پٽ ۾
    مون سان هلنديون هِنِ
    تنهنجون تصويرون

    اجهو تون ايندينءَ هتي
    آٿت ڏينديون هِنِ
    تنهنجون تصويرون

    منهنجي ڪمري ۾ پرين
    ڪيڏو ٺهنديون هِنِ
    تنهنجون تصويرون

    جڏهن روئندو هان صنم
    مون سان روئنديون هِنِ
    تنهنجون تصويرون

    *

    رات جي راڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو

    پنهنجي ڌرتيءَ جي
    اَن ۽ پاڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو

    حياءَ جي گلڙن جي
    سنڌ جي نياڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو

    سنڌوءَ جي ڪپ تي
    لئيءَ ۽ لاڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو

    آجپي جي آس ۾
    هر سنڌياڻيءَ ۾
    ڪيڏي خوشبو

    *


    تنهنجي بي رخي ڏسي
    جاني! جذبن کي
    ننڊ وٺي وئي آ

    شال نه جاڳن ڪڏهن
    دل جي دردن کي
    ننڊ وٺي وئي آ

    ساڀيائن جي آس ۾
    هاڻي سپنن کي
    ننڊ وٺي وئي آ

    سُڻي ئي نٿو سڄڻ
    منهنجي عرضن کي
    ننڊ وٺي وئي آ


    *


    اکيون ڪري پير
    ايندس مان تو ڏي

    اوسيئڙي ۾ رهجانءِ تون
    پرين! اوير، سوير
    ايندس مان تو ڏي

    تنهنجي گهر جي ٻير ۾
    جڏهن پڪا ٻير
    ايندس مان تو ڏي

    تڙي پنهنجي ڀونءِ مان
    سارا اَير ۽ غير
    ايندس مان تو ڏي

    سجاد! سنڌ ۽ سونهن ڏانهن
    خدا ڪري خير
    ايندس مان تو ڏي

    *


    دوست! نه در کڙڪاءِ
    آڌي رات اچي

    ڏسي نه ڪوئي او پرين!
    ائين نه سيني لاءِ
    آڌي رات اچي

    منهنجي اڱڻ تي اچي
    پيار جو گيت نه ڳاءِ
    آڌي رات اچي

    چنڊ چتائي ٿو ڏسي
    وارن کي ته وراءِ
    آڌي رات اچي

    *


    غيرتمند ۽ غلام!
    کوڙو ئي نٿو لڳي

    وڃي وڏيري جو
    جهڪي ڪيان سلام!
    کوڙو ئي نٿو لڳي

    سورن ۾ آ سنڌڙي
    ڪيان مان آرام!
    کوڙو ئي نٿو لڳي

    نائون مل کي نِوڙي
    ڪيان رام رام
    کوڙو ئي نٿو لڳي

    *

    سنڌ سڄي سائي
    تون ڇو هيڊو ٿي وئين

    آزاديءَ انگاس سان
    هوءَ جڏهن آئي
    تون ڇو هيڊو ٿي وئين

    وائي شيخ اياز جي
    جڏهن مون ڳائي
    تون ڇو هيڊو ٿي وئين

    ديس دروهِن جي مٿان
    پئي جڏهن ڇائي
    تون ڇو هيڊو ٿي وئين

    *

    اماس رات ۾
    سڀئي تارا
    چنڊ کي ڳولهن ٿا

    لوڊشيڊنگ جي ڪري
    هِن شهر وارا
    چنڊ کي ڳولهن ٿا

    عيد جي اوسيئڙي ۾
    ٻالڪ ويچارا
    چنڊ کي ڳولهن ٿا

    سج لهي وَينِ شهر ۾
    ڳوٺِ وڃڻ وارا
    چنڊ کي ڳولهن ٿا

    *

    پرين! تنهنجي پيار
    منجهائي ڇڏيو آ

    ڳالهين ڳالهين ۾
    اقرار ۽ انڪار
    منجهائي ڇڏيو آ

    ڪيئن لاهيندس تنهنجا
    احسانن جي بار
    منجهائي ڇڏيو آ

    کلندي روئي ٿو ويهان
    هر هر تنهنجي سار
    منجهائي ڇڏيو آ

    *


    گيت ۽ وائي
    تنهنجي نانءِ

    توبن دولت ڪهڙي ڪم جي
    پيسو پائي
    تنهنجي نانءِ

    اوندهه ۽ اوجاڳا مون لئه
    رات سهائي
    تنهنجي نانءِ

    شايد مون کي ساريو آ تو
    هڏڪي آئي
    تنهنجي نانءِ

    پير ڀري تون آءُ اڱڻ تي
    سيج سجائي
    تنهنجي نانءِ

    رنگ برنگي انڊلٺ دنيا
    ڳاڙهي سائي
    تنهنجي نانءِ

    *

    تنهنجي شهر ۾
    مان پاڻ کي ڳولهيان ٿو

    تون ته مليويندين مگر
    مسجد مندر ۾
    مان پاڻ کي ڳولهيان ٿو

    پنهنجي ڪوتا جي پرين!
    اکر اکر ۾
    مان پاڻ کي ڳولهيان ٿو

    تو وٽ اچي او مٺا!
    تنهنجي ئي گهر ۾
    مان پاڻ کي ڳولهيان ٿو

    *


    ڄامشوري ۾
    ڪاري جوري ۾
    ڪيڏا قرب ڪري ڇڏيئي

    آٽوگراف ڏئي مونکي
    ڪاغذ ڪوري ۾
    ڪيڏا قرب ڪري ڇڏيئي

    سپني ۾ اچي سنڌو!
    ننڊ هندوري ۾
    ڪيڏا قرب ڪري ڇڏيئي

    سڀئي خال ڀري پرين!
    جيون پوري ۾
    ڪيڏا قرب ڪري ڇڏيئي

    *

    ڪيڏا مينگهه ملهار
    تنهنجي اکڙين ۾

    پرين پسان ٿو پيو
    پنهنجائپ جا پار
    تنهنجي اکڙين ۾

    سڪ جو ساگر ٿو وهي
    سڄڻ تارئون تار
    تنهنجي اکڙين ۾

    موهنَ مورتيءَ جا
    هوندا هِنِ آثار
    تنهنجي اکڙين ۾

    *

    تنهنجو خط پڳو
    چمين اکين تي رکيم

    هيڏن نانون مان پرين!
    تنهنجو نانءُ رڳو
    چمين اکين تي رکيم

    تنهنجي سڪ ۾ سانوري!
    طعنو جو به لڳو
    چمين اکين تي رکيم

    هونئن ته کوڙ سجاد پر
    تنهنجو سڪ سڳو
    چمين اکين تي رکيم

    *

    روز سنسار ۾
    هاءِ مانيءَ جي لئه
    لانگ مارچ ٿو ڪيان

    شال پرچي پوي
    آءُ جاني جي لئه
    لانگ مارچ ٿو ڪيان

    سچ ۽ سوز سان
    زندگانيءَ جي لئه
    لانگ مارچ ٿو ڪيان

    تون ڀلي ٻار ٿي
    مان جوانيءَ جي لئه
    لانگ مارچ ٿو ڪيان

    *

    سج نه سوريءَ چاڙهيو
    اونڌهه ٿو ويندي

    اجرا پکي امن جا
    پڃرن منجهه نه واڙيو
    اونڌهه ٿو ويندي

    مونکي ڏسي مٺڙا!ٰ
    ڪنڌ نه پرتي لاڙيو
    اونڌهه ٿو ويندي

    پنهنجي پيرن تي بيهو
    ڀاڙين تي نه ڀاڙيو
    اونڌهه ٿو ويندي

    *

    تنهنجي راهن ۾
    نيڻ وڃائجي ويا

    ڳاڙهين چوڙين ۽
    گورين ٻانهن ۾
    نيڻ وڃائجي ويا

    هاءِ وڇوڙي جي
    تيز هوائن ۾
    نيڻ وڃائجي ويا

    توکي پرچائيندي
    ناز ادائن ۾
    نيڻ وڃائجي ويا

    وار جو کوليا تو
    گهنگهور گهٽائن ۾
    نيڻ وڃائجي ويا

    *

    بند ڪتابن کي
    اُڏهي کائي وئي

    سوال لکيا پيا هِنِ
    يار جوابن کي
    اُڏهي کائي وئي

    هيڏي ناول مان
    پيار جي بابن کي
    اُڏهي کائي وئي

    هڪ نه ساڀيان ٿيو
    سارن خوابن کي
    اُڏهي کائي وئي

    ڏوهه سڀئي ثابت
    هاءِ ثوابن کي
    اُڏهي کائي وئي

    *

    ويريءَ وڍيا وڻ
    پکي سڀ اُڏري ويا

    باغ جي مالهيءَ جا
    ڏسي لڱ لڇڻ
    پکي سڀ اُڏري ويا

    سيتا! تنهنجي ديس ۾
    آيا جو راوڻ
    پکي سڀ اُڏري ويا

    ڳوڙها ڳاڙي ڳولهيان
    ڌنار نه ڪي ڌڻ
    پکي سڀ اُڏري ويا

    واري واڪا واءُ جا
    رڳو رڻ ئي رڻ
    پکي سڀ اُڏري ويا

    *

    سجاد ۽ سور
    ٺهي ويا هِنِ پاڻ ۾

    پرين! منهنجي شاعري
    ۽ تنهنجا مذڪور
    ٺهي ويا هِنِ پاڻ ۾

    حق ۽ سچ جي راهه ۾
    سوري ۽ منصور
    ٺهي ويا هِنِ پاڻ ۾

    منهنجي تنهائي پرين!
    پل پل تنهنجا پور
    ٺهي ويا هِنِ پاڻ ۾

    *

    وينگس! تنهنجا وار
    مون لئه ڇپر ڇانورو

    ها مان ايندس چئي وئينءَ
    تنهنجا قول قرار
    مون لئه ڇپر ڇانورو

    تنهنجي نيڻن ۾ پرين!
    جيڪي مينگهه ملهار
    مون لئه ڇپر ڇانورو

    ٻيا ڀلي وسري وڃن
    سرتي! تنهنجي سار
    مون لئه ڇپر ڇانورو

    *


    پنهنجي پڌر ۾
    گل نه ڦٽندا هيل

    هُو ويو ڄڻ بهار ويو
    پوري هن تر ۾
    گل نه ڦٽندا هيل

    نفرت واسو ڪيو اچي
    نينهن نگر ۾
    گل نه ڦٽندا هيل

    ڇا لئه بيٺو آن چريا!
    اُٻاڻڪو در ۾
    گل نه ڦٽندا هيل

    *

    اکيون اگهي ڇڏ
    پرين ايندو ڪين ڪي

    پرينءَ پڄاڻان هتان
    اڙي! تون ڀي لڏ
    پرين ايندو ڪين ڪي

    ائين تون اڻ ڄاڻ ٿي
    کير ۾ کنڊ نه کڏ
    پرين ايندو ڪين ڪي

    ابر وسڻ آسري
    ٿَر ۾ گهر نه اَڏ
    پرين ايندو ڪين ڪي


    *


    وارن ۾ وچڙاءِ
    بڪل منهنجي پيار جو

    ويهي سرتين وچ ۾
    ايڏو نه شرماءِ
    وارن ۾ وچڙاءِ
    بڪل منهنجي پيار جو

    گَورين ٻانهن ۾ پرين!
    چوڙين کي چمڪاءِ
    وارن ۾ وچڙاءِ
    بڪل منهنجي پيار جو

    اوتي عطر پيار جو
    مونکي تون مهڪاءِ
    وارن ۾ وچڙاءِ
    بڪل منهنجي پيار جو

    اچي آڌيءَ رات جو
    سورن کي سمجهاءِ
    وارن ۾ وچڙاءِ
    بڪل منهنجي پيار جو


    *


    ڏاهپ کي ڏاوڻ
    هوندا هِنِ هر دور ۾

    سيتا هڪڙي ڪونه هئي
    سيتا ۽ راوڻ
    هوندا هِنِ هر دور ۾

    ڏسي سوچ نه او چريا!
    اکين ۾ سانوڻ
    هوندا هِنِ هر دور ۾

    گوليون، گُليلا سنڌ جا
    شهر ۽ واهڻ
    هوندا هِنِ هر دور ۾

    سج اُڀري شل خير جو!
    الڪن ۾ آسڻ
    هوندا هِنِ هر دور ۾

    *

    هُن حياتيءَ ۾
    رنگ ڀريا آهن

    هوڏي ڏس ته سهي
    جوڀن ڇاتيءَ ۾
    رنگ ڀريا آهن

    ٻهڪي پيو آهيان
    جانيءَ جهاتيءَ۾
    رنگ ڀريا آهن

    ننڍڙي ٻالڪ ڀي
    ٻوليءَ ٻاتي ۾
    رنگ ڀريا آهن

    *


    ڌرتيءَ جو گولو
    ڪيڏو سوڙهو ٿي ويو

    هوءَ جو وئي سامائجي
    هاڻ سندس چولو
    ڪيڏو سوڙهو ٿي ويو

    پري پري رهندو هيو
    منهنجو ير ڍولو
    ڪيڏو سوڙهو ٿي ويو

    اڄوڪي هن دؤر ۾
    غريب لئه لولو
    ڪيڏو سوڙهو ٿي ويو

    *

    پرينءَ کان پري
    جيئڻ ڏاڍو آ ڏکيو

    مينهوڳيءَ جي مند ۾
    ڪنهن کي ياد ڪري
    جيئڻ ڏاڍو آ ڏکيو

    اکيون اوسيئڙو ڪرن
    ميڻ بتي ٻري
    جيئڻ ڏاڍو آ ڏکيو

    هيئون ڪنهن جي حب ۾
    ٿڌا ساهه ڀري
    جيئڻ ڏاڍو آ ڏکيو

    سجاد!ٰ سَڄڻ سيگهه ۾
    وري شال وري
    جيئڻ ڏاڍو آ ڏکيو

    *

    وَرُ وَرُ ڏئي وڃ
    ڀيرو نه تون ڀڃ
    اڱڻِ عجيبن جي

    توبهه استغفار چئي
    ڏوهه سڀئي مڃ
    اڱڻِ عجيبن جي

    رڪوع سجدي قيام سان
    گوڏا پنهنجا ڀڃ
    اڱڻِ عجيبن جي

    پنهنجي جيجل ماءُ جي
    ملهائج تون ٿڃ
    اڱڻِ عجيبن جي

    *

    پوتيءَ جو پلئه
    مُک تي وجهه نه سانوري!

    چپ چپ ڇو آهين
    چوڻو اٿئي چئه
    پوتيءَ جو پلئه
    مُک تي وجهه نه سانوري!

    پيار واري پنڌ ۾
    ڪر نه ڪوئي ڀئه
    پوتيءَ جو پلئه
    مُک تي وجهه نه سانوري!

    سندر سندر سونهن مان
    ٿيو آ ڪنهن کي ڍؤ؟
    پوتيءَ جو پلئه
    مُک تي وجهه نه سانوري!

    *

    جاني! تون ڀي جاڳ
    آءٌ به جاڳان ٿو

    جاڳڻ سان ئي ملندو
    سلطاني سهاڳ
    آءٌ به جاڳان ٿو

    ڳائي پئي ٿي عابده
    ڀٽائيءَ جو راڳ
    آءٌ به جاڳان ٿو

    ننڊ ڪندين جي ناکُئا!
    ملندئي ڪيئن پو ماڳ
    آءٌ به جاڳان ٿو

    *


    اڄوڪو انسان
    ڪيڏو روڳي ٿي ويو

    ڪو بڻيو آ چوڌري
    ڪو وڏيرو خان
    اچوڪو انسان
    ڪيڏو روڳي ٿي ويو

    پنهنجي لاءِ پاڻ بيٺو
    موت جو سامان
    اچوڪو انسان
    ڪيڏو روڳي ٿي ويو

    ڪوئي پٿر پوڄ ۾
    ڪو پاڻ آ ڀڳوان
    اچوڪو انسان
    ڪيڏو روڳي ٿي ويو

    *

    ڀَلي ڀُلي پئو
    ڪر نه ڪوئي ڀئو
    پيار نگر ۾ اوپرين!

    عشق واري آڳ ۾
    شال اچئي ڪو تئو
    پيار نگر ۾ اوپرين!

    مون لئه ڇپر ڇانو آ
    سجڻي تنهنجو رئو
    پيار نگر ۾ اوپرين!

    تنهنجي درشن مان پرين!
    ٿي نٿو پيو ڍئو
    پيار نگر ۾ اوپرين!

    *

    منهنجي گهر جو بڙ
    ڪري پيو ڪالهه

    جيڪو ڇپر ڇانو هو
    ڀلاين ۾ ڀڙ
    ڪري پيو ڪالهه

    پن پن جنهن جو پيار هو
    ٽاريءَ ٽاريءَ وڙ
    ڪري پيو ڪالهه

    منهنجي لاءِ مهانُ هو
    سخي ڄام سپڙ
    ڪري پيو ڪالهه


    بابي سائينءَ جي لاڏاڻي تي.

    *

    ڌوڪي واري دنيا اندر
    پنهنجي دل ڦرائي ويٺس
    ناحق نينهن اڙائي ويٺس

    پنهنجو منُ هو ڪورو ڪاغذ
    ڇا ڇا تنهن تي لکائي ويٺس
    ناحق نينهن اڙائي ويٺس

    اونڌاهيءَ ۾ گهاريندي ڀي
    چانڊوڪيءَ کي چاهي ويٺس
    ناحق نينهن اڙائي ويٺس

    ڪوڙي دنيا ڪوڙا ماڻهو
    پوءِ به سچ ڳالهائي ويٺس
    ناحق نينهن اڙائي ويٺس

    بند هُيو در مئخاني جو
    تنهن کي به کڙڪائي ويٺس
    ناحق نينهن اڙائي ويٺس

    *

    لنگهي ويندين لَڪَ
    مصيبت جا مينڌرا!

    مومل ماڻيندين وڃي
    مونکي آهي پَڪَ
    لنگهي ويندين لَڪَ
    مصيبت جا مينڌرا!

    وک وک تي واسينگ جا
    چٻي ڄٻي چڪ
    لنگهي ويندين لَڪَ
    مصيبت جا مينڌرا!

    مومل جي محلات ۾
    لاهيندين تون ٿڪ
    لنگهي ويندين لَڪَ
    مصيبت جا مينڌرا!

    *

    پاڻي ڀَل نه پيار
    نيڻ کڻي نهار
    اڃ لهي ويندي

    آهيان پياسو پيار جو
    کلي بس کيڪار
    اڃ لهي ويندي

    ٻه چپ تنهنجا ۽ ٻه منهنجا
    گڏي ڪيون ڇار
    اڃ لهي ويندي

    *

    ڪوڙ کي ڪائو ڪچ چيو تو
    سچل! سارو سچ چيو تو

    ان الحق جو نعرو ماري
    رمز انهيءَ ۾ رچ چيو تو
    سچل! سارو سچ چيو تو

    نفرت واري نارِ مان نڪري
    الفت ڏي آ اچ چيو تو
    سچل! سارو سچ چيو تو

    ٻاهر ٻڙڪ نه ٻول او پيارا
    پتنگ وانگي پچ چيو تو
    سچل! سارو سچ چيو تو

    محبت واري مام پروڙي
    نازڪ نيهن ۾ نچ چيو تو
    سچل! سارو سچ چيو تو

    *

    لفظ زبانَ تي
    اٽڪي پيا هِنِ

    تو ڏي جيڪي گل اڇلايا
    صحيح نشانَ تي
    اٽڪي پيا هِنِ

    غريب گهر ۾ ننڍڙا ٻالڪ
    هڪڙي نانَ تي
    اٽڪي پيا هِنِ

    آزادي اعلان اسان جو
    حڪمران
    اٽڪي پيا هِنِ

    *

    منهنجو پِريان لوءِ
    جنهن جو مانُ مهانُ آ

    ساري سنڌ ۾ هِن جو
    مٽُ نه آهي ڪوءِ
    منهنجو پِريان لوءِ
    جنهن جو مانُ مهانُ آ

    گلابن جا گُلَ هتي
    پرين هارَ تون پوءِ
    منهنجو پِريان لوءِ
    جنهن جو مانُ مهانُ آ

    مخدوم جي مزار هِتِ
    سرمد جي هيءَ لوءِ
    منهنجو پِريان لوءِ
    جنهن جو مانُ مهانُ آ


    سنڌ جو مشهور بزرگ مخدوم اسماعيل رحه
    سنڌ جو مشهور راڳي سرمد سنڌي

    *

    هن جي نيڻن ۾
    سونهن ٿي جرڪي پئي

    هوڏي ڏس ته سهي
    ڪيڏي لبڙنِ ۾
    سونهن ٿي جرڪي پئي

    سنڌؤَ جي ڪپ تي
    بيٺل ٻيڙنِ ۾
    سونهن ٿي جرڪي پئي

    ميندي جو هَئين ٿَئين
    گُوريءَ هٿڙنِ ۾
    سونهن ٿي جرڪي پئي

    سجاد آءُ سِگهو
    يار جي سڏڙنِ ۾
    سونهن ٿي جرڪي پئي


    غزل

    پرين جي ناهي شهر ۾ شهر ٻسو ٿو لڳي
    گهٽي۽ پاڙو ٻسو ۽ گهر ٻسو ٿو لڳي

    مسيت ۾ نه محبت نه پيار مندر ۾
    مسيت ڀي آ ٻسي ۽ مندر به ٻسو ٿولڳي

    نه ڏينهن جو آ مليو ۽ نه رات ٿيو درشن
    تڏهن ته شام جو هر پهر ٻسو ٿو لڳي

    پرين جو پياري هليو ويو خمار جي وياسين
    لٿو نشو ته پو پنهنجو اندر ٻسو ٿو لڳي

    اسان ته يار جا پيرا کڻي پٺيان وياسين
    مليو ته يار ته سارو سفر ٻسو ٿو لڳي

    سجاد!سونهن سڄي ۽ عشق انڌو آ
    ناهي جي يار ته شمس و قمر ٻسو ٿو لڳي

    *
    سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو
    تو ئي ڏس او منهنجي راڻي ڪيئن ڪندو

    پنهنجي پلوَ سان ڪين جي اُگهندين او سائنڻ!
    منهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي ڪيئن ڪندو

    هن جي چپن مان پيار جا جام پئي ٿو پيو
    اهڙو ماڻهو پيار پڄاڻي ڪيئن ڪندو

    ڪَنُ لائي ٿي هُن جي ڳالهه ٻڌي ويئي
    پوءِ ڀلا هو بند ڪهاڻي ڪيئن ڪندو

    سونهن سَڏي ”سجاد ميراڻي“ منهن موڙي
    اهڙي غلطي ڄاڻي واڻي ڪيئن ڪندو

    *

    انصاف ڪري سگهندين؟
    دل صاف ڪري سگهندين؟

    مان ڏوهه مڃان به کڻي
    تون معاف ڪري سگهندين؟

    تون منهنجي محبت جو
    اعتراف ڪري سگهندين؟

    هي منهنجا درد پرين
    ڏسِ هاف ڪري سگهندين؟

    هاڻ آءٌ هلان ٿو پيو
    سِي آف ڪري سگهندين؟

    *

    موٽ مٺڙا وڃائجي نه وڃين
    پيهه آهي ته ڳاهجي نه وڃين

    سڪ جي ساگر کان پرڀرو ٿي بيهه
    پيار پائي ٿو پائجي نه وڃين

    ٻر ڀلي تون مگر حفاظت سان
    هن هوا ۾ وسائجي نه وڃين

    تون سراپا غزل ۽ گيت آهين
    ڪنهن به راڳيءَ کان ڳائجي نه وڃين

    ايترو ڀي پري نه ٿيءُ پرين!
    خوف آهي ته ڪٿ وسارجي نه وڃين

    *

    مون کي ڏسندي کلي هلي ويئي
    ڇوڪري کيچلي هلي ويئي

    مان ته هن کي گهڻو روڪيو پر
    اک هڻي چلولي هلي ويئي

    هوءَ بلورن سان راند کيڏي ۽
    ڌڪ هڻي گِدَ پِلي هلي ويئي

    منهنجي سامهون رقيب منهنجي سان
    هوءَ کلي هلي ويئي

    *

    پيار آهي ته زندگي آهي
    باقي سڀ ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي

    آءُ ڪمري ڇو بتي ٻاريان
    هن جي چاهت جي روشني آهي

    هو جڏهن کان شهر ڇڏي ويو آ
    هر گهٽي ڄڻ ٻسي ٻسي آهي

    هن جي مُک کي ڏسي ڦڻي ٿو ڏيان
    هن جو مُک ئي ته آرسي آهي

    آءٌ محفل ۾ خوش نصيب آهيان
    جاءِ ڀرسان رکي وئي آهي

    مون سان موڪل کان پو اچي ملجان
    ويندي ويندي چئي وئي آهي

    هن کي هڪڙو دفعو ڏٺو هو بس
    ننڊ سجاد ڇو رٺي آهي

    *

    هيڏي ساري ٿي پئي آهين
    ڪيڏي پياري ٿي پئي آهين

    ٿوري کٽڙي ٿوري مٺڙي
    ٿوري کاري ٿي پئي آهين

    هر ڪنهن تو ۾ اک وڌي آ
    سنڌ سونهاري ٿي پئي آهين

    اکيون اُلا ڇاتيءَ ڇوليون
    توبهه زاري ٿي پئي آهين

    هر ڪنهن تو رنڱي ڇڏيو آ
    مينديءَ ڏاري ٿي پئي آهين

    جنهن کي ڏسين ٿي ڪهي ڇڏين ٿي
    سونهن سگهاري ٿي پئي آهين

    *

    تون کان ڌار ٿيان
    گنهگار ٿيان

    تون ته ٻار ٿيئن
    مان ڀي ٻار ٿيان

    تنهنجي ڳوٺ اچي
    ڪنهن تي بار ٿيان

    آءُ پرين! مونڏي
    گلن هار ٿيان

    هٿ رتا ڪر تون
    مينديءَ ڏار ٿيان

    سجاد! سونهن مٿان
    هر هر وار ٿيان

    *

    ڪوئلا ڪوئلا دل جگر ٿي ويو
    تنهنجي وئي کان پو سائين! حشر ٿي ويو

    تنهنجي پيرن ۾ جيڪو به پامال ٿيو
    سو سدائين او سهڻا امر ٿي ويو

    جنهن کي محفل مان تو آ ڌڪاري ڇڏيو
    سو ويچارو ته ڏس دربدر ٿي ويو

    تو ڏانهن ايندي جڏهن رات جو او پرين!
    چنڊ ڀي چاهه مان همسفر ٿي ويو

    تنهنجي آمد جو جنهن ڀي ٻڌو جان منِ!
    جو جِتي هو اُتي منتظر ٿي ويو

    سونهن سجاد جي لاءِ سڀ ڪجهه ته آ
    سونهن ناهي ته هو بي ثمر ٿي ويو

    *

    ڳالهه منهنجي جو هوءَ ڪري ٿي پئي
    نانءُ منهنجو کڻي پو ٺري ٿي پئي

    خواب پنهنجا وهاڻي جي هيٺان رکي
    ننڊ ۾ ڇرڪ ڇو هوءَ ڀري ٿي پئي

    هيءُ ڪنهن جو اڃا آهي اوسيئڙو
    در کليل ۽ بتي ڀي ٻري ٿي پئي

    ڇو نه هِنَ ڌڻ جي ٻڪرار جا هٿ چمان
    ڌڻ ۾ ڇيلي پرينءَ جي چرَي ٿي پئي

    مون کي پڪ آ ته ايندي هوءَ اڄ هتي
    ڪانءُ ٻولي ۽ اک ڀي ڦَري ٿي پئي

    اچ ته توکي ڏسيان سجني ”سجاد“ جي
    هوءَ تئي تي مڇي جا تري ٿي پئي

    *

    اکيون جو پري تو ڪيون هن پرين!
    خوشيون سڀ ختم ٿي ويون هن پرين!

    نڪي تيل سرما نڪي تڙ ڦليل
    ڄنڊن ۾ پيون، ڄيون هن پرين!

    مايوسي ۽ نفرت جدائي ۽ غم
    اوهان کان ئي مليون، شيون هن پرين!

    تنهنجي پيار خاطر سڄي لوڪ جون
    گلائون به سر تي کنيون هن پرين!

    رقيبن سان توکي ڏسي دل چيو
    ته ٻه به ويون هن پرين!

    *

    نگاهن ملڻ سان نرالا ٿي پياسين
    نيڻن جي مئه جا موالا ٿي پياسين

    تهمت جي تڙ کان گهڻو ئي ڀڳاسين
    مگر پو ڀي ٿورا آلا ٿي پياسين

    اوهان جي وڃڻ کانپوءِ ساري شهر ۾
    اسان ڄڻ ته لولا ملالا ٿي پياسين

    اسان پيار هڪٻي سان ايڏو ڪيو جو
    ماڻهن جي لئه ڄڻ حوالا ٿي پياسين

    اوهان جي اچڻ تي جوجهومي اٿياسين
    غزل گيت مورا جمالا ٿي پياسين

    *

    يار توکان سوا گهاربو ڪيترو
    ديپ دل جو ڀلا ٻاربو ڪيترو

    پيار پنهنجي جو ٻيڙو آ وچ سِير تي
    ساٿ تنهنجي بنا تاربو ڪيترو

    گڏ رقيبن سان توکي ڏسي دل جلي
    دل جليءَ کي ڀلا ٺاربو ڪيترو

    ڇو واعظ ٿو ٽوڪين مون کي ڀلا
    سونهن ۽ سچ کي تاربو ڪيترو

    زهر تنهنجي هٿن مان ٿو هر هر ملي
    نيٺ پيئبو پرين هاربو ڪيترو

    ياد توکي ڪندي اک لڳي وئي مٺا!
    بيوفا کي ڀلا ساربو ڪيترو

    *

    چاهتن جو سفر
    روشنن جو سفر

    تو ڏانهن وک وک پرين
    محبتن جو سفر

    آجپي جو عمل
    زندگين جو سفر

    ڳالهه تنهنجي هلي
    عظمتن جو سفر

    ديس لئه سر ڏيڻ
    غيرتن جو سفر

    ليڙون ليڙون لٽا
    غربتن جو سفر

    سونهن ”سجاد“ لئه
    راحتن جو سفر

    *

    سمنڊ جاڳي ٿو، ڇوليون جاڳن ٿيون
    ڳوٺ ستل آهي، گوليون جاڳن ٿيون

    سمنڊ ڪناري تي سانجهيءَ ويلي جو
    کوڙ حسينن جون، ٽوليون جاڳن ٿيون

    هوشو ٿيندين تون،هيمون ٿيندين تون
    منهنجي امڙ جون، لوليون جاڳن ٿيون

    ريل هلي ٿي پئي، جيل وٽان جڏهن
    قيدي جاڳن ٿا، کَوليون جاڳن ٿيون

    ڳوٺ جي ميلي ۾،ناچ هلي ٿو پيو
    اڀريل ڇاتيون ۽ چوليون جاڳن ٿيون

    *

    سونهن کي لڪائبو ناهي
    عشق کي سڪائبو ناهي

    آهي دنيا هي پيارلئه سائين
    هتي ڪنهن سان ڦٽائبو ناهي

    هار گلڙن جو پيار مان پوئي
    پاڻ کي پاڻ پائبو ناهي

    ڪنڌ ڪٽجي ته لک دفعا ڪٽجي
    ڪنڌ ليڪن جهڪائبوناهي

    سونهن جيڪو گهري ته ڏئي ڇڏجي
    سونهن آڏو نٽائبو ناهي

    ڪنهن تي ٿورو ڪجي ڪري ڇڏجي
    اُهو ”سجاد“ ڳائبو ناهي

    *

    سڄي حياتي رنو آ، ڪڏهن کليو ناهي
    کلي به ڪيئن سندس يار جو مليو ناهي

    سموري شهر جي ماڻهن ستايو ٿَس ڏاڍو
    پرينءَ جي پاڙي ۾ گهر ٿَس تڏهن لڏيو ناهي

    جهلي هو پيرَ ويو آ پرينءَ ڏانهن اچ وڃ کان
    اداس آهي مگرپاڻ هن پليو ناهي

    اندر ۾ پنندو رهي ٿو سڄڻ جا سور سڀئي
    پڇڻ جي هوندي به سور هُن سليو ناهي

    هڻي ٿو روز پيو ڌاڙا دلين جا ڏينهن ڏٺي
    اڃا ته ڪنهن به انهيءَ کي ڪٿي جهليو ناهي

    *

    رات ڪاري عَذاب ڀوڳيان ٿو
    بيقراري عذاب ڀوڳيان ٿو

    ٿر جي ٿوهر جيان بڻيو جيون
    واري واري عذاب ڀوڳيان ٿو

    هوءَ اچڻ جو چئي هلي ويئي
    انتظاري عَذاب ڀوڳيان ٿو

    هن کي هڪڙو دفعو ڏٺو هو بس
    عمر ساري عَذاب ڀوڳيان ٿو

    هن جي لبڙن چريو ڪيو مونکي
    توبهه زاري عَذاب ڀوڳيان ٿو

    برف وانگر ڳري ختم ٿي وئي
    هن جي ياري عَذاب ڀوڳيان ٿو

    سائين منهنجا ”سجاد“ تي هاڻي
    ڪر سَتاري، عذاب ڀوڳيان ٿو

    *

    ٻي سان منهنجو ڇا هي سائين!
    سڀ ڪجهه توسان آهي سائين!

    پنهنجو پيار آ پاڪ ۽ پوتر
    ناهه ڀلي ڪو ناهي سائين!

    ڪوڙ کِلي ٿو ڏند ڪڍي
    سچ چڙهي ٿو ڦاهي سائين!

    ڳاڙهي ڳل تان چميءَ وٺڻ جو
    ڏس ڏنو آ ڏاهي سائين!

    ميراڻي سان محبت ڪر تون
    لاڳاپا سڀ لاهي سائين!

    *

    تنهنجو نالو کڻندو آهيان
    پنهنجو پاڻ کي وڻندو آهيان

    تنهنجو نانءُ لکي او سائين
    دعا جيان مان ٻڌندو آهيان

    پاڪ ۽ پوتَر سيپارن جان
    نانءُ اوهان جو چمندو آهيان

    پنهنجي نالي جي چوڌاري
    تنهنجو نالو لکندو آهيان

    شهر جي چوواٽي تي بيهي
    تنهنجي لاءِ مان پڇندو آهيان

    سونهن”سجاد“ جي ڪمزوري آ
    سونهن جي لاءِ مان سِڪندو آهيان

    *

    ڪاري رات به کُٽندي سائين!
    اجهو باک به ڦٽندي سائين!

    منهنجي هٿن مان هٿڪڙي هي
    ڪَڙي ڪَڙي ٿي ٽٽندي سائين!

    تنهجي جواني ڪَرِڙا موڙي
    اُوچي ڳاٽ سان اُٿندي سائين!

    ميراڻيءَ سان سونهن اوهان جي
    ڀاڪر پائي ملندي سائين!

    *

    ڪارا وار قيد ڪڙولي
    تنهنجي ڇاتي سنڌؤ ڇولي

    نيڻ کڻي نهار نه سانئڻ!
    لڳي نه ڪائي اولي سولي

    تنهنجي پيار ائين ڪيو مونسان
    جيئن ڪندا هِنِ هندو هولي

    ڪيڏي مرڪ ۾ مام رکيل آ
    ڪير سليندو اها پرولي

    پيار جو دانُ وٺڻ لئه دلبر
    جهلي آيو هان خالي جهولي

    *

    پرين سونهن جي ڪا سخاوت ته ڪر
    اها عاشقن تي عنايت ته ڪر

    هلي آ هلئون سمنڊ پيو ٿو سڏي
    تون ڇولين سان ٿوري شرارت ته ڪر

    ڏسي روز سپنا ڇو سپنو ٿي وئي آن
    صنم پنهنجا سپنا حقيقت ته ڪر

    ڇو آڪاش ۾ ٿي اڏامي پئي
    لهي اڱڻِ تي عنايت ته ڪر

    روئي روزُ رئو ڇو پئي آلو ڪرين
    روئڻ مان ڇا ورندئي بغاوت ته ڪر

    *

    ڪڪرن ۾ چنڊ آيو آهي
    يارن ڇو گهٻرايو آهي

    ڪاري رات به رهندي ڪيسين
    صبح ڪنهن موٽايو آهي؟

    مومل جي محلات مان هاڻي
    ناتر جو سڏ آيو آهي

    پيار جو دان وٺڻ آيو هان
    تنهنجو ڪهڙو رايو آهي

    طعنا مهڻا مون کي ڏيو ٿا
    هُن کي ڪنهن سمجهايو آهي؟

    *

    اکين سان اکڙيون ملائي هلي وئي
    عبادت ائين ڪر ٻڌائي هلي وئي

    وسي وڏڦڙو پيو نيڻن مان منهنجي
    جڏهن هوءَ ملهار ڳائي هلي وئي

    مان هن جي هٿڙن چمڻ لئي سڪان پيو
    الا! هوءَ چپڙا چمائي هلي وئي

    اچان ٿي، اچان ٿي سگهو مان اچان ٿي
    ائين آسري ۾ رهائي هلي وئي

    ڪلهن تي رکي وار آلا جو آئي
    اسان کي ته رڻ ۾ رلائي هلي وئي

    سجاد منهنجي شاديءَ تي اچجان
    ائين چئي چمي ڏئي چتائي هلي وئي


    *

    ڀرسان جاءِ رکي وئي آهي
    ڄڻ دل جاءِ رکي وئي آهي

    آءِ لو يو لکي ڪاغذ تي
    ڪنهن جي لاءِ رکي وئي آهي

    مون سان محبت جي سفر ۾
    شايد راءِ رکي وئي آهي

    تون نه آئين، آءٌ هلان ٿي
    لکي باءِ رکي وئي آهي


    *

    سور ۽ صدما پئي سهندي اچي
    دل تلاش يار ۾ رهندي اچي

    مان ته هن کي پيار مان پوڄان پيو
    هوءَ الائي ڇو وري ڊڄندي اچي

    پيار جي برسات اڄ ائين وُٺي
    ڄڻ ته ڪڪري ٿر مٿان وسندي اچي

    هن جڏهن پاتو دريءَ مان آ لِيئو
    سونهن ڄڻ مون ڏانهن پئي لهندي اچي

    ساري محفل واهه جو ٻهڪي پئي
    هوءَ جڏهن محفل ۾ پئي کلندي اچي

    *
    *طرحي غزل
    *

    دلدار وڏي شيءِ آ
    ها پيار وڏي شيءِ آ

    ماڻهو ته مٽي جو آ
    ڪردار وڏي شيءِ آ

    ڀل آءُ نه آءُ پرين
    اقرار وڏي شيءِ آ

    تون ٿورو مرڪي ڏس
    اظهار وڏي شيءِ آ

    جت تنهنجا پيرا هِنِ
    سو پار وڏي شيءِ آ

    هي سونهن ۽ سوڀيا جو
    سنسار وڏي شيءِ آ

    ديدار جو دَانُ ڏي بس
    ديدار وڏي شيءِ آ


    *

    اسان جو ڏوهه ڏسو ٿا ثوابُ ڀي ڏسو ته ڏسو
    اسانجي عشق سڳوري جو بابُ ڀي ته ڏسو

    ائين ئي ڪفر جي فتويٰ ڏيو ٿا رندن تي
    لکيل ڪتاب ۾ڇا هي ڪتابُ ڀي ته ڏسو

    سفيد ويس ۾ ڪرسيءَ تي يار ويٺو آ
    اسانجي نيهن جو نيارو نوابُ ڀي ته ڏسو

    اکيون اوهان جون ڀَليون هن مڃان ٿو مان ليڪن
    انهن اکين ۾ اسان جو خوابُ ڀي ته ڏسو

    نظر، نظر سان ملي ٿي خمار جي ٿا وڃئون
    پرينءَ جا نيڻ ڪٽورا شرابُ ڀي ته ڏسو

    *

    نگاهه سان جوڏٺو ٿئين نگاهه ۾ آهي
    ٿڌو جو ساهه ڀريو ٿئين ته ساهه ۾ آهي

    رسي اسان کان ڀلي شوق پنهنجو ڪر پورو
    رٺو آ جو به اسان کان تباهه ۾ آهي

    پتو پوي ته پرينءَ جا وڃي مان پير چمان
    ٻڌو آ هو به اسان جي راهه ۾ آهي

    اڳي ته شوق سان ڏسندا هئاسين سونهن کي پر
    هاڻي ته هڪ ئي پرين بس نگاهه ۾ آهي

    ڪوي گهڻائي پڙهيا ٿم يقين سان ٿو چوان
    ڪٿي آ اهڙو مزو جيڪو شاهه ۾ آهي

    سدائين سونهن جي پويان”سجاد“ آ ڀٽڪيو
    مليو نه ماڳ آ ان کي اڃا ته راهه ۾ آهي

    *

    وري تو نيڻ کڻي هڪ دفعو نهار پرين!
    وري مان جيئرو ٿيو هان وري تون مار پرين!

    وري تون منهنجي لبن سان ملاءِ لب اچي
    وري ڪو جام اسان کي اچي پيار پرين!

    وري مان توڏي اڃان ٿو ڏسن ٿا سڀ ماڻهو
    وري اسان تي کلي ٿي سڄي بزار پرين!

    وري جو وار تو ڇوڙا ته رات ٿي وئي آ
    وري تون وار وڪوڙي سج اڀار پرين!

    *

    ملان ۽ قاضي وڏي ڳالهه ناهي
    دولهه درازي وڏي ڳالهه آهي

    گنڊ کول ديدار پنهنجو ڏي سائين!
    جو ديدار بازي وڏي ڳالهه آهي

    رسي لوڪ مون کان وڃي ڀل سدائين!
    ٿي محبوب راضي وڏي ڳالهه آهي

    سچل جي سبق ۾ خودي آ سمايل
    خوديءَ ۾ نيازي وڏي ڳالهه آهي

    سچل ۽ ڀٽائيءَ جي ڪوتا کان پو
    ڪوتا ايازي وڏي ڳالهه آهي

    سنڌڙيءَ جي سڏ تي ميدان ماري
    بڻجي جو غازي وڏي ڳالهه آهي

    سوين يار ”سجاد“ سجدا ڏين ٿا
    عشق جو نمازي وڏي ڳالهه آهي

    *

    هُنَ وٽان جو ٿي ايو هان
    سڀ چوَن ٿا پي آيو هان

    مونکي منهجو گهر ڳولهي ڏيو
    شايدگهٽي ٻي آيو هان

    ڪهڙو حال پڇو ٿا منهنجو
    مري، مري مان جي آيو هان

    ٻيهر دل ٿي ان ڏانهن تانگهي
    هيڪر جنهن ڏانهن ٿي آيو هان

    محفل منجهه کلي چيائين
    ميراڻي! تو پي آيو هان

    *

    شخص هڪڙو عجيب ئي نڪتو
    مون جيان بد نصيب ئي نڪتو

    تنهنجو نالو کنيم ته ڇرڪي ويو
    منهنجو شايد رقيب ئي نڪتو

    اوپرو! ٿي لڳو هو محفل ۾
    پوءِ پڇڻ تي قريب ئي نڪتو

    تنهنجي رَئي کي ڪڪر مون سمجهيو هو
    هاءِ! مون لئه صَليب ئي نڪتو

    مونڏي اکڙيون کيئين ته چاڪ ٿي ويسِ
    منهنجو ڄڻ هو طبيب ئي نڪتو

    جو اپيلون ڪري علاج لئه پيو
    سنڌي شاعر غريب ئي نڪتو

    *

    دردمندن کان دور ٿي ويو آ
    ڪيڏو هو مغرور ٿي ويو آ

    هڪ چميءَ جو سوال ڪيو ٿَم
    يار صفا وهلور ٿي ويو آ

    هو جو اندر آيو آهي
    ڪمرو سارو نور ٿي ويو آ

    بيماريءَ جي بستر تيڏِسُ
    شاعر هڪ مجبور ٿي ويو آ

    ڪهڙو حال سجاد پڇو ٿا
    اندر چِڪنا چُور ٿي آ


    اُلڪي،اوني، اوسيئڙي ۾
    ساهه سدائين ساٿيئڙي ۾

    منهنجي مَن جو مالڪ ٿي ويو
    منهنجو جاني هڪ ليئڙي ۾

    يار جي پار کان آيو آهي
    اهڙي خوشبو جوڳيئڙي ۾

    هاڻ سمهي پئه يار ميراڻي
    تيل کپي ويو ڏيئڙي ۾


    سُک نه ڪوئي سنبرانجاني!
    ڏکن سان ٿو نبران جاني!

    تنهنجي گهٽيءَ مان تنهنجي خاطر
    هر هر پيو ٿو گذران جاني!

    هيڏي باهه ته هوڏي پاڻي
    ڪهڙي پاسي اسران جاني!

    دل ٿي چاهي سورج بڻجي
    اولهه ڏانهن ٿي اڀران جاني!

    تنهنجي جدائيءَ ۾ ميراڻي
    کامان، پڄران، پڄان جاني!
    

    تنهنجي پاڙي کي جڏهن کان جو ڇڏي آيو هان
    ڄڻ ته جنت کان جهنم ڏي لڏي آيو هان

    هن محبت جي سفر ۾ تون مون سان گڏ هلندين؟
    نه ته ٻيو يار سفر لاءِ سڏي آيوهان

    منهنجي نيڻن جي شهر ۾ تون اچي رهه جانان
    تو لئه نيڻن جو نئون شهر اَڏي آيو هان

    مونکي پڪَ هئي ته منهنجي سڏ تي نه ايندين ٻاهر
    دل تي پٿر رکي رقيب گڏي آيو هان

    هاڻي منهنجون تون خطائون ته سڀئي بخشي ڇڏ
    هاڻي مان ڏوهه مڃي تنهنجي تڏي آيو هان


    اسان ته روزو رکيو آ، اکيون رکڻ ئي نٿيون
    ڏسن ٿيون سونهن جي سامهون ته ٻوٽجن ئي نٿيون

    وياسين يار جي در تي ته بند دروازو
    مايوس ٿي جو ورياسين وکون کڄن ئي نٿيون

    گهڻو ئي پاڻ پلي، يار پئون ٿا پٽ تي سمهي
    بدن سمهي ٿو پوي پر اکيون سمهن ئي نٿيون

    زبان تي يار جو نالو ۽ هٿ لکن ٿا پيا
    زبان ۽ آڱريون ٻيو ڪجهه چَون، لکن ئي نٿيون


    پرين هليو ٿو وڃي بس ملي ٿي تنهائي
    پرين جي ناهي ته مون سان هلي ٿي تنهائي

    پرينءَ جي ياد ۾ جلندو رهان ٿو مان هر دم
    پرينءَ جي ياد ۾ مون سان جلي ٿي تنهائي

    پرينءَ جي چيچ جهلي شهر ۾ مان گهمندو هوس
    پرينءَ جان چيچ وٺي گڏ رلي ٿي تنهائي

    پرينءَ کي ياد ڪري مان اياز کي ٿو پڙهان
    پرين ڪتاب کِلي ٿو کِلي ٿي تنهائي

    پرينءَ کي شهر ۾ ڳولهيان جڏهن ٿو مان
    پرين سجاد چريو آ چوي ٿي تنهائي


    نظم

    خط

    اوسانئڻ
    مان تنهنجا
    لکيل خط
    سڀ ساڙي
    انهن جي رکَ
    تنهنجي ئي
    ڏنل
    زخمن تي
    ٻرڪي ڇڏي


    سوال

    اکين تي پٽيون هِنِ
    ڪنن ۾ ڪپهه آ
    نه ڪجهه مان ڏسان ٿو
    نه ڪجهه مان ٻڌان ٿو
    هٿن ۾ ڪڙيون هِنِ
    زبانن تي تالا
    قلم ڀي آ قيدي
    پيرن ۾ زنجير لوها ڏسان ٿو
    عدالت جي ڪرسي تي ڊوها ڏسان ٿو
    منهنجو ڀاءُ قيدي
    منهنجي ڀيڻ قيدڻ
    منهنجا شير ڦاهي چاڙهيا ويا هِنِ
    سمورا منهنجا گهر اجاڙيا ويا هِنِ
    ايڏو ظلم مون سان
    ايڏي آهي تعدي
    ٻڌايو ملهايان مان
    جشن آزادي

    ستي جتي

    منهنجي پاڙي واري
    ستي جتيءَ
    مون کي سڏي چيو ته
    رات مون کان پاس ٿيڻ جو
    تعويذ
    وٺي وڃجانءِ
    ۽
    پوءِ
    رات جو
    اتي به مون کي
    پاس ڪيو ويو


    سج

    اڄ صبح جو سج
    ڪني ڪڍي، وري لهي ويو
    سڀني ماڻهن اهو ڏسي
    ٽهڪ ڏنا
    ۽ چوڻ لڳا ته
    سج به هاڻي
    چرچائي ٿي ڀوڳ ڪري ٿو
    پر انهن کي ڪير سمجهائي
    ته سج
    سند پرڪارن تي
    ايترو شرمائجي ويو آهي
    جو اڀرڻ تي
    دل ئي نٿي چويس


    قرآن سان شادي!

    ڪالهه جنهن کي قرآن شريف
    سان پرڻايو ويو
    سا رات قرآن
    کي سيني سان لائي
    چمي ڏئي
    شريف سان
    هلي وئي.


    واهه وڏيرا!

    پاڻ واري وڏيري
    پنهنجي ٽنهي ڌيئرن کان
    حق بخشرائي ڇڏيو
    مگر بعد ۾
    هڪ ڊرائيور سان
    ڀڄي وئي
    ٻي ڪاري ڪري ماري وئي
    ۽ ٽين چري ٿي پئي


    ماکيءَ جهڙالفظ

    مون پنهنجي
    دوستن جا
    ٿوهر جهڙا
    لفظ
    هڪ ڳيت سان
    ڳهي ڇڏيا
    پر منهنجي دوستن
    منهنجا
    ماکي جهڙا مٺا لفظ
    چکي به نه ڏٺا


    چنڊ چانورن جي ماني

    او چنڊ
    اوچوڏهين جا چنڊ
    منهنجي هن خالي پنڊيءَ
    ۾ چانورن جي ماني ٿي
    لهي آءُ
    ڇوته مان ۽ امان
    ڪيترن ڏينهن جا بکايل آهيون
    تون چانورن جي ماني ٿي
    هن پنڊيءَ ۾ آءُ
    ته مان ۽ منهنجي امڙ
    ٻه ٽي گرهه کائون
    او چنڊ آءُ ني
    مون کي ۽ امڙ کي ڏاڍي
    بک لڳي آ


    عشق سلامت

    ملان ٻانگ ڏني
    اسان يار کي سڏيو
    ملان نماز نيتي
    اسان يار کي ڀاڪر پاتو
    ملان سجدو ڪيو
    اسان يار جو مک چميو
    ملان سلام ورائي
    ايمان جي سلامتي جي دعا گهري
    اسان عشق جي
    سلامتيءَ جي دعا گهري


    هو ۽ مان

    سورج مکي جي
    گل وانگي
    منهنجو منهن ته سدائين
    هن ڏانهن
    هوندو آهي
    پر هن کي خبر ئي ناهي
    ته ڪو مون ڏانهن
    ڏسي به نه ٿو
    اهو منهنجو ڏوهه آيا
    هن جو؟


    پرينءَ جا رانديڪا

    نيل گگن مان
    تارا ڇاڻي
    هن آڏو رکندو آهيان
    تارن کي ڪوڏين جان ڪڏائي
    سرتين سان هوءَ کيڏندي آهي
    چنڊ به هن وٽ بال جيان آ
    جنهن سان گڏ هوءَ ڇال آ ڏيندي
    چنڊ کي ڄڻ احوال آ ڏيندي
    سج پرينءَ جو آئينو آ
    جنهن جي آڏو ڦڻي کڻي هوءَ
    پنهنجا وار ٺاهيندي آهي
    پيار جو گيت ڳائيندي آهي
    ۽ پوءِ تارارقص ڪندا هِنِ
    چنڊ به دف جيان وڄندو آ
    سورج ڀي پو نچندو آهي
    اولهه پاسي لهندو آهي
    ۽ پو ڏينهن لهي ويندو آ
    ۽ پو رات ٺري پوندي آ


    ڌوڪو

    ڇا جي مرڪ؟
    ڇا جو تبسم؟
    ڌوڪو
    فريب
    فراڊ
    فنڪاري
    ٺڳي
    چالاڪي
    منافقي
    مڪاري
    ٻهروپي
    ٻي کي
    بيوقوف
    بنائڻ
    جو ڍنگ


    تون جي آهين مان ڀي آهيان

    اکين بنا انڌو ماڻهو
    پيرن بنا منڊو ماڻهو
    هٿن بنا ٽنڊو ماڻهو
    ڪنن بنا ٻوڙو
    وارن بنا گنجو ماڻهو
    نڪ بنا بينو ماڻهو
    چپ بنا گونگو ماڻهو
    مانيءَ بنا بکيو ماڻهو
    پاڻيءَ بنا اڃيو ماڻهو
    ناڻي بنا سڃو ماڻهو
    تو بن
    منهنجي من جا ميتَ


    چمي

    ڪالهه
    جيڪا مون
    تو کان
    چمي
    ورتي هئي
    اوتري
    مون کان
    وَٺُ
    ڇا لاءِ ته
    مان
    ڪنهن جو
    حق
    نه کائيندو آهيان


    چريو ناهيان

    تون ٿو چوين کريو هان مان
    مان ٿو چوان چريو هان تو
    کير ته ناهيان کريو هان مان
    پير ته ناهيان مير ته ناهيان
    باقي آءٌ ڪيئن کريو هان
    شاعر آهيان شعر ٿو ٺاهيان
    راتيون جاڳي نور نچوئي
    ڏات ۽ ڏانءَ کي لوئي ڳوهي
    لفظن کي موتين جان پوئي
    گيت لکان ٿو آزاديءَ جا
    قوم سڄي جا ڳايان ٿو مان
    باغي گيت ڳايان ٿو مان



    انڌو، منڊو
    ٽنڊو، ٻوڙو
    گنجو، پينو
    گونگو، بکيو
    اڃو ، سڃو
    رهندو آهيان
    منهنجا مٺڙا منهنجا سائين
    تون جي آهين مان ڀي آهيان
    تون جي ناهين مان ڀي ناهيان


    آزادي سان ڳالهه

    ٻاٽ اوندهه ۾ لاٽ ڏٺي مون
    ورتيون وئي پئي واٽ ڏٺي مون
    دل جهلي مون سوال ڪيو هي
    تنهنجو نالو ڇاهي پياري
    هر ادا ٿئي ڏاڍي پياري
    جيڪر مون سان ساڻ هلي پئه
    جيون مون سان ساڻ رهي پئه
    چيائين
    منهنجو نالو آزادي آ
    مون کي جي تون ماڻڻ چاهين
    پنهنجي گهر ۾ آڻڻ چاهين
    رت جي ميندي هڻڻي پوندئي
    دل ڪشادي ڪرڻي پوندئي
    قدم قدم تي ٿاڻا ايندا
    ڦاها ايندا گهاڻا ايندا
    جهلي هٿ ۾ ناڻا ايندا
    متان تنهنجي هرڪي پئي
    متان تنهنجو من ڇرڪي پئي
    پوءِ مونکي تون دڳ ۾ رولي
    وڪڻي ويهي واٽ تي ٻولي
    ان لئه پهريان دودي کان پڇ
    هوشوءَ کان پڇ هيمون کان پڇ
    جن وٽ منهنجو مانُ مٿاهون
    مون وٽ جن جو شان مٿاهون
    جن سان منهنجا سگَ اوسائين
    جيڪي منهنجا مگَ اوسائين


    باغي آهيان ڏوهي آهيان
    جوئي آهيان سوئي آهيان
    شاعر آهيان کريو ناهيان
    حق لکان ٿو سچ لکان ٿو
    ڪوڙ کي ڪانو ڪچ لکان ٿو
    ڌرتيءُ سان مان پيار ڪيو آ
    ڏوهه اهو آ منهنجاسائين
    مون کي ڇو ٿو چريو ڀائين


    ملڻ جي آس ۾

    مان نيرڙي سانجهي
    ۽ تون باک ڦٽي
    تو تائين پهچڻ لاءِ
    مان سڄي رات
    سفر ڪيو
    پر تيسيتائين تون
    ٽاڪ منجهندجو لاڙو
    لنگهي ڇڪي هيئن
    پر پوءِ به مان
    مايوس نه ٿيو آهيان
    ۽ سفر جاري
    رکيو پير اچان
    تو سان
    ملڻ جي آس ۾


    ڀيٽا

    او پرين!
    تنهنجي سونهن کي
    مان
    گرم، گرم
    چميءَ کان سواءِ
    ڪهڙي ڀيٽا
    ڏئي سگهان ٿو
    تون ئي چئه
    او پرين!


    ڳالهائيندي ڪر

    مان پنهنجي گهران
    اهو سوچي نڪرندو آهيان
    ته اڄ هن کي چوان
    ته الله جو نالو اٿئي
    مون سان نه ڳالهائيندي ڪر
    پر هن جي سامهون
    ٿيندو آهيان
    ته ابتڙ
    هيئن چئي
    ويندو آهيان
    ته الله جو نالو اٿئي
    مون سان ڳالهائيندي ڪر


    ٻه سٽا

    سڄڻ تنهنجي لاءِ رنم سڄو ڏينهن
    محبت وارو مينهن، ڪڏهن کُٽو ڪينڪي


    رنم سارو ڏينهن سڄڻ تنهنجي ڪاڻ
    اچي مِلُ تون هاڻ، ته سورن سج لهي وڃي


    روئڻ منهنجي تي رحم آيئي ڪونه عجيب!
    نڀائي نجيب، دعا کٽي هان دل جي


    تنهنجي لال لبن تي چميڏيندو هان
    ڄڻ ته مئخاني مان گهمي ايندو هان


    عيد ڏهاڙي ڀي ڪيم تنهنجو اوسيئڙو
    هاءِ هي جيئڙو، ڪيڏو ڀوڳي ٿو پيو


    قسم الله جو پرين! وسريو ناهين تون
    ننڊ ۽ جاڳ ۾ مون، تنهنجي آ تسبيح ڪئي


    تنهنجي چپڙن تان چمي جڏهن ورتي مون
    تڏهن پرين تون، منهنجو مولا ٿي وئين



    فقير بڻجي تنهنجي در تي آيو آهيان پرين
    خيرات ڏي يا نه ڏي سامهون سڄڻ جواب ته ڏي


    راحتون سڀ کي رنج ڏئي وئين پرين
    ڪا شڪايت نه آ گنج ڏئي وئين پرين


    سدائين ياد آ تنهنجي سدائين تنهنجو غم
    ڪڏهن ته قرب ڪري اچ، اٿي خُدا جو قسم


    سڄڻ تنهنجي لاءِ رنم ساري رات
    متان ٿي پرڀات، ته به اکيون آليون ئي رهيون


    حسن تي ايڏو هَٺُ او سائين!
    قائم رکندين ڪيسيتائين؟


    رنم ساري رات پرين تنهنجي لاءِ
    اچي ڀاڪر پاءِ، ته سکن سج اڀري پوي


    ٽه سٽا

    سنڌ ، سونهن ۽ سچ سجاد
    جتي ٽنهي جي ڳالهه هلي
    اُتي تون به اچ سجاد


    تنهنجي نيڻن جو شراب
    زاهد چيو پيئڻ گناهه
    مان چيم پيئڻ ثواب


    ڳالهه ٿي وئي ڳوري
    منهنجي ڪمري ۾ آئي
    الهڙ هڪ ڇوري


    گهڙيءَ گهڙيءَ گهاءُ
    تنهنجي بي رخيءَ جو
    ڪيڏو ڪوسو واءُ


    ڏسي منهنجي رَتُ
    ڀڄي ويئين ڀاڙيا
    ناهي تو سان ڀَتُ


    ڪالاباغ ڊيم
    اڙي حڪمرانو
    شيم، شيم، شيم


    توبن ساري رات
    سانوري
    اکين ۾ برسات


    توبن سارو ڏينهن
    سانوري
    اکين وسايو مينهن


    ملان، مير، وڏيرو، پير
    شايد چئي پيتو ناهي
    سنڌو ماتا تنهنجو کير


    پوڙهپ ڪئي ٿَس تعدي
    ڍونڍ وڏيرو
    اڃا چوي پيو شادي


    غريب هاريءَ جو ننگ
    ۽ وڏيرو ڳوٺ جو
    جيئن مڪڙ ۽ ڪڻڪ جو سنگ


    سنڌڙي ڪيو آ سڏ
    نعرا هڻي نيهن جا
    هلو سڀئي گڏ


    مڙس ڏي ماني
    کنيون وڃي پئي ڍنڍ تي
    پَلي جي آني


    پير ۾ لڳس ڪَنڊو
    ڪم کان ويو سيڙجي
    ٿي پيو آ منڊو


    هن جا ڳاڙها لَبَ
    ڪن ٿا ڪيڏو ڪَڪِ
    واهه منهنجا رَبَّ


    هن جا ڳاڙها ڳَلَ
    چمڻ ٿو چاهيان
    راضي ٿئي شَلَ


    ايڏو نه ڪر سِتم
    هڪ وار اَچُ
    اَٿي الله جو قسمُ


    وک وک تي واسينگ جو وَرُ
    قدم قدم تي ڪاريهر
    پو به پڇايان تنهنجو گهرُ


    ڪيئن ڪندي گهرُ
    سورنهن سالن جي ڪنوار
    اسي سالن جو وَرُ


    ڪيڏي مُٺي ماءُ
    ڌاڙيل پُٽُ کڻي ويس
    ماري ويس ڀاءُ


    جيستائين جهانُ
    هر ڪنهن عزت لهڻي
    هر ڪنهن لهڻو مانُ


    نينگر روئي ٿي
    عيد وڳي جي لئي
    ڳوڙها پوئي ٿي


    ٭صادق سر سنگيت
    ورهائي پيو سنڌ ۾
    پيار ۽ پريت


    ٭ٿر جو راڳي فقير صادق فقير
    (جيڪو هن وقت فوت ٿي چڪو آهي)


    چو سٽا

    هن جي زلفن جو مون کان نه احوال پڇ
    نانگ ڪارا ڪاريهر ٿو پالي پيو
    جنهن به کاڌواتان ڏنگ هڪڙو دفعو
    سو حياتي ڏکن ۾ ٿو جالي پيو


    هُن جي نيڻن جو مون کان نه پڇ ڳالهه تون
    هُن جي نيڻن ڏنو آ نشو نينهن جو
    جنهن به پيتو اتان آهي هڪڙو دفعو
    ان کي ناهي پتو رات ۽ ڏينهن جو


    هُن جي مرڪڻ جي مون کان نه پڇ تون خبر
    هُن جي مرڪڻ ته دردن جو درمان آ
    ڪنهن به ڪافر جي ان کي ڏٺو مرڪندي
    آندو ان ڀي انهيءَ وقت ايمان آ


    هُن جي ڀاڪر جو مون کان نه پڇ تون مزو
    هُن جي ڀاڪر ۾ جنت ملي ٿي پوي
    جنهن کي هڪڙو دفعو قرب هُن جو مليو
    ان جي قسمت خدا سونهن کُلي ٿي پوي


    هن جي ڳاڙهن ڳلن ۽ لبن لئه نه پڇ
    بس گلن ڀي اتان ئي ڪيو آ نقل
    گل کي سنگهڻ ڇهڻ جي اجازت اٿئي
    هوڏي ويجهو نه وڃ تون پري ڀڄ عقل


    هن جي پيرن، هٿن جي نزاڪت ته ڏس
    پَٽُ پيرنِ ۽ ريشم هٿن ۾ اٿن
    گل جي ڪهڙي نزاڪت پرينءَ جي اڳيان
    گل ته عاشق آ پيرن هٿن تي مٿن


    وري هار هارنِ تي آئي آ يارو
    وري مار مارن تي آئي آ يارو
    وري ٿيو وڏيرو ڇتو آ اسان جو
    وري مارئي اڄ سامائي آ يارو


    هوشوءَ واري هشمت رک تون
    سنڌڙي ساڻ محبت رک تون
    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون
    اهڙي همت غيرت رک تون


    اسان کي پري ٿيو اسان سان نه اٽڪو
    اسان جو اگر جي لڳي ويو ڪو جهٽڪو
    سنڀالي نه سگهندئو پنهنجو پو پٽڪو
    چڱو ٿو ڇڏي ڏيو تڪرار ڄٽڪو


    تنهنجي مئخاني مان مخمور ٿين ٿا ڪيئي
    تنهنجي نيڻن مان ڀري جام پيئن ٿا ڪيئي
    شل آباد رهي مئخانو اوهان جو ساقي
    ان مئخاني سهاري ته جيئنِ ٿا ڪيئي


    صبح جو چمي ڏئي تون هلي ويندي ڪر
    پائي ڀاڪر، پوءِ ڀلي ويندي ڪر
    ڏينهن سارو پو سجايو گذرندو پنهنجو
    ڪجهه سڻي ڪجهه سلي ويندي ڪر


    هاريءَ جي ڪمائيءَ کي کپائي ٿو وڏيرو
    ريشم جا وڳا روز مٽائي ٿو وڏيرو
    مسڪين جي ٻچڙن کي نه آ دال ميسر
    هُت روز ڪڪڙ قورما کائي ٿو وڏيرو


    پيار کي ڳجهه ۾ هلائڻ ٿو گهرين!
    واهه جو محبت ملهائڻ ٿو گهرين
    باهه ڪکَن ۾ به لڪندي ڪيتري
    باهه ڪکن ۾ لڪائڻ ٿو گهرين!


    منهنجي ديوانگيءَ تي تو چڙندو نه ڪر
    مون سان ٿوري گهڻي تي تون وڙهندو نه ڪر
    منهنجا سهڻا سڄڻ، منهنجا پيارا پرين
    نالي الله جي مون سان رسندو نه ڪر


    اصولن تي سودي بازي نه ٿيندي
    جابر جي آڏو نيازي نه ٿيندي
    ڀلي ڏي ڪفر جي فتويٰ اسان تي
    مگر تنهنجي بعيت اي قاضي! نه ٿيندي


    ڀريل ڪو ٿانءُ خالي چئون اسان کان ڪين ٿي سگهندو
    ملان کي ڇو موالي چئون اسان کان ڪين ٿي سگهندو
    ڀلي باغي اسان کي سڏ مگر ڪن کول ٻڌ هيڪر
    حراميءَ کي حلالي چئون اسان کان ڪين ٿي سگهندو


    رات کي ڏينهن چئي نه سگهبو
    ماڪَ کي مينهن چئي نه سگهبو
    ڀل ڪري ڪو ڪيڏي ڪوشش
    گدڙ کي شينهن چئي نه سگهبو


    قاتل نه گهرجن قهاري نه گهرجن
    سنڌين کي مارنِ سي ماري نه گهرجن
    اسان سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ٿا چاهيون
    ڪالاباغ ڊيم ۽ بهاري نه گهرجن


    اڪيلو رهڻ جو مان عادي ٿي ويو هان
    سورن سهڻ جو مان عادي ٿي ويو هان
    جڏهن کان او جاني اچڻ تو ڇڏيو آ
    هر هر روئڻ جو مان عادي ٿي ويو هان


    مان هان تنهنجو تون آن منهنجي
    توتي مون تي ختم ڪهاڻي
    مان هان تنهنجو ڄام تماچي
    تون آن منهنجي نوري نماڻي


    مان هان تنهنجو تون آن منهنجي
    ان ۾ ڪوئي ناهي ماڻو
    تون آن منهنجي ڪاڪ جي مومل
    مان هان تنهنجي ڪَاڪِ جو راڻو


    وفائن جي بدلي جفائون ڏئي جو
    اهڙي يار کي ڪير سمجهائي آخر
    اسان جنهن کي دم دم دعائون ڏيون ٿا
    اُهو ڇو اسان کي ٿو تڙپائي آخر


    وفائن جي بدلي جفائن جا پٿر
    اسان کي هڻو ٿا ڇاڪاڻ سائين!
    کڻو پيار واريون اکڙيون اسان ڏي
    ڇڏي ڏيو خدارا ڇڪتاڻ سائين!


    وفائن جي بدلي جفائون ملن جي
    اکڙين مان ڳوڙها ڳڙي ڇو نه پوندا
    رقيبن سان راضي اسان سان عداوت
    جگر جان جيرا سڙي ڇو نه پوندا


    جنهن تي راز الستي آهي
    عشق جي جنهن کي مستي آهي
    درازا جنهن جي وستي آهي
    سچل جي سا هستي آهي


    سچل سان عقيدت جي اظهار خاطر
    منصور ثانيءَ سرڪار خاطر
    درازن جي ڌرتيءَ تي ڪيئي اچن ٿا
    دولهه درازيءَ جي ديدار خاطر


    ڏنو هي سنيهو آ دولهه درازي
    جنهن ۾ يار راضي اسان ان ۾ راضي
    ڀلي ڪو چوي ڪيئن ڪو ڪيئن چوي پيو
    اسان جو ته ڪم آهي ديدار بازي


    مان هان تنهنجو تون آن منهنجي
    ان ۾ ڪوئي ناهي عار
    تون آن منهنجي ساڳي سهڻي
    مان هان تنهنجو من ميهار


    مان هان تنهنجو تون آن منهنجي
    ناهي ٽٽڻو پنهنجو پيار
    تون آن منهنجي سهڻي سسئي
    مان هان تنهنجو پنهل يار


    منصوري من ڌار او سائين!
    ان الحق اچار او سائين!
    ڪوڙ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏ تون
    سچ جي ٻيڙي تار او سائين!


    آزاديءَ جو هيرو ۽ اڳواڻ سنڌي*
    آهي انقلابين جو سرواڻ سنڌي
    جتي ظلم واري آهي رات ڪاري
    اُتي آهي چوڏهين جي چانڊاڻ سنڌي
    *مولاناعبيد الله سنڌي رحه


    ڪنهن جي مال ۾ اکآ ته ڪنهن جي لال ۾ اک آ
    مهيني ۾ ڪنهن جي اک ته ڪنهن جي سال ۾ اک آ
    افسوس سان ”سجاد“ کي چوڻي پوي ٿو
    هن دور جي مرشد جي مريد جي زال ۾ اک آ


    سهڻي جي ٻڌي مون لئه ته ميهار مڃيندئو
    سسئي به سڏي مون کي ته سردار مڃيندئو
    هڪ ڳالهه پڇي ”سجاد“ اوهان کان اي يارو
    نوڙيءَ مان ڪيان نانگ صوبيدار مڃيندئو


    اونداهيءَ ۾ گيت اوهان جا روشن تارن وانگر آهن
    تنهنجا بيت خزائن ۾ ڀي باغ بهارن وانگر آهن
    تنهنجو نالو ياد آ هر دم هيڪل وياڪل ناهيان سائين!
    تنهنجا بيت تنهائي ۾ پيارن يارن وانگر آهن


    مانُ آهي سنڌ جو تنهنجي ڪري
    مانءُ تنهنجو ٿو کڻان دل تي ٺري
    اي ڀٽائي! تنهنجي بيتن جو قسم
    منهنجي من کان اڄ به تون ناهين پري


    ڪوبه تنهنجو ڪونه آ، ثاني لطيف!
    شعر تنهنجو آهي لاثاني لطيف!
    بيت تنهنجا آيتون قرآن جون
    نانءُ تنهنجو آهي لافاني لطيف!


    ڪوئي شهر ۾ خوش آ ته ڪوئي جهنگ ۾ خوش آ
    چپڙين ۾ ڪو خوش ته ڪوئي چنگ ۾ خوش آ
    پريشان رهين تون ڇو اجايو اي ميراڻي!
    حلوي ۾ ملان خوش، موالي ڀنگ ۾ خوش آ


    آفيس رشوت سندي بازار گرم آ
    حرام کائي چو ته خدا جو هي ڪرم آ
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي يار ميراڻي
    عربيءَ جي حديثن جو نه امت کي شرم آ


    وڏيري جو ڪردار گندو رهيو آ
    ڪرسيءَ جي خاطر هو انڌو رهيو آ
    جا ڏي آهي ڍيري تاڏي ڏي ٿو ٿو ڦيري
    وڏيري جو هر دم هي ڌنڌو رهيو آ


    سنڌ جي ورهائڻ جي ڪن ڳالهه ٿا جي
    ڌرتيءَ جا دشمن ۽ غدار آهين
    کائن به سنڌ جو ورهائن به سنڌ کي
    لعنت جا هردم سي حقدار آهن


    رنگن جو شاعر سجاد ميراڻي

    منهنجي لاءِ اڄ به ميراڻيءَ جي ماڙي هڪ تازي ڏٺل خواب جيان آهي جنهن ۾ ويهي سجاد شاعريءَ جي باغ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ نيٺ هو ڪيئي رنگ ڳولهي لهندو آهي رنگ جيڪي اکين جي رنگن جهڙا هوندا آهن جن ۾ بظاهر ڪوبه رنگ نه هوندو آهي پر پوءِ به اکين ۾ ڪيئي رنگ هوندا آهن اِهي رنگ کڻي ڏسي نه سگهبا هجن، پر انهن جو تصور ضرور ڪري سگهجي ٿو اُهي رنگ آهن خوابن جا رنگ، اوجاڳن جارنگ، اندر جي اوناهين جا رنگ، درد جا رنگ، مرڪ جا رنگ ۽ نه چاڻ ٻيا ڪيترا رنگ جن جو وستار ڪرڻ ئي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سجاد ميراڻيءَ جي ڪوتا جا ڪجهه رنگ اوهان به ڏسو.

    هر ڪنهن کي تو رنگي ڇڏيو آ
    مينديءَ ڏاري ٿي پئي آهين
    *
    ٻهڪي پيو آهين
    جانيءَ جهاتيءَ ۾ رنگ ڀريا آهن
    *
    ڏسي سوچ نه اوچريا!
    اکين ۾ سانوڻ هوندا هن هر دور ۾
    *
    سنڌ سڄي سائي
    تون ڇو هيڊو ٿي وئين


    خواب پنهنجا وهاڻي جي هيٺان رکي
    ننڊ ۾ ڇرڪ ڇو هوءَ ڀري ٿي پئي

    مينديءَ جو ڳاڙهو رنگ،جانيءَ جي جهاتيءَ جو سانورو رنگ، اکين ۾ سانوڻ جو رنگ، مک جو هيڊو رنگ، خوابن جو رنگ،اهي سڀ رنگ زندگيءَ جا مختلف اهڃاڻ آهن ۽ ٻيا به ڪيترا سارا رنگ آهن جن تي سجاد قلم کنيو آهي. منهنجي نظر ۾ سجاد جي شاعري سندس طبيعت جيان بنهه سادي ۽ سلوڻي آهي.


    وسيم سومرو
    نواب شاهه


    ڌرتي ۽ سرتيءَ جو شاعر

    شاعريءَ جي سفر ۾ سجاد ميراڻيءَ محبت ۽ محبت سان هڪ ڊگهو سفر طئه ڪيو آهي ۽ ائين زندگيءَ جي نٽهڻ اس ۾ شاعري سندس لاءِ ڇانوري وانگر رهي آهي. سجاد ميراڻيءَ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ مسلسل لکيو آهي ۽ انهيءَ حساب سان سندس ڪتاب کي ڪي سال اڳ ڇپجڻ گهُربو هو. مگر پوءِ به هينئر سندس ڪتاب جو ڇپجڻ اسان دوستن ۽ پڙهندڙن لاءِ خوشيءَ جو سبب بڻجندو.
    گلابن جو شهر پريالوءِ جتي سرمد سنڌي جي آواز جو حوالو رکي ٿو. اُتي منهنجي خيال ۾ سجاد جي شاعري پڻ سندس هڪ خوبصورت سڃاڻپ آهي. سجاد ميراڻي ئي آهي جيڪو جن ننڍڙي شهر ۾ علمي ادبي سرگرمين جو سالن کان سبب بڻجندو پئي آيو. "محبت" سجاد جي شاعريءَ جو نيوڪليس(مرڪز)آهي. جنهن جي چوڌاري سندس خيالن جا پوپٽ اڏامندا رهندا آهن. ۽ اها محبت "ڌرتيءَ" کان ٿيندي "سرتيءَ"تائين پهچي ٿي. سجاد جي شاعري، اُتر سنڌ جي مشاعرن جي سونهن به بڻجندي رهي آهي ۽ ائين هڪ متحرڪ ادبي ڪارڪن ۽ هڪ سهڻي سيبتي شاعر" سجاد ميراڻي" جي شاعريءَ جو پنڌ هن ڪتاب جي موڙ وٽ پهچي هڪ نئون روپ اختيار ڪري ٿو وٺي.

    امر اقبال
    چنه هائوس (خيرپور)


    ريشم جا ٿانَ اکلي رهيا آهن

    سجاد جي شاعريءَ جو کجيءَ جي پڪل ڏوڪن وانگر رنگ ئي پنهنجو آهي هو لفظن کي پيرُ، پيرَ ۾ ڏياري روشنيءَ ڏانهن سفر ڪرائي ٿو ۽ اوندهه لاءِ هن جي خيالن ۾ ڏڪار موجود آهي. سندس شعر آهي ته:
    سج نه سوري چاڙهيو
    اونڌهه ٿي ويندي
    اجرا پکي امن جا
    پڃرن ۾ نه واڙيو
    اونڌهه ٿي ويندي
    سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ مان بک جو درد، ڌرتيءَ جي محبت، رسمن جي بي حسي ۽ دلين جي مجبوري ٽمندي نظر اچي ٿي پر پوءِ به ڪٿي ڪٿي عادت کان مجبورٿي،هو اهريون سٽون لکي ٿو جو الهڙ پن جون سموريون ادائون فلم بند ٿو ڪري ڇڏي.

    سمنڊ ڪناري تي سانجهيءَ ويلي جو
    کوڙ حسينن جون ٽوليون جاڳن ٿيون
    ڳوٺ جي ميلي ۾ ناچ هلي ٿ پيو
    اڀريل ڇاتيون ۽ ڇوليون جاڳن ٿيون

    يا مذهبي ٻانگن کي سونهن جون عظمتون مڃائڻ لاءِ چوي ٿو ته:
    ڇو واعظ ٿو ٽوڪين مونکي ڀلا
    سونهن ۽ سچ کي ٽاريو ڪيترو
    زهر هن جي هٿن مان ٿو هر هر ملي
    نيٺ پيئبو پرين هاربو ڪيترو
    مطلب ته سجاد سجيلو شاعر آهي. سجاد سهڻو ۽ سٺو شاعر آهي. سجاد سونهن سچ ۽ سنڌ تي اهڙو سهڻو لکيو آهي جو جڏهن ان جي شاعريءَ کي اکيلجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ريشم جا ٿانَ اکلي رهيا آهن


    شوڪت نوناري
    خيرپور


    سرمد ۽ بيدل جي مسلڪ جو شاعر

    شاعريءَ جي حوالي سان سليم ڳاڙهويءَ جي گلستان جو هڪ گل سجاد ميراڻي، جيڪو منهنجو دوست آهي گهڻ پاسائون ماڻهو آهي. هو هڪ ئي وقت عاشق به آ ته مذهبي ماڻهو به ،شاعر به ته، استاد به سجادميراني صوفين جي انهيءَ مسلڪ مان محسوس ٿيندو آهي. جن ۾ سرمد، بيدل وغيره اچي وڃن ٿا. جن جا دل گهريا دوست ڪنعيو ۽ اڀيچند هئا.اهڙي طرح سجاد جا دوست به ائين آهن. سجاد ميراڻي شاعري ڪئي ته استادن جي رهنمائي ۾ ڪئي هو پاڻ مرادو ڦُٽل گاهه نه آهي.پر (جوهرين جو گهڙيل هيرو آهي) غزل ڏسوس ته فن استاد جو فڪر عاشقجو، ماحول پنهنجو خالص سنڌي کڻندو. ماحول جي منظر نگاري اردوءَ جي شاعرن واري ڪتب آڻيندو ۽ غزل کانپوءِ سجاد جي وائي ته سنڌيءَ جي اصلي رنگ ۾ اوهان کي ملندي نعتيه شاعريءَ ۾ ته وري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خبر ناهي ته هاڻي نعتيه شاعري ڇو نه ٿو لکي؟ ميراڻي پنهنجي شهر وارن لاءِ استاد ميراڻي ۽ شاعرن لاءِ سجاد ميراڻي ۽ اسڪول جي رجسٽر ۾ غلام حسين ميراڻي آهي. ميراڻيءَ جي ماڙيءَ تي جيڪا سندس لائبريري آهي اتي مرشد سائين حماد الله هاليجوي جا ملفوظات ۽ شيخ اياز جو "ڪَتين ڪر مَوڙيا" ڪتاب گڏ پيا آه ائين گڏ پيا آهن جيئن سجاد جي دل ۾ دين ۽ دنيا گڏ پيا آهن. دنيا جي خاني ۾ وري دنيا ڪونهي پر محبت سان ڀريل دل آهي."جيڪا ڌڙڪندي ته سونهن لاءِ ڌڙڪندي" جو
    " سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو"


    قدير انصاري
    سکر


    گلابن جي شهر جو شاعر

    گلابن جي شهر جي ساعر سجاد ميراڻيءَ سان منهنجو پهريون تعارف پريالوءِ ۾ ه قوم پرست جماعت جي عام جلسي دوران ٿيو هو. ان جلسي جي اسٽيج تان جڏهن سجاد پنهنجو نظم "آزادي" پڙهيو ته سندس نظم جلسي ۾ موجود سنڌ جي آزاديءَ جو خواب ڏسندڙ هزارين نوجوانن جي حوصلن کي همٿايو هو ۽ نوجوانن آزاديءَ جا نعرا هڻي پنهنجي عزم کي ورجايو هو. ان جلسي کان وٺي هن وقت تائين مان سجاد ميراڻيءَ سان ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن ۾ گڏ شيڪ ٿيو آهيان ۽ جتي به هن پنهنجي شاعري پڙهي آهي موٽ ۾ ڀرپور داد ۽ مڃتا حاصل ڪئي آهي. سجاد ميراڻيءَکي مليل اهو داد ۽ مڃتا سندس سٺي شاعري هجڻ جو اعتراف به چئي سگهجي ٿو.
    سجاد ميراڻي کي جيڪڏهن سنڌ، سونهن ۽ محبتن جو شاعر چئجي ته غلط نه ٿيندو. سندس شاعري ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ سمايل آهن. جيتوڻيڪ سجاد جي گهڻي شاعري محبت جو موضوع تي آهي پر تنهن هوندي به هن ٻين سماجي ۽ معاشرتي مسئلن تي به اثرائتي انداز ۾ لکيو آهي. سندس محبت جي موضوع تي لکيل شاعري ۾ اوجاڳا اوسيئڙا، وڇوڙو، ميلاپ مطلب ته محبت ۾ ملندڙ سمورين خوشين توڙي پيڙائن جا منظر ملن ٿا.
    سجاد ميراڻيءَ هن وقت سنڌي ساعري ۾ مروج تقريبن سڀني صنفن ۾ لکيو آهيپر وائي ۽ غزل ۾ هن پنهنجي احساسن کي وڌيڪ اثرائتي انداز سان بيان ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جوانداز تمام سادو آهي. هن پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي شاعريءَ جو روپ ڏيڻ لاءِ تمام سادن ۽ سولن لفظن جي چونڊ ڪئي آهي. ۽ پنهنجي شاعريءَ وسيلي انتهائي سادي ۽ سولي نموني سان زندگيءَ کي سمجهيو ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    مون سجاد ميراڻيءَ جي نه صرف شاعريپر هن جي شخصيت کي به انتهائي ويجهڙائي کان پرکيو آهي. سندس شخصيت ۾ اُهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي سندس شاعريءَ ۾ نمايان نظر اچن ٿيون. سجاد ميراڻي شاعري توڙي شخصيت جي حوالي سان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.


    سميع ڪنڌر
    پريالوءِ


    "سجاد ميراڻي" هڪ اديب،شاعر

    پريالوءِ جي سرسبز سهڻي شهر سان واسطو رکندڙ نوجوان جذبن جو شاعر"سجاد ميراڻي" شاعريءَ جي ميدان (Poetic field) ۾پنهنجي انفرادي حيثيت رکي ٿو. سندس مُکَ تي مُرڪَ جيان شاعريءَ ۾ به من موهيندڙ ۽ معصوم رنگ سمايل آهن.
    "سجاد ميراڻي" سٺي ساعر هجڻ سان گڏ هڪ سٺو انسان به آهي. سندس آزاد سوچ هن کي اعليٰ شاعرن جي صف ۾ بيهاري ٿي ۽ پرينءَ جي ڀونءِ سان سندس اٽوٽ رشتو ڪَوِتا کي آڪاش گنگا جهڙو سُندر بڻائي ٿو.

    ڪي ايل "ڪندن"
    پرينءَ لوءِ


    "حساس جذبن جهڙو شاعر"

    شڪيل پريالويءَ جي شهر جي مٽيءَ سان تعلق رکندڙ حساس جذبن جهڙو حساس شاعر سجاد ميراڻي ڏات جي ڏيهه ۾ پنهنجي سوچن جو سنسار کڻي پهتو آهي. اُهي سوچون سندس سرتيءَ سُهڻي ڌرتيءَ جيان جرڪي رهيون آهن. جن جي مٿان سندس پيار جو گهاٽي وڻ جيان ڇانورو نظر اچي رهيو آهي. اُنهيءَ ڇانوري هيٺان پنهنجي زندگيءَ جي ورقن تي يادن جي قلم سان مدت کان وٺي لکندو رهيو آهي. پر ٿڪيو ناهي! پر ٿڪجي به ڇو؟ هُو ڪو لالک جو آرسي ته ناهي! هُو هڪ شاعر آهي. هُو هڪ حساس رکندڙ انسان آهي. مان کيس لڳ ڀڳ ٻن سالن کان سُڃاڻان ٿو. هُن ۾ اُهي سڀ ڳالهيون ۽ سڀ رنگ موجود آهن جيڪي هڪ سُٺي انسان ۽ سُٺي شاعر ۾ هجڻ گهُرجن. شاعريءَ جي حوالي سان هُن جيترو مُون کي متاثر ڪيو آهي. آءٌ ان جو بيان نٿو ڪري سگهان. هُن جي هرلفظ ۾هر سِٽ ۾ هر شعر ۾ هر غزل ۾ ڇا ته خوبصورتي ڇا ته رواني ڇا ته ڪشس آهي. جنهن جو مثال ئي نٿو ملي! سندس شاعريءَ مان دل کي ڇُهندڙ مَن کي موهيندڙ ڪُجهه سٽون چوڻ ڪيو اٿم. جيڪي هيٺ بيان ڪيان ٿو:

    موٽ مٺڙا وڃائجي نه وڃين
    پيهه آهي ته ڳاهجي نه وڃين
    ٻَرُ ڀلي تون مگر! حفاظت سان
    ه هوا ۾ وسائجي نه وڃين


    ڏاهپ کي ڏانوڻ
    هُوندا هن هر دور ۾
    هڪڙي سيتا ڪونه هُئي
    سيتا ۽ راوڻ
    هُوندا هن هر دور ۾

    انصاف ڪري سگهندين!
    دل صاف ڪري سگهندين!
    مان ڏوهه مڃان به کڻي
    تون معاف ڪري سگهندين!

    سجاد ميراڻي اُنهن حقيقت پرست شاعرن مان آهي. هن ڪڏهن به ڪوڙ آڏو پنهنجو ڪنڌ جهُڪائڻ سچ جي توهين سمجهي. زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کي پاڻيءَ وانگي جهاڳيندڙ هي شخص توڙي جو رات جي رستن وانگي تنها رهيو آهي. پر مايوس ناهي! ڇو ته تنهائي شاعر جي سهيلي هونديي آهي. جيڪا محبوب جيان بيوفا نه وفادر آهي. بيوفائن جي ديس ۾ وفائن جو راهي سجاد ميراڻي! پنهنجي منزل ماڻي چڪو آهي. سندس احساس شاعريءَ جو روح ٿي چُڪا آهن. سندس خيالن جي آڌار آسمان کي ڇُهي چُڪي آ. اِن کان وڌيڪ خُوش نصيب ٻيو ڪير ٿي سگهندو!

    جاويد پنهور
    خيرپور ميرس


    (سچ ۽ سونهن جو شيواڌاري) سجاد

    سائين سجاد ميراڻي منهنجو ننڍپڻ جو دوست ۽ استاد آهي. جنهن مونکي سنڌي ادب متعارف ڪرايو. سجاد کلڻو، سدائين پيار ورهائيندڙ سونهن جو متلاشي جتي سونهن ڏسندو ته ويهي رهندو جنهن جو سائين پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته:
    سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو!
    باقي شاعريءَ جي حوالي سان سائينءَ جيڪو سفر ڪيو آهي. اهو اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ اها آس آهي ته هي ڪتاب ادبي کيتر ۾ املهه رتن جي حيثيت ماڻي.



    ڪلياڻ ڪٽهڙا
    پريالوءِ


    پيار ۽ حق سچ جا گل ڇٽيندڙ شاعر "سجادميراڻي"

    جيئن ته روح مان ڦُٽل شاعري روح جي گهراين ۽ ان جي اُڻ تُڻ ٻيڙا ۽ فڪر جي ترجماني ڪندي آهي.سجاد ميراڻي جي شاعريءَ به گهڻي قدر اهڙن جذبن سان ڀرپور نظر اچي ٿي. سندس شخصيت مٺي ماٺيڻي خوش مزاج ۽ محبتي جذبن سان ڀرپور آهي جنهن کي منهنجي ڳالهه تي پتِ نه اچي ته اهو پريالوءِ ۾ وڃي سجاد ميراڻي سان ملي ۽ پڪ ڪري ۽ سندس شاعري ٻڌي ۽ پڙهي. جا به شيءِ جو به آواز،جا به ياد ، جيڪا به محبت، جيڪو به سڏ روح سان تعلق رکي ٿو اُهو هميشه دائم قائم رهي ٿو. مان ته ائين چوندس تهسجاد ميراڻيرڳو شاعر ن پر روحن ۾ رهندڙ ياد به ٿي سگهي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ پيار ۽ حق ۽ سچ جي ڳالهه ظاهرنظر اچي ٿي. سجاد ميراڻي مهمان نواز، محبتي ۽ حق ۽ سچ منهن تي چوڻ وارو ماڻهو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اساندوستن سان محفلن مشاعرن، گڏجاڻين ۾ اهڙيون ته حق ۽ سچ جون ڳالهيون ڪندو آهي جو موڳن جهڙن مزاحيه پسند ماڻهن جا وات پٽجي ويندا آهناهڙي طرح مزاج پروري ۽ محبت نوازيءَ جي ڪري سندس گهر جا ڀاتي به هن کي محبوب دوست سمجهندا آهن. مان سمجهان ٿو ته هن جي شعري ڪتاب کي ڏسي اسان دوستن سان گڏ سجاد جي گهر جا ڀاتي به تمام گهڻو خوش ٿيندا.

    مير صوبدار سعيد
    (خيرپور ميرس)


    سجاد! نواڻ جي هٻڪار آڇي ٿو

    سجاد ميراڻي هڪ اهڙو دل گهريو شاعر آهي. جنهن کي ڪنهن روايتي تعارف ۾ شايد نه آڻي سگهجي. سجاد جي شاعريءَ ۾ تجربنجي درد جي ڪوڙاڻ ڀريل آهي. ۽ سندس شاعري زماني جي درد جو ايڪس ري آهي. شاعريءَ کي سٽن ۾ اهڙو ته درد ٿو اوتي جو ريڊرس جو اکيون ڇُلڪي ٿيون پون. ۽ سندس هر سٽ اسان جي اندر ۾ تير وانگر کُپي ٿي وڃي ۽ اندران بي اختيار واهه واهه نڪري اچي.
    هي شارٽ ڪٽ جو ڳولائو نه پر هڪ مستقل ۽ سچي رستي جو راهي آهي، هڪ اهڙي واٽ جو مسافر آهي جتي پيار. بدران ڪنڊا ۽ ڪاوا عاشقن جا پير لهو لهان ٿا ڪن پر پوءِ به عاشق شاهه سائينءَ جي شعر جي سٽ.
    جن ريءَ سري نه ساهه،
    رتي رس نه تن کان
    جهڙي ڊگهي ۽ اذيتناڪ ڪيفيتن مان گذرن ٿا ۽ پنهنجي اندر جو زهر سٽن ۾ اوتي اهڙيون ته ميچوئر تخليقون سرجن ٿا جو دنيا دنگِ رهجي ٿي وڃي.!
    سجاد روايتي ورجاءُ بدران نواڻ جو قائل پئي رهيو آهي. ۽ ريڊرس کي پاروٿن خيالن بدران نواڻ جي هُٻڪارآڇي ٿي. جنهن جي ڪري هن جي شاعري پنهنجي هم سفرن ۾ هڪ اوچو مقام رکي ٿي.
    سجاد شاعريءَ ۾ڪڏهن به ڪمزور ۽ بي جان ڪافين جو سهارو نٿو وٺي بلڪه سگهارن ۽ ٺهڪندڙ ڪافين جي چونڊ ڪري ٿو. جيڪا هڪ سُٺي ۽ ميچوئر تخليقڪار جي اهم خوبي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پهاڙيءَ ندي جهڙي رواني آهي جيڪا ڪڏهن به رڪڻي ناهي......

    حسن شيخ
    مير علي بازار خيرپور


    سجاد ، شاهه لطف الله قادريءَ جي پيرن جي خاڪ

    سجاد ميراڻيءَ جو نانءُ شاعريءَ جي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ تي هڪ حيثيت رکي ٿو. سندس شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ۽ محسوس ٿيندو ته "پرين جي لوءِ" جو هي شاعر، شاهه لطف الله قادريءَ جو تسلسل ته نه. پر ان جي پيرن جي خاڪ ضرور آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جو نانءُ مون ان لئه کنيو جو هو به "پرين جي لوءِ" يني پريالوءِ جو شاعر هو. ۽ ان جون وايون ۽ بيت ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تمام اهم جاءِ والارن ٿا اهڙي طرح سجاد جي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    هونئن ته سجاد ميراڻي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ مزاحيهقسم جو ماڻهو آهي. جتي به هوندو اتي خوشيءَ کل هوندي. ائين به ناهي ته هو صرف مزاحيه ماڻهو هي.پر ان سان گڏ هڪ باهمت ۽ شعور ڏيندڙ ۽ دلجاءِ ڏيندڙ شاعر آهي. جيئن سندس هڪ وائي آهي ته :
    متان مرجهايو!
    ڳاڙها گل گلاب جا
    سجاد هن وائي ۾ هڪ بي باڪ بهادر جيان پنهنجي ساٿين کي دل ٻڌرائي ٿو ۽ چوي ٿو ته:
    مالهيءَ من ۾ ميرُ آ
    متان دل لاهيو
    ڳاڙها گل گلاب جا
    اياز هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته نوح جي ٻيڙي ۾ ڪوئي شاعر ضرور هو نه ته ايڏو عرصو جانور پکي ۽ انسان هڪ ٻيڙي ۾ گڏ رهي نه سگهن ها. مان صرف ايترو چوندس ته اهو شاعرسجاد جهڙو ضرور هوندو ته ٻيڙي ۾ ويٺلن کي شاعري ٻُڌائي دل ٻڌرائي همٿايو به هوندو.


    شڪيل پريالوي


    سچ، سونهن ۽ سنڌ جو شاعر سجاد

    سجاد ميراڻي سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪو نئون نانءُ ڪونهي، منهنجي ٽهيءَ جا شاعر جڏهن ادب جي الف ۽ شاعريءَ جي ش کان به واقف نه هئا تڏهن به سجاد جو ادبي دنيا ۾ وڏو ڏانءُ هو پريالوءِ جي مذهبي ماحول ۾ رهندي به سجاد انتهاپسندي ۽ دقيانوسي خيالن کان پري رهيو آهي توڙي جو هڪ مذهبي پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهندو آيو آهي پر ان جي باوجود به هن سنڌي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي، سجاد ميراڻي جي شهر پريالوءِ ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۾ جتي استاد بخاري، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تنوير عباسي، رسول بخش پليجو، تاج جويو، سرڪش سنڌي، نثار بزمي، سليم ڳاڙهوي، تاج بلوچ،تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، خاڪي جويو، محمد خان مجيدي، احمد خان مدهوش، نور احمد ميمڻ، انور پيرزادو، ادل سومرو، ايازگل،نثارکوکر۽ غلام رسول سهتو ۽ سنڌي ادب جون ٻيون کوڙ ساريون ناليورايون شخصيتون شريڪ ٿي چڪيون هجن ته ظاهر آهي ته اهڙين تقريبن ۽ محفلن جي ڪا گهٽ اهميت ڪانه هوندي ۽ اهوسجاد ميراڻيءَ جي شخصيت جوئي ڪمال آه. جنهن اهڙيون محفلون رچايون ۽ رچائيندو اچي ٿو.
    سجاد جون ادبي خدمتون پنهنجي جاءِ تي پر بنا وڌاءَ جي سجاد هڪ پختي ۽ ڀلوڙ شاعر جي طور به پاڻ کي سنڌ ۾ نمايان رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. سندس شاعري جي شروعات هن جي پنهنجي اڀيچند ۽ ڪنعيي جي حسن جي ساراهه سان شروع ٿئي ٿي. ۽ حقيقي سونهن ، سچ، سنڌ سان عشق تائين رسي ٿي. سجاد جي شاعريءَ مان سونهن، سچ ۽ سنڌ جو ذڪر ليئا پائيندي نظر اچي ٿو.
    سنڌ، سونهن ۽ سچ سجاد
    جتي ٽنهي جي ڳالهه هلي
    اتي تون ڀي اچ سجاد
    سجاد ميراڻي يارن جو يار، دوستي ۽ روين ۾ وٽس عمر جو ڪوبه فرق نه هجڻ ۽ ڪنهن به قسم جي وڏائيءَ کان مٿاهون هجڻ سجاد جون وڏيون خوبيون آهن.
    سجاد منهنجو پڳ مٽ يار آهي ۽ آءٌ سندس شاعريءَ جو مداح به آهيان.سندس شاعريءَ جي ڪتاب تي مان اسلام آباد کان پريالوءِ اچي سندس ماڙيءَ تي ويهي قلم ۽ ڪاغذ وٺي پنهنجي دل جون ڳالهيون لکيون اٿم شل سجاد کي پسند پون گڏوگڏ منهنجي دعا آهي ته سجاد جو قلم اڃا به وڌيڪ سگهه ماڻي.


    شاڪر سولنگي
    اسلام آباد
    20.9.2005


    "سجاد ميراڻي" سنڌي شاعريءَ جي سونهن آهي

    اسان جي محبتي ۽ کلڻي استاد سائين"سجاد ميراڻي" جي پيار جي پورهئي يعني پهرين شعري مجموعي" دلدار وڏي شيءِ آ" جي تاثراتي صفحن لاءِ مون ناچيز کي به لکڻ جو موقعو مليو آهي ۽ انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي، مون جڏهن ڪاڳرن جي ڪينواس تي سجاد جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪجهه سٽون لکڻ لاءِ پاڻ کي سوچن جي سمونڊ ۾ اڇلايان ٿو ته منهنجون سڀئي سوچون دنگ رهجي وڃن ٿيون. ڇو ته مون پنهنجي شاعراڻي زندگيءَ ۾ سجاد جي شخصيت ته شخصيت پر شاعري به هر موڙ تي پرفيڪٽ ڏٺي/ٻڌي آهي، ۽ منهنجو اهو عقيدو آهي ته مڪملشاعري اهو ئي ڪري لکي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي لفظن سان ڪميٽڊ هجي ۽ سجاد سڄڻ ته اهو سگهارو شاعر آهي. جنهن کي آءٌ ته سدائين "هر فن مولائي"سڏيندو آهيان۽ سڏڻ به گهرجي ڇاڪاڻ ته غزل هجن يا وايون، ٽيڙو، بيت، نظم،دوها، چوسٽا يا نعتونسجاد جنهن به صنف تي لکيو آهي سو خوب نه پر "خوب ترين" لکيو آهي ۽ هيءُ ته وري انهن شاعرن مان به هرگز ناهي جيڪي ڪوڙيون يا سستيون شُهرتون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ تي رسالن جا ڪارنر شايع ڪرائيندا آهن يا وري پنهنجي کيسي مان ڏوڪڙ خرچ ڪري پاڻ سان رهاڻيون رچرائيندا آهن ۽ هڪڙو اعتراف اڃان ڪندو هلان ته هيءُ ريل بوگو ٽائيپ شعر لکڻ کان وڌيڪ ترجيح هڪ معياري سٽ سرجڻ کي ڏيندو آهي.تنهن ڪري هتي اهو خيال آسانيءَ سان پيش ڪري سگهجي ٿو ته سجاد ميراڻي جو هيءُ ڪوتا جو ڪتاب" دلدار وڏي شيءِ آ"سنڌي ساعرتيءَ جي تاريخ ۾ هڪ خاص جڳهه ضرور والاريندو. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ جيڪا به شاعري شامل آهي سا شاعري پيار جي پکين جهڙي بلڪل نرم، نازڪ ۽ ڪنهن ڪنواري جسم جيان گرم آهي. تنهنڪري هيءُ ڪتاب پاڻ به پڙهو ۽ پنهنجي درياءَ پار رهندڙ "روحن" ڏانهن به موڪليو گفٽ طور..........!!!!


    روشن شيخ
    ڪوٽ پل


    سجاد جي شاعريءَ ۾ حاجي احمد ملاح جهڙي شاعريءَ جا رنگ

    خبر ناهي سجاد ميراڻي پاڻ کي سنڌ جي چند "لبرل مُلن" ۾ شمار ڪري ٿو يانه پر مون کي هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته جيڪڏهن توهان کي اڄ جي دور جي ڪنهن متوازن شخصيت سان ملڻو آهي ته پوءِ سجاد سان ضرور ملو. پنهنجي شاعري، دوستي، سڀاءَ ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ مذهب ۽ عشق جو امتزاج رکندڙ سجاد اسان جي پريالوءِ جو اهو شاعر آهي جنهن جي نعت ۽ حمد ۾ توڙي وائي، نظم ۽ گيت ۽ غزل ۾ هڪ جهڙي نواڻ، پختگي ۽ هم آهنگي ملندي. مون کي سندس شاعري ۾ حاجي احمد ملاح واري ورائٽي هميشه نظر ايندي رهي آهي.مزي جي ڳالهه اها آهي ته جنهن فنيProcess مان گذري سجاد شاعر بڻيو ان کي ڏسي سندس شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ جي حوالي سان به حاجي احمد ملاح وارا رنگ نمايان نظر ايندا آهن. مون جنهن توازن جي ڳالهه ڪئي اهو صرف شخصي نه پر نظرياتي به آهي. سجاد جي مذهب ۽ عشق ۾ ڪڏهن به نظرياتي ٽڪراءُ نه ٿيو آهي. ۽ هو فيض جي ان نظم جي ابتڙ آهي ته
    کبھی عشق کام کے آڑے آتارہا
    کبھی کام سے عشق الجھتا رہا
    هو ڪم ۽ عشق کي گڏوگڏ هلائي ٿو ۽ ٻنهي مان ڪنهن کي به تنگ ٿياڌورو نه ٿو ڇڏي.سجاد جي ماڙي/اوطاق پڻ هميسه ان توازن جو ڏيک ڏيندي آهي ته اتي ايندڙ مهمان پڻ ان ڳالهه جي شاهدي هوندا آهن ان جي مهمانن ۾ "تاجل بيوس" کان مولانا خالد محمود سومرو تائين ۽ سرمد سنڌي ۽ نور احمد ميمڻ کان وٺي بلوچستان ۾ جي يو آءِ جي وزيرن تائين مختلف پس منظر وارا ماڻهو هميشه نظر ايندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف نظرين ۽ خيالن وارن ماڻهن کي گڏ ويهڻ جو موقعو به سجاد جي ماڙيءَ تي ملي ويندو آهي. پريالوءِ سنڌ جي انهن گهڻن شهرن مان هڪ آهيجتي هندو،مسلم ڀائيچارو مثالي حد تائين موجود آهي ۽ ان مثالي ڀائيچاري جا ڪجهه اولڙا به سجاد جي ماڙيءَ يا ماڙيءَ کان ٻاهر سندس پنهجن ٺڪاڻن تي نظرايندا آهن. پريالوءِ ۾ سندس ذاتي واسطن جو اهو حال آهي جو اسڪول يا ماڙيءَ کان گهر پهچڻ تائين کيس هڪ ڪلاڪ لڳي ويندو آهي ۽ هو ان دير جو ازالو وري تيز تيز گهمي ڪندو آهي.
    هنن سڀني ڳالهين جي آخر ۾ آئون هڪ ڳالهه ضرور ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي شهر ۾ علم، ادب، شاعري ۽ ادبي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ توڙي ادبي دنيا ۾ نون ايندڙن لاءِ پڻ سجاد جو ڪردار نهايت شاندار آهي. پريالوءِ ۾ مون جهڙن ڪيترن ئي سِکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن يا ادب دوستن لاءِ سجاد کان ڌاڳو يا ڳانو ٻڌرائڻ اڄ به فرض آهي.

    نياز نديم
    اسلام آباد


    ها !پياروڏي شيءِ آ

    سائين سجاد ميراڻي جيئن ته منهنجو مامو آهي جنهن جي شخصيت ، فن ۽ فڪر تي ڪجهه لکڻ مان پنهنجو فرض ٿو سمجهان ڇو ته مان ، ماما سائينءَ کان شاعريءَ جون Tips وٺندو رهندو آهيان.
    جيئن ته شاعري وارو گسُ هڪ اهڙو گسُ جنهن تي هلڻ سان دل جون تارون ردم ۽ ترنم سان وڄڻ لڳن ٿيون.سو سائين سجاد جي ساعريءَ ۾ اهڙو ردم ۽ ترنم موجود آهي جنهن جي شاعري ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان ماڻهو جهومي پئي ٿو.
    سجاد ميراڻي جي ساعريءَ ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچ جا آلاپ سمايل آهن. پيار سندس شاعريءَ جو گهڻو تڻو موضوع رهيو آهي جيئن سندس شعر آهي ته:
    دلدار وڏي شيءِ آ
    ها پيار وڏي شيءِ آ
    ماڻهو ته مٽيءَ جو آ
    ڪردار وڏي شيءِ آ

    سجاد جيئن ته پيار کي سڀ ڪجهه سمجهندو آهي انڪري هن جا ڪيترائي مخلص دوست آهن. ڌڻيءَ در دعا آهي ته سنڌ، سچ ۽ سونهن تي لکندو رهي ۽ پيار کي ورهائيندو رهي.

    معصوم ميراڻي
    پريالوءِ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267793
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388004
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ