ڪتاب جو نالو: هالا جا رنگ هزار
مصنف: حبيب سنائي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 08 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1185 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 239 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • هالا جا رنگ هزار
  • پيغام
  • ارپنا
  • سهيڙيندڙ پاران
  • تاريخ ۽ تحقيق

  • هالا ڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ
  • هاله ڪنڊي (هالا)
  • هالن جي بربادي
  • هالا
  • هالا ڪنڊي
  • جنت السنڌ ۾ هالا جو ذڪر
  • هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي
  • هالا ڪنڊي- سادات متعلوي جو ابتدائي مسڪن
  • هاله ڪنڊي
  • خداآباد ثاني
  • سنڌ گزيٽئر (هيوز) ۾ هالا جو ذڪر
  • گلان جو ڪوٽ ۽ خدا آباد (ثاني)
  • ليفٽيننٽ ايڊورڊ ڊيل هوسٽي جي هالا ۾ آمد(1)
  • سنڌو درياهه جو وهڪرو
  • هالا جو سيرُ
  • هالا پراڻا
  • هالا جا هنر
  • شخصتيون

  • هالا جا دوست : جي ايم سيد
  • هالا جا مشاهير : مولانا دين محمد وفائي
  • هالا جا فارسي گو شاعر
  • هالا جا اسلامي درسگاه ۽ عالم
  • ٽماهي مهراڻ جي سوانحي نمبر ۾ آيل هالا جي شخصتين جو احوال
  • سنڌي مرثيا نويسي ۾ هالا جو حصو
  • ساروڻيون

  • سکر سي ئي ڏينهن : محمد اسماعيل عرساڻي
  • هالا جو ادبي ماحول : ڊاڪٽر سليمان شيخ
  • سيلف پورٽريٽ : الطاف شيخ
  • گلابن جو شهر هالا : انيس ابن اختر هالائي
  • ڪو نانگ سراپي ويو؟ : سهيل ابڙو
  • هالا متعلق شاعري

  • اختر هالائي
  • مخدوم محمد زمان طالب المولى
  • ابڙو عبدالرحيم ”بيدل“
  • انور هالائي
  • مخدوم جميل الزمان
  • شوڪت ابڙو
  • محبوب سروري
  • ’منور‘ هالائي
  • انيس ابن اختر، سهيل ابڙو
  • دعا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي چاليهي جي موقعي تي

  • هالا جا رنگ هزار

    هالا جا رنگ هزار

    (هالا متعلق لکتن جو مجموعو)


    سهيڙيندڙ
    محمد حبيب سنائي

    مٽياري ڪتاب دوست پروگرام
    2008ع

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا قائم


    پيغام

    مٽياري ضلعي حڪومت جي لاءِ اها ڳالهه باعثِ افتخار آهي جو مٽياري ڪتاب دوست پروگرام ذريعي ضلعي جي علمي و تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پهريون قدم کنيو. اسان جي اها ننڍي ڪوشش عالمن، اديبن، شاعرن ۽ تاريخدانن جي قلمي پورهئي کي شايع ڪري عام عوام تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.


    سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ
    ضلع ناظم مٽياري


    ارپنا

    هي پيار جو پورهيو ناني کتيت، امڙ صلح ۽ عائشه کي ارپجي ٿو.

    - محمد حبيب سنائي


    سهيڙيندڙ پاران

    هالا هڪ پاسي قديم تاريخي وسندي آهي، ته ٻي پاسي صدين کان علم و ادب توڙي هٿ هنرن جي مرڪز طور به مشهور آهي. دنيا جي سڀني شاهوڪار ٻولين ۾ تاريخي ۽ تهذيبي شهرن جي حوالي سان هڪ کان وڌيڪ ڪتاب مرتب ڪيل يا لکيل آهن. اسانجي ڀر پاسي ۾ قائم شهر لاهور جي حوالي سان به ڏهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيل آهن. پر اسان وٽ سنڌيءَ ۾ سنڌ جي ڪجھ شهرن جي حوالي سان هڪ اڌ ڪتاب تحرير ٿيل ملي ٿو.
    ڪجھ عرصو اڳ شهرن جي تاريخ جي حوالي سان لکيل ٻه ڪتاب (هڪڙو محترم حسين بادشاهه جو ڪتاب ”حيدرآباد جي تاريخ“ ۽ ٻيو بپسي سڌوا جو لاهور جي حوالي سان ڪتاب) پڙهڻ جو موقعو مليو. ان بعد منهنجي دل ۾ اهو خيال آيو ته هالا جي حوالي سان به ڪو ڪتاب ترتيب ڏجي، جنهن ۾ انجي حوالي سان جيڪو مواد مختلف ڪتابن يا رسالن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي، سو هڪ جاءِ ڪٺو ڪجي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. ان اڇا جي پورائي لاءِ هيءُ ڪتاب سهيڙي اوهان جي آڏو پيش ڪجي ٿو. اميد ڪجي ٿي ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ (Source Material) طور ڪم ايندو.
    اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اهو انڪري آهي ته نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن يا واقعن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
    آئون مٽياري ڪتاب دوست پروگرام جي روح روان جناب اطهر بهزاد ميمڻ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ نه صرف سٺيون صلاحون ڏنيون، پر ڪافي مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو.
    آئون محترم ذوالفقارعلي ابڙي ۽ برڪت علي شيخ جو ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جو ابتدائي مواد بنا معاوضي مون کي ڪمپوز ڪري ڏنو.


    15 اپريل، 2009 محمد حبيب سنائي
    هالا پراڻا
    sanaihabib@yahoo.com habibsanai@hotmail.com


    تاريخ ۽ تحقيق

    هالا ڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ

    مير علي شير قانع ٺٽوي

    هالا ڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ


    هالا ڪنڊي (هالا)
    هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرامگاه آهي. هن وقت نئون ٻڌل آهي. ڪيئي دفعا دريا جي اٿل سبب اتي جي رهاڪن کي لڏڻو پيو آهي.
    مخدوم اسحاق. اصل قوم ڀٽي، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي خاندان جو مريد، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير، ۽ الله تعاليٰ جي وڏن ولين مان هو. سندن ڪرامتون ۽ مناقب ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد سندس پٽ آهن، جن جو بيان اڳتي ايندو.
    مخدوم احمد. هڪ تمام وڏو ولي آهي. هو هميشه گوشه گمناميءَ ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي مجلس ۾ ويندو هو ته مٿس اهڙي ته حالت پيدا ٿيندي هئي، جا بيان کان ٻاهر آهي.
    سندس هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي ته هڪ وڏيري جي پٽ کي اچي موتمار بيماري ٿي، هن مخدوم احمد کي خدا وارن جي جماعت سميت دعوت ڪئي. ماني کڻي آيا ته مخدوم ٻن ٻن کي گڏجي ويهڻ جو امر ڪيو، ۽ پاڻ اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رڪن نالي خادم کي فرمايائون ته ”هن دعوت ڪندڙ ماڻهوءَ جي پٽ کي وٺي اچ ته مون سان گڏجي کائي.“ قضا الاهيءَ سان انهيءَ وقت اهو ڇوڪرو فوت ٿي ويو هو پر پڻس انهي بزرگ جي تشريف آوريءَ جو ملاحظه ڪري، ]اها ڳالهه[ ظاهر نه ڪئي هئي. هن (خادم) وراڻيو ته ”سندس حالت سخت آهي، اچي ڪين سگھندو.“ مخدوم فرمايو ته ”انهيءَ کان سواءِ ڪين کائيندس.“ نيٺ اهو رڪن ڇوڪري جي مٿان ويو ۽ هو مخدوم جي پيغام تي يڪدم جيئرو ٿي اٿي ويهي رهيو ۽ مخدوم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ساڻس گڏ کاڌائين – [وڌيڪ[ ٻڌايائين ته ”منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا هئا ، جتان مخدوم هتي موٽائي آندو آهي.“
    چون ٿا ته هو پوين ڏينهن ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) آيو. اتفاقن هڪ سوناري سماع جي مجلس ۾ هڪ بيت سوز گذار سان پڙهيو، جنهن جي ٻڌڻ سان مخدوم ساهه ڏنو. سندس جنازو هالا ڪنڊيءَ کڻي آيا. نقل آهي ته رستي ۾ انهيءَ مان ذڪر جلي ڏاڍيان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.
    هن ظاهري علم ۽ باطني علم جا ڪي نڪتا مخدوم عبدالرشيد جي خدمت مان پرايا هئا. سندس وفات سنه 936 هه ۾ ٿي.
    مخدوم فتح الله. سندس فرزند رشيد مخدوم فتح الله پيءُ جي رحلت کان پوءِ وڏن واري پيروي اختيار ڪري، ارشاد جي مسند چڱيءَ طرح هلائي.
    مخدوم احمد ثاني. تنهن کان پوءِ، مخدوم فتح الله جي پٽ مخدوم احمد ثانيءَ، ولايت ۽ ڪماليت جي گاديءَ تي ويهي، پنهنجا برڪت ڀريا وقت ڏاڍي هدايت ۽ ارشاد سان گذاريا.
    مخدوم عبدالحميد. انهيءَ کان پوءِ، هن جو پٽ مخدوم عبدالحميد، جو سهڻين صفتن ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو، وڏن جو نالو تمام سهڻي نموني ۾ روشن ڪندو رهيو.
    مخدوم عمر. کانئس پوءِ، سندس پٽ مخدوم عمر، ڏاڍو هدايت وارو، پنهنجي وقت جو نامور ۽ معرفت جي رستي جو سالڪ پيدا ٿيو. هن سڳوري جون ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن ٽي پٽ - هر هڪ مخدوم حسين، مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عبدالرؤف - ڇڏيا.
    مخدوم ابراهيم ولد مخدوم عمر حال ۽ ڪمال جو صاحب ٿي گذريو آهي.
    مخدوم فتح الله (ثاني). سندس، ڪمال جي زيور سان سينگاريل فرزند، مخدوم فتح الله، يقين جي رستي ۾، پنهنجن وڏن جي سلوڪ واري واٽ وٺي ، چڱيءَ طرح هليو.
    مخدوم عبدالحميد ثاني. هو گذاري ويو ته سندس فرزند مخدوم عبدالحميد ثاني وڏن واريءَ ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو. هن جي ذات گرامي اڄوڪي وقت ۾ خالص تبرڪ ۽ نج غنيمت هئي. مخدوم عبدالرؤف - جنهن جو بيان اڳتي ايندو - کان پوءِ عقيدتمندن کي عجيب فيض ڏنائين. هو مدينه منوره ۾ گذاري ويو.
    مخدوم رحمت الله. کانئس پوءِ سندس پٽ مخدوم رحمت الله، خدا جي خاص رحمت ۽ ڪمال ۽ فيض جي وصفن سان سينگاريل هو. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو.
    مخدوم عبدالرؤف. مٿئين مخدوم عمر جو فرزند پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل ٿيو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز رهيو. سمجھ واري ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندن اخلاق سهڻا رهيا، ۽ هميشه عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو.
    سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو سنه 1166 هه ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم هن جي تاريخ ”کان وليا رؤف الخلق“ (هو هڪ، خلق تي نهايت مهربان ولي هو.) ]مان ڪڍي آهي[ ۽ محمد پناه رجا ٺٽويءَ سندس چونڊ حالات هڪ بليغ شعر ۾ نظم ڪيا آهن ، پر طوالت جي خوف کان هتي ذڪر نٿا ڪريون.
    کانئس پوءِ ڪو فرزند ڪو نه رهيو.
    مخدوم نعمت الله. هاڻي مٿئين مخدوم عبدالحميد ثانيءَ جو فرزند مخدوم نعمت الله، ڏاڍيءَ بزرگيءَ ۽ ڪمال سان وڏن جي گاديءَ کي سينگاري رهيو آهي ۽ حال جو صاحب آهي.
    حاجي دين محمد. حاجي دين محمد پڻ مخدوم عبدالحميد جو فرزند ۽ انساني ڪماليتن سان موصوف آهي .... (1) جو وڏو ڀاءُ مخدوم عبدالحميد، مخدوم عبدالرؤف جي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجو وارو ڏاڍي بزرگيءَ سان وڄائي گذاري ويو هو.
    مخدوم محمد. مٿئين مخدوم اسحاق جو ٻيو فرزند، ]ظاهري[ علمن جي تحصيل ڪماليت جي درجي کي پهچائي، باطن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين. اڪثر خلق لله جي ڪمن ڪارين سان، خدا ڪارڻ، حاڪمن وٽ ايندو ويندو رهندو هو. ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگھندو هو. هڪ وقت ڪنهن حاجتمند جي ڪم سان ڄام نظام الدين وٽ ٺٽي آيو هو. ڄام چيس ته ”تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم. هن جي زيارت جو ڏاڍو شوق اٿم، تنهنڪري جيستائين هو اچي، تيستائين تون هتي ترسي پوءُ.“ فرمايائين ته منهنجي ڀاءُ کي نه تنهنجي پرواهه آهي، نه منهنجي. انهيءَ گفتگو ۾ هئا ته مخدوم احمد اچي ڄام جي مجلس ۾ وارد ٿيو. ڄام سندس زيارت ڪري، ڏاڍي عقيدتمندانه خدمت ڪئي. موٽڻ وقت مخدوم احمد ڀاءُ کي چيو ته اچ ته جئن آيو آهيان تئن زمين کي سوڙهو ڪري هلي هالين پهچون، ۽ ٽپهريءَ جي نماز اتي ادا ڪريون. مخدوم وراڻيو ته توهان مرضيءَ جا مالڪ آهيو باقي مان ته في سبيل الله پنڌ ۽ محنت جي تڪليف (جو ثواب) هٿان ڪو نه ڇڏيندس.
    هن بزرگ جي اولاد ۾ پڻ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا وڏا عارف پيدا ٿيا آهن.
    مخدوم محمد يوسف. مخدوم عبدالرؤف واري وقت جي لڳ ڀڳ، خاص ڪرامتن جو صاحب ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي پنهنجي تصرف سان درياء کي آڻي بازار ۾ وهايو هئائين.
    مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب. مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب پڻ هر هڪ پنهنجي وقت جو ڪامل هو.
    مخدوم عبدالرشيد. هڪ وڏو عالم ۽ ڏاڍو متقي هو. ]ماڻهن جي[ وڏي جماعت کانئس علمي خواه عملي ڪمال پرائي، پنهنجي وقت ۾ هدايت واري ٿي. مٿيان مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهن مان آهن.
    درويش زڪريا. مٿئين مخدوم اسحاق جو ڀائٽيو، هدايت جي راهه جو سالڪ ۽ خدا آگاه هو.
    شيخ فخرالدين صغير. شيخ ابو نجيب سهرورديءَ جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو، سالڪ هو. هالن ۾ آرامي آهي. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو آهي. سندس زيارت اهل دل لاءِ فخر آهي، ۽ سندس درگاه ۾ ايترو ته قبوليت جو فيض آهي، جو اتي سوالين جو هر مشڪل حل ٿئي ٿو.
    شيخ ابوبڪر. هالن جو هڪ ڪامل ۽ جھونو ولي آهي. انهيءَ سر زمين ۾ سندس مزار اهل الله جو زيارتگاه آهي. مخدوم نوح جو ستون ڏاڏو شيخ فخرالدين ثاني پڻ انهيءَ سڳوري جي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي.
    درويش رڪن ڀرا. مخدوم احمد جو خاص خادم ۽ (خدا) جي دائمي رضا ۽ قرب جي رستي جو واصل هو.
    مخدوم عربي ڌياڻو. پير آسات جو ڀاءُ آهي، جو مڪليءَ تي آرامي آهي - ۽ اڳتي بيان ٿيندو.
    چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي قرآن شريف جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. جڏهن قرآن پڙهندو هو، تڏهن پکي اڏامڻ کان ۽ پاڻي وهڻ کان بيهي ويندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي خانقاه ۾ ويٺو هو ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گجيءَ ۾ ڀرجي پيو ۽ انهيءَ مان پاڻيءَ جا ڪي قطرا هيٺ ٽميا. هڪ حال محرم خادم ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان هن راز جي حقيقت پڇي. فرمايائين ته ”منهنجو پٽ بايزيد حجاز جي سر زمين ۾ منهنجن معتقدن جي هڪ ٽوليءَ سان سمنڊ ۾ سوار آهي. اوچتو ٻيڙي ڪُنَ ۾ غرق ٿيڻ لڳي. انهيءَ جماعت منهنجي پٽ کي سفارشي بنائي باس باسي، تنهنڪري هٿ هڻي ٻيڙيءَ کي ڪُنَ مان ڪڍي ڪناري تي پهچائي ڇڏيم.“ ٿوري وقت کان پوءِ اهي ماڻهو نذر کڻي آيا ۽ احوال ڪيائون ته ”جڏهن ٻيڙيءَ مان آسرو پليوسين، تڏهن هڪڙي غيبي هٿ اسان جي ٻيڙيءَ کي اچي ڪُنَ مان ٻاهر ڪڍيو.“ سنه 980هه ۾ گذاري ويو.(2) هالن ۾ دفن ٿيل آهي.
    مخدوم بايزيد. مخدوم بايزيد مٿئين مخدوم عربيءَ جو فرزند آهي، پنهنجي پيءُ کان چڱو بهرو پرائي، سچ، استقامت، هدايت ۽ فيض جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي ڏاڍو فائدو رسائيندو رهيو. هاڻي سندس اولاد مان محمد عالم نالي هڪ ماڻهو جيئرو آهي. هو سيد عبداللطيف تارڪيءَ جو خليفو ۽ سندس فقيرن جي جماعت ۾ داخل آهي.
    مخدوم مولانا ابوبڪر بن دائود بريد هالائي. بلند مقامن ۽ احوالن جو صاحب هو. مخدوم نوح وٽانئس فيض پرايو هو.
    سيد عبداللطيف حسيني. اتي جي جھونن بزرگن مان آهي. سندن مقام علحده عام خلق الله جو زيارتگاه آهي. هو گھڻو اولاد ڇڏي ويو، جن مان هاڻي سيد فتح محمد گادي نشين آهي. هن جو ٻيو اولاد متفرق ڳوٺن ۾ خصوصن ڪجن جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.
    مخدوم نوح ولد نعمت الله. هو صديقي نسب جو آهي. مشرق ۽ مغرب جي امام پنهنجي پيڙهي پاڻ هن طرح ٻڌائي آهي: نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سرور بن شيخ فخر الدين صغير - جو هالن ۾ مدفون آهي - بن شيخ عز الدين بن شيخ فخرالدين ثاني - جو شيخ ابوبڪر جي مقام ۾ دفن آهي، بن شيخ ابوبڪر ڪتابي - ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ - بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصيرالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابو نجيب ضياء الدين عبدالقاهر سهروردي رحمة الله عليه - جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي ۽ مخدوم نوح تي سهروردي طريقو ختم آهي. اهو شيخ ابو نجيب بن شيخ ابراهيم بن شيخ وجھ الدين بن شيخ محمد عمر بن شيخ عبد الله بن شيخ رضاء الدين محمد بن شيخ مسعود بن شريف ابو القاسم بن شيخ محمد عمر بن حضرت عبدالرحمٰن بن امير المؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه ۽ حضرت شيخ شهاب الدين، شيخ عبدالله بن شيخ ابراهيم بن وجھ الدين جو فرزند آهي. ستن ڏينهن جو هو ته نماز جي ٻانگ ٻڌي تمام چٽيءَ زبان سان ڪلمو طيب پڙهيو هئائين. کانئس روايت آهي ته چيائين: ”چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون کي جيڪي ملڻو هو سو حضرت عليءَ کان مليو. نقل آهي ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاهه ۾ مراقبي ۾ مشغول هو. مخدوم عربي قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. هُو اٺاويهين سيپاري تي پهتو هو ته هن کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو، ]سو ڇا ڪيائين جو[ مخدوم عربيءَ جي قرآن شريف ٻڌڻ جي ادب جو خيال رکي، ظاهري جسم اتي ڇڏي پاڻ آسمان جي سير تي هليو ويو، ۽ مخدوم عربيءَ ختم پورو نه ڪيو هو ته موٽي آيو. فقير بهاوالدين گودڙيو چوي ٿو ته هڪڙي ڏينهن ٺٽي ۾ سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا هئاسون ته مخدوم فرمايو ته حضرت ابوبڪر رضي الله عنه ۽ حضرت علي رضي الله عنه اچي لنگھيا. حضرت علي تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ جو توکي ]حضرت[ محمد رسول الله سڏي ٿو ۽ حضرت ابوبڪر آهستي آهستي اچي رهيو هو. حڪم موجب روانو ٿيس ته ائين ڏسڻ ۾ آيم گويا لڪي جبل تي چڙهي رهيو هوس. آخر جڏهن مجلس ۾ پهتس تڏهن حضرت عيسيٰ کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ حضرت عيسيٰ کان سبق ورتم. مٿو مٿي کنيم ته حضرت رسول ڪريم تي نظر پيم (ڏٺم) ته پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا آهن. مون آنحضرت صلي الله عليه وسلم[ ڏانهن توجھ ڪري نئين سر سبق پڙهيو. حضرت ابوبڪر فرمايو ته يا رسول الله هيءُ منهنجو اولاد آهي. چون ٿا ته هيءُ حضرت (مخدوم نوح) ڪنهن وقت ٺٽي آيو. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجھ پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن شريف جي آيتن جون معنائون چڱيءَ طرح بيان ٿو ڪري. سو هو (گڏجي) سندس ڏسڻ لاءِ ويا. (انهيءَ وقت) مخدوم هڪڙيءَ آيت جي تفسير ۾ مشغول هو. راوي چوي ٿو ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس. جڏهن ماٺ ڪيائين، تڏهن ڳڻيم ته جملي اسي داڻا ٿيا هئا. جئن ته سندس عادتن ۽ ڪرامتن جي بيان لاءِ خلاصو ڪتاب گھرجي، تنهنڪري هن مختصر ۽ هن قدر تي اڪتفا ڪجي ٿي. سندس وفات خميس جي ڏينهن، 27 ذي القعد سنه 998 ۾ ٿي، ۽ هن جي درگاهه هالن جي شهر ۾ مشهور آهي.
    مخدوم جلال. سندس فرزند رشيد مخدوم جلال بزرگيءَ ۽ شايستگيءَ جي نشانين ۽ ڪمال جي خوبين ۾ بيمثال ٿي گذريو آهي.
    ميان ابراهيم. سندس ڀاءُ ميان ابراهيم هو، جو پڻ وقت جو بزرگ ۽ فقيرن جي جماعت جو مرشد هو.
    ميان محمد زمان. هاڻي ميان محمد زمان وقت جو پيرزادو ۽ مخدوم مرحوم جو گادي نشين آهي.
    مخدوم صدر الدين راهوتي. هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. هميشه وعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. چتين پيل ٽوپيءَ کان سواءِ نه ڍڪيندو هو. سندس بلند درجي جا احوال مشهور آهن ۽ سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.
    مخدوم مراد. سندس فرزند رشيد مخدوم مراد هڪ وڏو عالم ۽ نهايت پرهيز گار هو. هو حسن مقري درويش (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) سان همعصر هو.
    قاضي منور. قاضي منور مخدوم مراد جي اولاد مان هو. چون ٿا ته هڪ ڏينهن قيمتي لباس پهريو رستو وٺيو ٿي ويو ته سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کيس ڏسي چيو ته تنهنجو ڏاڏو ته چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ ڪين پهريندو هو، توکي هيءُ ڪنهن کان ورثو مليو آهي. ايتري چوڻ تي مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ وڃي سلوڪ وارن جي سلسلي ۾ شامل ٿيو.
    شاهه ديوانه هالائي. هڪ وڏو مشائخ ۽ ڏاڍين ڪرامتن جو صاحب آهي. مخدوم عربيءَ سان گڏ دفن ٿيل آهي.
    درويش قاسم. ڌنڌو ڪورڪو هوندو هوس، پر مخدوم نوح جي مريديءَ جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تانيءَ ۽ پيٽي کان خوب واقف ٿيو هو.
    مخفي نه رهي ته جڏهن الله پاڪ جي توفيق سان هالن جي مبارڪ سر زمين جي ڪن حقيقت وارن جي مختصر احوال کان فراغت ٿي، تڏهن ان جي آسپاس جي ڳوٺن جي ڪن چونڊ خدا وارن جو ذڪر ڪجي ٿو ۽ بزرگن جي روحن کان توفيق ۽ امداد جي درخواست آهي والله علم بالصواب (سنئين راه خدا کي معلوم آهي)

    ڀاڻوٺ ( مشهور ڳوٺ آهي )
    درويش حسن مقري. اصل واڍو هو، دل جي ڦرهيءَ کي صفائيءَ جي رندي سان لسو ڪري، چٽي، سينگاريو هئائين. چون ٿا ته هڪ طهارتخانو هوندو هوس، ۽ جڏهن به وضو ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ويندو هو، تڏهن بيخود ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن جو هڪ مائٽ ڊکڻ سندس ملاقات لاءِ آيو. اتفاَقن درويش ظهارتخاني ۾ وضوءَ لاءِ ويل هو. هن اندر وڃي ڏٺو ته درويش ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو. هو دهشت کان ٻاهر نڪري آيو. هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گھريائين ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي. درويش بيخود ٿي ويو ۽ باقي ڏينهن ۽ رات ٻئي ڏينهن جي ٻپهريءَ تائين بيهوش پيو هو. ڪنهن کي به هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻانگي ساڳئي وقت جي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين ته ”شايد اڃا ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي؟“
    هڪ ڏيهن مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين راهوتي سندس زيارت لاءِ آيو، ۽ جئن سواريءَ جو ڍڳو ٻاهر ٻڌي هن جي حاضريءَ ۾ آيو، ته خادمن ٻڌايس ته ستن ڏينهن کان درويش وضوخاني ۾ ويٺل آهي. اهو ٻڌي حيران ٿيو. ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم چيس ته ”ست ڏينهن فرض (خدا جا) وڃايا اٿيئي.“ فرمايائين ته ”تون پنهنجي ڍڳي جي وڃي خبر لهه، هن ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟“ اتفاقن مخدوم کي اچي ٻڌايائون ته سندس ڍڳو گم ٿي ويو آهي. ڏاڍيءَ ڳولا کان پوءِ ڍڳو لهي، پنهنجيءَ جاءِ تي هليو ويو ۽ وري فقير تي اعتراض نه ڪيائين.

    خانوٺ (کاڻوٺ)
    مشهور ڳوٺ آهي - اتي جا رهاڪو سيد اصل متعلوي (مٽياري) آهن.
    چاندو شاهه. هاڻي تازو ڏاڍو حال جو صاحب ۽ سلوڪ جي رستي جو واقف ٿي گذريو آهي. هو نهال شاه مداريءَ جو معتقد ۽ خليفو هو - جو گنجي ٽڪر تي آرامي آهي ۽ اڳتي بيان ٿيندو.

    ڀٽ
    هالن کان ٽن ڪوهن تي هيٺاهين زمين ۾ آهي جا هالن جي تابع آهي.
    سيد شاهه عبداللطيف. سيد شاهه عبداللطيف جو آرامگاه محترم ۽ مزار مبارڪ اتي جي عجائبات مان آهي. هو سڳورو سيد عبدالڪريم جي اولاد مان سيد حبيب شاهه جو فرزند تارڪ (جي لقب سان) مشهور آهي. سيد حبيب شاهه خدا وارو مرد هو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ ”الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب“ (موت هڪ پل آهي جا دوست کي دوست جي ملاقات ڏانهن رسائي ٿي) آهي. هن زماني ۾ شاهه عبداللطيف سان ولايت ۾ مٽ ڪوبه ڪونه آهي. سندس ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جون خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن. هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون. امي هجڻ جي باوجود به خدا تعاليٰ سندس سيني جي ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. چون ٿا ته مرزا (مغل) بيگ ارغون جنهن جي نياڻي حضرت جي نڪاح ۾ هئي سو پهريون سندس ڏاڍو دشمن هو. جڏهن وفات ڪيائين ته حضرت جي هڪ مريد ”بود خبيث“ جي جملي مان سندس تاريخ ڪڍي هئي. هن عارف ڪامل هيءُ ٻڌي في البديهه فرمايو ته ائين چوڻ نه گھرجي بلڪ چئو ته ”يڪ مغل به بوده“ - حساب ڪيائون ته ٺيڪ ساڳئي سال جي تاريخ نڪري آئي. حقيقت هيءَ آهي ته امي ماڻهوءَ کان ههڙو واقعو صادر ٿيڻ ڪرامت کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي.
    جنهن ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو فرمايائين انهيءَ ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو - سندس مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باصفا جڳهه آهي - سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا نغارا نذر ڏنا آهن جي صبح و شام (وڄايا ويندا آهن) سندس درگاه تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور، نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو(3).
    سيد جمال شاهه. هاڻي انهيءَ ولي جو جاءِ نشين سيد جمال شاهه ڳجھين خواه ظاهر ڪرامت سان مخصوص آهي ۽ فقيرن جي سلسلي ۾ ڪيترا ناليرا خليفا اٿس.

    جھيجا
    مشهور ڳوٺ آهي. جنهن ۾:
    شيخ طاهر. جي درگاه عجيب برڪت ڀري آهي. هن ولي جي ذات گرامي وقت جي عجائبات مان (هئي ۽ هو) عجيب نموني سان رهندو هو. هندو کيس لال اڏيرو ۽ مسلمان شيخ طاهر سڏيندا آهن. بهرحال هڪ معتبر کان نقل آهي ته هي حقيقت جي شراب جو سرمست، پهريائين جھنگل ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن کائڻ لاءِ ڪجھ پاٻيون هٿ ۾ هيس ته اوچتو هڪ اٺ وڳ مان ٽهي اچي شيخ جي جھوپڙيءَ وٽ پهتو. جيئن ته الله پاڪ جي بيمثال ذات جو جلوو مخلوقات جي هر فرد ۾ موجود آهي، تنهنڪري شيخ به انهيءَ اٺ کي حقيقت جي اک سان ڏسي چيو ته اي خدا جنهن صورت ۾ هن مسڪين تي احسان ڪيو اٿيئي تنهن صورت ۾ جيڪو حال حاضر آهي سو کائڻ گھرجي . اٺ ٽٺل هو سو ڪونه بيٺو ۽ هيءُ منٿون ڪندي، سندس پويان ڊوڙڻ مان وڃي، انهيءَ مرتبي کي پهتو، جنهن کي پهتو - انهي وقت کان سندس شهرت دنيا ۾ پکڙجي ويئي - هن جي رحلت کان پوءِ سندس درگاه خلق الله جي زيارت گاهه آهي. اتي هر سال عجيب ميلو لڳندو آهي. ساريءَ سنڌ مان هندو زالون اچي گڏ ٿينديون آهن ۽ پردو لاهي گھٽين ۽ سيرن ۾ گھمنديون وتنديون آهن. لال اڏيري جي نالي تي جيڪو به کين نچڻ لاءِ زور ڀريندو آهي ته، مڙسن يا ٻين عزيزن جي موجود هوندي به هو انهي کان انڪار نه ڪنديون آهن - ڏسڻ شرط آهي نه ٻڌڻ.
    مير محمد منعم. اتي جي رهاڪو سيدن مان مير محمد منعم زمينداريءَ جي دولت جو مالڪ ۽ وڏي طاقت وارو مهمان نوازي، سخا ۽ بخشش جي ذريعي، سڀڪنهن آئي وئي جي خوشيءَ جو گھورو هو - پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف (انسان) ٿي گذريو آهي - سندس فرزند سيد اسد الله پڻ پيءُ جو يادگار ٿي گذريو آهي - اباڻين خوبين ۾ هو پيءُ کان وڌيڪ مشهور معروف هو.

    کيبر
    مشهور ڳوٺ آهي_
    درويش نوح کيبرائي. ڌنارپ تي گذر ڪندو هو ۽ ڪرامت ۽ حال جو صاحب هو. حديقته الاوليا ۾ مذڪور آهي ته جڏهن شيخ حماد جماليءَ جي تصرف سان ڄام تماچي دهليءَ کان ٿي آيو، جئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن هن (درويش نوح) کيس کيبرن جي ڳوٺ ۾ ٻڌايو هو ته ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام تماچي جي نالي پڙهو گھمي رهيو آهي - حالانڪ اهو ڄام جوڻي جو وقت هو.

    انڙ پور
    اڳوڻن ڏينهن ۾ ڄام انڙ جو آباد ڪيل هڪ ڳوٺ آهي. تازو درياهه سندس سموري زمين پائي ويوآهي.
    مخدوم ساهڙ لنجار. هڪ وڏو آزاد (انسان) ۽ وقت جي صالحن مان هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات يا ڏينهن جي ڪابه گھڙي (پاڪ) پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. سندس مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهن به ڪونه هلندو هو. جنهن تي به توجه جي نظر ڪندو هو ته هو ولايت جي درجي کي رسي ويندو هو. عادت موجب سوئرن جو هڪ ولر سندس پوک ۾ اچي نقصان ڪري ويندو هو. ڪڙمي وٽس دانهن کڻي آيا. خادم کي فرمايائين ته سوئرن کي وڃي پيغام ڏي ته ”اسان جي پوک جي ويجھو نه اچو“ انهيءَ پيغام کان پوءِ سوئر وري نه آيا. چون ٿا ته جڏهن به مٽيارين ۾ ايندو هو تڏهن رات جو پير ڊگھا ڪري نه سمهندو هو. چوندو هو ته چو طرف ساداتن جا گھر آهن تنهنڪري ادب جي تقاضا اها آهي ته ڪنهن به طرف پير ڊگھا نه ڪريان. انهيءَ کان روايت آهي ته چوندو هو: مون پير کان ٻڌو آهي ته جنهن ۾ ٽي گڻ ڏسو انهيءَ مان ضرور فائدو وٺو جو توهان جو مرشد اهو آهي. هڪ ته سندس اڳيان رهو ته توهان کي خدا ياد اچي. ٻيو ته جيڪي ڳالهائي سو توهان جي دل ۾ ويهي وڃي، ٽيون ته سندس صحبت ڇڏڻ توهان کي ڏکي لڳي. اهو اتيئي دفن ٿيل آهي.

    بوهري
    آڳاٽو ڳوٺ آهي.
    سيد حمزو. اصل مٽياري جو هو. هو معرفت جي درياهه هو. ٽوٻو ۽ يقين جي خوبين جو جامع ۽ نقشبندي سلسلي جو رهبر ٿي گذريو آهي.

    حوالا
    1. هتي نسخي ”ن“ ۾ هڪ نالو لکيل آهي، پر اڏوهيءَ جو کاڌل آهي ۽ پڙهڻ ۾ نٿو اچي. ڇاپي نسخي ۾ ته هتي عبارت ڏاڍي منجھيل آهي: لکيل آهي ته ”مخدوم عبدالحميد برادر بزرگ در حيات مخدوم عبدالرؤف ببزرگيءَ اتم گذشته بود “ - ظاهر آهي ته هن عبارت جي ڪا به صحيح معنيٰ نٿي نڪري سگھي.
    2. نسخي ”ن“ ۾ سنه 908 هه آهي.
    3. ڇاپي نسخي ۾ شاهه صاحب جي تاريخ وفات متعلق هي قطعو لکيل آهي جو اگرچ ڪتاب جي عبارت سان بلڪل غير مربوط آهي، پر جنهن صورت ۾ فائدي کان خالي نه آهي، تنهنڪري حاشيءَ تي لکي ڇڏجي ٿو:
    شاهه صاحب ذوالمواهب سيد عبداللطيف
    آنڪ قطب وقت خود بوده ست از مردان حق
    چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل شد
    گفت ملهم غيب سال رحتلش رضوان حق. 1165
    اهي ساڳيا بيت مسجد شريف جي هڪ ديوار تي جا قبي جي اتر طرف آهي، اڪريل آهن - ڪنهن جا چيل آهن تنهن جي خبر ڪانهي

    [مشهور ڪتاب تحفة الڪرام جو سورهون باب ص ص 377 کان 391 تائين]


    هاله ڪنڊي (هالا)

    شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
    هاله ڪنڊي (هالا)

    هالن جو شهر مشهور قديم شهر آهي. پراڻا هالا، جنهن جو نالو مرتضى آباد هو، سو مخدوم مير محمد جو ٻڌايل هو. درياھ جي پائڻ ڪري پوءِ نئون شهر آڻي ٻڌائون ڪوه کن پنڌ تي. منجھس گھڻائي بزرگ ٿي گذريا جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    (1 مخدوم اسحاق ڀٽي (2 مخدوم ابراهيم ولد عمر (3 مخدوم عربي ديانه (4* مخدوم نوح ولد نعت الله صديقي (5 مخدوم صدر الدين راهوتي.
    اٺين هجري صديءَ جي وچ ڌاري سمن جي راڄ جي شروعات ۾ جڏهين سنگھار سمو سندن سردار هو، تڏهين هن ملڪ وڌايو ۽ ڪڇ کان وٺي هاله ڪنديءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنه 908ھ : 1502ع ڌاري جڏهين مرزا شاه حسن ڄام فيروز سان چاچڪان وٽ وڙهي هن کي ڀڄايو، تڏهين ٺٽي ۽ تغلق آباد مان ٿي هاله ڪنڊيءَ آيو ۽ اتان بکري ڏي ويو. سنه 998ھ : سنه 1589ع ۾ اڪبر بادشاه جي حڪم سان نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو. سيوهڻ وٽ ٻنهي جي جنگ لڳي ۽ مرزا شڪست کاڌي. جنگ تي اچڻ کان اڳي خان خانان کي ڊپ هو ۽ فتح جي اميد ڪانه هيس. ڪن ماڻهن جي صلاح تي هو هاله ڪنڊيءَ آيو، جتي مخدوم نوح تازو وفات ڪئي هئي. مرزا جاني توڙي خان خانان کي انهيءَ جي معذرت ڪرڻي هئي؛ پر فقيرن چيو ته ٻنهي مان جيڪو پهرين اتي ويندو ۽ معذرت ڪري دعا گھرندو، سو فتحياب ٿيندو. ٻنهيءَ انهيءَ پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خان خانان پهرين اتي پهتو ۽ نيٺ فتح به ڪيائين. سنه 117ھ : سنه 1782ع ۾ ميان عبدالنبيءَ ڪلهوڙي کي مير بجار خان حيدرآباد مان سڏائي گاديءَ تي وهاريو. جڏهين هو هاله ڪنڊيءَ ۾ آيو، تڏهين مير وڃي گڏيس ۽ ٻيا سردار به اتي آيا. پوءِ سڀ مخدوم نوح جي درگاھ تي ويا ۽ اتي ميان کي پڳ ٻڌايائون ۽ اتان خدا آباد وٺي وڃي ميان محمد سرفراز جي جاءِ تي ويهاريائون. سنه 1201ھ : 1612ع ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان ٿورو اڳي خسرو خان چرڪس جي زور وٺڻ تي مرزا جي حڪم سان هندو خان وڃي هن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري هاله ڪنڊيءَ وٺي آيس ۽ اتان پوءِ قندهار وٺي ويس. سنه 1259ھ: 1843ع ۾ جڏهين سرچارلس نيپئر ميرن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهين نوشهري کان هلي پهرين هالن ۾ منزل ڪيائين. پوءِ 18 تاريخ محرم جي جمعي جي ڏينهن يعني 18 تاريخ فبروريءَ جي اتان نڪتو ۽ ڦليليءَ تي مياڻي وٽ ميرن سان وڙهيو ۽ جنگ کٽيائين ۽ پوءِ حيدرآباد جو قلعو ورتائين.


    هالن جي بربادي

    پير حسام الدين شاهه راشدي
    هالن جي بربادي

    ميرڪ يوسف لکي ٿو ته مظفر خان معموريءَ جي دور ۾ هالن جو پرڳڻو يارنهن هزار خرار ان سرڪاري جمع بنديءَ ۾ ڏيندو هو. ۽ منجهائنس ويهه لک دام ڍل اڳڙندي هئي. ليڪن ميرزا حسام الدين مرتضيٰ خان جي ڏينهن ۾ انهيءَ پرڳڻي جي سخت بربادي ٿي ۽ سميجا انڙ، جن جو مٿي بار بار ذڪر ٿي چڪو آهي، انهن جي لٽ ڦر آبادگار رعيت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، امن و امان جي نه هجڻ سبب، ڪڙمي ڪاري، راڄ ۽ رعيت لڏي پلاڻي، پنهنجا وٿاڻ ڇڏي، ٻين صوبن ۾ هليا ويا، جنهنڪري زمينون ويران ۽ ڳوٺ ڀڙڀانگ لڳا پيا هئا ۽ آمدنيءَ جو انگ لهي اچي صفر تائين پهتو هو.
    مرتضيٰ خان تنگ ٿي هڪ دفعو پنهنجي پٽ صمصام الدوله کي سندن سرزنش لاءِ چاڙهي موڪليو، ليڪن اهو به ڪامياب ٿي نه سگهيو، بلڪ مار کائي موٽي آيو. صمصام الدوله لشڪر وٺي هالن کان اڌ ميل تي ”ٺٺي ڳوٺ“ ۾ اچي منزل انداز ٿيو ۽ چوڌاري خندق هڻائي، خاربندي(لوڙهو) ڪري ويهي رهيو. هالن جي ٿاڻيدار، موسيٰ خان، افعان کي ڪجهه لشڪر ڏيئي، هن انڙن تي موڪليو. انڙن کي جاسوسن ذريعي سڄي قصي جي خبر پئجي ويئي هئي، جنهن ڪري هو پنهنجا ڳوٺ خالي ڪري، پاڻ لشڪر جي رستي تي لڪي ويهي رهيا، لشڪر جيئن بيخبريءَ م سميجن جي ڳوٺن ۾ پهتو، تيئن سميجن جهنگ مان نڪري اچي لشڪر جي پٺيان گهيرو ڪيو ۽ سرڪاري سپاهين کي ڏڏري رکيائون. جيڪي سپاهي جان بچائي سگهيا سي ڀڄي اچي صمصام الدوله جي ڪئمپ ۾ پهتا.
    يوسف سميجو کيبر پرڳڻي جو ارباب هو. ڪنهن ڳالهه تان سرڪاري شقه دار سان اختلاف ٿيس. ڳوٺ مان نڪري اچي انڙن جو لشڪر تيار ڪري کيبر ڳوٺ تي ڏينهن ڏٺي جو حملي آور ٿيو. اهو ڳوٺ هالن کان چئن ڪوهن جي پنڌ تي هو. حاجي محمد شقه دار پنهنجي زال کي ماري پاڻ اچي يوسف جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو. ارباب يوسف سميجو جيئن وڻيس تيئن شهر کي برباد ڪري هليو ويو. اهو واقعو به صمصام الدوله جي ويٺي ٿيو. صمصام الدوله ٻيو ته ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو، ليڪن هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي سڀني اربابن کي قيد ڪري، پيءُ وٽ ٺٽي وٺي آيو.
    مرتضيٰ خان انهن اربابن تي تمام ڳرا ڏنڊ وڌا، جيڪي هو بروقت ڀري نه سگهيا ۽ شرعي قبالا لکي سردست پنهنجي جان ڇڏيائون. صمصام الدوله جڏهن ٺٺيءَ مان ڪوچ ڪري ٺٽي ويو. ان وقت سميجن انهيءَ ڳوٺ کي به اچي کيبر ڳوٺ وانگر ويران ڪري ڇڏيو. ڳوٺ مان جيڪي ماڻهو بچي نڪتا، سي اچي هالن ۾ پناهه گزين ٿيا. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته اهو ڳوٺ، جنهن وقت مير ابوالبقا ٺٽي آيو، ان وقت به ويران هو ۽ پوءِ به ڪيترو وقت (1044هه) ويران رهيو، خالي جايون برباد ٿيل ڀاڻ، ڦٽل وٿاڻ ڏسي، حيرت ۽ حسرت وٺيو ٿي ويئي!
    مير ابوالبقا جنهن وقت ٺٽي پهتو، ان وقت انهيءَ ملڪ جي اها حالت هئي. هالن جي آمدني گهٽجي وڃي نالي ماتر رهي هئي، جن اربابن تي مرتضيٰ خان ڏنڊ وڌا هئا، سي وصول نه ٿي سگهيا هئا، ۽ جڏهن اربابن تي زور پيو ٿي، ته انهن پاڻ ڀرڻ بجاءِ غريب رعيت کان وصول ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو، جو رهيو کهيو راڄ به لڏ پڏاڻ ۾ هو.
    مير ابوالبقا ٺٽي پهچڻ شرط انهن افسوسناڪ حالتن جو معائنو ڪيو ۽ضروري ڪمن مان فراغت حاصل ڪري، سڀ کان پهريائين انهيءَ علائقي طرف توجهه ڏنو، پهرين لشڪر ڪشيءَ ۾ هن ڪيترن سميجن سردارن کي قتل ڪيو ۽ وينجهڙي(؟) ڳوٺ ۾ وڏو قلعو ٺهرائي، ان کي پنهنجو مرڪز بڻائي، وڌيڪ معرڪن لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو. پنهنجي پٽ مير ضياالدين يوسف کي فوجي دستو ڏيئي، هن درٻيلي پرڳڻي ڏانهن اماڻيو. جيتوڻيڪ اهو پرڳڻو بکر جي حد جو هو، ليڪن جيئن ته سميجا اتي وڃي لڪا هئا، تنهڪري ضياءالدين لاءِ اوڏانهن وڃڻ ضروري ٿيو. درٻيلي جا ڪيترا سميجا قتل ٿيا ۽ ڪيترا سميجا گرفتار ٿيا، جن کي هن حڪيم محمد صالح(1). ڏانهن بکرموڪلي ڏنو.
    مير ابوالبقا ٻيو دستو پنهنجي وچين پٽ مير ابوالقاسم کي ڏيئي، هاله ڪنڊيءَ جي سميجن تي موڪليو، جنهن پڻ وڃي ساڻس خوب معرڪا ڪيا، آخر ايترو کين پريشان ڪيائين جو هنن مجبور ٿي، سيوهڻ جي صوبيدار، سيد ديندار خان، کي وچ ۾ آڻي شفاعت حاصل ڪئي.

    شير خان افعان
    مغل دور ۾، سيويءَ جي ولايت گهڻو ڪري بکر جي صوبيدار جي ماتحت رهندي هئي. جنهن وقت ميرزا حسيني (1038هه جي آخر يا 1039هه جي شروع ۾) بکر آيو، ان وقت به گندا واهه ۽ سيوي سندس ماتحت هئا.
    شير خان ترين، جيڪو پشنگ جو رهاڪو هو(2) انهيءَ زماني ۾ اتان هلي اچي سيويءَ ۾ گنجابي(گندا واهه) تي نازل ٿيو ۽ خوب ڦر ڪرڻ لڳو. سيويءَ جو ڇاڪاڻ ته انتظام قابل اطمينان نه هو، تنهنڪري شاهي دربار مان فرمان پهتو ته بکر جو حاڪم، سيوهڻ ۽ ٺٽي جي صوبيدارن کان مدد وٺي، سيويءَ جو بچاءُ ڪري.
    اهو حڪم ان وقت پهتو، جڏهن مير ابوالبقا وينجهڙي ڳوٺ ۾ مرڪز ڪيو ويٺو هو ۽ چوڌاري سميجن تي ترڪتازن ۾ مشغول هو. حڪم پهچڻ تي، مير ابوالبقا ٽي سو سوار ۽ ڏيڍ سو برق انداز ۾ تيزانداز وينجهري جي قلعي ۾ ڇڏيا، جن سميجن جي سرڪوبيءَ واري مهم جاري رکي ۽ پاڻ فورن اچي ٺٽي پهتو. شاهي حڪم جي بجا آوريءَ مير صاحب پنهنجي ڀاءُ کي ڪافي فوج ڏيئي، ديندار خان ڏانهن موڪليو، جتان ديندار خان جي لشڪر کي ساڻ ڪري، سيويءَ جي بچاءَ خاطر بکر ويا.
    اهي واقعا 1039هه جي وچ ۽ 1040هه جي شروع جا آهن. ديندار خان انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ ۾ هو. شير خان 1040هه ۾ اهو حملو سيويءَ تي ڪيو ۽ ميرزا حسين 1040هه ۾ بکر ڇڏي، دربار ڏانهن ويو.(3)

    هالن جي قريب ابڙيجن وارو واقعو
    وينجهڙي ڳوٺ واري قلعي کان سواءِ مير صاحب هالن جي قريب ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ ٻيو به هڪ قلعو ٺهرايو، جنهن جي ٺهڻ ۽ ان ۾ قليعدار مقرر ٿيڻ بعد، سميجن جو گهڻو زور گهٽجي ويو. ميرڪ يوسف”مظهر شاهه جهانيءَ“ ۾ ملڪي انتطام کي درست ڪرڻ لاءِ بادشاهه اڳيان جيڪي تجويزون پيش ڪيون آهن، انهن مان هڪ اها به تجويز آهي ته سنڌ جي فسادن کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ خطري جي وقت بروقت مقابلي ڪرڻ لاءِ، سنڌ ۾ فلاڻن فلاڻن هنڌن تي ٿاڻا قائم هجن ۽ انهيءَ ۾ ايتري فوج مقرر ڪجي. انهيءَ سلسلي ۾، هو ابڙيجن جي قلعي جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته پرڳڻي هالا ڪنڊيءَ ۾، جيڪا نصرپور سرڪار ۾ آهي، فساد هميشه مٿي جو سور ٿي پوندا آهن، تنهنڪري ابڙيجن جي ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا جيڪو قلعو ٺهرايو آهي، ان ۾ ٻه سؤ سوار ۽ هڪ سؤ برق انداز مستقل طرح مقرر ڪيا وڃن، تاڪه فسادن کي اڀرڻ جو موقعو نه ملي.(4)

    شڪار
    انهيءَ قلعي جي چؤگرد شڪار به انهيءَ زماني ۾ گهڻو هو- ڦاڙها، تتر ۽ بدڪون بڪثرت هيون. مير صاحب کي به شڪار جو تمام گهڻو شوق هو: چنانچه ميرڪ يوسف لکي ٿو ته هڪ دفعي مير صاحب خسائي شوري جي ڳوٺ تي حملو ڪيو، ان تان موٽي اچي سن جي گهيڙ کان درياءُ اڪري، وينجهڙي جي قلعي ۾ اچي مقيم ٿيو، قلعي جي مرمت به ڪرائيندو رهيو ۽ روزانو شڪار به ڪندو رهيو، چنانچه خريف جي ختم ٿيڻ تائين مير صاحب اهو مشغلو جاري رکيو ۽ بيحد و حساب شڪار ڪيائين. خريف جي ختم ٿيڻ بعد، مير ڪامل کي قلعي ۾ رهائي، پاڻ وري پرڳڻي جوڻيجي ڏانهن هليو ويو.(5)


    (هيءُ مواد تذڪره اميرخاني از پير حسام الدين راشدي جي ڪتاب تان ورتو ويو آهي. صفحا 78 کان 82 تائين.)


    هالا

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    هالا

    هالا تاريخ جو ٻار آهي. سندس هر پاسي تاريخ موجود آهي. اگر اسان دوربين استعمال ڪنداسون، ته اسان کي هالا جي اتر ۾ آخري ڪلهوڙا حڪمرانن جي راڄڌاني خدا آباد جا آثار نظر ايندا. اسان جي اوڀر ۾ چوڏهه ميل پرتي مصروف ڪاروباري شهر شهدادپور آهي، جنهن جو بنياد ٽالپر گهراڻي جي وڏڙي مير شهداد خان وڌو هو. اسان جي اولهه ۾ ويجهو ئي هالا پراڻا آهي، جيڪو هن نئين هالا جو ابو آهي.
    هالا سنڌ جو قديم شهرن مان هڪ آهي. انهيءَ سنڌو درياء جي کاڌ کان محفوظ رهڻ لاءِ مسلسل پاڻ پتوڙيو آهي. هن پنهنجي پهرئين اصلي جاءِ ڇڏي هالا پراڻا جي صورت ورتي، جيڪو هنر، تهذيب ۽ علم جو مرڪز ٿي اڀريو. آخرڪار اسان جو ڄاتل سڃاتل نئون هالا پيدا ٿيو. ان هالا پراڻا جي روايتن کي بحال رکيو ۽ هن وقت هو صنعتي ۽ تجارتي شهر بنجي رهيو آهي.
    هن جوءِ، جنهن سگهاري سنڌو درياء جي حملن جو جوانمرديءَ سان مقابلو پئي ڪيو آهي، جي عاليشان تاريخ قديم ۽ ڌنڌيل ماضي تائين پهچي ٿي. هن جو ابتدائي پيشرو ڪجهه وسندين جو جهڳٽو هو، جنهن ۾ هالا برادري ورسيل هئي. هن وسندين جي جهڳٽي ۾ ڪنڊي جو وڻ نمايان جاءِ تي لڳل هو، سو هيءَ جاءِ هالا ڪنڊي طور سڃاپجڻ لڳي. هڪ روايت تحت اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنگهار نالي هڪ سما سردار هالا ڪنڊي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين پنهنجي حڪمرانيءَ جو دائرو وڌايو. اگر اها روايت درست آهي ته پوءِ هالا ڪنڊي، ٺٽي جو سما ڄامن جي اقتدار ۾ اچڻ (750 هجري) کان به اڳ اٺين صدي عيسوي ۾ مکيه وستي هئي. سنگهار يقينن انهن کان اڳ جو هو، ڇو ته هو ٺٽي جي ڄامن مان نه هو.
    امڪان آهي ته پهرئين هالا ڪنڊي کي نائين صدي هجري ۾ سنڌو درياء غرق ڪيو هوندو ۽ ان جا رهواسي اچي نئين جاءِ تي رهيا هوندا. انهيءَ نئين هالا ڪنڊيءَ کي اسان هالا پراڻا سڏيون ٿا.
    اها نئين هالا ڪنڊي ڏهين صدي هجريءَ کان وٺي هنر، تهذيب، ۽ علم جو مرڪز بنجي ويئي. ڪاشيءَ جي صنعت هن نئين شهر ۾، جيڪو نصرپور سرڪار جي هالا ڪنڊي پرڳڻي جو انتظامي هيڊ ڪوارٽر به هو، اوج تي رسي. هڪ پاسي اهو علمي مرڪز ٿيو ته ٻئي پاسي عظيم صوفي بزرگن ۽ ولين جي جوءِ بنجي ويو. سهروردي طريقو، جيڪو برصغير ۾ سڀ کان اول سنڌ ۾ شيخ بهاءُ الدين زڪريا (جيڪو پوءِ وڃي ملتان ۾ ويٺو) جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿيو، تنهن جا مکيه مهندار هالا ڪنڊي ۾ رهندڙ هئا. اهي ڀٽي مخدوم هئا، جن جو جد امجد اسحاق شيخ بهاءَ الدين زڪريا واري طريقي جو راهي هو. هن جو پٽ مخدوم احمد (وصال 936 هجري) هڪ وڏو اولياءُ هو ۽ هن جو ٻيو پٽ مخدوم محمد ڄام نظام الدين سمي جي وقت ۾ وڏو عالم هو. هنن جي عالم ۽ بزرگ پونيرن هالا ڪنڊيءَ ۾ بزرگي ۽ علميت جي شمع روشن رکي. عالمن ۽ ولين جي ٻئي گروهه جو تعلق مخدوم عربي ديانه جي پيروڪارن سان هو. هن صاحب جو وصال هالا ڪنڊي ۾ 980 هجري ڌاري ٿيو. هالا ڪنڊي جي سيد برادريءَ جو عبداللطيف حسيني به وڏو بزرگ هو. چوٿون ۽ وڌيڪ نامور گروه صديقي بزرگن وارو هو، جيڪي حضرت ابوبڪر صديق ﷦ جا پونير هئا ۽ شيخ ابو نجيب ضياءُ الدين عبدالقادر سهروردي جي طريقي سان تعلق رکندڙ هئا. هن طريقي وارو شيخ فخرالدين صغير هالا ڪنڊي جو وڏو بزرگ هو. هن کان پوءِ پنجين پيڙهي ۾ جڳ مشهور بزرگ مخدوم نوح (مخدوم نعمت الله) هو، جو اسان جي هاڻوڪي مخدوم محمد زمان صاحب جو جد امجد هو. حضرت نوح جو وصال 27 ذي القعد 998 هجري تي ٿيو. مرزا عبدالرحيم خان خانانِ، جنهن کي شهنشاهه اڪبر مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ موڪليو هو، سو 999 هجري ۾ هالا ڪنڊي ۾ مخدوم نوح رح جي فاتحه خواني تي پهتو. اڳتي هلي سنڌ درياءَ هالا ڪنڊي جي رخ ۾ پائڻ شروع ڪيو، تنهن ڪري حضرت مخدوم نوح جي درگاه کي هاڻوڪي جڳهه تي منتقل ڪيو ويو. ان بعد هاڻوڪي هالا، جنهن کي اسان نوان هالا ڪوٺيون ٿا، جو قيام ٿيو.
    نئين هالا به هنر، تهذيب ۽ علم وارين پنهنجي پراڻين روايتن کي برقرار رکيو آهي. اڃا به ڪاشي، جنڊي، سوسي ۽ اجرڪ واري مقامي صنعت اوج تي آهي. مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري، جديد تعليم واري دور جو اجراء ڪيو. هاڻوڪو (اڳوڻو) سجاده نشين مخدوم محمد زمان صاحب به فنون، تعليم ۽ ادب کي همٿائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وقت هو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آهي.
    مترجم: م ح سنائي
    (هيءُ مضون سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي سالياني سروري مئگزين جي 66-1965ع واري شماري ۾ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو هو.


    هالا ڪنڊي

    رحيمداد خان مولائي شيدائي
    هالا ڪنڊي

    حديث - عشق و سر مستي زمن بشنو نه از واعظ
    که با جام وسبو هر شب قرين – مــــاه و پر وينــــم
    (حافظ رح)
    قبل اسلام - سنڌڙي سونهاريءَ جي جھونن شهرن مان موئن جي دڙي کان پوءِ ٻيون نمبر جھونو شهر هالا يا هالا ڪنڊي آهي. هي شهر مهاڀارت جي زماني ۾ وجود ۾ آيو. جڏهن سنڌ جي ٻن قومن جاٽن ۽ ميدن پاڻ ۾ صلح ڪري هستناپور جي حڪومت کي منظور ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو وچولو حصو نهايت سرسبز ۽ شاداب هو. برهمڻ آباد، پٽالا، نيزون ڪافري، منصوره، بانيه، ٿري، اگھاماڻو، احمد آباد، شاهپور، جوڻ، فتح باغ، نصرپور، خداآباد ، هالا ڪنڊي، خدا آباد اهي تختگاه شهر وچولي پر ڳڻي ۾ هوا (1). هالا ڪنڊي ۽ هالا (هالار) هندستان جي راجا هال جا يادگار آهن (2). انهن شهرن جي آب ۽ هوا نه رڳو معتدر هئي پر اهي شهر صنعت ۽ حرفت جا به مرڪز هوا. دنيا جي قديم تاريخ توريت ۾ ”سندي“ لفظ سنڌ جي باريڪ ڪپڙي لاءِ ڪتب آندل آهي، جو هالا جا ڪوري اڻندا هوا، جنهن تي راجا جي زعفراني مهر لڳندي هئي، پوءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو(3). راجا هال جي يادگار لاءِ ”هالي“ قوم موجود آهي. شاه محمد پٽ دريا خان هن قوم جو فرد هو جنهن جي نياڻيءَ سان ڀٽ ڌڻيءَ رح جي ڏاڏي سيد حيدر شاه شادي ڪئي هئي (4). غرض اسلام کان اڳ جڏهن سنڌ جون حدون سمنڊ کانوٺي ڪشمير تائين هيون، هالا ڪنڊي سوٽي باريڪ ڪپڙي جي هنر ۽ واپار ڪري مشهور هو.
    اسلام کانپوءِ - سنه 711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي. جهاد في سبيل الله ۽ تبليغ جي ارادي سان ڪيترائي بزرگ خاندان وارا اسلامي لشڪر سان گڏجي سنڌ ۾ آيا ۽ هن ملڪ کي وطن جوڙي ويٺا. انهن عربي قبيلن جا نالا چچنامه ۽ تحفته الڪرام ۾ ڏنل آهن. انهن قبيلن مان بنو تيم يعني حضرت ابوبڪر صديق اڪبر رضه جي اولاد صديقن به سنڌ ۾ مستقل طور سڪونت اختيار ڪئي. انهن مان مخدوم معظم غوث الحق رح جا وڏا سنڌ جي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهڻ لڳا. تن ڏينهن ۾ اُچ (اسڪلنده) ۽ ڪيسياڪاپورا يا ونا مالي مالي قوم جو تخت گاه، جو پوءِ ناليتي مولتان سڏجڻ لڳو، ڪفرستان جا مرڪز هوا. ٻئي شهر ڪوٽ ڪروڙ کي ويجھا هوا(5). مهراڻ جي ماٿريءَ جي اُترين حصي ۾ ٽي شهر ڪوٽ ڪروڙ جي نالي سان سڏبا هوا، جي راجپوت راجا راءِ هنس کروڙ عيسوي پهرين صديءَ ۾ تعمير ڪرايا هوا: (1) ڪوٽ ڪروڙ دو آبه باري ۾ ملتان جي ڏکڻ ۾ ستلج جي ساڄي ڪپ تي لودارن جي ويجھو آهي. سندس سامهون ستلج پار کاٻي ڪپ تي بهاولپور رياست جو شهر ٽاميوالي خيرپور آهي. ٻيون ڪوٽ ڪروڙ دوآبه سنڌ ساگر ۾ واقع آهي . ٽيون ڪوٽ ڪروڙ هاڻوڪي ديره غازيخان ۾ هو جو هينئر مٽجي چڪو آهي(6). جتي مخدوم معظم رح جا وڏا سڪونت پذير هوا. عربي دور ۾ قريش جو هباري قبيلو به رهندو هو جنجو ڳوٺ بانيه تختگاه منصوره جي ڀر ۾ هو. خليفي متوڪل عباسي جي ڏينهن ۾ عمر بن عبدالعزيز بن هبار بن اسود (240هه 883ع) منصوره تي قبضو ڪيو. سنه 902ع ۾ قريش جي قبيلن مان بنو سامه وارن خود مختياري جو اعلان ڪيو. انڪري سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ڏاکڻي ڀاڱي تي هبارين جي حڪومت هئي، جن جو تختگاه منصوره هو. اترين حصي تي بنو سامه وارن مان ابوالباب منبه بن اسد قريشيءَ جي حڪومت هئي جنهنجو تختگاه ملتان هو. مٿين ٻنهين حڪومتن جو اسماعيلي شيعن هٿان خاتمو ٿيو. 987ع ۾ جلم بن شيبان اسماعيليءَ ملتان تي ۽ 1010ع ۾ منصوره تي قبضو ڪيو(7). هباري قريشي منصوره وڃائڻ کانپوءِ ڪجھ وقت سري ۾ بکر ۾ رهڻ لڳا، پوءِ اتان نڪري مستقل ملتان ۾ رهڻ لڳا. ۽ صديقين جي مريديءَ جي حلقي ۾ اچي ويا. چنانچه انهن هبارين مان شيخ بهاءالدين ذڪريا ملتاني رح شيخ ايشوخ حضرت شهاب الدين سهروردي متوفي 632هه جو مريد ٿيو جنهن جو سلسلو نسب ٻارهين پيڙهيءَ ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه سان گڏ جي ٿو(8). سهر ورد يه تصوف جي سلسلن ۾ سڀني کان جھونو آهي(9). سنڌ، بلوچستان، مڪران، ڪڇ ۽ گجرات هن سلسلي جي بزرگن جي روحاني فيض ڪري فيضياب ٿيا. سهروردي سلسلي جون شاخون هن طرح آهن-: (1) شهابيه (2) ڪبريه (3) مولويه (4) جلاليه (5) صوفيه (6) خلوتيه (7) شطاريه (8) ابراهيم سوقيه (9) فردوسيه (10) ابراهيم سوقيه (11) سدا سهاگيه (12) نوحاني اويسيه (10).
    خلافت نوحاني ۽ هالا ڪنڊي - مخدوم معظم حضرت غوث الحق رح جي ڏينهن ۾ سنڌ جي آدمشماري ڏهن لکن کان به گھٽ هئي. هندو وڏي تعداد ۾ هوا. هن صوبي کي تبليغ جي سخت ضرورت درپيش هئي. اهڙي ارادي سان شيخ فخر الدين ڪبير رح ڪوٽ ڪروڙ کان اچي بوبڪن ۾ رهيو. چون ٿا ته هن بزرگ بوبڪن ۾ وفات ڪئي ۽ شيخ بهاءَ الدين زڪريا رح جي مريد حضرت لعل شهباز قلندر رح جي ڀر ۾ دفنايا ويا. سندن پوٽي مخدوم فخرالدين صغير رح هالي قوم وارن، جن جي هالن پراڻن ۾ زمينداري هئي، وٽن سڪونت پذير ٿيڻ لاءِ منت ڪئي، جڏهن هي بزرگ سير جي سانگي هالن پراڻن مان لانگھائو ٿيو هو. هن تاريخي شهر ۾ 27 رمضان المبارڪ 911هه ۾ مخدوم نعمت الله رح قريشي صديقي جي دولت خانه ۾ لطف الله رح ڄام نطام الدين جي ڏينهن ۾ تولد ٿيو. جنهن لاءِ وقت جي بزرگن ۽ مجذوبن اڳواٽ پيشن گويون ڪيون هيون. حضرت مخدوم لطف الله رح پنهنجي الهامي نالي سان مخدوم نوح رح سڏجڻ لڳا. پاڻ چونڪ ڏهين صديءَ جا مجدد هوا ۽ خلافت نوحاني اويسيه جو سلسلو کانئن شروع ٿيو. هالن جي اوج جو زمانو اسلامي دور ۾ مخدوم غوث الحق رح جي فيض ۽ برڪتن ڪري شروع ٿيو ۽ تاريڪ دليون وقت جي روحاني فيض ڪري منور ٿيڻ لڳيون. سنڌ صحيح معنيٰ ۾ باب-الاسلام بڻجي ويئي. هن دور با برڪات ۾ جيئن هالا علمي اداره بڻجي ويو. تيئن صنعت ۽ حرفت ڪري هالا جو پڙاڏو پري پري تائين ٻڌجڻ ۾ آيو. ۽ اڄ به هن برگزيده خاندان جي فيض ۽ فياضين جي ڪري سنڌڙي سونهاريءَ اندر علمي ادارو آهي. هالا جا همعصر شهر جھڙوڪ سيوهڻ، نصرپور، اگھاماڻي، لڪلعوي وغيره يا ته خاموش آهن يا ته هنن مان گھڻا صفحهءَ هستي تان مٽجي دڙن جي صورت ۾ شهر- خموشان بڻيل آهن. تن ڏينهن ۾ هالا ۽ نصرپور سوسين جي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙن ۽ خاص ڪري هالا ڪاشيءَ جي برتن ۽ سرن ڪري ايشيا کنڊ ۾ برک هو. اهو سوسين جو هنر اسماعيلي شيعن ٽيونس (طونس)، اتر آفريڪا جي شهر سوسا SUSA کان آڻي سنڌ ۾ رائج ڪيو هو(11)، ۽ پنهنجي جنم ڀومي سوسا جي ڪري سوسيون سڏجي ٿو. هالن جون سوسيون ڪاشيءَ ۽ عاج ۽ جانڊوهيءَ جون شيون سمر قند، بغداد، دمشق، آرمينيا ۽ قاهره تائين بطور سوکڙين جي امير طبقي ۾ وڪامڻ لڳيون. امير تميور صاحب- قرآن ايشيا ۽ يورپ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ چين کانوٺي تبريز تائين تجارتي شاهراه تعمير ڪرائي مٿس سرائون ۽ چوڪيون تعمير ڪرايون هيون. هن شاهراه تي تبريز ايشيا ۽ يورپ جي مال جي مٽا سٽا لاءِ وڏو مارڪيٽ هو، جتي ويس ۽ جينوا جي سوداگرن جا گدام هوا. امير تيمور کانپوءِ سندس پٽ شاه رخ ميرزا غزنيءَ کان تبريز تائين هڪ هزار ميلن ۾ يعني يورپ جي اڌ حصي جيترو ڊگھو رستو تعمير ڪرائي مٿس سرائون ۽ واپارين جي سهوليت لاءِ محلات تعمير ڪرايا. انهن ڏينهن ۾ تبريز جي آدم شماري ساڍا ٻارهن لک هئي. شيخ ابن بطوطا اندلسي، اٽالين سياح مارڪو پولو ۽ اسپين جو سفير ڪلاويجو جن تبريز کي ڏٺو هو، بيان ڪن ٿا ته هن شهر ۾ سنڌي، چينائي، ڪشميري، عرب ۽ يورپ جي واپارين جون ڪوٺيون هيون، هڪڙو رستو تبريز کان ڪاري سمنڊ جي اتر کان ٿيندو يورپ ڏانهن ويندو هو. ٻيا رستا عراق، شام، مصر ۽ ايشيا ڪوچڪ ڏانهن به ويندا هوا. هر سال خراسان جا قافلا سنڌ ڏانهن سياري ۾ ايندا هوا ۽ هتان مال خريد ڪري موٽندا هوا(12).
    هالا ڪنڊي جي طبعي حالت - هت هالا ڪنڊي جي طبعي حالت تي روشني وجھڻ به ضروري آهي. هالا ڪنڊي جو شهر سنڌ جي قلب ۽ جگر ۾ واقع آهي. هتان براه - عمر ڪوٽ خشڪيءَ رستي جيسلمير کان رستو آگره ۽ دهلي ڏانهن ويندو هو. ٻيو رستو ننگر پارڪر کان احمد آباد، مصطفيٰ آباد ۽ کنڀات کان باب المڪه سورت ڏانهن ويندو هو. هن رستي کان سنڌ جا حاجي حرمين شريفين جي زيارت ڪرڻ لاءِ ويندا هوا. هالا مهراڻ تي مشهور پتڻ هو جتي سيکاٽ جي جھنگ جا رهندڙ سميجا ٻيڙين ۽ گجرات جي قافلن کي ڦريندا هوا. حضرت غوث الحق رح جي ڏينهن ۾ اڪبري فوج کي جيسلمير ۽ عمر ڪوٽ جي رستي کان فوجي مدد ملندي هئي. هن ڪاه وقت مغليه لشڪر سنڌ جي ڳوٺن کي به ڦريندو هو. تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيل هو. فقط هالا مخدوم معظم نوح رح جي اجتهاد ڪري محفوظ هو(13). مهراڻ ۽ سندس شاخن ڪري هالا بکر ۽ ٺٽه ۽ ڪڇ سان ڳنڍيل هو. مهراڻ هالا جي اڀرندي طرف کان وهندو هو جتان اولهندو پراڻ به نڪرندو هو. هالا جا مسافر پراڻ ذريعي سندري بندر، لکپت، ڪوٽيشور ۽ نارائڻ سر ڏانهن ويندا هوا. حضرت غوث الحق رح جو خليفو بهاءَ الدين گودڙيو رح به ٻيڙيءَ ذريعي ڪڇ پهتو هو. خود حضرت غوث الحق رح مهراڻ ذريعي دارالخلافه ٺٽه ڏانهن تشريف فرمائيندا هوا. مون سفينته النوح ۾ نقشن ذريعي مهراڻ جا ڦيرا گھيرا ڏيکاريا آهن. پراڻ ۽ ريڻ جي شاخن ڪري چاچڪان جو پرڳڻو نهايت زرخيز هو جو ميرزا شاه حسين معزول شهنشاه همايون جاگير ڏيڻو ڪيو هو(14). انهن ڏينهن ۾ پراڻ جو پاڻي گھٽجڻ لڳو جنهن لاءِ ماموئي جي بيتن ۾ اهڃاڻ نظر اچن ٿا.
    حوالا ۽ حاشيا
    (1) برهمڻ آباد بهمن ايرانيءَ تعمير ڪرايو هو. پٽالا کان اسڪندر يونانيءَ پنهنجي سپه سالار نيئر ڪوس کي جهازن ذريعي مڪران ڏانهن مڪو هو. نيرون ڪافري ٽڪريءَ تي هڪڙو مٽيءَ جو قلعو ۽ واپار جو هنڌ هو. منصوره مهراڻ جي ٻن شاخن واري ٻيٽ تي عربن جو تختگاه هو. بانيه منصوره جي ڀر ۾ حجاز جو ڳوٺ هو. ٿري ۽ اگھاماڻي سومرن جا اوائلي تختگاه هوا. نصرپور کي مرزا شاه حسين ارغون تختگاه ڪيو هو. جوڻ ۽ فتح باغ باغات ڪري مشهور هوا. 19 صديءَ ۾ مدد خان پٺاڻ جي ڪاه ڪري ويران ٿي ويا. احمد آباد ميان محمد مرادياب خان پنهنجو تختگاه جوڙايو هو. شاهپور ميان غلام شاه خان جوڙايو هو. خانوٽ هالن کان هڪ ڏکڻ طرف ميان غلام شاه جو تختگاه هو. خدا آباد ميان سرفراز خان هالن کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي تعمير ڪرايو هو. ڏسو منهنجو مضمون ڪلهوڙن جا تختگاه الوحيد جشن آزادي نمبر 13 آگسٽ 1951ع ڪراچي.
    (2) Elliot, H. (Dowson): History of India, Vol. I Appendix, London, 1867
    (3) Rawlinson, G: Inter Course between India west, Oxford
    (4) ڊاڪٽر گربخشاڻي: شاه جو رسالو، ج ا، ص 8، ڪراچي، 1923ع.
    (5) Edinburgh Geographical Institute, Map of Ancient India
    ڪاسيڪياپورا راجا هرن ڪسيپ تيار ڪيو هو جنهن پنهنجي پٽ پر هلاد کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    (6) مولانا غلام دستگير نامي: تاريخ جلاليه، لاهور. ديره غازيخان جو شهر مرراڻي (دودائي) بلوچن تعمير ڪرايو هو. 1469ع ۾ ملتان جي حاڪم شاه، شاه حسين لنگاه سهراب خان دودائي کي مڪران مان گھرائي شور ڪوٽ کيس جاگير ۾ ڏنو هو. انهن دودائن ٻن صدين تائين ديره جات تي حڪومت ڪئي هئي. مولانا سيد ابو ظفر ندوي مختصر تاريخ هند، ص 96_95 معارف.
    (7) ايضن
    (8) مفتي غلام سرور: خزنيته الاصغيا، ج 2، ص 13 لاهور.
    (9) سهر ورد زنجان ۽ همدان جي وچ ۾ عراق عجمي جو هڪڙو ڳوٺ آهي. سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم – صوفيه، ص 89 معارف.
    (10) مسٽر جي - ايم - سيد خلافت نوحاني اويسيه جو سلسلو پيغام - لطيف ۾ ڪو نه ڏيکاريو آهي. ڏسو سراج العارفين خلافت نوحاني.
    (11) سوسا ٽيونس جي اتر ۾ هڪڙو بندر هو، جتان اسد بن فرات جي سرڪردگيءَ هيٺ اسلامي ٻيڙي صقليه ٻيٽ تي ڪاه ڪئي هئي. سيد سليمان ندوي: نقوش سليماني بيان سوسا. رياست علي ندوي: تاريخ صقليه، ج ا، معارف.
    (12) هير لڊ ليمب: تيمور، تبريز، ص 224. معارف.
    (13) فرشته ج 2 ميرزا عبدالرحيم خان خانان جي ڪاه، نولڪشور لکنو. سفينته النوح، مغلن جي ڪاه، قلمي. ڪتبخانو طالب المولي هالا. ذڪا الله اقبالنامه اڪبري علي ڳڙه 1919ع.
    (14) ڊاڪٽر گرنجشاڻي: شاه جو رسالو، ج 3، ماموئي جا بيت.
    (15) Haig, M. R: The Indus delta Country. Map, London, 1894.


    جنت السنڌ ۾ هالا جو ذڪر

    رحيمداد خان مولائي شيدائي
    جنت السنڌ ۾ هالا جو ذڪر

    (محترم رحيمداد خان مولائي شيدائي سنڌ جو نامور مؤرخ رهيو آهي. ”جنت السنڌ“ سندس مشهور ترين ڪتاب آهي. ان ڪتاب ۾ متخلف جاين تي هالا جو ذڪر آهي. ڪن جاين تي آيل احوال کي ورجاءَ جي ڊپ ڪري ڇڏي، ٻيو سڄو ذڪر هيٺ هڪ جاءِ پيش ڪجي ٿو.)

    ... دودي (سومري) جي وفات (سن 1092ع) ڪرڻ وقت سندس پٽ سنگھار صغير هو، سومرن کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي، مگر حڪومت جون واڳون دودي جي ڌيءُ تارا ٻائيءَ جي هٿ ۾ هيون. هيءَ پهرين سنڌي خاتون هئي، جنهن سياست ۾ مردانگيءَ سان قدم رکيو هو.... جڏهن سنگهار وڏو ٿيو ته ان کي تخت نشين ڪيائون. گاديءَ تي ويهڻ شرط نوجوان ڪڇ کان وٺي هالڪنڊيءَ تائين باغين کي مطيع ڪري، حڪومت ڪئي. سنه 1106ع ۾ بنان اولاد مري ويو. (صفحو 269)
    **
    دودي سومري نصرپور ۽ هالا تائين حدون وڌايون هيون، مگر بکر ۽ سيوهڻ دهليءَ جي سلاطين جي قبضي هيٺ هئا، جن سنڌ کي مغلن جي ڪاهن کان بچايو هو. (ص 278)
    **
    مخدوم عبدالله: هيءُ جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان راجڪمار هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽ جنهن کي روحاني فيض سان حضرت بهاءُ الدين مالامال ڪري، سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ لاءِ حڪم ڏنو هو. مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو. هالن پراڻن وارا ڀٽي انهيءَ مخدوم عبدالله جو اولاد آهن، جن ۾ خلافت جو درجو اڄ تائين پشت بپشت هليو اچي ٿو. (ص 285)
    **
    سنه 1523ع ۾ سمن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ ارغونن سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪڇ کان گجرات ڏانهن ويو، جتي بهادر شاه گجراتيءَ کيس اميرن ۾ داخل ڪيو ۽ باقي عمر جا ڏهاڙا اتي گذاريائين. شاه حسن (ارغون) ٺٽو فتح ڪرڻ کان پوءِ هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان ٿيندو بکر پهتو. (ص 323-24)
    **
    اڪبري توبخاني مرزا جاني بيگ جا ست غوراب ٻوڙي ڇڏيا. مرزا جاني بيگ جو پيءُ مرزا پائنده خان ۽ سندس ڀاءُ مرزا ابوالفتح به جنگ ۾ مارجي ويا. پورچوگيز ايجنٽ به قيد ٿي ويو(1). ملڪ تباه ٿي ويو ۽ ڪيترا شهر ناس ٿي ويا. خود اڪبري لشڪر جا سپاهي به بک وگھي مرڻ لڳا، ان وچ ۾ راءِ سنگ اڪبري فوج لاءِ توبخاني سميت سامان رسد آندو ۽ عمر ڪوٽ جو راجا راول ڀيم سنگھ به تازي لشڪر سان پهتو. مرزا جاني بيگ سيوهڻ کان چاليهن ڪوهن تي هالڪنڊيءَ ۾ خندقون کوٽائي مقابلو ڪرڻ لڳو. (ص 342)
    **
    مرزا جاني بيگ اڪبري توبخاني سان مقابلي ڪرڻ لاءِپورچوگيزن کان مدد ورتي هئي، ليڪن پورچوگيز مڪار ۽ دغاباز هئا، هنن مرزا جاني بيگ کي پوري مدد ڪانه ڏني هئي. جنگ جي ڪري سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر ويران ٿيڻ لڳا، ريل ۽ هالڪنڊي جهڙن پرڳڻن جون آباد زمينون، غير آباد ٿي ويون. (ص 361)
    **
    هالاپراڻا به سنڌ ۾ ڪاشيءَ جي سرن جي صنعت ڪري مشهور هو. اهي سرون گھڻو ڪري مسجدن ۽ اوليائن جي مقبرن تي لڳنديون هيون. اصفهان کان پوءِ ٻيو نمبر شهر ڪاشيءَ جي صنعت ۾ ايشيا ۾ هالا هو. اڄ به هالا ڪاشيءَ توڙي جنڊيءَ جي عمدي ڪم جي ڪري مشهور آهي. (ص 410)
    **
    16 فيبروري سنه 1843ع تي سر چارلس نيپيئر هالا کان مٽياريءَ پهتو. (ص 594)
    **
    نون شهرن ۽ ٽنڊن جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ پراڻن شهرن جهڙوڪ ٺٽي، هالا، سيوهڻ، نصرپور وغيره جو باقي رهيل اوج به گھٽجڻ لڳو. (ص 623)
    **
    ... (ٽالپوري دؤر ۾) شڪارپور، سکر، روهڙي، لاڙڪاڻو، ڪنڊيارو، هالا، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، نصرپور، سيوهڻ، ٺٽو ۽ ڪراچي واپار جا مرڪز هئا. (ص 626)
    **
    حوالا
    1. پورچوگيزن پنهنجي ايجنٽ معرفت توبخاني سان گڏ فرنگي سپاهين جو دستو به مرزا جاني بيگ جي مدد لاءِ مڪو هو. سنڌين لاءِ پهريون دفعو هو، جو هنن فرنگي سپاهين کي يڪ رنگي ورديءَ ۾ ڏٺو هو ۽ پهريون دفعو هو جو سنڌين توبن سان جنگ ڏٺي، اڳ وٽن ترار، نيزا، تير ڪمان، بڙڇيون، خنجر جنگ جا هٿيار هئا. فرشته، جلد-2، ص- 517.

    (جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2000)


    هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي

    مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

    هالا جا مخدوم صاحب ۽ شاهه ڀٽائي

    سن 1951ع ۾ جڏهن ميران محمد شاهه پهريون ڀيرو
    شاهه ڀٽائيؒ جي ميلي ۾ ئي ڀٽائي جي ورسي ڀٽ تي ملهائي، اُن ورسيءَ ۾ توڙي اُن کان پوءِ شاهه جي سڀني ورسين ۾ قلمي، قدمي ۽ درمي خدمتون خاص ڪري منهنجون نمايان رهيون. منهنجي اُنهن خدمتن جو سلسلو اُن وقت تائين جاري رهيو، جيستائين اُهو بار حڪومت پاڻ تي نه کنيو هو. ٻي ورسي جي موقعي تي منهنجي ڪن دوستن ۽ ٻين خاص اديبن مون کان پڇيو ته ”هالن جي مخدوم صاحبن ۽ شاهه ڀٽائي جو ته پاڻ ۾ اختلاف هو ۽ تنهنجون وري هي خدمتون ڪيئن ٿي رهيون آهن؟“ جيئن ته اُن ڳالهه بابت مون کي اڳ ۾ ڪابه خبر ڪانه هئي، شاهه ڀٽائيؒ جي فقيرن توڙي ڀٽائي پيرن سان خانداني قديم ۽ سٺا لاڳاپا هئا ۽ آهن، تنهنڪري مٿئين ڳالهه بابت مون بيخبري ظاهر ڪئي. تنهن تي اُنهن دوستن ۽ اديبن ڪتاب ”لطف الطيف“ جو نالو کنيو. اُن وقت مون کي ماٺ ڪرڻي پئي ۽ شاهه جي ورسي ختم ٿيڻ بعد پنهنجي ڪتبخاني مان مٿيون ڪتاب ڳولي اُن جو مطالعو ڪيم ته، نه رڳو اُها غلط روايت ڏٺم پر ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون اعتبار ۾ نه اچڻ جهڙيون نڪتيون. مٿئين ڪتاب جي اٺين فصل جو عنوان آهي ”وقت جي ڪن ماڻهن جون مخالفتون“ خيال ڪيم ته اُها ڳالهه تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي. ويتر جو پنهنجي چاچي مخدوم مولوي غلام حيدر صاحب مرحوم جن جو حاشيه ۾ هيءُ نوٽ پڙهيم ته:
    ”مخدوم صاحب هالن واري جو شاههؒ صاحب سان اختلاف جو ذڪر ڪن ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي. پر اسان وٽ خانداني روايت ۾ اهڙو احوال مطلق ٻڌل نه آهي. سروري خاندان ۾ هميشه اهلبيت جو ادب اُتم درجي تي رهندو آيو آهي. سيد اجن شاهه جي اختلاف بابت به ڪا خانداني روايت ڪانهي.“
    - غلام حيدر

    تاريخ جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن ڪوبه شخص تحقيق ڪندو ته آسانيءَ سان اُن کي معلوم ٿيندو ته سرور شاهه (مخدوم نوحؒ ) ۽ سندن اولاد سنڌ ۾ ادبي سُڪون ۽ لافاني محبت جو پيغام پهچائي خدا جي خلق جي خوب خدمت ڪئي آهي. حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ جا حالات لکندي محترم جي.ايم.سيد پنهنجي تصنيف ”پيغامِ لطيف“ جي ص 58 تي ڄاڻايو آهي ته:
    ”پاڻ (مخدوم نوحؒ ) وقت جي سياست کان جدا رهي خلق الله کي روحاني فيض ڏيندا هئا.“
    ساڳيءَ طرح حضرت غوث الحق جا پويان به ۽ خاص طرح سجاده نشين بزرگ ساڳيو پيغام ڏيندا، دين جي تبليغ ۽ خلق جي خدمت ڪندا رهيا آهن. 15 يا 17 ص تي آهي ته: 1130هه (7- جنوري 1718ع) ۾ صوفي شاهه عنايت جهوڪ شريف واري جي شهادت جو واقعو ٿيو، تڏهن حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ جي گاديءَ تي مخدوم مير محمد (مخدوم مير پير، 1099هه- 1149هه) رونق افروز هو. وقت جي حڪومت پنهنجي جبر ۽ استبداد جي وسيلي سنڌ جي سربرآورده گادين ۽ عالمن کان صوفي صاحب جي برخلاف فتويٰ ورتي. جڏهن حڪومت جو گماشتو هالن ۾ مخدوم صاحب کان به فتويٰ تي دستخط وٺڻ آيو، تڏهن مخدوم صاحب هنن لفظن ۾ دستخط ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو ته:
    ”صوفي صاحب جي پاران ته سر اڏيءَ تي رکڻ گهرجي، پر جيڪڏهن موجوده حڪومت جي ماحول مطابق ائين ٿي نٿو سگهي ته به اسان هن فتويٰ تي (دستخط) ڪري الله اڪبر جو ناراضپو سر تي نه کڻنداسون.“
    شاهه شهيد جي گادي نشين صوفي حاجي عبدالستار (صاحب ڪريم) جي لکڻ موجب مخدوم مير محمد صاحب هي لفظ فرمايا هئا ته:
    ”فقير جي پاران ته فقير کي سر ڏيڻ کپي، سو فتويٰ تي وري دستخط ڪيئن ڪندو.“ لفظ بهرحال ڪهڙا به هجن، پر اُنهن جو مطلب ۽ مفهوم ساڳيوئي آهي. اهڙي سرفروش ۽ اهلِ دل شخصيت لاءِ ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته هو شاهه ڀٽائي جي خلاف هو! مولانا دين محمد وفائي مرحوم ”لطف اللطيف“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”تاريخن جي ڪتابن ۾ شاهه صاحب سان جيڪي مخالفت جون آکاڻيون اچن ٿيون، سي گهڻو ڪري مخدوم مير محمد جي زماني جون آهن. اهو بزرگ حضرت پير مخدوم نوحؒ جو چوٿون گاديءَ وارو هو.“
    مولانا مرحوم لفظ ”آکاڻيون“ ڪم آڻي اُن روايت کي خودبخود غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي، تاهم مخدوم مير مرحوم جونالو به لکيو اٿس. ان مان مطلب هيءُ ٿو نڪري ته مولانا صاحب جو به رايو هو ته شاهه جي مخالف هڪ اها ڌر به هئي.
    تاريخ جي ڪن ٻين لکندڙن مخدوم مير محمد کي ”پنج پاڳو پير“ به ڪري ڄاڻايو آهي. هوڏانهن پنجون پڳدار مخدوم محمد زمان (اول) هو ۽ مخدوم مير محمد ڇهون پڳدار هو. خبر نه آهي ته مولوي صاحب مرحوم ۾ اهو احوال تاريخ جي ڪهڙن ڪتابن تان ورتو آهي جو سراسر غلط آهي.
    سن 1882ع ۾ ديوان ڏيارام گدومل ”سگما“ پنهنجي ننڍڙي انگريزي تاليف ”سنڌ بابت ٿورو ذڪر“ ۾ مخدوم صاحبن ۾ شاهه جو ذڪر آندو آهي. پر اُن صاحب ته مخدوم محمد زمان ستين پڳدار کي پنجون پڳدار ڪري لکيو آهي، جنهن جي مخالفت ۾ ديوان ليلارام وطڻ مل لعلواڻي پنهنجي انگريزي تصنيف ”شاهه لطيف جي حياتي، مذهب ۽ شعر“ ۾ صاف لفظن ۾ بيان ڪندي لکيو آهي:
    ”اُنهن صاحبن کي، جي شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوحؒ جي حياتين مان واقف آهن، بخوبي معلوم هوندو ته مخدوم نوحؒ ۽ شاهه ڪريم جو ڪيترو نه پاڻ ۾ گهاٽو تعلق رهيو آهي.“
    سگما حقيقت تي مبني نه آهي.
    اُن کان پوءِ ديوان صاحب پنهنجي رنگ ۾ ثبوت ڏئي ۽ پراڻن هالن جي قديم نسخن تان جانچ جونچ ڪري اُهو ڄاڻايو آهي ته مخدوم محمد زمان صاحب، شاهه ڀٽائي جو پورو همعصر نه آهي، مگر مخدوم مير محمد اُن جو پورو پورو همعصر آهي.
    مخدوم محمد زمان سن 1117هه ۾ وفات ڪئي، يعني شاهه ڀٽائي جي عمر اُن وقت پندرنهن سال هئي.
    وري مرزا قليچ بيگ مرحوم پنهنجي تصنيف ”احوالِ شاهه عبداللطيف“ ۾ شاهه جي مخالفت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
    ”شاهه صاحب جا ٽي مخالف هئا، جن ۾ مرزا صاحب اسان جي خاندان ڏي به اشارو ڪيو آهي.“ عجب ٿو لڳي ته اهڙا بزرگ به اهڙين غلط روايتن تي هلن ٿا ۽ بنا سوچڻ، سمجهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي پنهنجي تصنيفن ۾ اهڙيون روايتون داخل ڪريو ڇڏين.
    آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي به هن ذڪر کي مرزا صاحب جي لفظن ۾ ٿوري ئي ڦيرگهير سان پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ آندو آهي. اُنهن سوانح نگارن کان سواءِ ٻي ڪنهن هنڌ به اهڙن عنوانن جو پتو ڪونه ٿو پوي. حقيقت ۾ اُنهن لکندڙن تحقيق ڪانه ڪئي ۽ فقط روايتون لکي خلق کي منجهائي ڇڏيو آهي. اُهوئي سبب آهي جو نه رڳو هالن جي مخدوم ۽ شاهه جي تعلقات بابت صحيح ڳالهه نه لکيل آهي، بلڪ غلط روايتن تي سنڌ جي تاريخ تي اونداهيءَ جا پردا وجهي ڇڏيا آهن.
    حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ کان وٺي شاهه ڀٽائيءَ تائين سجاده نشينن جا دور هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
    1. حضرت غوث الحق مخدوم نوحؒ 911هه: 998هه
    2. مخدوم امين محمد (اول) 952هه: 1015هه
    3. مخدوم ابوالخير عرف ابوالمحمد 980هه: 1050هه
    4. مخدوم عبدالخالق 1030هه: 1081هه
    5. مخدوم محمد زمان (اول) 1055هه: 1117هه
    6. مخدوم مير محمد عرف مخدوم مير پير 1099هه: 1149هه
    7. مخدوم محمد زمان (دوم) 1119هه: 1184هه
    جيئن ته شاهه ڀٽائي سال 1102هه ۾ ڄائو ۽ 1165هه ۾ وصال ڪري ويو، ته ان حساب سان مخدوم محمد زمان ”پنج پاڳئي“ (پنجون پڳدار) کان وٺي مخدوم محمد زمان ست پاڳئي تائين حيات هو. مولانا وفائي صاحب جي لکڻ موجب شاهه صاحب جا همعصر مخدوم محمد زمان (اول) (1119هه: 1183هه) ۽ مخدوم مير محمد (1095هه: 1149هه) هئا. هڪ ته مخدوم محمد زمان (دوم) کي مولانا صاحب مخدوم محمد زمان (اول) ڪري لکيو آهي ۽ ٻي وڏي غلطي هيءَ ڪيل آهي ته سن غلط لکيا ويا آهن.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ”مقدمه لطيفي“ ۾ هيءُ احوال به لکيل آهي ته:
    ”شاهه صاحب جا مريد زياده ٿيندا ويا. اها ڳالهه آسپاس جي پيرن ۽ مشائخن کي نه آئڙي ۽ سندن سينن ۾ باهه ڀڙڪي. اُنهن مان هڪڙا هالن وارا پير، مخدوم نوح جو اولاد به هئا، تن مان پير پنج پاڳئو گادي نشين هو.“
    اُن جو جواب مولائي شيدائي صاحب به ڏنو آهي ته: ”مٿيون بيان ڊاڪٽر صاحب شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جي اُنهيءَ دور متعلق ڏنو آهي، جڏهن شاهه ڀٽائي مغلن مان شادي ڪئي هئي.“ پر اُهو بيان به غلط آهي، ڇو ته ويهن سالن جي عمر ۾ شاهه، مغل بيگ جي نياڻيءَ تي عاشق ٿئي ٿو ۽ 1124هه ۾ مغل بيگ، دل قوم جي هٿان مارجي وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ شاهه، مغل بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪري ٿو. هوڏانهن مخدوم محمد زمان پنج پاڳئو 1117هه ۾ تڏهن وفات ڪري ٿو، جڏهن شاهه صاحب جي عمر 17 سال آهي.
    مولانا وفائي صاحب ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ذڪر ۾ لکيو آهي ته: ”شاهه کي زهر ڏيڻ جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب به شامل هو ۽ اُهو ڪم مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جي هٿان ڪرايو ويو.“
    مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ جو مصنف، جيڪو شاهه ڀٽائي جو نه رڳو مدح خوان آهي، پر معتقد به آهي، اُن اِهو ڪتاب شاهه صاحب کان پوءِ سورهين سال لکي پورو ڪيو، تنهن پنهنجي ڪتاب ۾ شاهه صاحب سان ڪنهن جي به اختلاف ۾ زهر وغيره بابت ڪجهه به نه لکيو آهي ۽ مخدوم عبدالرؤف بابت سندس هي لفظ آهن:
    ”پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل هو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. سمجهدار ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سهڻا رهيا ۽ هميشه رياضت ۽ عبادت ۾ مشغول رهندوهو. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نورمحمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو 1166هه ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو.“
    جيڪڏهن مخدوم عبدالرؤف بابت شاهه جي خلاف ڪا ڳالهه هجي ها ته لازمي طرح مير علي شير لکي ها، ڇو ته اُنهيءَ وقت جو واقعو بلڪل تازوهجي ها. تعجب جي ڳالهه آهي ته جو اهڙي غلط روايت به مولانا مرحوم لکي ويو. ڪير چئي سگهندو ته اهڙي الله واري شخص وقت جي حاڪم جي چوڻ جي ڪري هڪ ٻئي اهل الله کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.
    پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب پنهنجي تصنيف ”شاهه“ جي
    صفحي 3 تي واضح طرح ڄاڻايو آهي ته:
    ”شاهه حبيب پٽ جي فراق ۾ بي حال ٿي پيو هو ۽ رات ڏينهن پيو ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو هو ته سندس پٽ وري کيس سلامت اچي ملي. مخدوم نوحؒ جي درگاهه تي به هر روز اهائي دعا پنندو هو.“
    هت اعتراض وٺڻ وارو ماڻهو هيءُ اعتراض اُٿاري سگهي ٿو ته شاهه صاحب جي موٽي اچڻ بعد مخالفتون پيدا ٿيون هونديون. پر اُنهيءَ قسم جي سڀني اعتراضن جو هڪڙوئي جواب ”تحفة الڪرام“ ۾ آهي. آنجهاني ديوان ليلارام1890ع ۾ ئي اُنهن غلط روايتن جي ترديد ڪري فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، مگر افسوس آهي جو ويچاري جي تحقيق ڏي ڪنهن به مصنف يا ڪنهن ٻي اديب ڌيان ڪونه ڏنو، نه ته هيترو مغالطو پيدا ئي ڪونه ٿئي ها.
    1. شاهه ڪريم بلڙائي، مخدوم نوحؒ وٽان روحاني فيض جا درجا حاصل ڪيا ۽ سندن خاص مريد هو. بلڙيءَ ۾ به پنهنجي مرشد جي ارشاد موجب وڃي دين جي تبليغ ۾ مشغول ٿيو. مخدوم نوحؒ ۽ سندن اولاد جو شاهه ڀٽائي هميشه معتقد رهيو، ڇو ته مخدوم ۽ اُن جو اولاد سندس مائٽاڻو مرشد هو ۽ شاهه صاحب به اُهو ناتو آخري وقت تائين نڀايو. هالن جي درگاهه تي هميشه شاهه صاحب رياضتون ۽ خدمتون ڪيون. نه رڳو ايترو پر ”مراة السالڪين“ جي لکڻ موجب هن درگاهه تي چِلو ڪڍي فيض به پِرايو.
    2. مخدوم نوحؒ جي وقت ۾ ئي سندن نَوَ لک مريد هئا، جنهنڪري ئي مخدوم نوحؒ صاحب جن کي ”نوَ لکي گودڙي جو صاحب“ چئي ياد ڪيو ويندو آهي ۽ سروري خاندان تي اڄ به اِهو ساڳيو ”نو لکي گودڙي“ جو لقب مشهور آهي، سو اهو سوال اٿي نٿو سگهي ته شاهه صاحب جا مريد زياده ٿيندا ويا. تنهنڪري وقت جي سجاده نشين جو اختلاف ٿيو.
    3. شاهه صاحب لاولد وفات ڪئي. اُن بعد شاهه جي درگاهه توڙي ڪلام جي خدمت توڙي حفاظت سندس فقيرن جي هٿ ۾ رهي، جيئن اڄ تائين به آهي. اسان جا شاهه جي فقيرن سان اصل کان وٺي اڄ تائين نهايت سٺا تعلقات آهن ۽ ساڳي طرح ابتدا کان اڄ تائين بيحد قرب جا ناتا آهن ۽ هلندا رهندا.
    4. اسان جي درگاهه توڙي سروري فقراء جي خليفن جي درگاهن تي اول کان وٺي اڄ تائين ميلن جي موقعن تي راڳ ٿيندڙ آهي. ٻي وڏي ۾ وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته سڀ ڪنهن اسلامي مهيني جي سڀ ڪنهن پهرئين سومار رات ۽ سومار (سومر) ڏينهن ذڪر ۽ سماع ۾ مخدوم مير محمد جي زماني کان وٺي فقط شاهه ڀٽائيءَ جا بيت ئي ڳايا ويندا آهن، اگرچه شاهه صاحب کان اڳ جي شاعرن جو ڪلام به بهترين موجود هو. ڌارين شاعرن کي ڇڏي، رڳو مخدوم نوحؒ جي پوٽي ”لاکي لطف الله“ ولد مخدوم محمد امين اول جو ڪلام ئي ڪافي آهي، جو شاهه رسالي ۾ به ڪافي موجود آهي. مثلاً ”سر سهڻي“ جي داستان چوٿين مان هن وقت صرف ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

    (1)
    کَرِڪِنِ کجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي،
    ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري وَهَه وڌياس،
    لاکو لطف الله چئي، اچي آب گهڙياس،
    وسان ٿي وياس، پر مليس محب ميهار کي.


    (2)
    کَرِڪِن خوش ڪياس، محبتي ميهار جي،
    پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، آڌي ٿي اٿياس،
    ستي جاڳاياس، سانڀر سپرين جي.

    جيڪڏهن شاهه صاحب سان مخدوم مير محمد جي مخالفت هجي ها ته شاهه جو ڪلام سماع ۾ ڪونه ڳارايو وڃي ها. پويان سجاده نشين ئي شاهه جي ڪلام بدران ڪنهن پنهنجي شاعر جو ڪلام ڳارائين ها. سماع ۾ سنڌي ڪلام ته مخدوم نوحؒ جي ئي وقت ۾ ڳارايو ويندو هو، جنهن ۾ قاضي قاضن، شاهه ڪريم، خود مخدوم نوحؒ ٻين شاعرن جو ڪلام استعمال ٿيندو هو.
    هيءَ ڳالهه نهايت افسوسناڪ آهي جو اسان جي ادب ۾ صحيح تنقيد ڪانه ڪئي ٿي وڃي. اُهوئي سبب آهي جو ڪتابن ۾ عظيم غلطيون رهجيو وڃن، پر جيڪڏهن ڪو شخص تنقيد ڪرڻ لاءِ قلم کڻي ويهي ٿو ته مٿس ذاتي حملا ڪيا وڃن ٿا، جنهن جو نتيجو اصلاح جي بدران اختلاف جو نڪري ٿو، ”تنقيد“ لفظ جي معنيٰ آهي: سوچ ويچار ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، پر هِت اُن جي برخلاف ٿي رهيو آهي. اڄوڪي تنقيد دل آزاري ٿئي ٿي. نقاد جو فرض آهي ته هو اهڙي سٺي ۽ مٺي نموني تنقيد ڪري جو جنهن جي تنقيد ٿئي، اهو فائدو حاصل ڪري. تنهن ڪري تنقيد ئي في الوقت اهڙي چيز آهي جا جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪئي وڃي ته هوند ڪافي کان زياده فائديمند ٿئي. اُن سان گڏ اسان جو عوام به روايتن کي اهڙيءَ طرح ته چنبڙي ويو آهي جو حقيقت آڏو رکجي ٿي تڏهن به پسند ڪرڻ بجاءِ خود، پر رڳو اُن تي غور به نٿو ڪري.

    (هيءُ مضمون مخدوم صاحب جي ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ تان کنيو ويو آهي. جيڪو پهريون ڀيرو ”مهراڻ“ ٽماهي نمبر1، سال 1987ع ۾ شايع ٿيو.)


    هالا ڪنڊي- سادات متعلوي جو ابتدائي مسڪن

    ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو
    هالا ڪنڊي- سادات متعلوي جو ابتدائي مسڪن

    متعلوي ساداتن جا ابا ڏاڏ اصل هرات جا ويٺل هئا. اهي سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪڏهن آيا، تنهنجي حقيقت هن ريت آهي(1): جڏهن امير تيمور صاحبقران ايران ۽ توران هٿ ڪري، 2 لک 62 هزار ۽ 3 سؤ لشڪر سان هرات(2) ۾ آيو، تڏهن حضرت غفران پناه رضوان آرامگاه سيد مير علي رحه، جو انهيءَ ولايت جي صحيح النسب ساداتن ۽ شريفن مان هو، امير تيمور جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ لشڪر جي تعداد موجب رپيا مهمانيءَ طور نذرانو رکيائين. امير تيمور ڏاڍو راضي ٿيو ۽ سيد ميرعلي جي اصالت ۽ نجابت کان واقف ٿي ۽ سندس فرزندن جي فضيلت ۽ اهليت ڏسي، هرهڪ کي قدر آهر عزت واريون جايون عطا ڪيائين. مير عبدالباقي کي اجمير ۾، مير عبدالواحد کي ملتان ۾، مير عبدالرزاق کي بکر ۾، ۽ مير ابوبڪر کي سيوستان ۾ مقرر ڪيو ويو(3). باقي مير شرف الدين پنهنجي وطن هرات ۾ پنهجي قبيلي سان رهڻ اختيار ڪيو. مير سيد حيدر ڪابه منصب قبول نه ڪئي، ۽ پنهنجي والد بزرگوار سان گڏجي امير تيمور جي رڪاب ۾ هندوستان ۾ آيو. پوءِ ستت ئي امير تيمور ۽ پنهنجي پيءُ کان رخصت وٺي گھمندو ڦرندو سنڌ ۾ آيو.(1) الغرض جڏهن هاله ڪنڊيءَ (هاڻي هالا) جي شهر ۾ پهتو، تڏهن شاهه محمد هالي پٽ دريا خان هالي جي حويليءَ سامهون گھر ڪري ويٺو.
    ان وقت هالن جي حاڪم ميران محمد نالي، هالا ذات جي ماڻهن تي ڪنهن قصور جي ڪري 525 رپيا ڏنڊ وڌو هو، جنهن ڪري هو تمام موڙهل ۽ ڏکويل هئا. سيد حيدر وٽ ناڻو جام هو، سو في الحال ميران محمد کي پاڻ وٽ گھرائي، اها ساري رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏنائين ۽ هالن جي جند آزاد ڪرايائين. اهڙي ڀال ڀَلائڻ ڪري هالا سندس نهايت احسانمند ٿيا ۽ ٿوري لاهڻ جي مِنۡهُن سان سڱ آڇ به ڪيائونس. آخرڪار انهن جي رضا خاطر شاهه محمد هالي جي سيلوان نياڻي بيبي فاطمہ سان سنديس شادي ٿي. جيئن ته سيد حيدر جي والده سڳوريءَ جو نالو پڻ فاطمہ هو، تنهن ڪري سندس نالو مٽائي ’بيبي صاحب سلطان‘ رکيائون.
    سيد حيدر هالا ڪنڊيءَ ۾ هڪ سال ۽ پنج مهينا رهيو. تنهن کان پوءِ پنهنجي والد بزرگوار سيد مير علي جي وصال جو ٻڌي هرات ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين. اُسهڻ وقت خبر پيس ته سندس گھر اميدواري آهي، تنهنڪري پنهنجي حرم کي هڪ ٽڪ واري منڊي، هڪ جڙادار خنجر ۽ هڪ قديم خانداني ٻانهي خدمت لاءِ ڏيئي، وصيت ڪيائين ته جي پٽ ڄمي ته نالو مير علي رکجوس ۽ جي نياڻي ڄمي تي ڏاڏيس وارو نالو ڌرجوس. اهو بندوبست ڪري پاڻ هرات ڏي روانو ٿيو. اتي پهچڻ کان پوءِ 3 سال ۽ 27 ڏينهن جيئرو رهيو. هرات ۾ اڳيئي ٻه وڏا پٽ سيد محمد ۽ سيد حسين نالي هئس، جن کي پيءُ جو بيشمار ورثو ترڪو هٿ آيو.
    سيد حيدر جي وفات جي خبر سنڌ وارن کان مخفي رهي. هالا ڪنڊي ۾ پڻ سيد حيدر کي فرزند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو فرمودي موجب ميرعلي رکيائون. جڏهن بلوغت کي رسيو ۽ قابل ٿيو، تڏهن پنهنجي والد صاحب جي حقيقت کان واقف ٿي، منڊي، خنجر ۽ ٻانهي ساڻ ڪري، هرات جي واٽ ورتائين. اتي پهچڻ شرط معلوم ٿيس ته سيد حيدر گذاري ويو آهي. ڀائرن کان ميراث جو پلؤ ڇڪيائين ۽ شڪ دور ڪرڻ لاءِ پيءُ واريون ٽيئي نشانيون پيش ڪيائين. ڀائرنس کي تنهن هوندي به تسلي نه ٿي ۽ چيائون ته جيڪڏهن غفران پناه مماتيءَ جي حالت ۾ ڪرامت ڪري اسان کي يقين ڏياريندو ته پوءِ تنهنجي ڀائپيءَ جو پورو ڀروسو ٿيندوسون. آخر ٽيئي ڀائر، قبيلي جي ٻين ساداتن ۽ بزرگن سان گڏجي ميڙ ڪري سيد حيدر جي مقبري تي پهتا ۽ مقصد لاءِ دعا پنيائون. سيد حيدر مزار مان منهن ڪڍي سڀني جي روبرو اعلان ڪيو ته ”سيد مير علي برابر مهنجو فرزند آهي ۽ منهنجي ميراث جي ٽئين حصي جو حقدار آهي. الله تعاليٰ جي حڪم پرماڻي ٽيئي ڀائر پوريون پنيون ورهاست ڪن.“ هاڻي سڀني کي پڪ ٿي. ڀائرن، عزيزن ۽ ٻين شريفن ۽ اڪابرن سيد ميرعليءَ جي مرحبا ڪئي ۽ سندس مهمانداريءَ ۽ ضيافت جا حق بجا آندا.
    ڪجھه وقت هرات ۾ رهي، مال متاع جو ٽيون حصو وٺي، سيد مير علي سنڌ ڏي موٽيو. سندس چاچو مير شرف الدين پڻ ساڻس گڏجي آيو. هالا ڪنڊي پهچڻ شرط پنهنجي ملڪيت جا ٽي حصا ڪري ٻه ڀائرن ڏانهن موڪليائين، ۽ مير شرف الدين کي پاڻ سان رهايائين. جنهن ٿوري مدت بعد رحلت ڪئي. سيد مير علي کي ٻه پٽ ٿيا: هڪڙو سيد شرف الدين جو ’هالن‘ جو ڏهٽاڻ هو ۽ ٻيو سيد احمد، جو ترڪياڻيءَ مان هو. سيد شرف الدين شادي ڪري جدا حويلي ٺاهي ويٺو. سندس اولاد مٽارين جي شهر ۾ ”شرف پوٽا“ جي نالي سڏيو وڃي ٿو ۽ شاه ڪريم به سنديس چوٿين پيڙهيءَ مان هو. سيد احمد پرڻي بعد پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ رهيو ۽ ان جو پونير ”ميرڻ پوٽا“ جي نالي سان مشهور آهي.


    (هيءُ مواد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“، جي ٻي ڇاپي تان کنيو ويو آهي.)


    هاله ڪنڊي

    عبدالله ورياهه
    هاله ڪنڊي

    سنڌ قديم زماني کان تهذيب، ثقافت، علم ۽ ادب جي خزانن سان مالا مال رهي آهي. هن سر زمين جو هر حصو پنهنجي خصوصي اهميت رکي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ هالڪنڊي جي حيثيت تي نظر ڪبي ته خبر پوندي ته راءِ گھراڻي جي سنڌ تي حڪومت (۴۵۰ع کان ۶۳۲ع) وقت لوهاڻو سنڌ جو هڪ پرڳڻو هو. جنهن جو حاڪم راءِ گھراڻي جي پوين ڏينهن ۾ اگھم راجا هو. هن پرڳڻي ۾ لاکا، سما ۽ سهتا ايراضيون شامل هيون. هن پرڳڻي جو مرڪزي شهر برهمڻ آباد هو. سانگھڙ ضلعي جا شهداد پور، ٽنڊو آدم ۽ سنجھورو تعلقا ۽ حيدرآباد ضلعي جو هالا تعلقو به هن ۾ شامل هو. ٽنڊو آدم کان اوڀر طرف ڳوٺ پيرو فقير شوري جي ڀرسان درياءَ جو پراڻو ڍورو اڃا تائين لوهاڻو ڍورو سڏجي ٿو ۽ ان ديهه جو نالو به لوهاڻو آهي، لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي شهر برهمڻ آباد اسان جي آڏو دلور جي دڙن جي صورت ۾ سنجھوري تعلقي ۾ جمڙائو ڪئنال جي ڪپ تي موجود آهي. لوهاڻي پرڳڻي ۾ هالا تعلقي واري ايراضي ته شامل هئي. پر ان وقت هالڪنڊي جي آباد هجڻ جي ڪابه شاهدي ڪانه ٿي ملي، جيڪر ڪا آبادي هئي، تڏهن به ان جا آثار هينئر ملڻ ممڪن نه آهن، ڇو ته درياهه پنهنجو رخ باربار مٽائيندو رهيو آهي. سنڌ تي سومرن جي مقامي حڪومت جي دور پنجين صدي هجري کان نائين صديءَ هجري تائين ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊي تائين وارو سڄو ملڪ سومرن جي حڪم هيٺ هوندو هو. هالڪنڊي جو ڳوٺ سنڌ تي سمن جي صاحبي دوران اٺين صدي هجري ۽ عيسوي پنڌرهين صدي ۾ آباد ٿيو، جنهن کي ٽوڙي سڏيو ويندو هو، پر سنڌو جي بار بار رخ مٽائڻ واري عادت سبب اهو ڳوٺ به باقي نه رهيو، درياهه ان کي پائي ويو ۽ ٽوڙي جو ڪو به آثار باقي نه بچيو. مخدوم نوح عليہ رحمة جن جا بزرگ به ان ڳوٺ ٽوڙي ۾ رهندا هئا. اٺين صدي جي آخر يا نائين صدي جي پهرئين ڏهائيءَ ۾ هالڪنڊي جو ڳوٺ آباد ٿيو ۽ ٽوڙيءَ مان لڏي آيل ماڻهو هن ۾ آباد ٿيا. نائين صدي هجري ۾ هيءُ ئي هالڪنڊي جو ڳوٺ آهي، جنهن جون روايتون مختلف تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿيون. ۹۲۸ هه ۾ شاهه بيگ ارغون جي وفات بعد ميرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو حاڪم ٿيو ته ڄام فيروز هڪ دفعو وري اقتدار هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جنگ هارائي هميشه لاءِ گجرات هليو ويو. ميرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن ميدان جنگ ۾ رهي مال غنيمت ميڙي اچي ٺٽي ۾ لٿو. ڇهه مهينا تغلق آباد ۾ رهڻ بعد هالڪنڊي مان ٿيندو سيوستان هليو ويو. ۹۴۷ هه ۾ هندستان جو مغل بادشاهه همايون جڏهن شير شاهه سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو ته سنڌ جي ارغون حاڪم ميرزا شاهه حسن، همايون جي اميرن سان اقرار ڪيو ته هالڪنڊي کان بٺوري تائين درياهه جي هن ڀر وارا ڳوٺ حرامسراءِ جي خرچ لاءِ ڏيندو ۽ همايون بادشاهه جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪندو، پر پوءِ اهو ٺاهه ٿي نه سگھيو.
    سنڌ ۾ ترخانن جي حڪومت جو دور اهو دور آهي جڏهن هاله ڪنڊي مان روشني جا ڪرڻا ۽ فيض جو درياهه سڄي سنڌ کي سيراب ڪري رهيو هو، حضرت مخدوم سرور نوح عليه رحمة جن جي بزرگي ۽ ڪرامتن جي هند سنڌ ۾ هاڪ هئي ۽ ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي هتان پنهنجا مطلب ماڻيندا هئا ۽ دل جي دز کي صاف ڪندا هئا، نه صرف عام ماڻهو پر وقت جا حاڪم ۽ امير به چاهيندا هئا ته هن در جي حاضري ڀري پنهنجي لاءِ هن ڪرامت جي صاحب جون دعائون ۽ فتح ۽ ڪاميابي لاءِ غيبي مدد حاصل ڪريون. ۹۷۵هه ۱۵۶۷ع ۾ وقت جي حاڪم ميرزا محمد باقي ترخان جو ڀاء ميرزا جان بابا، خان زمان بيگلار جي هوشيار ڪرڻ تي پاٽ ۽ صدر جھيجي کان ٿيندو هاله ڪنڊي پهتو، پٺيان ميرزا باقي به لشڪر سوڌو اچي هاله ڪنڊي پهتو. خان زمان بيگلار ڏٺو ته هاله ڪنڊي ۾ ٻنهي لشڪرن ۾ جنگ ٿيڻي ناهي، پوءِ ڇو نه اولياءَ الله حضرت مخدوم نوح عليه رحمة جي ميرزا جان بابا لاءِ دعا حاصل ڪجي. ان خيال سان رات جو گھوڙي تي چڙهي حضرت غوث الحق جي خانقاهه جي دروازي تي ٻاهر اچي ڏاڍي چيائين ته مخدوم صاحبن جي خادمن مان ڪو جاڳندو هجي ته مخدوم صاحبن جي خدمت ۾ ميرزا جان بابا جا نياز ادب ۽ سلام پهچائي عرض ڪري ته اسان کي ظالم ميرزا باقي جي ڀاڄوڪڙ لشڪر سان جنگ ڪرڻي هئي پر هينئر قبله سائين جي واهڻ ۾ اچي ويٺا آهن، ان ڪري اسين سائين جن جي ادب ۽ لحاظ کي سامهون رکندي خونريزي نٿا ڪري سگھون، ان ڪري وڙهڻ کان پاسو ڪري هليا ٿا وڃون. اهو چئي هو هليو ويو، صبح جو مخدوم صاحبن جو خادم جان بابا وٽ ويو ۽ سائين جن جون دعائون رسائي چيائين ته اوهان کي ان ادب ۽ لحاظ لاءِ جس هجي، ميرزا جان بابا حيران ٿيو، پر پوءِ خبر پيس ته اهو ڪم خان زمان بيگلار جو آهي. جيتوڻيڪ ميرزا جان بابا کي ميرزا باقي اڳتي هلي مارائي ڇڏيو پر الله وارن جي ناراضگيءَ ۽ ميرزا باقي جي سندن عام ماڻهن تي ڪيل ظلمن جو آخر اهو اثر ٿيو ته هن قهري پاڻ پنهنجو انت آندو.
    الله وارن جي راضپي ۽ ناراضگي جو اثر انداز ٿيڻ جو هڪ ٻيو مثال به اسان جي آڏو آهي. جنهن جي شاهدي ڪئين تاريخي ڪتاب به ڏين ٿا.
    ۹۹۹هه ۾ مغل بادشاهه جلال الدين اڪبر، عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ڪنهن الله واري کيس ٻڌايو ته ويجھڙائي ۾ جناب ڪرامت ماب مخدوم نوح عليه رحمة، تازو هاله ڪنڊي ۾ گذاري ويو آهي. جيڪڏهن ان جي فاتح خواني لاءِ توهان اڳ ۾ پهتا ته فتح اوهان جي ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ميرزا جاني بيگ اڳ ۾ پهتو ته اهو جنگ کٽيندو. اتفاق اهو ٿيو جو جاني بيگ ويجھو هوندي به اتي حاضري نه ڀري سگھيو ۽ خان خانان ۽ جاني بيگ وچ ۾ ڪيترين جنگين کان پوءِ صلح ٿيو ۽ سنڌ هندستان جي مغل حڪومت جو هڪ صوبو بنجي وئي.
    مغلن جي حڪومت واري وقت ۾ به هاله ڪنڊي هڪ اهميت واري ڳوٺ جي حيثيت سان قائم ۽ آباد نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته هي ٺٽي کان سيوهڻ وڃڻ واري رستي تي هو ۽ نصرپور سرڪار جي هڪ پرڳڻي هاله ڪنڊي جو مرڪزي هنڌ هو. سرڪار طرفان پرڳڻي جي حفاظت ۽ انتظام هلائڻ لاءِ مقرر ڪيل ماڻهون به هتي رهندا هئا. آڳاٽي زماني ۾ سفر درياءَ وسيلي يا خشڪي تي اٺن، گھوڙن ۽ گڏهن تي ڪيو ويندو هو. هاله ڪنڊي دريائي توڙي خشڪيءَ جي سفر ۾ اهم جاءِ هئي، جتي ٻيڙا يا قافلا ترسي سفر جو ٿڪ ڀڃي، ضرورت جون شيون هٿ ڪري وري اڳتي اسرندا هئا.
    ۱۰۰۵ هه ۾ ٺٽي جو نواب خسرو خان چرڪس مقرر ٿيو، پر هن جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري ۱۰۲۱ هه ۾ ميرزا غازي کيس هٽائي پنهنجي پاران هندو خان کي حاڪم ڪري موڪليو. خسرو خان چرڪس ٺٽي مان بيدخل ٿي جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ هاله ڪنڊي ۾ پهتو ته کيس ميرزا غازي بيگ جي وفات جي خبر پئي.
    مغلن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪي سندن طرفان حاڪم مقرر ٿيندا هئا، انهن جو مرڪز بکر ۽ ٺٽو هوندو هو. هاله ڪنڊي پرڳڻو نصرپور جي راڄڌاني جو هڪ حصو هئي ۽ ٺٽي جو حاڪم هن علائقي جو انتظام هلائيندو هو. هاله ڪنڊي پرڳڻي جو مرڪزي ڳوٺ به هالا ڪنڊي هو، جتي سرڪاري طرح ٿاڻو هوندو هو، جتي ٺٽي جي صوبه دار طرفان چند سؤ سوار ۽ توبچي پرڳڻي جو انتظام رکڻ لاءِ مقرر ٿيل هوندا هئا. هاله ڪنڊي پرڳڻي ۾ مغلن جي هڪ امير مير ابوالبقا ابڙيجن جو ڳوٺ ۾ به هڪ قلعو ٺهرايو هو، جنهن ۾ پڻ سرڪاري فوج رهندي هئي، پر تنهن هوندي به امن امان قائم ٿي نه سگھندو هو، پرڳڻي ۾ رهندڙ چانڊيا، سميجا، ۽ انڙ ڪڏهن به مغل حڪومت جا حامي نه ٿيا. انهن هر وقت حڪومت خلاف مزاحمت جاري رکي ۽ راتاها هڻي مغلن جي فوج کي هيسائيندا رهندا هئا، ڪو به قافلو هتان حفاظت سان لنگھي نه سگھندو هو. شمشير خان اوزبڪ جي ٻيهر عملداري جي وقت ۾ ڪي سوداگر هڪ هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا. اهي جڏهن هاله ڪنڊي پهتا ته کيس درياهه اڪري سميجن جي راڄ مان لنگھڻو هو، اتي پير پائڻ سان ئي هو مٿن ڪاهي آيا ۽ کيس تاراج ڪري سڀئي اٺ ڪاهي ويا. مغل عملدارن کان سواءِ جيسلمير جو راجا به انهيءَ عذاب کان بچيل نه هو، ان کي خشڪي واري رستي جي حفاظت لاءِ پنجن ڇهن سؤ مسلح سوارن جي ضرورت رهندي هئي. محافظن جي نه هجڻ جي صورت ۾ قافلا ڦورن جي نظر ٿي ويندا هئا.
    واپارين جو ٻيو رستو درياهي هو پر اهو به سلامتي وارو نه هوندو هو. سوداگر سيوهڻ واري گھٽ وٽ پهچي ڪي ڏهاڙا ترسي، سيوهڻ جي جاگيردار جو محصول ڀري اتان چوڪي ساڻ ڪري سن جي تڙ تائين ايندا هئا، جتي وري محصول ڀري ٻي چوڪي ساڻ ڪري هاله ڪنڊي تائين پهچندا هئا. ان هوندي به اڪثر قافلا پنهنجي واپاري مال ۽ ٻيڙين سميت تاراج ٿي ويندا هئا، ۽ سوداگر قتل ٿي ويندا هئا. انهن واقعن کان تنگ ٿي مغل اميرن ٺٽي جي حاڪم کي لکي موڪليو ته چانڊين، سميجن ۽ ٻين باغين جي پاڙ پٽڻ لاءِ ٺٽي مان مسلح سپاهي گھرائي هاله ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺ ابڙيجن ۾ ٿمائي انهن کي چئني پاسي کان گھيرو ڪجي. نصرپور راڄڌاني جي پرڳڻي هاله ڪنڊي ۾ سميجن جون پيل زمينون هاله قوم جي حوالي ڪجن، جيڪي مغل حڪومت جا وفادار هئا. هاله ڪنڊي وارو ٿاڻو جيڪو سدائين ٺٽي جي صوبدار جي واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ڪيو ويندو هو، اهو ٿاڻو وري ٻه سؤ سوارن ۽ هڪ سؤ توبچين سان هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ابڙيجن واري ڳوٺ ۾ مير ابوالبقا جي ٺهرايل قلعي ۾ قا.ئم ڪرڻ کپي، اهي سپاهي ٺٽي جي حاڪم کان گھرايا وڃن. هڪ سؤ سوار ۽ پنجاهه توبچي بکر جي حاڪم کان ۽ ٽي سؤ سوار ۽ پوڻا ٻه سؤ توبچي سيوهڻ جي جاگير کان طلب ڪيا وڃن، ته جيئن هن ٿاڻي تي ساڍا ڇهه سؤ سوار ۽ سوا ٽي سؤ توبچي هر وقت موجود هجن. پر ان سموري انتظام مڪمل ڪرڻ کان پوءِ به هالا ڪنڊي جي پرڳڻي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ مغل امير ناڪام ٿيا، ۽ مقامي ماڻهن مٿن راتاها هڻي سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.
    مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان ثاني جي عملداري 1028هه) دوران هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو. جنهن هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ پهچي هالن جي ڀرسان ٽلٽيءَ جي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيو، جو هالن کان هڪ ميل جي فاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو جو خود هالن سان ٿي ڪلهو هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو ۽ تڪڙ ڪري هالن جي صوبيدار موسيٰ خان افغان سان هڪ جٿو گڏي سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليائين، پر هنن انهن کي ماري ڀڄائي ڪڍيو، پر پوءِ صمصام الدوله ڪنهن نموني هالن ۽ سماواتي پرڳڻي جي اربابن کي قيد ڪري پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنهن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ کانئن شرعي ضابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيا.
    صمصام الدوله جي واپسيءَ کان پوءِ ساڳئي ٽلٽيءَ جي ڳوٺ تي سميجن وري راتاهو هنيو. جنهن ۾ ڪيترا مغل سپاهي مارجي ويا ۽ بچيلن ڀڄي وڃي هالن ۾ پناهه ورتي. مظهر شاه جهاني جي لکندڙ يوسف ميرڪ پڻ اهو ڳوٺ ڏٺو هو، هو چوي ٿو ته اڃا تائين انهيءَ ڳوٺ ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ماڻهن جي ڀينگ ڏسي هنيا پڄرڻ لڳي ٿو.
    سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد به هالاڪنڊي جي اهميت برقرار رهي ۽ هن پرڳڻي ۾ ئي هالن جي ڀرسان خدا آباد نئين جو بنياد وڌو ويو، جيڪو ڪلهوڙن جو مرڪز هو، جتي ڪلهوڙن حاڪمن ۽ ٽالپر اميرن جا مقبرا اڄ تائين موجود آهن.
    ميان غلام نبي جي مارجي وڃڻ بعد ميان عبدالنبي کي گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ حيدرآباد مان گھرايو ويو. عبدالنبي پنهنجي سامان سڙي ۽ لشڪر سميت هڪ ئي ڏينهن ۾ اچي هالا ڪنڊي پهتو، جو نئين خداآباد جي نزديڪ هو. ٻئي ڏينهن مير بجار خان ٽالپر ۽ ملڪ جاة امير اليان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ حضرت مخدوم نوح عليه رحمة جن جي درگاهه ۾ مير بجار خان ٽالپر پنهنجي هٿن سان ميان عبدالنبي جي سر تي ۱۱۹۱هه ۾ حڪومت جي دستار ٻڌي، پوءِ اتان وڏي شان شوڪت سان کيس ميان سرفراز خان جي محل ۾ اچي ويهاريائون. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ هالا ڪنڊي جي تجارتي حيثيت برقرار هئي. غلام شاهه ڪلهوڙي ۱۸ محرم ۱۱۷۲ هه (۲۲ سيپٽمبر ۱۷۵۸ع) تي لکرايل هڪ تجارتي پرواني، جنهن تي قاضي محمد يحييٰ جي صحيح ٿيل آهي، جنهن ۾ انگريزن کي تجارتي رعايتون ڏنل آهن. ان ۾ به هالا ڪنڊي جو ذڪر آهي، ٻيو پروانو ۲۲ اپريل ۱۷۶۱ع جو جاري ڪيل آهي، ان ۾ انگريزن کي واپاري رعايتون ڏيڻ جي سفارش ۽ ملڪي حدن ۾ هالا ڪنڊي جو نالو شامل آهي. هن ئي پرڳڻي ۾ هالا ڪنڊي جي ڀرسان ٽالپرن جو ديرو شاهپور هو جتي ڪلهوڙن حاڪمن جي تاجپوشي ٿيندي هئي.
    ڪلهوڙن کان پوءِ جڏهن سنڌ تي ميرن جي حڪومت قائم ٿي تڏهن به هالا ڪنڊي جي حيثيت کي ڪوبه ڇيهو نه رسيو ۽ هي خطو پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي ڪري مرڪزي حيثيت وڃائي نه سگھيو. هن دور جي تاريخي ڪتابن ۾ به هالن جو ذڪر ملي ٿو.
    ۱۵ فيبروري ۱۸۴۲ع ۾ جڏهن بلوچن جوش ۾ اچي ميجر آئوٽرام جي انگريزي ڇانوڻي کي جيڪا حيدرآباد کان ٽن ميلن تي سنڌو درياهه جي ڪناري تي هئي، حملو ڪري قتل و غارت گري ڪئي ته ميجر آئوٽرام جان بچائي بتيلي ۾ چڙهي وٺي ڀڳو، انگريزي فوج جو اڳواڻ نپيئر ان وقت هالن ۾ منزل انداز هو. هن جڏهن اها خبر ٻڌي ته ڪاوڙ ۾ ڪنبڻ لڳو ۽ فوج کي هڪدم درياهه جو ڪپ وٺي هالن کان حيدرآباد ڏي ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ حيدرآباد ۾ ميرن جي شڪار گاهه وٽ اچي منزل ڪيائين ٻئي ڏينهن سندس فوجون ميرن جي لشڪر خلاف صف آرا ٿيون. سنه ۱۲۵۵هه ۾ جڏهن مير شير محمد خان ٽالپر شڪارپور ٿي ويو ته پهرين هاله ڪنڊي ۾ اچي ترسيو هو جتان پوءِ شڪارپور روانو ٿيو.
    سن ۱۱۴۰هه ۾ مخدوم نوح عليہ رحمة جي چوٿين پوٽي، صاحب سجاده ڇهين مخدوم مير پير رح نئون شهر ٻڌي ان جو نالو اسلام آباد رکيو. نئين شهر ٻڌڻ جو سبب سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچڻ ڪري پاڻيءَ جو اچي پراڻن هالن کي رسڻ هو. جنهن جي ڪري مقبرن جو پاڻيءَ ۾ اچي وڃڻ يقيني هو، تنهنڪري اجساد مطهره جون صندقون کڻائي نئين پٽ ۾ آنديون ويون. جتي مخدوم نوح عليه رحمة جن جي فرزند مخدوم حامد رح جن جو مقبرو اڳ ئي موجود هو. مخدوم صاحبن جي اصل ماڳ کي هالا سڏيو ويندو هو، ان ڪري اسلام آباد به هالا سڏجڻ لڳو، پوءِ ٻنهي ۾ فرق رکڻ لاءِ قديم شهر کي هالا پراڻا ۽ نئين پٽ کي هالا نوان سڏيو ويو. اهڙي طرح هالڪنڊي جي قديم ۽ تاريخي شهر مان ٻه شهر ٿي پيا. جن جي وچ ۾ ڏيڍ ميل کن جو فاصلو آهي. هي شهر هن وقت به علم، ادب ۽ هنر جا مرڪز آهن، هتي جا هنر نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان پر پوري دنيا ۾ مشهور آهن. هالن جي جنڊي ۽ ڪاشي جو سامان ۽ هتي جو ٺهيل ڪپڙو سياحت لاءِ ايندڙ پرڏيهي وڏي چاهه سان وٺندا آهن. هالا هن وقت حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا جو مرڪزي شهر آهي، جنهن جي هڪ طرف سنڌو درياهه ته ٻئي طرف قومي شاهراه آهي. هن شهر مرڪزي ۽ تجارتي شهر هجڻ جي حيثيت ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي. هتي هر مهيني جي پهرئين سائي سومار تي ميلو ۽ پڙي لڳندي آهي، جتي وڏو واپار ٿيندو آهي. هر سال ذوالحج جي پهرئين سومار شريف تي درگاهه حضرت مخدوم نوح عليه رحمة تي ميڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين مريد ۽ معتقد شريڪ ٿيندا آهن. سندن قبو ۱۹۷۷ع ۾ مخدوم محمد زمان سائين جن ٺهرايو هو، جنهن جو گنبذ مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو ۽ قبي جي ڀر ۾ موجود مسجد مير ڪرم علي ٽالپر ٺهرائي هئي، باقي ٻيون جايون مخدوم پني لڌي سائين جون ٺهرايل آهن. انگريزن جي حڪومت ۾ انگريز سرڪار درگاهه جي مرمت پڻ ڪرائي هئي. هالا پراڻا جيڪو قديم زماني ۾ وڏي اهميت واري جاءِ هئي، هاڻي هڪ ڳوٺ آهي. هي سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي، وچ ۾ بچاءَ لاءِ مضبوط بند اٿس. هن وقت به هتي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندر ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا، پر هن شهر جو اڳيون شان ۽ اها عظمت باقي نه رهي آهي.
    جيئن ته هالڪنڊي جي نالي پوڻ کان اڳ هتي جيڪو ڳوٺ هو اهو ٽوڙي سڏيو ويندو هو. ۽ پوءِ جڏهن نئون ڳوٺ ٻڌو ويو ته ان جو نالو هاله ڪنڊي مشهور ٿيو، پر اڃا اها ڳالهه واضح نه ٿي سگھي آهي ته اهو هالا ڪنڊي نالو ڪيئن پيو ۽ ان جا ڪهڙا سبب آهن. هن لاءِ مختلف روايتون آهن ۽ انهن سڀني جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن حقيقت معلوم ڪري سگھجي.
    درگاهه مخدوم سرور نوح عليه رحمة جي موجوده سجاده نشين قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن ٻڌايو ته کيس مرحوم محمود ڀٽيءَ ٻڌايو هو ته هالن پراڻن جي ڀرسان هڪ قبرستان کڏي کٿوري جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو ڳوٺ جي الهندي پاسي آهي. ٿي سگھي ٿو ته هالا ڪنڊي نالو هالا کڏي هجي، جيڪو پوءِ وقت سان گڏ بدلجندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. هالا ڪنڊي جي قديم رهاڪو سانوڻي ملن مان مولوي محمود صاحب جو خيال آهي ته هن علائقي ۾ ڪنڊي جا وڻ تمام گھڻا هوندا هئا، ان سبب ڪري هالا ڪنڊي نالو پئجي ويو.
    هالن پراڻن جي رهاڪو قاضي غلام محمد صاحب جن جو چوڻ آهي ته ڪند قديم مشرقي ايراني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي ڳوٺ. روسي ترڪستان ۾ تاشقند ۽ سمرقند نالن جھڙا ڪافي شهر آهن، هالا ڪنڊي جو آخري لفظ ڪنڊي اصل ڪند تان ورتل آهي. سنڌ جي مشهور محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته هتي هالي سمي جو ڳوٺ هو، جنهن جي ڀرسان هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ هوندو هو جنهن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو هالڪنڊي پئجي ويو.
    منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هيءَ آبادي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم ٿي، جڏهن ته اهو واضح آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ انهن جو ڳوٺ به قائم هو، ان ڪري کين ڪنڌيءَ وارا هالا ڪري سڏيندا هجن ۽ اهوئي نالو هالا ڪنڌيءَ مان ڦرندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. بهرحال هن باري ۾ ڪا ڳالهه پڪ سان نٿي چئي سگھجي ته ڪهڙي راءِ صحيح آهي. البته هن تي سڀ متفق آهي ته هالا نالو هالا ذات تان پيو آهي، جن جي هتي زمينداري هوندي هئي.
    هالا ڪنڊي بابت ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ ڪا ڳالهه واضح نه آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. پر عام طرح ماڻهن ۾ اهو مشهور آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ گھڻا هوندا هئا ان ڪري هن ڳوٺ تي هالا ڪنڊي نالو پيو.
    هالا ڪنڊي نه صرف هڪ نالي وارو شهر آهي پر الله وارن جي آرام گاهه به آهي. قديم زماني کان هتي ڪيترا بزرگ ٿي گذريا آهن. پر هن خطي ۾ جيڪو مان ۽ مرتبو صديقي خاندان جي حضرت مخدوم نوح عليه رحمة کي حاصل ٿيو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
    سندن شجرو مبارڪ اميرالمومنين حضرت ابوبڪر صديق ﷦ جن سان وڃيو ملي. سندن اصل خاندان عرب جو رهاڪو هو، جتان شيخ ابوالقاسم رحمة الله عليه پهريائين حجاج بن يوسف جي ظلم ڪري هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو، جتان پوءِ سهرورد ۾ مقيم ٿيا. سندن خاندان سهرورد کان علاوه مروند ۽ شيراز ۾ پڻ پکڙي ويو. مخدوم سرور عليه رحمة پنهنجي خاندان جو شجرو پنهنجي هڪ فرزند کي هن طرح قلمبند ڪرايو.
    مخدوم لطف الله عرف مخدوم نوح رح ابن مخدوم نعمت الله بن مخدوم اسحاق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم فخرالدين صغير (هي بزرگ هن خاندان جو پهريون فرد هو جو هالڪنڊي ۾ سير و سياحت جي خيال سان آيو پر ماڻهن جي پر زور منٿن تي هميشه لاءِ هتي رهي پيو. سندن مقبرو هالا ڪنڊي جي ڏکڻ طرف آهي.) بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ڪبير (پاڻ پنجاب جي شهر ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهندا هئا اتان لڏي اچي بوبڪن ۾ رهيا، وڏا عالم ڪامل ۽ عارف هئا، بوبڪ ۾ ئي وفات ڪيائون، جتي سندن مزار مبارڪ آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته سندن قبر قلندر شهبار جي ڀر ۾ آهي. ڪوٽ ڪروڙ ديري غازي خان جو مشهور شهر آهي، جيڪو قديم زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هو) ابن ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اساعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصر الدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ خيرالدين بن ابي عاصم بن شيخ محمد بن شيخ وحيدالدين بن شيخ مسعود بن ابوالقاسم بن محمد بن عبدالرحمان بن ابي بڪرالصديق رضي الله عنه. حضرت غوث الحق مخدوم نوح جن جمع جي رات ۲۷ رمضان المبارڪ ۹۱۱هه ۾ ٽوڙي ڳوٺ ۾ تولد ٿيا. سندن نالو لطف الله رکيو ويو پر پاڻ پوءِ نوح جي نالي سان مشهور ٿيا. پاڻ ستن ورهين جي ڄمار ۾ ان وقت جي عارف مخدوم عربي عرف مخدوم شاهه ڏني وٽ پڙهڻ ويٺا. پاڻ فقط پنجويهه پارا قرآن حڪيم جا پڙهيائون، پهريان ڏهه پارا ۽ پويان پنڌرهن پارا. ٻي روايت آهي ته قرآن ڪريم جا ٻه پارا ۽ ٻه ٽي فقہ جا ڪتاب پڙهيائون. فقير بهاؤالدين گودڙيو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا هئاسون ته مخدوم صاحب فرمايو ته حضرت ابوبڪر ﷦ ۽ حضرت علي رضه اچي لنگھيا. حضرت علي رضه جن تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ توکي محمد رسول الله جن سڏين ٿا. حضرت ابوبڪر رضـه جن آهستي اچي رهيا هئا. حڪم موجب روانو ٿيس. ائين محسوس ٿيو ته لڪيءَ جي جبل تي چڙهي رهيو هجان. جڏهن مجلس ۾ پهتس ته حضرت عيسيٰ کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ نبي سائين جن تي نظر پيم پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا هئا. مون مٿس نظر ڪري توجه سان سبق پڙهيو. حضرت ابو بڪر رضه جن فرمايو ته يا رسول الله هي منهنجو اولاد آهي.
    ٻي روايت آهي ته مخدوم نوح رح جن ڪنهن وقت ٺٽي ۾ آيا. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجھه پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن جي معنيٰ چڱي طرح بيان ڪري ٿو، سو گڏجي ڏسڻ ويا، مخدوم صاحب جن هڪڙي آيت جي تفسير ۾ مشغول هئا، راوي چوي ٿو ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس، جڏهن ماٺ ڪيائون ته ڪل اسي داڻا ٿيا هئا. مخدوم صاحب جن بهترين عادتن ۽ بي انداز ڪرامتن جا مالڪ هئا، سندن جاري ڪيل فيض مان خلق خدا کي بي انتها فائدو رسيو ۽ سندن صحبت ۾ رهي ڪيترا پنهنجي من جي مير لاهي الله وارا ٿي ويا.
    پاڻ خميس جي ڏينهن ۲۷ ذي القعد ۹۹۸ هه ۾ هن جھان مان لاڏاڻو ڪري دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا. ان وقت سندن عمر ۸۷ ورهيه هئي. پر کانئن پوءِ به سندن جاري ڪيل فيض جو درياهه جاري رهيو، سندن خاندان مان نالي وارا بزرگ ٿيندا رهيا، جيڪي پنهنجي علم ۽ بزرگي ۾ بيمثال ٿي گذريا آهن.
    هالا ڪنڊي پرڳڻي ۾ ڀاڻوٺ، کانوٺ، ڀٽ شاهه، جھيجا، کيبر، انڙپور ۽ بوهري مشهور ڳوٺ آهن، جيڪي پڻ الله وارن بزرگن جي آرامگاهه آهن. مخدوم نوح عليه رحمة جن کان سواءِ ٻيا به ڪافي بزرگ، عالم ۽ اديب هن خطي ۾ پيدا ٿيا آهن، يا جن هالا ڪنڊي جي بزرگن مان فيض پرايو آهي، انهن جو به هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
    عبدالسميع خان سانوڻي ۱۱۲۶هه ۾ نواب سيف الله خان ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو، سندس پاران هاله ڪنڊي جي سانوڻي قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءُ عبدالسميع خان سانوڻي سندس پاران نائب ٿي ٺٽي آيو.
    شاهه خير الله هي سيد احمد بغدادي جو پٽ هو، پاڻ هاله ڪنڊي ۾ مخدوم نوح رح جن جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان ئي فيض ۽ هدايت پرايائين. سندس مقبرو پراڻي سکر ۾ آهي. سيد ابوالحسن هي سيد محمد جو ٻيو نمبر پٽ هو، مخدوم نوح رح جي سلسلي جو مريد هو ۽ سندس اڪثر هاله ڪنڊي اچڻ ٿيندو هو.
    مخدوم جعفر بوبڪائي ولد مخدوم ميران مخدوم نوح رح جن جو همعصر وڏي ڪمال وارو، جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن مخدوم نوح عليه رحمة جن فرمايو ته مون خدا تعاليٰ کي هن اکين سان ڏٺو آهي مخدوم جعفر جن فرمايو ته توهان هنن اکين سان ڪونه ڏٺو هوندو، توهان تي جڏهن به اهڙي حالت طاري ٿي ته پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيو، پوءِ به جيڪڏهن رب جو ديدار قائم آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اها اک ظاهري اک ۽ اهو ديدار رواجي ديدار نه آهي. مخدوم نوح عليه رحمة هن تجربي کان پوءِ فرمايو ته ”جي نه هجي ها جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر“. مخدوم جعفر ۹۲۰هه کان پوءِ گذريو آهي. سندس تصنيفون عجلته الطالبين، حل العقود في طلاق السنود، القطانہ في مرمہ الخزانة، خرانہ الروايات ۽ ٻيا ڪيترا آهن.
    ___ نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي جھوني ڳوٺ ڪاتيار جي بزرگ ميرڻ ڪاتيار کي سيد عبدالڪريم مخدوم نوح عليه رحمة جي خدمت ۾ وٺي ويو، جتان معرفت ۽ مرتبو مليس.
    ___ چاچڪن جي سرڪار جي ناليري شهر جوڻ پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ درويش حاجي سورو به مخدوم نوح رح جو صحبتي ۽ کانئس فيض پرايل هو.
    ___ درويش بهاؤالدين گودڙيو به پهريائين جوڻ جي آس پاس رهندڙ درويش موسيٰ جو مريد هو تنهن کان پوءِ مخدوم نوح رح جي خدمت مان فيض پرايائين.
    ___ ونگي ولهار جي سرزمين ۾ ڪو ڇو مشهور ڳوٺ آهي، اتي جو سيد ساجن سوائي اصل مٽيارين جو، مخدوم نوح رح جو مريد ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي.
    __ درويش لڌو بهار به مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر هو.
    __ دوريش قطب به مخدوم نوح رح جو مريد هو، هي بزرگ مخدوم جعفر بوبڪائي سان به مليو هو.
    __ بنوري پر ڳڻي جي ڳوٺ هٽڙي جو بزرگ درويش صابر سومرو به مخدوم نوح رح جي فيض نظر جو نوازيل هو ۽ ڪمال جو صاحب هو.
    __ بلڙي جو شاهه عبدالڪريم مٽياري سيدن مان هو سندس ولادت ۹۴۴هه ۾ ٿي. پاڻ وڏو بزرگ ۽ الله وارو هو. سندس لکيل ڪتاب بيان العارفين ۽ تنبيه الغافلين آهن. مخدوم نوح رح جي صحبت مان فيض پرائي وڏو فائدو حاصل ڪيائين ۽ سندس اشاري موجب وڃي بلڙي ۾ رهيو، جتي ۱۰۲۰هه ۾ سندس وفات ٿي.
    __ نيرون ڪوٽ جو هڪ ڳوٺ ناياهو آهي. اتي جو درويش بادو مخدوم نوح رح جو مريد هو جڏهن پهريائين مخدوم نوح عليه رحمة جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته فرمايائينس ڪلمو پڙهه. ڪلمي پڙهڻ سان مڇي وانگر ڦٿڪي، ڏڪي بيهوش ٿي ڪري پيو، مخدوم نوح جي حڪم سان کيس حجري ۾ کڻي ويا، جتي ٽي ڏينهن بي خبر پيو هو، پوءِ جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو.
    __ مخدوم ابو مصطفيٰ هڪ زبردست عالم مخدوم نوح جو معاصر، سندس مريد ۽ شاگرد هو، هو وقت جي ولي سيد الله جي نياڻيءَ مان هو، سندس رهڻ جي جاءِ پير شيخ عالي جي ڀرسان آهي. سندس پٽ مخدوم بايزيد به وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.
    __ شيخ عبدالعزيز اصل ڳوٺ هاله ڪنڊي جو رهندڙ هو، مرد قابل ۽ هوشيار هو. نواب امير خان جي خدمت ۾ مقرر هو، پوئين عمر ۾ هالن مان لڏي وڃي ٺٽي ۾ رهيو، هن کي شيخ عبدالهادي ۽ شيخ عبدالسلام نالي ٻه پٽ هئا، عبدالهادي کي اولاد نه ٿيو. عبدالسلام هندستان وڃي لاهور جي خالصي جي ديوان تي سرفراز ٿيو. سندس پٽ مغليه دور ۽ پوءِ نادر شاه جي وقت ۾ وڏن سرڪاري عهدن تي رهندا آيا. سندس اولاد مان محمد اعظم تحفةالطاهرين نالي ڪتاب لکيو.
    __ مڪليءَ تي آراميل اولياءَ الله مان ميان مٺو فقير مخدوم نوح جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو. اڪر ۾ سندس هجرو مشهور آهي. پير آسات جي ڏاڪن هيٺيان دفن ٿيل آهي.
    __ فقير بهاؤالدين گودڙيو مخدوم نوح رح جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهري ڪرامتن ۾ مشهور آهي. سندس مزار مٺي فقير جي ڀرسان مڪلي ۾ آهي.
    __ سلطان کمر مخدوم نوح جي مريدن مان هڪ فقير آهي ۽ مڪلي ۾ آرامي آهي.
    __ سيد علي ثاني شيرازي، دوريش آچر جو مريد هو ۽ ان مان فيض پرايائين پر پوين ڏينهن ۾ مخدوم نوح رح جو مريد هو. سيد علي شيرازي درويش ڀرڪيي لنگ جي زيارت تي ويو ته هن ٻين وانگر هن کي خدمت جي تڪليف ڏني مخدوم نوح دل ڪوسي ڪئي. نتيجي ۾ مرزا باقي درويش ڀرڪئي کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
    __ مخدوم عربي هاله ڪنڊي حال ۽ مقامات جو صاحب هو.
    __ مخدوم رح مولانا ابو بڪر بن دائود بريد جي صحبت ۾ رهي حال جو صاحب ۽ اولياءَالله ٿيو.
    __ صاحب بلاغت ۽ فصاحت آخوند احمد پٽ آخوند عبدالعليم پٽ آخوند رحمت الله، الله انهن تي رحم ڪري، سندس تخلص احمدي هو، سندس مذهب حنفي ۽ طريقو قادري هو، هي سانوڻي هالا جا رهندڙ هئا. هي وڏو عالم ۽ قرآن پاڪ جو حافظ هو. نظم ۽ نثر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ٽالپرن جي حڪومت جي شروعات کان پوءِ ان کان به اڳ ٽالپر مير صاحبان جي استاد هجڻ جو فخر حاصل هئس. ڏکين بيتن جي حل ۾ بي مثل هو. سندس عمر ۸۰ سال هئي. پاڻ نثر ۽ نظم جو استاد هو. پاڻ لطيفي سجاده نشين مرحوم سيد الله بخش شاهه جي انتقال تي بيت چيائين.
    فارسي: زنور لطيفي جمال علي، چراغ الله بخش شد منجلي
    ترجمو: علي جي جمال ۽ لطيفي نور کان، الله بخش جو ڏيئو روشن ٿيو.
    هن گھراڻي جو پهريون سجادو سيد جمال شاه هو انهيءَ لاءِ چيائين.
    فرزين و بيذق آمد صد مهره شطرئج، ليڪن بوقت بازي رخ هردو سوئي شاه است.
    آخوند احمد هڪ فارسي ڪتاب تحفة السلاطين لکيو هو. جنهن جي آخر ۾ لکيو اٿس ته ۱۰ ربيع الاول ۱۲۷۰ هه مصنف احمد پٽ آخوند عبدالعليم پٽ آخوند رحمت الله پٽ آخوند الله بخش رهندڙ هالا مدرس خاص سلاطيني قديم. آخوند اميد علي سها جو دوست هو. سيد غلام محمد شاهه گدا ديني علم ۾ سندس شاگرد هو. سندس طريقو قادري هو. پاڻ سيد علي گوهر پٽ صبغت الله پٽ سيد محمد راشد عليه رحمة جو مريد هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ٻئي مير نصير خان ٽالپر جا پٽ به سندس شاگردن مان آهن. تاريخ ڪڍڻ جي فن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ شعر چيل آهن. پاڻ ۱۲۱۷هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هالا جي قبرستان ۾ دفن ٿيو. سئو سالن کان وڌيڪ زنده رهيو. “ (بياض مولوي دين محمد وفائي)
    آخوند اميد علي پٽ حاجي عبدالله پٽ حافظ نور محمد قريشي، عقيلي هالائي مشهور سانوڻي آخوند جي خاندان مان هو سندس تخلص سها هو. پاڻ نظم ۽ نثر جو ڄاڻ، حافظ قرآن ۽ سٺو لکندڙ هو. شاهه عبدالقيوم مجددي (۱۲۲۰ ھ ۱۲۷۱ ھ ) جي بعيت ڪيائين (مونس المخلصين ص۲۲) آخوند صاحب ڪاتب ۽ سٺو لکندڙ هو. سندس ڪيترا لکيل ڪتاب ڪتب خانه مجديه ٽنڊي سائينداد ۾ موجود آهن. جيئن ته مڪتوبات معصومي، عمده المقامات ۽ ٻيا. علم جعفر ۽ عمليات جي مهارت هئس. هڪڙو ڪتاب لکيائين جيڪو فارسي شعر ۽ تاريخ ڪڍڻ بابت سندس دور ۾ مشهور هو. مير حسين علي ٽالپر کيس تمام گھڻو چاهيندو هو، ۽ گھڻو ڪري آخوند صاحب حيدرآباد ۾ مير صاحب جي صحبت ۾ گذاريندو هو، سندس”ديوان“ ، ”انشا“، ”سفرنامہ ڪلڪة“ ”رسالہ در علم تڪثير“ کان سواءِ قصيده برده کي فارسي شعر ۾ ترجمو ڪيائين ۽ ٻيا ڪتاب ”قدسيات قيوميه“ جيڪو، سندس مرشد شاهه قيوم جي حالات بابت لکيائين ۽ انجي آخر ۾ ساراهيه قصيدا مرثيه، مرشد جي لاڏاڻي جون تاريخون گھڻيون ڏنيون اٿس. جن مان هڪ هي آهي.
    ظهر الهدي بنعاليه رفــــع التقا بخصـــــــــــالہٖ
    شرح الصدور بقالہٖ، ڪشف الدجيٰ بجمالہٖ
    ڪانت سينن و وصالہٖ، بلغ العلي بڪمالہٖ
    ۲۷۱ھ مــــونس المخلصين ص ۳۹.
    سندن تعليم مان هدايت ظاهر ٿي. خصلتن مان تقوي بلند ٿي.
    کليا سينا سندس گفتگو سان حسن سان اوندهه ۾ روشني ٿي.
    سندن گذارڻ جا سال هئا، ”بلندي کي پهتو ڪـــــــــــــمال سان،“
    هڪ ڀيري پنهنجي خاص دوست بهادر جي تعريف ۾ هڪ رباعي چيائين ته:
    بهادر چادر سيت پاکيزه اي، نه باشد چنين گوهري در صدف
    شهر جوهري قدر او را شناخت، بهان گران رامده باخذف
    بهادر پاڪ موتي مثل آهي، سڀ ۾ اهڙو موتي نه هونـدو
    هر جوهري هن جو قدر نه سڃاڻي سگھنـ‎دو
    ڳري قيمت واري کي ٺڪر تي نه ڏي.
    آخوند احمد هالائي (وفات ۱۲۱۷هه) جيڪو مشهور شاعر ۽ هن جو دوست هو، هن جواب ۾ هيءَ رباعي چئي.
    بهادر نه دريست پاکيزه اي، زخم مهر مهره ارزان برابر خذف
    چه شعراءِ تابع غواگفہ حق، تو داناي هستي مفرما قـــــــــــــــــذف
    بهادر پاڪ موتي نه آهي ، ڪوڏي کان سستو ٺڪر برابـر آهي
    شاعرن جھڙو حق چوڻ کان گمراه تون داناءِ آهين ڄاڻي واڻي ڪوڙ نه چئه
    هن بابت ٻيا به ڪيترا ڏي وٺ جا شعر ٻنهي طرفان چيا ويا هئا. مونس المحبين جو لکندڙ سندس تاريخ وفات ۱۱ رجب ۱۲۱۲هه لکي آهي. مولانا دين محمد وفائي پنهنجين يادگيرين ۾ ۱۵ ربيع الاول ۱۲۲۸هه لکي آهي. ٻي تاريخ ” وهو دخل بجنة السلام“ مونس المفلصين واري لکيو آهي ته لا خيال بودلي جي مقبري ۾ هالا ۾ دفن ٿيل آهي.
    قاضي ميان عبدالقوي صاحب هاله ڪنڊي جو رهندڙ هو، سندس تخلص پهريائين شريف هو پر پوءِ ملتجي تخلص ٿيس نظم ۽ نثر جو ڄاڻو هو. پاڻ نازڪ خيال ۽ شيرين مقال هو ۽ علم وارن جو قدر دان پڻ قاضي صاحب درگاهه حضرت مخدوم نوح قدس سره جو مريد هو. سندن انتقال جي تاريخ قاضي صاحب هن طرح لکي آهي.
    فيض حق فياض عالم حضرت مخدوم نوح
    ”آنکہ از دست يدالله يا فتة تلقين بحـــــــــــق
    زين سبب کز شاه دين بيواسطہ تعليم يافت
    درد بستان ولايت ز اوليا برده سبـــــــــــــــــــــــق
    چونگہ فيض مطلق امد ذات پاڪش در جھان
    گفت هاتف سال تاريخ وصالش ” فيض حق “
    حضرت مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن مخدوم الحق بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم فخرالدين سهروردي صديق هالائي ۹۱۱ هجري ۾ پيدا ٿيا ۽ وفات ۲۷ ذوالقعد ۹۹۸ هجري ۾ ڪيائون جنهن تي ملا قاسم هڪ قطعو تاريخ جو چيو.
    بود آنکہ نهصد و هم يازده بوده فـــــــزون
    سال تاريخ ولادت ان ولايت کيـــــــــــش دان
    مدتي عمر گراي آن گرامي مـــــــــايـــــــــد را
    جملہ همشتا دو همفت سال بود اندر جھان
    سال فوت آن غوث حق پر سيد چون از خود
    از سر حسرت فغان برداشت آنکه گفت هان
    از سنہ نهصر و هشتاد هڙ ده زفت صبــــــح
    بيست هفتپم درشب پنجسلبہ ذي قـــعد دان
    (دليل الذاڪرين)
    حافظ غلام محمد سانوڻي هالا جو رهندڙ هو سندس تخلص غلام هو. عربي ۽ فارسي تي عبور هوس پاڻ آخوند احمد صاحب جو پٽ ۽ مير سيد غلام محمد ”گدا“ جو استاد هو. افسوس جو پاڻ جواني ۾ ئي گذاري ويو (۱۲۹۸هه ۾.)
    آخوند محمد قاسم پٽ نعمت الله قريشي هالا جو رهندڙ هو. ۱۲۲۱ھ ۱۸۰۶ع ۾ ڄائو هو. پنهنجي دور جو فارسي ۽ سنڌي جو بهترين شاعر هو. افسوس جو هن کي خليل تڪمله ۾ جاءِ نه ڏني آهي. آخوند قاسم تمام گھڻا شعر چيا آهن غزل جو استاد هو. بهترين قصيده چوندڙ هو، عربي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪندو هو. شعر جو اڪثر صنفون سندس ڪتابن ۾ موجود آهن. آخوند مرحوم شروع ۾ انگريز حڪومت جو معمولي ملازم منشي هو. پوءِ اها نوڪري ڇڏي مير علي مراد خان ٽالپر والي خيرپور سنڌ جي دربار ۾ مير حسن علي خان ٽالپر سان وابسته ٿيو. مير علي مراد خان ٽالپر طرفان آخوند قاسم کي ٻه سئو روپيه پگھار ملندي هئي. ۽ مير حسن علي ٽالپر سندس قدر شناسي ڪري انعام طور پنج رپيه مهينو مقرر ڪيا. آخوند صاحب ۱۲۹۸ھ ۱۸جنوري ۱۸۸۱ع اڱاري ڏينهن گذاري ويو ۽ پنهنجي وطن هالا ۾ دفن ٿيو. سندس ديوان سنڌيءَ ۾ ديوان قاسم جي نالي ۱۸۷۵ع ميرزا قليچ بيگ جي مقدمي سان شايع ٿيو هو پر سندس فارسي ديوان اڃا شايع نه ٿيو آهي. ” مفرح القلوب“ ۾ لکي ٿو ته:
    زدست لطف شہ خيرپور ديده شود
    که تاچه پرورش مـــــــــا پديد مي آيد
    هڪ قصيده ۾ مير حسن علي خان حيدرآباد واري لاءِ چوي ٿو ته:
    من و دعئہٗ بودتا قوام قصر جھان
    سوال دبدبده دولتش قــــــوي بنياد
    بعز و جاه و جلال و فال عهد مدام
    خداش نا مور و نامدار گــــــــــردا ناد
    هر که درملکـــ ”لار“ ميماند، زير آسيب آسمان باشد
    ور برد در کراچي آب ر خروم ، لطف حق پيش و بيکران باشد
    هاله ڪنڊي ۾ هڪ ٻيو شاعر به قاسم نالي ۽ تخلص سان سانوڻين جي خاندان ۾ آخوند محمد قاسم پڻ نعمت الله کان ۵۰ سال اڳ ٿي گذريو آهي. جنهن جو پورو ديوان ته نه مليو آهي. پر سندس مختلف لکڻيون مون کي (حسام الدين راشدي) هٿ آيون آهن. تخلص ۽ نالي جي هڪجهڙائي ڪري سنڌ جي ڄاڻو عالمن هنن ٻنهي شاعرن کي هڪ ڪري سمجھيو آهي. حالانڪ هي شاعر ٻيو آهي. جنهن بابت مختصر معلومات هن ريت آهي. آخوند محمد قسم پٽ آخوند محمود مشهور سانوڻي آخوند جي خاندان مان هو، هن پنهنجي پيءَ کان تعليم حاصل ڪئي. سندس والد آخوند محمود به عالم هو ۽ نصرپور جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. ۱۱۷۲هه کان پوءِ گذاري ويو ۽ ان ڳوٺ ۾ ئي دفن ٿيو. محمد قاسم پيءَ جي وفات بعد نصرپور جي مدرسي ۾ پيءَ جي جاءِ سنڀالي ۽ پوءِ وري ٽنڊي مير ڄام خان ۾ اچي رهيو ۽ اتي اچي پڙهائڻ لڳو. سندس ديوان فارسي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٻين بهترين شعرن سان گڏ پنهنجي شهر هالڪنڊي جي ساراهه ڪندي چئي ٿو ته:
    يا ربّ شگفتہ باده، گلزار هاله ڪنــــــــــدي
    آباد رکجان سائين گلزار هاله ڪــــــــــــــــــــــنڊي
    سر سبز و سايہ گستر اشجار هاله ڪندي
    ساوا هجن سدائين اشجار هاله ڪــــــــــــــــــنڊي
    پروردگار عالم از لطف بي نهايــــــــــــــــت
    ساري جھان جا مالڪ ڪر ٻاجهه تون مڙن تي
    رونق پذير گرده هر ڪار هاله ڪنــــــــــــدي
    سولا ڪجاءِ سڀ ڪم ۽ ڪار هاله ڪــــــــــنڊي
    با حرمت محمد و اصحاب آل پاکــــــــــــــش
    نالي نبيءَ جي ۽ صدقي سندن صحابــــــــــــــــن
    فضل خدا ست هردم معمار هاله ڪنـــدي
    رب جو فضل آ هردم معمار هاله ڪنــــــــــــڊي
    چون گل شگفته هر دم، باد از نسيم فرحت
    گل وانگي آ ٽڙيل ۽ ٿڌڙي هتي هوائـــــــــــون
    يا رب ز فضل عامت خوشدار هاله ڪــــــندي
    قادر جي آ ڪرم سان خوشدار هاله ڪنــــــڊي
    هريکـ بعلم نامي، هريکـ بفضل سامــــــــــــــي
    مشهور آ ملڪن هر ڪو هتي جو عالــــــــــــم
    هر يڪ عديل جامي، ابرار هاله ڪنــــــــــــدي
    هر هڪ آ جامي جھڙو ابرار هاله ڪـــنــڊي
    ازبسکہ بيمثال است، اندر بلاد گيتي
    بازار بي مثل آ ناهي سا ڪنهن شــهر ۾
    ورد زمان علام، اذڪار هالـه ڪنـــــدي
    دنيا جي آ زبان تي اذ ڪار هاله ڪنـــــــڊي
    هر ڪوچه چون گلستان هر خانه کاخ جنت
    هرجاءِ ڄڻ گلستان هر گھر هتي جو جنت
    از روضہ ارم بہ بازار هاله ڪنـــــــدي
    آهي ڀلي ارم کان بازار هاله ڪنــــــــــــــــڊي
    مرغول مهو شانش هر ڪس کة ديد گفتــا
    سهڻن جا پيچ پائڻ هر هڪ ڏسي چيو ٿــي
    از چين و شام بهتر صد بار هاله ڪندي
    آ چين شام کان مٿ سئو بار هاله ڪنڊي
    کر جا ڪني بجنت هر دم ز شوق گوئـــي
    هر وقت شوق مان جي جنت ۾ جاءِ ڳولهين
    با شد که باز بينم ديدار هاله ڪـــــــــــــندي
    ات ڀي ڪريا سڌون مان ديدار هاله ڪنڊي
    در ديده سڪندر منشان طبع روشــــــــــــــن
    روشن دماغ ماڻهن ۽ سوچن ۾ سڪـــــــندر
    آئينہ هست هريکـــ ديوار هاله ڪنـــــــــدي
    چمڪي جتي ٿي هر هڪ ديوار هاله ڪنڊي
    قا حشر غم نه بيندز آفات ” قاسما “ او
    ڪوسو ڪو واءُ ڪڏهين ”قاسم“ لڳي نه ڪڏهين
    مخدوم نوح باشد، دار هاله ڪـــــــــندي
    مخدوم نوح ٿيو آ سردار هاله ڪـــــــــــــنڊي.
    ديوان قاسم حيدرآباد جي ٽالپري ڪتب خاني ۾ موجود آهي. جنهن جي آخر ۾ لکي ٿو ته تاريخ ڇهين مهينو رجب ۱۲۱۲هجري ڏينهن يڪشنبہ لکندڙ حقير فقير پر تڪسير محمد تقي غفرالله العلم ان ديوان ۾ هڪ مدح هڪ ساراهه مخدوم هاله ڪنڊي ۾ هڪ مدح سندس پٽ محمد حيات جي فارسي غزل ۽ ۸ اردو غزل شامل آهن (مهراڻ جون موجون ص ۴۵) ٻئي هنڌ وري هاله ڪنڊي جي ساراهه ڪندي چوي ٿو ته.
    شيرين و خوشگواه، هست اب هاله ڪندي
    وڻندڙ مٺو ڀلو آ ٿيو آب هاله ڪنڊي
    يادم دهدز ڪوثر، ڪولاب هاله ڪــــــــندي
    ڏياري ٿو ياد ڪولاب هاله ڪنــــــــڊي

    هر باغ .”باغ رضوان، هريڪ درخت طوبيٰ
    هر باغ آهي رضوان، هر وڻ هتي جو طوبيٰ
    باشد دري ز جنت هر باب هاله ڪنـــــــــــــدي
    جنت جو در هجي شل هر باب هاله ڪنـــــڊي
    يا رب دعائي قاسم کن مستجاب هـــــر دم
    مولا قبول ڪر تون ”قاسم“ سندي دعا کــي
    باشند خوش هميشہ اصحاب هاله ڪــــــندي
    خوش ٿي رهن سدائين اصحاب هاله ڪنڊي.
    کيس ٻه پٽ هئا هڪ جو نالو محمد حيات ۽ ٻئي جو محمود هو. محمود جي ڄمڻ جي تاريخ هن ريت چئي اٿس. تاريخ تولدش خرد گفت، ”محمود زهي بيخت محمود ۱۲۱۲ هه. آخوند محمد قاسم فارسي ۾ پنهنجي باري ۾ ۽ پنهنجن پٽن جي باري ۾ به شعر چيا پاڻ حافظ ۽ سعدي جو عقيدت مند هجڻ سبب سندن ساراهه ۾ پڻ شعر چيا آهن. ديوان قاسم جو هڪ نسخو، جنهن جي لکڻ جي تاريخ ۹ شوال ۱۲۴۰ ھ آهي. سرڳواسي صوڀراج ”فاني“ جي ڪتابن ۾ به موجود آهي. ڊاڪٽر سدا رنگاڻي پنهنجي ڪتاب لاءِ ان مان مدد ورتي هئي.

    (هي مضمون ڪافي جاين تي ڇيپو آهي. اسان ماهوار پيغام جي مئي جون 1991 جي حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح جي حوالي واري خصوصي شماري تان کنيل آهي. ڪجھ مواد ورجاءُ کان بچڻ لاءِ حدف ڪيو ويو آهي.)


    خداآباد ثاني

    غلام محمد لاکو
    خداآباد ثاني
    ڪلهوڙن جو آخري تختگاهه

    ڪلهوڙن سنڌ تي اٽڪل روءِ هڪ صديءَ تائين راڄ ڪيو. انهن جي حڪومت جي ابتدا سترهين صديءَ جي خاتمي ڌاري ٿي ۽ پڄاڻي ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري ٿي. سنڌ تي ڪلهوڙن جي راڄ بابت، سنڌي ادبي بورڊ مناسب مواد مهيا ڪيو، جڏهن هي ادارو سن 1951ع ۾ قائم ٿيو. بورڊ شروع ۾ هن دور تي اصل ۽ بنيادي ڪم شايع ڪيو ۽ پوءِ ٻن جلدن ۾ مولانا غلام رسول مهر جي لکيل ”تاريخ ڪلهوڙا“ سال 1958ع ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي. ان ريت پڙهندڙن، عالمن ۽ محققن کي سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور بابت، نئون، جامع ۽ مستند مواد دستياب ٿيو. ان هوندي به مورخن کي اڃا ٻه سوال ڪرڻا باقي هئا.
    1. پهريون ڪلهوڙو حڪمران ڪير هو ۽ پاڻ ڪهڙي سال ۾ اقتدار ۾ آيو؟
    2. انهن جا تختگاهه ڪٿي ۽ ڪيترا هئا، جتان ڪلهوڙن حڪومت ڪئي؟
    مونکي هنن ٻنهي نڪتن بابت مفصل طرح سان تحقيق ڪرڻ جو موقعو مليو. مون اٺ سال اڳ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي اڀرڻ بابت هڪ مقالو لکيو، جنهن ۾ ثابت ڪيو ويو ته ميان نصير محمد هن خاندان جو پهريون حڪمران هو. پاڻ 1092هه/ 1681ع ڌاري اورنگزيب سان سڌي يا اڻسڌي معاهدي ذريعي، سنڌ جي ڪجھ حصن جو حاڪم بنيو(1). سندس تختگاهه ”ڳاڙهي“ هو، جو اڄوڪي دادو ضلعي ۾ موجود هو. ان کان علاوه مون همعصر مواد جي آڌار تي، ڪلهوڙن جي تختگاهن بابت پڻ قبوليت جوڳو مواد موجود ڪيو(2). مون هيگ جي هن خيال کي به رد ڪيو ته خانوٺ، احمد آباد ۽
    ڪاهر ٻيلو (کاهر ٻيلو)، ڪلهوڙن جا تختگاهه رهيا هئا(3). ڪوبه همعصر ماخذ هيگ جي راءِ کي قبول نٿو ڪري.
    ڳاڙهيءَ کان حيدرآباد تائين:
    ڪلهوڙا حاڪم ٻن مسئلن جي ڪري هميشه ڊنل رهيا ٿي. هڪ طرف کين ٻاهرين حملن جو خطرو رهيو ٿي، ۽ ٻئي طرف طاقتور سنڌو درياهه انهن کي ڊيڄاريندو رهيو ٿي: جو سدائين پنهنجو پيچرو تبديل ڪندو رهندو هو. ان پس منظر ۾ ڪلهوڙن پنهنجا يارهن سرڪاري مرڪز يا تختگاهه مقرر ڪيا هئا. ميان نصير محمد ان مقصد لاءِ ”ڳاڙهي“ کي موزون سمجھيو. هي شهر ڪاڇي جي علائقي ۾ هو ۽ ان جا ڦٽل آثار اڄ به دادو ضلعي ۾ ڏسي سگھجن ٿا.
    ميان دين محمد جي دور ۾ هي شهر سرڪاري مرڪز رهيو. شهزادي معزالدين سن 1110هه (1698ع) ۾، هن شهر تي حملو ڪيو. ڪلهوڙن ۽ مغلن ۾ وڏا دنگل ٿيا. مغلن جا مشهور ڪمانڊر - لطف علي، راجا سورج مل ۽ پهاڙ خان - هنن معرڪن ۾ مارجي ويا(4). مغلن جي سوڀاري لشڪر آخرڪار هن شهر کي ساڙي ٻاري رک ڪري ڇڏيو(5). ان بعد ميان يار محمد، پنهورن کان شڪارپور نالي شهر کسيو، ۽ ان کي ”خدا آباد“ جو نالو ڏئي پنهنجو تختگاهه بنايو(6). هي شهر وڏي عرصي لاءِ سنڌ جو تختگاهه رهيو. هن شهر کي هاڻي ”خدا آباد پراڻي“ سڏيو ٿو وڃي ۽ ان جا آثار دادو شهر جي ڀرسان ڏسي سگھجن ٿا. ميان يار محمد جي جانشين ميان نور محمد پنهنجي حڪومت ۽ حياتيءَ جا آخري چار سال ”محمد آباد“ ۾ گذاريا. هي شهر موجوده موري شهر جي آس پاس موجود هو. بعد ۾ مرادياب خان، نصرپور جي ڀرسان پنهنجو سرڪاري ماڳ ”مراد آباد“ جي نالي سان قائم ڪيو. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايجنٽ براهي (BRAHE) لکيو آهي ته، ”ميان صاحب سن 1757ع ۾ نصرپور جي ڀرسان پنهنجي سرڪاري مرڪز ۾ موجود هو“(7). هن گھراڻي جو آخري طاقتور حاڪم ميان غلام شاهه هو. هن هڪ کان وڌيڪ پنهنجا سرڪاري شهر ٺهرايا. هن جو پهريون ماڳ ”الهه آباد“ هو، جو اڄ موجود ڪونهي. منهنجو خيال آهي ته موجوده دولت پور صفن شهر جي آس پاس، هن قديم ۽ ڦٽل ماڳ کي ڳولڻ گھرجي(8). هن شاهه ڳڙهه (ٺٽو ضلعو)، شاهه پور اول ۽ شاهه پور دوم (ضلعو حيدرآباد)، جي نالي سان به سرڪاري ماڳ تعمير ڪرايا، جتي ٿورو ٿورو وقت رهيو. پاڻ آخرڪار موجوده ”حيدرآباد“ جو شهر تعمير ڪرائي، ان کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪري ويٺو. ميان صاحب هن شهر ۾ هڪ عاليشان ۽ طاقتور قلعو پڻ اڏايو، جو هاڻي خسته حالت ۾ موجود آهي. ميان عطر خان تمام ٿوري وقت لاءِ حڪمران بنيو ۽ نوشهري فيروز مان حڪم هلايائين.
    خدا آباد ثاني يا خداآباد ثالث؟
    ان کان ڳ جو اسين خدا آباد ثاني يا نئين خدا آباد جو ذڪر ڪيون، ڪجھ نڪتن جي صفائي ڪرڻ ضروري ڏسجي ٿي. خدا آباد ثاني (خدا آباد نئين) کي محبوب علي چنا صاحب، غلطيءَ مان ”خدا آباد ثالث“ سڏيو آهي(9). چنا صاحب هن ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ جي غير واضع لکت کي غلط سمجھيو آهي(10). مير علي شير قانع، مولانا مهر ۽ ڊاڪٽر بلوچ - خدا آباد ثالث واري خيال کي قبول نٿا ڪن. ڪلهوڙن جي تاريخ هن نالي سان صرف ٻن شهرن جي تصديق ڪري ٿي. هڪ شهر دادو جي ڀرسان هو ۽ ٻيو ساڳئي نالي وارو ماڳ هالا شهر جي نزديڪ هو.
    خدا آباد ثاني - ڪلهوڙن جو آخري تختگاهه :
    خدا آباد ثاني - هڪ بد قسمت شهر، ڪلهوڙن جي هڪ آخري حاڪم ميان سرفرازخان تعمير ڪرايو هو. خاطريءَ سان هي شهر ڪلهوڙن جو آخري تختگاهه ثابت ٿيو. ميان غلام شاه 13 جمادي الاول 1186هه (12 آگسٽ 1772ع) تي وفات ڪري ويو. کيس پنهنجي ٺهرايل محبوب شهر جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو(11). ميان سرفراز هن جو پٽ، سندس جانشين بنجي ويٺو. پاڻ شوال 1188هه/ ڊسمبر 1774ع تائين، حيدرآباد ۾ رهي حڪومت ڪيائين. ان وچ ۾ احمد شاهه مري ويو ۽ تيمور شاهه ڪابل ۾ نئون حاڪم بنجي ويٺو. تيمور شاهه، ميان سرفراز کي خدا يار خاني خطاب سان گڏ ”ديره جات“ جا علائقا (ديره اسماعيل خان ۽ ديره غازي خان) پڻ هن جي سپرد ڪيا. هن گجرات ۽ ڪڇ ۾ سوڀون حاصل ڪيون. ڪامياب مهمن کان پوءِ موٽندي پارڪر جو رستو ڏئي، ميان سرفراز نئين تختگاهه يعني ته ”خدا آباد ثاني“ ۾ داخل ٿيو. هن باري ۾ هڪ همعصر مورخ مير علي شير قانع لکي ٿو ته :
    ”سر انجام، اوايل ماه شوال بخيريت و نصرت روبرو بشهر نو، الموسوم به - خدا آباد - تشريف ارزاني داشته اند“ (12).
    خدا داد خان، هڪ پوءِ جي تاريخدان، هن شهر کي غلطيءَ مان مرادياب خان جي نالي منسوب ڪيو آهي :-
    ”محمد مرادياب خان، ملقب به سر بلند خان، خاطر خود را از جميع انديشها تشفي داده خدا آباد نامي شهري آباد نموده، اورا دارلمملکت قراداد“(13).
    ايم ايڇ، پنهور صاحب پڻ خداداد خان جي پيروي ڪئي آهي (14). پر جيئن اسان کي علي شير قانع ٻڌايو آهي (جيڪو هڪ همعصر مورخ هو)، ته هي شهر ميان سرفراز جي حڪمن هيٺ تعمير ٿيو ۽ پاڻ بيروني حملن ۾ سوڀارو ٿي، هن مرڪز ۾ شوال 1188هه/ ڊسمبر 1774ع ۾ داخل ٿيو. مرزا قليچ بيگ پڻ هن تاريخ جي تائيد ڪري ٿو(15). هي شهر موجوده هالا شهر کان اولهه ۾، ڏيڍ ميل کن پري تعمير ڪيو ويو هو. تختگاهه جي حيثيت ۾ هن شهر امن امان جو صرف هڪ سال ڏٺو. سرڪاري ۽ سياسي گڏجاڻين کان علاوه، ان هڪ سال ۾ هتي ادبي بيٺڪون به ٿيون، ته مذهبي مباحثا به ٿي گذريا. ڊاڪٽر دائود پوٽي هن شهر ۾ ميين عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ٻين مذهبي عالمن ۾، ٿيل هڪ مذهبي بحث جو ذڪر ڪيو آهي(16). وقت جو حاڪم ميان سرفراز پاڻ به هڪ اديب ۽ سنڌي توڙي فارسي ٻولين جو سٺو شاعر هو. خدا آباد ۾ هن جي اردگرد ڪيئي شاعر اچي گڏ ٿيا هئا. جن پاڻ کي سٺو شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان مقابلا پئي ڪيا. هتي ٿيل هڪ ادبي بيٺڪ ۾ مير علي شير قانع پاڻ کي شيوڪ رام عطارد کان بهتر شاعر ثابت ڪرڻ واسطي، پنهنجي سرپرست ۽ وقت جي حاڪم ميان سرفراز جي شان ۾ هڪ قصيدو پڙهيو هو. ان قصيدي جون ڪجھ سٽون هن ريت آهن :
    شنيده شد که فضولي، بخود ستائيها
    قدم ز مرتبهء خويش بيشتر بنهاد
    بگفت: سخن نتوانند همچو من، گفتن
    رجا و قانع و مداح و مومن و آزاد
    بلي! زکوزه نزاود همان که اندر او
    بمدح خود ذم احباب نيست شان سداد
    کنيم فرض که آمد ”عطارد“ از گردون
    مگر بهند چنين بار را ز حل بنهاد
    قسم بخالق ارض و سما، که مشهور است
    ز نسل هند به آل عبا، قديم عناد
    هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ميان سرفراز جي درٻار ۾ شاعر شيوڪ رام عطارد ٻين همعصر شاعرن - محمد پناه رجا، غلام علي مداح، غلام علي مومن، ٻالچند آزاد ۽ مير علي شير قانع - کان پاڻ کي وڏو شاعر سمجھندو هو(17). حڪمران خاندان لاءِ بهرحال هي تختگاهه نڀاڳو ثابت ٿيو. هن شهر جي قيام کان صرف هڪ سال پوءِ، درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. ان وقت جي ٻن با اثر قبيلن ليکي ۽ ميرن ٽالپرن ۾ ويڙهه جو آغاز ٿي ويو. ميان سرفراز کي درٻاري سازشن ۽ گھرو ويڙهه تي ضابطو رکڻ جو تجربو نه هو. نتيجو هي نڪتو جو رڳو ميان صاحب پاڻ نه مُئو، پر ان سان گڏ هن خاندان جي حڪومت جو پڻ خاتمو ٿي ويو.
    راڄو ليکيءَ جي ڀڙڪائڻ تي آخرڪار جمادي الثاني 1189هه/ آگسٽ 1775ع ۾، مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار ڪورٽ ۾ مارجي ويو. ٽالپرن موٽ ۾ محلات تي حملو ڪيو ۽ ميان سرفراز ڀڄي اچي حيدرآباد کان نڪتو. سندس ننڍي ڀاءُ محمود کي حاڪم بنايو ويو. مير بجار ولد مير بهرام جي غير موجودگيءَ ۾ (جيڪو ان وقت حج پڙهڻ ويو هو)، هي واقعا ٿي گذريا. ليڪن جڏهن مير صاحب سنڌ موٽي آيو، تڏهن طاقت جو اصل سرچشمو تاجو ليکي بنجي چڪو هو. ڇو ته راڄو ليکي هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو هو.
    ستت محمود کي هٽائي ميان غلام نبيءَ کي سنڌ جو حاڪم بنايو ويو. جلد پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو لشڪر شهدادپور جي ڀرسان لانياريءَ وٽ هڪ ٻئي جي سامهون ٿيو. خيرخواهن وچ ۾ پئي جنگ کي ٽاريو، ليڪن ميان غلام نبي خود پنهنجي سپاهين هٿان مارجي ويو. هي واقعو 1190هه/ 1776ع ۾ ٿي گذريو. ان کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ جي چرچ تي حيدرآباد جي قلعي ۾، چار ٻيا شهزادا به قتل ڪيا ويا. انهن ۾ ميان سرفراز، سندس پٽ محمد خان، هن جي ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان جا نالا اچن ٿا. هي قتل عام 1191هه/1777ع ۾ ٿي گذريو.
    عبدالغني ڪلهوڙو سنڌ جو نئون حاڪم بنجي ويٺو. هن سن 1194هه/ 1780ع تائين امن امان سان حڪومت ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ وري درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. هاڻي مير بجار کي قتل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو وري حاڪم کي خدا آباد مان ڀڄڻو پيو. مدد خان سندس مدد ۾ سنڌ پهتو، ليڪن کيس خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي. هن موقعي تي پاڙيسري رياست بهاولپور دخل ڏنو ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم ۽ ٽالپرن ۾ معاهدو ٿي ويو. سازشون پوءِ به جاري رهيون. نتيجي ۾ مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان، سن 1196هه/1781ع ۾ درٻار ۾ مارجي ويا. هي سڀ واقعا ”خداآباد ثاني“ کي ڏسڻا پيا. آخرڪار ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ سن 1198هه/ 1782ع ۾، هالاڻيءَ جي ميدان تي فيصله ڪن معرڪو ٿيو. نتيجي ۾ ڪلهوڙن جي راڄ جي پڄاڻي ٿي ۽ سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي (18).
    ڪلهوڙن کان پوءِ خدا آباد جون حالتون:
    مير فتح علي خان سنڌ ۾ ٽالپرن جو پهريون حاڪم ٿيو، جنهن سن 1204هه/ 1789ع تائين ”خدا آباد ثاني“ ۾ پنهنجو تختگاهه قائم رکيو(19). موجوده دور ۾ اتي ڪلهوڙن جو ڪوبه آثار ڪونهي. جيڪي به ٿورا گھڻا آثار بچيا آهن، انهن جو تعلق ٽالپرن جي دور سان آهي. بچي ويل تاريخي اهڃاڻ به هاڻي نهايت خراب حالت ۾ آهن.
    هتي موجود اڪيلو ۽ نمايان مقبرو مير فتح علي خان ٽالپر جو آهي. مير صاحب 1217هه/ 1802ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. هن جو پٽ مير صوبيدار خان (وفات: 1262هه/ 1846ع) ۽ مير محمد علي ٽالپر (ولد مير صوبيدار خان)، جنهن 1278هه/ 1862ع ۾ وفات ڪئي، اهي پڻ هن مقبري ۾ پوريل آهن. ٽالپر خاندان جو ٻيو حڪمران مير غلام علي ٽالپر (وفات: 1227هه/ 1811ع) به هن قبي ۾ دفن آهي. هن مقبري ۾ موجوده پنجين قبر بابت خاطري ڪانهي. معلوم ٿئي ٿو ته اها قبر هڪ عورت جي آهي. جنهن سن 1264هه/1848ع ۾ وفات ڪئي هئي.
    مقبري جي اوڀر ۾ ٽي چوڪنڊيون آهي. جن ۾ گھڻيون قبرون ڏسجن ٿين، انهن ۾ ٻه قبرون مير بهرام (وفات:1242هه/1826ع) ۾ مير بجار (وفات: 1220هه/1805ع) جون آهن.
    چوڪنڊين جي اتر ۾ هڪ وڏي تجر اڄ به ڏسڻ جھڙي آهي. گھڻي خاطري آهي ته هي تجر مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي ٽالپر جي والده هئي.
    مقبري جي اولهه-ڏکڻ ۾ ڪجھ وکن تي، سنڌي تعمير جو هڪ عمدو نمونو، اڄ به مسجد جي صورت ۾ موجود آهي. هي مسجد هالاڻي شهر ۾ قائم مسجد محراب وانگر ٺهيل آهي. روايت آهي ته خدا آباد جي هي مسجد، مائي خيريءَ جي هدايت تحت سن 1244هه/1799ع ۾ تعمير ٿي هئي.
    مسجد جي اتر-اولهه ۾ ڪجھ مکيه ماڻهو دفن ٿيل آهن. اصفهان جو سيد عبدالهادي ابتدا ۾ مدارس ويو ۽ پوءِ ميان نور محمد جي دور ۾ سنڌ پهتو. پاڻ سن 1193هه/1779ع ۾ وفات ٿيو ۽ هتي دفن ٿيو. سندس پٽ ابراهيم شاهه به هن جي پهلوءَ ۾ دفن ٿيل آهي.
    مسجد جي اولهه ۾ هڪ چوڪنڊي آهي. جنهن ۾ مير تاج محمد دفن ٿيل آهي. جيڪو غالبن 1212هه/1797ع ۾ وفات ڪري ويو هو. ساڳي ايراضيءَ ۾ ٻه وڌيڪ چوڪنڊيون آهن. انهن مان هڪ چوڪنڊيءَ ۾ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبيدار ابدي ننڍ ستل آهن؛ جن کي ميان سرفراز جي درٻار ۾ سن 1189هه/1775ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. هتي هڪ قبر مير بجار جي آهي، جنهن کي هن شهر ۾ ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾، سن 1194هه/1780ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. مقامي روايتن موجب هنن آثارن کان اتر طرف، ڪجھ وکن تي ڪنهن وقت ۾ مائي گلان ۽ ميان سرفراز جون ماڙيون موجود هيون(20). تازو مون خدا آباد وڃي هنن آثارن کي ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيو. هتي موجود اڪيلو مقبرو، هڪ تجر، هڪ مسجد ۽ ڪجھ چوڪنڊيون - اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ساک ڀري رهيون آهن. گھڻو ڪري هي سڀ آثار ختم ٿي چڪا آهن. انهن تي لڳل ڪاشيءَ جون خوبصورت سرون ڀڄي ڀُري پيون آهن، پڪيون تعميرات ڊهي ڍير ٿي ويون آهن ۽ مکيه مقبري وارو ڪوٽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پيو آهي، جيڪڏهن هي صورتحال ڪجھ وقت به جاري رهي، ته پوءِ ڪوبه تاريخي اهڃاڻ سلامت نه رهندو!

    حوالا ۽ حاشيا
    1. منهنجو مقالو: ”ڪلهوڙا ڪڏهن ۽ ڪيئن حڪومت ۾ آيا؟“ ڪتاب ”مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ سال 1988ع.
    2. منهنجو مقالو: ”ڪلهوڙن جا تختگاهه“ سه ماهي ”مهراڻ“ نمبر 2-3، سال 1983ع.
    3. هيگ: ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ مختلف صفحا، نئون ڇاپو، انڊس پبليڪشن ڪراچي 1972ع.
    4. ايس. معين الحق: ”خافي خانس هسٽري آف عالمگير“ ص ص 57_456، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي 1975ع.
    5. مير علي شير قانع: ”تحفته الڪرام“ سنڌي ڇاپو، ص 261، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ، سال 1976ع.
    6. ساڳيو ڪتاب، ص 262.
    7. وليم فلور: ”دي ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني اينڊ ديول سنڌ“، ص 62، ۽ ص 85 نوٽ 94، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشن اسٽڊيز، ڪراچي يونيورسٽي 1994ع.
    8. منهنجو مقالو: ”تختگاهه الهه آباد جي تلاش“ ، سه ماهي “ مهراڻ “ نمبر 3، سال 1989ع.
    9. ٽماهي ”مهراڻ“ جو خزان (1955ع) وارو پرچو.
    10. ”اي هسٽري آف سنڌ“ ص 142، نئون ڇاپو، سنڌ ڪلاسڪز ڪراچي ، سال 1982ع؛ قديم سنڌ، ص 19، سنڌي ادبي بورڊ ، 1981ع.
    11. مرزا قليچ بيگ: “اي هسٽري آف سنڌ“ ص ، 164.
    12. مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“ ايڊٽ؛ سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع، ص ص 67_466.
    -- هي مواد ڪتاب جي سنڌي توڙي اردو ڇاپن ۾ ڪونهي.
    13. خدا داد خان: ”لب تاريخ سنڌ“ ايڊٽ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص ص 1_130، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.
    14. ايم. ايڇ . پنهور: ”سورس مٽيريئل آن سنڌ“، ص 478، سنڌ الاجي 1977ع.
    15. ”اي هسٽري آف سنڌ“ ، ص ص 65-164ع، سنڌ ڪلاسڪز ڪراچي، سال 1982ع.
    - البته ساڳئي مصنف پنهنجي ٻئي ڪتاب (قديم سنڌ ، ص 250) ۾ هن واقعي جو سال 1186هه/ 1772ع ڏنو آهي، جيڪو غلط آهي. ٻيا مصنف جھڙوڪ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي (سنڌ جو سيلاني، ص 148، حيدرآباد 1923ع)؛ محبوب علي چنا (ٽماهي مهراڻ، خزان وارو پرچو، سال 1955ع) ۽ مولائي شيدائي (جنت السنڌ، ص 540) - خدا آباد پراڻي ۽ خداآباد نئين بابت لکندي، گھڻو مونجھاري جو شڪار ڏسجن ٿا. اهي ”خدا آباد ثاني“ جي تعمير جو سال 1186هه/ 1772ع ڏين ٿا، جو تاريخي طور تي درست ڪونهي.
    16. ڊاڪٽر دائود پوٽو: ”ڪلام گرهوڙي“، مقدمو ص ص 20_17، سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي 1956ع.
    - ڪجھ لکندڙن اهو به خيال ڏيکاريو آهي ته شاهه لطيف ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو هن شهر ۾ مليا هئا، پر اهو هڪ گمان آهي ۽ تاريخ ان جي پٺڀرائي نٿي ڪري. هي ٻئي همعصر خاطريءَ سان خدا آباد پراڻي (اول) ۾ مليا هئا.
    17. سيد حسام الدين راشدي: ”مثنويات و قصائد قانع“، مقدمو ص ص 30_29، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1961ع.
    18. غلام رسول مهر: ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد ٻيون، باب اٺين کان ويهين تائين، اردو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 1968ع.
    19. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”حيدرآباد“ ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر 1, 1962ع.
    20. هن خداآباد جي آثارن بابت، هي سمورا تفصيل محبوب علي چنا مرحوم جي مقالي تان شڪريي سان کنيل آهن (خداآباد ثالث، ٽماهي ”مهراڻ“ خزان وارو پرچو، سال 1955ع).


    سنڌ گزيٽئر (هيوز) ۾ هالا جو ذڪر

    ليکڪ: اي . ڊبليو هيوز:
    سنڌيڪار: حُسين بادشاهه
    سنڌ گزيٽئر (هيوز) ۾ هالا جو ذڪر

    هالا
    هالا حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي نوشهرو ڊپٽي ڪلڪيٽوريٽ، ٽنڊو ۽ حيدراباد جي دوآبي واري علائقن وچ ۾ ڦهليل وڏي ۾ وڏي ڊويزن يا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ آهي. هن جي اُتر ۾ نوشهرو ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو تعلقو سڪرنڊ، ڏکڻ ۾ حيدرآباد تعلقو، ۽ ٽنڊي ضلعي جو حصو ۽ اوڀر ۾ ٿرپارڪر ضلعو ۽ اولهه ۾ سنڌو درياهه آهي. هالا جي اُتر کان ڏکڻ تائين ڊيگھ شايد اٺونجاهه ميل، ۽ اوڀر کان اولهه تائين ڊيگھ ستونجاهه ميل آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪاٿي موجب سڄي ضلعي جو علائقو 2500 چورس ميلن تي ڦهليل آهي، پر سنڌ سروي کاتي موجب 2558 چورس ميل آهي. هالا چئن تعلقن - هالا، ٽنڊوالهيار، شهدادپور ۽ ميرپورخاص - ۾ ورهايل آهي، ۽ جنهن جي ڪل آبادي 216139 ماڻهن تي مشتمل آهي.
    هي ضلعو سنڌ جي ٻين علائقن جيان سنڌو درياهه سان لڳ واقع آهي. ۽ هتي جي زمين تراکڙي، لٽاسي آهي. هتي ڪوبه جبل نه آهي. زراعت گھڻو ٻوڏ جي پاڻيءَ تي ٿئي ٿي. زراعت سنڌوءَ مان نارن وسيلي ڇڪي آندل پاڻيءَ تي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪجھ علائقو درياهي ٻوڏ تي پڻ آباد ٿئي ٿو. هتي ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيلا به آهن، ۽ واهن ڪڙين ڪسين جي ڪنارن تي چڱي انگ ۾ وڻ پوکيل آهي. هن ڊويزن جي گھڻي زمين وارياسي ۽ ڪڙمت جوڳي نه آهي، جنهن ۾ جھنگ جي ٻوڙن سان ڍڪيل زمين به شامل آهي ۽ اها ساڳي صورتحال ميرپورخاص تعلقي سان پڻ آهي، جنهن جو سرحدون ٿرپارڪر ضلعي سان لڳن ٿيون. هالا ۾ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ گھارا يا شاخون چار آهن، جن ۾ راڻا، ڀاڻوٽ، محمودا ۽ ڳاهوٽ شامل آهن.
    هالا ضلعي جي آبهوا، ڪنهن به حالت ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ کان جدا ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هتي رڳو ٻه موسمون، گرمي ۽ سيارو شمار ۾ اچن ٿيون. گرميون اپريل کان شروع ٿي نومبر ۾ پڄاڻي کي پهچن ٿيون. جڏهن ته رهيل حصي کي سيارو چيو وڃي ٿو. هالا ۾ عام طور تي گرميءَ جو درجو نوي ڊگريون ۽ روزانو گھٽ ۾ گھٽ اوڻهتر ڊگريون رهي ٿو. هتي ساليانو پنجن کان ڇهن انچن تائين برسات وسي ٿي. جڏهن ته ٻوڏ واري موسم ۾، خاص ڪري آڪٽوبر ڊسمبر ۾، ماڻهو هلڪي ٻَري (تَپ) ۾ ورتل هوندا آهن. هتي 1865ع ۾ ڪالرا مُنهن ڪڍيو هو ۽ تازو هاڻي ٻيهر 1869ع ۾ ڪالرا جا مريض پڻ ڏٺا ويا آهن.
    هالا جو سڄو ضلعو ميداني علائقي تي مشتمل آهي، پر ڪٿي ڪٿي زمين ڪلراٺي ۽ لوڻياٺي به آهي، جڏهن ته اڪثر زمين لٽياسي يا وارياسي آهي. هتي زمين جا چار قسم ليکيا وڃن ٿا: ڊسڙ، پڪي، وارياسي، ۽ ڪلراٺي.
    هالا ضلعي جي جانورن ۾ لومڙ، گدڙ، بگھڙ، سوئر ۽ ڦاڙها آهن. جڏهن ته پکين ۾ آڙيون، بدڪون، پاريهل، ڪبوتر، ڪوئل، ڪانو، ڪٻرون، ۽ چٻون شامل آهن. نانگن جا انيڪ قسم ته جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ پيا ايندا. جڏهن ته گھريلو جانورن ۾ گھوڙو، اُٺ، ڍڳو، گڏهه، مينهن، رڍ ۽ ٻڪري شامل آهي.
    هالا ضلعي جي پيداوار ۾ جوار، ٻاجھري، ڪپهه شامل آهي. جڏهن ته ڪڻڪ، مڪئي، تماڪ، اناج، چانور، ڄامڀو، ڪمند، مَٽر ۽ سرهن پڻ گھڻي پکيڙ ۾ پوکي وڃي ٿي.
    هالا ضلعي ۾ ٻيلن ۾ جکري، مٽياري، سيکاٽ، کيبراڻي، خانوٽ، راڻو، نور ڪيٽي، ڀاڻوٽ، ڪيٽي شامل آهن. جنهن ۾ ٻٻر، ديويون، نم، ٻيريون، گھڻيون ٿين. ٻيلي کاتي موجب هالا ضلعي جي چاليهه چورس ميلن تي ٻيلا پکڙيل آهن. هتي ٻٻر به سٺو ٿئي ٿو، جيڪو ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اُهو ڪاٺ واڍڪي ڪم ۾ ڪارائتو آهي. هن جو ڇوڏو، لاک ۽ پن رنگائي ڪم ۾ ڪم اچن، ۽ ٽاريون جانورن جي چاري ۾ واپرائجن ٿيون.
    واهن يا ڍنڍن مان ڄرڪو، کڳو، گوج مڇيون ماريون وڃن ٿيون. هتان گھڻي انگ ۾ مڇي ماري وڃي ٿي، ڍنڍن ۾ نَڪُر، ڳاهوٽ، ڪولاب محمودا، ڍنڍ کيبراڻي، ڪُن دارو (يا کنڊو) ڊُٻا شامل آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه مان پلو ماريو وڃي ٿو.
    هتي جي ماڻهن جا ويس وڳا، سنڌ جي اڪثر علائقن جي ماڻهن، خاص ڪري وچولي سنڌ جي ماڻهن جھڙا آهن. مسلمان پٽڪو، سُٿڻ ۽ پهراڻ گھڻو پائين ٿا. جڏهن ته هندو پڳڙي، انگرکو ۽ ڌوتي پائين ٿا.
    هالا ضلعي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ گھڻو ڪري مال جي چوري ۽ کاٽ هڻڻ شامل آهي. 1872ع کان 1874ع تائين ٽن سالن دوران ڪُل ايڪيهه ماڻهو - عورتون توڙي مرد - قتل ڪيا ويا. جڏهن ته 928 ماڻهو زخمي ٿيا. چوريون هڪ هزار ٿيون، جن ۾ گھڻو ڪري مال جي چوري شامل آهي. کاٽ جون وارداتون 256 ٿيون ۽ ڦرون پنج ٿيون، جڏهن ته ٻيا ڏوهه 1786 ٿيا.
    ضلعي جو محصول ۽ عدالتي نظام سنڌ جي ٻين ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جيان ساڳيو آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر کي مڪمل طور تي محصول ۽ مئجسٽريٽ جون ذميواريون عطا ٿيل آهن. هالا جي چئن تعلقن جا مختيار ڪار هن جي ما تحت آهن. اُهي مقامي محصول آفيسر آهن. جن کي هڪ سو کان ٻه سو روپيا ماهوار پگھار ڏني وڃي ٿي ۽ ڇهه منشي توڙي پٽيوالا به رکيل آهن، جيڪي ضلعي مان سرڪاري وصوليون ڪن ٿا. مليل اختيارين هيٺ پنهنجي حد ۾ مئجسٽريٽ جو ذميواريون نڀائين ٿا. مختيارڪار جي ماتحت هر تپي تي هڪ تپيدار مقرر ٿيل آهي، جن جو انگ چوويهه آهي. تپيدارن جي ماهوار پگھار پندرنهن کان ويهه روپيا آهي.
    هالا، سعيد آباد، مٽياري، شهدادپور، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم، نصرپور، ميرپور ۽ گورچاڻي ۾ ڍڪ به آهن، جيڪي ڍڪ منشي جي هٿ وس آهي. اُهي مئجسٽريٽ جي اختيارن وارن آفيسرن هيٺ ڪم ڪن ٿا.
    سڄي هالا ضلعي ۾ هڪڙي سول ڪورٽ آهي. جنهن جو هيڊ ڪوارٽر هالا شهر ۾ قائم آهي. ڪورٽ ۾ مقامي ماتحت جج مقرر ٿيل آهي، جنهن کي اڳي منصف چئبو هو. هالا ضلعي ۾ مقرر ڪيل پوليس جو انگ 164 آهي، اهڙي ريت 1029 ماڻهن پويان هڪڙو هٿيار بند پوليس وارو مقرر ٿيل آهي ۽ ٽيتاليهه گھوڙي سوار آهن. هٿيار بند ۽ بغير هٿيار بند چوهتر سپاهي آهن، ۽ ميونسپل پوليس ستيتاليهه ڄڻن تي مشتمل آهي.
    هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ مان اُڳڙجندڙ محصول گھڻو ڪري ڍل، آبڪاري، شراب ۽ آفيم، اسٽيمپ، لوڻ، ٽپال گھر، آمدني ۽ سرٽيفڪيٽ ٽيڪس، ڏنڊ ۽ رجسٽريشن فيس مان وصولي ٿئي ٿو. 74_1873ع دوران وصول ٿيل آمدني 369704 رپيا هئي.
    هالا ضلعي ۾ نَوَ ميونسپل ادارا آهن. سڀ کان پهرين ٽنڊوالهيار ۾ 1856ع ۾ ميونسپل قائم ڪئي وئي. ميونسپلن جي محصول جي وصولي گھڻو ڪري: در آمدي مال، لائسنس، ڍڪ، ڏنڊ وغيره مان ٿئي ٿي. وصول ٿيل پئسو گھڻو ڪري پوليس، عوامي ڀلائي جي ڪمن، اسڪالرشپ، ۽ تعليمي ادارن کي ڏنو وڃي ٿو. ميونسپالٽين ۾ ٽنڊوالهيار (جولاءِ 1856ع)، نصرپور (1860ع)، ٽنڊو آدم (جنوري 1860ع) ، هالا (پهرين مئي 1860ع)، ميرپور (ڏهه آڪٽوبر 1860ع)، گھوٽاڻو (پهرين ڊسمبر 1860ع)، مٽياري (ڏهه آڪٽوبر 1868ع)، شهدادپور ( ڏهه آڪٽوبر 1868ع) ۽ کوکر (1872ع) شامل آهن.
    سڄي هالا ضلعي ۾ رڳو ٻه ڊسپينسريون آهن، جن ۾ 1860ع ۾ جڙندڙ هالا، ۽ ٻي 1862ع ۾ ٺهندڙ ٽنڊوالهيار شامل آهي. اهي ٻئي ادارا حڪومت جي صحت کاتي جي ما تحت آفيسرن جي انتظام هيٺ آهن، ۽ انهن ادارن جو سنڌ جي اسپتالن جو ڊپٽي سرجن جنرل سال ۾ هڪ ڀيرو دورو ڪندو آهي.
    هالا ڊسپينسري ۾، 1874ع ۾ سراسري طور روز ٻن مريضن کي علاج لاءِ داخل ڪيو ويندو هو ۽ ويهن مريضن جو علاج ڪري کين گھر ڀيڙو ڪبو هو. جڏهن ته ٽنڊوالهيار ڊسپينسري ۾ ساڳئي سال روز ٻن مريضن کي داخل ڪبو هو ۽ سترهن جو علاج ڪيو ويندو هو.
    1865ع ۽ 1869ع ۾ هن ڊويزن ۾ ڪالرا جا ڪجھ ڪيس ٿيا. سياري ۾ ٻِيڙَ ٻَري جو قسم ۽ گرميءَ ۾ چمڙيءَ جو بيماريون عام ڏسجن ٿيون.
    سڄي ضلعي ۾ ڪوبه جيل نه آهي، پر هر هڪ مختيارڪار جي هيڊ ڪوارٽر اسٽيشن واري شهر ۾ لاڪ اپ يا ماتحت ٿاڻا قائم آهن، جتي عدالتن ۾ پيش نه ٿي سگھندڙ ملزمن کي عارضي طور تي قيد ڪبو آهي، ۽ اُتي مهيني جي سزا کاڌل ڏوهارين کي قيد ڪيو ويندو آهي ..... ويهه سرڪاري اسڪول موجود آهن، جنهن ۾ 840 شاگرد پڙهندڙ آهن. مقامي ٻولين جا يارهن اسڪول آهن، جن ۾ 120 استاد تعليم ڏين ٿا.
    هالا ضلعي ۾ زرعي موسمون: خريف، ربي، ۽ پيشراس جي نالي سان مشهور آهن، انهن ۾ مختلف فصل ڪاهيا ويندا آهن، جن ۾ جوار، ٻاجھري، تِر، چانور، ڪپهه، چڻا، تماڪ، ڇانهيون، هنداڻا، ڪڻڪ، مڪئي، ڄامڀو، مٽر، چڻا، بصر، ڪمند ۽ ڀنگ شامل آهي ..... در آمد ۽ بر آمد گھڻو ڪري زراعت ۽ واپار سان جڙيل آهي. در آمد ٿيندڙ شين ۾ جوار، ٻاجھري، ڪپهه ۽ تر شامل آهن، جنهن جي قيمت ساليانو ٻارهن لک روپيا آهي. ٻين برآمد ٿيندڙ شين ۾ ريشم، ڪپڙو ۽ عاج شامل آهن. در آمد ٿيندڙ شين ۾ چانور، ڄامڀو، عاج، مٽيءَ جا ٿانوَ، ڳُڙ، کنڊ، گيهه، کجيون ۽ ڪپڙو شامل آهن.
    هالا ضلعي جي ٺهيل مکيه شي سوسي يا کيس آهي، جيڪا ساليانو ڇهن هزار روپين جي ٺاهي وڃي ٿي. اُها سُٿڻ، قميص ۽ پهراڻ ۾ واپرائجي ٿي، سوسي يا کيس گھڻو ڪري هالا نئون ۽ نصرپور ۾ جڙي ٿي، پر سُٺي سوسي نصرپور ۾ ٺهي ٿي. هالا ضلعو ڪجھ ٻين اهم ٺهندڙ شين ڪري به گھڻو مشهور آهي، جن ۾ ڪاشيءَ جا ٿانوَ، چوڪا، پاٽيون، پليٽون، گھگھيون، جنڊيءَ جو ڪم، گلدان، ۽ ٻيون شيون شامل آهن. هتي اها ڳالهه به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ڪراچي ۾ ڊسمبر 1869ع ۾ منعقد ٿيندڙ صنعتي نمائش ۾ هالا جي پورهيتن کي پنهنجي ٺاهيل شين تي جھجھا انعام مليا هئا.
    هالا ضلعي ۾ مختلف وقتن ۽ جڳهين تي ساليانو ٻاويهه ميلا لڳن ٿا، جن مان ڪجھ ڇهه ماهي، ڪي ساليانا ته ڪي ماهوار به آهن. لڳندڙ ميلن ۾ اُڏيرو لعل، مخدوم نوح، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، پير بلالي، رڪن شاهه، هاشم شاهه، شيخ طاهر، نوح هوٿياڻي، قائمن شاهه، محمد شاهه، پير فيروز شاهه، مشائخ هوٿي، پير ڪينسرو، شيخ موسو ۽ پير وهيو شامل آهن.
    ضلعي ۾ رڳو ڇهه سو ميلن تي رستا ٺهيل آهن، پر منجھانئن هڪڙو به پڪو يا ڏامر وارو رستو نه آهي، انهن مان ڪجھ رستن تي پليون به ٺهيل آهن ...... هتي پنج مکيه آفيسون ۽ ٻه ذيلي آفيسون آهن، جيڪي هالا، ٽنڊو آدم، گدو بندر ۽ ٽنڊوالهيار ۾ قائم آهن. ٽپالي خطن پٽن کي هالا کان شهدادپور ۽ هالا کان مانجھند تائين، هالا کان ٽنڊوآدم ۽ مٽياري کان شيخ طاهر تائين سنڌو درياهه وسيلي ٻيڙين يا پيادا پهچائين ٿا. هوڏانهن کيبراڻي، ڪامل لغاري، لانڍي کيسانو، لانڍي خاناهه، جمن ٿيٻو ۽ ميون وهيو ۾ ڌر مشالا ٺهيل آهن. هوڏانهن هالا ڪليڪٽوريٽ ۾ سترهن پتڻ آهن، جيڪي سرفراز واهه، نصير واهه، سانگرو واهه، گھلو واهه، گنج بحر، شاهه واهه ۽ لوهاڻو تي ٺهيل آهن ...... سرڪاري اليڪٽرڪ ٽيليگراف لائين حيدرآباد کان عمرڪوٽ ويندڙ ٽنڊوآدم وسيلي ۽ وري ٻيهر حيدرآباد کان روهڙي ڏکڻ کان اتر تائين، هالا ضلعي جي ڏاکڻي حصي مان لنگھي ٿي، پر هالا ضلعي ۾ ڪنهن به هنڌ ٽيليگراف اسٽيشن نه آهي.
    هن ڊويزن ۾ ڪيتريون ئي اهم تاريخي جايون، پنهنجي انفرادي قدامت جي خيال کان، يا تعميراتي اڏاوت جي خوبيءَ ڪارڻ ڌيان ڏيڻ جوڳيون آهن. انهن ۾ سڀ کان آڳاٽو قديم ماڳ برهمڻ آباد آهي. هالا کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد جو شهر آهي، جيڪو ڪنهن دور ۾ ٽالپر ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جو وڻندڙ شهر هو. گڏو گڏ هتي تراکڙي سنئين پٽ تي ڪيترائي قبا ۽ مزارون پڻ ٺهيل آهن. ٿارنٽن موجب اهو اٽڪل سٺ سال اڳي ڏاڍو وڏو شهر هوندو هو، جيڪو حيدرآباد جي پکيڙ ۽ آبادي کان به ٻيڻو هو، پر وقت جا هاڃا، جو 1844ع تائين اُتي ڪوبه ماڻهو رهندڙ نه هو. اُتي فتح علي خان جو مقبرو ڌيان جوڳو آهي. جيڪو سُٺيءَ حالت ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو هڪ سو سال اڳ ٺهرايو ويو هو. مقبري جي پيڙهه پٿريلي آهي، پر اوساري پڪين سرن جي کنيل آهي. هالا تعلقي ۾ اڏيرو لعل ۾ هڪ مقبرو آهي، جتي ساليانو هندوئن جا ڪيترائي ميلا لڳن ٿا. تنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اهو پنج سو سال پراڻو آهي. اهو هينئر به سٺيءَ حالت ۾ آهي. ٽنڊوالهيار ۾ ڪامڙو جي ماڳ تي چار مقبرا آهن، جن مان ٻه پير محمد اشرف جي نالي پويان سڏجن ٿا، جيڪي چاليهه سال اڳ جوڙايا ويا هئا. جڏهن ته ٻيا ٻه مقبرا پاڪ سنگھار جا آهن، ۽ ڀائنجي ٿو ته ٻاونجهاهه سال اڳ کڙا ڪيا ويا هئا. مقبرن جي پيڙهه پٿر جي آهي، ۽ باقي اوساري پڪين سرن سان کنيل ۽ منجھس چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي. اهي سٺيءَ حالت ۾ آهن. ٽنڊي الهيار تعلقي ۾ ميون وهيو جو مقبرو پڻ آهي، جيڪو سٺ سال اڳ ٺهرايو ويو هو ۽ اڃان سٺي حالت ۾ آهي. ٻين مقبرن جيان ان ۾ پڻ پڪيون سرون ۽ پيڙهه پٿر جي استعمال ڪيل آهي.
    هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي هالا تعلقي ۾ ڇهه تپا، ۽ ستر ڳوٺ شامل آهن، جنهن جي ايراضي 524 چورس ميل آهي، ۽ آبادي 78237 ماڻهن تي مشتمل آهي. اُتان 74_1873ع دوران 134674 روپيا سرڪاري محصول وصول ٿيو.

    هالا پراڻو
    هالا پراڻو، هالا تعلقي جو شهر آهي، جيڪو نئين هالا کان اُتر ۾ ٻه ميل پري، وڏي ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي. شهر کي رڳو نئين هالا ۽ کاڻوٽ جو رستو آهي. اُتي تپيدار جو هيڊ ڪوارٽر اسٽيشن ۽ هڪڙو سرڪاري ورنيڪيولر اسڪول به قائم آهي. شهر جي آبادي - مسلمان توڙي هندو - 2467 ماڻهن تي ٻڌل آهي. آبادي ۾ ميمڻ، گراڻا، شاهاڻي، هالاري، لوهاڻا، سيهلاس ۽ کتري شامل آهن، جن جو ڌنڌو گھڻو ڪري زراعت آهي. هن شهر بابت چيو وڃي ٿو، ته اهو سنڌ تي سمن جي حڪمرانيءَ دوران 1422ع (800 هجري) ۾ ٺهيو هو، پر پوءِ سنڌو درياهه پائڻ ڪري 1800ع ۾ ڦٽي ويو.

    هالا نئون
    هالا نئون، جنهن کي اڳ ۾ مرتضيٰ آباد چئبو هو، سو هالا تعلقي جو مکيه شهر آهي، ۽ 25ء45 اُتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68ء28 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آهي. شهر ڀرسان علي گنج واهه وهي ٿو ۽ اهو حيدرآباد کان ڇٽيهه ميل مفاصلي تي واقع آهي.
    هالا جا مختلف شهرن سان رابطي لاءِ ڪيترائي رستا ٺهيل آهن. اهو حيدرآباد کان روهڙي ڏانهن ويندڙ نيشنل هاءِ وي روڊ سميت گھوٽاڻا، ڀٽ شاهه، پراڻي هالا، اڏيرو لال، شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم ڏانهن ويندڙ رستن سان ڳنڍيل آهي. شهر ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري جڳهون: جيئن ڊپٽي ڪليڪٽر جو بنگلو، جنهن جي ڀرسان هڪڙو سهڻو باغ آهي. ماتحت جج جي درٻار، مختيارڪار جو ديرو، هڪ ڊسپينسري، مسافر خانو، ڌرمشالا، گورنمينٽ ورنيوڪيلر ۽ ڇوڪرين جا اسڪول، ڍڪ ۽ پوليس لائين ٺهيل آهن. هالا ۾ ميونسپالٽي پڻ آهي، جيڪا مئي 1860ع ۾ ٺهي هئي، هتان 74_1873ع ۾ حاصل ٿيندڙ ساليانو محصول 2756 روپيا رهيو. ۽ خرچ 2646 روپيا آيو. ڪُل آدمشماري 4096 ماڻهن تي مشتمل آهي، جن ۾ 2646 مسلمان ۽ 1234 هندو شامل آهن. هتي گھڻو ڪري ميمڻ برادري رهي ٿي. ماڻهن جو ڌنڌو گھڻو ڪري زراعت سان ڳنڍيل آهي. جڏهن ته هندو، لوهاڻا ۽ ٻاپڙا واپاري آهن.
    هالا ۾ رهندڙ مکيه معزز ماڻهن ۾ مخدوم ۽ قاضي شامل آهن. تنهن مان ميان مخدوم امين محمد سڀني کا وڌيڪ مشهور ۽ مکيه آهي. هالا جو مکيه واپار اناج جھڙوڪ: ٻاجھري، جوار، ڪڻڪ، گيهه، ڪپهه ۽ کنڊ آهي. جنهن جي قيمت ساليانو اوڻيتاليهه هزار ٿئي ٿي ....... هالا نئون ٿانون، ڪاشيءَ، کاڌيءَ، ۽ جنڊي جي ڪم ڪري مشهور آهي. هتي جيڪي کاڌي پيتي ۾ واپرائيندڙ سُٺا ٿانوَ ٺاهيا وڃن ٿا، تن لاءِ مٽي سنڌو نديءَ مان ڪڍي وڃي ٿي.
    نئون هالا مخدوم مير محمد 1800ع ۾ ٺهرايو هو، تنهن کان پوءِ پراڻا هالا ٺهيو، جيڪو هن کان رڳو ٻه ميلن جي مفاصلي تي آهي، جنهن کي انهيءَ دور ۾ سنڌو درياهه جي پائڻ جو جوکو هو ......... هتي جي قديم آثارن ۾ ٻه مزارون ۽ هڪڙي مسجد شامل آهي، جيڪي مخدوم امين محمد جي ملڪيت آهن. اُهي مزارون مشهور بزرگ مخدوم نوح جي اعزاز ۾ ٺهرايون ويون، جيڪو 1505ع ۾ پيدا ٿيو، ۽ ستاسي سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو، هن جي عقيدت طور سال ۾ ٻه ڀيرا مٿس ميلو لڳندو آهي، ته سڄي سنڌ مان ماڻهو پير جي عقيدت ۾ اچي هتي ڪٺا ٿيندا آهن. چيو وڃي ٿو، ته هن جي مزار سنڌو درياهه جي پائڻ ڪري ٻه ڀيرا هٽائي ٺاهي وئي، پر هاڻي سندس آخري آرام گاهه نئين هالا ۾ قائم آهي، جتي کيس ٻيهر 1779ع ۾ ڍڪيو ويو. هن جي پيڙهه جو پٿر مخدوم محمد زمان 1795ع ۾ رکيو هو، ۽ هڪڙو چبوترو ساڳي سال مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو هو.
    مقبري جي اُتر ۾ جيڪا مسجد آهي، سا مير ڪرم علي خان ٽالپر ٺهرائي هئي، ۽ مزار سان لاڳاپيل جايون اٽڪل 1810ع ۾ مخدوم پِنيو لڌو طرفان ٺهرايون ويون هيون. جھرندڙ مزارن جي ڪجھ عرصو اڳ ٻه هزار روپين جي لاڳت سان مرمت ڪرائي وئي، جنهن مان اڌ رقم برطانوي حڪومت ادا ڪئي، ۽ باقي حصو مزار جي متولي امين محمد ادا ڪيو.

    ڀٽ شاهه
    ڀٽ شاهه، هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو شهر آهي، جيڪو هالا کان چار ميل اوڀر ۾ واقع آهي. شهر رستن وسيلي ٽنڊي آدم ۽ هالا سان ڳنڍيل آهي. هتي ڪوبه سرڪاري آفيسر نٿو رهي. جڏهن ته ڀٽ شاهه جي تپيدار جو دير کنڊو ۾ واقع آهي. شهر جي آبادي 1640 ماڻهن تي مشتمل آهي، پر هندو ۽ مسلمانن جي صحيح انگ جي ڄاڻ نه آهي. علائقي جي واپار ۾ گھڻو ڪري چانور، جوار، ٻاجھري، ڪپهه ۽ گيهه شامل آهي. هن شهر جو مکيه معزز ماڻهو پير ميان الله بخش آهي. جنهن جي رهائش به هتي آهي. هتي ساليانو ميلو به لڳندو آهي، جنهن ۾ اٽڪل چار هزار ماڻهو شريڪ ٿين ٿا. اهو شاهه عبداللطيف جو شان آهي، جنهن هن شهر جو بنياد 1727ع ڌاري وڌو هو.

    گھوٽاڻا
    گھوٽاڻا، هالا ضلعي جي هالا تعلقي جو هڪڙو ڳوٺ آهي، جيڪو گھارا محمود واهه لڳ ۽ هالا کان ڏکڻ ۾ رڳو چئن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هي هالا ۽ ٽنڊو آدم سان رستن وسيلي ڳنڍيل آهي. هتي ڪو به مکيه سرڪاري آفيسر نٿو رهي، ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا سرڪاري جڳهه آهي، پوءِ به هتي پوليس لانڍي سميت هڪڙو ڌرم شالا پڻ آهي، جيڪو 1872ع ۾ جوڙايو ويو هو. ڳوٺ ۾ ميونسپالٽي آهي، جيڪا ڊسمبر 1860ع ۾ ٺهي هئي. هن علائقي مان 1873-74ع ۾ وصول ٿيندڙ محصول 1465 رپيا هو. ماڻهن جي آبادي 953 ڄڻن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 553 مسلمان ۽ 341 هندو شامل آهن. شهر سنڌو درياهه کان رڳو ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، اتي هڪڙو گودام آهي، جتي شڪارپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار وغيره شهرن کان پتڻ وسيلي ايندڙ اناج، ڪپهه، تيل، ۽ ٻيون شيون گڏ ڪيو وينديون آهن.

    [هي مواد حسين بادشاه جي سهيڙيل ڪتاب ”حيدرآباد جي تاريخ“ (صفحو نمبر 348 کان 354 ۽ 357 کان 358 تائين) مان ورتو ويو آهي.]


    گلان جو ڪوٽ ۽ خدا آباد (ثاني)

    اشتياق انصاري

    گلان جو ڪوٽ ۽ خدا آباد (ثاني)

    گلان ڪوٽ جا آثار خدا آباد ثاني ۾ هئڻ ڪري اسان ان شهر جي باري ۾ مختلف محققن جي قلمي ڪاوشن جو ذڪر ڪنداسين، ته خدا آباد جو باني ڪير هو. ان شهر جو بنياد ڪهڙي سال ۾ پيو. ان کانسواءِ ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ معلوم ڪنداسين، آخر ۾ باقي بچيل آثارن جي هاڻوڪي صورتحال تي نظر وجهنداسين. ڪافي تاريخدان خدا آباد ثاني شهر جو پايو وجهڻ جي پڳ ميان سرفراز ڪلهوڙي تي رکن ٿا. ڪجهه محقق وري ان راءِ سان متفق نه آهن. انهن جو خيال آهي ته ان شهر جو بنياد نور محمد ڪلهوڙي رکيو. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني ميان مراد ياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شهر کي خدا آباد ثالث لکن ٿا.
    تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي ته ميان سرفراز 1188هه ڊسمبر 1774ع ۾ هن شهر کي پنهنجو تختگاهه بڻايو. ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙا حڪومت سٺو نالو ڪمايو. ساڳئي وقت هن جي ڏينهن ۾ ئي ڪلهوڙا خاندان جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلهوڙن پنهنجو تخت وڃايو. سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. هوڏانهن ڪافي محقق ميان سرفراز کي خدا آباد جو باني نٿا مڃين.
    مرحوم دين محمد وفائي جو خيال آهي، ته خدا آباد جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي وڌو هو. جيئن هن ”لطف اللطيف“ جي اٺين باب بعنوان ”وقت جي ڪن ماڻهن جون مخالفتون“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ميان نور محمد ڪلهوڙي هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي. ڊاڪٽر گربخشاڻي به هڪ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته خدا آباد ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪومت ڪندو هو. پر هن ڪٿي به ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. هو لکي ٿو: شاهه جو ٽيون دشمن ميان نور محمد ڪلهوڙو (1718ع – 1753ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهندار هو. ڪلهوڙا تن ڏينهن ۾ وڏي اؤج تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن گاديءَ جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن وڏو عاليشان شهر ليکيو هو.
    ڀيرومل مهرچند ان شهر کي خدا آباد نئين سڏيندي لکيو آهي: خدا آباد جو شهر نون هالن کان ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هيءُ شهرميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو هو. انهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن جو تختگاهه اهو خدا آباد جو شهر هو، جيڪو دادو پاسي آهي. علي محمد سيال، عطر خان ولد ميان نور محمد جي ڪتاب ”نگيران سنڌ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي: چون پدرم بزرگوار خيال کرد که يکي ميانوالي نزده موريا (موره) تعمير کنند، شيخ نجيب کبير و افرمود که برو ولنڳ خداآباد نزديکه مخدومان ما هاله کنده تعمير کنند که آن بهتر باشده. انهيءَ مان هي مطلب نڪري ٿو ته: شيخ نجيب الدين ڪبير منهنجي والد بزرگوار کي حڪم ڏنو ته هالا ڪنڊي جي ڀرسان نئون خدا آباد وڃي اڏ.
    مختلف ڪتابن جو اڀياس ڪندي ۽ تاريخي حوالا جانچيندي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته: خدا آباد کي تختگاهه بنائيندڙ سرفراز ڪلهوڙو ئي هو. تاريخي اڀياس ۽ مڪاني شاهديون ووڙيندي اهو ثبوت به ملي ٿو، ته هن خدا آباد شهر وٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاهه بنائڻ کان پهريائين به ڪا وسندي آباد هئي، ڇو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ به هن شهر جو ذڪر مائي گلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نور محمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، نور محمد ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جو پٽ هو. ميان غلام شاهه 1153هه/1740ع ۾ يرغمال ٿي پنهنجن ڀائرن سميت نادر شاهه سان ايران ويو، جتي اٺ سال گذاري 1163هه/1749ع ۾ واپس وريو. ميان نور محمد جي وفات بعد ميان غلام شاهه 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيهه سال بيهي ٿو.
    جيئن ته خدا آباد شهر جو بنياد غلام شاهه جي مرڻ کان ٻه سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنهن ڪري غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاهه بنجڻ وارو عرصو چوٽيهه سال بيهي ٿو. ان مهل تائين مائي گلان جيڪڏهن جيئري هجي ها ته اها پيريءَ ۾ پير پائي چڪي هجي ها. گلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اتي ڪوٽ ٺهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو ته هتي اڳ ئي ڪو شهر آباد هو. مائي گلان ان کي سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاهه بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو ويٺي هئي.
    هونئن به ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صديءَ جي شروعات کان وٺي زرخيز ۽ آباديءَ وارو سڏين ٿا. ارضيات جا ماهر 1550ع کان وٺي 1700ع کي ٿڌ وارو زمانو چون ٿا. ان دور ۾ هماليه جبل تي برف ڳرڻ ۾ رڳو پندرهن کان ٽيهه ڏينهن دير ٿي وئي. تنهنڪري دريائن ۾ پاڻي گهٽجي ويو. انهيءَ صديءَ بعد ايندڙ صدين 1701 عيسويءَ کان وٺي 1758عيسويءَ جو ذڪر ڪندي ايم.ايڇ پنهور لکي ٿو ته: ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي. ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙن تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي چوڏهن لکن مان وڌي وڃي ٽيهن لکن کي رسي. نوان شهر اسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، ميرپورخاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙهه (جيڪب آباد)، فتح ڳڙهه، جوهي، دوست علي، رتن ديرو(رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل آهي. ارضيات جي ڄاڻوئن جي ان راءِ مان ظاهر آهي ته ان دؤر ۾ درياء سنڌ ۾ گهڻي پاڻي جي موجودگيءَ جي ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ٻيڻو ٿي ويو. ساڳئي وقت ان عرصي دوران سنڌ جي آدم شماري به ٻيڻي ٿي ويئي، جنهن ڪري ڪلهوڙن کي نوان شهر آباد ڪرڻا پيا. جنهن ۾ خدا آباد نئين به شامل آهي. هاڻوڪي وقت ۾ به هالن جي ڀرسان خدا آباد ثاني شهر جا ڦٽوڙا ڪوٽ جا آثار ۽ قبرون خدا آباد جون تاريخي اهميت ٻڌائين ٿيون. ان تاريخي شهر جي باقي بچيل آثارن جي باري ۾ مختلف محققن پنهنجو اظهار هن ريت ڪيو آهي.

    خدا آباد جا کنڊر
    هي کنڊر ڪيپٽن ووڊ 36- 1835ع ڌاري ڏٺا هئا. هو ٻڌائي ٿو ته: خدا آباد جا کنڊر هالا کان اتر- اولهه طرف اٽڪل ٽن ميلن جي پنڌ تي آهن. جيڪي ٻن ميلن ۾ پکڙيل آهن. هي جڳهه ٽالپرن جي دلپسند رهائشگاهه هئي. ۽ منجهس ڪيترن ئي ٽالپري سردارن جون قبرون آهن. انهن مان هڪ ٽالپري حڪمراني جو پايو وجهندڙ فتح خان ۽ سندس ڀاءُ غلام علي دفن آهن. ڀر واري مزار ۾ بهرام، بجار ۽ صوبدار ٽالپر گهراڻي جا مک دفن آهن، جن ڪلهوڙن جي پوئين حڪمران جا بي انتها انتقامي ظلم سَٺا. مير فتح علي جو مقبرو ننڍو پر صاف آهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي پٿر سان جوڙيل آهي. سنگ مرمر جو ڪم دعا واري جاءِ تي قبر جي سامهون ٿيل آهي. ٻيا مقبرا هن کان وڌيڪ سادا آهن. ٽي سردار هڪ ساڳئي قلعي تي دفن ٿيل آهن. سندن قبرن کي ٺُلهن تي ٺهيل رانئڪن سان ڍڪيو ويو آهي. خدا آباد ۾ مٿي ڄاڻايل رانئڪون ئي بچي ويون آهن، باقي ٻي اهڙي ڪا به جاءِ نه آهي، جيڪا سڄي ساري سلامت تهجي وئي هجي. ٽيهارو سال کن کان به وڌيڪ عرصو گذريو آهي، (هاڻي هڪ سؤ پنجويهه سال) جو هي آدم شماري ۽ پکيڙ جي لحاظ سان حيدرآباد جي مقابلي جو شهر سمجهڻ گهرجي. سنڌ جون عمارتون ڏاڍيون جلد ۾ تباهه ٿيندڙ آهن.
    اليگزينڊر برنس، ليفٽيننٽ ليچ، ڊاڪٽر لو ۽ ليفٽيننٽ ووڊ 1835ع کان 1837ع تائين هندستان جي باري ۾ برٽش انڊيا کي رپوٽون پيش ڪيون هيون. انهن رپورٽن کي نظر ۾ رکي ايڊورڊ ٿارنٽن هڪ گزيٽيئر 1844ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن ۾ خدا آباد جو احوال هن انداز سان ڪيو آهي: حيدرآباد کان ٽيهه ميل اتر ۽ سنڌوءَ کان ڏهه ميل اوڀر ۾ هڪ اجڙيل شهر آهي. ٽيهن سالن کان ٿورو اڳ هن شهر پکيڙ ۽ آدم شماري ۾ حيدرآباد سان ڪلهو ٿي هنيو. هاڻي هڪ به وسندڙ آباد گهر ڪونهي. کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ پکڙيل آهن.“ ٿارنٽن اڳتي لکي ٿو ته: ”1844ع ۾ ڪا به عمارت رهڻ لائق ڪا نه رهي هئي. مير فتح علي خان جو مقبرو ڪنهن به طرح ننڍڙو ڪو نه آهي. اهو حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان جي مقبري جيترو ۽ ڪاشيءَ جي خوبصورت سرن سان سينگاريل آهي.“
    ڀيرومل مهر چند آڏواڻي 1923ع کان اڳ خدا آباد جو حال ٻڌائي ٿو ته: ”1814ع تائين هيءُ نئون شهر اهڙو وسيل هو، جهڙو حيدرآباد جو شهر انهيءَ سال هو. پر 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو جو منجهس نالي لاءِ هڪ گهر به نه بچيو. هن وقت (1923ع کان اڳ) خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو قبرستان آهي.“ مولائي شيدائي به خدا آباد ثاني جي تختگاهه ٿيڻ ۽ کنڊرن ۾ تبديل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي: ”هالن کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد جو شهر هو، جيڪو ميان سرفراز خان اباڻي تخت گاهه جي يادگار طور تعمير ڪرايو هو. مير بجار خان جڏهن مڪي کان موٽيو هو ته ان زماني ۾ ٽالپر هن شهر ۾ رهندا هئا.“ ٿارنٽن جو بيان آهي ته: ”خدا آباد وڏو شهر هو، جيڪو 1814ع ۾ ويران ٿي ويو. سندس نشان ٻن چورس ميلن ۾ اڃا تائين بيٺل آهن.“ اسان کي برطانيا سرڪار جي مختلف رپورٽن مان خبر پئي ٿي ته انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا، ان وقت خدا آباد شهر ۾ رڳو هڪ سئو گهر آباد هئا. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا هئا.
    پروفيسر محبوب علي چنا خداآباد ثالث جي قبرستان جو احوال ڪندي پڇاڙيءَ ۾ ڪوٽ لاءِ ٻڌايو آهي، ته هن قديم مقام جي اتر اولهه ۾ سڏ جي پنڌ تي گلان جو ڪوٽ جا نشان بيٺل آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ٻن روحل راڻي وڏي ناز ۽ انداز سان پنهنجا شاهاڻا ڏينهن گهاريندي هئي. ”معلوم ٿيو ته پڇاڙيءَ جو مقبري توڙي ڪوٽ جي سنڀال لاءِ پوين مير صاحبن پنهنجي هڪ جهوني وفادار شيدياڻي مائي زهرا کي مقرر ڪيو هو، جيڪا پنهنجن پوين پساهن تائين اتي رهي وفاداري ۽ صداقت جو ثبوت پڻ ڏنو. مرزا عباس علي بيگ به خدا آباد نئين جو احوال هن ريت ڪيو آهي: ميان سرفراز خان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اتر طرف خدا آباد جو نئون شهر ٻڌائي ان کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو هو. هي شهر ستن ميلن جي ايراضي ۾ هو ۽ ان وقت ٺٽي کان پوءِ هي ٻيو نمبر شهر هو. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا. هيءُ شهر 1772ع ۾ تعمير ٿيو ۽ 1814ع ۾ ويران ٿيو. سندس کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ آهن.
    ايتري ٿوري عرصي ۾ خدا آباد شهر جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ جتي گهرو لڙايون ۽ ٻاهرين جا حملا هئا، اتي اقتصادي ۽ قدرتي عنصرن به ان شهر کي ويران ڪرڻ ۾ حصو ورتو. اقتصاديات جي ڄاڻوئن جو خيال آهي، ته سنڌ جا گهڻا شهر درياء جي وهڪرن جي تبديلي جي ڪري برباد ٿيا. ان ڦيرڦار جي ڪري درياء جي پاڻيءَ ۾ لٽ جمع ٿيڻ شروع ٿي. درياء وسندين کان پاسيرو وهڻ لڳو، جنهن ڪري اهڙيون وسنديون آهستي آهستي دنيا جي نقشي تان مٽجڻ لڳيون. جيڪڏهن اتفاق سان ڪي اهڙا شهر گهڻو عرصو درياء جي لٽ ۾ دٻجڻ کان بچيل رهيا، ته به آبپاشي ۽ زراعت لاءِ مناسب پاڻي نه هئڻ ڪري پوکي ٿي نه سگهي. ساڳئي وقت جانورن جي لاءِ گاهه پٺو نه هئڻ ڪري ماڻهن جون معاشي حالتون خراب ٿي وڃن ٿيون. نيٺ اهڙين ڀريل تريل آبادين ۾ به بربادي پنهنجا پير کوڙڻ شروع ڪري ٿي.
    جيئن ته سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌوءَ پنهنجو هالن جي ويجهو پراڻو رخ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هو، جنهن رستي تي اهو پنج سئو سال وهيو هو. ان تبديليءَ ڪري هالن جي آسپاس لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿيڻ شروع ٿي. ايم.ايڇ.پنهور ان لاءِ لکي ٿو ته: ”1758ع ۾ درياء پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ڏهه لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي. گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، جيڪا پنجويهن سالن تائين جاري رهي. ڪلهوڙن کان ٽالپرن حڪومت کسي ورتي، پر وري ٿڌ وڌڻ ڪري درياء ۾ پاڻي گهٽ رهيو ۽ رڳو ٿورا نوان واهه ٺهيا ۽ نئين زمين جي آبادي ۾ معمولي اضافو ٿيو. اهڙي طرح خدا آباد نئين جي آسپاس به زمينون ويران ٿيڻ ڪري ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي هڪ وسيل شهر ڀڙڀانگ ٿي ويو.“
    اسان جڏهن خدا آباد ثانيءَ جي باري ۾ مختلف تاريخي ورق ورائڻ کان پوءِ نقشا ساڻ ڪري سرزمين تي پهچون ٿا، ته اتي شهر جا ڪي به آثار سڏ وراڻي نٿا ڏين. ماڻهن ڪلهوڙن جي ان تخت گاهه کي ڀڃي ڀوري پوکي شروع ڪئي آهي. ان پراڻي خداآباد شهر جي ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ ساڳئي نالي سان آباد ٿي ويو آهي. خدا آباد جي اوائلي ڳوٺ هاڻوڪي وستيءَ کان ڪجهه قدر اوڀر طرف آهي. هاڻوڪو واهڻ ڪافي بعد ۾ آباد ڪيو ويو آهي. مڪاني ماڻهو خدا آباد شهر جو آثارن جي باري ۾ احوال ڪن ٿا ته اتي ڪافي انگ ۾ جايون جڙيل هيون. اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ به انهن جاين جي اهڃاڻن جو وجود هو. بعد ۾ ڳوٺاڻن باقي بچيل آثارن کي به ڊاهي اتي پوکي راهي شروع ڪئي. ڪافي مڪاني بزرگن پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندي ٻڌايو ته: اتي گهڻيون جايون ڪچيون ۽ اوڏڪيون هيون. جتي اسان ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ لڪ لڪوٽي ڪندا هئاسين. اتان جي جهونن کان اها به ڄاڻ ملي ته هاڻوڪي ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ پاسي تي ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جون وڏيون ماڙيون پڻ هيون، جيڪي سندس (مڪاني بزرگ) سانڀر ۾ تباهه ٿي ويون.
    خدا آباد شهر ۾ انهن ماڙين، مڪانن ۽ بازارن وغيره جا کنڊر ته زمين تان غائب ٿي ويا آهن. البت شهر خموشان جي مقبرن، تجرن ۽ چوکنڊين جي سينن اندر اڄ به ان جا پراڻا رهاڪو ستا پيا آهن. گورستان سان گڏ ئي هڪ ڪچي ڪوٽ جو لاوارث هڏائون پڃرو پيو آهي، جنهن جو ماس زماني جون ڳجهون روڙي ويون آهن. ڪوٽ جي ظاهري صورت ايتري موهيندڙ نه آهي، تنهن هوندي به اهو خدا آباد شهر جي عظمت جو چٽو اهڃاڻ آهي. هن ڪوٽ کي مڪاني ماڻهو ”گلان جو ڪوٽ“ چون، ڪي هن کي ’ڪلهوڙا ڪوٽ‘ ڪوٺين. هڪ مني صدي کان مٿي ڄمار واري پوڙهي احوال ڏيندي چيو ته: اهو ڪوٽ ڪلهوڙن ٺهرايو هو. اسان ننڍپڻ کان وٺي وڏڙن کان ڪلهوڙا ڪوٽ ٻڌو آهي. مائي گُلي اسان هاڻي ٻُڌي آهي.
    ڪافي دوستن جو اهو خيال آهي ته هي ساڳيو خدا آباد جو قديم ڪوٽ آهي، جنهن جو تاريخ ۾ ڪيترا ڀيرا ذڪر اچي ٿو. ان ڪوٽ تي ئي افغانن ۽ ٻروچن ڪاهون ڪيون هيون. تاريخ جا ڄاڻو ۽ ڪوٽ جا پاڙيسري، ڪلهوڙا دؤر جي ان ڪوٽ کي مائي گلان جي نالي سان منسوب ڪن ٿا. اسان کي تاريخ ۾ گلان جو ذڪر شاهه عبداللطيف جي حوالي سان ملي ٿو. سنڌ جي تاريخ جي مختلف پانڌيئڙن مائي گلان جي سونهن، فن ۽ نرت جو ذڪر ڪيو آهي.
    مرزا قليچ بيگ، شاهه ڀٽائيءَ جو گلان کي دعا ڪرڻ ۽ کيس پٽ ميان غلام شاهه جي ڄمڻ جو احوال ڪيو آهي، چون ٿا ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي جو غلام شاهه پٽ ڄائو، سو شاهه صاحب جي دعا سان ڄائو. هڪڙي ڀيري ”گلان“ نالي ڪڃري، شاهه صاحب جي زيارت ڪرڻ لاءِ آئي هئي ۽ دعا پنڻ جو ارادو هئس. پوءِ پنهنجي ڳائڻ وڄائڻ سان فقيرن کي اهڙو خوش ڪيائين جو راڳ جي اثر کان روئڻ ۽ حال ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ حالت ۾ ”گلان“، شاهه صاحب کي عرض ڪيو ته: اي حضرت، مون کي دعا ڪر ته آءٌ پنهنجي واري ٿيان. سکيو ستابو گذارن ڪريان ۽ عاقبت خير جي گذريم. پوءِ شاهه صاحب، الله جي درگاهه ۾ هٿ کڻي دعا ڪئي: اي گلان! تون سنڌ جي حاڪم جي راڻي ٿيندين ۽ توکي پٽ ڄمندو، جيڪو سنڌ ۾ سڀني عباسين جو سردار ٿيندو. نالي ناموس ۾ پيءُ کان وڌيڪ ٿيندو. دعا جو اثر جلدي ٿيندو. دير ڪا نه ٿيڻي آهي.
    ڀٽ تي اهو واقعو ٿيو، ته شاهه جي دشمنن منجهان ڪنهن ماڻهو ڊوڙي وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته شاهه عبدالطيف کي سندس مريد پيا ٻُڌائين ته ههڙو الله جو عبادتي آهي، پر سندس حال هي آهي جو ڪڃريون سڏايو پيو راڳ ٻڌي ۽ انهن جو ناچ پيو ڏسي. ميان نور محمد پنهنجا ماڻهو ڊوڙايا ته وڃي سماءُ لهي اچو ته اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟ جي ڪا سچ پچ ڪڃري هجي ته انهيءَ کي به وٺيو اچو ته روبرو شاهه صاحب جي خبر چار وٺون.
    اهي ماڻهو اڃا ڀٽ تي ڪين پهتا هئا ته گلان، شاهه صاحب کان موڪلائي اٿي، شاهه صاحب چيس: گلان! تڪڙ نه ڪر، ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن. ائين ڪندي ميان نورمحمد جا ماڻهو اندر گهڙي آيا. کنڀڙين کان وٺي گلان کي ٻاهر وٺي ويا ۽ هڪدم ميان نور محمد وٽ آندائونس. ميان هن جي سونهن ۽ جواني ڏسي عاشق ٿي پيو ۽ ڀانيائين ته ساڻس صحبت ڪري، پر گلان هٿ لائڻ نه ڏنس ۽ چيائينس: ميان، جي شرع موجب نڪاح وجهندين ته آءٌ سڄي ساري تنهنجي ملڪ آهيان. ائين مون کان هرگز ڪو نه ٿيندو.
    ميان کي عشق جي باهه تپائي ڏنو. اهڙو لاچار ٿيو جو ان وقت ئي قاضي گهرائي، کڻي نڪاح وجهايائين. پوءِ ان مان غلام شاهه ڄايس، جو ان کان پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. اهو شاهه صاحب جو مريد هو ۽ انهيءَ جي حڪومت سنه 1754ع ۾ شاهه ڀٽائي گهوٽ جو قبو جڙيو. هن جو شاهه صاحب ڏي ايترو ارادو هو جو هزارين رپين جا انهيءَ قبي تي لڳايائين. تنهن جو تمام پڪو بنياد وجهايائين. قبو ۽ نيلون ايترو مٿي جوڙايائين جو صبح سانجهي پنهنجي شهر خدا آباد کان انهن کي پيو ڏسندو هو ۽ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن شاهه صاحب جي زيارت لاءِ ايندا هئا.
    گلان جي باري ۾ اسان کي تمام گهٽ مواد ملي ٿو. ڪن مؤرخن رڳو گلان جي باري ۾ اشارا ڏنا آهن، جيڪي به تقريبن بيان جي خيال کان هڪ ٻئي جو نقل آهن. گلان جي باري ۾ مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو: هڪ ڀيري گلان نالي هڪ نوجوان سونهن سوڀيا واري ڳائيندڙ عورت، شاهه صاحب جي خدمت ۾ دعا پنڻ لاءِ آئي ته هن جي پڇاڙي خير سان گذري. چون ٿا ته هڪ مجلس ۾ هن اهڙي دردناڪ انداز ۾ ڳاتو جو شاهه صاحب ۽ فقيرن جي جماعت ۾ روڄ ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. ان موقعي تي گلان عرض ڪيو ته هن ڌنڌي کان بچي پوان، حلال جي روزي کاوان ۽ باقي عمر آسودگيءَ ۽ آرام ۾ گذاريان. شاهه صاحب فرمايو ته: تنهنجي سنڌ جي بادشاهه سان شادي ٿيندي ۽ تنهنجي پيٽان به بادشاهه ڄمندو جو پنهنجي والد کان وڌيڪ نامور ۽ نيڪ هوندو. ڪن چغلن وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته هي ڏسو جو شاهه عبداللطيف پاڻ کي درويش ٿو سڏائي، هوڏانهن ڪڃرين جا راڳ ٿو ٻڌي. ڀلا، ڀلارن صوفين ۽ فيض واري فقيرن جا اهڙا پرڪار ٿيندا آهن؟ ميان نور محمد حڪم ڏنو ته هڪدم وڃي حالتون معلوم ڪريو. هڪ پاسي کان ميان صاحب جا ماڻهو روانا ٿيا ۽ ٻئي طرف گلان، حضرت شاهه صاحب کي موڪل وٺي موٽڻ جي ڪري رهي هئي. شاهه صاحب فرمايس ته ڪجهه ڌيرج ۽ دير ڪر، پوءِ ڀلي هلي وڃ. ائين گفتگو ٿي رهي هئي، ته ميان صاحب جا ماڻهو پهچي ويا. گلان کي گهلي وڃي نور محمد جي ڪچهريءَ ۾ کڙو ڪيائون. ٿيو ڇا جو ميان صاحب پهرينءَ نظر جو شڪار ٿي ويو. هن گلفام نازڪ اندام جي ڪارن ڪاڪلن جي ڪاريهرن کيس ڪهي رکيو. آخر گلان کي راضي ڪري انهيءَ رات نڪاح پڙهائي پنهنجين راڄ راڻين ۾ شامل ڪيائين. انهيءَ گلان جي پيٽ مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو. جنهن جهڙو عادل ۽ سخي ۽ خوش بخت بادشاهه سنڌ کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو آهي، ان ڪري هن ڀٽ جي ويجهو ئي پنهنجي رهائش لاءِ اهو ڪوٽ جوڙايو هو، جيڪو اڄ به سندس نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

    مائي گلان جي قبر
    مائي گلان جي قبر ڪلهوڙا دؤر جي پراڻي تختگاهه محمدآباد وٽ آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جو والي هو، تڏهن هن ايراني حملن کان بچاءَ جي خيال کان ميان جان محمد ڏاهريءَ کان هڪ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪري محمود آباد جو شهر ٻڌايو. ميان نور محمد پنجٽيهه سال حڪومت ڪئي، جنهن مان هن تختگاهه ۾ ويهي چار سال سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪيا. هن جڏهن جيسلمير ۾ وفات ڪئي ته سندس وصيت موجب کيس محمود آباد ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. ان بعد هي شهر تختگاهه مان ڦري مدفن گاهه بڻجي ويو. هن چوهٺ ايڪڙن ۾ ڦهليل قبرستان ۾ ميان نور محمد ۽ سندس گهرواريءَ بيگم گلان جي مقبري سميت سندس اميرن، وزيرن ۽ سپهه سالارن جا مقبرا آهن.
    گلان جي قبر ميان نور محمد جي مقبري جي اتر اولهه ڪنڊ تي ٽي سئو فٽن جي فاصلي تي هڪ تجر اندر آهي. تجر جي ڊيگهه سورهن فوٽ، ويڪر ويهه فٽ ۽ اوچائي تيرهن فوٽ کن ٿيندي. تجر کي اوڀر پاسي محرابي در ٺهيل آهي ۽ سندس اتر ۽ ڏکڻ ۾ پڻ محرابي دريون آهن. تجر جي ڀتين جي ٿولهه ٽي فوٽ آهي. مزار جي بناوٽ ۾ سنهيون خوبصورت سِرون استعمال ڪيل آهن، جن تي پلستر مٿان چن جو رنگ ڏنل آهي. تجر مٿان چئن ڪنڊن تي ۽ تجر جي ڇت جي وچينءَ ڪنڊ تي به ٻه نيليون بيهاريون ويون آهن.
    تجر جون ڀتيون اندران توڙي ٻاهران پينلن ۾ ورهايل آهن، جن تي رنگن سان سهڻا گل ۽ گلدان نقش ٿيل آهن. ان گلڪاري ۾ ڳاڙهو رنگ گهڻو استعمال ٿيل آهي. تجر جي اندر وچ تي فرش کان ڏيڍ فوٽ کن مٿي بيگم گلان جي اڪيلي قبر آهي. اها سادي قبر ڏيڍ فوٽ ويڪري ۽ ساڍا پنج فوٽ ڊگهي ٿيندي. جنهن تي لسو پلستر ٿيل آهي.

    ڪوٽ گلان
    گلان جو ڪوٽ 23 ء 68 اوڀر ۽ 49 ء 25 اُتر حيدرآباد (هاڻي مٽياري) ضلعي جي تعلقي هالا ۾ آهي. هيءُ ڪوٽ هالا شهر کان ٽي ڪلو ميٽر اتر پاسي آهي. ڪوٽ جا آثار درياء سنڌ جي کاٻي ڪپر تي ٻاهرين بچاءَ بند وٽ ديهه ڪيريا ۾ ڦهليل آهن. کنڊر اٺ ڏهه ايڪڙن جيتري جاءِ والارين ٿا.
    گلان جو ڪوٽ ڪچي مٽيءَ سان ٺهيل آهي. ان اوڏڪي چورس اڏاوت ۾ ڪٿي ڪچيون سرون به لڳل آهن. ڪجهه اهم ۽ نازڪ حصن ۾ پڪين سرن جو استعمال به نظر اچي ٿو. پڪيون سرون گهڻو ڪري برجن وٽ ڪتب آنديون ويون آهن. ڪوٽ ۾ اندر ڪن هنڌن تي عمارتن جا اهڃاڻ ملن ٿا. ڪوٽ جي اندرين سطح آسپاس جي زميني سطح کان ڪجهه فوٽ بلند آهي. خاص اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪوٽ ڪنهن ننڍڙي دڙي تي جوڙيو ويو آهي يا اڏاوت وقت هٿرادو ڀراءُ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڳالهه جو به امڪان آهي، ته ڪوٽ اندر ٺهيل ماڙين ۽ محلاتن جو ڀنجو ڪوٽ جو پيٽ اڀارڻ ۾ ڪارائتو ٿيو هجي.

    ڪوٽ تي حملا
    اسان کي تاريخ جي پردي تي ڪلهوڙن جي هن تختگاهه جي ڪوٽ تي ڪيترائي حملا ٿيل نظر اچن ٿا. جن مان ظاهر آهي ته هي ڪلهوڙن جو ڪوٽ پنهنجي دؤر ۾ دفاعي اهميت جي خيال کان سنڌ ۾ اهم مقام والاريندو هو. ان لاءِ ڀيرومل مهرچند لکي ٿو: ”ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو.“
    ڪلهوڙن جي حڪومتي دور ۾ ٽالپرن کي وڏي اهميت هئي. غلام رسول مهر ٽالپرن جي حيثيت هن ريت بيان ڪئي آهي: محمد سرفراز جي حڪومت جو سلسلو خوشگوار نموني هلندڙ هو. مير بهرام ٽالپر پنهنجي تدبر، جوانمردي، وفاداري ۽ عزيزن ۽ ملازمن جي گهڻائي ڪري غلام شاهه جي وقت کان وٺي ممتاز حيثيت رکندڙ هو. ميان سرفراز خان جو به مخلص صلاحڪار هو. ”راجا ليکي“ ميان صاحب تي وڌيڪ حاوي هو. هن کي ٽالپرن جو اقتدار پسند نه هو ۽ ڪوڙيون ڳالهيون جوڙي ميربهرام جي خلاف ميان جي دل ۾ بدگمانيون پيدا ڪرڻ لڳو. نيٺ انهيءَ بدگماني رنگ لاٿو. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا سالن جا تعلقات دشمنيءَ جو روپ وٺڻ لڳا، جيڪي اڳتي هلي جنگاڻ جو سبب بڻيا، جنهن ۾ مير بهرام ۽ ٻيان سردار مارجي ويا.
    بهرحال، سرفراز خان، راجا ليکي جي چرچ تي مير بهرام ۽ سندس پٽ کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو. فتحنامي جو بيان آهي: مير بهرام خان خاص ڪچهري ۾ آيو... فريب خورده سرفراز ريشم جي ڪپڙي ۾ ويڙهيل هڪ خط ڪڍي مير بهرام جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته هي بجار جو خط آهي. بهرام خط هٿ ۾ وٺي عينڪ لڳائي پڙهڻ لڳو ته حسين هرڙاڻي نالي هڪ شخص اچي کيس تلوار هنئي ۽ هن سياسي ميدان جي بهادر جو ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين.
    مير بجار جو پٽ مير صوبدار خان ان وقت بيمار هو. اهو به درٻار ۾ پهچي ويو ۽ اتي وڙهندي شهيد ٿيو. مير بهرام جي شهادت ربيع الاول 1189هه (مئي 1775ع) ۾ ٿي. مير کي خدا آباد نئين ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ به ان مٿان ٺهيل چوڪنڊي جي چٽسالي ڏسڻ جوڳي آهي.
    مير بهرام جي قتل واري واقعي تي هر ماڻهوءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. مير جا گهڻگهرا توڙي مائٽ هر طرف کان سرفراز ڪلهوڙي تي ڪاهي آيا. انهن جي اڳواڻي مير بهرام جي چاچي جو پٽ مير فتح علي ڪري رهيو هو. هن ويڙهاڪن جي هڪ جميعت ساڻ ڪري خدا آباد جي قلعي تي ڇاپو هنيو ۽ چوڪيدار کي قتل ڪري قلعي ۾ داخل ٿي ويو ..... سرفراز خان ميدان تي وڙهڻ وارو مڙس نه هو، سو بهادرن جي حملي ڪندي ئي ڀڄي نڪتو ۽ دريءَ جي رستي قلعي کان ٻاهر هليو ويو. ساڻس ڇهه خدمتگار گڏ هئا، مٿو ۽ پير اگهاڙا، رڳو جان سلامت کڻي ٻاهر نڪري سگهيو. جهنگل مان ٿيندو درياء جو رخ ڪيائين ۽ مهاڻن جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي حيدرآباد جو رستو ورتائين ...........

    افغانن جو حملو
    ميان سرفراز جڏهن خدآباد جو قلعو ڇڏي ڀڳو ته راجا ليکي ۽ سندس ساٿي غداري ڪري مير فتح سان وڃي مليا. سرفراز پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمود خان کي خدا آباد جي تخت تي ويهاري پاڻ حيدرآباد طرف روانو ٿيو. حيدرآباد ۾ جنگي سامان جي موجودگي هوندي به سرفراز خان مقابلو نه ڪيو. ستن ڏينهن ۾ قلعو فتح ٿي ويو. پاڻ قيد ٿيو. سرفراز جي معزولي تي سنڌ ۾ گهرو ويڙهه جي باهه ڀڙڪي، عزت يار خان پنهنجي لاءِ حڪومت جي پرواني وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. سنڌ ۾ بدامني جي ڪري افغان درٻار کي مقرر خراج ادا ٿي نه سگهيو هو. ان ڪري تيمور شاهه عزت يار خان کي سنڌ حڪومت جو پروانو ڏنو. مير بجار ۽ عبدالنبي ارڙهن هزار فوج وٺي افغانن کي روڪڻ لاءِ خدا آباد نئين کان روانا ٿيا. منزلون ڪندا روهڙي پهچي، اتي ٻه سئو ٻيڙين جي پل تيار ڪرايائون. لکيءَ شڪارپور جي وچ ۾ جنگ لڳي. افغانن شڪست کاڌي، ٽيهه هزار افغاني فوج جو ارڙهن هزار سنڌين سان مقابلي ۾ شڪست کائڻ معمولي ڳالهه نه هئي..........

    رهائش
    ڪلهوڙا خدا آباد نئين جي ان ڪوٽ کي ئي پنهنجي درٻار سان گڏ رهائش طور به ڪتب آڻيندا هئا، باقي ٻيو راڄ ڀاڳ ڪوٽ کان ٻاهر رهندو هو. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي ڪوٽ جي اندر مختلف هنڌن تي ڪيترن ئي رهائشي جاين جا اهڃاڻ ملن ٿا. ڪوٽ اندر اوڀر ڏکڻ ڪنڊ وٽ اڄ به هڪ وڏو دڙو ڦهليل آهي. ان هنڌ تي ويهه فوٽ کن اونهي کوٽائي ڪري ٽيوب ويل لڳايو ويو آهي. جيڪو ڪوٽ اندر پوک کي پاڻي ڏئي ٿو.
    اسان جڏهن ان کوٽيل کوهه ۾ جهاتي پايون ٿا، ته کوهه جي ڪنارن کان ٽي فوٽ هيٺ ڪچي مٽيءَ جي تهه ملي ٿو. ان جي هيٺان ڇهه فوٽ کن پڪين سرن جي ڀرائي آهي. جنهن ۾ ڪجهه فوٽ ڊٺل جاين جو ڀنجو به شامل آهي. بهرحال، سرن جو اهو انگ ڪنهن عاليشان عمارت جي نشاندهي ڪري ٿو. مڪاني ماڻهو ان ٿلهي کي ”ڪلهوڙن جي ڪچهري“ چون ٿا. ان هنڌ تي ڪلهوڙا حڪمران درٻار هڻندا هيا. ان درٻار ۾ ئي مير بهرام ۽ مير صوبدار خان قتل ٿيا هئا، جنهن جو ذڪر ڀيرومل مهر چند ڪيو آهي، ته ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو. مير بهرام ۽ مير صوبدار خان جي قتل ٿيڻ بعد ٽالپرن جي لشڪر انتقام وٺڻ لاءِ مير فتح علي جي مهنداريءَ ۾ خدا آباد نئين تي ڪاهه ڪئي. ان وقت ميان سرفراز ان ڪوٽ اندر ترسيل هو. ٽالپرن جي خبر ٻڌي هو گهيرو ٽوڙي قلعي مان فرار ٿيو. هو پيرين ۽ مٿين اگهاڙي درياء تي پهچي ٻيڙي رستي حيدرآباد پهتو هو.
    ڪوٽ جي اولهه ڏکڻ پاسي تي هڪ وسيع رهائشي حصو ملي ٿو، جنهن کي تازو ٽريڪٽر جي بليڊ سان سڌو ڪيو ويو آهي. ان رهائشي حصي جو ڊگهو پاسو اولهائين ڀت سان پور وڇوٽ ٺاهي ٿو. ان ٽڪريءَ تي ڪافي گهرائيءَ تائين سرن جا ٽوٽا پوريل آهن. ڪوششون ڪندي به ان حصي کي پوکي لائق نه بڻائجي سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪجهه گهري کوٽائيءَ سان ڪنهن عمارت جا واضح اهڃاڻ ملن.
    هالا جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي خيال مطابق ڪوٽ جو اهو حصو ڪلهوڙن اميرن جي رهائش طور ڪم ايندو هو. ان محل مان ئي ميان سرفراز فرار ٿي ڪوٽ جي ديوار ٽپي پنهنجي ڇهن خدمتگارن سان حيدرآباد پهتو هو. گڏو گڏ ڪوٽ جي ڏکڻ ديوار جي وچ وٽ ڀت سان گڏ سرن ۽ سروٽن جو وڏو انگ اها چغلي پيو هڻي ته ان هنڌ تي به ڪا وڏي ماڙي هوندي، ڪوٽ جي چؤڦير وسندڙ بزرگ ٻڌائين ٿا ته قديم زماني کان وٺي سڄي ڪوٽ اندر ننڍڙا ننڍڙا دڙا هئا. دڙا مٽي، سرن ۽ ٺڪراٽي سان ڍڪيل هئا. بعد ۾ هتان جي ماڻهن ان ٺڪراٽي ۽ ٽوٽن مان جان ڇڏائي ڪوٽ کي زراعت لائق بڻايو. هڪ اسي سالن جي جهوني ٻڌايو ته: ڪوٽ جي چؤڦير ديوار سان اندرين پاسي کان ننڍيون ڪوٺيون پڻ ٺهيل هيون، جن مان ڳوٺاڻن سرون وغيره ڪڍي پنهنجا گهرڙا جوڙيا آهن.

    قبرستان
    گلان ڪوٽ جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ کان سڏ پنڌ تي هڪ وڏو قبرستان آهي. خدا آباد جي ان قبرستان ۾ مير فتح علي خان جي مقبري سميت ڪجهه تجر ۽ چوکنڊي ڍنگ جون قبرون ۽ ڇٽيون آهن.

    مير فتح علي خان جو مقبرو
    فتح علي خان جو مقبرو پري کان ئي ڪَرُ کنيو قبرستان جو ڏس ڏئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ اهو مقبرو ڪچي ڪوٽ جي ديوارن سان گهيريل هو، پر هاڻي ڪوٽ جا آثار نٿا لڀن. مير فتح علي خان جي چوڪور مقبري مٿان چئن ڪنڊن تي چار گنبذيون ۽ وچ تي هڪ ڳورو گول گنبذ رکيل آهي. جن مٿان ڪاشيءَ جون نيليون نظر اچن ٿيون. ان مقبري تي ڪاشيءَ جي تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، پر هينئر ڪاشيءَ جي ڪاريگري جا باقي وڃي نشان بچيا آهن.........
    اسان دروازي مان جيئن ئي اندر داخل ٿيون ٿا ته سامهون هڪ ٿلهي تي پٿر جون پنج گهاڙيون آهن. سڀ کان پهرين قبر مير غلام علي خان ولد مير صوبدار خان جي آهي، جنهن جي وفات جي تاريخ 6 جمادي الثاني 1227هه آهي. انهيءَ قبر سان لڳ ٻي قبر مير فتح علي ولد مير غلام علي جي آهي، جيڪو 10 محرم الحرام 1217هه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ٽين گهاڙي مير صوبدار خان ولد مير فتح علي جي آهي. جنهن 14 رجب 1262هه تي چالاڻو ڪيو. چوٿين قبر تي ڪنهن جو به نالو لکيل نه آهي. پر ان جي پيراندي تي 1264هه لکيل آهي. چيو وڃي ٿو ته اها قبر ڪنهن عورت جي آهي. پنجين قبر مير محمد علي ولد مير صوبدار خان جي آهي، جيڪو رجب 1278هه ۾ گذاري ويو.

    تجر
    مير فتح علي خان جي مقبري ۽ ٽنهي چوکنڊين جي اتر ۾ هڪ تجر ٺهيل آهي، جنهن ۾ مائي خيري پوريل آهي. مائي خيري، مير فتح علي خان جي ماءُ هئي. هيءَ مائي وڏي عاقل ۽ سخي ٿي گذري آهي. حيدرآباد جي فقير جي پڙ ۾ هڪ مسجد ”مائي خيري“ جي نالي سان منسوب آهي.

    چوکنڊيون
    مير فتح علي خان جي مقبري جي سامهون ٿورڙو اوڀر طرف هڪ ٻئي سان گڏ ٽي چوکنڊيون ٺهيل آهن، پهرين چوکنڊي ۾ ڪنهن ڪتبي بنا ٻه قبرون جڙيل آهن. ٻي چوکنڊي ۾ به ٻه قبرون آهن، جن مان هڪ قبر بنا نالي آهي. جڏهن ته ٻي قبر مير بهرام ولد مير عبدالله خان جي آهي، جيڪو 29 محرم 1242هه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ٽين چوکنڊي ۾ ٻه قبرون آهن، جن مان هڪ اڻڄاتل آهي. ٻي قبر مير بجار ولد مير غلام حسين جي آهي، جيڪو 1220هه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    هوڏانهن مير فتح علي خان جي وڏي قبي پويان ڪجهه قدمن تي اولهه پاسي ٽي چوکنڊيون/ ڇتيون ٺهيل آهن. اوڀر پاسي واري چوکنڊي هيٺان ٻه گهاڙيون آهن. منجهانئن هڪ قبر مير صوبدار فقير ٽالپر جي آهي، جنهن جي شهادت 15 جمادالثاني 1189هه ۾ ٿي. جڏهن ته انهيءَ قبر جي اولهه ۾ ٻي قبر مير بهرام فقير ٽالپر جي آهي. جنهن جي شهادت 15 جمادالاثاني 1189هه تي ٿي. ان چوکنڊي جي اولهه ۾ هڪ ٻي چوکنڊي قبر مير بجار فقير ٽالپر جي آهي. جنهن جي شهادت واري تاريخ ذي القعده 1194هه ڄاڻايل آهي. گڏوگڏ قبرستان ۾ مٿين قبرن، چوکنڊين ۽ ڇٽين سميت هڪ مسجد ۽ ڪجهه ڪتبي بنا گهاڙيون ٽٽل ڦٽل حالت ۾ آهي.

    (هيءُ مواد حسين بادشاهه جي سهيڙيل ڪتاب ’حيدرآباد جي تاريخ‘ (صفحا 109- 99) تان کنيو ويو آهي، جيڪو اصل ۾ اسلم عباسي جي سهيڙيل ڪتاب ’ميان غلام شاه ڪلهوڙو (سنڌ جو شاهجان)‘ تان ورتل آهي.)


    ليفٽيننٽ ايڊورڊ ڊيل هوسٽي جي هالا ۾ آمد(1)

    مخدوم جميل الزمان

    ليفٽيننٽ ايڊورڊ ڊيل هوسٽي جي هالا ۾ آمد(1)


    جون 1829ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز جي حڪم تي ممبئي جي گورنر لارڊ ڪلئر (Lord Clare)، ليفٽيننٽ هينري پوٽنجر (ولادت: 3 آڪٽوبر 1789ع وصال: 18 مارچ 1806ع(2)) جي اڳواڻيءَ ۾ ڇهن تجربيڪار آفيسرن تي مشتمل هڪڙو وفد، سنڌ جي ميرن سان ڳالهين لاءِ سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، انهيءَ وفد جو هڪڙو رڪن سنڌو درياء جي ڪناري تي سفر ڪندو. 20 فيبروري 1832ع (3) هالا پهتو، جتي سندس ملاقات حضرت مخدوم امين محمد ثاني رحمة الله عليہ جن سان ٿي، جنهن جو تفصيلي بيان هن پنهنجي سفرنامي ۾ خاص طرح ڪيو آهي. (هتي سنڌي ترجمو ڏجي ٿو)
    ترجمو: (1)
    20 فيبروري 1832ع
    ساڳئي طرف اٺن 8 ميلن جو فاصلو طئه ڪيوسين ته سامهون هڪ ڳوٺ ”سالارو“ نظر آيو، جيڪو پنج سؤ (500) گهرن تي مشتمل هو ۽ ان جي آبادي (1200) ٻارنهن سؤ ماڻهن تي هئي. هيءُ ڳوٺ سنڌو درياء کان فرلانگ سوا فرلانگ تي هو، هن ڳوٺ ڏانهن جيڪو رستو ويو ٿي، اهو ٻيلي جي وچان ٿي ويو ۽ ان درميان ڪيتريون ڍنڍون ۽ ڍورا لتاڙڻا ٿي پيا. سنڌو درياء جو کاٻو ڪنارو ڏيئي هڪ ميل جو سفر ڪيوسين ته هڪ ڳوٺ گهوٽاڻو پهتاسين، جيڪو درياء جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. ان مقام تي درياء جو ٻيٽ ڏيڍ ميل تائين هو ۽ پاڻيءَ جي وهڪري جي رفتار 1 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان هئي. سامهون هڪ ننڍو ٻيٽ هو، جنهن تي پهچڻ لاءِ اونهي ۽ وسيع پاڻي منجهان گذرڻو ٿي پيو، ان واهه جي پاڻيءَ جو رخ ميرپور (ميرانپور) ڏانهن هو جيڪو گهوٽاڻن کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ساڳئي طرف واقع هو. ان جي بلڪل اوڀر ۾ هالا آهي، جنهن کي ”هالا گنجا“(2) به چئجي ٿو.
    فاصلو جيڪو آءٌ سمجهان ٿو ته ميلن ۾ هوندو سو اسان چڱي رفتار ۾ طئه ڪيو. موسم خوشگوار نه هئي، سو مون هالا ۾ ترسڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو. هالا جيڪو پير (مخدوم) جو شهر هو، سو مون کي پڪ هئي ته اتي منهنجو سٺو آڌر ڀاءُ ٿيندو. ٻي بجي کان مٿي جو وقت هوندو، جڏهن اسين ڇهن ڪلاڪن جي رستي جو پنڌ طئه ڪري پنهنجي منزل مقصود تي پهتاسين.
    آءٌ وڻ هيٺان انهيءَ انتظار ۾ ويٺو هئس ته جيئن اٺن تان سامان لاٿو وڃي ته ايتري ۾ ڪجهه خوش لباس ماڻهن اچي مون سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ پڇيائون ته ڇا اوهين مخدوم نوح رح جي مزار جي زيارت ڪرڻ جي مقصد سان آيا آهيو؟ ان تي جواب ۾ نه چوندي وضاحت ڪيم ته آءٌ خيرپور وڃي رهيو آهيان. ان تي انهن اصرار ڪيو ته پير (مخدوم صاحب) سان به ملو ۽ هالا جي مسجدن ۽ مقبرن جي زيارت ڪريو، هاڻي ته پير (مخدوم صاحب) سان ملڻ جو اشتياق وڌي ويو. آءٌ پير جي بنگلي ڏانهن هلڻ لڳس، جيڪو هالا شهر ۾ هو، ان بنگلي جي چوڌاري هڪ ڪوٽ هو، جنهن کي ڪتابچا (هرڻي جو قسم)جي سڱن سان سينگاريو ويو هو. اسان کي وڏي محرابي ڪمري ۾ آندو ويو جنهن جي ڀتين ۽ ڇت تي خوبصورتيءَ سان اُڪر ۽ چترڪاريءَ جو ڪم ٿيل هو. فرش تي عاليشان غاليچا وڇايل هئا جنهن سان هيءُ ڪمرو ڪنهن امير جي محل کان وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ هڪڙو ننڍو چورس ڪوچ (صوفه) پيل هو جتي اسين وڃي ويٺاسين. ٿوري انتظار کان پوءِ پير تشريف فرما ٿيو. مون کي انتهائي تعجب لڳو، جڏهن مون ڏٺو ته پير ويهن، پنجويهن سالن جو هو، حالانڪ مون سمجهيو ائين پئي ته هو ڪو وڏيءَ عمر جو بزرگ ۽ سفيد ريش هوندو. پير جو انداز وڻندڙ ۽ خاص طور تي ملڻ جو طور طريقو ڏاڍو سٺو هو. سندس آمد تي اسين اٿي بيٺاسون. پاڻ اڳتي وڌي پنهنجو هٿ چمڻ لاءِ وڌايائين. مون يڪدم محسوس ڪيو ته کيس خواب و خيال ۾ به ڪو نه هو ته ڪو آءٌ يورپين هوس. مون کي ويهڻ جو چئي پاڻ پڇيائين ته آءٌ ڪير آهيان؟ جنهن تي مون جواب ڏنو ته انگريز سرڪار وٽ سپاهي آهيان ۽ خيرپور جي مير رستم خان ڏانهن خط کڻي وڃي رهيو آهيان. پاڻ پڇيائين ته ڇا مون کي مير مراد علي(1) جو اجازت نامو آهي؟ ان تي اسان جي گائيڊ قائم خان جواب ڏيندي چيو ته هن کي رستو ڏيکارڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن. پيرصاحب مون ڏانهن منهن ڪيو ۽ پڇيائين ته ڇا فرنگين جي ملازمت ۾ پٺاڻ ڪافي آهن؟ جي ها اهي ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، جواب ڏيندي چيم. هن انگريزن جي باري ۾ عجيب و غريب سوال ڪيا. ڇا اهي سٺا ماڻهو آهن؟ ڇا اهي عبادت گذار آهن؟ ڇا اهي وڌيڪ چالاڪ ته نه آهن؟ جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته اهي رنگ جا اڇا آهن ته انهن جون اکيون اڇيون آهن؟ ڇا انهن جا وار ۽ جسم اڇا آهن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ يقينن هو بدصورت هوندا. سندس انهيءَ گفتار تي مون کي کل اچي وئي ۽ سندس ڪيل سوالن جا مناسب ۽ معقول جواب ڏنم. پوءِ هن پڇيو ته ڇا شاهه شجاع الملڪ حيدرآباد ۾ انگريزن سان مليل هو؟ ڇا اهي شڪارپور تي اوچتو حملا آور ته ڪو نه ٿي رهيا آهن؟ جمعدار وراڻيو ته اها هڪ احمقانه ۽ سراسر ڪوڙي خبر آهي ۽ ڪو به اهڙو شخص ڪنهن به اهڙي قسم جي ڳالهه ۾ شامل نه هو ته پوءِ انگريزن شڪارپور پئي کنئي. حقيقت ۾ اهي دوستن جي حيثيت سان آيا آهن ۽ انهن ڪا به غداري نه ڪئي آهي. ٿوري وقت کان پوءِ اسان کانئس اجازت ورتي ۽ مون قائم خان آڏو ان خواهش جو اظهار ڪيو ته کيس اهو ٻڌايو وڃي ته آءٌ صاحب لوڪ آهيان، جنهن تي پاڻ ڏاڍو لطف اندوز ٿيو ۽ چيائين ته ”اهو صحيح آهي، فقير فقراء اجنبين تي تمام گهڻو ناراض آهن پر مون ته سوچيوئي ڪو نه هو، ته هيءُ يورپي آهي.“
    سڄي رات بارش پي پئي، جيڪا ٻي ڏينهن يعني 21 فيبروري جي 12 وڳي تائين هلي، ان ڪري مون کي 2 وڳي تائين هالا ۾ ترسڻو پيو ته جيئن خيما سڪن. هالا هڪ وڏو ۽ ڳتيل شهر آهي، جنهن ۾ چار هزار (4000) رهواسي آباد آهن. ان ۾ هڪ شاندار ۽ وڏي بازار آهي. شهر جو هڪ حصو پير جو آهي جيڪو انتهائي شريف النفس ۽ ماڻهن تي خاصو اثر رکندڙ شخص آهي. سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ماڻهن کي ايتري عزت ڪانه ٿي ملي جيتري پير جي هن شهر وارن کي ملي ٿي. ايتري قدر جو جيڪڏهن ڪنهن به امير ماڻهوءَ جو طرفان ڪنهن ٻي شهر ۾ ڪنهن کي تڪليف پهچندي آهي ته اهي به هن شهر ۾ پير وٽ اچيو پناهه وٺندا آهن. شهر جي اُتر اولهه ۾ هڪ خوبصورت مسجد ۽ ڌرم شالا پڻ آهي. هالا جي اوتر اولهه ۾ هڪ ميل جي مفاصلي تي خدا آباد جي شهر جا کنڊرات موجود آهن جن لاءِ بعد ۾ مون کي اهو معلوم ٿيو ته ڪنهن زماني ۾ ٺٽي کان پوءِ سنڌ ۾ ٻي نمبر تي خداآباد وڏو شهر هو. اهي کنڊرات ست ميلن تائين پکڙيل هئا. هن وقت ان شهر ۾ سؤ گهرن کان مٿي گهر نه هوندا. بلڪل ڏکڻ ۾ مير فتح علي خان جو مقبرو آهي.
    (هي مواد محترم جميل الزمان صاحب جن جي ڪتاب ”مخدومنِ هالا“ تان کنيل آهي.)


    سنڌو درياهه جو وهڪرو

    بدر ابڙو

    سنڌو درياهه جو وهڪرو

    ...... اهو 1758-59ع جو جاگرافيائي واقعو هو، جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو. انهي کان اڳ درياهه، هالا کان نصرپور طرف وهندو هو. ڪلهوڙن کي مغلن، پٺاڻن، ۽ ايرانين به ايترو تنگ نه ڪيو هوندو، جيترو سنڌوءَ ڪيو هوندو. هو پنهنجي دؤر ۾ لڳ ڀڳ هر وقت پنهنجيون گاديون بدلائيندا پئي رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن 1758ع ڌاري درياه پاڻ فيصلو ڪيو ۽ هالا وٽان سر ڏکڻ ڏانهن سفر شروع ڪيائين. ان ئي وقت سنڌوءَ جو وهڪرو گدو بندر وٽان جاري ٿيو ۽ ان جو هڪ ڦاٽ ڦليليءَ جي صورت ۾ حيدرآباد جي اتر کان ڦُٽي هليو.
    ...... اهڙي ريت 1758-59ع ۾ نصرپور وارو پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان شروع ٿي ڏکڻ اوڀر پئي وهيو، سو سڪي ويو. اهو ستر ميل وهڪرو هو، سنڌوءَ آخري وهڪري وٺڻ کان اڳ لڳاتار ڪيئي مسلسل وهڪرا بدلايا هئا ......

    [هي مواد بدر ابڙي جي لکيل ڪتاب سنڌو جي سفر مان ڪوريل مضمون حيدرآباد سنڌ جي دل، جيڪو حيدرآباد جي تاريخ نامي ڪتاب ڏنل آهن، ان مان ورتو ويو اهي.]

    30اپريل 2006


    هالا جو سيرُ

    ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

    هالا جو سيرُ

    [محترم ڀيرومل مهرچنداڻي صاحب سنڌ جو سيلاني نالي ڪتاب لکيو هو. جنهن مان هالا جو ذڪر هيٺ پيش ڪجي ٿو. ياد رهي ته هي مواد حسين بادشاه جي سهيڙيل ڪتاب ”حيدرآباد جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن تان ڪوريو ويو آهي.]

    هالا
    مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ”هالا“ آهي، جنهن تان هالن جي شهر تي نالو پيو آهي. هالن جا شهر ٻه آهن: هڪ هالا پراڻا، ٻيو هالا نوان، جن جي وچ ۾ مفاصلو رڳو ڪوهه کن جو آهي. پراڻن هالن جو شهر سمن جي صاحبيءَ ۾ 1422ع ڌاري ٻَڌو، پر پوءِ درياهه شاهه جي دڙڪن ماڻهن کي مُنجھايو ۽ ڪيترن پنهنجا اصلوڪا ڇنا ڇڏي وڃي نوان پَٽَ وسايا. نون هالن جي شهر جو اصلوڪو نالو مرتضيٰ آباد هو. اهو نئون شهر ارڙهين صديءَ ۾ مخدوم مير محمد ٻڌايو هو، جنهن جو مقبرو اڄ تائين اُتي آهي. نون هالن ۾ مخدوم نوح جي به درگاهه آهي. انهيءَ درگاهه ۾ جيڪي لکيتون آهن، تن مان هڪ وڏيءَ لکيت مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو مقبرو مخدوم محمد زمان جوڙايو هو. اهو مقبرو 1790ع ۾ ٺهيو ۽ اُن جي مٿان ساڳئي سال ۾ فتح علي خان ٽالپر قُبو اَڏايو هو. مخدوم مير محمد جو مقبرو به فتح علي ٽالپر جو اڏايل آهي. ٻنهي مقبرن جي ويجھو مسجد آهي، جيڪا ڪرم علي خان ٽالپر جي جوڙايل آهي. هتي ٽالپرن ڇو هي خرچ ڪيا آهن، سو هن ڪري جو مخدوم نوح سنڌ جي هاڪارن درويشن مان هڪڙو آهي. حقيقت ڪري سنڌ ۾ ٽي مرشد ليکيندا آهن: هڪڙو مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهاڻي، ٻيو مخدوم نوح هالن وارو، ۽ ٽيون مخدوم بلاول باغبان تعلقي دادوءَ وارو. هن شهر جو مخدومن جي ڪري مانُ مرتبو مٿي آهي ۽ ڪاريگريءَ جي ڪمن هالن کي هاڪارو ڪيو آهي، نه ته هتي ٻيو ڪجھ ڪونهي، يعني هتي ڪو اهڙو نزاڪت ڀريو نظارو ڪونهي، جنهن جو ذڪر ڪجي: باقي درياهه جي ڀر آهي، جنهن ڪري وڏا وڻ واٽن تي آهن. سڄي هالن تعلقي ۾ پڪي زمين ٿوري آهي: باقي دسڙ، وارياسي ۽ ڪلراٺي گھڻي آهي.
    هالن جو شهر ڪاشيءَ جي سامان ۽ جنڊيءَ جي ڪم ڪري گھڻو هاڪارو آهي. حقيقت ۾ عاليشان هندورا ۽ پلنگ ۽ سهڻا گنج، جن تي مينا ڪاري ٿيل هوندي آهي، سي کاڻوٽ تعلقي هالا ۾ ٺهندا آهن؛ پر اهو سڀ هالن جو سامان سڏبو آهي. هالن جو ڪاشيءَ جو سامان يوروپي ماڻهو دل ڪري وٺندا آهن؛ پر سنڌي ماڻهن ۾ اُن جو اهڙو قدر ڪونهي، جهڙو هئڻ گھرجي.
    هالن ۾ سوسيون ۽ چيڪ به ٺهندا آهن. هالن جي چيڪن جو ذڪر هڪ ڪافيءَ ۾ آهي، تنهنڪري اُها هتي ڏجي ٿي:
    ڪافي طرز: پاڻ ڏاڍن سان نِينهن نه لائجي.
    ملڪ جي مان وڌائڻ لاءِ، ڪپڙو پايو سڀ ديس جو
    نٽ شٽ کي سڀ ڏيو نيڪالي، ساديءَ هِلت هلائڻ لاءِ
    هنر هزارين مُئل جياريو، هنرن زور وٺائڻ لاءِ
    ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ، پاتا ٿي چيڪ چتائڻ لاءِ
    چيڪ هالن جا ساڌُن پاتا، هنرن کي همٿائڻ لاءِ
    جھڙي اسان ڪي ڪونه ڪري ڪو، ديس مان بُک مٽائڻ لاءِ
    سوال ڀارت جو سُڻو سنڌواسي، ديس سان ڀال ڀلائڻ لاءِ
    ڪپڙو پايو سڀ ديس جو.
    هالن ڏي وڃڻ لاءِ ٽنڊي آدم يا شهدادپور اسٽيشن تي لهبو آهي. ٽنڊي آدم کان وڃبو ته واٽ تي شاهه جي ڀِٽ ايندي، جنهن جو ذڪر ڪيترن ڪتابن ۾ آهي، جو اُهو ڳوٺ سهڻي لطيف ٻڌايو هو، جنهنڪري هو عام طرح ڀٽائي گھوٽ سڏجي ٿو. شهدادپور کان هالن ڏي وڃبو ته اُڏيري لال جو درشن سولائيءَ سان ڪري سگھبو. جيڪڏهن ڪنهن کي دادوءَ پاسي کان هالن ڏي وڃڻو هجي ته گوپانگ اسٽيشن تي لهي پوي، جو اُتان پنڌ رڳو چار ڪوهه آهي؛ پر کَتڻ لانگھائو پنڌ آهي. خشڪيءَ جي رستي هالن وڃڻ لاءِ حيدرآباد جي ڪاري ڦڙدي وٽان مياڻي ۽ مٽياري وارورستو وٺي وڃبو آهي. هن پاسي حيدرآباد ضلعو، نواب شاهه سان اچي ملي ٿو ۽ ٻئي ضلعا هن پاسي اُڏيري لعل جي در جا دربان ٿي بيٺا آهن.

    خدا آباد (نئين)
    خداآباد جو شهر نون هالن کان ڏيڊ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو آهي. انهيءَ کان اڳي ڪلهوڙن جو تختگاهه اُهو خداآباد جو شهر هو، جيڪو دادوءَ پاسي آهي؛ پر کوسن انهيءَ شهر کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، جنهنڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيستائين حيدرآباد جو قلعو ۽ ٻيون جُڙيون، تيستائين ڪلهوڙا ڪجھ وقت شاهپور ۾ رهيا ۽ پوءِ هي خدا آباد جو شهر اچي وسايائون، جو 1789ع تائين سندن گاديءَ جو هنڌ هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد کي پنهنجي تختگاهه بنائڻ کان اڳ پاڻ حياتيءَ جي تخت تان لهي پيو. مير فتح علي خان پوءِ حيدرآباد کي پنهنجو تختگاهه ڪيو، پر تڏهن به هي خدا آباد جو شهر چڱو وسيل هو. 1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسيل هو، جھڙو حيدرآباد جو شهر اُنهيءَ سال وسيل هو؛ پر ٽيهن ورهين کانپوءِ يعني 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو، جو منجھس نالي کي هڪ گھر به ڪونه بچيو. ڪيترا پير مرد چون ٿا ته هن شهر کي درياهه پائي ويو، جنهنڪري ماڻهو هتان لڏي ويا. تواريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر ڦٽڻ کان اڳ ڪيتري قدر ڌڪاڻجي به ويو هو.
    هن وقت خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو پاڙو (قبرستان) آهي. هتي هڪ ڪوٽ ٺهيل آهي، جنهن جي اندر مير فتح علي جو قُبو آهي، جيڪو اندران سڄو پٿر جو آهي ۽ مٿس عمدو نقش اُڪريل آهي. قُبي ۾ ٻين ميرن جون به قبرون آهن، جيڪي سڀ پٿر جون آهن ۽ مٿس قرآن شريف جون آيتون خوشخط لکيل آهن. اُنهيءَ قُبي جي صحن جي اُڀرندي پاسي پٿر جون چار چوکنڊون آهن، جن جي اُتر طرف هڪ تجر ۾ به تربتون آهن، جن مان هڪ تُربت مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي. مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پِڙ ۾ آهي ۽ پاڻ هتي پنهنجي پُٽ جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي.
    خدا آباد واري ڪوٽ جي ٻاهران مسجد آهي، جنهن جي اُتر طرف چوديواريءَ اندر پٿرايون چوکنڊون آهن، جن تي اُڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي. هتي اُلهندي پاسي هڪ اُٺ جيڏي قبر سرن جي ٺهيل آهي! هي سڄو مقام آهي ۽ اُن جي اُتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبيدار سان غضب ٿيو هو. مير بهرام، مير شهداد جو پُٽ هو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ برک هو. ميان سرور خان به پهريائين ڏاڍي عزت ڏيندو هوس، پر پوءِ هڪ حرڪتي سردار راڄو ليکي، جيڪو موري تعلقي ۾ دفن ٿيل آهي، تنهن ميان سرفراز خان کي چوريو، جنهنڪري ميان جي مير بهرام ۽ سندس پُٽن ۾ بدگماني پيدا ٿي. مير بهرام کي ٻه پُٽ هئا: هڪ مير بجر، ٻيو مير صوبيدار. هڪڙي ڏينهن مير بهرام، ميان سرفراز خان جي سلام تي ويو ته ميان چيس ته پنهنجي پُٽ مير بجر جا حال ڏس. اُجھو هي خط پڙهي ڏس ته منجھس ڇا لکيو اٿس. مير بهرام وائڙو ٿي ويو ۽ عينڪ پائي اڃا خط ٿي پڙهيائين ته ميان سرفراز خان پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ کي اشارو ڪيو، جنهن اُمالڪ ترار هڻي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيس! هي ويچارو خط پڙهي خون ٿي ويو!! ميان سرفراز جي ماڻهن پوءِ مير بهرام جي پُٽ مير صوبيدار کي وڃي ماريو، پر هن مرڻ کان اڳ راڄي ليکيءَ جي پُٽ الله بخش ۽ ٻين ٿورن کي عدم جي راهه ٻڌائي. هي هولناڪ حادثو 1774ع ۾ ٿيو.
    مير بحر کي پڻس اڳيئي چيو هو ته ميان سرفراز مان خوف سمجھجھانءِ، سو ته هڪدم هليو ويو حج تي! هڪ پير مرد مسلمان چيم ته مير بجر ڪاڻو هو ۽ ڏاڍو سياڻو هو. هو ساهه بچائڻ سانگي حج ڏي هليو ويو، پر اُتي به سنڌ جي وڻن کي پيو سنڀاريندو هو. مير بجر جي ڏاڙهي ڊگھي هئي، تنهن سان درگاهه جو در پيو ڇنڊيندو هو ۽ دم دم اها دعا پيو پنِندو هو ته شل سگھو سنڌ ۾ وڃي موجون ماڻيان. پير مرد چيو ته ڪنهن وقت درگاهه مان مير بحر کي آواز آيو ته، ”بجر ڪاڻا، وڃي گھماءِ سنڌ ۾ گھاڻا.“ مير بجر پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ گھاڻن گھُمائڻ کان اڳ سندس سر تي تلوار گھمايائون، جا ڳالهه عالم آشڪار آهي. ”ڪَنَ جي ڳالهين مير بجر کي مارايو!“ اِهو پهاڪو اڄ تائين مشهور آهي. هن خدا آباد واري قبرستان ۾ مير بهرام ۽ پٽس مير صوبيدار جون قبرون جدا چوکنڊين ۾ آهن ۽ مير بجر جي چوکنڊي اُنهن جي چوکنڊين جي ويجھو آهي.

    اڏيرو لعل
    ڳوٺ اُڏيرو لعل، هالن تعلقي [هاڻي مٽياري تعلقي] ۾ اُڏيرو لعل اسٽيشن کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو اصل جهيجن جو ڳوٺ سڏبو هو، جو جهيجا ذات جا مسلمان اُتي رهندا هئا. هتي پوءِ اُڏيري لعل جو مندر ٺهيو، تنهنڪري لعل صاحب جو مٿس نالو پيو. لعل صاحب پنهنجي مندر لاءِ هي پَٽَ ممڻ نالي هڪ ميمڻ کان سنبت 1019 ڌاري ورتو هو. هن پهريائين پٽ جا پئسا ٿي گھريا. چون ٿا ته اڏيري لعل امالڪ زمين ۾ نيزو کوڙيو ته ميمڻ کي اڪيچار ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريل ڏسڻ ۾ آيو. تڏهن سمجھيائين ته ڪنهن ڪامل سان ڪم پيو اٿم. هو پوءِ پنهنجي زال سان صلاح ڪرڻ ويو ته هن کان پٽ لاءِ پئسا وٺجن يا نه. اڏيري لعل سان ان وقت پڳر ٺڪر ساڻ هو، جيسين ميمڻ جوءِ سان صلاح ڪرڻ ويو، تيسين هنن ٻنهي ڄڻن (لعل صاحب ۽ پڳر ٺڪر) کي اس گهڻو ستايو. لعل صاحب پوءِ پنهنجي قدرت سان هڪ کٻڙ جو وڻ پيدا ڪيو هي ٻئي ڄڻا ان جي ڇانو ۾ ٿي بيٺا. ميمڻ پوءِ زال سوڌو آيو، هي قدرتي وڻ ڏسي هيڪاري وائڙو ٿيو. هن پوءِ لعل صاحب کي چيو ته زمين جا پئسا اسان کي ڪونه کپن؛ باقي ايتري مهرباني ڪريو، جو جيڪا درگاهه هتي ٺاهيو، تنهن ۾ اسان کي مجاور ڪري رکجو. لعل صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پڳر ٺڪر، جيڪو سندس سؤٽ به هو ۽ شش به هو، تنهن کي مندر جوڙائڻ جي پارت ڪري پاڻ گھوڙيءَ تي سوار ٿيو ۽ گھوڙيءَ سوڌو اُنهي هنڌ سڀني جي ڏسندي زمين ۾ الُوپ ٿي ويو!
    جنهن هنڌ اڏيري لعل نيزو کوڙيو تنهن هنڌان قدرتي پاڻي نڪتو. پڳر ٺڪر پوءِ انهي هنڌ کوهه کڻايو، جنهن کي ”ٻالنڀو“ ڪري سڏيندا آهن. لعل جا جاٽي انهي کوهه ۾ بجراڻا ۽ ديڳيون وجھندا هئا. کٻڙ جو وڻ جيڪو لعل صاحب پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو هو. سو به اڄ تائين آهي، ان جي ڀر ۾ ٻيا به کٻڙ ڄارا آهن.
    اڏيري لعل جو هاڻوڪو مندر جڏهن ٺهيو ٿي، تڏهن مسلمان چوڻ لڳا ته اسين هتي تجرون جوڙائينداسون ۽ قبو اڏائينداسون۽ توهين جيڪڏهن مندر جوڙيندا ته پوءِ اسان کي پير پائڻ به ڪونه ڏيندا؛ پر جنهن صورت ۾ هو شيخ طاهر هو ۽ اسان جو وڏو پير هو، تنهن صورت ۾ سندس قبر جوڙائڻ اسان تي حق آهي. هندو چوڻ لڳا ته هو شري امر اُڏيرو لعل صاحب هو ۽ اسان جو اوتار هو، تنهنڪري اسين مندر جوڙائينداسون ۽ اکنڊ جوت ٻارينداسون. اهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن پهريائين پاڻ ۾ ردبدل ڪئي؛ پر پوءِ چڱي مت آين، جو پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته سڄي رات جاڳي امر لعل کي ارداس ٿا پايون، من اهو پنهنجي درگاهه جو فيصلو پاڻ ڪري. چون ٿا ته نيٺ اڌ رات جو آواز آين ته ذات تي ڏات ڪانهي، هتي جيڪو ڪمائي ڪندو، شيءِ آهي تنهن جي. مسجد ۽ مندر هڪ ڳالهه آهي، رڳو دل مان دئيت ڪڍڻ گھرجي. توهين هاڻ هيئن ڪريو، جو مسلمان قبو اڏائين ۽ هندو جوت جا آسٿان جوڙائين ۽ ٻئي ڀائرن جيان گڏجي ميٺ محبت ۾ مندر جي خدمت ڪن. انهيءَ فيصلي پٽاندر هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڪيترا سال سلوڪ ۾ گذاريائون، پر ٽن سالن کان منجهن اچي ناسازي پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر صلح سانت قائم ڪرڻ لاءِ اڏيري لعل جو ميلو بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ نصرپور ۾ ميلو لڳندو آهي. اڳي هتي چيٽي چنڊ جي ميلي تي تمام چڱو واپار هلندو هو. ميلي تي اٺ به وڪامڻ ايندا هئا.


    هالا پراڻا

    محمد حبيب سنائي
    هالا پراڻا

    حيدرآباد جي اتر - اولهه ۾ سٺ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي قومي شاهراهه جي ڀر ۾ هڪ شهر ورسيل آهي. جنهن کي هٿ - هنرن واري شهر ”هالا“ طور ڄاتو وڃي ٿو. مقامي طرح ان جو نالو مڪمل نالو هالا نوان آهي. هن شهر جي وري ڏکڻ - اولهه ۾ ٻن اڍائي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، سنڌو درياءَ جي ڀڪ ۾ هڪ ٻي وستي آباد آهي، جنهنکي هالا پراڻا سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ليکڪ انهيءَ ڳوٺ مان اوهان صاحبن سان مخاطب آهي. چيو وڃي ٿو ته هيءُ هالا پراڻا، ماضيءَ جي هڪ قديم تاريخي ۽ نامي گرامي شهر هالا ڪنڊيءَ جو هڪ تسلسل آهي.
    نامور مورخ ۽ عالم جناب ڀيرومل مهر چند پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي سيلاني“ ڀاڱو پهريون (صفحو 144) ۾ لکيو آهي ته: هيءُ شهر سمن جي صاحبي ۾ 1422ع ڌاري ٻڌايو ويو. محترم غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ (صفحو 77) ۾ سمن جي دور ۾ جيڪي اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز ڄاڻايا آهن، تن ۾ هالا ڪنڊي به شامل آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي اهم ترين ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جو هڪ پورو باب هالا ڪنڊيءَ جي اوليائن، عالمن ۽ مشاهيرن جي ذڪر سان ڀريو آهي. هن صاحب به هالا ڪنڊيءَ کي هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرام گاهه سڏيو آهي. بهرحال هن وستيءَ جي اهميت رڳو عالمن ۽ الله وارن جي موجودگي باعث ڪونه هئي، پر ان زماني ۾ منهنجي ذاتي راءِ موجب هن وستيءَ جي اهميت هتي قائم پتڻ جي ڪري به هئي، انهيءَ وقت اڄوڪي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ ڏانهن يا اُتر سنڌ مان ڏکڻ سنڌ اچڻ لاءِ هي پتڻ اورانگھڻو پوندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن ڄام فيروز سان وڙهي بکر ويو هو ته هتان اچي ٽپيو هو. ان کان علاوه خسرو خان چرڪس به جڏهن قندار وڃڻ لاءِ هتان درياءَ اڪرڻ لاءِ هتي پهتو هو، تڏهن کيس خبر ملي ته سندس ويري مرزا غازي بيگ فوت ٿي ويو آهي.
    صدين کان جنڊيءَ جي ڪم باعث سنڌ کي ملڪان ملڪ ناماچاري مليل آهي. هالا ڪنڊي ۽ هاڻوڪو هالا پراڻا جنڊي جا اهم ترين مرڪز رهندا اچن.

    اڳ ۾ ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ ڳوٺ ڪيترن ئي اوليائن، عالمن جو آرام گاهه آهي. فارسي زبان ۾ قرآن حڪيم کي منتقل ڪندڙ غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرور رحمت الله عليه، جيڪو اڄ ڪلهه ته مدفون هالا نوان ۾ آهي ۽ سندس پونير به هالا ۾ ورسيل آهن، پر ڄا.ئو نپنو ۽ علمي ۽ روحاني فيض هالا ڪنڊي ۾ ڏنائين. پهريائين هتي ئي دفن ڪيو ويو. پر درياءَ جي دست اندازيءَ ڪري سندن ميت مبارڪ کي هتان کڻي اڄوڪي هالا نوان ۾ وڃي دفن ڪيو ويو. سنڌ تي قابض مرزا غازي بيگ، جڏهن پنهنجي آقائن، مغلن کان منهن موڙڻ شروع ڪيو، تڏهن ان وقت جي مغل شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر کيس سيکت ڏيڻ لاءِ پهريائين صادق محمد خان جي سربراهي ۾ فوج اماڻي، جيڪا ناڪام ٿي، وري ان عبدالرحيم خان خانان کي هت اماڻيو، اهو صاحب پنهنجي مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ هر پير ۽ ولي جي در تي دعا واسطي آيو. روايت آهي ته ان زماني ۾ مخدوم نوح فوت ٿيو هو ۽ هڪ اهل الله، خان خانان کي صلاحيو ته هو جلد از جلد مرزا جاني بيگ جي پهچڻ کان پهرئين مخدوم صاحب جي تعزيت ڪري ۽ ڪاميابي ماڻي. چون ٿا ته ان وقت جيتوڻيڪ مرزا غازي بيگ نصرپور جي پاسي ۾ هو، پر هيءُ خان خانان اڳواٽ پهتو. لکڻ وارا لکن ٿا ته ان کان پوءِ هيءُ خان خان پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو. (تحفة الڪرام) (صفحو 91-190).
    مخدوم سرور نوح رحمت الله عليه کان علاوه هتي ٻيا ڪيترائي نامور اولياءَ ڪرام ۽ عالم سڳورا پيدا ٿيا آهن. مخدوم عربي ڌياڻو نه صرف ولي سڳورو هو، پر هڪ عالم هو ۽ مدرسو هلائيندو هو. ان کان پوءِ مخدوم اسحاق ڀٽي، مخدوم فتح الله، مخدوم احمد اول ۽ ثاني، شيخ سومار ۽ سيد ميرل شاهه وغيره به هتي مدفون آهن. انهن صاحبن جي تفصيلي احوال لاءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جو ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ ڏٺو وڃي. چون ٿا ته هتي مدفون سيد ميرل شاهه، هرات کان آيل سيد حيدر شاهه جو پٽ هو. ۽ سنڌ جا سيد انهيءَ ميرل شاهه جو اولاد آهن.
    هن ڳوٺ رڳو اوليا الله پيدا نه ڪيا آهن، پر شاعر ۽ اديب به پيدا ڪيا آهن. مذهبي شاعري جي اهم ترين صنف مولودن جو موجد جناب عبدالرؤف ڀٽي، موزون ۽ جديد زبان ۾ غزلن جو پهريون ديوان لکندڙِ جناب خليفو گل هالائي، هن سر زمين مان نسريا. ان کان علاوه چيو وڃي ٿه ته سنڌي ۾ ڪنهن ناول جو پهريون ترجمو به هتي جي هڪ شخص مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي صاحب ڪيو هو، جيڪو هڪ ٻي ليکڪ، شاعر، ماهر تعليم جناب مخدو محمد صالح ڀٽيءَ جو ڏاڏو هو. مخدوم محمد صالح ڀٽي (وفات 1953) صاحب شاعري، ڪهاڻي ۽ اسلامي تاريخ تي 20 کان مٿي ڪتاب لکيا يا ترجما ڪيا آهن. انگريزن جي دور ۾ هتان جو ٻيو هڪ شاعر صوفي آسومل هو. هن صاحب هڪ ديوان کان علاوه شاهه ڀٽائيءَ جي طرز تي هڪ رسالو به لکيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترا رهواسي علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. سڀ کان پهريائين ذڪر قاضي محمد عالم معصوم قريشي صاحب جو ڪجي. هن صاحب نه رڳو هالا پراڻا ۾، بلڪ نوابشاهه ۽ جھول ۾ ادبي ادارا جھڙوڪ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون قائم ڪرايون، پر اشاعتي ادارن جي قيام سان گڏ وڏيون مجلسون به ڪرايون. نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ جا ڪافي شمارا مرتب ڪيائين. هالا پراڻا ۾ ادبي مجلسون ۽ مشاعرا ڪرايائين. مخدوم محمد اشرف ڀٽي، حڪيم رحمت الله ڀٽي، قاضي مريد علي قريشي، غلام رسول شيخ ۽ سوز هالائي جي تعاون سان هتي ادبي سنگت قائم ڪرايائين. ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ اشاعتي ادارو وطن پبليڪشن کولي ٻه ٽي ڪتابي سلسلا ڪڍيائين. ”سنڌي ادبي سنگت“ کي هر ڀيري سر گرم ڪرڻ ۾ هن صاحب جو هٿ رهيو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ مون کي ۽ عرفان کي همٿائي شاخ کي سرگرم ڪيائين. يونين ڪائونسل ۾ طالب الموليٰ لائبرري ۽ اڀياس گھر 1989ع ڌاري قائم ڪرائڻ ۾ ثناءُ الله صدر ۽ قاضي محمداعظم صاحب کان پوءِ وڌ ۾ وڌ حصو قاضي محمد عالم صاحب جن جو آهي. هي اڀياس گھر اڄ تائين به ڪم ڪري رهيو آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ اڄڪلهه اين جي اوز سان واڳيل محترم گل محمد مستوئي هتي انگريزي ٽيچر ٿي آيو هو. هن صاحب هتان جي محترم عبدالرشيد قريشي، سائين خليل احمد قريشي مرحوم، حاجي يار محمد صدر ۽ ٻين جي تعاون سان ڪاروان ادب جي اشاعتي سلسلي ۾ ڪجھ ڪتاب ڇپايا ۽ ٻه ٽي ادبي ڪانفرنسون ڪرايون.
    هن ڳوٺ قاضي غلام محمد قريشي جهڙو خاموش علم و ادب جو سرپرست به پيدا ڪيو. هن صاحب سڄي زندگي ديني ۽ ادبي ادارن جي سهائتا ڪئي. تازو سندس ڪجھ تصنيفات سندن فرزند قاضي شوڪت علي قريشي صاحب جن پاران ڇپايون ويون آهن. پر سندس خدمتون ۽ ڪاوشون تاريخ جي حوالي نه ڪيون ويون آهن، رڳو چند خواصن جي دلين ۾ اهي دفن آهن.
    هتي جو رهواسي محترم سوز هالائي نه رڳو سنڌ جو نامور شاعر آهي، پر هڪ وڏو موسيقيءَ جو پارکو به آهي. هيستائين سندس شاعري جا ٻه مجموعا ”رنگ رتا پيچرا“ ”درشن ڌارو ڌار“ ڇپجي چڪا آهن. نثر ۾ استاد محمد جمن جي حوالي سان سنڌي موسيقي تي هڪ ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ڇپيو ويو آهي. اڻڇپيل ڪتابن ۾ آتم ڪهاڻي جو هڪ ڪتاب ۽ شاعري جو مجموعو مناسب پبلشر جي انتظار ۾ آهن. سوز صاحب جا ٻه فرزند جناب ڪوثر هالائي ۽ جاويد سوز هالائي به شاعري، ادب ۽ صحافتي ميدان ۾ پاڻ موکي رهيا آهن. سندس وڏو پٽ امتياز هڪ سٺو استاد آهي ۽ موسيقي جي شعبي ڏانهن راغب آهي.
    هن ڳوٺ عرفان مهدي کي به جنم ڏنو آهي. عرفان 15 ورهين جي ڄمار ۾ 1979ع ڌاري هڪ اشاعتي ادارو وک وڌايو پبلڪيشن قائم ڪيو. ان اداري پاران ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپرايا ويا. عرفان اهي ڪتاب پاڻ وڃي سنڌ جي سوين اسڪولن ۾ کپايا ها. ان کان پهرئين اسان جي اسڪول ۾ جڏهن اسان ستين جماعت ۾(1977ع ڌاري) پڙهندا هئاسون ته تڏهن هالا نوان جو سائين علي محمد ميمڻ صاحب هتي بدلي ٿي آيو ۽ اسان جو ڪلاس ماستر ٿيو. هن صاحب هڪ منڊلي ٺاهي. جنهن طرفان تقرير بازي، مضمون نويسي ۽ راندين جا مقابلا ڪرايا ويا. ان صاحب هڪ اخبار ڪڍي هئي، ۽ عرفان ۾ اشاعتي اداري جو شوق جاڳايو هو، جيڪو پوءِ چند سالن کان پوءِ عملي روپ وٺڻ لڳو. عرفان کان اتساهجي اسانجي ٻين هم ڪلاسين خالد صدر ۽ فضل قادر ميمڻ به اهڙا ادارا قائم ڪيا هئا. خالد صدر سهيل صدر ۽ آفتاب ڀٽي ۽ نثار احمد ميمڻ جي سهائتا سان روشن تارا پبليڪشن هيٺ ٽي ڪتابي سلسلا ڇاپيا. فضل قادر ميمڻ سڳند پبليڪشن جي نالي ۾ ٻه ٽي ڪتاب ڇاپيا هئا. ان کانپوءِ اسان جي هڪ سينئر دوست محترم شيخ منير هالائي به هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو هو ۽ شايد ٻه کن ڪتاب ڇاپيا هُئا.
    هتي مونکي ياد اچي ٿو ته عزيز منگسي صاحب به هتي اچي هڪ ادارو صداءِ وطن پبليڪشن قائم ڪيو هو. ان صاحب هڪ تنظيم به قائم ڪئي هئي. جنهن جا مک شريڪ هئا محترم عبدالڪريم ميمڻ (هاڻو عبرت جو تعلقه رپورٽر)، محمد صادق بهزاد ميمڻ، محترم شيخ منير هالائي ۽ عاشق هالائي صاحب. عاشق هالائي ڪيترو وقت شعرو شاعري ڪندو رهيو پر نوڪري ۾ چڙهڻ بعد شعرو شاعري کان پاسيرو آهي، ۽ اڄ ڪلهه حيدراباد وڃي ويٺو آهي. ساڳي طرح ثناءُ الله صدر (ثنا هالائي) صاحب ڪافي وقت شاعري ۽ علمي ۽ ادبي ميدان تي سرگرم رهڻ کان پوءِ هاڻي نوڪري ڏي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ياد رهي ته طالب الموليٰ لائبرري جي قيام ۾ ثنا هالائي جو رول سڀ کان وڌيڪ رهيو آهي. ان کان علاوه ان لائبرري جي قيام ۾ مخدوم آفتاب احمد ڀٽي، مسرور احمد ڀٽي، ۽ علي احمد دايو جو به ڀرپور حصو رهيو اهي. اڄ ڪلهه ادبي ميدان ۾ ماٺار متل آهي.
    سياسي ميدان ۾ عرفان مهدي کان علاوه هن ڳوٺ هڪ شخص لکان دان مٽ جناب حفيظ قريشي پيدا ڪيو آهي. جنهن کي سنڌ جو ابوالڪلام سڏيو وڃي ٿو. ان کان اڳ هتي خلافت تحريڪ ۾ هتان جي رهواسين سرگرمي ڏيکاري هئي.
    اندازو آهي ته هن ڳوٺ جي آبادي ڏهه هزارن کان چڙهيل آهي. انهيءَ حساب سان هي ڪو ڳوٺ نه پر ننڍو شهر آهي. هن وقت چار بوائز ۽ ٻه گرلز پرائمري اسڪول، هڪ بوائز ۽ هڪ گرلز هاءِ اسڪول قائم آهن. ٻنهي هاءِ اسڪولن کي تازو محترم قاضي شوڪت علي صاحب جي ڪوششن سان هاير سيڪنڊري اسڪول طور اپگريڊ ڪرڻ جو سرڪاري اعلان ٿيو آهي. قاضي صاحب جي ڪوششن سان انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر به قائم ٿي رهيو آهي. انهن مڙني اسڪولن ۾ منهنجي ذاتي اندازي موجب ٻه هزار کن ٻار داخل ٿيل آهن. چند سال اڳ 30 سالن کان قائم يوبي ايل بئنڪ جي برانچ بند ڪئي وئي. پوسٽ آفيس جي باقاعده آفيس ڪانهي. بنيادي صحت ايڪو ڏهاڪو کن سالن کان قائم آهي، جنهن کي به قاضي شوڪت علي صاحب جي ڪوششن سان رورل هيلٿ سينٽر طور اپگريڊ ڪيو ويو آهي. ڳوٺ جون گھٽيون چاليهه سيڪڙو آر سي سي بلاڪ سان ٺهيل آهن، پنجاه سيڪڙو واري ۽ پڪي سر سان جڙيل آهن. واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون به ڪافي آيون آهن. پر پوءِ به ڏيڍ کان ٻه سو گهرن ۾ خودڪار پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ لڳل آهن. اڪثر گھر گئس استعمال ڪري رهيا آهن. ٻارهن کن چانهه جون هوٽلون آهن. جتي صبح کان وٺي آڌي رات تائين ٽي وي تي يا ته ڪئبل جا چينل لڳايا وڃن ٿا، يا وري وي سي آر تي هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. منهنجي ذاتي اندازي موجب هر وقت انهن هوٽلن تي ٽن کان پنج سون تائين ماڻهو ويٺل هوندا آهن. رات جي وقت اهو انگ هڪ هزار تائين پڄندو آهي. ياد رهي ته هوٽل تي هر وقت ويٺلن جو عمرون 15کان35 سالن تائين آهن. عمر جو اهو حصو ذاتي توڙي قومي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. پر هي حضرت بجاءِ دل لائي پورهيو ڪري پنهنجي ذاتي يا ڪٽنب جون حالتون سڌارڻ جي، هوٽلن تي چانهيون پي، ڇورن تي خرچ ڪري، پاڻ کي وڌيڪ غريب بنائي رهيا آهن. ياد رهي ته انهن صاحبن جي اڪثر گھرن ۾ ٽي وي موجود آهي. چون ٿا ٿه پنجاب جي هر گھر ۾ هڪ ننڍڙو ڪارخانو اهي، ۽ اُتان جي اڪثريت ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ رنڀيل نظر ايندي آهي.
    هتي جا رهواسي ڏهه ٻارنهن ذاتين ۾ ورهايل آهن. بهرحال اڌ کان وڌ آبادي ميمڻ برادري تي مشتمل آهي. مقامي سطح تي ميمڻ ڪيترن ذيلي ذاتين يا پاڙن ۾ ورڇيل آهن: ڏناڻي (عرفان مهدي جو ڪٽنب)، لالواڻي، ڪوٽار، چاڪي، پهلاڻي، کلگور، ڦودي، آگواڻي، ٻوراڻي (فضل قادر ۽ عاشق هالائي جو خاندان، هنن جي اڪثريت حيدرآباد ۾ رهندڙ آهن). دوداڻي (هي به گھڻي ڀاڱي حيدرآباد ۾ ورسيل آهن. پوليس علمدار بشير ميمڻ جو تعلق هن خاندان سان آهي). رناڻي (عبرت اخبار جي تعلقه رپورٽر عبدالڪريم ميمڻ جو خاندان) ۽ سنائي (هن ليکڪ جو خاندان) وغيره. بهرحال ڪجھ گھر رڳو ميمڻ طور ڄاتا وڃن ٿا. جيئن نامياري سماجي ورڪر جناب غلام حسين دودي ميمڻ جو خاندان وغيره. ميمڻن جي گھڻائي خوانده آهي ۽ واپار وڙي سان لاڳاپيل آهي. ڪافي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ به رڌل آهن. ته ڪي وري زمينداري ۽ هارپو ڪن ٿا. اسان جو سنائي خاندان زمينداري ۽ هارپو ڪندو رهيو آهي.
    ڀٽي بزرگن جي ذات هتان جي اهم ترين ذات آهي. مقامي روايتن موجب ڀٽي صاحبان جيسلمير کان هتي لڏي آيا هئا ۽ پاڻ سان شيدي ۽ صدر آندا هئا. ڀٽي خاندان ٻن پاڙن ۾ تقسيم ٿيل آهن. هڪڙن کي خليفا ڀٽي، ته ٻين کي ميان صاحب سڏيو وڃي ٿو. ڀٽي صاحب پڙهيل ڳڙهيل آهن، اڪثر نوڪرين ۾ آهن. ٻنهي پاڙن جي اڪثريت حيدرآباد ۾ وڃي ويٺي آهي.
    هالا ارباب هتان جي هڪ قديم ترين ذات آهي. مقامي طرح انهن کي ونڊيار به سڏيو وڃي ٿو. اڪثريت ٻني ٻاري سان رنڀيل آهي ۽ اقليت نوڪرين ۾ مشغول آهي.
    هتي رهندڙ قريشي ٽن ذيلي ذاتين ۾ ورڇيل آهن. خليفي گل هالائي جا پونير ملان سانوڻي قريشي سڏجن ٿا. هي خاندان ڪافي پڙهيل لکيل آهي ۽ اڪثريت نوڪري پيشه آهي ته ڪجھ وري زمينداري وغيره سان لاڳاپيل آهن. قريشين جي هڪ ٻي ذيلي ذات قاضي قريشين جي آهي. محترم حفيظ قريشي (نامورسياستڪار)، قاضي غلام محمد قريشي(نامور عالم، اديب)، قاضي محمد عالم معصوم (نامور جاکوڙي، اديب)، قاضي خادم (نامور ليکڪ)، قاضي منظور حسين قريشي (انگريزي زبان ۾ تاريخ جي موضوع تي لکندڙ)، قاضي محمد اعظم قريشي (اڻورچ سماجي ڪارڪن، ۽ علم دوست)، قاضي محمد شوڪت علي (عالم ۽ اديب)، مرحوم قاضي خالد مسعود، ڊاڪٽر طاهر قريشي، قاضي اميدعلي ۽ قاضي اياز قريشي هن خاندان سان تعلق رکن ٿا. هن خاندان جي ڪافي ماڻهن ورهاڱي کان اڳ ئي اعليٰ تعليم ورتي هئي. منهنجي دوست اميد علي جي والد محترم قاضي رحمت الله صاحب جن سال 1938ع ۾ بي ايس سي ۽ سال 1942ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري بمبئي يونيورسٽي مان ورتي هئي. هن خاندان هڪ ٻيو نرالو شخص قاضي محمد تقي به پيدا ڪيو هو. چون ٿا ته هو ورهاڱي وقت روينيو کاتي ۾ ننڍو عملدار هو. پنهنجي ذهانت جي بل بوتي تي هڪ وڏو سرمائيڪار ۽ زميندار بنيو. ڪي مائٽ چون ٿا ته هو ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جو رڪن به رهيو هو. قريشين جي ٽين ذات مولوي قريشن جي آهي. هن خاندان عالم سڳورا ته پيدا ڪيا آهن پر هنن جي اهم دين مدرسه محمديه جو اجراءُ آهي. جيڪو 1927ع ڌاري قائم ٿيو. هن مدرسي ۾ اڄ تائين پرائمري تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ ماضي ۾ فائينل وڙهائي ويندي هئي. هن خاندان جي هڪ فرد عبدارشيد قريشي، گل محمد مستوئي جي مدد سان هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو ۽ علمي مجلسون منعقد ڪيون. تازو هن خاندان جي هڪ فرد ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي ياد ايام نالي ڪتاب لکي خاندان جي علمي واٽ تي گامزن ٿيو آهي. هتي ڏاڍي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته مذڪوره مدرسه محمديه (جنهن ۾ منهنجي خاندان جا هڙئي فرد پڙهيا آهن) پنهنجي اصلي جاءِ تان ٻي پاسي منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ ائين ان جو تاريخي تشخص مجروح ڪيو ويو آهي.
    هالا پراڻا جي سڀ کان متحرڪ ۽ سماجي تعلقات کي وڌائڻ ويجھائڻ واري ماهر ذات صدرن جي آهي. ياد رهي ته ڪجھ صدر ڪاغذ پٽن ۾ پاڻ کي ميمڻ ئي لکائيندا آهن، ويجھي سٽ ۾ انهن جو مکيه شخص حاجي الهبچايو صدر هو جيڪو پسارڪو دڪان هلائيندو هو. پر هو هڪ سٺو ليکڪ ۽ عالم هو. سندس خانداني ۽ سماجي وهنوار جو نمونو اڄ به مثال طور اپنايو وڃي ٿو. سندن هڪ فرزند سائين عطامحمد صدر به هڪ اعليٰ اديب ۽ مقرر آهي. روشن تارا پبليڪشن جو خالد صدر، ڊاڪٽر رضا محمد صدر، سهيل صدر، ثنا هالائي، حنيف آخوند، گلشن صدر هن ڪٽنب جا اهم شخص آهن. هن خاندان جا اڌ ماڻهو نوڪرين ۾ ته اڌو اڌ دڪانداري ۾ آهن.
    هتي جا سيد سڳورا چئن پاڙن ۾ ورڇيل آهن. پهريون پاڙو سنائي سيدن جو آهي، سائين امير حيدر شاهه جو سهرو جناب غلام شاهه نه صرف هن خاندان پر اسان جي سنائي خاندان جو مربي هو. قاضي صاحبن جي ڀر ۾ رهندڙ سيد صاحبان پاڻ کي لڪياري شاهه سڏائين ٿا. سوزڪي اسٽينڊ جي ڀر ۾ رهندڙ شاهه صاحب جرار پوٽا آهن ۽ گرلز اسڪول جي سامهون رهندڙ سبز واري شاهه آهن، جن جو آخري مرد سائين سيد مڱيلڌو شاهه تازو وفات ڪري ويو آهي. هو صاحب هڪ سٺو شاعر ۽ مرثيه نگار هو
    سيدن سان گڏ پير صاحبن جو ذڪر به ضروري آهي. ملن سانوڻي قريشي سان گڏ رهندڙ پير صاحبان سرهندي پير سڏبا آهن. انهن جي گھڻائي ڪراچي منتقل ٿيل آهي. محترم غلام شاهه جو همعصر ۽ ڳوٺ جي هڪ معتبر شخصن پير وسون جو خاندان، پيرن طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪوٽارن جي محلي رهندڙ ۾ هڪڙا پير پاڻ کي شاهه به سڏائين ٿا. ۽ ٻيا پير خانگاهي پير سڏجن ٿا. هن محلي ۾ هڪ گھر آخوندن جو آهي. جنهن جو وڏو آخوند ولي محمد هڪ بزرگ ڄاتو وڃي ٿو ۽ تازو وفات ڪري ويو آهي. سائين آخوند يار محمد هڪ ايماندار ۽ بهترين اليڪٽريشن آهي. سندس ننڍو ڀاءُ آخوند عبدالواحد هن وقت ڊائريڪٽر نيشنل سيونگز آهي. پاڻ سگا جو سرگرم رڪن رهيو آهي.
    هتي رهندڙ شيخ صاحب تعداد ۾ گھٽجي رهيا آهن. ڇو ته هو هتان لڏي حيدرآباد وسائي رهيا آهن. هي ننڍڙو ڪٽنب پنهنجي اثر رسوخ جي لحاظ کان مڃيل آهي. هن خاندان جو هڪ فرد محترم منير هالائي سالن تائين، علمي ۽ ادبي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. منير صاحب جي مهربانين سان مون نئشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ۾ ٽي سال نوڪري ڪئي. خدا کيس وڏي ڄمار ۽ صحت عطا ڪري.
    هتي رهندڙ ڀنڀرا چون ٿا ته هو اصل ۾ مناهيجا آهن. هن خاندان سوز هالائي کي جنم ڏنو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه هن خاندان جو وڏو به آهي. سائين جو هڪ ويجھو عزيز ڪريم ڏنو ڀنڀرو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. ڀنڀرن جي اوسي پاسي ۾ خاصخيلي سولنگي ۽ شيدي رهن ٿا. شيدين جو اڄ ڪلهه وڏو سائين پيراڻو شيدي آهي. جيڪو رٽائرڊ پرائمري ماستر آهي. پاڻ ڪهاڻيون به لکندو رهيو آهي. سولنگي صاحبن ۾ محمد خان تپيدار طور رٽائر ٿيو آهي. سندس هڪ ڀاءُ خادم حسين پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي.
    ڪجھ ڌريون ٺلهو ماڇين طور ڄاتيون وڃن ٿيون. هنن کان علاوه مهاڻا مير بحر به هتي رهن ٿا.
    جنڊي جا ڪاريگر اڄ ڪلهه ته پاڻ کي ڀٽا لکائين ٿا. پر مقامي طرح پوڙها پڪا کين وگھامل سڏين ٿا. محترم عبد الله ڀٽو ادبي ۽ سماجي سطح تي سرگرم رهيو آهي. سندن ننڍو ڀاءُ قربان ڀٽو به علمي ۽ ادبي ميدان تي سرگرم آهي. خادم حسين ڀٽو هڪ بهترين استاد آهي. ڀٽن جي ڀر ۾ پنجابي پناهگير به وڏي انگ ۾ آباد آهن جيڪي ٽن چئن ذاتين ۾ ورڇيل آهن. هي زراعت سان گڏ ٽرانسپورٽ، ۽ لوهارڪي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهن. هنن جي ڀر ۾ ڪورين ۽ ڪاسائين جا به چڱا گھر آهن.
    هتي رهندڙ حجام پاڻ کي عمراڻي ٻروچ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، بهرحال خالص ٻروچ ته هتي گبول آهن. هي بيحد اشراف خاندان آهي. اڌو اڌ پڙهيل لکيل ۽ نوڪري پيشه آهن. محمد ايوب گبول جيڪو پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي هو، سو سال کن اڳ گذاري ويو آهي. نوراحمد گبول ڪراچي ۾ ڪنهن بئنڪ ۾ آفيسر آهي ۽ سندس وڏو ڀاءُ محمد مشين ٽول فيڪٽري ڪم ڪري ٿو. گبول جو هڪ پاڙو ٻيو به آهي، جيڪو ڪڏهن هت ته ڪڏهن سڪرنڊ يا سن پاسي رهي ٿو. ٽي وي ڊائريڪٽر ادل گبول جو تعلق ان پاڙي سان آهي. ڪنڀار جي هاڻ پاڻ کي پنهور سڏائين ٿا. سي چڱي به تعداد ۾ هتي رهندڙ آهن.
    علمي ۽ ادبي ادارن جو احوال ته اچي چڪو آهي، پر سماجي تنظيمن جو ذڪر به ضروري آهي. سگا جي شاخ ويهارو سال کن هتي سرگرم رهي جنهن ۾ محترم غلام حسين ”دودو“ ميمڻ، محمد حسين سنائي، قاضي محمد اعظم قريشي، عبدالله ڀٽو، عبدالواحد آخوند ۽ سوز هالائي سرگرم رهيا. ان کان علاوه ٽيهارو سالن کان هلال احمر جي ننڍي شاخ به هت سرگرم آهي. هن تنظيم جو روح روان جناب قاضي محمد اعظم قريشي آهي. هي صاحب ٻه ڀيرا هتان جي يونين ڪائونسل جو چئرمين رهيو آهي. هالا پراڻا ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيا آهن. تن جي تڪميل پويان هن صاحب جي ولوڙ مکيه عنصر آهي. هلال احمر ۽ رورل ويلفيئر آرگنائزيشن پاران پندرهن سالن کان هڪ خانگي اسڪول هتي هلي رهيو آهي. جنهن جو روح روان به قاضي محمد اعظم قريشي صاحب آهي. تازو هڪ غير سرڪاري تنظيم سنڌ هيلٿ ۽ ايجوڪيشن سوسائٽي (Sheds) جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. جنهن جا سرواڻ عبيدالله صدر ۽ ڊاڪٽر زاهد صدر آهن.
    مخدوم خاندان جي جناب مولوي غلام حيدر صديقي جي ذاتي دلچسپيءَ جي ڪري هالا ۽ پسگردائيءَ ۾ ڪيترا تعليمي ادارا جڙيا. انهيءَ جي نتيجي ۾ هتي خواندگي جي شرح وڌيڪ آهي. البت اهو ضرور آهي ته هتي جا پڙهيا لکيا سول سروس ۾ وڃڻ بجاءِ انجنيري، ڊاڪٽر ۽ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ ويا آهن.
    اسان جو ڳوٺ عمودي طرح يا زمين جي سڌ ۾ ايترو نه وڌيو آهي، پر افقي طرح ڪافي وڌيو ويجھيو آهي. گھڻ ماڙ جاين جو تعداد وڌي پيو. ٻي حقيقت اها آهي ته هر سال ڪل آبادي جو ڏهه سيڪڙو هتان لڏي وڃي ٿو.

    (هي مضمون پهريائين ماهوار ڪينجھر جي ”منهنجو ڳوٺ نمبر“ ۾ شايع ٿيو هو. هاڻي ان کي نئين سر سڌاريو ويو آهي.)


    هالا جا هنر

    ڄام مٺا خان ڀُٽو
    هالا جا هنر

    سنڌ جي هُنرن ۾ هالا جا هٿ هنر هڪ پاسي سنڌ جي سڃاڻپ آهن، ته ٻئي پاسي اُهي صدين کان هتي جي ڪاريگرن جي پيٽ گذران جو وسيلو رهندا اچن.
    هالا ۽ اُن جي پسگردائيءَ ۾ اَجرڪ، جَنڊي، ڪاشي، کاڌي ۽ سوسي، ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم، پٿر تي اُڪر جو ڪم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر مان مختلف شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. مٿين هنرن کان سواءِ گهريلو هُنرن ۾ ڀرت، زري، رَلي، اَڳٺ، چوٽيون، کجيءَ مان تڏا، ٽوپيون، دٻڪيون، ڍاڪون، واڻ وغيره ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي پڻ مقامي مارڪيٽ ۽ بيروني مارڪيٽ ۾ پنهنجي انفرادي حيثيت رکن ٿا.
    هي هنر ڪجهه ذاتيون نسل درنسل ڪنديون رهنديون آهن. اُنهن ۾ سومرا، واڍا، راهو، ڀُٽا، وگهامل ۽ ميمڻ مشهور آهن. اُنهن هُنرن مان ڪن اهم هُنرن جو احوال پيش ڪجي ٿو:

    جنڊي
    سنڌ جي هُنرن مان هالا جي جَنڊي اهڙو هُنر آهي، جيڪو سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت آهي ۽ صدين کان اسان جا ابا ڏاڏا هيءُ هُنر ڪندا پيا اچن ۽ اهو اسان جو ذريعه معاش رهيو آهي. سنڌ جو هيءُ پراڻو هُنر صدين کان خانوٺ، هالا، هالا پراڻا ۽ هاڻ هُنرمند ڪالوني ڀٽ شاهه ۾ ٿئي ٿو.
    سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي: ”واه واه! جهڙي جَنڊيءَ تي جُڙيل شيءِ!“ يعني ڪهڙي ته خوبصورت شيءِ آهي. حقيقت به اِها آهي ته هالا جي هر ڪا شيءِ اوهان کي بلڪل جَنڊيءَ جي جُڙيل ملندي، جهڙوڪ: کٽ، هندورو، منجيون، پاٽيون، گنج سراحيون، عصا، سينگاردانيون، صوفا سيٽ، جهولو وغيره. مطلب ته اوکرين مهرين تائين تقريباً هر شيءِ هالا واسين جي گهر ۾ جَنڊيءَ تي جُڙيل اوهان کي ملندي. نه رڳو هالا ۾ پر سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ، پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ هينئر هالا جي جَنڊيءَ جو نماءُ نظر اچي ٿو.
    هيءُ هُنر ”سمن“ جي اوائلي دؤر کان ملي ٿو. اُن دؤر ۾ جمع جي نماز يا عيد جي موقعي تي خطبن تي عالم اڪرام ۽ وقت جا حاڪم جَنڊيءَ جي جُڙيل ”عصا“ (خطبي جي لَٺ) هٿ ۾ کڻي خطبا ڏيندا هئا ۽ واپاري اناج جي پيمائش لاءِ جَنڊيءَ تي جُڙيل چوٿايون، پاٽيون ۽ ٽويا استعمال ڪندا هئا، جيڪي حڪومت جي مقرر ڪيل پيمائش مطابق مخصوص ڪاريگر تيار ڪري وقت جي حاڪمن تائين پهچائيندا هئا. ۽ اُنهن حاڪمن جي فرمائش تي شهزادين لاءِ هندورا ۽ درٻار ۾ مهمانن لاءِ مَنجيون ۽ پلنگ (کَٽون) تيار ڪيون وينديون هيون. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي حاڪمن ۽ اميرن جي گهرن جي هر شيءِ جَنڊيءَ تي تيار ٿيڻ لڳي.
    هالا جي جَنڊيءَ کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اڃا به وڌيڪ اوج نصيب ٿيو. سنڌوءَ جي ڪناري ڪلهوڙن جي آباد ڪيل نئين گادي واري هنڌ ”خداآباد“ جي ڀر ۾ هزارين ايڪڙن تي درياءَ جي ڪناري تي پوکيل ”بهڻ“ جي ڪاٺ جي ڪري هالا ۽ خانوٺ جَنڊيءَ جو مرڪز بنجي ويا. انگريزن جي دؤر تائين سوين خاندان هن هُنر جي مدد سان پنهنجي زندگيءَ جا مزيدار ڏينهن گذاريندا هئا.
    هالا جي جَنڊيءَ جي ڪاٺ ۾ گهڻوڪري بهڻ جي ڪاٺي استعمال ڪئي ويندي آهي، ڇو ته اُن تي رنگ ڪافي عرصي تائين قائم رهي ٿو. اُهو ڪاٺ اڳ ۾ ته سنڌ جي محڪمه جنگلات کان مناسب اگهه تي ٻيلي مان حاصل ڪيو ويندو هو. ۽ ڪاريگر پنهنجي گهُرج مطابق ڪٽي کڻي ايندو هو، پر هن وقت اسان ڪاريگر اُنهيءَ سهوليت کان محروم آهيون.
    خميسي خان وگهامل جي لکت موجب ”جَنڊيءَ جي رنگ به خاص طور تي ٺاهيو ويندو آهي. ڪاريگر ٻيلن مان ٻٻر جي وڻن مان لٿل لاک کي سڪائي پوءِ سنهي ململ جو ڪپڙي ۾ وجهي باهه تي پگهاري اُن مان نِج لاک ڪڍندا آهن. اُن نِج لاک ۾ وري جداجدا رنگ ملائي مختلف رنگ ٺاهيا ويندا آهن، پوءِ اُهي ضرورت مطابق استعمال ڪندا آهن.“ (ص 546)
    هيءُ رنگ ايترو پڪو هوندو آهي جو اڄ به 20 کان 25 سالن تائين برقرار رهي ٿو. پر هينئر صحيح مزوري نه ملڻ جي ڪري هيءُ هُنر پنهنجي اصليت وڃائي ويٺو آهي، جنهنڪري رنگ 4 يا 5 سالن تائين مشڪل هلي ٿو. اگر هينئر به هن هنر جي صحيح پٺڀرائي ڪئي وڃي ته ٺهندڙ شيءِ جي عمر 50 سال ٿي سگهي ٿي.
    هالا جي جَنڊيءَ جو ڪم، ڪاٺ چيرڻ کان وٺي مڪمل رڱائيءَ تائين 13 مرحلن تائين مڪمل ٿئي ٿو. پهرئين مرحلي ۾ ڪاٺ کي ڪٽيو يا چيريو ويندو آهي. ٻي مرحلي ۾ اُن جي گهڙائي يا ڇِلائي ڪئي ويندي آهي. ٽي مرحلي ۾ ٻُور ڪيو ويندو آهي يعني نهو نالي واري اوزار جي مدد سان ڊزائين ٺاهي ويندي آهي. چوٿين مرحلي ۾ رنبي سان صفائي ڪبي آهي، جنهن کي ماٺ چئجي ٿو. پنجين مرحلي ۾ استر يعني رنگ جو پهريون هٿ لڳايو ويندو آهي. ڇهين مرحلي ۾ زردو يا ٻيو ڪو رنگ يعني ٻيو ڪوٽ لڳايو ويندو آهي. ستين مرحلي ۾ لاک روغني جو ڪم (زرداڻ وارا ٽٻڪا) ڪيو ويندو آهي. ياد رهي ته هيءُ ڪم خاص طور رڳو هالا جي جَنڊي ۾ ٿيندو آهي ۽ اها هالا جي جَنڊي جي خصوصي سڃاڻپ آهي. هن مرحلي کي جَنهِوَرُ چيو ويندو آهي. اٺين مرحلي ۾ ڪارو يا ٻيو رنگ لڳايو ويندو آهي، جنهن کي چوٿون رنگ چيو ويندو آهي. نائين مرحلي ۾ رڇي يا پلڪار جي مدد سان گلڪاري ڪئي ويندي آهي. ڏهين مرحلي ۾ گلڪاري تي رنگ لڳايو ويندو آهي. يارهين مرحلي ۾ ڊزائين کي واضح ڪرڻ لاءِ کرچڻي سان کُرچيو ويندو آهي. ٻارهين مرحلي ۾ ڪوئلي، سوٽي ڪپڙي ۽ تيل جي مدد سان چمڪ پيدا ڪئي ويندي آهي. تيرهين مرحلي ۾ خول ڪڍيا ويندا آهن. هن مرحلي کي ٻوراڪي چيو ويندو آهي.
    هالا جي جَنڊيءَ ۾ هُن وقت خاص ڪري صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ، هندورو، جهولو، ڊريسنگ ٽيبل، کٽون، ڊيڪوريشن پيس ۾ گلدسته، ٽيبل ليمپ، لاٽما، پائوڊر باڪس، ڪلينڊر اسٽيمپ، جيولري باڪس وغيره شامل آهن.

    ڪاشي
    ڪاشيءَ جي هڪ ڪاريگر خدا ڏني ٻڌايو ته ڪاشيءَ جي ڪم لاءِ 15 کان 17 مرحلا آهن، جن مان گذرڻ کان پوءِ ڪاشيءَ جو ڪم مڪمل ٿئي ٿو. اڄڪلهه ڪاشيءَ جا اٽڪل 250 پيس ٺاهيا وڃن پيا. ڪاشيءَ کي ٺاهڻ لاءِ هيٺيون شيون گهربل هونديون آهن: 1. مٽي، 2. اڇي مٽي (سيوهڻ شريف)، 3. خاص پٿر (روهڙي سائيٽ)، 4. ڪوبالڪ آڪسائيڊ، 5. ڪوپر آڪسائيڊ، 6. ڪروم آڪسائيڊ، 7. سينڌر ڪاٺيون (پچائڻ لاءِ).
    ڊاڪٽر محمد يوسف ابڙي جي لکت مطابق ”ڪاشي جي لاءِ مٽي به خاص قسم جي استعمال ڪئي ويندي آهي. اها درياءَ جي ريٽ جي بلڪل چيڪي ۽ چيڙهائتي مٽي هوندي آهي. گڏهن وارا مٽي کڻي ڪاشيگرن کي ڪارخانن ۾ پهچائي ويندا آهن. جيڪي پوءِ مٽيءَ کي سٽي ڪُٽي، سنهو ڪري حوض ۾ پسائي ڇڏيندا آهن. چار يا ڇهه پهر پسي پئي هوندي آهي. پوءِ اُن کي ٿورو ٿورو ڪري ڪڍي ڳوهي گڏي، چاڻا ڪري رکندا آهن. ان کان پوءِ اُها مٽي ڪم آڻيندا آهن. (ص 73)
    ”ڪاشي جي سامان پچائڻ لاءِ بٺي کي به ڪو هوشيار ۽ تجربيڪار ڪاريگر ٺاهيندو آهي. پهريائين زمين تي ڪنهن ننڍي ڪوٺي ٺاهڻ وانگر چئن ڀتين جو بنياد ڪچين سرن سان کڻندو آهي. بنياد مضبوط ڪرڻ کان پوءِ زمين کان مٿي اٽڪل چار فوٽ کن اوچيون ڀتيون کڻندا آهن، اُتر طرف اٽڪل ٻه فوٽ ويڪرو دروازو ڇڏبو آهي. پوءِ اُتي چئني پاسي گول ڪمانيون ٺاهي، ڪاشيءَ جو سامان رکڻ لاءِ پليٽ فارم ٺاهيندا آهن، جنهن جي وچ مان ٽي فوٽ کن قطر سان گهل خال ڇڏيندا آهن، جتان باهه جي گرمي ڪاشيءَ جي سامان کي ملندي آهي ۽ اهو مال پچندو آهي. باهه اُتر پاسي ڇڏيل دروازي ۾ ڪاٺيون وجهي پليٽ فارم جي هيٺان ٻاري ويندي آهي. پليٽ فارم جي مٿان گول ڀتيون کڻي اٽڪل چار فوٽ اوچائيءَ ۾ آڻي کوري کي بند ڪندا آهن. مٿي به ٽي کن قطر سان دري ڇڏبي آهي، جنهن مان هيٺ لهي يا مٿي چڙهي سگهبو آهي. پليٽ فارم جي چئني ڪُنڊن مان دونهون نڪرڻ لاءِ سوراخ ڇڏي اُن کي به سِرن سان ڀتيون ڏيئي بخارن وانگر ٺاهيو ويندو آهي. دروازي مٿان پليٽ فارم تي رکيل سامان جي پچڻ يا نه پچڻ جي تپاس ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙي دري ٺاهي ويندي آهي.“ (ص 75)
    هالا جي ڪاشيءَ جا گلدستا، ٽائلس، رانديڪا، ڪاشيءَ جون سِرون، مسجدن جا مينار وغيره مشهور آهن. ڪنهن وقت هالا ۾ تقريباً 50 کن ڪاشيگر ڪم ڪندا هئا پر هينئر باقي ڏهاڪو ڪاريگر ڪم ڪن ٿا اُنهن جو مکيه سبب صحيح قيمت نه ملڻ آهي ۽ اُنڪري ڪاريگر پنهنجي هُنر کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اڄ به گورنمينٽ يا ڪو ٻيو ادارو توجهه ڏي ۽ پٺڀرائي ڪري ته هڪ دفعو وري هيءُ هُنر زندهه ٿي سگهي ٿو.

    اجرڪ
    اجرڪ جي ڪاريگر محمد صديق سومري ٻڌايو ته اجرڪ جو هنر موئن جي دڙي جي وقت کان شروع ٿئي ٿو. اجرڪ کي ٺاهڻ لاءِ تقريباً 16 مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. جن ۾ ڪي تمام مشڪل مرحلا اچن ٿا پر ڪاريگر پنهنجي ڪاريگريءَ سان هِن هُنر کي قائم ۽ دائم رکيو اچي. پهريائين اجرڪ ۾ دٻلي ڇاپ اجرڪ ٺهندي هئي، جيڪا پراڻي ڊيزائن واري هئي، پر آهستي آهستي هن هنر ۾ جدت آندي وئي.
    اجرڪ مان مختلف شيون جهڙوڪ: اجرڪ جا پڙا، ٽيبل پوش ۽ پردا به ٺاهيا وڃن ٿا. هن وقت سٺي اجرڪ 1500 کان 3000 رپين تائين تيار ڪئي وڃي ٿي.
    محمد صديق سومري پنهنجي هُنر جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته ”اجرڪ 5 ميٽر ڪپڙي تي ٺاهي وڃي ٿي. صرف پاڻيءَ مان ڪڍڻ جا 284 مرحلا آهن، جن مان اجرڪ کي گذاريو وڃي ٿو. شروع کان آخر تائين 300 ٺپا هنيا وڃن ٿا ۽ هر ٺپي جا 5 مرحلا ٿين ٿا. 48 ڪلاڪن تائين اُنڪري ڪپڙي کي پاڻيءَ اندر رکيو ويندو آهي ۽ پوءِ اُن کي تازي پاڻيءَ سان ڌوتو ويندو آهي.“
    مرحوم ممتاز مرزا صاحب جي لکت موجب ”اجرڪ تيار ڪرڻ لاءِ اول ضرورت مطابق ڪپڙي جا جدا جدا ٽُڪرا تيار ڪيا ويندا آهن. اجرڪ جي پور لاءِ ضروري آهي ته ڪپڙو سوٽي هجي ۽ اسان وٽ اجرڪ عموماً هرک تي تيار ٿيندي آهي. اُنهيءَ تيار ڪيل ڪپڙي کي پهرين کار مان ٻوڙو ڏيئي، کنڀ تي چاڙهبو ۽ اُهو کنڀ گهٽ ۾ گهٽ چوويهه ڪلاڪ هلندو. اُن کان پوءِ، اُنهيءَ ننگ کي ڌوئي ڌمالي، صاف ڪري سڪايو ويندو. اُن بعد ڪپڙو ساڄ ۾ وڌو ويندو. ساڄ جا وري ٻه قسم آهن: هڪ تيلي ۽ ٻيو صابڻي. اُنهن ۾ صابڻ ۽ ڪڙو تيل ملايو ويندو آهي. تيلي ساڄ جو وقت ٻن ڏينهن تائين هلندو آهي. ساڄ جي ٻوڙي کان پوءِ، وري ننگ کي ڌوتو ويندو آهي، پوءِ سُڪائي، ڪسائي واري مرحلي تي آڻيندا. هن مرحلي تي اسري لئي جي ٻور جي رنگ، ڪَڙي تيل ۽ هيرڻ جي تيل جي ملاوٽ سان هڪ مسالو تيار ڪيو ويندو آهي. اُن ۾ اجرڪ جي ڪپڙي کي ٻوڙو ڏيندا آهن، اُنهيءَ عمل کي ڪسائي چوندا آهن. ڪس ڏيڻ کان پوءِ ننگ کي ڌوئين ڪين، رڳو سڪائين. هر مرحلي کان پوءِ هرک جو اڇو رنگ بدلجي بوسڪي جو رنگ اختيار ڪري وٺندو آهي. اُن سڄي عمل کان پوءِ ننگ ڇر تي ايندو. ڇر جا بنيادي چار مرحلا آهن. پهرئين مرحلي کي اصل ڇر يا بنيادي ڇر چون، جنهن ۾ پلاند وٽ حاشيو ۽ تِر ڇرين. اُنهيءَ عمل جي مڪمل ٿيڻ سان رنگن ڀرڻ جو وارو ايندو آهي، جنهن ۾ پهريون مرحلو ”ڪن“ جو ايندو آهي. هيءُ ڪارو رنگ ٿئي، جيڪو نيروٽي هيراڪس ۽ اميڪا گدامڙي جي ٻِج جي اٽي مان تيار ڪن. اُنهيءَ کان پوءِ ننگ ”ڪرياڻي“ واري مرحلي ۾ ويندو آهي. ڪرياڻو کؤنر ۽ چن سان تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اُنهيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ته جتي جيڪو رنگ رکڻو هجي، اُهو نروار ٿئي. خاص ڪري اجرڪ ۾ اڇي حصي کي برقرار رکڻ لاءِ هيءُ مرحلو نهايت اهم شمار ٿيندو آهي. ڪرياڻي کان پوءِ کڙ جي پورن جو مرحلو ايندو آهي. هن ڇر جا ٻه مقصد هوندا آهن ته ڳاڙهي رنگ کي نروار ڪرڻ ۽ چاڙهڻ ۽ ٻيو ته باقي جيڪا جاءِ بچي، جنهن تي نيرو رنگ چڙهي، سا نمايان ٿي بيهي. هنن پورن جي لڳڻ وقت چانورن جي ڪٽي به لڳائي ويندي آهي. کڙ جو مسالو، ميٽوڙي، ڌاڙي کؤنر ۽ اٽي جي لئي مان ڪاريگر تيار ڪندا آهن. هن مرحلي کان پوءِ، ننگ کي ڪن ۾ ٻوڙو ڏنو ويندو آهي. اهو هيئن ٿيندو آهي ته هڪ وڏي ناد ۾ نيرو رنگ تيار ڪندا ۽ پوءِ اُن ۾ ننگ کي ٻوڙو ڏئي سڪائيندا. اُن مرحلي بعد ”وڇر“ جو مرحلو شروع ٿيندو آهي. وڇر معنيٰ ڌوئڻ. هن مرحلي تي ننگ کي تمام چڱي طرح سان ڌوتو ويندو آهي، ۽ پوءِ وهندڙ پاڻيءَ ۾ سيخون کوڙي، اُن ۾ ننگ کي ٻڌي ڇڏيندا آهن ۽ اُهو ڪلاڪ کن تائين ٻڌو پيو هوندو آهي، جيئن اجرڪ ”مٺي“ ٿئي. مٺي ٿيڻ مان مراد آهي ته اجرڪ مان کاراڻ نڪري وڃي ۽ صاف ٿئي. اُن مرحلي کان پوءِ اجرڪ کي سڪائي، رڱڻ لاءِ کڻي ويندا. بٺي تي رکيل ٽامي جون چرون ۾ پهرين پاڻي وجهندا، ۽ اُن کي ٽهڪائيندا. ٽهڪائڻ کان پوءِ اُن ۾ ڳاڙهو رنگ ملائيندا، اُن ۾ ننگ کي ٻوڙيندا. هڪ ننگ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ڪلاڪ تائين ٻوڙين، هن کان پوءِ منڻ جو مرحلو ايندو، جنهن ۾ اُٺ جي گسي ۾، ننگ کي چڱي طرح سان مني سڄي رات تائين رکي ڇڏيندا. اُن بعد صبح جو ننگ کي ”پکائي“ لاءِ کڻي ويندا. هن مرحلي تي، ننگ کي، واهه يا ڍنڍ جي ڪناري تي پکيڙي وڇائي ڇڏيندا ۽ اُن تي پاڻيءَ جي ڇٽ ڪندا رهندا، جيستائين اجرڪ بلڪل صاف ٿي نه وڃي. اُن عمل کان پوءِ مينا جو مرحلو شروع ٿيندو. مينا جو مسالو، ٻاڙي کؤنر، اٽي جي لئي ۽ ميٽوڙي مان تيار ڪن. هيءَ آخري ڇر هوندي جنهن ۾ رهيل ۽ بچيل جاين تي نازڪ ۽ نفيس ڇر ٿيندي آهي. اُن مرحلي کان پوءِ ننگ کي نير ۾ ٻوڙي سڪائيندا آهن ۽ وري ڌوئيندا ۽ سڪائيندا آهن. اهڙي طرح مختلف مرحلن مان هڪ اجرڪ گذري پنهنجي تڪميل جي منزل تي پهچندو آهي. (ص 265 کان 266)
    ”سومرن کٽين، شيدين ۽ مهاڻن کان سواءِ هندو به آڳاٽي وقت کان اجرڪ ڇرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جن مان ڪي گهر هالا ۾ (هئا)، جيڪي اجرڪ جو ڪندا (هئا). جن مان واسومل، دولهه ڏنومل، مينگهومل، ڪيول مل ۽ ڀڳڙو مل هالن جا پنج ڇهه سال ٿيا جو لڏي هندستان هليا ويا ۽ سٺا ڪاريگر ٿي ڳڻجن ٿا.“ (ص 270)

    سوسي ۽ کاڌي
    سوسي جو ڪپڙو خوبصورت رنگن ۾ ٺهي ٿو. اهو عورتن جو لباس توڙي ٻي سجاوٽ ۾ ڪم اچي ٿو، هن جو عرض 20 انچن کان 46 انچن جو ٿئي ٿو.
    هنر جي لحاظ کان سوسي جا ٻه قسم آهن: سادي سودي ۽ موٺڙيو. پر ڊزائين جي لحاظ کان هن جا مختلف نالا آهن، جهڙوڪ پنجپٽو، ڇوڪڙو، ڪناويز. هن ڪپڙي جي تياري ۾ ٻن قسمن جي ويڪر وارو ڌاڳو استعمال ۾ اچي ٿو: تاڃي لاءِ چاليهه ڊبل 2/40 ۽ پيٽي لاءِ چاليهه سنگل 1/40 ڌاڳو اڪثر ڪري سوٽي ڪم آندو ويندو آهي. پر ٻين قسمن جو ڌاڳو به استعمال ڪيو وڃي ٿو، جهڙوڪ ريشم، سلڪ، پولسٽر وغيره. اگر پلين سوسي ۾ ڌاڳي جو نمبر وڌائبو ته کاڌي تيار ٿيندي.
    هالا جي هڪ ڪاريگر عبدالڪريم متقي ميمڻ پاران سوسي سان کاڌي ٺاهڻ واري طريقي مطابق پهريائين ڌاڳي کي هيرڻ جي تيل ۾ لتاڙي، چڱي طرح ڀِڄائي، پوءِ اُن کي رنگ ڪبو آهي. تاڃي جي استعمال لاءِ ڪم ايندڙ ڌاڳي کي اڪثر ڪري چانورن جي اٽي مان ٺاهيل ڪلف لڳايو ويندو آهي ته جيئن ڌاڳو وڌيڪ مضبوط ٿئي. اُن کان پوءِ اُن کي سڪايو يا خشڪ ڪيو ويندو آهي. ڀڄڻي يا اڏي تي تاڃي تيار ڪئي ويندي آهي. پيٽي لاءِ بابين تي ڀرائي ڪئي ويندي آهي.
    ڪلف ٿيل ڌاڳي کي هڪڙي مخصوص قسم جي ڍيري تي (جنهن کي ڳٽو چيو ويندو آهي) ڀرائي ڪيو ويندو آهي. اُنهن ڍيرن جي ڍڳ يا مجموعي کي وري هڪڙي چرخي تي لڳائي تاڃي مڪمل ڪئي ويندي آهي. ٻن اڍائي ڍيرن مان هڪڙي مخصوص قسم جي وڏي چرخي تي اُن جي لڇي نموني جون چڳون ٺاهيون وينديون آهن. اٺ ڏهه چڳون ٺاهڻ کان پوءِ گهربل بر يا عرض مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اُن کي هڪ مخصوص قسم جي رول تي ويڙهيو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ اُن کي مشين يا آڏاڻي تي لڳائي ڪپڙي جي اُڻت ڪئي ويندي آهي.
    هن ڪپڙي جي تياري ۾ ڪافي اوزار استعمال ۾ اچن ٿا، جن ۾ ڪن جا نالا هن ريت آهن: 1. آڏاڻو، 2. شٽل، 3. نڙانڊي، 4. ڳٽو، 5. ڪنگي، 6. واسڪاريون (لسيون ڪاٺيون). اُن کان علاوه رنگ يا ڪيمڪل وغيره به گهربل ٿين ٿا.
    مٿين هنرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اُنهن جي مالي مدد درڪار آهي. مون جتي وڃي هنرمندن کي ڏٺو آهي اُتي سندن هنر ته سندن ڪاريگري جي کُليل تصوير آهي. پر سندن چهرو مرجهايل ۽ چپن تي مُرڪ بلڪل نه آهي. هرڪو هنرمند ڪسم پرسيءَ جي زندگي گذاري ٿو. مشڪل سان ٻچن جو پيٽ قوت ڪري ٿو. ٻچن کي هنر نه ٿو سيکاري، پر چاهي ٿو ته هن جو اولاد هي هنر سکڻ بجاءِ پڙهي ڪا ملازمت وڃي ڪن. سندن ڪسم پرسي جو ڪو پرسان حال نه آهي. هنرمندن کي ڪٿان به مالي مدد ميسر نه ٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪوهمت ڪري ڪجهه مالي ادارن کان قرض طور رقم حاصل ڪري ٿو ته وياج جي هيٺ دٻجي پنهنجي هنر جا هٿيار جيڪي سندس گذر سفر جي آخري پونجي آهن، سي نيلام ڪري وڃي قرض جي رقم ادا ڪري ٿو. هنرمند هر وقت واپاري جي چهري ڏانهن ڏسندو رهي ٿو ۽ سندن رحم و ڪرم تي آهي ۽ واپاري جي خوشامد ڪرڻ ۾ ئي سندن ٻچن جو گذران ٿي سگهي ٿو. واپاري هنرمندن کي هٿ جي پورهئي جي تمام گهٽ قيمت ادا ڪن ٿا. جنهنڪري ڪافي هنرمندن مايوس ٿي هنن هنرن کي ڇڏي ڏنو آهي. جنهنڪري سنڌ جو هي عظيم سرمايو تمام تيزيءَ سان تباهه ٿيندو وڃي.
    هالا جي ثقافت ۽ هنر ۾ جيترو مرد جو ڪردار آهي. اُن کان وڌيڪ اُنهن گهريلو عورت جو به ڪردار آهي. جيڪي پنهنجي ذاتي ذميوارين کان سواءِ هالا جي ثقافت ۽ گهريلو هنرن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ يا زنده رکڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي. ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اداري نه سندن همت افزائي ڪئي آهي نه ساڻن ڪو سهڪار ڪيو ويو آهي ۽ نه اُنهن کي نئين ۽ جديد دنيا آڏو روشناس ڪرايو آهي. مون تعلقه هالا جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي اُنهن جي هٿ جي محنت ۽ همت کي ڏٺو. اهي سخت ذاتي مالي مشڪلاتن جي باوجود پنهنجي هُنر کي زنده رکڻ لاءِ ڪوشان آهن، جيڪو اسان جو قومي ورثو آهي.

    تجويزون
    1. هنرمندن کي سرڪار هر ماهه وظيفو ڏي ته جيئن اُهي پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن، ۽ ثقافتي شاهڪار ٺاهيندا رهن.
    2. هنرمندن جي علاج معالج جي سلسلي ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي.
    3. هالا ۾ هٿ هنر جي سيکارڻ جو سرڪاري سطح تي ادارو کوليو وڃي.
    4. هنرمندن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊسپلي ۽ سيل جا سينٽر قائم ڪرڻ فني توڙي مالي مدد ڪئي وڃي.

    حــــوالا
    هن مضمون جي تياري ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافتي کاتي ڪراچي پاران ڊاڪٽر نواز علي شوق جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سنڌ جا هُنر“ ۾ شامل هيٺين مضمونن مان مواد کنيو ويو آهي.
    1. ’اجرڪ‘ از ممتاز مرزا
    2. ’جنڊيءَ جو هنر‘ از خميسو خان وگهامل
    3. ’نصرپور جو ناياب هنر‘ از محمد يوسف ابڙو

    * ليکڪ جَنڊي جو نامور ڪاريگر آهي. کيس 2006ع ۾ پرائيڊ آف پرفامنس جو صدارتي ايوارڊ به مليو آهي.


    شخصتيون

    هالا جا دوست : جي ايم سيد

    جي ايم سيد
    هالا جا دوست
    [سائين جي ڪتاب جنم گذاريم جن سين، ۾ هالا جي جن شخصن جو احوال آهي، سو هيٺ ڏجي ٿو.]

    مخدوم غلام محمد صاحب، مخدوم ظهير الدين صاحب(هالا)
    حضرت مخدوم نوح عليه رحمت جو هي پندرهون نمبر سجاده نشين، 12جمادي الاول 1303هه مطابق 21 فيبروي 1886ع تي ڄائو هو. هن سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ جي تعليم ورتي. پاڻ پنهنجي والد جي 6 رجب 1335هه مطابق 11جنوري 1927ع تي وفاتيءَ بعد سجاده نشين ٿيو. سندس حياتيءَ تي مختصر روشني وجھڻ کان اڳ بهتر آهي ته سندس خاندان ۽ چند تازه سجاده نشينن جي زندگيءَ بابت ڪجھه لکان. هي خاندان سنڌ ۾ ”نو لکي گودڙي“ ڪري سڏبو آهي، يعني انهيءَ جي تسلط ۽ اثر ۾ پير صاحب پاڳاري کان پوءِ، يا ڪن جي نظر ۾ ان کان به وڌ، هيءَ گادي شمار ڪئي ويندي آهي. اڳين جو احوال بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر ٿيندو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته منجھن، واري سان، هڪ سجاده نشين فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف راغب ٿيندو آهي، ۽ هڪ دنياوي اقتدار ۽ ناموس طرف لاڙو ڪندو آهي.

    مخدوم ميان امين محمد
    سندس ڏاڏو، مخدوم ميان امين محمد صاحب، 7 شعبان 1254هه مطابق 27 آڪٽوبر 1838ع تي ڄائو هو. اول ۾، دنياوي گادي نشينن وانگر، شڪار ۽ راڳ وغيره ڳالهين طرف دلچسپي رکندڙ هو. آخر عمر ۾ هن کي ويراڳ واسو ڏنو ۽ هالن جي ڀر ۾ ”راهونڊ“ نالي مڪان ۾ ڄارن ۽ کٻڙن ۾ کڏ ڪڍي، چله ڪشيءَ ۾ مشغول ٿيو. سگھو ئي فقيريءَ ۽ شاعريءَ ۾ درڪ حاصل ڪيائين. 26 رمضان 1303هه مطابق 29 جون 1886ع تي سندس وفات ٿي. سندس وڏو فرزند ميان محمد زمان سجاده نشين ٿيو.

    مخدوم ميان محمد زمان
    هي مخدوم صاحب سنڌ جي عام سجاده نشينن وانگر، ظاهري رعب ۽ طاقت، نالي ۽ ناموس ۾ وک وڌائڻ لڳو. سندس نالو، انهيءَ ڪري، سرڪار پئجي ويو. هن ۾ فقيري يا درويشي نه هئي، پر مڙسيءَ جا گھڻا اکر هئس. هو پورالو راجا ڪري ليکبو هو. سندس راضي ٿيڻ ۽ رنج ٿيڻ جو پتو نه پوندو هو. جي ڪنهن تي راضي ٿيندو هو ته ڍئي ڇڏيندو هوس، جي ناراض ٿيندو هو ته خدا ڏئي پناهه. هو سنڌ جي انهن مخصوص خاندانن مان هو، جن ڪامورن جي ڏاڍ اڳيان سر نه نمايو، جنهنڪري هن کي گھڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيئون. مثلاً کيس هڪ زال جي قتل ۾، ڪوڙي ڪيس هيٺ رجوع ڪري، گھڻيءَ تڪليف ۽ خرچ ۾ آندو ويو هو. سندس ڏينهن جا ٻه قصا عام ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جنهن مان سندس جوشيلي ۽ باغيرت طبيعت جو پتو پئجي سگھي ٿو.
    چون ٿا ته ڪنهن ڪليڪٽر کي دعوت ڏنائين، ۽ انهيءَ زماني جي دستور مطابق، سندس تفريح طبعيءَ لاءِ ملهه ۽ گھيٽن جي ويڙهه جو انتظام ڪرايائين. گھيٽن جي ويڙهه وقت ڪليڪٽر اعتراض ورتو. چي هي جانورن تي بيرحميءَ جو دستور آهي، اهو هو ڏسڻ نٿو گھري. انهيءَ تي ڪاوڙجي، مخدوم صاحب ساري مجلس درهم برهم ڪرائي ڇڏي. ۽ اها پرواهه نه ڪيائين ته ڪليڪٽر ناراض ٿيندو. چي: جيڪڏهن مهمان جي پسند جو لحاظ رکڻ ضروري آهي، ته ميزبان جي پسندي به ڪي حق رکي ٿي. دعوت دوستانه طور ڏنل هئي، نه حاڪم کي محڪوم طرفان. مجلس ۾ جي مهمان ميزبان جي جذبات کي مجروح ڪري سگھي ٿو، ته ميزبان به اهڙو حق رکي ٿو. جي کيس ڳالهه پسند نه هئي، ته مجلس پوري ڪرڻ بعد ان جو اظهار ڪري ها. مجلس ۾ اظهار ڪرڻ، سندس بيعزتي ڪرڻ جي برابر هو.
    ٻيو مثال اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته ڪنهن واهه جي کوٽائيءَ لاءِ انجنيري کاتي وارن طرفان هڪ ڇيڙ جي مخدوم صاحب کان گھر ڪئي ويئي. مخدوم صاحب ڪيئي سو ماڻهن جا ان طرف موڪليا، ۽ پاڻ به وڃِي اتي نڪتو. ڪم ڪرڻ بعد، ماڻهن کي ماني کارائي، انهن جي وندر لاءِ مخدوم صاحب ملاکڙو لڳارايو. ان وقت جي انجنير کي اها ڳالهه پسند نه آئي. هن منع ڪئي، جنهن تي مخدوم صاحب ان جي بيعزتي ڪئي، ۽ ڇيڙ واپس وٺي ويو. سندس طبيعت جي جولانيءَ جا ڪيئي اهڙا مثال زبان زد عام ٿي ويا.
    پاڻ 28 رمضان 1321هه مطابق 2 سيپٽمبر 1913ع تي وفات ڪيائين. هو دنيوي ماڻهو، سخت ۽ پورالو هو. ليڪن سندس وفاتيءَ ڪري عام ماڻهن ۾ غم جي لهر ڇانئجي ويئي. جنهن جي معني اها ڪڍي سگھجي ٿي ته هو عام ۾ مقبول هو. هن مخدوم صاحب لاولد ٿي وفات ڪئي. کانس پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ، ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام، گاديءَ تي ويٺو.

    مخدوم ميان ظهرالدين
    هي وڏي ڀاءُ جي برعڪس هو. عالم، فاضل، عابد، درويش صفت ۽ تصوف جو ماهر هو. ديندار، نماز روزي جو پابند هو. مخدومن جي ملڪيت ۽ پيدائش تمام گهڻي آهي، ليڪن وڏي مخدوم جي ڪشاده دستيءَ ۽ ڪيسن وغيره ڪري خزاني ۾ پئسو نه رهيو هو. هي مخدوم صاحب نهايت سٺو منتظم ثابت ٿيو. سوين ايڪڙن ۾ باغ رکايائين. هالن جي ساريءَ بازار ۾ دڪان ٺهرايائين. ڪفايت شعاريءَ سان، چڱو پيسو گڏ ڪيائين. ان جي اها معنيٰ نه سمجھڻ گھرجي ته هو بخل طرف مائل هو، بلڪ هڪ وڏو سخي ٿي گذريو آهي. سوين بيواهن يتيمن، ۽ مسڪينن جا ماهيانا ٻڌي ڇڏيائين جن کي بنا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي گھر ويٺي اهي پيسا پيا ملندا هئا. حڪومت ۽ ڪامورن سان سٺا تعلقات هئس. گاديءَ جو اهو شان رکيائين جھڙو ڪنهن سجاده نشين ڇٽو رکيو هوندو. سڀ کيس ملڻ ويندا هئا، پاڻ ڪنهن وٽ نه ويندو هو. هو بلند اخلاق، سخي، دشمن نواز، وڏي تحمل ۽ بردباريءَ جو صاحب هو. سيدن پيرن جي اصلاح، انهن ذريعي خدمت خلق ڪرڻ ۽ ماڻهن جي اخلاقي زندگي ٺيڪ ڪرڻ جو شوق کيس جنون تائين پهتل هو. مون جڏهن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي، ته مون کي گهرائي ان جا مقصد پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته ان مان منهنجو مقصد هن طبقي جي اخلاقي اصلاح آڻي، کين خلق خدا جي خدمت ۽ سندن بزرگن وانگر هدايت ۽ صحيح تعليم ڏيارڻ طرف راغب ڪرڻ آهي. جنهن تي صلاح بيٺي ته مٽياري سيدن جي انجمن ٺاهڻ بعد، لڪيارين جي انجمن ٺاهي، ساريءَ سنڌ جي سيدن پيرن جي ڪانفرنس سڏائجي. کيس ان ڳالهه جو اهڙو اونو هو جو وقت بوقت لکي پڇندو هو ته انهيءَ ڳالهه ڪيتريقدر واڌارو ڪيو آهي. منهنجي والد سان سندس دوستي هئي. هو مون کي پڌرانه شفقت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏسندو هو بدقسمتي اها ٿي جو آخر عمر ۾ بيمار گذارڻ لڳو، ۽ سگھوئي، 6 رجب 1345هه مطابق 11 جنوري 1926ع تي انتقال ڪيائين.

    مخدوم ميان غلام محمد
    والد جي حياتيءَ ۾ ئي هن جو لاڙو فقيريءَ ۽ درويشيءَ طرف هو. ابڙيچن جي نزديڪ، ڄارن ۾ چله ڪشيءَ ۽ غور فڪر ۾ مشغول رهندو هو. خوش قسمتي سان سگھو ئي سندس محمد فقير کٽياڻ سان واقفيت ٿي، جنهن همه اوست جي نقطه نگاهه کان کيس نه صرف واقف ڪيو، پر کيس خودي کانئڻ جي اهڙي تعليم ڏني، جنهن هن مان وڏ ماڻهپيءَ ۽ معتبريءَ جا سڀ اثر ختم ڪري ڇڏيا. اهو سندس خودي کانئڻ جو معراج هو، جو هالن جي بازار مان فقيرن سان گڏ ڳائيندو لنگھيو؛ نه ته عام طرح مخدوم صاحب بازار ۾ اچڻ کي عيب سمجھندا آهن. سندن جاءِ جي ٻاهران ڪيئي دربان ويٺا هوندا آهن. سندن ملاقات به مشڪل مسئلو هوندو آهي. فقير جي صحبت مان، همه اوست سان گڏ کيس صوفياڻي راڳ ٻڌڻ ۽ ميءِ نوشيءَ جو ورثو به مليو.
    مخدوم صاحب نياز ۽ حلم جو مجسمو هو. ڳالهائيندو ٿورو هو. سدائين سڪوت ۾ رهندو هو. جيڪڏهن ڪو ساڻس ڳالهائيندو هو ته ٻن ٽن چونڊيل لفظن ۾ اهڙو جواب ڏيندو هو، جنهن تي وڏن جيد عالمن ۽ فيلسوفن کي به رشڪ اچي.
    منهنجي ساڻس رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ جي معرفت واقفيت ٿي: ليڪن بدقسمتيءَ سان انهيءَ وقت سياسي ڳالهين ۾ مشغول رهڻ ڪري، سندس مجلس ۽ ملاقات مان گھڻو لطف حاصل ڪري ڪو نه سگھيس. دنيوي ڪارخاني جو ڪاروبار سندس ننڍو ڀاءُ مولوي ميان غلام حيدر صاحب هلائيندو هو. جنهن جو احوال جدا ايندو. کيس ميان محمد زمان فرزند ٿيو، جو ”طالب المولا“ جي تخلص سان سنڌي ادب جي بينطير خدمت ڪري رهيو آهي.
    مخدوم ميان غلام محمد صاحب 1 محرم 1363هه مطابق 28 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪئي.

    2. مخدوم ميان غلام حيدر ولد مخدوم ميان ظهير الدين قريشي
    هي صاحب هالن جي صديقي قريشي گھراڻي مان هو، جي عام طرح مخدوم سڏجن ٿا. هي مخدوم نوح رح جي اولاد مان، سندس چوڏهين نمبر سجاده نشين مخدوم ميان ظهير الدين عرف ميان پريل ڄام جو چوٿون نمبر فرزند هو. پاڻ 12 ذوالحج 1316هه مطابق 24 اپريل 1899ع تي هالن نون جي شهر ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم هالن ۾ هڪ مڪاني عالم وٽ حاصل ڪيائين. پوءِ مولوي شاهه محمد وٽ پڙهيائين. ان کان پوءِ هي ديوبند ۾ويو، جتان مولويءَ جو ڪورس پورو ڪري، دستاربندي ڪري آيو. واپس اچڻ تي سندس والد مرحوم سمورو ڪاروبار سندس حوالي ڪيو. انهيءَ ساري مشغوليت هوندي به، هي ادبي ۽ علمي صحبتن کي جاري رکيو ۽ ڪتابي مطالعو ڪندو آيو، جنهنڪري سندن خانداني ڪتب خاني ۾ ڪتابن ۾ ڪافي اضافو ٿيو. هي تعليم جي معاملي ۾ گھڻي دلچسپي وٺندو هو ۽ هٿ کولي پيسو خرچ ڪندو هو.
    سياست ۾ دلچسپي وٺڻ جي شروعات هالا ميونسپالٽيءَ جي پريزيدنٽ چوندجڻ سان ڪيائين. منهنجي ساڻس واقفيت 1922ع کان ٿي. ان جو خاص وجھ اهو هو ته سندن والد موحوم مون کي پڌرانه شفقت سان ڏسندو هو. انهن جي ملاقات لاءَ جڏهين ويندو هئس، ته ميان غلام حيدر صاحب سان به ملڻ ٿيندو هو. ان وقت ميان غلام حيدر صاحب سان اڪثر علمي ۽ ادبي گفتگو ٿيندي هئي. آهستي آهستي ٿي اسان جو دوستاڻو رستو ٿي ويو. اهو آخر تائين هلندو اچي ها، جيڪڏهين سياسي ڳالهيون انهيءَ ۾ رخنو نه وجھن ها.
    1938ع ۾ ميران محمد شاهه بمبئي ڪائونسل ۾، سر غلام حسين جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ بعد خالي ٿيل جاءِ تي اميدوار بيٺو. ميان غلام حيدر مهرباني ڪري منهنجي چوڻ تي هن کي مدد ڪئي، ۽ هو ڪائونسل تي ميمبر چونڊجي ويو. ان کان پوءِ 1930ع ۾ وري بمبئي ڪائونسل جي چونڊ ٿي. ان ۾ ساڳئي ڪم لاءِ وٽس ويس، ان وقت مخدوم ميان غلام محمد صاحب تي هر طرف کان اثر پوڻ لڳا هئا. ميان غلام حيدر تي ڪن دوستن طرفان ميان نور محمد جي فائدي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اثر پيا هئا. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اڻ هيريا م هير متان هرني، هيريا نه ڦير متان ڦرني“، ان وانگر مون ساڳيءَ مدد جي توقع رکي. ليڪن هن کي مصلحتن جي بناءِ تي ٻنهي طرف رس رهائڻ جو خيال هو. اهڙي ڳالهه لڪي نٿي سگھي. هن وقت تائين مدد کي خاص مهرباني سمجھي پئي ويئي. هاڻ آسپاس ڪم ڪرڻ بعد معلوم ٿيو هو ته انهيءَ حد ۾ منهنجو شخصي به ٿورو گھڻو اثر هو. هالن پراڻن ۾ عزازت ۽ تعلقات هئا. خانوٺ ۽ ڀٽ وارن سيدن پيرن سان به لاڳاپا هئا. زير پير، جھنڊي جي پيرن جي هڪ گروهه، ڀاڻوٺ مٽياري وغيره طرف ازخود اثر هلي سگھيو ٿي. پهرين خيرات سمجھي مدد ورتي پئي ويئي. هاڻ حجت ۽ حق سان مدد گھري ويئي. نتيجي ۾ آهستي آهستي ٿي شڪررنجي پيدا ٿي. جوانيءَ ڪري رت گرم ۽ تجربو ٿورو هو. سياست ۽ شخصي تعلقات کي جدا ڪري هلائڻ جو شعور ۽ جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو. اهي اختلاف وڌي وڻ ٿيا.
    سنڌ جدا ٿيڻ بعد جڏهين سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته اسان پير بقادار شاهه کي سندس سامهون اميدوار بيهاري، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر مخدوم صاحب وڏي پير ميان الهيار شاهه، بقادار شاهه جي ڀاءُ، سان سڌي گفتگو ڪري، بقادار شاهه کي هٿ کڻائي ڇڏيو. چونڊن کان پوءِ اسان کي اميد هئي ته گڏجي ڪم ڪري سگھنداسون. پر اسان مخالفت ۾ ويٺاسون. ميان غلام حيدر مصلحتن کي نظر ۾ رکي، سر غلام حسين جي وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهين سر غلام حسين کي شڪست ملي ۽ الهه بخش جي وزارت وجود ۾ آئي، تڏهن ميان غلام حيدر، پير الاهي بخش صاحب جي ڪري، وزارت جو ساٿ ڏنو. جڏهين ڍلن جي سوال تي الهه بخش وزارت سان اسان جو اختلاف ٿيو، ۽ اسان وري مخالفت ۾ هليا وياسون، ته هي وزارت سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح غلط فهميون ويئون وڌنديون. ساڳيءَ طرح سياست ۾ برادرم ميران محمد شاهه سان به منهنجا اختلاف پيدا ٿيا هئا، پر هن باوجود منهنجي سخت ڪوشيءَ ۽ بي محابائيءَ جي تعلقات نه ٽوڙيا ۽ منهنجون ڪافر ماجرايون برداشت ڪندو آيو؛ ليڪن مخدوم صاحب جي حالت جدا گانه هئي. هيءُ وڏي گادي نشين جو ڀاءُ ۽ پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ ۽ ڏسڻ وارو هو. سياست ۾ هر ڪو آزاد هو. جيڪڏهين اسان ڪن ڳالهين خاطر، جن کي اصول ٿي سڏيو سون، حڪومتن جي مخالفت کي پسند ڪيو ٿي، ته هن کي هر ڪو حق هو ته وقتي مصلحتن ۽ شخصي سهوليتن خاطر هو جدا رويو اختيار ڪري. تجربي ۽ سمجھ گھٽ هئڻ ڪري، رواداريءَ جي خبر ڪانه پيل هيم. هاڻ معلوم ٿيڻ لڳو آهي ته اڪثر سياستدان ننڍن ٻارن وانگر رسڻ پرچڻ لڳن ٿا. هنن لاءِ دنيا ۽ مافيها سياست رهي ٿي. ڪاش، اها سمجھ ان وقت اچي ها، ته هن علم دوست، اديب، پراڻي شفيق، مهربان دوست سان قديم نيازمندانه تعلقات آخر تائين قائم رهندا اچن ها؛ پر هاڻ ڪجھ ٿي نٿو سگھي. صرف ميان الهيار شاه مرحوم جا هي اکر ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڀاءُ پير بقادار شاهه ۽ مخدوم صاحب جي اليڪشن چٽاڀيٽيءَ ۾ پير بقادار شاه کي هٿ کڻائي، مون کي چيا هئا: چي: ”ميان ميمبريون ايترو لهن ئي ڪونه، جيترو لحاظ لهي!“ هن وقت مخدوم ميان غلام حيدر مرحوم جو ڀائٽيو مخدوم صاحب به سياست ۾ آهي. سندس سياسي پاليسي به ساڳي، مصلحتن جي لحاظ کان حڪومت جي طرفداري آهي پر اميد ته ماضي کان سبق پرائي اهڙي گستاخي نه ڪبي، جو سياست کي شخصي، ثقافتي ۽ خانداني تعلقات ۾ دخل انداز ٿيڻ ڏبو.
    ميان غلام حيدر مر‎حوم سنڌ اسيمبليءَ تي 1946ع تائين ميمبر رهيو. سال 1946ع جي شروعات جي چونڊن ۾ هن پير بقادار شاهه کي اسيمبليءَ تي چونڊائڻ ۾ مدد ڪئي. وري سال جي آخر ۾ جڏهن اسيمبليءَ ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون ويئون، ته ان ۾ هي ميمبر چونڊجي آيو، ۽ آخر عمر تائين ميمبر رهندو آيو، هي هالا ميونسپالٽيءَ ۽ هالا مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ به پڇاڙيء تائين رهندو آيو.
    مرحوم ڪي ڪتاب به تصنيف ڪيا آهن، جن مان ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن. سندس ڪوشش سان مخدوم نوح عليه الرحمت جي درگاهه ۽ مسجد جي سامهون هڪ وڏو ورانڊو جمعي نماز پڙهڻ لاءِ تعمير ٿي، 1351هه ۾ مڪمل ٿيو. هن جو مکيه ڪارنامو 5 جنوري 1942ع تي هالن جي شهر ۾ مخدوم حيدر هاءِ اسڪول جو برپا ڪرائڻ آهي، جنهن جي ساري بلڊنگ سندس خرچ ۽ ڪوشش سان تعمير ڪرايل آهي. ان هاءِ اسڪول ۾ 20 فيبروري 1944ع تي بورڊنگ هائوس ٺهرايائين. ان کان پوءِ ان هاءِ اسڪول کي وڌائي ۽ ان سان گڏ سروريه اسلاميه ڪاليج پڻ 27 مئي 1947ع تي قائم ڪرايائين.
    آخر عمر ۾ ذيابيطس جي بيماريءَ ڪري، سندن طبيعت ٺيڪ نه رهندي هئي. کين ڪو اولاد نه ٿيو. پاڻ 26 رمضان 1372هه مطابق 9 جون 1953ع تي صبح جو نوين بجي اڱاري ڏينهن وفات ڪري ويو. نورالله مرقده.
    (صفحو 397 کان 400)

    3. مخدوم ميان محمد زمان صاحب، مخدوم ميان غلام محمد صاحب قريشي (هالا نوان)
    هي صاحب مخدوم نوح عليه الرحمت جو 16 نمبر سجاده نشين آهي. سندس جنم جي تاريخ 9 محرم سنه 1338هه مطابق 16سيپٽبر 1919ع آهي. پاڻ اول ۾ قرآن شريف درگاه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيائين ۽ ان کان پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻيءَ ۽ آخوند عبدالرحمان وٽ، ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي عبدالحئي ٺيڙهيءَ واري ۽ مولوي محمد عالم وٽ ورتائين.
    ننڍي هوندي سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيو، جو سندن جد امجد ۽ والد مرحوُم جي ڏينهن ۾ سمورو ڪاروبار سنڀاليندو هو. سندن ڏاڏي مرحوم مخدوم ميان ظهيرالدين صاحب سنه 1927ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندن والد درگاهه سروريءَ جو سجاده نشين ٿيو.
    هي پنهنجي والد کي اڪيلو فرزند هو. سنه 1937ع ۾ جڏهين ارڙهن سالن جي عمر کي رسيو ته سندس پهرين شادي ٽنڊي باگي جي پيرن وٽان ٿي، جي به مخدوم نوح عليه الرحمت جي اولاد مان قريشي پير آهن، ٽن سالن بعد سندن اهليه وفات ڪئي. ان مان کيس هڪ فرزند، ميان محمد امين صاحب ٿيو. ان کان پوءِ مولوي فضل احمد غزنويءَ جي نياڻيءَ سان ڊسمبر سنه 1942ع ۾ شادي ڪيائين.
    سندن والد ميان غلام محمد صاحب 30 ذوالحج سنه 1363هه مطابق 16ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. هي سنه 1945ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيو. ان وقت سندس عمر پنجويهه سال هئي. ٻيو سندس ڪاروبار ساڳيءَ طرح هن جو چاچو ميان غلام حيدر سنڀاليندو رهيو. مخدوم ميان غلام حيدر 27 رمضان سنه 1372ه مطابق 9جون 1953ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ سمورو ڪاروبار کيس سنڀالڻو پيو.
    مخدوم صاحب کي شاعريءَ ۽ راڳ سان ننڍي هوندي کان شوق هو. پهريائين تخلص ”بيوس“، پوءِ ”فراقي“، بعد ۾ ”زمان شاهه“ ۽ آخر ۾ سنه 1949ع کان ”طالب الموليٰ“ اختيار ڪيائين.
    پاڻ سنه 1936ع ۾ هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين، جنهن جي سهاري هيٺ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون. سنه 1937ع ۾ سنڌي خان گويي جي اثر ڪري راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ادبي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري هالن ۾ هڪ پريس الزمان نالي سان کولرايائين، جنهن مان ڪو وقت هفتيوار اخبارون ”الزام“ ۽ ”پاسبان“ نالي سان نڪرنديون هيون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ” فردوس“ سندس سرپرستيءَ هيٺ جاري ٿيو. 1952ع ۾، ماستر جمع خان ”غريب“ سيتان شهر مان، ماهوار رسالو ”طالب الموليٰ“ سندس سرپرستيءَ هيٺ ڪڍيو. 1952ع کان سندس سرپرستيءَ هيٺ حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو.
    1946ع ۾ سنڌي شاعرن جي جماعت ”جمعيت الشعراءِ“ نالي سان قائم ٿي. ان ۾ هي دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهن جو 1952ع تي جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست چونڊيو ويو. 1957ع ۾ کيس گھوٽڪي ڪانفرنس جي موقعي تي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. جنهن حيثيت سان پاڻ اڃا تائين انهيءَ جماعت سان وابسته رهندو اچي.
    تعليم سان خاص دلچسپي اٿن. ”طالب الموليٰ هاسٽل، هالا“ ۽ ”طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو“ سندس ان دلچسپيءَ جا زنده مثال آهن.
    1954ع ۾ اداره ”روح ادب سنڌ“ جو بنياد رکيائين، جنهن جي سهاري هيٺ هالن ۾ راڳ ڪانفرنس 1955ع ۾ سڏايائين، ۽ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرايائين. نومبر 1955ع ۾، بزم طالب الموليٰ جو پايو وڌائين، جنهن جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي شاخون کلي ويئون آهن. جنوري 1956ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ لاڙ ادبي ڪانفرنس سندن صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جو 1955ع کان ميمبر رهندو آيو. مارشل لا کان پوءِ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ۾ هن کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو. نومبر 1955ع کان شاهه لطيف يادگار ڪميٽيءَ ۽ ڪلچرل مرڪز جو ميمبر نامزد ٿيو، ۽ ان کان پوءِ به انهن تي ميمبر هلندو اچي. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي مشاورتي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سنڌ جي اڪثر ادبي مجلسن ۾ سندس شرڪت ضروري ڄاڻي، کين دعوت ڏيئي گھرايو ويندو آهي. پاڻ هن وقت تائين 18_17 ڪتاب تصنيف ڪري چڪو آهي، جنهن جي لسٽ رسالي ”مهراڻ“ جي يادگار نمبر 1957ع ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن تان ڪجھ بيان هن احوال لاءِ ورتل آهي.
    مخدوم صاحب 1953ع جي چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تي بنا مقابلي جي چونڊجي آيو. مسلم ليگ وزارتي پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ نه بيٺو. مارشل لا کان پوءِ نئين آئين جي چونڊن ۾ هي مرڪزي اسمبليءَ تي ميمبر چونڊ جي آيو. مرڪزي اسيبليءَ جي تازين چونڊن ۾ پڻ مخدوم صاحب ڪامياب ٿي ان نشست تي فائز رهيو. سندس طبيعت جو اصل لاڙو ادب ۽ ثقافت طرف زياده آهي: پر مڪاني ضرورتن ۽ وقتي مصلحتن جي بناءِ تي هي مجبوراً سياست ۾ حصو وٺي ٿو. بدقسمتي سان سنڌ جي اڪثر خاندانن، سياست عمل جي مدنظر، اقتدار ۾ آيل پارٽيءَ سان ساٿ پئي ڏنو آهي، جا ڳالهه مخلص قومي ڪارڪنن جي نقطه نگاهه کان ملڪ ۽ قوم جي مفاد عام لاءِ مضر پئي رهي آهي. مخدوم صاحب به جڳ جھڙو ئي پئي رهيو آهي. ان ڪري مٿس ميار رکڻ يا نڪته چيني ڪرڻ ٺيڪ نظر نٿو اچي. هن وقت حالت ان ڪڙيي تي وڃي بيٺي آهي ته سنڌي من حيث القوم سياسي ميدان ۾ شڪست کائي چڪا آهن. وڪاڻن گھوڙن جا ملهه ئي ڪونه ٿيندا آهن. ان ڪري مخدوم صاحب جي زندگيءَ جي سياسي پهلو کي ڇڏي، صرف ان جي ادبي ۽ ثقافتي پهلوءَ جو ذڪر ڪيو اٿم.
    دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترا مثال ملن ٿا، جڏهين ڪن قومن کي سياسي ميدان تي شڪست ملڻ جي باوجود، اهي قومون ختم ٿيڻ جي عيوض، ڌڪ جھلي، وري زنده ٿي ويئون آهن، بشرطيڪ شڪسته خورده قومن سندن ادب ۽ ثقافت کي مرڻ نه ڏنو. روم جي حاڪمن جو يونان تي قبضو ٿيو. پهرين سمجھڻ ۾ ائين پئي آيو ته يونان ختم ٿي ويندو: ليڪن يونانين جو ڪلچر ۽ ادب سلامت هئڻ ڪري، خود رومن لوڪ يونان جي تهذيب جا پوئلڳ ٿي پيا. يونانين جي سياسي شڪست ثقافتي ڪاميابيءَ ۾ بدلجي ويئي. ساڳي حالت منگولن جي ايران ۽ چين جي فتح ڪرڻ وقت بني. ايراني ۽ چيني ڪلچر ۽ زبان زنده رهڻ ڪري، منگول انهن جي رنگ ۾ رڱجي ويا. اسان به جيڪڏهين هن محاذ ثانيءَ کي محڪم جھلي پنهنجي ڪلچر ۽ زبان کي قائم رکيو اچون، ته عين ممڪن آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ، اسان جي سياسي شڪست ڪلچرل ڪاميابيءَ ۾ بدلجي وڃي.
    انهيءَ نقطه نگاهه کان مخدوم صاحب جي سنڌي ادب ۽ ثقافت کي زنده رکڻ جي ڪوشش اهم درجو رکي ٿي.
    سنڌي ڪلچر، اتحاد انساني ۽ امن عالم جو پيغام بر آهي. سنڌ جا درويش ۽ بزرگ انهيءَ پيغام جا حامل هئا.
    سنڌ جي اديبن کي گھرجي ته مخدوم صاحب جي سياسي مجبورين کي در گذر ڪري، سندس ادبي ڪوششن جي پٺڀرائي ڪن. خدا، کيس عمر دراز بخشي ۽ کانئس سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت ڪرائيندو رهي.
    مخدوم صاحب کي پنج فرزند آهن: مخدوم زاده ميان محمد امين صاحب، 2. ميان غلام محمد صاحب، 3.ميان الهبچايو 4. ميان عبدالحسين، 5. ميان غلام حيدر.

    4. سيد ميان جمال شاهه ولد حاجي نور شاهه (ڀاڻوٺ ، هالا)
    هي شاهه صاحب ڀاڻوٺي سيدن مان هو، جي مٽياري سيدن جي سنائي شاخ، شاهه جرار عليه رحمت جي اولاد مان هئا. اصل ۾ سن جي ڳوٺ ۾ ويٺل هئا، جتان سهولت ۽ گذرمعاش جي خاطر لڏي، ميرن جي صاحبيءَ ۾، ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺا.
    ميان جمال شاهه وڏي کي ڇهه فرزند هئا: 1. سيد حاجي احمد شاهه، 2. سيد حاجي نور شاهه، 3. سيد بلند شاهه، 4. سيد فيض علي شاهه، 5. سيد علي محمد شاهه ۽ 6. سيد فضل علي شاهه.
    ان ڳوٺ ۾ ڳاهوٺين جو زور هو، جن سان شاهن جو تڪرار ٿي پيو. تڪرار ۾ ميان احمد شاهه اتي جي ڳاهوٺي زميندار کي قتل ڪري وڌو، جنهن ۾ هن کي جنم ٽيپ اچي ويئي، جتان آزاد ٿيڻ بعد حج تي ويو.
    ٻيو نمبر فرزند سيد نور شاه هو، جنهن همت ۽ محنت ڪري زمينون هٿ ڪيون، ۽ آباد ڪرائي چڱي ملڪيت ڪٺي ڪئي. ڀاڻوٺي سيدن جي ملڪيت ۽ طاقت ان کان پوءِ زياده ٿي. هن کي به ڇهه فرزند ٿيا. ٻه شاديون ڪيون هئائين: هڪ سيدن مان، جنهن مان جمال شاهه ۽ جيئندل شاهه پيدا ٿيا، ۽ ٻي شادي وڏيرن گولاڙن مان ڪيائين، جن مان چار فرزند: نبي بخش شاهه، پير بخش شاهه، مير حسن شاهه ۽ شير محمد شاه پيدا ٿيا. ميان نور شاه حج تي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. منشي ميان محمد رحيم ولد حمل خان لغاري سندس ڪاروبار سنڀاليندو هو. پڳ سندس فرزند ميان جمال شاهه تي آئي، جنهن جي حياتيءَ جي ذڪر ۾ هي مضمون لکي رهيو آهيان.
    ميان جمال شاهه مهماننواز، سادهه مزاج، سرڪاري عملدارن وٽ اثر رسوخ رکندڙ هو. کيس گزيٽ، بندوقن جا پروانا ۽ ڪمشنر صاحب جي دربار جي ڪرسي مليل هئي. شڪار جو تمام شوقين هو؛ عملدارن کي به شڪار ڪرائيندو هو. عام مسافرن جي کارائڻ لاءِ ديڳيون رڌرائيندو هو. کيس چار فرزند ٿيا: ميان ڌڻي بخش، ميان دين محمد شاهه، شمس الدين شاهه ۽ حسن علي شاهه. انهن مان پوين ٽن جو اولاد ڪو نه ٿيو. پهرئين نمبر کي ٽي پٽ آهن: جمال شاهه، جيئندل شاهه، ۽ نورشاهه. ميان ڌڻي بخش باهمت، مهماننواز، شڪار جو شوقين، عملدارن ۽ دوستن کي شڪار ڪرائڻ ڪوڏيو آهي. باوجود عملدارن جي خوشامد ڪرڻ جي، وقت بوقت عملدار طبقي جي دشمنيءَ ڪري تڪليفن هيٺ پئي آيو آهي. رئيس فقير بخش خان سان دوستي هيس، مٽياري سيدن سان به سٺا تعلقات اٿس.
    ميان جمال شاهه جو هڪ ڀاءُ، ميان شير محمد شاهه، پوليس ۾ سب انسپيڪٽر هو. باهمت ۽ سرڪش هو. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته کيس ڀٽن جي ماڻهن خون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن جي ڌڪن کان هو بچي ويو. پوءِ نوڪري ڇڏي، اچي ڳوٺ ويٺو. سندس ٻيو ڀاءُ سيد مير حسن شاه هو، جنهن جي گهران مون شادي ڪئي آهي. ان کي هڪ فرزند حاجي غلام شاهه هو، جو تاريخ 13 نومبر 1960ع تي، موٽر جي حادثي ۾، لاولد، 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
    سيد ميان جمال شاه تاريخ 22 ربيع الاول 1336 هه مطابق 7 جنوري 1918ع تي وفات ڪئي. مخدوم بلاولي جي قبرستان ۾، ڀاڻوٺ لڳ مدفون آهي. سندن خاندان جي مکيه ماڻهن جي وفاتيءَ جون تاريخون هيٺيون آهن:
    (1) سيد حاجي نور شاهه ولد سيد جمال شاهه وڏو: 30 رجب 1290 هه، مطابق 24 سيپٽمبر 1872ع .
    (2) سيد مير حسن شاهه ولد حاجي نور شاهه: 12 ربيع الاول 1330هه مطابق 9 مارچ 1911ع.
    (3) سيد حاجي شير محمد شاهه ولد حاجي نورشاهه: 15 محرم 1337هه، مطابق 22 آڪٽوبر 1918ع.
    (4) سيد محمد حسين شاهه ولد حاجي فضل علي شاه: 5 جمادي الآخر 1346هه، مطابق 27 نومبر 1927ع.
    (5) سيد حاجي محمد شاهه ولد سيد قمبر علي شاهه: 20 جمادالثاني 1349هه، مطابق 15 نومبر 1930ع. اهي سڀ، سواءِ حاجي نور شاهه جي ، بلاوليءَ جي مقام ۾ مدفون آهن.

    5. پير علي بخش شاهه، پير لطف علي شاهه ڀٽائي (ڀٽ شاهه)
    سندس ٻيو نالو ”علڻ سائين“ هو. تخلص ”علڻ“ هوس. پاڻ 1871ع ڌاري ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسي تعليم ميان محمد ڀٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. مٽياري سيدن جي جرارپوٽا خاندان مان، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد مان، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ستون نمبر سجاده نشين هو. سندن والد 1317هه، مطابق 1899ع ۾ وفات ڪئي، ۽ وڏي فرزند هئڻ ڪري هي سجاده نشين ٿيو. هي فقير طبع ۽ شاهه جي ڪلام جو سوز سان ڳائيندڙ هو. اڪثر جمعي رات جي راڳ وقت پاڻ به فقيرن سان گڏ ڳائيندو هو. شاعر به هو، ليڪن سندس ڪلام گڏ ٿي نه سگھيو آهي. نماز روزي جو پابند هو. انهيءَ وقت جي سجاده نشين وانگر، هي به راڳ ۽ ملاکڙي ۾ دلچسپي وٺندڙ هو. خاندانن سان لاڳاپن وڌائڻ ۾ چڱو بهرو ورتائين. راڳ جي ڄاڻ هوندي هيس. سنڌ جا اڪثر مکيه ڳائڻا ۽ طوائفون راڳ ڳائڻ لاءِ وٽس ايندا هئا. جنهنڪري کيس مختلف راڳڻين، وڄت ۽ تال جو پورو پتو هوندو هو. درگاهه ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دؤر ۾ ٿي. ملاکڙي ۾ ڪافي دلچسپي ورتائين. ڪيترا ناميارا ملهه سندس دسترخوان ۽ پيسي مان مستفيد ٿيندا هئا. ڄام مٺا خان جوڻيجو، درگاه جي خاص معتقدن مان هو. هو ملهن کي انعام ڏيڻ ۾ خاص شهرت حاصل ڪري چڪو هو. ڀٽ شاه جي ميلي تي پير صاحب ۽ ڄام صاحب جي ڪوششن سان ملاکڙو زور وٺي ويو، جنهنڪري ماڻهن جي آمد ۾ به اضافو ٿيو ۽ ميلو وڌي ويو.
    پير صاحب کي عمدن گھوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هو. هزار رپيا خرچ ڪري گھوڙا وٺندو هو. هن صاحب جو اهل تشيعت طرف گھڻو لاڙو هو، ان ڪري شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صوفيانه پهلوءَ کان وڌيڪ، سرفروشي، قرباني ۽ سوز گداز جي نقطي کي اهميت ڏنائين ٿي. شاه جي ڪلام کي اهڙي نقطي کان ڏسڻ وارن جي خيال موجب، هر مذهب ۾ قربانيءَ کي بنيادي اهميت حاصل آهي: حضرت ابراهيم خدا ڪارڻ پٽ جي قرباني ڪرڻ گھري ته سندس اولاد مان سوين نبي پيدا ٿي سگھيا؛ حضرت عيسيٰ پنهنجي قرباني ڏني ته دنيا ۾ هر طرف سندس تعليم پکڙجي ويئي. اهريءَ طرح اسلامي تعليم کي نئين سر زنده ڪرڻ لاءِ امام حسين عليه السلام پنهنجي ڪٽنب سميت قربان ڪيو.
    سختي شهادت جي نسوروئي ناز،
    ڪي رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو. (شاهه)

    دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
    انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي. (شاهه)
    ٻي ڳالهه جا هنن شاهه جي ڪلام مان چونڊي، سا هئي لياقت جي، جنهن تي اهل تشيعت جو مدار آهي، جنهنڪري هو حضرت علي عليه السلام کي فضيلت ڏين ٿا. ”انا مدينته العلم و علي بابها“ ان جي دليل ۾ پيش ڪن ٿا. شاهه جي ڪلام مان به ڪيئي بيت دليل ۾ ڏين ٿا._
    ” جو ملن کي ميهڻو، سوئي مون سردار. “
    حيدر جي هٿان ، وڙهه ته ويري مارئين.“
    امام حسين عليه السلام لاءِ هيٺيون بيت حجت طور پيش ڪن ٿا:
    چار تراريون چيلهه سان، ٻڌائين ٻه پاڳون،
    اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون. “(شاه )
    هنن درد ۽ فراق کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ٿي سمجھيو:
    جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،
    اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو. (شاهه)
    ماتم کي سوز ۽ گداز وڌائيندڙ سمجھي، هنن ماتمٖ حسين کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ڄاتو ٿي.
    شاهه عبد الڪريم بلڙي ۽ شاهه لطيف جي خليفن، انهيءَ ڪري سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هو ماتم ڪندا هئا.
    اهو شاهه صاحب جي فلسفه حيات جو هڪ پهلو هو: ٻيا نقطه نگاهه به نڪري سگھيا ٿي. جيئن قرآن شريف جي مختلف تشريحن ڪري مسلمانن ۾ ڪيترا فرقا پيدا ٿي پيا، تيئن شاهه صاحب جي به مختلف نقطه نگاهن سان تشريح ٿيڻ لڳي هئي. هڪڙن رسالن ۾ خدا ۽ رسول (صلي الله عليه وآله وسلم) جي ساراهه کان سواءِ ٻيا بيت نه هئا، ته ٻين ۾ وري شاهه صاحب کي سني ثابت ڪرڻ لاءِ چئن صحابن جي تعريف جا بيت شامل ڪيا ويا آهن، ۽ سر ڪيڏاري کي رسالي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ فرقيبنديءَ جي اختلافي سيلاب ۾ شاهه صاحب جھڙي ڪثرت ۾ وحدت ڏسڻ واري بزرگ جا گادي نشين به لڙهي ويا، ۽ انهيءَ جي زد کان علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جھڙا عالم به بچي نه سگھيا.
    منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت قاضي محمد ڪامل، هالن پراڻن واري جي معرفت ٿي هئي. هو صاحب به اهل تشيعت هو. وڌيڪ لاڳاپا، سن ۾ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس لاءِ دعوت ڏيڻ وقت پيدا ٿيا. جڏهن آءٌ ڀٽ شاهه ۾ ان ڪم لاءِ وٽس ويس ته هن صاحب چيو ته ’بابا، آءٌ ڪانفرنس ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيان پر شرط اهو آهي ته ان جو صدر ڪو عالم ۽ خادم ملڪ ڪيو وڃي ۽ سجاده نشين يا وڏو خاندان سيد نه ٿئي. تنهنجا انهيءَ ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ ڪهڙا به اوچا مقصد ڇو نه هجن، پر اڄڪلهه جا اڪثري سادات ۽ پير ذاتي اقتدار، عزت ۽ بزرگيءَ جي مرضن ۾ ڦاٿا پيا آهن. اسان سڀني کي نفس آهي. هڪ گاديءَ وارو اهو نه گھرندو ته ٻئي گادي نشين جي اڳواڻيءَ هيٺ رهي.‘ مون ان ڳالهه کي واجبي ڄاڻي کيس يقين ڏياريو ته آءُ حتي الامڪان انهيءَ اصول مطابق ڪانفرنس جي رهبري ڪندس. پر جڏهين جملي سيد اچي ڪانفرنس ۾ ڪٺا ٿيا، ته باوجود منهنجي ڪوشش جي، مٽياري سيدن ووٽن جي زور تي سخي هاشم شاهه جي سجاده نشين پير الهيار شاهه کي ڪانفرنس ۽ انجمن جو پريزيڊنٽ چونڊي ڇڏيو. هي صاحب ان وقت پنهنجن همدردن ۽ عزيزن سميت مجلس مان احتجاج طور اٿي ويو. گھڻيءَ منت سماجت بعد پٽ ۽ ڀائرن کي مجلس ۾ اچڻ جي اجازت ڏنائين، ليڪن پاڻ نه آيو. هي اهل تشيعت هو. مٽارين وارا سيد سني هئا.
    ڪجھ وقت کان پوءِ جڏهين منهنجي ساڻس گفتگو ٿي، ته چيائين ته ابا مسلمانن ۾ اصل کان لياقت ۽ تعداد جي فوقيت تي اختلاف رهندا پئي آيا آهن. رسول ڪريم جي وفاتيءَ بعد مسلمان فطري لاڙن ڪري ورهائجي ويا. هن وقت اهل طريقت جا مرڪز پنهنجي بنيادي روحاني مقصد کان هٽي، دينوي شان شوڪت ۽ بزرگيءَ جا اڏا بنجي پيا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ تون ڪهڙي طرح سان اقتدار جي جنگ کي ختم ڪرائي، اعليٰ معيارن تي جماعت قائم ڪرائي سگھندين. هن جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. جيڪڏهين اسين قاضي اسدالله شاهه مرحُوم جھڙي خادم خلق ۽ عالم فاضل کي صدر بنايون ها ته ”انجمن سادات مٽياري“ جي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ شايد ڪاميابي ٿي وڃي ها. اهي مقصد سيدن جي اخلاقي اصلاح، روحاني ترقي ۽ معاشرتي سڌاري ۽ کين خدمت خلق طرف رجوع ڪرڻ جا هئا. ليڪن انهيءَ بنيادي غلطيءَ ڪري هيءَ سوشل جماعت، ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ جي اختلافن سبب، ڪامياب ٿي نه سگھي.
    پير ميان علڻ سائين ٽي شاديون ڪيون هيون: پهرين شادي شڪارپور جي سيدن مان ڪيل هئي، جنهن مان علي اڪبر شاهه، ڏنل شاه، بچل شاهه ۽ يار محمد شاهه پيدا ٿيا؛ ٻي کوکرن جي سيد بقادار شاهه ميرڻ پوٽي جي نياڻيءَ سان ڪيل هيس، جنهن مان وڏو فرزند شاهه ڏنو شاه ۽ امام علي شاهه پيدا ٿيا؛ ٽين شادي، سالاري جي سيدن مان ڪئي هئائين، جنهن مان غلام شاه ٿيو. سندس ننڍو ڀاءُ جڙيل شاهه عرف گھوٽ سائين اڃان تائين زنده آهي، جنهن کي اولاد نه آهي. پير علڻ سائينءَ 18مئي 1933ع مطابق 14 محرم 1352هه تي وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو وڏو فرزند ميان شاهه ڏنو شاهه گادي نشين ٿيو آهي.
    ميان شاهه ڏنو 1894ع ۾ ڄائو هو. خدا کيس وڏي حياتي ڏئي. محبتي، روزي نماز جو پابند، طبع جو حليم آهي . ان کي ٽي فرزند آهن، جن مان وڏي جو نالو ميان غلام شبير شاه عرف الهه بخش شاه آهي. ميان شاه ڏني شاهه کي ”شاهن سائين“ به ڪري سڏيندا آهن. ان ٻه شاديون ڪيون آهن، هڪ بيچانجي جي پٺاڻن وٽان، جنهن مان ميان غلام شبير شاهه آهي. ۽ ٻي شادي ميرزا غلام حسين حيدرآباد واري وٽان ڪيل اٿس، جنهن مان 1. الطاف حسين شاهه، ۽ 2. غلام مهدي شاه آهن.

    6. خانبهادر عظيم خان عنايت علي خان دراني پٺاڻ (هالا پراڻه)
    خانبهادر عظيم خان جو والد، عنايت علي خان دراني پٺاڻن مان هو. سندس ڏاڏي جو نالو به عظيم خان هو. ميان عنايت علي خان پوليس ۾ نوڪريءَ خاطر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن هو ماتليءَ ضلعي حيدرآباد، ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو. ان وقت هالن جو قاضي ميان عبدالواحد اتي مختيارڪار هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو ٿي ويو. انهيءَ رستي ڪري هن پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ قاضي عبدالواحد کي ڏنو. انهيءَ لحاظ ڪري پوءِ هن جي رهائش به هالن پراڻن ۾ ٿي. ميان عظيم خان 1882ع ۾ هوسڙيءَ منجھه ڄائو. هي ساڍن چئن ورهين جو هو ته سگھوئي 1886ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن جي ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن جي پرورش پوءِ قاضي عبدالواحد جي هٿ هيٺ ٿي.
    ميان عظيم خان سنڌي پڙهي، انگريزي پڙهڻ ويٺو. مئٽرڪ تائين پڙهي، ريوينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ 1 آڪٽوبر 1900ع تي گھڙيو. پهرين نوابشاهه ضلعي ۾ شايد ڪلارڪ هو، پوِ آهستي آهستي چڙهي 1914ع ۾ مختيار ڪار ٿيو. ان کان پوءِ کيس بمبئي ۾ 1917ع ۾ ڪوآپريٽو ٽريننگ لاءِ گھرايو ويو، جتي ٽريننگ ڏيڻ کان پوءِ 1918ع ۾ کيس ڪو آپريٽو سوسائٽين جو اسسٽنٽ رجسٽرار ڪري سنڌ ۾ رکيو ويو. 1921ع ۾ سٺي ڪم ڪار ڪري سرڪار طرفان کيس خانصاحبيءَ جو لقب مليو. 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان پوءِ کيس سوسائٽين جو ڊيپوٽي رجسٽرار ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو 22 جنوري 1921ع کان 31 مئي 1930ع تائين رهيو. پوءِ 1934 ع ۾ وري ريوينيو کاتي ۾ ميرپورخاص جو ڪليڪٽر ڪري کيس رکيو ويو. ان کان پوءِ هو مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ٿي رهيو. ڪجھه وقت سرڪار طرفان بمبئي ڪائونسل تي نامزد ميمبر به ٿي رهيو. نيٺ 1937ع ۾ پينشن تي لٿو. پر سرڪار کيس وري ڳوٺ سڌار هلچل جي پروپيگنڊا لاءِ 1938ع ۾ عملدار ڪري مقرر ڪيو، جنهن ڪم جي سلسلي ۾ هي سڪرنڊ تعلقي ۾ شورا ڳوٺ (کنياريون) ۾ گشت ڪندي دل جي بيهڻ ڪري 19 ڊسمبر 1938 تي وفات ڪري ويو.
    خانبهادر عظيم خان زونئرن مان شادي ڪئي هئي، جتي سندس ٻه ڀينرون به شادي ڪري ڏنل هيون. کيس هڪ فرزند عنايت علي خان نالي هو، جو 1 ڊسمبر 1921ع تي، لاولد وفات ڪري ويو.
    قاضي ميان عبدالواحد کي خانبهادر جي همشيره مان هڪ فرزند قاضي محمد افضل هو، جنهن کي خانبهادر عظيم خان نياڻي پرڻائي هئي، ان مان کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. هن وقت سندس ملڪيت جا اهي وارث آهن.
    سنڌ جي اڪثر مصيبتن جا ڪارڻ پير، زميندار ۽ جاگيردار ۽ ڪاموري ڪلاس جا ماڻهو رهيا آهن. پيرن مان اڪثر بداخلاق، خود مطلب، غريبن جو رت چوسڻ واريون ڄرون ٿي ڪم ڪن ٿا. زميندار طبقو زياده تر بزدل، خود مطلب، ظالم ۽ هر حاڪم جو موچڙي ڪٽ غلام ٿي رهيو آهي. سنڌي ڪامورن جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. هو اڪثر رشوتي، طاقت جا سلامي، خود غرض، ملڪ ۽ عوام جا دشمن ۽ وڏا طوطي چشم پئي رهيا آهن – ايتري قدر جو سنڌي ۾ هيءَ عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ”ڪامورو نه دوست، اوجھري نه گوشت“. پر ان صحرا ۾ ڪيئي ناياب ۽ قداور درخت پيدا ٿيا، جن نه صرف ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ آسائش جو ڪم ڏنو، پر رشوت کان پري، محبتي، اديب، صاحب اخلاق ۽ مهذب ٿي گذريا آهن. اڳئين وقت جي ڪامورن ديوان ڏيارام، ديوان ڪوڙومل، قادر داد خان، سردار محمد ابرهيم، سردار محمد يعقوب، ميرزا قليچ بيگ صاحب وغيره کي ڇڏي، تازي دور جي عملدارن تي اچبو، ته خانبهادر عظيم خان جو درجو منجھن وڏو ليکجڻ ۾ ايندو. هو رشوت کان پري عوام جو خادم، ڪو آپريٽو تحريڪ جو مشنري، ملڪ جو خير خواهه، مدبر، دوستي جو سچو، ڪم آزار، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ ملڪ جي اڪثر ڀلي جي ڪمن ۾ اندروني مدد ڪندڙ هو. موجوده دور جي اڪثر سياستدان سان هن جا دوستانا تعلقات هئا. ڪو ڪانگريسي هو يا مسلم ليگي، شهري هو يا ٻاهر وارو - هر هڪ جي واتان سندس تعريف ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. جڏهن به ڪاموري ڪلاس جي ڪافر ماجراين تي نظر پوندي آهي ته دل تي ايڏو غصو ايندو آهي، جو ڀانئجي ته انهن ڏي منهن کڻي نه نهارجي، پر خانبهادر جھڙا ماڻهو جڏهن ياد اچن ٿا ته اهو غصو گھڻو گھٽجي ويندو آهي.
    مون سان سندس واقفيت 1922ع ڌاري سن ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي غرض سان اچڻ وقت ٿي. جڏهن آءُ 1925ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيس ۽ ملڪ جي سياسي سماجي ۽ تعليمي ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳس، ته هن زور ڪري اچي مون سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا، ۽ اصرار ڪري، هن مون کي سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ (انهن ڏينهن ۾ سنڌ سينٽرل ڪوآپريٽو بئنڪ) جو ڊائريڪٽر چونڊايو، نه صرف ايترو، پر انهيءَ بئنڪ تي ٻيا ڊائريڪٽر به منهنجي صلاح سان چونڊايائين. ان سان گڏ ملير ڪوآپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد زمينداري بئنڪ ۽ ٻين اڪيچار ڪو آپريٽو ادارن ۽ جماعتن ۾ حصي وٺڻ لاءِ مون کي رضامند ڪيائين. اسان جي ايتري دوستي ٿي ويئي، ۽ هن جي اثر مون کي ايترو راغب ڪيو، جو ساڻس گڏ آءٌ به ڪو آپريٽو تحريڪ جو مکيه ڪارڪن ٿي پيس.
    سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ، مسلمان جي آدمشماريءَ کي پوري لکائڻ جي ڪوشش، مسلمانن جي انگريزي اخبار جاري ڪرڻ جي تجويز، ڳوٺ سڌار تحريڪ، سڀ ۾ خانبهادر جو مخفي هٿ ڪم ڪندو هو. سنڌ جي اڪثر ڪامورن ۽ زميندارن سان سٺا تعلقات هئڻ سبب، انهن جي ذريعي ماڻهن جا اڪيچار ڪم ڪرائيندو هو. مون لاءِ محبت ۽ عزت هوندي هيس ۽ مون کي به سندس لاءِ ساڳي محبت ۽ عزت هوندي هئي. هن جا سوين خط مون وٽ محفوظ آهن، جن مان پتو پئجي سگھندو ته هو ڪهڙيءَ طرح منهنجي همت افزائي ڪندڙ هو.
    اڄ خانبهادر نه آهي، نه سندس اولاد مان ڪو آهي. سواءِ سندس ڀاڻيجي منور حسين جي، جو 15 سالن عمر جو ڪاليج ۾ سائنس پڙهي رهيو آهي. ليڪن سندس نالو، ناموس ۽ دوستانا لاڳاپا قائم آهن. هو کنيارين وارن بزرگن جو، قاضين جي لاڳاپي ڪري، مريد هو. مخدوم صاحب هالا، ۽ سنڌ جي جملي مکيه خاندانن سان سندس گھرا تعلقات هئا.

    7. ميان عبداللطيف ولد ميان دين محمد ڀٽي (هالا پراڻه)
    هن جا وڏا اصل راجپوت گھراڻي جا، جيسلمير جا ويٺل هئا. هن خاندان جو وڏو شيخ مخدوم عبدالله صاحب حضرت غوث بهاءالدين ذڪريا ملتانيءَ جي نظر عنايت ڪري، مسلمان ٿيو، ۽ رياضتون ڪري، ولايت جي درجي تي پهچي، خلافت جو خرقو حاصل ڪري، سنڌ ۾ هالا جي نزديڪ ڳوٺ ڳاهوٺ (لڳ ڀاڻوٺ) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس مقبرو جھنگل ۾ آهي، جتي ماڻهو ماهه پهرينءَ خميس تي زيارت لاءِ ايندا آهن. ان تائين شجرو نسب ميان عبداللطيف جو هيٺينءَ طرح آهي: ميان عبداللطيف بن ميان دين محمد بن ميان محمود بن ميان عبدالعليم بن ميان نعمت لله بن ميان عبدالحميد دوم بن ميان فتح محمد بن ميان محمد ابراهيم بن ميان محمد عمر بن مخدوم عبدالحميد بن ميان احمد دوم بن ميان فتح الله بن مخدوم احمد اول بن ميان اسحاق بن ميان محمد عمر بن ميان محمد اسماعيل بن مخدوم شيخ عبدالله.
    مخدوم احمد اول پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد ۽ ٻئي سموري ڪٽنب سميت لڏي اچي هال ڪنڊيءَ ۾ ويٺو. ۽ 934 هه ۾ وفات ڪيائين. جڏهن هال ڪنڊيءَ کي دريا پائڻ لڳو ته سندس اولاد مان ميان نعمت الله اڳين بزرگن جا لاش لڏائي، مسجدن ۽ گھرن جو سامان کڻائي، 25 ربيع الثاني 1178هه ۾ اچي، موجوده جاين تي هالن پراڻن ۾ ويٺو، جتي سندن اولاد اڃان تائين رهندو اچي.
    چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان دين محمد کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ان ڪري شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمت جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. 1274هه ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو، ان ئي سال ميان دين محمد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح جي ذمي رهي، جنهن کيس پارسي ۽ عربي پڙهائي.
    ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. اڳين جي دستور موجب پساريءَ ڏي نسخو لکي ڏيندو هو. معاوضو نه وٺندو هو وٽس مريضن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا. دعا به ڪندو هو ۽ دوا به. نماز روزي جو پابند هو. سدائين ذڪر فڪر ۽ وضوءَ ۾ رهندو هو. هن 9 جمادالثاني بروز اربع 1337هه مطابق 8 مارچ 1919ع تي وفات ڪئي.
    هن ٽي شاديون ڪيون هيون. جن مان کيس چار فرزند ٿيا. سندس وڏي فرزند جو نالو ميان دين محمد هو، جنهن کي ٻه فرزند آهن: 1 ميان محمود ، ۽ 2 ميان عبداللطيف عرف نواز احمد. ٻئي گھر مان ميان عبداللطيف کي ميان محمد فرزند ٿيو ۽ ٽئين گھر مان ميان رحمت الله ۽ ميان لطف الله ٻه فرزند ٿيس.
    ميان محمد ابراهيم سندس سوٽاري سوٽ هو. ان کي ٻه فرزند ٿيا. 1. ميان محمد صالح، جواسڪولن جو ڊيپوٽي انسپيڪٽر ٿي رهيو ۽ ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا هئائين، جو ٿورا سال ٿيا ته وفات ڪري ويو آهي، ۽ 2. ميان نور محمد صاحب، جيڪو حيات آهي.
    ميان عبداللطيف جي وڏي فرزند، ميان دين محمد، 3جمادي الثاني 1340هه مطابق 1 فيبروري 1922ع تي وفات ڪئي.


    هالا جا مشاهير : مولانا دين محمد وفائي

    مولانا دين محمد وفائي
    هالا جا مشاهير


    مخدوم احمد هالائي
    احمد بن مخدوم اسحاق، بن مخدوم عمر، بن مخدوم اسماعيل، بن عبدالله نو مسلم، جنهن جو اصل نالو راجڪمار ارجن بن وريو هو. هو حضرت شيخ الاسلام بهاوالدين زڪريا ملتاني جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ سندس اولاد مان مخدوم اسحاق هالائي هڪ وڏو ولي ۽ فضائل جو مالڪ هو ۽ هن جون ڪرامتون ڳاڻاٽي کان گھڻيون آهن. هالن جا بزرگ ڀٽي انهيءَ بزرگ جي اولاد مان آهن. مخدوم احمد هميشه خاموش اڪيلائي ۾ گذاريندو هو ۽ سهروردي طريقي موجب ڪڏهن ڪڏهن سماع ۽ ذڪر جي جماعت ۾ شريڪ ٿيندو هو. سماع واري حالت ۾ هن تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي جنهن جو بيان نٿو ڪري سگھجي.
    ”تحفة الڪرام“ ۾ سندس هڪ ڪرامت جو بيان آهي ته : هن بزرگ کي هڪ رئيس اهل عيال سميت دعوت ڪئي. هوڏانهن هن جو پٽ ساڳئي ڏينهن گذاري ويو هو ۽ مخدوم صاحب جي ڪرامت سان جڏهن ڇوڪرو زنده ٿيو، تڏهن هن کاڌو کاڌو. چيو وڃي ٿو ته آخر ڄمار ۾ هو نيرون ڪوٽ ۾ آيل هو، جتي هڪ سوناري ڇوڪر سماع جي مجلس ۾ نهايت سوز گذار سان هڪ بيت پڙهيو، جنهنڪري مخدوم صاحب تي اهڙي حالت وارد ٿي جو سندس روح هن خاڪي پڃري مان پرواز ڪري هليو ويو ۽ سندس لاش کي هالا آندو ويو. چون ٿا ته، هن جي جنازي مان - لااِله اِلاالله جو ذڪر سموري راه ۾ آهستي آهستي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي.
    مخدوم احمد ظاهري علمن جو به وڏو عالم هو، جن جي تحصيل مخدوم عبدالرشيد هالائي وٽ ڪئي هئائين ۽ ڪجھ سير سلوڪ جون منزلون به وٽس طي ڪيون هئائين. سندس وفات سن 936 هه ۾ ٿي آهي.(1)
    هن بزرگ جي اولاد مان ميان محمد صالح ڀٽيءَ هالن مان هڪ قطعه تاريخ موڪليو آهي، اُن مان سنه وفات 934 هه (2) نڪري ٿو، ڪهڙي صحيح آهي، ان بابت چئي نٿو سگھجي.

    قطع تاريخ
    قدوه ارباب عرفان و يقين مقبل حق،منبع اهل کمال
    آن ولي ايزدي، ابن عمر شيخ احمد صاحب رشد و جلال
    برکشيده رخت هستي ناگهان خوش ز شوق وصل زين دار ملال
    داد حق اندر جوار شاهدين منزل و ماواش شد شاد از وصال
    خاص حق مي بودزان روح القدس خاص درگاه احمد _ خوش گفت سال
    1. ڏسو قديم ڇاپو صه 148 حديقته الاولياء ۾ مفصل ذڪر آيل آهي صه 87 تا 100
    2. حديقته الاولياء ۾ پڻ سال وفات 934 هه ڏنل آهي ڏسو صه 100 .

    مخدوم امين محمد ثاني هالائي
    ولد مخدوم محمد زمان ثالث. حضرت مخدوم نوح سخي سرور جي اولاد مان سندس درگاه جو سجاده نشين بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 19 رجب 1256 هه تي ٿي. هو صاحب سهروردي طريقه جو پير ۽ اميرانه زندگي جو مالڪ هو. پنهنجي همعصر جناب پير سيد رشيدالدين صاحب العلم الثالث (جھنڊي واري) سان خصوصي اعتقاد ۽ محبت هوندي هوس. هو وڏو سخي ۽ دريا دل مرد هو، سنڌي شاعري ۾ تمام ڪمال حاصل هوس يعني ته سنڌي شاعري جي سڀني اصنافن ۾ سندس ڪلام موجود آهي، ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل وغيره پنهنجا ڪيترائي يادگار ڇڏيا اٿس. هو توحيد جي مسئلي ۾ عام صوفين جي طرز جو تابع آهي. سندس موحدانه ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    بانگ الست ربي، چئي عشق جن تي آيو
    ميدان معرفت ۾ ڪوتل تني ڪڏايو
    ڏسي عشق جا اشارا، رهندا سي ڪيئن ويچارا
    نيڻن وهائي نارا، هي هي جو هل مچايو
    جف القلم ۾ جاني، ڪئي ڪل تي ڪامراني
    لاريب لن تراني، ارني ٿي ڪنهن الايو؟
    ڪربل ۾ خيمه کوڙي، ڪنڌ ڪات کان نه موڙي
    تيغ و تبر سان توڙي سر بر سنان سنڀاليو
    قالو! بليٰ ڪهاڻي، ساڳي صحيح سڃاڻي،
    انوقت کي جي ڄاڻي، تنهنجي روح ڪيڙو رايو
    لاشڪ لباس لاهي، ڪثرت ۾ پير پائي،
    احمد اچو سڏائي محمد امين ٿي آيو
    انسانيت جي گھڻين خوبين جو مالڪ هي بزرگ 47 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان المبارڪ 1303 هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو. سندس وفات تي ان وقت جي ڪيترن شاعرن قطعات تاريخ ۽ مراثي لکيا آهن، جن مان مختصر طور ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا.
    از مخدوم ابراهيم نقشبندي ٺٽوي
    دلا گريه را دام گير از رگ ابر که اينجا عزاي محمد امين است
    بياموز از رعد ترتيب فرياد که ماتم گه سالک رشدو دين است
    ز رمضان چوشش بود افزون عشرين برحلت غم افزاي روي زمين است
    شب ارببعا ليلة القدر خير بوصلش حبيبش شب اولين است
    حديث خواتيم عبرت آمد بخوش وضع درصف امام مبين است
    بگوزان بسالش بغير از دجيٰ دل شب قدر نزد محمد امين است
    1303 هه
    دريغا شب قدر در ماه رمضان عيان شد عزاي محمد امين
    خرد گفت تاريخ ترحيل او را بخلد است جاي محمد امين 1303 هه
    از عبداللطيف ٺٽوي
    ز ترحيل مخدوم جان جهان جهان شد گرفتار رنج و تعب
    ازان رو شب قدر گفتم بجان محمد امين گشته واصل برب
    1303هه
    از مفتي سعدالله هالائي
    شه ما ز دنيا چو تشريف برد بعقبي شده مسند نشين
    سرو بي سر دير گفت اين نويد: شهنشاه جنت محمد امين
    1303 هه
    از آخوند عبدالحميد سائق متعلوي
    محمد امين پير والا نسب سر سروران و ولي اله
    چو از شهر رمضان شب قدر بود نمود بخلد برين جلوه گاه
    پي سال وصلش به پير خرد چو در بحث شائق شده صبحگاه
    سروشي بگفتا: بلي! بود وي عجب وارث صدر صاحب کلام(1)
    1303 هه

    مولوي الحاج محمد هالائي
    سندن آباء و اجداد اصل بوبڪ ضلع دادو جا باشندا ۽ بوبڪائي آخوند سڏبا هئا. ڳچ وقت کان هجرت ڪري اچي هالن ۾ رهيا هئا. مولانا مرحوم جي ولادت هالن پراڻن ۾ تاريخ 27- رمضان المبارڪ شب قدر 1276 هه ٿي. ايام طفوليت ۾ ئي کين علم جي طلب جو شوق افراط سان پيدا ٿيو، تنهن ڪري پاڻ نون هالن ۾ عربي نصاب جا ابتدائي ڪتاب حضرت خليفه حافظ عبداللطيف صاحب رحمته الله عليه جن وٽ پڙهڻ شروع ڪيائون. کين شب خيزي جي عادت 8-9 سالن جي عمر کان وٺي هئي، تنهنڪري پاڻ رات جو هميشه گھڻي قدر علم جي ياد ڪرڻ تي محنت ڪندا هئا. هالن مان سڌا غربت ۽ مسڪيني جي حالت ۾ پاڻ ضلع دادو جي مدرسي ۾ مولانا مرحوم حسن الله صاحب پاٽائي وٽ تعليم وٺڻ لاءِ روانا ٿيا، جتي ٿورو وقت تعليم وٺي، جڏهن کين معلوم ٿيو ته هالن جي نزديڪ حيدرآباد سنڌ ۾ مولانا محمد حسن صاحب قبله ڪنڊي واري وڏو مدرسو کوليو ته، هڪدم اچي ان مدرسي ۾۾ داخل ٿيا. اتي ڪمال انهماڪ سان سمورا درسي ڪتاب پڙهي نصاب ختم ڪيائون ۽ سندن دستاربندي اتي باقاعدي ٿي چڪي. ان کان بعد پنهنجي شفيق استاد جي اجازت سان حيدرآباد جي نزديڪ ٽنڊي مير نور محمد خان ۾ جدا مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيندا رهيا. 2_3 سال اتي رهي وري سندن والد جي حڪم موجب کين پنهنجي وطن ۾ اچڻو پيو ۽ اتي به نهايت همت سان مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيڻ لڳا ۽ سنڌ جي مختلف اطرافن مان ڪيترا پرديسي مسافر طالب به سندن درس علم ۾ اچي داخل ٿيا. قضا سان سندن والد ماجد جلدئي وفات ڪئي ۽ ان وقت سڄي مٽنب ۾ فقط پاڻ ئي رهيا هئا.
    کين پنهنجي والد جي ملڪيت متروڪه ورثي طور ملي جا فروخت ڪري سڀ پئسا پاڻ سان کڻي حج جي ارادي سان ربيع الاول 1309 هه ۾ حجاز شريف روانا ٿيا. اتي پورو هڪ سال رهي حضرت مولانا عبدالحق صاحب بن شيخ شاهه محمد بن شيخ يار محمد مهاجر اله آبادي جي خدمت ۾ رهي، علم حديث جو مطالعو ڪيائون ۽ اوليات احاديث جا پڙهي کانئن حديث ۽ اصول حديث ۽ ٻين علمن جا اجازت حاصل ڪيائون. اهي اجازت ناما اڃا تائين سندن ڪتبخانه ۾ موجود آهن. باقي بچيل پئسن مان عربي ڪڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو مڪي مڪرمه مان خريد ڪري پاڻ سان کڻي اچي پنهنجي وطن ۾ پهتا. اتي دستور موجب وري به تعليم جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا.
    علم فقه سان سندن شغف حد کان زياده هوندو هو. سندن اها شهرت سنڌ جي اطرافن ۾ زياده کان زياده ٿي وئي هئي، تنهن ڪري روزانه وٽن مختلف اطرافن کان شرعي سوال ايندا هئا، ۽ پاڻ انهن جا جواب لکي سائلن کي موڪليندا هئا. اهو سلسلو تا دم حيات جاري رهيو ان وچ ۾ پاڻ هڪ وڏي:
    1) فتاويٰ محمدي : عربي ۽ فارسي ۾ ٻن ضخيم جلدن ۾ تيار ڪري ورتائون. ۽ هڪ فتاويٰ سنڌي زبان ۾ پنهنجي فرزند اڪبر جي نالي سان.
    2) فتاويٰ احمدي : نالي به گڏ ڪيائون.
    پاڻ ڏينهن جو جيڪڏهن مدرسي جي تعليم ۾ مشغول هوندا هئا ته رات جو تحرير نويسي ۽ مطالعه ڪتب جو شغل جاري هوندو هون.سندن سموري زندگي متو ڪلانه حالت ۾ گذري. پاڻ پهرين حضرت مولانا ميان ولي محمد صاحب ملاڪا تياريءَ کان بيعت ورتي هئائون. انهن جي وفات کان پوءِ وري دوباره حضرت خواجه حاجي عبدالرحمان صاحب مجددي فاروقي کان بيعت حاصل ڪيائون.
    سندن تصنيفات ۾ مٿين فتاوائن کان سواءِ ڪتاب:
    3) شرح احاديث، ۽
    4) مسائل اربعين سنڌي، به ڪار آمد آهن. ٻيا ننڍا رسالا ته گھڻا سندن تصنيف ٿيل آهن جن مان ڪن جا نالا هي آهن:
    5) حقوق الزوجين،
    6) المسائل الخمسته في دفع توهمات الشيعته،
    7) تمام العنايته ترجمه بدايته الهدايته،
    8) حلالترڪيب منطق،
    9) دووايو عربي و سنڌي،
    10) ڪشف الجان سنڌي،
    11) خلاصته الاصول عربي،
    12) عشرين مسائل فارسي وغيره وغيره .
    ۽
    1) مرحوم خليفو مولوي جان محمد بدينوي ،
    2) مرحوم مولوي عبدالرحمان صاحب سمه قرنائي ،
    3) هالن نون جا موجوده مولوي صاحب ،
    4) مولوي قاضي ميان معين الدين صاحب ،
    5) خليفو مولوي حاجي محمد صاحب ۽ سندن 2 فرزند ،
    6) مولوي ميان احمد صاحب ،
    7) مولوي ميان عبدالله صاحب ،
    سندن فيض مان مستفيض ٿيل آهن جن کي پاڻ من اوله الي آخره نصاب عربي پڙهائي پنهنجي هٿن مبارڪن سان دستاربندي ڪرائي هئائون.
    سندن همعصر علمائن ۾ بر گزيده بزرگ حضرت مرحوم مولانا شاه اسدالله صاحب ٽکڙائي ۽ مرحوم مولانا مولوي حاجي حافظ لعل محمد صاحب متعلوي ۽ مرحوم مغفور خليفو مولوي حاجي عبداللطيف صاحب حيدرآبادي کين وقت بوقت فقه جي تحريرن ۽ بحث مباحثن ۾ داد ڏيندا هئا.
    سندن مدرسو هن وقت به بحمده تعاليٰ سندن ٻن فرزندن هر هڪ مولانا مولوي احمد صاحب ۽ مولانا مولوي عبدالله صاحب جي اهتمام ۽ انتظام هيٺ بخوبي هلي رهيو آهي. سندن ڪتبخاني ۾ قريبن 600 جلد هر هڪ فن ۾ مختلف مصنفن جا موجود آهن.
    آخر ڪار بحڪم ( کل نفس ذائقة الموت) ماه ذوالقعده 1335 ه جي آخري هفتي ۾ فالج جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيا، سندن اها بيماري چئن مهينن تائين هلي ۽ پاڻ مورخه 4- ماه ربيع الاخر 1336 هه روز جمعه سحور جي وقت هن دار بي بقا مان انتقال فرمايائون. اِنا لله و اِنا اليہ راجعون.
    سندن وفات تي، وقت جي علمائن ۽ شاعرن چند قطات تاريخ تصنيف ڪري موڪليا هئا جن مان هت فقط هڪڙو قطعو تاريخ مولفه حضرت علامه سيد اسد الله صاحب ٽکڙائي عليہ الرحمة جو (جو سندن مزار تي به منقوش آهي) لکيو وڃي ٿو :
    تاريخ وفات حسرت آيات حضرت قبله مولانا الحاج محمد طالب الله ثراه وجعل الجنته مثواه
    از رشحه قلم مرحوم مولانا الحاج شاه اسد الله صاحب ٽکڙائي المتخلص به فدا
    جناب مولوي حاجي محمد محمدث مظهر
    مه برج مکارم مطلع الانوار علامه
    بعلم و حلم شرع و ورع تفري اوحد و اکمل
    قيام دين محب ايزد غفار علامه
    فضا.ل را ازو تحسين، فواضل را ازو تمکين
    نجي الله سي سرور ابرار علامه
    بمقولات بي بدل، بمنقرلات بي متا
    بکشف معضلات علم گوهر بار علامه
    درينقحط الرجال آمد و جودش مغعنم از بس
    دريغا رفت از ما احسن الاطوار علامه
    شنيده چون فدائي، ار جمعي! عالم غيبي
    شده واصل بحق ، رحلت گزين، زين دار علامه
    بفضل ايزدي بادا بهين صدر نشين جنت
    به ديدار خداوندي بود سرشار علامه
    بچارم مه رببيع الاخر و شب جمعه ، داخل شد
    به جنت خلد تجري تحتها الانهار علامه
    چو استفار رفت از بهر سال وصل آن اقدس
    فدا احقر رقم زد _ مخزن الاسرار علامه(1)
    1336 هه

    حضرت مخدوم نوح هالائي
    صاحب ڪرامات و فتوح حضرت مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت الله ولد مخدوم اسحاق ولد مخدوم شهاب الدين ولد مخدوم فخر الدين سهروردي صديق هالائي.
    هالا شهر ۾ هي ئي بزرگ (فخرالدين) سڀ کان پهريان اچي مقيم ٿيو، جتي قوم هالا ۽ لاکا مان شادي ڪيائون ۽ اتي ئي آل اولاد سان حياتي گذارڻ لڳو. اصل خانداني طرح پيري مريديءَ جو سلسلو به جاري ٿيل هو ۽ مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد سڳوري جا به ڪيترائي معتقد ۽ مريد هئا ۽ هن فرزند ارجمند جي ولادت با سعادت جون پيشنگويون به ڪيترن درويشن جي واتان ٻڌي چڪو هو، خصوصاً مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي ۽ ٻين ولين جون بشارتون مشهور ٿيل هيون.
    مخدوم نوح صاحب جو تولد سنه 911 هجري ۾ ٿيو. ستن ڏينهن جا مس ٿيا ته ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ صاف زبان سان ڪلمو شهادت پڙهيائون، جنهن کي سَوَنِ ماڻهن ٻڌو! چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ مخدوم عربي ديانه جي مدرسي ۾ قرآن شريف پڙهڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن نديءَ تي غسل ڪري ڦرهي ميساري رهيو هو، ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾ حضرت سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم ۽ سيدنا حضرت علي رضه جي زيارت جو شرف حاصل ٿيس ۽ انهيءَ ڦرهي تي حضور صلعم جن ڪجھه سٽون لکي ڏنس ۽ سبق ڏنائونس، جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي پيا ۽ انهيءَ ڏينهن لا اله الا الله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين. انهيءَ ڏينهن حضرت سيدنا ابو بڪر صديق ظاهر فرمايو ته هي منهنجي اولاد مان آهي. ساڳيءَ طرح پيغمبر خدا صلعم به فرمايو ته اسانجي اولاد مان به آهي. (دليل الذاڪرين).
    حضرت مخدوم نوح جي زندگي عشق ۽ محبت الاهي جي استغراق ۾ گذرندي هئي. اگرچه ظاهري علم جي لحاظ کان فقط قرآن شريف پڙهيل هئا، مگر هر هڪ سوال جو جواب جدا جدا اهڙي علمي نموني ۾ ڏيندا هئا، جو وڏا وڏا علماءَ حيران رهجي ويندا هئا.
    هڪ دفعي ٺٽي ۾ اچي وارد ٿيا، جتي ڪيترا علماءَ ۽ طلباءَ سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيا. پاڻ هڪ آيت جون ايتريون معنائون فرمايائون، جو سڀ حيران رهجي ويا.
    ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي عالمن ۽ طالب العلمن جي وڏي جماعت حضرت مخدوم صاحب کان قرآن جي ڏکين آيتن جي معنيٰ سمجھڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آئي ته فقط هنن جي اچڻ کان پوءِ حضرت مخدوم صاحب فرمايو ته عالمن کي گھرجي ته علم جو بيان ڪن ته ٻين کي فائدو رسي. ان کان پوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا. 36 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻي تفسير ۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻي ۾ هن ريت آهي. ان کان پوءِ حقيقت ۽ طريقت جون معنائون بيان فرمايائون، جن مان عالمن ڪي سمجھيون ڪي نه سمجھيون. آخر عالمن ۽ شاگردن عرض ڪيو ته اسانجي حق ۾ دعا گھرو. پاڻ فرمايائون ته آئون الحمد پڙهان ٿو. اوهان آمين چوندا وڃو. جڏهن الحمد پڙهي پورو ڪيائون ته اهي حاضر مجلس آمين چوندڙ ولايت جي درجي کي وڃي رسيا. آخر ۾ مخدوم صاحب فرمايو ته ڪي اهڙا فقير به آهن جو سموري ڄمار سورت الحمدالله جي معنيٰ ڪندا رهن ته به پوري ڪانه پوي.
    وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي مشهور ظالم سندن خدمت ۾ ٻه دفعا ٺٽي ۾ حاضر ٿيو ۽ مرزا جاني به سندن زماني ۾ گاديءَ تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا پاينده طبع جو ديوانو هو جنهن ڪري هو گادي تي نه وهاريو ويو هو، پر سندس پٽ مرزا جاني گاديءَ تي ويٺو.
    دليل الذاڪرين ۾ نقل آهي ته مرزا پاينده خان کي حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماريءَ کان شفا نصيب ٿئي، مگر پاڻ ڪو توجه ڪونه ڏنائون، ڇاڪاڻ جو انهيءَ شخص مخدوم لعل شهباز جي گنبذ ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي، جنهن ڪري هن جي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي.
    مخدوم صاحب شريعت جا ايڏا پابند هئا، جو ڪڏهن به نماز جماعت کانسواءِ ادا نه ڪندا هئا. هڪ دفعي عشا جي نماز جماعت سان گسي وين ته شهر کان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ غيبي جماعت اچي جمع ٿي. جنهن کي امامت ڪري نماز پڙهايائون، پر جماعت کي هٿان نه ڇڏيائون.
    بهاؤالدين دلقپوش (گودڙيي) کان نقل آهي ته هڪ دفعي مخدوم صاحب ٺٽي جي جامع فرخ ۾ تشريف فرما ٿيا. جمعه نماز کان پوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهن منهنجي معرفت سندن هٿ چميا، جن مان هر هڪ پنهنجي درجي آهر معرفت ۽ ولايت کي پهتو، جن مان حضرت صابر سومرو، شيخ تاجن، شيخ حبيب رحه ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي وارو مشهور آهن، جن کي ڪشف ڪرامت سان پوري سنڌ سڃاڻي ٿي. انهن وٽان هزارين ماڻهو معرفت جو رستو سکي پنهنجي ڪماليت کي رسيا آهن.
    سنڌ جي بادشاه مرزا محمد باقي تي مغل بادشاه اڪبر، ڏاڍو ڏمريل هو، سو مرزا جي گرفتار ڪرائڻ لاءِ لشڪر چاڙهي سنڌ تي موڪليائين. اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل ۽ غارت ڪندي، اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو حضرت مخدوم صاحب وٽ فريادي آيا، پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عاقبت بخير ڪندو. آخر اها فوج هالن جي ويجھي اچي پهتي، جنهنڪري شهر ۾ ڏاڍو ڏهڪاءُ ۽ شور پيدا ٿيو. حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سمورو احوال اچي پيش ڪيائون. پاڻ ٿوري مٽيءَ چپٽي گھرائي پنهنجي تريءَ تي رکي، هيٺين دعا پڙهي فوج ڏانهن دم ڪيائون، جنهنڪري اها فوج انهيءَ وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽ اهڙي ڀاڄڙ پين، جو وڃي هندستان ۾ دم کنيائون.
    دعا هي آهي:-
    ، اللٰهم لڪ الحمدُ و لڪ المجد ولڪ الشُڪر واليڪ المتڪاء وانت المُستعان و بڪ المستغاث والتڪلان و منڪ الفرحُ ولا حول ولا قوة الا بالله العليٰ العظيم وصلي الله علي خير خلقہ محمد و آلہٖ واصحٰبہ اجمعين.
    بادشاه لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گھريو ته هنن چيو ته هالن لڳ طوفان ۽ دهشت طاري ٿي، جنهنڪري جانيون بچائي اچي گھران نڪتا آهيون. ڪنهن درويش، شاهي درٻار ۾ عرض ڪيو ته اهو ڪنهن وليءَ جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي، باقي ٻيو ڪو به سبب معلوم نه ٿو ٿئي.
    ان کان پوءِ اڪبر بادشاهه دوباره فوج عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪلي ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضري جو به حڪم ڪيو، مگر عبدالرحيم خان خانان جي هالن ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مخدوم صاحب وفات ڪري ويو ۽ سندس فرزند مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ نياز حاصل ڪيائين ۽ شاهي سوکڙيون به پيش ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي تي ڪاهي ويو. ان وچ ۾ مرزا محمد باقي مري چڪو هو ۽ سندس فرزند مرزا جاني گادي تي هو، جنهن کان پوءِ اڪبر سنڌ فتح ڪري ورتي.
    حضرت مخدوم نوح جي ڪشف ڪرامات ۽ ڪمالات تي ڪيترائي سندس همعصر ۽ بزرگن ۽ پوءِ وارن جا ڪتاب لکيل آهن جتي تفصيل سان بيان ٿيل آهي. هت مختصر طور دليل الذاڪرين ۽ ارشاد الطالبين مان ڪجھه نقل ڪيو ويو آهي. ازانسواءِ، مخدوم صاحب جي سوانح بابت شيخ بهاءَ الدين دلقپوش جو رسالو ۽ ميان فتح محمد قريشي جو رسالو ۽ ڪيترا جدا جدا ڪتاب لکيل آهن. پوئين وقت ۾ سفينة النوح از مخدوم پير غلام حيدر صاحب هالائي ۽ راحت القلب والروح تذڪره مخدوم نوح، جامع اوراق، دين محمد وفاقي جا ڪتاب به انهيءَ باب ۾ ڏاڍا ناياب آهن.
    مخدوم صاحب سهرورديه طريقي جو امام ۽ اويسي طريقي جو اولياءُ هو. ڪلمه لا اله الا الله جي توحيدي تلقين ڏيندو رهيو. سندس وقت ۾ ئي سوين ڪامل خليفا ۽ فيض جا صاحب سنڌ ۾ خدا شناسي جو رستو ڏيکاريندا رهيا، جن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڪيو ويندو.
    مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون هيون، جن مان ٻارهن فرزند ۽ ڪجھه نياڻيون پيدا ٿيون، فرزندن جا نالا هي آهن:
    ميان امين محمد، ميان حامد، ميان نور محمد، ميان احمد، (اهي چار ئي ترڪ قوم يعني باجار قبيلي جي بي بي مان هئا) پنجون ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون، ميان يوسف، فرزند ميان آدم (اهي ٻئي گھر مان هئا) ميان ميران محمد و ميان ابراهيم ملقب بادهم ثاني ۽ ميان جلال الدين ٽئين گھر مان هئا. چوٿين بي بي سهتا قوم مان هئي جنهن مان ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.
    ارشاد الطالبين ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ ڪماليت جا مالڪ سڀ کان وڏا مرشد ٻه بزرگ گذريا آهن: پهريون مخدوم بلال، ٻيو مخدوم نوح ۽ وڌيڪ لکي ٿو ته مخدوم نوح جو پنهنجي وقت ۾ سڀ کان سرس درجو هو.
    ايڏي وڏي ڪماليت ۽ بزرگي واري انسان ڪامل 87 سالن جي ڄمار ۾ سواءِ ڪنهن بيماريءَ جي هن دنيا فاني مان صبح جي وقت لاڏاڻو ڪري هميشه واريءَ حويلي ۾ منتقل ٿي ويو. اهو واقعو خميس ڏينهن 27 ذوالقعد 998هه ٿي گذريو. مخدوم صاحب جي قضيه بابت ملا قاسم جي هيءَ نظم پڙهڻ جي لائق آهي:
    غرق درياء شهادت محو مطلق بس بدان
    پاک از آلاءِ قساوت نوح مخدوم انس وجان
    بو يزيد و بو سعيد و بشرحافي و جنيد
    در مراتب در مناقب کم زپس ايشان مدان
    طالبان او که از احصاء و حصر آمد فزون
    چون ستاره هر يکي زايشان مناره در جھان
    جوق و جوق طالب او چون ملک درهفت چرخ
    صف صف اندر صبح و شام از جان و دل الله خوان
    هان ولايت ختم شد بر افتخار اهل فخر
    چون نبوت ختم شد بر مفخر آخر زمان
    آمدي گر بردر او مرد جاني غافلي
    ذاکري زنده دل گشتي زفيضش آن زمان
    بود آنگه نهصد و هم يازده بوده فزون
    سال تاريخ ولادت آن ولايت کيش دان
    مدتي عمر گرامي آن گرامي مايه را
    جمله هشتاده هفت سال بود اندر جھان
    سال فوت آن غوث حق پر سيد شد چون از خرد
    از سر حسرت فغان برداشت آنگه گفت هان
    آن سنه نهصد و هشتاد هزده وقت صبح
    بيست هفتم در شب پنجشنبئه ذي قعد دان
    (مختصرا از دليل الذاکرين)
    (ص ص 1 کان 7)

    درويش عمر هالائي
    حضرت مخدوم نوح جي فيض پاتل خليفن مان هڪ بزرگ آهي. جنهن سموري ڄمار رياضت ۽ مجادهن ۽ نفس ڪشي ۾ گذاري، هڪ رليءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مالي اسباب وٽس جمع نه ٿيو. مخدوم صاحب جي مريد ٿيڻ کانپوءِ، ڪڏهن به بيهودو گفتگو يا اجايو ڪلام پنهنجي زبان تي نه آندائين، هميشه ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ بيٺو رهندو هو. ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ٻن ٻن لقمن تي روزو کوليندو هو. هنجي ويهڻ يا سمهڻ جي لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪانه هوندي هئي، جتي به کيس ننڊ کڻي ويندي هئي، ته اتي سمهي پوندو هو. هي درويش رحمت الله عليه ڏهين صدي جي عارفن مان آهي. ( ص 22)

    درويش عثمان عصار هالائي
    فقير عثمان چاڪي (عصار) حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي وڏن صحابين يا ساٿين مان آهي. هو هميشه رات ڏينهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ بيٺو هوندو هو. جيڪو به نئون ماڻهو حضرت مخدوم صاحب جي بارگاه ۾ خدا طلبي لاءِ ايندو هو، ته هي درويش هن جي سڃاڻپ ۽ ڏيٺ ڪرائيندو هو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اهڙي فصيح زبان سان حقيقت پيش ڪندو هو، جو انهي نو وارد ارادتمند ڏانهن مخدوم صاحب جو توجه ڇڪجي ويندو هو ۽ هو بهره ور ٿيندو هو.
    عثمان فقير کي بدن تي ڍڪڻ لاءِ فقط هڪ ڊگھي چادر هوندي هئي جنهن جو اڌ ڳچيءَ ۾ ۽ اڌ هيٺ تي ڪندو هو.
    هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو سفيد ڪپڙو سوکڙي طور سندس خدمت ۾ پيش ڪيو، چيائينس ته چادر اٿم، پوءِ انهيءَ وڌيڪ کي ڇا ڪريان. هن عرض ڪيس ته مون کان قبول ڪريو، پوءِ کڻي ٻئي ڪنهن کي ڏي، فقير چيس ته اها ڏي وٺ به تون وڃي ڪر ۽ انهيءَ سودي جو نفعو وٺ، پر مون وٽان هڪدم کڻ، ڇو جو فقيرن کي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان ڪو واسطو ڪونه آهي.
    سندس ڍڪڻ واري چادر به جيڪڏهن ضرورت کان واڌو هوندي هئي ته انکي به ڪپي ڇڏيندو هو. ضرورت آهر ڪم آڻيندو هو. هن زندگيءَ ۾ نذرانو يا سوکڙي قبول نه ڪئي. (دليل الذاڪرين).
    يارهين صدي جي درويشن مان آهي. (ص ص 22-23)

    شيخ محمود فخري هالائي
    حافظ ولي شيخ محمود ولد صديق فخريه حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي عزيزن مان شيخ فخر الدين سهروردي جي اولاد مان هو. جنهنڪري هنکي فخريه ڪري سڏيندا هوا.
    سندس چوڻ آهي ته آئون ننڍڙو هوس، جو هڪ دفعي بيمار ٿي پيس. ان حالت ۾ حضرت مخدوم صاحب منهنجي مٿي کان اچي بيٺا، فرمايائون ته پنهنجا پير اتر جي بجاءِ ڏکڻ ڏانهن ڪري سمهه ته چڱو ڀلو ٿي پوين. ائين ڪيم ته صحت حاصل ٿي وئي ۽ مخدوم صاحب مونکي پنهنجي خلافت جو شرف بخشيو!
    فرمايائين ته ننڍي هوندي جڏهن ڳالهائڻ جھڙو ٿيس، تڏهن زبان ۾ لڪنت يعني هڪڙپائي هيم. منهنجي والده مونکي حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ وٺي وئي، عرض ڪيائين ته منهنجي ٻار کي زبان ۾ اٽڪ آهي، دعا ڪريوس. ان وقت مخدوم صاحب ماني ويٺي کاڌي، پاڻ چٻاڙيل گراهه منهنجي وات ۾ وجھي فرمايائون ته زبان جو چترو ۽ قرآن جو حافظ ۽ ولي، مرشد ۽ رياضت جو صاحب ٿيندو.
    شيخ محمود کي سندس والده ننڍي هوندي ٻه نيون چادرون وٺي ڏنيون، هن ڇا ڪيو جو اهي ٻئي فقيرن کي ڏئي پاڻ چتين لڳل چادر ڪري ڍڪيائين. جنهن تي سندس والده جھيڙو ڪيو ته ائين ڇو ڪئي. شيخ محمود کي ڏاڍو خيال ٿيو ته ماءُ جي ڇو بي فرماني ڪيم! رات جو سندس والده حضور صلي الله عليه وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو ته محمود جي چتين لڳل چادر تي هٿ ڦيري رهيا هوا. جڏهن سجاڳ ٿي ته چيائين ته آئنده محمود جي مرضي، اسانجي مرضي کان مقدم رکي ويندي ڇو ته هو درگاهه ۾ مقبول ٿيل آهي .
    درويش حمزه، جو وقت جو وڏو ڪامل هو. تنهن هڪ دفعي شيخ محمود کي چيو ته الله ذاتي نالو آهي، جنهن تي شيخ انڪار ڪندي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آخر اهو سوال هڪ وڏي عالم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن چيو ته شيخ محمود ٺيڪ چوي ٿو، پوءِ درويش حمزه الله جو اسم پاڪ جي حقيقت جو شرح گھريو، جنهن تي شيخ محمود فرمايو ته الله جو اسم غير مسمي آهي، هڪ نالو آهي فقط سڃاڻپ واسطي، نه هن لاءِ جزء آهي ۽ نه ڪل!
    درويش ربڏني اڍيجي جو چوڻ آهي ته مان به ڪيترا سال پهاڙن ۾ رهي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، آبادي جي شڪل به ڪانه ڏٺي هئم، فقط گاهه تي روزو کوليندو هوس. مگر شيخ محمود فخريه پورا ٻارهن سال ڪوهستان ۾ رهي، آبادي جو منهن به ڪونه ڏٺو هوائين ۽ فقط هڪ دفعي روزو کوليو هو.
    شيخ محمود جو بيان آهي ته آئون هڪ ڇوڪري تي عاشق هوس. پورا ٻارهن سال ننڊئي نيڻن ۾ ڪانه آئي، پر منهنجي انهيءَ حالت تي نه اهو ڇوڪرو واقف ٿيو ۽ نه وري ٻي ڪنهن کي پتو پيو! شريعت جو ايڏو پابند هو جو کانئس نقل آهي ته هڪ دفعي تپ جي بيماري سبب عشا جي نماز مڪروه وقت ۾ يعني اڌ رات کانپوءِ ادا ڪئي هئم، انکي ڪيترا سال گذري ويا آهن، مگر انجو غم اڄ تائين دل تان دور نٿو ٿئي، ته ڇو پوري مسنون وقت تي ادا نه ڪيم. (دليل الذاڪرين)
    هي بزرگ يارهين صدي جي عارفن مان آهي.

    مخدوم صوبو کيبرائي
    هي بزرگ مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي جي اولاد مان آهي ۽ حضرت مخدوم نوح هالائي جي مريدن مان آهي. هو ولي ڪامل، ڪشف و ڪرامت جو مالڪ هو. هو هميشه بلند آواز سان ذڪر ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن کيبر جي ڳوٺ جي ٻاهران ذڪر ڪري رهيو هو ته سندس وات مان ٿوري گڦ وڃي گاهه تي ڪري انهيءَ گاهه کي هڪ ڍڳي کاڌو ته هڪدم بي آرام ٿي رنڀون ڪرڻ لڳي. آخر ان کي ذبح ڪيائون. پوءِ جنهن ماڻهو به انهيءَ ڍڳي جو گوشت کاڌو، انجو قلب ذڪر سان جاري ٿي پيو. اٿندي ويهندي الله الله جو نالو سندن زبان تي هو، اها حقيقت حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت کي بيان ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائين ته جيڪو ماڻهو مخلص هوندو، تنهن ۾ ذڪر جو اثر رهندو، باقي ٻين تان لهي ويندو. آخر ٿيو به ائين، جو ڪيترن تان پوءِ اهو اثر زائل ٿي ويو. (ارشاد - دليل)

    عثمان متقي هالائي
    هي پرهيزگار ۽ نيڪوڪار بزرگ حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان آهي، جنهن سموري حياتي اتقاء ۽ پرهيز ۾ گذاري، مهينن جا مهينا روزي ۾ رهي، ياد الاهي ۾ مشغول هوندو هو.
    جواني جي زماني ۾ هو ڪنهن تمام خوبصورت عورت جي عشق واري دام ۾ ڦاسي ويو، مگر صبر ۾ رهيو. آخر انهيءَ عورت جو ڪنهن ٻئي جوان سان نڪاح ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ هيءُ فقير ڏاڍو پريشان ۽ حيران ٿي پيو. روئندو رڙندو هڪ درويش اهل الله جي خدمت ۾ پنهنجي سموري ماجرا اچي بيان ڪيائين. فقير صاحب سندس حال زار ڏسي فرمايس ته سنڌ ۾ جيترا به نازنين ۽ خوبصورت ڇوڪريون آهن، تنجي دل آئينده تنهنجي دام ڦاٿل هوندي. پر تون ڪنهن ڏانهن به ڪونه نهاريندين، انهيءَ لفظ جو اهو اثر نڪتو جو جٿي به خوبي ۽ حسن وارو انسان هوندو ته فقير عثمان متقي جي خدمت ۾ پرواني وانگر ڊوڙندو هليو ايندو هو.
    مگر هي صاحب الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهي، ڪنهن ڏانهن اک کڻي به ڪونه نهاريندو هو. بلڪ پاڻ ٻين کي ڌارين عورتن جي نظربازيءَ کان روڪيندو هو.
    هڪ ڏينهن فقيرن جي مجلس ۾ ڳالهه نڪتي ته درويش عثمان متقي ٻين کي ته نظربازي کان روڪي ٿو. پر سندس خدمت ۾ هيتريون زالون اچن ٿيون، انجو وٽس ڪهڙو جواب آهي.
    اتامرون الناس با البر وتنسون انفسڪم
    يعني ته ماڻهن کي ته نيڪي جو حڪم ڪريو ٿا، پر پنهنجي پاڻ کي وساريو ٿا. (قرآن)
    متقي صاحب جواب ۾ فرمايو ته خبردار متان اهو هوس به دل ۾ آندو اٿو. اها ڏاڍي ڏکي واٽ آهي. بڇڙي نفس سان جنگ جوٽڻي آهي، اتي سڀ ڪنهن سست راءِ جو ثابت رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي.
    انهيءَ اوڙاهه ۾ پاڻ کي اڇلائڻ کان بچائجو، ڇو ته اهو جھاد اڪبر آهي.
    رجعنا من الجھاد الاصغر الي الجھاد الاڪبر
    جو اشارو انهيءَ نفس جي جنگ ڏانهن آهي.
    نقل آهي ته املي نالي ڏاڍي حسين عورت هڪ رات هن متقي بزرگ جي خلوت ۾ پهتي. مگر فقير هن ڏانهن ڪو توجه نه ڪيو. محبوبه نازنين کيس ڏاڍي محبت ۽ شوق سان تڪيندي تڪيندي بي تاب ٿي ويئي، غلبه شهوت کان اگھاڙي ٿي، پاڻ کي فقير جي مٿان اڇلائڻ گھريائين ٿي ته فقير هڪل ڪري چيس ته املي خبردار! فقط انهن اکرن چوڻ سان املي مان انساني شهوت جو غلبو ته هليو ويو پر هو پرهيز گاري ۽ پارسائي جي دنيا ۾ پهچي ويئي. ان کانپوءِ املي جي اهڙي حالت اچي ٿي جو ننڊ رات ڏينهن سندس اکين مان اچاٽ ٿي ويئي. چون ٿا ته برابر ڇهه مهينا املي کي ننڊ ڪانه آئي ۽ نه وري بستري تي سمهي آرام ڪيائين.
    آخر املي ڪن فقيرن جي معرفت متقي صاحب کي منٿ ڪئي ۽ ڏاڍو رني ۽ زاري ڪيائين ۽ توبه ڪائين، جنهن کانپوءِ هڪ ڀتر کڻي املي کي ڏنائين ته هي اکين تي گھماءِ ته ننڊ اچي ويندي، هن ائين ڪيو ته ننڊ آرام جي ساڳي حالت مٿس طاري ٿيڻ لڳي. مگر چيائينس ته اهو پٿر ادب سان پاڻ وٽ رکج، جو ان تي حضرت رسول ڪريم جا قدم پهتل آهن.
    عثمان متقي کي هڪ مينهن هوندي هئي، جنهن جو اوه ۽ ٿڻ ۽ پنهنجا هٿ ۽ برتن بار بار ڌوئي، پوءِ پاڻ ڏهندو هو. پوءِ کير کي گھڻي وقت تائين ڪاڙهيندو هو. جيستائين کير ٺري، تيستائين نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. ته ايتري ۾ صبح ٿي ويندو هو، پوءِ نفس کي چوندو هو ته اڄ ته روزو رکون ٿا، کير سڀاڻي پيتو ويندو. اهڙي طرح وعدا ڪندي هفتا گذري ويندا هئس. مگر ان هوندي هن جو بدن تازو توانو بيٺو هوندو هو. ۽ بک جي ڪري ڪو به فتور يا ڏوٻر هن ۾ ڪانه آئي ٿي. (دليل الذاڪرين)
    عثمان متقي يارهين صدي جو عارف آهي ۽ هالن ۾ متقي قبيلي وارا شايد سندس اولاد مان آهن. والله اعلم با الصواب.

    مخدوم امين محمد اول هالائي
    حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جو فرزند ۽ سندس سجاده نشين بزرگ مخدوم امين محمد هڪ صاحب شريعت ۽ صاحب طريقت ۽ ڪرامت هو. سندس ولادت با سعادت 5 ربيع الاول سن 953 ۾ ٿي ۽ سندس والد بزرگ مخدوم صاحب جو ارشاد آهي ته مخدوم امين محمد جي ولادت وقت مونکي ڪيترن پيغمبرن جي ارواحن وٽان روحانيت جي ذريعي مبارڪباد جا تحفا حاصل ٿيا. هن ذڪر اذڪار ۽ سهروردي طريقي جون سموريون منزلون پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ طئي ڪيون. جڏهن سندس ڄمار 46 سالن کي پهتي، تڏهن پنهنجي والد جي جاءِ تي سجادگي جي مسند تي ويهي ذڪر جي تلقين ڏيڻ لڳو.
    هي بزرگ ظاهر ۾ شريعت جو ايڏو پابند هو جو ڪنهن حالت ۾ شريعت جي ظاهري حڪمن جي برخلاف ڪو نه ويندو هو.
    مخدوم صاحب جي حياتي ۾ مهمانن جي خدمت ۽ نگر جو سمورو ڪم سندس سنڀال ۾ هوندو هو. هڪ دفعي ذوالحج جي عيد ڏينهن ڪو بزرگ مهمان ٿي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو هو. هن بزرگ غسل ڪرڻ لاءِ واهه جي ڪناري تي دير ڪئي. مخدوم صاحب ارشاد فرمايو ته نماز پڙهڻ ۾ جلدي نه ڪجو جو اڄ هڪ اهل الله جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ وارو آهي. جڏهن هو اچي، جماعت ۾ چپ چاپ داخل ٿيو، تڏهن ارشاد ٿيو ته هاڻي آيو آهي. نماز شروع ڪريو. عيد نماز کان پوءِ مخدوم صاحب پڇيو ته ماڻهو ڪيڏانهن ويا؟ عرض ڪيو ويو ته گھرن وارا پنهنجن گھرن ڏانهن ويا، باقي سمورن مسافرن ۽ ٻاهرين کي صاحبزاده امين محمد گھر وٺي ويو، جتي سڀني جي مهماني ڪئي اٿس. ان تي مخدوم صاحب 3 دفعا فرمايو ته الله تعاليٰ خير ڪريس ۽ برڪت ڏئيس!
    عبدالرحيم خان خانان، جڏهن مرزا جاني بيگ جي جنگ لاءِ سنڌ پهتو تڏهن کيس چيو ويو ته مخدوم نوح تازو وفات ڪري ويو آهي. جيڪڏهن تون سندس معذرت لاءِ اڳ ۾ پهچندين ته تنهنجي فتح آهي. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ آيو ته پوءِ هو ڪامياب ٿيندو. جنهن تي خان خانان تمام جلد هالن ۾ مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ پهچي عذر خواهي ۽ سنڌ جي فتح لاءِ دعا گھري ۽ دربار اڪبري جون تمام گھڻيون سوکڙيون پيش ڪيون ۽ سنڌ فتح کان ڪرڻ پوءِ اڪبر بادشاه پاران جاگيرن جي عطيه جون هڪ پروانو به پيش ڪيو.
    مخدوم امين شريعت جو تمام گھڻو پابند هو ۽ هميشه مريدن ۽ دوستن کي حلال کاڌي جو تاڪيد فرمائيندو هو.
    هڪ دفعي پنهنجي ڪنهن مريد کي شهر کان ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ روانو ڪندي تاڪيد ڪيائينس ته انهيءَ ڳوٺ ۾ جتي تون وڃي رهيو آهين، اتي چورن جون پاٿاريون آهن. تنهنڪري، انهن جي مهماني هر گز نه کائج ۽ نه انهن جو پاڻي پئج!
    اهو فقير برابر 12 ڏينهن، انهن ماڻهن جي ڳوٺ ۾ رهيو پيو هو. مگر ڪنهنجو به نه کاڌائين ۽ نه پيتائين، جڏهن ڪم پورو ٿيس. تڏهن واپس اچي هالن ۾ روزو کوليائين!
    هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو ڪم چيائون، مگر اهو ماڻهو پنهنجي گھر جي لڏ پلاڻ ۾ مشغول هو. ۽ مخدوم صاحب جي حڪم جي تعميل ۾ سستي ڪندي چيائين ته مان لڏ پلاڻ ۾ لڳو پيو آهيان، فراغت ئي ڪانه آهي. جنهن تي پاڻ فرمايائون ته اسانجو ڪم الله جي حوالي، باقي اهو ماڻهو سو هميشه لاءِ لڏ پلاڻ ۾ رهندو. پوءِ ڏٺو ويو ته ماڻهو هميشه دربدر هوندو هو ۽ ٿورا ڏينهن به ڪنهن گھر ۾ آرام ڪري نه ويهندو هو.
    نقل آهي ته هڪ بزرگ سندن خدمت ۾ آيو ۽ دل ۾ وهم گذريس ته اڄوڪي زماني ۾ ”غوث“ الائي ڪير هوندو. مخدوم صاحب فرمايو ته جنهن کي تون هٿ ڏئي رهيو آهين.
    (دليل الذاڪرين مسودات ڪتب خانه مخدوم غلام حيدر صاحب)
    حضرت مخدوم امين محمد 16 سال 2 مهينا سجاده نشيني تي رهي، 63 سالن جي مسنون ڄمار کي پهچي، جمعه ڏينهن ٻن پهرن جو ست شعبان المعظم سن 1015 وفات فرمائي. شرف الابرار مان سندس سال وفات حاصل ٿئي ٿو.

    مخدوم ابو محمد هالائي
    حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت هي بزرگ 9 محرم الحرام سن 980هه پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي حياتي ۾ تولد ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي جد امجد ۽ پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سجاده نشيني جا فرائض مٿس عائد ٿيا، جي بخوبي ادا ڪيائين. سندس هٿ تي ڪيترن بزرگن کي فيض ۽ ڪرامت حاصل ٿيو. جن مان شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي.
    مخدوم ابو محمد شريعت جو بيحد پابند هوندو هو. ڪشف جي ذريعي، ڪجھ به معلوم ٿئي، ان تي نه هلندو هو. هر حالت ۾ کيس شريعت جو لحاظ مقدم رهندو هو.
    روايت آهي ته درويش ٻڍو سهتو جو حضرت مخدوم معظم نوح عليه الرحمت جي مريدن مان هو، سو ٻهراڙي ۾ وڃي ماڻهن کان ڏڌ، کير مکڻ زوري ڦري ماري فقيرن کي کارائيندو هو. جنهن تي حضرت ابو محمد کيس منع ڪئي ته ائين ڪرڻ ٺيڪ نه آهي. فقير چيو ته هڪ ڏينهن حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڪچهري جو شرف نصيب ٿيو هوم. جتي مخدوم معظم به موجود هو. مخدوم صاحب حضور جن کي عرض ڪيو ته هي فقير زوري ڪجھه کاڌو حاصل ڪري فقيرن کي کارائي ٿو. جنهن تي نبين جي سردار پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي هٿ ۾ ڏئي فرمايو ته جو ڪجھه ماڻهن کان وٺي فقيرن کي کارائي ٿو، ان ۾ به انهن ماڻهن جي ڀلائي آهي.
    حضرت ابو محمد فرمايو ته درويش ٻڍا اگرچه ائين آهي، پر ان هوندي به توبهه ڪر. ڇو ته اسان کي ظاهر شريعت تي هلڻو آهي. جيڪي به تو ڏٺو، اها هڪ جدا شئي آهي. جنهن کانپوءِ ٻڍي سهتي توبهه ڪئي ۽ زوري وٺڻ ڇڏي ڏنائين.
    حضرت مخدوم ابو محمد 35 سال ٽي مهينا سجاده نشين رهي ستر سال، 9 مهينا، 29 ڏينهن جي ڄمار ۾ 8 ذي القعد سن 1050 هه ۾ وفات فرمائي.

    مخدوم ابراهيم هالائي
    مخدوم ابراهيم ولد حضرت مخدوم نوح ملقب به ادهم ثاني. هن بزرگ بابت تحفتة الڪرام ۾ لکي ٿو ته:
    ”ميان ابراهيم بزرگ زمانه و معتقد عليه طائفه عليه بوده“ يعني مخدوم معظم جي اولاد مان، ميان ابراهيم زماني جو وڏو ماڻهو ۽ سهرورديه نوحيه جماعت جو معتقد عليہ هو.
    هن بزرگ شروع زندگي جو وڏو حصو اعتڪاف ۽ چلن ۾ گذاريو. هڪ قبرستان ۾ جو آبادي کان تمام پري هو، برابر چار چلا ويٺو، جتي کائڻ پيئڻ جو ڪوبه سامان ڪونه هو. جنهن ڪري پوءِ 5 مهينا کاڌي پيتي جو محتاج نه ٿيو. روزو کولڻ وقت فقط پاڻي مان آڱر آلي ڪري زبان تي رکندو هو ۽ هڪ ٻه ترن جو داڻو کائي روزي کولڻ جي سنت ادا ڪندو هو. فرمائيندو هو ته کاڌي پيتي جي نفس کي ضرورت ڪانه رهي آهي. فقط سنت جي لحاظ ڪري روزو کولجي ٿو. انهن چئن چلن ۾ عالم ارواح ۽ ملائڪ وغيره وٽس حاضر ٿيا، مگر هنن ڏانهن ڪو به توجه نه ڪيائين. الله تعاليٰ جي ذڪر کانسواءِ، سندس زبان تي ڪجھ به جاري نه رهيو.
    هڪ دفعي پوئين چلي وقت، خوبصورت پري چهره عورتن جي هڪ وڏي ٽولي آئي. انهن کان پڇيائين ته اوهان ڪير آهيو؟ هنن جواب ۾ چيو ته اسان اهي زالون آهيون، جو پنهنجي مڙسن جي پوئتان ستي ٿي جيئري پاڻ کي باهه ۾ جلايو هيوسين. جڏهن ٻين جا ارواح اوهانجي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا ته اسانکي به اشتياق ٿيو ته اوهانجي زيارت جو شرف حاصل ڪريون، جو حاصل ڪيوسين.
    حضرت ابراهيم هميشه نماز جماعت سان ادا ڪندو هو. پوئين وقت ۾ هميشه مسجد ۾ اعتڪاف ڪندو هو ته جيئن با جماعت فوت نه ٿئي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جيڪو به ماڻهو چاليهه ڏينهن جماعت سان نماز ادا ڪندو ته منافقي کان پاڪ رهندو. انهي قول تي سندس عمل هوندو هو.
    سادگي ۽ بي نفسي هن حد تائين منجھن هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خادم جعفر نالي کي، ان جي ڀري ٻڌائڻ ۽ کڻڻ ۾ مدد ڪندا هوا ۽ فرمائيندو هو ته سموري ڄمار ۾ اهو ئي دنيا جو ڪم ڪيو اٿم.
    هڪ عيد جي موقعي تي گھر ۾ کاڌي لاءِ ڪجھه به ڪونه هو. جڏهن اهو پتو پيس تڏهن فرمايائين الحمدالله جو اها سنت به ادا ٿي، جو بعض وقتن حضرت رسالت پناهه جي گھر ۾ به عيد ڏينهن کاڌي لاءِ ڪجھه نه هوندو هو. (دليل الذاڪرين)
    مخدوم ابراهيم جي بزرگن ۾ ڪرامت جا ٻيا به ڪيترائي چشم ديد واقعا مٿئين رساله ۾ آيل آهن. مگر هت طوالت سبب ڇڏيا وڃن ٿا. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ اگرچه گادي نشين سندس وڏو ڀاءُ مخدوم امين محمد هو. مگر جماعت جو فيض حاصل ڪرڻ لاءِ هن برزگ ڏانهن رجوع رهندو هو. جيئن تحفةالڪرام ۾ لکيل آهي.
    سندس وفات يارهين صدي جي آخر ۾ ٿي آهي. رحمت الله عليه رحمة واسعة

    مخدوم جلال محمد هالائي
    حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة جي جليل القدر فرزندن مان هڪ بزرگ آهي، تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته:
    مخدوم جلال بايات بزرگي وسترگي محاسن کمال والا بي مهال زيستہ“
    يعني ته مخدوم جلال بزرگي ۽ ساراهيل نشانين ۽ بيشمار ڪماليت جي خوبين وارو هو. دليل الذاڪرين ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي، هڪ ماڻهو تي ٺٽي جي گورنر شاد خان ڳورو ڏنڊ وڌو، ويچارو ڏنڊ هلڪي ڪرائڻ جي لاءِ مخدوم جلال محمد کي حاڪم ڏانهن ميڙ وٺي ويو. مگر شاد خان مخدوم صاحب کي نه مڃيو. جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته هي ماڻهو، هن ملڪ جي حڪومت جو لائق نه آهي. تنهنڪري هن کي هتان بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابوالبقا امير خان) کي گھرايو وڃي ٿو ته ٺٽي جو اهو ئي حاڪم ٿي رهي. انهن لفظن کانپوءِ ڏٺو ويو ته ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿي آيو. وڌيڪ لکي ٿو ته:
    ”مخدوم جلال محمد مقبول الڪلام بودند هرچه برلسان شان جاري شد عز اجابت مي يافت“
    يعني ته سندس ڪلام درگاهه الاهي ۾ قبول هوندو هو. جيڪي به سندس زبان تي جاري ٿيندو هو، سو قبول پوندو هو.
    مطلب ته مخدوم صاحب جا 12 ئي پٽ شريعت جا پابند ۽ پرهيزگار هوا. جن جي قول يا فعل مان ڪوبه ڪڏهن غير شرعي فعل صادر نه ٿيو هو.
    (فائده) سيوهڻ جو رهاڪو ملاقاسم نالي جو ڪنڀار ڪو ڪم ڪندو هو تنهن پنهنجي سموري ڄمار هن ريت ٺاهي هئي، جو چار مهينا حرمين شريفين جي سفر ۾ لڳائيندو هو ۽ ان کانپوءِ موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳندو هو. انهيءَ آمدورفت ڪري هنکي اندر جي ڏاڍي صفائي حاصل ٿي هئي. هن جو چوڻ هو ته مونکي حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم کان حڪم ٿيل آهي ته مخدوم نوح جي اولاد جي خدمت سبب سعادت ۽ نيڪي حاصل ٿيڻ واري آهي. (دليل الذاڪرين)

    دوريش يحيٰ رائٽو هالائي
    حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي مريدن ۽ خليفن مان هڪ ڪامل برزگ آهي. هيمشہ رياضتن ۽ مجادهن ۾ گذاريندو هو. هو ان سان گڏ ظاهري ورد وظيفا به پڙهندو رهندو هو. جيئن ته حذب البحر، حرز يماني، حزب محبوبي، حذب جعفري ۽ سبعات عشر ۽ اوراد فتحي ۽ ٻيا وظيفا پڙهندو هو.
    هڪ دفعي شيخ محمود فخري سان ملاقات ڪندي ظاهر ڪيائين ته پنهنجي هر هڪ دم ۾ چار سئو دفعا الله جو نالو ذڪر ٿئي ٿو. مگر اهو ذڪر اڃا مون وٽ شمار ۾ آهي. ڇو ته ذڪر جا اهي درجا آهن جو.
    مالا عيد رئت ولا اذن سمعت
    نه اکين ڏٺا آهن ۽ نه ڪنن ٻڌا آهن.
    ڏٺو ويندو ته ساڳي وقت ۾ درويش جي زبان مان ذڪر جو آواز به ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هوڏانهن قرآن شريف به ويٺو پڙهندو هو.
    حضرت مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ هميشه سندس فرزند مخدوم ابراهيم ادهم جي خدمت ۾ رهندو آيو. جو ڪجھه به نذرانو ملندو هو. يا فتوحات ٿيندي هئي ته اهو سمورو فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ۽ پاڻ بکن تي گذاريندو هو ۽ سندس انهيءَ قلندرانه روش ڪري، سندس عيال به بکون پيو ڪڍندو هو. چون ٿا ته زر جواهرن جي هن وٽ ڪمي ڪانه هئي. مگر ان مان ڪجھه به خرچ ڪونه ڪندو هو. ڇو ته دنيا جي درويشن جي نظرن ۾ ڪابه عزت ڪانه ٿيندي آهي.
    جڏهن هن جي وفات جو ويلو آيو تڏهن ميان ڪامل محمد ولد مخدوم ابراهيم مٿانس ويو. هن لاءِ ته سڪرات جي وقت وٽانئس تصوف يا خدا شناسي جو ڪو نڪتو ٻڌي، مگر درويش يحيٰ چپ ئي نه کوليو. جڏهن سندس روح بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو، تڏهن سندس جنازه کي غسل ڪفن ڏياري رات جي وڳڙي ڪري هڪ ڪوٺي ۾ ڪري رکيائون. ميان ڪامل محمد انهيءَ ڪوٺي جا دروازا بند ڪرائي اندر وڃي ويٺو. جنهن کانپوءِ درويش يحيٰ جي روح کيس اچي چيو ته سڪرات جو وقت ڏاڍو اڻانگو ڏکيو هيو. جنهن ڪري اوهانکي ڪو جواب نه ڏيئي سگھيس ٿي، ته متان حق تعاليٰ جي ڪا حقيقت اهڙي ڪري بيان ٿي وڃي جنهن کي شريعت قبول نه ڪري. هاڻي جڏهن بدن جي لباس کان روح جدا ٿيو آهي ته اوهان سان روحاني گفتگو ڪري سگھان ٿو. ميان ڪامل محمد صبح تائين انهيءَ حجري ۾ ويٺو رهيو ۽ صبح جو درويش کي وڃي دفن ڪيائين.
    دليل الذاڪرين جو مؤلف لکي ٿو ته:
    ”اين نقل بلا وسطه از حضرت محمد ڪامل بسمع رسيد“
    يعني اها ڳالهه مون سڌي سنئين حضرت محمد ڪامل (مخدوم نوح جي پوئين) کان ٻڌي آهي.
    درويش يحيٰ يارهين صدي جي ولين مان آهي.

    حسن ٻانگو ڀاڻوٺي
    درويش حسن ٻانگو هڪ مشهور ڪرامتن جو مالڪ ۽ راهه سلوڪ جو سالڪ سيد حيدر سنائي جو خليفو ۽ مريد آهي. سيد حيدر جي وفات کانپوءِ مخدوم نوح سان به ارادتمندي رهندي آئي. دليل الذاڪرين ۾ آهي ته درويش حسن جي گھر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو جنهن جا ڏاڍا مٺا ٻير هوا. اتان ٻير کڻي مخدوم صاحب لاءِ آڻيندو هو ۽ ادب کان سندس فرزندن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب ان مان ڪجھه به نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته اوهان ٻيرن مان الائي ڇو نه ٿا کائو. حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اوهان ٻير ٻين جي نالي ڏيو ٿا، تنهن ڪري منهنجو حق نه ٿو رهي. جنهن کان پوءِ درويش حسن پنهنجي هٿن سان ٻير کڻي مخدوم صاحب کي پيش ڪيا، جتان پاڻ ڪجھه کاڌائون.
    هن جي عادت هوندي هئي جو روزانو هڪ ماني پچرائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽ هڪ سوا ٻڪري به وٽس بيٺي هوندي هئي. پوءِ جيڪو به مهمان وٽس هوندو هو پوِءِ کڻي هڪ سئو هجن، تڏهن به ان ماني مان ٽڪر ڀڄي ۽ کير جو چڪو ڏيندو ويندو هو، جنهن مان سمورا ڍاپي ويندا هوا. نقل آهي ته هڪ مسافر سندس خدمت ۾ آيو، جنهن جي احوال مان معلوم ٿيس ته هو مسافر قرآن مجيد جو حافظ آهي. درويش پڇيس ته ٽيهه سيپارا پوري طرح ياد اٿو. چيائين ته هائو سائين. چيائين ته قرآن پڙهندي تنهنجي دل ۾ عشق جي نشتر ڪانه ڇپي آهي. پوءِ حافظ تي توجه وڌائين، جنهن ڪري عشق الاهي جا مٿس دروازا کلي پيا ۽ وحدت جي دريا ۾ غرق ٿي ويو. مگر پوءِ ستت ئي سندس سيني واري پڃري مان روح جو پکي پرواز ڪري بهشت جي باغ ۾ وڃي پهتو. (ارشاد الطالبين)
    درويش حسن ٻانگو ڏهين صدي جي رجالن مان آهي. ڀاڻوٺ تعلقه هالا ۾ مشهور ڳوٺ آهي.

    آخوند اميد علي سانوڻي هالائي
    عالم فاضل، عامل شاعر نقشبندي طريقي جو صوفي آخوند اميد علي تخلص سها ولد حاجي عبدالله ملا سانوڻي، خواجه عبدالقيوم مجددي قندهاري جي مريدن مان هڪ ڪامل شخص ٿي گذريو آهي. گھڻو وقت حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ گذاريندو هو. هو سندس کلي دل سان خدمتون ڪندا رهندا هوا. علم جفر ۽ عمليات ۽ علم تڪثير ۽ اعداد جو وڏو ماهر هو. ۽ انهيءَ فن ۾ سندس دستخط هڪ رسالو به نظر مان گذريو آهي. جنهن ۾ مستحصله نقش ڀرڻ جون واٽون ڏيکاريل آهن. هو فارسي جو نهايت عمدو شاعر آهي ۽ تاريخي ماده ڪڍڻ جي فن ۾ هڪ بي مثل قابليت جو مالڪ هو.
    قصيده برده جو شرح فارسي نظم ۾ ٻن نمونن ۾ نهايت اعليٰ نموني ۾ ادا ڪيو اٿس. ان سان گڏ نثر ۾ به ان مان هيٺ ترجمه ڏنل آهي. ته جيئن وڌيڪ وضاحت سان قصيده جو مطلب دل نشين ٿئي. هڪ شعر جو نموني طور ترجمه هيٺ ڏجي ٿو.
    فمالعينيک ان قلت اڪففا همتا - ومالقلبڪ ان قلت استفق يهم .
    1. چيست اين چشمانت راگريند گر گوئي بمان
    ورهمي گوئي دلت را هوش کن گردديهم (پريشان)
    2. پس چيست چشم گريه کنان ترا اثر
    گر گويمش که گريه مکن گريد او بهتر
    باز اين دل تراچه ريد ست آفتي
    گويم بهوش شو شود هوش بيخبر
    سندس فارسي شعر جو نمونو هي آهي. حضرت عارف حاجي جن .........۾ مناجات ۾ فرمائي ٿو.
    خدا وندا دلم را زندگي ده
    بکار نيکوئي فرخندگي ده
    زبانم را بذکر خويش بکشا
    بکا مم شکر شکرانه بفرسا
    شب نا اميديم را صبح گردان
    بفيروزي چو خورشيد درزخشان
    گل پرمرده از باد خزاني
    بخندان از نسيم جاوداني
    پنهنجي محبوبه جي نالي تي هيٺين نظم لکي اٿس.
    بگوش هرکه رسد همچومن ملامت عشق
    زند به تعبيه نام حسن به نو بت عشق
    حقيقتي ست نهان در حقيقت صورت
    خوشا حقيقت حسن است درحقيقت عشق
    کبش چه لب که لب کوثر ولب حيوان است
    مگر ببوسه شوم خضر در طريقت عشق
    يقين که مفتئي عشاق مي دهد فتويٰ
    بخون من بستم کيش در شريعت عشق
    مرا بجا دوئي چشمانش رخنه درکار است
    بيک نگاه دلم را ربود غيرت عشق
    تبارک الله که دلبري پري پيکر
    نهاد در دل ويرانه ام وديعت عشق
    نوشت از سر هر بيت نام موزونش
    سها بشيفتگي نا مه وثيقت عشق
    هن فارسي جي خوشگو شاعر ۽ صوفي جو وصال 15 ربيع الاول سن 1298 ۾ ٿيو. سندس هڪ همعصر عزيز آخوند احمد هيٺين ريت قطعه تاريخ لکي آهي؛
    فرقت ياران عذاب داغ دهله بردل
    نيست کسي را گذار خواه نبي و ولي
    عابد و ساجد تمام - جاهد عقبيٰ مدام
    خاصه با خلاق حق باسم اميد علي
    بر دل او نَقش است شاهه قيوم الست
    بود زخيل ڪرام شيخ مجدد ولي
    بيک اجل چون رسيد گوش دل او شنيد
    فا دخلوا جنات عدن شارب جام ملي
    1298
    ماه ربيع لاولين پانز دهم يوم ثلث
    بود هزار دو صد و نود هشت تلي (1)
    سال وصالش بگوش گفت با احمد شروش
    عابد و حافظ (2) وائي اميد علي
    وهود خل بجنت السلام مان به سندس سال وفات ملي ٿو. (از مسودات آخوند احمد هالائي).
    1 مخفف تالي،2. اتي هڪ حرف ڇڏيل آهي.

    آخوند احمد سانوڻي هالائي
    عالم، فاضل، شاعر حافظ آخوند احمد قادريه طريقي جو فقير ۽ پير سيد علي گوهر بن پير صبغةالله بن سيد پير محمد راشد روضي ڌڻي جي مريدن مان هو. سموري زندگي تعليم ۽ تعليم ۽ شعر گوئي ۾ گذاريائين. حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ولد مير نصير خان وٽس تعليم حاصل ڪئي. ميرن جي ڪيترن صاحبزادن جي ڄمڻ جون تاريخون لکيون اٿس. ۽ ڪن جي وفات تي به قطعات آهن. هو تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن ۾ بلڪل يڪتا زمانه هو. سندس هعصرن مان آخوند اميد علي سها هالائي ۽ مولوي احمد ڀٽائي سان شعرن جو تبادلو ۽ تتبع ٿيندو رهيو آهي. عربي، فارسي، سنڌي ٽنهين زبانن ۾ ڪلام موزون ڪندو هو. وڏو عابد زاهد متقي هو. جنهن ڪري ڄمار به تمام وڏي حاصل ٿي هئس يعني ته هڪ سئو سال کان به وڏي ڄمار حاصل ڪري، پوءِ وصال ڪيائين ۽ پنهنجي همعصر دوست آخوند اميد علي جي وفات جو به پاڻ مرثيو لکيو اٿس. جو اميد علي جي تذڪره ۾ درج آهي. آخوند اميد علي نقشبندي طريقي جو صوفي هو. مگر ان هوندي به بهادر نالي پنهنجي شاگرد تي نظارو رهندو هوس.
    هڪ دفعي اميد علي بهادر جي شان ۾ هيٺئين رباعي ارشاد فرمائي.
    بهادر چه دري ست پاکيزه
    نباشد چنين گوهر در صدف
    نه هر جوهري قدر او را شناخت
    بهادر گران را مده با خزف
    آخوند احمد مرحوم انهيءَ قطعي جي جواب ۾ فرمايو ته:
    بهادر نه دري ست پاکيزه
    ز خرمهر ارزان برابر خزف
    چو شعراءِ تابع غوا گفته حق
    تو داناي هستي مفرما قذف
    انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان ٻنهي شاعرن جا ڊگھا سوال جواب هليا آهن. جن کي اختصار سبب هت ترڪ ڪيو وڃي ٿو.
    هڪ ڊگھو منظوم عربي خط مولوي احمد ڀٽائي کي لکيو اٿس. جنهن ۾ فرمائي ٿو.

    فيامن هو احرق قلبنا بنار هجرڪ
    فيجمع بيننا رب الخلائق
    هن عربي خط جي اخير ۾ عربي کان پهلو بدلائي فارسي ۾ خطاب ڪري ٿو.
    شوق زياد گشت بسوي وصال تو
    ليکن بد ست خويش ندارم زمام را
    چون اختيار نيست مرا در طريق وصل
    پس اختيار کردم اينک کلام را
    احمد صبور باس که ناگھه صبا رسد
    از بوءِ گل معطر سازم مشام را
    فارسي عربي ڪلام کان پوءِ سندس سنڌي ڪلام جو نمونو هڪ قطعه تاريخ ۾ معائنه ڪري سگھجي ٿو. جو سيد خان محمد شاه سنائي جي تعمير مسجد جي سال لاءِ لکيو اٿس. فرمائي ٿو.
    سيد خان محمد مسجد جوڙائي گھڻي هيج منجھاءِ
    شروع مهيني رجب ۾ پوري شب قدرا
    تاريخ انجي سال جي چئي ان پر هاتفا
    مسجد سڳوري، گھر خدا ڀلي جو آهي.
    آخوند صاحب ۾ علم، عبادت جي وصفن کان سواءِ خانداني عمليات ۽ علم جفر ۽ وظيفن ۽ مسخرات جو ڄاڻو به هو. مگر عمليات تي گھٽ ڪاربند هوندو هو. شعر شاعري ۽ ياد خدا ۾ مشغول رهندو هو ايڏي ڪماليت وارو بزرگ 1317هه ۾ وفات ڪري هالن ۾ دفن ٿيو. (بياض آخوند احمد هالائي)
    (31 آگسٽ 1947 بروز يکشنبه ڪراچي ، وفائي.)

    مفتي محمد رفيق هالائي
    هي بزرگ عالم فاضل، صاحب فتويٰ ٽالپرن جي زماني ۾ هالن ۾ ٿي گذريو آهي. درس تدريس سان گڏ، انهيءَ وقت فتويٰ نويسي جو معاملو به سندس حوالي هو. هو سڀني علومن جو ماهر ۽ فاضل عالم هو.
    هن بزرگ جي وفات پهرين جمادي الثاني سن 1182 ۾ ٿي گذري آهي. سندس معتقدن مان هڪ شاعر سندس تاريخ وفات هيٺئين ريت لکي آهي.
    وه چه انسان فاضل و فائق
    بود اندر لطافت او لائق
    عالم و عامل ديانتدار
    دائما با ڪتابيان مشفق
    در علوم چهارده دائي بود
    لطف طبعش بهر ڪسي لا حق
    علم فقہ و فرائض و تفسير
    از حديث و معاني و منطق
    هم ڪلام او اصول قرات و صرف
    نيز بود او بماظره مسبق
    قضيئه فوت شان ز هوشم برد
    طعن جگر ها نمود همچو شفق
    بر نماز جنازش مردم
    بود الف چهار از تحقق
    در شب اول، جمادي الثاني
    کرد مولاءِ ما رحيل بحق
    گفت هائف ز سال تاريخش
    بود ازان مرشدم هدايت حق
    1182 هه
    (از ڪتب خانه ملا سانوڻي هالائي)

    آخوند محمد قاسم سانوڻي هالائي
    آخوند محمد قاسم ولد آخوند محمود سانوڻي هالائي فارسي جو وڏو شاعر ۽ فاضل اديب ٿي گذريو آهي. هن سموري تعليم پنهنجو والد بزرگ وٽ حاصل ڪئي، جو نصر پور ۾ پيرن وٽ تعليم ڏيندو هو. ۽ سندس مقبرو به اتي نصرپور ۾ آهي. سندس وفات ٻارهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿيل ڀانئجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس دستخط هڪ ڪتاب ڏٺو ويو. جنهن تي 1172 لکيل آهي.
    آخوند محمد قاسم پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ ڪجھه وقت نصرپور ڇڏي ۽ آخر مير ڄام خان جي ٽنڊه ۾ تدريس جو شغل جاري رکيو. کائنس فارسي زبان جي تعليم وٺي ڪيترائي فائدو پرائي ويا. هن جي سفر ۾ هڪ ”ديوان قاسم“ جمع ٿيل آهي. نموني طور سندس ڪلام مان ڪجھه هيٺ ڏجي ٿو.
    رسيده در جھان بي سرو رفتار
    بسنت همچنين از دور دوار
    رخ خجلت ده گل اي گل اندام
    تو هم با عاشقان بنماءِ اظهار
    روان شو بادل افگاران بگلشن
    که گل هم گردد رويت دل افگار
    ربا تاج گلرو ده لاله را داغ
    ز حسن خود بهريک کن خبردار
    رود اندوه هجران از دل من
    به بستان چون شوم با تو قدح خوار
    رحيق کامراڻي نوش با دت
    بقاسم هم عطا کن قدح دوچار.
    ايضاله
    زود آءِ که در قالب ... آيد جان باز
    جان باز تو ام .. روح روان باز
    زود آء ز .......غم آئينه دل
    کز عکس خور رويت شود نور افشان باز
    زلفت چو سب تار رخت صبح منور
    روزم بشب اين .... مگر دور زمان باز
    زنجير کجا که اين دل آشفته دراين شب
    ديوانه شده شب از هوس زلف بتان باز
    زين گو نه قاسم بدر دير نشين است
    شايد که کند رحم بر او پير مغان باز
    ايضاله
    چهره اش خوب است رخسارش عليٰ هذا القياس
    خنده اش خوش است و گفتارشّ عليٰ هذا القياس
    شڪل او دلحواه و ناز جان فزايش زان قبيل
    صور قرن ........کردارش عليٰ هذا القياس
    جلوه اش جادوي اوصاف جمالش زين نمط
    قامتش نيکو است و رفتارش عليٰ هزا القياس
    ديده شوخش ستمگار و جفا کار است بس
    گيسوئي خمدار و طرارش عليٰ هذا القياس
    طبع قاسم دلکش و طرز بديعش دلنواز
    نظم او نغز است و اشعارش عليٰ هذا القياس.
    سندس ٻيو ڪلام به عليٰ هذا القياس ڏاڍو شيرين ۽ دل پسند آهي. مرحوم محمد قاسم جي وفات 13 صدي جي اوائل ۾ ٿيل آهي. اگرچه سندس مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگھي. (مسودات ڪتبخانه خاندان سانوڻي).

    آخوند نور محمد سانوڻي هالائي
    نور محمد بن آخوند الهه بخش بن عارف صوفي حاجي متين الدين سانوڻي هالائي. آخوند اميد علي هالائي جي دستخط هڪ ڪتاب تي لکيل ڏٺو ويو ته ملان سانوڻي عقيلي نسب جا هاشمي آهن. مگر سلسله نسب گھڻي ڳولا سان به هٿ ڪونه اچي سگھي ٿو.
    آخوند نور محمد علم تعويذات ۽ عمليات ۽ علم تڪثير جو وڏو ڄاڻو هو. فارسي زبان جو پڻ چـڱو شاعر هو. سندس مخمس ڪريما سعدي نظر مان گذري. جنهن مان هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.
    در ايام گلزار فصل بهار
    بهم مجلس مهوس گلعذار
    بوقت صبا خنده لاله زار
    مئي لالا در ساغر زرنگار
    بود روح پرور چو لعل نگار
    آخوند نور محمد 2 ذوالحج سن 1281 ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي جاوداني جھان ڏانهن روانو ٿي ويو. قطعه تاريخ وفات سندس عزيز همعصر آخوند احمد هيٺئين ريت لکي آهي.
    بسالکان هدايت طريق دين متين
    بود نصيب مدارج علا بلاشک و شين
    حرم ڪعبه فردوس را دخول و طواف
    کسي ندارد خبر حاجيان عين يقين
    زهي مهذب اخلاق، مودب علم
    باسم ان لہ ذمة بفضل مبين
    به بيت دوم ازماهه حج بود هجرت
    هزار دو صد هشتاد و هفت سنين
    گذاشت کثرت از سوق و حدت واحد
    بمرغ طائر باشد قفس عذاب مهين
    بگفت احمد تاريخ رحلتش از دل
    مقيم نور محمد بود بخلد امين
    1287هه
    (از مسودات آخوند احمد هالائي)

    آخوند عبدالصمد سانوڻي هالائي
    پخته گو شاعر ۽ عامل، رمل جعفر جو ماهر بزرگ ٿي گذريو. هو آخوند خليفه گل محمد هالائي جو عزيز ۽ همعصر هو. سندس دستخط هڪ ڪتاب نظر مان گذريو. جنهن تي 21 ربيع الاول سن 1224 لکيل هو. سندس فارسي ڪلام جو هيٺين نمونو آهي.
    زمانه جي شڪايت، دوستداري ۽ ناقدري جي باب ۾ فرمائي ٿو.
    نادار را عزيز نه باشد نه خويش کس
    نادار عيبدار بود بوء دار بس
    چون داشت درد بوديم درد حلقه عزيزان
    کس يار غار خواند کسي دوست دار بس
    دولت ازدست رفت زبون گشتم از چون مور
    بائمال خلاق گشتم در زير بار بس
    عبدالصمد خموش مکن ناله عبث
    خوش دار خويش بر قلم کردگار بس
    مرحوم آخوند عبدالصمد 22 محرم الحرام سن 1272 جي هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري جاءِ جاوداني کي وڃي هميشه لاءِ وسايو.

    حافظ نصرالله سانوڻي هالائي
    قاري عالم شاعر نصر الله بن حافظ بلال بن حافظ هارون سانوڻي. ”سانوڻي“ هن ڪري هن خاندان کي سڏيو ويندو آهي. جو علم درياء هنن وٽ سانوڻي جي موسم جيان ڇوليون هڻندو رهندو هو. چيو ويو ته هن خاندان جو سلسله نسب حضرت عقيل بن ابي طالب سان وڃي ملي ٿو. والله اعلم.
    آخوند حافظ نصرالله فارسي ۾ هڪ مناجات چئي آهي. جنهن جا چند شعر هيٺ ڏجن ٿا.
    ز شر نفس اماره نگا هم دار يا الله
    هوائي غير خود کلي زمن بردار يا الله
    کريما از کرم ما را بده توفيق بر طاعت
    مرا از لطف خود هر گز فرو مگزار يا الله
    مرا از درد بيماري بفضل خود نگھداري
    برحمت خويش کن ياري بدين بيمار يا الله
    دران تنگي وتاريکي که اندر لحد من باشد
    فراخي بخش روشن کن پراز انوار يا الله
    ز وسو سهاري شيطاني، دگر خطرات نفساني
    از ان هر يک تو مي داني منم بيزار يا الله
    شکسته دل همين نالد بدر گاهه تو نصر الله
    برو رحمت فراوان کن کرم بسيار يا الله
    سموري زندگي درس تدريس ڏيندي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اگرچه سندس وفات جي تاريخ مقرر طور معلوم نه آهي. مگر هو صاحب 13 صدي هجري رجالن مان آخوند گل محمد ”ديوان گل“ واري جي معاصرن مان آهي.

    خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي
    لطف الله بن حاجي حافظ نصر الله سانوڻي، هڪ عالم شاعر ۽ مدرس ۽ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس ڪلام سنڌي فارسي ۾ مدح ۽ مناجات ۽ مولودن جي صورت ۾ موجود آهي. هن صاحب جي شادي سنڌ جي مشهور شاعر خليفو حاجي گل محمد هالائي ”ديوان گل“ جي مصنف جي دختر نيڪ اختر سان ٿي هئي. هي سمورو خاندان پير صاحب صبغت الله پاڳاري جو مريد هو. جنهن ڪري هنن کي خليفو جي لقب سان به سڏيو ويندو آهي. آخوند لطف الله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هالن پراڻن جي بازار واري مسجد ۾ پنهنجي والد جي جاءِ تي درس تدرس ڏيندو رهيو. اها مسجد اڃا تائين سندس فرزند آخوند حبيب الله جي نالي سان مشهور آهي، جو 1353 ۾ وفات ڪري ويو آهي.
    آخوند لطف الله 13 صديءَ جي آخر ۾ وفات ڪئي ۽ هنن سٽن لکڻ وقت سندس شاگردن ۾ هڪ بزرگ اسي 80 سالن جو هالن پراڻن ۾ اڃا زنده موجود آهي.

    سنڌي ڪافي آخوند لطف الله
    هو وئيڙا ڪنهن ڏس ڏور عمر! ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪين ٿي
    جيڪس جھانگي جوءِ مان، لڏي ويڙا ڪنهن زور ضرور
    مدون موٽي آئيون مارو نه موٽيا مور
    ملڻ ڪارڻ مارن جي، رڙي ٿيس رنجور
    الاهي لاڳاپا لطف چئي، ماري ويا مهجور
    عمر ادا آئون ڏوٿي ڏسان ڪينڪي.
    ايضاً غزل
    محب ماڻا ڪريو تون مارين ٿو
    سور دل جا سدا سڌارين ٿو
    تون بڇين ٿو تير برهه جا تازا
    نيڻ کڻيو جڏهن نهارين ٿو
    قرب وارن قريب ڪوٺايو
    پرت جا جام پر پيارين ٿو
    عاشقن کي اها بشارت بس
    پيش پنهنجي پرين پوڪارين ٿو
    آهي حيران لطف هالائي
    نت نوان ناز جنهن ڏيکارين ٿو.
    ايضا مناجات فارسي
    غمي دارم دوايش از تو جويم تن بيمار طبعم را طبيبي
    پريشان دل فتادم از وطن دور، نظر فرما برين حال غريبي
    درين آوارگي بيچار گشتم به تنهائي توبا قربت قريبي
    ز لطف عام تو اميد دارم دعائي مستمندان را مجيبي
    قصيدو طويل آهي. چيو وڃي ٿو ته مدينه شريف ۾ حاضري واري موقعي تي روضه اطهر جي سامهون پڙهيو هوائين. والله اعلم. (ڪاغذات قلمي ڪتبخانه ملا سانوڻي هالائي)

    آخوند رحمت الله سانوڻي هالائي
    آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي چـڱو شاعر هو. ڪجھه فارسي ڪجھه سنڌي ڪلام سندس ڪتبخانه ۾ موجود آهي. هو فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت ۾ گھڙيو. ۽ ناري جيل (حيدرآباد) تي جيلر هو. ۽ اتان ريٽائرڊ ٿي اچي هالن ۾ ياد خدا ۾ مشغول رهيو. سندس فارسي ڪلام هيٺئين ريت آهي.
    از اسقام و علل رنجور گشتم، کريما بخش يک شرب شفائي
    علاج خويش را جز تو ندارم، دوائي درد من اخر نمائي
    درود مصطفيٰ اولاد و اصحاب، طفيل او اجابت کن دعائي
    فقير رحمت الله داغدار است، شهنشاها احب واسمع دعائي
    آخوند صاحب 15 جمادي الثاني 1304 هه جي هن دنيا فاني مان گذاري ويو. ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.

    مخدوم با يزيد هالائي
    مخدوم با يزيد بن مخدوم عربي ڌيانو هالائي. هن ظاهري ۽ باطني علم پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيو. هو سڌي رسته تي صداقت هميشه فائدي ڏيڻ ۾ مستقيم رهيو. ڪيترن طالبن کائونس فائدو پرايو. (تحفت الڪرام)
    سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ آيو هو ته واپس ٿيڻ وقت برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ سنڌي، مسيح الاولياءَ سان بيان ڪيائين ته صوبه ٺٽه جي فتح واري زماني ۾ آئون مخدوم با يزيد جي خانقاهه ۾ ويو هوس، اتي درويشن جي هڪ جماعت ڏٺم، جن جا هٿ ته ظاهري ڪم ڪار ۾ رڌل هوا، مگر هنن جون زبانون قرآن جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول هيون، سندن قلب نفساني خطرات جي دور ڪرڻ ۾ رڌل هوا، مان سندن سڳوري صحبت مان گھڻون ڪجھه فائدو پرايو ۽ اندر جو سوجھرو حاصل ڪيو. (تذڪره ابرار گلزار)
    مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ 998 کان 999 تائين هو، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، هن بزرگ جي وفات يارهين 11 صدي جي اوائل ۾ ٿي هوندي.

    مخدوم عبدالرؤف هالائي
    عبدالرئوف بن مخدوم عمر ڀٽي هالائي، سهروردي طريقي جو فقير ۽ سنڌي شاعر ۽ عالم درويش هو. سموري زندگي فقط عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي وقت جي مشائخن ۾ وڏي عزت وارو هو. هن جون ڪرامتون شمار قطار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو، سندس معتقد ۽ خدمتگذار هو. جنهن ڪري مخدوم صاحب جي اخراجات جو سمورو بار ميان صاحب تي هوندو هو. سن 1166هه ۾ هن دنيا فاني مان انتقال ڪيائين. ميان ابراهيم قاضي زاده هالائي سندس تاريخ ”ڪان ولياً رئوف الخلق“ جي فقري مان ڪڍي آهي. ( تحفت الڪرام)
    ميان عبدالرئوف جي کيتي تان ڍل نه وٺڻ جي باري ۾ هڪ خط ميان نور محمد (شاه قلي) جي مهر سان اڄ تائين سندس خاندان ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ميان صاحب مخدوم صاحب سان تمام رعايت سان پيش ايندو هو.
    مخدوم عبدالرئوف سنڌي زبان جو بهترين شاعر هو. فارسي علم عروض جي نموني تي سڀ کان پهريان هن صاحب ئي نظمون موزون ڪيون آهن، جي مولودن جي صورت ۾ عام طرح مولود خوان ماڻهو پڙهندا آهن. هن صاحب ٻه دفعا حج ڪيو ۽ پوئين حج جي سفر ۾ وفات ڪيائين.

    مخدوم عبدالحميد هالائي
    عبدالحميد ولد مخدوم فتح الله (متوفي 13 صفر 1124) ڀٽي خاندان جو عالم فاضل بزرگ هو ۽ مخدوم عبدالرئوف موصوف جو تربيت يافته هو. پنهنجن وڏن جي درويشانه زندگي جو بهترين نمونو هو. سندس وجود ذي جود پنهنجي زماني ۾ نج برڪت ۽ خاص غنيمت هو. مخدوم عبدالرئوف کان پوءِ اهوئي فيض ورشد جو مالڪ بڻيو ۽ خلق کي هدايت ڏيندو هو.
    حج جي فريضه ادا ڪرڻ کان فارغ ٿي جڏهن مدينه طيبه ۾ پهتو تڏهن اتي ئي وفات فرمايائين. (تحفت الڪرام)
    مقالات الشعراءِ ۾ آهي ته مخدوم محمد حيات سنڌي ۽ مخدوم محمد قاسم تتوي جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو. ٻي هڪ روايت آهي ته ازواج مطهرات جي قبه لڳ (جنت البقيع) ۾ کيس دفن ڪيو ويو. اهو واقعو 1171 ۾ ٿي گذريو. هيٺئين عربي فقري مان سندس تاريخ وفات نڪري ٿي.
    اد خل الله الجنت في جوار المحبين
    (از بياض مير صابر علي مرحوم ٺٽوي).

    شيخ طاهر اڏيرو لعل
    چيو وڃي ٿو ته هو شيخ بهاءالدين ذڪريا ملتاني جو مريد هو. اصل ۾ هو هندو ڇوڪر هو. هو گھور ڪري ڪجھ ڪمائيندو هو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو دل ۾ الله تعاليٰ جي محبت ۽ شوق جو جذبو پيدا ٿيس. الله تعاليٰ جي نالي سکڻ لاءِ شيخ بهاءُالدين جي خدمت ۾ وڃي پهتو، جڏهن شيخ جي نظر ڪيميا اثر سندس وجود تي پئي، تڏهن اتي جو اتي هن جي حالت ئي بدلجي وئي. مسجد جي منبر تي چڙهي خطبو پڙهيائين. ان کان پوءِ مرشد کان تلقين حاصل ڪري مريد ٿيو. ان کان پوءِ هو سنڌ ۾ اچي جھيجي جي ڳوٺ ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. (ارشادالطالبين)
    مير علي شير قانع لکي ٿو ته هن ولي جي ذات بابرڪات دنيا جي عجائبات مان آهي. هندو کيس لال اڏيرو سڏيندا آهن ته مسلمان وري شيخ طاهر.
    بهرحال معتبر ذريعه سان معلوم ٿيل آهي ته هو حقيقت جي شراب کان متوالو شروع ۾ هڪ بيابان ۾ گذاريندو هو. هڪ ڏينهن ماني ٽڪر هٿ ۾ جھلي کائڻ جو ارادو ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ اٺ گلي مان ڇڄي هن بزرگ جي ڀونگي تي اچي بيٺو، فقير اٺ ۾ مظهر الاهي پسي کيس چيو ته سائين منهنجا مون تي احسان ڪري جو اڄ منهجي ڀنگي ۾ آيا آهيو. اجھو جيڪي حاضر آهي، سو کائي احسان فرمايو. اٺ کي ائين چئي رهيو هو. ٽاهڙ ۽ ڀڳل سو ڪٿي ٿو قرار ڪري، سو وٺي ڀڳو. فقير به اٺ جي پوئتان ڊوڙندو رهيو. آخر انهيءَ ڊڪ ڊوڙ ۾ جتي کيس پهچڻو هو، اتي پهچي ويو! جنهن کان پوءِ سندس مشهوري جو غلغلو بلند ٿيڻ لڳو، وفات کان پوءِ ڀات ڀات جا ماڻهو سندس مقبري تي اچن ٿا.
    هر سال هڪ خاص ڏينهن تي هندو زالون سموري سنڌ مان اتي اچي گڏ ٿين ٿيون. ڪنهن پردي يا شرم کان سواءِ هو عجيب عجيب حرڪتون ڪنديون آهن. لال اڏيري جو نالو وٺي، جيڪڏهن ڪي ماڻهو انهن سان گڏجي نچندا آهن. هندو زالون پنهنجي مردن وغيره جو ڪوبه خيال ڪونه ڪنديون آهن. (تحفت الڪرام)
    شيخ بهاءَ الدين زڪريا جي مريد هجڻ واري حالت ۾ شيخ طاهر لال اڏيرو 7 صدي جي رجالن مان سمجھڻ گھرجي. اگرچه هن جي تاريخ وفات ميسر نه ٿي آهي.
    اڳ جنهن نموني هندو زالون نهايت بي پردگي سان لال اڏيري تي پٽ حاصل ڪرڻ لاءِ حرڪتون ڪنديون هيون. جنهن جو مير علي شير ذڪر ڪيو آهي. اڄ ڪلهه سڌريل زماني ۾ اهي رسمون تمام گھٽجي ويون آهن ۽ هندن ۾ ڪافي بيداري اچي چڪي آهي.
    ملا علي ٺٽوي شيخ طاهر اڏيري لال جي شان ۾ هڪ ننڍو قصيدو لکيو آهي، جو درگاهه تي هڪ پٿر مٿان اڪيرايو ويو هو. (مگر هن وقت اهو قصيدو ۽ پٿر ضايع ٿي ويا آهن) قصيده هي آهي.
    آن گوهر بهر وحدت حق
    پروانه نور شمع مطلق
    گنجور کنوز بادشاهي
    منظور عنايت الاهي
    مقبول مقربان درگاهه
    يعني که اڏيره بن رتن شاهه
    از فيض زيارتش همه غم
    واکرده ز جان جمله عالم
    (مقالات شعراءَ)
    هن نظم مان پڌرو آهي ته سندس والد جو نالو ”رتن شاه“ هو. والله اعلم با الصواب.

    شيخ نوح کيبرائي
    درويش نوح قوم جو هوٿياڻي سواءِ ڪنهن نام نمود جي خاموش وقت گذاريندو رهيو. سموري زندگي ٻڪرين چارڻ ۾ گذاريائين. هو وڏو عارف ولي ڪرامتن ۽ ڪشف جو مالڪ هو.
    نقل آهي ته هالن ۾ هميشه مخدوم نعمت الله مخدوم نوح جي والد بزرگ جي خدمت ۾ اچي ڪجھه نه ڪجھه نذر نياز ڏئي ويندو هو. جڏهن مخدوم نوح پنهنجي والده جي پيٽ ۾ سنجريو، تڏهن درويش نوح هوٿياڻي جو ڪجھه به هديو آڻيندو هو سو مخدوم نعمت الله جي خدمت ۾ پهچائڻ جي بجاءِ مخدوم نعمت الله جي حويلي ۾ پهچائي ڏيندو هو. مخدوم نوح جي ولادت کان پوءِ درويش مخدوم نعمت الله وٽ پهچي فرزند جي مبارڪ باد ڏئي ۽ مخدوم نوح جو ٻارڙو هو، ان کي ڏسي، سندس قدم بوسي ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ کيبري (جو هالن کان ٿوري مفاصلي تي آهي) واپس هليو ويو. ان کان پوءِ ستت ئي وفات ڪري ويو.
    ڄام جوڻو سمه جڏهن ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن هن پنهنجن ٻن عزيزن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام تماچي کي، دهلي جي بادشاهه کي چغلي ڪري اتي قيد ڪرايو هو. ٻئي دهلي ۾ (سلطان فيروز تغلق وٽ) ڪيترو ئي وقت قيدي هوا.
    آخر هو پنهنجي عقلمندي سان قيد مان ڇوٽڪارو لهي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن کيبرن جي ڳوٺ وٽان لانگھائو ٿيا ته هڪ درويش (نوح هوٿياڻي) کي عارفانه صورت ۾ بيٺو ڏٺائون. ٻئي ڄڻا سندس پيرن تي ڪري، بيحد نيازمندي سان پيش آيا. ۽ پنهنجي تڪليفن ۽ حڪومت کان برطرف ٿيڻ جو سمورو احوال پيش ڪيائيون. درويش کين دلجاءِ ڏيندي فرمايو ته ٻه چار ڏينهن ٿيا آهن، جو آئون پکين جي واتان ۽ وڻن جي پنن مان اهو آواز ٻڌي رهيو آهيان ته سنڌ ۾ ڄام تماچي جي حڪومت آهي ۽ ڄام جوڻي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. جڏهن اهي ٻئي ڀائر ٺٽي ۾ پهتا، تڏهن ڄام جوڻو ستت ئي وفات ڪري ويو ۽ سنڌ جي حڪومت ڄام تماچي جي حوالي ٿي. جنهن کان پوءِ ڄام سما هميشه شيخ نوح هوٿياڻي جا معتقد ٿي رهيا. شيخ جي وفات جو سن معلوم ناهي ۾ ٿي ۽ سندس مقبرو کيبرن ۾ مشهور معروف آهي.(ارشاد الطالبين و حديقة الاولياءَ).

    محمود مجذوب هالائي
    خواجه محمد زمان بزرگ لواري وارن جي خدمت ۾ ننڍپڻ کان رهندو آيو ۽ سندس صحبت ۾ مجذوب الحال ٿي رهيو ۽ سندس وفات کان پوءِ لواري مان لڏي اچي هالن ۾ مقيم ٿيو.
    هڪ دفعي خواجه صاحب پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ ويٺو هو ته کانئس پڇيائين ته هو محمود نالي هڪ ڇوڪرو اوهان جو مريد، جو اوهان وٽ رهندو هو، سو هاڻي ڪٿي آهي؟ خواجه صاحب فرمايس ته ان کي وري ڪونه ڏٺو آهي ڇا؟ عرض ڪيائين ته ڪيترو زمانو ٿيو آهي جو ان جو پتو ئي ڪونه ٿو ملي. خواجه صاحب پنهنجن مجلسن وارن ڏانهن منهن ڦيرائي فرمايو ته سڀاڻي بهشت ۾ هنن ماڻهن کي آندو ويندو. هالن ۾ رهڻ واري زماني ۾ ماڻهو ميوا ۽ کاڌي جا قسم کڻي اچي سندس واٽ وٺي بيهندا هئا ته من ڪنهن جي شيءِ مان ڪجهه کڻي کائي، پوءِ جڏهن به ڪنهن ماڻهو جي ڪا شيءِ کڻندو هو ته اهي ماڻهو سمجهندا هوا ته ان جي دل جي مراد پوري ٿيندي.
    جنهن سال فقير عبدالرحيم گروهڙي ميرن واري خداآباد ڏانهن ظاهري عالمن جي مناظري لاءِ وڃي رهيو ته ان سفر ۾ هالن مان حضرت مخدوم نوحؒ جي مقبري کان اچي لنگهيو. گهوڙي تي سواري هئس، مجاورن فقير کي منع ڪئي ته سوار ٿي نه لنگهو پر گهوڙي تان لهي پئو ته ايتري ۾ مجذوب محمود به اچي اتي پهتو. فقير صاحب مجذوب پير بائي کي ڏسي ادب کان گهوڙي تان لهڻ ٿيو ته رڪيب جو دوال ڇڄي پيو. فقير صاحب گوڏن ڀر زمين تي ڪِري پيو. مجاورن چيو ته اسان منع ڪئي سون پر نه مڃيائين، اها کيس سزا ملي آهي. فقير عبدالرحيم ته مجاورن جي گفتگو تي توجهه نه ڪيو، پر مجذوب فرمايو ته ائين نه آهي، پر عبدالرحيم گوڏا هڻي قبي کي ڊاٺو آهي. آزر ٿيو به ائين جو درياء جي پائيندڙ ۾ قبو ڊهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي جسم کي اتان کڻائي نون هالن ۾ آڻي دفن ڪيو ويو. 13صدي جي پهرين اڌ ۾ مجذوب هالن ۾ وفات ڪئي. (مرغوب)

    مولانا پير محمد هالائي
    هڪ وڏو عالم، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمانواز بزرگ هو. هالن ۾ ايندڙ درويش ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽ خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجه محمد ذڪي ولد خواجه محمد حنيف ولد خواجه عبدالاحد ولد خواجه امام محمد سعيد ولد خواجه شيخ احمد رباني مجدد الف ثاني حج جي ارادي سان ملتان مان ٿيندو، هالن اچي پهتو. هالن جي آب و هوا جي لطافت ڪري اُتي ڪجهه وقت رهي پيو، جتي مولانا پير محمد هالائي سندس خدمت ۾ ڪمر همت ٻڌي بيهي رهيو. خواجه صاحب جي خرچ لاءِ هڪ مودي وٽان اوڌر تي سيڌو وٺي انتظام ڪندا رهيا. جڏهن خواجه محمد زڪي هالن مان ٽٺي جي ارادي سان روانو ٿيڻ لڳو. تڏهن مولانا پير محمد دعا لاءِ استدعا ڪئي. خواجه صاحب فرمايو ڪهڙي دعا ڪريون. مولانا پير محمد عرض ڪيو ته مون کي اهڙي ڪشايش رزق نصيب ٿئي، جو سواءِ ڪنهن محتاجي سڀ ڪنهن مسافر کي ماني ڀور کارائيندو رهان. خواجه صاحب فرمايو، ٻيو به ڪجهه گهرجي؟ مولانا چيو، منهنجي ته فقط اها آرزو آهي، خواجه صاحب دعا ڪئي، پوءِ ته مولانا تي ايڏي فراخي ٿي، جنهن جي ڪا حد ڪانه آهي. آخر ڄمار ۾ مولانا پير محمد حج جو سفر ڪيو ۽ مڪہ مڪرمہ ۾ ئي وفات فرمائي ويو.
    اهو واقعو 12صدي جي وچ ڌاري جو آهي. خواجه محمد ذڪي جي وفات سن 1143هه ۾ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ مولانا پير محمد جي وفات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. (مرغوب)
    (ورتل تذڪره مشاهير سنڌ، جلد 3، ص ص 154-156)

    مخدوم ابراهيم ڀٽي هالائي
    صوفي مخدوم محمد ابراهيم تخلص مخدوم احمد ڀٽي جي اولاد مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي.
    سنڌي فارسي زبان جو عمدو شاعر ۽ پوئين وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر ٿي گذريو آهي. علم، فضل ۽ تصوف ۾ ڏاڍو ماهر ۽ وقت جو معتقد عليه بزرگ هو. نظم کان سواءِ سنڌي نثر نويس به هڪ ئي هو. اردو ۾ هڪ ”نشتر“ نالي ناول پنهنجي زبان ۾ واقعي جي صحت جي لحاظ کان عجيب شيءِ آهي، جنهن جو سنڌي ۾ مخدوم صاحب ترجمو ڪيو ۽ اُن وقت جي سنڌي دانن کيس کي داد ڏنو.
    مرحوم سيد اسدالله ٽکڙائي، قاضي هدايت متعلوي، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن سان طرحي مصرعن تي سندس شاعري يا مشاعرا، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
    افسوس جو هي بزگ 4- ربيع الاول 1331هه جي هن هلندڙ دنيا جي حياتي کان منهن موڙي، هميشه جي لاءِ آرام واري حياتي کي وڃي حاصل ڪيو. سندس معاصرين مان جن بزرگن وفات تي قطعات تاريخ لکيا آهن، تن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:

    علامه فدا ٽکڙائي
    جناب حضرت صوفي ابراهيم
    که برد سبقت در فضل و علم از همه اقران
    فصيح و فاضل و فائق فهيم در فر فن
    بحسن نظم نظامي و ثاني حسان
    شنيد چو از حق ارجعي اليٰ ربک
    گست از همه پيوست با خدائي يگان
    ببار بارش غفران رحمتش يا رب
    بحق سرور عالم شفيع انس و جان
    سن وصال مکرم نجيب حق مخدوم
    فدا نوشت به لوح مزار اور غفران
    1331هه
    ايضاله
    فدا سال ترحيل آن محترم
    رقم کرد ”مخدوم و الاتبار“
    1331هه
    شمس الدين بلبل مرحوم
    چهارم مه ربيع الاول از شوق
    همين سر الاهي گشت مکتوم
    حق وصل آن خليل حق هاتف
    بگفتا مقبره مخدوم مرحوم
    1331هه
    مرزا قليچ بيگ مرحوم
    اي دريغا محمد ابراهيم
    مرد مخدوم صوفي دوران
    بچهارم ربيع الاول رفت
    سوء جنت ز عالم گذران
    صحبتش بس که بود روح افزا
    خواستم سال فوتش از هاتف
    در جوابم ”بگفت او غفران“
    1331هه
    ايضاله
    فکر کردم براي سال وفات
    آمد آواز درد غم الم
    1331هه

    (ورتل ’تذڪره مشاهير سنڌ‘، جلد-3، ص ص 196- 198)


    هالا جا فارسي گو شاعر

    آءِ.ايڇ.سدارنگاڻي
    محمد حبيب سنائي

    هالا جا فارسي گو شاعر

    ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدا رنگاڻي صاحب جي ڪتاب Persion Poets of Sindh جو ٻيو ڇاپو 1987 ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو آهي. اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز تي مبني آهي، جيڪا هن بمبئي يونيورسٽي کي پيش ڪري، سال 1946ع ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي. هن ڪتاب ۾ هالا جي ٽن فارسي شاعرن جوخصوصي احوال ڏنل آهي. انهي احوال جو آزادانه ۽ اختصاري ترجمو پيش ڪجي ٿو.

    1. آخوند محمد قاسم
    آخوند محمد قاسم ولد محمود، هالاپراڻا (جنهن کي ان وقت هالاڪنڊي ڪوٺيو ٿي ويو) جو رهواسي هو. هو ارڙهين عيسوي صدي جي آخر ۽ اوڻهين صدي جي شروع ۾ شاعريءَ جي افق تي اڀريو. هو مير ڪرم علي خان ٽالپر جو همعصر هو. هن جي ديوان جي مسودي جي ڪاپي تي نائين شوال، 1240 هه / 1825ع سال لکيل آهي، جنهن مان اندازو ڪجي ٿو ته شاعر پنهنجي لکت ان تاريخ کان اڳ پوري ڪئي هوندي. هن جي زندگي جي باري ۾ وڌيڪ گھڻو معلوم نه آهي. هيٺيون احوال هن جي ديوان مان ڪوريل آهي.
    هو سني مسلڪ وارو هو، پر ساڳئي وقت هن وٽ پنج تن پاڪن واسطي اڻ ميو پيار پاٻوه هو.
    هيٺين شعر مان سندس فرزند محمود جي ڄمڻ جي سال 1222هه / 1808ع جي خبر پوي ٿي.
    تاريخٖ تولدش خرد گفت
    ”محمود زهي ببخت محمود!“
    شاعر کي محمد حيات نالي هڪ ٻيو پٽ به هو، جنهن لاءِ هن ڪجھ شعر لکيا آهن. هڪ ملاحظه ٿئي:
    به ”محمد حيات“ يا ربي
    دولتِ بيڪران ڪني ارزان!
    هن مخدوم نوح، جيڪو سال 1505ع ۾ ڄائو ۽ 1590ع ۾ وفات ٿيو، جي ساراه ۾ هيٺيان بيت چيا آهن:
    سرٖ سروران شاهٖ مخدوم نوح
    به از خلد درگاهٖ مخدوم نوح
    شههٖ روم و ايران و توران و هند
    بود هر يکي داهٖ مخدوم نوح
    ****
    نهد بر سر و چشمٖ خود هر ولي
    بصد آرزو پاي مخدوم نوح
    قمر وار روشن همه ملڪٖ سند
    ز خورشيد سيماي مخدوم نوح
    هن پنهن جي شاعري ۾ محي الدين عبدالقادر جيلاني کي پنهنجو مرشد ڪري ساراهيو آهي:
    شاهٖ ما غوثٖ اعظم و اڪبر
    هست محبوبٖ حضرت رحمان

    يا الهي بيمنٖ محي الدين
    ختم عاصي ڪني مع الايمان!
    ڪجھ شعرن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪنهن وقت بيحد غريب هو. چند مصرع ملاحظه ٿين:
    از قرض دارم دل غمين، هستم ز جرم اندوهگين
    بر حالٖ زار بنده بين، بشنو دعا فريادرس!
    برادرم از افتادگي، در فرح بخش استادگي
    از قرض ده آزادگي، اي متڪا فريادرس!
    هن پنهنجي جنم ڀومي هالاڪنڊي کي ٻن غزلن ۾ ڀرپور نموني ساراهيو آهي. چند شعر ڏجن ٿا
    يا رب شگفته بادا گلزار هاله ڪندي
    سر سبز سايه گستر اشجار هاله ڪندي!
    * * *
    شيرين و خوشگواره هست آبٖ هاله ڪندي
    يادم دهد ز ڪوثر ڪولابٖ هاله ڪندي!
    *
    يارب دعاي ”قاسم“ ڪن مستجاب هردم
    باشند خوش هميشه اصحابٖ هاله ڪندي!
    هو حافظ ۽ سعدي جي شاعري جو وڏو ساراهيندڙ هو. هن انهن جي ساراهه ۾ به شعر چيا آهن:
    بهرٖ خدا چشانم ساقي مي حقيقت
    گاهي ز جامٖ حافظ گاهي ز جامٖ سعدي1
    * * *
    ”قاسم“ تمام گيرد هر روز فيضٖ معني
    گاه از ڪلام حافظ گاه از ڪلامٖ سعدي!
    ڪن شعرن ۾ هن صاحب اهڙن عالمن ۽ استادن جي نندا ڪئي آهي، جيڪي پنهن جي شاگرد سان سچا نه هوندا آهن، کين پورو علم نه سيکاريندا آهن :
    قلبٖ استاد هر ڪهه رنجاند
    خانه خود خراب گرداند
    * * *
    ”ابن محمود“ خدمت استاد
    بسعادت قرين گرداند
    هيٺين مصرع ۾ شاعر پنهنجي محبوب جي چهري کي سج قراري ٿو، جنهن جي مدد سان هو ڏسڻ لائق ٿئي ٿو، ۽ محبوب جي چهري تي ويڙهيل پردي کي هڪ ڪڪر مثل ڀانئي ٿو، جيڪو سج کي لڪايو ويٺو آهي:
    برقع از رخ بڪشا چشم جهان روشن ڪن
    مهر درميغ، مها! چند نهان خواهد بود

    2. آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله قريشي
    (وفات 1298 هه بمطابق 1881ع)
    هي شاعر هالا پراڻا جي ملان سانوڻي قبيلي سان تعلق رکندو هو. جواني ۾ هو پائونڊ منشي ٿي رهيو، پوءِ هو تپيدار به ٿي رهيو. هو شاعري جو شوقين هو. هي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ انهن محفلن ۾ هو پنهنجي کليل ۽ ظريف شعرن سان رنگيني وجھندو هو. فارسي کان علاوه هو عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ به شاعري ڪندو هو. ان وقت جي رسالي مفرح القلوب ۾ مستقل سندس شعر ڇپبا هئا. تنهن ڪري کيس ملڪ جي مختلف جڳهين تان داد پيو ملندو هو.
    پنهنجي نوڪري مان ملندڙ پگهار کيس پورو نه پوندو هو، جيئين هن شعر ۾ لکيو اٿس:
    بسڪهه ڪم شعلم و ضرورت بيش
    زيرٖ ڪوهٖ حوائجم چون ڪاه
    ان ڪري هن پنهنجي علمي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي روزگار جا ٻيا ذريعا به ڳوليا. هو اڪثر مهاراجائن، مير ن۽ ٻين اميرن جي شان ۾ قصيدا لکندو هو، ۽ عيوض ۾ مالي مدد جو متقاضي هوندو هو. هن کي هزهائينيس مير علي مراد خان خيرپورواري طرفان ٻه سو روپيه ساليانو اجورو ملندو هو، جنهن لاءِ هن مفرح القلوب ۾ ان جو شڪريو بجا آندو هو. ان کان علاوه کيس حيدرآباد جي مير محمد حسن علي خان طرفان سٺ روپين جو انعام به مليو هو. ان جي شڪريه ادائي ۾ هيٺيون شعر لکيائين:
    وه ڪهه هر ماه پنج روپيه فقد
    مير صاحب مقررم فرمود
    بڙودا جي مهاراجا جي شان ۾ لکيل قصيدي جا ڪجھ بند هيٺ ڏجن ٿا:
    منڪهه بي برگ و نوايم چون درخت بي ثمر
    سر زدم بر بارگاهش بر اميدٖ برگ و بار
    * * *
    حلقه موجٖ تردد چون محيط آمد مرا
    ميخورم صد غوطه در درياي ناپيدا ڪنار

    3. سيد غلام محمد شاه گدا (وفات 1322هه / 1904ع)
    هن جي والد جو نالو سيد حسن علي شاه هو. هو هالا جي پسگردائي ۾ ڄائو هو. هن جا وڏا خراسان جا هئا، جتان هو قندار آيا ۽ پوءِ هو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هالا ۾ اچي ورسيا. هن صاحب هالا جي آخوند احمد ولد عبدالعليم ۽ حيدرآباد جي محمد روشن وٽ مذهبي، دنيوي ۽ فني تعليم ورتي. پويون صاحب مير صوبدار خان جو شاگرد هو ۽ ان جي وفات جي تاريخ گدا پنهنجي هن شعر ۾ ياد ڪئي آهي
    چو استاد ”روشن“ بجنت روان شد
    بگفت اي ”گدا“: ’آه شيرين سخن‘ رفت
    گدا جا مير حسين علي ٽالپر سان گهرا لاڳاپا هئا، جيڪو کيس سندس ادبي ڪوششن تي انعام به ڏيندو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته مذڪوره مير صاحب جي ڪلڪتي مان واپسي تي، جتي هو رياستي قيدي بنجي ويو هو، محمد حسين شيرازي (جنهن سان هو جلاوطني واري وقت ۾ شناسان ٿيو هو) وٽس ملاقات لاءِ آيو. هن ان ملاقات ۾ هيٺين شعري ڳجھارت کي سلي ڏيڻ جي گذارش ڪئي.
    در عدد چيزي ڪهه باشد پانصد و سهه در حساب
    خواهم از ميرٖ معظم داور مالڪ رڪاب
    *
    گر بتصحيفش درآري سبز باشد در رخش
    قلبٖ او مر مير را هر لحظه در زيرٖ رڪاب
    *
    پانصدٖ آن را سپارم بر عدوي ملڪ تو
    سهه مرا بفرست تا از عمر باشم ڪامياب
    *
    گدا صاحب به ان محفل ۾ موجود هو. هن جھٽ ۾ ئي ان جو جواب ”شراب“ ٻڌائي آقائي شيرازي کي حيران ۽ خوش ڪري وڌو. ان چار اکري لفظ جو عددي جوڙ 503 هو.
    سيد گدا نه صرف فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي، بلڪ هو سنڌي زبان جو به شاعر هو ۽ ان ۾ هن جو ديوان مرتب ٿيل آهي. سندس فارسي شاعري مفرح القلوب ۾ ڇپجندي هئي.
    نبي سڳورن جي شان ۾ ڪيل شاعري جا ڪجھ شعر ڏجن ٿا:
    يا رسول خدا عليڪ صلواة
    خاتمٖ انبيا عليڪ صلواة
    *
    بجنابٖ تو ملتجي هستند
    جمله شاه و گدا عليڪ صلواة
    *
    هن جي شاعري ۾ روحاني رمزن کان وٺي محبوب جي ادائن جو احوال آهي. معشوق جي منهن واري تر جو ذڪر ڪجھ هن طرح ڪيو اٿس:
    خال را بر رخ چو ديدم دل پريشان شد مرا
    ڪافري بر صدرٖ جنت پادشاهي ميڪند
    گدا هڪ شعر ۾ چهري ۽ تر کي هندو ۽ مسلم جي استعاري سان استعمال ڪيو آهي.
    ببين بڪعبه رويش تو خال هندو را
    ز اتفاق عجب اجتماعٖ ضدين است


    هالا جا اسلامي درسگاه ۽ عالم

    ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر

    هالا جا اسلامي درسگاه ۽ عالم

    [هي مواد ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جي پي ايڇ ڊي مقالي بعنوان سنڌ جا اسلامي درسگاه تان ورتو ويو آهي، جيڪو سنڌ ڪلاسڪس، صوبائي حڪره ڪميٽي ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران جون 1982 ۾ ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن فيڪلٽي ۾ پروفيسر رهيو آهي. ]

    هالڪنڊي (هالا)
    هالڪنڊي يا هاله ڪنڊي (هالا پراڻا) مدت کان سنڌ جو هڪ پرڳڻو شمار پئي رهيو آهي. هن وقت به تاريخي لحاظ کان خاصي شهرت رکي ٿو. هالا پراڻا ۽ ۽ هالا نوان هڪٻئي کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهن. هاڻوڪو هالا نوان اول مرتضيٰ آباد سڏجڻ لڳو پر بعد ۾ ان کي به هالا چيو ويو.
    مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ ڄام هالي جي ذڪر ۾ اچي ٿو ته هالا قوم جي وڏي ڄام هالار جو هاله ڪنڊي شهر ٻڌايل آهي.(1)
    ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن کان شڪست کائي گجرات ڀڄي ويو. مرزا شاهه ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي ٺٽي شهر ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله ڪنڊي (هالا) جي رستي 930هه ۾ سيوستان ويو.(2)
    هن وقت هالا (هاله ڪنڊي) حيدرآباد ضلعي(3) جو هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي برگزيده عالمن ۽ متبرڪ هستين کي جنم ڏنو. هتي ڪيترائي عالم ۽ فاضل، عارف ۽ زاهد، بزرگ ۽ اولياءَ الله ٿي گذريا. هي شهر نه فقط علم ادب، ديني تعليم و تربيت، اسلامي درسگاهن جو ڳڙهه تي رهيو آهي. پر خدا وارن جو آرامگاه پڻ آهي. هتي جي عالمن، فاضلن ۽ بزرگن ۽ سندن قائم ڪيل درسگاهن جو جيڪو احوال معلوم ٿيو آهي. ان جو هتي ذڪر ڪجي ٿو.
    مخدوم عربي ڌياڻي جو درسگاهه
    مخدوم عربي ڌياڻو پير آسات جو ڀاءُ وڏو عارف عالم ۽ ڪمال جو صاحب هو. سندس عبادتون ۽ رياضتون بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي ڪلام پاڪ جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. سندس خانقاهه ۾ قائم ڪيل درسگاهه مان ڪيترائي طالب علم ظاهري ۽ باطني علم سان فيضياب ٿيا. مخدوم نوح رحه به کانئس ئي علم پرايو. هن سنه 980 هه ۾ وفات ڪئي ۽ هالن ۾ مدفون آهي.
    مخدوم عربي ڌياڻي جو پٽ مخدوم بايزيد به وٽس ئي ديني علم پڙهيو. هي به پيءُ وانگر ظاهري توڙي باطني علوم جو صاحب هو. پنهنجي پيءَ کان پوءِ انهي مدرسي ۾ حق ۽ هدايت جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي فيض ڏيندو رهيو.
    مخدوم نوحؒ
    مخدوم نوح رحه بن نعمت الله صديقي، اسلام جي ڏهين صدي هجري جو تمام وڏو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي. سندس نسب هن ريت آهي: مخدوم نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سروري بن شيخ فخرالدين صغير بن عزالدين بن شيخ ابو بڪر ڪتابي (ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ) بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصير الدين بن شيخ سراج الدين بن ابو نجيب ضياءِ الدين عبدالقادر سهر وردي رحه (جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي).
    مخدوم نوح رحه پاڻ عالم، عالم عارف حافظ قرآن ۽ برگزيده هستي ٿي گذريو آهي. عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين تي دسترس حاصل هيس. قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو برصغير پاڪ وهند ۾ پهريون فارسي ترجمو آهي. قرآن شريف جي تعليم ۽ تلاوت مولانا مخدوم عربي ڌياڻي هالائي کان حاصل ڪيائين.
    مخدوم نوح رحه کي قرآن شريف جي حقيقت ۽ اسرارن تي وڏو درڪ حاصل هو. قرآن شريف سان گڏ ٻين علمن جو درس پڻ ڏيندو هو. بهاءِالدين دلقپوش سندس خاص دوستن ۽ مريدن مان هو. ان جي دستخط قرآن پاڪ جو فارسي ٻولي ۾ ترجمو هن وقت هالن ۾ موجود آهي.
    مخدوم نوح رحه، مرزا محمد باقي ترخان کان وٺي ويندي اڪبر اعظم جي سنڌ تي قبضي ٿيڻ تائين حيات هو. مغليه گورنرن مان سيد بايزيد ٺٽي جو حاڪم، مخدوم صاحب جو طالب ۽ وڏو معتقد هو. مخدوم نوح رحه وڏو عالم، فاضل زاهد ۽ پرهيزگار درويش هو. سندس نظر فيض مان ڪيترائي مريد ۽ طالب فيض حاصل ڪري ويا. مخدوم صاحب اويسي طريقي جو به بزرگ هو.
    درويش قطب، مخدوم نوح رحه جو طالب ۽ مريد هو. کانئس ظاهري توڙي باطني فيض پرايائين. هڪ رات بوبڪن ۾ به ويو جتي مخدوم جعفر سان سندس شاگردن ملاقات ڪرائي هئي. شاه خيرالله عرف شاه خير الدين سکر وارو به مخدوم نوح رحه جو شاگرد ۽ معاصر هو. مخدوم نجيم ريل وارو پڻ مخدوم صاحب جو همعصر هو.
    مخدوم نوح رحه رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي سنت ۽ اتقاءِ واري زندگي جو مڪمل آئينو هو. 82 ورهين جي ڄمار ۾ 986هه ۾ وفات ڪيائين ۽ هالن ۾ مدفون آهي.

    مخدوم عبدالله ڀٽي
    مخدوم عبدالله ڀٽي جو اصل نالو ارجن بن وريه هو، جنهن کي حضرت مخدوم بهاءِالدين زڪريا ملتاني مشرف به اسلام ڪيو. هي بزرگ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي پهريائين ڳاهوٽ جي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. پر پوءِ ڳوٺ ماڙي محمد خان لڳ پراڻي سعيدآباد جي ويجھو اچي رهيو. هي هڪ نيڪ سيرت بزرگ هو. وٽس ڪيترائي طالب ۽ مريد ايندا هئا جن وٽانئس فيض پرايو. سندس آخري آرامگاهه سعيد آباد جي ويجھو آهي. جتي مهيني جي هر پهرين خميس تي سندس معتقدن جو هجوم رهندو آهي.
    مخدوم اسحاق بن عبدالله ڀٽي 900 هجري ڌاري اسلام پور (هاله ڪنڊي) ۾ اچي رهيو، جيڪو 1779ع ۾ درياءَ برد ٿيو. پوءِ بزرگن جا نعش (خاڪ) اتان کڻي هاڻوڪن هالن پراڻن ۾ آندا ويا. انهي وقت حضرت مخدوم نوح رحه قريشي صديقي جي نعش مبارڪ کي پڻ اسلام پور مان هاڻوڪن هالن نون ۾ آندو ويو.
    ڀٽين جي جامع مسجد جو مدرسو
    مخدوم اسحاق شيخ بهاءالدين زڪريا خاندان جو مريد هو، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بي نظير هو. پنهنجي محلي جي ڀٽين جي جامع مسجد ۾ مدرسو قائم ڪيائين. جتي قرآن، حديث ۽ فقه جي عام تعليم ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان سندس ٻه صاحبزادا مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهي ساڳئي مدرسي ۾ پڙهيا.
    مخدوم محمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، ظاهري علمن جي تحصيل پنهنجي والد بزرگ کان پرائي ۽ پنهنجي پيءَ وانگر انهي ساڳئي مدرسي ۾ درس تدريس جو شغل قائم رکيو. مخدوم محمد باطني علمن جي صفائي ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگھندوهو.
    مخدوم احمد بن مخدوم اسحاق ڀٽي، وڏو ولي ۽ بزرگ عالم هميشه گوشه گمنامي ۾ گذاريندو هو. الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ محو رهندو هو. سندس انهي مجاهدي ڪري وقت جو حاڪم ڄام نظام الدين به سندس عقيدتمند ٿي رهيو.
    مخدوم احمد هميشه پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي انهي ساڳئي مدرسي ۾ قرآن، حديث ۽ فقه جي پڙهائڻ ۾ مدد ڪندو هو. اهو سلسلو سندن پوين تائين قائم رهيو. سندن بزرگن جي اولاد مان وڏا وڏا عالم ۽ عارف، عامل ، فاضل، اديب شاعر، خدا جا نيڪ ٻانها ۽ ڪرامت جا صاحب ٿي گذريا آهن. هن خاندان جو پيشو دين اسلام جي تبليغ ڪرڻ هو. جنهن ڪري هزارين مرده دليون اسلام جي روشني سان منور ٿيون.
    مخدوم ساهڙ لنجار ڄام انڙ جي آباد ڪيل ڳوٺ انڙپور جو هڪ وڏو آزاد انسان ۽ وقت جي صالح بزرگن مان هو. پوري تعليم ۽ تربيت مخدوم نوح رحه کان حاصل ڪئي هئائين. هو سدائين عبادت الاهي ۾ مشغول رهندو. رات يا ڏينهن جي ڪابه گهڙي پاڪ پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. سندس صحبت مان پڻ ڪيترائي عقيدتمند ۽ طالب فيض پرائي ويا. اتي ئي دفن ٿيل آهن.
    مخدوم عبد الرئوف بن عمر، پنهنجي وقت جو عارف، عالم ۽ ڪامل بزرگ هو ۽ پنهنجي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز هو. هميشه پنهنجن طالبن کي پڙهائڻ، عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو. ميان نور محمد وٽانئس علم جو اکر اکر سکيو ۽ ان جي تابعداري ۽ پيروي واسطي دل جان سان تيار رهندو هو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم سندس وفات جو سنه 1166هه بيان ڪيو آهي.
    مخدوم صدر الدين راهوٺي هالا پرڳڻي جي پسگردائي ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. پنهنجي مڪتب ۽ مسجد ۾ شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ وعظ فرمائيندو هو. جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.
    مخدوم مراد پٽ صدر الدين راهوٺي هڪ وڏو عالم ۽ پرهيزگار شخص هوندو هو. پوري تعليم پهنجي پيءُ کان پرايائين. پاڻ به پنهنجي پيءَ وانگر پڙهائڻ ۽ وعظ جي شغل ۾ رڏل رهندو هو. حسن مقري درويش سندس همعصر هو.

    مولانا حاجي محمد هالائي جو مدرسو محمديه
    مولوي حاجي محمد بن آخوند محمد اسماعيل بن آخوند دين محمد، ساڪن هالا پراڻا، ضلعو حيدرآباد، تاريخ 27 رمضان 1276هه ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ۽ صرف و نحو ڪتاب مولوي خليفي حاجي عبد اللطيف ساڪن هالا نوان کان پڙهيائين. پر پاٽ (ضلعي دادو) ۾ مولانا حسن الله پاٽائي وٽ به ڪجھه وقت پڙهيو. ان کان پوِ حيدرآباد ۾ اچي مولانا محمد حسن ڪنڊوي وٽ سمورو نصاب پڙهي فارغ ٿيو ۽ اتي ئي پنهنجي استاد جي ارشاد موجب ٻه ٽي سال درس ڏيندو رهيو. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ اچي درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. ربيع الاول 1309هه ۾ حج بيت الله جو سفر اختيار ڪيائين ۽ اتي مسلسل ٻارهن مهينا رهيو. انهيءَ عرصي ۾ مولانا عبد الحق الله آبادي مهاجر کان اوليات احاديث پڙهي، حديث، فقه ۽ اصول فقه جي باقاعدي سند ۽ اجازت ورتائين. سندن درسگاهه ”محمديه“ (3) اڄ تائين هالا ۾ موجود آهي.
    حاجي محمد مڃيل عالم ۽ مفتي هو. حديث، فقه ۽ تصوف تي درڪ حاصل هئس. مثنوي مولانا روم ۽ مڪتوبات امام رباني تي کيس گھڻو عبور حاصل هو. تصوف جي باريڪ نڪتن تي حافظ محمد حسن سان سندس بحث مباحثو ۽ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي. مسائل فقه ۾ وري مولانا عبد الغفور همايوني سان مباحثو رهندو هو. نقشبندي طريقي ڏانهن مائل هئڻ ڪري پهريائين مولانا شيخ ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ملا ڪاتيار واري جو مريد ٿيو. پر ان جي وفات بعد وري مولانا حاجي عبد الرحمان سرهندي ٽکڙائي جي بيعت ڪيائين. تاريخ 2 ربيع الثاني 1336هه تي فالج جي عارضي ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار شهر هالا پراڻا ۾ آهي.
    مولانا حاجي محمد جون هيٺ ڄاڻايل مشهور تصنيفون آهن: (1) الفتاويٰ الحمديه في احڪام الاحمديه (عربي ٻه جلد ) (2) فتويٰ احمديه (سنڌي) (3) خلاصة الاآثار المحمديه و الاخبار الاحمديه (عربي) (4) حقوق الزوجين (سنڌي ) (5) شرح ماه احاديث (سنڌي) (6) مسائل اربعين في سنة سيدالمرسلين (7) رموزالفرقان(سنڌي) (8) المسائل الخمسة في دفع توهمات الشيعته (سنڌي) (9) تمام العناية ترجمة بداية الهداية (سنڌي) رساله در امور طبيه (10) حل الترڪيب منطق (عربي) (11) دوايه (عربي و سنڌي ) (12) قصه بيبي بلقيس (سنڌي) (13) ڪشف الجان (سنڌي) (14) خلاصة الاصول (15) عشرين مسائل فارسي (16) رموزالفرقان (سنڌي) (17) فيض الصمد ترجمة ”ايهاالولد“ (سنڌي) (18) رساله در معرفته نبض و قاروره. (4)
    مولانا جي همعصرن ۾ هيٺين بزرگن جا اسماءِ گرامي قابل ذڪر آهن: (‎1) مولانا عبدالغفور همايوني مفتون (2) مولوي جاجي لعل محمد متعلوي (3) مولوي عبدالرزاق بوبڪائي (4) مولوي مفتي محمد سعدالله خيرپوري (5) مولوي عبدالرزاق مختيارپوري (6) مولانا غلام محمد ملڪاڻي (7) قاضي سيد اسدالله شاهه ٽکرائي (8) قاضي علي محمد هالائي.(5)
    سندس چند نامياري شاگردن جا نالا هي آهن: (1) مولوي حاجي عبدالرحمان سموي، نصرپور (2) مولوي جان محمد بختيارپوري (3) مولوي حڪيم قاضي معين الدين هالائي (4) مولوي خليفو حافظ محمد هالائي (5) مولوي ميان احمد هالائي ۽ (6) حڪيم مولوي عبدالله هالائي.(6)

    مدرسو محمديه، هالا پراڻا
    هن مدرسي جو باني مولانا احمد (وفات 1376هه) هالائي آهي. سندس پيءَ جو نالو مولوي محمد هالائي آهي. 7 جمادي الثاني 1326هه ۾ شهر هالا پراڻا ۾ ڄائو. پنهنجي والد وٽ قرآن شريف، فارسي ۽ عربي جو نصاب، ارڙهن سالن جي عمر ۾ ختم ڪري دستاربندي ڪيائين. دستاربندي بعد ”مدرسه محمديه“ ۾ درس ڏيڻ لڳو. سندس شاگردن مان مشهور هي آهن: مولوي محمد عرس ڏاهري ٽنڊوآدم، مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي عبدالواحد متعلوي ۽ مولوي محمد هالائي (سندس پٽ).
    مولانا احمد به پنهنجي سڄي ڄمار درس و تدريس ۾ پراڻن هالن ۾ بسر ڪئي . سندس شاگردن مان مولانا محمد صادق کڏه ڪراچي، مرحُوم دين محمد وفائي، مولوي فتح محمد سيوهائي، مرحوم عبدالقيوم بختيارپوري، مولانا عبدالرئوف بختيارپوري، مولانا حاجي عبدالله ڪٻرائي ۽ مولانا محمد سليمان ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن. 15محرم 1376هه ۾ هالا پراڻا ۾ وفات ڪيائين.

    مدرسه عاليه دارالرشاد پير جھنڊو
    (ضلعو حيدرآباد (پر هاڻي ضلع مٽياري)
    پير رشدالله صاحب العلم الرابع کي خيال آيو ته ناظره ۽ حفظ قرآن جو درس، جيڪو پير رشيد الدين بيعت ڌڻي جو شروع ڪرايل هو، ان جي ترويج لاءِ عربي مدرسو جاري ڪجي، انهي ڪري مولانا عبيدالله سنڌي کي امروٽ شريف مان گھرائي مدرسي بابت گفتگو ڪيائين. مولانا عبيدالله سنڌي کي خود به مسلمانن جي تعليم جو گھڻو اونو رهندو هو، تنهنڪري هن مدرسي جاري ڪرڻ ۽ ان جي سنڀال ۽ انتظام جو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. ماهه رجب 1319يا 1901ع ۾ مدرسي جو افتتاح ٿيو ۽ نالو عربيه اسلاميه ”دارالرشاد“ رکيو ويو. مدرسي شروع ڪرڻ لاءِ پير صاحب جي خاندان جي مستورات پنهنجا سونا زيور ڏيئي مدرسي جي امداد ڪئي. ان وقت مدرسي ۾ هيٺيان معلم رکيا ويا:
    1_ مولانا عبيدالله سنڌي صدر مدرس ۽ مهتمم.
    2_ مولانا محمد احمداڻي لغاري. ديري غازي خان وارو مدرس ثالث.
    3_ مولانا نجم الدين ڊرياله ضلعي جھلم وارو، مدرس ثاني.
    4_ مولانا عبدالله لغاري سانگھڙ وارو، مدرس رابع.
    5_ حافظ امين محمد متوو ڪڇي.(7)
    مولانا عبيدالله سنڌي. مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ مولانا محمد امير کي پنجاب مان گھرايو، پر هو اٺ ڏينهن واپس هليو ويو. اٺن سالن جي جدوجھد هيٺ هي مدرسو پنهنجي تعليمي ۽ انتظامي بهتري ڪري ايترو مشهور ٿي ويو، جو وڏا وڏا عالم پري پري کان معائني لاءِ ايندا هئا. جيئن ته شيخ الهند مولانا محمودالحسن ديوبند، مولانا شرف علي ٿانوي ۽ مولانا حافظ محمد احمد مهتمم دارالعلوم ديوبند، وغيره.
    ماهه شعبان 1327هه يا 12سيپٽمبر1910ع تي طالبن جي دستاربندي لاءِ هڪ جلسو سڏايو ويو، جنهن جي صدارت ڀوپال جي قاضي مولانا الشيخ حسين بن محسن الانصار اليماني ڪئي، جيڪو نواب سيد صديق حسن خان قنوجي ڀوپالي جو استاد هو ۽ علامه قاضي شوڪاني اليماني جو شاگرد هو. هن کي فتح الباري شرح الصحيح البخاري جا چوڏهن ئي جلد برزبان ياد هئا. انهيءَ جلسي ۾ (1) پير ضياءُ الدين شاهه ولد سيد رشدالله شاهه (2) مولانا محمد اڪرم انصاري هالاڻي (3) مولانا محمد الياس جمالي کتيرو تعلقو هالا (4) مولانا احمد علي لاهوري (5) مولوي ابوالحسن درس هوٿي مشائخ، ٽنڊو آدم (6) مولوي جان محمد درس هوٿي مشائخ ٽنڊو آدم دستار بندي ڪئي.
    1327هه / 1910 ع کان پوءِ مدرسي ۾ هيٺيان مدرس مقر ڪيا ويا: (1) مولانا عبيدالله سنڌي مهتمم مدرسه دارالرشاد (2) مولانا محمد صدر مدرس (3) مولوي خدابخش، منصف ارشاد الصرف (4) مولي محمد اڪرم (5) مولانا حاجي احمدي علي لاهوري (6) مولوي محمد الياس جمالي (7) حافظ امين محمد متوو ڪڇي (8) ڊاڪٽر مولوي محمد علي شاهه.
    مدرسي ۾ شاگردن جي پڙهڻ لاِءِ عربي جا ابتدائي ڪتاب مولانا قاضي فتح محمد کان سنڌي ۾ ترجمو ڪرايا ويا، مثلن ارشاد الصرف، علم الصيغة، شافيه، نحومير، هداية النحو، ڪافيه مالابدمنه، اصول الشاشي.
    مدرسي ۾ تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو به جاري هو. ننڍا ننڍا ديني ڪتاب ڇاپائي عام ماڻهن ۾ مفت ورهايا ويندا هئا ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ جمع ڏينهن وعظ ۽ تبليغ لاءِ عالم موڪليا ويندا هئا. اهڙن ڪتابن مان ڪن جا نالا هي آهن: توحيدنامون، الاسماءِالحسنيٰ (سنڌي ترجمي سان)، ارشاد المربيدين، الفارقة بين اهل الله و اهل للمارفة، التنقيد المعقول في رد تسويد المجھول، زالن جو بيعت نامون ۽ مردن لاءِ بيعت نامون.
    تبليغ ۽ اشاعت جي ڪم سان گڏ مدرسي ۾ فتويٰ جو شعبو پڻ کوليو ويو، جنهن جو نالو السواد الاعظيم رکيو ويو. ان جا ميمبر هئا مولانا رشدالله شاهه، مولانا قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا پير ضياءالدين. ان کان سواءِ مولانا محمد صادق کڏه ڪراچي ۽ مولوي محمد صديق (کڏه) ، مولوي عبدالڪريم درس ڪراچي ۽ مولوي محمد عثمان نورنگزاد (مصنف تفسير تنوير الايمان) پڻ انهيءَ جا ميمبر هئا. اهي فتوائون هڪ مجموعي جي صورت ۾ محفوظ ڪيون ويون آهن. شايد اهڙو ڪتاب اڃا تائين مدرسه مظهرالعلوم کڏه ڪراچي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
    مدرسي ۾ تعليم جو طريقو ٽائيم ٽيبل مطابق هلندو هو ۽ جدا جدا ڪلاسن لاء الڳ الڳ استاد هوندا هئا. شاگردن جي حاضري ورتي ويندي هئي. امتحان جو طريقو ماهي آزمائشن ۽ ششماهي ۽ سالياني امتحان جي نموني ٿيندو هو. استادن ۽ شاگردن کي شعبان مهيني ۾ سالياني موڪل ٿيندي هئي. سنه 1330هه ۾ وري هيٺيان مدرس مقرر ٿيا: (1) مولانا محمد احمداڻي لغاري صدر مدرس ۽ مهتمم (2) مولانا خدا بخش پنجابي مصنف ارشادالصرف (3) مولانا محمد اڪرم انصاري محشي ارشاد الصرف (4) حافظ امين محمد متوو ڪڇي معلم القرآن. مولانا عبيدالله لغاري فارغ التحصيل ٿي سيد رشدالله صاحب کان قادريه طريقي جي بيعت به ڪئي هئي ۽ باقاعدي اذڪار به پورا ڪيا ۽ دستاربندي سان گڏ کيس خلافت به عنايت ٿي هئي. هي مرد مجاهد ظاهري ۽ باطني علم سان معمور ٿي پنهنجي وطن روانو ٿيو. مولانا محمد اسماعيل هن مدرسي جو فارغ التحصيل هو. جنهن کي پير رشدالله شاهه حيدرآباد دکن ڏي ڪتابن نقل ڪرڻ لاء موڪليو هو. مولانا محمد اسماعيل موٽي اچي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ لڳو ۽ ساڳيا معلم مولانا محمد، مولوي محمد اڪرم، مولوي ولي محمد ۽ حافظ امين محمد به تعليم ڏيندا رهيا.

    حوالا
    1. مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، ص 205.
    2. ايضن، ص 198.
    3. افسوس ته چند سال اڳ مدرسه محمديه نالي وارو پرائمري اسڪول جيڪو ان قديم جاءِ تي هلندڙ سو بند ٿي ويو آهي.
    4. سماهي مهراڻ، نمبر 4-2، ص 84.
    5. ايضن.
    6. سماهي مهراڻ، شماره 4-3، ص 88.
    مولانا مفتي عبدالقادر لغاري، مدرسه دارالرشاد پير جھنڊو، الرحيم، ص 82.


    ٽماهي مهراڻ جي سوانحي نمبر ۾ آيل هالا جي شخصتين جو احوال

    1. مرحوم مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي هالائي
    سنڌ جو هر هڪ باشندو، عالم و فاضل خواهه چار اکر پڙهيل شخص، مرحوم مخدوم غلام حيدر صاحب جن کي بخوبي سڃاڻي ٿو: اڪثر کين ماڻهن ڏٺو هوندو، نه ته به ٻڌو ضرور هوندو. پاڻ صديقي قريشي خاندان جا فرد، ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمته جي نمبر چوڏهين سجاده نشين، مرحُوم مخدوم ظهيرالدين عرف پروڄام صاحب، جا چوٿون نمبر فرزند هئا: ۽ نمبر پندرهين سجاده نشين، مرحُوم مخدوم غلام محمد صاحب، جا ننڍا ڀاءُ هئا. پاڻ 12ذوالحج سن 1316 هه ۾ تولد ٿيا. سندن اذان بعد نالو ”محمد سعيد“ رکيو ويو.
    ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ خاص حافط ۽ عالم وٽ شروع ڪيائين: ٿوري وقت بعد هڪ ٻاهريون عالم مولانا شاهه محمد صاحب مرحُوم گھرايو ويو، جنهن وٽ به ڪجھه وقت تعليم ورتائون: آخر سندن والد بزرگوار کين ديوبند موڪليو، جتان تعليم جو مقرر ڪورس پڙهي دستار بندي ڪري موٽيا.
    ان بعد، سندن والد مرحوم پنهنجو جملي ڪاروبار سندن حوالي ڪري، پاڻ آزاد ٿي ويٺا. انهيءَ وڏيءَ مشغولي هوندي به ادبي ۽ علمي صحبتن ۽ رهاڻن کي جاري رکيو آيا. پنهنجي خانداني ڪتبخاني ۾ وڏو اضافو ڪيائون. ۽ ٻاهران عالم، گھرائي، وقت بوقت وعظ ۽ نصيحت جون مجلسون منعقد ڪرائي، عوام کي مستفيض ڪندا رهيا. سنڌ جا وڏا وڏا مدرسا ۽ تعليم گاهون هميشه سندن همدرديون ۽ پيسي جي مدد حاصل ڪنديون رهيون. گھڻن تربيتگاهن ۽ مدرسن کي سالانه مقرر ٿيل وظيفا ڏيندا هئا. جي اڃا تائين قائم آهن.
    جڏهن سنڌ جدا ٿي، سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي، ته پاڻ سياست ۾ پڻ بهرو وٺڻ لڳا. ابتدا کان وٺي پنهنجي آخري عمر تائين، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ اڳواڻ پڻ. هالا ميونسپالٽي ۽ هالا مسلم ليگ جا هميشه پريزيڊنٽ به رهيا، ۽ نهايت دانائيءَ سان انهيءَ قوم جي خدمت ۾ ڪامياب رهيا. ايڏين مصروفيتن جي باوجود به مطالعي ۾ هميشه مشغول رهيا.
    چند ڪتاب به تصنيف ڪيائون، جي ڪجھه ڇپيل آهن ۽ ڪي اڻ ڇپيل.
    حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه الرحمة جن جي درگاهه تي هڪ عظيمالشان ورانڊ و سن 1301هه ۾ تعمير ڪرايائون، جنهن جو ڪم جمادي الاول سن 1351هه کان شروع ٿيو، ۽ 3 ذوالحج سن 1351هه تي مڪمل ٿيو.
    5 جنوري 1942ع تي، هالن ۾ ”مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول“ برپا ڪرايائون، جنهن جو سنگ بنياد آنربل وزير تعليم پيرالاهي بخش رکيو. وري هاءِ اسڪول جي هاسٽل برپا ڪرايائون، ان کان بعد، هالن ۾ ”سروريه اسلاميه ڪاليج “ برپا ڪيائون، جنهن جو سنگ بنياد به آنربل پير الاهي بخش صاحب 2 مئي سن 1947ع تي رکيو. ازان سواءِ، ٻي به هر نموني ۾ علمي خدمت لا جواب ڪيائون.
    دارفاني جي دستور موجب، هن جھان مان 26 رمضان سن 1372هه، مطابق 9 جون سن 1953، اڱاري جي ڏينهن، صبح جو نوين بجي، داربقا ڏي رحلت ڪيائون.
    - مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“

    2. مولانا احمد مرحوم هالائي
    مرحوم مولانا صاحب جن جي ولادت، حيدرآباد ضلعي [هاڻي مٽياري ضلعي] جي مشهور شهر هالا پراڻا ۾ تاريخ 7 جمادالثاني سن 1314 هجريءَ ۾ ٿي. سندن والد جو نالو مولوي محمد هالائي هو. مولانا صاحب جن ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جا ذڪي، ذهين ۽ بالڪل هوشيار هوندا هئا - ايتريقدر جو صرف ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف، فارسي جو سارو نصاب، ۽ عربيءَ جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستاربنديءَ جي رسم، تبرڪاً، حضرت مولانا و مرشدنا الحاج خواجه آقا حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سر هندي جن کان ڪرائي ويئي هئي.
    مولانا صاحب جن دستاربنديءَ بعد پنهنجي مدرسه محمديه ۾ درس ڏيڻ لڳا. سندن شاگردن مان مشهور شاگرد، مولوي محمد عرس، ڏاهري (متصل ٽنڊو آدم)، مولوي محمود سانوڻي هالائي، حڪيم شيخ حاجي عبدالواحد متعلوي، ۽ مولوي محمد هالائي (سندن فرزند) وغيره آهن.
    مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتمميءَ سان گڏ، تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم به بلڪل گھڻي انداز ۾، باحسن الوجھه ڪندا هئا. سندن فنٖ افتاءَ ۽ تحرير نويسيءَ جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هوندي هئي. حضرت مرحوم مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ (مشهور غير مقلد) به بسا اوقات کانئس فقهي تحقيقون ڪرائيندو ۽ مسئلا لکارائيندو هو - ۽ هميشه کين انهي فن ۾ داد ڏيندو هو.
    مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ئي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ بسر ڪئي، تاهم سندن صحبت ان وقت جي چڱن چڱن عالمن سان هئي. انهن بزرگن مان مرحوم مولانا محمد صادق صاحب کــڏي وارو (ڪراچي)، مرحوم مولانا دين محمد ”وفائي“، مرحوم مولوي فتح محمد سيوستاني، مرحوم عبدالقيوم صاحب بختيارپوري، مرحُوم مولانا عبدالرؤف بختيارپوري، مرحوم مولانا حاجي عبدالله ڪبرائي، ۽ مرحوم مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
    مولانا مرحُوم جن حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جا وڏا مفتي هئا. طريقو نقشبنديه هون، ۽ بيعت خواجه آقا حافظ محمد حسين صاحب سرهندي مجددي ٽکڙائيءَ سان هئن. سندن طبع بلڪل نرم، خوش اخلاق. مرنج مرنجان، بردبار ۽ ماٺيڻي هئي. موجوده قحط الرجال جي زماني ۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي جي هئي: مطلب ته پاڻ صحيح معنيٰ ۾ بينظير عالم باعمل، نهايت پرهيزگار، مفتي، متشرع، زبردست فقيہ ۽ عالم حقاني هئا. پاڻ هميشه قومي خيال رکندڙ ۽ سياست جا ڄاڻو هئا. خلافت تحريڪ کان وٺي جيڪي به سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت وقت ٿينديون رهيون. تن ۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا، مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن جي حيثيت سان مصروف عمل پڻ رهندا هئا.
    مولانا مرحوم جن، 15محرم الحرام سن 1376 هجريءَ ۾، هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. سندن قبر پنهنجي والد بزرگوار جي قبر جي ڀرسان آهي. سندن ڀاءَ مولوي عبدالله صاحب، سندن تاريخ وفات هن طرح لکي آهي:
    دريغار از وصالٖ مردٖ مبرور، مثال آمد تو گوئي نفخ جي الصور!
    ز هجرت او چراغٖ فيض گل گشت، ز رحلتٖ او بر آمد ظلمت از تور.
    ازين واقعہ جدائي جيد عالم، اهالي علم و عالم گشت رنجور.
    جناب مولوي ’احمد‘ مدرس، ز دنيا رفت و علم دين شد دور.
    اديب و عالم و مشفق محقق، فقيہ و فاضل و مفتي مشهور:
    ز هر تلميذ عندالناس مشڪور، شد از تدريس عندالله ماجور.
    بخمة عشر تاريخ محرم، شبِ خميس گشت آن ماه مهجور.
    بسالٖ وصل او ”احقر“ چنين گفت: ”شده مشغولٖ حق و با خير مامور“. (1376)

    - مولوي محمد هالائي
    (هي مواد رسالي مهراڻ جي سوانح نمبر تان ورتو ويو آهي. جنهنجو پهريو ڇاپو 1958ع ۽ ٻيو ڇاپو ڊسمبر 1990ع ۾ ڇپيو.)


    سنڌي مرثيا نويسي ۾ هالا جو حصو

    ڊاڪٽر سيد مخمور بخاري

    سنڌي مرثيا نويسي ۾ هالا جو حصو

    ارڙهين صدي عيسوي جي اڌ کان پوء سنڌي مؤزون مرثيي جو بنياد پيو جنهن جو مؤجد سيد ثابت علي شاه هو. پاڻ ان بابت چئي ٿو:
    مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،
    جي ڪو هو تا پڻ نه هو مشهور هن پر ڪجا،
    مون کي چئين ثابت علي هي شعر سنڌي دردنـــــــــــــــاڪ،
    تون به سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.(1)
    مرثيي جي ارتقائي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي فن اول ايران ۾ اسريو. ايران جو بادشاه شاھ طهما سڀ صفوي شاعرن کان فرمائش تي مرثيه لکرائيندو هو، اهڙي ريت مرثيو ايران مان دکن، دهلي ۽ لکنؤ ۾ پهچڻ بعد پنهنجي عروج تي پهتو. ڪن عالمن جو رايو آهي ته مرثيو برصغير ۾ پهچڻ کان پوء سنڌي، ملتاني ۽ گجراتي زبانن ۾ چيو ويو ۽ پوء ئي اردو ۾ مروج ٿيو. سنـــــــــڌي ۾ شاھ عبـــــــــــداللطيف ڀٽائي جي ”سر ڪيڏاري“ کي غير مؤزون مرثيو چيو وڃي ٿو. ابتدائي غيرمؤزون مرثيو چوندڙن ۾ احسان فقير لانگاهه، مخدوم عبد الله ٺٽوي، سيد خير شاھ، مولوي احمد، جئيندل فقير ۽ ٻيا شامل آهن.
    لفظ مرثيو عربي اکر ”رثا“ مان نڪتل آهي جنهن جي لغوي معنى آهي ”مرڻ واري تي روئڻ“ شاعري جي اصطلاح ۾ مرثيو ان ڪلام کي سڏجي ٿو جنهن ۾ مري ويندڙ جون خوبيون ۽ فضيلتون، درد ۽ غم سان بيان ٿيل هجن. خان بهادر محمد صديق ميمڻ مرثيي بابت لکي ٿو:
    ”مرثيــــــــــــــــــه لفظ جي معنى آهي، اهو شعر جنهن ۾ ڪنهـــــن به دردناڪ حادثـي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ٿيل هجي. جهــڙوڪ: بغداد جي قتــــــــــــــــل عام ۽ ان وقت جـــــي ٻين دلسوز واقعن تي شيخ سعــــــدي جا ٺاهيــــــــــــل عربي مرثيا. پر اڄڪلهه عالمگيــــــــر اصطلاح موجب ”مرثيه“ جي معنى اهو رزميه ڪلام آهي جنهــــن ۾ خاص طرح ڪربلا جي واقعي بابت دلسوز بيان هجي(2)
    ڪربلا جي انهي دل ڏکوئيندڙ سانحي کي شاعري جي هيٺ مختلف صنفن ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو. جنهن کي مرثيو چئجي ٿو:
    زاري: ڪافي جي تتبع تي چيل مرثيو.
    اوسارو: لوڪ گيت جي ترتيب ۾ چيل. هي مرثيو فقط عورتون پڙهنديون آهن
    سلام: غزل جي انداز ۾ چيل ڪربلا جي شهيدن جي بهادري ۽ شجاعت کي سلام پيش ڪيو ويندو آهي.
    لوڙائو: هن جي لغوي معنى آهي سرسان بيت چوڻ، هن جي هر بند ۾ ٽي سٽون هونديون آهن. هر بند جا پنهنجا وزن قافيه ۽ رديف ٿين ٿا.
    بند: چئن سٽن جي مرثيي کي چئجي ٿو.
    اولاڻو: حضرت علي اصغر عـ جو 9 محرم الحرام جي شام پينگهو ڪڍيو ويندو آهي. ان مناسبت سان لولي/لوري جي انداز ۾ مرثيو چيو ويندو آهي. جنهن کي اولاڻو چئجي ٿو.
    ڏوهيڙو: ڏور، قصيدو، نوحه
    ميندي: حضرت امام قاسم ابن الحسنؑ جي 8 محرم الحرام جي شام جو ميندي ڪڍي ويندي آهي. ان موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان چيل مرثيي کي ميندي جو نالو ڏنو ويو آهي.
    مرثيو، شاعري جي جيتوڻيڪ الڳ صنف ته ناهي پر جنهن به صنف ۾ ڪربلا جو واقعو پيش ڪيو وڃي ٿو، اهو مرثيو چورائي ٿو. مطلب ته مرثيو هڪ موضوع آهي. جيڪو محرم الحرام جي ڏينهن ۾ خاص طرح پڙهيو وڃي ٿو. هنن صفحن ۾ اسان سنڌ جي قديم، تاريخي، ثقافتي شهر ۽ علم ادب جي گهواري هالا جي مرثيه نويسن جو ذڪر ڪنداسين.

    احسان فقير لانگاه:
    احسان فقير ذات جو لانگاه هو ۽ قادري طريقي جي مرشد سيد عبداللطيف قادري جو مريد هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاھ جو رسالو (جلد ڏهون) ۾ لکي ٿو:
    ”سيد عبداللطيف قادري، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جـــــــــــي ولادت (1102ھ/1690ع) کان ستاويهه سال کن اڳ (1664ع) 1075ھ ۾ وفات ڪئي“(3)
    ان حوالي جي روشني ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته احسان فقير جو جنم 1050ھ کان گهڻو اڳ ٿيو هوندو، جو هي صاحب سيد عبداللطيف قادري جو وڏو خلفيو به ليکجي ٿو. هن کان وڌيڪ احسان فقير جي زندگي بابت ڪا معلومات هٿ نه ٿي اچي.
    احسان فقير بابت علمي دنيا ۾ اهو نقطو زير بحث آهي ته شاھ جو رسالو ۾ شامل ”سر ڪيڏارو“ سندس چيل آهي. هي هڪ سخت اختلافي مسئلو آهي. تنهن هوندي به سُر ڪيڏاري جا گهڻا بيت احسان فقير جا مڃيا وڃن ٿا. جن ۾ ڪربلا جو قضيو بيان ڪيو ويو آهي. نموني طور احسان فقير جا ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا.
    ڪٽڪ ڪوفين جا، چڙهيا مٿــي ميرن،
    پاڻي پليتن بنديو، طعام نه ملـــــــــي تن،
    اڃ بک ارزان هئي، مٿي امامـــــــــــــــــن،
    شوقون شهزادن، ڪوزا پيتا ڪوثـــر جا.

    ڪويا ڪلي ڪوڏيا، جنگي سڀ جـــــــــــوان،
    اڪبر اصغر جهاد جا، ساڻن وٽ سامــــــــــان،
    محبوب مطلوب مرغوب، ساراهيان سبحان،
    تون ڪر تعريف تن جي، اداڙي احســــــــــان،
    سي ڪيئن مڃين آڻ، ظالم تنهن يزيـد جي.

    جهيڙو ناهه يزيد، عليؑ جي اولاد سيـــــن،
    ڪانه پسندين عيد، حسن مير حسين ريءُ.(4)

    جيئندل فقير
    سيد جيئندل فقير، سيد عبدللطيف قادري حسيني جي سلسلي جو فقير هو. گمان غالب آهي ته هو احسان فقير جي دور ۾ موجود هو. هن پڻ ڪيڏاري جا بيت چيا آهن، جن مان يارنهن بيت ۽ ٻه زاريون (وايون) محفوظ آهن. هن جي زندگي بابت اسان کي هن کان وڌيڪ معلومات ناهي، پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هو سيد عبد اللطيف قادري جي شروع ڪيل سرڪيڏارو ڳائڻ واري سلسلي ۾ ڪيڏاري جا بيت پڙهندو هو. هت سندس ڪجهه بيت نموني خاطر درج ڪجن ٿا:
    مانجهي مل ميدان ۾، آيـو قاسم شاھ ڪاهي،
    هليو حضرت حسيــــــــــــن کان، مير موڪلائي،
    هاتڪ هڪــــــــــــــــــــــل سان وڌي، ڌرتي ڌٻائي،
    ڪـــــــــــــوريو ڪنڌ ڪلهن تان، لعنتــــــن لاهي،
    جونجهار سو جيئندل چوي، ڪوفي ڪنبائي،
    مائـــــٽ مــــــــــــــــــــرڪائي، شير شهادت رسيو.

    ڳجهون ٻڌن نه ڳاهه، سڃاڻن ساٿ ڌڻي،
    آهي امام عالم جو، سونهــــــــــارو شاھ،
    سونهارا صاحب جا، خلقـــــيا خاص خدا،
    جيهين جيئندل چـــــــــــوي، قادر ڪوڏيا،
    مڃي هڪ الله، رضا ورتائون رب جي.(5)

    اسماعيل فقير لانگاه:
    فقير محمد اسماعيل لانگاه جي زندگي بابت به اسان کي ڪابه خبر نٿي پوي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تصنيف ”شاھ جو رسالو“ (جلد ڏهون) جي مقدمي جي حاشيي ۾ اسماعيل فقير کي احسان فقير لانگاه جو پٽ ڄاڻايو آهي.
    مخدوم صالح ڀٽي پنهنجي ترتيب ڏنل ”سرڪيڏارو“ ۾ اسماعيل فقير جا پنج بيت درج ڪيا آهن. جن کي غير مؤزون مرثيو چئي سگهجي ٿو. اسماعيل فقير جو ڪيڏاري بابت هڪ بيت ”تذڪره شعراء هالا“ ۾ پڻ آندل آهي. ان کان وڌيڪ سندس ٻي شاعري هٿ نه ٿي اچي. هت اسماعيل فقير لانگاهه جو بيت نموني طور پيش ڪجي ٿو.
    ڀـــــــــــــــــــائر ڀـــــــاڻيجا ڀائٽيا، وٽان وياس يار،
    هيڏانهن امام هيڪڙو، هوڏانهن هئا هــــــزار،
    چوڏس چڙهي آئيا، ڪٽڪ ڪارونڀــــــــــــــــــــار،
    شامي، شومي ڪوفي، ڪوڙا بي حيا بدڪار،
    بدوسي بدعتــــــــــي، خــــــــــــــار جي سـي خوار،
    آئل اسماعيل چوي، هلي هنيائين هــــــــــاڪار،
    لرزايو لعينن کي، مانجهي مير مڻيــــــــــــادار،
    ويهون وڍي ويرن جا، ڌڙ ڪيائيـــــــــــــــــن ڌار،
    سيد سائو سردار، ڪامل ڪلو جهليــــــــــــــــــو. (6)

    مخدوم عبدالرؤف ڀٽي
    هالا جو هي بزرگ شاغر ۽ عالم مشهور ڀٽي خاندان ۾ 1682ع ۾ جنم ورتو. وڏي ڪماليت جو صاحب ٿي گذريو آهي. وقت جو بادشاهه ميان نورمحمد ڪلهوڙو سندس معتقد هو. سنڌي ۾ مولود جو مؤجد مخدوم صاحب کي چيو وڃي ٿو. هن جا ستهتر (77) مولود شايع ٿي چڪا آهن. هن صاحب ان کان سواء ڪيتريون ئي مداحون الف اشباع نظم ۾ لکيون آهن. جن مان ڪن ۾ شهادت حضرت امام حسين عليه السلام جو به ذڪر ڪيو اٿس. مخدوم صاحب ”عاصي“ تخلص ڪندو هو. سنه 1752ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ٿيو.
    هت اسين سندس هڪ بند غير مؤزون مرثي جو نموني طور پيش ڪريون ٿا:

    من اندر ماتام يارو تن يتيمــــــــــــــــــــن جو،
    ڪربلا جي پڙ ۾، ميان الا اصل هو انجام،
    ڪســـڻ قريبن جو.
    شـــهزادن شهادت جو، جال پيتو جـــــــــــــــام،
    مرڻ معصومن جو. (7)

    خليفو گل هالائي
    آخوند خليفو گل محمد ”گل“ هالائي، هالا پراڻا جي سانوڻي ملن مان هو. هن جو جنم 1784ع ۾ ٿيو. ابتدا کان آخر تائين سموري تعليم ان زماني جي رواج موجب مدرسه ۽ مڪتب مان حاصل ڪرڻ کان پوء سنڌي، عربي ۽ فارسي ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
    سنڌي ادب جي تاريخ ۾ خليفي گل جو نالو ان لاء به اهميت رکي ٿو جو هن پهريون ڀيرو الف-ب جي ترتيب تي غزلن جو ديوان جوڙيو. سندس ديوان پهريون ڀيرو 1275ھ/1855ع ۾ بمبئي مان ليٿو تي شايع ٿيو. جيڪو هن پاڻ شايع ڪرايو. ان کان پوء اهو ديوان مختلف وقتن تي 1915ع، 1919ع 1923ع ۽ 1933ع ۾ شايع ٿيو. جيڪي سمورا ڇاپا هن وقت بنهه اڻ لڀ آهن. خليفو گل هالائي 1858ع ۾ مديني شريف ۾ وفات ڪئي جتـي پاڻ حج مبارڪ جي سعادت حاصل ڪرڻ ويل هو.
    خليفي گل سنڌي ۾ غزل کان سواء ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي انهن ۾ مرثيو به شامل آهي. هت سندس مرثيي جو هڪ بند نموني طور ڏجي ٿو:

    اي ڪبوتر ڪربلا جي ڪر خبـــــــــــــر،
    ڪيترا ڏينهن ٿيا ابي کي منجهه سفر،
    آ ابي لاء ٿي ڪريـــــــــــــــان رويـو حشر،
    ۽ ابي منهنجي لڌي ڪــــــــــــــانهي خبر.
    اي پکي ڪو ڪر ابي جو مون سين حال،
    تـــــــــــــاڪ جيئرو آهي يا ڪيـــائين وصال. (8)

    مخدوم محمد امين پکن ڌڻي
    مخدوم محمد امين پکن ڌڻي، مخدوم محمد زمان رابع جي گهر 9 نومبر 1840ع تي جنم ورتو. پاڻ درگاه حضرت مخدوم نوحؒ جن جا 13 سجاده نشين هئا. مڪمل ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد فارسي تي مهارت حاصل ڪيائين. سندن شاعري سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ مولود، مرثيي، سه حرفي، ڏوهيڙن، بيت ۽ ڪافي جي صورت ۾ ”ڪليات امين“ جي سري هيٺ 66 شايع ٿيل آهي.
    مخدوم صاحب جن 47 ورهين جي ڄمار ۾ 29 جون 1886ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندن مرثيي جا ڪجهه بند هن ريت آهن:

    جڏهن حسين ابن علي پيدا ڪيو پروردگــــــــــار،
    حڪم ٿيو ان وقت جبرائيل کي ازڪردگــــــــــار،
    ڏي مبارڪ مصطفى کي وڃ مديني جي ديــــــــار،
    لوڏ ان پياري جو پينگهو نير نيڻ واهي نــــــــــــار،
    ”في الجنان نهر لبَنَ“ هي لال کي لولي ڏجـــــــــــان،
    هي حسينا هي حسينا هيئن چئي ڪورنش ڪجان.

    اصل کئون ب، اقطاب هو شاھ، شهيدان ڪربـــــــلا،
    ”انت مني من مُدعا“ چوندو هو جنهن کي مصطفى،
    نورچشم و ماهرو خوش وقت چيو خيرالنســـــــــــــاء،
    مرحـــــــــــــــــــــــبا ”من رّوح روحي“ الرضاؤ مصطفى،
    هو رسول الله جو جنهن کي چون پيــــــــــــــارو پسر،
    سو حسين ابن علي شاھ شهيـــــــــــــــــدان بحر و بر.(9)

    حاجي پريل خان ”پريل“
    حاجي محمد وپريل خان مگسي تخلص ”پريل“ اصل ڀاڳناڙي جو ويٺل هو، بعد ۾ اچي هالا نوان ۾ سڪونت پذير ٿيو. پوليس کاتي ۾ ملازم هو، پر بعد ۾ نوڪري ڇڏي مخدوم محمد امين پکن ڌڻي جو خاص خدمتگار بڻيو. “پريل” مرثيه گو شاعر هو. سندس ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي، سواء هڪ ٻه مرثيو ۽ ڪجهه بيت محفوظ رهي سگهيا آهن.
    حاجي پريل مگسي 1852ع ۾ ڄائو ۽ هالا ۾ 1911ع ۾ وفات ڪيائين، کيس مخدومن جي خدمتگارن جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو، سندس مرثيي جو نمونو هن ريت آهي.
    چاليهن ڏينهن آيا حرم قتـــــــــــــــــــل گاه ۾،
    تڏهن آسمان زمين هئـــــــــــي ماتم نگاه ۾،
    ڪعبي ڪئي شڪل غرق لباس سياهه ۾،
    ماتم ۾ ماهه سج ٿــــــــــــــي سريـو بارگاه ۾.
    آلِ رسولؐ آه کؤن منهن تي نقاب هو،
    پطرس ۽ جبريل جگـــر دل ڪباب هو. (10)

    غلام محمد ”مغموم“
    مخدوم غلام محمد ”مغموم“، درگاه حضرت مخدوم نوحؒ جي پندرنهن سجاده نشين مخدوم ظهيرالدين عرف پروڄام جن جي گهر 14 فيبروري 1986ع تي جنم ورتو. پاڻ پنهنجي والد کان پوء درگاه حضرت نوحؒ جا سورنهن سجاده نشين بڻيا. پنهنجي وقت جا عربي، فارسي جا ڄاڻو هئا. اڪثر اوقات “ديوان حافظ” جومطالعو ڪندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌي کان پير جهنڊي واري مدرسي ۾ پڻ تحصيل ڪيائون(11).
    مخدوم غلام محمد اعلى اوصاف جا مالڪ هئا. گهڻو تڻو خاموش رهندا هئا ۽ دشمنن سان به خلوص ۽ سخاوت سندن اعلى ڪردار جي ساک ڀري ٿي (12). دور جديد جي نامياري شاعر، عالم ۽ اديب مخدوم محمد زمان طالب المولى سندن فرزند هئا. مغموم سائين به شاعراڻو ذوق شوق رکندڙ هئا. سندن گهڻو ڪلام اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي. سندن ڇپيل مختصر ڪلام مان اطهار اهليبت سان عقيدت ۽ سڪ ظاهر آهي.
    مخدوم غلام محمد ”مغموم“ 15 ڊسمبر 1944ع تي هي جهان ڇڏيو(13) هت چيل سندن هڪ سه حرفي جا ڪجهه بند نموني طور ڏجن ٿا.

    اعلى آهه افضل اڪمل و اڪبر علــــــــــــي،
    آن امام است اتقيا را اول و آخر علــــــــي،

    بهادريت شڪن بدر الدجى بوذر جو پيــــر،
    باعمل بي مثل بهتر بعد پيغمبر علــــــــــي.

    غالب ڪل غالب تي غلام محمد جو پير،
    غرق در بحر فنا از غايت اظهر علــــــــــــي.

    يدالله فوق ايديهم ثنا ساجد جو شــــــــــــان،
    ينفقوني في سبيل الله، تون ياور علــــي.(14)

    مخدوم احمد علي
    مخدوم احمد علي عرف غلام رسول 1886ع ۾ مخدوم غلام نبي عرف ميان پنيلڌو جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. پاڻ حضرت مخدوم نوحؒ جي اولاد مان هو. ديني تعليم مدرسن مان حاصل ڪيائين. سنڌي کان سواء عربي ۽ فارسي جي چڱي ڄاڻ رکندڙ هو. پر ان جي باوجود شاعري فقط سنڌي ۾ ڪئي اٿس، غزل، ڪافي ۽ مرثيو اڪثر لکيو اٿس. سندس سارو ڪلام اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي.
    مخدوم صاحب 29 ڊسمبر 1938ع تي وفات ڪئي. کيس وصيعت مطابق ڪربلا معلى ۾ دفن ڪيو ويو. هت مخدوم احمد علي جي مرثيي جو نمونو پيش ڪجي ٿو:
    يارو ٻڌو ته خالق اڪبر جي واسطـــــــــــــــي،
    انصاف سان جواب ڏيو حيدر جي واسطي،
    جا بوسگاهه ٿي هئي پيمبر جي واسطـــــــي،
    يا ظالمن جي برش خنجر جي واسطـــــــــــي. (15)

    زوار مولابخش
    زوار مولابخش 5 جنوري 1887ع تي محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر هالا ۾ جنم ورتو. تعليم فقط ابتدا ۾ خٿابن مان حاصل ڪيائين. 1908ع کان شاعري ڏانهن توجهه وڌيس ۽ مرثيو، غزل ۽ قصيدو لکڻ شروع ڪيائين. خاص طرح مرثيو گهڻو لکيو اٿس جيڪو سندس سڃاڻپ آهي.
    زوار مولابخش جي مرثين جو تعداد 80 کن آهي ۽ هر مرثيي ۾ ويهه کان پنجويهه بند آهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته زوار مولابخش لکي پڙهي نه سگهندو هو، ان ڪري هميشه پاڻ مرثيو چوندو ويندو هو ۽ ٻئي کان لکرائيندو هو. هالا جي هن مرثيه نويس 27 جولاء 1977ع تي وفات ڪئي. سندس مرثيي جو نمونو هن ريت آهي:
    جڏهن ڪوفي جي مسجد ۾ ويو الله جو پيـــــــــــــــــــــــــــارو،
    نبي جو لحمڪ ولعي علي المرتضى يـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارو،
    مبارڪ مـــــــــــــــــــــــــــــــــاهه ۾ غازي وڄائي ويو هليـــو وارو،
    ڦِريو ملجم جو پٽ ملحد خدا ڪيو جنهن جو منهن ڪارو،
    کڻي خنجر هنيو خارج محمد جي برادر کـــــــــــــي،
    ڪيو سجدي ۾ زخمي ان خليفي خاص دوار کي.

    ٿيو زخمي عبادت ۾ جناب حيــــــــــــــــــــــــــــــــــدار ڪـرار،
    خدا جي پاڪ سجدي ۾ ڀريو رت سان ســــو روزي دار،
    ڀريو منهن پاڪ سڀ سارو سڄي پيشاني ٿي خونبـــــار،
    حقيقت هي وڃي پهتي جڏهن ڪوفي جي منجهه بازار،
    اچي مسجد مبارڪ ۾ مڙيو انبوهه عالــــــــــــم جو،
    نهاريئون ٿي گهڻو بيحد پتو پيو ڪونه ظالم جو. (16)

    مخدوم محمد صالح ڀٽي
    مخدوم محمد صالح ڀٽي، مخدوم ابراهيم ڀٽي ”صوفي“ جي گهر هالا پراڻـــــــــــــا ۾ 8 مئي 1889ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان حاصل ڪري سنڌ مدرسة الاسلام مان باقي تعليم مڪمل ڪئي ۽ اتي ئي استاد مقرر ٿيو، ان بعد ڀَٽِي صاحب تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي 1944ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي.
    مخدوم صالح ڀٽي پنهنجي وقت جو بهترين اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي هن شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن جا سر ڪيڏارو ۾ چيل بيت ڇپيل آهن جن ۾ سانحه ڪربلا جو پُر اثر ذڪر ٿيل آهي. مخدوم صاحب جو والد پڻ پنهنجي وقت جو اعلى شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ڪلام محفوظ آهي پر اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي. مخدوم صالح ڀٽي 27 ڊسمبر 1953ع تي وفات ڪئي. سندس ڪيڏاري جو هڪ بيت نموني طور هن ريت آهي:

    ذڪر شهادت شاهه جو آ بحر بي پايــــــــــــــــــــــــــــــان،
    ڪري سگهندو ڪونه ڪو موزا او ميـــــــــــــــــــــزان،
    مٿي وسايائون مينگهه جيئن تيرن جو بــــــــــــــــاران،
    ڪهي ڪافر ڪيترا ڪيائون حملي سان حيـــــــــران،
    نو سونو لڳـــــا جسم ۾ ته به ساراهيئون سبحـــــــان،
    هو خون جاري زخمن مان ۽ ذڪر حق زبــــــــــــــــــــان،
    تڏهن خنجر کڻي خارجي هليو جلد ڪري بـــــــــــولان،
    قبله رُو منهن ڪري ويٺو سيد شاهه سبحـــــــــــــــــــــان،
    نيت ڪر نماز جي رڪن ڪيائين ارڪــــــــــــــــــــــــــان،
    تيرها طلـــــــب تمام ڪري ڪيو نامـــــــــــــــــــــور نـڌان،
    سِر سجـــدي ۾ سلطان، ڏيئي مرڪيو محشر ماڳ ۾.(17)

    عيسى عاجز هالائي
    محمد عيسى عاجز هالائي، قاضي محمد يوسف لاکو جي گهر ڳوٺ سليم راهو ۾ 1902ع ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم خٿابن ۽ مدرسن مان حاصل ڪيائين. 1934ع کان شاعري ڪرڻ لڳو. شاعري ۾ حاجي اسحاق نانوائي ۽ اختر هالائي کان اصلاح وٺندو رهيو.
    عاجز جو ڪلام سلام، نوحه، مرثيو، تضمين، نظم، غزل، مثنوي، رباعي، مستزاد، فرد، ڪافي، مسدس ۽ مخمس جي صورت ۾ اڃا تائين ٽريل پکڙيل حالت ۾ اڻڇپيل آهي. هن ٿوري وقت اندر هالا ۾ سٺا مرثيه جوڙيندڙن ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ٺاهي. سندس وفات هالا ۾ 1985ع ۾ ٿي. هت سندس مرثيي جا ٻه بند نموني خاطر ڏجن ٿا.
    اڄ روزه شهادت آ غريب الغربا جـــــــــــــــــــو،
    اڄ روزه شهادت آ راضيءِ رضا جـــــــــــــــــــــو،
    اڄ روزه شهادت آ بس وطنِ جدا جـــــــــــــــــو،
    ڪاظم جي جگر بند جو يعني ڪ. رضا جو،
    اڄ روزه شهادت آ مهمان خراســــــــــــــــــــــــــان،
    جو خواهرِ بيڪس وئو ڇڏي گهر ۾ هراسان.

    اي يارو هي غم ناهي ڪي ڪم از غم شبير،
    حضرت جي هُئي ٻاس دم ذبح ته همشيـــــــــــــــر،
    پر هاءِ رضا کان ٿي جدا خواهر دلگيـــــــــــــــــــــر،
    ايران ۾ مسافر ڪيو ان کي نيئي تقديــــــــــــر،
    تقدير خراسان ۾ رکيو ڀاءُ کي قبــــر ۾،
    پر ڀيڻ جو مدفن به بنيو قم جي شهر ۾.(18)

    مخدوم طالب المولى
    مخدوم محمد زمان طالب المولى مخدوم غلام محمد ”مغموم“ جي گهر 4 آڪٽوبر 1919ع تي جنم ورتو ۽ 11 جنوري 1993ع تائين پاڻ درگاه حضرت مخدوم نوحؒ جا سترنهن سجاده نشين هئا.
    مخدوم صاحب شاعري ۾ غزل، نظم، بيت، ڪافي، بيت، فرد، رباعي، چؤسٽو ۽ مرثيو پڻ چيو آهي، ان کان سواء نثر نويسي ۾ به پنهنجو پاڻ موکيو اٿن. سندن شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد ٻاويهه کن ٿيندو. مخدوم صاحب هالا جي ڪيترن ئي ادبي تنظيمن ۽ تعليمي ادارن جا روح روان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جا ٻه ڀيرا چيئرمين رهي چڪا آهن. سندن علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان طرفان کين 1965ع ۾ تمغه پاڪستان ۽ 1992ع ۾ هلال امتياز جا اعزاز ڏنا ويا.
    مخدوم طالب المولى هڪ روحاني رهنماء، شاعر، اديب سان گڏوگڏ هڪ مدبر سياستدان پڻ هئا. پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جا باني ميمبر ۽ ان ئي پليٽ فارم تان پاڪستان قومي اسيمبلي جا چونڊيل عوامي نمائنده پڻ رهيا. هت سندن مرثيي جا ٻه بند نموني طور ڏجن ٿا:

    عزيزو مَرهم زخم جگر نه ٿيندو ڪـــــــڏهــن،
    ڪنهين کان چَاره داغ پِسر نه ٿيندو ڪــــــڏهن،
    هي درد اهڙو آ جو بي اثر نه ٿيندو ڪــــــڏهن،
    هزار صبر ڪري ڪوئي پر نه ٿيندو ڪڏهن،
    امامؑ دين کان چشم و چراغ ٿئي ٿو جــــــدا،
    جواني علي اڪبرؑ جي باع ٿئــي ٿو جــــــــدا.

    تلف جڏھ ٿي شهه خُوش خِصال جي دولت،
    لُٽي عَدوُ يا بُدرِ ڪمال جي دولــــــــــــــــــــــت،
    تباهه ٿي نبئيؐ ذوالجلال جي دولــــــــــــــــــت،
    ملي آ خاڪ ۾ زهراؑ جي لال جـــي دولــــــت،
    نه جـــــــــــان تَنَ ۾ نه بينائي چشـــــم تر ۾ رهي،
    نه سا خوشي شهه دنيا و دينءَ جي گهر ۾ رهي.(19)

    نور علي:
    نور علي نالي هڪ شاعر جو هڪ مرثيو هٿ اچي سگهيو آهي، البته ان جي زندگي بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. گمان غالب آهي ته نور علي جو مڪمل نالو سيد نور محمد شاھ آهي نور علي تخلص ڪندو هو. ويجهڙائي واري دور ۾ وفات ڪري ويو آهي. جيئن ته هي هالا جو مرثيه گو شاعر هو، ان خيال سان اسان هت هٿ آيل هڪ مرثيي جا ٽي بند نموني طور ڏيون ٿا.

    شال ڪنهنجو نا مري پٽ نوجـــــــــــــوان،
    شاھ جو پٽ جهڙو اڪبر پهلـــــــــــــــــــوان،
    موت اهڙي پٽ جو آهي ڪُک جو ڪان،
    داغ اهڙو آهي ڪنهن کئون الامــــــــــــــان،
    پٽ مري ۽ پير پيءُ جيئـــــــرو رهي،
    ناهي ممڪن داغ اهڙو ڪـــــو سهي.
    ٿو ڪري راوي هي احوال خليــــــــل،
    راھِ حق ڪيائين ٿي قربان اسمٰعيـل،
    تڏ اکيون ڪيئن بند باحال عليــــــــل،
    پر ڏسو هيءُ شاھ جو صبر جميــــــل،
    ٿيـــــــو ڪُسي جڏ راه حق فرزند خدا،
    ســـــــــــر بسجده شاھ ڪيو شڪر خدا.
    ٿيو جدا يوسف جڏھ يعقوب کــــــــان،
    ٿي رنو يعقوب با آھ و فغــــــــــــــــــان،
    هئا اگر يعقوب کي فرزند گهڻـــــــان،
    ۽ نه يوسف ٿيو قتل اکين اڳيــــــــان،
    پــــــــر ٿيو سامهون شاھ جي دلبر قتل،
    ڇا ڪري بلبل ڏسي ڪرندو وڃي گل.(20)

    سيد مڱيل شاھ
    سيد مڱيل شاھ سبزواري تخلص “مڱيل” 1952ع ۾ هالا پراڻا ۾ جنم ورتو. سندس وڏو ڏاڏو سيد مير ڪلان شاھ، حضرت قلندر شهباز سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو. سندس شجرو حضرت امام موسى ڪاظم سان ملي ٿو.
    مڱيل شاھ سٺو شاعر هجڻ سان گڏوگڏ بهترين خوشخط پڻ هو. هو علم حڪمت، رمل، نجوم، قيافه، روحانيت ۽ جعفر ۾ ڄاڻ رکندڙ هو. هن شاعري جي مڙني ضنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر خاص ڌيان مرثيي تي ڏنو اٿس. پاڻ ڪجهه عرصو اڳ وفات ڪري ويو. سندس سمورو ڪلام اڻڇپيل آهي. سندس مرثيا، نوحه ۽ سلام هالا ۾ پڙهيا ويندا آهن. هن وقت هت سندس مرثيي جو هڪ بند نموني طور ڏجي ٿو:
    اول بسم الله سان ڪريان شروع ٿو هي حقيقت آھ،
    سڀ.ئي تعريف رب جي جنهن بنائي ساري خلقت آھ،
    از بعدِ خدا حضرت محمدؐ جي رسالـــــــــــــــــــــــــــــــت آھ،
    رسالت جو اجر آلِ محمدؐ سان مــــــــــــــــــــــــــــــــــودت آھ،
    مگر امت رسالت جو ڏنو اهڙو اجــــــــــــــــــورو هئي،
    شجر ڪاٽي ڪيئون باغ نبيؑ ويـــران سمورو هئي.(21)
    اسان پنهنجي هن مختصر مطالعي ۾ هالا جي مرثيه نويس شاعرن جو تذڪرو ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪن ٻين موضوعن وانگر هن موضوع متعلق ڪو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي. ڪيترا اهڙا مرثيه نويس شاعر آهن جن جي مرثين جا بياضَ قلمي حالت ۾ موجود آهن ته ڪن جا مرثيه ڏاڍي شوق سان پڙهيا ۽ ٻڌا وڃن ٿا، پر اهڙو ذخيرو ٿوري تعداد ۾ ڪنهن هنڌ يڪجاءِ ٿيل آهي ۽ بلڪل ئي نه شايع ٿيل آهي.
    هــــــالا جي ذڪر ڪيل هنن مرثيه نويسن کان سواء محمد رمضان اولياء، حسيـــــن بخش ميمڻ، فتح محمد شيخ، محد اسماعيل ميمڻ، انور هالائي، سوز هالائي، حميد شهيد سيف بخاري ”تنها“، نور علي سمون، اياز احمد اياز، جاويد سوز هالائي، خان محمد ميمڻ پڻ سانحه ڪربلا جي ڏکوئيندڙ واقعي بابت نوحه، قصيدا، سلام چيا آهن.
    *****

    حوالا
    1. خان بهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ص134، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 2000ع.
    2. سنڌ جي ادبي تاريخ، ص136،
    3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ جو رسالو- رسالي جو ڪلام(جلد ڏهون) ص29، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد، سنڌ 1996ع
    4. مخدوم صالح ڀٽي، ڪيڏارو، ص12-10، ناشر: محمد امين ۽ محمد اشرف ڀٽي، بار دوم؟
    5. ڪيڏارو، ص43-42
    6. ڪيڏارو ص48
    7. مرزا عباس علي بيگ (ترتيب)، ڪليات ثابت علي شاھ، ص15، اسلامڪ ڪلچر انيڊ ريسرچ سينٽر ڪراچي.
    8. مرزا امام علي بيگ، سنڌ ۾ مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص263، Ph.D لاء تحقيقي مقالو (اڻڇپيل) 1995ع
    9. پروفيسر محبوب علي چنه (مرتب)، ڪليات امين، ص8-207، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1990
    10. مخدوم طالب المولى، درناياب عرف يادرفتگان، ص43، سنڌي ادبي بورڊ 1994ع
    11. در ناياب عرف ياد رفتگان، ص145
    12. مخدوم جميل الزمان، تذڪره مخدومان هالا، ص287، طالب المولى اڪيڊمي هالا، 2001ع
    13. تذڪره مخدومان هالا، ص304
    14. تذڪره مخدومان هالا، ص7-6-295
    15. ڪليات ثابت علي شاھ، ص34
    16. بياض مولابخش، قلمي، مخمور بخاري
    17. ڪيڏارو، ص140-139
    18. بياض عيسى عاجز هالائي، قلمي: مخمور بخاري
    19. مخدوم طالب المولى، شان حسين ص8-116، اشاعت زير سرپرستي، مخدوم خليق الزمان، مرتب: جليس جعفري، 2005ع
    20. سنڌي مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص359
    21. سنڌي مرثيا نويسي جو تحقيقي جائزو، ص379


    ساروڻيون

    سکر سي ئي ڏينهن : محمد اسماعيل عرساڻي

    يارهين وارو مهينو، ربيع الآخر کي چئبو آهي، تنهن ۾ هالن پراڻن ۾ ميلو لڳندو هو. مائٽ پنهنجي ٻارڙن کي اُهي ميلا گھمائڻ وٺي ويندا هئا... ماڻهو جڏهن قبرستان وٽ پهچندا هئا ته عقيدت مند وچان اُٺ توڙي ڪنهن سواريءَ تان لهي پوندا هئا، ۽ ٿورو اُتي ترسي ختمه بخشيندا هئا... ماڻهو يارهين يا خاص مهيني محرم ۽ رمضان ۾ قبرستان ۾ به ويندا هئا ۽ پنهنجي بزرگن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهيندا هئا. اگر بتيون ٻاريندا هئا. پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪندا هئا ۽ ڪڪريون يا پٿريون کڻي رکندا هئا.
    ٻيلن ڀرسان رهندڙ قبيلا توڙي ماڻهو ٻيلي ۾ مال چاري ان تي گذران ڪندا هئا... سنڌي ماڻهو، سيد يا عرب جي موجودگيءَ کي پنهنجي لاءِ برڪت جو باعث سمجھندا هئا. عرب پار جي ڪانگل جي عزت ڪرڻ سعادت سمجھندا هئا.... پڙهيل ماڻهن کي اڻ پڙهيلن يا عام ماڻهن وٽ سڪون محسوس ڪونه ٿيندو هو.... اڳي رواج هوندو هو ته جيڪو پٽ يا اولاد ربيع الاول يعني عرس جي مهيني ۾ ڄمندو هو، تنهنجو نالو عرس رکبو هو يا کيس عرس سڏيو ويندو هو.... ماڻهو نياڻيءَ جي ڏاج ۾ حال سارو ڏيج ڏيندا هئا ۽ ورلي ورثي ۾ ملڪيت جايون به ڏيندا هئا. ڪارڙا ميمڻ جيڪي ميرن جي زماني ۾ فوجي هوندا هئا، تن کي زمينون پڻ مليل هيون .... تعليم ابتدائي طور قرآن شريف، سنڌي ۽ ٿورڙي فارسي ڏني ويندي هئي.
    هالا نون جون سوسيون، گربيون ۽ ٻيو چيڪ جو اُڻيل ڪپڙو جو عام طرح حيدرآباد جا عامل، ديوان ۽ ٻيا پائيندا هئا. هندو پتلون ۽ پاجامن لاءِ ڪم آڻيندا هئا. گڏو گڏ ڇريل چانديون، اجرڪ، بافتو ۽ ململ وغيره پائيندا هئا..... تڏهن هالن ۾ ريل ڪانه هئي. حيدرآباد اچڻ لاءِ ٽي اسٽيشنون هونديون هيون. شهدادپور، ٽنڊوآدم، ۽ اڏيرو لال .... هالن جا واپاري حيدرآباد ۾ سوسيون،گربيون ۽ چيڪ نيڪال ڪري اُتان بافتو ململ وغيره خريد ڪندا هئا .... تڏهن ڪميٽي امتحان ڏيڻو پوندو هو، جنهنکي پوءِ فائنل چيو ويندو هو. جڏهن حيدرآباد ۾ تپيداري اسڪول نه هوندو هو، تڏهن سڌو سنئون سفارش تي تپيداري نوڪري ملي ويندي هئي.
    رواج موجب شاديون بدي تي ٿينديون هيون .... اسان جي چاچي جي جيڪا ڄڃ هالن کان شهدادپور اسٽيشن تي آئي، تنهن ۾ پندرنهن کان ويهه ڪجاوا ۽ ٻيا مهيري اُٺ قطاريل هئا. تنهن زماني ۾ حيدرآباد شهر مان شادي ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو ..... جڏهن پهريون پُٽُ ٿيندو هو ته شُڪراني جا شاديانا ڪيا ويندا هئا. مهمانن کي دعوت ڏيئي گھرائي ماني کارائي ويندي هئي. ناچڻيون گھرائي مٿن گھور ڪئي ويندي هئي.
    هاڻوڪي نور محمد اسڪول، کي تنهن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيو ويندو هو ...... چوٿين درجي ۾ پهريون نمبر پاس ٿيڻ تي سرڪاري اسڪالر شپ ملندي هئي. ايستائين بي.اي تائين اسڪالر شپ پڻ ملندي هئي .... تنهن دور ۾ ڪمشنر جا درٻار به ٿيندا هئا، جيڪو هڪ وڏو اعزاز سمجھيو ويندو هو .... فارسيءَ جو به گھڻو واهپو هو ۽ ماڻهو ديوان حافظ گھڻو پڙهندا هئا ..... وڏا جاگيردار، خاص ماڻهن کي زمين بنا ڍل به ڏيندا هئا.
    هالا شهر ويجھو علي گنج يا پاهڙ واهه هوندو هو. جتي گھاٽ تي غسل لاءِ مرد توڙي عورتن لاءِ چاڙهيون ٺهيل هونديون هيون. جتي عام ماڻهو وهنجندا به هئا ته ڪپڙا لٽا به ڌوئندا هئا. ننڍي وهيءَ وارا ڇوڪرا ۽ جوان پاڻيءَ ۾ ترندا ۽ ڏاهيءَ راند ڪندا هئا.
    زمين تي نار چاڙهيا ويندا هئا، جن جا پڙوها پڪين سرن سان اوساري ٿيل هوندا هئا. انهن نارن تي انبن جا ڪجھ وڻ ۽ گيدڙيون بيٺل هونديون هيون. اسان وٽ اُٺ، ڏاند، ڳئون، مينهون ۽ هرڻين جھڙيون بريون ٻڪريون ۽ ٻيو مال گھڻو هوندو هو. جن لاءِ مستقل طور ڪِڙَ ۽ مَنَهن ٺهيل هوندا هئا ۽ هر هڪ لاءِ نگران خدمتگار هوندا هئا. ڍورن جي ڏاري ۽ چاري لاءِ جدا جدا آهرا هوندا هئا، جن ۾ وڏا ڪونار پڪيءَ طرح بند ٿيل هوندا هئا. گھٽ ۾ گھٽ اٺ، ڏهه وڏا مٽ زمين ۾ کُتل هوندا هئا، جن ۾ کڙ پسايو ويندو هو ۽ مٽرن جي ڏاري ۽ ڪَڪڙن پُسائڻ لاءِ وڏا ڀاري ٺڪر جا ڪونار هوندا هئا، جن ۾ ڇاڻ ۽ چونو ۽ ڪَڪڙن سان گڏ ڏارو پسايو ويندو هو ... ٻه همراهه ته رڳو مال جي ڪُتر لاءِ مقرر هوندا هئا. تنهن وقت اڃا ڪُتر جون هٿ واريون مشينون رائج نه ٿيون هيون. تنهنڪري ڪُتر جا، مڻين منهن لڳندي هئي.
    ڏاندن لاءِ ٻاجھريءَ جي اٽي جا ٿلها روٽ اڌ ڪَچا اڌ پڪا پچايا ويندا هئا، جن ۾ آڱرين سان سوراخ ڪري ڄانڀي جو تيل وڌو ويندو هو. ٻئي پاسي ٻٻرن جا چيچڪا ۽ پلڙا، جيڪا پڻ مال لاءِ هڪ طاقتمند خوراڪ سمجھي ويندي هئي، سا هميشه موجود رکي ويندي هئي. ڇَنن ۽ مَنهنِ سان لڳ هڪ لانڍي ٺهيل هوندي هئي جيڪا اوطاق طور ڪم آندي ويندي هئي ۽ ان کي هڪ ڏاڪائون در هو. اندر هڪ طرف ٻه ٽي منجا ۽ پنج ڇهه مَنجيون پيل هونديون هيون ته ٻئي پاسي مٽرن جي ڏاري بوسي ۽ ڪڪڙن جون ڳوڻيون حفاظت سان رکيل هونديون هيون ۽ کڙ جون ناريون هڪ ٻئي مٿان مناري جيان اونڌيون رکيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون. آئي وئي يار سنگتيءَ سان ڪچهري اتي ٿيندي هئي ۽ مانيءَ ٽڪيءَ جي آڌر ڀاءُ ۽ آرام لاءِ اهائي هوادار لانڍي هئي، جيڪا هاڻوڪي بنگلن کان به وڌ رونق بخشيندڙ هئي.
    ماهئي مال لاءِ هڪ سان، ڳائي مال لاءِ سان ڍڳو ۽ اوٺي مال لاءِ چانگو ۽ گھوڙين لاءِ هڪ مڪڙو گھوڙو به رکبو هو. امير ماڻهن وٽ چڙهي لاءِ گهوڙا هوندا هئا. تپيدارن وٽ گھوڙا هوندا هئا ..... جڏهن ته مخدوم صاحبن کان هڪ گھوڙو خليفن کي مليل هوندو هو..... هر هڪ جانور لاءِ جدا جدا ڪُڙهيون ٺهيل هونديون هيون. گھوڙن ۽ گھوڙين لاءِ هڪ هاري سيس طور مقرر ٿيل هوندو هو، جيڪو پهريداريءَ جو فرض به بجا آڻيندو هو. گڏو گڏ بابا سائين، مخدوم صاحب جن کان هميشه ٻه شڪاري ڪتا، جيڪي سندن لوڌ جا هوندا هئا، خاص عنايت وٺندو هو. نه ته لوڌ جو ڪتو ڪوبه امير ماڻهو ڪنهن کي نه ڏيندو هو، جو اهڙا ڪتا نهايت قيمتي هوندا هئا ۽ هر هڪ ڪتو ڏهن پهريدارن جي برابر هوندو هو.
    نارن تي مينهن جا پاڏا ۽ وڇون هڪ طرف، ته ڳئن جا گابا ۽ گابيون ٻئي پاسي، ٻڪرين جا ڇيلا ۽ ڇيليون ٽئين طرف، اُٺن جا گونرا ۽ گونريون چوٿين طرف، ته گھوڙن جا وڇيرا ۽ وڇيريون پنجين طرف. مينهون اهڙيون ته ڀَليون هونديون هيون، جو اُهي مهلن تي اڌ اڌ مڻ کير ڏينديون هيون، ته ڳئون ڏهه ٻارهن سير ۽ ٻڪريون چار پنج سير. شام جو ڏهائي ٿيندي هئي ته ساڙهن ۾ گوهن جي گھوگھو لڳي ويندي هئي. اميرن جو مڻين منهن کير ٿيندو هو، جو هاري ناري هڪ پاسي پيئندا هئا، گھر ۾ روزانو ساڙها ڀرجي جدا ايندا هئا، ته مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ الڳ موڪليو ويندو هو. کير ڀٽارو ڪافي انداز ۾ ڄمايو به ويندو هو ۽ صبح جو مايون هارياڻيون اسان جي گھر ۾ اچي اهو ولوڙينديون هيون ۽ جنڊيءَ چڙهيل منڌيون، جن ۾ ڪوڏين ڀريل ٽونر پيا لٽڪندا هئا، تن جي ولوڙن جو آواز ڏاڍو ڪنن، دل ۽ دماغ کي پيو سيبائيندو هو. اوڙو پاڙو، غريب غربو ۽ اوکي سوکي ڏڌ گھرندو هو، ته کيس ڪشاده دليءَ سان دکيون ڀري ڏنيون وينديون هيون. ٻارن وارين غريبن عورتن کي دُڪي لاءِ مکڻ مفت ڏنو ويندو هو. جڏهن مکڻ جا ڀريل ڪنگر گڏ ٿيندا هئا، تڏهن اهو مکڻ تپائي گيهه ڪيو ويندو هو .... ۽ وسلڻ جي کائڻ لاءِ سڀ پاڙي جا ٻار اچي گڏ ٿيندا هئا، جي کائي چڙهه ڪندا هئا.
    زميندارن کي ڀلن وهٽن ڌارڻ جو نهايت گھڻو شوق هوندو هو. لاڏُو اُٺ، اُن، ڦٌــٽيون ۽ ٻيلي مان ڪاٺيون ڍوئيندا هئا ۽ نارن ۾ وهندا هئا ته مهري اُٺ سواريءَ لاءِ رکيا ويندا هئا. جن لاءِ مير جت اوٺي خاص مقرر ڪيل هوندا هئا. اُٺن جا ساز، جھڙوڪ لاڏو اُٺن لاءِ پلڻ ۽ ڪجاوا ۽ مهري اُٺن جا پاکڙا، جھلون، نتون (نتُون) ۽ ٻيو گاشي جو سامان ۽ اُٺن جي ڳچيءَ ۾ ٻَڌڻ لاءِ چانديءَ جون ڳانيون هونديون هيون. گھوڙائن وهٽن لاءِ نَل، ٿڙها، هَنا ۽ ٻيا ساز هوندا هئا. اُهو سامان اڪثر ڪري پٿوري جي ميلي تان خريد ڪيو ويندو هو. ڏاندن کي پيتلي ٽَليون، ٻڪرين کي لوهي چَڙيون ۽ مينهن ڀٽارين کي ڳچيءَ ۾ گھنڊلا ٻَڌا ويندا هئا. گھوڙن جو هڻڪارون، مينهين ڀٽارين جون ڍِڪون، ڳئن جون رنڀون، ٻڪرين جون ٻيڪون ۽ ننڍڙي مال جا ننڍڙا ڪومل آواز!! برسات کان پوءِ جڏهن مک ۽ مڇر ٿيندو هو ته پوءِ مال ڀٽاري جا ڪَنَ ۽ پُڇَ پيا لُڏندا هئا ۽ ڄاري ڀڄائڻ لاءِ واهو يا ڀَترَ ۽ ٻيو سائو ڪک پن ساڙي دونهيون دُکايون وينديون هيون ۽ گھوڙائين ۽ ماهئي مال جي پُٺيءَ تي ٽپڙيون وڌيون وينديون هيون، ته مڇرن جي چڪن کان بچيل رهن. جڏهن پَٽن ۽ پوٺن تي چراگاهه اُڀري پوندا هئا، تڏهن پنهنجو مال اڪثر وسن تي به موڪليو ويندو هو. مال جي سک لاءِ زميندارن وٽ پنهنجي هُڙي به هوندي هئي .... ۽ اڪثر وقت سرڪاري پنچريءَ ڏيڻ سان مال ٻيلي ۾ به موڪليو ويندو هو.
    انهيءَ زماني ۾ سال ۾ عام واهن تي رڳو خريف جو هڪ فصل ٿيندو هو. درياءَ ۾ جڏهن چاڙهه ٿيندو هو. تڏهن پاڻي پاڻمرادو وهي اچي واهن ۾ پوندو هو ۽ واهه وهڻ لڳندا هئا. واهن جي وهڻ کان ٿورو وقت اڳ واهن کي کاٽي کٽائڻ لاءِ ڇيڙون نڪرنديون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي حد ۾ هرڪو کامڙين کي کاڌو کارائيندو هو. ڳڙ جي تهريءَ جون ديڳيون لهرائيون وينديون هيون، ۽ ڏاڍي مزيدار ٿيندي هئي. پاڻي وهي اچڻ کان اڳ نارن چاڙهن جي نوبت ايندي هئي. واڍا ڪم ۾ لڳي ويندا هئا ۽ چڪريون، ڳاڌيون، لٺيون ۽ ڍينگا سڀ درست ٿيڻ لڳندا هئا. کِپُ ۽ ڊَڀن جا ڍير گڏ ٿي ويندا هئا ۽ مالهي مالهون وٽڻ ۾ مشغول ٿي ويندا هئا، جن کي ڳُڙ جون ڳرهاڙيون يا بُسريون کارايون وينديون هيون. ڪنڀار، ڪنگرن جا گڏهه ڀري اچي لاهيندا هئا، جن کي مالهه ۾ ٻنڌڻ سان ٻَڌو ويندو هو. هَرَن ٻَڌڻ تي به ڇيڙون هلنديون هيون. پهريائين لاهه ڪڍي پوءِ ڪنڊا ڪڙڇ گڏ ڪري ڪُهڙ ساڙيا ويندا هئا. اڏون درست ٿينديون هيون، ٻنا ٻڌبا هئا، ٻارا ٺهندا هئا، کڙ ڀڄندا هئا. تَرُ يا سانهر گھمائبو هو. چرخي پوک ۽ موڪي پوک ٿيندي هئي. ربيع يا چيٽ جي فصل ۾، سيلابي زمين آباد ڪئي ويندي هئي، جيڪا درياءَ جي چاڙهه وقت درياءُ ٻوڙيندو هو ۽ ان ۾ ڪافي سيلاب رهندو هو ۽ اُتي ڪڻڪ، مٽر، مڱ، ۽ چڻا نهايت ڀلا ٿيندا هئا ..... اهو فصل ناڙيءَ تي ڪيو ويندو هو، ۽ ناڙي هڪ ڏينهن ۾ ڪئي ويندي هئي، جنهن تي پڻ ڇيڙ وهندي هئي ۽ مٺن چانورن جون ديڳيون هڪ طرف لاٿيون وينديون هيون ته ڳڙهاڙيون ٻئي پاسي پچائي ڪم وارن همراهن کي کارائبيون هيون.
    جن ماڻهن جون زمينون پاهڙ واهه جي پرينءَ ڀر هونديون هيون، تن کي جڏهن واهه وهي ايندو هو، تڏهن کين يا ته هالن جي سرڪاري آفيس واري موريءَ کان ڦري وڃڻو پوندو هو، جيڪو پنڌ سهنجو ٿيندو هو، يا ته نارن جي سامهون واهه جي آرپار هڪ ڪاٺي رکائي ويندي هئي، جيڪا چڱيءَ طرح گھڙائي تختي جيان سڌي ڪئي ويندي هئي ۽ واهه جي ٻنهي پاسن کان اُڀيون ڪاٺيون کوڙي تن ۾ هڪ نوڙ ٻَڌو ويندو هو، ته ڪاٺيءَ تان لنگھڻ مهل ان جو سهارو وٺي لنگھجي. هاري ناري توڙي ٻار ٻُڍا سڀ انهيءَ ڪاٺيءَ جو استعمال ڪندا هئا. جڏهن ته واهن جي پيٽ جي ويڪر ۾ مهاڻا مڇيون پڻ ماريندا هئا، جتان رڇ ۾ ڄرڪا، گندڻ، ڇيلري مڇي ۽ کڳا يا رڙا ڦاسندا هئا. مهاڻا لئيءَ جا لڪڻ سيخن جيان گھڙي ان ۾ رڙا چيري سيخ تي چاڙهي پچائي زميندارن جي پٽن کي کارائيندا به هئا. تازا رڙا پچڻ بعد نهايت لذيذ ٿيندا هئا.
    زميندارن جا ٻار يا عام ٻار نارن تي ضرور گھمڻ ويندا هئا. جيڪي ڳاڌيءَ تي ويهندا هئا، کين ڏاڍو لُطف ايندو هو. نارن جو رينگٽ هڪ عجيب سرور پيدا ڪندو هو. ٻار شرارتون به ڪندا هئا. اهي ڪتر جي لانڍيءَ ۾ سائو گاهه مُٺ ۾ جھلي، اڏيءَ تي رکي، ڪُتر جي ڪهاڙيءَ سان جيئن ڪُتر ڪرڻ جو شوق پليندا هئا، ورلي پنهنجي آڱر يا هٿ وڍائي ويهندا هئا. مون سان به هڪ ڀيري ايئن ٿيو، جو آڱر وڍجڻ سان هڪ پاسي آڱر مان رت پئي ريلا ڪري وهيو، ته ٻئي پاسي چاچا سائين مونکي چڱيءَ خاص مار به ڪڍي هئي..... ٻار اڏن ۾ وهنجندا به هئا.
    هالا ۽ ڀر پاسي واري جوءِ وچولي ۾ هئڻ ڪري اتي ڪوبه ساريال فصل ڪونه پوکبو هو. چانور يا ته ڍوري ناري مان گھرائبا هئا، جتي مخدوم صاحب جا وڏا وڏا زميندار مريد هوندا هئا، يا ته لاڙ مان کورواهي چانور ڪجھ موتيا ۽ ڪجھ رتڙيا گھرائيندا هئا.البت گھوگھاري جا سڳداسي چانور مقامي طور خريد ڪبا هئا. ربيع يا چيٽ ۾ ڪڻڪ ۽ خريف يا ڪتيءَ ۾ ٻاجھري اڇي جوئر ۽ ڳاڙهي جوئر پوکبي هئي، جنهن مان چڱي اُپت ٿيندي هئي. خاص طور اُپت ڪپھ جي فصل يعني ڦُٽين مان ٿيندي هئي، جنهن جي پوک اناج جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪبي هئي. مِٺي ڳني جي کائڻ لاءِ ڪجھ ٻارا ڪماندڙيءَ جا پوکيا ويندا هئا. باقي وونڻن پوکڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. هڪ ته زمين ڀلي هوندي هئي، ٻيو چڱيءَ طرح ڪمايل هوندي هئي. تنهنڪري اناج توڙي ڦُٽين جا فصل بلڪل ڀلا ٿيندا هئا ۽ ڪڻي مان ڪاسو ٿي پوندو هو. گُڏَ ڪرڻ جو ڪم اڪثر مايون ڪنديون هيون ۽ لاباري ۽ ڦُٽين جي چونڊي ۾ اڪثريت ماين جي هوندي هئي. جڏهن پوک نسرندي هئي ۽ سنگن ۾ داڻا ڀربا هئا، تڏهن پيها اَڏيا ويندا هئا ۽ مٽيءَ جا پنوڙا آڻي انهن مان ڳوڙها ٺاهي سُڪائي کانڀاڻين وسيلي جهار هڪلڻ ۾ استعمال ڪبا هئا. ٻوڙي پکيءَ واري جهاڙ البته اهنجي هوندي هئي، جنهن کي ڊيڄاري ڀڄائڻ لا کِٽون ٺهرايون وينديون هيون، جن ۾ سجادي جو پوڇڙ هوندو هو. جنهن مان اهڙو ته ٺڪاءُ نڪرندو هو، جو سارو جھنگل ٻُري ويندو هو.
    جڏهن اناج جي پوک پچي راس ٿيندي هئي. تڏهن لابارن جا سعيا ٿيندا هئا، ۽ ڪٿان ڪٿان جا لاهيارا اچي مڙندا هئا. سنگن ميڙن لا پَٽُ اڇو ڪري ٻاريون ۽ کرا تيار ڪبا هئا، جتي اوطاق لاءِ لانڍيون ٺاهبيون هيون. جن ۾ همراهه حفاظت لاءِ رهائبا هئا. هَلرون ٻڌڻ وقت عجيب نظارو هوندو هو. هارين جي هلر تي ”هَـلي مـَلي“ جي هونگار واقعي عجيب هوندي هئي. هلرن جو ڪم پورو ٿيندو هو، ته اَنُ اڇو ڪرڻ لاءِ وائرڻ جو دور شروع ٿيندو هو. خاص قسم جا وڏا ڇڄ جن کي گاگڙا چيو ويندو هو، تن جي ذريعي وائر شروع ٿيندي هئي. ان هڪ پاسي ته تهه ٻئي طرف، انبار لڳي ويندا هئا. ان گولائيءَ ۾ ساٿاري رکبو هو ۽ چوڌاري ٺپو لڳائبو هو، متان ٻار مان ان چوري ٿي وڃي. پوءِ حجام، ڪنڀار، ڌوٻي، واڍو ۽ مڱڻهار، جيڪي اسان جا آهتي هوندا هئا، سي آهت وٺڻ لاءِ اچي سهڙندا هئا. ان جي ماپ پاٽين ۽ ٽوين سان ڪبي هئي ۽ هي سڀيئي پنهنجو آهت وٺي کلي خوش ٿي دعائون ڪندا هئا. فقير فقري ۽ پير مرشد جو حصو ڪڍي پنهنجي کاڌي ۽ ٻج لاءِ اَنُ رکي، باقي اناج نيڪال ڪيو ويندو هو، جيڪو واڻيا ڌڙوائي، ٻار تي اچي توري تڪي ڳوڻيون ڀري سبي يا ٽنبون هڻي کڻائي ويندا هئا.
    ڦُٽين جي چونڊي وقت، مايون جيترو چُونڊو ڪنديون هيون، ان جي حصي رسد روڪڙن پئسن جي ڀيٽ ۾ ڦُٽيون وٺنديون هيون، جي شام جو ڪانڀي ۾ وجھي پنهنجي ڪکن ڏانهن موٽنديون هيون ۽ روزانو روز ائين ڪيو ويندو هو.... ڦُٽين جا اڪثر ڪري ٽي چونڊا ٿيندا هئا. جڏهن چونڊا ختم ٿي ڦُٽيون کري تي گڏ ڪبيون هيون، تڏهن انهن جا گراهڪ، جيڪي اڪثر هندو هوندا هئا، سي ڌڙواين، ڪانٽن، برڪين يا پنڊن سميت اچي منهن ڪڍندا هئا. اگھ پار اڳيئي نبريل هوندا هئا. ڦُٽين جي تور ۽ برڪين جو ڀرجڻ شروع ٿي ويندو هو. ڌڙواين جا آواز هي برڪت، هي ٻه، هي ٽي وغيره ڌڙي ڌڙي تي سُريلا آواز هڪ عجيب غريب نماءُ پيدا ڪري ڇڏيندا هئا. ڪَتل ورهائي ويندي هئي جيڪا سڀيئي چاهه چس سان کائيندا هئا.
    زميندار يا جاگيردار جڏهن پيدائش جي وڪري جا پئسا گھر ۾ آڻيندا هئا، تڏهن چانديءَ جي رپين ۽ گينين جون ننڍڙيون کاريون ڀرجي اينديون هيون. گنيءَ جي قيمت تڏهن، شايد 1920ع ڌاري، تيرهن کان پندرهن روپيه تائين هئي. هڪ هڪ خاندان کي سونيون ساهيون ۽ ٻيا چانديءَ جا زيور ميسر هوندا هئا. روڪڙ ۽ زيورن جي بچاءُ لاءِ ٽجوڙيون وٺبيون هيون. اسان ڳري ٽجوڙي ٽنڊي آدم مان خريد ڪئي هئي. تڏهن ٽجوڙيون ڪن جزوي ماڻهن وٽ هونديون هيون. جڏهن ڪو ماڻهو ٽجوڙي وٺندو هو، ته شهر يا ڳوٺ ۾ چوٻول مچي ويندو هو، ته فلاڻي وٽ خزاني جا کوهه آهن. جنهن وٽ ٽجوڙي هوندي هئي، سو شاهوڪارن ۾ ليکبو هو.
    نارن جا ڏهاڙا ايندا هئا ته مَنهن مٿان ڪدو ۽ سنڌي ساين تورين جون وليون ڇانئجي وينديون هيون ۽ انهن جي سبز ساون پتن ۽ پيلين گلن سان منهن معطر ٿي ويندا هئا، ڪدوءَ جي هرهڪ قسم جو ٻج پوکبو هو. کائڻ جا ڪدو، ميربحرن جي تنبن لاءِ ڪدو، ڳائيندڙن جي يڪتارن لاءِ ڪدو، جوڳين جي مرلين لاءِ تُنبيون، ستنامين ۽ سوامين جي لوٽين لاءِ تنبيون، مطلب ته گول ۽ ڊگھا ڪدو گھڻا پوکيا ويندا هئا. تورين مان ڪي ٻيجارن لاءِ ڇڏيون وينديون هيون، جن جي خشڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ منجھانئن ٻج ڪڍي باقي ٺلهن کوکن مان گھوڙن جي صفائيءَ لاءِ کوکرا ٺاهيا ويندا هئا. سستائيءَ جو زمانو هو، ڪنهن کي کائڻ کان جھل پل ڪانه هئي. هرڪو گھُرج آهر توريون توڙي ڪدو پٽي هليو ويندو هو..... اڏن جي ڪپرن سان ڀينڊيون لڳايون وينديون هيون ۽ وچ وچ ۾ چونرن جون ڦريون، جن کي رانهان به چيو وڃي ٿو، تن جا ٻوٽا لڳايا ويندا هئا، جن مان خوب ڍَوَ ڪندا هئا. اوٺي گوار جا ته ڪجھ ٻارا وهٽن لاءِ خاص رکايا ويندا هئا، باقي ڪاڇڻ گوار جيڪا کائڻ لاءِ مخصوص هوندي هئي، تن جا ٻُوڙا اڪثر اڏن جي ڪَپنَ سان لڳايا ويندا هئا.
    اسان جي ٻني ڏکڻ طرف کان علي گنج واهه وٽان نارن کان شروع ٿي، اُڀرندي ۾ ڊپٽيءَ جي باغ، جانورن جي اسپتال ۽ منزل گاهه طرف هوندي هئي. ۽ اُلهندي طرف هُڙي هوندي هئي.
    وِي جڏهن ڀربي هئي، تڏهن ان جي اُٿل سبب ڪنارن واري زمين سيراب ٿيندي هئي، جنهن ۾ آرائين جي پوک ڪئي ويندي هئي. آرائين ۾ گدرا، ڇاهيون، ونگا ۽ ميها پوکيا ويندا هئا. ٻنيءَ جو ڪو ٽڪر خاص پتائي گجرن ۽ لاهوري گجرن لاءِ مخصوص ڪيو ويندو هو. ڪولهي، ڀيل هاري خاص طرح ڀاڄين ۽ تماڪ پوکڻ ۾ ماهر سمجھيا ويندا هئا، تنهنڪري انهن پوکن لاءِ سندن خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. ڀاڄين ۾ ساوا مرچ، واڱڻ، ٿوم، بصر، ميٿي، پالڪ، چوڪو ڌاڻا ۽ پن گوبيون ۽ ڦل گوبيون پوکبيون هيون. تماڪ جڏهن تيار ٿيندو هو، تڏهن اُهي ساڳيا واڻيا هاري ايندا هئا، جي تماڪ وڍي، پن خشڪ ڪري پنهنجي انداز ۾ اچي پنڊيون ڀريندا هئا، جي آراضيءَ طرفان گھرايون وينديون هيون. تماڪ مان اُپت به چڱي ٿيندي هئي ۽ ڪَمين ڪارين کي به چلم ڇڪڻ لاءِ ڏنو ويندو هو. ٻه ٽي پنڊون ان مقصد سان خاص گھر ۾ سال لاءِ رکائبيون هيون ۽ باقي تماڪ نيڪال ڪبو هو. تڏهن ٻيڙي ڇڪڻ جو رواج گھٽ هو ۽ جتي ڪٿي چلم نظر ايندي هئي. مهتن جي دڪانن تي ، مسلمانن جي اوطاقن ۾ ۽ گھرن ۾ چلم جو چرچو هوندو هو.... گڏو گڏ سوالي موالي به تماڪ جي ڳوٽيءَ لاءِ سوال ڪندو هو، جنهن کي خالي نه ڇڏيو ويندو هو.
    ٻاجھريءَ جو اَنُ ٻئي اَنَ کان گھڻو رکيو ويندو هو، ڇو ته ان جي گھرج ٻئي اناج کان گھڻي پوندي هئي. گھوڙن جي داڻي ۽ مال جي کاڌي لاءِ ٻاجھري ئي بهترين خوراڪ هوندي هئي. ٻاجھريءَ جا ڪُهر رڌي مال کي کارايا ويندا هئا ۽ سارو سال ان لاءِ ٻاجھريءَ جي گھرج پوندي هئي. تڏهن ڪڻڪ کائڻ جو ايترو رواج نه هو. وچولي ۾ جوئر ۽ اسان جي پٽ هالا ۾ ٻاجھري ئي مکيه اَنُ هو، جنهن جو عام استعمال ٿيندو هو، هاري ۽ همراهه ته شڪايت ڪندا هئا ته ڪڻڪ مان سندن شڪم نه ٿو پلجي. کير، مکڻ، لسي ۽ ڌؤنرو رڳو ٻاجھري جي مانيءَ سان مزو ڏيندو هو.
    سياري جي موسم ۾ هالن جي سڄي شهر ۾ صبح سويري ٻاجھريءَ جي رٻ رڌي ويندي هئي. چانهه کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. چانهه رڳو تڏهن استعمال ڪبي هئي، جڏهن ڪنهن کي ٿڌ يا بخار ٿيندو هو، جنهن لاءِ چانهه چپٽي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجھي بيمار کي جُھنڊ ڪرائي اُٻ ڏني ويندي هئي. ٻيءَ صورت ۾ چانهه جو نالو به ڪونه ورتو ويندو هو. ٻاجھريءَ جي رٻ ٻن طريقن سان ٺاهبي هئي. هڪ ڏاري جي رٻ ۽ ٻي ڪُٽي جي رٻ. ٻاجھريءَ کي جنڊ ۾ ڏري، ڏارو ٺاهيو ويندو هو ۽ اُکري مُهريءَ ۾ ڪُٽي ڪُٽو ڪيو ويندو هو. ڪُٽي جي رٻ البت ڏاري جي رٻ کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي هئي، خاص ڪري جڏهن ان ۾ مکڻ وجھبو هو. ٻاجھريءَ جي رٻ صبح جو سوير سيءَ ۾ نيرن به هوندي هئي، ته چانهه جو به ڪم ڏيندي هئي. سياري ۾ کَني رڌڻ جوبه رواج هوندو هو.
    چانورن جيان، ٻاجھريءَ کي رڌي ان ۾ ڳائو گوشت وجھبو هو ته ٻاجھريءَ جو پُلاءُ ٿي پوندو هو، جنهن کي عرف عام ۾ کني چوندا هئا ۽ نهايت لذيذ ٿيندي هئي. گھرن ۾ عام جام نيرن ٻاجھريءَ جي مانيءَ ۽ لسي مکڻ سان ڪرڻ ۾ ايندي هئي. البت منجھند جي ماني ڪڻڪ جي پچائي ويندي هئي. تڏهن هالن ۾ ڪڻڪ جي ماني ٿورا ماڻهو کائيندا هئا. ٻهراڙين ۾ شايد ڪڻڪ گھٽ واپرائبي هئي. شهري خوشحال عورتون گھرن ۾ ڊڳڙ، اُڦراٽا ۽ چلا پچائينديون هيون. ڳاڙهي ۽ اڇي جوئر مان ڦُلا ڀوڳڙين کان ٺهرايا ويندا هئا. ۽ ڳڙ ۾ ڦلن جا مُٺيا ۽ ڳڙداڻيون به ٺهرابيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ذائقي وٺڻ خاطر جوئر جي ماني به پچائي ويندي هئي. جيڪا ڪنهن به حالت ۾ ٻاجھريءَ کان گھٽ نه هوندي هئي. چانورن جون ريون جي بچنديون هيون سي پيهائي منجھانئس به مانيون پچايون وينديون هيون. خاص طور چانورن جا چلا نهايت خوش ذائقي ٿيندا هئا. گڏو گڏ سانئون پنهنجو ٿيندو هو، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن ماني به پچائي ويندي هئي، نه ته اڪثر ڪري سانئين جي ڏاري ۾ مٺاڻ وجھي ٻاٽ ٺاهيو ويندو هو، جو کيرڻيءَ جي لذت بخشيندو هو. انبڙيءَ جو سانڌاڻو عام طرح غريب ماڻهو سنڌيندا هئا ۽ ڳنڌڻ بدران، ماني سانڌاڻي سان کائي ويلو پاري ويندا هئا. خوشحال گھرن ۾ ڪدو، ميهن، پتائي گجرن، بصر، ساون مرچن، ليمن، گوار، ڏونرن، موري، گوگڙن ۽ سرنهن جي ڳنرن جي سانڌاڻي جون وڏيون وڏيون چاڏيون، برنيون ۽ مرتبان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. انبڙين مان تيل جو آچار، سرڪي جو آچار، ۽ چٽڻي ۽ مربو ٺاهبو هو....منهنجو چاچو ڪنهن ڪنهن سال باغ به مقاطعي تي کڻندو هو. پوءِ ته انب، سنڌي ڏاڙهون، ليما، زيتون، صوفي ٻيرن جا گھر ۾ انبار لڳي ويندا هئا.
    تڏهن مخدومن جا هالن شهر ۾ ٻه عمدا باغ هوندا هئا. هڪ اوريون يا پراڻو باغ ۽ ٻيو پريون يا نئون باغ. پراڻو باغ ته بلڪل تعلقي آفيس جي پريان هو، جنهن جي ڏکڻ الهندينءَ ڪُنڊ تي مخدوم صاحب جن جو هڪ ننڍو بنگلو ٺهيل به هوندو هو. هيئنر نه اتي بنگلو رهيو آهي ۽ نه باغ. باغ وڍائي اتي زمين آبادي ڪئي وڃي ٿي. ٻيون نئون باغ جو ٿورو پر ڀرو هوندو هو، سو نهايت هڪ اعليٰ درجي جو باغ هو، هن باغ ۾ چونڊ انبن جا وڻ پوکيل هوندا هئا، جن تي مختلف نالا رکيل هوندا هئا – مثلاً: ڄمون، سدا گلاب، مصري، پتاشو وغيره. ڄمون جنس جي انبن مان سواد به ڄمونءَ جو ايندو هو ۽ خوشبوءَ به ڄمونءَ واري هوندي هئي. سدا گلاب کائبو هو ته عرق گلاب جي سڳنڌ ايندي هئي. هڪ انب جو وڻ هوندو هو، جنهن جا انب پال نه وجھبا هئا. ان جون انبڙيون ڪچيون ئي کائبيون هيون، جن کي ڪَچَ مٺي جون انبڙيون چئبو هو. تنهن سُڪار واري زماني ۾ عام انبڙيون ٻن اڍائين آني سير جُڙنديون هيون، تڏهن به ڪچي مٺي هڪ هڪ انبڙيءَ جو مُلهه ٻه آنا هوندو هو. کائبي هئي ته ڄڻ ناريل وارو سواد هوندو هو. مخدوم صاحب جن هن وڻ جون انبڙيون گھڻي انداز ۾ پنهنجي لاءِ مخصوص رکندا هئا ۽ دوستن احبابن کي سوکڙيءَ طور ڏيندا هئا. هن باغ جي مقاطعي لاءِ تمام گھڻا شائق گراهڪ هوندا هئا ۽ بلڪل چڱي اگھ ۾ ويندو هو.
    سُگھڙ ۽ ٻهڳڻ مايون عمدا طعام ۽ مٺايون به ٺاهينديون هيون. ڪڻڪ مان لپئي ۽ مٺيون موڻيون ۽ ڏيتڙا، ڌاڻن جي مغز مان پنجيري ۽ چُري بنائينديون هيون، جنهن ۾ خوب مغزيات پيل هوندا هئا، جي موسم سرما سياري لاءِ معجون جو ڪم ڏينديون هيون. رمضان شريف جي ويجھڙائيءَ ۾ ڪڻڪ جو مَيدو پيهائيو ويندو هو، جنهن مان سَيون جُڙنديون هيون، جي مايون رات جو ڪمڪار کان وانديون ٿي گڏجي دلن جي پُٺيءَ تي چاڻا رکي هٿن سان ٺاهينديون هيون. تڏهن اڃان سَين ٺاهڻ لاءِ هٿ جون مشينون رائج نه ٿيون. ڪي حلوائين کان ڪڻڪ جو نشاستو ڪڍايو ويندو هو. حلوائي گھڻو ڪري هندو هوندا هئا، جنهن مان حلوي جا ٿالهه سچي گيهه ۾ ٺهرائبا هئا. ڏونگھين، بوهي چڻن ۽ کاڃن جو وڙو به گھر ۾ ٺاهيو يندو هو. لاهوري گجرن کي کير ۾ رڌي سيرو بنايو ويندو هو. پنهنجي ڳئون ۽ مينهن جي پس مان پس جا ٿالهه ۽ ٻرهيون بنائبيون هيون.
    ٻنيءَ مان جڏهن کَرا کڄي ويندا هئا ته پوءِ ٻار تي تُهَن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا، جن تي بٺارن، داين ۽ اوڏن جا گڏهه بيٺل نظر ايندا هئا ۽ کُورن وارا ونئڻاٺيون وڍي ويندا هئا. ڪانا وڃي دَنين ۾ گڏ ٿيندا هئا. تنهن زماني ۾ بئراجن جو پاڻي ڪونه هو، جنهن جا وارا ٻَڌل هجن ۽ وارن ۽ ماڊيولن تان لٺيون لڳن، بلڪ خون به ٿين. سڀڪو پنهنجي پوک کي پنهنجي گھُرج موجب پياري پچائي راس ڪندو هو.
    1910ع ڌاري منهنجا چاچا، پيءُ، ماما، ڀائر سڀ گڏ هوندا هئا. ڪُني پاٽ هڪ هوندي هين. کاڌو رڌبو هو ته سڀني لاءِ هڪ جھڙو.
    ٻار جو ڄم مائٽن لاءِ خوشيون ۽ اميدون کڻي ايندو هو. غريب توڙي امير، اولاد خاص ڪري پُٽ پيدا ٿيڻ تي گھڻو ئي خوش ٿيندو هو. مائٽ گھڻيون خوشيون ڪندا هئا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا هئا. خوشحال ماڻهو دستور موجب کنڊ جون ڳوڻيون خريد ڪندا هئا. آئي وئي زال زنب، ٻار ٻچي ۾ ٻُڪ کنڊ ورهائبي هئي. لنگھا، خشيٰ خقير آيا، دهل شرنيون وڄيون، فقير فقرو، غريب غربو پنهنجي قسمت وٺندو هو. ڍوئڻا ملندا رهيا. دايون مايون پنهنجا لاڳ وٺي دعائون ڪنديون هيون. ڇٺيون ٿينديون، منڻ ٿيا، جھُنڊيون لٿيون، عقيقا ٿيا، ڪي ڪي مائٽ پڙهيل اولاد کي هنج ۾ کڻي ڪنن ۾ ٽي ٽي ڀيرا ٻانگون ڏيئي نالو رکندا هئا.
    تڏهن 1906ع ڌاري نه ڪي ويم گھر هئا ۽ نڪي ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون هيون. سنڌي دايون ويچاريون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ڪافي مهارت رکنديون هيون ۽ ويايل عورت جي خاصي خدمت ڪنديون هيون. سوئانجي جو سارو وقت آڍَمَکَ ۽ ڦڪيون سُتيون ڪنديون هيون. سوئانجي واريءَ عورت کي هيٺ پاٿاري ٺاهي ڏينديون هيون، ۽ هاڻوڪي وقت جيان کَٽَ تي نه سمهاريو ويندو هو. ڄاول ٻار کي به ماءُ پنهنجي ڀر ۾ هڪ منجيءَ تي رلڪن ۽ تنجڻ ۾ پنهنجي پاسي ۾ سمهاريندي هئي، ۽ منهن رکڻي يا ڪوٺاري سيرانديءَ کان ڏيئي مٿان شبنم يا سنهي ململ جو ڪپڙو وجھي ڇڏبو هو، ته ٻار تي ڪا مک نه ويهي ۽ ٻار پُراطمينان ۽ سڪون سان آرام ڪري....ٻار کي روزانو صبح جو دائي آڍيندي مکيندي هئي. ٻار جي مٿي ويهارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويندا هئا، ڇو ته سنڌ ۾ ناريلي مٿو پسند نه ڪيو ويندو هو. گرائيپ واٽر ۽ فوڊ پيارڻ جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو. ماءُ جي ٿڃ بيشڪ امرت رس آهي. اڍائي ٽن سالن تائين ماءُ ٻار کي ٿڃ پياريندي هئي. مکڻ جو دُڪو ٻار کي کارايو ويندو هو، ۽ ان ۾ مٺاڻ يا ڦڪي ملائي ويندي هئي، جيڪا جوهر جي ٽڪين، ڦوٽن ۽ مصريءَ کي ڪُٽي ڇاڻي ميدي جھڙي ڪري رکبي هئي.
    هالن نون کان ٻن ميلن مفاصلي تي ۽ هالن پراڻن جي بلڪل ويجھو ۽ ٻيلي جي ڀر تي ڀچا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، جي مالوند هئا ۽ سندن گذر کير، مکڻ ۽ ڏُڌ وڪڻن تي هوندو هو. شام جو مرد ماڻهو کير جا ساڙها ڀري هالن جي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ايندا هئا ۽ ڏينهن جو سندن قبيلي جن مايون چاڏيون ڏڌ مکڻ جون کڻي شهر جي جدا جدا پاڙن ۾ ورڇجي وينديون هيون.
    مخدومن جا عام مختيار هوندا هئا، جن کي فيصلن ڪرڻ جو اختيار هوندو هو، اُهي ڇوٽا موٽا فيصلا ڪندا هئا.
    گھرن ۾ پينگھا به هوندا هئا، جن ۾ ماڻهو ويهي لُطف وٺندا هئا..... ڪي ماڻهو اهڙا ته پهلوان هوندا هئا، جيڪي اڍائي مڻي ڳوڻ کي ڀاڪر ۾ وجھي کڻي ڪلهي تي رکندا هئا. پر اُهي به چرس جي نشي جي عادت ۾ گھيرجي ويندا هئا.
    ماتا کي مائي ماتا چوندا هئا. 1910ع ڌاري هالن ۾ ماتا موذي مرض پوري زور سان مُنهن ڪڍيو. مائي ماتا ٻرندڙ باهه جيان سڄي شهر کي وڪوڙي ويئي. شهر ۾ اهڙو گھر ڪونه هو، جتي مائيءَ منهن نه ڪڍيو. ننڍن ٻارن تي هن بيماريءَ جو حملو ٿيو ۽ ڪيترائي معصوم هن مرض ۾ فوت ٿي ويا. بيماري ڪارڻ سيئرا نڪرندا هئا، جيڪي گھڻو ڪري ٽن ڏينهن اندر وسي وڃڻ تي حالت نازڪ ٿي پوندي هئي.....۽ ٻار بيهوش ٿي مري ويندا هئا. ماتا جو تڏهن ڪوبه علاج نه هو ۽ نه ئي علاج ڪيو ويندو هو. هندو عورتون گھرايون وينديون هيون، جي واس ڌُوپ ڪنديون هيون! ماتا کي راضي ڪرڻ جا هندوري ۾ ويهي ڀَڄڻ يا گيت ڳائينديون هيون، نيٺ ڪَڙيون ٻَجڻ لڳنديون هيون. بدن جي چمڙيءَ ۾ سيٽ ۽ باهه شروع ٿي ويندي هئي. ڪَچون ڪَڙيون پيا پٽي لاهيندا هئا. جنهن تان مائٽ سخت روڪيندا هئا. ۽ ٻارن جا هٿ ڪپڙي سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ مايون مبارڪون ڏيڻ اينديون هين. اڪثر مايون انهيءَ ڳالهه تي متفقي هونديون هيون ته ڪچي ڪَڙي جتان به لاٿي هجيم اتي سرمون دٻي ڇڏيو. نڪرندڙ سيئرن جي حملي ۾ ڀوري مان ڪڻڪ رنگو بنجي ويندا هئا. ڪجھ سال تائين منهن تي سيئرن جا نشان رهندا هئا. پوءِ نشان مٽجي ويندا هئا.
    مائٽ ٻارن لاءِ پيسيءَ (ڪنجهي) جا وٽا، ٿاليهيون ۽ ٻيو سامان وٺي ايندا هئا ۽ ڪجھ مينا تي چٽيل گلاس ۽ سرمي دانيون به وٺي ايندا هئا.
    رواج موجب ٻار پنجن سالن جو ٿيڻ کان پوءِ اول سڀڪو مائٽ ٻارن کي قرآن پاڪ جي ناظران تعليم ڏياريندو هو ۽ پوءِ ابتدائي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاربو هو. گھرن ۾ آخوندياڻيون به هونديون هيون، جيڪي گھرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. پڙهائي تمام پڪي پختي هوندي هئي. ٻار وڏي آواز سان پڙهندا ۽ ڪابه زير زَبر جي چڪ ڪندا هئا، ته پري کان ئي درست ڪندي هئي. ٻارن جي انگ ۾ اڪثريت نياڻين جي هوندي هئي. بسم الله جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.... شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ مدرسا موجود هئا. هالن نوان شهر ۾ به ڪافي کٿاب هوندا هئا، جن ۾ مدرسن ۾ گھڻو ڪري ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن ڪم لاءِ هر هڪ ڀرپور محلي ۾ آخوندياڻيون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي گھرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نه ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪولن ۾ موڪلڻ عيب سمجھيو ويندو هو. اهوئي سبب هو جو نياڻين جا مڪتب ڇوڪرن جي مڪتبن کان گھڻا هوندا هئا، جن ۾ ڪجھ ننڍڙا نينگر به پڙهايا ويندا هئا. البت وڏن ڇوڪرن لاءِ مسجدن ۾ پڙهائڻ جو انتظام هوندو هو. شهر هالن نون ۾ عارباڻي پاڙي، ڪَڪن جي محلي، عالياڻي گھٽيءَ ۽ ٻين هنڌن تي نينگرين جا وڏا مڪتب هوندا هئا ۽ خليفي جي مسجد، ڪَڪن جي مسجد ۽ قاضي سليم الدين مرحوم جي مڪتب ۾ انهن جو چڱو بندوبست هوندو هو.
    قرآن ناظران پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي بابَ ، نُور نامو ۽ احدنامو پڙهايو ويندو هو ۽ ٿورو سنڌي لکڻ، پڙهڻ جي تعليم به ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪرين ڏهن يارهن سالن جي ڄمار کي پهچي وينديون هيون ۽ والدين کين گھر ۾ ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ کين گھريلو ڪم ڪار جي تربيت ملندي هئي. ڇوڪرن کي والدين سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا هئا ۽ ڪي مائٽ اسڪولن ۾ موڪلڻ کان وڌيڪ کين عربي مدرسن ۾ تعليم ڏيارڻ جو شوق رکندا هئا، جتي قرآن پاڪ جي حفظ ڪرائڻ جو به مڪمل بندوبست هوندو هو. هالن نون ۾ اهڙو سال ڪونه هوندو هو، جنهن ۾ هڪ يا ٻن قرآن جي حافظي نه ٿيندي هئي.... جڏهن مدرسن ۾ هو يا ٻن قرآن جي حافظن جي حافظي ٿيندي هئي، ته مسجدن ۾ جيڪي مدرسا هوندا هئا، اُتي مجلسون ڪوٺايون وينديون هيون ۽ نئين حافظ کان رڪوع شريف پڙهايا ويندا هئا ۽ حافظ توڙي استاد کي دستار ٻَڌائي ويندي هئي ۽ شڪراني جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.
    اُهي شاگرد جيڪي عربي پڙهندا هئا، سي فارسي آمد نامه، دوآيه، ڪريما کان شروع ڪندا هئا، ۽ سڪندر نامه پوري ڪرڻ کان پوءِ عربيءَ جو درس وٺڻ شروع ڪندا هئا. هن طريقي کي درس نظامي چئبو هو. هن طريقي ۾ چوڏنهن پندرهن سال لڳي ويندا هئا. هينئر عربي طريقي تعليم ۾ به ڪافي تبديلي آيل آهي. هالن شهر ۾ چوٿين پنجين سال هڪ اڌ طالب ضرور مولويت جي دستار فضيلت ٻَڌندو هو. اهڙيءَ طرح عام مسلمانن جو الله ۽ رسول ۽ ان جي دين متين ڏي گھڻو ڌيان هوندو هو. ’قال الله وقال الرسول‘ جو دور دورو ڪنن کي سيبائيندو هو عربي مدرسه به هالن ۾ چڱا هوندا هئا. مولوي قاضي معين الدين، خليفو مولوي حاجي محمد، مولوي حافظ محمد اڪرم انصاري ۽ قاضي شهر مولوي شفيع محمد مجاور، درس تدريس جو سلسلو قائم رکيو پئي آيا. پر هينئر ٻارن کي سلام مسنوع ”السلام عليڪم“ عيوض والدين ”باءِ باءِ ٽا ٽا“ سيکارڻ ۾ فخر ڪن ٿا ۽ امان بابا جي بدلي ”ڊيڊي ۽ ممي“ چوندي خوشي محسوس ڪن ٿا. چراغٖ سفالين (ٺڪر جي ڏئين) ۽ بوريانشيني (تڏن تي ويهي) ڪنڌ ڌوڻي پڙهڻ تي ٺٺوليون ڪن ٿا.
    رواج موجب کُٿاب جي ٻارن کي ڳڙ جي تهري رڌي کارائي ويندي هئي. ذهين ٻارن کي پڙهڻ ۾ ٻه سال لڳي ويندا هئا نه ته اڪثر نياڻيون ته ٽي يا ساڍا ٽي سالن ۾ قرآن ختم ڪري وٺنديون هيون. قرآن پاڪ ناظران پڙهائڻ جو دستور اهو هوندو هو جو اول اول ٻارن کي قرآن پاڪ جي آخري سيپاري جي پوئين ايمي ياد پڙهائي ويندي هئي. پهرئين پاري جي سوره فاتح پڙهي پوءِ ’قُل اَعوذ برب الناس‘ کان ٿي هلبو هو ۽ ’لم يڪن الذين‘ تائين ياد پڙهايو ويندو هو. پوءِ ٽيهون سيپارو کڻايو ويندو هو ۽ باقاعده سيپاري جي پڙهائي شروع ڪئي ويندي هئي. هن سيپاري جي اختتام تي پنج سيپاري کڻائي ويندي هئي، جنهن ۾ سورنهن کان ٽيهه سيپارا پورا ڪيا ويندا هئا. پوءِ قرآن پاڪ وٺائيو ويندو هو، جيڪو ”الم“ کان شروع ڪري پنجويهه پارا تائين هليو ويندو هو. پهرئين ايمي ياد ڪرڻ تي استاد کي مٺائي ڏني ويندي هئي. سيپاري پوري ڪرڻ تي رَئو ڏبو هو. اڌ قرآن تي سڄو جوڙو ۽ سڄي قرآن پڄائڻ تي هڪ عمدو جوڙو، مٺائي ڪجھ روڪڙ ڏني ويندي هئي. قرآن ختم ڪرڻ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻه دور ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي دور قرآن پاڪ جا مڪتب ۾ پورا ڪرڻ لازمي هو، جنهن کان پوءِ آخوند يا آخوندياڻيءَ کي مٺائي ڏئي دعا وٺي موڪلائبو هو.
    پيٽ جي سور لاءِ جَوَهرَ جون ٽڪيون کارائبيون هيون ... جيڪي ٻار پڙهائيءَ کان گوٿناٿ ڪندا هئا، تن کي ٽنگوٽالي ڪري مڪتب ۾ نيو ويندو هو. ڪنن ۾ زه وجھي ٽنگڻ، بند ڏيڻ، ماڪوڙا چنبڙائڻ جهڙيون ڀوائتيون سزائون تجويز ڪيون وينديون هيون.
    ڪٿي ڪٿي اهو به وهم هوندو هو، ته مساڻن يا قبرستان ويجھو موجود ڪنڊيءَ جو وڻ ڳرو آهي، تنهن ڪري ڪوبه ان ۾ نه ويندو هو.... ماڻهو ڪنڊيءَ جون سڪل سڱريون، جيڪي ڇڻي وينديون هيون، تن کي ڊپ کان ڪونه کائيندا هئا.
    مائٽ ٻارن پڙهائڻ کان نٽائڻ يا اجايو گھر کان ٻاهر رهڻ تي ٻارن کي ماريندا هئا ..... عام طور تي رات جو چانور ڀت کير کائبو هو. ۽ ڀت توڙي ماني کائڻ کان اڳ هٿ ڌوئڻ سنت سمجھيو ويندو هو..... ڪي فقير ڦٽل جاين ۾ اوتارا ٺاهي رهندا هئا.... ڪنهن ڦٽل ڪوٺيءَ بابت عام تصور هوندو هو، ته اتي جنن ۽ روحن جو واسو آهي. ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ کين چيو ويندو هو ته کين سزا طور اتي پوريو ويندو هو.... فقير لٺ کڻي پنڻ لاءِ نڪري پوندا هئا.
    جيڪي ٻار پڙهڻ کان گسائيندا هئا يا پڙهائي ۾ جڏا هوندا هئا، ته سندن والدين خاص ڪري مائرون ڪنهن پير، سيد يا سندن گھر واريءَ کان رڪيبيون ٿاليون لکائي پيارينديون هيون، تعويز ٻڌنديون هئون. کٿاب ۾ قرآن شريف جا ختما ڪڍائبا هئا. پاڻي پڙهائي پيارينديون هيون.
    مڪتبن ۾ ٻارن کي مارڪٽ پڻ ڪئي ويندي هئي..... استاد جي مار، ٻار جي سنوار تي عمل ڪيو ويندو هو.... مائرون ٻارن لاءِ پيرن، سيدن جي گھر وارين کان ڪاريون ڊاکون به پڙهائي رکنديون هيون، جيڪي ٻارن کي روزانو صبح سانجھي کارائبي هئي.
    صبح جو اسڪول شروع ٿيڻ تي گھنڊ لڳندو هو، ته سمورا شاگرد قطارون ڪري بيهندا هئا. ويهڻ لاءِ بينچون هونديون هيون. پڙهائي اڌ ڏينهن هلندي هئي. رانديون رونديون ٿينديون هيون. راڳ روپ ٿيندا هئا. نصابي ڪتاب باتصوير هوندا هئا. سليٽن تي ٻارن کي ابتدائي لکڻ سيکاريو ويندو هو. ڪلاس ۾ تصويرون ٽنگنيل هونديون هيون. جھلي ٽنگيل هئي. ڪنڊر گارٽن جون شيون هيون. لڏڻ لاءِ پينگھ هونديون هيون ..... اسڪولن جي نالي کان مائرون ٻارن کي ڊيڄارينديون هيون ۽ ٻار اسڪول جي نالي کان ٽاهه کائيندا هئا (هينئر به) ۽ اسڪول کي هڪ ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ جاءِ تصور ڪيو ويندو هو.
    ڪنوار کي ڏِکي چِٽي، اٽو مکي (اُٻٽڻ) ، تڀلوڪڙيون ڪڍي، عطر مَکي سهڻو ڪيو ويندو هو. ڳهه ڳٺا نوان ڪپڙا پارائي ڳاڙهي ڪنوار ٺاهيو ويندو هو. ساٺ سنوڻ ڪيا ويندا هئا، ڳيچ ڳايا ويندا هئا.
    اسڪول واقعي دلچسپ ۽ وندر جي جاءِ هئي، پر اُن کي ماسترن جھنم بنايو هو. رُولن ۽ نيٽن جي سٽ ڪٽ ڪري، معصوم ٻارن جي نازڪ پُٺن تي نشان ۽ هٿن تي سوڄ، مُنهن تي چماٽن جي ڌڪن جا نير، ڪنن ۾ هٿ وجھي اُٿ ويهه ڪرائڻ، هڪ ٽنگ تي بيهارڻ، بُبين ۾ چُهنڊڙيون پائڻ، ڪن مروٽڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بينچ تي اُٿاري بيهارڻ، مُڪون ۽ لتون هڻڻ، ڪُڪڙ بنائڻ، ميز جي خانن ۾ هٿ وجھائي زور سان خانا بند ڪرڻ، وار پٽڻ، بند ڏيڻ، ڪوٺيءَ ۾ پورڻ ۽ ان کان پوءِ مقعد تي ماڪوڙا چُهٽائڻ ۽ ڳاڙها مرچ وجھڻ ۽ اُبتو ڪري ٽنگڻ جا سکڻا دڙڪا، ٻارن جي ساه سڪائڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ عقوبتون هيون، جن سان ڪيترن ٻارن کي دوچار ٿيڻو پوندو هو..... سرندي هلندي پُڄندي وارن ۽ هوشيار شاگردن کي مارڪٽ نه ڪئي ويندي هئي. سرندي وارا خاص ڪري ماسترن کي چوندا هئا ته اُهي سندن ٻارن کي سزا ڏيڻ کان پرهيز ڪن.... هٿن جي آڱرين ۾ پينسل يا پين ڦاسائي آڱرين تي زور ڏبو هو. ڪنن جي پاپڙين کي مهٽي ٻارن کي سزا ڏبي آهي.
    سرنديءَ وارا ماڻهو نوڪريون ماستري وٺرائي ڏيندا هئا ۽ اُهي سندن ايستائين ماستر به سندن خوشامد ڪندا هئا. تنهن دور ۾ تپيداريءَ ۾ چونڊائڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو..... اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ ۾ ماهر ليکجندڙ ماستر کي ساڳئي ڪلاسن ۾ پڙهائڻو پوندو هو ۽ اوستائين جو اُهي وڃي ريٽائرڊ ٿيندا هئا.
    بنيادي يا پهرئين ڪلاس جي شروعات پَٽيءَ سان ڪئي ويندي هئي. ابتدا ۾ شاگرد کي سنڌيءَ صورتخطيءَ مان ٻه ٽي اکر ا، ب، ٻ، ڀ - لکي ڏنا ويندا هئا. پَٽيون ميسارڻ لاءِ اسڪول جي اڱڻ ۾ هڪ وڏي ٺڪر جي ڪونڊي پاڻيءَ سان ڀريل زمين ۾ کُتل موجود هوندي هئي. ميٽ جو ذرو ذرو سڀئي ٻار گھَران کڻي ايندا هئا. ميٽ سُڪڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پٽيءَ کي هٿ ۾ کڻي اس تي لوڏا ڏيندا هئا ته جلدي سُڪي ويندي هئي.... ماسترن وٽ پٿر جي مس ڪپڙي هوندي هئي، جنهن ۾ ڏامر جھڙي چلڪڻي ڪاري مس پيل هوندي هئي. ٻارن هٿان مس هارجي پوڻ جي ڊپ کان مس ۾ کونڌا (سُٽ جا مُنجھيل ڌاڳا) وجھي ڇڏبا هئا ۽ ماستر پنهنجي ڪلڪ ان مان ٻوڙي جلي خط ۾ عاليشان ڪارا حرف لکي ڏيندا هئا، ۽ هر هڪ کان حرف چوائيندا، سبق ڏيندا ويندا هئا.
    ماستر شاگردن کي انب، بلا، ٻڪري ۽ ڀولڙي جون شڪليون چارٽ تان ڏيکاريندو هو. حرفن کي بر زبان ياد ڪرڻ کان پوءِ ڪلاس ۾ جيڪي واريءَ سان ڀريل ڪونڊيون رکيل هونديون هيون ۽ ڪتل ۽ گدامڙيءَ جي ککين جا تَسَ ڀريا رکيا هوندا هئا، تن جي مدد سان پڙهيل حرف لکڻ سيکاربا هئا. ماستر واريءَ تي آڱر سان لکائيندا هئا ۽ ککين کي هڪ ٻئي جي ڀرسان رکي حرف جوڙائبا هئا. انهيءَ استعمال کان پوءِ بورڊ تي چاڪ سان لکائڻ جو استعمال به ٿيندو هو. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ انڊا ڀرائڻ جي منزل تي پهچائبو هو. آليءَ پٽيءَ تي انڊا ڪڍي ڏبا هئا ۽ جي گھران ڀري اچبا هئا. جنهن لاءِ شاگردن مان هر هڪ کي گھر ۾ مس ڪُپڙي رکڻي پوندي هئي ۽ ڪلڪ استاد صاحب سڀ ڪنهن کي پاڻ گھڙي ڏيندو هو. الف بي پوري ڪري، باب يا ڪڪ شروع ڪئي ويندي هئي ۽ گڏو گڏ ڳڻڻ ۽ انگ به سيکاريا ويندا هئا. فيروزي موتين جون مالهائون ۽ ارٿيميٽڪاڻ ان ڪم لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون. اٽڪل چار پنج مهينا ان ۾ لڳي ويندا هئا ۽ پوءِ ٻاراڻو ڪتاب جيڪو ٽڪي يا ٽن پئسن ۾ ملندو هو، سو وٺايو ويندو هو ۽ ان جي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي هئي. ڪَڪَ سکڻ کان پوءِ هجي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئي. نُون غنه جي سکيا به هن طريقي سان ڏني ويندي هئي، جيڪا بيمثال ليکبي هئي.
    کنگھ گھڻي هجڻ تي پيرسن ڪراڙا ماڻهو مڇيءَ جو تيل (ڪاڊ لِـور آئل) استعمال ڪندا هئا ۽ دوا جي شيشي سدائين گڏ هوندي هين.... ڪي استاد سياري ۾ ڪاري کٿي ڪُلهن ۾ پائي ايندا هئا ۽ اونهاري ۾ ململ جو پهراڻ ڍڪيندا هئا، جنهنجي ڳچيءَ جي پاسي کان ٻيڙي لاهي ڇڏيندا هئا. ڪن ماڻهن کي اونهاري ۾ اڪثر مٿي تي اسپنگر جي چپڙي چڙهيل هوندي هيس ۽ گاهي گاهي مکڻ جي چپڙي به رکندا هئا، جيڪا وٽڙندي هئي ته ڳچيءَ تائين ريڳاڙا پيا ڳڙندا هئس.
    اسڪولن ۾ استاد جا چاڪ، پنو، پين، پينسل، رجسٽر، ڪلڪ ۽ مس ڪپڙي ۽ بورڊ اُگھڻ جو ڪپڙو (ڊسٽر)، صبح جو خاني مان ڪڍي ميز تي رکڻ ۽ موڪل مهل وري سنڀالي خاني ۾ رکڻ، بورڊ اُگھڻ، تصويرن ۽ ٻين ڪلاس جي شين جي سنڀال ڪرڻ هوشيار شاگردن جي فرض ۾ داخل هوندا هئا. جيتوڻيڪ ٻاراڻي ڪلاس ۾ ڪوبه مانيٽر نه هوندو هو.
    ٻاراڻي ڪلاس جي مُدي پوري ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ساليانو امتحان وٺڻ ايندا هئا. پهرين نمبر پاس ٿيڻ وارن شاگرد ۾ ڪتاب ۽ سليٽ پين سميت انعام ملندا هئا..... ٻار جي پاس ٿيڻ تي والدين استادن جا ٿورا مڃيندي کين سوکڙيون ڏيندا هئا. ٻه پُڙي اجرڪ ڍڪائيندا هئا..... سَرندي وارا ماڻهو استادن کان ڪلاس مَٽرائيندا هئا ۽ وڻندڙ ماستر کي پنهنجي ٻارن لاءِ مقرر ڪرائيندا هئا. هيڊ ماستر چوڻ تي هوندا هئا.... غرريب والدين جو پٽ جيڪڏهن ورنيڪولر فائنل پاس ڪندو هو ته وڏي ڳالهه سمجھي ويندي هئي.... نون استادن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي - ٻار پاس ٿيڻ تي - پڪو ڪيو ويندو هو... سَرندي وارا ٻار اڪثر پهريون نمبر ايندا هئا.
    اسڪولن ۾ ماستر - هندو توڙي مسلمان هوندا هئا - ڪو مذهبي مت ڀيد نه هوندو هو، ٻارن کي هڪجيترو ڀائيندا هئا ۽ کين تعليم ڏيندا هئا. هندو ماستر ٿورڙو هوشيار هوندا هئا.... ڪي ٻار، خاص ڪري سرنديءَ وارا ٻار سڀئي ڪلاسن ۾ سو مارڪون کڻندا هئا.... ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هوشيار ٻارن جي اسڪالر شپ لاءِ سفارشون ڪندا هئا. ڏهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي، پر انهيءَ شرط سان ته اُهي انگريزي ڪلاس ۾ داخلا وٺندا... هاڻوڪي نور محمد اسڪول کي تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد سڏيو ويندو هو.
    انهيءَ زماني ۾ ڪتابن تي ايترو خرچ ڪونه هوندو هو. ٻاراڻي ڪلاس ۾ پهرئين درجي ۾ رڳو پٽي، ڪتاب ۽ سليٽ وٺائي ويندي هئي. ٻئين ۽ ٽئين درجي ۾ رڳو مشق ڪاپيءَ جو اضافو ڪيو ويندو هو، جيڪا ڇپيل نه هوندي هئي. پر پنن کي سِبي پاڻ تيار ڪبي هئي. هڪ بندي پڻ ٺهرائي ويندي هئي، جنهن تي ٻئي درجي ۾ تعلقي جي ۽ ٽئين ۾ ضلع جي جاگرافي لکائي ويندي هئي ۽ هڪ ٻيءَ بنديءَ تي ڏکين لفضن جي معنيٰ. ٽئين درجي ۾ پٽيءَ جو استعمال ختم ٿي ويندو هو. چوٿين درجي ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڇپايل سنڌ جي تاريخ وٺائي ويندي هئي ۽ رياضيءَ جو ڪم سڄو سليٽ تي ڪرايو ويندو هو، جنهن لاءِ ڪوبه انگي حساب ڪونه وٺايو ويندو هو. گھر جو ڪم، حساب، صورتخطي ۽ خط لکڻ وغيره سليٽ تي ڪرايو ويندو هو. ڪتابن جون قيمتون نالي ماتر هيون. ٻاراڻي ڪتاب جي قيمت ٽڪو، پهريون ڇهه پئسا، ٻيو اڍائي آنا، ٽيون ٽي آنا ۽ چوٿون چار آنا. پٿر جي سليٽ ٻه آنا، پٽي ٻه آنا ۽ اڇا پنا پائيءَ هڪ، ڪلڪ پائيءَ هڪ، پينون پائيءَ ٻه هونديون هيون .... سالياني امتحان جي پڄاڻيءَ تي اسڪول ۾ ساليانو جلسو ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ درسي ڪتابن جي سبقن تي ننڍا ڊائلاگ ننڍن ٻارن کان ڪرايا ويندا هئا ۽ وڏا ڊائلاگ مٿين ڪلاس جي شاگردن کان. جلسي جي پوري ٿيڻ تي ٻارن ۾ انعام ورهايا ويندا هئا، جنهن لاءِ شاگردن کي صاحب کان انعام وٺڻ ۽ سلام ڪرڻ جو طريقو اڳواٽ سيکاريو ويندو هو.
    ٻارن کي جادوءَ جون حرفتون ۽ ڏيهي رانديون به سيکاربيون هيون. راندين تي موزون راڳ جوڙيل هوندا هئا. ٻاراڻي کان ٻئي درجي تائين شاگردن کي دستڪاريءَ جو ڪم به سيکاربو هو، پنو ويڙهڻ، پنو ڪترڻ، مٽيءَ مان رانديڪا ٺاهڻ ۽ جوئر جي تيلن، جن کي ڪُتلا چئبو هو، تن مان چوڙا، ڪنگڻ، ميز، ڪرسي، کٽ ۽ نٿ بولو ۽ ٻيا ڪيترا رانديڪا ٺهرائبا هئا. پني مان ٻيڙيون جهاز، ٻتون وغيره ۽ مٽي مان اُٺ، ڍڳا، چتون، جھرڪيون، سيٽي وڄائڻ جا بوڙينڊا ۽ جاميٽريءَ جون شڪليون، جاگرافيءَ جا ماڊل جھڙوڪ ڍنڍ، ٻيٽ، نار، راس، جبل ندي وغيره ۽ ٻيون به قسمين قسمين شيون ٺاهڻ سيکاربيون هيون. ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ اچڻ کان پوءِ دستڪاريءَ جو ڪم گھٽ ٿي ويندو هو ۽ ڊرائنگ سيکاربي هئي. شروعات ۾ سليٽ تي ۽ پوءِ چار درجي ۾ ڊرائنگ پنن تي رنگن ڏيڻ سان سيکاربي هئي. ڊرائنگ ۾ ميوا جھڙوڪ ڏاڙهون، زيتون، صوف، ليمون وغيره ۽ ڀاڄين ۾ موري، توري، ڀينڊي، سائو ۽ ڳاڙهو مرچ ۽ واڱڻ سيکاربا هئا ۽ کين رنگين چاڪن سان قدرتي رنگ ڏيڻ جو استعمال ڏبو هو..... لائبريريءَ به هاءِ اسڪولن ۾ هوندي هئي، جتي ٻاراڻي کان ننڍيون مزيدار آکاڻين جا ڪتاب هوندا هئا. هفتي ۾ ٽن ڏينهن تائين ٽائيم ٽيبل ۾ آکاڻين جو پيرڊ هوندو هو، ٻارن کي اهڙيون آکاڻيون سيکاريون وينديون هيون، جن ۾ لفظن جو تڪرار هوندو هو. پهرئين ۽ ٻئين ڪتاب ۾ ڏنل آکاڻيون ۽ گڏو گڏ جنن، پرين، ديون، راجا راڻين ۽ بادشاهن جون آکاڻيون ٻُڌائبيون هيون.
    ٽئين ۽ چوٿين درجي ۾ ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب پڙهڻ جي هير وڌي ويندي هئي. تنهن زماني ۾ ميشرس پوڪرداس وارن وٽ ٻارن جي پڙهڻ جھڙا گھڻا ئي ڪتاب هوندا هئا، جيڪي اسڪولن جي لائبرين لاءِ سرڪاري طرح خريد ڪيا ويندا هئا. ننڍڙا قصا ۽ ڪهاڻيون، نثر توڙي نظم ۾ شاگردن کي پڙهڻ لاءِ اشو ڪري ڏنا ويندا هئا. انهن ڪتابن ۾ دلپسند فضا، دل بهار، ڏهه قصا گڏ، جن ۾ زليخا جا بيت، ٻُڍاپڻ، ڇلڙو، ڪوئو ٻلي، ٽوپي پڳ، ٻيڙي چلم وغيره هوندا هئا. گڏو گڏ لوڪ ڪهاڻيون جھڙوڪ عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ پرين جون آکاڻيون ۽ مزاحي آکاڻيون جھڙوڪ موالين ۽ ڏاهرين جا لٽڪا چٽڪا هوندا هئا. ناتال ۾ ڪتاب رعايتي اڌ قيمت ۾ ملندا هئا، تڏهن امير حمزه، چار درويش، حاتم طائي، جان عالم، سيف الملوڪ وغيره جھڙا ڪتاب ٻار پڙهندا هئا.
    1911ع ۾ جارج پنجم تخت نشين ٿيو ۽ سڀني اسڪولن ۾ جشن ملهايا ويا. هالا ۾ شاگردن کي به منزل گاهه ميدان تي استاد قطار ۾ وٺي هليا، جتي ٻارن کي نڪل جو هڪ هڪ ٻلو مليو، جنهن تي شهنشاهه جارج پنجم ۽ سندس مهاراڻيءَ جي تصوير اُڪريل هئي. اهو ٻلو شاگردن مان هر هڪ جي قميص تي ربين ۽ ڪانٽي سان لڳايو ويو ۽ هڪ هڪ پُڙو مٺائيءَ جو مليو.
    تڏهن حيدرآباد شهر ۾ (1912ع) ۾ انگريزي اسڪول رڳو چار هئا، جيڪي چارئي هاءِ اسڪول هئا: گورنمينٽ هاءِ اسڪول هو، جيڪو هاڻوڪي نورمحمد ۽ مسلم ڪاليج واريءَ ايراضيءَ تي پکڙيل هو. ٻيو نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هو، جيڪو هاڻوڪي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ سنڌ لا ڪاليج واري هنڌ تي هو. ٽيون نئون وديالا هاءِ اسڪول هو، جنهن ۾ هينئر سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئپس آهي. زنانو هاءِ اسڪول رڳو هڪڙو ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول هو، جتي هينئر جامعه عربيه هاءِ اسڪول آهي. گڏوگڏ ڪرسچن ائسوسيئيشن وارن جو هڪ پگٽ گرلس اسڪول به هو. جيڪو ٽريننگ ڪاليج فارمين جي سامهون پنهنجي جاءِ تي اڄ به موجود آهي. پراڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون اڳيون جايون ڊاهي بلڪل نيون ٺهرايون ويون آهن رڳو ميٺارام هال پنهنجي اڳوڻي شڪل ۾ قائم رهندو اچي. اين. ايڇ. ائڪيڊميءَ وديالا هاءِ اسڪول جو وجود راءِ بهادر پرڀداس جي ڪوشش جو نتيجو هو. ائڪيڊمي ساڌو هيرانند ۽ سندس ڀاءُ ساڌو نولراءِ جي ڪوشش جو نتيجو هو. هر هڪ هاءِ اسڪول کي پنهنجي هڪ هاسٽل به هئي .... اسڪول جي اَترئين بلاڪ وٽ اڳوڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جون پندرهن ويهن ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن ۾ ٻهراڙيءَ جا ڇوڪرا رهندا هئا. ائڪيڊميءَ کي پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ سنڌ جووينائيل (ايس. جي ڪوآپريٽو سوسائٽي) جي پٺُئين پاسي کان چار گھر مسواڙ تي هئا، جن ۾ هاسٽل قائم ڪيل هئي. وديالا هاءِاسڪول کي هاسٽل لاءِ ڪافي ڪوٺيون هيون، جي پوءِ ڊهرائي اتي يونيورسٽي ملازمن جا ڪوارٽر ٺهرايا ويا. وديالا هاءِ اسڪول کي پنج پرائمري اسڪولن جون برانچون هيون ۽ ائڪيڊميءَ کي چار. اُهي برانچون انهن هاءِ اسڪولن جا ڀرتي ڪندڙ (فيدر) اسڪول هئا. حيدرآبادي عاملن جا پٽ انهن هاءِ اسڪولن مان ۽ ڌيئرون ڪندن مل گرلس اسڪول مان تعليم کان لاڀائتيون ٿينديون هيون.
    شاگردن کي ملندڙ اسڪالر شپ ۾ کين رٿيل اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تاڪيد ڪيو ويندو هو. تڏهن گورنمينٽ هاءِ اسڪولن جي پهرين درجي جي في ڏيڍ رپيو ۽ راند جي في چار آنا هئي. هڪ ماه جي في جيترا پئسا داخلا في هئي ۽ اٺ آنا سال جا ڊرائينگ فيءَ بابت ڏيڻا پوندا هئا. ڪل ٽي رپيا ٻارهن آنا في ڀري اسڪول ۾ داخل ٿبو هو. هاءِ اسڪولن ۾ مسلمان ماستر ٿورا رڳو ٻه هئا. باقي سڀ ماستر هندو هئا، جن مان به اڪثر حيدرآبادي عامل هوندا هئا.... هيڊماستر ديوان ڪشنچند سفيد ريش هو. جيڪو پٽڪو ٻڌندو هو ۽ گلي بند ڪوٽ زيب تن ڪندو هو. هيڊ ماستر کي سرڪاري بنگلو مليل هوندو هو. ڪي استاد مٿي تي ڪاري پلش جي ٽوپي ۽ پڻئي جو اڇو پاجامو ۽ پيرن ۾ سليپر پائيندا هئا. ڪلاس ۾ عام رواجي طور چاليهه پنجاهه شاگرد هوندا هئا، ڪي شاگرد شالور جو پٽڪو، ريشمي رنگين شلوار ۽ قميص پائيندا هئا. جنهن ڪارڻ شهري ڇوڪرا چيڙائيندا هئا. مسلمان ڇوڪرا اسڪول کان گھڻو گسائيندا به هئا ... ڪي مسلمان شاگرد مذهبي تنظيمن جا ميمبر پڻ هوندا هئا. ڪي شاگرد پٽڪو ٻڌي ايندا هئا. سنڌي جتي پائيندا هئا. روز ٻه ميل پنڌ جا هڻي اسڪول ۾ پهچندا هئا. ڪتابن جي پوتڙي ڪڏهن مٿي تي، ڪڏهن ڪڇ ۾ کڻي ايندا هئا. ڪڏهن صدري پائيندا هئا ته اڳٺ پيو لڙڪندو هون. شهري ڇوڪرا کائنس کلندا هئا.
    حيدرآباد ۾ مسافر خانو اسڪول به هو، جنهن کي هاڻي قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول چيو وڃي ٿو.... تڏهن لازمي تعليم (زوري تعليم) شروع ڪئي وئي هئي. سو جڏهن شاگرد اسڪول نه ايندا هئا ته مٿن ڪيس ڪيا ويندا هئا. تن کي ڇڏائڻ لاءِ ماڻهو استادن کي سفارشون ڪندا هئا. ۽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب، جن کي لازمي تعليم جا ڪيس هلائي سزا ڏيڻ جا اختيار مليل هوندا هئا، سي ڪنهن حد تائين خوشيءَ سان مڃيندا به هئس.
    اسان سان گڏ پڙهندڙ غلام علي شيدي، جيڪو ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندڙ هو، سو پٽڪو ٻَڌندو هو ۽ ڪنن ۾ چانديءَ جون ڪيوٽيون (مُرڪيون) پيل هونديون هئس. اڪثر پن جون ٻيڙيون پيئندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيڊرو يا سن فلاور سگريٽن سان به شوق ڪندا هئا. هن جو ڏهن سگريٽن جو پاڪيٽ ڏهين پئسي ملندو هو. ملهه چڱي ڄاڻندو هو، تنهنڪري ڪنهن کي ڦڙتي، ڪنهن کي مونڙي، ڪنهن کي اندريون، ڪنهن کي ٻاهريون، ڪنهن کي ڍاڪ تي کڻڻ، ڪنهن کي وارو، ڪنهن کي جانٺو، مطلب ته سڀ ڪنهن سان ٻکين پيو پوندو هو. محمد صديق مسافر (حبشي) جيڪو تڏهن پرئڪٽسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ نائب ماستر هو، ۽ ٽنڊي ولي محمد ۾ رهندو هو، سو غلام علي شيدي جي پرگھور لهندو هو. ۽ غلام علي شام وقت مرحوم مسافر جي ڀنگ به گھوٽيندو هو ۽ هڪ اڌ جمني پاڻ به نوش ڪندو هو.
    اسڪولن ۾ ڪوٽ ۽ ٽوپيءَ سان اچڻ جو تاڪيد ڪيل هوندو هو. پر اڪثر مسلمان شاگرد تاڪيد هوندي به ڪوٽ اصل نه پائيندا هئا ۽ نه پٽڪو مٽائي ٽوپي پائيندا هئا. سياري ۾ ته خير پر سياري ۾ به اجرڪ ويڙهي ايندا هئا. ڪي مسلمان ڇوڪرا پِلش جي ڪاري ٽوپي ۽ ڪوٽ پائي ايندا هئا. هندو ڇوڪرن ۽ مسلمان شاگردن جو پوشاڪ ۾ فرق رڳو پاجامي ۽ شلوار جو هوندو هو.
    سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ثانوي زبان (سليس) چار درجي کان شروع ڪرائي ويندي هئي.... شاگردن کي جيڪي ڪتاب وٺرايا ويندا هئا، اُهي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. انگريزي پرائمري ۽ ريڊر کان سواءِ باقي ڪتاب جھڙوڪ سائنس، تاريخ ۽ جاگرافي انگريزي ڪتابن جا ترجما هوندا هئا، جيڪي سڀ مئڪملين ڪمپني جا هوندا هئا. تاريخ، جاگرافي سولين آکاڻين جو نوع ۾ لکيل هونديون هيون، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ نهايت آسان هونديون هيون.
    سڀئي ڪم هڪڙوئي استاد سيکاريندو هو، سواءِ ڊرائنگ ۽ مشق ڪاپيءَ جي .... ڪاپي به مئڪملين ڪمپنيءَ جي هوندي هئي ۽ او ”O “ نِب سان لکائي ويندي هئي. رانديون تنهن وقت لازمي هيون، يعني روز شام جو اسڪول ۾ گڏ ٿبو هو ۽ اتان قطار يعني فائيل ۾ گرائونڊ تي وڃبو هو ۽ واپس به قطار ۾ ئي موٽبو هو ۽ اچي اسڪول جي احاطي ۾ ڇڙ وڇڙ ٿبو هو. جيڪي شاگرد راند ۾ حصو وٺڻ کان نٽائڻ لاءِ ڪو بهانو ڪندا هئا، ته کين ڊاڪٽر کان سرٽيفڪيٽ وٺي ڏيڻو پوندو هو ۽ پوءِ ئي کين راندين کان آجو ڪيو ويندو هو.
    پهرئين درجي جوساليانو امتحان پيپرن وسيلي ورتو ويندو هو. جيڪي شهر ۾ رهندڙ شاگرد هوندا هئا، تن جي انگريزي سُٺي هوندي هئي. ۽ ڪلاس ۾ سُٺيون مارڪون کڻندا هئا. سندن مائٽ پڻ پڙهيل هوندا هئا، جنهن ڪري کين اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ ئي انگريزي لفظ ۽ جملا ايندا هئا. ۽ اي. بي. سي ۽ انگريزي گرامر گھران ئي پڙهي پورو ڪري ايندا هئا...... پهرين جون کان ٻه مهينا وئڪيشن ٿيندي هئي.
    حيدرآباد شهر جا رستا ڪشادا هوندا هئا. رستا پٿر جا هوندا هئا. ڏامر جا ڪارا رستا ان وقت وهم ۽ گمان ۾ به ڪين هئا. ٽانگن جي ڦيٿن جا پٽا لوهي هوندا هئا ۽ رستن تي وڏا وڏا پٿر نڪتل بيٺا هوندا هئا، جنهنڪري ٽانگن ۾ خوب جھاڪا ايندا هئا، ۽ اڪثر ماڻهو ڇڪي آڍائيندا ڏسبا هئا. وڪٽوريا گاڏيون اڪثر هندو سيٺين جون هونديون هيون، جيڪي شام جو سير لاءِ گدو بندر وڃي درياهه جو درشن ڪري ايندا هئا. ڪي وڪٽوريائون ڀاڙي تي به هيون. حيدرآباد ۾ بجليءَ جي روشني (اليڪٽرڪ لائيٽ) جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ شهر ۾ شمعدان يا قنديل ٻاريندا هئا. صبح جو ٺيڪيدارن جا ماڻهو هر هڪ شمعدان ۾ گاسليٽ ذرو وجھي ويندا هئا ۽ شام جو وري انهن کي وقت تي روشن ڪري ويندا هئا. هوٽلون ٿوريون هونديون هيون. رڳو نانواين جا دڪان هوندا هئا، جتي ٻاهريان ماڻهو جيڪي شهر ۾ ڪمن ڪارين سان ايندا هئا، سي اچي ماني کائيندا هئا. چڪلي روڊ تي رڳو هڪ آغا جي هوٽل هوندي هئي، جتي لوهه جون ڪرسيون ۽ ڪاٺ جون ٽپايون هونديون هيون. باقي سوڍا ليمن ۽ ڪيڪ بسڪوٽن جا دڪان ڪافي هوندا هئا.
    مياڻي روڊ هاڻوڪو پرنس علي روڊ تي حسن علي وونري (بوري) جو ٻاٽلين ڀرڻ جو سانچو هوندو هو ۽ ٻاٽليون سڀ گوليءَ سان هونديون هيون. تڏهن ٻاٽلين جا نمونا هيٺيان هوندا هئا. (1) کاري سوڍا هڪ پئسي ملندي هئي (2) ليمن ٽڪي (3) رنگ واريون ٻاٽليون ٽين پئسي ملنديون هيون، جن ۾ لائيم جوس ججنجريٽ (جنجر) راسبيري شامل هونديون هيون. حسن عليءَ جو پاڻي (ايئريٽيڊ واٽر) مشهور هوندو هو. چانهه جو رواج بلڪل نالي ماتر هوندو هو. البت ٿاڌل جو عمدو گلاس آني آني ملندو هو ۽ برف پئسي پَن (پائونڊ) هوندي هئي. ڇڻڪار لاءِ گاڏيون هونديون هيون، جيڪي ڏاند (ڍڳا) ڪاهيندا هئا ۽ پُٺيان ڇڻڪار ٿيندو ويندو هو.
    سيٺ ڪريم خوجو، شايد 1912ع ڌاري پهريون شخص هو، جنهن ولايت مان هڪ موٽر خريد ڪري حيدرآباد آندي هئي، جيڪا جڏهن به ڪنهن رستي تان لنگھندي هارن جو آواز ڪندي هئي، ته سڀ ماڻهو ان کي هڪ عجوبئه روزگار سمجھي ڏسڻ لاءِ ڪمن ڪارين مان هٿ کڻي ڪڍندا هئا ۽ اچرج وچان ان کي ڏسندا هئا. شهر ۾ سُٺي ۾ سٺي جاءِ هڪ عاليشان باغ به هن صاحب ئي ٺهرايو هو. سندس جاءِ جيڪا نولراءِ مارڪيٽ وٽ آهي سا ڪيترا ڏينهن کليل رکي ويئي هئي ۽ عام ماڻهن جا حشام ان جو ديدار ڪندا رهندا هئا. سيٺ ڪريم جو باغ به ڏسڻ وٽان هو ۽ تفريح لاءِ شام جي وقت عام ماڻهن جو سک هو.
    ڪراچي هوٽل صدر جو مالڪ مرحوم شفيع محمد ميمڻ هوندو هو، جيڪو حافظ يعقوب ميمڻ جو پُٽ هو..... تڏهن ماڻهو ننڍن شهرن مان لڏي حيدرآباد شهر ۾ اچي رهڻ لڳا هئا.
    وڏن ماڻهن جا ڪمدار وڪيلن کي ڪيس وٺرائي ڏيندا هئا، تنهنڪري سندن واسطا وڪيلن سان گھاٽا هوندا هئا. وڪيل جڏهن هالا ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ ايندا هئا، ته اُهي شهدادپور اسٽيشن تي لهندا هئا، جتان کيس کڻڻ لاءِ اصيل وسيلي سواري لاءِ اُٺ به موڪليا ويندا هئا. وڪيل جيڪو به ويلو رهندو هو، تنهن جو سمورو خرچ اصيل کي ڀوڳڻو پوندو هو. نه ته ورلي ڪنهن دوست وٽ پڻ ماني کائيندا هئا.
    1912ع ڌاري اڏيرو لعل اسٽيشن کي گھانگھلن جي اسٽيشن به چوندا هئا. جتان گھانگھلا ذات جي ماڻهن جو ڳوٺ ميل کن پنڌ تي هوندو هو.... هتي اسٽيشن تي اُٺن جي کوڙي هوندي هئي، جتي اُٺ هر وقت ڀاڙي سوارين لاءِ ملي سگھندا هئا. کوڙيءَ تي جتن کي هڪ روپيو پُٺيان هڪ آنو، کوڙيءَ جي جمعدار کي آنڪي ڏيڻي پوندي هئي، جنهن عيوض هو جتن جي حُقي پاڻيءَ جو انتظام رکندو هو. جت اڪثر گھوٽاڻن جا مير جت هوندا هئا ۽ ڀاڙا کڻڻ هنن جو اباڻو ڌنڌو هو. اُهي هر وقت هالن جي مارڪيٽ ۾ اُٺ سوڌو نظر ايندا هئا ۽ چار يا اٺ آنا سوٿي وٺي اٺ ٻڌندا هئا ۽ وقت تي اچي گھران سوار کي کڻندا هئا.
    1914ع ۾ جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي. تڏهن سرڪار زوريءَ اُٺ خريد پئي ڪيا ۽ خريداريءَ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي. مير جت ويچارا جن جي گذران جو ذريعو ئي ڏانگھا هوندا هئا، سي زوريءَ انهن کان محروم ٿي ويا ۽ سندن ڌنڌو بند ٿي ويو. کوڙي ان ڪري ويندا ئي ڪونه هئا، جو اتان سرڪاري ماڻهو جنهن جو اٺ ڏسندا هئا ته بيگر هڻي ويندا هئا. ميرجت ويچارا چوندا هئا ته ادا ڇا ڪريون، اٺن ۾ ڪاميٽي پئي آهي. اسان مسڪينن سان ويل وهي ويا آهن. اٺن جي اڻاٺ سبب اسٽيشن تي ويٺل ميرجت جي پنهنجا ٽانگا انوقت رڳو اڏيري لعل اسٽيشن کان اڏيري لعل وليج تائين هلائيندا هئا، سي هن اُٺن جي ڏڪار ۾ هالن تائين ٽانگا هلائڻ لڳا هئا، جنهنڪري ڪجھ ڀرم ڀريو ۽ مسافرن جي رهجي آئي. وري جڏهن موٽرون نڪتيون ۽ هالن جا ماڻهو شهدادپور کان موٽرن ۾ سواري ڪرڻ لڳا، تڏهن به ويچارن مير جتن جي روزيءَ تي لت اچڻ لڳي ۽ جڏهن کانئن پڇيو هو ته : ”جت فقير ڀاڙا ٻاڙا ملن ٿا يا نه؟“ ته هٿ کڻي موٽرن کي پِٽيندا هئا ۽ جنگ عظيم وارو زمانو ياد ڪري چوندا هئا ته: ”الله موٽرن ۾ ڪا ڪاميٽي وجھي اسان جو روزگار ئي بند ٿي ويو آهي.“
    پئسينجر ريلوي گاڏيءَ کي ماڻهو”مڪس گاڏي“ چوندا هئا..... اسڪولن جا شاگرد اهڙو ڪم ڪندا هئا، جو ڄڻ ته گاڏي سندن خانگي ملڪيت هجي، سڀني تختن (برٿن) تي ڊگھا ٿي سمهي رهندا هئا. ڪنهن کي به نه گاڏي ۾ چڙهڻ ڏيندا هئا ۽ نه ويهڻ. گارڊ ۽ ٻيا ريلوي اختياريءَ وارا عاجز لاچار هوندا هئا. ۽ چوندا هئا: ”ڇوراڻي پوتي کٽيءَ نه ڌوتي.“
    نولراءِ هيرانند ائڪيڊمي جي اولهه طرف ڪافي ميدان ڇڏيل هو، جتي صبح جو اسيمبلي ٿيندي هئي. هارمونيم تي هندو عامل شاگرد بيهي مٺڙن آوازن ۾ پرارٿنا ڳائيندا هئا. سڀ شاگرد ادب سان ٻانهون ٻڌي بيهندا هئا. پرارنٿا پوري ٿيڻ تي هرهڪ ڪلاس جي قطار پنهنجي ڪلاس ڏي هلي ويندي هئي ۽ استاد صاحبان جي مٿي ورانڊي جي ٿلهي تي قطار ۾ بيهندا هئا، سي پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ۾ پهچي ويندا هئا. ڪن استادن جي عادت هوندي هئي، ته شاگردن جي حاضري وٺڻ مهل سنسڪرت جا ڪي جملا چوندا هئا، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ دعا گهرندو هو. مسٽر پرتابراءِ دعا گھررندو هو: ”اي پرڀو تو پيريءَ ۾ بت سان گذارجانءِ، جيوت سکي ڪجانءِ. اي ايشور سڀ جيو جنتر جيت جڻيا تنهنجي گنج مان پلجن ٿا. تون پنهنجي دامن تي سک جو سمون آڻج، اي جڳ جا رکپال، اسان پاپين جي رکشا ڪر..... اها دعا پنج منٽ هلندي هئي ۽ پوءِ حاضري وٺبي هئي...... اسڪولن ۾ پڙهندڙ اڪثرت ٻار عاملن، ديوانن ۽ واپارين جا اولاد هوندا هئا، انهن جي گھرن ۾ به انگريزيءَ جو واهيو گھڻو هوندو هو. تنهن هوندي به ٽيوشنون وٺندا هئا ۽ گھڻو هوشيار هوندا هئا. دُعا: (1) ديا سا اي ديالو تون ڪرم ڪر مهر سان ڀرپو، (2) ٻاجھ ڪر ٻاجھارا سائين ٻاجھ ڪرين ٻاجھارا.
    تڏهن پوهو کياڻي بلڊنگ ۾ اڪيڊميءَ جو بورڊنگ هائوس هوندو هو، جتي شهر کان ٻاهران آيل شاگردن کي رهائيندا هئا. بورڊنگ هائوس ۾ ڪي اهڙا به شاگرد هوندا هئا، جيڪي پنهنجا نوڪر به پاڻ سان گڏ رکندا هئا، جيڪي سندن ماني ٽڪي ٺاهيندا هئا.
    ورنيوڪيولر فائينل امتحان جا فارم ڀرائڻ لاءِ استاد شاگردن کي همٿائيندا هئا. فارم جي في ٻه روپيا هوندي هئي.... ايليمينٽري ڊرائنگ امتحان جي فارم في به ٻه روپيا هوندي هئي. جيڪي شاگرد ڊرائنگ ڪلاسن ۾ هوندا هئا، تن کي شام جو ڊرائنگ ڪلاسن ۾ اچڻو پوندو هو. ڪي اهڙا به پرنسپال ۽ استاد هوندا هئا، جيڪي ڪنهن شاگردن وٽ فيءَ امتحان جا پئسا نه هئڻ تي پاڻ اُهي في جا پئسا ڀري ڇڏيندا هئا. تڏهن پيپر بمبئي مان ايندا هئا ۽ ڪجھ مهينن کان پوءِ نتيجو نروار ٿيندو هو.... ڊرائنگ جي امتحان ۾ جيترا به شاگرد پاس ٿيندا هئا، تن جي انگ تي اسڪول کي ڪجھ گرانٽ ملندي هئي. نولراءِ هيرانند اڪيڊمي ۾ عربي نه پڙهائي ويندي هئي، تنهنڪري ثانوي زبان پارسي هئي. ڪي استادن جا ٻٽوئان وار هوندا ۽ ترڪي ٽوپي پائيندا هئا. پارسي پڙهندڙ شاگردن کي چوٿين درجي ۾ مزاحيه حڪايتن جو ڪتاب حڪايات لطيف، پنجين درجي ۾ اخلاقي آکاڻين جو صد حڪايات جو ڪتاب پڙهايو ويندو هو.
    اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن - مسلمان توڙي هندو - ۾ دوستيون ٿينديون هيون. مذهبي متڀيد نه هو. شاگرد هڪٻئي جي گھرن ۾ ايندا هئا. مونکي جڏهن سندن مائرون ڏسنديون هيون، ته هيءُ سندن پُٽن جو دوست آهي، ته مونکي پٽن جيترو گھُرنديون هيون ۽ ڪيترائي ٽول ۽ ٻيون شيون کارائينديون هيون، پنجين درجي ۾ منهنجا پيارا دوست - حشو حشمت راءِ ڪيول راماڻي، موتي مير چنداڻي، ڀون گدواڻي، هوتو مهتاڻي، ڪشن ناگراڻي – هئا، تڏهن مسلمان شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا هئا.
    حيدرآباد ۾ جتي اڄ ريڊيو پاڪستان جي جاءِ ٺهيل آهي، اُتي هڪ ڪرسچن جي ريڊنگ روم ۽ لئبرري قائم هُئي، جنهن ۾ ديوان پرمانند ميوارام حيدرآبادي عامل، جنهن عيسائيت اختيار ڪئي هئي، سو هن لئبرريءَ جو سرواڻ هو. هو هڪ اخبار انگريزيءَ ۾ لائيٽ نالي، سنڌيءَ ۾ جوت نالي ٻه هفتيوار اخبارون ڪڍندو هو. روزانو ”هندو“ اخبار به هوندي هئي.... عام شاگرد توڙي شهري هن لئبرري مان ڪتاب اشو ڪرائي پڙهندا هئا.... هيرانند اڪيڊمي ۾ به لائبرري هوندي هئي.
    مسلمانن شاگردن جي في معاف ڪرائڻ ۽ ڪتابن ۽ نوٽبڪن خريد ڪرڻ لاءِ هڪ ايسوسئيشن ٺاهي وئي. جنهن جي پهرين گڏجاڻي اولهندي ڪچي ۾ حافظ شفيع محمد سپروائيزر تپيدار جي جاءِ ۾ ٿي، جيڪا جاءِ مٽيارين جي قاضي عبدالرئوف مرحوم جي اصل جاءِ هئي. گڏجاڻيءَ ۾ مولوي امام بخش صاحب، جيڪو فارسي جو استاد هو، کي صدر چونڊيو، محمد اسماعيل عرساڻي جنرل سيڪريٽري ۽ واجد علي خزانچي ٿيو. هرهڪ شاگرد تي چار آنا ماهوار چندو مقرر ڪيو ويو..... شاگردن فيصلو ڪيو ته اُهي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سندن سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب وڪڻڻ جي ڀيٽ ۾ ايسوسئيشن کي ڏيندا، ته جيئن اُهي ٻين غريب شاگردن کي مفت ۾ ڏنا وڃن. گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هر آچر تي اُهي مسجدون، جيڪي هندن جي پاڙن ۾ اچي ويون هيون ۽ جتي ٻانگ صلوات ڪانه ٿيندي هئي، تن جي واري واري سان ڪنهن آچر تي هڪ پاڙي ۾ ته ٻئي آچر تي ٻئي پاڙي ۾ هلجي ۽ ٻهاري ڏيئي صفائي ڪري اچجي. مسجدون سڄيون مٽيءَ جي حالت ۾ هندو پاڙن جي وچ ۾ اچي ويون هيون ۽ چوداري هندن جون ماڙيون هيون، جتان ٻارن جي گندگي اُگھي اڳڙيون به مسجدن ۾ اُڇلايون ٿي ويون، پاڻيءَ جا مٽ ۽ ڪونرا سُڪل ٺوٺ ٿيل، تڏا ڦاٽل پرزا پرزا ٿيل، مٽي ۽ ڪچري جا ڍير لڳل، مسجد جي دروازي کي رڳو تالو به لڳل نه هوندو هو. اسان پاڙي وارن کي هدايت ڪئي سين، ته هيءَ مسجد آهي. جيڪا مسلمانن جي پاڪ جاءِ آهي، مهرباني ڪري گھر وارن کي روڪين ته هن ۾ گند نه اُڇلائين.
    شاگرد جڏهن ڪنهن وٽ پئسن جي وصولي لاءِ ويندا هئا، ته اُهي کين پنهنجي استاد کان رسيد لکرائي اچڻ جو چوندا هئا. رسيد بوڪ ڇپايا ويندا هئا، جيڪي پئسن ڏيندڙن کي رسيد ڏبي هئي. ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا هئا، جيڪي جيتوڻيڪ پئسا ڏيندا هئا، پر پنهنجو نالو لکرائڻ نه چاهيندا هئا...... پوءِ هندو شاگردن توڙي استادن به چيو ته: سندن مدد جي گھُرج هجي ته اُهي به حاضر آهن. پوءِ مسلمان شاگردن جون ڪن جون سڄيون ته ڪن جون اڌ معاف ڪيون ويون..... ڇهين درجي ۾ حاجب شاهي، منتخاب فارسي جو مجموعو هو، پڙهايو ويندو هو. هن مجموعي ۾ گلستان بوستان، انوار سهيلي نثر جي حصي ۾ ڪريما، پندنامه فريد الدين عطار، محمود نامه جا ڪجھ غزل ۽ ڪجھ جديد فارسيءَ جا منظومات پڙهايا ويندا هئا. جيڪو ديوان ڏيارام پڙهائيندو هو. ديوان ڏيارام پڙهائڻ وقت مست ٿي ويندو هو، ۽ ڪنڌ پيو ڌوڻيندو هو.
    فارسي گرامر ڇهين درجي کان شروع ڪرايو ويندو هو، هڪ گرامر جو ڪتاب ” ڪانگا جو گرامر“ پڙهايو ويندو هو. مٿيون ڪورس ٻن سالن جو هو، يعني ڇهين ۽ ستين ٻن درجن ۾ پورو ڪرڻو پوندو هو ۽ مئٽرڪ ۾ امتحان انهن مان ئي ٿيندو هو.… 1924-25ع ڌاري اسان جي مئٽرڪ واري ڪلاس ۾ 143 شاگرد هئا، جن ۾ مسلمان رڳو يارنهن هئا. مئٽرڪ ۾ سنڌي ۽ جاگرافي جا مضمون نه هوندا هئا. مئٽرڪ جو امتحان رڳو هيٺين ڪمن ۾ ٿيندو هو. انگلش جنرل هڪ پيپر، انگلش ٽيڪسٽ هڪ پيپر، انڊين هسٽري ۽ انگلستاني هڪ پيپر، پرشن هڪ پيپر، رياضي، ارٿميٽڪ آلجبرا ۽ جاميٽري هڪ پيپر. 1924_25ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان مارچ مهيني ۾ ٿيندو هو. سنڌ مدرسته السلام جي مٿين هال ۽ خالقڏنو هال ۾ امتحان هلندو هو.
    1925ع ۾ پهرين سال، حيدرآباد کي به مئٽرڪ جو سينٽر بڻايو ويو، اهو هندو صاحبان جي ڪوشش جو نتيجو هو. جنهن لاءِ پهريون سينٽر هومسٽيڊ هال ۾ ڪيو.
    امتحان ٽي ڏينهن هلندو هو. روزانو ٻه پيپر ٿيندا هئا. سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا شاگرد به هتي امتحان ڏيندا هئا. .... تڏهن سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل هئي، ۽ امتحان سڀ بمبئي يونيوريسٽيءَ وسيلي ٿيندا هئا. مارچ اپريل ٻه مهينا انتظام جا هوندا هئا ۽ مئي جي پڇاڙيء ۾ نتيجو نڪرندو هو. تعليم جو وسيلو انگريزي زبان هو ۽ امتحان جو رعب گھڻو هوندو هو. ڪاپيءَ جي ته ڪنهن کي سوچ ئي نه هئي ۽ نه وري امتحان ۾ ڪو اثر رسوخ هلائڻ جو امڪان هو. سوالي پيپرن تي ممتحن جا نالا ۽ ائڊريسون لکيل هونديون هيون. پر تڏهن جا ممتحن اثر يا سفارش کان آجا هئا ۽ اها ڳالهه ڏکي هئي جو وٽن ڪنهن بابت رسائي يا پهچ ٿي سگھي. رزلٽ هميشه بمبئيءَ ۾ رات جو ٻارهين وڳي نڪرندي هئي. ٽيليگراف رستي سڀني پريسن کي نمبر ڏنا ويندا هئا. جي راتوواهه سپليمينٽريءَ وسيلي شايع ڪري صبح سويري ٻه ٻه آني قيمت وصول ڪري هر هڪ شاگرد کي نهايت سولائي سان ملي سگھندي هئي. اها رات شاگردن کي ننڊ ئي نه ايندي هئي سنڌ جي رزلٽ وڌ ۾ وڌ چاليهه کان پنجيتاليهه سيڪڙو ٿيندي هئي. ڊويزنون ڪونه هيون. رڳو پاس يا فيل هوندو هو. سپليمينٽ ۾ رڳو پاس نمبر ظاهر ڪيا ويندا هئا. جيڪي نمبر نه هوندا هئا. سي فيل قرار ڏنا ويندا هئا. 1925ع ڌاري رزلٽ ۾ نول راءِ هيرانند اڪيڊميءَ مان اسان يارهن مسلمان شاگردن مان رڳو هڪ پاس ٿيو.
    1925ع ۾ مرحوم نورمحمد وڪيل مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جو بنياد رکيو. ان لاءِ سر ابراهيم رحمت الله کي صدارت لاءِ گھرايو ويو. شاگردن ڏينهن رات محنتون ڪري قومي جذبي سان سرشار ٿي، هومسٽيڊ هال کي ڪانفرنس لاءِ ڪنوار جيان سينگاريو. ڪانفرنس ۾ ڪافي ولولي انگيز تقريون ٿيون. مخير حضراتن وڏن وڏن چندن ۽ عطين جا اعلان ڪيا. اسان خوب نعرا هنيا. تاڙيون وڄايون، پر ڪانفرنس جي ڪاروائيءَ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه پسند آئي سو هو مشاعرو. مشاعرا به ٿيندا هئا.
    هڪڙي ڀيري اردو ۽ سنڌي مشاعرو ٿيو. جنهن مشاعري ۾ مصرع اردوءَ ۾ هئي ”چشم موسي ڪو بهي حسرت ره گئي ديدار ڪي“. سنڌي ۾ ان جو ترجمو هو ”چشم موسي کي به حسرت رهجي وئي ديدار جي“. اردو مشاعري جي صدارت مير ايوب خان ڪئي ۽ سنڌي مشاعري جي صدارت مرحوم مرزا قليچ بيگ ڪئي.
    تڏهن مئٽرڪ پاس ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجھي ويندي هئي. وري جيڪڏهن هالن جهڙن ننڍن شهرن مان ڪو شاگرد مئٽرڪ پاس ڪندو هو، جتي ان کان اڳ ڪنهن به مئٽرڪ جي امتحان جو خواب ئي نه ڏٺو هوندو هو، ته اهم ڳالهه ليکبي هئي. جڏهن آءٌ پاس ٿيس ته منهنجا والد ۽ ٻيا مٽ مائٽ مئٽرڪ ۾ ڪاميابيء تي نهايت خوشيون ملهائڻ لڳا. آءٌ هالا شهر جي هندن، سکن ۽ مسلمانن سڀني مان پهريون شخص هوس، جنهن مٽرڪ پاس ڪئي هئي. تنهنڪري منهنجي والد کي گھڻيون مبارڪون مليون. جناب حضرت مخدوم ظهير الدين (پرو ڄام) سائين مونکي ويهه رپيا خرچي ڏنا ۽ دعا ڪئي. منهنجي امڙ مونکي ڀاڪر ۾ وجھي چميون ڏنيون.
    مئٽرڪ ڏيئي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻي پوندي هئي. داخلا لاءِ هڪ معمولي فارم ڀرڻو پوندو هو، جيڪو ڪاليج مان مفت ۾ ملندو هو. فارم سان گڏ رڳو ڏهه روپيا ڪاشن مني ٿڏي تي ڏيڻي پوندي هئي. ڪلارڪ، نالو ۽ مئٽرڪ جو سيٽ نمبر بمبئي مان آيل ڇاپي رزلٽ تان ڏسي تصديق ڪندو هو ۽ ٻئي ڏينهن نوٽيس بورڊ تي لسٽ لڳائي ويندي هئي، ته هيٺين شاگردن کي داخلا ڏني ويئي آهي. ان کان وڌيڪ ڪا به پٽاڙ يا اينگھ ڪانه هوندي هئي. تڏهن بي.اي جي پهرئن سال کي ايف. واءِ. اي فرسٽ ايئر آرٽس شايد چوندا هئا. ٻئي سال کي انٽر آرٽس. ٽئين سال کي جونيئر بي.اي ۽ چوٿين سال کي سينئر بي.اي سڏيندا هئا. ڪاليج اسڪالرشپ لاءِ درخواست پرنسپال جي معرفت ڏبي هئي ۽ ٽيهه روپيا ماهوار اسڪالرشپ نهايت سولائيءَ سان پاڻهي ملي ويندي هئي..... تڏهن سلاميءَ واري ڇت ٺڪر جي نرن سان ڍڪيل هوندي هئي. سنڌ نيشنل (گدومل) ڪاليج جو هاسٽل پڻ هوندو هو. هاسٽل ۾ رڳو ڏهه ٻارهن ڪوٺيون هيون، جيڪي پراڻي وقت جون ٺهيل هيون، پر ٻاهرين شاگردن لاءِ غنيمت هئي.
    مُلان اسڪول به هوندا هئا.... پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ناسڪ پڙهڻ لاءِ به ڪڪي ماڻهو ويندا هئا. تڏهن انڪمبرڊ اسٽيشن آفيس به هوندي هئي.... شاگرد پنهنجا بورچي به رکندا هئا..... ۽ ڪلب ٺاهيندا هئا، تنهنڪري مانيءَ ٽڪيءَ جا سهنجا ٿي پوندا هئا. سڀ پروفيسر شاگردن کي عزت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏسندا هئا. عملو سهڻو ورتاءُ ڪندو هو. تڏهن مدراسي ۽ گجراتي پروفيسر به پڙهائيندا هئا.
    ڪاليج جو پهرين نالو سنڌ نيشنل ڪاليج هوندو هو، پوءِ اين.اي.ڊي نيشنل ڪاليج رکيو ويو ۽ هينئر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جي نالي سان سڏجي ٿو.....فارسيءَ ۾ نثر ۾ بهارستان جامي ۽ نظم ۾ طيبات سعدي پڙهايا ويندا هئا. شاگرد ڪاليجي چوائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. ڪاليج ۾ ٽرگنامينٽري پڙهايو ويندو هو. هر هڪ پيرئڊ (فر جي) جي حاضري ڀربي هئي، تنهنڪري پيرئڊ ۾ گسائڻ قطعا ناگوار لڳندو هو ۽ نهايت تاڪيد سان هر هڪ فرجي ۾ حاضر رهبو هو. ثانوي اسڪول به راندين، ڊرامن، ڊبيٽن، ايڪسڪرشنن ۽ ٻين سوشل دلچسپين کان خالي نه هوندا هئا. پر ڪاليج ۾ فضا ئي ٻي هئي.
    پروفيسر ايم.ايم گدواڻي پرنسپال ٿي اچڻ سان ڪاليج ۾ زندگي پيدا ڪئي. هڪ ڀيري ڪاليج لان تي هڪ ”انڊين مجلس“ ڪرايائين، جنهن لاءِ ڪوبه چندو وغيره رکيل ڪونه هو. ڳائڻ وڄائڻ سميت هڪ فينسي شو به هن مجلس جي پروگرام ۾ شامل هو. کاڌي لاءِ سڀ ڪنهن کي حڪم هو، ته پنهنجي گھران سڀڪو ڪجھ نه ڪجھ سنڌي ڍنگ جو کاڌو رڌائي پاڻ سان کڻي اچي. عجيب غريب قسم جا کاڌا گڏ ٿي ويا. ڪنهن ٻاجھريءَ جا ڍوڍا ۽ چٽڻي آندي. ڪن ڪڻڪ جو رڌل ڏارو، جنهن کي ٻاٽ چوندا هئا، سو آندو ته ڪنهن لپئي آندي، ڪنهن ڪڻاهو پرشاد يعني چڻن جي ڪهرن جي چٽڻي آميز پليٽ آندي. جنهن کي ڇولا چيو وڃي ٿو. ڪنهن سيگو چانورن جي رٻ آندي، ڪنهن سوجيءَ جوسيرو، ڪنهن کيرڻي ڪنهن پٽاٽن جون ٽڪيون، ڪنهن کچڻي ۽ ڪڙهي، ڪنهن ڌونري ۾ ٺهيل رائتو، ڪنهن ڀاڄي پلاءُ، ڪنهن مڱن ۽ چونرن جا ڪُهر، ڪنهن ڪچونبر، ڪنهن ٽماٽي جي چٽڻي، ڪنهن سلان ڪنهن ڦُلڪا، ڪنهن موڻيون ڪنهن چوکا، ڪنهن بسريون ڪنهن منا چانور (رنگ بنا چاشني) ڪنهن وڙيون ڪنهن اچار، ڪن مُربا ڪن ڏهي، ڪن لسيءَ جا لوٽا، ڪن پڪوڙا، ڪن پوريون، ڪن بهن چڀڙن انب چور جون ڪچريون، ڪن پالڪ ته ڪن سرنهن جو ساڳ، ڪن موريون ته ڪن ڪريلا ڪن گاجر جو حلوو ڪن ٻيون قسمين قسمين گھر جون ٺاهيل مٺايون آڻي ڍير ڪيون. ويشنو کاڌا هئا. پاپڙن جو ته حساب ئي ڪونه هو. ڪو ٽانڊن تي سيڪيل، ڪي تريل، کائيندي حال! جڏهن ته مسلمان شاگردن تريل مڇيون، گوشت، بيضن جا ٻوڙ، سوپ ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڪونئرا پراٺا، چاشني، ڪورمو ۽ ٻيون اهڙيون غذائون آنديون. پليٽ پليٽ هر هڪ جي ڌار هئي، ورڪر بيٺا هئا. چمچن سان لاهي ٿي ڏنائون، جيڪي گھُر سو حاضر، مسلمان شاگردن جي چوڻ تي چوڪيدار ماهيو کير آڻي ڏنو ۽ ان ۾ راسبيريءَ جو رنگ ۽ کنڊ گڏي کڻي ملڪ روز بڻايو ۽ هڪ وڏي ديڳ ڀري رکي سين. واهه واهه ٿي ويئي، ڇو ته شهر وارن کي ملڪ روز جو ڍُڪ ڍُڪ آڻڻ ذرا مشڪل بلڪ محال هو.
    ڪجھ وقت کان پوءِ، هڪ ايڪسڪرشن جو انتظام ڪيو ويو. ڦليلي ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي، سندس وهڪرو سنڌو درياهه سان ڪلهو هڻي رهيو هو. هڪ ٻن ٻيڙين جو ڪرايو وغيره مير بحرن سان طئي ٿيو ۽ آرتوار صبح جو چونڪ اسان جي ڪاليج کان ڄام شوري موريءَ وٽ وڃي پي. ڊبليو. ڊي. جي بنگلي ۾ ڏينهن گذارڻو هو، تنهن ڪري ٻيڙيون اوڀاريون هليون، جي ڦليليءَ جي ڪپ سان ميربحرن رسن سان ڇڪي ٿي هلايون..... ٻيڙيءَ ۾ ڪيترائي گيت، گانا ڳائيندا، خوشيون ڪندا ڦليليءَ جي ٻنهي ڪپن تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائيندا خير سان منزل مقصود تي پهتاسين. بسڪوٽن جا پڙا، ڪيڪن جا ڊزنن جا ڊزن ۽ ٻيا قسمين قسمين مال ٽال وٺي ويا هئاسين، جي کائي آسپاس جو شيل ڪري شام جو وارُو ٿياسين ۽ سج اندر ٻاهر هو ته واپس ڪاليج ۾ پهچي وياسين، ۽ سڀڪو مائٽن جو انتظار دفع ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي گھر روانو ٿيو.
    هڪ ڀيري ڪاليج ۾ ڊرامو منعقد ٿيو، جيڪو شيڪسپيئر جو روميو ۽ جوليٽ جو اختصار هو. ڀون گدواڻي جوليٽ جو پارٽ ادا ڪيو ۽ وڻ وڄائي ڇڏيائين. ڪاليج جا ستر سيڪڙو شاگرد ته مٿس ڄڻ عاشق ٿي پيا.... ڪاليج ۾ ڪو ايڊيوڪيشن هئي، تنهنڪري ڪيتريون ئي عامل ڇوڪريون به پڙهنديون هيون. ڇوڪرن لاءِ ڊيسڪون هونديون ۽ گئلريءَ جيان رکيل هونديون هيون ۽ ڇوڪرين لاءِ پهرينءَ صف ۾ ميزون ۽ ڪرسيون رکيل هيون. ميزون پراڻي قسم جون هيون، منجھن اڳيان ٻه ٻه خانا هوندا هئا. هونءَ ته ڇوڪرين جي نهايت عزت ڪئي ويندي هئي ۽ هرڪو شاگرد انهن کي ڀينرن جيان ڏسندو هو. جڏهن اُهي ڏاڪڻ تي چڙهنديون هيون يا لهنديون هيون، ته ڪوبه ڇوڪرو لهندو چڙهندو نه هو، جيستائين اُهي سيڙهي پار ڪري وڃن. پر ان هوندي به ڪي عامل ڇوڪرا شرير هوندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڻن چرچا ڪندا هئا.
    ڪاليج طرفان ”ڦليلي“ ميئگزين نڪرندي هئي. جنهن ۾ اڪثر ڪري شاگردن جا مضمون ڇپجندا هئا....... حيدرآباد ۾ بزم مشاعره سنڌي ادبي سوسائٽي جُڙيل هئي، جنهن جي طرفان شهر ۾ مختلف موقعن تي مشاعره ٿيندا رهندا هئا، ۽ انهن مشاعرن ۾ نون شاعرن کي پڻ شاعري پڙهڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو.
    1932ع ۾ ٽنڊو محمد خان جو اي.وي. اسڪول، ميونسپالٽيءَ جو هو. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپل جو پريزيڊنٽ هو. مونکان اڳ جنهن هندو هيڊ ماسٽر اسڪول تي ڪانگريس جو جھنڊو چاڙهيو. جنهن جي پاداش ۾ هن کي نوڪري ڇڏڻي پيئي، ڇاڪاڻ جو مير صاحب تي انگريز حڪومت جو دٻاءُ پيو ۽ کيس هدايتون ڏنيون ويون ته هيڊ ماستر ڪو مسلمان رکو. اهو سبب هو، جو مونکان هندو ماستر مسٽر جي. ڪرشن جيڪو سينيئر هو، تنهن کي ريٽي مونکي هيڊ ماستر بنايو ويو. ميونسپالٽيءَ ۾ هندو ميمبرن جي اڪثريت هئي، تن منهنجي تقرر تي سخت اعتراض ورتو. سول ڪورٽ تائين معاملو ويو.
    هوڏانهن سنڌ جدائي جي تحريڪ هلندڙ هئي ۽ مسلمانن اهو ٺهراءُ ڪيو ۽ هڪ جمع مقرر ڪيو، ته نماز بعد جامع مسجدن ۾ دعائون گھُربيون ۽ تقريرون ڪري سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪبا..... آئون، ميمڻ محلي ۾ جامع مسجد جي بلڪل سامهون هڪ تپيدار جي اوطاق هئي، ان ۾ رهندو هوس. جمع جي ڏينهن جماعت جي اصرار تي مون تقرير ڪئي ۽ ٺهراءُ لکي پاس ڪرايم. سي، آءِ، ڊي وارا به ڪي آيل هئا. مونتي رپورٽ ٿي، هندن وجھ وٺي ٽنڊي ڊويزن جي ڊپٽي ڪليڪٽر لالا (شڪارپوري) کي ڀڙڪايو. نتيجي ۾ مونکي حڪومت کان وارننگ آئي ته سياسي ڪمن ۾ بهرو نه وٺ، نه ته توتي سخت قدم کنيو ويندو..... پوءِ مون اڏيري لعل جي انگلش ڪلاس کي اچي وسايو.
    ٽنڊي محمد خان ۾ منهنجو وقت چڱو گذريو. مير پير بخش خان، مير علي بخش خان ۽ سيد محمد عارف شاهه ۽ علي ڏنو شاهه منهنجي سُٺن تلاميذ رشيد مان هئا. هتي اي. وي اسڪول ۾ ڪوبه مسلمان ماستر نه هو. ويتر جو آئون هيڊ ماستر ٿيس ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ آئون به سندن هر سرپرستي ڪندو هوس. مير حاجي حسين بخش خان ميونسپالٽيءَ جوپريزيڊنٽ هو،۽ ٻين مسلمان ميمبرن مان سيٺ لقمان مرحوم سان منهنجو گھاٽو تعلق ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ سيٺ محمد جيڪو پوءِ شهيد ٿي ويو، منهنجي تمام گھڻي خوشامد ڪندو هو. سيٺ موليڏنو سندن چاچو جنهن کي عرف عام ۾ ”سيٺ مولو“ چوندا هئا، هڪ پيرسن بزرگ هو. ٽنڊي محمد خان ۾ به سندس ڪيتريون ئي جايون هيون، سو مونکي پٽن جيان پيار ڪندو هو ۽ هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي مونکي ڏنائين ته تپيدار کي ڇڏي اتي اچي رهان.
    پوءِ، آئون اڏيري لعل انگلش ڪلاس ۾ ٽيچر ٿي آيس، جتي سنڌي اسڪول جو هيڊ ماستر حاجي عبدالرؤف کيبرائي هو، جيڪو نهايت ديندار ۽ هوشيار استاد هو. مانيون سومر ڀٽي پٽيوالو تيار ڪندو هو ۽ ٻوڙ حاجي عبدالرؤف شاگردن جي مدد سان تيار ڪندو هو. اڏيرو لعل هڪ ننڍو واهڻ هو، شروعات ۾ هن ڳوٺ جي چڱي رونق هئي. پر جڏهن هندن اڏيرو لعل جي مقبري مٿان اڏيري لعل جو هڪ بُت نصب ڪيو، تڏهن وڏا تڪرار هليا ۽ گھڻا هندو لڏي ويا. گجرات جا وڏا وڏا هندو سيٺ جيڪي اڏيري لعل جا شَشَ ۽ جاٽي هئا، تن به اچڻ ڇڏي ڏنو. اسڪول جي پڪي عمارت پاڻ هڪ هندو سيٺ جي هئي، جيڪا لوڪلبورڊ ان کان مُٺ جيترن پئسن ۾ خريد ڪري ورتي ۽ اسڪول بورڊ کي سرڪاري ملڪيت بنائي ڏني وئي. اها سڀ ڪوشش محمد صالح شاهه صاحب جي هئي، جنهن کي عام طرح سائين ٻُڍل شاهه سڏائيندا هئا. هن ڪوششون ڪري سڀني شاگردن جون فيون معاف ڪرايون ۽ ڪيترن کي ٽي- ٽي روپيا ماهوار وظيفو به ڏياريائين. منهنجي وڃڻ وقت رڳو ٻه ڇوڪرا انگلش ڪلاس ۾ هئا، جيڪي اسان جي گڏيل ڪوشش سان وڌي پنجٽيهن کي وڃي پهتا ۽ هڪ ڀرپور ڪلاس منهنجي نگرانيءَ ۾ قائم ٿيو. هي سال 34_1933ع هو.
    مون اڏيري لعل اسڪول ۾ هڪ ريڊنگ روم ۽ لئبرري قائم ڪئي ۽ هڪ ننڍو ميوزم به ان سان گڏ هو. ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ڪَٺو ڪيو ويو. اخبارون ۽ رسالا گھرايا ويا ۽ ميوزم لاءِ ڪيئي نادرات جمع ڪيا ويا. صبح جو مناجات لاءِ هارمونيم ورتو ويو. راندين لاءِ فٽ بال ۽ ڪرڪيٽ جو سامان خريد ڪيو ويو ۽ ڊبيٽنگ سوسائٽي کي جنم ڏنو ويو ۽ ڊرئمينٽڪ منڊليءَ جو بنياد وڌو ويو..... هڪ پندرهن وار رسالو ڪڍيو ويو، جنهن جو نالو ”لعل“ رکيو ويو، جيڪو آئون پنهنجن هٿن سان لکندو هوس ۽ شاگردن جا ننڍا ننڍا مضمون ان ۾ شامل ڪيا ويندا هئا. محمد ڀٽي، الهه ورايو ۽ ميٺو ”ميٺارام“ شاگرد نهايت سُريلا ڳائيندا هئا ۽ ماستر ويرومل پاڻ هڪ هارمونيم ماستر به هو، ڀڳت به هو ۽ سندس آواز نهايت سُندر ۽ مٺو هو. اهو شاگردن کي راڳ جي تربيت ڏيندو هو. ڊراما اسٽيج ڪرڻ جي فن ۾ اسڪولن بورڊ جو هيڊ ڪلارڪ مسٽر ليلا رام وڏو ماهر هو. هن حيدرآباد ۾، عامل معاشري ۾ جيڪي ڏيتي ليتي بابت اوڻايون هيون، تن تي ڪيترائي سوشل ڊراما اسٽيج ڪرايا هئا، جنهن ڪري کيس خاص تجربو هو. اهڙي ماڻهوءَ جي مدد سان مون ”ڊزن ڊايالاگ“ لکيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ به شايع ٿيا.
    مسٽر ليلا رام کي منٿ ڪيم ته اسان کي اڏيري لعل ۾ هڪ ڊرامو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. هن قبول ڪيو.... اسٽيج جو سامان ونگس، پردا وغيره حيدرآباد مان گھراياسين. ڇوڪرن کي تياريءَ ۾ مصروف رکيوسين، ٽڪيٽون ڇپايونسين، جيڪي گيت ڊايالاگن ۾ هئا، تن جي هڪ جدا چوپڙي ڇپائي ويئي. تياريون مڪمل ٿيون، ڊرامو منعقد ٿيو. ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا. جو اڏيري لعل واسين پنهنجي تاريخ ۾ اهڙو فنڪشن نه ڏٺو هو، واهه واهه ٿي...... مسٽر يوسفاڻي محمد الياس هالا جو مختيار ڪار هو، تنهن صاحب صدارت ڪئي.
    مسٽر جوشي، جيڪو تڏهن حيدرآباد ضلع جو ڪليڪٽر هو، تنهن لئبرري رجسٽر ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ اسان کي سنڌ آفيشل گزيٽ، گورنمينٽ گزيٽ، ڪوآپريٽر سوسائٽين جون ۽ ايڊيوڪيشنل ڊپارٽمينٽ جون ساليانيون رپورٽون ۽ بمبئي پراوشنل اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ وغيره جو سڀ لٽريچر مفت ملندو هو، ۽ ٻيا رسالا به اڌ قيمت ۾ ملڻ لڳا..... هڪ ڪوآپريٽوَ اسٽور کوليو ويو، جيڪو ترقي ڪري هڪ وڏو شاپ ٿي ويو. شهر جا ماڻهو اسان کان سامان وٺڻ لاءِ ايندا هئا. اسان وٽ سستا اگھ هئا، تمام معمولي فائدي سان رڳو شاگردن لاءِ شيون مهيا ڪيون وينديون هيون. پر هاڻي سڀني کي به ساڳين اگھن سان ڏيڻ لڳاسين. برانچ پوسٽ آفيس کولائيسين، جنهن جو برانچ پوسٽ ماسٽر به مسٽر حاجي عبدالرؤف هيڊ ماستر هو. هڪ ننڍڙو بورڊنگ قائم ڪيوسين، حيدرآباد، شهدادپور، ملدسي، ٺوڙا، کدريون، هَڪڙا، گھانگھلا، اڏيرو لعل اسٽيشن، کيبر، سيکاٽ، هالا نوان ۽ نصرپور کان شاگردن داخلا ورتي.
    اڏيرو لعل اُهو قديم شهر آهي، جنهن سان ديني علم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون منسوب آهن. هي شهر ٽن چئن پاڙن ۾ ورهايل آهي. هڪ پاڙي ۾ اڏيري لعل جا شيخ ٻئي ۾ ڀٽي ۽ ٻيون ذاتيون، ٽئين ۾ هندو، چوٿين ۾ اڏيري لعل جي درٻار جا ٻاوا ۽ پنجين پاڙي ۾ اڏيري لعل جا سيد، هن پاڙي کي دائرو شريف ڪوٺيو وڃي ٿو. دائره شريف ۾ ٻين ديني علوم سان گڏ خاص اهميت جنهن ڳالهه کي هئي، سان هئي قرآن پاڪ جي قرآت، جنهن لاءِ هتي چڱا قاري هوندا هئا، جيڪي خاص قرآت سيکاريندا هئا ۽ قرآت جي فن ۾ دائرو شريف سنڌ ۾ واحد ادارو هو...... سنڌ ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي ته، ” ڇوڪرن اُٺ مسجد (مسسيت) تي چاڙهيو هو.“ اها مسجد شريف اها دائري واري هئي، جتي عربيءَ ۽ قرآت جي طالبن جو اهو ڪارنامو هو، جيڪو ضرب المثل بنجي ويو.
    اڏيرو لعل شهر چونڪ هندن جي اڏيري لعل جي سببان هڪ تيرٿن جي جاءِ هئي، ان ڪري اُتي جي ٻائي جو تمام گھڻو اثر رسوخ ۽ عزت هوندي هئي. وڏو ٻائو فوت ٿي ويو ۽ سندس پُٽُ پريتم داس گاديءَ تي ويٺو.... اڏيري لعل جي درگاهه هڪ قلعي جيان آهي ۽ ڪن ڪتبن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اها اورنگزيب عالمگير جي وقت جي ٺهيل آهي.
    پوءِ مخدوم غلام حيدر جي چوڻ تي مون هالا هاءِ اسڪول ۾ اچي چارج سنڀالي. اسڪول جا ٻه ماستر: هڪ مسٽر عبدالرحيم عرف محمد جمن ۽ ٻيو غلام رضا ڀٽو ته خاص مخدوم صاحب جا ماڻهو هئا. عبدالرحيم سندن ڪمدار جي حيثيت ۾ زمينن جو ڪم ڪندو هو ۽ سندس ڪلاس ٻيءَ هڪ ڊويزن سان ملائي ماستر سيرومل جي حوالي ڪيو ويو. وڻيس ته اچي، وڻيس ته نه اچي. ٽيون هڪ ماستر نارائڻ داس هو، جنهن جو صراف جو دڪان هو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو ۽ مخدوم صاحب جو ڪارائتو نوڪر هو...... مقامي ڪامورن جي ڪلب تي هندوئن جو قبضو هو ۽ انهن مان ماستر سُندر سڀني تي حاوي هو..... هو سدائين مخدوم صاحب بابت اجايون سجايون ڪوڙيون ۽ من گھڙت گلائون ڪندو رهندو هو..... مخدوم صاحب، غلام رضا کي هڪ بندوق ۽ هڪ رائيفل جو ليسن وٺي ڏنو هو. هڪ ڪار سندس حوالي هئي ۽ سندس لاءِ مخدوم صاحب جن جي طرفان سوئرن ۽ ڦاڙهن جي شڪارن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. جن جي شوق ۾ هو اڪثر اسڪول کان غير حاضر رهندو هو. مخدوم صاحب جن شهر جا وڏي ۾ وڏا ماڻهو هئا ۽ ميونسپل جا پريزيڊنٽ به هئا. تڏهن حيدرآباد ضلعي جو ڪليڪٽر مسٽر مير چندراڻي هو، جيڪو نهايت ڪرڙو ۽ اڙٻنگ هوندو هو...... جنهن ماستر سُندر جي مبينه ڪوڙين درخواستين تي، هڪدم انڪوائري ڪري غلام رضا جا لائسنس رد ڪري ڇڏيا...... آئون مخدوم صاحب جي هتڪ عزت برداشت ڪري نه سگھيس ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهيس...
    هڪڙي ڏينهن مون سندرداس کي غلام رضا، جيڪو موڪل وٺي ويو هو، تنهن جو پيرڊ وٺڻ جو چيو، پر هن انڪار ڪيو، مون کيس دٻايو، پر هو نه هيسيو ۽ جواب سوال ڪرڻ لڳو..... بس مونکي کپندوئي ايترو هو، ڪرسيءَ تان اٿندي ئي ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان وارن ۾ وجھي کڻي زمين تي سٽيومانس ۽ لتن ۽ مڪن جو وارو لائي ڏنومانس. هن آسمان ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته، ” خون ڙي خون“........ ۽ اُتان ڀڄي ويو.
    سندرداس مٿين مامري بابت ڳوٺ ۾ هندو پئنچات گڏ ڪرائي بلڪ ڀاڀڙا جن جي پئنچات الڳ هئي، تن کي به شامل ڪيو ويو. فيصلو ٿيو ته هندو ڇوڪرا تيستائين اسڪول ۾ نه ايندا جيستائين ان مامري جي ڇنڊڇاڻ ٿئي..... ٻئي پاسي مون هڪ رپورٽ لکي هن مامري کي پريزيڊنٽ صاحب جي سامهون پيش ڪيو..... جنهن منهنجي تجويز تي عمل ڪندي سندرداس کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ اهو حڪم تعميل ٿيو..... پوءِ هندو پئنچات جي معزز شخصن - ماستر هاسومل ۽ ٻيو مهاراج واسديو وچ ۾ پيا، جن پڪ ڏياري ته سڀاڻي سڀ هندو ڇوڪرا باقاعدي اسڪول ۾ حاضر رهندا ، پوءِ پئنچات سائين غلام حيدر وٽ ويئي، جنهن اهو حڪم رد ڪيو، پر انهيءَ شرط سان ته هيڊ ماستر کان سُندر داس معافي وٺندو، جيڪا ڳالهه هنن قبول ڪئي..... نيٺ ايئن مامرو حل ٿيو.
    1945ع ۾ ٻي جنگ عظيم رتو ڇاڻ ۽ غارتگريءَ بعد ختم ٿي، حڪومت طرفان حڪم جاري ٿيا ته اسڪولن ۾ خوشيءَ جا جلسا ڪيا وڃن. مٺايون ورهايون وڃن وغيره...... هڪ وڏي شاندار جلسي جو اهتمام ڪيو ويو. اسڪول کان جلوس نڪتو، درگاهه شريف مخدوم نوح جي باب بلند کان لگھندو سير بازار شاگردن جي قطار در قطار جلوس هلندو رهيو. شعر پڙهيا ويا، جنهن ۾ انگريزي حڪومت جي خوشامد ڪيل هئي. جرمني ۽ هٽلر تي سب و شتم جا ڌوڙيا هئا. اسڪول جا ٻار اهو شعر ڳائيندا، فتح جا نعرا بلند ڪندا، شهر جي مشهور بازارين ۽ گھٽين مان گھمندا ڦرندا، مارڪيٽ لتاڙيندا سرڪاري آفيسن وٽ پهتا. جتي هڪ وڏو انبوهه ماڻهن جو جمع ٿي ويو. مختيارڪار ۽ ٻيا آفيسر ٻاهر نڪري آيا، هن جلوس جو مظاهرو، نظارو ڪيائون، ڪليڪٽر حيدرآباد ۽ ڪمشنر سنڌ کي مخفي رپورٽون ويون، ڪجھ وقت کان پوءِ مونکي تحسين جو ليٽر مليو، جيڪو اڄ تائين ميونسپل رڪارڊ ۾ محفوظّ هوندو. مخدوم صاحب جن جي به تعريف ڪئي وئي.
    تڏهن حيدرآباد ۾ ٻه ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر هوندا هئا، هڪ حيدرآباد ٽائون لاءِ ۽ ٻيو ضلع لاءِ. هندو حيدرآباد ٽائون تي حاوي هئا ۽ ان ڪري حيدرآباد ٽائون کي ميونسپل اسڪول بورڊ ۽ حيدرآباد ضلع کي، جيڪو ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي ماتحت هو، تنهن کي ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ سڏيو ويندو هو. اهو سرشتو پاڪستان ٿيڻ بعد به اڃا هلندو ٿي آيو..... جڏهن مان حيدرآباد آيس، ميونسپل اسڪول بورڊ ٽائون جي آفيس هاڻوڪي ميونسپل آفيس جي سامهون هئي، جتي اڄ يو.بي.ايل جي بئنڪ آهي.
    پناهگيرن جي لڏپلاڻ ۽ غلبي سبب پرائمري برانچ اسڪولن جو جايون، جيڪي هندن جا مددي اسڪول هئا، سڀ بند ٿي چڪا هئا. جايون پناهگيرن والاري ڇڏيون هيون. ڪن سرڪاري اسڪولن جي احاطن بلڪ ڪن حصن ۾ به بي گھر پناهگير ويهي چڪا هئا. اسڪولن جا رڪارڊ فرنچير وغيره ڪٻاڙين جي حوالي ٿي چڪا هئا، ڪن ماسترن صاحبن کي کير جو ڊيريون هيون. ڪن کي کنڊ جي ڊيپو هئي. ڪن ماسترن ائسوسئيشن جي آفيس تي قبضو ڪري اتي جا ٽائيپ رائٽر ۽ ڊيوپليڪٽر مشينون تينوار ڪري ڇڏيون هيون. جنرل رجسٽر گم هئا، جيڪي اڇن پنن تي رکڻا پيا. ڪوڙن ۽ جعلي سرٽيفڪيٽن جي ڌم ڌمان هئي..... ماستر ته اسڪولن ۾ بنا نوڪري هليا ويندا هئا يا اخبارون ۽ رسالا ويٺا پڙهندا هئا. آمريڪن کير جو پائونڊر، گيهه جا دٻا، جيڪي شاگردن لاءِ ڪافي کان زياده ملندا هئا، سي سڀ بازار ۾ وڪيا پئي ويا، هي سال 1951ع جو هو.
    1955ع ۾ سيلاب آيو، کيبرن وٽان درياءَ شاهه ٽڪرين جيڏا بند ٽوڙي رکيا، پڪو رستو (ميٽل روڊ) ٻُڏي ويو. اُتر ڏي نوح پوٽن تائي، اُڀرندي ڏي اڏيرو لعل تائين ۽ ڏکڻ ڏي حيدرآباد تائين پاڻي پهچي ويو. هن سيلاب ۾ ڪجھ ماسترن جا گھر تباهه ٿي ويا. ٿوري گھڻي جيڪا ويچارن جي ملڪيت هئي، سا درياهه شاهه ڳڙڪائي ويو. ڪيترائي خانمان برباد.... تنهن وقت تائين حيدرآباد ۽ ضلعي جا ٻه حصا ڪيا ويا هئا. هڪ هالا ڊويزن ۽ ٻيو ٽنڊو ڊويزن. ميونسپل اسڪول بورڊ ختم ٿي چڪو هو. هالا ڊويزن ۾ تعلقو هالا، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد شامل ڪيا ويا. پنهنجي شخصي نالي سان، ماسترن جي اصرار تي، ماستر برادري کي اپيل ڪئي ته اُهي سندن ڀائرن جي دل کولي مدد ڪن. ڇو ته ڪنهن به گورنمينٽ ملازم کي ڪو چندو چڙو پنهنجي عهدي جي نالي سان ڪرڻ جي قانوني منع هئي. تعلقي ماسترن کي زباني هدايتون ڏنيون ويون، ته استادن کي پگھارن ڏيڻ وقت کانئن چندو وصول ڪري موڪلين. چندا اميد کان وڌيڪ وصول ٿيا.... پوءِ پيسا جمع ڪيا ۽ سامان به خريد ڪيوسين. گڏجاڻي ڪئي سين. فيصلو ٿيو ته هر هڪ ماستر کي هڪ مڪمل بسترو، رڌڻ پچائڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي ٿانون جو مڪمل سيٽ ۽ ڪپڙن جا ٻه وڳا ڪجھ مختصر شيون ڏنيون وڃن. جيڪو ڪم خير خوبي سان پورو ٿيو.
    مون ٻين ڪتابن کان سواءِ ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب به لکيو، هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ بعد مونکي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مبارڪون مليون..... هي ڪتاب به تعليم کاتي جي ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ منظور ڪيو ۽ سڀني اسڪولن جي لئبررين لاءِ خريد ڪيو ويو. انعام طور به شاگردن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو. هن ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌي سٻاجھڙي جي تهذيب، ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي، بهادري ۽ مهمان نوازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونه هيو..... پر ڪجھ ناانديشن ان ڪتاب جي مخالفت ڪئي.... جيئن ته سنڌي استادن جي ”ٽيچرس ايسوسئيشن“ اڳيئي قائم ٿيل هئي، تيئن اردو ماسترن جدا کچڻي رڌي الڳ ديڳڙي چاڙهي. (شايد 1958ع ۾) هڪ جماعت کي وجود ڏنائون، جنهن جو نالو ”جميعت المدرسين“ رکيو ويو. ان جو سربراهه هڪ حاذق نالي مقرر ٿيو..... پوءِ ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب جي مخالفت شروع ڪئي وئي، ته هن ۾ پناهگير، پنجابين کي گھٽ وڌ ڳالهايو ويو آهي. فوج خلاف ڳالهايو ويو آهي. تنهنڪري ڪتاب کي ضبط ۽ مونکي گرفتار ڪرڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳا..... حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر تڏهن نصرت حسين هو، ان وٽ وفد ويا. سڄي شهر ۾ پوسٽر لڳا. منهنجي ڪتاب جي ڪن ٽُڪرن جاترجما اردوءَ ۾ ڏنا ويا. ماتمي جلوس ڪڍي نصرت وٽ ويا، ”نذير“ ڪمشنر وٽ ويا...... جن وٽ پيش ٿي مون کين ڪتاب ۾ ڄاڻايل مواد جو صحيح مطلب سمجھايو، ته اهي خاموش ٿي ويا..... هاڻي حڪومت جي سطح تان ڳالهه مٿي کاتي جي چڱن مڙسن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ ڊاڪٽر جهانگير ان وقت ڊي. پي. آءِ ويسٽ پاڪستان هو ۽ ميجر رفيق ان جو اسسٽنٽ اسٽبلشمينٽ برانچ ۾ هو. تنهن انڪوائري شروع ڪئي...... نيٺ ڊي. او (ڊيمي آفيشل ليٽر) لکيائون ته سنڌي سٻاجھڙا تي گورمينٽ کي اعتراض آهي، تنهنڪري ان جون سڀ ڪاپيون، جيڪي اسڪولن جي لئبررين ۾ آهن، سي واپس گھرائي، ڊئريڪٽوريٽ ۾ جمع ڪري رکو، ان حڪم جي تعميل ڪئي ويئي، پر ”سنڌي سٻاجھڙا“ ڪتاب کي هن هنگامي سبب جيڪا اهميت ملي، تنهنڪري جن اهو ڪتاب نه پڙهيو هو، تن به خريد ڪري پڙهيو..... ڪتاب جي قيمت رڳو ٻارهن آنا هئي، پر ٽن روپين ۾ ڪتاب خريد ڪيا ويا.
    ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري انسپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽيوشن (تربيتي ادارن) جو نگران ٿي آيو هو. هن صاحب حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ نون نون سڌارن آڻڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪئي. ”اخبار تعليم“ کي خاص ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچائڻ جون ڪوششون ورتيون، جيڪا ذري گھٽ مري چڪي هئي. ان ۾ نئين زندگي ۽ نئون روح ڦوڪيو ويو..... هڪ ساليانو ميڙاڪو (مشاعرو) ڪرايائين، جنهن ۾ مون ٽريننگ ڪاليج تي هڪ شعر پڙهيو. محفل مشاعره جو صدر محترم ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو. مولانا غلام محمد گرامي تڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ معلم هو..... ٽريننگ ڪاليج مان ۾ ”ملا مخزن“ به هڪ رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيندي هئي، ان جو ڪم مولانا گراميءَ جي سپرد هو.

    (هي مواد محمد اسماعيل عرساڻي جي آتم ڪهاڻي ”سکر سيئي ڏينهن“ (ڪتابي دنيا، حيدرآباد، 1985.) تان کڻي حيدرآباد جي تاريخ نامي ڪتاب ۾ ڇپيوويو آهي. جتان هتي نقل ڪيو ويو آهي.)


    هالا جو ادبي ماحول : ڊاڪٽر سليمان شيخ

    پنجاهه وارو ڏهاڪو منهنجي ٻالڪپڻ جو زمانو هو. هالا هڪ ننڊاکڙو ڳوٺ لڳندو هو. سنڌوءَ جي ڪناري تي هالا پراڻا آباد آهي ۽ ان کان ميل ڏيڍ تي هالا نوان. ڪچين گھٽين ۽ اونداهين راتين واري هن ڳوٺ ۾ عجب زندگي هئي. ٿورڙي سُــرت پيئي ته چؤڦير علمي ادبي ڪچهرين جي خوشبو پکڙيل هئي. هالا ميونسپالٽيءَ جي پراڻي آفيس جي اڱڻ تي يا وري گاه مارڪيٽ جي اڌ ڍڪيل ميدان تي مشاعرا، نعت ۽ مولودن جون محفلون، وعظ ۽ ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ”رفيق ڪمپني“ هڪ اهڙو ادارو هو، جنهن ۾ اسان جي اسڪول جا نوجوان استاد ۽ ڳوٺ جا ان وقت جا شاعر پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪندا هئا.
    ان وقت هالا مان ماهوار ”فردوس“ نڪرندو هو. جميعت الشعراءِ سنڌ جو هڪ وڏو مشاعرو سروري اسلاميه ڪاليج جي ”بيت الحڪمت“ ۾ منعقد ٿيو هو. ان ئي دور (1956) ۾ دريا بادشاهه مستيءَ ۾ آيو هو ۽ هراس ڦهليل هو ته هالا کي وڏو خطرو آهي. مٿان سانوڻ جي برسات ڳوٺ جي گھٽين ۽ رستن کي ننڍا درياءَ ڪري ڇڏيو.
    آخر هڪ رات جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي اڳواڻيءَ ۾ ڳوٺ جي سڀني پاڙن جي پَرين مڙسن جي گڏجاڻي ٿي ۽ هالا کي الوداع چوڻ جو فيصلو ٿيو. آئون انگريزي پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اونداهي رات ۽ مٿان وڏڦڙو پيو وسي! هرڪو لالٽين جي ٽمڪندڙ روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي سانڍيل سامان کي سنڀالڻ ۾ لڳو پيو هو. ان رات جي يادگيري اڄ به ڏاڍي خوفائتي ٿي لڳي. اسان جي گھر ۾ اهو فيصلو ٿيو ته منهنجو بابا گھر جي سنڀال لاءِ پٺتي رهندو ۽ اسان سڀ ٻار ۽ عورتون منهنجن ٽن چاچن سان گھر ڇڏينداسين. جڏهن صورتحال سڌري ته ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ هالا جو سڄو ڳوٺ درگاهه مخدوم نوح تي گڏ ٿيو. جتي هنن جناب مخدوم طالب الموليٰ جا ٿورا مڃڻ لاءِ تقريب جو بندوبست ڪيو، جو مخدوم صاحب سڄي سنڌ ۾ ڦهليل پنهنجي مريدن کي گھرايو هو، جن رات ڏينهن هڪ ڪري هالن واري بند جي نگراني ڪئي هئي. هالن کي همت سان بچائڻ جي جدوجهد ۾ شهر واسين جي گڏيل ڪوشش ۽ حوصلو هڪ بيمثال داستان آهي. ان رات مشاعرو به ٿيو هو ۽ اختر هالائيءِ جو نظم ”ستارن ۾ ٿي سرگوشي ته آ هالن جو دم پويون“ بيحد مشهور ٿيو. اهو زمانو هالن جي ادبي ماحول جي عروج جو وقت هو. هر مهيني ننڍا وڏا مشاعرا ٿيندا هئا. استاد اختر هالائيءَ جي ”ميخانه ڪوثر“ (هوميو پيٿي ڪلينڪ) تي سيکڙاٽ شاعر قافين ۽ رديفن جي لسٽ لکيو قطار ۾ ويٺا هوندا هئا. هر مهيني جناب طالب الموليٰ طرحي مشاعري جو انتظام ڪندا هئا. اهي مشاعرا ”بزمٖ طالب الموليٰ“، ”بزمٖ رفيق“ ۽ پوءِ 1960ع کان پوءِ ”انجمن فروغ ادب“ جي انتظام هيٺ الڳ الڳ يا وري گڏيل طور ٿيندا هئا. عيدن جي موقعن تي وڏا مشاعرا ڪاليج ۾ ٿيندا هئا. مائڪروفون بيٽريءَ تي هلندو هو ۽ ٽنڊي آدم مان گهرايو ويندو هو. مشاعرو سومهڻي نماز کان پوءِ شروع ٿي، فجر ٻانگ تائين هلندو هو. هنن مشاعرن ۾ مون محترم غلام محمد گرامي کي ڏٺو ۽ ٻڌو. ان وقت ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿي چڪو هو ۽ گرامي صاحب تاريخي ادبي ۽ علمي مخزن جو ايڊيٽر هو.
    هاءِ اسڪول جي آخري سالن ۾ ”مهراڻ“ پڙهڻ جو شوق جاڳيو. گرامي صاحب جا ايڊيٽوريل پڙهڻ جي ڪوشش ڪبي هئي. اسان جي سمجھ کان گھڻو مٿي هئا. پر وري به جن دوستن جي عربي، فارسي ڄاڻ بهتر هوندي هئي ته اهي وري ان ايڊيٽوريل جي سمجھاڻي ڏيندا هئا. مهراڻ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ادبي اصول مرتب ڪرڻ ۽ معيار جي سڃاڻپ آهي. ان وقت ان ۾ مواد جو ڇپجڻ ”مستند اديب“ ٿيڻ جو پروانو هوندو هو (۽ شايد اڄ به). هالن جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ هڪ ”رضاڪار“ جي حيثيت ۾ انتظام سنڀالڻ جا مون کي موقعا مليا ۽ ”انجمن فروغ ادب“ پاران 1960ع ۾ ڌاري استاد اختر هالائيءَ جي پهرين ورسي جي موقعي تي مون کي مشاعري هلائڻ جو جڏهن موقعو مليو هو ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين پنهنجي ان اعزاز جي خوشيءَ کي دل ۾ ياد ڪري گد گد ٿيندو رهيو هوس. جناب مخدوم صاحب جن مشاعري جي صدارت ڪئي ۽ سڀ وڏا شآعر مولانا گرامي، محمد خان ”غني“، مخدوم امين فهيم، عبدالله ”خواب“، امداد حسيني، اسدالله بيخود حسيني، محوب سروري، عارف الموليٰ، شبير هاتف، سوز ٽکڙائي، بلاول پرديسي، راز بلڙائي ۽ اسان جي شهر جا ناميارا شاعر انجم هالائي، سليم هالائي، انور هالائي، عبداللطيف ساقي، شهنشاه هالائي، حميد ”شهيد“، غلام هالائي، منصور ويراڳي، عبدالرحيم بيدل، منور هالائي، عبدالقيوم ”زخمي“ ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا هئا. هن مشاعري کان پوءِ انجمن پاران هر مشاعري جي ميزبانيءَ جو شرف مونکي حاصل ٿيو.
    هالا ۾ پنجاه ۽ سٺ ڏهاڪن وارو زمانو مشاعرن، موسيقيءَ جي محفلن ۽ محبتن جي سڳنڌ جو ڀرپور سمو هو. مون علڻ فقير کي پڻ انهن گڏجاڻين ۾ گھڻو ڏٺو. تڏهن هو علڻ فقير آزاد جي نالي سان سڏبو هو ۽ محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ لائوڊ علڻ جي حوالي ڪبو هو ته جيئن هو پنهنجي خوش مزاجيءَ جي گفتن ۽ وڻندر ٻولن سان ماڻهن ۾ مشاعري لاءِ چاهه پيدا ڪري سگھي، جيئن اسان جو مانڊو (پنڊال) ڀرجي ته ڪاروائي شروع ڪجي. 1963ع ۾ هالا ۾ بجلي اچي ويئي ۽ ننڊاکڙو ڳوٺ جاڳي، هڪ ترقي پذير ننڍڙو شهر بنجي پيو ۽ ائين محبتن، مشاعرن ۽ شغلن جو سڄو ماحول ڪنهن ٻئي رنگ ۾ رڱجي ويو.

    (هيءُ مضمون ٽماهي مهراڻ جي گولڊن جوبلي 2006ع ۾ ڪنهن ٻئي عنوان سان شايع ٿيو آهي.)


    سيلف پورٽريٽ : الطاف شيخ

    جھنڊي، ڪاشي ۽ پڻ تعليم جي حوالي سان مشهور حيدرآباد جي ڳوٺ هالانوان ۾ 14 نومبر، 1944ع تي منهنجو جنم ٿيو. ننڍپڻ هالا ۾ ئي گذريو. سال ۾ ٻه چار دفعا حيدرآباد ۾ اچڻ ٿيندو هو، جتي مهنجا ناناڻا (سنڌ زميندار هوٽل ۽ فاران هوٽل وارا) سومرا رهيا ٿي. تن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم ۾ چار درجا هوندا هئا ۽ صبح توڙي شام جو اسڪول وڃڻو پوندو هو. هالا جي پرائمري اسڪول جا هڪ ٻه استاد سائين عبدالهادي شيخ، يارمحمد تورپيو، محمد بچل قريشي، ۽ سائين محمد اشرف ۽ اهڙي طرح انگريزي اسڪول جا ٽيچر سائين عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، محمود ابڙيجو، محمد خان گاجڻي ميمڻ (جيڪو بعد ۾ ABL بئنڪ جو صدر به ٿيو) اڄ به ياد ٿا اچن ته انهن جو قدر ٿو ٿئي ۽ سندن فرض ادائيگي، محنت ۽ ايمانداريءَ کي مڃڻو ٿو پوي، جن مون جهڙن هزارين شاگردن کي دل و جان سان تعليم ڏني. اڳتي هلي مون به ڏهاڪو کن سال ماستري ڪئي پر ماڊرن طريقن Audio Visual Aids سان. اڄ جي پڙهائي کان انوقت جي نوڪري ڪيڏي سخت هوندي هئي، جڏهن هڪ ماستر صاحب فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ جي مدد سان ٻارن کي پڙهائيندو هو.
    هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ ٽي درجا پڙهڻ بعد منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ ٿيو، جيڪو ٻه سال کن ميرپورخاص ۾ عارضي طور رهڻ بعد اڄ واري پيٽارو ڪئمپس ۾ شفت ٿيو. انوقت 1960ع ۾ جڏهن ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ اسين شاگرد ميرپورخاص کان پيٽارو پهتا هئاسين ته چوڌاري رڻ پٽ هو. ٻي جنگ عظيم جو هڪ رن وي ۽ ٻي ٽي ڊٺل هئنگر (جنهن ۾ هوائي جهاز بيهن ٿا) هئا. اڄ 46 سالن بعد اهو هنڌ جهنگل ۾ منگل ٿو لڳي.
    ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد آئون اڪيلو (۽ پهريون پڻ) هوس جيڪو چٽگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) جي مئرين اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويس. ٻئي سال ٻيا به سنڌ کان آيا، جن ۾ ڪئپٽن بشير وسطڙو مچڙ (نوشهروفيروز جو) ڪئپٽن احمد حسين مخدوم(زاهد مخدوم ۽ ثريا مخدوم) جو ڀاءُ)، سانگهڙ جو ڪئپٽن رياض چوڌري ۽ ٻيا هئا. آئون انجنيئرنگ برانچ ۾ رهيس. اڳتي هلي مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي مشينن جي انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي World Maritime University مان ڪيم.
    لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان پيدا ٿيو. والد مرحوم گل محمد شيخ ڪيترائي رسالا گھرائيندو هو، جن ۾ پهريون تصويرون پوءِ ننڍا ننڍا مضمون پڙهڻ شروع ڪيم. 13 سالن جي ڄمار ۾ جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته ان وقت جي رسالن بادل، گلستان ۽ ڳوٺ سڌار ۾ ڪچو ڦڪو لکڻ لڳس. ان بعد مئٽرڪ ۾ پهچي ڪاليج جي مئگزين جي ايڊيٽر ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ چٽگانگ مان اتي جون ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان سان لکڻ لڳس. هالا ۾ اسانجي مائٽي مٽي ۾ ڪيترائي اديب شاعر هئا، جھڙوڪ انور هالائي، سليم هالائي، شوڪت (جنهنجو پٽ امتياز ابڙو، اڄ ڪلهه ڪاوش ۾ مزاحيه ڪالم لکي ٿو)، اضعف هالائي (جنهن جا پٽ منصور ويراڳي، منور ۽ پوٽا شاعر، اديب آهن). خود والد صاحب کي شوق هو ۽ سندن ڪتاب ”ماکيءَ جي مک“، ”ڪوريئڙو“، ”ماڪوڙي“ ۽ هڪ ڪتاب پنهنجي ڪلاسي دوستن (سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش) سان گڏجي لکيل ”گڏهه“ اڃاتائين مختلف ادارن طرفان وري وري ڇپبو رهي ٿو. حيدرآباد ۾ اچبو هو ته منهنجا ناناڻا بزنيس سان تعلق ضرور رکندا هئا پر منهنجي ناني سيٺ محمد حسن جي گھر ۾ وڏي لئبرري هئي ۽ اسان کي به هروقت پڙهڻ لاءِ چوندو هو. سنڌ جو طنز و مزاح وارو ليکڪ حليم بروهي منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ (پڦي غلام فاطمه جو پٽ) به اتي ايندو هو يا هن وٽ وڃڻ تي اهي ئي ادبي ڳالهيون هونديون هيون. اڳوڻو وائيس چانسلر نظير مغل، جسٽس حامد علي مرزا وغيره جيڪي منهنجي نانيءَ جا ڀاڻيجا ٿين، اهي به ناني جي گهر ايندا رهندا هئا يا پاڙي ۾ سندن گھر وڃڻ ٿيندو هو ته هميشه لکڻ پڙهڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا.
    ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچي مطالعي جي اڃا به وڌيڪ عادت ڪرنل ڪومبس وڌي، جيڪو اسان کي ڪتاب پڙهڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. ڪرنل ڪومبس اسان جي ڪاليج جو پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ برٽش آرمي جو ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپانين وٽ قيدي Prisoner of War ٿي رهيو. هو اسان کي چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مطالعي جي عادت آهي، اهو جھنگ ۾ به اڪيلو رهي سگھي ٿو. هن جي نصيحيت جو احساس مونکي سامونڊي ڊگھن سفرن ۾ ٿيو، جڏهن چين کان ڪئناڊا چاليهه ڏينهن راتين جو يا جپان کان ڪيوبا 35 ڏينهن راتين جو لڳاتار سفر ٿي ڪيو سين ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪا پهر نه هوندي هئي. ان وقت ڪتابن اسان کي مشغول ٿي رکيو. اسان پيٽارو ۾ سنڌي، اڙدو، ۽ انگريزي جا فقط ڪتاب نه پر مصنفن جا سڄا سڄا سيٽ پڙهيا. چٽگانگ ۾ به مون کي ان قسم جو ماحول مليو. منهنجي بنگالي دوست ڪلاس ميٽن جو ڪتاب پڙهڻ سان ايترو ته چاهه هو جو مونکي شروع جي ڇهن مهينن اندر پنهنجي بنگالي زبان نه صرف ڳالهائڻ پر لکڻ سيکاريائون، منهنجو روم ميٽ چيف انجنيئر راشد ڪاظمي ته سمهڻ کان اڳ اوڙي پاڙي جي ڪمرن مان ٻين ڪئڊٽن کي گڏ ڪري رابندر ناٿ ٽئگور جي ”گيتا انجلي“ پڙهي ٻڌائيندو هو.
    چٽگانگ ۾ موڪل جا ڏينهن آئون چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ نعيم دريشاڻي وٽ ويندو هوس. نعيم هاڻي ڪافي سالن کان لکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پر تن ڏينهن ۾ سندس شاعري ٽيڙو، هائيڪو روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالي ۾ هر مهيني ڇپبا هئا. سندس هڪ آزاد نظم آهي:
    آئون جنهن گھڙي
    پنهنجي ماءُ جي ڪک مان نڪري
    هن جهان ۾ آيس
    تنهن گھڙيءَ کان
    منهنجو پاڇو مون ساڻ هو
    ڪالهه
    ٻن ڏينهن جي بک کانپوءِ
    ڀڳڙن مٺ جي عيوض
    مون اهو سچو دوست
    پنهنجو پاڇو
    وڪڻي ڇڏيو.
    بهرحال اتي چٽگانگ ۾ نعيم سان گھڻي ڀاڱي ادبي ڳالهيون ٿينديون هيون. حميد سنڌي، طارق اشرف، ولي رام ولڀ، وغيره هن جا دوست هئا، جن سان ڊاڪٽر نعيم مون کي اتي چٽگانگ ۾ ويهي متعارف ڪرايو.
    جهازن جي ڊگھين مسافرين (Routes) تي جهازي، وقت پاس ڪرڻ لاءِ اڪثر پتي راند کيڏندا هئاسون، يعني تن ڏينهن ۾ جڏهن 60ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جونيئر انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي چڙهيو هوس. پتي راند نه اچڻ ڪري آئون ٻين کان الڳ ٿلڳ ٿي ويس. پوءِ پنهنجي منهن مون ٿوري گھڻي پيسڪوٽ ۽ برج (جيڪي رانديون عام هيون) سکڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ايڏو پختو رانديگر نه هجڻ ڪري ڪوبه مونکي پنهنجي ڀيچي ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو. ڏسڻ لاءِ ويندو هوس ته ڏسڻ جو موقعو به نه ملندو هو. رانديگرن مان ڪو چوندو هو يار اسٽيورڊ کي ته فون ڪر ته چانهن ٺاهي اچي. ڪو چوندو هو يار ڪنٽرول روم وارن کي ته ٻڌائي اچ ته آئون هتي آهيان، جيئن منهنجو جهاز هلائڻ جو وارو اچي ته مونکي هن ڪمري ۾ اطلاع ڪن وغيره وغيره. پوءِ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيم ته جهاز هلائڻو يعني ڊيوٽي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو منهن وٺي ويهڻو آهي.
    پوءِ جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ دوستن کي خط ۽ عبرت اخبار لاءِ ڪالم لکڻ لڳس. جنهن ۾ بندرگاهن، سمنڊن، ۽ جھازن بابت اهي ڳالهيون هيون، جيڪي مون کي دلچسپ ۽ کلائيندڙ لڳيون ٿي يا اهي جن مان سمجھيم ته عام ماڻهوءَ کي معلومات به حاصل ٿيندي. شروع جي ڏينهن ۾ افسانوي نموني انهن ڳالهين ۾ رومانيت ۽ دلڪشي پئدا ڪندو هوس ته جيئن سنڌ جو نوجوان جيڪو سمنڊ جي ڪناري واري وطن ۾ رهي به سمنڊ جي نوڪري کان اڻڄاڻ آهي، ان جو هن فيلڊ ۾ چاهه پئدا ٿئي.
    منهنجي پهرين ان قسم جي سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ تي رائيٽرس گلڊ جو ايوارڊ ملڻ تي به منهنجي لکڻ لاءِ دلچسپي وڌي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته لکڻ منهنجي مجبوري هئي جو ڏينهن رات، سال جا 365 ڏينهن جهاز تي رهي ڊگھن سفرن جو وقت ڪاٽڻ لاءِ منهنجو وڏو هٿيار لکڻ پڙهڻ هو.
    1960ع واري ڏهي ۾ سائين نورالدين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ به سنڌي اديبن جي گڏجاڻي ٿيندي هئي. منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچيءَ ۾ لنگر انداز رهندو هو ته آئون اتي ويندو هوس، جتي منهنجي ملاقات ۽ دوستي امر جليل، نسيم کرل، شمشيرالحيدري، قمر شهباز، تاج بلوچ ۽ ٻين اديبن سان ٿي. هر ڪو پنهنجي لکڻي پڙهندو هو، جنهن تي ٻيا تنقيد ڪندا هئا. آخر ۾ سرڪي صاحب جي خرچ تي هڪ چانهن ۽ ڪجھ بسڪيٽ (نسيم کرل ٻه چانهيون ۽ گھڻا بسڪيٽ) کائي روانا ٿيندا هئاسين يا وري نسيم کرل وٽ، جنهن هوٽل ۾ هو ٽڪيل هوندو هو، اچي رات جي ماني کائيندا هئاسين.
    1971ع ۾ منهنجي مستوران گھلوءَ سان دادوءَ ۾ شادي ٿي. ڪجھ ڏينهن هالا ۾ گذاري وري اچي جهاز تي چڙهيس. اسان جو گھر يعني جهاز ٿيو. اسان لاءِ به اهو بهتر هو جو ٻين نوڪرين وانگر سيڌو سامان آڻڻ، رڌ پچاءَ ڪرڻ، گئس ۽ بجلي جا بل ڀرڻ جهڙن کٽراڳن کان بچيا پيا هئاسين. هرشيءِ ٺهي ٺڪي ٿي ملي. جهاز جي نوڪريءَ ۾ مون کي سڀ کان بهتر ڳالهه اها لڳي. آفيس وڃڻ لاءِ به نه بس ٽئڪسي جو کٽراڳ ۽ نه پنهنجي ڪار ڪڍڻ جو مسئلو. بس رڳو پنهنجي ڪئبن جو در کولي، ورانڊو ٽپي پنهنجي جهاز جي آفيس يا انجڻ روم جو دروازوکولڻو هوندو هو.
    ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي ۾ ساڳئي وقت ڪڏهن پراڻي جهاز تي ته ڪڏهن نئين آٽوميٽڪ جهاز تي. پراڻن جهازن جو وري اهو فائدو هوندو جو ويجھن ويجھن بندرگاهن واري روٽ ملندي هئي. جيئن ڪراچي کان پوءِ ڏيڍ ڏينهن بعد بمبئي، هڪ ڏينهن بعد ڪولمبو، ٽن ڏينهن بعد پينانگ، هڪ ڏينهن بعد ڪوالالمپور، هڪ ڏينهن بعد سنگاپور ۽ پوءِ هانگ ڪانگ، جپان ۽ ڪوريا وغيره.
    نون جهازن ۾ ڊگهين روٽن تي هلندا هئاسين. ڪراچي کان ممباسا- جتان پوءِ موزمبق، پوءِ ڊڪار (سينيگال)، لاس پاماس (ڪناري ٻيٽ)، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره. آٽوميٽڪ ۽ ماڊرن جهاز ٽيڪنيڪلي به ته سونهن سوڀيا ۾ به State of Art هئا. چيف انجنيئر جي حيثيت سان وڏو بيڊ روم، ڊرائنگ روم ۽ اٽيچڊ آفيس ملندي هئي. طوفانن ۽ خراب سمنڊن ۾ وري به تڪليف مون لاءِ هوندي هئي، جو جهاز مونکي هلائڻو پوندو هو. زال ۽ ٻارن لاءِ ته رڳو گھمڻ ۽ گھمڻ هوندو هو. خراب موسم ۾ سي سڪنيس Sea Sickness به ان کي تنگ ٿي ڪري، جيڪو جهاز هلائي ٿو. جيڪي ستا پيا هجن ته انهن کي ڪهڙي پرواهه. وڌ ۾ وڌ رکي رکي چڪر، ننڊ جا گهيرٽ ۽ هڪ اڌ الٽي ٿي اچي. پر اهو عجيب اتفاق هو جو منهنجي زال توڙي ٻارن کي ائٽلانٽڪ ،هندي وڏي سمنڊ توڙي بحر احمر ۽ ڀؤنچ سمنڊ ۾ ڪڏهن به سي سڪنيس نه ٿي. مونگي ڪمري ۾ ويٺي ويٺي به سخت ٿيندي هئي. الٽيون ڪري پيٽ خالي ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڀيٽ ۾ ڪجھ نه هئڻ ڪري اٻڙاڪن تي رت ايندو هو. پر ان ڳالهه جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي ڪڏهن به خبر نه پيئي. ڪٿي لڪي يا ڪمري ۾ اچي الٽيون ڪندو هوس. آخر تائين اها ڳالهه ظاهرنه ڪيم ۽ ڪرڻ به نه کپي. ڇو جو چاهي ڪهڙو به سمنڊ يا موسم ٿي وڃي، جهاز ته هلائڻو پوي ٿو. ٻي صورت ۾ جهاز ٿو ٻڏي ۽ سي سڪنيس جو اثر سڀني کي ٿئي ٿو ۽ جي منهنجي عملي جي ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته چيف انجنيئر کي سخت سي سڪنيس ٿي پيئي آهي ته اهي به ويتر سست ٿي پون. انڪري هونءَ جو انجڻ جي چڪاس لاءِ رات جو هڪ ٻه چڪر هڻڻو پوندو هو، خراب موسم ۾ ٻيڻا چڪر ڪري ڇڏيندو هوس، جيئن ڪنهن کي شڪ به نه پوي ته سي سڪنيس جي ڪري منهنجي ڪارڪردگي سست ٿي رهي آهي ۽ انجڻ تي يا جهاز هلائيندڙ انجنيئرن تي آئون اها اک رکي نٿو سگهان. ڪو جونيئر انجنيئر سي سڪنيس جي دانهن ڪندو هو ته آئون ٻاهريون ٻنو رکي وڏي اعتماد سان هن کي دڙڪو ڏيندو هوس: There is nothing like Sea Sickness.
    جيئن هرڪو پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهي. ڪو سست ٿي ڪري پوندو ته ان جي ڊيوٽي ڪير ڪندو. ڪجھ به ٿي پوي ته جهاز ته ڏينهن رات هلندو رهڻ کپي. ۽ خراب موسم ۾ هڪ هنڌ بيهارڻ بدران خراب موسم ۽ خراب سمنڊ کي اُڪرڻ ۾ ئي عافيت آهي. هونءَ به اهڙي خراب موسم ۾ شل نه ڪو جهاز خراب ٿئي يا بيهي رهي. پوءِ ته ان جهاز کي گڏهه وانگر سمنڊ جيڪو ڪڏائي ٿو، ان ۾ چڱا ڀلا به بيحال ٿيو وڃن. بهرحال سمنڊ تي اهڙا خراب ڏينهن روز ڪونه ٿا اچن. گھڻائي سٺن ڏينهن جي ئي رهي ٿي ۽ آن دي هول سامونڊي نوڪري جهڙي ٻي بهتر نوڪري ناهي ۽ مون وانگر ڪيترا ان قسم جي زندگيءَ مان ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. پر جيئن ٻار وڏا ٿين ٿا ته انهن جي تعليم جو مسئلو ٿئي ٿو. مون کي به ٻه ٻار ٿي ويا ۽ پهريان ٻه ٽي ڪلاس آئون کين جهاز تي پڙهائيندو رهيس. آخر مونکي سامونڊي نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ڪنهن ڪناري جي نوڪريءَ جي ڳولا ڪرڻي پئي.
    عرب ملڪن جي مون ڏاڍي تعريف ٻڌي هئي. ڪيترائي منهنجا هم وطني ۽ دوست ڊاڪٽر، سول انجنيئر، پورفيسر، پاڪستان ۾ تعليم ختم ڪري مختلف عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا هئا. انگلينڊ جي هڪ رسالي Economist ۾ ڪويت بندرگاه جي چيف انجنير جي پوسٽ جو اشتهار آيو. مون Apply ڪيو ۽ چونڊجي ويس. پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ سان حال اوريم ته مونکي جهاز هلائڻ واري ڊيوٽي کان آجو ڪيو وڃي. هنن مونکي اجازت ڏني. ڪجھ ميهنا ڪويت ۾ ڪم ڪيم، پر بنهه مزو نه آيو. عربن (يعني هنن اڄ جي عياش عربن) جي سوچ ۾ وڏو فرق محسوس ڪيم. ڪٿي جپان، يورپ، آمريڪا جهڙو سوچ جي آزادي وارو ماحول ۽ ڪٿي هي ٻوساٿيل ماحول. هڪ عرب پوءِ چاهي هو جاهل هجي، اڇو جبو پائي پير مرشد بڻجيو وڃي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو هنن جي نظرن ۾ جهڙا باگڙي ۽ ڀيل. گورن انگريزن کان اهڙا متاثر جو ڳالهه ئي نه پڇ. پنهنجي آفيس ۾ لکيم ته پگهار گھڻي هوندي به هتي دل نٿي لڳي. آفيس وارن کي ڪنهن چيف انجنيئر جي ضرورت هئي، جيڪو ڪمپني جي جپان ۾ ٺهندڙ نون آٽو ميٽڪ جهازن تي نظر رکي. منهنجا اليڪٽرانڪس ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا به ڪورس ڪيل هئا. هنن مون کي ٽوڪيوجي IHI شپ يارڊ ۾ موڪليو.
    جپان ۾ هونءَ به جهازن کي وٺي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو، پر هاڻ جپان جي شهر ٽوڪيو ۾ رهڻ ڪري جپان کي وڌيڪ ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. IHI (آشيڪاوا هِريما هيوي انڊسٽريز) جو هي ڪارخانو جنهن ۾ مالاڪنڊ جهڙا جهاز ٺهيا، ٽوڪيو جي مرڪزي علائقي گنزا ڀرسان آهي. رهائش جو بندوبست اتي رهيو. ڪناري جي هن نوڪريءَ ۾ ڇهه ست مهينا ته ڪناري ۾ رهڻ جا ملي ويا ٿي، پر جهاز تيار ٿيڻ تي ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان يورپ ۽ آمريڪا وٺي وڃڻو پيو ٿي. هڪ دفعو وري ٻار جهاز تي چڙهيا ٿي ۽ سندن پڙهائي ڊسٽرب رهي ٿي.
    1980ع کان اڳ تائين ملائيشيا جا نوجوان جهاز راني جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان، انڊيا ۽ آسٽريليا ويا ٿي. 1981ع ڌاري هنن جي حڪومت ملاڪا ۾ نيول اڪيڊمي کولي، جنهن جي سرپرست ڪئپٽن حمزه سان منهنجي ملاقات ٿي. بلڪ هڪ قسم جو آفيشل انٽرويو ٿيو. اڪيڊمي ملاڪا شهر کان چاليهه کن ڪلوميٽر پري سمنڊ جي ڪناري تي هئي. ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن سالن ۾ هڪ دفعو جو شرط هو. ٻارن جي تعليم لاِ ملئي زبان جا اسڪول هئا ۽ روزانو ملاڪا وڃڻو پيو ٿي. پگھار گھٽ هو، پر مونکي ملائيشيا جهڙو ملڪ ۽ ملاڪا جهڙي پرسڪون جاءِ ڌيان ۾ هئي ۽ پسند هئي. ان کان اڳ ڏهه سال کن جپان ۽ ڪوريا ايندي ويندي ملايشيا جي بندرگاهن ۾ ترسڻو پوندو هو. هتي جي ملئي زبان (جنهن کي هي بَهاسا ملائيشيا سڏين ٿا) هر هر اچڻ وڃڻ ڪري نه فقط آئون پر شادي بعد منهنجي زال به سکي ويئي هئي، سو جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي هن اڪيڊمي جو مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ اچي سنڀاليم. جهازن جي ٻي برانچ، ناٽيڪل ۾ درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم مون کان اڳ ئي اتي موجود هو. هن سنگاپور مان شادي ڪئي هئي ۽ پنهنجي زال مونا ۽ هڪ پٽ سان گڏ رهيو ٿي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر اتي پڙهائڻ لاءِ اچي چڪا هئا يا ايندا رهيا. پر پڙهائڻ وارن جي کوٽ هجڻ ڪري اسان کي ٽن سالن بدران چئن سالن بعد وطن وڃڻ جي موڪل ملي. آئون ٽي مهنا کن موڪلون گذاري وري ملائيشيا واپس آيس. ڪئپٽن مخدوم برونائي هليو ويو، جتي جهازن جي سکيا جو نئون تعليمي ادارو کليو هو.
    ملاڪا جي نيول اڪيڊمي کان علاوه سنگاپور جي ”پولي ٽيڪنڪ“ ۽ ملايشيا جي ٿائلينڊ جي ڀر ۾ شهراپوح جي ”انگڪو عمر پوليٽيڪنڪ“ اداري ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڻ مون کي وڃڻو پيو ٿي. ان ريت ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. هونءَ جهاز رستي اچبو هو ته فقط بندرگاه ڏسي سگھبا هئا پر هاڻي شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون ۽ ٻيٽ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. سنگاپور توڙي ٿائلينڊ ۾ اسان پاڪستانين لاءِ ويزا جي سختي شروع نه ٿي هئي، سو پنهنجي ڪار ۾ يا بس ۾ پيو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ائين اچبو ۽ وڃبو هو، جيئن ڪو حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ اتان ڄامشوري پهچي. سنگاپور کان ”تاناح ملايو ڪيريتا آپي“ (ملئي ڌرتي جي باه تي هلندڙ ڪار – يعني ٻاڦ گاڏي – يعني ٽرين) ۾ چڙهبو هو ته سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ وارو سمنڊ ٽپي، سڄو ملائيشيا لتاڙي، ٿائيلنڊ جي اڌ ملڪ مان ٿي 72 ڪلاڪن بعد ريل گاڏي اچي بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏيندي هئي.
    ملائشيا، جپان، سئيڊن، آمريڪا ۽ چين ۾ منهنجو گھڻو رهڻ ٿيو. ان ڪري ان پاسي جي ملڪن تي گھڻا ڪتاب لکيا اٿم. ملائيشيا وارن جي حڪومت منهنجي لکڻين ۽ سندن ڏورانهين ۽ نئين اڪيڊمي کي سيٽ اپ ڪرڻ لاءِ مونکي ايوراڊ به ڏنو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويندو هو. ملائيشيا ۾ شادين مرادين، ملڻ جلڻ ۽ ڪچهرين تي ماڻهو نه برابر وقت وڃائين ٿا. ان ڪري ڊيوٽي بعد هرڪو پنهنجي ذاتي ڪم ۽ وندر ۾ مصروف رهي ٿو. هڪ ٻئي جي هورا کورا ۽ نوس نوس ۾ به نٿا وقت وڃائين. سندن ترقيءَ جو هڪ راز اهو به آهي. نه ته ملئي ماڻهو ته اسان کان وڌيڪ ڄٽ ۽ ڳوٺاڻا هئا. پر انگريزن کان آزادي ملڻ بعد هنن جي ڳوٺ ڳوٺ جي وڏيري غير قانوني ۽ غير شرعي جويون رکڻ، شراب ڪواب جون محفلون سجائڻ، ڪڪڙ ويڙهائڻ، چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ هڻائڻ، اغوا ۽ ٻين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جا هڪٻئي سان مقابلا ڪرڻ بدران هنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ تعليمي ادارا، روڊ رستا، اسپتالون ۽ ڪارخانا نه فقط ٺهرايا پر اهي امن امان سان هلائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ هتي جي عوام ڳوٺ جي ان وڏيري کي هيرو سمجھي ٿي، جيڪو ڳوٺ جي عوام جي ڀلائِيءَ جو سوچي ٿو ۽ نه جنهن جي کيسي ۾ پوليس هجي. هتي وڏيرا، سردار ويندي سلطان (جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا چئن سالن لاءِ بادشاه ٿين ٿا) پنهنجي ٻارن تي عام ماڻهن کان وڌيڪ سختي ڪن ٿا. جيئن هو وڌيڪ تعليم يافته ٿي سگھن. صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري. سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ سائنسدان ٿي سگھن ۽ پنهنجون اسپتالون، ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کولي ٻين لاءِ روزگار مهيا ڪري سگھن.
    آئون هن وقت 62 سالن جي ٿي ويو آهيان. ٻن سالن کان رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن لاءِ وڏي عرصي کان تانگھي رهيو هوس. اڄ به ملائيشيا وارا مختلف ادارن مان ڪنهن جي نظرداري يا صلاحڪار جي حيثيت ۾ مونکي گھرائڻ چاهين ٿا، پر آئون آزاد زندگي گذارڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي هابي لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهڻ چاهيان ٿو. لکڻ پڙهڻ هاڻ مون لاءِ وندر نه پر نشو ٿي پئي آهي.جنهن جو اهڙو addicted ٿي پيو آهيان، جو ان بنا مزو نٿو اچي. بهرحال هاڻي آئون پاڻ کي آزاد محسوس ڪريان ٿو. پٺيان جهاز هلائڻ يا جهازين لاءِ ليڪچر تيار ڪرڻ جو فڪر نه اٿم. ٻه ٽي مهينا ملائيشيا ۾ دوستن ۽ پراڻن شاگردن وٽ رهي آيس. ڪئڊٽ ڪاليج جي ٻن ڀائر دوستن جي پٽن جي دهلي ۽ بڙودا ۾ شادي ٿي ته آئون به ساڻن نڪري پيس ۽ ٻه مهينا کن مختلف شهرن جي مندرن، ڌرمشالائن، ننڍين هوٽلن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ساڻن گڏ گذاريم. تازو هاڻ هوائي جهاز رستي چار مهينا آمريڪا جي انهن شهرن ۾ رهي آيو آهيان، جن شهرن ۾ آئون پاڻي واري جهاز تي نوڪري خاطر ويندو هوس. انهن ڏينهن ۽ اڄ جي دور جو احوال پنهنجن ٻن ڪتابن ۾ قلمبند ڪيو اٿم. هڪ ”نيوهالا کان نيو يارڪ” ڇپجي چڪو آهي ۽ ٻيو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪمپوز ٿي رهيو آهي. ان سفر جو باقي احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب لاءِ لکڻ ۾ مشغول آهيان.
    جييستائين سوال وقت ملڻ جو آهي، ان لاءِ اهو چوندس ته Where there is a will, there are ways لکڻ جهڙين شين لاءِ هتان هتان وقت ڪڍندو رهان ٿو. ريڊيو، ٽي وي يا ماڻهن سان ملڻ جلڻ کان پري رهان ٿو. ڪچهرين پٺيان ٽائيم وڃائڻ کان پرهيز ڪريان ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ننڍپڻ کان مونکي گھٽ ننڊ اچي ٿي. صبح جو سوير، فجز نماز کان به گھڻو اڳ، اٿان ٿو. چاهي اونهارو هجي يا سيارو، ڳوٺ هجي يا ولايت، آفيس هجي يا موڪل جو ڏينهن هجي. منجھند جو ڪلاڪ ڏيڍ سمهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. جي ننڊ اچي ويندي آهي ته بيحد توانو محسوس ڪندو آهيان ۽ اها شام تمام گھڻو لکي سگھندو آهيان.
    مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن، رسالن ۾ لکندو رهيو اهيان. اڄ ڪلهه خاص ڪاوش ۽ اڙدو اخبار امت ڏي مضمون موڪليندو آهيان. رسالن مان ڪرزما، عبرت مئگزين، سرتيون، گل ڦل، سوجھرو ۽ اردو ۾ پاڪستان پوسٽ، سرگزشت ۽ اردو ڊائيجست ۾ مضمون ايندا رهن ٿا.
    سڀني اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن سان سٺا تعلقات آهن. بس رڳو تاج بلوچ سان جنگ جوٽيل هوندي آهي جو هو منهنجا مضمون گم ڪريو ڇڏي. وري دڙڪا به اسان لکندڙن کي ڏئي ٿو ۽ کيس جي ڪجھ چئجي ٿو ته يڪدم ورندي ڏيندو:”توهان اديبن بيزار ڪري وڌو آهي. توهان اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ به ڏيڏر تورڻا آهن.“
    هڪ دفعي تاج بلوچ آيوته ”قمر شهباز ٽن مهينن کان رسي ويو آهي. سوجھرو ۾ لکڻ به ڇڏي ڏنو اٿس. کيس ڪنهن نموني سان راضي ڪري. چئي ته معافي وٺانس.“
    ”تاج تنهنجي معافيءَ تي ڪو به اديب نه پرچندو. هڪ منٽ ترس.“ چيومانس ۽ قمر کي فون ڪري پڇيم ته ”واندو آهين يا نه“.
    ”واندو آهيان.“ قمر وراڻيو.
    ”سوسائٽي واري قبرستان هلندي، آئون وڃان پيو.“ ٻڌايومانس.
    “ڇو خير ته آهي؟“ قمر وائڙو ٿي ويو.
    ”تاج بلوڇ ڪالهه گذاري ويو. دل جو دورو پيس. دفن به ڪري ڇڏيائئونس. آخري ڏينهن ۾ تنهنجو ڏاڍو ڏک هوس ته سوجھري ۾ نٿو لکين. ٻڌايومانس. ۽ پوءِ قمر جي حالت ڏسڻ واري هئي. هو تاج جي ورسين، ادبي خدمتن ۽ شاعري بابت يادگار محفل سڏائڻ جا پلان جوڙڻ لڳو. پوءِ نيٺ چيومانس ته اهي سڀ شيون في الحال ڪجھ عرصي لاءِ ملتوي ڪري فقط هڪ مضمون سوجھرو جي ايندڙ پرچي لاءِ موڪل. تاج اڃان جيئرو آهي. بهرحال جڏهن کان جنت منگھاڻيءَ سوجهرو جي ادارت سنڀالي، چوطرف سڪون ڇانيل رهيو. پر هاڻي وري اها به ذاتي مصروفيتن جو عذر ڄاڻائي ادارت ڇڏي ويئي آهي.
    سٺ کان مٿي ڪتاب ڇپيا اٿم. صحيح تعداد جي گھڻي خبر ڪانهي. ڇو ته منهنجو پبلشر سان ڪو واسطو نٿو رهي. آئون اخبارن ڏي ڪالم موڪليان ٿو، جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو پڙهي سگھن. ڪو به ادارو يا ماڻهو منهنجا ڪتاب ڇپائي سگھي ٿو. منهنجي طرفان ڪنهن به اجوري يا ائلٽي جي بندش ناهي. آئون پنهنجي لاءِ ڪاپي به دڪان تان پاڻ خريد ڪندو آهيان. انڪري منهنجن دوستن کي جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪتاب تحفي ۾ نٿو ڏيان ته دل ۾ نه ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڏيان ٿو ته ان کي ان جو قدر ڪرڻ کپي. ان ڪري ته ان تي مون پنهنجي کيسي مان سؤ يا ڏيڍ سؤ خرچ ڪيو هوندو.
    اڄ ڪلهه جي انٽرنيٽ ۽ ڪيبل جي دور ۾ جڏهن ماڻهن پڙهڻ گھٽائي ڇڏيو آهي ۽ دڪانن ۽ اسٽالن تي ڪتاب ۽ رسالا ائين پيا سڙن. ان دؤر ۾ علي نواز گھانگھري، فيروز ميمڻ، يا نوراحمد ميمڻ صاحب جهڙو ڪو پبلشر يا تاج بلوچ، فقير محمد، عرفان نوراني، عرفان عباسي جهڙو ايڊيٽر رسالو ٿو شايع ڪري ته ان جي مهرباني آهي، جو هو اسان جهڙن اديب ۽ شاعرن کي پڙهندڙن سان متعارف ٿو ڪرائي.

    (ماهوار امرتا جي نومبر 2006 (62نمبر) پرچي ڇپيل)
    10 نومبر 2006


    گلابن جو شهر هالا : انيس ابن اختر هالائي

    شاعري، موسيقي ۽ علم و ادب کي گڏ ڪري هڪڙي مرڪز تي وٺي آيس ته ”هالا“ ٿي پيو.
    (اختر هالائي)

    هالا گلابن جو شهر آهي
    هالا خوابن جو شهر آهي
    هالا خوشبوئن جو شهر آهي
    هالا آرزوئن جو شهر آهي.

    هي شهر ڪاشيگرن جو شهر آهي
    هي شهر ڪاريگرن جو شهر آهي.

    هي ته سندر سپنن جو شهر آهي
    هي ته پُرجوش جذبن جو شهر آهي.

    هتي ته هر وقت گلاب ٽڙن ٿا
    هتي ته هر مهيني محبتي مڙن ٿا.

    هِتي ته هر سِرَ تي سَرور جو سايو آهي
    اهوئي ته حاصلِ زندگي ۽ سرمايو آهي.

    هِتي عالي به آهن ته موالي به آهن
    سخي به آهن ته سوالي به آهن.

    هالا جي هوائن ۾ قرب جا ڪبوتر اڏامن ٿا
    هالا جي پولار ۾ پيار جا پاريل پرواز ڪن ٿا.

    هالا ۾ نه رڳو درويشن جون درگاهون آهن
    پر هالا ۾ ڪي جي کان ڪاليج تائين درسگاهون به آهن.

    هن شهر ۾ وحدت جا ورق به آهن
    ته هن شهر ۾ فڪر ۽ فرحي جا فرق به آهن.

    مولائي به هتي ته موالي به هِتي
    سائل به هتي ته سوالي به هِتي.

    هيءُ نوح جي نگري آهي
    هِتي ته زندگي ئي زندگي آهي
    هِتي ته روشني ئي روشني آهي
    هِتي ته آشتي ئي آشتي آهي.

    هالا، هنر ۽ حرفت جو شهر آهي
    هالا، علم ۽ ادب جو شهر آهي
    هالا، سونهن ۽ صداقت جو شهر آهي
    هالا، رمز ۽ رياضت جو شهر آهي.

    هالا، جتي سچائيءَ جي سُوسي به آهي
    ته محبت جو موٺڙو به آهي
    قرب جي ڪاشي به آهي
    ته جذبن جي جنڊي به آهي.
    هالا، جتي موج به آهي ته مهراڻ به آهي
    جتي سونهن به آهي ته سرهاڻ به آهي
    جتي چنڊ به آهي ته چانڊاڻ به آهي
    جتي دامن به آهي ته پهراڻ به آهي.
    هالا جو هِندورو، جنهن تي چاهه جا چِٽَ چٽيل هجن. هالا جي ڇپر کٽ، جيڪا وصل جي واڻ سان واڻيل هجي، جنهن جي پيار جي پاوَن تي نينهن جا نقش هجن، اهي سڀ هالا جي هر گهر جي زينت آهن.
    سائين! اجرڪ الفت جو آواز آهي
    اجرڪ سچ جو ساز آهي
    اجرڪ نياز به آهي ته ناز به آهي
    اجرڪ رمز به آهي ته راز به آهي.

    اڇي ڪوري لَٺي کي ويهاروکن ڪيميائي عملن سان گذارڻ بعد جڏهن کٽي کڻي اچي ٿو ته کٿوري جي خوشبو به وسريو وڃي- قرب جي ڪَڪِرائين اجرڪ، جنهن تي چاهت جا چِٽَ چڙهن ٿا ۽ الفت جي آسمان تي اجرڪ جون ڦلڙيون ستارن جيان جهرڪن ٿيون ته دل چوي ٿي ته ڪي مڙس مٿير هجن، مهمير هجن، مانجهي مڻيادار هجن، سونهن جا سردار هجن. جن جي ڪلهن تي هالا جو ستارن سان سينگاريل آسمان هجي.
    سائين! هتي چاهتن جا چور به آهن ته دلين جا ڌاڙيل به آهن. هن شهر ۾ شفيقن جون شفقتون به ملن ٿيون، رفيقن جون رفاقتون به ملن ٿيون. هن شهر ۾ سچ ۽ سوڀ جا سعيد به آهن ته نوح جي نياز جا نويد به آهن. هن شهر پراون کي پنهنجو ڪيو، هن شهر اهنجن کي سنهنجو ڪيو.
    ويڪرو، وڏو، ڪشادو، سرسبز، سائيه دار بڙ جي وڻ جيڏي هن شهر جي آغوش ۾ جو آيو، سو اگهيو. جنهن هڪ دفعو هتي پيرُ پاتو، اهو هميشه لاءِ هِتي جو ٿي ويو. ويڪرا وڏا بڙ جا وڻ وڍجي ويا، پر هالا جي دل ڄڻ درياه، سايُن ساين نِمن جا ڪنڌ ڪپجي ويا، پر هالا جي من ۾ ساڳي ممتا جي محبت.
    آدم وڌندو ويو- پاڇا ڊگها ٿيندا ويا، ميدان ڍڪبا ويا، ڪالونيون ٺهنديون ويون، نوان محلا آباد ٿيندا ويا، وڏا وڏا اڱڻ سوڙها ٿيندا ويا، پر هالا جي دل سوڙهي نه ٿي. ويڪريون وڏيون گهٽيون گهرن ۾ گُم ٿينديون ويون، پر هالا ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي، ڀلا ڪنهن کي چئجي سڀ پنهن جا ئي ته آهن....... چون ٿا ته صديون اڳ ڪو مانجهي مڻيادار پنهنجي حجري مان نڪتو، سندس هٿ ۾ هڪ سِرَ هئي.

    علم جي سِرَ، آگهَي آگهَي جي سِرَ
    بندگي جي سِرَ، زندگي جي سِرَ
    امن جي سِرَ، آشِتي جي سِرَ
    سوجهري جي سِرَ، روشني جي سِرَ.
    هِتي رکيائين هن جاءِ تي- انهيءَ اميد تي ته منهنجي هالا جا ماڻهو منهنجي رکيل سِرَ کي سِرَ کان به مٿي کڻي ويندا. ڄڻ چوندو هجي ته:
    هڪڙي ڏيئي منجهان ٻرن ٿا هزار ڏيئا،
    هڪڙو ڏيئو ٻاريو ڏيو ٿو وڃان.


    ڪو نانگ سراپي ويو؟ : سهيل ابڙو

    هُو مون کي انهيءَ ڏينهن، ان وقت مليو هو، جڏهن جهرڪيون سائين جي ثنا ڪنديون آهن ۽ ميراثي رياض آلاپيندا آهن. هن جي مون سان هيءَ ٻي ملاقات هئي، هن جي مک تي مرڪ بدران غم ڇانيل هو ۽ هُو دنيا جي گولي تي ان يتيم ٻار وانگر نظر ٿي آيو، جنهنجي سِر تي سالن کان ڪنهن پيار سان دستِ شفقت نه رکيو هجي. هن جي سينڌ اجاڙ هئي ۽ جسم ڪنهن کنڊر وانگر کڏا کڏا ٿيل هو، بيوفائيءَ جون ضربون هن جي پٺن تي پيل هيون ۽ وفا جا ڪڙا هن جي هٿن ۽ پيرن ۾ پاتل هئا. هُو مون کي اڄ ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو، بلڪل بدليل، ڄڻ ڪو ٻهروپيو. هُو جيڪو مون کي ڪجهه سال اڳ پکين جي ورڻ وقت ساون کيتن ۾ مليو هو، ڏاڍو هشاش بشاش هو، سڀني جي نظر جو محور، سڀني جي دل جو ڌڻي، پنهنجن کي پيارو ته پراون کي به عزيز. هُو جيڪو خوشبوئن جو شهر هو، خوابن جو شهر هو، بهارن جو شهر هو، گلابن جو شهر هو، حسن جو شهر هو، حجابن جو شهر هو، محبت جو شهر هو، شفقت جو شهر هو، سخائن جو شهر هو، وفائن جو شهر هو، شاعرن جو شهر هو، ماهرن جو شهر هو، ڪاشيگرن جو شهر هو ۽ ڪاريگرن جو شهر هو. ها! هُو ته الفت جو آواز هو، سچ ۽ سونهن جو ساز هو، مگر اڄ!
    مگر اڄ! مون کي ائين لڳو ڄڻ هي ان جو ضد هجي، اڄ مون کي هُو اماوس رات ۾ درد جي قلم ۽ لڙڪن جي مس سان لکيل ڪنهن حساس دل شاعر جي درديلي مضمون جهڙو لڳو. سندس هيءُ اجاڙ روپ ڏسي منهنجو من ملول ٿي ويو ته هن منهنجي ڪلهي تي پنهنجو ٻاجهارو هٿ رکيو ۽ هڪ اهڙو مهربان ۽ طلسماتي آواز فضائن ۾ تحليل ٿيڻ لڳو، جنهن جو سحر سڌو دل تي اثر ٿو ڪري. مون پنهنجي وجود کي يڪجاءِ ڪيو ۽ خدا منهنجي ڪنن کي شڪتي ڏني ۽ مون ٻڌو؛ هو چئي رهيو هو: ”پٽڙا! تون پريشان ٿي وئين، ائين جڳن کان ٿيندو آيو آهي، ماڻهوءَ جي فطرت انهن ٻڪرين جهڙي ٿيندي ٿي وڃي، جيڪي اڃ اجهائي اتي ئي گندگي ڦهلائينديون آهن. اڄ محسن ۽ منافق برابر آهن، راهبر ۽ راهزن جو فرق ختم ٿيو. ڪالهه جيڪي منهنجي سيني تي پتڪڙن پيرن سان ڊوڙون پائيندي ٿاٻڙجي ڪري پوندا هئا ۽ آءٌ انهن کي هڪدم ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هوس، اڄ جڏهن پنهنجي پيرن تي بيٺا ته مون کان نا آشنا ٿي ويا. ڪالهه جن لاءِ بهار ۾ منهنجي انبن جي ٻور جي خوشبوءِ واريون هيرون پرينءَ جون صدائون هونديون هيون، اڄ مهانگن ڊرائنگ رومن جي آرامده صوفن تي ويهي، اي.سيءَ جون آرائشون وٺندي، مون تي افسوس جو دم ٿا ڀرين.“ هُو ٿڌو ساهه ڀري جهونگاري ٿو:
    بي سبب ڇا کان ڀلا بيزار ٿيندا ٿا وڃن،
    ڇو ڀلا هي يار سڀ اغيار ٿيندا ٿا وڃن.

    ماضي جا بادل هُن مٿان ڇانوَ ٿا ڪري بيهن، يادن جي برسات ۾ هُو ٻڏندو ٿو وڃي ۽ هن جي ڊائريءَ ۾ ساروڻين جا پنا اٿلبا رهن ٿا. هُو حضرت غلام حيدررح کي ساري ٿو، ڪاليج جي جوڀن جا ڏينهن، ادبي نشستون، علمي بحث، شاهڪار تخليقون، رانديون ۽ ٻيا اسٽيج جا تماشا. هُو هاسٽلن جي رونقن کي ياد ڪري کلي پوي ٿو، چانڊوڪي رات ۾ سُرن جي ورکا، سا.... ري.....گا....ما.....پا......ڌا......ني.....سا، طبلي جي ٿاڦ ترچڪ ڌاتر چڪ ڌا......ڌا......ڌا....، مچ جي چوڌاري يارن جون ٽوليون، ٽهڪ، ڪوڪرا، هل، هنگاما، روز جشن، روز پروگرام. هن کي پنهنجيون گهٽيون ياد ٿيون اچن، چپي چپي تي کڏون آهن، ڪوري پيار جو پورهيو ڪري پنهوارن لاءِ پوشاڪون پيا تيار ڪن، آڏاڻي جي ٺڪاٺڪ ۾ ڪا موسيقي آهي، جيڪا ٻڌندڙن کي جهومائي ٿي ڇڏي، بافتي تي پور ڇپجن پيا، ڇيڻن جي بوءِ ساهه ۾ رچي وئي آهي ڄڻ ته سڄي ثقافت اندر ۾ سمائجي وئي آهي؛ جنڊيءَ جي پاون ۾ ڪاٺ جون ايسئون آهن، واهولي جي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي، دل تي مانوس محبت جي دستڪ ٿئي ٿي.
    ”هُو ڳالهائيندو ٿو رهي ۽ آءٌ هوا کان به هلڪو ٿيندو ٿو وڃان.“ هُو حضرت طالب الموليٰرح کي ساري ٿو، مشاعرن جون محفلون، موسيقيءَ جون محفلون، گهڙي ۽ گهاگهر تي استاد فنڪار، مهان ڳائڻا، امر گائڪ، حق موجود جا نعرا، اميري غريبي ختم، سماجي معيار پوئين پاسي، مڙني سان محبت جو ڪلام، پيار پياس، پيار ئي جام......
    هُو اٿي ٿو ۽ اٿي جهومي پوي ٿو. ” جنهن دل پيتا عشق دا جام، سا دل مستئون مست مدام“ ۽ ڪا مهل گذرڻ کانپوءِ هو گنڀير ٿيندي چوي ٿو: ”مگر اڄ ڇا آهي“ هيءُ ڪهڙو نانگ سراپي ويو آ، ڪنهن بد نظرجي نظر لڳي وئي، نه ڪا محفل ياران، نه ڪا مستيء رندان، ڪجهه به ته ڪونهي، علمي جمود، ادبي جمود، سماجي جمود. هر طرف هوٽل، ئي هوٽل، هر سو بي سرن جون هڪلون، نئين ٽهي لاءِ بس ڪئبل جو ڪنو شغل، ڪِيم تي ٻار به کريل ته پوڙها به ڪريل، گهٽين ۾ گٽڪن جون ٿڪون آهن، مهڪ بدران مونجهه آهي، زندگيءَ بدران گندگي آهي، هر هنڌ درندگي آهي.
    هي ڇا ٿي ويو آهي خوابن جي شهر کي ۽ گلابن جي شهر کي، شاعرن جي شهر کي، ماهرن جي شهر کي، ڪاشيگرن جي شهر کي ۽ رانديگرن جي شهر کي؟
    علم ادب ۽ موسيقي کي گڏ ڪري
    هڪ مرڪز تي آندم ته هالا ٿي پيو.

    مون کي ٻڌايو! ڪٿي آهي هالا؟ ڪيڏانهن ويو هالا؟ ڪيڏانهن ڪيؤ هالا؟ ڪيڏاهن ڪيؤ هالا؟
    منهنجو ڪلهو هلڪو ٿي وڃي ٿو، آڪاش تي نيراڻ ڦهلجڻ لڳي ٿي ۽ مون کي ياد ٿو اچي:

    ڪيترا گل هئا، ڪالهه املتاس ۾،
    ڦوهه جوڀن جيان، پيار جي پياس ۾.
    اڄ سرء واء ۾، سڀ ڇڻي ٽاريون،
    چنڊ ڏي ٿيون ڏسن، ڪيئن نه ويچاريون،
    ڇمڪڻيون ڇيڄ لاءِ هو وڌائن پيون،
    ۽ اڳين پيار کي آزمائين پيون،
    چنڊ ويندو رهي ٿو سرء واء ۾،
    ڇيڄ کيڏي نه ٿو ڪو سرء واء ۾.

    ڊائمنڊ امپورٽس ڪلب هالا
    پاران 2003ع ۾ ”يادگار سوکڙي“
    ۾ شايع ٿيل


    هالا متعلق شاعري

    اختر هالائي

    اختر هالائي
    هالا

    هر طرح علم ۾ بي مثل ٿو هالا چئجي،
    سنڌ ڇا، هند ڇا، دنيا ۾ به يڪتا چئجي!

    گرچ اغيار کڻي رشڪ کان تسليم نه ڪن،
    پيش منصف جي مگر علم جو دريا چئجي.

    هنر و حڪمت ۾ ٿيو غيرتِ يونان بيشڪ،
    باليقين بحرِ ادب، مرڪزِ شعرا چئجي.

    باعثِ فيض ٿي مخدوم جي عالي درگاهه،
    نورِ يزدان ۾ منوّر سا سراپا چئجي.

    مخزنِ گوهرِ اسرارِ تصوفِ اعليٰ،
    چشمئهِ بزم سخن، مجمعِ علما چئجي.

    شان شايان آ عجب شهر اسان جو ”اختر“،
    قابليت ۾ ڀلي منظرِ دنيا چئجي.

    عشق جي ادنيٰ اشاري آه سيکاريو ادب،
    جذبئه دل موجبِ افڪار بالا ٿي پيو.

    شاعري، موسيقي ۽ علم و ادب کي گڏ ڪري،
    هڪڙي مرڪز تي وٺي آيس ته”هالا“ ٿي پيو.


    مخدوم محمد زمان طالب المولى

    مخدوم محمد زمان طالب المولى

    هالن ۾ ڏٺم

    عشق جو اعلى اثر اسرار هالن ۾ ڏٺم
    عاشق ِ اڪمل عجب اظهار هالن ۾ ڏٺم

    عارف باالله بيشڪ برهه وارن جو بلو
    محب، مالڪ، مهلقا مهندار هالن ۾ ڏٺم

    بي خزان باغ ِ محبت جنهنجي دم سان اڄ به آهه
    گيان سان گل سو گل و گلزار هالن ۾ ڏٺم

    هڪ نظر سان جنهن ڪيو مخمور ميخاني اندر
    سو سخي، ساقي، سڄڻ، سرشار هالن ۾ ڏٺم

    بي ريا، برسيل بهاريءَ سان ، بهادر، با وفا
    دلربا، دلدار، دل جو ٺار هالن ۾ ڏٺم

    فيض جنهنجو پيو هلي فياض سو فائض فقير
    نينهن ۾ نسريل، نسنگ، نروار هالن ۾ ڏٺم

    پيار جنهنجي ڪيو کڻي پرواني جان پڙ ۾ پڌر
    پرت وارو سو پرين پڳدار هالن ۾ ڏٺم

    آستان تي جنهنجي هردم ٿا اچن طالب سوين
    سو سدا سرور علي سردار هالن ۾ ڏٺم


    ابڙو عبدالرحيم ”بيدل“

    ابڙو عبدالرحيم ”بيدل“

    هالا ۾

    بيان ڪهڙو عيان ڪريان، عجب اسرار هالا ۾،
    ڏسڻ سان جو رکي تعلق، اهو ديدار هالا ۾.

    هتي ”مخدوم سرور نوح“ جو روضو مبارڪ آ،
    سري ٿو فيض روحاني، سراسر يار هالا ۾.

    انهيءَ بزرگ ڀلاري جو، اڃا اولاد هت آهي،
    رهي ٿو ”طالب الموليٰ“ سندس پڳدار هالا ۾.

    عطا شل جاءِ جنت ۾ ٿئي ”مخدوم حيدر“ کي!
    بنايو علم جو جنهن گلشن و گلزار هالا ۾.

    ڪڍي هن دشتِ ويران مان، خس و خاشاڪ جنهن ڇڏيا،
    اهو مردِ مجاهد هو، مٺو منٺار هالا ۾.

    سندس ايثار عظمت جي، گواهي ٿا ڏين گڏجي،
    سدا ڪاليج ۽ اسڪول جا مينار هالا ۾.

    ادب ۽ علم جو صاحب، تدّبر حلم جو مالڪ،
    هچي ها هوند سو زنده، اڃا دلدار هالا ۾.

    اچو هاڻي گهمايان مان اوهان کي شهر هالا جو،
    ڏسڻ جهڙيٰ اٿوَ سچ پچ ادا بازار هالا ۾.

    ڏئي وَر وَر ڀڳو بيٺو، هجين تون يار هالن ۾،
    اچي هيڪر گهمين جيڪر ڏسين سومار هالا ۾.

    اچن ٿا قرب مان ڪاهيو، ڍڳا ۽ ڍور ڳوٺاڻا،
    هلي هر پهرئين سومر تي اهو واپار هالا ۾.

    جنڊي ڪاشي اسان جي شهر جي سوسيون سدا سهڻيون،
    انهيءَ صنعت سندو صالع، ٿيو زردار هالا ۾.

    ڪشادي روزگاري ٿِي، هتي هرڪنهن کي ٿئي حاصل،
    نه ڏسندين ڪوبه ڪو ڪڏهين، ائين بيڪار هالا ۾.

    هوا پاڻي هتي جو آه وڌ ”ڪشمير ڪوئيٽا“ کان،
    ڪيا سچ قرب ڪيئن آهن اپائڻهار هالا ۾.

    رهي ٿو موج سان آزاد هت هرڪو وطن وارو،
    خدا جي فضل سان ڪانهي غريبا مار هالا ۾.

    سٻاجها ۽ سياڻا نيڪ ماڻهو شهر هالن جا،
    ڪچهري قرب واري ۽ مٺي گفتار هالا ۾.

    سياهي ٿي رهي ساڳي، سدا سرمي اندر قائم،
    مگر هرڪا رکي اک ٿي جدا جنسار هالا ۾.

    مجاهد ملڪ ملت جا وڏا عالم سخي بزرگ،
    ويا وارو وڄائي مرد مڻيادار هالا ۾.

    ڪئين شب خيز ۽ زاهد، اڃا موجود هت آهن،
    اچي ”هُو هُو“ سندي سهڻي سدا هُونگار هالا ۾.

    ادب ۽ علم جا شيدا، ڪئين عالي سخن شاعر،
    رهن ٿا هر نموني جا وڏا فنڪار هالا ۾.

    کپي سا عين واري اک، جا پرکي پار پريَنِ جو،
    لڪل آهن لَلهنگ ڪيئي، وڏا وينجهار هالا ۾.

    مڙئي آهي مٺائي جا، پرينءَ جا پار کان آئي،
    ڀٽائي گهوٽ جي بيتن سندي جهونگار هالا ۾.

    شهادت ٿي ملي تاريخ مان هالا جي عظمت جي،
    هلي خود ”پاڪ“ جا آيا، ڪئين سردار هالا ۾.

    ٻڌي همت سندو سندرو، ڪيم منٿ قلم کي پر،
    بيان مون کان نه ٿي سگهيو، وڏو وستار هالا ۾.

    محابي ”مير مرسل“ ۽ سڳوري ”نوح سرور“ جي،
    الاهي! ڪين ڪو ڪڏهين، اچي آزار هالا ۾.

    ”نئي شل عاقبت محمود، دنيا مان خداوندا!“
    رهي ٿو تنهنجي در ”بيدل“ سدا پينار هالا ۾.


    انور هالائي

    انور هالائي

    شهر نامه

    هي شهر وڏن درويشن جو
    علمائن جو دانائن جو
    هي شهر سٺن فنڪارن جو
    علم و ادب جي ڀنڊارن جو
    هي شهر سخن شهپارن جو
    ۽ ذهن رسا معمارن جو
    هي شهر مٿيرن مردن جو
    شهبازن جو سرويچن جو
    هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان
    هن شهر جا ماڻهو موچارا
    دل جا اُجرا بالا ڀولا
    الفت وارا مٺڙا مٺڙا
    آڌر ڀاءُ ۾ دل جا ڪشادا
    ڳالهه ڪرڻ ۾ سادا سودا
    قول اُنهن جا پورا پختا
    ٿيندا جن جا ڪي لاڳاپا
    سي ئي چوندا وهوا هالا
    هن شهر ۾ ڪانهي تون ۽ مان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان
    هي شهر هنر جو راڻو آ
    ڌنڌي جو هت چاماڻو آ
    اخلاص هتي جو ناڻو آ
    اخلاق هتي ساماڻو آ
    ڪوئي نه هتي ويڳاڻو آ
    هرڪو موتي داڻو آ
    سڀ ڪنهن دل کي سيباڻو آ
    هي شهر وفائن هاڻو آ
    هن شهر جي نوڙي خاڪ چمان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان
    هت ديرو آ دلدارن جو
    همدردن ۽ غمخوارن جو
    ظاهر چهرو نادارن جو
    پر دل جي سخي سردارن جو
    پيار وفا جي سينگارن جو
    خوشبو هاڻن گلزارن جو
    روشن روشن جنسارن جو
    قرب جي ڪاروبارن جو
    هن شهر جي عظمت ڇونه مڃان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان
    هي شهر سکن جي وادي آ
    ۽ رشد وهديٰ جي گادي آ
    نوح سندي آبادي آ
    جو نيڪ عمل جو هادي آ
    دل قرب، وفا لءِ ماندي آ
    هت ڪوڙن سان ڪا تادي آ
    سچ سچي کي آزادي آ
    ۽ شاه و گدا لءِ چاندي آ
    هت هرڪو آهي تاب و توان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان

    طالب موليٰ مخدوم زمان
    نالو روشن ان جو عيان
    جنهن جو خادم سارو جهان
    خدمت جنهن جي قول و زبان
    ڏي ٿو سڀ کي دل سان امان
    جرڪي جڳ ۾ روح روان
    شان سندس مشهور زمان
    بختاور اُن کي ڇو نه چوان
    اُن تان صدقو ڇونه ٿيان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان
    ساري جڳ کان برتر هالا
    شال جئي تا محشر هالا
    سوڀيا وارو خوشتر هالا
    سڀ جي دل جو گوهر هالا
    گلشن گلشن گهر گهر هالا
    منهن جو آهي دلبر هالا
    تنهن جو آهي ”انور“ هالا
    سڀ جو آهي روحِ روان
    هن شهر مٿان مان گهور وڃان


    مخدوم جميل الزمان

    مخدوم جميل الزمان

    وطن

    مون کي شهر- سخن سان پيار آهي
    مون کي هن جي گلن سان پيار آهي
    مون کي هن جي ڪنڊن سان پيار آهي
    مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي

    هتي جو ذرو ذرو منهنجي جنت
    هتي جو هر نظارو خوبصورت
    هتي جا ور وڪڙ ڄڻ منهنجي قسمت
    مون کي منهنجي چمن سان پيار آهي
    مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي

    هتي منهنجي رُسڻ، پرچڻ جون يادون
    هتي، منهنجي رُئڻ، مُرڪڻ جون يادون
    هتي، منهنجي مٺي ننڍپڻ جون يادون
    مون کي منهنجي چمن سان پيار آهي
    مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي

    جڏهن، هت مينهن سانوڻ جا وسن ٿا
    جڏهن، ڪارا ڪڪر ڀرجيو اچن ٿا
    زمين تي عرض وارا رشڪ ڪن ٿا
    مون کي منهنجي چمن سان پيار آهي
    مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي

    وڏيون سايون نمون نيشان هن جو
    سٺا ماڻهو، مٺو پاڻي ۽ لهجو
    هتي جو قرب جو هر هنڌ چرچو
    مون کي منهنجي چمن سان پيار آهي
    مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي

    جميل آئون هتي جيڪي لکان ٿو
    خدا جو سنهن ته سڀ ڪجهه سچ چوان ٿو
    جڏهن هالا ڏسان ٿو جي پوان ٿو
    مون کي منهنجي چمن سان پيار آهي
    مون کي منهنجي وطن سان پيار آهي.

    23- جون 1986ع
    هالا


    شوڪت ابڙو

    شوڪت ابڙو

    هالا

    تو ۾ ڏٺم سُکَ جو سامان هالا
    تون ئي حقيقت ۾ درمان هالا

    هَر دِل هتي جي ٿي هَر وقت چاهي
    پهچي نه ڪنهن کان به نقصان هالا

    درگاهه هن نوُح سَروَر جي هوندي
    ٿيندين ڪڏهن ڀي نه ويران ها لا

    روشن ڪيو ذهن علمي اِدارن
    سڀني تي تنهنجو ئي احسان هالا


    اِجهو”ها“ چئي پيا وري ٿا چئو ”لا“
    ٿِيو بي وفا ٿيڻ به آسان هالا

    باقي اگر ٿي وڃن ٺيڪ رستا
    ٿيندو نه شوڪت پشيمان هالا
    ******


    محبوب سروري

    محبوب سروري

    چؤسٽو

    سهروردي سلسلي جو تون امير ڪاروان،
    آهين تون دين حبيب ڪريا جو پاسبان،
    تنهنجي هن درگاهه تي ٿا فخر ڪن هالا نوان،
    تو چمڻ چاهي نمي نيلن کي نيرو آسمان.

    (ماهوار رسالو پيغام ڪراچي مئي- جون
    1991ع تان ورتل)


    ’منور‘ هالائي

    ’منور‘ هالائي

    ڪلام- بنام ”هالا“

    اي مڪينِ نوح سرور توتان منهنجي جا نثار،
    تنهنجي قدمن تي ٿو گهوريان زندگيءَ جي هر بهار.

    تنهنجي گهواره ۾ آه مدفون سا هستي عظيم،
    ”نوح“ جي نالي سان درگاهه آهه جنهن جي يادگار.

    آ هدايت، استقامت ۽ لطافت اشتياق،
    شهر ’هالا‘ جي صفاست منحلي جو اختصار.

    خاڪ تنهنجي سان ”منور“ هن طرح ڪيو آنباهه،
    گود تنهنجيءَ ۾ بنائي آته مون پنهنجي مزار.


    انيس ابن اختر، سهيل ابڙو

    انيس ابن اختر، سهيل ابڙو

    دعـــــا

    دعا عشق به آهي ته عاجزي به آهي
    دعا حسن به آهي حاضري به آهي
    دعا سوز به آهي ته سادگي به آهي
    دعا بندو به آهي ته بندگي به آهي
    دعا درد به آهي ته دانائي به آهي
    دعا صدق به آهي ته صفائي به آهي
    دعا ناز به آهي ته نيازي به آهي
    دعا نينهن به آهي ته نهٺائي به آهي
    دعا فڪر آهي، دعا ذڪر آهي
    دعا صبر آهي، دعا شڪر آهي
    دعا صداقت آهي، دعا رياضت آهي
    دعا عنايت آهي، دعا امانت آهي
    افق دعا، شفق دعا، ورق دعا، سبق دعا
    انسانيت آهي ته دعا آهي
    احسانيت آهي ته دعا آهي
    عرفانيت آهي ته دعا آهي
    دعا عزت به آهي ته عظمت به آهي
    دعا روح به آهي ته رحمت به آهي
    دعا هوش به آهي ته حرمت به آهي
    دعا احسان به آهي ته الفت به آهي
    دعا آس آهي ته اميد به آهي
    دعا نور آهي ته نويد به آهي
    دعا خوشي به آهي ته خريد به آهي
    دعا سونهن به آهي ته سعيد به آهي
    ناز دعا، نينهن دعا، رات دعا، ڏينهن دعا
    مهر دعا، مينهن دعا، شوق دعا، شينهن دعا
    آمين دعا، ياسين دعا، دين دعا، والطين دعا
    دعا عشقِ امام آهي، دعا اندر جو احرام آهي
    دعا الله جو انعام آهي، دعا اسان جو اسلام آهي
    دعا هٿن جو ٻڪ آهي، دعا زم زم جو ڍڪ آهي.


    دعا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي چاليهي جي موقعي تي

    اي منهنجا پالڻهار! اي منهنجا خلقڻهار
    تون بي مثال آهين- تون لازوال آهين- تون بي قصورن ۽ مظلومن جو ڀَرجهلو ۽ آڌار آهين
    منهنجا مالڪ! تنهنجي دنيا ۾ ڀلي ڪو ڪيڏو به ڏاڍو ڇو نه هجي، پر تون هر ڏاڍي جو آخري انجام آهين- منهنجا مالڪ تنهنجي دنيا ۾ جتي ڏوهي ڏوهين جون ڏاڍايون آهن، اتي بي ڏوهين جون آهون ۽ دانهون به آهن
    منهنجا مالڪ! منهنجو ايمان آهي ته تنهنجي در ظالم جون ارڏايون نه، مظلوم جون آهون اگهامڻ واريون آهن
    منهنجا مالڪ- اسين سڀ مظلوم آهيون- ظالمن اسان سان اهڙو هاڃو ڪيو آهي، جنهن تي اسان جا جيءَ ڀورا ڀورا آهن، اسان جي لونء لونء ڪانڊارجي پئي آهي. يا منهنجا مالڪ! اسان جي آهه به آگهاءِ.
    منهنجا مالڪ! تنهنجي هن مقدس ڌرتيءَ تي جتي جتي به خزان هلي آهي، اتي تنهنجي بهار ان خزان جو ضرور خاتمو آندو آهي.
    منهنجا مالڪ! اسان جي ملڪ تي، اسان جي دلين جي ڌرتيءَ تي، اسان جي روح جي رهگذارن تي به اهڙي خزان جو سايو آهي، جنهن هڪ به سلو سائو نه ڇڏيو آهي، تون اسان جي ملڪ دل ۽ روح تي به بهار جو جهوٽو موڪلڻ فرماءِ
    منهنجا مالڪ! آئون ڄاڻان ٿو ته تون جڏهن مظلومن جي آهن کي پنهنجي رحمت ۾ وٺندو آهين ته پوءِ ظالم رڳو انجام تي نه پر عبرت جي مقام تي نظر ايندو آهي
    يا منهنجا مالڪ! اسين سڀ مظلوم آهيون- تون اسان جي ظالم کي به سڃاڻين ٿو. يا منهنجا مالڪ ان کي هن دنيا ۾ ذليل ڪرڻ فرماءِ ۽ پاڻ وٽ به ان کي تڙيلن جي لسٽ ۾ شمار ڪرڻ فرماءِ
    منهنجا مالڪ! آئون ڄاڻان ٿو ته مظلوم ۽ معصوم جي مقابلي ۾ جڏهن به ڪو ظالم آيو آهي ته تون ان جو انجام رڳو بدتر نه پر سدائين لاءِ ابتر ڪيو آهي
    يا منهنجا مالڪ! تون اسان جي معصوم ڀيڻ، شهيد راڻي جي قاتلن جو به انجام بدتر ۽ بي نسل ڪرڻ فرماءِ
    يا منهنجا مالڪ! يا منهنجا مالڪ!
    اسان ته ڏينهن رات هن جي وڏي عمر لاءِ دعائون گهرندا هياسين، اسان ته اهي دعائون گهرندا هئاسين ته شل هن کي ڪوسو واءُ نه لڳي، هن تي ڪو اوکو وقت نه اچي- مسڪراهٽ جا پوپٽ هن جي چپن تان اڏرندا رهن، بهار هن جي دامن مان جنم وٺندي رهي، خوشين جا ڪنول هن جي اکڙين جي نديءَ ۾ ٽڙندا رهن
    پر يا منهنجا مالڪ- يا منهنجا مالڪ!
    اسان جي ڀيڻ- اسان جي قائد، اسان کي اڪيلو ۽ بي سهارو ڇڏي پولارن ۾ هلي وئي آ- يا منهنجا مالڪ! هن کان پوءِ اسان ڪارڪنن جو جيون ائين آهي، جيئن ڪنهن ويراني ۾ لاوارث لاش پيل هجن، جن کي وقت جون ڳجهون پٽينديون هجن.
    يا منهنجا مالڪ! اسان ڏاڍا تنها، ڏاڍا اڪيلا ٿي ويا آهيون- اسين ته بس لڙڪن جي اسٽريچر تي سڏڪن جي ڪفن ۾ ويڙهيل آهيون- جيئڻ تان دل کڄي وئي آهي ۽ خوشيون الوداع ڪري ويون آهن- جاڳ مقدر بڻجي وئي آهي. بس هڪ سور ۽ درد آهي يا خدا.
    يا منهنجا مالڪ! تون اسان کي به ان ڏينهن ان جي جانثارن ۾ شامل ڪرڻ فرمائين ها ته اسين پنهنجي جان جا نذرانه ڏئي هن کي بچايون ها ۽ منهنجا مالڪ- جيڪڏهن بچائي نه سگهون ها ته هن سان گڏ شهيد ٿي وڃون ها......
    يا منهنجا مالڪ! هر شهيد تنهنجو محبوب آهي. هن شهيد کي به پنهنجي رحمت ۾ رکجان. يا منهنجا مالڪ! شهيد راڻي جي وهيل رت کي رائگان ٿيڻ نه ڏجان.
    يا منهنجا مالڪ! شهيد راڻي جي درجات کي بلند ڪرڻ فرماءِ يا منهنجا مالڪ شهيد راڻي جي مرقد کي معطر ڪرڻ فرماءِ- يا منهنجا مالڪ شهيد راڻي جي خون کي هن وطن ۽ قوم لاءِ تا ابد خوشبو بنائي رکجان. يا منهنجا مالڪ! اسان کي هن حادثي تي حوصلو ۽ صبر عطا فرماءِ
    يا منهنجا مالڪ اسان کي شهيد راڻي جي منشور تي ثابت قدم رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ
    يا منهنجا مالڪ! اسان جي لهو لهو جسم تي پنهنجي مهر جا پَها رکڻ فرماءِ.
    يا منهنجا مالڪ! اسان کي اُن مان لڙڪ لڙڪ ڳڙندڙ درد جو درمان ڪرڻ فرماءِ

    هيءَ خاص دعا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي
    چاليهي جي موقعي 7-2-2008 تي هالا جي تاريخ جي وڏي ۾
    وڏي اجتماع آڏو اشڪبار اکين سان ادا ڪئي ويئي هئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345158
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142525
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ