ڪتاب جو نالو: ڊريڪولا
مصنف: برئم اسٽوڪر / حبيب سنائي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 06 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 499 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 497 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڊريڪولا جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي خوف واري ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي۔ تٍجسس ۽ خوف سان ڀريل هن ناول ”ڊريڪولا“ جو ليکڪ برئم اسٽوڪر آهي، اختصار ڪندڙ اسٽيلا ڪون آهي۔ هن ناول جو سنڌي ترجمو محترم حبيب سنائي ڪيو آهي ۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • حصو پهريون: ٽرانسلوانيه ۾ هڪ قلعو
  • ٻيو حصو: ليوسي جي موت کان اڳ عجيب ۽ غريب واقعا
  • حصو ٽيون: ليوسي جي موت کانپوءِ ٿيندڙ عجيب و غريب واقعا
  • چوٿون حصو: شڪاري شڪار ٿئي ٿو

  • سنڌ سلامت پاران

    ڊريڪولا جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي خوف واري ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي۔ تٍجسس ۽ خوف سان ڀريل هن ناول ”ڊريڪولا“ جو ليکڪ برئم اسٽوڪر آهي، اختصار ڪندڙ اسٽيلا ڪون آهي۔ هن ناول جو سنڌي ترجمو محترم حبيب سنائي ڪيو آهي ۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو جي ڪاوشن جو نتيجو آهي۔ انٽر نيٽ تي هي ڪتاب اِي بوڪ جي ايڊيشن ۾ وائس آف سنڌ پاران متعارف ڪيل آهي۔
    ٿورائتا آهيون سائين حبيب سنائي صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    حصو پهريون: ٽرانسلوانيه ۾ هڪ قلعو

    حصو پهريون: ٽرانسلوانيه ۾ هڪ قلعو
    (31 جون، 1897 تي جوناٿن هارڪر پاران لکيل احوال)

    آئون جوناٿن هارڪر جڏهن هيءُ داستان لکي رهيو آهيان، تڏهن موت کان به وڌيڪ ڀوائتي ۽ اڄاتي نصيب جي خوف ۾ ورتل آهيان. مينا، منهنجي زال، جيڪڏهن تون هي قصو پڙهي سگھين ته منهنجي روح لاءِ دعائون ڪجانءِ.
    ٽي هفته اڳ آئون ٽرانسلوانيه جي پهاڙي ۽ جھنگلي ملڪ ۾ آيو هوس. آئون لنڊن شهر مان هڪ ٽرين ۾ چڙهيو هوس، جيڪا بڊاپسٽ شهر مان ٿيندي، بسٽرز اسٽيشن تي پهتي هُئي. اُتان آئون گھوڙا گاڏي ذريعي مرڪزي يورپ جي تمام پرانهين ۽ اندرين علائقي ۾ ويس: هن علائقي کي هتان جا رهواسي ”وچين ڌرتي“ ڪري ڪوٺين ٿا. هيءُ علائقو واقعي به بيحد خوبصورت آهي. جيڏانهن کڻي نهار، تيڏانهن ننڍيون ننڍيون ٽڪريون ۽ ڪارسرا وڻ نظر چڙهندا. وري انهن جي پويان ”ڪارپٿين“ پهاڙي سلسلو نظر ايندو، ان جون چوٽيون برف سان ڍڪيل هيون.
    مون ساڻ انهيءَ گاڏي ۾ رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس هاري به ويٺل هُئا. هو اڻپڙهيل هُئا ۽ وهمي ٿي ڀاسيا. جيئن جيئن رات ٿيندي ويئي، ته ائين ٿي لڳو ڄڻ هو اونداهه کان ڊڄي رهيا هجن. جڏهن کين مون ٻڌايو ته ٿوري دير کانپوءِ آئون هن ٽانگي مان لهي، ڪنهن ٻئي گاڏي ۾ چڙهندس، تڏهن اهو ٻڌي دهلجي ويا. هڪ مائي دعائون پڙهڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجو صليب لاهي منهنجي ڳچي ۾ تحفي طور وڌو. ٻاهر هڪ دانهن ٻڌڻ ۾ آئي. هڪ ٻيو گاڏو، جنهن کي چار ڪارا گھوڙا ڪاهي رهيا هُئا، اسان جي گاڏي کي اچي پهتو. ان جي ڊرائيور اسان جي گاڏي کي رڪجڻ لاءِ چيو. هڪ ڊگھي ڪوچوان منهنجا ٿيلها کڻي انهي نئين گاڏي ۾ رکيا، آئون به اچي ان ۾ چڙهيس. جھٽ پٽ ۾ اهو گاڏو اوندهه ۾ گم ٿي ويو.
    تمام پري کان پهاڙين مان بگھڙن جي اوناڙن جو آواز پئي آيو. آهسستي آهستي اهي آواز ويجھا پوندا ويا. ۽ مون اکيان اهي ڀورا ۽ مٽي ۾ ڀڀوت جانور ڏٺا، جيڪي ڄڀون ڪڍيو، ٽانگي پٺيان ڊوڙي رهيا هُئا. ڪوچوان يڪدم ٽانگو بيهاري، پوئتي ويو. جانور ڊپ ۾ پوئتي هٽ ويا. هن شخص بگھڙن تي الرون ڪندي، حڪمي لفظ واتان ڪڍيا. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن اهي بگھڙ پوئتي وريا ۽ ڀڄي ويا. ڪوچوان اچي ٽانگي ۾ ويٺو ۽ پنهنجي چهبڪ کي هوا ۾ ڦيرائي آواز ڪڍيائين. ائين پهاڙن تي ٺهيل هن اکٽ رستي تي وري سفر شروع ٿيو. هلندي هلندي، جڏهن رات کٽڻ تي هُئي، اهي گھوڙا ڍرا ٿيا. مون ٻاهر چوڌاري نهاريو. ٽانگو هڪ وسيع ۽ ويڪري قلعي جي اڱڻ ۾ اچي رڪيو هو. ان قلعي جي درين مان ڪابه روشني نٿي آئي. قلعي جون ڀڳل ٽٽل ڪونگريون، آسمان آڏو، نوڪدار قطار جيان پئي لڳيون.
    مون پاڻ کي هڪ وڏي در، جيڪو لوهي شيخن سان واڙيو پيو هو، سامهون بيٺل محسوس ڪيو. ڪوچوان منهنجا ٿيلها ۽ صندوقون منهنجي پويان ڇڏي رمندو رهيو. آئون اڪيلو ۽ منجھيو بيٺو هوس. بهرحال جلدي اهو در کليو. هڪ ڊگھو ۽ پوڙهو ماڻهو اُتي بيٺو هو، سندس لباس ڪارو هو ۽ چهرو پيلو هوس. هو اهڙي شانائتي نموني جھڪيو، جو مون سمجھي ورتو ته هيءُ ئي منهنجو ميزبان آهي.
    ”شام بخير! منهنجا دوست. آئون نواب ڊريڪولا آهيان. ۽ اوهان انگريز وڪيل هارڪر آهيو. ڊريڪولا قلعي ۾ ڀلي ڪري آيا. قلعي ۾ پنهنجي آزاديءَ ۽ خوشيءَ سان داخل ٿيو!“ جڏهن آئون اندر پئي آيس ته هن منهنجي ڪابه مدد نه ڪئي، پر جيئن ئي آئون اندر پهتس ته هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ ان کي چڱي پر هلايو. جيتوڻيڪ هنجو هٿ ايترو سگهارو پئي لڳو، جو هوند اهو منهنجي هٿ کي ڦهي وجھي ها، پر اهو ايترو ٿڌو پئي لڳو، ڄڻ ڪو لاشو هجي. مونکي حيرت ٿي جڏهن هن منهنجا ٿيلها کنيا ۽ چيو ته ”منهنجا نوڪر ستا پيا آهن. تنهن ڪري آئون پاڻ اوهان جي سار سنڀال ٿو ڪريان.“ مٿي ماڙيءَ تي هڪ ڪمري ۾ اڳ ۾ ئي ماني لڳي پئي هُئي. آئون ماني کائي رهيو هوس ته نواب منهنجي ڀر ۾ ويٺو رهيو ۽ مونکان نرمائي سان سفر جا احوال وٺندو رهيو.
    نواب جو منهن زردو ۽ سنهو هو، سندس ڊگھي نڪ مٿان، ٻئي ڀرون پاڻ ۾ ڳتيل ٿي لڳا. هن جون اکيون ڪاريون ۽ کپندڙ هُيون. سندس وار ۽ مڇون اڇيون هيون. جيتوڻيڪ سندس ڳل بيحد زردا هُئا، پر چپ صحتمند ۽ ڳاڙها هُئا. هن جا ڏند غير معمولي طور تکا ۽ ڊگھا ٿي لڳا. سندس اطوار اميراڻو هو ۽ هن انگريزي روانيءَ سان ٿي ڳالهائي، پر لهجو مختلف هو.
    ”چئبو ته مسٽر هارڪر! اوهان انگلنڊ کان ڪهي آيا آهيو ته جيئن اوهان قانوني مامرن ۽ لنڊن ۾ ملڪيت جي خريداري ۾ منهنجي سهائتا ڪريو. آئون انهيءَ لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان. ها، پر اڄ رات پاڻ ڪاروباري گفتگو نه ڪنداسون.“
    هو مونکي هڪ ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو، جيڪو انگريزي ڪتابن - انگلينڊ جي تاريخ، قانون ۽ سماجي رسمن متعلق ڪتابن - ساڻ سٿيو پيو هو. ”لڳي ٿو ته اوهان انگلنڊ جي متعلق ڪافي ڪجھه پڙهيو آهي.“ مون کيس چيو.
    ”هائو، جيئن ته آئون اوهان جي ديس ڏي اچڻ لاءِ ڪافي وقت کان رٿي رهيو آهيان ته جيئن جديد عجوبا ۽ ڳتيل شهر ڏسان.“
    ان کان پوءِ هو وڏي دلچسپيءَ سان انگلنڊ جي زندگي متعلق سوال ڪندو رهيو. اسان صبح تائين ڳالهائيندا رهياسون. جيئن ئي سج اڀرڻ لڳو ته مون کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ مونکي اتي ڇڏيائين ته آئون سمهي رهان.
    ٻئي ڏينهن آئون ڪافي دير کان پوءِ ننڊ مان جاڳيس. مونکي پنهنجي آسپاس ڪوبه نظر نه آيو. جيتوڻيڪ کاڌو اڳئي رکيو ويو هو. شام ڌاري مون پنهنجي ٿيلهي مان ننڍي آرسي ڪڍي ۽ شيو ڪرڻ لڳس. اوچتو نواب جو آواز ٻڌم: ”شام بخير“ آئون مڙيس ۽ حيرانيءَ ۾ وٺجي ويس: هو منهنجي تمام ويجھو بيٺو هو، پر مون آرسيءَ ۾ پنهنجي چهري ساڻ هن جو مُنهن نه ڏٺو هو. مون آرسيءَ ۾ ٻيهر نهاريو، نواب آرسيءَ ۾ نظر نٿي آيو!
    نواب منهنجي ڳچيءَ کي گھوري رهيو هو، جيڪا مون ريذر سان گھائي وڌي هُئي ۽ ان مان رت جا چند ڦڙا ڳڙي پيا هُئا. نواب پنهنجا ڳاڙها چپ چٽيا، ۽ پنهنجي ڊگھن ننهن وارو هٿ مون ڏانهن وڌايو، پر سندس آڱرين منهنجي ڳچي ۾ پيل هڪ هاري زائفان پاران ڏنل صليب کي مس ڇهيو ته سندس هٿ پوئتي هٽي ويو.
    ”تون زخمي ٿي پيو آهين. هن رانديڪي جي ڪري، جيڪو ڪوڙو ڏيک آهي. هن ئي مان جند ڇڏاءِ.“ هن هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي سگھارن هٿن سان وڏي دري کولي ۽ مون کان آرسي ڦري ٻاهر اڇلائي ڇڏي. آئون انهيءَ عمل تي جيئن کيس ڏک، حيرانگي ۽ ڪاوڙ مان تڪڻ لڳس، تڏهن نواب شائستگيءَ سان جھڪيو ۽ رات ماني کائڻ جي دعوت ڏني. آئون ٻيو ڪجھه نه ڪري سگھيس، خاموشيءَ سان هن جي پويان لڳس.
    نواب اڳ ۾ ئي کاڌو کائي چڪو هو، سو مون اڪيلي سر ماني کاڌي. ان بعد مون کيس سندس پاران انگلنڊ جي قانوني فرم کي سونپيل ڪم ڪار متعلق ضروري ڄاڻ ڏني.
    ”اسان اوهانجي هدايتن پٽاندڙ اوهان لاءِ گھر ورتو آهي،“ مون چيو، ”اهو ڪافي پراڻو آهي ۽ ڪافي وقت کان خالي رهيو آهي.“
    ”اهو مون لاءِ مناسب رهندو“ هن جواب ۾ چيو، ”هن قديم قلعي کان پوءِ مون کي روشن ۽ نون گھرن جي ڀيٽ ۾ اهو وڌيڪ مزو ڏيندو.“
    مون ان سودي جي قانوني پهلوئن جي وضاحت ڪئي، جن کي هو آسانيءَ سان سمجھي ويو. ان بعد هن مونکان پڇيو ته هُو لنڊن شيون موڪلڻ لاءِ ڇا ڪري. مون کيس ٻڌايو ته ڪهڙا دستاويز ۽ اجازت ناما وٺڻا پوندا ۽ ڪيئن ادائيگي ڪبي. هن ڀيري به هن انهن منجھيل تفصيلن کي سمجھڻ ۾ تيز ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو.
    انهيءَ کان پوءِ منهنجي ميزبان مون کي ٻڌايو ته چار سو سال اڳ سندس خاندان جي هڪ عظيم نواب اهو قلعو جوڙايو هو. هن جڏهن پنهنجي وڏڙن جي همت ۽ وحشت جو ذڪر ٿي ڪيو يا انهن زمينن جو، جيڪي انهن فتح ڪيون هُيون يا انهن غلامن جو، جيڪي قبضي ۾ ورتا ويا هُئا، ته ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو پنهنجي فتحن ۽ ڪامرانين جو ذڪر پيو ڪري. هن جي انداز گفتگو ۾ فخر هو ۽ هن جي اکين ۾ وڏي چمڪ هُئي. هڪ ڀيرو ٻيهر اسر اچي ٿيو ۽ آئون وڃي سُتس.
    ائين ڪافي ڏهاڙا گذري ويا. انهيءَ دوران سج نڪتي مهل مون نواب کي نه ڏٺو ۽ نه ئي کيس کاڌو کائيندي ڏٺو. مون هيڪلائيءَ ۾ قلعي کي ڦولهڻ شروع ڪيو. اُتي ڪوبه نوڪر نه هو. مون ڄاتو ته نواب پاڻ پنهنجي سر سڀ ڪم ڪري ٿو ۽ هُو ئي ٽانگو هلائيندڙ ڪوچوان هو. منهنجي استعمال هيٺ چند ڪمرن کانسواءِ ٻيا مڙيئي خالي هُئا ۽ دوڙ ٿيا پيا هُئا. لڳو ٿي ته ڪوبه انهن ۾ نٿو رهي. آئون هيٺ قلعي جي شاهي در تائين ويس، ان کي به قلف لڳل هو. هاڻي آئون قيدي هئس ۽ قلعي ۾، سواءِ انهيءَ پراسرار نواب جي، اڪيلو هُئس.
    ان مرحلي تي آئون پنهنجي مستقبل جي حوالي سان ڊپ ۾ وڪوڙجي ويس. مون انهيءَ صليب کي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ سنڀالي رکڻ جو فيصلو ڪيو. اڳ ۾ ته مون اهڙين ڳالهين ۾ اعتبار نه ٿي آندو، پر هاڻي مون کي اهو احساس ٿيو هو ته هيستائين انهيءَ صليب مون کي پئي بچايو آهي.

    هڪڙي شام نواب مسڪرائيندي مون کي چيو: ”معاف ڪجو! اڄ رات آئون اوهان کي اڪيلو ڇڏي ويندس. اصل ۾ آئون ڪنهن خانگي ڪم جي سانگي سان مصروف آهيان. تنهن ڪري اڄ انهيءَ پاڻ واري روزانه جي گفتگو کان محروم رهندس.“
    آئون اهو ٻڌي دل ئي دل ۾ خوش ٿيس، ڇو ته سندس ساٿ مون لاءِ نفرت جوڳو بنجي ويو هو. مون چيو: ”مونکي افسوس آهي ته منهنجو رهڻ هتي اينگھجي پيو آهي، انهيءَ ڪري اوهانجي روزانه وهنوار ۾ روڪ پئجي ويئي آهي. سو منهنجو خيال آهي ته هاڻي مون کي هتان جلد وڃڻ گھرجي.“
    ”او منهنجا پيارا مهمان! آئون توکي ايترو جلد نه ڇڏيندس.“ نواب کلندي چيو. انهيءَ کل دوران سندس تکا اڇا ڏند پڌرا هئا. مون سمجھي ورتو ته هن نواب جي مدد کانسواءِ آئون هن جھنگلي علائقي مان ماڳهين نڪري نه سگھندس، ڇو ته بگھڙ به هن جي حڪم جا تابع آهن.
    رات جو دير سان آئون پنهنجي ڪمري جي دريءَ وٽ بيٺو هوس. چانڊوڪي ۾ هيٺيون علائقو نظر پئي آيو. اوچتو مون هڪ دري کلندي ڏٺي، جيڪا مون کان هيٺ، پر زمين کان ڪافي مٿي هئي. پهريان ان مان نواب جو منهن نڪتو، پوءِ ڪلها ٻاهر نڪتا، ۽ ائين سڄو جسم نڪري آيو. هو منهن هيٺ ڪري سانڊي جيان زمين ڏانهن ڀت تي رڙهڻ لڳو. هن جي هيٺ لهڻ تائين آئون کيس دهشت مان تڪيندو رهيس.
    رات ڪافي گرم هُئي. آئون ڪوٽ لاهي بستري تي ليٽي پيس ۽ چانڊوڪي ڏسڻ لڳس ۽ گڏوگڏ اهو ويچاريندو رهيس ته ڪهڙي نموني هتان ڀڃان. اها ڳڻتي اچي ٿيم ته الائي مهنجي زال مينا سان ملاقات ٿيندي يا نه. ائين ننڊ وٺي ويم. ٿورو ئي ستو هوندس ته مون کي جاڳ ٿي ۽ ڏٺم ته ٽي خوبصورت عورتون مهنجي ڪمري ۾ موجود هيون. انهن جا وار سونهري هئا ۽ اکيون چمڪندڙ ۽ چپ ڳاڙها هئا. هنن جا ڏند غير معمولي طرح اڇا، ڊگھا ۽ نوڪدار هئا. مٿائن چنڊ جي روشني پئجي رهي هئي، پر سندن پاڇولو نه هو. هو منهنجي ويجھو آيون. مون کي ڄڻ هپناٽائيز ڪيو ويو هو، جو آئون چري پري نه ٿي سگھيس.
    ”اچو ته هن کي چمي ڏيون.“ اهو چئي هنن ٽهڪ ڏنا. مٺا ۽ وڏا ٽهڪ، پر اهي بي دليان ۽ وحشي ٽهڪ ٿي لڳا. سڀ کان سهڻي ڇوڪري گوڏن ڀر رڙندي، منهنجي ڀر ۾ آئي، ۽ چپ چٽڻ لڳي. هن پنهنجو منهن، مهنجي ڳچيءَ ڏي موڙيو، پوءِ به آئون نه چريس. مون کي پنهنجي نڙيءَ تي هنن جي ڏندن ۽ چپن جو ڇهاءُ محسوس ٿيو.
    اوچتو ڪاوڙ ڀري دانهن ڪنين پيم. نواب ظاهر ٿيو. غصي ڪري ناسون ڦونڊيل هئس ۽ اکيون ٽانڊا بنيل هئس. هن انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڇڪي پري ڪيو.
    ”اڃان نه.“ هن ڪروڌ ۾ چيو،” توهان ڇا منهنجي رٿائن کي ڊانوان ڊول ڪنديون. منهنجي اجازت کان اڳ ۾ ئي اوهان هن کي هٿ لاهينديون؟“
    ”اڙي تون ته خودغرض آهين. تون ته هرشيءِ پاڻ لاءِ ٿو رکين.“ ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ۽ وري اڳتي وڌي هڪ وحشي ٽهڪ ڏنو.
    ”اڃان اصل وقت نه آيو آهي.“ نواب وراڻيو، ”جڏهن هيءُ منهنجو ڪم ختم ڪندو، تڏهن توهان هن کي چمجائو ۽ جشن ملهائجائو. هاڻي ڀڄو.“
    ٽي مايون ڪوهيڙي وانگيان چانڊوڪي ۾ الوپ ٿي ويون. نواب منهنجي نراڙ کي ڇهيو، ۽ آئون بي هوش ٿي ويس يا سمهي پيس.

    دير سان رات جو نواب مونکي اچي اٿاريو. هن هدايت ڪئي ته سندس پاران ٽرانسپورٽ ڪمپني وارن کي خط لکي چوان ته هو ڪجھ صندوقون ٽرانسلوانيه مان لنڊن پهچائڻ جو بندوبست ڪن. ان کان پوءِ هن چيو ته هو منهنجي واپسيءَ ۾ مدد ڪندو. پر مون کي هن تي اعتبار نه رهيو هو.
    جيئن ڏينهن ٿيو ۽ نواب مون کي اڪيلو ڇڏيو. مون فيصلو ڪيو ته ڪنهن به نموني هتان نڪرڻ جو ڪو رستو ڳولي وٺان. آئون چاڙهيءَ تان هيٺ لهي قلعي جي اندرئين پاسي واري کليل ميدان ۾ آيس. اتي قبرستان هو، جنهن ۾ ماربل پٿر سان جڙيل تربتون هرجاءِ پکڙيون پيون هيون. ويجھو ئي هڪ ننڍو چرچ هو. جنهن ۾ وڏيون ڪاٺ جون صندوقون پيون هُيون. هر صندوق ست فوٽ ڊگھي، ٻه فوٽ اونهي ۽ ٻه فوٽ ويڪري هئي. ڪي خالي هُيون ته ڪي وري اڌوگابريون مٽيءَ سان ڀريل هُيون. ڪن تي ڪاٺ جا ڍڪ مظبوطيءَ سان بند پيل هئا، ۽ ڪن جا ڍڪ ڀر ۾ رکيل هئا.
    آئون ان وقت وڏي ڊپ ۽ هيبت ۾ وڪوڙجي ويس، جڏهن مون نواب کي هڪ پيتيءَ مٿان ستل ڏٺو. ڇا هو مئل هو. هن جو کليل اکيون، بغير ڪنهن شيءِ کي ڏسندي تڪي رهيون هيون ۽ هن ساهه به نه ٿي کنيو. هن جي چمڙي ٿڌي هئي. هو صحتمند ٿي لڳو ۽ سندس چپ ڳاڙها هُئا.
    مون پاڻ کي زوريان تيار ڪري هنجي جسم کي ڇهيو ۽ هن جا کيسا کولي ڏٺا ته جيئن قلعي جي درن جي چاٻي لڀان. مون کي ڪجھ نه مليو. اوچتو مون ڏٺو ته هن جون اکيون ڦريون ۽ مون کي تڪڻ لڳيون. مون کي اچي ڊپ ورايو، سو وٺي ڀڳس.
    ان ڏينهن پوءِ مونکي ڪجھ انساني آواز ٻاهران ٻڌڻ ۾ آيا. اهي کل ۽ ڳائڻ جا هئا. مون ڏٺو ته تمام پريان کان ماڻهن جو جٿو قلعي ڏانهن اچي رهيو هو. انهن جي اڳواڻ کي ڪنن ۾ واليون پهريل هيون ۽ سندس ڪپڙا شوخ رنگ جا هئا. هٿن ۾ وڏا چاقو هئا. هي خانه بدوش هئا، جيڪي جھرجھنگ پيا رلندا هئا. هنن سان گڏ ڏهه کن خالي گاڏا هئا، جيڪي گھوڙا ڇڪي رهيا هئا. جيئن هو ويجھو پهتا ته مون مٿان کان رڙيون وٺي ڪيون. پر افسوس ته هو ٻڌي نه سگهيا.

    هڪ ڏينهن گذريو. ٻي رات ٽاڻي نواب مون وٽ موڪلائڻ آيو. هن چيو ته ”سڀاڻي آئون انگلنڊ پيو وڃان. منجھند جو منهنجو ڊرائيور توهان وٽ ايندو، ۽ توهان کي واپس بسٽرز شهر پهچائيندو.“ مونکي مٿس اعتبار نٿي آيو. جيئن هو منهنجي ڪمري مان نڪتو، مون ٽي عورتون ڪوهيڙي جي شڪل ۾ ڏٺيون، ۽ سندس هلڪا ٽهڪ ڪنين پيا. ”سڀاڻي رات.“ نواب چيو پئي، ”هي سڀاڻي اوهانجي حوالي هوندو.“
    سڄي رات هڪ جاءِ ويهي مون هيءُ داستان لکيو آهي. جيڪر مري وڃان ته اميد اٿم ته هيءُ احوال مينا کي پهچندو. مون فيصلو ڪيو آهي ته ڪهڙي به نموني ڀت ٽپي ٻاهر نڪران. جيئن نواب چڙهي سگهي ٿو، ته آئون به ڪوشش ڪري ڏسان. ڀتين وچ ۾ ڏار آهن، جن ۾ ماڻهوءَ جو هٿ ڦٻي سگھي ٿو. اگر هيٺ پهچي ويس ته رقم ۽ پاسپورٽ سهاري وڃي متان گھر پهچان.
    رات اچي پوري ٿي آهي. سج اڀرندي ئي خانه بدوش جٿو قلعي مان نڪتو. سندن گاڏن ۾ باقي بچيل صندوقون پيل هُيون. نواب وڃي چڪو آهي. آئون قلعي ۾ انهن ڏائڻ عورتن سان اڪيلو آهيان. پر آئون نه ترسندس.
    ڏينهن جي روشني مون کي همت ڏياري ٿي. قلعي جي ڀت ڪافي اُتاهين آهي. انهن عورتن جو کاڄ بنجڻ کان بهتر آهي ته ڪري مران! هڪ آخري جملو: مينا مون کي توسان پيار آهي. هاڻي آئون وڃان ٿو.

    وقفو: جنن وارو جهاز:

    سيپٽيمبر جي هڪ طوفاني شام جو هڪ جهاز ڏٺو ويو، جيڪو انگلنڊ جي اوڀر واري ڪناري تي قائم ننڍي شهر وٽبي ڏانهن اچي رهيو هو. هن جي هاڪارڻ جو انداز عجيب هو. ڪڏهن ڪنهن پاسي ته ڪڏهن ٻئي پاسي ڏي ٿي مڙيو. ”ڪئپٽن يا ته چريو آهي يا پيتل آهي.“ ڏسندڙ ماڻهن راءِ ٿي ڏني. پر طوفان وڌندو رهيو، ۽ ننڍي جھاز کي، جيڪو ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل هو، ڪاهيندو اچي ڪناري تي ڦٽو ڪيو. کيس ڪا مناسب لنگر هڻڻ جي جاءِ نه ملي، سو اندر تائين ڌڪجندو واريءَ واري ڪناري سان اچي لڳو. هن جا کوها اوچتا ڦاٽي پيا، ۽ سڙهه ڪٿي ڦاسي پيا، ۽ ائين جھاز ٽٽي هڪ جاءِ بيهي رهيو.
    شهر واسي انهيءَ ٽٽل جھاز ڏي وڌي ويا، هو جيئن ويجھو رسيا ته جهاز جي ڊيڪ تان چميئڙي جھڙو ڪو عجيب پکي اتان وٺي اڏاڻو.
    ماڻهو جيڪي مٿي چڙهيا، سي دهشت ۾ وٺجي ويا. کين رڳو هڪ ئي ماڻهو جهاز تي نظر آيو جيڪو اسٽيئر سان ٻڌو مئو پيو هو. ان هوندي به هنجو جسم ڊيوٽي واري نموني بيٺل تي لڳو ۽ ڪنهن نامعلوم شيءِ کي ڊپ مان تڪي رهيو هو. هڪ صليب کيس ويڙهيل رسن ۾ لٽڪي رهيو هو.
    ڇا ٿيو؟ جهاز جي عملي جا ٻيا ماڻهو ڪٿي آهن؟ جهاز جي ڪتاب ۾ سندس هڪ سٽ لکيل هئي: ”هن هرهڪ کي هڪ هڪ ڪري ماريو آهي.“ انهي سٽ اڃان به قصي کي پراسرار ۽ معمو بنائي ڇڏيو. ڪوبه جيئرو نه بچيو هو، جيڪو اصل ڳالهه ٻڌائي ها.
    جهاز جي ڪئپٽن لاءِ ماتمي جلوس ۾ شريڪ هرهڪ هن جي دکدائڪ قسمت تي رحم کائي رهيو هو. جهاز اندر ڪارگو، جيڪو پنجاهه وڏين پيتين تي منحصر هو، محفوظ رکيو هو. انهن جهاز جي پيتين تي لنڊن جي هڪ ٽرانسپورٽ ڪمپنيءَ جو پتو درج هو. هنن پيتين ۾ رڳو ڪاري آلي مٽي پيل هئي. جلدي ماڻهن جو جٿو آيو، ۽ سامان کڻي روانو ٿيو.


    ٻيو حصو: ليوسي جي موت کان اڳ عجيب ۽ غريب واقعا

    ٻيو حصو: ليوسي جي موت کان اڳ عجيب ۽ غريب واقعا (ڊاڪٽر سيوارڊ جي جرنل مان کنيل 30/9/1897)

    ليوسي مري ويئي آهي. هن جھڙي وڻندڙ ۽ سٻاجھي ڇوڪري مون نه ڏٺي. هن کي مون چاهيو هو، جيتوڻيڪ هوءَ منهنجي دوست آرٿر هاموڊ سان شادي ڪرڻ واري هئي.
    آئون سيپٽيمبر جي هڪ ڏهاڙي ليوسي سان ملڻ وٽبي شهر ويس، جتي هوءَ رهندي هئي. هن جي مڱيندي آرٿر مونکي ان لاءِ چيو هو. ڇو ته ليوسي جلدي بيمار ٿي پئي هئي. مون جڏهن سندس ڏيل ڏٺو ته آئون دهلجي ويو هوس. هوءَ نٻل ۽ زرد ٿي ويئي هئي. هن جي نسن جي ڌڪ ڌڪ ٺيڪ هئي، ۽ کيس بخار به نه هو. ۽ آئون ڪا بيماري به نه معلوم ڪري سگھيس.
    مينا هارڪر نامي هڪ نوجوان عورت به ليوسي ساڻ رهيل هئي. هن مون کي اهو قصو ٻڌايو، جيڪو ٻه ڏينهن اڳ ٿيو هو. ٻنهي ڇوڪرين، ٻين وانگر، انهيءَ عجيب وغريب جھاز جو قصو ٻڌو هو، ۽ ڪئپٽن جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي هئي. ليوسي پنهنجي حساس ۽ رحمدلانه طبعيت جي ڪري سڄو ڏينهن ناخوش رهي. رات جو دير سان مينا جاڳي ته ليوسي کي پنهنجي بستري تي نه ڏٺائين. دريءَ مان کيس اڇي شڪل نظر آئي، جيڪا باغ ۾ اڏري رهي هئي. مينا تڪڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پاتا ۽ ٻاهر نڪتي. کيس خبر هئي ته ليوسي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ننڊ ۾ هلندي هئي. ۽ ان وقت سندس اکيون کليل رهنديون هيون، پر هوءَ ستل هوندي هئي، ۽ جولان ۾ ورتل هوندي هئي.
    مينا کي ڳولا ڪندي ليوسي جي اڇي شڪل قبرستان ۾ نظر آئي، جتي اهو ماتمي جلوس ٿيو هو. چانڊوڪي ڪري ڪارا ڪارا پاڇا ٺهيل هُئا، جيڪي مينا کي ائين ٿي لڳا ته ڄڻ ڪا ڊگھي شڪل ليوسي کي گھيريو ويٺي آهي. هن کي صرف ڳاڙهيون اکيون نظر آيون.
    ”ليوسي!“ مينا جلدي ۾ ويجهي ٿي ۽ کيس ڪنهن قبر تي گھري ننڍ ۾ ورتل لڌو. مينا ليوسي کي گرم چادر ۾ ويڙهي اٿاريو. ليوسي اکيون کولي حيرانيءَ ۾ وٺجي ويئي ۽ جڏهن پاڻ کي قبرستان ۾ ڏٺائين ته هراسجي ويئي. مينا هن کي ساهس ڏياريو ۽ گھر وٺي آئي.
    ”ٻئي ڏينهن اسان ڏٺو ته ليوسي بيمار ٿي پئي آهي.“ مينا مونکي ٻڌايو، ”ڇا هن کي ان رات سيءُ لڳو آهي يا ڊاڪٽر سيوارڊ ڇا توهان ٻه ننڍا چيهڪ ۽ رانڀونٽن جھڙا نشان هن جي نڙي تي نٿا ڏسو؟ مونکي افسوس آهي ته مون هن کي پنهنجي پن سان ڦٽي وڌو هوندو. ڦٽ ته ننڍا آهن پر اهي ڇٽي نه رهيا آهن. توهان چا ٿا سمجھو ته اهي ليوسيءَ جي صحت تي اثر ڪندا؟“
    مون چيو ته مون کي ائين نٿو لڳي.
    ”مونکي هاڻي موڪلائڻ گھرجي.“ مينا ڳالهه جاري رکندي چيو، ”منهنجو مڙس جوناٿن آخرڪار يورپ جي مسافريءَ سان واپس موٽيو آهي، سو آئون وڃان پئي ساڻس ملڻ. چڱو مونکي ليوسي کي الوداع چوڻ ڏيو.“
    مون ٻيهر ليوسي کي تپاسيو ۽ اڃان به منجھيل هوس. ”هو بيحد بيمار آهي.“ مون آرٿر هوموُڊ کي چيو. ”آئون ايمسٽرڊم ۾ رهندڙ پنهنجي استاد پروفيسر وئن هيلسنگ کي گھرائي ٿو وٺان. هن کي عجيب و غريب ۽ انوکين بيمارين جي چڱي ڄاڻ آهي.“
    آرٿر مون سان سهمت ٿيو ۽ اسان جلدي ۾ پروفيسر کي ٽيليگرام ڪيو. ان رات آئون آرٿر ساڻ ليوسي جي گھر ڀرسان قائم هوٽل ۾ ترسيس. آڌي رات جو مون پنهنجي مريض جي گھر ڏي پي ڏٺو. اوچتو مونکي ڪنهن وڏي ڪاري پکيءَ جهڙي ڪا مخلوق نظر آئي، جيڪا ليوسي جي دريءَ تي اچي ويٺي. کن پل ۾ اهو گم ٿي ويئي. لڳو ته اها ڪمري ۾ اندر هلي ويئي هئي.
    ٻئي ڏينهن پروفيسر هيلسنگ اچي پڳو. منهنجو پراڻو استاد اڃان توڻي ساڳيو هو. ساڳيا گھاٽا ڀرون ۽ ذهين اکيون. ڪچي پڪي انگريزي ڳالهائڻ وارو مٺو لهجو. اسان هن کي ليوسي جي ڪمري ۾ وٺي وياسين. ليوسي ۾ آيل تبديلي ڏسي آئون دهلجي بيهي رهيس. هن جي حالت اڳي کان به وڌيڪ خراب هُئي. هُو پنهنجي وهاڻي جي اڇي پوش جيان بلڪل سفيد بنجي ويئي هُئي. سندس چپ زرداڻ مائل ڦڪا ٿيا پيا هُئا. ڏندن جون مهارون ايتريون ته سسي ويون هُيون جو خالي ڏند وڏا ۽ تکا پئي نظر آيا.
    ”اوخدا ! هن کي ڇا ٿيو!“ آرٿر رڙ ڪئي.
    ”هن جي حالت خراب آهي. تمام خراب.“ وئن هيلسنگ چيو، ”هڪ ئي رستو بچيو آهي هن کي بچائڻ جو هنن جي نسن ۾ نئون خون اوتيو وڃي!“
    مون هائوڪار ڪئي. مون انهيءَ نئين ۽ دلچسپ آپريشن متعلق پڙهيو هو پر ان کي ٿيندي نه ڏٺو هو.
    ”دوست آرٿر“ وئن هيلسنگ چيو، ”ڇا توهان پنهنجو قيمتي رت پنهنجي پياري محبوبه کي ڏيندائو؟“ آرٿر رضامندي ڏيکاري. وئن هيلسنگ ۽ مون گڏجي انتظام ڪيو. آرٿر جي ٻانهن مان خون، ليوسيءَ جي نسن ۾ موڪليو. جيئن جيئن خون پئي منتقل ٿيو، تيئن ليوسي جي زرداڻ مٽجڻ لڳي. البت آرٿر زردو پئي ٿيو، پر هو ليوسي ۾ نئين سگھ ڏسيو، ٻهڪيو پئي. آپريشن ختم ڪري آرٿر کي آرام لاءِ موڪليو ويو. وئن هيلسنگ ليوسي کي چڱي طرح جانچي ڏٺو. هن نڙي تي رانڀونٽا يا چيهڪ به ڌٺا.
    ”هي ڇا جا نشان آهن؟ ۽ اوهان جي خيال ۾ هنجي بيماري ڪهڙي آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”مونکي معلوم ڪونهي، پر آئون انومان ڪڍي سگھان ٿو.“ هن جواب ۾ چيو، ”منهنجو جيڪو اندازو آهي، تنهنکي تون منهنجا دوست ۽ شاگرد، به نه مڃيندين.“ هن وڌيڪ ڪجھ نه چيو. پر پوءِ ان ڏينهن ڪجھ دير بعد، هن ليوسي جي ڪمري ۾ ڪافي پيتيون آنديون. هُوءَ جاڳيل هُئي ۽ ڪافي سگھاري پئي لڳي ۽ هن کي ڏسي هوءَ خوش ٿي.
    ”او خوبصورت مس! هيءَ آهي دوا تنهنجي مرض جي.“ وئن هيلسنگ خوش دليان چيو. پيتن ۾ تکي خوشبو وارا گل هُئا، جيڪي ٿوم جي ٻوٽي جهڙا ٿي لڳا. وئن هيلسنگ، درن ۽ درين کي هنن سان مهٽيو ۽ انهن مان هڪ هار جوڙي هن جي ڳچيءَ ۾ پاتو. هاڻي سندس چوڌاري اهي گل پکڙيل هُئا. ۽ هر لڳندڙ هوا جو جھوٽو انهن جي خوشبوءَ سان واسيل هو.
    آئون اچرج ۾ پئجي ويس. ”اُهو ته عجيب و غريب طبي عمل ٿيو.“ مون چيو.
    ”مون تي شڪ نه ڪر.“ وئن هيلسنگ جوابيو، ”هيءَ زندگي ۽ ان کان وڌيڪ جوکم ۾ آهي. ۽ هي شيون هن جي حفاظت لاءِ طاقتور آهن.“
    ”پروفيسر مهرباني“ ليوسي ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”جڏهن کان آئون بيمار ٿي آهيان، رڳو ڊيڄاريندڙ خواب ٿي لهان، جن ۾ ٻه ڪارا پر مونکي وڪوڙيو مون مان ٻل چوسيو وڃن ٿا. اميد ته هي گل انهن خوابن کي ڀڄائيندا.“ ان بعد اسان ليوسي کي ڇڏي هليا آياسين.
    صبح جو آئون ۽ پروفيسر سندس گھر وياسون ته جيئن پتو پوي ته هن اها رات ڪيئن گذاري. سندس پراڻي نرس دروازو کوليو. ”مونکي پڪ آهي ته اوهان ليوسيءَ کي وڌيڪ نوبنو ڀائيندا.“ انهيءَ پراڻي نرس چيو. ”مون کيس گذريل رات ڏٺو ته هوءَ آرام سان ستل هُئي. پر مون به سندس وڌيڪ سک لاءِ ڪجھ ڪيو. سندس ڪمرو گرم ۽ بي هوا هو ۽ خوشبو سان واسيل هو، سو مون دريون کوليون ۽ گل اڇلائي ڇڏيا.“
    وئن هيلسنگ ڏک ۽ ڊپ مان مون ڏي منهن موڙيو. اسان ليوسيءَ جي ڪمري ۾ وياسون. هوءَ سفيد ۽ ٿڌي ٿي پئي هُئي. سندس جسم ۾ خون نٿي نظر آيو، هن جا ڳل مرجھايل ۽ چپ سڪل هُئا.
    آئون ته ڪجھ چوڻ جي همت ساري نه سگھيس. ٻئي ڏينهن هن جو ڪفن قبرستان نيو ويو. موت جي ڪجھ ڪلاڪن بعد سندس ڪفن کي بند ڪرڻ لاءِ هن کي آخري ڀيرو ڏٺو ته اسان کي لڳو ته سندس جسم ۾ خوبصورتي ۽ صحت وري آئي هُئي. هن جا ڳل ڳاڙها هُئا ۽ چپ گلابي ٿيل هُئا. مون ڏٺو ته سندس نڙي واريون رهڙون صفا گم هُيون. هو اڃان به وڌيڪ وڻندڙ ٿي لڳي.
    ”ڇا هو واقعي مري چڪي آهي؟“ غم ۾ نڍال آرٿر مونکان پڇيو. مون کيس چيو ته هائو اهو سچ آهي. وئن هيلسنگ منهنجي ڀر ۾ بيٺل هو ۽ غمگين پئي لڳو. هن پنهنجو مٿو ڌونڌاڙيو ۽ زبان سان ڪجھ نه چيو.
    ان کان پوءِ ليوسيءَ جو ڪفن بند ڪري چرچ جي ان عمارت ۾ رکيو ويو، جتي سندس ابن ڏاڏن جا ڪفن رکيل هُئا. ماتمي دُعائن کان پوءِ ان مزار جو دروازو بند ڪري تالو هنيو ويو. آخر ۾ ليوسيءَ کي خدا حافظ چئي واپس ورياسون.
    آئون هاڻي پنهنجي روزانه ڪم کي جنبي ويو آهيان.

    وقفو: ”بوفر“مائي:

    وٽبي شهر ۾ ننڍن ٻارن جي مائرن ۾ هڪ قسم جو ڊپ ۽ هراس پکڙجي رهيو هو. هڪ ٽن سالن جي ٻارڙي شام ڌاري پنهنجي باغ ۾ گھمي رهي هُئي ۽ ڪنهن طرح گھران نڪري ويئي، ۽ نيٺ رات جو دير سان اها لڌي ويئي. هُوءَ جيئن ته بيحد ننڍي هُئي ۽ سڀ ڪجھ ٻڌائڻ کان قاصر هُئي. هن صرف ايترو ٻڌايو ته هڪ سهڻي (بوفر) مائي کيس چڪر ڏيارڻ لاءِ وٺي ويئي. ٻي شام ٻيو ٻار ڪيترن ڪلاڪن لاءِ گم ٿي ويو ۽ ان به اها ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي.
    ان کان پوءِ ڪيترن ٻارڙن سان اهڙا واقعا ٿيا. ايتري تائين جو ٻار اها به راند ڪندا هُئا، جنهن ۾ هڪ ٻار بوفر مائي وارو ڪردار ادا ڪندو هو. جيڪي ٻار ائين گم ٿيا هُئا، سي ان تجربي بعد ٿڪل ۽ ڪمزور بڻجي ويا. ۽ ڊاڪٽرن ڏٺو ته هر ٻار جي ڳلي ۾ ننڍا زخم هُئا، جيڪي ڄڻ ڪنهن جانور ڪيا هجن. زخم پنهنجي سر ڪي ايڏا وڏا ڪونه هُئا، پر ٻارن جي عمرين جي لحاظ کان خطرناڪ هُئا. اخبارن ۾ پوليس پاران چتاءُ شايع ڪيو ويو ته سڀني مائرن کي ٻارن جي گھڻي نظرداري ڪرڻ گھرجي.


    حصو ٽيون: ليوسي جي موت کانپوءِ ٿيندڙ عجيب و غريب واقعا

    حصو ٽيون: ليوسي جي موت کانپوءِ ٿيندڙ عجيب و غريب واقعا: ( ڊاڪٽر سيوارڊ جي جنرل مان ورتل: 15 آڪٽوبر 1897)

    ليوسي جي ڪفن دفن کان چند ڏينهن پوءِ، مينا هارڪر لنڊن ۾ منهن جي آفيس ۾ آئي.
    ”ڊاڪٽر سيوارڊ، مهرباني ڪري هيءَ اخبار پڙهو. هن ۾ منهنجي مڙس جوناٿن جي انهن مشاهدن جو تفصيل ڏنل آهي، جيڪي هن ٽرانسواليه ملڪ ۾ ڏٺا. اڄ ته هو چڪرائجي ويو. اسان جيئن ئي ماڻهن سان سٿيل گھٽيءَ مان هلي رهياسون ته اوچتو هن منهنجي ٻانهن پڪڙي رڙ ڪري چيو ته ’هوئي ته اهو نواب آهي، پر هيءُ ته اڃان به وڌيڪ جوان بنجي ويو آهي. اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو!‘ هو هڪ ڊگھي شخص کي تڪي رهيو هو، جنهن جو چهرو ڦڪاڻ مائل هو، چپ ڳاڙها ۽ وار ڪارا هُئا. سندس لباس سڄو ڪارو هو. اوچتو اهو شخص ميڙ ۾ گم ٿي ويو. جوناٿن ڀڻڪندو رهيو ته ’ڇا اهو سچ آهي يا رڳو منهنجو وهم آهي؟ ڇا آئون چريو ته نه ٿي پيو آهيان؟‘ ڊاڪٽر آئون جوناٿن لاءِ فڪر مند آهيان. توهان مضمون پڙهي مونکي ٻڌائي سگھندائو ته ڇا هن جي دماغ تي ڪو اثر ته نه پئجي ويو آهي؟“
    ”آئون ان کان به وڌيڪ ڪندس.“ مون چيو، ”آئون پروفيسر وئن هيلسنگ جو به رايو حاصل ڪندس، ڇو ته هو مون وٽ اچي رهيو آهي. ڪجھ ڏينهن ڇڏي، مهرباني ڪري جوناٿن کي اسان وٽ وٺي اچجانءِ.“
    وئن هيلسنگ چيو هو ته هو ايمسٽرڊم کان، مونکي ڪا اهم ترين خبر ٻڌائڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هن اچڻ سان منهنجي سامهون اخبار جو تراشو رکيو، جنهن ۾ رات جو گم ٿيندڙ ٻارن جو احوال ڏنل هو.
    ”منهنجا دوست! توهان کي ڇا ٿو سمجھ ۾ اچي؟“
    ”ننڍا چهڪ ته ليوسي جي زخم جهڙا ٿا لڳن.“ مون چيو.
    ”توهان کي ڇا ٿو لڳي ته اهي زخم ڪنهن هنيا؟“
    ”منهنجي خيال ۾ ان، جنهن ليوسيءَ کي ماريو هو.“
    ”اڙي نه منهنجا سنگي! هيءُ به هڪ تمام پر اسرار ۽ خطرناڪ قصو آهي. اهي نشان ته ليوسي خود ٻارن کي هنيا آهن.“
    اهو ٻڌي آئون بي اختيار حيراني ۽ ڪاوڙ ۾ ٽپ ڏئي اٿيس ۽ وئن هيلسنگ کي ائين ڏسڻ لڳس، ڄڻ هو ڪو چريو هجي.
    ”توهان کي مون تي اعتبار نه ايندو، منهنجا دوست! آخرڪار سائنسدان کي بغير ثبوت جي اعتبار ڪيئن ايندو؟ توهان پاڻ ڏسندائو. مون سندس مڱيندي آرٿر کي به چيو آهي ته هو به اسان سان هلي ۽ پنهنجي اکيان انهيءَ الميي جي پڄاڻي پسي، جنهن هن کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي.“
    ائين آئون، آرٿر ۽ وئن هيلسنگ سان گڏجي قبرستان ويس، جتي ليوسيءَ جي قبر هُئي. وئن هيلسنگ قبر جو در کوليو، هو سڌو ليوسي جي ڪفن وٽ آيو. هن هڪ هڪ ڪري اسڪريو کوليا، جيڪي ڍڪ کي قابو ڪرڻ لاءِ لڳايا ويا هُئا. اندر وري نرم چادر ۾ لاش ويڙهيل هو. هن چادر کي ڪٽڻ شروع ڪيو. آئون پوئتي هٽي بيٺس ته جيئن ڌپ کان بچان، پر اهڙي ڪابه شيءِ نه ٿي. وئن هيلسنگ چادر هٽائي ۽ اسان کي ويجھو اچي ڏسڻ لاءِ چيو.
    ليوسي بلڪل تر و تازي پئي لڳي، جھڙي مرڻ واري ڏينهن هُئي. هن جا ڳل گلابي ۽ چپ ڳاڙها هُئا. هن جا ڏند ڊگھا ۽ تيز پئي لڳا.
    ”ڇا هي مُئل آهي؟“ آرٿر وڏو ساهه کڻي چيو، ”يا هيءَ ڪنهن غلطيءَ ڪري اجايو جيئرو دفن ڪئي ويئي آهي؟“
    ”هو زنده نه آهي.“ وئن هيلسنگ جوابيو، ”ڏسو هو ساهه نٿي کڻي، جانچي ڏسو. هن جي چمڙي به ٿڌي آهي. پر پوءِ به مُئل ڪانهي. هو ڪامل سڪون نه پئي ماڻي. حقيقت ۾ هوءَ امُئل آهي.“
    وئن اسانجي سوالن جا جواب نه ڏنا، ۽ ڪفن جو ڍڪ بند ڪندو رهيو ۽ چيو ته اسان هن ساڻ ساڳي جاءِ تي آڌي رات جو ملون.

    آڌي رات جو اسان وري آياسون ۽ ليوسيءَ جو ڪفن کوليوسون. اهو خالي هو. هن مان لاش غائب هو.
    ”هُوءَ ڪٿي آهي؟ تو ڇا ڪيو آهي پروفيسر.“ آرٿر رڙ ڪئي.
    ”مون نه“ ون هيلسنگ سختيءَ سان چيو، ”پر هڪ ٻي شيطان طاقت ڪيو آهي، جيڪا اڃان به هن دنيا ۾ هلي چلي پئي. پر خدا جي سهائتا سان اسان هن جو ڪم پورو ڪنداسون. ڏسو مون وٽ اهڙيون شيون آهن، جيڪي شيطاني مخلوقات برداشت نه ڪنديون آهن. ٿوم وارا گل، صليب، چرچ جي قربان گاهه جي پاڪ ٽڪي. ايمسٽرڊم ۾ مون پراڻن ايماني ڪتابن کي پڙهيو آهي، جن کي جديد ذهن وارا وهم سڏين ٿا. انهن ۾ اسان کي وڏڙن جي قديم شيطانن سان جھيڙن ۾ اختياريل سياڻپ جو احوال ملي ٿو.“ هُو پوءِ اسانکي ٻاهر وٺي آيو. قبر جي مهڙ واري حصي ۾ هُن گل نپوڙيا. ۽ در مٿان مقدس ٽڪي جو ڪجھ حصو هڻي ڇڏيو. اسان وڃي قبرن ۾ لڪياسون. صبح ٿيڻ ۾ ڪجھ وقت هو ۽ سفيد پاڇولو قبرستان ۾ اڏامندو آيو. اسان هن سان ملڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿياسون. ويجھو اچڻ سان معلوم ٿيو ته هُوءَ سفيد لباس ۾ ملبوس هڪ عورت هُئي. هن پنهنجي مٿي کي هيٺ ڪيو، ڄڻ ته هن ٻار کي چمڻ ٿي چاهيو. وئن هيلسنگ، پنهنجي بتي مٿي ڪري ڇڏي ته هن جي نظر اسان تي پئي. اسان سڃاتو ته اهو چهرو ليوسيءَ جو آهي - پر اهو ڪيترو نه بدليل هو! هن جي دلڪشي ڪراهت ۾ بدلجي ويئي هُئي ۽ هن جي چڱائي برائي ۾ بدليل هُئي. هنن جي چپن تي خون لڳل هو، جيڪو چهري تان لهي هن جي لباس تي ڪري رهيو هو. هن جيئن اسانکي ڏٺو ته هن جون اکيون ڪروڌ ۾ ڀرجي ويون. ان مهل اسان کي احساس ٿيو ته اها ليوسي نه هُئي، جيڪا اسان اڳيان بيٺل هُئي، پر ان جي جاءِ تي ڪا ڏائڻ هُئي، جنهن کي ختم ڪرڻ جڳائي. اوچتو هن ٻار کي ڦٽو ڪيو ۽ مرڪندي آرٿر کي چيائين ”تون اچين وئين، منهنجا مٺا! اڄ ته توکي مٺي ڏيان. اچ منهنجا جاني!“
    آرٿر هپنا ٽائيز (بي سڌ بنيل) ٿيل شخص جيان اڳتي وڌيو. پر ان کان اڳ وئن هيلسنگ صليب کڻي اڳتي وڌيو. اها ليوسي جي شڪل واري عورت پوئتي هٽي ويئي. پوءِ پنهنجي مقبري ڏي وٺي ڀڳي. پر دروازي تي هيسجي بيهي رهي. هوءَ اسان کي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مان گھورڻ لڳي. سندس چهرو انهيءَ ڪري عجيب ٿي پيو. هن جي وات ۾ نوڪدار ڏند پاڻ ۾ ڪرٽجڻ لڳا.
    ”منهنجا دوستو! اوهان ڏٺو؟“ وئن هيلسنگ پر اعتماد نموني چيو.
    ” مون ڏٺو – مونکي پڪ آهي ته“ آرٿر ڪُرڪندي چيو، ”هيءَ ليوسي ڪانهي!“
    ”او بيقوف ڇوڪرا!“ وئن هيلسنگ رحمدلانه نموني چيو، ”هي تو لاءِ بيحد ڪڙو وقت آهي، پر آئون واعدو ٿو ڪريان ته جلدي توکي ۽ ليوسيءَ کي سڪون ميسر ٿيندو.“ پوءِ هُو اڳتي وڌي ويو ۽ دروازي تان مقدس ٽڪي هٽائي ڇڏي. اسان حيرت ۽ دهشت ۾ وٺجي وياسون، جڏهن اها عورت ڪوهيڙي ۾ بدلجي، در جي هڪ ڏار مان اندر هلي ويئي. ان بعد پروفيسر فوري طور اهو پاڪ ٽڪي دروازي تي لڳائي ڇڏي.
    ٻار جيڪو اڇلايو ويو هو، سو ائين ستل هو، ڄڻ بيهوش ٿيل هجي. مون ٻار کي کنيو ۽ ويجھي پوليس اسٽيشن جي در تي اچي ڇڏيو. آئون جيئن واپس پنهنجي ساٿين سان اچي مليس ته پرهه ڦٽي رهي هُئي. ٻيهر وئن هيلسنگ مقبري ڏي وڌيو. دروازو کولي، پوءِ ڪفن به کوليائين. صبح جي پهرئين ڪرڻي اسان آڏو اها مخلوق پڌري ڪئي، جا خوبصورت ته هُئي، پر اسان لاءِ هاڻ نفرت جوڳي هُئي.
    وئن پنهنجي ڊاڪٽري ٿيلهي مان سرجريءَ وارو چاقو ۽ ڳرو مترڪو، ۽ ٽي فوٽ ڊگھو ۽ آخر ۾ مڙيل ڪاٺ وارو تاڪ ڪڍيو. هن سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”منهنجا دوستو! جن کي پراڻا ماڻهو”امئل“ چوندا آهن، تن کي اوهان اڄ اکيان ڏٺو. اهو امئل ڏائڻ يا شيطان، ماڻهن جو خون چوسي ٿو. اسانجي ليوسي اهڙي نموني انجام سان ڪيئن دوچار ٿي، سو مون کي ڪافي دير سان سمجھ ۾ آيو آهي، خاص ڪري ان کانپوءِ جڏهن مون ٽرانسلوانيه جي نواب متعلق جوناٿن هارڪر جو احوال پڙهيو آهي. هاڻي مونکي سمجھ ۾ اچي ٿو ته نواب انگلنڊ ۾ جهاز ذريعي آيو. پوءِ هن پنهنجي شڪل ڪاري چمڙي ۾ بدلائي ۽ انهيءَ شڪل ۾، هر رات هن ليوسيءَ جو خون پيتو، جيستائين هو نه مئي- نه نه هيئن ته جيستائين هُوءَ هن وانگيان اَمُئي نه ٿي.“
    وئن هيلسنگ ليوسي جي تکي ۽ ڊگھي ڏند ڏي اشارو ڪيو. ”جيڪي هن شيطان جو شڪار ٿي مرن ٿا، سي خود اهڙا شيطان بنجن ٿا ۽ ائين وڌ ۾ وڌ اهڙا قسم پيدا ٿين ٿا. هن اڳ ۾ ئي ڪيترن ٻارن کي زخمي ڪيو آهي ۽ آخر ۾ اهي به هن جھڙا وڃي ٿيندا. تون، آرٿر، به ائين بنجين ها، جيڪر هُوءَ توکي چمي ها. ليڪن اوهان هن شيطان کي واقعي به ماري ڇڏيو ته اهو شيطان پڄاڻي پهچي ٿو. ان بعد اهي ٻار چڱا ڀلا ٿيندا ۽ هنن جي نڙين ۾ لڳل چيهڪ جلدي گم ٿي ويندا. ان بعد هن غريب عورت جو روح ابدي سڪون ۾ اچي ويندو ۽ شيطاني چڪر مان نڪري ويندو.“ وئن هيلسنگ آرٿرتي پاٻوهه مان نظر وجھندي چيو ”ياد رکو ته اها اوهان پاران هن روح تي هڪ عنايت ٿيندي جو کيس شيطان جي چڪر مان ڪڍندائو ۽ جنت ۾ موڪليندائو.“
    ”آئون هن کي چاهيان ٿو.“ آرٿر چيو ”انهيءَ ڪري اهو منهنجو ئي هٿ هجي، جيڪو کيس آزاد ڪري.“ پوءِ جيئن وئن هيلسنگ چوندو ويو، هو ائين ڪندو رهيو. هن مترڪو پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کنيو ۽ کاٻي هٿ ۾ نوڪدار ڪاٺ جو تاڪيو کنيو. هن نوڪدار حصي کي ليوسيءَ جي دل تي رکيو. وئن هيلسنگ وڏي آواز ۾ دعائون پڙهڻ لڳو ۽ آرٿر مترڪو کڻي، پوري زور سان هنيو.
    ڪفن اندر پيل شيءِ لڇڻ لڳي ۽ دانهون ڪرڻ لڳي. جڏهن خون نڪري آيو، ته هن وحشي نموني بدن ڀڪوڙيو ۽ ڏند ڪُرٽيا. هن جي دانهن سان مقبرو ٻُري ويو. پر آرٿر جو مترڪو اوستائين ڪم ڪندو رهيو جيسين اهو ڪاٺ جو مڙيل نوڪ ڏائڻ اندر پيهي نه ويو.
    نيٺ اهي دهشتناڪ دانهون بند ٿيون. ۽ جسم هڪ جاءِ بيهي ويو. آرٿر مترڪو ڦٽو ڪيو. هن جو چهرو زردجي ويو ۽ ڄاڻ ته ڪريو. اسان اڳتي وڌي هن کي قابو ڪيو.
    اسان ڪفن ۾ ڏٺو. اُتي اها ڏائڻ ڪانه هُئي، جا اسان ڏٺي هُئي. اسان ليوسيءَ جو مئل چهرو ڏٺو، جيڪر زردو ۽ سنهو هو، پر سندس چهرو هاڻ وڻندڙ پاڪائيءَ سان واسيل هو. هاڻ هر پاسي نيڪ قسم جو سڪون ڇانئجي ويو. ۽ اسان کي لڳو ته واقعي هو مري چڪي آهي.
    اسان هن کي وڌيڪ شيطانن کان بچائڻ لاءِ هڪ وڌيڪ عمل ڪيو. وئن هيلسنگ ۽ مون هن جي مٿي کي چيهڪ ڏنو ۽ سندس وات کي ٿوم سان ڀريو. ان کان پوءِ تاڪ کي اسڪريو سان بند ڪري مقبري جو در بندي اسان واپس ورياسون.

    وقفو: گاڏا هلائيندڙ:

    ”هڪ شخص مونکي هڪ گھر مان ٻي گھر پيتون کڻي پهچائڻ تي مامور ڪيو.“ هڪ گاڏي هڪليندڙ پنهنجي دوست کي ٻڌايو. هي ماڻهو پورهيت هُئا ۽ هنن جا گھوڙا گاڏيون لنڊن ۾ ماڻهن ۽ سامان سڙي کي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ ڪم ايندا هُئا. ”هن مونکي پيتيون کڻڻ ۾ مدد ڪئي. اهڙو سگھوماڻهو مون اڳي نه ڏٺو ۽ هو ڪارن وارن وارو زردو ماڻهو هو، پر سندس پاڇو ئي نٿي ٺهيو. اهي پيتيون تمام ڳريون هيون ۽ تعداد ۾ پندرنهن هيون. آئون ۽ منهنجا ساٿي، پيتي جي هڪ ڇيڙي کي کڻي ساڻان ٿِي ٿي وياسون، هُن شخص ٻئي ڇيڙي کي ائين ٿي کنيو، ڄڻ چانهن جي صندوق کڻندو هجي. اسان هن جي مدد سان اهو ڪم جلدي ڪيو. رات ٿي چڪي هُئي ۽ هن اسان کي سونا سڪا ڏنا.“
    ”تو چيو ته اهي وڏيون پيتيون هُيون؟“ ٻئي گاڏي واري چيو، ” آئون ڪالهه ئي انهيءَ گھر ويس، جنهن جو تون ذڪر ڪري رهيو آهين ۽ مون ڪجھ وڏيون پيتيون ٻئي گھر ۾ پهچايون. عجيب و غريب گھر هُئا، اسان اهو شخص ڏٺو، جيڪو مٺي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو. ۽ نوابن وانگيان ڪارو ويس پايو ويٺو هو. هن اسان کي به سون ڏنو.“
    هنن گاڏو ڇڪيندڙن پاڻ ۾ تسليم ڪيو ته اهو شخص بيحد ڀلو ماڻهو هو ۽ اهڙا ماڻهو ڳوليا نٿا لڀن.


    چوٿون حصو: شڪاري شڪار ٿئي ٿو

    چوٿون حصو: شڪاري شڪار ٿئي ٿو (جوناٿن هارڪر پاارن لکيل رڪارڊ تاريخ 1 ڊسمبر 1897ع):

    ”نواب لنڊن ۾ آهي. ۽ اوهان کي معلوم آهي ته هيءُ ڪهڙي مقصد سان آيو آهي.“ پروفيسر وئن هيلسنگ ڏکائتي نوع ۾ اسان ڏي نهاري چيو. ان وقت آئون، مينا، ڊاڪٽر سيوارڊ ۽ آرٿر هُوموڊ ڊاڪٽر سيوارڊ جي گھر ۾ ويٺا هُئاسون. ”هيءُ نواب وڏو فاتح هو ۽ چار سوء سال اڳ هو جيئرو هو. هُو عام ماڻهو وانگيان مُئو ڪونهي. هو پنهنجي قبر مان جاڳي پيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ دهشت مچائي ڇڏيائين. هي اڄ به خطرناڪ ارادا رکي ٿو، جيئن هو پنهنجي زندگيءَ ۾ رکندو هو. هو چالاڪ ۽ ڄمي بيهندڙ آهي. پنهنجي تباهه حال قلعي ۾ هن اڀياس ڪري رٿا بند ڪئي آهي. هن پاڻ کي بيحد پوئتي پيل علائقن مان دنيا جي عظيم ترين شهر ۾ آندو آهي. توهان ڇا ٿا سمجھو ته هن جو ڇا مقصد هوندو؟“
    ”اهو سوچي ڪنبڻي وٺيو وڃي.“ مينا ڀڻڪيو، ”هو هن شهر ۾ پنهنجا شڪار ڳوليندو ۽ جڏهن اهي مرندا ته ليوسي وانگر اهي به شيطان بنجي ويندا ۽ ٻين کي شڪار ڪندا. ائين نواب جي دهشتناڪ سلطنت انهن امئل ماڻهن جي واڌ سان ويجھندي رهندي.“
    ”نه“ آرٿر رڙ ڪئي، ”ٻين جو منهن جي ليوسي جھڙو انجام نه ٿيڻ گھرجي.“
    ”نواب کي ڪنهن به طرح روڪيو وڃي.“ مون چيو، ”۽ آئون انهيءَ لاءِ پنهنجي جان به گھوري ڇڏيندس.“ مينا منهنجو هٿ پڪڙي هاڪار ۾ ڪنڌ ڀيڙيو.
    ”۽ آئون به ائين ئي ڪندس.“ ڊاڪٽر سيوارڊ چيو.
    ”سٺو.“ پروفيسر چيو، ”اسان سڀ سهمت آهيون. هاڻي اسان جو اهوئي مکيه ڪم آهي، ڇو ته ڪو ٻيو ان ڳالهه تي اعتبار به نه ڪندو. اچو ته خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي وچن واريون، ته پنهنجي پوري سگھ سان، جيڪا الله تعاليٰ اسان کي بخشي آهي، انهيءَ شيطانيت کي هن دنيا مان ختم ڪنداسون. خدا اسان تي پنهنجورحمتون نازل ڪندو.“
    ائين اسان سڀني هٿ هٿن ۾ ملائي اهو قسم واريو. ان بعد اسان کي پاڻ ۾ نئين همت ۽ قوت جو انوکو احساس جاڳيو.
    ”هاڻي پنهنجي ڪم ڏانهن اچجي.“ پروفيسر وئن هيلسنگ چيو، ”اسان جي دشمن جي ڪمزوري اها آهي ته هو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ لازمي مٽيءَ واري پيتي ۾ سمهندو آهي. پر هن اهڙيون پنجاهه پيتيون لنڊن آنديون آهن، جيئن جوناٿن ٻڌايو آهي. اهي ڏينهن جي وقت هن جون پناهه گاهون آهن. جيڪر اسان هن کي ستل حالت ۾ ڳولي ورتو ته پوءِ اسان هن جي دل ۾ سوراخ ڪري، سندس مٿو ڪٽي وٺنداسون. پر اسان هنکي ڪيئن ڳولينداسون؟“
    ”مون وٽ سندس گھر جي ائڊريس آهي. جيڪو اسان کيس وٺرائي ڏنو هو. اسان وٽ ان جي ڪنجي به آهي.“ مون چيو.
    ”ته پوءِ اچو ته هلون.“ وئن هيلسنگ چيو. اسان ان جاءِ تي پهتاسون. اها جاءِ ڀرندڙ پر وڏي عمارت هئي. مون در کوليو. اندر هر جاءِ مٽي ۽ خالي پڻو نظر آيو. اتي اسانکي 14 مٽي ڀريل پيتيون هال ۾ رکيل نظر آيون.
    ”اُهي ته پنجاهه پيتيون هيون! هن ڪجھ ٻئي پاسي موڪليون آهن.“ آرٿر چيو.
    ”اسان اُهي به ڳولينداسون. پر پهريائين هنن کي اڪلائڻ گھرجي.“ وئن هيلسنگ چيو.
    اسان هڪ هڪ ڪري سڀ پيتيون کوليون. هر پيتي کي مظبوطيءَ سان شيخون هڻي بند ڪيو ويو هو. وئن هيلسنگ هر پيتيءَ ۾ مقدس ٽڪي جو ٽڪرو وڌو. هاڻي شيطان هنن پيتين کي استعمالي نه سگھندو.
    ان بعد اسان ٻين جي ڳولا ڪئي. ڊاڪٽر سيوارڊ ۽ آرٿر ٻاهر وڃي سامان ڍوئيندڙن کان پڇا ڪئي، جن نواب جي مدد ڪئي هوندي. مون خط لکي معلوم ڪيو ته هن وڌيڪ ڪهڙا ٻيا گھر ورتا آهن.
    صبح تائين اسان کي معلوم ٿيو ته هن ٽي ٻيا گھر به لنڊن جي مختلف علائقن ۾ ورتا آهن.
    ”هو عظيم جنرلن جيان پنهنجي قوت کي چڱي طرح ڦهلائي ٿو.“ وئن هيلسنگ چيو. هر گھر ۾ هن پيتيون اماڻيون آهن. پهريون گھر تمام ويجھو هو.
    ”اسان وٽ ڪنجيون نه آهن، سو اسانکي ڀتيون ٽپي اندر وڃڻو پوندو.“ مون چيو.
    ”ائين اسان پوليس هٿان گرفتار ٿينداسون.“ آرٿر چيو. ”نه مون وٽ در کولڻ جو هڪ ٻيو نسخو آهي.“ ۽ هو لوهار وٽ ويو ۽ کيس ٻڌايائين ته هيءُ هن گھر جو مالڪ آهي، پر هن ڪنجي ڪٿي وڃائي ڇڏي آهي. لوهار پنهنجا اوزار آندا، ۽ مهاڙ واري در آڏو ڪنجيون ٺاهيون، ۽انهيءَ دوران آرٿر هن وٽ بيهي، هر ايندڙ پوليس واري کي کيڪاريندو رهيو. آخرڪار در کوليو ويو. لوهار کي رقم ملي ۽ هو ويندو رهيو. گھر اندر 13 پيتيون مليون، جن ۾ اسان مقدس ٽڪي وڌي. اُتي اسان کي ٻين گھرن جون ڪنجيون به مليون. شام تائين اسان اهي گھر به ڳولي لڌا، جن مان هڪ ۾ پندرنهن ۽ ٻئي ۾ ست پيتيون هيون.
    اسان رات جي کاڌي تي ملياسون. ڊنر بعد، مينا، جيڪا سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان بعد ٿڪجي پئي هُئي، سو مٿي پنهنجي ڪمري ۾ ويئي هلي. ۽ ڊاڪٽر سيوارڊ پنهنجي مريضن کي تپاسڻ لاءِ ٻاهر ويو. باقي اسان ڳالهائيندا رهياسون.
    ”اسان صرف 49 پيتيون لڌيون آهن.“ وئن هيلسنگ چيو، ”۽ انهن کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو آهي، پر اڃان هڪ آخري پيتي گم آهي. اسان کي خبر آهي ته هو بيحد سگهارو آهي ۽ اڪيلي سر هو پيتي کڻي سگھي ٿو. خبر نه آهي ته هو ڪيڏانهن ويو؟“
    ”جيڪر اسان کان هڪڙي پيتي رهجي ٿي ته...“ مون چوڻ شروع ڪيو ته ان وقت ڊاڪٽر سيوارڊ تڪڙو تڪڙو اندر آيو.
    ”هارڪر! توهان جي گھر واري ڪٿي آهي. مون وڏي چمڙي جهڙي شيءِ سندس ڪمري جي دري ڏانهن اڏامندي ڏٺي آهي.“
    اسان ڊوڙي مٿي پهتاسون. بيڊ روم جو در بند هو. اسان اهو ٽوڙي اندر داخل ٿياسون. اُتي عجيب منظر نظر آيو. نواب مينا جي بستري ڀر ۾ مينا کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڀڪوڙي بيٺو هو. هن جي منهن تي رت لڳل هو. هن جي قميص کليل هُئي ۽ هن جي اگھاڙي ڇاتي جي زخم مان رت وهي رهيو هو. هن مينا جي چهري کي ان زخم سان ملايو، ته جيئن مينا جا چپ هن جي رت سان لڳي وڃن.
    هن جيئن ئي اسان کي ڏٺو ته اسان تي خونخوار جانور جيان حملو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. پر وئن هيلسنگ صليب اڳيان ڪيو. نواب ان کان ڊڄي ويو ۽ دري جي ڦوٽ وٽ وڃي بيٺو.
    ”چئبو ته اوهان ئي منهنجي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ هٿ پير پيا هڻو.“ هن غصي ۾ ڀرجي چيو، ”توهان مونکي هتان نيڪالي ڏيڻ ٿا گھرو. ۽ پنهنجي ڪمزور قوت سان مون سان مقابلو ڪرڻ ٿا گھرو. پر وقت ئي منهنجو انتقام وٺندو. هيءَ عورت هاڻي منهنجي بنجي ويئي آهي ۽ اها هاڻي اوهان جو شڪار ڪندي ۽ هن وسيلي اوهان منهنجا نوڪر بنبائو.“ هن دهشتناڪ ٽهڪ ڏنو. کن پلڪ ۾ هو ڪوهيڙو بنجي غائب ٿي ويو.
    مون مينا کي پنهنجي ٻانهن ۾ پڪڙيو. ٻه ننڍا زخم سندس نڙي تي هُئا. هُو روئندي رهي ۽ ڳالهائيندي رهي. ”هو منهنجي نڙي تي جھڪيو. آئون چري به نٿي سگھيس. مون پنهنجي سگھ ختم ٿيندي محسوس ڪئي، جڏهن هن منهنجو رت چوسڻ شروع ڪيو، پوءِ هن چيو ته هاڻي آئون توکي پنهنجو حصو بنائڻ ٿو گھران. ائين هن پنهنجي ڇاتي کي چيهڪ ڏئي منهنجي چهري کي پنهنجي زخم سان ملايو. هن جو خون منهنجي وات ۾ آيو. آئون ساهه به کڻي نٿي سگھيس. او الله ! الله ! مون اهو خون ڳڙڪائي وڌو.“
    جيئن مينا ڳالهايو پئي، منهن جو ڪرڀ ويو وڌنڌو. وئن هيلسنگ اسان تي رحمدلانه نظر وڌي. هن مقدس ٽڪي هٿن ۾ کنئي ۽ مينا جي نراڙ تي لڳائي. لڳائڻ شرط مينا کان رڙ نڪري ويئي ۽ سندس نرڙ جي ٽڪي واري جاءِ سڙي ويئي.
    ”آئون ته ناپاڪ ٿي ويئي آهيان، جو ڪابه پاڪ ۽ مقدس شيءِ مونکي نٿي ڇهي، خدا پاڪ به مون کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. آئون شيطان ٿي ويئي آهيان.“
    مون پنهنجيون مٺيون ڀڪوڙيندي چيو. ”لعنت هجي انهيءَ نواب تي. آئون هن کي نه ڇڏيندس. کيس جھنم ڀيڙو ڪندس.“
    اهو ٻڌي مينا منهنجا هٿ پڪڙيندي چيو: ”جوناٿن! صبر ڪر، پنهنجي دل کي ڪروڌ ۽ نفرت سان زهريلو نه ڪر. اسان تي اڳ ۾ ئي مشڪلاتون گھڻيون آهن. نواب به دکي روح آهي. جنهن کي آزادگيءَ لاءِ انساني ڪهل جي ضرورت آهي.، جيڪر تون مون تي رحم ڪرين ٿو ته هن لاءِ به رحم ڌار.“
    مون پنهنجو مٿو هن جي ڇاتي تي لاڙي ڇڏيو. منهنجي دل ذري گھٽ ٽٽڻ تي هُئي. وئن هيلسنگ چيو. ”ڪير آهي جيڪو تنهنجا اهي لفظ ٻڌي ۽ پوءِ به اهو شڪ ڏيکاري ته توکي جنت ۾ جاءِ نه ملندي. مادام مينا، آئون ٿو چوان ته خدا توتي شيطان کي غالب ٿيڻ نه ڏيندو. هن جون رحمتون اسان ساڻ آهن ۽ اسان انهيءَ وڏي شيطان کي ڳولي وٺنداسون. ۽ جڏهن هن جي سگھ ختم ٿيندي ته تنهنجا زخم مٽجي ويندا. انشاءالله تعاليٰ، اهو منهنجو واعدو آهي.“
    وئن هيلسنگ جي ڳالهين اسان کي هلڪي اميد ڏياري. اسان جا دوست مونکي ۽ مينا کي ڇڏي هليا ويا.
    پرهه ڦٽيءَ کان ٿورو اڳ مينا مونکي جاڳائي چيو ته ”پروفيسر کي جھٽ ۾ گھراءِ ۽ کيس چئه ته هو مونکي هپناٽرم جي مدد سان وجد ۾ آڻي، ته جيئن آئون ڪجھ کيس ٻڌائي سگھان.“
    وئن هپناٽرم جو به ماهر هو. هن هٿ جي اشارن ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندي مينا کي وجد ۾ آندو.
    ”تون ڪٿي آهين“ هن مينا کان پڇيو، ”۽ ڇا پئي ڏسين؟“
    ”مون کي خبر نه آهي.“ هن خوابي لهجي ۾ چيو. ”آئون سوڙهي جاءِ ۾ پيل آهيان هر طرف ڪاراڻ آهي. مونکي ڪجھ به نظر نٿو اچي.“
    ”تو ڇا پئي ٻڌي؟“
    ”آئون پاڻيءَ ۾ ٿاڦوڙا پئي ٻڌا ۽ ڳالهائڻ جا آواز به اچن ٿا.“ پوءِ هن غير ملڪي لفظ ڳالهايا. ”هاڻي منهنجي مٿان هلڻ جا آواز پئي ٻڌان. هاڻي وري رسن ۽ سڙهه جي ڦڙ ڦڙ جا آواز.“
    جيئن سج چڙهيو ته مينا خاموش ٿي. ۽ پروفيسر هن کي جاڳايو.
    ”مادام! اوهان تمام ڀلو ڪيو جو مون کي گھرايو. توهان وجد ۾ نواب جو ذهن پڙهيو. هُن ته تنهجي ذريعي اسان کي مارڻ جو سوچيو هو، پر ان بجاءِ اسان سندس متعلق تو وٽان ڄاڻ ورتي. جڏهن اسان وٽ ڪاٻي راهه نه بچي هُئي. هيءُ انهيءَ پيتي ۾ آهي، جيڪا سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جهاز ۾ آهي، ۽ مٿي روسي ٻولي پيا ڳالهائين. چون پيا ته ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ وارا آهيون.“
    ائين اسان نواب جو پيڇو ڪيو ۽ وڃي يورپ جي وچ۾ پهتاسون. وئن هيلسنگ مينا کي هر سج لٿي ۽ سج چڙهئي مهل هپناٽرم ڪري وجد ۾ ٿي آندو ۽ ان ذريعي اهو معلوم ڪيو ته هو ٽرانسلوانيه ڏانهن وڃي رهيو هو. اسان جهاز جي پويان وياسون ۽ ٽرين ذريعي بوڊاسپٽ پهتاسون. اُتي اسان سخت سرديءَ ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو. اسان اُتي هر هڪ لاءِ گھوڙو ڪرائي تي ورتو ۽ گرم ان وارا ڪپڙا ورتا. کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو ويو. هر هڪ کي رائيفل ۽ وڏو چاقو پاڻ سان ڏنو ويو. ان کان پوءِ مينا وسيلي نواب جي چرپر جي ڄاڻ رکندا رهياسون. اسان ڪارپٿين ٽڪرين ڏي وڌياسون. آخرڪار هڪ ڏينهن مون وري انهيءَ ڊريڪولا جي قلعي جا گنبذ ٻيهر ڏٺا.
    اسان نواب جي پهچڻ کان اڳ ئي سندس گھر پهچي وياسون. هو به پري ڪونه هو. اسان هن جو انتظار ڪيو. اسان کي پنهنجو مشن پورو ڪرڻو هو. آرٿر، وئن هيلسنگ ۽ ڊاڪٽر سيوارڊ وٽ هٿيار، ٿوم، ۽ نوڪدار ڪاٺ جا تاڪ هُئا. هو اندر ويا ۽ ٽن ڏائڻ عورتن جي ٺڪاڻن جي تلاش ڪرڻ لڳا. مينا ۽ آئون ٻاهر ترسياسون.
    پهاڙين ۾ بگھڙ جي اوناڙين جا آواز ٻري رهيا هُئا. آئون رائيفل تاڻيو، مينا تي نظر رکيو ويٺو هوس. هُوءَ ستي پيئي هُئي. هاڻي هُوءَ ڏينهن جو گھڻو ٿي سُتي ۽ رات جو جاڳندي ٿي رهي. کيس بک به نٿي لڳي. مون کي اها پريشاني هُئي ته ان هوندي به هن جا چپ سرخ ۽ هُوءَ صحت مند هُئي. سندس نراڙ تي سڙڻ وارو نشان پڌرو هو. ڇا هن جا ڏند تکا ۽ ڊگھا نظر اچن ٿا. مون وڏي آواز ۾ ائين چيو ۽ سوچيو ته مينا به انهي ڏائڻ عورت جيان نه بنجي ويئي هجي.
    سج لهي رهيو هو. مينا اکيون کوليون ۽ قلعي کي ڏٺو ”هيءَ ته خوفناڪ جاءِ آهي“ هن چيو، ”جوناٿن تو وٽ حفاظتي شيون آهن.“
    ”ها مون وٽ مقدس ٽڪي ۽ صليب آهن.“ مون اُهي هٿ ۾ جھليون ۽ کيس ڏيکاريون. مينا پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو، ڄڻ انهن شين سندس اکين تي اثر ٿي ڪيو. مون انهن کي پاسي تي رکيو.
    ”مون تي اڃان به شيطاني نشان آهي.“ هن خاموشيءَ سان زخم کي ڇهندي چيو، ”منهنجا مڙس! آئون سمجھان ٿي ته پڄاڻي ويجھي آهي. مونکي صرف هڪ ڳالهه چئڻي آهي ته تون جڏهن منهنجي چهري ۾ ڏائڻ واريون نشانيون ڏسين ۽ توکي پڪ ٿئي ته منهنجو انجام اهو ٿيو آهي ته پوءِ بنا دير جي اهو نوڪدار ڪان منهنجي دل ۾ هڻجان ۽ ڪوبه رحم وغيره نه ڪجانءِ. ۽ ائين مونکي آزاد ڪجانءِ.“
    ”آئون واعدو ٿو ڪريان“ مون ڀڻڪيو ۽ لڙڪ منهنجي اکين ۾ لڙي پيا ۽ آواز ويهي ويو. مينا منهنجي هٿن کي پڪوڙيو ۽ اڇا وار ڇهيا.
    ٻيا ساٿي محل مان ٿڪل ۽ زردا ٿي موٽيا. انهن ٽي مايون ستل لڌيون ۽ کين ٺڪاڻي لڳايو. اسان ماني کاڌي ۽ ڪجھ وقت انتظار ۾ گذريو. آخرڪار اسان کي خانه بندوشن جو گروهه نظر آيو. اُهي قلعي ڏانهن هڪ گاڏو کڻي پئي آيا، جنهن ۾ پيتي رکيل هُئي.
    ”نواب“ مون چيو
    ”سج ڏي ڏسو، هو لهڻ وارو آهي. ۽ هينئر هن کي ٺڪاڻي لڳائڻ گھرجي.“ آرٿر چيو.
    آئون، آرٿر، ڊاڪٽر سيوارڊ گھوڙن کي ڊوڙائي خانه بندوشن ڏانهن وڌياسون ۽ پروفيسر مينا ساڻ آهستي آهستي اچڻ لڳو. ”بيهي رهو.“ آرٿر رڙ ڪري چيو. پر اهي پنهنجا هنٽر هلائيندا ۽ جانورن وانگي اڳتي وڌندا رهيا. هنن جي اڳواڻ کي سونيون واليون پيل هُيون. هن پنهنجو چاقو ڏيکاري اسان تي الر ڪئي.
    اسان کي کين روڪڻو هو. اسان ڌار ڌار ٿياسون. ڊاڪٽر ۽ آئون ساڄي کان هلياسون ۽ آرٿر کاٻي کان. اسان پنهنجا چاقو ڪڍيا. اسان ڪهڙي به طرح انهن کي روڪڻ ٿي گھريو، ڇو ته سج لهي رهيو هو. اسان سندن وچ ۾ ڪاهي وياسون سندن وارن کان پاڻ بچائيندا، گاڏي ڏي وڌياسون. مون گاڏي ۾ ٽپو ڏئي ۽ هڪ غير معمولي سگھ سان پيتي کي هيٺ اڇليو. هيٺ لهي، چاقو سان انکي کولڻ شروع ڪيو. آرٿر به ان ۾ مدد لاءِ پهتو. ان جي پاسي ۾ گھري زخم مان رت وهي رهيو. ٻيا ساٿي به پهچي ويا. ڊاڪٽر ۽ پروفيسر خانه بندوشن تي رائيفلون تاڻي، کين پري بيهاري بيٺا. سح صفا لهي چڪو هو ۽ اونداهه ڇانئجي رهي هُئي.
    آخر ڍڪ لٿو. نواب پيتي ۾ پيل هو. جيئن اونداهه ٿي هُئي، هن اکيون کوليون ۽ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مان اُٿي کڙو ٿيو. پر انهيءَ پلڪ مون پوري سگھ سان چاقو سندس نڙي ۾ گھيڙيو ۽ آرٿر سندس دل ۾ پيهي وڌو. هيءُ ڪري پيو. اسان جي اکين آڏو، سندس جسم زمين ۾ ڪريو ۽ مٽي ٿي ويو. اهو جڏهن مٽي پي ٿيو ته سندس چهري تي اهڙو اطمينان نظر آيو، جيڪو مون ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
    آرٿر زمين تي ڪري پيو. مينا وٽس ڊوڙي ويئي. جڏهن سندس نظر هن جي گھري گھاءَ تي پيئي ته هوءَ روئي ويٺي. پر آرٿر هن جو هٿ ورتو ۽ مرڪيو. اوچتو هن رڙ ڪئي. ”ڏسو! ڏسو!“ هُن مينا جي نراڙ ڏانهن اشارو ڪيو، جتان زخم جو نشان غائب هو. ”هاڻي مرڻ سجايو ٿيو.“ هن آهستگيءَ سان چيو. هن جو نراڙ پاڪ ۽ بي نشان آهن ۽ پليتي ختم ٿي چڪي آهي.“
    اهو چئي اسانجو دوست گذاري ويو. اسان هن کي اُتي ئي ڊريڪولا جي قلعي جي سايي ۾ دفنايو، جتي هاڻ مُردا ابدي آرام ۾ آهن.



    (23 ۽ 24 جنوري 2002 تي فيئر ڪيو ويو. ۽ محترم ذوالفقارعلي ابڙي هن کي ڪمپوز ڪيو. 13 سيپٽيمبر 2005 تي ان جي پهرئين پڙهڻي مڪمل ٿي. ٻي پڙهڻي 15 سيپٽمبر 2005 تي مڪمل ڪئي.)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343870
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ