ڪتاب جو نالو: اسلام جو تواريخي ڪردار
مصنف: ايم ­اين­ راءِ / امان الله شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 06 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 900 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 479 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اسلام جو تواريخي ڪردار “ هندستان جي نامياري مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ايڊووڪيٽ امان الله شيخ آهي.
ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اسلام جو تواريخي ڪردار
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ
  • باب پهريون: تعارف
  • باب ٻيو: اسلام جو مول ۽ مقصد
  • باب ٽيون: اسلام جو سماجي ۽ تواريخي پس منظر
  • باب چوٿون: سوڀ جا سبب
  • باب پنجون: محمد ﷺ ۽ سندن تعليمات
  • باب ڇهون: اسلامي فلسفو
  • باب ستون: اسلام ۽ هندوستان

  • اسلام جو تواريخي ڪردار

    اسلام جو تواريخي ڪردار

    اسلام جي اڀار انسانيت کي ڇا ڏنو؟ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ اسلام جي
    تاريخي، تمدني، اخلاقي ۽ فڪري خصوصيتن جي اپٽار،
    هڪ ڪميونسٽ ڏاهي جو دانشوراڻو اڀياس


    ليکڪ
    ايم ­اين­ راءِ

    سنڌيڪار
    امان الله شيخ ايڊوڪيٽ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪتاب نمبر
    277
    سڀ حق ۽ واسطا سنڌيڪا وٽ محفوظ
    پهريون ڇاپو: 2010ع
    ڪتاب جو نالو : اسلام جو تواريخي ڪردار
    ليکڪ: ايم. اين. راءِ
    سنڌيڪار: امان الله شيخ ايڊوڪيٽ
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 60/= رپيا

    “ISLAM JO TAWAREEKHI KIRDAR”
    (Historical Role of Islam)
    By: M. N. Roy
    Translated by: Amanullah Shaikh Advocate
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.org Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-3431115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (245) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اسلام جو تواريخي ڪردار “ هندستان جي نامياري مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ايڊووڪيٽ امان الله شيخ آهي.
    ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي.
    هي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    ايم اين راءِ (منابندرا ناٿ راءِ، آمريڪا جي اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس تي روپوشيءَ ۾ رهندي، جون 1916ع ۾ پاڻ ڏانهن سندس منسوب ڪيل انقلابي نالو، جيڪو ئي پوءِ آخر تائين هن جو نالو رهيو.) هندستان جو، دنيا جو، هڪ بي مثل مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ٿي گذريو آهي.
    هو بنگال جي ٻهراڙيءَ جي هڪ مندر جي پورهيت جو پٽ هو. سندس اصل نالو نريندر ناٿ ڀٽ آچاريه هو. سندس پيءُ ڪلڪتي جي ويجهو هڪ اسڪول ۾ سنسڪرت جو استاد هو، جنهن کان هن سنسڪرت جا سبق ورتا ۽ عام اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ نيشنل ڪاليج ڪلڪتي ۾ داخل ٿيو. هن جي تعليم ان مرحلي کان اڳتي ڪا نه وڌي سگهي.
    کانئس عمر ۾ ڪجهه وڏي، سندس انهن ڏينهن جي هڪ انقلابي ساٿيءَ (اي ڪي هنديءَ پنهنجي ڪتاب (M.N: Roy, the Man who Looked Ahead) ”هڪ شخص- جنهن اڳتي ڏٺو ٿي،“ ۾ هن جي ننڍيءَ عمر جي اجهل قومي جذبي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي: ”نريندر- بنهه هڪ ڇوڪرو، مشڪل سان چوڏهن ورهين جو، پرچست ۽ سگهارو، انقلابي امنگ سان ٽمٽار- هڪ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ۾ تکو تکو اسان وٽ لنگهي آيو، جتي اسين بنگال ۽ ملڪ جي ٻين حصن جي مسئلن تي پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين. اچڻ سان هن اسان سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ دشمن جي چنبي مان ملڪ کي آزاد ڪرڻ لاءِ هن پنهنجون ڪل وقتي خدمتون اسان کي آڇيون. هن قسم کڻي چيو ته ”جو ناممڪن هوندو، ان جي به ڪرڻ لاءِ آءٌ تيار هوندس.“ ڇو ته ”هڪ انقلابي لاءِ ڪجهه به ناممڪن نه هو“! پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو اسان سان اچي شامل ٿيو ۽ تحريڪ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين ۽ هن اسان وٽ پاڻ کي اهڙين خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ ثابت ڪيو، جيڪي وڏن اڳواڻن ۾ هونديون آهن. (هيءُ ۽ ٻيا حوالا وي. بي ڪارنڪ جي ڪتاب "M.N Roy Political Biography" تان ورتل آهن.)
    ايم اين راءِ ڇاهٺ ورهيه حياتيءَ جا (فيبروري 1887ع- جنوري 1954) ماڻيا، جن مان 16 ورهيه (آگسٽ 1915ع کان وٺي) هو وطن کان ٻاهر رهيو. ڪل وقتي طور عالمي انقلابي تحريڪن سان ڳنڍيل، پر هڪ ئي مقصد لاءِ ته هندستان آزاد ٿئي ۽ اُن جي صدين جي جمود ۾ هلچل ۽ انقلاب اچي، ۽ اُن جا ماڻهو پنهنجي وطن ۾ اُٿي بيهي، سڌا ٿين، ڪنڌ اوچا ڪري هلن ۽ پنهنجي حال جا ۽ پنهنجي مستقبل جا معمار ۽ مالڪ بڻجن.
    ڊسمبر 1930ع ۾، لڪي لڪي، هو پنهنجي وطن موٽي آيو، پر ستن مهينن جي پرخطر روپوش زندگيءَ کان پوءِ جهلجي پيو ۽ 1915ع کان اڳ جي دهشت پسند ڪاررواين جي ڏوهه ۾ هن کي ٻارهن سالن جي جلاوطنيءَ جي سزا ملي، جا اپيل تي گهٽجي ڇهن سالن جي سخت پورهئي جي سزا ۾ تبديل ٿي.
    ڪامريڊ راءِ اها سزا ڪاٽي، جڏهن ٻاهر نڪتو تڏهن جيل مان هن پاڻ سان رجسٽر سائيز جي هزار هزار صفحن جا نوَ نوٽبڪ، ڳتيل اکرن ۾ سڄا لکيل، ٻاهر آندا. (جيل ۾ هڪ مهل کين اهڙي قسم جو هڪ ئي نوٽبڪ ملندو هو، پر ان جو، هڪ ورق به ٻاهر موڪلڻ جي کين اجازت نه هوندي هئي. لکجي پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٻئي خالي نوٽبڪ وٺڻ لاءِ، پهرين اڳيون نوٽبڪ کين جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ڊپازٽ ڪرائڻو پوندو هو.)
    نوَن نوٽبڪن جو هيءُ سڄو مواد انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ پوءِ ان جو ڪافي گهڻو حصو ”رنيزانس پبلشرس“ ۽ ”انڊين رنيزانس انسٽيٽيوٽ“ طرفان هيٺن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿيو. جيڪي ٻئي ادارا جيل مان ٻاهر ايندي ئي، ”فڪر و عمل جي تحريڪ جي مرڪز“ طور، قائم ڪيا هئائون:
    (1) فسطائيت. ان جو فلسفو ۽ عمل.
    (2) اسلام جو تاريخي ڪارنامو.
    (3) عورتپڻي جو هندستاني آدرش.
    (4) ماديت
    (5) ويهين صديءَ جا پاکنڊ.
    (6) علم ۽ اوهام.
    (7) ٻليءَ جون يادگيريون.
    (8) عقل، رومانويت ۽ انقلاب، وغيره
    ڪامريڊ راءِ، نومبر 1936ع ۾ جيل کان ٻاهر ايندي ئي، انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾، ان ۾ سرگرم حصو وٺڻ لڳو. ”انهيءَ پراڻي جدوجهد ۾، جنهن جي پڄاڻي ڪانهي، تان جو ڪاميابيءَ ۾ ان جي پڄاڻي ٿئي!“
    پريس وارن ڪامريڊ راءِ تي پريس ڪانفرنس لاءِ زور رکيو، پر ان لاءِ معذرت ظاهر ڪندي، پاڻ مختصر پريس بيان پڌرو ڪيائين: ”هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ويهن سالن کان پوءِ قانوني طور هندستان ۾ هندستان جي ماڻهن سان مخاطب ٿي رهيو آهيان. ائين ڪندي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، اسين سڀ سامراج جي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار آهيون. منهنجو سڀني پنهنجي مظلوم ڀائرن لاءِ پيغام هيءُ آهي: لکن ۾، ڪروڙن ۾، وڌي اچي نيشنل ڪانگريس جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيو، جمهوري آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هڪ منظم ۽ مضبوط فوج وانگر، هن جدوجهد ۾ اسان لاءِ نه رڳو پنهنجي مقصد جي تيز سڃاڻپ آهي، پر ان ۾ ڪاميابيءَ لاءِ اسان کي عمل جي صاف ۽ پختيءَ راهه جي به گهرج آهي. وڌيڪ آءٌ ائين به چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته سوشلزم يا ڪميونزم- جيڪا هڪ ئي ڳالهه آهي. اسان جي اڄ جو مسئلو اهو نه آهي. سچا سوشلسٽ يا ڪميونسٽ ضرور اهو مڃيندا ته جيڪڏهن هندستان جي عوام جي نجات لاءِ جدوجهد ۾ هو ڪو حصو ادا ڪرڻ گهرن ٿا، ته ان لاءِ قومي نجات پهريون ۽ فوري ڏاڪو آهي، انهيءَ ڪري، سڀني سامراج مخالف قوتن کي جمهوري آزاديءَ جي نعري تي گڏ ٿيڻ گهرجي، جيڪا حاصل تڏهن ٿيندي جڏهن جمهور جي حڪومت جمهور جي هٿن ۾ ايندي، عوام جي حڪومت عوام جي هٿن ۾ ايندي.... نيشنل ڪانگريس اُن لاءِ اسان جو گڏيل پلئٽفارم آهي.
    ”آءٌ هي سمورا سال ڪانگريس جو دستوري طور ميمبر نه رهيو آهيان، پر مون هميشه ڪانگريس جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي. انهيءَ طرح، جو مون هر وقت ڪانگريس کي وڌيڪ عوامي بنائڻ ۽ وڌيڪ سرگرم بڻائڻ پئي گهريو آهي ۽ هاڻي پنهنجي ان دلي مقصد جي حاصلات جي آسانيءَ خاطر آءٌ دستوري طور به ڪانگريس جو ميمبر ٿيندس. مون کي هندستان جي ماڻهن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ جو پڪو ارادو آهي ته ڪميونسٽ هندستان جي سياسي جسم ۾ ڌاريان عنصر نه آهن، پر اهي هن ڌرتيءَ جا سپوت آهن، جيڪي انڊين نيشنل ڪانگريس جي جهنڊي هيٺ قومي آزاديءَ جي فوج جي هر اول دستي طور وڙهي رهيا آهن.
    پورا ڇهه سال آءٌ جيل جي اندر تمام مشڪل حالتن ۾ رهيو آهيان، ۽ منهنجي صحت بنهه ڊانوان ڊول آهي. جيتري قدر ٿي سگهندو، ايتري قدر آءٌ پنهنجي صحت جي بحاليءَ ڏانهن ڌيان ڏيندس ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن تائين سياست ۾ ڪو سرگرم حصو وٺڻ مون لاءِ ممڪن نه ٿيندو. آءٌ هن موقعي مان فائدو وٺندي، سڄي هندستان جي سڀني ڪانگريس، ٽريڊ يونين ۽ هاري ورڪرن کي پنهنجا سلام موڪليان ٿو.“
    ٿوري ئي وقت کان پوءِ، جو ڪن حلقن طرفان ائين هل اُٿاريو ويو ته ڪامريڊ راءِ جي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ سان ڪانگريس ”سرخ“ بڻجي ويئي آهي، ڪامريڊ راءِ کي ٻيو هڪ مختصر بيان ڪڍڻو پيو، جنهن ۾ چيائين: ”ڪانگريس ڪميونسٽ ڪا نه ٿي بڻجي، پر پاڻ ڪميونسٽ، هندستاني عوام جي آزاديءَ لاءِ اڻموٽ سپاهين طور، ڪانگريس ۾ شامل ٿي، ڪانگريسي بڻجي رهيا آهن. ذاتي طور آءٌ، ڪانگريس سان هر ڳالهه ۾ متفق نه رهندي به، سدائين ان جي حمايت ڪندو رهيو آهيان. البته، ملڪ کان ٻاهر رهڻ سب آءٌ هڪ دستوري ڪانگريسي ورڪر طور ڪم نه پئي ڪري سگهيس. هاڻي، جو آءٌ ائين ڪري پيو سگهان، مون پنهنجي سياسي پوزيشن ۾ انهيءَ هڪ نوع جي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وڌيڪ ڪانگريس کي، سواءِ جمهوري آزاديءَ جي، ٻئي ڪنهن به پروگرام جي قبولڻ يا پنهنجي ڪرڻ لاءِ چوڻ يا مڃائڻ جو منهنجو ڪو به ارادو ڪونهي.“
    انهيءَ ئي مهيني يعني نومبر 1936ع ۾، بريليءَ ۾ ڪانگريس جي سهاري هيٺ سڏايل سياسي ڪانفرنس جي موقعي تي، ڪامريڊ راءِ کي ڪانگريس ۾ شامل ڪيو ويو ۽ يو پي صوبائي ڪانگريس ڪاميٽيءَ ۽ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر به بڻايو ويو. ٻئي مهيني، هن ڪانگريس جي فيضپور سيشن ۾ حصو ورتو ۽ اتي مهاتما گانڌيءَ سان سندس پهرين منهان منهن ملاقات ٿي. مهاتما گانڌيءَ کيس صحت جي بحاليءَ، آرام ۽ ملڪ جي حالات جي چپ چاپ مطالعي جي صلاح ڏني. ڪامريڊ راءِ ساڻس ڪانگريس کي وڌيڪ سرگرم بنائڻ جي ڳالهه ڪئي ته مهاتما گانڌيءَ ان لاءِ پنهنجي ”تعميري پروگرام“ (چرخي، اهنسا، عدم تعاون، وغيره) جو ذڪر ڪيو. مزدورن سان سندن فوري مطالبن جي جدوجهد ۾ رابطي لاءِ جڏهن ڪامريڊ راءِ چيو ته بنگال- ناگپور ريلوي مزدورن جي (اُن وقت) هلندڙ اسٽرائيڪ ۾ کين مدد ڏني وڃي، ته مهاتما گانڌيءَ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مسئلي جي پهريائين ”پڇا ڳاڇا“ ضروري آهي! ۽ آخر ۾ جڏهن مهاتما گانڌيءَ اٿي پرارٿنا ۾ ساڻس شامل ٿيڻ لاءِ کيس چيو تڏهن ڪامريڊ راءِ پوري ادب ۽ فضيلت سان ان لاءِ ساڻس پنهنجي مجبوريءَ جو اظهار ڪيو. مهاتما سان هن پهرينءَ ئي گڏجاڻيءَ کان پوءِ ڪامريڊ راءِ جي دل تي سياسي طور جيڪا ڳالهه نقش ٿي، سا هيءَ هئي ته ڪانگريس ۾ هڪ نئين ۽ تازه دم اڳواڻپ جي اُڀارڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي.
    پنجن مهينن کان پوءِ 4 اپريل 1937ع تي، ڪامريڊ راءِ پنهنجي هفتيوار انگريزي اخبار "Independent India" (خودمختار هندستان) جي نالي سان شروع ڪئي. ان لاءِ ڪامريڊ راءِ ڏانهن پنڊت جواهر لعل نهروءَ، سباش چندر بوس ۽ ٻين پنهنجا پيغام ۽ پنهنجون نيڪ تمنائون موڪليون. مهاتما گانڌيءَ ان لاءِ ڏانهس پوسٽ ڪارڊ تي پنهنجو پيغام لکي موڪليو، جنهن ۾ کيس ”خاموش خدمت“ جي صلاح ڏنائون. ڪامريڊ راءِ اخبار جي پهرينءَ اشاعت جي ادارتي نوٽ ۾ لکيو:”سياسي خودمختياري (Political Independence) مقصد نه پر مقصد جو ذريعو آهي ۽ مقصد آهي ته هندستاني سماج ۾ بنيادي اُٿل پٿل آندي وڃي، جنهن کي جمهوري اُٿل پٿل يا جمهوري ”انقلاب“ چئجي ٿو.... اُن انقلاب جي سياسي صورت هيءَ آهي ته ماڻهو رياست جي اقتدار تي قبضو ڪن، ڌارين توڙي ملڪين جي حڪومت جي جاءِ تي نمائنده حڪومت، يعني جمهوري حڪومت جمهور جي هٿن ۾، ماڻهن جي حڪومت ماڻهن جي هٿن ۾، قائم ڪئي وڃي. هندستان اڄ اهڙي ”انقلاب“ جو منتظر آهي....“
    1938ع ۾ سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1939ع لاءِ ٻيهر هو اُميدوار بيٺو، جنهن ۾ به هو ڪامياب ٿيو. پر مهاتما گانڌيءَ جي ”دعائن“ حاصل نه هئڻ ۽ خود پنهنجي به ڪجهه هڪ طرفيءَ انتها ڏانهن مائل رخ سبب، ڪانگريس جي قابض جهونيءَ اڳواڻپ جو کيس تعاون حاصل ٿي نه سگهيو ۽ کيس ڪانگريس جي صدارت تان دستبردار ٿيڻو پيو، جنهن کان پوءِ (جون 1939ع ۾) هن ڪانگريس جي اندر پنهنجي ساٿين جو هڪ جدا گروپ ”فارورڊ بلاڪ“ جي نالي سان قائم ڪيو. ساڳين ئي ڏينهن (مئي 1939ع) ۾ ڪانگريس جي اُن ئي قدامت پسند هڪ هٽيءَ واري سياسي ماحول ڏانهن رد عمل طور، ڪامريڊ ايم اين راءِ پڻ، ان ۾ ڪجهه تازه دم فڪر ۽ عوام پسند نئينءَ اڳواڻپ لاءِ موقعي پيدا ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجي هم خيال ڪارڪن جو هڪ گروپ قائم ڪيو، جنهن کي هن ”ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين“ سڏيو. ترت ئي، ٽن مهينن کان پوءِ (پهرين ڊسمبر 1939ع ) يورپ ۾ ٻيءَ خونخوار عالمي جنگ جو آغاز ٿيو، ۽ وقت جي ان ڌماڪيدار للڪار تي، پنهنجي پنهنجي نظرياتي بنياد تان، ڪانگريس جي اندر هنن ٽن ڌرين يا گروهن، جنگ ڏانهن پنهنجا پنهنجا رخ اختيار ڪيا. سڀاش بوس ان کي سامراجي جنگ چيو، راءِ ان کي فسطائيت خلاف عالمي جمهوريت جي (۽ انهيءَ ڪري هندستان لاءِ به جمهوريت جي) جنگ سڏيو ۽ ڪانگريس هندستان جي اُڀرندڙ حڪمران طبقي جي طاقتور ترجمان (طبقاتي مفادن پسند هڪ تنظيم) طور، ان ڏانهن ٻه رخو رويو اختيار ڪيو. سڀاش چندر بوس جي رخ جي فڪر ۽ عمل جي ڪامل ناڪاميءَ کي ترت ئي دنيا ڏسي ورتو، ڪانگريس پنهنجي طاقتور حڪمران طبقاتي تنظيم جي زور تي، ۽ زوال پذير برطانوي سامراج جي عين مرضيءَ سان، جنگ جي پڪل ميوي طور، هڪ طرح جي ڪاميابي ته حاصل ڪئي، پر ڪانگريس جي اُن مصلحت باز عملي ”ڪاميابيءَ“ جا نتيجا سڄو برصغير هندستان پنهنجي پوءِ جي وجود ۾ آيل حالات جي صورت ۾ اڄ به ڀوڳي رهيو آهي، ۽ ڪامريڊ راءِ جو فڪري سڏ ته ”قومي آزاديءَ کي مقصد نه پر مقصد جو هڪ لازمي وسيلو سمجهي، اصل مقصد جي حاصلات طور، هندستاني سماج ۾ بنيادي اٿل پٿل آندي وڃي. جنهن کي جمهوري اٿل پٿل يا جمهوري انقلاب چئجي ٿو.... جنهن جي سياسي صورت هيءَ آهي ته ماڻهو رياست جي اقتدار جا مالڪ بڻجن، ڌارين توڙي ملڪين جي حڪومت جي جاءِ تي نمائنده حڪومت يعني جمهور جي حڪومت جمهور جي هٿن ۾ (عوام جي حڪومت عوام جي هٿن ۾) قائم ٿئي!“ سڄي برصغير لاءِ اهو انقلابي سڏ اڃا هڪ ڏورانهون سڏ ئي آهي. هندستان ان ”جمهوري انقلاب“ جو اڄ به اهڙو ئي منتظر آهي جهڙو تڏهن هو. ڇو ته هندستان جي جمهور جو سياسي شعور، هندستان جي جمهور جي تنظيم، ۽ هندستان جي جمهور جي ڪامياب جدوجهد لاءِ عمل جي راهه اڃا ايتري قدر تيز، پائدار ۽ وسيع ۽ مستقيم ۽ صاف نه آهي، جيئن ڪامريڊ راءِ جي نظر ۾ انهن جو هئڻ ضروري هو ۽ اڄ به آهي.
    جمهوري آزاديءَ جي مقصد جي اُن تيز سڃاڻپ ۽ ان جي حاصلات لاءِ، عمل جي اُن صاف ۽ پختيءَ راهه جي ڳولا واسطي، جيڪي ئي ڪامريڊ راءِ جي سڄيءَ زندگيءَ جي عمل جا محبوب عنوان رهيا. مئي 1940ع ۾ ڪامريڊ راءِ پنهنجي ساٿين، ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين، جي هڪ سئو مکيه ڪارڪنن کي دهرادون ۾ ٻن هفتن جي ”تعليمي ڪئمپ“ ۾ گڏ ڪيو، ۽ اُتي سڀني گڏجي تاريخ ۽ زندگيءَ، آزاديءَ ۽ انقلاب، جي هر مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان ڪئمپ ۾ ڪامريڊ راءِ جيڪي مضمون پڙهيا ۽ ليڪچر ڏنا، سي هيٺين عنوان سان پوءِ 1942ع ۾ پهريون ڀيرو Scientific Politics (سائنسي سياسيات) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا.
    (1) انقلابيءَ جو آدرش.
    (2) سائنس، فلسفو ۽ سياست.
    (3) ڪي بنيادي اصول، تنظيمي ۽ نظرياتي.
    (4) ويهين صديءَ جو انقلابي ذهن
    (5) هندستان جي انقلاب جو مسئلو.
    (6) انقلابن جي تاريخ History of Reveolutions
    (7) ان کانسواءِ ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي. اميد ته لائق پڙهندڙ ان مان جوڳو فائدو وٺندا.

    محمد ابراهيم جويو
    حيدرآباد سنڌ


    باب پهريون: تعارف

    اسلام /محمدن ازم جو اوچتو تحريڪي انداز ۾ اڀري ۽ پکڙي وڃڻ، لا شڪ ته انساني تواريخ جي من موهيندڙ حقيقت آهي. تواريخ جي اهڙي جرڪندڙ باب کي بنان ڪنهن رياڪاريءَ جي پڙهڻ ڄڻ ته موجوده هندستان جي تواريخ ۾ اهم درجو رکي ٿو. هونئن ڪنهن به اسم، مسئلي ۽ مونجهاري کي سائنسي نقطه نگاه کان پڙهڻ لازمي آهي، ڇوته انهيءِ وسيلي ڄاڻ ۽ سمجهه جي ڳولا ڦولا جو هڪ ڪارائتو طريقو ۽ لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اڄوڪي هندوستان ۾ اسان ۽ خاص ڪري هندو جاتيءَ لاءِ ضروري آهي ته اسلام جي تواريخي ڪردار کي هينئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪيون ته جيئن هن انساني ڪلچر ۾ جيڪا مٿانهين سياسي حيثيت ماڻي آهي ان کان واقفيت حاصل ڪري سگهون.
    هن ملڪ (هندستان) ۾ پيغمبر اسلام جي پوئلڳن جو ججهو تعداد رهي ٿو. جنهنڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ٻين اسلامي ملڪن جي ڀيٽ ۾ مسلمان انگن اکرن جي لحاظ کان هندوستان ۾ وڌيڪ رهن ٿا. ائين صدين کان هندوستان جي آباديءَ ۾ رهائش پذير هئڻ جي باوجود به کين اوپرو ۽ ڌاريو سمجهيو وڃي ٿو. هندوستان جي قومي ڪردار ۾ اهڙي عجيب وغريب خال جي پٺيان ڪيترائي تواريخي سبب /اسباب ليکي سگهجن ٿا. ان ۾ ڪو به وهم ۽ گمان ڪونهي ته مسلمان هندوستان ۾ حمله آور بڻجي آيا هئا. انهن ملڪ کي فتح ڪري صدين تائين راڄ ڪيو. ايئن حاڪم ۽ محڪوم جي حوالي سان تواريخ جا اهڙا ته اثر مرتب ٿيا، جنهن ڪري اڄ به ٻئي ڌريون هڪ ٻئي سان ٻکن / ويڙهاند ۾ ورتل آهن. انت ته ماضيءَ جي انهن اڻ وڻندڙ يادگيرين هوريان ڏاڍيان، خوف ۽ اوندهه جي اهڙي ڪيفيت کي اڳتي وڌايو جنهن جو نتيجو غلاميءِ جي شڪل ۾ نمودار ٿيو. جيئن ته برطانوي سامراج جو قبضو، هندو ڌرم جي پوئلڳن جي نسبت، مسلم آباديءَ جي هڪ وڏي تعداد لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو. ان لاءِ هڪ ڪارائتو دڳ آهي ته مسلمان هندوستاني قوم جو هڪ اڻ ٽٽ حصو بڻجي وڃن. پر ان لاءِ لازمي آهي ته مسلم حڪمرانن جي دور کي هندستاني اتهاس جو هڪ ڪارائتو حصو ڄاتو وڃي. اڄ قوم پرستيءَ جي لَهر يا اوسر ايترو ته اُڀري آئي آهي جو اها ماضيءَ جي سُورن ۽ عذابن کي ميسارڻ ۾ هٿي ڏئي سگهي ٿي.
    پر ساڳئي وقت هن ملڪ ۾ هڪ شرمناڪ صورتحال به جنم ورتو آهي ته پاڻ کي دلجاءِ ڏيڻ خاطر ، سچ پچ يا نماءَ واسطي ماضيءَ جي ساراهه ۽ ثناءَ خوانيءِ ۾ مگن رَهندي، مسلمان حاڪمن جي سورهيائي ۽ دليريءَ کي هروڀرو مٿي چاڙهي سروپاءَ پهرايون ويون آهن.
    ان هوندي به، هڪ هندو، جيڪو اڪبرِ اعظم جي دور تي فخر ڪري ٿو، يا وَري شاهجهان جي عمارت سازيءَ جي وصف ۽ ساراهه ڪندي ڍاپجي نه ٿو، پر انهن مسلم حڪمرانن جي هم-مذهبن کان نفرت ڪري ٿو. هوڏانهن ڪٽر هندو جيڪي هندوستاني آباديءَ جو هڪ چڱو چوکو ڀاڱو آهن، انهن لاءِ مسلمان، پوءِ اهي ڄائي ڄم کان سکيا ستابا، اعليٰ تعليم رکندڙ، دل موهيندڙ ڪلچر ۽ لياقت رکندڙ هجن، سي سڀ سندن نظر ۾ (مليڇ) ، ناپاڪ ۽ وحشي آهن. اهي مسلمان هندو سماج ۾ هيٺين طبقي جي هندو اڇوتن وانگر هندو اڪثريت جي رحم ۽ ڪرم تي آهن.
    انهيءِ خاص قسم جي صورتحال جو سبب ڳولا ڪرڻ سان سُڌ پوي ٿي ته تعصب ۽ بد گمانيءَ جون ڇاڙون هڪ ٻئي ۾ ڳتيل آهن، جنهن ڪري فطرتي طور تي مفتوح يا محڪوم ماڻهن ۾ ٻاهرين حملا آورن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار سانڀيل هوندي آهي. حالانڪه اهو ماضيءَ جو هڪ داستان آهي. پر تعصب ۽ بد گمانيءِ جي فضا اڃان به نه رڳو قومي ايڪتا جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي پر ان سان گڏ تواريخ جي غير جانبدارانه سوچ ۽فڪر آڏو به رنڊڪ بڻجي بيٺل آهي. تحقيق، روءِ زمين تي اهڙو مثال موجود ڪونهي ته ٻه جاتيون، صدين کان هڪ ڌرتيءِ تي رهندڙ هجن، پر اڃان تائين سندن هڪ ٻئي ڏانهن رَوشِ، قدر شناسي ۽ احترام کان ڪوهين ڏُور هجي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ مهذب ماڻهو، اسلامي تواريخ جي ڄاڻ سڃاڻ کان ايترو لاتعلق نظر ڪونه ايندا ۽ نه وَري محمدن مذهب کي ڌڪار ۽ نفرت سان ڏسن ٿا ، جيئن هندو ليکين ٿا. هونئن روحاني آمريت به اسان جي قومي آدرشن جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي. ايئن کڻي چئجي ته اها غليظ طرز جي روحانيت (مذهبي طبقي جو تسلط) پڻ ظاهر ظهور محمدن ازم سان ناتن جي وچ ۾ رنڊڪ بڻجي بيٺل آهي. ان کان سواءِ پيغمبر اسلام ﷺ بابت جيڪا به تعليم ۽ ڄاڻ سڃاڻ ڏني وڃي ٿي سا مڪمل طور اڻ ڄاڻائي جو مجموعو آهي، جنهن ڪري سراسري طور عام پڙهيل هندوءَ کي اسلام بابت ڄاڻ /معلومات نه هئڻ برابر آهي ، ۽ نه وَري انهيءِ انقلاب جي مهابي آيل تهذيبي حاصلات جي آگاهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته مروج وَهم ، وسوسي ۽ بيهودگي جهڙي سوچ ۽ فڪر کي نندڻ گهرجي .
    اهڙي طرز جي وهم، خيال ۽ گمان جي هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي هندوستاني عوام جي قومي ايڪتا لاءِ سود مند هئڻ سان گڏو گڏ سائنس ۽ تواريخي سچائي لاءِ پڻ ڪارائتي آهي. ائين اسلام جي ثقافتي اهميت بابت تُز ۽ درست شناسائي حاصل ڪرڻ، هندوستاني تواريخ جي هن نازڪ دور ۾ اهم آهي.
    عظيم تواريخدان گبن، اسلام جي اوسر ۽ ڦهلاءُ بابت لکي ٿو: (هڪ اڻ وسرندڙ ۽ يادگار انقلاب آهي جنهن دنيا جي قومن مٿان جديد نشان ۽ ڪردار چٽي ڇڏيا آهن.) هڪ عام ماڻهو تپرس ۽ تعجب ۾ پئجي وڃي ٿو ته ڪيئن ڇوهائيءَ سان، ٻن عظيم سلطنتن کي ڊانواڊول ڪندڙ، عرب جي رڻ پٽ مان خانه بدوشن جو هڪ ننڍڙو گروهه، جوش ۽ جولان وسيلي هڪ نئين عقيدي جو داعي بڻجي ڇانئجي ويو. محمدﷺ، وحدانيت جي ناتي سان امن جي جنهن پيغام کي پکيڙڻ جي جدوجهد ڪئي، ان کي سندس پوئلڳن پنجاهه وَرهين جي مختصر مدي ۾ اسلامي جهنڊي کي هڪ پاسي هندوستان جي ڪنڊ تائين ته ٻئي پاسي ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تي کوڙي ڇڏيو. دمشق جي پهرين خليفي جي سلطنت جون حدون ايتريون ته وسيع ۽ عريض هيون جو اٺ جي سواريءِ تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين پهچڻ لاءِ پنج مهينن جو عرصو درڪار هو. مطلب ته پهرين صدي هجري جي پڄاڻيءَ تائين، انهيءِ عقيدي جي ڪمانڊرن کي طاقتور حڪمرانن جي حيثيت حاصل ٿي وئي .
    ائين ته هر هڪ نبي عام ماڻهن کي رغبت ڏيڻ خاطر پنهنجي دعويٰ بابت معجزن کان به ڪم وٺندو رهيو آهي. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي محمد عربي ڏانهن ڏسجي ٿوته سڀئي نبي جيڪي کائنس اڳ آيا، انهن ۾ سڀني کان نرالو ۽ منفرد لڳي ٿو . جو هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي ڪرشمي سان ڪاميابيون حاصل ڪري ڏيکاريون. ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به هرجُ ڪونهي ته اسلام جو معجزو ٻين سڀني معجزن کان وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو. آگسٽس جي رومي سلطنت جنهن کي سندس پونئر بهادر ٽريجن(Trajan) وسيع ڪيو، ان کي به پنهنجي عروج ماڻڻ لاءِ ڀريا ست سو وَرهيه لڳي ويا. ان هوندي به رومي سلطنت انهيءَ مهانتا ۽ عظمت کي ڇهي نه سگهي جيڪا عربي شهنشاهيت هڪ صديءِ جي مختصر مُدي ۾ حاصل ڪئي. سڪندر اعظم جي شهنشاهيت کي هڪ صديءَ جي مختصر عرصي ۾ (خدا جي تلوار) آڏو جهڪڻو پيو. اچو ته ڏسون ته جديد تورايخ نويس، اسلام جي اوسر کي ڪهڙن اسرارن سان تعبير ڪن ٿا:­
    ”اهڙو علائقو جتي ڪنهن به عربي رياست جو نانءُ نشان نه هئو، نه ڪنهن منظم فوج جو پتو کُرو ۽ نه وري گڏيل سياسي مفادن جي ڪشش موجود هئي. ڇو ته عرب گهڻي ڀاڱي شاعر، خواب خيال جا دلداده، ويڙهاڪ ۽ واپاري ته هئا پر سياست جي داءَ پيچ کان اڻ واقف هئا. عربن وٽ ڪو اهڙو مذهب به ڪونه هئو جيڪو کين مضبوط ۽ مستحڪم بڻائي سگهي. ۽ ڪنهن مضبوط مرڪز جي به اڻ هوند هئي. هنن وٽ بت پرستيءِ جو به طريقو رائج هو. پر هڪ سو وَرهين کان پوءِ اهي گمنام وحشي دنيا ۾ سپر پاور طور جاءِ والارڻ ۾ سوڀارا ٿي ويا. انهن شام فتح ڪيو، ايران تي قبضو ڪري ڦير ڦار آڻي ڇڏي ۽ ان کان سواءِ الهندي ترڪستان ۽ پنجاب جي ڪجهه ڀاڱن تي پڻ مالڪي حاصل ڪئي اهي بازنطين ۽ بربرن کي وراڪو ڏيندي آفريڪا کي وَرائي ويا ۽ اسپين حاصل ڪيائون. اولهه ۾ فرانس کي دڙڪا ڏيڻ لڳا ته اوڀر ۾ قسطنطنيه کي تَڪڻ لڳا. هنن جا جنگي جهاز اسڪندريه ۽ شام جي گودين ۾ ٺهڻ لڳا، جيڪي ڀونوچ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾رستو چيرڻ، يونان جي ٻيٽن تي ناڪابندي ڪرڻ ۽ بازنطين سلطنت جي سگهه کي چئلينج ڪندا رهيا. ايئن سندن فتوحات جو دائرو ايڏو ته سولائيِءَ سان پکڙجڻ لڳو جو رڳو ايرانين ۽ بربرن مزاحمت ڪئي. اٺين صدي جي اڳياڙي ۾ ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪا به اهڙي سگهاري قوت نه هئي جيڪا هنن جي فتوحات جي آڏو سينو ساهي بيهي. ڀونوچ سمنڊ جو علائقو رڳو وڃي رومي ڍنڍ تائين محدود ٿي ويو. اهڙيءَ ريت يورپ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جيڪي به عيسائي رياستون هيون انهن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هڪ نئين نڪور تهذيب سان سندن ٽڪراءَ آهي.“
    (ايڇ ­ اي ­ ايل­ فشر ، ”تواريخ يورپ“ صفحو 137-138)
    سوال آهي ته اهو حيرت انگيز معجزو ڪيئن رونما ٿيو؟ انهيءِ سوال کوڙ سارن تواريخدانن جون متيون منجهائي ڇڏيون. ڇو ته اڄ جي تعليم يافته دور انهيءِ دليل کي به رد ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جي اشاعت ۽ ڦهلاءُ سڌريل ۽ سهپ وارن قومن تي تعصب جي ڪري ٿيو. دراصل اسلام جي فتح مندي سندس انقلابي اهميت ۽ اهليت سان لاڳاپيل هئي. جنهن عام لوڪن ۽ سماجي توڙي اقتصادي طور پيڙهيل طبقن لاءِ نااميدي ۽ نراسائيءِ جي تهذيبي وايومنڊل ۾ رهنمائيءَ جوڪردار ادا ڪيو. ڇو ته پراڻيون تهذيبون جن ۾ يونان، روم ، ايران ، چين ۽ هندوستان اچي وڃن ٿا، سي طبقاتي فرق جي بنياد تي زوال ۽ جمود جي زمري ۾ اچي ويون هيون.


    باب ٻيو: اسلام جو مول ۽ مقصد

    اسلامي تواريخ جا نقاد سدائين، انهيءِ نڪتي تي زور آزمائي ڪندا رهن ٿا ته اهو سڄو ڪار وَهنوار فوجي اڳرائيءَ وسيلي حاصل ڪيو ويو هئو ۽ اهي هميشه اسلام جي انقلابي اهميت کي لئه مٽي ڪرڻ ۾ غلطان رهندا اچن ٿا. جيڪڏهن عرب خانه بدوشن جي فوجي فتوحات کي اسلام جو تواريخي ڪارنامو ڄاتو وڃي ٿو ته پوءِ ان کي هڪ منفرد/جداگانه تواريخي علامت نه سمجهڻ گهرجي. ڇوته باربيرن جي ُڦر لٽ، سٿين جون ڪاهون، گائٿڪ، هُن ۽ منگولن جا حملا به انهن عربي فتوحات سان ٺهڪي اچن ٿيون. پر انهن طوفاني لهرن ۽ عربن جي مذهبي جوش جنون ۾ تمام وڏو فرق آهي. اهو هيئن ته پهرين (مثال واري) ڪاهن جي وسيلي مجموعي طور موت، تباهي ۽ بربادي جا آثار چوڏس چوڌاري پکڙجي ويا. جڏهن ته پوئين (اسلامي/ عربي) طرز جي اٿل پٿل فطرتي طور هڪ اهڙي نقيب جي مڃتا ماڻي ، جنهن انساني تمدن جي تواريخ ۾ هڪ شاندارباب جو اضافو ڪيو. ڪنهن به مول ۽ مقصد جي رَسائي تائين ڀڃ ڊاهه /تباهي جو به هڪ اضافي ڪردار هوندو آهي، جيڪو اڳوڻي جي خاتمي ۽ نئين جي اڏاوت ۽ ميدان هموار ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندوآهي. اهڙي طرز جي تباهيءَ جو مکيه مقصد هوندو آهي ته سيزر ۽ قيصر جي جهرندڙ ۽ مقدس جاه وجلال کي ڊاهڻ ته جيئن ان تباهيءِ جي آثارن منجهان انسان ذات جي ڄاڻ ۽ ڏات جي مال خزانن کي يڪجا ۽ محفوظ ڪري سندس پونئيرن/وارثن جي نيڪي ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪتب آڻجي.
    عرب خانه بدوشن جي هيڏي ساري جدوجهد منجهان اها مراد وٺڻ نه گهرجي ته اهو اسلام جي مخصوص سڃاڻپ جو هڪ حصوآهي. بهرحال هنن جو پورهيو ۽ جدوجهد، اسان جي سوچ کي انهن اسرارن جي ڄاڻ لاءِ زور بار وجهي، ڪشش پيدا ڪري ٿو ته انهن سببن جي ڳولا ڪيون، جنهنڪري تواريخ ۾ هيڏي آرماڙ ۽ ڦير ڦار آئي هئي. سچ پچ ”خدا جي فوج“ جو ڪرشماتي ڪارج، اسان جي مشاهدي واري حِس کي عبرت ۽ اچرج ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۽ اڻ تڻ پيداڪري ٿو ته تواريخ جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اسلامي انقلاب جي شاندار حاصلات متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ محمد جي پوئلڳن سوڌو سڀني کي نينڍ ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ، نبي جي پوئلڳن جي اعليٰ فتوحات کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، پر وڌيڪ ساراه ۽ واکاڻ لائق جدوجهد يا ابتدا پيغمبر اسلام جي پنهنجي محنت جو ثمر آهي جو هُن هڪ جماعت پيدا ڪري سماجي ۽ تمدني کيتر ۾ انساني تاريخ جون مثالي تبديليون آنديون. ان ۾ شڪ ناهي ته هُن سياسي ايڪتا لاءِ هڪ سازگار ماحول کي جوڙيو ۽ نتيجي ۾ معاشي اوسر ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ هڪ دور جو آغاز ٿيو. ائين عظيم الشان رومي ۽ ايراني سلطنتن جي پڄاڻيءَ سان هڪ نئين سماجي فرمان/ آرڊر (social order) لاءِ جديد آدرشن ۽ فڪرن سان راهه هموار ٿيڻ لڳي. آيل ردوبدل جو مکيه ڪارڻ هئو ته آتش پرستيءِ جي وهم ۽وسوسن ۽بدبودار يوناني چرچ، ايران توڙي باز نطيني شهنشاهيتن جي روحاني ۽ سماجي زندگيءَ کي اندران ئي اندران کاري خراب ۽ ڀتو ڪري ڇڏيو هئو، جنهن ڪري اخلاقي ۽ شعوري ترقيءِ ۾ جمود اچي ويو هو. انت ته محمد ﷺ جي سگهاري توحيد واري عقيدي جي طفيل، خانه بدوش عربن جي خوفناڪ شمشيرن نه رڳو عرب قبيلن جي بت پرستيءَ کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو ، پر ساڳئي وقت اها سموري هلچل تواريخ ۾ انسان ذات جي ڇوٽڪاري جو هڪ اهم حصو ثابت ٿي. ڇو ته زرتشتن ۾ بديءِ جي عنصر جي واڌ ۽ عيسائيت جي بگڙجندڙ عقيدن، ڪوڙ ۽ ڪپت جي اسرار فروشي، موتمار بيمارين، خانقاهي سوچ ۽ پوڄا پاٺ جي طريقن انساني ماحول کي نستو ڪري ڇڏيو هو. انهن بڇڙاين ۽ بدعتن جي خاتمي ۽ سر ڪوبيءَ لاءِ عرب خانه بدوشن جي تپرس ۾ وجهندڙ فوجي سرخرو ئي کين تواريخ ۾ انسانذات جي ترقي ۽ خدمت لاءِ اهل ۽ لائق ثابت ڪيو.
    يونان جي شاندار تهذيب ۽ ورثو، رومي سلطنت جي ويران کنڊرن ۾ دفن ٿي ۽ عيسائيت جي اسرارن جي اونداهيءَ ۾ گم ۽ غائب ٿي وئي. نيٺ هڪ عظيم مول مقصد خاطر يورپ واسين وچين دور ۾ پنهنجي بيش بها اباڻي ورثي جي مالڪيءَ لاءِ ڪنڌ کڻڻ شروع ڪيو ۽ هڪ يادگار تهذيب جي نئين سراڏاوت ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. انهيءَ جديد تهذيب جو به لڳ لاڳاپو عرب خانه بدوشن /بدوين جي فوجي رمزن، سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ ۽ اسلام جي وحداني اصولن سان هئو. اسلامي تلوار، جنهنجو ظاهري ڏيک ته ڌڻي سڳوري جي فرمانبرداري هئو ، ان جو اصل مقصد هڪ نئين سماجي سگهه (social force) لاءِ ميدان هموار ڪرڻ يا هڪ نئين شعور جي خوشبوءِ ۽ سرهاڻ جي پکڙجڻ جو اعلان هو، جنهن تحقيق ٻين مذهبن ۽ عقيدن جي دفن ٿيڻ لاءِ کڏ کوٽي ڇڏي.
    اسلام، بنيادي طور هڪ مذهبي قوت سان واڳيل فڪر کان وڌيڪ سياسي تحريڪ جو پڙلاءِ هو. ان لاءِ ابتدائي تواريخي دور ۾ لازمي هو ته عرب جي رڻ پٽ ۾رهندڙ رولاڪ قبيلن کي ايڪتا جي تسبيح ۾ پوئڻ خاطر مذهب جي وحداني فڪر کي استعمال ڪيو وڃي. ائين ڏسندي وائسندي اهو سياسي ۽ مذهبي وحدانيت پرست عقيدو پنهنجي پد جي مڃتا جو اعلان ڪندي اهڙو جهنڊو بڻجي ويو، جنهنجي ڇانوري هيٺ ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ رومي سلطنت جا هڙئي پرڳڻا اچي ويا جيڪي قديم سماجي آرڊر /فرمان جي زوال منجهان بچي نڪتا هئا. اهي ماضيءِ جا انقلاب پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا­ ساڳيءِ ريت عيسائي عقيدو به پنهنجو انقلابي جوهر ۽ اتساهه وڃائي، آدرشي نقطه نگاه کان به سماجي زوال يعني رهبانيت اختيار ڪئي ۽ هڪ جهرندڙ سلطنت جو ٿنڀو ۽ ٿوڻي بڻجي پيو. ائين مسيحي مذهب جي مسخ ٿيڻ جي ڪري جيڪو سماجي گهوٽالو /بحران پيدا ٿيو هئو ته اهڙي صورتحال ۾ عرب واپاري اميد ۽ ڇوٽڪاري جو سنيهو کڻي آيا. انهن رومي دنيا جي ڊهندڙ ۽ بدبودار سلطنت جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا ۽ پوءِ نيڪ ناميءِ سان اڳتي وڌي آيا. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته (اسلامي انقلاب) انسان ذات کي بچائي ورتو.
    هڪ جڳ مشهور اسلامي تواريخ نويس محمدؐ جي مشن بابت هيٺين ريت لکيو آهي:
    ”هن ڄاڻي وَرتو هو ته قوم هڪ وڏي لهر وانگر اصلاح جي اوسيئڙي ۾ ۽ ڄاڻ ۽ اقتدار جي خواهش ۾ سرگردان آهي. انهيءَ لڪل جوش ۽ جولان جنهن عرب عوام جي ذهن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو سو محمد جي مشن لاءِ لاڀائتو بڻيو. انهيءِ صورتحال ٻين نبوت جي دعويٰ ڪندڙن کي به اتساهه ڏنو جيڪي سندس دور ۾ ظاهر ٿيا“ (Okely:History of Sarcens)
    اهي ماڻهو جن جي نظر ۾، اسلامي تواريخ مذهبي تنگي جي اظهار طور خانه بدوشن جي ٽولي پاران استحصال ۽ جبر جو هڪ طريقو آهي ، اهڙي سوچ رکندڙن لاءِ ايئن ئي چئي سگهجي ٿو ته اُهي يا ته اڻ ڄاڻ آهن يا وري ڏسي وائسي لنوائي رهيا آهن . ڇو ته محمدؐ جا وارث جن پاڻ کي مڪمل طور ديني ۽ دنيوي فتوحات سان وابسته ڪري ڇڏيو، سي انهن انسان دشمن وحشين جهڙوڪ : اٽيلا، چنگيز يا تيمورلنگ وارن کان ڪردار ۽ ماڻهپي جي لحاظ کان وڌيڪ سلڇڻا ۽ سيبائتا ڏسڻ ۾ اچن ٿا . ڇاڪاڻ ته هو انسانن کي هڪ الله سان وابسته ڪرڻ جي هڪ مقصد، مراد ۽ روحاني آجپي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. ايئن به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هنن جي دينداري ڪٿي ڪٿي وسوسي جي وَڪڙ ۾ اچي پئي وئي . ان هوندي به اُنهن تي منافقت ۽ عياري جا داغ لڳل ڪونه هئا. حضرت محمد پنهنجي سڀاءَ جي طريقن سان مذهبي شدت پرستيءَ کي به سخاوت، سوچ ۽ مشاهدي جي نرمائي ۽ نمرتا ڏانهن مائل ڪيو. هنن ۾ ذاتي خود غرضي جا جيوڙا ڪونه هئا ۽ نه وري هو خداترسيءَ جي پردي پويان لوڀي هئا.
    تواريخ ۾ ايمان وارن جي پهرين ڪمانڊر / خليفي ابوبڪر جهڙي مخلص ۽ سچار شخصيت شايد ئي ڪا ٻي هوندي؛ هو خدا جي فوج کي تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته انصاف ڪيو ، ظلم ڪندڙ ڪڏهن به خوش نه گذاريندو ، هڪ سورهيه وانگر مرڻ قبوليو پر آڻ نه مڃيو، ٻاجهارا بڻجو، پوڙهن ، عورتن ۽ ٻارن جي قتل کان پاسو ڪيو . ميويدار وڻن، کيتن ۽ ڍڳن ڍورن کي ناس ڪرڻ کان به پرهيز ڪيو. دشمن جي اڳيان زبان جا ڌڻي بڻجو. انهن ماڻهن کي ايذائڻ کان هٿ پري ڪيو جيڪي گوشه نشيني ۾ گذاري رهيا آهن.
    هر جاءِ تي بدوي حمله آورن جي اُنهن ماڻهن آجيان پئي ڪئي جن کي هُنن بازنطين جي بد اخلاقي، ايرانين جي عذاب ۽ ڪرستانن جي ڪوڙ ۽ ڪپت کان آجو ڪرايو پئي. اهي ايمان وارا، نبي ﷺ جي انقلابي تعليم سان وفادار ۽ خليفي جي حڪمن جي پيروي به پابندي سان ڪري رهيا هئا. ان ڪري بدوي عرب، مفتوح لوڪن جي همدردي ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ويا. اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪو به حمله آور اوستائين مفتوح قوم ۾ پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهندو جيستائين کيس اُنهن جي پٺڀرائي حاصل نه ٿيندي.
    ٻئي خليفي عمر ؐ، جنهن جي شوخ شهسوارن هڪ پاسي ايراني سلطنت تي شاندار سوڀ ماڻيندي وڃي درياهه دجله تي جهنڊا کوڙيا ته ٻئي پاسي وري رومي سرڪار جي مکيه شهر اسڪندريه جي مالڪي هٿ ڪئي. پر جڏهن خليفو هڪ فاتح جي حيثيت ۾ بيت المقدس ۾ داخل ٿيو ته اٺ تي سوار ۽ سندس ڪُل مال ۾ هڪ ڏاس جوخيمو ، ٿيلهو اٽي جو، ٿيلهو کجور جو، ڪاٺ جو پيالو ۽ پاڻيءِ جي کَلي ساڻ هئا. گبن، پنهنجي لکڻين ۾ ايران ، عراق ، شام، فلسطين ۽ مصر جي فاتح جي سادگي، دينداري، مساوات ۽ سچائيءَ جي ساراهه ڪندي چوي ٿوته:
    ”هو جنهن به جاءِ تي ڊاٻو ڪندو هئو ته بنان ڪنهن فرق جي سڀني همسفرن کي پنهنجي سادي دسترخوان تي دعوت ڏئي گڏ ويهاريندو هو ۽اهو کاڌو هڪ گڏيل دعا سان نوش ڪيوويندو هو. پر لشڪر ڪشي ۽ سفر ۾ سندس انتظامي اختيارن جو نرالو انداز ۽ نياءُ انصاف جو هڪ نمونو هو. هن گهڻين زالن جي عياشي واري رواج ۾ سڌارا آندا، جيڪا بدعت عربن ۾ ڳپل وقت کان مروج هئي. ماڻهن کي خراج وصول ڪرڻ جي زور ۽ زبردستي واري ظالماڻي طريقي کان آزاد ڪيو ۽ بدوين کي عيش ۽ آرام واري گذر سفر کان پاسيرو رکڻ لاءِ سختي ڪتب آڻڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪانه ڇڏي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جي عمل کي سادگي سان وابسته ڪيو.“
    (گبن: رومي سلطنت جو زوال ۽ تباهي)
    خالد، جنهن کي نبي (خدا جي تلوار) جو لقب عطا ڪيو هو، هن جي بهادرانه ڪارنامن جي ڪري عربستان، عراق ۽ شام جا ملڪ اسلامي جهنڊي هيٺ آيا. پر جڏهن فوت ٿيو ته سندس مال ملڪيت ۾ هڪ گهوڙو، هٿيار ۽ هڪ غلام هئا. پنهنجي جوانيءِ ۾ ناماچار ڪمائيندڙ خالد چيو (ايئن درست ڪونهي ته ملڪ شام جي خوشحالي يا دولت جي حرص ۽ هوس منهنجي اندر ۾ اتساهه پيدا ڪيو ته پنهنجي سڄي ڄمار مذهب جي عظمت لاءِ سونپي ڇڏيان. مان ته ڌڻي سڳوري ۽ نبيءَ جي رضا خاطر سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهيان. )
    (رڪارڊ ڪيل : تواريخ نويس ابوالفدا)
    مصر جو فاتح عمرو بن العاص، جيڪوپنهنجي شاعراڻي مزاج سان گڏوگڏ هڪ سورهيه سرواڻ جي به وصف رکندڙ هو. هن پنهنجي خاص رپورٽ خليفي عمر رضه ڏانهن اماڻيندي لکيو : ”ماڻهن جا هشام زمين جي مٿاڇري تي ائين ڇانيل آهن جو انهن کي ماڪوڙن جي فوج سان تشبيهه ڏجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ۽ انهن ۾ جيڪا سستي ۽ ڪاهلي گهر ڪري وئي آهي ان لاءِ سولو ۽ آسان طريقو ته چهبڪ جو استعمال آهي. پر هتان جو امير طبقو پنهنجو حصو انهن پورهيتن ۽ مالڪن يا ڌرين کان ڏاڍ مڙسي وسيلي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه لڄ ۽ حجاب محسوس نه ٿو ڪري“. اهڙي صورتحال ۾ وقت جي تقاضا هئي ته وک اڳڀرو وڌائجي، ڇالاءِ ته انهيءَ قديم تهذيب جي طرز ۾ سماجي مساوات جي فڪر ۽ سوچ جي اڻ هوند عروج تي پهتل هئي، ان جي نتيجي ۾ پورهيت طبقو جيڪو غلامن يا شودرن جي شڪل ۾ موجود هو سو مٿئين طبقي لاءِ جبر ۽ استحصال ۾ ورتل هو. انهن کي مشڪل سان انسان سمجهيو پئي ويو. اقتصاديات جي پراڻي ۽ فرسوده سرشتي ۾ پهرين خليفي جي فرمان مطابق انقلابي تبديليون آنديون ويون، جنهن سان پورهئي جي اهميت اڀري آئي. ائين جڏهن پورهيت طبقي جي پورهئي سان ناڻي جي اپت ۾ واڌارو آيو ته اهو ناڻو خود بخود واپار لاءِ تحريڪ جو ڪارڻ بڻيو. مصر جي گورنر عمرو بن العاص پنهنجي انتظام ۽ اختيارن کي فرعونن ۽ بطليموسن جي ڌرتيءَ تي اصلاحات سڌارن کي اهڙو ته سيبائتي ڍنگ سان لاڳو ڪيو جو اقتصادي امتياز جي خاتمي سبب ان جي سوچ ۽ ساڃاهه تي از خود سرهائي محسوس ٿئي ٿي. ٿلهي ليکي ته مصر جيڪو صدين کان يونانين ۽ رومين جي ڦر لٽ جو نشانو بڻجندو پئي آيو. سو مسلمانن جي اقتدار اعليٰ سبب خوشحال بڻجي ويو. اهڙا کوڙ سارا ثبوت ملن ٿا، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهي ماڻهو (مسلمان) وحشين وانگر انساني قتل عام ، لٽ مار ڪرڻ ، ظلم ۽ جبر کي مذهب جي نالي ۾ استعمال ڪرڻ کان ڪوهين ڏور هئا. ان کانسواءِ سندن فتوحات جو مدو مختصر رهيو، پر علم، ڄاڻ ۽ ڪلچر جي اوسر جو سلسلو شروع ٿيو جنهن جي سرپرستي خليفن ۽ سندن آزاد توڙي ڏن ڀريندڙ بادشاهن ۾ ٿيڻ لڳي. انهيءِ آڌار سان ڏسبو ته جنگي دور جو خاتمو، نبيءِ جي آمد کان پوءِ هڪ سو ورهين جي ٿوري عرصي ۾ پڄاڻي تي رسي ويو، جڏهن عباسين، بغداد يعني (امن جو شهر ) ۾ خلافت جو پايو رکيو ته عربن جي فوجي حڪمت عملي ۽ چرپر قدرتي طور ڏورانهن علائقن کي محفوظ ۽ سلامت رکڻ تائين محدود ٿي وئي.
    بهرحال عرب بدوين جي سخت مزاج ۽ سوچ ويچار ۾ وقت جي وٿيءَ ۽ خوشحالي جي ڪري ماٺار ايندي وئي. هنن جنگين وسيلي خوشحالي ماڻڻ واري ڪارج / سلسلي کي ترڪ ڪري وڻج واپار ۽ صنعت ڏانهن ڌيان ڏنو. ايئن نالي ڪمائڻ خاطر ڌرتيءِ تي جنگ وجدل کي بر پا ڪرڻ جي برعڪس سائنس ۽ ادب جي ڳولا ڦولا لاءِ پاڻ کي راغب ڪيو. هتي هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته خوشحالي آڻڻ منجهان اها مراد ڪانه هئي ته هڪ خدا۽ رسول جي نالي ۾ مذهبي فرقيواريت جا کوپا اکين تي چاڙهڻ ، پر سماج جي خوشحالي ۽ گهرو زندگيءَ جي سڌاري لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو، جنهن ڪري جنگ ۽ ويڙهاند عرب بدوين لاءِ مستقبل ۾ اتساهه، خوشحالي ۽ فخر جو وسيلو ڪانه رهي هئي. ڇو ته هنن کي سڌ پئجي وئي هئي ته سندن دائمي خوشحالي هن دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي جنهن جي ٺاهڻ ۾ سندن جي وڏڙن جي جرئت ۽ مردانگي به شامل آهي. لا شڪ اهي سورهيه ۽ سورما جيڪي ابوبڪر ۽ عمر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي جنگ جي ميدان ۾ مذهبي سوچ سان وڙهيا هئا ۽ ان لاءِ ڌرتي تي رتوڇاڻ به ڪئي هئي، انهن جي پونئرن ڄاڻي ورتو هئو ته مانائتو پد واپار ۽ صنعت آهي پر اڃان به منافع بخش وهنوار سائنس ۽ فلسفو آهن.
    نيٺ سانده ٽي سو ورهيه امن، خوشحالي ۽ ترقي جا جيئن ئي پورا ٿيا ته عرب بدوين جي شجاعت ۽ دليري وري ڀڙڪو کاڌو جڏهن عيسائي حملي آورن گمراهه ڪندڙ صليبي لڙايون مسلط ڪيون. اڳتي هلي مسلمان فاتح قرآن جي ٻڌايل ضابطن کان لنوائي پنهنجي سِرِ ڦر لٽ، ٺڳي ، جبر ۽ ڏاڍ جا ساٿاري بڻيا ته اقتدار جون واڳون کسجي وچ ايشيا منجهان آيل وحشي منگولن جي سپرد ٿيون. انهيءَ ردوبدل جو مکيه ڪارڻ اهو هئو ته عرب ڪلچر تي علم ۽ عقل جي فروغ کان وڌيڪ آسائشون ۽ عياشيون حاوي پئجي ويون، ۽ اهڙين روايتن کي فخريه نموني اسلامي ورثو ڄاڻايو ويو، جنهن ڪري هو انقلاب جي بنيادي آب و تاب ۽ جوهر کان محروم ٿيڻ لڳا ۽ ائين تاتارين ۽ ترڪن جي ظالمانه وهنوار ۽ ڪسب جو هڪ حصو بڻجي ويا .
    اسلام بابت تواريخ جي حوالي سان اهڙا افواه پکيڙڻ متيون منجهائڻ برابر آهي ته هن جو واسطو جنگ وجدل سان آهي، ان لاءِ هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته محمد رڳو بدوي بهادرن جو نبي نه پر عرب واپارين جو به نبي هو. ان ڪري هن جنهن مثالي ضابطن سان اسلام کي سنواري ۽ سينگاري پيش ڪيو تنهن کي اڄ جي رائج وهم ۽ وسوسن وسيلي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسلام جي لغوي معنيٰ آهي ته امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ الله جي وحدانيت جو ويساهه ۽ وچن ڪرڻ ، ان لاءِ بت پرستي جي بدعتن کي رد ڪرڻ جيڪي هڪ انسان کي رب جي هيڪڙائي کان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ان لاءِ ضروري ڄاتو ويو ته عرب قبيلن جي ٻڌيءَ وسيلي زمين تي امن امان قائم ڪجي. ڇو ته انسان ذات لاءِ امن هڪ ضرورت ۽ عظيم وکر پڻ هو. اها امن امان جي بنيادي خواهش عرب واپارين جي پڻ هئي ته جيئن امن جي وايو منڊل جي ڪري واپار ۾ واڌارو ٿي سگهي. دائمي امن لاءِ لازمي هئو ته زوال پذير رياستون ۽ اجهامندڙ مذهب جيڪي لڳا تار لڙاين ۽ لا حاصل انقلابن جي ڀنڊي ۽ باهه ٻاريو ويٺا هئا انهن جو انت ۽ پڄاڻي آڻڻ . ايئن محمد جنهن امن جي عقيدي / متي جو ڦهلاءَ پنهنجي رياست ۾ ڪيو ان کي بدوي خانه بدوشن پنهنجي بهادري ۽ شجاعت وسيلي ثمر قند ۽ اسپين جي پرانهن علائقي تائين پهچائي ڇڏيو.
    اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته جيڪو به ملڪ عربن جي ماتحتي هيٺ پئي آيو ان جي اقتصادي حالتن يعني صنعت ۽ زراعت ۾ ڇوهائي ايندي پئي وئي. ائين عربن جي واپاري مزاج کي ڄڻ ته ڪنهن به اسلامي رياست جو جوهر سمجهيو ويو. ان جي ابتڙ رومي دنيا ۽ ٻين قديم تهذيبن جا حڪمران پيداوار جي بدلجندڙ ذريعن کي اجايو ۽ عبث سمجهڻ سان گڏوگڏ واپار ۽ صنعت جي طريقن کي ته ڌڪار ڀريل نظرن سان ڏسڻ جا عادي ٿي ويا هئا، جنهن ڪري جنگ ۽ جنگي حرفتن کي پنهنجي لاءِ عزت ۽ وڏائي جو باعث سمجهندا هئا. هوڏانهن وري عربن ۾ هڪ جداگانه جبلت سانڀيل هئي. اهو هيئن ته خانه بدوش رهڻي ڪهڻي جي ڪري محنت، مشقت ۽ پورهيو هنن لاءِ ڄڻ ته آجپي جو نمونو هو. ان ڪري چٽيءِ ريت سمجهه ۾ اچي ٿو ته هڪ اسلامي رياست جا سماجي آدرش ٻين پراڻين رياستن کان جداگانه طرز جا هئا. ڇو ته اسلام، صنعت جي پٺڀرائي ڪئي ۽ فطرت جي مهربانين کي کولي نروار ڪيو. انهن واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ مانائتي پيشي جو پد ڏيڻ سان گڏوگڏ ادب ۽ سائنس جي کوجنا لاءِ به نت نوان تجربا ڪيا. بغداد جا خليفا ته پنهنجي سر به وڏن واپاري گهراڻن سان تعلق رکندڙ هئا. اهڙي ريت بخارا ۽ ثمر قند جي درٻارن جو مهذب ۽ شائسته نظارو، آفريڪا جي فاطمي حڪمرانن جي سخاوت، اسپين جي حاڪمن جو دٻدٻو ظالماڻي طرز سان اڳاڙيل ٽئڪس تي مداريل نه هو پر انهن جو وهنوار واپار کي همٿائڻ هو.
    هونئن ڪجهه مخصوص حالتن هيٺ واپار، روحاني انقلاب لاءِ پڻ هڪ ذريعو هوندو آهي، ان جو چٽو مثال آهي ته عرب واپارين جي سهڪار سان وحدانيت يا محمدن ازم جو پايو پيو. سچ پچ ته رڻ پٽ جي رولاڪ خانه بدوشن ۾ ايڏو ته جذبو ۽ جولان اُڀريو جو تواريخ جي هڪ مختصر دور ۾ هڪ خوشحال ۽ عظيم الشان سلطنت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. قرآني قانون، سماجي تعلقاتن جي کيتر ۾ ڄڻ ته هڪ انقلابي روح ڦوڪي ڇڏيو. پيداوار جي ذريعي جيڪو به بي پناهه اضافو آيو سو انهيءَ انقلاب جو مرهون منت هو، ۽ اهو سمورو سٽاءَ /رٿابندي هڪ نئين ۽ آفاقي دور جي آمد جي اعلان سان گڏوگڏ روحاني آسودگي جو ثمر پڻ هو. اصل ۾ واپار انسان کي ڏورانهن ڏيهن جي مسافري سبب سوچ ۽ فڪر جي دائري کي وسيع ۽ ڪشادو بنائڻ جو ڪارڻ آهي. ڇو ته ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل ميلاپ سبب محدود مڪاني حالتن ۽ ڪٽر پڻ جي حدبندين مان واپاري ذهن آجو ٿيندو آهي. هن ۾ سهپ جي مادي جو واڌارو ، من ۾ ٻين لاءِ محبت ۽ انهن جي فڪر کي سمجهڻ بابت اڻ تڻ ۽ آدرشن لاءِ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ائين هن ۾ ڪنهن به راز جي کوجنا جو تجسس ۽ نتيجو حاصل ڪرڻ جو حرص کين اڻ ڏٺل ڏيهه ڏانهن سفر لاءِ اتساهيندو رهندو آهي ۽ جڏهن هو زمين تي پير رکندو آهي ته پنهنجن نتيجن جي آڌار تي اکيون ٻوٽي ويساهه ڪرڻ جي ڪيفيت جو خاتمو اچي ويندو آهي ۽ منجهس عيب ۽ ثواب جي پرکڻ جي ذهني صلاحيت سبب ڏاهپ حاصل ڪرڻ جي چاهت وڌي ٿي. سوداگريءَ جو گورک ڌنڌو کيس منجهيل مامرن کي سُلجهائڻ لاءِ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿو. ائين هن جي اندر ۾ هروڀرو اميري ۽ معتبريءَ لاءِ به دلچسپي پيدا ڪانه ٿي ٿئي. هن جي دماغ ۾ نفعي حاصل ڪرڻ جي چاهت رهي ٿي. ان ڪري هڪ موه رکي ٿو ته سندس اُٺ يا غوراب، اناج ۽ مصالحن سان سٿيل آهن. ائين منجهس منافع بخش حاصلات لاءِ ڪشش مستحڪم بڻجي ٿي ۽ هو سولي ۽ آسان طريقي سان پنهنجي ماڳ ۽ مڪان تي پهچڻ گهري ٿو. يعني منافعو حاصل ڪرڻ ۽ ان خفت تي جيڪو وٿ يا وکر خريد ياوڪرو ڪرڻ گهري ٿو ان مان هو سگهارا نتيجا هٿ ڪرڻ لاءِ وکر يا وٿ ۾ پنهنجي دل جي ڇڪ کي ثانوي درجو ڏئي ٿو. هن جي سوچ جي مرڪز ۾ ججهي منافعي ڪمائڻ جو جزو رهي ٿو.
    ڌارين لاءِ سهپ جو مادو، انهن کي سمجهڻ لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ، ساڙ ۽ بغض کان آزاد رهڻ، لياقت يا ذهني صلاحيت جو ڀنڊار، ڪنهن به مونجهاري کي حَل ڪرڻ جي اهليت، مطلب ته انهن هڙنئي خوبين جو ڀنڊار هڪ واپاريءِ ۾ ٿي سگهي ٿو. سندس پيشي کي ٿورو عميق نظرن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو ڄڻ ته ڏاهپ ۽ ڄاڻ جي حصول جو هڪ اهم ذريعو آهي . ڇو ته ڌار ڌار ماڻهن يا وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ وانگر عقيدا رکندڙ ماڻهن سان اٿ ويهه ڪرڻ سبب ڄڻ ته هڪ الهامي سياڻپ منجهس ديرو ڄمائي وڃي ٿي. اهو هيئن ته هڪ اک ۽ عقل جي سوچ، متروڪ ٿيل رسم رواجن يا زهد عبادت کي ڏسڻ ۽ پرکڻ، لازوال سچ جي حقيقت ۽ عظمت لاءِ راءِ قائم ڪرڻ انهن سڀني شين بابت سيلاني سوداگر جو ذهن سوچ ۽فڪر جي دائرن ۾ گردش ڪندو رهي ٿو. جنهنڪري عقيدن کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندي روايتي مذهبيت ۽ سندن سنڍ ٿيل سوچ تي افسوس ڪندو رهي ٿو. هوڏانهن ٻئي پاسي روشن خياليءَ جي انهن سڀني عنصرن لاءِ عزت ۽ احترام جو اظهار ڪري ٿو، جيڪي هڙنئي عقيدن ۽ عبادتن جي گوناگون طريقن جي پويان فطري سچاين جي تلقين ڪن ٿا.
    قرون وسطيٰ جي زماني ۾ وڻج واپار جا بين الاقوامي گذرگاهه /لنگهه اهڙن ملڪن منجهان هئا جيڪي اسلام جي دائري ۽ عرب جي حڪمرانيءِ ۾ اچي ويا هئا. ان کان سواءِ اتر وارو چين جو واپاري رستو جيڪو قسطنطنيه مان لنگهندو ۽ اٽليءِ کان ٿيندو يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن ويندو هئو سو گهڻي ڀاڱي جوکائتو، سٿين جي عذاب ۽ بازنطيني حاڪمن جي جبر کان محفوظ ڪونه هو. اڳتي هلي اڃان به جڏهن عربن، شام، عراق، ايران ۽ دجله جي آسپاس جا علائقا فتح ڪيا ته انهن چين ڏانهن ويندڙ واپاري رستي کي به اتر آفريڪا ۽ اسپين جي مفتوح علائقن ڏانهن لاڙي ڇڏيو ۽ جنهن جو انت رسائي الهندي يورپ جي مارڪيٽن تائين هڪ طرف هندوستان ۽ چين جي واپار سان ته ٻئي طرف يورپ جي واڳ به عربن جي هٿ ۾ اچي وئي. هزارين واپارين جا قافلا جيڪي بيش بها مال سان سٿيل هوندا هئا سي بنان ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي هندوستان کان ٿيندا، چين اُڪري، موراڪو ۽ اسپين تائين ڏينهن رات سفر ڪندا هئا. انهن واپارين کي ڪنهن به علائقي ۾ آزارڻ ۽ ايذائڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته جن به ملڪن منجهان سفر ڪندا هئا سي مهذب ۽ سڌريل هئا. ٿورن لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته بدوين جي شهنشاهيت ۾ تاجر طبقو ڄڻ حڪمران طبقو هو. علم ۽ تهذيب جي سگهه، بدوين جي سلطنت کي وڌيڪ سکيو ستابو بڻائيندي انهن جي وسعت خيالي /آزادانه فڪر ۽ سوچ کي سموري جهان ۾ پکيڙي ڇڏيو. هتي هڪ ڳالهه هيئين سان هنڊائڻ گهرجي ته جنگجو سربراهن ۽ جنوني مذهبي مهندران جو اتحاد هڪ اهڙي خوفائتي عقيدي جي صورت اختيار ڪندو آهي جيڪي مدي خارج ۽ منجهيل تصوف کي جنم ڏيندا آهن. ان جي ابتڙ فلسفي ڏانهن رغبت ٿيڻ منجهان مراد آهي ته ڏاهپ ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي سنسار جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارو حڪمران طبقو جيڪو سماج ۾ واپارين جي نمائندگي پڻ ڪري رهيو هو انهيءَ سبب ماضيءَ ۾ يونان جون شهري رياستون فلسفي جون جنم ڀوميون ليکيون وڃن ٿيون.
    اسلام پنهنجي جوهر جي ليکي چوکي ۽ تواريخ جي اوسر ۾ هڪ عنصر طور ڄڻ ته انساني خوشحاليءَ جو سنيهو بڻجي آيو ۽ پنهنجي اثر سان انساني سوچ ۽ ساڃاهه ۾ هڪ انقلابي تبديلي آڻي ڇڏي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو اسلام مُدي خارج تهذيبن کي ميساري اڳتي وڌي آيو هئو. پر جڏهن وقت جي وٿي ۽ سماج ۾ اٿل پٿل جي طلب به اثرانداز ٿيڻ لڳي ته نئين صورتحال ۾اسلام جي روحاني علمبرداريءَ جي سربراهي ٻين جي سپرد ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويو. لاشڪ، اسلام هڪ جديد آدرش معرفت سماجي انقلاب جي پيش قدميءَ لاءِ راهه هموار ڪئي. اهو آدرش هو سائنس ۽ فلسفي جي ڄاڻ. اڄ جي نئين سماجي انقلاب جي آدرش ۽ ترقيءَ جو ثمر پڻ اسلامي ڪلچر جي معرفت ممڪن ٿيو.
    سرمايه دارانه طرز زندگي، جنهن يورپ کي وحشي دور کان نجات ڏياري ڇڏي، ان به سائنس ۽ فلسفي جي هٿيار سان مذهبي بالادستي ۽ ڪليسا جي روحاني هڪ هٽي ۽ قبضي کي ڊگهي ويڙهاند وسيلي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو. اهو فلسفي جو هٿيار، قديم دور جي يوناني ڏاهن جي ايجاد چئي سگهجي ٿو. پر اهو ڪارائتو هٿيار ڦرندو گهرندو جديد تهذيب جي پيڙهه پٿر رکندڙن وٽ عرب عالمن جي معرفت پهتو. انهن لائق انسانن، انهيءَ علم ۽ عرفان کي پنهنجو قيمتي اباڻو ورثو سمجهي سيني سان لاتو پر ان ۾ چڱو موچارو واڌارو به ڪيو. اها تواريخي ويڙهه جيڪا عرب خانه بدوشن اسلام جي جهنڊي هيٺ هڪ هزار ورهين ۾ ٽن کنڊن تائين ڦهلائي ڇڏي هئي، تنهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ فتح منديءَ جي نئين منزل سان هم ڪنار ڪرڻ جا موڙ ارڙهين صديءَ جي باغي يورپ جي مٿي تي ٻَڌل آهن ۽ اهو آهي روشن خيالي وسيلي وچولي طبقي جو انقلاب آڻڻ.


    باب ٽيون: اسلام جو سماجي ۽ تواريخي پس منظر

    اسلام رڳو محمد ﷺجي پورهئي جو ثمر ڪونهي جيئن گهڻو ڪري ٻين مذهبن جي نسبت يا لاڳاپو سندن نبين جي نانءُ سان ڳنڍيو ويندو آهي. هونئن مذهب کي ڪنهن به فرد واحد جي ڪاوش جو نتيجو نه سمجهڻ گهرجي . ڇو ته مذهب پاڻمرادو نمودار ڪونه ٿيندو آهي يا وري نه ڪنهن غيب دان يا اولياءِ جي ڪرشمه سازيءَ جو ڪرتب هوندو آهي. ان ڪري اسلام به ٻين مذهبن جيان وقت ۽ حالتن جي رد عمل جي پيداوار آهي.
    جيتوڻيڪ، هو (عرب) گهڻي ڀاڱي بدبختيءَ جي انهيءِ شاهراهه جي آسپاس رهندڙ هئا، جتان فاتح اسيريائي،ايراني، يوناني، ۽ رومي فوجن جا گذرگاهه هوندا هئا. پران هوندي به عرب اپٻيٽ جا رهواسي پنهنجي آزاديءَ کي فطرت طرفان مليل نعمت مطابق برقرار رکڻ ۽ زندگيءَ جي سفر کي به حالتن موجب جالڻ جي اهليت رکندڙ هئا. آزاديءَ سان انتها درجي جو پيارڪندڙ، عرب جي رڻ پٽ جا رهواسي ۽لاچار حالتن ۾ به گهارڻ جا عادي، اڪيچار قبيلن ۽ گروهن ۾ ورهايل، سدائين هڪ ٻئي سان دشمنيءَ جي بنيادن تي جنگي حالتن ۾ وَرتل هوندا هئا.
    عرب گهڻو تڻو دنيا جي ٻين قومن ۽ قبيلن کان به ڇڳل هئا جنهن ڪري ٻاهران آيل کي دشمن تصور ڪندا هئا. ان کان سواءِ بک ۽ بدحالي به ڄڻ ته هنن ۾ گهر ڪري وئي هئي. اهي ٻئي عنصر، عربي قانون ۽اخلاقيات جو جُزُ ۽ جوهر بڻجي پيا هئا. هنن کي ويساهه ويهجي ويو هو ته جيئن ته هو جلاوطن اسماعيل جي پونئيرن منجهان آهن ۽ کين قدرت سزا طور ڀيانڪ رڻ پٽ ۾ وَسايو آهي ۽سکيا ستابا علائقا ۽ سرسبز زمينون انسان ذات جي ٻين قبيلن کي عطا ڪيون ويون آهن. انهيءَ لحاظ کان قوت گُذرانَ لاءِ پنهنجي حصي پتي جي نعمتن کي ڏاڍ مڙسيءَ سان حاصل ڪرڻ ۾ پاڻ کي حق بجانب سمجهندا هئا، جن کان کين محروم ڪيو ويو هو.
    رومي تواريخ نويس پلني(PLINY)، محمد ﷺ جي آمد کان ڇهه سو ورهيه اڳ عربن بابت لکي ٿو: ”اهي ٻن مکيه وهنوارن کي پنهنجي گذرسفر لاءِ ڪارائتو ۽ ڪارگر سمجهن ٿا. هڪ ڦرلٽ ۽ ٻيو واپار. ان کان سواءِ خوشحال رهڻ، رڍون پالڻ ۽ گهوڙن ڌارڻ جو به شوق رکن ٿا.“ ائين ابتدائي دور ۾ سماجي ارتقا کي ڏسبو ته اهي ٻئي وَهنوار يعني ڦرلٽ ۽ واپار، جي وچ ۾ هڪ اڻ وسهندڙ / اڻ ڏٺل لچڪدار حدبندي انهن ٻنهي کي نالي ماتر وٿير ڪو ڪري بيهاري ٿي. اهو هيئن ته واپاري ڪنهن به وکر کي سستي اگهه ۾ خريد ڪري ٺاهوڪي نفعي تي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. يعني گهٽ ۾ گهٽ رقم ڏيڻ ۽ وڌ ۾ وڌ منافعو ڪمائڻ . جڏهن ته چوري ۽ ڦرلٽ جو ڪاروبار کين هڙَ ۾ اڃا به گهٽ اگهه ۾ پوندو آهي. اڳتي هلي واپاري طبقي جي پوزيشن مستحڪم بڻي ته هن وَڌ ۾ وڌ نفعو ڪمائڻ کي پنهنجو موروثي حق سمجهي وَرتو. هوڏانهن چٽاڀيٽيءَ جي مد ۾ سندس مال جي قيمتن ڪرڻ جو به خدشو موجود هئو. ان خال کي ڀرڻ لاءِ سولو ۽ آسان طريقو مخالف جي مال کي ڦرڻ هو، اهڙي حرفت جي آڌار سان چٽا ڀيٽي ڪندڙ کي مارڪيٽ کان پري رکيو ويو پر سندس مال مڏي اڻ سڌيءَ طرح هڪ طاقتور ڌر جي ملڪيت بڻجي پيو. اڃا به ائين چئجي ته ڦرلٽ پنهنجي جاءِ تي واپاري گذرگاهن ۽ مارڪيٽ لاءِ مورڳو هڪ اثرائتو هٿيار بڻجي پئي. واپار پنهنجي شروعاتي دور ۾ جتي ڪٿي انهي عمل مان لانگهائو ٿيو، جيڪو اڄ جي واپارين لاءِ سچ پچ هڪ ڇرڪائيندڙ مثال آهي. ڦرلٽ جو هٿيار جنهن کي سندن وڏڙا هڪ سيبائتو ڌنڌو سمجهندا هئا، پر اڄ جا وارث هڪ اهڙي سنيئن سڌي راه تي جڳ مشهور پهاڪي تي عمل ڪري رهيا هئا: ”ايمانداري سڀ کان اتم ۽ اعليٰ اصول آهي.“
    هاڻي ماراماريءَ سمجهه کان مٿي پهتل وهنوار سان گڏ هنن ۾ انسان ذات جو هڪ ٻيو ويڙهاند جو عنصر يعني سياست به ساراهه ڪرڻ جي حد تائين وڌي وڻ ٿيڻ لڳي. انهيءَ ويڙهاند جي ظاهري وهنوار سان ڌرتي جي طبعي جوڙجڪ جو واسطو هو. جنهنڪري عربن فطرتي طور واپار ۽ ويڙهاند ۾ پنهنجي دور مطابق بي پناه ترقي ماڻي. ان ڪري سندن بهادر ۽ جنگجو مزاج بابت قصا ۽ ڪهاڻيون ڄڻ ته ديو مالائي افسانا بڻجي ويا. ائين جڳ مشهور تواريخي رڪارڊ (ايام العرب) جيڪو بدوي بادشاهت بابت آهي، جنهن ۾ سکئي ستابي دور جي ذڪر سان گڏوگڏ نبيءِ جي آمد کان اڳ اهڙن سترنهن سو جنگين جا بيان آهن جيڪي هڪ ٻئي سان وِڙهيون ويون هيون. ان ڪري جيڪڏهن بدوي پاڻ کي جنگجو طبيعت جي ڪري ٻين کان مٿڀرو ڄاڻندا هئا ته انهن اهڙي خوبي ۽ خاصيت اسلام جي عقيدي مان حاصل ڪانه ڪئي هئي. هو ته ايامن کان سورهيه ۽ جنگجو هئا ۽ کين اڳتي هلي حڪم ڪيو ويو ته پنهنجي تلوار کي رب جي راهه ۾ ارپي ڇڏيو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته جيڪي به فوجي ڪارستانيون اسلام جي نالي ۾ ٿيون سي نبي عربي جي پرچار جو اثر نه پر ان زماني جي سماجي حالتن جو ردعمل هيون جنهن ۾ پاڻ پيدا ٿيو هو.
    نبي سڳوري ؐ جي آمد کان اڳ عربن جي وچ ۾ جيڪي به خونريز لڙائيون ٿيون سي تباهيءَ جو هڪ المناڪ داستان آهن، پر اهي به بهادري ۽ شجاعت جي مقرر ٿيل معيارن مطابق ڪيون وينديون هيون. اهو بي تحاشا وهندڙ رت به عرب جي وارياسي زمين کي آباد ڪري نه سگهيو . پر ٿيو هيئن ته ڦرلٽ جو منافع بخش ڪاروبار جيڪو هو آد جڳاد کان ڪندا پئي آيا سو هاڃيڪار ثابت ٿيو. پر ان جي ابتڙ واپار جو وهنوار عربن جو اباڻو ورثو هو جيڪو هنن جي فڪر ۽ سوچ ۾ ردو بدل آڻڻ جو باعث بڻيو، جنهنڪري تباهه ڪندڙ جنگي جنون جي جاءِ تي روايتي بهادريءَ جي گڻ بدوين کي سودمند رستي ڏانهن مائل ڪيو. انهيءَ معاشي حاجت مندي جي اڀرندڙ رجحان ۽ فڪر (مذهب /دين) کي وڌيڪ شفاف ۽ سيبائتو بڻائي ڇڏيو.
    عربستان جيڪو پنهنجي طبعي بيهڪ جي حساب سان وارياسي رڻپٽ تي محيط آهي. ان جي ٽن پاسن کان اهڙا سکيا ستابا ۽ آباد ملڪ هئا جيڪي آڳاٽين تهذيبن جا مکيه مرڪز ۽ صنعت توڙي زراعت ۾ به قديم دور کان ترقي يافته هئا، ڏکڻ ۾ سمنڊ وسيلي هندوستان سان جهاز راني وسيلي ڳنڍيل هئا. ايئن عربستان پنهنجي شاندار طبعي جوڙجڪ جي ڪارڻ، خشڪي جي قافلن ۽ سامونڊي واپار جو هڪ مکيه شاهراه بڻجي پيو، جنهنڪري هندوستان، ايران، اسيريا، شام، فلسطين، مصر ۽ حبشه جهڙن ملڪن لاءِ واپار جي مٽاسٽا جو مکيه مرڪز بڻجي ويو. آڳاٽي زماني ۾ واپار جو رستو جيڪو افريڪا ۽ ايشيا کي رڻ پٽ ڏکڻ کان اتر طرف ڳنڍيندو هئو ۽ بيابان جي سفر کان سڀڪو پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پر نيٺ بازنطين بادشاهت جي جابرانه ۽ ڳاٽي ٽوڙ محصولن ۽ سرڪاري عملدارن جي اڻ کٽندڙ رشوت، سوداگرن کي انهن خطرناڪ ۽ رت پياڪ ڄورن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ بدوين جي مهمان نوازي ۽ تحفظ جو سهارو وٺڻو پيو.
    ابتدا ۾ عرب جيڪي به محصول وٺندا هئا سو سندن مقرر ٿيل اصول ۽ اخلاق جي دائري ۾ هوندو هو، پروقت گذرڻ سان کين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڦرلٽ يا اُڳاڙيءَ جي ڀيٽ ۾واپار وڌيڪ سودمند وَهنوار آهي . انهن سڀني قبيلن ۾ سڀ کان اڳرا قريش هئا جن فتني ۽فساد کان پاسو ڪندي امن امان جي پاسخاطري ڪندي واپار جهڙي منافع بخش وٿ ڏانهن ڌيان ڏنو. هو گهڻي ڀاڱي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري سان آباد ٿيا ۽ ڏسندي ئي حبشه جي واپار تي ڇانئجي ويا، ان کان اڳ جو ايشيا جو رستو سندن لاءِ رنڊڪ بڻجي، عيسوي صدي جي اڳياڙي ۾ مڪو، قريش قبيلي جي گاديءَ جو هنڌ، اهڙي جاءِ تي هو، جتي ڏکڻ کان اتر ۽ اولهه کان اوڀر جا واپاري رستا هڪ ٻئي سان ملندا هئا. ائين يمن مان، عربي سمنڊ وٽ قريش قافلا هندوستان جومال کڻندا هئا، جنهنجي لڳ ڀڳ هاڻوڪي عدن جو جديد بندرگاه آهي. ساڳي وقت هنن جي بيش بها ذميوارين ۾ اضافو آفريڪا ۾ حبشه سان واپار ڪرڻ ۾ آيو. هوڏانهن اتر طرف سفر جي پڄاڻي دمشق جهڙي واپاري مرڪز تي ٿيندي هئي، جتي اناج جا انبار ۽ اڪيچار مصنوعات آنديون پئي ويون ته جيئن عطرعنبير، هيرن جواهرن ۽عاج جي عيوض ۾ مٽا سٽا ڪري سگهجي. انهيءِ مٽاسٽا جي وَهنوار مڪي جي گهٽين ۾ ججهي خوشحالي آڻي ڇڏي. اڃان به اڳتي هلي اولهه، اوڀر جو واپاري لنگهه به مڪي مان ٿيڻ لڳو ته اهڙي صورتحال،قريشن جي خوشحاليءَ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. پرهو ان منزل کان اڳڀرو وڌڻ لاءِ هٿوراڙيون به هڻڻ لڳا.
    ساڳي وقت ٻيا عرب قبيلا به قريشن ۾ آيل آزادي ۽ خوشحالي سبب اندر ۾ حرص ۽ ساڙ محسوس ڪرڻ لڳا پر هنن (قريشن) پاران روايتي قانون ۽ اخلاقي قدرن جي پاس خاطري ڪارڻ ڪو به سندن تذليل ڪرڻ جي همٿ نه ڪري سگهندو هو. ائين هنن جي شرافت ۽ بزرگي جو ايترو ته چو طرف ساراهه ٿيڻ لڳي جو جنگ ۾ اڳرائي ڪندڙ توڙي بچاءَ ۾ وڙهندڙ ڌرين ۾ سندن حيثيت قبائلي ديوتائن جهڙي بڻجي وئي. اهڙي ريت ڦرلٽ جو قومي شغل جيڪو گهڻو تڻو غفلت ۽ بي ڌيانيءَ جي سبب ٻين جي جانين لاءِ تباهي ۽ بربادي جو ذريعو بڻجندو هو ان ۾ ڍرائي اچڻ لڳي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ نئين روايت (قومي واپار) ۾ تبديل ٿيڻ لڳي. انهي ردوبدل لاءِ لازمي ٿيو ته پراڻين قبائلي رنجشن ۽ نفرت کي ختم ڪري اتحاد جي ذميواري نڀاهڻ لاءِ سياسي ايڪتا ڏانهن پيش رفت ڪجي، جيڪا تواريخ جي منطقي نقطه نگاه کان انهن ماڻهن جي ڪُلهن تي رکي وئي هئي، جن جي هٿن ۾ اقتصادي شڪتيءَ جون واڳون هيون. ڇو ته انهن هٿن ۾ ئي اهليت ۽ قابليت هئي ته تواريخ جي طلب مطابق پنهنجي ڪاميابيءَ واري ماڳ ۽ مقام تي پهچي سگهن. انهي ذميواري لاءِ تواريخ ۾ چونڊيل ماڻهو قريشن کي چئي سگهجي ٿو.
    عربن جا پاڻ ۾ جيتوڻيڪ ايامن کان لڳا تار جهيڙا جهٽا هلندڙ هئا ته به سڀئي عرب قبيلا، مڪي جي ويجهو ڪعبي ۾ عبادت ۽ قربانيءَ جي رسمن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ هوندا هئا. قريش قبيلي، قومي عبادت جي مَسند تي اختيار حاصل ڪري ورتو ۽ اهڙي ريت پروهت جي طاقتور حيثيت طور ساڳي قبيلي جي هڪ اهم شاخ هاشمي گهراڻو سجاده نشين بڻجي ويو. هاشمي گهراڻو، قومي عزت، احترام ۽ مان حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ واپاري پد ۾ ٻين کان گوءِ کڻي ويو. نيٺ ، هاشمي گهراڻي جي اولاد مان ئي هڪ فرد وڏي واڪي اتحاد لاءِ هڪ نئين دين جي شڪل ۾ سڏُ ڏنو جيڪو گهڻن خدائن جو انڪاري هئو سواءِ (هڪ) جي .
    محمد ﷺ جي وحدانيت بابت جداگانه پيغام جي گونج نه رڳو انهن کي ايڪتا ڏانهن رجوع ٿيڻ جوسڏ ڏنو جيڪي ظلم ۽ جبر جي خونخوار ڪيفيت ۾ پيڙجي رَهيا هئا. پر ان آواز جي موٽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ انهن قومن وٽان به ملي جيڪي ڪئٿولڪ چرچ جي ايذاءَ ۽ تشدد جو شڪار ٿي رهيا هئا. ساڳي ريت ايران، عراق، شام، فلسطين ۽ مصر جا رهواسي به مذهبي زندگيءَ جي مختلف عقيدن جهڙوڪ: گوشه نشين تصوف ، يهودي رجعت پرستي ۽ ڪرستاني ڪٽر پڻ جي ڇڪتاڻ جي ڪري نااميدي ۽ نراسائي جي گرداب ۾ ڦاٿل هئا. ڇوته دين جي جاءِ سخت گير رسمن ۽ رواجن والاري هئي، منافقانه طرز جي ڏيک ويک جي ڪري سڪ ۽ الفت ۾ گهٽتائي اچي وئي، مذهبي عقيدت پرستي مورڳو ايمان ۽ ويساهه کي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو ۽ خدا ڄڻ ته ملائڪن ،سنتن ۽ رسولن جي هل هنگامي ۾ الوپ ٿي ويو هو. اهڙي وايو منڊل ۾ هڪ تيز آواز هڪ نئين مذهب /دين جي صورت ۾ اڀريو: (هڪ ئي رَبُ آهي.) اهو آواز ڪوملتا جو ڀنڊار ۽ سهپ ۽رواداري جو هڪ عظيم مثال هو. اهو بنيادي مول ۽ مَتو ، انهن حيران ۽ پريشان انسانن لاءِ اتساهه جوسنيهو بڻجي آيو جيڪي هڪ طوفاني سمنڊ ۾ سک، سلامتي ۽ ويساهه جي ڳولا ۾ هئا. ايئن کڻي چئجي ته سماج ۾ ڀڃ ڊاهه، ڏاهپ جي ڀينگ ۽ روحاني وڳوڙ ۾ انسان لڇي ڦٿڪي رهيا هئا. اها تواريخ جي دانهن، انهن عرب واپاري قافلن پاران اُڀ تائين ڪئي وئي جيڪي ويڙهاند جهڙي ناس ڪندڙ ڌنڌي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي معاشي طور خوشحال ۽ روحاني حوالي سان ترقي يافته بڻجي پيا. ان جي برعڪس کانئن وڌيڪ قديم ۽ تهذيب يافته پاڙيسري، جمود، زوال ۽ ڇڙواڳي جي گرفت ۾ قابو هئا. اهڙي صورتحال ۾ هڪ رب ۾ ويساهه ۽ ان جي پرچار واسطي هڪ طاقتور رياست جي جوڙجڪ لاءِ شروعات ٿي، جنهن سماجي سٽاءَ، مذهب، شهري، عدالتي ۽ انتظامي عنصرن کي متحد ڪرڻ جو سلسلو وڌايو. مطلب ته بدوين جو وحدانيت پرست ٿيڻ هڪ (نئين سوشل آرڊر)جو سوجهرو هئو جيڪو قديم تهذيبن جي آثارن مان اُڀري رهيو هو. اهڙي طرز جو عقيدو انهن انسانن لاءِ ڪشش جو باعث بڻيو جيڪي ڪفر ۽ استحصال جي هيٺ پيسجي رهيا هئا. انهيءَ نئين عقيدي، اهڙن سمورن انسانن کي سوچ ۽ فڪر جي آزاديءَ جي خاطري ڏني جيڪي سندس دامن ۾ پئي آيا. اسلام،مذهبي فتويٰ بازن جي مخالفت ۾ محروم طبقن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻجي آيو. ائين اسلام جو جنم فطرت جي مهرباني يا رحم، آزاد خيال فڪر، جمهوري پاليسي ۽ وحدانيت جهڙن عنصرن جي يڪجا ٿيڻ جو بنيادي ڪارڻ ۽ طبعي بيهڪ جو به نتيجو هو. ڇاڪاڻ ته سندس چوڌاري جيڪي به ملڪ هئا انهن ۾ ظالم ۽ سفاڪ حڪمران عوام تي مسلط هئا يا وَري ٻاهران آيل حمله آورن کين تلف ۽ تاراج ڪري ڇڏيو هئو، پر عربن ان هوندي به پنهنجي آزاديءَ کي برقرار رکيو. جنهنڪري اهي سڀئي فرقا جن کي مصر، ايران ۽ ويندي عيسائي حدن ۾ ڏک ۽ ڏولاوا ڏنا پئي ويا، انهن آزاد ۽ مهمانواز رڻ پٽ ڏانهن منهن پي ڪيو. جتي کين سوچ ۽ ويچار جي آزادي، انساني وقار جي بحالي ۽ زندگيءَ جي لطافتن بابت عملي طور خود اختياري به حاصل هئي. جڏهن اسيريائي سلطنت کي ايرانين فتح ڪيو، بابل جي قربان گاهن کي آتش پرستن نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو ته مذهبي پيشوائن بي ڌڙڪ پاسي واري رڻ پٽ ڏانهن پنهنجي عقيدي ۽ علم سوڌو رخ ڪيو. ان کان اڳ ۾ اسيريائي حملي آورن، يهودين کي انهيءَ رڻ پٽ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو. عبراني نبين ۾ شروع کان وٺي عيسيٰ تائين هڙنئي جي رهائش، فڪر ۽ پرچار جو مرڪز عرب جو بيابان هو. ساڳي ريت اسيريائي جيڪي سڪندراعظم جي انتقام جو نشانو بڻيا، زرتشت جا پوئلڳ جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي خالص عقيدي کي يوناني صنم پرستيءَ سان رلائي پليت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئا، انهن به عربي رڻ پٽ جي آزاد وايومنڊل ڏانهن هجرت اختيار ڪئي ۽ ان حد تائين جو بابلي مخالفن سان دوستيءَ جي هٿ ڊگهيرڻ ۾ پڻ عَار محسوس ڪونه ڪيو.
    راهبانه ۽ ماني فرقا جيڪي مشرقي تصوف جي پيوندڪاري جو نمونوآهن، يوناني آتما وديا ۽ ڪرستاني مسلڪ، سي سڀئي آزاد عرب جي وارياسي سرزمين تي هڪ ٻئي سان مليا ۽ انهن مان پاڪباز روحن، وڳرن پٺيان وڳرن سلامتي جي هن دائري ۾ پناهه محسوس ڪئي. انت ته ڪئٿولڪ فرقو به عربي مهمانوازيءَ جي دسترخوان ۾ شامل ٿيو،. جنهن ۾ نسطوري، بادشاهه پرست ۽ لادين به اچي وڃن ٿا جن آرٿوڊڪس چرچ جي بت پرستيءَ کان سادگيءَ جي عقيدي جي پوئلڳي ڪرڻ مناسب سمجهيو. بهرحال انهيءَ آزاد ماحول ۾ جلاوطني اختيار ڪندڙ مختلف عقيدن جي ماڻهن کي جيئن ئي هڪ ٻئي سان ويجهو ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ کين ڏسڻ وائسڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو وجهه مليو ته ڪهڙيون وصفون ۽ خاصيتون سڀني ۾ عام يامساوي آهن، ته اهڙي سهپ ۽ ماٺيڻي ماحول ۾، هنن مان ڪٽر پڻ جي سوچ ۽ فڪر غائب ٿيڻ لڳو ۽ لاتعلقيءَ جي باهه به وسامڻ لڳي، ۽ مهماننواز بدوين کي انهن سڀني تعليمن جو تت يا جوهر آيل مهمانن وسيلي حاصل ٿيندو رهيو. مختصر طور ته رڻ پٽ جي اڻ سڌريلن کي پراڻن مذهبن جي جاءِ والاريندڙن پاران هڪ نئين مذهب جو وارث بڻايو پي ويو، جنهن جو مکيه نقطو هئو ته هڪ (اعليٰ عليم)جي موجودگيءَ ۾ ايمان رکڻ جيڪو زمين ۽ آسمان ۾ اختيارن جي آڌار سان سڀ کان مٿانهون آهي. هو، انسانذات جي آڏو وقت به وقت پنهنجي ظهور جو وسيلو پيغمبرن جي معرفت بڻيو آهي. هيل تائين اسلام جو جوهر عربن لاءِ روحاني شعور وسيلي چٽو ٿي محمد ﷺ جي آمد کان اڳ ۾ اڀريو ته جيئن پاڻ هڪ نئين مذهب جي عمارت جوڙڻ واري تحريڪ کي اڳتي وڌائي سگهي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته اسلامي جوهر رڳو محمد ﷺ جي ذهانت جي ايجاد ڪونهي. اهو ته پنهنجي پَر ۾ تواريخ جو هڪ ورثو هئو جيڪو عربن کي همٿائي رهيو هو. لاشڪ محمد جي عظمت ۽ اهليت ئي هئي جنهن انهيءِ ملندڙ ورثي جي مڃتا ڪرائڻ يعني پنهنجي ديس واسين کي شعور ۽ فڪر سان هٿياربند ڪيو . عربن کي هڪ خدا جي ڄاڻ ته سندن ڏاڏي ابراهيم کان ئي ملي وئي هئي، پر قبائلي رسم رواجن ۽ مفادن جي ڪري اڃان تائين شرڪ ۾ مبتلا هئا. هوڏانهن ٻين مذهبن جا مثبت اثرات جيڪي تواريخ جي وراثت سان هنن جي حوالي ٿي ويا هئا ته لازمي بڻيو ته پنهنجي روايتي عبادت جي طور طريقن ۾ به ڦير ڦار آڻين، انهيءَ اعليٰ مقصد لاءِ هڪ هلچل جو هئڻ ۽ مڪو اهڙي حڪمت عملي لاءِ خاطر خواه مکيه مرڪز هو.
    ائين عرب قبيلن ۾ آزادي ۽ رتو ڇاڻ جا ٻه ڌار رستا باهمي ٺاهه ۽ رضامندي لاءِ مڪي ۾ ئي گڏ ٿيا هئا . ڇو ته واپار جا هڙئي لَڪَ به مڪي ڏانهن ويندڙ هئا، جنهنڪري معاشي مفادن جي بنياد تي مرڪز گريز قوم ۾ جيڪا مڪي جي اندر ايڪتا پيدا ٿي هئي سا روحاني طور هڪ وقتي علامت هئي . اهو هيئن ته جڏهن رڻ پٽ جي ڏورانهن پنڌن کان قبيلا مڪي جي مارڪيٽ ۾ ايندا هئا ته ڪعبي ۾ عبادت لاءِ به ويندا هئا. انهن مان هر هڪ قبيلي لاءِ پنهنجو مقرر ٿيل بت /ديوتا به هوندو هئو. ڪعبي ۾ ٽي سو سٺ بت، جن ۾ انسانن، عقابن ۽ شينهن جا بت موجود هئا. پر خوشحال قريش قبيلو واپار تي ڇانيل هو ۽ طاقتور هاشمي گهراڻو ڪعبي جو ڪنجي بردار هو. اهوفطري قانون آهي ته نئين سوچ ۽فڪر جو جوهر قومن کي معاشي بنيادن تي ايڪتا جي عمل سان ڳنڍڻ لاءِ قومن جي ذهن ۾ چرپر ڪرڻ لڳندو آهي. انهيءَ حوالي سان لازمي بڻجي پيو ته هاشمي گهراڻي جو هڪ فرد نئين مذهب جي پر چارڪ طور اچي ابتدا ڪئي.
    هيڪر هاشمي گهراڻي ۽ قريش قبيلي وارن نئين عقيدي جي مڃتا ڏانهن وک کڻڻ شروع ڪئي ته پوءِ ديرمدار سان سموري قوم کي ته اهوئي رستو اختيار ڪرڻو پيو. ائين جيڪي به مڪي ۾ واپار تي قابض هئا سي سولائي سان پنهنجي عقيدي کي قوم جي مٿان مسلط ڪري پي سگهيا، پر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اوگڻ قريشن کي پنهنجن مائٽن کي ستائڻ واري جبلت کان روڪي نه سگهيو. ڇوته قريشن کي خوف اچي ورايو ته نئين بدلجندڙ صورتحال ۾ رئيساڻو تسلط ۽ ان جو بنياد واپار جو مرڪز مڪي منجهان ختم ٿي ويندو پر ان سان گڏوگڏ ڪعبي جي عظمت کي به ڇيهو رسندو. ان هوندي به کوڙ سارا ماڻهو ايندڙ انقلاب جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار هئا جڏهن ته وري ڪي لائق ماڻهو ناڪام به ٿي چُڪا هئا . ايئن ڏسندي وائسندي يثرب، نبي جي هلچل جو مکيه مرڪز بڻجي پيو ۽ ايڪتا جي اهڙي سَڏ جي وراڻي ٻين قبيلن کان به شانائتي نموني ملڻ جي شروعات ٿي وئي. مڪي جي مهانتا لاءِ يثرب ڄڻ ته ڌمڪي بڻجي اُڀريو. هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي ڪٽنب، قريشن جي رجعت پسندي کان ڌار ٿيڻ ۽ هاشمين جي انقلابي تحريڪ سان وابسته ٿيڻ لڳا. ان کان اڳ جو قريش پنهنجن جلاوطن مائٽن آڏو آڻ مڃين، سندن ڪوشش هئي ته (ايمان وارن جي سردار)کي گرفتار ڪري وٺن.
    جيئن ئي نبيءِ جي پوئلڳن مڪو فتح ڪيو ته هڪ دائمي قانون لاڳو ڪيو ويو ته ڪنهن به مشرڪ کي مقدس ڌرتيءَ تي پير رکڻ نه ڏنو ويندو . ائين نئون مذهب مسلمانن جي لاءِ معاشي ترقيءَ جو ذريعو بڻجي ويو ڪعبي مان سڀني بتن جي صفائي ڪندي ان کي (محمد جي خدا جو گهر)پڌروڪيو ويو. نئون مذهب جيئن پير پختا ڪرڻ لڳو ته سڄي قوم ان ڀاڪر ۾ اچي وئي. هاڻي ميدان به هموار هئو. اهو هيئن ته نئون عقيدو سڄي قوم جي ذهن تي ڇائنجي چڪو هو. اهو ئي وقت هو جو تبليغ ۽ پرچار جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿئي، اقتصادي مفاد انهيءِ عقيدي جي سگهاري ٿيڻ جي گهر ڪري رهيا هئا.


    باب چوٿون: سوڀ جا سبب

    اسلام، جنهن تواريخي پس منظر ۽ سماجي صورتحال ۾ اُڀري آيو، ان کيس سهپ ۽ رواداريءَ جي عنصرن سان ڳنڍي ڇڏيو جيڪو روايتي طور انتها پسندي ۽ ڪٽر پڻ جي سوچ ۽ اثر کان آجو هئو. ڇو ته منجهس اهڙن تضادن جي گنجائش موجود ڪانه هئي. ان جو مکيه سبب ته اسلام جو بنيادي عقيدو آهي (هڪ ئي رب ٻيو ڪوبه نه)جيڪو سهپ جي اصول جي اعليٰ سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن دنيا سموري عيبن ۽ بگاڙ جو هڪ ڳٽڪو آهي، انسان ذات پنهنجي ذات ۾ حماقتن ۽ هوڙاهپ جو مجموعو آهي سا ڪيئن به هجي پر هڪ خدا جي مخلوق آهي، جڏهن اهڙي صورتحال هڪ اهڙي ماڻهو جي اڳيان اچي ٿي جيڪو هڪ اعليٰ عقيدي ۾ ويساهه رکندڙ آهي سو اهڙي بگڙيل حالت تي افسوس جا ڳوڙها ڳاڙڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڇو ته اها سموري صورتحال سندس نظر ۾ هڪ گمراهي کان وڌيڪ ڪجهه ڪونهي. پر سندس فطري عقيدي جا اصول هن کي اجازت نه ٿا ڏين ته انهي وهنوار يا عبادتن کي شيطاني قوتن جو مجموعو سمجهندي، انهن پيروڪارن مٿان جنگ مسلط ڪرڻ جو اعلان ڪري. بلڪه هو ته اهو سوچيندو ته اصل ۾ اهي ماڻهو جيڪي جداگانه نموني عبادت ڪن ٿا سي بگڙيل ۽ غلط راهه تي ڀُلجي ويل ڀائر آهن. اهي ساڳي پيءُ جا ٻار آهن جن سڀني کي نئين راهه تي آڻڻ گهرجي يا رحم ۽ ماڻهپي جي وسيلي اوستائين کين برداشت ڪجي جيستائين هو پاڻ نجات حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.
    پر دنيا جي سامهون رسول عربي جي پوئلڳن لاءِ هن ڊيڄاريندڙ تصور کي فروغ ڏنو ويو ته هنن دنيا کي ” قرآن ياتلوار“ اهڙي دڙڪي اسلامي تواريخ جي اوسر مٿان هڪ اهڙو ڇانورو ڪري ڇڏيو جو ٽين متبادل ۽ آزادانه راءِ ڄڻ تي گم ۽ غائب ٿي وئي. اصل ۾ اها آڇ ئي اسلام جي فتح مندي جو مکيه وسيلو هئي. اها هئي، (اسلام کي مڃيو يا فاتح عربن کي جزيو ڏيو.) هوڏانهن ”خدا جي تلوار“ مياڻ منجهان تڏهن پئي ٻاهر آئي جڏهن انهن ٻنهي آڇن مان ڪنهن به هڪ کي مڃڻ کان نابري واري پئي .بنيادي طور اهو عرب واپارين جي اقتصادي مفادن جي به خلاف هئو ته هو رتوڇاڻ جي طريقي تي هلن. جنهن اسلام جي هيڪڙائي /وحدانيت جي تصور کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هنن ضروري ڄاتو ته هڙئي رستا جيڪي ڪاٿئون به پي گذريا انهن کي فتح ڪري هڪ وحداني رياست جي زمري ۾ آڻجي. ايئن هڪ مکيه مقصد اهو به ٿي پي سگهيو ته وڌ ۾ وڌ علائقن جا ماڻهو نئين دين کي قبول ڪن ته جيئن هڪ وحداني رياست جو سگهارو بڻ بنياد رکي سگهجي. واپار ۾ واڌاري لاءِ اپت ۽ کاپو ٻه اهم اسم آهن. ان ڪري اسلامي تواريخ جي حدبندي ۽ ڪردار ۾ اهڙو قدم به اڻ وڻندڙ ۽ غير فطري هئو ته هنر مند ۽ پورهيت طبقي جو قتلام ڪيو وڃي يا وري سکيا ستابا شهر ويران /ڀڙڀانگ ڪري ڇڏجن، ڇا ڪاڻ ته ڪجهه بي دين، قرآن کي مڃڻ کان انڪاري هئا، انهن لاءِ فرض پئي بڻيو ته هو نئين عقيدي ۾ ويساهه /ايمان رکندڙن جي تابعداري قبول ڪن. اهڙي طرح نبي جي پيروي ڪندڙن جي زيردستيءَ ۾ رهندڙ ناستڪ ماڻهن کي به موڪل هئي ته پنهنجي اڻ مڪمل عقيدي تي پَڪا پختا رهن ۽ گمراهه ڪندڙ عبادت به ڪندا رهن.
    جڏهن بيت المقدس تي خليفي عمر رضي الله تعاليٰ عنه قبضو ڪيوته مفتوح شهر جي رهاڪن کي سندن مال متاع کان محروم ڪونه ڪيو ويو ۽ کين عبادت جي به کلم کُلا اجازت ڏني وئي. ان ڪري شهر جو هڪ پاسو عيسائي رعايا، معتبرن ۽ پادرين لاءِ مخصوص ڪيو ويو. عيسائين جي سموري برادريءَ کي تحفظ جي مڪمل خاطري ڏيڻ لاءِ نالي ماتر ٻه سونا سڪا ساليانو ٽئڪس طور وصول ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کانسواءِ زيارتن لاءِ مقدس شهر ۾ ايندڙ ماڻهن جي دلشڪني ڪرڻ بدران مسلمان فاتحن همٿايو ته جيئن وڻج واپار کي وڌائڻ ۽ ترقي ۾ هٿي ملي سگهي. پر چار سو سٺ ورهين بعد ۾ جڏهن مقدس شهر وري عيسائي حاڪميت ۾ ۽ يورپ جي صليبي سردارن جي قبضي ۾ آيو ته ڏيهي عيسائي، عرب خليفن جي سهپ ۽ رواداري واري دور حڪمراني کي ياد ڪري پشيماني ۾ هٿ مهٽيندا رهيا“. ( گبن: رومي سلطنت جو زوال ۽ تباهي.)
    مسلمانن جي سهپ ۽ رواداري واري اصول جي ابتڙ، صليبي مجاهدن، يروشلم تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ جيڪي ڪجهه ڪيو سو عالم آشڪار آهي. (خانگي يا سرڪاري مال ملڪيت جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ انهن مهم جوئن (جيڪي هٿ اچي ۽ قبضو ڪيو) جي اصولن کي جائز ڄاڻايو. انهن جي گمراهه عبادت گذارن، ڪرستاني خدا جي حضور ۾ رت جو نذرانو پيش ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪا نه ڪئي، ڪنهن به هلڪي سلڪي مزاحمت سندن سوچ جي مٿان ٻرندڙ تيل جو ڪم ڪيو ۽ هنن جي ڏاهپ ۽ عقلمندي به اندر ۾ ٻرندڙ مچ کي ٿڌو ڪري نه سگهي ۽ اهي وحشي ساندهه ٽي ڏهاڙا قتل عام ۾ محو رهيا. ائين اٽڪل ستر هزار مسلمانن کي تلوار جو بک بنائڻ سان گڏوگڏ، بيگناهه يهودين جي قتلام ۽ سندن عبادت گاهن کي ساڙڻ سان به سندن هينئون ڪونه ٺريو ۽ جيڪي ماڻهو قتل کان بچي ويا انهن کي گرفتار ڪري غلام بڻايو ويو. (حوالو: ساڳيو -گبن)
    مستند تواريخي ليکڪ جن ۾ مسلمان ۽ ڪرستان اچي وڃن ٿا، انهن جا هم عصر توڙي جديد دور جا ليکڪ ۽ ويندي گبن جهڙو عظيم نقاد به سهمت آهي ته (محمد ﷺ پنهنجي ڪرستان رعايا کي تحفظ ڏنو، واپار جي آزادي، مال ملڪيت جي رکوالي ۽ عبادت لاءِ به سهپ ۽ برداشت وارو رستو اختيار ڪيو) . انهيءَ سهپ ۽ رواداري جهڙي ڪارائتي اصول جي پيروي نه رڳو نبيﷺ جي جانشينن ڪئي پر سموري عرب حاڪميت جي دور جو بنيادي اعليٰ اصول رهيو. پر اڳتي هلي، انهيءَ اعليٰ اصول جو انت اچي ويو ڇو ته اسلام پنهنجو تواريخي ڪردار پُورو ڪري چڪو،۽ ان جو ڪارڻ هئو ته سندس رهبري معزز بدوين جي هٿن مان نڪري بدنام وحشي تاتارين جي هٿ ۾ اچي وئي. ان هوندي به اسلام پهرين ترڪ خليفي جي ايامڪاري ۾ سهپ ۽ رواداري جي جوهر کان مڪمل طور وانجهيل ۽ خالي ڪونه هو.
    اسلامي عروج واري دور ۾ سهپ /برداشت جي قوت سبب آزاد خيالي ۽ عقليت پرستي ۾ اضافو آيو، پر تقليد پرستي جي نقطه نگاه کي به سنڌائتو ڌڪ لڳو، ۽ مثبت طرز جي غير فرقيواريت ۽ متعصب مسلمانن جي خيال موجب ناستڪي عقيدن به زور ورتو. بغداد جي عباسي خلافت جي شروعات ۾ خليفا ناستڪي /ملحدانه سائنس جو مطالعو ڪندا هئا. سوچ ۽ فڪر کي آزاد خيالي سان منسلڪ ڪري ڇڏيو.
    اهڙي طرح صدين تائين اسلامي سلطنتون مصيبتن جي ماريل يهودين ۽ آزاد خيال عيسائي فرقن لاءِ پناهه گاهه ۽ مهماننوازي جومرڪز هونديون هيون. جيئن ئي عربن جون بادشاهتون مضبوط ٿينديون ويون تيئن اسلام جو بنيادي عنصر يعني سهپ جو اثر رسوخ ڪئٿولڪ چرچ تي به اثرانداز ٿيڻ لڳو. اهڙي ڪار گذاري جا شاهد ڪليسائي تواريخ نويس پڻ آهن. اهڙوئي هڪ مثال تواريخ نويس رينوٽ( RENAUDOT) جو هتي ڏجي ٿو جيڪو لکي ٿو: ”بزرگن، پادري لوڪن جي حيثيت، مان ۽ مرتبي کي اسلامي عدالتن پاران تحفظ ڏنو ويو، ۽ ڪرستان لوڪن جي قابليت کان متاثر ٿيندي کين سيڪريٽري ۽طب جي اعليٰ عهدن تي به فائز ڪيو ويو. هو ساڳي وقت روينيو جي وصولي ۽ حساب ڪتاب رکڻ ۾ به ماهر ثابت ٿيا جو کين شهرن ۽ صوبن جي سربراهي به عطا ڪئي وئي. بغداد جي هڪ خليفي جو چوڻ هو ته عيسائي، ايران جي انتظام سنڀالڻ ۾ ڏاڍا سود مند ثابت ٿيا آهن. جڏهن پروٽيسٽنٽ فرقي لاءِ ڪئٿولڪ فرقي وارن باهه ٻاري ڏني ته انهن کي مسلمان بادشاهت ۾ آزاديءَ سان عبادت جي اجازت ڏني وئي ۽ ان سان گڏوگڏ خليفي هنن کي مڪمل سهڪار جو به يقين ڏياريو ته جيئن ڪئٿولڪ فرقي جي اره زوراين کي ختم ڪري عيسائيت کي پنهنجي حقيقي روپ ۾ قائم ڪجي.
    آڳاٽو زرتشتي ڌرم، جنهن ۾ ”نيڪي ۽ بدي“ جو هاڃيڪار نظريو موجود هو. اها دوئي اسلام جي وحداني اصول جي سخت مخالف هئي پوءِ به مجوسي عقيدو رکندڙ، عرب فاتحن جي سهپ ۽ رواداري جي وَرتاءَ کان محروم ڪونه ٿيا. ٽين هجري جي لڳ ڀڳ واري دور ۾ نظر ٿو اچي ته شاندار آتشڪدن جي پاسي ۾ مسجدون به اڏيل آهن. انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته پراڻي عقيدي جون اهي شاندار يادگارون جيڪڏهن ڊهي ڌرتي داخل ٿي ويون ته ان جو ذميوار اسلامي تلوار جي جارحانه ۽ جنوني حملي کي چئي نه ٿو سگهجي پر انهن جي مقدر ۾ زوال ۽ تباهي اڻ ٽر بڻجي وئي ڇو ته سندن پيروڪارن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ايندي پي وئي. هونئن به اهڙي قوم يا ماڻهن جي جياپي يا جالڻ جي شڪتي ختم ٿي ويندي آهي جيڪا ٿوري گهڻي بار پوڻ تي نالي ماتر مزاحمت ڪندي پنهنجي اباڻي عقيدي تان هٿ کڻي وڃي ۽ ڏسندي وائسندي فاتحن جي آڏو گوڏا وڃي کوڙي، جنهن جو اظهار ايرانين دجله کان فرات تائين وسيع علائقي ۾ ڪري ڏيکاريو. دراصل اهو پراڻو عقيدو جمود جو کاڄ بڻجي پنهنجون گُهربل ذميواريون نڀاهڻ جي حيثيت وڃائي ويٺو هو. جنهن ڪري نيڪيءَ جي آب وتاب (اسلام)، سج ۽ باهه جي روشني (زرتشت مذهب) کي وسائي ڇڏيو ۽ نئين پيغام، ايراني عوام کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو. ڇو ته اهو سنيهو ۽ پيغام، اونداهي جي جابرانه ۽ بديءِ جي قوتن کان ڇوٽڪارو بڻجي آيو هو.
    ائين اتر آفريڪا، اسڪندريه کان وٺي ڪارٿيج تائين سڄي علائقي ۾ ڪرستاني عقيدو، اسلام جي اچڻ سان جهڪو ٿي ويو. نئين مذهب جي چوڏس چوڌاري پکڙجڻ جو ڪارڻ مسهائپ به ليکي سگهجي ٿي، پر اصل ۾ پراڻي عقيدي جي سُنڍ ٿيڻ جو مکيه سبب نراسائي ۽ نااميدي جي صورتحال هئي. هونئن مسيحي مذهب کي مضبوط ڪرڻ وارن جي زمري ۾ سورهيه ۽ خدا ترس ماڻهن ۾ سائپر ATHANASIUS ۽ آگسٽن جا نالا کڻي سگهجن ٿا. پر اڳتي هلي ان کي ڊانواڊول ڪرڻ جا ذميوار ARIAN ۽ DONTOISE جا طور طريقا ۽ ڪئٿولڪ جنون هئو، جنهنڪري انهن جنوني واعظن جي وڪڙ ۾ اچي عام ماڻهو مذهبي نعره بازي کان متاثر ٿي اٿيا ۽ انهن کي لتاڙيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال علائقا بربادي جي ڏاگهه چڙهي ويا. اڃان به وينڊل (VANDAL ) ۽ مُور (MOORISH ) حمله آورن انهن علائقن کي بي رحميءِ سان نيست ۽ نابود ڪيو ۽ عام ماڻهن کي مايوسي، سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ روحاني عذاب جي اهڙي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو جو هو سچائي کان فرار حاصل ڪري وَهمي،تصوراتي ۽ راهبانه زندگي گهارڻ ڏانهن موٽي ويا.
    اهڙي زوال پذير سماج ۽ روحاني لحاظ کان تباهه يا ٻاٽ اونداهي ۾، نبيءَ طرفان هڪ سگهارو ۽ اتساه ڀريو سنيهو ڏيڻ ڄڻ ته اميدن جو شعاع هو. ڇو ته نئون مذهب هڪ ئي وقت انسان ذات لاءِ دين ۽ دنيا جي ڀلائي ۽ ڪشش جو ڪَارڻ بڻجي آيو هو. ائين اسلام جي فتح جا نغارا انهن مايوس دلين لاءِ سجاڳي جو سنيهو هئا، جن کي هن ڌرتي تي جيئڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو هئو، جيڪي وهم ۽ وسوسي جي خطرناڪ کاهين ۽خندقن ۾ باندي بڻجي ويل هيون. نئون آيل عقيدو جيڪو فطرت جي سڀا ويڪ اصولن سان ٺهڪندڙ هئو سو، ڏسندي وائسندي تمام تيزيءِ سان رهبانيت جي گمراه ڪندڙ خيالن تي ڇانئجي ويو، جنهن کي مسيح جي نالي ۾ بگاڙيو ۽ مسخ ڪيو ويو هو. اهڙي وايومنڊل ۾ اسلام اميد ۽ آسري جو نئون پيغام انهن ماڻهن لاءِ بڻجي آيو جيڪي محرومي ۽ مايوسي جي گهري کاهيءَ ۾ اچي ڪريا هئا، لاشڪ ته انهيءَ آيل للڪار هڪ زلزلي جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي. ڇو ته نئين سماج جو فرمان هئو ته هر فرد کي سندس اهليت ۽ حيثيت مطابق فطري طور ترقي ڪرڻ جو حق آهي. ائين اسلام جو حرارت بخشيندڙ جذبو ۽ عرب فاتحن جي فياضي ڀريل روش سبب ستت ئي اتر آفريڪا جي سرزمين ۽ ان جا جفاڪش ماڻهو خوشحال ۽ سُکيا ستابا ٿي ويا.
    گهڻي وقت کان هڪ وڏي غلط فهمي هلندي پئي اچي ته عربن جي ترقيءِ جو گهڻي ڀاڱي راز تلوار آهي. تلوار جي ٻل تي ڪنهن به قوم جي عقيدي کي ڦيرائي سگهجي ٿو پر سندس شعور تي اثرانداز ٿيڻ محال آهي . انهيءَ هيڏي ساري ڳالهه کي وزنائتو ثابت ڪرڻ لاءِ باريڪ بيني سان دليل ۽ جامع ثبوت جي ضرورت آهي، ان لاءِ اهو سمجهڻ لازمي آهي ته اسلام جي آمد کان اڳ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي اندروني حالت ڪهڙي هئي. مفتوح ملڪن جي سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ بابت ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي. دراصل انهن علائقن ۾ مذهب پنهنجي حيثيت گهڻي وقت کان وڃائي ويٺو هئو ۽ ان جي جاءِ تقليد پرستي والاري ڇڏي هئي . ڇا اهو ممڪن آهي ته گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل ماڻهو جيڪي وڏي مشڪل سان عام شين جي واهپي بابت ڄاڻ رکندڙ هئا سي اهڙي پر اسراريت کي به سمجهڻ جي اهليت رکي سگهيا پئي ؟ پوءِ، انهن ئي منجهيل عقيدن بابت کين سمجهايو ويندو هئو ته ڇوٽڪاري جو وسيلو آهن. پر انهن ڏسي ورتو سندن ڇوٽڪارو عمل جي ڪسوٽيءَ تي نه پر رڳو عقيدتمنديءَ ۽ غير حقيقت پسنديءَ تي پئي رکيو ويو. انهيءَ صورتحال تي ڪهڙي ٽيڪاٽپڻي جي گنجائش آهي. جڏهن هنن جا لاٽ پادري قتل، زهر ڏيڻ، زناڪاري، انڌو ڪرڻ، فسادن، غداري، گهرو ويڙهاند ۾ ملوث هجن، جڏهن ته چڱا مڙس ۽ مذهبي مهندار هڪ ٻئي کي ڀت ڀائپيءِ مان ڪڍڻ ۽ لعنت ملامت جي ڪرت ۾ محو هجن ۽ دشمنيءَ ۾ هڙئي ليڪا لتاڙي اقتدار جي حرص ۽ هوس خاطر، خواجه سرائن کي رشوتون ڏيڻ ۽ ڪڃرين کان ويندي شاهي گهراڻي جي عورتن کي فيض ۽ برڪتن جا اختيار ڏئي انهن کي مجبور ڪن ته اهڙن فتنه انگيز ۽ سازشي ماڻهن جو آواز ڄڻ خدائي فرمان ڄاڻائڻ، جنهن جي آڏو سڀني کي ڪنڌ جهڪائڻ لازمي هو. انهن ئي راهبن جا ٽولا هئا، جيڪي شاهي فوجن ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ ۽ شهرن ۾ جهيڙا فسادڪرائڻ ۽ مذهبي شدت پرستي لاءِ ڀيانڪ طرز جا گوڙگهمسان ڪرائڻ ۾ رُڌل هوندا هئا.پر انهن ڪڏهن به شعور جي آزادي يا انسان ذات جي مٿان ٿيندڙ جبر ۽ ڏاڍ خلاف نه آواز اُٿاريو. هاڻي اهو سمجهڻ سولو آهي ته اهڙي نفرت انگيز ۽ عدم مساوات جي وايومنڊل ۾ ڪهڙو نتيجو حاصل ٿيندو؟ لاشڪ ته عام لوڪ ڪڏهن به نه گُهرندو ته اهڙي سرشتي کي بچائڻ لاءِ هڙئون ۽ وڙئون مدد ڪري جيڪو ذهن جي ڦرهيءِ تان ميسارجي چڪو هو.
    ”جڏهن دنيا فرقيواريت جي ٻائيتال ۾ گهيريل ۽ ڇڙواڳي جي اڻ کُٽ تڪرارن ۾ ورتل هئي ته اوچتو لااله الا الله جو ڪفر ٽوڙ ۽ فلڪ شگاف نعرو بلند ٿيو. ڇا اهو تعجب ۽ تپرس ۾ وجهندڙ آواز نه هئو، جنهن جي آمد سان گوڙ ۽ گهمسان ۾ ماٺار ايندي وئي؟ ڇا اها عجب ۾ وجهندڙ سچائي ناهي جنهن کي ايشيا ۽ آفريڪا محسوس ڪري ورتو. ايئن حب الوطني کي به ڪنهن حد تائين مذهب جي زير اثر ڄاتو ويو، جيڪا مجموعي طور ان زماني ۾ مري کپي وئي هئي.....“
    (J.W.. DRAPER. HISTORY OF INTELLECTUAL DEVELOPMENT OF EUROPE VOL . 1 P.P 332-3)
    مساوي اصول، جنهن جي تبليغ محمدﷺ جا پوئلڳ ڪري رهيا هئا، ان جو بنيادي واسطو خانه بدوش عرب قبيلن جي روايتي آزادانه ماحول سان هئو. انهيءَ نقطه نگاه کان ڏسبو ته پنهنجي قومي ڪاروبار يعني ڦرلٽ کي شهه زوري جو عنصر ڪري ليکيندا هئا. جيتوڻيڪ انهن سڀني روايتن اڳتي هلي سندن جاه وجلال سان ڀريل فتحن جي شڪل اختيار ڪئي ته به پنهنجي قومي روايتن کي هڪ عرب جي حيثيت ۾ وساري ڪونه ويٺا، ڇو ته هڪ عرب جو گهوڙو جيترو تيز رفتار هوندو آهي اوتروئي سندس شمشير تکي هوندي آهي. ان ڪري هو سدائين پنهنجي رڻ پٽ واري ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ فاتح لشڪرن جهڙوڪ: سائرس، سڪندراعظم، دارا، پومپاءِ نوشeروان، بطليموس ۽ ٽروجن جي سامهون مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو. هنن ماضي جي ڪٺورتا ڀريل حالتن کي ڦيرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پير پوئتي نه ڪيو. پر اسلام جيڪو مساوات جو نقيب بڻجي آيو سو سورهيه عرب جي فتح منديءَ ۾ سندس شمشير جيتروئي طاقتور ثابت ٿيو. ڇو ته اهو پيغام ، انهن سڀني جابرانه قانونن لاءِ چئلينج بڻجي آيو، جيڪي ذات پات ۽ طبقاتي عذاب هيٺ بازنطيني، ايراني ۽ هندوستاني سلطنتن جي چڪين ۾ پيسجي رهيا هئا. ان جي جاءِ تي اسلام آزادي ۽ مساوات جو علمبردار بڻجي آيو. انهيءَ علمبرداري جي ڪيفيت کي گهڻي وقت کان پراڻي تهذيب يافته معاشري وساري ڇڏيو هئو ۽ اندروني طور زوال پذير هئو.
    ائين آڳاٽين تهذيبن جو جوهر ڄڻ ته عربن حاصل ڪري ورتو. هاڻي ڄڻ ته اهو سندن مشن ۽ مقصد بڻجي پيو ته هو انهن مصيبتن جي ماريلن جا مددگار بڻجن جيڪي جهرندڙ تهذيبن جي بار هيٺ ڪنجهي ۽ڪرڪي رهياهئا. ان کان سواءِ آسپاس جو ماحول به اسلام جي ڦهلاءِ لاءِ سازگار بڻجڻ لڳو . ائين کڻي چئجي ته اسلام اهڙي دور ۾ پاڻ نروار ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن پراڻين تهذيبن جي سڄي دنيا۾ طبقاتي ، فڪري ۽ روحاني زوال جي ابتدا ٿي چڪي هئي. ان جي نتيجي ۾ عام ماڻهو جيڪي جهرندڙ ۽ جابرانه سماج جي وايومنڊل ۾ لاتعلق ۽ اياڻا بڻجي ويا هئا انهن جي اندر ۾ هڪ نئين سماج جي اڏاوت لاءِ تمنا رکندڙ ٻالڪ چئي سگهجي ٿو. بدقسمتي سان اهو ٻالڪ پنهنجي عروج کي رسڻ کان اڳ ۾ ئي حڪمران طبقي جي ور چڙهي ويو، جنهن ڪري عيسائيت حاڪمانه سماج جي آڏو وڃي گوڏا کوڙيا. ڇو ته گرجائن جي مهندارن پنهنجي مفادن خاطر پنهنجي ئي نبي جي پيغام کي وساري ڇڏيو. جنهنجو مکيه مقصد رومي غلاميءَ جي خلاف هلچل هلائڻ هو. پر انهيءَ سموري جدوجهد تي پوچي ڦيرائي رنگ ڏئي اهڙو عڪس چٽيو ويو، جيئن ڪا نماڻي رڍ ڏاڍن ۽ جابرن جي اڳيان ٻاڪاري دان گهرندي هجي ۽ اهو سڀ عبراني تواريخ جي انهن شاندار روايتن جو به انحراف هئو، جنهن جي پس منظر ۾ عيسائيت جي اوسر ٿي. اهڙي ريت عيسائيت جو حڪمران طبقي سان ٺاهه ڪرڻ انهي عقيدي سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر هئو. جنهن جو بنيادي مقصد هڪ نئين سماجي آرڊر لاءِ ڪوشش ڪرڻ هئو. انهن ماڻهن جي ذميواري هئي ته پيڙيل ۽ محروم طبقن کي اتساهه ڏين پر انهن دغا ڪندي کين هڪ اهڙي پُر فريب دنيا جو ڏس پنڌ ڏنو جنهن ۾ کير ۽ ماکيءِ جون نديون وَهي رهيون هيون. انهن غريبن کي ذهن نشين ڪرايو ويو ته خدائي نعمتن جي هنن مٿان تڏهن ورکا ٿيندي جڏهن غربت ۽ نماڻائي اختيار ڪندؤ، مطلب ته سندن ڇوٽڪارو تڏهن ٿيندو جڏهن هو هن جهان ۾ ظالم ۽ جابر آڏو ڪنڌ جهڪائيندا.
    اهڙي ريت عيسائيت جو عملي دنيا جي وَهنوار مان ڀاڄ کائڻ سبب تواريخي طور هڪ اهڙي مذهب جي آمد لازمي بڻجي پئي هئي، جيڪووڌيڪ سگهارو ۽ صحتمند هجي. انهي نقطه نگاهه کان ڏسبو ته اسلام پنهنجن پوئلڳن سان ڇوٽڪاري ۽ بهشت جي وَاعدي ڪرڻ سان گڏوگڏ هن جهان ۾ به پنهنجي مڃتا حاصل ڪرڻ جو جذبو ڦوڪيو. ائين چوڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي ته نبي عربيءَ جو بهشت هن دنيا ۾ خوشحال ۽ سکن ڀريل حياتي گذارڻ جو نسخو هو. محمد، پنهنجي ماڻهن کي اتحاد جو هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ عرب قوم کي اهڙو آواز به عطا ڪيو جنهن جي لبيڪ آسپاس جي ملڪن مان پيڙيل ۽ محروم طبقن ڪئي.
    ائين اسلام جي شاندار فتح منديءَ جا ڪارڻ روحاني ۽ ساڳي وقت سياسي ۽ سماجي عنصر پڻ هئا. انهيءَ اهم نڪتي تي گبن ( Gibbon) ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چوي ٿو : (زرتشت جي نظام کان وڌيڪ نِجُ، موسيٰ جي قانونن کان وڌيڪ آزاد، محمد جو مذهب، ستين صدي جي رائج ڪوڙن، وهمن ۽ وسوسن جو رد بڻجي آيو هو.)
    (The Decline and Fall of The Roman Empire)
    اڃا به هڪ ٻيو تواريخ نويس، انهيءَ نڪتي جي پٺڀرائي ڪندي چوي ٿو ته (اسلام جي فتح ۽ ڪامراني جو مکيه ڪارڻ فوجي ڪارروائيون گهٽ پر آزادانه ۽ مساويانه اصولن سان وابستگي هئي.) هونئن جيڪي به لڙايون جن ۾ عربن ، عيسائين تي سرسي حاصل ڪئي، انهن بابت تواريخ ٻُڌائي ٿي ته انهن سوڀن ماڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ انهن علائقن جا پيڙيل رهواسي هئا. انهن محڪومن جو عيسائي حڪمرانن کان نفرت جو اهم سبب اهو هئو ته اهي عرب فاتحن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جابرانه ۽ ظالمانه نظام جا رکوالا هئا. شام جي رهاڪن، محمد جي پيروڪارن کي ڀليڪار ڪيو، مصر جي به مظلوم طبقن ئي فتح ۾ مدد ڪئي ۽ عيسائي بربرن به آفريڪا جي فتح ۾ هٿ ونڊايو. ڇو ته انهن سڀني جي اندر ۾ قسطنطنيه جي حڪمرانن لاءِ نفرت جا کورا ٻري رهيا هئا، ان ڪري هنن اسلام جي بيعت ڪرڻ مناسب سمجهيو. ساڳيءِ ريت معتبرن ۽ اميرن جي دغاباز وَرتاءَ سبب عام ماڻهن ۾ وڌندڙ وڇوٽي به هڻي وڃي هنڌ ڪيو، جنهنڪري ڏکڻ فرانس ۽ اسپين به سولائيءِ سان عربن جو شڪار ٿي ويا.
    (Finlay:- History of Byzantine Empire.)


    باب پنجون: محمد ﷺ ۽ سندن تعليمات

    ”پيغمبرِ اسلام کي انهن صاحبِ ڪردار ماڻهن منجهان هڪ ليکي سگهجي ٿو، جيڪي انساني نسل تي ڀرپور نموني اثر انداز ٿيا آهن“.
    (Draper:- History of Intlellectual development of Europe vol : 1, P- 329)
    جيستائين محمد ﷺ جن پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي، دنيا سندن خوبين کان واقف نه ٿي سگهي. ٻين مذهبن جي پيغمبرن، رسولن ۽ اوليائن وانگر محمد ﷺ جي دعويٰ پڻ روحاني بنياد تي قائم هئي. جنهنڪري مغرور ڪرستان، نبي عرب کي ”ٺڳ“ ليکڻ لڳا. پر هوڏانهن ٻي پاسي هنن وساري ڇڏيو ته اهڙا خطاب /لقب، ان کان اڳ ، موسيٰ ۽ مسيح کي به ڏنا ويا هئا. ائين هڪ بي نام نالي سان مشهور ڪتاب بعنوان (ٽي ٺڳ) سان ڇپيو . جنهن سڄي يورپ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، جيڪو ڪرستان بادشاه فيڊرڪ باربروسه ۽ مسلم فيلسوف ابن رشد ڏانهن منسوب ڪيو ويو هو.
    نعوذبالله جيڪڏهن سمجهيو وڃي ته محمدﷺ هڪ ٺڳ هئو ته به هُن ٻين جيان ڄاڻي واڻي اهڙو ڪردار ادا نه ڪيو. جيڪي اڳ ۾ خدائي بشارت (الهام) جو افسانوي ذريعو پاڻ کي ڄاڻائيندي، اياڻي ۽ بي وس مخلوق جي ذهن کي اعتماد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. ان جي برعڪس محمد ﷺ جيڪي ڪجهه ڪم سر انجام ڏنو ان جي پويان قومي ٻڌيءَ جو نڪتو سانڀيل هئو، ڇو ته کين سُڌ هئي ته ڪُند ذهن عربن لاءِ سندس پيغام مڃتا لائق نه ٿيندو جيستائين ان جي پٺيان ڪنهن اڻ ڏٺل اعليٰ هستيءِ جو ذڪر نه هوندو. نتيجي ۾ عام ماڻهو گهڻي ڀاڱي اڻ ڄاڻائي جي ڪيفيت ۾ خوشيءَ جو احساس ڪنهن ٻي طريقي سان مڃڻ لاءِ به تيار ڪونه هئا. هنن جي ذهن ۾ ويهجي ويو ته انهن اڪيچار ديوتا ۽ شڪتي مٿان وڌيڪ طاقتور خدا حاوي پئجي ويو آهي، ان ڪري اول الذڪر خدائن /ديوتائن جي قهر ۽ غضب کان بچائڻ جي سگهه به پوئين خدا ۾ آهي. خدا جي وحدانيت ۾ ويساهه ڪرڻ جي پٺيان هڪ ئي مقصد هئو ته جيئن ماڻهن ۾ همت ۽ ولولو اُڀاري سگهجي ته هو قبائلي ديوتائن جي ظلم ۽ جَبر خلاف مقابلو ڪري سگهن. جيڪڏهن، اهڙو هڪ خدا کڻي انسانن جي ذهنن ۾ نه به هئو ته به حالتن مطابق گُهرج هئي ته کين ان جي وجود، ان جي رحمت ۽ عظمت کان آگاهه ڪجي. اهوئي مقصد محمد جي فڪر ۽ سوچ جي اهم ڪڙي هو. ڇا اهو ساڳيو دليل، هڪ هزار ورهين بعد ڏاهي والٽيئر ڪتب نه آندو هئو جيڪو محمدﷺ مروج حالتن ۾ سود مند سمجهيو هو؟ پر انهي پوئين دليل کي پيش ڪرڻ جو مقصد هئو مستقبل جي رد عمل کان بچاءُ ڪرڻ، والٽيئر، هڪ خدا جي وڪالت انهيءَ لحاظ کان ڪئي ته اهوئي آخري طريقو هئو جنهن طفيل محض جهرندڙ جاگيردارانه سماج / بادشاهت کي بچائڻ ضروري هو. ان جي ابتڙ محمدﷺ جي دور ۾ خدا جي وحدانيت مان مراد هئي مروج حالتن تحت هڪ مثبت انقلاب آڻڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ. اهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪنهن اعليٰ هستيءَ بابت ويساهه هجي ته اهڙي حالت ۾ هر ترقي پسند آدرش جي واڌاري لاءِ لازمي هوندو آهي ته ان جي پرچار /سهڪار حاصل ڪرڻ ويل ماڻهو جي ويساهه ۽ يقين جي ڪيفيت کي به ذهن ۾ رکيو وڃي . ان کان سواءِ هڪ خدا جي موجودگيءَ جو تصور محمد جي ايجاد ڪانه هئي، پر بنيادي آدرش جي اوسر جو مکيه ڪارڻ رائج سماجي سرشتو جنهن جو ذڪر گذريل باب ۾ ڪيو ويو آهي.محمد ﷺ جو مشن هئو جو هن خدا جي وحدانيت لاءِ ثبوت پيش ڪيا. جيڪڏهن عوام کي هيءُ يقين ڏيارڻو هو ته اهڙي ئي ثبوت جي ضرورت هئي، جيڪو محمد ﷺ پيش ڪيو.
    پر محمد جي رب لاءِ ڳولا، والٽئير وانگر خشڪ مزاجي جو ڪارڻ نه هئي، پر هڪ سچار ۽ انسان جي اندر مان اٿندڙ اڌمن کي جدوجهد ۾ ڦيرائڻ هو. انهيءَ هڪ خدا جي ڳولا ۾جيڪو سڄي عرب قوم جي بچائڻ جو وسيلو هئو، جنهن ڪري هو مڪي کان رڻ پٽ ڏانهن راهي ٿيو ته جيئن ايڪانت ۾ ويهي عبادت ۽ رياضت ڪري سگهي.تحقيق اڄوڪي ويهين صدي ۾ به اعليٰ هستي جي اتساهه حاصل ڪرڻ لاءِ ماضيءَ جا ساڳيا طور طريقا آزمايا وڃن پيا. اهڙي صورتحال جو نتيجو به ساڳيو ملندو آهي، اهو هئين پر اسرار طرز جا آواز کيس مخاطب ٿيڻ لڳا ته پاڻ خدا جو نبي آهي، ان حد تائين جو وڻ ٽڻ، پکي ۽ پٿر به انهيءَ ورد ۾ شامل ٿي ويا(Draper: ibid)
    محمد ﷺ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريوجيڪو هن کان اڳ ۾ هئو يا هن کان پوءِ ٿي گذريو. ان هوندي به هڪ حقيقت مڃڻي پوندي ته حضرت محمد ﷺ ٻين غيب دانيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ماڻهن کان گهڻو مٿانهون هو. ڇاڪاڻ ته هو انهن ذهني، وهمي ۽ الهامي صورتن جي ڌوڪي ۾ نه آيو ۽ نه ئي هن انهن کي روحاني ۽ الاهياتي سربلنديءَ سان تعبير ڪيو. مخفي آوازن ۽ وهمي صورتن سبب سندس ذهن ۾ مونجهارو هو. ايستائين جو سندس عقلمند ۽ زماني جي لاهن چاڙهن جو تجربو رکندڙ گهر واري حضرت خديجه رضه کيس سمجهايو ته اهي خيالي شڪليون ۽ ڳجها آواز هرگز دماغي فتور سبب نه آهن پر روحانيت جون نشانيون آهن، جن جي ذريعي خدا وحي نازل ڪندو آهي. هن کيس يقيني ڏياريو ته ڪو فرشتو خدا جو پيغام کڻي وٽن آيو آهي. پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته ٻيا مذهب ڪيئن پيدا ٿيا؟ ان حوالي سان ڪوبه اهڙو دليل ٺهڪي ڪونه ٿو اچي ته اسلام ٻين مذهبن کان جدا گانه يا نيارو هو. ها، اسلام ٻين مذهبن کان ايئن نرالو هئو ته اهو سمورو ڪارج اعليٰ هستيءَ جي ايجاد ۽ منظوريءَ سان هو. هن ۾ مذهبي عقيدن ۽ الوهيت جو عمل دخل گهٽ پر سياسي فڪر ، ترقي پسند سماجي اصول ۽ذهن کي ڇڪيندڙ ذاتي زندگيءَ ڏانهن روش جو عنصر سانڀيل هو.
    ”هن پاڻ کي غير مفيد الوهيت جي مانڊاڻ ۾ ڦاسائڻ کان پاسو ڪيو، پر پنهنجن ماڻهن جي سماجي حالتن سڌارڻ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو ته جئن هنن ۾ ڪجهه قاعدن مطابق عزت ، ڌيرج ۽ نيڪي کي پختو ڪري سگهجي. انهن سڀني اصولن /قاعدن ۾ مٿانهون عنصر هئو مان ڏيڻ همدردي ۽ مذهبي رواداري کان دنيا گهڻي ڀاڱي خالي ٿي وئي هئي سو هن (محمد) ڇوٽڪاري جي اهڙي اصول جي پاسخاطري ڪئي ته ماڻهو ڪهڙي به عقيدي جا هجن نيڪيءَ سان سلهاڙيل آهن.“
    (Daper:- ibid)
    محمد ﷺ جو مذهب ڀرپور نموني وحداني طرز جو هئو. جنهن ڪري جوهر ۾ مصلحت پسنديءَ کان آجوهئو ۽ پنهنجي جوڙ جڪ جي آڌار تي هڪ جدا گانه حيثيت ماڻي ويو، ڇو ته هڪ خدا جو تصور اسلام جي فلسفي جو بنيادي اصول هو. اهڙي طرز جا ويچار غلطين کان وانجهيل نه ٿا ٿي سگهن. جيستائين مذهب دنيا جي تخليق جو نظريو پيش نه ڪري. غفلت جا پيروڪار يونان ۽ هندستان جا قديم فيلسوف اهو مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ته عدم مان ڪا به شيءِ پيدا ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته قديم عقليت خدا جي تصور کي واضح طور مذهب ۾ داخل نه ڪري سگهي. نتيجي ۾ دنيا جا عظيم مذهب جهڙوڪ: هندوازم، يهوديت ۽ عيسائيت به پنهنجي پوياڙي تائين پهچندي ڪنهن نه ڪنهن نموني شرڪ جي گهيري ۾ اچي ويا ۽ مذهبي حيثيت وڃائي ويهي رهيا. ڇو ته شرڪ جي نقطه نگاه کان دنياوي رنگ روپ خدا جي سڃاڻپ واري تصور کي به شڪ شبهي ۾ آڻي ڇڏين ٿا . ائين هڪ خدا جي خالق واري تصور جو انت اچڻ سان سڄو عڪس ئي ميسارجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن دنيا جو وَهنوار ابد کان وٺي پاڻمرادو هلندو پيو اچي ته پوءِ لازمي ناهي ائين چئجي ته ڪو سندس خالق به آهي. ڇو ته خالق جي تصور جي خاتمي کان پوءِ سندس هستي هڪ خام خيالي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.
    انهي منجهيل مسئلي کي محمدﷺ جي مذهب آسان بڻائي ڇڏيو. قديم منطقي سوچ جي گرفت مان ٻاهر ڪڍي دليرانه فڪر سان سلهاڙيو ته اهڙي طاقت جو مالڪ جنهن هن جهان کي پيدا ڪيو پر ٻيا جيڪي به جهان آهن سي به سندس شڪتيءِ جو مظهر آهن. اهڙيءَ طرح خدا جي تصور کي انساني ذهن ۾ قائم ڪرڻ جو طريقو پوءِ اهو ڪنهن به عقيدي يا روش سان لاڳاپيل هجي ان جو نالو ۽ ناموس وڌائڻ محمدﷺ جي پورهئي جو ثمر آهي . محمد ﷺ جو نالو تواريخ جي جدوجهد ۾ ان صف ۾ آڻي سگهجي ٿو، جنهن هڪ نج مذهب جو بنياد رکيو. ڇو ته اسلام مذهبي توڙي لاشعوري نقطه نگاه کان ايترو ته مٿانهون بڻجي اُڀريو جو انهن سڀني مذهبن تي سولائي سان سرسي حاصل ڪري ويو جيڪي ديني باريڪ بيني ، الوهيت ۽ ڏاهپ جي حوالي سان اوگڻن کان وانجهيل ڪونه هئا، انهن کي هٿرادو مذهب به چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو.
    ”توحيد“ ته هڪ زبردست انقلابي نظريو هو جنهن ڪري مذهبي لحاظ کان اعليٰ اثر رسوخ جي ڪري مذهبي بڻ بڻياد تي سنئون سڌو اثر انداز ٿيو. ان ڪري ڌڻي سڳوري کي مٿانهون ۽ دنيوي وَهنوار کان پرڀرو رکڻ لاءِ هڪ نئون رستو کُلي پيو، جنهن ۾ سندس سهائتا کان سواءِ به هٿ پير هڻڻ جي همٿ پيدا ٿي. ائين اسلام هڪ مضبوط وحدانيت پرست مذهب جي حيثيت ۾ انساني تواريخ جي اهڙي دروازي کي بند ڪري ڇڏيو جنهن جي معرفت مذهبي راءِ ۽ روش اثر انداز ٿي رهي هئي ۽ پنهنجي فطرتي جوڙجڪ جي نقطه نگاه کان عقل۽ دليل وسيلي تشريح کي اعليٰ ۽ اتم ڄاڻايو ۽ مذهبي راءِ ۽ روش کي ڪنڊائتو ڪندي جديد عقل پرستي ۽ منطق جو جرڪندڙ پيڙهه پٿر رکيو. (اسان وحدانيت کي هڪ اهڙي وسيع ڍنڍ سان ڀيٽ ڏئي سگهون ٿا. جنهن ۾ سائنس هڪ اهڙي پاڻيٺ وانگر گڏ ٿي رهي آهي جيڪا اوچتو بند کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيندي، دنيا ۾ ٽي اهم وحدانيت وارن مذهبن ۾، اسلام سڀ کان وڌيڪ ماديت جي ويجهو چئي سگهجي ٿو، ڇو ته اهو ٻين مذهبن جي نسبت وڌيڪ ويجهي دور جو آهي. جيڪو پنهنجي ابتدائي دور ۾ عرب تمدن جي آزادانه سوچ ۽ ويچار جي شاندار دامن ۾ اُڀري جوان ٿيو، اسلام پنهنجي مڪمل سگهه سان وچولي دور ۾ سنئون سڌو يهوديت تي ۽ اڻ سڌي طرح مغرب جي عيسائيت تي اثر انداز ٿيو“.
    F.A. LANGE:- "The History of Materalism" Vol 1 PP. 174 and 177) )
    اسلام هڪ مڪمل طور وحداني مذهب هئڻ ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهيو. جنهن ڪري اسلام پنهنجو انقلابي ڪردارادا ڪري سگهيو.
    اسلام جي وحدانيت پرست بيهڪ ئي هئي جنهن ڪري پاڻ سڳورا ’ رسالت يا نبوت جي ذڪر سان گڏ حضرت ابراهيم عليه السلام کان وٺي حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام تائين سڀني جو ذڪر ڪندا هئا ۽ هڪ ئي مرڪز سان سڀني کي وابسته ڪندا هئا جيئن قرآن حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ ۽ ٻين عبراني پيغمبرن بابت ثابتي ڏني آهي. اهو ئي فرق هو سختيءَ سان وحدانيت تي ڪاربند رَهڻ جي نشاني جو. پر ستت ئي محمد جا پوئلڳ سندس وفات بابت نازڪ سوال تي ورهائجي ويا. اهو هيئن ته جڏهن نبي جي وفات متعلق خبر اُن فوجي لشڪر ۾ پهتي جيڪو شام ڏانهن لشڪر ڪشي لاءِ تيار هو ته عقيدت مند عُمر رضي الله تعاليٰ عنه ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو ته نبي سڳورو لاڏاڻو ڪري سگهي ٿو ۽ دڙڪو ڏنائين ته اهڙو نياپو آڻيندڙ جو مٿو ڪپيندي به ويرم نه ڪندو ڇو ته اهو ڪافرن جو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه جهڙي جهانديده، جوشيلي عمر رضي الله تعاليٰ عنه کي مخاطب ٿيندي هيٺيان لفظ چيا : (ڇا اهو محمد آهي يا سندس رب جنهن جي اوهان عبادت ڪريو ٿا؟ ڇو ته رب لافاني آهي پر رسول اسان وانگر فاني آهي ۽ رسول جي چوڻي مطابق ته هو به هڪ ڏينهن فنا جي عام رواجي دور مان گذرندو.)
    ان ڪري ياد رکڻ گهرجي ته محمد جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس جاءِ والاريندڙ کيس صرف (رسول) ڪري ڄاڻايو نه نبي. ائين محمد کي سندس پيرو ڪارن طرفان رڳو رسول ڄاڻائڻ جي ڪري ٻين مذهبن جي تعليم ڏيندڙن سان ڪُلهي ۾ ڪُلهو ملائي ڇڏيو. ان ڪري نبيءَ جي خدائيءَ واري حيثيت جي نفي ڪري اسلام خالص وحداني مذهب بڻجي ويو. هونئن آڳاٽي دور ۾ نبيءَ کان خدا واري حيثيت ڏني ويندي هئي. ڇو ته هن جي راءِ يا لڳ لاڳاپا هڪ اعليٰ هستيءَ ڏانهن منسوب ٿيل هئا. نتيجي ۾ مبهم ۽ غير واضح دليلن سان خدا ۽ پيغمبر ٻنهي ۾ الوهي عظمت ۽ الوهي وصفن کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. عقيدن جي سادگي ۽ مذهب جو اسپرٽ يا ته الهياتي عقيدن يا مبهم ڌوڪي ۾ گم ڪئي ويندي آهي. وحدانيت جي مسلڪ تي مضبوطيءَ سان عمل ڪرڻ کانسواءِ اسلام پنهنجو تواريخي ڪردار ادا ڪري نه پئي سگهيو جيڪو هن اڳتي هلي ڪري ڏيکاريو. جيڪڏهن نبي الوهيت کان وانجهيل هجي، يا سندس دعويٰ کي عام طور ڌيان لائق نه سمجهيو وڃي ته پوءِ مقدس ڪتاب پڻ الهامي درجو نه ٿا رکي سگهن.پر مسلمانن جو نظريو اسان کان مختلف آهي هو قرآن کي الهامي ڪتاب ۽ رسول جي فرمان کي قابل عمل مڃين ٿا. نتيجي ۾ قومن آڏو هڪ خود اختياري ۽ عقلي نظريو قائم ٿي ويندو آهي، جيڪو پنهنجي مذهبي پيشوا کي خدا جو هڪ برگزيده ٻانهو سمجهندي ان جي تعليم کي مستقل سچائي ۽ ان جي قانونن کي اڻ مٽ سمجهندو آهي.
    جيستائين اسلام ٻارهين صديءَ تائين يڪسانيت / جمود جي عقيده پرستي ۾ نه ڦاٿو هو، اوستائين هڪ خدا ۾ ويساه مسلمانن لاءِ عملي طور ڄڻ ته هڪ غير محدود آزادي سندس روحاني زندگي سان منسوب ٿيل هئي. تواريخ ٻُڌائي ٿي مذهب جي ان سادگي، فطرت سان هم آهنگي ۽ لچڪ مان عرب مفڪرن ڀرپور فائدو ورتو. مسلمان فقيهه سمجهندا هئا ته تثليث واري نظريي جي ذريعي عيسائي مذهب دنيا آڏو خدا جي مٿانهين تصور بدران ان جي اڻ وڻندڙ شڪل پيش ڪري رهيو آهي. تنهنڪري ان نظريي کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي غرض سان انهن پنهنجي مذهب جي بنيادي تصور کي انهيءَ مجرد خياليءَ سان وابسته ڪيو جيڪو اڃا تائين انساني ذهن ۾ نه آيو هو. (رينان ”ابن رشد رشديت“ ص 76) الاهياتي استنباط جو اهڙو اڻلڀ شاهڪار هو انهيءَ ڪري پيش ڪري سگهيا ڇاڪاڻ ته ”محمد جي وحدانيت مڪمل ۽ گهڻي ڀاڱي ٻين مذهبن جي مقابلي ۾ ملاوٽ جي عمل کان پاڪ هئي“
    .(F.A. LANGE:- "The History of Materalism" Vol 1 P. 184)
    اها ساڳي اٿارٽي تصديق ڪري ٿي ته مذهب جي بنيادي اصولن ۾ نشونما جي صلاحيت اتم درجي تي موجود هئي، جيئن ته انهن اصولن ۾ وحدانيت جو روح وڏي پئماني تي موجود هو، تنهنڪري ارتقائي دؤر ۾ اهي تنگ نظر مذهبي سوچ جي دائري کان ٻاهر نڪري ويا ۽ هڪ روحاني محبت ۽ تازگيءَ جي روپ ۾ تڪميل تي پهتا. جنهن عقيدت واري فڪر جو خاتمو آڻي ڇڏيو. (ان حد تائين جو عربن وٽ اڃان يوناني فلسفي جي پَهچ ڪانه ٿي هئي، اسلام ۾ کوڙ سارا ذهني ۽ الاهياتي ادارا قائم ٿي چڪا هئا، ۽ تحقيق ۽ تفتيش جي ان نهج تائين رَسي ويا هئا، جو خدا جي تصور کي ايترو ته خيال پرستيءَ ڏانهن وٺي ويندا هئا، جتي فلسفيانه خيال به نه پهچي سگهن جڏهن ته ٻئي ذهني اداري جا ماڻهو هر مسئلي کي عقل ۽ سمجهه جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گهرن پيا ۽ دليل کانسواءِ اعتقادي نظريا مڃڻ لاءِ هرگز تيار نه هئا. بصره ۾، عباسي حڪمرانن جي دور ۾ هڪ اهڙي عقليت پرست اسڪول جو بنياد رکيو ويو، جتي مذهب ۽ عقيدي کي هڪ ٻئي جي قريب آڻڻ جو رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. (Ibid P- 177)
    پهريائين پنجن ڇهن صدين جي تواريخ ٻُڌائي ٿي ته اسلام اهڙا اسڪالر پيدا ڪيا جيڪي بهشت برين ۽ آسماني داستانن کان اُڪري فلڪياتي تحقيق ۽ قرآن جي تلاوت سان گڏ غير مذهبي ڪتابن جو به مطالعو ڪيو، ۽ انهن انقلابي دانشورن بنان ڪنهن رک رکاءِ جي عقيده پرستي تان هٿ کڻي دليل کي سونهون بڻايو. مسلمان حڪمران جيڪي بغداد، قرطبه ۽ قاهره ۾ رهندڙ هئا انهن سائنسي تعليم ۽ ڄاڻ جي واڌاري ڏانهن توجه ڏنو جنهن ڪري ڏاهپ جي اوسر ۾ ترقي ٿيڻ لڳي. اهڙيءَ طرح بخارا جي آزاد سلطنت شاعرن، عالمن ۽ طبيبن کي ملن ۽ فقيهن کان مٿي رکيو ۽ مذهب جي اشاعت جي ڀيٽ ۾ سائنسي علمن جي اشاعت کي ترجيح ڏني.
    جڏهن اسان شعوري طور محسوس ڪيون ٿا ته انهيءَ دانشورانه جدوجهد جي ترقيءَ لاءِ راه کولڻ جو وسيلو اسلام جي عروج ماڻڻ ۾ سياسي سماجي ردوبدل مکيه ذريعو آهي. پر ان جو اصلي نڪتو اسلام پڻ آهي. ائين قرآن ۽ نه وري اسلام جو عقيدو اسان کي اجازت ڏئي ٿو ته اسلام جي تواريخي ڪردار کان ڪن لاٽار ڪيون.


    باب ڇهون: اسلامي فلسفو

    عربن جي سائنس ۽ آرٽ جي مد ۾ ڪيل جدوجهد جي ڄمار اٽڪل پنج سو ورهين تي محيط آهي ۽ اِهو دور يورپ جي اونداهيءَ وارو دور آهي. انهي دور ۾ هندوستان برهمڻ سماج آڏو گوڏا کوڙي رهيو هو، جيڪو ٻڌ ڌرم کي لتاڙي رهيو هو. انهيءَ سموري ڪار گذاري جي نتيجي ۾ جڏهن برهمڻ سماج ٻڌ انقلاب جي مٿان شرمناڪ نموني حاوي پئجي ويو ته اهوئي مکيه ڪارڻ هو جو برهمڻ سماج، مسلم حملي آورن جي سامهون سٽ جهلي نه سگهيو.
    ائين بني اميه، بني عباس ۽ فاطمي گهراڻن جي روشن خيال دورن ۾ علم، تهذيب، تمدن جي زمري ۾ ايشيا، اتر آفريڪا ۽ اسپين ۾ خوشحالي ۽ ترقي آئي، جنهنڪري ثمرقند ۽ بخارا کان مراڪش ۽ قرطبه تائين کوڙ سارا عالم ۽ ودوان، علم فلڪيات، علم حساب، فزڪس، ڪيمسٽري، طب ۽ موسيقي تي کوجنا ڪرڻ سان گڏوگڏ تدريس جو ڪم به ڪري رهيا هئا. جڏهن چرچ جي تعصبي ۽ جاهلانا سلوڪ جي ڪري يوناني فلسفي جا شاهوڪار ذخيرا زمين دوز ٿي رهيا هئا ته اهي عرب ئي هئا جن گم ٿيندڙ خزاني کي بچائي وَرتو، ۽ سچ پچ ته انهن علم جي ذخيرن جي دفن ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ جيڪو عالم انسانيت جو نقصان ٿئي ها، ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي.
    اهڙيءَ طرح ڪرستان اجايو سجايو دينداري، بهه روپي ۽ مقدس رياڪاريءَ جي ڪري سائنس جي قديم حيثيت کي ناپاڪ ۽ پليت ڄاڻائڻ جي خفت ۾ مبتلا ٿي ويا. يورپ جا ماڻهو اهڙي اڻ ڄاڻائي جي نتيجي ۾ اونداهي جي هڪ اهڙي دور ۾ ٻُڏي ويا جنهن کي يونان جي ڏاهن نئين سر جيئرو ڪري اجاڳر ڪيو هو، سو اڳتي هلي وهم، وسوسن، تنگ نظري ۽ اڻ سهپ جي اونداهي ۾ دٻجي ويو هو، ان کي نئين سر نروار ڪري، يورپ واسين کي مادي خوشحالي، ڏاهپ جي ترقي ۽ روحاني آزادي سان روشناس ڪرائڻ جا پڳ ڌڻي اهي عرب فيلسوف ۽ سائنسدان هئا جن جي مُهابي يونان جي علم ۽ ڄاڻ جو اباڻو ورثو، جديد علم ۽ منطق جي سرواڻڻ ۽ جديد سائنس جي بانيڪار راجر بيڪن جي هٿن تائين پهتو، جيڪو پڻ هڪ عرب جو شاگرد هئو. انهيءَ ڏس ۾ همبولٽ( HUMBOLOT ) جي راءِ مطابق ته عربن کي (جديد طبعي سائنس جو بڻياد رکندڙ چئي سگهجي ٿو ۽ جنهن جي حيثيت ۽ اهميت کان اڄ به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.) ائين تجربي ۽ ماپ جا ٻه اهم اوزار آهن، جنهن جي مدد سان هنن ترقيءَ جي رستي ڳولڻ سان گڏوگڏ يونان جي وڃايل ڪڙيءِ کي به جديد سائنس سان ڳنڍي ڇڏيو.
    الڪندي، ابن الهيثم، فارابي، ابن سينا، غزالي، ابوبڪر رازي، ابن حزم (Avempace)، ابوالفرج (Alphetragius)، اهي نالا، انساني تهذيب ۾ لازوال حيثيت ماڻي اڻ وسرندڙ بڻجي ويا آهن، ۽ ابن رشد جو نالو ته هڪ اهڙي ابديت جو درجو حاصل ڪري ويو آهي، جنهن کي لاشڪ ته جديد تهذيب جو هڪ اهڙو قاصد سڏي سگهجي ٿو، جنهن جديد تهذيب جي منهندارن کي ارسطو جي ذهانت ۽ فڪر سان سڃاڻپ ڪرائي. ابنِ رشد ذريعي ته يورپ ۾ ماڻهپي ۽ ساڃاهه جي اهڙي بيش بها تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن جي ڪري مذهبي ڪٽر پڻ ۽ انڌي تقليد پرستيءَ جي سنڍ ٿيل سماج ۾ آزاديءَ جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا. عرب ڏاهن جو تواريخي ڪردار جيڪو اندلس جي روشن خيال حڪمرانن جي سرپرستيءِ جو هڪ چٽو مثال آهي، ان جي واکاڻ ڪندي راجر بيڪن چوي ٿو: (فطرت جي تشريح ارسطو ڪئي پر ارسطو جي ڇنڊڇاڻ جي ذميواري ابن رشد جي هٿئون ٿي.)
    ان حوالي سان چرچ جي بالادستي ۽ مذهبي تسلط جي خلاف فڪري انقلاب جو جهنڊو، تيرهين ۽ چوڏهين صدي ۾ اڀو ٿيو. ڇو ته انهيءِ دور جي باغي عقل پرستن، سائنسي سوچ ۽ فڪر جو دَرس ته يوناني دانائن جي لکڻين منجهان حاصل ڪيو پر بغاوت جي رهنمائي کين عرب دانشورن جي معرفت حاصل ٿي ۽ خاص ڪري ابن رشد جي مهابي.
    ڇهين صدي جي ابتدا ۾، جيسٽينن جي مذهبي تنگ دلي واري سلوڪ سبب ڪرستانن جي پاڪ ڌرتيءَ تان غيرڪرستانن جي نالي نشان ميسارڻ جي شروعات ڪئي وئي. آخرڪار يوناني ڏاهن کي زور زبردستي سان علم جي مسند تان لاٿو ويو. جنهنڪري هنن رومي سلطنت مان لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ ايران ۾ پناهه وَرتي، پر اتي به مذهبي مهندارن بغض ۽ ساڙ جي ڪري مَٿن ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون ڏئي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. انت ته يوناني ڪلچر، بغداد جي عباسي خليفن جي مهمانداري ۾ داخل ٿيو.بغداد جا عباسي خليفا، انهن آيل ناستڪن جي ڏاهپ کان ايترو ته متاثر ٿيا جو انهن آڏو نه قرآن ۽ نه تلوار جو شرط رکيائون. ان ڪري جيڪي به عالم ۽ ڏاها ٻين عقيدن بابت تنقيدي راءِ رکندڙ هئا انهن سڀني کي عقيدت پرست خليفن جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
    انهن خليفن جلاوطن يوناني عالمن کي پناهه ڏني. ان سان گڏوگڏ کين سندن قابليت مطابق ذميواري سونپي ته رومن سلطنت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل يوناني فلسفي کي يڪجا ڪري برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي. ائين ارسطو، هيپوڪريٽس،گيلن ۽ ٻين سائنسدانن جي لکڻين کي عربي لباس ۾ آندو ويو ۽ خليفن انهن غير فرقيوارانه ۽ سيڪيولر علومن کي عرب دنيا ۾ ڦهلائڻ جي همت افزائي ڪئي. انهيءَ ڪارج واسطي سلطنت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسي علم پکيڙڻ لاءِ اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو ته جيئن هزارين شاگردن کي سولائي سان تعليم ملي سگهي. اميرن ۽ غريبن جي ٻارن لاءِ بنان ڪنهن مت ڀيد جي تعليمي سلسلو شروع ڪيو ويو. غريب شاگردن کي مفت تعليم ۽ استادن کي سندن پورهئي خاطر لاتعداد سهوليتون ڏنيون ويون. عرب تواريخ دان ابو الفرج ابن الجوزي (Abul Fargius ) انهن عالمن بابت خليفي مامون جي راءِ لکندي چوي ٿو: اُهي ڏات ڌڻي خدا تعاليٰ طرفان ئي چونڊيل آهن، جيڪي لائق ۽ سيبائتا پيروڪار ثابت ٿيا. انهن پنهنجي سموري ڄمار منطق ۽ عقل منديءَ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهي علم ۽ عقل جا سونهان ۽ دنيا سازي بابت سنسار جا اُهي روشن مينار آهن جو انهن جي نه هئڻ ڪري دنيا ٻيهر اوندهه، اياڻپ ۽ وحشي دور ۾ غرق ٿي وڃي ها.“
    موجوده دور ۾ اسلام جي حوالي سان جنهن تنگ دلي ۽ مذهبي ڪٽرپڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان اسلام جي سچائي ۽ معتبريءَ کي وڏو نقصان پهچايو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌايو وڃي ته نبيءَ جا وارث اهڙن دانائن جا قدردان هئا جيڪي ڪنهن به مذهبي فرقيواريت لاءِ سرگرم ڪونه هئا، انهن جي تعليم جو مکيه نظريو هئو ته(دليل) ئي انساني ساڃاهه جو سچائي سان واڳيل نقطو آهي. تواريخ ۾ اهڙو مثال نه هئڻ برابر آهي ته هڪ اهڙو فرد جيڪو مذهبي لحاظ کان به هڪ اهم عهدي تي فائز هجي ۽ تنقيد ۽ڇنڊڇاڻ جي همت افزائي ڪندو رهي ته جيئن ماڻهپي ۽ دليل جي فڪر ۽ ويچار کي مانائتي حيثيت ملي سگهي. اهڙو ڪارنامو مامون الرشيد ڪري ڏيکاريو. ڇو ته عقل منديءَ جي پوک پوکڻ جو مطلب ٿيو ته اکيون پُوري ويساهه نه ڪرڻ. انهيءَ ڏس ۾ مامون الرشيد، عباسي خليفن ۾ اهو ناليرو شخص ليکيو وڃي ٿو، جنهن نه رڳو سائنسي علم ۽ فڪر جي همت افزائي ڪئي پر ٻين خليفن پڻ وَس آهر هٿ ونڊايو. ائين به ڪونهي ته ڏاهپ جي پنڌ ۾ رڳو عباسي خليفن جي روشن خيال سوچ ۽ سلوڪ تائين پڄاڻي اچي وئي. انهي ساڳي زمري ۾ افريڪا جا فاطمي ۽ اسپين جا اموي به اچي وڃن ٿا، اهي سياسي اقتدار جي ويڙهاند ۾ هڪ ٻئي جا ڪٽر مخالف هوندي به مَادي خوشحالي، فڪر ۽ شعور جي سرپرستي ڪرڻ ۾ اڳ اڳرا هئا. قاهره جي ڪتب خاني ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ڪتابن جو ڳاڻيٽو موجود هئو ۽ قرطبه ۾ ته اهو انگ ڇهوڻ کان به ٽپيل هئو. اها ڪتابن جي سچائي ۽ علم پروري ان ڪوڙ کي به وائکو ڪري ڇڏي ٿي، جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته اسلام جي اوسر سان مذهبي جنون ۽ وحشي دور جي ابتدا ٿي هئي ۽ ان لاءِ دليل طور اسڪندريه جي ڪتب خاني ساڙڻ جو مثال ڏنو ويندو آهي. انهيءَ مثال تي ڪو عقل جو سادو ۽ مت جو موڙهيل ئي اعتبار ڪندو ڇو ته اُهي ماڻهو جيڪي علم، ساڃاهه، فڪر ۽ فهم جي حوصله افزائي ڪرڻ ۾ راحت ۽ خوشي محسوس ڪندا هئا، سي اسڪندريه جي لئبرري کي ائين باهه جي حوالي ڪري سگهندا؟ اهي جيڪي پنهنجي دور ۾ انسانيت جي نجات ۾ اڳ اڳرا ۽ انسان ذات جي گڏيل ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرا هئا، ڇا انهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهڙي املهه خزاني کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ سندن هٿ هو؟ جيڪڏهن ٿڌي سيني سان بنان ڪنهن رياڪاري جي تورتڪ ڪبي ته چٽي صورتحال سامهون اچي بيهندي ته ان طرز جا گمراهه ڪندڙ قصا ۽ ڪهاڻيون رڳو بدنيتي تي مبني آهن،۽ اسلام جي آمد پنهنجي جوهر ۾ هڪ عذاب يا قهر نه پرانسان ذات لاءِ رحمت ۽ نيڪيءَ جو پيغام هو.
    هونئن يارهين ۽ ٻارهين صَدي جي وچ وارين لکڻين ۾ اسڪندريه جي ڪتب خاني جي بربادي جو ذڪر سخت نفرت ۽ ڌڪار جي نوع ۾ڪيل آهي، ان جي برعڪس عربن جي آمد وقت ٻن مصر جي ڪرستان تواريخ نويسن (Estichicus Elnoacian ) انهيءَ هيڏي ساري دردناڪ حادثي متعلق هڪ اکر به نه ڳالهايو آهي. انهن ٻنهي ڄڻن مان پويون صاحب ته اسڪندريه جي چڱن مڙسن مان هڪ هو، جنهن لاءِ وَهم ۽ گمان به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪرستانن جي دشمنن جو ٻانهن ٻيلي هو. انهيءَ نقصان بابت گهڻي ڀاڱي خليفي عمر جي هڪ حڪم نامي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. ان کي ڪرستانن جي هٿ چراند به ليکي سگهجي ٿو. پر گبن پنهنجي تجزئي ۽ ملندڙ ثبوتن جي آڌار تي هن راءِ جو اظهار ڪري ٿو: (عمر جو اهڙن سخت جملن ۾ حڪم نامو اسلامي نقطه نگاهه جي ابتڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿئي ٿو، ڇو ته هن پنهنجن حڪم نامن ۾ لکيو آهي ته يهودي ۽ ڪرستانن جي مذهبي ڪتابن کي ساڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ مشرڪ/ ناستڪي ليکڪن، تواريخدانن ۽ شاعرن سان به قانون مطابق سلوڪ ڪيو وڃي.) (Rise and fall of the Roman Empire )
    هونئن جڏهن کان وٺي تواريخ لکڻ جو غير جانبدارانه طريقو وجود ۾ آيو آهي ته اسڪندريه جي ڪتب خاني جو قصو پنهنجو قدر ۽ قيمت وڃائي ويٺو آهي ۽ شڪ شبهي جي ڍير ۾ دفن ٿي ويو آهي. بهرحال عربن جي آمد کان اڳ ئي اسڪندريه جي ڪتب خاني منجهان قيمتي يوناني ڪتابن جي منتقلي عمل ۾ اچي وئي هئي. ڇو ته عربن جي فتوحات کان اڳ اسڪندريه ۾ ڪرستاني مذهب جو ڪٽرپڻ پکڙجڻ سبب علم ۽ فڪر جو به زوال اچي ويو هو. ان ڪري ڪتبخاني جو ساڳيو مان ۽ مرتبو به ڪونه رَهيو هو. ڇو ته غير ڪرستان عالمن کي عيسائي مذهبي مهندارن جي تعصبي سلوڪ ۽ چُرچ تي مکيه عهدن تان برطرف ڪيو ويو هو ۽ لازمي طور اهي عالم سڳورا علم جو خزانو به پاڻ سان کڻي ويا هوندا. ان هوندي به جيڪڏهن مڃجي کڻي ته عمر جي حڪم نامي سان ڪتب خاني کي باهه ڏني وئي هئي ته اهڙي نڪتي کي هاڻي هروڀرو اڀارڻ ڄڻ ته ڇسائپ جو اظهار آهي، جنهن مان مذهبي اڻبڻت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهڙو عمل انسان ذات کي لاڀ ڏيڻ جي برعڪس ڇيهو رَسائيندو. اسلام جي نالي ۾ڪا سَاڙ ٻار کڻي ٿي به هوندي پر ان ۾ڪنهن شاهوڪار علمي خزاني کي نقصان رسيل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ، ڇو ته خليفن جي علم سان اُنس ۽ اتساهه جي ڪيفيت جو ڪاٿو لڳائڻو آهي ته انهن لازمي طور بيش بها علم کي محفوظ رکڻ لاءِ پهريائين ڪجهه اُپاءِ ورتا هوندا ۽ باقي اجايو سجايو ۽ ڪِنُ ڪچرو ساڙڻ جو حڪم ڏنو هوندو.
    بازنطين گهراڻي جي وحشين لاءِ هيڪاندا ثبوت موجود آهن ته انهن ڪيئن بطليموس جي شاندار پورهئي کي تلف ۽ تاراج ڪري ڇڏيو . اسڪندريه ۾ علم ۽ عرفان جي شمع کي وسائڻ ۾ وڏو هٿ سينٽ ڪارل جو چيو وڃي ٿو جنهن علم جي ديوي هيپريا جي ڀريل ميلي ۾ بيحرمتي ڪئي هئي. اهو سڀ ڪجهه پنجين صدي جي شروعات ۾ وهيو واپريو هو. ان حد تائين جو پادري سڳورا ڪنهن به حالت ۾ اسڪندريه جي اهڙن ليڪچرن ۽ خطابن کي برداشت ڪري نه سگهندا هئا جنهن ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ انهن گڏجاڻين جي سرپرستي هڪ يهودي عورت /غير ڪرستان ڪندڙ هئي . جنهن ۾ شهر جا ساڃاهه وند ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. جڏهن ته آرچ بشپ /وڏي پادريءَ جا ناقابل فهم خطبا فسادي فڪر ۽ سوچ جا ماڻهو ٻڌڻ ايندا هئا. ان جي خطابن ۾ عقل ۽ فهم جي ڳالهه ڪرڻ ته پري رهيو پر هو مورڳو پنهنجي مليل اڻکٽ اختيارن وسيلي محاذ آرائي ڪندڙن کي مليا ميٽ ڪرڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. انهيءَ آرچ بشپ جي هشيءِ تي فسادي (جن جي سرواڻي جنوني راهبن جو گروهه ڪري رهيو هو) مذهب جي نالي ۾ اسڪندريه جي علمي مرڪز تي ڪاهه ڪري هڪ اهڙي گناهه جا مرتڪب ٿيا، جنهن کي بيان ڪندي ڄڻ ته هڪ عذاب ۽ ياد ڪندي به شرم محسوس ٿئي ٿو.
    ڇو ته چار سو چوڏنهن عيسويءَ جي قريب ۾ فلسفو ۽ ڏاهپ محدود دائري ۾ قيد رَهيا ۽ نتيجي ۾ سائنس ۽ دليل لاءِ گمنامي جي غار ۾ الوپ ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه رهيو هو. عوام ۾ سندس مڃتا ۽ مهانتا جي ويل وهامي وئي هئي. ائين سمجهڻ گهرجي ته صديون اڳ ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي ڏياٽي وسامي چُڪي هئي. ڇو ته مذهبي ڪٽر پڻ جي وزني عَصا جي ڌڪ يوناني فلسفي جي نازڪ ۽ نفيس خدوخال کي بگاڙي ڇڏيو هو. ڪارئل ائڪٽ کي به بغير ڪنهن سوال ۽ آڏي پڇا جي مسلط ڪيو ويو. اهڙي صورتحال ۾ رومي سلطنت ۾ ڪنهن به انهيءَ رمز کي جانچڻ جي تڪليف به ڪانه وَرتي ته فڪر ۽ فهم جي آزادي جو هئڻ ڇو ضروري آهي؟ ڇو ته اهڙي طرز جي ڳولا ڦولا فاتحن جي انهن ارادن کي وائکو ڪري بيهاري ها ته اسڪندريا ۾ پنهنجي اقتدار کي دائمي رکڻ لاءِ هو ڪهڙيون حرفتون ۽ حيلا ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت لڳاتار ٻه صديون وڌيڪ ويران، ڀڙڀانگ ۽ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيون. جنهن مان ڇوٽڪارو ٻاهرين حمله آورن جي مُهابي ٿيو. هونئن سموري دنيا کي سُڌَ آهي ته عرب فاتح دليلن جي سچائيءَ سان نمودار ٿيا هئا ۽ پوءِ به اها دعويٰ ڪونه ڪيائون ته عقل ۽ ڏاهپ جي زمري ۾ پاڻ اعليٰ ۽ اتم آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ بابت پنهنجي روش کي مذهبي مت ڀيد کان مٿانهون رکيو. هو ان ڪري مصر کي دنيا جي قومن جي ڀيٽ ۾ ٻيهر ناماچار ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هو مصر کي هڪ ڀيانڪ شدت پرستي، اياڻپ ۽ جاهليت جي اونداهيءَ منجهان ڪڍي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.)
    Draper: The History of the Intellectual Development of Europe vol: 1. p- 325
    عربن نه رڳو يونان جي قديم ڏاهپ جي ڀنڊار کي بچائي ورتو پر ان کي سانڍيو ۽ سموهيو پڻ. ان سان گڏ علم جي خزاني تي پنهنجون عقل ڀريل تشريحون به لکيون. جنهنڪري جديد سائنس جي دانائن، افلاطون، ارسطو، اقليدس،هيپو ڪريٽس، گيلن ۽ بطيلموس جون عالمانه لکڻيون ۽ پورهيو، عربي ٻوليءَ جي معرفت پهتيون. جديد يورپ عربن کان علم، طب ۽ سائنس ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي . پر ساڳي وقت علم هيئت (Astronomy) جي سائنس جنهن انساني فڪر جي اڏام ۾ وسعت آندي ۽ فطرت جي ميڪانيڪي قانونن کي اجاڳر ڪيو، ان جي پوکي راهي ۾ به عربن جو رت ستُ شامل چئي سگهجي ٿو. انهي نئين تحقيق جي مدد سان عرب فيلسوفن زمين جو تُز گهيرو (Diameter) ۽ گرهن /سيارن جو تعداد به ڳولي لڌو. انهن جي هٿن ۾ علم هيئت پنهنجي قديم خدوخال جي خول مان ٻاهر نڪتي ۽ مشرقي ملڪن جي عالمن ۽ پنڊتن جي پوک ۽ پورهئي جي طفيل هڪ سائنسي علم جو درجو حاصل ڪيو. الجبرا جي ايجاد جو تاج اسڪندريه جي diophantus تي اچي ٿو. پر الجبرا علم جي ديوان خاني ۾ پنهنجي جاءِ والارڻ جي تڏهن قابل ٿي جڏهن عربن کيس سنواري پيش ڪيو. ائين مجموعي طور سائنس کي مڃتا ڏيارڻ ۾ عربن جو پورهئو ۽ پگهر شامل آهي. پر عرب پنهنجي سموري پورهئي جو ثمر يونان جي عالمن سان منسوب ڪن ٿا. هونئن علم نباتات (Botany) گهڻي ڀاڱي علم طب لاءِ پڙهائي ويندي هئي، پر ان ۾ هنن لڳ ڀڳ ٻه هزار ٻوٽن جون جنسون ڳولي لڌيون جنهن علم سائنس کي هڪ نئون جنم ڏ نو . علم ڪيميا کي به مصر جا ڪٽر ۽ تعصبي عالم سيني ۾ سانڀيندا آيا، جنهن جو عام استعمال بابل ۾ به هو. هندوستان جا حڪيم به انهيءَ علم جي بڻ بڻياد کان ڪجهه نه ڪجهه آگاهي رکندڙ هئا، پر علم ڪيميا کي ڪارائتا هٿ عربن جا نصيب ٿيا. جنهن ڪري هن علم تائين عام ماڻهن جي رَسائي آسان ٿي وئي. (هنن چڪائڻ (distillation ) جي طرز کي جديد نموني متعارف ڪرايو ۽ ان کان سواءِ فطرت جي ٽن مکيه شاخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، کار ۽ تيزابن جي عنصرن کي جداگانه ترتيب ڏني ۽ اڃان به قيمتي ۽ سخت ڌاتن کي ڦلدائڪ دوائن ۾ تبديل ڪيو. (گبن)
    عربن علم طب جي سائنس ۾ چڱي چوکي ترقي آندي، انهيءَ ڏس ۾ موسيٰ ۽ جابر ته سنئون سڌو جالينوس(galen ) جا پيروڪار هئا ۽ جيڪو ڪجهه کين استادن کان حاصل ٿيو ان سان انسان ذات جي خزاني ۾ اضافو ڪيائون. ابن سينا، بخارا جي هڪ ڏورانهين علائقي ۾ ڏهين صدي ۾ ڄائو هو، جنهن کي يورپ ۾ سڄا سارا پنج سو ورهيه اٿارٽي سمجهيو ويندو هو. ان حوالي سان salermo جي درسگاهه کي سورهين صدي تائين به يورپ ۾ علم طب جو مکيه مرڪز سمجهيو ويندو هو. ائين يورپ پنهنجي ڄاڻ جو ڌاڳو عربن سان ڳنڍيندو آيو ۽ ابن سينا جون لکڻيون ته وڏي چاهه ۽ هاج سان پڙهايون وينديون هيون.
    عرب عالمن جي علم لاءِ چاهنا جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن سموري تحقيق مشاهدي ۽ تجربي سان لاڳاپيل هئي. عربن فرضي قياس آرائيءَ جي طور طريقن کي رد ڪندي سدائين جٽاءِ دار اصولن جي پٺڀرائي ڪئي . عربن جي قابليت ۽ اهليت جو اندازو عزت ماب ابن رشد جي خيال آرائيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو: (مذهب، فيلسوفن ۽ڏاهن جي نظر ۾، ڌڻي سڳوري جي عبادت ۽ سندس جاه وجلال جي مڃتا، اصل ۾ علم ۽ڄاڻ حاصل ڪرڻ ئي آهي، جيڪو سچائي ۽ حقيقت ڏانهن رجوع ڪري ٿو. اهڙو ڪارج رب جي نظر ۾ اعليٰ ۽ اتم آهي. جڏهن ته انهن ماڻهن جي اها سوچ شرمناڪ آهي جيڪي پنهنجي مذهب کي نج ۽خالص سمجهڻ جي خفت ۾ مبتلا آهن، ان ڪري اهڙو مذهب جيڪو مفروضي جي پروپئگنڊا ۽ پٺڀرائي ڪري ته ان کي اڻ ڄاڻائي /لامذهبيت جو وسيلو چئي سگهجي ٿو. پوءِ اهڙو مذهب ڀلي اسلوب جي لحاظ کان ڀلائي جو ڀنڊار هجي پر پنهنجي جوهر ۾ سهپ ۽ رواداري کان ڪوهين ڏُور هوندو آهي. اهڙي آزاد خيالي /لبرل ازم جي ڪري ابنِ رشد، مذهبي مهندارن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو نشانو بڻيو. خاص ڪري عيسائين کان وڌيڪ مسلمانن جو حدف بڻيو.
    بهرحال، ابن رشد ڪجهه وقت جلاوطن رهيو پر پوءِ اسپين جي سلطان کيس قاضي جي ساڳئي عُهدي تي بحال ڪيو ۽ سندس ڪتاب به ڪجهه قدر ضبط هئڻ کان بچي ويا. پر سندس لاطيني ترجمي مان مٿيان حصا ۽ مواد اعتراض جوڳا ڄاڻائي خارج ڪيا ويا. ان هوندي به يورپ ۾ ٻارهين، تيرهين ۽ چوڏهين صدي جي سيڪيولر تحريڪن سنئون سڌو اثر عرب فيلسوفن جي سانڀيل لکڻين کان حاصل ڪيو ۽ بيشڪ ته اهي سيڪيولر نموني جون هيون جن ڪئٿولڪ چرچ جي بڻ بڻيادن کي لوڏي ڇڏيو. اهڙي ريت ٻارهين صدي عيسوي يا ان کان اڳتي جيستائين جديديت جو ظهور ٿيو اوستائين ابن رشد جون تحريرون ڪليسائي اڳواڻن جي نظرن ۾ ڪفر ۽ بدعت لائق سمجهندي مٿن زوريءَ فتوائون مڙهيون ويون، ڇوته جيڪو ٽڪرو اسان مٿي پڙهي آيا آهيون ان جي معنيٰ ۽ مفهوم هئين بڻجي ٿو ته مثبت ساڃاهه جي کوجنا ڪرڻ ته جيئن جهالت ، عقيدت پرستي جي انهيءَ ڍير جي صفائي ڪجي جيڪي دين ڌرم جي نالي ۾ صدين کان قائم دائم آهن.
    ابن رشد پنهنجي هڪ اقتباس ۾ ڄاڻائي ٿو ته استقرائي (inductive ) اصولن جو مکيه مقصد آهي سچائي جي حاصلات . جڏهن خالق جو اڳوڻو تصور پاسيرو رکي انڌي تقليد بدران ان جي ذات کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ تجرباتي عملن جي ذريعي ان جي صحيح حقيقت ان جي ئي تخليق ڪيل شين يعني ڪائنات وغيره مان معلوم ڪئي ويندي آهي ته خدا جو روحاني تصور پسمنظر م هليو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سندس موجودگيءِ جو احساس رڳو مذهب آهي جنهن وسيلي خدا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مذهبي لباس ۾ انساني فڪر جي ترقيءِ بابت سُڌ ملي ٿي. انهي حوالي سان دنيا ۾ جيڪي به مذهب آهن انهن ۾ اسلام کي مٿانهون ۽ منفرد سمجهندي ٻين مذهبن کي منسوخ ليکي سگهجي ٿو. اهو ئي سندس تواريخي اهميت جو جوهر آهي.
    اسلام ۽ عربي ٻولي جو مرڪز اهي تواريخي علائقا آهن جتي پراڻيون تهذيبون جهڙوڪ: مصر، آسيريائي، عبراني، ايراني ۽ يوناني تهذيبون پنهنجي حشمت ۽ ڏيا سان نمودار ٿيون، انهن ۾ ٽڪراءِ ٿيو ۽ ختم ٿي ويون. پر انهن اوائلي تهذيبن جي گود منجهان هڪ مثبت ڪارج حاصل ٿيو: عرب ڪلچر جي اڏاوت ۽ محمد ﷺ جي غير معمولي وحداني اصولن جي اوسر. اها سڀ نيڪ نامي ۽ ساک انهن عرب فيلسوفن جي کاتي ۾ اچي ٿي، جن پهريون ڀيرو ان نڪتي کي آب وتاب سان پيش ڪيو ته سڀني مذهبن جي اصليت هڪ ئي آهي. انهن نه رڳو انهي راءِ کي سگهارو ڪيو ته جيڪي به پنهنجي دور جا مذهب هئا سي ذهن تي ايترو ته اثر انداز ٿيا جو زندگي جي پر اسراريت ۽ فطرت کي سمجهڻ لاءِ پيش قدمي ممڪن ٿي سگهي، پر اڃان به ڏس ڏنو ته دليل جي روشنيءِ ۾ ئي وڌيڪ سچيتائي ۽ ساڃاهه ماڻي سگهجي ٿي. مذهب جي اهڙي عاقلانه تشريح، ابن رشد کي وڌيڪ ناليرو بڻايو.
    ان کان سواءِ علم ما بعد الطبيعات (Metaphysics) ۽ سائنس جا بي بها علوم جيڪي اٿينس ۽ اسڪندريه جي ڏاهپ مرڪزن جو نچوڙ هئا، انهن ۾ عربن ايترو پورهيو ۽ پگهر شامل ڪيو جيڪي اڳتي هلي جديد تهذيب لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيا. اهو (شڪ) جو عنصر ئي هئوجيڪو سڀني عقيدن ۽ ويساهن جي شهه رڳ بڻيو. اڳتي هلي جيئن ئي تنقيد جي وسيلي ويساهه جي حيثيت کي چئلينج ڪيو ويو ته اهڙو قدم ڄڻ ته انساني ترقي جي آسمان تي باک اڀرڻ جو اعلان هو.
    هونئن، آڳاٽو تيرهين صدي ۾ به (شڪ) جو فلسفو موجود هو. پر بداعتمادي موجود ڪانه هئي. مختلف نظريا بحث جو مرڪز بڻيا رهيا ۽ ڪن کي تڪراري بڻائي رد به ڪيو ويندو هو پرڪرستان عقيدي ۽ اصول جي قلعي تي ڪڏهن به حملو نه ڪيو ويو. مٿس حملو تڏهن ڪيو ويو جڏهن هڪ نئين فڪر جي اڏاوت جي ابتدا ٿي ته ذهن ۾ هڪ نئون نڪور فڪر ترڻ ۽ اُسرڻ لڳو ته سڀني مذهبن جو پاڙون هڪ ئي آهن ته پوءِ اهڙا اصول ۽ عقيدا ويتر نقصان رسائيندڙ ۽ خرابي پيدا ڪندڙ آهن پوءِ انهن کي منسوخ /رد ڪرڻ ضروري آهي. ان لاءِ اهي عنصر انسان ذات جي روحاني ايڪتا آڏو ڄڻ ته رنڊڪ بڻجي بيٺل آهن. ۽ ظاهر آهي ته جيڪڏهن عقيدي ۽ ويساهه جي صفتن کان نجات ملي ٿي ته پوءِ مذهب جو پنهجن پيرن تي بيهڻ جو مقصد به هڪ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو . ڇوته سچائي کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ ڪچائيءِ جي بربادي شروع ٿيندي آهي. ائين مذهبن جي وحدانيت سان ڀرپور انقلابي تصور جي تشريح پهريون ڀيرو عرب عالمن ڪئي.
    اها حقيقت پڌري پٽ آهي ته عرب عالمن جي جدوجهد جو عروج ابن رشد تائين ڇيهه ڪري ٿو. ڇو ته هي اعليٰ انسان انهن هستين منجهان هڪ آهي جيڪي نائين صدي کان تيرهين صدي تائين پنهنجي ڏاهپ جي پورهئي جي آڌار تي ان کان اڳ جي ڏاهن ۽ فيلسوفن جي سلسلي جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي. انهن مڙنئي لکڻين يا تعليمي سلسلي کي ڏسبو ته ان ۾ انقلابي جوهر جو ڳانڍاپو اسلام جي مکيه اصولن سان نظر ايندو ۽ ان ۾ واڌارو يا حاصلات جو ذريعو (خدا جي تلوار ) بڻي .
    عربن دنيوي وهنوار ۽ روحاني وحدانيت کي سگهارن بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي خوشحالي خاطر هڪ نئين ڪلچر معرفت پنهنجي فڪر کي واڳي ڇڏيو، ائين مسلمان صدين تائين ٻين کان پرائيندا رهيا ۽ خاص ڪري يونان وارن کان. جنهن ڪري، هوُ علم جي هر هڪ شاخ ۾ آزاد خيالي جي آبياري ڪندا رهيا .
    الڪندي عرب فيلسوفن ۾ سڀ کان آڳاٽو ليکي سگهجي ٿو. هو آزاد خيال عباسي حڪمرانن جي دارالحڪومت ۾ رهندو هو ۽ سندس شهرت نائين صدي جي اڳياڙي ۾ ٿي. سندس فلاسافي پڙهائڻ جو دارومدار علم حساب جي منطق سان ڳنڍيل هو. ڇا ڪاڻ ته علم حساب جي معرفت ئي بيڪار قياس آرائي ۽ منجهيل سوچ کي (دليل) جهڙي مضبوط ڪارج سان رد ڪندي سچائي جي اصولن پٽاندر مثبت ۽ منطقي نتيجا حاصل ڪرڻ سان هو. جنهنڪري انهن اصولن جي پيش بندي ڪندڙ استاد عزت ۽ احترام لائق چئي سگهجن ٿا، جن جي مهابي فرانسز بيڪن ۽ ڊيڪارٽ گذريل ست سو ورهين کان (جديد فلسفي) جي رهبرن طور سڃاتا وڃن ٿا. پر اڄ به عالم ۽ داناءَ جيڪڏهن ڪٿان به لاڀ حاصل ڪن ٿا ته وري به ڏاهپ جو ساڳيو ڀنڊار آهي جيڪو عربن هڪ هزار ورهيه اڳ گڏ ڪيو هو.
    انهيءَ ساڳئي سلسلي جي نشاندهي ڪندڙن ۾ الفارابي جيڪو پويان ايندڙ صدي جو رهواسي ۽ دمشق ۾ درس ۽ تدريس ڏيندو هو. هن جي ارسطو تي لکيل شرح صدين تائين سند طور پڙهائي ويندي هئي. الفارابي ميڊيڪل سائنس ۾ چڱي خاصي سرسي حاصل ڪئي . راجر بيڪن به علم حساب جي سکيا کائنس وَرتي.
    ڏهين صدي جي پوئين اڌ ۾ ابن سينا جي آمد ٿي. هن جو واسطو بخارا جي هڪ سکئي ۽ شاهوڪار گهراڻي سان هو جيڪو واپار جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور ٿيو.ابن سينا علم حساب ۽ علم طبيعات تي گهڻو ڪجهه لکيو پر کيس شهرت علم طب /ميڊيڪل سائنس جي ڪري ملي. جڳ مشهور ميڊيڪل اسڪول سيلرمو (Salermo ) به سندس يادگار شاهڪار هو ۽ علم طب تي لکيل ڪتاب به يورپ ۾ سورهين صدي تائين درس طور ڪتب آندا ويندا هئا. ان عظيم انسان جون فيلسوفيانه لکڻيون ايتريون ته روشن خيال هيون جو بخارا جو آزاد خيال امير به تقليد پرست عالمن جو دٻاءِ برداشت ڪري نه سگهيو.جيڪي ابن سينا جي سيڪيولر لکڻين کي بدناموسي طور استعمال ڪري رهيا هئا. آخر لاچار ٿي ابن سينا پنهنجي سرپرست جي درٻار منجهان روانگي اختيار ڪئي ۽ عرب بادشاهتن ۾ مسافري ڪندي به علم طب جي تعليم سان گڏوگڏ فلسفو پاڙهيندو رهيو.
    يارهين صدي ۾ ابن الهيثم آهي جيڪو اڄ تائين به سائنس جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاريندو اچي ٿو. ڇو ته علم نظر بابت کوجنا ڪرڻ ۾ سندس خاص مقام آهي. هن علم نظر بابت، ڄاڻ يونانين کان حاصل ڪئي جن جو خيال هئو ته روشني جا ڪرڻا ڪنهن به وِٿُ کي ڏسڻ لاءِ اک منجهان نڪرن ٿا. پر هن جاميٽري جي وسيلي ثابت ڪيو ته جسم مان روشني جا ڪرڻا نڪري اک جي ماڻڪي تي اثرانداز ٿين ٿا، ان ڪري سائنسي تواريخدانن جي اهڙي راءِ کي به چڱو چوکو وزن ملي ٿو ته ڪيپلر جيڪا علم نظر بابت شاندار کوجنا ڪئي ان جو سلسلو ساڳئي عرب سائنسدانن سان ڳنڍجي ٿو.
    ان ساڳي صديءَ جو الغزالي به رهواسي آهي جيڪو اندلس جي هڪ واپاريءَ جو پٽ هو. هي صاحب انهن پيش بندي ڪندڙن مان صف اول جو ماڻهو آهي، جن ڊيڪارٽ جي خالص (سچ) تي ڀاڙڻ جي بنسبت خود شعوري (self consiousness ) کي وڌيڪ ترجيح ڏني. الغزالي انهن ڏاهن منجهان هڪ آهي. جيڪو قديم ۽ جديد سيڪيولر خيالن ۽ ويچارن ۾ پُل جو ڪم ڏئي ٿو. فلسفي جي ميدان ۾ اڻ وسرندڙ پورهئي بابت اچو ته سندس زباني ٻُڌون: (جڏهن مذهب منجهان دلجمعي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيس ته ڪنهن به اعليٰ هستيءَ جي اقتدار جي سوچ کي ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪوري ڪپي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيم ۽ انهن سڀني قياس آراين کي به پٺي ڀر اڇلائي ڇڏيم جيڪي ٻالجتيءَ کان وٺي ذهن ۾ ڀريل هيون. ان ڪري منهنجي سامهون هڪ سنئون سڌو مقصد ۽ مراد آهي ته وٿ جي سچائي سمجهڻ: هاڻي مون کي سُڌ پئي آهي ته اهڙي علم يا ڄاڻ جو هئڻ ضروري آهي جنهن وسيلي ڪنهن به وٿ يا مقصد جي تشريح ڪري سگهجي ، جيئن آئنده مستقبل لاءِ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش نه هئڻ جي برابر هجي . جڏهن، هڪ ڀيرو منهنجي ذهن قبول ڪري ڇڏيو ته ڏهن جو انگ ٽن کان مٿي آهي، جيڪڏهن ڪو به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته ٽن جو انگ ڏهن کان مٿي آهي ۽ ان لاءِ هو نانگ منجهان نوڙي بڻائڻ جهڙو معجزو به سر انجام ڏئي ته به سندس غلطيءَ بابت منهنجو ويساهه پڪو پختو رهندو . ها هن جي حرفت ۽ ڪاريگري گهڙي کن لاءِ منهنجي ذهن تي پنهنجي قابليت جو ڌاڪو ويهاري سگهي ٿي پر ان هوندي به منهنجي ڄاڻ ۾ ڪو به تر برابر شڪ پيدا ٿي نه سگهندو .)
    ائين علم جي تيز ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا اصول جيڪي لڳ ڀڳ هڪ هزار ورهيه کن اڳ مسلمان عالمن ٻڌايا هئا، اهي اڄ به ايتري ئي حيثيت ۽ درجو رکن ٿا، جو سائنسي منطق کي جنهن ريت انهن سينگاري سنواري نشانبر ڪري بيهاريو سو اڄ جي ويهين صدي جي هندوستانين ۾ به ڇڊو نظر اچي ٿو جن پنهنجي مٿان (روحانيت) جي جادو جنتر، ٺڳي ۽ فريب کي مڙهي ڇڏيو آهي ۽ لاشڪ ته اهي عنصر سائنس جي سچائي آڏو رنڊڪ بڻجي بيٺل آهن.
    الغزالي ته ڄاڻ بابت ، اڃان به وضاحت ڪندي چوي ٿو ته اها علم حساب وانگر تُز پد تڏهن حاصل ڪري ٿو جڏهن مشاهدي جي بٺيءَ مان سندس گذر ٿئي ٿو ۽ ان کي قطعي ۽ لاجواب اصولن جي پٺڀرائي ملي ٿي.هو، ان راءِ جو هو ته اڻ تڪراري اسم جهڙوڪ ايمان ۽ يقين فقط حواسن وسيلي محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ رڳو سچائي جي چاهت به مصيبت جو باعث بڻجي سگهي ٿي. الغزالي دليل جي روشنيءَ ۾ يقين ۽ ويساهه کي ڳولي لڌو. الغزالي جي اهڙي سوچ بابت هر هڪ تپرس ۽ عجب ۾ پئجي وڃي ٿو سندس دور ۾ جڏهن ته مذهبي ماحول مڪمل طور اڻ سهپ ۽ جنون جي گرفت ۾ وَرتل هو، تنهن هوندي به الغزالي جي (شڪ ) وارن راين کي سموري مسلم دنيا ۾ پڙهايو ويندو هو.
    تواريخ ۾ هن فيلسوف جي مان ۽ مرتبي بابت نامياري فرينچ مشرق دان رينان جي وزندار راءِ آهي ته جديد (تشڪيڪ) جي فلسفي جي مهندار هيوم ان ۾ ايترو گهڻو اضافو ڪونه ڪيو آهي جيڪو الغزالي سوڌو ٻيا عرب فلاسافر ست سو ورهيه کائنس اڳ درج ڪري ويا آهن. اسان کي ويتر الغزالي جي سوچ ۽ فڪر، تورايخ جي روشني ۾ وڌيڪ اهميت ماڻيندي نظر اچي ٿي. ڇو ته هيوم جي (تشڪيڪ) واري عنصر ڪانٽ جي تنقيدي فلسفي (Critical Philosophy ) لاءِ ميدان هموار ڪيو، جنهن قياس آرائي ۽ عقيدن جي پاڙن تي ڪهاڙي جو ڪم ڪيو. پر الغزالي جي سوچ ۽ فڪر پنهنجي دور کان اڳ جا هئا. تجرباتي سائنس ( Science Practical ) جنهن جو ذڪر ڪيو اٿس، اها اڃان تائين ممڪن ڪانه بڻي هئي. انڪري ٽيڪنالاجي جي اڻ هوند يا بانبڙا پائڻ جي ڄمار ۾ فطرت جي شين جو علم حساب جي ڪسوٽي تي پرک ڪرڻ فلاسافرن لاءِ ڏکيو وهنوار هو. الغزالي، پڇاڙي ۾ تصوف کان متاثر ٿيو پر هن جو زوال ڪانٽ جهڙو نه ٿيو. ان لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ظاهري خامين ۽ دٻاءَ، عرب فيلسوف جي اڀ ڏانهن اڏام کي جهيڻو ڪري ڇڏيو ۽ ان جي برعڪس ڪانٽ جي اندر ۾ ويٺل طبقاتي مفاد جي رغبت، سندس ذهانت جي مٿان ڇانئجي وئي .
    ابوبڪر رازي جيڪو پڻ ٻارهين صدي جو رهندڙ آهي. اهو پهريون هيئت دان (Astronomer ) آهي جنهن بطليموسي قياس آرائي کي رد ڪيو. رازيءَ راءِ مطابق گرهن /سيارن جو سرشتو آسمان ۾ گردش جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. رازيءَ جي کوجنائن تي برونو، گيليلو ۽ ڪوپر نيڪس وڌيڪ تحقيق ڪئي. ابوبڪر جي کوجنا موجب سرشتن جي اندر چر پر جو عمل ايڏو ته مڪمل ۽ جامع آهي جو غلطيءَ جي گنجائش جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. پر ابوبڪر پنهنجن کوجنائن کي ڪنهن لکڻيءَ جي شڪل ڏيڻ کان اڳ گذاري ويو. هن جي شاگرد (Albertusmagnus ) سندس تعليم کي عام جام ڪيو ته جيڪي گره /سيارا آهن سي باقاعدگيءَ سان گردش ۾ رهن ٿا. ائين مجموعي طور وچولي دور ۾ انهيءَ قياس آرائي کي هيئت داني جي حوالي سان قيمتي سرمايو سمجهيو ويو. اهڙي ريت مسلم فيلسوفن جي تعليم نه رڳو مقدس ڪتابن ۾ ڪائنات جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ جي ذڪر کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو پر خانقاهن تي به سنئون سڌو اثر پيو. ائين راجر بيڪن ۽ سندس مخالف (Albertusmagnus) پڻ هيئت داني جي زمري ۾ الپطرس جا ٿورا مڃيا. اصل ۾ مجموعي طور فلسفي متعلق ابن رشد جي جاکوڙ کي بنان ڪنهن وڌاءَ جي اعليٰ ۽ اتم چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ٿئي ٿي جنهن بابت اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون. هي صاحب ان دور جو رهاڪو آهي جڏهن تواريخي نقطه نگاهه کان اسلامي ڪلچر ۾ هڪ موڙ اچي رهيو هو. انت ته ٻارهين صدي ۾ اهڙيون قوتون سگهاريون بڻجي رهيون هيون جيڪي سوچ ۽ ترقيءَ جي مٿان حاوي پئجي رهيون هيون، اسلامي ڪلچر اڳواٽ ئي زوال پذير ٿي رهيو هو.
    ائين سوچ ۽ فڪر جي آزادي جيڪا انهن خانه بدوش ٽولن جي وسيلي پنهنجي عروج جي آسمان تي پهتي ته اُن جو ٽڪراءِ وري به دنيوي دلچسپي رکندڙ مذهبي مُهندارن سان ٿيو. ڇوته اسلام جي مثبت ۽ انسان دوست شاندار جدوجهد جنهن پنج سو ورهين جي عرصي ۾ هڪ ڦلدار درخت جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن کي ابن رشد پنهنجي قابليت سان مختصر لفظن ۾ سموهي پيش ڪيو ته: ”دليل جي معرفت ئي (سچائي) جي حقيقت ملي سگهي ٿي.“ نتيجي ۾ قرطبه جي سلطان المنصور درٻاري عالمن جي زور بار پوڻ تي انهن لکڻين کي ناستڪي ڄاڻائي ساڙڻ جو فرمان جاري ڪيو. ائين اسلام جي شاهڪار علمي سلسلي کي لعنت ۽ ملامت جي نشاني بنائڻ سان بگاڙڻ ۽ مسخ ڪرڻ جو دروازو کلي پيو. جنهنڪري اسلام جو انسان ذات جي ترقي بابت ڪردار جهڪو ٿيڻ لڳو ۽ اڻ سهپ، ڇسائپ ۽ ڪٽر پڻ جو هٿيار بڻجي ويو. اسلام پنهنجي تواريخي ڪردار مطابق پاڻ کي ماضي جي ٻن قيمتي ۽ شاهڪار پر زوال پذير شهنشاهيتن جي تباهه حال آثار ۽ اونداهي جي غفائن ۾ لڪل مذهبي گرفتن کان ته آجو ڪرائي ڇڏيو، پر پنهنجن جي ويساهه گهاتي واري جبلت کان بچي نه سگهيو ۽ نه اڳتي هلي ترڪيءَ جي وحشي حمله آورن ۽ منگولن جي ڦرلٽ ۽ هٿ چراند کان بچي سگهيو.
    ائين اسلام پنهنجي تواريخي ذميواري تان ئي هٿ کڻي ويو. ابن رشد کي قرطبه جي ڪورٽ منجهان نيڪالي ڏني وئي. جيڪا صدين کان آزاد خيالي جو اهم مرڪز هئي. هن جي لکڻين کي باهه جي سپرد ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪجهه تحريرون ساڙڻ کان بچي ويون ته بي رحم عالمن جي فتوائن ۽ رد عمل جو نشانو بڻيون. مطلب ته عقل ۽ علم جي مٿان ڪفر ۽ بدعت جا تالا هنيا ويا. ان ڪري ابن رشد ۽ سندس استاد ارسطو جي نالن کي لعنتي ۽ ملامتي ڄاڻايو ويو. وقت جي وهڪري هڪ اهڙي صورتحال کي اُڀاري مٿي آندو جو رجعت پرست مسلمانن جي نظر ۾ فلسفو، ڪفر ۽ بي ديني هو. جنهنڪري کوکلي روحانيت جي غوغاءَ ۾ اضافو ايندو رهيو. پوءِ به پنج سو ورهين جي عرصي ۾ مذهبي سهپ ۽ رواداري جو ايترو زوال ڪونه آيو جيڪو هن کان اڳ عيسائي مذهب جي نالي ۾ آيو هو. بهرحال ابن رشد کي پنهنجن ئي ماڻهن مڃتا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ائين چئجي ته جيڪي مستقبل جا امين ۽ مُهندار هئا، انهن کي برطرف ڪيو ويو. ائين يورپ ۾ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ عقيدي ۽ عقل، جهالت ۽ فڪر جي آزاديءَ وچ ۾ هلندڙ جنگ يورپ کي ته روشن ڪيو پر چرچ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه عرب فيلسوفن مان اتساهه جي ڪري عمل پذير ٿيو . جنهنڪري ابن رشد ۽ سندس سائنسي نظريا يورپ جي مٿان سڄا سارا چَار سَو وَرهيه ڇانيل رهيا.


    باب ستون: اسلام ۽ هندوستان

    جيتوڻيڪ هندوستان ۾ اسلام جي آمد ان زماني ۾ ٿي جڏهن هو پنهنجو ترقي پسندانه ڪردار ادا ڪري چڪو هو ۽ سندس سرواڻي ڪندڙ قوتون عرب جي تهذيب ۽ ڄاڻ جي سگهه حاصل ڪرڻ واري مرتبي کان محروم ٿي ويل هيون، پوءِ به انقلاب جا ڪجهه بنيادي اهڃاڻ سندن جهنڊن تي اڪريل هئا. تواريخ جو تنقيدي جائزو ٻُڌائي ٿو ته مسلمان فاتحن جي هندوستان ۾ آمد جا ڪارڻ به ساڳيا هئا جيڪي کين ايران ۽ ڪرستان (عيسائي) ملڪن تي چڙهائي وقت درپيش هئا. هونئن اهو سمجهڻ گهرجي ته انسان ۽ سندن قديم تهذيبون ۽ تواريخ تمام سولائيءِ سان نيست ۽ نابود ڪونه ٿينديون آهن، جيستائين پرڏيهي حملي آور، ڏيهي ماڻهن جو سهڪار ۽ پٺڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ سڦلتا نه ٿا ماڻين. هندوستان ۾ برهمڻي ڪٽرپڻ ، ٻڌڌرم جي انقلاب مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ عوام جي اڪثريت کي برهمڻن جي ظلم هڻي هچُ ڪري وڌو ۽ نتيجي ۾ انهن وٽ اسلام جو آڌرڀاءُ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونه رهيو هو.
    سنڌ تي محمد بن قاسم جي هٿان فتح تڏهن يقيني بڻي جڏهن سندس سهڪاري ڌرين ۾ جاٽ ۽ اهي زرعي جاتيون شامل ٿيون، جيڪي برهمڻ حاڪمن جي اره زور آورين جو نشانو بڻيا هئا. هن (ابن قاسم) به سنڌ ملڪ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا عرب فاتح ٻين ملڪن ۾ اختيار ڪندا پي آيا. (هن، برهمڻن کي پاڻ وٽ نوڪرين ۾ رکيو ته جيئن سندن اعتماد بحال ڪري سگهي. هن کين اجازت ڏني ته پنهنجن مندرن جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم پاڻ ڪن، ۽ پنهنجي مذهبي رسم ۽ رواج جي پيروي به ساڳي نموني ڪن جيڪا اڳ ۾ ڪندا اچن پيا، ان کان سواءِ روينيو جي وصوليءَ لاءِ اعليٰ عهدن تي مقامي ماڻهن کي سندن قابليت مطابق مقرر ڪيو ويو ۽ مروج انتظامي امورن جي به واڳ سندن هٿن ۾ ڏني وئي. (هند جي تاريخ – ليٽ ۽ ڊائوسن) ان پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪيترائي برهمڻ پڻ مسلمان فاتحن سان ملي ويا. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جون سماجي حالتون تسلي جوڳيون ڪونه هيون. سنڌي سماج مڪمل طور ڀڃ ڊاهه جي هڪ اهڙي دکدائڪ دور مان لنگهي رهيو هو. اهو سڀ هڪ جوابي انقلاب جو رد عمل هو. لاشڪ ته دروازي تي دستڪ ڏيندڙ انقلاب کي مخالف قوتن معرفت شڪست ملي پي سگهي پر انهن قوتن جي وَس ۾ ڪونه هو ڇو ته سماج جنهن شڪست وريخت جي عمل مان گذري رهيو هئو ان جو تدارڪ ڪرڻ سندن وَس ۾ ڪونه هئو، جنهنڪري انقلاب اڻ ٽر بڻجي پيو هو. هندوستان ۾، ٻڌ انقلاب کي مات ڪانه آئي هئي پر اندروني خامين ۽ اوڻاين جي ڪري لاڀائتي موٽ ڪانه ملي سگهي . سماج ۾ ردوبدل آڻيندڙ ڌريون ايتريون سگهاريون ڪونه هيون جيڪي آيل انقلاب کي ڪاميابي۽ ڪامرانيءَ سان هم ڪنار ڪري سگهن. نتيجي ۾ ٻڌازم جي زوال کان پوءِ هندوستان بدترين اقتصادي ۽ سياسي تباهي جي طوفان ۾ گهيرجي ، فڪري بدنظمي ۽ روحاني ڇڙواڳي جي وَر چڙهي ويو. عملي طور سڄو سماج ڀڃ ڊاهه ۽ تباهيءَ جي بدبودار ۽ ڏکوئيندڙ گهيراءَ ۾ اچي ويو. اهڙي صورتحال ۾ پيڙجندڙ عوام هڪدم اسلام ڏانهن متوجه ٿيڻ لڳو ڇو ته اهو (ان وقت جو مسلمان قابض حڪمران طبقو) کين جيڪڏهن سياسي آزادي گَهٽ ڏئي رهيو هئو ته هوڏانهن سماجي مساوات جي آڇ ڪري رهيو هو. ان کان سواءِ مٿيان طبقا به پنهنجي مفادن خاطر پرڏيهي حمله آورن سان سهڪار جو هٿ وڌائي رهيا هئا. اهو سڀ ڪجهه اسان جي آڏو هڪ اهڙي صورتحال کي واضح ڪري بيهاري ٿو ته جڏهن عوام سماج مان بيزار ۽ لاتعلق بڻجي پوندو آهي ته مٿانهن طبقن جي مغزن ۽ ميڄالن مان به واءُ نڪري ويندو آهي.
    جيستائين هندوستان ۾ اسلام پکڙجڻ جوسبب آهي ته ان بابت قديم هندو ڪلچر جي هڪ سخت گير ليکڪ هيول (Havell) جو ذڪر ڪرڻ مناسب لڳي ٿو. هي صاحب جيڪو ڪنهن به لحاظ کان مسلمانن لاءِ دل ۾ ڪوبه نرم گوشو نه ٿو رکي سو جيڪا به ٽيڪاٽپڻي ڪري ٿو سا دلچسپي کان خالي ڪونهي: ”انهن جڏهن اسلام قبوليو ته کين هڪ مسلمان شهريءَ برابر حَقَ حاصل ٿي ويا ۽ آريائي قانون جي برعڪس، قرآن مطابق سڀني مسئلن ۽ مونجهارن کي طئي ڪيو وڃڻ لڳو. اهو طريقو خاص ڪري پٺتي پيل جاتين ۾ مقبول ٿيو جيڪي برهماڻي قاعدي قانون ۾ (اڇوت) طبقو سڏجي رهيا هئا“
    (Aryan Rule in India)
    اهي مٿيان گفتا اهڙي ماڻهوءَ جي ز باني ڪنهن به لحاظ کان دلجمعي جوڳا چئي نه ٿا سگهجن، جيڪو شعوري طور برهمڻ قانون جي بالادستيءَ ۾ پڪو پختو ويساهه رکندڙ هجي. بهرحال، انهيءَ زماني جي حالت ٻڌائي ٿي ته مسلمانن جي آمد وقت، هندوستان ۾ اهڙن ماڻهن جو ڪثرت سان انگ موجود هئو جن لاءِ برهمڻ ڪٽرپڻ سان ناتونڀائڻ جي لاءِ نالي ماتر دليل موجود هو ۽ ائين کڻي چئجي ته اهي ماڻهو هڪيا تڪيا ويٺل هئا ته صدين جي (ڀڃ ڊاهه جو شڪار) آبائي ورثي کان آجو ٿي، اسلام جي مساوي اصولن جي پاڇي ۾ وڃڻ گهرجي. ڇوته اسلام کين هندوڌرم جي نالي ۾ قائم ڪيل ڏاڍ ۽ جبر کان بچائڻ جو ذريعو هو.
    هڪ ٻئي هنڌ ساڳيو ليکڪ هيول پنهنجي لکڻين ۾ رسول ِ عربي جي روحاني قدرن ۽ تعليم کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو پر ساڳي وقت هندوستان ۾ انهيءَ تعليم ۽ قدرن جي ڦهلاءِ بابت راءِ زني ڪندي چوي ٿو : ”اهو اسلام جو فلسفو نه پر اسلام جو (Social Order)سماجي سٽاءُ هئو، جنهن هندوستانين جي دلين ۾ پنهنجو مذهب مٽائڻ ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي اڻ تڻ پيدا ڪئي.“ هونئن اهو سچ آهي ته عام ماڻهن لاءِ فلسفو ڪابه ڪشش ڪونه ٿو رکي پر سماجي سٽاءَ ئي اهميت رکي ٿو. ڇوته اهو پروگرام /سٽاءَ مروج اصولن هيٺ زندگي گهارڻ جي برعڪس وڌيڪ ڪارائتو رستو ٻُڌائي ٿو. انڪري غلط فلسفو جيڪو حياتيءَ جي ردوبدل ۾ رجعت پرستيءَ سان لاڳاپيل اصولن جي پوئواري ڪري ٿو، سو نه رڳوماڻهن جي سهائتا کان وانجهيل رَهي ٿو پر مصيبتن ماريلن جي ڳچي ۾ ڳٽ بڻجي پوي ٿو. ائين جيڪڏهن اسلام جي سماجي پروگرام هندوستاني ماڻهن ۾ جاءِ پيدا ڪري ورتي ته ان جو مکيه ڪارڻ اهو هئو ته ان جي پروگرام ۾ شامل فلسفو، هندو فلسفي جي ڀيٽ ۾وڌيڪ جاندار هو، جيڪو ماڻهن کي سماجي مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو نقيب بڻجي هندوستان ۾ نمودار ٿيو هو“ انهيءَ مٿين بيان معرفت هيول مڃي ٿو ته تيرهين ۽ چوڏهين صدي عيسوي ۾ جڏهن اسلام هندوستان ۾ ڪشش جو ڪارڻ بڻجي رهيو هئو ته ان زماني ۾سماجي انقلاب جو ڪردار هروڀرو به ادا ڪونه ڪري رهيو هو. پر اهو ڄڻ ته سماجي انقلاب جو هڪ اولڙو چئبو جيڪو هندوستانين جي اندر تي اثر انداز ٿي رهيو هو. تحقيق ته اهو اسلام جي زوال ۽ ڀڃ ڊاهه جوزمانو هو پر پوءِ به اسلام روحاني، نظرياتي ۽ سماجي ترقيءَ جو هندو رجعت پرستيءَ کان وڌيڪ حامي هو.
    هيول کي هندوستاني ۽ يورپي ڪلچر جي ڏِسَ ۾ هڪ ذهين ۽ ناليرو شخص چئي سگهجي ٿو.پر ٻي پاسي مسلمانن متعلق پنهنجي دل ۾ لڪل ڪدورت کي لڪائي به ڪو نه ٿو، هن جي تحرير کي ائين چئي پٺيءَ ڀر اڇلائي نه ٿو سگهجي ته هندن ڏانهن سندس جهڪاءِ ڪجهه وڌيڪ آهي. اهو سچ آهي ته سندس لاڙو هندن ڏانهن سرس آهي، انڪري اهڙو تواريخ دان جيڪڏهن پنهنجي لکڻين وسيلي هندوستان جي ماضيءَ تي وڌيڪ بدمزگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اهڙي سوچ رکندڙ تي افسوس ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي . هي لکي ٿو: (هندوستان ۾ مسلم فاتحن جي فتح اسلام جي آمد جا ڪي به ظاهري سبب ڪونه هئا. ان جو مکيه ڪارڻ آرياورت جي ڊاهه ڊُوهه جو عمل آهي. جيڪو هريش جي مرڻ کان پوءِ شروع ٿيوائين نبي ﷺ جي سماجي سٽاءَ ۽ سهڻي سلوڪ هرهڪ ديندار کي روحاني طور مساوي درجو ڏنو. اسلام حقيقت ۾ هن دنيا ۾ انسان ذات لاءِ معقول ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جومناسب طريقو هو. اسلام جي هندوستان ۾ آمد ان مهل شروع ٿي جڏهن ٻڌ ۽ برهمڻ فلسفن ۾ سياسي طور ڇڪتاڻ عروج تي پهتل هئي ۽ برهمڻ ڪٽر پڻ اتر هندوستان ۾ ورهاست جو ڪارڻ بڻجي رهيو هو.“ ( حوالو: ساڳيو)
    هونئن بادشاهه هريش ورڌن ستين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري گذاري ويوهو. مطلب ته هندوستان ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه جي ابتدا ان دور ۾ ٿي جڏهن اسلام جي عروج ٿي رهيو هو. ڪنهن به بادشاهه جوموت ڪيڏو به اهم ۽ ڏکوئيندڙهجي پر اُن ڪري تواريخ ۾ڪنهن خاص موڙ ۽ اهميت جي نشاندهي ڪونه ٿي ٿئي. ائين اهو سلسلو صدين کان جاري آهي. ٻڌ انقلاب وقتي طور رنڊڪ بڻجي آيو ۽ تمام تيزيءَ سان شڪست پذير ٿيو . جيترو ڪرستان خانقاهن سان ٿيو.
    هندستان ۾ ٻڌمتَ جي معرفت تياڳ حاصل ڪرڻ سبب ڀڃ ڊاهه ۽ سماج ۾ اٿل پٿل جو عمل مسلمان حمله آورن لاءِ اوتروئي سودمند ثابت ٿيو، محمود غزنوي جي حملي بابت هيول لکي ٿو: ”محمودي فوجن جو سوڀارو ٿيڻ جو گهڻي ڀاڱي ڪارڻ سندس دٻدٻو ۽ شهرت هئي پر ان سان گڏوگڏ اتر اولهه جي ويڙهاڪن لاءِ وڌيڪ ڪشش جو باعث پڻ. ڇو ته جنگ انهن لاءِ هڪ مذهبي فرض، فتحمندي ۽ اتساهه جو ذريعو هئي.“ محمود جي اها معرڪه آرائي گهڻي ڀاڱي مندرن ۽ زيارت گاهن جي مهنتن کان انهيءَ خزاني کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جيڪو صدين کان غريب هندوستاني ڀيٽاطور جمع ڪرائيندا پي آيا. انهيءَ نئين صورتحال کي جڏهن ماڻهن اکين سان ڏٺو جن جو مذهبي لحاظ کان پنهنجن ديوتائن ۾ حد درجي جو ويساهه هئو ته انهن جو اعتماد ئي لُڏي پيو. انهن حالتن (مذهبي جذبات ۽ روحاني جبلتن) متعلق عام ماڻهن ۾ رد عمل پيدا ڪيو ته ڪمزور ديو تائن جو پاسو وٺڻ جي بجاءِ وڌيڪ لازوال هستيءَ ڏانهن رجوع ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان جي عبادت ڪرڻ سان وڌيڪ ثواب حاصل ٿيندو. صدين کان لکين ماڻهو انهن مافوق الفطرت ديوتائن جي مشهور مندرن جهڙوڪ: ٿانيسور، مٿرا ۽ سومنات ۾ پوڄا پاٺ ڪندا آيا پي. انهن مندرن جي مهنتن لکين ماڻهن کان هيڪاندو مال متاع، ديوتائن جي خوشنوديءَ جي نالي ۾ جمع ڪيو هو. پر اوچتو ئي اوچتو اهو سمورو ٽڪساٽ، بي رحم ۽ ڪٺور حملي آورن جي حملي سبب ڊهي ڇيهون ڇيهون ٿي پيو. جڏهن محمود حملي آور ٿيو ته مهنتن ماڻهن کي چوڻ شروع ڪيو ته حمله آور ديوتائن جي غيض ۽ غضب جو شڪار ٿيڻ لاءِ پاڻ کي اچي ڦاسايو آهي. جنهنڪري عام ماڻهن کي يقين هئو ته ڪونه ڪو چمتڪار ضرور ٿيندو پر اهڙو ڪرشمو ”حمله آورن جي خدا“ ڪري ڏيکاريو . ڇو ته اهو طئه ٿيل اصول آهي ته ڪنهن به ڪرشمي يا چمتڪار تي ڀاڙي ويهڻ سان ويساهه ۽ اعتماد ڄڻ ته بي مقصد ۽ بي معنيٰ هوندو آهي. ان حوالي سان ٿورو مٿاڇري نظر وجهبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪي روايتي طور مذهبي ماڻهو هئا انهن سڀني اسلام قبول ڪيو.
    جيڪڏهن تنقيدي نقطه نگاهه کان مسلمانن جي هندوستان تي فتح جي ظاهري ۽ اندروني سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته هڪ عنصر نظر اچي ٿو يعني عملي طور وک وڌائڻ. ڇو ته انهيءَ عمل جي عنصر سبب ئي اندر مان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪيفيت کي ڪوري ڦٽو ڪري سگهجي ٿو، جنهن ڪري هڪ هندو پنهنجي پاڙيسري مسلمان کي گهٽ درجي جو شهري سمجهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن هندو جاتيءَ وارا قياس آرائي ۽ ڪٽر پڻ جي قيد مان پاڻ کي آجو ڪري وٺن ته انهن کي مسلمان فاتحن جا ڪيترائي تعميري ڪارناما به نظر ايندا. ائين هنن جي اندر منجهان حمله آورن ۽ مفتوحن جي حوالي سان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو پارو به هيٺ لهي ايندو. ان لاءِ لازمي آهي ته هڪ سيبائتي ۽ انقلابي ڦير ڦار تواريخ جي حوالي سان اچڻ گهرجي، ٻي حالت ۾ فرقيواريت جو زهر ختم ٿي نه سگهندو. ڇو ته جيستائين هندو ذهني طور مسلمانن کي هندوستاني قوم جو هڪ اڻ ٽٽ حصو نه مڃيندو ۽ سندن ڪيل پورهئي ۽ محنت جي ساراهه نه ڪندو، جنهن جي مهابي ئي هندوستاني سماج هڪ مسمار ٿيندڙ تهذيب ۽ مايوس صورتحال منجهان ٻاهر نڪري آيو هو. ان کان سواءِ اسان مٿان فرض آهي ته تواريخ کي به منطق ۽ روشن خيال نقطه نگاهه کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته جيئن وڌيڪ ڄاڻ ملي ته مسلمانن جي فتح کان پوءِ ۽ هاڻوڪي دور ۾ پنهنجن بدبختين ۽ محرومين کي سمجهڻ ۽ سوڌڻ ۾ ڪامياب ٿيون.
    هوڏانهن ٻي پاسي اڄوڪي دور ۾ اسان جا ڪجهه مسلمان ته شاندار ماضيءِ جي ڪردار کي چنبڙيا بيٺا آهن. انهن منجهان ڪجهه صاحب ته سهپ ۽ رواداريءَ جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويا آهن، جنهن جي قرآن وَرجاءُ ڪري تلقين ڪري ٿو . ان ڪري ئي ته اسلام تواريخ ۾ هڪ اهم جاءِ والاري آهي. ڇو ته بنيادي طور ڪٽر پڻ ۽ فرقيواريت جي عنصرن کي عرب فيلسوفن رد ڪيو آهي. پر ان کان پوءِ جيڪا رجعت پرست مُلائيت جي شڪل يا وَري تاتارين جي وحشي جبلت اسلام ۾ شامل ٿي ان سندس اصليت کي مسخ ڪري ڇڏيو. هونئن اسلام، هندوستان ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجو ترقي پسند دور پورو ڪري چڪو هو. ان جا جهنڊا سنڌو ۽ گنگا جي ڪُنٺن تي عرب انقلابي سُورمن ڪونه کوڙيا هئا، پر شڪست خورده ايرانين ۽ وچ ايشيا جي ويڙهاڪن جڏهن اسلام قبول ڪيو ته انهن اڳتي هلي محمد ؐ جي نالي ۾ هڪ شاندار سلطنت جو پايو وِڌو . ان هوندي به اسلام جي ان لحاظ کان آجيان ڪئي وئي ڇو ته اهو اميد ۽ آزاديءَ جو سنيهو انهن پيڙهيل طبقن لاءِ کڻي آيو هئو جيڪي برهمڻ مت جي ان جبر ۾ پيڙهجي رهيا هئا، جنهن ٻڌ انقلاب جون پاڙون پٽي ڇڏيون ۽ نتيجي ۾ سمورو هندوستان زوال جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو. پر پوءِ به ايراني توڙي مغل، عربن جي روايتي ماڻهپي، سهپ ۽ لبرل ازم جي اصولن کان وانجهيل ڪونه هئا. اهو ئي مکيه سبب هئو ته مختصر گروهن جي شڪل ۾ ڏورانهن ڏيهن کان لٽ ڦر جي نيت سان آيل ٽولا پاڻ کي هڪ وسيع ملڪ جا ڊگهي مدي لاءِ جائز، حقيقي ۽ معتبر حڪمران ثابت ڪري سگهيا، ۽ سندن اوپري عقيدي کي به لکين ماڻهن قبول ڪيو. ڇاڪاڻ ته انهن سماج جي ڪجهه بنيادي ۽ جموديت ۾ وَرتل مسئلن ۽ مونجهارن کي ڌيان طلب ڄاتو. ايستائين اسلام جو انقلابي جوهر ڪنهن حد تائين ماٺيڻو پئجي ويو هو. پوءِ به هندو سماج جي مٿان پنهنجو اثر رسوخ چٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انڪري ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هندوستان ۾ اسلام جي مضبوط ٿيڻ ۾ هٿيارن پنهوارن جي شهه زوريءَ کان وڌيڪ اسلامي تبليغ، ترقي پسند فڪر ۽ سوچ جو وڏو هٿ آهي.
    اهڙي صورتحال ۾ هيول جهڙو ڪٽر مسلم مخالف به مڃي ٿو: (مسلم سياست جا هندو سماج تي ٻه طرفا اثر پيا. هن هڪ ته ذات پات جي سخت گير طور طريقي جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو، جنهنڪري اهڙو عمل هندو سماج ۾ رَهندڙ هيٺين طبقن لاءِ ڄڻ ته عرب بدوين جي معرفت اميد جو ڪرڻو بڻجي آيو ان شودر کي هڪ آزاد انسان جو درجو ڏيندي ڄڻ ته برهمڻ جي مٿان به کيس بالادستي بخشي ڇڏي . جيئن يورپ ۾ سجاڳيءَ جي لهر ڄڻ سوچ ۽ فڪر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ اهڙا لائق انسان پيدا ڪيا جن ۾ ڪجهه ماڻهو ته بي پناهه ذهانت جا مالڪ هئا. انهيءَ سجاڳيءَ جي طفيل هڪ سول سوسائٽيءَ جو اڀرڻ اڻ ٽر بڻجي پيو. ڇوته ان صورتحال رولاڪن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ ساڳي ريت شودرن کي به پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ جو سڏ ڏنو. اها ڄڻ ته انسان ذات جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ نئين دڳ جي پيشقدمي هئي.
    (Aryan Rule in India)
    ائين مٿي ڄاڻايل روشن خيال بيان مان ثبوت ملي ٿو ته ڪبير، نانڪ، ٽڪارام ۽ چيتنيه جهڙن سماج سڌارڪن جو اچڻ جن پنهنجي پَرِ ۾ برهمڻي ڪٽر پڻ خلاف مزاحمت ڪئي سي گهڻي ڀاڱي اسلام جي سماجي خدوخال کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا.
    تواريخ جي اهڙي سچي حقيقت يا معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ هندن جي مسلمانن ڏانهن هٺ ۽ وڏائي واري روش اجايو ۽ عبث آهي. اهڙي روش بنهه تواريخ جي بيحرمتي ڪرڻ جي برابر آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسان جي ملڪ جي سياسي سٽاءِ کي پڻ سنڌائتو ڌڪ هڻي زخمي ڪري وجهندي. يورپ، مسلمانن کان تعليم ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي ته اڄ جي جديد تهذيب جو سرواڻ بڻجي ويو آهي. اڄ تائين يورپ جا لائق فرزند ماضيءِ جي انهيءَ احسان مڃڻ ۾ ڪوبه شرم يا عيب محسوس ڪونه ٿا ڪنِ. اسان جو هندوستان بدقسمتيءَ سان اسلامي ڪلچر جي انهيءَ شاندار وَرثي منجهان لاڀ حاصل ڪري نه سگهيو آهي، ڇو ته اسان ان پَد تائين رَسائي حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. ان ڪري سجاڳي جي دور اچڻ جي اوسيئڙي ۾ پير پساري ويهڻ بدران هندو ۽ مسلم جاتيون انساني تواريخ جي اهڙي اڻ وسرندڙ باب منجهان اتساهه حاصل ڪري سگهن ٿيون . ڇوته اسلام جو انسان ذات جي ڪلچر جي واڌاري ۾ حصو پتي ادا ڪرڻ ۽ ان جي دل جي سچائيءَ سان ساراه ۽ ثنا ڪرڻ سان هندن جي هٺ ۽ وڏائي واري سوچ کي وائکو ڪرڻ سان گڏوگڏ کين آجپي ڏانهن وٺي ويندي ته ساڳي وقت اڄوڪي دور جي تنگ دل مسلمانن کي به هڪ ٻاٽ اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ جُهد ڪرڻ برابر آهي ته کين سچائي جي روح ۽ جوهر سان وڌيڪ ڏيٺ ويٺ ڪرائي سگهجي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373010
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151960
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ