ڪتاب جو نالو: بدلجندڙ دنيا ۽ سنڌ
مصنف: نصير ميمڻ
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 05 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 788 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 452 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”بدلجندڙ دنيا ۽ سنڌ “ نامياري ليکڪ نصير ميمڻ جي چونڊ ڪالمن تي مشتمل آهي.
دنيا تيزيء سان بدلجي رهي آهي، ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بنا !! پر سنڌ، خاص ڪري سنڌ جو نوجوان ڪاڏي وڃي؟ قيادت، حڪومت، سياسي اڳواڻ، ڪامورا ڪا راهه ڪونه پيا ڏين. سنڌ روز ڌٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ نيٺ ڇا ڪجي؟ نصير ميمڻ اهڙن سوالن کي ۽ سنڌ ڪيس کي ڀرپور نموني پنهنجي ڪالمن ۾ پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب نوجوانن ۽ با شعور دوستن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • نئين دور جون نيون حقيقتون
  • پُرامن سياسي سگهه سڀ کان وڏو هٿيار آهي
  • اشوز جي انبار هيٺ دٻجي ويل بنيادي تبديلي
  • تبديليءَ ڏانهن ويندڙ رستا
  • متحرڪ نوجوانن جي سگهه کي عمل سان سلهاڙجي
  • ڀوتار ڪي جاگير بڻيل سنڌ
  • قومپرست پارٽيون پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ڇو نه بڻجي سگهيون؟
  • عراق جو ورهاڱو ڪهڙي راند جي شروعات آهي؟
  • عراق جي ورهاڱي واري راند
  • ڇا وچ اوڀر کان پوءِ ايشيا جو وارو ايندو؟
  • خطي ۾ انارڪيءَ جا انديشا ۽ پاڪستان جو آئيندو!
  • عوامي شعور ۽ سگهه سنڌ جي اُميد آهي
  • ٻن ڌرين وٽ يرغمال ٿيل سنڌ جي سياست
  • سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بچائڻ لاءِ حڪمتِ عملي
  • سنڌ جو چچريل وجود
  • دهشتگرديءَ جو جن بوتل ۾ ڪيئن واپس ويندو؟
  • جنونيت جي باهه ۾ سڙندڙ سنڌ
  • جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ جُٺ!
  • خطي ۾ نئين جنگ جا شعلا پاڪستان کي وڪوڙي سگهن ٿا؟
  • يمن جي ويڙهه ۽ ”قومي مفاد“ وارو نعرو!
  • پنهنجي آئيني حقن لاءِ مطالبن تائين محدود سنڌ سرڪار
  • جمهوريت کي ڪنهن کان خطرو آهي؟
  • زرداريءَ جي اسٽيبلشمينٽ کي للڪار عوامي حقن لاءِ آهي؟
  • تبديليءَ لاءِ جدوجهد جاري رهڻ گهرجي!
  • قومپرست سياست ۽ سنڌ جا سياسي حق!
  • سنڌ لاءِ هڪ سگهاري سياسي پارٽيءَ جي گُهرج!
  • نئين حڪمت عمليءَ سان مشروط خوشحال سنڌ جو خواب!
  • عالمي قوتن جي سازشن کان بچڻ جي ضرورت!
  • سنڌ جي پيرن ۾ پيل جاگيرداراڻه زنجير ۽ مضبوط ادارن جي کوٽ!
  • ڇا ڪرپشن جي مخالفت جمهوريت دشمني آهي؟
  • ڀوتارڪي غلاميءَ مان نجات کي ڪيئن ممڪن بڻائجي؟
  • پاڪ-چين اقتصادي راهداري رٿا جو پسمنظر!
  • آپريشن ۽ راهداري رٿاجو ڳانڍاپو!
  • راهداري رٿا مان سنڌ کي ڇا ملندو؟
  • افغانستان پاڪستان جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي؟
  • سنڌ ۾ ڦهليل مايوسي ۽ هڪ پائيدار تبديليءَ لاءِ جاکوڙڻ جي ضرورت!
  • پيپلز پارٽيءَ خلاف اتحاد ۽ تحرڪ ۾ سمايل سنڌ جو روشن آئيندو!

  • ارپنا

    سنڌ جي انهن سچار ۽ باشعور سياسي ڪارڪنن کي
    جيڪي سنڌ جو اُملهه اثاثو آهن.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (234) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪالمن جو هي ڪتاب ” بدلجندڙ دنيا ۽ سنڌ “ نامياري ليکڪ نصير ميمڻ جي چونڊ ڪالمن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ساحل پبلشرز اينڊ پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون يوسف سنڌيءَ جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    دنيا تيزيء سان بدلجي رهي آهي، ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بنا !! پر سنڌ، خاص ڪري سنڌ جو نوجوان ڪاڏي وڃي؟ قيادت، حڪومت، سياسي اڳواڻ، ڪامورا ڪا راهه ڪونه پيا ڏين. سنڌ روز ڌٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي. اهڙين حالتن ۾ نيٺ ڇا ڪجي؟ نصير ميمڻ اهڙن سوالن کي ۽ سنڌ ڪيس کي ڀرپور نموني پنهنجي ڪالمن ۾ پيش ڪيو آهي. هي ڪتاب نوجوانن ۽ با شعور دوستن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    دنيا تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي، سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ايندڙ دور به هاڻ پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي، هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. طاقت جا مرڪز به بدلجن پيا ته قومن ۽ ملڪن ۾ نيون صف بنديون به ٿي رهيون آهن ۽ اُن صف بندي ۽ طاقت جي تبديل ٿيندڙ مرڪزن ۾ دنيا جون آزاد ۽ خود مختيار قومون پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين ۾ تبديليون آڻي رهيون آهن. قومن جون قسمتون هاڻ جديد فڪر، ٽيڪنالاجي، معاشي پاليسين تي مدار رکن ٿيون.
    اهڙي صورتحال ۾ سنڌي قوم ڇا ڪري؟ قيادت جي کوٽ، ابن الوقتي ۽ پنهنجي وقت تي صحيح فيصلا نه ڪرڻ سبب اسان جنهن ’ڪُن‘ ۾ ڦاسي ڦيرا پيا ڏيون، ان مان نڪرڻ جو ڪهڙو حل آهي؟ اسان کي نه رڳو صاف سٿري سياست جي گهرج آهي، پر هر ميدان ۾ صحيح فيصلن سان گڏ، مستقبل مزاجيءَ سان جدوجهد جي به گهرج آهي.
    صورتحال مايوس ڪندڙ آهي، پر اميد جو سهارو هٿان ڪونهي ويو، خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ جا خواب جيڪي اسانجي اکين ۾ آهن، انهن جي تعبير واسطي، جيڪڏهن سنڌ جو هر باشعور فرد ايمانداري ۽ جانفشانيءَ سان جدوجهد ڪري ته اسان لاءِ ان ’ڪُن‘ مان نڪرڻ آسان ٿي پوي.
    نصير ميمڻ جو نئون ڪتاب ”بدلجندڙ دنيا ۽ سنڌ“ ان اُميد سان پيش ڪري رهيا آهيون ته اسانجو نوجوان طبقو ان مان ضرور ڪا واٽ ڳولهي، هن اونداهي ’ڪُن‘ ۾ ڪا لاٽ ٻاريندو.

    يوسف سنڌي
    حيدرآباد، 25 جنوري 2016ع


    نئين دور جون نيون حقيقتون

    اڄڪلهه سنڌ کي ٻه اهم چئلنجز درپيش آهن، اهي آهن. سنڌين جي عددي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو ۽ سنڌ مٿان فرقيواراڻي ۽ مذهبي جنونيت جو حملو- گذريل سال دوران اُتر سنڌ ۾ فرقيوار اقليتن مٿان خوني آپگهاتي حملن سنڌ جي روايتي سَهپ ۽ رواداري وارين روايتن کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ملڪ اندر چين جي سيڙپڪاريءَ واري رٿا ”چائنا- پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور“ جي پسمنظر ۾ خطي اندر عالمي طاقتن جي نون مفادن جي ٽڪراءُ ۽ ممڪنه هم آهنگيءَ جي راند شروع ٿي رهي آهي. بدلجندڙ سياسي ۽ معاشي منظر نامي ۾ سنڌ لاءِ نوان موقعا ۽ چئلينجز ڪَر کڻي رهيا آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ نه رڳو ترقيءَ جي ميدان ۾ پٺتي رهجي وئي آهي، پر سياسي حوالي سان به قيادت جي خال ۾ بحران جو شڪار آهي. پيپلزپارٽيءَ پنهنجي موقعي پرستيءَ واري سياست سبب سنڌي سماج ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ وارو هڪ شاندار موقعو ضايع ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽيءَ وٽ موقعو هو ته سنڌي سماج مٿان ڄمي ويل دز کي ڇنڊي، ان کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ڪي اهم اڳڀرايون ڪري ها. ٻئي طرف سنڌ اندر ڏهاڪن کان عوامي شعور ۽ مزاحمت کي سلهاڙيندڙ قومپرست ڌريون سنڌ اندر قيادت جي خال کي ڀرڻ وارو ڪردار ادا نه ڪري سگهيون. بدلجندڙ حال جي تقاضائن آهرهنن کي سنڌي سماج اندر جيڪا ڌونڌاڙ پيدا ڪرڻ گهرجي ها، ان ۾ اهي گهربل ڪردار ادا نه ڪري سگهيا. اهڙي طرح اقتداري ايوانن اندر توڙي ان کان ٻاهر سنڌ اندر قيادت جو خال سنڌ جي سماجي ۽ سياسي اوسر ۾ هڪ وڏي رنڊڪ بنيل آهي. انهن سمورين ڪمزورين ۽ رنڊڪن جي باوجود سنڌي سماج ۾ هڪ اندروني توانائي موجود آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ پنهنجا رستا تلاش ڪندي رهي آهي. سنڌ ۾ تيزيءَ سان اُسرندڙ وچولو طبقو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مختلف طريقن سان سوچي ۽ عمل ڪري رهيو آهي، پر سنڌ جي اڄوڪي سياسي قيادت ۽ ساڃاهه وند حلقا ان کي صحيح طريقي سان پرکڻ کان وانجها آهن، جنهنڪري اهي توانائيءَ جي انهن وهڪرن کي ڪو رُخ ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. سنڌ جي سياسي ساڃاهه نئين دور جي نين حقيقتن سان پاڻ کي نه سلهاڙي سگهي ته اها پنهنجو وجود وڃائي ويهندي. اها ڀڃ ڊاهه سماجي اوسر جو اڻ ٽُٽ جز آهي ۽ شايد ان جي اندر سنڌ جو هڪ بهتر آئيندو سمايل آهي.

    نصير ميمڻ
    اسلام آباد
    جنوري 2016ع


    پُرامن سياسي سگهه سڀ کان وڏو هٿيار آهي

    ٻن نوجوان اڳواڻن جا ڪوئلو ٿيل لاش اڳيان هجن ۽ ڪئين ڪلوميٽرن تائين ڊگهو جلوس هجي پر ڪنهن کي رهنڊ به نه اچي. وحشياڻي بربريت جو اهڙو شاندار سياسي جواب رڳو سنڌي قوم ئي ڏئي سگهي ٿي. هڪ اهڙو ملڪ، جتي رڳو بي بنياد افواهه جي ٽيڪسٽ مُسيجز تي جنوني ٽولا درجن لاش ڪيرائيندي دير نه ڪندا هجن، اتي سياسي ساڃاهه جو اهڙو بي مثال مظاهرو سنڌي قوم جي تاريخ جو هڪ شاندار حوالو آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪڏهن ڪنهن کي نظر نه آيو ته اها ملڪ جي ”قومي“ سڏائيندڙ ميڊيا هئي، جيڪا بندوق بردارن جي جلسن جي ڪرسيون لڳائڻ وارن منظرن کان ڪوريج شروع ڪندي آهي ۽ جلسي گاهه تي پڇاڙڪي ٻهاري ڏيڻ جا منظر ڏيکاري پنهنجو پروفيشنل فرض نڀائيندي آهي.
    شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي اهڙي وحشياڻي قتل جي پٺيان يقيني طور هڪ ئي وڏو مقصد هو ۽ اهو هو لکين سنڌين کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيڻ کان روڪڻ. جسقم جي قيادت نه رڳو ان جلسي کي ملتوي نه ڪري سياسي ساڃاهه جو مظاهرو ڪيو پر ان کي مڪمل طور پرامن رکي انهن قوتن کي مايوسيءَ جو تحفو ڏنو، جيڪي لڳاتار ان ڪوشش ۾ آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد کي تشدد تي لاهي ان تي دهشتگرديءَ جو ليبل لڳائي چيڀاٽي سگهجي. جيتوڻيڪ ان قسم جي درندگيءَ جو مظاهرو ٿيڻ کانپوءِ قومپرست تنظيمن اندر نوجوان ڪارڪنن جي جذبات کي ضابطي ۾ رکڻ ڪو سولو ڪم ناهي. اهو پتو ناهي ته قومپرست قيادت ان صبر کي ڪيستائين قائم رکي سگهندي. فريڊم مارچ کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ ٿيل شهادت ان حقيقت جو ثبوت آهي ته ڪراچيءَ ۾ لکين ڌرتيءَ ڌڻين جو اهڙي طرح منظم ٿي، سياسي سگهه جو مظاهرو ڪرڻ سگهارين ڌرين کان هضم نه ٿو ٿئي. ان شڪ کي به مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ان واقعي پٺيان انهن ٻاهرين طاقتن جو هٿ هجي، جيڪي علائقائي سياست ۽ هن خطي اندر ٿيندڙ اهم صف بندين ۾ پنهنجي وفادار طاقتن کي ملڪ اندر سگهارو رکڻ گهرن ٿيون، جنهن ڪري کين سنڌ جي قومي حقن جي مضبوط هلچل کان خوف آهي، پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ٻاهريون طاقتون دنيا ۾ ڪٿي به اهڙي قسم جي هٿ چراند ڪنديون آهن ته انهن جي واهر اندريان هٿ ڪندا آهن. جيڪڏهن هڪ گهڙيءَ لاءِ ڪنهن ٻاهرين طاقت جي هٿ هجڻ واري دليل کي درست مڃجي ته پوءِ سوال پيدا ٿيندو ته انهن جي واهر ڪندڙ اندرين هٿن کي ڪنهن جي سرپرستي حاصل آهي؟ صاف ظاهر آهي ته انهن سمورن واقعن کي رڳو پرڏيهي هٿن جي سازش قرار ڏئي اندرين هٿن کي ان کان آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. پيپلزپارٽي حڪومت ان کي سنڌ جو امن خراب ڪري سندن حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو، پر حڪومت پاڻ ٻڌائي ته ويجهن سالن دوران هڪ ٻئي پٺيان لڳاتار سياسي ڪارڪنن جا چچريل لاش ملڻ تي ان ڪيتري سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي؟ ڪيترن ڪيسن جي پوئواري ڪندي ان جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ ته ڇڏيو سندن رڳو سڃاڻپ به پڌري ڪئي وئي هجي. مقصود قريشي نه ته ڪو ايڏو وڏو ليڊر هو، جنهن مان رياست کي ڪو لوڏو اچڻ جو انديشو هو ۽ نه وري هو ڪنهن به قسم جي ڏوهاري يا خطرناڪ سرگرمين ۾ ڪڏهن ملوث رهيو هو، کيس ايڏي بيدرديءَ سان قتل ڪرائڻ جو هڪ ئي مقصد هو ته ڪنهن طرح اهڙو سانحو ڪجي، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ جي ڏينهن فريڊم مارچ جهڙي سرگرمي نه ٿي سگهي. ايڏي وڏي جلسي ۽ سنڌين جي سياسي سگهه جي اظهار کي روڪڻ لاءِانهن قومن ضروري سمجهيو ته ڪو وڏي نوعيت جو سانحو ڪرايو وڃي. مقصود قريشي شهيد بشير قريشيءَ جو ڀاءُ هجڻ سبب ڪارڪنن ۾ مقبول به هو ته ان لحاظ کان هڪ قدآور سياسي شخصيت به هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ کي رت ۾ وهنجارڻ جي خواهش رکندڙ طاقتن هن ڀيري پنهنجي حيوانيت جي اظهار لاءِ کيس چونڊيو ۽ کيس هڪ نوجوان ساٿيءَ سميت بيدريءَ سان قتل ڪيو. فريڊم مارچ ان ڪري انهن طاقتن جي اک لاءِ ڪنڊو آهي، جو هڪ ته اهو 23 هين مارچ جي ڏينهن منعقد ڪيو وڃي ٿو، ۽ ٻيو ته اهو ڪراچي شهر ۾ يا خاص طور تي قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار اڳيان منعقد ڪيو وڃي ٿو.
    دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ جي هن دو ۾ هڪ منظم ۽ پرامن پر سياسي طور سگهاري وطن پرست جدوجهد سگهارين ڌرين کي تمام ڏکي لڳي ٿي، اهو ان ڪري جو عالمي برادري پرامن جدوجهد کي مان ڏئي ٿي. ٻئي طرف تشدد ۾ ملوث جدوجهدن کي دهشتگرديءَ جي ليبل هيٺ چيڀاٽڻ نهايت آسان آهي ۽ ان کي عالمي برادريءَ اڳيان اينٽي ٽيررزم ڪاررواين جو حصو بڻائي پيش ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوچ اها به موجود آهي ته جڏهن ٻئي پاسي کان تشدد جو رستو اختيار ڪيو وڃي ته پوءِ جواب ۾ امن ڪهڙا نتيجا ڏيندو! منهنجي راءِ ۾ سنڌ جي قومپرست هلچل سياسي طاقت ۽ قومي ٻڌيءَ جي طاقت کي اڃا پوري طرح استعمال ڪيو ئي ناهي، تنهن ڪري تشدد جو جواب پرامن قومي ٻڌي، سياسي طاقت ۽ سياسي ساڃاهه وسيلي به ڏيڻ وارو آپشن اڃا پوري طور استعمال ناهي ٿيو. جن معاملن ۾ مستقل مزاجيءَ سان اهو آپشن استعمال ٿيو آهي، اتي بنا تشدد جي به ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌين جي جدوجهد ان جو بهترين مثال آهي. سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ، سماجي جوڙجڪ، سياسي بلوغت ۽ پاڪستان جي ان تي دارو مدار جهڙن فيڪٽرن کي گهرائيءَ سان سمجهجي ته سياسي سگهه ۽ قومي ٻڌيءَ وسيلي تشدد جي استعمال کان سواءِ ڪالاباغ ڊيم جيان ٻين قومي مسئلن تي به جدوجهد جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، پر ان لاءِ هڪ گهڻ- پاسائين لڳاتار جدوجهد جي گهرج آهي.
    گذريل ڇهن ڏهاڪن اندر سنڌ جي قومپرست هلچل سنڌي سماج ۾ جيڪا ڌونڌاڙ پيدا ڪئي آهي، اها خود هڪ وڏي حاصلات آهي. قومپرست جدوجهد جي ڪاميابيءَ جو ماپو اليڪشن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ ئي نه سمجهڻ گهرجي، ان هلچل جي سڀ کان وڏي ڪاميابي سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد کي سنڌ ۽ ملڪي سياست جي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ آهي. اڄ سنڌ اندر وفاق جي سياست ڪندڙ ڪنهن به ڌر جي منشور ۽ سياسي نعرن جو سنڌ جي قومي حقن جي بنيادي مطالبن کان وانجهو هجڻ ممڪن ناهي. قومپرست هلچل سنڌ اندر قومي حقن جي مطالبن تي جيڪا غير معمولي ٻڌي پيدا ڪئي آهي، ان کي نظر انداز نه ٿوڪري سگهجي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ آدمشماريءَ کان سواءِ ٻيا اهڃاڻ شامل ڪرڻ، ارڙهين ترميم کانپوءِ معدني وسيلن تي پنجاهه سيڪڙو حق تسليم ٿيڻ، قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ سنڌيءَ سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولي تسيلم ڪرڻ جي بل تي بحث ٿيڻ جهڙيون حاصلاتون ڪو وفاق پرست تنظيمن جي ايجنڊا جو حصو نه هيون، اهي سڀ سوال سنڌ جي قومپرست هلچل پاران اڀاريا ويا هئا ۽ انهن تي مختلف شڪلين ۾ سالن کان جدوجهد ٿيندي رهي آهي. اها سنڌي ماڻهن جي بدقسمتي آهي ته انهن حاصلاتن جو لاڀ سندن ئي چونڊيل حڪومتن جي نا اهليءَ ۽ ڪرپشن سبب کين نه پيو ملي، نه ته اهي ڪي معمولي حاصلاتون ناهن. نه رڳو اهو پر خود پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ مان لڳاتار ملندڙ سياسي موٽ سنڌ جي قومپرست جذبن ۽ احساسن جو نتيجو آهي. پيپلز پارٽيءَ سنڌ سان جيڪي سياسي نا انصافيون ڪيون آهن، ان جي باوجود کين وفاق جي سياست ۾ لڳاتار سنڌين جي ملندڙ موٽ در حقيقت سنڌ واسين جي ان قومي جذبي جو اظهار آهي، جيڪا باقي وفاق پرست ڌرين کي ان ڪري جاءِ نه ٿي ڏئي، جو انهن پنهنجا رشتا سنڌ ۽ سنڌ واسين سان نه ڳنڍيا آهن. سنڌ جي ان قومپرستيءَ واري جذبي ۽ اڀار جي طاقت جو ئي ڊپ هو، جنهن ڪري 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سگهارين ڌرين کي اڻ سڌي طرح نياپو ڏيڻ لاءِ ”پاڪستان کپي“ جا نعرا استعمال ڪرڻا پيا. اهو ئي ”کپي“ ۽ ”نه کپي“ جو ڀوت بڇي پيپلز پارٽي وفاقي سياست ۾ پنهنجو حصو برقرار رکندي پئي اچي. ٻئي طرف سنڌ واسي ان خيال ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پٺيان لڳل آهن ته اها سنڌ جي حقن جي نمائندگي ڪندڙ ڌر آهي. جيڪڏهن قومپرستيءَ جي احساس جي سگهه نه هجي ها ته پوءِ ڪراچيءَ ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ ورڪنگ ڪلاس جا سنڌي ڪٺا نه ٿين ها. ان جلسي ۾ نه خيراتي ڪارڊ ملڻ جو آسرو هو، نه انهن اڳواڻن وٽان ايندڙ چونڊن ۾ ٺيڪن ۽ ماسترين جي آرڊرن ملڻ جي توقع آهي. اهي لکين ماڻهو وڏيرن پاران خريد ڪيل ٽرانسپورٽ ۾ به نه آيا هئا. اهو نج قومي وجود ۽ قومي حقن جي حاصلات جو احساس هو، جنهن لاءِ ايڏي وڏي انگ ۾ اهي ماڻهو ڪراچيءَ ۾ ڪٺا ٿيا هئا. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سمورين ڪمزورين، اوڻاين ۽ تنقيدن جي باوجود اهو قومپرست ڌرين جي سالن کان ڪيل پورهئي جو ئي نتيجو هو، جو ائين سندن سڏ تي سنڌ اٿلي پئي ۽ ان سڏ کي ناڪام ڪرڻ جي خواهش کي ناڪام ڪندي ايڏي وڏي عوامي سمنڊ غير معمولي طور پرامن هجڻ جو مثال پڻ قائم ڪيو. ان سياسي سگهه جا نتيجا ڪنهن پرتشدد ردعمل کان هزار ڀيرا وڌيڪ ڪارائتا ثابت ٿيندا. لکين سنڌين جي ڪراچيءَ ۾ اهڙي موجودگيءَ کي ان ڪري ئي نام نهاد قومي ميڊيا تان بليڪ آئوٽ ڪرايو ويو، ڇو ته ان جي رپورٽنگ سڄي ملڪ توڙي دنيا ۾ سنڌين جي قومي سگهه جو هڪ ٻيو پاسو اڳيان آڻي سگهي ها. اها بد ديانتي سوچيل سمجهيل ۽ رٿيل هئي، جنهن کي هر مهذب ماڻهوءَ کي نندڻ گهرجي. اهڙي بد ديانتيءَ جو جواب به پرامن بائيڪاٽ ۽ ان بد ديانتيءَ کي متبادل ميڊيا ٽيڪنالاجيءَ جي وسيلي سڄي دنيا اڳيان وائکو ڪرڻ جهڙن طريقن سان ڏئي سگهجي ٿو،
    ڪراچيءَ ۾ 23 مارچ تي ڪيل اهو عظيم جلسو سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد جو انتهائي شانائتو ۽ اتساهيندڙ واقعو هو. پرامن قومي ٻڌي ۽ ساڃاهه جي ان سگهه کي مستقل مزاجيءَ سان قومي حقن جي حاصلات واري جدوجهد جو حصو بڻائڻ اهم آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي جنونيت ۽ سنڌ جي قومي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن جي اڻ کٽ سلسلي کي روڪڻ ۽ حڪومتن جي نا اهليءَ جو احتساب به ان سياسي سگهه وسيلي ئي ممڪن آهي. ايڪهين صديءَ جون سياسي جدوجهدون امن، ايڪي، ٽيڪنالاجي، رابطن ۽ درست حڪمت عملين جي تقاضا ڪن ٿيون. اهي سڀ تقاضائون پوريون ڪرڻ سان سنڌ جي قومي حقن جي هلچل ايندڙ سالن ۾ تمام وڏا ڇال ڏئي سنڌ کي مايوسيءَ جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڇڪي ڪڍي سگهي ٿي.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو، 25 مارچ 2014ع)


    اشوز جي انبار هيٺ دٻجي ويل بنيادي تبديلي

    سنڌ سياسي اشوز جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي. اُهي روز مره جي بنياد تي اُڀرندڙ معاملا ايڏا ته سنگين ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، جو سنڌ جي سياست توڙي علمي ۽ ادبي ساڃاهه بنيادي معاملن کان ڪنهن حد تائين اوپري ٿيندي پئي وڃي ۽ روز ڪنهن نئين مصيبت سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ رڌل آهي. گهڻو پٺتي نه ٿا وڃون، رڳو گذريل مهيني کن تي نظر وجهبي ته، چار اهم اشوز پٺيان ڀرپور شدت سان اُڀريا آهن ۽ انهن مان ڪنهن کي به گهٽ اهم قرار ڏيڻ ممڪن ناهي. اهي اشوز آهن: (1) سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جا سڙيل لاش ملڻ. (2) سنڌ ۾ هندو برادريءَ جي پوتر ماڳن مٿان لڳاتار حملا. (3) ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ڏڪار ۽ بيمارين وگهي ٻه سئو کان وڌيڪ موت. (4) قبائلي علائقن ۾ ممڪنه آپريشن جي نتيجي ۾ سنڌ ڏانهن آباديءَ جي هڪ نئين ٻوڏ جي آمد جو انديشو. اهي ته رڳو مهيني کن ۾ اڀريل معاملا آهن، پر سنڌ جي سياسي منظر نامي تي گهري نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته حڪمران ڌريون نهايت چالاڪيءَ سان سنڌ ۾ هڪٻئي پٺيان ايڏا ته ڳنڀير مسئلا پيدا ڪنديون رهيون آهن، جو سنڌ جي سياسي قيادت انهن پٺيان ڊوڙي ڊوڙي سهڪي پئي آهي. فائر فائيٽر جيان، جتي دونهون نظر اچي، اتي پاڻيءَ جو ڦوهارو ڪرڻو پوي ٿو. ان فائر فائيٽنگ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر سياسي طور تي ٻه اهم نقصان ٿيا آهن. هڪ ته، سنڌ جي سياست نظرياتي بنيادن کان هٽي اشوز ۾ ڦاسي پئي آهي ۽ ٻيو ته سماج کي درپيش بنيادي مسئلن تان ڌيان گهٽجي ويو آهي. هتي مراد اهي بنيادي مسئلا آهن، جيڪي روز مره جي ٻين مسئلن کي پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بڻيل آهن. سرسري طور اوهان نئين نسل جي هڪ سئو نوجوانن کان سنڌ اندر سياسي طور سرگرم پارٽين جا نالا کڻي، انهن جي سياسي نظرئي بابت پڇي ڏسو ته ايڪڙ ٻيڪڙ ڇڏي، باقي ان کان اڻ ڄاڻ هوندا. البته کين انهن پارٽين جي اڳواڻن پاران ڪنهن اشو تي جاري ڪيل بيان يا ٻين سرگرمين بابت ضرور پتو هوندو. ان جو نتيجو اهو آهي، جو سنڌ کي جن بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي، اهي ذهنن جي تهه خاني ۾ مسئلن جي انبار هيٺ دٻجي ويون آهن. ويجهي ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل انهن اشوز جي فهرست ڪيتري ڊگهي آهي، ان جو اندازو رڳو هيٺين ڪجهه اشوز جي لسٽ تي نظر وجهڻ سان لڳائي سگهجي ٿو.

    *آدم شماريءَ ۾ هٿ چراند
    * ذوالفقار آباد شهر جي رٿا
    * ٻِٽو مڪاني نظام
    * سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا
    * ٿر جي ڪوئلي ۾ وفاق جي مداخلت ۽ اڻ سڌو قبضو
    * هندو نياڻين جو زوريءَ مذهب مٽائڻ ۽ هندو برادريءَ کي هيسائڻ
    * سنڌ مان هندن جي لڏ پلاڻ
    * ابهم ٻارڙن سميت روزانو اغوا جا واقعا
    * عورتن جا قتل ۽ سندن اڻ کٽ استحصال
    * سنڌ ۾ نوڪرين جي نيلامي، بدلين ۽ ٺيڪن جو سدا بهار ڪاروبار
    * غير قانوني مدرسن وسيلي مذهبي انتهاپسنديءَ کي پکيڙڻ.
    * ارڙيءَ وگهي سوين ٻارن جو موت
    * شهرن جو کنڊرن ۾ تبديل ٿيڻ
    *ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ لاءِ گهربل تياري نه هجڻ
    * سنڌ ۾ تعليم جي تباهي، اسڪولن جو لڳاتار بند رهڻ
    * خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ ۽ سرڪاري نوٽيسن کي رديءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ
    * غير قانوني طور ڀرتي ڪيل ملازمن کي پڪو ڪري هزارين ملازمن جو آئينده اونداهو ڪرڻ
    * تعليم ۽ مڪاني ادارن وارن کاتن ۾ هزارن جي انگ ۾ جعلي ڀرتيون ڪري اربين روپيا لٽڻ
    * ڪالاباغ ڊيم جي اعلانن کي ورجائڻ
    * سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ واري بل کي پٺيءَ ڀر اڇلائڻ
    * سنڌ جي مکيه سرڪاري عهدن تي غير سنڌين جو قبضو هجڻ
    * تيل ۽ گئس جي وسيلن جي مالڪي نه ڪرڻ
    * قبيلائي جهيڙن ۾ معصوم ماڻهن جا قتل ۽ وڏيرڪن جرڳن وسيلي فيصلا ڪرائڻ
    * مڪاني ادارن جي چونڊن کي پٺيءَ ڀر اڇلي عوام کي حڪمراني ۽ جمهوريت ۾ شراڪت جي حق کان محروم ڪرڻ
    * قدرتي وهڪرن جي رستن تي قبضن سبب ٻوڏن ۾ هر سال لکين ماڻهن جو متاثر ٿيڻ
    هي ته رڳو اهي ڪجهه اشوز آهن، جيڪي هن مضمون لکڻ وقت ياد آيا آهن. ان جهڙن مسئلن جي هڪ ڊگهي فهرست موجود آهي، جنهن ۾ لڳاتار واڌارو ٿيندو رهي ٿو. سوال هي آهي ته آخر سنڌ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا متحرڪ ماڻهو ڪيترن مسئلن تي ويڙهاند ڪندا رهندا. هڪ مسئلي تي اڃا ميڊيا اندر بحث ۽ سياسي توڙي سول سوسائٽي جي ادارن پاران ڪو اڀرو سڀرو رد عمل اڃا هلندڙ ئي هجي ٿو ته، ڪا نه ڪا نئين مصيبت ڪر کڻي بيهي ٿي ۽ وري اڳيون مسئلو ڇڏي، هر ڪو نئين مسئلي پٺيان لڳي ٿو وڃي. انهن مسئلن جي پاڙ ڪٿي آهي، جيستائين انهن مسئلن کي جنم ڏيندڙ بنيادي ڪارڻ حل نه ٿيندا، ايستائين مسئلن جي فيڪٽري ساڳي رفتار سان پيداوار ڏيندي رهندي. منهنجي نظر ۾ انهن مسئلن جا هيٺيان ٽي بنيادي محرڪ آهن:

    (1) رياستي ڍانچو، جيڪو سياسي استحصال ۽ ڪمزور قومن ۽ طبقن جي ڦرلٽ تي تعمير ٿيل آهي.
    (2) سنڌ اندر مدي خارج جاگيرداراڻو ڍانچو، جيڪو سنڌ جي سياست ۽ سماجي روين تي قابض آهي ۽ سنڌ جي اوسر کي زنجيرن جيان جڪڙي بيٺو آهي.
    (3) رياستي ڍانچي ۽ وفاقي سرڪار جي سمورين ارهه زوراين جي باوجود صوبي کي ملندڙ وسيلن، اختيارن ۽ حڪمرانيءَ جي ٿيندڙ ڀينگ.
    چوڻ لاءِ ته اهي ٽي مُحرڪ آهن، پر اهي هڪٻئي سان سلهاڙيل آهن ۽ انهن مان ڪوبه الڳ سان حل نه ٿيندو. مختصر لفظن ۾ چئجي ته، سنڌ کي بنيادي تبديلي جي گهرج آهي. هڪ اهڙي تبديلي، جيڪا سنڌ کي مسئلن جي انهن انبارن کان آجو ڪري. هڪ ڳالهه بنهه چٽي آهي ته ان نوعيت جي بنيادي تبديلي رڳو هڪ بامعنى سياسي عمل وسيلي ئي ممڪن آهي. سول سوسائٽي ۽ ميڊيا ان عمل ۾ ٻانهه ٻيلي ته ٿي سگهن ٿا، پر جيستائين ڪو سياسي ادارو ان ڪم جي اڳواڻي نه ڪندو، اهڙي تبديلي ممڪن ناهي. سياسي علم جي الف ب سکڻ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، ڪنهن به سماج اندر جيستائين اندروني بيماريون موجود رهنديون آهن، ان جي مدافعتي ۽ مزاحمتي سگهه ڪڏهن به خارجي طاقتن کي منهن نه ڏئي سگهندي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪنهن سماج کي غلام بڻائي رکندڙ طاقتون، هميشه ان سماج اندر پنهنجا اندروني اتحادي پيدا ڪنديون آهن ۽ انهن وسيلي، ان سماج کي ايترو ته اپاهج بڻائي رکنديون آهن، جو اهو کين للڪارڻ جي قابل ئي نه رهي.
    پاڪستان اندر طاقت جي زور تي محڪوم رکڻ وارو تجربو بنگال ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ حڪمران طاقتن اندروني عنصرن وسيلي محڪوم قومن کي نستو بڻائي رکڻ وارو دڳ اختيار ڪيو، جنهن سان مٿن الزام به نه اچي ۽ قبضو به قائم رهي. سنڌ ۾ ان جا ڪجهه مثال وڏيرڪي ٽولي، ڌاڙيلن ۽ شهري دهشتگردن وسيلي سنڌ اندر وچولي طبقي جي فطري اوسر اڳيان بند ٻڌڻ جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا. ان وڏيرڪي ٽولي کي جمهوري توڙي غير جمهوري ٻنهي دورن ۾ رياستي ڍانچي جي مڪمل حمايت حاصل رهي آهي. وڏيرڪي طبقي جي قبضي کي سگهارو رکڻ لاءِ هيٺيان طريقا استعمال ڪيا ويا:
    * غير جمهوري حڪومتن دوران هٿ ٺوڪين ڪابينائن ۽ اسيمبلين ۾ نسل در نسل آزمايل اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن جا ولر ڀرتي ڪري کين رياستي مشينريءَ جو اهم پرزو بڻايو ويو.
    * اسيمبلين جي چونڊن ۾ تڪن جي سائيز کي ايڏو ته وڏو رکيو ويو، جو وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ چونڊ وڙهڻ خواب بڻجي وڃي.
    * اڻ چونڊيل حڪومتن جي دور ۾ مڪاني چونڊن کي ڊرامو بڻائي، وڏيرڪي طبقي کي هيٺين سطح تي به اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو.
    * چونڊيل حڪومتن ۾ ساڳين وڏيرن هٿان مڪاني حڪومتن جو وجود ۾ نه اچڻ يقيني بڻائي عوام کي سندن غلاميءَ هيٺ رکيو ويو.
    * رياست پنهنجا بنيادي ڪارج يعني انصاف ۽ سماجي خدمتن جا شعبا وڏيرن حوالي ڪري عوام کي اهو نياپو ڏنو ته عدالتي نظام بجاءِ قبيلائي جرڳن ۾ پناهه ڳولين. نوڪري ۽ بدليءَ کان وٺي ناليءَ جي صفائيءَ لاءِ هر ڪم خاطر وڏيرن جي اوطاقن تي جتيون گسايون وڃن.
    * وفاقي ۽ صوبائي سروس ڪميشن کي ناڪارا بڻائي وڏيرن جي ڪٽنبن جي اڌ پڙهيل نوجوانن کي اهم عهدن تي ٿاڦيو ويو ۽ اهڙي طرح اهم انتظامي معاملا به وڏيرن جي اوطاقن جي ماتحت بڻايا ويا.
    * وڏيرن کي بئنڪ قرضن جي شڪل ۾ وڏيون رقمون ڏئي، انهن قرضن کي رائيٽ آف ڪري کين عوامي ناڻي تي ڌاڙو هڻڻ جو لائسنس ڏنو ويو. جمهوري حڪومتن دوران وري مقررين، بدلين ۽ ٺيڪن جا لائسنس ڏئي، کين ڪروڙين روپيا ڪمائي، سماج مٿان پنهنجي هڪ هٽي برقرار رکڻ جو موقعو ڏنو ويو.
    * ميرٽ جو انت آڻي ضلعن اندر ڊپٽي ڪمشنر، مختيارڪار، ايس ايس پي، ايس ايڇ اوز، تپيدار ۽ سموري ضلعي انتظاميه وڏيرن جي پسند آهر ٿاڦي ضلعن کي سندن جاگيرن ۾ تبديل ڪيو ويو.
    * ٻهراڙين ۾ صنعت بجاءِ مدي خارج انسان دشمن جاگيرداراڻي سماج جي هڪ هٽي برقرار رکي لکين ماڻهن کي سندن غلام بڻايو ويو.
    * ڌاڙيلن ۽ ڪاٽڪن کي وڏيرڪي سرپرستيءَ هيٺ ڏئي، کين هر طرح جي پڇاڻي کان آجو رکي وچولي طبقي کي پنجوڙ ۾ رکيو ويو. سوچيندڙ ذهن اهڙي طرح وڏيرڪي راڄ هٿان مفلوج ٿي، رڳو جان بچائڻ ۾ پورا رهن ٿا.
    * وچولي طبقي مان ايڪڙ ٻيڪڙ اڀرندڙ همراهن کي وڏيرڪي شان ۽ شوڪت جا منظر ڏيکاري، کين ڪرپشن جو کليو لائسنس ڏئي، هڪ نئين اسرندڙ وڏيرڪي طبقي Neo-feudal جو بنياد رکي، کين وڏيرڪي ڪيمپ جو حصو بڻايو ويو.
    ان نوعيت جي قدمن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر اسٽيبلشمينٽ جي وفادار هڪ اهڙي ڀوتارڪي ٽولي جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌ جي حقن بابت قومي سوچ ۽ جدوجهد کي مڏو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ترقي ان ٽولي وٽ يرغمال آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي پارلياماني سياست ڪندڙ سموريون وڏيون پارٽيون وڏيرن جي پنجوڙ ۾ آهن. انهن پارٽين ۾ ڪوبه اصول پرست نيڪ نيت وچولي يا هيٺين طبقي جو ماڻهو تيستائين جٽاءُ نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين اهو پنهنجي وڏيرڪي قيادت جي تابعداري نه ڪري. سنڌ اندر انساني ترقي، انفرا اسٽرڪچر، امن امان، تعليم، زرعي پاڻي ۽ بنيادي انساني ترقيءَ جي ٻين سمورن وسيلن تي ان ٽولي جو مڪمل قبضو آهي. وچولي طبقي جا ورڪر سنڌ جي حقن لاءِ جيڪا علمي يا سياسي جدوجهد ڪن ٿا، انهن جي سالن کان ڏنل قربانين جي نتيجي ۾ سنڌ کي، جيڪڏهن ڪي نالي ماتر سياسي حق ملن ٿا يا ڪو ٽڪي پيسي جو مالي فائدو ملي ٿو ته اهو به وڏيرڪي ٽولي جي ڪوڙڪيءَ ۾ وڃي ٿو ڦاسي. هيٺين ۽ وچولي طبقي جي اوسر جا رستا ساڳي طرح بند رهن ٿا. اهو ئي ڀوتارڪو ٽولو آهي، جيڪو سنڌ ۾ خراب حڪمرانيءَ جو ذميوار آهي. جيستائين سنڌ واسي سنڌ جي سياست ۽ ترقيءَ مٿان قابض ان ڀوتارڪي ٽولي مان جان نه آجي ڪرائيندا، سندن محڪوميءَ جو انت نه ايندو. ورهاڱي کان اڳ بمبئي کان الڳ ٿيڻ، 1947ع ۾ الڳ ملڪ ٺهڻ ۽ ون يونٽ ختم ٿيڻ جهڙين وڏين تبديلين جي باوجود، سنڌ جي حالت هر ڀيري اڳي کان وڌيڪ ابتر ٿيندي رهي آهي. ان جي معنى ته سنڌي سماج کي اهڙو ڪينسر لڳل آهي، جنهن کي ڪابه سياسي تبديلي ٺيڪ نه پئي ڪري سگهي. بنيادي تبديليءَ جا ٻه اهم ماخذ آهن. پهريون آهي سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۾ بنيادي تبديلي اچڻ ۽ ٻيو آهي ملڪ جي رياستي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي اچڻ. اهي ٻئي ڍانچا جيئن ته هڪٻئي جا سهڪاري ۽ ونگاري آهن، تنهن ڪري اهي هڪٻئي جي مفادن جو تحفظ ڪندا رهن ٿا. جيستائين سنڌ جو سياسي عمل بنيادي تبديلين جي، انهن ٻنهي محرڪن کي پنهنجو مقصد نه بنائيندو، اشوز جي سياست واري فائر فائيٽنگ سان باهه وسامڻ بجاءِ رڳو ماڳ ۽ شڪليون بدلائيندي رهندي. اها بنيادي تبديلي ڪيئن ايندي، ان جو بنياد بهرحال سياسي عمل آهي، پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سماجي جوڙجڪ جيئن ته منجهيل سُٽ جيان هوندي آهي، تنهن ڪري ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گهڻن پاسن کان تبديليءَ جو عمل شروع ڪرڻو پوندو. در حقيقت تبديليءَ ڏانهن وٺي ويندڙ هر عمل سڌي يا اڻ سڌي طرح سياسي عمل هوندو آهي. هيڏي ساري سماجي گهوٽالي کي منهن ڏيڻ ڪو چرچو ناهي، ان لاءِ گهڻ پاسائين ۽ سلهاڙيل حڪمت عملي گهرجي. سنڌ جي ساڃاهه وند وچولي طبقي کي تبديليءَ جي خواهش کان اڳتي وڌي ”تبديلي“ جي عمل جو باقاعدي حصو بڻجڻو پوندو.

    (اڱارو، 22 اپريل 2014ع)


    تبديليءَ ڏانهن ويندڙ رستا

    اڪثر ڪري سنڌ ۾ تبديليءَ بابت ڳالهه ڪرڻ وقت هيٺيان رويا سامهون ايندا آهن.
    ذري گهٽ هر ماڻهو تبديليءَ جو خواهشمند نظر ايندو، پر هن جي خواهش هوندي ته مان گهر ويٺو هجان ۽ تبديلي پاڻ مرادو اچي وڃي. تبديليءَ جا اڪثر خواهشمند تبديليءَ جي عمل جو ڪنهن به شڪل ۾ حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهن، بلڪه تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ هر ڌر بابت وٽن شڪ شبهن ۽ شڪايتن جا انبار هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جو خيال آهي ته تبديليءَ لاءِ آسمان مان ڪا نئين مخلوق لهي اچي سندن زندگين ۾ تبديلي آڻيندي.
    تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ ماڻهن جا وري ٻه اهم مسئلا آهن. هڪ ته اهي چاهين ٿا ته تبديلي اڄ نه ته وڌ ۾ وڌ سڀاڻي تائين اچي وڃي. اڪثر ڪري دنيا ۾ آيل وڏن انقلابن جو ذڪر پڙهڻ/ ڪرڻ وقت هو، اهو وساري ويهندا آهن ته دنيا ۾ آيل انقلاب/ تبديلين پٺيان ڏهاڪن جون جدوجهدون، قربانيون ۽ وقتي ناڪاميون سمايل هونديون آهن. ٻيو ته سندن خيال هوندو آهي ته رڳو سچائي ۽ جذبو هجڻ سان تبديلي اچي سگهي ٿي. اڪثر ڪري اهي تبديلي پسند ساٿي وقتائتن فيصلن، دوست ۽ ٺهڪندڙ حڪمت عملين ۽ تبديليءَ لاءِ گهربل مهارتن ۽ وسيلن جي ضرورت کي سنجيدگيءَ سان نه ڏسندا آهن.
    ڪجهه دوستن جو خيال هوندو آهي ته تبديلي لاءِ رڳو سياسي تنظيم سان سلهاڙيل هجڻ ضروري آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪم ڪندڙ سمورا ماڻهو بي عمل آهن. جيتوڻيڪ سماج ۾ بنيادي تبديلي بحرحال سياسي عمل وسيلي ئي ممڪن آهي ۽ سياست، تبديليءَ لاءِ جدوجهد جو سڀ کان اعلى طريقو آهي، پر ان جو مطلب اهو هر گز ناهي ته سماج ۾ ٻيا ڪم ڪندڙ ماڻهو تبديليءَ جي عمل جو حصو نه ٿا بنجي سگهن. قوم جي اڏاوتBuilding) Nation (هڪ گهڻ پاسائو عمل آهي، جنهن ۾ سماج جي سمورن ڪردارن کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي، تنهن ڪري سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ استادن، ليکڪن، صحافين، شاگردن، سماجي ورڪرن، رضاڪارن، محققن، فنڪارن، ڪامورن سميت هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ڪابه سياسي هلچل انهن سمورن ڪردارن جي عمل کان سواءِ گهربل تبديلي نه آڻي سگهندي.
    مايوسيءَ جي ازلي پيغمبرن جو وري خيال هوندو آهي ته سماج ۾ تبديلي هونئن ئي نه ايندي. ايڏا ڏهاڪا گذري ويا، معاملا ته رڳو اڳي کان وڌيڪ خراب ٿيا آهن، تنهن ڪري اجايو ان ڪم ۾ لڳي زندگيءَ جي سُک سڪون کي سهائڻ بجاءِ ماٺ ڪري پنهنجو وقت گذارجي، ان قسم جو رويو گهڻو ڪري عمل کان وانجهيل ماڻهن جو هوندو آهي، جيڪي سماجي تبديليءَ جي عمل جو ڪهڙيءَ ريت به حصو نه هوندا آهن ۽ سندن رڳ رڳ ۾ نراسِت سمايل هوندي آهي، انهن مان اڪثر همراهه سماج جو رت چوسيندڙ قوتن جا ساٿاري هوندا آهن ۽ پنهنجي سماج دشمن ڪردار کي اهڙن خيالن وسيلي جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. اهي ماڻهو سماجي جمود جا ان ڪري وڏا وڪيل ۽ حامي هوندا آهن ڇو ته ان ۾ سندن مفاد سمايل هوندا آهن.ان قسم جا رويا فطري ڳالهه آهن. ڊگهي غلاميءَ هيٺ رهندڙ سماجن ۾ اهڙا رويا سڄي دنيا ۾ مشاهدي هيٺ آيا آهن. ”تبديلي“ لاءِ جدوجهد ۾ سنجيدگيءَ سان رڌل ماڻهن کي انهن رنڊڪن باوجود پنهنجو سفر جاري رکڻ گهرجي. تبديليءَ جو سفر ڊگهو، اڙانگهو ۽ ٿڪائيندڙ هوندو آهي، جنهن ۾ مايوسين ۽ رنڊڪن کي ڏاهپ ۽ صبر سان منهن ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته تبديليءَ جي جدوجهد ۾ نتيجا ضرور اهم هوندا آهن، پر نتيجن جيتري ئي اهميت مستقل مزاجيءَ سان عمل جاري رکڻ جي به هوندي آهي. وقتي طور تي نتيجا نه ملڻ يا توقع کان گهٽ نتيجا ملڻ جو مقصد شڪست ناهي. جدوجهد جي ڪنهن خاص طريقي مان گهربل نتيجا نه ملڻ جو علاج حڪمت عملي تبديل ڪرڻ آهي. جيئن مٿي گذارش ڪيم ته تبديليءَ جي جدوجهد ۾ سماج جي هر ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، تنهن ڪري سماج ۾ موجود هر سوچيندڙ فرد ۽ اداري کي پنهنجو ڪردار طئي ڪرڻ گهرجي. اهو ڪردار حقيقت پسنديءَ جي آڌار حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ چٽي نموني طئي ٿيل هجي. جيڪڏهن ڪنهن کي تحقيق ڪرڻي آهي ته اهو پنهنجي تحقيقي صلاحيت ۽ محنت کي سنڌ لاءِ وقف ڪري. ڪنهن کي ڪو ننڍو اسڪول يا ڪنهن هنري سکيا جو مرڪز کولڻ جي پهچ ۽ صلاحيت آهي ته ان کي يونيورسٽيءَ جي چڪر ۾ پوڻ بجاءِ ان هڪ ڪمري جي ننڍي اداري کي ساڳي اهيمت ڏئي ان سان نڀاءُ ڪرڻ گهرجي. وڏا خواب ڏسڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي پر حالتن، وسيلن ۽ صلاحيتن کي مد نظر رکي پنهنجو ڪردار طئي ڪجي ۽ ان لاءِ حدف به اوترائي گهرجن ته جيئن مايوسي نه ٿئي.
    هاڻي اچون ٿا ته هن گهُٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا رستا اختيار ڪجن. سنڌي سماج کي جتي ٻاهرين چئلينجز سان منهن ڏيڻو آهي، اتي ان کي اندروني طور ڪمزور بڻائيندڙ طاقتن کي به منهن ڏيڻو آهي. سنڌ مٿان قابض مدي خارج ڀوتارڪو نظام ۽ ڪرپٽ ڪامورڪو سرشتو ان جي اوسر ۾ تمام وڌيڪ رنڊڪ آهي، انهن ٻنهي قوتن گڏجي ٻاهرين طاقتن هٿان ٿيندڙ استحصال جا رستا هموار ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي خسيس مفادن خاطر ڀوتارڪو ٽولو هڪ آواز ٿي ون يونٽ ۽ ٻٽو مڪاني نظام سنڌ مٿان مڙهڻ ۽ مارشلائن جي حمايت جهڙا ڪارناما انجام ڏئي چڪو آهي. ون يونٽ ۽ ٻٽي مڪاني نظام کي لاڳو ڪرڻ وقت جڏهن سڄي سنڌ مزاحمت سان ٻري رهي هئي تڏهن مفاد پرست ٽولي جي بيانن ۽ تقريرن کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي هر سنڌ دشمن عمل لاءِ ڪيئن ته کلي طرح سامهون اچي سگهن ٿا ۽ اقتدار جي هوس ۾ ڪيئن ته سنڌ جا مفاد نيلام ڪرڻ لاءِ هڪ اشاري جا منتظر رهن ٿا. ان ۾ ڪوبه اچرج نه ٿيندو، جيڪڏهن سڀاڻي سنڌ جو ڀوتارڪو ٽولو سنڌ جي ورهاڱي جي بل تي صحيحون ڪري رهيو هجي. ان ڀوتارڪي ٽولي سنڌ جي سياست، انصاف ۽ سماجي خدمتن جي سمورن ادارن کي يرغمال بنائي رکيو آهي. در حقيقت سنڌ کي ٻاهرين طاقتن کان وڌيڪ ان موقعي پرست وڏيرڪي ۽ وچولي طبقي جي ابن الوقت ٽولي کان خطرو آهي. هو سڄي دنيا اڳيان جمهوريت جا چيمپيئن بڻجي، غربت ۽ جهالت هٿان سٽيل ماڻهن کي اربين روپين جي اثاثن کان محروم رکي، کين خيراتي ڪارڊن تي محتاج بڻائي سندن حمايت به حاصل ڪري وٺن ٿا. عوام کي پنهنجي عزت نفس جي احساس ۽ سندن وسيلن جي ڦرلٽ کان اڻ ڄاڻ رکي، کين ذهني محڪوميءَ هيٺ رکي سندن مزاحمتي سگهه کي به مڏو ڪري ڇڏين ٿا. انهن خدمتن جي عيوض ٻاهريون طاقتون کين هميشه پنهنجو فطري اتحاد بڻائي کين داڻو آڇينديون رهن ٿيون. ٻاهرين قوتن لاءِ ماڻهو ماري ۽ وسيلن تي والار ڪرڻ ملامت کڻڻ کان وڌيڪ سولو آهي ته سماج اندر پنهنجي اندروني اتحادين وسيلي کاٽ هڻائي کين محڪوم بڻائي رکن. سماج کي مڏو رکڻ لاءِ انهن قوتن کي اقتدار ۾ آڻي سرڪاري ڪاروهنوار وسيلا، اختيار، انصاف، ٻڌي ڇوڙي، تعليم، صحت سڀ سندن رحم ڪرم تي ڇڏي سڄي سماج کي چؤکنڀو ٻڌي سندن پيرن ۾ اڇلي اندروني محڪوميءَ ۾ جڪڙي ڇڏڻ نهايت اثرائتو طريقو آهي.
    هي حڪمرانيءَ جو اهو ئي طريقو آهي، جيڪو يورپي سامراجي ملڪن ٻين مها ڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ايشيا ۽ آفريقا، جڏهن ته آمريڪا ان کي لاطيني آمريڪا ۾ استعمال ڪيو هو. ان کي جديد بيٺڪي نظام چيو وڃي ٿو، جنهن هيٺ ملڪن ۾ ماڻهن تي سڌو سنئون قبضو ڪرڻ بجاءِ اتي پنهنجا وفادار حڪمران مڙهي، سندن ساڳيو استحصال برقرار رکيو ويندو آهي. ان طريقي سان اصل حڪمرانن تي تهمت به نه ايندي ۽ عوام به غلام رهندو. پاڪستان جي جاگيردار ٽولي کي اهو طريقو برطانيا کان سکيا ۽ ورثي ۾ مليو هو.
    بنگلاديش ۽ ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ پاڪستان جي حڪمران ٽولي سنڌ ۾ ساڳئي فارمولي کي استعمال ڪيو. اها اندروني غلامي سنڌ جي آجپي ۾ بنيادي رنڊڪ آهي، تنهن ڪري جيستائين تبديليءَ جي جدوجهد جو رخ اندروني غلاميءَ مان آجپي ڏانهن نه ٿيندو، ٻاهرين غلاميءَ خلاف جدوجهد گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندي. سنڌ کي هن ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ هڪ باضمير ۽ باصلاحيت وچولي طبقي جي ضرورت آهي، جيڪو پنهنجي سياسي ۽ سماجي تحرڪ وسيلي قوم کي نفسياتي ڊپريشن مان ڪڍي سگهي. اصولي طور اهو ڪم قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ڌرين کي ڪرڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اهي ڪمزور قيادت، خسيس مفادن ۽ غلط حڪمت عملين سبب پنهنجو تاريخي ڪردار ادا نه پيون ڪن. انهن ڌرين پاران سنڌ لاءِ ادا ڪيل سندن ڪردار ۽ جدوجهد کان مڪمل طور انڪار ممڪن ناهي، پر چئلينجز جي ڳنڀيرتا اڳيان جنهن سطح جي جدوجهد ۽ جواب جي گهرج آهي، انهن جو پورائو گهربل حد تائين ٿيندي نه پيو نظر اچي. سياسي ادارن جو ڪمزور ٿيڻ ڪنهن به جڪڙيل سماج لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. تبديليءَ جي عمل ۾ جتي سماج جا ٻيا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اتي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سياسي ادارن جو ڪوبه متبادل ناهي، تنهن ڪري سماج جي ٻين ادارن/ فردن کي تبديليءَ لاءِ پنهنجي حصي جي جاکوڙ ڪرڻ سان گڏ سياسي ادارن کي گهربل ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ وارو ڪردار به ضرور ادا ڪرڻ گهرجي. مجبور ڪرڻ مان هتي مراد رد ڪرڻ ۽ سکڻيون تنقيدون ڪرڻ بجاءِ سندن ٻانهن ٻيلي ٿيڻ آهي.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو، 29 اپريل 2014ع)


    متحرڪ نوجوانن جي سگهه کي عمل سان سلهاڙجي

    80ع واري ڏهاڪي ۾ پهرين ايم آر ڊي تحريڪ ۽ پوءِ 1988ع وارين چونڊن ۾ جهڙي طرح هيٺين ۽ وچولي طبقي سنڌ ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪئي هئي، ان کي پيپلز پارٽيءَ جي موقعي پرست قيادت ويجهن سالن دوران زبردست نقصان پهچايو آهي. جيستائين سنڌ جو ساڃاهه وند مڊل ڪلاس پاڻ کي ڪرپشن ۽ موقعي پرستيءَ جي ڌُٻڻ کان پاسيرو نه ڪندو، سنڌ اندر ڪابه بنيادي تبديلي نه اچي سگهندي. تبديليءَ جي عمل کي جاري رکڻ ۽ تيز ڪرڻ لاءِ وچولي طبقي کي هيٺيان ڪم ڪرڻ گهرجن.
    * اولين ترجيح ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر سان سلهاڙجڻ کي ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ سياسي ڌر سان سوچ ٿوري گهڻي به هلندي هجي، ان جو حصو ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽين اندر سمجهداري ۽ پنهنجي سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ گهڻو ڪري دروازا بند آهن، پر پوءِ به سياسي ڌرين سان سلهاڙجڻ، لاتعلق رهڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.
    * جيڪڏهن ڪنهن ڪارڻ سياسي پارٽيءَ جو حصو نه ٿي سگهجي، ته پوءِ ڪنهن سماجي، ادبي يا فڪري فورم جو حصو بڻجي تبديليءَ جي عمل جون ٻيون واٽون تلاش ڪرڻ گهرجن، اهي سمورا ڪم جيڪي سنڌي سماج جي گدلي سينور ۾ ڪي لهرون پيدا ڪري سگهن، اهي سياسي عمل جو حصو آهن ۽ انهن سان سياسي جدوجهد کي هٿي ملندي. لکڻ، نوجوانن سان سياسي معاملن ۽ قومي ترقي جي معاملن تي خيال ونڊڻ، سماج دشمن قوتن کي وائکو ڪبو رهڻ، علمي ادبي ۽ فڪري ويهڪون ڪرڻ، ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ اڳڀرايون ڪرڻ وغيره جهڙا ڪم به سماج اندر اُٿل پُٿل کي جاري رکندا ۽ جمود پسند قوتن کي ڪمزور ڪندا.
    * رڳو سرڪار کان ادارا بهتر بنائڻ جا مطالبا ڪرڻ بجاءِ موجود ادارن جي مالڪي ڪجي ۽ جي وسيلا موجود هجن ته نوان ادارا تعمير ڪجن. سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪڏهن ماستر نه پڙهائي ته واسطيدار اختيارن کي خطن، ٽيڪسٽ، ميسيجز وسيلي ڄاڻ ڏئي، سندن نشاندهي ڪجي. ساڳئي وقت پنهنجو وقت ۽ وسيلا سيڙائي ان اسڪول کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪجي. سنڌ ۾ هزارين پڙهيل لکيل نوجوان ڳوٺن ۽ شهرن ۾ موجود آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجي ويجهي اسڪول کي هفتي ۾ هڪ اڌ ڏينهن به رضاڪاراڻي طور ڏين ته سنڌ جي تعليم جي ڀينگ ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.
    * جيڪڏهن ٿورا گهڻا وسيلا اجازت ڏين ته اسڪول، هنري سکيا جو مرڪز، ڪمپيوٽر سينٽر يا انگريزي جي سکيا جو مرڪز قائم ڪري، سنڌ ۾متبادل ادارن جو ڄار وڇائجي. اهي ادارا تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي خدمتن جي شعبي ۾ قائم ڪرڻ گهرجن، ته جيئن سماج اندر ادارن جي خيال کي ڪنهن حد تائين ڀري سگهجي. انهن خدمتن عيوض مناسب اجورو حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن، جن جي تعداد ۽ معيار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۽ پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ اهڙا ڪيئي ادارا موجود آهن، جيڪي سرڪار جي سهڪار کان سواءِ پنهنجي مدد پاڻ هيٺ هلي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، نثار صديقي، مختيار سمون، قربان منگي، نور احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ڀٽي، ڊاڪٽر سليمان شيخ سميت ڪيترن ئي سماج سڌارڪن پاران اهڙا ادارا قائم ڪيا ويا آهن. اهي ته رڳو ڪجهه مثال آهن، اهڙا ٻيا به ڪيئي ادارا هوندا، جن جا حوالا ڏيئي سگهجن ٿا. سماج کي سرڪار جي آسري تي ڇڏي رڳو پِٽڪو، مذمتون ۽ مطالبا ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ وڌيڪ بهتر عمل آهي. ان قسم جا ادارا پڙهيل لکيل وچولي طبقي جي انهن هزارين ماڻهن کي جنم ڏئي سگهن ٿا، جيڪي وڏيرن جي اوطاقن تي جتيون گسائڻ بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي اڳتي وڌندا ۽ سماج ۾ نوان لاڙا پيدا ڪن.
    * هر ممڪن ڪوشش ڪري نياڻين کي تعليم ۽ روزگار جي موقعن لاءِ همٿائجي، سنڌي سماج پنهنجي اڌ آبادي کي گهرن ۾ واڙي ويهارڻ سان ڪابه ترقي نه ڪري سگهندو، جن ماڻهن جو خيال آهي ته عورتن کي برابر جا حق ۽ آزادي ڏيڻ سان سماج ۾ انتشار پکڙجندو، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته اڄ تائين عورتن کي غلام رکڻ جي باوجود جيڪو انتشار پيدا ٿيو آهي، ان جا ذميوار ته مرد آهن پوءِ ساڳي دليل هيٺ کين به گهرن ۾ واڙڻ گهرجي. تجربي ثابت ڪيو آهي ته سماجي اوسر جي عمل ۾ عورتون وڌيڪ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ کين روايتن يا مذهب جي نالي تي چوديواريءَ ۾ رکڻ سان سماج جي ترقي کي ڌڪ لڳو آهي. وچولي طبقي جي اوسر ۽ جاگيرداراڻي مدي خارج سماج کي ڊاهڻ لاءِ عورتن کي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ انتهائي ضروري آهي. سياسي جدوجهد توڙي سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ اهي غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
    * مٿئين وچولي طبقي کي گهرجي ته سنڌ ۾ سيڙپ ڪاريءَ جا نوان طريقا متعارف ڪرائي. جاگيردار طبقي جي خواهش رهندي ته اهي مدي خارج زرعي نظام کي ماڻهن مٿان مڙهي رکن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ ۾ مارشل لا هجي يا نام نهاد جمهوريت اهي سنڌ ۾ ننڍي وچولي صنعتڪاري کي هٿي ڪڏهن نه ڏينديون. ڀوتارن کي خبر آهي ته صنعتڪاري ۽ اُسرندڙ سرمائيداري سندن مڙهيل سماجي نظام جو موت آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهي خيراتي اسڪيمن لاءِ ته بجيٽن ۾ اربين رپيا رکندا آهن پر ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار يا صنعت لاءِ ٽَڪو به خرچ ٿيڻ نه ڏيندا. هونئنءَ به اڄ ڪلهه جي مارڪيٽ اڪانومي واري دور ۾ سرڪاري سيڙپڪاريءَ جي جاءِ خانگي سيڙپڪاري والاري رهي آهي. پنجاب ۾ گهريلو صنعت ۽ خانگي ڪاروبارن سماجي ڍانچن ۾ تبديلي آندي آهي ۽ اتي پرڏيهي امدادي ادارا جهڙوڪ يو ايس ايڊ وغيره به سرڪاري ادارن کان وڌيڪ خانگي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏين ٿا. سنڌ اندر اُسرندڙ وچولي طبقي کي وڏيرن جي ڪاٽڪن ۽ ڌاڙيلن هٿان مفلوج رکيو ويو آهي. سنڌ ۾ هر وقت چاليهه، پنجاهه ماڻهن جو ڌاڙيلن وٽ يرغمال هجڻ ۽ حڪومت پاران ڪوبه عملي قدم کڻڻ بجاءِ وڏيرن کي کُلي ڇوٽ ڏيڻ ان حوالي سان هڪ مثال آهي. ڀوتارڪو ٽولو سماجي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ هر طرح جا ڪريل طريقا استعمال ڪري رهيو آهي، پر ان کي اهو اندازو ناهي ته سندن پرماري نظام جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن ۽ اهو هوريان هوريان پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ان ٽولي پنهنجو ڪردار نه بدلايو ته هڪ ڏينهن سنڌ واسي سندن اهو حشر ڪندا، جهڙو فرانس ۽ چين جي انقلابن دوران ٿيو هو. ايڪهين صديءَ ۾ دنيا ۾ هاڻي ماڻهن کي غارن جي دور ۾ گهڻي عرصي تائين واڙي نه ٿو رکي سگهجي.
    * سنڌ جي هنرمند ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي گهرجي ته ڳوٺن ۾ ويهي وڏيرن ۽ سندن پگهاردارن کان خيراتي نوڪريون وٺڻ بدران شهرن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منهن ڪن. روزگار ۽ نوڪري ٻه الڳ شيون آهن. ڪراچي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ واجبي هنر رکندڙ ماڻهو سرڪار جي سترهين گريڊ جيتري ڪمائي آرام سان ڪري سگهي ٿو. رڳو ڊگريون کيسي ۾ کڻي سفارشي نوڪرين لاءِ در در ڌڪا کائڻ بجاءِ شهري مارڪيٽن ۾ پير رکجي. بنيادي هنرن جهڙوڪ بجليءَ جوڪم،گاڏين جي مرمت، ايئرڪنڊيشنڊ ۽ فرجن جي مرمت، موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر جي مرمت، پلمبرنگ، هيوي مشينري آپريٽر جهڙن هنرن جي هر وقت کپت آهي ۽ هٿ ميرا ڪندڙ ماڻهو پنهنجو ضمير ميرو ڪندڙن کان وڌيڪ ڪمائي سگهي ٿو.
    سنڌي سماج کي تبديليءَ جي هڪ اهڙي ڌونڌاڙ جي ضرورت آهي، جيڪا مدي خارج سماجي ڍانچي جون ديوارون ٽوڙي سگهي. هڪ ڀيرو سنڌ اندروني غلاميءَ جا ٻنڌڻ ٽوڙي ورتا ته ٻاهرين غلاميءَ جو مقابلو ڪرڻ نسبتن آسان آهي. سنڌ اندر هڪ تمام وڏي لڪل توانائي موجود آهي، جنهن کي متحرڪ ڪرڻ جي گهرج آهي. سنڌ ۾ جنهن به ڌر کي تبديليءَ لاءِ ڪا جدوجهد ڪرڻي آهي، ان کي نوجوانن کي فوڪس ڪرڻ گهرجي. متحرڪ نوجوانن جي ان سگهه کي اڳتي هلي، سياسي عمل سان سلهاڙي سگهجي ٿو. اليڪشن ۾ اهو ئي نوجوان ڪنهن مرحلي تي ڀوتارڪي ديوار کي ڪيرائي سگهي ٿو. هزارن جي انگ ۾ اهڙا نوجوان ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڀوتارڪي راڄ کي سياسي عمل ۾ جهڪائي سگهن ٿا. تبديليءَ جي جاکوڙين کي ان ڳالهه ۾ ويساهه رکڻ گهرجي ته ڪرپشن، حرام خوري، سفارش ۽ شارٽ ڪٽ مان جان آجي ٿي وئي ته سنڌي سماج ڏهاڪن جو خسارو سالن ۾ پورو ڪري وٺندو.

    (روزاني ڪاوش، اربع 30 اپريل 2014ع)


    ڀوتار ڪي جاگير بڻيل سنڌ

    اسلام آباد ۾ هڪ بين الاقوامي اداري جي ريجنل عملدارن سان گڏجاڻيءَ دوران، جڏهن سوال پُڇيم ته: ”اوهان ملڪ ۾ ايترن ملين ڊالرز جا پراجيڪٽ هلائي رهيا آهيو، پر سنڌ ۾ اوهان جو هڪ به پراجيڪٽ نه هجڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي. ته اداري جي ملڪي سربراهه جواب ۾ وراڻيو ته اسان جو ادارو صوبائي حڪومتن جي کاتن سان ڪم ڪندو آهي ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت جي کاتن جو حال ايترو ته خراب آهي، جو انهن سان ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو. هن وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته سنڌ ۾حڪومتي ۽ انتظامي عملدارن کي ڳالهه سمجهائڻ به ڏُکي ٿي پئي آهي. اڪثر کاتن جا سربراهه اهڙا همراهه آهن، جن کان پراجيڪٽ لاءِ گهربل تمام بنيادي ڪم به نه ٿا ٿين ۽ بجيٽ ٺاهڻ وقت سندن سڄو زور سامان جي خريداري، ڀرتين ۽ مراعتن تي آهي. چانهه جي ساهيءَ دوران ساڳئي عملدار مونکي هڪ پاسي وٺي وڃي چيو ته منهنجو پنهنجو تعلق ڪراچيءَ سان آهي ۽ مون سنڌ جون برباد ٿيل ٻهراڙيون ڏٺيون آهن، پر افسوس جو سنڌ حڪومت سان ڪم ڪرڻ جو تجربو ايترو ته تلخ آهي، جو اسان جا پرڏيهي عملدار سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ کان توبهه ڪري ويا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ پنجاب جي انتظامي مشينري نهايت اهل ماڻهن تي ٻڌل آهي ۽ ڪم جا نتيجا تمام گهڻا بهتر ملن ٿا.
    ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هڪ پرڏيهي سفارتڪار جي گهر ڊنر دوران مون سندس امداد واري شعبي جي سربراهه کان جڏهن ساڳيو سوال ڪيو ته، هن جي به وراڻي لڳ ڀڳ ساڳي هئي. هن همراهه پاڪستان ۾ ماضيءَ ۾ به امدادي شعبي ۾ ڪم ڪيو هو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس مقرري پاڪستان ۾ ٿي آهي. مون کان سوال ڪندي پڇيائين ته اوهان سنڌي ته ڀُٽن ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ديوانا ٿي پيا گهمندا آهيو، پر انهن کان پڇو نه ٿا ته هنن سنڌ جي اهڙي ڀِينگَ ڇو ڪئي آهي؟ بعد ۾ هن سنڌ جي بيورو ڪريسيءَ سان ڪم جي تجربن جا حوالا ڏيندي سندن نااهلي، ڪم چوري ۽ ڪرپشن جا ٻه ٽي اهڙا واقعا ٻڌايا، جو منهنجو ڪنڌ شرم کان جُهڪي ويو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي هڪ دوست کي ڪنهن مائٽ جي حادثي ۾ زخمي ٿيڻ سبب سنڌ جي هڪ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ڪجهه ڪلاڪ گذارڻ جو اتفاق ٿيو. پيپلز پارٽيءَ سان پراڻو لاڳاپو رکندڙ همراهه چيو ته مون کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي اسپتال جي حالت ڏسي، سخت صدمو رسيو ته پيپلز پارٽي، جيڪا سنڌين جي پارٽي سمجهي ويندي آهي، ان جي لڳاتار ڇهن سالن جي حڪومت کان پوءِ به سنڌ جي اهم اسپتالن جو اهو حال آهي. سندس لفظن ۾ ته، جيڪڏهن پنجاب جي ڪنهن اسپتال جو اهڙو حال هجي ته شهباز شريف صحت کاتي جي عملدارن جي کَل لاهي ڇڏي ها. کيس ڪهڙي خبر ته سنڌ ۾ حڪمران پنهنجي دادلن آفيسرن جي سيوا ڪرڻ ۾ ايترا ته مخلص آهن، جو هنن سڄي صوبي جي عوام جي کَل لاهي ڇڏي آهي. تازو سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٿر جي ڏُڪار ۽ ٿري عورتن جي حوالي سان ڪيل تقرير تي اسلام آباد جي امدادي ادارن جا عملدار اَچرج جو شڪار آهن ته حڪمران انساني اَلمين تي بيحسيءَ جي اِن انتها تي به پُهچي سگهن ٿا!! هڪ امدادي اداري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سينيئر دوست مون کان پڇيو ته:”ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اهڙي تقرير ڪو پنجاب جو سياستدان ٿري عورتن بابت ڪري ها ته اوهان سنڌي ملڪ کي اونڌو ڪري ڇڏيو ها، پر شابس آهي اوهان جي ايمان کي، جو پنهنجي اڳواڻن هٿان پنهنجي اهڙي تذليل تي ٻِڙڪ به نه ٿا ڪڍو.“
    هِي ته اهي چند حوالا آهن، جيڪي ويجهي ماضيءَ جا هجڻ سبب ڄاڻايا اٿم، نه ته سنڌ جي حڪمرانيءَ بابت اسلام آباد جي سفارتي ۽ امدادي ادارن جي حلقن ۾ اهو تاثر عام آهي ته، سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ معنى ته پئسي ۽ وقت جو زِيان. سنڌ ۾ ويهي مان به انهن سڀني ڳالهين کي سنڌين سان تعصب جي کاتي ۾ وجهندو هئس، پر پيپلز پارٽيءَ جي حڪمرانن سنڌ جو جيڪو حشر ڪيو آهي، ان سان اهڙو تاثر پيدا ٿيڻ ڪا بي بنياد ڳالهه به ناهي. گذريل پنجن سالن دوران ملڪ جي چئني صوبن ۾ لڳاتار وڃڻ ۽ انهن جي چڱاين ۽ براين جو ذاتي طور مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته جهڙو بدتر حال سنڌ ۾ حڪمرانيءَ جو آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ ناهي. جيتوڻيڪ بلوچستان ۾ مشرف ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتن دوران خراب حالت ۾ هو، پر هاڻوڪي صوبائي حڪومت اُتي به انتظامي بهتريون آنديون آهن ۽ ان جو انتظامي حال سنڌ کان گهڻو بهتر ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سان ڀلاين جو سڀ کان بنيادي نقطو صوبي مان ميرٽ کي نيڪالي ڏيڻ آهي. اهو هڪڙو ڪم ئي صوبي جي انتظامي برباديءَ لاءِ ڪافي آهي، ڇو ته اهو اڪيلو ڪم، باقي سمورين بُڇڙاين جو بُنياد بڻجي ٿو. رڳو گذريل ڪجهه مهينن جون اخبارون کڻي ڏسو ته حڪمرانيءَ جي اصولن جي لتاڙَ جا اهڙا انيڪ ڪارناما نظر ايندا جو لڳندو ته سنڌ ڪو صوبو نه، پر ڪنهن ڀوتار جي جاگير آهي، جتي هر طرح جي بدعنواني ۽ ڪرائيم بنا رنڊ روڪ جي ڪري سگهجي ٿو. ويجهن مهينن جي اخبارن ۾ ڇپيل خبرن جا ڪجهه سرا پڙهي پاڻ اندازو لڳائي وٺو.
    *وڏي وزير لاءِ سوا ڇهه ڪروڙ ۽ خوراڪ واري وزير لاءِ 57 لکن جون گاڏيون خريد ڪيون ويون. (روزاني ڪاوش، 14 مارچ 2014)
    * صحت کاتي جا ڪمال، 65 ننڍن ملازمن جا 2 کان 8 گريڊ وڌايا ويا، 10 ملازم وري آفيسر بڻجي ويا.
    * 1994ع کان ريگيولر ڪيل ملازمن کي ايڊهاڪ ڀرتيءَ جي پهرين ڏينهن کان سينارٽي ڏيڻ جو بل منظور (روزاني ڪاوش، 1 مارچ 2014)
    * سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ 400 پوليس عملدارن تي مختلف ڪيس داخل آهن. (روزاني ايڪسپريس ٽربيون، 9 فيبروري 2013)
    *مڪاني کاتن ۾ ڪميشن بنا 16هين ۽ 17 هين گريڊ جي 400 آفيسرن جون ڀرتيون مڪمل (روزاني ڪاوش، 15 نومبر 2013)
    * اياز سومري ڪارخانو لڳائڻ لاءِ اڍائي ڪروڙن جي زمين ڀيڻ جي نالي ۾ ورتي، قائم علي شاهه الاٽمينٽ جو حڪم ڏنو ۽ زمين لاءِ ساڍا 62 لکن جو چالان جمع ڪرايو ويو (روزاني ڪاوش، 3 اپريل 2013)
    * سنڌ ۾ وڌيڪ 42 رٽائرڊ ڪامورا ڀرتي: حاضر سروس ڪيڊر آفيسرن جا سڻڀا عهدا سونپيا ويا (روزاني ڪاوش، 24 فيبروري 2013)
    * اقليتن واري وزارت پاران ڪميشن کي باءِ پاس ڪري 17 ۽ 18 هين گريڊ جي 9 پوسٽن تي سڌيون ڀرتيون ڪرڻ جو انڪشاف (روزاني ڪاوش، 4 فيبروري 2013)
    * سوئي سدرن گئس جو چيف انجنيئر آبپاشي کاتي جي لائننگ پراجيڪٽ جو پي ڊي مقرر (روزاني ڪاوش، 20 فيبروري 2013)
    * حميرا علواڻيءَ جو مڙس ۽ موهن لال جو سئوٽ ڊپٽي ڪمشنرن جي عهدي تي ضم، سب رجسٽرار اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي ويو (روزاني ڪاوش، 27 مارچ 2013)
    * علي حسن زرداري جي پٽ ۽ آغا مسعود عباس سميت وڌيڪ 6 نان ڪيڊر ملازم اعلى انتظامي عهدن تي ضم (روزاني ڪاوش، 19 مارچ 2013)
    مٿي ڄاڻايل مثال ته انتظامي ۽ سياسي بدعنوانيءَ جي ڪشادي ۽ اُونهي سمنڊ جا ڪجهه ڦُڙا هئا، جيڪي هتي حوالي طور ڏنا ويا آهن. اختيار کوکر جي مضمونن ۾ ڏنل تفصيل ته مٿو چڪرائيندڙ آهن. ميرٽ جي ايڏي بدترين لتاڙ ملڪ جي ٻئي ڪنهن صوبي ۾ تصور ۾ به نه ٿي آندي وڃي. سنڌ ڄڻ ته مالِ غنيمت آهي، جنهن کي فاتح حڪمران ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن. مٿان وري اها به دعوى ڪن ٿا ته سنڌ جي حُڪمراني ماضيءَ کان گهڻي بهتر آهي.
    آئوٽ آف ٽرن پروموشن، نان ڪيڊر آفيسرن کي اهم عهدن تي ضم ڪرڻ، جونيئر آفيسرن کي سينيئر عهدن جي چارج ڏيڻ. اهڙيءَ ريت سفارشي نااهل آفيسرن جي ڀرتين جي نتيجي ۾ سنڌ جي سروس اسٽرڪچر جو جنازو نڪري ويو آهي، جنهن ڊونر اداري کي خبر پوندي ته تعليم ۽ مڪاني ادارن واري کاتي ۾ سئو ٻه سئو نه پر هزارين جعلي ڀرتيون ٿيل آهن، ان کي ڪهڙي ڇتي ڪُتي کاڌو آهي، جو سنڌ اندر اربين رپين جي امداد کڻي ايندو. هينئر ته عالمي ادارن جا سياسي مفاد آهن، جنهن ڪري اهي ڪيترين ئي ڳالهين تي اکيون پوري ڪجهه نه ڪجهه پئسا ڏين ٿا، پر جڏهن حالتون نارمل ٿيون ۽ پئسن ڏيڻ جو بنياد انتظامي اهليت ۽ سياسي شفافيت بڻجندو ته پوءِ انهن افعالن سان ڪوبه ڊونر ادارو سنڌ جو مُنهن نه ڪندو. هن وقت به عالمي ڊونر ادارن سوين ملين ڊالرز جا پراجيڪٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ هلي رهيا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ان جو هڪ معمولي حصو ايندو آهي، پر جيڪڏهن اهو معمولي حصو به فضيلت سان استعمال ڪيو وڃي ته سنڌ جي بدحاليءَ ۾ گهڻي لاٿ اچي سگهي ٿي ۽ ٻيا ادارا پڻ سنڌ ۾ وسيلا آڻڻ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا. هينئر سنڌ ۾ ڪنهن به کاتي جو منهن پير سلامت ناهي. ذري گهٽ هر کاتو ڪنهن نه ڪنهن سياسي اڳواڻ يا سندس ڪمدار جي جاگير بڻيل آهي. مقررين، بدلين ۽ ٺيڪن جو ڪُڌو ڪاروبار سنڌ جي ترقيءَ کي اڏوهيءَ جيان کائي رهيو آهي. ٻهراڙين جو انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي ۽ سڄي صوبي ۾ ڌاڙيلن، قاتلن ۽ ڦورن جو راڄ آهي. پوليس عملدار عوام جا خادم نه پر حڪمرانن جا ڪمدار بڻيل آهن. هڪ طرف ڪامورڪو سرشتو برباد ٿيڻ سبب عوام بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي ته، ٻئي طرف امن امان جي بدترين صورتحال سبب ڪوبه مقامي يا پرڏيهي سيڙپڪار سنڌ ۾ موڙي ٻوڙڻ لاءِ تيار ناهي. ڪنهن به صوبي جي وڏي وزير جي ضلعي مان ايترا ماڻهو اغوا ٿيل ناهن، جيترا سنڌ جي وڏي وزير جي ضلعي مان اغوا ٿيل آهن. ٻهراڙين ۾ معاشي ڪاروهنوار عملي طور مفلوج ٿي رهيو آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ صوبي اندر غُربت تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، جنهن کي سياسي زڪوات وارن خيراتي ڪارڊن سان ختم ڪرڻ ناممڪن آهي. تباهيءَ جو اهو عمل هوريان هوريان سِرڪي رهيو آهي ۽ ان جا ڳنڀير اثر هڪدم پڌرا نه ٿيندا، پر هڪ اڌ ڏهاڪي کان پوءِ سنڌ جا سمورا ترقياتي اُهڃاڻ باقي سڄي ملڪ کان پُٺتي هليا ويندا. سنڌ حڪومت جو حال اهو آهي جو سندن اعمالن تي معمولي تنقيد به ڪجي ته هڪدم جمهوريت دشمن هجڻ جو مهڻو ڏيندا.
    بلڪل ائين جيئن ملڪي اسٽبلشمينٽ هر سگهاري ڌر تي تنقيد کي ملڪي سالميت خلاف سازش قرار ڏيندي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اها غلط فهمي آهي ته سنڌ واسي هميشه سندن محڪوم رهندا، وٽن ڪڏهن به ڪو سياسي متبادل جنم نه وٺندو ۽ جي وٺندو به ته ان کي 2013ع جي چونڊن جيان چمڪ ۽ ڌمڪ سان چُپ ڪرائي ڇڏيندا. ان سياسي وايو منڊل کي پارٽيءَ پاران صوبي جي ڦُرلٽ جو لائسنس بڻايو ويو آهي. سڄي ساري پارٽي ۽ اسيمبليءَ اندر آهي ڪو اهڙو ميمبر جيڪو پنهنجي حڪومت ۽ پارٽي قيادت کان سوال ڪري ته اوهان سنڌ کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا پيا ڏيو. هَڪل تي ڪنڌ ڌوڻڻ وارا اهي همراهه سنڌ جي سياسي ۽ سماجي برباديءَ جا بنيادي ذميوار آهن ۽ تاريخ ۾ سندن ماٺ ان ڏوهه ۾ برابر جي شرڪت طور سُڃاتي ويندي.
    سنڌ، جيڪا آمريتن جي دور ۾ به ڀرپور سياسي رد عمل سان جمود جي زنجيرن کي ٽوڙيندي رهي هئي، تنهن کي آفيمي دور جي چيني قوم وانگر اهڙو نَشو ڏنو ويو آهي، جو ان کي پنهنجي برباديءَ جو احساس به گهٽ ٿيڻ لڳو آهي. رشوت ۽ شارٽ ڪٽ جي ڪاري ڪاروبار مان لاڀ ماڻيندڙن جو هڪ وڏو اَنبوهه آهي، جيڪو ان انڌير نگريءَ جي هر قسم جي وڪالت ڪرڻ لاءِ هر مهل حاضر آهي. ان سڄي انياءَ خلاف ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ آواز اُٿي ٿو، پر ان جي پٺيان ڪا منظم سياسي هلچل نه هجڻ سبب ان جو پڙاڏو ٻُڌڻ ۾ نه ٿو اچي. ائين سنڌ جا پنج ڪروڙ ماڻهو بيوسيءَ ۽ بيحسيءَ جي سمنڊ ۾ غوطا کائي پنهنجو انت ٿيندي ڏسي رهيا آهن. ڀوتارڪو بي لغام گهوڙو سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڊوڙي رهيو آهي ۽ سياسي ساڃاهه ۽ مزاحمت جي علامت سمجهي ويندڙ سنڌي قوم ان جي سُنبن جي هيٺان لتاڙجي رهي آهي. جيڪڏهن ڪجهه سالن اندر سنڌ ان ڀوتارڪي ڀوتَ مان جان آجي نه ڪرائي سگهي، ته سنڌ جو آئيندو جمود جي اونهيءَ کاهيءَ ۾ هٿوراڙيون ڏيندي ساڻو ٿي ڪِري پوندو.
    سنڌ واسين کي هڪ اهڙي تبديلي گهرجي، جيڪا ڦورن ۽ لُٽيرن جا وارا بدلائڻ بجاءِ سماجَ جا اهي بنياد بدلائي، جنهن سان سنڌ مٿان قابض اندروني قوتون ڪمزور ٿين. سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي ۽ ادبي محاذ تي جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي معمول جي ڪارروائيءَ وارن طريقن بجاءِ جدوجهد جا مختلف طريقا استعمال ڪرڻا پوندا. بدقسمتيءَ سان سنڌ اندر متبادل سياسي سگهه بڻجي سگهڻ واريون ڌريون يا ته خود ساڳين ڀوتارڪن روين جو شڪار آهن يا وري پنهنجي پنهنجي مصلحتن جي ڏاوڻن ۾جڪڙيل آهن. کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌريون عوام جي آند مانڌ کي ڪنهن سياسي ڌونڌاڙ ۾ بدلائڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺيون آهن. پريس رليزن، مذمتن ۽ ٺهرائن وارن مدي خارج طريقن سان سنڌ کي نه بدلائي سگهبو. انهن ڌرين کي جيڪڏهن رڳو سياسي دُڪان سجائي رکڻا آهن ته پوءِ ته سندن ڪاروبار ٺيڪ پيو هلي، پر جيڪڏهن کين سنڌ کي بدلائڻ وارين دعوائن سان تِرَ جيترو به خلوص آهي ته پوءِ کين پنهنجا رَويا ۽ طريقا ٻئي بدلائڻا پوندا. سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ هن وقت مخالف ڌر سڏائيندڙ ڌريون به عملي طور حڪمران ڌر واري ذهنيت سان ڀرپور آهن، تنهن ڪري ڪنهن سياسي حادثي جي نتيجي ۾ کين اقتدار ملي به ويو ته سندن افعال پيپلز پارٽيءَ کان شايد وڌيڪ خراب نڪرندا. سياسي پارٽين کي پيراڻيون گاديون ڪري هلائيندڙ ڌرين جي آسري سنڌ کي ڪوبه انتظار نه ڪرڻ گهرجي. جن غير پارلياماني سياسي ڌرين کي سنڌ واسي هن ڏُڪار جي دور ۾ به موٽ ڏين ٿا، انهن کي گهرجي ته ان عوامي طاقت کي سياسي جدوجهد ۾ تبديل ڪن، جن جو بنياد هيٺين ۽ وچولي طبقي جي سياست هجڻ گهرجي. عوامي موٽ ملڻ کانپوءِ پاڻ ننڍا وڏيرا بنجڻ سان کين سواءِ ڀتي جا ريٽ وڌائڻ جي، ٻيو ڪجهه به هَڙ حاصل نه ٿيندو. سنڌ هن وقت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي. ڌاري آبادڪاري ۽ مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي آئيندي لاءِ ڊيٿ وارنٽ بڻيل آهي. مال ڪمائڻ ۾چوويهه ڪلاڪ مصروف تنظيمن کي انهن خطرن جي شدت جو اندازو ئي ناهي. جڏهن پاڻي مٿي کان چڙهي ويو ته اهي سڀ مال سميت دُبئي ۽ لنڊن وڃي ويهندا، پر سنڌ اهڙن واڳُن جي وَر چڙهي ويندي، جيڪي کيس سُهڻيءَ جيان ڀاڱا ڪري ڇڏيندا.

    (روزاني ڪاوش، جمع 16 مئي 2005ع)


    قومپرست پارٽيون پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ڇو نه بڻجي سگهيون؟

    پاڪستان جي پارلياماني سياست ۾ عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هر قسم جي مصلحت جائز آهي. اصولن ۽ فڪر جي آڌار تي پارلياماني سياست ڪندڙ ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا. پارٽي ۽ قيادت جي سطح تي ڏئي وٺي عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب ئي اهڙو حوالو ملن ٿا، جن پنهنجي مقصد سان آخر تائين مصلحت نه ڪئي ۽ پوءِ ان جي ڳري قيمت به ادا ڪئي. هونئن ته وفاقي سياست ڪندڙ ڌريون رنگ مٽائڻ جون سموريون مهارتون آزمائي چڪيون آهن، پر وڏو مسئلو سنڌ جي انهن قومپرست ڌرين لاءِ آهي، جيڪي هڪ ئي وقت قومپرست سياست ۽ پارلياماني سياست کي گڏي هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. قومپرست سياست کانئن سنڌ سان لاڳاپيل بنيادي مسئلن ۽ سياسي ڌرين سان لاڳاپن جي معاملي ۾ نظرياتي يا اصولي بنيادن تي قائم رکڻ جي تقاضا ڪري ٿي ته ٻئي طرف پارلياماني سياست کانئن روزانو جي بنياد تي اصولن جي نئين تشريح ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿي. پارلياماني سياست ۾ سنڌ سان لاڳاپيل بنيادي اصولن تي قائم رهڻ جو لازمي نتيجو اهو آهي، جو ويجهي مستقبل ۾ اقتدار جو حصو بڻجڻ جي ڪا به اميد نظر نه ايندي. پارلياماني سياست سنڌ جي نالي تي ڪرڻ ۽ سنڌ جي لاءِ ڪرڻ ٻه الڳ جهان آهن.
    بدقسمتيءَ سان پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ڌريون هر صورت ۾ اقتدار تائين پهچڻ جي خواهش ۾ سنڌ جي لاءِ پارلياماني سياست ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي نالي تي پارلياماني سياست ڪرڻ گهرن ٿيون، ان چڪر ۾ اهي پارٽيون سنڌ جي قومپرست سياست جي ٽن بنيادي اصولن کان هٿ کڻي وڃن ٿيون، اهي ٽي اصول آهن، مذهبي بنيادن واري سياست ڪندڙ ڌرين کان پاسيرو رهڻ، جاگيرداراڻي موقعي پرستي ۽ ويڪائو ٽولن کان پاسيرو رهڻ، اسلام آباد ۽ لاهور جي روايتي اسٽبلشمينٽ جي تابعداري نه ڪرڻ. جيڪڏهن انهن ٽن بنيادي اصولن تان هٽي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ سنڌ جون قومپرست ڌريون پيپلز پارٽيءَ جو متبادل ڇو بڻجي سگهنديون؟ انهن بنيادن تي مصلحت ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جا ماڻهو ڀلا قومپرستن کي ووٽ ڇو ڏين؟ سنڌ جي حوالي سان جيڪي واعدا ۽ نعرا قومپرستن جي منشور ۾ لکيل آهن، سي ته سڀ پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ به آهن، اصل فرق ته بنيادي اصولن جو آهي. ڏهاڪن تائين سنڌ جي قومپرست سياست سنڌ جي جيئڻ مرڻ جي مسئلن تي هڪ چٽي نظرياتي لائين سان سياست ڪندي رهي، جنهن ڪري ڪيترين ئي ٻين ڪمزورين جي باوجود سنڌ جي هيٺين ۽ وچولي طبقي وٽ سندن جدوجهد لاءِ دلي احترام رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ ۾ وفاقي پارلياماني سياست ڪندڙ ڌريون به پنهنجي منشور ۽ نعرن ۾سنڌ جي قومپرست ڌرين جي نعرن ۽ مطالبن کي شامل ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون، هاڻي جڏهن قومپرست سياست پنهنجي اصولي بنيادن کان هٿ کڻي وئي آهي ته پيپلز پارٽيءَ کان سخت بيزاريءَ جي باوجود به ماڻهو پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ڌرين کي متبادل بڻائڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ڌريون پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، پنهنجي نظرياتي لائين تي قائم رهندي، ڪا صاف شفاف سياست ڪن ها ته شايد سنڌ واسي کين ڪا جوڳي موٽ به ڏين ها، پر جڏهن سنڌ واسين ڏٺو ته سڄي زندگي جاگيردارن ۽ رت چوسيندڙ ڀوتارن خلاف سياست ڪندڙ ڌريون اليڪشن اتحاد وقت هڪٻئي سان گڏجڻ بجاءِ پير پاڳاري جي در تي قطار لڳائي بيهن يا ايندڙ حڪومت ۾ ڪو حصو ملڻ جي آسري تي ارباب رحيم سان گڏجي مهم هلائن ته پوءِ سنڌ واسي کين متبادل ڇو تصور ڪندا؟ ساڳي طرح سنڌ واسي ماضيءَ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ خلاف جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي مذهبي ۽ فرقيوار تنظيمن سان اتحادن ۾ گڏ فوٽو سيشن ۾ ڏسن ته پوءِ کين ڪهڙي قسم جو متبادل تصور ڪندا؟ ٻيو ته ٺهيو، پر جڏهن قومپرست ڌريون ڏٺي وائٺي ناٽڪي انقلاب جي دعويدار قادريءَ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وڃي پهچن ته پوءِ سنڌ واسي کين ڪهڙي جمهوري سياست جي نالي تي ووٽ ڏيندا؟ اڃا قادريءَ پاران ملڪ ۾ 35 صوبا ٺاهڻ وارن بيانن جون اخبارون رديءَ وارن وٽ به وڪرو نه ٿيون آهن، جو سنڌ جي قومي وحدت جون دعويدار قومپرست ڌريون سندس سڏ تي لاهور وڃي پهتيون. سنڌ واسي جڏهن ڏسن ٿا ته پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست به پيپلز پارٽيءَ جيان طاقت جو سرچشمو عوام بجاءِ اسٽيبلشمينٽ جي مهرن کي سمجهن ٿا ته پوءِ ان حوالي سان ته يقينن پيپلز پارٽي اقتداري سياست جي وڌيڪ سگهاري ڌر آهي، جيڪا وري به عوام جي ڪجهه نه ڪجهه پٺڀرائيءَ سان ڪن حالتن ۾ اسٽبشلمينٽ جي ايجنڊا سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ جي سگهه رکي ٿي.
    قومپرست ڌريون ته اڃا ان سياست ۾ ڀانبڙا پائي رهيون آهن. جيڪڏهن سياست جي بنيادي اصولن تي اڄ اهي مصلحتون ٿي سگهن ٿيون ته سڀاڻي ان کان وڏن معاملن تي اڃا به وڏيون مصلحتون ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن سنڌ حڪومت هڪ داٻي تي وزيرستان جي پناهگيرن کي روڪڻ بجاءِ هار پارائڻ لاءِ تيار بيٺي آهي ته قومپرست دوست وري هڪ حڪم تي 35 صوبا ٺاهيندڙ سياسي يتيم جي آستاني تي پهچڻ لاءِ سنبريا بيٺا آهن. سنڌ رڳو پيپلز پارٽي لاءِ ئي ڪارڊ ناهي، پر هر ڌر ان کي ڪارڊ ئي تصور ڪري ٿي. سنڌ واسي يقينن پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ جمهوري طور بدترين حڪمرانيءَ کان بيزار آهن ۽ ان مان جان آجي ڪرائڻ گهرن ٿا، پر کين آسمان مان نڪري کجور ۾ ٽنگجڻ جو ڊپ منجهائي ٿو. هو ڏسن ٿا ته اڄ جڏهن اقتدار کان ٻاهر هوندي، رڳو هڪ تعلقي ۾ داٻو هجڻ تي قومپرست ڌريون پلاٽن تي قبضن ۽ ڀتن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ سڀاڻي سڄي سنڌ کين ملي وئي ته اهي پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن کي به مات ڏئي ڇڏيندا. ساڳي طرح جڏهن هو قومپرست ڌرين کي انهن ڪردارن سان ڀاڪر پائيندي ڏسن ٿا، جن کي سنڌ جو ماڻهو سياسي طور پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ ڌڪاري ٿو ته سندن ذهن ۾ اهو سوال اُڀري ٿو ته سڀاڻي سنڌ جي واڳ کين ملي وئي ته پوءِ ته سنڌ جو الائجي ڪهڙو حشر ڪندا. مسئلو اهو ناهي ته سنڌ واسين کي ڪو پيپلز پارٽيءَ سان وڌيڪ پيار آهي، پر مسئلو اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جون مخالف ڌريون ان کان به خراب رڪارڊ رکن ٿيون ۽ قومپرست ڌريون وري پ پ مخالفت ۾ انهن بدتر ڌرين سان اتحادن جو حصو بڻجڻ ۾ هڪ منٽ نه ٿيون وڃائين.
    2013ع جي چونڊن ۾ قومپرستن جي شڪست جو هڪ وڏو ڪارڻ به اهو ئي هو، جو پنهنجي سياست جي بنيادن تي قائم رهڻ بجاءِ اهڙي ريل جو گاڏو بڻجي ويا، جنهن جي انجڻ گهر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هئي. ان وقت به جيڪڏهن قومپرست ڌريون پنهنجي ايجنڊا تي ڪا گڏيل مهم هلائن ها ته شايد اهي هڪ مضبوط ڌر طور مقابلو ڪري رهيون هجن ها. ان چونڊ مهم ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪمزوريون هيون ۽ ممڪن هو ته قومپرست پارٽيون ڪي سيٽون حاصل نه به ڪري سگهن ها، پر گهٽ ۾ گهٽ سڃاڻپ پيدا ڪري وٺن ها. پارلياماني سياست ۾ هڪ نئين ڌر هجڻ سبب کين پير کوڙڻ ۾ وقت ته لڳي ها، پر اهي ان ميدان جي کيڏاڙين ۾ته ڳڻجڻ لڳن ها. پرائي ڪِلي تي ڪُڏڻ جي نتيجي ۾ اڄ پارلياماني سياست ۾ کين ڪير به ڌر طور تسيلم ئي نه ٿو ڪري، جن جي درن تي نواز شريف پاڻ لنگهي آيو هو، اڄ اهي کيس ياد به ناهن. درحقيقت پارلياماني سياست ۾ قومپرست ڌريون پنهنجو اميج وقت ٺهڻ کان اڳ وڃائي ويٺيون آهن، جيڪڏهن کين ڪنهن شارٽ ڪٽ واري ايڊوينچر مان ڪا اميد آهي ته کين ممتاز ڀٽي کان وڌيڪ حصو ته بهرحال نه ملي سگهندو، تنهن ڪري پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ڌرين کي پنهنجي سياسي ڪردار ۽ اوليتن جو نيئن سر جائزو وٺڻو پوندو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي هوندي پارلياماني سياست ۾ سندس متبادل بڻجڻ لاءِ جيڪڏهن ان کان بهتر ڌر بڻجڻ ممڪن نه هجي ته پاڻ کي گهٽ ۾ گهٽ ان کان گهٽ خراب ثابت ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن وڏيرن جي مقابلي ۾ وڏن وڏيرن سان اتحاد ڪرڻا آهن ۽ پاڻ کي قومي سطح تي سيڪيولر هجڻ جو تاثر پيدا ڪندڙ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ مذهبي ۽ فرقيوار ڌرين سان ڀائيچارو ڪرڻو آهي ۽ وڏي اسٽبلشمينٽ جو سڌو سنئون حصو بڻيل ڌر سان مقابلي ۾ اسٽبشلمينٽ جي ٽئين درجي وارن مُهرن سان هٿ ملائڻو آهي ته پوءِ عام سنڌ واسي قومپرستن کي ڪڏهن به متبادل طور قبول نه ڪندو.
    سنڌ واسي اهڙي ڪنهن به سنجيده ڌر کي يقينن موٽ ڏيندا، پر ان لاءِ اهڙي ڌر کي پنهنجي اهليت ۽ ساک ثابت ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. سنڌ ۾ اهو سياسي خال پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن ۽ سنڌ سان سندس ويساهه گهاتيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ ان خال جو ڀرجڻ وقت جي گهرج آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي چئن ڏهاڪن واري سياسي تاريخ ۾ ايتري نامقبول ڪڏهن به نه رهي آهي، پر بدقسمتيءَ سان ان جون مخالف ڌريون ساک ۽ اهليت جي ميدان ۾ ان کان وڌيڪ خراب رهيون آهن، ان نوعيت جي سياسي خال کي خيبرپختوخوا جي عوام گذريل چونڊن ۾ ڀرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ مقبول ۽ قومپرست ڌر اي اين پي کي هنن اقتدار کان ٻاهر ڌڪي ڇڏيو، ان جو اهم ڪارڻ پي ٽي آءِ جي شڪل ۾ کين هڪ متبادل جو حاصل ٿيڻ هو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ نواز ليگ، فنڪشنل ليگ وغيره جو رڪارڊ وڌيڪ سنڌ دشمن رهيو آهي، جنهن ڪري عوامي سطح تي پيپلز پارٽيءَ کي وري به ڪجهه مارڪون وڌيڪ ڏنيون وڃن ٿيون، ان صورتحال ۾ پارلياماني سياست ۾ قدم رکندڙ قومپرست ڌرين وٽ هڪ بهترين موقعو آهي، جيڪو ضايع ڪري رهيون آهن.
    ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي جهان ۾ جيئندڙ وچولي طبقي جي نوجوان جي تقاضا هڪ پڙهيل لکيل سُلجهيل، باڪردار ۽ ايماندار قيادت آهي، 70ع جي ڏهاڪي وارن مدي خارج بيانن، روين ۽ سياسي طريقن کي ڪهڙي به طرح قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اڌ کان وڌيڪ آبادي، نوجوانن تي ٻڌل هجڻ جي باوجود قومپرست ڌرين وٽ کين پنهنجو حامي بڻائڻ لاءِ نه ڪو ٺوس پروگرام موجود آهي ۽ نه شخصيت ۽ ڪردار جي اها اوچائي آهي، جيڪا کين موهي سگهي. ٻي طرف اهي نوجوان ڀوتارڪي ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ سبب حڪمران ڌر کان به بري طرح بيزار آهن، هو انهن ڀوتارن جو متبادل ته چاهين ٿا پر کانئن اهو هضم نه ٿو ٿي سگهي ته پارلياماني قومپرست قادريءَ جهڙن سياسي ناٽڪ بازن ۽ عوام هٿان رد ٿيل ڀوتارڪي ٽولي جا اتحادي بڻجن. گذريل چونڊن ۾ سنڌ اندر پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي گمنام اميدوارن کي جيترا ووٽ مليا آهن، اهي ان حقيقت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهن، مثال طور قاسم آباد جي تڪ 221 NA_ تي ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر رجب ميمڻ 18346 ووٽ کنيا ۽ سندس مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جي سيد احمد رشيد 14544 ووٽ کنيا. ساڳي طرح قاسم آباد جي صوبائي اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 47 تي عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجي 14901 ووٽ کنيا ته سندس ڀيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي نور مرتضى ٿيٻي 8635 ووٽ کنيا، ٻنهي قومپرست اڳواڻن کي قاسم آباد واسي ورهين کان سڃاڻين ٿا، ان جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوارن جو اڳي ڪنهن نالو به نه ٻڌو هوندو، پر اهي هزارن جي انگ ۾ ووٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. منهنجي نظر ۾ انهن ووٽن جي گهڻائي ان مايوس ۽ ناراض نوجوانن جي آهي، جيڪي پيپلز پارٽيءَ مان بيزار آهن ۽ قومپرست ڌرين مان مايوس آهن. اهي مايوس ۽ ناراض نوجوان جيڪڏهن پي ٽي آءِ مان به مطمئن نه ٿيا ته پوءِ ممڪن آهي ته ڪنهن انتها پسند ڌر جي ور چڙهي ويندا، جيڪا کين اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب ويندي ته پارلياماني سياست پيپلز پارٽي ڪري يا قومپرست پارٽيون ڪن، وٽن کين آڇڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ان سياسي خال کي جيڪڏهن انتهاپسند ڌرين ڀريو ته پوءِ سنڌ هڪ ڀوائتي انارڪيءَ جي ور چڙهي ويندي، جنهن جي ذميواري رڳو رياستي ادارن تي نه، پر پارلياماني سياست ڪندڙ پيپلز پارٽي ۽ قومپرست پارٽين تي به هوندي.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو، 01 جولاءِ 2014ع)


    عراق جو ورهاڱو ڪهڙي راند جي شروعات آهي؟

    2006ع ۾ آمريڪي عسڪري ماهر رالف پيٽرس جو هڪ مضمون “Blood Borders” آرمڊ فورسز جنرل ۾ ڇپيو ته ٽاڪوڙو مچي ويو. رالف ان مضمون ۾ وچ اوڀر، نار وارن علائقن ۽ پاڪستان جي جاگرافيءَ ۾ ايندڙ سالن ۾ متوقع تبديلين جي حوالي سان خطي جو نئون نقشو پيش ڪيو هو. رالف ان مضمون ۾ هن خطي اندر جلد متوقع وڏين جاگرافيائي تبديلين بابت دعوى ڪندي چيو ته، اهي غير فطري رياستون آهن ۽ اهي لساني، مذهبي ۽ فرقيواراڻن بنيادن تي ورهائجي وينديون. بظاهر ته اهو هڪ عسڪري معاملن جي ماهر جو تجزيو هو، پر در حقيقت ان جي پٺيان آمريڪا جي عسڪري ۽ معاشي مفادن بابت تمام گهري ڄاڻ ۽ اڀياس موجود هو. ان خطي ۾ موجود تيل جي دولت بابت ڪجهه ٻين معاشي ۽ عسڪري ماهرن جهڙوڪ مائيڪل رپرٽ، مارڪ روبنوئز ۽ ڪولن ڪيمپبل جا ٻه ڳوڙها تجزيا ڪيل آهن، جن جو محور خطي اندر تيل جي ذخيرن سان لاڳاپيل جاگرافيائي ڦير ڦار آهي. انهن سمورن مضمونن ۽ تجزين ۾ جيڪي انڪشاف ڪيا ويا آهن، ان جو هڪ وڏو ثبوت عراق ۾ اوچتو پڌري ٿيل صورتحال آهي، جتي سُني انتهاپسندن پاران سندن نظرئي مطابق حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪيل اوچتا حملا آهن. رڳو هڪ هفتي اندر جنهن طرح عراق جا اهم علائقا موصل ۽ تڪريت وغيره واريءَ جي ڀت جيان ڪريا آهن ۽ جهڙي طرح آمريڪا بغداد جي ڪنهن به عملي واهر کان پاسيرو رهيو آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن حد تائين آمريڪا جي خواهشن پٽاندڙ ٿي رهيو آهي. صاف نظر اچي رهيو آهي ته عراق ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندو. ڪرد علائقو الڳ ملڪ بنجي ويندو، جنهن ۾ امڪان آهي ته شام ۽ ترڪي جا ڪرد علائقا به شامل هوندا، جڏهن ته باقي عراق سُني ۽ شيعا عراق ۾ ورهائجي ويندو. 2006ع ۾ رالف پيٽرس پاران ڄاڻايل نقشي ۾ هو بَهو عراق جو اهو ئي ورهاڱو ڏيکاريل آهي.
    ان خطي جي هاڻوڪي جوڙجڪ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ برطانيا ۽ فرانس گڏجي ڪئي هئي. عثمانيه سلطنت جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي سامراجي ملڪن ان خطي جا مختلف علائقا ورهائي کنيا هئا. برطانيا تڏهوڪي حجاز جي امير حسين کي الڳ ملڪ ڏيڻ جو واعدو ڪري کيس سلطنت عثمانيه جي معاملي ۾ پنهنجو حامي بڻايو هو. برطانيا پاران فرانس سان ڪيل ٺاهه موجب لبنان فرانس جي حصي ۾ آيا، جڏهن ته اسرائيل ۽ اردن جي هاڻوڪن علائقن کان وٺي بصره، بغداد ۽ موصل جا علائقا جتان نئون نئون تيل دريافت ٿيو هو، اهي برطانيه پاڻ وٽ رکيا. تيل سان مالا مال ان علائقي کي عراق جي شڪل ڏني وئي. اڳوڻي ميسو پوٽيميا کي عراق بنائڻ واري ويڙهه ۾ برطانيا جا 92 هزار سپاهي مارجي ويا هئا. برطانيا ۽ فرانس ان خطي ۾ اهڙي طرح نقشو ٺاهيو، جنهن سان تيل سان مالا مال اڪثر علائقا سندس ڪنٽرول هيٺ اچي ويا. آمريڪي عسڪري ماهرن جو چوڻ آهي ته، ”اهي جاگرافيائي ورهاستون جيئن ته رڳو تيل جي ذخيرن کي ذهن ۾ رکي ڪيون ويون، تنهن ڪري اهي غير فطري هيون ۽ اڳتي هلي وڏن ٽڪرائن جو بنياد بڻيون. اهو ئي سبب آهي جو ٻي مهاڀاري لڙائي برطانيا جي سامراجيت جي انت ۽ آمريڪا جي اُڀار کان پوءِ انهن سرحدن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ آمريڪي ايجنڊا جو حصو رهيو آهي. ٻين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ آمريڪا جيئن ته گهڻو وقت سوويت يونين سان سرد جنگ ۾ ڦاٿل رهيو، تنهن ڪري ان خطي 90 واري ڏهاڪي ۾ سرد جنگ جي انت کان اڳ ئي آمريڪا عراق کي ڪويت مان ڪڍڻ لاءِ وچ ۾ ٽُپي چڪو هو. ڪويت مان نيڪالي ڏيارڻ کانپوءِ عراق لڳاتار ڪيميائي هٿيارن ۽ ايٽمي هٿيارن جي آڙ ۾ گڏيل قومن ۽ آمريڪا جي نگرانيءَ هيٺ رهيو. 11/9 واري واقعي کانپوءِ آمريڪا پاران عراق کي دهشتگردن جو ڳڙهه قرار ڏئي 2003ع ۾ ان مٿان به حملو ڪيو ويو. بُش جو چوڻ هو ته، ”عراق وٽ وڏي تباهي آڻيندڙ هٿيارن جا انبار آهن. تنهن ڪري ان کي موجوده حڪمرانن کان آجو ڪرائي اُتي پنهنجي مرضيءَ جي حڪومت ويهارڻ نهايت ضروري آهي.“ مزي جي ڳالهه ته جڏهن 1980ع ۾ صدام حسين، ايران مٿان حملو ڪيو ته، ان وقت ايران ۾ جيئن ته آمريڪا- نواز حڪومت کي ڊاهي خميني قبضو ڪري چڪو هو، تنهن ڪري ساڳيو صدام آمريڪا ۽ برطانيا جي اکين جو تارو هو، ٻنهي ملڪن گڏجي گڏيل قومن ۾ صدام پاران ڪردن ۽ ايران خلاف ڪيميائي هٿيارن جي استعمال تي سندس دفاع پڻ ڪيو هو. واشنگٽن پوسٽ موجب 1984ع ۾ آمريڪي سي آءِ اي پاران عراق کي ڪيميائي هٿيارن جي ٽارگيٽ لاءِ انٽيليجنس ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي وئي هئي. هڪ ڪاٿي موجب ايران جا هڪ لک کان وڌيڪ فوجي عراقي ڪيميائي هٿيارن جو کاڄ بڻيا هئا. ساڳي طرح 1991ع ۾ آزاد ڪردستان تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ پڻ عراق ڪيميائي هٿيار استعمال ڪيا هئا. ڪيميائي هٿيارن جي اهڙي موتمار استعمال خلاف گڏيل قومن پاران ردعمل کي آمريڪا ۽ برطانيا روڪيندا رهيا.
    21 هين مارچ 1986ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عراق پاران ايراني فوجين خلاف ڪيميائي هٿيارن جي استعمال بابت بيان ڏنو ته، آمريڪا اهو بيان جاري ڪرڻ خلاف ووٽ ڏنو ۽ برطانيا ووٽنگ ۾ حصو نه وٺي، ان بيان کي روڪرايو. 1988ع ۾ جڏهن آمريڪي سينيٽ عراق جي امداد بند ڪرڻ ۽ ان کان تيل خريد ڪرڻ جو بل گڏيل راءِ سان منظور ڪيو ته تڏهوڪي ريگن انتظاميه ان بل جي مخالفت ڪئي ۽ ان کي لاڳو ٿيڻ نه ڏنو، ان عرصي تائين صدام، آمريڪا جو محبوب اڳواڻ رهيو، پر 1990ع ۾ جڏهن ان ڪويت تي چڙهائي ڪئي ته آمريڪا کي لڳو ته صدام جا پَر نڪري آيا آهن ۽ انديشو هو ته ڪٿي هو تيل جي دولت سان مالا مال ٻين پاڙيسري ملڪن، خاص طور تي سندس ٻي محبوب بادشاهت سعودي عرب تي به نه حملو ڪري ڏئي، ان مرحلي تي آمريڪا وچ تي ٽُپي پيو ۽ مسلمانن جو نئينءَ مان ٺهيل هيرو پنهنجي آقائن هٿان ڪويت مان واپس ڌِڪجي ويو. انهن سالن ۾ صدام، مسلمان دنيا جو وڏو هيرو ٿي اُڀريو. ڪروڙن جي انگ ۾ سندس پوسٽر ڇپيا ۽ لکين ٻارن تي صدام جو نالو رکيو ويو. ويچارن مسلمانن کي اها خبر به نه هئي ته سندن هيرو درحقيقت آمريڪا جو پراڻو خدمتگار ۽ سندن پگهار تي ايرانين جي تباهيءَ جو ذميوار هو. هن لکين ڪردن تي جيڪي ظلم ڪيا، تن جا داستان لکڻ لاءِ ته ڪيئي ڪتاب گهرجن. صدام کي ڪويت مان تڙڻ کانپوءِ آمريڪا پاران کيس مڪمل طور مڏو بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان ڪري گڏيل قومن هٿان سندس ڪيميائي ۽ ايٽمي سگهه کي ختم ڪرڻ جا پروگرام عمل هيٺ آندا ويا، ان مقصد لاءِ UNSCOY يعني گڏيل قومن جي عراق بابت ڪميشن قائم ڪئي وئي، جنهن هڪ جامع پروگرام هيٺ عراق جي هٿيارن کي ناس ڪيو. 1988ع ۾ ان ڪميشن جي ختم ٿيڻ تائين هڪ ڪاٿي موجب عراق جا 90 کان 95 سيڪڙو ڳرا هٿيار ختم ٿي چڪا هئا. نائين اليون واري واقعي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي موقعو ملي ويو ته، عراق جي باقي بچيل سگهه کي به چيڀاٽيو وڃي، ان ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ويو ته عراق وٽ وڏي تباهي آڻيندڙ هٿيارن جا انبار آهن. آمريڪا عراق کي مڪمل طور تي ناس ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري چڪو هو ۽ ان کي بس هڪ بهانو گهربل هو. 1991ع کان پوءِ صدام حسين گڏيل قومن جي هر حڪم جي ايتري ته تعبداري ڪندو رهيو، جو مٿس ڪو وڏو حملو ڪري کيس ناس ڪرڻ جو ڪو بهانو نه پئي بڻيو. نائين اليون اهو موقعو فراهم ڪري ڏنو. عراق کي فرقيوار بنياد تي ٽڪرا ڪرڻ جي هڪ ٻي رٿا تي الڳ سان عمل شروع ٿي چڪو هو.
    ڊيوڊ پيٽرياس جي سربراهيءَ ۾ انهن فرقيوار ڊيٿ اسڪواڊس جي سکيا جو پورو بندوبست عمل هيٺ هو. 11/9 واري واقعي کان ڏهه ڏينهن پوءِ جنرل ويزلي ڪلرڪ هڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هي انڪشاف ڪيو ته، ”جوائنٽ اسٽاف جي هڪ آفيسر مون کي آفيس ۾ سڏايو ۽ چيائين ته مان توکي اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته اسان عراق تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ مون پڇيو ته ڇو؟ وراڻيائين ته، ”اها خبر مون کي ناهي.“ مون پڇيو ته، ”ڇا صدام کي 11/9 واري واقعي سان ڳنڍيو پيو وڃي؟“ هن چيو ته، ”نه پر منهنجي خيال ۾کين اها خبر نه ٿي پوي ته دهشتگرديءَ کي ڪيئن منهن ڏجي.“ ڇهه هفتا پوءِ ساڳي آفيسر سان ملاقات ٿي پڇيومانس ته، ”ڇا اسان اڃا به عراق تي حملي جو سوچيون پيا؟“ چيائين ته، ”معاملو گهڻو خراب ٿي چڪو آهي.“ اهو چئي هڪ ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريائين ۽ چيائين ته، ”مون کي هينئر هي ميمو سيڪريٽري آف ڊفينس جي آفيس مان پهتو آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته اسان ايندڙ پنجن سالن ۾ ستن ملڪن تي حملو ڪنداسين. عراق کان شروع ڪنداسين پوءِ شام، لبنان، صوماليا، سوڊان ۽ ايران جو وارو ايندو.“ آمريڪا انهن ملڪن کي اهڙي طرح ورهائڻ ٿي گهريو، جيئن اهي مستقبل ۾ سندس مفادن جي چوڪيداريءَ جو فرض سرانجام ڏئي سگهن ۽ فيصلي ۾ سندس معاشي ۽ عسڪري مفادن جو تحفظ ڪري سگهن. هڪ سينيئر اسرائيلي پرڏيهي وزير اوڊڊ يرون پنهنجي هڪ پيپر Strategy For Israel In Nineteen Eighties A۾ ان پاليسيءَ جي وضاحت ڪندي لکيو هو ته، لبنان جي پنجن خودمختيار مقامي حڪومتن ۾ ورهاست باقي عرب دنيا لاءِ مثال آهي.

    (روزاني ڪاوش، ڇنڇر 05 جولاءِ 2014ع)


    عراق جي ورهاڱي واري راند

    هن خطي ۾ لبنان جيان شام ۽ عراق کي لساني ۽ مذهبي ٿوراين وارن ضلعن ۾ ورهائڻ اسرائيل جي ڊگهي مدي وارن مقصدن ۾ شامل آهي. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي نگراني هيٺ اهو ثابت به ٿي ويو ته، عراق وٽ وڏي تباهي آڻيندڙ هٿيار نه بچيا آهن، پر تڏهن به عراق تي حملو ڪيو ويو. اڄڪلهه جيڪو ڪجهه شام ۽ عراق ۾ ٿي رهيو آهي، اهو هوبهو ان اسرائيل ۽ آمريڪي پاليسيءَ جو حصو آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ سعودي عرب کي پنهنجو فائدو نظر اچي ٿو. هن خطي ۾ عراق، شام، لبنان ۽ ايران سعودي عرب کي بنهه پسند ناهن، ڇو ته اتي شيعا وڏي طاقت بڻيل آهن. خود سعودي عرب به چاهي ٿو ته اهي ملڪ ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃن ته جيئن سندس پنهنجي بادشاهت کي ڪو خطرو نه رهي، اهو ئي سبب آهي، جو شام ۾ جهادي ٽولن ۽ هاڻي عراق اندر سُني خلافت قائم ڪندڙ جهادين کي سعودي عرب جي مڪمل حمايت حاصل آهي. ان ايجنڊا تي هونئن ته آمريڪا به سعودي عرب سان سلهاڙيل آهي، پر ان کي اها به ڳڻتي آهي ته سني انتهاپسندن کي هڪ حد کان وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ کين مڪمل طور کلي ڇوٽ ڏيڻ سان هن خطي ۾ وري هڪ آمريڪا مخالف طاقت جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن سان کيس سندس پورو پلان ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو، تنهن ڪري آمريڪا، شام ۽ عراق ۾ جهادين جي حمايت ۾ کليل فوجي طاقت جي استعمال کان ڪيٻائي رهيو آهي.
    ساڳئي وقت هو عراقي حڪومت جي باقاعدي درخواست جي باوجود سُني انتهاپسندن خلاف به ڪا طاقت استعمال نه ٿو ڪرڻ گهري. صاف نظر اچي رهيو آهي ته آمريڪا ان ڳالهه لاءِ ذهني طور تيار آهي ته عراق جا ٽي ٽڪرا ٿي ويندا. ڪردستان هڪ الڳ خطو بڻجي اُڀرندو، جڏهن ته باقي عراق شيعن ۽ سُنين جي علائقن ۾ ورهائجي ويندو. هڪ اهم سوال بهرحال اهو رهندو ته آءِ ايس آءِ ايس پاران جنهن سُني خلافت قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، ان تي خود آمريڪا جو ڪيترو ڪنٽرول رهندو. ڪٿي ائين ته نه ٿيندو، جو افغانستان ۾ جنهن اساما بن لادن ۽ ٻين جهادين هٿان هن سوويت يونين کي نيڪالي ڏني، اهي ئي اڳتي هلي سڀ کان وڏي آمريڪا مخالف سگهه بنجي اُڀريا، اهو سڀ ڪجهه هن نئين خلافت ۾ به ٿئي. ساڳئي وقت انهن ملڪن جي ورهاڱي وقت آمريڪا کي اهو به خيال رکڻو آهي ته تيل جي ذخيرن وارا علائقا پاڻ ۾ ڳنڍجي هڪ خطو بڻجن، جتي هن جو مڪمل ڪنٽرول هجي. رالف جي نقشي ۾ ڄاڻايل عرب شيعا رياست ۾ ايران جي اولهه ۾ تيل سان مالا مال خزيستان جو علائقو به شامل آهي. عرب شيعا رياست قائم ڪرڻ سان عراق، ايران ۽ سعودي عرب جا تيل سان ڀريل علائقا ان کان الڳ ٿي، ان رياست جي هٿ هيٺ اچي ويندا. ان نئين رياست ۾ ايران جي اولهندي پٽي ۽ سعودي عرب جي اوڀرندي پٽيءَ کي شامل ڪيو ويو آهي، جتي تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن. ان نقشي ۾ سعودي عرب کي ٻن حصن ۾ ورهائي مڪي ۽ مديني کي الڳ اسلامي مقدس رياست طور ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته باقي علائقا سعودي عرب طور ڏيکاريل آهن. رڳو ان مان اوڀرندي پٽيءَ جا تيل وارا علائقا نئين شيعا عرب رياست ۾ ڏيکاريا ويا آهن. شام ۾ سُني انتهاپسندن کي عسڪري ۽ سفارتي مدد فراهم ڪري، ان کي به ڀاڱا ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. پر صدر بشارالاسد آمريڪي توقع کان وڌيڪ ارڏو ثابت ٿيو آهي ۽ هينئر تائين ڏيڍ لک ماڻهو مارجي وڃڻ جي باوجود باغين کي گهربل مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن. آمريڪي مفادن واري پاليسيءَ جو نتيجو اهو آهي ته هڪ طرف اهو افغانستان ۽ پاڪستان ۾ جهادين کي دهشتگرد قرار ڏيئي کين مارڻ گهري ٿو ته ٻئي طرف شام ۽ عراق ۾ ساڳين جهادين کي ڀرپور واهر به فراهم ڪري رهيو آهي. هينئر به اوباما انتظاميا بجيٽ ۾ 500 ملين ڊالرز شام جي جهادي باغين جي واهر لاءِ تجويز ڪيا آهن.
    هڪ ڪاٿي موجب هن وقت شام ۾ 11 هزار پرڏيهي حڪومت ڊاهڻ واري جهاد ۾ رُڌل آهن، جن ۾ برطانيا، فرانس، بيلجيم، نيدرلينڊس، البانيا، بوسنيا، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا جا شهري به شامل آهن. خود آمريڪا جا به 70 شهري ان جهادي جٿي جو حصو ڄاڻايا وڃن ٿا، اهي حقيقتون آمريڪا جي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ بابت ٻٽي پاليسيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. سعودي عرب پاران پاڪستان کي تازو سوکڙيءَ طور فراهم ڪيل ڏيڍ ارب ڊالر به ان علائقائي ڀڃ ڊاهه جي سياست جو حصو آهن. اها سوکڙي درحقيقت خاص خدمتن جو ايڊوانس معاوضو آهي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته رالف پيٽرس جي ان نقشي ۾ رڳو وچ اوڀر جي ملڪن جا ورهاڱا شامل ناهن، پر ان ۾ پاڪستان ۽ ايران جا به ڀاڱا ڏيکاريل آهن. ان نقشي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پاڪستان جو خيبرپختونخوا وارو علائقو افغانستان جو حصو بڻجي ويندو، جڏهن ته ايراني ۽ پاڪستاني بلوچ علائقا ملاائي آزاد بلوچستان قائم ڪيو ويندو. پاڪستان کي رڳو هاڻوڪي پنجاب ۽ سنڌ تائين محدود ڏيکاريو ويو آهي. ان نقشي تي عمل ٿيندڙ ماحول ته پاڪستان ۾ هڪ عرصي کان بڻيل آهي. جيئن لبيا، شام ۽ عراق ۾ مخصوص قوتن کي سگهارو ڪري سموري رياستي طاقت جي باوجود گهربل نقشو بڻايو پيو وڃي. اهو ئي سڀ ڪجهه سعودي عرب، ايران ۽ پاڪستان ۾ به ڪرڻ ممڪن آهي. پاڪستان اندر خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جون هاڻوڪيون حالتون ان صورتحال کي چِٽو ڪري ظاهر ڪن ٿيون. البته اها به ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سڀ ڪجهه آمريڪي مرضيءَ پٽاندڙ ٿيڻ جي معنى آهي، ايندڙ سالن ۾ هن خطي اندر ڀيانڪ رتوڇاڻ. ان رتوڇاڻ جي شدت شايد اڄوڪي رتوڇاڻ کي به مات ڏيئي ڇڏي. انهن ملڪن ۾ مضبوط رياستي سگهه به موجود آهي ۽ اها ايترو آسانيءَ سان پنهنجي نقشا بدلجڻ نه ڏيندي. ٻئي طرف آمريڪا ۽ اولهه جون طاقتون به پنهنجي ايجنڊا تان هٿ نه کڻنديون، تنهن ڪري اڄ جيڪو ڪجهه شام ۽ عراق ۾ ٿي رهيو آهي، انهن حالتن جو ورجاءُ ايران، سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ به ممڪن آهي.
    هڪ سوال جنهن تي الڳ سان ڪنهن مضمون ۾ بحث ڪبو ته خطي جي انهن وڏين تبديلين ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي ۽ سنڌي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪيتري صلاحيت رکن ٿا. عراق جو ورهاڱو ته راند جي شروعات آهي. اها رت جي راند ڪٿي دنگ ڪندي، ان جو خيال به ڀيانڪ آهي.

    (روزاني ڪاوش، آچر 06 جولاءِ 2014ع)


    ڇا وچ اوڀر کان پوءِ ايشيا جو وارو ايندو؟

    گذريل آرٽيڪل ۾ مون وچ اوڀر جي صورتحال کي بحث هيٺ آڻيندي، رالف پيٽرس جي اِن نقشي جو ذڪر ڪيو هو، جنهن ۾ عراق جي ورهاڱي جي درست اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. ان نقشي ۾ هن خطي جي حوالي سان ٽن اهم ملڪن ايران، افغانستان ۽ پاڪستان جو به ذڪر ڪيل آهي. رالف جي اڳڪٿيءَ موجب ايران ۽ پاڪستان جا ڪجهه علائقا ان جو حصو نه رهندا. جڏهن ته افغانستان سان لڳندڙ پختون علائقا ان ۾ شامل ٿي ويندا. هن خطي جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽنهي ملڪن اندر لساني جوڙجڪ کي سمجهڻ ضروري آهي ته جيئن رالف جي اڳڪٿيءَ کي سمجهي سگهجي. رالف جي اڳڪٿيءَ موجب ايران جا عرب شيعا علائقا، جيڪي عراق جي سرحدن سان لڳ آهن، اهي ان جي هٿن مان نڪري نئين شيعا عرب رياست جو حصو بنجي ويندا. ان جي اترئين طرف ڪرد آبادي، نئين ٺهندڙ رياست ڪردستان جو حصو بڻجي ويندي ۽ ان جي اوڀر ۾ موجود بلوچ علائقو، پاڪستاني بلوچستان سان گڏجي هڪ پاڻڀري رياست جو حصو ٿيندا. انهن ٽنهي ملڪن جي لساني جاگرافيائي جو هڪ مختصر جائزو انهن اڳڪٿين کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ايران جي ڪل آبادي پوڻا اٺ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ايران جون سرحدون ٽن غير مستحڪم رياستن عراق، افعانستان ۽ پاڪستان سان ملن ٿيون. 1953ع ۾ آمريڪا ۽ برطانيا هڪ ڳجهي بغاوت وسيلي ايران جي چونڊيل وزير اعظم محمد مصدق جو تختو اونڌو ڪرايو، ڇو ته هن پيٽروليم صنعت کي قومي تحويل ۾ ورتو ۽ سندس سامراجيت جو مخالف هو.
    قومپرست ۽ سامراج مخالف محمد مصدق جي تختي اونڌي ٿيڻ کان پوءِ ايران لڳاتار غير مستحڪم رهيو. شاهه ايران جي سخت گير پاليسين جي رد عمل ۾ 1979ع ۾ خميني انقلاب کانپوءِ ايران باقاعده طور هڪ سخت گير شيعا اسلامي رياست ۾ تبديل ٿي ويو ۽ آمريڪا توڙي ۽ اولهه جا ملڪ ان جا سخت مخالف ٿي ويا. 1980ع ۾ صدام حسين هٿان ايران جي تيل سان مالا مال علائقن خزيستان وٽان ٿيل حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ ڇِڙي وئي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ اولهه صدام جي ڀرپور واهر ڪئي. 1988ع ۾ گڏيل قومن جي ٽياڪڙي کان پوءِ ان جنگ جو انت آيو، پر تيستائين ڏيڍ لک کن ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا هئا. آمريڪا ۽ اولهه جي ايران سان مخالفت جو هڪ وڏو ڪارڻ سندن اهو الزام آهي ته ايران هڪ ايٽمي طاقت بنجي رهيو آهي، جنهن سان علائقي ۾ سندن مفادن کي ڇيهو رسندو. ايران ۾ لساني ورهاست موجب فارسي ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ 51 سيڪڙو آهن، جڏهن ته ٻئي نمبر تي 24 سيڪڙو آذري باشندا آهن. جيتوڻيڪ ڪرد رڳو 7 سيڪڙو ۽ بلوچ 2 سيڪڙو آهن. پر ٻنهي جي سرحدن تي هم قوم خطا موجود آهن، جتي خودمختياري ۽ آزاديءَ جون مضبوط تحريڪون هلندڙ آهن. ايران اندر ڪرد، بلوچن، آذرين ۽ عربن جون ننڍيون ننڍيون تحريڪون هلنديون رهيون آهن، انهن قوميتن کي معاشي ترقي، نوڪرين ۽ قدرتي وسيلن مان لاڀ نه ملڻ جون شڪايتون رهيون آهن. تيل جي دولت سان مالا مال علائقي خزيستان ۾ اٽڪل 37 لک ماڻهو رهن ٿا ۽ اتي عرب شيعن جو به چڱو موچارو انگ رهندڙ آهي، انهن کي ايراني حڪومت کان سخت شڪايتون آهن ته تيل جي دولت مان کين جوڳو لاڀ نه ٿو ملي. مارچ 2006ع ۾ آزادي پسند عربن جي هڪ احتجاجي هلچل دوران تشدد ٿيو، جنهن ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 250 کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا هئا. ايران جو الزام آهي ته ان تحريڪ کي سرحد پار کان پرڏيهي هٿ هلائي رهيا آهن. رالف پيٽرس جي نقشي ۾ ان علائقي کي ايران کان الڳ عراق ۾ نئين ٺهندڙ شيعا عرب رياست جو حصو ڏيکاريو ويو آهي. هاڻي جڏهن عراق جي ورهاڱي کانپوءِ هڪ شيعا عرب رياست جو ٺهڻ چٽي طرح نظر اچي رهيو آهي ته ايران اندر اها ڳڻتي پيدا ٿي رهي آهي ته ان سان خزيستان جي عرب شيعن ۾ عليحدگيءَ جا لاڙا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ سرحد پار کان مدد ملڻ جي صورت ۾ سندس تيل سان مالا مال علائقا خطري ۾ اچي ويندا. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو ايران پاران عراق ۾ نوري المالڪيءَ جي حڪومت کي ڀرپور مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، ته جيئن عراق کي متحد رکي سگهجي.
    ايران جي اتر اولهه ۾ ڪردستان جو علائقو آهي، جنهن جون سرحدون ترڪي ۽ عراق جي ڪرد خطن سان ملن ٿيون. ڪرد هينئر دنيا جي بنا رياست واري سڀ کان وڏي لساني آبادي سمجهي وڃي ٿي. عراق ۾ ڪردن جي خودمختيار خطي کي هاڻوڪي ويڙهاند کانپوءِ مڪمل طور هڪ آزاد رياست بنائڻ جا امڪان چِٽا ٿي چڪا آهن. عراقي خودمختيار ڪردستان جي صدر مسعود برزاني اعلان ڪري چڪو آهي ته تمام جلد ڪردستان جي مڪمل آزاديءَ لاءِ ريفرنڊم ڪرايو ويندو. سني جهادين پاران خلافت قائم ڪرڻ دوران ڪردن، عراق اندر ڪيترن ئي نون ڪرد علائقن تي والار ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ تيل سان مالا مال ڪرڪوڪ به شامل آهي. ساڳي طرح شام ۾ به ڪردن جا ڪجهه علائقا ان جو حصو ٿي رهڻ نه ٿا چاهين. ايران ۽ ترڪيءَ کي اها ڳڻتي آهي ته آزاد ڪردستان رياست قائم ٿيڻ کانپوءِ سندن ڪرد آباديون به ان جو حصو بنجڻ چاهينديون. ايراني ڪردن ۾ آجپي جا لاڙا اڳي ئي موجود آهن ۽ سرحد تي هڪ آزاد ڪردستان ٺهڻ کانپوءِ ايران لاءِ ڪرد علائقن کي ساڻ رکڻ اڃا به اوکو ٿي ويندو.
    ساڳي طرح پاڪستاني سرحد سان ڳنڍيل ايراني بلوچستان جي 14 لک آبادي پڻ ايران کان ناراض آهي ۽ اتي به عليحدگي جا لاڙا موجود آهن. ايراني ڏکڻ اوڀر واري بلوچستان ۾ به سماجي ۽ معاشي بدحالي اوج تي آهي. انهن علائقن ۾ رهندڙ بلوچن جو ثقافتي ۽ جذباتي رشتو پاڪستاني بلوچن سان آهي. پاڪستان ۾ به بلوچن پاران آجپي جي هلندڙ تحريڪ جو وڏو ڳڙهه تربت ۽ تمپ جا ايراني بلوچستان سان ملندڙ علائقا آهن. ڏهاڪو کن سالن کان هلندڙ بلوچستان جي آجپي جي تحريڪ لڳاتار ٿيندڙ رتوڇاڻ جي باوجود جاري آهي. سڀاڻي جيڪڏهن عالمي طاقتون ڪنهن علائقائي جوڙجڪ جي فارمولي تي عمل ڪنديون ته پاڪستان ۽ ايران لاءِ بلوچ علائقن کي گڏ رکڻ وڌيڪ اوکو ٿي پوندو. سرحد جي ٻنهي پار هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بلوچ، آجپي جي جنگ ۾ رُڌل آهن. آمريڪا لاءِ ان علائقي جو الڳ ۽ سندس وفادار هجڻ ان ڪري به ضروري آهي، جو معاشي حڪمت عمليءَ جي حوالي سان اهم ترين ماڳ گوادر جو پورٽ به بلوچستان ۾ واقع آهي، جيڪو هن وقت چيني ڪمپنيءَ جي حوالي آهي. آمريڪا کي نه ايران جي انتهاپسند حڪومت جي نيوڪليئر طاقت ٿيڻ قبول آهي ۽ نه نيو ڪليئر طاقت بڻيل پاڪستان جي سهڪار نه ڪرڻ واري روش وڻي ٿي، تنهن ڪري هڪ نئين حامي رياست سندس مفادن جي نگهباني لاءِ ان جي به ضرورت آهي. 2012ع ۾ آمريڪي ڪانگريس جي هائوس فارين افيئرس جي سب ڪميٽيءَ ۾ بلوچستان بابت ٿيل هڪ اهم ٻڌڻيءَ دوران بلوچ قومپرستن آمريڪا کي ٽي اهم آڇيون ڪيون، جن ۾ گوادر پورٽ ۾ آمريڪا کي انتظامي حصو ڏيڻ، ايران پاڪستان گيس پائيپ لائين رٿا کي روڪڻ ۽ طالبان خلاف وڙهڻ جون آڇون شامل هيون.
    ايران کانپوءِ خطي جو ٻيو اهم ملڪ افغانستان آهي، جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان اندروني ڏڦيڙ ۽ پرڏيهي حملن جو شڪار رهيو آهي. 1979ع ۾ سوويت يونين جي ٽُٽڻ کانپوءِ آمريڪا پاڪستان جي عسڪري اسٽبلشمينٽ جي مدد سان جهادين وسيلي جنگ جي شروعات ڪئي. اربين ڊالر انتهاپسند جهادين ۽ مارشلائي طاقتن مٿان خرچ ڪرڻ جا نتيجا اڄ پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي ڀوڳي رهيا آهن. ملڪ جي عسڪري اسٽبلشمينٽ جي لڳاتار غلط فيصلن جي نتيجي ۾ اڄ ملڪي وجود لاءِ خطرا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. افغانستان بنيادي طور قبائلي جاگيرن ۾ ورهايل هڪ ملڪ رهيو آهي. افغانستان جا پاڪستاني سرحدن سان لاڳاپيل علائقا پختون آباديءَ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن کي ورهائيندڙ سرحد ڊيورنڊ لائين 1893ع ۾ برطانوي ڀارت ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ٺاهه جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي. برطانيا جي سر مورٽيمر ڊيورنڊ ۽ افغانستاني امير عبدالرحمان خان 2640 ڪلوميٽر ڊگهي ان سرحد کي ٻنهي خطن جي ورهاست طور قبول ڪيو. اڳتي هلي اها سرحد پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد به بنجي وئي، افغانستان جي لڳ ڀڳ 40 کان 45 سيڪڙو آبادي پختون آهي، جڏهن ته باقي آبادين ۾ 27 سيڪڙو تاجڪ، 9 سيڪڙو هزارا شيعا، 9 سيڪڙو ازبڪ ۽ 3 سيڪڙو ترڪمان شامل آهن. افغانستان ۾ پختون ۽ اترين علائقن ۾ رهندڙ وچ ايشيائي نسل تاجڪ، ازبڪ وغيره الڳ ڌريون رهيون آهن. روس پاران حملي کانپوءِ غير پختون آباديءَ جي نمائندگي رياستي معاملن ۾ وڌائي وئي. ببرڪ ڪامل جي دور ۾ پشتو سان گڏ دري زبان کي به اهميت ڏني وئي ۽ بيوروڪريسي توڙي ملٽريءَ ۾ غير پختونن کي جوڳي نمائندگي ڏني وئي. اترين علائقن جو ڪماندر احمد شاهه مسعود طالبان جو سخت مخالف هو، جنهن 95-1994ع ۾ کين ڪابل تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو. اڳتي هلي 1996ع ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مدد سان طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ورتو. تاجڪ احمد شاهه مسعود ۽ ازبڪ رشيد دوستم طالبان جي آخري گهڙيءَ تائين سخت مزاحمت ڪندا رهيا، ويندي 2001ع تائين به غير پختون يونائيٽڊ فرنٽ جو افغانستان جي لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول هو. تاجڪ، ازبڪ ۽ ترڪمان آبادين جو افغانستان اندر پنهنجو اثر رسوخ آهي ۽ منجهن سرحدن تي موجود پنهنجي هم قوم ملڪن سان گڏجڻ جا ڪي سگهارا لاڙا موجود ناهن، تنهن ڪري انهن ۾ عليحدگيءَ جا لاڙا ناهن.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو 15 جولاءِ 2014ع)


    خطي ۾ انارڪيءَ جا انديشا ۽ پاڪستان جو آئيندو!

    گذريل ٻن مضمونن ۾ مون وچ اوڀر ۽ ايشيا اندر پيدا ٿيندڙ صورتحال جو هڪ جائزو پيش ڪيو هو. خدشو اهو آهي ته وچ اوڀر اندر جيڪڏهن ڪي وڏيون جاگرافيائي تبديليون آيون ته اهي ايران، افغانستان ۽ پاڪستان کي ضرور متاثر ڪنديون. لازمي طور تي انهن جو اثر سنڌ تي به پوندو. هن مضمون ۾ اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته انهن تبديلين جي صورت ۾ پاڪستان تي بحيثيت ملڪ ڪهڙا اثر پوندا. اها ڳالهه بنهه چِٽي آهي ته عالمي طاقتون پاڪستان جي هاڻوڪي رويي مان خوش ناهن ۽ اهي ڊگهي مدي ۾ ان کي ساڳين روين، پرڏيهي پاليسي، انتهاپسندن جي اڏن ۽ عسڪري سگهه سان قبول نه ڪندا. يا ته پاڪستان به ايران جيان هوريان هوريان هوڏ ڇڏي سندن شرطن سان سهمت ٿي سلامت رهي يا وري اهي قوتون لبيا ۽ شام جيان ان جي جاگرافيائي بيهڪ تبديل ڪرڻ کي هڪ آپشن طور استعمال ڪرڻ جو سوچي سگهن ٿيون. البته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ان لاءِ گهربل ماحول تيار ڪيو ويندو. اهو ماحول پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن سگهاريون ٿيندڙ انتهاپسندن جون قوتون به فراهم ڪري سگهن ٿيون ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ مضبوط ويڙهاند به ڪري سگهي ٿي. هن وقت رياست اندر ڪجهه ڌرين جي حمايت ۽ وچ اوڀر جي صورتحال جو تمام گهڻو فائدو مذهبي انتهاپسند ڌرين کي پهچي رهيو آهي. عراق ۽ شام ۾ مضبوط ٿيندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ وارين طاقتن جي سوڀن سان هن خطي ۾ هلندڙ انتهاپسنديءَ وارين تحريڪن کي زبردست هٿي ملندي. جيڪڏهن عراق ۽ اڳتي هلي شام عملي طور ورهائجن ٿا ۽ انتهاپسند قوتن کي جاگرافيائي ۽ رياستي مرڪز حاصل ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ايران، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ اُهي قوتون وڌيڪ ڀوائتي شڪل اختيار ڪري وينديون. تازين چونڊن کانپوءِ افغانستان به هڪ اندروني انتظامي گهوٽالي جو شڪار ٿي رهيو آهي. عراق جي امڪاني ورهاڱي سبب ايران لاءِ به پنهنجي جاگرافيائي وحدت برقرار رکڻ ۾ نون چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان اڳي ئي گهڻ پاسائن خطرن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. مذهبي ۽ فرقيوار قوتون ڏينهون ڏينهن سگهاريون ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اتر وزيرستان ۾ فوج انتهاپسندن خلاف وڏو آپريشن ڪري رهي آهي، پر هاڻي اها ڳالهه چِٽي ٿي وئي آهي ته انتهاپسندن جي قيادت ان آپريشن کان اڳ ئي علائقي مان محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ٿي چڪي آهي. نائين جولاءِ تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ميران شاهه جي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ ميجر جنرل ظفرالله خان پٺاڻ اهڙو انڪشاف ڪيو.
    پختونخواهه کان سواءِ اُهي ڌريون بلوچستان ۾ کلي عام رتوڇاڻ ڪنديون رهيون آهن ۽ هاڻي انهن سنڌ ڏانهن به منهن ڪيو آهي. ويجهن سالن اندر سنڌ ۾ سندن پکڙجندڙ ڄار ۽ ڪارروايون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اُهي طاقتون سنڌ کي به وڪوڙي رهيون آهن. تازو حيدرآباد جي ڊي آءِ جي اهو انڪشاف ڪيو آهي ته رڳو حيدرآباد ريجن ۾ 2100 مسجدون ۽ 600 مدرسا آهن، جن ۾ 50 هزار کان وڌيڪ طالب موجود آهن. اتر سنڌ، لاڙ ۽ وڏين شاهراهن جي پاسن تي مدرسن جو ڄار تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي. سعودي عرب جي مالي ۽ ملڪ جي واڳ ڌڻين جي انتظامي ۽ عسڪري واهر سبب اُهي ڌريون ڏينهون ڏينهن اڳ کان وڌيڪ سگهاريون ٿي رهيون آهن. سنڌ سرڪار چوويهه ڪلاڪ بدلين، مقررين، ترقين ۽ ٺيڪن ۾ رُڌل آهي ۽ سنڌ هوريان هوريان واريءَ جيان هٿن مان نڪري رهي آهي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت مٿان وري قبائلي علائقن مان ايندڙن جي آجيان ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ڇڏيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن اندر سنڌ ۾ صورتحال خراب ٿي ويندي. پيپلز پارٽي هن وقت سنڌ جي وجود لاءِ ڪهڙا موتمار خطرا پيدا ڪري رهي آهي، ان جو اندازو شايد ئي ڪنهن کي هجي. سنڌ جي وحدت ۽ امن کي ايندڙ سالن ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو نقصان پهتو ته ان جي سڀ کان وڏي ذميوار پيپلز پارٽي ئي هوندي.
    بلوچستان ۾ علحدگي پسند تحريڪ سموري ڪارروائي جي باوجود ختم نه ٿي سگهي آهي. خيبر پختونخواهه ته اڳي ئي باهه ۾ سڙي رهيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ ۾ بلوچستان کان سواءِ ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ آجپي جي تحريڪ ايتري سگهاري ناهي، جو هن رياستي ڍانچي کي ڪيرائي رالف جي نقشي کي سچو ثابت ڪري سگهي، پر اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته هڪ ڀيرو ڪا گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انارڪيءَ تي ڪنهن جو به ضابطو نه هوندو. ان جو هڪ مثال عراق ۽ شام جي صورتحال آهي. عالمي طاقتن جي ڏڍ تي انتهاپسند طاقتن جي ٽپي پوڻ کان اڳ اهي رياستون پاڪستان کان به وڌيڪ مستحڪم هيون. جڏهن عراق ۾ گهرو ويڙهه شدت اختيار ڪئي ته خودمختيار ڪرد علائقي الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پاڪستان ۾ به ساڳي طرح سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آباديءَ جي تحريڪن جا بنياد چٽي طرح موجود آهن. پختونخواهه ۽ قبائلي علائقن ۾ به ڪي ڌريون ملڪ کان سخت ناراض آهن، تنهن ڪري سڀاڻي علائقائي صورتحال جي بگاڙ ۽ ڪنهن اندروني گهرو ويڙهه جو ماحول پيدا ٿيو ته ملڪي سالميت لاءِ خطرا شدت اختيار ڪري ويندا، اهڙي صورتحال کي ان وقت ڪنهن عسڪري طاقت سان روڪڻ مشڪل ٿي پوندو، ان سان رتوڇاڻ ته ٿيندي، پر نتيجو اهو ئي نڪرندو جيڪو ٻين خطن ۾ ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ ان خطري جا هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا.
    * ملڪ اندر مذهبي انتهاپسنديءَ جون پاڙون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيون آهن ۽ ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي ان کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن، اڃا به سٺي ۽ خراب دهشتگردن وارو فارمولو جيئن جو تيئن موجود آهي. هڪ پاسي ڪن ڌرين خلاف ڀرپور آپريشن هلي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڪيئي پابندي مڙهيل فرقيوار ۽ مذهبي ڌريون سرعام پنهنجون سرگرميون جاري رکيو پيون اچن، انهن ڌرين کي واڳ ڌڻين جي حمايت هجڻ ڪا لِڪل ڳالهه ناهي. اڳي اهي هڪ خطي تائين محدود هئا، هاڻي بلوچستان ۽ ويجهر ۾ سنڌ اندر به پاڙون کوڙڻ ۾ کين ڀرپور واهر ملي رهي آهي، ان قسم جي ڌرين جي سرپرستي اڳ ئي عالمي برادريءَ ۾ ملڪ کي اڪيلو ڪري رهي آهي. اڳتي هلي اهي طاقتون ملڪ اندر ان انارڪيءَ کي عام ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. ملڪ کي سگهارو بڻائڻ بدران رالف جي نقشي ڏانهن وٺي ويندي.
    * ملڪ اندر وفاقي نظام پنهنجي اصولي بنيادن کان شروع کان انڪاري رهيو آهي. سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسيءَ تي هڪ صوبي جي اثر سبب باقي صوبن ۾ پهرين ڏينهن کان ناراضگي آهي، ان رويي اڳ ئي 1971ع ۾ ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو ۽ ان ۾ اڃا به تبديليءَ جا سگهارا اُهڃاڻ نه ٿا ملن، تنهن ڪري ڪنهن انتهائي صورتحال ۾ وفاقي ايڪا ڪردن جيان مرضيءَ جا آپشن چونڊڻ چاهيندا.
    * هڪ تاثر عام رهيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا انتهائي بحراني صورتحال پيدا ٿي ته فوج هڪ مضبوط ۽ منظم اداري طور ان کي منهن ڏئي سگهندي.
    * ملڪ اندر ڪابه ملڪي سطح جي سياسي پارٽي يا قيادت موجود ناهي، جيڪا ڪنهن بحراني صورتحال ۾ ملڪ جي مختلف علائقن جي عوام ۽ سياسي ڌرين کي اعتماد ڏئي گڏ کڻي هلائي سگهي. 1971ع ۾ ملڪ ورهائجڻ کان پوءِ ڀٽي لاءِ باقي ملڪ ۾ ڪنهن حد تائين قبوليت موجود هئي، ان معيار جي ٻي اهم شخصيت بينظير ڀٽو هئي. هينئر ملڪ جون ٽي وڏيون پارٽيون نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ملڪي سطح جون نه پر عملي طور علائقائي سطح جون پارٽيون آهن. سندن قيادت به بس علائقائي سطح تي مقبول آهي ۽ انهن مان ڪنهن وٽ به ملڪي سطح جي شخصيت هجڻ جا اُهڃاڻ نه ٿا ملن، جيڪا اهڙي انارڪيءَ کي سياسي طور روڪي سگهي.
    * 18هين ترميم وسيلي صوبن کي ڪجهه نه ڪجهه اختيار ڏيئي وفاق کي نئين سر جيارڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي، ان کي اسلام آباد جي مرڪزيت پسند بيورو ڪريسي ۽ پنجاب جي سياسي قيادت عملي طور لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري پارليامينٽ جي مٿڀرائيءَ وارو تاثر ختم ٿي رهيو آهي ۽ صوبن جو وفاق سان رشتو ڪمزور ٿي رهيو آهي.
    * لکين ماڻهن جي جدوجهد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ جيڪا اَڀري سَڀري جمهوريت بحال ٿي، اُن کي هلائيندڙ ڌريون اُن جا فائدا عوام تائين پهچائڻ ۾ پاڻ وڏي رنڊڪ بڻيل آهن. ڪرپشن، اقربا پروري، علائقي پرستي ۽ انتظامي نااهليءَ سبب عوام جو وڏو حصو جمهوري نظام جي ثمر کان وانجهيل آهي ۽ ڪنهن گهوٽالي جي حالت ۾ اڳ جيان غير جمهوري طاقتن سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. کين خبر پئجي چڪي آهي ته سندن قربانين جو ڦل جاگيردار، وڏيرا، ڪرپٽ وچولو طبقو، دهشتگرد ۽ ڦورو طبقا هڙپ ڪري وڃن ٿا، تنهن ڪري اهي هنن جمهوري سڏائيندڙ حڪومتن جي بچاءَ لاءِ اڳ جيان ويڙهاند ۾ نه لهندا. جيئن آمريڪا، عراق اندر ڀڃ ڊاهه کي اکين سان ڏسندي ماٺ آهي، پاڪستان ۾ به ڪو اهڙو گهوٽالو پيدا ٿيو ته عالمي طاقتون عليحدگيءَ جي سگهه رکندڙ ڌرين جي واهر ڪنديون. هونئن به پاڪستان جا سرحدي ملڪن سان لاڳاپا گهڻو ڪري دوستاڻا ناهن رهيا ۽ سواءِ چين جي باقي سرحدي ملڪن سان ڊگهي عرصي جي ڇڪتاڻ سبب اُهي به ان صورتحال مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا.
    * پاڪستان ۾ رياستي ڍانچو عام ماڻهوءَ کي فائدو ڏيڻ جي حوالي سان ڏينهون ڏينهن بي اثر ٿي رهيو آهي. لاقانونيت حدون اورانگهي چڪي آهي. امن امان، قانون ۽ انصاف جا ذميوار ادارا پنهنجي افاديت وڃائي ويٺا آهن. رياستي ادارن وٽان عوام کي نه تحفظ ٿو ملي، نه انصاف ٿو ملي ۽ نه بنيادي خدمتون ٿيون ملن. رياست ۽ شهري وچ ۾ رشتي جي تند خطرناڪ حد تائين نازڪ ٿي چڪي آهي ۽ شهري هر پاسي کان مايوسيءَ جو شڪار آهن.
    ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ملڪ اندر گهوٽالو حڪومتي ادارن جي سنڀالڻ کان گهڻو مٿي چڙهي چڪو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ اندروني يا ٻاهرين صورتحال سبب ڪا انارڪي پکڙجي ٿي ته هر پاسي مسئلا پيٽرول وانگر پکڙيل آهن، جيڪي ان باهه کي ڀَڀڙ بڻائي ڇڏيندا، ان جو نتيجو هڪ خطرناڪ گهرو ويڙهه جي صورتحال ۾ نڪري سگهي ٿو، وچ اوڀر، خطي ۽ پاڪستان کان پوءِ ايندڙ مضمون ۾ اسان سنڌ تي ان صورتحال جي ٿيڻ جوڳن اثرن جو جائزو وٺنداسين.

    (ڇنڇر 26 جولاءِ 2014ع)


    عوامي شعور ۽ سگهه سنڌ جي اُميد آهي

    رالف جي نقشي ۽ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي پسمنظر ۾ هي آخري مضمون آهي، جنهن ۾ اسان سنڌ جي صورتحال تي هڪ نظر وجهنداسين. گذريل مضمونن ۾ مون وچ اوڀر، ايشيا ۽ پاڪستان لاءِ ممڪنه طور پيدا ٿيندڙ صورتحال جو هڪ تفصيلي جائزو پيش ڪيو هو. هن تجزئي کي پڙهڻ وقت اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان بحث جو بنياد عراق ۾ پيدا ٿيل ورهاڱي واري صورتحال ۽ 2006ع ۾ پيٽر رالف جو ڏنل نقشو آهي. ان صورتحال تي ڪيترائي خارجي ۽ اندروني فيڪٽر اثر انداز ٿيندا ۽ جنهن رفتار سان صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، ان ۾ اهي سڀ اندازا ۽ تجزيا به تبديل ٿي سگهن ٿا. پاڪستان، ايران ۽ افغانستان بابت منهنجو تجزيو ٻن بنيادن تي ڪيل آهي. هڪ ته انهن ملڪن ۾ انارڪيءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ مذهبي انتهاپسند قوتن جو خطي ۾ سگهارو ٿيڻ آهي، ٻيو ته انهن ملڪن ۾ اندروني ڏڦيڙ اڳي ئي موجود آهي، جيڪا ڪنهن انارڪيءَ واري صورتحال ۾ گهرو ويڙهه ۽ ورهاڱن کي جنم ڏيڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ صورتحال ان ڪري وڌيڪ مُنجهيل آهي جو رياست جا واڳ ڌڻي مذهبي انتهاپسنديءَ بابت ڪا به چِٽي لائين اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ ٻيو ته اهي ملڪ جي اندروني تڪرارن کي سياسي ساڃاهه بجاءِ ڏنڊي جي زور تي حل ڪرڻ واري روِش تي قائم آهن، جيڪا ملڪ لاءِ وڏو هاڃو پيدا ڪري سگهي ٿي. واڳ ڌڻي چاهين ته ملڪ کي هن صورتحال مان ڪڍي هڪ درست معنى ۾ عوام دوست سگهاري رياست بڻائي سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان سوچ ۽ عمل ٻئي ان جي ابتڙ نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن اهي سڀ ٻاهريان ۽ اندروني فيڪٽر گڏجي پاڪستان ۾ڪنهن خطرناڪ انارڪيءَ کي جنم ڏيندا ته سنڌ تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا؟
    سنڌ واسين لاءِ ڪهڙيون للڪارون ڪَر کڻنديون. منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن ملڪ اندر ڪا انارڪيءَ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان جو شڪار ٿيندي. ان اندازي لاءِ مون کي هيٺيان ڪارڻ نظر اچن ٿا. سنڌ گهڻ- لساني صوبو هجڻ سبب اُتي جي مقامي آباديءَ مٿان ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جي تلوار ٽنگيل آهي. آباديءَ جي عدم توازن سبب سنڌين لاءِ خاص طور تي ڪراچي شهر جي مالڪي ڏکي ٿي وئي آهي. البته گذريل ڪجهه سالن اندر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙن کانسواءِ پختون ۽ بلوچ ڌرين جي مضبوط ٿيڻ کان پوءِ ان شهر مٿان ڪنهن اڪيلي ڌر جي قبضي وارو خواب ساڀيان ٿيندي نظر نه ٿو اچي. هن خطي جو حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اهم ترين پورٽ سٽي هجڻ سبب ڪراچي هر ڌر لاءِ جيئڻ مرڻ جو معاملو آهي. شهر ۾ اڳي ئي گهرو ويڙهه جهڙيون حالتون آهن ۽ ڪنهن انارڪيءَ جي حالت ۾ اهو شهر مختلف هٿياربند گروهن هٿان ڀيانڪ رتوڇاڻ جي ور چڙهي سگهي ٿو. لساني نه پر هاڻي ته انتهاپسند مذهبي ڌرين به ان شهر ۾ ڀائيواري ڪري ورتي آهي، اها صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سنڌ ۾ ڪا به اهڙي قدآور سياسي شخصيت ناهي، جيڪا سمورين لساني ڌرين کي ساڻ کڻي گڏيل مفادن لاءِ ميدان هموار ڪري سگهي. ڪنهن به انارڪيءَ جي صورتحال ۾ ڪراچيءَ جي مالڪي وڏي ويڙهاند جو بنياد بڻجندي. جيتوڻيڪ ڪراچي شهر اندر سنڌي ڪا سگهاري ڌر شايد نه هجن، پر صوبي جي مجموعي بيهڪ اندر سنڌين کي ٻاهر رکي، ڪراچيءَ بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ ممڪن نه هوندو. عالمي طاقتون هن خطي اندر ڪراچيءَ ۽ مجموعي طور ڏاکڻي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي پنهنجي وفادار طاقتن جو قبضو ڏسڻ چاهينديون، ان ڊوڙ ۾ آمريڪا ۽ سندس اولهه وارا اتحادي هڪ پاسي ۽ چين ٻئي پاسي ڌر هوندا.
    آمريڪا ۽ يورپي طاقتون ڪراچي جي انتهائي اهم سامونڊي اڏي کي پنهنجي وفادار طاقتن وٽ ڏسڻ گهرنديون. بلڪه بلوچستان جو نقشو بدليو ته گوادر جو پورٽ به سندن حامين وٽ اچي ويندو. ان لحاظ کان ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچي هن ملڪ جي سياست توڙي ڪنهن به ٽڪراءُ جو انتهائي اهم مرڪز بڻجندو. اهي طاقتون جيڪي سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي ۾ ڪا به دلچسپي رکن ٿيون، انهن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رڳو ڪراچي نه پر سموري ساحلي پٽي هوندي. ساڍا ٽي سئو کان چار سئو ڪلوميٽرن جي اها ساحلي پٽي ڪيترن ئي علاقائي مفادن جي نگهبانيءَ لاءِ اهم آهي. سنڌ جي سياسي ڌرين کي سموري ساحلي پٽيءَ ۾ سنڌين جي عددي ۽ سياسي سگهه وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص ۽ ٿر جي سموري ڏاکڻي پٽي اهڙي ٽڪراءَ جي صورت ۾ سنڌ دشمن ڌرين جي نگاهن جو مرڪز بڻجندي. مختلف سببن جي ڪري ڪراچي اڪيلي سر سندن مفادن جو پورائو نه ڪري سگهندي. ان پسمنظر ۾ ڏاکڻي سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ مذهبي ڌرين جي وڌيڪ ڌيان کي سمجهڻ گهرجي. ويجهي ماضيءَ ۾ انتهاپسند ڌرين انهن علائقن ۾ پنهنجون عوامي رابطي واريون سرگرميون وڌايون آهن. ڌارين زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون آهن، انتهاپسند ٽولن ساحلي شهرن ۾ چرپر وڌائي ڇڏي آهي ۽ ان علائقي ۾ انفرا اسٽرڪچر تي زبردست سيڙپڪاري ٿي رهي آهي. ذوالفقار آباد انهن قوتن لاءِ هڪ متبادل ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو.
    سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انارڪي پيدا ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان گهڻي ننڌڻڪائي سنڌين جي ڀاڱي ۾ ايندي، ان جو اهم ڪارڻ سنڌين جي ڪمزور نمائندگي آهي. سنڌي وڏيرا جنهن به پارٽيءَ ۾ هجن هميشه سگهارين ڌرين جو پاسو وٺندا ۽ عام سنڌين جي مفادن جي کين ڪا به ڳڻتي نه هوندي. سنڌي وچولو طبقو پيپلز پارٽيءَ جي مهربانين سان حد درجي جو ڪرپٽ ٿي چڪو آهي ۽ ان مان سنڌ جي مفادن جي نگهبانيءَ جي اميد اجائي آهي. نئينءَ مان وڏيرا ٿيل وچولي طبقي جا ڪرپٽ همراهه موقعي پرستيءَ ۾ وڏيرن کي به مات ڏئي ڇڏيندا. سنڌ ۾ قومي وجود ۽ بنيادي مفادن جي حوالي سان هميشه مزاحمتي ڪردار قومپرست ڌرين ادا ڪيو آهي. پنهنجي حال ۽ وس آهر قومپرست ڌريون عوام کي متحرڪ ڪري ڪارائتو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، پر جنهن شديد انتهائي خطرناڪ صورتحال ۽ ملڪي سطح جي انارڪيءَ جو انديشو آهي، ان کي منهن ڏيڻ واري گهربل سگهه قومپرست ڌرين ۾ في الحال نظر نه ٿي اچي. انارڪيءَ جي طاقتن جي هر محاذ تي مزاحمت ڪرڻ، بين الاقوامي فورمن ۽ عالمي طاقتن سان ميز تي پنهنجي شرطن تي ڳالهائڻ ۽ کين بگهڙن اڳيان سنڌ جي وحدت کي سلامت رکڻ ڪو چرچو نه هوندو. ان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ جنهن قسم جي سگهاري منظم تنظيم گهرجي، ان جي کوٽ چِٽي طرح موجود آهي. ها البته قومپرستن ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته جيڪڏهن اهي پنهنجا رويا تبديل ڪن ۽ قومي سياست کي گهربل سطح جي سنجيدگيءَ سان قيادت فراهم ڪن ته اهي بحراني صورتحال ۾ سنڌين جي نمائندگي ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته هتي ڪنهن عام رواجي روز مره جي مسئلن جو نه پر عراق جهڙي ڳنڀير بحران واري صورتحال کي سامهون رکي سوچڻو پوندو. اهو چئلينج اسان جي سوچ کان هزار ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ هوندو. اهڙي صورتحال کي رڳو اخباري بيانن، ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ مظاهرن ۽ پريس ڪلبن اڳيان بک هڙتالن سان منهن نه ڏئي سگهبو، ان قسم جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام وڏي سطح جي سياسي سگهه ۽ سنجيده روين جي ضرورت آهي. ڊيموگرافيءَ جي تبديلي ۽ مذهبي انتهاپسندي به موتمار چئلينج آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي گهرجي.
    ساڳي طرح پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي به ڪا اهڙي سگهاري ۽ مانائتي ڌر نظر نه ٿي اچي، جيڪا ڪنهن وڏي گهوٽالي جي صورتحال ۾ ملڪ کان ٻاهر سنڌين جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي برادريءَ سان لهه وچڙ ڪري سگهي. سنڌين جو هڪ چڱو موچارو انگ پرڏيهه ۾ رهي ٿو، پر انهن جو به ڳانڍاپو ايترو سگهارو ناهي، ان جو هڪ وڏو ڪارڻ سنڌ اندر ڪنهن سگهاري هلچل جو نه هجڻ آهي، جيڪا پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين کي سلهاڙي سگهي. جيڪڏهن ڪا انتهائي صورتحال جنم وٺي ٿي ته بين الاقوامي لابنگ جو تمام اهم ڪردار هوندو. بدقسمتيءَ سان سنڌين جو اهو محاذ نهايت ڪمزور آهي. انتهائي بحراني صورتحال ۾ وڏيون طاقتون جڏهن وڏا فيصلا ڪرڻ ويهنديون ته سفارتي محاذ تي سنڌين جي نمائندگي ڪير ڪندو، اهو ڳڻتيءَ جوڳو سوال آهي.
    سنڌ کي هڪ ٻي وڏي للڪار تيزيءَ سان پکڙجندڙ مذهبي ۽ فرقيواراڻي انتهاپسنديءَ مان آهي. سگهه ڌڻين جون اتحادي انتهاپسند قوتون سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن سگهاريون ٿي رهيون آهن. سنڌ حڪومت جي خطرناڪ حد تائين جي غير ذميواري ۽ قومپرست توڙي کاٻي ڌر جي طاقتن جي ڪمزوريءَ جي نتيجي ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، ان مان اهي ڌريون ڀرپور فائدو وٺي رهيون آهن. اهي ڌريون اڳتي هلي سنڌ ۾ قومي حقن جي آواز کي چيڀاٽڻ لاءِ مختلف طريقن سان ڪتب آنديون وينديون. بلوچستان ۾ جيئن قومي حقن جي تحريڪ سگهاري ٿي ته ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انهن فرقيوار قوتن کي اڀاريو ويو ۽ رتوڇاڻ جا نوان پاسا سامهون آيا. ماضيءَ ۾ بنگلاديش جي تحريڪ وقت ساڳين طاقتن کي البدر ۽ الشمس طور ڪتب آندو ويو. ايندڙ ڏينهن ۾ اهي طاقتون سنڌ اندر هڪ وڏي ڌر ٿي اڀري سگهن ٿيون. ان جون شروعاتي جهلڪيون هينئر ڪراچيءَ ۾ نظر اچي رهيون آهن. جنهن رفتار سان هن خطي ۾ صورتحال بدلجي رهي آهي، ان سان ايندڙ وقت ۾ سنڌ لاءِ ڳنڀير چئلينج اڀرندي نظر اچي رهيا آهن. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هنن حالتن ۾ سنڌ اندر ڪنهن به قسم جي رتوڇاڻ يا آبادين وچ ۾ ٽڪراءُ سنڌين کي فائدو نه پر نقصان ڏيندو. ڪنهن به ملڪي سطح جي انارڪيءَ جو فائدو اهو ڌريون وٺنديون جن جي سياسي محدود ذهنيت سبب سوچ جو محور سنڌ جو جاگرافيائي ورهاڱو هوندو. گهڻ لساني صوبو هجڻ سبب سنڌين مٿان سنڌ جي وحدت وارو سوال تلوار جيان ٽنگيل رهندو. آباديءَ جو بگڙجندڙ توازن ان صورتحال کي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيندو.
    ڪنهن به انتهائي صورتحال ۾ سنڌين لاءِ سڀ کان اهم مسئلو اثرائتي نمائندگيءَ جو هوندو، سنڌ کي هڪ اهڙي منظم، محب وطن سياسي نمائندگيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا جديد دور جي چئلينجز جي ڳنڀيرتا کي سمجهندي هجي، جنهن ۾ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ عالمي طاقتن اڳيان سنڌ جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ جي صلاحيت هجي. هن وقت سنڌ ۾ ان سطح جي ڪا نمائنده ڌر نظر نه ٿي اچي ۽ اها ئي سنڌ واسين لاءِ سڀ کان وڏي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.
    البته هڪ اميد سنڌ جي ان اجتماعي سياسي ۽ مزاحمتي شعور مان آهي، جيڪو هميشه مصيبت جي وقت شيهي جي ڀت بڻجي پوندو آهي. سياسي قيادت جي ڪمزوريءَ جو خال رڳو اجتماعي عوامي قومي شعور ڀري سگهي ٿو. اهو اجتماعي شعور اهڙي انتهائي صورتحال ۾ ڪهڙي شڪل اختيار ڪندو، ان بابت اڳڪٿي ڪرڻ مشڪل آهي، پر مايوسيءَ جي اُٿاهه انڌيرن ۾ اُميد جو ڪرڻو وري به سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور آهي.
    (روزاني ڪاوش، اڱارو 05 آگسٽ 2014ع)


    ٻن ڌرين وٽ يرغمال ٿيل سنڌ جي سياست

    ايم ڪيو ايم هن ڀيري ڪنهن ٻئي مُهانڊي بجاءِ سڌو سنئون پاڻ سنڌ جي ورهاڱي جي نعري ۽ مطالبي سان سامهون آئي آهي. هوريان هوريان پاڻ کي ٻيهر مهاجر نسلي سياست سان ڳنڍڻ ايم ڪيو ايم جي مجبوري بڻجي وئي آهي. مکيه سياسي ڌارا جي تقاضائن تي پورو لهڻ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جنهن شديد اندروني ڏڦيڙ جو شڪار آهي، اُن کي دٻائڻ لاءِ اُن کي اهڙي نوعيت جي نسل پرست نعري جي ضرورت پئجي وئي آهي. 2013ع جي چونڊن ۾ جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي ڳڙهه وارن علائقن مان تحريڪ انصاف کي ووٽ مليا، اُن سان اها حقيقت پڌري ٿي وئي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي ڪنهن مناسب سياسي متبادل لاءِ واجهائي رهي هئي. پي ٽي آءِ وٽ شهري وچولي طبقي لاءِ نسلي سُڃاڻپ کان مٿانهين ڇڪ رهي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ نه رڳو ايم ڪيو ايم خلاف ووٽ ڪيو، پر سندس ڳڙهه وارن علائقن ۾ اُن جي خلاف ڌرڻن ۾ به شرڪت ڪئي. ويجهي ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي جيڪڏهن ڪو سگهارو سياسي چئلينج سامهون آيو ته اُها تحريڪ انصاف ئي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جڏهن تحريڪ انصاف پنهنجي سياست جو مرڪز نواز شريف مخالف سياست کي بڻايو ته ايم ڪيو ايم سندس حمايت تي لهي آئي ۽ ساڻس دوستاڻا ناتا بحال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ايم ڪيو ايم جي خواهش آهي ته تحريڪ انصاف پنهنجي سياسي توجهه جو مرڪز پختونخوا ۽ پنجاب تائين محدود رکي، پر جيئن ئي تحريڪ انصاف جي سربراهه اهو بيان ڏنو ته هو ڪراچيءَ جي عوام کي ڏهڪاءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ ڪراچي ايندو ته ايم ڪيو ايم جي قيادت اسيمبليءَ جي فلور تي سندس خلاف انتهائي سخت زبان اختيار ڪئي، مٿان وري جڏهن تحريڪ انصاف ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ايم ڪيو ايم کي اڃا به وڌيڪ سوڙهه محسوس ٿي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جو اندروني ڏڦيڙ اُتي وڃي پهتو آهي، جو هر مهيني لنڊن مان استعيفى جا اعلان ٿين ٿا ۽ ڪا نه ڪا ڪميٽي ٽوڙي وڃي ٿي. يرغمال ٿيل ميڊيا تان ڀلي ڪهڙيون به تقريرون ۽ بيان نشر ڪرايا وڃن، پر اُهي حقيقتون ڪميونيڪيشن جي هن جديد دور ۾ لڪائڻ ممڪن ناهن. عمران فاروق قتل ڪيس ۽ سگهاري ٿيندڙ اندروني تڪرار کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي هڪ اهڙي تماشي جي ضرورت آهي، جنهن سان اها ڪراچي ۾ پنهنجي سياسي دڪانداري سجائي رکي سگهي. اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي هر ٻي قوم ۽ رياستي ڍانچي کان خوف ڏيارڻ اُن جو آخري پتو آهي، ان ڪري ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر الڳ صوبي جو نعرو اُڀاري اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي نسلي بنيادن تي پاڻ سان سلهاڙي رکڻ تي لهي آئي آهي. کيس ڪراچيءَ کي بندوق جي زور تي يرغمال رکڻ سان ملڪي سياست ۾ سندس ڀائيواري سلامت رهي ٿي ته ساڳئي وقت عالمي طاقتن سان به اها پنهنجي شرطن تي معاملا طئي ڪندي رهي ٿي. ڪراچيءَ جي اردو آباديءَ جو ڪنهن ٻي سياسي ڌر ڏانهن لاڙو ايم ڪيو ايم کي ذري جيترو به قبول ناهي. تحريڪ انصاف جڏهن جمهوري نظام کي لوڏي ۾ آڻيندڙ ڌرڻا اسلام آباد يا لاهور ۾ هڻي ٿي ته ايم ڪيو ايم سندس حمايت ۾ غاليچا وڇائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي، پر جيئن ئي پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي هلچل جو مرڪز ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ڪري ٿي ته اُن جو رويو يڪدم بدلجي وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ پي ٽي آءِ پاران ڪيل وڏي جلسي کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي قيادت تي اڃا به دٻاءُ وڌندو. پي ٽي آءِ پاران سمورن تڪن تي ووٽن جي چڪاس واري مطالبي سان به ايم ڪيو ايم لاءِ مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي ووٽن جي اهڙي چڪاس ٿئي ٿي ته ايم ڪيو ايم جي نام نهاد ڪراچي مينڊيٽ جي به اصليت وائکي ٿي ويندي. ايم ڪيو ايم کي اها به خبر آهي ته جيڪڏهن چونڊ نظام ۾ بنيادي سڌارا آيا، ٺيڪ طرح سان تڪبنديون ڪيون ويون ۽ ووٽنگ جو ڪو شفاف سرشتو لاڳو ٿي ويو ته پوءِ تحريڪ انصاف اُن کي ڪراچيءَ ۾ وڏو ڌڪ رسائي سگهي ٿي. ايم ڪيو ايم کي اها به خبر آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ جي به پرڏيهي طاقتن تائين پهچ آهي ۽ ساڳئي وقت ان کي ميڊيا مان بليڪ آئوٽ ڪرائڻ به ممڪن ناهي، تنهن ڪري ان سان ٽڪراءَ ۾ اچڻ به مشڪل آهي. ڪراچي آپريشن جي نتيجي ۾ پارٽيءَ اندر ڪرمنل ۽ هٿياربند عنصرن تي پڻ دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اهڙي طرح ڏينهون ڏينهن ڪراچيءَ جي سياست تان سندس هڪ هٽي ڪمزور ٿي رهي آهي.
    انهن سمورن ڪارڻن ايم ڪيو ايم کي مجبور ڪيو آهي ته اها ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سياسي سگهه کي برقرار رکڻ لاءِ لساني سياست ڏانهن موٽي وڃي. ان لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته پارٽي ڪيڊر ۽ عام اردو ڳالهائيندڙن کي ڪنهن وڏي تماشي ۾ سيڙائي منجهن هٿ ٺوڪيو احساس محرومي ۽ خوف پيدا ڪيو وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم کي پنهنجي پناهگاهه سمجهندا رهن. ايم ڪيو ايم جي سمورين دعوائن جي باوجود حقيقت اها آهي ته 1998ع جي آدم_ ڳڻپ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي ڪراچيءَ ۾ پنجاهه سيڪڙو کان به گهٽ هئي. گذريل پندرهن سالن دوران سنڌ جي ٻهراڙين، پختونخوا، فاٽا ۽ سرائيڪي وسيب مان آباديءَ جي وڏي لڏپلاڻ ڪراچيءَ ڏانهن ٿي آهي، تنهن ڪري ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم هڪ اقليتي لساني گروهه جي نمائندگي ڪري رهي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته مشرف جي لساني پاليسين جي نتيجي ۾ تڪبندين ۾ هٿ چراند ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ دهشتگرديءَ جي ٽڪساٽ سان ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ جي سياست تي قبضو برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، پر ان کي چڱي طرح پتو آهي ته اهو مانڊاڻ سلامت رکڻ هاڻي ممڪن ناهي رهيو. هاڻي ايم ڪيو ايم وٽ سواءِ لساني نعرا ڏيڻ ۽ نفرتون وڌائڻ جي ٻيو ڪو چارو ناهي رهيو، ان امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست کي بچائڻ لاءِ وڏي پئماني تي لساني وڳوڙ ڪرائي، الڳ صوبي واري معاملي تي هن ڀيري کلي طرح پاڻ اڳيان اچڻ جي ضرورت سان ايم ڪيو ايم جي فرسٽريشن جي انتها صاف نظر اچي ٿي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي آهي، جيڪا ذري گهٽ ساڳي صورتحال مان گذري رهي آهي، ڪرپشن، بدعنواني ۽ خراب حڪمرانيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙڻ کان پوءِ اُن کي پنهنجو سياسي آئيندو گهڻو شاندار نظر نه ٿو اچي. پيپلز پارٽيءَ کي چڱي ريت پتو آهي ته شهيدن جا حوالا ڏئي، گهڻو وقت سنڌين کي جذباتي طور يرغمال نه رکي سگهبو. گذريل چونڊن ۾ سڄي سنڌ جي شهري علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنز تي پيپلز پارٽيءَ جي ڪارڪردگي تمام خراب رهي آهي. ان ٻهراڙين ۾ ڏنڊي، رشوت ۽ جذباتي نعرن سان سنڌين جا ووٽ حاصل ڪيا هئا، اهو ئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻهراڙين جي نيم شهري مرڪزن کي معاشي يا صنعتي ترقي ڏيارڻ بجاءِ اُن کي کنڊر بڻائي رکڻ گهري ٿي، ڇاڪاڻ ته شهري ماحول ۾ جيڪو وچولو طبقو جنم وٺي ٿو، اهو هاڻي اکيون بند ڪري، پنهنجو ووٽ نه ٿو ڏيڻ گهري. جيڪڏهن سنڌ اندر پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست ڌرين اندر گهربل سياسي سگهه موجود هجي ها ته پيپلز پارٽيءَ کي چونڊن ۾ سخت ڏکيائيءَ جو منهن ڏسڻو پوي ها. هن جي اُبتڙ پي ٽي آءِ وٽ اها صلاحيت موجود آهي ته جيڪڏهن هن پنجاب، پختونخوا جيان ڪنهن مرحلي تي سنڌ جي ٻهراڙين ڏانهن ڌيان ڏنو ته اها پيپلز پارٽيءَ کي سخت چئلينج ڏئي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ پاران ڪرپشن، ميرٽ، امن ۽ شفافيت کي ايجنڊا بڻائڻ سبب وچولي طبقي ۾ ان لاءِ ڇڪ موجود آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ سنڌ ۾ چونڊن واري سياست تي سنجيدگيءَ سان محنت ڪئي ته ان سان پيپلز پارٽيءَ جي ٻهراڙين ۾ سياسي هڪ هٽيءَ کي چئلينج ضرور ايندو. جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻهراڙين جو نيم قبائلي ۽ جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو اڃا به پيپلز پارٽيءَ جي وڏيرن جي قبضي هيٺ ئي رهندو، پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي لاءِ سنڌ کي ائين پنهنجي جاگير ڪري هلائڻ مشڪل ٿي پوندو ۽ ان کي سنڌ ڏانهن پنهنجو رويو بدلائڻو پوندو. ان ساڳئي چئلينج کي محسوس ڪندي، پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ خلاف نواز شريف جو ساٿ ڏئي رهي آهي. جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جي ڌرڻن سبب جمهوري نظام کي خطري ۽ سگهارين ڌرين جي ان پٺيان مفاد هجڻ سبب سمورا سمجهدار ماڻهو سندس اسلام آباد واري سياسي عمل جي مخالفت ڪن ٿا، پر ٻئي طرف پيپلز پارٽيءَ پاران نواز شريف سان گڏ بيهڻ جي پٺيان جمهوري نظام کان وڌيڪ ڦرلٽ جي هن ڪاري ڌنڌي کي برقرار رکڻ وارا مفاد به هڪ اهم ڪارڻ آهي. ايم ڪيو ايم جيان پيپلز پارٽيءَ کي به سنڌ ڪارڊ جي ضرورت آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو بنا دير جي ”مرسون مرسون“ جا نعرا ٽوئيٽر تي اچي ويا. پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي حڪومت ۽ خزاني سان دلچسپي آهي، تنهن ڪري اُهي به هڪ طرف قومپرستيءَ جا وڏا نعرا هڻن ٿا ته ٻئي طرف ساڳي ايم ڪيو ايم سان حڪومتي اتحاد ۾ کير کنڊ به لڳا ويٺا آهن. جهڙي طرح ايم ڪيو ايم اردو آباديءَ کي خوف ۾ مبتلا رکي سياست ڪري رهي آهي، ساڳي طرح پيپلز پارٽي به سنڌين کي سنڌ ورهائجڻ واري نفسياتي خوف ۾ رکي، پنهنجو ذهني غلام بڻائي رکڻ گهري ٿي. ياد رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل حڪومت ۾ نواز شريف کي پنجاب ۾ سوڙهو ڪرڻ لاءِ سرائيڪي ڪارڊ جو استعمال ڪندي، سرائيڪي صوبي جي مطالبي کي 1973ع جي آئين مطابق نبيرڻ بجاءِ مٿان کان ڪميشن ٺاهي، هڪ غلط روايت جا بنياد وڌا، ان سان سرائيڪين جو ڪيس پڻ خراب ٿيو. ايم ڪيو ايم اڄ پيپلز پارٽيءَ جي ان ئي غير آئيني طريقي کي بنياد بڻائي، نون صوبن لاءِ آئيني رستي بجاءِ پارلياماني ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. ايم ڪيو ايم کي خبر آهي ته آئيني طريقي سان ته نئون صوبو ٺاهڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري اها سنڌ ۾ اهو ساڳيو غير آئيني فارمولو استعمال ڪرڻ گهري ٿي، جيڪو پيپلز پارٽيءَ پنجاب ۾ استعمال ڪيو هو. اهڙي طرح سنڌ جي اهڙي ورهاڱي جي مطالبي جو هڪ بنياد پاڻ پيپلز پارٽيءَ فراهم ڪيو هو، جنهن لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي ان قيادت کان سوال ٿيڻ گهرجي، جيڪي هوشوءَ جي نعرن سان سنڌ واسين کي جذباتي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ الڳ صوبي جو مطالبو سياسي طور رڳو ايم ڪيو ايم نه پر پيپلز پارٽيءَ جي به سياسي ضرورت بڻيل آهي، جڏهن ڪنهن پارٽي يا حڪومت جي ڪارڪردگي ٻُڙي هوندي ته اُن کي اهڙن جذباتي نعرن ۽ ماحول کي پيدا ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، تنهن ڪري سنڌ ۾ الڳ صوبن واري سوال تي ايندڙ ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي، قومپرستن کان به وڌيڪ اڳڀري نظر ايندي. جيڪڏهن ايندڙ چونڊن کان اڳ ڪي بنيادي چونڊ سڌارا آيا ۽ پيپلز پارٽيءَ کي به ايم ڪيو ايم جيان ڪا وڏي ڳڻتي پيدا ٿي ته پوءِ الڳ صوبي واري مطالبي کي ڪنهن وڏي ڊرامي ۾ بدلائي سگهجي ٿو. اقتداري سياست جي بي رحميءَ جي ڪا به انتها نه هوندي آهي، جڏهن ڪا سياسي ميرٽ نه رهي ته پوءِ لاش اقتدار جي تسلسل لاءِ ضروري ٿي پوندا آهن. جيڪڏهن اهي لاش ڪنهن جدوجهد جي نتيجي ۾ نه ملندا هجن ته پوءِ ان لاءِ ٻيا طريقا به ڳولي سگهجن ٿا.
    جيتوڻيڪ سنڌ واسي جمهوريت جا سڀ کان وڏا حامي آهن ۽ انهن کان وڌيڪ هن ملڪ ۾ ڪنهن به قربانيون نه ڏنيون آهن، پر ان جمهوريت جي عيوض سنڌين کي سواءِ بربادي، بدحالي، بدامني، بُري حڪمرانيءَ جي ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هاڻي جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت يا پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته سنڌ واسي ان لاءِ ڪي به وڌيڪ قربانيون ڏيڻ لاءِ آتا نه هوندا. سنڌ واسي جمهوريت جي نالي ۾ ڦرلٽ ۽ برباديءَ جي هن سلسلي مان ڪَڪ ٿي چڪا آهن، اهو سياسي خال ڪراچي جيان باقي سنڌ ۾ به پي ٽي آءِ لاءِ سياسي رستا هموار ڪري سگهي ٿو. اها الڳ ڳالهه آهي ته پنهنجي هاڻوڪي شڪل ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي سياسي تقاضائن کان گهڻو پرتي بيٺل آهي، پر ان ۾ سنڌ جي سياست تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت ضرور موجود آهي.

    (روزاني ڪاوش، جمع 26 سيپٽمبر 2014ع)


    سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بچائڻ لاءِ حڪمتِ عملي

    پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل سياسي بليڪ ميلنگ جو نئون دور شروع ٿيڻ شرط هڪ ڀيرو سنڌ جي ورهاڱي جا مطالبا شروع ڪيا ويا آهن. جواب ۾ جذباتي نعرا، مذمتون، ٺهراءُ، مظاهرا، سيمينار ۽ گهيراءُ شروع ڪيا ويا آهن. ايم ڪيو ايم جي غير مستقل مزاج ۽ غير سنجيده سياست ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سياسي موقعي پرستيءَ جا اهي منظر سنڌ واسين لاءِ ڪي نوان ناهن. ٻنهي پارٽين سنڌ کي عملي طور ڪو فائدو ڏيڻ بجاءِ خَسيس مفادن تي ٺاهه ڪرڻ ۽ ان کان به وڌيڪ خَسيس مفادن تي ٺاهه ٽوڙڻ واري سياست ڪري پنهنجي ووٽرن کي ايتري قدر مايوس ڪيو آهي، جو هاڻي کين پنهنجون صفون برقرار رکڻ لاءِ ان سطح جا تماشا ڪرڻا پون ٿا. متحده طرفان پيپلز پارٽيءَ سان ليکو چوکو ڪرڻ لاءِ روايتي طور سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪرڻ کانپوءِ هميشه جيان سنڌ ۾ سخت ردعمل ظاهر ٿيو. هن وقت سنڌ جي هر سياسي سرگرمي ۽ بحث جو موضوع سنڌ جي جاگرافيائي وحدت آهي. هڪ ڳالهه چِٽي آهي ته، مُلڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ سندن اتحادي، لساني طور سنڌ جي ورهاڱي جي پُراڻي خواهش رکن ٿا. ورهاڱي وقت ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ سان کين ڪراچي ڪنهن جاگير جيان ملي هئي، جتي ڏکڻ ايشيا جو بهترين هوائي اڏو، سامونڊي اڏو، ريلوي نظام ۽ ٻيو انفرا اسٽرڪچر موجود هو. اڳتي هلي وفاقي گادي اسلام آباد منتقل ٿيڻ ۽ ون يونٽ ٽُٽڻ کان پوءِ سنڌ جو ڪراچيءَ سميت بحال ٿيڻ اُنهن ڌُرين لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ هو، جن پهرئين ڏينهن کان ڪراچيءَ کي هڪ الڳ خِطي طور پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو. 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ ٿيل لساني وڳوڙن کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڻَ کي مُتحده ۾ تبديل ڪري مشرف جي سِٽي حڪومت ماڊل هيٺ عملي طور ڪراچيءَ کي پنهنجي والار هيٺ آڻي ڇڏيو هو. هٿراڌو تڪبندين وسيلي شهري آباديءَ جو اڌ کان گهٽ حصو هجڻ جي باوجود 18 مان 14 ٽائون سندن نظامت هيٺ هئا. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي ۽ ٽڪراءُ کان سواءِ ئي نه رڳو عملي طور ڪراچي ان جي ملڪيت بڻجي وئي پر باقي سنڌ جي معاملن تي به سندن قبضو هو. اڄڪلهه سنڌ جي جاگرافيائي ايڪي لاءِ ڪانفرنس ۾ اڳئين صف ۾ شرڪت ڪندڙ ارباب رحيم ڪراچيءَ کانپوءِ حيدرآباد به کين پليٽ ۾ پيش ڪري عملي طور سنڌ جو ورهاڱو ڪري ڇڏيو هو.
    هن وقت ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بنائڻ جو راڳ ڪو اوچتو يا اجايو شروع نه ٿيو آهي. ملڪ اندر وڌيڪ صوبن يا انتظامي يونٽن جي ڳالهه اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ پاران انڪري به شروع ڪئي وئي آهي، جو ملڪ جي مختلف صوبن ۾ هلندڙ قومي حقن جي جدوجهد کي مُنهن ڏيڻ ۾ کين ڏُکيائي پيش اچي رهي آهي. مُلڪ جي سول مليٽري اسٽيبلشمينٽ کي پتو آهي ته، قومي حدن جي جدوجهدن کي طاقت سان چِيڀاٽڻ جا نتيجا کين ڳِچيءَ ۾ پون ٿا. روز نوان لاش اُڇلڻ سان هڪ پاسي کين عالمي سطح تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڦِٽڪار کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ته ٻئي طرف لاشن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ردعمل سان جدوجهدون وڌيڪ سَگهاريون ٿين ٿيون. ان ڪري ان مسئلي جا مختلف حل ڪڍيا ويا آهن. انهن ۾ صوبن کي ورهائي قومي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ، قبائلي ۽ لساني ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ ۽ فرقيواريتي ۽ انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏئي سيڪيولر قومي تحريڪن تان عوام ۽ دُنيا جو ڌِيان هٽائڻ جهڙا تجربا شامل آهن. ان پسمنظر ۾ ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بنائڻ جو فِتنو، سالن کان قبائلي دهشتگرديءَ ۽ ڌاڙيل گرديءَ کي پالڻ ۽ هاڻي وري سنڌ اندر فرقيواريت ۽ مذهبي جنونيت کي اُڀارڻ وارا ڪارناما سرانجام ڏنا پيا وڃن.
    ايم ڪيو ايم بُنيادي طور موقعي پرست ڌُر آهي ۽ اڄڪلهه پنهنجي سياسي وِجود جي بقا لاءِ به پريشان آهي، تنهن ڪري ان کان اهو ڪم وٺڻ نه رڳو آسان آهي پر سندس مفادن جي پوئواريءَ لاءِ لالي پاپ پڻ آهي. ساڳيءَ طرح هن خطي ۾ هلندڙ علائقائي ۽ عالمي، سياسي توڙي عسڪري مفادن جي ٽڪراءُ ۾ به ڪراچيءَ جي وڏي اهميت آهي، تنهن ڪري ڪراچيءَ جي مسئلي کي رُڳو جذباتي نه، پر عقلي ۽ عملي اک سان پرکڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي رڳو ”مرسون مرسون“ جي نعرن سان بچائي نه سگهبي ۽ نه ان مسئلي کي موقعي پرست سياست جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ٿو سگهجي. ا اها اُميد رکڻ ته، سنڌ جون موقعي پرست ڌُريون سنڌ جي جاگرافيائي ايڪي جو تحفظ ڪنديون، خطرناڪ ڀُلَ ٿيندي. سنڌ واسين کي سمجهڻ گهرجي ته، ملڪي اسٽيبلشمينٽ، پرڏيهي طاقتن، موقعي پرست سياست ۽ ڪراچيءَ جي ناٽڪي محروميءَ جي سياست ڪندڙ ڌُرين جي اک رُڳو ڪراچيءَ تي نه، بلڪه ان کان به اڳتي آهي. ڪراچيءَ جو معاملو هاڻي پريس ڪانفرنس، مذمتي بيانن، پريس ڪلبن اڳيان جلوسن ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر هڙتالون ڪرائڻ کان گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي. تنهن هوندي به حالتن جي سنگينيءَ جي باوجود ڳالهه بِنهه هٿن مان ناهي نڪتي ۽ ويجهن سالن ۾ ڪيئي ڳالهيون سنڌين جي حق ۾ ويون آهن. ضرورت هڪ اهڙي ڳانڍاپيل حڪمتِ عملي ۽ مُستقل مزاجيءَ جي آهي، جنهن سان سنڌ واسي پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت کي درپيش چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن.
    سنڌ ۾ الڳ صوبي جي سازش کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هيٺين ڪجهه رِٿن تي ويچار ڪرڻ گهرجي:
    * جيئن ته نئون صوبو ٺاهڻ لاءِ ڪوبه آئيني ۽ قانوني رستو موجود ناهي، تنهن ڪري ان رٿا کي عمل هيٺ آڻڻ جون خواهشمند ڌُريون ٽڪراءَ ۽ رتوڇاڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ چاهينديون. سنڌ جي وحدت لاءِ جاکوڙيندڙ ڌُرين لاءِ ضروري آهي ته، جيتري قدر ممڪن هُجي، اُهي ٽڪراءُ واري رستي کان پاسو ڪن، پنهنجو بچاءُ ڪرڻ اڻٽر آهي پر اهڙي ڪهڙي به عمل کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪو رتوڇاڻ ڏانهن وٺي وڃي.
    * ڪراچيءَ کي سنڌين جو شهر بنائڻ لاءِ هڪ ڊِگهي حڪمتِ عمليءَ جي ضرورت آهي. ان لاءِ پهرين ضرورت آهي ڪراچي شهر ۾ سنڌين جي عددي طور آبادي وڌائڻ جي. ورهاڱي کان پوءِ هڪ طرف سرڪاري قانونن ۽ پاليسين وسيلي سنڌين کي ڪراچيءَ کان ٻاهر رکيو ويو، ته ٻئي طرف سنڌين به ڪراچيءَ جي نسبتن جديد زندگي ۽ روزگار لاءِ واجهائڻ بجاءِ ٻهراڙيءَ ۾ ماستري ۽ ڪلارڪيءَ کي اوليت ڏني. سنڌ جي سمورين قومپرستن ڌُرين پنهنجي سياسي سرگرمين جو مرڪز حيدرآباد کي بڻائي ڪراچيءَ کان عملي طور لاتعلقي رکي، ان کي اوپرو شهر بڻائي ڇڏيو. گُذريل ڏهن سالن کان بنا حڪومتي سرپرستي ۽ سياسي واهر جي، لکين سنڌي روزگار، تعليم ۽ بهتر زندگيءَ لاءِ ڪراچي مُنتقل ٿيا آهن. آهستي آهستي اهي شهري زندگيءَ جي حقيقتن سان هم آهنگ ٿي رهيا آهن، جيڪي ڌُريون ڪراچيءَ جي معاملي تي سنجيده آهن، تن کي ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو انگ وڌائڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    * سياسي پارٽين جي قيادت کي گُهرجي ته، ڪراچيءَ ۾ پنهنجون سرگرميون، آفيسون ۽ يونٽ قائم ڪن ۽ ڪراچيءَ ۾ مهمان طور اچڻ وڃڻ بجاءِ اُتي سياسي سرگرمين کي اوليت ڏين. نين اُسرندڙ سنڌي آبادين ۾ ڀتاگيري ۽ پلاٽن جي سياست بجاءِ سنڌين جي واهر لاءِ صحتمند سرگرميون ڪن. شهري زندگيءَ ۾ پيرَ رکندڙ سنڌين جي پهرين نسل کي ڪراچيءَ ۾ هزارين مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو پر ڪابه سياسي ڌُر، ڪنهن مُنظم نموني سان کين اها واهر فراهم نه ٿي ڪري. هن وقت ڪراچيءَ ۾ ڪوبه اهڙو سياسي مرڪز موجود ناهي، جتي ڪنهن عام ضرورت يا مُصيبت وقت سنڌي ماڻهو رابطو ڪري ڪا واهر حاصل ڪري سگهن. ڪراچيءَ کي سنڌ جو اڻٽُٽ حصو بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته، سنڌ جون سياسي ڌُريون شهر اندر اهڙا رابطي مرڪز قائم ڪن، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي ڪو نفسياتي ڏَڍ ۽ عملي واهر حاصل ٿي سگهي.
    * سنڌ جون سياسي ڌُريون جڏهن به ڪا سياسي سرگرميون ڪن ٿيون، اُن ۾ ڪراچيءَ کي تمام گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. هڙتالن، مظاهرن ۽ جلسن توڙي تنظيم سازيءَ ۾ ڪراچيءَ کي ثانوي اهميت ڏني وڃي ٿي. اڪثر پريس ڪانفرنسون به ملير پريس ڪلب ۾ ڪيون وڃن ٿيون، ڪوريج جي معاملي ۾ سنڌي ميڊيا تي لٺ کڄندي دير ئي نه ٿي ٿئي، پر ڪراچيءَ ۾ ويٺل اُردو ۽ انگريزي ميڊيا کان ڪو به پُڇاڻو نه ٿو ٿئي، جيستائين سياسي ڌُريون ڪراچيءَ اندر سياسي سرگرمين کي سنجيدگيءَ سان نه وٺنديون، سندن بيانن کي ڪير به سنجيدگيءَ سان نه وٺندو. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ثقافتي طور هڪ سنڌي شهر هو، جتي ٻيون ڪيتريون ئي ثقافتي ايڪايون شهر اندر هڪ گڏيل ثقافتي ۽ علمي، ادبي ماحول کي جنم ڏينديون هُيون، ڳچ عرصي کان ڪراچيءَ ۾ سنڌي ثقافتي ۽ علمي، ادبي سرگرميون اڻلڀ ٿي ويون هيون، ويجهڙ ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ آرٽس ڪائونسل وسيلي، ڪُجهه سنڌي صحافين پريس ڪلب وسيلي، سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ، ڪانفرنسن ۽ سيمينارن وسيلي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ثقافتي، علمي، ادبي ۽ سياسي سرگرمين کي جِياريو آهي. ان سلسلي کي وڌيڪ سَگهارو بڻائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ڪراچيءَ اندر علمي، ادبي سرگرمين کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان قسم جي عمل سان ڪراچيءَ اندر سنڌي ثقافت نمايان ٿيندي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي ڪراچيءَ اندر سنڌين جي موجودگيءَ جو احساس ٿيندو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، ڪي سماجي ادارا يا سياسي ڌُريون گڏجي ڪراچيءَ ۾ ڪنهن اهڙي هاسٽل جو بُنياد رکن، جتي سنڌ جي ٻين علائقن مان روزگار يا ٻين ڪمن ڪارن لاءِ ايندڙ سنڌين کي رعايتي اگهه تي رهائش ۽ رهنمائي فراهم ٿي سگهي، ٻهراڙين مان تعليم يا روزگار لاءِ ايندڙ نوجوانن لاءِ ڪراچيءَ ۾ وڏو مسئلو رهائش ۽ رهنمائي آهي، ان ننڍي سهولت سان هر سال سَوين سنڌي نوجوانَ ڪراچيءَ ۾ ايندا ۽ ان سان سنڌي وچولي طبقي جا ڪراچيءَ ۾ پيرَ پُختا ٿيندا.
    * ڪراچي ايندڙ ماڻهن کي ننڍن روزگارن لاءِ اُتساهجي ۽ سندن واهر ڪجي. ڪراچيءَ ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪرڻ جي ايتري گُنجائش موجود آهي، جو سنڌي نوجوانن کي سرڪاري نوڪرين لاءِ ڍَڳا وڪڻڻ ۽ وڏيرن جي اوطاقن جا چڪر ڪاٽڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته، الهه تلهه وڪڻي ڪچي سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ڌِڪا کائڻ بجاءِ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن مُنهن ڪن. هٿ جي پورهئي ۽ ننڍن هنرن (بجليءَ جو ڪم، موٽر مستري، موبائيل فون جي مرمت وغيره) لاءِ ڪراچيءَ ۾ اڄ به اڻ ڳڻيا موقعا موجود آهن. اڄ کان چاليهه سال اڳَ جڏهن پٺاڻن ڪراچيءَ ۾ پير پاتو هو، ته اهي به اڄ جيترا امير نه هئا، وقت گُذرڻ سان سنڌي ماڻهو جيڪڏهن ڪراچيءَ جي مارڪيٽ جو حصو بڻجي ويندا، ته ڪير به کين ڪراچيءَ ۾ اوپري هجڻ ۽ ”سنڌ سي آئي هين“ جو مهڻو ڏيڻ جي جُرئت نه ڪندو!
    * سنڌ جون سياسي ڌُريون ڪراچيءَ جي انهن پراڻن سنڌين سان لهه وچڙ ۾ اچن، جيڪي سندن لاپرواهي ۽ ڪمزوريءَ جي نتيجي ۾ هٿياربند ٽولن هٿان يرغمال بڻيل آهن، بدقسمتيءَ سان سنڌ جون سياسي ڌُريون اڃا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين سان ئي رشتا نه ڳَنڍي سگهيون آهن، ته ميمڻ، آغا خانين، ڪڇين ۽ ٻروچن تائين پهچڻ ۾ ته کين وقت لڳندو، رڳو ان پاسي ڪا سوچ ٿئي ۽ ڪا ننڍي ئي سَهي پر شروعات ٿئي، ته سنڌين جي مجموعي انگ ۽ سَگهه ۾ ايترو واڌارو ٿيندو، جو ڪراچي الڳ صوبي واري مُهم ڪجهه يونين ڪائونسلن تائين محدود ٿي ويندي. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ لکين ماڻهو سنڌين سان گڏ ”ڪراچي سنڌ آهي“ تي بيهي رهن، ته پوءِ سنڌين کي ٽوئيٽرن تي ”مرسون مرسون“ جي سَکڻن نعرن جي ضرورت ئي نه پوندي. مرسون مرسون جا نعرا هڻندڙ بسن ۾ ٻهراڙين جا ماڻهو پنهنجي جلسن لاءِ ته ڀري اچن ٿا پر کين ڪراچيءَ ۾ وَسائي ”سنڌ نه ڏيسون“ کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ وٽن ڪابه حڪمتِ عملي ناهي.
    سنڌ جي سموريون سياسي ڌُرين کي گهرجي ته، وفاقي حڪومت توڙي ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي اهو چِٽيءَ طرح چئي ڏين ته، سنڌ هن ملڪ کي ٺاهيو هو ۽ 1940ع جي ٺهراءَ ۽ ملڪي آئينَ هيٺ ڪُجهه واعدن هيٺ سنڌ هن ملڪ جو حصو بڻيل آهي، جيڪڏهن ملڪ جو وفاق پنهنجي واعدي تان ڦِري وڃي ٿو ۽ سنڌين جي تاريخي وطن جي ايڪي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ چِٽو موقف اختيار نه ٿو ڪري، ته پوءِ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهي ٿي. سنڌ واسين هن ملڪ کي پنهنجي ڌرتي ورهائڻ لاءِ نه ٺاهيو هو، سنڌ ڪنهن آرڊيننس، آئين يا ايگزيڪيوٽو آرڊر هيٺ نه ٺهي هئي، جنهن کي ملڪ جون اسيمبليون آئيني ترميمن وسيلي ورهائي سگهن. سنڌ اهڙي ڪنهن به ايوانَ يا اِداري جي تقدس کي تسليم نه ڪندي، جيڪي اُن جي تاريخي تقدس سان هٿ چراند ڪن يا اُن تي مُجرماڻي ماٺ اختيار ڪن.
    پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي تنظيمن کي بين الاقوامي فورمن ۽ سفارتي حلقن تائين اهو نياپو پهچائڻ گهرجي ته، سنڌ جي ورهاڱي جي ڪابه ڪوشش اهڙي ڏڦيڙ ۽ گهرو ويڙهه کي جنم ڏيندي، جيڪا اڳ ۾ ئي غير مستحڪم سياسي ۽ عسڪري ماحول کي وڌيڪ هاڃو پُهچائيندي، جنهن سان هن خطي ۾ عالمي حالتن کي نَون چئلينجز جو منهن ڏسڻو پوندو. سنڌ ۾ رهندڙ ڪروڙين سنڌي، پرامن ۽ سياسي مسئلن جي سياسي حل ۾ ويساهه رکن ٿا، پر جيڪڏهن مٿن ڪا زوري جنگ مڙهي وئي، ته پوءِ ظاهر آهي ته اهي به پنهنجي وجود ۽ وطن جي سلامتيءَ لاءِ جدوجهد جا سمورا طريقا اختيار ڪندا، عالمي طاقتن جي ماضيءَ ۾ ڪيل غلطين جي نتيجي ۾ اڳ ئي هِي خطو جنگي جُنونيت جي وَر چڙهيل آهي. سو جيڪڏهن ان قسم جا تجربا سنڌ ۾ ورجايا ويا، ته ان جا نتيجا به ماضيءَ کان مختلف نه نڪرندا، پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جون تنظيمون ان معاملي تي تاريخي پسمنظر جي جائزي ۽ آئيندي جي خطرن تي ٻڌل دستاويزن وسيلي عالمي ۽ بين الاقوامي ادارن تي اهو دٻاءُ وجهي سگهن ٿيون، سنڌ جي ورهاڱي جا جتن ڪندڙ ڌُريون، جن ملڪن سان ويجهڙائي رکن ٿيون، اُنهن ملڪن جي حڪومتن، سياسي ڌُرين ۽ سول سوسائٽيءَ وسيلي ان معاملي جي سنگين نتيجن بابت ڄاڻ کي عام ڪرڻ گهرجي. آمريڪا ۽ اولهه جي مُلڪن ۾ تاريخي ايڪاين جي حقن بابت ڪيئي تحريڪون موجود آهن، جن سان سلهاڙجڻ اڄ جي دورَ ۾ نهايت آسان آهي، پرامن سياسي جدوجهد جا اهي طريقا سنڌ جي قومي بقا لاءِ نهايت ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا، مطلب ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بچائڻ لاءِ ڇڙوڇڙ ڳالهين ۽ روايتي ردِعمل بجاءِ هڪ مُنظم حڪمتِ عمليءَ جي ضرورت آهي. جدوجهد جي روايتي طريقن جا نتيجا اهڙا ئي نڪرندا، جهڙا هينئر تائين نڪتا آهن، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت سنڌ واسين جي بقا ۽ فنا جو معاملو آهي، جنهن کي تمام گهڻو سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي ضرورت آهي.

    (روزاني ڪاوش، سومر 17 نومبر 2014ع)


    سنڌ جو چچريل وجود

    سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نه بم ٿا ڦاٽن، نه ٽرينن تي حملا ٿا ٿين، نه غير سنڌين جي وسندين تي ڪا هلان ٿي آهي، نه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گاڏين تي ڪو فائر ٿيو آهي، ۽ نه پوليو وڪرز قتل ٿيا آهن. پوءِ هي اوچتو ئي اوچتو نوجوان سياسي وڪرن جي چچريل لاشن ملڻ جي سلسلي ۾ اها تيزي ڇو آئي آهي؟ اعلانيل بم ڦاڙيندڙ ۽ ماڻهن جون سسيون وڍڻ جا سڏ ويندڙن کي ته ڪير آڱر به نٿو لائي، باقي پرامن سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ غير انساني تشدد ڪري سندن لاش ڦٽا ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. مذهبي جنونيت کي سرعام پکيڙيندڙن لاءِ قانون ۽ انصاف جا ادارا پناهگاهه بڻيل آهن، پر سياسي حق گهرندڙن لاءِ ڌرتي دوزخ بنائي وئي آهي، اڳي مهيني ٻئي ڪو اهڙو واقعو ٿيندو هو، هاڻي هفتن نه پر ڏينهن اندر نوان لاش ملن ٿا. اهو سڀ ڪجهه بنا ڪنهن سبب جي ته ظاهر آهي نه پيو ٿئي. بلوچستان ۾ اڄ جيڪا رتوڇاڻ جي انتها آهي ان جي شروعات به ائين ئي ٿي هئي، نيٺ لاش ڍوئي ڍوئي ٿڪجڻ کانپوءِ بلوچستان باهه جي اهڙي گولي ۾ بدلجي ويو، جيڪو اجهامڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. وفاق پرست توڙي قومپرستن جون حڪومتون سرڪاري فائربرگيڊ جيان ناڪاره ثابت ٿيون آهن، بلوچستان ذري گهٽ بنگلاديش بڻجي چڪو آهي، ساڳي ئي صورتحال بلوچستان ۾ پيدا ٿي وئي آهي. اڃا بلوچستان ۾ وهندڙ رت سُڪو ئي ناهي ته وري ساڳي راند سنڌ ۾ شروع ڪئي وئي آهي. چڱيءَ ڀلي پرامن صوبي ۾ بنا ڪنهن ڪارڻ جي اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ جو مقصد هڪ اهڙي باهه کي ڀڙڪائڻ آهي، جيڪا سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري ڇڏي. سياسي تنظيم جي ڪنهن ڪارڪن تي ڪو وڏي ۾ وڏو الزام به آهي ته پوءِ ملڪ اندر آئين ۽ قانون پٽاندڙ ان تي ڪيس هلائڻ گهرجي، ملڪي آئين ۾ بنيادي انساني حقن جي ڏنل سمورين ضمانتن جي اهڙي طرح توهين ڪرڻ جو ڇا مقصد آهي؟ جڏهن رياست جا ادارا عوام سان ڪيل واعدي جو احترام نه ڪندا ته پوءِ عوام اهڙي آئين ۽ قانون جو ڪهڙو احترام ڪندو؟ 1971ع ۾ پنهنجي وطن واسين سان ڪيل ظلم اڄ به تاريخ جو حصو آهي، بلوچستان ۾ ٿيندڙ قتل عام اڄ به عالمي فورمن تي ملڪ جي ناموس لاءِ ڪا سٺي علامت ڪونهي. سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجهه ورجائڻ جو انجام ان کان ڪهڙي طرح مختلف نڪرندو؟ سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي سياست پهرين ڏينهن کان پرامن رهي آهي، سنڌ واسي ايتري قدر سياسي طور سمجهدار ۽ سياڻا آهن، جو اهي ڌرتءَ جي ورهاڱي وارن مڇرائيندڙ نعرن تي به ڪو پر تشدد رد عمل نه ٿا ڪن. ون يونٽ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت تائين سياسي حقن بابت سنڌ جي قومپرست جدوجهد پرامن ۽ ساڃاهوند طريقن سان لاڀ ڏنو آهي، ان پرامن سياسي جدوجهد کي لاشن مٿان لاش ڏئي تشدد ڏانهن ڌڪڻ وارا ملڪ سان ڪهڙي ڀلائي ڪري رهيا آهن؟ ان قسم جي واقعن سان سنڌ جي پرامن سياسي فضا ۾ رتوڇاڻ جا رويا سگهارا ٿيندا. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته پوءِ هڪ اهڙو مرحلو اچي ويندو، جتي دليل ۽ حڪمت عملي جهڙا لفظ معنيٰ وڃائي ويهندا. اڄ بلوچستان ۾ قومپرستن جي حڪومت ان باهه کي وسائڻ ۾ اڳوڻين حڪومتن جيتري ئي بي وس بڻيل آهي، سنڌ حڪومت ان جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نااهليءَ، ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ دٻيل آهي. جنهن حڪومت پنهنجي شهيد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قاتلن جي ڪڏهن جاچ نه ڪرائي اها عام سياسي ڪارڪنن جي قتل جو ڪهڙو انصاف ڪرائي سگهندي؟ روز سياسي ڪارڪنن جي ملندڙ لاشن تي صوبائي سرڪار ائين ماٺ آهي، ڄڻ اهي واقعا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش اچي رهيا هجن. قومپرست سياسي ورڪرن جي قتل تي ته سندن روايتي بيان به جاري نه ٿا ٿين، جنهن ۾ نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي جهڙا مدي خارج جملا درج هوندا آهن. پيپلز پارٽي سنڌ سان اها ويڌن ڪئي آهي، جو سنڌ واسي جمهوريت جو نالو ٻڌي ڏڪي ٿا وڃن. سنڌ واسين لاءِ هاڻي جمهوريت جو مطلب ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، اغوا ۽ قتل، زمينن تي قبضا ۽ چٿيل لاش ملڻ بڻجي ويو آهي. ويهن سالن ۾ سنڌ اندر ڪنهن شئي ترقي ڪئي آهي ته اها آهي بدعنواني، ڪرپشن، اغوا جي انڊسٽري ۽ سياسي ورڪرن جي لاشن جو ملڻ. هر گذرندڙ گهڙي سان سنڌ ڪيئن سلو پوائزن جو شڪار ٿي رهي آهي، ان جو اندازو به ناهي. ڌاري آبادڪاري، مذهبي انتهاپسندي، فرقيواريت، بدامني ۽ ڌرتيءَ جي پيرن هيٺان کسڪڻ جو احساس سنڌ واسين جي ذهنن کي مڏو ڪري رهيو آهي. جمهوريت، شهيدن جي نعرن ۽ ڪرپشن جي پئسي سان سنڌ جي سياسي شعور ۽ مزاحمتي سگهه کي نستو ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي سنڌ جي سياسي شعور ۽ مزاحمتي سگهه جي سرواڻي ڪري سگهندڙ ڌريون ننڍين ننڍين حاصلاتن جي هٿن ۾ يرغمال آهن. نوجوانن کي انقلاب جا سپنا ڏيکاري ميدان تي لاهيندڙ قيادتن وٽ سواءِ مذمتن ۽ ڊگهن بيانن جي ٻي ڪا حڪمت عملي نظر نٿي اچي. چچريل لاشن جون تصويرون انٽرنيٽ ۽ اخبارن تي ڏسي هر ڪنهن جو رت ٽهڪي ٿو پر سياسي قيادتن وٽ ان عوامي ردِعمل کي ڪنهن مزاحمتي سياسي جدوجهد ۾ بدلائڻ جي سگهه ۽ حڪمت عملي نظر نٿي اچي.
    آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ليکڪن ۽ سول سوسائٽيءَ جي ماڻهن جون سموريون ڪار گذاريون ڪمزور سياسي جدوجهد ۾ ڪو به نتيجو ڏيڻ کان لاچار آهن. ون يونٽ، مارشلائن، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ ڪالاباغ ڊيم مخالف هلچل ۾ ليکڪن، صحافين ۽ دانشورن جي ڪم ان ڪري نتيجا ٿي ڏنا، جو سر زمين تي هڪ مضبوط سياسي هلچل موجود هئي. سنڌ سان هن وقت جيڪا ويڌن ٿي رهي آهي ان کي سواءِ مضبوط سياسي هلچل جي ٻئي ڪنهن به طريقي سان منهن نه ڏئي سگهبو. سياسي پارٽين جا ڪارڪن هر طرح جي سياسي جاکوڙ لاءِ تيار آهن، پر سندن اڳواڻ اڳواڻي ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺا آهن. جدوجهد جا مدي خارج طريقا هاڻي مرض جو علاج نه رهيا آهن، ان حقيقت کان سياسي ڌرين جي قيادت ڪا اڻ ڄاڻ ناهي پر جيئن ته سنڌ کي بدلائڻ وارين دعوائن پٺيان ڪا سنجيدگي ناهي، تنهن ڪري اڳواڻ روايتي بيان بازين، جلسن ۽ هڙتالن کان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار ناهن. تنظيمي ساک ۽ صلاحيت سندن اوليت ناهي. بدلجندڙ زميني حقيقتن آهر جدوجهد جي طريقن ۾ جنهن تبديليءَ جي ضرورت آهي، ان جي بنيادي گهرج سنجيدگي آهي. سنڌ رڳو حڪمرانن لاءِ نه پر حڪمرانيءَ کان ٻاهر ويٺلن لاءِ پڻ ڪارڊ بڻيل آهي. اڳوڻا وڏا وزير، هارايل سياستدان، ڀتن ۽ قبضن جون ڪمايون ڪندڙ ۽ اقتدار ۾ ويهي ٻنهي هٿن سان سنڌ جي ڀينگ ڪندڙن لاءِ سنڌ هڪ سدا سائو ڪارڊ آهي. قيادت جي ايڏي وڏي خال سبب سنڌ ڏينهون ڏينهن زوال جي اونهي کاهيءَ ڏانهن ڌڪجي رهي آهي. ضياءَ ۽ مشرف جا دور سنڌ لاءِ وڌيڪ اوکا هئا، پر سماج اندر مزاحمتي سگهه سنڌ کي نستو ٿيڻ کان بچائي رکيو هو. مذهبي جنونيت ۽ سنڌ جي وسيلن سان ٿيندڙ ويڌن جيتري ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ سگهاري هئي ته اهي سنڌ کي ڪڏهوڪو ڳڙڪائي وڃن ها. فرق رڳو سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڌرين جي سنجيده جدوجهد ۽ عوامي مزاحمت هئي، جنهن سنڌ کي واڳن جو کاڄ بڻجڻ کان بچايو. اڄ ساڳي سنڌ ۾ سنڌ دشمن طاقتون ان ڪري سگهاريون ٿي چڪيون آهن، جو سنڌ جي حقن جي دعويدار قيادت سياسي بي عملي، سطحي روين ۽ غير سنجيدگيءَ جو شڪار آهي. سنڌ جي ويري طاقتن کي خبر آهي ته ان جي سامهون عملي طور ڪا مزاحمت موجود ناهي، جيڪڏهن مزاحمت نالي ڪا شئي نظر اچي به ٿي ته اها ڪنهن مضبوط عوامي طاقت کي منظم ڪرڻ بجاءِ ان سطحي ايڊوينچر جو شڪار آهي، جيڪو ڊگهي مدي ۾ گهربل نتيجا نه ڏئي سگهندو. غير مستقل مزاجي، ڪرائيم، اٻهرائي ۽ روايتي طريقن واري سياست سنڌ تي ٿيندڙ هن هلان کي منهن نه ڏئي سگهندي. هڪ پاسي ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت آهي ته ٻئي پاسي ڪمزور مزاحمت آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ روز لاش اڇلڻ سولي ڳالهه ٿي پئي آهي. سنڌ کي ورهائڻ جا اعلان آسان ٿي پيا آهن، سنڌ جي زمينن جا سودا راند ٿي پيا آهن ۽ بدترين حڪمراني هر پڇاڻي کان آجي ٿي پئي آهي. ڪاروبار ۽ ڪمائيءَ واري سياست سنڌ جي گوڏن کي مَمَ جيان چٽي رهي آهي، ڏئي وٺي سنڌي ميڊيا ۾ سنڌ سان ٿيندڙ انياءَ جون خبرون ۽ تجزيا سنڌ کي ڇهنڊڙي هڻندا رهن ٿا. جيڪڏهن اهو رڙ واڪي جو در به بند ٿي وڃي ته سنڌ جي حالت فاٽا ۽ بلوچستان کان به بدتر ٿي وڃي. نراسائي ۽ بي وسيءَ واري ان ڪيفيت مان سنڌ کي ڪڍڻ لاءِ هڪ اهڙي سياسي عمل جي ضرورت آهي، جيڪو سنڌي سماج کي سلهاڙي اتساهه ڏئي سگهي. سنڌ کي رڳو جذباتي رد عمل ۽ روايتي نعرن بجاءِ سياسي طور منظم ڪرڻ واري عمل جي ضرورت آهي.
    ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ سنڌي سماج جو گهاڙيٽو گهڻو بدلجي چڪو آهي. سنڌ ۾ اڏوهي کاڌل جاگيرداراڻو نظام پنهنجي جوڙجڪ ۽ سنڌ تي وارثي جون نيون حڪمت عمليون اختيار ڪري چڪو آهي. ساڳي طرح اسلام آباد ۽ پنڊي به ملڪ مٿان راڄ برقرار رکڻ جا نوان طريقا ايجاد ڪري ورتا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي قومي حقن واري سياست اڃا چاليهه سان پراڻي طور طريقن ۾ ڦاٿل آهي. هر ننڍي وڏي مسئلي جو حل پريس رليز ۽ پريس ڪانفرنس آهي. ٿورو اڳتي وڌبو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڇڏي باقي سنڌ ۾ اٺن ڪارڪن جي اهڙي هڙتال ڪرائبي، جنهن جي واڳ ڌڻين کي ٽڪي جيتري به پرواهه نه هوندي آهي. اهليت کان خالي حڪومت ۽ بي عمل سياست گڏجي سنڌ کي تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي آڻي بهاريو آهي. واڳ ڌڻي ڪراچيءَ ۾ هجن يا اسلام آباد ۾ کين سنڌ سان جيڪو ورتاءُ وڻي ٿو، سو ڪن ٿا. اسلام آباد جا بلڊر اچي سنڌ ۾ ائين ٿا والار ڪن ۽ سنڌ ورهائيندڙ ڌرين لاءِ سڻڀا اعلان ڪن، ڄڻ سنڌ به سندن رهائشي رٿا جو هڪ سيڪٽر هجي. مذهبي ڌريون سنڌ ۾ اهڙي ٻولي ڳالهائين ٿيون، ڄڻ محمد بن قاسم ڪالهه سنڌ کي فتح ڪيو هجي، نام نهاد قومي ميڊيا سنڌ جي اصل وارثن جي موقف کي پٺيءَ ڀر اڇلائي ڇڏيو آهي. يونيورسٽين مٿان ڪرپٽ انتظاميائون قابض آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا يونيورسٽين ۾ منشيات جي اڏن جهڙو ورتاءُ ڪن ٿا، ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ سنڌ جي ائين پيا ڀينگ ڪن ڄڻ سنڌ کين جاگير طور عطا ٿيل هجي.
    اهو سڀ ڪجهه مزاحمتي سياست جي ماٺ ۽ مصلحت جو نتيجو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ سکڻين هڪلن ۽ داٻن وارن بيانن بجاءِ ڪا سنجيده قومي مزاحمتي سياست موجود هجي ها ته اهو سڀ ڪجهه ايتري آسانيءَ سان ممڪن نه هجي ها. سنڌ ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي جي دور ۾ به هٿين خالي سموري ڏاڍ سان مقابلو ڪيو هو. ڄام صادق ۽ ارباب جي دور ۾ ٿيل انيائن سان به عوام مهاڏو اٽڪايو هو. لساني دهشتگردي ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جي اذيتن کي به ساڃاهه سان منهن ڏنو هو. ان سڄي عرصي ۾ سنڌ جيڪي ننڍيون ننڍيون سوڀون ماڻيون، ان جي نتيجي ۾ سنڌين کي ملڪي اقتدار ۾ شراڪت جو تاثر ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي حڪمرانيون ملنديون رهيون. ڀُٽي جي پهرين دور کان پوءِ وري گذريل ڇهن سالن دوران ايڏي سگهاري حڪمراني پيپلز پارٽيءَ کي مليل آهي. اها بدبختيءَ جي ڳالهه آهي جو ان موقعي کي سنڌ واسين جي ترقي ۽ بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ پنهنجا پيٽ ۽ اڪائونٽ ڀرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. سنڌ جي عام ماڻهن ۽ قومپرست ڌرين جي قربانين ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ جيڪو ٿورو گهڻو لاڀ سنڌ کي ملي ٿي سگهيو، ان کي به پيپلز پارٽيءَ جا وڏيرا ۽ ڪرپٽ مڊل ڪلاسي هڙپ ڪري ويا، باقي سنڌ واسين جو ”ادو به مئي ۽ ادي به نه ڄائي.“
    سنڌ جي پرامن سياسي مزاحمت ۾ اڄ به اها سگهه موجود آهي، جو اها سنڌ کي هن ڌٻڻ مان ڪڍي سگهي ٿي. سنڌ جو مخصوص سماجي گهاڙيٽو، جاگرافيائي بيهڪ ۽ لساني جڙاءُ هڪ اهڙي سياسي جدوجهد جي تقاضا ڪري ٿو، جيڪو عارضي اٿل پٿل بجاءِ ڊگهي مدي ۾ سنڌ کي نتيجا ڏئي. سنڌ ۾ موجود سمورين ٻولين ڳالهائيندڙ ڌرين کي سڌ جي مفادن سان سلهاڙڻ ۾ ئي سنڌ جي وحدت ۽ قومي آئيندو سمايل آهي. تشدد ۽ جوابي تشدد واري سياست سنڌ جي سياسي حقن واري هلچل کي ڪمزور ڪندي. ساڳي طرح اهو به سوچڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ جو سگهارو سياسي شعور جتي قومي معاملن تي متفق ٿئي ٿو، اتي پنهنجي صفن مان اندران کاٽ هڻندڙ حڪمران ٽولي جي انڌوڪار تي ايڏو ماٺ ڇو آهي؟ سنڌ جون قومپرست ڌريون جتي سنڌ جي قومي مسئلن تي شاندار عوامي جاڳرتا ۽ ايڪو پيدا ڪرڻ ۾ سوڀاريون ٿين ٿيون، اتي پنهنجي ساک ۽ صلاحيت مٿان عوامي اعتماد ڇو نه حاصل ڪري سگهيون؟ قوم روز لاش ملڻ تي به بي وس ڇو بڻيل آهي؟ انهن سمورن سوالن تي سوچي سنڌ جي عوامي سياسي مزاحمت کي منظم ڪرڻ لاءِ نيون تدبيرون جوڙڻ جي گهرج آهي. هڪ پاسي لاش ڦٽا ڪري ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي ورهاڱي واريون زهريلون تقريرون ڪري ڪي ڌريون سنڌ ۾ رتوڇاڻ کي پکيڙڻ گهرن ٿيون. اهي ڌريون سنڌ جي اصل سياسي سگهه يعني عوامي شعور سان ٿيندڙ مزاحمت کي موڙي تشدد ڏانهن وٺي وڃڻ گهرن ٿيون، جيڪو رستو سنڌ جي وحدت ۽ ترقيءَ ڏانهن نٿو وڃي. سنڌ مٿان رت چوسيندڙ وڏيرا شاهي، ڪرپٽ بيوروڪريسي ۽ پيٽ پرست سياسي مڪارن جو هڪ ٽولو والار ڪري ويٺو آهي ۽ مزاحمتي سگهه رکندڙ ڌريون خسيس مفادن جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. سنڌ کي اصل خطرو هلان ڪندڙ طاقتن جي سگهه کان نه، پر اندروني مزاحمتي سگهه رکندڙ قوتن جي هيڻائي، مصلحت پسندي ۽ مفاد پرستيءَ مان آهي. جنهن ڏينهن سنڌ جي عوامي مزاحمتي شعور کي ڪا سنجيده ۽ ڪميٽيڊ قيادت ملي وئي ته هنن سمورين مصيبتن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪو وڏو وقت نه لڳندو.

    (روزاني ڪاوش، سومر پهرين ڊسمبر 2014ع)


    دهشتگرديءَ جو جن بوتل ۾ ڪيئن واپس ويندو؟

    ڏهاڪن کان پوکيل گولين جو فصل هاڻي ملڪ ۾ پچي راس ٿيو آهي ۽ لاشن جي شڪل ۾ لُڻجي رهيو آهي. ملڪ جي ڪُند ذهن ۽ عوام دشمن اسٽيبلشمينٽ پهرين ڏينهن کان جهڙي طرح عالمي طاقتن جي تعبيداري ڪندي، ملڪ کي مذهبي جنونيت جي بنياد تي هلايو، ان جا نتيجا اڄ سڀني جي اکين جي اڳيان آهن. ايوب جي دور ۾ آمريڪا کي پاڪستاني اڏا فراهم ڪرڻ، ڀُٽي جي دور ۾ دائود حڪومت کي دٻاءَ هيٺ رکڻ لاءِ افغان مولوين جي پٺڀرائي ڪري انهن بنيادن مٿان اوساري ڪئي وئي ۽ ضياءُالحق ان عمارت کي مڪمل ڪري، رنگ روغن ڪري ملڪ کي مڪمل طور اهڙي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن ۾ هيءُ ملڪ اڄ تائين سڙي رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ جهاد پکيڙيندڙ قوتن هن ملڪ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ان جنونيت کي ايتري قدر پکيڙي ڇڏيو آهي، جو هاڻي مسئلو ڪنهن هڪ آپريشن ۽ چند ڦاهين کان گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي. پشاور واقعو ڪو اڪيلو وحشياڻو قتلِ عام نه آهي، ان کان اڳ هزاره برادريءَ جو قتلِ عام، ساڳئي پشاور شهر ۾ مسيحن جي عبادت گاهه مٿان ڪيل بم حملي ۽ مينا بازار ۾ ڪيل بم ڌماڪي سبب ائين ئي معصوم ٻارن ۽ عورتن کي قتل ڪيو ويو هو، پر وس وارن اکيون ٻوٽيل رکيون. ورهين کان هلندڙ وحشت جو اهو سلسلو اتي اچي پهتو، جو پشاور جي آرمي اسڪول ۾ اُبهم ٻارڙن کي انتهائي غير انساني درندگيءَ سان قتل ڪيو ويو. ان نوعيت جي واقعي جو ردعمل جهڙيءَ ريت ٿيڻو هو، اهو اکين جي اڳيان آهي. دهشتگرديءَ جي ڏوهن ۾ سزا ڏنل قيدين کي ڦاهيون ڏيڻ، اليڪشن پلان ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، وقتي طور تي هر پاسي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ وغيره جهڙا قدم کنيا ويا آهن. بهرحال دهشتگرديءَ جون پاڙون هن ملڪ ۾ ايتريون ته اونهيون آهن، جو انهن کي رڳو ان قسم جي اپائن سان ختم ڪرڻ ممڪن ناهي.
    سڀ کان بنيادي سوال آهي ته ستن ڏهاڪن کان ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ واري سوچ کي پاليندڙ ڌريون پنهنجي سوچ، روين ۽ عمل کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهن يا نه، ملڪ جي سول ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ سيڪيورٽي ۽ جهاد بابت پنهنجي پاليسين تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي يا نه، جهاد کي عام ڪرڻ واري سوچ ڪن پرڏيهي هٿن جي نه، پر هڪ ڏٺي وائٺي ملڪي پاليسيءَ جو نتيجو رهي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته جن ڌرين انهن نانگن ۽ وڇن کي پالي ۽ تاتي وڏو ڪيو آهي، اهي هاڻ کين ئي ڏنگڻ لڳا آهن. پشاور جهڙي بدترين سانحي کان ڪجهه ڏينهن بعد ۽ ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ڪهڙي رهي آهي، ان جا ڪجهه حوالا هتي ڏجن ٿا. روزانه ڊان اخبار موجب پشاور واقعي کان ٻه ڏينهن پوءِ وزير اعظم نواز شريف، ملڪي صدر ممنون حسين کي ڦاهين جي سزا بابت ڪيل فيصلي جي بريفنگ ڏيڻ لاءِ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ترجمان موجب ملاقات دوران صدر ممنون حسين، وزير اعظم کي چيو ته، ”غير سياسي عالمن وسيلي هٿياربندن سان رابطو ڪري، کين راضي ڪيو وڃي ته هو پنهنجي غير انساني ۽ غير اسلامي ايجنڊا کي ترڪ ڪن.“ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ايتري وڏي بدترين دهشتگرديءَ کان پوءِ به رياست جو سربراهه پنهنجي وزير اعظم کي اهو مشورو ٿو ڏئي ته دهشتگردن کي ڳالهين ذريعي پاڻ کي بدلائڻ تي راضي ڪيو وڃي. ٻئي پاسي مولانا عزيز خطبي ۾ چيو ته، ”فوجي ۽ سياسي قيادت کي گهرجي ته هڪ وڌيڪ وڏي مقصد لاءِ طالبان سان امن ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ڪافرن سان وڙهڻ لاءِ فوج ۽ طالبان جي گڏيل فورس تيار ڪئي وڃي.“ ڊان جي رپورٽ موجب ساڳئي خطبي ۾ هن سندس گرفتاريءَ جي صورت ۾ آپگهاتي بم ڌماڪن جي به ڌمڪي ڏني. ياد رهي ته لال مسجد سرڪاري مسجد آهي ۽ ان ۾ مولانا عزيز سميت سمورو عملو عوامي ٽيڪس مان پگهار کڻندڙ آهي.
    حڪومت جي پرڏيهي پاليسي هڪ ڊگهي عرصي کان هٿياربند جهادي ٽولن جي واهر ڪندي رهي آهي. دهشتگرديءَ خلاف سمورن اعلانن ۽ ويڙهاند جي باوجود اها پاليسي جيئن جو تيئن برقرار آهي. پشاور واقعي کان رڳو مهينو اڳ وزير اعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز بي بي سي کي هڪ انٽرويو ڏيندي چيو ته، ”پاڪستان انهن هٿياربندن کي ٽارگيٽ ڇو ڪري، جيڪي اسان جي ملڪي سيڪيورٽيءَ لاءِ خطرو ناهن. آمريڪا جا دشمن خواه مخواه اسان جا دشمن ڇو بڻجن. آمريڪا جي افغانستان تي حملي کان پوءِ ڪيترائي سکيا ورتل ۽ هٿياربند ويڙهاڪ اسان جي ملڪ ڏانهن ڌڪجي آيا، انهن مان ڪي اسان لاءِ خطرناڪ آهن ته ڪي ناهن، اسان سڀني کي پنهنجو دشمن ڇو بڻايون.“
    سرتاج عزيز جي ان بيان تي ڪنهن کي به ڪا حيرت نه ٿي هوندي، ڇو ته سٺا طالبان ۽ خراب طالبان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو ڏٺل وائٺل حصو رهيا آهن. جڏهن ملڪ جو پرڏيهي وزير چِٽن لفظن ۾ چوي ته، ”جيڪي هٿياربند اسان جا دشمن ناهن، انهن جي خلاف اسان ڇو قدم کڻون“ ته ان سان دهشتگرديءَ بابت ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي پاليسي وائکي ٿي وڃي ٿي. پرڏيهي وزير اهو بيان ڏيڻ وقت اهو وساري ويٺو ته ساڳئي بنياد تي سڀاڻي پاڙيسري ملڪ به پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو حق رکندا، جيڪي پاڪستان ۾ اچي ڪارروايون ڪندا هجن، پر انهن ملڪن لاءِ خطرناڪ نه هجن. افغانستان ۾ روسي فوجن جي آمد کان پوءِ جهڙي طرح ملڪ ۾ جهادي فيڪٽري قائم ڪئي وئي، ان جون ذميوار پاڪستان جي عسڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ اهي عالمي طاقتون آهن، جن روسي ڪميونزم سان وڙهاند جي نالي تي انهن قوتن کي هٿي ڏني، جن جي هٿيار وٽ پنهنجي پرائي جي ڪا به وڇوٽي نه هوندي آهي. آمريڪا، جيڪو هن وقت دنيا ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو سڀ کان وڏو چيمپيئن بڻيل آهي، ان پاڻ پوري ڏهاڪي تائين هن خطي ۾ هٿياربند ٽولن جي پالنا ڪئي.
    خود هاڻوڪي نواز سرڪار جون مذهبي جنونيت سان مهربانيون ڪنهن کان ڳجهيون ناهن. هينئر به جتي فاٽا ۾ دهشتگردن جي اڏن خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، اتي پنجاب ۾ پابندي پيل مذهبي تنظيمون کُلي عام سرگرميون ڪن ٿيون ۽ پنجاب حڪومت انهن سان مفاهمتي پاليسيءَ تي قائم آهي. مارچ 2010ع ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو بيان رڪارڊ تي آهي، جڏهن هن هڪ ڪانفرنس ۾ طالبان کي منٿ ڪئي ته، ”اسان ۽ اوهان گڏجي مشرف خلاف جدوجهد ڪئي هئي، تنهن ڪري پنجاب تي حملا نه ڪيا وڃن.“ نواز ليگ جي اهم اڳواڻ راڻا ثناءُالله جا پابندي پيل تنظيمن سان واسطا ڪيترائي ڀيرا ميڊيا ۾ عوام اڳيان پڌرا ٿيندا رهيا آهن، گهڻو پُٺتي نه ٿا وڃون، هن ئي سال آگسٽ ۾ جڏهن عمران خان ۽ طاهر القادري نواز حڪومت خلاف ڌرڻا هڻي رهيا هئا ته اهل سنت والجماعت (اڳوڻي پابندي مڙهيل سپاهه صحابه) پاران لال مسجد کان پريس ڪلب اسلام آباد تائين مارچ ڪيو ويو ۽ نواز حڪومت جي مخالفن تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي. ان جلسي جي اسٽيج تي نواز ليگ جا مقامي اڳواڻ به موجود هئا، جن اهل سنت والجماعت پاران ان حمايت جا ٿورا پڻ مڃيا. پشاور واقعي کان ڏهاڪو کن ڏهاڙا اڳ لشڪر طيبه جي باني ۽ جماعت الدعوى جي هاڻوڪي سربراهه حافظ سعيد مينار پاڪستان وٽ تنظيمي ميڙ کي خطاب ڪندي، کُلي عام ڪشمير ۾ وڙهاند جو سڏ ورجايو. ياد رهي ته ان تنظيم کي آمريڪا، يورپين يونين ۽ روس پاران دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو ويو آهي. سندن جلسي جي حفاظت لاءِ پنجاب حڪومت جا چار هزار اهلڪار موجود هئا.
    هڪ پاسي پشاور واري سانحي کان پوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي پئي وئي ۽ آرمي سربراهه ڦاهيءَ جي سزا ڏنل دهشتگردن جي بليڪ وارنٽن تي صحيحون ڪري رهيو هو ته ساڳئي ڏينهن دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت ممبئي دهشتگرديءَ واري واقعي جي ماسٽر مائينڊ ذڪي الرحمان لکنويءَ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري رهي هئي، ان کان صرف چار ڏهاڙا پوءِ پنجاب سرڪار جي صوبائي نظرثاني بورڊ پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻ ملڪ اسحاق کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ صوبائي حڪومت سندس نظربنديءَ ۾ واڌ واري اپيل به واپس وٺڻ تي مجبور ٿي وئي. اهي سڀ حوالا ظاهر ڪن ٿا ته رياست اندر دهشتگردي ۽ ان جي ذميوارن بابت ڪو چِٽو موقف ناهي. وقت گذرڻ سان گڏ رياست جي مختلف ادارن جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ لاءِ نرم گوشو رکندڙ يا حمايت ڪندڙ ماڻهن جو هڪ چڱو موچارو انگ جاءِ والاري چڪو آهي. پنجاب ۾ مسيحن ۽ قاديانين خلاف تشدد جون ڀيانڪ ڪارروايون عام آهن ۽ سندن آبادين تي منظم حملن ۽ غير انساني تشدد جا انيڪ واقعا پيش آيا آهن، پر هينئر تائين صوبائي سرڪار ڪنهن به واقعي جي مکيه جوابدارن تي ڪو چِٽو قدم نه کڻي سگهي آهي. سنڌ ۾ به ويجهي ماضيءَ ۾ مندرن تي حملن جا انيڪ واقعا ٿيا آهن، پر مذهبي انتهاپسنديءَ جي سڀ کان چِٽي مخالفت ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت به ڪنهن ذميوار کي قابو نه ڪري سگهي آهي. ڪوٽ راڌا ڪرشن ۾ سوين ماڻهن جي جلوس سر عام عيسائي جوڙي کي باهه ۾ ساڙيو. سلمان تاثير جي قتل ۾ چِٽي طرح ملوث شخص اڄ به جيل مان ويهي، سپاهين هٿان قيدين کي قتل ڪرائڻ جي سگهه رکي ٿو. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ درجنين سياسي ورڪرن کي کنڀي قتل ڪرڻ ۾ ڦُڙتي ڏيکاريندڙ ادارا مذهبي ۽ فرقيواراڻي دهشتگرديءَ تي ڇو نه ٿا قدم کڻن؟ ان جو ڪارڻ اها سوچ آهي، جيڪا سياسي حقن جي جدوجهد کي دهشتگردي سمجهي ٿي، پر مذهب جي نالي تي معصوم شهرين جي عام ڪوس کي ڏوهه نه ٿي سمجهي. اهڙي طرح سماجي، سياسي ۽ انتظامي معاملن کي مڪمل طور مذهبي ڌرين جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. آبادي گهٽائڻ کان وٺي، بئنڪنگ جي شعبي تائين سماجي خدمتن جي هر شعبي جي ڪم جي تشريح به مذهب جي روشنيءَ ۾ ٿيڻ لڳي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ وقت ڪنهن به اهو نه سوچيو ته ان راند جا نتيجا ڪيترا ڀيانڪ نڪرندا.
    افغانستان جي جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ موجود سکيا ورتل ۽ ذهني طور جهادي بڻيل هٿياربندن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو ۽ رياست وٽ به کين آڇڻ لاءِ ڪجهه نه هو. ان سموري جهادي قوت ۽ سماج ۾ پکڙيل جهادي سوچ پنهنجي اظهار لاءِ نوان گس ڳولڻ شروع ڪيا. ان جي نتيجي ۾ ڪڏهن ملڪ اندر فرقيواريت کي اوج مليو، ڪڏهن پاڙيسري ملڪن اندر دهشتگرديءَ جا واقعا ڪيا ويا ته ڪڏهن وري هزاره ۾ مسيحي، قادياني ۽ شيعن کي نشانو بڻايو ويو. بدقسمتيءَ سان انهن هٿياربند ٽولن کي ملڪ جي دفاعي، انتظامي، سياسي ۽ انصاف وارن ادارن اندر يا ته تمام گهڻي همدردي حاصل رهي آهي يا وري سندن پکڙيل ڏهڪاءَ جي نتيجي ۾ ڪير به ساڻن اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. تعليمي نصاب، مدرسن جي ڄار، خطبن، اڻ روڪ جهادي مواد ۽ ميڊيا جي وسيلي مذهبي انتهاپسنديءَ کي ايترو ته عام ڪيو ويو آهي، جو هاڻي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ بنهه عام ماڻهن جي سوچ ۾ به مذهبي انتهاپسندي گهر ڪري وئي آهي. اها انتهاپسندي، جيڪا پهرين ملڪ جي ڪجهه علائقن يا ادارن تائين محدود هئي، اها هاڻي هر گهٽيءَ ۽ هر گهر ۾ پهچي چڪي آهي.
    اڳوڻي آمر صدر مشرف، جي ايڇ ڪيو، نيوي ڊاڪ يارڊ ۽ مهراڻ بيس سميت ڪيترن ئي وڏن واقعن ۾ حساس عسڪري ادارن جا اندران ماڻهو شامل رهيا آهن. گذريل پنجويهن سالن دوران جهڙي طرح جهاد ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي اتساهيو ۽ اُڀاريو ويو، ان جو انجام اهو ئي ٿيڻو هو، جيڪو اڄ اسان کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر اچي رهيو آهي. جنونيت جو اهو جِن، هاڻي بوتل ۾ واپس وڃڻ لاءِ تيار ناهي. سڄي ملڪ کي کائڻ کان پوءِ اهو جِن هاڻي کيس بوتل مان ڪڍندڙن جي ڪڍ لڳي پيو آهي. وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل انتهاپسنديءَ جي ڀيانڪ لهر ۽ آفريقي ملڪن ۾ جهادين جو خطرناڪ نيٽ ورڪ سڄي دنيا جي سيڪيورٽيءَ لاءِ هڪ وڏي للڪار بڻجي ويو آهي. صورتحال ايتري ته مُنجهائيندڙ ٿي چڪي آهي، جو عالمي طاقتن جون به وايون بتال ٿي چڪيون آهن. پاڪستان، افغانستان، ايران، شام، عراق، لبنان، يمن، نائيجيريا ۽ سوڊان خاص طور تي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جا اهڙا اڏا بڻجي چڪا آهن، جن مان ويجهي آئيندي ۾ جان آجي ٿيندي نظر نه ٿي اچي. ايشيا ۾ ڀارت ۽ چين ان ڏس ۾ اهم مثال آهن. دهشتگرديءَ جو پکڙجندڙ اهو دائرو سڄي دنيا جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. پاڪستان جي هاڻوڪي صورتحال ۽ نشانيون ٻُڌائين ٿيون ته ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ ڀيانڪ دهشتگردي جا واقعا پيش ايندا ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندڙ رياستي سگهه جي نتيجي ۾ ملڪ ڪنهن ڀوائتي گهرو ويڙهه ۽ رتوڇاڻ جي ور به چڙهي سگهي ٿو.
    (روزاني ڪاوش، ڇنڇر 27 ڊسمبر 2014ع)


    جنونيت جي باهه ۾ سڙندڙ سنڌ

    شڪارپور ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ کان پوءِ سنڌ واسي ان غلط فهميءَ ۽ خوشي فهميءَ مان ٻاهر نڪري آيا آهن ته سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا نه ٿا ٿي سگهن. ان واقعي کانپوءِ اهي دعوائون به دم ٽوڙي چڪيون آهن ته سنڌ صوفين جي ڌرتي ۽ لطيف جي نگري آهي، تنهن ڪري هتي انتهاپسندن کي جاءِ نه ملي سگهندي. جيڪڏهن رحمان بابا، خوشحال خٽڪ، بُلها شاهه، خواجه فريد ۽ داتا جون نگريون جنونين هٿان رت ۾ وهنجي سگهن ٿيون ته لطيف ۽ سچل جي ڌرتي انهن جي نشاني کان ڪيترو ڏور رهي سگهي ها. ويجهن سالن دوران جهڙيءَ ريت جنوني ڌرين سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ جي اوسر لاءِ پنهنجي مرڪزن جو ڄار پکيڙيو آهي ۽ جهڙيءَ ريت سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ جي لاڙن کي وڌايو آهي، ان مان اهڙن واقعن ٿيڻ جا آثار ته گهڻي عرصي کان نظر اچي رهيا هئا. ڪجهه سال اڳ سيتا شهر ۾ هڪ ذهني اپاهج شخص کي جهڙي طرح هڪ جنوني هجوم جيئرو ساڙيو هو، اهو واقعو اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هو. ان کانپوءِ اتر سنڌ ۾ ٻن درگاهن تي ٿيل ڌماڪن اهو واضح ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي سنڌ ۾ اهي طاقتون چنبا کوڙي چڪيون آهن، جيڪي اڳتي هلي دهشتگرديءَ جا ڀيانڪ واقعا ڪري سگهن ٿيون. اتر سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ فرقيوار اقليتن خلاف تقريرون ۽ واعظ ڪيتري عرصي کان ٿيندا رهندا هئا. هندن جي ڀنگ لاءِ اغوا، سندن نياڻين جي زوريءَ شادين ۽ مندرن تي حملن جا واقعا بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي سرڪار انهن سمورن واقعن کي بنهه نظرانداز ڪندي رهي. پ پ حڪومت جي دور ۾ انتهاپسند اڳواڻ سنڌ ۾ کُلي عام پنهنجا جلسا ۽ ٻيون سرگرميون ڪندا رهيا ۽ سندن مدرسن ۽ ٻين مرڪزن جو ڄار پکڙجندو رهيو، پر سنڌ سرڪار کي ٻين مصروفيتن مان واندڪائي هجي ها ته اها انهن معاملن ڏانهن به ڌيان ڌري ها. سڄي سنڌ ۾ نااهل ۽ سفارشي پوليس عملدارن جي عملداري قائم ڪري، پ پ حڪومت سنڌ ۾ امن امان جو اڳ ئي جنازو ڪڍي چڪي آهي. اسيمبلين ۾ ويٺل وڏيرن جي ڪمداري ڪندڙ پوليس آفيسرن مان عوام جي ڀلائيءَ جي اميد ڪرڻ ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. اتر سنڌ ۾ ته اغوا جي انڊسٽري وڏيري ۽ پوليس جي قيادت ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ماڻي رهي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي هر سطح تي انهن ڪارستانين جي ڄاڻ به آهي. لاقانونيت ۽ ڪرپشن جي ان انڌير نگريءَ اڄ سنڌ کي اُتي آڻي پهچايو آهي، جو اها عملي طور فاٽا بڻجي چڪي آهي. سچ ته اڄوڪي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ کي ضياءَ شاهي ۽ ڄام صادق کان به وڌيڪ هاڃو پهچائي رهي آهي. مزارن جي مجاوريءَ ۾ ذري گهٽ پنج ڏهاڪا گذارڻ کان پوءِ سنڌ واسين کي جمهوريت جو ثمر ته نه مليو، پر هاڻي آپگهاتي ڌماڪن ۽ لاشن جا تحفا ملڻ شروع ٿيا آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مخالف ڪئمپ ۾ ان کان به وڌيڪ اهڙا ڪردار موجود آهن، جن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر هڪ ڀوائتو سياسي خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڌٻڻ جيان سنڌي سماج کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ ان خال کي قومپرست ڌريون ڌونڌاڙ ۾ بدلائينديون هيون ۽ بدقسمتيءَ سان هاڻي انهن جون اوليتون به بدلجي چڪيون آهن. سنڌ ۾ جيستائين هڪ فعال قومپرست هلچل موجود هئي ۽ هڪ متحرڪ ثقافتي مورچو سنڌ ۾ ساهه کڻندو هو، تيستائين ان جنونيت کي پير کوڙڻ جو موقعو نه ملي سگهندو هو. اڄ به جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ کي روڪڻ جي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ صلاحيت موجود آهي ته اهي سنڌ جي قومپرست هلچل ۽ ثقافتي/ ادبي ڌريون آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجون مصلحتون ۽ موقعي پرستيون ڇڏي، سنڌ کي درپيش ان موتمار للڪار اڳيان سينو تاڻي بيهي رهن ته سنڌ انتهاپسنديءَ جي ان يلغار کي شڪست ڏئي سگهي ٿي. سنڌ جا قومپرست، جيڪڏهن سنڌ جي سيڪيولر روح جي بقا کي ڪمند جي اگهه جيتري به اهميت ڏين ته سنڌ انتهاپسنديءَ جي هلان کي شڪست ڏئي سگهي ٿي. ون يونٽ ۽ مارشل لا جي دور ۾ سنڌ جي قومي حقن لاءِ شاندار مزاحمت ڪندڙ سنڌ جا اديب، صحافي، شاعر ۽ فنڪار هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي سچائيءَ سان سنڌ جي قومي روح کي بچائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهن ته جنوني طاقتن کي جهڪائڻ مشڪل ناهي. اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سياسي مسئلن جو حل اين جي اوز وٽ نه، پر سياسي ۽ ثقافتي محاذ وٽ آهي، جيڪڏهن اهي ڪو ڪردار ادا ڪندا ته ان صورتحال کي سنڀالي سگهبو.
    اڃا سنڌ ۾ انتهاپسندي پنهنجي شروعاتي ڏاڪي تي آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ وقت موجود آهي، پر شايد ڪجهه وقت کانپوءِ اها مهلت به باقي نه رهي. جيڪڏهن هن وقت سنڌي سماج ان يلغار جي مزاحمت نه ڪئي ته پوءِ ڪنهن کي به ان خوشفهميءَ ۾ نه رهڻ گهرجي ته سنڌ جو حشر به فاٽا، پختونخوا ۽ بلوچستان جهڙو ٿي سگهي ٿو. اڄ جيڪڏهن خان غفار خان جو پوٽو ۽ عطاءُ الله مينگل جو پُٽ پنهنجن اباڻن علائقن ۾ وڃڻ جهڙا نه رهيا آهن ته پوءِ ڳڙهي خدابخش، سن ۽ ڀٽ شاهه به انهن طاقتن جي پهچ کان پري ناهن. قبائلي سردارن جي انڌير نگري، پوليس جي بربريت، شديد غربت، بدترين حڪمراني ۽ لاقانونيت جي انڌيري ۾ رهندڙ ماڻهو ان نظام کان نفرت ڪرڻ لڳا آهن، جنهن کي سرڪار جمهوريت جو نالو ڏئي ٿي. ماڻهن لاءِ زندگيءَ جا سمورا رستا بند ڪري، حڪومت ۽ رياست کين انتهاپسنديءَ جو ٻارڻ بڻجڻ تي مجبور ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍي، پيپلز پارٽي سنڌ جي نوجوان کان آئيندي جي اُميد ڦُري، کين انتهاپسنديءَ جي دڳ تي لائي رهي آهي. اڄ سنڌ جي ٻهراڙين جي نوجوانن لاءِ تعليمي ادارن، سرڪاري نوڪرين ۽ خانگي ملازمتن جا سمورا دروازا بند آهن. انهن لکين نوجوانن کي ڪو صحتمند سياسي متبادل به نظر نه ٿو اچي ۽ قومپرست ڌريون کين متبادل قيادت ڏيڻ کان پڻ وانجهيل آهن. اين جي اوز جي نالي تي گهڻو ڪري دُڪان هلي رهيا آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ خانگي شعبو وجود ئي نه ٿو رکي ۽ زرعي معيشت ته مدي خارج ٿي چڪي آهي. ان سڄي وايو منڊل ۾ سنڌ جي لکين نوجوانن جي فرسٽريشن کين غلط قوتن جي صفن ڏانهن ڌڪي رهي آهي.
    سنڌ ۾ ڪجهه سالن اندر هڪ طرف انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏني وئي آهي ته ٻئي طرف سياسي ڪارڪنن جا لاش ملي رهيا آهن. بلوچستان ۾ جيئن سياسي حقن جي تحريڪ مضبوط ٿي هئي ته هڪ طرف ان کي تشدد وسيلي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻئي طرف بلوچستان تڪرار تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اُتي فرقيواراڻي دهشتگردي شروع ڪرائي وئي. ڪوئيٽا ۾ هزاره ڪميونٽي جي ايران ڏانهن ويندڙ شيعا زيارتين جي قتل عام ۽ هاڻي وري بلوچستان جي ڏاکڻي پٽيءَ ۾ ان جنونيت کي پکيڙيو پيو وڃي. ياد رهي ته بلوچستان جي ڏاکڻي پٽيءَ جا علائقا گوادر پنجگور ۽ تربت، قومپرست ڌرين جي سرگرمين جو مرڪز آهن. اهي علائقا باقي بلوچستان کان ڪيترن ئي حوالن کان مختلف آهن. نج بلوچ آباديءَ وارا اهي ضلعا بهتر تعليمي شرح سبب پڙهيل لکيل آباديءَ تي ٻڌل آهن. انهن علائقن ۾ سرداري نظام نه هجڻ سبب اهي پڙهيل لکيل، روشن خيال وچولي طبقي جا علائقا آهن، جيڪي ڪنهن به قسم جي عقيدي واري انتهاپسنديءَ کان آجا رهيا آهن. عورتن جي سماجي شعور ۽ اڳڀرائيءَ جي حوالي سان به اهي علائقا باقي بلوچستان جي سرداري ۽ قبائلي نظام کان بنهه مختلف آهن. گذريل ڪجهه عرصي کان اُتي به انتهاپسنديءَ کي پکيڙيو ويو آهي. پنجگور ۾ انگريزي ميڊيم خانگي اسڪولن تي حملا ڪرايا ويا ۽ اڄ ڪلهه ساحلي پٽيءَ تي آباد هڪ اقليتي فرقي ذڪرين خلاف باهه ٻاري وئي آهي. ذڪري ڪميونٽيءَ جو هڪ وڏو انگ انهن علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ مقامي طور تي ڪڏهن به سندن خلاف ڪي به ڪارروايون نه ٿيون آهن. هاڻي اوچتو ئي اوچتو انهن خلاف باهه ٻاري وئي آهي. اهي سموريون ڪارستانيون بلوچ حقن جي تحريڪ جو مُنهن موڙڻ ۽ دنيا اڳيان بلوچستان جو هڪ مختلف مهانڊو پيش ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ به ورهين کان هلندڙ قومي جاڳرتا ۽ حقن جي جدوجهد نهايت سگهاري رهي آهي. پنهنجي انيڪ ڪمزورين ۽ اوڻاين جي باوجود سنڌ جي قومي هلچل سنڌ جي قومي سُڃاڻپ، جاگرافيائي وحدت، سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪيءَ وغيره جهڙن بنيادي سوالن تي سنڌ اندر هڪ وسيع تر عوامي ايڪو پيدا ڪيو آهي. ان جي نتيجي ۾ سنڌ اندر هڪ سگهاري عوامي مزاحمت موجود رهي آهي. ان مزاحمت جو بنياد جمهوري ۽ پُرامن سياسي جدوجهد رهيو آهي. ان مزاحمتي شعور کي طاقت وسيلي دٻائڻ سگهارين ڌرين لاءِ ڏکيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ سياسي ورڪرن جا چچريل لاش اُڇلي، ان مزاحمتي شعور کي تشدد ڏانهن ڌڪي چيڀاٽڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا کين گهربل نتيجا نه ڏئي سگهي. هاڻي لڳي ائين ٿو ته بلوچستان جيان سنڌ تي به پنهنجي مخصوص ٽولن وسيلي فرقيوار ۽ تشدد جي لهر کي اُڀاريو ويندو. ماضيءَ ۾ قبائلي ۽ لساني ويڇن وسيلي اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون هيون، جيڪي پڻ سنڌ جي عوامي شعور هٿان ناڪام ٿيون. هاڻي اهي طاقتون فرقيوار دهشتگرديءَ کي هٿي ڏئي، سنڌي سماج کي هڪ مختلف جنگ ۾ اُلجهائڻ گُهرن ٿيون. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ ۾ بدترين حڪمرانيءَ سبب پيدا ٿيل انتظامي خال جو فائدو وٺندي، انهن طاقتن، انتهاپسند قوتن لاءِ راهون هموار ڪيون آهن. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وٽ نه ان صورتحال کي روڪڻ جي سياسي نيت موجود آهي ۽ نه انتظامي اهليت. ائين اها باهه، جيڪا ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ لڳائي وئي هئي، اها هاڻي باقي سنڌ ۾ به پکيڙي پئي وڃي. جنونيت جي اها لهر ڪا اوچتي پيدا نه ٿي آهي، پر هڪ عرصي کان سنڌ ۾ ان جون علامتون نفرت انگيز وال چاڪنگ، زهريلين تقريرن، انتهاپسندي واري مواد ۽ مدرسن جي ڄار جي شڪل ۾ سواءِ سنڌ سرڪار جي سڀني کي نظر اچي رهيون هيون. هن زهريلي هلان کي هن وقت به سنڌ جون قومپرست ڌريون، اديب، صحافي، ليکڪ ۽ اَڀري سڀري سول سوسائٽي مُنهن ڏئي سگهي ٿي. فرقيوار جنونيت سنڌ جي جاگرافيائي ورهاڱي جون ڌمڪيون ڏيندڙ قوتن کان به وڌيڪ زهريلي ۽ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. قومپرست تنظيمن تي اها ذميواري ٿي عائد ٿئي ته اهي سنڌ جو آئيندو بچائڻ لاءِ روايتي مذمتي بيان بازيءَ کان اڳتي وڌي پنهنجن ڪارڪنن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ منظم ڪري انتهاپسنديءَ اڳيان ڪو عوامي بند ٻڌن. سنڌ وٽ هاڻي وڃائڻ لاءِ وقت ناهي. شڪارپور واقعو ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته سنڌ ۾ ان قسم جا ٻيا واقعا به ٿي سگهن ٿا. حڪومت جي نااهلي ۽ سنڌ کان مڪمل لاتعلقي سبب ان جنونيت کي رڳو عوامي جدوجهد وسيلي ئي روڪڻ ممڪن آهي. سنڌ ۾ ايندڙ مهينا ان حوالي سان آزمائش جو وقت هوندا. جيڪڏهن سنڌ دوست ڌرين شڪارپور سانحي کي به ماضيءَ جيان نظرانداز ڪيو ۽ بنا ڪنهن واضح حڪمت عمليءَ جي سکڻن بيانن تي گذارو ڪيو ته پوءِ سنڌ کي جنوني طاقتون ڳڙڪائي وينديون. ساڳي طرح پيپلز پارٽي وٽ به هڪ موقعو آهي. جيڪڏهن پ پ قيادت مخلص ٿئي ته ان وٽ مڪمل حڪومتي سگهه موجود آهي جيڪا انتهاپسنديءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. هونئن به سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي مڪمل طور ڀينگ ڪئي وئي آهي، پر جيڪڏهن پ پ پ حڪومت سنجيدگيءَ سان ان جنونيت خلاف ڪو تحرڪ وٺي ته سنڌ واسي انهن جون سموريون غلطيون معاف ڪري ڇڏيندا. هڪ ڊگهي عرصي کان ماٺار جو شڪار ٿيل سنڌ جون علمي، ادبي تنظيمون ۽ سنڌ جا ليکڪ هن معاملي تي به سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي وارو شاندار ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌن ته سنڌ جنونيت جي ان آنڌيءَ کي ماضيءَ جيان مُنهن ڏئي سگهي ٿي.

    (روزاني ڪاوش خميس 05 فيبروري 2015ع)


    جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ جُٺ!

    ملڪ جي پرڏيهي سيڪيورٽي پاليسي ته پهرين ڏينهن کان سويلين حڪومت جي اختيار کان ٻاهر هئي، پر هاڻي صوبن جي اندروني سيڪيورٽي جا معاملا به هوريان هوريان ايپڪس ڪميٽين جي حوالي ٿي رهيا آهن. پشاور واقعي پاڪستان اندر ڪجهه اهڙيون خاموش تبديليون آنديون آهن، جن جا ڇڙوڇڙ منظر هڪ هڪ ڪري پڌرا ٿي رهيا آهن. گذريل ٻن مهينن دوران آرمي چيف جي پرڏيهي دورن دوران کيس تمام گهڻي اهميت ملڻ ۽ صوبن اندر ايپڪس ڪميٽين جي گڏجاڻين ۾ وزيراعظم سان گڏ سندس موجودگي ظاهر ڪري ٿي ته ملڪي سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم معاملن جي واڳ سڌو سنئون اسٽيبلشمينٽ پنهنجي هٿن ۾ وٺي ڇڏي آهي. ڪراچيءَ ۾ آرمي چيف پاران آصف زرداري ۽ قائم علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ پوليس کي غير سياسي بڻائڻ واري ڳالهه ڪو رواجي بيان ناهي.
    2008ع ۾ چونڊيل پارليامينٽ جي بحالي، مشرف جو عهدو ڇڏڻ ۽ سندس ايوان صدر مان روانگي سان اهو تاثر مضبوط ٿيو هو ته پاڪستان اندر سول-ملٽري توازن ۾ سويلن طاقتون هوريان هوريان جڳهه والاري رهيون آهن. پهرين ڏينهن کان مڪمل طور سگهاري سيڪيورٽي اسٽيبشلمينٽ سياسي طاقتن کي پنهنجي ماتحت رکندي آئي هئي. هاڻي جڏهن سياسي ڌرين عوامي سگهه سان پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ شروع ڪئي ته ملڪ جي سمورين جمهوريت پسند قوتن ان تبديليءَ جي آجيان ڪئي. اڳتي هلي ارڙهين ترميم جي منظور ٿيڻ سان صوبن جي آئيني حقن ۽ پارليامينٽ جي سگهاري ٿيڻ سان ان اميد ۾ ويتر جان پيدا ٿي هئي ته هاڻي ملڪ جو آئيندو، جمهوري ۽ آئيني دڳ تي چڙهي چڪو آهي. جنرل ڪياني جو مدو پورو ڪري روانو ٿيڻ ۽ 2013ع ۾ چونڊن وسيلي حڪومت جي تبديلي به ان ويساهه کي مضبوط ڪيو. اها سموري تبديلي ڪا ايڏي سولي ۽ سادي نه هئي. ان دوران غير جمهوري عنصرن پنهنجي ڏهاڪن جي ڪمائي بچائڻ لاءِ وسان ڪو نه گهٽايو هو. هر مهيني حڪومت ختم ٿيڻ جي خبرن سان ميڊيا گرم رهندي آئي. مسئلن جا انبار اڀرندا ۽ مٽجندا رهيا. اسٽيبلشمينٽ اندر مخصوص سوچ رکندڙ لابين جمهوري نظام جا ترا ڪڍڻ واريون پنهنجون ڪوششون ڏينهن رات جاري رکيون، البته عالمي وايومنڊل ۽ مقامي حالتن سبب اهي قوتون ڪي انتهائي قدم کڻڻ کان لاچار رهيون. حڪومت جي تبديلي ۽ نواز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ به اهو ساڳيو کيل جاري رهيو، پر غير آئيني ايڊوينچر ڪرڻ هنن حالتن ۾ ايترو آسان ناهي. انهن حالتن ۾ پشاور سانحي کان پوءِ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ڪيترن ئي معاملن ۾ سڌو سنئون اڳيان اچي اندروني سيڪيورٽي جا معاملا پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتا. قومي ايڪشن پلان ٺاهڻ کان وٺي ايپڪس ڪميٽيز وسيلي صوبن اندر سمورا سيڪيورٽي معاملا عملي طور طاقتور ادارن جي ماتحت اچي ويا. آرمي سربراهه پشاور واقعي کان پوءِ لڳاتار هاءِ پروفائيل دورا ڪيا، جتي سيڪيورٽي معاملن جي حوالي سان کيس تمام گهڻي اهميت ڏني وئي. ان دوران وزير اعظم اسلام آباد جي مارڪيٽ ۾ ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه پڇڻ ۾ رڌل رهيو. پرڏيهي دورن کانسواءِ آرمي چيف نيشنل ايڪشن پلان بابت گڏجاڻين ۾ به شرڪت ڪندو رهيو ۽ ساڳئي وقت صوبن اندر اپيڪس ڪميٽيز جي ڪجهه گڏجاڻين ۾ به شرڪت ڪيائين.
    ڪراچيءَ ۾ سندس ۽ وزير اعظم جي موجودگيءَ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ جا جيڪي ٿورا گهڻا وچور اخبارن ۾ ڇپيا آهن، انهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته سنڌ ۾ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل اهم معاملا سڌو سنئون سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اختيار هيٺ آڻي ڇڏيا آهن. هونئن ته هڪ جمهوري سرشتي دوران ڪنهن صوبي اندر سويلين سيڪيورٽي جا معاملا عسڪري ادارن جي اختيار هيٺ اچڻ جي اصولي طور حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، پر سنڌ جي معاملي ۾ ان صورتحال جي اصل ذميواري سنڌ اندر هلندڙ بدترين حڪمراني مٿان لاڳو ٿئي ٿي، جنهن نااهلي ۽ ڪرپشن جي بي مثال گڏپ سان سنڌ اندر لاقانونيت ۽ بدعنوانيءَ جا لازوال داستان تخليق ڪيا آهن. در حقيقت جمهوريت کي خطرو رڳو غير جمهوري سوچ رکندڙ ڌرين مان ئي نه، پر خود جمهوريت جي نالي تي عوام دشمن حڪمراني ڪندڙ قيادت مان به آهي. گذريل ستن سالن دوران خاص طور سنڌ کي جهڙي طرح ذاتي جاگير بڻائي، ان جي ڀيل ڪئي وئي آهي، اهڙي ڦرلٽ ته مارشلائن ۾ به نه ٿي هوندي. سنڌ ۾ زمينن جي والار ۽ بلڊر مافيائن کي انهن جي غير قانوني الاٽمينٽ جا وچور پڙهي ون يونٽ جي دور ۾ بئراجن جي زمينن جي ڦرلٽ جا داستان ياد اچي وڃن ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته بئراجن جي زمين وفاقي حڪومت پنهنجي من پسند ٽولي ۾ ورهائي هئي ۽ هن وقت اهو ساڳيو ڪم سنڌ جي پنهنجي چونڊيل عوامي سرڪار ڪري رهي آهي. ون يونٽ جي دور ۾ زمينن جي ڦرلٽ واري معاملي تي ته ساڃاهه رکندڙ غير سنڌي به سنڌين جي موقف جي حمايت ڪندا رهيا آهن، پر هنن ڌاڙن تي ته ٻين کي به ميار نٿي ڏئي سگهجي. ستر سالن تائين سنڌ پنهنجي مسئلن جو ذميوار اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ کي قرار ڏيندي رهي، جنهن ڪڏهن سڌي طرح پاڻ، ته ڪڏهن ٿاڦيل نيم مارشلائي حڪومتن وسيلي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي. پر هاڻي ته سنڌين جي دانهن ڪوڪ به ڪير نٿو ٻڌي جو ڏهوڻي ٿيندڙ ويڌن سنڌين جي پنهنجي ووٽن سان چونڊيل عوامي حڪمران پاڻ ڪري رهيا آهن. اقتدار جي انڌي گهوڙي تي سوار حڪمرانن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جي دانهن ڪوڪ جي ٽڪي جيتري به پرواهه ناهي، ڇو ته هنن نصابي ڪتابن مان قارون جي خزاني جي حوالي کي نيڪالي ڏئي، پنهنجي اڻ کٽ خزانن جا مثال قائم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري رکيو آهي.
    ان پسمنظر ۾ جڏهن آرمي چيف ايپڪس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي حوالي سان سڌيون سڌيون ٻڌايون ته سنڌ جي اختيار ڌڻين وٽ ڪڇڻ لاءِ ڪجهه نه هو. الميو اهو آهي ته سنڌين هن ملڪ اندر جمهوريت لاءِ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون ۽ ان جي عيوض سندن جمهوري قيادت کين بدامني، غربت، ڦرلٽ، ڌاري آبادڪاري، زمينن جي والار ۽ ڪرپشن جا تحفا ڏنا آهن. سنڌين ان اميد سان جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي هئي ته ان سان کين پنهنجون زندگيون بدلائڻ جو موقعو ملندو، وسيلن تي مالڪيءَ سان غربت گهٽجندي ۽ آسودگي ايندي، امن امان بهتر ٿيندو ۽ کين پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن کي ترقي ڏيارڻ جو موقعو ملندو. سنڌ واسين کي آمريت جي مخالفت جي عيوض جيڪي سزائون مليون هيون، جمهوري حڪمرانن سندن ڦٽن تي پها رکڻ بجاءِ ويتر انهن تي لوڻ ٻرڪيو ۽ جمهوريت جي نالي تي سندن هڏن مٿان باقي بچيل چم به ڇڪي لاٿو آهي. سنڌي نوجوانن کي چٽاڀيٽيءَ جي ايڪيهين صديءَ ۾ بند پيل ڪاليجن، گوسڙو ماسترن جي مافيا، غير محفوظ رستن، نوڪرين جي نيلاميءَ ۽ وڏيرن جي غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. ملڪ اندر ڪنهن به صوبي جي عوام سان پنهنجي چونڊيل حڪومت اهڙو ناحق نه ڪيو آهي، جهڙو پيپلز پارٽي سنڌين سان ڪيو آهي. ٻي ڪنهن صوبائي حڪومت اسلام آباد مان بلڊر مافيا کي آڻي پنهنجون قيمتي زمينون ڀڳڙن مٺ کين نه ڏنيون آهن. سنڌي جهولي جهلي به لاهور جي بلاول هائوس جا پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهن، جيڪڏهن ان جي عيوض ۾ سندن زمينن تي نوان شهر اڏي ڌارين جي نئين لوڌ مڙهي کين پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿورائيءَ ۾ نه بدلايو وڃي. اهو سڀ ڪجهه سنڌ جي وجود لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. مشرف جي دور ۾ ته رڳو ڪراچيءَ جون زمينون هڪ مافيا جي چنبي هيٺ ڏنيون ويون هيون، پر هاڻي ته سپر هاءِ وي جا ٻئي پاسا، نوابشاهه، لاڙڪاڻي، ٺٽي، بدين ۽ سکر جون زمينون به بلڊر مافيا کي قانوني طور ڏنيون پيون وڃن. انهن زمينن تي ٺهندڙ نين اسڪيمن ۾ ٺهندڙ هزارين رهائشي يونٽن ۾ لکن جي ڳاڻيٽي ۾ ٻاهريان ماڻهو اچڻ جو انديشو آهي. اڳ ۾ رڳو سنڌ جي شهرن ۾ سنڌي اوپرا ۽ اقليتي هئا، پر هاڻي سنڌ جون ٻهراڙيون به سنڌين لاءِ پرايون ٿي وينديون. پيپلز پارٽيءَ جا سمورا چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل اڳواڻ ان انياءُ تي چپ سبيو ويٺا آهن ۽ اهڙي طرح سنڌ خلاف ٿيندڙ ان زهريلي ڪارروائي ۾ برابر جا شريڪ آهن. سڄي سنڌ ائين ڪڏهن به اڳ ۾ يرغمال نه ٿي هئي، جيئن هن وقت ٿيل آهي.
    اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڦٻي رهيو آهي، جو سنڌ جون مزاحمتي قوتون ڪمزور آهن. انياءَ جي انتها وارن ڏينهن ۾ به سنڌ جي مزاحمت ڪڏهن ايڏي هيڻي نه ٿي هئي. سنڌي اخبارون ۽ ٽي وي چينلز سنڌ سان ٿيندڙ انهن زيادتين تي چوويهه ڪلاڪ رڙيون ڪرڻ ۾ رڌل آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ شديد بيچيني آهي، پر ٻئي طرف اسيمبلي توڙي اسيمبليءَ کان ٻاهر سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جون دعويدار قوتون عملي طور ڪو به اهڙو تحرڪ پيدا نه ڪري سگهيون آهن، جنهن سان حڪومت کي ڪو تاءُ محسوس ٿئي. اسيمبليءَ ۾ ويٺل مخالف ڌر جي مخالفت ۽ حمايت جو محور سنڌ نه، پر اقتدار ۾ ڀائيواري آهي. روايتي وڏيرڪي سياست ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا سنڌ جي حالتن بابت دانهن ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي، پر ان جي اجازت به کين تيستائين مليل آهي، جيستائين سندن وڏا پاڻ ۾ ٺهيل نه هجن. جيڪڏهن سينيٽ جي سيٽن ۽ ٻين معاملن تي راضپو ٿي ويو ته پوءِ اها رڙ ۽ واڪو به ٻڌڻ ۾ نه ايندو. باقي اسيمبليءَ کان ٻاهر اهم ڌريون آهن، سنڌ جون قومپرست قوتون، جيڪي سنڌ جي جيئڻ مرڻ جي مسئلن تي سدائين جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. بدقسمتيءَ سان انهن ڌرين جي ثابت قدم نه رهڻ سبب انهن مان اڪثر ڌريون ان رد ٿيل وڏيرڪي ٽولي جي موسمي سرگرمين ۾ شامل ٿي پنهنجون توانايون وڃائن ٿيو، جن مان سنڌ کي ڪجهه به هڙ حاصل ناهي ٿيڻو. ڪجهه ٻيا دوست انهن همراهن کي ڪاڄن جي مکيه ڪرسين تي ويهارين ٿا، جن کان سنڌي ماڻهو دل و جان سان نفرت ڪن ٿا. پيپلز پارٽيءَ مان ماڻهو بيزار ضرور آهن، پر ان جي متبادل طور انهن ماڻهن کي چڱو مڙس ٿيندي ڏسڻ لاءِ تيار ناهن، جن ماضيءَ ۾ سنڌ کي ٽڪي سير ڪري نيلام ڪيو هجي. قومپرست ڌرين جي انهن غلط فيصلن، جدوجهد بابت تنقيد تي عدم سهپ ۽ ڪمزور سماجي ڪردار سبب عام ماڻهن ۾ شديد مايوسي پکڙيل آهي. اها بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته جڏهن سنڌ واسي سنڌ جي مسئلن تي جدوجهد جو حصو بنجڻ لاءِ تيار آهن تڏهن کين قيادت ڏئي سگهندڙ ڌريون قيادت جي صلاحيت ۽ عوام جو اعتماد وڃائي ويٺيون آهن. سنڌ جي ان ڪمزور عوامي مزاحمت ۽ سياسي قيادت جي خال جو ڀرپور فائدو پيپلز پارٽي وٺي رهي آهي. سنڌ هنن کي بنا چوڪيدار واري اميراڻي گهر جيان ملي آهي، جتان جيترو مال کڻڻ چاهين بنا رنڊڪ جي کڻي رهيا آهن. ڪرپشن، لاقانونيت ۽ وسيلن جي کڻت واري ڪاروبار ۾ حڪمران ٽولو ته ارب پتي ٿي ويندو، پر سنڌ تباهيءَ جي اونهي کڏي ۾ پورجي ويندي. اختيار ڌڻي جيڪڏهن رڳو سنڌ جي مالي وسيلن تي هٿ صاف ڪن ها ۽ معاملو ڪرپشن تائين محدود هجي ها ته شايد ايتري ڳڻتيءَ جي ڳالهه نه هئي، پر هاڻي جهڙي طرح سنڌ ۾ بلڊر مافيا کي سهولت ڏني پئي وڃي، ان سان سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاريءَ جي اهڙي ٻوڏ ڪاهي پوندي، جو اڄ سنڌي ڳالهائيندڙ رڳو سينيٽ ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيل آهن، پر اڳتي هلي سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ٿورائيءَ ۾ بدلجي سگهن ٿا. ڪرپٽ مڊل ڪلاسي ۽ موقعي پرست وڏيرن کي جمهوريت جي نالي تي سنڌ ذاتي جاگير جيان عطا ڪئي وئي آهي، جتي کين هر طرح جي ڦرلٽ جي کلي ڇوٽ آهي. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مفادن خاطر موجوده جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪئي ته هن ڀيري سنڌ ۾ ڪير به سندن لاءِ رستن تي نه نڪرندو.

    (روزاني ڪاوش اڱارو 24 فيبروري 2015ع)


    خطي ۾ نئين جنگ جا شعلا پاڪستان کي وڪوڙي سگهن ٿا؟

    نواز حڪومت سعودي عرب جي حامي بلاڪ جو حصو بڻجندي، يمن ۾ سندس عسڪري واهر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان پرايون جنگيون وڙهي، پنهنجي ملڪ کي برباد ڪرڻ واري تجربي جي باوجود ان قسم جو فيصلو آپگهاتي عمل آهي، جنهن لاءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ سندرو ٻڌي بيٺي آهي. اها حقيقت آهي ته وچ اوڀر ۾ هڪ عرصي کان ٽاڪوڙو متل آهي، اهڙي ريت مصر ۾ اسلامي انتهاپسندن کي ٻاهر ڪري، فوج قبضو ڪري ويٺي آهي، شام ۾ ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهو مارائڻ جي باوجود بشارالاسد جي شيعا رياست آمريڪا ۽ يورپ جي اميدن جي اُبتڙ اڃا تائين مضبوط آهي ۽ لبيا ۾ قذافي جا تڏا ويڙهائيندڙ عالمي طاقتن کان هاڻي ملڪ اندر هلندڙ رتوڇاڻ واري گهرو ويڙهه نه ٿي سنڀالجي. ايران پاران شام جي واهر ۽ کُلي طرح سامهون اچڻ سان سندس آمريڪا ۽ سعودي عرب سان پراڻو وير ويتر تيز ٿيو آهي، پر ٻئي طرف گذريل جون کان عراق ۾ داعش جي اُڀرڻ کان پوءِ خطي جي صورتحال ۾ ڊرامائي تبديلي آئي. آمريڪا ۽ سندس اتحادين ايران جي ايٽمي پروگرام ڏانهن نرم رويو اختيار ڪيو ته جيئن گڏيل دشمن داعش خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۾ ايران کي ساڻ کڻي سگهجي. اهو بلڪل ائين ئي هو، جيئن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ القاعده سان شديد دشمنيءَ جي باوجود ان کي شام ۾ بشارالاسد کي ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڀرپور واهر فراهم ڪئي وئي. ساڳي طرح لبيا ۾ قذافي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ به باغين جي نالي تي مذهبي هٿياربند گروهن کي منظم ڪيو ويو. ان کان پوءِ يمن ۾ شيعا فرقي جي حوثي باغين پاران سعودي عرب جي سرحد سان گڏيل ملڪ تي قبضو ڪيو ويو ته سعودي عرب لاءِ صبر ممڪن نه رهيو. آمريڪي ۽ سعودي حمايت سان ويٺل يمني صدر عبدالرب منصور هادي جي تختي اونڌي ٿيڻ ۽ صنعا تي شيعا باغين جي قبضي ٿيڻ کان پوءِ سعودي عرب ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ بنا ڪنهن دير جي يمن تي بمباري شروع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ سعودي عرب جو شاهي خاندان اڳ ئي شام جي برقرار رهڻ ۽ انتهاپسند داعش جي اُڀار سبب سخت پريشان آهي. مصر ۾ اخوان المسلمين مان مَس جان ڇُٽي هئي ته عراق جي سرحد وٽان داعش جي سگهاري ٿيڻ ۽ ان جي پاڙي ۾ شام جي شيعا رياست کي شڪست نه ملڻ سبب سعودي عرب اڳي ئي عدم تحفظ جي احساس ۾ وڪوڙيل هو ته مٿان وري اڀرندي سرحد تان يمن ۾ شيعا باغين جي ڪنٽرول کان پوءِ سعودي عرب کي خطري جون گهنٽيون چٽي طرح ٻُڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. جيڪڏهن يمن ۾ شيعا باغي مڪمل ڪنٽرول ڪري، حڪومت ٺاهي ويهي رهن ها ته سعودي عرب لاءِ ساهه کڻڻ اوکو ٿي وڃي ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڏهاڪن کان سعودي تي حڪمراني ڪندڙ سعودي شاهي ڪٽنب اڳي ئي اندروني عوامي بيچيني ۽ ايران جي شيعا رياست جي ڪري پريشان رهندو پيو اچي. ان پس منظر ۾ سعودي عرب پاران بنا سوچڻ سمجهڻ جي يمن تي بمباري شروع ڪرڻ واري مجبوريءَ کي سمجهڻ آسان آهي. سعودي عرب وٽ بهرحال سرحد پار جون ڊگهيون جنگيون وڙهڻ جو نه تجربو آهي ۽ نه ئي ان قسم جي تياري رکندڙ ڪا مضبوط ۽ پروفيشنل فوج آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ان مقصد لاءِ کيس مصر ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سعودي عرب جي واحد سگهه تيل جو پئسو آهي، جنهن جي آڌار هو دنيا مان هٿيار ۽ فوج ٻئي خريد ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح وچ اوڀر جي اُڀرندڙ صورتحال کي ذهن ۾ رکندي، سعودي عرب ويجهن سالن دوران هٿيارن مٿان خرچ ڪرڻ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيا آهن. گلوبل ڊفينس ٽريڊ رپورٽ 2015 موجب گذريل سال هٿيار خريد ڪندڙ ملڪن ۾ سعودي عرب سڄي دنيا ۾ پهريون نمبر ملڪ هو، ڇاڪاڻ ته 2014ع ۾ سعودي عرب هٿيار خريد ڪرڻ مٿان لڳ ڀڳ پوڻا ست کرب رپيا خرچ ڪيا. اها به هڪ حقيقت آهي ته وچ اوڀر ۾ هلندڙ انهن جنگين جو سڀ کان وڏو فائدو آمريڪا کي پهتو آهي، جنهن گذريل سال ساڍا اٺ کرب رپين جا هٿيار وچ اوڀر جي ملڪن کي وڪرو ڪيا آهن. ياد رهي ته هن وقت آمريڪا دنيا ۾ هٿيارن جي کپت مان سڀني کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ملڪ آهي، جنهن گذريل سال پوڻا 24 کرب رپين جا هٿيار دنيا ۾ وڪرو ڪيا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا کي سڄي دنيا ۾ جنگيون پکيڙڻ ۾ ايتري دلچسپي ڇو هوندي آهي. آمريڪا يمن خلاف سعودي عرب جي حملن جي به کُليل لفظن ۾ حمايت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا به سمجهي ٿو ته شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت برقرار رهڻ کان پوءِ جيڪڏهن يمن به ايران جي حامي شيعن جي حوالي ٿي ويو ته پوءِ وچ اوڀر ۾ سندس مفادن کي ڪاپاري ڌڪ رسندو، سندس اتحادي اسرائيل لاءِ خطرا وڌي ويندا ۽ سندس ٻئي اهم اتحادي سعودي عرب جي ڪمزور ٿيڻ سان ڏکڻ ايشيا ۾ به سندس مفادن کي ڌڪ رسندو. اها مزي جي ڳالهه آهي ته سعودي عرب ان آمريڪا جو اتحادي ٿيڻ قبولي ٿو، جيڪو مسلمانن جي کُليل دشمن اسرائيل جو حامي آهي، پر ايران ۽ شام سان دوستي ته ڇا نارمل ناتا رکڻ لاءِ به تيار ناهي. اها حقيقت واضح ڪري ٿي ته بين الاقوامي ناتن ۾ مذهب نه پر علائقائي عسڪري ۽ معاشي مفاد وڌيڪ اهميت رکن ٿا. ان جي بنهه اُبتڙ پاڪستان آهي، جيڪو جنگ ۾ سعودي عرب جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آتو آهي، پوءِ ڀلي ان سان پنهنجي ملڪي مفادن ۽ عوام جو جنازو نڪري وڃي. پاڪستان جو اهو رويو اڄوڪو ناهي، پر ماضيءَ ۾ به آمريڪا ۽ يورپ جي چرچ تي روسي افغانستان توڙي طالباني افغانستان ٻنهي خلاف ويڙهاند جو حصو رهيو آهي. ٻئي پاسي انهن جنگين جي نتيجي ۾ ٿيل تباهيءَ جو سلسلو اڃا جاري آهي ته سعودي عرب جي واهر لاءِ هڪ ٻي جنگ جو حصو ٿيڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، جنهن جي تباهيءَ بابت اڃا اندازو لڳائڻ به ممڪن ناهي. اسان کي هڪ ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته سعودي عرب ۽ سندس حامين جو يمن تي حملو جنگ جي پُڄاڻي نه، پر شروعات آهي. يمن ۾ شيعا باغين خلاف ان ڪارروائيءَ جي رد عمل ۾ جيڪڏهن ايران ۽ شام به ان جنگ ۾ ٽُپي پيا ته پوءِ صورتحال ڪٿي وڃي بيهندي، ان جو اندازو پوءِ پوندو. جيتوڻيڪ ايران ۽ شام جنگي لحاظ کان نسبتن ڪمزور ملڪ آهن ۽ سعودي عرب کي ايران جي اڳوڻي حامي ملڪ سوڊان، مصر، امارات، ترڪي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي به حمايت حاصل آهي، پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ايران اڪيلي سر عراق سان ڏهه سال ويڙهه ڪئي، جنهن کي آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي ڀرپور حمايت حاصل هئي. ان وقت صدام حسين آمريڪا جو ايترو ئي وڏو لاڏلو هو، جيترو جنرل ضياءَ الحق پاڪستان ۾ هو.
    ٻي ڳالهه ته پاڪستان ۾ اڳي ئي شيعا آبادي اها دانهن ڪندي رهي ٿي ته حڪومت جي واهر سان سني انتهاپسند ڌريون کين لڳاتار نشانو بڻائينديون رهن ٿيون. ملڪ اندر شيعا- سني ٽڪراءَ اڳ ئي هلندڙ آهي، ان حالت ۾ جيڪڏهن ايران ۽ سعودي عرب سڌو سنئون ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا ۽ پاڪستان به سعودي عرب جي اتحادي فوج جو حصو بڻجي ٿو ته پوءِ ايران جي پاڪستان سان سڌي سنئين دشمني شروع ٿي ويندي. سعودي عرب اسان کان هزارين ميل پري آهي، پر ايران ته اسان جي سرحد تي ويٺو آهي. ان قسم جي ايڊوينچر جو حصو بڻجڻ سان پاڪستان اندر شيعا- سُني ٽڪراءَ ۾ به شدت اچي سگهي ٿي ۽ اسان هڪ ٻئي سرحد تي موجود پاڙيسري ملڪ سان به دشمني ۾ اچي وينداسين، نه رڳو اهو، پر هن وقت ملڪ اندر دهشتگردن خلاف جيڪو فوجي آپريشن هلي رهيو آهي، ان تي به اثر پئجي سگهن ٿا. ملڪ اندر مذهبي انتهاپسنديءَ ۾ ملوث ڌرين کي سعودي عرب جي واهر حاصل هجڻ جون ڳالهيون ڪي ڍڪيل ڇپيل ناهن. سڀاڻي جيڪڏهن يمن يا ايران سان سعودي عرب ڪنهن ڊگهي جنگ ۾ ڦاسي ويو ته پاڪستان اندر مذهبي ۽ فرقيوار ويڙهاڪ ڌرين جي به کيس واهر جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي ۽ ان صورتحال ۾ پاڪستان مٿان اهو به دٻاءُ وڌندو ته في الحال انهن قوتن تي هٿ هلڪو رکيو وڃي، ڇو ته هڪ نئين جنگ لاءِ اهي ڌريون ڪارائتون ٻارڻ ثابت ٿي سگهن ٿيون.
    جيڪڏهن ائين نه به ٿئي ته ملڪ اندر انهن قوتن سان ٽڪراءَ ۾ آيل فوج جو ڌيان ۽ وسيلا به سعودي عرب واري جنگ ڏانهن موڙيا ويندا، جنهن سان اندروني محاذ تي سندن ڪارڪردگيءَ تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي ان جنگ ۾ قدم رکڻ سان ۽ ان جنگ جي وڌيڪ پکڙجڻ سان ملڪ اندر انتهائي خطرناڪ صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي، اهڙي ريت اڄوڪين حالتن ۾ ان نئين گهڻ پاسائين جنگ جو حصو بنجڻ ملڪ کي تباهيءَ جي دڳ تي لائي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ اڳي ئي برباديءَ جي ڪناري تي پُهتل آهي. جنگي معيشت مان ڪي ڌريون ته اربين ڊالر ڪمائي وٺن ٿيون، پر ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو ان جي قيمت ادا ڪن ٿا. افغانستان جي جنگ جا نتيجا ڀوڳيندڙ 20 ڪروڙ بي ڏوهه ماڻهن جو هڪ نسل برباديءَ جو فصل لڻي رهيو آهي ۽ هن نئين جنگ جي برباديءَ جو بار هي ملڪ کڻي سگهڻ جهڙو ناهي، رت جا اڳوڻا داغ ايترين برساتن کان پوءِ به نه ڌوپجي سگهيا آهن ته هن نئين رتوڇاڻ جي قيمت الائجي ڪيترا نسل ڀريندا.
    پاڪستان جي قيادت جيڪڏهن هن ملڪ جي ماڻهن سان تر جيتري به مخلص آهي ته ان کي فوري طور ان جنگ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. جهالت، بيمارين ۽ بک هٿان برباد ٿيل هن ملڪ جي ماڻهن کي پراين جنگين جو کاڄ بنائڻ بدران هڪ اهڙي ملڪ جي ضرورت آهي، جتي کيس هڪ شهري جي حيثيت ۾ رڳو ساهه کڻڻ جيترو حق ملي سگهي. وچ اوڀر باهه جو ميدان بڻيل آهي ۽ ان ۾ ٽُپو ڏيڻ سان ان جا شعلا پاڪستان کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا، جيڪي وسامجڻ کان اڳ ملڪ کي رک جي ڍير ۾ بدلائي سگهن ٿا.

    )روزاني ڪاوش، ڇنڇر 28 مارچ 2015ع(


    يمن جي ويڙهه ۽ ”قومي مفاد“ وارو نعرو!

    يمن جي باهه جا شعلا هوريان هوريان ويجها نظر اچي رهيا آهن ۽ صاف نظر اچي رهيو آهي ته پاڪستان سرڪار هڪ وڏي ڀيانڪ غلطيءَ کي ورجائڻ ڏانهن وڌي رهي آهي. 8 اپريل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس اندر اهو فيصلو ڪيو ويندو ته سعودي عرب ۽ سندس اتحادين پاران شروع ڪيل جنگ ۾ ڪهڙي طرح عسڪري سهڪار فراهم ڪيو وڃي. سعودي عرب مان واپس آيل سرڪاري وفد به چئن لفظن ۾ ٻُڌايو آهي ته سعودي عرب سڌي سنئين فوجي واهر جي گهر ڪئي آهي. نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ اربع ڏهاڙي ٿيل گڏجاڻي کان پوءِ جيڪا پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يمن جي گهوٽالي بابت ڪردار جو تعين قومي مفاد هيٺ ڪيو ويندو. ان پڌرائي مان اهو صاف تاثر ملي رهيو آهي ته حڪومت سعودي عرب جي سڌي سنئين فوجي واهر جو فيصلو ڪري چڪي آهي. وچ اوڀر جي ان نئين خوني تڪرار ۾ پير رکڻ جي ملڪ کي ڪيتري قيمت ڀرڻي پوندي اهو ته ايندڙ وقت ٻُڌائيندو، پر ماضيءَ جو تجربو ٻُڌائي ٿو ته پراين جنگين جو حصو بڻجڻ هڪ خطرناڪ سياسي ۽ سفارتي غلطي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ حقيقي عوامي مفادن جو جنازو نڪري وڃي ٿو. اها حڪومتي دعوى اچرج جهڙي آهي ته سعودي عرب جي مقدس ماڳن جي حفاظت مذهبي فرض آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي ان مقصد لاءِ عسڪري واهر فراهم ڪرڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته سعودي عرب ۽ مقدس ماڳن تي ڪو به حملو نه ٿيو آهي، جنهن جي پاڪستان کي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي. هن وقت ته پاڻ سعودي عرب هڪ پاڙيسري اسلامي ملڪ تي حملو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته يمن ۾ روزانو مرندڙ درجنين ماڻهو ساڳيو ڪلمو پڙهندڙ مسلمان ئي آهن، تنهن ڪري ان جنگ جو مسلمان اُمت واري فلسفي سان ڪو به تعلق ناهي. هي مسئلو نج وچ اوڀر جي علائقائي مفادن جو ٽڪراءُ آهي. ڪنهن کي جيڪڏهن مقدس ماڳن جي حفاظت جي ايڏي ڳڻتي هجي ها ته هينئر تائين اسرائيل خلاف وڙهندڙ مسلمانن جي واهر لاءِ عسڪري واهر فراهم ٿي چڪي هجي ها. ٻي ڳالهه ته هن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ 50 ملڪ اهڙا آهن، جن ۾ اڪثريتي آبادي مسلمانن جي آهي، انهن مان آخر ٻين ڪيترن ملڪن سعودي عرب لاءِ فوجون اماڻيون آهن؟ جيڪڏهن اها جنگ اسلام ۽ مسلمانن جي ڀلائي وٽان آهي ته پوءِ آمريڪا کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي، جو ان ويڙهه ۾ سعودي عرب جي حمايت ڪري رهيو آهي؟ اهو ساڳيو آمريڪا جڏهن اسرائيل جي حمايت ۾ بيٺل آهي، تڏهن سموري مسلم اُمت جي جيءَ کي جهٻو ئي نه ٿو اچي. سڌي سنئين ڳالهه آهي ته وچ اوڀر جو علائقائي تڪرار مقامي مفادن جي ويڙهاند آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جا واسطا به مفادن سان تعلق رکن ٿا. هميشه جيان عام ملڪ واسين کي مقدس ماڳن جا حوالا ڏئي ملڪ جي جنگي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مفادن لاءِ ملڪ کي آڙاهه ۾ اُڇلڻ گُهري ٿي. پاڪستان ماضيءَ ۾ سعودي عرب کي جنگي واهر فراهم ڪندو رهيو آهي ۽ اها واهر رڳو سعودي عرب تائين محدود ناهي رهي.
    ٿورو ماضيءَ جي پسمنظر تي نظر وجهڻ سان انهن حقيقتن کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. مصر جي انقلابي اڳواڻ جمال عبدالناصر جي دور کان سعودي عرب جو يمن سان ٽڪراءُ رهيو آهي. 1960ع ۾ يمن اندر به بغاوت ٿي ۽ جمال عبدالناصر جي مدد سان يمني فوج جي آفيسرن يمني بادشاهت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. ناصر ان وقت 70 هزار فوجي ۽ ڪيميائي هٿيار فراهم ڪري، يمن ۾ بادشاهت جو انت آڻيندڙ آفيسرن جي واهر ڪئي. يمن جو تڏهوڪو حڪمران محمد البدر اتر يمن ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي رهندڙ زيدي قبيلي کي منظم ڪري، يمن جي نئين حڪومت سان ويڙهاند شروع ڪيائين. ان وقت سعودي عرب کي ساڳي ڳڻتي پيدا ٿي هئي ته جيڪڏهن مصر جو انقلاب ۽ سندس فوجون پاڙيسري يمن ۾ پير کوڙي ويون ته پوءِ سندن بادشاهت جو آئيندو خطري ۾ پئجي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سعودي عرب ان وقت محمد البدر ۽ سندس حامي زيدي قبيلي کي عسڪري واهر فراهم ڪئي. اڄ ان ئي زيدي قبيلي جا حوثي باغي يمن جي گاديءَ تي قابض آهن ۽ سعودي عرب ساڳئي خطري هيٺ مٿن بمباري ڪري رهيو آهي. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ سعودي عرب حوثين جي واهر مقدس ماڳن جي بچاءَ جي نالي تي ڪئي ۽ اڄ وري ساڳئي نعري هيٺ انهن ئي حوثين مٿان بمباري ڪري رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته سعودي عرب تڏهوڪي حوثي قبيلي جي اڳواڻ ۽ معزول ٿيل بادشاهه محمد البدر جي فوجي مدد ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ پناهه به ڏني، پر 1970ع ۾ اٺن سالن جي گهرو ويڙهه کان پوءِ جڏهن البدر جي حامين وٽ يمن جي وڏي حصي جو ڪنٽرول به هو، تڏهن سعودي عرب منجهائين هٿ ڪڍي، تڏهوڪي يمني حڪومت سان ٺاهه ڪري، ان کي تسليم ڪري ورتو. البدر دل برداشته ٿي سعودي عرب ڇڏي، برطانيا هليو ويو ۽ اتي اڪيلائيءَ جي زندگي گُذاري 1996ع ۾ گذاري ويو. 1969ع ۾ به جڏهن سعودي عرب يمن تي حملا ڪيا، تڏهن به مبينا طور پاڪستان جي هوائي فوج ڏاکڻي محاذ تي سعودي عرب لاءِ ويڙهه جو حصو بڻيل هئي. 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ اٽڪل 15 هزار پاڪستاني فوجي اسرائيل- اردن سان لڳندڙ سعودي سرحد تي مقرر ٿيل هئا. ساڳي طرح بحرين جي سُني بادشاهه گهراڻي به 2011ع ۾ اڪثريتي آبادي شيعن پاران ڪيل مزاحمت کي چٿڻ لاءِ هزارين پاڪستاني ڀرتي ڪيا هئا، ان جي نتيجي ۾ بحرين ۾ پاڪستاني شهرين کي نفرت ۽ تشدد جو به نشانو بڻايو ويو هو. يمن جي هاڻوڪي جنگ ۾ به پاڪستان جي ڀائيوار بڻجڻ جا امڪان ان ڪري وڌيڪ آهن، جو ان ۾ سيڪيورٽي ۽ سياسي اسٽيبلشمينٽ ٻنهي جا مفاد سمايل آهن. افغان جنگ جي پُڄاڻي ويجهي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي هڪ ٻي ويڙهاند جو حصو بڻجڻ سان ملڪ اندر پنهنجي هڪ هٽي برقرار رکڻ لاءِ وسيلا مهيا ٿي سگهندا، جڏهن ته نواز شريف نه رڳو سعودي عرب جي حڪمران گهراڻي جي ذاتي احسانن جو ٿورو لاهڻ چاهيندو، پر ساڳئي وقت کانئن پنهنجي سياسي مستقبل لاءِ به اهم واهر حاصل ڪري سگهندو. هر وقت نواز شريف کي پنهنجي حڪومت بچائڻ جي ڳڻتي رهي ٿي ۽ هن معاملي تي فوج کي خوش رکڻ وسيلي هو پنهنجي حڪومتي مدي کي به تحفظ ڏئي سگهندو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان سڄي ٽڪراءَ ۾ آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن جا به مفاد سمايل آهن، تنهن ڪري اهي به سعودي عرب جي اڳرائيءَ جي حمايت ڪري رهيا آهن. گذريل ڪجهه ورهين کان يمن ۾ القاعده هڪ سگهاري ڌر ٿي اُڀري آهي ۽ آمريڪا، پاڪستان جيان يمن ۾ به ڊرون حملا ڪري، القاعده کي نشانو بڻائيندو رهيو آهي. سن 2000ع ۾ يمن اندر آمريڪي بحري ٻيڙي تي القاعده جي آپگهاتي بمبارن حملو ڪيو، جنهن ۾ 17 آمريڪي مارجي ويا ۽ ٻيڙي کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو. 2008ع ۾ يمن جي گادي صنعا ۾ آمريڪي قونصل خاني تي پوليس جي وردي پهريل دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن ۾ 18 ڄڻا مارجي ويا هئا. آمريڪا ۽ سعودي عرب ٻئي ملڪ يمن ۾ مضبوط ٿيندڙ القاعده خلاف ويڙهاند ۾ رُڌل رهيا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن خلاف ڪو به علائقائي فوجي اتحاد نه ٺهيو ۽ نه وري پاڪستان کان فوجي مدد گهري وئي. القاعده جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪمزور حوثي باغين خلاف ايڏي سخت ڪارروائيءَ جو هڪ ڪارڻ حوثي باغين جو شيعا فرقي سان تعلق هجڻ به آهي. اها حقيقت آهي ته يمن جي سرحد تي شيعا باغين جي قبضي کي سعودي عرب اسرائيل ۽ القاعده کان به وڌيڪ خطرناڪ تصور ڪري ٿو.
    سعودي عرب کي وچ اوڀر ۾ ايران جي عسڪري سفارتي ۽ معاشي سگهه کان هميشه لاءِ ڳڻتي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته شام ۾ بشارالاسد جي ثابت قدميءَ سبب اڳي ئي سعودي عرب کي پريشاني آهي، مٿان وري تازو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نيوڪليئر تڪرار جو نبيرو ٿيڻ کان پوءِ ايران مٿان لڳل پابنديون هٽڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن. ان نئين صورتحال ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي دوستيءَ کي به ڌڪ رسي سگهي ٿو، جڏهن ته نئين صورتحال ۾ ايران عالمي اڪيلائيءَ مان ٻاهر نڪري هڪ نئين سگهه سان اُڀري سگهي ٿو. ايران جي نئين اُڀار سان بشارالاسد کي به وڌيڪ سگهه حاصل ٿيندي. جيتوڻيڪ آمريڪا، داعش جي اُڀار کان پوءِ شام ۽ ايران ڏانهن اڳ ئي رويو تبديل ڪيو آهي، ان نئين صورتحال ۾ سعودي عرب لاءِ يمن ۾ شيعا حوثي ڌر جو سگهارو ٿيڻ ڳڻتيءَ کان گهٽ ناهي.
    آمريڪا ۽ يورپ جا ان خطي ۾ رڳو عسڪري نه، پر معاشي مفاد به سمايل آهن. يمن جي ڏکڻ ۾ عدن جو نار وارو سامونڊي لنگهه سندن معاشي مفادن لاءِ نهايت اهم آهي، تنهن ڪري اهي جلد کان جلد يمن کي حوثي باغين جي قبضي کان آجو ڪرائڻ گهرن ٿا. اها به حقيقت آهي ته ان ڳڻتيءَ ۾ هاڻي وڌيڪ شدت ايندي، ڇو ته حوثي باغين يمن جي ڏاکڻي اهم شهر عدن تي به قبضو ڪري ورتو آهي. دراصل يمن جي ڏاکڻي سرحد سان لڳ عدن جي سامونڊي نار ۾ هڪ سوڙهو سامونڊي لنگهه باب المندب (Bab el Mandeb) واقع آهي. نار وارن ملڪن مان يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن ويندڙ تيل جا اڪثر جهاز ان لنگهه مان گذري ڳاڙهي سمنڊ، ڀونچ سمنڊ ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ پهچن ٿا. اهو لنگهه عدن ويجهو نهايت سوڙهو يعني رڳو 40 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. 2013ع ۾ باب المندب جي لنگهه وٽان روزانو 38 لک بيرل تيل جا جهاز گذريا هئا، جيڪڏهن اهو لنگهه بند ٿئي ٿو ته يورپ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن کي تيل فراهم ڪرڻ لاءِ جيڪو متبادل رستو ڏکڻ آفريڪا کان وڃي ٿو، اهو اختيار ڪرڻ سان هڪ ڪاٿي موجب في ٽينڪر جو خرچ 45 هزار ڊالرن مان وڌي ڏيڍ لک ڊالر ٿي ويندو. يورپ ۽ آمريڪا جون منڊيون ايڏو مهانگو تيل خريد ڪرڻ جو سوچي به نه ٿيون سگهن، ڇو ته ان سان مقامي مارڪيٽ توڙي عالمي مارڪيٽ ۾ سندن مصنوعات جا اگهه آسمان تي چڙهي ويندا. جڏهن ته ٻئي طرف چين ۽ جاپان کي هندي سمنڊ وسيلي تيل جي نارمل سپلاءِ جاري رهندي. خود سعودي عرب ۽ نار جا ملڪ يورپ ۽ آمريڪي منڊين کي مناسب اگهه تي تيل جي يقيني فراهمي جاري رکڻ چاهين ٿا. عدن وٽان باب المندب بند ٿيڻ جي صورت ۾ تيل کان سواءِ نهر سوئيز وسيلي ٿيندڙ ٻيو سامونڊي واپار به متاثر ٿيندو، اهڙي ريت مصر به ان ڪري سعودي عرب جي اتحاد جو حصو آهي. مصر 1970ع جي ڏهاڪي ۾ اسرائيل سان جنگ ۾ پڻ ان سامونڊي لنگهه کي بند ڪيو هو ۽ اسرائيل جي تجارتي مفادن کي ڪاپاري ڌڪ رسايو هو. اهو ئي سبب آهي، جو يمن واري تازي گهوٽالي شروع ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي فوج جي نمائنده جنرل لائڊ آسٽن سينيٽ ۾ وضاحتي بيان ڏيندي چيو هو ته، ”آمريڪا نار وارن ملڪن جي اتحاد گلف ڪوآپريشن ڪائونسل سان گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته باب المندب وارو سامونڊي لنگهه کُليل رهي.“ هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته، ”اسان پنهنجي ان مفاد کي يقيني بڻائينداسين ته باب المندب ۽ هرموز واري لنگهه وسيلي اسان جو تجارتي وهڪرو آزاداڻي نموني جاري رهي.
    ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته يمن واري جنگ جي پُٺيان آمريڪا ۽ يورپ توڙي نار وارن ملڪن جا معاشي مفاد پڻ سمايل آهن ۽ باب المندب جو کُليل رهڻ سندن معاشي مفادن لاءِ نهايت ضروري آهي. عدن مٿان باغين جي چڙهائي ۽ وقتي قبضي کان پوءِ هاڻي آمريڪا ۽ يورپ به پاڪستان مٿان ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ زور ڀريندا. اهڙي طرح امڪان آهي ته پارليامينٽ کان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ان فيصلي جي منظوري ورتي ويندي. جيڪڏهن پارليامينٽ ان کان ڪيٻايو ته پوءِ ممڪن آهي ته وسيع تر قومي مفادن ۾ ڪي ٻيا طريقا به استعمال هيٺ آندا وڃن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وچ اوڀر جي اها ويڙهاند جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ختم نه ٿي ته پوءِ اها هڪ نئين وڏي عالمي تڪرار جو بنياد بڻجي سگهي ٿي. ڇو ته وقت گذرڻ سان ممڪن آهي ته ايران ۽ روس به ان ويڙهه جو سڌي، اڻ سڌي طرح حصو بڻجي وڃن. ان صورتحال ۾ پاڪستان جو ان ويڙهه ۾ حصو بڻجڻ هڪ وڏي خوني جنگ ۾ پير رکڻ برابر ٿيندو، جنهن جا ايندڙ ورهين ۾ نتيجا نهايت سنگين ثابت ٿي سگهن ٿا.
    (روزاني ڪاوش، آچر 05 اپريل 2015ع)


    پنهنجي آئيني حقن لاءِ مطالبن تائين محدود سنڌ سرڪار

    پاڻياٺ گئس (LNG) جي درآمد واري معاملي هڪ ڀيرو ٻيهر ان حقيقت کي چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام آباد جي مرڪزيت پسند ڪامورا شاهي ۽ پنجاب جي سياسي قيادت صوبن کي آئين هيٺ مليل حقن ۽ 18 هين ترميم جي نتيجي ۾ مليل ٿوري گهڻي ثمر کي قبولڻ لاءِ بنهه تيار ناهي. وفاقي حڪومت قطر سان ڪيل ٺاهه موجب ايل اين جي گهرائڻ لاءِ پورٽ قاسم تي خاص بندوبست ڪري اينگرو کي ان جو ٺيڪو ڏيئي چڪي آهي. ٺاهه موجب ايل اين جي پهچي يا نه، پر اينگرو کي روزانو ٻه لک ستر هزار ڊالر ادا ڪيا ويندا. اها رقم مهيني تي 80 ڪروڙ روپين کان به وڌيڪ بنجي ٿي. ملڪ ۾ گئس جي زبردست کوٽ آهي ۽ صنعتي، ڪاروباري ۽ گهريلو واهپيدارن کي گهربل مقدار ۾ گئس فراهم نه ٿيڻ سبب نه رڳو عوام جي زندگي آزار بنيل آهي پر ملڪي معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي. گئس جي اهڙي کوٽ جي ڪارڻن تي الڳ بحث ڪري سگهجي ٿو. هن مضمون ۾ اهو جائزو وٺنداسين ته ايل اين جي گهرائڻ واري فيصلي جا سنڌ تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ان سان آئيني ضمانتن جي ڪهڙي لتاڙ ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ جي چونڊيل حڪومت ڇا پئي ڪري؟
    سڀ کان پهرين ته اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته آئيني لحاظ کان معدني تيل ۽ گئس گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ڏنل سبجيڪٽ آهي. وفاقي لسٽ جي ڀاڱي ٻئين ۾ اهو سبجيڪٽ سي سي آءِ حوالي ڪيل آهي. آئين موجب انهن سبجيڪٽن تي سمورا فيصلا ڪرڻ ۽ نگراني ڪرڻ جو اختيار سي سي آءِ کي مليل آهي. پر حڪومت هيتري وڏي اهم فيصلي کي ان لاڳاپيل فورم تي آڻڻ بدران ان جي منظُوري توانائي بابت ڪابينا جي ڪميٽي ۽ قومي اقصادي ڪائونسل جي ڪاروباري ڪميٽي کان ورتي. اهي ٻئي فورم آئيني طور تي اهڙو ڪوبه اختيار نه ٿا رکن ته سي سي آءِ جي سبجيڪٽن بابت ڪوبه فيصلو ڪن. ان لحاظ کان ڏسجي ته ايل اين جي درآمد ڪرڻ وارو سمورو طريقي ڪار آئين جي لتاڙ آهي. ٻي ڳالهه ته پيٽروليم واري وزارت صوبن کان پڇڻ بنا سي سي آءِ ۾ بحث/ فيصلو ڪرڻ کان سواءِ سوئي سدرن گيس ۽ سوئي ناردرن گئس ڪمپني ۾ اهو ٺاهه ڪرائي ڇڏيو ته سنڌ جي زمزما ۽ سانوڻ فيلڊ جي گئس پنجاب موڪلي ويندي ۽ بدلي ۾ سنڌ کي ٻاهران ايندڙ ايل اين جي فراهم ڪئي ويندي. پنجاب حڪومت ايل اين جي تي هلندڙ ٻه بجلي گهر قصور ۽ جهنگ ۾ قائم ڪري رهي آهي، جن کي به ان گئس جي ضرورت پوندي. هڪ گهڙي لاءِ مڃون کڻي ته سنڌ جي جيتري گئس پنجاب موڪلي ويندي اوتري ئي ايل اين جي سنڌ کي مهيا ٿيندي، پر سوال اهو آهي ته ايڏو وڏو فيصلو سنڌ حڪومت کان پڇڻ بجاءِ ڪيئن ڪيو ويو؟ اصولي طور تي ٻئي گئس ڪمپنيون به سي سي آءِ جي اختيار هيٺ آهن. پيٽروليم جي وزارت جيڪا خود غير آئيني آهي، اها ڪهڙي ريت انهن ڪمپنين وچ ۾ اهڙا ٺاهه ڪرائي رهي آهي. ٻي ڳالهه ته فرض ڪريو ڪنهن مرحلي تي ايل اين جي جي درآمد ۾ ڪا رنڊڪ پوي ٿي يا درآمد ۾ ڪا دير ٿئي ٿي ته ان صورت ۾ سنڌ کي ڪٿان گيس فراهم ڪئي ويندي؟ ان قسم جي صورتحال لاءِ سنڌ کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟
    ان رٿا جو ٻيو هڪ اهم پاسو آهي قطر مان گئس درآمد ڪرڻ جي مهانگي قيمت. سامونڊي اڏي جي خرچن، ڪمپنين جي انتظامي خرچن ۽ ٽرانسپورٽ جا خرچ ملائڻ سان هڪ ڪاٿي موجب ايل اين جي 12 کان 14 ڊالر في يونٽ ۾ ملي سگهندي. اها قيمت ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ گئس کان لڳ ڀڳ ٽيڻي آهي. سوال اهو آهي ته اها مهانگي گئس ڪنهن کي گهرجي ۽ ان جي قيمت ڪير ڀريندو؟ هن وقت سنڌ ملڪي پيداوار جو 68 سيڪڙو گيس فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته سنڌ پنهنجي پيداوار جو رڳو 55 سيڪڙو گئس استعمال ڪري ٿي. اهڙي ريت بلوچستان ۽ پختونخوا به پنهنجي پيداوار کان گهٽ گئس استعمال ڪن ٿا. ان جي ابتڙ پنجاب پنهنجي صوبي اندر پيدا ٿيندڙ گئس کان اٺوڻ تي وڌيڪ گئس استعمال ڪري ٿو. ان جو مطلب ته گيس جي فراهمي جو خسارو رڳو پنجاب کي آهي. پنجاب ۽ سنڌ جي گيس جي ضرورت جي فرق جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي ويب سائيٽ تي ڏنل انگن اکرن موجب پنجاب ۾ سي اين جي جا 2162 پمپ آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ رڳو 587 پمپ آهن. پاڪستان انرجي بوڪ موجب پنجاب ۾ گئس جا 38 لک 36 هزار گهريلو واهپيدار آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 23 لک 17 هزار گهريلو واهپيدار آهن. پنجاب ۾ 47 هزار ڪاروباري ڪنيڪشن آهن جڏهن ته سنڌ ۾ رڳو 21 هزار ڪاروباري ڪنيڪشن آهن. پنجاب ۾ 5 هزار 7 سئو صنعتي ڪنيڪشن آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ 4هزار صنعتي ڪنيڪشن آهن. ان لحاظ کان ڏسجي ته گئس جو سڀ کان گهڻو واهپو پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي ۽ کوٽ به ان ئي صوبي کي پيش اچي رهي آهي. آئين جي آرٽيڪل 158 ۾ چٽن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته جنهن صوبي ۾ گئس جو کوهه واقع هوندو، ان جي گئس جي ضرورتن کي ٻين صوبن جي ضرورت مٿان اوليت حاصل هوندي. آئين جي ان آرٽيڪل هيٺ سنڌ کي آئيني طور حق آهي ته اها پنهنجي حصي جي گئس پهرين استعمال ڪري ۽ رڳو واڌو گئس پنجاب کي فراهم ڪري. ان صورتحال ۾ پنجاب پنهنجي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڀلي کڻي لک ٽن ايل اين جي گهرائي پنهنجي واهپيدارن کي جيتري اگهه تي چاهي وڪرو ڪري پر جڏهن سنڌ کي پنهنجي صوبي اندر گئس جي کوٽ ناهي ته پوءِ ان کي ڪهڙي ضرورت آهي درآمد ٿيل مهانگي گئس استعمال ڪرڻ جي؟
    هن وقت به سنڌ ۾ گئس جي جيڪا کوٽ آهي، اها رڳو مفاهمتي سياست جو نتيجو آهي. سنڌ حڪومت عوام جي اکين ۾ سرمو وجهي رڳو لک پڙهه ڪندي رهي ٿي پر ان کان هڪ وک به اڳتي نه ٿي کڻي. ان جي ابتڙ خيبر پختونخوا جي حڪومت هر اهڙي موقعي تي ڪورٽن ۾ وڃي غلط فيصلا رد ڪرايا آهن ۽ پنهنجو اصولي موقف مڃرايو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 158 هيٺ صوبي کي پنهنجي گئس اوليتي بنيادن تي استعمال ڪرڻ جي حق کي هڪ پٽيشن تي ڏنل فيصلي ۾ قبول ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ اوج تي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سمورا سي اين جي پمپ کليل هوندا آهن. جڏهن آئين ۾ واضح لفظن ۾ صوبي جو حق مڃيل آهي، هڪ صوبي جي هاءِ ڪورٽ ان تي حڪم به ڏئي چڪي آهي ۽ اهو صوبو ان پٽاندڙ پنهنجي گئس جو اوليتي استعمال به ڪري رهيو آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت رڳو چٺيون لکڻ ۽ مذمتي بيان جاري ڪرڻ تائين ڇو محدود آهي؟
    ساڳئي طرح پشاور هاءِ ڪورٽ هڪ ٻئي فيصلي هيٺ گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس کي به غير قانوني قرار ڏئي رد ڪري چڪي آهي. سنڌ حڪومت ان معاملي تي به ساڳي روش اختيار ڪندي رهي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ به سنڌ سرڪار ان زور آوريءَ خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان هڪ ٺهراءُ منظور ڪرايو ته اهو ٽيڪس اوڳاڙڻ بند ڪيو وڃي. اسيمبليءَ جي ٺهراءَ جي ڪا به قانوني رايا آئيني حيثيت ناهي هوندي. اصولي طور سنڌ سرڪار کي به پختونخوا حڪومت جيان هاڻي هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گهرجي، پر اها رڳو بيانن ۽ ٺهرائن تي گذارو ڪري رهي آهي. ان قسم جي روايتي قدمن سان سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي اهو ڪوڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته اها ڏينهن رات سنڌ جي حقن لاءِ وفاق سان سينو تاڻي جنگ جوٽي رهي آهي. پر ان مقصد لاءِ ڪنهن حقيقي سگهاري قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن آئين ۾ مليل حق سي سي آءِ جي فورم تي يا بين الصوبائي معاملن واري فورم تي بحث هيٺ آڻڻ کان لڳاتار لنوايو پيو وڃي، صوبائي حڪومت جي خطن کي ڪابه اهميت نه ڏني وڃي ۽ صوبي جي چونڊيل اسيمبليءَ جي ٺهرائن کي به مان نه ڏنو وڃي ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اصولي طور ان صورت ۾ سنڌ حڪومت کي هينئر تائين ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ گهرجي ها، جيئن پختونخوا ۾ ٿي رهيو آهي. پر اهو سڀ ڪجهه رڳو ڏي وٺ واري مفاهمتي سياست سبب ممڪن نه پيو ٿئي. پختونخوا جي حڪومت ته او جي ڊي سي جا ڏهه سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪرڻ خلاف به ڪورٽ کان اسٽي آرڊر وٺي آئي هئي ۽ اڃا تائين سپريم ڪورٽ جو ان ڏس ۾ اجازت نامون مشروط آهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پختونخوا رڳو ساڍا اٺ سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو پر اهو پنهنجي حقن لاءِ ڪورٽ ۾ پهچي وڃي ٿو، پر 68 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ صوبي جي حڪومت رڳو خطن ۽ بيانن جي ويڙهاند تائين محدود آهي!
    تيل ۽ گئس سان لاڳاپيل وڏين سرڪاري ڪميشنن جي بورڊ آف گورنرز ۽ مئنجمينٽ سطح جي سينئر عهدن تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي به نه ٿو ملي. اها روش رڳو اڄوڪي ناهي پر پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي حڪومت ۾ به جڏهن ڊاڪٽر عاصم حسين کي اهو کاتو مليو ته هن نالي ماتر سنڌين کي به انهن ادارن جي اهم عهدن تان نيڪالي ڏئي ڇڏي. جڏهن سنڌ جي نمائندگي رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر عاصم جهڙن ماڻهن وٽ هوندي ته پوءِ سنڌ سرڪار پاران رڳو سکڻا بيان جاري ڪرڻ ۽ خط لکڻ به وڏو ”انقلابي قدم“ نظر ايندو. سنڌ جي تيل ۽ گئس جي وسيلن ۽ انهن مان ٿيندڙ آمدني ۽ ٻين فائدن مان سنڌ کي گهربل فائدو حاصل نه ٿي سگهڻ جي جيتري ذميواري اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ تي لاڳو ٿئي ٿي، اوتري ئي ذميواري سنڌ جي حڪومتن تي به عائد ٿئي ٿي. اڻ چونڊيل ۽ ٿاڦيل حڪومتن پاران انهن مسئلن تي همت ڀريو موقف يا درست حڪمت عملي نه اپنائڻ جا ڪارڻ ته سمجهي سگهجن ٿا پر سنڌ واسين جي قربانين ۽ ووٽن سان اقتدار ماڻيندڙن جي سکڻي نمائشي مزاحمت کي درگذر نٿو ڪري سگهجي. سنڌ سرڪار مفاهمت جي دائري ۾ رهندي منٿ ميڙ وارا سمورا طريقا استعمال ڪري چڪي آهي، پر ان سان وفاقي حڪومت پنهنجا رويا بدلائڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن وفاق پنهنجا رويا بدلائڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ سنڌ سرڪار کي پنهنجي حڪمت عملي بدلائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ سرڪار کي هڪ آخري خط لکي ڪا تاريخ مقرر ڪري وفاق کي ٻڌائڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌ جي آئيني حق جي اها کلي لتاڙ بند نه ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ سرڪار ڪورٽن جو دروازو کڙڪائيندي. وڌيڪ مذمتي بيانن ۽ ٺهرائن بجاءِ سنڌ سرڪار کي هاڻي چٽي نموني پنهنجي حڪمت عملي واضح ڪري ڪو عملي قدم کڻڻ گهرجي.

    (روزاني ڪاوش، اربع 15 اپريل 2015ع)


    جمهوريت کي ڪنهن کان خطرو آهي؟

    ڪراچيءَ جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ڪجهه ڏينهن اڳ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي المنائي ايسوسيئيشن جي سنڌ چيپٽر پاران ڪرايل هڪ سيمينار ۾ ڪراچيءَ بابت تمام تفصيلي تقرير ڪئي. ان تقرير دوران هن ڪراچيءَ جي امن امان بابت مختلف رُخن کان ڳالهائيندي، جيڪي ڳالهيون ڪيون، تن مان هيٺيان نُقطا تمام اهم آهن.
    * متوازي هلندڙ انتظاميا ۽ طاقت جي مرڪزن کي پاڙئون پٽڻ گهرجي.
    * ڪراچيءَ جي سياست کي دهشتگرديءَ کان آجو ڪيو ويندو.
    * ميڊيا کي خوف کان آجو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    * ڪراچيءَ ۾ انتظاميا ۽ پوليس کي اڻ ڌريو ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي.
    * ڪراچي ملڪي روينيو جو 65 سيڪڙو فراهم ڪري ٿي ۽ ملڪي ڪاروبار جو 80 سيڪڙو ڪراچيءَ جي سامونڊي اڏن وسيلي ڪيو وڃي ٿو.

    انهن نُقطن مان هيٺيون ڳالهيون چٽيون نظر اچن ٿيون:
    * فوجي قيادت ڪراچيءَ جي معاشي اهميت کي محسوس ڪندي، ان کي هڪ اهڙو پُرامن شهر بڻائڻ گُهري ٿي، جيڪو ملڪ جي تباهه ٿيل معيشت کي مڪمل طور نابود ٿيڻ کان بچائي سگهي.
    * فوجي قيادت سمجهي ٿي ته شهر کي هلائيندڙ انتظاميا ڪجهه اهڙن هٿن ۾ قيد آهي، جن جي اڳيان حڪومت ۾ بظاهر ويٺل حڪمران ۽ سندن سموري انتظاميا بي اثر آهي.
    جيتوڻيڪ ان قسم جا معاملا بنهه انتظامي نوعيت جا آهن ۽ سويلين حڪومت جي دائري ۾ اچن ٿا، پر ڪراچيءَ جي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته فوج سويلين انتظاميا جي اهليت ۽ نيت ٻنهي تي ڀروسو نه ٿي ڪري. هونئن ته عام طور تي اسان وٽ اهڙن روين پُٺيان سازش ۽ اقتدار تي قبضي جي خواهش جي ٿيوري هر وقت موجود هوندي آهي، پر ڪراچيءَ جي معاملي تي رڳو روايتي لفاظيءَ کان ڪم چڙهي ويو آهي. ان حقيقت جا ٻه اهم پاسا آهن. ڪراچيءَ جي اڄوڪي صورتحال کان نه نان سويلين آجا آهن، ۽ نه سويلين حڪومتون. ڪور ڪمانڊر پنهنجي تقرير ۾ ڪراچيءَ جي اڄوڪي صورتحال جو ڇيڙو 80ع واري ڏهاڪي جي وچ کان شروع ڪيو آهي. سڀني کي خبر آهي ته 80ع جي وچ واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي اندر ڪيئن هڪ منظم لساني دهشتگرديءَ جو بنياد وڌو ويو. فوج جو اڳوڻو سربراهه اسلم بيگ کُليل لفظن ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته ڪراچيءَ ۾ لساني بنيادن تي دهشتگردي ڪندڙ تنظيم جو بنياد جنرل ضياءُالحق پاران سنڌي قومپرستيءَ کي روڪڻ لاءِ وڌو ويو. هي اهو ئي رويو آهي، جيڪو آمريڪا بين الاقوامي مفادن لاءِ استعمال ڪندو آهي. ساڳئي دور ۾ آمريڪا روسي ڪميونسٽن کي روڪڻ لاءِ مذهبي انتهاپسنديءَ تي ڊالر خرچ ڪيا. ٻنهي مثالن ۾ هڪ سياسي اُڀار کي روڪڻ لاءِ هٿياربند ٽولن کي منظم ڪيو ويو. ان دور جا اُڀاريل هٿياربند گروهه هينئر ٻنهي پيدا ڪندڙ ڌرين لاءِ للڪار بڻيل آهن.
    ايم ڪيو ايم کي جنرل ضياءُ الحق جنم ڏنو ۽ هٿياربند ڪيو. اڳتي هلي جڏهن هڪ وڏي آپريشن کان پوءِ ان جي هٿياربند سگهه کي تقريبن ختم ڪيو ويو هو ته وري هڪ ڊڪٽيٽر مشرف ان کي نئون جنم ڏنو. ٻنهي جنرل صاحبن جي دور ۾ ايم ڪيو ايم جون پاڙون مضبوط ٿيون. اڄ جيڪڏهن اعلى سيڪيورٽي عملدار ان کي ”را“ جو ايجنٽ قرار ڏين ٿا ته کين نه وسارڻ گهرجي ته ان آفت کي ڪنهن سويلين حڪومت نه، پر غير جمهوري حڪومتن پروان چاڙهيو آهي. کين غير محدود اختيار ۽ وسيلا فراهم ڪندڙ جنرل مشرف اڄ به جيئرو جاڳندو ويٺو آهي، پر ڪير به سندس نانءُ نه ٿو کڻي. جنرل نويد مختار جتي ڪراچيءَ جي صورتحال پُٺيان انتظامي نااهليءَ کي صحيح طور تي وائکو ڪيو، اُتي کيس تاريخ جو رڪارڊ دُرست رکڻ لاءِ نان سويلينز جو به حوالو ضرور ڏيڻ گهرجي ها. جيڪڏهن ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ اندر ڪرمنل ۽ هٿياربند ٽولن جي ايتري واهر نه ٿئي ها ته اڄ سويلين حڪومتون سندس اشارن تي هلڻ لاءِ مجبور نه هجن ها. ساڳي طرح ٻيلن ۾ گُهمندڙ هٿياربند ٽولا به ضياءَ جي دور جي پيداوار آهن ۽ اهي به ساڳي رٿابنديءَ هيٺ وجود ۾ آندا ويا هئا. ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن ۾ دهشتگردن وٽ موجود جديد ترين هٿيار سنڌ اندر ڪٿي به نه ٿا مينوفيڪچر ڪيا وڃن. سوين ميل لتاڙي موتمار هٿيارن جون اهي کيپون جيڪڏهن سنڌ پُهچن ٿيون ته انهن سمورين قوتن کي به ساڳي ايمانداريءَ سان وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مرض جون رڳو علامتون ختم نه ٿين، پر ان کي پاڙئون پٽي سگهجي.
    ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته سويلين حڪومتون سموري ذميواريءَ کان آجيون آهن. 80ع واري ڏهاڪي کانپوءِ پهريون ڀيرو جنهن چونڊيل حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جو موقعو مليو، اها پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جيڪا هينئر پنهنجي اقتدار جي ستين سال ۾ آهي. انهن ستن سالن دوران پيپلز پارٽيءَ کي عددي گهڻائي حاصل هجڻ سبب ان کي ڪنهن پارٽيءَ سان اتحاد ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، پر مفاهمت، سياسي استحڪام ۽ جمهوريت جي تسلسل لاءِ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو ويو. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي ان موقعي ۽ اتحاد کي سنڌ واسين جي ڀلي بجاءِ پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪيو. نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ عملي طور ڪا به مخالف ڌر موجود نه رهي ۽ ٻنهي حڪمران ڌرين گڏجي سنڌ جي ٻنهي هٿن سان ڀينگ ڪئي.
    ستن سالن جي ان حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ اڄ سنڌ تعليم، صحت ۽ امن امان جي حوالي سان بدترين حالت ۾ آهي. ڪرپشن توڙي ميرٽ جي لتاڙ ماضيءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي. سنڌ ۾ عملي طور حڪومت نالي جي ڪا به شئي وجود نه ٿي رکي. مفاد پرستن جو هڪ ٽولو سنڌ تي قابض آهي. ڪڻڪ ۽ ڪمند جي اگهن کان وٺي، ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي فنڊن تائين ۽ نوڪرين کان وٺي، خيراتي رٿائن جي ڪارڊن تائين هر شعبي ۾ بدعنواني، اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ جو راڄ آهي. سنڌ ترقيءَ جي اڪثر اهڃاڻن ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ زوال جو شڪار آهي. سماجي ترقيءَ جي ڪجهه اهڃاڻن ۾ ته سنڌ جو حال سمورن صوبن کان بدترين ٿي چڪو آهي. ٻهراڙيون ڪرمنل ۽ ڪرپٽ ٽولن جي چنبي ۾ آهن. ڀوتارڪو راڄ سنڌ کي اڏوهيءَ جيان کائي رهيو آهي. ڪراچي وري شهري ڀوتارن جي حوالي ڪيل آهي. گذريل سالن دوران مفاهمت جي نالي تي ڪراچي جهڙي طور ڏوهارين، دهشتگردن، قبضي خورن ۽ ڀتي خورن جي حوالي ڪئي وئي، ان کي جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ قدم قرار ڏيڻ انتهائي افسوس ناڪ عمل آهي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته جڏهن ڪور ڪمانڊر ڪراچيءَ تي مافيائن جي راڄ ۽ متوازي انتظاميا جا حوالا ڏئي ٿو اهي رڳو سکڻا الزام به ناهن. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪو به ماڻهو شهر اندر حڪومت نالي ڪنهن به شئي کان واقف ناهي. پاڻيءَ جي ڪنيڪشن کان وٺي، زمين تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ شهرين کي حڪومتي ادارن نه، پر سياست جي آڙ ۾ شهر تي قابض مافيائن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. اڄ شهر جي مختلف حصن مان، جيڪي دهشتگرد ۽ هٿيار هٿ ڪيا پيا وڃن، اهي آپريشن کان اڳ ساڳين گهرن ۽ گهٽين ۾ موجود هئا ۽ حڪومت جي ڄاڻ توڙي پهچ کان ٻاهر نه هئا. مفاهمت ۽ جمهوريت جي نالي تي ائين صوبي ۾ ڪرمنل ٽولن جي حوالي ڪرڻ ۽ هر طرح جي رشوت کي کُلي ڇوٽ ڏيڻ جو نتيجو هڪ ڏينهن اهو ئي نڪرڻو هو. جتي جمهوريت کي غير جمهوري قوتن کان خطرو آهي، اُتي جمهوريت جي نالي تي حڪمراني ڪندڙن کان به جمهوريت کي خطرو لاحق آهي. جڏهن جمهوريت جي نالي تي دهشتگردي، بدعنواني ۽ لاقانونيت کي عام ڪيو ويندو ته پوءِ جمهوريت کي پهچندڙ ڪنهن به ممڪنه نقصان جي ذميواري انهن تي به عائد ٿيندي، جيڪي پاڻ کي جمهوريت جو رکوال سڏائين ٿا.
    جنهن قسم جون حالتون سنڌ ۾ پيدا ڪيون ويون آهن، ان جي نتيجي ۾ صوبي اندر ڪو به انتظامي ايڊوينچر ٿي سگهي ٿو. هنن حالتن ۾ سنڌ جو عوام صوبي جي حڪمرانن کان ايترو ته بيزار ٿي چڪو آهي، جو جمهوريت تي ڪو راتاهو لڳو ته عوام اهڙي حڪمراني ۽ حڪمرانن جي حمايت ۾ هرگز ٻاهر نه نڪرندو. سياسي قدرن جي حوالي سان جمهوريت جي تڏا ويڙهه جي ڪير به حمايت نه ٿو ڪري سگهي، پر هن قسم جي حڪمرانيءَ جي حمايت ڪرڻ به ڪنهن ذي شعور شهريءَ لاءِ ممڪن ناهي. چونڊيل سياسي قيادت تي اها اصولي ذميواري هئي ته اها ورهين کان پوءِ حاصل ٿيل جمهوري موقعي کي ذميواريءَ سان استعمال ڪري ها. گذريل ستن سالن دوران سنڌ سرڪار کي جيڪي اختيار ۽ وسيلا حاصل هئا، اهي ذميواريءَ سان استعمال ڪيا وڃن ها ته سنڌ ماضيءَ جي ڪيترن ئي نقصانن جو پورائو ڪري چڪي هجي ها. اڄ جڏهن سنڌ ۾ آپريشن کانپوءِ امن امان جي معاملي کي فوج ۽ رينجرز سڌو سنئون پنهنجي هٿن ۾ کڻي ورتو آهي ته ڪجهه هفتن اندر ئي صورتحال ۾ تيزيءَ سان سُڌارو آيو آهي. بدقسمتيءَ سان چونڊيل حڪمرانن پوليس کاتي کي سياسي ڀوتارن جي حوالي ڪري، ان کي بي اثر ڪري ڇڏيو، نه ته ٻين طاقتن کي ائين وچ ۾ ٽُپڻ جو جواز نه ملي ها. آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ پوليس کاتي جي حالت اها هئي ته هيٺين کان مٿئين سطح تائين حڪمرانن جا وفادار عملدار مقرر هئا ۽ ايماندار آفيسر پاسيرا ڪيل هئا. ٻئي طرف نون ڀرتي ڪيل پوليس اهلڪارن کي مهينن تائين پگهارن کان محروم رکي، حڪومت سندن مورال جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. سڄي صوبي ۾ پوليس کاتي جي اهڙي برباديءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو سڄي سنڌ ڀوتارن ۽ ڪرمنلز جي ماتحت ٿي وئي. پوليس کاتي جي ان برباديءَ سبب سڄي صوبي ۾ لاقانونيت فاٽا ۽ بلوچستان کي به مات ڏئي ڇڏي هئي. آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ جيئن پوليس جا معاملا حڪومت کان ڦري اپيڪس ڪميٽيءَ جي ماتحت ڪيا ويا ته صورتحال ۾ هڪدم ڦيرو آيو آهي. جيتوڻيڪ هاڻي ڪرمنلز ۽ ڪرائيم کي ختم ڪرڻ لاءِ غير قانوني رستا اختيار ڪيا پيا وڃن، پر عام شهري انهن اصولي بحثن ۾ پوڻ بجاءِ سک جو ساهه ملڻ کي واکاڻين ٿا. وڏي وزير جي پنهنجي ضلعي اندر ماڻهو چون ٿا ته، هنن ڊگهي عرصي کان پوءِ سُک جو ساهه کنيو آهي. ميونسپل سروسز، تعليم ۽ صحت جي معاملن جا انيڪ داستان الڳ آهن، جتي هر پاسي زوال جا نشان چٽا نظر اچن ٿا. نوڪرين ۾ ميرٽ کي نيڪالي ڏيڻ ۽ بدلين، مقررين ۽ ٺيڪن جي ڪاري ڪاروبار صوبي جي انتظامي سگهه کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
    پبلڪ سروس ڪميشن کي بي اثر ڪرڻ ۽ عدالتن جي حڪمن کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلڻ لاءِ سروسز بابت قانونن ۾ جيڪي ترميمون ڪيون ويون آهن، اهي ته ڏندين آڱريون ڏيندڙ آهن. سروسز بابت قانون سازي ۽ سروس اسٽرڪچر جي ان تباهي جي نتيجي ۾ سنڌ حڪمرانن جي ذاتي جاگير ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ان برباديءَ جا اثر ايترا ته سنگين آهن، جو اپيڪس ڪميٽيءَ پاران مقررين واري عمل جي نظرداري ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ اها سويلين معاملن ۾ غير ضروري حد تائين مداخلت آهي، پر ان جي ذميواري انهن حڪمرانن تي ئي لاڳو ٿئي ٿي، جن جمهوريت ۽ عوامي مينڊيٽ جي نالي تي سموري انتظامي ڍانچي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جي ”اهليت“ ۽ ميرٽ جي لتاڙ جا داستان ٻين صوبن ۾ سنڌ واسين لاءِ شرمناڪيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهن. گذريل ستن سالن دوران جمهوريت جي نالي تي قانون ۽ انصاف جي اهڙي بدترين لتاڙ ئي اڄ غير جمهوري طاقتن کي مداخلت جو موقعو فراهم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ جمهوريت جو متبادل آمريت ٿي نه ٿي سگهي، پر جمهوريت کي جاگيرداراڻي راڄ ۾ بدلائي، ان جي تڏا ويڙهه جا جواز عوام جي چونڊيل حڪمرانن پاڻ ئي پيدا ڪيا آهن. عوام جي دانهن، ڪوڪن ۽ پِٽن پاراتن جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ حڪمرانيءَ کي بد کان بدترين بڻايو ويو. بدقسمتيءَ سان انهن سمورن ڪرتوتن کي عوام جو مينڊيٽ ۽ عوام جي حڪمرانيءَ جو نالو ڏنو ٿو وڃي.
    سنڌ واسين ڏهاڪن تائين قربانيون ۽ ووٽ ڏئي، جنهن جمهوريت لاءِ رستا هموار ڪيا هئا، اها ڪنهن خواب جي تعبير بجاءِ ڊيڄاڙي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان عوام جو جمهوريت تان ويساهه کڄي رهيو آهي، جنهن جو فائدو انهن قوتن کي حاصل ٿي رهيو آهي، جن جو خيال آهي ته جمهوريت ڪو ڪامياب نظام ناهي. اهڙي طرح عوام جا چونڊيل عيوضي پاڻ جمهوريت لاءِ کڏو کوٽي چڪا آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ جمهوري عمل کي ڪو نقصان پهتو ته غير جمهوري قوتن سان گڏ چونڊيل حڪمران به عوام سان ٿيندڙ اهڙي ويساهه گهاتيءَ جا ذميوار هوندا.

    (خميس 21 مئي 2015ع)


    زرداريءَ جي اسٽيبلشمينٽ کي للڪار عوامي حقن لاءِ آهي؟

    آصف زرداريءَ جي تازي بيان ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال سڄي ملڪ، خاص طور تي سنڌ ۾ هڪ ڀونچال مچائي ڇڏيو آهي. گذريل ڪجهه هفتن کان اپيڪس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ ان اُڀرندڙ طوفان جا آثار چٽيءَ طرح نظر اچي رهيا هئا. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن شروع ٿيڻ وقت پيپلز پارٽيءَ جي رويي مان صاف ظاهر ٿي رهيو هو ته ان کي ايندڙ ڏينهن سُجهن پيا. اپيڪس ڪميٽين هوريان هوريان سڄي ملڪ ۾ اندروني سيڪيورٽيءَ جا معاملا به پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ اها صوبائي معاملن ۾ مداخلت آهي، پر امن امان جو معاملو رڳو اڪيلائيءَ ۾ ڏسي يا حل نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته صوبي جي مجموعي گورننس جو ان سان گهرو ڳانڍاپو آهي. پوليس ۾ ڀرتين کان وٺي، ڪرپشن وسيلي حاصل ٿيندڙ اربين رپين جي ڪاروبار کي ڪهڙي به طرح امن امان جي مسئلي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. بدقسمتيءَ سان جڏهن چونڊيل حڪومتون عوام جي زندگين بجاءِ ڏوهن، قبضن ۽ ڪرپشن کي اوليت بڻائي وٺن ٿيون ته اهي پاڻ ئي غير جمهوري طاقتن جي مداخلت جا جواز پيدا ڪري ڇڏين ٿيون. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن، پر سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان انڪار ڪهڙي به طرح ممڪن ناهي. آصف زرداريءَ جي تقرير سان گڏ اخبارن ۾ اها به خبر ڇپي هئي ته سنڌ جي انڪوائري ۽ انسپيڪشن واري وزير هڪ پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ سرڪار جي مختلف کاتن ۾ بدعنوانين جا تفصيل پڌرا ڪيا آهن. ان کان هڪ ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻُڌڻيءَ دوران عدالت اهي ريمارڪس ڏنا ته، ”پ پ دور ۾ سنڌ سان ائين پيو ٿئي ته ٻين حڪومتن ۾ ڇا ٿيندو؟ هر هڪ پئسا پيو ٺاهي.“ سنڌ ۾ هلندڙ حڪمرانيءَ بابت سپريم ڪورٽ اهڙا ريمارڪس پهريون ڀيرو نه ڏنا آهن. گذريل ستن سالن دوران سنڌ گورننس جي بدترين صورتحال تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

    عدالتون، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي سمورا حيلا هلائي بيٺيون، پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت اکيون ۽ ڪَن مڪمل طور بند رکڻ جو پڪو پهه ڪري چڪي آهي. هونئن ته ڪرپشن سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، پر سنڌ جهڙو انڌير ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ نظر نه ٿو اچي. جمهوريت ۽ عوامي راڄ جي نالي ۾ پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي جيڪا بربادي ڪئي آهي، اهڙي مارشلائن جي دور ۾ به نه ٿي هئي.
    هاڻوڪي پيپلز پارٽيءَ جهڙي طرح سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن کي پنهنجي وفادار ٽولي جي جاگيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان سان ڄام صادق ۽ ارباب رحيم جو دور ياد اچي وڃي ٿو. جهڙي طرح سنڌ جون ملهائتيون زمينون بلڊر مافيا جي حوالي ڪيون ويون ۽ جهڙي طرح سنڌ مٿان مشرفي دور وارو مڪاني نظام مڙهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ان مان صاف نظر اچي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي تباهيءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. هاڻي جڏهن ملڪ جون سگهاريون ڌريون سڌو سنئون مداخلت تي لهي آيون آهن، تڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي اقتدار جي آخري تخت گاهه به هٿن مان ويندي ڏسي، ٽڪراءَ تي لهي آئي آهي. پيپلز پارٽيءَ جا حامي ۽ همدرد آصف زرداريءَ پاران سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي اهڙي طرح للڪارڻ تي نهايت سرها ۽ جذباتي ٿيل آهن، ڇو ته سندن خيال موجب ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪنهن سياسي ڌر سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي اهڙي طرح للڪاريو آهي. کين زرداريءَ جي ان تقرير سان اها پيپلز پارٽي ياد اچي وئي آهي، جيڪا ڪنهن دور ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽي سمجهي ويندي هئي. اهي سڀ اميدون ۽ خواهشون پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ حقيقت نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي ملڪ جي سگهارين ڌرين سان مهاڏو اٽڪائيندي هئي ته ان وٽ عوام جي سگهه هوندي هئي. سياسي پارٽين جي اصل سگهه ته عوامي حمايت هوندي آهي، نه ته ڀلا سگهارين ڌرين سان اٽڪڻ لاءِ وٽن ڪهڙيون توپون هونديون آهن. محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پيپلز پارٽيءَ کان عوام کي شڪايتون ته هونديون هيون، پر وري به عوام، خاص طور تي سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ ۾ آئيندي جي اميد پَسندو هو ۽ ان سان سلهاڙيل هو. اهو ئي سبب آهي، جو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ پ پ حڪومتن جون جبري برطرفيون هجن يا مشرفي آمريت خلاف پيپلز پارٽيءَ جي جدوجهد هجي، عوام پيپلز پارٽيءَ سان هر جدوجهد ۾ گڏ هو. هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، سواءِ سنڌ جي، هر صوبي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي عوام سياسي نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. ان سياسي نيڪاليءَ پُٺيان نه آءِ جي آءِ وارو ٽڪساٽ آهي ۽ نه اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ جا ڳرا هٿ پير آهن، پر هينئر پيپلز پارٽي ان صورتحال کي پنهنجي افعالن سبب ڀوڳي رهي آهي. باقي وڃي بچي آهي سنڌ، اتي عوام برابر اڄ به بهتر متبادل نه هجڻ سبب پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي ٿو، پر ان جو مطلب هر گز اهو ناهي ته سنڌ جو عوام هاڻي ماضيءَ وانگر پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيهي، سگهارين قوتن سان مهاڏو به اٽڪائيندو. گذريل ستن سالن دوران پ پ حڪومت ۾ سنڌ سان جيڪو انياءُ ڪيو ويو آهي، ان کان پوءِ سنڌ واسين جو جمهوريت تان ايمان ئي کڄي ويو آهي. جيڪڏهن سنڌ واسين کي پ پ قيادت سان بيهي، سگهارين قوتن کي للڪاري، اهو ساڳيو ئي ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو جهان بحال ڪرائڻو آهي ته پوءِ سنڌ واسي گهر ويٺا چڱا آهن. سنڌ ۽ جمهوريت سان پيپلز پارٽيءَ جي ويساهه گهاتين جي فهرست تمام ڊگهي آهي، جنهن تي لکندي ڪيئي ٽَن ڪاغذ ڪارا ٿي چڪا آهن. سنڌ واسي چڱيءَ ريت سمجهن ٿا ته پ پ قيادت جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪيل للڪار نه جمهوريت لاءِ آهي ۽ نه عوام جي حقن لاءِ. اهو جهيڙو رڳو پنهنجي عوام دشمن ڦرلٽ واري راڄ جي بچاءَ لاءِ آهي ته پوءِ عوام ڇا لاءِ ان ويڙهه ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏ بيهندو؟ عوام کي خبر آهي ته سندن حصي ۾ رڳو ڀولڙي جيان لٺيون اينديون، باقي کٽيو ته رڳو حڪمران فقير ئي کائيندا.

    جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي مداخلت جي ڪو به باشعور ماڻهو حمايت نه ٿو ڪري سگهي، پر عوام لاءِ اهم سوال اهو آهي ته ڇا پيپلز پارٽي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ان مداخلت جي مخالفت جمهوري ۽ عوامي مفادن وٽان ڪري رهي آهي؟ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جهڙي طرح جمهوريت کي يرغمال بڻايو آهي ۽ عوامي طاقت وسيلي تبديليءَ جا رستا بند ڪيا آهن، ان جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو ته هڪ ڏينهن غير جمهوري طاقتون، غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان مداخلت ڪنديون. اها وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، جو پيپلز پارٽي جمهوريت جي نالي ۾ عوام سان اها ويڌن ڪئي آهي، جو هاڻي جمهوريت پسند حلقا به سندن ساٿ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. جڏهن جمهوريت جو نعرو هڻندڙ طاقتون پنهنجي عمل سان جمهوريت کي نفرت جي علامت بڻائي ڇڏين ته پوءِ عوام ڪنهن به ڏکئي وقت تي ساڻن گڏ بيهڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته 18 هين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ جهڙا واکاڻ جوڳا ڪم، ان ڪري عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا، جو انهن وسيلي حاصل ٿيندڙ اختيار ۽ وسيلا عوام جي زندگين کي بهتر بڻائڻ بجاءِ فردن جي بئنڪ اڪائونٽن جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. جيڪا جمهوريت عوام جون زندگيون بهتر ڪرڻ بجاءِ انهن کي زهر بڻائي ڇڏي، ان جي بچاءَ لاءِ عوام ڪڏهن به سَندرو ٻَڌي نه اُٿندو. سنڌ واسين ڏهاڪن تائين جمهوريت جي بحالي ۽ جمهوري حڪمرانيءَ لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون آهن. اڄ هن ملڪ ۾ جيڪا نالي ماتر جمهوريت موجود آهي، اها گهڻي قدر سنڌ واسين جي قربانين جو نتيجو آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ واسين کي ان جمهوريت جي عيوض بدترين حڪمراني، ڦرلٽ، ڪرائيم ۽ ڪرپشن نصيب ٿي آهي. سنڌ واسين گذريل ستن سالن دوران جمهوريت جي نالي ۾ جيڪو ڪجهه پنهنجي مٿان مڙهجندي ڏٺو آهي، ان جي نتيجي ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد تان سندن ويساهه ئي کڄي ويو آهي. ظاهر آهي ته عوام جي سگهه حڪمرانن سان ساڻ نه هجڻ جو فائدو، اهي قوتون ئي وٺنديون، جن جا مفاد غير جمهوري طريقن سان سلهاڙيل آهن. پيپلز پارٽي، جڏهن کان عوام سان رشتا ٽوڙي، پئسي سان ناتو جوڙيو آهي، تڏهن کان اها عوام جي صفن مان پنهنجي حمايت ذري گهٽ وڃائي چڪي آهي. اُتي ان حقيقت کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اليڪشن ۾ ووٽ عوام جي همدردي يا حمايت جي هڪ علامت ضرور آهي، پر ان کي عوام جي مزاحمتي حمايت بنهه نه سمجهڻ گهرجي. ووٽ ڏيڻ جا ٻيا انيڪ ڪارڻ هجن ٿا، پر پارٽين سان گڏ بيهي مزاحمت جو رستو عام ماڻهو رڳو تڏهن ئي اختيار ڪندا آهن، جڏهن عوام کي انهن ڌرين سان ڪا جذباتي يا اصولي محبت هوندي آهي. آصف زرداريءَ جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي اصولي توڙي جذباتي حمايت وڃائي چڪي آهي، تنهن ڪري هاڻ سگهارين ڌرين سان ٽڪر کائڻ وقت پارٽيءَ جي قيادت اڪيلي سر بيٺل هوندي. پيپلز پارٽي ان صورتحال کي محسوس ڪندي، سنڌ ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو آصف زرداري پنهنجي تقرير ۾ اهو به ياد ڏياريو ته، ”مون پاڪستان کپي جو نعرو هنيو هو پر برداشت جي ڪا حد هوندي آهي.“ اڻ سڌي طرح هن اسٽيبلشمينٽ کي اهو نياپو ڏنو ته هو پنهنجو نعرو اُبتو به ڪري سگهي ٿو. ساڳي طرح اهو پڻ چيو ويو ته هڪ سگهاري اداري پاران وڏي ايراضي زمين گُهري وئي هئي، جيڪا نه ملڻ تي اهي ڪاوڙيل آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي سنڌ جي زمينن جو ايڏو اونو هجي ها ته پوءِ سنڌ جا هزارين ايڪڙ ملڪ رياض کي به ڀڳڙن مٺ نه ڏنا وڃن ها. ساڳي طرح ذوالفقار آباد جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين تي والار به نه ڪئي وڃي ها. اهي سڀ سنڌ واسين جي قومپرستيءَ واري جذبي کي استعمال ڪرڻ جا طريقا آهن. پيپلز پارٽيءَ جي نقلي قومپرستيءَ جو سنڌ واسين کي وسيع تجربو آهي. مشرف جي دور ۾ اها اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ڪميٽيءَ ۾ اڳڀري هوندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچي ان لاءِ بجيٽ رکندي آهي. رهي ڳالهه جمهوريت ۽ عوام جي حڪمرانيءَ واري راڄ جي ته ويجهي ماضيءَ ۾ پاڻ پيپلز پارٽي فوجي عدالتن ۽ پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ جهڙن قدمن جي حمايت ڪري چڪي آهي. پارٽي ان وقت جمهوريت، انساني حقن ۽ عوام جي حڪمرانيءَ لاءِ سخت موقف ڇو نه اختيار ڪيو؟ تڏهن ڇو نه ”اينٽ سي اينٽ بجاني“ جون ڳالهيون ڪيون ويون؟ هاڻي جڏهن حڪمرانن جي اڻ مَئي ڪرپشن تي سگهارين ڌرين هٿ وڌو آهي ته کين قومپرست ۽ جمهوريت پسندي ياد اچي وئي آهي. سنڌ واسين کي گهرجي ته اهي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان سڌو سنئون سوال ڪن ته سندن ستن سالن جي جمهوريت سنڌ کي ڇا ڏنو آهي، جو ان لاءِ سنڌ واسي سندن ساٿ ڏين؟ ساڳئي وقت سنڌ واسين کي اهو به ذهن ۾ چِٽو موقف رکڻ گهرجي ته غير جمهوري طريقن جي نتيجي ۾ سنڌ واسي ڦرلٽ جي ڪنهن بدتر نظام کي به قبول نه ڪندا. سنڌ کي هڪ عوام دوست حڪمرانيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا عوام جي بنيادي انساني، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري ۽ سندن زندگين ۾ ڪا بهتري آڻي. جمهوريت ۽ قومپرستي سميت سمورا نعرا تڏهن ئي عوام کي قبول هوندا، جڏهن انهن سان عوام دوستيءَ جا حقيقي ۽ چِٽا قدم به سلهاڙيل هجن. جيڪو نظام عوام جون زندگيون بهتر ڪرڻ بجاءِ بدتر ڪري، اهو ڪهڙي به نعري ۽ نالي هيٺ عوام کي قبول نه هوندو.

    (روزاني ڪاوش، ڇنڇر 20 جون 2015ع)


    تبديليءَ لاءِ جدوجهد جاري رهڻ گهرجي!

    سنڌ ۾ سياسي ساڃاهه ۽ سوچ رکندڙ هر ماڻهو پاڻ کي هڪ ٻه واٽي تي بيٺل محسوس ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ برباديءَ جو راڄ برپا ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ قيادت آهي ته ٻئي طرف سياسي متبادل جي غير موجودگيءَ سبب پيپلز پارٽيءَ کان به ٻه هٿ اڳتي نڪتل ڪجهه موقعي پرستن جو اهو ٽولو آهي، جيڪو وجهه وجهي ويٺو آهي ته ڪڏهن ٿو حڪومت جو ڍينگو ڍير ٿئي ته پنهنجي ڏاٺ ڪوسي ڪن. سنڌ جي سڀ کان وڏي غربت سياسي آپشنز جي غربت آهي. 2008ع جي چونڊن کان اڳ هڪ مرحلي تي لڳي رهيو هو ته قومپرست جماعتن جو اتحاد ڪنهن حد تائين سنڌ ۾ اليڪشني متبادل ٿي اُڀرندو ۽ سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان موجود هڪ سياسي خال ڪجهه سالن ۾ ڀرجي ويندو. بدقسمتيءَ سان قومپرست پارٽيون هڪ ٻئي سان گڏ نه هلي سگهيون ۽ باقي ڪسر پير پاڳاري پاران اتحاد کي ميدان تي لاهي پاڻ هٿ ڪڍي، ان کي رڻ ۾ رولڻ سان پوري ٿي وئي. پيپلز پارٽي اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور حالت جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن نموني سان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڪجهه سادن اٻوجهن جو خيال هو ته هاڻي پهرين دور ۾ عوام کي ارهو رکڻ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي چونڊن جي مهم دوران ڪجهه سبق حاصل ٿيو هوندو، تنهن ڪري ايندڙ پنج سال پيپلز پارٽي سنڌ کي بهتر حڪمراني فراهم ڪري، پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪندي، ائين نه ٿيڻو هو، سو نه ٿيو. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي ويتر اهو اطمينان ٿي ويو ته سنڌي هر حال ۾ سندن حمايت جاري رکڻ لاءِ تيار آهن ۽ مخالف ڌر نالي ڪنهن شيءِ جو ڪو وجود ئي نه آهي ته پوءِ ڇو نه اڳي کان به ٻه هٿ اڳتي وڌي، سنڌ جي ڀينگ ڪجي. جڏهن بنا سڌرڻ جي به خلق ساڻ آهي ته پوءِ هروڀرو پاڻ کي سڌارڻ واري تڪليف ڇو ڪجي؟
    پهرين پنجن سالن جي تجربي کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت جو ان فارمولي ۾ ايمان پُختو ٿي ويو ته طاقت جو سرچشمو عوام نه، پر پئسو ۽ مفاهمت آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت هڪ طرف ٻنهي هٿن سان سنڌ کي لٽيو ته ٻئي طرف سگهاري اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا. سنڌي ڪامورن کي اسلام آباد ۾ ائين ئي پري رکيو ويو، جيئن اڄڪلهه نواز حڪومت ڪري رهي آهي. 18 هين ترميم جي باوجود سنڌ جي تيل ۽ گئس جي جائز مالڪيءَ لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪئي وئي. سنڌ مان غير سنڌين جي انبوهه کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جون ٽڪيٽون ڏنيون ويون. ڪراچيءَ ۾ ڏوهن ۽ دهشتگرديءَ کي اڳي کان به وڌيڪ ڇوٽ ڏني وئي. بينظير ڀٽو، جن کي قاتل قرار ڏنو، تن کي حڪومت ۾ اهم عهدا ڏنا ويا. مُڏي قانون سازيءَ وسيلي سنڌ مان ميرٽ کي نيڪالي ڏئي، اهم عهدن تي غير سنڌين ۽ ڪرپٽ ترين سنڌين کي مقرر ڪيو ويو. بينظير ڀٽو مٿان 18 آڪٽوبر 2007ع تي ٿيل حملي جي ڪيس کي چُرڻ نه ڏنو ويو. هاڻوڪي حڪومت دوران پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ کي منظور ڪرايو ويو. ايل اين جي ۽ گئس انفرااسٽرڪچر ڪيس جي معاملن تي سنڌ جي مفادن کي پُٺي ڀر اُڇلائي، وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏنو ويو ۽ فوجي عدالتن جي قيام ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ اڄ به پيپلز پارٽيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌين جو الميو اهو آهي ته پيپلز پارٽي اڄ اسٽيبلشمينٽ سان جمهوريت يا سنڌ جي حقن لاءِ ٽڪر ۾ ناهي ۽ اسٽيبلشمينٽ وري پيپلز پارٽيءَ کي هٽائي، سنڌ کي ڪو بهتر مستقبل ڏيڻ جو ڪو رڪارڊ نٿي رکي. ساڃاهه رکندڙ هر سنڌ واسي ان مونجهاري جو شڪار آهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ڪاررواين جي مخالفت جي ڪري، سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ هلندڙ ان ڪاري ڪاروهنوار جي حمايت ڪري يا وري حڪمران ٽولن جي ڪارن ڪرتوتن جي مخالفت ۾ ان اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪري، جيڪا ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ سنڌ جي مفادن جي ويري ٽولن کي سنڌ مٿان مڙهيندي رهي آهي.
    سنڌين جو الميو اهو به آهي ته وفاقي سياست ڪندڙ ٻين ٻن وڏين پارٽين مان نواز ليگ جو نه ته ڪو رڪارڊ چڱو آهي ۽ نه وري ان حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ کي ڪا اهميت ڏني آهي. ٻئي طرف هڪ اُڀرندڙ سياسي طاقت پي ٽي آءِ آهي، جيڪا سنڌ ۾ اڃا تائين پارٽ ٽائيم سياست ڪري رهي آهي ۽ ان جي سياسي جدوجهد جو مرڪز گهڻو ڪري پنجاب ۽ پختونخوا آهي. سنڌ جون قومپرست ڌريون مختلف سببن جي ڪري اڃا تائين پاڻ کي سگهارو اليڪشني متبادل نه بڻائي سگهيون آهن. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ کي بنياد بڻائي، پيپلز پارٽيءَ کي سياسي منظرنامي تان هٽائي ٿي ته سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ سياسي خال جنم وٺندو. اسٽيبلشمينٽ کي جيئن ته هن وقت مارشل لا بجاءِ اَڀرو سڀرو نالي ماتر ئي سهي، پر جمهوري نظام گهرجي، تنهن ڪري خدشو اهو آهي ته ماضيءَ ۾ سنڌ کي سياسي طور مفلوج ڪندڙ سنڌ دشمن وڏيرن جو پراڻو آزمايل ٽولو ميدان تي لاٿو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ ٻيهر ان انارڪيءَ جي ور چڙهي ويندي، جنهن مان ان اٺن سالن جي جدوجهد کان پوءِ جان ڇڏائي، پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو هو. اها صورتحال سنڌ لاءِ سياسي طور هڪ خطرناڪ ريورس گيئر جيان هوندي.
    سنڌ کي ان سياسي ٻه واٽي تي پهچائڻ جي بنيادي ذميواري پيپلز پارٽيءَ تي لاڳو ٿئي ٿي، جنهن سنڌ کي هڪ خطرناڪ سياسي خال ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ستن سالن کان سنڌ ۾ وڏي حد تائين بااختيار رهندڙ پيپلز پارٽيءَ سنڌ سان تمام وڏي ويساهه گهاتي ڪئي آهي. ان عرصي دوران سنڌ کي مضبوط انتظامي ڍانچو ۽ عوام دوست سياسي ادارو فراهم ڪرڻ بجاءِ پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي عوام دشمنن جاگيردارن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جن سنڌ جو رت چوسي، ان کي ڪنگال ۽ بدحال بڻائي ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي ستن سالن دوران سنڌ ۾ چٽاڀيٽي، اهليت ۽ پاڻ ڀرائيءَ وارا رويا پُختا ڪرڻ بجاءِ عوام کي شارٽ ڪٽ، حرام خوري، خيراتي پروگرامن ۽ وڏيرن جي غلاميءَ جي ور چاڙهيو ويو. سنڌ ۾ اعلى تعليمي ادارن کي برباد ڪري، انساني وسيلن جي اوسر جي رستا روڪ ڪئي وئي ۽ نوڪرين کي بازار جو ويڪو وکر بڻائي، سمورو انتظامي ڍانچو نااهل ۽ ڪرپٽ وفادارن جي ٽولي جي حوالي ڪيو ويو. اڄ صورتحال اها آهي ته سنڌ ۾ سروس اسٽرڪچر مڪمل طور برباد آهي ۽ عوامي خدمتن جا ادارا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن. سنڌ جون زمينون هڙکائو بلڊر مافيا جي حوالي ڪيل آهن. ڦرلٽ ۽ بدعنوانيءَ جي ان جهان ۾ سياسي ادارا ڪٿان اُسري سگهندا؟ اَڀريون سڀريون قومپرست پارٽيون به پنهنجي ڪمزور حڪمت عملين سبب پاڻ کي ڪنهن وڏي عوامي طاقت ۾ تبديل نه ڪري سگهيون آهن، جيڪي هن سياسي خال واري صورتحال ۾ سنڌ واسين کي ڪو ڏڍ ڏئي سگهن. سول سوسائٽي سنڌ ۾ اڃا اوسر جي بنهه شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته سول سوسائٽي جمهوري، سرمائيداراڻي ۽ شهري ماحول ۾ ئي اُسري سگهندي آهي. سنڌ جي نيم قبائلي ۽ وڏيرڪي ٽولي جي انڌي راڄ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو وچولو طبقو اُسريو هو، اهو به ڪرپشن، شارٽ ڪٽ ۽ ايمان جي ڪمزوريءَ جو شڪار آهي، اهڙو وچولو طبقو سول سوسائٽيءَ کي جنم نه ٿو ڏئي سگهي. هڪ مضبوط سول سوسائٽيءَ جو خيال به جيئن جو تيئن موجود آهي. ڪجهه اين جي اوز، صحافين، استادن ۽ ليکڪن ۽ صحافين جي محدود سرگرمين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي سگهجي ٿو، پر اهي اڃا تائين ڪا مضبوط سماجي سگهه نه بڻجي سگهيا آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻهراڙين کي وڏيرڪي ٽولي جي غلاميءَ ۾ اُڇلڻ بدران اُتي ڪنهن نيم صنعتي ۽ ڪاروباري ڍانچي جا بنياد رکي ها ته سنڌ اندر هڪ صحتمند سماجي اوسر جا بنياد به پئجي سگهن ها ۽ سول سوسائٽي به اوسر جا شروعاتي ڏاڪا چڙهي چڪي هجي ها، جيئن ته پيپلز پارٽي ڄاڻي ٻُجهي سنڌ کي سماجي طور هڪ صدي پُٺتي رکڻ جو سامان پيدا ڪيو، تنهن ڪري سنڌ ۾ سماجي ۽ سياسي خال ڪنهن بليڪ هول جيان تبديليءَ جي هر اُميد کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ ۾ نهايت سُلجهيل، پڙهيل لکيل، اهل، تجربيڪار ۽ عوام دوست فرد به موجود آهن، جيڪي سنڌ کي قابل قيادت فراهم ڪري سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان مکيه ڌارا وارين سياسي ڌرين وٽ اهڙن فردن لاءِ ڪا به جڳهه ناهي. ساڳي طرح اسٽيبلشمينٽ کي به اهڙن وفادارن جي ضرورت هوندي آهي، جن کان قابليت ۽ ايمانداري نه، پر وفاداريءَ جي تقاضا ڪئي ويندي آهي.
    ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي ڪنهن مفاهمت جي نتيجي ۾ پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃي، پر سنڌ ۾ هڪ مضبوط عوام دوست جمهوري سياسي ڌر جو خال جيئن جو تيئن برقرار رهندو. جيئن ته پيپلز پارٽي 1970ع کان هڪ ديوقامت سياسي ڌر رهي آهي ۽ ڀٽو خاندان جي قربانين سبب سنڌي عوام جو ان پارٽيءَ سان نهايت گهرو جذباتي ڳانڍاپو به رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ڪا ٻي مضبوط پارلياماني ڌر جاءِ پيدا نه ڪري سگهي آهي. قومپرست ڌريون سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حقن واري محاذ تي عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي زبردست صلاحيت رکن ٿيون، پر اهي به پارلياماني ميدان ۾ ڪا مضبوط ڌر ناهن بڻجي سگهيون. باقي پارلياماني سياست ۾ مخالف ڌر واريون ٻيون پارٽيون، جيئن ته اسٽيبلشمينٽ جي ليبارٽري ۾ پيدا ٿيون آهن، تنهن ڪري سنڌ جو عوام کين اسٽيبلشمينٽ جو پگهاردار ۽ نج ذاتي مفادن جو ڳيجهو سمجهي ٿو. انهن ڌرين جو ماضيءَ جو رڪارڊ ٻُڌائي ٿو ته اهي موقعو ملڻ تي سنڌ سان جُٺ ڪرڻ جي معاملي ۾ سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏين ٿيون. بينظير ڀٽو جي حياتيءَ ۾ ۽ سندس وڇوڙي کان ڪجهه سال پوءِ تائين به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني متبادل جي ڪا گهڻي گُهرج عوامي سطح تي موجود نه هئي. عام سنڌ واسين جو خيال هو ته پيپلز پارٽي مخالف ڌر طور سنڌ جي اجتماعي سياسي حقن تي جدوجهد ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ اقتدار ۾ اچي ٿي ته عوام کي ڪجهه نه ڪجهه ساهه کڻڻ جو موقعو ملي ٿو. 2007ع تائين به سنڌ واسين کي اها اميد هئي ته بينظير ڀٽو، جڏهن به واپس اچي اقتدار سنڀاليندي ته سندن اهنج دور ٿي ويندا. 2008ع جي چونڊن ۾ سنڌ واسين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهي هڪ باشعور قوم طور پنهنجي قيادت جي قتل جو سياسي انتقام وٺڻ ڄاڻين ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار جي پهرين سال ٻن دوران به سنڌ واسين کي اها اميد هئي ته پيپلز پارٽي سندن سياسي ۽ معاشي حقن جي رکوالي ڪندي، پر وقت گُذرڻ سان پهريون ڀيرو عوامي سطح تي پيپلز پارٽيءَ جي متبادل پارلياماني طاقت جي خواهش جنم وٺڻ لڳي. عوام کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته بينظير ڀٽو کان پوءِ پيپلز پارٽي ساڳي نه رهي آهي ۽ ان جي هاڻوڪي قيادت سنڌ سان هر طرح جي ويساهه گهاتي ڪري سگهي ٿي، ان تاثر کي وڌيڪ هٿي پيپلز پارٽي پاران ٻٽو مڪاني نظام متعارف ڪرائڻ کان پوءِ مليو، جڏهن سنڌ واسين کي پيپلز پارٽيءَ جي پاليسين سان مشرف جي دور جي سنڌ دشمني نظر اچڻ لڳي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني متبادل جي خواهش جي ڄمار ڪا گهڻي طويل ناهي، جڏهن ته پارلياماني سياست جو صحتمند سياسي متبادل ڪو ايڏو آسان عمل ناهي، جيڪو ڪجهه سال اندر اُڀري اچي، اهو رڳو ڪنهن غير معمولي سياسي اُٿل پُٿل يا حادثي جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. نارمل حالتن ۾ ايڏي سگهاري تبديليءَ کي وقت گهربل هوندو آهي، ان تبديليءَ جو بنيادي اهم ترين ڏاڪو متبادل جي عوامي سطح تي خواهش پيدا ٿيڻ آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي عملن سان متبادل جي ان خواهش کي جنم ڏئي چڪي آهي، اهو ڪم ضياءُ الحق ۽ مشرف به نه ڪري سگهيا هئا ۽ ان ڪم جو ڪريڊٽ پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت ڏانهن وڃي ٿو، ان عمل کي تمام ٿورو عرصو گذريو آهي، پر ان دوران متبادل جي خواهش جي شدت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هن وقت جيئن ته سنڌ ۾ اهڙي متبادل ڌر نظر نٿي اچي، تنهن ڪري سنڌ ۾ هڪ سياسي خال ۽ ڊپريشن واري صورتحال آهي. جيئن جيئن سياسي عمل اڳتي وڌندو ته سياسي متبادل لاءِ رستا به هموار ٿيندا. ممڪن آهي ته تبديلي ۽ متبادل لاءِ ٿيندڙ شروعاتي ڪوششون ڪچيون ڦڪيون ۽ ڪمزور هجن، پر وقت گذرڻ سان انهن ۾ بهتري ۽ سگهه ايندي. جيڪڏهن جمهوري عمل جاري رهيو ۽ مڪاني ادارن جو سلسلو بحال ٿيو ته سنڌ ۾ باصلاحيت ۽ ايماندار سياسي قيادت لاءِ نيون دريون کُلنديون. ڊپريشن يا مايوسيءَ بجاءِ سياسي متبادل جي ضرورت، سياسي هڪ هٽيءَ جي مخالفت، وڏيرڪي سياست جي مزاحمت ۽ سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حقن جي وڪالت واري جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. چار پنج ڪروڙ جيئرن جاڳندن ماڻهن جي قوم ايڏي به لاچار ۽ هيڻي ناهي، جو پنهنجي صفن مان چند سئو اهل ۽ ايماندار ماڻهن لاءِ رستا هموار نه ڪري سگهي. جيستائين سنڌ اندر ڪا مضبوط متبادل سياسي ڌر اُڀري اچي، سنڌ جي ساڃاهه وندن، ايماندار سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽيءَ کي ڪرپشن بدعنواني، اقرباپروري، زمينن جي نيلامي، ڌاري آبادڪاري، دهشتگردي، انتهاپسندي، انساني حقن جي لتاڙ خلاف پنهنجي وس ۽ وت آهر جدوجهد کي جاري رکڻ گهرجي. سماجي ۽ سياسي تبديلي اڻٿڪ جدوجهد ۽ لڳاتار سفر جي تقاضا ڪري ٿي. سماج وهندڙ وهڪري جيان هلندا رهندا ته انهن ۾ بهتري ايندي. هٿ تي هٿ رکي ويهي رهڻ سان سماج گدلي سينور واري تلاءَ جيان ٿي ويندو، جنهن ۾ ڪا به جيوت ساهه نه کڻي سگهندي. جنهن سنڌ ون يونٽ ۽ ضياءَ شاهي جهڙين آفتن کي لازوال ساڃاهه ۽ همت سان شڪست ڏني آهي، ان ۾ ايترو ته يقينن آهي، جو اها جاگيردارن ۽ سندن ساٿاري مڊل ڪلاسي نون وڏيرن جي سنڌ مٿان ناجائز قبضي مان جان آجي ڪرائي سگهن. سنڌ جي ساڃاهه وند فردن کي ان بنيادي تبديليءَ لاءِ پنهنجي جدوجهد جو سفر ساڳئي ولولي سان جاري رکڻو پوندو. سنڌي سماج پنهنجي تقدير کي هڪ روشن خيال، پُرامن سياسي تحرڪ سان بدلائڻ جي مڪمل سگهه رکي ٿو ۽ اها تبديلي اوس اچڻي آهي.

    (روزاني ڪاوش، خميس 02 جولاءِ 2015ع)


    قومپرست سياست ۽ سنڌ جا سياسي حق!

    سنڌ جي سياست مڪمل طور نه تڏهن به ڪجهه حوالن سان جمود جو شڪار ضرور بڻيل آهي. هونءَ ته سنڌ جي عوامي مزاحمت ڪڏهن به ماٺي نه ٿي آهي ۽ جڏهن به سنڌ مٿان ڪا وڏي مُصيبت ڪڙڪي ٿي ته سنڌ واسي سمورن ويڇن ۽ الڳ راين جي باوجود هڪ آواز ٿي اُٿي بيهن ٿا. ويجهي ماضيءَ ۾ ان جو هڪ اُتساهيندڙ مثال ٻٽي مڪاني نظام خلاف سڄي سنڌ جي گڏيل مزاحمتي هلچل هُئي، جنهن پيپلز پارٽيءَ جهڙي سگهاري حڪومت کي پنهنجا اتحادي ڪاوڙائي به سنڌ واسين جي موقف اڳيان آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيو. پر اهڙو شاندار ردِعمل گهڻو ڪري ڪنهن وڏي مصيبت نازل ٿيڻ جي حالت ۾ ئي نظر اچي ٿو. عام حالتن ۾ سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ڪُجهه حوالن سان جمود جو شڪار نظر اچي ٿي. ان جمود جون مختلف شڪليون آهن. مثال طور سالن ۽ ڏهاڪن کان مخصوص اڳواڻن جي قيادت ۽ ٻين يا ٽين سطح جي پارٽي قيادت جو نه اُڀري سگهڻ، ڏهاڪا پراڻا جدوجهد جا طريقا ۽ نعرا به ان جمود جي هڪ ٻي علامت آهن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ شهري ماحول جي اوسر سان گڏ سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ جيڪي وڏيون تبديليون اچڻ گُهرجن ها، اهي تمام گهٽ نظر اچن ٿيون. ان صورتحال جي ڪارڻن جو ڇيد سماجي سائنس جي آڌار تي ڪجي ته ان جو وڏو ڪارڻ خود سنڌ جو سماجي جمود آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان پيداواري سرشتو نه بدلجڻ سبب سنڌ مٿان اها ئي مدي خارج جاگيرداريت سوار آهي. اها جاگيرداريت رڳو زمينن جي مالڪيءَ جي شڪل ۾ نه پر هڪ تمام گهري سماجي رويي طور سماج جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي رهي آهي. سماجي تبديليءَ جي حوالي سان ان حقيقت کي سمجهڻ گهرجي ته جيئن آواز ختم ٿيڻ کانپوءِ به ان جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو رهندو آهي، تيئن سماج ۾ ڪنهن لقاءَ جا ڪارڻ ختم ٿيڻ جي باوجود به هڪ عرصي تائين ان جو اثر برقرار رهندو آهي. مثال طور پنهنجي معاشي وصف موجب شايد سنڌ ۾ جاگيرداريت اڳ جيان نه رهي آهي، پر ان جا اثر روين جي شڪل ۾ نه رڳو سماج ۾ اڄ به موجود آهن پر اهي مختلف شڪليون بدلائي ڪن حوالن سان ته اڳي کان به وڌيڪ سَگهارا ٿي چُڪا آهن. مثال طور معاشي طور اڳ جيان سگهارو نه رهندڙ جاگيردار ٽولو هاڻي اقتدار جي ايوانن انتظامي مشينري ۽ عوامي وسيلن تي والار ڪري اڳي کان وڌيڪ مواڙ ۽ ڀوائتو ٿي چڪو آهي. هاڻي اهو بوسڪيءَ جي وڳي، نئين پجيرو، صوبيدار سان ياري، ڪمدارن ۽ اوطاقي ٽولي وسيلي راڄ ڪرڻ بجاءِ ڪنهن حد تائين جديد تعليم، سياسي ترڪتالين، اسٽيبلشمينٽ سان وفاداري، ڪجهه خريد ڪيل ميڊيا، ڪرپشن وسيلي بي زبان بنايل پارٽي ڪيڊرز، اشتهاري مهم، وفادار انتظامي عملدارن ۽ بجيٽ تي قبضو ڪري سماج جو رت اڳي کان وڌيڪ چُوسي رهيو آهي.
    جاگيردار ٽولي جي ان قبضي مان جان ڇڏائڻ ڏينهون ڏينهن ڏُکي ٿيندي وڃي ٿي، ڇو ته تبديليءَ جون حامي قوتون ڇڙ وڇڙ ۽ سگهارن ادارن توڙي قيادت کان محروم آهن. جيتوڻيڪ سماج ۾ تبديليءَ جي خواهش رکندڙ ماڻهو عددي طور ٿورائيءَ ۾ ناهن پر انهن جون حڪمتِ عمليون ۽ ادارا اڃا گهربل سگهه ناهن ماڻي سگهيا، تنهن ڪري تبديليءَ جي رفتار سُست آهي. سنڌ ۾ تبديلي ۽ سنڌ جي سياسي حقن جي جدوجهد جو ڳانڍاپو بنهه چِٽو آهي. جيستائين سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون ۽ سماجي روين ۾ ڪا وڏي اٿل پٿل نه ايندي، سنڌ جي سياسي حقن جي جدوجهد گولائيءَ ۾ ڦيرا ڏيندي رهندي. گولائيءَ واري حرڪت علم طبعيات ۾ موجود هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ توانائي به لڳندي آهي ۽ چرپر جو احساس به ٿيندو آهي پر شيون پنهنجي بنياد کان منزل ڏانهن ڪا وک نه کڻي رهيون هونديون آهن، يعني انهن ۾ ڪا به عملي اڳڀرائي نه ٿي رهي هوندي آهي. اهڙن گروهن ۽ قومن لاءِ تاريخ روز پاڻ کي ورجائيندي رهندي آهي. مثال طور ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي سياسي تاريخ پڙهڻ يا پنهنجي هوش سنڀالڻ کانپوءِ ڪيل مشاهدي مان هيٺيون حقيقتون صاف نظر اينديون.
    سنڌ لڳاتار محروميءَ جي احساس ۾ آهي، وفاق سنڌ جي وسيلن تي قابض آهي، سنڌ جي سياست مٿان جاگيردار ٽولو قابض آهي، سنڌ جو هاري ۽ پورهيت انسانيت کان گهٽ درجي جي زندگي گُذاري ٿو. سنڌ ۾ امن امان جي حالت خراب آهي، سنڌ جو انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي، سنڌي نوجوانن ۾ بيروزگاري آهي، تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيو آهي. سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ڪرپشن عام آهي، سنڌ ۾ پوليس عوام سان ظُلم ۽ زيادتيون ڪري ٿي، وفاق ۾ سنڌي آفيسر اهم پوسٽ تي نٿا رکيا وڃن، صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽر، طبي عملو ۽ دوائون اڻلڀ آهن، پيئڻ جو پاڻي خراب هُجڻ سبب بيماريون عام آهن، وغيره وغيره. اهڙين حقيقتن جي هڪ اڻ کٽ فهرست آهي، جيڪا سنڌ ۾ ڇانيل سماجي جمود جي نشاني آهي.
    ٻئي طرف سنڌ جي قومي حقن ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ فردن جي محنتن ۽ قربانين جا به اڻ کٽ تفصيل آهن. سچار قومي ڪارڪنن جي قربانين ۽ شهادتن جا تفصيل ڪيئي ڪتاب گُهرن ٿا.
    ساڳيءَ طرح سماجَ ۾ عوام دوست هڏ ڏوکين جي سماجي خدمتن جون ڪهاڻيون به اڻ کٽ آهن. يعني هڪ طرف جاکوڙ ۽ قُربانين جا انبار آهن ته ٻئي پاسي مُصيبتن ۽ مسئلن جو تسلسل به ساڳيءَ طرح برقرار آهي. اها حقيقت ظاهر ڪري ٿي ته نه رڳو سماج جا بُنياد کوکلا ڪندڙ ۽ ان ۾ جمود کي تسلسل ڏيندڙ قُوتون سگهاريون ٿينديون رهيون آهن پر ساڳئي وقت حقن ۽ تبديليءَ لاءِ هلندڙ لڳاتار جدوجهد ۾ ڪي اهڙيون اندروني ڪمزوريون ضرور آهن، جيڪي سماج دُشمن طاقتن کي مڪمل طور شڪست نه ڏيئي سگهيون آهن. هُونءَ ته سماج ۾ تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ قوتن جا ڪيئي روپ آهن ۽ انهن مان هر ڪنهن جو الڳ جائزو وٺي سگهجي ٿو پر جيئن ته سياسي جدوجهد سماجي تبديليءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو سڀ کان اُتم طريقو آهي، تنهن ڪري هتي انهن جي ڪمزور پاسن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. سماجَ ۾ تبديليءَ جا ٻيا مورچا کڻي ڪيڏا به سَگهارا ٿي پون پر بُنيادي ۽ دائم تبديلي سياسي عمل جي ئي نتيجي ۾ مُمڪن هُوندي آهي.
    سنڌ ۾ قومي حقن جي حوالي سان جدوجهد ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي باوجود سنڌ جي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي. ان قومي جدوجهد سنڌ کي انيڪ مُصيبتن اڳيان سينو تاڻي مقابلو ڪرڻ جي سگهه ڏني آهي. سنڌي سماج سمورين ڪمزورين باوجود اڄ به جنهن مزاحمت جو اظهار ڪندو رهي ٿو. ان جون پاڙون ڏهاڪن کان هلندڙ ان مزاحمتي جدوجهد ۾ کُٿل آهن. البته هلچل پنهنجي صلاحيت جي ڀيٽ ۾ گهڻا گهٽ نتيجا ڏنا آهن. پنهنجي اندروني ڪمزورين کي بهتر ڪرڻ سان سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حقن جي جدوجهد گهڻا وڌيڪ ۽ ڊگهي مدي وارا نتيجا ڏيئي سگهي ٿي. ان جدوجهد جي ڪجهه ڪمزور رخن جو مختصر جائزو هن ريت آهي.

    قيادت جو جمود:
    ايڪڙ ٻيڪڙ حوالن کي ڇڏي باقي هر پارٽيءَ ۾ ذري گهٽ هر سطح تي ساڳيا فرد نظر اچن ٿا، انهن فردن جي اهليت ۽ سچائيءَ تي سوال نه ٿا اُٿاريون پر اهو ادارن اندر جمهوري رَوين جي سَگهاري ٿيڻ ۽ پارٽين اندر متبادل قيادت پيدا ڪرڻ جو سوال آهي. ڊِگهي عرصي تائين مرڪز کان ضلعن تائين اڪثر ساڳين چهرن جي موجود هُجڻ جو مطلب يا ته پارٽيءَ اندر اڳواڻيءَ جي صلاحيت رکندڙ ماڻهن جي اڻاٺ آهي يا وري پارٽيءَ اندر جمهوري رَوين جي ڪمزوري آهي. ڪارڻ ڪجهه به هُجي پر ڊگهي عرصي تائين مختلف سطحن تي پارٽيءَ اندر اڳواڻيءَ جو نه بدلجڻ پارٽين ۾ اندروني جمود جو ڪارڻ بنجي ٿو. وقت گذرڻ سان اڳواڻن جو قد، پارٽي، منشور ۽ نظرئي کان به وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ هڪ اهڙو وقت اچي ٿو، جڏهن اڳواڻن جو هر لفظ مُقدس بڻجي پوي ٿو، جنهن سان اختلاف جو مطلب غداري ۽ ايجنٽي سمجهيو وڃي ٿو. انهن روين سان پارٽيون فردن جي تابع بنجي پنهنجي حيثيت وڃائي ويهن ٿيون.

    سهپ جي اڻاٺ:
    سنڌ جون سياسي ڌُريون گهڻو ڪري تنقيد لاءِ سهپ نه ٿيون رکن، پارٽي پاليسي ۽ اڳواڻ جي ڪنهن عمل يا بيان تي تنقيد حرام قرار ڏنل آهي. پارٽيءَ اندر ته اڳواڻ سان اختلاف راءِ جي جُرئت گهٽ مڃتا ماڻي ٿي پر جيڪڏهن ڪو ليکڪ يا صحافي به ڪا تنقيد ڪري ته ان کي به بنهه برداشت نٿو ڪيو وڃي. ڪن حالتن ۾ ته سوشل ميڊيا، ٽيڪسٽ ميسيجز ۽ اي ميلز وسيلي تنقيد ڪندڙ فرد خلاف ايڏي ته شديد مهم هلائي ٿي وڃي، ڄڻ سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو فرد آهي. ڪنهن جي راءِ سان اختلاف به رکي سگهجي ٿو، بلڪه ان کي دليلن جي آڌار مڪل طور رد به ڪري سگهجي ٿو. دليلن وسيلي رد ڪرڻ صحتمند سياسي عمل آهي، پر نازيبا ٻولي ۽ تهمتن وسيلي خوار خراب ڪرڻ ڪا صحتمند روايت ناهي. اڳواڻ يا پارٽي پاليسيءَ تي ڪا به تنقيد نه سهڻ سياسي بنياد پرستي آهي. بنياد پرستي ڪو مذهبي عقيدي جو مسئلو ناهي، ڪنهن به منظر تي سوچ، پاليسي يا فرد کي مخالف راءِ ۽ تنقيد کان مٿانهون ڪرڻ به بنياد پرستي آهي، جيڪا سياسي پارٽين لاءِ موتمار زهر مثل آهي. سياسي نظرين کي عقيدي، سياسي پارٽين کي فرقي ۽ سياسي ڳواڻن کي پيشوائن ۾ بدلائڻ بدترين سياسي بدديانتي آهي. ان رويي جو نتيجو آهي جو هر مخالف خيال رکندڙ غدار، ايجنٽ ۽ واجب القتل ٿيو پوي ۽ پارٽين اندر نون خيالن، سوچن ۽ روين جي آمد لاءِ دروازا بند ٿيو وڃن. ان جو نتيجو پارٽين اندر عقيدي پرستي ۽ جمود جي شڪل ۾ نڪري ٿو. اختلاف راءِ ۽ تنقيد کي ڊگهي عرصي تائين دٻائڻ ۽ اڳواڻن کي پيشوا بڻائڻ جو نتيجو آهي جو ذري گهٽ هر پارٽيءَ اندران ڪُجهه سالن کان پوءِ ڪو نه ڪو ڌڙو جنم وٺي ٿو. اهو ڌڙو ۽ ان جو اڳواڻ به ساڳي روش برقرار رکي ٿو ۽ پوءِ ان ڌڙي مان ڌڙا جنم وٺن ٿا، نتيجي طور هر راڻي مان راڄ ۽ لک ٿيڻ لڳن ٿا. وقت سان گڏ ڪي ڌڙا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي وري شڪليون بدلائي سفر جاري رکن ٿا.
    ياد رکڻ گهرجي ته سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ فردن يا خاندانن جي نه پر عوام جي ملڪيت هوندا آهن، تنهن ڪري سندن تنقيد ۽ اختلاف راءِ جي حق کي مان ڏيڻ ڪا رعايت نه پر سياسي ذميواري آهي. پارلياماني سياست ۾ ته فردن جو قبضو ان ڪري هضم ٿي ويندو آهي، جو باقي ماڻهن کي ڪيئي ٻيا فائدا ملي رهيا هوندا آهن. ان جي ابتڙ پارليامينٽ کان ٻاهر حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪن ته گهڻو ڪري نظرئي ۽ پاليسيءَ سان سهمت ٿي پارٽين جو حصو بڻجندا آهن، تنهن ڪري جڏهن پارٽي اڳواڻ يا پاليسيون سندن سوچ سان ٽڪراءَ ۾ اينديون ته اهي لازمي طور پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا. ساڳيءَ طرح صحافي، ليکڪ ۽ ٻيا سڄاڻ فرد پارٽين جو حصو نه هوندي به ان جي اهم سگهه هوندا آهن، انهن جي اختلاف راءِ جي پٺيان ته ڪنهن ذاتي مفاد جي هجڻ جا امڪان اڃا به گهٽ هوندا آهن. قوم پرست سياست جي حوالي سان سڀاڻي شايع ٿيندڙ مضمون ۾ ڪجهه وڌيڪ اهم رخن کي به بحث هيٺ آڻينداسين.

    (روزاني ڪاوش، آچر 12 جولاءِ 2015ع)


    سنڌ لاءِ هڪ سگهاري سياسي پارٽيءَ جي گُهرج!

    جيئن ته هاڻوڪين حالتن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ جي حوالي سان اهو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن ڪردار جي سنڌ جي ماڻهن کي ان مان اميد هئي، تڏهن لازمي بڻجي ٿو ته سنڌ جي ووٽر وٽ ڪو متبادل هجڻ گهرجي. پر سنڌ سان وڏو ظلم اهو آهي، جو هڪ پاسي پيپلز پارٽي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي، ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٻي اهڙي ڪا ڌر ميدان تي ڪونهي، جنهن کي هو مُتبادل سمجهي آزمائين. يعني سنڌ سياسي طور تي اهڙي هڪ هٽيءَ جو شڪار آهي، جنهن پيپلز پارٽيءَ کي ڄڻ ته پنهنجي من ماني ڪرڻ جو لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ اسان ڪالهوڪي مضمون ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين جو جائزو ورتوسين ته اهي سنڌ اندر هڪ مضبوط سياسي مُتبادل ڇو نه بڻجي سگهيون. ان ساڳي تسلسل جو هيءُ ٻيو حصو آهي، جنهن ۾ قومپرست سياست جي ڪجهه وڌيڪ ڪمزور پاسن جي ڳالهه ٿيندي.

    سياسي بنيادن تان پارٽين جو ٿِڙي وڃڻ:
    سنڌ ۾ قومي حقن واري جدوجهد شروعات کان مذهبي ۽ فرقيواريت کان نه رڳو آجي رهي، بلڪه قومپرست پارٽين هميشه پاڻ کي مذهبي انتهاپسندي وارين ڌرين کان الڳ رکيو آهي، جيڪڏهن انهن ڪنهن مذهبي ڌر سان ماضيءَ ۾ ڪا ويجهڙائي رکي به ته اهي ڌريون رجعت پسند نه هيون ۽ سنڌ جي قومي حقن واري معاملي تي بنهه چٽيون هيون. بدقسمتيءَ سان قومپرست ڌريون پنهنجي ان اهم نظرياتي بنياد کان هٽي چڪيون آهن، هاڻي انهن ۾ اتحاد اهڙين ڌرين سان به عام ٿيڻ لڳا آهن، جيڪي سنڌ ۾ انتها پسنديءَ جو زهر پکيڙڻ ۽ مذهبي توڙي فرقيوار قتل و غارت جون به ذميوار آهن. انهن مان ڪي ڌريون ته سنڌين کي قوم مڃڻ لاءِ به تيار ناهن، ان قسم جي پاليسين کي وقت جي گهرج ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جي نالي ۾ ائين حلال ڪيو ٿو وڃي، جيئن ملڪي اسٽيبلشمينٽ هر ڪڌي ڪم کي نظريهءِ ضرورت ۽ عظيم تر قومي مفاد جي نالي ۾ جائز قرار ڏيندي رهندي هئي. ان قسم جي پاليسين سان شايد وقتي طور ڪي فائدا حاصل ٿي وڃن پر ڊگهي مدي ۾ ان سان قومي حقن جي هلچل کي ڪاپاري ڌَڪ رَسندو.
    قومپرست جدوجهد جو هڪ اهم بُنياد اهو آهي ته اها سنڌ ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ لاءِ سنڌي سماج جي وڏي ويري، وڏيري/جاگيردار خلاف رهي آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه مٿئين طبقي جا ماڻهو، قومي تحريڪ سان سلهاڙيل يا ان جا حامي رهيا آهن، پر انهن جو ڪردار ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سنڌ دوست هو، وڏيرو يا جاگيردار هجڻ کان وڌيڪ انهن جو سنڌ دشمن رويو اعتراض جوڳو آهي. قومپرست پارٽيون هوريان هوريان اهو اهم سَنڌو به مٽائي رهيون آهن، اڄڪلهه انهن پارٽين جي ميڙاڪن ۾ اهي وزير ۽ موقعي پرست ماڻهو مکيه ڪرسين تي نظر اچن ٿا، جن جو ماضي اسٽيبلشمينٽ جي وفاداري ۽ سنڌ جي مفادن تي راتاهو هڻڻ وارن عملن سان ٽمٽار آهي. عام سنڌ واسي اهڙن واسينگن کي قومي هلچل جي صفن ۾ ڏسي سوچين ٿا ته اهڙي قومپرست جدوجهد جو ڪهڙو فائدو، جيڪا سنڌ جي ويري طبقي سان لاڳاپيل فردن کي ساڻ کڻي هلي، جيڪڏهن اهي فرد پهرين قوم کان پنهنجي ماضيءَ جي غلطين جي معافي وٺي قومي هلچل جو حصو ٿين ۽ انهن پارٽين ۾ اچڻ سان چڱا مڙس بڻجڻ بجاءِ عام ڪارڪن جيان انهن جو حصو بڻجن ته پوءِ ته ٻي ڳالهه آهي، باقي بنا پڇا ڳاڇا جي ”جيڪي آيا سي اگهيا“ واري ڪار هجي ته پوءِ قومپرست هلچل کي ان مان سواءِ نقصان جي ڪجهه به پلئه نه پوندو. ساڳيءَ طرح قومپرست پارٽين ۾ ابن الوقت چهرن جي اچ وڃ کي به عام سنڌ واسي چڱي نظر سان نٿو ڏسي، اهي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ڍنڍ جي پکين جيان ڪنارا بدلائيندا رهن ٿا، انهن لاءِ هر وقت دروازا کولي رکڻ سان به قومي جدوجهد جو اميج خراب ٿيو آهي. قومپرست جدوجهد جو هڪ ٻيو اهم رويو اسٽيبلشمينٽ جي سنڌ دشمن پاليسين جي کليل مخالفت رهي آهي، تنهن ڪري اهي ماڻهو جيڪي اسٽيبلشمينٽ جا آزمودگار ساٿاري رهيا آهن، انهن سان سياسي ۽ ذاتي لاڳاپن رکڻ کي ڪو به باشعور سنڌ واسي قبول نٿو ڪري سگهي. انهن نظرياتي بنيادن جي ڪمزوريءَ جو نتيجو آهي جو اڄڪلهه ڪجهه قومپرست تنظيمن جي جلسن ۾ اهڙا فوٽو، نعرا ۽ مطالبن جا پلي ڪارڊ نظر اچن ٿا، جيڪي انهن پارٽين جي نظرياتي ڏيوالپڻي جي نشاندهي ڪن ٿا.

    اخلاقي معيارن جو زوال:
    ڪو وقت هو جو سنڌ جي شاگرد تنظيمن ۽ قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن اخلاقي قدرن جي علامت هئا. وقت سان گڏ اهڙو زوال آيو جو ڪرائيم، ڀتا خوري، گهرن ۽ پلاٽن تي قبضا انهن پارٽين جي نشاني بڻجي پيا. بنيادي اخلاقي معيارن کان هيٺ بيٺل اڳواڻ، ڪارڪن ۽ پارٽيون سنڌ کي ڪجهه به نه ڏئي سگهنديون، هتي اخلاقيات مان مراد ذاتي اخلاقيات کان وڌيڪ اهو سماجي ڪردار آهي، جيڪو سياسي ڪارڪنن جي سڀ کان وڏي وٿ هوندي آهي. بدقسمتيءَ سان ڪجهه کي ڇڏي باقي اڪثر سياسي پارٽيون ۽ گروپ سنڌ جي حقن جي سياست جي آڙ ۾ پنهنجا ڌنڌا ڪرڻ ۾ رڌل آهن. سنڌ واسي محسوس ڪن ٿا ته اڄ جن وٽ ڪو به اقتدار ناهي، تڏهن به سندن ڏاڍَ کان ڪا گهٽي ۽ بازار محفوظ ناهي ته پوءِ اقتدار جي طاقت حاصل ٿيڻ جي صُورت ۾ ته اهي ماڻهو حُڪمران ٽولن کان به وڌيڪ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جو جهان سجائيندا. قومي هلچل جي صفن مان جيستائين ڪرائيم جو انت نه ايندو، سنڌ واسي سندن سڏ تي دڪان ته بند ڪندا پر کين دل سان مان يا ووٽ ڏيڻ کان هميشه ڪيٻائيندا. ان ئي ماحول جو نتيجو آهي جو سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ کان پوءِ ڪا به سگهاري عورت جدوجهد نظر نٿي اچي. ڪمزور اخلاقي ڪردار ۽ جاگيرداراڻن روين سبب انهن پارٽين ۾ عورتن جي سگهاري شرڪت نٿي نظر اچي. وقت گذرڻ سان سنڌ ۾ وچولي طبقي جي باشعور ۽ سرگرم عورتن جو انگ وڌيو آهي، پر اهي سياسي مکيه ڌارا جو حصو ٿيڻ کان لنوائين ٿيون، ان جو اهم ڪارڻ قيادتن جا رويا ۽ ڪردار آهن. سماج جي اڌ آباديءَ کي جدوجهد کان ٻاهر رکڻ سان ڪا به جدوجهد نتيجا نه ڏئي سگهندي. سنڌ جي قومي حقن جي هلچل جي انهن ڪمزور پاسن تي بحث جو مطلب سندن ڪردار ڪشي نه، پر انهن ڳالهين جي نشاندهي ڪرڻ آهي، جن کان پاسو ڪري سنڌ جي قومي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڌُريون سنڌ جي مفادن لاءِ بهتر طريقي سان جدوجهد ڪري سگهن ٿيون، جنهن ۾ سنڌ واسي خوشي ۽ فخر سان حصو بڻجن چاهيندا. سنڌ جي اڄوڪي سياسي صورتحال ۾ هڪ سگهاري ۽ باعمل سياسي پارٽي سنڌ جي اڻٽر گُهرج آهي، جنهن سان سنڌ جو قومي وجود ۽ آئيندو سلهاڙيل آهن.

    (روزاني ڪاوش، سومر 13 جولاءِ 2015ع)


    نئين حڪمت عمليءَ سان مشروط خوشحال سنڌ جو خواب!

    گذريل هفتي هڪ وڌيڪ نوجوان سياسي ڪارڪن راجا ڏاهر جو گوليون لڳل لاش اُڇليو ويو، ان واقعي سان گذريل سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ نوجوان سياسي ڪارڪنن جي هڪ ٻئي پُٺيان لاش ملڻ وارو هانءُ ڏاريندڙ سلسلو ياد اچي ويو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سنڌ کي بلوچستان ۾ بدلايو ٿي ويو. سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جا لاش ڦٽا ڪرڻ واري ڪارروائيءَ جو نشانو هينئر تائين گهڻو ڪري، جيئي سنڌ متحده محاذ رهي آهي، جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ جا به ڪجهه ڪارڪن ساڳي بي رحميءَ جو شڪار بڻيا آهن. ڪنهن به ٻي قومپرست پارٽيءَ جي نظريي توڙي جدوجهد جي طريقيڪار سان هڪ نه، پر هڪ سئو اختلاف رکي سگهجن ٿا، پر نوجوان سياسي ڪارڪنن کي اهڙي طرح کنڀي، ڏنڀي ۽ ماري لاش ڦٽا ڪرڻ واري عمل جي جيتري به مذمت ڪجي، سا گهٽ آهي. زندگي بنيادي انساني ڪائناتي حق آهي ۽ بدترين حالتن ۾ به انسان کي ان حق کان محروم ڪرڻ سنگين ڏوهه آهي. اها بنيادي انساني ۽ آئيني حقن جي بدترين لتاڙ آهي، جنهن کي هزار دليلن سان به جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ايڪيهين صديءَ جي انساني سماج ۾ ان عمل کي مهذب دنيا ڪهڙي به طرح قبول نٿي ڪري سگهي. ان پسمنظر ۾ خود ان حقيقت جو به جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته انهن واقعن جي پٺيان ڪهڙا محرڪ آهن؟ هينئر تائين سنڌ اندر قومي حقن جي جدوجهد جو محور عوامي سگهه رهي آهي. سنڌ جي قومپرست جدوجهد وڏي حد تائين تشدد بجاءِ پرامن سياسي جدوجهد واري رستي تي هلندي رهي آهي. انيڪ ڪمزورين ۽ ناڪامين سان گڏ ان جدوجهد ڪيتريون ئي شانائتيون سوڀون پڻ ماڻيون آهن. هينئر تائين سنڌ جي قومپرست پارٽين ڪڏهن عوامي سطح تي کلي عام هٿيار يا پُرتشدد جدوجهد وارو رستو اختيار ڪرڻ جي دعوى نه ڪئي آهي، البته گذريل ڪجهه سالن کان جيئي سنڌ هلچل جي هڪ ڌڙي جسمم کليل لفظن ۾ هٿياربند جدوجهد وارو رستو اختيار ڪرڻ جي هام هنئي آهي. سياسي معاملا بهرحال عوام جي ملڪيت هجن ٿا، تنهن ڪري انهن بابت ڪا به مختلف راءِ رکڻ يا ان سان سهمت نه ٿيڻ به بنيادي سياسي حق آهي، جنهن جو احترام هر ڌر تي واجب آهي. جيستائين جدوجهد جي طريقن جو تعلق آهي ته انهن جو تعين حالتن، سماجي گهاڙيٽي، جاگرافي، عالمي برادري جي روين ۽ قوم جي مزاج آهر ڪيو ويندو آهي. جدوجهد جي طريقن کي رڳو ڪتابي حوالن، رومانس يا ڪنهن ٻي قوم کي مليل نتيجن آهر نه ٿو ڪري سگهجي، اهو هڪ غير جذباتي ۽ عقلي معاملو آهي. ڪجهه دوست ان حوالي سان بلوچستان جي هاڻوڪي ۽ 1970ع ۾ مڪتي باهني وسيلي بنگلاديش جي قيام جي جدوجهد جا مثال ڏين ٿا. بنگلاديش وارو معاملو ته بنهه مختلف آهي، جنهن کي جاگرافيائي فاصلي جو به فائدو حاصل هو ۽ ٻيو ته مڪتي باهني جي پٺيان هندوستان جي مدد به شامل هئي. رهي ڳالهه بلوچستان جي ته ان جو سماجي گهاڙيٽو، سياسي شعور، جاگرافي توڙي قومي مزاج سنڌ کان بنهه مختلف آهي، ان حوالي سان سنڌ کي نٿو ڀيٽي سگهجي. جيڪڏهن رڳو هٿياربند سگهه سان سياسي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ها ته پوءِ سريلنڪا ۾ تامل سوڀ ماڻي چڪا هجن ها. ويجهي ماضيءَ ۾ ايڏي سگهاري عسڪري طاقت جو مثال گهٽ ملندو، جتي هڪ رياست مخالف ڌر وٽ پنهنجي نيوي ۽ ايئرفورس به هجي. ماضيءَ ۾ هٿياربند ۽ گوريلا جنگيون، جتي به ٿيون آهن، انهن جي ڪاميابين جا حوالا اتي جي معروضي حالتن جي پسمنظر ۾ ئي ٺهڪن ٿا. انهن سمورن حوالن جي ابتڙ سنڌ وٽ سگهارين سياسي جدوجهدن وسيلي معاملا پنهنجي حق ۾ نبيرڻ جي صلاحيت ثابت ٿيل آهي، انهن جدوجهدن جي پٺيان گڏيل عوامي شعور ۽ پُرامن، پر مستقل مزاج جدوجهد شامل رهي آهي. انگريزن جي دور کان وٺي، هينئر تائين ممبئي کان عليحدگي، ون يونٽ جو انت، ٻولي بچائڻ واري جدوجهد، ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم خلاف تحريڪ ۽ ويجهڙ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف هلچل، ان جا ڪجهه مثال آهن. اهي سموريون تحريڪون مڪمل طور تي پُرامن هيون، سواءِ ايم آر ڊي تحريڪ جي، جنهن ۾ سول نافرمانيءَ جو عنصر شامل هو. ون يونٽ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪن ۾ سنڌ واسين مضبوط دليلن، عوامي سياسي سگهه ۽ مستقل مزاجيءَ وسيلي ايتري ته وسيع عام راءِ هموار ڪئي، جو ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به پنهنجي تحريڪ جي حمايت پيدا ڪري ورتي. اها معمولي ڳالهه ناهي ته گذريل چاليهن سالن کان سنڌي ماڻهو اڻٿڪ مزاحمت وسيلي ڪالاباغ ڊيم کي نه رڳو روڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن، بلڪه اڄ پنجاب جي اندر سندن موقف جي حمايت رکندڙ ڌريون پڻ موجود آهن. انهن جدوجهد سان ڪنهن کي کڻي ڪيترا به اختلاف هجن، پر انهن جي پُرامن هجڻ باوجود گهربل نتيجا حاصل ٿيڻ کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سموري حڪومتي مشينريءَ جي پٺڀرائيءَ جي باوجود ڪالاباغ ڊيم بابت عوامي حمايت حاصل ڪرڻ واريون حڪومتي ڪوششون هڪ انچ به اڳتي نه وڌي سگهيون. ٽن صوبن جي اسيمبلين ان ڊيم خلاف ٺهراءَ بحال ڪيا ۽ هاڻي ان مسئلي تي عوامي راءِ ايتري قدر متحد آهي، جو ڪالاباغ ڊيم هاڻي سنڌ جو نه، پر ملڪ جي ٽن صوبن جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان سڄي جدوجهد ۾ ڪا به گولي نه هلائي وئي، ڪو به ڌماڪو نه ڪيو ويو، ڪا به پٽڙي نه اُڏائي وئي ۽ ڪنهن کي به يرغمال نه بڻايو ويو. اها سموري حاصلات پُرامن سياسي شعور ۽ عوامي ٻَڌيءَ جو نتيجو آهي. درحقيقت سنڌ جي قومپرست ڌرين ان ماڊل کي باقي قومي مسئلن جي جدوجهد لاءِ ساڳي حڪمت عمليءَ سان استعمال نه ڪيو، نه ته ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ به اهڙا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ها.
    پاڪستان جي سياسي جوڙجڪ ۾ سمورين ناانصافين ۽ ارهه زوراين جي باوجود سنڌين وٽ جمهوري نظام اندر اهڙا موقعا موجود آهن، جيڪي عوام دوست قيادت وسيلي عوام جون زندگيون بهتر ڪرڻ جي ڪم آڻي سگهجن ها. ورهاڱي وقت سنڌ هن ملڪ جو سڀ کان اُسريل صوبو هو ۽ وقت گذرڻ سان جيتوڻيڪ سنڌ اها سرسي قائم نه رکي سگهي، پر بهرحال پنجاب کان پوءِ آباديءَ ۾ سهولتن جي لحاظ کان ٻيون وڏو صوبو هجڻ سبب ملڪ جي سياسي ڍانچي ۾ ان جي اهميت نمايان رهي آهي. سموري رياستي جبر جي باوجود سنڌ پنهنجو جاگرافيائي ۽ ثقافتي وجود وڏي حد تائين برقرار رکندي آئي آهي. ون يونٽ جي دور ۾ ته سنڌ جو قومي وجود ميسارجڻ لڳو هو. ضياءَ جي دور ۾ سنڌين کي سياسي طور چيڀاٽڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي سنڌ پهرين کان گهڻي مضبوط آهي، ان کي وڏي ۾ وڏو چئلينج ڊيمو گرافيءَ جو آهي، باقي ٻين حوالن سان سنڌ پنهنجي قومي حقن جي جدوجهد ۾ گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي. جيڪڏهن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ چونڊيل حڪومتن جا ترا ڪڍڻ وارو رويو اختيار نه ڪيو وڃي ها ۽ چونڊيل حڪومتون پنهنجا مدا پورا ڪن ها ته هڪ مضبوط جمهوري سرشتي ۾ سنڌ لاءِ اڳڀرائيءَ جا اڃا به وڌيڪ موقعا پيدا ٿين ها.
    2008ع ۾ پيپلز پارٽي کي حاصل ٿيل اقتدار سنڌ کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ بهترين موقعو هو، جنهن کي پيپلز پارٽيءَ جي موقعي پرست قيادت ۽ وڏيرن پنهنجون ملڪيتون ٺاهڻ ۽ اقتدار کي بچائڻ جي ور چاڙهي ڇڏيو. گذريل ستن سالن دوران ارڙهين ترميم ۽ ستين اين ايف سي ايوارڊ وسيلي ملڪ جي وفاقي ڍانچي ۾ هڪ وڏي اُٿل پُٿل اچي پئي سگهي، انهن ٻن قدمن وسيلي جيڪي اختيار ۽ وسيلا سنڌ کي مليا هئا، اهي جيتوڻيڪ جائز حصي کان گهڻو گهٽ هئا، پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ايترا بهتر ضرور هئا، جن سان سنڌ جو سياسي ۽ انتظامي ڍانچو گهڻو اڳتي نڪري پئي سگهيو. اها سنڌ جي بدقسمتي آهي، جو پيپلز پارٽيءَ جي قيادت انهن موقعن جو سنڌ کي ڪو به لاڀ حاصل ڪرڻ نه ڏنو. تيل ۽ گئس جي وسيلن تي اڌ مالڪي، ڪوئلي جي ذخيرن تي ذري گهٽ سڌي سنئين مالڪي، مقامي انتظامي ڍانچي ۾ مڪمل مرضي ۽ ناڻي جي واڌو وسيلن حاصل ٿيڻ جو فائدو سنڌ کي ملي ها ته هنن ستن سالن اندر سنڌ کي گهڻو بهتر بڻائي سگهجي ها. محدود وسيلن ۽ اختيارن مان صوبي کي بهتر بڻائڻ جو هڪ مثال خيبرپختونخوا آهي، جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت رڳو ٻن سالن اندر جيڪي انتظامي سُڌارا آندا آهن، انهن سان صوبي جي حڪمرانيءَ ۾ نمايان بهتري آئي آهي. پيپلز پارٽي رڳو سنڌ کي ميرٽ تي انتظاميا، ٻهراڙين ۾ انفرااسٽرڪچر ۽ اڀري سڀري صنعتڪاريءَ کي هٿي ڏياري ها ته سنڌ جو حال اڳي کان گهڻو بهتر هجي ها. جمهوري پارلياماني نظام سمورين خرابين ۽ ڪمزورين جي باوجود وفاقي ڍانچي اندر سنڌ لاءِ ڪيترائي موقعا فراهم ڪري ٿو، جنهن جو درست استعمال نه ٿيڻ سبب اڄ سنڌ جو حال خراب آهي. درحقيقت هينئر وفاق ۽ پنجاب جيترو ئي ظلم سنڌ جا موقعي پرست وڏيرا، ڪرپٽ مڊل ڪلاسي سياستدان ۽ بيوروڪريٽ سنڌ سان ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجي ڪرتوتن کي ڍڪڻ لاءِ هر وقت اهو تاثر ڏين ٿا ته سنڌ سان سمورو ظلم رڳو مٿان کان ٿي رهيو آهي. مثال طور سنڌ جا چونڊيل اڳواڻ ۽ ڪامورا اهو ته وڏي واڪ چون ٿا ته، ”پنجاب سنڌ جو پاڻي چورائي ٿو، پر اهو نه ٿا ٻُڌائين ته جيڪو پاڻي گڊو بئراج وٽان سنڌ پهچي ٿو، ان مٿان صوبي اندر ڌاڙا ڪير ٿو هڻي؟ صوبي اندر هر واهه ۽ شاخ مٿان ننڍا ڪالاباغ ڊيم ڪنهن ٺاهي رکيا آهن؟ ڇو ٻوڏ وارن مهينن ۾ به پوڇڙ تائين پاڻي نه ٿو پهچي؟ ساڳي طرح سياسي اڳواڻ ۽ ڪامورا اهي انگ اکر ته پريس ڪانفرنسون ڪري ٻُڌائين ٿا ته، ”وفاق وٽان اين ايف سي ۾ مڃيل حصي کان ڪيترائي ارب رپيا گهٽ مليا آهن، پر اهي سنڌ جي اربين رپين جي بجيٽن کي دبئي ۽ لنڊن منتقل ڪندڙن جو ذڪر ئي نه ٿا ڪن. سمورين ڪٽوتين باوجود سنڌ کي جيڪي رقمون ملن ٿيون انهن جو ٽيون حصو به سنڌ تي خرچ ٿئي ها ته سنڌ جو نقشو ئي ٻيو هجي ها.
    هن مضمون جي باقي حصي ۾ سڀاڻي اسان اهو جائزو وٺنداسين ته اسان جا جيڪي دوست سنڌ جي خوشحاليءَ کي هٿياربند جدوجهد واري دليل سان ڳنڍين ٿا، اهي دوست ڪيترو درست آهن، ڪيترو غلط آهن؟

    (روزاني ڪاوش، سومر 10 آگسٽ 2015ع)


    عالمي قوتن جي سازشن کان بچڻ جي ضرورت!

    وفاق ۽ پنجاب جون ناانصافيون هڪ چٽي حقيقت آهن، جن خلاف جدوجهد ضرور جاري رهڻ گهرجي، پر ساڳئي وقت سنڌ جي ترقيءَ جي اندروني دشمنن وڏيرن، ڪرپٽ ٽولن ۽ ڪامورن جي سنڌ دشمنيءَ کي نظرانداز هرگز نه ڪرڻ گهرجي. هاڻي جيڪڏهن اهي ڳالهيون ٿيون ڪجن ته ڪجهه دوستن کي لڳي ٿو ته جمهوريت سان وڏي دشمني پئي ڪئي وڃي ۽ سگهارين طاقتن ۽ پنجاب جي حمايت پئي ڪجي. ان سوال جو جواب ضرور ڳولڻ گهرجي ته سنڌ جي نوجوانن کي مايوسي ۽ فرسٽريشن جي ان انتها تي پهچائيندڙ ڪهڙا اندروني فيڪٽر آهن، جن جي نتيجي ۾ نوجوان سياسي ڪارڪنن جون قيمتي جانيون قربان ٿين ٿيون. سنڌ جي اها بدحالي ۽ محرومي جنهن چڙ ۽ ردعمل کي جنم ڏئي ٿي، ان جي ذميواري وفاقي ڍانچي ۽ پنجاب جي سياسي هڪ هٽيءَ سان گڏ سنڌي قوم اندر سندن اتحادين تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي، جيڪي سڄي سنڌ ۾ معتبر ٿي هلن ٿا. جيڪڏهن جمهوريت جا دعويدار لکين سنڌين جي جمهوريت لاءِ جدوجهد ۽ قربانين جو ڪجهه ثمر سنڌي سماج کي حاصل ٿيڻ ڏين ها ته اڄ سنڌ جا نوجوان ائين قومي حقن جي جدوجهد ۾ ٻارڻ نه بڻجن ها.
    هن انتهائي خراب نظام اندر به سنڌ جي سماجي ۽ معاشي اوسر جا انيڪ موقعا موجود هئا ۽ آهن، جن تي عوام جون ويري قوتون قابض آهن. جيڪڏهن جمهوريت جا چئمپين عوام جي سگهه وڌائين ها ته سنڌ وفاق ۽ پنجاب ڏانهن رهيل سمورا حساب اوڳاڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي اقتدار تي قابض ڌرين تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي اڌ مالڪي ۽ صنعتڪاريءَ وسيلي سنڌ واسين کي باعزت زندگي فراهم ڪرڻ بجاءِ کين هزار رپيا ماهوار خيرات جي پُٺيان ٺوڪرون ۽ ذلتون ڏئي کين انتهاپسند روين ڏانهن ڌڪيو آهي.
    هاڻي جيستائين سوال هٿياربند جدوجهد وارو طريقو اختيار ڪرڻ جو آهي ته ان لاءِ اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهو سياسي حقن جي جدوجهد جو آخري ڏاڪو هوندو آهي. ڇا سنڌي سماج سياسي شعور وسيلي منظم جدوجهد وارو طريقو مڪمل طور استعمال ڪري چڪو آهي، جو هاڻي ان آخري آپشن کي استعمال ڪجي؟ ان سوال تي رايا مختلف ٿي سگهن ٿا، پر منهنجي ادنى راءِ ۾ سنڌ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اڃا پُرامن سياسي جدوجهد واري آپشن جو مڪمل استعمال نه ڪيو ويو آهي. سنڌ لاءِ سچائيءَ سان جاکوڙيندڙ ڌرين کي پهرين ان آپشن کي مڪمل تياريءَ سان آزمائڻ گهرجي. اڄوڪي عالمي وايومنڊل ۾ هٿياربند جدوجهد کي عالمي قوتون استعمال ته ڪري سگهن ٿيون، پر ان کي کُلي عام مان ڏئي، ان جي حمايت ڪرڻ کان لنوائينديون. ان خطري کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي قومي حقن لاءِ قربانيون ڏيندڙ نوجوانن جي قربانين جو ثمر ڪي اهڙيون قوتون حاصل ڪري رهيون هجن، جن کي سنڌ جي حقن سان نه، پر هن خطي ۾ پنهنجا اسٽريٽجڪ مفاد حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي هجي. آمريڪا، انڊيا توڙي افغانستان ڪي مظلوم ۽ محروم قومن جي حقن جا مهندار ملڪ ناهن. اهي هن خطي ۾ قومي حقن جي جائز جدوجهدن کي يرغمال ڪرڻ وارين چالبازين وسيلي پنهنجي مفادن جو پورائو ڪرڻ گُهرن ٿا. سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد کي پنهنجي سچائيءَ جي باوجود انهن قوتن جي مقصدن لاءِ لاشعوري يا اڻ سڌي طرح سان هرگز استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن خطي اندر مختلف قوتن جي مفادن کي ساڃاهه ونديءَ سان سمجهندي، جدوجهد جي طريقن جو تعين ڪرڻ گهرجي. هن وقت سنڌ جي قومپرست قوتن لاءِ تمام ضروري آهي ته اهي سنڌ کي درپيش اندرين ۽ ٻاهرين چئلينجز بابت سنڌ واسين جي قومي شعور کي سياسي طور منظم ڪن ۽ يرغمال ٿيل جمهوري ادارن کي آجو ڪرائي، اُتي سنڌ دوست نمائندن جي پهچ کي يقيني بڻائين. سنڌ کي اهڙي سياسي قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا ان کي نفسياتي غلاميءَ جي ڌُٻڻ مان ڪڍي سگهي. سنڌ ۾ لکين باشعور ۽ هڏ ڏوکي نوجوانن کي سنڌ جي اسڪولن ۾ رضاڪاراڻي طور پڙهائڻ ۽ يونيورسٽين کي تالا بنديءَ کان روڪڻ لاءِ آماده ڪرڻ، سنڌ واسين کي منظم طريقي سان شهرن ۾ آباد ڪرڻ، تعليم ۽ ڪاروبار لاءِ پرڏيهه موڪلڻ، بهتر تعليم ۽ هنري سکيا جي ادارن جو ڄار پکيڙڻ، جديد ٽيڪنالاجي سان ڏيٺ ويٺ وڌائڻ، سماجي سهولتون فراهم ڪرڻ جهڙن قدمن سان سنڌي سماج ۾ اهڙيون بنيادي تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، جيڪي سنڌ کي مدي خارج جاگيرداراڻي نظام جي پنجوڙ کان آجو ڪرائي سگهن. اندروني غلاميءَ مان آجپي سان گڏ ٻاهرين قوتن خلاف سياسي جدوجهد سنڌ کي هڪ وڏي ڇال ڏياري سگهي ٿي.
    ايڪيهين صديءَ جي جديد دور ۾ جدوجهدن جون حڪمت عمليون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن ۽ وقتائتيون حڪمت عمليون هٿياربند جدوجهد کان وڌيڪ بهتر نتيجا فراهم ڪري سگهن ٿيون. سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ نهايت اهم آهي. ساڍا ست سئو کان وڌيڪ ڪلوميٽرن جي ساحلي پٽي، سنڌو درياهه ۽ سوين ڪلوميٽر ڊگها هاءِ ويز سنڌ جي معاشي ترقي لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. گذريل ٽن ڏهاڪن دوران سنڌ ۾ هڪ سگهارو وچولو طبقو اُسريو آهي. سنڌي ماڻهو تيزيءَ سان ٻهراڙين مان نڪري شهرن ۽ پرڏيهه ڏانهن وڃڻ لڳو آهي، ان سان سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۽ سگهه ۾ نواڻ اچي رهي آهي. سنڌ جي قومي جدوجهد کي ان نين حقيقتن سان سلهاڙڻ جي ضرورت آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي قومپرست جدوجهد جي قيادت جا رويا ۽ طور طريقا اڃا تائين 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي ۾ منجمند آهن، جنهن ڪري اهي انهن نون موقعن مان نه پاڻ لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن ۽ نه سنڌ جو ڪو ڀلو ٿي رهيو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، سفارتي رابطن، ٻين صوبن جي عوام سان سلهاڙجڻ، ريسرچ نوجوانن کي سياسي مکيه ڌارا ۾ آڻڻ ۽ جمهوري ادارن اندر پهچ کان سواءِ جدوجهدون گهربل نتيجا نه ڏئي سگهنديون. اهي سمورا ميدان اڃا آزمايا ئي نه ويا آهن. جيستائين سنڌ جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ ڌرين روايتي سوچ ۽ طور طريقن کي ڇڏي، جديد دور جي تقاضائن سان ٺهڪندڙ حڪمت عمليون اختيار نه ڪيون ته سنڌ کي سندن بيانن، پريس ڪانفرسن، بک هڙتالن، مظاهرن توڙي ڪارڪنن جي قربانين مان لاڀ حاصل نه ٿي سگهندو.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو 11 آگسٽ 2015ع)


    سنڌ جي پيرن ۾ پيل جاگيرداراڻه زنجير ۽ مضبوط ادارن جي کوٽ!

    هونئن ته 1950ع کان 1970ع وارا ڏهاڪا سنڌ لاءِ شديد آزمائش وارا سال هئا، جو انهن ڏهاڪن ۾ سنڌ پنهنجي وجود ۽ ٻوليءَ جي بقا جي ويڙهاند ۾ رُڌل هئي، پر هڪ ڳالهه نهايت اُتساهيندڙ آهي ته انهن سالن دوران سنڌ نه رڳو شاندار قومي ٻَڌي ۽ شعور جو مظاهرو ڪيو، پر سماج کي اڳتي وڌائيندڙ ادارن ۽ تحريڪن کي پڻ جنم ڏنو. انهن ڏهاڪن دوران سنڌ اندر ثقافتي، ادبي، سماجي ۽ سياسي ادارن جنم ورتو يا اوسر جي اوج تي پهتا. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌي ادبي سنگت، جيئي سنڌ هلچل، هاري تحريڪ، ادبي مخزنن ۽ اخبارن جي ان دور جي ڪردار کي ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته ڪيئن نه سمورو سماج پنهنجي بقا جي ويڙهاند ۾ هڪ ٿي بيٺو هو. اڳتي هلي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪالاباغ ڊيم، ڌاري آبادڪاري ۽ جمهوريت جي بحاليءَ دوران تحريڪون به ان ئي قومي جاڳرتا جو تسلسل هيون. انهن سمورين تنظيمن، فردن ۽ ادارن سان مختلف نوعيت جا اختلاف رکڻ جي باوجود انهن جي شاندار ڪردار کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. 1980ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ کان پوءِ هوريان هوريان انهن ادارن جو زوال شروع ٿيو. انهن ادارن جي جمود ۽ زوال سان گڏ هڪ نئين شروعات اثرائتي سنڌي ميڊيا جي شڪل ۾ ٿي، جيڪا ان خال کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڀرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي. ساڳئي عرصي دوران اين جي اوز جي نون ادارن به جنم ورتو، پر مختلف سببن جي ڪري اهي ڪنهن وڏي سماجي اُٿل پُٿل کي جنم نه ڏئي سگهيا. سياسي ادارن جي ڪمزور ٿيڻ جو خال ڪو به ٻيو ادارو نه ٿو ڀري سگهي.
    1990ع جي ڏهاڪي کان پوءِ جنهن شهري مڊل ڪلاس جنم ورتو آهي، ان وٽ ادارا قائم ڪرڻ جا موقعا شروعاتي ٽن ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هئا، پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. اچو ته هڪ جائزو وٺي، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته (i) 1950ع کان 1980ع وارن ڏهاڪن دوران جنم وٺندڙ ۽ اُسرندڙ ادارن جو زوال ڇو آيو؟ (ii) 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ اُسرندڙ مڊل ڪلاس نوان ادارا ڇو نه جوڙي سگهيو؟ ۽ (iii) اڳتي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي؟
    ادارن جو قيام ۽ انهن جي ڪارڪردگي سماج جي سگهه جو پئمانو هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جو ڇيد ڪرڻ کان سواءِ آئيندي جي حڪمت عملي جوڙي نه سگهبي. شروعاتي ٽن چئن ڏهاڪن دوران سنڌ جيئن ته هڪ ڀرپور مزاحمتي دور مان گذري رهي هئي ۽ سياسي محاذ تي سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجي ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙا قدآور نالا موجود هئا، تنهن ڪري علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي محاذن تي به جدوجهد لاءِ ڀرپور اُتساهه موجود هو. ٻي ڳالهه ته سياسي تنظيمن ۽ هلچل کان سواءِ جيڪي علمي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ادارا متحرڪ هئا، اهي به پنهنجي جوهر ۾ سياسي عمل سان مڪمل طور سلهاڙيل هئا. مثال طور سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت بظاهر ادبي ۽ سماجي ادارا هئا، پر سندن سموري جدوجهد سنڌ جي سياسي حقن واري هلچل سان گهري نموني سلهاڙيل هئي. اهو ئي سبب آهي، جو ايجنسيون مٿن به ايتري ئي ڪرڙي اک رکنديون هيون، جيتري سياسي پارٽين ۽ ڪارڪنن تي رکنديون هيون. اڄ انهن سمورن ادارن وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کُليل ماحول، موقعا ۽ وسيلا موجود آهن، پر اهي سماج ۾ گُهربل ڪردار ادا ڪرڻ کان وانجها آهن. اسان سڀ پاڻ کي تسلي ڏيڻ ۽ ٻين کي ٻُڌائڻ لاءِ ڀلي کڻي ڪيترا به دليل ۽ حوالا ڏيون، پر سماج ۾ انهن جو ڪو سگهارو ڪردار هاڻي نظر نه ٿو اچي. ان سوال کي ذاتي انا يا جذباتي حوالي سان ڏسڻ بجاءِ اڻ ڌري تنقيدي اک سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان صورتحال پُٺيان سمايل حقيقتن جو دُرست ادراڪ ڪري سگهجي.
    ون يونٽ واري تحريڪ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ هڪ عارضي اطمينان واري لهر جنم ورتو. مٿان وري ڀُٽي صاحب جي حڪومت اچڻ کان پوءِ سنڌ واسين کي اهو محسوس ٿيو ته هاڻي هو ملڪي اقتدار ۽ ڪاروهنوار ۾ مکيه ڀائيوار بڻجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ ٻوليءَ وارن هنگامن کان پوءِ ثقافتي محاذ ۾ وري جوت جاڳي پئي هئي، پر مجموعي طور تي سنڌ واسي ان مزاحمتي مرحلي مان نڪري چڪا هئا. ثقافتي ۽ سماجي محاذ جي ادارن کي جڏهن مزاحمت مان ڪجهه واندڪائي ملي ته اصولي طور انهن جي ادارتي جوڙجڪ ۽ سماج جي اڏاوتي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي گُهرج هئي. ڪجهه عرصي تائين ائين ٿيڻ کان پوءِ آهستي آهستي انهن ادارن اندر ادارتي فورم ڪمزور ۽ فرد سگهارا ٿيڻ لڳا. جڏهن ادارن ۾ فرد سگهارا ٿيڻ لڳن ۽ ادارا فردن جا محتاج ٿيڻ لڳن ته اها ادارن جي زوال جي پڪي نشاني آهي. فردن پنهنجي ماضيءَ جي خدمتن جي مڃتا جي صلي ۾ ادارن کي ذاتي ملڪيت ۾ بدلائڻ شروع ڪيو. هوريان هوريان شاخن کان وٺي، مرڪز تائين مخصوص فردن ۽ سندن حامي لابين جي والار شروع ٿي، ان والار کي جمهوري شڪل ڏيڻ لاءِ پنهنجي خاص وفادارن جي ميمبرشپ مهم شروع ڪرائي وئي. هڪ وقت آيو، جڏهن انهن ادارن جي چونڊن ۾ اهي سمورا وسيلا ۽ طريقا ڪتب اچڻ لڳا، جيڪي اسيمبلين جي چونڊن دوران وڏيرا استعمال ڪندا آهن. اهو رويو ادبي ۽ سماجي تنظيمن کان علاوه استادن ۽ صحافين جي تنظيمن ۾ به نظر آيو. 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن ۾ اهي تنظيمون عوامي مزاحمت ۽ شعور جي سرواڻي ڪرڻ بجاءِ وڏيرڪين اوطاقن ۾ بدلجڻ لڳيون. انهن ۾ موجود فردن جو حوالو سندن ڪم يا ڪردار نه، پر فلاڻي جو ماڻهو ۽ فلاڻي گروپ جو اڳواڻ وارو بڻجڻ لڳو. ماضيءَ ۾ سنڌ جي حقن واري جاکوڙ ۾ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندڙ اڪثر نامور شخصيتن پاڻ کي انهن ادارن جو تاحيات عهديدار بڻائڻ شروع ڪيو. نئين سوچ ۽ اختلاف راءِ رکندڙن لاءِ دروازا بند ڪرڻ خاطر مٿين کان هيٺين سطح تائين وفادارن ۽ حامين جا ٽولا ڀرتي ڪري، چونڊن وسيلي والار کي جمهوريت جي نالي تي حلال ڪرڻ جي رسم شروع ڪئي وئي. اڄ انهن ادارن ۾ هيٺ کان مٿي تائين ڪجهه اهڙن فردن جي قطار نظر ايندي، جيڪي چئن ڏهاڪن کان انهن ادارن جا واڳ ڌڻي بڻيل آهن. انهن شخصيتن جي ماضيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار جي احترام کان ڪو به انڪار ناهي، پر بدقسمتيءَ سان متبادل قيادتن جا رستا بند ڪري، هنن ادارن کي سينواريل تلاءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هاڻي ڪيترن ئي ادارن جو ذڪر گهڻو ڪري سندن چونڊن جي مُند ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي، باقي سنڌي سماج کي درپيش انتهائي سنگين مسئلن تي سندن پاليسي بيان به ٻُڌڻ ۾ نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي تي ڪنهن تقرير ۾ ڪي ٻه چار جملا ادا ڪن ٿا ته ٺيڪ، نه ته ماٺ آهي. انهن ادارن ۾ ويٺل ڪيترن ئي سينئر شخصيتن جو خيال آهي ته چار پنج ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل سنڌي قوم ۾ سندن متبادل هجڻ جي اهليت ڪنهن ۾ به ناهي، تنهن ڪري جيڪڏهن هنن ۽ سندن حامين انهن ادارن جي قيادت تي ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏنو ته ادارا بند ٿي ويندا. عقل، فهم ۽ ڪمٽمينٽ ۾ کين پنهنجو ڪو مَٽ يا ثاني نظر نه ٿو اچي، تنهن ڪري ڦري گهري هر اليڪشن ۾ پاڻ ئي واري واري سان ادارن جي سربراهي سنڀالين ٿا. نتيجو اهو آهي، جو سنڌي سماج کي اڄوڪي دور جي حالتن ۾ جنهن سياسي جدوجهد ۽ سماجي اُٿل پُٿل جي ضرورت آهي، ان بابت انهن ادارن وٽ عوام کي ڏسِڻ لاءِ نه ڪا چِٽي واٽ آهي ۽ نه ڪا جديد تقاضائن سان ٺهڪندڙ حڪمت عملي آهي. شخصي طور ڪجهه فرد پنهنجي حال آهر پنهنجو ذاتي ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا، پر اجتماعي طور ادارن جو ڪردار سگهارو نه رهيو آهي. اهو ساڳيو رويو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سياسي تنظيمن ۾ به نظر آيو ۽ اڄ قومپرست تنظيمن جا ڌڙا نظريي ۽ سوچ کان وڌيڪ فردن جي حوالي سان سُڃاتا وڃن ٿا ۽ سندن تعارف فلاڻي خان جو گروپ بڻيل آهي. سياسي تنظيمن جي حوالي سان صورتحال ان ڪري ڪجهه مختلف آهي، جو ڪي ڌريون اڄ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهن ٿيون، البته انهن ۾ به قيادت جو جمود وڏي حد تائين چِٽو آهي. مرڪز کان ضلعي تائين ڪجهه مخصوص نالا آهن، جيڪي هميشه عهديدار ئي رهن ٿا، مجموعي طور تي انهن سمورن ادارن ۾ قيادت جو جمود سندن اوسر ۽ تبديليءَ لاءِ ڪنهن سگهاري ڪردار ادا ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. جيستائين اهي ادارا نئين سوچ واري قيادت ۽ جديد تقاضائن سان ٺهڪندڙ حڪمت عملين کي اڳتي اچڻ نه ڏيندا، اهي سماجي تبديلي ۽ جوڙجڪ ۾ ڪو به سگهارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا.
    ان بحث جو ٻيو اهم سوال اهو آهي ته 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ جيئن جيئن اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کُليل ماحول، ٽيڪنالاجي ۽ لهه وچڙ جا نوان موقعا فراهم ٿيا آهن، ته نئين اُسريل وچولي طبقي انهن موقعن مان گُهربل فائدا ڇو نه ورتا آهن ۽ سماج کي اڳتي وڌائيندڙ ادارا قائم ڇو نه ڪيا آهن. جيتوڻيڪ گذريل ٻن اڍائي ڏهاڪن دوران سنڌي ميڊيا هڪ سگهاري اداري طور اُڀري آهي، پر ٻين شعبن جهڙوڪ ريسرچ، تعليم، صحت، ٽيڪنالاجي، ادب، سماجي خدمت، ڪاروبار، هُنري سکيا وغيره ۾ ڪي قدآور ادارا نظر نه ٿا اچن. سنڌي قوم جتي مزاحمتي نوعيت جي جدوجهد ۽ ادارن جوڙڻ ۾ سگهاري آهي، اُتي سماج جي اڏاوتي ادارن جوڙڻ ۾ ايتري ئي ڪمزور به آهي، ان جو هڪ ڪارڻ خود سنڌ جو جاگيرداراڻو سماجي ڍانچو آهي، جيڪو مختلف شڪلين ۾ سنڌي سماج جي پيرن کي زنجير جيان جڪڙي، اُن جي اوسر کي روڪي رهيو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي کان اُسريل اڄوڪي وچولي طبقي جو گهاڙيٽو مارڪيٽ واري وچولي طبقي کان وڌيڪ سرڪاري ۽ خانگي شعبي واري نوڪري پيشه وچولي طبقي وارو آهي. انهن مان ڪيترن ئي فردن ڪجهه نه ڪجهه ادارا جوڙيا به آهن، پر مجموي طور تي ادارا جوڙڻ واري ڪا وڏي لهر نظر نه ٿي اچي. بنيادي طور تي خانگي شعبي ۾ سگهارا ادارا قائم ڪرڻ لاءِ موڙي گُهربل هجي ٿي، جيڪا مارڪيٽ ۾ ويٺل وچولي طبقي وٽ هوندي آهي. تعليم ۽ نوڪريءَ وارن شعبن سان سلهاڙيل وچولي طبقي وٽ نهايت سگهارا آئيڊياز ته هوندا آهن، پر اهي انهن خيالن کي عملي شڪل ڏيڻ جي مادي وسيلن کان محروم هوندا آهن. سنڌي ميڊيا جا ادارا به ان ڪري جڳهه ٺاهي سگهيا، جو انهن جي پُٺيان مارڪيٽ وارو وچولو طبقو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ادارا نه رڳو قائم رهي سگهيا آهن، پر لڳاتار ڪردار به ادا ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ جيئن ته سياسي حڪمرانيءَ تي وڏيرڪو ٽولو قابض آهي، تنهن ڪري اهو مارڪيٽ واري وچولي طبقي جي اوسر ۾ رڪاوٽ آهي. اهو طبقو ڪروڙين رپيا خيراتي انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر صنعتڪاري، ٽيڪنالاجي، شهري ڍانچي، جديد تعليم وغيره لاءِ وسيلا رکڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته ان سيڙپڪاريءَ سان مارڪيٽ تي ٻَڌل شهري وچولو طبقو جنم وٺندو، جيڪو سندن اوطاقن جي حاضري نه ڀرڻ چاهيندو، ان جي اُبتڙ پنجاب ۾ جيئن ته صنعتڪار ۽ سيڙپڪار طبقو حڪومتن ۾ رهيو آهي ته هنن مارڪيٽ واري وچولي طبقي جي اوسر لاءِ سيڙپڪاري ڪري، ان کي سگهارو ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو پنجاب ۾ صنعتڪار طبقو جديد يونيورسٽين کان وٺي، خانگي شعبي ۾ تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي اوسر ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنجاب جي وچولي طبقي ۾ ادارا قائم ڪرڻ جو لاڙو، ان ڪري سگهارو آهي، جو ان وٽ موڙي ۽ مددگار سماجي توڙي سرڪاري ڍانچو موجود آهي. سنڌي وچولو طبقو انهن حالتن ۾ ڪيئن ڪردار ادا ڪري، ان تي ايندڙ مضمون ۾ بحث ڪنداسين.


    (روزاني ڪاوش، اربع 26 آگسٽ 2015ع)


    ڇا ڪرپشن جي مخالفت جمهوريت دشمني آهي؟

    سنڌ ۾ سگهاريون ڌريون پوري سگهه سان سرگرم ٿي چڪيون آهن. ايم ڪيو ايم کان پوءِ توقع موجب هاڻي پيپلز پارٽيءَ جو وارو اچي چڪو آهي. آصف زرداريءَ جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي وڌيڪ سخت ايڪشن صاف نظر اچي رهيو آهي. صورتحال جي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي، پيپلزپارٽيءَ بنا دير جي ”سنڌ ڪارڊ“ ڪڍي هٿ ۾ سنڀالي ورتو آهي. پ پ جي اڳواڻن ترت ئي چئي ڏنو ته، ”اسٽيبلشمينٽ سنڌ سان بنگالين جهڙو ورتاءُ ڪري رهي آهي.“ ڪن چيو ته، ”وفاق پيپلز پارٽيءَ کي پاسيرو ڪري انتهاپسند قوتن لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي.“ ڪن وري اهو چيو ته، ”پيپلز پارٽيءَ کي ان ڪري راهه تان هٽايو پيو وڃي ته جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ڪري سگهجي.“ سنڌ جي وڏي وزير ته ان عمل کي وفاقي ايجنسين جو سنڌ مٿان حملو قرار ڏنو. پيپلز پارٽي ان ايڪشن جي مخالفت ۾ هڪ ٻيو سوال اهو به اُٿاري رهي آهي ته، ”ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ آهي، ٻين صوبن ۾ اهڙو ايڪشن ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟“ ان سموري بحث دوران پيپلز پارٽيءَ جي قيادت مان ڪنهن وٽ به اهو چوڻ جي اخلاقي جرئت نه هئي ته، سنڌ ۾ سندن پارٽيءَ هيٺ کان مٿي تائين ڪرپشن جي انڌير نگري قائم نه ڪئي آهي ۽ مٿن اهي الزام ڪوڙا آهن. سنڌ ۾ ڪرپشن انچ انچ تي ايڏي ته چِٽي نظر اچي ٿي، جو پيپلز پارٽيءَ جو ڪو به اڳواڻ اهو نه ٿو چئي سگهي ته مٿن اهو الزام غلط آهي.
    پيپلز پارٽيءَ جي مبينا ڪرپشن جا داستان اخباري مضمون کان گهڻا طويل آهن ۽ ٻچي ٻچي کي معلوم آهن، تنهن ڪري ان بابت دليل ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. ان پسمنظر ۾ جڏهن سنڌ سرڪار خلاف اها وٺ پڪڙ شروع ٿي آهي ته سنڌ واسين لاءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي وفاقي ايجنسين جي ان عمل جي صوبي اندر مداخلت قرار ڏئي حڪومت جي حمايت ڪن يا حڪومت جي ڪرتوتن سبب مٿن نازل ٿيل ان عذاب تي ايڪشن کڻندڙ ڌرين جي حمايت ڪن. منهنجي نظر ۾ نه ڪو پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جي مفادن لاءِ ويڙهه ۾ لٿي آهي ۽ نه وري اسٽيبلشمينٽ ڪو سنڌ کي بهتر حڪمراني ڏيارڻ يا سنڌ جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪرپشن خلاف ميدان ۾ لٿي آهي. ٻئي ڌريون سنڌ نه، پر پنهنجي پنهنجي مفادن جي ويڙهاند ۾ آهن، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻُوڙن جيان لتاڙجي رهيا آهن. پيپلز پارٽيءَ وٽ گذريل ستن سالن دوران هڪ بهتر سنڌ اڏڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ان عمل جي شروعات جو موقعو هو، جيڪو هنن پنهنجي خسيس مفادن جي ور چاڙهي ڇڏيو. ڳالهه رڳو ڪرپشن ۽ سنڌ ۾ خراب حڪمراني قائم ڪرڻ جي نه، پر سنڌ جي بهتر مستقبل جا بنياد رکڻ واري موقعي کي برباد ڪرڻ واري ڏوهه جي آهي، جنهن لاءِ سنڌ واسي پيپلز پارٽيءَ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. سگهارين ڌرين کي اهو موقعو پيپلز پارٽيءَ پاڻ فراهم ڪيو آهي. ٻئي طرف هن وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪردار سبب عوام ان مان ايترو بيزار ٿي چڪو آهي، جو پ پ جي سڏ تي اسٽيبلشمينٽ خلاف جنگ ته پري هڪل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان ان ڪري وڙهي سگهندي هئي، جو ان کي عوام خاص طور تي سنڌ واسين جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل هوندي هئي. هينئر پيپلز پارٽي پنهنجا رشتا سنڌ جي عوام سان ٽوڙي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ڪمايل ملڪيتن سان جوڙيا آهن. نتيجو اهو آهي، جو اڄ سنڌ واسي ماٺ ڪري پاسيرا ٿي ويهي رهيا آهن. ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي پيپلز پارٽيءَ جي ان اميج جو چڱيءَ طرح پتو آهي، تنهن ڪري کين اڳواڻن جي سياسي بيانن جي ڪا به پرواهه ناهي رهي. سياسي جماعتون عوام جي ڪِلي تي ڪُڏنديون آهن، جڏهن ڪا ڌر ان ڪِلي کان محروم ٿي وڃي ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪُڏائيندي آهي. ڪجهه نيڪ نيت دوستن جو خيال آهي ته ان صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف اکر به نه ڪُڇجي، ڇو ته ان سان سنڌ ۾ ڪارروائي ڪندڙ ايجنسين ۽ سگهارين ڌرين لاءِ ڪارروائيءَ جا جواز پيدا ٿيندا ۽ ملڪ مان جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي سگهي ٿي. ان ڳالهه ۾ پنهنجي جاءِ تي وزن آهي، پر سوال اهو آهي ته ان ڊپ کان سياسي ڌرين جي ڪُڌن ڪرتوتن تي ڪجهه به نه ڪُڇجي، جو اها جمهوريت سان دشمني ٿيندي؟ پهرين ڳالهه ته سياسي ڌرين جي عوام دشمن ڪرپشن ۽ بدترين حڪمرانيءَ کي جمهوريت سان بنهه نه ڳنڍڻ گهرجي. هن وقت ملڪ مٿان جيڪا حڪمراني آهي، ان کي وڌ ۾ وڌ چونڊيل حڪومت چئي سگهجي ٿو، پر ان ۾ جمهوريت جي بنيادي وصف پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. جمهوريت رڳو ووٽ ڏيڻ ۽ پارليامينٽ ۾ اجلاس ڪرڻ جو نالو ناهي. عام شهريءَ لاءِ جمهوريت جو مطلب آهي تحفظ، انصاف ۽ سماجي خدمتون. سنڌ جي ڪروڙين پورهيتن، هارين ۽ وچولي طبقي جي غريب ماڻهن لاءِ جمهوريت رڳو هڪ رُڃ بڻجي وئي آهي. موجوده جاگيرداراڻي بي لغام راڄ کي ڪهڙي به طرح جمهوريت نه ٿو چئي سگهجي. ٻي ڳالهه ته ڀلا هڪ گهڙيءَ لاءِ مڃون به کڻي ته اها جمهوريت آهي ته ان کي دشمن قوتن کان محفوظ رکڻ جي پهرين ذميواري ڇا ان پارٽي ۽ قيادت جي ناهي، جنهن کي جمهوريت جي نالي تي عوام ڳائي وڄائي تخت تي ويهاري ٿو. اهي جمهوري قدرن جي ڏينهن رات لتاڙ ڪندا رهن، پر جڏهن انهن جي ڪُڌن ڪرتوتن تي ڪو ايڪشن کڄي ته عوام کي چئجي ته سندن مخالفت نه ڪريو، ڇو ته فلاڻيون طاقتون ان کي بنياد بڻائي وري قبضو ڪري وٺنديون. عوام سان اهڙي بليڪ ميلنگ لاءِ دليل ڏيڻ وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي.
    ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي ماضيءَ جو رڪارڊ اهو به ٻُڌائي ٿو ته اهي جڏهن سنڌ مان پيپلز پارٽيءَ کي پاسيرو ڪنديون آهن ته ان جاءِ تي ان کان بدتر ڌرين جو راڄ لاڳو ڪرائينديون آهن. ماضيءَ ۾ اهڙا مثال لڳاتار نظر آيا، جو پيپلز پارٽي حڪومت جو انت آڻي، اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پراڻن وفادارن جا ٽولا سنڌ تي مڙهيا، انهن سنڌ سان اهڙا ناحق ڪيا، جو سنڌ واسين کي وري به پيپلز پارٽي وٽ پناهه ڳولڻي پئي. ماضيءَ جي ان رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي هڪ رايو اهو به ڏنو پيو وڃي ته پ پ جي هن وقت تي مخالفت نه، پر حمايت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان سان سنڌ مٿان وري وڌيڪ بدترين راڄ لاڳو ٿي سگهي ٿو. اهو خدشو ماضيءَ جي تجربن جو نتيجو آهي، جنهن کي مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي، پر ان کي بنياد بڻائي، پيپلز پارٽي پاران سنڌ سان جاري ناحق تي چَپ سبي ويهڻ ۽ ان جي ڪرتوتن کي پڌرو ڪرڻ جو مطلب آهي ته ان کي سنڌ جي مڪمل برباديءَ جو لائسنس ڏئي ڇڏجي. ارباب رحيم سنڌ جا ٻيٽ وڪڻي ته کيس ملامت ڪجي، پر ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون لاءِ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ڏيهي پرڏيهي بلڊرز جي حوالي ڪري ڇڏجي ته ان جي ڪا به مخالفت نه ڪجي. ارباب رحيم حيدرآباد ضلعو ورهائي ته ان تي هر طرح جي ملامت ڪجي، پر پ پ حڪومت عملي طور سنڌ ورهائڻ وارو مڪاني نظام آڻي ۽ سندس اتحادي روز الڳ صوبي جا اعلان ڪن ته کين ڪجهه نه چئجي، جو متان جمهوريت جو نقصان ٿي پئي. منهنجي راءِ ۾ سنڌ جو مفاد هر پارٽي، نظريي، اڳواڻ ۽ جمهوريت کان اُتم آهي. جيڪا جمهوريت سنڌ جي ورهاڱي ۽ شهرن ۾ لکين ڌارين جي آباديءَ لاءِ رستا هموار ڪري، اها ڪهڙي به طرح آمريت کان گهٽ خراب ناهي. اڳواڻن جي امڪاني گرفتاريءَ خلاف جنگ جا سڏ ڏيندڙ همراهه اهو چئي چڪا آهن ته ذوالفقار آباد جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو اچي رهن ته ان ۾ ڪا به خراب ناهي.
    سنڌ واسين کي جمهوريت جي نالي ۾ ان سنڌ دشمن راڄ جي هرگز حمايت نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سڀاڻي اسٽيبلشمينٽ کين هٽائي، انهن کان بدتر ماڻهو سنڌ مٿان لاڳو ڪيا ته سنڌ واسين کي پنهنجي مزاحمتي جدوجهد کي ساڳي طرح جاري رکڻ گهرجي. سنڌ جي مفادن جو تحفظ لڳاتار جدوجهد ۾ آهي، ان لاءِ ڪنهن ڌر يا حڪومت جي سنڌ دشمن ڪردار جي مخالفت کان ڪيٻائڻ نه گهرجي. سنڌ اڳ به ضياءَ شاهي، ڄام شاهي ۽ مشرف شاهيءَ جي مزاحمت ڪئي هئي ۽ آئيندي به ڪري سگهي ٿي. سنڌ واسين کي گهرجي ته پنهنجو رت ست ۽ توانائي ڪرپٽ ٽولن جي حڪومتن بچائڻ بجاءِ سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ بچائي رکن. اسٽيبلشمينٽ کي اهو چٽو نياپو ڏجي ته اسان دهشتگردن ۽ ڪرپٽ ٽولن جي اتحاد کي نه جمهوريت جي نالي ۾ قبول ڪنداسين ۽ نه انهن کي هٽائي، کانئن بدتر ڪردار رکندڙ ڌرين جي اڳيان ماٺ رهنداسين. سنڌ واسي جيستائين سنڌ جي مفادن کي پارٽين ۽ نظامن کان مٿانهون نه رکندا، مختلف ڌريون کين ڪي نه ڪي ڊپ ڏئي، بليڪ ميل ڪنديون رهنديون. ڪرپشن، اقرباپروري ۽ خراب حڪمرانيءَ جي مخالفت کي جمهوريت جي مخالفت يا اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سمجهڻ وارو رويو غير منطقي آهي ۽ ان جو فائدو رڳو سماج جون ويري طاقتون ئي وٺنديون. سڄي سنڌ کي مال غنيمت جيان لُٽيندڙ ڀوتارڪو ٽولو سنڌ جي برباديءَ کي جمهوريت جو مقدس چوغو اوڙهائي سماج جو رت پيئڻ واري ڪارروائيءَ کي تسلسل ڏيڻ گهري ٿو. سنڌي سماج جي جيڪا بربادي گذريل ستن سالن ۾ ٿي آهي، ان کي روڪڻ جا سمورا جمهوري دروازا هن وڏيرڪي نظام ۾ بند ڪيل آهن. حڪمرانن پاڻ پنهنجا افعال نه سُڌاري موقعي جو فائدو وٺندڙ قوتن کي مداخلت جو موقعو ڏنو آهي، تنهن ڪري سڀاڻي چونڊيل حڪومت يا سويلين راڄ کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته ان جي ذميواري به انهن پارٽين ۽ سندن اڳواڻن تي ئي لاڳو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ جيان پيپلز پارٽيءَ کان به بدتر وڏيرڪو وفادار ٽولو سنڌ مٿان مڙهيندي ته سنڌ واسين وٽ به جدوجهد جو آپشن کُليل رهندو. البته ان ڊپ کان قيادت تائين پيپلز پارٽي کان پُڇاڻو معاف رکڻ سان جمهوريت جي ڪا به خدمت نه ٿيندي. باقي رهيو وفاق جو سنڌ سان بنگالين وارو ورتاءُ ته اهو ڪو ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کانپوءِ شروع نه ٿيو آهي، اهو ورتاءُ شروع کان هلندڙ آهي ۽ پيپلز پارٽي ان ۾ پاڻ به برابر جي شريڪ رهي آهي. بنگال جا وسيلا عوامي ليگ نه، پر اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ ڦريا هئا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي گذريل ستن سالن دوران ان ڪم ۾ اسلام آباد کان به گوءِ کڻي وئي آهي. اڄ رينجرز جيڪڏهن دهشتگرديءَ جي الزامن هيٺ 90 ڏينهن جو رمانڊ وٺي، سياسي اڳواڻن کي واڙي رهي آهي ته اهي اختيار به پاڻ پيپلز پارٽي جي حڪومت رڳو ڪجهه هفتا اڳ رينجرز کي ڏنا هئا. پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ فوجي عدالتن جي قيام لاءِ به پيپلز پارٽي جي قيادت پاڻ اڳيان هئي. جڏهن انساني حقن جا ادارا ۽ ٻيون سياسي ڌريون انهن قانونن جي مخالفت ڪري رهيون هيون، تڏهن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت پنهنجي اڳواڻن جي اختلاف راءِ کي به مان نه ڏنو ۽ انهن قانونن جي حمايت ڪئي. پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ کان پوءِ جنگ جا اعلان ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو. ڊاڪٽر عاصم جهڙن ماڻهن جون سنڌ ۽ جمهوريت لاءِ ڪهڙيون خدمتون آهن، جو سنڌ واسي هن لاءِ رستن تي نڪرندا. البته جيڪڏهن پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ سان سنڌ جي قومي مفادن لاءِ ٽڪراءَ ۾ آيل هجي ها ته سنڌ واسي ان جي سڏ کانسواءِ جنگ لاءِ نڪري پون ها. باقي ٻنهي هٿن سان سنڌ کي لُٽي برباد ڪري پنهنجي ڪرپشن ۽ بدعنوانيءَ جي ڪاروبار کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ کي بنياد بڻائڻ وارو پراڻو کيڏ هاڻي کيڏڻ مشڪل آهي.
    سنڌ واسين جي نجات ان ۾ آهي ته مفاد پرست پارٽين جي ڪرتوتن تي پردو رکڻ بجاءِ سڌي طرح سنڌ جي سياسي ۽ معاشي مفادن کي هر بحث جو بنياد بڻائين. اڳي پوءِ سنڌين کي پنهنجي صفن مان ڪا اهڙي عوام دوست طاقت اڀارڻي پوندي، جيڪا سنڌ جي مفادن کي مٿانهون رکڻ واري سياست ڪري. اهڙي ڌر ئي سنڌ واسين جي جائز مفادن جي تحفظ لاءِ اقتداري پارٽين سان لهه وچڙ ڪري، سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگهندي. جدوجهد جو سفر ڊگهو، اڙانگو ۽ ٿَڪائيندڙ آهي، پر ان کان سواءِ ڪا ٻي واهه به ناهي.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو پهرين سيپٽمبر 2015ع)


    ڀوتارڪي غلاميءَ مان نجات کي ڪيئن ممڪن بڻائجي؟

    سياسي تنظيمون ته سماجَ لاءِ ڪِرنگهيءَ جي هَڏيءَ جيان آهن، اُنهن بابت مان پنهنجي مضمونن ۾ مُختلف وقتن تي لکندو رهيو آهيان، هن مضمون ۾ سياست کان سواءِ ٻين شعبن جهڙوڪ سماجي ترقي، علم و ادب ۽ سماجي خدمتن (تعليم، صحت، روزگار وغيره) جي ادارن کي به بحث هيٺ آڻڻ گُهران ٿو. ڪيترن ڏهاڪن کان انهن شعبن ۾ ڪُجهه ادارا وڏو نالو ڪري چُڪا آهن پر جيئن اڳ ۾ ڄاڻايو ويو ته اهي ادارا ماضيءَ ۾ ادا ڪيل پنهنجي شاندار ڪردار کي برقرار نه رکي سگهيا آهن ۽ وقت جي تقاضائن سان نه ٺهڪڻ سبب پنهنجي اهميت ۽ ڪردار وِڃائي رهيا آهن. ڪُجهه دوستن جو خيال آهي ته، انهن ادارن وٽ ماضيءَ جو ورثو آهي، تنهن ڪري انهن کي ڌِڪي به هلائجي ۽ جتي ڪُنڊَ پاسي ۾ جاءِ ملي، اندر داخل ٿي انهن کي سُڌارڻ لاءِ هَٿَ پير هڻجن، ته جيئن اهي ادارا بهتر بڻجي سماج کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪن. ان قسم جون ڪوششون وقت بوقت ڪيترا همراهه ڪندا رهيا آهن، انهن ڪاوشن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته، ڊِگهي عرصي تائين جمود واري سوچ ۽ ذهنيت هيٺ رهڻ سبب ان قسم جي ادارن تي والار ايڏي ته اُونهي ٿي چُڪي هوندي آهي جو اُنهن ۾ اندر وڃي انهن کي سُڌارڻ ڀِتِ سان مَٿو هڻڻ برابر آهي. انهن کي اندران تبديل ڪرڻ جو ڪو به امڪان پري پري تائين نظر نه ٿو اچي. مُنهنجي ذاتي راءِ ۾ اهڙن ادارن کي ”ماضيءَ جي نِشانيءَ“ طور سماج ۾ سجائي رکڻ بجاءِ سماج ۾ نوان ادارا جوڙجن، جيڪي نَون جمهوري رَوين، بهتر حڪمتِ عملين ۽ فردن بجاءِ پاليسين ۽ ضابطن جي ماتحت هُجن.
    نئين سنڌ جي اڏاوت لاءِ ضروري آهي ته، جنهن به شعبي ۾ ممڪن هُجي نون ۽ بهتر ادارن جا بُنياد رکجن، ان ڏس ۾ شُعبن جي ڊِگهي فهرست ٺاهي سگهجي ٿي. مثال طور سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ تي ريسرچ جو ڪم ڪندڙ ادارا، سماجي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت، پِيئڻ جو پاڻي ۽ شهري ترقيءَ جون گُهرجون پُوريون ڪندڙ ادارا، سنڌ جي مسئلن تي ٻين صُوبن جي ماڻهن/ادارن، بين الاقوامي سطح تي ڪم ڪندڙ ادارن، سفارتخانن ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان لهه وچڙ ڪرڻ جا ادارا، هُنري سکيا ڏيندڙ ۽ خانگي شعبي ۾ ڪيريئر ٺاهڻ ۾ نوجوانن جي واهر ڪندڙ ادارا، عورتن جي ترقي ۽ سندن مسئلن جو تدارڪ ڪندڙ ادارا، انساني حقن بابت آواز اُٿاريندڙ ادارا، پرڏيهه ۾ روزگار ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ واهر ڪندڙ ادارا، چٽا ڀيٽيءَ وارن امتحانن ۽ پرڏيهه ۾ اسڪالرشپس لاءِ تياري ۽ رهنمائي ڪندڙ ادارا وغيره قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنجاب ۾ خانگي شعبي ۾ اهڙن ادارن جو هڪ وڏو ڄار وڇايل آهي، جيڪو اُتان جي پڙهيل لکيل ماڻهن بنا ڪنهن سرڪاري واهر جي پاڻ قائم ڪيو آهي، اهي ادارا نه رُڳو پڙهيل لکيل ماڻهن لاءِ آمدنيءَ جو وسيلو بڻيل آهن پر ساڳئي وقت لکين نوجوانن کي فائدو پڻ ڏيئي رهيا آهن. سنڌ ۾ به اهڙيون اڳڀرايون ٿيون آهن پر اُنهن جو ڳاڻيٽو ۽ سَگهَه اڃا گُهربل ضرورتن کان گهڻو گهٽ آهي، ان عمل کي وڌائڻ جي گُهرج آهي. جيڪڏهن ضلعي سطح تي اهڙن ادارن جو ڄار پکيڙجي ته سنڌ واسين کي سرڪاري خيراتن وارا ڪارڊ کڻي قطارن ۾ تذليل ڪرائڻ ۽ سماج جو رَت چُوسيندڙ ڀوتارن جي دَرن جا ڌِڪا نه کائڻا پوندا. حُڪمران طبقن جي خواهش آهي ته، عوام کي پاڻ ڀرائيءَ بجاءِ محتاجي ۽ خيرات تي هلائي کين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکجي ته جيئن سندن رَت پِياڪ راڄ قائم رهي.
    ان ڏس ۾ ٻيو ڪم سنڌ واسين، خاص ڪري نوجوانن کي شهري علائقن، ٻين صوبن توڙي پرڏيهه ۾ وڃي تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جي مهم هلائڻ وارو ڪرڻ گُهرجي. سنڌي نوجوان کي سرڪاري نوڪريءَ واري غلاماڻي سوچ کان ٻاهر نڪرڻ گُهرجي. جيڪڏهن چِترال، گلگت ۽ فاٽا جا ماڻهو اچي سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ننڍا ڪاروبار ۽ مزدوريون ڪري سگهن ٿا ته آخر اسان کي سواءِ سرڪاري نوڪريءَ جي، روزگار جا ٻيا رستا ڇو نٿا نظر اچن؟ سنڌ ۾ هزارن جي انگ ۾ نوجوان پٽيوالي، ڪلارڪي، ماستريءَ لاءِ درخواستون کڻي اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سيڪريٽريٽ ۽ اسيمبلي عمارتن ٻاهران ڌِڪا کائيندا رهن ٿا، گَهر جو سامان وڪڻي به هُو انهن سفارشي نوڪرين لاءِ پنج پنج لک رُپيا رشوت ڏيڻ لاءِ آتا آهن. اڄ کان ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ جيڪي ماڻهو سنڌ ۾ رُڳو ڪپڙن جو پراڻو وڳو پائي هٿين خالي پهتا هئا، اهي محنت مزدوري ۽ ڪاروبارن وسيلي اڄ شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ملڪيتن ۽ وڏن ڪاروبارن جا مالڪ بڻجي چُڪا آهن. سنڌ ۾ هاڻي تعلقي سطح جي ننڍن شهرن توڙي روڊن جي ڪنارن تي اُنهن ماڻهن جو قبضو آهي. جيستائين سنڌي نوجوان سرڪاري نوڪريءَ واري مدي خارج خواهش مان جان آجي ڪرائي هُنري روزگار ۽ ننڍن ڪاروبارن ڏانهن لاڙو نه ڪندو، اسان ڀوتارڪي غلاميءَ مان جان آجي نه ڪرائي سگهنداسين. نوڪريءَ لاءِ وڏيرن، وزيرن، سندن ايجنٽن ۽ ڪامورن کي جيتري رشوت ڏيڻ لاءِ اسان جا نوجوان تيار ويٺا آهن، ان رقم مان شهري علائقن ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار شروع ڪري سرڪاري نوڪريءَ کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان سان نه رُڳو سنڌي نوجوان وڏيرن ۽ ڪرپٽ مڊل ڪلاسي وڏيرن جي غُلاميءَ کان آجا ٿيندا پر سنڌ ۾ هڪ اهڙو پاڻڀرو وچولو طبقو اُسرندو جنهن جا پيرَ رشوتي بيساکين بجاءِ مارڪيٽ ۾ کُتل هوندا. سنڌ ۾ ڀُٽي جي دور کان اُسريل وچولو طبقو اڃا تائين سرڪاري نوڪرين ۽ رشوت جي پئسي تي پاڙ رکيو بيٺو آهي. اهڙو وچولو طبقو سماج جي اوسر ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ نئين وڏيرڪي طبقي ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ عوام جو استحصال نون طريقن سان ڪري ٿو. سنڌي سماج جي گهاڙيٽي ۾ بُنيادي تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن سنڌ ۾ پنهنجي پورهئي ۽ جاکوڙ سان مارڪيٽ ۾ جاءِ والاريندڙ وچولو طبقو هر پاسي نظر ايندو.
    صُوبي اندر ڪراچي، ٻين صُوبن جي شهرن ۽ پرڏيهه ۾ تعليم ۽ روزگار لاءِ نڪرڻ جا ڪيترائي فائدا ٿيندا. هڪ ته جنهن ماڻهوءَ سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري جمود جو شِڪار ٿيل سماج ۾ جنم ورتو ۽ اُتي ئي زندگي گُذاري آهي، اُن زندگي ۽ سماجَ جا ٻيا ماڊل ڏٺا ئي ناهن، اُن لاءِ وڏيرن سان ويجهڙائپ، مقامي سطح تي طاقت رکندڙن سان واسطا ۽ رشوتي نوڪري زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حاصلات آهن. غلاميءَ جي ان گول دائري ۾ ڦِرندي زندگي گذارڻ سبب کين انفرادي زندگي ۽ گڏيل سماجي ڪاروهنوار جي باعزت مُتبادل رستن جو تمام گهٽ تجربو حاصل ٿيو آهي. شهرن ۾ اچي کين اهو پتو پوندو ته جنهن ڪائونسلر، ناظم، ميئر ۽ اسيمبلي ميمبر تائين پُهچ هن لاءِ خُواب هُئي، اهي شهرن ۾ ڪيئن ماڻهن جي هٿن جي پهچ ۾ هوندا آهن ۽ ڪهڙي طرح شهرن ۾ هُو ماڻهن سان معاملا ٺيڪ رکڻ جا جتن ڪن ٿا. جيتوڻيڪ شهري سياست تي به طاقتور ڌُرين جا قبضا هُوندا آهن، پر پوءِ به هنن کي ماڻهن کان اها غُلامي ڪرائڻ جي همت نه ٿيندي آهي، جهڙي ٻهراڙين ۾ نظر اچي ٿي. 2010ع جي ٻوڏ دوران جيڪي ماڻهو ٻهراڙين مان پهريون ڀيرو حيدرآباد يا ڪراچي پهتا هُئا، اُنهن مان گهڻن جي لاءِ شهري زندگي عجب نظاري جيان هُئي، اهو ئي سبب آهي جو اُنهن جو هڪ وڏو انگ ڳوٺن ڏانهن موٽڻ بجاءِ شهرن ۾ رهڻ لاءِ آتو هو، جنهن کي اسان جي حڪومتي وڏيرن امدادن جا ڏَٽا ڏئي ڳوٺن ڏانهن واپس موڪليو ته جيئن سندن اوطاقون آباد رهن. سنڌ جون ٻهراڙيون برابر سونَ جهڙيون هُونديون پر هاڻي اهي سنڌي سماجَ جا ڪَنَ ڇِني رهيون آهن، تنهن ڪري وڏيرن جي انهن گهاڻن مان نڪري سنڌ ۽ ٻين صُوبن جي شهرن ۾ اچڻ جي ضرورت آهي. ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن مُنتقل ٿيڻ هڪ رواجي سماجي عمل آهي، جنهن کي حُڪمران ٽولن جي سازشن سان گڏ اسان جي پنهنجي ڪوتاهين گُهربل رفتار سان ٿيڻ ناهي ڏنو. ٻهراڙين مان سنڌي ماڻهن جي شهرن ڏانهن آمد سان سنڌ جي شهرن تي ميري اَک رکندڙ قُوتن ۽ سنڌ بابت اگرا مُطالبا ڪندڙ ڌُرين جا واتَ بند ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. ڪراچيءَ کي سنڌ سان ڳنڍي رکڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ مُظاهرا ڪرڻ بجاءِ لکن جي انگ ۾ سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ ۽ اُتي جي زندگيءَ ۾ پنهنجو حِصو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ٻين تنظيمن کي گُهرجي ته ڪراچي الڳ ڪرڻ وارن مُطالبن خلاف رڳو مذمتن، هڙتالن ۽ مُطالبن تائين محدود رهڻ بجاءِ ڪراچيءَ کي سنڌين جو شهر بڻائڻ جي حڪمتِ عملي به جوڙين. ان عمل سان هڪ طرف سنڌ جا شهر سنڌ واسين جي ملڪيت بڻجندا، ته ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ به وڏي اٿل پٿل ايندي. شهري مارڪيٽن وارو اهڙو وچولو طبقو سنڌ کي ڀوتارڪي پنجوڙ مان به ڪڍرائي سگهندو. تبديلي پسند نيٽ ورڪ ۽ ٻين اهڙن ادارن کي ان مقصد لاءِ هڪ بامعنيٰ مهم هلائڻ گُهرجي. ان ڪم لاءِ ڪراچيءَ ۾ اِيندڙ سنڌين جي واهر لاءِ ڪي مرڪز قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جون قومپرست تنظيمون جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ واهر وارا اهڙا مرڪز قائم ڪري سگهن ته سنڌ جي وحدت قائم رکڻ لاءِ ان کان بهتر ڪم ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي. سنڌ جا سياسي سماجي ادارا، جن جا مرڪز اڳي ئي ڪراچيءَ ۾ آهن، کين گُهرجي ته اُنهن مرڪزن کي ٻهراڙين مان ڪراچي ايندڙ سنڌين جي واهر لاءِ ڪتب آڻين. اهڙي قسم جي سيڪريٽريٽ لاءِ ڪي ڪروڙين رُپيا گُهربل ناهن، اهڙو انتظام سندن هڪ عوامي جلسي تي ٿيندڙ خرچ کان وڌيڪ نه ايندو. سنڌي نوجوانن کي شهرن ڏانهن آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻهراڙين ۾ هُنري سکيا جا ادارا قائم ڪجن، شهري ماحول ۾ هنرمند هٿن لاءِ روزگار جي ڪا به اڻاٺ ناهي. پلمبر، فِٽر، ويلڊر، موٽر مڪينڪ، اليڪٽريشن، واڍا، رازا، موبائيل فون، ڪمپيوٽر، ٽي وي، فرج ۽ واشنگ مشين جي مرمت ڪندڙن لاءِ شهرن ۾ ڪو ڏِينهن روزگار کان واندڪائيءَ جو نٿو هُجي. اهي هُنر رکندڙ ماڻهو شهرن ۾ سورهين، سترهين گريڊ جي آفيسرن کان گهٽ نٿا ڪمائين. ان کان سواءِ ڊرائيور، بيرا، ڇپائي جو ڪم ڪندڙ، درزي، ڀرت جو ڪم ڪندڙ ۽ راڌا به شهرن ۾ ڪڏهن واندا نٿا ويهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اهڙن هُنري سکيا مرڪزن جو ڄار پکيڙڻ جي ضرورت آهي. سنڌ سرڪار يُوٿ ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪري چڱو ڪم ڪيو هو، جنهن کي سفارشن جي ور چاڙهي ماهوار وظيفن جو ذريعو بڻائي ان مان ٿي سگهندڙ حاصلات جي ڀِينگَ ڪئي وئي. ٻهراڙين ۾ اهڙا ادارا قائم ڪرڻ لاءِ ڪا تمام وڏي موڙي نٿي گُهرجي، وچولي طبقي جا ماڻهو اهڙا ادارا قائم ڪري ان کي پنهنجي آمدنيءَ جو ذريعو به بڻائي سگهن ٿا، ته ساڳي وقت هزارين نوجوانن کي ڀوتارڪي غلاميءَ مان نجات به ڏياري سگهن ٿا.
    ساڳيءَ طرح سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد سان گڏ ۽ ٻين صُوبن جي شهرن ۾ ننڍن ۽ وچولن ڪاروبارن لاءِ انيڪ موقعا موجود آهن، اهڙا ننڍا وچولا ڪاروبار اڌ مُني لَکَ ۾ به شروع ڪري سگهجن ٿا. پٽيوالي ۽ ڪلارڪيءَ تي لکين رُپيا لٽائڻ بجاءِ اهي رقمون ننڍن وچولن ڪاروبارن تي لڳائي وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. ڪراچي ۽ لاهور جهڙن شهرن ۾ گاڏڙي تي پڪوڙا، ڇولا ۽ برياني کپائيندڙن جي ڏهاڙي آمدني يقينن ڪلارڪن ۽ پٽيوالن کان سوائي هوندي آهي. جيڪڏهن سياسي سماجي تنظيمون نوجوانن جي واهر ۽ رهنمائي ڪن ته ٻهراڙين جا هزارين بيروزگار نوجوان شهرن ۾ ان قسم جا ڪيترائي ننڍا ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. پنهنجي پيرن تي بِيهندڙ اهڙا نوجوان سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن سياسي تنظيمون اهڙي طرح رڳو پنهنجي ڪارڪنن کي شهرن ۾ آڻي پاڻڀرو ڪن ته کين نه رڳو ڪميٽيڊ سياسي ورڪرن جي هڪ نئين کيپ ملي سگهي ٿي پر ساڳئي وقت انهن جي طرفان اڳتي هلي ٿيندڙ مالي واهر کين سياسي سرگرمين لاءِ به ڪم اچي سگهي ٿي. ڀتن ۽ قبضن بجاءِ ان قسم جي آمدنيءَ سان سياسي تنظيمون هلائڻ وڌيڪ باعزت طريقو هُوندو.
    سياسي ۽ سماجي تنظيمون سنڌ جي وحدت ۽ آئيندي بابت جتي تمام گهڻيون فڪرمند رهن ٿيون، اُتي کين سنڌ جي آئيندي بابت حڪمتِ عملين لاءِ مظاهرن، بيانن ۽ احتجاجن کان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. مختلف ۽ منفرد قسم جون حڪمتِ عمليون نين حالتن ۽ چئلينجز لاءِ نوان گَسَ فراهم ڪري سگهن ٿيون.

    (روزاني ڪاوش، سومر 14 سيپٽمبر 2015ع)


    پاڪ-چين اقتصادي راهداري رٿا جو پسمنظر!

    2013ع ۾ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪاريڊور بابت معاهدو ٿيو، تڏهن کان اهو ڪاريڊور (راهداري) ملڪي سياست ۾ مختلف حوالن سان بحث هيٺ ايندو رهيو آهي. بظاهر ته اهو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ترقي ۽ سهڪار جو منصوبو آهي، پر ان جي مختلف پاسن جو اونهو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته معاملو ايترو سادو به ناهي، جيترو نظر اچي ٿو. ان رٿا جي سمورن پاسن کي هڪ مضمون ۾ سمائڻ ممڪن ناهي. رٿا جي اهم پاسن کي ٽن مضمونن ۾ بحث هيٺ آندو ويندو. اهي ٽي پاسا هن ريت آهن. (1) چين جي معاشي ترقي جون گهرجون ۽ رٿا ۾ ان جا مفاد (2) رٿا هيٺ رٿيل ترقياتي رٿائن جا وچور (3)رٿا جا سياسي پاسا ۽ سنڌ جا مفاد. هن پهرين مضمون ۾ اسان چين جي معاشي ترقيءَ جي گُهرجن ۽ ڪاريڊور رٿا سان سلهاڙيل سندس مفادن جو جائزو وٺنداسين.
    هن وقت آمريڪا کان پوءِ چين دنيا جي ٻين وڏي ۾ وڏي معيشت آهي. 1979ع ۾ چين جي تڏهوڪي صدر ڊينگ زيائوپنگ (Dengxioping) چيني معيشت ۾ بنيادي سڌارا آندا. چين هوريان هوريان مختلف شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ دروازا کوليا. ساحلي پٽيءَ تي صنعتي شعبي کي غير معمولي ترقي ڏياري وئي. اڄ چيني معيشت ڪٿي بيٺي آهي، ان جون ڪجهه جهلڪيون هن ريت آهن.
    * گذريل ٽيهن ورهين دوران چيني معيشت ۾ سراسري طور ڏهه سيڪڙو سالياني واڌ ٿي آهي، جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي.
    * 1980 ۾ چين جي في ماڻهو GDP خريداري سگهه جي حساب سان 299 ڊالرز هئي، جيڪا 2014ع ۾ وڌي، 13،800 ڊالرز کان به وڌي چڪي آهي.
    * 1978ع ۾ چين وٽ سالياني جاري خرچن جي مد ۾ 507 ارب ڊالرز واڌو هئا، جيڪي 2005ع ۾ 71 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪا هئا.
    * هن وقت صنعت ۽ تعميرات چيني معيشت جا ٻه وڏا ٿنڀ آهن. اهي ٻئي شعبا چين جي سالياني ترقيءَ ۾ 46.8 سيڪڙو ڀائيواري ڪن ٿا. هن وقت چين سال ۾ ايترو سيمينٽ استعمال ڪري ٿو، جيترو آمريڪا سموري 20 هين صديءَ ۾ نه ڪيو هو.
    * 2009ع ۾ دنيا اندر ٿيندڙ مينوفيڪچرنگ جو 8 سيڪڙو رڳو چين ۾ پيدا ٿي رهيو هو. 2010ع ۾ چين دنيا جي مينوفيڪچرنگ جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو پيدا ڪري، دنيا ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو هو.
    * 2011ع ۾ چين دنيا ۾ سڀ کان گهڻو اسٽيل پيدا ڪندڙ ملڪ هو، جيڪو دنيا جي اسٽيل جو 45 سيڪڙو پيدا ڪري رهيو هو.
    * 1975ع ۾ چين اندر ساليانو 139.800 گاڏيون ٺهنديون هيون، جڏهن ته 2009ع ۾ چين 72 لک گاڏيون ٺاهي رهيو هو.
    * 1978 ۾ چين ساليانو 200 ايئرڪنڊيشنز ٺاهيندو هو، جڏهن ته 2001ع ۾ چين ۾ 2 ڪروڙ 30 لک گهريلو ايئرڪنڊيشنز ٺهي رهيا هئا.
    انهن انگن اکرن مان چٽو نظر اچي ٿو ته گذريل 35 سالن دوران چين معاشي ترقيءَ ۾ تاريخ جو انوکو ڇال ڀريو آهي. ايڏي وڏي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي جٽادار بڻائڻ جي بنيادي گهرج توانائي وارن وسيلن (ڪوئلو، تيل ۽ گئس وغيره) جي يقيني فراهمي آهي. توانائيءَ جي وسيلن جي لڳاتار فراهميءَ کان سواءِ ان سطح جي غير معمولي ترقي حاصل ڪرڻ يا ان کي جٽاءُ ڏيڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو هن وقت چين دنيا ۾ توانائيءَ جو واهپو ڪندڙ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. 2011ع ۾ چين وٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 1073 گيگاواٽ آهي، جيڪا آمريڪا کان به وڌيڪ آهي. اها صلاحيت پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 53 ڀيرا وڌيڪ آهي. چين ان بجليءَ جو 70 کان 75 سيڪڙو ڪوئلي وسيلي پيدا ڪري ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو چين هن وقت ڪوئلي جي پيداوار کپت ۽ درآمد جي حوالي سان دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. جيتوڻيڪ ماحولياتي پابندين سبب ان جي ڪوئلي جي کپت ۾ لاٿ آئي آهي، پر ان جي باوجود ان حوالي سان چين سڄي دنيا کان اڳڀرو آهي، ساڳي طرح چين تيل جي کپت توڙي درآمد جي حوالي سان پڻ وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. 2011ع ۾ چين قدرتي گئس جي حوالي سان دنيا جو چوٿون نمبر وڏو ملڪ هو، ان کان سواءِ چين پنهنجي توانائي گُهرجن جو ٻه سيڪڙو نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي وسيلي پيدا ڪري ٿو. ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ چين پاڻيءَ ۽ بجليءَ وسيلي توانائي پيدا ڪرڻ تي پڻ وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي.
    ان مختصر جائزي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته چين جي معاشي اوسر لاءِ توانائي وسيلن جي اهميت ڪيتري غير معمولي آهي. ڪوئلي جي ماحولياتي مسئلن ۾ واڌ سبب چين جي لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته اهو تيل، گئس ۽ پاڻيءَ مان بجليءَ جي پيداوار کي وڌائي. بجليءَ جي کپت ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ غير معمولي واڌ سبب چين کي ڪوئلو تيل ۽ گئس ٻاهران گهرائڻا پون ٿا ۽ اهو ئي چين لاءِ وڏي ڳڻتيءَ جو ڪارڻ بڻيل آهي. هاڻي اچو ته سمجهون ته تيل جي ذخيرن جي درآمد چين ۾ ڪهڙي سامونڊي رستي کان ٿئي ٿي ۽ ان ۾ چين کي ڪهڙو چئلينج درپيش آهي. دنيا ۾ تيل ۽ ٻين واپاري اسمن جي بحري ٽينڪرن جي چُرپر جا ٻه وڏا لنگهه هرموز وارو لنگهه ((Strait of Harmuz ۽ ملاڪا وارو لنگهه (Strait of Malcca) هونئن ته انهن ٻنهي سامونڊي لنگهن جا تفصيل تمام وڏا آهن، پر انهن جو مختصر تعارف ۽ چين لاءِ انهن جي اهميت هن ريت آهي.

    1. هرموز وارو سامونڊي لنگهه:
    هي لنگهه ايراني نار ۽ اومان جي نار وچ ۾ واقع آهي. خليجي علائقن کي هي لنگهه عربي / هندي سمنڊ سان ڳنڍي ٿو. سڄي دنيا ۾ سمنڊ وسيلي تيل جي ٿيندڙ واپار جو 35 سيڪڙو هن لنگهه وسيلي ٿئي ٿو. ايران، عراق، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جو پرڏيهه ويندڙ سمورو تيل هن لنگهه مان گذري ٿو. چين پنهنجي ضرورتن جو 75 سيڪڙو تيل وچ اوڀر جي ملڪن مان گُهرائي ٿو، ان لحاظ کان هي لنگهه چين لاءِ انتهائي اهم آهي. ياد رهي ته گوادر جو پورٽ هرموز جي لنگهه کان رڳو 600 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.

    * ملاڪا وارو سامونڊي لنگهه:
    هي لنگهه ڏاکڻي چيني سمنڊ واري علائقي ۾ آهي، جيڪو انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ آهي ۽ سنگاپور ان جي ڏکڻ طرف آهي. هي لنگهه هندي ۽ پئسفڪ سمنڊن کي ڳنڍي ٿو. هي دنيا جو مصروف ترين سامونڊي لنگهه آهي، جنهن مان هر سال 60 هزار کان وڌيڪ بحري جهاز لنگهن ٿا ۽ دنيا جي وڻج واپار جو چوٿون حصو هن لنگهه وسيلي ٿئي ٿو. ان جي ئي ويجهو ليمبوڪ/ مڪاسر (lombok/ Makassar) وارو لنگهه آهي، جنهن مان تيل جا تمام وڏا ڪنٽينر گذري، چين جو پرڏيهه مان درآمد ٿيندڙ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ تيل هن لنگهه مان گذري ٿو. ڏکڻ چيني سمنڊ وارو اهو خطو چين لاءِ ڏينهون ڏينهن، ان ڪري ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، جو ان علائقي ۾ چين جو ٽن ٻيٽن جي مالڪيءَ تي فلپائن، ويٽنام، ملائيشيا ۽ برونائي سان جهيڙو هلندڙ آهي. شول، پراسل ۽ اسپارٽلي ٻيٽن ۾ توانائيءَ جا ذخيرا موجود آهن، جنهن ڪري چين انهن تي پنهنجو قبضو رکڻ گهري ٿو، جڏهن ته باقي ملڪ ان کي چين جي اڳرائي تصور ڪن ٿا. ان سرد جنگ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تيزي پڻ اچي وڃي ٿي. چين کي اهو خدشو آهي ته ملاڪا جو لنگهه ان لاءِ غير محفوظ آهي. آمريڪا پڻ چين مخالف ملڪن جي حمايت ڪندو رهيو آهي. چين ان ڪري چاهي ٿو ته توانائيءَ جي گذر لاءِ وٽس ملاڪا جي لنگهه جا متبادل رستا هجڻ گهرجن. 2003ع ۾ چيني صدر هوجن تائو چيو ته، ”ڪي طاقتون ان لنگهه کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکڻ گُهرن ٿيون، تنهن ڪري ان خطري کي گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي.“ ان کانپوءِ چين لڳاتار توانائي لاءِ متبادل محفوظ رستا ڳولڻ ۾ مصروف رهيو آهي، ان لاءِ چين هيٺين رٿائن تي ڪم ڪندو رهيو آهي.
    2005ع ۾ چين، برما جي حڪومت سان هڪ پائيپ لائين وڇائڻ جو ٺاهه ڪيو. هن سال جنوري ۾ تيل جي اها 2400 ڪلوميٽر ڊگهي پائيپ لائين کُلي چڪي آهي. ان پائيپ لائين وسيلي تيل برما مان ٿيندو، چين جي صوبي ينان جي گادي ڪنمنگ پهچندو. ان پائيپ لائين سان رڳو چين جي تيل کي ملاڪا جي لنگهه مان نه گذرڻو پوندو، پر ان جو مفاصلو به 700 ڪلوميٽر گهٽجي ويندو. گذريل آڪٽوبر کان هڪ ٻي پوروڇوٽ پائيپ لائين چين کي گئس پڻ فراهم ڪري رهي آهي. ٻئي طرف چين پاران وچ ايشيائي رياستن سان قدرتي گئس جي خريداريءَ جا ٺاهه ڪيا ويا آهن. اهي پائيپ لائينون قزاڪستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان مان قدرتي گئس چين کي سندس اترين علائقن کان فراهم ڪنديون. هڪ ڪاٿي موجب 2020ع تائين چين پنهنجي قدرتي گئس جو چاليهه سيڪڙو ان پائيپ لائين وسيلي حاصل ڪري رهيو هوندو.
    ساڳي طرح چين پاران روس سان قدرتي گئس جي فراهميءَ لاءِ 400 ارب ڊالرن جي پائيپ لائين جو ٺاهه پڻ ڪيو ويو آهي. ان پائيپ لائين وسيلي چين کي 38 ارب ڪعب ميٽر گئس فراهم ٿيندي. ٻئي طرف چين پاران هرموز ۽ ملاڪا لنگهن کي ڳنڍيندڙ هندي سمنڊ ۾ اهم سامونڊي شهرن تي پنهنجي موجودگيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ بندرگاهن جي اڏاوت لاءِ فني ۽ مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي. چين پاران گوادر پورٽ لاءِ 1.2 ارب ڊالرز، سريلنڪا ۾ همبتٽوٽا جي بندرگاهه لاءِ 40 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا ويا آهن. بنگلاديش جي شهر چٽه گانگ ۾ بندرگاهه جي سڌاري ۽ ان کي ريل وسيلي چين سان ڳنڍڻ لاءِ 8.7 ارب ڊالرن سرمايو فراهم ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح برما جي رکني رياست ۾ بندرگاهه جي اڏاوت لاءِ پڻ چين ناڻو فراهم ڪيو آهي.
    چين اها سموري سيڙپڪاري هندي/ عربي سمنڊ ۾ هنڌ هنڌ تي پنهنجي موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي ته جيئن توانائي فراهم ڪرڻ واري سموري رستي تي چين ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هجي. گوادر پورٽ ته اڄ ڪلهه چيني ڪمپني کي هلائڻ لاءِ ڏنو ويو آهي. پاڪستان سان ٿيل ٺاهه موجب 40 سالن تائين گوادر پورٽ جو ڪاروهنوار چين جي حوالي آهي.
    چين ۽ پاڪستان جي معاشي راهداري به ان متبادل رستن جي ڳولا جو ئي هڪ حصو آهي، جنهن هيٺ چين ملاڪا واري لنگهه بجاءِ توانائيءَ جا متبادل رستا تلاش ڪري رهيو آهي. هي ڪاريڊور گوادر کي چين جي علائقي سنڪيانگ سان ڪاشغر وٽ ڳنڍيندو. هرموز واري لنگهه کان رڳو 600 ڪلوميٽرن تي واقع هجڻ سبب گوادر پورٽ چين لاءِ حڪمت عمليءَ جي حوالي سان انتهائي اهم ماڳ آهي. نار وارن علائقن مان ايندڙ تيل جيڪڏهن گوادر وٽان ڪنهن پائيپ لائين وسيلي چين پهچايو وڃي، ته نه رڳو اهو ملاڪا واري لنگهه مان نه گذرندو، پر سامونڊي رستي جي ڀيٽ ۾ چين جو مفاصلو به گهڻو گهٽجي ويندو، نه رڳو نار وارن علائقن آفريقي ملڪن انگولا ۽ نائيجيريا مان چين ڏانهن درآمد ٿيندڙ تيل ۽ گئس پڻ چين ڏانهن گوادر پورٽ تان اُماڻي سگهبا. هن وقت چين انهن ملڪن سان تيل ۽ گئس جي لاءِ 2 ارب ڊالرن جا معاهدا ڪري چڪو آهي. آفريقي ملڪن سان چين جو تيل ۽ گئس کان سواءِ ٻين اسمن جو پڻ وڏو واپار آهي. اهي سمورا اسم ننڍي ۽ محفوظ رستي وسيلي چين پهچائي سگهبا.
    هڪ ڪاٿي موجب گوادر کان سمنڊ رستي ڪاشغر جو فاصلو اٽڪل 14500 ڪلوميٽر بڻجي ٿو، جڏهن ته گوادر ۽ ڪاشغر وارو ڪاريڊور 2500 ڪلوميٽر بڻجي ٿو, ان سان چين جي تيل توڙي ٻين واپاري اسمن کي گوادر- ڪاشغر روٽ وسيلي پهچائڻ سان چين کي خرچ جي به تمام گهڻي بچت ٿيندي. ان پسمنظر ۾ چين-پاڪستان اقتصادي راهداري چين لاءِ نهايت ئي اهم رٿا آهي، ان رٿا جي وچورن تي ايندڙ مضمون ۾ بحث ڪنداسين.

    (روزاني ڪاوش، سومر 28 سيپٽمبر 2015ع)


    آپريشن ۽ راهداري رٿاجو ڳانڍاپو!

    هن مضمون جي گذريل ڀاڱي ۾ اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺي چڪا آهيون ته چين-پاڪستان معاشي راهداريءَ واري رٿا ۾ چين جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ ان جي توانائيءَ جي وسيلن کي محفوظ رستو ڏيڻ آهي. پاڪستان لاءِ ان رٿا ۾ دلچسپيءَ جو ڪارڻ هڪ پاسي 45 ارب ڊالرن جي نهايت غير معمولي سيڙپڪاري آهي ته ٻئي طرف پاڪستان هن خطي ۾ آمريڪا هٿان مجبور رهڻ واري سياسي صورتحال کان به نڪرڻ گُهري ٿو. جڏهن کان پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه شروع ٿي آهي، ملڪ اندر پرڏيهي سيڙپڪاري لڳاتار لاٿ جو شڪار آهي ۽ هن وقت ان جي سطح هڪ ارب ڊالر ساليانو به نه رهي آهي. چين جي هيءَ سيڙپڪاري ڪيترن ڏهاڪن جي گڏيل پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کان به وڌيڪ آهي. پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت محسوس ڪري ٿي ته چين هن خطي توڙي دنيا ۾ هڪ تمام وڏي معاشي طاقت بڻيل آهي ۽ ان سان معاملا هلائڻ نسبتن آسان پڻ آهن. مثال طور آمريڪا ۽ اولهه جيان چين جي سيڙپڪاري ملڪ اندر جمهوريتي، انساني حقن جي احترام ۽ ماحولياتي ضابطن جي سختيءَ سان به مشروط ناهي، ٻيو ته سموري پرڏيهي امداد ۽ قرضن جو دارومدار آمريڪا ۽ يورپ تي هجڻ سبب پاڪستان جي سول -ملٽري قيادت کي ان جا ڪيترائي سخت شرط به مڃڻا پوندا آهن، جنهن سبب اهي ملڪ پاڪستان جي پرڏيهي ناتن جي حوالي سان اڻٽر مجبوري به بڻيل رهن ٿا، ملڪ جا حڪمران ان جنجال کان به آجا ٿيڻ گُهرن ٿا. چين نه پنهنجي ملڪ اندر جمهوريت، انساني حقن يا ماحولياتي ضابطن جي ڳڻتي ڪندو آهي ۽ نه ٻين ملڪن کان ساڳي تقاضا ڪندو آهي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته پاڪستان جي حڪمرانن کي چين طرفان ٿيندڙ ايڏي وڏي سيڙپڪاري هر لحاظ کان ڪارائتي نظر اچي ٿي.
    5 جولاءِ 2013ع تي نواز شريف ۽ چين جي وزير اعظم لي ڪيانگ وچ ۾ ان راهداريءَ سميت اَٺن معاهدن تي بيجنگ ۾ صحيحون ڪيون ويون. اڳتي هلي اپريل 2015ع ۾ چين جي صدر زي جنپنگ (Xi Jinping) پاڪستان جو دورو ڪيو، ان موقعي تي راهداريءَ سان لاڳاپيل 51 رٿائن بابت يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون، ان راهداريءَ سان لاڳاپيل رٿائن جا وچور ته تمام ڊگها آهن، پر انهن مان ڪجهه اهم رٿائون هن ريت آهن.
    * ڪراچي-لاهور موٽروي جي ملتان-سکر موٽروي سيڪشن لاءِ قرض جي فراهمي.
    * گوادر پورٽ جي ايڪسپريس وي جي اڏاوت
    * گوادر جي بين الاقوامي هوائي اڏي لاءِ قرض
    * پاڪستان ريلوي جي سڌاري لاءِ فزيبلٽي اڀياس ۽ حويليان وٽ ڊرائي پورٽ جي اڏاوت
    * گوادر-نوابشاهه ايل اين جي پائيپ لائين ۽ ٽرمينل
    * لاهور اورينج لائين ميٽرو ٽرين پراجيڪٽ
    * 870 ميگاواٽ جو سوڪي-ڪنياري هائڊرو پاور پراجيڪٽ
    * پورٽ قاسم تي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر
    * 720 ميگاواٽ جو ڪروٽ هائڊرو پاور پراجيڪٽ
    *پنجاب ۾ سولر پاور پلانٽ ۽ بهاولپور ۾ 900 ميگاواٽ جو سولر انرجي پارڪ
    * ٿر ۾ اينگرو ڪمپني پاران لڳندڙ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر
    * پاڪستان ۾ مختلف ماڳن تي صنعتي علائقن جو قيام
    * ساهيوال ۾ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر
    اهڙيءَ ريت مختلف رٿائن جي هڪ ڊگهي فهرست ان راهداريءَ جو حصو آهي، پر ان بابت ڪو هڪ جامع دستاويز ميسر ناهي، ان راهداريءَ جي وچورن کي اڃا طئي ٿيڻو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب ان راهداريءَ هيٺ ملڪ اندر 33 اقتصادي زون قائم ڪيا ويندا، جن مان 11 بلوچستان ۾ هوندا. هڪ ڪاٿي موجب ان رٿا هيٺ 33.79 ارب ڊالر توانائي جي رٿائن، 5.9 ارب ڊالر روڊن، 3.69 ارب ڊالر ريلوي نيٽ ورڪ، 1.6 ارب ڊالر لاهور جي ماس ٽرانزٽ رٿا، 6 ڪروڙ 60 لک ڊالر گوادر پورٽ لاءِ ۽ فائيبر آپٽڪ رٿا تي 40 لک ڊالر خرچ ڪيا ويندا.
    اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سمورا خرچ ڪنهن امداد هيٺ نه، پر ڳري وياج واري قرض هيٺ ڪيا ويندا، انهن رٿائن جا ٺيڪا به رڳو چيني ڪمپنين کي ملي سگهندا. اهي ڪمپنيون چيني بئنڪن کان قرض وٺي، رٿائن تي عمل ڪنديون ۽ انهن رٿائن کي هلائي، پنهنجي خرچ ۽ نفعي پوري ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان سرڪار حوالي ڪنديون. هينئر تائين پاڪستاني عوام کي اهو نه پيو ٻُڌايو وڃي ته درحقيقت انهن رٿائن تي ٿيندڙ خرچ مٿان ڪيترا سيڪڙو وياج ۽ چيني ڪمپنين جو منافعو شامل هوندو، اهو سوال هينئر تائين پارليامينٽ ۾ به نه اُٿاريو ويو آهي. 13 جولاءِ 2015ع تي روزاني ڊان ۾ اسٽيٽ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي رٽائرڊ چيئرمين انجنيئر حسين احمد صديقي جي ڇپيل هڪ تفصيلي مضمون ۾ هن ڄاڻايو آهي ته رٿائن جي اڏاوت واري عرصي دوران وياج جي شرح پهرين سال دوران 33 سيڪڙو، ٻئين سال دوران 33.33 سيڪڙو هوندي، جيڪا آخري ٻن سالن ۾ گهٽجي 20 سيڪڙو تائين پهچندي. وياج جي اها شرح دنيا ۾ ڪٿان به ملندڙ قرض جي وياج کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، جنهن سان ملڪي ناڻي ۽ عوام مٿان تمام ڳرو بار پوندو. ان قسم جا تفصيل اڃا تائين حڪمرانن عوام اڳيان پڌرا نه ڪيا آهن، جنهن سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته ان راهداريءَ جو معاشي بار ملڪ ۽ عوام مٿان ڪيترو پوندو.

    راهداريءَ جا ٽي رستا:
    14 مئي 2015ع تي رٿابنديءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال صحافين سان ڳالهائيندي, ان راهداريءَ جا هيٺيان ٽي رستا ٻُڌايا:

    (1) اولهندو رستو:
    هي رستو گوادر کان شروع ٿي، تُربت پنجگور، ناگ، باسيما، سوراب، قلات، ڪوئيٽا، قلع سيف الله ۽ زوب کان گذرندو، خيبرپختونخوا جي ڊيرا اسماعيل خان وٽ ملندو ۽ اسلام آباد کان گذرندو، قراقرم هاءِ وي سان ڳنڍجي ڪاشغر تائين پهچندو.

    (2) وچون رستو:
    هي رستو گوادر کان شروع ٿي باسيما، خضدار، راڄڻپور، ليا، مظفر ڳڙهه ۽ کان ٿيندو، ڊيرا اسماعيل وٽ پهچندو.

    (3) اوڀرندو رستو:
    هي رستو گوادر، باسيما، خضدار، سکر، رحيم يار خان، بهاولپور، ملتان، لاهور، فيصل آباد کان ٿيندو، اسلام آباد سان ڳنڍجندو.
    اوڀرندو رستو لاهور-ڪراچي موٽر وي وسيلي روهڙي، دادو ۽ حيدرآباد کي به ملائيندو، ان روٽ ۾ قراقرم هاءِ وي جو 487 ڪلوميٽر ڊگهو فيز ٽو ۽ 387 ڪلوميٽرن جو ملتان-سکر موٽر وي به شامل آهن. معاشي ماهرن ۽ چيني حڪومت جي پهرين اوليت اوڀرندو رستو هئي، ان جا مکيه ڪارڻ هن ريت آهن:
    * هي رستو باقي ٻن رستن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ علائقن مان گذري ٿو.
    * هن رستي وسيلي گوادر اڳي ئي ڪوسٽل هاءِ وي وسيلي ڪراچيءَ سان ڳنڍيل آهي، جنهن کي سڌو سنئون ڪراچي- لاهور موٽر وي سان ڳنڍي سگهجي ٿو، ان سان بلوچستان جي خراب سيڪيورٽي وارن علائقن کان بچي سگهجي ٿو.
    * هي رستو معاشي لحاظ کان اُسريل علائقن مان گذرندو، جنهن ڪري چين جي سيڙپڪار ڪمپنين کي نسبتن گهٽ وقت اندر پنهنجي سيڙپ ۽ نفعي جي اوڳاڙي ٿي سگهندي.
    بهرحال جيئن ته ان رستي ۾ بلوچستان ۽ پختونخوا جا گهٽ علائقا شامل هئا، تنهن ڪري ٻنهي صوبائي حڪومتن ان رستي تي سخت اعتراض واريا. جون 2014ع ۾ سينيٽ جي اجلاس دوران ان معاملي تي تمام گهڻو بحث ٿيو. بلوچستان ۽ پختونخوا جي سينيٽرن حڪومت مٿان سخت ڇوهه ڇنڊيا. آخرڪار 28 مئي 2015ع تي وزير اعظم جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته راهداريءَ تي عمل درآمد جي شروعات اولهندي رستي کان ڪئي ويندي. اهو رستو بلوچستان ۽ پختونخوا جي وڏي حصي مان گذرندو ڪاشغر پهچندو. معاشي ماهرن جي راءِ آهي ته جيتوڻيڪ سياسي نبيري لاءِ حڪومت کي اها راءِ مڃڻي پئي آهي، پر چيني ڪمپنيون سيڪيورٽي ۽ نفعي وارن حوالن سان ان رستي کي اوليت نه ڏينديون، ان لاءِ پاڪستان سرڪار کي هڙان وڙان سيڙپ ڪرڻي پوندي. هن راهداريءَ واري رٿا ۾ سيڪيورٽي سڀ کان اهم ۽ بنيادي معاملو آهي. چين هن سيڙپڪاريءَ جي عيوض پنهنجي اترئين صوبي سنڪيانگ ۾ مذهبي انتهاپسندن کي چِٿڻ گُهري ٿو، ساڳئي وقت پاڪستان سرڪار کي هن رٿا جي ڪاميابيءَ لاءِ اترين علائقن، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ مڪمل امن امان گهرجي. اچو ته ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽيءَ سان لاڳاپيل مفادن کي هن راهداريءَ جي پسمنظر ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
    هي راهداري چين جي شهر ڪاشغر کي گوادر سان ڳنڍيندي. ڪاشغر چين جي اترئين صوبي سنڪيانگ ۾ واقع آهي. هن علائقي ۾ ترڪ نسل جا باشندا رهن ٿا، جيڪي ايسٽرن ترڪستان اسلامڪ موومينٽ هيٺ چين کان آزاد ٿي، پنهنجي الڳ رياست قائم ڪرڻ گُهرن ٿا. هي گروهه هٿياربند ۽ انتهاپسند دهشتگرديءَ وارا طريقا استعمال ڪري ٿو، جنهن ۾ آپگهاتي بمبار، ٽارگيٽ ڪلنگ وارا طريقا به شامل آهن. آرميچي ۽ ڪاشغر ان گروهه جا مضبوط ڳڙهه آهن. هن گروهه 28 آڪٽوبر 2014ع تي تيانامن چوڪ تي آپگهاتي ڪار حملو ڪيو. پهرين مارچ 1914ع تي ڪنورنگ ريلوي اسٽيشن تي خنجرن سان حملو ڪري 31 ماڻهو قتل ڪيا. هي گروهه سنڪيانگ مان هاڻ چيني نسل جي آبادگارن کي نيڪالي ڏيڻ گُهري ٿو. سنڪيانگ نه رڳو تيل ۽ گئس سان مالا مال خطو آهي، پر وچ ايشيا، روس ۽ پاڪستان سان ڳنڍيندڙ اهم علائقو پڻ آهي. چين جو چوڻ آهي ته، ”اهي انتهاپسند پاڪستان جي وزيرستان واري علائقي ۾ پناهه وٺي، اتان ڪارروايون ڪن ٿا.“ جڏهن ته 2013ع ۾ پاڪستان ۽ چين هن راهداري رٿا تي پهريون ڀيرو صحيحون ڪيون ته چين باقاعدي پاڪستان کان گُهر ڪئي ته انهن هٿياربند ٽولن خلاف پاڪستان ڪارروائي ڪري. تازو جڏهن پاڪستان جو صدر ممنون حسين 2 سيپٽمبر 2015ع تي چيني صدر سان مليو ته هن کيس چيو ته، ”پاڪستان ان گروهه کي ضربِ عضب آپريشن وسيلي مڪمل طور چِٿي ڇڏيو آهي.“ ان کان اڳ 30 سيپٽمبر تي چيني سفارتخاني پاران ڪيل هڪ دعوت ۾ آرمي چيف چيو هو ته، ”چين جو دشمن پاڪستان جو دشمن آهي ۽ ان کي گڏجي شڪست ڏينداسين.“ ٻئي طرف چين کي ان سيڙپڪاريءَ طرف مڪمل تحفظ جي خاطري ڏيارڻ لاءِ بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ آپريشن کي تيز ڪري فيصلائتي مرحلي ۾ آندو ويو آهي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته راهداري واري علائقي ۾ تشدد جي واقعن ۾ تيزي اچي رهي آهي. هن وقت ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ خلاف هلندڙ ان آپريشن جو سڌو سنئون ڳانڍاپو 45 ارب ڊالرن جي ان سيڙپڪاريءَ سان آهي. پاڪستان جي عسڪري قيادت ان راهداري رٿا جي حفاظت لاءِ 12 هزار سکيا ورتل اهلڪارن جي خصوصي ڊويزن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. هن وقت ملڪ اندر چيني ڪمپنين جي هلندڙ 210 رٿائن تي ڪم ڪندڙ 8112 چينين جي حفاظت لاءِ اڳي ئي 8 هزار عملو مقرر ڪيل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ان آپريشن بابت ڪو به سياسي دٻاءُ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان آپريشن جو سلسلو وزيرستان، بلوچستان ۽ ڪراچي کانپوءِ اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب تائين پکيڙيو ويندو ته جيئن چين کي ان سيڙپڪاريءَ جي هر پاسي کان تحفظ جي خاطري ڪرائي سگهجي. هن مضمون جي ايندڙ ڀاڱي ۾ ڏسنداسين ته سنڌ کي ان رٿا مان ڇا هڙ حاصل ٿيندو.

    (روزاني ڪاوش، سومر 28 سيپٽمبر 2015ع)


    راهداري رٿا مان سنڌ کي ڇا ملندو؟

    چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداريءَ جو هڪ اهم لنگهه سنڌ صوبو هوندو. جيتوڻيڪ شروعات ۾ اولهندي رستي کي اوليت ڏني وئي آهي، جيڪو بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا مان گذري، اترين علائقن وسيلي چين سان ملندو، پر هن راهداريءَ جو اهم جز بهرحال سنڌ ۽ پنجاب هوندا. سنڌ ان رٿا جي حوالي سان هيٺين رُخن کان اهم آهي.
    * سنڌ کي لڳ ڀڳ 750 ڪلوميٽرن جي ساحلي پٽي لڳي ٿي. سامونڊي پٽي سڄي دنيا ۾ ترقياتي رٿائن جو مرڪز بڻيل آهي، چين جي صنعتي ترقيءَ جا اهم مرڪز پڻ ساحلي پٽيءَ تي واقع آهن.
    * سنڌ ۾ هن وقت ٻه اهم سامونڊي بندرگاهون آهن، جڏهن ته ڪيٽي بندر وٽ هڪ وڏي بندرگاهه جو قيام پڻ ممڪن آهي. سامونڊي بندرگاهون وڻج واپار جو اهم وسيلو آهن ۽ اهي معاشي ترقيءَ لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکن ٿيون.
    * سنڌ مان انڊس ۽ سپر هاءِ وي گذري پنجاب پهچن ٿا. پنجاب جو سمورو ڪاروبار انهن ٻن رستن تي دارومدار رکي ٿو ۽ راهداري رٿا هيٺ پنجاب جي هر منصوبي لاءِ هي لنگهه انتهائي اهم آهن.
    * توانائي جي اهم رٿائن لاءِ ڪوئلو هڪ بنيادي ضرورت بڻجي رهيو آهي. ٿر جو ڪوئلو راهداري رٿا جي ڪيترن ئي پراجيڪٽن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري سنڌ جو ڪوئلو هن رٿا جي حوالي سان نهايت اهم آهي. هينئر تائين راهداري رٿا ۾ سنڌ جي حوالي سان هيٺيان پراجيڪٽ ٻُڌڻ ۾ اچن ٿا، پر اهڙو ڪو جامع دستاويز موجود ناهي، جيڪو انهن رٿائن جا تفصيل فراهم ڪري.
    * ڪراچي-لاهور موٽروي
    * پورٽ قاسم وٽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر (2015 کان 2017ع).
    * 50 ميگاواٽ سچل ونڊ پاور پراجيڪٽ (2015 کان 2016ع).
    * 50 ميگاواٽ جو دائود پاور پراجيڪٽ (2015ع کان 2016ع).
    * 6.5 ميٽرڪ ٽن جو ڪوئلي جي مائننگ جو ٿر بلاڪ-ون پراجيڪٽ (2015ع کان 2017ع).
    * 1320 ميگاواٽ جو ٿر پاور پراجيڪٽ (2015ع کان 2017ع).
    * 3.8 ميٽرڪ ٽن جو ڪوئلي جي مائننگ جو ٿر بلاڪ-2 پراجيڪٽ (2015ع کان 2017ع).
    * 660 ميگاواٽ جو ٿر ڪول پاور پلانٽ (2015ع کان 2017ع).
    * 100 ميگاواٽ جو UEPL ونڊ پاور پراجيڪٽ (2015ع کان 2016ع).
    * نوابشاهه -گوادر ايل اين جي پائيپ لائين ۽ ٽرمينل.
    ان کان سواءِ مکيه شاهراهن تي اڪنامڪ زون ٺاهڻ جا به ڪجهه حوالا ملن ٿا، پر ان بابت چٽا وچور موجود ناهن. ان مان ٿر جي ڪوئلي سان واسطو رکندڙ پراجيڪٽن بابت هڪ راءِ اها آهي ته اهي رٿائون اڳي ئي سنڌ سرڪار جي ايجنڊا تي هيون ۽ سنڌ کي هن اهم رٿا مان وڌيڪ بهتر حصو گُهرڻ لاءِ سياسي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن ها. هلندڙ سال وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ ان راهداري رٿا هيٺ رکيل پراجيڪٽن لاءِ ڪُل 149.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان مان اڌ کان وڌيڪ 80.7 ارب رپين جون رٿائون رڳو پنجاب صوبي لاءِ رکيل آهن. خيبر پختونخوا لاءِ 39.8 ارب رپين ۽ بلوچستان لاءِ 18.1 ارب رپين جون رٿائون رکيون ويون، جڏهن ته سنڌ جي رٿائن لاءِ رڳو 6.5 ارب رپيا رکيا ويا. سنڌ سان اهو ناحق ان وقت ڪيو ويو، جڏهن پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ وچ ۾ مفاهمت جو رشتو برقرار هو. سنڌ سرڪار ان ناانصافيءَ کي ٿيڻ کان اڳ روڪرائي نه سگهي. راهداري رٿا جي مجموعي تصوير کي ڏسندي، سرڪار کي گهرجي ها ته ان ۾ ڪيٽي بندر رٿا کي شامل ڪرڻ لاءِ زور ڀري ها. نواز شريف 90ع واري ڏهاڪي ۾ ان رٿا کي ختم ڪيو ۽ پيپلز پارٽي اڄ تائين نواز شريف کي ان سياسي انتقام جا مهڻا ڏيندي آهي، پر جڏهن پيپلز پارٽيءَ وٽ پنجن سالن تائين هڪ سگهارو اقتدار موجود هو ته ان ڪيٽي بندر رٿا جي بحاليءَ لاءِ ٽڪي جيترو ڪم به نه ڪيو. سڄو وقت پ پ قيادت ذوالفقارآباد ۽ بحريه ٽائون رٿائن لاءِ زمينن جي سودن ۾ رُڌل رهي. هن اهم راهداري رٿا ۾ سنڌ کي جيڪو حصو ملڻ گهرجي ها، ان لاءِ جنهن سنجيدگيءَ ۽ هوم ورڪ جي ضرورت هئي، اهو سنڌ حڪومت نه ڪيو. ٻئي طرف باقي صوبن جون قيادتون نهايت هوشياريءَ سان پنهنجي حصي وڌائڻ ۽ پنهنجي عوام جي مفادن جي تحفظ لاءِ اڳڀريون رهيون. ڪيٽي بندر وٽ بندرگاهه جي اڏاوت ان ڪري به ضروري آهي، جو هن وقت ڪراچيءَ جي ٻنهي بندرگاهن تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي ۽ اهي وڌيڪ بار کڻڻ جي قابل ناهن. انهن بندرگاهن سبب ڪراچيءَ تي پڻ آباديءَ جو غير معمولي دٻاءُ آهي ۽ ان جو اڏاوتي ڍانچو هاڻي وڌيڪ آباديءَ جي سَٽ نه سهي سگهندو، ٻي ڳالهه ته ڪراچيءَ کي هٿياربند ٽولن جو ڊگهي عرصي کان خطرو رهندو پيو اچي. هن آپريشن مان ماضيءَ جي آپريشنز جيان وقتي طور تي فائدو رسيو آهي، پر ماضيءَ جا تجربا ٻُڌائين ٿا ته وقت بدلجڻ سان اهي ٽولا ٻيهر ڪراچيءَ تي قابض ٿي وڃن ٿا. ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي معيشت يرغمال بڻيل رهي ٿي ۽ صوبائي توڙي وفاقي حڪومتون به هٿياربند گروهن وٽ يرغمال ٿيل رهن ٿيون، ان ڪري نهايت ضروري آهي ته ڪيٽي بندر وٽ هڪ نئون بندرگاهه تعمير ڪجي، جيڪو جديد تقاضائن کي نظر هيٺ رکندي تعمير ڪيو وڃي. ڪيٽي بندر کي سنڌ جي اوڀرندي پاسي کان هڪ نئين هاءِ وي وسيلي پنجاب سان به ڳنڍي سگهجي ٿو، ان سان انڊس ۽ سپر هاءِ وي تي پڻ دٻاءُ گهٽجندو. ڪيٽي بندر جي پورٽ کي بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور کان گذاري، نيشنل هاءِ وي وسيلي پنجاب سان ڳنڍي سگهجي ٿو. ساڳي طرح لاهور-ڪراچي موٽروي کي نوري آباد وٽان هڪ شاخ وسيلي ڪيٽي بندر سان ڳنڍي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ لڳ ڀڳ 150 کان 170 ڪلوميٽر موٽروي جي شاخ گهربل هوندي. اهي ٻه نوان رستا ۽ ڪيٽي بندر سنڌ جي معيشت کي هڪ نئون ڇال ڏئي سگهن ٿا. تيئن اوڀرندي هاءِ وي سان نوان صنعتي علائقا قائم ڪري، سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاريءَ کي ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ سرڪار جيڪڏهن ان رٿا کي اوليت ڏئي ته سنڌ ۾ ترقيءَ جو هڪ انقلابي قدم کڄي سگهي ٿو.
    هاڻي سوال اهو آهي ته پاڪ-چين راهداري رٿا مان سنڌ کي ڪهڙا چئلينجز پيش ايندا؟ ان قسم جي وڏين ترقياتي رٿائن تي عمل ٿيڻ جو نتيجو روزگار جا انيڪ نوان موقعا پيدا ٿيڻ جي شڪل ۾ نڪرندو. صنعت، پاور پلانٽ ۽ روڊن جي رٿائن ۾ هنرمند پروفيشنلز ۽ ورڪرن جي ضرورت پوندي، انهن پراجيڪٽن جا ٺيڪا به جاري ٿيندا. ان سڄي مانڊاڻ مان سنڌ واسي فائدو وٺڻ جي ڪيتري اهليت ۽ صلاحيت رکن ٿا، اهو هڪ وڏو سواليه نشان آهي. انهن رٿائن تي عمل درآمد ۽ انهن ترقياتيءَ رٿائن وارن علائقن ۾ ملڪيتن جي کپت لاءِ ناڻو، ٽيڪنالاجي ۽ هنرمند هٿ گهربل هوندا. جيڪڏهن سنڌ واسي اهي گُهرجون پوريون نه ڪري سگهندا ته لازمي طور اهو خال ٻاهريان ايندڙ ماڻهو ڀريندا. اترين علائقن جي وڏن ماڻهن وٽ نه رڳو اڻ مَيو ڪارو ڌن موجود آهي، پر اهي سخت کان سخت پورهيو ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. سنڌ واسي رڳو مطالبن ۽ مذمتن سان ان کي روڪي نه سگهندا. سنڌ ۾ اڳي ئي ڌاري آباديءَ جو غير معمولي دٻاءُ آهي ۽ ان غير معمولي سيڙپڪاري ۽ ترقياتي رٿائن سبب آباديءَ جي هڪ نئين لهر سنڌ ۾ داخل ٿي سگهي ٿي. ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻ جو حل هر قسم جي ترقيءَ جي مخالفت ناهي. سنڌ واسين کي ان لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي:
    * سنڌ سرڪار کي اهڙو قانون پاس ڪرڻ گهرجي، جنهن هيٺ ٻين علائقن مان ايندڙ ماڻهن کي سنڌ اندر ووٽ ۽ ملڪيت جي خريداريءَ جو حق نه ڏئي، ان لاءِ آئين ۾ حوالا موجود آهن. ياد رهي ته مشرف به هڪ مرحلي تي گوادر پورٽ رٿا جي حوالي سان بلوچن جا انديشا ختم ڪرڻ لاءِ اهڙي آڇ ڏني هئي. اهو تاثر غلط آهي ته ملڪ اندر هر ڪنهن کي هر هنڌ وڃڻ، رهڻ ۽ ملڪيتون خريد ڪرڻ جو حق حاصل آهي. آئين جي آرٽيڪلز ۾ صوبن کي ان حق کي مشروط ڪرڻ جي اجازت مليل آهي. ان لاءِ نيم حڪيم قانوندانن بجاءِ آئين کي سڌي طرح پڙهڻ گهرجي.
    * سنڌ سرڪار ۽ خانگي ادارن وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فني سکيا جي ادارن جو ڄار وڇايو وڃي ته جيئن هزارين سنڌي اهي هنر حاصل ڪري سگهن، جن جي انهن رٿائن ۾ ضرورت پيش ايندي.
    * سنڌ سرڪار انهن رٿائن جي معاهدن ۽ ٺيڪن ۾ مقامي آباديءَ کي لازمي اوليت ڏيڻ وارا شرط لاڳو ڪري ۽ ان جي مانيٽرنگ لاءِ نظام قائم ڪري.
    * سنڌ واسي ڪراچي ۾ ساحلي پٽي ۽ ٿر ۾ زمينون ۽ ٻيون ملڪيتون خريد ڪن. سنڌ ۾ جن وٽ سيڙپڪاريءَ لاءِ ناڻو آهي، اهي انهن علائقن ڏانهن مُنهن ڪن.
    * سنڌ دوست ڌريون هڪ مهم هلائي، انهن علائقن ۾ وڌ کان وڌ سنڌي ماڻهن کي آباد ڪرائين. ان لاءِ رڳو نعرا نه، پر حڪمت عملين جي ضرورت پوندي.
    * سنڌ سرڪار سنڌ بئنڪ وسيلي ننڍين ۽ وچولين سيڙپڪارين لاءِ مقامي ماڻهن کي سولا قرض فراهم ڪري ته جيئن انهن علائقن ۾ هاڻي کان ئي ننڍن، وچولن ڪاروبارن ۾ مقامي ماڻهن جا پير ڦٻي سگهن.
    اهو سڀ ڪجهه هينئر ئي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايندڙ سالن ۾ گهڻو ڪجهه سر زمين تي ٿي رهيو هوندو ۽ پوءِ رڳو مذمتون ۽ ماتم ئي ڪري سگهبو، جنهن سان ڪجهه به نه ورندو. سنڌ جي حوالي سان آخري اهم ڳالهه اها ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سڌو سنئون ان راهداري رٿا ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ چين جي سيڙپڪاري ڪمپنين جي سيڙپڪاريءَ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اها هر طرح جا قدم کڻندي. ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن ۽ صاف سٿري انتظاميه آڻڻ واري خواهش پٺيان به راهداري رٿا جا مفاد شامل آهن. ان حوالي سان سنڌ اندر ايندڙ مهينن ۾ آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي به اچي سگهي ٿي. پاڪ-چين راهداري رٿا هڪ اڻٽر حقيقت آهي ۽ ان مان وڌ کان وڌ لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار ۽ سياسي ڌرين کي بهتر رٿابندي ۽ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي.

    (روزاني ڪاوش، اربع 30 سيپٽمبر 2015ع)


    افغانستان پاڪستان جي باري ۾ ڇا ٿو سوچي؟

    گُذريل هفتي ٽريڪ 1.5/2 ڊپلوميسي جي هڪ امن وفد سان افغانستان وڃڻ جو موقعو مليو. پنجن ڏِينهن جي ان دوري دوران ڪابل ۾ سِول سوسائٽيءَ جي عيوضين، افغان ميڊيا، افغانستان ۾ پاڪستاني سفارتي عملي، افغانستان جي چِيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ۽ اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي سان تفصيلي مُلاقاتون ٿيون. هُونءَ ته هن خِطي اندر علائقائي مفادن سان سَلهاڙيل مقامي ۽ پرڏيهي ڌُرين جي ڪردار بابت ميڊيا وسيلي چڱي موچاري ڄاڻ ملندي رهي ٿي پر ڪابل ۾ صُبح کان شام دير تائين ٿيل رسمي مُلاقاتن ۽ هڪ دوست سان شهر گُهمندي ٿيل تفصيلي مُلاقات بعد هن خِطي جي آئيندي بابت مُونجهارن ۽ اُنهن جي سنگينيءَ جو بهتر اندازو ٿيو.
    افغانستان جي سِول سوسائٽي وفد سان ٻن ڏِينهن جي رسمي ڳالهه ٻولهه، مقامي ميڊيا جي لاڳاپيل صحافين سان ٿيل مُلاقاتن ۽ مقامي اخبارن جو مطالعو ڪرڻ سان محسوس ٿيو ته افغاني عوام جي اندر پاڪستان بابت اڻ وڻندڙ احساسن جو ڪو سمنڊ اُٿلون کائي رهيو هو. ٽيڪسي ڊرائيور کان وٺي حڪومتي سربراهه تائين سڀني جا تاثر سٺا نه هئا. هر گڏجاڻيءَ ۾ حقاني گروپ ۽ پاڪستاني طالبان جو ذِڪر ڪيو ٿي ويو، جن کي افغانستان اندر دهشتگرديءَ جو مُکيه ذميوار سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ موجود لڳ ڀڳ 2500 ڪلوميٽر سرحد وچ ۾ ڪيترائي لَنگهَه آهن، جن تي ڪنهن جو به ڪنٽرول ناهي. ان کان سواءِ روزانو هزارين ماڻهو چمن ۽ طورخم جي سرحد تان اچ وڃ ڪن ٿا، جن مان ڪن ٿورن وٽ وِيزا موجود هُوندي آهي. سرحد جي ٻنهي پاسي کُلي اچ وڃ سبب هر قسم جا ماڻهو ٻنهي مُلڪن ڏانهن ايندا ويندا رهن ٿا ۽ هٿيارن جي پهچ به نهايت سولي آهي.
    هُونءَ ته افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ وارن ناتن جي تاريخ ته پُراڻي آهي پر اُن ۾ شِدت ان وقت آئي، جڏهن 1979ع ۾ سوويت يُونين جون فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون. يورپ ۽ آمريڪا لاءِ اهو اِنتهائي سنگين معاملو هو. ننڍي کنڊ ۾ برطانيه راڄ دوران افغانستان کي شروع کان هڪ بفر اسٽيٽ رکيو ويو هو ته جيئن سوويت ڪميونزم هندوستان تائين نه پُهچي سگهي. اڳتي هلي ورهاڱي کانپوءِ آمريڪا پاران هن خطي ۾ پاڪستان کي هڪ بفر اسٽيٽ بنايو ويو. افغانستان ۾ ظاهر شاهه جي حُڪومت جي خاتمي ۽ ڪميونسٽن جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٻنهي مُلڪن جي ڇڪتاڻ جنگ ۾ بدلجي وئي، جڏهن آمر جنرل ضياءُ الحق آمريڪي ۽ اولهه جي مُلڪن جي چرچ تي پاڪستان کي افغانستان ۾ جهاد جي اڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اُن جنگ ۾ لکين افغاني مارجي ويا ۽ اڌ ڪروڙ کان وڌيڪ افغاني مُهاجر ٿي پاڪستان ۽ ايران ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿيا. ڪابل ۾ پيدا ٿي وڏو ۽ هاڻي جُهونو ٿيندڙ هڪ دوست مون کي شام جي پهر ۾ ڪابل شهر جو چڪر ڏياريو. ڪميونسٽن کان وٺي مُهاجرين، طالبان ۽ هاڻوڪي حڪومت جا دورَ اکين سان ڏِسندڙ متوازن مزاج واري همراهه مون کي شهر جون مُکيه جايون ڏيکاريندي چيو ته، هُونءَ ته مان ڪميونسٽ بِنهه ڪونه آهيان پر سچي ڳالهه اها آهي ته ڪميونسٽ حڪومت جو دور ٻين سمورين حڪومتن کان بهتر هو. ڊاڪٽر نجيب الله جي بيحرمتي ڪيل لاش ٽنگڻ وارو چوڪ ڏيکاريندي هن چيو ته، مان ڪِيئن ٿو وساري سگهان ته ان خوبصورت دور کي ختم ڪري افغانستان کي برباد ڪندڙ مُجاهدين ۽ طالبان کي پاڪستان جي عالم آشڪار پٺڀرائي هُئي. هن جي لهجي مان لڳي رهيو هو ته افغانستان جي شهرين کي پاڪستان جي اڳوڻين توڙي هاڻوڪين پاليسين تي شديد اعتراض آهن. افغانستان جي چيف ايگزيڪيوٽو (جيڪو وزير اعظم جي برابر عهدو آهي) ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ۽ اڳوڻي صدر حامي ڪرزئي سان ٿيل مُلاقات ۾ هنن تمام تفصيلي ڳالهايو. سندن ڳالهين جا اهم نُڪتا هن ريت هُئا:
    * جيڪڏهن پاڪستان پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري طالبان کي ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ڪري سگهي ٿو ته مٿن افغانستان اندر رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ به دٻاءُ وجهي سگهي ٿو.
    * توهان ڪِيئن ٿا چئو ته افغانستان اندر عدم استحڪام ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو هٿ ناهي. اڳوڻو صدر مشرف چئي چڪو آهي ته، ايجنسين طالبان کي تيار ڪيو هو. هن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته هن ڪرزئي حڪومت جا پيرَ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن حڪومت جي پاليسي دهشتگرديءَ خلاف تبديل ٿي آهي ته پوءِ ڪوئيٽا شورا، بندش پيل تنظيمن جا اڳواڻ ۽ مُلا منصور ڪوئيٽا ۾ ڪِيئن پيا کُلي عام سرگرميون ڪن.
    * مُلا فضل الله کي افغانستان ۾ پناهه ملڻ ۽ اُتي ويهي پاڪستان اندر دهشتگردي ڪرائڻ واري سوال تي چيو ويو ته، هُو ٻه سالَ اڳ افغانستان ۾ داخل ٿيو آهي ۽ طالبان جي ڪنٽرول واري علائقي ۾ رهي ٿو، جتي کيس سرحد پار قُوتن جي مدد حاصل آهي. جيڪڏهن پاڪستان ايترو سَگهارو هُجڻ باوجود 30 سالن کان پاڪستان ۾ رهندڙ حقاني کي ختم نه ٿو ڪري سگهي ته اسان جهڙي مُلڪ کان اها توقع رکڻ نامناسب آهي ته ٻن سالن اندر مُلا فضل الله کي ختم ڪري سگهون. اسان دهشتگرديءَ جي خلاف آهيون ۽ اهڙن عنصرن جي مدد هرگز نه ڪنداسين.
    * پاڪستان کي ماضيءَ جون پاليسيون تَرڪ ڪري افغانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ مُخلص ڪردار ادا ڪرڻ گُهرجي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کانسواءِ هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام ممڪن ناهي.
    * صدر حامد ڪرزئي جيترو پاڪستان کان ناراض هو، اُن کان وڌيڪ ناراض آمريڪا ۽ اولهه جي مُلڪن کان هو، سندس خيال هو ته اهي مُلڪ هن خِطي ۾ پنهنجي موجودگي رکڻ چاهين ٿا، تنهن ڪري اُهي خِطي ۾ مُڪمل امن ٿيڻ نه ڏيندا.
    * افغان اڳواڻن کي ان ڳالهه تي به ڪاوڙ هُئي ته پاڪستان کانئن اهو مطالبو ڇو ٿو ڪري ته اسان هندوستان سان ناتا سندن مرضيءَ پٽاندڙ رکون، اسان هڪ خُودمختيار مُلڪ آهيون ۽ اسان جي مرضي جو هندوستان يا ڪنهن مُلڪ سان ڪهڙا به ناتا رکون، اسان پنهنجي ايجنڊا مُطابق ڪم ڪريون ٿا، هندوستان اسان کي مُستحڪم ٿيڻ ۾ واهر ڪري ٿو، تنهن ڪري اسان ان کي دوست مُلڪ سمجهون ٿا.
    اِهي خيال رُڳو افغانستان جي سياسي قيادت جا نه، پر سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ عام شهرين جا به هُئا. هندوستان، افغانستان اندر ڪيترو اثر رسوخ رکي ٿو، ان جو اندازو اُتي جي اهم اخبارن کي پڙهڻ سان لڳائي سگهجي ٿو. افغانستان ٽائيمز، جيڪا اُتي جي مشهور انگريزي اخبار آهي، اُنَ ۾ هندوستاني سَفير جو بيان پنج ڪالمي هيڊ لائين هو، جنهن ۾ هن وزيراعظِم نواز شريف ۽ اشرف غني وچ ۾ مُلاقات تي سفارتي طور طريقن کي اورانگهيندي غير ذميواراڻو بيان جاري ڪيو هو، اُن اخبار جي مُکيه صفحن تي پاڪستان مُخالف خبرون نهايت نمايان ڪري ڇاپيون وينديون آهن، افغانستان جي ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا به پاڪستان بابت تمام سَخت خيال هُئا، سڀني جي زِبان تي اها ڳالهه هُئي ته مُلا منصور کي طالبان ڪوئيٽا ۾ پنهنجو امير چُونڊيو ۽ هُو اُتي ئي مارجي ويو. افغان سربراهن ۽ صحافين جي اها به راءِ هُئي ته مري ۾ ٿيل امن ڳالهين جي پهرئين دورَ کان پوءِ اهو ظاهر ٿيو ته مُلا عمر جِيئرو ئي نه هو. جڏهن اسان افغان سربراهن کان پُڇيو ته وٽن آمريڪي جاسوسي اِدارا ۽ سندن پنهنجون انٽيليجنس نيٽ ورڪ به موجود آهي، اُنهن کين ايڏي وڏي خبر جي ڄاڻَ ڇو نه ڏني، ته وٽن ڪو تسلي ڏِيندڙ جواب نه هو، حامد ڪرزئي البته اسان جي ان موقف سان ڪُجهه سهمت هو ته اها خبر ٻنهي مُلڪن نه، پر ڪنهن ٽئين طاقت اهڙي وقت تي سامهون آندي، جڏهن ٻنهي ڌُرين ۾ امن ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون هُيون.
    افغانستان اندر سول سوسائٽيءَ ۾ اُهي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جا مُخالف آهن، سندن خيال آهي ته طالبان انتهاپسند قُوت آهن ۽ کين ڪنهن به فارمولي هيٺ حڪومت جو حِصو نه بڻجڻ گُهرجي، ڪُجهه ٻين همراهن جو خيال هو ته طالبان امن ڳالهين دوران هٿياربند طريقا ۽ دهشتگردي تَرڪ ڪري حڪومت جو حصو بڻجن ته پوءِ ڪو به حرج ناهي. هن وقت صُورتحال اها آهي ته افغانستان جي صوبائي گاديءَ وارن شهرن کان ٻاهر عملي طور حڪومت جو وِجود ئي ناهي، بلڪه انهن مان به ڪيترن شهرن تي هٿياربند گروهن جو قبضو آهي ۽ حڪومت رُڳو نالي ماتر آهي. افغانستان، گُذريل چئن ڏهاڪن کان عملي طور ڪا رياست رهيو ئي ناهي، ظاهر شاهه جي تختي اُونڌي ٿيڻ کان پوءِ مُلڪ لڳاتار بغاوتن، پرڏيهي مداخلتن يا رتوڇاڻ جو شِڪار رهيو آهي، مُلڪ عملي طور مُختلف ويڙهاڪ ڌڙن جي ڪنٽرول هيٺ رهندڙ ننڍن ننڍن ٽُڪرن جو مجموعو رهيو آهي. حڪومتي نظام گُذريل ڏهاڪو کن سالن دوران آهستي آهستي پيرَ کُپائڻ شروع ڪيا آهن، آمريڪا ۽ سندن اتحادين بُنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ حڪومتي نظام جي جوڙجڪ ۾ افغانستان جي وڏي واهر ڪئي آهي. خُود پاڪستان به صحت ۽ تعليم جي شُعبن ۾ افغانستان جي واهر ڪئي آهي، پر اڃا افغانستان کي هڪ رياستي ڍانچو تعمير ڪرڻ ۾ وڏو عرصو گُهربل آهي، مُلڪي معيشت عملي طور پرڏيهي امداد جي مُحتاج آهي، سرڪاري مُلازمن جي پگهارن کان وٺي سيڪيورٽيءَ تائين رياستي نظام جو هر شعبو پرڏيهي امداد تي تعمير ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ نه ڪا صنعت آهي ۽ نه ئي روانگي واپار جون ڪي جِنسون آهن، سامونڊي پورٽ نه هُجڻ سبب اَڀرو سَڀرو پرڏيهي واپار پاڪستان وسيلي ٿئي ٿو. افغانستان، پاڪستان جي رستي هندوستان سان واپار جي سهولت نه ملڻ کانپوءِ اڄڪلهه ايران سان ”چابهار“ سامونڊي اڏي وسيلي واپار لاءِ ٺاهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي.
    افغانستان محسوس ڪري ٿو ته پرڏيهي واپار ۽ مُعاشي استحڪام لاءِ اُن کي پاڪستان سان ناتا بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر پاڪستان ۽ ڀارت وِچ ۾ ڇڪتاڻ سبب اُن کي سخت ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ان پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته افغانستان سياسي توڙي مُعاشي لحاظ کان تمام ڪمزور مُلڪ آهي پر خِطي ۾ حڪمتِ عمليءَ جي لحاظ کان نهايت اهم سرزمين آهي. رُوس ۾ پيوٽن جي اڳرائيءَ وارين پاليسين کان پوءِ افغانستان جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي، وِچ اوڀر جي رتوڇاڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ چِين جي مُعاشي مفادن جي پسمنظر ۾ افغانستان هڪ ڊِگهي عرصي لاءِ حڪمتِ عمليءَ جو مرڪز رهندو، خِطي ۾ امن ۽ سياسي استحڪام جي حوالي سان هڪ افغان اڳواڻ جا لفظ نهايت ٺهڪندڙ لڳن ٿا ته، ”خِطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته افغانستان کي غير اهم ملڪ سمجهڻ بجاءِ هڪ خُودمختيار قوم طور اُن جي وِجود جو احترام ڪيو وڃي.“

    (روزاني ڪاوش، خميس 17 ڊسمبر 2015ع)


    سنڌ ۾ ڦهليل مايوسي ۽ هڪ پائيدار تبديليءَ لاءِ جاکوڙڻ جي ضرورت!

    سنڌ ۾ هڪ عجيب ڊپريشن پکڙيل آهي ته سنڌ جي آئيندي جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ ۾ هر پاسي ڪاريءَ وارا ڪک نظر اچن ٿا. هڪ تاثر آهي ته سنڌ مٿان ڌاريون ڌريون ۽ اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ قابض ٿينديون پيون وڃن. انديشو آهي ته ايندڙ آدم ڳڻپ ۾ سنڌي عددي ٿورائيءَ ۾ بدلجي وڃن. سنڌ ۾ تعليم مڪمل تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتي آهي. حڪمرانيءَ نالي ڪنهن شئي جو وجود ئي نظر نه ٿو اچي. شهر ۽ روڊ رستا کنڊر ٿي رهيا آهن. هر پاسي رشوت ۽ ڦُرلٽ جو راڄ آهي ۽ ميرٽ جو جنازو نڪرڻ سبب سنڌي سماج زوال ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهو ڊپريشن ڪيئن پيدا ٿيو آهي ۽ اُن مان ڪيئن جان آجي ڪرائجي، ان جو تجزيو ٽن حصن ۾ ڪري سگهجي ٿو. پهريون ته اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڇا تاريخ ۾ قومون اهڙين يا ان کان به بدتر حالتن مان نه گذريون آهن. ٻيون ته آخر ان صورتحال کي ڪهڙن عنصرن جنم ڏنو آهي ۽ ٽيون ته ان سڄي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ گهرجن. دنيا اندر اڄوڪيون وڏيون طاقتون ويجهي ماضيءَ ۾ ڪهڙن حادثن مان گذريون آهن، انهن کي سمجهڻ سان اندازو لڳائي سگهبو ته اسان کي درپيش چئلينجز ڪيترا اوکا آهن.
    دنيا جي ٻيون نمبر وڏي معيشت چين همعصر دنيا ۾ طاقت جي توازن جي پسمنظر ۾ هڪ وڏو حوالو آهي. 19 هين ۽ 20 هين صديءَ ۾ پهرين برطانيا ۽ پوءِ جاپان هٿان شڪستون کائڻ کانپوءِ چين کي شرمناڪ ٺاهن تي صحيحون ڪرڻيون پيون. 29 آگسٽ 1842ع تي برطانيا سان ڪيل ٺاهه کي جيتوڻيڪ امن، دوستي ۽ وڻج واپار واري ٺاهه جو نالو ڏنو ويو، پر اهو درحقيقت چين جي غلاميءَ وارو دستاويز هو. ان ٺاهه هيٺ برطانوي شهرين کي چين جي اهم شهرن ۾ وڻج واپار خاطر رهڻ جو حق ڏنو ويو ۽ اتي برطانوي آفيسر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. هانگ ڪانگ کي برطانيا جي مرضي ۽ قانون هيٺ حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. چين پاران برطانيا کي هڪ ڪروڙ ويهه لک ڊالر ڀنگ جيان ادا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو. 18 هين جنوري 1915ع تي چين کي جاپان سان اهڙو ئي شرمناڪ ٺاهه ڪرڻو پيو، ان ٺاهه هيٺ جاپانين کي چين ۾ واپار ۽ زراعت لاءِ زمين وٺڻ جي اجازت ڏني وئي. جاپانين کي چرپر ۽ ڪاروبار لاءِ مڪمل ڇوٽ ڏني وئي، ايتري قدر جو ڪنهن ٻاهرين ملڪ پاران چين ۾ ريل جي پٽڙي وڇائڻ يا ان لاءِ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ به جاپان جي منظوري لازم قرار ڏني وئي. ٻين ملڪن پاران چين ۾ سياسي، مالي ۽ فوجي معاملن لاءِ صلاحڪار مقرر ڪرڻ کي به جاپان جي اجازت سان مشروط ڪيو ويو. اهي شرط عملي طور ڪنهن ملڪ جي غلامي قبول ڪرڻ برابر هئا، جيڪي چين کي قبول ڪرڻا پيا. اڄ ساڳيو چين دنيا جي اهم ترين طاقتن ۾ ڳڻجي ٿو.
    ٻين مهاڀاري لڙائيءَ جي پُڄاڻيءَ تائين جاپان عملي طور هڪ تباهه ٿيل ملڪ هو. جپان جا 30 لک شهري مارجي چڪا هئا ۽ ان جي آباديءَ جو چوٿون حصو ختم ٿي چڪو هو. سندس ٻه اهم شهر هيروشيما ۽ ناگا ساڪي ايٽمي تباهيءَ جو کاڄ بڻجي چڪا هئا. جنگ جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ آمريڪا ۽ اتحادين جاپان ۾ اوپن مارڪيٽ اڪانامي جا سُڌارا آندا. آمريڪا کي ڊپ هو ته جيڪڏهن جاپان جي معيشت پير نه سنڀاليا ته بدترين غربت جي نتيجي ۾ ڪٿي اُتي به ڪميونسٽ انقلاب نه اچي وڃي. جيتوڻيڪ جاپاني معيشت کي نئين سر جياپو ڏيڻ ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادي به شامل هئا، پر انهن سُڌارن کي اڳتي وڌائي هڪ جاندار معيشت ۾ بدلائڻ جو ڪم جاپاني قوم ئي ڪيو. اڄ جاپان دنيا جي مضبوط ترين معيشت ۾ ڳڻجي ٿو. ٻين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ سوويت يونين جيتوڻيڪ يورپ جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري فاتح ٿي اُڀريو هو، پر ان جي معيشت گوڏا کوڙي چڪي هئي. سندس اڍائي ڪروڙ ماڻهو مري چڪا هئا، سندس پيداواري معيشت جي وسيلن جو چوٿون حصو نابود ٿي چڪو هو. زرعي ۽ صنعتي اُپت گهٽجي چڪي هئي، ان جي باوجود ان مارشل پلان هيٺ آمريڪي امداد قبول ڪرڻ بجاءِ اوڀر يورپ ۾ قبضي هيٺ آندل ملڪن کان مشينري ۽ ڪچو مال گُهرائي، معيشت جي نئين سر اڏاوت شروع ڪئي. ان سڄي تباهڪاريءَ جي رک مان سوويت يونين هڪ سگهاري معاشي ۽ فوجي طاقت ٿي اُڀريو، جنهن ڏهاڪن تائين آمريڪا جي ننڊ حرام ڪري رکي ۽ اڃا تائين کيس اکيون ڏيکاريندو پيو اچي.
    اهي ويجهي ماضيءَ جا ڪجهه مثال آهن ته ڪيئن بدترين تباهي ۽ تذليل کان پوءِ به قومون ڪر کڻي اُڀرن ٿيون. انهن حوالن ڏيڻ جو مقصد اهو واضح ڪرڻ آهي ته سنڌ کي درپيش چئلينجز ايڏا به ڀوائتا ناهن، جو صبح شام سنڌ جي تباهيءَ جو ماتم ڪبو رهجي. اهي نارمل قسم جا چئلينجز آهن، جن کي مُنهن ڏيڻ پنج ڪروڙ ماڻهن جي هڪ متحرڪ جيئري جاڳندي قوم لاءِ ايڏي غير معمولي ڳالهه ناهي. رڳو ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ ون يونٽ ۽ ضياءَ شاهيءَ جهڙن وڏن خطرن جي دور ۾ پنهنجي وجود کي سلامت رکي اڳتي وکون وڌايون آهن.
    هاڻي مختصر طور اهو جائزو وٺون ته آخر اهو ڊپريشن ڪهڙن سببن جي ڪري طاري ٿيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ڊپريشن مسئلن جي ڳنڀيرتا کان وڌيڪ مزاحمتي طاقتن جي ڪمزور ۽ بي عمل ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ جنهن نوعيت جي رياستي بربريت سنڌ مٿان لاڳو ڪئي وئي هئي يا ون يونٽ جي دور ۾ سنڌ جي وجود کي جهڙي طرح اولهه پاڪستان جي نالي ۾ مِٽايو ويو، ان دور ۾ به سنڌ اندر ايترو ڊپريشن نه هو. ان جو وڏو ڪارڻ سنڌ ۾ عوامي مزاحمت جو سگهارو هجڻ هو. ان مزاحمتي تحريڪ سنڌ واسين کي جيلن، گولين ۽ ڦٽڪن کي للڪارڻ جي سگهه ڏني. ان جي ڀيٽ ۾ اڄوڪا چئلينجز ايترا هانءُ ڦاريندڙ هرگز ناهن، پر گهٽتائي رڳو ان مزاحمتي تحريڪ ۽ عوام کي اُتساهه ڏيندڙ سرواڻيءَ جي آهي. ماضيءَ ۾ مارشلائي دورن ۾ خود پيپلز پارٽي عوامي مزاحمت جي اڳواڻي ڪندي هئي، اڄ اها پيپلز پارٽي سنڌ سان جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف کان وڌيڪ تباهي مڙهي، سنڌ واسين کي ان ڊپريشن ۾ وڌو آهي. سنڌ جي قومي مفادن جي حوالي سان عوامي مزاحمت جو اهم ترين ڪردار سنڌ جون قومپرست ڌريون هيون. بدقسمتيءَ سان انهن جو ڪردار به اُتساهه ڏيڻ کان وڌيڪ سوال اُڀاري رهيو آهي. سنڌ واسي کين پيپلز پارٽيءَ جي سياسي متبادل طور ڏسڻ لڳا آهن، پر سندن حڪمت عمليون ان ڏس ۾ ڪا سنجيده اڳڀرائي نه ٿيون ظاهر ڪن. نتيجي ۾ سنڌ واسين کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته ويجهي مستقبل ۾ به اهي موقعي پرست وڏيرن ۽ ڪرپٽ وچولي طبقي جي سياسي هارپي ڪرڻ تي مجبور رهندا. درحقيقت سماج ۾ پکڙيل ڊپريشن جو ڪارڻ پيپلز پارٽيءَ جي عوام دشمن سياست ۽ مزاحمتي ڌرين جي موقعي پرستي ۽ ڪمزوري آهن. قومپرست پارٽين مان جن پارلياماني سياست جو رستو چونڊيو آهي، اهي سنڌ واسين کي اُتساهه تڏهن ڏئي سگهنديون، جڏهن اهي اقتداري سياست ۾ آشيروادي ايجنڊا وارن اتحادن بجاءِ عوامي مسئلن جي بنياد تي پنهنجا سياسي رستا چونڊينديون. ٻئي طرف پارلياماني سياست کان ٻاهر ويٺل قومپرست ڌريون به ڪنهن سائنسي حڪمت عمليءَ هيٺ حالتن سان سلهاڙيل سياست ڪرڻ بجاءِ رڳو ڇڙوڇڙ سياسي سرگرمين تائين محدود آهن. قومپرست ڌريون جيڪڏهن ٿوري به سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪن ته اهي عوام کي هن اجائي ڊپريشن مان ڪڍي سگهن ٿيون.
    انهن حالتن سبب سنڌ اندر هڪ سياسي خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو سياسي لاهن چاڙهن جو حصو آهي. سنڌ واسين ۾ حالتن کي بدلائڻ ۽ سنڌ جو آئيندو بهتر بڻائڻ جي ڀرپور خواهش موجود آهي، جيڪا وقت سان گڏ متبادل سياسي قوتن لاءِ رستا هموار ڪندي. هوريان هوريان ان ڏس ۾ چرپر ٿي رهي آهي، جيڪا ڪنهن وڏي اُٿل پُٿل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف هن خطي جي مجموعي سياسي ماحول ۾ امن ۽ استحڪام عالمي طاقتن جي خواهش اختيار ڪري چڪو آهي. جيڪڏهن ڪو وڏو حادثو پيش نه آيو ته ايندڙ ورهين ۾ هن خطي اندر جنگي معيشت جي جڳهه ڪاروباري معيشت والاريندي. جنگي معيشت جي ابتڙ ڪاروباري معيشت سنڌ واسين لاءِ چٽاڀيٽيءَ وسيلي اڳتي نڪرڻ جا رستا هموار ڪندي. جيڪڏهن عالمي طاقتون ايران سان معاملا طئي ڪري ٿيون وٺن ۽ افغانستان، پاڪستان ۽ هندوستان جي ٽڪراءَ کي ماٺو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ هن خطي ۾ دهشتگردي ۽ بندوق جي طاقت واري سياست ڪمزور ٿيندي. نتيجي ۾ گذريل ساڍن ٽن ڏهاڪن کان سياست ۽ معيشت کي بندوق جي زور تي هلائيندڙ رياستي توڙي غير رياستي طاقتن جي جاءِ پُرامن معيشت واريون طاقتون والارينديون. جيڪڏهن چين پاڪستان معاشي راهداريءَ واري رٿا ڪاغذن مان نڪري زمين تائين پهچي وئي ته ڪجهه سالن اندر هن خطي جو سڄو سياسي، معاشي ۽ عسڪري منظرنامو بدلجي ويندو.
    آمريڪا ۽ اولهه هن وقت افغانستان، هندوستان، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪرار نبيرڻ لاءِ سرگرم آهن. پاڪستان-چين راهداري رٿا جي عمل ۾ اچڻ، گوادر پورٽ جي کُلڻ، ايران تان پابنديون لهڻ جي صورت ۾ چاهه بهار پورٽ وسيلي ڪاروبار شروع ٿيڻ ۽ سينٽرل ايشيا مان گئس ۽ بجليءَ جي فراهميءَ سان اهي چار ئي ملڪ هڪ اهڙي معاشي راهداريءَ کي جنم ڏيندا، جيڪا هن خطي کي سينٽرل ايشيا ۽ يورپ سان ڳنڍي ڇڏيندي. ان نقشي مطابق ايندڙ پنجن کان ڏهن ورهين اندر هي خطو دنيا جي اهم معاشي لنگهه جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ ست سئو ڪلوميٽرن جي ساحلي پٽي ۽ ڪراچي شهر سبب سنڌ هڪ مضبوط معاشي مرڪز جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. ايندڙ سالن جي ان وڏي اُٿل پُٿل لاءِ سنڌ کي تياري ڪرڻ جو جيڪو موقعو مليو هو، اهو پيپلز پارٽيءَ جي موقعي پرست ڪرپٽ قيادت ضايع ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سان دشمني رڳو ترقياتي فنڊ هڙپ ڪرڻ يا رشوت عام ڪرڻ تائين محدود ناهي، دراصل ان حڪمت عمليءَ جي حوالي سان سنڌ جي ترقيءَ جي شاندار آئيندي جو ڳلو گُهٽي سنڌ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. بدلجندڙ زميني حقيقتن اندر سنڌ لاءِ شاندار موقعا سمايل آهن، جن جي تياريءَ لاءِ ترت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. تاريخ ۾ موقعا قومن جو انتظار ناهن ڪندا، سنڌ کي هڪ پائيدار تبديليءَ لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آهي، ان بابت ايندڙ مضمون ۾ بحث ڪنداسين.

    (روزاني ڪاوش، اڱارو 29 ڊسمبر 2015ع)


    پيپلز پارٽيءَ خلاف اتحاد ۽ تحرڪ ۾ سمايل سنڌ جو روشن آئيندو!

    گذريل مضمون ۾ ان ڳالهه تي بحث ڪيو هئم ته سنڌي سماج ۾ پکڙيل ڊپريشن درحقيقت ان سياسي خال جي احساس جو نتيجو آهي، جيڪو اُتساهيندڙ سياسي قوتن جي ڪمزور هجڻ سبب پيدا ٿيو آهي. سنڌ جي ان مسئلي جو دائمي حل ته بهرحال سياسي قوتون ئي فراهم ڪري سگهن ٿيون، پر سنڌ ۾ عوامي مفادن سان مخلص سياسي ڌر ۽ قيادت جيستائين سنڌ کي اڳواڻي فراهم ڪري، تيستائين سماج جي گهڻ گهرن فردن کي مختلف محاذن تان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. متبادل قيادت ۽ سياسي طاقت رڳو تحرڪ مان ئي جنم وٺندي. هن عارضي سياسي خال کي مايوسيءَ جو بنياد نه بڻائڻ گهرجي. پيپلز پارٽيءَ جو اليڪشني متبادل يا ان لاءِ آپشنز جو نه هجڻ پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ مايوسيءَ جو هڪ اهم ڪارڻ آهي، پر ان مسئلي کي حقيقت پسنديءَ جي اک سان ڏسڻو پوندو. پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ آپشنز يا سندس متبادل جي خواهش جي ڄمار ڪا گهڻي ناهي. 2008ع جي چونڊن وقت به پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي محبوب پارٽي هئي. اقتدار ملڻ کان ٻه اڍائي سالن تائين به سنڌ واسين کي اميد هئي ته پيپلز پارٽي پير سنڀالڻ بعد سنڌ واسين جي اُميدن تي پوري لهندي. سنڌ واسين کي پهريون شديد جهٽڪو ٻٽي مڪاني نظام مان لڳو، جڏهن سنڌ واسين کي احساس ٿيو ته پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت ۽ سندس وفادار ٽولو اقتداري مفادن لاءِ سنڌ کي ورهائڻ جا بنياد رکندي به دير نه ڪندو. اهو واقعو سنڌ اندر سياسي سوچ جون ڌارائون بدلائڻ جو بنياد ثابت ٿيو. ان ٻٽي نظام خلاف قومپرستن جي گڏجڻ سنڌ واسين کي هڪ نئون اُتساهه ڏنو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن لاءِ پنهنجي تڪن ۾ گُهمڻ مشڪل ٿي پيو. بدقسمتيءَ سان قومپرست ڌرين ۾ ڪجهه فردن جي انائن سبب اها جدوجهد زبردست عوامي حمايت جي باوجود سياسي طاقت ۾ بدلجي نه سگهي. سنڌ واسي ان وقت ايترا ته بي چين ٿي چڪا هئا، جو ماضيءَ جي آزمايل اقتداري سياست جي کيڏاڙين پاران ان جدوجهد جي اڳواڻي سنڀالڻ جي باوجود به ان جدوجهد جو ساٿ ڏيندا رهيا، جنهن کي ڏهه جماعتي اتحاد جي قيادت چوٽ تي پهچائي، هٿ ڪڍي گم ٿي وئي. اهڙي طرح موقعي پرست سياسي قيادت سنڌ واسين جي ان عوامي جدوجهد کي سياسي طاقت ۾ بدلجڻ کان روڪي، پيپلز پارٽيءَ کي ڦرلٽ جو محاذ جاري رکڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ان تجربي مان سکڻ بجاءِ اڄ به ڪي قومپرست ڌريون انهن ساڳين ڌرين سان اتحاد ۾ بيٺل آهن. اهي حڪمت عمليون سندن پيپلز پارٽيءَ جي متبادل بڻجڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. پيپلز پارٽي گذريل چئن ڏهاڪن کان سنڌ جي هڪ مضبوط اليڪشني پارٽي رهندي پئي اچي. هاڻوڪي قيادت جي عوام دشمن روين جي باوجود پارٽيءَ وٽ مضبوط سياسي ماضي ۽ اقتداري سياست جي هُنرن جو ورثو موجود آهي. ان کي وقت بوقت سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو به مضبوط تجربو آهي ته عوامي جذبن کي شهيدن جي مزارن وسيلي قابو رکڻ جو ڏانءُ به اچي ٿو. ايڏي وڏي سياسي طاقت عوامي حمايت کان محروم ٿيڻ جي باوجود مڪمل طور ختم ٿيڻ ۽ سندس متبادل جي جاءِ والارڻ لاءِ وقت گهربل آهي. ان ڪم جي شروعات به تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور اُڀرڻ جي خواهش رکندڙ ڌر ان کان بهتر نه ته گهٽ خراب ضرور هجي. هن وقت پيپلز پارٽيءَ خلاف جدوجهد جي دعوى ڪندڙ اتحاد ۾ اڪثر فردن ۽ پارٽين جو ماضي توڙي حال سنڌي عوام کان ڳجهو ناهي. اهو اتحاد سنڌ کي بهتر قيادت يا حڪمراني فراهم ڪرڻ واري خواهش بجاءِ پ پ حڪومت کي ڊاهي، سنڌ جي واڳ ڌڻي ٿيڻ لاءِ وڌيڪ آتو نظر اچي ٿو. عوام جن بنيادن تي اڄ پيپلز پارٽيءَ مان جان آجي ڪرائڻ گهري ٿو، انهن بنيادن تي انهن ڌرين کي ماپجي ٿو ته عام ماڻهوءَ کي وري به پيپلز پارٽي گهٽ خراب نظر اچي ٿي. عام ماڻهوءَ جو سادو جواب اهو ئي آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي هٽائڻ جي جدوجهد ڪري، 1990ع ۽ 2000ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ ڌرين کي اقتدار ۾ آڻڻ سان کين ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ ان اتحاد جي اڳواڻي ڪندڙن مان جن ماضيءَ ۾ سنڌ مٿان حڪمراني ڪئي آهي، انهن سنڌ سان پ پ کان گهٽ ناحق ڪو نه ڪيا هئا. ان سادي جدول کي سنڌ جو عام ماڻهو رواجي شعور سان به پرکي سگهي ٿو، پر ڪجهه ڌرين کي الائجي ڇو اها سادي رياضي سمجهه ۾ نٿي اچي. جيڪڏهن اڄ کان چار پنج سال اڳ ٻٽي نظام خلاف شروع ڪيل جدوجهد کي قومپرست ڌريون پنهنجي پليٽ فارم تان جاري رکن ها ته شايد کين اڄ وڌيڪ عوامي مقبوليت حاصل هجي ها ۽ شايد اڄ اهي پيپلز پارٽيءَ جي متبادل قوت طور آپشن بڻجي اُڀري به چڪا هجن ها.
    بهرحال سياسي عمل ۾ ان قسم جا تجربا ٿيندا رهندا ۽ انهن جي آڌار ڪنهن به ڌر بابت ڪا حتمي راءِ جوڙڻ نه گهرجي. وقت ۽ حالتن سان فردن ۽ ڌرين جا ڪردار بدلجندا رهندا ۽ عوامي شعور انهن تي اثر انداز به ٿيندو رهندو. جيستائين سياسي عمل جي نتيجي ۾ ڪا عوام دوست ڌر ۽ قيادت اُڀري اڳواڻي فراهم ڪري ته سماج ۾ هاڪاري تبديلين لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جاري رهڻ گهرجي. عوام دوست سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي ڌرين کي ان دوران هيٺين ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
    * سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زرعي شعبي جي زوال ۽ صنعتي شعبي جي اڻ هوند سبب ترقيءَ جو ڦيٿو رُڪجي رهيو آهي، هر ممڪن طريقي سان ڪوشش ڪجي ته ٻهراڙين مان نوجوانن کي شهرن، خاص طور تي ڪراچي وڃڻ واري لاڙي کي همٿائجي. هونءَ به سنڌ جي جاگرافيائي وحدت ۽ سياسي مستقبل جي اهم فيصلن جي حوالي سان ايندڙ ورهين ۾ سامونڊي پٽي، خاص طور تي ڪراچيءَ جي وڏي اهميت هوندي. اسان گذريل ستن ڏهاڪن ۾ ڪراچي پاڻ وڃائي آهي، ان کي ٻيهر حاصل ڪرڻ توڙي ٻهراڙين ۾ تبديليءَ جي لهر آڻڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ اثرائتي موجودگي نهايت اهم آهي.
    * سنڌ دوست سياسي ڌريون ڀلي ڪهڙي به قسم جي سياست ڪنديون هجن يا ڪهڙي به اتحاد جو حصو رهن، کين پنهنجي سياسي ڪم جو مرڪز ڪراچيءَ کي بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي مالڪيءَ جو احساس ٿئي. هن وقت وڏين سياسي شخصيتن جون ڪراچيءَ ۾ ذاتي اوطاقون ته شاندار طريقي سان آباد آهن، پر اهي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ عام سنڌين لاءِ ڪنهن به واهر جو مرڪز ناهن. جيستائين ڪراچيءَ ۾ موجود ٻين قومن ۽ ڌرين جي اڳواڻن جيان اسان جي اڳواڻن جا ڊرائنگ رومز عوامي واهر جو مرڪز نه بڻجندا، عوام به کين اوتري ئي موٽ ڏيندو.
    * سنڌ ۾ ثقافتي ۽ علمي ادبي تقريبن جو جاري رهڻ سنڌي سماج خاص ڪري نوجوانن کي متحرڪ رکندو. ايڪتا ڏينهن، انتهاپسنديءَ خلاف ڏينهن ۽ شيخ اياز فيسٽيول ان جا ويجها مثال آهن، انهن سرگرمين کي سڄي سنڌ ۾ لڳاتار جاري رکڻ گهرجي. ان ڏس ۾ ماضيءَ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ ڪجهه ادارا جمود جو شڪار ٿي چڪا آهن، انهن جي جاءِ تي وقت ۽ حالتن سان ٺهڪندڙ نوان ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    * پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي ايندڙ ورهين ۾ سنڌي سماج جي تبديليءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا، کين گهرجي ته پرڏيهه ۾ موجود سنڌي تنظيمون ۽ فرد منظم طريقي سان سنڌي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار لاءِ پرڏيهه پهچڻ ۾ واهر ڪن. ساڳي طرح پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي، سنڌ اندر تعليم ۽ هنر جي ميدان ۾ ادارا قائم ڪرڻ يا موجود ادارن وسيلي نوجوانن جي واهر لاءِ وسيلا مهيا ڪن. ڪجهه عوام دوست فرد ۽ ڌريون اڳي ئي اهڙو واکاڻ جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن کي منظم ڪرڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ملڪ اندر شهرن ۽ پرڏيهه ۾ پهچندڙ نوجوان نه رڳو جديد سماجي روين سان آشنا ٿيندا، پر خود سنڌ جي سماجي جمود کي ٽوڙڻ جي راهه هموار ڪري سگهندا.
    درحقيقت ان عمل سان سنڌ کي هڪ اهڙو مڊل ڪلاس مهيا ٿيندو، جيڪو شارٽ ڪٽ نه، پر پراسيس جي پيداوار هوندو. نوڪري پيشه وچولي طبقي جي ڀيٽ ۾ مارڪيٽ جي بنيادن تي جنم وٺندڙ وچولو طبقو ئي سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ ڪو بامعنى ڪردار ادا ڪري سگهندو. ساڳي طرح سنڌ ۾ هڪ اُسرندڙ سول سوسائٽي ويجهن ورهين ۾ هڪ شڪل اختيار ڪري رهي آهي. ان ۾ اين جي اوز، ميڊيا ۽ ٻين شعبن جا ماڻهو شامل آهن. مجموعي طور سول سوسائٽي سماجي تبديليءَ جي عمل ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، البته ان کي سياسي ڌرين جي متبادل طور هرگز نه ڏسڻ گهرجي. سول سوسائٽي سماجي ڍانچي جي تبديليءَ واري عمل کي هٿي ڏئي سگهي ٿي. انهن ڌرين کي گهرجي ته سنڌ ۾ تعليمي ۽ هنري ترقيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن. سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ تي رڳو مذمتون ۽ مطالبا ڪرڻ ڪافي ناهن، ان لاءِ متبادل ادارا قائم ڪرڻ ۽ اهل نوجوانن کي بهتر ادارن ۾ پهچڻ لاءِ واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعليمي نقصان جو پورائو رڳو عوام جي ساڃاهه وند فردن ۽ ڌرين پاران ان ميدان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي. سنڌي سماج ۾ اهليت جي اڻاٺ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کي رڳو جذباتي طور رد ڪرڻ ڪافي ناهي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي جاءِ پيدا ڪري وٺن ٿا، پر چٽاڀيٽيءَ جي هن جهان ۾ هڪ وڏي لهر پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، رڳو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪردارن سان سماج نه بدلجي سگهندو. هيومن رسورسز ۽ ٽيڪنالاجي ايندڙ وقت جي موقعن مان لاڀ وٺڻ لاءِ اڻٽر ضرورت آهن، ان مقصد لاءِ سنڌ کي جديد تعليم يا هنرن سان هٿياربند هزارين نوجوانن جي ضرورت آهي، ان لاءِ هر طرح جي تياريءَ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته انهن سمورن عملن کي حتمي يا واحد حل نه سمجهڻ گهرجي. گهڻ پاسائين تبديليءَ لاءِ بهرحال هڪ منظم ۽ مضبوط سياسي هلچل ۽ پارٽيءَ جي ضرورت اڻٽر آهي. ڊگهي مدي ۾ سنڌ جي مسئلن جو حل رڳو هڪ عوام دوست سياسي هلچل ۽ قيادت ئي فراهم ڪري سگهندي. مٿي ڄاڻايل ڪم گهڻو تڻو سول سوسائٽي جي ڪرڻ جا آهن، جيڪا سياسي عمل لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ جي واهر فراهم ڪري سگهي ٿي. سنڌي سماج جو تحرڪ ئي ان جي شاندار آئيندي جو بنياد بڻجندو، تنهن ڪري ان کي جٽاءُ ڏيڻ هر سنڌ واسيءَ جي اوليت هجڻ گهرجي.

    (روزاني ڪاوش، جمع 15 جنوري 2016ع)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428713
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ