ڪتاب جو نالو: ڪئمپس ڪَجراريون
مصنف: بابر جاگيراڻي
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 04 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 904 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 341 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڪئمپس ڪجراريون“ خوبصورت شاعر بابر جاگيراڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. بابر جاگيراڻي شاعريءَ سان لئون نڀائيندي شاعريءَ جي جهول ۾ پنهنجي زندگي جي جذبن، احساسن، خيال، اُمنگن، ٽهڪن، لڙڪن، دوستن، محبوبائن جا عڪس ڪويتا جي ڪئينواس تي چِٽڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ڪئمپس ڪَجراريون
  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • اداري پاران
  • ڪئمپس ڪجرارين جو ڪمال
  • ٽُڪ جي رِليءَ جهڙي شاعري
  • شاعر پاران
  • غـزل

  • ڪو ته اهڙو زندگيءَ جو پَل هُجي،
  • مان غمن جي رهيس سفيني ۾،
  • هر پهر جنهن کي مون پئي سنڀاريو،
  • منهنجو مُحسن حقيقت ۾ انمول هو،
  • ڪو ته روڪي ڀلا ياد جي هير کي.
  • ڪنهن ڪَوِيءَ جي حسين ڏات آهي،
  • تو اچڻ آ ڇڏيو شام جو،
  • سُکَ مون کي مليا نه ساهيءَ ۾،
  • سوچن جو هڪ محور ناهي،
  • اسان جي وفا کي نه سمجهي سگهيو ڪو،
  • سنگ تو زندگي نُور ٿي،
  • مان غمن ۾ رڳو پَليو آهيان،
  • درد سارا دُکي ٿا پَون،
  • تو جو اَڇو لِباس پاتو آ،
  • ڇاهه ويران جي آشيان آهي؟
  • مان ٻُڏان ٿو پيو درد جي سِير ۾،
  • سونهن سندءِ سُرهاڻ الڳ ئي!
  • ڪِٿي مون کي منهنجا نه سمجهي سگهيا،
  • ڪجهه ڏُکن ساڻ ڀي گهار تون!
  • سوچ رکن ٿا ڪاري سڀئي!
  • منهنجي سائنڻ سَکي، تون نه وڃجان ڇڏي!
  • دوست ساڳيا ڪٿي رهيا آهن؟
  • ڪو ڇڏي آ ويو راهه ۾،
  • تو چَپن تي ڏني مِٺي آهي،
  • مان هميشه رهيس تنهنجي ئي سار ۾.
  • ڪيڏي وڻندڙ آهي ويل!
  • رات هُن سان رهان، چنڊ جو خيال آ،
  • اُڀ ۾ هيڪل ئي جيئان ها،
  • جيڪو هردم ڪندو وفا آهي.
  • جنهن وقت تو هُئي ڦيري، پنهنجي نگاهه سانئڻ!
  • اڄ به ڪو درد جي آ سفر ۾ رهيو،
  • تون ته شاهڪار ڪو غزل آهين،
  • دل ۾ آهين تون دم وانگر،
  • فرق ڪيڏو وڌيو رَويَن ۾!
  • توکي ماڻي سگهيو نه آهيان مان،
  • دل تي سوار پيار جو هر پَل جُنون آ،
  • ڏيئا جيئن ڏيئن مان جَلندا رهيا،
  • قوم کي هاڻي کپي ٿو حوصلو،
  • زمانا! هي ڪهڙو غضب ٿي ويو آ؟
  • غم اچو غم اچو!
  • ڪينَ اسان سان ڪڏهن ڀي هُو ساڻ ٿيا،
  • ڏيئو هاڻ وِسائي ڇڏ!
  • مون لئه سنڌَو جا ڪَپَ سُهڻي!
  • غم هئا گڏ رات هُئي،
  • مون کي هيڪل ڇڏيو ٿي،
  • ڪر ڪا واهر اچي، سج لهندو وڃي،
  • ڊسمبر، مان ۽ تنهائي!
  • تنهنجي ٻانهن ۾ اچي زندگي ملي آهي،
  • توسان گڏجي هلڻ، مان چاهيان ٿو،
  • منهنجي جِيوَن ۾ تنهنجو سدا خال هو،
  • درد دل ۾ اَچِي بيٺو،
  • ننڊ منهنجي وئي آ ڦِٽي،
  • ازل کان جيئن اُڀّ سان گڏ ستارا،
  • هوءَ جو وئي آ مِلي مِلي،
  • دل جو تنها آهي مندر،
  • رات ڪاري هُئي،
  • هن سان اهڙي ته آهي مُلاقات ٿي،
  • اهڙي لئون توسان لڳي وئي آ پياري!
  • سفر درد جو ڇا هي رهندو سدائين؟
  • بهارن جي موسم هئي،
  • آس اڃا اڻپوري آهي؟
  • زندگي آ رُکي ڇا ڪجي، ڇا ڪجي؟
  • هٿن تي جا تنهنجي هي ميندي رَتل آ،
  • تون جو ماتم وئين ڪائنات ڪري،
  • پنهنجو جنهن کي به مون چيو آهي،
  • سور سنسار جا ڏس سهون ٿا پيا،
  • تو سوا ڏس وڃي رهيو آهيان،
  • منهنجي ٻانُهن ۾ تنهنجون ئي ٻانهون هُيون،
  • تون جو وئي آن پري پري،
  • تون نه ايندينءِ اڃان، روز سوچيان پَيو،
  • ڇا ته اَڄ آهي بوند باري ٿي!
  • سهارو ڏئي بي سهارو ڪَيو تو،
  • يونيورسٽيءَ جي نانءِ

  • چئن سالن کان ٿو چاهيندو اچان،
  • ڪجهه يادون هتي اڄ ڇڏيو ٿا وڃون،
  • لڳي وئي ورسٽي! اهڙي توسان دل،
  • روح منهنجو ريجهائيندي آهين،
  • اينديون تنهنجون سارون آهن.
  • پيارا پنهنجي دوستي ياد ايندي.
  • ٻئي هڪٻئي جو ٿي پاڇو رهياسين،
  • اِجهو ڪالهه ئي پاڻ آياسين پيارا!
  • ڪيڏيون آهن پياريون پياريون، ڪئمپس ڪجراريون!
  • الوداع الوداع دوستو الوداع!
  • وساريان اُهي ڪيئن مان راتيون سڄڻ!
  • تون نه وڃجان ڇڏي، روم روئي چيو،
  • ناهي ڪتاب ڪو قلم، مان ڪامريڊ آهيان،
  • چئن سالن جي ٿي وئي پُڄاڻي،
  • جا به گذري آ تو ساڻ منهنجي گهڙي،
  • بــيـت

  • سماج
  • سَکي
  • ڪُئسٽِ
  • سنگت
  • سِپ پبليڪيشن جا ڇپايل ڪتاب
  • بابر جاگيراڻي

  • ترتيب

    ڪئمپس ڪَجراريون

    ڪئمپس ڪَجراريون
    ]شاعري[



    بابر جاگيراڻي






    سِپَ پبليڪيشن نوابشاهه
    سنڌ


    ڊجيٽل ايڊيشن :

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : ڪئمپس ڪجراريون
    موضوع : شاعري
    شاعر : بابر جاگيراڻي
    ايڊيشن : پهريون
    سال : ڊسمبر 2009ع
    تعداد : پنج سئو
    ٽائيٽل : ڪپتان ابڙو
    لي آئوٽ : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : الرزاق ڪمپيوٽر ڪمپوزرس حيدرآباد.
    ڇپائيندڙ : سِپ پبليڪيشن نوابشاهه (سنڌ)
    ڇپيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 130 روپيه



    All Rights Reserved

    Name of Book: CAMPUS KAGRARIYON
    Subject: Poetry
    Writer : Babar Jagirani
    Edition: 1st
    Year: December 2009
    Quantity: 500
    Publisher: Sipp Publication Nawabshah (Sindh)
    Price : 130/=


    ارپنا

    ارپنا

    • بابا ڊاڪٽر معشوق علي جاگيراڻي (مرحوم) ۽ جيجل امڙ جي نانءُ.
    ”جن جي محبت ۽ محنت مون کي زندگي جي هر گهربل خوشي ڏني آهي“.
    • هُن جي نانءُ
    ”جنهن پنهنجي وجود کان وڌ منهنجي وجود کي اهميت ڏني آهي“.
    • قائدِعوام يونيورسٽيءَ جي نانءُ.
    ”جتي منهنجي زندگيءَ جون چار بهارون ۽ خزائون نه گذرن ها ته منهنجي زندگي، شاعري ۽ دوستي ۾ نکار نه اچي ها“.

    بابر جاگيراڻي


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (214) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڪئمپس ڪجراريون“ خوبصورت شاعر بابر جاگيراڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    بابر جاگيراڻي شاعريءَ سان لئون نڀائيندي شاعريءَ جي جهول ۾ پنهنجي زندگي جي جذبن، احساسن، خيال، اُمنگن، ٽهڪن، لڙڪن، دوستن، محبوبائن جا عڪس ڪويتا جي ڪئينواس تي چِٽڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري پاران

    سِپَ پبليڪشن جو ڪتاب نمبر يارهون نوجوان شاعر بابر جاگيراڻي جو شعري مجموعو ”ڪئمپس ڪجراريون“ نئين شاعري ڏانهن وک کڻڻ جي پهرين ڪوشش آهي. هِن جي خيالن ۾ روايت پڻي ۽ ڪٿ ڪٿ جدت جي سونهن پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.
    بابر جاگيراڻي جي هن مجموعي ”ڪئمپس ڪجراريون“ جي عنوان سان جيئن ظاهر آهي ته هي شاعري يونيورسٽي جي پُر ڪيف، دل آويز، رومانوي ۽ خواب نُما دنيا مان جنم وٺي نروار ٿي آهي. جنهن جي ڄمار به لڳ ڀڳ ٻن سالن جي اندر ئي ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته بابر جاگيراڻي شاعريءَ جي دنيا کان اسڪول جي زماني کان شناسا ٿي چڪو هو. پر باقاعدگيءَ ۽ شاعري ڏانهن سنجيدگي واري رويي جو اُسرڻ يونيورسٽي جي ماحول ۾ اچي پاڻ مرادو مينهن کان پوءِ آلي واريءَ تي کُنڀين جيان ڦُٽي پيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو بابر جاگيراڻي پنهنجي انتهائي مُشڪل تعليمي دور ۾ به شاعريءَ سان لئون نڀائيندي شاعريءَ جي جهول ۾ پنهنجي زندگي جي جذبن، احساسن، خيال، اُمنگن، ٽهڪن، لڙڪن، دوستن، محبوبائن جا عڪس ڪويتا جي ڪئينواس تي اُتارڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. توڙي جو بابر جاگيراڻي جي اڳيان اڃان ”ڪئمپس ڪجراريون“ پنهنجي سونهن سان نروار ٿي سگهيون آهن. پراسان کي يقين آهي ته مطالعي، مشاهدي ،مَشق، جي مسلسل سنجيده رياضت سان بابر جاگيراڻي شاعري جا نوان گس، نيون ڪائناتون، خوشبوئون، رنگ، نئون ڊڪشن، اظهار جي شاعراڻي ۽ دل آويز ڪو ملتا کي پنهنجي شاعريءَ جي روح مان دريافت ڪري سنڌي شاعريءَ جي دامن ۾ تخليقي اضافو ڪندو.


    ڪئمپس ڪجرارين جو ڪمال

    ڪئمپس ڪجرارين جو ڪمال

    مهراڻ انجنئيرنگ يونيورسٽي نواب شاهه (هاڻوڪي قائدعوام) سان منهنجي روح جي ڪڙي، 1991ع کان سنڌ جي مُنفرد ۽ دل رُبا آرٽسٽ منور ابڙي جي ادبي دوستيءَ جي روپ ۾ ڪڙي هُئي جيڪا ڪڙيءَ سان ڪڙي جي تسلسل ۾ منور سولنگي، نسيم پارس گاد، ياسر قاضي، حَماد ٻُرڙي، لطيف سيال ۽ جيڪا هاڻ امداد ٿهيم، مُزمل وَڌو، نديم رند، ۽ بابر جاگيراڻي جي پنهنجائپ ۽ دوستيءَ جي سلسلي جي هڪ مضبوط سنگهر بڻجي منهنجي روح کي سوگهو ڪري اڄ تائين هلندي ٿي اچي.
    اهو پنهنجائپ جي تعلق جو دلڪش سلسلو ادب جي دنيا ۾ شاعريءَ جي ريشمي ۽ رنگين سفر جي اُڻت جو ڪمال آهي . نه ته هن اڄ جي منصوعيت پسند ۽ مادي دنيا ۾ رشتن ناتن جو مانءُ ۽ مرَتبو ثانوي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. پر ادب هڪ اهڙي لاڳاپي/تعلق جو نالو آهي جيڪو اڄ جي اِن غير تعلقاتي جوڙيل نظام ۾ ڳنڍڻ، ملائڻ ۽ تاحيات گڏجي هلڻ جو شعور /اداراڪ بخشي ٿو.
    بابر جاگيراڻي يونيورسٽي ۾ مشڪل (محنت طلب) تعليم واري مصروف دؤر ۾ ڪويتا جي ڪاڪ جو راڻو بڻجي روايتي تعليمي کول مان نڪري تعليم سان گڏ ادب جو علم اوچو ڪري بغاوت جي چڻنگ کي روشن ڪيو آهي. بابر جاگيراڻي جو پهريون شعري ڪتاب ”ڪئمپس ڪجراريون“ ۾ ڏنل شاعري، منهنجي بابر جاگيراڻي سان دوستي جي گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ ۾ کيڏي ڪُڏي، کلندي، روئيندي پنهنجي منطقي نتيجي ڏانهن سفر ۾ روان دوان آهي. هڪ اهڙو سفر جنهن جي سلامتي مسلسل رياضت سان ئي سلهاڙ يل آهي. بابر جي شاعريءَ ۾ اظهار جي پُختگي پنهنجي پچي راس ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ اُجاگر ٿي رهي آهي، خيالن جو روايتي ۽ ڪجهه ڪجهه نواڻ پڻو بابر جي شاعريءَ جو معصوم روپ آهي، جنهن جي مُرڪ ۽ اُداسي ۾ پنهنجي حُسناڪي هير جي جُهوٽي جيان دل کي ڇُهي وڃي ٿي، هن جا احساس رومانوي ۽ سماجي سورن مان موتئي جي مُکڙيءَ جئين ڦٽي دل جي آڳنڌ کي معطر ڪري ڇڏين ٿا. ”ڪئمپس ڪجراريون“ يونيورسٽي جي انهن اَپسرائن جي سُونهن جو اُجرو عڪس آهن. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طور تي بابر جي شعور، لاشعور توڙي تحت الشعور تي اثرانداز رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو بابر جي شاعري ”ڪئمپس ڪجراريون“تخليق ڪري سگهي آهي. جن ۾ بابر جي شاعراڻي نظر، حُسن جا نوان حوالا اظهارياآهن.
    بابر جاگيراڻي شاعري جي ديوي (جيڪا بظاهر آسان پر پنهنجي جوهر ۾ انتهائي پُر اسرار، ۽ مشڪل آهي) سان دل ته لاتي آهي.
    (جيڪا لنئون پهرين پهرين گهڻي قدر شوق جي جُنون تي سوار هوندي آهي) پر پوءِ اُن جنون تي سوار هُجڻ وارو لڳاءُ لوساٽبو آهي ته پوءِ اُن کي روح جي امرت رس سان ئي سنواري سائو، هُڳائتو بڻائڻ وارو تپسيائي وارو دؤر شروع ٿيندو آهي، جنهن مان گذرڻ کان پوءِ ڪوتاديوي پنهنجي سونهن جا اصل جلوه لڪي لڪي پسائڻ شروع ڪندي آهي جنهن ۾ ئي شاعري جي عظمت جا اُهڃاڻ پوشيده هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو شاعري مُسلسل جُستجو جو احساس آهي. جيڪو شعوري توڙي لاشعوري طور تي روح جي گهراين ۾ سفر در سفر جاري رهندو آهي.
    ڀٽائي، اياز ۽ دنيا جي عظيم شاعري ان ڳالهه جي شاهد آهي ته عظيم شاعري زمان ۽ مڪان جي سرحدن کان مٿاهين هوندي آهي. جيڪا هر دؤر جي انسان جو ذريعي اظهار بڻجي پئي ڳائبي آهي.
    بابر جاگيراڻي شاعريءَ سان شوق واري ابتدائي دؤر ۾ ته سُٺو ڪميٽيڊ نظر اچي ٿو. جنهن جو ثبوت سندس شعري مجموعي ”ڪئپمس ڪجراريون“ ۾ موجود غزل ۽ بيت جهڙي (نڀاءُ جي اعتبار کان) ڏکي صنفن ۾ پنهنجي دل جي اظهار کي اوتيو آهي. جنهن ۾ هو صنفن کي هيئتي حوالي کان به سُٺو نڀائيندڙ لڳي ٿو. بابر جي شاعري کي پڙهڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضع ٿي وڃي ٿي ته بابر اڃان مطالعاتي اثر ۾ گهرائي سان گهريل آهي. جيڪو شروعاتي دؤر ۾ اڪثر طور ٿي هر شاعر سان لاڳو ٿي ته سگهي ٿو. پر جيئن ته اظهار جي رستي کي ڳولي لهڻ کان پوءِ ئي اُن تي سفر ڪندي ماڳ جو خواب لهي سگهجي ٿو.

    بخشل باغي
    چوٿين نومبر 2009ع


    ٽُڪ جي رِليءَ جهڙي شاعري

    ٽُڪ جي رِليءَ جهڙي شاعري

    شاعري، انساني هستيءَ جي داخلي تجربن جو، سندر تخيل ۽ مٺڙي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل انوکو اظهار آهي.
    انسان جي داخليت، جنهن جي اُڻت ۾ جيون جون حقيقي وارتائون، به شامل هجن ٿيون. هر شاعر کي قدرت يا زندگيءَ طرفان اهو ڪچو مال ميسر ٿئي ٿو، پر ڪَوِيءَ جي قابليت جو پتو ان ڳالهه مان پوي ٿو ته جيون جي انهن سندر ڌاڳن کي سلجهائڻ جو سليقو منجهس ڪيترو آهي؟ انهن جي سهڻي استعمال جو ڏانءُ هن ۾ ڪيترو آهي. جو سندس تخليقن مان ڪمال ۽ جمال جهلڪي. ڇو ته خوبصورت نرالي اُڻت (ٽيڪنڪ /اسلوب) سان ئي هر شاعر کي منفرد مقام ملندو آهي.
    اسان جو هي نوجوان شاعر بابر جاگيراڻي به نازڪ جذبن جون تندون، جيڪي تخليل جي رنگن سان رڱيل آهن. خوبصورتيءَ سان جوڙي اسان جي سامهون آيو آهي. سندس شاعري ٽُڪ جي رليءَ جيان آهي. پر ها، هيءَ ٽُڪ جي رلي ڏسندي اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته اُن جي چوڪڙين، ڪُنڊُنِ ۽ ماپ ۾ ڪافي جاين تي تناسب، موزونيت ۽ سائيز (وزن) ۾ ڪجهه کوٽ ضرور آهي. پر، اڳتي هلي پختگي اچڻ سان اهي هلڪيون ڪوتاهيون دور ٿي سگهن ٿيون.
    جيئن عشق ۾ اُٻهرائي سڀ ڪجهه بگاڙي ڇڏيندي آهي تيئن، ڪوتا سان به تڪڙ ڪرڻ جو نتيجو لاڀائتو نه نڪرندو آهي. شاعري کي اثرائتو ته شاعرجي جذبن جي بي ساخته اُٿل بڻائيندي آهي، پر، اُها اُٿل جيڪڏهن فني تقاضائون به پوريون ڪري ته پوءِ دلين تي ديرپا اثر ڇڏيندي آهي.

    سعيد ميمڻ
    عاقل لاڙڪاڻو
    پهرين نومبر 2009ع


    شاعر پاران

    شاعر پاران


    ورسٽيءَ جي واٽ تي

    شاعري انسان جي اندر جي ڪيفيتن جو نالو آهي جيڪي ڪيفيتون انسان مختلف وقتن تي مختلف رنگن ۾ پيش ڪري ٿو. ان شاعريءَ سان منهنجو ناتو تڏهن جو آهي جڏهن مان ڇهين يا ستين ڪلاس ۾ ڪچي پُل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هُيس.
    منهنجو ادب سان واسطو اسڪول جي دؤر کان رهيو آهي، جڏهن منهنجا همعصر مليل خرچي مان ٻاراڻا رانديڪا وٺي کيڏندا هئا پر مان ٻاراڻي ادب جا ڪتاب وٺي پڙهندو هُيس جيڪو ڪتابن وٺڻ وارو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
    منهنجو پهريون غزل تڏهن سنڌي اخبار ۾ ڇپيو هو، جڏهين مان ميٽرڪ ۾ پڙهندو هُيس اهو غزل منهنجي بابا ۽ ڀائرن جي نظر مان به گذريو جن ايتري ته ناراضگي ڪئي ڄڻ مون ڪو وڏو گناهه ڪيو هجي. بهرحال مون ان ڏينهن کان پوءِ شاعري کي پاڻ تائين محدود رکي ڇڏيو.
    گهر وارن جي هدايتن مطابق مون گهڻي توجه پنهنجي نصابي پڙهائي ڏانهن ڏني. سائنٽيفڪ پبلڪ اسڪول شهداد ڪوٽ ۾ فرسٽ ييئر ( پري انجنيئرنگ) ۾ داخلا ورتي.پر ڪوتا جي چيچ مون ڪڏهين ڪونه ڇڏي، هتي به اهو سلسلو جاري رهيو، هتان مون کي عبدالرب سومرو مليو جيڪو طبيعت ۾ مون جيان سنجيده هو/آهي. عبد سان ملي ائين لڳو ڄڻ صديون اڳ گُم ٿيل پنهنجو پاڇو مون ڳولي لڌو آهي. عبد سان روز علمي، ادبي ۽ مذهبي موضوعن تي گفتگو ٿيندي رهي، جن مان اسان تمام گهڻو ڪجهه پرايو. عبد ۽ منهنجي ايتري ته ويجهڙائپ ٿي جو ساٿ وارو هر لمحو وڻندڙ لڳندو هو.
    عبد سان شهداد ڪوٽ ۾ ٻه سال ايترو جلدي گذري ويا جيترو جلدي (See view) تي هڪ هنڌ بيهڻ سان پيرن هيٺان واري نڪري ويندي آهي.
    عبدالرب جي سليڪشن سنڌ يونيورسٽي(Tele communication) ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي ۽ منهنجي قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه (B.E computer system) ڊپارٽمينٽ ۾ ٿي. چار سال گهر وارن کان دور ۽ عبدالرب جي غير موجودگي ۾ گذارڻ منهنجي لئه ممڪن نه هو. نواب شاهه شهر موسم جي لحاظ کان ته اسان جي علائقي جهڙو ئي گرم هو پر وڻن جي ججهي تعداد نه صرف زمين کي ڇانو ارپي هُئي. پر موسم ۾ ڀي نرمي آندي هُئي ۽ وڻن جي ساوڪ هتان جي ماڻهن جي اندر ۾ محبتي رنگ ڀريو هو.
    قائد عوام يونيورسٽي ۾ پهريان پهريان دوستي ٿي حافظ شيراز سومري (شهداد ڪوٽ) ۽ الطاف خاصخيلي (خيرپور) سان، جيڪو استاد بخاري جي پرستار هئڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن شاعري به ڪندو هو. مزمل وڌو (شهدادڪوٽ) جيڪو منهنجو بيچ ميٽ آ، هو به هنن سان گڏ رهندو هو.
    حافظ شيراز ۽ الطاف مون کي ۽ مزمل کي پنهنجي ننڍڙن ڀائرن جيان پيار ۽ بهتر ماحول ڏنو. نه سياسي پارٽي ۾ وڃڻو آهي نه ئي ڪامريڊي ڪرڻي آهي، يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ نشن پتن کان پاسيرو رهڻو آهي ۽ ڪاپي جهڙي ڪارنهن کي منهن تي ناهي ملڻو.
    ڏيڍ سال حافظ ۽ الطاف سان ايترو جلد گذري ويو جو ڪا خبر نه پئي. جنهن يونيورسٽي ۾ چار سال رهڻ جو سوچي هانو ڏڪي ويندو هو پر هاڻ يونيورسٽي سان چاهه ٿي ويو هو. ڇو جو يونيورسٽي جي هر منظر ۽ نواب شاهه جي هر گس تي گڏجي رُليا هُئاسين (ڪاش اهو وقت وري اچي) جيئن هي دوست پاس آئوٽ ڪيو پئي ويا ته وري مايوسين ڪَرُ کڻڻ شروع ڪيو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته باقي اڍائي سال هتي ڪيئن گذرندا. حافظ ۽ الطاف جي وڇوڙي منهنجي شاعريءَ ۾ تيزي آندي، مون شاعري جو ساٿ ڪڏهن ڪونه ڇڏيو آهي مون کي خوشي توڙي غم ۾ شاعري ئي ساٿ ڏنو آهي.
    پوءِ مزمل منهنجو روم ميٽ ٿيو. مزمل، مان ۽ نديم رند (منهنجو پهريان کان روم ميٽ) گڏجي رهڻ لڳاسين. مزمل ۽ نديم سان گذاريل روم نمبر (D-10) ۾ هر گهڙي منهنجي يادن جي دنيا ۾ تاج محل جيان عظيم آهي.
    گهر وارن کان دوري، عبد کان پوءِ حافظ ۽ الطاف جي جدائي ۽ يونيورسٽي جي ڪجهه دوستن جا عجيب رويا برداشت کان ٻاهر هئا. مون کي اهڙي دوست جي تلاش هُئي جيڪو منهنجي غمن کي سمجهي ۽ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري جنهن جي ڪلهي ته مان ڪنڌ رکي ايترا ته ڳوڙها وهايان جو منهنجي اکين جو جر هميشه لئه ختم ٿي وڃي. جلد ئي منهنجي ويجهڙائپ اڪرام بروهي (منهنجو ڪلاس ميٽ ۽ دوست) جي سؤٽ ۽ منهنجي ڪلاس ميٽ شفقت بروهي سان ٿي. جيڪو پڻ ڪلاس ۾ مون جيان سنجيده هجڻ ڪري هڪ دوست جي به ڳولا ۾ هو. شفقت سان ايتري ته ويجهڙائپ ٿي وئي جو شفقت منهنجي هر ڏک کان ته واقف ٿي ويو پر منهنجي خوشي جا جواز به پروڙي ورتئين. شفقت ۽ منهنجي وچ ۾ ڪابه وٿي نه رهي. هڪ ٻئي جي هر حال کان واقف ٿي وياسين. ڪجهه ڏينهن موڪلون ٿينديون هيون ته دوري برداشت نه ٿيندي هئي. شفقت سان پنهنجي ويجهڙائپ جو ڪاٿو مون ان مان لڳايو ته جڏهن هاسٽل جي ٻاهرين ڪيبين تي ڪنهن ڪم سان اڪيلو ويندو هُيس ته هر دوست پهريون اهو پڇندو هو ته شفقت ڪٿي آهي؟ اهو گڏ ڇو نه اٿئي. شفقت سان گڏوگڏ آڪاش منگي سان به ان دؤران ئي ويجهڙائپ ٿي، جيڪو پڻ اسان جو ڪلاس ميٽ هو. آڪاش روهڙي جو رهندڙ آهي. جتان منهنجو شهدادڪوٽ ايندي ويندي گذر ٿيندو آهي. مون وڌ کان وڌ سفر آڪاش سان گڏ ڪيا آهن، جنهن هر سفر ۾ ساٿ ڏنو ۽ اڪيلائپ کان دور رکيو. اڪثر ٽرين ليٽ هجڻ سبب آڪاش سان گڏجي روهڙي جو ن سنهڙيون گهٽيون رلڻ جو موقعو ملندو آ/ هو. روهڙي رُلي ڪري آڪاش جي گهر آرام ڪرڻ زندگي جا اهڙا يادگار پل آهن جن کي روح تان ڊليٽ ڪرڻ ممڪن ناهي. جنيد سومرو ( منهنجو ڪلاس فيلو ) سان دوستي هنن دوستن سان دوستي دؤران ٿي جيڪا اڃان تائين شاد آهي (شال سدا رهي) يونيورسٽي ۾ اچي منهنجو ادب ڏانهن لاڙو ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو جنهن جو ثبوت منهنجا اُهي ادبي ڪتاب آهن جيڪي لڳاتار هفتي ۾ هڪ يا ٻه وٺندو ۽ پڙهندو رهيو آهيان.
    منهنجي ادبي شوق جي پورائي لئه منهنجي هنن دوستن منهنجي ادبي جاکوڙ (SELF) سچل انجنيئرز لٽريري فورم ۾ نه صرف قولي پر علمي ۽ مالي مدد پڻ ڪئي. سيلف جي دؤران ڪيترن ئي مخلص دوستن سان ويجهڙائپ ٿي، جنهن ۾ حنيف سومرو، محمود اڪبر ٻرڙو، علي اصغر کوسو، رحمت ڀٽو، امداد ٿهيم، اشفاق ڀٽي، اُميش ڪمار، بدر منير (لاهور) اشفاق بشير (ڪشمير) محمد وسيم (ملتان)۽ ٻيا. اُن وقت تائين منهنجي ادبي لحاظ کان رهنمائي ادب جي سُٺن ڪتابن ئي ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام يونيورسٽي جي A سيڪٽر جي نوٽس بورڊ تي پڙهيو هيُم. جنهن ۾ شام جو ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ اچڻ لئه لکيل هو. شام ٿيڻ سان ئي پنهنجي پياري دوست حنيف سومري سان گڏجي سي سي ۾ پهتس. ڪجهه دير بعد گڏجاڻي شروع ٿي جنهن ۾ هڪ دوست مَجاز حيدر، بخشل باغي جو غزل ڳائي ٻڌايو ۽ پوءِ بخشل باغي ادب تي ليڪچر ڏنو هو پوءِ مون به پنهنجو غزل ٻڌايو، جنهن کي ٻڌي گڏجاڻي ۾ ويٺل سڀني دوستن واهه واهه ڪئي وئي. منهنجو اهو غزل سڀني کي پسند آيو يا وري نئون سمجهي اُتساهه لاءِ ايڏي واهه واهه ڪئي هُئائون. بخشل باغي به ان غزل کي ساراهيو ۽ ان سان گڏ آيل نوجوان شاعر ستار سندر به ان غزل جي واکاڻ ڪئي. اُها منهنجي زندگي ۾ پهرين ڪنهن ادبي گڏجاڻي ۾ شرڪت هُئي ۽ پهرين اديبن سان مُلاقات هُئي. بخشل ۽ ستار جو رويو به وڻيو.
    اهڙي اُتساهه ملڻ کان پوءِ منهنجو شاعري سان شوق وڌي ويو. ان گڏجاڻي کان 6 مهينا بعد مون بخشل باغي سان رابطو ڪيو جنهن ٻئي ڏينهن تي ملڻ لئه چيو. ٻئي ڏينهن تي مان ۽ مزمل ڊنر ڪري ڊيسنٽ هوٽل تي بخشل باغي جو انتظار پي ڪيو، ٿورئي دير ۾ بخشل ۽ ستار اچي پهتا جيڪي انتهائي پيار سان مليا، جن جي ميلاپ مان ائين پئي لڳو ڄڻ ڪي اسين پراڻا دوست هُجون. ڪجهه دير کان پوءِ اُتان اُٿي ستار جي گهر پهتاسين جتي چانهه سان گڏوگڏ بخشل ۽ ستار مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌايون، جن جي مٺاڻ جا آدي ٿي وياسين. هنن دوستن سان ملاقاتن جو سلسلو ايترو به وڌي ويو جو ڄڻ بخشل ۽ ستار هاڻي اسان کي يونيورسٽي جا دوست لڳي رهيا هئا. بخشل ۽ ستار جي ويجهڙائپ جي ڪري. مختلف ادبي پروگرامن ۾ حاضري، گڏجاڻيون اٽينڊ ڪرڻ ۽ نواب شاهه ۽ سنڌ جي اديبن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري ٿيو.
    مان بخشل جي لئه ايترو چوندس ته باغي مون کي ادب جي ”الف“ کان وٺي شاعري جي ”ي“ تائين ڄاڻ ڏني آهي.
    هاڻ جڏهن مان يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ڪيون پيو وڃان ته جيترو ڏک مون کي يونيورسٽي جي دوستن کان دؤر ٿيندي پيو ٿئي ان کان وڌيڪ ڏک مون کي بخشل ۽ ستار جهڙن يارن کان ڌار ٿيندي پيو ٿئي.
    ”ڪئمپس ڪجراريون“ اوهان تائين پهچائڻ ۾ منهنجي دوستن (جن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان)وڌ کان وڌ سهڪار ڪيو. جن منهنجي خواب کي پنهنجو خواب سمجهيو ۽ حقيقت ۾ بدلايو. مان ٿورائتو آهيان پنهنجي ڀائرن ڊاڪٽر فدا حسين جاگيراڻي، گدا حُسين جاگيراڻي، غلام حيدر جاگيراڻي، خان جاگيراڻي ۽ علي ڏنو جاگيراڻي جن به اُتساهه سان گڏ مالي مدد به ڪئي.
    وڏا وڙ ڀاءُ ستار سندر ۽ بخشل باغي جا، جن جي مدد کان سواءِ ڪجهه به ممڪن نه هو. مان آسي زميني جو پڻ شڪر گذار آهيان ۽ سعيد ميمڻ جي به مهرباني جنهن تمام جلد پنهنجا تاثرات لکي ڏنا.
    آخر ۾ خاص ٿورا دوست ڪپتان ابڙي جا جنهن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهيو ۽ مُنور ابڙي جا ٿورا جنهن اُهو ٽائيٽل مون کي گفٽ ڪيو.

    بابر جاگيراڻي
    5 نومبر 2009ع
    روم D-10 بلاڪ هاسٽل
    قائد عوام يونيورسٽي نواب شاهه سنڌ!


    غـزل

    ڪو ته اهڙو زندگيءَ جو پَل هُجي،

    ڪو ته اهڙو زندگيءَ جو پَل هُجي،
    جنهن ۾ رِيجهيل هي اسان جي دِل هُجي.

    ڏُکَ ٿا دل جا ائين وڌندا وڃن،
    ڄڻ ته هي بجليءَ جو ڪو بِل هجي!.

    پنهنجي دل جي ئي وِندر لاءِ اچن،
    هيڪلائين جو ته ڪوئي حَل هُجي.

    مَنَ منهنجو ايئن ٿو مونکي لڳي،
    جيئن ”موهن جو شهر“ ڊَٿل هُجي.

    ڪيترا ماري ڇڏيهءِ ماڻهو حَسين،
    اي اَجل! توکي به شل اَجل هُجي!
    ***


    مان غمن جي رهيس سفيني ۾،

    مان غمن جي رهيس سفيني ۾،
    هوءَ آئي نه ڪنهن مهيني ۾.

    گهاوَ سارا ڇُٽي وَيا آهن،
    پو به آڙاهه ڇو آ سيني ۾!

    اجنبين جيان ڏٺو سڀن مون کي،
    مون سُڃاتو مگر آئيني ۾.

    آهه اپنايو سڀني مذهب جيان،
    ڇا رکيو آهي ساڙ، ڪيني ۾؟

    ڏور درشن لئه ڇو وڃان ’بابر‘!
    منهنجو محبُوب من- مديني ۾.
    ***


    هر پهر جنهن کي مون پئي سنڀاريو،

    هر پهر جنهن کي مون پئي سنڀاريو،
    شخص مون کي انهيءَ آ وِساريوَ!

    تون نه سگهندين ٻُڌي دل-ڪٿائون،
    ڪيترين اَذيتن ۾ گُذاريوَ!

    موت ڀي بيوفا آهه نِڪتو،
    زندگي ڇو ته مون کي آ ماريو.

    ساکَ ڏيندئي ستارا اسان جي،
    رات ڀَر روئي توکي آ ساريو.

    وقتُ ٿَڪجي پيو نيٺِ آخر،
    تنهنجو رستو مگر مون نهاريو.

    خيال جنهن جي کان غافل نه ٿياسين،
    تنهن نه پَل ڀي اسان لئه ويچاريو.
    ***


    منهنجو مُحسن حقيقت ۾ انمول هو،

    منهنجو مُحسن حقيقت ۾ انمول هو،
    جيڪو ارپي وَيو سانت – ماحول هو!

    مون کان اڳ ئي هو موجود هر جاءِ تي،
    چنڊ ڀي مون جيان ڪو وڏو رول هو!

    ڪيئن انسان کان اڳتي پوئتي ٿئي؟
    وقت گهڙيال ۾ جو هليو گول هو!

    ڪيئن ڀلا مُرڪ پوکي چَپن تي اُهو؟
    جنهن جو بُک ساڻ ڀَريل سڄو جهول هو!

    توسان گڏجي ئي مون کي پئي ڪَلَ مِٺي!
    وقت جو هر پَهرَ ڪيڏو انمول هو!
    ***


    ڪو ته روڪي ڀلا ياد جي هير کي.

    ڪو ته روڪي ڀلا ياد جي هير کي.
    گهاوَ ارپي پئي گهاوَ جي جهير کي.

    مون ته ڀاڪر ڀَرڻ جي ڪئي اک کُلي،
    خواب پُهتو سکي! ڪين تعبير کي.

    منهنجي ڪائنات کي تون لُٽي آن وئي،
    تون کڻي جو وئينءَ پنهنجي تصوير کي.

    چَپَ چپن تي هُجن ۽ هُجون پاڻ ۾،
    پوءِ پيا پاڻ پيئون سکي! کير کي.

    روز مُقدس صحيفي جيان ٿو چُمان،
    منهنجي سانئڻ مٺي! تنهنجي تحرير کي.
    ***


    ڪنهن ڪَوِيءَ جي حسين ڏات آهي،

    ڪنهن ڪَوِيءَ جي حسين ڏات آهي،
    سونهن تنهنجي ته ڪائنات آهي.

    چنڊ ڀي ٿو ڪري چٿر مون تي،
    تون نه آهين چوڏهين جي رات آهي.

    مان مري ڀي نه ميان! مُئو آهيان،
    عشق مون کي ڏِني حيات آهي.

    هاڻي شايد ملي نه سگهنداسين،
    آخري پنهنجي مُلاقات آهي.

    وڃ نه ’بابر‘ کي تون ڇڏي هيڪل!
    تَرس محبوب! اڃا ته رات آهي.
    ***


    تو اچڻ آ ڇڏيو شام جو،

    تو اچڻ آ ڇڏيو شام جو،
    مون سهارو وتو جام جو!

    رات مان رات پيئي ٿئي
    ڪيئن سوچيان مان آرام جو!

    هر قدم آ عبادت ميان!،
    عشق ڏي، عشق جي گام جو!

    تنهن ڪري ٿا وڻن ڳل سي،
    رنگ آ، تن کي بادام جو!

    سُور پَل ۾ اُڏامي وَيو،
    تنهنجو هَٿُ ڄڻ هُيو بام جو!

    گهر پَکي جو ڊهي آ پَيو،
    ڏُک آهي ٽـُٽل لام جو!
    ***


    سُکَ مون کي مليا نه ساهيءَ ۾،

    سُکَ مون کي مليا نه ساهيءَ ۾،
    زندگي گُذري وئي تباهيءَ ۾.

    هاڻ مون کي وساري ڇڏجان تون،
    هن چَئي آ ڇڏيو آگاهيءَ ۾.

    ڍُڪُ پاڻيءَ جو ڪينَ آهي پر؛
    ٿي ٻُڏي سنڌ رتَ جِي واهيءَ ۾.

    تو به ڄاتو نه ڪڏهن او، سائين!
    ڪيترا غم ها دل جي کاهيءَ ۾!

    لوڪُ ڪافر چئي رهيو آهي،
    پو به ’بابر‘ مَحُو آ ماهيءَ ۾!
    ***


    سوچن جو هڪ محور ناهي،

    سوچن جو هڪ محور ناهي،
    رولاڪِينِ جو ڪو گهر ناهي.

    جنهن سان توکي ڀيٽيان مان، ڪو،
    اهڙو جڳ ۾ سُندر ناهي.

    ڏکَ سهيڙي ڏيو يَڪ ساهي،
    هوريان هوريان بهتر ناهي.

    هر دل ۾ ٿو جاءِ اَڏي پيو،
    ڏکُ ڪڏهين ٿيو بي گهر ناهي.

    هر شيءِ پنهنجي ڪيئن ڪو ارپي؟
    هر ڪو ٿيندو ’بابر‘ ناهي!
    ***


    اسان جي وفا کي نه سمجهي سگهيو ڪو،

    اسان جي وفا کي نه سمجهي سگهيو ڪو،
    قلب جي سخا کي نه سمجهي سگهيو ڪو.

    اُداسين ۾ ڀي مُرڪندا ئي رهياسين،
    اسان جي ادا کي نه سمجهي سگهيو ڪو.

    پري کان ڏسي هر ڪو هليو وَيو ۽،
    اکين جي خلا کي نه سمجهي سگهيو ڪو.

    صديون گڏ رهي ڀي رهيو چنڊ هيڪل،
    الا! اِن سزا کي نه سمجهي سگهيو ڪو.

    اکين ئي اکين ۾ ڪئي سين پئي ’بابر‘!
    مگر التجا کي نه سمجهي سگهيو ڪو.
    ***


    سنگ تو زندگي نُور ٿي،

    سنگ تو زندگي نُور ٿي،
    تو سوا زندگي سُور ٿي.

    هيءُ جوڀن ڇڻي آ وَيو،
    تون اِنهيءَ ۾ اچي ٻُور ٿي.

    جا مِٺي تو ڏني او مِٺي!
    سا ٽِڙي ڳل تي انگور ٿي.

    ڪينَ آجو ڪيئين ڪو پهَر،
    ياد اهڙو آ ناسُور ٿي.

    پنهنجو مون کي چئي آ وئي،
    مون کان اُڀ جيترو دُور ٿي!

    روپلو يا بلاول يا پوءِ،
    تون به ’بابر‘ ڪو منصور ٿي!
    ***


    مان غمن ۾ رڳو پَليو آهيان،

    مان غمن ۾ رڳو پَليو آهيان،
    هاڻ دردن سان ئي رَليو آهيان.

    سج هڪڙو مثال آ ننڍڙو،
    مان ته ان کان به وڌ جَليو آهيان.

    اَڄ مون ايترو رُنو آهي،
    جيترو عمر ڀر کِليو آهيان.

    هاڻ ڪنهنجي نه آ ضرورت ڪا،
    اهڙو تنهائيءَ سان مِليو آهيان.

    ڪين ’بابر‘ سُڃاتو هُن مون کي،
    مون چيو دل کي مان ڀُليو آهيان.
    ***


    درد سارا دُکي ٿا پَون،

    درد سارا دُکي ٿا پَون،
    ياد لمحات ڪي ٿا اَچن.

    بند پنهنجا ڪيا تو ڇَپَر،
    لُڙڪ ڪاڏي ڀلا پو وَڃن.

    آ وئي واڳ پنهنجي هٿان،
    ڀونءِ واسي ته ڇا هاڻ ڪَن؟

    ڪينَ آ ڍُڪ پاڻيءَ جو!
    سُورَ مارُو اڃا ڇا سَهن؟

    روز مارن ٿا ارمان سڀ،
    روز مسڪين ٿا خونَ ڪَن.
    ***


    تو جو اَڇو لِباس پاتو آ،

    تو جو اَڇو لِباس پاتو آ،
    کير کي کير ۾ تو لاتو آ.

    روح تنهنجو رڳو نٿو چاهي،
    من منهنجو به تولئه آتو آ.

    ساههُ اکرن ۾ ڄڻ ته پئجي ويو،
    گيت منهنجي کي تو جو ڳاتو آ.

    ڪاش! جِيوَن ائين وڃي گذري،
    اهڙو ڀاڪر کڻي تو پاتو آ.

    سجَ سان جڳَ سَڄو جُڙيل آ جيئن،
    تنهنجو ’بابر‘ سان اهڙو ناتو آ.
    ***


    ڇاهه ويران جي آشيان آهي؟

    ڇاهه ويران جي آشيان آهي؟
    آسرو آ ته ٻيو جهان آهي!

    ڪو خوشين جي ڪٿا اُڌوري آ،
    ڪو ته دردن جو داستان آهي.

    ڪو ته محلن ۾ ڀي نه آهي خوش،
    ڪنهن جو آسار آسمان آهي.

    دوستيءَ جو نه جنهن ڀَرم رکيو؛
    سو ڀلا ”آدمي“ اڃا آهي!؟

    تون ٿو ’بابر‘ تلاشين آسائش،
    ڪو غمن ۾ به خوش زبان آهي.
    ***


    مان ٻُڏان ٿو پيو درد جي سِير ۾،

    مان ٻُڏان ٿو پيو درد جي سِير ۾،
    ڏکُ گهُلي ٿو پيو ياد جي هِير ۾.

    مون ته هر سِٽَ ۾ ياد توکي ڪَيو،
    غور سان تو پَڙهيو ڪينَ تحرِير ۾.

    شال مونسان سدا، ايئن هُجين ساڻ ها،
    گڏ آهين جئين مونسان تصوِير ۾.

    مَن اڳي ئي ڏُکايل گهڻو هو مگر،
    تو ڏُکائي ڇڏيو هجر جي جِهير ۾.

    درد جو ڪم ته آهي دُکي دل ڪرڻ،
    ڀل تون ’بابر‘ پَڙهي ڏسجان تفِسير ۾.
    ***


    سونهن سندءِ سُرهاڻ الڳ ئي!

    سونهن سندءِ سُرهاڻ الڳ ئي!
    مِٺين جي به مِٺاڻ الڳ ئي!

    ڀنڀا وار، ڪڪوريل اکڙيون،
    تنهنجا سڀ اُهڃاڻ الڳ ئي!

    تو جو چيو آ مون کي پنهنجو،
    ٿي پَيس مان ڀي هاڻ الڳ ئي!

    تون جا ڀاڪُر ۾ آن سائنڻ،
    چنڊ جي آ چانڊاڻ الڳ ئي!

    مان ڀي ٿي انمول پيو آهيان،
    مون سان تون جو ساڻ الڳ ئي!

    شاهه، سچل، سامي ۽ شيخ،
    ’بابر‘ ڪُل مِهراڻ الڳ ئي!
    ***


    ڪِٿي مون کي منهنجا نه سمجهي سگهيا،

    ڪِٿي مون کي منهنجا نه سمجهي سگهيا،
    نه پنهنجا به پنهنجا ئي بڻجي سگهيا!

    جئين اُڀ تارن سان آهي ڀَريل،
    ايڏا درد دل ۾ ئي ڀَرجي سگهيا!

    پَري مون کان هوندي به واقف هُيا؛
    مگر ڪين ويجها به سمجهي سگهيا!

    بيان کان مٿي آهه اڄ بيوسي؛
    جو ڳوڙها به پنهنجا نه اُگهجي سگهيا!

    ڏُکايل اندر ۾ آ ’بابر‘ گهڻو،
    تڏهن نيڻ هُن جا نه ڀَرجي سگهيا!
    ***


    ڪجهه ڏُکن ساڻ ڀي گهار تون!

    ڪجهه ڏُکن ساڻ ڀي گهار تون!
    ڪَڍ سُکن جي نه رهه يار تون!

    رات مان ڏينهن ٿي ٿو وڃي،
    ڪين ڪنهن کي ايڏو سار تون!

    مان ٿي سُهڻي بَڻي غم سَهان،
    خوش هُجين شال ميهار تون!

    ڪو مُئو يا بَچيو توکي ڇا؟
    ڪو نه ٿي موڪلين تار تون!

    ڳالهه ٿوريءَ تي ٿو رُسين،
    ڪين اي يار! ٿي ٻار تون!

    جا ڏسڻ سان رُئاريو ڇَڏي،
    ڪينَ اهڙي ٿي اخبار تون!
    ***


    سوچ رکن ٿا ڪاري سڀئي!

    سوچ رکن ٿا ڪاري سڀئي!
    ماڻهو ڇو ڏوهاري سڀئي!

    تنهنجا نيڻ نشيلا ڏسندي،
    دنيا ڀانيم پياري سڀئي!

    اهڙي بُک ڏٺي نه ڪڏهن ڀي،
    ڪن ٿا زار و زاري سڀئي!

    اڄڪلهه جا سڀ سياسي نعرا؛
    هوڪا هِن اخباري سڀئي!

    ”جيڪو کيڙي سوئي کائي!“
    ساڀيان ڏسندا هاري سڀئي!

    ڳالهه انوکي ڪر ڪا ’بابر‘!
    لوڪ ڪري بازاري سڀئي!
    ***


    منهنجي سائنڻ سَکي، تون نه وڃجان ڇڏي!

    منهنجي سائنڻ سَکي، تون نه وڃجان ڇڏي!
    مان ٿي پوندس دُکي، تون نه وڃجان ڇڏي!

    هي حياتي ٿي سُونهين تنهنجي سُونهن سان،
    رهندي تو بن رُکي، تون نه وڃجان ڇڏي!

    روئي مَنڇر چيو: ”نيٺ ڪاڏي وئين؟
    دور ديسي پَکي، تون نه وڃجان ڇڏي!

    سوکڙي پيار واري ٿي سُڏڪي چوي؛
    سيف ۾ مون رَکي، تون نه وڃجان ڇڏي!

    مشڪلن سان ذرو پيار ماڻيم مگر:
    دل آ ’بابر‘ بُکي، تون نه وڃجان ڇڏي!
    ***


    دوست ساڳيا ڪٿي رهيا آهن؟

    دوست ساڳيا ڪٿي رهيا آهن؟
    مون کي تنها ڇَڏي ويا آهن!

    ڪنهن ڀي دل جي نه سانت کي ٽوڙيو!
    ماڻهو ڪيڏا نه بيچيا آهن!

    ڪجهه ته پَل دوست هاڻي ساهي ڏي!
    مون کان پهريان نه گهاءُ سبيا آهن!

    پاڻ کي لوڪ چوي ٿو ماڻهو پر:
    پو به ماڻهو نه ٿي سگهيا آهن!

    ڏُکَ هُن کان مليل نه ٿا وِسرن،
    کوڙ جِيوَن ۾ هونءِ مليا آهن!
    ***


    ڪو ڇڏي آ ويو راهه ۾،

    ڪو ڇڏي آ ويو راهه ۾،
    ڀروسو ڪين آ ساهه ۾!

    ڪو ته داناءُ مُحبت ڪَيو،
    ڪو ته چَريو ٿيو چاهه ۾!

    ڪينَ منهنجو ڪيو تو فِڪر:
    مان اڃا تنهنجي پرواهه ۾!

    ڪينَ ماني ٿيو رات ڀر،
    ٻار تَڪيو پئي ماهه ۾.

    ڪنهن به پنهنجو نه تنهن کي ڪَيو،
    لاش لُڙهندو ويو واهه ۾!

    دل اسان جي به برباد ٿي،
    درد! تنهنجي سدا ڪاهه ۾!

    آهه گُم جڳ سمورو ميان!
    رهج تون ڪينَ ساراهه ۾!
    ***


    تو چَپن تي ڏني مِٺي آهي،

    تو چَپن تي ڏني مِٺي آهي،
    باک ڦولن تي اڄ ڦُٽي آهي.

    ڪينَ مان ڀي سُمهي سگهيو آهيان،
    ننڊ اڄ پنهنجي گڏ ڦِٽي آهي.

    روح اخبار جو پَيو روئي،
    سچَ تي ڇو رکيل مِٽي آهي؟

    تون ڇا سپني اندر رُسي وئي آن،
    منهنجي ڄڻ زندگي لُٽي آهي!

    رات جو اُڀ ۾ جو چنڊ آهي،
    سا خدا جي لکيل چِٺي آهي.

    دل جي ڄڻ ٿي وئي عبادت آ،
    تنهنجي گهر جي ڏِٺي گِهٽي آهي.
    ***


    مان هميشه رهيس تنهنجي ئي سار ۾.

    مان هميشه رهيس تنهنجي ئي سار ۾.
    پوءِ به شامل نه ٿيس مان سندءِ پيار ۾.

    ڪيئن ڀاڪُر ڀَري مان مِلان توسان ها،
    ڇو ته نفرت هُئي تنهنجي کيڪار ۾!

    ڏُکّ مون کي ڏئي سُکّ سارا کَڻو،
    ڪَسّ مون کي ذري ناهي واپار ۾.

    توڙي ڪُسندو رهيس پو به کِلندو رهيس،
    ڇا ته آهي مزو، يار جي وار ۾!

    ڪيترا ماڻهو ماري ٿَڪو پر نه آ،
    موت ظالم اڃا ساڳي رفتار ۾!

    مان جو هر ڪنهن سان مُرڪي ٿو ’بابر‘ ملان،
    تنهن ڪري مان بُرو آهيان سنسار ۾!
    ***


    ڪيڏي وڻندڙ آهي ويل!

    ڪيڏي وڻندڙ آهي ويل!
    نانءُ سَندس ”ٻارهين اپريل“!

    دل جي هڪ ئي خواهش آهه،
    خوشين ساڻ ڪرين تون کيل.

    ياد اُڏامي پهتي آهه،
    جاڳيس جيئن ئي صبح سويل.

    هاڻ وڇوڙا رهندا ڪين!
    مُحبت وارا ٿيندا ميل.

    منهنجا سُکَ سڀئي تون ماڻ!
    سدا ٽِلين تون منهنجي ڊيل!
    ***
    ٻارهين اَپريل: سائنڻ جي سالگرهه جو ڏينهن.


    رات هُن سان رهان، چنڊ جو خيال آ،

    رات هُن سان رهان، چنڊ جو خيال آ،
    کيس ويجهو ڏسان، چنڊ جو خيال آ.

    سُونهن هُن جي سراپا ڏِٺم نُور آ،
    انگ انگ مان چُمان، چنڊ جو خيال آ.

    جيڪو ڌرتيءَ کي دردن کان آجو ڪري،
    مان اُهو ٿي پوان، چنڊ جو خيال آ.

    پيٽ هُن جو، جي ڀَرجي ايئن ٿيڻ سان،
    بُک ۾ ماني ٿيان، چنڊ جو خيال آ.

    هن کي آٿت ملي گر ائين ڀي ڪيان،
    عڪسِ محبوب ٿيان، چنڊ جو خيال آ.

    ڇو غريبن جي لاءِ رُڳو اَذيتون؟
    سُور سڀ مان سَهان، چنڊ جو خيال آ.

    هي حياتي گهڻي ئي ٿي سونهين هِتي،
    موٽ ۾ مان مران، چنڊ جو خيال آ.

    غم سُڀاڻي متان، هن کي ’بابر‘ ملن،
    اَڄ کي روڪي ڇڏيان، چنڊ جو خيال آ.
    ***


    اُڀ ۾ هيڪل ئي جيئان ها،

    اُڀ ۾ هيڪل ئي جيئان ها،
    مان جي ڪاش ڪو چنڊ هُجان ها.

    پيار اگر ڪنهن سان نه ٿئي ها!
    ڪنهن لئه ڪڏهين ڪينَ لُڇان ها.

    ڪينَ هُجي ها ڪو ڀي مون سان،
    نَه ئي ڪنهن کان ساٿ گُهران ها.

    ڪاش ڏسي ها، هرڪو مون کي،
    پر مان ڪنهن کي ڀي نه ڏِسان ها.

    دل نه ڏيان ها ڪنهن کي ’بابر‘!
    نَه ئي ڪنهن لئه روز مَران ها.
    ***


    جيڪو هردم ڪندو وفا آهي.

    جيڪو هردم ڪندو وفا آهي.
    اڄ اُهو ڪيئن ٿيو خفا آهي!

    ماريان پاڻ کي ٿو مان يارو!
    ڪنهن ڏني اهڙي بَددُعا آهي!

    پنهنجي اندر ۾ تون به ٿي اُجرو،
    آرسي جيئن ميان! صفا آهي!

    مان ته ٿڪجي پيو آهيان پڙهندي،
    وقت! تنهنجي وڏي ڪَٿا آهي!

    ڪجهه ته ڳالهاءِ چُپ نه رهه سانئڻ!
    تنهنجو آواز ڀي شفا آهي!

    ڪالهه ’بابر‘ کي تو ڏنيون خوشيون،
    درد ڀي تو ڪيو عطا آهي!
    ***


    جنهن وقت تو هُئي ڦيري، پنهنجي نگاهه سانئڻ!

    جنهن وقت تو هُئي ڦيري، پنهنجي نگاهه سانئڻ!
    اُن ويل ئي اندر ۾، ٿي ويس تباهه سانئڻ!

    تو ساڻ سڀ اُجالا، اُڏري هليا ويا هئا،
    مون وٽ وئي هُئي رهجي، ليڪن اُونداهه سانئڻ!

    تو ئي چيو هو: ”جئيڻ ۽ مرڻ گڏ آ پنهنجو“،
    ڪاڏي وئي اُها اڄ، تنهنجي صلاح سانئڻ!

    مون کي ته تون رُسائي هر پل ڇڏين ٿي ليڪن،
    پوءِ ڇا ڪندين رُسي جي، وڃئي الله سانئڻ!

    ڇو دل جلائي منهنجي، تو آ ڇڏي او مٺڙي؟
    ڏيئي وجود کي ڇڏ، بهتر آ باهه سانئڻ!

    تون جو رُسي وئي آن، ’بابر‘ کان عمر ڀر لئه،
    منهنجا ثواب سڀئي، ٿي ويا گُناهه سانئڻ.
    ***


    اڄ به ڪو درد جي آ سفر ۾ رهيو،

    اڄ به ڪو درد جي آ سفر ۾ رهيو،
    اذيتن ۽ عذابن جي ڀر ۾ رهيو.

    ساڻ جنهن ۾ اُماوَس اڪيلائِيُون،
    من جو ماڻهو آ اهڙي به گهر ۾ رهيو.

    اک کڻي هُن ڪڏهن ڪينَ مونکي ڏٺو،
    هونءَ ته هر ماڻهو هُن جي نظر ۾ رهيو.

    ٻاهرين کي سنڀالي به سگهندو اُهو؟
    بُت محدود جيڪو مندر ۾ رهيو.

    سمنڊ ڀي ڪينَ سمجهي سگهيو آ ڪڏهن،
    درد موجود پر هر لهر ۾ رهيو.

    هر سِتم تنهنجو مُرڪي آ ’بابر‘ سَٺو،
    ڪينَ ڪُڇيو عمر ڀَر صبر ۾ رهيو.
    ***


    تون ته شاهڪار ڪو غزل آهين،

    تون ته شاهڪار ڪو غزل آهين،
    بي مثل آهين بي بدل آهين

    هر ڪو تنهنجي حُسن تي موهَت آ،
    تون خدا کان ٺهي ويل آهين.

    توکي سينگار جي ضرورت ڇا؟
    تون ته قدرت هٿان سَجل آهين.

    چنڊ ۾ ڀي آ داغ ظاهر ۾،
    سونهن ۾ چنڊ کان وڌيل آهين.

    تون ته ’بابر‘ لاءِ روز اول کان،
    ”تون ئي تون“ جي صدا مثل آهين.
    ***


    دل ۾ آهين تون دم وانگر،

    دل ۾ آهين تون دم وانگر،
    ٽار نه مون کي ڪنهن غم وانگر.

    ديپ ٻري ويندا هِن وسمي،
    مان ته جلان پيو جهنم وانگر.

    عشق ۾ مون کي درد ڀلي ڏي،
    رک نه رَوَيو مُجرم وانگر.

    عشق جي نئين تاريخ بڻائي،
    دل مان ڪَڍِ تون آدم وانگر.
    ***


    فرق ڪيڏو وڌيو رَويَن ۾!

    فرق ڪيڏو وڌيو رَويَن ۾!
    دوست ڀي دوست نَه رهيا ساڳيا!

    جاڳَ جنمن کان ٿي رهي جلندي،
    نيڻ پوءِ به هن پَيا جاڳيا.

    ڪجهه ته جاڳو سُتل نٿا سُونهون،
    چور، چوري ڪري ويا، ڀاڳيا!

    خيمه زن ڀي نه ٿي سگهيا آهيون
    پاڻ رهجي ويا سين بي ماڳيا.

    تون چئين ٿو فنا ٿي ويندس مان،
    تنهنجو جيڪو به حُڪم ۽ آڳيا!
    ***


    توکي ماڻي سگهيو نه آهيان مان،

    توکي ماڻي سگهيو نه آهيان مان،
    ڪجهه به ڄاڻي سگهيو نه آهيان مان.

    ڪيئن تو وٽ الائي رهجي وئي،
    دل کي آڻي سگهيو نه آهيان مان.

    وار تي وار جو ڪيا پنهنجن،
    سي سُڃاڻي سگهيو نه آهيان مان.

    دل ڇِڳل کَٽَ جيان ڇِڳي آهي،
    تنهن کي واڻي سگهيو نه آهيان مان.

    جهول ۾ خار، ها نه ئي ڪي گل،
    جي اُماڻي سگهيو نه آهيان مان.

    روز مليو، مليو نه پر مَن سان!
    سو ته ڄاڻي سگهيو نه آهيان مان.
    ***


    دل تي سوار پيار جو هر پَل جُنون آ،

    دل تي سوار پيار جو هر پَل جُنون آ،
    تڏهين ته روح منهنجو هي بي سُڪون آ.

    ڊسمبر جلايو منهنجي سجّ جيان سرير کي،
    موجود من ۾ جنمن کان هڪڙي ئي جُون آ.

    سڀئي دوائون توڙي دُعائون نه راس پيون
    منهنجي رڳن ۾ بي قرار ڪهڙو خون آ.

    ايئن ته ڪنهن به ناهي ڪئي خودڪشي ڪڏهن،
    اي زندگي! توکي ائين ڇڏيو ته مون نه آ.
    ***


    ڏيئا جيئن ڏيئن مان جَلندا رهيا،

    ڏيئا جيئن ڏيئن مان جَلندا رهيا،
    ائين سور، سورن مان ڦُٽندا رهيا.

    هُيو ڪو به منهنجو نه سنسار ۾،
    مان رُئندو رهيس سارا کِلندا رهيا.

    ٻڌو ڪين آڪاس ٻوڙو هُيو،
    ستارا سدا سور سَلندا رهيا.

    اَڀاڳا هئا ڀاڳَ منهنجا تڏهن
    سدا جيڪي مون ساڻ رُلندا رهيا.

    نه ٿيا بند تولئه ڪڏهن دل جا در،
    نه آئين مگر پو به کُلندا رهيا.
    ***


    قوم کي هاڻي کپي ٿو حوصلو،

    قوم کي هاڻي کپي ٿو حوصلو،
    جوش سان گڏ هوش ۽ ٻيو ولولو.

    هاڻي جاڳو ڪينَ هي ڌاريا کپن،
    ڪين لوٽن جو قبوليو فيصلو.

    پاڻ پنهنجي ڀونءِ جا وارث ٿيو،
    قوم جو ڪاهي هلو سڀ قافلو.

    ڪينَ ويٺي حق ملندا پاڻ کي،
    جنگ جو پورو ڪجي هر مرحلو.

    هاڻي ڪو ’بابر‘ سڀئي گڏجي اُٿون،
    ساٿ جو قائم رهي شل سلسلو.
    ***


    زمانا! هي ڪهڙو غضب ٿي ويو آ؟

    زمانا! هي ڪهڙو غضب ٿي ويو آ؟
    جُدائي ۾ سنگم جذب ٿي ويو آ!

    اُٿي اوچتو، روئيندو ويو هليو هو!
    الئه ڇا رُسڻ جو سَبب ٿي ويو آ؟

    ائين دل ٽُٽس جو خبر ئي نه پئي ڪا،
    سَڙيل اوچتو ڄڻ بَلب ٿي ويو آ!

    مون سمجهيو آ، هُن جي رسڻ مان ئي اڪثر،
    مون کان منهنجو ناراض رَب ٿي ويو آ.

    نه جنهن کي به ڌرتيءَ سان آ پيار ’بابر‘!
    اُهو عمر ڀر بي سَبب ٿي ويو آ.
    ***


    غم اچو غم اچو!

    غم اچو غم اچو!
    دل ائين آ چيو!

    تو سوا او سَکي!،
    ڪينَ دل سوچيو!

    جو ڌڻي دل جو هو،
    سو ڇڏي آ ويو!

    جيئن مليا چار چَپَ،
    چنڊ پورو ٿيو!

    سُور سڀ جا سَهي،
    ڪو نه اهڙو مليو!

    ٿو هي ’بابر‘ مري،
    ڪا ته واهر ڪَيو!
    ***


    ڪينَ اسان سان ڪڏهن ڀي هُو ساڻ ٿيا،

    ڪينَ اسان سان ڪڏهن ڀي هُو ساڻ ٿيا،
    ڪالهه به دُور هئا ۽ گڏ نهَ هاڻ ٿيا!

    جن جي ڪارڻ جِيوَن ۾ خوشيون ڦُٽيون،
    منهنجي سُورن جو باعث اڄ پاڻ ٿيا!

    هرڪو پنهنجي دردن جي ٿو دانهن ڪري،
    هڪ ٻئي کان اڄ ڪيڏا سڀ اَڻڄاڻ ٿيا!

    هر ڪو منهنجي احساسن کي چيڀاٽي،
    جذبا منهنجا ”موهن“ جا اُهڃاڻ ٿيا!

    آمريڪا، اسرائيل ته ماڻهو بڻجي ويا،
    ڪِينَ اڃان پر آهن سي مهراڻ ٿيا!
    ***


    ڏيئو هاڻ وِسائي ڇڏ!

    ڏيئو هاڻ وِسائي ڇڏ!
    سجني سڀَ ڀُلائي ڇَڏ!

    ڪو ڀي ايندو هاڻ نه هِتِ،
    دل کي تون سمجهائي ڇَڏ!

    منهنجي ايڏو ويجهو آنهه،
    دل سان دل ملائي ڇَڏ!

    هر ڪنهن خُوب جَلايو آهه،
    تون ڀي جان جَلائي ڇڏ!
    ***


    مون لئه سنڌَو جا ڪَپَ سُهڻي!

    مون لئه سنڌَو جا ڪَپَ سُهڻي!
    ڄڻ هن تو وارا چَپَ سُهڻي!

    هر ڪو نفرت آڇيندو آ،
    محبت جي ڏي تون لَپَ سُهڻي!

    تو بن منهنجي دل آ ايئين،
    جهڙي پياسي ڪا سِپَ سُهڻي!

    ڪجهه ته ڳالهاءِ ’بابر‘ سان ڀي،
    رهه نه رڳو ايئين چُپَ سُهڻي!
    ***


    غم هئا گڏ رات هُئي،

    غم هئا گڏ رات هُئي،
    تون نه هُئين برسات هُئي.

    تو پُڄاڻان ڪجهه ته هو،
    مون سان منهنجي ڏات هُئي.

    ڇڏي هلي وئين مون کي جئين،
    ڄڻ ته ملي وئي مات هئي.

    تنهنجي نيڻن منجهه ڏِٺم،
    پيار سندي پرِڀات هئي.

    ڏوهه نه هو ڪنهن جو ”بابر!“
    دل جي اهڙي بات هُئي.
    ***


    مون کي هيڪل ڇڏيو ٿي،

    مون کي هيڪل ڇڏيو ٿي،
    ڇو ايئن اي دل! ڇڏيو ٿي؟

    تون آن پاڻي، ساههُ، مَڇي،
    پوءِ به هر پَل ڇڏيو ٿي!

    تنها ويندس نيٺ مَري،
    دل جو ساحل ڇڏيو ٿي.

    هر پل خوف رهي ٿو طاري،
    پُٺيان اَجل ڇڏيو ٿي.

    تون جو ناهين ساٿ ته پو،
    ماري بلڪل ڇڏيو ٿي.

    مون جيئن توکي ناهه سُڪون،
    چنڊ جو ٻَريل ڇڏيو ٿي.
    ***


    ڪر ڪا واهر اچي، سج لهندو وڃي،

    ڪر ڪا واهر اچي، سج لهندو وڃي،
    مان پوان پو بچي، سج لهندو وڃي.

    ساهه منهنجو کنيو، ٿو وڃي پاڻ سان،
    ڳالهه آهي سچي، سج لهندو وڃي.

    جيڪا گُذري سا سُورن سان آهي ڪَٽي،
    ڪيئن ڪيان پر ڪچي، سج لهندو وڃي.

    سِير آيل پَکي جيئن ڦٿڪي ميان!
    دل به ايئن آ سچي، سج لهندو وڃي.

    ڪو نه آيو اچڻ وارو ’بابر‘ ڪڏهن،
    پيار ويو آ پَچي، سج لهندو وڃي.
    ***


    ڊسمبر، مان ۽ تنهائي!

    ڊسمبر، مان ۽ تنهائي!
    اچي ويا غم نه هوءَ آئي!

    سڀئي آهن خوشيون توسان،
    مون سان پر آ اڪيلائي!

    هُجي شابس اي ڏک! توکي،
    سدا تو دل رکي سائي!

    حياتي جون رُتون ساريون،
    سوا تو دوست سُرمائي!

    رڳو توکي ٿي چاهي دل،
    خبر مون کي نه ٻي ڪائي!

    کلي جيڏا به غم ڏي تون،
    وٺڻ ۾ ٿيندي سُرهائي!
    ***


    تنهنجي ٻانهن ۾ اچي زندگي ملي آهي،

    تنهنجي ٻانهن ۾ اچي زندگي ملي آهي،
    مون کي ڏک ۾ به ڄڻ ته ڪا خوشي ملي آهي.

    زندگي صبح جيئان ڄڻ ته پئي آ اُجري،
    ساٿ تنهنجي جي مِٺي روشني ملي آهي.

    سُک جو نانءُ ٻُڌو پر نه هو محسوس ڪيو،
    تو سان گڏجي سُکي هر ڪا گهڙي ملي آهي.

    مان ته ڳولڻ جي لاءِ پاڻ کي نِڪتو آهيان،
    اجنبي راهه ۾ هڪ شاعري ملي آهي.

    جنهن ۾ عاشق ۽ محبوب پنهنجو آهيان مان،
    عشق ۾ هاڻ اهڙِي عاشقي ملي آهي.
    ***


    توسان گڏجي هلڻ، مان چاهيان ٿو،

    توسان گڏجي هلڻ، مان چاهيان ٿو،
    زندگي ايئن جيئڻ، مان چاهيان ٿو.

    اُڃّ ۾ جيئن ٿو پِئجي پاڻي،
    سونهن تنهنجي پيئڻ، مان چاهيان ٿو.

    چنڊَ تنهنجي بدن تي اُڀري پَون،
    ايڏيون مِٺيون ڏيڻ، مان چاهيان ٿو.

    تون کڻي آسرو اچڻ جو ڏي،
    تو لئه صديون بيهڻ، مان چاهيان ٿو.

    چاهه ’بابر‘ کي ڏي کڻي ٿورو،
    توکي سڀ ڪجهه ڏيڻ مان چاهيان ٿو.
    ***


    منهنجي جِيوَن ۾ تنهنجو سدا خال هو،

    منهنجي جِيوَن ۾ تنهنجو سدا خال هو،
    تنهن ڪري ئي ته سُورن ۾ هي حال هو.

    درد جون اذيتون اڄ به ساڳيون اُهي،
    مٽجندو ڪئلنڊر ۾ رهيو سال هو.

    غم ۾ خوش ۽ خوشين ۾ مان غمگين هوس،
    پنهنجي دل جو ڪڏهن اهڙو احوال هو.

    موت کانپوءِ ”بابر“ کي آهين مليو،
    کيس ڀاڳن ۾ ڪپڙو لکيل وال هو.
    ***


    درد دل ۾ اَچِي بيٺو،

    درد دل ۾ اَچِي بيٺو،
    سور من ۾ مَچِي بيٺو.

    پيار ۽ ساڙ جو ڪڏهين،
    رنگ ناهي رَچِي بيٺو.

    سچ ويو آ سُڪي دنيا،
    ڪوڙ ڪئن آ بَچِي بيٺو.

    چنڊ اڄ ڀي ٿَڌو آهي،
    سج ڀلا ڇو پَچِي بيٺو.

    آهه جڳ گڏ، فقط ناهي،
    ميل پنهنجو، مَچِي بيٺو.
    ***


    ننڊ منهنجي وئي آ ڦِٽي،

    ننڊ منهنجي وئي آ ڦِٽي،
    ڇا ڪريان ڏس او منهنجي مِٺي!

    ڪَالُ تو ڇو ڪئي ڪينَ آ،
    ۽ مُڪي ڪينَ تو ڪا چِٺي.

    اُڀ کي مان سُڃاڻان نٿو،
    منهنجي آهي شناسا مِٽي.

    روح کي ڏئي ٿي راحت رڳو،
    تنهنجي گهر ڏانهن ايندڙ گِهٽي.

    زندگيءَ ۾ ملي جو وئين،
    جند غمن کان وئي آ ڇُٽي.
    ***


    ازل کان جيئن اُڀّ سان گڏ ستارا،

    ازل کان جيئن اُڀّ سان گڏ ستارا،
    ايئين ڪاش تون ڀي هجين ساڻ پيارا!

    سڀن کي سدائين ڏناسين سهارا،
    مگر رهجي وياسين اسان بي سهارا!

    ٿا بنگلن ۾ گونجن سدا ٽهڪ تازا،
    رڳو جهوپڙين ۾ ٿا سُڏڪن نظارا!

    ڪڏهن ڪو ڏِسي مُرڪندا ئي ڪَيو،
    ڪيو عاشقن تي رحم او خدارا!

    ڪيا روشنين ۾ وڃي تو بسيرا،
    اسان جا انڌيرن ۾ ساڳيا گُذارا!
    ***


    هوءَ جو وئي آ مِلي مِلي،

    هوءَ جو وئي آ مِلي مِلي،
    دل ڀي پئي آ کِلي کِلي!

    من هي منهنجو ٺري پَيو،
    هوءَ جو آئي هَلي هَلي!

    هن جو مون کي اپنايو،
    ڳوٺ ويَو آ جَلي جَلي!

    ان کي ڪيئن ڀلايان مان،
    درد مليو آ دِلي دِلي!

    ڏُک پُڇن ٿا اچون اسان؟
    ’بابر‘ چئي ٿو ڀَلي ڀَلي!
    ***


    دل جو تنها آهي مندر،

    دل جو تنها آهي مندر،
    آهه ڪمي بس تنهنجي اڪثر.

    خوشي ته هڪڙو ڀيرو آئي،
    پو ته رڳو غم آيا هر هر.

    ٻاهر ڪيڏو شور شهر ۾،
    سانت مگر آ منهنجي اندر.

    آتو، آتو آ هر ماڻهو،
    آهه ڏُکايل من جو منظر.

    تو ئي ٽهڪ سيکاريا ها پر،
    تو بن روز روئي ٿو ’بابر‘.
    ***


    رات ڪاري هُئي،

    رات ڪاري هُئي،
    ساڻ پياري هُئي.

    ٻاٽ هُئي چؤ طرف،
    ياد ڏياري هُئي.

    هُن جو ڀاڪُر ڀَريو،
    پو بهاري هُئي.

    سو ئي دشمن بڻيو،
    جنهن سان ياري هُئي!
    ***


    هن سان اهڙي ته آهي مُلاقات ٿي،

    هن سان اهڙي ته آهي مُلاقات ٿي،
    آ محبت جي رنگن جي برسات ٿي.

    هن ته ٻانهن ۾ اهڙو ٻَکي آ ڇڏيو،
    ڀاڪُرن ۾ لڳي ٿو آ ڪائنات ٿي.

    تون جو مُرڪي پئين اوچتو، اوچتو،
    غمَ دل جا سمورا ويَا مات ٿي.

    تون اچي مون کي منهنجي سڃاڻپ ته ڏي!
    نانءُ ٿي تون سَندم، تون ئي ڪا ذات ٿي.

    شاعري منهنجي توکان سوا ڪجهه نه آ،
    تون ڏياٽيون، ڏياٽيون اچي ڏات ٿي.
    ***


    اهڙي لئون توسان لڳي وئي آ پياري!

    اهڙي لئون توسان لڳي وئي آ پياري!
    سدا سلسلو پيار جو رهندو جاري.

    سدا دل هي جلندي رهي هجر ۾ ٿي،
    اسان ننڊ نيڻن جي تولاءِ ڳاري.

    اسان کي اها ئي کپي سنڌ ساڳي،
    سچل، شاهه، سامي ۽ سيّد واري.

    مان اندر ۾ ٽڪرا ڪيئن ٿي ويو هئس،
    مگر پو به دنيا هئي ٽهڪن ۾ ساري.

    رڳو ڏُک ئي ڏُکّ ”بابر“ مليا آهن،
    اهڙي توسان يارن نڀائي آ ياري.
    ***


    سفر درد جو ڇا هي رهندو سدائين؟

    سفر درد جو ڇا هي رهندو سدائين؟
    اڃا روح ڀوڳيندو هي ڪيستائين؟

    مري ٿا وڃن ٽهڪ منهنجي اندر ۾،
    پُڄن ڪين ٿا هاءِ! ڇو چَپن تائين.

    تنهنجا درد سڀئي سهيڙي کنيا ٿم،
    تون وِسري نه آهين متان ايئن ڀائين!

    تون ايندين ته منهنجا وڌي ساهه پوندا،
    تنهنجي وَس آهن اگر تون وڌائين.

    هليو اڌ ئي رات جو ويو آ ’بابر‘،
    نه ترسيو مونسان چنڊ اَڄ دير تائين.
    ***


    بهارن جي موسم هئي،

    بهارن جي موسم هئي،
    هي دل پو به روئي پئي!

    اٿئي ڪينَ ڇو ساٿ ڪو؟
    اڪيلائي چئي آ وئي!

    وسارڻ سان وِسري نٿي،
    هي دل ڪيڏي آ بي چئي!

    رهي تون نه آن ساڻ جو،
    خوشي جي نه آهي رئي!

    اُماڻيا تو جيڪي به غم،
    اکين تي رکيا مون سيئي!
    ***


    آس اڃا اڻپوري آهي؟

    آس اڃا اڻپوري آهي؟
    جِيوَن ڄڻ مجبوري آهي.

    جيڏو دل کي آهين ويجهو،
    ان کان وڌ ڇو دوري آهي؟

    گهر جي ڳالهه هجي ته به ٺيڪ آ!
    ڏک ۾ سنڌ سموري آهي.

    پنهنجا ٽهڪ ٿيا وِهه وهاٽيون،
    تنهنجي مُرڪ کٿوري آهي.

    سڀ ڪو ڄام نه ٿيندو آهي،
    ڪا ڪا ٿيندي نوري آهي.

    اڳتي ’بابر‘ ڪيئن وڌان مان؟
    ڳالهه نه ٿي جو پوري آهي!
    ***


    زندگي آ رُکي ڇا ڪجي، ڇا ڪجي؟

    زندگي آ رُکي ڇا ڪجي، ڇا ڪجي؟
    تون نه آئينءَ سَکي ڇا ڪجي، ڇا ڪجي؟

    سرد موسم هُئي ڪنهن نه واهر ڪئي،
    ڪين هوءَ جو ٻَکي، ڇا ڪجي ڇا ڪجي؟

    درد جو هي سفر ڇو نه ٿو ٿئي ختم،
    دل اڃا آ دُکي، ڇا ڪجي ڇا ڪجي؟

    ڇو ويَو آ ڪَيو قيد هِت يا خدا!
    سوچيو! هُو پَکي، ڇا ڪجي ڇا ڪجي؟

    هڪ ئي ’بابر‘ کي تو چاهه ناهي ڏنو،
    هُون ته ٻين لئه سخي، ڇا ڪجي ڇا ڪجي؟
    ***


    هٿن تي جا تنهنجي هي ميندي رَتل آ،

    هٿن تي جا تنهنجي هي ميندي رَتل آ،
    وئي آهي موهي سا منهنجي به دل آ.

    تو مُرڪيو هيو منهنجي سامهون اچي،
    صدين تي سو حاوي، ازل کان ئي پَل آ.

    سڀئي لُڙڪ، ڳوڙها کڻي مان ته موٽيس،
    خوشين جو خزانو ته تو وٽ رکيل آ.

    اسان مُرڪندي درد دل ساڻ سانڍيو،
    پئي ڪين ليڪن ڪڏهن ڪنهن کي ڪَل آ.

    ڪٿي ماڻهو پگهريو وڃن ميڻ وانگر،
    ۽ ڪن جي اڳيان پگهرندو ڀي جبل آ.
    ***


    تون جو ماتم وئين ڪائنات ڪري،

    تون جو ماتم وئين ڪائنات ڪري،
    روز هڪ خواب آپگهات ڪري.

    تو ڏنا سُک سڏي هر ڪنهن کي،
    بس وئين منهنجي دُکي ذات ڪري.

    سوجهرو ٿي حيات هُئي منهنجي،
    تون ته ان کي به وئين رات ڪري.

    ٿر جي اُڃ جي ختم ٿئي ان سان،
    نيڻ پنهنجا ڇڏيان برسات ڪري.

    ڏک تارن کان ڀي گهڻا ٿي ويا،
    هِن ’بابر‘ جي حاصلات ڪري.
    ***


    پنهنجو جنهن کي به مون چيو آهي،

    پنهنجو جنهن کي به مون چيو آهي،
    سو ته منهنجو ڪڏهن نه ٿيو آهي.

    رات ٿيندي ئي ٿي وئي خاموشي،
    هرڪو رستو سُمهي پيو آهي

    من منهنجو ائين منجهيل ناهي،
    ڪجهه نه ڪجهه دوست! اڄ ٿيو آهي.

    سمنڊ ڀي ڪينَ آ لُڇيو ايڏو،
    جيترو روح اَڄ لُڇيو آهي.

    جنهن سان ڀي ويجهڙو ٿيڻ چاهيم،
    سو ته اڪثر پري ويو آهي.

    توکان ڪڏهن نه غم ڏيڻ وسريو،
    سو ته ٿورو تو ئي ڪَيو آهي.
    ***


    سور سنسار جا ڏس سهون ٿا پيا،

    سور سنسار جا ڏس سهون ٿا پيا،
    ڪيڏي پيڙا ۾ هاءِ! رهون ٿا پيا.

    حادثا بارشن جيان وسڻ جو لڳا،
    پاڻ ڪنهن گهر ڪَچي جيئن ڊهون ٿا پيا.

    سڀ خوشيون پاڻ کان جو رُسي هِن ويون،
    هاءِ! دردن سان تڏهين ٺهون ٿا پيا.

    خوب ڪوشش ڪيون ٿا وسارڻ جي پر،
    ڇو نه ذهنن تان پو ڀي لهون ٿا پيا.

    هن گهُري زندگي ڏئي ڇڏي مون کڻي،
    موت! توسان به ڪيڏو وهون ٿا پيا.
    ***


    تو سوا ڏس وڃي رهيو آهيان،

    تو سوا ڏس وڃي رهيو آهيان،
    پنهنجي هستي ڀڃي رهيو آهيان.

    درو توکان ٿي سوچيان ٿو مان،
    نيٺ ڇو هاڻ جي رهيو آهيان.

    تو وئين زندگي نه آ باقي،
    انت پنهنجو ڏسي رهيو آهيان.

    موت مون کي ئي بس ڪيو پنهنجو،
    ٻي ته ڪنهن جو نه ٿي رهيو آهيان.

    سوڀ منهنجي اڃا ٻي ڪهڙي ٿئي؟
    پير تنهنجا چُمي رهيو آهيان.

    مون کي پنهنجن لتاڙيو آ ’بابر‘،
    تنهن ڪري ئي ڀُري رهيو آهيان.
    ***


    منهنجي ٻانُهن ۾ تنهنجون ئي ٻانهون هُيون،

    منهنجي ٻانُهن ۾ تنهنجون ئي ٻانهون هُيون،
    پيار! ارپيون انوکيون تو راهون هُيون.

    هر نظارو اکين کي وڻڻ هو لڳو،
    تنهنجون جاتي به پُهتيون نگاهون هيون.

    بي رحم موت پوءِ به ماري ويَو،
    زندگي ڪيتريون ڪيون دانهون هيون.

    ماڳ تي سو ڪڏهن ڀي نه پهچي سگهيو،
    جنهن به دل جون نه ورتيون صلاحون هيون.

    پيار ئي مون کان سڀ ڪجهه کسي هو وتو،
    پيار ئي مون کي ارپيون پناهون هيون.
    ***


    تون جو وئي آن پري پري،

    تون جو وئي آن پري پري،
    توبِن ڪيئن پو سري سري.

    ساٿي ڪين رهيو آ ڪو،
    دل ٿي رڙيون ڪري ڪري.

    چاهيون جيئن ٻئي هڪ ٻئي کي،
    وقت اهو شل وري وري.

    گهاوَ اندر جا وڌي ويا،
    ڪو ته اچي ير! ڀري ڀري.

    ڪيئن مان ٺاريان اندر کي،
    باهه پئي ٿي ٻري ٻري.

    تو اپنايو ڪينَ ڪڏهن،
    تڏهن ٿو ’بابر‘ مري مري.
    ***


    تون نه ايندينءِ اڃان، روز سوچيان پَيو،

    تون نه ايندينءِ اڃان، روز سوچيان پَيو،
    تو ڇڏيو ڪيئن مڃان، روز سوچيان پَيو.

    هر پهر پيار جو ساٿ گذريو سکي!
    دُور مان ڪيئن رهان، روز سوچيان پيو.

    ماڳ کي پو مَتان ماڻيان مان سَکي!
    چنڊ وانگي رُلان، روز سوچيان پَيو.

    روز ديدار ٿيندو پَيو اُو سکي!
    ڪو ستارو ٿيان، روز سوچيان پيو.

    ڪو سخي ڪينَ آ تو جيان او سکي!
    غم ڏنئي غم مٿان، روز سوچيان پَيو.
    ***


    ڇا ته اَڄ آهي بوند باري ٿي!

    ڇا ته اَڄ آهي بوند باري ٿي!
    آ بهارن کان وڌ بهاري ٿي.

    روز توسان ملي او منهنجا سڄڻ،
    زندگي ڪيتري آ پياري ٿي!

    ويس تنهنجي بدن مٿي اڇڙو،
    برف تي ڄڻ ته برف باري ٿي.

    تو جڏهن هي سندم ڇُهيا چپڙا،
    مڌ کان آهي وڌ قراري ٿي.

    مون کي ٻيئي جهان ملي ويا هن،
    آهه توسان جڏهين کان ياري ٿي.

    ڄڻ ته سڀ ڪجهه ئي خواب هو ’بابر‘!
    زندگي پنهنجي ساڳي واري ٿي!
    ***


    سهارو ڏئي بي سهارو ڪَيو تو،

    سهارو ڏئي بي سهارو ڪَيو تو،
    سمنڊ هُئين پوءِ ڀي اُڃارو ڪَيو تو!

    سڀئي چنڊ تارا کنيا تو سنڀاري،
    منهنجي ڀاڳ ۾ هڪ نه تارو ڪَيو تو!

    سڀن کي ڏنيون تو سڏي خوب خوشيون،
    رڳو مون، روئاري مونجهارو ڪَيو تو!

    ڪري مون کي خود کان پري او پيارا!
    گهڻو ويجهڙو لوڪ سارو ڪيو تو!

    نه ’بابر‘ جي باري ۾ سوچيو ڪڏهن تو،
    رڳو پاڻ کي ئي سوڀارو ڪيو تو!
    ***


    يونيورسٽيءَ جي نانءِ

    چئن سالن کان ٿو چاهيندو اچان،

    چئن سالن کان ٿو چاهيندو اچان،
    خواب ڪيڏا ٿو سجائيندو اچان.

    پيار، تنهنجيءَ دل ۾ جايون جوڙندو،
    ڏئي ڏٽا دل کي ريجهائيندو اچان.

    روح قابوءَ ۾ رهي ئي ڪِين ٿو،
    سِڪ تنهنجي ٿو لڪائيندو اچان.

    پيار تنهنجي ۾ اڃا تائين پرين!
    درد ئي بس ٿو ڪمائيندو اچان.

    روز ٿو سپنا ملڻ جا مان ڏسان،
    توڏي سڀئي خواب ڪاهيندو اچان.

    جنهن پهر ۾ ڪين ٿو توکي ڏسان،
    ٿو لڳي هر پل وڃائيندو اچان.

    ڪجهه ته اکڙين جي به ٻولي سمجهه تون،
    مان ٿو نيڻن ساڻ ڳالهائيندو اچان.
    ***


    ڪجهه يادون هتي اڄ ڇڏيو ٿا وڃون،

    ڪجهه يادون هتي اڄ ڇڏيو ٿا وڃون،
    پاڻ پيارا هِتان اڄ لڏيو ٿا وڃون.

    ڪجهه سپنا هئا، جيڪي ساڀيان ٿيا،
    ٻيا به ارمانَ تن سان گڏيو ٿا وڃون.

    جنهن سان ملياسي مُرڪي مليا سي مٺا!
    قرب تن جي دلين ۾ اڏيو ٿا وڃون.

    ڪو اسان کي ڀلي ڪين پنهنجو چوي،
    پاڻ پنهنجو سڀن کي سڏيو ٿا وڃون.
    ***


    لڳي وئي ورسٽي! اهڙي توسان دل،

    لڳي وئي ورسٽي! اهڙي توسان دل،
    تو ۾ گم ٿيس پر پئي ڪينَ ڪل!

    ڪڍيو تو ئي مايوسين مان مٺي!
    سيکاري تو ئي مون ڏکايل کي کِل.

    هُو ڪئمپس ۾ ناريل جا اڄ به وڻ،
    قطارن ۾ تو لاءِ آهن بيٺل.

    سڀئي ساعتون دوستن سان سُٺيون،
    پيارا ۽ رنگين گهاريل سي پل.

    ڇڏي هونءَ ته هرڪو ئي ويندو ’بابر‘!
    تون ئي ساٿ منهنجو ڇڏين ڪينَ شل!
    ***


    روح منهنجو ريجهائيندي آهين،

    روح منهنجو ريجهائيندي آهين،
    جڏهن مُرڪي نهاريندي آهين.

    پَل مون لئه اُهو غنيمت آ،
    جڏهن اکڙيون ملائيندي آهين.

    دل ۾ ارمان هِن ڦُٽي پوندا،
    تون سَکين سان ڳالهائيندي آهين.

    جيئن سيني ڪتاب لائين ٿي،
    ڇو نه مون کي لڳائيندي آهين.

    گهُور منهنجي به اڄ اکين ۾ ايئن،
    بورڊ کي جيئن چتائيندي آهين.

    ڀاڳ منهنجو نه پين جهڙو آ،
    جنهن کي لبڙن سان لائيندي آهين.

    ٻول ڪي پيار جا چئه ’بابر‘ کي،
    ڪين ڳالهاءِ، ماريندي آهين.
    ***


    اينديون تنهنجون سارون آهن.

    اينديون تنهنجون سارون آهن.
    پن ڇڻ ۾ به بهارون آهن.

    ڇو نه ايندي آن ياد سان گڏجي،
    تو ڏانهن کوڙ ميارون آهن.

    ساٿ سان سارو ”روم“ سٿيل آ،
    همراز سندم ديوارون آهن.

    ڪو ئي همدرد ڪين آ ساٿي،
    هاءِ! لڙڪُن جون لارون آهن.

    پاڻ کي ڪين وڻان ٿو تڏهن،
    تو نه وِڌيون اڄ نهارون آهن.

    توکي تنها ساري ’بابر‘،
    روح جون روز پُڪارون آهن.
    ***


    پيارا پنهنجي دوستي ياد ايندي.

    پيارا پنهنجي دوستي ياد ايندي.
    گذاريل هتي زندگي ياد ايندي.

    ٽهڪ ڏيندي جا گڏ گذاري سين پيارا،
    اها مون کي هر هڪ خوشي ياد ايندي.

    ڪري دل جو توسان نه اظهار سگهيس،
    سدائين اها عاشقي ياد ايندي.

    سڄي رات جاڳي ڪچهري ڪرڻ جي،
    اها دوستو! هر گهڙي ياد ايندي.

    ڏسي جنهن کي ڪئمپس ۾ گم ٿي ويندو هوس،
    اها بانوري ڇوڪري ياد ايندي.
    ***


    ٻئي هڪٻئي جو ٿي پاڇو رهياسين،

    ٻئي هڪٻئي جو ٿي پاڇو رهياسين،
    مگر چار ئي سال ويجها نه ٿياسين!

    تون پنهنجي جهان ۾، مان تنهنجي جهان ۾،
    ڪڏهن ڪين هڪٻئي کي سمجهي سگهياسين!

    ڪهڙي ڏوهه جي هي سزا آ ملي چَهءُ!
    چون پَن ٿا روئي ته ڇالئه ڇڻياسين؟

    عجب عشق هو ڪين سمجهي سگهياسين،
    ڪري ياد هڪٻئي کي هيڪل رُناسين!

    نصيبن ۾ ٿر جي آهن ڪجهه ته بوندون،
    اسان سال چار ئي پئي ’بابر‘ سڪياسين!
    ***


    اِجهو ڪالهه ئي پاڻ آياسين پيارا!

    اِجهو ڪالهه ئي پاڻ آياسين پيارا!
    ويا ماضي بڻجي هاءِ پَلَ سارا!

    ڏسڻ ۾ جي آيا هئا اجنبي،
    اهي دوست ٿي ويا سڀئي دل وارا!

    ڪڏهن ٽهڪ ايڏا جو ٿي ويا پڙاڏا،
    ڪڏهن پاڻي، پاڻي اکين جا ڪنارا!

    وڇوڙي جي موسم اچڻ سان ڪري وئي،
    اکين مان گهڻيون سانوڻيون هاءِ! يارا!

    رُلياسين ايڏو تنهنجي رستن تي ’بابر‘!
    اکين تي ويا ڇائنجي سارا چارا!
    ***


    ڪيڏيون آهن پياريون پياريون، ڪئمپس ڪجراريون!

    ڪيڏيون آهن پياريون پياريون، ڪئمپس ڪجراريون!
    هاءِ! وڃن ٿيون مون کي ماريون، ڪئمپس ڪجراريون!

    صبح جو ڪئمپس، شام جو هاسٽل، ڇا ته حياتي هُئي،
    بخشي ويون ڪيڏيون نه قراريون، ڪئمپس ڪجراريون!

    تو کان ڏور ”ورسٽي“! جڏهن، ڳوٺ ويندو آهيان،
    لمحي لمحي روحَ سنڀاريون، ڪئمپس ڪجراريون!

    ڪاريڊور ٿي مهڪي جن جي، خوشبوءِ سان هر پل،
    اُوندهه ۾ ڀي ڄڻ ته ڏياريون، ڪئمپس ڪجراريون!

    چارئي سال آ جن جو سانئين! عڪس نگاهن ۾،
    ڪيئن مان سي سڀ ڄاڻان ڌاريون، ڪئمپس ڪجراريون!
    ***


    الوداع الوداع دوستو الوداع!

    الوداع الوداع دوستو الوداع!
    وقت گذري وَيو اوچتو الوداع!

    وقت اک ڇنڀ ۾ ڄڻ ته پُورو ٿيو،
    ڪو نه پيو ڪو پتو الوداع!

    جنهن سان جِيوَن پئي گهارڻ گهُريم،
    تنهن به مون کي چيو الوداع!

    ڪو ته آٿت وڇوڙي جي ڏي،
    هر ڪو چئي ٿو پيو الوداع!

    آءُ ’بابر‘ روئون ڀاڪرن ۾ اچي،
    وقت ورندو نه ٻيو الوداع.
    ***


    وساريان اُهي ڪيئن مان راتيون سڄڻ!

    وساريان اُهي ڪيئن مان راتيون سڄڻ!
    پراٺن جي لئه شهر ڏي پنڌ هلڻ!

    اهو ڪيڏو پيارو هُئو يار منظر،
    ”پي ايم سي“ اڳيان خوب رڙيون ڪرڻ!

    اهو هر ڪچهريءَ جو ئي روح هو،
    ” بي-سيڪٽر“ اڳيان واپسيءَ ۾ ويهڻ!

    اڃا ڀي پنهنجا ٽهڪ گونجن پيا،
    تون ڏسجانءِ ماضي، ٿئي جي وڃڻ!

    انهيءَ منجهه وڻندڙ هُيو درد ڪيڏو،
    مذاقن ۾ سنگتين سان هر هر رُسڻ!

    اهي ٿَڪَ وڻندا هئا دوست ڏاڍا،
    جڏهن ٿيندو هو هاسٽل ڏي ورڻ!

    سڀئي پَلَ يادن جا ٿيندا اَمر،
    جڏهن ويهندُس تن کي ’بابر‘ لکڻ!
    ***


    تون نه وڃجان ڇڏي، روم روئي چيو،

    تون نه وڃجان ڇڏي، روم روئي چيو،
    مون کي غم سان گڏي، روم روئي چيو.

    هر ڪو آيو ۽ پوءِ هليو ٿو وڃي،
    تون نه وڃجان لڏي، روم روئي چيو.

    نانءُ پنهنجو لِکي منهنجي سيني مٿان،
    وڃ نه پنهنجو سڏي، روم روئي چيو.

    چارئي سال منهنجي رهي روح ۾،
    تون نه ڊاههِ اَڏي، روم روئي چيو.

    جي وڃو ٿا ته ’بابر‘ وساريو متان،
    ڀيرو ڀڃجو مون ڏي، روم روئي چيو.
    ***


    ناهي ڪتاب ڪو قلم، مان ڪامريڊ آهيان،

    ناهي ڪتاب ڪو قلم، مان ڪامريڊ آهيان،
    ڪهڙو آ پڙهائيءَ جو ڪم، مان ڪامريڊ آهيان.

    سگريٽ، ڀنگ ڳالهه شروع جي هُئي دوستو!
    هاڻي پيئان ٿو چلم، مان ڪامريڊ آهيان.

    نوٽس، ڪتاب ۽ نه پڙهائيءَ جي ڳالهه ڪَيو،
    جهيڙي جي لئه ڪيو حُڪم، مان ڪامريڊ آهيان.

    شروعات کان نه پنهنجي پڙهائيءَ سان دل لڳي،
    بائيڪاٽ ۽ ڌرڻا هنيم، مان ڪامريڊ آهيان.

    ”ڪينٽين“، ”سي سي“ يا، ڀلي ”ناڪي“ تان پڪ ڪَيو،
    سڀني جو قرض ئي اٿم، مان ڪامريڊ آهيان.

    هونءَ ته هر قدم تي مون محنت ڪئي گهڻي،
    ليڪن نه پڙهائي ڪيم، مان ڪامريڊ آهيان.

    ”صغير“، ”سومري“ يا ڀل ”اياز“ کان پُڇو،
    ڏيندو هي پڪ ”هاشم“، مان ڪامريڊ آهيان.

    هر ڪو پنهنجي هوشياريءَ سان امتحان ڏيندو،
    پو نيٺ ڇا ٿيندو سندم، مان ڪامريڊ آهيان.
    ***


    چئن سالن جي ٿي وئي پُڄاڻي،

    چئن سالن جي ٿي وئي پُڄاڻي،
    دوستو هاڻ آ موڪلاڻي.

    دل مڃي ئي نٿي ڪيئن چوان،
    هاءِ! شايد نه ملبو سُڀاڻي.

    ياد رهندي عمر ڀر سدا،
    دوستي مون جو اهڙِي آ ماڻي.

    جنهن جو هڪ اهم ڪردار هو جو،
    سو نه سمجهي سگهيو ڇو ڪهاڻي؟

    روم هاسٽل ۽ ڪئمپس به ساڳيو،
    پنهنجو ڪجهه ڀي رهيو ناهي هاڻي.

    نانءُ ’بابر‘ جو وسري وڃئي ڀي،
    ياد رکجانءِ تون جاگيراڻي.
    ***


    جا به گذري آ تو ساڻ منهنجي گهڙي،

    جا به گذري آ تو ساڻ منهنجي گهڙي،
    تنهن ته ارپي ڇڏي هيءَ مون کي خوشي.

    مان وِساري ڇڏيندس سڄي عمر پر،
    چئن سالن جي وِسري نٿي زندگي.

    دوست ڀي دوست منهنجا نه بڻجي سگهيا،
    راس آئي نه مونکي ڪڏهين دوستي.

    روم چارئي بهارون رهيو هم نوا،
    هونءَ ته ظاهر ۾ هاسٽل جي آ ڪوٺڙي.

    توکي ڏسندي ئي دل کي ٿي راحت ملي،
    زندگي مون کي ارپي ڇڏي عاشقي.

    مون سان ناتو جي جوڙڻ ٿا چاهيو ته پو،
    يار ’بابر‘ جي پڙهجو پيا! شاعري.
    ***


    بــيـت

    سماج

    سماج

    ڇا پيو ٿئي؟ ڇا پيو ٿئي؟ اڙي او سماج!
    ڌاڙا، ڦُريون، چوريُون، وڌي وَيا وياج،
    اَڄ به ڏُکنِ ڏاج، مِلن ٿا مِسڪين کي.

    ***

    غربت منجهه غريب ڇو، روز ڪَٽي ٿو بُکَ،
    منجهه گذارو گُوندرين، ڏسي ويٺو ڏُکَ،
    ڇا هي سارا سُک، ڪجهه ماڻهن جي لاءِ هن؟

    ***
    ڇا جي لاءِ سماج ۾، وڌي وَيا قتل؟
    سنڌي هر اخبار اڄ، ٿي پئي آ مقتل،
    پوءِ به ڪا ڪَهل، اڳواڻن کي ڪِينَ آ!

    ***

    جيڏا! هن سماج ۾، هاڻِي ڪو ته اُٿي،
    هڙئي حق کسي، جيڪو غاصب کان وڙهي.

    ***


    جيڏا! هن سماج ۾، بُک بدحال ڪَيو،
    جنهن ڏي هٿ ڊگهيڙيا، معاف ڪرَ تنهن چيو،
    آهي روئي پيو، ڪاڏي بُک وڃي ڀلا؟

    ***

    جاٿي ڪاٿي خونَ ۽، جاٿي ڪاٿي رت،
    ناهي ڪا ساعت، جنهن ۾ سُکُ ڏٺو هجي.

    ***

    جاٿي ڪاٿي چوريون، جتي ڪٿي ڌاڙا،
    بُکُون بيماريون، وڌي ويا ڀاڙا،
    غريبن پاڙا، آهن اوندهه ۾ اڃا!

    ***


    اڄ به ڇو ڦُٽ پاٿ تي، لِيلايو فقير؟
    ان کي هر امير، گار ڏني خيرات ۾!

    ***

    ڪمائن گهر جا سڀئي، پوءِ به نه پُورائي!
    اڄڪلهه مهنگائي، ڪيڏي آهه وڌي وَئي!!

    ***

    اڄ به سهڻيءَ سنڌ ۾، مرن ٿيون ناريون،
    ڪي بيڏوهي ۽ ته ڪي، سڏجن ٿيون ڪاريون،
    اَڄ به سوڀاريون، سوچون زنگيل ذهن جون.

    ***

    بي گهر، گهر وٺي وَيا، بي گهر ڀُونءِ واسي،
    اَڄ به هِن آسي، گهر ڪارڻ هت گهر-ڌڻي!

    ***

    وارث پنهنجي ڀُونءِ جا، بڻيا هِن بي گهر،
    ان کان وڏو ڇا ٿئي، ديس ڌڻين سان قهر؟
    ايڏو پوءِ به صبر، سدا سنڌ سَٺو مِيان!

    ***

    سڀ کسيائون سنڌ کان، کسيائون پاڻي،
    ادا سڀاڻي، کسي ويندا ساهه ڀي!

    ***


    سَکي

    سَکي

    توسان گڏ گڏ او سکي! مان سڀ ڪجهه آهيان،
    هونءَ ته ڪجهه ناهيان، توکان دوُر رهي ڪري.

    ***

    ازل کان آهي سکي! پنهنجو پَوتر پيار،
    ٿي نه سگهيا آهيون ڪڏهن، پَل کن لئه ڀي ڌار،
    روح پنهنجو دلدار، هڪ ئي رهيو آ سدا.

    ***

    تو تان هي جند جان مان، پنهنجي ٿو گهوريان،
    تنهنجي حُڪم جي اڳيان، سِسِي ٿو سوريان،
    چَپَ ڪيئين چوريان، توکي سڀ اختيار آ.

    ***

    توکي سڀ اختيار آ، جيئن وڻئي تيئن ڪر،
    تنهنجي پيرين گهر، مون لئه جنت کان مٿي.

    ***




    تنهنجون سڀ مِٺيون مِٺي! ڪريان ڪيئن بيان؟
    ڏٺو خوب جهان، پياري! تنهنجي ڀاڪُرين.

    ***

    تنهنجي ملڻ سان سکي! سڀ سُري ويا سُورَ،
    لکي سگهندا ڪينڪي، مس، قلم مذڪُورَ،
    ايندڙ سارا تُورَ، توکي مون کي ڳائيندا.

    ***

    تنهنجي نيڻن ۾ مِٺي، وڌم جيئن نهار،
    منهنجو من قراريو، تنهن ويلي تنهن وار،
    هينئڙي منجهه هزار، رڙهي آيون راحتون.

    ***

    ڪينَ وساري مان ڪڏهن، سگهندس اُها رات،
    تون هُئين مونسان ڀاڪرين، ڀڻڪن ۾ هئي بات،
    تنهن دم هيءَ ڪائنات، مون کي ڏاڍي هُئي وڻي.

    ***

    ايترو تو هو سکي! مون کي جو چاهيو،
    انوکو سنسار ڪو، تو ئي هو ٺاهيو،
    ڪجهه به نه رهايو، چاهت جي تو رنگَ ۾.

    ***

    منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو، تنهنجي ٻانهن وَل،
    راحت مون محسوس ڪئي، جهومي پئي هُئي دل،
    هِينئين ۾ هر پل، ساڳي سَڌَ ٽِڪِي پَئي.

    ***

    اڃا ساڳي سَڌ آ، ڏي تون ساڳيا پيارَ!
    رهڻ پُڄي ڪين ٿو، توکان کن پل ڌارَ،
    ساڳيا سي ته قرارَ، ’بابر‘ جو مَن ٿو گهري.

    ***

    مونکي مٺي! سي وڻن، اڃا ساڳيا تر،
    توسان جي ’بابر‘ گڏجي گهميو هو ڪڏهن.

    ***

    ڪو نه وڻي ٿو تو سوا، هاڻي مون کي گهر،
    توسان ئي آباد هو، دل جو پريت پَڌر،
    هاڻي هي ’بابر‘، ڪِين وڻي ٿو پاڻ کي.

    ***



    تنهنجي ويجهو مون اچي، ماڻي آ جنت،
    ڪير چوي ٿو جڳ ۾، ناههِ رهي محبت،
    مون کي جا به نصيب ٿي، ساٿ سندس ساعت،
    تنهن جي ڪا قيمت، هن دنيا ۾ ڪين آ.

    ***

    مِٺيءَ ۾ توسان مٺي! ڏاڍي رات وڻي،
    ستارا به ڳڻي، ڪين سگهيا تنهن سِڪ کي.

    ***

    مٿان اُڀ ٽِمڪيو پئي، رات هُئي ڪاري،
    منهنجي ٻانهن ۾ هُئي، منهنجي ئي پياري،
    پهريون ڀيرو زندگي، ايئن مون گذاري،
    مون ته نه وِساري، توکان ڪيئن وِسري وَئي!

    ***

    سَکيَ او سَکي! وري، پنهنجو ڏئي وڃ چاهه،
    ارپي نئين ڪا زندگي، جيئڻ جي ڏي راهه،
    ’بابر‘ جي ته نگاهه، جنمن کان آهي بُکي.

    ***


    ڪُئسٽِ

    ڪُئسٽِ

    مون کي تو ته ڏنا ”مِٺي“! پيارا دوست گهڻا،
    سُندر ۽ سهڻا، اندر ۾ اُجرا سڀئي.

    ***

    خوشيون تو مون کي ڏنيون، دوست ڏنا دلدار،
    ڪڏهن ڪجراريون اکيون، جن ۾ ڪئين اِسرار،
    مون کي اڄ ڀي پيار، انهن سان آهي گهڻو.

    ***

    ڪڏهن اوجاڳا گهڻا، ڪڏهن نيڻن، مَنڌَ،
    ڪڏهن ”پُوائنٽ“ ۾ شهر، ڪڏهن پنڌ ئي پنڌ،
    نيٺ اهي سڀ رَند، رهجي ويندا ياد ۾.

    ***

    تو ئي آزادي ڏني، تو ئي زندگي،
    ملي توکان ”ورسٽي“! خوشي ئي خوشي،
    دوست مليا دلبر سڀئي، تن جي دوستي،
    ڪئي آ روشني، روڳي منهنجي روح ۾.

    ***


    تو ئي آهي ورسٽي! جِيوَن سنواريو،
    من ۾ تو ٻاريو، ڏِيئو منهنجي ڏات جو.

    ***

    پنهنجي جيءَ ۾ تو سدا، سڀ کي رهايو،
    تو وٽ فرق نه ڪو هُيو، پنهنجو پرايو،
    واهه جو نڀايو، اسان سان هر حال ۾.

    ***

    ڪئمپس تنهنجي زندگي، ڪيڏا عجب رنگ!
    سدا منهنجي سنگ، تنهنجا ڏينهن ۽ راتيون!

    ***

    رهندي منهنجي روح ۾، سدائين ”سي. ايل“،
    پڙهائيءَ سان گڏ هئا، دل وارن جا ميل،
    ڪامريڊن لئه جيل، هوندي هُئي هر وقت جا.

    ***




    رهندو مون کي ياد پڻ، سدا ”بي سيڪٽر“،
    توڙي جو لڳندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن چڪر،
    تون آن منجهه اندر، ڪنهنجي نيڻن جيئن اڃا.

    ***

    پيارو آهي تو جيان، تنهنجو ”اي سيڪٽر“،
    ڪئمپس ڇا ته سُندر، تنهنجي آنچل جيان لڳو!

    ***

    تنهنجي هر هاسٽل، رچيل آهي روح ۾،
    جن ۾ گذريا ڪيترا، ٽهڪن وارا پَل،
    جن کي منهنجي دل، ڪين وساري ٿي سگهي.

    ***

    وڻندڙ سڀئي ”هاسٽلون“، ليڪن ”بلاڪ ڊي“،
    جنهن ۾ خواب ڏٺا هُيم، ”ڪمرو ڏهون“ ٿي،
    جرڪي پيو ٿو جي، تنهنجي سارن سان اڃا.

    ***

    • ڪُئسٽِ: (QUEST) قائدعوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي.



    سدا رهندا ياد ۾، ڪامريڊن جا ڪم،
    ڪڏهن جهيڙا بي سبب، ڪڏهن چرس چلم،
    ڪيڏا بي رحم، رحم نه ڪيئون پاڻ تي.

    ***

    رهندي سارن ۾ سدا، يارن-گڏجاڻي،
    ڪيڏي انوکي هُئي، قربن ڪهاڻي،
    اکين ۾ پاڻي، کِلندي ايندو هو تري.

    ***

    کسجي ويندا اوچتو، مون کان ٽهڪ سڀئي،
    مون کي ڪل نه پئي، ڪئمپس ڪا سپنو هُئي!

    ***

    سڀ ڪجهه کسجان وقت تون، پر نه کسجان يار،
    جن سان اَٿم جوڙيو، انوکو سنسار،
    تنيهن سڄڻن سار، جُڙيل رهندي جيءَ سان.

    ***


    سنگت

    سنگت

    جڏهن هوندي ناهه گڏ، دل واري سنگت،
    تڏهن لڳندو آهي ايئن، ناهي ڪٿ محبت،
    سڄڻن جي صحبت، سنواري ٿي روح کي.

    ***

    سُکِي جِيوَن ٿي پَيو، گڏجي اَڄ توسان،
    خوش، خوش کِلندا آهيون، ٽهڪ ڏئي تون مان،
    توکي جي نه ڏسان، ويراني مون کي وڍي.

    ***

    يارن سان گهاريل سدا، رهندا يادن ڏينهن،
    جن سان ٿيندا ها ملي، ٽهڪن وارا مينهن،
    اهڙا جوڀن ڏينهن، سدا رهندا روح ۾.

    ***

    اهڙا دوست ڏنا خدا، پنهنجن کان ويجها،
    جن سان جڙي ويا اٿم، روحن جا رشتا،
    جنم، جنم رهندا، ’بابر‘ جي دل ۾ سدا.

    ***

    رهندا منهنجي روح ۾، دوست مِٺا هي سَڀُ،
    سُکي رکندن رَبُ، لڳندن ڪوسو واءُ نه ڪو.

    ***

    دوست ملي ويا ايترا، مونکي جو ناياب،
    ماکيءَ کان مٺڙا گهڻا، جهڙا گل گلاب.
    همدم هم رڪاب، سدا رهندا ساهه سين.

    ***

    وِساريان ڪيئين ڀلا، ”شفقت“ جي شفقت،
    جنهن جي خود کان ڀي گهڻي، مون سان آ محبت،
    ڄڻ ته ورسٽيءَ ۾ ملي، مون کي وئي جنت،
    سٻاجهي صحبت، مون کي ڀاڳن ۾ ملي.

    ***

    ورسٽيءَ جي واٽ تي، مِلي ويو ”آڪاس“،
    جنهن منهنجي ڏُک جي ڪئي، روشن، رات اُماس،
    ڇڏيئين ڪين اُداس، مون کي اڪيلو ڪڏهن.

    ***



    ڇا ته ڏنو تو ورسٽي!، دوست مِٺو ”اڪرام“،
    مِلي جنهن سان ٿو رَسي، اکين کي آرام،
    جنهن سان گڏ هر شام، گذاري مون مُرڪندي.

    ***

    ڇا ته ”مزمل“ ويو ملي، ملي وئي محفل،
    ڌڙڪيو سيني ۾ سدا، اڪثر بڻجي دل،
    ڏکَ سُکَ ۾ هر پَل، پاڇي جيان مونسان رهيو.

    ***

    ”حنيف“ ۽ ”محمود“ پڻ، رهيا مون پيارا،
    بڻيا سهارا، مشڪل هر ڪنهن وقت ۾.

    ***

    پاڻ ڪَيا گڏجي سَدا، ڪيڏا پنڌ ”نديم“!
    سڀني هنڌ ”نديم“! تنهنجي خوشبوءِ ٿي رهي.

    ***





    وِسري سگهندي ڪين ڪي، ”سُندر“ ساٿ سنگت،
    ڪيڏا ڏيندو ٽهڪ هو، ”باغي“ هر ساعت،
    هو هاسٽل جي ڇِتَ، چوڏهينءَ چانڊوڪي مٿان.

    ***

    توڙي ناهين ”عبد“ تون، اڄ هتڙي مون ساڻ،
    سارن جي سُرهاڻ، واسي پئي ٿي واهه جو!.

    ***


    سِپ پبليڪيشن جا ڇپايل ڪتاب

    1. ستارن جا رستا (شاعري) رضا ڏاهري
    2. سپنا ساڳيءَ مُند جا (نواب شاهه جي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام)
    3. سپنو سنڌو ديس جو (شاعري) بخشل باغي
    4. مٽيءَ جي خوشبو (شاعري) بخشل باغي
    5. رنگ پنهنجي پيار جا (شاعري) ستار سُندر
    6. ڪليسا جي دريءَ مان (شاعري) رحمت پيرزادو
    7. درد جون آيتون (شاعري) سعيد ميمڻ
    8. ڪينڊل لائٽ (شاعري) رحمت پيرزادو
    9. نيٺ ته بادل برسندا (شاعري) بادل لرا
    10. ڪايا منجهه ڪڙن (جيل ڊائري) علي محمد شاهه لڪياري
    11. ڪئمپس ڪَجرارِيون (شاعري) بابر جاگيراڻي


    بابر جاگيراڻي

    بابر جاگيراڻي قائدعوام يونيورسٽي جي هاسٽل، ڊي بلاڪ جي روم نمبر ڏهين ۾ چار سال گُذاريندڙ منهنجو اُهو دوست آهي، جنهن پنهنجي نصابي پڙهائي (ڪميپوٽر سسٽم انجنيئرنگ) واري دؤر ۾ به زندگيءَ جي مُستقبل جا خواب، شاعريءَ جي ريشمي زلفن ۾ ڏٺا آهن. هُو هڪ شاعري جو اهڙو راڻو آهي، جنهن پنهنجي تصوراتي، مومل جا عڪس ڪويتا جي ڪاڪ ۾ اُجاگر ڪيا آهن. جن کي هُو پنهنجو رنگ ۽ خوشبو ڏيڻ لاءِ اڃان سفر ۾ آهي. انهن عڪس جي رنگن ۾ ڪئمپس جي ڪجرارين اکين کان وٺي هاسٽل ڏانهن ويندڙ خالي رستي جي اُداسي تائين، جيڪي به احساس آهن سي پنهنجي اڌورائپ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بيقرار آهن جن کي بابر پنهنجي خيالن جي اُڻت سان مڪمل ڪرڻ جي عمل دوران شعر چوڻ جو هڪ اهڙو ڏانءُ پاتو آهي، جهڙو ڏانءُ هڪ شاعر وٽ هُجڻ اهم ۽ لازمي هوندو آهي. ابر جاگيراڻي جو هي شعري مجموعو ”ڪئمپس ڪجراريون“ (جيڪو پنهنجي عنوان ۾ ئي ڏاڍو جديد ۽ نڪور آهي) پاڻ ڏانهن ڀرپور انداز سان ڌيان ڇڪرائي ٿو. مان سمجهان ٿو ته يونيورسٽي جي ادبي تاريخ ۾ هي ڪتاب هڪ اهڙو اضافو آهي، جيڪو سدائين امرتا جي رنگن سان نروار نظر ايندو.

    ستار سُندر
    نواب شاهه، سنڌ
    20-11-2009


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515414
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ