ڪتاب جو نالو: اڙي شهر جانان !
مصنف: حليم باغي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2001
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 03 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 2523 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1134 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي محبوب شاعر حليم باغيءَ جي چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب ”اڙي شهر جانان !“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. حليم باغيءَ بابت عبد الواحد آريسر لکيو آهي:
حليم باغي جي شاعري پڙهڻ ۽ ساڻس ملاقات کان پوءِ آئون باغيءَ جي شاعري ۽ سندس شخصيت جي جادو ۾ منڊجي ويس ۽ اهو جادو جو منڊ اڃا تائين منهنجي جيءُ ۽ جند ۾ جڪڙيو ويٺو آهي. باغي جي شخصيت ۾ مون کي هن جا جاندار ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن، اهي ٽهڪ ڪڏهن سراهي ۾ شراب اوتجڻ جو پڙاڏو هوندا آهن ۽ ڪڏهن بهترين ڍولڪ نواز جي پڙاڏي مثل لڳندا آهن. ٽهڪ ئي ته زندگي جي علامت آهن. ٽهڪ ڪڏهن ڏياري جي ڏيئي جيان ٻرندا آهن، ڪڏهن مئخاني ۾ جام وانگر ٻُرندا آهن، ڪڏهن نفيس مهينديءَ رتن پيرن جي رقص جو استعارو بڻجي ويندا آهن ۽ ڪڏهن زندگي جي اها ڊوڙ ٿي پوندا آهن جنهن تي خالق ڪائنات خود فخر محسوس ڪندو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • شاعر پاران
  • مهاڳ
  • غزل

  • اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾
  • ڪروڙن جي اک ۾ کتل ڪان جيئن
  • انهي در جي داسي، اڙي دل! اڙي دل!
  • اسان کي سوڀ جو يا ھار جو ڪو ڀروسو ناھي،
  • آيو ڪير اسان کان اڳ،
  • هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم،
  • گهوري گهوري نه ڏسبي هاڻ چنڊ جي ٽڪي،
  • وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا،
  • اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لٽايون،
  • رت ديس تنهنجي راهه ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي،
  • ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي،
  • جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ،
  • سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي سين،
  • هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،
  • نه انتظار يار، نه ڪو الڪو بهار جو،
  • مهاڻي ڀڳل بت تي ويڙهي ڀُڪَل،
  • قضائن جي گھيري ۾ گذريل ڏهاڙا،
  • ڇڏ وانڌا ويندين راتين جا،
  • منجهيل ساز ٻيهر ڪي سانکورجن،
  • مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار،
  • رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،
  • چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي، هزار منظر حساب ڪونهي،
  • گيت منهنجا جيڪي هڏڪين جيان هوائن ۾ رهيا،
  • ڪنهن جي يادن جي ساگر ۾ اتري وئي،
  • پاڻ ۽ ڳڻتيون سور سهيڙا،
  • پونم جي چنڊ کي گهوريندا رهيا منهنجا نيڻ اداس،
  • اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
  • گهنڊ گڙن ٿا درياءُ ڀر،
  • اسان جي چمن مان ڪٿي دل ڀري آ،
  • بدلائيندو رنگ آسمان وهه وا!
  • نظم

  • بند وسڪيءَ جي بوتل جيان ڇوڪري
  • اڙي شهرِ جانان!
  • ڇا ٿيو جي ڪا ڇانءَ نه آهي
  • ڄام شوري جو پٿر
  • ڀاڳيو ڏينهن
  • هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾
  • انسان اٿيو
  • تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي
  • ناڪام محبت
  • ڪبوترا
  • ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان
  • ڀلي مسڪرايو ڀلي مسڪرايو
  • او شوخ هوا او شوخ هوا
  • وقت مٽجي پيو
  • هاءِ هٺيلا
  • منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين
  • ڪجهه قدر
  • انقلاب زنده باد
  • ڪارونجهر جيءَ ڪاريءَ چوٽيءَ
  • شاعر جو محبوبا ڏي خط
  • ڪمال راهمون جي شهادت تي
  • حسين رات
  • احمد ملاح جي ياد ۾
  • نعرا هڻندا هلو، پيرا کڻندا هلو
  • سنڌي گوريلي ۽ پريميڪا جي ڳالهه ٻولهه
  • گيت

  • پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي
  • هاءِ اسان جو روڳي منڙو
  • اسين رولاڪ سيلاني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،
  • هر تڙ جو هوڙاڪ، اسان جيئن ڪو به نه هوءِ،
  • وايون

  • پيرن هيٺ بهارون پٿريون، ڇاٽ ڇڻن ٿا گل،
  • ها! اسان کان پوءِ ڀي،
  • کنڀڙن جيئن کُلي، جهولن جيئن جهُلي،
  • ڪهڙي نيٺ ڪٽار،
  • ها هرسان هروار الو ميان!
  • تاڙي واري تات،
  • چوري ڪير ڪٿا الا،
  • بيت

  • ماٽاءَ ٿيل بلور جيئن، تون مان ٽڪرياسين
  • تون جو منهنجي ناگريءَ، هلي آئيو آن،
  • جيئڙو تيسين ڄيٽ1، سوڍا سانوڻ پيا اچن،
  • ڳري ۽ ڳارا وجهي، ڪانگل! ڪهڙي سور،
  • جڳ1 جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
  • مون بس تنهنجي ٻانهن ۾ گجرو پاتو آ،
  • وڳو گل1 ورن، تو جو پاتو تن تي،
  • ڌوڙ به وسن ڌوڙيا، مٿان تپن ڏينهن،
  • ڪلاداري1 ڪلنگيون، اڇليو ورولين2،
  • منهنجيءَ چوليءَ جيءَ، ”هرمچ“ توکي هيئن چيو:
  • چوٽيءَ دائي چيچ سان، ڍوليا جا کلندي،
  • ٻڪن منجهه ڀري، تنهنجا ڏنل موتيا،
  • ماروءَ جا ماڻا، واريءَ سندا ڀونگلا1،
  • وٽ وٽ کڻي ويڻ جي، واٽين وڇايون،
  • سي ئي راتيون رڃ جون، سي ئي ٿڌا ساهه،
  • جهونپن جي جهونگار، ولهيءَ وسيءَ راتڙين،
  • هي جي جاڙا وڻ، بيٺا ان ڀڙي1 مٿان،
  • اوچي1 ڳاٽ آلاپ، ڳر2 لڳائي ڳرسين،
  • ڇاکي ڇڻن ڦولڙا، پنن ڪهڙو پهه1،
  • روهيڙا ۽ ريل1، پرين پاکر2 ڪوٺيا،
  • سفيدن جيءَ ڇانوَ ۾، سورج لٿو پئي،
  • دوها

  • وڻ ڦوٽهڙي جيڪا جيڪا، ورڇ هتي هت ونڊي
  • واهوندن سان هونءَ ته وڻ وڻ تي هن پکڙبا ڦل،
  • تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند1،
  • تو ڏي ايندڙ هر ڪو رستو، ڦاسيءَ گهاٽ تي آيو،
  • تنهنجي منهن تي تر موهيڙا سڪا سونا روپا،
  • واچوڙن سان ڇڏيا اڏائي، ڪوتا جا سڀ ڪڻ1،
  • ڪونه ڏٺوسين ڪو ته ڪارايل1، ساڄو ٿيو يا کاٻو،
  • ڪو به نه ڄاڻي نام اسان جو، ڪو به نه ڄاڻي ڪام1،
  • تو ته چيو ٿي پنهنجو من آ، جنهن سان چاهي لائي،
  • ڪو به اسان جو دام نه ڄاڻي، ڪو به ڄاڻي مول1،
  • ڇا تون هي ڀي ڪونه ٿي ڄاڻين، دنيا جو وهنوار
  • هن سنسار جي هر ڪنهن سک جا، تون مان سرجڻهار1،
  • رڄ1 کنوي ۽ رڄ وسي، رڄ رڄ ڀري نياڻ2،
  • ڏات تنهنجيءَ لئه هر ڪو خالي جهول چوي ٿو مون کي ڏئي،
  • ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون1، ڍونڍي روءِ زمين2،
  • سوچ ته شاعر! درد هي تنهنجا، هوءِ سنڀالي سگهندي؟
  • وعدن جا رانديڪا ڏيو ٿا، هيءَ به ته سوچيو يار!

  • ترتيب

    ارپنا

    آئون پنهنجو هي سمورو پيار جو پورهيو سفيد ڪپڙن واريءَ
    جي نالي منسوب ڪريان ٿو.

    ويون تو سان منهنجون سڃاڻپون
    مگر ايترو به نه مون کان ڇڄ.

    ”تنهنجي نانءُ سان اي جان غزل ڪنهن شخص لکيا هئا شعر.“

    حليم باغي
    روحل واءِ، اَمرڪوٽ
    تاريخ 2001 ــ 12 ــ 09


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (230) ”اڙي شهر جانان !“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ جو هي ڪتاب سنڌ جي محبوب شاعر حليم باغيءَ جو آهي.

    هي ڪتاب ٽي دفعا ڇپيو آهي. اسان ٿورائتا آهيون پياري دوست راجا ساند جا، جنهن هن ڪتاب جي نه صرف اينڊرائيڊ اپليڪيشن جوڙي آهي پر ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اسان ڏانهن موڪليو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    شاعر پاران

    شاعري، فنون لطيفا (Fine Art) جو اهو شعبو آهي، جيڪو هر دل کي اُتساهيندو آهي ۽ هر دماغ کي ڪجهه گهڙيون سوچڻ جو سامان مهيا ڪندو آهي. هونئن به شاعري جيتري سوچ ويچار سان سرجي ويندي، اوتري ئي اها دل تي اثر انداز ٿيندي، يعني انهي مان ايئن نه سمجهڻ کپي ته ڪو شاعري دماغ کي متاثر ئي ڪانه ٿي ڪري. شاعري پنهنجي ڪيفيت ۽ تعريف جي لحاظ کان دماغ تي به اوترو ئي اثر انداز ٿئي ٿي، جيتري دل تي. شاعري به ادب جي ٻين سڀني صنفن يعني افساني، ناول، ڊرامي، ليک يا مضمون وغيره وانگر سماج جو اولڙو (Reflection) هوندي آهي. يعني شاعري ۾ به اسان جي سماج جا عيب ثواب، اوڻايون پوڻايون، خوبيون خاميون، چڱايون مٺايون، ڏک ڏاکڙا، تڪليفون، عذاب، مسئلا ۽ وارداتون ئي اظهار ٿيل هونديون آهن. سموري ادب ۾ ڪابه شيءِ ٻاهران، گهڙيل يا Subjective يا موضوعي نه هوندي آهي، انسان ذات جا مسئلا، اهنج، جدوجهدون، واقعا ۽ ڪيفيتون دراصل داخلي ۽ موضوعي ڪيفيتن جون ٿي ئي نٿيون سگهن. اهي سمورا مظهر Phenumena دراصل انساني ذات جا گڏيل، اجتمائي ۽ معروضي Objective ٿيندا آهن. سمورا ڪلاڪار پوءِ اهي شاعر هجن يا موسيقار، ڳائڻا هجن يا مصور، اداڪار توڙي ليکڪ پنهنجي سماج ۾ جيڪي به ڪجهه ڏسندا آهن انهيءَ کي پنهنجي مخصوص انداز سان اظهار ڪندا آهن.

    مون به جيڪي ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو سڀ اسان جي ماحول، گهُٽ ٻوسٽ ۽ اوندهه جي دين آهي. اهو ته ٿي سگهي ٿو ته هڪ فنڪار پنهنجي ذاتي ۽ انفرادي اهنجن، تڪليفن کي به ٻين ماڻهن جي دکن ۽ تڪليفن سان Collectively گڏ ڪري پيش ڪري، انهيءَ شيءِ جي شدت، انهيءَ احساس جي سطح هر فنڪار جي جدا جدا ٿي سگهي ٿي. تاهم اهو دک، درد، اهنج، تڪليف ڪابه ٻاهران آيل Outwordly نه ٿيندا آهن پر اهي سڀ مظهر اسان جي سماج ۾ هوندا آهن. فنڪار جي تيز نظر ڇهندي آهي ته ان مسئلي يا ان مظهر ۾ جان پئجي ويندي آهي. سمورا نقاد ۽ تاريخدان متفق آهن ته ”مارئي“ تي ٿيل واردات ڀٽائي جي دور کان به ڪافي اڳ جي آهي، پر ”مارئي“ جي ڪردار جي عظمت، حب الوطني، پنهوارن سان پريت وارا نُڪتا ڀٽائي جي قلم جي ڇهڻ سان ئي دنيا جي اڳيان پڌرا ٿيا. وارث شاهه جي ”هير رانجها“ واري ڪٿا به اهڙي دکدائڪ ۽ دل ڀڄائيندڙ ثابت نه ٿئي ها. جيڪڏهن ان ڪٿا ۾ خود وارث شاهه جا ڳوڙها شامل نه ٿين ها. دنيا جا سمورا اديب ۽ شاعر هميشه انهيءَ ڳالهه جا قائل رهيا آهن ته:

    خوشتر آن باشد که سر دلبران،
    گفته آيد در حديث ديگران.

    يعني سٺو ته اهو ئي آهي ته محبوب جو راز هميشه ٻين ماڻهن جي ڳالهه جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي.

    دراصل وارث شاهه پاڻ هڪ معزز خاندان جي ڇوڪريءَ ”ڀاڳ ڀري“ سان پريت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو ۽ هير جي روپ ۾ وارث شاهه جا پنهنجا وڇوڙي جا ورلاپ هڪ بي مثال ۽ هڪ ڪلاسيڪي ڪٿا جي روپ ۾ ماڻهن جي اڳيا آيا. چوڻ جو مقصد ته ”هير وارث شاهه“ ايتري دل پذير ۽ موثر انهي ڪري ئي ٿي سگهي جو وارث شاهه ان کي پنهنجي دردن جي زبان ۾ دنيا اڳيان پڌرو ڪيو. دراصل سڀ Classics ڪلاڪار جي اندروني درد مان ئي جڙندا آهن. ڪردارن جي منهن مان ڪلاڪار پاڻ مخاطب ٿيندو آهي ۽ بس.

    ڪابه ديده ور غواص جي نظر ئي سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ لڪيل موتيءَ کي ڳولهي لهندي آهي. مون به جيڪي به لکيو آهي انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو سڀ اسان جي مخصوص ماحول گهٽ ٻوسٽ ۽ اونداهه جي Ditto Copy آهي. انهي ۾ رنگ، شدت، احساساتي سطح منهنجي پنهنجي آهي، باقي سماج ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري پيو، جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، منهنجي شاعري ۾ به انهي جو ئي اظهار آهي ۽ بس.

    آئون تمام گهٽ لکندو آهيان، منهنجو دوست مظهر لغاري چوندو آهي ته ماڻهو جيڪڏهن لکي ته هن جيڪا پنهنجيءَ لکڻيءَ جي سطح رکي آهي، ان کان مٿي لکي يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي برقرار رکي، باقي انگ پوري ڪرڻ جي لاءِ، ڪن ڳڻائڻ جي لاءِ نه لکي. آئون به سندس انهيءَ خوبصورت راءِ سان متفق آهيان. ماڻهو لکي ته واقعي روح کي گرمائڻ واري ڪا شيءِ ئي لکي ورنه ٻوڙ هارڻ کان سٺو آهي ته چُپ رهجي.

    آئون ايتري شدت، جذباتي گرمي ۽ احساساتي ڪيفيت ڪٿان آڻيندو آهيان جو منهنجي لکيل شيءِ ماڻهن تي ڪجهه اثر انداز ٿيندي آهي؟

    ته آئون سمجهان ٿو ته انهيءَ ڳالهه ۾ به منهنجو پنهنجو ذاتي ڪمال ڪونهي. منهنجا سمورا ڪردار ايترا ته سگهارا آهن جو انهن جو شايان شان، اسلوب ٻولي ۽ لهجو ازخود انهن ڪردارن جي طرفان ئي مون کي حاصل ٿيندو آهي. منهنجيءَ شاعري جي ٻوليءَ تي به منهنجي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي ڪجهه اعتراض آهن ته اها پراڻي سنڌي متروڪ ٿي ويئي آهي ته انهي جي جواب ۾ آئون اهو ئي چوندس ته اها ٻولي اسان جي شهرن ۽ ماڊرن انگريزي گزيده خاندانن مان متروڪ ٿي ويئي هجي ته اسان جي واهڻن، وٿاڻن، کيتن، ولهارن، جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ اها ٻولي اڃان به استعمال ٿي رهي آهي. لسانيات جي ماهرن Linguisticians ۽ تعليمدانن جي Educationists جي راءِ ته اها ئي آهي ته ٻهراڙين ۽ جهنگلن جي ٻولي معياري Standardize ۽ مستند Authentic هوندي آهي.

    ڪتاب جو دير سان ڇپجڻ به هڪڙو وضاحت طلب نقطو آهي، هن دير ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب ڏاڍو کل جوڳو ۽ ناقابل يقين سبب آهي. اهو ايئن ته زندگي جي سڀني معاملن ۾ آئون لاپرواهه رهيو آهيان ۽ منهنجي انهيءَ سموري لاپرواهي جو سڀ کان گهڻو اثر منهنجيءَ شاعري جي تخليق ۽ ڇپجڻ تي پيو آهي.

    مسودو يعني ڊائريون ۽ ڪاپيون اڄ کان ڏهه يا ٻارنهن سال اڳي منهنجي دوست حفيظ قريشيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيم ۽ وکريل سکريل مواد دراصل مون کان پاڻ کان به سهيڙجي نه پئي سگهيو.

    حفيظ صاحب پنهنجن نيمن وارن ڦڏن، قانوني چڪرن ۽ گوناگون مصروفيتن ۾ ايڏو ته رُڌل هو جو ٻئي پاسي (ڪتاب جي ڇپائي ڏي) توجهه به نه ڏيئي سگهيو. ڪتاب جو سمورو مسودو به واپس نه ڪري، مون جهڙي سُست ۽ وسيلن کان پالهي ماڻهو لاءِ حيدرآباد جا چڪر ۽ سندس گهر جا ڦيرا ايڏا ته ٿڪائيندڙ ٿيا جو انهن چڪرن جو جيڪڏهن وچور ڪرڻ ويهبو ته زندگيءَ جا ڪجهه ٻيا ڏينهن به لڳي سگهن ٿا.

    نيٺ آسرا لاهي جيڪا شاعري مون کي ياد هئي يا دوستن همٿ ڪري هٿ ڪئي، اها ٿوري ئي سهي سهيڙي سنگت جي پراڻيءَ گلا تي ڳنڍو ٻڌو اٿم. يا آڳ لاٿي اٿم. اميد ته دوست انهي ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندا.

    ٿلهي ۽ ٿوري ويچاريءَ سان وڙ ڪيو. (شاهه)

    منهنجي شعر گوئيءَ جون خبرون مشاعرن، گڏجاڻين، دوستن جي ڪچهرين، ادبي ويهڪن ۾ گردش ۾ انهيءَ جي ڪري آيون جو آئون سمجهان ٿو ته مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اسٽيج مليو. سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي ساڃاهه ۽ ضمير جو هر دور ۾ Nucleus رهي آهي. تنظيم جون جنرل باڊيز، ادبي ميڙاڪا توڙي مختلف ڊپارٽمينٽس جي رنگا رنگ تقريبن جي ڪري ئي منهنجي شاعري پوري سنڌ جي دوستن جي ڪنن تائين پهتي.

    انهن پنهنجي دامن ۾ منهنجي ٻولن کي پيار ڏنو، آئون سمجهان ٿو ته اهو سندن حسن ظن آهي نه ته آئون پنهنجي ڏات کي : ”ڪتڻ واريءَ ڪتيو، ٿلهو ۽ ٿورو“ ”ٿلهو ۽ ٿورو“ سمجهان ٿو. سڀني وضاحتن کان پوءِ به آئون سمجهان ٿو ته دوستن جي اڳيان هڪڙي مخصوص ڪردار يعني ”سفيد ڪپڙن واريءَ“ جي باري ۾ سنگت اڪثر پڇندي رهندي آهي ته اها ڪير آهي؟ سندس نالو ڇا آهي؟

    ته آئون سمجهان ٿو ته انهي ڪردار کي هڪڙو ”فرضي يا خيالي ڪردار“ سمجهيو وڃي ته بهتر. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڳالهيون اسان جي سماج ۽ گهرن جي سڪون کي برقرار رکڻ جي لاءِ لڪائي رکجن ته بهتر. ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون اسان جي سماج جي هاضمي تي نٿيون لڳن، خاندان اجڙي وڃن ٿا، انهي ڪري انهن ڳالهين کي ڦلهوريو نه وڃي ته بهتر.

    آئون پدمات پبليڪيشن جي ساٿين حاجي ساند، ڪيول رام لوها ۽ نور محمد (نور سنڌي) جو ٿورائتو آهيان جن مون جهڙي سُست ماڻهو کان وڌيڪ دلچسپي وٺي ڪتاب جو ڪم پورو ڪيو.

    حليم باغي


    مهاڳ

    ”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو.“
    هي 1977ع جي پڇاڙي جي ڳالهه آهي جو آئون عوامي جمهوريت جي قيدخاني ۾ ٻه سال گذارڻ کان پوءِ ڳوٺ پهتو هئس، جتي هڪڙي دوست جي دعوت ۾ امرڪوٽ جي ڪنهن ننڍي عمر واري شاعر جي ڳالهه نڪتي، ڳالهه سان گڏ مون کي ان شاعر جا ٻه بيت ٻڌايا ويا جن مان هڪڙو هي بيت هو:

    مون کي ڀُر مَ ڀانءَ، آئون پکي آڳ جو،
    جتي سُڄي منهنجي رانءِ، ات ٽانڊن ۾ ٽاڪوڙو پوي.

    آئون ان بيت جي پختگي کان ۽ تخيل جي پرواز کان ايڏي متاثر ٿيس جو مون يڪدم دوستن کان ان شاعر جو نالو ۽ ڳوٺ پڇيو. مون کي ٻڌايو ويو ته نالو عبدالحليم باغي ۽ ڳوٺ روحل واءِ. روحل واءِ کان آئون چڱي طرح واقف هئس جو منهنجو جهونو دوست ۽ شاعر جمن دربدر ان ڳوٺ جو هو، ان سان گڏوگڏ جيل ۾ مون ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ نالي ڪتاب پڙهيو هو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته روحل فقير زنگيجو اصل امرڪوٽ جي ڀرسان روحل واءِ جو رهاڪو هو ۽ ڳوٺ تي نالو به روحل فقير جي ڪري ئي پيو. انهيءَ ڪتاب ۾ مون روحل فقير جي سئوٽ مراد فقير جو هڪڙو شعر پڙهيو هو:

    ورسي پٽ پدمات جا، ٻَن پئي هالار،
    ڏٺي منهن ميهار، ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

    ۽ انهيءَ مراد فقير جو هڪڙو سرائڪي شعر هو جيڪو مدد خان پٺاڻ جي حملن تي هن چيو هو:

    ماري مدد ڪون دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان.

    ان ڪتاب پڙهڻ وقت مون پنهنجي دوست ڀليڏنو فقير کي سينٽرل جيل ڪراچي مان هڪ خط لکيو جنهن ۾ اها حقيقت لکي موڪلي هيم، هن جواب ۾ لکي موڪليو ته جنهن شيءِ کي اوهان ”پدمات“ لکيو آهي اها هتي ”پڏمات“ سڏجي ٿي ۽ روحل واءِ جي بلڪل ڀرسان روحل فقير جي چلي واري جڳهه انهي ايراضي ۾ آهي ته باغي جو مون سان پهريون تعارف سندس بيت ۽ روحل واءِ جي ذريعي سان ٿيو. آئون جيڪو امرڪوٽ کان تقريباَ 15 سال ڪٽجي حيدرآباد جي علمي، ادبي، سياسي ۽ فڪري فضا ۾ ان دور جي بهترين شاعري جي آنچل جون اڏارون ڏسندو رهيو هئس ۽ مون کي اهو تصور ئي نه هو ته منهنجو ڏڪاريل ڏيهه شاعريءَ جي ميدان ۾ ايڏو زرخيز ۽ سانوڻ جي ڪڪر جهڙو دلڪش ٿي سگهي ٿو پر ان سال ٿر وٺو هو آسمان تي بادل جل پرين وانگر ناچ ڪندا ٿي رهيا ۽ وليون وڻن سان ايئن ويڙهجي ويون هيون، جيئن سالن جا سڪايل پاڻ ۾ ٻکجي ويندا آهن. اتي نه صرف نشيليون نگاهون ۽ ڪڪوريل ٻانهون هيون پر اها شاعري به نسرجي رهي هئي، جنهن شاعري کي اڳتي هلي نه رڳو سنڌ جي آڪاش ۾ پکڙجڻو هو پر سمنڊ جي گهرائيءَ جهڙي دل رکندڙ جي. ايم. سيد جي سيني ۾ به پنهنجو آکيرو اڏڻو هو ۽ هو سدائين باغيءَ جو اهو شعر پڙهندو هو ته:

    رت ديش تنهنجي راهه ۾، جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي،
    منهنجو به نصيب ٺهي وڃي، تنهنجو به قرض لهي وڃي.

    ان شعر جي خالق سان آئون ڪهي وڃي روحل فقير جي آستاني تي مليس. انتهائي سادو پر ڪا ڪا سادگي هٿرادو ٿيندي آهي ۽ ڪا ڪا فطري هوندي آهي، بلڪل خدا جي تخليق جهڙي، جنهن ۾ ڪئي رونقون رنگ پکيڙينديون آهن، ڪيئي جلوا جنسار ڪندا آهن، ڪيئي تجلا جهرمر جهرمر جرڪندا آهن. سادي هجڻ سان گڏ هو انتهائي غريب گهراڻي جو يتيم فرد هو پر تاريخ ۾ ڪي ڪي غريب ۽ يتيم ٻار قومن جي فطري ۽ مادري زندگي تي اڻ مٽ اثر ڇڏي ويندا آهن. پر شرط اها آهي ته ان غربت ۾ خوديءَ ۽ يتيمي ۾ خوداعتماديءَ هجي. ان جا مون وٽ ٽي مثال آهن؛ حضرت محمد صه جيڪو غريب ۽ يتيم هو جنهن دنيا جي تبديليءَ ۾ سڀ کان مٿاهون ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو جو اڄ يورپ ۽ امريڪا جا ليکڪ (دنيا جا سئو وڏا ماڻهو) نالي ڪتاب لکن ٿا، ان ۾ پهريون نمبر حضرت محمد صه کي ڏين ٿا. ٻيو مهاتما گانڌيءَ جنهن جي مرڻ وقت سندس ڪل ورثو اڍائي پائونڊ هو، ان کي به اڄ ويهين صديءَ جو آئينسٽائين کان پوءِ وڏو ڪردار ڏنو ويو آهي. ٽيون جي. ايم. سيد، جنهن منهنجي خيال ۾ سنڌ جي هزار ساله تاريخ ۾ جيڪو فڪري ۽ ذهني انقلاب پيدا ڪيو آهي، ان جو تاريخ فيصلو ڪندي. آئون باغي کي انهن ٽنهي شخصيتن سان ڀيٽيان ٿو ۽ نه ئي مقابلي ۾ آڻڻ ٿو چاهيان پر حقيقت هي آهي جو ٿر جي هڪڙي جهوپڙي ۾ جنم وٺندڙ هن يتيم ٻار جي شاعريءِ جيڪڏهن شيخ اياز پڙهي ها ته شايد ساهه جي آخري هچڪي وقت هو اهو ضرور چوي ها ته منهنجي وڃڻ تي مايوس نه ٿيو مون کان پوءِ حليم باغي ويٺو آهي. پر شايد شيخ صاحب صرف سنڌي جا ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا پڙهندو هو پر بدقسمتي سان حليم باغي جو ڪتاب اياز جي زندگي ۾ ڇپجي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ساڙ سڙين اديبن ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ باغي جي شاعري شامل ڪئي جنهن ڪتاب جو مهاڳ به شيخ اياز لکيو هو.
    بهرحال ملاقات کان پوءِ آئون باغيءَ جي شاعري ۽ سندس شخصيت جي جادو ۾ منڊجي ويس ۽ اهو جادو جو منڊ اڃا تائين منهنجي جيءُ ۽ جند ۾ جڪڙيو ويٺو آهي. باغي جي شخصيت ۾ مون کي هن جا جاندار ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن، اهي ٽهڪ ڪڏهن سراهي ۾ شراب اوتجڻ جو پڙاڏو هوندا آهن ۽ ڪڏهن بهترين ڍولڪ نواز جي پڙاڏي مثل لڳندا آهن. ٽهڪ ئي ته زندگي جي علامت آهن. ٽهڪ ڪڏهن ڏياري جي ڏيئي جيان ٻرندا آهن، ڪڏهن مئخاني ۾ جام وانگر ٻُرندا آهن، ڪڏهن نفيس مهينديءَ رتن پيرن جي رقص جو استعارو بڻجي ويندا آهن ۽ ڪڏهن زندگي جي اها ڊوڙ ٿي پوندا آهن جنهن تي خالق ڪائنات خود فخر محسوس ڪندو آهي.

    انهن ٽهڪن مان مون کي لڳندو آهي ته باغيءَ کي زندگي سان بي انتها پيار آهي، رڳو پنهنجي زندگي سان نه پر پوري انسانيت جي زندگي سان. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي زندگي سان، سنڌ جي مارو ماڻهن جي زندگي سان پيار آهي، جنهن کي هو پنهنجي لازوال ڏات ذريعي محرومين، مايوسين مان ڪڍي محبتن ۽ مسرتن جي ساگر ۾ ترندڙ مڇين وانگر بڻائڻ چاهي ٿو يعني منهنجي خواهش آهي ته باغي جي زندگي سان محبت ڪڏهن به ختم نه ٿئي زندگي جيڪي بهارن جا ڳاڙها ڳڀ پيدا ڪندي آهي، محبتن جا ميلا مچائيندي آهي ۽ مقتلن جا ميدان سينگاريندي آهي.

    شاعري ڇا آهي؟
    انگريزي ۾ ته ڏاڍو مختصر لفظ آهي Poetry، هندي ۾ ڪويتا، پر عربي ۾ جنهن ٻولي جو اهو لفظ آهي شاعري، اها گهڻ معنائون لفظ آهي. مثال طور عربي ۾ وار کي شعر چوندا آهن. جَوَ جي داڻي کي شعير چوندا آهن، سمجهه کي شعور چوندا آهن. يعني اسين انهن ٽنهي لفظن کي مجموعي طرح ملائي جيڪڏهن ڪو هڪڙو مفهوم ڪڍون ته اهو ٿيندو اهڙو خيال جيڪو محبوب جي وار وانگر سنهو هجي ۽ جَوَ جي داڻي وانگر تهه سان ڍڪيل هجي ۽ انساني سمجهه جي اعليٰ ترين شڪل وارو هجي، ان ڪري آئون شاعري جي تعريف ڪندو آهيان ته محبوب جي وار جهڙو خيال ۽ لباس ۾ ڍڪيل جسم جهڙو تصور ۽ فڪري بلندي جو اُڀ تائين اڏندڙ عقاب آهي. اهي ٽئي شعر تخليق ٿيندو آهي.
    عربي ۾ شعر جي اها اهميت آهي جو قرآن شريف جي آيت کي صحيح يا غلط هجڻ جو معيار انهن وٽ گمراهه شهزادي جو ڪيس آهي. جيڪڏهن ان جي شعرن سان قرآن جي آيت ڀيٽجي اچي ته صحيح آهي نه ته غلط آهي. اسان جي نه رڳو جذباتي زندگي ٺاهي ٿي پر اسان جي زندگي کي بارونق، بهادر ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان مالا مال ڪري ٿي. آئون سمجهان ٿو ته ايشيائي ماڻهو ۽ آفريڪي پڻ جيڪڏهن زنده آهن ته سياستدانن جي ڪوشش کان وڌيڪ شاعرن جي شاعري وسيلي آهن، هتي مون کي هڪڙي ويٽنام جي شاعر جي شعر جو مفهوم ٿو ياد اچي جيڪو هن ويٽنام جي جنگ دوران لکيو هو ته:
    ”اسان پنهنجي شاعري لکي گوريلن جي کيسن ۾ وجهي جنگ تي موڪليندا آهيون ۽ پوءِ دعا گهرندا آهيون ته گوريلن جي کيسن ۾ پيل شاعري جي سلامتيءَ جي، جن ۾ اسان جي شاعري پيل هوندي آهي ڇو ته جيڪڏهن شاعري سلامت موٽي آئي ته گوريلو به سلامت موٽي ايندو پر جيڪڏهن اهو کيسو تباهه ٿي ويو ته اهڙي شاعري شايد اسين وري ٻيهر لکي نه سگهون.“
    اسان سنڌ جي سرزمين ويدن ”ويدڪ دور“ کان وٺي شاعري جي ذريعي زنده رهي آهي ۽ اسان جي سڃاڻپ به ان شاعري جي ذريعي آهي. هندوستان جي عالم وزير اعظم جواهر لال نهرو لکيو آهي ته قومن جي سڃاڻپ ۽ زندگي شڪست کائيندڙ ۽ فتح ماڻيندڙ سياستدانن جي ڪري برقرار نه رهندي آهي پر اها شاعرن ۽ فنڪارن جي ڪري زنده رهندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ۾ اهو دور اچي جو نهرو کي ڪو سڃاڻي به نه پر ٽئگور ۽ پرمچند ان دور ۾ زنده هوندا. اسان جڏهن پنهنجي سنڌ تي نظر وجهون ٿا ته مون کي لڳي ٿو ته اسان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سڀني ناانصافين کي پنهنجي لازوال شاعريءَ جي ذريعي شڪست ڏني آهي، ان شاعريءَ ۾ اسان جا ڪي جي سج جهڙا هئا ۽ ڪي شاعر بڊي جي بادل جهڙا، ڪي شاعر ڪارونجهر جي ڪور تي ٽهوڪندڙ مورن جهڙا ۽ ڪي ڇور واهه جي ڇولين ۾ پنهنجا گرم جسم پسائيندڙ ماروئڙن جهڙا، بهرحال اسان جي شاعري ئي آهي جنهن سنڌ جي سياست کي ادب ۽ شاعريءَ سان ملائي اهڙي ڌُن تخليق ڪئي جيڪا نه ڪڏهن ڪنواريءَ جي ٽهڪ ۾ اڀري نه ڪڏهن اسوءَ جي اوهيري ۾ ظاهري ٿي ۽ اسان ان شاعريءَ کي دل ۽ دماغ جو گڏيل محور بنائي ڇڏيو.
    مولانا آزاد هڪڙي جاءِ تي لکيو آهي ته سياست جي سيني ۾ دل نه ٿيندي آهي. مون چيو هو ته سنڌ ۾ سيد اهڙي سياست کي جنم ڏنو آهي، جيڪا نه صرف سياست جي سيني ۾ دل آهي ۽ هن ڳائڻ به شروع ڪيو آهي، جتي ڪٽر عقل پسند ابراهيم جويو به هوندو ۽ تخيل جي بلندين تي سوار ٿي آسمان جا سينا چيريندڙ حليم باغي به هوندو هو. جتي رئيس ڪريم بخش جي ڍولڪ جو آواز به هوندو هو ۽ حفيظ قريشي جي خطاب جي انڊلٺ به هوندي هئي. ڪاش! سيد کان پوءِ اهو زمانو اسان وٽ موٽي اچي، ڇو ته آئون محسوس ٿو ڪريان ته اڄ سياست جي سيني مان دل نڪرندي پئي وڃي.
    ڪا ڪا سرزمين شايد شاعريءَ جي سرن ۽ نکرڻ جي لاءِ انتهائي موزون ۽ زرخيز هوندي آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن وقت عرب ۽ ايران شاعريءَ جي وهڪري جا بي پناهه درياهه هئا. پر پوءِ پختون خواه سنڌ ۽ بنگال شاعريءَ جي لاءِ وڏا واهر ثابت ٿيا، خصوصاَ لوڪ شاعريءَ جهڙي پختون خواه ۽ سنڌ جي ريگستاني حصي ۽ بنگال مان اڀري اهڙي شايد ئي ڏکڻ ايشيا جي ٻين علائقن ۾ اڀري ۽ اسري سگهي هجي. اسان جي ٿري لوڪ شاعريءَ تي راجسٿاني شاعريءَ جو نمايان اثر ۽ لاڳاپو رهيو آهي، هونئن به ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ به اهي سُر انتهائي خوبصورت جماليات سان ڀرپور ۽ نفيس احساسن جو بي مثال نمونا آهن.
    آئون سمجهان ٿو ته جمالياتي نقطه نظر سان ٿر سان لاڳاپيل شاعريءَ جو مقابلو ڪو سُر ڪري سگهي ٿو ته اهو سُر سامونڊي آهي. اياز به جيڪا شاعري ٿر جي حوالي سان تخليق ڪئي آهي، ان جو حسن تخيل جي بلندي، احساسن جي نزاڪت ۽ لفظن جو جڙاءُ ايڏو ئي من موهيندڙ آهي، جيڏو من موهيندڙ شيخ اياز جو آواز ۽ سندس اکين جي چمڪ هوندي هئي ۽ اياز پاڻ ٿر جي نامعلوم ڪهڙي شيءِ کان متاثر ٿي اهو چيو هو ته مون جيڪڏهن ٻيو جنم ورتو ته منهنجو اهو جنم ٿر ۾ هوندو ۽ اسان جي هن دور ۾ سر موڙ شاعر حليم باغي جي ذهني خوشقسمتي آهي ته هن ٿر جي دنگ تي جنم ورتو آهي.
    ان ڪري سندس شاعري ۾ سڀئي رنگ ۽ ڍنگ موجود آهن، ڏُڪارن ۾ به ٿر جي زندگي کي ڪائي ڀرپور معنيٰ ۽ مقصد بخشين ٿا. آئون سنڌي شاعريءَ کي سنڌي ادب جي تاريخ جي حوالي سان چئن دورن ۾ ورهايان ٿو.
    پهريون دور ميئين ڪريم ۽ قاضي قادن کان شروع ٿي خليفي نبي بخش تائين پهچي ٿو. اهو دور اسان جي شاعري جي شاندار بامقصد روح جي تازگي ۽ دماغ جي توانائي سان ڀرپور آهي. جنهن دور جي شاعري اسان جي ماڻهن کي مايوسين ۾ به پُراميد رکيو آهي. شڪستن ۾ به فتح جي تعبير بڻجندڙ خواب ڏيکاريا. حملن وقت همٿ ۽ حوصلو بخشيو ۽ انهي دور جو سرواڻ بنا ڪنهن شڪ جي گنجائش جي لطيف سائين آهي ۽ ٻيو دور سچل سائين ۽ مصري شاهه جي وفات کان پوءِ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ميرن جي حڪومت تهذيبي اثرن ڪري فارسي عروض ۽ بحر وزن تحت شروع ٿيو، ان دور جا شاعر ثابت علي شاهه کان وٺي فيض بخشاپوري تائين رهيا آهن ۽ آئون سمجهان ٿو ته ان دور ۾ ان قسم جي شاعري جو فيض آخري شاعر هو. ۽ شاعري جو ٻيو دور ڪشنچند بيوس ۽ فاني کان شروع ٿيو جو پابند شاعري جو دور آهي پر انهي جا موضوع، ترڪيبون، تشبيهون، استعارا، اشارا سڀ سنڌ جي سرزمين جا آهن جيتوڻيڪ انهي دور ۾ قليچ بيگ جهڙا يگانه شاعر به هئا پر قليچ جي شاعري ۾ اهو رنگ نه ڀرجي سگهيو، جيڪو بيوس عزيز فاني ۽ سانگيءَ جي شاعري ۾ موجود آهي پر انهي دور ۾ ابتدائي شاعرن نئون ولولو، نوان امنگ، نوان رس ۽ چس ۽ خيالي بي پناهه وسعت جيڪا اياز تنوير جي ابتدائي شاعري کي ڇڏي اياز، نياز، شمشير ۽ امداد تيار ڪيا ۽ انهي سموري دور جي شاعرن جو سرموڙ قابل تقليد شاعر شيخ اياز هو پرانهي دور جي شاعري ۾ ڪجهه نالا اهڙا به آهن جنهن اياز جهڙي قدآور شاعر جي موجودگي ۾ به ٻولي جو استعمال شين جو جڙاءُ، لهجي جي انفراديت ۽ ترنم الڳ رکيو انهن مان نياز همايوني، تنوير عباسي، بردو سنڌي، شمشيرالحيدري، امداد حسيني نمايان آهن.
    اسان جي شاعري جو ٽيون دور جيڪو استاد بخاري، راشد مورائي، مير محمد پيرزادي، تاج ۽ خاڪي جويي، اياز گل ۽ ادل سومري، بلبل کورواهي ۽ سائينداد ساند، ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي واري ٽهيءَ تي مشتمل آهي.
    ان دور جي شاعرن مان ڪنهن به هڪ کي ٻي کان مٿاهون درجو ڏيڻ مناسب ڪونه ٿيندو. ڪي رومانٽڪ شاعري جا بادشاهه آهن ته ڪي قومي شاعري جا سپهه سالار ۽ ڪجهه سماجي منظر نگاري جا پڳدار ۽ ڪي عشقيه شاعري جا گهوٽ اڻ موٽ آهن ۽ ان دور جي سموري شاعري مون کي حسن درس جي شعر وانگر لڳندي آهي ته:

    ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو.“

    ۽ اسان جي شاعري جو چوٿون دور هن اڀاڳي ڌرتي تي منحوس ماڻهن تي پاڇاهي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ان دور ۾ ڪيترائي نالا شاعري جي افق تي جرڪندا ۽ جلڪندا نظر اچن ٿا ۽ جيڪڏهن آئون انهن جا نالا لکڻ شروع ڪيان ته شايد هڪڙو ڪتاب رڳو نالن سان ڀرجي ويندو. پر ٻن ٽن شاعرن جا نالا آئون ضرور کڻندس تن ۾ مظهر لغاري، اقبال رند، سعيد ميمڻ ۽ حليم باغي حقيقت ۾ سٺا شاعر جيڪڏهن سانجهي ٽاڻي جا ستارا آهن ته باغي ان دور جو قطب نما آهي. ان ڪري ٻين جي شاعري جو گهڻو دارومدار مطالعي تي آهي پر باغي جي شاعري ٿر جي ماڻهن جي مزاج مطابق مشابهت جو ڀنڊار آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته باغي وٽ مطالعو ناهي آئون سمجهان ٿو ته انهي دور جي شاعرن مان شايد ئي ڪو شاعر باغي جهڙي انگريزي ڄاڻندو هجي يا هندي ٻولي سندس لپي ۾ پڙهي سگهندو هجي. هن جي مطالعي ۽ مشاهدي گڏجي سندس شاعري کي دروپتي جي ساڙهيءَ جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن کي ڪيترو کوليندا وتو پر آخري ڇيڙو دروپتيءَ جي جسم تان نه هٽندو، آئون پاڻ ڪڏهن ڪڏهن باغي کان سندس شاعري سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان حالانڪه آئون انهي غلط گمان ۾ آهيان ته مون سنڌ جي تاريخ ڪافي پڙهي آهي، مون شهيد احسان ميمڻ تي سندس لکيل مرثيو پڙهيو ته ان مرثيي جي هڪ سٽ تي آئون منجهي پيس.

    ”تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو.“

    ڳاڙهو جوڙو پائڻ ته شهادت جو استعارو آهي ۽ شهيدن تي ماتم ڪبو آهي ۽ ماتم جو لباس اسان وٽ ڪارو هوندو آهي پوءِ ننگر شهر ۾ نير مهانگو ڇو ٿيو؟ مون حليم باغي کان اهو پڇيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ سمن جي دور تائين ماتم جو لباس نيرو هوندو هو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته گهڻا ماڻهو نيرا ڪپڙا پائڻ شروع ڪن ته نيرو رنگ مهانگو ٿي ويندو. اها مون کي خبر نه هئي ۽ هن انڪشاف جي گهڻ اديبن کي به خبر نه هوندي، ان طريقي هن پنهنجي شاعري ۾ بي پناهه اهڙا ۽ ايترا ٿري لفظ ۽ محاورا ۽ تشبيهون ڪتب آنديون آهن جو انهن لفظن، ترڪيبن ۽ تشبيهن کي استعمال ڪرڻ سان هو ٿر جي تهذيبي زندگي جو سموري سنڌ ۾ ترجمان بڻجي ويو آهي، ان کان سواءِ مون جيئن چيو آهي ته هو اهڙي دور ۾ شاعري جي افق تي قطب نما ٿي اڀريو جڏهن هن اڀاڳي ڀونءَ تي منحوس ماڻهن جي ناڇاهي هئي ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي شاعريءَ جو اثر وڌيڪ آهي. مزاحمتي شاعري اسان وٽ نئين شيءِ نه آهي. ڀاڳوڀان کان وٺي اياز تائين ۽ اياز کان راشد مورائي تائين اسان وٽ مزاحمتي شاعري جو رني ڪوٽ موجود آهي، انهن مان هر هڪ جو انداز پنهنجو پنهنجو آهي يعني اهي سمورا شاعر اسان جي سرزمين جي تهذيبن جي سرحد تي بيٺل آهن. سرويچ سپاهي هئا جن جي تير هڻڻ، تلوار واهڻ ۽ ڀالا اڇلائڻ جو انداز پنهنجو پنهنجو هو. مثال طور ون يونٽ واري دور ۾ اسان وٽ ايئن مشهور ٿيو ته اياز ڌرتي جو شاعر آهي. نياز سنڌ جي تاريخ جو شاعر آهي ۽ تنوير سنڌ جي تهذيب جو شاعر آهي. اياز پنهنجي شاعري ۾ ڪمزور لفظن ۾ به پنهنجي ڏات وسيلي شهبازن جا پر ۽ شينهن جي دل عطا ڪندو هو ۽ نياز طاقتور لفظن کي به وش ڪنيا جون نماڻيون نگاهون بخشيندو هو ۽ تنوير پنهنجي ڪيڏارن ۾ شهيدن جي رت ۾ مهنديءَ جي خوشبوءَ پکيڙيندو هو ۽ ساڳي صورتحال باغي جي دور جي شاعرن سان به آهي هن جي دور جي شاعرن اشاراتي زبان ۽ علامتي انداز وڌيڪ اختيار ڪيو آهي ۽ جڏهن اها مزاحمتي شاعري حليم جي ذهن ۾ قلم وسيلي ڪاغذ تي منتقل ٿئي ٿي ته اهو ڪاغذ ان جي شاعري جي ڪيفيتن سان مختلف روپ ڌاريندو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪاغذ مئخاني جو پيالو ٿي پوي ٿو جنهن ۾ چانڊاڻ چمڪي ٿي ۽ ڪڏهن اهو ڪاغذ ڪنهن ڪنيا جا محراب بڻجي وڃي ٿو جتي بيتاب پيشانيون سجدا ڪن ٿيون ۽ ڪڏهن اهو ڪاغذ مخدوم بلاول جي هڏين جي حفاظت ڪندڙ اهو مٽ بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن گهنگهور گهٽا بڻجي دلين ۾ زندگين جا موتي ڇٽيندو رهي ٿو. هو نه صرف لفظن کي لکي ٿو پر انهن کان ڳارائي به ٿو. انهن کان رقص به ڪرائي ٿو. انهن کي ڪنوارين جي اکين ۾ ڪجل جون ريکائون بنائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڄامشوري جي مست هوائن کي پنهنجي شاعري جي ذريعي مدهوش بنائي ڇڏي ٿو. هو شاعر نه رڳو شاعري کي خوبصورت زندگي عطا ڪندڙ اهو سامري آهي جيڪو سنڌ جي وجود کي دلڪش بنائي ڪيترن ئي پيشانين کي انهن لاءِ سجده ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. باغي ۾ جيستائين مجموئي شاعري ۾ جماليات جو تصور آهي ان باري ۾ جن به فلسفين جمالياتي فلسفيانه تشريح ڪئي آهي تن ڄڻ جک پاتي آهي. اهو ايئن آهي ته شاعر جي تصور جي اها اڏام جي تشريح سائنسي فارمولا مطابق ڪئي وڃي. مثال طور عورت جي ڇاتي جي باري ۾ عطا ٺٽوي چيو آهي ته ”مون اها ڏٺي، مون کي لڳو سرخ گلاب تي ڪارو ڀنئور ويهي ۽ ان جو رس چوسي رهيو هو“ ۽ انهي ساڳئي شيءِ جي تشريح ٻي هڪڙي شاعر ڪئي آهي ته:

    ”سرخ گلابان دي موسم وچ ڦلان دي رنگ ڪالا هو.“

    ۽ انهي واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ته گل ۽ ڦل ۾ فرق هوندو آهي پر انهي ٻنهي سٽن جي شاعري جيڪڏهن علي مرتضيٰ ڌاريجو پنهنجي ڪتاب ڇاتين جي سائنس ۾ ڪندو ته ڪرامت جهڙي لڳندي ان ڪري آئون جماليات جي فلسفيانه تشريح کي فن سان بيحوده حرڪت سمجهندو آهيان. جاليات ڇا آهي __ چانڊوڪي ۾ سنڌ جون لهرون، ڪتين لڙئي تاج جا منارا، باک ڦٽي مهل ڪجلاسر تي ڪنوارين جا ٽهڪ، وڻجارن جي پرڏيهه وڃڻ تي وڻجارين جا ورلاپ، ڪنهن سرميناڪ اک جو ڳورهو ۽ ڀيڄ ڀني جو ڪارونجهر تي ڌرتي ۽ آڪاش جو پکجڻ جيڪو انسان کي پنهنجي مادي دنيا مان مٿي کڻي سندرتا جي ايڏين مٿانهين تي گهمائي جتي رڳو انڊلٺ جا رنگ ۽ رقص هجن ۽ باغي جي شاعري ۾ اهي سڀ شيون موجود آهن. احساس جي شدت، جذبي جي گرمجوشي، خيال جي گهرائي ۽ من منڊيندڙ منظر ڪشي. هن جي خوبصورت شاعري جا لفظ ڪڏهن ستارا ٿي ڪنوارين جي پنبڻين تي لهي ٿا اچن ۽ سينڌور بڻجي هن کي سينڌن ۾ سجائجي ٿا وڃن ۽ ڪڏهن هن جي سموري شاعري ستارن جي سيج بڻجي وڃي ٿي ۽ هن جو محبوب ان ستاري جي سيج تي ستل چنڊ بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ان چنڊ جي هٿ ۾ ازل ۽ ابد جا مهڪندڙ مڌ ماتا جا پيالا هوندا آهن تن کي ڏسندي رات به رتوڇاڻ ٿي ويندي آهي پر اها رتوڇاڻ ٿيل رات جڏهن باغيءَ جي پياليءَ ۾ پهچندي آهي ته چانڊاڻ وانگر چمڪڻ لڳندي آهي. گهري جماليات ڳائي ۽ سمجهي به اهو سگهندو آهي جنهن جي من اندر ازل کان ايڏو نڪور ۽ ڪورو هوندو آهي جنهن صرف اهو ئي مينهن ڦڙو ڪري سگهي ٿو جيڪو جهرڪندڙ موتي کي جنم ڏي. اهو اهڙو صحرا هوندو آهي جيڪو انوکي گلاب جي آبياري ڪندو آهي ۽ اهڙو رڻ پٽ هوندو آهي جنهن تي صرف ڪنهن راڻي جا پير ئي گهمي سگهن ٿا ۽ مومل جا ئي وار وڇائجي سگهجن ٿا. اسان جي هي ڌرتي شايد صدين کان ان انتظار ۾ هئي ته اهڙو ڪو ڪوي اچي جيڪو ڪاليداس وانگر بادشاهن جا ۽ وزيرن جا قصا قلمبند نه ڪري عام ماڻهن، اڌ پهر جي اسيرن، قهري رات جي ڪلن جا قصا ۽ ڪهاڻيون اهڙي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪري ته هر ڪو اڌ پهر جو اسير ۽ ڪاري رات جو ڪٺل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. باغي جو شعر آهي ته:

    ”ڇور واهه جون ڇوليون، اليبليون انموليون.“

    جڏهن سنڌ جي اڄ جي وڏي ڪميونيسٽ دانشور سوڀي گيانچنداڻي کي اهي سٽون پڙهي ٻڌايوسين ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ چوڻ لڳو ته اياز کان سواءِ، ڪو اهڙي شاعري ڪري پيو ڇا هتي! ۽ اسان جي سموري ترقي پسند تحريڪ ۾ اهڙو ڪو شعر تخليق ٿي ئي نه سگهيو آهي. هي شعر مون کي ڏيئي وڃو ته آئون هن جو ترجمو ڪنهن عالمي انگريزي رسالي کي موڪليندس. جيتوڻيڪ اڄ چيو ويندو آهي ته وڏي شاعر کي ڪنهن سَندَ جي ضرورت ناهي پر پنهنجو پاڻ لاءِ سياسي طرح سوڀي جو هٿ پنهنجي ڪلهي تي لوهي قلم جي مهر سمجهندو آهيان ۽ حليم جي شاعري لاءِ موهن جي دڙي جي مهر، ان سموري سلسلي ۾ باغي جي شاعريءَ نقل ڪرڻ نٿو چاهيان ڇو ته پڙهندڙ منهنجا نقل ڪيل شعر ئي پڙهن ها ۽ ان سان اختلاف به ڪن ها ان ڪري آئون حليم جي شاعري لاءِ اهي لفظ چوان ته اها انقلاب لاءِ احساس جي شدت آهي، لطيف جو مڌ آهي. ڪارونجهر جي ڪامڻي، ڪينجهر جي ڪنڌي جو نيل ڪنول آهي. ڇاڇري جو سج آهي ۽ ڄامشوري جي شام آهي. اهو سڀ پڙهندڙ سندس شاعري ۾ ئي محسوس ڪري سگهندا.


    عبدالواحد آريسر
    انڙآباد
    03-12-2001


    غزل

    اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾

    اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جھان ۾،
    سدائين نشان تي سدا امتحان ۾.

    ڪڏهن آنڌي الڙي1، ڪڏهن ڪڙڪي بجلي.
    ڪٿي ڪک رهيو آ منهنجي آشيان ۾.

    پرين ڇا ڪجي پل وڃن ٿا اڏاڻا،
    هليو آءُ اڄ ڇا رکيو آ سڀان ۾.

    نه ڪا آرزو آ نه ڪا جستجو آ،
    ڪٿي ڪاروان وقت نه مهربان ۾.

    ڪڏهوڪا سڪا سر اڙي مرگھه مرک،
    اڙائي اڀو آن اکيون آسمان ۾.

    وري2 جي ولوڙن منجھائي رکيو آ،
    غم عشق هاڻي رهيو ڇا اسان ۾.

    هو هالار جا پٽ3 هُو مياڻي هوءَ ٽلٽي،
    اسان جيون نشانيون سڄي گستان ۾.

    اهو ئي ڪٽارا اهي ئي الارا،
    اڃان تير آهن اسان جي ڪمان ۾.

    ستارا نه چوندا ته ڇا تون نه ايندين،
    اڙي يار ڇڏ ويئي وهي رائيگان ۾.

    ٻه ٽي گيت واريم، ٻه ٽي ديپ ٻاريم،
    ٻه ٽي ڦول هاريم تنهنجي آجيان ۾.
    _____
    1.ٿڙي، ڪڙڪي
    2.گذر سفر
    3.ميدان


    ڪروڙن جي اک ۾ کتل ڪان جيئن

    ڪروڙن جي اک ۾ کتل ڪان جيئن،
    اسان جي محبت به نيشان جيئن.

    اڙي دل وري توتي هي داغ داغ،
    ڪو اڄلهه ٽڪيل آهي مهمان جيئن.

    هڙئي هم سفر پنڌ پيا دڳ لڳا،
    اُڏائي دڳن ڌوڙ طوفان جيئن.

    شرارا شرارا ٿي پوندو جهان،
    اشارا اشارا ڪنهن امڪان جيئن.

    نه مينهيون ميون ۽ نه ميهر ستو،
    اجھي گھنڊ گڙيا ڪنهن گھمسان جيئن.

    اڇائيءَ جيءَ هڪ لاٽ جي لئه اسان،
    ڏنارا تارا نيڻن جا تاوان1 جيئن.

    مسافر! متان مهل ويندي رهي،
    رهي پيار پنهنجو پشيمان جيئن.

    ٻه ٽي پهر آ رات چنڊ جي چريا،
    وري ڪين ملندو هي ديهه2 دان3 جيئن.

    _____
    1.ڏنڊ، چٽي
    2.بدن، جسم
    3.ڀيٽا، نذرانو


    انهي در جي داسي، اڙي دل! اڙي دل!

    انهي در جي داسي، اڙي دل! اڙي دل!
    تون ايڏي اڻاسي1، اڙي دل! اڙي دل!

    اڃان ڪجهه نه ڪجهه رات تي گهات آهي،
    کڻي چنڊ اماسي، اڙي دل! اڙي دل!

    نه ڪو چلولي! تنهنجي چوڙي مڃٺ چٽ،
    نه ڪا سينڌ واسي، اڙي دل! اڙي دل!

    ڪڏهن اڀ جو اوهه وسندي نه گسيو،
    تون پيئندي پياسي، اڙي دل! اڙي دل!

    هيءَ رات ولهه ۾ اوهان وار ڇوڙيا،
    وسئن2 ڄڻ وماسي، اڙي دل! اڙي دل!

    هو آيا ۽ وارا نيارا ڪري ويا،
    تون اڄ تائين آسي، اڙي دل! اڙي دل!

    محبت نه ٿي ڄڻ ته ڪا رڃ جي اڃ،
    تون ڪنهن جي پياسي، اڙي دل! اڙي دل!

    _____
    1.بِنا نڪ
    2.ڳوٺ، واهڻ


    اسان کي سوڀ جو يا ھار جو ڪو ڀروسو ناھي،

    اسان کي سوڀ جو يا ھار جو ڪو ڀروسو ناھي،
    سدائين سوڀ لاءِ سوچي سو ماڻھو ڇا ڇسو1 ناھي.

    اڙي زندان ۾ واڙيل سرنھن ڦولارجي وئي آ،
    ۽ تنھنجي ڪنٺ ۾ ڦاٿل ڪو نغمو ئي ڦٽو ناھي.

    ڪسر2 نسرن3 کنڀل4 وکرن جي رت نرالي آ،
    گهڙي ڪا بي وڙي ناهي ۽ ڪوئي ڏينهن ڪسو ناهي.

    الا! مالھڻ جي مالھا جئين ويون ھن پوئجي لامون،
    تو کي واهوندي جي رت جو ڇا سچ پچ تو کي ڪو پتو ناھي.

    ملي جو مھل موچاري ته پوءِ تو کي ڏسينداسين،
    اسان جي دل به گهر ڪنھن جل پريءَ جو آدڙو ناھي.

    ڪنهين تنهنجي ڪٿا چوري ڀليل ساروڻيون اٿليون،
    ڪڏهن ڪي پور پلٽيا تنهنجو ڇڙيو ڪٿ قصو ناهي.

    روٽي جي رنجائي ۾ جلايو سين سڄو جوڀن،
    غم جانان برابر پاڻ ۾ سو ولولو ناهي.

    وري ٿا ڪشٽ ڪنهن کان ڪاٽجن ۽ راتيون نبرن،
    سڌن جي رڃ ۾ ڀوريءَ دل ڀلا ڇا ڇا سٺو ناهي.

    اھي ڪورا پنا آخر ٻڌائي ڇا ٻڌائيندا،
    جو ڪاري رات ۾ جن ڪجھ سٺو ناھي ڏٺو ناھي.

    سنگينن کان پڇو جن تي اسان جو خون لٿيل آ،
    ۽ تيرن کان پڇو جن مان ڪوئي دل کان گٿو ناهي.

    چري دل! تنهنجي تارن تي، ڀلا هي ڪهڙي ٿر ٿر آ،
    نئين ڪنهن سور سانڍڻ جو، اسان ۾ حوصلو ناهي.

    _____
    1.بيوقوف، بي سرت
    2.سنڌي سرن ۾ اڇا ۽ واڱڻائي پلاند
    3.ڦٽن، نڪرن
    4.آکيرا، پکيءَ جو ڪکن ۽ ڪچري مان جوڙيل گهر


    آيو ڪير اسان کان اڳ،

    آيو ڪير اسان کان اڳ،
    دڳ تي ڦيري ويو جو پڳ1.

    ڪڙڪي دل تي روز ڪٿان،
    سانجهيءَ ويلي سورن سڳ.

    داڦوڙن سان ڌرتي چور،
    خاڪي ورديون، اوٺا وڳ2.

    ڪارو ڪڻڇو جان نه ڪڇي،
    هينئڙا! تارن تي ئي تڳ.

    تنهنجي سر جي سار ته پوءِ،
    رت ۾ ٻڏندي ويئي رڳ رڳ.

    هاءِ! اسان جي راهه نه روڪ،
    هاءِ! پرين جي چنچل چڳ.

    ڪير اسان جي لاءِ اچي،
    تپندڙ سورج دکندڙ دڳ.

    تار! اسان جي هار نه مڃ،
    جک ٿو ماري جُوٺو جڳ.

    _____
    1.پير
    2.ڪٽڪ، ولر


    هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم،

    هي سنگھرن جي موسم، صدائن جي موسم،
    هي تعزير جي رُت، وفائن جي موسم.

    اهي ئي جام جا ڍڪ، اهي چڳ وراڪا ،
    ڪجي ڇا کڙي آ قضائن جي موسم.

    اسان جي ئي رت سان ڪرِڙَهو ڪڪوريا1،
    وري آ، وري آ، بهائن2 جي موسم.

    جي جلندو ته جھونا ڳڙهه هاڻ جلندو،
    آ چارڻ جي چت ۾ چِتائن جي موسم.

    جا هلندي ئي بدلي، جا کِلندي ئي مٽجي،
    سا تنهنجي اکين جي، ادائن جي موسم.

    اوهان جي اکين کان وٺي دار تائين،
    اسان لئه خطائن خطائن جي موسم.

    هي چهبڪ جي ڪڙڪڙ هي ٻيڙين جي کڙکڙ،
    هي دڙڪن دٻائن پڇائن جي موسم.

    الا! ڪو نه ڄاڻي پرين ڪير! ماڻي،
    گلابي گلن جي فضائن جي موسم.

    بهارن جي مند پنهنجي واري تي ايندي،
    لٽين جي هلي آءُ سزائن جي موسم.

    جگر ڌوڙ بڻيو اکيون دونهن بڻيون،
    ڏٺي ٿئون ڏٺي ٿئون دعائن جي موسم.

    ڪڏهن سينڌ تي چپ ڪڏهن پڳ دِڪي3 تي،
    اسان خوب ماڻي، جزائن جي موسم.

    کڙي دل جي ٿر تي نئين ڪا چنبيلي،
    اچي ويئي شرابي هوائن جي موسم.

    جڏهن جھور ڳاڱين4 پلر کي پڪاريو،
    ته گهر گهر تي برسي گھٽائن جي موسم.

    _____
    1.ڳاڙها گل ٿيا
    2.خون جي بدل ۾ مليل رقم کي ”بها“ چئبو آهي
    3.اڏيءَ، ڪاسائي جو ٻڪر ڪهڻ لاءِ رکيل ڪاٺ جو ٽڪر
    4.ٿر جو هڪ ٻوٽو (Shurb)


    گهوري گهوري نه ڏسبي هاڻ چنڊ جي ٽڪي،

    گهوري گهوري نه ڏسبي هاڻ چنڊ جي ٽڪي،
    اوٽ مان ڄڻ ليئا تون ٿي پائين لڪي.

    ڏور ساحل ڏسي ٿي نه اي دل! وِسي1،
    ٻيڙياتا! اسان ناءُ ڪيڏي ڌِڪي.

    ٿو جيئان تو جيان ڪنهن ڏٺي آ ميان!،
    شام جي جام تي مرڪ منهنجي ڦڪي.

    پيٽ پورهيو به آ نينهن جي شينهن جيان،
    ويئي وندري آ دل ڪنهن ته ڍنگ جي ڍِڪي3.

    اوٺيا! ڳوٺيا! هي ميارون اٿئون،
    منهنجو ڌاڙو هنيئو جهوڪ منهنجي جهِڪي.

    تون پريشان نه ٿيءُ، گل جهڙا پرين،
    دل جڏهن ڀي ڇڪي، تنهنجي ڪارڻ سِڪي.

    تو وري چاهتن جي آه چوري ڪٿا،
    تو دل نا توان! رهي کهي سگهه وڪي.

    _____
    1.ڪمزور نه ٿيءُ
    2.روئي رڙي ويهي رهڻ
    3.جهوڪ ڪري


    وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا،

    وري درد تنهنجا به درمان ٿي ويا،
    وري سهج جا ڪجھ ته سامان ٿي ويا.

    اسان جي اميدن به ڪجھ رنگ لاتو،
    اوهان جا به موسم تي احسان ٿي ويا.

    جتي ڪنڌ لوئي1 ڪُٺي ڪالهه ڪونجي،
    اتي گيت منهنجا به ويران ٿي ويا.

    ڏسي تنهجي چوٽيءَ ۾ گينڊي سندو گل،
    ستارا ويچارا پشيمان ٿي ويا.

    جيالن جڏهن تنهنجو نالو اچاريو،
    ته سِر تان او سنڌو! سي بي ڌيان ٿي ويا.

    جهڪي جوت ڪاٿي اگر اوت ڪاٿي،
    ته سامي ڇاهي مٺَ2 به سنسان ٿي ويا.

    اسان جي ڪي ٺاهيا، اسان جن کي چاهيو،
    اهي ئي پرين دل جا مهمان ٿي ويا.

    هي هيرڻ جيون تاڙيون،هي هرلي جا رينگٽ،
    ٻه ٽي نازبوءِ ٻيا جهُلي3 جوان ٿي ويا.

    اسان عشق کي دل کان هٽائڻ جو سوچيو،
    وري زلف تنهجا پريشان ٿي ويا.

    _____
    1.مٽيءَ ۾ ليٿڙجي
    2.سامين ۽ جوڳين جي رهڻ جون جايون
    3.هوا ۾ لڏي، لوڏا کائي


    اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لٽايون،

    اسان بن ۾ جيڪي به راتيون لٽايون،
    پرهه مک تي جھومڪ جيان سي سجايون.

    نه پاتي اسان ڪا به مالها نه پاتي،
    چنبيلي وليون هر اڱڻ تي لڳايون.

    اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي،
    اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون.

    تون اڄ بڻج ڪينجھر، مان بڻجان ٿو ٻيڙي،
    وري ڇولين ۾ سمنڊ ڪو سمايون.

    پئي چنڊ تڙپيو ستارا پئي مڇريا،
    اسان تنهنجيون پلڪون چپن تي گھمايون.

    هي لڙڪن جا موتي هي آسن جا کنڊر،
    هي پنهنجيون ڪمايون هي پنهنجيون لٽايون.

    اسين جوڳي نيريءَ نگر جي ڪنڌيء تي،
    پيا جوڻ ڪنهن چنڊ چمڻ لاءِ مٽايون.


    رت ديس تنهنجي راهه ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي،

    رت ديس تنهنجي راهه ۾ ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي،
    منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي.

    اداس رات جو مان چنڊ گھور گھور پيو پيئان،
    اونداهين جا چرٻٽؤ! متان ڪو ديپ ٺهي وڃي.

    گلن جا سر ڪٽي ڇڏيو، وڻن جا ٿُڙ سٽي ڇڏيو،
    ڪلي ڪلي لتاڙيو متان ڪسر1 ڪا رهي وڃي.

    سوهن مٽيءَ جي مر نه آ جنهن غير جي نه ڄڀ پٽي،
    اسان جو ڄڻ ۽ ڪنڌ ذري اجوڳا2 ويڻ3 سهي وڃي.

    مبارڪون وڍيندڙؤ! ڪُهڻ جي رُت اچي وئي،
    هتي پيو ڪو ڪسي وڃي هتان پيو ڪو ڪهي وڃي.

    اڏائي ڌوڙ راهه ۾ اڄ هلون ته هيئن هلون،
    جو اسان جي شهر ڏي ورڻ جي واٽ ئي ڊهي وڃي.

    _____
    1.اڻپورو عمل
    2.اڻ سهائيندڙ، آزاريندڙ
    3.ڏکيا، برا اکر
    4.هلي وڃڻ


    ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي،

    ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي،
    ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي.

    هن راهه تي جي رميا1 رولاڪ ئي سمجھن ٿا،
    ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي.

    نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ2 جھڻ آ،
    ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي.

    هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي،
    چنڊ چمندو اڄ ناکئا3 ڪينجھر جي ڪنارن کي.

    ڪنهن چڳَ جي ڪڙي کلندي ڪنهن چَپَ تي مُشڪ مڙندي،
    ڀورا! نه اجايو ڄاڻ رت جي ته اوڇارن4 کي.

    بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي،
    تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي.

    جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي،
    مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي روڳ هزارن کي.

    _____
    1.هليا، پنڌ پيا
    2.چڻ ڀڻ
    3.ٻيڙياتا، مانجهي
    4.رت جو اڏامڻ


    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ،

    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ منهنجي تو کان دوري آ،
    هي جيون جيون آهي ڇا، ڪٿ جيل زهر ڪٿ سوري1 آ.

    هن ڪاڪ منڊل کي ڊاهيندي ڪنهن آس نگر جا ساٽ سٽيون،
    اُس کان ته اجھو ئي گھرجي ٿو، سنسار تپندڙ کوري آ.

    هن ڪوڙ قلعي جو ڀرم ٽٽو سڀ سانگ رچاءِ2 به سمجھون ٿا،
    تو ٺوري3 ٺاهي آڏ رکي، مون ڪالهه جا ڍونڍي4 ٻوري5 آ.

    ڏاڍو ڏاڍو ڪريو ڇو؟ ڇا لاءِ ڊڄان مان سمجھان پيو،
    جي ڏاڍو اڪ جي ماکي آ، پوءِ ڪهڙي باغ جي موري آ.

    قاتل جي هٿ ۾ لرزش آ، خنجر به سنڀالي ڪير ڀلا،
    هي منهنجي خون جو تقدس ٿيو، جلاد جي لئه مجبوري آ

    اڄ ڌرتيءَ ماءُ جي ڳل لڳي هر باغيءَ پئي ٿي هيئن چيو
    مان ڪسجان تنهنجي راهن ۾، منظوري آ منظوري آ۔۔۔

    _____
    1.ڦاهي
    2.ناٽڪ، ڊرامو
    3.اهڙين ٿڳڙين جو ٺهيل بوتو
    4.مردو، جانور جو بدبودار مردو
    5.دفن ڪئي، پوري


    سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي سين،

    سنڌو ساههَ سنڌَ ۾ سمائي ڇڏي سين،
    حياتيءَ جي موڙي لٽائي ڇڏي سين.

    جڏهن سور سانگين جا پنهنجي پکي1 پيا،
    پرين! گھور تو ڏي گھٽائي ڇڏي سين.

    رتيءَ2 رات تي ڇو هينانءُ3 لاٿ ٿيو آن؟
    ڏياٽي ڏياٽي کٽائي ڇڏي سين.

    اسان رهون نه رهون پر رهي چنگ چڻ ڀڻ،
    تنهنجي تند ٿوري تپائي ڇڏي سين.

    گھڻو تپ4 گھڻو تپ گنجي جا او سورج!
    جڏي جند واريءَ5 وڇائي ڇڏي سين.

    رُناسون ته هر پل ”ڀنڻ“6، ”ڀانءُ“7 آئي،
    کِلياسين ته هر رُت کِلائي ڇڏي سين.

    _____
    1.حصي ۾ آيا
    2.ننڍڙي رات
    3.ننڍي دل ڪندڙ
    4.گرم ٿيءُ
    5.واريءَ جي مٿان
    6.ماتم، روئڻ، پٽڻ
    7.محسوس ٿي، ڀانئجڻ ۾ آئي


    هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،

    هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوهه نه ڌربو مقتل تي،
    جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.

    جو رات رَتي نيلام ڪري ۽ گھور1 گھڙيون قتلام ڪري،
    جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.

    ٿو دونهون دونهون وگھري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ،
    جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير2 نه آيو مشعل تي.

    تو3 پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو،
    هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو قرڦل4 تي.

    ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان،
    ڪجھه گلڙن جي هوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.

    جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي،
    جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جھلجي پو ڪيئن جهلپل تي.

    جي سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي،
    ڪا گھات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي.

    _____
    1.نظارن جي موسم
    2.ڌنڌ، ميرائي
    3.تنهنجو
    4.هڪڙي پنسارڪي شيءِ


    نه انتظار يار، نه ڪو الڪو بهار جو،

    نه انتظار يار، نه ڪو الڪو بهار جو،
    ڪيف1 ئي رهيو نه آهي ندوريءَ ڄمار جو.

    ڏينهن رات جا چڪر! اسان تي به قرب ڪر،
    ڪڏهن چورائي آڻ ته ڪو پل قرار جو.

    هئي زندگي ڪٽجڻي، سا ڪٽجندي وئي،
    ڪو ساهه اڌار جو، ڪو گراه اڌار جو.

    دودن جي دلين تي هئا، اندوه ڪي ٻيا،
    نه تنهنجو ڀئه2 چنيسر! نه تنهنجي ڪٽار جو.

    مُنڊيءَ۾پئي جڙاءُجيئن، جڳ مڳ ٿي جوت ڏئي،
    اهڙو ئي ڏيک سپني ۾ آ، تنهنجيءَ به سار جو.

    گڏ هئين ته نه ڪڇئين، اکيون جهڪيون رکيئي،
    ڪارڻ هو ڪهڙو، موڙ تي پوئتي نهار جو.

    ____
    1.مزو
    2.ڊپ
    3.ياد، يادگيري


    مهاڻي ڀڳل بت تي ويڙهي ڀُڪَل،

    مهاڻي ڀڳل بت تي ويڙهي ڀُڪَل1،
    لڳي ڄڻ ٿي ڪينجهر جو ڪنوارو ڪنول.

    ڍڪن2 پيون دراوڙ گهڻي دير کان،
    مئن جي دڙي جيون مرادون مئل.

    ڪکاين ڪڙهين3 ۾ اٿن سيسراٽ4،
    اچي پئي اچي پئي اتر جي اٿل.

    نه ڪوجر اڀ ۾، نه ڪو سورج کي موگهه5،
    ڳري وينديون ڳاڱيون، ٿرن ۾ ڳپل.

    اسان جا اوجاڳا اڀامي مئا،
    اسان جا او سورج! ڪٿي آن ستل.

    وڍي هرڻ بن ۾ ڪيو ٻيٻراٽ6،
    ڪري اڄ به ڪينجهر تي ڪونجي ڪٺل.

    جڏهن چاڳليءَ چپ چورو ڪيو،
    وکر7 منهنجا جيون! اڃان ڪجهه اکل.

    کڻي آئي پاکر8 پلئه سان ڍڪي،
    ڀري لپ جوئر هٿن جي لئل9.

    سڄي سونهن سوڀيا سٽائين10 جي هٿ،
    ڀرون پيٽ ڇاتي پٽي تي ڏنل.

    سرنهن تيل واسيا اوهان جا ڀنڀا،
    ڳتون تنهنجون سرهيءَ ڳنيريءَ ڳتل.

    _____
    1.ڪنڌ ۾ منهن تان چادر ويرهيل
    2.رڙن پيون
    3.لانڍين
    4.سيڪارا، سيءَ کان بدن ۾ ٿرڪا
    5.سورج جي ڀر ۾ ڏريون، مينهن پوڻ جي نشاني آهي
    6.دانهن، رڙ
    7.ڦهلجي وڃڻ
    8.سوکڙي
    9.لڻيل، لوب ڪيل
    10.جواري، سٽي باز


    قضائن جي گھيري ۾ گذريل ڏهاڙا،

    قضائن جي گھيري ۾ گذريل ڏهاڙا،
    قتل گاهه آڏو سي نبريل1 ڏهاڙا.

    پرينءَ جي گليءَ ۾ پٿون پير ٿيندئي،
    نه ووڙج وري سي ئي وسريل ڏهاڙا.

    ڪٿي ڏات بڻيا، ڪٿي بڻيا سرگم،
    اسان جيءَ وهيءَ جا ڪي وکريل ڏهاڙا.

    هي ڪينجهر ڪنڌيءَتي تماچي جا تڪبا،
    هي نوريءَ جي جلون سان نکريل ڏهاڙا.

    اٿئي پٻ2! پارت متان ڏس مِٽائين،
    ڇڏيا ٿئون پٿر تي جي پٿريل ڏهاڙا.

    _____
    1.وهاميل، گذريل
    2.جابلو علائقو


    ڇڏ وانڌا ويندين راتين جا،

    ڇڏ وانڌا1 ويندين راتين جا،
    ٿيا پار چٽا پرڀاتين جا.

    ٿيون ڀٽڪن ڀوري بادل سان،
    ڏس آرا اکڙين آتين جا.

    تون آگم آگم بڻجي آءَ،
    جيئن ڀير2 ڦرن برساتن جا.

    مون تاتيو تور آ تاڙن جو،
    ڪي ڇوڏا چاري ڇاتين جا.

    مون ڪنڌ تنين جي ڪاڻ ڏنو،
    جن ڪنڌ جهڪايا ڪاتين جا.

    ور موٽ او ڳيرا! ڏينهن وريا،
    سي لوهيڙي تي لاتين جا.

    تون ڪٿ ڪٿ تن کي سڏ ڪندين،
    هو راهي راهه اڄاتين3 جا.

    تون ڳاءُ ته پوءِ ڪيئن منڊجن ٿا،
    ها! وات سڀن چؤواتين4 جا.

    هڪ وار ته خنجر چمڪڻ ڏي،
    پيا کلندا ڀيد حياتين جا.
    _____
    1.ورلاب، آواز
    2.نمونا
    3.اڻ ڄاتل راهن جا
    4.گهڻو ڳالهائيندڙ (عورتن) جا


    منجهيل ساز ٻيهر ڪي سانکورجن،

    منجهيل ساز ٻيهر ڪي سانکورجن1،
    چيو دل وري چنگ ڪي چورجن.

    پرهه ڦوٽ جي ڳالهه ڏاڍي ڀلي،
    اسورن2 جون وايون اڃان اورجن.

    اڃان ٿيئين نه تارو! اتارو هينيان!
    ڀلا چئه ته ڀيلا3 گهڻا ڀورجن.

    ڀر اڀ جا تارا نه پيرن ڪڇيا،
    اکين کان پڇو سي ٿا ڪيئن تورجن.

    اڃان سج سر تي تتيءَ ڀونءِ پير،
    اڃان جهنگ چئه ڪيترا جهورجن.

    سٺائت4 ٿيو سور تنهنجو سڄڻ،
    اسان کان ڪٿي ٿا ڏونگر ڏورجن.

    ڪٽي چئو پلاندي اکين ۾ ڪو رات،
    ولهيءِ رات وٽيون5 ٿيون سورجن.

    مان ڀانئيان ته ڀونرن ڪيا ڀڻ ڀڻاٽ6،
    اتر واءُ تي پيا ٿي مروا7 مورجن.

    _____
    1.ترتيب ڏجن
    2.اسر
    3.ڪچا دلا
    4.ساٿي، همسفر
    5.بتيءَ جون وٽون
    6.ڀڻ ڀڻ
    7.نازبوءَ


    مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار،

    مري ڀي نه ملندو اسان کي قرار،
    اسان کان پوءِ ٿڏبا اسان جا مزار.

    اها ئي مياڻي، اهو ئي ٺٽو،
    وئي ڪٽ کائي اسان جي ڪٽار.

    هنجن جي ٽڪڻ جون نشانيون رهيون،
    اڇا کنڀ سر تي عطر جا اٻار1.

    سٺائون آجيائپ نه ڪا ساهه ٽٽي،
    هڏين کي به واڙي ڇڏيائون حصار2.

    اهو ٻن گهڙين جو وهايل3 وِرِهُ4،
    نهوڙي ويو نيٺ ساري ڄمار.

    وري واڪ 5 تنهنجي انگل جا لڳا،
    وڪي سونهن تنهنجي ڀري اڄ بزار.

    قطارين6 ڦيرايا گهڻا راهه پيچ،
    اهو اٺ منهنجو اها ئي قطار.

    سپني ۾ قاتل کي سمهڻ ٿيون نه ڏين،
    اسان جيون اکيون ۽ اسان جي نهار.

    _____
    1.هڳاءُ
    2.قيد
    3.پرايل، ورتل
    4.عشق، نينهن
    5.ٻولي، دلال جي پڪار
    6.اوٺين، اوٺارن


    رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،

    رهن ٿا عرش جا آرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا،
    اهي مقتل اهي مارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    هلو پرڀات جا پياڪئو! جو مئخاني جو در کوليون،
    اڃارا سانگ1 هن سارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    اسان زندان واسين جو، نه رنگ بدليو نه رُتِ بدلي،
    ڪراين ۾ ڪلف ڪارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    هينيان! ايڏو نه هارج ڪجهه ڪليجا! تون به هڏڪيون جهل،
    اجهي ڳڻتيون ويا ڳارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    سڀاڻي جي به سورين کي، پيا منصور منهن ڏيندا،
    اسان پنهنجا وتا وارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    اڙانگين عشق جي راهن، لڦون ڀريون ڌڌڙ آڇي،
    اکين ۾ لڙڪ هي کارا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    ڇڙي تنهنجي ڪٿا ۽ رات، تنهنجيءَ تات ۾ ويئي،
    اکيون جليون، ٻريا چارا2، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

    _____
    1.ناز، نٽ، تماشا
    2.واٽون، رستا


    چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي، هزار منظر حساب ڪونهي،

    چمن چم ۾ چٽي آ مينڌي، هزار منظر حساب ڪونهي،
    نهار ٿورو بهارِ مقتل، رڳو ئي ڳاڙهو گلاب ڪونهي.

    اوهانجو گڙدو، اوهان سان سائين، ڀري ٿو جانا1 اوهان جا نادر!
    شرم شرم ٿيون گهڻيون جبينون، اوهان کي مطلق حجاب ڪونهي.

    پيئڻ گهرين ٿو ڀلي سو پي وڃ، چوڻ کي هڪڙو اکر آ چوڻو،
    نڙيءَ ۾ رنڊجي پوي نه قبلا!، اسان جو ڳوڙهو شراب ڪونهي.

    نگاهه ڪنهن جي ڀلا پئي آ، جهڪي جهڪي پيا ڀرون اوهان جا،
    ڇپر اوهان جا ڇڏيا ڇنڀائي، غيور اک جو عتاب ڪونهي.

    چيوسين جيڪي چپن تي آيو، تريءَتي پنهنجي پنهنجي سري نچائي،
    سري لڪائڻ، ڳچي بچائڻ، اسان سو پڙهيو نصاب ڪونهي.

    اهي به پردا هٽائي ڇڏجانءِ، اهي به آڳر سجائي ڇڏجانءِ،
    لڪڻ لاءِ جاءِ پناهه نه آهي، نچڻ سان ٺهندو نقاب ڪونهي.

    جگر جگر آ ڪباب جن جو، لڙڪ ۽ آهون جنين جو توشو،
    مزو نه ڏيندي تنين جي محفل، شراب ڪونهي شباب ڪونهي.

    _____
    1.نڪ تي نالا ڀرڻ


    گيت منهنجا جيڪي هڏڪين جيان هوائن ۾ رهيا،

    گيت منهنجا جيڪي هڏڪين جيان هوائن ۾ رهيا،
    مدتون ٿيون جو پرين! تنهنجي پڇائن ۾ رهيا.

    سال لنگهيا جو سندن ساٿ ٽٽا، سڱ ٽٽا،
    ڪيترا سجدا ته، نراڙن جي نمائن ۾ رهيا.

    تون ته پرڏيهه وڃي، پيار پلي ويهين متان
    پريشان خواب اسان جا تنهنجي ڏسائن ۾ رهيا.

    دل ٿي ڦاٽي ۽ وڇوڙي جو وڍيو روئين نٿو،
    ڪيترا درد ته تنهنجي نيڻن جي گڦائن ۾ رهيا.

    سڀان جا درد اسان جا ۽ سڀان جون دارون اسان،
    شوق سان اڄ جي هو دردن ۽ دوائن ۾ رهيا.

    وقت جو رنگ ڍنگ نه رهيو، نه ساڳي ريت رهي،
    پوءِ به ويساهه پنهنجا، تنهنجي ئي وفائن ۾ رهيا.

    رجائي1 نه جن کي سگهي سج جي تپش نه دل جي خلش،
    چلولا سي به تنهنجي چاهت جي چتائن ۾ رهيا.

    تنهنجي مشڪن سندو مانڊاڻ، تنهنجي جلون جو فريب،
    ڪيترا ئي فتنا لڪل تنهنجي گيسوءَ جي ادائن ۾ رهيا.

    _____
    1.پگهرائي


    ڪنهن جي يادن جي ساگر ۾ اتري وئي،

    ڪنهن جي يادن جي ساگر ۾ اتري وئي،
    هو پٽيل ڦول جان پوءِ وکري ويئي.

    ڳوٺ وارا ته ڪا وارتا ڪن پيا،
    هوءِ ته پنهنجي ڪٿا پاڻ وسري ويئي.

    ڪيترا هٿ وڌيا، ڪيترا گل ڪريا،
    هو گونگي ٿي راهن تان گذري ويئي.

    پنهنجي الفت جي سارن حوالن سان گڏ،
    هوءِ وڇوڙي جي رت جيئن نبري ويئي.

    زندگي ڀر ڪٿائون سندس ڀل ڪجن،
    منهنجي آئي دنيا ۾ ۽ اڏري ويئي.

    اوٺيو! هن جي ويڙهي مان جيڪر لنگهو،
    چئجو هن کي ته هي رت به گذري ويئي.

    تنهنجي گجري جا گينڊا اڃان واسيا،
    هونئن اتر رت به نبري ۽ اڀري ويئي.

    تنهنجو باغي سدائين پيو روئي ڀلين،
    تنهنجي چڳ چڳ سجڻ نيٺ سنوري ويئي.


    پاڻ ۽ ڳڻتيون سور سهيڙا،

    پاڻ ۽ ڳڻتيون سور سهيڙا1،
    ڪير نبيري جڳ جا جهيڙا.

    پيٽ جي پورت وچ ۾ پريتم!
    ڪير ڪري ٿو پيار بکيڙا.

    سانوڻ آ ملهار به آهن،
    من جي مور ڀلايا کيڙا2.

    ڏاگهه چڙهي ويئي هر هڪ آشا،
    خواب وهي ويا لڙڪن ڀيڙا3.

    کويل گهورن سان پيو نهارين،
    شاعر! ڄڻ ته جليا ٿئي ٻيڙا.

    ڀاڳ جي ڀيٽا تنهنجو گڏجڻ،
    تنهنجو سارون چيٽ جا ميڙا.

    گهاءُ به چهڪن نيڻ نه ڇلڪن،
    ٽيڙي4 دنيا نيم5 به ٽيڙا.

    گيت، کسي ويو ميت،زمانو،
    مون وٽ بچيا ويڻ اويڙا6.

    تون ته چئين ورجاءِ ڪهاڻي،
    مون کان جنهن جا وسريا ڇيڙا.

    ڪير دکيارو ناهي باغي،
    پوءِ ڇو تنهنجا جام کي ٿيڙا.

    _____
    1.ميلا
    2.ناچ، نرت
    3.سان گڏ
    4.ڏنگي، آڏي
    5.قائدا، قانون
    6.اڻ ٺهندڙ، اڻ سهائيندڙ


    پونم جي چنڊ کي گهوريندا رهيا منهنجا نيڻ اداس،

    پونم1 جي چنڊ کي گهوريندا رهيا منهنجا نيڻ اداس،
    هن ڀيري جي ٽيج2 اسان جي دل جا گهات3 ڪيا وشواس.

    گهر گهر جهيڻيون جوتيون جرڪيون، چوڌاري گؤڌول4 اڏي،
    گليءَ گليءَ ۾ آنچل ڍرڪيا، ڳاڙهو پيلو ٿيو پڙواس5.

    هن پونم تي رکڙي6 ٻڌبي، تنهنجي سونهن جي آرتي وٺبي،
    هاءِ! اسان جا سپنا سوچون، هاءِ! اهي اڌما احساس.

    ترين وچ ۾ ڦول مروڙي، دارون هاري ديپ ڍڪي،
    هيل اسان ته ملهايو سانوڻ، من جي هر ڪا ٽوڙي آس.

    ڳمهولن7 جون ڪاٺيون کڻڪيون، ڄڻ تنهنجون چوڙيون ڇڻڪيون،
    تنهنجو آنچل سمجهي پڪڙي، ورتيسين لوهيڙي لاس8.

    سيم9 ڀري سنڀارن وچ ۾، گوالي10 چنگ ۾ چڻنگ ڀري،
    ڪنٺ11 اسان جي ۾ وهه12 پلٽيو، راڳن مان به رٺو ميٺاس.

    _____
    1.چوڏهين جو چنڊ
    2.سانوڻ جي 3 تاريخ تي هندو ٽيج ملهائيندا آهن
    3.ويساهه ختم ٿيڻ
    4.ڍڳين جي پيرن سان اڏامندڙ ڌور
    5.ميدان، پٽ
    6.گلن ۽ رنگين ڌاڳن سان ٺهيل ڪنگڻ
    7.ٿر جو گاهه
    8.ٽاري، لام
    9.مال جي چرڻ جي جوءِ
    10.ڳنواريا، ڍڳين جو ڌنار
    11.گلو
    12.زهر


    اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،

    اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ،
    چپن جي رڦڻي1 هتي جرم آ، اکين جي کينچل هتي ڏمر آ.

    اها وکن ۾ ڍرائي ڇو ڇو؟، اڃان ته تنهنجي چري وهي آ،
    رکين جي پيرا رتيون ٿي ڏونگر ، پٿر به تنهنجي اڳيان پتر آ.

    اهي ته طوفان وڌيا پيا وڌندا، هينئر ته مانجھي هنيان نه هاريو،
    سڌن سان ساگر سڪا نه ڪڏهن، گھرڻ2 سان گھٽبي نه ڪا لهر آ.

    لڦن جي لالي ڀري ترين ۾، گسن جي مٽي ڌري اکين ۾،
    هلي هلي بس ٿڪي پياسين، گھڻو ٻڌايو اڃان سفر آ.

    ڪلين مان اکتا3 هڏين ۾ پيٺا4، هڏين مان نڪتل جگر تي بيٺا،
    والله! غضب ٿو ڪرين وڍيندڙ! اڃان به چئين ٿو گٿي نظر آ.

    ڪرين پيو سو ڀلين ڪندو رهه، پڇاڻا ڇا جا؟ وراڻا ڇا جا؟
    گھڙي جي آئي پڇي به وٺبو، اڃان ته توکي وڏي ڳهر آ.

    اسان جا هي وڍ اسان جو پورهيو، اسان ته تن من سنڌوءَ تان واريو،
    اڏيون اجاريو آڙاهه ٻاريو، اسان جو نينهن ڀي اڃان نٺر5 آ.

    اسان ته سَنڌ سَنڌ زخم سٺاسين، اسان لُٽياسين اسان ڪُٺاسين،
    طبيب ڪن ڇا؟ حڪيم ڪن ڇا؟ اسان جي جندڙي سڄي زهر آ.

    تنهنجي اکين ۾ اداسي ڇا جي؟ اڙي او شاعر! اڙي او باغي!
    اڃان ته ڪوڙين ڪليون به کلنديون سنڌوءَ جي مٽي نه ٿي ڪلر آ.
    _____
    1.ڏڪڻي
    2.خواهش
    3.پار پئجي ويا
    4.پيهي ويا
    5.سرڪش


    گهنڊ گڙن ٿا درياءُ ڀر،

    گهنڊ گڙن1 ٿا درياءُ ڀر،
    رات ڇڙهي اوجاڳن ور.

    يار وڇوڙو سهي وڃبو،
    هاڻ ن ه منهنجي چنتا ڪر.

    اڀ اوڳاڇي لالي آ،
    جري ۾ ڄرڪي پئي آ ڄر2.

    ڪنهن ميهار جا پار پڇيا،
    ڇولين ڇوهه3 نديءَ ۾ ڇر.

    منهنجو سکڻو جهول ڇڏي،
    ڏات هلي ويئي تنهنجي در.

    _____
    1.وڄن پيا، آواز ڪن پيا
    2.جوت، لهس
    3.پاڻي جي پالوٽ


    اسان جي چمن مان ڪٿي دل ڀري آ،

    اسان جي چمن مان ڪٿي دل ڀري آ،
    وري ڇو قفص 1 جي، هي ڳڙکي کلي آ.

    اها ڇوڪري جنهن جي دائيءَ ۾ موتيو،
    اسان جا چئي سا اها جل پري آ.

    هي لڙڪن جو سيلاب ڇا ساٿ ڏيندو،
    چون ٿا سياري جي شب ڀي ڊگهي آ.

    ڏسون هيل ڪهڙا پچن ٿا پتنگا،
    اسان هڪڙي مشعل ٻنڀي رکي آ.

    وڏيرن جي ملڪيت وڏيرا ئي ڄاڻن،
    محبت جي پونجي اسان وٽ هڪي آ.

    _____
    1.پڃرو، قيدخانو
    2.ڇوڪريءَ جي وارن ۾ ڳتن ۾ پوتيل موتين کي دائي چئبو آهي


    بدلائيندو رنگ آسمان وهه وا!

    بدلائيندو رنگ آسمان وهه وا!
    نرالا ٿي پوندا، پنهنجا ڍنگ وهه وا!

    اجهي زرد پتا، اڏاڻا وڃن پيا،
    زمانن تان لهندا، وچن زنگ وهه وا!

    نه ميهر پري آ، نه مينهون پري هن،
    پرارا1 سڄن پيا، چڙا چنگ وهه وا!

    درد جو فصل، ڏسجي آڀون2 ڪڏهن ٿي،
    اڃا سور ڪڍندا وڃن سنگ وهه وا!

    گهڙيءَ لاءِ لوري3، گهڙي لاءِ لاڏو،
    سڀان جهوڪ خالي، سڃو جهنگ وهه وا!

    وڇوڙا به ويندا، ولوڙا به ويندا،
    پرين ٿيا اسان ساڻ پر سنگ4 وهه وا!

    ڪٿي آهي باغي، ستي سنڌ ساري،
    سندس ڏات شايد، ڏئي ڏنگ وهه وا!

    _____
    1.پرينءَ ڀر تان
    2.پچي تيار ٿي
    3.نڙ تي بيت
    4.خوش راضي


    نظم

    بند وسڪيءَ جي بوتل جيان ڇوڪري

    بند وسڪيءَ جي بوتل جيان ڇوڪري

    بند وسڪيءَ جي بوتل جيان ڇوڪري
    هوءَ نشن جيئن لهي ٿي حواسن مٿان
    ڇانئجي ٿي وڃي ڄڻ وسواسن مٿان
    ڄامشوري جي مڌمست شامن هٿان
    ڪنهن نه پيتو آ، ڪنهن ناهي ورتائيو1
    ها، جتي ٿي سفيدن تي شبنم ڪري
    هير ڏاڙهونءَ جي ٻوٽي تي ٿڌڙا ڪڍي
    ڪَن ۾ رابيل کي ڪجهه ٻُڌائي ته ٿي
    هوءَ پريشان پريشان پرهه جي هوا
    يار جي چڳ کي ٿورو اڏائي ته ٿي
    هن هوا جي سڄين چلولاين هٿان
    ڪيترا کيپ نيڻن ۾ سهڪن پيا
    ڪيترا خواب نيڻن ۾ ڀٽڪن پيا
    ڄامشوري جي چنچل ڪلين جي سڏيو
    پاڻ نڪري پياسين ٻه پهري ۾ ئي
    تنهنجي چوٽي جي سڀني وراڪن پٺيان
    تنهنجي چهري جي صبحن جي لالي چمڻ
    ڪو اڙانگي سفر کان نه گهٻرائيو
    جنهن به پيتو هتي جنهن به ورتائيو
    ها، اوهان جي جوانيءَ جي نيارپ ڏسي
    بند مکڙي جان، چپ جي ڪنوارپ ڏسي
    ڪير ناهي ڀليو، ڪير ناهي ڌتو
    ها، هتي ڪير آ جنهن کي منهنجي مٺي!
    تنهنجين ارڏين ادائن نه ڀنڀلائيو
    ڊيل جيئن پير سوري ۽ توري رکڻ
    ڀڻڪندي ڪجهه چوڻ، مشڪندي ڪجهه ڏسڻ
    ڪير ڪافر آ جو تو نه تڙپائيو
    ڄامشوري جي ڪوئل تون آن ڇوڪري
    بند وسڪيءَ جي بوتل تون آن ڇوڪري.

    _____
    1.واپرايو، استعمال ڪيو


    اڙي شهرِ جانان!

    اڙي شهرِ جانان!

    اڙي شهرِ جانان1، ڪي تو کي سنڀارون2،
    ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون.

    هي جوڌن جي سينن جا فراخ3 رستا،
    هي يوڪلپٽس جيون نه کٽندڙ قطارون،
    هي تنهنجي گلين ۾، اسان جا حوالا،
    هي تنهنجي پٽن تي اسان جون پچارون.

    هتي ٻن دلين جي به ڌڙڪن هئي گونجي،
    هيون جل پريءَ ڪنهن جھڪايون نهارون.
    اڃان ڪجھه نه بدليو آهي اڙي دل!
    تصور ۾ اڀرن ٿيون ساڳيون پڪارون .

    هي وک وک تي منهنجي پياريءَ جا پاڇا
    ۽ دڳ دڳ تي آنچل سندس جون اُڏارون
    اٿلندڙ اکين ۾ ڪنهن چاهت جي پوڄا
    ۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل ڪي سجدا سپارون4.

    ۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
    کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جيون تارون
    ڇڙيون ۽ اسان کي ڪري ويون ويراڳي
    ”او بلما5! ڪنهيا6! ڪي اٻلا7 جيون سارون“

    اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
    سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون
    صبح پهريان ڪرڻا جھٽي سنڌالاجي
    هوائن ۾ مهڪن گلابن جيون ڏارون

    اُتر واءُ آڻي ٿو گينڊي تي جوڀن
    ڪري ماڪ ڏاڙهون پنن تي پسارون
    چڪائي وجھن چاڪ ٿا سارا مارڳ
    وري ڪنهن لنگهه تان سڏن هن جيون سارون

    نه مٽجي سگھيون سي ته دل جي پٽيءَ تان
    ڪنهن شرميليءَ وينگس جون چُڪندڙ نهارون
    نه ڀلجي سگهيس هن جي گونگي ڪلپنا
    نه وسري سگھيس هن جيءَ اک جون الارون

    تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
    جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون ٻه ڌارون
    نه اُڪليل محبت جا رنگين جذبا
    نه سليل تنهن چاهت جون ڳجهيون ميارون

    اڃان ڀي ته هردو اسان جو ڇِلن ٿيون
    نه پوري ٿيل پيار جون سي پچارون
    ”سو اڙي شهر دلدار، تنهنجي دڳن تي
    ڪا سفيد ڪپڙن سان ايندي ته هوندي.“

    ۽ هوءَ اپسرائن جي ٽولي جي راڻي
    ڏسي تو کي اداس ٿيندي ته هوندي.

    _____
    1.محبوب، جان جهڙو عزيز
    2.يادگيريون
    3.ويڪرا، ڪشاده
    4.سپر دکيون
    5.هي سٽ ميران ٻائيءَ جي شاعري تان کنيل آهي
    6.ڪانڌ، ور
    7.بيواه عورت


    ڇا ٿيو جي ڪا ڇانءَ نه آهي

    ڇا ٿيو جي ڪا ڇانءَ نه آهي


    مون سان پير ڀرين ها جيڪر
    توکي ٿر ۾ ٿانءُ1 نه ملي ها
    پر تنهنجي پيرن کي شايد
    اهڙي آرهڙ ڀانءُ2 نه ملي ها
    ٽانڊا ٽانڊا ٿي ويو آهين
    پوءِ ڀي پاڻ جلڻ لاءِ آتو!
    پيرن ۾ ٿئي ڇالا ڇورا!
    پهڻن تي به هلڻ لاءِ آتو!
    تون ايڏو آن پياسو، مورک!
    ڄڻ ڪا هاڻ ملهار نه ايندي
    ست رنگا انڊلٺ به نه کڙندا
    کستوري هٻڪار نه ايندي
    ڄيرا3 ڄڻيندڙ هن ڌرتي تي
    تون به جليو آن مان به جليو هان
    پنهنجي پنهنجي رند تي راهي!
    تون به هليو آن مان به هليو هان
    گڏجي پنڌ ڪريون ها جيڪر
    ڪو ڇپرو ڪا ڇانءَ نه ملي ها
    پر واٽهڙو! گڏ هلڻ سان
    جهڙ ڦڙ واري جهانءَ4 ته ملي ها
    تنهنجا ڇالن هاڻا پيرا
    رڙهندي رڙهندي رت ٿين ها
    منهنجا گيت انهن گهڙين ۾
    توکي ڪائي تانگهه ڏين ها
    تون جي سهڪي ساڻو ٿين ها
    ٻيهر ڀيڙي بيٺ5 ٻڌون ها
    گيت جي پڙلاؤ ۾ گم ٿي
    پنهنجي پنهنجي ماڳ وڌون ها
    ڇا ٿيو جي ڪا ڇانءَ نه آهي
    ڇا ٿيو جي ڪا ڇانءَ نه آهي.

    _____
    1.ٿاڪ، ماڳ
    2.احساس
    3.الا، باهه جا مچ
    4.ٿڌڪار واري موسم
    5.سندرو ٻڌڻ


    ڄام شوري جو پٿر

    ڄام شوري جو پٿر

    سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
    ڄام شوري جوڄڻ سوپٿر ٿيو وڃي
    ها! هتان جا سفيدا ٿا گھايو وڃن
    ها! هتان موتئي جون ڪليون ڀي کڻو
    هڪڙو گل مهر سندس چوٽلي ۾ هڻو
    هوءِ، ڪيڏي نه سهڻي اٿس سوڀيا
    هوءِ جا پنهنجي خوابن جي آ ساڀيا
    هوءَ اسان کي ڏسڻ ڏيو شرم ٻوٽڙي
    جيڪا هٿ ڇا نظر سان ٺريو ٿي وڃي
    ڇا، چئون دل سان هوءِ ڪجهه ڪريو ٿي وڃي
    ڏينهن ڏٺي جا لٽيندڙ هٿيارن سان بلڪل
    اسان ڀي ٻڌا هن وڏا ڌاڙيوال
    مگر هوءَ ڌاڙا هڻي ٿي دلين تي
    جو نظرن ئي نظرن ۾ ڌاڙا هڻي ٿي
    ملي ٿو نه سڳ
    هو جا مرڪڻي موهڻي ڇوڪري
    سا وڏن وينٽريڪلس ۽ آرڪيلس وچ مان
    سڌا سائينس وينوسس تي هٿ ٿي وجھي
    مروڙي ڇڏي ٿي والو هرٽ(Valve Heart ) جا
    هوءَ جا هر روز هڪڙي نئين ڍنگ سان
    دلين جا در ٻيڪڙيل ٿي اکوڙيو ڇڏي
    ڏاڍن ڏاڍن جا ڇڪا ڇڏايو ڇڏي
    هن کي ڀيٽيون ته ڀيٽيون ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون
    جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ڪفر ٿيو وڃي
    سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
    ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي.


    ڀاڳيو ڏينهن

    ڀاڳيو ڏينهن

    مون کي گوندر جي گهه سر ۾
    سک جي سج جي ساک ڏئي وڃ
    نيڻن ڳاڙهي لاک ڏئي وڃ
    هي هو دونهين جا لاٽ اُٿن ٿا
    واٽن واٽن تي لاٽن مان
    ڌونئرا مهري ڳاٽ اٿن ٿا
    ڪوسي ڪڙهندڙ ريت تي هلندي
    سورج جا ڀي پير ڇڻن ٿا
    ڊوڏا1 بٺ2 ۾ چهنب هڻن ٿا
    شايد ڪوئي چشمو ڦٽندو
    گهانگهيٽيءَ جي ڇانءَ ۾ بيٺل
    هي ڀي روجهه اڃارو آهي
    اڪ تي دز جو ڄارو آهي
    ڪونڀٽ جو سڀ ٻور ڇڻي ويو
    ٿوهر جون سڀ مکڙيون سڪيون
    هن گوالي، پنهنجي وينا
    ٿر جي اڃ سان سرچائي آ
    ڀٽ جي واري گرمائي آ
    هن ڪيريءِ3 تي مور ٽهوڪيو
    ڊيل به رات راماڻا ڏيئي
    تڙڪولي ۾ شرمائي آ
    ٻرندڙ ڌڳندڙ واءُ لڳي ٿو
    چوڏس اڀ تي دوڏ رڙن ٿا
    ڀونءَ ڏي ڏسندي نيڻ سڙن ٿا
    اڀ تي ڏسندي سيڪ لڳي ٿو
    تپندي ڏاڍو تاءُ ڪيو آ
    هوڏانهن لوءَ نراڙ تي سيڪي
    منهنجا پيرا بڪيون جيرا
    ترين ڪوبه تراڻو4 ڪونهي
    منهنجو ڪوبه ٺڪاڻو ڪونهي
    هڪ ٺڪاڻي جي ئي ٽاڻي
    اچ نيارو نينهن ڪري وڃ
    هڪڙو ڀاڳيو ڏينهن ڪري وڃ.

    _____
    1.ڪارا ڪانؤ
    2.سڪو، ٺوٺ ميدان
    3.ڀٽ جي ڪنارين کي ڪيري چئبو آهي
    4.پيرن جي لاءِ ڪوبه پوش يا ڍڪ ڪونهي


    هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾

    هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾

    هوءَ چتون پکيءَ چنري ۾
    هر روز اچي ٿي ڪنريءَ ۾
    آ بڙ تي ڪوڪ پپيهي جي
    ۽ ڌڙ ڌڙ گاڏي بيهي ٿي
    گاڏيءَ جي ڏٻي مان ڄاڻ لٿي
    هو سوڀيا جي سپنن جي سٿي1
    گهونگهٽ جي جهلي پايل ٿي ڇلي
    اکڙيون جي کڻي ته به ڀيد کلي
    ڪن ڪچ ڪچ پن سفيدي جا
    ۽ تو سان گڏ به ڪهاڻي آ
    ها مان نه ڪهاڻي جو نائڪ2
    پر تنهنجي سوڀيا جو گائڪ3
    هي ٿورا بند ڪويتا جا
    هڪ شاعر وٽ ٻيو هوندو ڇا؟
    جي چاهين توکي ڀيٽ ڏيان
    جي سرجيا مون بي هنري ۾
    هر روز تون اچجان ڪنريءَ ۾
    هر روز مان ايندس ڪنريءَ ۾.

    _____
    1.موڙي، رسي ٻڌل
    2.هيرو Hero ڊرامي جو ڪردار
    3.ڳائڻو


    انسان اٿيو

    انسان اٿيو

    ڪارونجهر جي ڪور1 مٿي
    ڪو سائو پيلو مور نچي
    هو ڀورو ڀورو بادلڙو
    بي راهه مسافر جيان ڀٽڪي
    ڏس سر2 ۾ آهي ساهه پيو
    ٿي گوڙ گجي ٿو مينهن وسي
    لهندڙ سج جي لامن ۾
    ڪا شام هئي شمشام3 هيو
    هن رات جي ڪاري روپ اندر
    ڪو پرهه سندو پيغام هيو
    منهن مير مهل جا ماڪ اٺي
    ايءُ رات سندو انجام هيو
    ڪرڻو ڍنڍ جي جهرڻي ۾
    ايئن آهي چڀيو ڄڻ تير کپيو
    هوءَ ناسي رنگ جي نئن هلي
    ڪو گورهاڙو4 آ گل اڳيو
    ولهار سڄو آ واسي پيو
    انسان اٿيو، انسان اٿيو.

    _____
    1.ڪنارو
    2.چشمو، تلاءُ
    3.شمعدان، مشعل
    4.ڪارو ناسي


    تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي

    تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي

    هن ڌرتيءَ جو دستور الٽ
    هن ملڪ سندو منشور الٽ
    هت چهرو چهرو چور ڏٺم
    هت فوٽ پاٿن تي ٻار پنن
    ۽ گند گلين ۾ سڏڪا ڪن
    هت سيني سيني دونهن دکن
    هت دل دل ۾ ناسور چِڪن1
    هن ٿر مان هليا ٿاڪ ٿڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.

    هت عصمت ڪاروبارو بڻي
    هت مجبوري واپار بڻي
    هيءَ نگري سڀ بازار بڻي
    هت غربت ڄڻ ڪا گار بڻي
    هن ٿڪن جھڙيءَ دنيا ۾
    هن ههڙيءَ تهڙيءَ دنيا ۾
    ڪنڌ لڙڪائي جيئڻو ٿو پوي
    ۽ ڍڪ ڍڪ وهه پيئڻو ٿو پوي
    ڪجهه سڏڪن سان گڏ لڙڪ گڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.

    هي ڦٽڪا پٺڙن ساڻن تي
    هي ماڻهو ميڙا ٿاڻن تي
    ڪي زندان ۾ ڪي ڦاهن تي
    ڪي بندوق جي ٺاهن2 تي
    هي اوچيون ٻانگون چاڙهيءَ تي
    هي رت جا دڳ دڳ ڏاڙهيءَ تي
    هي چنبا ڪنهن جي چوليءَ تي
    هي ٽِڪا ڪنهن جي پوتيءَ تي
    هت جت ڪٿ جوکو جيءَ جڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.

    هي بستي آ ڀوتارن جي
    يا پيرن يا پاڳارن جي
    هي ڏيهه سڄو زردارن جو
    ڇا حق آ تو مون پارن جو
    ڪوئي نه سهارو ٿي سگھندو
    پنهنجو نه گذارو ٿي سگھندو
    هن ناڻي واريءَ دنيا ۾
    هن هيڏي ساريءَ دنيا ۾
    ڪو جيءُ اسان کي جاءِ نه ڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.

    ڪو تارا تاڻي رات ڪٽي
    ڪو سالم سالم مُرغ چَٽي
    ڪو لٽي اَٽي جي اڍڪي ۾
    ڪو ٿولهه گھٽڻ جي کُٽڪي ۾
    ڪو رت جون گُرڙيون ٿوڪاري
    ڪو ڪُتا رِڇ تي ڪوڪاري3
    ڪو لَڄ بچائي پاڻ لِڪي
    هوءَ ڪنهن جي چادر چور ڇِڪي
    ٿو مُڇ وَٽي ۽ پاڻ پَڏي
    تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.

    _____
    1.چڪن، گند ٽمڪائين
    2.ٺڪائن
    3.بڇڪار ڪري


    ناڪام محبت

    ناڪام محبت

    چوين ته پنهنجي محبتن کي
    گليءَ گليءَ ۾ هلائي1 ڇڏيان
    پٿر پٿر کي ٻڌائي ڇڏيان
    چوين ته ماڳهين ڀلائي ڇڏيان
    محبتون
    جي اسان جيءَ دل جيءَ
    چتا ۾ دکندي جلي نه سگهيون
    محبتون جي،
    اسان جي اک مان بڊي جي مينهن سان
    ڌلي2 نه سگهيون
    محبتون جي کُلي نه سگهيون
    نظام زر جي اتانهين چانئٺ
    توکي تنهنجي پندار3 جو هٺ
    زماني ماڻهن سماج جا ڊپ
    اسان سدائين ستم جا ماريل
    سدائين هيسيل سدائين سراپيل
    جنين جي ڄڀ تي هزار تالا
    احساس ڪمتريءَ جي ڇرين
    ذهن اسان جو وڍي آ ڇڏيو
    اسان، جنين کي اگهاڙي غربت
    ڏجهن ڏکن جي نڀاڳي ڏائڻ
    سامائجڻ سان سٽي آ ڇڏيو
    اسان نه ڄاتو!
    سڄڻ! اوهان جيءَ کليل مرڪ جي مراد ڇا هي؟
    پنهنجي هيءَ اڻ اٻيڙ4 چاهت
    گهريم ته دل ۾ دٻائي ڇڏيان
    گهرج ئي ڪهڙي؟
    ڳالهه جڳ کان وٺي نه سگهجي
    اها ڀتين سان ڪرڻ ۾ ڇاهي؟
    جيڪي ڪليون کڙي نه سگهيون
    انهن لئه آهون ڀرڻ ۾ ڇاهي؟
    فضول آهي!
    محبتن تي سوچڻو ڀي اسان کي ناهي!
    سکين بندن جي وندر آ محبت
    کليل دلين جو وکر آ محبت
    تڏهن به ڪنهن پل
    وري به دل مان
    پرانهين ڪنڊ تان
    سهي سهي سٽ اٿي ٿي جيڪا
    انهيءَ تي ڪو وس هلي نه سگهيو
    ايئن ئي اڄاتي
    اکين ۾ ڳوڙها لڏي پيا آهن
    اڃان به تنهنجي گليءَ مان لنگهندي
    منهنجا پيرا ڌڏي پيا آهن
    چيم! رستو مٽائي ڇڏيان
    گهريم ته ڳوڙها لڪائي ڇڏيان
    ۽ پنهنجي دل کي سڻائي ڇڏيان
    چوين ته پنهنجي محبتن کي
    گليءَ گليءَ ۾ هلائي ڇڏيان.

    _____
    1.مشهور ڪري
    2.ڌوپي
    3.پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي حيثيت بابت ماڻهو جا انومان
    4.اٿاهه


    ڪبوترا

    ڪبوترا

    هي خانه بدوشن جا بي خواب لشڪر
    هي جوانيءَ ۽ جذبن جا خاموش ڌمچر1
    جواني پريشان ۽ سونهن ششدر
    وڪامن جتي جسم سڪن تي هر هر
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    هتي ڪوئي جذبن جي قيمت چُڪائي
    ڪو وٺندي به هٻڪي، ڪو ڏيندي نٽائي
    هتي ڪائي مريم ٿي عصمت وڃائي
    هتي ڪائي راڌا ٿي جوڀن لٽائي
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    هي عورت جا ڪنوارپ ۾ ئي ماءُ بڻندي
    هي عورت جا ڪک مان ڪُڌا ٻار ڄڻندي
    هي عورت هَوَس کي جوانيءَ ۾ وڻندي
    ۽پوڙهي ٿي ڪشڪول جا هٿ ۾کڻندي
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    انڌيرن ۾ هيڏا شبابن تي ڌاڙا
    هو سيني جا محراب لٽيا ڪنهن جاڙا
    سندس حوض ڪوثر تي بوسا اگهاڙا
    سندس حجر اسود تي پنجا بيپاڙا
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    هي مائن ۽ ڀيڻن جي يارن جا گهورا
    هو قربت ۾ بي باڪ، نرڄا2 ندورا
    دلالي ڪندي ڀي مڃن پيا ٿا ٿورا
    هو نوٽن جي کڙڪي جا عاشق ڇڇورا
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    ڏئي سونهن جواني پرائن وبائون
    ڪنوارپ لٽائي جي پالن بلائون
    هي سگريٽ جي دونهين جا تحفا وتائون
    اجهو چرس آفيم جون ٿيون عطائون
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    جوانيءَ جي اڻ جهل گناهه جا پڙاڏا
    هو ٻارن حرامين جون ڪيهون ۽ ناڏا3
    سندن احتجاجن جا سڏڪا اواڏا4
    اڙي ابن آدم! هي تنهنجا مهاڏا5
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    هي چانڊوڪين ۾ شبابن تي الرون
    گنهگار ٽهڪن مان ڦاٽن ٿيون درڙيون
    وري چرس سوٽن سان دٻجن ٿيون سڏڪيون
    هي بيمار جسمن تي وحشت جون سسڪيون
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    وڏيرو ڪو واهي ڪو ڪمدار آيو
    ڪو شاعر به آيو ڪلاڪار آيو
    واپاري ۽ سردار، زردار آيو
    ڪو سفيد ڪالر سان سرڪار آيو
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    حقيقت آ ساري نه ڪا آ پرولي
    هلي آدميت سان کليل مخولي
    هي انسانيت سان پئي ٿيندي ٺٺولي
    اڙي ابن مريم! جي تو اک نه کولي
    ٻڌايو __ ٻڌايو __ اسان کي ٻڌايو
    هي انسانيت سان ڇو هيڏي ٺٺولي؟

    _____
    1.هُل هنگامو
    2.بي شرم، بي حيا
    3.وڏيون رڙيون
    4.لامحدود، بي انتها
    5.اوگڻ، لڇڻ


    ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان

    ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان

    هيءَ ڌرتي رت اوڇارن1 سان اڄ ٽامي وانگر ٽڙڪي ٿي
    ۽ ڀوريءَ ڀوري ڀونءِ مٿان ڪا باهه ڀنڀر ڪا ڀڙڪي ٿي
    ٿو ڪک ۾ ڪپ ڪچراٽ ڪري ڪا گولي هڏ سان ٺڙڪي ٿي
    هي ريٽي رت جا رنگ ڏسي اڄ غير جي ڇاتي ڌڙڪي ٿي
    هن لال لهوءَ سان او لالڻ! ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

    هيءُ ملڪ نه جنرل جي پيءُ جو، هيءَ مٽي منهنجي تنهنجي آ
    ”ٿو ملڪ کپي ماڻهو نه کپن“ هيءَ ڳالهه او ٽڪا! اهنجي آ
    هڪ لاش لتاڙي رهڻو ٿئي هونئن سنڌ نه سستي سهنجي آ
    بندوق ڏسيندي آرڻ ۾ هيءَ ڌرتي آخر ڪنهنجي آ
    رت ساڻ ته پِڙَ2 وهنجارڻ لاءِ سينا به ڦوهارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.


    چئه ڪنهن جو ناهي جيءُ جھريو هي ڪارو قتلِ عام ڏسي
    هر ماءُ رنو ٿئي پار ڪڍي سر بندوقن جي لام3 ڏسي
    هر ڀيڻ جي دل بيروت بڻي هيءٌ وک وک تي ويٽنام ڏسي
    او پير وڏا! او مير وڏا! پر تنهنجي هٿ ۾ جام ڏسي
    هر سنڌيءَ جا ڏند تڻجي پيا ۽ ٽانڊا تارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.


    جنهن حق کسيا هت ماڻهن جا، سو ڊاڪو آهه لٽيرو آ
    سو حج ڪري، قرآن پڙهي، پر قاتل سوئر پيرو آ
    غازي يا مجاهد ڀل سڏجي، بي بڻيادو بي ديرو آ
    ڪهڙا به رکائي نانءُ اچي، سو ڍيرائي آ ڍيرو آ
    هر سنڌي جا ڏند تڻجي ويا ۽ ٽانڊا تارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.


    هي هيڏا پيا ٿا ڪيس ٿين پر تو کي ڪو ويچار نه آ
    هو وسيل ويڙها اجڙي ويا پر تو تي ڄڻ ته ميار نه آ
    جي هاڻ به ڪجھه نه ويچاريئي ته پوءِ تو جھڙو غدا نه آ
    ڇا تو کي چئجي هڪ جيڏا غدار جھڙي ٻي گار نه آ
    غدا ته سورهيه قوم جي لاءِ اَنِ گند4 جا کارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

    هي ڌاڙيلن جا ساٿاري، هو هيروئن جا واپاري
    انصاف جا ٺيڪيدار ٿيا، بينگال جي خون جا کيڏاري
    هت حق گھرندڙ لئه گوليون ۽ چورن جي هت چوياري
    تون ڪيستائين ڀاءَ ڀلا! ان پرمارن جو پوڄاري
    گس ٽريا5 پنهنجا غيرن کان ۽ چٽڙا چارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

    اٿ سانباهو ڪر مقتل ڏي ٿو ساري رت شهيدن جو
    هو ڪارونجھر جي ڪور مٿان، آ اڀريو سج اميدن جو
    هن ڌرتيءَ تان ڌوڦاڙ6 ڪبو ها! پاڙو هاڻ پليدن جو
    اولاد لڏائي ڇڏڻو آ بي لڄيارن بي ديدن جو
    هن جوءِ جا وارث جاڳي پيا ۽ ديس دلارا بڻجي ويا
    ير! ٽوڙهيءَ وارن جي دم سان وارا به نيارا بڻجي ويا.

    _____
    1.رت جا تيز ڦوهارا
    2.ميدان، پٽ
    3.ٽارگيٽ، نشان
    4.آهن
    5.جدا ٿيا
    6.ناس، نابود ڪرڻ


    ڀلي مسڪرايو ڀلي مسڪرايو

    ڀلي مسڪرايو ڀلي مسڪرايو

    ڀلي مسڪرايو، ڀلي مسڪرايو، اهو مسڪرائڻ مهانگو ٿي پوندو .
    اسان جي لهوءَ ۾ تريون هيئن ٽُٻائي، هي مينڌي لڳائڻ مهانگو ٿي پوندو .

    او سنگين وارا ! او بندوق وارا ! اجھا هيءَ ڇاتي هڻي ڇڏ هڻي ڇڏ !
    هڻڻ کان به اڳ ۾ اهو ڀي ٻُڌي ڇڏ! ته آهو تون پنهنجي سريءَ تان کڻي ڇڏ
    دراوڙ جي لوئيءَ سان هي هٿ چراندون ۽ ماڻهن جي لاشن تي هي ڏند ٽيڙون
    هي ٻيڙين ڪڙين ۾ ڪي ڪڙهندڙ جوانيون ۽ ساڻن پُٺڙن تي ڦٽڪن جون ڇيڙون
    هي جھنگل جو قانون بربادين جا ، کڻي نت نوان آه آيو فسانه
    هي ماڻهوءَ جي حرمت تي وحشت جا حملا، هي ڪوڙا هي ڪورٽ اهي تازيانا
    وهايو ڀلي رت, جو ماڻهوءَ جي رت ساڻ هي پڪنڪ ملهائڻ مهانگو ٿي پوندو
    ڀلي مسڪرايو، ڀلي مسڪرايو، اهو مسڪرائڻ مهانگو ٿي پوندو .

    تون جن جي پگهر مان پنوڙي مان رڇ1 ٿين، سڃاتئي نه تن کي ٿڪون ٿئي ٿئي زمانا
    تون جن جي چپن جي ڇهاءَ سان ڪليءَ، مان ڦٽي ڦول ٿيو آن اڙي بي نشانا
    تون موهن جي دڙي جي گوالي جي وينا سان نيري گگن تي ملهاري جو بادل
    اڙي وقت پاري نگر جي ڪنواريءَ ڪنهن پدمڻي جي آن پيرن جي پايل
    تون سر تي ڪو روجهن اڃارن جو اگهٽ2، تون پدمات3 جي ڪنهن پدم جو ذرو آن
    ايئن قد ڪڇائي پڄي تون نه سگهندين، اسان سان اچائڻ مهانگو ٿي پوندو
    ڀلي مسڪرايو، ڀلي مسڪرايو، اهو مسڪرائڻ مهانگو ٿي پوندو .

    هي بدبخت ماڻهن جيون برباد شامون ڪنهن دونهين جي بادل جيان اُڀ تي ترنديون
    ۽ نيڻن جي رڻ پٽ ۾ پيا ڦوڳ ڦٽندا، ٿرن جون هي ڳاڱيون اڃاريون نه مرنديون
    هي قيدن بندن جون ڪڙيون سوڪ راتيون، ۽ چنڊ جيءَ چٽائي کان محروم کوليون
    هي ٻيڙين جي ڇن ڇن انڌارن جا نوحا وري خون ڳاڙهي سان جهلندڙ هي جهوليون
    ڪنهن باغيءَ جي ڀينر جي چوليءَ جا چيرا، نه ٿاڻن تي ٽٽندا نه چؤنڪن تي اڏندا
    اسان جي سرين تي الاريل هي خنجر، هٿن ۾ ئي سڪندا نه ڪي رت ۾ ٻڏندا
    _____________________________________________ مٽائڻ مهانگو ٿي پوندو
    ڀلي مسڪرايو، ڀلي مسڪرايو، اهو مسڪرائڻ مهانگو ٿي پوندو .


    1.ٿانو، برتن
    2.ڳاهٽ
    3.روحل واءِ جي ڀرسان ڦٽل شهر جو نالو


    او شوخ هوا او شوخ هوا

    او شوخ هوا او شوخ هوا

    هي وستيون ڳوٺ اجاڙ ڏسي ۽ لاشن جا ست ماڙ ڏسي
    منهنجو ته جگر ئي ڦٽجي ويو منهنجو ته ڪليجو ڪٽجي ويو
    هر روز نڌڻڪن تي گوليون، هر روز لهوءَ سان هي هوليون
    رت منجھه رضا اڄ ڳاڙهو آ، پيءَ جي به ڪپار ۾ ڪاڙهو آ
    هوءَ ماءُ رضا جي تڙپي پئي، هوءَ ڀاءَ جي ڀيڻ به سڏڪي پئي
    ڪيڏو نه قهر ڪيو مون تي قضا او شوخ هوا او شوخ هوا
    مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.

    هت بربادي آ نگريءَ ۾، ڄڻ هانءُ جلي ٿو سِگريءَ ۾
    ويو خون سفيد ٿي يارن جو، هن ديس سندن غدارن جو
    تن ميرن ڄام نوابن جو، ڀرڳڙين جو اربابن جو
    بي شرم جيئن ٿا مَرڪُ ڪري، مرن نه ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڀري
    هي پنجابين جا بوٽ چٽا، او شوخ هوا او شوخ هوا
    مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.

    هن ديس جي هارين نارين سان، سي ساڳيا انڌير اڃان
    روٽيءَ جي گھرڻ تي گار ملي، ۽ لوئيءَ جي بدران مار ملي
    اڄ هن جي ڌيءَ کڻائي ويو، هو لوفر پٽ وڏيري جو
    اڄ ڏاند به هن جا ڇوڙيا ويا، ڏنڊا به پوليس جا ٽوڙيا ويا
    ٿي رتَ ۾ لت پت فرش مٿان، ۽ لوهي شيخن جي پٺيان
    ٿس ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ويا، او شوخ هوا او شوخ هوا
    مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.

    هت ڪالهه به منهنجن پيارن جون، ويچارن جون ٻڪرارن جون
    ڇيرن سان ڇاتيون ڇاڻيون ويون، سينن تي بندوقون تاڻيون ويون
    پٽڪن جي وڙين کي ڦاريو ويو، پوتين جي پَلن کي ساڙيو ويو
    مينار کڙا ٿيا لاشن جا، ۽ تاج جھليا بدمعاشن جا
    هن ڀونءِ تي ڪڙڪي ڇا ته وبا، او شوخ هوا او شوخ هوا
    مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.

    مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو، هن جوءُ1 سان تنهنجو جوڙ ڏٺو
    مون تو کي ڏسندي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل روح بلاول جو
    هت بان2 جي ڪپري آيو هئين، بي ڏوهه نڌڻڪو گھايو وئين
    او آزادين جا متوالا، او چانڊوڪين جا روکوالا
    اڄ عظمت جي محرابن ۾، مون سيس جھڪايو سجدن ۾
    او منهنجا ڀاءُ او منهنجا رضا، او شوخ هوا او شوخ هوا
    مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.

    _____
    1.ڏيهه، ديس
    2.هڪڙو واهه جنهن جي ڪناري تي مرحوم رضا محمد بنگلاڻي جو ڳوٺ آهي


    وقت مٽجي پيو

    وقت مٽجي پيو

    ڪهڙي زندان اکڙڻ جي ڌڌڪار آ
    ڪنهن جي زنجير اکلڻ جي جهڻڪار آ
    ڪهڙي منصور جي نيٺ للڪار آ
    او غريبؤ! قهر رات جا ڪسندڙؤ!
    ٿورا پردا هٽائي ڏسو ڏسندڙؤ!
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    ڪو به هاڻي نه مرندو هتي بي بلو
    ڪو نه ڪٽبو ڪو مارو نڌڻڪو تلو1
    ٻوٿ دشمن جو ڀي پيو لڳي ڀِل2 ڀِلو
    ڪو به مظلوم ڏسجو نه سڏڪا ڀري
    هٿ پورهيت جو پورهيت کان ناهي پري
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    باهه ڀونچال جيئن آهي ڀڙڪي اٿي
    سنڌ ساري آ تڙپي ۽ کڙڪي اٿي
    غير جي هانءُ ۾ آهي ڌڙڪي اٿي
    ڪاٻه مونهين نه پورهيت جوچوسي پگهر
    هاڻي هاريءَ جي منهن جو نه ڦربو ٽڪرِ
    هاڻي ڪوئي نه رئندو نه پوندا نير
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    هرڪو هٿ هٿ ۾ ريٽا ڦريرا کڻي
    نعرءِ سنڌ جي لات دل کي وڻي
    هاڻ تقدير جيڪا به بڻجي بڻي
    سورمن ساهه پنهنجو سهائي ڇڏيو
    داءِ تي ڳاٽ کي تن لڳائي ڇڏيو
    راهه کي رت سان رنگين بڻائي ڇڏيو
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    هاڻ سيٺين جي ڏيڍين جي وٺبي خبر
    آ وڏيرن جي بنگلن ۾ برپا حشر
    ديسي دلالن جي ٻوٿ تي آ پگهر
    اي اسيرؤ! اوهان بند ڏينهن جي ڪٽيا
    اي شهيدؤ! اوهان رت ڦڙا جي ڇٽيا
    تن جي صدقي ئي تاريخ رنگ هي مٽيا
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    اي منهنجي خوابن جي ديوي حسين!
    ڇا اڃان ڀي نه توکي اچي ٿو يقين
    ڪر موڙي اٿي آهي پنهنجي زمين
    آ شهيدن جي رت ساڻ جِرڪي پئي
    پنهنجي جيري جي ٽڪرن جي ڀيٽا ڏئي
    رات ڪاريءَ جي تو مون پڄاڻي ڪئي
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    رات ڪاري، انڌاري ۽ پرشور هئي
    راهه وک وک اڻانگي ۽ منهن زور هئي
    چوڏسائن ۾ ڪيڏي نه گهنگهور هئي
    تنهنجي ڳاڙهن ڳِلن جي حيا جو قسم
    تنهنجي ڪارين چڳن جي ردا جو قسم
    تنهنجي هر هڪ ادا ۽ وفا جو قسم
    وقت مٽجي پيو، وقت مٽجي پيو.

    _____
    1.سکڻو، مفت ۾
    2.ڀيلو منهن، ڦلهو منهن


    هاءِ هٺيلا

    هاءِ هٺيلا

    ڪٿ ڪٿ ڪونڀٽ1 تُوتيا2 ڇاڻيا، ڪٿ ڪٿ لامن لُڏڪن پلڙا
    ڏس ته گهُگهيري3 ڳاڙهي ٿي آ، ڳاڱيءَ4 جا ٿيا ڳاڙها ڳلڙا
    گولاڙو5 ڀي ڄار سان ٻکجي، پن پن ڀيٽا ڏي ٿو ڇلڙا
    ٿر ٿر ٿرڪن ٿوهر ڳاڱيون6، هير ٿڌيءَ جو ٿي هٻڪارو
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو
    سينڌ سڪو سينڌور او ساونت چوٽيءَ جو ٿيو ڦل اڦانگو
    هاءِ اڃارا سپنا منهنجا، هاءِ ”پيا“ جو پنڌ اڙانگو
    ڌوڙ اڏي گجرن تي پيئي ڌوڙاکو7 جوڀن جٺيارو
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    تُون چئه چانڊوڪين ۾ چُوڙا، مون کي چڪ نه هڻندا هوندا؟
    کاپي8 کاڌا کُهنبا منهنجا، ٿڌڙا ساهه نه کڻندا هوندا؟
    پن ڇڻ واري پيلي پن جان، لُڙڪ نه منهنجا ڇڻندا هوندا؟
    پر مون پنهنجا چپ سِبيا هِن، ڪونه پريان ٿي سرد شوڪارو،
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    کوڙ کٽن تي کرڙيون هڻندي، ماڻهو پنهنجي موت مري ويا
    ڪن کي ڇوهي ڇولين ٻوڙيو، ٻوهن9 جيئن ڪي باهه ٻري ويا
    ڄڻ ته هيا سرهاڻ جا جهوٽا، ڄڻ تي وڄت جا ٺاٺ ٺري ويا
    ڪارونجهر جا ڪڪرا ريٽي رت سين ڪوئي راڄ دلارو
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    مون ئي مرکان شيخڻ بڻجي، توکي لاڏا ڳايا ميمڻ
    مون ئي ڀرمل ديوي بڻجي، تنهنجا وير چڪايا ميمڻ
    مون ئي ٻاگهل ٻائي بڻجي، خلجي کوڙ کپايا ميمڻ
    توکي ڏونگر ڏس اماڻي، مون ته ڪيو آه نينهن نيارو
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    چوٽيءَ ٻڪ ٻهار جا پاتم، ڇاڻي پاتم ڇار ڇتن10 ۾
    سي ته وڃين ها پريتم پائي، رهجي ويا جي هار هٿن ۾
    تو ته چيو هو توکي نيندس، ڏوليءَ چاڙهي روجهه11 رٿن ۾
    تون ته وڃين ٿو، مون نه سڏين ٿو، هئه هرجائي تون به اڌارو
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    تنهنجي دم سين رڻمل راڻا کرڙيءَ منجهه کٿوريون لٽجن
    ماءُ مياڻي سدا سهاڳڻ ٽلٽيءَ ۾ ٽانڊوڻا ٽمڪن
    تنهنجي دم سين ڀورا 12 بلاول! حق موجود جا هوڪا ٻڌجن
    تو سين جهوڪ عنايت واري، تو سين ديبل ڏاهر وارو
    هاءِ هٺيلا هوڏي پريتم، مند ملهاري، تون ريسارو.

    _____
    (1.3.4.6.)ٿر جي وڻن جا نالا
    2.گونچ
    5.ول جو نالو جنهن ۾ گولون لڳن ٿيون
    7.ڌوڙهاڻو
    8.کپت ۽ ڳڻتي
    9.ٿر جو هڪ ٻوٽو
    10.کليل ڊگها وار
    11.روجهه جوٽيل گاڏي
    12.ڀوري رنگ وارا


    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين

    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين

    منهنجي ٿر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو
    ٻرندڙ بر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    اڪ1 اڃارا، ٻوهه2 اڃارا، مرگهه3 اڃارا نيڻ
    ڳوڙهن ڳوڙهه اسان جون ڳالهيون سڏ اوسارا نيڻ
    هونئن ته لڙڪ لکئي جا ليکا پر متوارا نيڻ
    ڇپر ڇمر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    ڪرڪي ڪونج ته ڄڻ ته ڪريي4 ۾ ڪو ڪانءُ کتو
    تاڙي جيئن تنواريو ڇرڪيو ڪوئي سور ستو
    ڪڻڇي ڪنٺ ۾ پلٽي پيو آ دل جو درد ڌتو5
    هاڻ زهر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    رڻ ۾ روهيڙي جيئن ڪوئي رت هاري ويراڳي
    تو کي تَنهن جي ڪل ئي ڪهڙي، او وينگس! وڏ ڀاڳي
    نکٽ نکٽ کي مون آ نهاريو، جوڳيسر6 جيئن جاڳي
    پوئين پهر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    هونئن ته ڏک ڏڪار به آهي، پوءِ به پسي جا ٻيڙا7
    تو کي ڪرڙ ڪڪوريا آڇين هيل ته آءُ پهيڙا8
    گج جا ٽونئر گسن ۾ پٿريان، پٿريان چنريءَ ريڙا9
    صبر ستر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    ساٺيڪي10 تي هيل سنجيندي11 منهنجيون اکڙيون ڀربيون
    آواڙي12 جي اوٽ ۾ ويهي، تو سان ڳالهيون ڳرهبيون13
    ويساکيءَ جي واريءَ ڀرجي، منهنجيون ديدون ڌربيون
    سوچ سڄر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    ڏهريءَ ۾ ٽانڪار14 نه ٽهڪي، ڪونڀٽ15 لاسون ڪاريون
    توکي اڪنڊي ڀورا بادل! ڄاڻ ته رنيون ڄاريون16
    گھانگھيٽي17 ۾ گل نه اڇائين، موراڙيون18 ماٺاريون
    ڏک ڏڪر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    مهريءَ19 تي مولهئي20 سان سوچي هڪڙو ڏجھندڙ21 ڏوٿي
    ڪونج ڳچي جي هنسلي وڪڻي گھر جي ٻاريم جوتي
    پٽڙي کي پيزار نه پيرين، ڌيءَ وٽ ناهي پوتي
    سانگ سمر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    تون پاڻياري ڪهڙي تڙ جي، هيڏو پياسو آئون
    کائر22 کارو ڏينهه واٽهڙو! هونڌ ڪريان هٿ ڇانئون23
    ٻاٻيها به ٻريو سارڻ تي، ڪن پيا مينهن پڇائون
    پاڪ پلر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    رحمت ريلا روحل ستگر24، پلٽيو پاڻي پوئين
    ڪيچ ڪِراڙن25 ڪنڌ ڀڄي پيا، راڄ مهاڄڻ26 روئين
    ڏندڻيا27 ڏيهه ڏڪاريا مارو مُرڪيو مينڍا ڌوئين
    آهه اثر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    لوئيءَ جا لڄپال محمد صه مدني صه28 ماڙ مڃيندين
    ڇلرن جيئن ڇڳيرا29 ڇٽ ور، منهنجا مرض ڪٽيندين
    سام30 پئي کي سيد سهڻا صه، پنهنجو سڱ سڏيندين
    هُل حشر جو حال جي پڇندين، روئي پوندو.

    _____
    (1.2.)ٿر جا ٻوٽا
    3.هرڻ
    4.ڪليجي ۾
    5.بي خبر، مدهوش
    6.جوڳي
    7.پسيءَ جا گل
    8.مسافر
    9.ليڙون
    10.سٺ پرهن وارو کوهه
    11.پاڻي ڀريندي
    12.پاڻي ڀرڻ جو حوض
    13.اوريون
    (14.15.16.17.)ٿر جا ٻوٽا آهن
    18.ڀلو اٺ
    19.وڏي پڳ سان، وڏي پٽڪي سان
    20.ڏک ۾ ڪڙهندڙ
    21.ٿر جو هڪ طبعي ڀاڱو
    22.چاڪر ڪرڻ
    23.سچو مرشد
    24.بددعات
    25.وياج خور
    26.واڻين جي هڪ ذات
    27.ڏندڻ پئجي ويا
    28.مدد
    29.تاجدار
    30.پناهه هيٺ آيل


    ڪجهه قدر

    ڪجهه قدر

    ڪجهه قدر هن ساڻ منهنجي، اجنبيت ڀي گهٽي آ،
    ڪجهه قدر هن ساڻ دل جا، سلسلا ڳنڍجي پيا هن.
    ڪجهه قدر بس سرد مهري، هن جي ڀي ڪافور ٿي آ،
    ڪجهه قدر بس عشقبازيءَ جا مرحلا طئي ٿا هن.
    ڪجهه قدر هن جي به مرڪن کي نوان مفهوم مليا،
    ڪجهه قدر هن جي حجابن تي بهار آئي ته آهي.
    ڪجهه قدر انڊلٺ جون ريکائون سندس چهري تي اڀريون
    ڪجهه قدر نئين نينهن جي چغلي ٿي هن جي لوڏ کائي
    ڪجهه قدر هوءَ منهنجي جذبن جي زبان سمجهڻ لڳي آ
    ڪجهه قدر احساس هن جا منهنجي آڏو ڀي کليا آهن
    ڪجهه قدر منهنجي خيالن ۾ سندس آ موهه وڌيو
    ڪجهه قدر هن جي اکين ۾ پيار منهنجي لئه ڇليا هن
    ڪجهه قدر هن جي ڳلن تي سرخيون ڊوڙڻ لڳيون هن
    ڪجهه قدر هن جي چڳن ۾ پيچ ڀي پئجي ويا هن
    ڪجهه قدر هن جي ترن جي طلسمن ۾ دل اڙي آ
    ڪجهه قدر دماغ چڪرائڻ لاءَ ڳل ۾ چگهه1 پيا هن
    ڪجهه قدر هوءَ پنهنجي جواني کان به شرمائڻ لڳي آ
    ڪجهه قدر آئيني آڏو ڀي بيهڻ کان ٿي لنوائي
    ڪجهه قدر هوءَ پنهنجي پاڇي کان به ڇرڪندي رهي ٿي
    ڪجهه قدر ساهن جو سرگم هو ٿي سيني کان لڪائي
    ڪجهه قدر هن کي به هاڻي گيت با معنيٰ لڳن ٿا
    ڪجهه قدر هوءَ شاعري جي اهميت سمجهي وئي آ
    ڪجهه قدر هوءَ هجر جا، ميلاپ جا قصا ٻڌي ٿي
    ڪجهه قدر دردن جي، خوشين جي به هن کي سڌ پئي آ.

    _____
    1.ڳل تي پيل گهنج


    انقلاب زنده باد

    انقلاب زنده باد

    عظمت جي منزلن جون ڪرنشون نٿيون وڻن
    خوشامدون نٿيون وڻن ۽ شابسون نٿيون وڻن
    وڻي ٿو ماءُ سنڌ جو آب تاب زنده باد
    انقلاب زنده باد، انقلاب زنده باد.

    اسان جي قافلي جي ڌوڙ جن جي منهن ۾ آ پئي
    هي سنبت1 آ سنڌ جي، تن ڏنو به آ چئي
    نئون عزم، نئون قدم، نئون شبابُ زنده باد،
    انقلاب زنده باد، انقلاب زنده باد.

    بي ضمير جي بلي ڀلا نظام ڇو رهي
    ۽ هيسيل ۽ پيڙيل سنڌي عوام ڇو رهي
    پنهنجو آهي احتجاج بي حساب زندهه آباد
    انقلاب زنده باد، انقلاب زنده باد.

    وقت شرط پڄاءِ کڻي سنڌو ديس ٺهڻو آ
    سامراج جو نظام هڪڙي ڏينهن ڊهڻو آ
    حق آهي، سچ آهي منهنجو خواب زنده آباد
    انقلاب زنده باد، انقلاب زنده باد.

    _____
    1.تياري


    ڪارونجهر جيءَ ڪاريءَ چوٽيءَ

    ڪارونجهر جيءَ ڪاريءَ چوٽيءَ

    ڪارونجهر جيءَ ڪاريءَ چوٽيءَ
    روپلو ڪولهي اڄ به رهي ٿو
    تو کي ڪا گم1 ڪونهي گورا!
    تنهنجو سورج ڄاڻ لهي ٿو
    تنهنجون تاريخون ڇڏ ڦاڙي ساڙي ڇڏ
    جيئن لوس2 نه پکڙي
    مايا لوڀ جي چوس3 نه پکڙي
    تاريخون ......
    بِر غلط لکين ٿو
    تهذيبون........
    بي روح اڏين ٿو
    پوءِ به سڏين ٿو
    پنهنجو پاڻ کي دنيا جو استاد او گورا!
    تنهنجو روح مري ويو ڀورا!
    رُوپو ڪولهي اڄ به جيئي پيو
    روپي جيءَ تلوار جي ڀورا
    ننگر سارو ساک ڏئي پيو
    پوءِ به لکن تنهنجون تاريخون
    روپو ڪولهي مري ويو آ
    جاسوسي ناول هن تنهنجون تاريخون
    هي تاريخون ڦاڙي ڇڏ.

    _____
    1.خبر، سُڌ
    2.وَبا
    3.هوس


    شاعر جو محبوبا ڏي خط

    شاعر جو محبوبا ڏي خط

    گلابي ڳهر مان ڳهريل نگاهون کڻي
    مون کي اکين ئي اکين ۾ انعام نه ڏي
    لوڪ تنهنجي ڇپر ڇينڀ مان معنيٰ ئي ٻي ڪا وٺي
    ڊڄ زمانو توکي نوان الزام نه ڏي
    تون جا اس ڇانوَ کان بي سڌ بي ڪل
    الهڙ اٻوجهه بي سمجهه ٻار ڄڻ ٿي لڳين
    مينهن کان اڳ ايندڙ آنڌيون لوڙهي نه وڃن
    تون ته ڪچڙيءَ ڪنهن ٽالهيءَ جو ٽار ڄڻ ٿي لڳين
    تنهنجا ڳاڙها ڳل ڏسڻ ۾ ايئن ٿا اچن
    ڄڻ ته روهيڙي جي وڻ جون گلن سان جهنجهيل ٽاريون
    انهن ڳاڙهن ڳلن تي حيا جي شفق چمڪ
    ڄڻ ته ٿر جي واريءَ تي گاهن جون گلزاريون
    هي جوڀن، هي مرڪون، هي سنيها سڀ ڪجهه
    چنچل چلولي چري ڇا ڇا نه اٿئي
    هلڻ هلڪڻ ناز انداز اکٽ
    ڇا توکي چوان او ڇيڳري ڇا ڇا نه اٿئي
    مون جهڙي سکڻي سڃي ٺلهي شاعر وٽ
    تنهنجيءَ سونهن کي سانڍڻ جو سليقو ئي ڪٿ آ
    تون ته موتي آن، جوهرين کي خبر تنهنجي
    تو کي پرکڻ جو مون وٽ طريقو ئي ڪٿ آ
    سو او ڇوڪري چري نه ٿيءُ
    منهنجي اکرن جي ڳڻ1 ڳوت تي ويساهه نه ڪر
    مان شاعرِ انقلاب هجان ته هجان
    تون ڪنهن دوکي جي تخلص جي ذرا پرواهه نه ڪر

    _____
    1.ويچارڻ


    ڪمال راهمون جي شهادت تي

    ڪمال راهمون جي شهادت تي

    اسان جي نگريءَ سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اداس پاڇا
    گلن جي موسم ڪَليون نه آنديون، بهارن آندا پٽن جا لاشا
    جڏهن به رنگت چڙهي گلن تي، گھلي ٿڌيري هوا ڏکڻ جي
    ٻچن جا سڏڪا اٿيا منڊل ۾، ملي بشارت گھرن جلڻ جي
    اڏائي جھوپا ويون ڪي آنڌيون، تنين جي ڪَک ڀي مليو نه ڪَک سان
    پٽين پنوهاريون پلاند واريون، ملين چهرا گهرن جي رک سان
    انهن جي لڙڪن سندو ڪو ٿورو ڌيان عالي جناب ٿيندو
    ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

    اهي ئي تنهنجيون پٽيءَ پسارون، لڳي ٿو ڄڻ ڪجھه ٿيوئي ناهي
    ڪٽڪ ڪُٺا ٿئي نڌڻڪن جا، منهن ۾ گھنج پيو ئي ناهي
    اوهان جي آڏو لهوءَ جي قيمت، پتل جا ٻه ٽي خسيس ٻلا
    ڪنهن جي اميدن ڀرئي چمن کي هٿن سان تيلي ڏيڻ ۾ ڇا آ
    ڏسو نه ٿا جو ڪنين جي اک جا ڪنول تڪيندا تنين جون راهون
    جنين کي چچريو ويو تنين کي سڏينديون ڪنهن جي چپن جون آهون
    اهو ته ٿورو ويچار ظالم! ڪڏهن ڪليءَ مان گلاب ٿيندو
    ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.

    سچن جي سرڪش اڏول ڇاتي، جھڪي نه سگھندي جھري سگھي ٿي
    صداقتن جي سجن جي ٽانڊي اوهان جي اک ۾ هري سگھي ٿي
    چٻن جي منهن ۾ ٿڌي چانڊوڪي، ڀري ٿي مرچون ڀلي ته ڀرجن
    سهاين جو هتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن
    اوهان به پنهنجون ٽلون ويڙهايو، ڏسون اوهان جا حويليون ٿاڻا
    اوهان جا ڦٽڪا اوهان جا پترا، ٻيا ڪي آڻا ٻيا ڪي ماڻا
    اسان جي موڪل اٿو ته ڪريو، سڀاڻي جيڪي اوهان کان سهجي
    ائين ئي نه ٿئي جو سڀاڻي، تنهنجو اگھاڙو لاشو گلين ۾ رهجي
    ڳجھن جي اڳيان ڪتن جي اڳيان خوار ڏاڍو خراب ٿيندو.
    ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو.


    حسين رات

    حسين رات

    هن حسين رات ۾، حسين ڪائنات ۾
    ڀڄي ڀري پيو آ من، ٿڪي ٽٽي پيو بدن
    ۽ چاندني جي چاڳ ۾، ۽ بئنسريءَ جي راڳ ۾
    ڪوبه چس چاءُ ناهه، ڪو به لاءِ ساءُ ناهه
    ڄڻ ته جوت ٿي جلي، ڄڻ ڪو ماس پيو ولي1
    رڳن ۾ چڻ اماڙيون، هيئانءَ تي ڄڻ ڪاتيون
    نراڙ ٿو ٺڪاو ڏئي، اکين ۾ راک ٿي پئي
    وڏن وڏن ماڻهن، ۽ سالڪن، اڪابرن
    جو ڪيترو نه سوچيو! ۽ ڪيترو نه لوچيو!
    ڄمار ڀر جي سوچ مان، هيڏي لوچ پوچ مان
    ڀلا به ڇا پلئه پيو، ٿيو کڻي ته ڇا ٿيو؟
    شعر سوجهجن2 ته ڇا، راڳ موکجن ته ڇا؟
    گلاب پوکجن ته ڇا، عطر اوتجن ته ڇا؟
    ادب کڻي ادب ڏجي، وعظ پر غضب ڏجي
    ڏجن به ڏس نجات جا، ڏجن به گس نجات جا
    هي بکون هي ڏوجهرا، هي وڏ ڌڻين جا موچڙا
    ڳڀي ڳڀي لئه ڪرنشون، ڪڻي ڪڻي لئه بندگيون
    هي بکن جو بک جواڻيون، هي سونهن جون نشانيون
    هٽن تي تين وال ٿين، ۽ ٻارڙا سوال ڪن
    ڏڪن هٿن ۾ ڪستيون، روئي ڏين جي پنبڻيون
    ڪنهن جي ماءُ وڪي وئي، ڪنهن جي ڀيڻ واڪ پئي
    روزگار کان سواءِ، بي وسا ۽ بي اُپاء
    ڪڇن ۾ ڊگريون ڌري، اکين ۾ ڌوڙ لٽ ڀري
    ڊگهيءَ ڊگهيءَ قطار ۾، ڳڀي جي انتظار ۾
    نوجوان پيا رلن، ۽ سيءَ ۾ پيا ڪنبن
    ننڍا ٻار ڌڻار جا، ۽ واءُ اتر جي پار جا
    رليءَ بنا سوڙ بنا، ٿڌيرو اڀ مٿان مٿان
    ڳچيون ٽنگن ۾ ڏيئي، ٿڙڪندي ڪا رات ڳئي3
    ڪندي پٽي جا هي ڌڻي، امن جا پاسبان ٿي
    لٺيون هڻي عوام کي ڪٽن ٿا اٺ پتڻ تي
    ڳچين ۾ پٽڪا وجهيو، چڪن ۾ سي جتيون ڏيو
    نڙيءَ ۾ خون ٿو ڳڙي، جيءُ جلي ٿو من سڙي
    هن حسين رات ۾، حسين ڪائنات ۾.

    _____
    1.کوٽي کپڻ
    2.ويچارجن
    3.وئي


    احمد ملاح جي ياد ۾

    احمد ملاح جي ياد ۾


    سرمد گيتي، منصور جو هم نشان، جنهن جي نالي کان ڏڪندڙ منات1 ۽ عزيٰ2
    هن سان لشڪر خزاني سان راڪاش لڙيا، هن چيو ”مون لئه ڪافي آ منهنجو خدا“
    هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي، هن چيو ”ماڻهو ماڻهو آ يزدان نه آ“
    هڪ خدا جي اڳيان سر جهڪي سو جهڪي، ٻيو پر ستش جي لائق ٻيو انسان نه آ
    هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌل، اهل تسبيح به هئا، اهل تقويٰ به هئا
    بت پرستيءَ سان اٽڪڻ جي جرئت نه هئي، اهل منصب به هئا رڻ جا جوڌا به هئا
    هڪڙو مرد قلندر صفا ناتوان، جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليڙون به هئي
    جنهن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند هئا، جان طعنن جي تيرن سان سيرون به هئي
    هن جي للڪار سان لرزيا بتڪدا، چنڊو خانن جي چائنٽ به ڌڏڪڻ لڳي
    ڪن ته سجاده پوشن جا پٽڪا ڏُريا3، دل فقيرن جي پيرن جي ڌڙڪڻ لڳي
    اي مسند نشينؤ! گھڻو ئي ٿيو، هاڻ درگاهون تڪيا به خالي ڪريو
    ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي، ان جي ڀيجي ۾ گانجا نه آفيون ڀريو
    هڪڙو يثرب جي مٽي کي چمندڙ ملنگ تخت تختا اکيڙي طاغوت جا
    قم باذني چيائين زمانو اٿيو، جلوا هاڻي ڪٿي ساڳيا جبروت جا
    پوءِ ڪارين رڍن جو ڪٽڪ ڇا وريو، پنهنجن واڙن وٿاڻن تي ڊوڙا4 لڳا
    سنڌ جي سورهين ساڻ جيلون ڀريون، پهنجن پٺين تي ڦٽڪا ۽ ڪوڙا لڳا
    لاڙ! تنهنجي لٽيل سينڌ لٽبي رهي، هو جليو ڪلهه ٺٽو، اڄ ڪلاچي به وئي
    اڄ تماچيءَ جي تڙ تان مهاڻا تڙيا، اڄ آميءَ ۽ ڦاپي جي ميت اٿي
    پوءِ لڪيءَ جي چشمن ۾ لاوو ٻريو، هڪڙي چيتي جي چنگھاڙ چوڦير ٿي،
    شينهن پوڙهي جون سن ۾اکيون جئين کليون هاڻ جهنگن ۽ ڳوٺن ۾ ڪا جهير5 ٿي
    مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙهه، ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ
    هڪ بلاول هو جو گھاڻي ۾ ڪٽجي ويو، ڪهڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ.
    اي زمانا! اسان جو قبيلو ڪٺو، خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ.
    تنهنجيءَ اوڇيءَ روش جي نه پرواهـ اٿئون، خون عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ.
    پاڻ چاهيون ٿا، پنهنجي ڀرئي ڀاڳ ۾ پنهنجي حاجت پنهنجي حڪمراني هجي،
    ڪنهن به فرعون جي ڇا لاءِ پوڄا ڪريون، هڪ خدا جي نرڙ تي نشاني هجي.
    لاڙ جي لال جي ڳالهـ ڪهڙي ڪجي، سنڌ! تنهنجو نصيبو سڻائو نه ٿيو،
    دين جي ناءُ تي توکي ڌوتن ڦريو، ڏيئي قرآن ضامن ڪنهن ته لوٽو6 ڪيو،
    ديس! تنهنجي کٿورين جي هٻڪار ۾، خوش کٿيرا، وسن جوڳي رمتا ڀلا،
    سر ڀتين سان هڻيو پيا صدائون ڏيون، هاڻ جاڳو مٺا جاڳو مٺا.

    _____
    1.2.بتن جا نالا
    3.بي ترتيب ٿيا
    4.ڌارا
    5.هُرکُر، هلچل
    6.لُٽيو


    نعرا هڻندا هلو، پيرا کڻندا هلو

    نعرا هڻندا هلو، پيرا کڻندا هلو

    پير کوڙي بيهو، سر سان ڪفنيون ٻڌو،
    چئي جيئي سنڌ، چئي پوءِ اڳتي وڌو
    پنهنجي نعرن سان رهزن جو جيرو رڌو1
    ٿيو عدؤ جو ٿڏن سان ڪليجو ٿڌو،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    جو اسان سان هلي، سينو تاڻي هلي،
    سامهون دار آ، سو به ڄاڻي هلي،
    پنهنجي ڇاتيءَ کي ڇيرن سان ڇاڻي هلي،
    ها! هلي ڀلي هن ئي ٽاڻي هلي
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    رت ڄڀين جي تي ريلي کي ڏيئي جنم،
    سورهيؤ! پنهنجي سرين جا کوڙي قلم،
    عشق جي راهه کي ڏئي قدم سان قدم،
    پاڻ حق جو ۽ سچ جو، ڪيو اوچو علم،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    پنهنجيون سڄيل اکيون، پنهنجا ڦٽيل جگر،
    پنهنجون هيڻيون رڙيون،پنهنجاهيسيل اکر،
    هڪ نئين دور جي پيڙهه جو ٿيا پٿر،
    هڪ نئين انقلاب2 دهر جو ثمر،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    ڏور جيسين به پنهنجي نگاهه ٿي وڃي،
    صف سوڍن جي بيٺي آ سينا سڃي،
    ڏسجؤ! گهاتو متان ڪوئي گهيرو ڀڃي،
    مڙس سو آهي جنهن کي مياڻي مڃي
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    هو ٻڌو پيا ڪليشن جا ڪڙڪا سڄن،
    ٽينڪ، گولن، مان باهين جا ڀڀڪا اٿن،
    خون بارود مان ايف سورهن اڏن،
    لوهه ڏيئي ڪي لانچر ٿا ڪليون ڪڍن،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    ڪنهن جي ڪک کي ڪٽارا ڪٽي پار پيا،
    ڪنهن جي سيني تي توبن جا ڌڌڪار ٿيا،
    ڪنهن جي نيزي جي نوڪن ڦڦڙ ڦار ڪيا،
    ڪهڙا ڪونڌر ٿي ڌرتيءَ تان ٻلهار ويا،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    ماءَ جي ٿڃ جا جيڪي ٿورا اٿئي،
    ڀال لهڻا نه هونهين سي ڀورا اٿئي،
    ڇا ته ڇاتي اٿئي، ڇا ته ڏورا اٿئي،
    تنهنجا ويري به هن سر جا گهورا اٿئي،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    ڏسندي ريٽي ڦريري جو ڦڙڪڻ ڦلڪ3،
    هو ڏسو غير جي اک ۾ غم جي جهلڪ،
    پنهنجي ساٿين پلٽ ڪئي،آجنهن جوپلڪ،
    سامراجين جي صف ۾ آ گهوڙا گهلڪ4،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    هي ڪلهن سان ڪلها گسجندڙ سلسلو،
    سرفروشن جو ويتر وڌي ولولو،
    پنهنجي پر جوش نعري جو هي ٿرٿلو،
    هن زمين جي ذرن ۾ ڀري زلزلو،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    لڄ لوئيءَ سندي پاسباني ڪري،
    پنهنجي ٻنين ونين لاءِ وڙهندي مري،
    پنهنجي پيارن پنهوارن سان پيرا ڀري،
    ان جي هر هڪ ادا تي ٿو هينئڙو ٺري،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    جي ٿا دل کان پڇو، پنهنجو پيارو به آ،
    پنهنجي دل جو ڌڻي، اک جو تارو به آ،
    سنڌ جي ساٿ جو هو سهارو به آ،
    جيڪو ويڙهاند ويلي سگهارو به آ،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    ڪوئي ساٿي اسان جوجي سٽجي ڪريو،
    گولي سامهون وڌيو، ٻيو وري سر ڦريو،
    لال پرچم لهوءِ ۾ گهريو4 نه لريو5،
    ايئن ڦيرو ڦريو، ايئن هردو هريو،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    ساٿيو! سرخ پرچم سمهاڙو8 ڪريو،
    هڪڙي هٿ ۾ جهنڊو، ٻئي ۾ ڪهاڙو ڪريو،
    ڪنڌ ڪلهن تان ڪپيو، ول ولاڙو7 ڪريو،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    هوءَ وڏيري کي ڦڦڙي وٺي آ وئي،
    اڄ ڪامورن تي ڀي ڄڻ آهه بجلي ڪري،
    پئي آ پيرن ۽ ميرن جي ٻوٿي سڪي،
    سامراجين جو پيو آ ڍينگهر ڊهي،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    جيڪو گيدي ۽ گوال غدار مئو،
    ڀل مئو پنهنجي ڌرتيءَ مٿان بار هئو،
    تنهن لاءِ پٿر نه وجهبو، نه تنهن لاءِ رئو،
    ڪٿ چنيسر چڱو ڪو ٿيو، ڪٿ سئو،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    پاڻ چاهيون ٿا آزاد ٿئي هي چمن،
    آسمان تي امن جا ڪبوتر اڏن،
    ڪين ڳڀرو ڪسن ۽ نه مائون هڄن،
    اي وطن تنهنجي وک وک تي مينهڙا وسن،
    نعرا هڻندا هلو، پير کڻندا هلو.

    _____
    1.زمانو
    2.چال، لوڏ
    3.گهوڙا گهوڙا ڪرڻ
    4.گهيرجي ويو
    5.لڙهيو، ڍرڪيو
    6.سامهون، منهن مقابل
    7.ڊوڙ، سنراڙو


    سنڌي گوريلي ۽ پريميڪا جي ڳالهه ٻولهه

    سنڌي گوريلي ۽ پريميڪا جي ڳالهه ٻولهه

    هن وقت ويريءَ جي هٿان، جهٽجي وڃون تون مان متان،
    رت باهه واريءَ رات ۾، بارود جيءَ برسات ۾،
    ڪوساڻ آ، ڪاڙهو به آ، لهسون به هن ساڙو به آ
    توکي نه ڪل، مون کي نه ڪل، يا هن پل يا هن پل
    دونهين، ڄرين جي هيءَ اُڇل، اوڏو ڪري پنهنجو اجل
    هي سيڪ هي ڄڀيون جلن، ڄر ڄر ڪريو ٽانڊا وسن
    هت ڪير ٿو ڄاڻي پرين! ڇا وقت ٿو آڻي پرين
    هن دونهين پٺيان ڇا اچي؟ آڱرن جي هيٺيان ڇا بچي؟
    ٽانڊن جي ساگر جي ڪپر، ڌنڌڪار پٺيان ڇا خبر؟
    ويري هجي گهاتو1 هجي، پنهنجو اجل آتو هجي
    هو گرڙ واتيون پيون گڙن، راڪيٽ لانچر پيا ڇڙن
    سڙڪن تي لاشن جا سٿا، بي گهر اباڻن جا جٿا
    وستيون جلن ويڙها جلن، ديرا جلن ٻيڙا جلن
    ڦل واڙين جا ڦل ڇڻن، ڀؤنر ۽ پوپٽ بُل هڻن
    چمپا جون ڪليون کوئجن، لؤنگن جو مکڙيون لوئجن
    هي سڀ ٿيڻ ٿي ٿو سگهي، ڪنهن جو جيئڻ ٿي ٿو سگهي
    منهنجا پرين! ڀورا پرين، هي پل کڻي ٿورا پرين
    ماڻيون ته گهڙيون ٿوريون، صدين تي آهن ڳوريون
    ڪيڏي چٽي چانڊاڻ آ، ڪيڏو متل مانڊاڻ آ
    هي ڇور واهه جون ڇوليون، البيليون اڻ موليون
    پيلا سرنهن جا ڦولڙا، ان تي وَهين2 جا جهولڙا
    هاريءَ جو پٽ پيهي چڙهي، ڳل تي ۽ ڪن تي هٿ ڏيئي
    ڳائي ٿو راڻا رات اچ، ڪنهن ريت ڪنهن گهات اچ
    جوڀن ٻه ٽي ساوڻ مٺا! ڪيڏا! وڇوڙا ڳڻ مٺا!
    هي جوت جو درياءَ ٽپون، يا وچ ئي وچ ۾ ساهه ڏيون
    ڪوئي نٿو ڄاڻي مٺا! جوڀن وٺون ماڻي مٺا!
    سو هاڻ اچ هڪوار اچ، رت باهه جي هن پار اچ
    توکي ڳري لاهيان مٺا، جيون سڦل ٺاهيان مٺا
    هو هو ندور بم ڦٽي، ان کان اڳي، ان کان اڳي.

    گوريلي جو جواب

    مڃيم ته چنڊ آ چوٽ ۾، پر هن ڪاري ڪوٽ ۾
    منهنجو آ ڀاءُ باندي بڻيل، ٻيڙيون وڌل سنگهرون پيل
    درياهه ۾ پئي چاندي وهي، ڇولي چڙهي ڇولي لهي
    چنڊ ڏي چڪوريءَ جو اڏڻ، اونچن سفيدن جو لڏڻ
    پيلي سرنهن جي ڇانءَ ۾، ڳيرو ۽ ڳيري ٽانءَ ۾
    هو هو ڪريو چهنبون هڻن، ڳٽ ڳٽ ڪريو کنڀڙيون کڻن
    ڪيڏو سهانو آ سمو، هي سڀ انهيءَ کان آ گهڻو
    هي تنهنجو ڪامڻ گر بدن، کنوڻون کنون شعلا اٿن
    هيءَ تنهنجي اک، هيءِ تنهنجي چڳ، هيءَ سينڌ ڪنهن واهڻ جو دڳ
    ڪنهن واٽهڙوءِ جي منتظر! پر ڇا ڪجي وڻندڙ پٿر!
    هي ناهي پنهنجي ڀاڳ ۾، رکيو به آ ڇا راڳ ۾
    هو ڏس ته ڪنهن جا گهر جليا، هو ڏيڍين تي ڊَنوَ هليا
    هو ڀيڻ ڪا لٽجي پئي، هوءَ ڪا ٿڏجي پئي
    ويڳاڻيون ويڳاڻيون، ٿاڻن مٿي هو نياڻيون
    ها! وير جن جا ويا ڪسي، ها! ڪانڌ جن جا ويا رسي
    پورهئي پگهر جي پار سان، قرضن سندي انبار سان
    هي کيتين جا ڪاسبي، هي انگ اگهاڙا پاتڻي
    پورهئي رڳون ٽوڙي ڇڏيون، فاقن دليون ٻوڙي ڇڏيون
    منهنجي وطن جا نوجوان، ورسٽين ۽ ڪاليجن منجهان
    تن جا هتي لاشا کڄن، ڊگرين بجاءِ جيلون ملن
    ڪڙهيو پچيو راتيون ڪٽن، لوهي زنجيرن سان سٽن
    تن کي هي ڪارا سنتري، هي بابري هي نادري
    پوٽا هلاڪو خان جا، ريگن جا پٽ شمعان3 جا
    ڪندا هڻيو ڪوڙا هڻن، ڏورا وڍن گوشت پٽن
    هوڏانهن پيون دانهون اٿن، هو ٻار ڪنهن جا پيا رُئن
    ٿورو ته ان تي غور ڪر! هن ڀونءِ تي هيڏو قهر
    هي ديس سارو پيو دکي، اکيون ڏکن هينئڙو ڏکي
    ڪونجيءَ ڳچي، هرڻيءَ اکي، ڏکڻ جي هيرن جي سکي
    او ڪپهه انگي ڪامڻي، هن ڀونءَ هنئي آ ٽامڻي
    ۽ تون ۽ مان جهمريون هڻون، ان کان ته ٿي ڪوڙهيا مرون
    ڌرتيءَ تي ڌاڙيلا گهمن، ڪنهن کي ٻڌن، ڪنهن کي ڪهن
    هي سڀ اسين ڏسندا رهون، بس هڪ ٻئي ۾ گم رهون
    مون کان نه سو پڄندو مٺي! هي ڏيهه ڇا چوندو مٺي
    هي ڪجهه ڏهاڙن جو جيئڻ، ۽ تنهنجي چپڙن مان پيئڻ
    ڪجهه رس جون سرڪون مٺي! تنهنجيون لٽڻ مرڪون مٺي!
    دل کي کسيندڙ ڪار آ، پر ڇا ڪجي لاچار آ
    منهنجي بٺيءَ جي ڀر ڏئي، ڪو وات ڦاٽوڙو چئي
    هن ڌوڙ تي ٿڪون هڻو، هن ڀونءَ هيٺيان آ ستو
    شاعر! لٻاري بي پتو، جو جنگ هلندي گهر مئو.

    ______
    1.گهات ۾ ويٺل دشمن
    2.پکيءَ جو هڪ قسم
    3.اسرائيلي وزيراعظم شمون پيريز


    گيت

    پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي

    پيار نه پهتو ڪنهن به ٺڪاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي،
    رڃ جي راهه ۾ ٿڪاسين ڇاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

    ميلن مهلن ۾ او مٺڙا ميت سان ميت مڙن ٿا،
    پولارن ۾ پهتن1 جهڙا هت هت ڇيڄ ڇڙن ٿا،
    ڏس ته اسان جا انڌيارن ۾ ڀٽڪيل خواب ٿڙن ٿا،
    اڀ جا کڙيل تارا هن ڄڻ جيڪي روز کڙن ٿا،
    اڀ تي ڪين ٽڪن اولاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

    تنهنجون يادون ميڙي سيڙي، جيءَ سان جهيڙي ويٺس،
    وکريل من کي ويڙهڻ پويان، سور سهيڙي ويٺس،
    گهايل من جا، گهٽ گهٽ ڀٽڪي چاڪ اڊيڙي ويٺس،
    مان اڄ تنهنجي مورت اڳيان جهول پکيڙي ويٺس،
    منهنجي پوڄا تنهنجي ٽڪاڻي، جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

    ڇا تون منهنجي ڀڄيل من تي مرهم ڪونه ڌريندينءَ؟
    ڇا هيءَ مند به گذري ويندي تون به نه پير ڀريندينءَ؟
    ههڙي ڏک ۾مون سان ويهي ڏات جاڏنجهه ڏريندينءَ؟
    منهنجا پوچيل2 پيرا هوندا ڪنڊا پئي پٿريندينءَ؟
    منهنجو ٿيندين تون به نه هاڻي،جوڳي ڄاڻي وينا ڄاڻي.

    _____
    1. خوبصورت، سهڻا
    2. ڪنڊن ۾ ڀريل


    هاءِ اسان جو روڳي منڙو

    هاءِ اسان جو روڳي منڙو
    هاءِ اسان جو پاڳل منڙو

    واچوڙن ۾ الجھي اڏري
    جيئن پپل جو ڇڻيل پنڙو.

    پاڻ ته آهيون رمتا جوڳي
    ڪنهن سان پيارڪرين ٿي ڇوري
    پاڻ پٿر جي پنڌ جا راهي
    تن جيءَ ڀانءُ1 نه ڀلجانءِ ڀُوري
    پنهنجي نيڻين رڃ وسي ٿي
    پنهنجي پيرين ٻرندڙ بنڙو
    هاءِ اسان جو پاڳل منڙو

    پنهنجي وس ۾ لهرون ناهن
    پنهنجي وس ۾ ناءُ به ناهي
    ٻاجھ ڀريا هٿ وار ٻيڙياتا
    ڪو به سڻائو واءُ به ناهي
    جھرندڙ جندڙيءَ جو تون ساحل
    ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جو تون ٻنڙو
    هاءِ اسان جو پاڳل منڙو

    ____
    1.تن جي عقل تي نه هل


    اسين رولاڪ سيلاني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،

    اسين رولاڪ سيلاني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي،
    اکين ڳوڙها، ڳچيءَ ڳاني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    چيوسين: ڪنهن ته بڙ جي ڇانؤ ۾، ساهي به پٽڻي آ
    چيوسين: ڪنهن ته چانئٺ تي منجهند آرهڙ جي ڪٽڻي آ
    مڃي پر دل نه ديواني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    ڪڏهن جڳ جون سهي جهڻڪون،پرت جاپهه پچايون1 ٿا
    ڪڏهن وه جون وٽيون پيئندي، زماني سان نڀايون ٿا
    اسين زلفن جا زنداني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    چوڌاري چؤڪيون2 ئي چوڪيون اٽڪاءُ ڀي ايندا
    بکن اڻ هوند جا ڀي ڏنجهه ۽ ڏهڪاءُ ڀي ايندا
    سڄو آ نيهن ناداني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    ڪني آڱر هجي تنهن کي ته پاڙن کان پٽي ڇڏجي
    هجي کوٽو سڪو جيڪر ته بازار ۾ مٽي ڇڏجي
    نگهٽ3 آ نينهن نيشاني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    لهوءَ ۽ باهه جا ليڪا لتاڙي جيءَ جي گهٻرائي
    متان هيئن ٿئي حياتي کي، ڇڏيون ٺوڪر سان ٺڪرائي
    اسان جي هوڏ حيراني، ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي.

    _____
    1.ويچار ڪريون
    2.جانچ لاءِ ڪوٺيون
    3.نه گهٽجندڙ


    هر تڙ جو هوڙاڪ، اسان جيئن ڪو به نه هوءِ،

    هر تڙ جو هوڙاڪ1، اسان جيئن ڪو به نه هوءِ،
    نگر نگر رولاڪ، اسان جيئن ڪوبه نه هوءِ.

    پريت جي ڳالهه پتڻ تي ڇيڙي روئين ڇو وڻجهاري؟
    هر پاڻياريءَ جي چت ۾ چهڪا هرڪا دل دکياري،
    هر ڪنهن چهڪن چاڪ، اسان جيئن ڪو به نه هوءِ.

    وڻ تي جيئن ويڳاڻو پڻڇي ڪي ڳائي ڪي روئي،
    وڳر وڳر ۾ وڇڙيل ساٿي جانچي کنڀڙا کوئي2،
    ٿڏجي هر ڪنهن ٿاڪ، اسان جيئن ڪو به نه هوءِ.

    رمتي جوڳي جيئن اسان جا هر ننگريءَ سان ناتا،
    گليءَ گليءَ جي ڌوڙ سان لٿڙيل پير اسان جا کاتا3،
    ڪوبه نه ٿاڻو ٿاڪ، اسان جيئن به ڪوبه نه هوءِ.

    چنڊ جي تات نديءَ ۾ ٻيڙيون ٽلڪائن هاڪارا،
    ساگر ۾ جيئن سوچون اپڙ ن تيئن ويچارن ڌاڙا،
    ويسر ٿي وتاڪ4، اسان جيئن ڪوبه نه هوءِ.

    توکي روڳ اسان جيئن راڻا! ڇا نه نپوڙيو هوندو؟
    هن جندڙيءَ ۾ جوت لڳائي، تو ته پروڙيو هوندو،
    ڇا مومل! ڇا ڪاڪ؟ اسان جيئن ڪو به نه هوءِ.

    _____
    1.ٻيڙي ٻڌڻ لاءَ کتل ڪاٺي يا لوهه جا ٿنڀا
    2.کنڀ پٽي
    3.هارايل
    4.گهڙي


    وايون

    پيرن هيٺ بهارون پٿريون، ڇاٽ ڇڻن ٿا گل،

    پيرن هيٺ بهارون پٿريون، ڇاٽ ڇڻن ٿا گل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    نيري سنجهه ۾ نيهوڙي جندڙي، ڄڻ ته مرگهه جا بل1،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    ڦڙين لارون موتين مالها، تاڙا! تنهنجو تل2،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    تنهنجو هڪڙو پرت جو پيرو، ڀڄندو ٺاٺ جو ٺل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    راڄ مڙوئي روڳ وڪوڙيو، گهر گهر پڄري جهل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    اڄ به گسن تي پنهنجا گيڙا3، ڦوڳن پنگريا4 ڦل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    ور وڻجارا! پنهنجي وٿ5 جو، هت هت آهي هل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    سائٺ6، سهڻو ناهه ساٿي، ريٽيون بڻجي رل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    روهه سڄن رولاپ ڪنجلين، ڪک پن، ڪرڪن ڪل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    ٿانهر7 ٿڌڙا ٿاڪ ٿرن جا، ماڳ نه ٻيو ڪو مل،
    الو ميان! ڇاٽ ڇڻن ٿا گل.

    _____
    1.جهونڪو، جهوٽو هوا جو
    2.اگهه، ملهه
    3.لامارا هڻڻ
    4.ڦُٽا نڪتا
    5.شيءِ، وکر
    6.ساوڪ
    7.يخ ٿڌا


    ها! اسان کان پوءِ ڀي،

    ها! اسان کان پوءِ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    مان کڻي هوندس نه هوندس، تنهنجو ساجن توءِ1 ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    مون کان سهڻا گيت لکندو، ٻيو نه ڄاڻا ڪوءَ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    ٻانهن تان ٻانهون ورائي، چوٽيءَ کي چمندوءَ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    راهه جي امرت مٿان، مرگهه جيان مرندوءَ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    ڪنهن رسيلي رات وچ ۾، خواب ڪو اڻندوءَ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    جهٽ غزل ٿي ڄڻ ته ويندينءَ، ڇيڳرو ڇهندوءَ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    هيءَ گلابي رت ڀريندي، ڪنهن جا پيالا پوءِ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    ڇير جي ڇم ڇم به هوندي، وينا جي ووءِ ووءِ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    جت اسان جا گيت ڇڙندا، ات جي هوندا هوءَ ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    ”باغي“ بس بدنام آهيون، منڌ جون مون موءِ2 ڀي،
    ڳالهڙيون هلنديون پيون.

    _____
    1.تڏهن به، ته به
    2.منهنجي مرڻ کان پوءِ به


    کنڀڙن جيئن کُلي، جهولن جيئن جهُلي،

    کنڀڙن جيئن کُلي، جهولن جيئن جهُلي1،
    سور اسان وٽ سهڙيا لا!

    تون جي ويڻ ورائيين، ويندا واءُ گهُلي،
    سور اسان وٽ سهڙيا لا!

    لکا2 پوندي لوڪ ۾، ڍوليا! رات ڍُلي،
    سور اسان وٽ سهڙيا لا!

    اينديون تنهنجون ڳالهڙيون، ڇپرن وٽ ڇُلي،
    سور اسان وٽ سهڙيا لا!

    تنهنجيون ورنديون تاتڙيون، ڀؤنرن جيئن ڀُلي،
    سور اسان وٽ سهڙيا لا!

    چوٽون پنهنجي چاهه تي، ڪندا لوڪ ڪلي3،
    سور اسان وٽ سهڙيا لا!

    _____
    1.لڏي
    2.پروڙ، سمجهه
    3.سڀئي، سمورا


    ڪهڙي نيٺ ڪٽار،

    ڪهڙي نيٺ ڪٽار،
    توکي لڳي مون هنيان!

    چنڊ اسان جي واٽ کان، ٻه ٽي پير پرار1،
    توکي لڳي مون هنيان!

    اچ ته درياءِ اڪرئون، ترهو تن تي بار،
    توکي لڳي مون هنيان!

    ٻه ٽي تنهنجون جهاتڙيون، ٻه ٽي ٻول اپار،
    توکي لڳي مون هنيان!

    اسان اهو ئي آجڪو2، هئه هئه ڄام ڄمار،
    توکي لڳي مون هنيان!

    جيئن ڪنهن متي3 مرگهه تي، ناهر4 ترڇي نهار،
    توکي لڳي مون هنيان!

    جيئن ڪنهن رڻ جي پيٽ تي، اوٺين پيرا اُڀار5،
    توکي لڳي مون هنيان!

    تئين ئي پنهنجيون ڳالهڙيون، تئين ئي پنهنجو پيار،
    توکي لڳي مون هنيان!

    _____
    1.پرين ڀر
    2.قوت گذران
    3.متاري، ٿلهي
    4.بگهڙ
    5.اڀريل نشان


    ها هرسان هروار الو ميان!

    ها هرسان1 هروار2 الو ميان!
    چانگي چانگهو3 نه ڳڻيو.

    ڳل4 ٿس ڳانيون ڳتيون، موڙا ڏئي مهار الو ميان!
    چانگي چانگهو نه ڳڻيو.

    هر هر هينئڙي ڀر ۾، هن جا پهه پچار الو ميان!
    چانگي چانگهو نه ڳڻيو.

    هن جي مامن5 موهيا، ڪوڙين ڪوتا6 ڪار الو ميان!
    چانگي چانگهو نه ڳڻيو.

    ڪيڏي ڪونجيءَ ڪوڪ ۾، ماري يار ميار الو ميان!
    چانگي چانگهو نه ڳڻيو.

    وڇوڙي جي وير7 جي، ڌرتي ڌنءُ ڌنءُ ڌار الو ميان!
    چانگي چانگهو نه ڳڻيو.

    _____
    1.جرت مندي سان ڪڍيل آواز
    2.هر ڀيري
    3.ڊگهو پنڌ
    4.گلي ۾
    5.اشارن، رمزن
    6.شاعر
    7.لهر، ڇولي

    مون ۽ منهنجي يار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    جنهن جي ٿڙ تي نانءُ لکياسين، يوڪلپٽس ڏار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    وڏڦڙي وسندي ملياسين، مينهن تنهن ملهار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    تنهنجيءَ چوٽيءَ ۾ جا پوتي، لام ڳاڙهي ليار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    موتين ۾ مهڪ آپر، تنهنجي هٿ جي هار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    هائو منهنجي شاعري ۾، تنهنجي سونهن ۽ سار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    جت ٻه چاهيندڙ ملن ٿا، پنهنجي پهرئين پيار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    ڪنهن ٻڌائي آ گلن کي، تنهنجي هيسيل وار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.

    ڄامشوري جي گلين ۾، منهنجي ئي منٺار جي،
    ڳالهه ٿي هلندي رهي.


    تاڙي واري تات،

    تاڙي واري تات،
    جيئڙا تو جهڙي1 جهلي.

    کرن2 کيٽا3 نه کٽا، کٽڙا ڏينهن ۽ رات،
    جيئڙا تو جهڙي جهلي.

    تنهنجي سڪ سهاڳ جيئن، جيون سوئي ڌات،
    جيئڙا تو جهڙي جهلي.

    هو کستوريون کٽ تي ۽ هوءَ ليڙن لاٽ4،
    جيئڙا تو جهڙي جهلي.

    پرين اسان جي پکڙين، ٻئي سان ڪهڙي بات،
    جيئڙا تو جهڙي جهلي.

    تاڙي واري تات،
    جيئڙا تو جهڙي جهلي.
    _____
    1.ڪهڙي نه لائي ڏني اٿئي
    2.رقيب، دشمن
    3.جهيڙا جهڳڙا
    4.اٺن جي لاٽ


    چوري ڪير ڪٿا الا،

    چوري ڪير ڪٿا الا،
    مڪليءَ جهڙي ماٺ ۾.

    لڪن لاٽون1 ڪوسيون، مين2 سج مٿان3 الا،
    مڪليءَ جهڙي ماٺ ۾.

    پهڻين اوکو پيڙو، ڳڍين4 پير ڳٿا5 الا،
    مڪليءَ جهڙي ماٺ ۾.

    جهيرون جهيرون جهول ۾، ڪنهن وٽ سور سٿا6 الا،
    مڪليءَ جهڙي ماٺ ۾.

    پوءِ به تنهنجي پار ڏي، جتن روز جٿا الا،
    مڪليءَ جهڙي ماٺ ۾.

    _____
    1.جهوٽا، هوا جا جهونڪا
    2.اٺن
    3.مٿان
    4.پيرن ۾ پيل ڳوڙهيون
    5.ڳنڍين ۾ ورتل پير
    6.ذخيرو ڪيل، ڍڳ


    بيت

    ماٽاءَ ٿيل بلور جيئن، تون مان ٽڪرياسين

    ماٽاءَ1 ٿيل بلور جيئن، تون مان ٽڪرياسين
    ۽ پوءِ وکرياسين، وڇوڙي جيءَ وانچ2 ۾.

    1.ماٽاءَ. بلورن راند ۾ ٻه بلور پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ کي ماٽاءَ چئبو آهي
    2.آنڌي، طوفان

    _____


    تون جو منهنجي ناگريءَ، هلي آئيو آن،

    تون جو منهنجي ناگريءَ، هلي آئيو آن،
    ڀلي آيو آن، جوڳي توکي جيءَ چوان.

    _____


    جيئڙو تيسين ڄيٽ1، سوڍا سانوڻ پيا اچن،

    جيئڙو تيسين ڄيٽ1، سوڍا سانوڻ پيا اچن،
    مريو وڃن مينڌرا! مڻين مٽيءَ هيٺ،
    ڏسڻ تيسين ڏيٺ2، مٽ نه مانجهم3 راتڙيءَ.

    1.هندي سال جو هڪ مهينو
    2.ملاقات
    3.لڙي، رات گذري

    _____


    ڳري ۽ ڳارا وجهي، ڪانگل! ڪهڙي سور،

    ڳري ۽ ڳارا وجهي، ڪانگل! ڪهڙي سور،
    اسان پرين وچ ۾، وڇڙڻ ايءُ وچور،
    ٻارهون ڀيرو ٻور، ور ڏيئي وڻن ڇاڻيو.

    _____


    جڳ1 جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،

    جڳ1 جڳ وڇڙيو سڀڪو، جنمين وڇڙيا جوڳي،
    وڇوڙي ولهه رات ۾، سمهي پيا سوڳي2،
    هو راول، روڳي، رت روئي لڪ چڙهيا.

    1.صدي، سئو سال
    2.ڏکارا، سوڳ ۾ ورتل
    _____


    مون بس تنهنجي ٻانهن ۾ گجرو پاتو آ،

    مون بس تنهنجي ٻانهن ۾ گجرو پاتو آ،
    پٽو نه پٽواريءَ سندو، نه ٻيو کاتو آ،
    ننڍڙو ناتو آ، وڻنئي ويساري به ڇڏ.
    _____


    وڳو گل1 ورن، تو جو پاتو تن تي،

    وڳو گل1 ورن، تو جو پاتو تن تي،
    سڀ ڪنهن نيڻ ٺرن، سڀڪو من سڌير2 ٿئي.

    1.گل رنگ
    2.سرهو، خوش

    _____


    ڌوڙ به وسن ڌوڙيا، مٿان تپن ڏينهن،

    ڌوڙ به وسن ڌوڙيا، مٿان تپن ڏينهن،
    اسان وسندي مينهن، سامي سڙندي ئي ڏٺا!
    _____


    ڪلاداري1 ڪلنگيون، اڇليو ورولين2،

    ڪلاداري1 ڪلنگيون، اڇليو ورولين2،
    جوڳي ٿا ڳولين، پنهنجي ڀليل ڀاڳ کي.

    1.ڪلا واريون
    2.کوجنا ڪرڻ
    _____


    منهنجيءَ چوليءَ جيءَ، ”هرمچ“ توکي هيئن چيو:

    منهنجيءَ چوليءَ جيءَ، ”هرمچ“ توکي هيئن چيو:
    ”منهنجو ٿيءَ نه ٿيءَ، آءٌ ته تنهنجي آهيان“.

    _____


    چوٽيءَ دائي چيچ سان، ڍوليا جا کلندي،

    چوٽيءَ دائي چيچ سان، ڍوليا جا کلندي،
    ڳالهه اسان جي ڳوٺ ۾، سس پس ۾ سڄندي1،
    گهڙي ڀاتين تڙ جيڏيين، جهنگ مرونئين ٻجهندي2،
    ان3 پر آتڻ4 واريين، آتڻ ۾ اٿندي،
    ڏڪبي ڌوٻيءَ گهاٽ تان پتن لڳ پڄندي5،
    وڻجارن جي وات پئي، ڇولين تي ڇلندي،
    مٽي سنڌا6 ملڪ جا، ولاتن وڄندي،
    گوالي جي گيت ۾، وينا ٿي ٻرندي7،
    پوندي ڪويءَ ڪن تي، ڪوتا ٿي ڪڇندي،
    ڏيها ڏيهه پئي ڳائبي، جڳا جڳ هلندي،
    رانءِ8 ته ڪٿ رسندي، کينچل9 هڪڙي کن10 جي.

    1.ٻڌبي
    2.سمجهبي
    3.ان ريت
    4.ڪتڻ واريون جتي گڏجي ڪتينديون آهن ان جاءِ کي آتڻ چئبو آهي
    5.رَسندي
    6.سرحدون
    7.وڄندي
    8.احساس ته ڪر
    9.پيار جي ڇيڙ ڇاڙ
    10.گهڙي

    _____


    ٻڪن منجهه ڀري، تنهنجا ڏنل موتيا،

    ٻڪن منجهه ڀري، تنهنجا ڏنل موتيا،
    ڪوئي اڄ پري، نڪري ويندو ناکئو1.

    1.وڻجهارو
    _____


    ماروءَ جا ماڻا، واريءَ سندا ڀونگلا1،

    ماروءَ جا ماڻا، واريءَ سندا ڀونگلا1،
    واٽ مٿاريءَ2، واءِ3 ڇهو، اجهي اڏاڻا،
    هي پڊ هي پاڻا4، ڪلهه ڪلهوڻا آسرا.

    1.واريءَ جا گهر
    2.ڀٽ تان واٽ
    3.لاڳيتو واءُ
    4.اجها، ٺڪاڻا
    _____


    وٽ وٽ کڻي ويڻ جي، واٽين وڇايون،

    وٽ وٽ کڻي ويڻ جي، واٽين وڇايون،
    لنگهندڙن کي لَکَ کڻي، سمهون شرمايون،
    جي وڙ1 نه ورنايون، سي ويڻين2 ورنديون ڪينڪي.

    1.گڻ
    2.ويڻن سان
    _____


    سي ئي راتيون رڃ جون، سي ئي ٿڌا ساهه،

    سي ئي راتيون رڃ جون، سي ئي ٿڌا ساهه،
    سوڪو1 ڪري سنبهيا2، مٽيا3 سر مٿان،
    اسان پنهنجي آه، اماڻي ان وڳ4 سين.

    1.هوا جي ڌوڪر
    2.سنڀريا
    3.لنگها
    4.ولر سين
    _____


    جهونپن جي جهونگار، ولهيءَ وسيءَ راتڙين،

    جهونپن جي جهونگار، ولهيءَ وسيءَ راتڙين،
    اٻر1 آجڙين2 جا، پر جهڻ3 مٽيا5 پار4،
    جيءَ توڻي ٻوڏ ۾، سانگين6، سرها وار7،
    ڀرن پنهنجي ڀت ۾، ڪلهن گهر ڪاڻيار8،
    اڙي او وس ڪار، تو وس، اوڪامڻ9 هيڪڙو.

    1.حيرت ڀري
    2.ڪمزور
    3.ٻڪرار
    4.سمجهڻ
    5.بدليا
    6.اهڃاڻ
    7.ڏهاڙا
    8.ڀونءِ ۾
    9.ڪمزور

    _____


    هي جي جاڙا وڻ، بيٺا ان ڀڙي1 مٿان،

    هي جي جاڙا وڻ، بيٺا ان ڀڙي1 مٿان،
    ويا واريءَ تڻ2، پوکڻ3 وارا هٿرا.

    1.کنڊر، پڙو
    2.مينهن جو بند ٿيڻ
    3.ڪاڻيارا

    _____


    اوچي1 ڳاٽ آلاپ، ڳر2 لڳائي ڳرسين،

    اوچي1 ڳاٽ آلاپ، ڳر2 لڳائي ڳرسين،
    ڀنڙي هوٻر3 ٻورجي، ٿڌڙي پنن ٿاپ4،
    اهڙا اوسر5 جاپ6، ڪهه ڄاڻان ڪيتا7 ڪيم.

    1.اڀي ڪنڌ
    2.ڪنڌ سان ڪنڌ
    3.واس، هٻڪار
    4.ٿپڪي
    5.نه وسرندڙ
    6.وظيفا، جپڻ
    7.ڪيترائي

    _____


    ڇاکي ڇڻن ڦولڙا، پنن ڪهڙو پهه1،

    ڇاکي ڇڻن ڦولڙا، پنن ڪهڙو پهه1،
    وسيا2 ورسيا ورکڙا3، ڦانگن4 ساڻو ڦهه5،
    ڪالهوڻيون ڪنئاريون، لامون ڇڏيو لهه6،
    ڪکائتي7 وڻ! ڪهه8، هيئن نه پونجي9 پٽ پئي.

    1.ارادو
    2.آباد
    3.وڻ
    4.ٽاريون
    5.طاقت
    6.طرف
    7.دل سان لڳندڙ ڳالهه
    8.چئو
    9.سرمايو

    _____


    روهيڙا ۽ ريل1، پرين پاکر2 ڪوٺيا،

    روهيڙا ۽ ريل1، پرين پاکر2 ڪوٺيا،
    مهري ڳتئين3 ڳانيين4، تو ٻانهون مون چيلهه،
    پوري جڳ جو جيل، ڀورا! ڪر ڀلجي وڃان.

    1.سنئون وارياسو ميدان
    2.عزت ڏيئي گهرايل
    3.ڳتيل
    4.ڳانين سان سينگاريل، ڳانيون ٻڌل

    _____


    سفيدن جيءَ ڇانوَ ۾، سورج لٿو پئي،

    سفيدن جيءَ ڇانوَ ۾، سورج لٿو پئي،
    دلڙي ايئن چئي، ڄامشورو ڪيئن ڇڏيون.


    دوها

    وڻ ڦوٽهڙي جيڪا جيڪا، ورڇ هتي هت ونڊي

    وڻ ڦوٽهڙي جيڪا جيڪا، ورڇ هتي هت ونڊي،
    تنهنجو انگ انگ ايئن انگوريو، جيئن ڪا ڄيٺ ۾ ڪنڊي1.

    1.ٿر ۾ هڪڙو وڻ

    _____


    واهوندن سان هونءَ ته وڻ وڻ تي هن پکڙبا ڦل،

    واهوندن سان هونءَ ته وڻ وڻ تي هن پکڙبا ڦل،
    تنهنجو انگ انگ بڻجي ويو آ، جوڳيئڙي1 جو گل.

    1.ٿر جو گل

    _____


    تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند1،

    تون جي ايندين او ٻاجهارا! ٽرندي گوندر گوند1،
    هن اڻ هوند ۾ ڀي آڇينديون، اکڙيون ڳوڙهن بوند.

    1.ڏک جي ڪيفيت
    _____


    تو ڏي ايندڙ هر ڪو رستو، ڦاسيءَ گهاٽ تي آيو،

    تو ڏي ايندڙ هر ڪو رستو، ڦاسيءَ گهاٽ تي آيو،
    او آزادي! پر متوالن، ڀيرو1 ڪونه وڃايو.

    1.چڪر
    _____


    تنهنجي منهن تي تر موهيڙا سڪا سونا روپا،

    تنهنجي منهن تي تر موهيڙا سڪا سونا روپا،
    تنهنجا ڪومل1 ڳلڙا ايئن جيئن گل ٻاٽي جا پوپا.

    1.ڀورو گل، لسو گل جو حصو
    _____


    واچوڙن سان ڇڏيا اڏائي، ڪوتا جا سڀ ڪڻ1،

    واچوڙن سان ڇڏيا اڏائي، ڪوتا جا سڀ ڪڻ1،
    ايندڙ مينهن سان، سي ڪنهن جوءَ ۾، وڌندي ٿيندا وڻ.

    1.داڻا
    _____


    ڪونه ڏٺوسين ڪو ته ڪارايل1، ساڄو ٿيو يا کاٻو،

    ڪونه ڏٺوسين ڪو ته ڪارايل1، ساڄو ٿيو يا کاٻو،
    نينهن وارن سان نڪري پيا سين، پو نه ڪيوسين ڊاٻو2.

    1.ڪارڙو تتر
    2.ٺڪاڻو، منزل
    _____


    ڪو به نه ڄاڻي نام اسان جو، ڪو به نه ڄاڻي ڪام1،

    ڪو به نه ڄاڻي نام اسان جو، ڪو به نه ڄاڻي ڪام1،
    پوءِ به اسان جا ويڙهه وڻن جي، پن پن کي پرنام2.

    1.ڪم، ڪِرت
    2.سلام، نيازمنديون
    _____


    تو ته چيو ٿي پنهنجو من آ، جنهن سان چاهي لائي،

    تو ته چيو ٿي پنهنجو من آ، جنهن سان چاهي لائي،
    وينجهر هٽ جي منڊي ناهي، من جو چاهي پائي.
    _____


    ڪو به اسان جو دام نه ڄاڻي، ڪو به ڄاڻي مول1،

    ڪو به اسان جو دام نه ڄاڻي، ڪو به ڄاڻي مول1،
    پوءِ به برسائينداسين2، ٻول ڀري ڪي جهول.

    1.ملهه
    2.وسائنداسين
    _____


    ڇا تون هي ڀي ڪونه ٿي ڄاڻين، دنيا جو وهنوار

    ڇا تون هي ڀي ڪونه ٿي ڄاڻين، دنيا جو وهنوار
    ويچن ڇو ٿيون ننگ نياڻيون، بيک گهرن ڇو ٻار.
    _____


    هن سنسار جي هر ڪنهن سک جا، تون مان سرجڻهار1،

    هن سنسار جي هر ڪنهن سک جا، تون مان سرجڻهار1،
    پوءِ به پيٽ بکايل تنهنجو، منهنجا ننگا ٻار.

    1.تخليقڪار
    _____


    رڄ1 کنوي ۽ رڄ وسي، رڄ رڄ ڀري نياڻ2،

    رڄ1 کنوي ۽ رڄ وسي، رڄ رڄ ڀري نياڻ2،
    ڪنهن ڪنهن ڏس جا پهيڙا3، ڪندا وس4 وراڻ5.

    1.ڀلي کنوڻ کنوي
    2.پاڻي جو تلاءَ
    3.مسافر
    4.وٺل ملڪ
    5.موٽ، ورائي
    _____


    ڏات تنهنجيءَ لئه هر ڪو خالي جهول چوي ٿو مون کي ڏئي،

    ڏات تنهنجيءَ لئه هر ڪو خالي جهول چوي ٿو مون کي ڏئي،
    دل گهٻرائي واڪ هن پيا، ڏات تنهنجي نيلام نه ٿئي.
    _____


    ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون1، ڍونڍي روءِ زمين2،

    ڳولي ڌرتيءَ چار طنابون1، ڍونڍي روءِ زمين2،
    پئسي وارا پيار ڇا ڄاڻن؟ يار ڪبو مسڪين.

    1.ڇيڙا، حدون
    2.پوري ڌرتيءَ، سڄي زمين
    _____


    سوچ ته شاعر! درد هي تنهنجا، هوءِ سنڀالي سگهندي؟

    سوچ ته شاعر! درد هي تنهنجا، هوءِ سنڀالي سگهندي؟
    هن جي پوتي ليرون ليرون، ڳوڙها ڇا سان اگهندي؟

    _____


    وعدن جا رانديڪا ڏيو ٿا، هيءَ به ته سوچيو يار!

    وعدن جا رانديڪا ڏيو ٿا، هيءَ به ته سوچيو يار!
    رانديڪو ٽٽندو ئي ٽٽندو، ڪيڏانهن ويندو ٻار.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372995
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151958
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ