ڪتاب جو نالو: سچا ڪوڙا رشتا
مصنف: منظور ڪوهيار
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 03 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 585 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 436 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”سچا ڪوڙا رشتا “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي.پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت به کيس حقيقي حسن بخشي ٿي. ڪلاسيڪل افساني جي اها صورت اسان کي منظور ڪوهيار جي افسانن ۾ با ضابطه طور تي نظر اچي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مھاڳ ۽ رايا

  • 1.1 ‘ڪلا سڪ’ جي درجي تي پھتل ڪھاڻيون
  • 1.2 ساڌ ڪھاڻي ڪافر ڪھاڻي جي ڍنگ جي
  • 1.3 اعتراف
  • 1.4 لکت ۾ محنت جو قائل اديب
  • 1.5 روايتي ۽ جديد ڪهاڻي
  • 1.6 A writer of an individual identity
  • 1.7 Kohyar, the storyteller
  • ڪلاسيڪل ڪھاڻيون

  • 2.1 مال غنيمت
  • 2.2 سچا ڪوڙا رشتا
  • 2.3 ساڌُ
  • 2.4 فليگ آف آنر
  • 2.5 ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ
  • 2.6 ٽيون سبب
  • 2.7 سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي
  • 2.8 ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون
  • صوفي ڪھاڻيون

  • 3.1 ۽ شهر اونڌو ٿي ويو ....
  • 3.2 اصلي چهرا
  • 3.3 جاگيردار صوفي
  • 3.4 سزا ڏيندڙ منصف
  • 3.5 اسرارِ خودي
  • 3.6 رَمــلُ
  • 3.7 ٻه انا پرست
  • 3.8 معاف ڪندڙ
  • 3.9 ناشڪُرو
  • گرو چيلو ڪھاڻيون

  • 4.1 بکيو
  • 4.2 روشنيءَ جو انڌو
  • 4.3 تون ۽ مان
  • 4.4 لانگ بوٽ وارو
  • 4.5 جنت ارضي
  • 4.6 اکيو ن ٻوٽ ته ملڪ ئي ميدان
  • 4.7 جڳ جھڙا
  • 4.8 حق
  • 4.9 ادبي ڪچهري ۽ عقلِ ڪل
  • 4.10 ردي ڪتابچو
  • 4.11 ساڳيو ئي تئو
  • 4.12 ڏُکي ڪهاڻي
  • 4.13 ڊاڪٽريٽ
  • 4.14 گونگو
  • 4.15 سمجھه
  • 4.16 سازش
  • 4.17 نه کٽندڙ وسيلا
  • 4.18 سياست
  • 4.19 اُداسي
  • 4.20 ڊگري يافته گڏهه
  • 4.21 چور جي تلاش
  • 4.22 نئين حڪمت عملي
  • 4.23 شوبز جو ماڻهو
  • 4.24 جدوجھد
  • 4.25 نحوست

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (216) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”سچا ڪوڙا رشتا “ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
    افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي.پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت به کيس حقيقي حسن بخشي ٿي. ڪلاسيڪل افساني جي اها صورت اسان کي منظور ڪوهيار جي افسانن ۾ با ضابطه طور تي نظر اچي ٿي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون انجنيئر عبد الوهاب سهتي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مھاڳ ۽ رايا

    1.1 ‘ڪلا سڪ’ جي درجي تي پھتل ڪھاڻيون

    سنڌ جي ادبي ڦلواڙيءَ ۾ سنڌي ڪھاڻي مني صديءَ کان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي پئي اچي. سوين ڪھاڻيون ڪتابن جا ورق سينگاريون بيٺيون آھن. پر ايمانداريءَ سان ۽ وڏي ڳڻ ڳوت ڪري جڏھن اعليٰ معيار جي ڪھاڻين جي چونڊ ڪبي ته ھروڀرو ھنڀوڇيون ھڻڻ جي ضروت پيش نه ايندي.
    اِن ڊ گھي سفر ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪجهه نالن ۾ جڏھن کان منظور ڪوھيار جو نالو شامل ٿيو آھي ته سچ پچ ايئن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ محسوس نٿو ٿيئي، ته ھن سنڌي ٻوليءَ جي ڪھاڻيءَ کي مٿي وٺي وڃڻ ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن جو مظاھرو ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آھي.
    سندس ڪھاڻين جي ڪتاب ‘سچا ڪوڙا رشتا’ جو جڏھن جائزو وٺجي ٿو، ته انساني سماج ۾ ٿيندڙ انتھائي قسم جي بي حسي جي پت وائکي ٿئي ٿي. ٻي ڪھاڻي ‘مال غنيمت’ به ڏوھاري ماڻھن جي ذھنيت جي ھڪ ڀرپور عڪاسي آھي. جيڪا اسانجي ٻھراڙين، خاص ڪري اتر سنڌ ۾ ڪچي واري علائقي ۾ ھڪ درد جو داستان آھي. ‘ٽيون سبب’ ڪھاڻي، اسان جي روايتي مذھبپڻي جي قلعي لاھي، ان جي داغدار چھري کي نه صرف ظاھر ڪري ٿي.پر اِھو به احساس ڏياري ٿي ته غير فطرتي انداز ڪئين نه ابتا نتيجا ڪڍن ٿا.
    چوٿين ڪھاڻي ‘ساڌ’ جيڪا اوڏن جي سماجي بيھڪ بابت آھي ۽ ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي آھي، جنھن کي ساڌ ٿيڻ تي پڇتاءُ آھي، پر پوءِ به ھو ‘ساڌ’ جي ڀرم کي رکيون اچي ٿو، پر پنهـنجي پٽ کي ساڌ ڪرڻ نٿو گھري، ڇو ته سندس نظر ۾ اڄ ڪلهه ساڌن جو وقت ڪونھـي.
    ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ڀرپور سنجيدگيءَ سان ڪيل طنز ۽ مقصد آھي، ته ڪو ماڻھو جڏھن سچائي جي راهه تي اچي ٿو ته سندس گھر وارا به کانئس رُسي ٿا وڃن. جيڪو اسان جي اڄوڪي سماج جو الميو آھي. ھن ڪھاڻي جي ٽين خوبي اِھا آھي ته اوڏن جي ثقافت کي اھڙي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آھي، ڄڻ منظور اُن ڪميونٽي جو فرد ھجي. ان حوالي سان ھيءَ ڪھاڻي ثقافتي نموني جي حوالي سان اعليٰ درجي جي حيثيت رکي ٿي. اھڙيءَ طرح سندس ٻيون ڪھاڻيون ‘راجڪرتهه’، ‘ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون’، ‘سچي ۽ لاجواب ڪھاڻي’، ‘فليگ آف آنر’، ‘ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ’ ۽ ننڍڙين مختصر ڪھاڻين ۾ به تمام گھڻا سماجي منظر ۽ مقصد سمايل آھن.
    مجموعي طور تي منظور ڪوھيار جي ڪھاڻين جي وڏي خوبي اِھا آھي ته ڪھاڻين جا ڪردار جيترو تفصيل گھرن ٿا، منظور اُنھن کي اوترو وڌائي ٿو. اِن ڪري ھو مختصر ترين ڪھاڻيون به لکي ٿو ته طويل به ....
    منظور ڪوھيار جي ڪيترين ڪھاڻين جي روح ۾ لھي جيڪڏھن گھرائي سان ڇيد ڪجي ته خبر پوندي ته سندس ڪيتريون ڪھاڻيون ‘ڪلاسڪ’ جي درجي کي پھتل نظر اچن ٿيون، جن تي وقت جي ڌوڙ ۽ دز ڄمي نٿي سگھي.

    محمد علي پٺاڻ


    1.2 ساڌ ڪھاڻي ڪافر ڪھاڻي جي ڍنگ جي

    ‘روح رھا ڻ’ ۾ ڇپيل منظو ر ڪوھيار جي ڪھاڻي ‘ساڌ’ نسيم کرل جي ڪھاڻي ‘ڪافر’ جي ڍنگ واري لڳي. اوڏن جي سماجي ۽ مذھبي زندگي، سندن ٻوليءَ، گفتگو، رھڻي ڪھڻي، ريت مرجات ۽ مذھبي ريتن رسمن جي عڪاسي نھـايت جاندار ۽ اثرائتي نموني ڪيل آھي. ڪھاڻي جا ڪردارجيئرا جاڳندا ۽ زوردار آھن. اھڙيون ڪھاڻيون اڄ ڪلهه گھٽ پيون ڇپجن.

    رسول بخش پليجو


    1.3 اعتراف

    عيسائين ۾ ھڪڙو رواج آھي ته جيڪڏھن ڪنھـن کان گناھ سرزد ٿي ويندو آھي ته اھو ‘فادر’ وٽ وڃي، پنهنجي گناھ جو ‘اعتراف’ ڪندو آھي. جيڪڏھن محبت ڪرڻ گناھ آھي ته اعتراف ٿو ڪريان ته آءٌ منظور ڪوھيار سان سندس ڪھاڻين جي ڪري محبت ڪندو آھيان. مونکي منظور جون ڪھاڻيون ڏاڍيون وڻنديون آھن. مون جڏھن به سندس ڪھاڻيون پڙھيون يا ٻڌيون ته محسوس ڪيم ته منجھس ذھانت، ادراڪ ۽ مطالعو آھي. سمجھندو ھيس ته اڳتي ھلي ھو ڪھاڻين جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ ھڪ اھم جاءِ ولاريندو. سندس مشاھدو ۽ ٻولي ته مون کي خمار ڏيئي ڇڏيندا آھن.
    جڏھن به اسان عام طرح ڪھاڻيءَ تي غور ڪندا آھيون ته رواجي طور تي اھو سوچيندا آھيون ته منجھس پلاٽ ھجڻ گھرجي، ڪردار ھجڻ گھرجن، گفتگو ھجڻ گھرجي، صاف سٿري ٻولي ھجڻ گھرجي ۽ مقصد ھجڻ گھرجي. پر ڪن جي خيال ۾ پلاٽ ۽ ڊائلاگ جي به ضرورت ناھي، پر ڪھاڻي ۾ ڪھاڻي-پڻو ۽ مقصد ھجڻ گھرجي. ڪي چون ٿا ته ڪھاڻي زندگيءَ جي ويجھو ھجي يا ان جو حصو ھجي، ان ڪري ڪھاڻيءَ جي مختلف وصفن جي تحت مختلف اندازن ۾ ڪھاڻيون لکيون ويون آھن. منھنجي خيال ۾ بنيادي ڳالهه اھا آھي، جيڪا پڙھندڙن کي ساڻ وٺي ھلي ۽ مٿانئن ھڪ طاقتور اثر ڇڏي. جيڪڏھن ڪھاڻي پڙھندڙن کي ساڻ کنيون ھلي ٿي ۽ اثر ڇڏي ٿي ته ڪھاڻيڪار ڪامياب، نه ته ناڪام. ڪھاڻي جيڪا اثر انگيز ھوندي، اھا ئي ياد رھندي. باقي نه ته ذھن جي پٽي تان ميسارجي ويندي. اوھان دنيا جي وڏن وڏن ڪھاڻيڪارن کي پڙھيو ھوندو، پر سندن اھي ڪھاڻيون ياد رھيون ھونديون، جن اوھان تي اثر ڇڏيو ھوندو ۽ سٺي ڪھاڻيءَ جي اھا ئي ڪسوٽي آھي ته ڀرپور تاثر ڏئي ۽ حافظي ۾ رھي.
    منظور جون سڀئي ڪھاڻيون، کڻي نه چوان، پر گھڻيون ڪھاڻيون پڙھندڙ يا ٻڌندڙ کي ساڻ ڪيون ھلن ٿيون ۽ آخر ۾ ھڪ ڀرپور تاثر ڇڏين ٿيون.
    ‘ساڌ’ ڪھاڻي جنھـن تي ڪيترن ٻين دوستن به لکيو آھي، سچ اھو آھي ته اھا ڪھاڻي، سنڌي ادب جي سٺين ڪھاڻين منجھان ھڪ آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾، اوڏ ڪميونٽي تي گھري نظر وجھندي، ھڪ ننڍڙي واقعي کي کڻي ‘نيڪي ۽ بدي’ جي فلسفي کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ اھو به ٻڌايل آھي ته چڱو مڙس ٿيڻ آسان ناھي، جي ٿجي ته پوءِ ٿي ڏيکارجي. ھن ڪھاڻيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي ان جو ماحول آھي، جيڪو ليکڪ فنائتي نموني چٽيو آھي. منظر نگاري، ڪردار نگاري به پنهنجي فطري وھڪ ۾ ھن ڪھاڻيءَ اندر نظر اچي ٿي. ٻولي ۽ تشبيھون ڪھاڻيءَ جي حسن کي ويتر وڌائين ٿيون.

    اياز قادري


    1.4 لکت ۾ محنت جو قائل اديب

    افساني کي ‘ننڍي ڪھاڻي’ سڏيو وڃي ٿو. علم و ادب جي دنيا ۾ ان جي اھا ئي سڃاڻپ آھي. ‘ننڍي ڪھاڻي’ نالي پوڻ سان کيس ڪو فائدو پھچي يا نه، کيس ھڪ نقصان ضرور پھتو آھي، گھڻا ماڻھو ‘ننڍي ڪھاڻي’ سمجھي ان صنف جي ادبي حيثيت کي پڻ گھٽ وقت ڏيڻ جا روادار ٿيا آھن.
    ناول بيشڪ ادب جي ھڪ تابندهه صنف آھي، جنھن پنھنجي اندر پنھان سچائين ۽ ان سان لاڳو ٻين سببن ڪري دنيا ۾ لامحدود حيثيت ماڻي آھي. اڄوڪي دنيا جي معتبر ناول نگارن جي وقار جو مک سبب انھن جي حقيقت نگاري جي بي انتھا قوت آھي، اھوئي سبب آھي ته ناول جي ان ھڪڙي خصوصيت ان کي ‘حيران ڪندڙ’ حيثيت ڏياري ھئي. ناول جي معجزاتي تاثر سبب اھو داستان، قصي ۽ ڪٿا کان عليحدھ ۽ ارفع ھڪ شيءِ سمجھي وئي. ان ڪري ئي ان جو نالو ‘نئين ۽ انوکي شيءِ’ (ناول) پئجي ويو.
    ائين جديد ادب جو ڏاڏو پيدا ٿي پيو، پر جئين روايت آھي ته ڏاڏو گھڻو وقت اڪيلو نه رھيو. ان جي کٻي پاسراٽيءَ مان ڏاڏي حوا افساني جي صورت ۾ پڻ تخليق ٿي.
    افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي، پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت ئي کيس سندس حقيقي حسن بخشي ٿي.
    ڪلاسيڪل افساني جي اھا صورت اسان کي منظور ڪوھيار جي افسانن ۾ باضابطا طور تي نظر اچي ٿي. اڄوڪي سنڌي افساني ۾ ھونئن ته منظر نگاري جي حوالي سان معياري نثر جي کوٽ ھرگز ناھي پر اھڙا ڪي چند افسانا ھوندا جن ۾ بيان ۽ ڪلام، ٺيٺ مقامي ۽ لاڳاپيل محاوري ۾ ادا ٿيل ھجن.
    افساني جي زبان ته سنئين سڌي سنڌي چئبي پر ھر جڳھـ ۽ ھر پاسي جي ٻولي ۾ فرق ملي ٿو. ڳالھائڻ ۾، ادائگي ۾ ته فرق آھي ئي پر معنائن ۽ مفھومن جو ڦيرو مزيدار آھي. ھر ھنر جو وکر پنھنجو، ھر ڪرت جو استعارو جداگانه ۽ ھر شريعت ۽ طريقت جو محاورو يگانا آھي. جڏھن ڪھاڻي ڪنھن ھڪ ماحول ۾ سرجي ٿي ته ان جي ٻولي پڻ ان ماحول مان ئي ھئڻ گھربي آھي.
    ڪوھيار جي اھا قابليت آھي ته ھن ھر ماحول کي موزون زبان سان ادا ڪيو آھي. جڏھن اوڏن جي وسندي ۾ ڪنھن واقعي جنم ورتو آھي ته انھن جي سماج جي ھڪ مڪمل تصوير اکين آڏو اچي وڃي ٿي، اڳ ۾ به اسان وٽ اوڏ چند افسانن جو موضوع بڻيا آھن، پر لاڳاپيل ٻولي نه ھئڻ ڪري ۽ ماحول جي حقيقي تصوير ڪشي نه ٿيڻ سبب سندن سماجي تعلق ۽ عمومي اٿا-ويٺي مڙئي اکين کان اوجھل رھي آھي.
    ‘ساڌ’ انھن سڀني پراڻن مثالن کان جدا ھڪ اھڙي ڪوشش آھي جنھن جي پڙھڻ سان اھڙي ڪا به تشنگي نٿي رھي. اوڏن جو اٿڻ ۽ ويھڻ،کائڻ ۽ پيئڻ، سنئوڻ ۽ وسوسا، مطلب ته سندن سماج جي پوري تصوير، افساني جي پسمنظر ۾ موجود رھي ٿي ۽ انھيءَ ‘حقيقي فريم ورڪ’ ۾ ڪھاڻي پلجي وڏي ٿئي ٿي ۽ پنھنجو جوڀن ڏيکاري ٿي. حقيقت نگاري جو اھو اعليٰ مثال ھڪ اعليٰ افساني ۾ ڪيئن ٿو ڍلجي اھو ھڪ جداگانه ڪمال آھي.
    ھت اسان وٽ خود افساني ۾ رومانويت جا ٻه ٽچڪا کاڌل (دوآتشا) موجود آھن ۽ اھو به سوڍي جي پنھنجي ذات ۾ .... اديب جيئن ته سماجي نفسيات کي ھڪ علم طور پڙھندا آھن، ان ڪري اڪثر انھن جي نظرن آڏو اھا حقيقت پنھنجن مختلف روپن ۾ بيٺل ھوندي آھي، پنھنجي ان مشاھدي کي عام تائين پھچائڻ لاءِ، اُھي پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آھن.
    جنسي حوالي سان روا بندشون، عام صحتمند رجحانن جي پيداوار ۾ رڪاوٽ آھن، نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ‘غير معمولي افعالن’ جو ذڪر ڪيترن افسانن جو موضوع رھيو آھي. ‘ٽيون سبب’ ان موضوع تي ھڪ ڀرپور افسانو آھي، جنھن جي بي انتھا حقيقي سيٽ تي، جيئري جاڳندي زندگي ۾، اسان جي اکين آڏو جڏھن اھو کيڏ کيڏيو ويو ته نه صرف غير صحتمند جنسي رجحانن جي خمير جي خبر پئي بلڪ يقين به ٿي ويو ته اصلاح لاءِ اسان اڃا تائين ڪو جوڳو انتظام ڪرڻ لائق به ناھيون.
    ان افساني جي ٻولي، ماحول جي ڪيفيت کي وڏي سولائيءَ سان سمجھڻ لائق بڻائي ٿي. ‘جھان گمگشته’ جي ھڪ صورت اکين آڏو اچي ٿي. اڄوڪي پڙھيلن لاءِ مدرسو ھڪ نئين ڳالهه آھي پر ڪوھيار مدرسي جي ماحول ۽ ان جي شب و روز جو ذڪر نفيس مزاح سان جنھن رواني سان ڪري ٿو اھا سندس ھنر ۽ علم جو ڌاڪو ويھارڻ لاءِ ڪافي آھي.
    منظور ڪوھيار پاڻ تعليم ۽ ڪرت جي لحاظ کان سماجي علم جو ماھر چئجي. ھن يونيورسٽي ۾ ۽ عام زندگي ۾ ھميشه سماج جو مطالعو جاري رکيو. ھن فرد جي عمل کي سماجي روين جي ڪسوٽي تي پرکيو آھي ۽ سماجي چرخي کي فرد جي ٻل تي ڦرندي جاچيو آھي. ھو سماجيات جي ماھرن جي نظرن کي ماڻھن جي لوڌ ۾ ڳولھي ڪڍي ٿو. اھڙيءَ طرح ھن جون ادبي ڪاوشون پڙھندڙن کي گھري نظر عطا ڪن ٿيون. لکت ۾ محنت جو قائل ھي اديب، ادب کي امير ۽ ٻوليءَ کي سرھو ڪندو نظر اچي ٿو. اميد ته ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ سان سندس ويجھڙائپ اسان جي ٻولي کي روايتي رستن کان ٻھراڙي جي انيڪ پيچرن تي وٺي ويندي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪرت ۽ احساس جي ترجماني جو ھڪ نئون بندوبست ممڪن ٿي ويندو.

    ڪليم لاشاري


    1.5 روايتي ۽ جديد ڪهاڻي

    اسان وٽ روايتي ڪهاڻي ۽ جديد ڪهاڻيءَ جو جڏهن بحث ٿيندو آهي ته، ايئن لڳندو آهي ڄڻ روايتي ڪهاڻي ۽ جديد ڪهاڻي، فني ۽ خيال آرائيءَ جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ يا مخالف آهن. وري جڏهن اسان وٽ ڪهاڻي ۽ افساني تي بحث ٿيندو آهي ته به ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪو زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.
    جڏهن ته ائين ناهي. تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ معاشرت جي تسلسل جو نالو روايت آهي. روايت ڪا جامد شيءِ ناهي، پر زندگيءَ جو هڪ اهڙو تخليقي سلسلو آهي، جيڪو هڪ نسل کان ٻي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي ٿو.
    ادبي اصطلاح جي حوالي سان به روايتي نظم ۽ نثر پنهنجي ڪلاسيڪل هيئت ۽ حيثيت جي حوالي سان هڪ اهڙو ادبي ورثو آهي، جيڪا اسان جي ادبي عمارت جي پڪي پيڙهه جيان جدت يا تجربي کي روايت جي مخالف سمجھيو ويندو آهي. اڄ جو روايتي انداز، ماضيءَ جو تجربو ته آهي، جنهن کي اسان جدت سڏيون ٿا.
    اِن ڪري روايت جي روايت کي برقرار رکڻ هڪ سُٺي روايت آهي ۽ جيڪو اديب ادب جي روايت کان ڀلي ڀت واقفڪار هوندو آهي، اُهو ئي ادب کي نوان لاڙا ۽ نوان انداز ۽ تجربا ڪري ڏئي سگھندو.
    ڪهاڻيءَ جي لکت جي حوالي سان، جيڪو اسان وٽ تاريخي ثبوت آهي، سا آهي مصري ڪهاڻي ‘ٻڏل ٻيڙو’ ــ جيڪا چار هزار هڪ سئو سترنهن ورهيه پراڻي پاپائرس (مصر جي نيل نديءَ جي ڀر ۾ ٿيندڙ گاهه مان ٺهندڙ ڪاغذ) تي لکيل آهي.
    جيڪڏهن فني نقطئه نگاهه کان اُن تي نظر ڊوڙائبي ته اندازو ٿيندو ته ڄڻ هيءَ ڪهاڻي ‘هومر’ جي تصنيف ‘اوڊيسي’ يا ‘سند باد جھازي’ جو بنياد آهي. اهڙيءَ طرح ‘هيلن آف ٽراءِ’ ۽ ‘سنڊريلا’ جھڙيون ڪيئي ڪهاڻيون مصر ۾ هلندڙ هيون، جيڪي پوءِ تراشجي کراشجي نئين اداز ۾ لکيون ويون. هم-جنسيت جي حوالي سان به پهرين ڪهاڻي مصر مان هٿ آئي، جيڪا به اندازن چار هزار سال پراڻي آهي، جيڪا فرعون ‘نفرڪارا’ ۽ ‘جنرل سس نت’ جي جنسي تعلقاتن متعلق آهي. ‘خوش بيان هاري’ به اندازن پوڻا چار هزار سال پراڻي لکيل آهي، جنهن ۾ ‘شور’ جي واديءَ ۾ هڪ هاري رهندو هيو. اُهو پنهنجو اَن گڏهه تي کڻي جڏهن شهر وڃي ٿو ته هڪ سرڪاري ملازم هاريءَ جي گڏھ تي اَن سوڌو قبضو ڪري ٿو ۽ هاري اُن جي خلاف جڏهن سرڪاري آفيسر يا منتظم اعليٰ کي دانهن ڏئي ٿو ته هو ٻڌي اڻ ٻڌي ڪرڻ لڳي ٿو. اُن تي هاري ڪڏهن کيس ايلاز مصاف ڪري ٿو، ڪڏهن کيس ديوتائن کان ڊيڄاري ٿو ته ڪڏهن کيس کريون ٻڌائي ٿو ــ هيءَ ڪهاڻي جھڙوڪر اشتراڪي ادب جو بنياد آهي. هيءَ ڪهاڻي خوبصورت زبان ۽ جديد جذبن ۽ تصورن جو اظهار آهي. ان جا ڪجهه جملا هتي به پيش ڪجن ٿا، ته جيئن پڙهندڙ به حظ حاصل ڪري سگھن.
    هاري (رنسي) فرياد ڪندي چوي ٿو:
    ‘اي منتظم اعلي ....! منهنجا آقا ....!
    تون پنهنجي درٻارين سان گڏ آسمان تي فرمان روا (سورج ديوتا) وانگر آهين. تمام ماڻهن جي ضرورت تون پوري ڪرين ٿو. تون ڪچو ٻوڙيندڙ آهين. تون هاپي (درياهه نيل جو ديوتا) جيان آهيان، جيڪو چراگاهن کي سرسبز ڪندو آهي. ويرانن کي آباد ڪندو آهي. مهرباني ڪري رهزنن جو سد باب ڪر، غريب ماڻهن جي حفاظت ڪر. فريادي کي نه لوڙهه. موت کان پوءِ ايندڙ زندگيءَ کي ڌيان ۾ رک. طويل زندگيءَ جي تمنا رک. جئين چوڻي آهي ته انصاف ڪرڻ، نڪ مان ساهه کڻڻ مثل آهي.’
    پر جڏهن ساڻس انصاف نٿو ٿيئي ته کيس کتيون ٻڌائي ٿو:
    ‘اي منتظم اعلي ....! منهنجا آقا ....!
    ماڻهو حرص جي ڪري اونڌي منهن ڪرندا آهن. لالچي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا. انهن کي صرف ناڪامي ئي نصيب ۾ ملندي آهي. سچ چوانءِ ته تون وڏو لالچي آهين. ليڪن توکي ان لالچ مان ڪو فائدو حاصل نه ٿيندو. تون لٽيرو آهين ...! مگر اهو ڪم تنهنجي لاءِ سود مند ناهي ... جيڪو اڄ معزز آهي، اُهو سڀاڻي مفلسيءَ جو شڪار ٿي سگھي ٿو. ڏس، آءٌ فرياد ڪيان ٿو، پر تون ڪجهه ٻڌين ئي نٿو. هاڻي مان هليو ويندس ۽ اُپنو (موت جي ديوتا) وٽ وڃي فرياد ڪندس. بس تنهنجو منهنجو فيصلو اُهو ئي ڪندو.’
    جڏهن هاري ٻاهر وڃي ٿو ته منتظم اعليٰ کي ڀئو ٿئي ٿو اُهو آخر ڪار کيس اَن سوڌو گڏهه واپس ڪرائي ٿو.
    سعادت حسن منٽو نئين ادب جي حوالي سان جيڪا ڳالهه پنهنجي افسانن جي ڳٽڪي ‘لذتِ سنگ’ جي مهاڳ ۾ ‘ڪسوٽي’ جي عنوان سان لکي آهي. سا نئين ادب جي تشريح پنهنجي دلچسپ انداز ۾ هن ريت ڪئي آهي.
    ‘هي زمانو نون سورن ۽ نون دردن جو زمانو آهي. هڪ نئون دور، پراڻي دور جي پيٽ کي چيري ڦاڙي ٻاهر نڪري ٿو. پراڻو دور موت جي صدمي کان روئي ٿو، نئون دور زندگيءَ جي خوشيءَ وچان رڙيون ڪري ٿو. ٻنهي جون نڙيون ڀريل آهن. ٻنهي جون اکيون نمناڪ آهي. اُنهيءَ ڀريل نڙين ۽ نمناڪ اکين ۾ پنهنجو قلم ٻوڙي لکڻ وارو لکي ٿو. نئون ادب ....؟ زبان اُها ئي آهي، صرف لهجو بدليو آهي. در اصل ان بدليل لهجي جو نالو نئون ادب، ترقي پسند ادب، فحش ادب يا مزور پرست ادب آهي.’
    روايتي ڪهاڻيءَ جي استادن جو چوڻ آهي ته، روايتي ڪهاڻيءَ لاءِ ضروري آهي، ته اُن ۾ ستن عنصرن ‘پڪڊوطما’ جو هجڻ ضروري آهي. يعني ‘پ’ مان مراد ‘پلاٽ’ ــ ‘ڪ’ مان مراد ‘ڪردارنگاري’ ــ ‘ڊ’ مان مراد ‘ڊائلاگ (مڪالما) ــ ‘و’ مان مراد ‘واقعا’ ــ ‘ط’ مان مراد ‘طرزِ تحرير (اسلوب) ــ ‘م’ مان مراد ‘مرڪزي خيال (مقصد) ــ ‘ا’ مان مراد ‘اختمام’ ــ.
    وري هيئت جي حوالي سان روايتي ڪلاسيڪل ڪهاڻي اُها سمجھي ويندي هئي، جيڪا گھٽ ۾ گھٽ هزار لفظن تائين ۽ وڌ ۾ وڌ ست هزار لفظن تائين هجي. اُن جي شروعات دلچسپ يا حيران ڪن هجي. ڪهاڻي جيئن اڳتي هلي ته ڪو مسئلو نمودار ٿئي. مسئلي کي حل ڪرڻ يا رڪاوٽ وجھڻ وارا نيڪ يا بدڪردار ظاهر ٿين. ڪهاڻي هلندي پهريان ننڍا مونجھارا، پوءِ ٿورا وڏا مونجھارا ۽ آخر ۾ هڪ وڏو مونجھارو پيدا ٿي وڃي ۽ پوءِ ڊرامائي انداز ۾ اُن ڪهاڻيءَ جو خاتمو ٿئي، جيڪو ڇرڪائيندڙ هجي.
    روايتي ڪهاڻي جي حوالي سان ڪهاڻي جا استاد هڪ چارٽ، هيٺين ريت ٺاهي پيش ڪن ٿا.

    شروعات Beginning
    مسئلو Problem
    ننڍڙو مونجھارو sub crisis
    ٿورو وڏو مونجھارو 2nd crisis
    وڏو مونجھارو major crisis
    اختمام End

    منظور ڪوھيار


    1.6 A writer of an individual identity

    A writer retains individuality, when he adopts his own style and idiom in his writings. Manzoor Kohyar is among such writers who have maintained their individual identity in diction and style in short stories.
    Manzoor Kohyar has dexterously delineated a panorama of different dimensions of human behavior in simple essay to understand form of writing. He hurls a satire on queer characters without provocation. That is also an apt art of the writer to expose condemnable crimes of the criminals in covert words.
    In little story “Sacha koora rishta” (The so called relations) he reveals rapacity of blood relations, brothers and sisters who became bitter and brawl at the property bequeathed by their bachelor brother.
    In “Radi kitabcho” (Useless booklet) the writer berates a braggart and short-sighted literature who remains in a shallow shell of self glorification and does not acknowledge ability and scholarships of others. In “Biti saza” (Dual punishment) he delineates courtly characters of jaded judges who punish the people to please their patrons and dictators.
    In “Shahar andho thi wayo” (the city gone upside-down) he depicts deplorable apathy and insensitivity of modern man who appears indifferent to the suffering of the humble souls.
    In “Mal-e-Ganimat” booty) the writer has drawn discerned delineation of the plight of a helpless widow and her daughters, who like dreaded dears, were attacked unawares by their relatives as if they were voracious wild wolves prompted by bestial lust. It indicates disappearance of worthy values of saving sanctity of woman in villages by villagers who were once known by their rectitude and respect for woman.
    In “Sadh” (An upright-man) the writer depicts duplicity of the people who do not let a person lead a peaceful life when he quits crimes, but start persecuting him persistently.
    In “The flag of honour” the writer narrates negative role of sponsors, teachers and leaders who exploit and abuse enthusiastic handsome youth that disheartens and dampens the spirit of the budding youth.
    In “Dughran man, phathal zindagi” (Lives smarting under sufferings) Mr. Kohyar portrays the persecution of the police inflicted upon the innocent people whose where withal are often snatched by the police. As the police use dacoit-factor as an alibi to exact money from the villagers.
    In “Jagirdar zehan” (Feudal mind-set) he depicts true colors of aristocrats who maintain their myopic mindset even in mingling with modest mystics.
    In “Degree yafta gadah” (degree holder donkey) he likens an idiot scholar with an ass, who does not demonstrate discernment, sober sagacity and erudition, but acts stupidly like a dunce decorated with degrees.
    In brief, Mr. Manzoor Kohyar’s both short and short-short stories will provide penetrative perceptions to readers to see human behavior through the prism of his pen.
    He deserves his laudation for his short-short stories which are pregnant with meaningful message for readers who will conform to Coleridge are this point of view.
    “A dwarfish whole, its body brevity and wit its soul”

    Jam Jamali

    House no. 62-B
    Sachal Sarmast Township
    LARKANA Cell no. 0307-3474831


    1.7 Kohyar, the storyteller

    Story-telling, perhaps is as old as the oldest spoken language itself. Ever since humans started using language to share their life experiences, these communications often took the form of stories.
    Stories emanate from personal experiences and observations. Needless to say, that a story-teller is an ardent observer of the daily life.
    Storytelling has gone through different themes, ever since it took the form of published literature. From Romanticism to Realism, the writers have kept the tradition going. Nathaniel Hawthorne, an early Romanticist, had history as an important theme in his tales of love. Hiding away, lessons for the readers in such writings. Authors such as Henry James, Nikolai Gogol, Anton Chekhov and Herman Melville paved the way for Realism through their writings. Forced to ‘get real’, since creativity and imagination were less than appreciated, they still managed to create masterpieces out of the boring, everyday life.
    The twentieth century in its early years, gave birth to many a factors that were to change the face of the world. Industrialization, rapid transportation, First World War, mass communication, the studies of Sigmund Freud, Darwin and Marx and the rapid advancement of science and technology, created the most confusing periods of human history. This is what brought to us, what we call today the modern history or the trend of modernism. The modern short story reflected the tensions and transformations of this confusing period. Writers began to experiment with the traditional form of writing and challenged the readers’ preconceived notions of value and order. Ernest Hemingway, Scott Fitzgerald, William Faulkner and Djuna Barnes were a few of the modernist writers.
    After the Second World War, a general sense of depression and hopelessness prevailed. Having witnessed the cruelty, the destruction and inhumanity, writings too became estranged. Post-modern fiction tends to use irony, contradiction, surrealism and absurdity, reflecting reality in a disjointed and dangerous manner, if at all.
    Come the 1970’s and 1980’s, a new mode of writing known as minimalism became very popular. Minimalism presents a bare, simplified version of some event, insisting that the reader imagine the rest of the circumstances and their probable impact. It is characterized by ordinary subject matter and straightforward narratives. It is, in a way, an attempt to reflect upon the growing complexities of the world without trying to explain the presented reality to the reader.
    Over the past decade, short stories have taken many forms and no longer follow a general theme as opposed to early times. Writing styles such as Micro Fiction, Flash Fiction, the Short Short-Story, Sudden Fiction and Fast Fiction have come into existence.
    Sindhi Short Story too has been affected by most if not all of the above factors. Writers have embraced the different styles, whether consciously or not.
    Manzoor Kohyar’s stories span from the traditional diction to minimalism and everything in between. This book in particular is an amalgamation of his life experiences and observations. He shows the cultural objectivity in stories, ‘Sachaa koorra Rishta’ (So called Relations), ‘Maal e Ghaneemat’ (Booty), ‘Saadh’ (Saint) and ‘tyon subub’ (the 3rd reason).
    He goes on to show the subjectivity of life, the human emotions, and paints nostalgia in ‘Sachi aen Lajawab Kahanni’ (the true story), ‘Dojhiran men phaathal zindagi’ (life of misery) and more.
    His commentary on the prevailing socio-political condition comes to life in ‘Raj-karth’ (the kingmakers) and others.
    He has also included in this book some of his Sufi Stories, presenting collective wisdom and pluralism.
    He ventures into satire and social and technological realism in ‘Doctrate’ (Doctorate), ‘Syaasat’ (Politics), ‘Showbiz jo maanho’ (the show-man) to name a few.
    His unique style of writing is unmistakable in all of his stories. He uses it to successfully convey the story, making the user experience the situation rather than just read through.
    This being his third book of short stories, is a roaring reply to the fraction of the literary community that believes the short story to be dead. While the oral storytelling will never die as long as humans continue to communicate, Kohyar’s stories are a proof that the written Sindhi short story lives on.

    Balach Hussain
    Thursday, January 08, 2009.


    ڪلاسيڪل ڪھاڻيون

    2.1 مال غنيمت

    استاد مٺل چڱو ڀلو هو. معمول مطابق رات جو ٻارنهن وڳي پنڪچر جو دڪان بند ڪري گھر پهتو. هٿ منهن ڌوئي اچي کٽ تي ويٺو. جوڻهس چانور ۽ پٽاٽا اڳيان آڻي رکيا.کائي کير جو وٽو پي، اوڳرائي ڏئي، اڃا ليٽيو مس ته اوچتو سيني ۾ سور جي سٽ اُڀريس. دانهن ڪري چيائين: ‘نصيبان الائي ڇا ٿو ٿئي!؟’جيستائين نصيبان پاڙي جي ڊاڪٽر(ڪمپائونڊر) ڏي ڀڳي، وٺي آئي، تيستائين ساهه نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو.
    سڄو پاڙو صبح سان اٿلي پيو. استاد مٺل جي سڀ سان ٻانهن ٻڌڻ واري واٽ هئي. ڪنهن سان ڏند اگھاڙي نه ڳالهائين، نه ڊيگھه رکيائين. ڪم سان ڪم رکڻ وارو شخص هيو. جنهن ٻڌو سو لڙي آيو.
    ڪفن دفن کان پوءِ پاڙي وارن، پردي پٺيان مائي نصيبان سان عذر خواهي پئي ڪئي ۽ پڇيو: ‘ادي ڀلا، ڀائو مٺل جو ڪو مٽ مائٽ ....؟’
    ‘نه ادا، الله کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ... باقي ٻڌائيندو هيو ته دادو ڪئنال کان پريان سندس مٽ مائٽ رهندا آهن.’
    نصيبان کي مڙس جي مرڻ کان وڌيڪ غم هيو ته پٽاڻي اولاد نه هئڻ جو. اولاد هئي به ته چار ڌيئون. جن ۾ ٻه سامائل هيون ۽ ٻن جا ارهه انبوريا پئي.
    ائين سڌ ٻڌ تي، استاد مٺل جي ڪنهن سؤٽ کي خبر پئجي وئي ته ان هڪ ڏينهن اچي ٺڪاءُ ڪيو. همراهه دو دستو ۽ حوالي هيو. نالو اڪرم هيس. نصيبان جا آٿتن سان پلوَ ڀري ڇڏيائين. ‘تون اسان جي ڀيڻ آن ... هتي ڪا تڪليف هجئي ته ڳوٺ تنهنجو پنهنجو آ .... بي ڌڙڪ هلي اچجانءِ ، جمعي جي وانڍ ... ان پاڻي الله جو آهي، متان ڪو حجاب ڪيو ٿئه.’
    بي واهي نصيبان کي آسرو ٿي پيو. ڪو ته آهي دنيا ۾ مٺل جي آڪهه کي، دم دلاسي ڏيڻ وارو، نه ته کيس ڪجهه سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪاڏي وڃي، ڪئين ڪري ...!؟
    جيئن تيئن عدت وارا ڏينهن گذري ويا. انهيءَ دوران مٺل جو پنڪچر وارو دڪان به کپي ويو، جو مٺل جي شاگردن حساب ڪتاب ۾ ڪپت پئي ڪئي. نصيبان ويهي جو ليکو چوکو ڪيو ته گھر ۾ ٽي چار هزار مس پيا ها. کڻي جو چؤڦير نظر ڦيرايائين ته پاڙي جا لُچ لڦنگا، جن کي مڙسنهس هوندي، گھٽيءَ ۾ بيهڻ جي همٿ نه هئي، سي در کان ٻاهريان ٽينگريا بيٺا ها. ڌوتين، دلالن اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. پڪل ٻير هجي ۽ ڪو اوهي واهي نه هجي ته ايندڙ ويندڙ کي ڀلا ڪهڙو ڀئو ڀولو ڇاپڙ هڻڻ ۾. نيٺ سمجھي وئي ته اها روز روز جي ڇاپڙ، سروٽو، ڀتر ڪجهه نه ڪجهه ڪري وجھندو. خبر ناهي ته پوءِ پرنئين ڪجهه ٿي پوي ...!؟ زائفان ذات، جيڪا گھر جي چانئٺ اورانگھيندي به ڊڄي، سو ڪهڙا منهن مقابلا ڪندي ۽ سينو ساهيندي زماني سان.
    پنهنجي پٺ ورائي ڏٺائين ته پٺيان ڪو به اوهي واهي نظر نه آيس. اهو سهو هيا به، ته رياست (خيرپورميرس) واري پاسي ڏانهن، جن کي ڇڏي سندس ماءُ پيءُ کي ئي ورهيه ٿيا ها. هاڻي، اُهي ماءُ پيءُ ئي نه رهيا ته ڪهڙو نانءُ نشانبر ڪري وڃي پهچي. نيٺ انهيءَ ڳالهه تي وڃي پهتي ته ، وري به مڙس جي اڳن سڳن ڏانهن منهن ڪري ته بهتر آ.
    اڪرم جي ٻڌايل ڏس پنڌ تي، چارئي ڌيئرون ساڻ ڪري گھر جو ٿورو ٿڪو قيمتي سامان بيگ ۾ ڀري، گھر کي هفتي کن لاءِ پاڙيوارن ۽ الله جي آسري تي ڇڏي نڪري پئي. پير شير، شهر کان اوڀر ۾، پنج ــ ڇهه ڪلو ميٽر کن پري هيو. پير شير تائين هڊ لڳل سوزڪي ڪيئري ۾، پنج روپيه في ماڻهو ڪرايو ڏيئي، پهچڻ ڪاڻ ته پهچي وئي، پر پوءِ جنهن به بگيءَ واري کي کڻي چئي ‘ابا، جمعي جي وانڍ هلندين؟’ ته بگي واري نصيبان ۽ ڇوڪرين کي هيٺان کان مٿي گھوريندي ڳٽڪ پئي ڪئي. آخرڪار هڪڙي اڌڙوٽ بگيءَ واري ها ڪئي. پر ٻڌي پنهنجي بيٺو، پورا پنجاهه روپيه. مجبور هئي. ان ڪري ڇوڪرين سوڌو چڙهڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين. بگيءَ جي پٺئين سيٽ تي ٽي ڇوڪريون ٿي ويٺيون، اڳئين سيٽ تي نصيبان ۽ ننڍي ڇوڪري، بگيءَ واري بم تي ويهي گھوڙي کي هڪلڻ شروع ڪيو. گھوڙو بيزاريءَ مان بگيءَ کي ڇڪڻ لڳو. بگيءَ جو تختو تختو چيڪندو پئي هليو. بگيءَ وارو ڳٽڪرا ڏيندي ۽ ‘هل منهنجا بابا’ چوندي ٿڪجي پيو ته گھوڙي کي سڌيون ٻڌائڻ شروع ڪيائين: ‘هلڻ ڏيس بوا جو .... هلي ائين ٿو ڄڻ دادو ڪئنال جو آبدار آ ... سڌو ٿي هل بيلدار وانگر ته ڍونگرو نه ڀڃاءِ ...’ گھوڙي جي مٿان لڪڻن جو سٽڪو ٿيو ته بگيءَ جي رفتار تيز ٿي وئي. پٺيون ڇوڪريون کچ کچ ڪرڻ لڳيون، ته نصيبان ڪنڌ ورائي کين تنبيهه واري انداز ۾ ڏٺو. ڇوڪرين ڪو خاص اثر نه ورتو. هاڻ بگي، دادو ڪئنال جي پل ٽپي، ڪچي رستي تي ڌوڙ اڏائيندي پئي هلي. چئن ڇوڪرين بي حجاب ٿي چؤڏسا پئي نهاريو. پهريون دفعو زندگيءَ ۾ ڇوڪرين کليل فضا ۾ ساهه کنيو هو. ليون، ٻـٻر، ٻيريون، پاڻيءَ جي ڍورن ۾ بيٺل پنَ، نسريل سر، هر شئي کين عجيب پئي لڳي.
    ‘امان! هي ڪهڙو پکي آ!؟’ سڪل ڪنڊيءَ تي پر سوئيندڙ پکي ڏسي، ننڍيءَ ڇوڪري، نصيبان کان پڇيو. جيستائين ماءُ سوچي سمجھي جواب ڏئي، سسي کان اڳ ڌڙ ڳالهايو: انڌي! اها سائي فيروزي ڪٻري ٿي.’ بگيءَ وارو کل ۾ ٻٽجي ويو ۽ پوءِ کيس ٻڌائڻ لڳو: ‘امان، ڏاڏي! اهو چانهه پکي آهي.’
    ‘ڪاڪا، چانهه به پکي ٿيندو آ ڇا ... چانهه ته پيئبي آ.’ ننڍيءَ ڇوڪريءَ جي جواب تي، پٺيان ويٺل سڀئي ڇوڪريون ٽهڪن ۾ پئجي ويون. بگيءَ واري ان وقت کين جواب نه ڏنو، ڇو ته اڳيان ننڍڙي موري هئي، جنهن تان گھوڙي کي تڪڙو چاڙهي، آهستي لاهڻو هيو. گھوڙو جيئن ئي موريءَ کان هيٺ لٿو ته سرن جي ٻوڙي مان اوچتو پکي ڀڙڪ ڏيئي ٻاهر نڪتو ته پٺئين سيٽ تي ويٺل ڇوڪرين مان هڪ رڙ ڪئي: ‘ائي ڇوريون ...! ڏسو ته ڪارو چوزو ڪيئن نه ٽپا ڏيئي اڏامي ٿو!؟’
    ‘امان، اهو ڪارڙو تتر آ، چوزو ڪاٿي آ... تهان ڀلا هيڏي پهريون ڀيرو آيا هو ڇا ...!؟’ بگيءَ واري کين سمجھائيندي پڇيو.
    نصيبان محسوس ڪيو ته ڇوڪريون وڃن ٿيون وڌنديون ۽ بگيءَ وارو وڃي ٿو پڇندو ۽ ويجھو پوندو، الائي ڪير نه ڪير ....؟ سو پهريائين پٺئين سيٽ تي ويٺل وچين ڇوڪريءَ کي رهڙ ڏنائين: زرينه ... ٽيڪي کان مڙين نٿي!؟’ پوءِ وري ڳالهه بدلائڻ لاءِ بگيءَ واري کان پڇيائين: ‘ڇو ادا، ٻيا بگيءَ وارا جمعي جي وانڍ نه پئي هليا، سبب؟!’
    بگيءَ واري کي ڄڻ وارو ملي ويو:
    ‘آئي ...! ڪنهن کي سر کڻائڻو آ يا ٽانگو ڦرائـڻو آ جو ايڏانهن هلي ... مان آهيان چولي جي جونءَ، تڏهن ٿو هلان ...... نه ته خير سلي ايڏانهن دشمن جو به منهن چڱو ناهي ....!’ گھوڙي ٿورو گهه ڪيو ته سندس ڳالهه ڪٽجي وئي. ‘انڌو آن ڇا بي غيرت .....! جيستائين کوسڙا نه کائين، تيستائين سڌو نه هلين!’ بگيءَ واري لڪڻ سان گھوڙي جون ڄنگھون ڪٽڻ شروع ڪيون ته گھوڙو هڻڪيو ۽ پوءِ زور زور سان ڀڄڻ لڳو ته هن گھوڙي جو رينان ڇڪي رفتار کي ڍرو ڪيو ۽ پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل ڳالهه کي اڳتي ڪيو:
    ‘وڏڙا ڳالهه ڪندا ته هن ... انگريجن (انگريزن) جمعي جي وانڍ ٽي دفعا ساڙائي، وري الله نيڪي ڏي توکي، آئي ...! ايوب جو وکت هو، قاضي فضلاهه (فضل الله) وزير هو، ان وکت ۾ اها وانڍ ٻه دفعا سڙي ... پر هنن ابي ڏاڏي واري ڪرت نه ڇڏي ... جبل هن جبل ...! هاڻي به جمعي جي وانڍ جو مهانڊو، حاجي ڏتو ، ٻڌي ڇوڙيءَ ۾ ملکان ملک مشهور آ. موري کان ڪشمور تائين نانءُ ٿس ... جھيڙي جو به جُنگ آ ڪنهن کي چڪ هنيائين ته ڄڻ جنڊا مڙي ويا. ماريس يا کاريس ... جوءِ وار چوندا ئي حاجي ڏتو ۽ ڪتو ڇتو ٿس ...!’ اڳيان جھلي بند اچي ويو ته بگيءَ واري گھڙي کن ڳالهائڻ بند ڪري، گھوڙي جي پٺيءَ جو ڪنڊو ڪٽڻ شروع ڪيو. بند ٽپڻ کان پوءِ، گھوڙي انگڙ ونگڙ چارن تي ڊگ ڀڃڻ شروع ڪيو ته بگيءَ واري به زبان جون رينان ڄڻ ڍريون ڪري ڇڏيون.
    ‘ڄاڻي الله ٿو ، آئي ...! ته اهڙا ارڏا ۽ اڻکيل هن، جو هنن جو هي بند ته ڇا ، پر ڪو مُـٽ به ناهي اورانگھيندو ...توڙي جو رت ڀت آهيون پر مان به ڪذاني ايڏانهن ويندو آهيان. اسان جو ڳوٺ وانڍ کان ٻه ڪوهه به پري ناهي، پر پوءِ به ڪئه کائيندا آهيون ته هنن جي آڙ ۾ ڪو متان اسان کي نصقان (نقصان) ٿي وڃي ....!’
    اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي نصيبان کان ساهه ڇڏائبو پئي ويو. تارون خشڪ ٿي ويس، بگيءَ جي سيٽ ۾ سسي وئي. دل گائون مائون پئي ٿيس کيس سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙي اهور ۾ ٿي وڃي!؟ اوچتو بگيءَ واري جي ذهن ۾ روڪيل سوال ڪر کڻي اٿيو.
    ‘ادي، اوهان ڪنهن ڏي ويندءُ!؟’
    ‘ادا، ادي اڪرم ڏي!’ نصيبان هٻڪندي جواب ڏنو.
    ‘اڪو به پاونگ جواڻ آ ... جيل ڪمايل ٿس ... ان ڏينهن ڪيسن مان ڇٽڻ جي خيرات ڪئي هيائين. مان کي به سڏ ڏنو هيائين .... خير سان هاڻي ٽن دينا داستي ڪيل خونن جي ڪيسن مان ڇٽي ويو آ .... حاجي ڏتي کان پوءِ، ان جو سِـر آ .... تنهنجو ڇا ٿئي ادي؟’
    ‘ادا، منهنجو ڏير ٿي!’ نصيبان نه چاهيندي به بگيءَ واري کي ٻڌايو.
    ‘تون ڪنهنجي گھر واري آن!؟’ بگيءَ واري هاڻي حجاب کي پاسيرو رکي ، سئنون سڌو سوال ڪيو.
    نصيبان منجھي پئي ته مڙس جو نالو ڪيئن کڻي ٻڌائي ته ننڍي ڇوڪري، ڳالهه سمجھندي هڪدم جواب ڏنو: ‘ڪاڪا، اسان مٺل خان جا ٻار آهيون!’
    ‘هان .. مٺل جا!؟’ بگيءَ واري کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو ۽ کين حيرت مان تڪڻ لڳو. پوءِ کيڪار واري انداز ۾، بسم الله ڪيانوَ! چئي پڇي ويٺو، ‘مٺل کي ته ورهيه ٿيا هن ڳوٺ مان وئي ... پاڻ ڪاٿي آ؟!’
    ‘گذاري ويو ادا!؟’ نصيبان ٿڌو ساهه کڻي چيو.
    ‘ابؤل ....! هي ڙي ادا مٺل تو ڪاڻ ... واهه جو جنگاور جوان هئين ... توسان ڏتي ۽ اڪوءَ جي پڄڻ جي بات هئي ...! وڏو وانگارو مڙس هيو ... مان سان به هڪڙي اهڙي وانگار اڙهو جو ڀاءُ به نه وهي ، ادي ...!’ گھوڙي اڙا گوڙي ڪيس ته کنجھه ڪڍي سڌو ڪيائينس ۽ پوءِ ساڳي سلسلي کي جاري رکيائين. ‘الائي ته ڪاٿئون ڪاٿئون ملڪ هڻي ايندو هو، ڪڏهن تر مان تر جيتري به شڪاس (شڪايت) نه ٿيس. ننڍي ڀاءُ گل بهار سان دل هيس. ڀاڻس کي صبح جو هلڪو بخار ٿيو، شام جو رضا ڪري ويو. بس اتئون همراهه جي دل کي اهڙو ٽاهه آيو. چيائين: ‘ڪنهن جي آهه لڳي آ.’ ڳوٺ ئي ڇڏي ويو. تو مان گھڻو سمجھايس، پر اڻموٽ هو . ڀلا، مائي سوني جيئري آ!؟’
    ‘نه ادا، مان ته پنهنجي سس ڏٺي به ڪونه، رڳو نالو ٻڌو اٿم.’ نصيبان وراڻيو.
    ‘چئبو، اها به ستت گذاري وئي. پٽ جي غم ۾ .... ڇوڪرو به اهڙو سهڻو هيو. اصلي شهزادو ... جوءِ ۾ اهڙو ٻاروچڪو ٻار وري نه ڄمندو.’ بگيءَ واري ٿوري جھٽ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي جو هاڻي کيس درياهه جو بند سامهون هيو. نصيبان جيڪا گھڙيون اڳ سسي ويٺي هئي، سا مڙس جو نانءُ نيڪي ٻڌي ڦنڊي وئي هئي. کيس آٿت اچي وئي ته هوءَ به ڪا جھڙي تهڙي جي جوءِ ناهي.
    بگي، درياهه وارو بند ٽپي، درياهه ڀڪ لهڻ شروع ڪيو ته وڏن وڏن ٻٻرن ۽ لـوَن جا جھمٽ شروع ٿي ويا، جن ۾ پکي پکڻ جي چرڙ .. چرڙ ۽ ٽـڻون ٽـڻون لڳي پئي هئي. وٿاڻن ڏانهن ورندڙ مال جو چڙ واءُ، چونگار ۽ هونگار لڳي پئي هئي، وچ وڻن مان چارو واسينگ جيان وڪڙ هڻندو، جڏهن سڌو ٿيو ته مڙس تار ڪنڌين ۽ لوڙهن جا گھر نظر آيا. جن مان دونهون ور وڪڙ هڻندو اڏامندو آسمان پئي ويو. عورتن ۽ مردن جي اچ وڃ ظاهر ظهور پئي نظر آئي، ڪن پول پلال پئي ڍويو. ڪن ڪک ڪهڄر پئي اڇليو ۽ ڪن بيٺي ڀاڻ پئي کنڊيريو. بگي ور وڪڙ هڻندي، ڳوٺ اندر ٽپي ته ٻار ۽ ڪتا لر ڪري نڪتا. ٻچڪر تي گھوڙو بيٺو ته نصيبان پنجاهه روپيه ڪڍي بگيءَ واري کي ڏنا ته هن وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو: ‘ادي، تون مٺل مرحيات جي گھر واري آن. هاڻي توکان وٺندي شرم نه ايندو!؟’
    ‘نه ڀاءُ، تو غريب جو حق ڇو کاوان!’ نصيبان زور ڀريس ته بگيءَ وارو جذباتي ٿي ويو. ‘ڀيڻ برابر آن ... پادر لاهي هڻ ، وڌيڪ هڪ لوظ (لفظ) به نه ڪڍجانءِ!’
    جڏهن ويڙهي وارن کي، بگيءَ واري جي واتان خبر پئي ته مٺل جا ٻار آهن ته گھگھلين جن پهريائين کين حيرت مان پئي تڪيو. سي کين آجيان ڪندي ائين گھلي ويون، جئين ڪوليون چانورن کي ڏر ڏانهن کڻي وينديون آهن.
    سج لهي چڪو هو. ڳوٺ ۾ ڪٿي مٽرن جي پلي منڌيڻي هيٺان چٿجي رهي هئي. ڪٿي چڻن جي پلي آخري ٽچڪا پئي کاڌا. جڏهن چوڏهين جي چنڊ جھڙي گول اڇي چانورن جي ماني ۽ ڦٽيءَ وڌل پلي نصيبان ۽ ڇوڪرين جي اڳيان آئي ته منجھند واري لنگھڻ جي ڪسر نڪري وئي.
    اڪرم دير سان گھر آيو هو. ماني ٽڪر کائيندي نصيبان کان چلهه تي ئي حال احوال وٺڻ لڳو. باقي گھر جا ڀاتي ڪن سرلا ڪيون، ٻنهي کي ٻڌي رهيا ها.
    ‘ادي، خير سان پهچي وئينءَ!؟’
    ‘ها، ادا!’
    ‘ادي، مان پاڻ توکي وٺڻ اچان ها، پر ٻه ٽي کڦا اهڙا ٿي پيا، جو واندئي نه ملي.’
    ‘ادا تون نه آئين ته اسان هليا آياسي، ڳالهه مڙيئي ساڳي آ!’
    ‘هي تنهنجو پنهنجو گھر آ، ڪو حجاب نه ڪجانءِ ... مٺل منهنجو سڳو سوٽ هو. هن ئي ويڙهي ۾ رهندو هو. منهنجي ڀيڻ نانءُ هيس. ننڍو ڀاءُ جو گذاري ويس ته وڃي شهر ويٺو. موٽائڻ لاءِ لولٽ ڪيا سينس، نه مڙيو ته پوءِ ڪسر جي به وياسي.’
    ‘بس ادا! جا تي لکيو.’ نصيبان وراڻيو.
    ‘بيشڪ، جاٿي قسمت!’
    اڪرم ماني کائي گرڙي پئي ڪئي ته نصيبان کيس سڙٻاٽن ۾ چيو: ‘ادا، مان آئي آهيان توسان صلاح ڪرڻ، اڪيلائيءَ ۾ ....!’
    ‘ها ادي ... پوءِ هلي ڪوٺيءَ ۾ ٿا ڳالهايون.’
    ٻئي ڄڻا چلهه تي ويٺل ڀاتين کي دالان ۾ ڇڏي ڪوٺي ۾ ٿي ويٺا. چلهه تي ويٺل ڇوڪرين ۽ ڀاتين اڪيلائپ ۾ ڳالهائڻ جو اندازو پئي هنيو ۽ ڪن اوپـڙا ڪري ٻڌڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي.
    نصيبان خوش خير عافيت کان پوءِ اچڻ جو اصلي مقصد ٻڌائڻ شروع ڪيو. ‘ادا، ٻيو مڙيئي خير ...! توسان صلاح ڪرڻي هئي. نياڻين جي باري ۾ ... چار وياءُ ويٺا هن ... تون ڀاءُ ويٺو آن ته ڄڻ ننڊ حرام آن!’
    ‘بيشڪ آ’ اڪرام وراڻيو.
    ‘چوندا هن ته نياڻيون اهي نياڻيون، جيڪي شينهن جا به ڪنڌ ڀڃن، مان ته زائفان ماڻهو .... هاڻي الله ۽ تهان کان سواءِ ٻيو ڀر سڀر ڪير آ ... تهان کي ئي ڳڻ ڳوت ڪري، هنن کي شينهن ڪلهي چاڙهڻو آ.’
    اڪرم ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو ته سئنون سڌو پڇڻ لڳو: ڀيڻ جي ڪاٿي ڏيون ته ٽڪا گھڻا وٺئون؟’
    ‘باهه ڏيان، ادا ٽڪن کي ....! ٽڪا ڪاڏي ڪنديس. جئين مان پنهنجي مڙس جي گھر في سبيل الله آئي هيس، تيئن ڇوڪريون به ڏينديس بس ڇوڪرا ڪمائڻ ڪرتڻ جھڙا ... اشراف هجن.’
    اڪرم کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سندس گھر ۾ الاهي ڪڪر وسي پيو هو. هڪ هڪ ڇوڪريءَ جو منهن مهانڊو سندس اکين اڳيان ٽي چار گھمرا ڦري ويو. هڪ ٻئي کان وڌيڪ هيون. کيس ائين پئي لڳو ڄڻ طوطن جا ٻچا پور مان ڪڍي، مائي سندس جھوليءَ ۾ وڌا ها. هن اڳ پُـٺ سوچي نصيبان کي چيو: ‘ادي، هاڻي هيئن ٿا ڪيون جو سڀاڻي شام جو ڳوٺ جي چئن چڱن کي ويهاري ٿا ڪيون صلاح ... هڙيئي پاڻ ۾ مٽ آهيون، پوءِ جئين صلاح بيٺي.’
    ‘بس ادا ... پارت ٿئي .. پنهنجو رت اٿوَ ... مان به ان ڪري آيم جو اَڙي آ ، اُڌي آ .... لڱائي آ ، چڱائي آ، جا ٿي اوهان جي رت کي ڇڪي ايندي، ٻي کي نه ايندي ...!’
    ‘بس تون وڌيڪ ڳڻتي نه ڪر .... الله کي چڱي وڻندي.’
    ٻئي ڄڻا اٿي آيا. نصيبان کي ته ننڊ اچي وئي، پر اڪرم کي ڳپل رات تائين ننڊ نه آئي. الائي ڇا مئون ڇا پئي سوچيائين ۽ نصيبان واتان ڇوڪرين جا ٻڌايل نانءُ پئي ورجايائين : ‘زرينه ....! شبانه ....! ثمينه ...! تهمينه .....!’
    صبح ٿيو ته ڇوڪرين ۽ نصيبان کي ڳوٺ وارين ماين ڳوٺ جي چئن ئي ويڙهن ۾، هٿ آيل نئين نموني واري ٽڪ جي رلهين ۽ رلهڪن جيان پئي ڦيرايو گھمايو. جنهن به گھر پئي ويون، لک بسم الاهين سان سندس آجيان پئي ٿئي. پوڙهين ۽ پڪين ڇوڪرين مان ڏاڏاڻن جا وصف پئي ڪڍيا ۽ اڊ پئي ڇڪي:
    ‘وڏي سود پود پنهنجي ڏاڏي سونيءَ تي وئي آ. ان وانگر ڏسينس نٿي چپ سنهڙا، نڪ ڊگھو!’
    ‘ٻي به جھڙي ماسي خاتون ويٺي آ، هلڻ نه ٿي ڏسينس جھڙي ڇيهل ..’
    ‘ٽئين به الله حياتي ڏيس، گھٽ ڪونهي، پيءُ وانگر مورن جھڙي آ ..’
    ‘چوٿين ناننگ تي آ ....!’
    ‘نه مائي! اڌ ناننگ تي، اڌ ڏاڏنگ تي آ.’
    هر گھر ۾ ننڍين وڏين کين ٻٽا ٻک وڌا. سڪرن سان سندن ڳٽا آلا ٿي ويا. مردن به کين ‘امان ڀلي آيئه ... ادي، ڀلي آيئه’ چئي هڪ دفعو پٺيان شڪ هڻي ضرور ڏٺو هو. نصيبان ۽ ڇوڪرين کي ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڳوٺ ۾ قرب جا اهڙا ٻنا آهن، جن تان هلندي حياتي کٽي وڃي پر ٻنا نه کُٽن.
    ٻئي ڏينهن تي شام جو هڙئي چڱا لڱا اچي اوطاق ۾ سٿ ٿيا ها. گاسليٽي بتيءَ جي وٽ چڱي ڀلي مٿي هئي. ان ڪري چيريون وٽيل، تنبيل، ۽ تور ڏاڙهين جا پاڇا، جنن ڀوتن جي شڪلين جيان اوطاق جي گاري لٿل ڀت تي چنبڙيا پيا ها. ڪنهن نه ڪنهن کنگھي کڙڪي، کانگھارو ڪڍي ڀت تي ائين پئي اڇليو هنيو، جئين سيون ايم ايم رائيفل جي گولي ڇٽي وڃي دشمن کي هيانوَ ۾ لڳي.
    ڳوٺ جو مهانڊو ، حاجي ڏتو ‘السلام عليکم’ ڪندي اوطاق ۾ لنگھي آيو. ‘وعليکم السلام’ سان سور پور ٿي وئي. کيس ٿلهن پاون واري کٽ جي سيراندي کان جاءِ ملي. کٽ جي سيراندي کان لوڊ ٿيل ڪلاشنڪوف رکي، اڪرم کان پڇائين:
    ‘ها، حوال ڪر!’
    اڪرم جنهن ويٺي ڇهپر پئي مهٽيا، سڌو ٿي ويٺو ۽ ٻڌائڻ شروع ڪيائين: ‘حوال خير جو حاجي ....! ڇهه ست مهينا کن ٿيا جو، مان ويو هوس، محراب ۽ نذرو جي ملاقات تي، اتي صابو مليو هو ...’
    ‘ڪهڙو صابو ..؟’ وچ ۾ ويڙهي جي ڪنهن چڱي پڇيس.
    ‘اهو، جيڪو شهر ۾ وڃي کير وڪڻندو آ، موٽر سائيڪل تي!’
    ‘او اهو ....! ان جو ڀاءُ رمن به جھليل آ اتي .... ان ٻڌايو ته يار مٺل گذاري ويو ٿي ....!’
    ‘اُن کي ڪيئن خبر پئي؟’
    ‘پئنچر (پڪنچر) ڳنڍائيندو هو مٺل کان ...!’
    ‘بهاذر، ڏاڍو واترو آن ... هاڻي اهي سوال جباب بند ڪر ته حوال اڳتي به هلي ...!’ حاجي ڏتي ويڙهي جي چڱي مڙس کي رهڙ ڏني ته اڪرم اڳتي چريو:
    ‘پوءِ منهنجي دل به سٽ کاڌي ته پڇائي پڇائي وڃي گھر لڌم. مائي سان رضا الله جي ڪيم ۽ ڳوٺ اچڻ جو صلاحيو مانس .... سو ڪلهه اچي پهتي آ .... مائي کي هن چار ڌيئرون .... مائي ٿي چوي ته آئي آهيان ڌيئرن کي اٿارڻ ....!’
    ‘ٽڪا گھڻا ٿي ٻڌي؟’ حاجي ڏتي پڇيس.
    ‘توسان ڪهڙو ڪوڙ حاجي ....! او ٽڪو به نٿي گھري ... چوي ٿي، مخت (مفت) ۾ ....!’
    ‘وهه ڙي واهه مائي ....! ‘ ڪچهريءَ مان ملان دادن سٿر تي ٺپڪي هڻندي چيو.
    ‘مٺل ڇُٽي ويو ... هيءَ ڳنڍڻ آئي آ ... وونٽ آ مائيءَ کي سائين!’
    ‘مائي اصيل آ!’
    ‘ڪي، ڪي آهن، ڌارين ۾ به ... ائين ناهي.’
    جڏهن ڪچهري واه واه ڪري ٿڪي ته حاجي ڏتي اڪرم کان مشڪندي پڇيو: ‘پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟’
    ‘وڏي پنهنجي بلي ٿو ڪيان، باقي جئين تون فيصلو ڪرين.’
    ‘ڪهڙي ساون لٽن واري؟’ بهاذر پنهنجي پڇ پڇ واري عادت کان نه مڙيو.
    ‘نه، آسماني لٽن واري.’ اڪرم وراڻيو.
    ‘شڪر ٿيو مان وارو دينو ته ساون لٽن واريءَ تي ٻـوچانڊ لڳو ٿو وتي، چئي ٿو، ان بوبتيءَ ته مان کي باهيون بڇي ڇڏيون هن.’ بهاذر ڀر ۾ ويٺل سنهڙن ڇهپرن واري چوراٽي نموني ويٺل نوجوان جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
    ‘بس ڪر ڪتا ...! ته واڇان نه چيريانءِ ... ننگن ۾ ٿو اکيون وجھين.’ حاجي ڏتي ڪيس ڪيل شهپرن کي وٽيندي گجي پيو. سڀني جا ڪن ڇٻا ٿي ويا. ڪا گھڙي ته سانت ٿي وئي. هر ڪو سمجھي ويو ته حاجي ڏتي والار ڪري ڇڏي.
    ‘ڀلا، ٽيون لمبر (نمبر) ته ڏيندين نه ...!؟ ڪن اُها به نه ڏيندين؟’ حاجي ڏتي جي دينا داستي جھپڙ جو سور پيئندي، ٽين نمبر ڇوڪري تي هٿ رکيائين ته متان ڪو ٻيو والار ڪري.
    ‘چڱو، اُها توکي آئي!’ حاجي ڏتي سوڀ کٽڻ واري انداز ۾ چيو.
    ‘او چوٿين منهنجي ٿوَ! منهنجي ..!’ اپڪئي وچتي هڪ ڪراڙي ڀپ ٽپو ڏنو.
    ‘او ڪاڪا وندر! جيسين ڇوڪري وڏي ٿئي، تيسين تون ته رضا ڪري ويندين!’ ويٺلن مان ڪنهن ٽوڪ ڪيس ته کلڪو ٿي ويو. وندر به گھٽ نه هو، ٿڏي تي موٽ ڏنائين:
    ‘آتر ڌاڌر ڪري هفتي ۾ تيار نه ڪيومانس ته منهنجو نانءُ ڦيرائي ڪتي تي رکجو. توهان رڳو هٿ ڪڍو.’
    ‘اها تون کڻين يا شاهن ... اهو پاڻ ڄاڻو. هاڻي چئن ئي ويڙهن کي هڪ هڪ اچي وئي.’ حاجي ڏتي ورهاست تي اطمينان ڏيکاريندي چيو.
    ‘نه ابا، وندر کي ٿا ڏيون ... مان اها غلاموءَ لاءِ کنئي، وندر جو آ مٿو خراب ...!’ ويڙهي جي چڱي مڙس شاهو هڪدم ورندي ڏني ته وندر چڙي پيو.
    ‘حاجي ڏسين ٿو، شاهوءَ جا ظلم ...! باقي جنهن مهل گلي جيئنداڻيءَ کي ماري آيو ته ٿٿان ڦٿان ڪندو مون وٽ آيو، ته ڪارو ڪاريءَ جو ڪيس ٺاهيو ته جان بچي. سڄي ويڙهي وارن پنهنجا سونا ٿانوَ لڪائي رکيا. مان ڀيڻان پنهنجي جوءِ ڇڪي آڻي ڏني مانس ته ماري سر بچاءِ ڪر جو ويڙهي جو چڱو آن ...’
    ‘ها سائين ڀاڏَ مارائي ڇيهه ڪيئي.’ شاهن ڏاڙهيءَ کي مٺين سان ڀڪوڙي وراڻيو.
    ‘ڀاڏَ به مارائي نه تو ڪاڻ، تون ته پنهنجي پوپري مارين هان.’ جھوني وندر هيانوَ جي باهه کان ورندي ڏنس.
    ‘اڙي قرآنن هنيا ....! ته تنهنجي لاءِ فقير گلا حسين ( غلام حسين) کي مُنجو (موڪليو) آ هوسڙيءَ، پندرنهن هزار ڏيئي، ڪا نه ڪا بنگالڻ وٺي ايندو تنهنجي لاءِ، تسيتائين نر کوتو لڳو وت ڳوٺ ۾ ..........’ شاهن جي انهيءَ سمجھائڻ تي، سڄي ڪچهري ڪوڪرا ڪري کلڻ لڳي ته وندر ويتر ڇتو ٿي پيو!
    ‘نه کپي بنگالڻ، مان کي کپندي ته اها ڇوري!’
    ‘هاڻي وڌيڪ لڙ ڪيو ٿي ته پشٽول ٺوڪيندو سانءِ، هر هر ٿو منهنجي ننهن جا نالا کڻين.’ شاهن ور مان کڻي ٽي ــ ٽي جو پسٽل ڪڍيو ته حاجي ڏتو وچ تي پئجي ويو.
    ‘بس ڪيو ڙي ته هڻاوَ نه ٻٽيون ....! بيٺا ٿڪان ٿا ولوڙيو، ماڻهو ٻڌندا ته ڇا چوندا ته ماڻهو ئي ناهن جمعي جي وانڍ وارا جو ٽڪي جي رنن ڪري وڙهي مئا هن.’
    او حاجي، ابا تون انصاف ڪر ...!’ وندر هٿ ٻڌي حاجي ڏتي کي ايلازو ٿي چيو.
    ‘بس انصاف ٿي ويو. ڇوڪري غلاموءَ جي آ.’ حاجي ڏتي جان ڇڏائڻ واري انداز ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو.
    ‘اسان بس ڪئي سي ... مٺي به ماٺ ته مُـٺي به ماٺ ....! اسان کي ڪجهه نه کپي ... اسان کي ڏيندو پيران پير ... توهان وڃي عينش ڪيو.’ وندر ڀرئي ڪچهريءَ مان داسي جھڙي لٺ زمين تي ٺهڪائيندو ، ڪاوڙ مان اٿي ويو.
    ‘ملان دادن! جلدي ڪر. نڪاح پڙهه ته هر ڪو وڃي پنهنجي پاٿاري تي ويهي.’
    حاجي ڏتي، ملان دادن کي هوشياري وٺائيندي چيو. ملان دادن جيڪو خيالن ۾ کنڊ جو جھاز غرق ڪيون ويٺو هو. تنهن ڳٽڪ ڪري منهن ڦيرائي ڇڏيو.
    ‘ڪرين ڇا ٿو ....!؟ ڪڍانءِ ڇا، ڇٻ مان جھلي ڇنڊ!؟’ حاجي ڏتي ڌمڪي ڏنس.
    ‘کڻي مان کي تيرنهن ٽڪر ڪر ...! اڄ ننهن وارا نو ڪوٽ ٿي!’
    ‘توکي وري ڇا ٿيو!؟’ اڪرم حيرانگيءَ مان پڇيس.
    ‘ڀيڻان! ٽي ٽي شاديون ته به هانءُ نه ٿو ڀرجيوَ .... ڇو ادا، دادن کي ساهه ڪونهي!؟’ ملان دادن ٻنهي هٿن سان پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    ‘اهو پهريون ڦاٽ کائين ها ته ڪجهه ڪيون ها نه، هاڻي آڱوٺو بچيو آ ڇا!؟’ حاجي ڏتي خار مان وراڻيس.
    ‘ڇورين جي ماءُ جو ويٺي آ.’ ملان جي جواب تي سڄي ڪچهريءَ وارا حيرت ۽ حسرت مان هڪ ٻئي جو منهن تڪيندا رهجي ويا.
    ‘مار ڀيڻسان ....! ملان ڪاٿي وڃي ڳوٽ ڀڳي آ .... اسان جي خيال خاب (خواب) ۾ ئي نه هو.’ بهاذر کي ڄڻ ارمان ٿي پيو.
    ‘مائيءَ ۾ هاڻي ڇا رکيو آ!؟’ اڪرم، ملان کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ‘ڇا رکيو ٿس ... ڀُـور لڳي پئي آ!’ ملان جواب ڏنو.
    ‘تون آن ٿڪل سانُ ، ڇا ڪندين ڀور کي ڙي!؟’ ڪنهن ڪچهريءَ مان ٽوڪيس.
    ‘ٿڪل سانُ آ جو بس پئي آ ... طور سينا نه ڏيکاري مانس ته منهنجو نانءُ به ملان دادن ڪونهي!’ ملان جوش مان جواب ڏنو.
    ‘واه ڙي واه ملان، تنهنجا پانور ..!’ ڪنهن ڪچهريءَ مان چاڙهه ڏنس.
    ‘ڏائڻ به هڪڙو گھر ٽاريندي آ، ملان! اجائي هوڏ تان لهه.’ حاجي ڏتي احساس ڏياريندي چيس.
    ‘اڄ ته کڻي مان ڳوٺ جي چڱن مڙسن جي چوڻ تي، زور مارين سان نڪاح پڙهايان! پر جڏهن دوار محشر پڇاڻو ڪندو ته ڪير جواب ڏيندو؟ مان کي پنهنجي قيام ڪاري ناهي ڪرڻي ... اوهان به ان وکت کان ڊڄو، جڏهن الله جل شان هو امن و آله جي سامهون ٿيندءُ .... اتي اها اٽڪي ٻٽڪي ۽ ڏاڍ مڙسي نه هلندوَ ... يتيمن لاءِ حديث شريف ۾ آيو آ ته ....!’
    ‘ڀيڻ جو ... ملان! هاڻي ڇتو ٿيو ٿوَ ... حديثان ٿو ٻڌائي ....! ڏئي جان ڇڏايون، ادا ...! آئي، آئي توکي حصي ۾ مائي نصيبان!’ حاجي ڏتي، فيصلي نبيرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ته ملان به ‘جزاڪ الله’ چئي حديث ٻڌائڻ تان هٿ کنيو.
    ملان کنگھي کڙڪي، دستار کي ٺاهي نڪاح پڙهڻ کان اڳ ۾ اڪرم کان پڇيو: ‘ڀلا شروع ڪيون؟’
    ‘مائي نصيبان کان ته پڇي اچجي؟’ اڪرم خيال ڏيکاريو ته حاجي ڏتي کي ڄڻ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين باهه وٺي وئي.
    ‘اڪو ... ڳالهائين ڇا ٿو ....؟ اهو ته دادو ڪينار کان پريان جو رواز (رواج) آ ته ماين کان پڇجي ته توکي فلاڻو قبول آ ... ڪچهريءَ ۾ فيصلو ٿيو ته ڇٽو ...نڪاح ملان پڙهندو ته قبول ٿي ويندي، باقي توکي ڪا اندر ۾ آ ته ٻڌاءِ...’
    ‘رب ٿو ڄاڻي، مان کي دل ۾ ڪجهه به ڪونهي ... جئين سنگت جي صلاح ...!’ اڪرم حاجي ڏتي جي ناراضگيءَ ڏسي پنهنجي ڦـٿـڙڪ تان هٿ کڻي ويو.
    واري وٽيءَ سان، ملان دادن سڀن جو نڪاح پڙهندو ويو. پاڻ ئي گھوٽ، شاهد، وڪيل ٿيندا ويا. آخر ۾ ملان دادن جو نڪاح ٻانگي خادم پڙهي پورو ڪيو. سڀئي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيئي وٺي، ائين کڙا ٿيا جئين حاضرات (جنن) جو لشڪر بي گاهه وقت ۾، انسانن جي وسنديءَ ڏانهن راتاهيءَ لاءِ اٿي پيو هجي.
    نصيبان ۽ سندس چار ئي ڇوڪريون ، بي اونيون ٿيون، اڪرم جي ڪهول سان باهه تي ويٺيون، هيڏانهن هوڏانهن جا قصا پئي ڪيا. اوچتو ‘سلا ماليڪم’ جي گڏيل آواز تي، پيڙهن تي ويٺل سڀني عورتن سلام جو جواب ورائيندي، ان ايڏي لالوءَ جي لشڪر کي حيرت ۾ تڪيو ته اڪرم حيرت کي ختم ڪرڻ لاءِ نصيبان کي ٻڌائڻ لڳو: ‘ادي، حوال خير جو ....! تنهنجن هڙيئي ڇوڪريون، تو سميت شينهن ڪلهي چاڙهي ڇڏيون سي. هاڻي هر ڪو پنهنجي ٻانهن وٺڻ آيو آ.’
    ائين چئي اڪرم کڻي زرينه کي ٻانهن کان ورتو ته ڇوڪري اکين سان ايلازو ٿي، زبان سان منٿ ميڙ ڪيس: چاچا ....! ڇڏ!’
    ‘چاچا وري ڇا جي؟ سؤٽ ڪري ڳالهاءِ!’ اڪرم شينگھرجي وراڻيس.
    شبانه جي سنهڙي ڪرائي ۾ حاجي ڏتي جو هٿ، هٿڪڙيءَ جيان ڦٻي ويو ته ساهه سڪي ويس. خوف مان ڪسجندڙ ڇيليءَ جيان رڳو ٻيٻڙاٺ نڪتس: اَ ..... ما ....اَ ما ... ان ان ....’
    ثمينه همٿ ڪري ڀڄڻ جي ڪئي ته دينوءَ جي ارهاٽ ۾ اچي اهڙي نموني کڄي وئي، جئين چور ڪانهين کڻي ڀڄندو آهي.
    پرڀرو ويٺل تهمينه ماءُ سان چنبڙڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر غلامُـو اهڙو جُھٽ هڻي ڪڍيس، جھڙو ڪر ڪوئا مار ، ڪوئي کي ڏر ۾ ڀڄڻ کان اڳ هڻي ڪڍندو آهي. جئين ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي جھنگ ٻلن کان بچائڻ لاءِ ڪُر ڪُر ڪندي لوهان ۽ سٽان ڏيندي آهي، نصيبان ڏنيون. پر جڏهن نصيبان جي چوٽيءَ ۾ ملان دادن جو هٿ پئجي ويو ته پاڻ ڇڏائڻ ۾ آزرتي ٿي وئي. چڪ ۽ مڪان هڻندي چڀوٽين پئجي ويس. خبر ناهي ته، پڪي عمر واري ملان کي ايڏي ايماني طاقت ڪاڏنهن اچي وئي ، جو هو نصيبان کي پنهنجي ويڙهي ڏانهن ائين گھلي ويو، جئين شينهن، ڳئون کي ڦٿڙڻ جي باوجود به اوڍر ۾ ڇڪي ويندو آهي.
    رات جي پيٽ ۾، پنجن ئي عورتن جون دانهون ۽ ڦٿڙڻ ائين ثابت ٿيو، جئين وچ سير ۾ ٻڏندڙ ماڻهو ٿوري دير لاءِ درياهه ۾ ڌانڌول وجھن ۽ ٻڏڻ کان پوءِ ائين لڳي ته ڄڻ درياهه پيٽ ۾ ڪجهه ٿيو ئي نه هو.


    2.2 سچا ڪوڙا رشتا

    جيئن لٺ هنئي پاڻي جدا ناهي ٿيندو، ائين رت جا رشتا به جدا ناهن ٿيڻا. ڀل کڻي ڪيڏا به رساما هجن، هڏ ضرور سڏ ڏيندو آهي.
    رجب جو لاش، اسپتال مان کڻائي، جڏهن ڪامريڊ دوستن سندس مسواڙي گھر ۾ آندو ته پاڻ ۾ سرِ جوڙي صلاح ڪيائون ته، توڙي جو مرحوم جا مائـٽن سان ترِ سنوان نه هيا، نه وري انهن سندس طويل علالت ۾ ڪا واهر ۽ وارثي ڪئي. پر پوءِ به رت رت آ، دانگيءَ تي وريو پئي. ان ڪري ٻڌائڻ ضروري آ.
    سنگت ، اهو سڄو بار استاد غفار ۽ نجيب تي رکيو ته ڪيئن به ڪري سندس ٻن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کي ڳولي ڦولي هٿ ڪن، ڇو جو مرحوم آخري گھڙين ۾ انهن جو پڇندو رهيو ۽ آسروند نظرن سان دروازي ڏانهن ڏسندو رهيو.
    صبح صبح سان اهو قصد ڪري نڪري پيا ته انڌن ملتان لڌو آ، خيرپور ڪو هروڀرو ايڏو وڏو شهر به ڪونهي، جو مرحوم جي قريبن کي نه ڳولي سگھجي. ٻنهي ڄڻن کي هلڪي سلڪي کڙڪ هئي ته سندس وڏو ڀاءُ محرم، بس اسٽينڊ جي ڀر پاسي ۾ حجامت ڪندو آ.
    محرم کي جڏهن ٻنهي ڄڻن اچي ٻڌايو ته گراهڪ جي حجامت ڪجهه گھڙين لاءِ بيهجي وئي. محرم ٻڏتر ۾ اچي ويو.
    ‘ڀلا ڀائو ...! ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو ٿوَ يا ....؟’
    ‘ڪا به ڳڻتي نه ڪريو، سڄو بار سنگت تي آ، رڳو توهان اچي منهن ڏسو ۽ ٻيو ته محرم جوڪجهه سامان سرڙو به آهي، توهان کڻڻ چاهيو ته اڳ ۾ توهان ، نه ته .....!’ استاد غفار کيس ٻڌايو ته محرم جي رت کي ٽهڪو اچي ويو:
    ‘اهڙي ڳالهه ناهي سائين ...! ناهي ته مولا ٿو ڄاڻي، سڄو بندوبست ڪيون اچان ها. آخر ڪار ننڍو ڀاءُ هو. پٽ جي آچار، پالي تاتي وڏو ڪيومانس .... بس ، هي گراهڪ ڇڏائي ، انهيءَ پير تي ٿو اچان.’
    استاد غفار ۽ ڇوٽو نجيب ، جڏهن کائنس سندس ٻي ڀاءُ شبو ۽ ڀيڻ ڪمالان جو پتو کُـرو پڇيو ته محرم ٻڌاين: ‘ڪمالان ته مينسپالٽي جي ڀر پاسي ۾ رهندي آ ... مڙسنهس جو نانءُ رمضان ٿئوس ... مينسپالٽي ۾ ڪم ڪندو آ ، باقي شبو هوندو آ کدڙن سان، ڪڏهن هِت ڪڏهن هُت ... ملندؤ ڪو نه ... وڌيڪ اوهان جي مرضي!’
    ڪامريڊن کي شبو ڳولڻ ۾ تڪليف ٿي. پر آخرڪار هڻي هنڌ ڪيائون. کيس کدڙن جي مڙهي ۾ سوگھو ڪري وڌائون. جي پهچڻ ۾ ٻه منٽ به دير ڪن ها، ته شبو (شبانه) ٻين سان ميهر شاهه جي ميلي تي نڪري وڃي ها. پهريان ته شبو (شبانه) کي ڍڪر چڙهي ويا. پر جڏهن محرم جو تڏي تي اچڻ ۽ سامان سرڙي جو ٻڌائين ته سندس رت کي ڇڪي اچي وئي. سينگار پيتي، ڪپڙن جو ٿيلهو سهيلين کي ڏئي تاڪيد ڪيائين ته، اڌ رات مڌ رات جوميلي ۾ پهچي ويندي، متان ڪنهن ٻي کي جوڙ ۾ کڻن.
    استاد غفار ۽ نجيب ڇوٽو، جڏهن ڪمالان کي، گھر جي در تي ڀاءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌائي ته اکيون مهٽي مهٽي ڳاڙهيون ڪري ڇڏيائين. سڏڪي سڏڪي، مسڪي مسڪي پڇيائين. ‘ادا... ڀائڙي جو ڪفن دفن الائي ڪيئن ٿيندو ....؟’
    ٻنهي ڄڻن کيس دلجاءِ ڏيندي ٻڌايو. ‘ڀيڻ ....! دلگير نه ٿيو، سنگت ڪلهو ڏنو آ ته توڙ به نڀائيندي. اها ڳالهه محرم ۽ شبن کي به اڳ ۾ چئي آ، ته اوهان رڳو اچي منهن ڏسي وڃو ۽ ڪجهه مرحوم جا ٽپڙ ٽاڙي به آهن، اوهان حصي وارث آهيوس ... اڳ ۾ اوهان پوءِ سنگت ....’
    ‘ڀائو، اوهان کي لک شابسون هجن، نه ته ڪير ٿو ڪري اڄ ڪلهه ايئين.’ ائين چئي ڪمالان پار ڪڍڻ لڳي.
    ‘اڙي ...! سو ... ريتيون ... اڄ مون کان منهنجو دلبر جدا ٿي ويو ...! اڙي ... پا.... ڙي! .... وا .... ريون .... مون کي منهنجو ڀاءُ موٽائي ڏيو .... يه ...وو....!’
    پاسي وارن گھرن جون ٽپڙيون مٿي ٿي ويون ته ڪامريڊن، ٻڌائڻ واري فرض کي پورو سمجھي پٺتي موٽ ڪئي.
    ڪمالان در تان موٽي ته پهريائين سٽ ڏيئي ٽاٻر پٽ کي اٿاريو، جيڪو اڃان کٽ تي پئسٽرين ۽ پئٽيز کائڻ جا خواب ڏسي رهيو هو.
    ‘اٿ ڇورا ....! مامنهن گذاري ويو آ ... انهيءَ ٻيڙيءَ ٻُڏي کي ته وٺي آ ... بيٺو هوندو صابوءَ جي دڪان تي ٽنگا ٽيڙيون ....!’
    ڇوڪرو اکيون مهٽيندو، پهريان نلڪي ۾ ويو، پوءِ اَڳي سان منهن اگھندو ٻاهر نڪري ويو.
    ‘ڀڏر ڀڳي کي ڪا خدا جي مار پوي، ڪنهن مهل جو صابڻ، پائونڊر لاءِ موڪليو ٿمانس ته اڃا ناهي موٽيو.’
    ڪمالان ڀڻڪندي غسل خاني ۾ گھري. جلدي بالٽي ڀري صابڻ جي چٽ سان مٿي ڌوءَ ڪيائين، جو ٻاهر نڪرڻ جھڙي نه هئي. تڙ تڪڙ ۾ سرمي جو سرايون وڌي نه وڌي جھڙيون وڌائين. پائونڊر جي خالي دٻي کي کٽ جي پائي تي کڙڪائي، نڪتل پائونڊر جي ڇنڊ کي ٻوٿ تي هنيائين ته تڏي تي الائي ڪهڙا نه ڪهڙا ماڻهو ، ڏسڻ جھڙي ته هجي. ايتري ۾ مڙسهنس به اچي منهن ڪڍيو ته ڪمالان مٿانهانس چڙي پئي، ‘ماريا! ڪو پلي وانگر چيري لوڻ ڏيڻ جھڙو آن ...’
    ‘ڇا ٿيو، نڪ وڍي!؟’
    ‘وڃي جو پيءُ وٽ ٿو ويهين ته پٺيون جي خبر ئي ڪو نه ... هوڏي جو ادو گذاري ويو آ .... خبر ناهي ته پٺيان محرم ۽ شبن ارڪو ترڪ اگھي ويا هوندا، الائي ڪيئن!؟’
    ‘ڪفن دفن جو بندوبست ڪير ٿو ڪري؟’ ڪمالان جي مڙس ڳڻتيءَ وچان پڇيو.
    ‘ساهه نه وڃئي ٽنگيا ...! سڄو خرچ دوست ٿا ڀرينس .. اسان کي ٻڌائي ويا هن ته حصي وارث آهيوس، اچي سامان سرڙو کڻي وڃو.’
    ‘ها، پوءِ اها ڳالهه ڪر نه ....! رڪشو ڪرائي ٿو اچان ....!’
    رڪشا در تي بيٺو ته ڪمالان پتاشڙي جيترو ڪلف ٻاهرين در تي هنيو. پاڙي وارن کي پارت ڪري، پٽ، مڙس سوڌي تڙ تڪڙ ۾ رڪشا تي چڙهي پئي.
    اڱڻ تي ڪانڌي مچيون ڪيو ن ويٺا هئا. محرم ۽ شبو غم جي تصوير بڻيو سوچن ۾ غرق هيا ته اندر ڪوٺيءَ ۾ الائي ڪيترو ۽ ڪهڙو سامان هوندو؟ ڪمالان جي اچڻ سان خاموش وايو منڊل، ڪيڏارو بڻجي ويو. اُهي آهون دانهون ڪيائون جو سڀني ٻڌندڙن جون اکيون آلو ساهه ٿي ويون.
    جنازي نماز لاءِ کٽ کڄي ته ڪمالان اڀ ڏاري ڇڏيو.
    محرم هانءُ ڦاڙي رڙيون ڪيون، پر ٻيڙين ڇڪڻ ڪري، نڙيءَ جي ڄاري سندس اندر جي آهه کي گھٽي ڇڏيو. شبو (شبانه) به جڏهن سيني تي هٿ هڻي، هاءِ ...! هاءِ! ڪئي ته شام غريبان جو منظر ٿي ويو. صدمي جي ڪري محرم اٿڻ جھڙو نه هيو، پر پوءِ به جھڙو تهڙو جنازي سان گڏ هلڻو ۽ ڪلهو ڏيڻو پيس.
    جيستائين ڪانڌي موٽن، تيستائين ڪمالان ۽ شبو (شبانه) ڪمري ۾ اندر رکيل سامان کي، هڪ هڪ ڪري نظرن سان ڳڻي ڇڏيو ته ڪل چار کٽون، پنج ڪرسيون، هڪ ٽيبل، هڪ لوهي ٽرئنڪ، پنج بسترا، هڪ رنگين ٽي ــ وي، هڪ ٽيپ رڪارڊر، ڀتين تي ٽنگيل ڇهه کن تصويرون ۽ ٻيا هلڪا سلڪا ٿانوَ ٿپا آهن.
    کٽ جڏهن خالي موٽي آئي ۽ عذرخواهيءَ جو نه ٽـٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. حيرت ته محرم ۽ رمضان کي هئي ته ٻيڙين ٻانڌي جي تڏي تي شهر جا شاعر، اديب ۽ ڪامريڊ مکين وانگر اچي مڙيا هيا؟ جڏهن ماڻهن جي اچڻ وڃڻ جو سلسلو شام تائين به ڍرو نه ٿيو ته محرم اوٻاسيون ڏيڻ لڳو. رمضان ڪياڙي کنهندي کنهندي وڃي زال کي ماجرا ٻڌائي.
    ٿوري دير کان پوءِ ڪمالان جي هيانوَ ڏاريندڙ پارن ۽ شبو (شبانه) جي پٽڪي ٻڌندڙن کي سيرون وجھي ڇڏيون.
    ‘ا .... ڙي ....ي ... ا ... ا... اا ...ا ... مان توکي اڃا ميندي به نه لاتي، موڙ به نه ٻڌا ....! جھڙو آئين جڳ ۾، تهڙو وئين موٽي منهنجا ...ڀ ...اا ..ءُ ... الائي ڪهڙي ڏائڻ دوست توکي زهر جي سئي هڻائي .... ا .. .. و ... مان تنهنجي ٻيڙين ٻڌڻ وارين آڱرين تان صدقو . ... ٿ ....يا ... ن ... هه ... اون ... اونهه!
    تون مهينو اڳ خوش چڱو ڀلو هه ... هه ...ئه .. ين ... تو ٻڌايو هو ته تو شاديءَ لاءِ ويهه هزار به گڏ ڪري رکيا هه .... هه ...يا اا ... اونهه! ... ا ... ڙي ...ي ، ڪو ملڪ ۾ هجي راڻو راڻي ... ته هن نياڻيءَ نماڻيءَ جي فرياد وٺي ... دا ... د ... ڪ ... ري ....! اونهه ... اونهه!’
    تڏي تي ويٺلن ڪامريڊن ۾ ڦـڙڦوٽ پئجي وئي. سس پس شروع ٿي وئي، جيڪي سياڻا هيا، تن سُر کي سمجھي کسڪڻ شروع ڪري ڏنو. جن جي مرحوم رجب سان ويجھڙائپ ۽ پيارپ هئي، تن به آخر ۾ صلاح اها بيهاري ته عزت انهيءَ ۾ آهي ته ڀڄي جان ڇڏائجي. استاد غفار ۽ ڇوٽو نجيب سنگت جي صلاح سان اندرئين ڪمري ۾ ويا ۽ ادي ڪمالان کي ٻڌايائون: ‘ڀيڻ! اسان هلون ٿا ... هي چاٻيون ٿوَ گھر جون ... هاڻي هي گھر ۽ اوهان ... جنهن مهل وڃو ته سامهون دوڪاندار کي ٻڌائي وڃجو، اهو ئي گھر جو مالڪ آهي.’
    ‘چڱو ...ادا ... جئين اوهان جي مرضي!’ ڪمالان چاٻيون وٺندي دل ۾ ڪجهه ٻيو چيو.
    محرم ۽ رمضان ۽ شبو (شبانه) کي ڄڻ ساهه پئجي ويو. رجب جي دوستن کان جڏهن گھر پالهو ٿي ويو ته وارثن ۾ سامان جي ورهاست شروع ٿي وئي.
    اُٿندي ڪمالان وڃي ٽي ــ ويءَ ۾ هٿ وڌا. ‘هيءَ ته مان کڻندي سانوَ ، ڳالهه اَٿو سڌي.’
    ‘تون ڇو کڻندينءَ؟’ محرم وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان اعتراض اٿاريو.
    ‘آخر هڪڙي ڀيڻ آهيانس، منهنجو ايترو حق به ڪونهي.’
    ‘عورتن جو اسلام ۾ حصو، مردن جي اڌ جي برابر آهي.’ محرم وراڻيو.
    ‘ها، جائي به!’ شبو (شبانه) به محرم کي ٽيڪو ڏنو.
    ‘باقي مردن ۽ کدڙن جو ٻيڻو آ ... ها نه!؟ خبردار جو مان سان اٽڪي ٻٽڪي ڪئي اَٿو! ... جئين ڪامريڊن کي کسڪ صورت پڙهائي ڇڏيم، ائين توهان جي تڏا ويڙهه نه ڪرايم ته منهنجو نالو به ڪمالان ناهي.’
    ‘اُهي ڪامريڊ هيئي نڌڻڪا ... اسان ته تنهنجي بڻ بڻياد کان واقف آهيون!’
    رمضان ڏٺو ته ڳالهه وڃي ٿي وڌندي، هڪ دم وچ ۾ ٽپو ڏئي زال جو پاسو کنيائين:
    ‘مان کي رڳو اهو ٻڌايو، جي مڙس ماڻهو هيئه ته ڪڍي ڏيکاريو ها نه، ڪامريڊن کي. اهي ڪمالان جو دهمان هيوَ جو انهن کي ڦُـٽايو ، نه ته اوهان کي ڏين ها، آنڱوٺو ... اهي اهڙا اگرا آهن، جو حڪومت سان وڙهڻ ۾ به دير ناهن ڪندا.’
    ‘هاڻي ڪاٿي آهن، اهي ڪامريڊ ... ڪامريڊ پنهنجي مُٽ تان پاڻ ٿا ترڪن.’ محرم وراڻيو ته شبو (شبانه) به تاڙي وڄائي وراڻي ڏني، ‘جائي ته چوي ٿو ويچارو!’
    ‘تون ته بس ڪر، ڏٻر ۾ ٽاڻا ... پرائي ٽٽ تي سندرو ٻڌيون بيٺو آن ..’ ڪمالان شبوءَ (شبانه) کي رهڙ پٽي.
    ‘اها ڀاڀر، ٺوٺين ميري مڙس جي ڪري ٿي ڪرين ڇا؟ مون کي به پنهنجو اڙيل گريو (خطرناڪ يار) آهي! اُهو آندم ته پوءِ وڏو گند ٿيندو.’ شبوءَ (شبانه) نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
    ‘ٻڌايانوَ ٿي ته مان به اهڙي پوتي لٿي آهيان، جو پاڙي وارن کي جڏهن اهو ٻڌايم ته بابي مئي کان پوءِ محرم ، رجوءَ کي موچڙا هڻي گھران ڪڍيو هيو ۽ شبوءَ کي بابي، ته پٺ هڻائڻ تي، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي گھران تڙي ڪڍيو هو ، ته ليڙ به هٿ نه ايندوَ.’ ڪمالان ڪاوڙ جي ڌمڪي ڏنن.
    ‘پوءِ، اسان کي وات ڪونهي ڇا!؟ اسان به هڪ هڪ کي جڏهن ٻڌايوسين ته ڪمالان ٽمڻي ٽڌڪي آٿو، هن سان ته رجو پورو منهن ڏئي به نه ڳالهائيندو هو ته پوءِ ڪاڏي وينديئه؟’
    محرم کي ڀئو ٿي پيو ته ڪمالان ۽ شبوءَ جي کٽراڳ ۾ آيل مال هٿن مان نه هليو وڃي ته ٻنهي کي سمجھائڻ لڳو:
    ‘آهستي ڳالهايو ... ماڻهن ٻڌندا ته ڇا چوندا؟!’ پوءِ ڪمالان کي چوڻ لڳو:’تنهنجو ئي ڀت گھاٽو ....! تون ئي ٽي ــ وي کڻ ... مان کڻي ٿو ٽيپ ۽ لوهي ٽرئنڪ کڻان!’ محرم اٿي وڃي ٽيپ ۾ هٿ وڌا ته شبو ٽپو ڏيئي، لوهي ٽرئنڪ تي چڙهي بيٺو. هٿن کي نچائيندي چيائين: ‘هيڏي وڌي ته ڏيکار، ٽرئنڪ ڏي، هٿ ته ڀڃاءِ!’
    ‘تون ڀيڻان ... ٺوٺيوال، تون ٽرئنڪ ڪاڏي ڪندين ....!؟ تون کڻي ڪا ٻي شئي کڻ.’ محرم کيس سمجھائيندي چيو.
    ‘تتر کڻو پاڻ، ڀتر ڏيو مان کي ... ڇو؟ مان ڄڻ رجوءَ جو وارث ناهيان ... اسان ته فقير آهيون ... اسان کي ته وڌيڪ ملي نه ....!’
    فقيري واري دعويٰ تي رمضان کي مٺيان لڳي ته چئي ويٺو. ‘اڙي، وري توهان ڪڏهن کان فقير ٿيا آهيو؟ توهان ته آهيو ڪو تما ...! جيڪي ٺم ... ٺم ...ڪري ٽوئنري هڻندا وتو .... مرد هوندي به ويچارن کدڙن جو حق کايون ويٺا آهيون.’
    ‘کدڙن جو حق کاڌو سي، ڪو ڀڙون جو ته ڪو نه کاڌو سي. جو وچ ۾ پُرچڪ ٿو هڻين ... ٽنگر ٽويا!’ شبو (شبانه) رمضان کي طعنو ڏنو ته رمضان به جوش ۾ اچي ويو:
    ‘گھڻو گھڻو ڪندوُ ته مان به ڀيڻيوي جي حيثيت سان حق ڇڪيندو سانوَ ... قانون ۾ گھڻو ڪجهه لکيل آ ... ائين نه سمجھو ... اسان به سرڪاري ماڻهو آهيون ... پانور ٿا رکئون ...!’
    ‘سڃاڻانءِ ....! بالشٽر(بئريسٽر) ناهين. مينسپالٽيءَ ۾ پٽيوالو آهين. جن کي ڇهه ڇهه مهينا پگھار ناهي ملندي.’ محرم مٿائنس ڏاڏر ڪئي ته متان، رمضان به حق ڇڪيندي، ڪا شئي نه کڻي وٺي.
    ‘گھڻي گھڻي ، ٽين ٽين! ڪيوَ ته ڍڪ ۾ هڻائي ڇڏيندوسانوَ!’ رمضان گٺل پٺل ميونسپالٽي جي ملازمن واري پراڻي ڌمڪي ڏنس.
    ‘اسان وڪيل ڪري پراڻي زماني جون ڳالهيون کولرايوسين ته پوءِ ڪاڏي ويندين!؟’
    ‘ڪهڙيون ڳالهيون کولرائيندئو؟’
    ‘ڪمالان کي ڀڄائي، جيڪا پنج لڙهي دهري کڻي ويو هئين!؟’
    محرم هٿ جو ڪيس ٺاهيندي کيس ڊيڄاريو.
    پر اڳيان به ناٿ هيو، تنهن موٽ ڏنس. ‘گھر ۾ ٽامي جي وٽي به ڪو نه هيوَ ته سون وري ڪاڏهين آيؤ؟’
    شبو (شبانه) جيڪو ٽرئنڪ تي چڙهيو بيٺو هيو تنهن زور سان تاڙيون وڄائيندي ڪڪ ٿي چيو. ‘جلدي ڪيو مال ورهايو ...! مان کي ميلي تي به وڃڻو آ ...!’
    ‘چڱو ٽرئنڪ تان ته لهه ته کولي ڏسئون!’ محرم کيس زور ڀريندي چيو.
    سڀني کي شڪ هيو ته ٽرئنڪ ۾ ڪو گھڻو مال آهي.
    ‘اڳ ۾ اوهان ٽيپ ۽ ٽي ــ وي مان هٿ ڪڍو!’
    ‘چڱو ٺيڪ آ.’ محرم ۽ ڪمالان وراڻيو ۽ پوءِ ٽيپ ۽ ٽي ــ وي رکي ٿورو پرڀرو ٿي بيٺا.
    ڪمالان ڪلف کي چاٻي هڻي، بسم الله ڪري ٽرئنڪ جو پڙ کوليو ۽ جڏهن منڍي هڻي ڳولها ڦولها ڪيائين ته ڪتابن ۽ پمفليٽن کان سواءِ ڪجهه به نه نڪتو. چوڻ لڳي:’هي ڏسو، چريي ڀاءُ جا ڪم، ٽرئنڪ کڻي ڪتابن سان سٿي اٿئين، اهي ڪتاب پڙهي پڙهي ته پاڻ کي بيمار ڪيائين.’
    شبو (شبانه) ڪتاب ڏسندي بي مزي ٿي ويو.
    ‘هئي مُٺيس! چڱو ٿيو، جو ٽرئنڪ کلي، نه ته مان ويچاريءَ کي ٺولهي جو مولهو ملي ها.’
    ‘ٽرئنڪ ۾ هٿ وڌا هيئي ته هاڻي کڻ نه ...!؟’ رمضان، شبوءَ کي ٽرئنڪ کڻڻ تي زور ڀريو.
    ‘ڪتابن کي باهه ڏيندس ڇا ...؟ سڄا ڪتاب پڪوڙن وارن کي ڏيان ته سئو روپيه به نه ٿئي ...!’ شبو (شبانه) وراڻيو.
    سڀئي منجھي بيهي رهيا ته هاڻي ورهاست ڪيئن ٿيندي؟ ڪمالان جو ٽاٻرو پٽ، جيڪو پاسي واري کيسي ۾ وڌل سينٽ جي اڌڙ شيشي، ماچيس ۽ خالي بال پين کي هٿ سان سوگھو جھليون بيٺو هيو، تنهن جون گھمندڙ ڦرندڙ نظرون، ڪنڊ ۾ رکيل کٽ جي هيٺان، بيگ تي پئجي ويون. هن رڙ ڪئي: ‘امان، کٽ جي هيٺان بيگ پئي آ.’
    جسيتائين ٻيا جھڪي هيٺ ڏسن، شبو (شبانه) هانوَ جي باهه کان بانبڙا پائيندو، کٽ هيٺان گھري، بيگ ڇڪي ٻاهر ڪڍي آيو. کٽ تي رکي کوليائين ته سڀئي اچي بيگ مٿان بيٺا.
    ‘گھڻا جوڙا اٿس ...!؟’
    ڳڻپ شروع ٿي وئي. ‘هڪ .... ٻه .... ٽي .. چار ... پنج !’
    ‘پنج ته نوان آهن!’ رمضان ڏسي چيو . ‘بيگ جا کيسا جاچيو.’ محرم ڪياڙي کنهندي چيو. کيسا جاچڻ کان پوءِ بٽون نڪتو. بٽونءَ ۾ پئسا هيا. ڳڻڻ شروع ڪيائون ته ڪل ٻه سئو پنجٽيهه روپيه نڪتا.
    ‘هاڻ ته مان ٽيپ ۽ ٽرئنڪ کڻان نه ...؟!’ محرم، شبو (شبانه) کان پڇيو. شبو (شبانه) بيگ تي راضي ٿي ويو ، ڇو ته کيس بيگ ڏاڍي وڻي وئي هئي. تنهن ڪري ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪري ڇڏيائين.
    ‘بسترن جو ڇا ٿا ڪيو، ڪل پنج آهن!؟’ رمضان تڪڙ ڪندي چيو ته جيئن ورهاست ٿئي ته جان ڇٽي. ‘ٻه مان، ٻه محرم ۽ هڪ شبو کڻي.’ ڪمالان وراڻيو.
    ‘ڪجهه کپيو ئي نه ٿـو.’ شبوَ جواب ڏنو
    ‘توکي ڪنهن ٻي شئي ۾ ڪسر ڏينداسون!’ محرم شبوءَ کي سمجھائيندي چيو. بسترن جي ورهاست کان پوءِ کٽن، ڪرسين ۽ ٽيبلن جو وارو آيو.
    ‘ڪرسيون ۽ ٽيبل مان کڻندس، دوڪان لاءِ ...!’ محرم والار ڪندي چيو.
    ‘الله الله ڪيو ... رڳو مان مان لڳي پئي اٿوَ ... اهي ڪرسيون ۽ ٽيبل مان کڻندس، اسان کي نه کپنديون هن ڇا، آئي وئي جي لاءِ ....!’ شبو (شبانه) هاڻ ڪس کائڻ کان نابري واري بيٺو ته ڪمالان ۽ محرم پاڻ ۾ ٻه ٻه ڪري کٽان ورهائي ڇڏيون.
    ‘باقي ڇا بچيو؟’ محرم پڇيو.
    ‘ڪجهه به نه !’ ڪمالان وراڻيو.
    ‘ها، ڪجهه به نه .... رنڌڻي ۾ ٿانوَ ٿپا ناهن پيا ..!’ ڪمالان جي ٽاٻري پٽ انڪشاف ڪيو.
    سڀئي وٺي رنڌڻيءَ ڏانهن ڀڳا. رنڌڻي ۾ ٻه ديڳڙيون، ٽي چار چمچا، پنج ڇهه ڪوپ، چانهه جي ڪٽلي، تئو، ڪفگير، ڏوئي، بالٽي ۽ هڪ ٻهاري پئي هئي. ٿانون جا ٽي حصا ٿيا. هر هڪ ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ پنهنجو پنهنجو حصو کنيو. اوچتو ڪمالان کي ياد اچي ويو. سٽ پائي غسل خاني ۾ گھري ته کيس ڪجهه نظر نه آيو ته ٻاهر نڪري پڇڻ لڳي: ‘اتي جو اڌ صابڻ جو، آئينو، برش، ڪئنچي، سيفٽي، ۽ بليڊ پيا هيا، ڪاڏي ويا!؟’
    ‘محرم، اڳوڙي ا ندر ويو هو.’ رمضان شاهدي ڏيندي چيو.
    ‘مان ناهن کنيا.’ محرم جواب ڏنو.
    ‘تلاشي ڏيڻي پوندءِ.’ رمضان چيس.
    ‘چڱو مان کنيا هن! وڏو ڀاءُ آهيانس ڇو ايترو به حق ڪونهي ڇا!؟’
    پوءِ ته شبوَ (شبانه) جي تاڙ ٽپي شروع ٿي ويس. ‘ڪڍ مال ٻاهر، چور ڍٽا!’
    ‘بس ڪر، ڀيلائو!’ رمضان اکيون ڏيکاريندي چيس.
    ‘بس ڪر ، ٽپڪي جا!’
    ‘باگڙ دلا!’
    ‘پاڪي مار!’
    ‘ٻڌايانوَ ٿو، چپٽين جي پورهئي کي ڇڏي، رڪ سان راند نه ڪر!’
    ‘چوانءِ ٿي، اسان فقيرن سان نه اُچاءِ، نه ته ڇترن سان دمچي نه ڪٽايانءِ.’
    ٻٽيڪو وڌي ويو ته رمضان هيسائڻ لاءِ کين ڌمڪي ڏني:
    ‘مان ٿو چوانوَ ته ، شرافت سان مڪ مڪاءَ ڪيو نه ته چونڪي تي وڃي جمعدار خانوءَ کي ٻڌائيندس ته ڪو به حصي وارث ڪونهي. سڀئي ڀت ۾ لوڻ وجھي ڀائيوار ٿيا هن.’
    خانوءَ جمعدار جو ٻڌي سڀني کي نانگ سنگھي ويو. رد ڪد سان ڪمالان کي اڌ صابڻ ۽ ڪئنچي ملي. شبو (شبانه) آئينو کنيو ۽ محرم کي سيفٽي، برش ۽ بليڊ حصي ۾ آيا.
    ‘پاڻ ۾ آهيون، ٺهت چڱي آ، باقي ڇا بچيو!؟’ محرم سمجھائيندي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيو.
    ‘تصويرون!’ ڪمالان جي پٽ ڳالهايو. جيڪو وات پٽيون تصويرن کي گھوري رهيو هو.
    ‘ڪل ڇهه آهن، سڀني کي ٻه ٻه اينديون!’ رمضان حساب ڪندي ٻڌايو.
    ‘مان انجمن ۽ ماڌوريءَ جون ٿو کڻنديس !’ شبو (شبانه) ڪرسيءَ تي چڙهي پنهنجي پسند جون ٻه تصويرون ڀت تي ٽنگيل لاهي ورتيون. محرم به ٻه تصورون لاٿيون، جن ۾ فطرتي نظارن سج لهڻ ۽ اڀرڻ جي منظر ڪشي ٿيل هئي. پر کيس مزو نه آيو ته هن شبو (شبانه) کي ايلاز ڪرڻ شروع ڪيا.
    ‘ڀاءُ ناهين ....! اهي تصويرون مان کي ڏي ... تون هي کڻ ...!’
    ‘چڱو ، هي ماڌوريءَ جي کڻ ... باقي انجمن ته اسان جي گرو فنڪار آ، اُها نه ڏيندي سانءِ ... اتان وري هڪڙي تون به ڦينڪ!’
    ايئن ٻنهي ڄڻن تصويرن جي مٽ سٽ ڪري ورتي.
    باقي وڃي ٻه تصويرون بچيون هيون. هڪ رجب جي، جنهن ۾ مرحوم ڪاري عينڪ پايون مشڪي رهيو هو ۽ ٻي ڪنهن بين الاقوامي ڪامريڊ اڳواڻ جي هئي. جيڪو ڪنهن ڳوڙهي سو چ ۾ ٻڏل هيو. ڪمالان، مڙس کان ڀاءُ جي تصوير لهرائي سيني سان لڳائي. باقي ٻي تصوير لاهڻ کان کيس منع ڪئي.
    ‘ان گنجي جي تصوير نه لاهجانءِ ....! مئو ڏسي ته ڪيئن ٿو ٽڪ ٻڌي ... ڀلي وڃي دوست کڻنس، آخر انهن ويچارن جو به ته حق آ!’
    ٿوري دير کان پوءِ، هڪ ٻئي پٺيان، ٽي گڏهه گاڏا اچي ويا. هر هڪ، حصي ۾ آيل سامان ڍوئي گاڏي تي رکرايو. سواءِ هڪ تصوير جي، جيڪا چتايون خالي ڪمري کي گھوري رهي هئي ......


    2.3 ساڌُ

    دادن جي ٽڪريءَ تي، ڀنگ جو پيالو هڻي، ڪچيون گاريون ڏيندي ۽ وٺندي جڏهن جوا کيڏي رهيو هيو ته اوچتو نارو پئنچ ٻڌايس: “ادا سوڍا! تيڏا ٻا مرتي گيلاهي.” پيءَ جي مرڻ جو ٻڌي ، هٿ مان پتا ڇڏائي وڃي پٽ پيس، مٺ جيترا کٽيل روپئي روپئي جا مروڙيل سروڙيل نوٽ به کڻڻ وسري ويس. تيزيءَ سان ڪانهن جي ٺهيل اوڏڪن پکن ڏانهن ٻرانگهون هنيائين ، سرڪي (پکي) ۾ گهڙيو ته ڀيڻس ۽ جوڻس، ٻين عورتن جي ڀاڪرن ۾ پار ڪڍي روئي رهيون هيون. پٽهنس رامن خوف وچان ڪرونڊڙو ٿيو سُسيو ويٺو هيو، مکي هرچند پئنچن سان گڏ ڪڇ ۾ ڪيسيري پٽڪو ڪيون بيٺو هيو. بتيءَ جي جهيڻي روشنيءَ ۾ مکي ۽ پئنچن جون ٽانڊي جهڙيون اکيون ۽ ڪنن جون سونيون ڪيوٽيون پئي چمڪيون، ڪاوڙ ۾ مکيءَ جو هڪ هٿ وڌي اچي سندس پڳڙيءَ ۾ پيو.”هائو ڙي سوڀا! تنهنجي ڪا ادا...! پٽهين ته ايترو به ناهي سکيو ته جنهن جا پيئر مردا آهن ، اهي پڳا ناهن پائيندا.” مکي سندس پڳڙي لاهي سرڪيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ اڇلي ۽ پوءِ پنهنهجي پڳ ان جي مٿان رکيائين. آهستي آهستي ڪنڊ ۾ پڳن، پوڳڙين ۽ انگوڇن جو ڍير لڳي ويو.
    “واڏڻ کڻي لاش ڪڇي ڇڏيو بابا!نه ته صبح سان وڏو ٿي ويندو!” مکي اوڏڪو سونسو ڪندي رڙ ڪئي. وزيري پئنچ نئين واڻ جي نوڙي ڪڍي لاش ڪڇي، اهو ٽڪرو ڪوڏر سان ڪپي لاش جي سرانديءَ ڪري رکيو.
    “نارو! ڪاڏي ڪاڏي ماڻهو مڪاٿو؟” مکيءَ پڇيو.
    “مکي ، باڊهه وارن جيپڙوتن ڏي ، مديجي وارن گڏاهين ڏي، ڳيريلي وارن گڙگٽن ڏي ..” ناروُ واڻيو.
    “اڙي لاڙڪاڻي وارن کروڙن ڏي به ماڻھو ڪيو، ڏوڪريءَ وارن ڏيواتن کي به ٻڌايو، ڪنڊياري وارن ڪليھن ڏي به مُنجو .... ڀيڻان سوڀو ساڌ هو ، ڪو جهڙو تهڙو هو ڇا؟”
    ‘جي مکي!’ ائين چئي نارو سرڪي مان ٻاهر نڪري ويو.
    ‘هائو مکي! چئين سچ ٿو، سوڀو مور هو مور، وڏي مڃتا هئي سوڀي جي بابا! اوڏ ته ڇا پر گوچا (مسلمان) به فيصلن ۾ امين واريندا هيس!’ ائين چئي هڪ همراه روئڻ ۾ ڇٽڪي پيو.
    ‘ڀائي! ڪو جهڙو تهڙو ساڌ هو ڇا؟ پيڙهاتو هو پيڙهاتو !....اڙي ادا، اڄ هرچند اڪيلو ٿي پيو.’ مکي هرچند جو هيانءُ ڀرجي آيو، ڳلي ۾کانگهارو اٽڪي پيس. هن زور سان ڪڍي ٻاهر اڇليو ، کانگهارو ڳلي مان نڪتو ته ڪنڌيءَ جي ڪانن کي ڀاڪر پائي چنبڙي پيو.
    ‘بس ڀائي! جنهن جو هتي به کَپ ته ، اُتي به!” ٻي ڪراڙي اوڏ ٿڌو ساهه کڻي گوڏ جي پلئه سان نڪ جو ريشو اُگهندي چيو.
    “ڪهڙي بات ڪجي ، سوڀي ساڌ جي ڀائي! ... آنڌي مانجهي ، ٿڌي ڪوسي، مَــرُ جيءُ ۾ جاڏي هڪليس ته گوهي نه ڪندو هو ... ڪچهري ۾ چوندو ٻه اکر، پر نبيري وارا... اوڏڪي ڪل جو لال هو ڀائي!.... تڏهن ته ڀڳوان گهر ڀري ڇڏيس، اهڙا ڀلا گڏه جو ڪنهن جي سرڪي ۾ نه، اهڙي سيبتي ننهن جو ويڙها ڳول ته نه لڀي ... پر پٽنهس ۾ اُها مڻيا ڪونه ... بس ڌڻي اڳنان مت ڏيندس!’ وزيري پئنچ جي اها ڊيگهه، سوڍي کي ائين لڳي ڄڻ لوسي گڏهه بي مهلي هينگ ڪئي هجي، هن اندر ۾ ڪٽ کائيندي چيو. ‘وزيرا! جي پيءُ مئل نه هجي ها ته اڄ پٽڪو ڌوڙ ۾ روليانءِ ها، پوءِ جيڪي ٿئي ها، ڏٺو وڃي ها”.
    رکي رکي هوا جي جهوٽي تي اڇي چادر جو پلئه لاش مٿان کڄي پئي ويو، جنهن کي ماڻهن هر هر پئي ٺاهي وڌو. سوڍي پيءَ جي لاش کي اچرج وچان چتايون بيٺي پئي ڏٺو، ڄڻ کيس يقين ئي نه پئي آيو ، ته واقعي سندس پيءُ مري ويو آهي يا ڌرتيءَ تي نئون سنئون ٿيو ڇهندو ڪيون ستو پيو آهي. هن پڪ ڪرڻ خاطر، جيئن ئي پيءُ جي لاش مٿان چادر هٽائي ته پڻهس جون ٻوٽيل اکيون ۽ بند ٿيل ساهه کيس جهنجهوڙي وڌو. هو پيءُ کي بي اختيار چنبڙي رڙيون ڪرڻ لڳو، ڄڻ کيس گھري ننڊ مان جاڳائيندو هجي. “بابا!... بابا!.....” سندس بي رخين اکين مان پاڻي ائين ٻنڀ ڏئي ٻاهر آيو ڄڻ کوهه کوٽيندي، ڳر ۾ ڪوڏر جو لپو لڳي ويو هجي.
    “بس منهنجا لال بس!... ڙي بس!” مکي هر چند کڻي سيني سان لاتس، هڏڪين ۽ سڏڪين ۾ مکيءَ کي ننڍڙي ٻار جيان چنبڙي پيو.
    “هين ڀيڻان گڏهه! رنن وانگر ٿو روئين ... اڙي مڙس ٿيءُ، زندگيءَ جو بار ڪيئن ڍوئيندين؟” مس مس سمجهائي، مکيءَ تڏي تي ويهاريس.
    رات جي پيٽ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان اوڏڪو راڄ ڄام پور ۾ ڪهي آيو هيو ، جن سوڀي جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائيندي ساري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏي.
    ماڻهو بيهي هٿ مٿي ڪري، ايڏي گهري، ٻه هٿ موڪري، پنج هٿ ڊگهي قبر تيار ٿي وئي هئي. ڪچڙي منجهند جو سوڀو سينگارجي گهران ٽٽري (ارٿي) تي ڍونڍڪارن ۽ اوڇنگارن ۾ کڄيو ته مکيءَ ماڻهن کي جهليو: “ڀائي نه روئو!..... پنهنجي ڌرتي ماتا ڏي ٿو وڃي ، متان ماتا ڪاوڙجي کيس پيڙي نه!”
    سوڀي جو لاش ڏاڍي ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان قبر ۾ رکيل نئين رلهيءَ تي لاٿو ويو. مٿان چادر جهلي مٽي آهستي آهستي ريڙهي وئي ۽ ڌرتي کيس ائين ڍڪي امرلٽ ڪري ڇڏيو جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪپڙي جي پلئه سان ڍڪي ڇڏيندي آهي.
    ڪانڌين ڪانڌپو کائي بس ڪيو ته سوڍي کي مٽن وهنجاري سنهنجاري، ٺاهي ٺڪي، وٺي وچ تڏي تي ويهاريو ، مکي پئنچن ۽ چڱن مڙسن کيس راڄ اڳيان ور ورائي نئين پڳ ٻڌائي ، هرچند مکيءَ جي حيثيت سان کيس نصيحت ڪئي : “پُٽ سوڍا! تونجو پيءَ اوڏان ويو، جاڏي سڀ ڪو ويندو آ.. اڄ گهر جو وڏو تون آ... راڄ ۾ اُٿي ويٺي توکي ڪرڻي آ ... هاڻي تون اهو ناهين جو ٻاراڻيون ڪرين ۽ راڄ سهي”.
    سوڍي کي مکيءَ جي نصيحت ائين لڳي ڄڻ راڄ اڳيان کيس لٺ اولاري ڪڍي هيائين ته اڳتي خرمستيون ۽ چلولايون بند، نه ته جيئن سمجهي ٿو. ڀيڻيوي رانول ، جڏهن اوڏڪي رسم مطابق گڏهه جا آٿر آڻي هٿن تي رکيس ته هن کي ائين لڳو ڄڻ چيو هجيائينس ته هاڻي هو ننڍڙو کوتڙو ناهي، جيڪو زماني جي بارن کان آجو پستيءَ تي پستي ڏيندو وتي. هاڻي هن کي ڀڙ گڏهه جيان زماني جا ٻورا مڙسيءَ سان ڍوئڻا پوندا. ان سمي، پيءَ جي هڪ هڪ ڳالهه ياد ڪندي اُٿلي پيو ته پڻس هوندي کيس ڪنهن ڳالهه جي لکائي ڪونه پئي هئي. هن ته ماءُ مئي به پاڻ کي ڇورو نه سمجهيو هيو پر هاڻ پاڻ کي بي واهو ٿي سمجهيائين. جنهن کي هر ڪنهن ٻڌائي چيو ته ڪوئي به ڪونهي جيڪو سندس ڪئي جا ڏنڊ ڀري، ڇل ڪپٽ اکين تي رکي. اهڙيون ڳالهيون ذهن تي رکندو ويو ته اکيون ، ڀنل لئي جون ٽاريون ٿي ويس، جن کي انگوڇي جي پلئه سان هر هر پئي اُگهيائين.
    مکي، پئنچ ۽ راڄ جا ماڻهو، پنهنجا لٿل پٽڪا، پٽڪيون، انگوڇا ڇنڊي ڦوڪي مٿن سان ٻڌي چڪا هيا. سڄي رات ۽ ڏينهن جي اوجاڳي ۽ ٿڪ ڪري موڪلائڻ لاءِ آتا هيا. هن اُٿي ، ويٺل نڙيءَ سان سڄي راڄ کي ڪرڻين جو ٻڌايو: “ڀائي !ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪرڻين جو ٻڌو هجيوَ!” راڄ وارا ڪرڻين واري ايندڙ وار جو حساب آڱرين تي ڪندا اُٿي ويا.
    ڪرڻين واري ڏينھن تي، جڏھن نياڻين سياڻين ڌاڳي ٻڌل ڪوري دکيءَ مٿان رکيل ماني ڳڀو کائي باقي بچايل ٽڪر ۽ جل دان ڪري سوڀي جي قبر طرف اڇلايو ته براھمڻ شنڪر لال سوڍي کي ٻڌايو: “ڀائي! ھاڻي تنھنجو برت پورو ٿيو.” ھن اڃا مانيءَ جو گرهه ڀڃي مٺائي ۽ گيھه ۾ ٻوڙي وات ۾ پئي وڌو ته مکي پڇيس.’ڀائي! ڪرڻيون ته خير سان ٿي ويون، ھاڻ سکو ڊاڙ ڪڏھن ڪندين؟’ ھن کي لڳو ڄڻ مکي کيس ساھي پٽڻ نه ڏيندو. ھو اڃا ويچارن ۾ھيو ته ڪھڙو جواب ڏي ته مکي لفظن جون وري ٻيون سونٽيون وھائي ڪڍيس: “سوڍا! ھتي پڻھين جي وھي وارا ويٺا ٿي، جنھن کان وڻئي، تنھن کان پڇ ته ڏاڏنهن سيتل جي ڪرڻين جي ٻي ڏينھن تي سوڀو، جيءَ چڙھيو، چئي: متان بابي جي آتما کي ان ۽ جل جو دان نه ملي ، تون ٻڌاءِ، پنھنجي پيءُ جي آتما کي گھڻا ڏينھن سڪائيندين؟....مھينو اڌ، سال يا سدائين لاءِ.’
    سوڍو سمجهي ويو ته مکي سندس اندر جي گدڙ کي سڃاڻي ورتو هيو. هاڻي کيس سڄي راڄ ۾ ڏٺو پئي ڪيائين، سوڍي جنهن سڄي عمر رڏيءَ ۾ گذاري هئي، سو ڪاٿي پئي مڙيو. مکيءَ کي مند جي ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين:
    “هونهه!..... بار گڏهه تي چنگهي کوتي.... مکي! ساڌن جا پٽ ساڌ ٿيندا ڪو تنهنجا يا چورن جا ته ڪونه ٿيندا.... هفتي کانپوءِ ڀلي مهاراج گهرائي سکو ڊاڙ ڪرايو.”
    مکي اهو سوچي کيس ڪا ورندي نه ڏني ته گپ گپ سان نه ڌوئبي آ. هن مهاراج شنڪر لال سان سس پس ڪري اها صلاح ڪئي ته جي وارو ڏنو ٿئين ته جاٺو هڻي ڪڍجيس هن پوءِ وڏي واڪي ويٺل راڄ کي ٻڌايو : “ٻڌو هجيو ڀائي... آرتوار آتوار اٺ، نائون سوموار، ڏهون منگل وار ... منگل وار تي سکو ڊاڙ ٿيندي.”
    سکو ڊاڙي واري ڏينهن تي سوڍي جي سرڪي ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به ڪونه هئي. جنهن ٻڌو هيو، سو آيو هيو. ڪو سڏ تي، ڪو بي سڏيو رونشي خاطر.
    سرڪيءَ جي اڱڻ تي، وڻن هيٺان وچ تي مکي هرچند ، سوڍو ۽ مهاراج شنڪر لال ۽ پاسن کان پئنچ پلٿيون هنيون ويٺا هيا. مهاراج شنڪر لال ڀاڳيرٿ جي ڪٿائن سان اوڏڪو راڄ ريجهايون ويٺو هيو.
    “سائين ڪانن جي نئين مڙهي تيار آ.” وزيري پڄنچ سرڪي ۾ گهرندي مهاراج جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
    “هر شيءِ تيار ڪري رکي اٿو ... ڪانن جو پڃرو ، جل ڀريل دلو، پرساد ۽ چئومکي واري ٿالهي؟ “ مهاراج پڇيو.
    “هر شيءِ شئين تيار آ.” پئنچ وراڻيو.
    “ بس ته پوءِ اُٿو!” مهاراج سڀني کي اُٿڻ جو اشارو ڪيو. مڙهيءَ ۾ گهرڻ کان اڳ، سوڍي ۽ شنڪر لال جدا جدا شنان ڪري، پنهنجي پنهنجي ڍنگ جا ڪپڙا پهريا. ڪانن جي مڙهيءَ اندر مهاراج ۽ سوڍو گهريا، باقي سڄو راڄ، مکي ۽ پئنچن سان گڏ ٻاهر بيٺو رهيو.
    سوڍو انگوڇي جو گهونگهٽ هنيون . مهاراج اڳيان، ڪنهن نويل ڪنوار جيان ڪنڌ جهڪايو ويٺو هيو. مهاراج منتر ۽ اشلوڪ پئي پڙهيا. سوڍي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ مهاراج کيس هڪ نه سمجهندڙ دنيا ۾ پٽيون کنيون پئي ويو. انهيءَ ڪري کيس هڪ عجيب قسم جي آسيس ۽ فرحت پئي آئي.
    جڏهن مهاراج منتر پڙهي پورا ڪيا ته هن ٻن پتل وارين ٿالهين کي جيڪي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل هيون، سوري وچ تي ڪيو. هڪ ٿالهيءَ ۾ کوپرو ، ڇونهارا ۽ پرساد پيل هيو، ٻي ٿالهيءَ جي وچ تي اٽي جو چئومکو ٻري رهيو هيو. پاسن کان اٽي جا ٽي چاڻا پيا هيا. هن هڪڙو بوتو ڪڻڪ جي اٽي مان ۽ ٻيو مانهه ۽ مڱن جي اٽي کي ملائي ٺاهي، ٻنهي بوتن جي نرڙ تي سندور جو ڳاڙهو ٽڪو ڪڍي پوءِ سوڍي کان پڇڻ لڳو:
    “ڀائي سوڍا مل! تون مري ويل ساڌ جي جيءَ چڙهين ٿو؟”
    “جي مهراج!” ، سوڍي آهستگيءَ سان وراڻيو.
    “ڪام ، ڪروڌ ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار کان پاسو ڪندين؟”
    “ها، مهراج!”
    “آسري گڻن، پکنڊ ، گهمنڊ ، اڀمان ، ڪروڌ، ڪٺورتا، ۽ اگيان جي اوڏو نه ويندين؟”
    “نه!”
    “هميشه سچ کي ڌرم سمجهندين؟”
    “ها مهراج!”
    “سوڍا جي تون پنهنجي وچن جو پالن نه ڪيو ته توکي ڪشٽ ڀوڳڻا پوندا، تنهنجي پوجيه پتا جي آتما رلي ويندي، تنهنجي ڪئي جي ڀوڳنا، تنهنجو ٻالڪ ڀوڳيندو، تنهنجو پريڻام اهو ٿيندو جو تون اڳلي جنم ۾ ڪتي جي پيٽ ۾ ڪينئي جي صورت ۾ ٿيندو.”
    مهاراج شنڪر لال جون سُر سان ڊيڄاريندڙ ڳالهيون ٻڌي سوڍي کي هيڪر جوجڪي آئي ته چئي ڏي: “کڻ پنهنجو ساڌپو، مان هي ٿو وڃانءِ، اهڙو سون ئي ٻَن ، جو ڪَن ڇني، پر چئي نه سگهيو جو اهو به سوچيائين پئي ته جيڪو ٻڌندو سو کلندو ۽ سڄي عمر ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو.”
    مهاراج اؤتارن جون ڪٿائون ٻڌائيندي آخر ۾ نصيحت ڪندي چيس: ‘سوڍا! اڄ کان وٺي تون سچ جي ٻيڙيءَ تي سوار آن، سچ جي ٻيڙي لڏندي آ، پر ٻڏندي ڪونهي. ڀڳوان جي پيارن کي پيون ڪٺنائون اينديون آهن، جيڪو انهن مان پار، تن کٽيو.”
    مهاراج جون اهڙيون سڀاويڪ ۽ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌي ، سوڍي جو اندر ماٺار ۾ اچي ويو. پڪو ارادو ڪري ڇڏيائين ته جي ڪلهو ڏنو آ ته نڀائي وڃبو پر پيءُ جي آتما نه رولبي، نه پاڻ اڳلي جنم ۾ ڪتي جو ڪينئون ٿيندو ۽ نه وري پنهنجي ڪرمن جو ڪڙو ڦل رامن کي کارائيندو.
    مهاراج وري اشلوڪ ۽ منتر پڙهندي ٿالهيءَ مان ٻه بوتا کڻي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪانن جي پڃري ۾ وڌا، پوءِ ڪوري دلي ۽ پڃري جو پئنچن کان بهراڻو ڪڍرائي، پرساد جي ٿالهيءَ سان گڏ سوڍي کي وٺي مڙهيءَ مان ٻاهر نڪتو ته سوڍي کي چئوطرف واڌاين جي آوازن ۽ مهاراج کي هٿن جو گهيرو ٿي ويو، جيڪي کانئس پرساد وٺي نه ڄڻ ڦري رهيا هيا.
    “واڌايون سوڍا!..... واڌايون ڀائي!.... وا.... ڌا..... يون......” واڌاين جي مڌر آوازن تي سوڍو اندران ئي اندران ٻلوان ٿيندو پئي ويو . کيس وشواس ايندو پئي ويو ته هاڻي هو اڳيون پاکنڊي ، ٺڳ ۽ چور سوڍو ناهي رهيو. هاڻي سندس اندر مان هڪ نئين سوڍي جنم ورتو آهي، جيڪو سچو، ڌرمي ۽ ديوتائن جو ماڻهو آهي. هن جو پاڻمرادو ڪنڌ جهڪي ويو هيو. نظرون زمين تي کپي ويون هيس ، کميا ۽ ڌيرج سان پئي هليو. هر ننڍي وڏي اڳيان پئي جهڪيو. هن کي ڏسندي مکي هرچند کي ته ڄڻ يقين ئي نه پئي آيو ته ڪڏهن پاپي شخص جي به ڪا ائين ڪايا پلٽجي سگھي ٿي.
    هفتي اندر نه صرف مکي، پر پئنچ به اچرج ۾ اچي ويا هيا. جڏهن وزيري پئنچ جهڙي مخالف ، جنهن کي اڳ سوڍو ڏٺي نه وڻندو هيو، تنهن به پئنچن جي ڪچهريءَ ۾ سوڍي جي ساراهه پئي ڪئي: “مان کي هاڻي لڳي ٿو ته سوڍو ، سوڀي جو پٽ آ، نه ته ڀڳوان ٿو ڄاڻي اڳي شڪ هو.”
    نارو پئنچ جنهن ويٺي چلم ڇڪي، نڙ هٿ مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پيس: “اهو وري ڪيئن؟” هن پٽ تان نڙ کڻندي وزيري کان حيرت مان پڇيو.
    “ڪلهه ڪو سوڍي سان وڏيري جو ڪمدار سير ۾گڏيو ، چيائينس ته، هزار سوا ڪانو ڪَـڙ ڪڍائـڻي آ، تنهان اوڏن ۾ ڪهڙو هوشيار آ کاٽيءَ ۾، جو جهٽ ڪري ڏي، ته مانجو نالو کنيائين. اچئي ٿي پت!؟”
    “تون چوين ٿو ته پت اچي ٿي، نه ته تنهنجو نالو وٺندي ته ڪتڙيون چڙهنديون هيس. اڳي ته تنهنجا ٺهيل ڪم به ڊاهيندو هيو؟” نارو عجب مان وراڻيو.
    “چڱو ٿيو ڀائي! ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي ، سا به نه چئبو ڀلي!” مکي سک جو ساهه کڻندي چيو ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس پئي ڪيائين.
    “پر اڃا ته پاٽي به ناهي پيٺي، مکي اڳتي ڏسجي ته ڪهڙا ٿو ڪلياڻ ڪري؟”، نارو کي اڃا به ڳڻتي هئي ته سوڍو ڪهڙي مهل به بلٽ کائي سگهي ٿو.
    اهو چئوٻول نه صرف چئن چڱن جي ڪچهريءَ ۾، پر محمدي گوچي جي چانهه جي مانڊڙيءَ تي به لڳو پيو هيو. سڀئي ڏٺل وائٺل ۽ سندس جُهٽَ حيران هيا ته سوڍو جيڪو پهرئين درجي جو ڪوڙو، قسمي، جواري، چور، ٺڳ ۽ اوڙي پاڙي جي ننگن جو دشمن هيو، سو ڪيئن سنت ٿي ويو؟ جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون، ڪنهن ڪيئن پئي چيو ته ڪنهن ڪيئن.
    سيتل جيڪو ايرکا جي آنچ ۾ جلي رهيو هيو، تنهن ڀڙڪو کاڌو: “ماڻهو ڪجهه به چون ، پر مان کي دل سان لڳي ئي نٿي ته سوڍو ۽ ساڌ .... ؟ ساڌ ٿيڻ ڪو ڀوڳ يا مشکري آ ڇا؟ مکڻ سيخ پچائڻو آ، مکڻ سيخ ... مڙيئي مُکي ، گڏه جي مٿان گهوڙي جا سنج رکيا هن.”
    “تون ڇو ٿو ارهو ٿئين ... جنهن کي ڌڻي سمڪ ڏي ته دير ئي ڪانهي.” شهزادو جيڪو سوڍي جي ساڌ ٿيڻ تي سرهو ۽ سنتوش ٿيو ويٺو هيو، تنهن ورندي ڏنس .
    “مان ارهو نٿو ٿيان پر سچ ٿو چوان .... سڄي جڳ کي خبر آ ته ٽيون ورهيه ، مانجو پٽ، گڏه لغڙي چوري ٿي وڃي پار واري قراني حاجي ڪوڙي کي پهتو هو، خبر پاڻ کي ٿي ته حاجي ڪوڙي وٽ شيءِ پهتي ته ڄڻ درياه لوڙهي ويس.گڏهه ته نه موٽيو پر اها پڪ پئي ته چور سوڍو آ. غلامو دايو ۽ ممو نوناري جهڙا حرامي ڪاٽڪو روبڪا بيهاريامانس ته به نه باسيائين، ٿانَ جو قسم پئچائت اڳيان ڏنو مانس ته به ائين کڻي ويو ڄڻ پاڻيءَ جو وٽو پي ويو... تون الائي ڇا ٿو ڳالهائين؟” سيتل سگريٽ دکائي مُٺ تي ڪڇ هڻي وري نڙيءَ تي زور ڏنو : “هيڏي شهزادا!....تون خوش نه ٿيءَ ته جونءَ ننڊ ٿي ... هي سڀئي ٻڌني ٿا.... ٻه ٽي ڏينهن ٻيا گذرڻ ڏي، جي سوڍو اڃا حرامي نه نڪري ته ماجي ڏاڙهي مٽ سان ڪوڙجانءِ!” مانڊڙيءَ تي ويٺل سڀئي کلڻ لڳا، ته شهزادي جو ماتا وارو چچريل چهرو صفا رنگ ڇڏي ويو. سيتل جي اوڙاپي، نرڙ تي گهنڊ وجهي ڇڏيس ۽ هو دهوڙجي ويو ته جي سوڍو اڃا حرامي نڪتو ته پوءِ هن جي ننڊ ته جائي حرام ٿي ويندي. هن کي لاڏڪي پٺيان لڪي لڪي ڪڍ لڳڻو پوندو . هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته هاڻي جي کيس ٻئي ڪنهن واهه جي گهير ۾ ٻٽ هٿ اچي ويا ته اوڏڪي رسم ڀنج (طلاق) جو نه سوچيندو ، يا وري سنئون سڌو ٻروچن وانگر ٻنهي کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڪهاڙي لوڏيندو وڃي ٿاڻي تي پيش پوندو. اهڙو تصور ڪيائين ته ڏڪي ويو. تڙ تڪڙ ۾ ڪوسي چانهه جو ڍُڪ هنيائين ته خيال مٽ ٿي ويس ، ته پوءِ وري پهريان کان ابتڙ ٿي سوچڻ لڳو: لاڏڪي ڪجهه به ، پر سندس سرڪيءَ جي سونهن آ، سڄي راڄ ۾ ڪو سندس پير جي پٺيءَ مَٽ به ڪونهي، تڏهن ٿو هر ڪو سڙي. اڳ ۾ سيتل ته پنهنجي ڦنجهي جوءِ سنڀالي ۽ پوءِ ٻين ڏي اُڇل ڏي. هن جڪون کائيندي سيتل کي آخرڪار ٺاهوڪي موٽ ڏني: “سچ آ ادا، ته ڪتو ڪتي کي ناهي سهندو ، هاڻ سوڍو ٿيو آ ساڌ ته توکي هيانوَ ۾ ڦٽ ٿي پيا آهن !”
    “پوءِ رک ڀلا شرط ته سڀاڻي آزمايونس، جي هوندو ساڌ ته اڳيون پويون سچيون ڪندو . نه ته اڳي وانگر قسم ائين رهڙي ويندو ، جيئن ٻڪري سڱر کائي وڃي... ڪيئن محمدا؟”، محمدو جيڪو چانهه کي ميرانجهڙي ڪپڙي سان ڇاڻي ڪوپن ۾ وجهي رهيو هيو، سيتل تنهن جو ڌيان ڇڪائيندي چيو:
    “ٿي وڃي شهزادا!” محمدي ٻين ويٺلن گراهڪن کي اک هڻندي شهزادي کي ٽيڪر ڏني. شهزادي ٽيڪرن کي سمجهندي به سيتل سان سئو روپين جي شرط لڳائي ڇڏي. ڇو ته کيس اها پڪ ڪرڻي هئي ته سوڍو واقعي ساڌ ٿي ويو آهي يا اڃا ڪو ڦند ڦير اٿس؟ جي اٿس ته پوءِ لاڏڪي سان وري اوئين ئي وهنوار رکي.
    صبوح جو سج نه اُڀريو ته سوڍي کي سرڪي ٻاهران سڏ ٿيو . سوڍو ، ‘رام نام ست هئي’ چوندو ٻاهر نڪتو. ڏٺائين ته سيتل ، شهزادو ۽ محمد بيٺا هيا. هن سڀني کي وڌي وڃي نوڙت سان هٿ ڏيندي چيو: “ڀائي حڪم!؟”
    “حڪم خيراچا، حوال پوڇ!” سيتل وراڻيو . سوڍو سمجهي ويو ته ڳالهه ڪا ڏکيرڙي آهي. هن سڀني کي سڏي اڱڻ ۾ کٽ تي ويهاري پڇيو: ““ڏي ادا! حوال.... جيءُ!”
    “حوال خيرا! چي سوڍا .... توکي ياد آ ته مانجو گڏهه چوري ٿي ويو هو . توکي شڪ ۾ ساک به ڏني هيم ، پر ڀڳوان ٿو ڄاڻي مانجو دلئون شڪ نه لٿو هو. هاڻي جڏهن کان تون ٿيو آ ساڌ ، ته تنهنجي زبان تي ايتبار آ. رڳو هڪڙو دفعو ساڌڪي زبان سان چئه ته تونجو چوري ۾ هٿ نه هو ته هي ٻئي ڄڻا ٻڌني ٿا ته مان يا حياتي شڪ جو لئوظ به نه آڻيندس... توسان گڏ ياسي، ٻيو مڙيئي خير!”
    سوڍي کي ڍڪر چڙهي ويا. ڪي گهڙيون ته اندر جي ساڌ ۽ چور جي ڪشمڪش هلي، پر پوءِ گروءَ جي نصيحت ياد آيس، ته سچ واري جي ٻيڙي لڏندي، پر ٻڏندي ڪونهي، نيٺ سندس اندر جو ساڌ ڪُوڙ جي ڀئو ساگر مان ٿاڦوڙا هڻندو اچي سچ جي ساحل تي رسيو.
    “گهرجي به خير ڀائي!.... مان آزي مڃي!” سوڍي ٻانهون ٻڌي چوري باسي. ‘ساڌ، پاڻ نبيريندين يا پئنچائت ...؟’’ سيتل پڇيس. ‘واڙ مان جيڪو گڏهه وڻئي، سو وڃي ڪاهه ...!’ سوڍي اتي جو اتي پاڻ نبيرو ڪندي چيو ته متان ڳالهه وائرجي ۽ بدنامي ٿئي.
    سيتل اهو سوچي دير ئي نه ڪئي ته زبان آ آلو لڪڻ، متان پوءِ سوڍو ڦري وڃي. ڊڪي وڃي واڙ مان ڀلوڙ گڏه ڪڍيائين ۽ سوڍي جي هانوَ تي مڱ ڏريندو هليو ويو. لکان، سرڪيءَ جي وٿين مان سڄو تماشو پئي ڏٺو ۽ ٻڌو پر پوءِ به پڪ خاطر پڇيائينس ته سوڍي ٿڌو ساه کڻي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس، لکان کي پهريون دفعو و يسهه آيو هيو ته سوڍو ڪو سچ به ڳالهائي سگهي ٿو.
    محمدي جي مانڊڙيءَ تي ميلو لڳي ويو، جنهن ٻڌو هو تنهن کي ڏندين آڱريون هيون. سيتل ۽ شهزادو خوشيءَ ۾ کٿي نٿي ماپيا. اهڙي ڳالهه ٻنهي ڀائرن درشن ۽ ٻيلي ٻڌي ته دير ئي نه ڪيائون، ڊگ ڀڄندا اچي سوڍي جي سرڪيءَ ۾ پهتا . هنن کي ڏسندي سوڍي جو هيانءَ کاڄي ويو. پر دل ٻڌي مُک تي ساڌ ڪي مرڪ سجائيندي کين کيڪاريائين: “ڀائي! جي ڪيانَو!؟”
    “اسان کي خبر پئي آ ته هاڻي تون سچو ساڌ ٿي ويو آ؟” ٻيلي پڇيس. ڀاڻس درشن وري ٽيڪر وارو ڏنو :” ڇو نه ٿيندو سچو ساڌ، ڀت ته نيٺ بڻيات تي ويندي نه!؟”
    “جيئن سمجهو ڀائي!” سوڍي نهٺائيءَ سان جواب ڏنو.
    “اسان تڏهن سمجهئون جڏهن اسان کي به پنهنجو حق ڏين!” ٻيلي سنئين سڌي ڳالهه ڪيس.
    “ڪهڙو ڀائي!” سوڍي سمجهندي به، نه سمجهڻ واري انداز ۾ پڇيس.
    “ياد ڪر، اُتر!، جيڪو دينا داستي کائي ويو هئين، ٻيو ڪهڙو؟” ٻيلي ٿورو تکو ٿيندي ياد ڏياريس . هونئن ته هن کي سڀ ڪجهه ياد هيو ته گڏهن جي سؤدي ۾ هن اتر ڏيڻو ڪيو هيو پر پوءِ اتر کان آنڱوٺو ڪڍي ڏنو هيائين. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڀري ڏي يا انڪار ڪري . انڪار ڪرڻ لاءِ گنجائش ان ڪري ڪونه هئي، جو گرؤ سان ٿيل وچن جو پالن پئي ياد آيس. ڀري ڏيڻ لاءِ اندر جو گهمنڊي سوڍو ڀت لڳو بيٺو هيو، جنهن کي اورانگهڻ يا ڀڃڻ ڏکيو پئي لڳس. هن همٿ ڪري گهمنڊ ۽ اهنڪار واري ڀت اورانگهي ته زبان ڏوهه باسي ويٺي: “ها، ڀائي!ياد آيو.” ائين چئي سرڪيءَ ڏانهن ڀڳو، پيءَ جي ڪاٺ واري صندوق کولي پنج سئو روپيا ڳڻي اچي ٻيلي جي هٿ تي رکيائين . گهر وريو ته وري به لکان پڇيس . هن پنهنجي پاپن جي ڳالهه پيرائتي ٻڌايس. لکان کي سوڍي تي سورنهن آنه يقين اچي ويو ته سوڍو اهو ناهي رهيو ، جيڪو ڪوڙن جو گهڙيل هوندو هيو ، هاڻ جيڪو به پڇبس ته ڌڌڙ ۾ پير نه هڻندو ، لکان اها ڳالهه دل ۾ رکي خاموش ٿي وئي.
    رات جو لکان گهر جا ائوکا پئوکا لاهي رامن کي ٻي کٽ تي سمهاري سوڍي جي گوڏن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳي ته سوڍي جي ڏکندڙ لونءَ لونءَ کي فرحت پئي آئي:
    “راموءَ جا پيءُ توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟” ، لکان چيس.
    “پڇ!”
    “سچ ته ڳالهائيندين نه؟”
    “اڳي توسان ڪوڙ ڳالهايو ٿم ڇا؟”
    “اڳي ڪوڙي سوڍي کان پڇندي هيس، هاڻي سچي ساڌ کان ٿي پڇان”، سوڍي کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي هُٽ کُٽ ٿيڻ لڳي ته هاڻي وري الائي ڪهڙي ڳالهه مُنهن ڪڍندي ، مجبوريءَ کان چئي ويٺو: “ڀلي پڇ!”
    “رڳو اهو ٿي پڇانءِ ته لاڏڪي تنهنجي ڀيڻ سمان هئي يا سريت؟”
    سوڍو ڪي گهڙيون ته گهوماٽن ۾ اچي ويو. هن ته ائين سمجهيو هيو ته هن وقت تائين لکان سندس ڪوڙن کي سچ سمجهندي رهي آهي ، پر اڄ کيس لڳو ته عورت ذات بيوقوف ناهي، جيئن هو سمجهندو آيو آهي.
    “لکان! مان پاپي هيس.... اڳ مان توسان ڪوڙ ڳالهايو هيو. “ سوڍو لکان آڏو پاڻ هاري ويٺو.
    “تون ته مان سان ڏاڏي مَـنشي جي قبر تي هٿ رکي ساک کنئي هئي؟”
    “ان ڳالهه کي ڇڏ لکان، جيڪا ٿي سا گذري!” سوڍي سندس ڪانچڙيءَ کان ڇڪي ڀر ۾ سمهارڻ پئي چاهيو پر لکان باه جي ڄر ٿي وئي. ڀڙڪو کائي کٽ تان لهي بيٺي: “مان به ڏاڏي مَـنشي جو قسم کنيو هيو ته جي تون لاڏڪي سان هوندين ته ڀنج ڪرائيندس.” سوڍو جيئن سمجهائڻ لڳس ته لکان ڪاڪڙو ڪرڻ لڳي. سوڍو خاموش ٿي ويو ته متان ويڙهي ۾ خواري ۽ ڪو نئون بنبال کڙو نه ٿئي، سو خاموش ٿي کٽ تي اڪيلو ليٽي پيو ته امرت ويلا تائين لکان ڪجهه ٿڌي ٿي ويندي ته هو کيس ڌيرج ۽ پيار سان سمجهائي ڇڏيندو .
    امرت ويلا جو ٻئي اُٿي کڙا ٿيا هئا، پر امرت ويلا زهر ويلا ٿي وئي، لکان ڏاج واري پيتي ۽ رامن کي کڻي ٻاهر نڪتي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪ ڇڪان ٿي وئي. جنهن نه ٻڌو هيو تنهن کي به خبر پئجي وئي ته لکان ڇو ٿي رٺي وڃي. ويندي ويندي کيس ڌمڪيون به ڏيندي وئي ته سڀاڻڪي سج ۾ پئنچائت ڏانهن پيڪا موڪلي ساک تي ڀنج ڪرائيندي ، هن کي ڪجهه به سمجهه نه پئي آيو ته ڇا ٿيندو، جڏهن پئنچائت کانئس ساک پت گهرندي؟ جي سچ ڳالهائيندو ته سندس هڙ هلي ويندي. جي ڪوڙ ڳالهائيندو ته جنم جنم جو پاپي ٿيندو ، پٽهنس ڪشٽ ڀوڳيندو. هن کي ساڌپي کان نفرت ٿيڻ لڳي. پر ڏڌو کير ٿـڻي ڪيئن وجهي؟ ڪيئن اهو ساڳيو چور ۽ ٺڳ ٿئي، جنهن سان سڀ ڪو سڌو هيو. هن پنهنجي ذهن کي ائين ولوڙيو جيئن کير ۾ سيباڻ وجهي چاڏيءَ ۾ ولوڙبو آهي. ٿوري دير کانپوءِ سڻڀ جي ڦٽين جيان ذهن تي ڳالهه تري آيس ته جنهن کيس ساڌپي جو سنگهر وڌو هيو سو ئي لاهي سگهندو. هن پڪو پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري ان جنجال مان جان آجي ڪرائي. پوءِ کڻي گروءَ اڳيان گهرٽان ۽ گيسيون ڪرڻيون پونس يا ڌن جي جهجهي دان سان رام ڪرڻو پويس. ان کان اڳ جو ويڙهن ۾ هُو هواءِ ٿي، راڄ گڏ ٿي پڇ پڇ ڪريس، سوڍو اُٿي کڙو ٿيو.....
    شهر، ڳوٺ کان پرتي ڪونه هيو. ڪلاڪ اڌ جو پنڌ هيو . مهاديو جو مندر ڏٺل هيس، پيءُ سوڀي سان ڪيئي ڀيرا آيو ويو هيو. مندر ۾ پهتو ته مهاراج شنڪر لال منهن سامهون ٿي ويس. جيڪو ٻئي ڏهاڙي کان شروع ٿيندڙ اکنڊ پاٽ جي تيارين ۾ مصروف هيو. سوڍو گرو جي پيرن تي پاڻ ڇڏيندي ائين رنڀڻ لڳو، جيئن سوئا ڍڳي کير کان ڪنهن گهاٽي بن مان وڇڙي وئي هجي، “ ڇا ٿيو ساڌ؟” مهاراج آڇچريه وچان پڇيس.
    “مهاراج سائين ! تون چيو هو ته سچ جي ٻيڙي ٻڏندي آ، لڏندي ڪونهي، پر مانجي ته سچ هڪڙي ڏينهن ۾ ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي.” سوڍو منهن ڀريل رت ڳڙيءَ وانگر ڦسي پيو.
    “ڪهڙي ويڌن ٿي وري توسان؟”
    “ساڌن جو زمانو ناهي مهاراج!.... مان چور هيس، ٺڳ هيس ته سڀ ڪو سڌو هيو. جڏهن کان ساڌ ٿيو آهيان ته هرڪو ڪڍ پئجي ويو آ.” سوڍي روئيندي روئيندي مهاراج کي سارا سور سڻايا.
    برهمڻ شنڪر لال سندس اوڏڪي لانڍ مان تنگ ٿي چڪو هيو، تنهن کتو جواب ڏيندي چيس: “ڀائي ، مان ته ڪونه چيو هيو مانءِ ته پتا جي جيءَ چڙه!..... جيڪي اکرين ۾ مٿو وجهندا، اهي مهرين کان ناهن ڊڄندا .... شڪتي نه پئي سمجهئي ته ساڌ ڇو پيو ٿئين؟” سوڍي کي يقين ٿي ويو ته هاڻ ايلازن سان ڪم نه هلندو ته هن گوڏ جي پلئه مان پئسا ڇوڙي گروَ جي اڳيان رکيا: “مهاراج! هزار روپيا دان جا ٿي .... مانجو ڪو ٽڪو پنجو ڪر... مان گريب جي جان آجي ڪراءِ!” برهمڻ شنڪر لال دان جا پئسا گوڏي هيٺان ڪري ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ ٻڏي ويو. چڱي جهٽ کانپوءِ سوڍي کي چوڻ لڳو: “سوڍا! توکي اها اٽڪل ٿو ٻڌايانءِ جيڪا ڀڳوان ڪرشن مهاڀارت جي يڌ ۾ ، دروڻ آچاريه کي جيتڻ لاءِ ارجن ۽ يڌشٽر کي ٻڌائي هئي”.
    سوڍو وات ڦاڙي ۽ ڪن سرلا ڪري مهاراج کي غور سان ٻڌو لڳو .....
    “تون به ائين ڪر جيئن يڌ شٽر، دروڻ آچاريه اڳيان زور سان رڙ ڪندي چيو هيو: “اشوٿوما!” آهستي چيو هئائين: “هاٿي’ ۽ پوءِ ٻوڪٽ ڪري چيو هئائين: “مري ويو.....!’ دروڻ آچاريه ائين سمجهيو ته سندس پيارو پٽ اشوٿوما مري ويو ۽ دل هاري هٿيار ڦٽا ڪيائين....! ڳالهه سمجهه ۾ آيئه؟”
    سوڍي ڪنڌ ڌوڻي، ڳٽڪ ۾ نهڪر ڪئي.
    “تون به لکان کي جيتڻ لاءِ پئنچائت ۾ ساک کڻي ڏاڍيان چئه : “منهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو” ۽ دل ۾ چئه “نه!” ۽ پوءِ ڏاڍيان چئه: “وهنوار هيو.” سڄي پئنچائت سمجهندي ته تنهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو وهنوار هيو. ائين لال به لڀندو، پريت به رهجي ايندي ..... ڀيٽو، هاڻي ته سمجهه ۾ آيئه نه اٽڪل!؟” شنڪر لال مشڪندي سمجهايس.
    “اي مهاراج!..... ڪاٿي ڀڳوان ۽ مهاويرن جو ديماڪه، ڪاٿي مان غريب اوڏ جو .... اتي وري ڪو تو جهڙو پڙهيل هجي ، جيڪو سچ ۾ ڪوڙ ملائي ۽ ڪوڙ ۾ سچ، جو خبر ئي نه پوي .... گرو جي! مان ته سنئون سڌو سچ ڳالهائڻ ڄاڻان يا سنئون سڌو ڪوڙ. مان سان ڪو اهڙو جڳاڙ ڪر جو اهو ساڌپي جو گنگڻ سدائين لاءِ لهي وڃي پوءِ سڄي هند سنڌ جي اوڏڪي ذات کي موڪل آ جو مان کي پڄن.” برهمڻ شنڪر لال کي سندس ڄٽڪي جواب تي ڏاڍي مٺيان لڳي . هن خار مان ڀڀڪي پٽيس: “نڪري وڃ چوانءِ ٿو ڄٽ ڄٽ جا پٽ !..... گڏه هڪليندڙن کي گڏه وارو عقل هوندو نه!..... جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪارو منهن ڪر. .... پنهنجي پتا جي آتما رول يا جنم جنم جو پاپي ٿيءُ منهنجو ڇا!”
    براهمڻ شنڪر لال ، پئسا مٺ ۾ ڪري اُٿيو ۽ ڀڳوان شو جي مورتي اڳيان مٿو ٽيڪي پرارٿنا ۾ لڳي ويو. هو کيس چڱي مهل تائين نماڻن نيڻن سان نهاريندو رهيو. بي رخي مهاراج لئوڻو نه هنيو ته هن کي ائين لڳو ڄڻ شو ڀڳوان کي مڇرائيندو هجي. هن شو جي مورتي ڏانهن سٻاجهو ٿي ڏٺو ته ائين محسوس ڪيائين ، ڄڻ ڀڳوان به ڪاوڙ ۾ کيس گهوري رهيو آهي. هن ڪنڌ ڦيرائي مندر جي ڀتين تي ٽنگيل چترن ڏانهن نهاريو ته اهي به کيس دياوان نه پئي لڳا. هن کي لڳو ته سڀئي کائنس چڙيا ويٺا آهن. جڏهن به سندن ڪاوڙ زر چڙهي ته گڏجي سڏجي سندس ساهه ڪڍي ڇڏيندا. هن جو شرير ڏڪڻ لڳو. ڪنڀڻي وڌي ويس. هو مايوسيءَ وچان ٿڙڪندي پوئين پير مندر مان ٻاهر نڪري آيو.
    سج لهي ٻڏي رهيو هيو ته سوڍو بس مان لهي ڳوٺ جي لاڙي تي رسيو. گهلبو گهلبو گهر پهتو. سندس لڱ ساڻا ٿي چڪا هيا. هن ڏڪندي ڏڪندي بتي ٻاري ٿُـوڻيءَ ۾ ٽنگي، کٽ تي آهليو ته ڄڻ اڌ ساهه ڇڏائجي ويس.
    بتيءَ جي روشنيءَ تي ويڙهي ۾ چئوپچوءَ ٿي وئي ته سوڍو ساڌ گهر پهچي ويو آهي. مکي هرچند ۽ پئنچن کي اڳيئي ڳڻتي هئي، تن جو ٻڌو ته سرڪي ۾ ڌوڪي آيا. سوڍي، مکي ۽ پئنچن کي ڏسي اُٿڻ جي ڪئي ته اُٿي نه سگهيو.
    “هئي ڀڳوان!..... سک شانت ته آهي سوڍا ساڌ؟”، مکي ويجهو ايندي رڙ ڪندي پڇيس.
    “ها ، بس مکي ....! “ سوڍو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو.
    “بس ڇا ؟ .... ٻڌاءِ ته سهي ٿيو ڇاهي توکي؟” مکي سوڍي جي پيشاني تي هٿ رکيو ڄڻ ٽانڊا پئي ٻريا.
    “مکي.....! مان منهن مٽايان ..... ته رامن کي .... ساڌ نه ڪجانءِ .... ڀل مانجي آتما کي .... اَن ۽ جَل جو .... دان نه ملي!.....”
    سوڍي وڏي مشڪل سان، ساهيون کڻندي مکي ۽ پئنچن کي وصيت ڪئي.
    “کير(خير) جي وائي ڪڍ ساڌ .....! ائين ڇو ٿو چئين ....؟ ڌڻي کير(خير) ڪندو!” پئنچن هڪ ٻئي پٺيان زور سان چيس ڄڻ ڪنهن ٻوڙي سان ڳالهائيندا هجن.
    “آج.... ساڌان ... چا... و... ک... ت ..... ڪو ... نهي.... ادا!.... آ.....ج... سا... ڌا.... ن... چا...”. سوڍو ساڌ وڌيڪ نه چئي سگهيو، تيز بخار جي ڪري مٿائنس غش چڙهي ويو.


    2.4 فليگ آف آنر

    صبوح صبوح سان حليم جو پٽ جميل سندس ڪمري ۾ اندر داخل ٿيو. اچڻ سان چيائين:
    ‘بابا، مان اسڪائوٽ ڪيمپ اٽينڊ ڪيان؟’
    حليم پٽ تي ڀرپور نگاهه وڌي.
    نائين ڪلاس جو شاگرد، عمر چوڏنهن سال، وارن ۾ پڳور، مڇن جي هلڪي ساول، تن هيٺ رتول چپ، ڀريل ڳٽا، لڄاريل اکيون هيٺ ڪري وري مٿي ڏسڻ جي عادت. لڳو ڄڻ هن موٽ کاڌي هئي ...
    ڪافي سال اڳ:
    يارنهن کان سورنهن سالن جا ڇوڪرا، ڳچين ۾ رنگ برنگي اسڪارف وجھيون، اسڪائوٽ ٽريننگ وٺي رهيا ها. هو پنهنجي يونٽ جو هونهار اسڪائوٽ هو. هر ڪنهن جي اکين جو تارو، گروپ ليڊر کان وٺي ڪانٽيجنٽ ليڊر تائين. ڪٻري ڏاڙهي واري اسڪائوٽ ماسٽر جون اکيون به کلڻ لڳنديون هيون، جڏهن هن سهڻل تي نظر پوندي هئس. وس پڄيس ها ته دل جي فرنٽ پاڪيٽ تي ڪنهن بيج وانگر سجائي ڇڏيس ها.
    اهڙي شفقت، اهڙي الفت ته کيس گھر ۾ به نه ملي هئي! پر هتي هر جاءِ تي کيس سرس ملي. سنگنل ڪلاسز، هائيڪنگ، ميوزيڪل ورڪ، ڪيمپس ٽرننگ، سڀ ۾ ـــ ڳنڍين ڏيڻ جو ته ماهر ٿي ويو جو رين ناٽ، ڪلچ ۽ لائيف سيونگ ته سندس ڏائي هٿ جو کيل هو.
    هو جڏهن ساڄي هٿ جون ٽي آڱريون مٿي ڪري واعدو دهرائيندو هيو:
    ‘آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ، ملڪ جي قانون جي پابندي، ٻين جي مدد ۽ اسڪائوٽ ۾ قانون جي پابندي ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس.’ ته کيس لڳندو هو ته، هو ڄڻ ڪا وڏي شئي ٿي ويو آهي.
    اسڪائوٽ جا ڏهه قائدا: جن ۾ استاد ۽ والدين جو احترام، ڪفايت شعاري وغيره تي عمل ڪندي کيس يقين ٿيڻ لڳو هو ته ، جي اڄ ‘لارڊ بيڊن پاول’ ۽ ‘گل ول’ به هجن ها ته کيس ضرور شاباس ڏين ها ۽ پٺي ٺپرين ها ...
    تهه سياري جي مند هئي. لُري پئي لڳي. اسڪولن جي ڪنٽرول يونٽ جي ڪيمپ لڳل هئي. ميدان تي ميٽوڙي رنگ جا ويهه کن خيما کتل ها. خيمن آڏو رنگبرنگي اسڪائوٽي جھنڊا پئي ڦڙڪيا. هو پنهنجي گروپ جو پيٽرول ليڊر هو. سندس ڪيمپ اڇي اجري هئي. ٿانوَ ٿپا ترتيب ۾. پرسنل هائيجن ۾ پاڻ ئي شاهڪار هو. جڏهن انسپيڪشن ٽيم جنهن ۾ ڪانٽيجنٽ ليڊر، ڪئمپ چيف ۽ پروگرام ڊائريڪٽر ‘گيجٽ’ ڏسندي ٿورو پرڀرو وڃي سس پس ڪندا هئا، کيس الائجي ڇو لڳندو هو ته ‘فليگ آف آنر’ هن جو آهي. ائين ستن ڏينهن جي ڪيمپ دوران ‘فليگ’، پنج ڏينهن هن جي خيمي تي ڦڙڪندو رهيو.
    هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪئمپ فائر ٿيندي هئي. هن جو آواز جيڪڏهن سٺو نه هو ته خراب به نه هو. هن جو آئٽم هو ‘اچو اسڪائوٽي ٻار’ . هن ڏاڍي محنت سان ريهريل ڪري ائٽم پيش ڪيو:
    ‘اچو اسڪائوٽي ٻار
    رهون ملڪ مددگار
    ماڻهو چون سڀ
    وهه .... واهه ... وا
    وهه .... واهه ... وا’
    هن کي سڀن کان وڌيڪ ‘سٺو ييل’ (داد) مليو. اسڪائوٽنگ ڪليپنگ (تاڙين) سان:
    ‘ٺڙڪ ، ٺڪ ....! ٺڪ ٺڪ ٺڪ!
    ٺڙڪ ، ٺڪ ....! ٺڪ ٺڪ ٺڪ!
    گرائونڊ ڪيمپ فائر لاءِ هن کي ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي هئي. جا هن ڪئي. هڪ ٻيو ڪورس گيت کيس پيش ڪرڻو هو. هن جڏهن اهو ائٽم پيش ڪيو، جنهن جا ٻول ها:
    ‘ايسي کير پڪائين جو ساري مل ڪي کائين
    ڪون کائي گا چمچي نال ....؟؟’
    ته وراڻو رڳو ڪورس گروپ نه ڏنو پر ٻاهريان به پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگھيا. سينو ٺوڪي چيائون:
    هم کائينگي، چمچي نال!
    هم کائينگي، چمچي نال!

    هن جو ائٽم واهه جو لڳو. کيس زبردست ييل مليو. جڏهن ڪمپيئر حاضرين کان راءِ وٺڻ لڳو:
    ‘ڪيئن ٿيو؟’
    ته هڪدم جواب آيو: ‘ڏاڍو سٺو!’
    ‘اڙي ! ڪيئن ٿيو؟’
    ‘سٺو ٿيو!’
    ‘بابا ڪيئن ٿيو!؟’
    ‘بابا! سٺو ٿيو!’
    حاضرين جي زوردار تحسين ڏيڻ تي ‘جيوري’ مجبور ٿي پئي. پوءِ به ڪو چئي نه پئي سگھيو ته ڇا ٿيندو؟
    جڏهن اهو اعلان ٿيو ته سندس ائٽم پهريون نمبر آيو آهي، ته ڪاٺين جي باهه جي روشنيءَ ۾ سندس چهرو ٻهڪي پيو. ٻٽن ٻٽن ڀاڪرن سان کيس مبارڪون مليون. سندس گروپ کي بيسٽ گروپ قرار ڏنو ويو.
    ان خوشيءَ ۾ ڪانٽيجنٽ ليڊر ۽ اسڪائوٽ ماسٽر کيس دعوت ڏئي پنهنجي ڪئمپ ۾ رهايو. جيڪو هن لاءِ وڏو اعزاز هو، جنهن جو هو صرف تصور پئي ڪري سگھيو.
    نه وسرندڙ خطرناڪ رات
    اها آخري رات، سندس سمورين گذاريل راتين جو امتحان هئي. ڄڻ پل صراط ....

    هن اڃا تصور ڪرڻ جي سگھه پئي ساري ته بظاهر پٽهنس سندس خاموشي ٽوڙي.جيتوڻيڪ اها خاموشي نه هئي؛

    ‘بابا! مون پڇيو پئي ته ڪئمپ اٽينڊ ڪيان؟’
    ‘هون!’ حليم هڪ ٻڪو ٿي ڄڻ ماضيءَ مان نڪري آيو.
    ‘بابا ....!
    سر چوي ٿو، اسان جي گروپ کي فليگ آف آنر به ملندو ۽ مان ..’
    ‘چيم نه ڪونهي ضرورت، فليگ آف آنر جا پٽ ...!!’
    حليم ڇڙٻ ڏئي وراڻيو.
    ڄڻ فليگ آف آنر هن جي لاءِ گار هئي.


    2.5 ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ

    شام جو وقت آهي.
    دل مونجھي مونجھي اٿس.
    هلندو هلندو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي قلعي نما عمارت جي اوڀارين باغيچي ۾ اچي ويٺو آهي. هُو ڏسي، سوچي ٿو: ‘هيءَ انگريزن جي دور جي عمارت ڪيڏي نه رعبدار ۽ شاندار آهي!’
    اَسرنهن جا پيلا پاپڙ ‘کڙ ... کڙ!’ ڪندي، قلابازيون کائيندي هيٺ ڪري رهيا آهن. هڪڙو پيلو پاپڙ سندس آڏو اچي ڪريو آهي، ٻه ڦاڪان ٿيل آهي، پر ڏانڊيءَ جي رشتي سان اڃا ڳنڍيل آهي. خبر ناهي ڇو ان کي هٿ ۾ کڻي ڏسي رهيو آهي.
    چوڌاري سدا بهار جا گل هوا جي زور تي ٿر ٿر نچي رهيا آهن . قطار ۾ لڳل سورج مکي جھومي رهيا آهن. باغيچي جي اولهائين وٽ سان گل مور جا رتاوان ڇڳا وڏي شان ۽ اڊمبر سان لڏي رهيا آهن.
    فضا ۾ ڪانوَن جي ‘ڪان ڪان’ ۽ ڪٻرين جو ٽيڪو وڌي ويو آهي. ڪجهه ساعتن لاءِ ٻاهران روڊ تي لنگھندڙ رڪشائن جي گوڙ ۾ پکين جو آواز دٻجي وڃي ٿو.
    گھڻي عرصي کان پوءِ هن کيچلي بلبل کي ڏٺو آهي. جيڪا گلاب جي جھولن سٽيل گلن سان مستيون ڪري رهي آهي.
    سِنجھيءَ جي ڏار تي پڇ مٿي ڪري چرڙاٽ ڪندڙ نوريئڙي کي ڏسي سندس چپن تي هلڪي مشڪ تري اچي ٿي ۽ ذهن ۾ شرارت به.
    هو سوچي ٿو: ‘هي اهو ئي باغيچو آهي .... جتي اسيمبلي ٿيندي هئي. ترانو گونجندو هو
    پاڪ سر زمين شاد باد
    ڪشور حسين .........’
    سندس ماضي، حال بڻجي وڃي ٿو: ‘اڙي! چهنڊيون ڇو ٿو پائين ، ماءُ جا ...!’ هُو ڪنڌ ورائي پٺئين ڇوڪري کي ڪاوڙ مان گُھوري ٿو.
    ‘ڪير ٿو گوڙ ڪري!؟’ ڊرل ٽيچر جمال خان سوال سان گڏ بي رحم رول، هوا ۾ بلند ڪري ٿو.
    ‘زٽڪ! زٽڪ!’
    پٺا سيڪاٽجي وڃنس ٿا. اکين ۾ پاڻي تري اچيس ٿو.
    ‘ٽـڙنگ!’
    اٽينشن سان بيهي ٿو.
    ‘ٽـڙنگ!’
    سلام ڪري ٿو.
    ‘ٽڙنگ!’
    آخري گھنٽي تي، هٿ هيٺ ڪري قطار ۾ هلي ٿو.
    هيڊ ماستر جي تيز نگاهن کان بچندي بچندي ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو.
    حاضري لڳي ٿي. هُن جو نالو کڄي ٿو. وڏي ڦڙتيءَ سان اٿي جواب ڏئي ٿو: ‘پريزنٽ سر!’
    پوءِ ڪلاس ٽيچر جو حڪم ٿئي ٿو: ‘لکو گلن واري، اي بي سي!’
    سندس هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا. مس ڪپڙيءَ ۾ اسٽيل جي نب ٽٻي هڻي ٿي. ٽه ليڪي بوڪ تي A جو حرف لکجندي چُـپو ٿي پويس ٿو. ٻي ڀيري احتياط سان نُب ٻوڙي ٿو. بوڪ تي نب جي رهڙجڻ جو آواز اچي ٿو ۽ B لکجي وڃيس ٿي، پر ڪجهه ڦڏي آهي. وڏي احتياط سان اسٽيل جي نِـب ڪپڙيءَ ۾ گھت هڻي ٿي. لکندي پاڻ به C وانگر وڪڙ کائي وڃي ٿو.
    ‘ڇا ته اکر لکجي ويو آهي!’ هو پنهنجو پاڻ تي رشڪ کائيندي دل ئي دل ۾ چوي ٿو. ‘سڄي اسڪول ۾ ڪو مون وانگر ، لکي ته ڏيکاري!؟’
    پهرين رسيس جي گھنٽي وڄي ٿي، ڄڻ ٻرن مان اوچتو ڪوليون نڪتيون هجن. يعقوب جي ڇولن تي مارو آهي. پوءِ سٽ ڪٽ کيڏڻ جو وارو آهي.
    ‘هه .... نه ... بو ...!’
    هُن اڄ ارشد کي ست کلئي بال (ٽينس بال) سان خوب ڪٽيو آهي. ڪلهه جو بدلو ورتو اٿائينس.
    رسيس کان پوءِ ڪلاس ۾ هلڪو هلڪو گوڙ آهي.
    ‘چرٻٽو ڇا جو آهي؟’ مئٿمٽڪ جو استاد زور سان لڪڻ ٽيبل تي هڻي ٿو. ڪلاس ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. هن کي مئٿمٽڪ جي ڪلاس کان نفرت آهي.
    پنجين پيرڊ کان پوءِ رسيس جي ٻي گھنٽي وڄي ٿي. پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ تي مارو آهي. جئين ته عمر ۽ قد ۾ اڃا ننڍو آهي، ان ڪري پڄي نٿو سگھي. رسيس بند ٿيڻ جي گھنٽي وڳي آهي. هو اڃايل اڃايل ۽ بي دليو ڪلاس ۾ وريو آهي. ڪلاس ٽيچر آهي جو وڃي ٿو هوم ورڪ تي هوم ورڪ ڏيندو. هن ان وقت خدا کان موڪل جي دعا گھري آهي.
    اوچتو گھنٽي وڄي ٿي:
    ‘ٽڙنگ ... ٽڙنگ .... ٽڙنگ!’
    ‘ٽڙنگ ... ٽڙنگ .... ٽڙنگ!’
    اسڪول مان ورڻ جو منظر ائين آهي، جيئن جھرڪين جا ولر اڏار ڪيو، واهيرن ڏانهن ورن .... ايڏي خوشي جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي. گھر پهچڻ سٽ، هن ٿيلهي کي کٽ تي اڇليو آهي. ماڻهس جون نظرون ڪپڙن تي آهن.
    ‘هي ڇا حال ڪري آيو آن، ڪپڙن جو!؟’
    ماڻهس جو اشارو سندس مس لڳل ڪپڙن ڏانهن آهي. پر هن کي ڪا پرواهه ڪونهي هاڻ هو سڀاڻي جي سج تائين آزاد آهي.
    هاڻي کيس شام جو گرائونڊ تي وڃڻو آهي. ڪرڪيٽ کيڏڻي اٿس. صبح جو هوم ورڪ پوري نه ڪرڻ تي بئنچ مٿان بيهڻو پوندس. اتڀئه ڪري لالٽين جي روشني ۾ هوم ورڪ ڪري ٿو .
    هو ٿڌو ساهه ڀري هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ٿو. سامهون سندس نظر ننڍڙي مگر چُهچ ڪاري پکيءَ تي پويس ٿي، جيڪو پنهنجي سنهي چهنب کي چائنا روز جي وچ ۾ اڙائي رس پي رهيو آهي. هو پاڻ کي ان پکيءَ سان ڀيٽ ڏئي سوچي رهيو آهي ته هيءَ به ڪڏهن ان وانگر هو ...
    ‘شايد ڪاري ڦوسڙي آهي، نه من موسڙو آهي؟!’ هو منجھي پوي ٿو ۽ دل ئي دل ۾ اعتراف ڪري ٿو ته هاڻي کيس پکين جا نالا صحيح نموني سانياد ناهن رهيا.
    ‘خبر ناهي ته وقت ڪيئن گذري ويو!’ هو وقت کي ياد ڪندي، وري ماضيءَ کي حال بڻائي ڇڏي ٿو:
    نئون ڪلاس ٽيچر چئي رهيو آهي: ‘هاڻي اوهان نائين ڪلاس ۾ آهيو ... ٻار ناهيو.’
    ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کلي رهيا آهن، ڇو ته اُهي لفظ انهن ڇهين درجي کان وٺي ٻڌا آهن. انهن کي خبر آهي ته سڀ ڪلاس ٽيچر هر سال ائين ئي چوندا آهن.
    هڪ ڏينهن:
    ڪو کائنس ڪنڌ ورائي سڙٻاٽن ۾ پڇي ٿو:
    ‘اوهان جي سڀاڻي ڪرڪيٽ مئچ آهي نه ...؟’
    ‘ها، اوهان ضرو ر اچجو!’
    ڪلاس ٽيچر رڙ ڪري ٿو.
    ‘اها ڀُـڻ .. ڀُـڻ ڇا جي آهي ....؟ پوئـٽري بوڪ ڪڍو... !’
    ڪلاس ۾ پنن اٿلائڻ جي ‘سر.... سر!’ جي آواز کان سواءِ مڪمل خاموشي آهي.
    ڪلاس ٽيچر جي صاف ۽ سريلي آواز پٺيان ڪورس جي انداز ۾ ڪلاس روم ۾ شعرگونجڻ لڳو آهي:
    “او ميري گو
    ڪال دي ڪئٽل هوم
    ڪال دي ڪئٽل هوم.”

    ٻئي ڏينهن تي ـــ
    انٽر اسڪول ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جي فائنل آهي. گورنميٽ هاءِ اسڪول ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول جي وچ ۾ مقابلو آهي. اها مئچ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ مئچن کان ڪنهن به طرح سان گھٽ نه آهي.
    ميونسپل هاءِ اسڪول جي ٽيم هڪ سئو چاليهه رنسون ٺاهي ورتيون آهن. جڏهن ته هن جي ٽيم جو ٽيون رانديگر به آئوٽ ٿي چڪو آهي ۽ رنسون اڃا ڏهن کان به مٿي ناهن ٿيون .....
    ذري گھٽ پاڻ به آئوٽ ٿيو هيو. بال پيڊن ۾ لڳو اٿس. ايل بي ڊبليو جي ڪال ٿي آهي.
    ‘هائوزي (هائو .. اِٽ از) ...؟؟
    هن جي دل ايستائين ڌڙڪندي رهي ٿي، جيستائين ايمپائر ڪنڌ ڌوڻي ‘نو’ نه ڪئي آهي.
    هاڻ، هو هر هڪ بال کي احتياط سان کيڏي رهيو آهي، ڇو جو اسڪول جي عزت جو سوال آهي. سيٽ ٿيڻ کان پوءِ، هُو هر لوز بال کي بائونڊري ڏيکاري رهيو آهي.سندس ففٽي ٺهي چڪي آهي ..... گرائونڊ کان ٻاهران تماشائي داد ڏئي رهيا آهن. ‘هوءَ’ به تاڙيون وڄائي رهي آهي. هُو بيٽ مٿي ڪري فخر سان جواب شڪريو ادا ڪري ٿو.
    ٽيم ڪرائيسس مان نڪري چڪي آهي.مخالف ٽيم جي رانديگرن جا منهن ڀيلا ٿي ويا آهن.
    شام جو رائل چوڪ وٽ يعقوب جي دڪان تي رانديگر کير ۾ جليبيون وجھي کائي رهيا آهن.
    اسپورٽس انچارج ڀورن ڇوڪرن کان وڌيڪ سانورن جي پٺي ٺپي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي: ‘عزت جي رهجي آئي .... نه ته ....؟!’
    ٽئين ڏينهن تي، سدائين مٽن ڦوڪيل هيڊ ماستر خوش آهي. سندس واڇون ڪنن سان لڳل آهن. هاءِ اسڪول جو اهو هيڊ ماستر جيڪو دنيا جي ڪهڙي به ماڻهوءَ کي ٿوري غلطي تي بنا ڪنهن هٻڪ جي لڪڻ هڻي سگھي ٿو (اهو ان زماني جي شاگردن جو ايمان هو ته سندن هيڊ ماستر کي خدا جي طرف کان وڏا پاور مليل آهن.) سو چئي رهيو آهي:
    ‘ويل ڊن ماءِ بوائز ....! ويل ڊن ...!’
    هر طرف ‘ويل ڊن’ جون صدائون گونججي رهيون آهن . وڏي ڳالهه ته ‘هُن’ به کيس ‘ويل ڊن’ چيو آهي.
    کيس ٻيو ڇا گھرجي ...؟! هاڻي هو دنيا جو عظيم انسان آهي، جنهن جي اسڪول، پاڙي ۽ هن جي دل ۾ به عزت آهي. ان خوشيءَ جو اظهار هو پٻين تي هلڻ يا زوري سلام ڪرڻ سان ڪندو رهندو آهي.
    مئٽرڪ جا امتحان ٿي ويا آهن.
    اسڪول ۾ الوداعي پارٽي ٿي رهي آهي.
    هوءَ چئي رهي آهي: ‘ڊونٽ فر گيٽ مي پليز ...’
    هن به ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ چپن سان چيو آهي:
    ‘ڊونٽ فر گيٽ مي ٽو.’
    سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن.
    هن ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن ڏٺو آهي. آسمان تي ابابيلن جا ولر اڏامي رهيا آهن . هو به خيالن ۾ ابابيلن جيان، پوءِ جي گذرندڙ حياتيءَ مٿان اڏام ڀريندي سوچي ٿو:
    پوءِ جي زندگي؟
    گھاڻي جي گرد ڦرندر ڏاند جيان گذري ....
    هل هلان ... ڊڪ ڊڪان
    چوڌاري آواز اچن ٿا.
    ‘هر شئي دولت سان حاصل ڪري سگھجي ٿي ... هر شئي ...’ هڪ اڪائونٽس ڪلارڪ جي حيثيت سان ان آواز پٺيان بي تحاشا ڊوڙي ٿو ۽ پيڇو ڪندڙ معصوم ۽ بي غرض آواز گھڻو پٺتي رهجي وڃن ٿا.
    سندس چوڌاري رشوت جا مينار ٺهندا وڃن ٿا. هو انهن مينارن تي چڙهي پنهنجي عظمت ۽ عزت جتائي ٿو. هٿ لوڏي چو ي ٿو: ‘خدا جو شڪر آهي، هاڻ وٽس سڀ ڪجهه آهي.’ مٽ مائٽ حسد ۽ ساڙ وچان سندس حيثيت ڏسي ٿڌا شوڪارا ڀرن ٿا. هن کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو ته هاڻ هو عزتدار آهي ۽ خوش آهي.
    جڏهن گذرندڙ وقت اکين تان آکيڙيون لاٿيون،
    ته ثابت ٿيو
    سڀ مصنوعي خوشيون ۽
    اکين جو ڍوُ هيو
    اجايو اميدون
    ۽ آخر ۾ اهو پڇتاءُ ته
    ‘اولاد لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو سي
    ۽ اولاد ....!؟!؟
    هو گھرو ٿڌو ساهه ڀري اٿي ٿو ۽ ڏسي ٿو. سامهون بلڊنگ جي ڪانس تي اڪيلو ڪبوتر پر سوئي رهيو آهي.
    شام جا ڊگھا پاڇا چوطرف ڦهلجي ويا آهن. آسرنهن جا پن ڪومائجڻ لڳا آهن.
    هن ٻه ڦاڪان ٿيل پيلي پاپڙ جي وچ ۾ چيچڪا ڳولڻ شروع ڪيا آهن، اتي ڪو به چيچڪو ڪونهي، هڙ جو هڙ وکري ويا آهن.
    هو آهستي آهستي بي دليو گھر وريو آهي.
    جوڻس انتظار ۾ ڦوڪي ويٺي آهي:
    ‘رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به توکي گھر ۾ ويهڻ نه ٿو اچي ...!؟’ هو جواب ڏيڻ مناسب نٿو سمجھي. بي خياليءَ ۾ کنيل صرف ان خالي پاپڙ جي ٻن ڦاڪن کي ڏسندو رهي ٿو، جيڪو ڏانڊيءَ جي رشتي سان اڃا ڳنڍيل آهي.


    2.6 ٽيون سبب

    اصلي سبب؟؟؟.....
    مسب السباب کي معلوم، پر الحاج رئيس جان محمد جي خيال ۾، مدرسي جي اجڙڻ جا ٻه سبب ٿي پئي سگهيا . هڪ ته اهي اڳيان استاد نه رهيا، جن کي علم سان عشق هيو ۽ ٻيو نه وري اهي طالب جن کي علم سان محبت هئي. هاڻي هيا به ته استاد نانءَ جا، جن کي عالم ٿيڻ جو اشتياق گھٽ، رڳو مرڻو پرڻو کائيندڙ وڌي ويا ها. طالب به اڻ گهڙيا ڪاٺ ۽ کٽي کل وارا ڪي اوستي محمد ۽ ڳڙهي خيري جا ٻروچ ته ڪي خضدار جا بروهي. جن کي پڙهائڻ ائين هيو، جيئن ڪاري ڪلر ۾ ڪڻڪ پوکڻ.
    رئيس جون اکيون تر ٿي ويندون هيون، جڏهن پورن ٽن ايڪڙن جي مدرسي ۾ ٽيهارو کن طالب مس ڏسندو هيو. ڪڏهن ته اتر سنڌ ۾ ڳوٺ غازي خان جو مدرسو چئي کڻي بس ڪيو. ناظره ، حفظ ، پارسي، عربي، فقه و تفسير، حديث ويندي علم ميراث به پڙهايو ويندو هيو. پر جڏهن کان پارسيءَ جو استاد به ڇڏي ڀڄي ويو ته رئيس کي ائين لڳو هو ڄڻ خانداني مدرسو اجڙيو ڪي اجڙيو.
    باقي وڃي ناظره ۽ حفظ بچيو هيو. ناظره مولوي عبدالحليم پنجن سالن کان پڙهائيندو ايندو هو. سندس ايتري ٽڪڻ جو سبب قناعت پسندي هئي يا تن آسانيءَ ۽ حافظ شمس الدين ٽن سالن کان حفظ ڪرائيندو هو. جيتوڻيڪ حافظ جو طالبن تي ڏنڊو کڻي پڙهائڻ مشهور هيو پر اهو به هلايل هيو ته حافظ، ڪجهه بد عادتو به آهي ان ڪري بد اڇا بدنام برا واري افواهه به کيس رهڻ تي مجبور ڪري وڌو هو. نه ته اڄڪلهه علت المشائخ واري اوڻائي پوڻائي ڪٿي ناهي؟....
    پارسيءَ جي استاد کانسواءِ رئيس کي مدرسو ٻُسو پئي لڳو. رئيس پاڻ انهيءَ مدرسي ۾ پڙهيو هو. مدرسي جو اوج اکين ڏٺو هيائين، پارسيءَ جو ته عاشق هيو. گلستان بوستان کان وٺي ، يوسف زليخا، مثنوي شريف مولانا ۽ مامقيما تائين پڙهيل هو ، ان ڪري پارسيءَ جي استادن جو قدردان هو. پر خبر ناهي ڇو پارسيءَ جا استاد سندس مدرسي ۾ ٻن ٽن مهينن کان وڌيڪ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندا هيا.
    رئيس هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي جماعت آڏو انجام اقرار ڪري ڳوٺان نڪتو ته جيستائين مدرسي جي لاءِ پارسيءَ جي استاد جو بندوبست نه ڪندو، تيستائين ڳوٺ نه ورندو.
    ٿيو به ائين، موٽيو ته سرخرو ٿي. ساڻس هڪ خوبرو گڏ هيو. عشاءِ جي نماز کان پوءِ رئيس ، جماعت آڏو سندس تعارف ڪرائڻ لڳو:
    “سائين جن جو اسم شريف سعد الله خان آهي. پاڻ اصل لاڙ جا، مٽياري شريف جي ڀرپاسي ۾ رهن ٿا. پنهنجي ملاقات ساڻن، سائين ڏنل شاه جي مدرسي ۾ ٿي، پهرين ملاقات ۾ سندس ننڍي وهي کي ڏسي، مان ته ائين سمجهيو ته وڌ ۾ وڌ ڪريم ، نامه حق ، پند نامه، يا گلستان بوستان پڙهيل هوندو. پر جڏهن مامقيما جي ڳالهه ڪيائين ته مان به آزمودي خاطر مامقيما مان پهرئين سٽ پڙهي:
    مامقيمان ڪوئي دلداريم!
    ته استاد سعد الله هڪدم ٻي سٽ پڙهي:
    رخ به دنيا ودين نمي آريم!
    مان اتي شعر جي پنجين سٽ پڙهي ته ڏسان ته ڇا ٿو چئي؟ ته چيائين:
    به چشمان دل مبين جز دوست!
    اتي مان بي اختيار ٿي ، اٿي سندس ڪنڌ تي چمي ڏني ۽ چيم، بيشڪ، تون اهو گوهر يڪته آهين، جنهن جي مونکي تلاش هئي. هل، هلي منهنجي مدرسي کي آباد ڪر. پهريائين ته استاد سعدالله اُسگس ۽ نٽ نٽاءَ ڪيو ته اتر جي سخت موسم ۽ ماڻهن ۾ جالي نه سگهندس. پر پوءِ جڏهن يقين ڏياريومانس ته پنجئين آڱريون برابر ناهن، الله ۽ الله جو حبيب ڪندو ته سندس دل لڳي ويندي. ۽ جيڪو طلبيندين، سو توکي ملندو....”
    انهيءَ سڄي تعارف دوران استاد سعد الله خان جو ڪنڌ هيٺ هيو. شرمائيندي ڪنڌ مٿي کنيائين ته سڄي جماعت کيس هيٺان کان مٿي ائين ڏٺو ، جيئن ڪنهن وهڙي کي کُرن کان وٺي سڱن تائين جاچجي. جيئن چئبو آهي ته جوءِ جي خبر گابن مان پوندي آهي. تيئن اترادين استادن جي ڳر مان اندازو پئي هنيو ته ڪنهن چڱي جوءِ جو پليل جوان آهي. ڪڻڪ رنگو، ڀريل ڳل ، مٿان وري پوري پني ٺهندڙ سونهاري، چيروين اکين ۾ حيا ۽ لڄ الڳ مٿي تي کير جهڙي اڇي ململ جي دستار. جي رئيس سندس ڳورو تعارف نه ڪرائي ته ڪير پت ڪري ها ته هي ڳڀور به ڪو استاد آهي.
    “جي آيا ، ڀلي آيا... استاد صاحب!... اساڏي سر دا سائين اي،” جماعتن مان سرائي خداداد، پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ کي ٺيڪ ڪندي، راڊ جي روشنيءَ ۾، استاد کي چڱي ريت ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    رئيس وري کنگهي کڙڪي، سڄي جماعت کي هدايت ڪئي:
    “بابا، لاڙ جو مهمان آ، سڄي جماعت کي پارت ٿي ڪجي ته استاد جو خاص خيال رکن ائين نه ٿئي ته اترادين کي گلارو ڪري وجهو. اڳيئي لاڙ وارن کي گهڻيون شڪايتون آهن”.
    “انشا الله ...! ڪا شڪايت نه ٿيندي، رئيس ....! استاد، ائين نه سجهي ته مزمان آ، پر ائين سمجھي ته پنهنجي گهر ۾ ويٺو آ.” جماعت پاران اڳ اڳ ڪندي، ڪمدار الهورائي گرمجوشيءَ سان جواب ڏنو، جنهن استاد جي ڪتابي چهري کي مخصوص اترادي انداز ۾ ڪافي دير کان وٺي پئي تڪيو.
    آخر ۾ مولوي عبدالحليم ۽ حافظ شمس الدين به روايتي انداز ۾، رئيس کي يقين ڏياريو:
    “رئيس ! الله کي پارت آ!”
    ٻن ٽن ڏيهاڙن ۾، استاد سعد الله کي مدرسي جي حالت زار جو اندازو ٿي ويو. طالبن جي نشست وبرخواست ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ته منجهن اخلاق حميده اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سندس خيال ۾ شاگرد ادب آموخته ڪيئن ٿين؟ جڏهن استادن جي حالت اها هئي، جو مولوي عبدالحليم آرسي ۽ ڪاهل هيو . ان جو سبب اهو به ٿي پئي سگهيو ته اهل عيال وارو هو. جڏهن ته حافظ شمس الدين ، خدا سندس وجھه تي رحم فرمائي، ڇڙو ڇانڊ هئڻ جي باوجود به، منجهنس وضوءَ کان سواءِ وهنجڻ جي عادت الاماشيٰ هئي. سونهاري اهڙي اونهاري اڻڀي ۽ وچڙيل، جو ڪرڙي هڪ دفعو گهري وڃي ته نڪري نه سگهي. پري کان سندس بدن مان ڇٽ کنيون پئي آئي. هن ان ڪري دل ئي دل ۾ پهريون فيصلو اهو ڪيو ته طالبن کي اخلاق ذميمه مان آجو ڪجي. ان ڪري پهريون هفتو ته هن ويهي طالبن کي اهو سمجهايو ته صفائي اڌ ايمان آهي. کين نشست وبرخواست جا ادب آداب ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا طريقا سمجهايا.
    جمعي جي ڏينهن، جڏهن طالبن فجر جي نماز کانپوءِ استاد جي چوڻ تي نم ، کبڙ ۽ مساڳ سان پنهنجا ڏند مهٽي سهٽي اڇا ڪيا. ڳچيءَ، سيني، ٺوٺين، مُرن ۽ پيرن جي مَــرُ، سروٽن سان رڳڙي رڳڙي صاف ڪئي، ڌوتل پوتل ڪپڙا پهري، جمعي جي نماز کان اڳ، استاد سعدالله جي حجري ۾ اچي ويٺا ته استاد کي پنهنجين ئي نظرن تي يقين نه پئي آيو ته اهي ساڳيا طالب هيا، ڪي ٻيا. کيس ائين لڳو ڄڻ صدف جو سينو چيري گوهر ٻاهر نڪري آيا هجن. طالبن جي سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين جي اڻين ۽ تيل ۾ جرڪندڙ رخسارن ۾ سندس نظرون اٽڪيون اٽڪيون پئي پيون. پهريون دفعو دل ئي دل ۾، لاڙ ۾ انهيءَ هلايل ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيائين ته ڪو اتر ۾ رڳو جن ڀوت رهندا آهن.
    مٿئين طبقي وارا طالب، جن جي عمر اندازن چوڏنهن کان ويهن سالن تائين هئي. جيڪي پهريائين ڏٺي نه وڻندا هيا. سي سڀ تراش خراش کان پوءِ آهستي آهستي مثل الماس، پکراج، مرجان ، موتي ، زمرد ۽ زرقون ٿيندا پئي ويا. سواءِ هڪ ٻن طالبن جي.
    سڀني طالبن ۾ وري جيڪو مثل ياقوت احمر پئي لڳو. سو هيو لعل جان. جهڙو نالو تهڙا گڻ هيس، بنهه اسم با مسمي. لعل جان جي عمر چوڏنهن سال ، الف قد، صاف رنگ ، نرگس شهلا جهڙيون اکيون، ابروڪمان، بيني صراحي ، مٿان وري آواز ۾ ميٺاج ڄڻ الحان دائودي، مولود ٻڌائي ته بدن مان سيسراٽيون ڪڍي ڇڏي، ڳالهائي ته صراحي جي قُل!قُل!... اهي سڀيئي ڳالهيون استاد سعد الله کي متوجهه ڪنديون ۽ موهينديون ويون. پهريائين چڱڙو، پوءِ چڱو ۽ آخر ۾ سندس لاءِ خورشيد درخشان ٿي پيو. پارسيءَ جا گردان، “آمدن آمد آمدم آمدي” ٻڌائيندي، جڏهن صراحيدار گردن مٿي کڻي، نرگس شهلا جهڙين اکڙين ساڻ نهاريندو هو ته استاد جو مرغ دل اڌ ڪٺو ٿي ڇاتيءَ ۾ ڇڙهيون هڻندو هيو. هر روز رات جو اڪيلائي ۾ استاد کي مرغ دل جي منڍي کي عقل جا ٽانڪا هڻي ڳنڍڻو ۽ سمجهائڻو پوندو هيو ته ائين نه ٿئي جو هو پارسيءَ جي انهيءَ مشهور چوڻي جيان ٿي وڃي، آمدم ثواب ڪنم ڪباب شدم. (آيم ثواب ڪمائڻ ڪباب ٿي ويس).
    جيئن جيئن دل نادان کي جهلڻ لڳو، تيئن کنچا تاڻ وڌڻ لڳس. جيئن سمجهائڻ لڳو، تيئن ضد ڪرڻ لڳس. جيئن لوچڻ لڳو، تيئن جهيڙڻ لڳس. آخر بي چئي دل جي چوڻ تي، لعل جان اڳيان، دل جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر حيا، لڄ، خوف ڪري، زبان مان هڪ اکر به نه اڪلي سگهيس. اهو به دل ۾ آيس ته آسان سنڌيءَ ۾ اشتياق نامو لکي کيس هٿ ۾ ڏئي، پر دل نه جهلي سگهيو ، ته متان اهو اشتياق نامو رقيب رو سياهن وٽان ٿيندو ، رئيس وٽ نه پهچي وڃي. هونئن به کيس ڀليءَ ڀت احساس هيو ته اهڙي ياقوت احمر کي هٿ ڪرڻ لاءِ نوشيروان ۽ تيمور جهڙي دل کپي، جيڪا وٽس نه هئي. آخرڪار دليل ڊوڙائي اهو فيصلو ڪري ورتائين ته جيڪا ڳالهه سئولي سنڌي ۾ نٿو ڪري سگهي. سو پارسيءَ جي محابي سمجهائي سگهي ٿو. ڇو ته کيس استادن جو اهو ٻڌايل هيو ته سنڌي ٻولي اهڙي صفا ۽ سڌي آ، جنهن ۾ چنڊ کاري هيٺان نٿو لڪي سگهي.
    پوءِ ماڻهن ڏٺو ته استاد سعد الله ڏينهن رات ڪري ڏنو، پارسي سيکارڻ ، اهڙو لائي ٻاري ڏنائين جو پهرين مهيني ۾ پهلي پارسي، دعايو، ٽوائيو ۽ ڪريم مدرسي جا طالب ائين چٽ ڪري ويا، جيئن ڪٻريون توت ڳهي وڃن. مدرسي م هر سوُ پارسي ءَ جو ٽيڪو لڳي ويو هو . ڳوٺ جا ماڻهو حيران ته انهن اڳ اهڙو استاد ڏٺو نه ٻڌو. رئيس ته هونئي پارسيءَ جي استادن جو قدردان هيو. اهڙي محنت ڏٺائين ته خصوصي قربت ۽ توجهه الڳ ڏيڻ شروع ڪيائينس. لاڙي استاد جي محنت ضرب المثال ٿي پئي. مولوي ۽ حافظ لاءِ عذاب ٿي پئي.
    استاد سعد الله جي محنت جو جڏهن ڪچهري ۾ ذڪر ٿيندو هو ته مولوي ۽ حافظ کي ندامت ۽ شرمساري ٿيندي هئي. ڪچهري ۾ آيو ويو، عموما رئيس کي چوندو هيو ته، “رئيس! استاد باڪمال آندو ٿي ... اسان کي ته اهو ڀئه آ ته جي استاد سال کن رهيو ته اوهان جو سڄو ڳوٺ پارسي ڳالهائيندو وتندو”.
    “ انشاالله ! اوهانجي زبان مبارڪ ٿيندي!” رئيس فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري وراڻيندو هو.
    رئيس جي غير حاضري ۾ وري سرائي ۽ ڪمدار، وچ ڪچهري ۾ ويٺا، استاد سعد الله جي تعريف ۾ گهنڊڻيون وڄائيندا هئا، جي سرائي هڻندو هو ته ڪمدار کڻندو هو.
    “استاد صاحب!... هيرائي هيرا... اهند ٽرڻ، اهندا ٻهڻ، اهندا الاوڻ، اهندا مسڪاوڻ، ميڪون ايڏا وڻندا اي، ڪي اهنڪو اپڻي سيني نال لائي رکان.
    “سرائي هاڻي تنهنجي وهي آ، هيرن کي سيني تي سجائڻ جي!؟”
    جيڪڏهن ڪنهن ڪچهري ۾ ٽوڪيس ته سرائي چڙي چوندو هيو:
    “تيڪون ڪهڙي خبر، چليا!.... استاد ، پارس ئي پارس سڃي ته سون ڪر ڇوڙي... الهورايا ! ڪن مين غلط اکيندا آن؟”
    ڪمدار الهواريو به گهٽ نه ڪندو هيو:
    “استاد ڏيکارڻ جو ڳڀورڻو آ... باقي الله حياتي ڏيس، پڙهائي جا اهڙا پانور ٿس، جو مان جهڙي ڳوڌ کي به پڙهائي ته اهڙو کتابي ٿي وڃان ، جو هارين کي سڄو ڏينهن فارسيءَ ۾ ويٺو گاريون ڏيان.”
    استاد سعد الله خان، ٻنهي جي دل ۾ نه ڪندو هو. ڇو ته کيس ايترو اندازو پئي ٿيو ته ٻئي ڦڙٻاٽي آهن ۽ عمر جي ان حصي ۾ آهن، جنهن ۾ جواني نانگ وانگر نڪري ويندي آهي ۽ پوڙهائپ ان جو پئي ليڪو پٽيندي آهي.
    پر هن جي اندر جي ڪنڊ ۾ ڪو لڪل خوف تڏهن ڪر کڻي بيهندو هو. جڏهن حافظ شمس الدين ڪنهن جماعتي سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ، هن کي ڏسي خاموش ٿي ويندو هو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جي وارن کي پريشاني ۾ مروڙڻ شروع ڪندو هو. ان وقت کيس خيال ٿيندو هو ته حافظ جي دل ۾ ڪا الابلا ضرور آهي. پر پوءِ ان ڳالهه کي ايترو وزن به نه ڏيندو هو ته تازو رئيس جان محمد مدرسي ۾ طالبن کي سنڀالڻ جي ذميواري کيس سونپي هئي. ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته رئيس کي پارت سفارت ڪرائڻ لاءِ جماعتن کي چوندو هجي . ڇو ته هن ان ذميواري کڻڻ وقت ڪابه دلچسپي ڪونه ڏيکاري هئي. رهندو نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي، رئيس کي چيو هيائين:
    “رئيس مولوي عبدالرحيم صاحب جي هوندي، آءٌ ذميواري کڻڻ جو پاڻ کي اهل نه ٿو سمجهان !”
    رئيس کيس سمجهائيندي چيو هو:
    “دراصل، مولوي پاڻ انهيءَ ذميواري کان دستبردار ٿيڻ گهري ٿو . ڇو ته ويچاري کي ٻه زالون ۽ ولر ٻارن جو آهي. ۽ رهي به مدرسي کان ٻاهر ٿو. کائنس طالب سنڀاليو نه ٿا سنڀالجن. ان ڪري مولوي صاحب کي رڳو رڌي پڪي واري معاملي جي نظرداري کان سواءِ آجو ڪيون ٿا”.
    هن وري ٻيو عذر ڏنو هو:
    “رئيس! حافظ شمس الدين مون کان وڌيڪ عمر رسيده ۽ تجربيڪار آهي... بهتر اهو نه ٿيندو ته .....”
    “حافظ صاحب، کي ان ڪري ذميواري نه ٿو سونپيان جو ان کي رڳو ڏنڊو ڦيرائڻ اچي. باقي طالبن کي ڪيئن پيار ۽ محبت سان اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکارجي ، ان هنر کان اڻواقف آهي.” ان دليل ڏيڻ کان پوءِ ، رئيس مٿائنس زور ڀريندي چيو هو:
    “استاد سعد الله خان ، مان هن مدرسي کي باقاعده پنهنجي والد بزرگوار جي زماني وارو ادب گاه ڏسڻ گهران ٿو. اُميد آهي ته تون انڪار نه ڪندين. باقي، اهو منهنجو سخن آهي، جيڪو تون وظيفو وڌائڻ لاءِ چوندين، اهو ئي توکي ملندو”.
    جيئن ته رئيس جان محمد ڳالهائڻ لاءِ ڪا گنجائش نه ڇڏي هئي، تنهنڪري اها ذميواري کيس نڀائڻي پئجي وئي. استاد سعد الله کي مٿين طبقي وارن طالبن کي سنڀارڻ ۾ ڏکيائي ڪونه پئي ٿي . پر ٻي طبقي ۽ خاص ڪري ٽين طبقي جي چيچ ٻاچ معصوم طالبن کي سنڀارڻ ۾ ڏکيائي ضرور هئي. جيڪي اڪثر رات جو اڪيلائي ۾ پنهنجو پيءُ ماءُ کي سنڀاري روئيندا هئا.
    استاد سعد الله خان، جيڪو پهريائين مدرسي جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾، الڳ ٿلڳ حجري ۾ رهندو هو. سو ڦري وچ مدرسي ۾ ٿي ويٺو ۽ حافظ شمس الدين سندس جاءِ تي. سندس حجري سان لڳو لڳ وڏي ڪمري ۾ ٻي ۽ ٽين طبقي وارا ويهارو کن طالب رهندا هيا. حجري کان ويهارو قدم پرتي وڏن ونگن واري دالان ۾ ٽين طبقي وارا طالب سمهندا هئا. طالبن جي سمهڻ کان اڳ ، استاد کين اخلاق ۽ تهذيب تي هڪ ننڍڙو خطبو ڏيئي، کين شبِ خير چئي حجري ۾ وڃي ويهندو هيو. جتي سندس شب بيداري شروع ٿي ويندي هئي. اهو سوچي پيو ڪڙهندو هو ته جنهن تي مفتون آهي، ان کي سندس حال جي خبر ڪونهي . جي خبر آهي ته وري احساس ڪونهي. اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي. جيڪو سندس درد جي دوا آهي، سو کائنس ٽيهه قدم به پرتي ناهي. پهريون دفعو کيس احساس ٿيو هو ته ويجهو هوندي به ڏور ٿيڻ ڇاکي چئبو آهي؟
    استاد سعد الله ، جيڪو مهينو سوا اڳ ڪچي جي ماچ کاڌل ڍور جيان پاسا هڻي پيو هلندو هيو . سو اهڙي لاٿ ڪري ويو ڄڻ ڀاڳ ناڙيءَ جي بکن ۾ پاهه ٿيل وهٽ هجي. پر اها خبر ته هڪ استاد سعد الله کي ۽ ٻي ان سميع و بصير کي هئي ، جنهن جي آڏو آڌيءَ جو ويهي الاهون ڪندو هو. ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرندو هو ، جنهن جو خاتمو وڃي حافظ جي ان شعر تي ٿيندو هو:
    حافظ وظيفه تو، دعا گفتن است وبس
    در بند آ مباش ڪ نشنيتد يا شنيتد.
    (اي حافظ! تنهنجو ڪم رڳو دعا گهرڻ آهي ۽ بس ان خيال ۾ نه پئه ته هن ٻڌي يا نه ٻڌي.)
    طالبن جڏهن صيغه هائي زبان پارسي ۽ گردانن ۾ گهڻي حد تائي عبور حاصل ڪري ورتو ، ته استاد سعد الله هڪ ڏينهن سندن پاڻي ڪڇڻ خاطر، پارسيءَ جو هڪ شعر طالبن اڳيان پڙهيو:
    “ما وتو ازيڪ گلستانيم از مارو متاب
    قدرت قادر ترا گل ڪرد، مرا ڪرد خار”
    پوءِ طالبن ڏانهن ڏسندي، کين للڪاريائين، “ڪير آ، جيڪو ان شعر جي صحيح معنيٰ ڪندو ۽ پاڻ ملهائيندو؟”
    هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن سڀ کان پهريائين لعل جان جا لب لعلين، جيڪي تکي مساڳ جي ڪري ريٽانها ٿي پيا ها، کلي پيا:
    “استاد، جي اجازت هجي ته مان ڪيان!؟”
    “بالڪل، اجازت آ!” استاد کُلي دل سان وراڻيو.
    لعل جان شعر جي معنيٰ ڪرڻ لڳو:
    “اسان ۽ توهان هڪ باغ مان آهيون. تنهنڪري اسان کان منهن نه موڙ. قادر جي قدرت توکي گل بڻايو ۽ اسان کي ڪنڊو”.
    استاد سعدالله، خوشيءَ ۾ داد ڏيندي ايترا دفعا ته واه! واه! سبحان الله !.... جو ورد ڪيو، جو هڙني طالبن کي سندس بي خودي ۽ بي اختياريءَ تي حيرانگي لڳي. پر حقيقت اها هئي ته استاد اهو داد لعل جان کي نه، پر پنهنجي سڪارتي محنت کي پئي ڏنو . پهريون ڀيرو مايوسيءَ جي بحر مان ، کيس اُميدن جو ساحل نظر آيو هو ۽ اعتماد ٿيو هو ته اهو ڏينهن ڏور ناهي، جنهن ڏينهن تي، هو هجر ۽ فراق کان آجو ٿي، وصال کي ويجهو پوندو پوءِ سندس هر روز روز عيد ۽ هر رات شب برات.
    اهو پوءِ استاد جو معمول ٿي ويو هو ته ڪو نه ڪو شعر طالبن اڳيان هر روز رکندو هو ۽ ڪوشش ڪري ان جي معنيٰ لعل جان کان ڪڍرائيندو هو ته جيئن لعل جان اشارن ڪناين ۾ سندس دل جي درد کي سمجهي. پر اڳيان به اترادي معشوق هيو ، جيڪو معنيٰ ڪرڻ کان پوءِ به اهڙي ته پڪائي سان کيس ٽاري ڇڏيندو هو، جيئن ڪو سائل کي، ‘معاف ڪر بابا!’ چئي ٿڏي تي موٽائي ڇڏي.
    طالب جڏهن پارسي مان سنڌي ڪرڻ ۾ ڀڙ ٿي ويا ته رئيس جان محمد جي خاص الخاص هدايت تي ، استاد هڪ نئون مرحلو شرع ڪرائي ڏنو ، يعني سنڌي مان پارسي ڪرائڻ جو .
    رئيس جان محمد جڏهن به اهڙي چٽاڀيٽي ڪندي طالبن کي ڏسندو هيو ته کيس پنهنجو ننڍپڻ ۽ شفيق استاد مرحوم و مغفور مولانا در محمد خاراني ياد اچي ويندو هو . جنهن جو ذڪر، رئيس شدومد سان جماعت آڏو پيو ڪندو هو ۽ ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو، جنهن ۾ سندس هم جماعت طالب سنڌيءَ مان غلط پارسي ڪري استاد جي عتاب جو شڪار ٿيندا هيا.
    معمول مطابق حجري جي اندر سنڌي مان پارسي ڪرڻ جي مشق هلي رهي هئي. استاد سعد الله جيڪو هڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو هو، فارغ ٿي جڏهن موٽيو پئي آيو ته اوچتو ڪنهن ناخلف جي آواز کيس ڇرڪائي وڌو جيڪو ببانگ دهل چئي رهيو هو:
    “استاد جو ڇيلو وهريو آهي، جيڪو ان جي پارسي ڪري ڏيکاري ته انعام ڏيانس!”
    “انعام ۾ ڇا ملندو؟” ٻين طالبن ٽهڪ ڏيندي کائنس پڇيو “پنهنجي مٿي سان ٻڌل رومال!”
    پوءِ هڪ ٻي ناخلف ان جي پارسي ڪرڻ شروع ڪئي:
    “بزءُ استاد.... “ استاد پاڻ روڪي نه سگهيو ۽ هڪدم ان نامعقول کي روڪڻ لاءِ حجري ۾ ٽپي پيو:
    “خاموش ، بي ادب!... گستاخ!....” استاد ڌمڪي آميز رڙ ڪئي . سڀني طالبن تي سڪتو طاري ٿي ويو. استاد ڪاوڙ ۾ ٻنهي طالبن رحيم بخش ۽ الهداد کي گهوريندي بيد وانگر لرزي رهيو هو ۽ سوچيو پئي ته طالبن جي اٺ مسيت تي چاڙهڻ جهڙي شرارت ته برداشت ڪري سگهجي ٿي. پر هيئن اخلاق جا ليڪا لتاڙڻ ۽ استاد جي نانءَ تي ٽوڪ يا مخول ڪرڻ واري حرڪت ناقابل برداشت آهي. هن ڪجهه ساعتن لاءِ ، ٻين طالبن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ خطاڪار طالبن سان ، ڪاوڙ وچان مخاطب ٿيو:
    “مون ته ائين سمجهيو هيو ته اوهين صرف اٺن جيان بدوضع آهيو. پر هاڻ خبر پئي ته اوهين بدگو به آهيو ۽ يقينن ٻيو ڪجهه به ...”
    الهداد ۽ رحيم بخش ٻئي کيس ڪنڌ هيٺ ڪيون ٻڌي رهيا ها.
    رحيم بخش همٿ کان ڪم وٺندي عاجزي سان چيو:
    “استاد صاحب ، انسان خطا جو گهر آهي ، اسان جي خطا معاف ٿئي!”
    انهيءَ عرضداشت جو استاد مٿان ڪوبه اثر نه پيو، اٽلندو استاد ڪاوڙ ۾ وراڻيو:
    “خطا لاءِ سزا جو حڪم آهي .... ۽ سزا اوهان کي رئيس ڏيندو !”
    اها ڳالهه ٻڌي ، ٻئي طالب دهلجي ويا، کين خبر هئي ته اهڙي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ رئيس کين مدرسي مان ، بنا دستار بنديءَ جي ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. الهداد، قسمن جي سهاري الاهون بلاهون ڪرڻ لڳا، پر استاد جيڪو ڪنهن باه جي مچ تي رکيل ديڳ جيان تپي ويو هو، تنهن ٺڙ ٺپ جواب ڏنو.
    رحيم بخش جيڪو استاد جو آتش نما چهرو ڏسي دهلجي ويو هو. تنهن اوچتو پاڻ کي استاد جي پيرن تي ڇڏيندي چيو:
    “ سائين، اوهان کي لعل جان جو قسم!... بس هي ڀيرو خطا معاف ٿئي:”
    استاد کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويو . کيس ائين لڳو ڄڻ سندس پيرن مان ڪنهن زمين ڇڪي ڪڍي ورتي هئي. هن ته ائين سمجهيو هو ته سندس عشق جي ٻاٻور، سندس ڪرامن ڪاتبين کي به نه هوندي، هنن نامعقولن کي ڪيئن پئجي وئي؟! هو اڃا حيرت ۾ هيو ته الهداد به ساڳي ڪار ڪئي ۽ چوڻ لڳو:
    “جيڪڏهن اوهان معاف ڪندئو ته انشاءَ الله، اوهان جي هجر جي مهجوري چند ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي!”
    استاد، بنهه عجب جي نشاني بڻجي، ٻنهي کي تڪڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو، جن طالبن کي هو چاچول باز ۽ ڪند ذهن سمجهندو هو، سي ته وڏا چالاڪ نڪتا.
    استاد چند گهڙيون خاموش رهيو ۽ پوءِ حجري کان پر ٻاهر بيٺل طالبن کي واپس اچڻ لاءِ سڏ ڪيائين. طالب جڏهن واپس آيا ته اهو ڏسي کين حيرت ٿي ته استاد ، جنهن پهريائين ويڙهي ڏاند جيان تارا اڀا ڪيا ها، سو ڪنهن پوسل ۾ ليٽيل مينهن جيان ٿڌو ٿي چڪو هو. تنهن ڦوڪٽ هڻندي رڳو ايتري تنبيهه ڪئي:
    “سزا ڏيڻ کان معاف ڪرڻ بهتر آهي، ان ڪري اوهان کي معاف ڪيان ٿو . پر انهيءَ شرط سان ته آئنده اهڙي گستاخي نه ٿئي”.
    رحيم بخش ۽ الهداد توبه ڪندي ڪنن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ ڳالهه آئي وئي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، طالبن استاد ۾ هڪ عجيب تبديلي ڏٺي ته استاد جيڪو الهداد ۽ رحيم بخش تي سندن ڪاهليءَ جي ڪري ڄٺ ڦٺ ڪندو رهندو هيو، تن کي درگذر جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو هيائين ۽ نه صرف ايترو پر پهرن جا پهر حجري ۾ ويهاري ساڻن جهڻ ڀڻ پئي ڪيائين .
    ۽ حقيقت به اها هئي ته استاد هاڻي رحيم بخش ۽ الهداد سان دل جو حال اورڻ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن استاد کي ٻنهي طالبن جي اڄ سڀاڻي وارين ڳالهين ۽ واعدن تي شڪ به ٿيندو هو ۽ کيس لڳندو هو ته انجامي ڪوڙا آهن پر کيس اهو به احساس هو ته اتراڌي معشوق، لاڙي معشوقن جيان نرم خُو ۽ نرم دل ڪونهن جو هڪ اڌ نياپي ۾ پاڻ هاري ويهن، اهي ته جهولي جي سٽيل سخت جان چيلاٽن مثل آهن . جيڪي عشق جي لڪن ۾ اڃا به وڌيڪ خطرناڪ ڏنگيندڙ ٿي ويندا آهن. ۽ جڏهن ته لعل جان ڪو جهڙو تهڙو ڪونه هو. منجهس معشوقن واريون هڙيئي خصوصيتون يعني ناز وادا، شوخي، سنگدلي، بي پرواهي، ۽ جورو جفا موجود هيون. تنهنڪري وصل جي ايتري تڪڙي آرزو ڪرڻ اجائي هئي. پر ڇا ڪري، انتظار بي قرار ، لب زرد ۽ آه سرد واري ڪيفيت کي .... !؟
    آخر اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو کيس اعتبار نه پئي آيو. جڏهن رحيم بخش ۽ الهداد کيس مبارڪون ڏيندي ، انتهائي رازداري ۾ خوشخبري ٻڌائي هئي ته لعل جان ملاقات جي لاءِ راضي ٿي ويو آهي، رات جو اويرو، مدرسي جي پٺ ۾ وهندڙ واه ۽ قبرستان واري ڏيڍيءَ ۾، جتي کبڙن جا گهاٽا وڻ آهن. اُها ئي وصل جي منزل آهي ۽ پوءِ رات تائين هڪ هڪ پل صدين جيان گذرڻ لڳو.
    هن چاٻي واري ويسٽرن گهڙي تي هر هر نظر پئي وڌي، جنهن جا پرنور رڊيم لڳل ڪانٽا، آهستي آهستي سندس صبر آزما گهڙين کي ڳڻيندي اڳتي پئي وڌيا. جڏهن انهن رات جا ٻارنهن ڏيکاريا ته، پير پير ۾ ڏئي ، حجري مان ٻاهر نڪتو. اماوس جي رات ۾، آسمان تي وکريل تارن جا ميڙ اکيون ٽمڪائيندي نظر آيس. هن هڪ نظر اوڏانهن به ڊوڙائي، جتي سندس رقيب روسياه، حافظ شمس الدين لت ڏيون ستو پيو هو . پوءِ الله تي رکي، اوڏانهن روانو ٿيو، جتي قبرستان جي ڏيڍي ۽ گهاٽا کٻڙ هڪ ٻئي سان امبل چمبل لڳا پيا ها. جن جي هيٺان ڪاري ٻاٽ، ڪاريهر جيان وڪڙ هنيون پئي هئي. هو همٿ ڪري جڏهن اندر گهڙيو ته اونداه کيس ايئن وڪوڙي وئي، جيئن بکايل اجگر، ڪنهن جاندار کي جهٽ هڻي. بب اونداه ۾ زوردار ٿڙڦـٿڙ ۽ ڪشمڪش جي ڪري سڪل پنن جي کڙڪڻ جو آواز ۽ چنگھڻ ڪجهه دير هلندو رهيو ۽ پوءِ خاموشي ٿي وئي.
    ماڪ مهل ، جڏهن کٻڙن جي اونداهي کيس اوڳاڇيو ته استاد جي ورڻ جو منظر باب السماءُ (تارن جي ميڙ) حيرت ۽ عجب وچان پئي تڪيو. استاد جي پيشاني عرق آلود ۽ دستار ڳچيءَ ۾ لڙڪيل هئي. ڪچيءَ گپ ۾ گوڏن تائين ڀريل ۽ پتڻ تي ڪٽيل ڍور کان وڌيڪ جان ۾ رڦـڻي هيس ..... هلندي هلندي ٿاٻا پئي کاڌائين ..... پير پئي وچڙيس ...... حجري ڏانهن تيزيءَ سان واپس ايندي، هر هر خوف وچان پٺتي شڪ پئي هنيائين .....
    فجر جي نماز تي، رئيس جان محمد ، استاد سعد الله کي غير حاضر ڏٺو ته ڪجهه اڻ جهڻ ٿي پيس ته ، شايد گهڻي ڪم جي ڪري کيس ننڊ اچي وئي هجي يا طبعت ناساز هجيس. نماز کان پوءِ اندر جي اُڊڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ رئيس، سندس حجري ۾ جهاتي هنئين ته ڏٺائين ڪاريءَ وارا ڪک نه استاد، نه استاد جو سامان . البت هڪ چٺي تڏي تي، سندس هٿ اکرن سان ڇڏيل هئي. هن کڻي پڙهي ، جنهن تي لکيل هو:
    الحاج رئيس جان محمد،
    السلام عليڪم!
    خيريت طرفين مطلوب. مطلب احوال ته، آءٌ پنهنجي ملڪ وڃان پيو. افسوس! جو اوهان جي ملڪ ۾ جالي نه سگهيس. ڳالهايو ٻولهايو بخشجو.
    خيرانديش
    استادسعد الله خان.
    الحاج رئيس جان محمد جا تاڪ لڳي ويا. کيس سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته آخر سبب ڪهڙو هيو ، جو نه موڪلائڻ نه توڪلائڻ ائين الله توهر !؟


    2.7 سچي ۽ لاجواب ڪهاڻي

    هو جئين ئي، ٿڪل ٽٽل فيلڊ مان، سروي جو ڪم ڇڏائي ، آفيس ۾ پهتو ته کيس پنهنجي ماتحت اسسٽنٽ ٻڌايو: ‘سائين، اوهان جي گھران نياپو آيو آهي ته گھر جلدي پهچو. اوهان جو والد آيو آهي.’
    هيڪر ته هن جو مٿو چڪرائجي ويو ته سندس والد ....!!؟؟ پر پوءِ کيس سمجھه ۾ اچي ويو ته پڪ سان وري سندس ماءُ کي دؤرو پيو هوندو. هن کي پنهنجي ماءُ تي ڪاوڙ سان گڏ ڪهل آئي ۽ سوچيائين ، ماءُ اهڙي هستي آهي، جنهن تي ڪاوڙجڻ اولاد کي زيب نٿو ڏي. پيريءَ کي ته اولاد جي صورت ۾ مضبوط لٺ کپي نه ته پوڙهائپ زندگيءَ جو اهو بي وس ۽ لاچار حصو آهي. جنهن ۾ اداسي ۽ مايوسي ڄڻ هوا ۾ اُڏيل دز جيان ملامت ٿي وسندي آهي.
    هن دل ۾ سوچيو، رنگ بيڪ Ring back ڪري ، ماءُ کي سمجھائي ڇڏي ته اهڙي قسم جو نياپو يا اطلاع، آفيس ۾ کيس کلڻ هاب ڪندو. جڏهن ته ڪاغذن ۾ سندس والد فوت ٿيل آهي. هن اهو سوچي، پنهنجو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو ، ته جنهن چوويهن سالن کان وٺي، ان ڳالهه کي تسليم ناهي ڪيو، سا فون تي چئن منٽن ۾ ڪيئن سمجھي وٺندي؟
    هن فيصلو ڪيو ته کيس گھر وڃي ماءُ کي ٿڌي سيني سان سمجھائڻ گھرجي. هن پنهنجي باس کان ٽن ڏينهن جي موڪل ورتي ۽ پوءِ اڏي تان ويگن تي چڙهي پيو. سکر کان لاڙڪاڻو ڏيڍ ڪلاڪ جو پنڌ هيو، ويگن جيئن هلي، هو آسپاس کان بي نياز ٿي ويو. ڏيڍ ڪلاڪ جو اهو مفاصلو، سندس زندگيءَ جي چوويهن سالن جي طويل فلم جو ٽيلر ٿي ويو. هن جي ذهن ۾ خاص منظر ائين ڦرندا ۽ پٺتي ٿيندا پئي ويا. جئين دريءَ مان نظر ايندڙ، ڪڏهن سر سبز کيت ۽ ڪڏهن بٺ زمين.
    پهريون منظر ، جيڪو سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳو هو. اهو گھر جو اڱڻ هيو، جنهن تي جوڳياڻين کان ورتل گھگھڙن سان ويٺي راند پئي ڪئي ۽ گھر جي ٻاهرين دروازي ڏانهن لوڻو پئي هنيو. سندس ماءُ جون نظرون گھر جي در ڏانهن پئي اڏاميون. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ کي انتظار جي آنڌ مانڌ کان بچائڻ لاءِ رئي تي آر هـڻي رهي هئي. ڏاڏي، سندس ننڍڙي ڀيڻ کي پينگھي ۾ لوڏيندي، دروازي ڏانهن پئي واجھايو. ان ڏينهن تي دروازو کڙڪيو هو. پر پيءُ جي بجاءِ ڪو اوپرو ماڻهو در تي بيٺو هو، جنهن سندس ڏاڏي کي پنو ڏيئي ڪجهه ٻڌايو هو.
    ۽ پوءَ اهو دردناڪ منظر شروع ٿي ويو. جنهن ۾ سندس ماءُ پنهنجين ڪراين ۾ پهريل رنگ برنگي چوڙين کٽ جي ٻانهين تي هڻندي پئي ڀڳيون. هن حيرت ۽ ڪنهن اڄاتي خوف وچان تڪيندي، کائنس پڇيو: ‘امان، چوڙيون ڇو ٿي ڀڃين؟’ماءُ کيس روئندي ٻڌايو. ‘پڻهين پاڻ کان رُسي، پرن واري گھوڙي تي چڙهي آسمان تي هليو ويو آهي.’
    هن کي ڪجهه به سمجھه ۾ نه آيو ته جيڪڏهن سندس پيءُ، پرن واري گھوڙي تي چڙهي آسمان تي ويو به آهي، ته ساڳي گھوڙي تي چڙهي موٽي به سگھي ٿو. ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ...!؟
    سندس گھر اوڙي پاڙي وارين عورتن ۽ مٽن مائٽن سان ڀرجي ويو هو. مٽ مائٽ عجيب حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندي، کيس ڪڇ ۾ کڻي خوامخواهه دوڪان تان شيون وٺي ڏيڻ لڳا ها. هن جي سامهون سندس پيءُ جون ڳالهيون ڪندي، ٿڌا ساهه کڻندي، خاموش ٿي پئي ويا.
    هن کي ماءُ جي ٻڌايل ڳالهه تي ويساهه هيو. جئين دنيا جي هر ٻار کي پنهنجي ماءُ جي ٻڌايل ڳالهين ۽ ڪهاڻين تي هوندو آهي. هر روز شام جو ڪوٺي تي چڙهي، پيءُ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. نيري گگن ۾ نيڻ نهار تائين گھوريندو رهندو هيو. هن کي يقين هيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن، هو ضرور موٽي ايندو.
    هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون. اندرئين منظر کي مٽائڻ لاءِ ٻاهر ڏٺائين. ويگن ڊيها ڳوٺ ڪراس ڪري رهي هئي. جتي ڌاڙيلن جي ساڙيل بس جو پڃرو ، روڊ جي وٽ ۾ اجڙيو پيو هو. ڪوشش جي باوجود، هو انهيءَ اندرئين منظر کان پيڇو نه ڇڏائي سگھيو. جيڪو پهرين منظر کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ هيو.
    پرائمري اسڪول جي پڪ سري عمارت جي هڪ ڪمري ۾ هيڊ ماستر، نالو، پيءُ جو نالو، ذات ۽ عمر لکڻ کان پوءِ سندس چاچي کان پڇيو هو، ‘ڇوڪري جو پيءُ ڇا ڪندو آهي!؟’
    ‘پيءُ پوليس ۾ هيس. ڇهه مهينا کن ٿيا جو ويچارو گذاري ويو آهي.’
    ‘چه ... چه ... چه ... ويچارو يتيم آهي!’ هيڊ ماستر ، افسوس جو اظهار ڪندي وراڻيو.
    ‘ها سائين، يتيم جي پارت هُجيوَ.’
    هو جڏهن گھر موٽيو ته ڀريو موٽيو. سوالن سان ماءُ تي وڏڦڙي جيان وسي پيو.
    ‘مونکي ماڻهو يتيم ڇو ٿا سڏن!؟’
    ماءُ ڪو به جواب نه ڏنو. خاموش ٿي وئي.
    ‘منهنجو پيءُ مري ويو آهي؟’
    ‘نه !’
    ‘پوءِ چاچا، ڇو پيو چئي؟’
    ‘ڪوڙ ڳالهائي پيو .... تنهنجو پيءُ آسمان تي، پرن واري گھوڙي تي چڙهي ويو آهي.’
    ‘پوءِ اڃا ڪونهي موٽيو؟’
    ‘ڇا هو جو ....!’ ماءُ کيس ڀاڪر ڀريندي چميون ڏئي اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي ڀنجرن جا بند ڏيندي، ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي: ‘پڻهين، جئين ئي آسمان تي ويو نه ..... پرن واري گھوڙي کي ٻاهر بيهاري .... هڪڙي وڏي دوڪان ۾ گھري ويو.تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي ڀيڻ لاءِ، گھڻا گھڻا رانديڪا ۽ شيئون وٺڻ ....’
    ‘ڪهڙا رانديڪا ۽ شيون ....؟’
    ‘طوطو، مور، گھوڙو، هاٿي، شينهن ..... ۽ شين ۾ برفي، پيڙا ، لڏون ...!’
    ‘لڏون نه کائيندس .... کنگھه ٿيندي آ.’
    ‘تنهنجي ڀيڻ ، راڻي ته کائيندي نه ...’
    ‘نه، ان کي به کنگھه ٿيندي.’
    ‘چڱو پوءِ، اسان فقيرن کي ڏينداسين.’
    ‘پوءِ ڇا ٿيو، امان؟!’
    ‘پوءِ ابا، ڏائڻ آسماني چور جو آيا ته پرن واري گھوڙي کي چورائي ، کڻي ڀڄي ويا .... سو پڻهين ويو آ، چورن کي پڪڙڻ ... انهن کي پڪڙي، سٽي ڪٽي، جيل ۾ وجھي، پوءِ سڀ رانديڪا کڻي اچي پهچندو .... پوءِ ڏسجانءِ نه، سڀ ماڻهو ڪيئن ٿا شڪي ٿين ۽ چون، ڏسو! راجا ۽ راڻيءَ جو پيءُ ڪيئن اچي پهتو آ.’
    ماءُ جي ڪهاڻي ٻڌندي، سندس اکيون ٻوٽجي وينديون هيون. هو خواب ۾ ڏسندو هيو، سندس پيءُ جو گھوڙو وڏن پرن سان پکين جيان ڦـڙ .... ڦـڙ ڪندو، سندس گھر جي اڱڻ ۾ لٿو آهي. پڻهس جي هڪ هٿ ۾ ٿيلهو آهي، جنهن ۾ رنگ برنگي رانديڪا آهن ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽوڪري آهي، جنهن ۾ برفي، مائو ۽ پيڙا پيل آهن. هو کائنس رانديڪا ۽ شيون وٺي ڀڄڻ جي ڪندو آهي پر ٻه مضبوط هٿ سندس چيلهه ۾ پئجي ويندا آهن. هو مٿي هوا ۾ ڄنگھون لهرائي، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر چمين جو مٿائنس وسڪارو ٿي ويندو آهي. هو پيءُ جي کھري منهن تي رانڀوٽا پائڻ شروع ڪندو آهي، پر پيءُ جو کھرو منهن ايستائين کيس ڀنڀوليندو آهي، جيستائين سندس ڳٽا آلا نه ٿي ويندا آهن .....
    پوءِ هو صبوح جو اُٿي، ويهاڻي کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو هيو ۽ ماءُ کان پڇندو هيو ، ‘بابا ، جيڪي شيون ۽ رانديڪا آندا هيا، اُهي ڪاڏي ويا!؟’ ماءُ جڏهن حيرت کائي کائنس پڇندي هئي، ‘ڪهڙا پٽ!؟’ ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي هئي ۽ هو غصي ۾ روئي ويهندو هو.
    ويگن، لکيءَ واري موڙ کان مڙي، ڏکڻ اولهه ڪنڊ ورتي ته هن اهڙن ڏکوئيندڙن منظرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻاهر ڏٺو.
    ٻنهي پاسن کان ڪلراٺي زمين ڄڻ سندس زندگيءَ جي انهي حصن کي تشبيهه پئي ڏئي، جنهن ۾ هن ڪڏهن ڪڏهن خودڪشيءَ لاءِ به سوچيو هو. هن کي ياد اچي ويون اهي ڳالهيون جن سندس معصوم احساسن کي چڪناچور ڪيو هو. کيس چٽي طرح ياد هيو ته جئين جئين عمر ۾ وڏو ٿيندو پئي ويو. تيئن تيئن ماءُ کان پيءُ بابت آڏي پڇا وڌيڪ پئي ڪيائين. ماءُ وئي ڪهاڻيءَ کي اينگھائيندي ۽ طويل ڪندي، هن کي ان وقت پيءُ جي ڏاڍي تانگھه ٿيندي هئي. جڏهن هم ڪلاسن کي چوندي ٻڌندو هيو: ‘اڙي، موڪلن ۾ مون کي پنهنجو پيءُ ڪراچي ۽ حيدرآباد گھمائيندو ... منهنجي پيءُ کي ايڏا پئسا آهن، جو کيسا ڀريل هوندا اٿس. مان جيڪو چوندو آهيانس وٺي ڏيندو آهي ... منهنجي پيءُ کي ايڏي طاقت آ، جو ڪو وڙهيس ته ٺونشو ئي هڪڙو هڻيس ته مري وڃي.’
    اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي کيس پيءُ جو تصور عجيب لڳندو هو. هن کي محسوس ٿيندو هو ته پيءُ جي آڱر دنيا جي ماڻهن جي سڀني آڱرين کان وڏي هوندي آهي. جنهن کي پڪڙي، ٻار دنيا جي هر ڪنڊ گھمي سگھي ٿو. پيءُ جو کيسو دولت جو اهڙو کوهه هوندو آهي. جيڪو اڻ کٽ ۽ اتانگھه آهي. پيءُ جون ٻانهون تمام طاقتور هونديون آهن، جن سان هو پنهنجي ٻار کي، هر مصيبت کان بچائي سگھو ٿو، پر آهستي آهستي زماني جي ماڻهن کيس زوري احساس ڏيارڻ شروع ڪيو هو ته هو يتيم آهي. ڪو به مٽ مائٽ، جڏهن همدردي جي بنياد تي سندس مٿي تي شفقت جو هٿ گھمائيندو هو ته کيس ائين لڳندو هو ته اهو مٿي تي زور ڏيئي، سندس سرُ جھڪائي رهيو آهي.
    سندس ذهن جي پردي تي اهو نه وسرندڙ ۽ خوفناڪ منظر اڀري آيو. جڏهن هو مئٽرڪ ۾ هيو. نئون ڪلاس ٽيچر اڌيڙ عمر جو هيو. تنهن حاضري بوڪ تي سندس نالو ۽ پيءُ جو نالو کڻندي بيهجي ويو ۽ چوڻ لڳو:
    ‘تنهنجو پيءُ پوليس انسپيڪٽر هيو نه!؟’
    ‘ها سائين!’ هن فخر سان ڪنڌ مٿي ڪندي جواب ڏنو.
    ‘منهنجو وڏو ڀاءُ جمعدار هيو. تنهنجي والد مرحوم سان گڏ، منهنجو ڀاءُ به انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ هيو، جنهن ۾ پوليس جي ٻارنهن ڄڻن جو جٿو سوار هيو. هنن کي پار وڃي آپريشن ڪرڻو هيو. وچ سِـيـر تي، قضا الاهيءَ سان ٻيڙي اونڌي ٿي پئي. ٻارنهن ماڻهو ٻڏي ويا. ڏهن جا لاش لڌا هيا. پر توهان جي والد ۽ منهنجي ڀاءُ جو لاش نه مليو. انهيءَ قضيي کي نو ــ ڏهه سال کن ٿيندا، پر اڃا تائين ...’ استاد، عينڪ لاهي ٽيبل تي رکي، وهندڙ تترن کي هڪدم رومال سان اگھي ورتو ۽ حاضري ڀرڻ ۾ مشغول ٿي ويو.
    ان ڏينهن، جڏهن گھر موٽيو هو ته پهريون دفعو باقاعده ماءُ سان جھيڙيو هيائين ۽ چيو هيائين: ‘امان، تنهنجون سڀئي ڪهاڻيون ڪوڙيون ۽ جڙتو آهن ۽ تون وڏي ڪوڙي آهين.’ ڪيترائي ڏينهن، هن ماءُ سان نه ڳالهايو هو، پر آهستي آهستي سندس ڪاوڙ ڍري ٿي وئي هئي.
    مئٽرڪ کان پوءِ هن روزگار جي تلاش شروع ڪري ڏني هئي. ماءُ جي انهن هٿن کي ڏسندي، جيڪي مشين تي ڪپڙا سبندي کهرا ٿي پيا ها. چولن ۽ رَون تي هر مچ، نوپيٽو، چنڊ ۽ چڪرو هڻندي، سندس آڱرين ۾ ٽنگ ٿي پيا ها. ويهڪ ڪري سندس جوڙن جو درد وڌي ويو هو. نور نچوئيندي نظر گھٽ ٿي وئي هيس. ماءُ کي جڏهن اها ڳالهه ٻڌائي هيائين ته چڙي پئي هئي.
    ‘تون ڇا ٿو سمجھين ته ڇورو ڇنو آن ... تون ٻڌاءِ ته مان ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگيو آ؟ جڏهن آيو ته ڇا چوندو پڻهين ته منهنجي راجا کي پورو پڙهائيه به نه .... اڳتي اها ڳالهه نه ڪجانءِ ....!’
    هن کي، ماءُ جي جواب تي حيرانگي ٿي هئي ۽ سوچيو هيائين. ماءُ جي دل به عجيب آهي ....! سچ ته ماءُ، عورت جو اهو روپ آهي، جيڪو جذباتي نه پر بذات خود جذبات آهي. جنهن جي آڏو، عشق ۽ محبت جون هڙيئي حدون ختم آهن، ان ڏينهن کان پوءِ ، هن وري ماءُ سان ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي ...
    مدئجي شهر جي گندي کڏ مان اٿندڙ بانس، هن جي ذهن جي پردي تي ڦرندڙ، منظرن جي تسلسل کي ٽوڙي وڌو ۽ کيس گھڙي کن، ساهه روڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هو. ويگن جيئن ئي مدئجي جي آخري حد ٽپي وئي، ته صاف شفاف ۽ ٿڌي هوا، واڪا ڪندي، اڌ بند ، اڌ کليل درين مان اندر پئي آئي. ڪن نازڪ طبيعت ماڻهن زور زور سان نڇان ڏيندي، درين کان ويٺل ماڻهن کي دريون بند ڪرڻ تي مجبور پئي ڪيو.
    آهستي آهستي هو وري آسپاس کان بي نياز ٿي ويو ۽ سندس ذهن ۾ اهو منظر ڦرڻ لڳو، جنهن ۾ جذبن جي انتها ۽ عقل دنگ هيو.
    شاديءَ واري ڏينهن تي، ماءُ پنهنجي ڏاج واري ٽرئنڪ مان، سانڍيل فوٽو ڪڍيا ها، جنهن ۾ سندس پيءُ ڪنهن فوٽوءَ ۾، خانگي ڪپڙن ۾ بيٺو هيو ۽ ڪنهن ۾ سرڪاري ڊريس سان. هوءَ ساڻس مخاطب هئي:
    ‘ڏس، تنهنجو راجا صاحب! اڄ گھوٽ ٿيو ٿي ... تو چيو هيو، مان جلد ايندس پر تو اڄ به دير ڪئي ..... مان تنهنجو لائون تائين انتظار ڪندس ... لائون تائين نه آئين ته صبوح تائين انتظار ڪندس ... گھر جو در کليل رکندس ته متان موٽي وڃين، سڀاڻي به نه آئين ته ٻي ڏهاڙي، ٽين ڏهاڙي ....’
    ماءُ ڍانڍيون ڪندي روئي پئي. هو سراپا حيرت بڻجي کيس تڪي رهيو هو. هن جي دل ۾ گھڻو ڪجهه آيو ته اڄ ماءُ کي صاف صاف ٻڌائي ۽ سندس تصوراتي دنيا کي ايئن ڀڃي ڀورا ڪري، جئين خالي دلي کي پٽ تي ڦهڪائي ٺيڪراٽيو ن ڪبو آهي.
    ‘امان، تون جنهن جو انتظار ڪري رهي آهين، انهيءَ جا ته هڏا به ڳري ويا هوندا. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه مون کي ريجھائڻ لاءِ ڪري رهي آهين ته مان توکي اڄ ٻڌايان ٿو ته تنهنجين تصوراتي ڪهاڻين کي مون پنهنجي ذهن مان ڌڪو ڏيئي اڇلائي ڇڏيو آهي يا کڻي ائين سمجھه ته مان پنهنجي پيءُ کي گھٽو ڏيئي ماري ڇڏيو آهي. مون کي ساڻس ملڻ جي ڪا به تمنا، حسرت يا انتظار ناهي. مان پنهنجي دل هيري وانگر سخت ڪري چڪو آهيان. جيڪڏهن تون پاڻ کي پرچائي رهي آهين ته به غلط ڪري رهي آهيان. ڪيستائين پاڻ کي دولاب ڏيندينءَ ... ڪيستائين رڃ ۾ اڃايل هرڻي جيان ڀڄندي رهندينءَ!؟’
    ماءُ جي آڏو، اهو سڀ ڪجهه چوڻ جو ست نه ساري سگھيو. صرف جذبات ۾ ڏڪندو رهيو. شايد ماءُ ان وقت ائين سمجھيو هجي ته سندس پٽ کي به وڇوڙي جي درد ، آنڌ مانڌ ڏيئي ڇڏي آهي، پر قطعي ان وقت ائين نه هو. هن کي ته ان وقت پيءُ بنهه ياد نه هو. جي ياد هيون ته اهي ڳالهيون جيڪي ونيءَ سان ڪرڻيون هيون، جيڪي تجربيڪار دوستن کيس ٻڌايون هيون يا ڪتابن مان پڙهيون هيائين.
    نئين ديري جي باءِ پاس تي، ڪجهه ماڻهو لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا ته هن جو خيال ڪجهه گھڙين لاءِ مٽجي ويو. ڪجهه دير ماضيءَ جا منظر اندرين اک تائين هٽي ويا. ان جي جاءِ تي ٻاهرين منظرن ؛ ريل جي بند ۽ دونهين اوڳاڇيندڙ شگر مل ورتي. ويگن مڙي، جئين ئي ڏکڻ طرف، لاڙڪاڻي روڊ تي سڌ ڪيو، ته ٻنهي پاسن کان بيٺل چهچ ساون بيد مشڪن جي قطارن جي نظارن ۾ موهجي ويو. جڏهن ڪيهر ڳوٺ وٽ، وڏي اسپيڊ بريڪر کيس جھٽڪو ڏنو ته پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيو ۽ سوچڻ لڳو ، هو ماءُ کي هن ڀيري، ڪجهه اهڙي نموني سان سمجھائيندو:
    ‘امان، تون منهنجي ڳالهين تي ناراض نه ٿجانءِ. مان توکي دنيا جي هر هستي ۽ شئي کان اتم سمجھندو آهيان. ننڍپڻ ۾ هر ٻار ، توڙي جو پنهنجن احساسن کي لفظن ۾ ادا ناهي ڪري سگھندو ، پر محسوس ضرور ڪندو آهي ته ماءَ جو اُرهه ۽ پيءُ جو سينو ، سندس سڄي ڪائنات آهن. جڏهن ته تون منهنجي لاءِ ماءُ ــ پيءُ رهي آهين. مڃان ٿو ته ان وقت، جيڪڏهن تون اهڙيون اميدن ڀريون ڪهاڻيون نه ٻڌائين ها ته مان ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃان ها. منهنجي شخصيت ۾ اهو سنگم ۽ توازن پيدا نه ٿي سگھي ها ۽ ٿي سگھي ٿو ته ڇورو پاڻ زورو ٿي وڃان ها. پر خدا جي واسطي، هاڻي مون کي يادگيري نه ڏيار. مون کي پنهنجي پيءُ جي پاڇي پٺيان نه ڊوڙاءِ. مان ڏاڍو ٿڪجي ۽ چڙي پيو آهيان. هونئن به ماءُ جو سينو سمونڊ جيان ويڪرو هوندو آهي ۽ اولاد شوخ ۽ چنچل لهرن جيان. منهنجي ڪڙين ڳالهين تي ناراض نه ٿجانءِ ... منهنجو صرف توکي هڪڙو ئي عرض آهي ته وساري ڇڏ ته ڪو تنهنجي راجا جو پيءُ ورڻو آهي ....’
    هن پنهنجي رٽيل جملن جي ڪٿ ڪندي اندازو هنيو ته، جيڪڏهن هو ماءُ کي اهڙي ڌيرج ۽ آهستيءَ سان سمجھائيندو ته گھڻو ڪري سمجھي ويندي ۽ کيس درگذر ڪري سيني سان ائين لائي ڇڏيندي، جئين ساگر، اواچ لهرن کي سموئي ڇڏيندو آهي.
    ويگن لاڙڪاڻي پهچي چڪي هئي. ويگن مان لهي، هن رڪشا ڀاڙي ڪيو. جيڪو زوڪاٽ ڪندو، ڪچي دونهين کي هوا ۾ اڇلائيندو، سندس گھر سامهون اچي پهتو. هن رڪشا تان لهي، ڪال بيل جي بٽڻ تي هٿ رکيو، دروازو کليو. ڄڻ سندس بيچينيءَ منجھان انتظار پئي ڪيو ويو. ماءُ سندس سامهون بيٺي هئي. هن حيرانگيءَ منجھان ماءُ کي تڪيو، جنهن کي شاديءَ جو چمڪندڙ ڀنڀو جوڙو پهريل هيو. ڪنن ۾ سونا جھومڪ ۽ ڪراين ۾ رنگ برنگي چوڙيون پئي کڙڪيون. خوشي سندس منهن مان ڀنڀ ڏيئي پئي نڪتي. ماءُ هن کي ٻانهن کان پڪڙي چوڻ لڳي:
    ‘تون چوندو هئين، منهنجي ڪهاڻي ڪوڙي آهي. جڙتو آهي. هل، هلي پنهنجي اکين سان ڏس ، پڻهين موٽي آيو ٿي ...’
    هو ماءُ سان گڏ اندرين ڪمري ۾ داخل ٿيو. سندس جوءِ جي ڀر ۾ نئون ڄاول ٻار، مٺيون ڀڪوڙيندي ڄنگھون هڻي رهيو هو. هن پنهنجي معصوم پيءُ کي هنج ۾ کڻي ماءُ کي ڏٺو ۽ دل ۾ چيو: ‘امان، واقعي تنهنجي ڪهاڻي سچي ۽ لاجواب آهي. اهڙي بهترين پڄاڻي واري ڪهاڻي اڄ تائين نه مان ٻڌي ۽ نه وري پڙهي آهي.’


    2.8 ڏوجھرن ۾ ڦاٿل زندگيون

    مهينو جولاءِ جو ۽ وقت صبح جو آهي، آسمان تي هلڪن هلڪن ڪڪرن جي اچ وڃ لڳي پئي آهي. ٻٻرن، ٻيرن ۽ نمن جون چوٽيون لڏي رهيون آهن. ڳوٺ ‘رانجھي سدوري’ جي مسيت (مسجد) ۾ ، جھرڪ، جھرڪين کي ڊيڪائي رهيا آهن. ڪنوارو مولوي، زيبيءَ جي ٽاٻريءَ ڌيءَ کي دير تائين سبق پڪو ڪرائي رهيو آهي. زيبي ، ڌيءَ جو انتظار ڪري ٿڪجي پئي آهي. سوچي ٿي: ‘ڇوري کي سڏي اچان ته ماني کڻي وڃئون ٻنيءَ تي.’
    زيبي جومڙس عدلو، ڳوٺ جي اولهائين نئين ٺهيل روڊ جي پرئين ڀر، ٻنيءَ تي وانگارين سان گڏ روت ۾ مشغول آهي. عدلوءَ جون نظرون رکي رکي بچيءَ جي پنن ۾ کُـپي وڃن ٿيون. جنهن جي سٿڻ جا پاچا ذري گھٽ گوڏن تائين کنيل آهن. بچيءَ جومڙس ڪوڙيءَ کي اک ۾ ڪيون مرايون هڻي رهيو آهي. ڪوڙي رونبو گھٽ ڇانجرا گھڻا ڪري رهي آهي.
    رحيمان، ٽئي ويڙها ڳوٺ جا ڳولي ڳولي ٿڪي آهي، پر جانڊاهي کوتيءَ جو پتو نه کرو. مونجھاري ۾ آهي ته ڪڏهن اٽو پيسبو، ڪڏهن ماني پچندي؟ جڏهن ته کوتي، ڳوٺ جي مقام ۾ ، ٻوڙن جي اوٽ ‘استاد گھر’ لڳي پئي آهي.
    ڳوٺ جي پهرئين ويڙهي جي آخري لانڍيءَ ۾، رستم جھانورو مولودن جي ڌم لايون ويٺو آهي. سندس سُر ٺهي ئي نٿو. نڙيءَ جي سُرڪي کيس ماري ڇڏيو آهي. ڀڻڪي ٿو: ‘هيڏو سارو ويڙهو آ ... ڪنهن کي ٽي چار داڻا ڪارن مرچن جا به ڪونهن ، جو کڻي خدا ڪارڻ ڏين ... پر جي هوندن ته به چوندا، ڪونهن!’
    ڳوٺ جي اوڀر ۾، وهندڙ آچر واهه جي ٻوڙن مان، اڃا نانگن جو جوڙو نڪتو مس، ته سامهون نور سينو ساهيون بيٺو آهي. مادي، نر کي سمجھائي ڄڻ موٽايو آهي ته، ڇڏيس وات ڳاڙهو آ، وات ڳاڙهي سان اٽڪائڻ سٺي ڳالهه ناهي ... آچر واهه جي پرئين ڀر، خانو کبڙن هيٺان، ڪاني ۾ بليڊ اٽڪايون هيٺين سنت ادا ڪري رهيو آهي.
    وچئين ويڙهي ۾ قادن ماءُ، قلمي قرآن هيٺان رپين جا ٻه سو رکي پارت ڪري رهي آهي: وسيلا! پارت ٿي مان رن زال جي ... هاڻي ڪُل ٻه هزار روپيه ٿيئي!’
    ڀرسان واري گھر ۾، جمن جي ڪنوار، وھنجي جنابت لاٿي آهي. اڱڻ تي ڏندي ڏيندي، ڦڻيءَ ۾ اٽڪيل ڀرپٽن (وڏين جوئنن) کي ڪڍي ننهن تي رکي، ماري رهي آهي. اک ڊيگھه تي، ڪنگيءَ جو سنوڻ ٿي رهيو آهي. لانڍيءَ ۾ هٿراڌو ٽنگ ٿيل آهي. مٿان ‘شاهي’ هيٺان ‘ربل’ بيٺي آهي، ٻن ٽن سالن جو ٻار ٽنگ مان، هيٺ مٿي ٿي رهيو آهي. ڪڏهن ربل جي هٿن ۾، ڪڏهن شاهيءَ جي هٿن ۾. ٻئي چئي رهيون آهن:
    ‘ٽنگ سوڙهو، شانو ٿلهو
    شانو ٿلهو، ٽنگ سوڙهو.’
    ڪنگي ورتل شاني، ٻرڙاٽ ڪندي مُـٽي ڏنو آهي.
    وچئين ويڙهي جي اوڀارين گھر جي ڪوٺيءَ ۾ حياتان چانورن جو اٽو ڪتن کان لڪرائي، ماٽيءَ ۾ وجھي رهي آهي. سوچي ٿي: ‘وڌ ۾ وڌ مڙسن کي ٽي مهينا ڪتي لڪ کارائبي آهي ته ڪتي وانگر پڇ لوڏڻ شروع ڪندا آهن. ٽيون سال آ، هن ماريي کي اثر ئي نٿو ٿئي. جڏهن ڏس تڏهن مڇرجي، پاٽيءَ جيڏا ڳوڙها ٿو ڪري ڇڏي.’
    ٻاهر اڱڻ جي ٿلهي تي ڏيرياڻي جنت، کير ولوڙي ٿڪجي پئي آهي پر نڪتي اها ئي ٽيڱـڻي آهي. دٻرندي چئي رهي آهي: ‘پڪ اها حسنه ساڙوٽي آهي، جيڪا پڙهيا ٿي وجھي.’
    حسنه، ڪنڌيءَ جي ٻئي پاسي، ڪنڌ جھڪائي ٻين سان گڏ، رلهين جا سيبا ڪري رهي آهي. اوچتو سندس اکين ۾ سَـرٽ پئجي ويو آهي. ماسي نصيبان ڪنَ مان چانديءَ جي والي ڪڍي، ڌوئي ڌپوئي واليءَ جا ڪنارا سندس اکين ۾ گھمائي چئي رهي آهي:
    سَرٽ ڀڃانءِ؟’
    ‘ڀڃ.’
    ‘سرٽ ڀڃانءِ.’
    ‘ڀڃ!’
    ستن دفعن کان پوءِ حسنه کي آرام اچي ويو آهي.
    ڳوٺ جا ٽاٻر ڇورا، اتر پاسي، پاڻيءَ جي کڏ ۾ تڙڳي تڙڳي، اکيون جيرا ڪري موٽيا آهن. گوڏ جي پلون ۾مڇين جي در ۽ شاڪر ڦاسايون آيا آهن. ڪن کي وڻ ويڙهيون وات ۾ آهن. ڪن ناڙي جي ڏانڊين مان توتاڙيون ٺاهيون آهن. زور سان وڄائيندي، ڳوٺ جي ڪراڙن ۽ ڪراڙين کي تائي تپائي ڏنو آهن.
    ‘او بس ڪيو ... آڪهه جا ....!’ نانو صالح جنهن کي اڳيئي جادل ذل ڪري ڇڏيو هو، سو ويتر چڙي پيو آهي.
    ‘او نانا! ڌاڳو وٽي ڏي ... الائي چور تپ ٿيو ٿس.’
    ‘فُوٽ ....! سڄي ڳوٺ ۾، مان هڪڙو چور هيس ڇا ...؟ ڏاڏنهن ته حج ڪئي کان پوءِ به هٿ مان رسو نه ڪڍيو هو.’
    ‘نانا، ان جو نٿو لڳيس ... تنهنجونانءُ وڏو آهي.’
    ناني صالح جو هانءُ ٺري پيو آهي. هن ڌاڳو وٽڻ شروع ڪيو آهي ۽ چئي رهيو آهي: ‘اسان هياسين بادشاهه چور، ڪن ڏاڏنهن وانگر ٻڪريون ٺڪريون ڪاهيندا ها سي ....!’
    جادل مڙس لاءِ، سڳو وٺي واپس وري رهي آهي.
    پوئين ويڙهي واري نم هيٺان ڇوڪريون گُڏي گڏي کيڏي رهيون آهن. پنهنجين وڏين جي اهل ڪندي، ڪوڙ پچائيءَ جو جھيڙو ڪري رهيون آهن: ‘ها، ها ....! تهان وري مٿئون لهي آيون آهيو ... شهر جون شوديون ...!’
    ‘بس ڪر ... کدڙي ڪڪڙ!’
    ‘پاڻ هوندئين ...!’
    هڪڙي ڇوڪري مٿو کنهندي، بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهي آهي: ‘ادي، هاڻي جھيڙي کان بس به ڪيو .... اچو ته سهرا چئون ....!’ ائين چئي هڪ سهري جو سُر ڪڍي رهي آهي:
    ونل جو جورو ڍڪي آ رومال سان،
    ڍڪي آ رومال سان وڏي اقبال سان ...’
    ‘نه ادي، نه ....! اهو نڀاڳو سهرو ريڊيي تان ٻڌي ٻڌي مٿي ۾ سور پئجي ويو آ ...!’
    ‘ڪهڙو ڀلا!؟’
    اها ڇوڪري تنگ ٿي کائنس پڇي ٿي. ٻيون سُر ڪڍن ٿيون.
    ‘او، مون کي نٿو وڻي لاڙڪاڻو، ڙي اديون!
    او ، مون کي ملڪ وڻي ٿو اباڻو .... ڙي اديون!’
    وڏي نم جي ڀر ۾، ڳوٺ جي چڱي مڙس صيفل جو گھر آهي. صيفل جي وڏي ننهن گلان ڪوسي خاڪ ۽ ٻيرچون کنيون موريز ڏانهن وڃي رهي آهي. صيفل جي زال قذي مٿي کي ڀينڊيون ٻڌي سُتي پئي آهي. صيفل، وڏي پٽ لاءِ، پوٽي کان خط لکرائي رهيو آهي:
    ‘لکيس .... ته ڪل خير آهي ... باقي جيڪا ڇوڪر جانب وارن اسان کي ڏيڻي ڪئي هئي ، تو واري رشيد لاءِ. پوءِ ڦري ويا ها ... قذرت خدا جي، وڃي ٿي کڏ مان مٽي ڪڍڻ، پيس پير ترڪي، ڌو تار پاڻيءَ ۾ .... ٻڏي مئي ... دل کي ڏاڍي فرحت آئي .... ابا، دشمن هن، دشمنن جي دانگي ڀڄي ته به چڱي ... پر مان ڏيکاوَ خاطر مڙيئي در لنگھي، رضا الله جي ڪري آيو مانِ .... ڀاڻين مجو ڏاڍو ڪاوڙيو، چئي .... اسان کي ڏسي ٻانهون پٺيان اڇلي هلندا آهن ... ڀلا جي اڇلن ٿا ته پنهنجي پُٺ جون مکيون تڙيندا، اسان کي ڇا ڪندا، ڪن نه!؟’
    رشيد، جيڪو اٺين درجي ۾ آهي. ‘ها!’ چوندي، اڌ گابرو لکي رهيو آهي. صيفل کنگھي کڙڪي نڙي صاف ڪري، وري لکائڻ شروع ڪيو آهي:
    ‘لکيس .... ته ٻيو مڙيئي خير آهي ... باقي دادوءَ کي ڪک سنگھيو هو. ابا، خبر ته هوندءِ .... هسپتال ۾ نانگ واريون سيون ڪو نه ٿيون ملن .... بچڻ مشڪل ٿس. باقي حياتي الله وس آ ... ٻيو ابي کي چوان منهنجي ۽ رشيد لاءِ نيشنل ٽيپ ۽ سعودي مان ريل (ڪيسٽون) وٺيون اچجانءِ ... ائون رپين جا ويهه هزار به کنيون اچجانءِ ... جو هيل وڏو خرچ آيو آ ... آبدار کي به ٻوٻو ڏيڻو آ ... ائون ..!’
    اوچتو ڳوٺ ۾ رڙو رڙ مچي وئي آهي. صيفل خط روڪرائي ڪنائي رهيو آهي. خانوءَ کي ٽڪو اچي ويو آهي. گلان جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو آهي. عدلو رونبو ڇڏي، ڳوٺ ڏانهن ڀڳو آهي.کڻي جو سنڀالن ته، پوليس خان ڏني، قادن، مجو، منو، جانب، ۽ دينو، ڇهن ئي کي هنيون کنيون وئي آهي. هرڪو هڪ ٻئي کان پڇي رهيو آهي. ڇو ....؟ ڇاتي ....؟ جن ڏٺو، تن ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي پويان، ڪچي ڏانهن ويندڙ، پوليس جون به گاڏيون موٽيون پئي آيون. گاڏين کي ڳوٺ وٽ بريڪ لڳي، چيڪاٽ نڪتا. ٻنين واري پاسي کان خانوند، گوڏ، گنجيءَ ۾، گاهه جي ڀري کنيون پئي آيو. پوليس وارن سڏي پڇيس: ‘هن ڳوٺ ۾ رهندو آن!”‘
    ‘ها، سائين!’
    ‘ويهه گاڏيءَ ۾!’
    خانڏنو ڀري اڇلائي، گاڏيءَ ۾ ويهي رهيو. قادن ڳوٺ کان نڪتو پئي آيو ، ٻاهرين کوهه تي ڏاندن کي پاڻي پيارڻ. پوليس وارن پڇيس: ‘نالو ڇا ٿي!؟’
    ‘قادن!’
    ‘جي تون قادن آن ته پوءِ ويهه گاڏيءَ ۾ ....!’
    ائين سڀني کي رستي تان جھليندا، گاڏيءَ ۾ وجھي شهر هليا ويا آهن.
    صيفل جي گھر ۾ زالين مردين جُھم لڳو پيو آهي. پهه پچار هلي رهي آهي ته هاڻي ڪيئن ڪجي ...؟ جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن. ڪو چوي ٿو، نباب (نواب) صاحب، ايمني (ايم ــ اين ــ اي) ڏي هلجي. ڪو راءِ ڏئي ٿو ته، رئيس وڏي اينپي (ايم ــ پي ـ اي) ڏي هلجي. سڀئي وري ويچارن ٿا ته : جي نباب ڏي وڃبو ته جواب ملندو. ٻاهر ويو آ. پڇبو: ڪاڏي؟ ... ته چوندا، خبر خداءِ کي ... جي رئيس ڏي هلبو ته چوندا، ستو پيو آ.
    آخر ۾ صلاح اِها بيٺي ته، ادي پير بئڪ(پير بخش) ڏي ٿا هلون. رهي به ڀر واري ڳوٺ ۾ ٿو. اڳي کڻي ٺٺينگ هو، پر هاڻي راهي رسائي وارو ٿي ويو آهي. اڄ ڪلهه هليس به چڱي ٿي. اسلان باد (اسلام آباد) به ويندو آ .
    اهڙي ڳڻ ڳوت ڪري، صيفل ويڙهن جا ٻه چڱا غلامو ۽ هاشم ساڻ کنيا آهن. ادي پير بخش وٽ پهتا آهن. ادي پير بخش سڌي ڳالهه ڪين ته، پنهنجي پر ۾ وس ڪندو ته مفت ۾ ڇڏائي، پر پوءِ به ات ڀئه ۾ بلو ڀيڻي ڪري هلجي ته بهتر آ.
    ڳوٺ ۾ وٺ سٺ ٿي وئي آهي. قذي، ماءَ جا آنڊا، ڏڪندڙ هٿن سان اوڏڪي ڀت جي وٿيءَ ۾ پراڻين اڳڙين ۾ ويڙهيل گتيل پيسا ڪڍيا آهن. حسنه مڙس لاءِ رنگهي چنگھي رلهي اڊيڙي آهي. قادن ماءُ قلمي قرآن هيٺان ٻه هزار روپيه ڪڍيا آهن. ڪنجھي ڪرڪي رهي آهي: ‘چهنڊين سان ميڙيا هيم ... وري اهي رتُ جون مانيون، سورن جو ساڳ ....’ تنهن کان سواءِ ڪنهنجو سينڌ ڦل، ڪنهنجو ٽڪو، ڪنهني نسبي، ڪنهنجو ڪنگڻ، ڪنهنجون واليون لهي، گڏ ٿي، هڪ ڳنڍڻي ۾ پيون آهن.
    ٺهي سنڀري اچڻ کان پوءِ ، پير بخش پنهنجي اڌوراڻي ڪار ڪڍي آهي. صيفل ۽ ٻين چڱن کي ويهاري، پهريائين کين شهر جي سوناري ڏانهن وٺي ويو آهي. سون وڪڻائي سڌو ٿاڻي تي آيو آهي. صيفل ۽ ٻه چڱا مڙس ٻاهر بيٺا آهن. اندر ٿاڻي ۾ پير بخش ۽ پوليس انسپيڪٽر جون ڳالهيون ٻولهيون هلي رهيون آهن. هڻندي ماريندي سڄو معاملو سٺ هزار ۾ طئه ٿيو آهي. قدرت خدا جي، مالڪن وٽ به پورا سٺ هزار آهن. سومهياڻي ڌاري همراهه ڇُٽي نڪتا آهن. ڳوٺ کان شهر پنج ڪلو ميٽر کن پرتي آهي. پنڌ هڻي ڳوٺ پهتا آهن. ڳوٺ جي سڀني عورتن، مردن ۽ ٻارن جون ننڊون حرام آهن. ڳاراچو هلي رهيو آهي. ڇُٽل ٻڌائي رهيا آهن ته، ٿاڻي تي، پوليس پهريائين ته ساڻن ڏاڍي وڙهي. چيائون: ‘اونت ڏيو ... هجي ڪا ڳائي وائي ته ٻڌايون ... بس جڏهن ادو پير بئڪ (پير بخش) پهتو ته ڏمر لٿو.’
    سڀني ادي پير بخش جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي آهي: ‘نه ، نه ....! وڏي شابس ٿس ... اها تسبيح واري جي دعا ٿس ... جاڪون لاڪون اسلان باد وڃڻ شروع ڪيو ٿئين، تاڪون لاڪون اها تسيبح هليس ٿي، پڙهي ته الائي ڇا ٿو!؟’

    صيفل کي اوٻاسيون اچي رهيون آهن. وات تي هٿ رکي، اوٻاسيءَ کي روڪيندي، سڀني کي چوي ٿو: ‘هلو ...! هاڻي سمهي پئه. رب کي سنڀاري ... سڀاڻي خط پورو ڪرائي به ته موڪلڻو آ.’
    سڀئي آهستي آهستي ڪک پن ٿي رهيا آهن. هوڏانهن ادو پير بخش به پنهنجي گھر ۽ ڳوٺ ۾ خوش آهي. سوچي ٿو، ‘ڪجهه ته هانوَ جھل ٿي ... نانگ ته ناهيان جو مٽي کاوان .....’


    صوفي ڪھاڻيون

    3.1 ۽ شهر اونڌو ٿي ويو ....

    باک ڦـٽيءَ چڪي هئي. ڳاڙهو سج، آهستي آهستي اوڀر مان ڪني ڪڍي رهيو هو. ٽڪرين تي ٿڌڙي هير گھلي رهي هئي. چوڌاري هيڙها ۽ بلبلا چهڪي رهيا هيا.
    چو ٿنڀيءَ تي ‘قلندر شهباز’ پوري جاهه و جلال سان بيٺو هيو. هيٺ تي سڀ اوري جا ۽ پري جا طالب ۽ مريد بيٺا هيا. جيڪي سندس لب ڪشائيءَ لاءِ منتظر هيا.
    قلندر شهباز ، جنهن جو ڳاٽ ، ڳچيءَ ۾ وڌل گلوبند جي ڪري ٿورو جھڪيل هيو ، سو اوچو ٿيو. هن ٽڪريءَ تي بيٺل سڀني طالبن ۽ مريدن تي طائرانه نظر وڌي ۽ پوءِ پنهنجي هڪ هٿ ۾ جھليل ڏنڊي کي لهرائيندي فرمايو:
    ‘سيوهڻ جي قلعي واري شهر ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڃي ٻڌايو ، ته اسان راتو رات قلعي واري شهر کي اونڌو ڪرڻ وارا آهيون. جو هاڻي انساني بي حسي پنهنجي انتها کي پهچي چڪي آهي. ان ڪري جيڪو ساٿ ڏيندو، اُهو ئي سرخرو ٿيندو ۽ جيڪو منڪر ٿيندو ، اُهو ذليل و خوار ٿيندو!’
    سڀئي طالب ۽ مريد ‘آمنا صدقنا’ چئي، شهر طرف ڊوڙيا ــ ۽ پوءِ گھرن، محلن ۽ ماڙين ۾ اِها هُـو هُـواءِ ٿي وئي، ته قلعي وارو شهر راتو رات اونڌو ٿي ويندو ـــ هر شئي پنهنجي جڳهه تان هٽي ويندي. اُهي جن پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ حد کان وڌيڪ ٺاهيو ۽ ميڙيو آهي، اُهي دربدر خاڪ بسر ٿي ويندا. جن جا ڳاٽ نخوت، تڪبر ۽ گھمنڊ جي ڪري مٿي آهن، سي مليا ميٽ ٿي ويندا. ڪجهه به نه بچندو. جي بچندو ته صرف نانءُ الله جو ــــ
    شهر جي اهڙن ماڻهن، جن کي ڪجهه نه ڪجھه احساس هيو، ته شهر ڏوهن ۽ گناهن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، سي فڪر مند هيا ته ڇا ڪجي ...!؟ ۽ اُهي جن جي اندر ۾ بي حسي گھرُ ڪري وئي هئي، سي خوب کليا، ته هڪ سڃي قلندر کي ڪهڙي مجال جو صدين جو ٺهيل قلعي وارو شهر، جنهن جي هڪ هڪ سِـر زور زبردستي ۽ طاقت جي بنياد تي رکيل آهي، سو هڪ رات ۾ ڪيئن ٿو اونڌو ٿي سگھي!؟’
    جڏهن جاسوسن ۽ مخبرن وٽان اِها ڳالهه منترين ۽ پوءِ مُک منتري وٽان ٿيندي راجا چرٻٽ جي ڪنن تائين پهتي ته راجا چرٻٽ کِـلي کِـلي کيرو ٿي پيو.
    راجا کِـلندي چوڻ لڳو: ‘هي قلعي وارو شهر مضبوط جُڙيل آهي ــ جنهن جي بنياد ۾ بي حسي جا پٿر پيل آهن ۽ ديوارون خون سان رنڱيل آهن. هن کي سڪندر اعظم جھڙو حملي آور ته ڌوڏي سگھي ٿو پر هڪ ننگ ڌڙنگ فقير، جنهن جي هٿ ۾ ڪاٺ جو ڏنڊو هجي، ڪجهه به نٿو ڪري سگھي.’
    راجا چرٻٽ جي ان ڳالهه جي تصديق سڀني درٻارين، پوري شد ۽ مد سان ڪئي.
    راجا اعلان ڪيو ته سڀاڻي شام جو سڀ ‘راج سڀا’ ۾ حاضر ٿين، ته جئين ان ڍونگي فقير ۽ سندس ساٿين لاءِ ڪا سخت سزا تجويز ڪري سگھجي. سڀني درٻارين اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ پوءِ اُٿي ويا.
    اُها رات، جڏهن قلعي جي اندر پاڻ کي محفوظ سمجھندڙ ماڻهو گھرن ۾ ستل هيا. ڪي نرم ۽ نازڪ سينن سان چهٽيل هيا. اُن وقت ڪجهه ماڻهو پراسرار جھدو جھد ۾ مصروف هيا. هنن هر اُنهيءَ گھر جو ڪڙو کڙڪايو ، جتان کين ڪا جُـھڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ۽ پوءِ هنن، اُن کي ، من جي سچائيءَ سان مرشد جو پيغام پئي ٻڌايو ـــ ۽ ماڻهن مرشد جو پيغام ٻڌي ‘آمنا صدقنا’ پئي ڪئي ۽ يقين پئي ڪيو ته قلعي وارو شهر هاڻ ضرور اونڌو ٿيندو.
    جئين ئي باک ڦٽي ۽ صبوح ٿيو ته هر اک ڏٺو ته قلعي وارو شهرواقعي اونڌو لڳو پيو هو .....
    وڏن دروازن کلڻ کان پوءِ، قلعي کان ٻاهر رهندڙ سادا سودا ماڻهو، جڏهن ڪمي ڪارين قلعي ۾ پهتا ته اهو ڏسي دنگ رهجي ويا ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيا ته ڇا ائين به ٿي سگھي ٿو ....!؟ ۽ پوءَ اُنهن قلندر شهباز جي شان ۾ عقيدت جا گيت ڳايا ۽ اهو چوندي ٻاهر هليا ويا ته واقعي اهو هڪ انقلاب آهي.
    شهر ۾ جيڪي گھر اونڌا نه ٿي سگھيا هيا ته صرف ڪجهه خاص درٻارين جون ماڙيون ۽ راجا جو محل ــ جيڪي نهايت مضبوط هٿن ۽ سخت دل ڪاريگرن جا ٺهيل هيا.
    شام جو جڏهن درٻار لڳي ته راجا چرٻٽ ۽ درٻاري پوري وقت تي پهتا، پر مُک منتري غائب هيو.
    راجا، درٻارين کان پڇيو: ‘مُک منتري ڪٿي آهي؟’
    منترين وراڻيو: ‘خبر ناهي!’
    راجا ڪاوڙجي حڪم ڪيو: ‘مُک منتري کي هڪدم گھرايو وڃي، جو اسان پنهنجي شهر جو حال معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا.’
    درٻار جو خاص قاصد اڃان اُٿڻ وارو هيو ته مُک منتري گھٻرايل گھٻرايل انداز ۾ اندر داخل ٿيو.
    ‘ڇا ڳالهه آهي؟’ راجا چرٻٽ پڇيو.
    ‘جان جي امان هجي ته عرض ڪريان؟’
    ‘جان جي امان آهي. جلد ٻڌاءِ ته شهر جو ڇا حال آهي؟’ راجا جان جي امان ڏيندي پڇيو.
    مُک منتري وراڻيو: ‘جھان پناهه ...! قلعي واري شهر جا اڪثر گھر اونڌا ٿي چڪا آهن. ماڻهو اونڌا ٿي چڪا آهن. ذهن اونڌا ٿي چڪا آهن. شهر جي هر شئي پهريان کان مختلف ۽ اُبتي ٿي چڪي آهي.’
    ‘اِهو تون ڇا ٿو چئين، مُک منتري!؟’ راجا حيرت مان وراڻيو.
    ‘ها راجا ...! جن گھرن جا ماڻهو اڳ لڪشمي جي پوڄا ڪندا هيا، اُهي صبوح جو مندرن ۾ نه پهتا .... ۽ نه اچڻ جو سبب اهو ٻڌايائون ته هاڻي اسان کي ظاهري لڪشمي جي ڪا به ضرورت ڪونهي. جي آهي ته اندر جي لڪشمي جي، جيڪا اسان کي حاصل ٿي چڪي آهي.’
    ‘۽ ماڻهو ..!؟’ راجا ماڻهن بابت پڇيو.
    ‘اُهي به اونڌو وهنوار ۽ واپار ڪري رهيا آهن. ڪو به تور ۽ ماپ ۾ بي ايماني نٿو ڪري ... ڪو به سون ۾ ٽامو نٿو ملائي ... هر ڪو بازار ۾ هيري کي هيرو ۽ پٿر کي پٿر چئي وڪڻي پيو.’
    مُک منتري تفصيل سان ٻڌايو.
    ‘۽ ذهن ڪيئن اونڌا ٿي ويا آهن!؟’ راجا مُک منتري کان بي چين ٿي پڇيو.
    ‘راجا ...! افسوس ته اِهو آهي ته اسان جي شهر جا ماڻهو نفرت کان نفرت ۽ محبت سان محبت ڪن ٿا. ‘مٺي ڪوڙ’ جي جڳهه تي ‘ڪڙو سچ’ ڳالهائن ٿا. فقيرن جي عزت ۽ اميرن کي کنگھن ئي نه ٿا.’
    ‘هڪ رات ۾ ايڏو وڏو انقلاب ڪيئن ممڪن آهي!؟’ راجا، پريشاني وچان مک منتري کان پڇيو.
    ‘اِهو اُن فقير ۽ درويش جو پيغام آهي، جنهن کي ماڻهو قلندر شهباز چون ٿا. جڏهن اسان غفلت جي ننڊ ستل هياسين ته اُهو پيغام گھر گھر پهچي ويو ۽ ماڻهن جو ضمير بيدار ٿي ويو.’
    ‘آخر اُهو، اهڙو ڪهڙو پيغام آهي، جو ماڻهن ۾ ايڏو اعتماد اچي ويو آهي!؟’ راجا چرٻٽ تجسس وچان پڇيو.
    مُک منتري وراڻيو: ‘قلندري پيغام اِهو آهي ته هر انسان جو روح پـير، وجود مريد، دل مرشد ۽ فهم طالب آهي. ان ڪري حق ۽ سچ جي واٽ اُتان ئي ملندي، ٻي واٽ وٺڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي.’
    پيغام ٻڌي، راجا چرٻٽ کان ڄڻ ساهه ڇڏائجي ويو. هن جھيڻي آواز ۾ چيو:
    ‘مُک منتري ....! واقعي شهر اونڌو ٿي ويو.’


    3.2 اصلي چهرا

    اوچتو هڪ ڏينهن اهڙو طوفان آيو، جو شهر جي ماڻهن جي چهرن تان ماسڪ لهي ويا. ماڻهو هڪ ٻئي جا اصلي چهرا ڏسي ايڏو ته ڊنا، جو سڀني کڻي جھنگ مُنهن ڪيو.
    جھنگ جي جانورن جڏهن شهر جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو، ته توبهه توبهه ڪندي چيائون: ‘بدشڪل ته ڪيڏا آهن ....!؟ هنن انسانن کان ته اسان جانور به چڱا آهيون.’
    *


    3.3 جاگيردار صوفي

    هڪ محفل ۾ جاگيردار صوفي، دعويٰ ڪندي پئي چيو:
    ‘صوفيت ئي اُهو واحد نظريو آهي، جنهن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ امن ۽ آتشي کي آڻي سگھجي ٿو.’
    ‘سائين! پوءِ اوهان پاڻ سان هٿياربند باڊي گارڊ ڇو ٿا کنيون وتو؟’
    محفل ۾ ويٺل هڪ همراهه کائنس سوال ڪيو.
    ‘اسان جي گادي تي ٻيا به دعويدار آهن. ان ڪري سر بچاءُ فرض آهي.’


    3.4 سزا ڏيندڙ منصف

    پاپ نگر ۾ هڪ شخص جو ڏوهه اِهو هيو ته هُن ڪو به ڏوهه نه ڪيو هو. شهر جي قاضي تعذير جاري ڪندي چيو:
    ‘هن کي اِن ڏوهه جي ٻٽي سزا ڏني وڃي ٿي.’
    جلاد پريشان ٿي ويو ته قاضي ٿوري وضاحت ۽ رعب سان چيو:
    ‘هن کي هڪ ئي وقت ٻوڙيو ۽ ساڙيو وڃي.’
    اُهو ٻڌي عام ماڻهو پريشان ٿي ويا پر جلاد کي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي، جو آخر جلاد هيو. هو اُن مجرم کي ماڻهن جي هجوم ۾ درياهه تي وٺي آيو. پهريان اُن کي چوني جي ٻوري ۾ وڌائين، پوءِ ٻوريءَ جو منهن بند ڪري، درياهه ۾ اڇلايائين.ٿوري دير کان پوءِ ٻوريءَ کي ٻاهر ڪڍي کوليائين ته سڀن کي بي ڏوهي مجرم هڪ ئي وقت ٻڏل ۽ سڙيل نظر آيو. وقت جي وهندڙ درياهه تي بيٺل ماڻهوءَ شهر جي قاضيءَ جي تعريف ڪندي چوڻ لڳا:
    ‘عدل ڪرڻ برابر نٿو اچيس، پر سزا ڏيڻ جو سوئر (ماهر) آهي.’


    3.5 اسرارِ خودي

    هڪ ڏينهن بندي جي خودي، جڏهن چوٽ چڙهي، آسمان سان گسڻ لڳي ته خدا پڇيس:
    ‘ٻڌاءِ، آخر تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي؟’
    ‘بندي وراڻيو:
    ‘تون هيٺ لهي آءُ، ته مان مٿي چڙهان.’
    پوءِ خدا هيٺ لهي آيو ۽ بندو مٿي چڙهي ويهي رهيو.
    اُن ڏينهن کان پوءِ بندو لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ۽ خدا کيس حيرت مان تڪي ۽ سوچي رهيو آهي، ته ڇا بندي جي اسرار ِخودي اِها آهي ...!؟


    3.6 رَمــلُ

    هڪ رمل جي علم رکندڙ چيو:
    ‘رَمــلُ اُهو علم آهي، جيڪو نقطي ۽ لڪير جي مدد سان ماضي ۽ مستقبل کي بيان ڪري سگھي ٿو.’
    بي علم همراهه اُن کي چيو:
    ‘ماضي ته ماضي آهي پر مون کي مستقبل کان واقف ڪر!’
    رمل جي عالم وراڻيو:
    ‘تنهنجو مستقبل اونداهو آهي ۽ تون هڪ ڏينهن ضرور مرندين!’
    بي علم همراهه وراڻيو:
    ‘اِها ته مون کي به خبر آهي!’
    ‘بس ته پوءِ تون به رملَ جو وڏو عالم آهين!’

    *


    3.7 ٻه انا پرست

    هڪ انا پرست چيو:
    ‘منهنجي انا ايڏي وڏي آهي، جيڏي هيءَ خدائي آهي.’
    ٻي انا پرست وراڻيو:
    ‘منهنجي انا ايڏي وڏي آهي، جيڏي هيءَ خدائي به ناهي.’


    3.8 معاف ڪندڙ

    هڪ ڏينهن، خدا هڪ عبادت گذار کي چيو:
    ‘آءٌ تو مان بيزار ٿي ويو آهيان.’
    ‘ڇو!؟’ عبادت گذار حيرانگيءَ مان وراڻيو.
    ‘توکان ته اُهي دهريا به چڱا، جيڪي نه واعدو ڪندا آهن ۽ نه ڦرندا آهن.’
    ‘ڪهڙو واعدو؟’ عبادت گذار، خدا کي چيو.
    ‘تو ن عبادت وقت، مون سان هر ڀيري برائي نه ڪرڻ ۽ صراط مستـقيم تي هلڻ جو واعدو ڪري، وري ڦري وڃين ٿو.’ خدا عبادت گذار کي ياد ڏياريندي چيو.
    عبادت گذار وراڻيو:
    ‘اي خدا! آءٌ توکي ان ڪري ئي ته مڃان ٿو، جو تون معاف ڪندڙ آهين.’


    3.9 ناشڪُرو

    خدا، هڪ ڏينهن بندي کي چيو:
    ‘تو مون کي ڏاڍو خوار ڪيو آهي!’
    ‘آءٌ ته اوهان جي عبادت لاءِ مسجدون، مندر، گرد وارا، ڪليسائون، پگوڊا ۽ عبادت گاهون جوڙايون آهن.’ بندي وراڻيو.
    ‘ان ڪري ئي ته چوان ٿو ته تو مون کي ديوارن ۾ مقيد ڪري، پنهنجو قيدي بڻائي ڇڏيو آهي.’
    بندي وراڻيو: ‘اي خدا! ناشڪرا ته انسان هوندا آهن، تون ڪڏهن کان ٿيو آهين؟’


    گرو چيلو ڪھاڻيون

    4.1 بکيو

    ‘دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو بکيو ڪير آهي؟’
    گرو ، چيلي کان پڇيو:
    چيلي وراڻيو: ‘اُهو جنهن کي سڄي دنيا جي زمين ملي ، ته به چوندو ، ته ڪجهه نه مليو!!’


    4.2 روشنيءَ جو انڌو

    گرو:
    ‘روشني جي انڌي ۽ اوندهه جي انڌي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟’
    چيلو:
    ‘گرو جي!
    اوندهه جو انڌو، ڏسڻ چاهيندو آهي. مگر ڏسي ناهي سگھندو. ۽ روشني جو انڌو ڏسي به ناهي ڏسي سگھندو!


    4.3 تون ۽ مان

    گرو: ‘رن جي چور کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟’
    چيلو: ‘ اَن چور ڪوئو ...!
    گرو: ‘ٺيڪ ... اَن چور ڪوئي کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ دک ٻلو ... ڌنوان ...!
    گرو: ‘ٺيڪ ... دک ٻلي ڌنوان کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ ڌرمي ڪتو ...!
    گرو: ‘ٺيڪ ... ڌرمي ڪتي کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ سياسي سوئر ...!
    گرو: ‘ٺيڪ ... سياسي سوئرکان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ مقدس ڳئون ...!
    گرو: ‘ٺيڪ ... مقدس ڳئون کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ مقدس پيءُ ...!
    گرو: ‘ٺيڪ ... مقدس پيءُکان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ڀڳوان ...!’
    گرو: ‘ڀڳوان کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘انسان...!
    گرو: ‘انسان کان وڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘تون’ ...!
    گرو: ‘تون’ کان ڌيڪ برو ڪيرُ؟
    چيلو: ‘ مان’ ...!
    گرو: ‘تون’ ۽ ‘مان’ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟’
    چيلو: ‘تون به تون آهين، ته مان به مان آهيان ...!’


    4.4 لانگ بوٽ وارو

    گُرو ، چيلي کان پڇيو: ‘مٿي ۾ عقل ڪنهن کي هوندو آهي؟’
    چيلو: ‘جنهن جي ڦٽل هوندي آهي!’
    گرو: ‘ٺيڪ ... اک ۾ عقل ڪنهن کي هوندو آهي؟’
    چيلو: ليکڪن کي.
    گرو: ‘ٺيڪ ... وات ۾ عقل ڪنهن کي هوندو آهي؟’
    چيلو: سياستدانن کي.
    گرو: ‘ٺيڪ ... دل ۾ عقل ڪنهن کي هوندو آهي؟’
    چيلو: عورت کي.
    گرو: ‘ٺيڪ ... غريب کي عقل ڪنهن ۾ هوندو آهي؟’
    چيلو: پيٽ ۾.
    گرو: ‘ٺيڪ ... آفيسر کي عقل ڪنهن ۾ هوندو آهي؟’
    چيلو: ڪياڙيءَ ۾.
    گرو: ‘ٺيڪ ... طاقت ور ڌر کي عقل ڪنهن ۾ هوندو آهي؟’
    چيلو: ‘لانگ بوٽ ۾.’
    گرو: ‘ٺيڪ ...هاڻ ٻڌاءِ ته تون عقل ڇا ۾ رکڻ چاهين ٿو؟’
    چيلو: ‘لانگ بوٽ ۾.’
    گرو: ‘ڇو؟’
    چيلو: ‘لانگ بوٽ وارو عقل طاقتور هوندو آهي، ڪنهن کي به بي سبب چيڀاٽي سگھي ٿو.’
    ايئن چئي چيلي، پنهنجي لانگ بوٽ سان، گروءَ کي چيڀٽ ڏئي ڇڏي.
    ته گرو رڙ ڪري چيو: ‘بيشڪ، تون وڏو عقلمند آهين!’


    4.5 جنت ارضي

    پنهنجي ملڪ ۾، چيلو ڪيترن ڏينهن جي رلڻ پنڻ، گھمڻ ۽ ڦرڻ کان وءِ، گُروءَ جي آشرم ۾ پهتو. ته گرو کائنس پڇيو:
    ‘ايترا ڏينهن ڪاٿي هئين؟’
    چيلي وراڻيو: ‘گرو جي! پنهنجي ملڪ جي سير و سفر تي ويو هيس.’
    ‘توکي پنهنجو ملڪ ڪيئن لڳو؟’ گرو پڇيو.
    پاڳلن لاءِ رحمت ۽ عاقلن لاءِ زحمت’ چيلي وراڻيو.
    ‘تون ڇا ٿيڻ چاهين ٿو، پاڳل يا عاقل؟’
    ‘پاڳل!’ چيلي وڏي اعتماد سان وراڻيو.
    ‘ته پوءِ تنهنجي لاءِ هي ملڪ جنت ِ ارضي آهي. جئين وڻئي، تيئن ڪندو وت.’
    اِهو ٻڌي چيلو چرين وانگر ٽهڪ ڏيندي اُٿيو ۽ زمين تي پيل هڪ پٿر کڻي پنهنجي گروءَ جي مٿي ۾ هڻي ڪڍيائين.


    4.6 اکيو ن ٻوٽ ته ملڪ ئي ميدان

    چيلو تاريخ جو هڪ وڏو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هيو.
    گرو کيس ڏسندي پڇيو.
    ‘چيلا! تون ڪيترن ڏينهن کان وٺي تاريخي ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف آهين. آخر تو تاريخي ڪتابن مان ڪهڙو سبق سکيو آ؟’
    ‘گرو جي! تاريخ جي ڪتابن کي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان جو ماضي به ڪو چڱو ناهي گذريو .... تاريخ رت سان ڀري پئي آهي.’ چيلي ڏوکويل انداز ۾ وراڻيو.
    ‘چڱو، ماضيءَ تي سوچڻ ۽ پاڻ کي دکي ڪرڻ بدران حال تي سوچ ته ڪا حال ۾ مثبت تبديلي اچي سگھي ٿي؟’ گرو چيلي کي سمجھائيندي چيو.
    ‘ڪهڙي مثبت تبديلي ايندي ....؟ ڏسو پاڻ ٿا ته حال بي حال لڳو پيو آهي. جئين پوءِ تيئن برائي ۽ بڇڙائي وڌندي، چڱائي ۽ سُٺائي سوس کائيندي پئي وڃي!’ چيلي تاريخ جي ٺپيل ڪتاب تي ٺوٺ رکندي وراڻيو.
    ‘چڱو، اکيون بند ڪري، ڌيان گيان سان اندر جي اک کولي ڏس ته مستقبل مان ڪا چڱائي جي اميد رکي سگھجي ٿي؟’ گرو، چيلي کي حال جي فڪرات مان ڪڍندي چيو.
    چيلي ٻاهر جون اکيون بند ڪري، اندر جي اکين کي کولي، مستقبل کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڀئو وچان رڙ ڪندي چيائين:
    ‘گرو جي ....! تون ۽ اسان ته مستقبل ۾ ڏاڍا ذليل ٿينداسين. چئو ته اُها منظر ڪشي ڪري ٻڌايانوَ؟’
    ‘نه منظر ڪشي ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. هاڻي تون هيئن ڪر جو ٻاهريون ۽ اندريون اکيون بند ڪري ڏس ته ڇا ٿو ڏسين؟’
    گرو چيلي کي سمجھائيندي چيو.
    چيلي ائين ئي ڪيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ رڙ ڪندي چيائين: ‘گرو جي! سڀ اکيون ٻوٽ ته ملڪ ئي ميدان لڳو پيو آهي!’
    ‘ته بس هاڻي، اِهو ئي ملڪ ڏسندو رهه. جتي پنهنجو نه ماضي آهي، نه حال آهي نه مستقبل آهي. رڳو اڇ ئي اڇ لڳي پئي آهي.’


    4.7 جڳ جھڙا

    گرو گيان ڌيان ۾ ويٺو هيو ته اوچتو چيلو سهڪندو اچي پهتو.
    چيلو: ‘گرو جي ....! گرو جي ....!’
    گروءَ جو گيان ڀنگ ٿي ويو. ڪاوڙ مان اکيون کولي وراڻيائين
    ‘ڇا آهي ....؟ جو ائين ڪُتي وانگر سهڪندو اچي پهتو آهين؟’
    چيلي سهڪندي وراڻيو: ‘گرو جي غضب ٿي ويو!’
    ‘وري ڇا ٿيو؟’ گروءَ حيرت وچان پڇيو.
    ‘ادب ۾ مرتب منصف ٿي ويا .... چور شاعر ٿي ويا .... ڌاڙيل ناول نگار ٿي ويا ....!’ چيلي انڪشاف ڪندي چيو.
    ‘اِهو سلسلو ته گھڻي وقت کان هلندڙ آهي. تو ڪهڙو نئون انڪشاف ڪيو آهي!’
    ‘پر اِهو سلسلو ادب ۽ ٻولي لاءِ هاڃيڪار آهي؟!’
    گرو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو:
    ‘بيوقوف! اها ئي ته سماجي تبديلي آهي، جو اڳي اديب جڳ کان چڱا ۽ هاڻي جڳ جھڙا ۽ اڳتي هلي جڳ کان به ڪنا ٿي ويندا!’


    4.8 حق

    ‘مان توکي ڪهاڻيڪار نٿو مڃان!’
    ‘نه مڃ ....! اِهو تنهنجو حق آهي.’
    ‘پوءِ تون لکين ڇو ٿو؟’
    ‘اِهو منهنجو حق آهي.’


    4.9 ادبي ڪچهري ۽ عقلِ ڪل

    هُو عقلِ ڪل هيو. سڄي دنيا جو علم هُن جي پيٽ ۾ هيو. هو جڏهن شراب پي ڪچهري ۾ ڳالهائيندو هيو ته عقل هاربو هو.
    هڪ ڏينهن هن انڪشاف ڪندي چيو ته ‘جڏهن هُو هِـن دنيا ۾ نه رهندو ته سج نه اُڀرندو.’
    ‘سائين! اِها ڳالهه ته سوين سال اڳ، سنڌ جي هڪ گدڙ به ڪئي هئي، ته ان جي مرڻ کان پوءِ سج نه اُڀرندو. پر سج ته اُڀرندو رهي ٿو.’
    ‘بيوقوف .... جاهل .... آءٌ اُن سج جي ڳالهه نه پيو ڪيان. آءٌ سنڌي ادب جي سج جي ڳالهه پيو ڪيان.’ عقل ِ ڪُل جوش ۾ ايندي چيو.
    ادبي ڪچهري ۾ نئون آيل همراهه حيران ٿي ويو! ۽ پوءِ اهو سوچي اُٿي ويو ته ڇڏ منڊي کي کيڙيءَ ۾!


    4.10 ردي ڪتابچو

    هڪ گھڻ پڙهئي دانشور ، دعويٰ سان چيو: ‘جھڙي ريت آءٌ دنيا جي عظيم اديبن کي گھرائي ۽ گيرائي سان پڙهيو آهي. دنيا جو ڪو به ماڻهو ائين نٿو پڙهي سگھي.’
    سامهون ويٺل همراهن مان گھڻن هڪ زبان ٿي چيو:
    ‘بيشڪ اوهان ڏاهپ جا ڌڻي آهيو.’
    ‘جيئن مون دنيا جي عظيم ليکڪن کي سمجھيو آهي، ٻيو ڪو به ائين نٿو سمجھي سگھي.’
    دانشور پنهنجي ذهانت جي پاڻ واکاڻ ڪندي چيو.
    سامهون ويٺل همراهن مان ڪافي ڄڻن تائيد ڪندي وراڻيو: ‘بيشڪ اوهان جي سمجھه ۽ ٻُڌي نرالي آهي.’
    ڪتابي دانشور انڪشاف ڪندي چيو:
    ‘اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته آءٌ دنيا جا سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏيا آهن.’
    ‘بي شڪ اوهان بي مثال شخصيت جا مالڪ آهيو.’ سامهون ويٺلن مان گھڻن حيرت سان گڏ اقرار ڪيو.
    هُن ويٺلن تي طنز يه انداز ۾ نظر وڌي ۽ پوءِ چيو: ‘هاڻي ان تلاش ۾ آهيان ته باقي ڪهڙو ڪتاب بچيو آهي، جنهن کي پڙهي ڇڏجي. جي اوهان کي معلوم هجي ته مون کي ضرور ٻڌائجو.’
    هڪ خاموش همراهه جنهن ڪافي دير کان وٺي ڪتابي دانشور جو جائزو پئي ورتو. تنهن جرئت ڪندي چيو: ‘اي پاڙهو دانشور! تنهنجي ڏاهپ، سمجھه ۽ ٻُڌي ۾ ڪو شڪ ناهي. پر افسوس اِهو آهي، ته تو اڃا هڪ اهم ۽ بنيادي ڪتاب ناهي پڙهيو.’
    ‘اهو ڪهڙو وڏو ڪتاب آهي، جيڪو مون اڄ تائين ناهي پڙهيو.’ دانشور ڪاوڙ ۽ پريشاني وچان کائنس پڇيو.
    ‘جي فرصت مليوَ ته ڪڏهن پاڻ کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪجو!’
    ‘ان سان ڇا ٿيندو؟’ گھڻ پڙهئي ڪتابي دانشور، اُن ڪنڊائتي ويٺل همراهه کان ٽوڪ واري انداز ۾ پڇيو.
    ‘اُن سان اِهو ٿيندو ته اوهان پاڻ کي ڪنهن خسيس ۽ ردي ڪتابچي جيان محسوس ڪندؤ!’
    اُهو ٻڌي گھڻ پڙهيو دانشور ائين سسي ويو، جئين ڀريل ڦوڪڻي کي سئي لڳي ويندي آهي.


    4.11 ساڳيو ئي تئو

    ملڪ جو سربراهه انگريزيءَ ۾ قوم کي خطاب ڪري رهيو هو. چاچو امام بخش غور سان ٻڌي رهيو هو. بيري هڪ دفعو ٽي وي کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته چاچي امام بخش جھليس. بيري کيس حيرت مان تڪيو جو کيس خبر هئي ته چاچو امام بخش پوري اڙدو به ناهي ڄاڻيندو. جڏهن خطاب ختم ٿيو ته چاچي امام بخش کان بي ساخته نڪري ويو.
    ‘ڏاڍي ٻُڌائين، ٻيو!’
    ‘ڇا ٻُڌايائين؟’بيري ٽيبل تان ڪوپ ۽ بسي کـڻندي اچرج وچان پڇيس.
    ‘گھڻو ڪجهه ٻڌايائين!’
    ‘نيٺ ...!؟’ بيري حجت هلايس.
    ‘ڄڻ توهان کي خبر ئي ناهي ته اهڙي موقعي تي ملڪ جا والي ڇا چوندا آهن!؟’
    ‘ڇا چوندا آهن؟’ بيرو به ضد تي لهي آيو.
    ‘اهو ساڳيو ئي تئو مُنهن سان گھمايائين توهان جي ... ٻيو ڇا چيئين !’
    ائين چئي چاچو امام بخش ٽيبل تي چانهه جا ڏهه روپيه اڇلائي، نڪري ويو.


    4.12 ڏُکي ڪهاڻي

    هڪ دُکي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي. ڪڏهن روئڻ ، ڪڏهن کلڻ لڳي. سُڏڪن، هڏڪين ۽ آهن جو هڪ عجيب امتزاج هئي.
    ڪهاڻيڪار سوچيو ته اها هڪ بهترين ڪهاڻي ٿي سگھي ٿي.
    لکڻ ويٺو ته لکي نه سگھيو.
    ۽ دل ئي دل ۾، اعتراف ڪري ويٺو ته ڪي ڪهاڻيون لکي نه ٿيون سگھجن، صرف ٻُڌي ۽ محسوس ڪري سگھجن ٿيون.


    4.13 ڊاڪٽريٽ

    هڪ تعليم جو ماهر، پنهنجي ملڪ جي تعليمي نظام جي آسان ۽ سهل هجڻ جي حق ۾، دليل ڏيندي ليڪچر ڏئي رهيو هو:
    ‘اسان وٽ مئٽرڪ کان انٽر ميڊيٽ سولي آهي. ڇو ته ايستائين شاگرد رٽي هڻڻ جو ماهر ٿي ويندو آهي.
    انٽر ميڊيٽ کان بيچلر جي ڊگري وٺڻ سولي آهي، ڇو جو شاگرد، نقل ۾ عقل استعمال ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو آهي.
    ماسٽرس ڊگري وٺڻ، اڃا آسان آهي، جو شاگرد، ٽيڙيون آڱريون استعمال ڪري به ڊگري ڪڍي ويندو آهي.
    رهيو سوال ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو، ته اها وري سڀن کان آسان آهي ...’
    ‘اُهو ڪيئن؟’
    آڊيٽوريم ۾ ويٺل هڪ همراهه صبر نه ساري سگھيو ۽ وچ ۾ پڇي ويٺو.
    تعليم جي ماهر وراڻيو: ‘اُهو هيئن ته، اسان وٽ ٻين جي عقل تي، پنهنجي بيوقوفي کي ظاهر ڪرڻ واري کي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني ويندي آهي.’


    4.14 گونگو

    هُو جڏهن ڄائو ته وات پٽيو هو. هر شيءَ کي حيرت ۽ عجب وچان گھوريندو رهيو. کيس اڇي ۽ ڪاري جي تميز ڪو نه هئي. لعل ۽ ٽانڊي کي، هڪ ڪري پئي ڄاتائين. ‘پيرڙو پنڌيرو’ جي آواز تي ننڍڙيون وکون کڻي هلڻ لڳو. ڪڏهن ڪريو پئي، ڪڏهن هليو پئي. لفظن جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.ورجائي، سکي ويو ٻولي ڳالهائڻ. پر پوءِ محسوس ڪيائين ته لفظ به گورک ڌنڌو آهن. لفظ ظاهر ۾ جيڪي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، سمجھڻ ۾ اچن ٿا، اُهي ناهن. اقرار ۾ انڪار ۽ انڪار ۾ اقرار لڪيل آهي. محبت ۾ نفرت ۽ نفرت ۾ محبت ڇپ هنيون ويٺي آهي. ڊگھا جملا اظهار جون ڪوڙڪيون آهن. سچ کي به سونا ورق چاڙهڻا پون ٿا، سونهن کي بيان ڪرڻ لاءِ صرف ‘سونهن’ چوڻ ڪافي ناهي. ان جي به ايڊرٽائيزمينٽ ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو. پوءِ خاموشي هن سان ڳالهائڻ لڳي. ۽ هو خاموشيءَ سان.
    ماڻهن سمجھيو گونگو آهي.


    4.15 سمجھه

    هڪ دوست، ٻي دوست کي چيو:
    ‘ويهه سال ٿيا آهن، توسان دوستي نڀائيندي، پر مان اڃا توکي سمجھي نه سگھيو آهيان. ته تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين؟’
    ٻي جواب ڏنو:
    ‘تنهنجي سمجھه ئي ايتري آهي ته مان ڇا ڪريان؟ مان ته اُهو ئي آهيان، جيڪو ويهه سال اڳ هيس.’


    4.16 سازش

    هڪ صحافي هڪ وزير باتدبير کان بار بار وڪڙ هڻي اهو سوال پئي پڇيو:
    ‘آخرڪار اوهان جي دور حڪومت ۾ ايتريون خودڪشيون ڇو ٿيون ٿين!؟’
    وزير وراڻيو: ‘دراصل اسان جي حڪومت خلاف اها هڪ وڏي سازش آهي’
    ‘ڪير ڪري رهيو آهي، اِها سازش؟’
    صحافي سوال مان سوال ڪڍندي پڇيو:
    وزير وراڻيو:
    ‘ملڪ دشمن!’


    4.17 نه کٽندڙ وسيلا

    هڪ سرڪاري ڌر جي ماهر معاشيات کان صحافين ڏاڍا تيز ۽ تکا سوال پئي ڪيا.
    ‘اسان جي ملڪ جي معاشي حالت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ٿي وڃي، خطرو اِهو آهي ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿي وڃي. ائين ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟’
    ماهر معاشيات اطمينان سان وراڻيو:
    ‘اسان جي ملڪ جي معيشيت ڪڏهن به ڪمزور ٿي نه ٿي سگھي. اسان وٽ نه کٽندڙ وسيلا آهن. ان ڪري پريشاني جي ڪا ڳالهه ڪونهي.’
    صحافي مطمئن نه ٿيڻ واري عادت کان مجبور ٿي وري سوال ڪيو:
    ‘اُهي نه کٽندڙ وسيلا ڪهڙا آهن، جيڪي اسان کي ڏيوالپڻي کان بچائيندا؟’
    ‘اسان کي پنڻ جا هڪ سو هڪ طريقا ايندا آهن. اسان ته اڃا، پنجويهه فيصد به اِهي طريقا استعمال ناهن ڪيا.’
    ماهر معاشيات وڏي اطمينان وچان گھرو ساهه کڻندي وراڻيو.


    4.18 سياست

    هڪ پراڻو تماشبين، ڪافي عرصو ٻاهر رهڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ آيو، ته کيس چڪلي وڃڻ جي ٻاڙ ستايو.
    چڪلو گھمندي ڦرندي کيس حيراني ٿي ته هر طرف بازار ۾ ويراني ڇانيل هئي. نه فضا ۾ اُهي سُر هيا، نه تال ، نه پائل جي اُها جھنڪار هئي، نه تماشبينن ۾ اُها ڏيڻ وٺڻ جي تميز هئي. ائين لڳي رهيو هيو، ڄڻ هڪ عجيب قسم جي بدتميزي جو طوفان هيو. نظرن ئي نظرن ۾ ڄڻ طوائفون ۽ تماشبين هڪ ٻئي کي کائي رهيا هيا.
    هِن هڪ غمزده پوڙهي ڪڃر کي ڏٺو. جيڪو هڪ ڪوٺي جي آخري ڏاڪڻ ڏاڪي تي، ڪنڌ هيٺ ڪيون، ڪچو شراب واپرائي رهيو هيو. هن وڌي وڃي ڪڃر کان پڇيو: ‘ڇا ٿي ويو آهي چڪلي کي ....؟ ڪنهن جي نظر لڳي ...؟ جو ائين هر شئي بي رونق ٿي وئي آهي!’
    پوڙهي ڪڃر ڪنڌ مٿي ڪري، ٿڌو ساهه ڀريندي جواب ڏنو:
    ‘بائوجي ....! جڏهن کان چڪلي ۾ سياست آئي ته چڪلو تباهه ٿي ويو.’
    *


    4.19 اُداسي

    ‘رات ڪيڏي نه اداس آهي ...!’ هڪ مايوس شخص، ٽن پيگن هڻڻ کان پوءِ، فليٽ جي بالڪوني ۾ بيهي، رات جي خاموشي تي تبصرو ڪندي چيو.
    رات هڪ زوردار ٽهڪ ڏيندي وراڻيو:
    ‘بيوقوف ..! اداس آءٌ نه، پر تون آهين. تنهنجي ئي ڀر واري فليٽ ۾، ته آءٌ رنگين لڳي پئي آهيان.’
    *


    4.20 ڊگري يافته گڏهه

    هڪ شخص، سينگاريل گڏهه کي بيٺي گلقند پئي کارايو ۽ ٻئي بيٺي گلاب پاشي پئي ڪئي.
    اِهو ڏسي، ڪجهه واٽهڙو حيران ٿي ويا.
    هڪڙو طنزيه انداز ۾ چوڻ لڳو: ‘ڇا گڏهه، ڇا گلقند ....!؟’
    ٻئي ميار واري انداز ۾ ڍيڪ ڏيندي چيو: ‘گڏهه مٿان گلاب هاريندي حيف ٿئي!’
    گڏهه جي ٽنڊوالي ڪرڻ واري هڪ شخص کي مٺيان لڳي، جواب ۾ چوڻ لڳو:
    ‘هي ڪو عام رواجي گڏهه ڪونهي. ڊگري يافته آهي، پت نه اچيو ته سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڊگريون ڏسي سگھو ٿا.’
    واٽهڙو حيران ٿي گڏهه جي ڀرسان آيا ۽ اهو ڏسي ويتر حيران ٿي ويا ته گڏهه جي ڳچيءَ ۾ ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ٻڌل هيون.


    4.21 چور جي تلاش

    هڪ همراهه هوٽل تي ويٺي ٻين ماڻهن کي پئي ٻڌايو:
    ‘منهنجي زال دنيا جي خوبصورت ترين عورت آهي. هن جا وار گھٽائن جھڙا، چپ گلاب جون پنکڙيون، گردن صراحيدار، چيلهه چهبڪ جيان ڪڻڪائون رنگ، چشم آهو، ابرو ڪمان، نگاهه ِناز ڪري ته ماڻهو مُرغ ِ بسمل ٿي وڃي.’
    ويٺل همراهن مان هڪ شخص کيس سمجھائيندي چيو:
    ‘تون ڪو نهايت سادو ماڻهو ٿو لڳين ... ڀائو، هيءَ دنيا ڏاڍي ظالم ٿي. ائين نه ٿئي ته ڪو تنهنجون ڳالهيون ٻڌي، تنهنجي زال چورائي وڃي.’
    همراهه وراڻيو:
    ‘آءٌ اِهو ئي ته چاهيان ٿو!’


    4.22 نئين حڪمت عملي

    دهشت گرديءَ جي خاتمي لاءِ، ملڪي سطح جو هڪ مذاڪرو ٿي رهيو هيو. سرڪاري سطح تي مڃيل دانشورن، سياستدانن، ۽ مضبو ط ڌر جي ماڻهن کي گھرايو و يو.
    پهريان هڪ دانشور ڳالهايو:
    ‘دهشت گردن کي زوري ‘عدم تشدد’ وارو فلسفو پڙهايو وڃي. جڏهن هو عدم تشدد وارو فلسفو پڙهندا ته پاڻهي دهشت گردي ڇڏي ڏيندا.’
    پنڊال ۾ هڪ اڌ تاڙي وڳي ۽ ڪي ماڻهو سندس ان ڳالهه تي کليا.
    اُن کان پوءِ هڪ سياستدان جو وارو آيو. ان فرمايو:
    ‘دهشت گردن سان ڊيل ڪئي وڃي ۽ پوءِ کين مراعتون ڏيئي ڪرپٽ ڪري، سندس ويڙهاند واري جبلت کي گھٽايو وڃي ته دهشت گردي پاڻهي ختم ٿي ويندي.’
    پنڊال ۾ چڱن ماڻهن تاڙيون وڄايون ۽ رايو ڏنو ته اها پراڻي تجويز آهي، بهرحال پوءِ به ٺيڪ آهي.
    آخر ۾ مضبوط ڌر جو ماڻهو آيو. هن رعبدار ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ تقرير ڪندي چيو:
    ‘جئين هيرو هيري کي ڪٽيندو آهي، زهر زهر کي ماريندو آهي. تئين دهشتگردي کي، دهشت گردي سان ختم ڪري سگھي ٿو.’
    پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن، اُٿي بيهي تاڙيون وڄايون ۽ رايو ڏنو ته ڪيڏي نه شاندار ۽ نئين حڪمت عملي آهي!


    4.23 شوبز جو ماڻهو

    هڪ شوقين مزاج شخص وڏي شهر جي هوٽل ۾ رهندي، ‘ڪال گرل’ کي گھرائڻ لاءِ هڪ ڀڙوي سان رابطو رکيو. ڀڙوي هُن کي البم ڏيکاريو. هن هڪ فوٽو تي هٿ رکيو، جنهن جا چپ ڏاڍا خوبصورت هيا. خوبصورت چپ هن جي ڪمزوري هيا. ڀڙوي هن کي اُن جو ريٽ 20 هزار ۽ پنهنجو محنتاڻو 2 هزار روپيه ٻڌايو. شوقين مزاج شخص هڪدم ‘واليٽ’ مان ٻاويهه هزار روپيه ڪڍي ڀڙوي کي ڏنا جو کيس ڀڙوي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي ڇڏيو هيو ته اڄڪلهه ‘ڪال گرلس’ ايڊوانس ۾ پئسا وٺن ٿيون.
    ڀڙوو پئسا وٺي رمندو رهيو ۽ شوقين مزاج انتظار ڪندو رهيو. منجھند کان رات ٿي وئي ته شوقين مزاج شخص آسرو لاهي ويهي رهيو. کيس اها ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته ڀڙوو ساڻس ڌوڪو ڪري ويو، جئين اڪثر وڏن شهرن ۾ ٿيندو آهي.
    منجھند جو ويل ڀڙوو، جڏهن اڌ رات جو موٽيو ته هٿين خالي هيو. شوقين مزاج شخص جڏهن ڀڙوي کي ڏٺو ته کيس ايڏي ڪاوڙ آئي جو دل ۾ آيس ته انهيءَ ڌوڪيباز ڀڙوي جو نڙ-گھٽ پٽي ڪڍي.
    ڀڙوي ڏاڍي تعظيم سان روداد ٻڌائڻ شروع ڪئي:
    ‘سائين! اوهان جي من پسند ‘ڪال گرل’ جو سيليولر فون مسلسل بند هيو. ان ڪري کيس مون شهر جي ڪيترن ئي اڏن تي ڳولهيو. ۽ آخري اڏي تان اها خبر پئي ته هڪ ‘فيوڊل لارڊ’ کيس ‘بوڪ’ ڪري ملڪ جي گادي جي هنڌ ڏانهن وٺي ويو آهي.’
    ‘پوءِ!؟’ شوقين مزاج شخص کيس ڪاوڙ ۾ گھوريندي پڇيو.
    ‘پوءِ هي اوهان جا ويهه هزار .... باقي منهنجو محنتاڻو ته ڪرائي ۾ هليو ويو!’ ڀڙوي شوقين مزاج ماڻهوءَ کي پئسا موٽائيندي چيو.
    شوقين مزاج همراه حيران ٿي ويو ۽ پئسا وٺندي چوڻ لڳو: ‘مون ته ٻڌو آهي، وڏن شهرن جا ڀڙوا پئسا وٺي کائي ويندا آهن ۽ تون آهين، جنهن پئسا موٽائي ڏنا آهن!؟’
    ڀڙوي مشڪندي وراڻيو: ‘سائين آءٌ ڀڙوو ضرور آهيان، پر شوبز جو ماڻهو ناهيان جو اوهان جا پئسا وٺي کائي وڃان!’


    4.24 جدوجھد

    ڪاليج ۾ شاگرد تنظيم جي اڳواڻ، پنهنجي يونٽ جي ساٿين کي ليڪچر ڏئي رهيو هيو. هُن ليڪچر جي پڇاڙيءَ ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جي نعمتن جو ذڪر، درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪندي فرمايو:
    ‘جڏهن انقلاب ايندو ۽ آزادي ملندي ته هن ڏتڙيل سماج ۾ هڪ اهڙو نظام ايندو جو اهي ٽڪي ٽڪي جا سرڪاري ملازم اسان جي گھرن جو دروازو کڙڪائي، پئسا هٿن ۾ کڻي، باادب ٿي چوندا:
    ‘ڪامريڊ! هي وٺو ، پنهنجي منٿلي ... پنهنجو ڀتو ...’
    يونٽ جي ميمبرن زوردار تاڙيون وڄايون ۽ نعرا هنيا.
    پر يونٽ جو هڪ ميمبر جيڪو حد کان وڌيڪ جذباتي هيو، تنهن اٿي سوال ڪيو: ‘ڪامريڊ ! اسان کي اهو ٻڌاءِ ته جيستائين، اهڙو عظيم انقلاب برپا ٿئي، تيستائين اسان ڇا ڪيون ...؟ ڇا تيستائين اسان ڪتاب آڏو رکي پڙهندا رهون!؟’
    شاگرد اڳواڻ وراڻيو:
    ‘نه ...! تيستائين، اوهان ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪرائي، جدوجھد کي جاري رکو.’


    4.25 نحوست

    هڪ مرد چيو:
    ‘عورت جي حڪومت ۾ نحوست هوندي آهي.’
    اُهو ٻڌي عورت وراڻيو:
    ‘واقعي اُها عورت بدقسمت هوندي، جنهن تو جھڙي منحوس کي ڄڻيو هوندو!’


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515353
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ