ڪتاب جو نالو: اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو
مصنف: سيد محمد خاتمي / مومن علي شاهه
ڇپائيندڙ: مهراڻ پبلشرس، ڪراچي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 04 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 713 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 231 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو “ ايران جي اڳوڻي صدر سيد محمد خاتمي جي تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار انجنيئر مومن علي شاهه آهي.
سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو.
هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • پيش لفظ
  • باب پهريون: تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اسلامي دنيا
  • باب ٻيو: اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه
  • باب ٽيون: اسلامي دنيا ۽ جديد مسئلا
  • باب چوٿون: گفتگو ۽ نئين صدي
  • باب پنجون: تعقل پسندي ۽ مذهب
  • باب ڇهون: اڄ جي دُنيا ۾ مذهبي عقيدا
  • باب ستون: خوف ۽ اميدون
  • باب اٺون: اطلاعن جي دنيا جي باري ۾ مشاهدا
  • باب نائون: روايت، جديديت ۽ ارتقاء
  • باب ڏهون: آزادي ۽ ترقي
  • باب يارهون: اسان جو انقلاب ۽ اسلام جو مستقبل

  • اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

    اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو

    (Islam Dialogue and Civil Society)


    سيد محمد خاتمي
    (سابق صدر جمهوريه ايران(

    سنڌيڪار
    انجنيئر مومن علي شاهه


    ڇپائيندڙ
    مهراڻ پبلشرس، ڪراچي


    ڊجيٽل ايڊيشن:

    سنڌ سلامت ڪتاب گهر

    ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ


    ڪتاب جو نالو: اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو
    ليکڪ: سيد محمد خاتمي
    سنڌيڪار: انجنيئر مومن علي شاهه
    ڪمپوزنگ: علي گل سوهو
    لي آئوٽ: امتياز علي انصاري
    پهريون ڇاپو: 2010ع
    ڇپائيندڙ : مهراڻ پبلشرس، ڪراچي
    ڇپيندڙ: ذڪي پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي

    قيمت : 150/= رپيا


    انتساب

    هي ڪتاب مان پنهنجي گهرواري
    محترمه غزاله بيگم ۽ نياڻين ماه نور بيبي
    ۽ خوش بخت بيبي ڏانهن منسوب ڪيان ٿو جن منهنجي هر لحاظ کان هن ڪم ۾ مدد ڪئي.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (244) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اسلام، ڊائلاگ ۽ مهذب معاشرو “ ايران جي اڳوڻي صدر سيد محمد خاتمي جي تقريرن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار انجنيئر مومن علي شاهه آهي.
    سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو.
    هي ڪتاب 2010ع ۾ مهراڻ پبلشرز، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    هي ڪتاب جمهوريه ايران جي سابق صدر سيد محمد خاتميءَ جي تقريرن تي مبني آهي، جيڪي هن مختلف موقعن تي ڪيون. ڪتاب جو اصل نالو اسلام، ڊائلاگ ۽ سول سوسائٽي (Islam، Dialogue and Civil Society) آهي. سيد خاتمي صاحب هڪ معتدل قسم جو عالم، مدبر، مفڪر آهي، جنهن ايران جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري، ان کي اڄ جي دنيا ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو. خاتمي صاحب ۽ مسلمانن جي حالت، جيڪا هر اسلامي ملڪ ۾ ڪا چڱي نه آهي، اها ايران ۾ به انقلاب کان اڳ اهڙي ئي قسم جي هئي. شهنشاه ايران جي مطلق المنان حڪومت جنهن ساوڪ (SAVAK) جهڙي خفيه ايجنسي جي مدد سان ايراني عوام جي مٿان ظلم ڪيا، ان جي نتيجي ۾ 1919ع ۾ اتي اسلامي انقلاب آيو، جنهن کي اڳتي ٻين مسلمان ملڪن ۾ پهچڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، جنهن ۾ پنهنجا ۽ پراوا سڀ شامل هئا.
    اهڙي انقلاب جي ضرورت کي وڏي شدت سان پاڪستان ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي، پر افسوس جو هتي هن ملڪ جي عوام ۾ اهڙي قسم جي ٻڌي نه آهي جهڙي قسم جي ايران ۾ آهي، جتي فقط هڪ قوم آهي. بينظير صاحبه جي شهادت کان پوءِ ۽ جسٽس افتخار چوڌري کي نوڪري مان ڪڍڻ کانپوءِ يعني 27 ڊسمبر 2006ع کانپوءِ پاڪستان ۾ انقلاب لاءِ حالتون بلڪل سازگار هيون. اسٽيج تيار هئي پر ليڊرڪونه هئا. اهو هن ملڪ جو وڏو الميو آهي جيڪو ان کي ترقيءَ جي راه تي گامزن ٿيڻ نه ڏيندو.
    پاڪستان جي اندر وري جهڙيون حالتون سنڌ صوبي ۾ آهن، اهڙيون خراب حالتون اتي ان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪونه ٿيون. سنڌ اسيمبلي ۽ حڪومت تي ايم ڪيو ايم جو قبضو، باقي بچيل سنڌ تي پيرن، ميرن، سيدن ۽ وڏيرن جو قبضو؛ انهن جي ان قبضي کي اسين سٺو به چئي ٿي سگهياسين جيڪڏهن انهن گڏجي ڪري هڪ معاشي، سماجي ۽ سياسي ترقيءَ لاءِ اتحاد جوڙيو هجي ها ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ حالتن کي سنڀالڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا هجن ها. پر ائين نه آهي؛ سنڌ هينئر غربت، غصي، بي راه روي ۽ لاوارثيءَ جي چڪيءَ هيٺ پيسجي رهي آهي ۽ پنهنجي ليڊر ۽ پنهنجي باضمير عوام جي جدوجهد جو انتظار ڪري رهي آهي.
    هن ڪتاب ۾ ٻارنهن باب آهن جيڪي مختلف عنوانن تي مشتمل آهن. هرهڪ جو مقصد مسلمانن جي اندروني حالت، مغربي دُنيا جو مسلمانن ڏانهن رويو، مسلمانن جي ترقي لاءِ ٻڌايل ضروري ڳالهيون ۽ نسخا، انهن جي رستي ۾ رڪاوٽن جي موجودگي ۽ مذهب جي صحيح سمجهه رکڻ ڏانهن ضروري مواد موجود آهي. ان کان سواءِ موجود دور جي گهرجن کي سمجهڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي؛ خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي کي، جنهن کان بغير اڳتي وڌڻ هن دور ۾ ناممڪن آهي. خاتمي صاحب مغربي ۽ مسلم تمدن جي درميان ڳالهه ٻولهه کي به اهميت ڏني آهي ۽ ان کان لاتعلق رهڻ کان به منع نه ڪئي آهي. خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي کي، جنهن کان بغير اڳتي وڌڻ هن دور ۾ ناممڪن آهي. ان جي لاءِ اهو چيائين ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اسان مسلمان پنهنجي تمدن کي وساري ويٺا آهيون، پر اسان کي گهرجي ته مغربي تهذيب جي ڪارآمد ڳالهين کي اپنايون ۽ نقصانده شين کا پري ٿيون.
    ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته مسلمانن جي سائنس، مغرب کي نئون روپ بخشيو ۽ ان کي نه رڳو توهم پرستي کان ٻاهر آندو پر ان کي مسلسل ترقيءَ جي راه تي آڻي ڇڏيائين. اڄ ان جي پوري دُنيا جي مٿان بالادستي آهي. هن جو گورننس (Governonce) قانون جي حڪمراني (Law enforcement) سماجي انصاف (Social Justice) معاشي نظام (Economic System) تعليمي نظام، بئنڪنگ، مواصلات ۽ دفاع مثالي ٿي ويا آهن. تحقيق ۽ سوچ، جيڪي مسلمانن جون مکيه خاصيتون هيون، اهي انهن وٽ پهچي ويون آهن. هن وقت مغربي تمدن مسلمانن کي سهپ (Tolerance) سيکاري رهيو آهي جيڪا انهن خود مسلمانن کان سکي ۽ جديد تلوار (Atomic Weapons) کان هنن کي پاسيرو رکي رهيا آهن. ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جنهن وقت مسلمانن هوش سنڀاليو اهي انهن جي سامهون يقيناً هيڻا ٿيندا. ڀلي فلسطين هجي، ڪشمير هجي، عراق هجي يا افغانستان، مسلمان ڪنهن به طرح خاموش ٿي ويهي نٿا سگهن. اوهان سيموئيل هينٽنگٽن(Samuel Huntington) جو ڪتاب تهذيبن جو ٽڪراءُ (Clash of civilizations) پڙهو، ان ۾ هن صاحب مغرب ۽ آمريڪا جي دُنيا مٿان بالادستي قائم رکڻ لاءِ هڪ بهترين قسم جو تجربو ڪندي، پنهنجن آقائن کي خاص مشورا ڏنا آهن. انهيءَ ڪتاب ۾ سڀني تهذيبن (Civilizations) جي مافيءَ جو مطالعو به ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي هيٺاهين مٿاهين تي تبصرو ڪندي اهو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، مستقبل ۾ انهن جو حال ڇا هوندو. خاص طور تي ان ۾ مسلم تهذيب جي غلبي ڏانهن اشارو ڪندي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مشورو ڏنو آهي. ان ڪتاب جي پڙهڻ سان اها خبر پوي ٿي ته انهن، يعني مغربي دانشورن جي نگاه ڪهڙي ريت مسلمانن جي مستقبل مٿان آهي. اهي پنهنجو مدمقابل مسلمانن کي ئي سمجهن ٿا، توڙي کڻي آمريڪا جي سابق صدر رچرڊ نڪسن (Richard Nixon) جي مطابق ته مسلمان هڪ طوفان وانگر اٿيا، پوري دُنيا کي انهن سائنس جا بنياد مهيا ڪيا ء هينئر هي وڏي ننڊ ۾ ستل آهن. ان پنهنجي ڪتاب موقعي جو فائدو ورتو (Sieze the moment). آمريڪي عوام کي اهو مشورو ڏنو آهي ته اهي هروڀرو مسلمانن کان ڊڄي رهيا آهن، اهو ڀل ڪيترا به ملڪ ڇو نه هجن پر انهن ۾ اڀار اچڻ هينئر تمام ڏکي ۽ پري جي ڳالهه آهي. انڪري هو صاحب فرمائي ٿو ته اوهان مسلمانن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيو. هينئر انهن جو وري جاڳڻ محال آهي.
    محترم بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي ڪتاب سرچاء (Reconciliation) ۾ مغرب ۽ مسلمانن جي وچ ۾ غلط فهمين کي دور ڪرڻ لاءِ ۽ جمهوريت رستي مسلم معاشري کي طاقتور بنائي مغرب وارن سان سرچاء جي هڪ فارمولو پيش ڪيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ان ۾ پاڪستان بهترين رول ادا ڪري سگهي ٿو، اهو به تڏهن جڏهن ان جو حڪمران سنڌي هجي. ڇو ته هن خطي ۾ پئدائشي ليڊر فقط سنڌي آهن، جيڪي هن خطي ۾ موجود خالن کي سمجهن ٿا ۽ انهن جي ڀرڻ خاطر انهن وٽ رستا به آهن. پر افسوس جي ڳالهه هي آهي ته انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ موقعو نه ٿو ملي. انهن کي ۽ انهن جي معاشري کي دٻائي رکڻ ۾ نام نهار حڪمران پنهنجي ڀلائي سمجهن ٿا.
    پاڪستان جي ڪمزوريءَ جو وڏو سبب ليڊرشپ جو نه هئڻ آهي. ڇو ته ان جي ڪري مرڪزيت وارو ڪردار گم رهي ٿو. توهان ٿوري دير لاءِ سوچو ته جيڪڏهن اڄ وري ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو پئدا ٿئي، ته ملڪ ۽ سنڌ صوبو ڪٿي وڃي پهچندا. ملڪن ۾ خوشحالي هميشه ان جي استحڪام تي دارومدار رکي ٿي. اسان وٽ استحڪام پئدا ٿيڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ان جا گهڻا سبب آهن، پر مکيه مان انهن سان ليڊر جي نه هجڻ وارو آهي. ڪنفيوشس (Confucious) کان ڪنهن سوال ڪيو ته ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي ڪهڙي ڳالهه تي مدار رکن ٿيون؟ هن جواب ڏنو ته ٽن شين تي؛ هڪ ليڊر ۾ ڀروسو، ٻيو کاڌي ۽ خوراڪ جي فراواني ۽ ٽيون هٿيارن جو ڪافي تعداد ۾ هئڻ. پوءِ ٻيو سوال ان کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن انهن ٽنهي مان ڪهڙي شيءَ نه هجي جو وري به ملڪ ترقي ڪري ۽ خوشحال هجي چيائين ته ڀل هٿيارن جو ڪافي حصو نه هجي پر ٻيون ٻه شيون لازمي آهن ان کانپوءِ هن کان ٽيون سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن ٻن شين مان ڪهڙي شي جيڪڏهن نه هجي جو وري به ملڪ خوشحال هجي ان تي چيائين ته ڀلي کاڌي جو گهڻو حصو نه هجي پرواه نه آهي، پر ليڊر تي ڀروسو ضروري آهي. پر اهائي شي نه اسان وٽ سنڌ ۾ آهي ۽ نه پاڪستان ۾؛ نتيجو هر هڪ جي سامهون نه آهي.
    خاتمي صاحب جو مسلمانن کي اهو مشورو آهي ته پنهنجي اصلاح ڪريو، مغرب جي سازشن کان بچو ۽ اڄ جي تقاضائن کي سمجهي انهن کي منهن ڏيڻ سکو. پنهنجي گذريل ورثي کان سبق پرايو ۽ مغربي تهذيب جون جيڪي بهترين شيون آهن، انهن کي اپنايو. ان جي برين شين کان پرهيز ڪريو. پنهنجي طاقت کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسلام جي ٻڌايل رستي تي هلو. عبادت ڪريو، پرهيزگار ٿيو، اوهانجو اخلاق بلند هئڻ کپن ۽ هڪ ٻئي جي مدد کي ڪڏهن به نه وساريو. اهي ڳالهيون سنڌ ۾ ناپيد ته نه آهن، پر تمام گهٽجي ويون آهن ۽ هرهڪ شي سڀاڻي جي فڪر ۾ دٻجي رهي آهي. انسان نه رڳو پنهنجو پاڻ کي وساري ويٺو آهي پر هو خدا کان به پري ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي قسمت پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڪري، تباهي ڏانهن گامزن آهي. سنڌ ۾ شعور رکڻ وارن فردن کي اڳيان اچي، سماجي تنظيمون جوڙي، بعد ۾ سياست ۾ حصو وٺي حالتون ٺيڪ ڪرڻ گهرجن. هي جيڪي به سنڌ ۾ سياسي خاندان آهن، سواءِ ڀُٽي خاندان جي، انهن ڪو خاص طور تي سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ ڏيئو نه ٻاريو آهي. سنڌ ۾ ٿوڪ جي حساب سان ترقيءَ جي ضرورت آهي ۽ نه ريزڪي بنيادن تي. جيڪڏهن اهڙي ڪابه تنظيم۽ اهڙا سمجهدار سياستدان اڳيان نه آيا ته اسان سڄي سنڌ مان ائين ڪڍيا وينداسين جيئن سنڌي قوم نه رڳو ڪراچي کان ڀاڄ کائي چڪي آهي پر اتي جي سنڌ دشمن تنظيم اڳيان گوڏا کوڙي هٿ ٻڌي بيٺي آهي. اسان کي هينئر پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ هي ڪتاب بهترين ڪتاب آهي.

    مومن علي شاه
    خانپور ضلعو شڪارپور
    سنڌ


    پيش لفظ

    اسلامي جمهوريه ايران جو صدر سيد محمد خاتمي هڪ قابل احترام ۽ نه وسارڻ جوڳو اڳواڻ ۽ هڪ وڏو محقق ۽ ڏاهو آهي، جنهن جي فلسفياڻن خيالن کي سڄي دنيا، غير معمولي عزت ۽ احترام جي نظرسان ڏسي ٿي. سندس ڪتاب -اسلام، گفتگو ۽ متمدن معاشرو، (اسلام، ڳالهه ٻولهه ۽ مهذب معاشرو) اهڙي وقت شايع ڪيو پيو وڃي جڏهن، قديم، عقلمند ۽ صلح پسند تهذيبون هڪ ٻئي کي شڪ شبهي جي نگاه سان ڏسي رهيون آهن، جنهن جي ڪري بنياد پرستين کي مٿي اڀرڻ جو موقعو ملي ويو آهي. متمدن ۽ تهذيب يافته معاشرو، لاڳيتي ڳالهه ٻولهه ۽ عالماڻن مذاڪرن جي ذريعي، ان قسم جي مسئلن جو ڄمي مقابلو ڪري سگهن ٿا. اسان ان حقيقت کان چڱي نموني واقف آهيون ته ايراني تهذيب ۽ تمدن اسان جي تاريخ، تهذيب ۽ اسان جي ٻوليءَ تي گهرو اثر وڌو آهي. فردوسيءَ جي شاعري، سلجوقي دور جون عمارتون، تيمور جون نقاشون ۽ اصفحان جون مسجدون درحقيقت اسان ۽ ايراني عوام جي گڏيل ميراث آهن. يونيسڪو (UNESCO) اجلاس ۾ “نيا هزاره اور گفتگو” جي موضوع تي مانواري خاتمي صاحب جو خطاب فڪرانگيز رهيو آهي. پاڻ فرمائين ٿا:
    “تهذيبن ۽ تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” جو محاورو اهڙين صفتن جو حامل آهي جيڪي ظاهر ۾ هڪ ٻئي کان مختلف بلڪه متضاد هونديون آهن. ڳالهه ٻولهه هڪ طرف ته انسان جي تهذيبن ۽ تمدن جي تاريخ جهڙي قدامت جي حامل آهي، پر ٻئي طرف جديديت ۽ تازگي به پاڻ سان گڏ کنيو هلي ٿي. ان اختلاف کي سلجهائڻ ايڏو مشڪل ڪم ڪونهي. انهيءَ شرط تي ته اسان ڳالهه ٻولهه جي ظاهري ۽ حقيقي معنيٰ ۽ مطلب مراد وٺون، جيڪو ڳالهه ٻولهه جي گهڻي عرصي کان تاريخ جي مطابق به هوندو. بهرحال تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي محققاڻي بيان کي هڪڙو وسيلو مڃيندي، تهذيب، تمدن ۽ انسان جي اهڙي وصف بيان ڪرڻي پوندي، جو اها ڳالهه ٻولهه جو روح ۽ ان جي حقيقي جوهر کان نه ٽڪرائي. ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي انساني وجود جي اجتماعي پهلؤ جي طرف خاص توجهه انساني تمدن جي وسعت ۽ عظمت ۽ ان ڳالهه تي خاص زور ڏيڻو پوندو ته دنيا جي ڪابه اهم ۽ عظيم تهذيب اڪيلائي ۽ گوشائتي دنيا ۾ پروان نه چڙهي آهي. ٻئي عبارت ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته عالمي تهذيبن ۽ تمدنن جي انهن پهلوئن کي بقاء ۽ ترقي حاصل ٿي آهي، جن ۾ ترسيل ۽ ابلاغ جي توانائي ۽ صلاحيت اعليٰ درجي تي موجود هئي. ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ ان صلاحيت جا اهم جزا رهيا آهن. سڀني تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي طريقي تي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. ٻڌڻ هڪ صفت آهي جيڪا هر ماڻهوءَ ۾ آسانيءَ سان موجود نه هوندي آهي، بلڪه اها صفت پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڪم جي لاءِ اهڙي مسلسل تربيتي ڪورس جي ضرورت هوندي آهي جنهن جي ذريعي انسان جي اخلاقي، ذهني ۽ عملي صلاحيتن کي وڌائي سگهجي. ٻڌڻ هڪ مجهول ۽ بيڪار عمل نه آهي، بلڪ اهو مسلسل عملي سرگرمي جو نالو آهي، جنهن ۾ خطاب ڪندڙ ٻڌندڙ جي خدمت ۾ پنهنجي تخليقي اڪتشافي، آزمودي ۽ تجزياتي دنيا جو هڪ منظر پيش ڪري ٿو. ائين عملي ۽ سرگرم سماعت کان سواءِ ڳالهه ٻولهه جو اصل مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو.”
    اطلاعاتي ۽ علمي انقلابن جي مدد سان، موجوده دور کي مڪمل ۽ صحيح طور تي سمجهي سگهجي ٿو. “ان مرحلي مان گذرڻ کان پوءِ “تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” جي مڪمل ۽ حقيقي مفهوم تائين وڏي آسانيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. پر ان مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف پر اهم نڪتن جي طرف خاص توجهه ڏيڻ لازمي هوندو. ان ۾ هڪڙي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ وڏي سياستدان ۽ هڪ ماهر فنڪار جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمجهه آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه اخلاقي علم ۽ سياسي علم جي وچ ۾ رابطي ۽ تعلق جو علم هئڻ به ضروري آهي. ان کان پوءِ سياسي ماهرن ۽ مشهور فنڪارن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نوعيت کي ڄاڻڻ ضروري آهي. ٻنهي جماعتن جي وچ ۾ اختلاف جو وجود هڪ فطري ڳالهه آهي. ڇو ته ٻنهي جو انساني ڪوشش جي مختلف شعبن سان تعلق هوندو آهي. پر ڏسڻو اهو آهي ته انهن ٻنهي کي ڪهڙي شيءَ ويجهو آڻي سگهي ٿي ۽ ڪهڙن پهلوئن کان انهن ٻنهي ۾ ڀيٽ ۽ موازنو ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان سياست جي سادي ۽ جامع وصف کي نظرانداز ڪندي، سياسي لاڳاپن جي شبعي ۾ ڪجهه عمدن سفارتي طريقن جو استعمال ڪريون ته اهو بذات خود هنر چئبو آهي ۽ ان طرح اسان هڪ ماهر فنڪار ۽ سياستدان جي وچ ۾ وڌيڪ گهرن لاڳاپن جي سمجهه وڏي آسانيءَ سان ڪري سگهون ٿا، ته هڪ فنڪار ۾ اها صلاحيت اندر موجود آهي ته هو “موجوده دؤر” ۾ زندگي گذاريندي ان حاضر کي “ابديت” ۾ به تبديل ڪري سگهي ٿو. ان ابديت جي تخليق ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت جي تصور سان فنڪار پنهنجي فن پاري جي تخليق جو ڪم انجام ڏئي ٿو؟ موجوده جماعت جي رڪن جي حيثيت سان، موجوده زماني ۾ ان تخليق کي ڏسي ڪري اسان خوش ٿي وڃون ٿا. انهيءَ صفت کي فنڪار جي جادوئي صفت جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي ۽ فقط عظيم فنڪارئي انهيءَ مرتبي کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙي ريت هڪڙي فن پاري جي تاريخي تقدير، ابديت ۽ دائمي رنگ ۾ رنگي ويندي آهي ۽ اسان ان حقيقت کان چڱي نموني واقف آهيون ته قومن جي تاريخي تقدير، عظيم سياست جي ماهرن جي وسيلي ئي خاص موقعن تي ئي لکي ويندي آهي.”
    هندوستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا صديون پراڻا آهن. اسان ٻئي وڏي آسانيءَ سان “قومن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه “جي ذريعي جهالت جي ڪلهن تي سوار، دهشت گرديءَ جي وڌندڙ ظلمن جي روڪٿام ڪري سگهون ٿا. صدر محمد خاتميءَ جو هيءُ ڪتاب سندس فڪري هلت چلت، عقل ۽ فهم ۽ سندس شعور ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۾ گهڻو مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿيندو.

    اِندرڪمار گجرال
    ۱۸ جنوري ۲۰۰۳ع.


    باب پهريون: تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ اسلامي دنيا

    2001ع جنهن کي دنيا “تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو سال”قرار ڏنو آهي، يقيناً تمام گهڻو اهم ۽ ذڪر جي قابل پيغامن تي مبني آهي. شايد دنيا ۾ ڪجهه چند ئي اهڙا موضوع هوندا آهن، جن کي عالمي مقبوليت حاصل ٿي هجي، بهرحال ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر لاءِ ان جو خلاصو هيٺ ڏجي ٿو.
    1. ان تجويز جي جلد ئي تائيد ان ڳالهه طرف اشارو آهي ته انسانيت کي ڳالهه ٻولهه ۽ سمجهه ۽ فڪر جي بي حد ضرورت آهي.
    2. اهو تصور، ان جو خاڪو ۽ ان جي منظوري، ان وقت عمل ۾ آئي، جڏهن هڪ صدي جو خاتمو ٿي رهيو هو. اهڙي صدي جيڪا جنگ، افراتفري، غضب، امتيازي سلوڪ، دهشت ۽ خوف سان ڀريل هئي. خوش قسمتي سان ان طرح جي مونجهارن ۽ جنگين ۾ اسلامي دنيا جو ڪو به ڪردار ناهي رهيو، بلڪ گهڻن ئي موقعن تي اسلامي دُنيا پاڻ به جنگ ۽ جارحيت جو شڪار ٿي آهي. موجوده دور صورتحال جي مقابلي ۾ ٻئي مهاڀاري لڙايون اولهه ۾ اولهه وارن ئي وڙهيون آهن. سڄي دنيا ۾ حقن جي ڀڃڪڙيون به اسلامي دنيا کان ٻاهرين دنيا جي وچ ۾ ٿيون آهن. ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊن ۾ انساني حقن کي لتاڙيو ويو ۽ فلسطيني عوام کي خاص طرح وحشياڻن ظلمن جو شڪار بڻايو ويو. اها عدم مساوات ۽ اڻ برابري انهن غير مسلم ملڪن تي مسلط ڪئي وئي، جيڪي صنعتي ۽ ترقي يافته ملڪن جي فهرست ۾ شامل نه هئا. بهرحال انهن سڀني حالتن سان گڏوگڏ خونريزي، قتل و غارتگري ۽ شدت پسندي، ڦرمار سان ڀريل هن صدي جي پڄاڻي ۽ نئين صدي جي آغاز جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ۽ غور و فڪر جي پاڇي ۾ دنيا جي انسانن لاءِ هڪ روشني ۽ بهتر مستقبل جي وڪالت ڪئي پئي وڃي.
    3. ان ۾ اهم ترين ڳالهه اها آهي ته جنهن تصور کي سڄي دنيا قبول ڪيو، ان جو خاڪو مسلمانن ئي ٺاهيو هو. اهو گذريل صدي جي آخري پنجاه سالن جي دوران مسلمان قومن ۽ اسلامي دنيا جي خود اعتمادي، اعتقادي ۽ خود انحصاري جو هڪ ٻيو ثبوت آهي. تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جو تجويز ڪيل محرڪ به خود هڪ قديم ۽ اهم تهذيب ۽ تمدن جو وارث آهي. اهو ان کان چڱيءَ طرح واقف آهي ته انسانن جي لاڳاپن جو انحصار طاقت ۽ زورآوري تي نه آهي، بلڪ عقل پسندي ۽ ڳالهه ٻولهه تي ئي مبني آهي. تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه جهڙي اهم موضوئن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وارو عقل پسندي کي اهميت ڏئي ٿو ۽ پنهنجي زندگي عقل پسندي جي بنياد تي پڻ بسر ڪري ٿو، جيڪو اصل ۾ عقل ۽ فهم جو بنياد به آهي. اسان عقل پسندي ۽ ڳالهه ٻولهه تي ئي يقين رکون ٿا ۽ مذهب ۽ تاريخ به اسان کي اهوئي سبق سيکاريو آهي. اهي مسلمان ئي ته هئا جن اولهه وارن کي تاريخ، فلسفو ۽ مدنيت ۽ شهريت کان واقف ڪيو. يوناني سائنس، فلسفي ۽ عقليت جو يورپ جي قومن ۾ منتقل ٿيڻ، مسلمانن سان انهن جي ملاقات ۽ انهن سان لاڳاپن جي ڪري ٿيو. يورپ وارن تحمل ۽ برداشت جو سبق اسان کان سکيو، پر اها ڪيڏي نه مزحڪهخيز ۽ طنز آميز ڳالهه آهي ته اڄ اهي اخلاقي تعليم ۾ تحمل ۽ برداشت جو سبق اسان کي ڏئي رهيا آهن. اولهه، جو عظيم اسلامي تمدن جو مرحون منت آهي. اسلامي دنيا اڄ به هڪ عظيم تمدن جي وارث آهي پر يقيناً اها حقيقت به ڍڪيل نه آهي ته اسان جي تمدن ۽ اسان جي موجوده حالت ۾ وڏو فاصلو پيدا ٿي ويو آهي.
    4. تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه جو مطلب ئي اهو آهي ته قومن ۽ ملڪن ۾ مساوات ۽ برابري هجي. ٻين لفظن ۾ ڪوبه شخص ٻئي شخص سان تڏهن ئي ڳالهه ٻولهه ۽گفتگو ڪندو آهي، جڏهن ان کي قابل احترام سمجهندو آهي ۽ ان کي پنهنجي برابر سمجهندو آهي. سامراجيت ۽ نئي آبادياتي نظام جي وسيلي، جيڪو گذريل ٻن ٽن صدين کان دنيا جي ڪجهه حصن تي حڪمران هو، عوام ۽ قومن کي پهرين ۽ ٻئي درجي وارن شهرين ۾ ورهايو ويو. يعني ڪجهه قومن کي جبلي طور تي حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل هو ۽ ڪجهه ٻين قومن کي حڪمران طبقي جي پيروي بحرحال ڪرڻي هئي. جنگ جي شروعات اتان کان ئي ٿئي ٿي، جڏهن هڪ ڌر طاقت جي ذريعي فقط پنهنجي لاءِ گهڻن حقن جو تعين ڪري ٿي ۽ هر حال ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، چاهي ان کي جنگ ڇو نه ڪرڻي پوي. ان طرح جي جنگ نا انصافي ۽ امتيازي سلوڪ جو نتيجو ٿئي ٿي، پر جڏهن “تهذيبن جي درميان ڳالهه ٻولهه” جي تجويز اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اها منظور به ٿي وڃي ٿي ته ان جو صاف مطلب اهو آهي ته قومن جي وچ ۾ مساوات ۽ برابري جي تجويز، جيڪا پڻ قومن جي پسنديده تجويز آهي، اها تسليم ڪرڻ خود انسانيت جي تمام وڏي ڪاميابي آهي.
    5. هاڻوڪي دور ۾ اسان مسلمان پنهنجي ڪيترن ئي مشترڪ عنصرن کي سامهون، رکندي ان ڳالهه جي خلوص سان ڪوشش ڪريو ته اسان جا پاڻ ۾ اختلاف گهٽ کان گهٽ ٿين. ڇو ته اسان جا ذڪر لائق هاڻوڪا اختلاف ان مذهبي علم اصول ثقافت ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان تعلق رکن ٿا، جن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ٻيون مشڪلاتون ۽ تڪليفون انهن ماڻهن جون پيدا ڪيل آهن، جيڪي اسلامي دنيا کي متحد ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ جيڪڏهن انهن مصيبتن کي پيدا نه به ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ هاڻوڪن اختلافن کي هوا ڏيڻ ۾ اهي بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
    بس اختلافن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جيئن ڪجهه اختلاف، استشنائي ۽ فڪري نوعيت جا حامل آهن، ڇو ته ماڻهو پنهنجي فطرت جي اعتبار کان مختلف طرح جا ٿين ٿا. اسان سڀ هڪ طرح جو نٿا سوچيون ۽ اسان جي تعبيرن ۽ تشريحن ۾ پڻ اختلاف موجود آهي، تنهن ڪري متعدد ۽ گوناگون هڪ جهڙاين جي روشني ۾ اسان پنهنجي اختلافن کي گهٽ ڪري، پنهنجي ترقي ۽ ڪمال جي طرف وڌي سگهو ٿا. فڪرن ۾ هڪجهڙائي ٽڪراءُ پيدا نٿي ڪري، ڇو ته ٻن طرحن سان سوچڻ نه رڳو ٽڪراءُ يا ڪنهن مسئلي جي ايجاد نه آهي پر فڪرن ۽ خيالن جي وچ ۾ اختلاف ۽ ٽڪراءُ فڪري ارتقاءِ ڪمال جو سبب ٿئي ٿي. واضح رهي ته فڪر ۽ سوچ جي ٻن حصن ۾ ورهاست اختلاف ۽ عداوت ۽ جارحيت ۽ جنگ کي جنم نٿي ڏي، بلڪ ڪمال جي منزل تائين رسائي حاصل ڪرڻ جو وسيلو ٿئي ٿي ۽ ان ڪمال جي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي اتحاد جي بنياد جي طرف موٽڻ گهرجي ۽ اهو به صحيح نموني سمجهڻ گهرجي ته اها ڳالهه ٻولهه عقلي معيار ۽ دليلن ۽ تعقل پسندي جي بنياد تي ئي هوندي آهي.
    6. مذهبي معاشرن جي هڪ وڏي بيماري ۽ بدقسمتي، جنهن ۾ اسلامي دنيا گهڻائي دفعا مبتلا ٿي چڪي آهي، اها هيءَ رهي آهي ته مذهب سان گڏ تعقل پسندي ممڪن نه رهي آهي، پر ان حقيقت کي وساريو وڃي ٿو ته مذهب کي تعقل پسندي جي ذريعي ئي سمجهي سگهجي ٿو، ڇو جو تعقل پسندي کان سواءِ انسان وٽ ٻيو ڪو ئي ذهني اوزار موجود ئي نه آهي. عقيدو هئڻ ۽ عقيدو نه هئڻ جو اختلاف صرف اهو نه آٓهي ته هڪ غير مذهبي عقل جو استعمال ڪري ٿو ۽ مذهب واري کي ان تعقل پسندي جي ضرورت نه آهي. انهن ٻنهي کي عقل جي طاقت جي ضرورت آهي ۽ ان جو استعمال به ڪرڻ گهرجي، پر فرق صرف اهو ٿئي ٿو ته صاحب عقيده وٽ ٻه ڪتاب هوندا آهن جڏهن ته بغير عقيدي وارو شخص صرف هڪ ڪتاب جو حامل هوندو آهي. هڪ مذهبي ماڻهو جي علم جو بڻياد وڏو آهي، تنهنڪري انهيءَ اعتبار کان ان جون ڪاميابيون به گهڻيون آهن. هڪ شخص جيڪو منڪر خدا آهي اهو صرف فطرت جي ڪتاب مان ئي الهام حاصل ڪري ٿو.
    7. اسان جي سڃاڻپ جو اسان جي ماضي سان گهرو لاڳاپو آهي پر ان جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته اسان پنهنجي ماضي جي طرف واپس وڃون. خدا جو پيغام وحي جي ذريعي اسان تي ماضي ۾ ئي موڪليو ويو هو، پر اهو ڪنهن هڪ زماني لاءِ نه هو. انڪري اسان کي ماضي جو حوالو پڻ ڏيڻ گهرجي، ڇو ته اسان جي سڃاڻپ ماضي ۾ ئي آهي، پر اسان کي ماضي ۾ ئي نه رهڻ گهرجي اها ته هڪ قسم جي واپس ٿي ويندي. ماضي ڏانهن اسان ان لاءِ ڏسون ته اسان کي اڳيان مستقبل ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ فقط هڪ تختو ملي وڃي.
    8. مستقبل ڏانهن اڳيان وڌندي اسان اڄ جي دنيا کي پوري نموني سمجهون ۽ انساني تمدن ۽ فڪرن جي مثبت ڪاميابين مان پورو پورو فائدو وٺون، پوءِ ڀلي اهي ڪٿي به هجن. صرف انهيءَ طريقيڪار سان ئي اسان پنهنجي ماضي جي عظمت ۽ شان کي ٻيهر زنده ڪري سگهون ٿا. پنهنجي حال ۽ مستقبل کي سامهون رکندي، زندگي جو ڍنگ اهڙو اختيار ڪيو وڃي، جنهن ۾ روحاني صفتون ۽ الهام هجي. پر ان سان گڏ انساني تعقل پسندي ۽ انساني حقن جو پورو احترام ڪيو ويندو هجي.
    9. هڪ ٻئي خراب صورتحال اها آهي، جنهن ۾ مذهب ۽ آزادي کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ۽ مخالف بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. قرون وسطيٰ ۾ مذهب کي تعقل پسندي ۽ آزادي، جي خلاف سمجهيو ويندو هو …نتيجي ۾ ٻنهي جو نقصان ٿيو …اڄ جي آزاداڻي ماحول ۾ پوري آزادي موجود آهي پر هڪ اهڙي آزادي جيڪا روحانيت کان آزاد هجي ۽ انساني زندگي جي روحاني عنصرن کان پري هجي. نتيجي طور موجوده زندگي قسمين قسمين مشڪلاتن سان گهيريل آهي، جنهن جو اعتراف خود اولهه وارن ڪيو آهي. مذهب آزادي کان سواءِ هڪ غلامي جي زندگي، بلڪ هڪ اهڙي زندگي جو متبادل آهي جيڪا وقار ۽ عزت کان عاري هجي. سچ ته اهو آهي ته مذهب تعقل پسندي، آزادي ۽ حريت جي پرورش ڪري ٿو ۽ مڪمل طور تي انهن جي مدد ڪري ٿو. خدا ئي مذهب ئي اسان کي اها شيءَ سيکاري آهي. انهن معيارن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي عنصرن تي يقين ڪندي “تهذيبن جي درميان ڳالهه ٻولهه” ڪرڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا کي پنهنجي مذهب ۽ تمدن جي شاندار پر لڪيل عظمت کان روشناس ڪرائڻ گهرجي.
    10. دنيا جي ٻين تمدنن ۽ تهذيبن جي مثبت پهلوئن مان ڀرپور ۽ پوري ڪشادگيءَ سان فائدوٺڻ گهرجي ۽ اهو هڪ معنيٰ ۾ جذب ۽ قبول ڪرڻ جو عمل آهي ۽ اهو پڻ انسان جو ئي هنر آهي، جيڪو پنهنجي ۽ پنهنجي ماضي جي سڃاڻپ ڪري عقل ۽ تعقل پسندي تي زندگيءَ جوبنياد رکي ٿو ۽ جيڪو ٻين حاصل ڪري ورتو آهي، ان مان پوءِ پورو فائدو وٺي ٿو ۽ اهو عمل انڌي تقليد کان بلڪل مختلف آهي.


    باب ٻيو: اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه

    ڪنهن به علمي ميڙ ۽ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ، منهنجي لاءِ هميشه خوشي جو باعث رهيو آهي. ان قسم جي مجلسن ۾ ڪاروائي عام طور تي ٽن لفظن جي اڳيان پويان گهمندي آهي. ڳالهائڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ. ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ سان گڏ جيڪڏهن مشاهدي کي به ملايو وڃي ته اها انسان جي اهم ترين طبعي، نفسياتي ۽ روحاني سرگرمي شمار ٿيندي. مشاهدو اسان جي علمن جي سرحدن کي وسعت بخشي ٿو ۽ انسان جي خودي جي ادراڪ کي مضبوط ڪري ٿو. اهو احساس ته منهنجو وجود آهي، پر جڏهن اسان ٻين سان ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول هوندا آهيون، مشاهدو ان جي گهر جي بڻياد کان شروع ٿئي ٿو. اهو بڻياد جنهن تي ٺپو “مان” جو لڳل هوندو آهي. دنيا ۽ انسان جو تعلق عالم بصارت واري دنيا سان آهي ۽ “اهو جيڪو مان ڏسان ٿو” جي زمري ۾ اچي ٿو. پر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو عمل ٻن فريقن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻن فريقن جي وچ ۾ ٿيندو آهي. هڪ اها ڪوشش چئبي آهي، جيڪا حق جي تلاش ۾ ڪئي وڃي ۽ ٻيو پاڻ ۾ فڪر فهمي جي ڪوشش ڪرڻ. بس “گفتگو” جو تعلق نه ته شڪي ماڻهن سان آهي ۽ نه ئي انهن گروهن سان آهي، جيڪي “حق” تي مالڪاڻي حقن جي دعويٰ ڪن ٿا. اها ڪوشش پنهنجي خوبصورت پر پردي ۾ ڍڪيل چهري جي جهلڪ، انهن مسافرن ۽ پانڌيئڙن کي ڏيکاري ٿي، جيڪي هٿ ۾ هٿ ڏئي، ٻين ماڻهن سان گڏ انڪشاف ڪرڻ جي نيت سان اڳيان وڌندا وڃن ٿا.
    اهو جملو “تمدنن ۽ تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” جنهن کي ٻين تمدنن ۽ تهذيبن سان مڪالمي جي طور تي سمجهڻ گهرجي، دراصل حق ۽ سچ جي تعريف تي ٻڌل آهي ۽ اها تعريف لازمي طور تي “حق” جي ٻين معروف تعريفن جي مقابلي ۾، جيڪي فلسفي جي متنن ۾ ملن ٿيون، کان نرالي يا عجيب نه آهي. “تمدنن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه” ان ڳالهه جي گهُر ڪري ٿي ته ٻين تمدنن ۽ تهذيبن کي ٻڌو وڃي ۽ ٻين کي ٻڌڻ جي اهميت انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گهٽ نه ٿئي ٿي، بلڪ اها ان کان به گهڻي اهم آهي.
    ڳالهه ٻولهه ۽ ٻڌڻ ئي مڪالمي ۽ گفتگو جو سبب بڻجي ٿو. هڪ فريق ٻئي کي مخاطب ٿئي ٿو ۽ مڪالمي جي ڏي وٺ ٿئي ٿي. انسان کي ڪهڙين حالتن ۾ مخاطب ڪيو ويندو آهي، ٻين لفظن ۾ جنهن موقعي تي خطاب ڪيو ويندو آهي، ان وقت مخاطب ڪهڙي حالت ۾ آهي. سائنس جي دنيا ۾ خطاب يا مڪالمو نه هوندو آهي. سائنس فقط هڪ شعوري ڪوشش آهي شين جي تعلق کي معلوم ڪرڻ جي ۽ ان ڪارڻ ڪري سائنسي گفتگو انسان جي شعور جي سطح کان سبقت نه ٿي وٺي سگهي. پر ان جي ابتڙ هنر ۽ مذهب جي دنيا گفتگو ۽ مڪالمي جي دنيا آهي. هنر ۽ فن جو ڪو به شاهڪار انسان کي پنهنجي طرف متوجهه ڪري ٿو، ان سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ مذهب ۾ خدا جو ڪلام انسان سان خطاب ڪري ٿو. انهيءَ جي ڪري عرفان ۽ مذهب جي زبان پاڻ ۾ حقيقي ۽ گهرائي سان مربوط هوندي آهي ۽ انهيءَ ڪري ابتدائي دؤر جا جيڪي هنري شاهڪار آهن اهي تخليق ٿيل ته انسان جا آهن پر اهي مقدس هنر و فن جا نمونا پڻ آهن.
    بائبل ۽ قرآن پاڪ ۾ بار بار انسان کي مخاطب ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ تخاطب جي سبب هڪ شخص جو انفرادي انساني وجود اعليٰ مقام حاصل ڪري وٺي ٿو.
    جيڪڏهن صنعتِ اشتقاق جي طور تي ڏسون ته شخص جو لفظ “Persona “جي متعلق آهي، جنهن مان مراد اهو ٻوٿاڙو (Mask) آهي، جنهن کي اداڪار ٿيئيٽر ۾ پنهنجي منهن تي لڳائيندا آهن. اهم نقطو هتي هي آهي ته مذهبي تخاطب جو تصور، جڏهن انسان سان خدا خطاب ڪري رهيو آهي، آفاقي آهي ۽ اهو ۽ سڀني سطحن تي آهي، يعني اهو فقط مذهبي تعليمات ۽ ڪردار و عمل جي محدود دائري ۾ نه آٓهي، اهڙي حالت ۾ انجي نفسياتي، سماجي يا ڪنهن تاريخي پهلؤ سان خطاب نه ڪيو ويو آهي پر انسان جي حقيقي، غير تاريخي ۽ انفرادي طبيعت کي خطاب ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري سڀئي آسماني مذهب پنهنجي جوهر جي اعتبار کان مختلف نه آهن. اختلاف رڳو مذهبي قانونن ۽ ڪردار ۽ عمل جي دائري ۾ ئي آهي. اهو انساني زندگي کي قانوني ۽ سماجي اعتبار کان ئي پنهنجي ضابطي ۾ رکي ٿو؟
    اسان کي پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته اهو شخص، جنهن سان خطاب ڪيو وڃي پيو، سو ڪير آهي؟ ابتدائي دؤر جي فلاسافرن پنهنجي وقتن ۽ پنهنجي قوت ۽ توانائي جو گهڻو حصو ان سوال جي جواب معلوم ڪرڻ ۾ ئي خرچ ڪيو آهي. انهن انهيءَ وضاحت ۾ ته ڪئين ۽ ڪهڙي طريقي سان انسان کي سڃاتو وڃي ۽ پوري معنيٰ ۾ ان جيءَ اندروني حصيءَ کي ڏٺو وڃي، ڪئين ڪو شخص پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪري سگهي ٿو ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي منزل تائين پهچي سگهي ٿو، پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون ۽ فلاسفرن جي جستجو ۽ ڳولا جو گهڻو حصو انهيءَ ۾ گذريو آهي.
    فلسفي جي اعتبار کان تشريح هڪ دلچسپ داستان آهي. ان ۾ اهي واقعا به شامل آهن، جن جو تعلق خود شناسي ۽ خودڪشفي متعلق آهي. فلسفي جي الف ليليٰ ۾ ڪيئي وڏيون ڊگهيون راتيون، فلسفي جي تاريخ جي بيان ۾ گذري وينديون. ان مان ڪجهه پهريون دفعو اوڀر ۾ بيان ڪيون ويون ۽ ڪجهه اولهه ۾. هتي اها ڳالهه ڌيان جي لائق آهي ته اوڀر جون ڪهاڻيون انسان جي اڀرندي پهلو کي بيان ڪن ٿيون، جڏهن ته اولهه جي ڪهاڻين ۾ اولهندي جي خاصيت سامهون اچي ٿي. اصل ۾ انسان ۾ اوڀر جي روح ۽ اولهه جي تعقل پسندي (سمجهه) جمع ٿي وئي آهي. ان ڪري ڪنهن هڪ جوهر جو انڪار اسان جي سوچ ۽ سمجهه کي انسان جي باري ۾ متاثر ڪري ڇڏيندو. “شخص” کي پوري نموني سمجهڻ جي سلسلي ۾ اسان جي ڪوشش “انفراديت” يا اجتماعيت، جي ڄار ۾ نه ڦاسي پوي. جيتوڻيڪ عيسائي مفڪرن جي نظرين به موجوده “فرد” جي تصور کي واضح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي، پر ان جو اهو مطلب به نه آهي ته انهن ٻنهي ۾ هڪ فطري تعلق آهي. جئين شخص يا ذات تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو ۽ ان کي ڪلام الاهي کي حاصل ڪرڻ واري ذات جي حيثيت سان سڃاتو ويو آهي. منهنجي نظر ۾ اهو انفراديت پسندي جو اثر هو. يقيناً اڄ جي سماج ۾ اڪيلو هڪ شخص ئي سڀني ادارن لاءِ معيار ۽ “ڪسوٽي” آهي. قانون هجن يا سماجي تعلقات، شهري حق هجن يا انساني حق، انهن سڀني جو تعلق انهيءَ فرد واحد سان آهي. ٻئي طرف “اجتماعيت” جيڪا، انفراديت، جي مقابلي ۾ وجود ۾ آندي وئي هئي ۽ جنهن ۾ دراصل انفراديت جي تصور کي وڌائي پيش ڪيو ويو هو، ان ڪري انهن ٻنهي تصورن جو فلسفياڻي بنياد هڪ ئي آهي؛ جنهن جي ڪري اسان پنهنجي روحاني عقليت پسنديءَ جي بدولت انفرادي آزادي ۽ اجتماعي اشتراڪيت جي اختلاف کي سطحي ۽ اتفاقي تصور ڪريون ٿا. شخص يا ذات جي تصور کي اسلامي عرفان جي نقطهٔ نظر سان بخوبي بيان ڪري سگهجي ٿو. مسلمان، عارف انسان کي هڪ جهان تصور ڪري ٿو. يعني هڪ “ڪائنات” ۽ ننڍڙي (اصغر) انسان جي وجود جو دارومدار نه ته ان جي انفراديت تي آهي ۽ نه ئي ان جي اجتماعيت تي. ان جو اصل ان حقيقت تي ٻڌل آهي ته هو آهي ۽ هو اهوئي اڪيلو آهي، جنهن کي آسماني سڏ ڏنو ويو آهي. ان خطاب جي بدولت انسان جو روح پنهنجي سرحدن کي به پار ڪري ويو ۽ ان روح جي اچڻ سان اها ئي دنيا انصاف ۽ انسانيت جي دنيا بڻجي ويئي. فلسفي جي علم جي مشڪل سبقن جو اجمالي تجزيو ڪرڻ وارو ڪوبه شخص، ابتدائي مرحلي کان وٺي اڄ تائين اهوئي ڏسندو ته فلاسفرن جو لاڙو هڪ انتها کان ٻئي انتها طرف رهيو آهي. آخري قدم يا ان زنجير جي آخري ڪڙي جدت پسندي آهي. اهو لفظ شايد جديد ترين اصطلاح، جيڪو لاطيني لفظ (Modernu) (جديد) مان نڪتو آهي، ۽ ظاهري طور اوڻيويهين صدي ۾ پهريون دفعو استعمال ڪيو ويو، پر حقيقت ۾ اهو لاطيني لفظ ۱۵هين صدي کان استعمال ۾ آهي. جيتوڻيڪ ۱۹هين ۽ ۲۰هين صدي ۾ جدت پسندي يا جديديت جو استعمال تمام وسيع تصور سان گڏ مختلف ميدانن ۾ ٿيو. جيئن فلسفو، فنون لطيفه، سائنس، تاريخ ۽ اخلاقيات، انهن سڀني تصورن جو مشترڪ نسب اهو طوفان آهي، جنهن انساني وجود ۽ فڪر کي وچئين دؤر جي آخر ۾ لوڏي ڇڏيو. اهو هڪ اهڙو طوفان هو، جنهن انسان ۽ دنيا کي هڪ نئين دائري ۾ داخل ڪري ڇڏيو. انسان ۽ موجوده دنيا (جيستائين اها انسانن جي خيالن کان متاثر ٿئي ٿي) ان نئين دائري ۾ وچين دؤر کان پوءِ داخل ڪئي وئي. ان نئين دائري تي ان زماني ۾ جديد جو ٺپو لڳايو، ويو پر اڄ ان کي اسان نشات ثانيه جي نالي سان ياد ڪريون ٿا ۽ اٽلي نشات ثانيه جي پيدائش ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون ان عظيم ڪارنامي کي بيان ڪرڻ ۽ ان جي وضاحت ۾ لکيا ويا آهن. پر اڄ به فلاسافرن، تاريخدانن ۽ سائنسدانن کي ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي ڳالهه ڪرڻ اڃا به واجب آهي.
    نشات ثانيه جومقصد صرف اهو نه هو ته اُها يونان جي ڪلاسيڪي ثقافت ۽ ان جي ڪلچر کي ٻيهر زنده ڪري. ان جو اصل مقصد هيءَ هو، جيئن ته گهڻن ئي مفڪرن ان طرف اشارو ڪيو آهي، ته مذهب کي ٻيهر زنده ڪيو وڃي ۽ ان کي نئين زبان ۽ جديد خيال ڏنا وڃن. نشات ثانيه مذهبي ماڻهو جي تعريف هن طرح ڪئي ته هو حقارت سان دنيا ڏانهن پٺ نه ڦيريندو ۽ نه ئي ان کي ترڪ ڪندو، پر دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ حالتن ۽ حادثن جو مقابلو ڪندو. نشات ثانيه جو اهو مذهبي ماڻهو دنيا ڏانهن ائين وڌندو آهي، جيئن دنيا پنهنجون ٻانهون کولي ان جي آجيان ڪري رهي هجي. اِها ٻه طرفي آجيان ۽ انسان ۽ دنيا جو هڪ ٻئي لاءِ کلڻ ئي نشات ثانيه جو بنيادي نڪتو آهي ۽ باطني طور تي اِهو هڪ مذهبي واقعو هو، جنهن جو مقصد مذهب جي حفاظت، اصلاح ۽ تبليغ هو؛ ان جي ترديد يا مخالفت هرگز مقصود نه هئي.
    ان عظيم واقعي جو خاتمو هڪ خاص مدت ۾، اصل نيت ۽ خواهش جي ابتڙ ٿيو. دنيا ابتدائي مرحلي ۾ ئي پرتشدد ڪاميابين ۽ کوجنائن ۾ بدلجي وئي. اِهي پرتشدد ڪاميابيون رڳو فطرت کي ئي مسخر ڪرڻ تائين محدود نه رهيون، پر ان باه جلدي ئي انساني قومن کي پڻ پنهنجي چنبي آڻي ڇڏيو. يورپ جي سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾، جنهن کي نئون آبادياتي نظام چيو وڃي ٿو، دراصل اُهو انسان جو حڪمراني ۽ تسخير جو جذبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فطرت طبعي انساني علمن ۽ انسانيت تي قبضو ڄمائي ٿو ۽ نتيجي جي طور تي ظاهر آهي ته اسان ان باب کي، جيڪو جدت پسندي جي باري ۾ آهي، بغير انساني ۽ اخلاقي نقطهٔ نظر اپنائيندي پڙهي نه ٿا سگهون. جدت پسندي جو مبصر ۽ محقق، جيڪو مفيد نقطهٔ نظر جو حامل آهي، اهو يقينن ٻين مشهور تنقيدڪندڙن کان بلڪل مختلف هوندو. خاص طور سان فلسفي جي ميدان ۾ ڪوبه ماڻهو وڻ کي سنوارڻ ۽ ان جي آرائش ڪرڻ لاءِ ان جي ٽاري ياٿڙ کي نه ڪٽيندو، جنهن تي هو پاڻ بيٺل آهي. اسان جي دؤر جا ڪجهه فلاسفر جدت پسندي تي تبصرو ڪندي، بلڪل اِهوئي چئي رهيا آهن. تعقل پسندي کي جڏهن ڪوئي منطقي اختيار نه ڏنو وڃي، بلڪه اُهي ان کي هڪ اهڙي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، جيڪو هر چيز ۽ هر شخص کي تباه و برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان کي هڪ اهڙي تيز ۽ زنگيل تلوار ۾ بدلڻ چاهين ٿا، جنهن جي جاءِ ڪنهن عجائب گهر يا ميوزيم ۾ هجي. ڪوبه تعقل پسندي کي هڪ تنقيدي هٿيار طور تي استعمال نه ٿو ڪري سگهي، جيستائين بغير ان جي محدوديت ۽ پابندي کي تسليم ڪندي ان کي با اختيار نه بڻايو وڃي.
    خالص تعقل پسندي جا مبصر، جن جي ڪري مغربي فلسفي ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، اُهو هر شيءِ ۽ سڀني تصورن، جنهن ۾ خالص تعقل پسندي به شامل آهي، کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندا آهن. اُهو ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن تعقل پسندي کي اختيار بخشو وڃي. تعقل پسندي کي اختيار ڏيڻ کانسواءِ… جنهن تي مان مناسب موقعي تي تفصيل ۽ عمدگيءَ سان بحث ڪندس، ان جي تعلق کي بالادستي ۽ طاقت سان فراموش ڪرڻ کان سواءِ، آزادي، انصاف، امن ۽ انساني حقن جهڙن اهم سياسي مسئلن جو صحيح ۽ واضح تصور ممڪن ئي نه آهي. بغير واضح تصور جي انهن خيالن کي عملي جامو پهرائڻ جي سلسلي ۾ اسان جي ڪوشش ضايع ٿي ويندي. پر ان کي تعقل پسندي ۽ يوروپين طرز جي واحد مرڪزيت چيو وڃي ٿو، جيڪا جديديت جي دؤر کان ٿورڙو اڳ موجود هئي. اصل ۾ يورپ ئي جديد تعقل پسندي کي جنم ڏنو آهي ته ان جي ذميداري به ان تي آهي ته اُها ان تي تنقيد ۽ تبصرو پڻ ڪري ۽ ان جي تباه ڪن نتيجن کان بچائڻ لاءِ حل به تلاش ڪري.
    يورپ جو ضرورت کان گهڻو تعقل پسندي تي انحصار جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو اڄ اتي جا مفڪر ۽ فلاسفر تعقل پسندي جو ڀرم ئي ختم ڪرڻ تي لڳاپيا آهن. اوڀر، جنهن صرفي اعتبار کان گهڻا ئي اهڙا لفظ جن ۾ نظم ۽ ضبط جو تعين آهي، ڏنا آهن جيڪي اولهه سان تاريخي پسمنظر ۾ گفتگو ڪري سگهن ٿا ته جيئن پاڻ ۾ افهام و تفهيم ٿي سگهي. يورپ ۽ امريڪا کي دعوت ڏني وڃي ته اُهي وڌيڪ برابري، سنجيدگي ۽ غور و فڪر وارو رويو اختيار ڪن ته جيئن دنيا ۾ امن، تحفظ ۽ عدل و انصاف قائم ڪرڻ ۾ انهن جو حصو بنجي وڃن. جيڪڏهن ان کي اوڀر جي اصطلاح ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اُهي اولهه جي ڪلچر جي ٻنهي طرفن ۽ اپولونين عنصرن کان به اڳيان وڌي ويندا. روشن فڪر جي زماني کي اپالوئي دور چيو وڃي ٿو، جڏهن ته رومانوي تحريڪ جو ڪانٽو مخالف طرف ۾ ويل هو، پر اڳئين صدي روحانيت جي طرف هئڻ گهرجي، جنهن کي اوڀر جو انسان ڪيترن ئي هزار سالن کان ڀوڳي رهيو آهي.
    يورپي ثقافت جي زندگي ۽ ان جي ڪثرت کي قوت، ان جي تنقيدي نقطهٔ نظر مان ملي ٿي، جيڪا اهو ٻين شين ۽ پنهنجي مٿان وجهي ٿو. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته يورپ هڪ قدم اڳتي وڌائي ۽ ٻين وانگر هو ان کي ٻئي نقطهٔ نظر سان ڏسي. ان جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته يورپ پنهنجي قديم ورثي کان نظرون ڦيرائي ڇڏي يا هو هڪ ٻئي اونداهي جي طرف نڪري وڃي؛ پر يورپي ثقافت ۽ تمدن کي گهرجي ته هو نون تجربن وسيلي عالمي ثقافتي جاگرافي جي باري ۾ صحيح معلومات حاصل ڪري. مشرق شناسي ۾ مشرق کي مطالعي جو اهم موضوع ته قرار ڏٺو ويو آهي پر ان کي فريق ثاني تسليم نه ڪيو ويو آهي. “تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه”صحيح معنيٰ ۾ ان وقت ممڪن آهي، جڏهن اوڀر ان مذاڪري ۾ هڪ مطالعي جي موضوع جي حيثيت سان نه پر هڪ سرگرم رڪن جي حيثيت سان شريڪ ٿئي ها، ته جيئن تمدنن جي درميان ڳالهه ٻولهه جهڙي اهم منصوبي کي عملي جامو پهرايو وڃي. يورپ ۽ آمريڪا جي لاءِ اهو قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهي. يقينن اها هڪ طرفي دعوت نه آهي. هڪ ايراني، هڪ مسلمان ۽ هڪ ايشيائي هئڻ جي حيثيت سان، اولهه جي باري ۾ صحيح علم حاصل ڪرڻ لاءِ اسان ماڻهن کي به اهم قدم کڻڻا پوندا ۽ اهو علم ئي اسان جي اقتصادي ۽ سماجي زندگي جي معيار کي بلند ڪندو. اسان جي ۽ يورپ وارن جي ان دليرانه قدمن لاءِ هڪ عملي نمونو ۽ ڪرداري خاڪي جي ضرورت پوندي ۽ يورپ ۾ سڀ کان پهرئين اٽلي جي ماڻهن گفتگو جي اهميت کي سڃاتو ۽ ان کي غير معمولي اهميت پڻ ڏني.
    نشات ثانيه جي تاريخدانن لکيو آهي ته اٽليءَ وارن جو بائيزينٽيم(Byzentium) ۽ اسلامي دنيا سان مسلسل تعلقات جي ڪري، انهن ۾ برداشت جي قوت اچي وئي آهي. اٽليءَ جا ماڻهو صليبي لڙاين جي زماني کان اسلامي تمدن کان واقف هئا ۽ اهي ان کي پسند ڪندا هئا. هڪ غير ملڪي تهذيب جو ۽ ان سان واقفيت هئڻ جو احساس ۽ تعجب ئي اٽليءَ وارن ۾ برداشت جي قوت کي وڌائڻ ۾ سڀ کان وڏو عامل ثابت ٿيو ۽ اها به هڪ عجيب و غريب مذاق آهي ته برداشت جي قوت جو تصور، جيڪو يورپ وارن مسلمانن کان ورتو هو ۽ جيڪو انهن سان ربط و ضبط جي نتيجي ۾ پڻ اپنايو هو، اهو اڄ جي دؤر ۾ يورپ وارا مسلمانن کي اخلاقي ۽ سياسي نصيحت جي طور تي پيش ڪري رهيا آهن. يورپ وارن تي تحمل و برداشت جي ان احساس تي، مسلمانن جي اثرن جي نمايان شهادت موجود آهي ۽ يورپ جي ادبي تاريخ مان ان جي خبر پوي ٿي. هڪ تمام گهڻو مشهور جرمن ڊرامانگار ليسنگ جي ڊرامي “عقلمند ناٿن” جو اساس هڪ اطالوي ڊرامي “هڪ سو پراڻا قصا (Cento Novelle Antiche) تي پڻ مبني آهي. پر مسلمان ثقافت ۽ فڪر جو اثر اطالوي ۽ يورپي تهذيب جي صرف صبر ۽ تحمل جي مفهوم تائين ئي محدود نه آهي. ڪنهن به قوم کي اهو حق نه ٿو پهچي ته ان جي تمدن ۾، جيڪو ٻئي جو حصو آهي، ان کي هو غصب ڪري وٺي ۽ انساني تهذيب جي تاريخ ۾ ڪنهن به تمدن جي حصي کان انڪار ڪيو وڃي. مسلمانن جي فلسفي، فقه ۽ دينيات ۽ فنون لطيفه جا اثر يورپ تي واضح آهن، پر ان کان علاوه يورپ وارن جي مزاج کي تازگي بخشڻ ۽ صاف ڪرڻ ۾ منفرد ۽ اعليٰ قدرن سان مالا مال اسلامي ادب جو نمايان ڪردار رهيو آهي. مثال طور ڊانٽي تي ابن عربي جي اثرن کي پيش ڪري سگهجي ٿو. خوش قسمتي سان ان موضوع تي يورپ جي دانشورن گهڻو ڪجهه چيو آهي ۽ لکيو پڻ آهي.
    جيڪڏهن ماضي جي تاريخ کي مستقبل جي طرف ڪوبه اشارو ڪرڻ کانسواءِ ورجايو وڃي ته اها هڪ بيڪار علمي مشق هوندي، پر دنيا جي قومن جي مدد ۽ عالمي حالتن جي لازمي اصلاح جي لاءِ يورپ ۽ اسلامي ملڪن، خاص طور تي مسلمان ملڪن جي وچ ۾، لاڳاپن جي نوعيت جو اندازو ڪرڻ ضروري آهي. آخر ائين ڇو؟ ڇو ته مسلمان ۽ يورپي هڪ ٻئي جا پاڙيسري آهن، پر اها حقيقت آهي ته فردن جي ڀيٽ ۾ قومون پنهنجي پاڙيسري جي چونڊ نٿيون ڪري سگهن. تنهن ڪري اخلاقي، تهذيبي ۽ انساني سببن کانسواءِ اسلام ۽ يورپ تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن جي ظلمن ۽ ڏاڍاين جي تحت هڪ ٻئي کي بهتر طور تي سڃاڻن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائن. ڇوته اسان جو مستقبل ناقابل تقسيم آهي. جيئن اسان جو ماضي ناقابل تقسيم هو، اڄ به اسان جي فلسفي جي درسگاهن ۾ افلاطورن، ارسطو ۽ سقراط ۽ جديد فلاسفرن ۾ ڊسڪارٽ، ڪانٽ، هيگل ۽ وٽجينٽين جي فقرن کي الڪندي، فارابي، ابن سينا، سهروردي ۽ ملا صدرا جي خيالن سان گڏوگڏ پڙهايو وڃي ٿو. اڄ جيڪڏهن ايشيا جا عظيم تمدن پنهنجي پاڻ کي اولهه جي آئيني ۾ ڏسن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي اولهه جي نقطهٔ نظر سان سمجهڻ چاهين ٿا ان ڪري جو ماضي ۾، ۽ سو به ماضي قريب ۾، اسلام اولهه لاءِ آئيني جو ڪم ڪيو. ان آئيني ۾ اولهه پنهنجي ماضي کي ڏسي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ پنهنجي تهذيبي ۽ فڪري ورثي جو پڻ بخوبي اندازو لڳائي سگهي ٿو.
    جيڪڏهن گفتگو فقط هڪ چونڊ نه آهي ۽ اها اسان جي ٻنهي تهذيبن جي ضرورت آهي، ته پوءِ اها گفتگو اسلامي ثقافت ۽ فڪر جي صحيح نمائندن سان ئي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ان طرح جي گفتگو انهن اولهه وارن فردن سان، جيڪي اولهه جا گهڻائي گهٽ درجي جا ۽ خراب نمونا آهن، ڪئي ويندي ته ان مذاڪري ۽ گفتگو کي تهذيبن جي درميان گفتگو جو نالو ڏيڻ ته وڏي ڳالهه آهي، پر ان کي خود ڪلامي يا اڪيلائي ۾ ڳالهائڻ به نه ٿو چئي سگهجي. اڄ جي دنيا کي جن مسئلن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي انهن جو صحيح عملي ۽ انصاف تي ٻڌل حل، اسلامي تمدن سان با معنيٰ عميق ۽ باضابطه گفتگو آهي.
    گفتگو هڪ پسنديده عمل آهي، ڇو ته اهو آزادي ۽ آزاد خيال تي ٻڌل آهي. “گفتگو” جي عمل ۾ ڪوبه هڪ فريق پنهنجي راءِ ۽ خيال کي ٻئي تي مڙهي نه ٿو سگهي. “گفتگو”۾ هڪ فريق ٻئي فريق جي آزاداڻي شخصيت ۽ ان جي خيالن ۽ تهذيب جو احترام ڪري ٿو. صرف اهڙي گفتگو کي ئي امن، تحفظ ۽ عدل و انصاف جي طرف هڪ ابتدائي قدم جي حيثيت حاصل هوندي. ايران سان ان طرح جي گفتگو جي عمل جا گهڻا ئي فائدا آهن. ڇو ته اهو هڪ طرف يورپ جو ويجهو پاڙيسري آهي ۽ ٻئي طرف ايشيا جو پاڙيسري پڻ. ايران اوڀر ۽ اولهه جي تهذيبن جو ميلاپ آهي. ان ۾ مشرقي روح ۽ اولهه جي تعقل پسندي جو ميلاپ نظر اچي ٿو. بس هڪ فارسي نزاد جي دل ۽ ذهن اصل ۾ ڪسوٽي، عدل، صحبت ۽ تحمل سان ڀريل ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري ايراني “گفتگو” جا حامي آهن ۽ پڻ امن و انصاف جا طرف دار به آهن.


    باب ٽيون: اسلامي دنيا ۽ جديد مسئلا

    آءٌ حيران آهيان ته مان پنهنجو بيان ان غم ۽ ڏک ۽ بدنصيبي جي ذڪر سان شروع ڪريان، جو اسان جي مٿي تي ڇانو وانگر آهي يا، ان مسرت يا خوشي جي اظهار سان ڪيان جيڪا حاصل ٿيڻ واري آهي. ڇا اسلامي ڪانفرنس جي بنيادي مقصدن ۾ اهو شامل نه آهي ته مسلمان ملڪن جي رنج و غم ۽ انهن جي مشڪلاتن ۽ پريشانين جو گڏيل حل ڳوليو وڃي ۽ انهن جي لاءِ شايان شان مقام ۽ مرتبو حاصل ڪيو وڃي؟ ۽ ڇا ان اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حال تي غلبو ۽ بدنصيبن جو علاج ڳوليو ڪيو وڃي؟ دنيا جو ڪوبه مرض ۽ سور ان وقت تائين ختم نه ٿو ٿي سگهي جيستائين مرض جي صحيح سڃاڻپ نه ٿئي. ان کان پوءِ دور انديشي ۽ غور و فڪر سان ان جو حل گوليو وڃي ۽ ان کان پوءِ پوري پختي عزم ۽ مستحڪم ارادي سان ان تي عمل ڪيو وڃي.
    اسان جي حالت اها آهي ته مسلمان امت، جيڪا ڪنهن زماني ۾ علم، فڪر ۽ تمدن جي علمبردار هئي، سا مرض جي لڳاتار واپسيءَ جي ڪري هاڻوڪي ڪجهه صدين جي دوران ڏينهون ڏينهن پسماندگي ۽ ڪمزوري جو شڪار ٿيندي پئي وئي ۽ ساڳي وقت همعصر غالب ۽ متڪبر تمدن جي مقابلي ۾ مسلسل ماٺار ۽ دردانگيز بي حسي ۽ مايوسي جي ڪري نه ان تهذيب جي نتيجن مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهي، بلڪ پوري طرح ناڪام ٿيندي رهجي وئي. اسان جو صديون پراڻو جمود اصل ۾ ان انساني تهذيب جي زوال جو نتيجو آهي، جيڪو هڪ روشن ماضي جو حامل آهي ۽ جنهن جون ڪاميابيون ۽ يادون اڄ به تحسين جوڳيون آهن ۽ هاڻوڪي دنيا جو غالب تمدن اڄ به جنهن جو مرحون منت آهي.
    اڄ جي دؤر ۾ پراڻي تمدن جو نه نقش ثاني بنائڻ ممڪن آهي ۽ نه ئي مناسب. ڇوته ان جو وقت هينئر گذري چڪو آهي. تمدن کي بذات خد انسان جي وجود، دنيا ۽ خود پنهنجي وجود جي سلسلي ۾ سوالن جي جوابن جو حاصل مڃڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوشش جو نتيجو به اهو ئي آهي، يعني انسان ۾ مسلسل ڄاڻڻ جو شوق ۽ ان جي آرزوئن جون ضرورتون. پر سوالن ۽ ضرورتن جي شڪل ۽ زمان ۽ مڪان سان گڏ بدلجندي رهي ٿي. تمدن ان وقت تائين زنده ۽ پائينده رهي ٿي جيستائين اها انسان جي بدلجندڙ سوالن جا جواب ۽ بدلجندڙ ضرورتن جي پورائي جي صلاحيت رکي ٿي، نه ته اها ختم ٿي وڃي ٿي.
    اسان جي زماني ۾ انسان جا سوال ۽ ضرورتون اسان کان اڳين انسانن کان مختلف آهن. هن دؤر ۾ اسان جو جمود ۽ بي حسي مغربي تمدن جي مقابلي ۾، جيڪا اولهه جي انسان جي سوال جو هڪ قدرتي جواب آهي، ان ڳالهه جو متلاشي آهي ته ڇا جي ڪري اسان مختلف سببن جي بنياد تي سوال ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ سوال جو نه هجڻ غور و فڪر نه هئڻ جو سبب آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ناگزير جمود ۽ ٻين جي تابعداري ۽ اطاعت جي برابر آهي.
    اهم ڳالهه هيءَ آهي ته ان طرح جي جمود، پستي ۽ پسماندگي کي پٺتي ڇڏي ڏجي. ڇو ته اهو ڪوئي اسان جي تقدير ۾ لکيل نه آهي. اهي ماڻهو، جن تاريخ ۾ هڪ شاندار ۽ عظيم الشان تمدن وجود ۾ آندي، انهن ۾ اڄ به هڪ ٻئي تمدن کي وجود ۾ آڻڻ جي صلاحيت آهي. بشرط اهي تعقل پسندي ۽ سوچ ويچار ۽ غور و فڪر کي اپنائن ۽ ان جي حاصلات تڏهن ممڪن آهي، جڏهن اهي هيٺين ڳالهين کي خاطر ۾ آڻين.
    1- غور ۽ فڪر سان گڏ ان تاريخي وجود ڏانهن ادراڪ ۽ واپسي: جيڪا هڪ طرف ته ابدي روحانيت ۾ الهام بخش آهي ۽ ٻئي طرف اها ماضي جي پليل هڪ منفرد تاريخي ۽ تهذيبي صلاحيت هجي.
    2- موجوده زماني جو صحيح ۽ گهرو مطالعو:ـ ان سلسلي ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي، ته اسلامي تمدن بلڪه درست تر عبارت جي لحاظ کان مسلمانن جي تمدن ۽ اسان جي زندگي، ٻنهي جي وچ ۾ مغربي تمدن حائل آهي. هڪ اهڙو تمدن، جنهن جون ڪاميابيون گهڻيون آهن ۽ جنهن جا منفي نتيجا به غير مغربي ماڻهن کان سواءِ بيشمار آهن. اسان جو عهد اولهه جي تهذيب ۽ تمدن جي غلبي جو زمانو آهي. انڪري ان جي مؤثر ۽ مفيد فهم ۽ سمجهه لاءِ ان جي سطحي ۽ سرسري مطالعي کانسواءِ ان جي نظرياتي اثاث ۽ بنيادي قدرن کي ڄاڻڻ ضروري آهي. پنهنجي ماضي کي تسليم ڪرڻ لازمي آهي، ان لاءِ نه ته اسان پنهنجي ماضي ڏانهن موٽي وڃون، يا ان ۾ رهڻ لڳون؛ اها رجعت پسندي ٿيندي، بلڪه ان لاءِ ته پنهنجي سڃاڻپ جا جوهر ۽ انداز، فڪر ۽ عادتن جي سڌارڻ لاءِ، جيڪي زمان و مڪان جي ڪري پختيون ٿي ويون آهن. انهيءَ طرح ماضي تي هڪ عاقلانه تنقيد ڪجي ته جيئن اڄ اسان جي عزت ۽ وقار کي مناسب مدد ملي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ اهڙو پليٽ فارم به هجي، جتان اسان هڪ خوش حال ۽ روشن مستقبل ڏانهن وڌي سگهون. جيڪو يقينن اسان جي ماضي کان به بهتر هجي. بلاشڪ اسان انهيءَ رستي تي هلي ڪري اڳيان وڌي سگهون ٿا، جنهن ۾ مغربي تمدن جي مثبت سائنسي، ٽيڪنيڪل ۽ سماجي ڪاميابين مان فائدو وٺڻ جي صلاحيت ۽ ضروري ديانت داري موجود هجي. اها ئي اها صورتحال آهي، جنهن مان گذرندي مستقبل ڏانهن پهچي سگهجي ٿو. ڏکوئيندڙ ۽ تلخ ئي صحيح، پر مسلمان ملڪن جو جمود، انهن تي طاري، بي حسي ۽ پسماندگي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته اسان پنهنجي قسمت کي بيداري، عزم ۽ اتحاد جي ذريعي بدلائي سگهون ٿا ۽ اها پڻ اطمينان ۽ خوشي جي ڳالهه آهي.
    يقيناً اسان بهتر، باهمي افهام و تفهيم، بلند نظر ۽ برادرانه جذبن ذريعي پنهنجي موجوده ۽ ايندڙ نسلن کي جديد اسلامي تمدن جي طرف راغب ڪري سگهون ٿا. ان منصوبي کي عملي ۽ حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ اسان ماڻهن کي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هم خيالي کان ڪم وٺندي، پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ اسلامي مهذب معاشرو تعمير ۽ تخليق ڪرڻو پوندو. جنهن مهذب معاشري جي ترويج ۽ تڪميل اسان پنهنجي معاشري ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ جنهن جي ترويج جي سفارش اسان ٻين اسلامي معاشرن ۾ ڪندا رهندا آهيون. اها بنيادي طور تي ان مهذب معاشري کان مختلف آهي، جنهن جون پاڙون يوناني فلسفي و فڪر ۽ رومي سياسي روايت ۾ وچين دؤر جي اونهاين ۾ پري پري تائين پکڙيل آهن ۽ جنهنجي موجوده دؤر ۾ خصوصي شناخت ۽ ترتيب ٿي وئي آهي. اهي ٻئي هڪ ٻئي جي مخالف يا متضاد نه آهن، پوءِ ڀلي نتيجن جي اعتبار کان هجي يا ظاهري شڪل جي اعتبار کان. انهيءَ ڪري اسان کي مغربي مهذب معاشري جي مثبت، ڪاميابين کي جيڪي قانوني اعتبار کان حاصل ڪيون ويون آهن، فراموش نه ڪرڻ گهرجي.
    مغرب جو مهذب معاشرو تاريخي يا نظرياتي اعتبار کان يونان جي شهري رياست ۽ بعد ۾ رومن سياسي نظام کان نڪتل آهي. جڏهن ته اسان جي ذهن ۾ مهذب معاشري جو آغاز ۽ ان جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر نبي صلي الله عليه وسلم جي شهر کان ٿئي ٿو. يثرب جو نالو بدلائي مدينة اللنبي رکڻ صرف نالي جي تبديلي نه هئي ۽ نه ئي جاهليت جي دؤر (ايام جاهليه) کان ايام الله ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪوئي منصب بدلائڻو آهي. ڇو ته مدينو مٽي ۽ علائقي جو نالو نه آهي جيئن يوم الله ڪنهن خاص وقت لاءِ نه آهي.
    مدينة اللنبي ۽ ايام الله اسلام جي ابتدا ۾ ظاهر ٿيا ۽ اسلام جي اخلاقي جاڳرافي ۽ تاريخ نئين نقطهٔ نظر، ڪردار ۽ تهذيب کي جنم ڏنو. اها تهذيب پنهنجي منفرد ۽ خاص نقطهٔ نظر سان گڏ انساني وجود ۽ ان جي ابتدا جي باري ۾ صدين تائين انهن جي اجتماعي حافظي ۽ روح جي گهراين ۾ آباد رهي. هاڻي مسلمانن کي پنهنجي گذريل ڪلهه کان وڌيڪ پنهنجي مشترڪ گهر ۾ پناه وٺڻي آهي. جڏهن ته مسلمانن جا نسلي، جاگرافيائي ۽ معاشرتي اختلاف، انفرادي اعتبار کان هڪ مسلمان کي مختلف دؤر ۾ جدا جدا شڪل، رنگ ۽ خوشبوءِ ڏئي رهيا آهن. مدينة النبي اسان لاءِ هڪ ابدي اخلاقي گهر آهي ۽ “يوم الله” اسان جي پوري زندگي ۾ هڪ بجلي وانگر ڊوڙيندو رهي ٿو. اهو هئڻ به گهرجي، ڇو ته مدينو هجرت جي ڪري وجود ۾ آيو، يعني جڏهن حضور صلي الله عليه وسلم شرڪ ۽ ظلم جي سرزمين کي خدا حافظ چيو، تڏهن يوم الله جو آغاز ٿيو. جاهليت جو دؤر کان لاتعلق هئڻ جو تاريڪي کي ترڪ ڪرڻ جو، روحاني زمان ۽ حاضري جي مقدس مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جو ۽ “مشترڪ اسلامي گهر” ۾ پناه وٺڻ جو. مطلب مراجعت، سائنسي ڪاميابين جي ترديد، جديد دنيا کان هٿ کڻڻ يا ٻين سان مقابلو ڪرڻ هر گز نه آهي، بلڪه ان جي برخلاف ان طرح جي يادگيري، پنهنجي مشترڪ شناخت جي طرف هڪ يادگيري آهي ته جيئن ان کان پوءِ اسان دنيا جي ٻين ماڻهن ۽ قومن سان گڏ امن و امان ۽ آرام سان رهي سگهون. امن ۽ حفاظت سان رهڻ تڏهن حاصل ٿي سگهندو آهي، جڏهن تهذيب ۽ فڪر جو پورو ادراڪ هجي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين جي رسم ۽ رواڄ ۽ انهن جي فڪرن ۽ خيالن کان به واقفيت هجي. ٻين معاشرن ۽ قومن جي تهذيبي ۽ اخلاقي پهلوئن جو فهم ۽ ادراڪ ئي انهن قومن سان “گفتگو” جي اميد ڏياري ٿو. هڪ حقيقي ۽ بامعنيٰ مقالمو ۽ ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي، جڏهن اڳيون فريق پنهنجي صحيح ۽ درست مقام کي حاصل ڪري وٺي. نه ته هڪ اجنبي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻين جي وچ ۾ گفتگو بي معنيٰ ۽ يقينن ڪنهن فائدي ۽ خوبي کان خالي رهندي. مشترڪ اسلامي گهر مدينة النبي ۾ داخل ٿيڻ جو مطلب، مسلمانن کي پنهنجي صحيح مقام ۽ مرتبو حاصل ڪرڻو آهي. يعني انهن ماڻهن کي پنهنجي حقيقي يعني انهن جي پوري اسلامي شناخت حاصل ڪرڻي آهي.
    اهو معاشرو جنهن جي اسان حمايت ڪري رهيا آهيون، جيتوڻيڪ اهو اسلامي تهذيب ۽ فڪر جي محور جي آس پاس ڦري ٿو، ان ۾ انفرادي يا گروهي غرور يا گهڻائي وار ظلم ۽ ٿورائي جو نيڪال انهن سڀني جي لاءِ ڪابه جڳهه نه آهي. ان طرح جي معاشري ۾ انسان رڳو انسان هئڻ جي ڪري معزز ۽ محترم هوندو آهي ۽ ان معاشري جا شهري پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪندا آهن ۽ حڪمرانن تي نظر رکندا آهن. حڪمران تي نظر رکن ٿا ۽ حڪومت جو گهيراءُ به ڪن ٿا. ان معاشري ۾ حڪومت ماڻهن جي خدمت گذاري ۾ لڳل هوندي آهي ۽ صرف انهن تي حڪم ڪونه هلائيندي آهي، پر هر سلسلي ۾ ماڻهن جي آڏو جوابده به هوندي آهي. ڇو ته خدا عوام کي پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو آهي. اسان جي مهذب معاشري ۾ رڳو مسلمانن کي ئي حق حاصل ڪونهي، يا صرف انهن کي ئي شهري نه ٿو سمجهيو وڃي، پر سڀني فردن جا حق قانون ۽ ضابطي جي دائري ۾ آهن. ان طرح جي حقن جو دفاع، حڪومت جي اهم بنيادي فرضن کي مرتب ڪري ٿو.
    انساني حقن جو احترام ۽ ان جي معياري اصول کي تسليم ڪرڻ نه ته سياسي مصلحت آهي ۽ نه ئي ٻين جي مشابهت، پر اهو ته اسان جي مذهب جي تعليم ۽ حڪمن جي مطابق آهي. اميرالمؤمنين امام علي عليه اسلام پنهنجي هڪ نمائندي کي حڪم ڏنو ته هو صرف مسلمانن سان ئي نه، بلڪ سڄي عوام سان عدل ۽ برابري جو سلوڪ ڪري ڇو ته سماج جي ٻن گروهن مان هڪ گروه تنهنجو ديني ڀاءُ آهي پر ٻيو گروه خلقت ۾ تو جهڙو آهي.
    اسان جو مذهبي معاشرو نه ته ٻين تي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي غلبي کي تسليم ڪري ٿو. هو ٻين قومن جي خود فيصلي ڪرڻ ۽ ضروري وسيلن تائين انهن جي رسائي جي حق کي هڪ باعزت زندگي لاءِ تسليم ڪري ٿو. ڪنهن به طاقت ۽ جبر جي اڳيان جهڪڻ جو مضبوط ارادو رکندي، پنهنجي پيرن تي خود بيهڻو آهي. اسان جو مهذب معاشرو قرآن جي تعليم جي مطابق موجوده حصول کي پنهنجو حق مڃي ٿو ۽ ٻين جي غلبي ۽ ماتحتي کي نندي ٿو. بيشڪ قومن جي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال ۽ منافقت ۽ ٻٽي رويي کي نندڻ ۽ ان جي عيوض بين الاقوامي لاڳاپن، عزت ۽ احترام جي اصولن ۽ منطق کي اپنائڻو آهي. اهو مهذب معاشرو جنهن جي لاءِ اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جي اجتماعي شناخت تي ٻڌل آهي، جنهن جي حصول جي لاءِ مفڪرن ۽ دانشورن جي مسلسل ۽ لڳاتار ڪوششون درڪار آهن. اهو ڪو اهڙو خزانو نه آهي، جنهن کي رات ئي رات وچ ۾ کوٽي ڪڍيو وڃي، بلڪ اهو زندگي ۽ اخلاق جو هڪ اهڙو سرچشمو آهي، جنهن جو وهڪرو اسان جي لاءِ مفيد هوندو. انڪري ان خزاني جي مسرت ۽ لذت آهستي پر مسلسل آهي ۽ ان ڳالهه تي مبني آهي ته اصولي طور تي ان کي تسليم ڪيو وڃي ۽ پنهنجي ميراث کي ٻيهر ڳوليو وڃي. هڪ طرف اسان جي اصولي ۽ دانشوراڻي روايت آهي ۽ ٻئي طرف اڄ جي زماني جو سنجيده سائنسي ۽ فلسفياڻو عقل ۽ شعور آهي. قدرتي امر آهي ته فڪر وارن ۽ علم ۽ سمجهه وارن جو ئي قائداڻو ۽ مرڪزي ڪردار ان پوري تحريڪ ۾ اڳڀرو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي ڪاميابي جو دارومدار ان تي آهي ته سياست فڪر ۽ اخلاق جي تابع هجي ۽ ائين نه ٿئي جو محدود دائري ۾ ان جي تابع ٿي ڪم ڪري.
    مون جيڪا ڳالهه هاڻي عرض ڪئي آهي، اها صرف خيالي مشق نه آهي، بلڪ مستقبل جي هڪ تصوير آهي. ان جو حصول ممڪن آهي ۽ ان جي حصول جي ڪوشش ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي.
    اهو اسان جو عقيدو آهي ته ايران ۾ اسلامي انقلاب جي ڪاميابي، ان راه تي گامزن رهڻ جي ڪري حاصل ٿي آهي. ايران جي معزز ۽ محترم عوام پوري خود اعتمادي ۽ پوري ثابت قدميءَ سان ان راه تي هلي رهي آهي. جيتوڻيڪ هڪ طرف مشڪلاتن جو مقابلو ۽ داخلي طورتي واپسي جون عادتون ۽ ٺهيل ذهني ميل ۽ ٻئي طرف ٻاهريون دٻاءُ ۽ سازشون آهن پر پوءِ به ان راه تي هلندي ايراني عوام دنيا جي سڀني مسلمان ۽ ٻين قومن ۽ ملڪن ڏانهن به تعاون ۽ اخوت جو هٿ وڌائي رهيا آهن.
    اسلامي احترم ۽ وقار جي آزادي، جنهن خداوند قدوس اسان جي لاءِ مقرر ڪئي آهي، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي صلاحيتن سان گڏ موجوده دنيا جي سامهون اسان پنهنجي دعويٰ پيش ڪري سگهون ۽ هڪ نئين تمدن جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ اسان سرگرم ڪردار به ادا ڪري سگهون يا گهٽ ۾ گهٽ ان نئين تهذيب جي تشڪيل ۾ ڪجهه حصو وٺون جيڪو موجوده تمدن جي جاءِ اختيار ڪرڻ وارو آهي.
    ان سلسلي ۾ اسان مسلمانن کي ٻن اهم ڳالهين تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي؛ پهرين عقل ۽ دليل ۽ ٻيو اتحاد ۽ اتفاق. انهن ٻنهي عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم انسان، پيغمبر اسلام جي قيامت تائين باقي رهڻ واري ميراث “قرآن پاڪ” ڏانهن هر وقت توجهه کان سواءِ اسان وٽ ٻئي ڪابه شي نه ٿي سگهندي. هڪ نهايت ئي اهم ۽ شاندار اسلامي ورثو، جيڪو پيغمبر اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، دنيا جي ڪهڙي مقدس يا آسماني ڪتاب يا پيغام قرآن پاڪ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته دنياوي ۽ ديني تخليق جي باري ۾ عقل پسندي، غور ۽ فڪر، سوچ ويچار ۽ محنت کان ڪم ورتو وڃي ۽ گذريل قومن ۽ ماڻهن جي انجام کي به نظر ۾ رکيو وڃي ۽ انهن مان سبق حاصل ڪيو وڃي. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه هي آهي ته تمام قومي، نسلي، لساني ۽ مذهبي اختلافن جي سلسلي ۾ به قرآن پاڪ تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهو مسلمانن کي اتحاد ۽ اتفاق جي تلقين ڪرڻ وارو ۽ سڀ کان گهڻو قابل اعتماد ذريعو آهي. اڄ به قرآن پاڪ جي چمڪدار شعاع ۽ ڪرڻا اسان جي مستقبل جي افق کي روشن ڪري سگهن ٿا. پر واضح رهي ته ان سلسلي ۾ ضد ۽ عادت پرستي کان هرگز ڪم نه وٺڻ گهرجي ۽ ٻئي طرف پنهنجي مقابلي ۾ ٻين قومن کي حقارت جي نظر سان هرگز ڏسڻ نه گهرجي بلڪ ڪنهن احساس ڪمتري جي کانسواءِ اسان کي، اڳيان وڌڻ گهرجي.
    ان موقعي تي هن محترم اجلاس ۾ پنهنجي معزز ٻڌندڙن جي خدمت ۾ برادراڻي احساسن سان گڏ مسلمان ملڪن لاءِ اهي ترجيحون پيش ڪريان ٿو، جيڪي مسلمان ملڪن لاءِ لازمي آهن ۽ جن جي ذريعي بعد ۾ اهي پنهنجي مسئلن جو علاج ڪري سگهن ٿا ۽ ان سلسلي ۾ آئون ڪانفرنس سان هر ممڪن تعاون جي درخواست ڪريان ٿو.

    1- هڪ جديد ۽ منصفاڻي عالمي نظام جي طرف:
    جيتوڻيڪ آمريڪي سياسي ماهر ٻين تي پنهنجي مرضي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ هر وقت سرگرم آهن ۽ دنيا جي اڪيلي سر اعليٰ طاقت جي حيثيت سان هئڻ به ائين گهرجي ته سڄي دنيا ان جي آس پاس گهمندي رهي. بين الاقوامي لاڳاپا گذريل ٻن قطبي نظام کان نڪري تاريخ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن. اسان جي اعتبار کان عالمي سطح تي هڪ نئون نظام اڀري سامهون اچي رهيو آهي، جيڪو ڪثرت تي مبني آهي ۽ جنهن ۾ انشاء الله هڪ قطبي نظام جو قبضو نه هوندو. اسان مسلمان ملڪن جي لاءِ لازمي امر اهو آهي ته اسان دليري ۽ بهادريءَ سان توسيع پسندي جو مقابلو ڪريون ۽ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي نئين سياسي نظام، بين الاقوامي لاڳاپن جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ اسان جو به حصو هجي ۽ اسان ان سلسلي ۾ پنهنجي مقام ۽ مرتبي کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهون. ان جي لاءِ لازمي سوچ سمجهه، منصوبه بندي ۽ گڏيل ڪوشش جي ضرورت آٓهي.
    مسلمان ملڪن جي لاءِ لازمي آهي ته اهي پنهنجي صلاحيتن سان گڏ پنهنجي حيثيت جو به بخوبي جائزو وٺن ۽ خارجي ماحول جو ڀرپور تجزيو ۽ گهيرو ڪندي، اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪن جنهن سان هو پنهنجي داخلي وسيلن کي ڪم ۾ آڻيندي، سياسي اتحاد ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهن۽ ان طرح سان بين الاقوامي فيصلن ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني ۽ اثرائتو بڻائين. ابتدائي طور تي پنهنجن اصولن تي ڀروسو ڪندي، مشترڪ ميراث ۽ صلح ۽ صفائي کي اڳيان رکي ڪوشش ڪن ته اسان جا نظريا مختلف شعبن ۾ ويجهو ٿين ۽ ان کان پوءِ ڪوشش ڪن ته پنهنجين صلاحيتن کي، ڀرپور طريقي سان ڪم آڻيندي هڪ مضبوط ۽ مربوط زنجير کي وجود ۾ آڻين.

    2- عالمي ۽ علائقائي صلح وسلامتي:
    هڪ جديد انساني عالمي نظام جي تشڪيل ۾ گڏيل ڪوشش اسلامي دنيا جو تاريخي مشن رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي عالمي و علائقائي سطح تي صلح و سلامتي قائم ڪرڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ مڪمل ۽ ڀرپور تعاون يقيناً هڪ ناقابل ترديد تحفظ جي ضرورت آهي. بهر صورت دنيا ۾ مستقل امن وسلامتي ۽ انساني تحفظ جي فراهمي جي لاءِ سرد جنگ جو جيڪو نمونو موجوده ضرورت جي تحت عالم وجود ۾ آندو ويو هو، تنهن کي عوام جي راءِ خاطر ان خيالي و خارجي دشمن سمجهي هاڻي هڪ طرف رکيو وڃي. اها ته وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪجهه توسيع پسنداڻيون قومون، دنيا ۾ اسلام جي هڪ خيالي مخالف ۽ دشمن جي تخليق جون خواهشمند آهن. انڪري اها ڳالهه لازمي آهي ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي امن وسلامتي جي باري ۾ پريشاني ۾ گهٽتائي ۽ اسلام جي دشمن جي طرفان غلط پروپيگنڊا کي بي اثر بڻائڻ لازمي لاءِ اسان کي هوشيار رهڻ گهرجي. اسان جي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو مسلمانن جي سياسي، تهذيبي ۽ اقتصادي وجود جي خلاف وڌندڙ ڌمڪين جو رجحان، خاص طور تي انهن ڌمڪين ۾ واڌ ۽ تشدد ۽ مسلم امت جي عقيدي ۽ انهن جي تاريخي شناخت ڏانهن توجهه، تهذيبي حملن ۽ تجاوز ۾ واڌ جو آغاز، انهن سڀني جي نتيجي ۾ اسان مسلمان گهڻا ئي حساس ۽ خطرناڪ صورتحال مان گذري رهيا آهيون ۽ ان دنياوي خطري ۽ ڌمڪي جي مقابلي جي لاءِ اسان جي مستحڪم اتحاد ۽ اتفاق جي راه ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪرڻ گهرجي.
    اڄ جي دنيا ۾، جيڪا هڪٻئي تي منحصر ۽ هڪٻئي جي تابع آهي ۽ جتي مختلف خطن ۽ علائقن جي سلامتي ناقابل تقسيم آهي، پاڻ ۾ اعتماد کي وڌائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ، پوري دنيا جي ذميداري سمجهي وڃي ٿي. امن و سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اعتماد کي بحال ڪرڻ بنيادي ۽ مناسب ترين طريقيڪار ٿي سگهي ٿو. پاڻ ۾ اعتماد جي بحالي ۽ امن وسلامتي جي باري ۾ غور و فڪر ۽ ان جي سلسلي ۾ پيدا ٿيندڙ پريشاني ۾ گهٽتائي جي لاءِ زمين مهيا ڪرڻ، مسلمان ملڪن جي وچ ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ انهن شين کي سڀ کان گهڻي اهميت ڏيڻ گهرجي ۽ اهائي اسلامي ڪانفرنس تنظيم جو ايجنڊا به هئڻ گهرجي.
    اسلامي دنيا ۽ ٻين ملڪن ۾ لاڳاپن جو بڻياد به عدم اعتماد، غلط فهمي ۽ مخالفت جي تصورن تي ٻڌل آهي. ان ۾ ڪجهه ته تاريخي سببن جي ڪري آهي ۽ ڪجهه جو سبب حڪومت ۽ تسلط جي جذبي جي تحت لاڳاپن جو نتيجو آهن. انهن پراڻين غلط فهمين کي هوا ڏيڻ جي غرض کان حڪمران ۽ تسلط ڪرڻ وارا غلط فهمين کي وڌائيندا رهن ٿا. ان سلسلي ۾ تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو لاءِ زمين هموار ڪرڻ گهرجي ۽ ان مقصد ۾ دانشور طبقو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. بهرحال ان ڪم لاءِ اسان هڪ بنيادي رستو افهام و تفهيم جو کوليون، جنهن سان حقيقي امن و سلامتي جو بڻياد قائم ٿئي ٿو ۽ جيڪو دراصل سڀني قومن جي حقن مڃڻ جي بنياد تي ٻڌل آهي ۽ عوامي راءِ ۾ منفي پروپگنڊا جي اثرن جي بنياد کي ئي ڪمزور ۽ بي اثر ڪري ڇڏي ٿو.
    اڄ جي دنيا کي امن و سلامتي گهربل آهي ۽ اهو به ظاهر آهي ته پائيدار امن انصاف ۽ هڪٻئي جو احترام جي بڻياد تي ئي قائم ٿي سگهي ٿو. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته امن و سلامتي جي مهم ۾ درحقيقت انصاف ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي خواهشن جي احترام کانسواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي. جيئن ته وچ اوڀر جي مسئلي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته حقيقي امن تڏهن ئي قائم ڪري سگهجي ٿو، جڏهن فلسطيني عوام جي جائز حقن کي تسليم ڪيو وڃي، جنهن ۾ انهن جو ناقابل ترديد چونڊن جو حق، فلسطيني مهاجرن جي واپسي ۽ قبضو ٿيل علائقن، خاص طور بيت المقدس جي آزادي امن جي ضامن ٿي سگهي ٿي. اها هڪ حقيقت آهي ته غاصب، نسل پرست ۽ جلاد صفت يهودي حڪومت جي زورآوري، بين الاقوامي قاعدن ۽ قانونن جي سخت خلاف ورزي، حڪومتي دهشت گردي، ايٽمي ۽ جوهري توانائي سان مالامال هٿيارن جي تياري، خطي جي امن و امان لاءِ هڪ خطرناڪ ڌمڪي آهي.
    خليج فارس جهڙي فوجي اهميت جي حامل ۽ حساس علائقي ۾ علاقائي رياستن کي امن و سلامتي جي ذميداري خود نڀائڻ گهرجي. اسان جي نظر ۾ اهڙن حساس علائقن ۾ غير ملڪي فوجون ۽ بحري جهاز جي موجودگي نه رڳو عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجن ٿيون، بلڪ خطرناڪ ماحولياتي نتيجن ۽ آلودگي ۾ به واڌ ٿئي ٿي.
    افغانستان جي پياري سرزمين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو هڪ عظيم انساني الميو آهي ۽ اها سرزمين غير ملڪي مداخلت ۽ پوري خطي ۾ استحڪام و سلامتي کي بگاڙيندڙ علائقي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. مسلمان ملڪن ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي زور ڏيڻ گهرجي ته افغانستان جي مسئلي کي فوجي وسيلن جي ذريعي حل نه ٿو ڪري سگهجي.
    ان ملڪ جي دردناڪ حالت جي حقيقي اصلاح لاءِ پهرين ته سڀني لاڳاپيل گروهن ۾ افهام و تفهيم جي ضرورت آهي ۽ ان کان پوءِ پاڻ ۾ واعدن ۽ معاهدن ۽ افغاني عوام جي شرڪت جي ذريعي حل تلاش ڪرڻ گهرجي. اسلامي ڪانفرنس امن و سلامتي جي حصول جي لاءِ ان ملڪ جي رهنمائي ۽ مدد ڪري ۽ سڀني فريقن کي گهرائي معاهدي ۾ شامل ڪري.
    عراق ۾ صورتحال خاص طور سان ملڪ جي اتر ۾ پريشاني ۽ فڪرمندي جو سبب آهي. ان سلسلي ۾ عراق کي بين الاقوامي ادارن سان پورو تعاون ڪرڻ گهرجي. اسان جو عقيدو آهي ته غير ملڪي مداخلت جي ڪري خاص طور سان ان علائقي ۾ جهڳڙو ۽ جنگ جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين شهري بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ان خطي ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اسان عراق جي علائقائي اتحاد کي اهميت ڏيون ٿا ۽ پنهنجي آمادگي ۽ رضامندي جو اعلان ڪريون ٿا ته هن اهم ملڪ ۾ سڀني انساني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لازمي قدم کنيا وڃن.
    غير ملڪي مداخلت ۽ ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ جو خطرناڪ منصوبو، خاص طور سان اسرائيل جي طرفان اسان جي علائقي جي اڪثر حصن ۾ موجود دهشت گردي ۽ ڇڪتاڻ اسان جي لاءِ گهڻو ئي پريشاني جي ڳالهه آهي. اسان علائقي جي سڀني ملڪن کي آگاه ڪريون ٿا ته اهي هوشيار رهن. اسان جي مرڪزي ايشيائي ۽ ڪوهقاف جي علائقي جون حڪومتون، جيڪي پاڻ کي مڃائڻ واري موجودگي ۽ پوري وقار ۽ عزت و افتخار سان آزادي ۽ ترقي جي راه تي گامزن آهن، اسان اسلامي دنيا ۾ انهن کي ڀليڪار چئون ٿا. ان موقعي تي تاجڪستان جهڙي برادراڻي ۽ دوست ملڪ ۾ امن و سلامتي جي رجحان جي آجيان ڪندي، آئون ضرور ڄاڻان ٿو ته، صدر رحمانوف ۽ جناب عبدالله نوري، چيئرمين نيشنل ريڪنسيليشن ڪميشن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ڇو ته امن جي قيام ۾ انهن ٻنهي ڀرپور مدد ڪئي. تاجڪستان ۾ اڃا به امن و سلامتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران، اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي دعوت ڏئي ٿو ته هوان ملڪ ۾ امن جي قيام جي عمل کي مضبوط ڪري ۽ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري ته اتي نسلي اختلاف نه پکڙجي سگهن.
    اڄڪلهه ڪجهه اسلامي ملڪ غير ملڪي ڌمڪين ۽ سازشن جو شڪار آهن ۽ پنهنجي داخلي اختلافن جي سازشن ۽ پريشانين ۾ ڦاٿل آهن. اسلامي ڪانفرنس عام طور، ۽ اسلامي ملڪ خاص طور انهن ملڪن جي آزادي ۽ ٻين مفادن ۽ فائدن جي سلسلي ۾ پنهنجي مڪمل تائيد ۽ ڀرپور حمايت جو اعلان ڪن ۽ ان سان گڏوگڏ مسلمان قومن جي خواهشن ۽ آرزوئن جي احترام جو پڻ اعلان ڪن. ان کان سواءِ اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي ان طرح عمل ڪرڻ گهرجي ۽ ان راه تي هلڻ گهرجي، ته مسلمان دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجن ۽ اهي اقليتي مسلمان جيڪي غير مسلمان ملڪن ۾ رهن ٿا، ان تنظيم تي مڪمل ڀروسو رکن ۽ کين ان تنظيم مان لازمي و يقيني مدد ملي سگهي.

    3- اسلامي ملڪن جي ڀرپور، متوازن ۽ مسلسل ترقي:
    اسلامي معاشرن جو تحفظ، استحڪام ۽ انهن جي آزادي ۽ اهڙي نموني سان مسلمان قومن جي عزت ۽ انهن جي وقار جي اساس ترقي آهي. اسان جي راءِ ۾ مناسب ۽ ڪجهه سلسلن ۾ ترجيحي ترقي ڀرپور متوازن ۽ مسلسل هئڻ گهرجي، جنهن ۾ سماج جا سڀئي فرد مثلاًعورتن ۽ نوجوانن جي شرڪت لازمي آهي. ٻيا حصا به شرڪت ڪن. عورتن ۽ نوجوانن سان گڏ، ترقيءَ جي اها وصف بيان ڪئي وئي آهي. ان جي مادي ۽ روحاني زندگي جي برڪتن مان حاصل ٿيندڙ مسرتون ۽ خوشيون ئي ترقي جي اساس ۽ بڻياد آهن.
    ان طرح جي ترقي جي لاءِ سڀ کان پهرين ترقيءَ جي اهڙي ماڊل ۽ نموني جي ضرورت پوي ٿي، جيڪو اسان جي معاشري سان هڪجهڙائي رکندڙ هجي. اسان کي اهو به مڃڻ گهرجي ته ڪوبه ملڪ ترقيءَ جي راه جي سڀني مشڪلاتن تي خود غلبو پائي نه ٿو سگهي. ان کان سواءِ اسلامي ملڪن جي لاءِ لازمي آهي ته اهي، پنهنجن امڪانن ۽ صلاحيتن جو ڀرپور دقيق ۽ سائنسي طريقي سان جائزو وٺن ۽ انهن صلاحيتن کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد ڪن. پنهنجي تقابلي منافعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي. اسلامي دنيا ۾ ترقي جي ڪمن جو اهڙو سيڪشن يا حلقو، جيڪو هڪٻئي سان ڳنڍيل هجي، وجود ۾ آڻين. ان سان گڏوگڏ خدا جي عطا ڪيل سرمائي ۽ قدرتي ذريعن جو پورو استعمال ڪن. ان اهم مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ عمده انتظام ۽ علمي ٽيڪنڪ ۽ انساني قوت مان فائدو حاصل ڪيو وڃي.
    ان جي لاءِ مناسب ناتو ۽ اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ميدانن ۾ لهه وچڙ ۽ ان سان گڏوگڏ خصوصي ۽ مهارت رکندڙ ماهر ڪاريگرن ۾ لهه وچڙ به ضروري آهي. انهن قدمن کڻڻ ذريعي اسلامي دنيا يقيناً موجوده ۽ ايندڙ زماني ۾ ترقي، قدرت ۽ اقتدار جو اهم قطب بڻجي ويندي.
    مسلمان ملڪن ۾ موجوده مذهبي پيوند، روحاني قربتون ۽ مشترڪ تهذيبي ورثي جي تڪميل جيڪڏهن سائنسي اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي لهه وچڙ ۽ لاڳاپن سان ٿي وڃي ته يقيناً ضروري سطح جو مادي ۽ اخلاقي بڻياد ملي ويندو ۽ اهو هڪ ترقي پسندي اعليٰ ۽ پرامن معاشري جو ٿنڀ بڻجي ويندو. ائين انهن ملڪن کي پوءِ اجتماعي ترقي ۽ سلامتي حاصل ٿي ويندي.

    4- اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي ڪردار جو ٻيهر جائزو:
    اسلامي ڪانفرنس تنظيم ئي پوري اسلامي دنيا ۾ واحد عالمي، پر چند جهتي تنظيم آهي، جنهنجو مٿين ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. انهيءَ بالعموم بڻيادي مقصد شرڪت، گفتگو ۽ ترقي کي سامهون آندو آهي. گذريل ڏهاڪي ۾ بالعموم مذهب جو انساني معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾؛ ۽ خاص طور تي اسلام جو خصوصي ڪردار رهيو آهي ۽ انهن انساني لاڳاپن کي سامهون رکندي، سڄي دنيا جا مسلمان حق تي آهن ته هو پنهنجي اسلامي، انساني ۽ بين الاقوامي ضرورتن ۽ تمنائن جي تڪميل جي سلسي ۾ اسلامي ڪانفرنس تنظيم کي هڪ پناه گاه مڃين ٿا.
    اسلامي ڪانفرنس تنظيم، پنهنجن ٽيهن سالن جي تجربي جي بدولت اهڙن وسيلن ۽ امڪانن سان مالامال ٿي وئي آهي جو هاڻي اها بين الاقوامي سطح تي هڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. بس اهو امر فطري آهي ته هاڻي مسئلن کي نئين نقطهٔ نظر سان ڏٺو وڃي ۽ تنظيم جي ساخت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ اهڙو طريقيڪار استعمال ڪيو وڃي جو ان جا فيصلا اثرائتا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ يقيني ٿي وڃي.
    موجوده حالتن ۾ اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي لاءِ لازمي آهي ته اها بين الاقوامي طور تي، پنهنجي وجود کي گهڻو متحرڪ ۽ نت نئون تجربو ڪرڻ وارو بڻائي. خاص طور تي اهي فيصلا، جيڪي ميمبر رياستن جي جهڳڙي ۽ اختلاف جي سلسلي ۾ آهن يا اهي پريشانيون جيڪي ٻاهران انهن تي مڙهيون ويون آهن، تنظيم جو اهو قدم جيڪو ان بوسنيا جي قابل احترام عوام جي حقن جي حمايت ۾ کينو آهي، ان کي تنظيم جي طرفان بين الاقوامي مشڪلاتن ۽ مسئلن جي سلسلي ۾ هڪ اهم ۽ تبديل ٿيل نقطهٔ نظر چئي سگهجي ٿو. تحفظ ۽ تسلسل حساس ۽ فوري ۽ شديد امداد، مسلمان معاشرن ۽ مسلمان قومن ۽ غير ميمبر ملڪن ۾ اقليتن جي حقن ۽ مفادن جو خيال، تعميري نقطهٔ نظر کان مسئلن ۽ خاص طور تي پراڻن مرضن جو علاج، جيئن ڪشمير جو مسئلو آهي، تنظيم کي ان سلسلي ۾ اداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گهڻو نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
    اسان سڀني کي اسلامي ڪانفرنس تنظيم جي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها گهڻو زور ۽ سڌي طريقي سان اسلامي دنيا جي اختلافن جو مخلصاڻو ۽ همدرداڻو حل ڳولي سگهي. اسان کي مالي ۽ سياسي اعتبار کان تنظيم جي مدد به ڪرڻ گهرجي ته جيئن اها متفق فيصلن تي عمل ڪرائي سگهي. پر ان سان گڏوگڏ تنظيم کي اسلامي دنيا جي بڻيادي ۽ اهم مسئلن ۽ مشڪلاتن جي طرف پوري توجهه ڏيڻ گهرجي. اها پنهنجي فيصلن جي دائري کي وڌائي ۽ پنهنجي سرگرمين ۽ منصوبن کي نئين توانائي بخشي. يقيناً ان سان تنظيم کي وڌيڪ طاقت ۽ توانائي حاصل ٿيندي.
    آخر ۾ هڪ دفعو وري پنهنجن معزز مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ اسلامي ڪانفرنس تنظيم ۽ هن محترم مجلس جي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ دعاگو آهيان الحمدلله رب العالمين (شڪر ان الله جو جيڪو عالمن جو پالڻهار آهي) ۽ اسان جي آخري دعا به اها آهي ته ان خدا جو شڪر ڪريون جنهن سڀني جهانن کي پيدا ڪيو.
    والسلام عليڪم و رحمته الله و برڪاتھ


    باب چوٿون: گفتگو ۽ نئين صدي

    منهنجي لاءِ اها تمام گهڻي خوشي ۽ مسرت جي ڳالهه آهي ته آئون توهان ماڻهن سان يونيسڪو (UNESCO) جي جلسي ۾ اڄ جي اهم تهذيبي ۽ سياسي مسئلن تي خطاب ڪري رهيو آهيان. ايندڙ نسلن تي ان مسئلي جو گهڻو اثر پوندو. انهن کي خراب اثرن کان ڇوٽڪارو ملندو ۽ اخلاقي، روحانيءَ جمالياتي طورتي پڻ تقويت حاصل ٿيندي. آئون مڃان ٿو ته تجويز ڪيل تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو ۽ مذاڪري جي نتيجي جي سلسلي ۾ ضرورت کان گهڻو پراميد هئڻ يا حوصله شڪني ۽ مايوسي دنيا جي موجوده صورتحال جي پيش نظر اطمينان ۽ مايوسي ۾ مبالغه آرائي هوندي، پران تجويز جي سلسي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن، انهن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ظاهر آهي ته اسان کي ان وڏي ڊگهي، مشڪل ۽ خطرناڪ رستي جو اندازو هئڻ گهرجي. ان سان گڏوگڏ ان تجويز جي عمل آوري جي امڪانن جو شعور هئڻ به ضروري آهي، ڇو ته انساني زندگي جي مستقبل تي ان جا مستقل سياسي اثر ۽ ان کان پوءِ ان جي پويان تاريخ ساز واقعات به ظاهر ٿيندا. حقيقت هي آهي ته ان تجويز کي بين الاقوامي حلقن ۾، خاص طور تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ٽربيونل اجلاس ۾ ڀليڪار ڪيو ويو. ان تجويز جي اهميت جي لاءِ اها ڳالهه ڪجهه گهٽ نه آهي ته ان ڳالهه جي سڄي دنيا جي عوام ئي نه بلڪ دانشورن پڻ ڀرپور آجيان ڪئي. ائين نه آهي ته دنيا وارا هر صدا تي لبيڪ چوڻ تي تيار رهندا آهن. ان کي ڪيترن ئي مثالن سان واضح ڪري سگهجي ٿو. مثلاً ماضي ۾ جڏهن به سخي ۽ خيرانديش شخص، ڪجهه مفڪر يا ڪجهه انقلاب ماڻهو، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ کان پنهنجن واعدن ۽ وفائن جي تڪميل جي لاءِ پراڻن انساني خيالات جي جاءِ تي نئين معاشري کي آڻڻ لاءِ پنهنجا آواز بلند ڪندا هئا. جيتوڻيڪ اهو انتهائي مخصوص موقعو آهي ته عالمي برادريءَ تمدنن جي درميان گفتگو جي آواز تي پڻ لبيڪ چيو آهي.
    ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي ته ان واقعي جي سببن جي تشريح ۽ وضاحت ۾ سماجي ۽ سياسي تسليم ٿيل عقيدو يا موجوده فلسفياڻو نظريو قابل قبول نه آهي. ان تصورتي مبني ۽ ان سوال جي جواب جي اميد ۾ ته سڀني تمدنن جي درميان گفتگو جي تجويز کي سڀ کان پهريان اسلامي جمهوريه ايران، اقوام متحده جنرل اسيمبليءَ جي ۵۳ هين اجلاس ۾ ڇو پيش ڪيو ۽ ان کي اهڙي غير معمولي مقبوليت ڇو حاصل ٿي؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ جي لاءِ قومي مفاد ۽ سياسي مصلحتن جي بدران انساني ڳالهه ٻولهه (ابلاع و ترسيل) جي ڪجهه رائج سببن ء ڪارڻن جي وضاحت لازمي معلوم ٿئي ٿي ۽ تمدنن جي درميان گفتگوءَ جي بنيادي تصور ۽ گفتگو جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم تي چڱو خاصو بحث ڪري سگهجي ٿو.
    گفتگو جي لازمي وصف تي ٿيل مذاڪرو ۽ بحث اسان کي آخرڪار تاريخ ۽ فلسفي جي دائري ۾ داخل ڪندو ۽ پوءِ اسان کي “گفتگو” جي (Dialogue) فلسفياڻي پهلو ۽ لفظيات (لفظن) کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻو پوندو. ان کان سواءِ ان سلسلي ۾ علم وارن جي راءِ تي پڻ غور ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ ان جي لاءِ اها مناسب جڳهه به نه آهي ۽ نه ئي ان جو وقت آهي، پر اسان ڊائلاگ جي متعلق ڪجهه اصطلاحن تي گفتگو ڪرڻ جي لاءِ مجبور آهيون. اهو فرض ڪندي ته فلسفياڻي ۽ نظرياتي طور تي ان جو مطلب صاف آهي، پر اهو اصطلاح ٻنهي طرح سان، يعني استدلال ۽ استعمال جي طور رائج آهي. جڏهن اسان دنيا کي “ڊائلاگ” يعني گفتگو جي دعوت ڏيون ٿا ته اهو، يعني گفتگو، ٻنهي معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. بس اهي جلسا، جيڪي مختلف سوالن تي بحث جي لاءِ منعقد ٿين ٿا، اهي صحيح معنيٰ ۾ گفتگو جو مثال آهن ۽ اهڙي طرح سڀئي تهذيبي هنر ۽ فنون لطيفه، جي تعلق جي ڪري سائنس ۽ ادبي سرگرميون، پڻ گفتگو جو هڪ عملي روپ آهن. اها تقسيم فقط ادبي يا صرفي نه آهي، ڇو ته جڏهن اسان گفتگو جي استدلالي مفهوم ۽ معنيٰ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته اسان هڪ اهڙي دائري ۾ داخل ٿياسين جتي استعمال جو طريقو ناقابل عمل ٿي وڃي ٿو.
    هي جملو يعني “تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو ڪجهه اهڙين شين تي مشتمل آهي جن ۾ ظاهري طور تي اختلاف، بلڪ تضاد ملي ٿو. “گفتگو” ايتروئي قديم آهي جيتري قديم انساني تهذيب و تمدن ۽ ان سان گڏوگڏ اها هڪ جديد اصطلاح پڻ آهي. هڪ خاص وقت ۾ رونما ٿيندڙ واقعي جو بيان ئي اصل ۾ ڊائيلاگ جي صحيح وصف ٿيندي. ان اختلاف کي ختم ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي، جيڪڏهن اسان ان جملي کي سطحي طورتي وٺون. وڌيڪ اهو ته بيان يا واقعو تمدنن جي درميان گفتگو جي نقطهٔ نظر سان ورتو وڃي ته پوءِ تهذيب و تمدن ۽ انسان جي تعريف ڪرڻي پوندي ۽ اهو به ان طرح سان، جو اهو ڊائيلاگ جي جوهر سان نه ٽڪرائجي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته انسان جي وجود جي اجتماعي پهلو تي گهڻي توجهه ڪنداسين، انساني تمدن جي وسيع وصف کي خاص اهميت ڏيون ۽ خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڏنو وڃي ته ڪابه وڏي تهذيب يا عظيم تمدن اڪيلائي ۾ وڌي نه سگهي آهي. ٻين لفظن ۾ تهذيبن ۽ تمدنن جا فقط اهي ٽڪرا باقي رهي سگهيا آهن، جيڪي ترسيل ۽ ابلاغ جي طاقت رکندا هئا. جنهن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻڌڻ ٻئي شامل آهن. تنهنڪري “تمدن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو” ۾ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ ٻئي شامل سمجهڻ گهرجن. ٻڌڻ هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن کي وڌائڻ گهرجي ۽ اها صفت هر هڪ ۾ آساني سان ملندي به نه آهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ سخت تربيت جو ڪورس ڪرڻو پوندو، جنهن جي لاءِ ان کي پنهنجي اخلاقي ۽ عقلي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو. ٻڌڻ هڪ مجهول يا ڪمزور ڪم نه آهي. اها هڪ مؤثر ۽ زوردار مصروفيت آهي، جنهن ۾ ٻڌڻ واري جي سامهون هڪ اهڙي دنيا وجود ۾ اچي ٿي يا ظاهر ٿئي ٿي يا تحرير سان وجود ۾ اچي ٿي جو ڳالهائڻ وارو ان کي پيش ڪري ٿو پر توجهه ۽ آمادگيءَ سان ٻڌڻ کان سواءِ ڊائيلاگ جو مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو.
    سڀني “تمدنن جي درميان گفتگو” جي معنيٰ و مفهوم کي هڪ نسخي جي حيثيت سان سمجهڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته مختلف نڪتن کي صحيح نموني سمجهيو وڃي. انهن اهم نڪتن مان هڪ ڳالهه هي آهي ته هڪ فنڪار ۽ سياستدان جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن ۽ ٻئي طرف سياست ۽ اخلاقيات جي وچ ۾ موجوده لاڳاپن کي بخوبي سمجهيو وڃي. اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته هڪ وڏي سياستدان ۽ هڪ ماهر فنڪار جي وچ ۾ تعلقات جي نوعيت ڪهڙي قسم جي آهي؟ ٻنهي جي وچ ۾ اختلاف ظاهر آهي. ڇو ته اهي ٻئي ٻن مختلف انساني ميدانن سان تعلق رکن ٿا. اهي ڪهڙا ميدان آهن جن ۾ اهي گڏ آهن ۽ ڪهڙي پهلو سان انهن جي درميان مقابلو ڪري سگهجي ٿو؟ جيڪڏهن اسان سڌي سادي معنيٰ ڏسون، جيڪي سياست جي وضاحت ڪن ٿا. اهي چون ٿا ته سياسي تعلق ۾ ڪجهه ڊپلوميٽڪ مشقن جي موجودگي بذات خود هڪ فن آهي. وري اسان چئي سگهون ٿا هڪ سياستدان ۽ فنڪار جي درميان تمام گهرو تعلق موجود آهي. جيتوڻيڪ فنون لطيفه جي اعتبار کان فلسفي جي تعريف ڪيترن ئي نمونن سان ڪري سگهجي ٿي ۽ اسان کي انهن مان هڪ کي اختيار ڪرڻ جي آزادي آهي، پر اسان اها حقيقت وساري نٿا سگهون ته هڪ فنڪار اهڙو شخص آهي، جيڪو موجوده زماني ۾ رهڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اهو پنهنجي حال کي هڪ ابدي زماني ۾ بدلائي سگهي ٿو. ان ابديت کي موجوده سان بدلايون ٿا ۽ وقت جو تصور پيش ڪرڻ جي خاطر ڪڏهن “۽ ڪنهن موقعي تي” فنڪار هڪ فن جو نمونو تخليق ڪري سگهي ٿو. اسان ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ جي حيثيت ان جا مشهور تماشائي بڻجي وڃون ٿا. هي اهو ڪم آهي، جيڪو هڪ فنڪار جو جادوئي ڪمال ٿئي ٿو ۽ فقط وڏا فنڪار ئي اهو مقام حاصل ڪرڻ جا قابل هوندا آهن. ان مرحلي ۾ هڪ فن پاري جي تاريخي قسمت “دوام” (هميشه) سان رنگجي وڃي ٿي. اسان ان حقيقت جا شاهد آهيون ته قومن جي تاريخي قسمت جو ڍانچو وڏا سياستدان ڪنهن خاص موقعي تي تيار ڪن ٿا.
    مون کي اميد آهي ته هي لفظ توهان کي ڪو پراڻو اختلاف ياد نه ڏياريندا، جيئن تاريخ تي شخصيتن جي اثر جي باري ۾ طرح طرح جا مباحثا ٿيندا رهيا آهن. ڇو ته مٿي آئون ان سلسلي ۾ ڪنهن طرح جو به مباحثو ڪرڻ جي نيت نٿو رکان. اسان صرف تاريخ ۾ وڏين شخصيتن جي ڪردار جي باري ۾ ئي سوال ڪري سگهون ٿا. ڪنهن شخصيت جي وجود کي ۽ ان جي انفرادي پهلوئن کي اجتماعي پهلوئن کان جدا ڪري سگهون ٿا. هاڻي اسان ڄاڻون ٿا ته ان طرح جو فيصلو هڪ طرفو هوندو چاهي ڪير به ڪري.
    تنهنڪري ذڪر ڪيل نقطهٔنظر جي بڻياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته سياسي ماهرن ۽ فنڪارن جي وچ ۾ تخليق کانسواءِ ڪا ٻئي شيءَ مشترڪ صفت جو درجو نٿي رکي. جڏهن تخليق ميدان ايندي آهي ته تڪرار يا نقالي بلڪل بي معنيٰ ٿي ويندي آهي ۽ وڌيڪ تخليق جو پورو اظهار ڪنهن به شخص ۾ ان جي مضبوطيءَ تي آهي.
    هڪ وڏو فنڪار فني حقيقت کي تخليق ۽ مضبوطيءَ سان حل ڪري ٿو ۽ هڪ وڏو سياستدان انهيءَ وانگر پنهنجي ملڪ جي بڻيادي ۽ وڏن مسئلن کي انهيءَ مضبوط ارادي جي پختگي ۽ اخلاقيات سان حل ڪري ٿو.
    اڄ سياستدان هڪ روشن مستقبل کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ وڏا قدم کڻي سگهي ٿو. اهڙو مستقبل جيڪو انصاف تي ٻڌل، زياده انساني ۽ زياده حسين هجي. “تمدنن جي درميان گفتگو” جي تجويز کي ڪم آڻيندي، اهي صرف پنهنجي ملڪن لاءِ ئي نه، بلڪ پوري دنيا جي لاءِ هڪ روشن مستقبل جي تعمير ۽ تشڪيل جو ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا.
    هڪ ٻيو اهم نقطو جيڪو مان هتي بيان ڪرڻ چاهيندس جنهن جو سياست ۽ اخلاق جي درميان لاڳاپن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو سان گهرو رشتو آهي، اهو آهي اخلاق ۽ سياست؛ جنهن جي درميان لاڳاپن جي سلسي ۾ نظرياتي اعتبار کان گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي. پر جيڪا شيءَ اسانجي لاءِ پريشانيءَ جو سبب آهي اها هيءَ ته تمدنن جي درميان گفتگو جي تجويز جي اخلاقي پهلو جي طرف گهڻي توجهه ڏني وئي آهي. ان تجويز کي ڪم آڻڻ جي لاءِ سياسي اخلاق ۾ هڪ بڻيادي تبديلي جي ضرورت آهي. عاجزي، مضبوط ارادو ۽ مقصد سان مڪمل وابستگي؛ اهي ئي اهم اخلاقي ضرورتون آهن، جن جي ذريعي سان سياست جي ميدان ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي ميدان ۾ ان تجويز کي پسنديدگي ۽ مقبوليت حاصل ٿي سگهي ٿي.
    تمدنن جي درميان ثقافتي گفتگو جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم نقطهٔنظر هي آهي ته “ڊائيلاگ” جو اصطلاح هتي تمام ئي محدود ۽ تنگ معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي. هتي اهو ان تصور کان بنهه بلڪل مختلف آهي، جنهنجو مطلب ثقافتي لاڳاپن، ثقافتي طور پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ ثقافتي غلبي سان آهي. ان ۾ گهڻا ئي سبب ڪارفرما هوندا آهن. جيئن جنگ جيڪا ثقافتي ۽ سائنسي تعاون کي ايجاد ڪندي آهي يا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ تهذيب کي ٻئي تهذيب تي غلبي حاصل ٿيڻ جو سبب جارحيت هوندي آهي. پر اسان جي دور ۾ اهو اطلاعات واري ٽيڪنالوجي جي مدد سان ٿيندو آهي.
    پر اها گفتگو ڪنهن هڪ موقعي و محل ۽ مخصوص نفسياتي، فلسفياڻي ۽ اخلاقي حالتن ۾ به پڻ ممڪن آهي. خاص نقطهٔنظر ۽ عقيدي جو حامل سياسي، اخلاقي، مذهبي ۽ خاص فلسفياڻي نظام ۾ يقين رکڻ وارو ڪوبه ماڻهو دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته هو”گفتگو” جي حمايت ڪري ٿو. هڪ سچي ۽ حقيقي ڊائيلاگ يا گفتگو جي لاءِ مختلف علمن جي باري ۾ ڄاڻ جو وجود لازمي آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه ڊائيلاگ پنهنجي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم جي اعتبار کان ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري دنيا جي تنظيمن؛ جيئن (UNESCO) جي لاءِ ضروري آهي ته هو مختلف علمن تي تحقيقي ڪم ڪرائي ۽ عالمي برادري جي لاءِ علمن کي مقبول ۽ پسنديده بڻائي، ان جي اشاعت جو انتظام ڪري.
    اها علمن ۽ تمدنن جي درميان گفتگو جي اصل تجويز، جديديت ۽ مثبت پسندي جي عقيدي جو نالو نه آهي ۽ نه ئي اها سخت فراريت وانگر آهي جيڪا جديديت کان پوءِ وارين حالتن سان ملندڙ آهي. تنهنڪري تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو جهڙي نظريي ۽ رٿا جي وڪالت ڪرڻ وارن جو فرض آهي ته اهي ان نظريي جي فلسفياڻي ۽ عالماڻي حقيقت کي ڪنهن طرح جي ملاوٽ کان پاڪ رکن ۽ آئينده به پاڪ صاف رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهن. ان طرح جي پاڪ صاف ڪرڻ جو عمل، ڪنهن به نظريي کي عقيدن جي مخالفاڻي نظريي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. سچ جي تلاش ڪري ٿو ۽ جديديت کان پوءِ وارن مفڪرن ۾ موجود غير معمولي شدت پسندي جو بنيادي سبب به اهو آهي. اهي ماڻهو دنيا جي انهن هزارين ماڻهن جي درد ڀرئي آواز ڏانهن هرگز متوجهه نه آهن، جيڪي ظلم کان نجات ۽ حق و انصاف جي تشڪيل جا خواهشمند آهن ۽ انهن ماڻهن جي بي توجهي جي ڪائي فلسفياڻي معقوليت يا وضاحت موجود نه آهي.
    تمدنن جي درميان گفتگو جي سلسلي جي هڪ ٻي ابتدائي شرط صبر ۽ تحمل آهي. جيتوڻيڪ صبر ۽ تحمل هڪ اهڙي ضرورت آهي، جنهن جو گفتگو جي ابتدائي مرحلي ۾ ئي هئڻ لازمي آهي، پر اسان کي نهايت هوشياري سان منفي تحمل ۽ مثبت تعاون جي درميان فرق ڪرڻو پوندو. ڇوته پهريون ذڪر ڪيل منفي تحمل هڪ جديد تصور آهي ۽ آخري ذڪر ڪيل يعني مثبت تعاون اوڀر جي مذهب ۽ فلسفن جو تجويز ڪيل آهي ته اهي پنهنجي موجوده منفي صبر سان مثبت عوامي تعاون جي سطح تائين، پهچي سگهن. ڪوبه مسلمان جيڪو قرآن کان واقف آهي، ان کي اها آسماني صدا ياد اچي ٿي، جنهن ۾ عوام کي انساني سرگرمين جي سلسلي ۾ ڪثرت ۽ شدت جي دعوت ڏني وئي آهي. جيئن ئي اهو تعاون جو لفظ ٻڌي ٿو، ان کي اها قرآني آيت ياد اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ رحم ۽ نيڪي ۾ تعاون تي زور ڏنو ويو آهي ۽ اهو چيو ويو آهي ته سڀني سرگرمين ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي آهي. اهي ئي اُهي قابل قدر صفتون آهن، جيڪي ٽئين هزاره ۾ دين کي نئون روپ ڏيڻ واريون آهن. ڪابه قوم پنهنجي فلسفياڻي، سياسي يا اقتصادي دليل جي بڻياد تي ان کان الڳ نه رهي. صرف اهو ڪافي نه آهي ته ٻين کي برداشت ڪيو وڃي، بلڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته ٻين سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. سڀني انسانن جي شرڪت سان انسانن جي دنيا جو نقشو بدلائي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ويهين صدي جي آغاز تائين اها هڪ انساني چوڻي لڳندي هئي، پر اڄ اها انساني زندگي جي دائميت ۽ تسلسل جي لاءِ هڪ ضرورت بڻجي وئي آهي.
    اهو تعاون صرف اقتصادي ۽ سياسي سطح جو نه آهي، بلڪ ماڻهن جي دلين کي قريب تر ڪرڻ جي لاءِ اسان کي نوان رستا تلاش ڪرڻ گهرجن ته ڪهڙن ماڻهن جي وچ ۾ موجود ذهني خال کي ختم ڪيو وڃي. ڪوبه شخص ان صورت حال ۾ دلين کي ملائڻ جي عمل ۾ گهڻو پراميد نٿو ٿي سگهي، جيستائين ان جي ذهن ۾ مذهبي فلسفياڻي ۽ اخلاقي بنيادن ۾ ٽڪراءِ موجود آهي. دلين کي ويجهو آڻڻ لاءِ ذهنن کي ويجهو آڻڻ ضروري آهي ۽ اهو ان وقت تائين ممڪن نه آهي، جيستائين دنيا جا وڏا مفڪر ٻين جي فڪرن ۽ خيالن کي سمجهڻ جي خاص ڪوشش نه ڪن ۽ پوءِ اهي کي پنهنجن ماڻهن تائين نه پهچائين. اهو ضروري آهي ته بڻيادي تصورن جي باري ۾، جيڪي دل ۽ دماغ جي متعلق آهن، ڳالهه ڪئي وڃي ۽ هر ماڻهو ان سلسلي ۾ اظهار خيال ڪري ته هو زندگيءَ جو ڪهڙو مطلب سمجهي ٿو؟ خوشي ۽ مسرت جو مطلب هن جي اڳيان ڇا آهي؟ ۽ مزي مان ڪهڙي مراد آهي؟ ان جو ڪوئي فوري نتيجو ته نه نڪرندو، پر ان جي بغير ڪو به اقتصادي ۽ سياسي اتحاد ۽ اتفاق جو نتيجو عارضي ۽ ڪمزو نڪرندو. ۲۰ صدي، جيڪا تاريخ ۾ پنهنجن ظلمن ۽ جنگين ۽ بيشمار ظلمن ۽ زيادتين جي مثالن لاءِ ياد رکي ويندي، پر ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي فلسفياڻن تصورن ۽ سياستدانن جي عقلمنداڻن قدمن لاءِ به ياد ڪئي ويندي. ڇو ته ان صدي ۾ پيدا ٿيندڙ خوني ۽ لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعا، بغير ڪنهن سياسي فڪر ۾ تبديلي جي ۽ بغير بين الاقوامي تعلق کي تبديل ڪندي ۽ تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو جي، قديم روايت کي نئين مثال سان بدلائڻ بغير انهن حادثن جو واقع ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي.
    مذهبي عقيدو، آسماني صدا جو مثبت جواب ۽ انسان جي دل جي گهراين مان نڪرندڙ آواز کي ناقابلِ تبديلي ۽ غير متحرڪ شيءَ نه سمجهڻ گهرجي. مذهب جي سلسلي ۾ اسان جي سمجهه ۾ تفسير کي عقيدي جي روح سان نه ملائڻ گهرجي. ڇو ته ان طرح جو عدم توازن مذهبن جي درميان گفتگو ۾ هڪ رڪاوٽ بڻجي ويندو. جڏهن ته توازن هڪ دائمي امن جي حصول جي لاءِ پهريون ڏاڪو آهي جيئن اسان پنهنجي روزمره جي کاڌي ۽ پاڻي کي زمين مان حاصل ڪريون ٿا، اهڙيءَ ريت روزمره جو تازو ۽ زنده عقيدي جو حصو آسمان مان حاصل ڪرڻ گهرجي. عقيدو هڪ وهندڙ درياءِ وانگر آهي ۽ ان ۾ جمود جي دلدل (گپ) جي ڪابه گنجائش نه آهي. عقيدو جڏهن مسلسل اڳيان وڌي رهيو هجي ته ان سان اخلاقيات ۽ امن جو ڦل حاصل ٿئي ٿو. اهو هميشه وهندڙ عقيدي جو هنر آهي، جنهن جي ڪري انسان دنيا سان پنهنجي ساٿي انسانن سان به محنت ڪري ٿو.
    ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن صلح جو گفتگو سان تعلق آهي، اهو هڪ مخصوص قسم جو صلح آهي، جنهن کي نالي ماتر (Pax Romana) يعني “وست پسندانه صلح” جي نالي سان به ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ ان صلح کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ طاقت کان سواءِ ان جو برقرار رکڻ ناممڪن آهي. ظاهر آهي ته اهڙو صلح انسان جي بلوغيت جي دليل آهي ۽ اهو خودبخود وجود ۾ اچي ٿو ۽ ان جي ذريعي ئي انسان کي منطقي ۽ نفسياتي ترقي حاصل ٿئي ٿي. عاقلاڻي ترقيءَ ۾ پوئتي موٽڻ تقريباً ناممڪن آهي. انهي طرح جو صلح يقيناً مضبوط ۽ ڪافي دور رس ٿئي ٿو. جنهن جي ڪري تهذيب جي وچ ۾ صلح “مذهبن جي وچ ۾ صلح” تمدنن جي درميان صلح ۽انسان ۽ فطرت جي درميان صلح حاصل ٿئي ٿو.
    اڄ انسان ۽ فطرت جي درميان مضبوط امن کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي. انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا، جنهن ۾ انسان فطرت سان محبت ڪندو هو، ان جي برڪتن مان فائدو وٺندو هو ۽ ان جي قربت ۾ پناه وٺندو هو؛ اڄ اهو سڀ ڪجهه فطرت کي آلوده ۽ خراب ڪرڻ ۽ ان کي برباد ڪرڻ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هزارن سالن جو عرصو گذري ويو، پر ان ڊگهي عرصي دوران انسان فطرت کي صرف طاقت جو سرچشمو نه سمجهو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته انسان زمين ۽ ان جي ثمر مان فائدو نه ورتو. هو پنهنجي سماجي ۽ شهري زندگيءَ کي ترقي ڏيڻ جي عمل ۾ به مصروف نه رهيو يا پنهنجي آس پاس جي فطري ماحول ۾ معمولي تبديليون نه ڪندو رهيو آهي. هن پنهنجو پاڻ کي فطرت جي مطابق بنائڻ ۾ ۽ فطرت کي پنهنجي ضرورت جي مطابق ٺاهڻ جو عمل جاري رکيو آهي. يقيناً هو اهو سڀ ڪجهه ڪندو رهيو آهي، پر ڪڏهن به فطرت کي “فقط هڪ شيءَ” جي طور تي نه سمجهيو اٿائين.
    سڀني تهذيبن ۽ روايتن ۾ ۽ سڀني خانداني گروهن ۾۽ دنيا جي قومن ۾ ڪيترائي اهڙا پراڻا رسم ۽ رواج موجود هئا، جن کي مختلف وقتن ۾ ۽ مختلف جڳهن تي عمل ۾ آندو ويندو هو ۽ جن جو تعلق فطرت جي واقعن سان هو. پر جنهن شيءَ کي اڄ جي زماني ۾ “لا تعلقي” چيو وڃي ٿو، ان نه فقط پراڻن رواجن کي بدلائي ڇڏيو آهي، بلڪ فطرت سان انساني لاڳاپن کي به بدلائي ڇڏيو آهي. ان هڪ اهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾انسان دنيا ۽ ان ۾ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي بامعنيٰ، مفيد ۽ مڪمل نٿو سمجهي، ڇو ته انسان فطرت سان وابستا ناهي رهيو. سمنڊ، جبل جنهگ ۽ بيابان هاڻي ان جي لاءِ فقط مادي ضرورت جي تڪميل جي ظاهر مختلف صورتن ۾ موجود آهي. فطرت سان انسانن جي قريبي ۽ گهاٽن لاڳاپن کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. تهذيبن ۽ تمدنن جي درميان گفتگو جي لاءِ سڀ کان اهم ۽ فوري مسئلو اهو ئي آهي، جنهن سان سڄي انسانيت متاثر ٿي رهي آهي ۽ قدرتي طور تي جنهن کي سڄي ايجنڊي ۾ سڀ کان پهرين رکڻ گهرجي.
    فطرت سان انسان جو تعلق تمدنن ۽ تهذيبن ۾ گفتگو جي سمجهه، قدرتي طورتي اڄ جي دور ۾ هڪ دلچسپ مباحثي ۾ پهچائي ڇڏيندي، جنهن جو موضوع بين الاقوامي مسئلا هوندا.
    اڄ جو انسان انصاف، امن، آزادي ۽ سلامتي جي ڳولا ۾ مشغول آهي ۽ انهن املهه قدرن کي هو هميشه ئي ڳوليندو رهيو آهي. تمدنن جي درميان گفتگو جي ذريعي، جيڪو امن جو حصول لازمي آهي، جيڪڏهن اهو هڪ دفعو حاصل ٿي ويو ته ضرور اهو پائدار به هوندو.
    اسان جنهن گفتگو کي امن وسلامتي جو بنياد ۽ لازمي ضرورت قرار ڏيون ٿا، ان مان اسان جي مراد اها گفتگو آهي جيڪا سفارتي معاهدن ۽ سمجهوتن کان الڳ هجي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي موقعا آيا آهن جڏهن جنگ ۽ صلح هڪ ٻئي سان گڏ موجود رهيا آهن. گفتگو مان اسان جي مراد ڊپلوميٽڪ زبان ۾ پنهنجن سياسي ۽ اقتصادي مفادن کي وڌائڻ، دشمن تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ مختصر اهو ته جنگ کي هڪ ٻئي شڪل ۾ جاري رکڻ نه آهي. تمدنن جي درميان گفتگو همدردي ۽ مهرباني ۽ پاڻ ۾ مفاهمت کان سواءِ ممڪن نه آهي ۽ ان ۾ ٻين جي بربادي جو خيال اچڻ به غلط آهي.
    ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته تمدنن ۽ تهذيبن جي درميان گفتگو دنيا ۾ بدنظمي ۽ گڙٻڙ پيدا ڪندي. ان امڪان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر ابتدائي مرحلي ۾ ئي ان تيزي ۽ رفتار کي گهٽائي سگهجي ٿو، جنهن سان ان حادثي جي هجڻ جو امڪان آهي ۽ اهو مقصد مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو. ٻيو اهو ته اسان کي ان عدم ڪارڪردگيءَ کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي، چاهي ان کي پسند ڪجي يا نه پر اهو انساني وجود جي سلسلي ۾ هڪ ناگزير مسئلو آهي. موت ۽ ثقافتي انتشار ۽ بربادي جي مقابلي ۾ زندگي ۽ ثقافتي ثبات قدم بهرحال بهتر چونڊ آهي.
    جنگ ۽ جهڳڙن جي حقيقت جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ کان سواءِ تمدنن جي درميان گفتگو جو نظريو اڳيان نٿو وڌي سگهي. ان طرح جي اختلافن ۽ جهڳڙن جو مطالعو دنيا جي موجوده صورتحال کي نگاه ۾ رکڻ کان سواءِ بلڪل الڳ به نٿو ڪري سگهجي. جنگيون اڪثر نفسياتي حقيقت جي سبب ٿينديون آهن ۽ سماجي نفسيات جا ماهر ۽ نفسيات جو تجزيو ڪندڙ هڪ زماني کان ان جي مطالعي ۾ مصروف آهن. اهي سياسي ۽ اقتصادي معاملن جي سبب به ٽٽي ويا آهن. غريب ۽ امير ملڪن ۽ فردن جي وچ ۾ خوفناڪ خندق جي موجودگيءَ ۾ اسان امن ۽ پاڻ ۾ سمجهه ۽ عقل جي ڳالهه ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ عالمي سطح تي فردن ۽ ملڪن جي وچ ۾ موجود عدم مساوات ۽ نابرابري جو چؤٻول آهي. دنيا جي ڪمزور ۽ غريب ماڻهن جي ترقي جي لاءِ ڪوبه سهڪاري قدم نه کڄي رهيو آهي. ظاهر آهي اهڙي حالتن ۾ اسان انهن سان “گفتگو” جو مطالعو ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ جڏهن ته ٽئين هزاري جي موقعي تي دنيا جي آبادي جو ۳۰ سيڪڙو گهڻو ئي غربت ۾ زندگي گذاري رهيو هجي. اسان انصاف کي وساري امن ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟ جيڪڏهن اولهه پنهنجي زندگي ۽ معاشرت کي بچائڻ گهري ۽ دنيا جي ٻئي حصي جي ماڻهن جي قسمت کي وساري ڇڏي، ته به اهو ڪم ممڪن نه آهي. ڇو ته پنهنجي سلامتي کي بچائڻ خاطر ٻين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ گهڻن ئي سماجي سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سببن جي ڪري اڄ جي دنيا جا سڀئي ماڻهو هڪ ئي جهاز تي سوار آهن. طوفانن جو منهن موڙڻ ۽ ڪناري تي سلامتي سان پهچڻ ۾ يا ته سڀ ڪامياب ٿيندا يا ڪوبه ڪامياب نه ٿيندو. اڄ هي بيان ڪجهه مبالغي وارو لڳندو پر سڀاڻي ان جو سمجهڻ آسان هوندو.
    نئين هزاره جي آغاز ۾ اسان جي دنيا گڏيل قسمت جي حامل آهي. اها قسمت انصاف، خوشي ۽ مسرت تي پڻ ٻڌل آهي ۽ ان جي لاءِ واحد رستو تمدنن ۽ مختلف تهذيبن جي درميان ڳالهه ٻولهه ئي آهي. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ويهين صديءَ ۾ تلوار مياڻ کان ٻاهر رهي ته ڪجهه کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪجهه کي ناڪامي. پر ايندڙ صدي کي گفتگو جي آس پاس گهمڻ گهرجي. نه ته اها تلوار ٻه ڌاري بنجي سڀني کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته طاقتور وڙهاڪو ئي ان جا پاڻ سڀ کان پهريان شڪار ٿين.


    باب پنجون: تعقل پسندي ۽ مذهب

    موجوده زماني ۾ مذهب جو درجو ۽ مرتبو، پنهنجي قسمت سازي ۾ ماڻهن جو بنيادي ڪردار، مذهب ۽ جدت پسندي وجديديت جي وچ ۾ لاڳاپن، آزادي جي سلسلي ۾ مذهبي حڪومتن جو رويو ۽ ان سان گڏوگڏ مذهب ۽ جمهوريت جي وچ ۾ لاڳاپن جهڙا اهم مسئلا مرڪزي حيثيت جا حامل آهن. جيڪڏهن اسان انهن ڏانهن توجهه نٿا ڏيون ته شايد پوءِ اهي اسان ئي هونداسين، جيڪي منظر کان غائب ٿينداسين. اهوئي ماڻهو پنهنجي دؤر ۾ زندگي گذاري ٿو. موجوده دؤر جي ڄاڻ سان مالامال ۽ اڄ جي دنيا کي گهڻو سمجهي ٿو، ۽ موجوده مسئلن جي سلسلي ۾ نوان حل ڳولهي ٿو، پر جيڪڏهن اسان وجود جي اعتبار کان اڄ جي زماني ۾ موجود آهيون، پر فڪري اعتبار کان غير حاضر ته پوءِ اسان پنهنجي زماني ۾ موجود هئڻ جي دعويٰ نٿا ڪري سگهون. اڄ انقلاب دوست ۽ مخلص اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته اسان جو انقلاب زندگيءَ جي سلسلي جو نمونو پيش ڪري ٿو ۽ اسان جي دشمنن جي خواهش آهي ته اِهو انقلاب منظر کان گم ۽ ناڪام ٿي وڃي. بس اهي اهم مسئلا آهن جيڪي هن زماني ۾ درپيش آهن ۽ جن جي طرف فوري توجه جي ضرورت آهي.
    ٽي عظيم تاريخي شخصيتون، يعني امام خميني، شهيد مطهري ۽ شهيد صدر، اسان جي موجوده تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي موجوده فڪر جي تشڪيل ۾ حصو ورتو آهي. خاص طور تي مسلمانن جي نون نسلن جي تعمير ۾ انهن جو خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. انهن جي زبردست ڪاميابي ان ۾ هئي ته انهن مسلمان دنيا ۽ خاص طور سان شيعن جي دنيا کي تهذيبي اعتبار کان بدلائي ڇڏيو. امام خميني، جيڪو نئين فڪر ۽ نئين تهذيب کي جوڙڻ وارو هو، اهو هن تاريخي تبديلي جو اهم ڪردار ثابت ٿيو آهي. اهي ٽئي شخصيتون پنهنجي علم ۽ تجربي ۾ لاثاني ۽ غير معمولي هيون ۽ ڪوبه مفڪر ۽ محقق انهن جي دؤر انديشي کي نذرانداز نه ٿو ڪري سگهي. جن ماڻهن باقاعده مذهبي سکيا حاصل نه ڪئي آهي انهن لاءِ عملي ڪمن ۾ دين جي عالم جي هدايت لازمي هوندي آهي. عقل ۽ فڪر رکندڙ ڪنهن جي انڌي تقليد نه ٿا ڪري سگهن، چاهي اِهي غير معصوم مذهبي رهنما ڪيڏائي وڏا ديني عالم ڇو نه هجن. انهيءَ سبب جي ڪري منهنجو اِهو عقيدو آهي ته عظيم شخصيتون، جيئن متحري ۽ صدر مذهبي ۽ علم و دانش جي معاملي ۾ آخري حرف نه هئا.
    اهم ۽ قابل توجهه نقطو هي آهي ته انهن شخصيتن کي اوليت حاصل هئي، جن پهريون قدم پوري يقين سان کنيو ۽ اسان جي لاءِ هڪ نمونو ثابت ٿيا. حقيقت ۾ اِهي ماڻهو گهڻي احترام ۽ عزت جا لائق آهن، پر انهن جي خيالن تي تنقيدي نظر وجهڻ گهرجي. ڇا متحري ۽ صدر اسانجي معاشري کي نئون فڪر ڏنو ۽ نئون رجحان ڏنو آهي؟ منهنجو عقيدو آهي ته انهن شخصيتن جي اچڻ کان اڳ ان نئين فڪر اسان جي معاشري کي بدلڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، ان کان اڳ جڏهن اسان جو مقابلو مغرب سان شروع ٿيو. ان وقت اسان جي ڪجهه مغرب کان متاثر دانشورن بنيادي طور تي اولهه جي فڪرن کي پنهنجو ڪيو. جڏهن ته ڪجهه سخت روايت پسند دانشورن مغرب کي بالڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو. مذهبي فڪر جي سني شيعا فرقن جي پيشوائن جهڙوڪ سيد جمال الدين اسد آبادي، شيخ محمد عبده، اقبال لاهوري، علام نائيني ۽ عظيم شخصيتون جهڙوڪ متحري شريعتي ۽ صدر نه ته اولهه ۾ ٿيڻ جا قائل هئا ۽ نه ئي مڪمل طور تي ان کي رد ڪرڻ چاهيندا هئا. ان جي جاءِ تي انهن هڪ صحتمنداڻو وچون رستو اختيار ڪيو. اسدآبادي جو ڪتاب مثال جي طور پيش ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ هن ماده پرستي تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ان ڪتاب ان سلسلي ۾ هڪ ڊگهي بحث شروع ڪري ڏني. شهيد متحري ۽ صدر جي زماني کان پهرين علامه طبا طبائيءَ ايرن ۾ ۽ ٻين ڪيترن مسلمان مفڪرن انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. متحري ۽ صدر کي غير معمولي حيثيت ان اعتبار کان به حاصل آهي ته انهن ماديت پرستي ۽ اشتراڪيت جي مُقابلي ۾ اسلامي فڪر جو بچاءُ ڪندي، هڪ نئين فڪر جو رواج وڌو جيڪو عميق مطالعي جي بنياد تي ٻڌل آهي. اهو موضوع انهن سڀني دانشورن ۽ مذهبي ماڻهن جي توجهه جو طالب آهي، جيڪي مذهب ۽ جديد روشن فڪر جي باري ۾ سوچين ٿا.اولهه جي خرابين ۽ خامين جي سلسلي ۾ وڌيڪ غور و فڪر ۽ کوجنا جي ضرورت آهي. اسانجي مذهبي فڪر ۽ اولهه جي قدرن ۾ گهڻو فرق موجود آهي. اسانجي فڪر جو بنياد خدا جي حاضر و ناظر ۽ عليم ۽ خبير سمجهڻ تي بنياد رکيل آهي، جڏهن ته اولهه ان طرح جي ڪنهن به وجود جو شروع کان ئي انڪار ڪري ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ سماجي ۽ معاشرتي معاملن کي هلائڻ جي دائري ۾ ان طرح جي وجود جو قائل نه آهي. اِهو هڪ تمام وڏو فرق آهي ته روحاني معاملن ۾ اسان جي مقابلي ۾ اولهه کي گهٽ قوت حاصل آهي.
    موجوده دور ۾ اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي طاقتن تي اولهه جو قبضو آهي، جڏهن ته مسلمان انهن ميدانن ۾ گهڻو پوئتي آهن. اسانجو قرآن مجيد حڪم فرمائي ٿو ته انهن جي مقابلي ۾ پوري طرح قوت حاصل ڪريو پنهنجي پوري توانائيءَ سان گڏ، (قرآن.۶ـ۹)اصل ۾ قرآن اسان کي مشورو ڏئي رهيو آهي ته اسان طاقت جي سڀني برابري وارن ذريعن کي حاصل ڪريون ته جيئن اسان پنهنجي قوت جي زور تي پنهنجي حقن جو دفاع ڪري سگهون. آءٌ هتي ان رهنمائي جي بنياد کان اختلاف ڪريان ٿو. ڇو ته تمدن کي مان هڪ بنياد مڃان ٿو ۽ مان تمدن کي نه رهنما مڃان ٿو ۽ نه روشني. تمدن خاص عقيدن جي ضرورتن ۽ ماڻهن جي خدشن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ جيئن جيئن ماڻهن جا عقيدا بدلبا آهن، تيئن تيئن تمدن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي. حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم کان پوءِ ٽين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ (اٺين ۽ نائين صدي عيسوي ۾) مسلمان اسلامي تعليم جي بنياد تي ۽ قرآن تي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ايراني ۽ يوناني تمدنن کان حاصل ڪيو هو، ان جي بنياد تي هڪ نئون تمدن وجود ۾ آندائون. جيتوڻيڪ اسلامي تمدن جو سنهري دؤر ختم ٿي ويو آهي، پر ان جو مطلب اِهو نه آهي ته قرآن ۽ اسلام بي ربط ٿي ويا آهن. اسان مسلمانن جو عقيدو آهي ته اسان قرآن ۽ صحيح ۽ معتبر اسلام تي ايمان رکون ۽ پنهنجي مذهبي بنيادن تي اڄ جي مسئلن جو حل ڳوليون. اولهه جي تمدن جا اثر سڀني جڳهين تي موجود آهن، پر منهنجو عقيدو آهي ته اِهو تمدن به ابدي ۽ آخري نه آهي ڇو ته اِهو انسانن جو ٺاهيل آهي.
    سڀني انساني ڪاميابين کي نوان نسل ڪم ۾ آڻين. جيئن ته اولهه جي دنيا اسلامي دنيا کان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي. خاص طور تي ان سونهري دؤر ۾، جڏهن اسلامي دنيا فارسي ۽ يوناني تهذيب کان پنهنجو پاڻ کي مالا مال ڪيو هو. اسان جو بنيادي سوال اهو آهي ته اسان مسلمان هاڻي ڇا ڪريون؟ جڏهن ته اولهه جي تهذيب حاوي آهي ۽ اسان پنهنجي پراڻي تهذيب پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي آهي. جيڪڏهن اسان اڄ جي دنيا ۾ ان سلسلي ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڇا اسان پنهنجي ماضي جي طرف موٽون؟ اها ته هڪ بازگشت ٿيندي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان اولهه جي تهذيب تي سبقت حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا؟ يا اسان مغرب ۾ ضم ٿي وڃڻ چاهيون ٿا؟
    سخت روايت پرست چاهين ٿا ته اسان پنهنجي ماضي جي طرف موٽون جڏهن ته اولهه پسند چاهين ٿا ته اسان اولهه جي طرف جهڪون. پر اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي مذهبي ۽ قومي تهذيب جي باري ۾ فڪرمند آهن، انهن جو عقيدو آهي ته اسان اولهه جي تهذيب سان قربت ۽ شرڪت سان جو رويو ان لاءِ اختيار ڪريون ته ان تي سبقت حاصل ڪئي وڃي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي مذهبي معاملن جي باري ۾ باخبر رهڻ ۽ اڄ جي دنيا جي مسئلن ۽ پيچيدگين کان مڪمل ڄاڻ به لازمي آهي. اسان اولهه جي سڀني مثبت ڪاميابين کي پنهنجو ڪريون ۽ پوءِ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي وارث کي ڏسون ته جيئن ان جي اوڻاين کي ختم ڪيو وڃي. ان جي ڪري اسان پنهنجي پوري توجهه اولهه جي مستقبل تي رکون ۽ نه ئي ان جي ماضي تي.
    سڀني مذهبن ۽ خاص طور تي اسلام جو اهم ٿنڀ ايمان آهي ۽ ان اصطلاح جي تعبير جي لاءِ اسان کي ان جي خاص ضرورت آهي. بدقسمتي سان ايمان کي اسلامي تاريخ ۾ فرد جي دائري تائين محدود ڪيو ويو آهي. ڇو ته شيعا عقيدي جي ماڻهن صحيح معنيٰ ۾ ڪڏهن به سماج تي حڪومت ناهي ڪئي ۽ اها ڳالهه اهل سنت جي ڀائرن تي به سچي ثابت ٿئي ٿي. حڪومت فقط طاقتور ماڻهن جي رهي آهي، جڏهن ته عوام الناس کي اختيار ۽ قدرت جي ڪاروبار کان پري رکيو ويو. سماجي ايمان جو اسان جي تاريخ ۾ ڪو به مثال نه آهي. انهن مسلمانن، جن جو مذهب اسلام تي پورو عقيدو ۽ ايمان هو، انهن مسلم دنيا تي تمام گهڻيون سماجي نا انصافيون ڪيون ۽ انفرادي ايمان انهن زيادتين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيو.
    هاڻي جيڪڏهن اسان اهو چئون ته اسان وٽ ايمان آهي ۽اولهه وٽ نه آهي ته اسان کي صحيح طور اهو سمجهڻ گهرجي ته ايمان مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مذهبي عقيدو رکڻ وارن جي لاءِ خدا ۽ انسان جي درميان تعلقات واضح آهن، پر رعيت جا تعلقات پنهنجي حڪمرانن سان ۽ فرد جو معاشري سان ۽ معاشري جا سماج جي ڪيترن ئي ٻين جزن سان رابطن جي نوعيت جي باري ۾ اڃا تائين مڪمل طور تي مطالعو نه ٿيو آهي. جنهن جي روشني ۾ هن دنيا ۾ ايمان جي ضرورتن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي سگهي ٿي.
    اولهه وارن جو عقيدو آهي ته انهن جي تهذيب جو بنياد آزادي آهي. جديد تمدن جي اچڻ کان پهريان اولهه ۾ سماجي، سياسي ۽ شهري آزادي جو وجود نه هو. ڇو ته جديد دؤر جي مسلمانن ۽ وچين دؤر جي دوران زندگي گذارڻ وارن اولهه وارن جو عقيدو “نجات” ۾ هو. اڄ ڪنهن طرح جي محدوديت ۽ پابندين کان نجات کي آزاديءَ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پر پراڻي دنيا ۾ اندروني پابندين ۽ گهٽتائين کان نجات، ان سان گڏ دنيا جي خواهشن کان نجات کي آزادي چيو ويندو هو.
    اسلامي دنيا جا ڪجهه فرقا ته اهو چون ٿا ته “نجات” دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ سڀني مادي ضرورتن کي ڇڏي ڏيڻ آهي. جنهن ۾ معاشري ۽ سماج کي به ترڪ ڪرڻ شامل آهي.
    فارابي جو خيال آهي ته اهڙا صوفي، جيڪي ان قسم جي ترديد جو مشورو ڏين ٿا، اهي نا واقف آهن. فارابي جو عقيدو به نجات ۾ هو، پر ان جو چوڻ هوته مهذب معاشري ۾ رهي ڪري ۽ جنهن جي رهنمائي اندروني پابندين ۽ ڪوتاهين کان دوري حاصل ڪرڻ ئي نجات آهي. ان جي مقابلي ۾ اولهه ۾ آزادي ان جي بلڪل ابتڙ آهي. يعني آزادي جو مطلب ڪنهن به شخص جي نجي زندگي ۾ ٻاهرين عملن جي مداخلت مان آزادي هو. جنهن جو مطلب هي آهي ته ڪنهن شخص جي زندگي تي صرف انهيءَ جي حڪمراني هجي. اولهه جو تصور انفراديت، انسانن جي ابتدائي شعور ۽ سمجهه ۽ انهن جي خواهشن کي اوليت ڏئي ٿو. هڪ آزاد شخص اهو آهي جنهن جي ضرورتن جي تڪميل ۾ ڪائي شيءَ منع نه هجي. يقينن آزادي جي محدوديت آهي ۽ اها آهي ٻين جي آزادي. اها آزادي مثبت اثر رکي ٿي. جيئن ته ماڻهن پنهنجي تقدير کي خود پنهنجن ئي هٿن ۾ کنيو هجي ۽ حڪومت ماڻهن جي خادم بڻجي وڃي ۽ انهن جي آڏو جوابده هجي ۽ نه انهن جي مالڪ هجي. ان جي ابتڙ قديم زماني جا مطلق العنان حڪمران عام ماڻهن کان بالاتر هئا ۽ انهن کي پنهنجو نشانو تصور ڪندا هئا، جن جو پورو دارومدار انهن جي حڪمرانن جي رحم وڪرم تي هو. پر جڏهن ماڻهن کي ان غلبي جي مشڪلاتن کان نجات ملي ته اجتماعي طورتي اهي پنهنجي حڪمرانن تي غالب پئجي ويا.
    آزادي جو مطلب ڪنهن خارجي پابندي کان نجات حاصل ڪرڻ آهي، برخلاف مابعد جي جديديت (Post modernism). ان خيال جي ته نجات جو مطلب اندرين پابندين کان آزادي آهي، جيڪو سماجي ۽ سياسي حقن ۽ آزادين کي وساري ڇڏي ٿو. پر اهي ٻئي تصور نا مڪمل آهن. جديد آزادي داخلي آزادي کي نظر انداز ڪري ٿي ۽ ان کي ان ڳالهه جو ڪوئي فڪر نه آهي ته ڇا انسان کي پنهنجي جذبن کان نجات ملي؟ هو ته اهو چاهين ٿا ته انسانن کي انهن جي حڪمرانن جي خواهشن ۽ خدمتن جي تابع نه هئڻ گهرجي. اسان ان نظريي جي برخلاف اها ڪوشش ڪئي آهي ته ماڻهوءَ پنهنجي خواهشن جو شڪار نه ٿين. جيتوڻيڪ ان نظريي جي ڪري ظالمن حڪومت به ڪئي ۽ مسلمان معاشري کي زنجيرن سان جڪڙي به ڇڏيو. منهنجي تجويز آهي ته اسان ٻنهي قسمن جي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. جيئن اسان قرآن شريف ۽ پنهنجي معاشري جو حوالو ڏيون ٿا. اسان اولهه جي آزادي جي ڪيترن ئي پهلوئن کي رد ته ڪريون ٿا، پر اسان ان جي ڪيترن ئي ڪاميابين جو انڪار نٿا ڪري سگهون. جڏهن اسان اولهه جي ڪجهه مضبوط ۽ ڪمزور نڪتن ۾ فرق ڪريون ٿا ته اسان کي پنهنجي فڪر جي باري ۾ به انهيءَ تنقيدي نقطه نظر کي اپنائڻ گهرجي.
    تعقل پسندي جي مختلف طريقن سان وصف ڪري سگهجي ٿي ۽ اسان کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ڪهڙي قسم جي تعقل پسندي اپنائي رهيا آهيون؟ افلاطوني، ارسطوئي، نئين افلاطوني، اسلامي يا صوفياني تعقل پسندي جو تصور؟ ابن رشد جي تعقل پسندي يا ڊسڪارٽس، ڪانٽ يا هيگل جي تعقل پسندي؟
    منهنجي راءِ ۾ تعقل پسندي سڀني انسانن جو هڪ مشترڪ ٻنڌڻ آهي. هڪ ذريعو، جيڪو دنيا ۾ هڪ ٻئي کي جوڙي ٿو. اِها اُها ئي عقليت آهي، جنهن جي ذريعي سان افلاطون ۽ ارسطو پنهنجي خيالن کي ٻين تائين پهچايو. تعقل پسندي ۽ ذهانت هڪ اهڙي طريقي کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن سان هن دنيا جي سمجهه ۽ شعور حاصل ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اها سمجهه ۽ شعور نسبتي آهي. اسان جا عظيم مفڪر ان حقيقت کان بخوبي واقف هئا ته فقط تعقل پسندي جي ذريعي حقيقت جو پتو نٿو لڳائي سگهجي، پوءِ به اهي تعقل پسندي جي غير معمولي اهميت کي نظرانداز نه ڪري سگهيا. اسان جي مذهبي روايت جو دعويٰ آهي ته آخرڪار دل جو ايمان سان گهرو رشتو هوندو آهي، ذهانت سان نه. جڏهن ته ذهانت پوري حق جي سمجهه رکڻ آهي.
    جيڪڏهن اسان خيال ڪريون ٿا ته عقليت ۽ ايمان متضاد ۽ هڪٻئي جا مخالف آهن، ڇو ته تعقل پسندي هن دنيا تي گهڻو اثرانداز ٿئي ٿي ۽ ايمان ۽ عقيدي کي هڪ طرف رکيو ويندو آهي. ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته جنهن عقيدي جي ڳالهه مان ڪري رهيو آهيان، اُهو تعقل پسندي سان گڏو موجود آهي؛ ان جو مخالف نه آهي. تعقل پسندي اسان کي موت کان پوءِ جي دروازي تائين پهچائي ٿي، باوجود ان جي ته ان کي اهو معلوم آهي ته دنيا صرف مادي تائين محدود آهي. پر اها هن دنيا کان اڳيان نه ٿي وڃي سگهي ۽ اهائي اُها جڳهه آهي، جتي ايمان کي داخل هئڻ گهرجي. انسان بغير عقليت جي اڳيان نه ٿو وڌي سگهي، ڇو ته ان جي سامهون عملي مسئلا آهن ۽ جيڪڏهن انهن کي تعقل پسندي ۽ ايمان جي درميان ڪنهن هڪ کي انتخاب ڪرڻو آهي ته اُهو آخري ذڪر ڪيل جوئي انتخاب ڪندا. دنيا جي تعبير ۽ تشريح جي اساس تعقل پسندي آهي ۽ اِهو تناسب جي اعتبار کان آهي. تناسب اسانجي مذهبي تصورن ۾ داخل آهي، پر قرآن ۽ مذهبي روايتن جي سلسلي ۾ جيڪڏهن اسانجي سمجهه ۽ عقل مرڻ جي ويجهو ٿين ۽ انکي بدلڻ جي ضرورت هجي ته انجو مطلب اِهو ناهي ته روايت ۽ قرآن مجيد پراڻا ٿي ويا آهن. اسانجي ذهانت ۾ اِها صلاحيت موجود آهي ته اُها موجوده دنيا کي پنهنجو ڪري سگهندي آهي ۽ روايت قرآن سان به لاڳاپيل رهندي آهي. ان طرح مذهبن جي اصلي جوهر کي ڪجهه به نقصان نه ٿو پهچي ۽ اهڙي طرح اسانجي مذهبي فڪر جي ترقي به يقيني هوندي آهي.
    انسان بنيادي طور تي خدا جي تلاش ۾ مصروف آهن. اِها هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا روحانيت سان سڌو سنئون رابطي ۾ آهي. بدقسمتي سان اسان جا ڪيترائي دنيا کان تارڪ ماڻهن مذهب جو تعبير ڪيو آهي ۽ ان جي مٿان هنن تي تقدس جو کوپو چاڙهي ڇڏيو آهي جنهن کي ناقابل تسخير سمجهيو ويندو آهي.
    اِهو يقيني آهي ته انسان روحاني آسودگيءَ جي حصول لاءِ وڌيڪ قدم کڻندا، پر معمولي ۽ مادياتي وجود اسان ماڻهن کي لازمي طور تي هڪ عذاب ۾ مبتلا رکندو. اسانجو ايمان آهي ته مذهب مادي ڀلائي جو مخالف ناهي پر اُهو سڀني انسانن کي هڪ عظيم بلند مقام لاءِ دعوت ڏئي ٿو جيڪو مادي دنيا کان گهڻو اعليٰ ۽ اوچو آهي.
    بحيثيت هڪ صاحب ايمان، مونکي يقين آهي ته مستقبل مذهب جو آهي ۽ تعقل پسندي جي هڪ وڪيل جي طور تي مان ڏسي سگهان ٿو ته اڄ جي دؤر ۾ مذهب جو استقبال ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڪيترا نه بيقرار آهن.


    باب ڇهون: اڄ جي دُنيا ۾ مذهبي عقيدا

    اسان جي سامهون مسئلو هي آهي ته موجوده دنيا ۾ مذهب جي حالت ڪهڙي آهي؟ ۽ مذهب جا پيروڪار ڪهڙن مسئلن ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪن ٿا؟ هتي اسان جي مراد سڀني مذهبن جي پيروڪارن سان آهي. توڙي اهي عيسائي هجن يا يهودي، پر سڀ کان پهرين مرحلي ۾ اسان جي مراد مسلمانن سان آهي. جيتوڻيڪ ان جو اطلاق انهن ڪجهه مسلمانن تي به ٿئي ٿو جيڪي وقار ۽ عزت نفس چاهين ٿا.
    آئون هڪ اهڙي مسلمان جي حيثيت سان، جيڪو پنهنجي زماني ۾ جيئڻ چاهي ٿو، جنهن جي توجهه مستقبل تي آهي ۽ جيڪو عزت ۽ وقار رکندي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، مذهب جي باري پنهنجو سوال پيش ڪريان ٿو. اهو هڪ ذاتي سوال آهي جنهن ۾ آئون غير جانبدار ۽ لاتعلق نه آهيان، پر هڪ اهڙي مسلمان جي حيثيت سان، جيڪو جاکوڙ ڪري ٿو ۽ جيڪو ضرورت جي مطابق ڪجهه معاملن ۾ مذهب تي ٻاهر کان به نظر وجهي ٿو ته جيئن اسان تعصب جي ڪري ڌٻڻ ۾ نه ڦاسي پئون ۽ نسلي جانبداريءَ جي ڪري ڪنهن اونهيءَ کڏ ۾ ڪري نه پئون. بس جڏهن آئون اهو سوال ڪريان ٿو ته اسان مسلمان ڪهڙي حالت ۾ آهيون؟ ته سوال جي ٻنهي پهلوئن يعني اندروني ۽ ٻاهرين کان ان جي وضاحت ضروري ٿي پوي ٿي. اسان مسلمان ڪنهن زماني ۾ نمايان تمدن رکندا هئاسين ۽ اهڙي انساني تاريخ جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ مشغول هئاسين، جنهن جي صلاحيت اڄ اسان ماڻهن ۾ باقي نه رهي آهي. اسان تاريخ ۾ ٻيهر پنهنجي جڳهه ٺاهڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته هڪ اهڙو مستقبل، جيڪو اسان جي حال ۽ ماضيءَ کان به مختلف هجي، پر اسان انهن ماڻهن کي رد نٿا ڪرڻ چاهيون، جيڪي اسان کان مختلف آهن ۽ ان سان گڏوگڏ سائنسي نڪتهٔنظر ۽ انسانيت جي عملي ڪاميابين کي نظرانداز به نٿا ڪرڻ چاهيون.
    اڄ جي دنيا مان منهنجي ڪهڙي مراد آهي؟ مختصراً ان مان منهنجي مراد اولهه جو تمدن آهي، جنهن دنيا تي غلبو ڪيو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جي اقتصاديات، اسان جي سياست، سماجي ۽ ثقافتي زندگي اولهه جي اثر هيٺ آهن. ان جي ڪاميابين ۽ ميراثن کي نظر ۾ رکڻ کان سواءِ اسان مسلمانن جي زندگي هينئر ناممڪن آهي. اسان اولهه کي هر جڳهه تي ڏسون ٿا، مثلاً شهر جو انتظام ۽ طريقو جنهن ۾ اسان رهون ٿا، سڌ سماء (ارسال ۽ ابلاغ) جي ٽيڪنالوجي ۽ ان کان علاوه گهڻو ڪجهه، جنهن جو اسان روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪريون ٿا، اهي سڀ اولهه جون پيداوار آهن.
    اڄ جي دنيا اولهه جي دُنيا آهي. پنهنجي اساس، ٽيڪنڪ ۽ فڪر جي اعتبار کان جيڪڏهن ڪو اولهه جي جغرافيائي حدن کان ٻاهر به رهي ٿو ۽ اولهه جي قدرن ۽ زندگيءَ کي پنهنجي اندر سمائي ويٺو آهي ته اهو به مغربي تهذيب کي پسند ڪري ٿو. اصل ۾ اولهه انساني دنيا کي وڏيون ڪاميابيون عطا ڪيون آهن، پر ان جيڪي پريشانيون پيدا ڪيون آهن، انهنکي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جون مشڪلاتون اولهه جي مقابلي ۾ ٻيڻيون ٿي وڃن ٿيون، ڇو ته اولهه وارن جو پنهنجو هڪ ڪلچر آهي جيڪو انهن جي تمدن سان هڪجهڙائي رکي ٿو. ان جي نتيجي ۾ انهن جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪوبه مسئلو پيدا نٿو ٿئي. پر اسان جا مسئلا ٻيڻا ٿي وڃن ٿا. ڇو ته هڪ طرف اسان جون ذاتي ۽ سماجي زندگيون سڌيءَ ريت اولهه کان متاثر آهن. هڪ اهڙو تمدن، جنهن جي بنياد ۽ اساس سان اسان نه ته هڪجهڙا ٿيا آهيون نه اسان ان کي اپنايو آهي. ٻئي طرف اسان جي پنهنجي ڪلچر جا ڪجهه پهلو اهڙا آهن، جن جو تعلق ان تمدن سان آهي، جنهن جو وقت هاڻي گذري ويو. جيتوڻيڪ تهذيب ۽ تمدن جي ڪائي آخري ۽ يقيني وصف بيان نه ڪئي وئي آهي، پر منهنجي خيال ۾ تمدن سماجي زندگي، ادارن ۽ تنظيمن جي انهن مادي پهلوئن جو مجموعو آهي، جيڪي سماجي تنظيم جي لاءِ سياسي، اقتصادي، صنعتي ۽ ٻين خاڪن ۽ ڍانچن جي مطابق ڪم ڪن ٿا. آئون سمجهان ٿو ڪلچر انساني معاشري ۾ موجود گهرن عقيدن جي فڪرن جي عادتن ۽ جذبن جو مجموعو هوندو آهي.
    ڪجهه ماڻهو اولهه جي مسئلن ۽ اتي موجود مختلف قسمن جي پريشانين کي انساني مزاج ۽ ان جي مقصدن جي وچ ۾ موجود ٽڪراءُ سان تعبير ڪن ٿا. اسان ماڻهو به انهيءَ مسئلي کان پريشان آهيون. جيتوڻيڪ ٻئي درجي تي، پر ڪجهه اولهه جي ماڻهن جي لاءِ اهو مسئلو اڃا به گهڻو پريشان ڪندڙ ٿي وڃي ٿو. ڇو ته ان تهذيب، جنهن جو اثر اسان جي ذهنن تي آهي، اها زندگيءَ جي حقيقتن سان مطابقت نٿي رکي. ان تضاد ۽ ٽڪراء جي ڪري هاڻوڪي زماني ۾ اسان اولهه وارن جي ڀيٽ ۾ گهڻين پريشانين کي منهن ڏيون ٿا.
    حقيقت ۾ هڪ تمدن کان ڪلچر کي الڳ ڪرڻ ناممڪن آهي. هڪ ثقافت، جيڪا هڪ تمدن اپنائيندي آهي. ان تمدن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به گهڻي عرصي تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ آباد رهي ٿي. تمدن اصل ۾ ڪلچر جو بنياد ۽ اساس هوندو آهي ۽ ڪلچر کان اختلاف ۽ جدائيءَ جي ڪري تمدن پنهنجي تخليقي ۽ جدت پسنديءَ جي صلاحيت وڃائي ڇڏيندو آهي. اصل ۾ ترقيءَ جي رستي ۾ هڪڙي رڪاوٽ بنجي وڃي ٿو، ڇو ته ان جون پاڙون زمين ۾ گهڻيون اونهيون نه هونديون آهن ۽ آهستي آهستي ٻاهر اچيو وڃن. اسان جو هڪ مرڪزي مسئلو هي آهي ته اسان جي ڪلچر جي ڪيترن ئي اهم، پهلوئن جوتعلق هڪ اهڙي تمدن سان آهي، جنهن جو وقت گذري چڪو آهي ۽ اسان جي زندگيءَ تي جديد تمدن پنهنجا اثر وجهي رهيو آهي جنهن جي لاءِ هڪ مناسب ثقافت جي ضرورت پڻ آهي.
    هڪ مسلمان جي حيثيت سان اسان پنهنجو ڳاٽ اوچو رکڻ چاهيون ٿا ۽ پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کي به پويان رکڻ گهرون ٿا. اسان جي تاريخي سڃاڻپ اسلام آهي ته بس پوءِ سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ اسان ماڻهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    مون کان اميد نه رکو ته ان تي آئون توهان کي ڪو پروگرام (Menifesto) ڏيندس. اهڙي قسم جي ڪنهن وڏي ڪم جي سلسلي ۾ مون کي پنهنجي گهٽ ذهني صلاحيتن جو اعتراف آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه هي آهي ته منشورن جي ذريعي ماڻهن جي زندگين جي اصلاح نٿي ڪري سگهجي. گهڻو اهم مينيفيسٽو (Menifesto) اهي هئا جيڪي مارڪس ۽ اينجلس ٺاهيا هئا ۽ جن جو نتيجو اسان پنهنجين اکين سان ڏسي ورتو. اهي ٻئي ۽ خاص طور سان مارڪس تمام گهڻو ذهين ۽ وڏو مفڪر هو ۽ سرمائيداراڻي نظام جي تشخيص ڪرڻ ۾ غير معمولي مهارت جو حامل هو.
    اسان ماڻهن کي نهايت خلوص سان اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته زندگي بحث، تنقيد ۽ سهڪار کان سواءِ ڳتي نٿي وڌي سگهي. ان کان سواء انساني زندگي جي ترقي ۾ محدوديت ۽ تناسب جو به هڪ اهم ڪردار هوندو آهي ۽ ان جي اڄ اسان هتي جيڪا تجويز رکي رهيا آهيون، اها صرف امڪانن جو هڪ مجموعو آهي ۽ ڪو آخري ۽ مضبوط حل نه آهي. اسان کي اهم سنجيده سوالن جي سلسلي ۾ مخلصانه مفڪراتي ۽ وڌيڪ واضع مذاڪرن جي ضرورت آهي ۽ انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ جي لاء مسلسل ڪوشش پڻ گهربل آهي. سڀ کان پهريائين اسان مذهب تي نظر وجهون ٿا.
    مذهب انساني ادارن ۾ سڀ کان گهڻو قديم آهي. مذهبي عقيدن جي ناموجودگي ۽ اعليٰ نظام جي سامهون پنهنجي رضا سان راضي هئڻ کان سواءِ زندگي پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب کان محروم ٿي وڃي ٿي. توڙي اهي ان کي چاهين يا نه چاهين، پر انسانن ۾ هڪ مافوق هستيءَ جو احساس، جيڪو انهن جي وجود ۾ ٿئي ٿو ۽ جنهن کي کين پنهنجن روحن جي گهراين مان حاصل ڪرڻ گهرجي. انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي، جيڪا انساني جوهر ۽ پنهنجي هستيءَ جي رازن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي ۽ انهيءَ جي ڪري هو هستيءَ جي فطرت کي ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي. ٿورو ڏسو ته سهي ته پنهنجي ڪوششن جي ذريعي انسانن اڄ تائين ڪيترن ئي گهڻن رازن تان پردو کنيو آهي. پر وجود هڪ اهڙي پيچده شيءَ آهي جو جيستائين، هڪڙي سوال جو جواب ملي ٿو ته پوءِ هڪٻئي پويان ڪيترائي سوال اچي ٿا وڃن. انسان اهڙي مخلوق آهي جيڪا تخليق جي خوشبو ۽ ان جي راز کان واقف آهي ۽ انهيءَ جي ڪري اها تخليق جي راز کي ظاهر ڪرڻ ۾ رڌل آهي. انسان عملي طور تي تخليق جي سلسلي ۾ گوناگون پيچيدگين ۽ طرح طرح جي پريشانين جي سمندر ۾ جيئي ٿو. وجود ۽ ان سان لاڳاپيل پيچيدگين جو مشاهدو ڪندي ان جون اکيون حيران ٿي وينديون آهن. ۽ اهڙي رمزن ڀري ماحول ۾ انسان جي سوالن جو نهايت مضبوط، پائيدار مستحڪم ۽ مخلصاڻو جواب مذهب ئي آهي. مون کي يقين آهي ته جيستائين انساني نسل رهندو ان وقت تائين ڊپ به رهندو ۽ جيستائين ڊپ ۽ دٻدٻو هوندو زندگيءَ ۾ مذهب جي ضرورت رهندي. انسان جو ذهن ڪنهن ٻئي شڪل کان گهڻو محفوظ آهي. ڇو ته مذهب انساني ذهن جي ڳولا جي نامڪمل جذبي کي طاقت بخشي ٿو ته اهو پنهنجي خالق کي عليم ۽ خبير سمجهي ڪوبه انسان اهڙو نه آهي جو پنهنجي دل ۾ هڪ لامطلق ۽ اعليٰ هستيءَ جو انڪار ڪري، پر ماڻهو عدم موجودگيءَ کان متاثر ٿين ٿا ۽ هڪ اعليٰ حقيقت کان اڻڄاتل رهن ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ اوترو ئي نقصان انهن کي پهچي ٿو. جيئن ٻئي انتها جيڪا سدائين بدلجندڙ صورت جي باري ۾ سوچيندي رهي ٿي ۽ ان کي ابدي ۽ قائم رهندڙ مڃي ٿي. تاريخ ۾ ڪيترائي واقعا انهن ٻنهي غلطين مان وجود ۾ ايندا آهن. هڪ ملحداڻي زندگي، خاص ڪري الله تعاليٰ کي واحد مڃيندڙ مذهب ۽ مسلمانن جي عرفان واري خدا کان، جيڪو وهم پرستن جي خدا کان بنهه مختلف آهي ۽ فلاسافرن جي خدا کان به، اهڙي زندگي گهڻي نازڪ ۽ محدود هوندي آهي. اهو هڪ خدا ئي آهي جو بلند ۽ عظيم مرتبي وارو آهي.انسان پنهنجي سڀني حدن ۽ ناقابليتن جي باوجود ان خدا سان سڌو سنئون تعلق قائم رکي سگهي ٿو. هڪ سچو، جذباتي ۽ لساني تعلق قائم ڪري سگهي ٿو. هڪ اهڙي دنيا، جيڪا پريشانين کان ۽ بي يقينيءَ کان دٻيل آهي ۽ انسان ان هستيءَ جي مرڪز سان پنهنجو رابطو به پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ ان چشمي ۽ مرڪز کان پنهنجي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو هڪ اهڙو خدا آهي، جيڪو عظيم ۽ بلند مرتبي وارو آهي. انسان ان سان محبت ڪن ٿا ۽ ان جي طرف غير معمولي طور تي پڻ راغب آهن. اهو تعلق ان کان مختلف آهي. جيئن ڪو ڪمزور طاقتور کان ڊڄي ۽ خوف کائي ڪري ڪري ٿو. اها هڪ نامڪمل جي پريشاني ۽ ان جي ڳولا جي تڪميل جي لاءِ ان ڪامل ۽ بي نيازي خدا جي اڳيان تعظيم ۽ ادب صداقت ۽ ايمان جو بنياد آهي ۽ سچو ايمان تعظيم ۽ ادب آهي ۽ تعظيم ۽ ادب زمين جي تعلق جي پابندين کان آزادي، مٽيءَ جو پتلو ان دنيا تي انحصار ڪري ٿو. جڏهن ته ايمان وارو دنيا کي پنهنجي مرضي ۽ خواهش جي مطابق حاصل ڪري ٿو. خاص ڪري هڪ اهڙو ذريعو، جنهن سان ان جي هستيءَ جي روحاني پهلوءَ کي تقويت ملي ٿي.
    يقيناً اسان وٽ هڪ منفي قسم جو عرفان ۽ زهد به آهي. جيڪا سڄي سڄي انسان جي محدوديت ۽ خطا پذيري جي علامت آهن ۽ ان کي دور ڪرڻ لاءِ کيس وڌيڪ ڳولها ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هڪڙو عقيدو رکڻ وارو ماڻهو، جيڪو مادي دنيا کي ترڪ ڪري ڇڏي ٿو، ان کي گهڻو سڪون ۽ آرام حاصل ٿئي ٿو. ان جي مقابلي ۾ جنهن وٽ مادي ضرورتون ۽ دولت آهن، جڏهن ته پهرين ذڪر ڪيل جي خوشي ۽ مسرت ابدي آهي، پر آخري ذڪر ڪيل، جنهن جي خوراڪ ۽ شهواتي خواهشون سڀ عارضي آهن ڇو ته ان جي حصول جا ذريعا سوين ڪارڻن تي منعقد آهن. ظاهر آهي ته مستقبل ۾ حاصل ٿيڻ واري خوشي جي سلسلي ۾ خوف ۽ تشويش موجود زماني جي خوشيءَ کي به نابود بڻائي ڇڏي ٿي.
    بس صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته مذهبي عقيدو انسان جي روح جي گهراين ۾ آباد آهي ۽ مقدس قرآن جي مطابق انسان جي جوڙجڪ، مذهبي هئڻ سان گڏوگڏ وحدت پرستي تي قائم آهي. مذهب جو روح مقدس ۽ افضل آهي ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي صفتون اسان حاصل ڪري وٺون ته پوءِ اسان کي مذهب جي وڌيڪ ضرورت ٿي رهي ۽ جنهن طرف به پاڪيزگي ۽ فوقيت آهي اتي مطلقيت به آهي. هتي مان اهڙي سڀ کان وڏي آفت جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن مان مذهبي زندگي کي خطرو درپيش آهي.
    انساني دل جو تعلق روحانيت ۽ فوقيت ٻنهي سان آهي ۽ جڏهن به انساني ضمير ان روحانيت سان جڙيل ٿي وڃي ٿو ته اهو خود به خود هڪ اهڙي روحانيت جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو، جيڪا فوقيت جي حامل حقيقت کان ويجهو آهي ۽ جنهن کي خدائي روح چيو وڃي ٿو. پر انساني وجود جا ٻه پهلو آهن، هڪ فطري ۽ ٻيو خدائي. انسانن جا سر آسمان جي طرف بلند آهن پر ان جا پير زمين تي ٽڪيل آهن هڪ ۽ ٻيو يعني انهن کي ان جي گرم سياري جي ڪارڻ انهن جي زندگي ۽ انهن جي ذهنن ۾ هڪ مسلسل طغياني ۽ هن دنيا جي بدلجندڙ مزاج جو اظهار به ٿئي ٿو. ڇو ته اها هڪ فطري هستي آهي ان لاءِ اها هڪ جاءِ تي قائم به نٿي رهي. انسانن کي زمان ۽ مڪان پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ان طرح ان جو فڪر صحيح به آهي ۽ ساڳي وقت خطائن سان ڀريل به، جيڪو تاريخ کان اثر پذير هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ بدلجندو رهندو آهي. نه جسم ۽ نه ئي دماغ هڪ جهڙي حالت ۾ نٿا رهن. يقيني طور منهنجو اهو عقيدو نه آهي ته سڀني انسانن جا تصور نسبي ۽ انساني زندگيءَ ۾ ڪو ٺهراءُ يا جمود ڪونهي، پر گهڻي ڀاڱي ان کي انسان بڻائين ٿا ۽ اڳواڻيءَ جي صلاحيت سان مالا مال انهن جو نظرياتي علم زماني جو پابند ۽ عارضي آهي. اسان جو علم به نسبي ۽ تغيرپذير آهي. اسان جا عقيدا، نسبي علم هئڻ کان بچي نٿا سگهن ۽ انسانن جي لاءِ ٻيو ڪوئي رستو ئي ڪونهي، نه ته اهي ان يقين سان گڏ اڳيان وڌن ۽ پنهنجي علم ۽ پنهنجي مهارت کي تجربي ۽ غلطين جي ڪسوٽيءَ تي پرکين ۽ ان ۾ پوءِ مناسب تبديلي ڪن.
    تاريخ، عقيدن ۽ دنيا جي متعلق اڀرجندڙ تصورن جي ارتقا جو نالو آهي. ڇا انساني ذهن تاريخ جي باري ۾ انهيءَ طرح سوچي رهيو آهي؟ مختلف روايتن، نظرين ۽ مذهبن ۾ ۽ مذهبن جي سڀني فرقن ۾ ان ڳالهه جو ثبوت موجود آهي ته ڪوبه شخص حقيقت کي سڀني پهلوئن سان سمجهڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي. مثال طور جڏهن اسان اسلام جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا ته اسان جي مراد ڪهڙي اسلام سان هوندي آهي؟ ابوذر جو اسلام، بو علي سينا جو اسلام، غزالي جو اسلام، ابنِ عربيءَ جو اسلام، شاعرن جو اسلام يا صوفين جو اسلام؟ اهي سڀ جا سڀ ناقابل انڪار تاريخ جا پهلو آهن، جيڪي انساني مذهب جي نسبي فهم ۽ سمجهه جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اڄ عقيدي جي درميان ڪنهن طرح جو اختلاف نه هوندي به فڪر ۽ عمل جي دُنيا ۾ پنهنجي والدين سان گڏ به اسان جو نظرياتي اختلاف آهي.
    هڪ تمام وڏي مشڪل، جيڪا صاحب ايمان ۽ عقيدي جي گروهه کي درپيش آهي ته اهي ڪجهه حقيقتن کي مطلق، مافوق ۽ مقدس مڃي وٺن ٿا ۽ ٻئي طرف خودنسبي هئڻ جي ڪري اهي ذهن ۽ جسم جي نسبي دائري ۾ رهندي، سڀني شين کي ڏسن ٿا. جيستائين اهي پنهنجي محدوديت کي تسليم ڪن ٿا ۽ انهن تضادن جو اصل ۽ انهن جا اندروني مسئلا انهن جي لاءِ ڪو وڏو حادثو وجود ۾ نٿا آڻين، عقيدو رکندڙ ۽ ايمان وارن جي لاءِ گهڻي وڏي مصيبت اها آهي ته جڏهن مذهب جي مطلقيت ۽ پاڪيزگي جواثر زمان ۽ مڪان جي محدوديت تي پوي ٿو ۽ خطا پذير انسان مذهب جي تعبير ۽ تشريح ڪري ٿو ۽ جڏهن انهن جي تجويز ڪيل شين کي مذهب سمجهيو ويندو آهي ته هڪ ايمان وارو شخص اهوئي هوندو آهي، جيڪو ان خاص نقطهٔ نگاه کي اڳيان وڌائي ٿو ۽ ڪيترن ئي اختلافن جون پاڙون فقط انهيءَ نقطي ۾ موجود آهن. اسان وٽ مذهب ۾ تعقل پسندي لاءِ مشترڪ استعداد موجود آهي يعني انسانن ۾ موجود رسد ۽ ابلاغ جو ذريعو ماڻهن جي وچ ۾ افهام ۽ تفهيم جو وسيلو ۽ جيڪڏهن اسان به اهو يقين رکون. جيئن اڪثر فلاسافرن جو خيال آهي ته انساني ذهن تي مطلق تصور قبضو ڪري ٿا وٺن ۽ پوءِ اهي سڀني زمان ۽ مڪان جي لاءِ جاري ۽ ساري هوندا آهن. ته پوءِ اچو ته اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ته انساني عقل ۽ سمجهه ايتري محدود آهي جو ان جون اڪثر نسبي تشريحون ۽ تعبيرون غلط ۽ تغيرپذير ٿي سگهيون آهن. خيالن ۽ عقيدن جو وسيع ميدان، جيڪو مختلف مڪتب فڪر ۽ خود مڪتب فڪر جي اندر موجود مختلف عقيدن جي حامل جماعتن جي موجودگي، ان دعويٰ جي تائيد ۾ پڻ واضح ثبوت جو درجو رکي ٿي.
    ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته انساني ذهن تي مطلقيت جا دروازا بند ڪيا ويا آهن؟ اسان کي علم آهي ته ڪيترين ئي اولهه جي جديد فلاسافرن ان سوال جو جواب هاڪار ۾ ڏنو آهي. انهن مطلق حقيقت جي وجود جو انڪار ڪيو آهي يا تجويز پيش ڪئي آهي ته اسان وٽ انهن حقيقتن جي سمجهه جو ڪوئي ذريعو نه آهي ۽ اهڙي طرح سان ڪيترائي فلاسافر ان نتيجي تي پڳا آهن ته معاشري جي زندگيءَ ۾ مذهب کي هڪ طرفو رکڻ گهرجي.
    پر اهي نيڪ ٻانها، جيڪي خدا جي حاضر ۽ ناظر هئڻ ۾ ايمان رکن ٿا اهي ان ڳالهه کي نٿا مڃين. جيتوڻيڪ ڪوبه يقيني طريقو اهڙو نه آهي، جنهن جي مدد سان ان کي سمجهي سگهجي. عام ماڻهن کي هڪ اهڙي جڳهه تي سڏائڻ جتي اهي نٿا پهچي سگهن، يقيني طور هڪ غير دانشمنداڻي ڳالهه آهي.
    منهنجي خيال ۾ خدا کي سمجهڻ جو محفوظ طريقو ۽ ذريعو انساني دل آهي، پر عقل نه ۽ اهو ذريعو سڌيءَ طرح تجرباتي رابطو آهي. جنهن کي عقل جي وسيلي سان نٿو حاصل ڪري سگهجي. سڀني مذهبن ان تي گهڻو زور ڏنو آهي. اسلام جي رهبرن اسان کي تعليم ڏني آهي ته دماغ تي الله تعاليٰ، رحمان ۽ رحيم جي عبادت جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر ان کي سمجهڻ جي لاءِ نه. هڪ ٻئي جڳهه تي انهن تجويز ڪيو آهي ته خدا مطلق تائين پهچڻ جو رستو عبادت آهي ۽ معلوم کان نه معلوم ئي گهڻو زور نه ڏيڻ گهرجي جيئن قرآن ۾ فرمايو ويو آهي ته مطلق ۽ روشني تائين پهچڻ جو طريقو فقط عبادت ۽ سٺو ڪردار آهي ۽ اندر جي صفائيءَ جو مطلب هي آهي ته خدا کي سمجهڻ جو بهترين طريقو سڌي طرح هڪ رابطي جو تجربو آهي ۽ نه ڪي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش سان وابسطه آهي. يقيناً اهو ڪنهن به طرح سان فلسفياڻي ۽ سائنسي عقليت جي اهميت کان انڪار نه آهي، بلڪ اسلام ۾ ته خاص طور سان ان جي اهم ڪردار تي زور ڏنو ويو آهي ۽ اهو به پڻ ضروري آهي ته دماغ جي محدوديت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ سچ کي مڃڻ وارو دل جي رستي تي سفر ڪري. پر مذهبي عقيدي جي حقانيت هڪڙو تجربو آهي پر اهو فڪر نه آهي. هڪ تجربو جنهن جو بنياد ذاتي باليدگي دنياوي خواهشن تي ڪنٽرول ۽ عظيم الشان هستي جي اڳيان سر جهڪائڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي پنهنجي محبوب مان خوش رکڻ آهي ۽ جيڪڏهن ان دڳ کي ورتو وڃي ته انسان خدا تائين پهچي سگهي ٿو. عقل ۽ فهم هڪ ذهني ڪوشش آهي جنهن جي ذريعي سان هڪ شخص معلوم کان نامعلوم تصورن تائين پهچي سگهي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ هڪڙي فرد جي ذات جيڪا زمان ۽ مڪان ۾ قيد آهي ۽عقل پر ذهن بهرحال هڪ نسبي شيءَ آهي.
    مان هينئر تائين جيڪو ڪجهه عرض ڪري چڪو آهيان اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر مذهبي تعليمات ۾ اهي سڀ ڳالهيون درجي به درجي وڏا صوفي سدائين ٻڌائيندا آيا آهن ته ذهن اتي پهچي نٿو سگهي ۽ دماغ جي تعقل پسندي هڪ ننڍي شيءَ آهي جنهن جو بنياد ڪافي ڪمزور آهي. اهم نڪتو هي آهي ته وڏا فلاسافر، جيئن ابو سينا جيڪو انساني ذهن جي گهٽائن ۽ وڌائڻ جي قوت ۾ يقين رکندو هو، ان به اها دعويٰ نه ڪئي آهي ته تصوراتي ذهن اسان کي خدا تائين پهچائي سگهي ٿو. انساني ذهن جيڪڏهن پنهنجي صلاحيت جي آخري تائين سفر ڪري ته مافوق جي سرحد تائين ته پهچي سگهي ٿو پر خدا مطلق تائين ڪڏهن به نه.
    دل جو رستو هميشه اسان کي حق ۽ حقانيت جي طرف وٺي وڃي ٿو ۽ مذهبي تجربا روح جي گهراين سان حاصل ٿيندا آهن. ڪيترن ئي فلاسافرن ۽ عارفن ڪوشش ڪئي آهي ته مذهبي معاملن ۾ عقل جي ناڪامين کي نمايان ڪجي. پر رستو پوءِ به تجرباتي ئي رهي ٿو ۽ نه ڪي عقلي. هن جاءِ تي نازڪ نقطو هي آهي ته دل جو رستو اسان کي پڪ سان خدا تائين پهچائي ٿو. پر ان ۾ اڪيلو سفر ڪري ٿو سگهجي. ڇو ته نه ئي مذهبي شخصيت جي پيروي سان ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان روشنيءَ کي ٻئي طرف منتقل ڪري سگهجي ٿو.
    اهڙيءَ طرح سان انسان اجتماعي مخلوق جي حيثيت رکن ٿا. جن جو هن دنيا ۾ رهڻ ضروري آهي اهو به ان طرح جي هستيءَ جي لاءِ ڪيترن ئي حالتن ۾ ٻين سان شرڪت ڪرڻي پوي ٿي. جيڪي ٻين تائين رسائين ٿيون. زبان به انسانن ۾ رابطي جي ايجاد جو هڪ اهم وسيلو ۽ سبب آهي. پر زبان هڪ ٻاهريون اظهار آهي.اها هڪ نفسياتي حقيقت جو عڪس آهي، جيڪا انساني ذهن ۾ موجود آهي. انسان زبان جي ذريعي ترجمو ڪندو آهي ۽ ٻين تائين ترجمو پهچائڻ جي صلاحيت به رکندو آهي.
    هڪ ماڻهو عقل جي ذريعي سمجهي سگهي ٿو ته ذهن ۽ روشنيءَ ۾ ڪهڙو تعلق آهي ۽ اها روشني انساني شعور ۽ عقل آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو عقل انسان جي اختيار کان ٻاهر به ٿي ويندو آهي ۽ انساني ذهن جي ڪابه حد نه آهي ۽ سچي ڳالهه هي اها آهي ته انساني هستي جي عظمت کي ماديت ۽ فطري شين ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي. جڏهن ته انسان زمان ۽ مڪان ۾ قيد آهي. ان طرح سان ان جو تصور اڻپورو ۽ ڪٽيل آهي پر هر صورت ۾ انسان پنهنجن جذبن کان متاثر ٿيندا آهن. انهن جي روشني انهن جي جذبن مان ئي نڪري ٿي. جيتوڻيڪ اها جذباتيت نسبي ۽ خطا پذير آهي. ان جي ذريعي اصل انسان جي ترجماني ڪنهن به طرح نٿي ٿي سگهي.
    انسانن ۾ اعليٰ مخلوق هئڻ جون نشانيون موجود آهن. ۽ انسان فطرت جي معاملن ۾ فطرت جي عطا ڪيل پنهنجي خطا پذير ذهن جو استعمال ڪن ٿا. ان ذهن سان انسان ٻن مختلف مادن کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هڪ فطرت ۽ ٻيو مافوق فطرت. دنيا کي سمجهڻ جي باوجود انساني شعور جي نسبي هئڻ جو ڪجهه ماڻهن جو عقيدو هي آهي ته مذهب هڪ مطالقيت آهي. جيئن انهن جو محدود ۽ نامڪمل نظريو مذهب جي باري ۾ آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏگڏ ۽ انساني زندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ جي ڪري ڪافي حد تائين هاڻي پراڻيون تعبيرون باقي ناهن رهيون. مذهبي مسئلن جي باري ۾ پنهنجي ناقص نظرئي کان ڪم وٺڻ جي بدران جيڪڏهن کليل ذهن سان ڏسون ته مذهب جي سلسلي ۾ هڪ متحرڪ ۽ مڪمل نظريو قائم ڪري سگهون ٿا. پر اهي ماڻهو پنهنجي ناقص راءِ کي حقيقت تي ٿوپڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪو گهڻي عرصي جي لاءِ ته ناممڪن آهي پر ٿوري عرصي ۾ ئي ان جي ڪري ڪيترين ئي مصيبتن جو آغاز ٿي وڃي ٿو.
    اڄ فطرت جي باري ۾ انساني نظريا انهن پراڻن قديم تعبيرن کان گهڻو مختلف آهن. ڪجهه ماڻهو انساني تعبيرن ۽ ترجماني تي پاڪائيءَ جي قلعي چڙهائي ڇڏين ٿا. عيسائي تاريخ ۾ هڪ خاص تعبير فڪري دنيا جي باري ۾ ڦهلائي وئي. ان کي ڦهلائڻ وارو ڪيٿولڪ چرچ هو ۽ صدين تائين ان منجمد راءِ ۾ ڪنهن به طرح ڪوبه ڪرڻو داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ ڪيئن قسمن جون مشڪلاتون مفڪرن ۽ سائنسدانن تي ٿاڦيون ويون. پر اهو فڪر آهستي آهستي بدلجي ويو ۽ اڄ تمام ٿورا چاهي اهي عيسائي هجن يا ٻي مذهب جا مڃڻ وارا، انهن جو عقيدو آهي ته مقدس ڪتاب ۽ خدا سان سڌيءَ طرح رابطو فطري شين جي سمجهه جي لاءِ انسانن جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. ان جي ابتڙ سڀني اهو قبول ڪيو آهي ته دنيا ۽ فطرت جي سمجهه جي لاءِ اسان کي تعقل پسندي ۽ ذهانت کان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن اهڙن نظرين تي اتفاق ٿي سگهي، جيڪي مڃڻ جي لائق به هجن ۽ جن بابت سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت هجي. اهي نظريا لڳاتار غلط ثابت ٿيندا رهيا آهن. پر اها راءِ اڃا تائين انساني علمن ۾ قبول نه ڪئي وئي آهي. يقيناً اسان نظرئي ۽ مشاهدي ۾ قرق ڪيو، نه ته جيئن مفڪرن ۽ فلاسافرن کي موقعو ملي ته اهي سائنسي علمن جي عام ۽ دائمي اصولن جي باري ۾ سوچي سگهن.
    صرف فطري دنيا جي علم جي باري ۾ ئي نه، بلڪ مذهب جي سلسلي ۾ به هاڻي تائين بيان ڪيل سڀئي تعبيرون محدود آهن. پوءِ به مذهب جي سلسلي ۾ انسانن جي شعور جي محدود نوعيت، مذهب جي حيثيت کي گهٽ نٿي ڪري. جيستائين مڃڻ وارا مذهب جي تعبيرن ۾ غلطي نٿا ڪن. ان طرح جي غلطي سان تاريخ ۾ ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي ويا ۽ مذهب جي باري ۾ ماڻهن جا وهم به وڌي ويا آهن. ڇو ته حقيقي تعبيرن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. موجوده دور ۾ مذهب جي سڀ کان وڏي خدمت اها هوندي ته اسان پنهنجي غير معمولي همت سان گڏ، مذهب جي روح ۽ ان جي نامڪمل ترجماني جي درميان فرق کي اهڙي طرح واضح ڪريون جو، مذهب پنهنجي مڃيندڙن جي دل ۾ تمام گهري ۽ اهم جڳهه ان طرح حاصل ڪري وٺي ته جيئن اسان مذهبي فڪر کي پنهنجي وقت جي مطالبن جي مطابق بدلائي سگهون ٿا. تاريخ جي ڪتابن ۾ مذهب جي سلسلي ۾ مختلف قسمن جا فڪر ۽ عقيدا موجود آهن ۽ اسان کي هرگز اهو خيال نه ڪرڻ گهرجي ته مذهب جي سلسلي ۾ صرف اسان جو عقيدو ئي هڪ واحد عقيدو آهي، بلڪ اسان کي اهو خيال رکڻ گهرجي ته اسان مذهبي ڪتابن، جن ۾ لڳاتار تبديلي ٿيندي رهي آهي کي واضح ۽ منطقي راه ۽ روش سان استعمال ڪريون. سچ ته اهو آهي ته اهي مقدس ڪم ۽ معاملا آهن پر انهن مقدس ڳالهين جي ترجماني ڪرڻ وارو ته بهرحال انسان آهي. ان حقيقي وضاحت کان پوءِ ماڻهو کليل ذهنن سان ٻين جي تجربن ۽ انهن جي ايجادن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندا.
    ان سلسلي ۾ لڳاتار بدلجندڙسوالن ۽ ضرورتن جي وچ ۾ توازن جي ذريعي هڪ مفيد ۽ عملي مذهب جي سمجهه ڪري سگهون ٿا. اصل ۾ مذهب جي سڀني تعبيرن کي مساوي طور تي درست قرار نٿو ڏئي سگهجي. بلڪل انهيءَ طرح جيئن دنياوي فطرت جي سلسلي ۾ هڪ عام ماڻهو جي بيان کي طبعي علم (Physics) ۽ حياتيات جي علم (Biology) جي ماهرن جي بيان جي برابر تسليم نٿو ڪيو وڃي. مذهب جي جائز تعبير، جيئن سائنسي سوچ ٻڌائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان اعتبار جوڳن ذريعن کي تسليم ڪريون جيڪو مسلمانن جي نظر ۾ قرآن مجيد آهي ۽ پڻ ماضي جي انهن طريقن جو علم، جنهن سان مذهبي هدايت تائين پهچي سگهجي ٿو. اڃا تائين اسان صرف مذهبي تعبيرن ۾ ڦاٿل آهيون. جڏهن ته مذهب جي ابدي زندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي سمجهه ۽ ان کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته مذهبن جي تعبير ڪنهن خاص زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ نٿي ڪري سگهجي. اهوئي اهو رايو آهي جو مڃيندڙن جي زندگيءَ جي سڀني پهلوئن جي ترقيءَ جو دروازو کوليندي، ڪنهن اهڙي غلط فڪر کي ان ۾ داخل نه ٿيڻ ڏي جيڪو اسان جي فڪر ۽ ترقيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري. ڌيان ۾ رهي ته مذهب جو جوهر پوريءَ طرح محفوظ رهي.
    ان سان گڏوگڏ مذهب جي سلسلي ۾ هڪ متحرڪ ۽ عملي نقطِ نگاه ان ڳالهه تي منحصر هوندي آهي ته هوشياريءَ سان هن دنيا ۾ باقي رهجي وڃي ۽ ان ۾ هي صلاحيت به باقي رهي ته اهو پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کي وڃائڻ کان سواءِ نئين حقيقتن کي سمجهڻ ۽ انهن کي سنوارڻ ۾ ڪائي ڏکيائي نه محسوس ڪري. منهنجي خيال ۾ مغربي تمدن هن دور جي تمام گهڻي اهم حقيقت آهي، جيتوڻيڪ سياسي اعتبارکان اولهه جو رويو اسان ڏانهن دوستاڻو نه آهي ۽ ان سان گڏ ڪجهه اولهه کان علاوه ماڻهو پڻ آهن جيڪي اولهه جي سياسي ۽ اقتصادي ظلمن جي ڏک کان واقف آهن. خواه اهي قديم نوآبادياتي نظام جي دوران ڪيل اولهه جا ظلم هجن، يا وسعت پسندي تي مشتمل اولهه جا موجوده ظالماڻي راه ۽ روش تي، پر مغرب جي سياسي ۽ اقتصادي پاليسي درحقيقت تمدن جو هڪ اهم پهلو آهي. پورو مغرب هڪ تمدن آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ تهذيب آهي ۽ اها تمدن پنهنجي خاص دنياوي نقطهٔ نگاه ۽ قدرن جي نظام تي منحصر آهي. انهن قدرن کي سمجهڻ کان سواءِ اسان جي گرفت اولهه جي سلسلي ۾ نهايت ئي سطحي ۽ گمراه ڪندڙ هوندي. جائزو وٺڻ وقت اسان کي اولهه جي طرف پنهنجي سخت نفرت کي ترڪ ڪندي اهو خيال رکون ته اسان اولهه جا ديوانا به نه بڻجون. بس هڪ طرف اسان اولهه جي خطرن جي سلسلي ۾ خبردار رهون ۽ ٻئي طرف ان جي انساني ڪاميابين مان پورو پورو فائدو به حاصل ڪريون. ۽ اهو ان وقت ممڪن آهي جڏهن اسان تاريخي ۽ بلوغيت جي هڪ اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃون جو جتي ترڪ ۽ اختيار جي قدرت ۽ اختيار ۾ جيڪي ذميواريون شامل آهن انهن سڀني کي نڀائڻ جي مهارت ۽ صلاحيت پيدا ٿي وڃي.


    باب ستون: خوف ۽ اميدون

    اسان جي انقلاب جي مقصدن ۽ اعليٰ معيارن جي مخالفت ڪرڻ وارا به ان جي عظمت جا پڻ قائل آهن. اسان جي خلاف منصوبه بندي ۽ سازشن جي ڀرمار مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اسان جو انقلاب گهڻو ئي سنجيده آهي ۽ ان پنهنجي دشمنن کان به پنهنجي ناقابل انڪار جي عظمت مڃائي آهي. اسلامي انقلاب رڳو، مسلمان دنيا تي ئي نه، بلڪ ان کان ٻاهر به پوري طرح اثرانداز رهيو آهي. ان مسلمانن ۽ ڪمزور ماڻهن کي هڪ نئين اميد ڏياري آهي، خاص طور تي انهن ڪمزور ماڻهن کي، جيڪي آزادي ۽ انصاف جا طالب آهن. دنيا جي فڪر ۽ سياسي فضا کي به ان انقلاب لوڏي ڇڏيو آهي.
    ان طرح جي تبديلي گهڻي مدد نٿي ڪري. جيتوڻيڪ ان جي ڪاري اختلاف، ٽڪراءُ ۽ خطرناڪ معاشرو وجود ۾ اچي ٿو. بس اسلامي انقلاب کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ اسان جي معاشري ۾ موجود خطرو ان تبديلي جو نتيجو آهي، جنهن کان گذرندي اسان تاريخ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، پر ان ۾ هينئر ڪابه خطري جي ڳالهه ڪونهي.
    ان سان گڏ اها نسبت ۽ سنجيدگي ۽ اهي خدشا ۽ اميدون، جيڪي ان تبديلي سان پيدا ٿيون آهن، اهي ڏاڍايون عظيم پڻ آهن. هڪ اهو اونو ۽ خوف جنهن کان انقلاب کي خطرو لاحق آهي ۽ ٻي اها اميد جيڪا روشن انقلابي معاشري جي مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ واري هوندي آهي.
    بس اڪابرن مان اسان اها اميد رکون ٿا ته اهي فقط انقلاب جي مکيه ڳالهين کان واقفيت حاصل نه ڪن، بلڪ انهن مسئلن کان به واقف هجن. اهم مسئلو ۽ مقابلو جنهن کان اڄ هي انقلاب درپيش آهي. اڪابرن کي انقلاب ۽ موجوده دنيا جي تازين حقيقتن جي وچ ۾ لاڳاپن تي به روشني وجهڻ کپي ۽ فقط انهيءَ طريقي سان اسان ماڻهو ان کي محفوظ رکي سگهون ٿا، جيڪو سچ ۽ منصفاڻي آهي ۽ جنهن کي بدلائي نٿو سگهجي.
    منهنجي خيال ۾ ابتدائي مرحلي ۾ اسان جي انقلاب جو مقابلو ان بنيادي اختلاف سان آهي، جيڪو انقلاب جي ستون ۽ معاشري ۾ لاڳو شين جي وچ ۾ هوندو آهي. مذهبي اختلاف ان جو هڪ ٿنڀ هوندو آهي ۽ اهو اڄ پوري دنيا ۾ موجود آهي. اسان جي انقلاب جون عالمانه بنيادون ۽ ان جا مول ۽ متا پڻ عالمي سطح تي مروج قدرن جي وچ ۾ سخت اختلاف ۽ ٽڪراءُ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن قدرن جي مڪمل ترديد آهي.
    اها فطري ڳالهه آهي، ڇو ته پهرين کان موجود نظام سان هر انقلاب جي مخالفت هوندي آهي. انهيءَ بنياد تي سڀ کان پهرين انهن مسئلن کي اڀاري سگهجي ٿو، پر اسان جي معاملي ۾ اها مخالفت خاص ۽ سخت آهي. ڇو ته اسان جا مخالف دنيا جي مختلف نظرين کان طاقت حاصل ڪن ٿا.
    سڄي دنيا دانشمنداڻي فڪر، سياسي نظام ۽ بالغ نظري تي ٻڌل اسان جي انقلاب جي مخالفت ڪئي آهي. صدين کان ان انقلابم جنهن جون تياريون هلندڙ هيون ۽ مذهبي حلقن جا ڏاها ۽ اهل علم ڪيترن ئي نسلن کان ان جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ سرگرم هئا. ڪيترين ئي صدين جي ايجاد ۽ نون تجزين جي روايت هڪ سماجي ۽ سياسي مضبوط نظام ۾ بدلجي وئي، جنهن جو عنوان اصل اصلاح آهي ۽ جنهن جا قدر تمام اونهي کڏ ۾ پيل هئا. ان جي سياسي ۽ فلسفياڻي نڪتهٔنظر جي رسائي سامعين جي عالمي جماعت تائين رهي آهي، ۽ ان جي نظام کي لائق ماهرن ۽ سائنسدانن جي حمايت حاصل رهي آهي.
    اسان جو مخالف ڳري ۽ غير معمولي اقتصادي سياسي ۽ فوجي طاقت جو حامل هو، جنهن جو پيچيده ۽ تباه ڪندڙ چهرو ماضي ۾ اسين ڏسي چڪا آهيون. پر ان سان اسان ماڻهو خوفزده نه ٿياسين. ڇو ته ڏور ماضي ۾ دنيا جا وڏا انقلاب طاقتور دانشمنداڻن بڻيادن تي قائم سياسي نظامن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪري چڪا آهن ۽ انهن نظامن کي بدلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن. اسان ان ڳالهه جا ساراهيندڙ آهيون ته اسان جو انقلاب عظيم آهي. پوءِ مخالفن جي طاقت ان عظيم انقلاب تي ڪيئن قابو پائي سگهي ٿي.
    اها پروپيگنڊا اسان جي لاءِ جان جو خطرو بڻجي چڪي آهي ته اولهه جو دانشمندانه اخلاقي ۽ سياسي نظام نهايت آسان ۽انساني فطرت جي عين مطابق آهي ۽ ماڻهو خودبخود ان طرف راغب ٿيندا پيا وڃن. نئين فڪر ۽ تمدن جا طرفدار ان ڳالهه جي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن جو فڪر ۽ نظر جو مرڪزي نڪتو آهي “آزادي” ۽ ان دعويٰ کي اسان کي پڻ سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ڪميونزم جي موت سان گڏ هڪ اشتراڪي فڪر فنا ٿي چڪو آهي. سوويت ڪميونزم جي موت جو مطلب اهو ڪڍيو وڃي پيو ته صرف اولهه جي نظرين تي ٻڌل آزادي جو تصور ئي موجوده حالتن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو.
    اسلامي انقلاب جي مخالفن جو سڄو دارومدار آزادي جي اصول تي آهي، جنهن کان اهي ڀرپور طاقت حاصل ڪن ٿا. ڇو ته آزادي انسان جي هڪ مرڪزي ۽ فطري منزل آهي. جڏهن آزادي جو اهو مطلب بيان ڪيو ويندو آهي ته ماڻهن کي سڀ ڪجهه انهن جي خواهش جي مطابق ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ آزادي جي وصف انسان جي پابندين کان آزاد رهڻ واري مضبوط خواهش جي عين مطابق آهي. پر عمل ۾ لامحدود آزادي ممڪن ئي ڪونهي ۽ آزادي، جنهن طرح سان اولهه ان جي وصف ڪري ٿو، اها هڪ لائنس جي ذريعي ئي ممڪن آهي، جنهن جي مطابق ٻين جي حقن کي غصب ڪرڻ جي آزادي ملي وڃي ٿي.
    بس آزادي جو معيار انسان جو فڪر ۽ ان جي لا محدود خواهش آهي ۽ ان جو مطلب ٿيو ته ماڻهن جي گهڻائي اهو فيصلو ڪندي رهي ته آزادي جون حدون ڪهڙيون آهن ته جيئن اها انهيءَ بنياد تي قانون بڻائي. نئين قدرن جي چاهيندڙن جو يقين آهي ته ماڻهن جي رستي ۾ اهڙي ڪابه رڪاوٽ نه اچڻ کپي، جنهنجي ڪارڻ انهن کي، جيڪو ڪجهه اهي ڪرڻ چاهين ٿا، ان ۾ مشڪل پيش ايندي هجي. پر اها ڳالهه ان وقت ممڪن آهي جيستائين ان جو ٽڪراءُ ٻين جي خواهشن سان نه ٿئي. جيتوڻيڪ ان کي انسانن جي ٺاهيل پابندين جي هڪ سلسلي طور طور اپنايو وڃي. اهو سسٽم عمومي طور تي انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ جبلتن جي عين مطابق آهي، جن کي اسان سڀ ڄاڻون ٿا. ٻين لفظن ۾ اهي سڀئي جسماني دنياوي لاڙا ۽ موجوده اولهه جو نظام انساني زندگي جي مضبوط محرڪات جي تشفي ڪري ٿو. ڪوئي ڪم ۽ ڪنهن به طرح جي تعليم انهن لاڙن کي اپنائڻ جي لاءِ ضروري نه آهي، ڇو ته اهو نظام تسلي بخش، جاذب ۽ دلڪش آهي.
    ان جي ابتڙ اسان واري انقلاب ماڻهن کي اعليٰ قدرن ڏانهن دعوت ڏني آهي، جن جي حصول ۾ وڏي طاقت، غير معمولي ڪشش ۽ ڪم جي ضرورت آهي.اسان جو نظام ايثار، ايمانداري ۽ ايمان تي ٻڌل آهي جيڪو انسان جي فطرت ۾ پيدائشي طور تي نه آهي. جيتوڻيڪ انسان کي ان جي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترين ئي ڏکيائين تي قابو پائڻو پوندو آهي. ڪيترين ئي اخلاقي ذميداريون قبول ڪرڻيون پون ٿيون جنهن جي لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آهي.
    اسان جي انقلاب جي مخالفن، جن وچ ۾ اقتصادي سياسي، فوجي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي طاقت موجود هئي، قدرن جو هڪ اهڙو مجموعو پيش ڪيو، جيڪو انسان جي بنيادي ضرورتن ۽ لاڙن سان مطابقت رکندو هو. اهو ان نظام کي اهڙو پيش ڪري ٿو جيئن اهو اخلاقي يوٿوپيائي جو حامل هجي.
    اولهه جي دعويٰ آهي ته نه فقط اهو انسانن کي انهن جي عملن ۽ انهن جي جبلي خواهشن جي مطابق پابندي کان آزادي ڏئي ٿو، بلڪ ان طرح جي اخلاقي زندگي ٻين سڀني نظامن کان بهتر آهي، ڇو ته انساني زندگيءَ جو بنيادن مقصدن يعني آزادي جي خواهش جي تڪميل ٿي سگهي ٿي.
    سچا انسان ڪنهن ٻئي شيءَ جي مقابلي ۾ آزادي ڏانهن گهڻو توجهه ڪن ٿا ۽ دليلن ۽ شاهدن جي روشني ۾ اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته ماڻهن آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيتريون قربانيون پيش ڪيون آهن، اوتريون گهڻيون قربانيون ڪنهن ٻئي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه ڏنيون آهن. اڄ ماڻهن کي اهڙو نظام مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهي پنهنجي مرضي جي مطابق کائڻ پيئڻ، پوشاڪ ڍڪڻ، پنهنجي مرضي جي مطابق پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ آزاد آهن ۽ ان سان گڏوگڏ فڪر جي آزادي به پڻ حاصل آهي. اهڙي ريت اهڙي نظام ۾ زندگيءَ جو مقصد طاقت ۽ خوشحالي آهي. پر اهي ٻئي انساني زندگي جا عظيم ۽ مبارڪ ترين مقصد، جنهن جو نالو آزادي آهي، کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، پر اولهه انسان جي بنيادي ۽ طاقتور خواهشن کي ان جي حيثيت مضبوط ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو آهي جيتوڻيڪ اهو گهڻو گمراه ڪندڙ آهي. ڇو ته جنهن جي اهو دعويٰ ڪري رهيو آهي، اولهه سچي آزادي حاصل ڪرڻ کان گهڻو پري آهي. اسان هڪ اهڙو نظام چاهيون ٿا، جنهن جو بنياد ايثار ۽ اعليٰ اخلاقي معيار تي قائم هجي، جيڪو مسلسل ڪوشش ۽ اخلاقي روحاني عظمت ۽ بلندي ۽ همت ۽ حوصلي جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. صحيح معنيٰ ۾ اهائي سچي آزادي آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن کي ان جي باري ۾ ٻڌايو وڃي.
    اسان جي ۽ اسان جي مخالفن جي وچ ۾ دشمنيءَ جي باه کي هوا ڏيڻ جو ڪارڻ طاقت، عالمي سطح تي برقي وسيلا، نقل ۽ حرڪت ۽ ابلاغ جي رسائي آهي. اسان جي دور جو هر ماڻهو بغير گهڻي ڏکيائي جي دنيا جي هرڪنڊ ڪڙڇ سان جڙيل آهي. ماضي ۾ معاشرن جي وچ ۾ جيڪي سرحدون موجود هيون، هاڻي ٽيڪنالوجي جي ابلاغي ذريعن وسيلي غائب ٿي ويون آهن ۽ هاڻي اهي تمام جلد هر خبر ۽ اطلاع کي سڀني کنڊن تائين پهچائي ڇڏين ٿا. اسان جي مخالفن وٽ اهي اهم وسيلا موجود آهن، جنهن ۾ مشڪل ٽيڪنيڪي علم جي ڪري دنيا جي سڀني قومن کي تصوير ۽ آواز پهچائي رهيا آهن. جنهن کي گهڻو ئي اعليٰ پيچيده ۽ مؤثر علمي ۽ ٽيڪنيڪي طريقن سان ڪم وٺندي آواز ۽ منظرن جهڙن عام رابطن جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي رضامندي جي توليد ۾ سرگرم نظر اچن ٿا ته جيئن ٻين جي زندگيءَ جي طريقن ۽ خيالن تي قبضو حاصل ٿي وڃي.
    اسان جنهن دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، ان ۾ ڪنهن هڪ فرد کي به دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ حالتن کان ناواقف نٿو رکي سگهجي. دنيا ۾ ڪوبه ڪٿي به هجي هر جڳهه دنيا جي حادثن جي سلسلي ۾ لازمي اطلاعن جي ڀرمار ۽ ان ۾ وڏين قوتن جي نظرين جي آميزش نظر اچي ٿي.
    اسان جا مخالف اهڙي ڪنهن تحريڪ يا اهڙي معاشري کي برداشت نٿا ڪن، جيڪو انهن سان اختلاف رکي ٿو ۽ اهي آزاداڻي تحريڪ کي شروع ۾ ئي لتاڙي ڇڏين ٿا. اولهه صرف پنهنجي مفاد لاءِ سوچي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو انهن جي قدرن کان منهن ڦيرائين ٿا ۽ انهن جي منافعي جي لاءِ ڪم نٿا ڪن ته هو پنهنجي پوري طاقت ۽ توجهه ان تي لڳائي ڇڏين ٿا ته جيئن انهن کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏين يا انهن کي صفحه هستي تان مٽائي ڇڏين. خاص طور تي اهوئي سبب آهي ته اسان جي انقلاب ابتدائي مرحلي ۾ ئي سازش جي انهن لهرن ۽ انهن دٻائن جو بيهي ڪري مقابلو ڪيو آهي.
    اسان جي انقلاب کي جيڪي ٻاهريون مشڪلاتون پيش آيون. انهن جي وضاحت ضروري آهي پر اسان کي پنهنجي اندروني مسئلن کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
    اصل ۾ سياسي ۽ سماجي شعبي جي عملي مطالبن ۽ تقاضائن کان اسلام جي عليحدگي ۽ جدائي اسان جي سڀ کان وڏي پريشانين مان هڪ آهي. اسان جو اسلامي انقلاب جڏهن دنيا ۽ دين جي حقيقتن کي نظر ۾ مٿانهون رکندي، انسان جي انفرادي ۽ سماجي زندگي جي لاءِ نون نمونن جي تشڪيل ڪرڻ چاهي ٿو ته اسلامي معاشرن کي هلائڻ ۽ انساني لاڳاپن کي اسلامي نظرين جي دائري ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان ماڻهن کي پنهنجي صلاحيت ۾ گهٽتائيءَ جو احساس ٿئي ٿو. ائين لڳي ٿو جيئن اسان وٽ ڪوئي ضابطو نه آهي، ڇو ته اسلامي فڪر صدين کان مصنوعي طور تي جلاوطن ڪيو ويو هو ۽ اسلام کي حڪومت ڪرڻ جي ۽ سماجي لاڳاپن کي اسلامي طرز تي هلائڻ جي اجازت ئي ڪونه ڏني وئي هئي. ان جي برعڪس معاشري جو لغام يا ته اسلام دشمن طاقتن جي هٿن ۾ رهيو يا اهڙي گروه جي هٿ ۾ جنهن اسلام کي پنهنجي سربلندي ۽ پروپيگنڊا جي لاءِ استعمال ڪيو ته جيئن انهن جي اختيار ۽ اقتدار کي قانوني شڪل ڏئي سگهجي.
    هن ڊگهي عرصي جي دوران حقيقي اسلامي معاشري تي حاڪم، ان نظام جي خرابي ۽ فرسودگي جي خلاف سرگرم مخالف طاقت بڻجي رهجي ويو جيڪو اسلام جي نالي تي حڪومت ڪري رهيو هو.اڄ اسان جو انقلاب هڪ اهڙي نظام کي وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو صحيح اسلام هجي. هاڻي به موجوده دور جي عملي معاملن ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هلندڙ ڪوشش جي دوران حقيقي اسلام تي ٻڌل نظريي کي طرح طرح جي خرابين ۽ گهٽتائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
    اسان ماڻهو وڏا خوش نصيب آهيون جو اسان جا حوصلي وارن مفڪر ۽ مذهبي عالمن جي لڳاتار ڪوشش، جدوجهد ۽ اسان جي ديني قيادت حقيقي اسلام کي سياسي مقصدن جو شڪار نه ٿيڻ ڏنو. انهن اسلامي علم کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ان کي برباد ٿيڻ کان بچائي ورتو.
    اسلامي فڪر وقت، زمان ۽ مڪان ۽ مادي حقيقت سان لاڳاپيل ڪمن ۽ معاملن ۾ اهم اسلامي نظرين کي ڳولي ڪڍيو ۽ انهن مسئلن تي اهڙي روشني وڌي جو سڄي دنيا ان طرف متوجهه ٿي وئي. اسلامي عرفان انساني تاريخ ۾ منفرد ۽ اڪيلو آهي. اهو مافوق علم، جنهن جو مقابلو ٻين نظامن سان ڪيو وڃي ته عرفان بهترين طريقي تي مافوق فطرت شين کي مخاطب ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان آماده آهي. پر اڄ اسان اسلام کي عملي جامو پهرائيندي، ان جي تعليم کي مادي، سماجي ۽ سياسي دنيا ۾ ڪم آڻيون ٿا ته اسان ماڻهن کي دانشورن جي ڪمي جو احساس ٿئي ٿو. جنهن جو علاج صرف معتبر اسلامي ماخذ ۽ ذريعن، آئين ۽ اصول ۽ ڪردار ۽ عمل تي پوري ڀروسي ۽ اعتماد جي ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿو.
    اسان جي اسلامي انقلاب جي خيالي تصور کي سهڻي نموني انهن نعرن ۾ واضح ڪيو ويو آهي، جيڪي انقلاب جي ابتدائي دور ۾ اسان جي نظريي جي واکاڻ ۾ لڳايا ويندا هئا. اهي نعرا يا ته سڌو سئون ماڻهن جي ذهن جي پيداوار هئا يا اوائلي انقلاب ۾ روشن فڪر ۽ باخبر رهنمائن ان جي تخليق ڪئي هئي ۽ پوءِ عوام ان کي اپنايو هو.
    ممڪن آهي ته اسان جي منزل مقصود ظاهري طورتي هن وقت اسان جي پهچ کان ٻاهر نظر ايندي هجي. دنيا جو ڪوبه نظام اوتروئي مضبوط ۽ پائدار هوندو آهي جيترو ان کي حقيقي ۽ عملي تائيد حاصل هوندي آهي. اهو محض خيالن جي دنيا ۾ زنده نٿو رهي سگهي. هڪ غير معياري دنيا ۾ معيار جي ڳولا ڪرڻ وقت اسان کي نظم ۾ توازن ۽ معاشري جي فلاح ۽ بهبود تي پوري نظر رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جي معاشري جو آهنگ ان زماني جي فطري تقاضائن کي پوري ڪرڻ کان قاصر آهي، جنهن ۾ اسان زندگي گذاري رهيا آهيون ته پوءِ اسان کي بهرحال مشڪلاتن ۽ پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوندو. اهائي اها جڳهه آهي جتي سڀني رڪاوٽن کي پري ڪندي، هڪ اهڙي عملي ۽ مناسب نظام کي ترجيح ڏيڻ لازمي ٿي پوندو آهي، جيڪو اسان جي انقلاب جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي.
    اسان جي معاشري جو ڍانچو ڪيترين ئي براين سان گهيريل آهي، اقتصادي ۽ سياسي رڪاوٽون پنهنجو سر اوچو ڪري رهيون آهيون ۽ اڃا تائين اسان اولهه پسندي (مغربيت) سان لاڳاپيل پنهنجي گڏيل شناخت جي بيماري ۾ مبتلا آهيون، جنهن جي ڪري نه اسان پنهنجي اساس تي قائم رهجي سگهيا آهيون ۽ نه ئي پوري طرح مغربي ٿي سگهيا آهيون. جيڪڏهن ان مسئلي جي پاڙ کي ڪٿي ٻئي هنڌ ڳولڻو آهي ته پوءِ اها ڳولا لازمي آهي ته جيئن ان بيماري کي موثر ۽ عملي طريقي سان پاڙان پٽي ختم ڪيو وڃي ته جيئن اسان ماڻهو ٻين ڏکيائين تي قابو پائڻ ۾ جلدي ڪامياب ٿي وڃون.
    عملي معاملن ۾ اسان تمام گهڻو فقهه تي انحصار ڪيو آهي، ته جيئن اهو انفرادي ۽ سماجي ڪمن ۽ معاملن ۾ حڪم جاري ڪري. ان انحصار جي ڪري اسان ماڻهن کي اهم خرابين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته انقلاب جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي فقهي ڪوششن کي وڌائڻو پوندو ته جيئن موجوده دور جي عملي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿئي. هتي اسان اسلامي انقلاب جي عظيم اڳواڻ امام خميني جي طرف رجوع ڪري سگهون ٿا، جيڪو هڪ عظيم اڳواڻ، معتبر فلاسافر، بصيرت جو ڌڻي، فقيهه ۽ عارف هو. اسان ان طرف ان لاءِ ڏسون ٿا ته هو هن خلاء ۽ خرابي کي ختم ڪري ته جيئن اسان پنهنجي صحيح منزل کي وجود ۾ آڻيون ۽ اولهه جي دوکيباز چالبازين کان بچون ۽ اوڀر جي جارحانه ۽ ته دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ جي سياست کان پاسو ڪريون. واضح رهي جيستائين فقهه فقط ڪتابن ۾ ۽ ديندار شخصيتن جي ذهنن ۾ موجود آهي ته دنيا جي هڙپ ڪرڻ وارن کي ان مان ڪوئي نقصان پهچڻ وارو نه آهي. جيستائين ديني اڳواڻ هر ميدان ۾ سرگرم عمل نٿا ٿين، ان وقت تائين انهن کي اهو احساس نه ٿيندو ته صرف مذهبي اقتدار ۽ علم ئي ڪافي ڪونه آهي. مذهبي تعليم جي مرڪزي ۽ ديني اڳواڻن کي وقت جو شعور هئڻ گهرجي ۽ موجوده دور جي نبض تي انهن جو هٿ هئڻ گهرجي. ته جيئن اهي مسقبل جي ضرورتن کي ڄاڻي سگهن. هميشه واقعن کان ڪجهه قدم اڳيان رهي ڪري کين مختلف موجوده دور جي مسئلن جا اثرائتا جواب معلوم هئڻ گهرجن. پنهنجي معاشري کي هلائڻ جي لاءِ ايندڙ وقت ۾ اسان جي هاڻوڪن طريقن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ انساني معاشرو انهن مئسلن جو استعمال ڪري سگهي ٿو، جيڪو اڄ اسلام جي سامهون موجود آهن”.
    اسان سڀ ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته امام جي وفات مذهبي عرفاني تعليم جي عروج جي زماني ۾ ٿي. انقلاب حق ۽ انصاف تي ٻڌل اسلامي انقلاب ان جي رهنمائي ۽ رهبريءَ ۾ غير معمولي ترقي حاصل ڪئي. امام خميني جي چوڻ مطابق موجوده دور جي تقاضن کان بي خبر ۽ صدين پراڻن تصورن سان گڏ زندگي گذارڻ وارو دين جو عالم معاشري کي اڄ جي پريشانين کان نجات ڏيارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، چاهي ان جا ارادا ڪيترائي نيڪ ڇو نه هجن. اڄ جي تقاضن کان باخبر رهندي دين جي عالم جو هٿ مستقبل جي فڪر ۽ ضرورت جي نبض تي هئڻ گهرجي. اهڙوئي شخص حادثن جي رحم ۽ ڪرم تي زندگي گذارڻ جي بجاءِ وقت جي وهڪري جو منهن موڙي سگهي ٿو. امام خميني جو ارشاد آهي:
    “اسلامي حڪومت ۾ هميشه نظرثاني ۽ تبديلي جي گنجائش هئڻ گهرجي. اسان جي انقلابي نظام جي تقاضا آهن ته مختلف جيتوڻيڪ مخالف نظرين کي به پيش ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪنهن کي انهن نظرين تي پابندي لڳائڻ جو حق ڪونهي. اهو سمجهڻ تمام ضروري ۽ اهم آهي ته معاشري جا مطالبا ۽ حڪمراني جيئن ته اسلامي حڪومت مسلمانن جي مفاد ۾ حڪمت عملي نڀائي سگهي ٿي. طريقه ڪار ۽ عمل ۾ اتحادي جي بنيادي اهميت آهي، هتي اسان جا روايتي مذهبي اڳواڻ جيڪي اسان جي مذهبي حلقن ۾ رهن ٿا انهن جي موجودگي ڪافي نه ٿيندي.
    “مذهبي قيادت جو اهم ترين مسئلو اهو آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ وقت زمان و مڪان کي نظر ۾ رکي. حڪومت پنهنجي عملي فلسفي جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي ته ڪيئن مذهبي بي ادبي سان معاملو ڪيو وڃي ۽ اندروني ۽ ٻاهرين مشڪلاتن سان گڏ ڪيئن پيش اچجي. اهي مسئلا صرف نظرياتي نموني سان نه حل ٿيندا، بلڪه اسان کي هڪ انڌي گهٽي ۾ داخل ڪندا ۽ آئيني قانون کي ٽوڙيو ويندو پر توهان کي هاڻي يقيني بڻائڻو آهي ته مذهبي گڙٻڙ نه واقع ٿئي ۽ آئون خدا کان دعا ڪريان ٿو ته اهڙو ڏينهن نه اچي. توهان سڀني کي پنهنجو ڌيان ان ڪوشش تي لڳائڻ گهرجي ته جڏهن فوج سماجي ۽ سياسي مسئلن سان مقابلو هجي ته اسلام جي عملي افاديت ۾ ذري جي برابر به گهٽتائي واقع نه ٿئي”.
    ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
    “جيستائين مذهبي مدرسن ۾ تحقيق ۽ تعليم جي طريقي جو سوال آهي، منهنجو خيال آهي ته روايتي فقهه يا هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ نامناسب ٿيندو. مذهبي اڳواڻ ئي انهن مسئلن ۾ صحيح ٿي سگهن ٿا. پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته اسلامي فقهه متحرڪ نه آهي. زمان و مڪان ان جا ٻه فيصلو ڪندڙ عامل آهي.
    اسان کي ان ۾ شڪ نه ڪرڻ گهرجي ته ڪيترائي خيال ۽ نظريا جن اسان جي هيستائين رهنمائي ڪئي آهي، اهي اسان جي سماجي معاملن جي انتظام ۾ ڪافي نه آهن ان سلسلي ۾ هڪ نئين نظريي ۽ فهم جو حصول لازمي آهي. هاڻوڪن مذهبي رهنمائن تي يقين ڪرڻ ضروري آهي پر ڪافي نه آهي.
    جيڪڏهن اها مرڪزي پريشاني ٻين ڳالهين سان دٻجي وڃي ٿي ته معاشرو مسئلن جي خاطر خواه حل کي حاصل ڪرڻ ۾ پويان رهجي وڃي ٿو. اهي مسئلا گهڻائي سنجيده آهن پر اسان مستقبل جي باري ۾ نااميد نٿا ٿي سگهون. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان پنهنجي اهم نوجوان دانشورن کي سماجي سطح تي پنهنجي عملي ۽ پر اميد موجودگي جاري رکڻ گهرجي.
    اسان جو مرحوم و مغفور امام اسان جي انقلاب جو ناقابل تغير نعمت هو ۽ اسلامي جمهوريت پڻ ان جي مرحون منت آهي. اسان جي زماني ۾ هن خدا جي هن دين جو احياء ڪيو. ٻين مذهبن سان هن جو اختلاف اهو هو ته هن اسلامي حڪومت جي تشڪيل ۾ مرڪزي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ان ڳالهه کان باخبر هو ته جيڪڏهن مذهبي اڳواڻ مفڪر ۽ دانشور، عملي مسئلن سان لاڳاپيل نه ٿيا ته اهي انهن جو حل تلاش نه ڪري سگهندا. پر جڏهن اسلام سياسي منظرنامي تي آيو، هڪ حڪومت قائم ڪئي ۽ اقتدار پنهنجي هٿ ۾ ورتو ته سڀني ماڻهن جي منطقي ۽ عقلي اميدن کي پورو ڪرڻ جو مسئلو ان جي سامهون آيو ۽ ان مسئلي جو حل تلاش ڪرڻ جي ضرورت پڻ محسوس ٿي، ڇو ته ان عوامي مسئلي کان متاثر عوام انقلاب سان پنهنجيون اميدون لڳايو ويٺو هو. بهرحال ان مسئلي جي شناخت ۽ موجودگي نئين نظام کي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏو اهم قدم هو. اهو نظام فڪر، قدر ۽ مناسب مهارت جي اعتبار کان اسان جي زماني جي مطابق هو جنهن ۾ اسلامي قانون جي چار ديواري ۾ رهندي انساني ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت بدرجه موجود هئي.
    امام جو عظيم ترين ڪارنامو اسلامي حڪومت جو قيام آهي، جيڪو ڪيترين ئي سازشن ۽ گهڻي دٻاءُ جي باوجود اڃا تائين قائم آهي. مخالفن کي اميد هئي ته امام جي وفات کان پوءِ اسلامي جمهوري نظام جو بنيادي ٿنڀ ڪري پوندو. پر الله تعاليٰ جي فضل سان ائين ڪونه ٿيو. امام جي وفات کان پوءِ رهبريءَ جو هڪ ادارو بڻجي وڃڻ ۽ اسان ماڻهن کي ان جي ٻڌايل انقلابي جدوجهد جي رستي تي هلڻ اهو هڪ وڏي اميد جو پڻ پئدا ٿيڻ آهي.
    ٻئي وڏي اميد اسان جي دور ۾ آهي، انسانيت موجوده صورتحال جي ڪري اسان جي اسلامي انقلاب پوري اسلامي دنيا ۽ دنيا جي سڀني غريب ماڻهن ۾ هڪ طوفان پيدا ڪري ڇڏيو آهي. بس خيالي خواهشون دنيا جي ڪمزور، غريب ماڻهن جي دل ۾ لڪيل طاقت، اسان جي انقلاب جو اهم جز آهن. جيڪڏهن اسان ان طاقت کي سمجهون ۽ ان کي موثر انداز ۾ استعمال ڪريون ته اسان غير معمولي اقتصادي ۽ فوجي طاقت ۽ عالمي سطح تي سياسي غلبي جي حامل مخالفن جو ڄمي ڪري مقابلو ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي خيالي تصور تي ڀروسو ڪريون ته اسان جي انقلاب پوري اسلامي دنيا ۽ ٻين حصن کي بيدار ڪيو آهي ۽ اسان اهو يقين رکون ته اسان جي انقلاب جا حمايتي ڪنهن به قرباني جي لاءِ تيار آهن ته پوءِ ڪاميابي اسان جا قدم چمندي. اسان جي مستقبل جي لاءِ اها انتهائي اميدافزا ڳالهه آهي ته ظاهري اعتبار کان طاقتور اسان جو مخالف پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ آهي. اولهه جي فڪر ۽ تمدن ۾ بيچيني ان جي قدامت کي دوکو ڏئي رهي آهي.
    ٻيهر اسان جو اصل مسئلو بنيادي ۽ ٻه طرفي مخالفت آهي. هڪ طرف اسان جي انقلاب جي قدرن ۽ موجوده زماني تي حاوي قدرن جي وچ ۾ موجوده مخالفت آهي ۽ ٻئي طرف هڪ حقيقي مذهبي حڪومت جي قيام جي سلسلي ۾ لازمي ۽ عملي تجزيي جي کوٽ آهي. جيڪو هاڻي به اڄ جي دنيا ۾ حاوي آهي ۽ ٻئي طرف هڪ حقيقي مذهبي حڪومت جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسان ان مسئلي جو حل ڪئين ڳولهيون ته جيئن الله تعاليٰ جي مدد جي ڇانو ۾ اهو انقلاب سخت ڌمڪين کان محفوظ رهي.
    اسان مان بناوٽ کان پري رهڻ وارا سادي طبيعت وارا ماڻهو اهو چئي سگهن ٿا ته مخالفن جي قدرن تي اهڙي پابندي لڳائي وڃي ته اهي اسان جي عوام تائين پهچي نه سگهن. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهو هڪ مضبوط حل آهي؟
    تمام گهٽ صلاحيت ۽ اڻپورو تصور رکڻ وارا ڪجهه فرد، عوام کي ان ڪم جي لاءِ راضي ڪري سگهن ٿا ته اهي هر انهيءَ شيءَ تي حملو ڪندڙ بڻجي پون، جيڪا يا ته انهن جي بند دماغن ۾ نٿي اچي يا انهن جي نظر ۾ اسلام جي خلاف يا انقلاب ۽ انقلاب جي شهيدن جي ميراث جي خلاف آهي. بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي اهڙا ڪيمپ آهن، جيڪي جيتوڻيڪ جادو کان پري آهن، پر پنهنجو پاڻ کي انقلاب ۽ اسلام جو ستون تصور ڪن ٿا ۽ پنهنجي مخالفن تي اسلام ۽ انقلاب دشمن هئڻ جو الزام لڳائن ٿا. ڇو ته اهي هر قيمت تي پنهنجي مخالفن کي سياسي ميدان کان ٻاهر ڪڍڻ گهرن ٿا. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهو ڪهڙو معيار آهي، جنهن جي ذريعي اهو طئي ڪيو وڃي ته ڪهڙي شيءَ قابل قبول آهي ۽ ڪهڙي شيءَ ناقابل قبول ۽ ڏکيائين ۽ دشمن جي مقابلي ۾ اسان کي ڪهڙو طريقهٔڪار اپنائڻ گهرجي؟ ڇا اسان جي ثقافتي پاليسي تي ڪجهه سنسر ۽ پابنديون لڳڻ گهرجن؟ ڇا اسان ان جا مخالف آهيون؟ ڇا بين الاقوامي قومن کان الڳ ٿلڳ رهڻ جي پاليسي اڄ جي زماني ۾ صحيح آهي؟
    ڇا اسلام جي عظيم ۽ شاندار تاريخ ۾ ڪڏهن به الڳ ٿلڳ رهڻ کي ترجيح ڏيندي رسد تي پابندي لڳائڻ کي مناسب پاليسي سمجهيو ويو آهي؟ ڪجهه دورن ۾ اسلام جي نالي تي ماڻهن تي پابنديون لڳايون ويون، جن ناقابل تلافي نقصان پهچايو، پر اهو گهڻي عرصي تائين نه هلي سگهيو. اسلام مخالف نظرين جو کلي دل سان استقبال ڪيو آهي. مذهبي ادارن جي مسلمان مفڪرن ٻين نظرين جو مقابلو نهايت سهڻي نموني ڪيو آهي. اسلامي تمدن جي هن کليل مزاج هن تمدن کي عقل ۽ فهم جي اعتبار کان وڌيڪ وزندار بڻائي ڇڏيو آهي.
    ان طرح سان پابندي اڄ جي زماني ۾ عملي حل ڪونهي. اطلاعن جا جيڪي وسيلا اسان جي عوام جي اختيار ۾ آهن، اهي حڪومت جي وسيلن ۽ ذريعن تائين محدود نه آهن. هلو، اسان مڃي وٺون ٿا ته اسان اهڙن سڀني ڪتابن جي اشاعت نٿا ٿيڻ ڏيون، جيڪي خراب ۽ ڪوڙين عبارتن جا حامل آهن. سڀئي اهڙين اخبارن ۽ رسالن تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي آهي، جن ۾ اهڙي ڪابه شيءَ ڇپي هجي، جيڪا اسان جي مزاج جي خلاف هجي ۽ يا اهڙين فلمن جي تياري به اسان روڪي ڇڏيون ٿا جن کي خراب سمجهون ٿا. اهي سڀ افڪار ۽ نظريا جيڪي سرڪاري طور تي ممنوع قرار ڏنا وڃن ته ڇا پوءِ ڪنهن ٻي طرح سان اسان جي ماڻهن تائين نه پهچن ها؟
    فڪر ۽ خيال جي دنيا جي شيءَ جي خوبي ۽ خرابي جي باري ۾ ضد تي ٻڌل فيصلو ۽ عقيدو سٺي منطق ۽ حقيقت پسنداڻي رويي جي جاءِ وٺي سگهي ٿو. اهو سوچڻ سادگي آهي ته صرف حڪومت طرفان هلايل چينل ئي اندروني ۽ عالمي عوام جي اطلاعن حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهن. اسان ڪيئن متحرڪ ۽ جستجو ڪرڻ وارن ذهنن کي ان ڳالهه کان روڪي سگهون ٿا ته اهي پنهنجي گهربل شيءَ تائين رسائي حاصل نه ڪن؟ اسان اهڙن متحرڪ دماغن ۽ ٻاهرين دنيا جي وچ ۾ هڪ ڀت ڪيئن بيهاري سگهون ٿا؟ اطلاعاتي ٽيڪنڪ جي مسلسل ترقي جو تت اسان جي زياده تر آبادي جي دسترس ۾ آهي ۽ مستقبل ۾ انهن تصورن تي ڪنٽرول يقيناً غير حقيقي ۽ غير عملي هوندو.
    يقيناً ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جي اسلامي نظام ۾ ماڻهن جي اطلاعن جي دسترس ۽ رسائي تي ڪابه حد يا پابندي نه لڳائي وڃي. ڪابه حد ۽ پابندي اها ڳالهه به غير حقيقت پسنداڻي هوندي. حڪومت جي ڪابه شڪل هجي، اها بغير پابندي لڳائڻ جي رهي نٿي سگهي، ۽ گهڻيون زياده ترقي يافته آزاد جمهوريتون به ان قاعدي کان آجون نه آهن. پر هڪ اهڙو نظام جيڪو پابندي کي خصوصي حڪمت عملي قرار ڏئي ٿو. ان نظام کان يقيني طور مختلف هجي ها، جيڪو مخصوص ۽ اهم معاملن جي اصلاح جي مقصد کان ڪڏهن ڪڏهن پابندي لاڳو ڪري ٿو. ڪوبه نظام هجي اهو ڪنهن نه ڪنهن طرح جي پابندي لڳائڻ تي مجبور آهي، خاص ڪري اهڙين حالتن ۾ جڏهن ان جو پوري وجود ۽ ان جي حڪومت جي بنياد کي خطرو لاڳو هجي. بهرحال مجموعي اعتبار کان اسلام تاريخ ۾ ڪڏهن به پنهجي نظام جو بنياد پابندي ۽ سنسرشپ تي ناهي رکيو.
    اڪيلائپ ۽ گوشه نشيني کي هڪ زنده ۽ متحرڪ اسلامي معاشري جي ثقافتي حڪمت عملي ڪڏهن به نٿو قرار ڏئي سگهجي. اسلام جيڪو هڪ ترقي پسند مذهب آهي ماڻهن جي ضمير جي آس پاس ڪنهن به طرح جي ڀت اُڀي ڪرڻ جو مخالف آهي. ان جي باوجود اسان جي حڪمت عملي اها آهي ته ماڻهن کي محفوظ ۽ اعليٰ درجي جي تعليم ڏني وڃي ته جيئن هو اولهه جي تهذيبي خرابي کي پنهنجو پاڻ روڪين. بس پاڻمرادو حفاظتي طاقت جي ايجاد ئي هڪ اهڙو قابل قبول حل آهي، جيڪو اڄ ۽ سڀاڻي ٻنهي جي لاءِ مناسب ٿي سگهي ٿو. بس ان ضرورت جي تحت اسان مختلف خيالن جي اظهار جي اجازت ڏينداسين ته جيئن معاشري ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان بحث ڪن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جسم کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪمزور ۽ محدود بيماري وارا جراثيم ڪا به انجيڪشن (سوئي) لڳائڻ بنا جسم کي ان لائق بڻائي سگهجي ٿو ته اهو ٻين جراثيمن جو به شديد ۽ خطرناڪ حملن جو مقابلو ڪري سگهي ٿو؟ جسم جي بيماري جي جراثيمن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اهو طريقو نه آهي ته جراثيمن کي ان جي ويجهو ئي نه اچڻ ڏجي. ان جي ابتڙ اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڇا موجوده نظام ۾ جراثيمن سان مقابلو ڪرڻ جو هٿيار موجود آهي؟ سوسائيٽي ۾ به ان کان علاوه ڪوئي ٻيو طريقو نٿو ٿي سگهي. هڪ متحرڪ ترقي پذير معاشرو پنهنجو رابطو ۽ تعلق مختلف ۽ ڪڏهن ڪڏهن مخالفن سان به رکي ٿو. ڇو ته اهڙن نظرين سان پنهنجي دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجو پاڻ کي گهڻو طاقتور، جذب ڪندڙ ۽ اثرائتي فڪر سان مسلح ڪري ڇڏي ٿو ۽ جيڪڏهن مذهبي ۽ انقلابي فڪر جا محرڪ يقيني طور تي پنهنجي انقلابي نظام کي باقي رکڻ چاهين ٿا ته انهن جي لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪونهي، سواءِ ان جي ته اهي معاشري ۾ سنجيده، مناسب ۽ مطابقت پذير فڪر کي اچڻ ڏين. انقلاب جي آغاز ۾ ئي امام خمينيءَ اڻ وڻندڙ فڪرن کي بند ڪرڻ جي خلاف مشورو ڏنو، جيڪو اسان پسند نه ڪيو پر اسان کي فخر آهي ته اسانجي انقلاب جو پهريون قدم آزادي جي بنياد تي کنيو ويو ۽ اهو اسان جي انقلاب جو ڪو خراب نتيجو نه هو جيڪو اسان جي اڳواڻن جي هٿن مان نڪري ويو هجي. شروع کان ئي اهو اصول اپنايو ويو ته ٻيا پنهنجي سوچ جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ٿا.
    سواءِ ان جي ته اهي ڪا سازش ڪري رهيا هجن، جيتوڻيڪ ڪجهه گروه جن ان کي استعمال نه ڪرڻ گهريو، انهن اهڙي آزادي کي عقلمندي ۽ هوشياريءَ سان نه استعمال ڪيو. بلڪ ان جي مقابلي ۾ نامناسب طور تي ۽ خراب طريقي کي اپنايو اهڙي روش ۾ ڏوه انهن جو هو پر انقلاب جو نه هو. ان ڪري معاشري کي ان جو وڏو نقصان کڻڻو پيو. اهي ماڻهو آزادي جا غلط طور تي استعمال ڪرڻ وارا هئا. جن فڪر جي برتري ۽ عقل جي بالادستي کي قبول نه ڪيو، بلڪ فضا جي آزادي کي خراب ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مطلق العناني جي خواهشن کي مسلط ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو. انهن اهو نه محسوس ڪيو ته هڪ حڪومت، جيڪا ماڻهن جي لاءِ ۽ انهن جي عقيدن سان جڙي آهي ۽ شهيدن جي خون سان جنهن جي آبياري ٿي آهي، دنيا جا لکين بي غرض چاهڻ وارا هر انقلاب دشمن سازش خلاف اٿي کڙا ٿيندا، ان ڪري قانوني مخالفن جي محدوديت ان وقت هڪ شازش هئي جيڪا اڄ به موجود آهي.
    اهو خيال ته سازش اصل ۾ آهي ڇا؟ ان جي وضاحت ضروري آهي. اسان سماجي مسئلن کي هڪ اهم ۽ کليل نظر سان ڏسون ٿا، نه ته ڪوبه بند ذهن ۽ ضدي ماڻهو سازش کي عذر جي بهاني استعمال ڪري سگهي ٿو، ته جيئن ان طرح سان پنهنجي مخالفن کي سياسي منظرنامي تان هٽائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. بهرحال اسان جي نظام ۾ محاسبي ۽ نظم جي ضرورت آهي.
    ڪجهه گروهن ۽ جماعتن جا ظاهري طور سطحي ۽ غير محتاط پر سياسي مهارت سان ڀرپور خيال، نه معاشري جي مفاد جو خيال رکن ٿا ۽ نه ئي سازش ۽ ان جي حدن کي سمجهي سگهن ٿا. نه ته هر شخص خود مخالف افڪار تي حملو ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ان لاءِ مذاق محدود هئڻ کپي ۽ پنهنجي ملڪ جي مفاد کي بچائڻ جي غرض سان انقلاب ۽ مذهب کي به ڪنهن سازش جو شڪار ٿيندي چاهيندو هجي. بس پنهنجي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي اعليٰ فڪر ۽ منطق جي تشڪيل ڪندي ان کي معاشري ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ته هڪ اهڙو مضبوط بنيادن وارو نظام بڻايون، جيڪو ٻين طريقن جي مقابلي ۾ هر طرح جي مقابلي جي صلاحيت رکندو هجي ۽ پنهنجي فضيلت کي ظاهر پڻ ڪري. هن تحريڪ پاڻ اثبات کي بچايو آهي ۽ اسلامي فڪر ۽ مذهبي عقيدن جي جوهر کي مختلف دورن ۾ اڃا گهڻو توانو ڪيو آهي.
    هڪ اسان جهڙو نظام، جيڪو اسلام جي يوٽو پيائي نظرياتي تصورن تي قائم آهي، ان کي انفرادي آزادين تي بهرحال ڪجهه پابندي لڳائڻ کپي. هڪ انقلابي، مذهبي نظام قدرتي طور تي اهڙين ڪيترين ئي شين کان روڪيندو، جيڪي ماڻهو خاص ڪري اولهه ۾ نوجوانن جي دسترس ۾ آهن. خاص طور تي اولهه ۾ نوجوانن جي جذبن ۾ ڪثرت ملي ٿي. جيتوڻيڪ انهن جي تسلي اولهه ۾ گهڻي سٺي طريقي سان ٿئي ٿي ۽ انهن جي انساني خواهشن جي تسلي اتي ٿي ويندي آهي. جڏهن ته هڪ اسلامي نظام ۾ جنهن جا ڪيترائي گهڻا مذهبي قائدا قانون انهن جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿا. اسان کي پنهنجي معاشري کي گهڻو مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ گهرجي. پنهنجي نوجوانن کي ٻڌائڻ گهرجي ته لذت پرستيءَ جو هڪ بهترين رستو جنهن ۾ انهن کي گهڻو لطف ۽ لذت حاصل ٿي سگهي ٿي، احتراز، ايثار ۽ ترڪ ڪرڻ آهي.
    تصوراتي فڪر جي ذريعي ماڻهن، خاص طور تي نوجوانن کي ڀروسي ۽ زنده دلي سان مالامال ڪري سگهجي ٿو. مسلمان نوجوانن کي اهو عقيدو رکڻ گهرجي ته پابندين ۽ حدن جي بدلي، جيڪي اسان جي نظام اسان تي لڳايون آهن، اسان ماڻهن کي ڪردار جي دولت عطا ڪئي آهي ۽ اسان جي زندگين کي هڪ ڏسيل واٽ سان مالامال ڪيو آهي، جنهن جي ڇانو ۾ اسان کي ڪاميابي، عظمت ۽ امن حاصل ٿئي ٿو. جذباتي ۽ ذهني ضرورتن کي ضرور سمجهيو وڃي نه اسان جي معاشري جو بنياد ڪمزور ٿي ويندو.
    انقلاب جي چاهيندڙن جي تصوراتي نظريي جي پورائي، جيڪا ايران جي اندر ۽ ٻاهر موجود آهي، هڪ اهم ضرورت ۽ اسان جي بقا جي ضمانت آهي. پنهنجي سڃاڻپ کي قائم رکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان دنيا جي هر فورم ۾ موجود هجون. اسلام ۽ ايران جو گهڻو ئي مؤثر انداز ۾ بين الاقوامي ٽربيونل ۽ ٻين عالمي گڏجاڻين ۾ دفاع ڪيو وڃي. جيستائين اسان پنهنجي منفرد تصورن کي زنده نٿا رکون، اسان ترقي نٿا ڪري سگهون ۽ پنهنجي وزن کي به بين الاقوامي سطح تي محسوس نٿا ڪرائي سگهون. جڏهن ته ان جا قائدا ۽ قانون اسان جا مخالف بڻائي رهيا هجن، جيستائين اسان پنهنجي منفرد تصورن کي قائم نٿا رکون. ائين ڇو هو ته اسان جي عراق سان اٺ سال جنگ جي دوران اسان جي تهذيبي مسئلن جو دٻاءُ اسان تي گهٽ هو؟ ڇو ته هڪ عوامي لهر انقلابي نوجوانن جي اصلي صفن ۾ موجود هئي ۽ ماڻهن انهن کي خود پنهنجي اکين سان ڏٺو ته اهي ڪيئن ملڪ ۽ انقلاب جو بچاءُ ڪري رهيا آهن. ان عملي موجودگيءَ ماڻهن کي فخر سان ڀري ڇڏيو. اسان جي نوجوانن محسوس ڪيو ته انهن جي زندگين کي نيون معنائون ملي ويون آهن. ڄڻ ته انهن هڪ روحاني اعليٰ رتبو حاصل ڪيو هجي. هاڻي جڏهن جنگ ختم ٿي وئي آهي ته ان جي جاءِ ڪير اچي وٺندو؟ هڪ اثرائتو حل اهو آهي ته نوجوان نسل جي حصي وٺڻ جي لاءِ زمين تيار ڪئي وڃي، جنهن سان هو پنهنجي صلاحيتن کي وڌائي سگهن ۽ انهن کي تخليقي طور تي استعمال ڪري سگهن. جيڪڏهن نوجوان نسل پنهنجو پاڻ کي متحرڪ ۽ سوسائٽي ۾ فائديمند نٿو ڄاڻي ته اها فطري ڳالهه آهي ته اهو مايوس ٿي ويندو.
    معاشري کي گهڻو توانو بڻائڻ لاءِ مفڪرن کي گهرجي ته اهي اسلام کي هڪ اهڙو نظام فراهم ڪن، جنهن ۾ سٺو منطق ۽ مڃڻ جي قابل مسئلن جو حل هجي ۽ انهيءَ طرح سڀئي سماجي طاقتون سياسي عمل ۾ شامل ٿي وڃن. هتي دانشورن جو سڀ کان وڏو مشن اهو آهي ته اهي اصل اسلام کي سمجهن. اهو اسلام جنهن جي ڇانو ۾ اسان جي انقلاب وڏي شان واري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
    اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جيڪا اسان جي اسلامي انقلاب سان سخت اختلاف جي حامل آهي. جڏهن ته اسان پنهنجي زندگيءَ کي اسلام جي بنياد تي هلائڻ گهرون ٿا. بس اهو معلوم ڪرڻ لازمي آهي ته ڪهڙي قسم جو اسلام اسان جي زندگين جو اساس بڻجندو. هتي اسان جون مذهبي درسگاهون ۽ يونيورسٽيون ان سوال جو جواب ڏين. ائين ممڪن نه آهي ته اسلام جي باري ۾ راءِ ۾ اختلاف نه هجي. گذريل صدي ۾، ممڪن آهي ته اسلامي تاريخ ۾ نه هجي، اسان جي سامهون ٽي اسلام هئا، اهو فيصلو ڪرڻ ته ڪهڙو اسلام اسان چاهيون ٿا ۽ اسان کي گروهي ۽ جماعتي تفرقن ۽ جهڳڙن جي سلسلي ۾ هڪ واضح تصور رکڻ گهرجي. ڇو ته صحيح اسلام جي بنياد تي ئي مستقبل جو رستو طي ڪرڻو آهي.
    روايتي اعتبار کان اسان جي سامهون ٽن قسمن جا اسلام موجود آهن. هڪ بازگشت وارو، ٻيو ملاوٽ وارو ۽ ٽيون حقيقي ۽ صحيح اسلام آهي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انهن ٽنهي مان ڪهڙي اسلام تي اسان جي انقلاب جو بنياد قائم آهي ۽ ڪهڙو اسلام اسان جي معاشري کي بچائي سگهي ٿو ۽ عزت ۽ فخر ڏئي سگهي ٿو؟ اسانجو عقيدو آهي ته اسان جي انقلاب جو بنياد صحيح اسلام تي آهي. اهو اسلام جنهن جون پاڙون وحي ۽ مضبوط وحدانيت تي قائم آهن. هي اهو اسلام آهي، جيڪو انسانن جي موروثي وقار ۾ يقين رکي ٿو ۽ انسانيت لاءِ خوشي ۽ مسرت آڻي ٿو. هڪ مسلسل ترقي پذير اسلام آهي جيڪو نون اڀرندڙ مسئلن جو حل تلاش ڪندو آهي. پوري تاريخ ۾ اسلام جي ان تعبير ۽ تشريحءَ خرابي ۽ تنزل سان پنهنجو بچاءُ ته ڪيو آهي پر ان کي اهو موقعو نه ڏنو ويو ته سماجي سياسي دائري ۾ داخل ٿي پنهنجي حيثيت کي مڃائي سگهي.
    اهو فرض ڪرڻ ناداني چئبي جيڪڏهن اسان ائين سمجهون ته ڇو ته اسان جو انقلاب ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ هڪ اسلامي جمهوري حڪومت قائم ٿي وئي آهي، بس هاڻي صحيح اسلام جي ڪاميابي خوبخود يقيني آهي. نه، ائين ڪڏهن به نه آهي، بلڪه اسان نهايت وڏين ۽ سخت مشڪلاتن ۽ خطرن جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. سڀ کان پهريائين اسلام جا مڃڻ وارا پنهنجو پاڻ کي عقل، فڪر ۽ پهرين کان گهڻو منطق سان راضي ڪن. اصل ۾ سياسي ۽ فوجي جنگ جي مقابلي ۾ خيالن جي جنگ تمام گهڻي نتيجي واري ۽ فيصلي ڪُن هوندي آهي. سڀ کان پهرين اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته اسان ڪهڙو اسلام قبول ڪيو آهي ۽ ڇو، تڏهن ئي اسان وڌيڪ اخلاقي ۽ ذهني طاقت سان پنهنجي مخالفن جو ڄمي مقابلو ڪري سگهنداسين. اصل ۾ اسان جي انقلاب جي تجربي ان کي گهڻي قدر ۽ نه وسارڻ جهڙا سبق سکايا آهن.
    امام خمينيءَ مرڪزي حيثيت حاصل ڪرڻ کان فوراً پوءِ ئي ظلم، زيادتي، ٻين تي ڀاڙڻ، ڪوڙا، ثقافتي زوال ۽ آمريڪي سامراجيت جي خلاف پنهنجي مذهبي ۽ اسلامي جدوجهد جو آغاز ڪري ڇڏيو هو. تعليم يافته ۽ اعليٰ طبقي ۾ اهڙا ماڻهو هئا، جن امام جي جدوجهد جي طريقي ۽ اسلام جي تعبيرن جي مخالفت ڪئي. انهن مان ڪجهه ماڻهو بادشاهت جا حامي ۽ همدرد هئا ۽ ٻيا منافقي پرست ۽ خود غرض ماڻهو هئا. انهن مان زياده تر ماڻهو غدار ته نه هئا پر اسلام جو تعبير ان انداز سان ڪندا هئا جو اهو انقلابي طريقي جي مطابق نه هوندو هو. ان ۾ اهڙا ماڻهو به شامل هئا جيڪي ابتدا ۾ امام جي حمايت ڪندڙ هئا، پر بعد ۾ جڏهن معاملا ڏاڍا ڏکيا ٿي ويا ته انهن پنهنجي حمايت واپس وٺي ورتي.
    امام جي مڃڻ وارن ماڻهن جي گهڻائي هئي. مڃڻ وارن ۾ اهڙا به هئا جن جيل ۽ جلاوطني جو تڪليفون ان ڪري برداشت ڪيون ته جيئن انقلاب کي ڪاميابي حاصل ٿئي. يقيناً اهي سٺا ۽ سچا ماڻهو هئا ۽ اڄ به آهن. پر آخر ۾ جڏهن انقلاب کي عملي طور قائم ڪرڻ جو وقت آيو ته انهن جي راءِ اسلام جي سلسلي ۾ امام کان مختلف ٿي وئي.
    انقلاب کان پوءِ ڪيترين ئي شڪلن ۾ جڏهن سماجي انصاف جي مسئلن ۽ اڻ برابري سان مقابلي جو آواز اٿاريو ويو ته ڪجهه ماڻهن رڙيون ڪيون ته اسلام خطري ۾ آهي. آئون اهو نه چئي رهيو آهيان ته اهي ماڻهو، جن سماجي انصاف جا نعرا لڳايا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اڻ برابري جي خلاف وڙهي رهيا هئا، اهي سڀ جا سڀ صحيح هئا. هتي مسئلو سماجي انصاف جي اصول جو آهي، ۽ انهن ماڻهن جو، جيڪي شروع کان ئي ان موضوع کي آڻڻ ئي نه گهرندا هئا. انهن ماڻهن مسئلن کي سلجهائڻ جي سلسلي ۾ انهن سڀني عملي قدمن جو، جيڪي اسان کڻڻ چاهيندا هئاسين. اهڙا ماڻهو ان حقيقت کي برداشت نه ڪري سگهيا ته امام جو اسلام سماجي انصاف پئدا ڪندڙ هو. اهڙي طرح سان انهن پنهنجون سموريون ڪوششون ان طرف لڳايون ۽ ان کي نقصان پهچايو. امام مجبور ٿيو ۽ فرمايائين ته ان فڪر جو مقابلو جو ان مرديءَ سان ڪريو ۽ هن بيان ڪيو ته جنهن اسلام کي هنن پيش ڪيو آهي، ان جي مطابق سماجي انصاف جو حاصل ڪرڻ انقلاب جي بنيادي مقصدن مان هڪ آهي.
    اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي اهو محسوس ڪندا هئا ته عورت جو مقام گهر آهي ۽ دليل اهو ڏيندا هئا ته ڪم جي جاءِ تي عورتن جي موجودگي سان خرابي ۽ اخلاقي زوال پئدا ٿئي ٿو. اهي ماڻهو عورت جي لاءِ اعليٰ تعليم جا مخالف ۽ سماجي ڪمن ۾ عورتن جي شموليت جي خلاف هئا. اهو هڪ الڳ مسئلو هو، جنهن کي اسلامي لباس ۾ شروع ڪيو ويو. انقلاب کان پوءِ پهرين چونڊيل مجلس (پارليامينٽ) جي ڪيترن ئي بااثر حلقن اها ڪوشش ڪئي ته هاڻي عورتن کي مجلس ۾ ويهڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. امام ان خيال جي ڄمي مخالفت ڪئي ۽ چونڊن ۾ عورتن جي شموليت جو دفاع ڪيو. اهڙا ماڻهو به هئا جن ڪوشش ڪئي ته سوائي ديني ۽ مذهبي ماڻهن جي، ڪو ٻيو سياست ۾ حصو نه وٺي. اهي خاص طور تي يونيورسٽي جي شاگردن ۽ پڙهيل لکيل طبقي جي سلسلي ۾ مشڪوڪ هئا ۽ انهن تي گمراه هئڻ جو ليبل لڳائيندا هئا. ڇو ته انهن ماڻهن جو ذهني وزن گهڻو هو. اهي هڪ معاشري جي وڏي طبقي کي پنهنجي سياسي تقدير بڻائڻ جي فيصلي ۾ روڪڻ گهرندا هئا ۽ انهن سڀني کي اسلام جي نالي تي حق بجانب ثابت ڪندا هئا. هڪ دفعي امام جلدي جواب ڏنو ۽ انهن ماڻهن جي رجعت پرست تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو.
    ڪن ته سڀني سماجي ۽ تهذيبي پروگرام تي ان حد تائين به تنقيد ڪئي جو امام مجبور ٿي پيو. پاڻ تهذيبي سرگرمين جي سلسلي ۾ هڪ واضح بيان جاري ڪيائون ته جيئن ماڻهن جي دماغ مان سڀئي شڪ ۽ شبها ختم ٿي وڃن. ٻيا ماڻهو موسيقي، فلم ۽ ٿيٽر جي مخالفت ڪري رهيا هئا، اهي ماڻهو فنون لطيفه جي ڪجهه صورتن جا مخالف نه هئا بلڪه اهي ٻئي کان ڪنهن به طرح جي هنر وٺڻ جا مخالف هئا. ڪجهه ٽيلي وزن تي راندين جي واقعن جي نشر ڪرڻ جا پڻ مخالف هئا، جيڪو انهن جي خيال ۾ هڪ گناه هو. امام انهن سڀني ڳالهين جو، جيڪي مذهبي دائري ۽ رجعت پرستي تي مشتمل هئا، ڄمي ڪري مقابلو ڪيو ۽ اهو چيو ته جن شين تي اهي اعتراض ڪري رهيا آهن، اهي معاشري جي لاءِ مفيد آهن. پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ امام مذهبي روايت پرستيءَ جي خلاف نهايت ئي عمدو تبصرو ڪيو. “اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جهالت ۽ وهمن جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيون ته جيئن اسان حضرت پيغمبر ﷺ جي تازي چشمي تائين پهچي سگهون. اڄ اسلام هڪ معمو بڻجي رهجي ويو آهي ۽ان جي حفاظت قرباني گهري ٿي ۽ آئون دعا ڪريان ٿو ته ان راه ۾ پيش ڪيل قربانين ۾ خداوند تعاليٰ منهنجو شمار ڪري”.
    اهي ماڻهو جيڪي انقلاب ۾ سچو يقين رکن ٿا ۽ اسلام جو وقار چاهين ٿا، انهن اهو پسند ڪيو ته امام ان اسلام کي ڦهلائي. ان جو اهو مطلب نه آهي ته ٻين ماڻهن کي پنهنجي حالتن ظاهر ڪرڻ جو حق نه هو، پر هر شخص کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق آهي، پر قانون ۽ تعقل پسندي جي حدن ۾. بهرحال اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جو انقلاب اسلام جي تعبير تي قائم ٿيو آهي؟ ڇا اهو گروه، جنهن کي امام ڪئين ڀيرا تنبيهه ڪئي، انهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهي پنهنجي سخت خيالن کي ماڻهن تي ٿوپين ۽ پنهنجي مخالفن کي اسلام ۽ انقلاب جو مخالف ٻڌائين؟
    رجعت پرستي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي وارا دين جا عالم، جن کي امام انقلاب دين جي لاءِ تمام وڏو خطرو ٻڌايو هو، بيڪار ڪونه ويٺا آهن. جيڪي روشن فڪر ۽ سچائي پسند ماڻهو آهن انهن کي ان خطري کي محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان بچاءُ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
    رجعت پرست اسلام سان گڏو گڏ اسان وٽ هڪڙي ڪيمپ اهڙن ماڻهن جي به آهي، جن جو عقيدو ملاوٽي اسلام ۾ آهي. عقيدي جي هڪ هٿرادو غير معتبر شڪل، جيڪا فقط پاڪيزگيءَ تي ٻڌل آهي، بغير ڪنهن صحيح اسلامي علم جي، يا ان جي تعليمات ۾ صحيح عقيدي جي. اسلام ۾ ايترا گهڻا خارجي ۽ ٻاهران آيل عنصر موجود آهن جو انهن کي سري کان اسلام چئي نٿو سگهجي. ڪمزور اسلام جا نمائندا اولهه جي تهذيب جي طوفان کي سڀ کان وڏو خطرناڪ قلعو بڻائي پيش ڪن ٿا. غير اسلامي يا اسلام مخالف سياسي لهرون ڪڏهن به عوامي مقبوليت نه حاصل ڪري سگهيون ۽ انهن کي ڪڏهن به اصل خطرو نه سمجهيو ويو آهي، پر اهي ظاهري طور تي معاشري ۾ اولهه کان مستعار خيال وٺي سرگرم عمل آهن، يا اهڙا شخص جيڪي معاشري جي مختلف حصن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪن ٿا.
    اسلام جي سلسلي ۾ ان رجعت پرست ۽ ملاوٽي عقيدن جي مخالفت ڪرڻ وارن اسان سڀني ماڻهن کي حقيقي اسلام جي سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي ۽ ان حقيقي اسلام جي تفهيم ۽ تعميل کي پنهنجي بقاء ۽ ڪاميابي جو راز تصور ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته ان حقيقي اسلام جي ڇانو ۾ اسان خطرناڪ خطرن کان محفوظ رهي سگهون ٿا، جيڪي انقلاب جي خدمت ۽ معاشري جي وجود جي لاءِ خطرناڪ آهن. هي اهو ئي اسلام آهي جنهن جي امام وضاحت ڪئي هئي ۽ جنهن جي لاءِ مطهري جهڙي عظيم شخص کي شهيد ڪيو ويو.
    اسان کي امام جي اعلان جي مطابق اسلام جي انهن مخالفن جي ڳولا ڪرڻ گهرجي، ۽ اهو ڏسڻ گهرجي ته امام پنهنجي زنددگيءَ جي آخري سال ۾ جيڪو بيان جاري ڪيو آهي، ته اهي اسلام مخالف ماڻهو ڪٿي آهن؟ ٿوري توجهه سان معلوم ٿي ويندو ته امام جي تنقيد ۽ تبصري جو نشانو انهن خيالن جي طرف هو، جيڪي اسلام کي اهڙو ڪري پيش ڪن ٿا، جيئن محسوس ٿئي ته اهو ڪنهن به طرح جي ترقي جو مخالف آهي ۽ اسان جي معاشري کي جيڪي مشڪلاتون درپيش آهن، ان جي حل جي ڳولا ۾ ناڪام رهيو آهي.
    جيڪڏهن ضعيف اسلام مطهريءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو ته رجعت پرست اسلام اها ڪوشش ڪئي ته ان جي اعليٰ فڪرن جو انڪار ڪيو وڃي.
    اها چٽا ڀيٽي جيڪا، مطهري ۽ بهشتي جي سلسلي ۾ ڪئي وئي، اها اسان جي معاشري جي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ اسان ان لهر جو مشاهدو ان وقت ڪيو جڏهن هاشمي رفسجاني سماجي انصاف جي مسئلي کي پيش ڪيو. حقيقي اسلام جي مڪمل سڃاڻپ ۽ معاشري کي انهيءَ تي قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حوصلي افزائي جو سڀ کان وڏو وسيلو اصل ۾ يوني ورسٽين ۽ ديني درس گاهن سان لاڳاپيل مذهبي ۽ مخلص نوجوان آهن. علم ۽ دانش جي حمايت ۽ شهرت يافته دين جي عالمن جي سرپرستي جي ڇانو ۾ اسان ماڻهن کي مذهبي دانشورن جي هڪ نئين جماعت تيار ڪرڻ گهرجي، جيڪي جديد ترين اطلاعن جا حامل ۽ روشن خيال آهن. ان سان گڏوگڏ اسان ماڻهن کي اسلام جي حقيقي نظرين کي سمجهڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اسلام ئي اسان جي انقلاب جو بنياد آهي. جيڪڏهن اسان حقيقي اسلام جي سڃاڻپ ۽ ان جي وضاحت ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته پوءِ اسان ٻين مڪتبِ فڪر کان پوريءَ طرح محفوظ ٿي وينداسين.


    باب اٺون: اطلاعن جي دنيا جي باري ۾ مشاهدا

    اسان جي دور ۾ انسان جي تقدير کي نڀائڻ ۽ سنوارڻ ۾ اطلاعن جي ڪردار کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. ايستائين جو اطلاعن (Informations) جيڪي موجوده دنيا ۾ طاقت جو عظيم، خصوصي ۽ اهم ذريعو آهن، انهن دنيا جي فوجي ۽ سياسي طاقت کي به پويان ڇڏي ڏنو آهي. اهي ماڻهو جيڪي فخر، طاقت ۽ ترقي چاهين ٿا، انهن کي هن اهم ذريعي جو نظم ۽ نسق هلائڻ سکي وٺڻ گهرجي ۽ لڳاتار ترقي ڪندڙ اطلاعن جي ٽيڪنالوجي سان انهن کي يڪسان رهڻ گهرجي.
    هر ملڪ ۾ بروقت ۽ اثرائتي اطلاعن جي ذريعن کي ترقي جي مرحلن ۾ هڪ مرڪزي نقطي جي حيثيت حاصل آهي. اسان لڳاتار وڌندڙ ترقي جي هن ميدان ۾ پويان نٿا رهي سگهون. بس اسان کي ترقيءَ جون نت نيون منزلون طي ڪرڻ واري ميدان ۾ ڀرپور سهڪار ۽ مدد ڪرڻ گهرجي. اطلاعن کي اثرائتي نموني ۾ محفوظ رکڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ اسان جي پاڻ ۾ عملي سهڪار لازمي آهي، جيڪو آسان ڪم نه آهي.
    ان سلسلي ۾ زياده تر معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان لاءِ تحقيق، اطلاعن جي دنيا جي ۽ ان جي ٽيڪنيڪي حدن جي طرف ڌيان مرڪوز ڪرائن ٿيون. پوءِ انسان جي ڪوشش ۽ ان جو سياسي پهلو دٻجي وڃي ٿو. اسان جي تقرير جي لاءِ اهو ڪم گهڻو اهم آهي.
    هاڻوڪي پيچيده صورت ۾ اطلاعن جي ٽيڪنالوجي، جديد تهذيب جي تمام وڏي ڪاميابي کي نمايان ڪري ٿي. جيڪو به اطلاعن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو، اهو پوري دنيا ۾ غلبو حاصل ڪري ٿو. بس اطلاعن جي دنيا جون تحقيقون اصل ۾ جديد تمدن کي ظاهر ڪرڻ جي برابر آهن. جيستائين اسان ان اهم سوال کي نٿا حل ڪريون، ان وقت تائين اسان ۾ اهو اعتماد ۽ عقل پيدا نه ٿيندو جنهن سان اسان جديد تمدن سان تعلق پئدا ڪرڻ کي سمجهي سگهون. نه ته ٻي صورت ۾ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهنداسين، جنهن جا قائدا ۽ قانون ٻين جوڙيا هجن ۽ حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي ئي زندگي گذارڻي پوندي ۽ اسان پنهنجي قسمت جا مالڪ نه هونداسين.
    اسان اطلاعن جي دنيا ۾ اولهه جي هر غلبي جو مقابلو ٻن محاذن تي ڪري سگهون ٿا. هڪ ته سائنسي اطلاعن جو دائرو ۽ ٻيو اهو دائرو جنهن ۾ اطلاعن جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي اهميت هجي ٿي. پهرين معاملي ۾ سائنسي طريقي کي اتفاق سان مڃيو وڃي ٿو ته اهو دنيا کي سمجهڻ جو گهڻو ئي مؤثر طريقو آهي.
    سائنس انسان جي زندگي کي بلڪل ئي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ڪابه قوم ۽ ماڻهو ان جي برڪتن کان سواءِ زنده رهي نٿا سگهن. سائنسي ميدان ۾ پويان رهجي وڃڻ ۽ ڪنهن گهٽ ترقي ۽ ٽيڪنالوجي جي ڪاميابين کي حاصل نه ڪرڻ جو هڪ گهڻوئي رحم جي قابل نتيجو نڪري ٿو. پوءِ به پوري دنيا جي سائنسي اهميت ۽ ترقي اسان کي روڪي نٿي سگهي. اهو بڻيادي سولا پڇڻ سان ته هن سائنسي ۽ ٽيڪنالوجيڪل معاملي ۾ انسان جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ اسان ڪو سائنس جو بت ٺاهي ان کي پوڄون نٿا. جيتوڻيڪ اهو انساني عقل کان بنهه گهڻو پري آهي.
    اسان مسلمانن جي لاءِ جديد سائنس جي مزاج کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. ڪنهن دور ۾ اعليٰ درجي جا بين الاقوامي حيثيت جا سائنسدان اسان جي وچ ۾ موجود هئا، پر هاڻ اسان ان ميدان ۾ اولهه کان گهڻوئي پوئتي رهجي ويا آهيون. اسان کي ان ميدان مان ڪڍيو ويو آهي. هاڻي اسان اولهه جي جديد تمدن کان صرف معمولي چيزون استعمال ڪندڙ بڻجي ويا آهيون. پر اسان پنهنجي عقل ۽ تعقل پسندي جو استعمال ڪريون ته اسان کي جلدي موقعو ملي سگهي ٿو ته اسان ٻئي درجي جي حالت کان ٻاهر اچي وڃون ۽ انساني تقدير جي رستي کي جلدئي متعين ڪرڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهون.
    ۱۸هين صدي ۾ اولهه وارن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جادو کي پنهنجو ڪيو. ڪانٽ جهڙي عظيم مفڪر پنهنجي روحاني نظام کي طبعي سائنس جي اصولن سان مطابقت رکندڙ بڻائي ڇڏيو. باوجود ان ارڙهين صدي جي يورپ جي انهن رحجائيت پسند ماڻهن اهو محسوس ڪيو ته سانئس گهڻن ئي اهڙن مسئلن کي، جيڪي ان جي دائري ۾ نٿا اچن، حل نه ٿي ڪري سگهي.
    اڄ جديد تهذيب جا وفادار وڪيل ۽ پڻ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي نظام جيڪو ان پيدا ڪيو آهي، ائين سوچين ٿا ته سائنس جيڪي عارضي حل تلاش ڪيا آهن، اهي گهڻو مڪمل ۽ نئين نظريي سان سدائين ڪوڙا ثابت ٿين ٿا. سائنس جي ميدان ۾ ڪوبه آخري اکر نٿو چئي سگهجي. ڇو ته سائنس ان کان گهڻو ڪجهه به نه آهي ته جيڪو سائنسدان تصور ڪن ٿا ۽ عمل ۾ آڻين ٿا ڪو ٻيو رستو انهن کي سمجهڻ جو نه آهي. ڇو ته سائنسدانن جا معروضي فيصلا صحيح حقيقت جو اظهار ڪن ٿا. اڄ جي دؤر ۾ سائنس جي مصروفيت تي ئي سڀ کان گهڻا سوال ڪيا پيا وڃن.
    اها به حقيقت آهي ته سائنس عملي پيچيدگين کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي اثر وڌو آهي ۽ اسان جي لاءِ ڪائي ٻي واٽ نه آهي سواءِ ان جي ته اسان تجربي ۽ غلطين جي ٽيڪنڪ کي ئي استعمال ڪريون. باوجود ان جي ته ارڙهين صدي جي يورپ وارن جي رجائيت پسنداڻي رويو تي اسان پنهنجو پورو سماجي نظام، جديد سائنس جي اصولن تي نٿا رکي سگهون. ڇو ته اهو روحاني، فلسفاڻو ۽ عرفاني ضرورتن کي، جيڪي انسانن جون آهن، حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي.
    يقيناً اسان جي خوشي ۽ سائنس جي محدوديت جو نتيجو اهو نه آهي ته اسان وچئين دور طرف موٽون ۽ نه ئي اسان مذهب ۽ روحانيت جي محدود ۽ ڪمزور نظرين کي جلاوطن ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان جي زماني ۾ موجود آهن. جديد انسان کي پنهنجي زندگي کي بامقصد بڻائڻ جي لاءِ روحانيت ۽ مافوق الفطرت شين جي تعبير جي ضرورت آهي. اولهه جي تمدن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. پر انهن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ بي يقيني هئڻ ڪري ان اولهه ۾ به عمومي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
    اهو مسئلو انساني علمن، يعني طبعي يا فطري علمن جي مقابلي ۾ گهڻي شدت سان محسوس ڪيو وڃي ٿو. جديد تمدن جو گهرو تعلق سياسي، سماجي ۽ اقتصادي نظرين سان آهي نه ڪي فطري سائنس سان. انساني علمن ۾ مطالعي جو موضوع ۽ مقصد هڪڙو آهي. ڇو ته جڏهن انسان پاڻ مطالعو ڪن ٿا ته اهو انهن جي معاشري ۽ سياسي نظام جو مطالعو هوندو آهي. ڳولا ۽ تحقيق جو دارومدار انهن مقصدن ۽ مفروضن تي هوندو آهي. جيڪي عامل آهن يا سائنسدانن جا حقيقت ۾ مول متن ۽ مقصد هوندا آهن، پر سائنسدانن جي گروه جي سڃاڻپ جي معاملي جو اثر سائنسي ۽ تهذيبي دائرن تي پوڻ فطري آهي.
    اطلاعن جي طوفان اسان جي دور ۾ انسانيت جي سمورن حصن کي ان حد تائين پار ڪري ورتو آهي جو يورپ وارا به سمجهڻ ۽ چونڊڻ جي صلاحيت ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. جڏهن ته اطلاعن کي پيدا ڪرڻ وارا اهي پاڻ ئي آهن ۽ انهن کان سواءِ ٻين ماڻهن جو ڪردار ثانوي آهي. برقي اطلاعن جو نظام جديد تمدن جي پيداوار آهي. ان ڪارڻ کان اڄ جي اطلاعاتي بنياد تي قائم عمومي تهذيب اولهه جي تمدن جي قدرن سان ٻڌل آهي. اولهه جي تهذيب جا چاهيندڙ اطلاعن جي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ انقلابن کي هڪ نهايت ئي اهم ڪاميابي سمجهن ٿا.
    اسان مان اهي ماڻهو، جيڪي اولهه کان ٻاهر رهن ٿا اطلاعن جي دنيا انهن جي سامهون هڪ چيلنج آهي. اڄ اطلاعن کي ترقي يافته صنعتي ملڪ پنهنجي اقتصادي ۽ سياسي فائدي جي حفاظت جي وسيلي جي حيثيت سان استعمال ڪري رهيا آهن. چاهي انهن جا اهي مفاد دنيا جي عوام جي اڪثريت جي نيڪ مفادن سان ڀلي ميل نه کائيندا هجن ۽ اهي ماڻهو جديد تمدن جي دائري کان ئي ٻاهر رکيا ويا هجن.
    بس اطلاعن جي انقلاب جي مفاد کي انسانيت جي لاءِ ڪجهه ماڻهو ڪيڏي به خوش بيني جو اظهار ڪن، پر ان ۾ شڪ ۽ شبهي جي ڪابه گنجائش نه آهي جو سياسي ۽ تهذيبي موضوعن تي مشتمل اطلاع گهڙيا وڃن ٿا ته جيئن صنعتي طاقتن جي مفادن جي حفاظت ڪئي وڃي جيڪا پڻ محروم ۽ ڪمزور ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن ۾ خيانت آهي.
    اسان هن طرح جي اطلاعن جو استعمال ڪندڙ ماڻهو ان ڳالهه کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون جو ان طرح جي اطلاعن کي وجود ۾ آڻڻ ۽ ڦهلائڻ ۾ اولهه جي مٿڀرائي کي قائم رکڻ جي سياسي خواهش آهي. اولهه کان علاوه ماڻهن کي اها تعليم ڏني ويندي آهي ته اولهه جي مٿڀرائي کي قانوني اعتبار کان جائز تسليم ڪيو وڃي. اولهه جي تمدن سدائين سڀني اطلاعن ۽ ابلاغ جي وسيلن تي قبضو ڪري، ان تي ماڻهن جي ذهن ۽ انهن جي زندگي تي غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو اڄ به ان ڪم ۾ مشغول آهي.
    ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان پنهنجو پاڻ کي اطلاعن جي دنيا کان، جنهن تي اولهه ڇانيل آهي، الڳ ٿلڳ ڪريون. اصل ۾ اها ڳالهه ڪا نامناسب به آهي ۽ پڻ ناقابل عمل به. ڇو ته اطلاعن جو دائرو دنيا ۾ هميشه وسيع کان وسيع تر ٿي رهيو آهي. اڄ جي دنيا جي واقعن جي باري ۾ باخبر هجڻ لازمي آهي ته جيئن دنيا ۾ اسان پنهنجي مقام کي سمجهي سگهون ۽ پنهنجي مستقبل جي لاءِ منصوبه بندي ڪري سگهون. جيڪڏهن اسان دنيا جي اطلاعن جي سلسلي ۾ الڳ ٿلڳ ٿي وڃون ٿا ته اسان ٻين جو نشانو ۽ غلام بڻجي وينداسين. ڇو ته اهي ئي ماڻهو انهن اهم ۽ حساس ڳالهين تي ڪنٽرول رکن ٿا.
    اسان کي پنهنجي تاريخي ارتقاء ۽ سماجي بلوغيت جي ان سطح تي پهچڻ گهرجي جو اتان اسان ٻين جي فڪرن ۽ انهن جي ڪوشش جي باري ۾ صحيح فيصلو ڪري سگهون ۽ ان طرح سان اسان دنيا ۾ پنهنجو مقام ۽ مرتبي کي سڃاڻون ۽ پنهنجي گهر کي صحيح ڪريون. ان طرح اسان اهو چونڊي سگهون ٿا ته نئين دنيا ۾ اسان جي لاءِ ڪهڙي شيءَ فائدي واري آهي ۽ ڪهڙي شيءَ نقصان واري آهي . جيڪا شيءَ نقصان واري آهي ان کي رد ڪري سگهون ٿا انڪري اسان ٽن محاذن تي متحرڪ ٿي وڃون.
    سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجي دور جي خصوصيتن ۽ اولهه جي تمدن جي، پنهنجي دور جي سڀ کان وڏي علامت سمجهڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اولهه جي تمدن جي قدرن ۽ اصولن کي سمجهڻ ٻنهي نقصان رسائيندڙ انتهائن کان يعني ان سان نفرت ۽ پوري طور سان ان سان گڏ وهي وڃڻ مان خود کي آزاد ڪرائڻ. ٻئي محاذ تي اسان ماڻهن کي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ کي، جيڪا گوناگون مصيبتن کي منهن ڏيڻ کان پوءِ به انسان جي دنيا جي لاءِ نهايت ئي قدرن جي تحفي جي حامل رهي آهي، تنهن ڪري ان کي مضبوطيءَ سان جهلڻ گهرجي.
    ۽ ٽئين معاذ تي اسان ماڻهن کي انهن مسئلن جي طرف توجهه ڏيڻ گهرجي، جيڪي اسان جي معاشري کي ٻاهران ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. يعني توسيع پسنداڻي اولهه جي سياست، اقتصاديات ۽ ثقافت تي غلبو پائيندڙ مزاج ۽ اسان کي ان سان گڏوگڏ پنهنجن اندروني مسئلن ۽ جهڳڙن جي طرف به پڻ توجهه ڏيڻ گهرجي.
    اسان جون ڪيتريون ئي روايتون انسانن جون ٺاهيل آهن. اهي پنهنجي دور ۾ کڻي ڪيڏيون به عظيم ڇو نه رهيون هجن پر اهي هڪ مختلف تاريخي زمان ۽ مڪان سان تعلق رکن ٿيون ۽ بهرحال اهي اسان جي لاءِ احترام جي لائق ۽ مقدس آهن. پر اڄوڪن خيالن ۾ ڪٽر پڻي جي ڪري اسان جي معاشري ۾ گهڻيون ئي رڪاوٽون پيدا ٿي چڪيون آهن جيڪي انساني فڪرن ۽ ڪاميابين کي استعمال ڪرڻ کان روڪي رهيون آهن. اسان کي پوءِ اهو نه وسارڻ گهرجي ته صرف فطري دنيا ئي نه، بلڪ مذهب جي سلسلي ۾ به کوجنا ۽ تحقيق جاري رکڻ گهرجي. ڇو ته مذهب جي سلسلي ۾ اسان جون تعبيرون سدائين بدلجنديون رهنديون آهن.
    ماضي سان اسان جي تعلق هئڻ جو اهو مطلب نه آهي ته اسان اولهه جي تمدن جون جيڪي نيون ڪاميابيون آهن، انهن جو انڪار ڪريون. اسان پنهنجي ماضي جي طرف اتي رهڻ جي لاءِ نٿا واپس ٿي سگهون، بلڪه پنهنجي سڃاڻپ کي سمجهڻ جي لاءِ جيڪا اولهه جي تمدن ۽ ثقافت جي حملي جي ڪري سڪڙجي وئي آهي، علم ۽ عزم سان اسان پنهنجو مستقبل بڻائي سگهون ٿا، پر ان ڪم جي لاءِ سڄي مسلمان دنيا جي مفڪرن ۽ مڃيندڙن جي مدد ۽ سهڪار لازمي آهي. اسان مسلمانن جي هڪ عظيم تاريخي ميراث آهي جيڪا اسان کي اڄ جي دنيا ۾ زنده رکڻ گهرجي.
    مسلمان دنيا جي فرقن جي وچ ۾ موجود اختلافن جي باوجود اسلامي فڪر ۾ اتحاد ۽ تعاون، پوري اسلامي دنيا تي مشتمل ۽ نمايان آهي. اسلامي تاريخ ۾ ڪيتريون صديون پهرين اندلس جي مفڪرن دمشق ۽ بغداد ۾ ان ڳالهه جي تلقين ڪئي هئي، جنهن ڳالهه کي فارسي جي مفڪرن ۽ رياضيدانن آفريقا ۽ ميسوپوٽيما ۾ رهي ڪري پنهنجي گهر ۾ محسوس ڪيو هو. اها چيز اسان مسلمانن وٽ هڪ مضبوط تهذيبي تحريڪ کي جنم ڏئي سگهي ٿو.
    سڀ کان پهرين اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته اسان مشترڪ تاريخي لاڳاپن ۽ اقتدار جي نظام جا حامل آهيون، جيڪو اسان کي هڪ عظيم تمدن جي حيثيت سان اسلام عطا ڪيو آهي سو هڪ تمام وڏي تمدن جو بنياد آهي ۽ اها شيءَ اسان کي ان مان حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ هي دور ماضيءَ جيان پنهنجي تمدن سان گڏ هاڻي دنيا ۾ ڇانيل نه آهي پر اڄ به اهو هڪ مشترڪ تجربي جو عظيم بنياد ۽ ذريعو آهي، جيڪو سڀني مسلمانن جي نمائندگي ڪري ٿو. اسان جو تعلق اسلام جي خداپرستي تي ٻڌل آهي جيڪو خدا جي وحدانيت ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ هڪ ڌاري جي ڪوڪي وانگر هڪٻئي سان ملائي رکي ٿو.
    ٻيو اهو ته هن صدي ۾ ماڻهن جي وچ ۾ روز وڌندڙ بيداريءَ، سڀني مسلمانن ۾ وڌندڙ هڪ مقصد جي لاءِ اتحادجو هڪ غير معمولي احساس پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته اسان سڀئي اهو سوچون ٿا ته اسان مختلف شڪلين ۾ نئين آبادي جي نظام جو شڪار بنجي رهيا آهيون. اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جيڪو نوآبادي نظام جو شڪار نه رهيو هجي. اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن نوآبادياتي طاقتن جي ڪري پنهنجي وقار ۽ پنهنجي آزادي کي تباه ۽ برباد ٿيندي نه ڏٺو هجي. اسان سڀئي پنهنجي آزادي ۽ حريت کي ان غلبي کان بچائڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن اسان مشترڪه درد ۽ مصيبتن کي ملائي ڇڏيون ۽ پنهنجن نظرين ۽ عقيدن ۾ اتحاد پيدا ڪري وٺون ته پوءِ اسان پنهنجن معاشرن جي بهتري ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ ٻج ڇٽي ڇڏينداسين. اطلاعن جي وسيلن ۾ شرڪت ۽ سهڪار ان اتحاد ۽ اتفاق کي اڃا گهڻو واضح ڪري ٿو.
    اسلامي جمهوريه ايران دنيا تي غالب ۽ حاڪم سياسي نظام سان، پنهنجن اختلافن جي باوجود سدائين اها ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تمام گهاٽا تهذيبي ۽ سائنسي لاڳاپا هئڻ گهرجن ۽ اڄ به اسان جو عقيدو آهي ته سياسي اختلافن جي باوجود اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وڃن جو سڄي مسلمان دنيا جا سائنسدان ۽ مفڪر گڏ ملي ڪم ڪري سگهن. سڀئي مسلمان پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪن ۽ معاشري جي ترقيءَ جي لاءِ پاڻ ۾ ملي ڪوشش ڪن.


    باب نائون: روايت، جديديت ۽ ارتقاء

    روايت، جديديت ۽ ارتقاء، انهن ٽنهي جو مفهوم سمجهڻ ۽ انهن جي وچ ۾ لاڳاپن کي ظاهر ڪرڻ اسان جي دور جي دانشورن، خاص طور تي اولهه جي ملڪن کان ٻاهر رهڻ وارن جي لاءِ نهايت ئي غور ۽ فڪر جو ڪم آهي. ان ٽنهي اصطلاحن تي جيڪڏهن اسان سطحي ۽ سرسري نظر وجهون ته انهيءَ نتيجي تي پهچنداسين ته جديديت هڪ مغربي تصور آهي جنهن جو مطلب آهي روايت سان بناوت ڪرڻ. ارتقا پڻ جديديت جو نتيجو آهي. اهو انهن ماڻهن جي لاءِ گهڻو ئي اهم مقصد آهي جيڪي اولهه جي قدرن ۽ فڪرن جي دائري کان ٻاهر آهن. انهن مفروضن جي روشنيءَ ۾ اسان چئي سگهون ٿا ته ارتقاء جي منزل تائين پهچڻ جي لاءِ جديديت جو آغاز ضروري آهي ۽ اهو ان وقت ممڪن آهي، جڏهن روايت کان بغاوت ڪئي وڃي ٿي.
    پر ذڪر ٿيل مفروضن کان صرف اهي ئي ماڻهو مطمئن ٿي سگهن ٿا، جيڪي ذهني پستي جو شڪار هجن يا اهي ماڻهو جيڪي انساني قدرن جي ڪائي ذميداري محسوس ڪندا هجن. اهو مسئلو ايڏو پيچيدو آهي جو ان جو آسان حل نه آهي. روايت فقط هدايتن ۽ نسخن سان تبديل نٿي ٿي سگهي، نه ئي جديديت جو ظاهر ٿيڻ آسان ٿئي ٿو. ڇو ته جيستائين ماڻهو پنهنجي اندر تبديلي نه آڻيندا، ان وقت تائين انهن جي زندگيءَ ۾ فيصلا ڪن تبديلي نٿي اچي سگهي ۽ عوامي زندگيءَ ۾ تبديليءَ جو مسئلو ڏاڍو ئي مشڪل ٿيندو آهي، جنهن جي حل جي لاءِ ماڻهن ۾ اڪثر وسيلن جي گهٽتائي هوندي آهي.
    روايت، جديديت ۽ ارتقاء جهڙيون اصطلاحون ابهام سان ڀريل هونديون آهن، انڪري انهن جي وصف تي ماڻهو متفق نه هوندا آهن ۽ سچ پچ اتفاق ٿي به نٿو سگهي. جيڪي ماڻهو ان بحث ۾ مشغول آهن، انهن کي گهرجي ته غلط فهمين کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پهريائين اهي انهن اصطلاحن کي واضح ڪن پوءِ ڪا ٿيوري (Theory) يا نسخو پيش ڪن.
    آئون جديديت مان ڇا سمجهيو آهيان؟ جڏهن اسان جديديت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته يقيني طور تي اسان نون ۽ ترقي پذير خيالن ۽ ادارن جي ڳالهه ڪريون ٿا. پر ڇا سڀئي نوان خيال جديديت ۾ شامل آهن يا جديديت جو تعلق تاريخ جي هڪ خاص دور سان آهي؟ انساني معاشري ۾ سدائين پر ايستائين جو ابتدائي دور ۾ به مسلسل تبديلي ٿيندي رهي آهي. جديد دور ۽ قديم دور جي وچ ۾ بنيادي فرق هي آهي ته قديم دور جي گهٽ رفتار ۽ ساڪن فطرت، بنا سرگرم ۽ متحرڪ جديد دور هئڻ جي، نالي ۾ نه آهي بلڪه قديم دور ۾ تبديلي جي رفتار آهستي هئي ۽ جديد دور ۾ تيز آهي. في الحال تهذيب ۽ ثقافت جي وچ ۾ تعلق جي باري ۾ پيچيده بحث کان هٽي ڪري، مناسبت ائين ٿيندو ته بحث جو آغاز ائين ڪريون ته هر ثقافت هڪ خاص تهذيب سان جڙيل آهي ۽ ان ۾ ان تهذيب جي مطابق تبديلي ٿيندي رهي ٿي. گذريل تهذيب کان بغاوت ڪرڻ ۽ پراڻي تهذيب جي برابر تمدن کان ڀڄڻ جي نتيجي ۾ ئي جديدتهذيب جو ظهور ٿيو آهي. پوءِ جديد تهذيب هڪ اهڙي تمدن جي ڇانو ۾ وڏي ٿي، جو اها ان جي لاءِ مناسب هئي ۽ ان جي ضرورتن جي مطابق هئي.
    وصف جي مطابق روايت جو تعلق ماضي سان آهي، پر اسان سڀني پراڻي شين کي روايت سان تعبير نٿا ڪري سگهون. اسان خدائي يا فطري روايت جي ڳالهه ڪريون ٿا، جيڪي غير متحرڪ ۽ دائمي هونديون آهن. انساني وجود ۽ زندگيءَ تي حڪومت ڪندڙ قانون خدائي يا فطري روايتن سان لاڳاپيل هوندا آهن. مُمڪن آهي ته انهن قانونن جي ڳولا ۾ انسانن کان غلطيون ٿي وڃن ۽ بعد ۾ کين انهن غلطين جو احساس ٿئي، پر جيڪي تبديليون ظاهر ٿيون آهن، اها قانونن جي سمجهه آهي ۽ نه ئي بذات خود اهي قانون آهن. اسان تبديليءَ جا اصول ۽ دنيا جي روح ۾ عدم استحڪام کي تسليم ڪري سگهون ٿا، ٺيڪ انهيءَ طرح جهڙيءَ طرح صدرالموت “الهين” (وڏن وڏن مسلمان فلاسافرن جي وچ ۾) متحرڪ روح ۾ يقين رکن ٿا يا بلڪل مارڪسين وانگر، جن جي ويجهو دنيا اندروني تضادن کان مجبور آهي ۽ آخرڪار هتي دنيا تبديليءَ جي هڪ دائمي حالت جي نذر ٿي وڃي ٿي. اهڙي نموني تبديليءَ جو اصول هر شيءَ جي لاءِ مستقل هوندو آهي.
    منهنجي نزديڪ روايت هڪ انساني مسئلو آهي، جيڪو ماڻهن جي ذهني ۽ جذباتي ميلاپ جو جزو هوندو آهي ۽ ٻين لفظن ۾ روايت ماڻهن جي اهڙن ڪارنامن، عقيدن ۽ نظرين تي مشتمل هوندي آهي، جنهن جو انسان عادي ٿي ويندو آهي ۽ جيڪي پڻ گذريل عملن جي بڻياد تي معاشري ۾ رائج هونديون آهن.
    هن وصف جي مطابق، روايت ثقافت سان هڪجهڙائي رکي ٿي ۽ ٻين ڪيترين ئي صورتن ۾ روايت بذات خود ثقافت جي هڪ علامت آهي. پر اسان سموري ثقافت کي روايت نٿا چئي سگهون ڇو جو روايت موجود معاشري جي ثقافت هوندي آهي، جيڪا ڪڏهن هڪ موافق تهذيب تي اثرانداز ٿي چڪي هوندي آهي. پر جيئن پراڻي تهذيب فرسوده ٿي چڪي آهي ۽ مساوي يا هڪ جهڙي ڪلچر جي صورت برقرار آهي ۽ تهذيب جو تحفظ حاصل آهي، منهنجي مراد هتي ترقي يافته ۽ پيچيده تهذيب سان نه آهي بلڪه هڪ خاص زندگيءَ جي معيار سان آهي. انڪري انسان وٽ ان جي ابتدائي دور ۾ به هڪ تهذيب هئي. سچ پچ جيستائين انساني معاشرو قائم رهندو ان وقت تائين تهذيب باقي رهندي.
    بنيادي تهذيب جي خراب ٿيڻ جي باوجود، موجوده دور ۾ ماضي جو وجود ممڪن آهي. جيئن ته ثقافت جو انساني زندگي سان گهرو تعلق آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو تعلق تهذيب کان به گهڻو گهرو هجي. صدين تائين ڪيتريون ئي ثقافتون تهذيب سان گهڻي عرصي تائين برقرار رهيون آهن. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن تهذيب بدلجي وئي آهي ته اڄ جي زندگيءَ ۾ روايت گذريل ثقافت جو پڻ عڪس آهي.
    جڏهن هڪ نئين تهذيب وجود ۾ اچي ٿي ۽ ثقافت انهيءَ جي لاءِ بروقت هوندي آهي ته اهي ماڻهو، جيڪي گذريل ثقافت جي نالي ۽ نشان جي آسپاس گهمندا رهن ٿا، انهن کي هڪ نئين تهذيب جي سامهون ٿيندي هڪڙي نموني جي تضاد جو احساس ٿئي ٿو. هڪ طرف زندگيءَ جي حقيقتن کي جديد تهذيب متاثر ڪري ٿي، بلڪه ان کان به گهڻو تضاد هي آهي ته جديد تهذيب اڃا به پنهنجي جڳهه تي موجود هوندي آهي. ڪافي ماڻهو ۽ قومون اسان وانگر ان تضاد کان تمام گهڻو متاثر آهن. اسان جي معاشري جون گهڻيون ئي غير يقينيون، جيڪي اولهه کان ڪيتريون ئي مختلف آهن، ان تضاد سان گڏ منسوب آهن ۽ جيستائين اهي تضاد بنيادي طور تي حل نٿا ٿي وڃن، تيستائين بحران (بگاڙ) پيدا ٿيندو رهندو.
    اولهه جو معاشرو، جيڪو جديد تهذيب قبول ڪري رهي آهي، اهو روايت سان بغاوت جو پڻ نتيجو آهي. جديد تهذيب جي شروعات کي ان نقطه نگاه سان ڏسڻ گهرجي ته جڏهن ڪيٿولڪ چرچ جي قدرن ۽ فڪرن ۽ سرمائيداري جي سماجي ۽ اقتصادي روايتن تي سوالي نشان لڳايا ويا ۽ پوءِ انهن کي رد ڪيو ويو ۽ ان چيلنج ۾ ڪامياب ٿيندڙ جديد تهذيب ۽ ان اخلاقي نظام جا ليڊر هئا، ان نظام اثاثي کي يورپ کان آمريڪا اماڻيو ويو ۽ پوءِ انهن ٻنهي جاين کان دنيا جي ٻين حصن ۾ آندو ويو، ۽ پوءِ اتي اهو اثاثو غالب ٿي ويو. ايستائين جو اسان جي ملڪ ۾ پڻ اثرانداز ٿيڻ لڳو. پوءِ به اسان جو گذريل ڪلچر اسان ۾ موجزن آهي ۽ اهو ڪلچر اولهه جي ڪلچر کان گهڻو ئي مختلف ۽ نامواقف آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسان جي روايت ٻئي تهذيب جي لاءِ گهڻو مناسب ۽ موزون آهي. اها تهذيب مري چڪي آهي ۽ هاڻوڪي تهذيب جون سرحدون وسيع ٿي ويون آهن ۽ اسان کي بنيادي طور تي متاثر ڪن ٿيون.
    جيئن ته اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته هاڻوڪي تهذيب پاڻ به وچئين دور جي اولهه جي تهذيب کان انڪار جو نتيجو آهي. پر وچئين دور ۾ اسان جي تهذيب اولهه کان مختلف هئي. اهڙي طرح جيڪڏهن جديد تهذيب وچئين دور جي اولهه جي تهذيب کان گهڻي مختلف هئي ته ڇا ان جو مطلب آهي ته اسان جي ماضيءَ جي تهذيب ۽ جديديت جي وچ ۾ به اهوئي فرق آهي؟ شايد اهوئي فرق اسلامي ۽ عيسائي تهذيب ۽ ثقافت ۾ رهيو آهي.
    وچئين دور ۾ اسان جي هاڻوڪي فڪر جو زياده تر حصو ۽ سڀ کان اهم حصو اولهه ۾ رائج هو، جنهن کي اڄ مرڪزي مقام حاصل آهي. ڇو ته اهو انساني زندگيءَ ۾ خدا جي قانون مطابق آهي. ان جي ابتڙ جديد تهذيب ۾ انسان جي سيڪيولر مزاج کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. موجوده فڪر جو اهم اڏيندڙ مثلاً ڊيسڪريٽس (Descartes)، جيڪو نئين دور جي آسمان تي اڀريو ۽ جنهن اصولي طور تي خدا ۽ مافوق الفطرت جو بچاءُ ڪيو، ان جو نظريو وچئين دور جي مسلمانن ۽ عيسائين کان واضع طور تي مختلف هو. ان ڪري انسانن جي ڪردار جي مرڪزيت جي ڪري نمايان فرق ظاهر ٿيا.
    اولهه ۾ بغير ڪنهن شڪ جي سدائين کان خدائي صوفياڻو ۽ مذهبي سوچ جو اثر رسوخ رهيو آهي. پر ان ۾ به ڪوئي شڪ نه آهي ته وچئين دور ۾ خدا ۽ مذهب کي مرڪزي حيثيت حاصل هئي ۽ جديد دور ۾ وري انسان ۽ فطرت مرڪزيت جا حامل آهن. وچئين دور ۾ ٻين دنياوي مسئلن جي قدر و قيمت گهڻي هئي ۽ مسلمان ۽ عيسائي برابر هئا، پر اڄ جي دور ۾ موت کان پوءِ جي زندگيءَ جي جاءِ سيڪيولر قدرن اچي ورتي آهي.
    جديد دور ۾ ۱۸ صدي جي اولهه جي عوام جي رجائيت گهٽجي وئي آهي ۽ سائنس ۽ ان سان لاڳاپيل ٽيڪنالوجي اڃا به انساني زندگيءَ جي رهنمائيءَ جي لاءِ سڀ کان اهم حقيقتون آهن. گهٽ ۾ گهٽ معاشرتي دائري ۾ عوام مشاهداتي سائنس ۽ انساني سمجهه تي يقين ڪرڻ کان علاوه ڪنهن ٻئي شيءَ کي ان جي برابر نٿو سمجهي. قديم زماني جي انسانن جو نظريو، وجود ۽ سائنس جو نظريو اڄ جي نظريي کان مختلف هو. علم جي اهميت جي ڀيٽ موجوده دور جي تجرباتي مسئلن سان نه بلڪ موضوع جي معقوليت سان ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ طرح مابعد الطبيعات جي تحقيق ۽ خاص طور تي دينيات کي علم جو سڀ کان گهڻو اهم شعبو سمجهيو ويندو هو.
    سماجي زندگيءَ ۾ دعويٰ ڪئي ويندي هئي ته مذهبي قانون يا مذهبي ڪتابن مان جيڪي مطلب ظاهري طور سمجهه ۾ اچن ٿا، انهن جي حڪمراني هئڻ گهرجي. خدا جي “وحي” کان سواءِ انسانيت کي علم ۽ تجربي جي ڪنهن ٻئي وسيلي جي ضرورت نه هئي. اها ڳالهه ذڪر جي قابل آهي ته اسلامي دنيا ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي نظرين کان متاثر فلسفو، جيڪو لازمي طور تي جديد فلسفي ۽ عقليت کان مختلف هو، ان کي حڪمرانن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳو مذهب جي قانوني ۽ شرعي نقطهٔ نظر کي ۽ سماج جي اڪثر ممتاز فردن ۽ معاشري جي ڪجهه حصن ۾ لاڳو صوفياڻي اثرن کي منهن ڏيڻو هو ۽ اهڙي نموني اهو الڳ ٿلڳ ۽ پاسي تي محدود ٿي رهجي ويو.
    جديد دؤر جي آغاز کي اهڙي وقت سان تصور ڪري سگهون ٿا، جڏهن سائنس ۽ علم جي اهميت جو خاص پيمانو انهن جي عملي افاديت ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ ان کان پهرين حاوي فڪر طبعي دنيا جي احمقاڻي حرڪت تي قائم هو. جڏهن ته ان دور جا مسلمان پنهنجي همعصر عيسائين کان معقوليت جي سڃاڻپ ۾ اڳيان هئا ۽ سچ پچ ٻنهي تهذيبن ۾ فطري ۽ طبعي دنيا جي اهميت کي عام طور تي فضول قسم جو ڌنڌو تصور ڪيو ويندو هو.
    منهنجي دليل جو خلاصو هي آهي ته اڄ جي تهذيب اسان سان گڏوگڏ غير مغربي عوام تي به غالب آهي ۽ ان تهذيب کي هڪ اهڙي ڪلچر جي ضرورت آهي، جيڪا ان سان هم آهنگ هجي. تنهن هوندي به اسان جي ڪلچر جو گهڻو حصو قديم تهذيب جهڙو آهي. جديد تهذيب جو بڻياد گذريل تهذيب ۽ ان جي سهڪاري ڪلچر سان بغاوت تي رکيو ويو هو.
    اهڙيءَ ريت اسان کي يقيني طور تي اهو مڃڻ گهرجي ته روايت سان ڀريل اسان جي تهذيب سان گڏ جديد تهذيب جو تضاد اسان جي معاشري جي بحران جو هڪ اهم سبب آهي. ڇا اسان کي پنهنجي روايت ۾ رُڌل رهڻ تي اصرار ڪرڻ گهرجي يا اسان کي اولهه جي تهذيب ۾ پوري طرح ڍلجي وڃڻ گهرجي؟ يا انهيءَ تضاد کي ختم ڪرڻ جي ڪائي ٻي صورت آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي ائين قابو ۾ آڻڻ گهرجي جو اها اسان جي تباهي جي لاءِ مددگار ثابت نه ٿئي ۽ اسان جي تاريخي شناخت ۽ سماجي ڍانچي جي لاءِ نقصان ڪار به نه هجي؟
    ڪيترائي روايت پسند جديديت جي برعڪس پنهنجي وراثت جو لڳاتار بچاءُ ڪن ٿا ۽ اهي اڪثر انهي کي وراثت خدائي تصور ڪري ٿا وٺن، اهو خيال ڪندي ته ان جي ڪري اولهه جي قدرن ۽ تهذيب جو دروازو بند ڪري ۽ روايت تي ڀروسو ڪري، انهن جي زندگي منظم ٿي سگهي ٿي. پر اهائي بدنصيب سختي انهن مقصدن جي حاصلات آڏو آئي. هڪ حقيقت پسند ثبوت اهو آهي ته اولهه جي تهذيب پنهنجي قدرن کي ڳولڻ ۾ روايت سان جڪڙيل، غير رضامند سماج، جنهن ۾ اولهه کي سمجهڻ جي صلاحيت جي کوٽ هئي، ان جي آڏو ڪامياب رهي. اهڙي طرح اولهه جي تهذيب جي باري ۾ پنهنجي معاشري کي ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ روايت پسندن جي لاءِ پٺتي هٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪئي چارو ئي نه هو.
    پوءِ اهي ماڻهو آهن جن کي يقين آهي ته ان بگاڙ جو حل قدرن کي پوريءَ طرح ۽ غير تنقيدي طور تي قبول ڪرڻ سان ممڪن آهي. انهن جي لاءِ جديديت جو شمار اڄ تائين جي انسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي جي طور تي آهي. پر انهن جو اهو به مڃڻ آهي ته ان کي قبول ڪرڻ جون سموريون رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن ۽ روايت کي جديديت جي واٽ ۾ سپ کان وڏي رڪاوٽ جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو. اهي چون ٿا ته اسان پنهنجي قديم روايت کي ترڪ ڪري نئين تهذيب جي لاءِ راه هموار ڪريون ٿا. پر افسوس! ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جن تي اولهه جي رُعبدار ڪاميابي جو مڪمل طور وجد طاري آهي. اسان جي معاشري ۾ جيڪي ماڻهو دانشوريءَ جي معروف حيثيت جي روح جا نمائندا آهن، انهن نه فقط مسئلن کي مشڪل بلڪه اڃا به خراب ڪري ڇڏيو آهي.
    پهريون، انهن جي نظريي جي سطحيت روايت ۽ جديديت جي وچ ۾ تعلق جي سلسلي ۾ حقيقي بحث جي سامهون اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. ٻيو، انهن روايتن جي ورهاست، جن جون پاڙون اونهيون آهن، انهن ماڻهن پاڻ کي ڪنهن غير معمولي شيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ نااهل ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انهن ماڻهن جي لاءِ اهڙي عوام جي دل ۾، جيڪي روايت جا عادي ٿي ويا آهن، ڪڏهن به جاءِ نٿي ٿي سگهي. اهي ماڻهو اهڙي زبان استعمال نٿا ڪن جيڪا عوام سمجهي سگهي. اهڙا ماڻهو بلڪل پاسي تي هليا ويا آهن ۽ انهن جي چوڻين کي ڪڏهن به مقبوليت ناهي ملي. ان کان وڌيڪ خراب صورت اها آهي ته اهي ماڻهو جيئڻ جي لاءِ خود مطلق العنان حڪمرانن جا چڪر لڳائيندا رهيا ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ اولهه جي نوآباديات جو نشانو بڻجي رهجي ويا.
    حقيقي زندگيءَ ۾ نه مذهبي فرمان ۽ نه خوش فهمي تي ٻڌل سوچ اولهه جي ثقافت جي قدم کي روڪي سگهي ٿي ۽ نه ميمورنڊم ۽ فرمان روايت جي پاڙ کوٽي سگهن ٿا. انساني زندگي سدائين تبديليءَ کي منهن ڏيندي رهي آهي. ڪڏهن لاشعوري طور تي ته ڪڏهن بي اختياراڻي طور تي. خاص ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي نظريي سان تبديلي جي عمل ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکون، ته جيئن انهن جي رحم ۽ ڪرم تي رهڻ بدران ذهانت ۽ شعور سان حالتن جو مقابلو ڪري سگهون.
    انهن ٻنهي خيالي حلن سان گڏوگڏ ترقي پذير دنيا ۾ ڪجهه اصلاح پسند دانشور موجود آهن. جيتوڻيڪ اميد آهي ته اها تحريڪ اڃا به ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي. ايستائين جو اها به خود موجوده بحران ۾ قيد هجي ان لاءِ ته اصلاح پسند ٻن بنيادن تي ڀروسو ڪن ٿا! هڪ، پنهنجي ذات ڏانهن واپسي ۽ اسان جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي نئين سري کان جوڙجڪ ۽ ٻيو، انساني تهذيب جو ڪاميابيءَ جو مثبت مشاهدو، ان حال ۾ جو انهن کي اولهه جي نوآبادياتي ۽ غالب وراثت جي ڄاڻ هجي. نه فقط اهو ته ذات، جنهن جي طرف اهي ماڻهو واپس موٽڻ گهرن ٿا، ان جي عقل ۽ سمجهه ۾ ڪا مطابقت آهي. بلڪ اهي ماڻهو مختصر طور تي اولهه جي انهن پهلوئن تي راضي آهن، جن کي اسان کي پنهنجي اندر سمائڻ گهرجي. ان طرح اصلاح پسندن کي پهرئين آبادڪار جي حيثيت سان ڏسڻ گهرجي. جن بلند همت سان معاشري جي ڏکن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ان کي زوال پذير حالتن کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي.
    اسان جو ماضي گهڻن ئي اهم واقعن سان ڀريل رهيو آهي. پر مستقبل غير يقيني آهي. اسان مغربي ڪلچر، سياست، معاشيات ۽ فوجي طاقت جي رحم ۽ ڪرم تي آهيون ۽ اسان جو مقابلو ترقي جي خيال ۽ نظريي سان آهي. جيڪو اولهه ۾ ترقي جي تجرباتي شڪل پڻ آهي. اسان کي آخرڪار اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اولهه جي طرف اسان جو ورتاءُ ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي نموني اولهه جا قدر ترقيءَ سان هڪ جهڙائي رکن ٿا ته جيئن اسان اولهه ۾ ڍلجي وڃڻ يا پنهنجي قومي سڃاڻپ کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ ترقيءَ جي منزل تائين پهچي سگهون. ترقيءَ جيان همعصر ٻين تصورن جون پاڙون به اولهه سان جڙيل آهن. هتي آئون ان جي وضاحت ۽ تشريح پيش ڪريان ٿو.
    “اولهه جي تهذيب جا اصول، قدر ۽ قيمت جي بنياد تي وڏي پيماني تي فلاح ۽ بهبود کي قائم ڪرڻ. ڇا اسان دنيا کي “ترقي يافته” جنهن جو مطلب اولهه جي قدرن تي قائم آهي ۽ غير ترقي يافته جي ٻن خانن ۾ ورهايون ٿا؟ ڇا اسان انهن ملڪن جي باري ۾ نٿا سوچون، جيڪي اڃا اسرندڙ آهن ۽ اولهه جي پيروي ڪندي پنهنجي زندگيءَ جي معيار جي جوڙجڪ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن؟ هتي جديديت ۽ روايت جي وچ ۾ لاڳاپو سامهون اچي ٿو”.
    “ترقي” هڪ اولهه جو تصور آهي، جنهن جو بنياد اولهه جي تهذيب تي آهي. اسان ان کي ڄاڻڻ کان سواءِ “ترقيءَ”کي سمجهي نٿا سگهون. ان جي باري ۾ طئي ڪرڻ ڏيون يا ان کي رد ڪرڻ ڏيون. ان ڪري مون کي يقين آهي ته “ترقي” جي باري ۾ بحث ڪرڻ وقت کان پهرين ٿيندو.
    ڪجهه ماڻهو دعويٰ ڪن ٿا ته قوم کي غريب ٿيڻو ئي آهي جيستائين انهن جي ترقيءَ جون سموريون ضرورتون پوريون نه ٿين. انهن جي مطابق جديديت “ترقي” حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. ذڪر ٿيل فيصلو صحيح آهي جيڪڏهن اسان اولهه جي تهذيب کي متبادل جي طور تي مڃيون ٿا جيڪو ممڪن ڪونهي، پر ڪجهه ماڻهو اولهه کي جديدترين نه ته متبادل انساني تهذيب ضرور تصور ڪن ٿا جيڪا ٻين سمورين ڪاريگرين جي برابر آهي جيڪا آزمائشي آهي ۽ جنهن ۾ زوال جي پڻ گنجائش آهي. يقيناً ان جو مطلب ترقيءَ کان انڪار يا هٿيار ڦٽا ڪرڻ نه آهي. غريب اصلاح پسندن جي سامهون ان جو مطلب انهن ماڻهن جي نسخن کي رد ڪرڻ آهي جيڪي وسيع پيماني تي پوري طور سان مغربيت جي ڳالهه ڪن ٿا. عام طور تي دانشورن جا نسخا انهن ماڻهن کان مختلف هوندا آهن، جيڪي معاشرن جا وڏا ماڻهو هوندا آهن. اهڙي صورت ۾ اڃا به ترقي پوريءَ طرح تي حاصل ڪئي ويندي. جيڪڏهن پاليسي ٺاهڻ جو عمل ڏاهي فڪر سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ نه ئي فڪر تي پابنديءَ سان.
    سڀ کان پهرين هڪ دانشور جي حيثيت سان اسان اهو محسوس ڪريون ٿا ته جيڪڏهن ترقيءَ جو مطلب اولهه جي تجربن جو اعادو ڪرڻ … آهي ته پوءِ اسان کي اڃا به ان جي بنيادي اصول ۽ ان جي نفاذ کي سمجهڻو پوندو. ائين ڪرڻ پڻ حقيقي فڪر ۽ فهم کي خاص دعوت ڏيڻ جي برابر هوندو. سچ هي آهي ته ڏاهپ کان سواءِ “ترقي” جو حصول ممڪن ئي نه آهي.
    پهريون، ترقي هڪ ميڪانيڪي عمل نه آهي، جنهن کي ڏاهن انسانن کان سواءِ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٻيو، جيڪو معاشرو عقل تي ٻڌل فڪرن کان خالي هجي، اهو پنهنجو توازن وڃائي ڇڏيندو خاص طور ان وقت جڏهن ان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو. اهو بلڪل واضح آهي ته انساني ڏکيائين کي طاقت، سخت قانونن ۽ سياستدانن جي فرمان سان پري نٿو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ ڪجهه دير جي لاءِ انهن وسيلن سان ڏکيائيون دور ڪري سگهجن ٿيون.
    اصل ۾ مغربيت جي چاهيندڙن ۽ “روايت پرستن” جو افسوسناڪ مشاهدو ۽ تجربو اسان جي سامهون آهي، اسان کي انهن غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ته جيئن انهن جو ورجاء نه ٿئي.
    جديد تهذيب اسان جي دور جي اهم حقيقت آهي. ان انسانيت کي يادگار فائدن سان همڪنار ڪيو آهي. ان سان گڏ ان جا نقصان به ڪجهه گهٽ نه آهن. اهي نقصان اولهه جي جغرافيائي سرحدن کان ٻاهر، اولهه وارن جي ذريعي ڪيل سياسيءَ اقتصادي ظلمن جي حد تائين محدود نه آهن. اولهه پنهنجي معاشرتي، اقتصادي ۽ فڪري شعبن ۾ بيشمار اندروني بحرانن جو شڪار آهي. اسان مان اهي ماڻهو جيڪي اولهه کان ٻاهر زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪڏهن مغلوب محسوس نه ڪن ۽ ان جي ڄار ۾ نه ڦاسن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن مصيبتن کي سٺي نموني سمجهي سگهن ٿا، جيڪي غير مغربي عوام جي لاءِ اولهه جي نئين آبادياتي نظام جو پڻ نتيجو آهن.
    اولهه جي تهذيب به هڪ انساني جوڙجڪ آهي. ان ڪري غير مستقل آهي ۽ ان جي زوال جي گنجائش موجود آهي. اوستائين جو ڪجهه ماڻهو غير حقيقت پسنداڻي دعويٰ نه ڪن ته جديد تهذيب جي صبح سان گڏ انساني تجسس جو سرچشمو ۽ تخليقيت خشڪ ٿي ويون آهن. تهذيب انهن ماڻهن جي تجسس جو جواب آهي، جيڪي دنيا تي سوال اٿارڻ کان ٿڪن ئي نٿا. انسانن جون هميشه بدلجندڙ ضرورتون کين انهن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪن ٿيون. تهذيب انهن سوالن جو جواب آهي، جيڪو ڪنهن کي درپيش ٿئي ٿو. يقيناً ڪجهه اهم سوال ۽ ضرورتون هونديون جيڪي تهذيبن جي عروج ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن ۽ اهي سوال پاڻمرادو وقت ۽ جڳهه کان متاثر آهن. اهوئي سبب آهي جو تهذيبون بدلجنديون رهنديون آهن ۽ اها ڪا ناقابل تبديل شيءَ نه هوندي آهي ۽ نه ئي دائمي تهذيب جو تصور آهي. ڇو ته جيستائين انسان آهن ان وقت تائين انهن جو تجسس ۽ ضرورتون به آهن. هر سوال جو جواب ٿئي ٿو ۽ سڀني ضرورتن جي پورائي به ٿئي ٿي. هميشه نوان نوان سوال ۽ نيون ضرورتون انسان جي سامهون اچن ٿيون. هر تهذيب ان وقت تائين قائم رهي ٿي، جيستائين اها انساني سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي پنهنجي باطني قوت کي برقرار رکي ٿي. پر باقي سيڪيولر شين وانگر تهذيب جي به هڪ حد ٿيندي آهي. جڏهن اها پنهنجي قدرتي طاقت کي ضايع ڪري ڇڏي ٿي ۽ نون سوالن جا جواب نٿي تلاش ڪري سگهي ته آهستي آهستي ان جي پيروڪارن جو اعتماد ۽ Euberance ناپيد ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح تهذيب تباه ۽ برباد ٿي وڃي ٿي.
    اولهه جي تهذيب ۱۹ صديءَ جي شروعات کان وٺي ۲۰ صدي جي ٻنهي عالمي اشتراڪي مخالف جنگين تائين وڏن وڏن بحرانن کي منهن ڏنو آهي ۽ پنهنجي قدرتي طاقت جي سهاري ئي ان تي قابو حاصل ڪري سگهي آهي. پر اعتدال پسند اولهه جا سرمائيدار پنهنجي اداري کي موافق ڪري، پنهنجي سماجي مخالف سان وڙهڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. سوشلزم اشتراڪيت جي خاتمي، جيڪو ان جي اندروني ڪمزورين جي ڪري ٿيو، سڄي دنيا کي حيرت جي حال ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ به اهو صاف آهي ته اولهه ٻئي وڏي بحران کان پريشان آهي. اهي بحران اولهه جي اهم قدرن کي سوال هيٺ قرار ڏيڻ جي ڪري پيدا ٿيا آهن. جيڪي انهن جي پنهنجي صلاحيت، صلاحيتن ۽ ڀروسي ۽ ان جي ڀروسي ۾ ظاهر ٿيندڙ گهٽتائي مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي. اهي سوال پهرين کان گهڻو زوردار ۽ اهم ٿي ويا آهن. ان ڪري اولهه جي اخلاقي ۽ فلسفياڻي بنيادن تي اعتراض اڄ گهڻي عام ڳالهه ٿي وئي آهي.
    اهو صحيح آهي ته انساني تجسس ۽ ضرورتن جو جواب ڏيڻ به وچئين دور جي ناڪامي ۽ انهن سوالن ۽ ضرورتن کي دٻائڻ جي لاءِ طبي ۽ نفسياتي طاقت جو استعمال ڪرڻ هڪ دانشوراڻو ء سماجي ڌماڪي جو ذريعو بڻيو، جنهن چرچ ۽ جاگيردارن جي حڪومت کي تباه ڪري ڇڏيو. پر انهن شعوري سوالن ۽ ضرورتن کي ئي جديد تهذيب جي عروج جو اڪيلو سبب وٺڻ بيوقوفي ٿيندي. اهي سوال ۽ ضرورتون انهن ترغيبن مان اڀري آيون آهن، جيڪي منطق ۽ عقليت جي دائري کان ٻاهر هئا.
    پهريون، چرچ ۽ جاگيرداري جي طرفان لاڳو ڪيل سخت پابندين، وڌيڪ خود جاگيرداريءَ مخالف طرف ردعمل کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. چرچ پنهنجي اصولن ۽ طور طريقن کي پاڪائيءَ جو جامو پهرائي ڇڏيو هو، جنهن جي گهڻائيءَ اولهه جي عوام کي نه صرف موجوده سماجي نظام کي ختم ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پر مذهب ۽ روحانيت جي پوري معقوليت تي شڪ ڪرڻ جو موقعو به فراهم ڪري ڇڏيو. مادي پرستي ۽ لالچ، ان جديد تهذيب جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن اصل ۾ وڏي سچائين ۽ روحانيت کي لتاڙي ڇڏيو آهي.
    ڇا جديديت جي ترقيءَ ۾ بورزوا جو ڪردار هن تحريڪ جو بڻياد وجهڻ وارن کان گهٽ اهم هو؟ بورزوا طبقي کي جيڪا طاقت هن تحريڪ ۾ اڳيان وڌائي رهي هئي، اها ان جي سچائي ۽ عدل جي بيچين ڪري ڇڏڻ واري ڳولا نه هئي ۽ نه ئي انهن ٻنهي مقصدن کي چرچ ۽ جاگيرداري کان بچائڻ جي آرزو، بلڪ دولت حاصل ڪرڻ جي چاهت هئي.
    آزادي، ڀائيچارو ۽ برابري، فرانس جي انقلاب جا بنيادي واعدا هئا. پر اهي واعدا نئين دولتمند ۽ تمام گهڻين آرزوئن جي حامل بورزوا طبقي جا اوزار ۽ هٿيار هئا، جن کي اهي مطلق العنانيت سان گڏ طاقت جي جنگ ۾ استعمال ڪندو هو. اها دعويٰ ڪرڻ به ممڪن آهي ته جديديت جا سائنسدان ۽ دانشور اصل ۾ نئين طبقي جي چاهتن ۽ آرزوئن جي عقلمنداڻي ۽ دانشوراڻي وضاحت پيش ڪري رهيا هئا.
    جڏهن اسان اولهه جي تهذيب جي مختلف قسمن جي نعمتن ۽ برڪتن، مثلاً جديد سائنس، ٽيڪنالوجي، فڪري آزادي ۽ جمهوريت جي تعريف ڪريون ٿا ته، اسان نئين آبادين ۽ غيرمغربي ماڻهن تي موتمار طاقت جو استعمال، ٻين ملڪن جي ماڻهن جي جان ۽ مال ۽ ثقافتي فرواني جي بربادي، زمين تي ماحولياتي آلودگي، ڪوڙ کي سچ بڻائڻ جي ڪوشش ۽ موقعي پرستي کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. ڇو ته اهي شيون به اولهه جي تهذيب جي خاصيتن ۾ شامل آهن.
    ان ڪري اسان هر انهيءَ ڪليسا جي سامهون هٿيار نٿا ڦٽا ڪري سگهون، جيڪو اولهه جو هجي. اهڙي نموني اسان روايت کي به سطحي طور تي نٿا پرکي سگهون. روايت ماڻهن جي سماجي ۽ تاريخي نچوڙ جو روح رهي آهي، خاص طور تي اسان ماڻهن جي لاءِ ان جي گهڻي اهميت آهي. ڇو ته اسان ماڻهو غني ثقافت ۽ تاريخ جا حامل هئاسين. جيئن ته ارسطو پنهنجي ڪتاب “سياسيات” ۾ چوي ٿو ته “فطرت ۽ روايت هڪ سٺي سماج کي متحد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.”
    روايت کان جدا ٿيڻ جو مطلب آهي عوام جي “ثقافت” ۽ تاريخي وراثت جي بربادي. پر جيڪڏهن هڪ قوم جي ماڻهن کي ارتقائي مرحلو طي ڪرڻو هجي ته کين پنهنجي ماضي کي ضرور سمجهڻو پوندو، جنهن سان کين احساس ٿئي ته تاريخي ارتقا جي عمل ۾ اهي ڪٿي ۽ ڪهڙي منزل تي آهن. ان لاءِ روايت جي جن پهلوئن کي اسان کي ڪڍڻو آهي، ان جو بنياد گهريلو ماڊل تي هئڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته اولهه جي قوم جديديت جي بلڪل ابتدائي مرحلي ۾، پنهنجي روايت جي گهرائيءَ ۾ وڃي بيدار ٿي ۽ دانشورن يونانين جي فنڪاراڻي روايت ۽ روم جي سماجي روايت کي ٻيهر سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. مذهبي يقين ڪرڻ وارن عيسائي مذهب جي طرف ڏسڻ شروع ڪيو، جنهن کي اهي سڀ کان گهڻو معتبر سمجهندا هئا ۽ ان طرح نئين دور جي شروعات ٿي. روايت جي طرف ٻيهر ڏسڻ ۽ ان کي نئين طريقي سان سمجهڻ جي ڪري هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو.
    اهڙي زماني ۾ بورزوا طبقي، جنهن کي سيڪيولر دانشورن جي مدد حاصل هئي، نئين فڪر جي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. اهو فڪر معقول عقل جي پوين طريقن جي واپسي تي بيٺل هو. ان ڪري روايت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ به روايت کي وسارڻ جي ڳالهه ڪونهي. جيڪڏهن اسين ارتقا جي خواهش رکون ٿا ۽ تقدير جي ڏور پنهنجن هٿن ۾ ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن سان ان کي بدلائي سگهون ته، اسان کي ان ڳالهه تي مطمئن ٿيڻو پوندو ته ترقيءَ جي اولهه جي ماڊل جي پويان ڀڄڻ اسان جي وراثت کي تباه نه ڪري ڇڏي. اسان روايت جي تنقيد صرف انهيءَ وقت ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان کي پنهنجي سڃاڻپ جي مضبوط سمجهه هجي. غير روايتي ماڻهو مختلف سنجيده فڪر کان محروم رهجي ويندا آهن. اهي ڪمزور خواهش وارا ۽ غير مستحڪم هئڻ جي ڪري حالتن جي مرضي جو مطابق جيئندا آهن.
    ان کان علاوه هڪ تجرباتي مسئلو هي آهي ته انساني زندگيءَ ۾ روايت جون پاڙون ايتري اونهائيءَ تائين پکڙيل آهن جو، سياستدانن جي وسيلي صادر ڪيل فرمانن يا دانشورن جي عالماڻي بيانن جي وسيلي انهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ان کان به برو اهو ته ان عمل کي زبردستي اڳيان وڌائڻ اصل ۾ مسئلن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو ۽ سماج جي سڃاڻپ کي برباد ڪري سگهي ٿو پراهو روايت جي اڳيان بغير ڪنهن شرط هٿيار ڦٽا ڪرڻ جهڙو نه آهي.
    روايت گهڻي حد تائين تهذيب جيان هڪ انساني بناوٽ آهي ۽ ان ۾ تبديليءَ جو امڪان رهي ٿو. پوري تاريخ ۾ روايتن جي مختلف رفتار سان مسلسل بدلجڻ ان ڳالهه جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي ته اڳيان به تبديلي اچڻ طي آهي، اهم مسئلو اهو آهي ته تبديليءَ جو عمل ڪنهن حد تائين شعوري طور تي شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان عمل ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو پاڻمرادو شرڪت جا خواهشمند آهن، بجائي ان جي جو ان کي مٿان کان هلايو ويو آهي يا حالتن عوام کي ان عمل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
    روايت جي ترقيءَ ۽ تبديلي بحرحال يقيني آهي. اهو سوال اٿي ٿو ته روايتن کي قائم رکڻ جي لاءِ ڇا عوام تي زور زبردستي ڪري سگهجي ٿي چاهي انساني هلت چلت، زندگيءَ جون ضرورتون، خواهشون ۽ مطالبا مختلف ڇو نه هجن؟ پنهنجون به ضرورتون ۽ خواهشون آهن.
    روايت انقلاب پسند عوام جي سمجهداري ۽ وجدان تي ٻڌل هوندي آهي. اها تبديلي مڪمل ٿيڻ جي وجود کان انڪار نٿي ڪري، بلڪه فقط ان ڳالهه کي محسوس ڪرڻ جي ضرورت پيدا ڪري ٿي ته وقت سان گڏ مڪمل ٿيڻ جي باري ۾ اسان جي ترجماني ۾ تبديلي اچي. ڇا انسان جي سمجهداري خدا جي معاملن ۽ تاريخ ۾ سدائين هڪ ئي جهڙي رهي آهي؟
    اهم نقطو هي آهي ته جڏهن ڪنهن سماج ۽ عوام جي تاريخي باداشت ۾ معنيٰ ۽ مطلب اونهائيءَ ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ هڪ عرصي کان پوءِ اهي انساني ذهن ۽ سماج ۾ ايتري مضبوط جاءِ ٺاهي وٺن ٿا جو انهن کان منهن موڙڻ مشڪل ٿيو پوي ۽ اها مشڪل تڏهن اڃا وڌي وڃي ٿي جڏهن ان روايت تي تقدس ۽ پاڪائيءَ جي اهڙي تهه ڄمي وڃي ٿي، جو انهن عادتن ۽ معنيٰ ۽ مفهوم تي ڪيل ڪنهن به تنقيد يا اعتراض کي بي حرمتي سمجهو وڃي ٿو. بي حرمتي سان وڙهڻ هڪ خدائي فرض آهي، جيڪو مذهبي معاشرن ۾ روايت جي تنقيد کي وڌيڪ مشڪل ڪري ڇڏي ٿو.
    اهو يقيني طور تي صحيح آهي ته فڪر ۽ زندگيءَ جي طور طريقن ۾ تبديلي ضرور هوندي آهي. جيستائين اسان روايت کي تبديل ڪرڻ ۽ ان کي اڄ نئين طريقي سان تعمير ڪرڻ ۾ متحرڪ طور تي شرڪت نه ڪريون ته اها گهڻو ڪري ترقيءَ جي راه ۽ تبديليءَ جي ضرورت هوندي آهي پر اسان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته ترقي پنهنجي اولهه جي مفهوم ۾ تبديليءَ جي صرف هڪ شڪل، جنهن جي ٻي به شڪل ٿي سگهي ٿي، اولهه ۾ ترقيءَ جي روايت ۽ تاريخي سمجهه تي منحصر هئڻ جو نتيجو آهي، جنهن اولهه جي عوام جي وچ ۾ انسان ۽ وجود جي باري ۾ نئين سمجهه پيدا ڪري ڇڏي آهي.
    اولهه جي عوام هڪ ڊگهي ۽ مشڪل مرحلي کي پار ڪيو آهي. سمورين لاهن چاڙهن کي ڏسڻ کان پوءِ ئي انهن عقل تي ٻڌل فلسفياڻي فڪر ۽ مقصدکي حاصل ڪيو آهي. سچائي جي ڳولا ۽ مقابلي، ظهور ۽ آرزؤ ملي ڪري جديديت ۽ ترقيءَ کي وجود جي وسيلي سان هموار ڪيو آهي.
    اسان ماڻهو اهڙي وقت ۾جي رهيا آهيون جڏهن اولهه جون اندروني ڪمزوريون نه فقط اولهه کان ٻاهر رهڻ وارن کي نظر اچي رهيون آهن، بلڪه اولهه جو عوام پڻ هاڻي انهن خرابين ۽ ڪمزورين کان چڱيءَ طرح واقف آهي ۽ انهيءَ جي ڪري انهن ماڻهن کي هاڻي پنهنجي شاندار واضح تقدير تي شڪ ٿيڻ لڳو آهي. ان کي ڄاڻڻ کان پوءِ اسان کي پنهنجي ترقيءَ جي لاءِ اولهه جي قوم کي پوريءَ طرح سان نه اپنائڻ گهرجي ۽ انهيءَ نموني سان اسان روايت کي ناقابل شڪست يا خدا جي شيءَ جي شڪل ۾ نٿا ڏسي سگهون.
    ان لاءِ اسان ماڻهن کي ٻن مکيه انساني مسئلن جو مقابلو ڪرڻو آهي. انهن مان هڪ مسئلي جو پاڙون اسانجي سماج جي گهرائي تائين ڦهليل هونديون آهن ۽ ٻي مسئلي کي ٻاهران آڻي اسان تي مڙهيو ويو آهي ۽ اهو ٻاهران آيل مسئلو ڪجهه ٻيو نه بلڪه نئين تهذيب آهي، جيڪا گهڻن معنائن ۾ اسان جي مٿان غالب آهي. يعني جديد تهذيب جي اهم ڳالهه هي آهي ته اسان کي انهن مان ڪنهن جي به خلاف ورزي نه ڪرڻي آهي جيئن ڪجهه ماڻهن ڪئي آهي.
    اڄ کي سمجهڻ جي لاءِ اسان کي ايندڙ سڀاڻي جي مطالبن کي ڄاڻڻ ضروري آهي ۽ مستقبل کي سمجهڻ لاءِ پنهنجي تاريخ کان واقف هئڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪوئي چارو ڪونهي. ايندڙ سڀاڻي اهو وقت هوندو جڏهن انسانيت اڄ جي تهذيب کي پار ڪري چڪي هوندي ۽ اهي جيڪي پهرين پهچندا اهي بهرحال پنهنجي ماضي کان واقف هوندا ۽ مستقبل انهن جي خاص توجهه جو مرڪز هوندو. اتي اهي ماڻهو پهرين نٿا پهچي سگهن، جيڪي روايت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن يا اهڙا سطحي ظاهري جديديت پسند آهن جيڪي موجوده تهذيب جي ظاهري خدوخال کي ئي اصل تهذيب سمجهن ٿا.
    ڇو نه اسان ايندڙ تهذيب ڏانهن ڌيان ڏيون ۽ سڀني تبديلين کي ان تهذيب سان اهڙي نموني منسلڪ ڪريون، جو اهي اعليٰ معيار ۽ نموني جي مطابق هجن، اهڙن حوصلي مند منصوبن جي لاءِ ضروري آهي ته اسان جديديت ۽ روايت کي تنقيدي نظر سان ڏسون.
    اصل ۾ مستقبل ۾ وڃڻ جو مطلب حال کان بغاوت هرگز نه آهي. فقط اهي ئي ماڻهو، جيڪي ترقي، بيداري ۽ جرائتمنديءَ جي سطح تائين پهچن ٿا، جيڪي انساني زندگيءَ جي سمورين ڪاميابين کي شامل ڪرڻ جي لائق هوندا آهن، اهي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي هڪ نئين دور جي تعمير ڪري سگهن ٿا ۽ مستقبل جا مالڪ بڻجي سگهن ٿا.
    اهو ضروري ڪونهي ته اسان جديد تهذيب ۾ ضم ٿي وڃون، پر اسان نئين تهذيب جي ڇانو ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪيترين ئي سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڪاميابين کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون. ڇا اسان ماڻهو هڪ نئون رشتو قائم ڪرڻ ۽ هڪ نئون تصور حاصل ڪرڻ جي لاءِ موجوده دور کي عبور نٿا سگهون ۽ ان جي ڇانو هيٺ هڪ اهڙي نئين تهذيب، جنهن جو احساس اسان جي قومي شناخت تي هجي، وسيلو نٿا بڻجي سگهون؟ ڇا جديد تهذيب جي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪري انساني زندگيءَ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات نٿا ڪري سگهون؟ خاص طورتي اسان ايرانين ۽ مسلمانن جي لاءِ سٺو آهي. ڇو ته اسان وٽ اهڙين تهذيبن جي تعمير ۽ تشڪيل جو دستاويزي (ڪاغذي)، ثبوت موجود آهي، جيڪي انساني تاريخ ۾ نمايان ڪردار جون حامل رهيون آهن. ڇا اسان ماڻهو هڪ دفعو وري تهذيب جا خالق نٿا ٿي سگهون؟ ڇو نه، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان کي زندگي گذارڻ جي لاءِ ماضي ۾ واپس وڃڻ گهرجي. پر اسان کي هڪ اهڙي محفوظ زمين جي ڳولا ڪرڻي پوندي، جتان کان حال کان پري ۽ اهڙي مستقبل ڏانهن پيش قدمي اختيار ڪري سگهجي، جيڪا اسان جي ماضي ۽ حال ٻنهي تي ٻڌل آهي.


    باب ڏهون: آزادي ۽ ترقي

    دارالفنون، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايران جو پهريون ٽيڪنيڪل اسڪول آهي، جنهن جو افتتاح نصيرالدين شاه جي هٿان ۵، ربيع الاول ۱۲۶۳هه (27، آڪٽوبر 1851ع) ۾ ٿيو. ان واقعي جي نتيجي ۾ “ترقي” جو خيال پيدا ٿيو. جنهن کي اڄ اسان ايراني ڏسي ۽ سمجهي رهيا آهيون. اسڪول جي قيام کان (۱۵۰) ڏيڊ سو سال پوءِ “ترقي” جي وضاحت ۽ تشريح ڪرڻ ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي طور طريقن جي باري ۾ سوالن جو پيدا ٿيڻ، اهو ظاهر ڪري ٿو ته اسان کي ترقي حاصل نه ٿي آهي. بس اهو معلوم ڪرڻ تمام ضروري آهي، ته آخر ترقي نه حاصل ٿيڻ جو ڪارڻ ڇا آهي؟
    هتي اسان ثقافتي ترقي جي مشڪل تصورن جو ذڪر نٿا ڪرڻ چاهيون. مون کي اميد آهي ته اسان جي معاشري ۾ موجود مشهور ۽ معروف دانشورن جي فڪر ۽ تصور جي نتيجي ۾ ترقي جي مفهوم جون مشڪلاتون ختم ٿي وينديون. آئون هتي ترقيءَ جي پهرين ثقافتي شرط تي نه، پر ترقيءَ جي مفهوم تي هڪ عام بحث ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي خيال ۾ ترقي معاشري ۾ گهربل ۽ مناسب تبديليءَ جي هڪ شڪل آهي. موجوده معنيٰ ۽ مفهوم جي مطابق ترقي فقط تبديليءَ جي هڪ شڪل آهي. هتي ٽن نڪتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ضروري معلوم ٿئي ٿو.
    پهرين، ڪابه تبديلي انساني ۽ تخليقي ۽ پيدائشي صفتن جي حامل نه هوندي جيستائين عوام پنهنجي مرضي ۽ چاه سان ان تبديليءَ جي عمل ۾ شريڪ نه هجي. ٻيو، ترقيءَ جي عمل ۾ انسانن جي عملي شرڪت جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي گهڻن حصن ۾ سنجيده ۽ مڃيل فڪر ۽ نظريا هئڻ کپن ٽيون، معاشري ۾ مستحڪم ۽ تخليقي فڪر جو بنياد سڀ کان پهرين آزاديءَ تي هئڻ ضروري آهي.
    اهڙي طرح اسان ڪٿي به مثبت تبديلي جي اميد ان وقت تائين نٿا ڪري سگهون، جيستائين آزاديءَ جي خواهش پوري نه ٿي ٿئي. يعني سوچڻ جي آزادي ۽ ڪنهن به نئين فڪر کي اظهار ڪرڻ جو تحفظ، جنهن کي خيال جي اظهار جي آزادي جي نالي سان به ياد ڪري سگهجي ٿو. ان طرح اسان ڏسون ٿا ته “ترقي” هڪ مغربي طرز جي ساخت آهي ۽ اهي سڀئي ماڻهو، جيڪي “ترقي” چاهين ٿا، انهن جي لاءِ ماڊرن هئڻ پڻ ضروري آهي. ان جو مطلب هي ٿيو ته ترقيءَ جي هاڻي جيڪا وضاحت ڪئي وئي آهي، اها جديد تهذيب جي وڻ جي هڪ ٽاري آهي. جيڪڏهن اها تهذيب ايندي ته ترقي به رونما ٿيندي. اصل ۾ جيڪي ماڻهو اها دعويٰ ڪن ٿا ته مغربي فڪرن ۽ قدرن کي قبول ڪرڻ ترقيءَ جو پهريون ۽ ضروري شرط آهي، اهي ته گمراه نٿا ٿين مغربي فڪر ۽ عقل منديءَ سان مغربي طبع آزادي ۽ اخلاق کي قبول ڪرڻ ضروري آهي.
    پر آئون ان ڳالهه تي به يقين رکان ٿو ته “ترقي” جيئن ان کي موجوده دور ۾ سمجهو وڃي ٿو ته اها انساني معاشري ۾ صرف ارتقاء ۽ تبديليءَ جي هڪ شڪل آهي، نه ڪا ان جو مخصوص تصور. يقيني طور تي ان تبديلي ۽ ارتقاء جي ڪري انسانيت کي گهڻو فائدو پهتو آهي. پر منهنجو يقين آهي ته ان سان گڏوگڏ گهڻو نقصان به ٿيو آهي. مغربي تهذيب ان جي ترقيءَ جي تصور کي ڏسڻ ۾ ڪيترين ئي تباهي ۽ بربادي جي حامل حقيقتن کي پوري طرح نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اسان جنهن “ترقي” جي باري ۾ اڄ بحث ڪري رهيا آهيون، ان جي لاءِ چار سؤ سال پويان نٿا وڃي سگهون. جڏهن مغرب (West) ترقيءَ جي هاڻوڪي حيثت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو هو. ان جي بدران اسان جي سامهون مغربي عوام جا وڏا تجربا آهن ۽ جيڪڏهن اسان فڪر جا مالڪ آهيون ته اسان پنهنجي مستقبل جي واٽ ان تجربي جي بنياد تي چونڊي سگهون ٿا. ان جو مطلب آهي ته اسان کي مغربي تجزين جي طاقت ۽ صلاحيت ۽ گهٽتائين کي سمجهڻو پوندو. ته نه جيئن هڪ سٺي ۽ زياده مناسب چونڊ عمل ۾ اچي سگهي.
    نشوونما ۽ ترقيءَ جي هاڻوڪي خاص شڪل جي ترديد جو مطلب، جديد تهذيب جي حقيقتن کان انڪار ڪرڻ نه آهي. ڪوبه يقين سان چئي سگهي ٿو جيڪو سماج اڳيان وڌڻ چاهي ٿو ان جي لاءِ ان وقت تائين ڪوبه معجزو ظاهر ٿيڻ وارو ڪونهي جيستائين ان سماج جا ماڻهو مغربي تهذيب جي ڪاميابين کي دوکو ڏيڻ بدران انهن کي پنهنجي اندر ضم نٿا ڪري وٺن. ان ڪري ضروري آهي ته اسان مغربي تهذيب کان واقف هجون ته جيئن ان جي روح کان واقفيت حاصل ڪري سگهجي. مغربي تهذيب جي روح سان قربت ئي جديديت آهي.اهي ماڻهو جيڪي ان جي روح کان واقف نه آهن، ڪڏهن پنهنجي زندگيءَ ۾ مثبت تبديليءَ کي مؤثر ڪرڻ جي قابل نه ٿيندا. ان طرح تبديليءَ جو خاص اصول مغرب جي ان واقفيت جي پويان لڪيل آهي. افسوس جو ڪجهه قومن، مثلاً اسان ماڻهن ۾ اڃا به اهڙي سمجهه جي ڪمي آهي. جيئن ته عبدالله حايريءَ چيو آهي، اسان ماڻهن کي اڃا مغربي تهذيب جي ٻن رخن کان واقفيت حاصل ڪرڻي پوندي آهي ۽ مغرب سان اسان جي لهه وچڙ نهايت ئي سطحي رهي آهي. اسان ماڻهو دوستن جي وچ ۾ تذبذب ۾ آهيون، يعني يا ته اسان جي مٿان مغرب جو وجد طاري آهي يا ان سان نفرت ۽ انڪار جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ ترقيءَ جي بحث لاءِ ضروري آهي ته مغربي تهذيب تي بنيادي نگاه وڌي وڃي ته مغربي تهذيب ڇا آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪهڙو واسطو آهي. جيڪڏهن اهو بحث سنجيدگيءَ سان شروع ٿئي ٿو ته ترقيءَ جو بحث اڃا به گهڻو تيزيءَ ۽ قطيعت سان اڳيان وڌندو.
    ائين ڇو آهي ته دارالفنون (ايران ۾ جديد سائنسي اسڪول جي ماءُ) جي قيام جي ڏيڍ سؤ سال کان پوءِ به اسان انهيءَ سوال ۾ گهيريل آهيون ته ترقي ڇا آهي ۽ اسان ان کي ڇو حاصل نه ڪيو؟
    ان اهم سوال جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش هڪ ٻي تاريخي حڪايت سان جوڙي شروع ڪرڻي پوندي. جمع جي ڏينهن ۱۷ ربيع الاول۱۲۶۸۶هه (۹ نومبر ۱۸۵۱ع) تي دارالفنون جي افتتاح کان صرف ۱۲ ڏينهن کان پوءِ نصيرالدين شاه، اميرڪبير جنهن جي بدولت اهو اسڪول قائم ٿيو هو، ان کي ڪوڪا شان شهر جي فين حمام ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو هو. منهنجي خيال ۾ اسان جي بيقراريءَ جو راز انهيءَ ۾ لڪيل آهي.
    اسان جي صدين جي تاريخ تي ان ملڪ جي ماڻهن جي عقل، سمجهه ۽ ڪوشش جي حڪمراني نه رهي آهي، بلڪ ابتدادي ۽ خبطي حڪمرانن جي بالادستي رهي آهي. خود مختياري ۽ مطلق العنانيت کي اسان جي معاشري ۾ مرڪزي ڪردار حاصل رهيو آهي. جنهن جي ڪري اسان جي عوام کي پاڻ پنهنجي ئي معاشري ۾ سرگرم ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. فڪر جي آزادي کي، جيڪا انسانيت جي سڀ کان اعليٰ نشاني آهي، ذاتي زندگيءَ ۾ فعاليت ۽ نشونما جي لاءِ خاص طريقي جي عزت ڏني وئي آهي. ٻين لفظن ۾، اسان جي عظيم تاريخي مشڪلن جي اسرار، فارابي جي مطابق، اسان جي تقدير تي عياري ۽ فريب جو غلبو رهيو آهي. هڪ اهڙو فريب، جنهن جون پاڙون اسلام جي آغاز کان اڳ تمام اونهيون ٿي چڪيون هيون. اسلام کان اڳ ساساني ايران ۾ وڏي پيماني تي بدعنوانيءَ، ملڪ کي تباهيءَ جي ڪناري تي اچي بيهاريو هو. اسلام جي اچڻ سان ئي ڪوڙ ۽ دوکي جا بنياد ڪمزور ٿيڻ لڳا. پر فقط اسلام جي اچڻ کان چاليهه سال پوءِ خلافتِ راشده جي دور مطلق العنانيت ڪئي ۽ اڃا به خطرناڪ شڪل مسلمانن جي تقدير تي حڪمراني ڪرڻ لڳي. ڇو ته ان وقت مطلق العنانيت ۽ ظلم ۽ ڏاڍ اسلامي قانون جي ويس ۾ مڃيا ويا هئا.
    جيئن ئي اسلامي تهذيب ساساني فارسي تهذيب يا ٻين تهذيب جي جاءِ والاري ۽ اها اميد ڪئي وئي ته انهن تهذيبن جا سياسي منشور به تبديل ڪيا ويندا، خاص طور تي اسلامي تهذيب جي شروعات ۾ نئين سياسي ماحول مان گهڻيون ئي اميدون وابسته هيون. تصورن کي قانوني شڪل ڏيڻ، مثلاً اجتماعي طور تي فيصلو ڪرڻ، مصالحت ۽ عوامي ڀلائي جي غلبي کي پاڻمرادو خود حضور اڪرم ﷺ ڪنهن حد تائين سندن اصحابن جي قول ۽ فعل (چوڻ ۽ ڪرڻ) ۽ گفتار ۽ ڪردار سان ترقي حاصل ٿي. خاص طور تي امام علي جي جانشينن جو دور ماڻهن جي لاءِ هڪ نئين صبح جي طور تي نمودار ٿيا. جيڪڏهن اهو عمل جاري رهي ها ته سنجيده فڪر کي مهميز ملي ها ۽ مسلمان طبقي جي قسمت بغير ڪنهن شڪ جي مختلف هجي ها. پر افسوس ظلم ۽ ڏاڍ جي اونداهي ڇانو مسلمان تي غالب ٿيڻ لڳي. ان کان به گهڻي ڏک جي ڳالهه اها آهي ته ان ظلم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش کي زندگي جي نئين معيار ۽ زندگي جي ستون جي حيثيت ڏني وئي. پاليسي جي ابتدادي شڪل هڪ اهڙي وراثت ۾ تبديل ٿي وئي، جيڪا هڪ يادگار آهي ۽ اها تهذيب جي زوال ۾ پڻ مددگار ثابت ٿي. ان طرح جي ماحول ۾ ماڻهن جي سياسي تقدير جو ڳلو دٻايو ويو ۽ فقط هڪ دانشور، جنهن فلسفي، سياست ۽ بلدياتي بحثن کي اونهي فڪر سان سرفراز ڪيو، اهو فارابي هو. فارابي اسلامي فلسفي جو باني هو. ان سان تصور جي شروعات ٿي ۽ ان سان گڏ ئي ان جو خاتمو به ٿي ويو. ان کان پوءِ سيڪيولر مسئلن جي دائري فڪر ڇڏي ڏنو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ان جي نتيجن جي ڪري گهري تحقيق مخفي ۽ مابعدالطبيعاتي مظاهرتي زبردست طريقي سان واضح ٿي. اسان ڏسون ٿا ته مافوق الفطرت جي باري ۾ علم جي نشوونما جي باوجود سياست، سماج ۽ مختلف سماجي حلقن تي فلسفياڻيون سوچون تقريباً پوريءَ طرح عيان ٿي ويون.
    مابعد الطبيعاتي فلسفي سان گڏوگڏ هڪ ٻيو فڪر، مثلاً عرفان ۽ تصوف خاص طور تي سماج جي ممتاز شخصيتن جي وچ ۾ شهرت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ تصوف پسندي کي نامواقف ۽ ناخوشگوار حالتن کان شڪايت ۽ ردِ عمل جي طور تي ڏسي سگهجي ٿو، پر اهو غلط ۽ بيڪار ردعمل آهي. موجوده سياسي حقيقت جي تلخي کي چيلنج ڪرڻ ۽ تبديليءَ جي واٽ کي متبادل حقيقت ۽ فڪر کي پيش ڪري ان حقيقت جي تبديلي جي واٽ کي ڳولڻ جي بدران تصوف پسندي گهٽ ۾ گهٽ ان جي انتها پسنداڻي تصورن، سياست ۽ سياسي فڪر جي مناسبت جو انڪار ڪري غالب سياسي نظام جو بچاءُ ڪيو. جيئن ته فارابي چيو آهي ته ان حلقي جي گهڻن ئي ماڻهن جو مڃڻ آهي ته حقيقي ادراڪ ۽ ڇوٽڪارو دنيا سان لاڳاپيل شين، بشمول مهذب معاشري کي رد ڪري ئي حاصل ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب هي ٿيو ته انهن انڪار ڪري ۽ سياست کان پري رهي ڪري ابتدادي حڪمرانن جي رت سان ڀريل هٿن ۾ سماج کي ڇڏي ڏنو. ناانصافي سان مدافعت ڪرڻ جي بدران، انهن ماڻهن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن ظالمن جي حمايت نه ڪئي. اهڙي طرح هڪڙي نموني جي تنگ نظري ۽ تعصب مسلمانن تي غالب ٿيڻ لڳو. ان اسلامي فلسفي، جيڪو مخفي ۽ مابعدالطبيعاتي هو، ان کي پاسيرو ڪري ڇڏيو.سياسي فڪر جي حيثيت سان جنهن امتياز حاصل ڪيو اهو هڪ نظرياتي ۽ تجرباتي نظام هو. عباسي دور جي مشهور شافعي مسلڪ فقهه ۽ بغداد جي ميجسٽريٽ ابوالحسن الهوردي جو ظهور ٿيو. جنهن هڪ اهم ڪتاب “الاحڪام السلطانيه” (Commandments of Kingship) لکيو هو. المورديءَ حنبلي مسلڪ جي جيڪا ترجماني ڪئي، ان کي بعد ۾ ابو عالي الفراء جي ڪتاب ۾، جنهن جو عنوان به “الاحڪام السلطانيهٔ” لکيو ويو. انهن ٻنهي ڪتابن لڪيل نموني عباسي دور جي خودمختاري کي قانوني طور تي جائز قرار ڏنو ۽ هڪ اهڙي قانوني نظام جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جو بنياد مسلمان سماج جي حڪمراني جي لاءِ اسلامي سوچ تي مبني هو. ان سماج جو اهم ٿنڀو اسلامي اصول هو، پر پوءِ به مذهبي قانون بذات خود فڪر تي ٻڌل هو. جنهن سماج ۾ عقل تي ٻڌل فڪر هوندو، اتي مذهبي قانون خودبخود مددگار، ۽ موافق هوندو. عقليت پسند فڪر جي ذريعي عدالتي مشورو هڪ اهڙي قانوني نظام جي نشوونما ڪري سگهي ٿو، جيڪو يڪسان، مناسب ۽ مؤثر هوندو. پر مذهبي قانون جنهن کي عقليت پسند فڪر تي مبني هئڻ گهرجي ها اهو خودان جي شڪل ۽ عمل جو بنياد ٿي ويو.
    ان کان سواءِ سياسي فڪر جي هڪ اهڙي مختلف شڪل شهرت حاصل ڪئي، جيڪا اصل ۾ گذريل آزمايل اسلامي طريقي کان اڳ واري دور جي پڻ هڪ نمونو هئي. اهم دانشورن، مثلاً ابوالحسن عامري ۽ مسڪويه ايران باسان کان آمريت پسنديءَ جي اسلامي روايت کان اڳ واري شڪل جي پڻ تجديد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. نظام الملڪ ۽ الغزالي جي تحريرن مسلمانن جي سنجيده فڪر جي راه ۾ ايندڙ اهم رڪاوٽن مان هڪ ڏانهن توجهه ڪري ان فڪر کي مستحڪم ڪيو.
    اها تمام گهڻي افسوسناڪ پيش قدمي هئي ته مسلمانن پنهنجي ستم ظريفيءَ کي خدا جي تقدير سان ۽ فطرت ۽ خدا جي ناقابل فرار عمل سان تعبير ڪيو. ان کان پوءِ ماڻهو سياسي ميدان ۾ آمريت پسنديءَ کان سواءِ نه سوچي سگهيا. ماڻهن پاڻ کي يا ته تقدير جي حوالي ڪري ڇڏيو يا کين تلوار ۽ طاقت کان سواءِ بچاء جي ڪائي صورت نظر نه آئي. آمريت جي پاڙن تي روشني وجهڻ جي بدران سوچن جي دنيا ۾ ٽڪراءُ سان گروهي جهڳڙن ۾ ڦاسي پيا. جيڪڏهن هڪڙو گروپ سمجهندو هو ته حڪمران طبقو ان جي گروهي مفاد جو بچاءُ ڪري ٿو، ته پوءِ اهو ان جي حمايت ڪندو هو ۽ جيڪڏهن ان جو مفاد خطري ۾ پوندو هو ته اهو حڪمرانن جي سامهون مقابلي لاءِ تيار ٿي ويندو هو. ان جو آخري مثال هي هيو ته عظيم مرتبي وارن شيعا عالمن جو صفوي مطلق العنان شيعن سان گهرو تعلق هو. شيعا عالمن صفوي حڪومت کي قانوني طورصحيح قرار ڏنو هو. اسان جي سياسي فڪر جي تاريخ ۾ مطلق العناني جي فطرت تي سوال اٿارڻ ۽ ان ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تمام گهٽ ٿي آهي.
    ان عام تاريخي بحث سان آئون پنهنجي ترقي پذيري جي مسئلي تي روشني وجهندس ۽ ان سان گڏ دارالفنون جي ڏيڍ سوسال کان پوءِ جي صورتحال جي وضاحت ڪندس ته اسان اڄ پهرين قدم تي ئي ڇو بيٺا آهيون؟ تبديلي ۽ نشوونما کي فڪر جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ فڪر صرف آزاد فضا ۾ ئي پلجي ٿو. پر اسان جي تاريخ اهڙي انساني ڪردار کي ترقي ڏيڻ ۽ سمجهڻ جي اجازت نه ڏني آهي. ان ڪري فڪر، سمجهه ۽ آزدايءَ جهڙين انسان جي بنيادي خواهشن تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ انهن کي صرف نظر ڪيو ويو.
    پوين ٻن سوسالن ۾ اسان هڪ وڌيڪ مسئلي، جنهن کي خودمختاري چون ٿا ۽ هڪ گهڻي خطرناڪ ۽ تخريبي ڪردار واري طعني شاهيءَ کي منهن ڏنو آهي. هن دور ۾ نوآباديات (نئين آبادين) جا لڪيل مظاهر دنيا ۾ پکڙيل هئا، جن اسان کي نوآباديات تي منحصر طعني شاهي ڏني. طعني شاهي ان وقت اهڙي نه هئي جنهن ۾ اهو محسوس ٿئي ته اسان جي مٿان ڪا طاقت ۽ قبيلو يا قوم غالب آهي، بلڪ اها هڪ اندروني خود مختياري جي شڪل ۾ آئي. جيڪا هڪ عالمي نوآباديات پسند مفاد کي تحفظ ڏيڻ تي منحصر هئي. غير ملڪي نوآباديات پسند نظام، مادي ۽ روحاني وسيلن کي لٽڻ چاهيندا هئا. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهي نظام طعني شاهي کي هڪ فرمانبردار اسلحي جيان استعمال ڪندا هئا.
    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪو اسان ماڻهن سان ٿيو، ان جي ڪري اسان جو مزاج آزادي کي قبول ڪرڻ جي مطابق نه ٿي سگهيو. اسان ڏٺو آهي ته گذريل اڌ صدي ۾ ڪئين ڀيرا آزادي جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ زمين مناسب رهي آهي پر اسان ماڻهن انهن موقعن کي وڃائي ڇڏيو.
    25 آگسٽ 1941ع کان پوءِ جڏهن متوازن آزاديءَ جي هڪ فضا ايران ۾ تيار ٿي ته سماجي تحريڪ پهريائين اختلاف جو شڪار ٿي ۽ پوءِ ڪمزور ٿي وئي ۽ موقع پرست ماڻهن ان آزادي جو استعمال سماج ۾ رابع نظام تي اجاره داري تي قائم ڪرڻ لاءِ ڪيو. غير ملڪي هٿن سماج ۾ موجود آزادي جي فطري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سازش سٽڻ لڳا. ان بدنظمي جي حالت کي ڪجهه ماڻهن جي غداري ۽ غير ملڪي سازش اڃا وڌيڪ شهه ڏني، جنهن جي ڪري اهڙو ماحول پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار ۱۹۵۳ع جي سياه فوجي بغاوت رونما ٿي. انجام ڪار اسلامي انقلاب اسان جي تحفظ جو سامان مهيا ڪيو ۽ آزادي سان روشناس ڪيو.
    اڄ ان انقلاب جا حامي ۽ ناقد، جيڪو به سوچين پر انهن کي غير جانبداراڻي طور تي اهو مڃڻ گهرجي ته ايراني انقلاب جون ٻه واضح خصوصيتون آهن. هڪ ته اسان جي ملڪ وانگر ٻين ملڪن ۾ نوآباديات مخالف جدوجهد، اڪثر فوجي شڪل اختيار ڪندي آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ طعني شاهي کي، جنهن جو حامي سامراجي نظام هو، بندوق جي زور تي نه بلڪ عوام جي شرڪت، روشن خيالي ۽ مباحثي جي طاقت جي ذريعي بيدخل ڪيو ويو. ٻيو، انقلاب جي شروعات نه آزادي سان ٿي ۽ نه ئي اتسبداد (زور و زبر) سان. جيئن ته ان انقلاب ۾ آزاديءَ جا عنصر ايترا ته وسيع هئا جو ان جي ڪاميابي کان پوءِ ابتدائي دور ۾ ائين لڳندو هو ته هي انقلاب طوائف الموڪيءَ ڏانهن مائل هو. جيئن ته اسان جي ڪاري ماضيءَ جي دوران ظلم ۽ طعني شاهي، اسان جي ثانوي فطرت جو روپ اختيار ڪري چڪي هئي. ان ڪري اسان ان آزادي مان ڀرپور فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين. يقين سان غير ملڪي هٿ، جيڪي ٻن صدين کان اسان جي اندروني معاملن ۾ ظاهري ۽ اندروني طور تي دخل اندوزي ڪري رهيا هئا، خاموش تماشائي نه رهيا. بلڪ سازشن ۽ پنهنجن لڪيل ايجنٽن جي وسيلي اسان کي فطري طور تي آزاديءَ کان واقف ٿيڻ، ان جي فائدي کي سمجهڻ ۽ ان جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ کان پري رکيو.
    اسان جي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ڪجهه اهڙا گروه هئا، جيڪي هٿيار بند جدوجهد جي ذريعي حڪومت جو تختو انڌو ڪرڻ ۾ هر وقت مصروف هئا. ان جي ڪري هڪ تخريبي ماحول پيدا ٿي ويو ۽ سڀئي گروه هڪٻئي تي شڪ ڪرڻ لڳا. اهو فطري امر هو جو انقلاب جا اڳواڻ چپ نه ويٺا ته جيئن ۱۹۵۳ع جي تجربي جو اعاده نه ٿئي. ان لاءِ ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ اهڙن سخت قدمن کڻڻ جي ضرورت پئي جنهن سان مطلق العناني جي دٻڻ ۾ ڦاسڻ کان ملڪ کي بچايو وڃي.
    انقلاب کان پوءِ ڏوه جي نوعيت کي گهٽ ڪرڻ وارين حالتن ڪجهه ماڻهن جي لاءِ آزادي کي دٻائڻ جو بهانو مهيا ڪيو. انهن ماڻهن پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ تي مذهب جو پردو وڌو. جڏهن ته انهن جو مذهب هڪ ذهني ۽ جذباتي عادت جي هڪ سلسلي کان سواءِ ڪجهه نه هو. انهن عادتن تي آزادي جي ماحول ۾ مختلف قسمن جا سوال اٿاري سگهبا هئا. ڇو ته ڪيترائي ماڻهو اهڙا هئا جيڪي آزادي جي مطلق العناني ۽ تخريب ڪاري جي طرف وڌڻ جا ڪارڻ سمجهڻ بدران، آزادي جي مخالفت ڪرڻ لڳا. انهن ماڻهن چاهيندي نه چاهيندي آزادي کي پنهنجي مذهبي ۽ قومي مفاد جومخالف تصور ڪيو. آزاديءَ جي نالي تي امن ۽ ماحول کي بگاڙڻ ۽ مذهبي ۽ قومي مفاد جي نالي تي آزادي کي برباد ڪرڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه روپ هوندا آهن. اهي ٻئي روپ اسان جي تاريخي بيماري کي ظاهر ڪن ٿا. جنهن جو ڪارڻ صدين جي مطلق العنان حڪومت هئي. جنهن اسان جي مزاج کي اهڙو بڻائي ڇڏيو هو، جو اسان آزاديءَ کي سمجهي نه سگهون پر پنهنجي مشڪلاتن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ صرف حڪومت کي ڏوهاري قرار ڏيڻ کان اڳ، اسان کي پاڻ سمجهڻو پوندو ته آزادي ۽ حقن جا اسان ڪيترا حقدار آهيون. اڄ اسان پنهنجي يونيورسٽين اسڪولن ۽ گهرن ۾ هڪٻئي جي سامهون رواداري جي ورتاءُ جي قابل نه آهيون. بيشڪ جيستائين اسان پاڻ کي اندروني طور تي نه بدلائينداسين، ان وقت تائين اسين اها اميد نٿا ڪري سگهون ته ٻاهرين طاقت اسان جا مسئلا حل ڪري ڇڏيندي. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته آزادي جو تجربو آساني سان حاصل نٿو ٿئي. ان مسئلي جا ٻه بنيادي اصول آهن.
    سڀ کان پهرين ظلم جي اثرن اسان جي ٻي فطرت جو روپ اختيار ڪري ڇڏيو آهي. انفرادي طور اسان سڀئي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان مطلق العنان آهيون ۽ اها بدقسمت صورتحال اسان کي پنهنجي معاشري جي هرشعبي ۾نظر ايندي. ٻئي طرف اهڙي دنيا ۾ آزادي جو تجربو ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن تي نمائشي طاقتن جو غلبو آهي، جيڪي صرف پنهنجي فائدي ۽ مصلحت جي فڪر ۾ مشغول رهنديون آهن ۽ انهن طاقتن جي فائدي ۽ مصلحت جو ٻين ملڪن جي آزاديءَ سان هميشه ٽڪراءُ رهندو آيو آهي ۽ صرف پنهنجي سياسي، فوجي، اقتصادي ۽ اطلاعاتي طاقت جي اضافي جي فڪر ۾ لڳيون رهنديون آهن. جيڪڏهن آزادي جي تجربي کي اسان جي ملڪن ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته ان سلسلي ۾ اسان کي ٻاهرين ملڪن جي سازش کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
    اها جڳهه آهي جتي اسان کي متناقض صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هڪ طرف آزادي کان سواءِ ۽ ترقيءَ جو اصول ناممڪن آهي ۽ ٻئي طرف آزادي قطعي مضبوط نٿي ٿي سگهي جيستائين سماج بالغ النظر ۽ ترقي پسند نه هجي. اهڙي صورتحال ۾ آخر ڇا ڪيو وڃي؟
    منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن اسان ماڻهو فڪري اعتبار کان مخلص، غير جانبدار آهيون ته ان نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي. ڇو جو آزاديءَ کي ترقيءَ تي فوقيت حاصل آهي ۽ ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه ٿا ٿي سگهن ته آزاديءَ جي طرف ويندڙ رستي ۾ طرح طرح جا خطرا ۽ پريشانيون آهن. اها ڳالهه آئون ٻيهر عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته آزاديءَ مان منهنجي مراد فڪر ۽ خيال جي آزادي، نئين فڪر جي اظهار جي آزادي ۽ آزاد خيال مفڪرن ۽ دانشورن جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ لازمي انتظامن جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ عملي طور تي اها ڳالهه ناممڪن آهي ته ڪنهن جي سوچ کي دٻايو وڃي. پرجيڪڏهن ماحول ۾ آزاد سوچ ملي ٿي ته ماڻهن جي فڪر ۾ توازن يقيني آهي. ان سان گڏوگڏ برابري کي غلبو حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو ترقيءَ جي راه تي خود بخود قدم وڌائن ٿا ۽ جيڪڏهن ماحول ۾ آزاديءَ جي کوٽ هوندي آهي ته، مفڪر ۽ دانشور طبقو لڪيل ۽ مرموز انداز ۾ زندگي گذارڻ لڳندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو تشدد آميز ۽ ڌماڪ خيز انداز ۾ پنهنجي فڪر جو اظهار ڪرڻ لڳندو آهي. ڇو ته ان کي مفڪرانه ۽ پر امن (ڳالهه ٻولهه) گفتگو تي ان قطعي ڀروسو نه هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ آزادي ۽ قومي سلامتي جي وچ ۾ لاڳاپن جي تشڪيل به پڻ ضروري آهي، ته جيئن قومي سلامتي تي آزادي جو مثبت اثر پئجي سگهي ۽ سماجي استحڪام تي آزاديءَ جي کوٽ جو ڪو اثر نه پئجي سگهي.
    منهنجي گفتگو جو تت هي آهي ته سماج جون ممتاز ۽ دانشور شخصيتون هڪڙي نموني جي مواقفت تي پهچي وڃن جو اڄ جي زماني ۾ سڀني قومن جي لاءِ آزادي جي هڪ اڪيلي پروڪرسٽين ماڊل (Procrustean Model) جي ڳولا بلڪل بيڪار آهي. جيتوڻيڪ آزاديءَ جو روح هڪ ئي هوندو آهي. پر سماجي حالتون ۽ تاريخي تجربن جي اختلاف جي بنياد تي مختلف قومون ان کي جداجدا طريقن سان مشاهدو ڪري سگهن ٿيون ۽ آزادي جي شرطن کي سامهون رکندي مختلف واٽن ۽ ترجيحن جي چونڊ ڪري سگهن ٿيون.
    اسان هڪ اهڙو مناسب ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، جنهن سان اسان هڪٻئي جي آڏو روادار بڻجي سگهون ۽ آزادي جي باري ۾ هڪٻئي جي نظريي کي ورهايون ۽ هڪٻي جي اميدن ۽ ترجيحن کي سمجهي سگهون ۽ انهن کي قانون جي بنياد تي رکون، جنهن مان آزادي جي بقا ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙي ماحول ۾ ئي اسان جي نشونما ۽ ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي سگهي ٿي ۽ اسان جي عوام کي هڪ روشن مستقبل جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي.


    باب يارهون: اسان جو انقلاب ۽ اسلام جو مستقبل

    تهذيب جو عروج ۽ زوال ٿيندو رهندو آهي. تاريخ جي آغاز کان ئي اها لاهي چاڙهي سمبري، ڪلداني، آشوري، چيني، هندي، ايراني، رومي ۽ اسلمي تهذيب جي تقدير جو لازمي جزو رهي آهي. ان جي عروج واري نقطي کان ئي اسلام، قديم ۽ جديد تهذيب جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪيو آهي. اڄ مغربي تهذيب جو زمانو آهي جنهن جي برتري ۽ ترجيح دنيا جي هر حصي تي عيان آهي.
    جيستائين اهي ماڻهو هڪ ٻئي سان پوري طور تي بي خبر نه آهن ان وقت تائين تهذيبون هڪٻئي کي متاثر ڪنديون رهن ٿيون. امريڪا جي ديسي تهذيب پوري طور تي ان وقت تائين دنيا کان اوجهل رهي جيستائين يورپ وارن ان کنڊ کي ڳولي نه لڌو. ڇو ته جڏهن هڪ ڀيرو رابطو پيدا ڪيو ويو ته وڏين وڏين لهرن جي ڳولا ڪرڻ وارن ۽ وطن کي ڇڏڻ وارن، جن هن نئين دنيا کي فتح ۽ صحيح حال ۾ بنايو، ناڪامي ۽ نامراديءَ جو سامهون نه ڪري سگهيا. پنهنجي طاقت ۽ وسيلن جو استعمال ڪندي نون داخل ٿيندڙن نهايت بي رحميءَ سان کين محڪوم بنايو ۽ کنڊ جي قديم تهذيب کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. مغرب جي مهاجرن آمريڪا کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. اصل ۾ اتر ـ آمريڪا کي يورپي تهذيب جو هڪ طاقتور مرڪز بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
    تهذيب جي وچ ۾ ڏي وٺ تاريخ جو مڪمل نمونو آهي. آمريڪا جي انڪشاف ٿيڻ کان اڳ ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي تهذيبن جي وچ ۾ قديم دؤر کان ئي پاڻ ۾ رابطو موجود ۽ هڪ ٻئي جي وچ ۾ مختلف حصن ۾ ڏي وٺ جو عمل جاري هو. بنيادي طور تي اهي ماڻهو يوناني تهذيب کان متاثر هئا. اسلام يوناني فڪرن، خيالن ۽ فلسفي سان يورپ کي متعارف ڪرائڻ ۾ مرڪزي ڪردار نڀايو آهي. اصل ۾ اهي نيون تهذيبون ڪڏهن به نيون ناهن رهيون. جيئن ته اهي سدائين اڳئين تهذيب جي نمايان ڪارنامن تي خوشامتي ڪن ٿيون. جيڪا پنهنجي سڀني صحيح ضرورتن کي جذب ڪرڻ ۽ انهن سڀني غير ضروري شين کان بچڻ جي ڪوشش آهي.
    تهذيبن جي ظهور جا بنيادي وسيلا:
    ڪيترائي ڪارڻ، جيڪي تهذيبن جي ظهور، انهن جي ترقي ۽ تنزليءَ جي طرف اشارو ڪن ٿا، بنيادي طور تي ٻه آهن.
    ۱. انساني ذهن جو متحرڪ هجڻ
    ۲. انساني زندگيءَ ۾ نين ضرورتن جي ظهور جو لازم ملزوم هجڻ
    انساني ذهن قدرتي طور تي حرڪت ۾ هوندو آهي. اهو هميشه ڳولا ۾ مشغول رهي ٿو جيڪو نون سوالن جي غير محدود سلسلي کان ان وقت تائين ڦاٿل رهي ٿو، جيستائين ان کي جواب نه ملي. يا اهو مطمئن ٿيندو يا غير مطمئن. پر جڏهن ڪڏهن به ڳولا ڪئي ويندي آهي ته، نوان جواب اهڙي نقطهٔ نظر جي طرف سوالن سان ڀريل دنيا کڻي اچي وڃن ٿا.
    ٺيڪ انهيءَ وقت انسان پنهنجي مادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جي ڊوڙ ڊڪ شروع ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو کين ايجاد ۽ نون خيالن جي ذريعي جهان جي فطرت تي مهارت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اشارو ڪري ٿو. فطرت تي حاوي ٿيڻ جي لاءِ اختيار جو اتحاد، انساني جهان جي سجاوٽ جي لاءِ نفسياتي ۽ ماديت جي تخليق جو اختيار، اهي سڀئي شيون نين ضرورتن ۽ حاجتن کي پيدا ڪري ٿو. انساني آئين جو محرڪ ۽ جوابن جي لاءِ نتيجن جي ڳولا ڪرڻ، سوالن جي طرف زور ڏئي ٿو. انسان جون ٻه برابر بنيادي خوبيون جيڪي تبديلي جي انٽر هئڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون، تهذيبن جي عروج ۽ زوال جي ڪارڻ ٿين ٿيون. ٻئي طرف انسان، سماج ۽ فطري ڪارڻ تنزل پذير ٿين ٿا. يا تهذيبن جي اچ وڃ ۽ ڏي وٺ ۾ سرعت پيدا ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ تبديلي جي لاءِ ضرورت ۽ خواهش تمام گهڻي اهميت جون حامل هونديون آهن.
    هر تهذيب جو بنياد هڪ عالمي نقطهٔ نظر تي مبني آهي، جيڪو ماڻهن جي مزاج ۽ تاريخي تجربي جي ذريعي خودبخود تشڪيل پائيندو آهي. جيئن ته عالمي نقطهٔ نظر جو وجود ڪاميابيءَ سان بنيادي سوالن ۽ عوامي ضرورتن جي وڪالت ڪري ٿو، تنهنڪري سدائين محفوظ رهي ٿو. پر جڏهن اجتمائي شعور ۽ ماڻهن جي خواهش موجوده تهذيب جي حدن کان ٻاهر اچي ٿي ته نون فڪرن جي جستجو جو آغاز ٿئي ٿو. اڪثر اسان کي احساس ٿئي ٿو ته اسان ٻئي تهذيب جي طرف وڃي رهيا آهيون. اصل ۾ اهو هڪ لڪيل ارتقاء جو اظهار آهي. وڌيڪ ٻين سڀني تهذيبن جي زوال جي نشاندهي به ڪري ٿو.
    تهذيبن جو بحران
    جڏهن ان جي پهرين پيدائش ٿيندي آهي ته ان کان پوءِ هر تهذيب پنهنجي موت جي عروج تي بحراني حالت ۾ به پنهنجو حامي ۽ طرفدار پيدا ڪري وٺندي آهي. جهن انساني تاريخ ۾ هڪ اهڙي نئين معاهدي جو ظهور ٿئي ٿو ۽ هڪ نئين تهذيب جي ظهور جي لاءِ زمين پوريءَ طرح هموار هوندي آهي، تڏهن سماجي عمارت جو بنياد وڌو ويندو آهي. نئين تهذيب نئين شيءَ جي اچڻ جي خبر ڏئي ٿي ۽ اڪثر انقلابي رسم ۽ رواج جي اچڻ جو، پر ايندڙ تهذيب پنهنجي محفوظ ۽ ادارتي قبضي کي ترڪ نه ڪري سگهندي. تاريخي طور تي مروج سماجي رواج کي ٽوڙڻ مشڪل هوندو آهي. ڪيترائي سماج اڳئين دورن جي خوشگوار رسم ۽ رواج سان جذباتي ۽ ذهني طور تي جڙيل رهن ٿا. ان طرح جي پختي ۽ گهري رسم رواج کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ان جي جاءِ تي هڪ نئون عالمي نقطهٔنظر آڻڻ اصل ۾ هڪ تڪليف ڏيندڙ انفرادي بحران کي ترغيب ڏئي ٿو.
    بلڪل انهيءَ زماني ۾ نئين تهذيب حقيقي زندگيءَ ۾ هر دلعزيز نه رهي آهي. ان جا داخلي تضاد منظرنامي کان لڪيل رهن ٿا. ڇو ته اهي تجرباتي عمل مان نه گذريل آهن. نئين تهذيب کي ڪيترين ئي ڪوتاهين کي برداشت ۽ انهن کي پنهنجي مطابق ڍالڻو پوندو. ڇو ته اها سماجي زندگي جي حقيقتن جي اظهار ۾ … هوندي آهي. جڏهن اهو… ۽ تبديليءَ جو عمل پنهنجي تڪميل جي حد تائين پهچي وڃي ٿو تڏهن سماجي انفرادي بحران جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو.
    بحران جو ٻيو مثال، هڪڙي تهذيب جو موت، پنهنجي عروج تي ان وقت ٿئي ٿو، جيستائين با اثر عالمي نقطهٔ نظر نفسياتي، مادي ۽ مقرر ڪيل سماجي ضرورتن کان مطمئن نٿو ٿي سگهي. ماڻهو وقت ۽ پريشاني کان سواءِ تجرباتي عمل شروع ڪري ٿا ڇڏين.وڌيڪ تاريخي اعتبار کان پسنديده شرط، جن کي بنيادي اهميت حاصل هوندي آهي، انهنکي ترڪ ڪرڻ آسان نه هوندو. اها مانار جي ڪيفيت صرف تهذيبي نقاب پيش ڪري سگهي ٿي. جيڪا روح ۽ جسم کان عاري ۽ محروم هوندي آهي. وجوديت کان محرومي اهڙي شيءَ جو بنياد وجهي ٿي، جيڪا انفرادي بحران جي نماز هوندي آهي. ان بحث ۽ مباحثي جو مطلب اهو هوندو آهي ته بنيادي سوال اٿاريا وڃن. ڇا تاريخي حالتون ۽ ڪوائف اسان جي سماج ۾ زنده رهندا آهن يا ڇا ان کي بنائڻ جي لاءِ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون؟
    مغرب ۾ بحران
    واقعي اسان جو دور مغربي تهذيب جي حفاظت ۽ ان جي غلبي ۽ قبضي جو دور آهي. هيءَ تهذيب چار سؤ سالن کان گهڻي عرصي تي محيط آهي. جن دور ۾ سائنس، سياست ۽ سماجي حالتن ۾ گهڻي ترقي ۽ ترويج ٿي آهي. پر اسان کي اهو قبول ڪرڻو پوندو ته اڄ مغرب سخت بحران جي ور چڙهيل آهي. پنهنجن فڪرن، خيالن ۽ زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ ان تي بحراني ڪيفيت طاري آهي. اهي ماڻهو، جيڪي مغرب جي تهذيبي تاريخ، ان جي فلسفي، سائنس ۽ نون خيالن جي اظهار کان واقف آهن، اهي ٿورو گهڻو ان جي بحراني نشانن کي ڏسي سگهن ٿا. مغرب ۱۸ صدي ۽ ۱۹ صدي جي ڪجهه ڏهاڪن ۾ هن طرح جي وڏن بحرانن کي منهن نه ڏئي رهيو هو. ماڻهو بحران ڇا نشاندهي ڪري ٿو؟
    اهو خيال ڪرڻ هاڻي ممڪن ٿي چڪو آهي ته مغربي تهذيب گستاخ، صغيف ۽ ڪمزور ٿي چڪي آهي. هڪڙي تهذيب جي لاءِ چار صديون ڊگهو عرصو هوندو آهي، جيتوڻيڪ اهو ممڪن آهي ته ماضيءَ ۾ ڪجهه تهذيبون ان کان به گهڻي وقت تي مشتمل رهيون آهن، پر سائنس، ٽيڪنالوجي ۽ اليڪٽرانڪ مواصلات ۾ جهڙوي رفتار سان هن دؤر ۾ واڌ ٿي آهي، ان کان اڳ ڪنهن به تهذيب ۾ نه ٿي سگهي آهي. تهذيبن جي ابتدا کان وٺي موجوده دؤر تائين مغرب جي زندگي گذارڻ جي نموني تي مختصر بيان نٿو ڪري سگهجي ۽ مغربي تهذيب کي قديم تصور ڪرڻ مبالغو نه ٿيندو.
    مغرب بحران کان موت تائين
    هن سوال جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. ڇو ته بحران ڪڏهن محدود ۽ عارضي هوندو آهي۽ اهو اڪثر تهذيب ۽ تمدن جي درميان پيدا ٿيو آهي. جنهن ڪنهن به مڪمل طور تي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي طاقت ۽ صلاحيت جو اظهار ڪيو آهي، اهو بحران کان محفوظ رهيو آهي. مثال جي طور تي ۱۹ صدي ۾ يورپ پنهنجي سڀني بحرانن تي قابو پائڻ ۾ پوري طرح ڪامياب ٿيو هو.
    سرمائيدارڻو نظام، جيڪو مغربي تهذيب جي مستقبل جي ڪنجي پيش ڪري ٿو ۱۹ صديءَ جي آخري اڌ ۽ ٻئي مهاڀاري لڙائيءَ، جيڪا ۲۰ صديءَ جي شروعاتي اڌ ۾ ٿي هئي، مغرب کي گهڻين ئي مشڪلن کي منهن ڏيڻو پيو هو. پر مارڪسي نظام بروقت ان کي بچائي ورتو. مغربي ملڪ پنهنجي ذهني يڪسان ساخت کي جديد بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
    حمايت جي دعويٰ پيش ڪرڻ جي باوجود مارڪسي نظام هڪ غير عملي ۽ غير حقيقي فلسفي جو حامل هو. مختصر طور انهن سڀني خامين ۽ غير موزونيت جي ڪارڻ کان ئي اهو نظام گهڻن ڏينهن تائين زنده رهي نه سگهيو. اهو پنهنجي ڪوڙي مشهوري جي بنياد تي فقط ستر سال ئي باقي رهيو. اڃا تائين مارڪسي نظام هڪ مستحڪم ۽ جامع فلسفي کي پيش نه ڪيو آهي. اهو سرمائيداراڻي نظام سان لاڳاپيل بيمارين جي سڃاڻپ ۾ غير معمولي مهارت رکندو هو. هڪ ماهر طبيب هو. ڇا مارڪسي نظام مغرب کي پنهجي جهوليءَ جي تقاضي جي مطابق ڳولڻ ۽ پنهنجي سماجي، معاشي ۽سياسي نظام کي نئي سري سان شروع ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪيو آهي. مغرب جي لاءِ حڪمت جي ڪنجي اها هئي ته پنهنجي پراڻي نوآبادياتي نظام کي بدلائي، جيڪو نئين نوآبادياتي نظام سان گڏ عالمي انتشار ۽ ڌماڪي جي لاءِ ٻج ڇٽي رهيو هو.
    پر موجوده بحران ڇا آهي؟ ڇا مغرب ان پريشانيءَ جي پري کان محفوظ گذري سگهي ٿو؟ اسان حتمي طور تي پيشن گوئي نٿا ڪري سگهون، پر وضاحت جي لاءِ اسان کي انساني فڪر ۽ تحقيق آزادي ڏئي ٿي.
    وڌيڪ اسان حقيقي علمي ثبوت گڏ ڪري سگهون ٿا. ان بنياد تي اسان هڪڙي اصول ۽ نظريي تي پهچي سگهون ٿا. اهو معروضي ۽ بهادراڻو ادارو ان جي لاءِ هڪ اهم ذميداري آهي.
    بحران جي لاءِ مغرب جو ترياق (دوا)
    مغرب اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، جنهن کي هو هن صديءَ جي ابتدا ۾ ئي آزمائي چڪو هو ۽ جيڪو گذريل بحران کي ناڪام بنائڻ ۾ پڻ سهڪاري ۽ مددگار ثابت ٿي هئي. قديم نوآبادياتي نظام جي اصول ۽ ضابطي ۾ اصلاح ۽ اضافي جي وسيلي هڪ دوکي سان ڀريل جديد نوآبادياتي نظام کي واضح ڪيو ويو. جملي جديد عالمي نظام موجوده بحران کي روڪڻ جي لاءِ مغرب جو نئون منصوبو آهي. جيتوڻيڪ ان جو بنياد لڏي چڪو آهي.
    آمريڪا پنهنجي پاڻ کي جديد عالمي نظام جي محافظ جي طور تي پيش ڪري ٿو ۽ اهو جديد نوآبادياتي نظام کي نئين دور جي لاءِ موزون ۽ مناسب بنائڻ تي گهڻي توجهه ڏئي ٿو. ان تبديليءَ جي پويان جيڪو منطق ڪارفرما آهي، اهو ائين ئي آهي جيڪو قديم نوآدياتي نظام کان جديد نوآبادياتي نظام جي طرف منتقل ٿيو آهي. ٻيا به ثبوت آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته موجوده مغربي تهذيب پراڻي ۽ بيڪار ٿي چڪي آهي. پر هاڻي سوال اهو به آهي ته ڇا واقعي اها پراڻي ۽ بيڪار ٿي چڪي آهي؟ ان تي غور ڪرڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هاڻ ان جو مستقبل ڇا هوندو؟
    اسان جي انقلابي سماج ۾ بحران
    اڄ اسان جو معاشرو هڪڙي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو بحران ڪنهن حد تائين عالمي حالتن جي ڪري آهي، پر اهو مغرب جي بحران کان مختلف آهي. اسان پنهنجي انقلاب جي ذريعي مغرب جي تسلط کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي انقلاب اسان کي پنهنجي اندر جهاتي پائڻ تي راضي ڪيو. اسان پنهنجي آزادي ۽ پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان طرح اسان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حلقن ۾ ڪافي اڳيان آهيون. ڇا اهو ممڪن آهي ته مغرب جي مضبوط چنبي ۾ ٻيهر ڦاسي پونداسين؟ اها ڳالهه ان تي منحصر آهي ته اسان مستقبل ۾ ڪهڙو رستو اختيار ڪريون ٿا ۽ مغرب جو پنهنجو مقدر ڪهڙو ٿئي ٿو. ايران ۽ اسلامي دنيا تاريخ ۾ اسلامي انقلاب هڪ يادگار گهڙي هئي ۽ اسان پنهنجي انقلاب جي باري ۾ بجا طور تي چئي سگهون ٿا ته ان جي ڪري اسان مغربي قدرن جا قرضدار هئڻ کان سواءِ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي اسان جي فڪرن ۽ خيالن تي غالب ۽ حاوي هئا. پنهنجي سماج جي انتظام جي لاءِ هڪڙي نئين عمارت جو بنياد وڌو آهي.
    اسان جي انقلاب هڪ اهڙو نظام پيش ڪيو، جيڪو مذهبي بنياد تي ٻڌل آهي. ان ڪري اسان جي سماج ان کي جوش ۽ جذبي سان قبول ڪيو ۽ ان عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري بندوبست به ڪيو آهي. اڄ اسان ماڻهو جنهن بحران کي محسوس ڪري رهيا آهيون، ان تي قابو پائي سگهون ٿا. ان شرط سان ته ٻاهرين شناخت کي پاسيرو رکندي هڪ نئون نظام ۽ نئون طريقو اپنايون. اسان جو موجوده بحران ئي هڪ نئين بحران کي جنم ڏئي ٿو. جيئن ته مون پهرين به ذڪر ڪيو آهي، اسان جي نئين تهذيب هاڻي وجود جي ويجهو آهي.
    اسان ان بحران جو مقابلو گهٻراهٽ سان نٿا ڪري سگهون. اسان کي ان بحران کي همٿ ۽ سياڻپ سان قبول ڪرڻو آهي. اسان کي هن نئين دور جي آغاز جو بنيادي تاريخي سوال معلوم آهي. هاڻي اسان ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ آرزو ۽ خواهش ڪري سگهون ٿا.
    اسان پنهنجي زندگي اسلام جي ارڪان جي مطابق گذارڻ چاهيون ٿا ۽ اسان اسلامي تهذيب کي اپنائڻ جي خواهش پڻ رکون ٿا. اهڙي وقت ۾ جڏهن مغربي تهذيب پنهنجي آخري دور مان گذري رهي آهي ته اسان کي اهو سوال پڇڻ گهرجي ته ڇا اسلامي تهذيب جو هڪڙي دفعي وجود ٿيو هو ۽ صديون اڳ ختم به ٿي ويو؟ هڪڙي تهذيب جي خاتمي جو اهو مطلب نه هوندو آهي ته اسان ان جي بنيادي فڪرن، اعمالن ۽ تصنفين تي گهڻن ڏينهن تائين نٿا هلي سگهون. ڇا اهو قانون اسان جي تاريخ تي لاڳو نٿو ٿئي؟ ڇا اسلامي تهذيب جي اچڻ ۽ وڃڻ جو اهو مطلب آهي ته اسلام جو اهو دور هاڻي باقي ناهي رهيو جنهن اسلامي تهذيب جي لاءِ بنياد مهيا ڪيو هو؟
    جيڪڏهن ان سوال جو هي هاڪاري جواب آهي ته ڇا اسان جو انقلاب بي فائدو نه رهيو، ڇو ته هر اها روايت ۽ قانون جيڪو تهذيبن جي نشونما ۾ سهڪاري ۽ مددگار آهي، ان جا اسان مخالف آهيون؟ اهو هڪ اهم سوال آهي جيڪو اسان جي انقلاب کي جهنجهوڙي ٿو. جيڪڏهن اسان عقل ۽ معروضي انداز سان رسائي حاصل نٿا ڪريون ۽ وڌيڪ ان اهم مسئلي جو مضبوط حل نٿا ڳوليون ته اسان جي انقلاب کي وڏي خطري کي منهن ڏيڻو پوندو.
    منهنجي ذڪر ڪيل سوالن جو جواب جيڪڏهن ناڪاري آهي ته آئون ان جواب سان ان ضابطي کي نظرانداز نٿو ڪرڻ چاهيان، جيڪو مون تهذيبن جي لاءِ تجويز ڪيو آهي. آئون پنهنجي مذهبي نقطهٔنظر جي بنياد تي يقين رکان ٿو ته قانون مضبوط هوندا آهن.
    جيڪڏهن گهڻين ئي يادگاري نعمتن، ڪاميابين ۽ برڪتن جي باوجود اسلامي تهذيب تي سج لهي چڪو آهي ۽ مذهب جو هڪ مخصوص رنگ ۽ روپ، جيڪو ان دور جي لاءِ موزون ۽ مناسب هو، ختم ٿي چڪو آهي ته ان جو هرگز اهو هطلب نه آهي ته خود مذهب جو دور ختم ٿي چڪو آهي.
    ان ۾ هڪڙي سڀ کان وڏي مشڪل اها آهي ته مذهبن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي. ان ۾ هڪ خاص مذهب جا فڪر ۽ خيال هڪ مخصوص دؤر ۾ بغير ڪنهن شڪ ۽ رد ڪرڻ جي پروان چڙهندا رهيا. فطري طور تي وقت جي گذارڻ سان گڏوگڏ ان خاص مذهب جا فڪر ۽ خيال ۽ ان جا اثر محدود ۽ منزوڪ ٿيندا ويا. اصل ۾ اهو مذهب جي هڪ دؤر جو خاتمو ٿيو آهي. پر مذهب ان تهذيب ۽ تمدن کان مٿانهون ۽ اعليٰ آهي جنهن کي اهو پيدا ڪري ٿو.
    تهذيب خاص ضرورتن ۽ ماڻهن جي شڪن ۽ شبهن کي هڪ خاص وقت ۽ خاص جڳهه ۾ پيش ڪري ٿي. جڏهن حالتون ۽ وقت بدلجي وڃن ٿا، تڏهن نوان سوال جنم وٺن ٿا جيڪي هڪ نئون حل چاهين ٿا. اهڙيءَ طرح هڪ نئين تهذيب جي ضرورت پيش اچي ٿي.
    ٻئي طرف مذهب اهڙن دائمي سوالن تي روشني وجهي ٿو ۽ انسانيت جي لاءِ عام ۽ نه کٽندڙ رستو هموار ڪري ٿو. خراب ۽ نامناسب حالتن جي باوجود به زندگيءَ جي لاءِ هڪ رخ طي ڪري ٿو. مذهب انسان جي صلاحيتن کي بلندين تائين کڻي وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي مختلف تاريخي دؤرن ۾ به انهن جي فڪري ذميداري کان باخبر رکي ٿو.
    ان طرح جيڪڏهن اسان سوچون ته مذهب تهذيب ۽ تمدن جي برابر آهي، تڏهن ان جو مطلب واضح ۽ روشن ٿي وڃي ٿو. ڇو ته تهذيب جي زوال سان ئي مذهب جو به خاتمو ٿي ويو. پر جيڪڏهن اسان اهو مڃي وٺون ته مذهب تهذيب ۽ جماعت جي خاص اصولن کان مٿانهون آهي، تڏهن اسان کي مختلف معنيٰ ٻڌائي ٿو. اهو مختلف تهذيبن جي نشوونما ۾ سهڪاري ۽ مددگار هوندو آهي. انساني زندگيءَ ۾ جيڪي ضروري تبديليون رونما ٿينديون آهن، ان سان مذهب تي ان قدر اثر مرتب نه ٿا ٿين.
    جيڪڏهن اسان انهيءَ نقطهٔنظر سان ڏسون ٿا ته اسان ڄاڻون ٿا ته مذهب جو بنياد اثر ڪندڙ آهي ۽اهو ڪنهن به دؤر ۾ سوالن جو جواب ۽ ضرورتن جي پورائي ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته پراڻي اسلامي تهذيب ختم ٿي چڪي آهي. جڏهن مذهب جون پاڙون گهڻيون مضبوط هونديون آهن ته هڪڙي نئين تهذيب جنم وٺي ٿي. ان عام تعارف سان آئون انهن اهم مسئلن کي پيش ڪرڻ چاهيندس جيڪي اڄ اسان جي معاشري کي درپيش آهن.
    مذهبي حڪومت جي نظام کي مضبوط بنائڻ جو اسان جو بهترين خواب سماج جي مستقبل جي لاءِ خلاءُ ۾ حاصل نٿو ڪري سگهجي. عالمي برادريءَ کي گڏ وٺي هلڻ کان سواءِ اسان پنهنجي خيالن کي عملي جامو نٿا پارائي سگهون.اسان اهڙي وقت هن اهم ڪم کي ڪيو آهي جڏهن دنيا تي مغربي تهذيب جو قبضو آهي. اسان ماڻهن کي اها ڪوشش جاري رکڻي آهي، ته جيئن اسان مغربي تهذيب جي قبضي مان آزاد ٿي سگهون. اهو فطري امر آهي ته اسان مغرب سان مقابلو ڪريون، ان مقابلي جو نتيجو اسان جو مستقبل طئي ڪندو.
    مغرب جا ٻه چهرا
    مغرب ٻن چهرن کي پيش ڪري ٿو. هڪ سياسي ٻيو دانشوراڻو. ان جي سياسي رخ سان مغربي تهذيب جو ٻاهريون روپ نظر اچي ٿو. مغربي تهذيب جي عالماڻو ۽ دانشوراڻو بنياد عالمي نقطهٔنظر جي وضاحت ڪري ٿو. اسان کي انهن ٻنهي جي وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ پوندو.
    مغرب سياسي، معاشي، فوجي، دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي طاقت جي فائدي کي پنهنجو محور ۽ مرڪز بڻايو آهي. ان جي لاءِ هن پروپيگنڊا جي طور تي مواصلاتي ساز ۽ سامان جو سهارو ورتو ته جيئن دنيا جي معاشي نظام تي ان جو قبضو ۽ دٻدٻو ٿي سگهي. وڌيڪ هن ان ڳالهه جي به ڪوشش ڪئي ته دنيا جي پوري معاشي نظام تي مغرب جو ڪنٽرول هجي.
    مغرب جي ترقي يافته نظام ۽ ادارن پنهنجي سياسي طاقت جو جواز پيش ڪري، دنيا جي معاشي ترقيءَ ۾ پنهنجي حصي کي يقيني بڻائڻ جي لاِءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. مغربي سرامائيداراڻي نظام ۾ فوج جي وڏي اهميت آهي ۽ فوجي معاهدو اسان جي بنسبت اوڏانهن گهڻو عام آهي ان لاءِ ان اها دعويٰ پيش ڪئي ته مغرب کي فوجي طاقت جي استعمال جو حق اڃا به باقي آهي. بلڪه انهن جو مقصد اهو هوندو آهي ته هو پوري انساني برادري کي باخبر ڪري سگهن ته انهن جو اهو عمل پوري انسانيت جي لاءِ ستائش جي قابل آهي. قديم زماني ۾ استعماري طاقتن، تهذيب ۽ تمدن جي نالي تي، انسانيت جو قتل عام ڪيو هو ۽ اڄ به جمهوريت، انساني حقن ۽ آزاديءَ جي نالي تي انسانيت جو ڳلو دٻائي رهيون آهن.
    اهڙي حالت ۾ اسان جي ڪوشش جو محور ۽ مرڪز پهرين پنهنجو پاڻ کي خود ڪفيل بنائڻ ۽ صلح ۽ مصلحت جي طربقي تي اڳيان وڌڻ آهي. تڏهن ئي، جيڪي اسان هڪڙي ڏينهن اسان ضرور انهن قوتن جو مقابلو ڪري سگهنداسين ۽ اها شيءَ اسان جي وس کان ٻاهر جي ڪونهي، بلڪه اسان کي الله تعاليٰ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. ان کان هدايت طلب ڪرڻي پوندي. هڪ ڏينهن ايندو جو اسان پنهنجي وڃايل شيءَ کي پنهنجي انقلاب جي ذريعي ٻيهر حاصل ڪري وٺنداسين.
    اسان کي پنهنجي قوم تي پڪو يقين آهي. قوم جي آسري تي ئي پنهنجي آزاديءَ جي خواهش کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪري سگهون ٿا. اسان کي مربوط انداز ۾ دشمن جي مخالفت ڪرڻي پوندي، جن وٽ انساني قدرن جي کوٽ آهي. اهڙيون سڀئي قومون، جيڪي آزاديءَ جي نشي ۾ آهن انهن کي دشمن منافقاڻي رويي، ظلم ۽ زيادتي ۽ ڏوهن مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو.
    اسان اهو نٿا سمجهون ته مغرب پنهنجي سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تهذيب جو سهارو وٺڻ بند ڪري ڇڏيندو. مغربي تهذيب صرف سياست تائين محدود ڪونهي بلڪه ان جون پاڙون مضبوط آهن، اهو سوچڻ سمجهڻ جو هڪ نظام آهي، ان ڪري اسان کي ان تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سوچڻو آهي. اسان ان جو مقابلو پنهنجي فلسفي ۽ اخلاق سان ڪنداسين ۽ اسان جو اهو عمل هڪڙي سياسي دشمن جي طور تي نه هوندو، بلڪه مصلح ۽ مدبر جي حيثيت سان هوندو. مغرب جو مقابلو ڏاهپ ۽ عقل سان ٿيندو. نفرت ۽ عدوات ۽ جذباتي نعرن سان نه ۽ اسان جو اهو عمل توڙي ذاتي شڪست هجي يا مؤثر قدم.
    طاقت جو استعمال فوجي لڙائي، سازش يا سياسي ڀڃ ڊاهه جي لاءِ ته ٺيڪ آهي، پر نظرثاني ۽ تمدني معاملن ۾ فوجي حفاظتيءَ ڪوالٽي ذريعن جو استعمال، مخالفن جي رد عمل کي وڌيڪ هوا ڏيندو. اسان کي پنهنجي مخالفن جي اعتراضن جو جواب عقليت ۽ روشن خياليءَ تي ٻڌل مضبوط ۽ طاقتور جوابي دليلن سان ڏيڻو پوندو. اسان فقط جامع ۽ پرڪشش فڪر جي ذريعي ئي ان قسم جي خطرن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان ۾ ان طرح جي منطق ۽ علم جي کوٽ آهي ته اسان جي پهرين ڪوشش اها هئڻ گهرجي ته اسان انهن کي حاصل ڪريون. سلام اسان کي ان طرح جي صلاحيت مهيا ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ڪجهه مسلمان ان کان ناواقف آهن ته اها انهن جي ڪمي آهي نه ئي اسلام جي.
    جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو الله نه ڪري، پنهنجي اڪثر خيالن کي اسلام تي مسلط ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان کي الله جي مذهب جو نالو ڏين ٿا ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن ۾ پنهنجن مخالفن جي اعتراضن جو جواب ڏيڻ جي صلاحيت نه آهي، انهيءَ جي ڪري اهي شدت پسنديءَ تي تيار ٿي ويندا آهن. مارڪٽ مان انهن جو مقصد ته پورو نه ٿي رهيو آهي، پر اسلام کي نقصان ضرور پهچي رهيو آهي.
    اسان مغرب جي مخالفت ان نيت سان ڪريون ٿا ته اسان ان جي سياسي، ذهني، تهذيبي ۽ معاشي قبضي کان آزاد ٿي سگهون. ڇو ته مسلمان جي حيثيت سان اسان جا خيال ۽ اسان جا قدر انهن کان مختلف آهن. تنهنڪري اسان وٽ پنهنجي اختلافن جي نڪتن ۽ مخالفن جي قبضي کي سمجهڻ جي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته اسان مغرب جو باريڪ بينيءَ ۽ مغروضي نقطهءَ نظر سان مطالعو ڪريون ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
    ان سلسلي ۾ اسان کي ان ڳالهه کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو ته مغربي تهذيب جو بنياد آزاديءَ جي تصور تي قائم آهي ۽ اها اهڙو قدر آهي، جنهن کي تاريخ جي هر دور ۾ مستحسن قرار ڏنو ويو آهي. اسان کي اهو مڃڻو ئي پوندو ته مغرب وچئين دؤر کان جديد دؤر ۾ داخل ٿيندي، پنهنجين سوچن، پنهنجي سياست ۽ معاشرتي زندگي جي ڪيترن ئي وهمن جي بندش کان آزاد ٿي ويو آهي. هن اسان کي مختلف استحصالي روايتن Traditions کان به نجات ڏياري آهي. مغرب ان رجعت پرست فڪرن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ان مذهب جي نالي جو سهارو وٺي ڪري عوام تي مسلط ڪري ڇڏيو هو. هن رجعت پسندي حڪومت جي غلاميءَ جي زنجيرن کي به توڙي ڇڏيو آهي. اهي اهڙا مثبت قدم هئا جيڪي تخليقي لياقت کي اوتيت ڏين ٿا. پر ان جي باوجود انساني آزاديءَ جي طرف ان جو نقطه ٔ نظر سخت ۽ هڪ طرفو آهي. جنهن جي ڳري قيمت اڄ تائين انسانيت کي ڏيڻي پئجي رهي آهي.
    مذهب جي بچاءُ جي لاءِ جيڪڏهن اسان مغرب سان منهن اٽڪائي رهيا آهيون، ان جي مخالفت ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ عوام جي آزاديءَ تي پابندي لاڳو ڪري رهيا آهيون ته اها هڪ وڏو تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهو ٿو. نه ته تخليقي لياقت جي روايت ان جي متحمل ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي اسلام ان جي اجازت ڏئي ٿو. پر جيڪڏهن اسان انسان جي آزادي جي مغربي تصور کي تنقيد جو نشانو بڻائي ان کي رد ڪري رهيا آهيون.
    بيشڪ اسان کي آزاديءَ جي مغربي تصور سان اختلاف آهي. اسان جي خيال ۾ نه ته آزاديءَ جو مغربي تصور مڪمل آهي ۽ نه ئي انسان جي خوشحاليءَ جو ضامن. مغرب پنهنجي تاريخي ماحول ۽ فڪر ۾ ان قدر ٻڌل آهي جو انسان جي آزاديءَ جي غلط تصور جي ڪري جيڪو بحران پيدا ٿي رهيو آهي، ان کي هو نٿو ڏسي سگهي. جيڪڏهن اسان ٻاهر کان مغرب جو مطالعو ڪريون ته ان نڪتي کي آسانيءَ سان معروضي انداز ۾ سمجهي سگهون ٿا. پر ان مقصد جي لاءِ دانشوراڻي ڪوشش ۽ علمي لياقت جي ضرورت پوندي.
    مغرب جا فائديمند تجربا
    جيئن ته آهستي آهستي مغربي تمدن بيڪار ۽ ڪمزور ٿي رهيون آهي. انسانيت اڄ پنهنجي مستقبل جي لاءِ هڪ نئين بصيرت جي متلاشي آهي، ۽ هڪ اهڙي تمدن جي انتظار ۾ آهي، جيڪو ان جي مادي ۽ روحاني ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. پنهنجي اسلامي انقلاب جي ذريعي اسان هڪ نئين نظام جي تشڪيل جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو مغربي دنيا ۾ رائج قدرن ۽ بصيرت کان بلڪل مختلف آهي. ڇا اسان اها دعويٰ ڪري سگهون ٿا ته اسان جي اسلامي انقلاب سان انساني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي؟
    جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته، ڪوبه تمدن پنهنجي اڳئين تمدن جي اثرن کان آزاد نٿو رهي سگهي. انسان جو ذهن پنهنجي خطرن جي اعتبار کان ائين هوندو آهي جو ماضي جي تجربن ۽ علمن کان ان جو تعلق اوچتو ۽ مڪمل طور تي نٿو ڪٽجي. انساني ارتقاء جو راز ان حقيقت ۾ لڪيل آهي ته هڪ نسل جتي پنهنجي ڪاميابيءَ کي ڇڏيو، ٻئي نسل ان کي اتان کان شروع ڪيو. جيڪڏهن سڀئي نسل هڪ ئي مقام کان شروع ڪن ها ۽ ٻئي مقام تي ختم ٿين ها ته انسان به مکين جيان زندگي گذارڻ تي مجبور ٿئي ها. انسان ۽ ٻين مخلوقن ۾ اهو ئي فرق آهي ته انسان پنهنجي ماضي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندو آهي ۽ ان کي سڌاريندو آهي ۽ پنهنجي ڪاميابين کي ايندڙ نسل جي لاءِ ڇڏي ويندو آهي. اهو عمل انساني نسل جو زمين تي داخل ٿيڻ کان اڄ تائين جاري آهي. تنهنڪري انساني ارتقاء جي ڪائي حد مقرر نٿي ڪري سگهجي.
    تهذيب، جيڪا انسان جي دانشوراڻي، جذباتي ۽ عملي ڪاوشن جو ثمر آهي، انهيءَ طرح ڪم ڪري ٿي. هڪ نئين تهذيب جي تشڪيل جي لاءِ هڪ لچڪدار فڪر اهو آهي، جيڪو پنهنجي اڳ واري تهذيب جي مثبت پهلوئن کي اپنائي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري.
    اسان پنهنجي عوامي انقلاب جي ذريعي هڪ اسلامي نظام جي تشڪيل جا خواهشمند آهيون. اسان پنهنجي انقلاب جي ذريعي هڪ جديد تهذيب جي تشڪيل جي باري ۾ انهيءَ وقت سوچي سگهون ٿا، جڏهن اسان ۾ مغربي تهذيب جي مثبت ۽ منفي پهلوئن جي پرک جو مادو موجود هجي ها، جو انهن کي پنهنجي ضرورت جي مطابق قبول ۽ رد ڪري سگهون. جيڪڏهن انهي رد ۽ قبول جي صبر ڪندڙ مرحلن مان ڪاميابيءَ سان گذري وياسين ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.
    جيڪڏهن اسان کي مغرب جي مثبت قدرن کي قبول ڪندي، ان جي منفي قدرن کي رد ڪرڻو آهي ته ان کان علاوه ٻي ڪائي تدبير نه آهي جو سڀ کان پهرين مغربي تهذيب کي حقيقي ۽ مجموعي طور تي سمجهيو وڃي. ان جي خوبين کي قبول ڪرڻ ۽ خامين کان پري رهڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته ديانتداري ۽ معروضي طور تي ان جو مطالعو ڪندي اسلامي انقلاب تي ئي ڀروسو رکون. ظاهر آهي ته اهو نقطهٔنظر مغرب جي طرف ان بي لچڪ سياسي جائزي کان مختلف آهي، جيڪو سياسي ۽ غير سياسي مغرب جي امتياز جي سمجهه کان قاصر آهي. اڻڄاڻائيءَ ۾ ئي صحيح، ان سان قوم ۽ اسلامي انقلاب ٻنهي جي مفاد کي نقصان پهچي رهيو آهي. هتي فقط خود احتسابي ۽ عقليت تي ٻڌل معروضي نقطهٔ نظر ئي مؤثر ثابت ٿي سگهي ٿي نه ئي نفرت سان ڀريل مڪالما ۽ مارڪٽ.
    اسان جي انقلاب جون مشڪلاتون
    اصل ۾ اسان جي اسلامي انقلاب جي ڪري دنيا جي مختلف علائقن ۾ غير معمولي تبديليون ظاهر ٿيون آهن. ان انقلاب جو ذريعو هئڻ جي ڪري سڀ کان گهڻو اسان ئي متاثر ٿيا آهيون. اهو انقلاب هڪ وڏو ۽ ڏکيو مشن آهي، جيڪو اسان کان وڌيڪ بصيرت ۽ دورانديشي سان گڏوگڏ صبر ۽ تحمل جو به مطالبو ڪري ٿو.
    جيتوڻيڪ اسلام پنهنجي پيروڪارن جي اجتماعي شعور، فڪرن ۽ قدرن سان گڏ صدين کان ثابت قدم آهي، پر اسان جي انقلاب ان کي موجوده سياسي ۽ سماجي ماحول سان يڪسان ڪيو. ان دوران انهن نئين تبديلين جي ڪري ئي نوان چينلنج اسان جي آڏو آيا آهن. پهريون اسان جي عوام جون اميدون، ٻيو مخالفن جي دوکيبازي ۽ سازشون ۽ ٽيون معاشرتي فساد.
    اسان سڀ کان پهرين اسان عوام جي اميدن جو جائزو وٺنداسين. هاڻي جڏهن ته نون فڪرن ۽ خيالن تي ٻڌل نئين نظام حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي آهي ته ماڻهن جون اميدون به وڌي ويون آهن ۽ اهي ماڻهو ان ۾ گهڻا حق تي آهن، جن هن نظام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. انقلاب کان اڳ عوام جو اميدون گهڻيون نه هيون. ڇو ته اسان جي معيشت تهذيب، سياست ۽ تعليمي نظام تي اسان جي دشمنن جو قبضو هو. اسان کي اهو يقين ڏياريون ويندو هو ته اسان پنهنجي قسمت جا فيصلا خود نٿا ڪري سگهون. پر هاڻي هڪ اسلامي ۽ آزاد حڪومت اقتدار ۾ اچي وئي آهي. ملڪ جا سڀئي وسيلا ان حڪومت جي هٿن ۾ اچي ويا آهن ته عوام جو اهو حق آهي ته اهي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو مطالبو ڪن.
    عوام اها خواهش ظاهر ڪري ٿي ته نئين نظام ۾ سندن زندگيءَ کي ڪيئن منظم ڪيو وڃي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت جي ضمانت ڪير ڏيندو. اهي اهو به ڄاڻڻ چاهين ٿا ته سائنس ۽ ٽيڪنڪ، سماجي انصاف ۽ عدل سان گڏ، هن نظام جون پاليسيون ڪهڙيون هونديون؟
    ڪجهه اميدون يقيناً غير حقيقي آهن. ڪابه حڪومت رات وچ ۾ ڪو معجزو ڏيکاري سڀني مسئلن جو حل نٿي ڳولي سگهي. نه ئي اهي مطالبا پنهنجن وسيلن جي حقيقي تجزئي تي ٻڌل آهن. ظاهر آهي ته غير حقيقي بصيرت سان گڏوگڏ غير عملي سوچن ان قسم جي غير مناسب اميدن کي ترجيح ڏني آهي. پوءِ به حڪومت ۾ صلاحيت هجڻ گهرجي ته اها عوام جي ضرورتن کي پورو ڪري ۽ انهن جي نظرين ۽ اميدن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ رستو هموار ڪري. جيتوڻيڪ سڀني اميدن کي پورو ڪرڻ ممڪن ڪونهي ۽ حقيقت به اهائي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي اهو يقين ڏياريو وڃي ته اسان جو مقصد ان طرح جي زندگيءَ کي اوليت ڏيڻ آهي. جنهن ۾ ان جي مادي ۽ روحاني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي.
    اسان جي معاشري کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته انقلاب، جيڪو ڪجهه ان کي ڏنو آهي ۽ ان کان جيڪا اميد رکي ٿو، ان جا پنهنجا سڀئي انساني وسيلا ۽ ان جي نعمتن ۽ ڪاميابين کي استعمال ۾ آڻي ماڻهن ۽ سماج، ٻنهي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. اسان جي معاشري کي اهو به سمجهي وٺڻ گهرجي ته اسان جو نظام پنهنجن مخالفن جي بي عزتي جي لاءِ به نه آهي. عوام جي حقيقي اميدن، سرڪاري حاڪمن ۽ اعليٰ طبقي کي پنهنجي ڪم جي بجاآوريءَ جي لاءِ غير معمولي دٻاءُ وڌو آهي. اسان جا دشمن انهن اميدن کي اڃا وڌائڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيا آهن.
    ٻيو، مخالفن جو فريب ۽ سازش
    اسان جي ڪامياب انقلاب کان اڳ اسان جي مخالف مڪتبهٔ فڪر سان نظرياتي طور تي ڪيترائي اختلاف هئا. ان وقت اهي معرڪا آسانيءَ سان انجام تي پهچندا هئا ڇو ته ڪابه حقيقي مزاحمت نه هئي.
    انقلابي نظام کي ختم ڪرڻ جي سازش جاسوسي، معاشي دٻاءُ، اسان جي عوام ۾ نااميدي ۽ مايوسيءَ جو وڌڻ، اسان جي ڏکيائين کي سرڪاري نظام سان منسوب ڪري ڇڏڻ ۽ اها دعويٰ ڪرڻ ته اهو نظام عوامي مشڪلن جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ ان حد تائين ڪوشش ڪرڻ ته فوجي طاقتون انقلاب بلڪه ان جي بنياد کي ئي ڪڍي اڇلائين. سموريون سرگرميون مخالف طاقتن جون هميشه کان رهيون آهن، جن ۾ انهن جو مفاد لڪيل آهي. ڇو ته انهن کي هن نئين نظام کان خوف ورتل آهي. اڄ جي دؤر ۾ اسان جي عظيم ملڪ کي هر طرح جي سازشن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي حالتون انهن خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ، جيڪي غير ڏيهي دشمنن جا پيدا ڪيل آهن يا انهن پرڏيهي ماڻهن جا جيڪي ان جي پويان خواهشمند آهن، اسان کي ان ڳالهه تي مجبور ڪن ٿا ته اسان پنهنجن معمولي ذريعن تي ئي رهون.
    سيڪيولر دانشور
    اسان جو معاشرو هڪ مذهبي سڃاڻپ رکي ٿو. شيعت جي تاريخ جي پوري دؤر ۾ عالمن کي سماجي خرابين جي خلاف جاڳائڻ، ظلم جي خلاف وڙهڻ تي اڀارڻ ۽ انهن جي مذهبي شناخت جي ڪري انهن کي بيدار رکڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جي تاريخ ۾ اسلام سدائين ماڻهن کي مذهبي عقيدن ۾ سماجي انصاف جي طرف پنهنجي لڳاتار دعوتن جي ڪري عوامي مذهبي رهنمائن سماج جي هڪ بهترين نبض شناس طبيب جي حيثيت سان پنهنجي خدمت سرانجام ڏني آهي.
    ان جي ڪري مسلمان معاشري جي اندر مذهب جو منفي نظريو ڪڏهن به پلجي نه سگهيو. اولهه جو سماج ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اتي بدمذاق ۽ غلط سکيا ورتل مذهبي اڳواڻن، ماڻهن کي مذهب کان ئي پري ڪري ڇڏيو آهي.
    اسلامي دنيا جي اندر، خاص طور تي ايران ۾ جڏهن به مظلوم ماڻهن ڪنهن ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف آواز بلند ڪيو آهي، انهن جون اهي سرگرميون مذهب جي ئي رستي سان ظاهر ٿيون آهن. جن ماڻهن ظلم ۽ تشدد جي خلاف جنگ وڙهي آهي، انهن مذهبي انقلابن جي خوني ۽ دهشت ڀريل چهري جو مشاهدو ڪيو آهي.
    اسان جي معاشري جو ذهن ان مارڌاڙ سان ڀريل حادثن جي يادن سان اڃا تازو آهي، جيڪو سچن معتقدن جي، جيڪي انهن ڪوڙن ماڻهن ۽ منافقن سان گڏ ٿيا، جن مذهب جو استعمال ماڻهن جي مصيبتن ۽ پريشانين کي جائز قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪيو، اسان جي خطي جي دنيا ان دشمنيءَ ۽ بعض ۽ ڪيني جو ويجهي کان مشاهدو ڪيو آهي، جيڪو سچ ۽ انصاف پسند مذهب ۽ ظلم ۽ ڏاڍ تي ٻڌل غلط مذهبي نظريي جي وچ ۾ ملي ٿو ۽ جنهن دين جي نظريي کي ظالم ۽ مارڌاڙ پسند ماڻهن هٿيار جي طور استعمال ڪيو آهي.
    ڇا اهو صحيح نه آهي ته اسلامي تاريخ جي اندر مذهب، مذهبي ۽ سيڪيولر استحصالي نظام جي مخالفت ڪئي آهي؟ ڇا سچائيءَ جي خاطر شهيد ٿيندڙن جي گهڻائي مذهبي نمائندن جي نه آهي؟ ۽ ڇا اهو امر واقعو نه آهي ته گذريل هڪ صدي کان مذهب استعماريت جي ظالم ايجنٽن جي خلاف جنگ جو زبردست حامي رهيو آهي؟ ڇا مذهبي جدوجهد جو تجربو بين انقلابي ۽ قومي تجربن جي وچ ۾، جن مان ڪجهه نه واقعي تحسين جي لائق آهن سڀ کان گهڻو ڪامياب نه آهي؟
    اسان جو معاشرو هڪ مذهبي معاشرو آهي ۽ اها فطري ڳالهه آهي ته سيڪيولر دانشورن کي ڪڏهن به سماجي استحڪام حاصل نه ٿيو يا ماڻهن جي دلين ۾ انهن کي ڪائي جڳهه ملي نه سگهي.
    بدقسمتي سان جنهن کي سڄي سماج ۾ تعقل پسندي يا دانشوريت جو نالو ڏنو ويندو آهي، اها هڪ تحريڪ آهي جيڪا هڪ سطحي شيءَ آهي ۽ جنهن جو عوام سان سڌو سنئون ڪوئي تعلق نه آهي ۽ انهن ڪوڙن دانشورن جو آواز ڪڏهن به انهن چانهن ۽ قهوخانن جي چئني ڀتين کان ٻاهر ناهي نڪتو، جتان کان اهي سياسي مخالفت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. جتوڻيڪ جيڪڏهن انهن ماڻهن به انهن جو اهو آواز ٻڌو ته اهو انهن ماڻهن جي لاءِ ناقابل سمجهه هو. اهڙي طرح انهن ماڻهن جي وچ ۾ پاڻ ۾ ڪائي اتفاق راءِ يا پاڻ ۾ ٺاه جي صورت پيدا نه ٿي سگهي.
    جيڪڏهن عوامي لاڙو رکڻ واري دانشوريت منظر عام تي آئي ۽ ان کي مقبوليت ۽ احترام مليو ته اها انهن ماڻهن جي هٿان ظاهر ٿي جيڪي اعتبار جي قابل تقليدي ۽ مذهبي تعليمات تي اعتماد جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ ڪجهه شخصيتن جي مقبوليت ۽ هر دلعزيزي جو اهوئي راز آهي. مثال طور جلال آل احمد ۽ علي شريعت؛ اهي ٻئي شخصيتون حقيقت ۾ ماڻهن جو لازمي جزو هيون جن عوام جي ڏک، درد ۽ پريشاني جي باري ۾ خيالن جو اظهار ڪيو.
    سيڪيولر دانشور سڌي يا اڻ سڌي طور تي انهيءَ دشمن جي پٺڀرائي ڪن ٿا، جيڪي اسان جي آزادي جا مخالف آهن ۽ اسان جي صحيح ۽ مڪمل ثقافت، مذهب ۽ آزادي جي مخالفت ڪن ٿا. تاريخ شاهد آهي ته ذڪر ڪيل جماعت، مجموعي طور تي انهيءَ جي واٽ تي هلندڙ آهي، جنهن وقت سر وقت عملي طور تي غير ملڪين جي ظلم ۽ ڏاڍ کي مسلط ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو آهي. پر خوش قسمتيءَ سان ان جون پاڙون اسان جي ثقافت ۾ اونهيون نه ٿيڻ ۽ عوام جي دلين ۾ گهر نه ڪرڻ جي ڪارڻ ان جو ڪوبه اثر مرتب نه ٿيو. اڄ به آئون يقين رکان ٿو ته سيڪيولر دانشورن مان ڪوبه حقيقي خطرو نه آهي. جيتوڻيڪ ان ڳالهه جو احتمال آهي ته اهي ماڻهو نوجوانن ۾ ۽ معاشري جي حساس طبقن ۾ بيچيني پيدا ڪن يا دشمن کي محفوظ مقام ۽ پليٽ فارم مهيا ڪن جيڪو اسان جي معاشري ۾ وقتي ابتريءَ جو ڪم ڪري وڃي
    مذهبي عقيدو
    ٻيو اهم مسئلو جيڪو اسان کي درپيش آهي، اهو مذهبي عقيدو رکڻ وارن جي محدود مذهبي سوچ ۽ ماضي پرستي جي تصورن جو آهي. مذهبي يقين فقط نامڪمل انساني تعبيرن کي ناقابل تنسيخ ۽ ابديت بخشي ٿو ۽ حسب حال ۽ حقيقت پسنداڻي غور ۽ فڪر تي جذبن ۽ احساسن کي اوليت ڏيڻ آهي. جيڪڏهن اسان مخصوص عقيدو رکڻ وارن کان پڇندا آهيون، جيڪي پاڻ کي مفڪرن ۽ دانشورن ۾ شمار ڪن ٿا ته اهي انقلاب مان ڇا اميد رکن ٿا ته اهي دعويٰ ڪن ٿا ته اهي اسلامي تهذيب ۽ ثقافت جي واپسي چاهين ٿا.
    اسان اهڙن ماڻهن کي پوري يقين سان آگاه ڪريون ٿا ته انهن جون خواهشون حقيقتن ۽ تعبيرن تي مشتمل آهن. اهي مخصوص تصور، جن سان اسلامي تهذيب مستحڪم ٿي ۽ ان دور جي تهذيب جي گذرڻ سان گڏ ختم ٿي وئي. جيڪڏهن اهي متحرڪ زماني، حالتن جي مطابق تبديلي ۽ ماڻهن جي مسئلن جي حل جي لاءِ افاديت ۽ اهميت کي برقرار رکن ها ته اها تهذيب زنده ۽ مضبوط رهي ها.
    عقيدو اهڙي نظام جي تشڪيل ۾ رڪاوٽ ۽ مشڪلاتون پيدا ڪري ٿو، جيڪو انساني زندگي جي حال ۽ مستقبل کي بهتر طرح نڀائڻ جي لاءِ هڪ نمونو پيش ڪري ٿو. هڪ اهڙو نظام، جيڪو خاص مسلڪ ۽ عقيدي جي مقابلي ۾ هڪ مضبوط منطقي بنياد تي قائم هوندو آهي. اسان جو معاشرو جيڪو هڪ خاص مذهبي سڃاڻپ رکي ٿو. ان تي عقيدي جو اثر تمام گهرو ٿئي ٿو. ان جو منفي اثر سيڪيولرزم کان گهڻو آهي، ڇو ته خاص طور تي عقيدي کي مڃڻ وارا عام طور تي جواز جي لاءِ هڪ خاص ماحول ۽ نمايان شين کي قبول ڪن ٿا. انهن جا مذهبي فرض انهن کي مجبور ڪن ٿا ته اهي ڪجهه ڪن. پر اصل ۾ اسلام جي صحيح پيغام سان انهن جو ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه ئي اسلامي انقلاب حال ۽ مستقبل جي لاءِ فائديمند هوندو آهي.
    امام خميني پنهنجي زندگيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ خاص طور تي انقلاب جي رستن جي لاءِ اسلامي معاشري جي اصلاح ۽ ترقيءَ جي لاءِ ماضي جي هڪ خاص عقيدي سان وابسته رهيو ۽ ان جي خطرن جي سلسلي ۾ گهڻو سوچيندو هو. ان سلسلي ۾ امام خمينيءَ جون هدايتون ۽ رونما ٿيندڙ واقعن تي سجاڳ نظر رکڻ جي تاڪيد مستقبل ۾ اسلامي انقلاب جي متعلق گهڻي اهم ۽ بنيادي آهن.

    مذهبي تعقل پسنديءَ جي کوٽ
    اهڙي حساس جاءِ تي آئون هتي پنهنجي معاشري جي اهم نمايان خامين مان هڪ تي نظر وجهڻ گهران ٿو، ان اميد سان ته مفڪرن کي غور ۽ فڪر جي دعوت ملي. پوءِ ڀلي اهي منهنجي نقطهٔنظر سان مطابقت رکن يا مخالفت يا ان ۾ اصلاح ۽ اضافي جا خواهشمند هجن.
    منهنجي نظر ۾ جيڪو سڀ کان اهم نقص آهي، اهو اسان جو فڪري ميدان آهي ۽ ان ميدان ۾ ترقيءَ جي کوٽ آهي يا مذهبي تعقل پسنديءَ جي ڪمزوري آهي. آئون ان جي ظهور ۽ ترقيءَ جي لاءِ چوري طرح زمين هموار ڏسي رهيو آهيان.
    اسان جي نظر ۾ هڪڙو دانشور اهو آهي، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ ساه کڻي ٿو ۽ ان دؤر جي گهرجن ۽ مسئلن کان باخبر هوندو آهي، جن کان ان دور جي انسانيت با خبر ۽ متاثر هوندي آهي. تنهنڪري هو ان سان متعلق ڄاڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ڇو ته هو ان زماني جي مسئلن کي سٺي نموني ڄاڻي ٿو ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ سماجي تاڃي پيٽو ۽ زميني حقيقتون ان جو محور هوندا آهن. ڀلا ڇا اسان اهڙي ماڻهو کان مسئلن جي حل جي اميد ڪري سگهون ٿا جيڪو اهو نٿو ڄاڻي ته معاشري کي ڪوئي مسئلو درپيش آهي؟ ان جاءِ تي اخلاقي پاڪيزگي ۽ نه ئي علم پنهنجي پاڻ ۾ ڪافي هوندو. هڪ مهذب ۽ باادب شخص، جيڪو پنهنجي پاڻ ۾ متحرڪ دائره المعارف آهي، پر اهو پنهنجي دؤر زماني کان ڪناره ڪش رهي ٿو ۽ زماني جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ مثال ۽ نمونو ٻئي ۽ ٽئين اسلامي صدي ۾ ڳولي ٿو جنهن سان ان دؤر جو معمولي جهڙو مسئلو به حل نٿو ٿي سگهي ۽ اڄ جا مسئلا ان جي لاءِ فائدي جي شيءَ نه آهن.
    مذهبي ڪير آهي؟
    اهو ماڻهو مذهبي آهي جنهن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت محدود ۽ مادي نظر جي سان ٽڪراءُ کائي ٿي. ان وقت هو انسانيت کي فطري وجود سمجهي ٿو، پر هو ان کي فطري دنيا تائين ئي محدود نه ٿو رکي، بلڪه هو انسانيت کي دنيا تي ترجيح ڏئي ٿو. ڇو ته دنيا محدود آهي. جڏهن ته انسانيت لاءِ محدود ۽ ابدي آهي. انساني ضرورتون پڻ لامحدود آهن. نه ان جي لاءِ ڪا جڳهه آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو وقت مقرر آهي. اهوئي اصل سبب آهي جو انسان ماضي ۽ مستقبل تي غور ڪري ٿو ۽ پنهنجي ذهني صلاحيتن جي ذريعي سڀني فطري قيدن کان وڌي وڃي ٿو.
    مذهبي مفڪر اهو آهي، جيڪو انسانيت سان محبت ڪري ٿو. ان جي مسئلن کي سمجهي ٿو ۽ انسانيت جي ڪري پنهنجي ذميدارين کي محسوس ڪري ٿو. هو اهو سمجهي ٿو ته انسانيت هڪ بنيادي حڪم آهي جيڪا آزادي جي چاهيندڙ آهي. ڇا اهو مشڪلن ۾ انسانيت جي ترقي ۽ نشوونما ۾ آزادي جي خلاف آهي؟
    اسان جي سماج ۾ مذهبي مفڪرن جي سدائين ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن مذهب ۽ تعقل پسندي، ٻئي هڪ ٻئي سان مربوط آهن ته اسان اها اميد ڪري سگهون ٿا ته اسان جو اسلامي انقلاب انساني تاريخ ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز هوندو. پر جيڪڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي جي برعڪس ۽ الڳ آهن ته انهن ما ٻئي اسان جي سماج جي صحت ۽ فلاح جي لاءِ نقصانڪار آهن.
    جڏهن توهان هڪ سيڪيولر مفڪر جي سامهون ان جو ذڪر ڪريو ٿا ته اهي انسانيت کي پنهنجي زندگيءَ جو اولين مقصد ٻڌائين ٿا. ان جي ابتڙ جيڪڏهن توهان ڪنهن مذهبي مفڪر وٽ انسانيت جو ذڪر ڪريو ٿا ته انهن جو جواب هوندو آهي ته الله تعاليٰ جي خوشنودي انهن جو اولين مقصد آهي. اهي انسانيت کي الله تعاليٰ جي ٻڌايل طريقي جي مطابق ڳولين ٿا.
    آئون اميد ڪريان ٿو ته اسان جو انقلابي انهن ٻنهي جي وچ ۾ رابطي جو هڪ بهترين ذريعو ثابت ٿيندو. اسان ديني ادارن ۽ اهم اسلامي مرڪزن کي دنيا (يونيورسٽين) سان ملاوٽي مذهبي فڪرن جا پرچاري آهيون ۽ اهڙي نموني اسان جي اها سوچ نه ته سيڪيولرزم جي خلاف آهي ۽ نه ئي مذهب جي. اهي ئي اهي عوامل ۽ محرڪ آهن، جن اسان جي انقلاب کي ڪامياب ۽ ڪامران بڻائڻ ۽ سماج کي هڪ وڏي بحران مان ڪڍي ڪري ترقيءَ جي واٽ تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهي سڀئي شيون انسانيت جي خدمت ۾ وڌيڪ هڪ روشن مستقبل جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پڻ معاون ۽ مددگار آهن.
    مختصر سوانحي خاڪو
    سيد محمد خاتمي 23 مئي 1997ع تي 2/3 ووٽن جي اڪثريت سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر چونڊيو ويو. پاڻ 1942ع ۾ وچ ايران جي ايزد جي علائقي اردڪان جي وچئين طبقي جي هڪ مذهبي خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيد آيت الله روح الله خاتمي پنهنجي تقويٰ، پرهيزگاري ۽ ترقي پسند خيالن جي ڪري قدر ۽ عزت جي نگاه سان ڏٺا ويندا هئا.
    19 سالن جي عمر ۾ خاتمي مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ خاطر اردڪان ڇڏي قم هليو ويو. جتي پاڻ 1965ع تائين رهيو. پوءِ اصفهان يوني ورسٽيءَ ۾ فلاسافي پڙهڻ جي لاءِ داخل ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ پاڻ اسلامي سياست ۾ پڻ سرگرم ٿي ويو. 1969ع ۾ پاڻ تهران يونيورسٽي ۾ بي اي ۾ داخلا ورتائين. ٻن سالن کان پوءِ وري پاڻ قم واپس آيو، جتي پاڻ اسلامي قانون فقهه ۽ فلسفي جي ميدانن ۾ وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪيائين ۽ قم ۾قيام جي دوران سندس سياسي سرگرمين ۾ وڌيڪ اضافو پڻ ٿيو. 1978ع ۾ ايراني انقلاب جي موقعي تي جرمنيءَ ۾ هميرگ اسلامڪ انسٽي ٽيوٽ جي سربراهيءَ جي لاءِ سندس چونڊ ٿي. ان اداري ايران کان ٻاهر رهندڙ ايراني رهاڪن جي انقلابي سرگرمين جي انتظام ۽ نظم و ضبط ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1982ع کان 1992ع تائين پاڻ تائين ثقافت ۽ اسلامي رهنمائيءَ جي وزير طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين.
    1992ع ۾ کيس جمهوري ايران جو صدر ۽ ايران جي نيشنل لائبريريءَ جي سربراه جو مددگار مقرر ڪيو ويو ۽ پنهنجي صدر چونڊجڻ تائين پاڻ ان عهدي تي برقرار رهيو.
    صدر خاتمي عربي، انگريزي ۽ جرمني ٻولين سان واقفيت رکي ٿو. سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ متعدد مضمون شائع ٿي چڪا آهن. انهن مان ڪجهه هي آهن. “بيم موج”Fearof the Nave) ) 1993ع ۾ ۽ “ازدنيائي شاه تا شهر دنيا“From the city-world to the world = city) ) 1994ع ۾. کيس فارابي، ملاصدرا، شيخ انصاري ۽ حافظ جي ڪمن سان ڪافي دلچسپي آهي. پاڻ شادي شده آهي ۽ سندس ٽي ٻار آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343837
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ