ڪتاب جو نالو: پٽمئن شارٽ هئنڊ ڪورس
مصنف: حبيب سنائي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: تعليم
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 07 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1048 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 879 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شارٽ هينڊ سکڻ بابت سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل هي ڪتاب سکندڙن لا انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. ترجميڪار حبيب سنائي صاحب آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انگريزي يا پٽمئن شارٽ هئنڊ ڇا آهي؟
  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب يارهون
  • باب ٻارهون
  • باب تيرهون
  • باب چوڏهون
  • باب پندرهون
  • باب سورهون
  • باب سترهون
  • باب ارڙهون

  • سنڌ سلامت پاران

    شارٽ هئنڊ سکڻ بابت پٽ مئن شارٽ هئنڊ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل هي ڪتاب سکندڙن لا انتهائي مفيد ثابت ٿيندو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجميڪار حبيب سنائي صاحب آهي.


    انگريزي يا پٽمئن شارٽ هئنڊ ڇا آهي؟

    تعارف

    شارٽ هئنڊ انگريزي ٻولي کي لکڻ جو هڪ ٻيو طريقو آهي، جنهنکي سر آئزڪ پٽمئن ايجاد ڪيو. هن لکڻ جي طريقي کي Phonography به چوندا آهن. ان جي معنيٰ آهي Writing by sound. يعني آواز روءِ يا اچار موجب لکڻ. ان حساب سان هن لکتي طريقي جي اهم خصوصيت اها آهي ته هن ۾ اهو آواز لکبو آهي، جيڪو اچاريو ويندو. يعني ساڪن يا Silent اکر کي شارٽ هئنڊ ۾ ڪو نه لکبو. هن سسٽم جي ٻي خوبي اها آهي ته هن ۾ هر بنيادي آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ نشاني آهي.
    انگريزي ٻوليءَ ۾ 36 بنيادي آواز آهن. انهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عام رواجي لکتي طريقي يعني لانگ هئنڊ ۾ 26 نشانيون آهن.
    انهن بنيادي آوازن جا ٻه قسم آهن. 24 آواز ڪانسونينٽس آهن، ۽ 12 واولز آهن. ان کان علاوه چار آواز ڊفٿانگ آهن. ڊفٿانگ ٻٽا واول هوندا آهن.
    اهي آواز جڏهن زبان مان نڪرن ته ان جي نتيجي ۾ چپ ملن يا ڪا رڪاوٽ ٿئي، تن کي حروف صحيح Consonant سڏيو ويندو آهي.
    ۽ اهي آواز جڏهن زبان مان نڪرن، تڏهن چپ کليل رهن يا ڪا اٽڪ نه ٿئي، تن کي حروف علت Vowles سڏبو آهي.
    هر لفظ ۾ لازمن حرف علت به هوندو ته حرف صحيح به هوندو آهي. يعني ٻنهي جي ميلاپ سان لفظ ٺهندو آهي. البت ائين ٿي سگھي ٿو. ڪنهن لفظ ۾ حروف صحيح وڌيڪ هجن ۽ حروف علت گھٽ هجن يا ان جي ابتڙ هجي.

    ڪانسونينٽس Consonants
    ڪانسونينٽس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لڪيرون Lines (سڌيون Straight يا ڏنگيون Curve) آهن. اڪثر لڪيرون هيٺ ڏانهن Downward لکبيون آهن. انهن هيٺ ڏانهن لکيل ڪانسونينٽس جي نشانين کي ڊائون اسٽروڪ Downstorke چوندا آهن. پنجن ڪانسونينٽس جون نشانيون کاٻي کان ساڄي زمين جي سڌ ۾ يعني Horizontal لکبيون آهن. تن کي هاريزنٽل اسٽروڪس چيو ويندو آهي. باقي ٿوريون نشانيون مٿي ڏانهن upward لکبيون آهن، جن کي اپ اسٽروڪ Upstroke سڏجي ٿو. 24 ڪانسونينٽس مان 22 جي هڪ هڪ نشاني آهي، البت ٻن ڪانسونينٽس جون ٻه ٻه نشانيون آهن. ان حساب 24 ڪانسونينٽس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ 26 نشانيون يا اسٽروڪس storkes آهن.
    آواز هڪڙا ڀاري آهن، ته ٻيا هلڪا آهن. ڀاري ڪانسونينٽس لاءِ گھريون لڪيرون آهن، ۽ هلڪن ڪانسونينٽس لاءِ هلڪيون لڪيرون آهن. هلڪي لڪير تمام هلڪي لکي وڃي ۽ گھري لڪير کي ايترو گھرو ڪيو وڃي جو اها هلڪي لڪير کان ممتاز نظر اچي. يعني گھريءَ کي هرڀرو گھرو يا ٿلهو ڪري لکڻ جي ضرورت ڪانهي.

    واولز Vowles
    ٻارنهن واولز مان ڇهه واولز ڊگھا آهن، جن کي اچارڻ ۾ وڌيڪ زور لڳندو آهي، ۽ ڇهه وري ننڍا آهن، جن کي اچاريندي گھٽ زور لڳندو آهي. پر واولز کي هڪ ٻي حساب سان ٽن گروهن ۾ ورهايو وڃي ٿو. ڪانسونينٽ جي شروع ۾ لڳندڙ چار واولز کي فرسٽ پليس واولز First Place Vowels، وچ تي لڳندڙ واولز کي Second place Vowels، ۽ آخر ۾ لڳندڙ چئن واولز کي Third place Vowels سڏيو وڃي ٿو.
    انهن ٻارنهن واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻه نشانيون آهن: ٽٻڪو يعني ڊاٽ dot ۽ ليڪ يعني ڊئش dash. ڊگھن واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ گھرو ٽٻڪو heavy dot يا ڊئش Heavy dash ۽ ننڍن واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ light dash ۽ light dot.
    هرجاءِ تي هلڪو ٽٻڪو، گھرو ٽٻڪو، هلڪو ڊئش ۽ گھرو ڊئش استعمال ٿئي ٿو، پر هر جاءِ تي اهي الڳ واولز کي ظاهر ڪن ٿا. پر هتي اهو ٻڌائجي ته اڳتي هلي اسان رڳو ضروري حالتن ۾ واولز جون نشانيون لڳائيندا آهيون.
    اصل ۾ اسان واولز جي حساب سان لفظ جي پهرئين ڊائون اسٽروڪ يا اپ اسٽروڪ کي لائين تي، لائين کان مٿي يا لائين جي وچان through لکندا آهيون. ان عمل کي Position writing سڏبو آهي. اها هن لکتي نظام جي اهم ترين خصوصيت آهي.

    محمد حبيب سنائي
    انچارج پرنسپل
    گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ان ڪمرشل پريڪٽس
    هالا


    باب پهريون

    پٽمئن شارٽ هئنڊ جي الفابيٽ


    1. پهريان ڇهه ڪانسونينٽس
    انگريزي لفظن ۾ ٻڌجڻ ۾ ايندڙ آوازن کي پٽمئن جي شارٽ هئنڊ ۾ هيٺئين نموني ورهايو ويو آهي:
    24 ڪانسونينٽس، 12 واولز، ۽ چار ڊفٿانگ.
    هرهڪ آواز لاءِ شارٽ هئنڊ جي نشاني آهي.
    پهرين ڇهن ڪانسونينٽس کي هيٺ ويندڙ Downward سڌين لڪيرن Straight strokes سان ظاهر ڪبو آهي.
    ڪتاب ۾ نشاني ساڻ ڏنل تير ان رخ يا طرف کي ظاهر Direction ٿو ڪري، جنهن ۾ اهو اسٽروڪ لکيو ويو آهي. ياد رهي ته اهي اسٽروڪ ان رخ يا طرف کان علاوه ٻئي رخ يا طرف ۾ نه لکيا ويندا.
    نوٽ: اهي ڪانسونينٽس جوڙو ٺاهين ٿا، جيئن پِي ۽ بي، ٽِي ۽ ڊِي، چي ۽ جي. هر جوڙي ۾ هلڪو آواز هلڪي اسٽروڪ سان ۽ لاڳاپيل ڀاري Heavy آواز ڀاري يا گهري اسٽروڪ سان ظاهر ٿيندو آهي.

    2. واول اي
    واولز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٽٻڪا (Dots) ۽ ليڪون (Dashes) آهن، جيڪي اسٽروڪس سان گڏ لڳايون وينديون آهن. جڏهن واول ڪانسونينٽ کان اڳ ايندو آهي ته اهو اسٽروڪ جي کاٻي پاسي يا اڳ Before رکيو ويندو آهي؛ جڏهن واول ڪانسونينٽ کان پوءِ اچي ته ان کي اسٽروڪ کان پوءِ ان جي ساڄي پاسي رکيو ويندو آهي.
    ڊگھي واول اي کي گھري ٽٻڪي (heavy dot) سان ظاهر ڪبو آهي.
    لفظ لکندي پهرئين ڪانسونينٽ لکبو آهي ۽ پوءِ واول جي نشاني لڳائبي آهي. لفظ جي شڪل يعني آئوٽ لائين Outline جي هيٺيان لڳايون ويندڙ ٻه هلڪيون ڊئشون اهو ظاهر ٿيون ڪن ته ان لفظ کي لانگ هئنڊ يا ٽائيپ ڪندي ڪئپيٽل اکرن ۾ لکبو.
    نوٽ: اسٽروڪ جي ٽن جاين تي واولز جون نشانيون لڳايون وينديون آهن، يعني شروع Beginning، وچ Middle، ۽ آخر end، يا پهرئين، ٻي ۽ ٽين جاءِ تي. لانگ واول اي لاءِ هيوي ڊاٽ کي وچ تي لڳايو ويندو آهي، ۽ ان ڪري انکي سيڪنڊ پليس واول Second Place Vowel سڏبو آهي.

    3. ڪانسونينٽس کي ڳنڍڻ Joining of Consonants
    ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڪانسونينٽس کي ڳنڍي لکڻ مهل پين مٿي نه کڻبي يعني هٿ جي هڪڙي موومينٽ سان لکبو، جيئن لانگ هئنڊ ۾ ڪبو آهي. جتي پهريون ختم ٿئي، اتان ٻيو شروع ڪجي. اسٽروڪن کي پنهنجي رخ Direction ۾ لکيو وڃي. نوٽ ڪريو ته پهريون اسٽروڪ لائين تي رهندو.

    4. ننڍو واول اي
    ننڍي واول اي کي هلڪي ٽٻڪي سان ظاهر ڪبو آهي. اهو به سيڪنڊ پليس وارو واول آهي.

    5. عام لفظن لاءِ شارٽ فارمس Short forms
    بار بار استعمال ۾ ايندڙ لفظن جھڙوڪ Be, it, the, to کي شارٽ هئنڊ ۾ اڪيلي Single نشانيءَ سان ظاهر ڪبو آهي. اهي شارٽ فارمس تيز لکت ۾ مدد ڏيندا آهن، تن کي چڱي طرح ياد ڪيو وڃي.

    6. فريزنگ Phrasing
    تڪڙي لکڻ ۾ مدد طور، شارٽ هئنڊ ۾ لفظ اڪثر ڪري گڏي لکيا ويندا آهن. ان عمل کي فريزنگ چون ٿا. آئوٽ لائين کي صرف انوقت ڳنڍي لکبو، جڏهن اهي آسانيءَ ۽ فطري نموني سان پاڻ ۾ ڳنڍجي سگھن، جيئن هن ڪتاب ۾ ڏنل مثالن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. فريزنگ ۾ پهريون لفظ پنهنجي نارمل جاءِ Position تي رهندو.
    (ب) ڪنهن لفظ جي آخر ۾ لڳايل هڪ ننڍي اڙي small tick دَ يا دِي the کي ظاهر ٿي ڪري. ان ٽڪ کي مٿي يا هيٺ ڏانهن لکي سگھجي ٿو، پر ضروري آهي ته ڪنڊ ننڍي ٺهي ۽ ان جو نمونو هڪجھڙو هجي.

    7. بيهڪ جون نشانيون Punctuation
    شارٽ هئنڊ ۾ هيٺيون خاص بيهڪ جون نشانيون آهن:
    فل اسٽاپ ، سوال ، عجب ، هائفن ، ڊئش، ڏنگيون ،

    ايڪسرسائيز 1
    • ڪتاب ۾ ڏنل مشق کي ايترا ڀيرا پڙهو، جيسيتائين اوهان روانيءَ سان نه پڙهي سگھو.
    • جيڪو آئوٽ لائين پڙهڻ ۾ ڏکيو لڳي، ان کي لکڻ جي مشق ڪريو. لکندي ان لفظ کي چوندا به رهو.
    • وري ٻيهر ايڪسرسائيز کي پڙهو.
    • هر جملي کي اوسيتائين ڪاپي ڪريو، جيسيتائين، اهو تيزيءَ سان نه لکي سگھجي.
    • ڊڪٽيشن ذريعي جملن کي لکو
    • لکيل مواد کي پڙهي ڏسو. غلطين جو اندازو ڪريو ۽ انهن جي ٻيهر مشق ڪريو.


    باب ٻيو

    8. ڪانسونينٽس جو ٻيو گروپ
    ايندڙ چار جوڙا ڏنگي ليڪ Curved وارا آهن، ۽ اهي به هيٺ ڏانهن downward لکبا آهن.
    (ڪتاب ۾ ڏنل ٽيبل ۾ انهن جي چڱي مشق ڪريو. جڏهن اهي ياد ٿي وڃن ته پوءِ ٽيبل جي هيٺان ڏنل لفظن کي ڏهه پندرهن ڀيرا لکو.

    9. لانگ واول او ۽ شارٽ واول اَ
    لانگ واول او کي گھري ڊئش سان ظاهر ڪبو آهي. هيءُ به سيڪنڊ پليس واول آهي. (ڪتاب ۾ ڏنل مثالي لفظن کي ڏهه پندرهن ڀيرا لکي وٺو.)
    شارٽ واول اَ کي هلڪي ڊئش سان ظاهر ڪبو آهي. هيءُ واول به سيڪنڊ پليس واول آهي. (ڪتاب ۾ ڏنل لفظن کي لکي وٺو.)
    ايڪسرسائيز 2 ۽ 3
    انهن ايڪسائيزن کي پهرئين ايڪسائيز وٽ ڏنل هدايتن جي روشني ۾ مشق ڪريو.


    باب ٽيون

    10. ٻيا اٺ ڪانسونينٽس
    هن باب ۾ ڏنل اٺ ڪانسونينٽس کي اڳتي ڏانهن forward لکبو آهي. انهن مان پهريان پنج هاريزنٽل Horizontal آهن ۽ آخرين ٽي اپورڊ Upward آهن. انهن ۾ رڳو ٻه گھرا آهن ۽ باقي ڇهه هلڪا آهن.
    ڪتاب جي ٽيبل ۾ آيل ڪانسونينٽس جي چڱيءَ طرح مشق ڪريو. ان بعد اي کان وٺي ڊي سيڪشن ۾ ڏنل لفظن جي مشق ڪريو. ياد رهي ته جڏهن واول هاريزنٽل کان اڳ ايندو آهي ته اهو مٿي لکبو آهي، ۽ پوءِ ايندو آهي ته هاريزنٽل جي هيٺيان لکبو آهي.
    فريز ۾ اسٽروڪ ايل کي لفظ ول کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. (ڏنل مثالن کي ڏهه پندرهن ڀيرا لکي وٺو.) ان کانپوءِ ٽيبل جي آخري ڪالم ۾ ڏنل شارٽ فارمن جي مشق ڪريو.
    ايڪسرسائيز 4، 5 ۽ 6 (مٿي ٻڌايل هدايتن تحت انهن جي مشق ڪريو.)


    باب چوٿون

    11. فرسٽ پليس واولز
    ايندڙ چار واولز کي پهرئين جاءِ تي لکبو آهي، يعني اسٽروڪ جي شروع ۾. جڏهن لفظ ۾ فرسٽ پليس واول ئي پهريون آيل واول هجي ته آئوٽ لائين کي پهرئين جاءِ تي لکبو، يعني آئوٽ لائين جي پهرئين ڊائون اسٽروڪ Downstrokeيا اپ اسٽروڪ upstorke کي نوٽبڪ جي لائين کان مٿي ڪري لکبو، هاريزنٽل اسٽروڪن وارن آئوٽ لائين کي لائين کان مٿي ئي لکبو آهي.
    اي) لانگ واول آ کي گھري ٽٻڪي سان ظاهر ڪبو. (مثالي لفظن کي ڏهه پندرهن ڀيرا لکو.)
    بي) شارٽ واول اَئِـ کي هلڪي ٽٻڪي سان ظاهر ڪبو آهي. (مثالن کي ڪاپي ڪريو.)
    سي) لانگ واول آ کي گھري ڊئش سان ظاهر ڪبو آهي. (جن جي مادري ٻولي انگريزي نه آهي، تن کي پهريون واول، هيءُ واول توڙي ايندڙ چوٿون واول به هڪجھڙو لڳندو. ان ڪري هرڀرو پريشان نه ٿجي.) مثالن کي ڪاپي ڪري وٺو.
    ڊي) شارٽ واول آ کي هلڪي ڊئش سان ظاهر ڪبو آهي. (مثالن کي ڪاپي ڪريو.)
    (نوٽ: اوهان ڏٺو ته پهريون لانگ واول آ، ٽيون لانگ واول ۽ چوٿون واول آ ڄڻ هڪجهڙا آهن. انگريزن جي حساب سان پهرئين کي وچٿري نموني، ٻي کي ڀاري يا زورائتي نموني ۽ آخرين کي تمام هلڪي نموني اچاربو آهي. مناسب رهندو ته مثالن کي اچاري فرق محسوس ڪيو وڃي.)
    شارٽ فارمن جي مشق ڪرڻ کان پوءِ ايڪسرسائيز 7 ۽ 8 جي مٿي ٻڌايل طريقي سان مشق ڪريو.

    12. سيڪنڊ پوزيشن
    جڏهن لفظ جو پهريون واول سيڪنڊ پليس وارو هجي ته آئوٽ لائين کي ٻي جاءِ تي لکبو، يعني پهريون اپ اسٽروڪ يا ڊائون اسٽروڪ لائين تي رهندو. (ياد رهي ته جيڪر لفظ جو پهريون اسٽروڪ هاريزنٽل آهي ته ان کي پوزيشن لاءِ نه ڳڻبو، پر ان بعد آيل اپ اسٽروڪ يا ڊائون اسٽروڪ کي لائين تي رکبو.) مثالي لفظن کي ڪاپي ڪري لکو.
    ايڪسرسائيز 9. ڏنل هدايتن تحت ان جي مشق ڪريو.


    باب پنجون

    13. ٿرڊ پليس واولز
    آخرين چار واولز کي ٽين جاءِ ۾ لکيو ويندو. جڏهن ٿرڊ پليس واول ٻن اسٽروڪن جي وچ ۾ اچي، ته انکي ٻي اسٽروڪ جي اڳ واري ٽي جاءِ تي لکجي.
    جڏهن ٿرڊ پليس واول ئي لفظ جو پهريون واول هجي، ته آئوٽ لائين کي ٽي جاءِ تي لکجي، يعني پهريون اپ اسٽروڪ يا ڊائون اسٽروڪ کي لائين جي وچان يعني through the line لکجي.

    اي) لانگ واول اِي کي گھري ٽٻڪي سان ظاهر ڪبو آهي. مثالي لفظ ڪاپي ڪريو.
    بي) شارٽ واول اِ کي هلڪي ٽٻڪي سان ظاهر ڪبو آهي. مثالي لفظ ڪاپي ڪريو.
    سي) لانگ واول اُو کي گھري ڊئش سان ظاهر ڪبو آهي. مثالي لفظ ڪاپي ڪريو.
    ڊي) شارٽ واول اُ يعني پيش کي هلڪي ڊئش سان ظاهر ڪبو آهي. مثالي لفظ ڪاپي ڪريو.
    نوٽ: لفظن جي آخر ۾ آيل Y جي آواز کي هلڪي ٽٻڪي سان ظاهر ڪبو آهي. (اصل ۾ هيءُ نڪتو انهن کي سمجھ ۾ ايندو، جن جي انگريزي مادري زبان هجي. يا انگريزي تي وڏي مهارت هجي. تنهنڪري اوهان ڀلي هن نڪتي تي عمل نه ڪريو.)
    جڏهن آئوٽ لائين ۾ رڳو هاريزنٽل اسٽروڪ هجن ۽ پهريون واول ٿرڊ پليس واول هجي ته ان کي لائين تي لکبو. (اصل ۾ هاريزنٽل اسٽروڪن کي رڳو لائين تي يا لائين کان مٿي لکي ٿو سگھجي. انهن کي ٿرو دِي لائين يعني لائين جي وچان نه ٿو لکي سگھجي.) مثالي لفظن کي ڪاپي ڪريو.
    لفظن جي آخر ۾ ڏنل ing واري پوياڙي termination ۾ استعمال ڪيل واول اِ کي ڀلي نه لکيو وڃي، رڳو نگ وارو ڪانسونينٽ لکيو وڃي. مثالي لفظن کي ڪاپي ڪريو.
    شارٽ فارمس ۽ شارٽ فارم ڊيريويٽوز کي ڪاپي ڪري ياد ڪريو.
    ايڪسرسائيز 10، 11 ۽ 12 ڏنل هدايتن تحت هنن جي مشق ڪريو.


    باب ڇهون

    14. آر R جا ٻه فارم
    ڪتاب ۾ ڏنل فارمن کي چڱي نموني ڪاپي ڪريو.
    جڏهن لفظ جو پهريون آواز آر هجي ته ان صورت ۾ ري يا اپورڊ آر کي استعمال ڪريو. ڪتاب وارن مثالي لفظن کي ڪاپي ڪري لکو.
    پر جڏهن لفظ جي شروع ۾ واول هجي ۽ پوءِ آر هجي ته ان صورت ۾ آر يا ڊائون ورڊ آر استعمال ڪيو. مثالي لفظن کي ڪافي ڀيرا ڪافي ڪاپي ڪريو.
    شارٽ فارمس کي لکو ۽ ياد ڪريو.
    ايڪسرسائيز 13: هن کي ڏنل هدايتن تحت مشق ڪريو.

    15. اي) جڏهن آر لفظ جو آخري آواز هجي ته ان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊائون ورڊ آر استعمال ڪريو.
    بي) اهي لفظ جن جي آخر ۾ -ore يا –air آيو هجي، ڀلي ڪيئن به اسپيل ٿيو هجي، انهن کي سيڪنڊ پليس جي گھري واول سان لکبو آهي.
    سي) جڏهن لفظ جي آخر ۾ آر ۽ پوءِ واول هجي ته ان صورت ۾ آر کي اپورڊ آر سان ظاهر ڪبو آهي.
    شارٽ فارمس کي ڪاپي ڪريو ۽ ياد ڪريو.
    ايڪسرسائيز 14 کي ڏنل هدايتن موجب مشق ڪريو.

    16. آڪورڊ جوائننگ (يعني ڳنڍي لکڻ ۾ وقت لڳڻ يا ڏکيائي ٿيڻ) کان بچڻ لاءِ آر کي :
    اي) ايم کان اڳ ڊائورڊ ڪري لکبو.
    بي) t, d, ch, j and th کان اڳ اپورڊ ڪري لکبو. پوءِ ڀلي شروع ۾ واول ڇونه آيل هجي.
    سي) اسٽريٽ اپ اسٽروڪس (مٿي ويندڙ سڌن اسٽروڪن) کان پوءِ اپورڊ لکبي.
    نوٽ: وچ ۾ آيل آر اپورڊ سان ظاهر ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.
    مٿين نڪتن ۾ ڏنل مثالي لفظن کي چڱي نموني ڪاپي ڪري لکو. ان بعد ايڪسرسائيز 15 ۽ 16 کي اڳ ٻڌايل هدايتن تحت مشق ڪريو.


    باب ستون

    17. ڊفٿانگ Diphthongs
    پٽمئن شارٽ ۾ جيڪي چار ڊفٿانگ (ٻه واول جڏهن هڪ ساهي ۾ اچارجن، تن کي ڊفٿانگ چئجي ٿو.) آهن، سي آهن : آءِ، اُئاءِ، ائو، ۽ اِيُو. اهي آواز جملي I enjoy Gow’s music ۾ ٻڌي سگھجن ٿا.
    اي) ڊفٿانگ آءِ کي ننڍي ڪنڊائتي نشاني Angular mark انگيولر مارڪ سان ظاهر ڪبو آهي ۽ ان کي فرسٽ پليس تي لکيو ويندو آهي.
    بي) ڊفٿانگ اُئاءِ کي ائنگيلور مارڪ سان ظاهر ڪبو ۽ فرسٽ پليس تي لکبو آهي.
    سي) ڊفٿانگ اَئو کي ٿرڊ پليس تي لڳايو ويندو آهي.
    ڊي) ڊفٿانگ اِيوُ کي ننڍي اڌگول يعني سيمي سرڪل سان ظاهر ڪبو آهي ۽ ان کي به ٿرڊ پليس تي لڳائبو آهي.
    شارٽ فارمن ۽ ايڪسرسائيز 17 ۽ 18 کي ڏنل هدايتن تحت مشق ۾ آڻيو.

    18. ڳنڍيل ڊفٿانگ Joined Diphthong
    اي) ڊفٿانگ جي نشانين کي اگر آساني هجي ته ڀلي اسٽروڪن سان گڏي لکيو وڃي.
    بي) اَئو واري نشاني کي نائو now جهڙن لفظن ۾ تخفيف يا گھٽائي لکبو آهي.
    سي) آءِ واري نشاني کي فريزنگ مهل l, m, k ۽ اپورڊ آر کان اڳ گھٽائي لکبو آهي.
    ڊي) you واري نشانيءَ کي فريزن ۾ ڀلي مختلف رخن ۾ لکيو وڃي.

    19. ٽراءِ فون Triphone
    ڊفٿانگ کان پوءِ فوري طور آيل واول کي ننڍي اڙي يا ٽڪ سان ظاهر ڪبو آهي. (ان ميلاپ کي ٽراءِ فون ٿا ڪوٺين.)
    ايڪسرسائيز19، 20 ۽ 21 تي مشق ڪريو.

    20. ڪانسونينٽ ايڇ
    هن جون ٻه نشانيون آهن. ايڇ ڊائورڊ ۽ ايڇ اپورڊ.
    اي) جڏهن ايڇ لفط جو اڪيلو ڪانسونينٽ هجي، يا ان بعد ڪي يا گي آيل هجي ته ان مهل ايڇ ڊائورڊ استعمال ڪريو. ڊيريويٽو Derivative لفظن ۾ به ايڇ ڊائون ورڊ استعمال ڪريو.
    بي) ٻين ڪانسونينٽس سان ايڇ اپورڊ ڳنڍي لکبي.
    سي) لفظ hope کي فريز ٺاهڻ مهل اسٽروڪ پي سان ظاهر ڪبوآهي.
    ڊي) لفظ he جڏهن فريز جي وچ يا آخر ۾ هجي ته ان کي شارٽ فارم سان ظاهر ڪجي. ٻين حالتن ۾ مڪمل لکجي.
    ايڪسرسائيز 22 ۽ 23 کي ڏنل هدايتن جي روشنيءَ ۾ مشق ڪريو.


    باب اٺون

    21. ايس سرڪل
    بار بار استعمال ٿيندڙ ايس ڪانسونينٽ ۽ ان سان لاڳاپيل ڀاري زي ڪانسونينٽ کي نه رڳو اسٽروڪ سان، پر سمال سرڪل (ننڍي گول) سان به ظاهر ڪبو آهي.
    سمال سرڪل ٻين ڪانسونينٽن جي نه رڳو شروع ۾ بلڪ وچ ۽ آخر ۾ آسانيءَ سان ڳنڍي لکي سگھجي ٿو. لفظ جي شروع ۾، ايس سرڪل پهرئين پڙهبو، ۽ لفظ جي آخر ۾ لڳل ايس سرڪل کي آخر ۾ پڙهبو.
    ڪروِ يعني ڏنگن اسٽروڪن جي آخر ۾ ايس سرڪل کي اندر Inside ڪري لکبو.

    22. سڌن اسٽروڪن سان ايس سرڪل کي ليفٽ موشن (اينٽي ڪلاڪ وائيز Anti-Clock wise) ۾ لکبو:
    اي) ان جي معني ٿي ته ان کي اسٽريٽ ڊائون اسٽروڪس (هيٺ ايندڙ سڌن اسٽروڪن) جي ساڄي پاسي لکبو.
    بي) هاريزنٽل سڌن اسٽروڪن ۽ اپورڊ اسٽريٽ اسٽروڪن جي مٿئين حصي ۾ ايس سرڪل لکبو.

    23. فريزن Phrases ۾ فائينل سرڪل لفظ اس Us يا is کي ظاهر ٿو ڪري.

    24. ٻن سڌن اسٽروڪن جي وچ ۾ ٺهيل ڪنڊ جي ٻاهرين پاسي ايس سرڪل کي لکبو.

    25. لفظ جي شروع ۾ سرڪل رڳو س واري آواز کي ظاهر ڪندو آهي. جڏهن س جي جاءِ تي ز جو آواز ايندو آهي ته ان کي زي اسٽروڪ سان ظاهرڪبو.

    26. ڏنگن يعني ڪرو ۽ سرڪل بعد ايندر آر کي اپورڊ آر سان ظاهر ڪبو آهي. پوءِ ڀلي ان بعد ڪو واول نه هجي. اصل ۾ ان سان وڌيڪ سٺو آئوٽ لائين ٺهي ٿو.

    27. اسٽروڪ ايل کي آساني سان ڊائون ورڊ به لکي سگھجي ٿو، ۽ جڏهن ايل ڪنهن سرڪل جي شروع يا آخر ۾ اچي، ۽ اهو سرڪل ڪنهن ڪروِ اسٽروڪ سان ڳنڍيل هجي، ته ان صورت ۾ اسٽروڪ ايل کي ڊائون ورڊ ڪري لکجي.


    باب نائون

    28. ايس ٽي لوپ
    اي) جنهن ڊائريڪشن ۾ سرڪل کي لکبوآهي، تنهن نموني لکجندڙ ننڍو لوپ ايس ۽ ٽي جي گڏيل آواز کي ظاهر ٿو ڪري.
    بي) لفظ جي آخر ۾ ايس ٽي لوپ نه رڳو هلڪي يعني ايس ٽي جي آواز کي پر ڀاري آواز زيڊ ڊي zd کي به ظاهر ڪري ٿو.
    لوپ کان پوءِ به آخر ۾ سرڪل ڳنڍي لکي سگھجي ٿو.
    سي) ايس ٽي جو لوپ لفظ وچ ۾ به ڪم آڻي سگھجي ٿو.

    29. ايس ٽي آر لوپ
    لفظ جي آخر ۾ ايندڙ ايس ٽي آر ster جي آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وڏو لوپ لکبو آهي. جنهن جي سائيز ڪانسونينٽ جي ٽن حصن جيتري هوندي آهي. ايس ٽي آر جو لوپ کي لفظ جي شروع ۾ نه لڳائبو آهي.

    30. سيس Ses سرڪل
    اي) لفظ جي آخر ۾ ايندڙ ses يا sez کي ظاهر ڪرڻ لاءِ وڏو سرڪل هڻبو آهي. هن کي ننڍي سرڪل وانگيان لکبو آهي.
    بي) لفظ جي وچ ۾ ايندڙ ses جي آواز کي به وڏي سرڪل سان ظاهر ڪبو آهي.
    سي) ٻن s’s جي وچ ۾ ننڍي واول ايٖ کان سواءِ ٻين واولن يا ڊفٿانگن کي وڏي سرڪل اندر لکبو آهي.

    31.ايس ڊبليويا سوي Sw سرڪل
    اي) لفظ جي شروع ۾ ايندڙ ايس ڊبليو يعني سوي Sway جي آواز کي وڏي سرڪل سان ظاهر ڪبو آهي. هن کي به ننڍي سرڪل وانگيان لکبو آهي. هن کي سوي سرڪل چوندا آهن.
    بي) فريزن Phrases ۾ سوي سرڪل لفظن as we کي ظاهر ڪندو آهي.
    سي) فريزنگ ۾ پهرئين لفظ جي آخرين ۽ ٻي لفظ جي شروعاتي ايس کي گڏيل طور ظاهر ڪرڻ لاءِ به وڏو سرڪل استمال ڪيو ويندو آهي.

    32. واول کي ظاهر ڪرڻ
    اي) لفظ جي شروع ۾ ايندڙ سرڪل يا لوپ پهريائين پڙهبو آهي. جڏهن لفظ جي شروعات واول سان ٿئي ته اسان کي اسٽروڪ ايس لکڻ گھرجي ته جئين شروعاتي واول جي موجودگي پڌري ڪري سگھجي.
    بي) لفظ جي آخر ۾ لڳندڙ سرڪل يا لوپ به آخر ۾ ئي پڙهبو آهي. جڏهن لفظ جي پڄاڻي واول سان ٿئي ته انهيءَ آخري واول کي ظاهر ڪرڻ لاءِ سرڪل يا لوپ جو استعمال ڇڏي، اسٽروڪ ايس لکجي.
    سي) ايس ۽ ٽي جي وچ ۾ اگر واول اچي وڃي ته ان صورت ۾ ايس ٽي جو لوپ استعمال نه ڪيو وڃي.
    (مٿين اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي نتيجي ۾) آئوٽ لائين مان واول جي هئڻ يا غير موجودگيءَ جي خبر پوي ٿي.
    ڊي) جيئن ته سرڪل يا لوپ جي ڀر ۾ واول کي لکڻ جي جاءِ نه هوندي آهي، تنهن ڪري جڏهن لفظ رڳو هڪ ايس يا ٻن ايس ايس يا ايس ٽي يا ايس ڊي تي مشتمل هجي ته ان صورت ۾ سرڪل يا لوپ جي جاءِ اسٽروڪ استعمال ڪيو وڃي.
    نوٽ: لفظن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندڙ مڙني ڪانسونينٽن کي پٽمئن جي شارٽ هئنڊ ۾ ظاهر ڪيو ويندو آهي. شارٽ فارمن کان سواءِ ٻيا سڀ لفظ مڪمل طرح لکيا ويندا آهن. پٽمئن جي شارٽ هئنڊ کي آساني سان پڙهي سگھڻ جو اهو ئي بنيادي سبب آهي.
    جئين اسان اڳتي وڌنداسون، تيئن مختصر ڪري لکڻ جا حربا abbreviating devices اسان کي ان لائق بنائيندا ته لفظن ۾ ايندڙ مڙني ڪانسونينٽن کي پڙهڻ جوڳو، مختصر ۽ تيز ترين ظاهرڪري سگھون. لفظن جا آئوٽ لائين ايترا پڌرا هوندا آهن، جو انهن ۾ واولن جون نشانيون لڳائڻ غير ضروري هوندو آهي. ڇو ته انهن کي بغير واول جي نشانين جي به پڙهي سگھجي ٿو.
    ڪانسونينٽن کي مڪمل نموني ظاهر ڪرڻ سان گڏ، اسان اهو به بندوبست ٿا ڪريون ته هر مختصر ڪندڙ حربي ساڻ واول جي هئڻ يا غير موجودگي ظاهر ٿئي. تيز رفتار شارٽ هئنڊ لکندڙن جي پسند ڪيل ڳالهه آهي پوزيشن رائيٽنگ. ان ڪري ان حقيقت تي حيران نه ٿجي ته هي سسٽم پڙهڻ جوڳو آهي.
    هاڻي کان اسان سواءِ ضروري واول نشانين جي، مشقن ۾ واول استعمال نه ڪنداسون. لکيل شي کي ورائي پڙهڻ ۾ پيش ايندڙ ڪنهن ڏکيائي جي پيش نظر اسان ضروري هنڌن تي واول جون نشانيون هڻنداسون.


    باب ڏهون

    33. هاونگ Halving
    اسٽروڪن کي پويان ايندڙ ٽي يا ڊي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڌ ڪيو ويندو آهي.
    اي) هڪ پڌ يعني سليبل Syllable وارن لفظن ۾ عام طور هلڪي اسٽروڪ کي پويان ايندڙ ٽي لاءِ اڌ ڪبو آهي. پر ڊي نه اڌ نه ڪبو آهي.
    اڌ ٿيل اسٽروڪن ۾ لڳل ايس سرڪل کي آخر ۾ ئي پڙهيو ويندو آهي.
    بي) هڪڙي سليبل تي مشتمل لفظن ۾ گھرن اسٽروڪن کي صرف پويان ايندڙ ڊي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڌ ڪبو آهي.

    34. اي) ٻن يا وڌيڪ سليبلن تي مشتمل لفظن ۾ اسٽروڪن کي پويان ايندڙ ٽي يا ڊي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ اڌ ڪبو آهي.
    بي) اڌ ٿيل اسٽروڪ کي ٿرڊ پوزيشن ۾ ڏيکارڻ لاءِ لائين جي وچان يعني Through the line نه لکبو آهي. انهن کي لائين تي يعني سيڪنڊ پوزيشن تي لکبو آهي.
    سي) اڪيلي اسٽروڪ وارن لفظن ۾ جيڪر آخر ۾ ڊفٿانگ ڳنڍيل هوندو آهي ته انهن کي ٽي يا ڊي لاءِ اڌ ڪبو آهي.

    35. اي) شڊ ۽ ائنڊ جي نشانين سان مونجھاري کان بچڻ لاءِ اسان آر ۽ ٽي يا آر، ٽي ۽ ايس تي مشتمل لفظن کي مڪمل نموني لکندآ آهيون.
    بي) ڪن لفظن ۾ اڌ ٿيل اسٽروڪ مان پوري ڊيگھ جي خبر نه پئجي سگھندي آهي، تڏهن اسان هيءَ اصول استعمال نه ڪندا آهيون.
    سي) جڏهن لفظ جو آخري واول ٽي يا ڊي کان پوءِ آيل هوندو آهي، ته اهڙي صورت ۾ ٽي يا ڊي کي مڪمل نموني لکيو ويندو آهي ته جئين واول جي موجودگي پڌري ٿئي.

    36. عام طور تي ايل کي اپورڊ ڪري لکبو آهي.
    1) پر سهوليت لاءِ اين يا نگ n or ng کان پوءِ ايندڙ ايل کي ڊائون ورڊ لکبو آهي.
    2) واول کي ظاهر ڪرڻ جي خيال کان، ايل کي هيٺين ٻن صورتن ۾ ڊائون ورڊ ڪري لکبو آهي:
    اي) جڏهن لفظ جي شروع ۾ ايل کان اڳ واول اچي ۽ ايل کان پوءِ هاريزنٽل اسٽروڪ آيل هجي. (پر واول نه هجي ته پوِ ايل اپورڊ لکبي.)
    بي) جڏهن لفظ جي شروع ۾ ايل کان اڳ ايف، وي، ايس ڪي، يا مٿي ويندڙ سڌو اسٽروڪ ( آر اپورڊ. ويٖ يا يي) آيل هجي ۽ آخر ۾ واول نه هجي. پر آخر ۾ واول آهي ته پوءِ ايل اپورڊ لکبي.

    37. ابروئيٽيڊ ڊبليو Abbreviated W
    جڏهن لفظن ۾ ڪي، گي، ايم، اپورڊ آر ۽ ڊائون ورڊ آر کان اڳ وي آيل هجي ته ان کي مختصر ڪري اڌ گول يعني سيمي سرڪل سان ظاهر ڪجي.
    نوٽ: ننڍو سيمي سرڪل هميشه پهرئين پڙهبو آهي. انڪري اگر پهرئين واول اچي وڃي ته سيمي سرڪل جو استعمال نه ڪجي، پر وي جو پورو اسٽروڪ لکجي.


    باب يارهون

    38. ڊبل ڪانسونينٽس - پي ايل pl سيريز
    هيٺ طرف لکجندڙ سڌن اسٽروڪن يعني اسٽريٽ ڊائون اسٽروڪن ۽ ڪي k، گي g جي شروع ۾ جنهن پاسي سرڪل لکبو آهي، تنهن پاسي ننڍو ڪنڍو Hook لفظ ۾ آيل ايل L جي آواز کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ڪنڊي لڳل ڪانسونينٽن کي ٻٽو يعني ڊبل ڪانسونينٽ چيو وڃي ٿو. (ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ايل جي آواز کي بجائي سندس پنهنجي اسٽروڪ سان ظاهر ڪرڻ جي، کائنس اڳ آيل ڪانسونينٽ جي اسٽروڪ جي شروع ۾ ننڍو ڪنڍو يعني هڪ لڳائي ظاهر ڪبو آهي.)
    لفظ جي شروع ۾ اگر ايس اچي وڃي ته ان کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لڳايو ويندڙ سرڪل ڀلي ايل هڪ اندر لڳايو وڃي.
    (نوٽ پوائنٽن کان پوءِ ڏنل شارٽ فارمن توڙي ايڪسرسائيزن جي مشق اڳم ڏنل هدايتن تحت ڪريو.)

    39. ڊبل ڪانسونينٽس پي آر سيريز
    ڪي گي ۽ هيٺ ويندڙ سڌن يعني ڊائون اسٽروڪن جي شروع ۾ نان سرڪل پاسي تي يعني جنهن پاسي سرڪل لڳائبو آهي، ان جي ابتڙ يعني مخالف پاسي تي لڳندڙ هڪ يا ڪنڍو آواز آر کي ظاهر ڪري ٿو.

    40. (اي) جنهن پاسي آر جو ڪنڍو يعني هُــڪُ لڳايو ويندو آهي، ان پاسي تي اگر سرڪل يا لوپ لڳائجي ته ان ۾ آر جو آواز به شامل ٿي ويندو. (ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته جنهن ڪانسونينٽ سان آر جو هڪ لڳل آهي، ان کان اڳ اگر ايس يا ايس ٽي وارو لوپ اچي ته انهن کي گڏيل طور ظاهر ڪرڻ لاءِ سرڪل يا لوپ کي آر هڪ واري پاسي تي هڻبو ته ان جو مقصد اهو ٿيندو ته ان لفظ سرڪل يا لوپ سان گڏ آر جو آواز به لکيل آهي.)
    (بي) لفظ جي وچ ۾ ايندڙ سرڪل ۽ آر کي علحده علحده لکي ظاهر ڪبو.
    (سي) ٽي يا ڊي کان پوءِ جيڪر ايس ڪي آر skr يا ايس گي آر sgr آيل هجن ته انهيءَ ميلاپ يا اشتراڪ کي ڪتاب ۾ ڏنل لفظن جي طرز تي لکبو.

    41. ڊبل ڪانسونينٽس جو خاص استعمال
    لفظن جي خاص گروپن ۾ ڊبل ڪانسونينٽ جو انوقت به استعمال ڪبو آهي، جڏهن ايل يا آر هڪ ۽ ڪانسونينٽ وچ ۾ واوئل به اچي وڃي. اهو ان ڪري ته جيئن مختصر ۽ تيز لکجي سگھجندڙ آئوٽ لائين حاصل ڪري سگھجن.
    جيتوڻيڪ اهو ضروري نه هوندو آهي ته وچ ۾ آيل واول کي ظاهر ڪجي، پر جي ضروري هجي ته ڊاٽ واؤل کي ننڍي سرڪل سان ظاهرڪجي، ان کي ڊبل ڪانسونينٽ کان اڳ يا پوءِ هڻجي.
    ننڍي واول اي کي پرسن person، گرل girl، ٽرم term، جهڙن لفظن ۾ ظاهر نه ڪبو آهي.
    ڊئش واول يا ڊفٿانگ جي نشاني کي وچان، يا شروع يا آخر ۾ ڳنڍي لکبو.

    42. ڊبل ڪانسونينٽس – ڪروز Curves يعني ڏنگا اسٽروڪ
    ڪرو جي اندرئين پاسي ۾ شروعاتي ننڍو هڪ آر کي ظاهر ٿو ڪري.
    ڪرو جي اندرئين پاسي ۾ شروعاتي وڏو هڪ ايل کي ظاهر ٿو ڪري.

    43. ائڊيشنل فارمز (اضافي صورتون)
    (اي) ڊبل ڪانسونينٽ فر fr، ور vr، ٿر thr ۽ در Thr کي اصلي توڙي ابتڙ نموني لکبو آهي.
    جڏهن انهن مان ڪو ڪنهن لفظ جو اڪيلو اسٽروڪ هجي ته پوءِ ابتڙ (Reverse) فارم تڏهن استعمال ڪبو جڏهن لفظ جي شروع ۾ واول نه هجي. اگر پهرئين واول هوندو ته اصلي فارم استعمال ڪبو.
    (ب) جڏهن انهن کي ڪنهن ٻئي اسٽروڪ سان ڳنڍي لکبو ته اهو فارم استعمال ڪبو جيڪو لکڻ ۾ آسان هجي. عام طور تي، ساڄي طرف ڏانهن لکجندڙ اسٽروڪن سان رورس فارم استعمال ڪيو ويندو آهي.
    (سي) ڪي، گي، اين ۽ مٿي ويندڙ سڌن اسٽروڪن Straight Upstrokes کان پوءِ ايندڙ ايف ايل fl، وي ايل vl کي به ابتڙ يعني رورس فارم ۾ لکبو آهي.

    44. ڊبل ڪانسونينٽ shl کي هميشه مٿي ڏانهن يعني اپورڊ لکبوآهي. اسٽروڪ shr کي هميشه هيٺ طرف يعني ڊائون ورڊ ڪري لکبو آهي.

    45. گھري نشاني (نگ ڪانسونينٽ جي شروع ۾ هڪ هڻي) ng-kr يا ng-gr کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم ايندي آهي.


    باب ٻارهون

    46. اين هڪ
    (اي) ڏنگن يعني ڪرو اسٽروڪن جي اندرئين پاسي آخر ۾ لڳايل ڪنڍو يعني هُڪ اين n جي آواز کي ظاهر ڪري ٿو.
    (بي) سڌن اسٽروڪن جي آخر ۾ اين جي هڪ کي رائيٽ موشن (ڪلاڪوائيز) يعني ساڄي پاسي واري رخ ۾ لکبو آهي.
    لفظ جي آخر ايندڙ آر، جڏهن هڪ سان هوندي آهي ته ان کي مٿي ڏانهن يعني اپورڊ ڪري لکبو آهي.

    47. ايف يا وي هڪ
    (الف) سڌن اسٽروڪن جي آخر ۾ ليفٽ موشن (ائنٽي ڪلاڪ وائيز) يعني کاٻي پاسي واري رخ ۾ لکيل ننڍو هڪ، آواز ايف f، يا وي v کي ظاهر ڪري ٿو.
    (بي) ڪرو اسٽروڪن سان وي يا ايف جو هڪ ڪونه لڳائبو آهي.
    48. جنهن اسٽروڪ جي آخر ۾ هڪ لڳل هجي، ان کي پوءِ ايندڙ ٽي يا ڊي آواز جي موجودگي ڏيکارڻ لاءِ اڌ ڪري سگھجي ٿو.
    49. وي يا اين لاءِ ڪنڍي يعني هُڪُ کي لفظ جي وچ ۾ ان صورت ۾ لکي سگھجي ٿو، جڏهن اهي آخري اسٽروڪ سان آسانيءِ سان ڳنڍجي وڃن. نه ته ٻي صورت ان جو استعمال نه ڪبو.
    50. ايف ۽ وي جي هُڪ اندر آخر۾ آيل ايس سرڪل لکي سگھجي ٿو.
    51. سڌن اسٽروڪن جي آخر ۾ جنهن پاسي اين جو هڪ لڳائبو آهي، تنهن پاسي جيڪر سرڪل يا لوپ لکبو ته ان جي مراد ٿيندي ته ان ۾ اين ۽ سرڪل يا لوپ وارا آواز شامل آهن.
    52. پوري ڊيگھ Full Length واري ڪرو اسٽرڪ سان ڳنڍيل هڪ جي اندر ايس جو سرڪل رڳو زي z جي آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪبو.
    اڌ ٿيل ڪرو اسٽروڪ سان ڳنڍيل اين اندر سرڪل ٻنهي آوازن يعني سي يا زي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ لڳائي سگھجي ٿو.
    53. ڪرو اسٽروڪ کان پوءِ ايندڙ هلڪي آواز –nce کي اسٽروڪ اين ۽ آخري ايس سرڪل سان ظاهر ڪبو.
    54. لفظ جي آخر ۾ آيل ايف، وي، يا اين کان پوءِ اگر واول اچي وڃي ته ان کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ جو استعمال نه ڪبو پر پورو اسٽروڪ لکبو.


    باب تيرهون

    55. شن هڪ
    آخر وارو وڏو هڪ لفط جي آخري پد شن -shunکي ظاهر ٿو ڪري. اهو ڪنڍو يا هڪ ڏنگن يعني ڪرو اسٽروڪن جي اندرئين پاسي لکبو آهي.
    شن هڪ اندر ايس سرڪل لکي سگھجي ٿو.
    جڏهن شن جو پد لفظ جي وچ ۾ آيو هجي، تڏهن اگر سٺو ڳانڍاپو Joining ممڪن هجي ته ڀلي وڏي هڪ کي وچ تي لکو.
    56. جڏهن شن هڪ کي سڌي اسٽروڪ سان لڳايو وڃي، تڏهن انهيءَ هڪ کي اسٽروڪ جي شروعي ۾ لڳل سرڪل يا هڪ جي ابتڙ پاسي تي هڻجي ته جيئن توازن قائم ٿئي.
    ايف ڪي fk، وي ڪي vk ۽ ايل ڪي lk کان پوءِ شن هڪ کي ڪرو اسٽروڪ کان پري يعني ابتڙ پاسي لکجي ته جيئن توازن قائم ٿئي.
    57. بغير هڪ يا سرڪل وارن يعني سادن ٽيt، ڊي d يا جيj اسٽروڪن جي ساڄي پاسي شن هڪ کي لکيو وڃي.
    ٻين سادن اسٽروڪن سان لڳائڻ مهل، آخري واول جي مخالف پاسي تي لکيو وڃي.
    58. ايس+شن
    جڏهن شن جو هڪ ايس سرڪل يا اين ايس ns کان پوءِ اچي ته ان کي ننڍي ڪرل (سرڪل جو تسلسل continuation) سان ظاهر ڪجي. ايس سرڪل ۽ شن جي وچ ۾ ايندڙ ٿرڊ پليس واري واول کي ڪرل جي ٻاهرين پاسي لکيو وڃي.
    آخري ايس سرڪل کي ڪرل جي اندر لکيو وڃي.
    59. جن لفظن جي پڄاڻي –uation يا uition تي ٿئي، تڏهن عام طور اسٽروڪ sh ۽ اين هڪ استعمال ڪيو ويندو آهي.
    جنهن اسٽروڪ سان شن جو هڪ ڳنڍيل آهي، تنهن کي آخري ٽي يا ڊي ڏيکارڻ لاءِ اڌ ڪري سگھجي ٿو.


    باب چوڏهون

    60. ڪمپائونڊ ڪانسونينٽس
    پي آر pr ۽ پي ايل pl سيريز وارن ڊبل ڪانسوننٽس کان علاوه ڇهه ٻيا ڪمپائونڊ ڪانسونينٽ آهن: ڪوي، گوي، ايم پي، ايم بي، لر، رر، ۽ وهي.
    جڏهن ايم کان فوري پوءِ پي آر pr، بي آر br، پي ايل pl، بي ايل bl اچن ته ان صورت ۾ ڊبل ڪانسونينٽ استعمال ڪجن.
    61. wl ۽ whl
    اپورڊ ايل جي شروع ۾ ننڍو شروعاتي هُڪ ڪانسونينٽ وي w کي ظاهر ٿو ڪري. وڏو هڪ ٻن اسٽروڪن wh کي ظاهر ٿو ڪري.
    62. اڙي Tick ۽ ڊاٽ ايڇ
    جڏهن ايڇ کي ٻين ڪانسونينٽن سان گڏي لکبو آهي ته مٿي ويندڙ يعني اپورڊ صورت استعمال ڪبي آهي. پر ايڇ جڏهن اڪيلو ڪانسونينٽ هجي يا جڏهن ان کان پوءِ ڪي k يا گي g آيل هجي، ته ان حالت ۾ هيٺ ويندڙ يعني ڊائون ورڊ فارم استعمال ڪبو آهي.
    (اي) اڌ ٿيل ايڇ اگر اڪيلي هجي ته ان کي اپورڊ فارم ۾ لکيو ويندو آهي.
    (بي) جيئن ڏيکاريل آهي، ننڍي اڙي يعني ٽڪ ايڇ کي ظاهر ٿي ڪري جيڪا ايم، ايل ۽ ڊائون ورڊ آر کان لڳل هوندي آهي.
    (سي) جتي لفظ جي وچ ۾ آيل ايڇ کي اسٽروڪ سان ظاهر ڪرڻ تڪليف ده هجي يا وقت وٺي يعني آڪورڊ awkward لڳي ته اتي ايڇ کي هلڪي ٽٻڪي يعني ڊاٽ سان ظاهرڪجي. اهو ڊاٽ واول آوازن جي نشانين سان گڏي هڻجي.
    63. ڪانسنونينٽن کي ڇڏي ڏيڻ omission
    (اي) لفظن وچ ۾ جتي ايس سرڪل کان پوءِ ايندڙ ٽي هلڪي نموني اچارجي، اتي اها ڇڏي ڏجي.
    (بي) ڪڏهن ڪڏهن ٻيا به هلڪي نموني اچارجندڙ ڪانسونينٽ ڇڏيا ويندا آهن يعني نه لکبا آهن.


    باب پندرهون

    64. اڌ ڪرڻ Halving وارو اصول
    اڌ ڪرڻ واري اصول جا وڌيڪ اطلاق بيان ڪجن ٿا.
    (اي) ايم ۽ اين کان پوءِ جيڪر ڊي آيل هجي ته ان جي موجودگي ڏيکارڻ لاءِ انهن ڪانسوننيٽن کي اڌ ڪرڻ سان گڏ گھرو به ڪجي.
    (ب) ڊائون ورڊ ايل ۽ ڊائون ورڊ آر کي به پوءِ آيل ڊي جي موجودگي ڏيکارڻ لاءِ گھرو ڪري اڌ ڪجي.

    65. آخرين ايل ٽي lt، اپورڊ اڌ ٿيل ايل سان ۽ آخري آر ٽي rt کي اپورڊ اڌ ٿيل آر سان عام طورظاهر ڪبو آهي.

    66. جڏهن ايل ۽ ڊي يا آر ڊي جي وچ ۾ واول اچي ته ان صورت ۾ مڪمل اسٽروڪ لکيا ويندا.

    67. جيئن پئراگراف 35(بي) ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڻ برابري واري ڊيگھ وارن اسٽروڪن کي تڏهن پاڻ ۾ نه ڳنڍيو وڃي، جڏهن انهن جي ڊيگھ جي واضح خبر نه پئجي سگھجي. ڊيگھ ۾ تفاوت کي ڏيکارڻ لاءِ، ٽي يا ڊي کان پوءِ ايندڙ اڌ ٿيل ٽي يا ڊي کي ڌار ڪري لکجي.

    68. ڊيگه وڏائڻ يعني ڊبلنگ Doubling اصول
    ڏنگن يعني ڪرو اسٽروڪن کان پوءِ ايندڙ لفظي پدن Syllables ٽر tr، ڊر dr، يا در THr جي موجودگي ڏيکارڻ لاءِ انهن اسٽروڪن کي ڊيگھ ۾ ٻٽو ڪيو ويندو آهي.
    جڏهن اسٽروڪ ايل اڪيلو هجي يا آخر ۾ رڳو ايس سرڪل هجيس ته ان کي صرف ٽر لاءِ ٻٽو ڪبو.

    69. سڌن اسٽروڪن کي ٽر، ڊر، يا در جي موجودگي ڏيکارڻ لاءِ فقط تڏهن ٻٽو ڪبو،

    (1) جڏهن انهن کان اڳ ڪو ٻيو اسٽروڪ هجي يا انهن جي شروع ۾ سرڪل ايس آيل هجي؛
    (2) جڏهن انهن جي آخر ۾ ڊفٿانگ يا آخري هڪ ڳنڍيل هجي.

    70. ڪن عام لفظن ۾ لفظي پد syllable چر -ture کي به ظاهر ڪرڻ لاءِ ڊبلنگ اصول استعمال ڪبو آهي.

    71. زمان ماضي ۾ ڊبلنگ اصول استعمال نه ڪبو.

    72. ايم پي، ايم بي کي پوءِ ايندڙ آر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻٽو ڪبو آهي.
    نگ ng اسٽروڪ کي آخري ڪر kr يا گر gr جي موجودگي ڏيکارڻ لاءِ ٻٽو يعني ڊبل ڪبو آهي.
    ياد رهي ته اهي ٻٽي ڊيگھ واريون صورتون تڌهن استعمال ڪبيون آهن، جڏهن اهي هڪ واري صورت جي ڀيٽ ۾ لکڻ وڌيڪ آسان هجن.


    باب سورهون

    73. لفظن جا شروعاتي عام حص يعني پري فڪسز Prefixes
    (اي) جيئن ڏيکاريو ويو آهي، پري فڪس con-، يا com- کي آئوٽ لائين جي مهاڙ يا شروع ۾ ٽٻڪي يعني ڊاٽ ذريعي ظاهر ڪبو آهي. جن لفظن جي شروع ۾ اهو پريفڪس ڊاٽ لڳايل هوندو آهي، تن ۾ پريفڪس کان پوءِ آيل واول پوزيشن مقرر ڪندو آهي.
    (بي) جڏهن con-، com-، cum-، يا cog- لفظن يا فريز Phrase جي وچ ۾ ايندا آهن ته انهن کي ٻه اسٽروڪ ڌار ڌار پر ويجھا ڪري لکي ظاهر ڪبو آهي.

    74. (اي) پري فڪس Accom- يا accomo- کي ڌار ٿيل يا ڳنڍي لکيل ڪي اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي. انهن لفظن جي پوزيشن هميشه پهرئين يعني لائين کان مٿي رهندي آهي.)
    (بي) پري فڪس Intro- کي اين ٽي آر ntr يعني ٻٽي ڪيل اسٽروڪ اين سان ظاهر ڪبو آهي ۽ انهن لفظن جي پوزيشن ٽين قطار وچان يعني ٿرو د لائين رهندي.
    (سي) پري فڪسز magna-، magni- يا magne- کي ڌار ٿيل ايم اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي. (انهن لفظن جي پوزيشن پهرئين يعني لائين کان مٿي رهندي.)

    75. (اي) پري فڪس self- کي ڌار ٿيل ايس سرڪل سان ۽ self-con کي ڊاٽ جي جاءِ تي سرڪل هڻي ظاهر ڪبو آهي.

    (بي) پري فڪس Trans- کي ان ۾ آيل اين جي کي ڇڏي باقي آوازن کي لکڻ سان يعني گھٽائي يا تخفيف ڪري ظاهر ڪبو آهي.
    (سي) ايس ٽي آر str، ايس ڪي آر skr ۽ اپورڊ ايڇ کان اڳ آيل In- کي ننڍي ڪنڍي يعني هڪ سان ظاهر ڪبو، جيڪو سرڪل واري رخ ۾ لکبو آهي.
    (ڊي) ناڪاري يعني نگيٽو لفظ. جڏهن پري فڪس In-، ناٽ يعني اڻ يا اَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ته ان کي هميشه اين اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي.
    ٻين ناڪاري لفظن کي هاڪاري لفظن کان ائين ممتاز ڪبو جو انهن جو پهريون ڪانسونينٽ ورجائبو يعني رپيٽ ڪبو.

    76. لفظن جون عام پڇاڙيون Suffixes ۽ لفظ پڄاڻيون
    جڏهن نگ ng وارو اسٽروڪ لکڻ تڪليف ده يعني آڪورڊ هجي ته اتي لفظن جي عام پڇاڙي يعني سفڪس -ingکي هلڪي ٽٻڪي يعني ڊاٽ سان ظاهر ڪبو.
    ڊاٽ –ing کي ڊائون ورڊ آر ۽ هلڪن سڌن هيٺ ويندڙ يعني اسٽريٽ ڊائون اسٽروڪن کان پوءِ استعمال ڪبو آهي.
    عام طور شارٽ فارمن کان پوءِ ڊاٽ –ing کي ڪم ۾ آڻبو آهي.
    جتي –ing کي ڊاٽ سان لکبو آهي، اتي جمع يعني پلورل –ings کي هلڪي ليڪ يعني ڊئش سان ظاهر ڪبو، جيئن لفظن ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

    77. سفڪس –ment کي ان وقت اين ٽي nt يعني اڌ ٿيل اين اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي، جڏهن ايم اين ٽي mnt يعني اڌ ٿيل آخري اين هڪ واري ايم کي ڳنڍڻ آسان نه هجي.
    (اي) سفڪس –mental-ly-ity کي ڌار ٿيل ايم اين ٽي يعني اڌ ٿيل آخري اين هڪ واري ايم سان ظاهر ڪبو آهي.
    (بي) لفظ پوياڙين يا پڄاڻين –fullness ۽ -lessness کي ترتيبوار ڌار ٿيل ايف ايس fs ۽ ايل ايس ls سان ظاهر ڪبو آهي.
    (سي) سفڪس –ship کي ڳنڍيل يا ڌار ٿيل disjoined ش sh اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي.
    (ڊي) سفڪس -lity يا –rity جڏهن ڪنهن واول بعد اچن ته انهن کي کانئن اڳ آيل اسٽروڪ کي ڌار لکي ظاهر ڪبو آهي. (مثالي لفظن کي غور سان ڏسي ڪاپي ڪريو.)
    (اي) لفظي پوياڙين يا پڄاڻين –logical-ly کي ڌار ٿيل جي j واري اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي.
    (ايف) لفظ پڄاڻين –ward ۽ -yard کي ترتيبوار اڌ ٿيل وي v يا يي y واري اسٽروڪ سان ظاهر ڪبو آهي.
    (جي) سفڪس –ly کي ڪڏهن اسٽروڪ ايل سان ( پر جي ضروري هجي ته ڌار لکي به) ۽ ڪڏهن ڪنڍي يعني هڪ لڳل صورت ۾ ظاهر ڪبو آهي.


    باب سترهون

    78. ڊائفونز Diphones
    ٻه لڳاتار ايندڙ پر علحده علحد پدن syllables ۾ اچارجندڙ واولن کي ڪنڊائتي نشانين Angular signs سان ظاهر ڪبو آهي. انهن نشانين کي ڊائفونز سڏيو وڃي ٿو.
    پهرئين نشاني ڊاٽ واول ۽ ڪنهن ٻئي واول کي، ۽ ٻي نشاني ڊئش واول ۽ ڪنهن ٻي واول کي ظاهر ڪري ٿي. اهي نشانيون لفظ ۾ آيل پهرئين واول جي جاءِ تي لڳايون وينديون آهن.

    79. Question جهڙن لفظن ۾ لڳاتار ايندڙ واول کي پهرئين نشاني سان، جيئن ڏيکاريو ويو آهي، ظاهر ڪبو آهي.

    80. وچ واري وي w
    لفظن جو هڪڙو ننڍو گروهه آهي، جن جي وچ ۾ وي w ڪنهن واول ساڻ استعمال ٿيل هوندو آهي. ان وي يعني ڊبليو کي اڌ گول يعني سيمي سرڪل سان ظاهر ڪبو آهي ته جيئن ننڍڙو يا آسان آئوٽ لائين حاصل ٿئي. ليفٽ سيمي سرڪل ان ڊبليو کي ظاهر ڪندو آهي، جنهن کان پوءِ ڊاٽ واول آيل هوندو آهي، جڏهن ته رائيٽ سيمي سرڪل ڊئش واول کان اڳ آيل ڊبليو کي ظاهر ڪندو آهي. سيمي سرڪل ان جاءِ تي لڳائبو آهي، جتي ڊبليو سان ڳنڍيل واول آيو هوندو آهي.

    81. اپورڊ ش SH
    اسٽروڪ ش کي ڪن حالتن ۾ سٺي آئوٽ لائين حاصل ڪرڻ لاءِ اپورڊ يعني مٿي ڏانهن ڪري لکبو آهي.

    82. اسٽروڪ آر
    آئوٽ لائين کي لکت واري قطار جي ويجھو رکڻ واسطي، جڏهن ٻن ڊائون ورڊ اسٽروڪن کان پوءِ آر ايندي آهي ته ان کي اپورڊ آر سان ظاهر ڪبو اهي. ساڳئي نموني جڏهن ٻن سڌن اپ اسٽروڪن کان پوءِ آر ايندي آهي ته ان کي ڊائون ورڊ آر سان ظاهر ڪبو آهي.

    83. اسٽروڪ ايس
    (اي) اسٽروڪ ايس جو استعمال تڏهن ڪيو ويندو آهي، جڏهن (1) سائنس Sience، سائينٽيفڪ Scientific، سائنگ Sighing، سيام Siam جهڙن لفظن ۾ جتي شروعاتي ايس کان پوءِ فوري طور ٽرائيفون اچي ٿو، ۽ (بي) ڪنٽينيوئس Continuous، فيٽيوئس Fatuous، اسٽرينيوس Strenuous، پائيس Pious جهڙن لفظن ۾، جتي آخري پد –ous کان اڳ ڊفٿانگ آيل هوندو آهي.


    باب ارڙهون

    84. انگ Figures
    جڏهن انگ ون one کان وٺي seven تائين ۽ انگ nine اڪيلا استعمال ٿيل هوندا آهن، تڏهن انهن کي شارٽ هئنڊ آئوٽ لائين سان بهتر نموني ظاهر ڪري سگھبو آهي. ٻڌن يعني رائونڊ انگن کان علاوه ٻين انگن کي رواجي عربي نموني ۾ ظاهر ڪبو آهي. ٻڌن يعني رائونڊ انگن کي مثالن ۾ ڏيکاريل نموني ظاهر ڪبو آهي.

    85. ڪمپائونڊ لفظ
    هيئر here، ديئر there، ويئر where اڪثر ڪجھ ٻين لفظن سان گڏجي استعمال ٿيندا آهن، تن جي ڏيکاريل مثالن تحت مشق ڪريو.

    86. انٽرسيڪشنز Intersections
    بار بار استعمال ٿيندڙ فريزن phrases کي تيزي سان لکڻ لاءِ هڪڙو اهم حربو اهو آهي ته هڪ اسٽروڪ کي ٻيي اسٽروڪ جي وچان يعني انٽرسيڪٽ ڪري لکيو ويندو آهي.
    اهو حربو خصوصي ضرورتن موجب بدلائي به سگھجي ٿو. جيئن ڪن ليکڪن لاءِ اسٽروڪ پي p لفظ پارٽي کي ظاهر ڪندو آهي، جڏهن ته انشورنس آفيس ۾ اسٽروڪ پي لفظ پاليسي کي بهتر نموني ظاهر ڪري سگھي ٿو. جتي انٽرسيڪشن پرئڪٽيڪل (عمل جوڳو) نه هجي اتي هڪ اسٽروڪ کي ٻي سان ويجھو ڪري لکو. ڏنل مثالن کي چڱي نموني ڪاپي ڪري لکو.

    شارٽ فارم
    لسٽ ون
    هن فهرست ۾ ڪتاب اندر آيل شارٽ فارمن کي الف بي وار ڪري لکيو ويو آهي. ڏنگين ۾ ڏنل انگ باب جي نمبر کي ظاهر ڪري ٿو. صلاح آهي انهن کي بار بار لکندا رهو.
    لسٽ ٽو
    هن لسٽ ۾ انهن عام لفظن جا شارٽ فارم ڏنل آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڪم آندا ويا آهن. هن فهرست کي چڱي طرح ڪاپي ڪري وٺو
    لسٽ ٿري
    هن لسٽ ۾ ڏنل شارٽ فارم ڏهن هزارن عام لفظن جي فهرست ۾ شامل نه آهي. موقعو ملي ته انهن کي ڪاپي ڪري وٺو.
    10 ۽ 11مارچ 2007


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 533
    ڪتابن جو مشاهدو: 551139
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 212820
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ