ڪتاب جو نالو: لفظن جي خواهش
مصنف: حيدر دريا زئور
ڇپائيندڙ: ڪنگ ٽيڪ ڪمپيوٽرس ڪوٽڙي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 09 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 657 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 377 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي طرفان
  • آڇيندي لڄ مَران
  • اسين ڇا لکنداسين
  • مهاڳ
  • قسط 1
  • قسط 2
  • قسط 3
  • قسط 4
  • قسط 5
  • قسط 6
  • قسط 7
  • قسط 8
  • قسط 9
  • قسط 10
  • قسط 11
  • قسط 12
  • قسط 13
  • قسط 14
  • قسط 15
  • قسط 16
  • قسط 17
  • قسط 18
  • قسط 19
  • قسط 20
  • قسط 21

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران ڪتابي سلسلي جي شروعات ۾ انٽرنيٽ تي ٻين دوستن پاران اپلوڊ ڪيل ڪتاب دوستن سان ونڊ ڪرڻ کانپوء ٻئي مرحلي ۾ اسان سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪري رهيا آهيون۔
    ان سلسلي جو هي ستون ڪتاب ”لفظن جي خواهش ۔۔۔۔ “ محترم حيدر دريا زئور جو ناول اوهان اڳيان پيش آهي۔ هي ڪتاب اسان جي سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ دوست آفتاب حسين کوهارو جيڪو سنڌ سلامت تي نرمل جي نالي سان ميمبر آهي جي ڪاوشن سان اوهان تائين پهچائي رهيا آهيون۔ هن ڪتاب جو مهاڳ مراد علي مرزا صاحب جو لکيل آهي۔
    محترم حيدر دريا زئور سان ڪا گهڻي واقفيت ته ڪانه هئي پر سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ گروپ تي گروپ چيٽ دوران جڏهن آفتاب کوهارو ۽ مان ڪچهري ڪندا هئاسين ته سندس لفظن ۾ پنهنجائپ لڳندي هئي۔ سندس خيالن ۾ اٿاه گهرائي ۽ فلسفو هوندو هو، تڏهن مونکي اها خبر ڪانه هئي ته سائين ڪو ناول نگار به آهي۔ پر پوء آفتاب جي ذريعي اها ڄاڻ ملي ۽ سائين جا ٻه ناول پڙهڻ لاء مليا۔ سائين حيدر دريا ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ احمد خان زئور ۾ 1961ع ۾ اکيون کوليون، ادبي شعور به اتي ئي سرجس، ادب جي اوائلي پنڌ ۾ ان وقت جي مشهور شاعرن مان، ”پير علڻ شاهه تلي وارو“، ”حافظ احمد لاکو“ سندس فڪري رمز جي راهه جا رهبر رهيا ۽ پاڻ سيد حيات علي شاهه لڪياري (دادو) کان روحاني سلوڪ جا سبق ورتائين. هن وقت پاڻ پرائمري استاد آهي. علم ۽ ادب سان گهري نسبت هئڻ جي ڪري ڪاغذ ۽ قلم به هن جا محبوب رهيا آهن.

    محمد سليمان وساڻ


    ارپنا

    ارپيان ٿو- سنڌونديءَ ماءُ جي نانءُ جنهن جا وهڪرا، جيجل ماءُ جي ٿڃ جيئان، آبِ حيات جي برابر آهن.
    جنهن جي هنج ۾، زندگي جو جيئاپو ۽ قومي وجود جا وڻ سدا ساوا ۽ آباد آهن.
    جنهن جي حيات سان اربين حياتين جا بند ٻڌل آهن.

    حيدردريا زئور
    سال 1993ع


    پنهنجي طرفان

    زندگيءَ ۾ پهرين پيار، پهريون سوال ۽ پهريون تجربو، ماڻهو جي احساس ۽ ويچار ۾ هڪ نرالي ڪيفيت جو درجو رکي ٿي. جنهن جي سمجهه ٿورو ڪجهه وقت کائي پوءِ پنهنجي اصليت کان واقف ڪندي آهي. شايد اهڙن احساسن کي لفظن جي اصل شڪل ڏيڻ ئي ڏاهپ، سمجهه ۽ ڏات آهي.
    منهنجو هي ناول به منهنجي لاءِ پهريون سوال ۽ پهريون تجربو آهي. جنهن بابت مان پنهنجي طرفان ايئن چوندس ته، منهنجي سمجهه بس ايتري شايد آهي. يا مان پنهنجي سمجهه اڃان سمجهي ايتري سگهيو آهيان. جنهن مونکي پنهنجن مختلف لکڻين ذريعي ايترو سمجهايو سيکاريو آهي ته، ليکڪ پنهنجي ارمانن جي هڪ اهڙي ٻني هوندو آهي. جيڪا هو پنهنجي اکين جي آب سان آبادڪندو آيو آهي. پوءِ انهن مان هڪڙا پڪل سور کڻي ٿو. ته وري ٻيا ساوا ٿي سنگ جهليندا آهن. ائين ليکڪ ذاتي توڙي قومي ارمانن جي باغ جو باغبان رهيو آهي.
    اهڙن ارمانن مان هڪ اهڙو ارمان- جيڪو مان هن ناول جي سبب وساري نٿو سگهان. اُهو آهي- ”سيد ظفر حسن“ جو وڇوڙو-
    مرحوم سيد ظفر حسن صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ تڏهن جاگرافي ڊپارٽمينٽ جا چيئرمين هئا. جنهن سان منهنجي دعا سلام واري تعلق کان روحاني ۽ دل تائين وارو تعلق محترم نواز خان زئور جي معرفت سان جڙيو هو.
    سائين ظفر حسن! جنهن1997ع ۾ منهنجو هي ناول مڪمل طرح ايڊٽ ڪيو هو- ۽ اها ئي ڪاپي پاڻ وٽ رکيائين ۽ پاڻ ئي ان کي ڪتابي شڪل ۾ ڇاپڻ جو عهد ڪيو هئائين. پر جڏهن ناول جي ڇپائي جو پروگرام طئي ڪيوسين ته ان کي رڳو پنج ست ڏينهن گذريا هئا ته اچانڪ دل جي دؤري پوڻ سبب ساٿ سلامت رهي نه سگهيو. ۽ پاڻ پنهنجي سچي خدا جي سڏ کي لبيڪ چئي. پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا. ۽ اسان سندس نوان، پراڻا سڀئي دوست- سسئي جي سورن جيئان رهجي وياسين.
    جنهن کان پوءِ سندس ياد تازي رکڻ خاطر منهنجي اها ڪوشش رهي- ته اها Edit ٿيل ڪاپي ڪنهن طرح هٿ ڪري ايڊيٽرجا فرائض سندس نالي سان ڄاڻائي ناول ڇپرائجي. پر بدقسمتي سان- ڪافي دوستن احبابن- جنهن ۾ غلام نبي زئور، منير ميمڻ، سيد مهر علي لڪياري- ۽ وحيدحيدر انهن سڀني جي وڏي ڪوششن کانپوءِ به اها Edit ٿيل ڪاپي حاصل ٿي نه سگهي. ۽ ايڏي وڏي انتظار کان پوءِ به اها آرزو ارمان بڻجي رهجي وئي.
    بس! زندگي جا اهي اهڙا ارمان جن جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي. پر انهن ۾ ڪوئي قحط، ڪوئي ڏُڪار ۽ نه ئي ڪا خشڪ سالي ٿي اچي!
    پنهنجي هن ناول ۾ توڻي شاعري يا پنهنجي هر لکڻي ۾ مان پنهنجي ذهن تي جبر ڪڏهن به ناهي ڪيو- ۽ ڪيان به ڇو- ذهن جي غلامي به ته هڪ عظيم ذلت آهي. ڪوئي کڻي ائين ڪندو هجي- ليڪن منهنجو ذهن منهنجي اندر جي ارادن کي بنا ڪنهن جنجهٽ ۽ جهڳڙي جي اوڏانهن ئي وٺي وڃڻ پيو چاهي. جيڏانهن منهنجو ضمير، دل ۽ ايمان چاهي پيو. منهنجو ضمير چاهي پيو ته، عشق مجاز کي پنهنجي خدا جي خوشيءَ سان گڏ، پنهنجي ديس، ڌرتي ۽ انسانيت جي امرتا لاءِ استعمال ۽ قربان ڪجي- ۽ ان کي اهڙي حقيقت جي طرف روان رکجي.
    هونئن به انسان ۾ عشق مجاز جو وڻ لائق ٿي، پنهنجي جان جي عرق مان ٻور وجهي- گُل جهلي، جڏهن پنهنجو ميوو پچائي لعل ڪندو آهي. تڏهن هر ڪوئي ان جو چاهيندڙ ٿيو پوي- ته اها اهڙي چاهت ئي حقيقي عشق جي پل آهي. جنهن کي پار ڪرڻ هر ڏات ڌڻي لاءِ ضروري آهي.
    مان به مجاز مان حقيقت جي اهڙي وڻ پوکڻ لاءِ- هن ناول ذريعي اڃان رڳو سندس ٻج واري حاصلات لاءِ اهڙي ڪوشش ورتي آهي- ۽ اهڙي جستجو لاءِ پنهنجي ذهن کي جان جي نظراني تائين به ترسائي ويٺو آهيان. توڻي جو صليب، ڦاهيون ۽ ڦٽڪا وغيره- سچ جي اڳيان امام حسين جي قرباني کانپوءِ- پنهنجي ڪُل اهميت ۽ اهليت فنا ڪري چڪا آهن. پر پوءِ به ٿورو سچ کڻي چئجي ته منافقي، دولاب ۽ دورُخي سبب حقيقت تي ڄڻ ڪوڙ، فريب ۽ پاپن جا پردا چاڙهيا ويا آهن. ائين چئون ته ڪاتبن ۽ خطيبن، مولوين ۽ مُديرن يا عاشقن ۽ حسينن- عشق مجاز کي پنهنجي مطلبي پيار جو يورپي مطلب ۽ مفهوم ڏئي زماني جي نقلي هُل ۾ ائين گم ڪري ڇڏيو آهي. جو هڪ دفعو وري شاهه لطيف رح جي راڳيل کوڙي جو ليڙو لاهڻ لاءِ سچل سرمست جو اهو سچ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته:
    هڪ جُوءَ ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان،
    اُهي ڀي انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا. (سچل)
    پوءِ اهو ضروري ناهي ته اهڙي خودداري جاڳائڻ لاءِ اهڙو عقل، فڪر ۽ فهم رڳو حيدر دريا جوئي هجي- نه هر گز نه-
    حاجتون همٿ جي هٿيار سان ٿيون حاصل ٿين- هتي هيءُ ته ميدان ڪربل آهي- هتي يذيد آهي ته حسين عه به آهي. پوءِ جنهن کي مايا ۽ مشروب جي اڃ آهي. سو يذيد جي رياست ۾ رهي ٿو- ۽ جنهن کي هن پياسي رڻ ۾ سچائي جي پياس آهي- تنهن کي ڪربل جي مسافر جيئان پنهنجي جگر جو خون وهائي اڃ اُجهائڻي پوي ٿي.
    ائين عشق جو انسان تي اهو هڪڙو ئي احسان تمام وڏو آهي.جو سندس فيصلو مڪمل طئي ٿيل آهي ته- ڪُوڙ يا سچ-
    ۽ معاملي ۾ منجهڻ جي ته گنجائش ئي ناهي- ۽ وک به ڪنهن هڪڙي پاسي وڌڻي به ضرور آهي- پوءِ نَو نيئر، ڏهه ڏاوڻيون ۽ پندرانهن پيند ڇو نه پيل هجن-
    سو مان به ان پيند مان پير ڇنائي- جيئن سڄي دنيا مجاز جي دريامان پاڻي پيئي ٿي- مان به اهڙي اڃ ۾ عشق مجاز جي دريائي تڙ تي اچي نڪتو آهيان. پر مونکي ائين لڳندو آهي ته مان ڄڻ مجاز جي ان دريا ۾ مڇي جيئان رهيو آهيان.
    شاهه لطيف کي مجاز ته پيڃاري جيئان پي پڃيو- ۽ مان ته ڄڻ ساٽين جي سُوئن ۾ سبجي ويو آهيان.
    پر جيئاپي جي اهڙي پهلوءَ کي، مان برو هرگز نٿو چوان، ها البت: ان ۾ ڪيفيتن جي هڪ اهڙي ڪربناڪ ولوڙ ضرور آهي- پر سا به جيءَ جي جر ۾ لوڙهي، تڙڳائي- موتين جي ماڳ تي رسائي ٿي- نه ڪِي تانگهي ۾ تاڻي فنا ٿي ڪري.
    بس! ويچار جي اهڙي واٽ ۾ مان به ڪنهن رمز رڙهي آخر اچي عام اڳيان حاضر ٿيو آهيان- پوءِ ڪٿي جيڪڏهن، محمد بن قاسم جو سپاهي بڻيو آهيان- يا ابوجهل جهڙي عداوت اُڻي ويو آهيان- يا سُهڻيءَ جيئان ڀيلو کڻي ڀُليو هجان، ته منهنجون ڀُل، ڀُلايون ۽ ڪميون ڪچايون- اوهان پڙهندڙ ئي پروڙي مونکي پنهنجي پروڙ مان ڪجهه بخشش طور ڏيندا ته عنايت ٿيندي.
    آخر ۾ وحيد حيدر ۽ سندس پيارن دوستن - جن ۾ آفتاب حسين کوهاري، وفا مولا بخش قمبراڻي، سائين هرجي مل ۽ زرياب حيدر انهن نوجوانن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن جي ڪوشش سان هي ناول اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    ۽ مان ٿورائتو آهيان سائين مگهن لال شرما ۽ سائين مراد علي مرزا صاحب جن جو جن پنهنجا ويچار ڏئي منهنجي همت ۽ حوصلا افزائي ڪئي آهي.
    مهرباني
    ساٿ سلامت

    حيدر دريا زئور
    ميرپور بٺورو - ضلعو ٺٽو
    2009-09-01
    3306372-0334 -2315714-0302


    آڇيندي لڄ مَران

    هر انسان جي اندر ۾، هڪ ٻيو انسان سَمايل هوندو آهي، جيڪو انسان جي ظاهري روپ کان، عمل سوچ ۽ فهم کان بنهه مختلف ۽ ڪو ٻيو ڳُجهو وجود رکي ٿو، جنهن وٽ اُڌما آهن، جذبا آهن،آسون اميدون آهن ۽ هو مرڻ نه پر جيئڻ گهري ٿو.
    هيءَ حياتي ڪيڏي نه ڊگهي، مُسلسل ڏکن ڏولائن سان سلهاڙيل آهي ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو نالو آهي.... سموريون ڀوڳنائون ڀوڳيندي به ڪيڏي نه پياري آهي هيءَ حياتي! هڪ پل به کيس وڃائڻ تي دل نه ٿي چوي!
    اُها انسان جي ازل کان اُنِس رهندي پئي آئي آهي- جيئڻ جي آس ته پَساهه جي پوئين ويل به قائم رهي ٿي. تڏهن ته اجل جو کاڄ ٿيڻ وارو بي حس، بي سَتو ٿي ڪيڏي نه نماڻائيءَ مان نهار ڪري ٿو. هر هڪ کي پنهنجي چوڌاري موجود ڏسي؛ هر شيءَ جيڪا سندس رت ست سان، پگهر سان ريج ڏئي وڌائي ويجهائي هوندي آهي.... آبياري ڪئي هوندي آهي.
    تخليقڪار کي پنهنجي تخليق سان پنهنجي وجود جيان پيار رهي ٿو. هر لکندڙ جي چاهت هوندي آهي ته کيس پڙهيو وڃي، ساراهيو وڃي، هُو سماج کان مان ۽ مرتبو گهُرندو آهي، کيس اُها موٽ ملڻ گهرجي.
    ”حيدر دريا“ جا به ٻه روپ آهن- هڪ سندس ظاهري روپ نظر اچي ٿو. سادو سودو، ڪنهن اونهي ويچار ۾.... پيڙا ۾ ورتل، ماٺيڻو ماٺيڻو پنهنجيءَ ڌُن ۾ هلندڙ ڦرندڙ آهي پر ٻيو حيدر جيڪو سندس اندر ۾ سمايل آهي، ڏيک ڏيندڙ سندس وجود کان بنهه مختلف آهي ۽ هُو ليکڪ آهي هڪ ڪتاب ”لفظن جي خواهش“ ناول جو.
    سندس هيءَ پهريون ڪتاب آهي جيڪو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. ناول مختصر ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ۽ مُک ڪردار ”آسا ۽ فتاح“ جي پيار تي مشتمل آهي. سندس پيار ۾ ”اقرار“ اٽڪاءُ ٿو ڪري.
    چوٿون ڪردار آسا جو ملازم چاچا صالح آهي.
    ناول جي مُک عورت ڪردار ”آسا“ ايتري آزاد ماحول ۾ رهندڙ ڏيکاريل آهي جيڪا پنهنجي زمينداري به سنڀالي ٿي- سندس گهر ۾ صرف هڪ ملازم چاچو صالح موجود آهي جيڪو سندس هر عمل تي ڪجهه به نه ٿو چوي! ساڳئي وقت اوڙي پاڙي وارا، مٽ مائٽ به سندس ڪنهن به عمل تي اعتراض نه ٿا ڪن. فتاح ۽ اقرار ساڻس راتين جو ائين ٿا ملن ڄڻ پنهنجي گهر ۾ ويٺا هُجن!
    آسا جي پيار تي ڪي به پهرا نه آهن.
    ها! ليکڪ جو اِهو خيال آهي ته سنڌي سماج اڳتي هلي اهڙو جُڙي جنهن ۾ غيرت جي نانءُ تي ٻن دلين جا ڳڀا ڳڀا نه ڪيا وڃن... رڍن ٻڪرين وانگر سندن چاهت جا سودا نه ڪيا وڃن... پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پلاند نه پاريا وڃن... سڱ چٽيءَ ۾ سنڌي نياڻي تين وال نه ڪئي وڃي... پر سماج ۾ برابري جو درجو ڏنو وڃي... اسان جو سنڌي سماج ايترو اڳتي هُجي جو جيئي ۽ جيئڻ ڏي جي اصول تي عمل پيرا هُجي ائين جيئن فتاح، آسا ۽ اقرار جي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ تي پنهنجيءَ ڇاهت جي بي وسيءَ تي ماتم ته ڪري ٿو پر ائين نه ٿو ڪري ته ”آسا جي مُنهنجي نه ٿي ٿئي، ته وري ٻئي ڪنهن جي ڇو ٿئي؟
    مٿس نه ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ٿو- نه بندوق تاڻي ٿو. نه سندس لاءِ ڌرتي تنگ ٿو ڪري نه تيزاب هاري سندس نازڪ ۽ نفيس حسين بدن جي سونهن ٿو ڦٽائي.... آسا جا مينديءَ رتا هٿڙا رت هاڻا نه ٿو ڪري...!
    شال، سنڌي سماج حيدر دريا جي خيال وانگر منزلون ماڻي ۽ سندس ارادن جي حُسناڪي چنڊ جي چانڊاڻ جِيان سنڌ ڌرتيءَ تي وِکري پوي.
    حيدردريا جي ناول ”لفظن جي خواهش“ تي ٻه اکر لکندي بنهه محتاط رهڻو پيو آهي. هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي قلم جي پورهئي سان ناول به لکي ۽ هڙان وڙان ڇپائي به! هُجي به سندس پهرين ڪوشش!
    خير! آءُ کيس مايوس ڪرڻ نه ٿو گهران... پر سندس انهيءَ نيڪ جذبي ۽ عمل کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهان! سندس پهرين ڏات به معيار رکي ٿي. لفظن جو جَڙاءُ ڏاڍو سٺو آهي ۽ فلسفاتي خيالن کي لفظن جو بند تمام پختو ٻڌل آهي. کيس لڳاتار لکڻ گهرجي.

    مگهن شرما
    ميرپور بٺورو
    21 سيپٽمبر 2009ع


    اسين ڇا لکنداسين

    پنهنجي پاڻ تي ڳالهائڻ کي منافقت چيو ويو آهي، انهي لاءِ پاڻ تي ڳالهائڻ کان دستبردار ٿي ويا آهيون. ٻين تي دل کولي ڳالهائيندا آهيون، ٻين تي ڳالهائڻ لاءِ به دل تڏهن چوندي آهي جڏهن روح ۾ ڪو روڳ لڳل هجي ۽ انهي روڳ کي مٽائڻ لاءِ اڻکٽ جستجو ڪيون.
    مونکي سڀني روڳن کي مٽائڻ کي ٻيو ڪجهه ڪو نه مليو، ملي ته اهڙي سوکڙي ملي، جنهن ورهين جا روڳ ڌوئي ڇڏيا.
    سائين حيدر دريا پنهنجي فرزند ۽ منهنجي جگري سنگتي سان جڏهن پنهنجو ناول ”لفظن جي خواهش“ ڏياري موڪليو ته دل بي ساخته ڪال ڪوٺڙي کان آزاد ٿي وئي.
    ناول به انهن ڏينهن ۾ مليو، جن ڏينهن ۾ پيرن کان وٺي مٿي تائين چڪناچور ٿيل هئس، هيو ته روڳ هيو، ٻيو ڪجهه نه هو، پر سڀئي ڌوپجي ويا.
    فرمائش سائين سان پاڻ ڪئي هئم ته اوهان جي ناول تي مان ڪجهه نه ڪجهه لکندس، اهو وقت اچي ويو.
    ڪنهن جاءِ تي پڙهيو هئم ته ”هر ادب ۾ اهڙا ڪتاب هوندا آهن، جن جو تعلق ان جي ارتقا جي موڙ جي زماني سان ٿيندو آهي.“
    اسان جي ادب ۾ به اهڙا ڪتاب موجود آهن، پر موجوده ڪتابن مان هاڻي وجود ۾ ايندڙ حيدر دريا جو ناول به انهن مان هڪ آهي، خبر ناهي ته حيدر سائين اهو ناول انهي ٽائيم پيرڊ ۾ ڇو نه آندو، جڏهن اسان جي ادب کي ناولن جي سخت ضرورت هئي، ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته جن شين جي ضرورت اسان کي اڳ ۾ هوندي آهي اهي شيون جڏهن پوءِ ملنديون آهن ته انهن جي ضرورت شدت اختيار ڇو ڪري ويندي آهي. شايد انهيءَ لاءِ جو اسين پاڻ به شدت پسند هوندا آهيون پنهنجي پنهنجي ذات ۾.
    مئڪسم گورڪي جو ”ماءُ“ ناول پورو ڪري ويٺو هئس، جو مٿان سائين حيدر جو ناول مليو. هوڏانهن ”ماءُ“ هيڏانهن ”محبوبا“ ٻئي رشتا اهڙا جن تان قربان ٿجي.
    پر اسين ته قربان به ڪو نه ٿي سگهيا آهيون.
    ”ايستائين محبت ڪندي رهجانءَ، جيستائين منهنجو هي ناول ڪمپليٽ ٿئي.“ خبر ناهي ناول ڪڏهن پورو ٿيندو پر محبت ختم ٿي وئي، جٽاءُ نه ڪري سگهي.
    انهي فريز کانپوءِ خبر ناهي ڇو اڳيان ڪو نه پي وڌي سگهيس، لفظن جا ماريل آهيون، انهي جملي هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ڪيترائي ڀيرا فون تي روبرو سائين کي برزباني اهو جملو چوندو رهيو آهيان.
    سائين سدائين مسڪرائي ڳالهه کي ٽاري ڇڏيندو هو. اڄ جڏهن ٻه اکر انهي ناول تي لکڻ ويٺو آهيان ته اهو جملو اڳيان وڌڻ نه پيو ڏيئي، جيڪڏهن انهي جملي جو ڪٿي ڪو وجود هجي ها ته ڀاڪرن ۾ ڀري کيس روئان ها.
    ورثي ۾ سائين حيدر کي ويراڳ مليل ورونهن مليل آهي. هو به ديوانو آهي، ديوانن جون نگاهون هميشه ڀٽڪنديون رهنديون آهن. وفائن جي تلاش ۾:
    جتي اوهان ڇڏيو، اڃا اتي ئي آهن،
    اکيون عبداللطيف چئي، ماڳ نه مٽائين،
    جي ٻي در و اجهائين، ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.
    ايترو سو پڪ سان چوان ٿو اهي اکيون ماڳ نه مٽائينديون، توڙي جو اتي پورجيون وڃن، سائين سان جڏهن به مليو آهيان، انهي ناول تي وڌ کان وڌ ضرور ڳالهايو اٿم.
    ڪهاڻيون جتي ڪٿي ساڳيون آهن، قصا ساڳيا آهن، قلم کڻڻ وارا هٿ بس مٽجي ويندا آهن. جنهن ڪهاڻي تي، جنهن قصي تي سائين حيدر قلم کنيو آهي، انهي قصي تي مان شايد قلم نه کڻي سگهان ها. مون ۾ ايتري وسعت ئي ناهي جو انهي قصي تي ائين قلم کڻي سگهان ها. اهو حيدر دريا هو، جنهن پاڻ نڀايو، جنهن پاڻ ملهايو.
    منجهي پيو آهيان ته ناول جي ڪردارن تي ڳالهايان، ڊائيلاگن تي ڳالهايان، منظرن تي ڳالهايان، ڇا تي ڳالهايان.
    اڳ ئي منجهيل ماڻهو سو ويتر منجهي پيو آهيان، ناول ته مستنصر حسين تارڙ جو ”پيار ڪا پهلا شهر“ به پڙهيم، راجا انور جو ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ به پڙهيم، ”رهجي ويل منظر“ ۽ ”خالي بينچ“ به پڙهيم، پر ”لفظن جي خواهش“ خواهشن جي رڻ ۾ روليو آهي.
    اسين جڳن کان ڌڪاريل ماڻهو، وساريل ۽ گمنام ماڻهو دل چوندي آهي ته عشق جي پيغمبرن تي ڳالهائيندا وڃون، ازل کان ابد تائين جو سفر ائين ئي پورو ٿي وڃي.
    ڪاغذن جي ڪڇ تي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سائين حيدر لاءِ ڇا لکان، مان سائين حيدر کانپوءِ تمام پوءِ جو ليکڪ آهيان، سائين حيدر کي هي ناول لکندي نه ڏٺو اٿم، پر دل چوي پئي وقت ڪجهه پٺيان وڃي، مان جيئن جو تيئن هجان، سائين حيدر کي رائيٽنگ ٽيبل جي آڏو هي ناول لکندي، سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻندي ڏسان، سائين جي ڀرسان بيهي، سائين کي سرٻاٽن ۾ ايترو چوان ”سائين جيڪڏهن اهو ناول اوهان لکيو ته پوءِ اسين ڇا لکنداسين، ازل کان ابد تائين، بقا کان فنا تائين جا ڊائيلاگ اوهان لکندا ته پوءِ ”اسين ڇا لکنداسين“، ”اسين ڇا لکنداسين.“

    حيدر زرياب
    سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    2009-09-13


    مهاڳ

    حيدر دريا جي هن تحرير ’لفظن جي خواهش‘ کي مون اول کان آخر تائين پڙهيو آهي. سچ اهو آهي ته مصنف ان تي ناول جو لفظ لکي مون کي ڄڻ ته هرکائي ڇڏيو ته آئون اها تحرير پڙهي وڃان. مون کي معلوم ٿيو ته ناول جون روايتي ضرورتون ۽ گهرجون تحرير جي لاڳيتي روانيءَ جي پس منظر ۾ پوشيده ٿي ويل آهن. ان سبب جي ڪري واقعن جي اهميت کي نظر انداز ڪندي، ڪردارن خاص ڪري ’آسا، فتاح ۽ اقرار‘ جي داخلي ڇڪتاڻ کي پيش منظر ۾ آڻي، هنن جي سماجي ڀڃ ڊاهه کي روشن ڪيو ويو آهي.
    حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.
    سنڌي نثر جي خالقن ۾ هن ڪتاب جي مصنف حيدر دريا جو نالو پڪ اٿم ته آئيندي هڪ روشن ۽ واضع واڌارو ٿيندو. تبديل جي اصول مطابق هر فڪر، هر سوچ تبديل ٿيندي رهي ٿي. هيءَ تحرير سنڌي نثر جي تبديل جو هڪ اهم اهڃاڻ ثابت ٿيندي.

    مُراد علي مرزا
    10- آڪٽوبر 2009ع


    قسط 1

    ڪيئن چوان، ته ڪڏهن کان- دلين اهڙو فيصلو ڪري محبت جا مضبوط پيچ پاتا؟
    پيار ته مهل موقعي جو پابند نه هوندو آهي.
    ان ڏينهن کان شايد،
    جڏهن محبت جي فلسفي تي- ڳالهائيندي، ڳالهائيندي ”محبت زندهه آباد“ جا لفظ اُچاريا هئاسين.
    ها!
    ان عيد واري ڏينهن کان ئي-پنهنجن دلين به اهڙي عيد ملهائي- جو زندگي جي هر لمحي لاءِ- اسان محبت ۾ هڪٻئي جا ٿي ويا هئاسين.
    توکي به ته ياد هوندو،
    جڏهن تو هڪ عجيب انداز ۾، مونکي چيو هو ”توکي محبت جي ايڏي هوس ڇو آهي؟ ڇا توکي پنهنجو موت ياد نه ايندو آهي؟ تڏهن مون تنهنجي اهڙي سوال تي- بغير ڪنهن سوچ- ويچار جي چيو هو ”مان موت کي ايتري اهميت ناهيان ڏيندو. موت کان نٿو ڊڄان- مونکي محبت سان جيئڻ جي خواهش آهي- موت صرف مذهب سيکاري سگهي ٿو- محبت نه- بس ايسيتائين مون سان محبت ڪندي رهجان- جيسيتائين تنهنجي محبت جي نالي سان- مان پنهنجو ناول لکي ان جو آخري Page مڪمل ڪري سگهان؟“
    پر تون بار بار موت جي ياد ڏياري، مونکي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئينءِ.
    تنهنجو اهو اڪثر ورد هوندو هو- موت بابت ته، انسان ٽي موت مري ٿو،
    هڪڙو- جڏهن جواني وٽانئس موڪلائي ٿي!
    ٻيو-جڏهن سندس اميدن تي پاڻي ڦري ٿو وڃي ۽ سندس هر خواهش- کيس لاءِ- ڏانئڻ بڻجي، سندس ذهني- وسعت جو رت پيئڻ لڳي ٿي.
    ۽ ٽيو- جنهن کي دنيا موت ته چوي ٿي- پر سندس فلسفو سمجهي نه سگهي آهي- صرف کانئس زندگي جي انت واري خوف کان ڊڄي ٿي- يعني خوف!“
    ۽ ان کي سامهون جواب ۾- مون هميشہ ايئن پي چيو ته ”مان جڏهن به ڪنهن ماڻهو مان سندس ساهه نڪرندي ويجهي کان ڏٺو آهي، ته مونکي پورو يقين نه آيو آهي ته ان شخص يا شيءَ پنهنجي طبعي موت ڪا وفات ڪئي آهي“
    منهجني اهڙي جواب کي- تو هر دفعو منهنجو ٻاراڻو خيال پي سڏيو.
    ها! البت مان اهڙي غم کان خوف واقعي کائيندو رهيس جنهن ۾ هڪ زنده انسان جي دل کي موت ايندي هجي پر منهنجي اهڙي ڪمزوري جي توکي ڪائي ڪل نه هئي ۽ نه ئي توکي اهڙو انت به ڪڏهن ڏنم.
    تو جڏهن به مونکي موت پي ياد ڏياريو- ته مون دل ۾ هميشه انسانن جون دليون آباد ۽ زنده رهڻ لاءِ دعائون گهريون.
    دل جي موت کان مان نفرت ۽ ڪراهت ڪندو رهيس- اهڙي خيال جي وقت منهنجي ڪيفيت- رئان يا کلان- کلان يا رئان واري فيصلي جي ڪشمڪش ۾ عجيب بڻجي پوندي هئي.
    اهڙي حالت دوران،
    دم جو گهٽجي وڃڻ،
    وڏو ساهه کڻي، ٿڌا شوڪارا ڀرڻ،
    ڪنهن کي توجهه سان نه ٻڌڻ
    ذهن جو منتشر ٿيڻ،
    ڪنهن جو ڪجهه چوڻ ۽ منهنجو ڪجهه نه سمجهڻ،
    خود کان پري هليو وڃڻ،
    ۽ هر ماڻهو جي صرف منهن ۾ غور سان ڏسڻ،
    خبر ناهي منهنجو سو عمل فطري هو يا غير فطري بڻجي پي پيو؟
    مونکي اهڙي ڪيفيت ۾ ڏسي، تون ٺٽي وارن قبرستانن مان اڪثر مڪلي تي گهڻو ڳالهائيندي هيئن، پوءِ خبر ناهي اسان ان ضلعي جا رهندڙ هئاسين ان ڪري يا توکي منهنجي اهڙي اڌ مئل ڪيفيت واري وضح مان وڌيڪ لطف ايندو هو.
    پنهنجي اهڙي حالت وقت توکي چوندو هئس ته ”تنهنجي محبت هڪ اهڙو مڪمل ناول آهي، جنهن ۾ منهنجي زهر آلود زندگي جون ڪوتائون ۽ ڪم عقليون مڪمل طرح سمايل آهن“.
    شايد منهنجو ايترو ئي حق هو محبت ۾- جو پنهنجون صرف ڪم عقليون ۽ نوڙتون پي بيان ڪري سگهيس.
    ان ڪري جو ڪنهن ملول ۽ ناڪام حسرت زده ماڻهو جيئان مان محبت جو بکيو هئس.
    راتين جون راتيون توسان گهاريندي به- محبت جي صرف ڳالهين مان به مان پورو ڍئو ڪڏهن به نه ڪيو جو به پل توکان ڌار گهاريم، ته ائين لڳندو هو- جهڙو من جون ڳالهيون من ۾ رهيون- جيڪي چوَڻَيون هئم سي ته چيم ئي ڪو نه- من وياڪل، وياڪل-!
    جيئن ملا خدا کان وڌيڪ مسجد سينگاري ان جو وڌيڪ احترام ڪندا آهن- تئين منهنجو ذهن هر وقت تنهنجي لفظي سينگار ۽ احترام ۾ رهيو سوچيندو هئس- دنيا ۾ اهڙو ڍئو شايد ڪنهن کي به ٿيڻو ناهي. جنهن جو مان آرزو مند هئس شايد منهنجي اهڙي لاچاري کي ئي- تون محبت جي هوَس چوندي هئين.
    ڪيڏي نه اياڻي چئييئن-
    چوندو هئس نه-! ته اي عشق کان غافلو- محبت ۾ موت خود، پنهنجي موت جي تلاش ۾ رهندو آهي! ۽ اي دل جي سمنڊ جا قذاقو- اوهان روح جي ٻيڙي ۾ ويٺل موت جي مسافري- محبت کانسواءِ ڏسي نٿا سگهو“.
    پر منهنجي ان چوڻي- تنهنجي دريا دلي تي ڪو طوفان ته ڇا؟ پر ڪو واچوئڙو به نه آندو- ويتر خود کي- ملڪ الموت بنائي- ابت ڪنڊڙيءَ جيئان مونکي چهٽي پوندي هئين ۽ مون کي اهو اوسيئڙو ٿي پوندو هو ته ڪڏهن ٿو اهڙو ناول مڪمل ڪري سگهان- جنهن کانپوءِ تون مونکي موت جا دڙڪا ڏيئڻ ڇڏي ڏئين.
    اهڙي خبر ڪجهه ڪجهه مونکي به هئي- حقيقت کان ڪنهن حد تائين واقف به هئس، ته محبت ڪرڻ ۽ لکڻ- دنيا ۾ ٻئي، سي ڪم پاڳلپڻو ۽ چريائپ وارو عمل سڏيو ويندو آهي!
    پر دنيا بي پرواهن کي صرف چريو ئي ته سڏي سگهي ٿي!
    ماڻهو کي خدا کان وڌيڪ خوف- پنهنجي محبوب جو رهندو آهي، مان به خائف واقعي ٿي پوندو هئس- جڏهن تون- مڪليءَ وارن جي موت تي ڳالهائيندي هئينءِ.
    پر موت کان نه پنهنجن اهڙين رچنائن کان- جيڪي اڃان دل جي ڳالهين جيئان- اڻپوريون ۽ اڌوريون رهيل هيون-، تن جي اهڙي خوف کان مايوس ٿي پوندو هئس- ته ڪٿي، سي اڌوريون ۽ اڻپوريون نه رهجي وڃن-، پوءِ اهڙي خوف ۾ خود کي مئل پيو- تصور ڪندو هئس ۽ تون موت سان گڏ وڌيڪ ياد اچڻ لڳندي هئين. پوءِ مُنجهي پوندو هئس ته ناول جي ابتدا ۽ اسٽوري جو اختتام ڪهڙو، ڪٿي ۽ ڪيئن آهي!؟
    گهڙين جو بيوقوف هيس-،
    جيڪي لکندو هيس، ڦاڙي ڦٽو ڪندو هئس!
    جڏهن پنهنجي شروعات، سمجهي نه سگهندو هيس- ته فراق جي جوش ۾ پنهنجا هٿ مهٽڻ لڳندو هيس.
    هٿ مهٽيندي، هٿن جي تمام باريڪ ريکائن ۾ لفظ موت سان گڏ لکيل، لفظ وهم۽ تنهنجو نانءُ به پڙهي ورتو هئم.
    شايد لڪير جو فقير بڻجي پيو هئس!،
    يا بقول شاهه لطيف جي ته: ”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ (شاه)
    لکڻ جي وقت جڏهن ڪو شاهه لطيف جو اهڙو بيت ذهن ۾ ايندو هئم- ته دل جي نسن ۾ رت نه- جهڙو لوڻ ڊوڙي رهيو هجي!
    لکي، لکي جڏهن ٿڪندو هئس- لوڪ لقاءُ به سمهي پوندو هو-، تڏهن پنهنجا هٿ مهٽي، انهن باريڪ لڪيرن کي مِٽائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس- جن مان مونکي موت جي شڪل لکيل نظر ايندي هئي.
    پر هٿن مان صرف پگهريل ميري مٽي حاصل ٿيندي هئي.
    ۽ لفظ موت کان وڌيڪ تنهنجو نانءُ واضع لکيل نظر ايندو هو.
    ان کي پڙهي، بس پوءِ لکندو ئي رهيس ۽ هٿ مهٽيندو رهيس- ۽ مون ۾ ماڻهپو وڌندو رهيو ۽ منهنجا ويچار مونکي همٿائيندا رهيا-،
    مون ۾ هڪ قوت پيدا ٿي پئي-،
    پوءِ هٿ جي لڪيرن ۾ لکيل، لفظ موت-هميشه ڪاڻ مٽائڻ لاءِ- هٿ جي کل جا اهي ٽڪرا پٽي- چرين جيئان چٻاڙي-، مون موت کي ڳڙڪائي ڇڏيو- ۽ مونکي ڪا به ڪراهت ڪان آئي هاڻ سو- منهنجي ذهن ۾ نه- پيٽ ۾ آهي!.
    مان کانئس ذرو به نٿو ڊڄان-،
    هاڻ جسم جو گوشت- ڪوئي مرض کائي پيو ته صرف اهو خوف پيو کائي- ته تون موت کي گهڻو ياد ڪندي آهين ۽ مان توکي-!
    بس توکي خدا جيئان- مونکان گهڻو وڌيڪ جيئڻ گهرجي.
    توکان وڌيڪ عمر جيئرو رهڻ- واري پڇتاءُ کان ڊڄندو آهيان!
    ڪير جيئي- ڪير اڳ مري!؟
    اهڙي ڳڻتي جو ڳارو- ڳاريندو پيو وڃيم.
    يقين ٿي پيو اٿم- ته موت کانپوءِ ۽ موت واري حالت ۾ به- ڏاڍو سڪون آهي.!
    پر پنهنجي اهڙي ڪنهن سڪون جو به- الائي ڇو دشمن ٿي ويٺو آهيان- شايد پنهنجي حقيقي موت کان وڌيڪ- تنهنجي فراق واري موت ۾ سڪون نظر اچي ويو اٿم.
    شايد ان ڪري به جو- تنهنجو مونکي بار، بار موت ياد ڏيارڻ، سان- مون تو منجهان- پنهنجي موت مرڻ واري ذائقي جي ڪيفيت حاصل ڪري ورتي.
    جڏهن کان اهڙي ڪيفيت حاصل ڪئي اٿم- تڏهن نه چاهيندي به گهڻو پيئڻ لڳو آهيان- ۽،
    ماڻهو مونکي چاهڻ لڳا آهن!
    مان شهرت جي شورش ۽ هنگامي کان خفي ٿي- ناول جي اسٽوري جو ٽائٽل بڻبو وڃان.
    پراڻن دوستن سان، وڌيڪ گهرو ٿيندو وڃان!-
    مون کي سندن زندگيون مٺيون ٿيڻ لڳيون آهن!-،
    ها! مٺيون ٿيڻ لڳيون آهن!-
    منهنجي انهن دوستن کي، تو جيئان موت جا دورا پيا پون-،
    انهن مان سمجهه واري قوت موڪلائيندي پئي وڃي-،
    مونکي بدحواس معلوم ٿيڻ لڳا آهن-!
    انهن مان ڪڏهن، ڪنهن مهل ائين به معلوم ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪير جيئي پيو؟ ڪير مري پيو؟
    ڪجهه ته توکي به خبر هئڻ گهرجي- ته سچائي شايد پنهنجي نالي اڃان ڪجهه جيئي پئي.
    پر منهنجا دوست- منهنجن اهڙين ڳالهين تي- چرس پياڪ موالين جيئان- ڇوهه پيا ڇنڊن-،
    مونکي چريو چوڻ لڳن ٿا،
    مونکي بي همٿ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش پيا ڪن،
    مان سندن اهڙي چريائي تي ششدر ٿيندو آهيان،
    اهي فنا پيا ٿين،
    مون تي غير فاني هئڻ جون، مسڪريون ڪري،
    مون تي چرچا پيا ڪن
    مونکي دوستي ۾ دڙڪا پيا ڏيئن،
    زندگيءَ جي تڪڙي موت جا اشارا، دليل، مثال ۽ وڏا حوالا پيا ڏيئن،
    انهن مان ڊپ پيو ٿئي
    ڪٿي اهي وقت کان اڳ- مونکي ماري- مونکي مئل تصور نه ڪن؟
    جڏهن ته مان اڃان پنهجي آدرش ۽ مقصد واري منزل جي مُنڍ، مُهڙ تي بيٺل آهيان،
    اڃان ته ڪئين ڪشالا ڪڍڻا آهن،
    ڪيئين ويلا وچ پوڻا آهن،
    ويندي واٽ ڪيترا ساٿ به ملڻا آهن،
    پر هُو- منهنجا دوست!
    جيڪي زندگي جي- بي مقصد ۽ مقصد جي وچ واري فلسفي جي مٿاڇري تي سوچي- زندگيءَ جي ڌرتيءَ کي سوڙي ۽ اڻپوري چوڻ جي حق ۾ آهن-،
    ۽ زندگي جي حسين وفائن کي- صرف بي وفا جواني جو رنگ ڏيئڻ لڳا آهن-،
    ۽ باقي زندگي- شايد سندن سمجهه کان ٻاهر آهي،
    مان پنهنجن دوستن- انهن کان- پاڻ بچائڻ جا- وڏا جتن ۽ احتياط پيو ڪيان،
    سو ان ڪري-،
    جو موت سندن مٿي ۾ آکيرا ڪري چڪو آهي!!

    


    قسط 2

    ڇا خدا مونکان وڌيڪ خوش ٿيو هوندو؟
    جڏهن تنهنجي حسن ۾ رنگ پي ڀريائين.
    نه---جي ائين هجي ها، ته تنهنجي زبان کان به موت ڪؤ ڪندوهجي ها!
    افسوس توکي ڪا خبر نه رهي!
    جڏهن خود به موت جي تلاش ۾ هئس ۽ موت بي جان پاڇي جيئان، منهنجي ڪنهن پڪڙ ۾ اچي نه پئي سگهيو- تڏهن تون منهنجي موت سان گڏ- منهنجي زندگيءَ سان تمام ويجهي ٿي هيئينءِ- ۽ مون توکي- جيئن ماڪوڙي مٺاڻ کي چهٽي- تيئن پنهنجا ٻئي ڀاڪر وڌا هئا-
    ان ڏينهن کان وڌيڪ- توکي ايترو وري شايد نه چُميم ياد ته ڪري ڏس؟
    تنهنجي خوشنصيب چهري ۾- دل جي نظر سان ڏسندي تنهنجو خوش رنگ نراڙ چمڻ پي چاهيم- ۽ پنهنجو نصيب سو چمڻ نه پي ڏنئي!
    جڏهن ته- تنهنجي نراڙ چمڻ جي وڏي ڪا حسرت هئم- تمام گهڻي منٿ ڪئي هئم-
    مونکي چريو چئي- مون تان کلڻ لڳي هئينءِ-
    بنهه غريباڻي التجا کان پوءِ- تو چيو هو ”ان جي بدلي ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ تي ٻه چميون ڏئي ڇڏ.“
    پوءِ مون وجهه ڏسي- پنهجني ٺڳ نيت سان- ٺڳي ڪري هڪڙي چمي کاڏيءَ تي ڏني هئي- ۽ ٻي چميءَ جي بدلي ڀاڪر پائي توکي سوگهو ڪري کاٻي ڪن جي سامهون هيٺ ڪنڌ ۾ هڪ هلڪو چڪ پاتو هئم- ۽ پوءِ وري به نرڙ چمڻ لاءِ تمام نماڻائيءَ سان التجا ڪئي هئم-
    ۽ توٻئي اکيون پوري- کلندي، کلندي پنهنجو سو نصيب چمڻ ڏنو هو------!
    ان چمي ڏيئڻ کانپوءِ تنهنجي منهن ۾ مون تمام گهڻو پي ڏٺو- دل جي چوڻ تي سوچڻ لڳو هئس ته، تنهنجو نراڙ چمي- شايد پنهنجو نصيب اجاري رهيو آهيان- تو ان وقت مون کي اهڙي ڪيفيت ۾ ڏسي- منهنجن دوستن واري ڳالهه جتائيندي چيو هو ڏاڍو ڪو چريو آهين!“.
    موڳو ٿيندي هڪدم پڇيو هئم ”ڇو؟“
    تو بيپرواهي سان چيو هو ”تون محبت جو ديوانو آهين!“
    ڏاڍو خوش ٿيو هئس- لفظ ديوانو- تنهنجي واتان ٻڌڻ سان

    ماڻهو جنهن جي لاءِ پاڻ رئاريندو هجي- اهي جيڪڏهن سندس روئڻ جو سبب- صرف هڪ دفعو به جي سمجهي وٺندا هجن- ته سندس لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشنصيبي چئبي- پر جي سندس سڄي عمر جي روڳ مان- سندس هڪڙي لڙڪ کي به ڪا سڃاڻپ نه هجي- ۽ ڪو ئي ڪجهه سمجهي نه سگهيو هجي- ته اهو به ديوانو- پر خبرناهي سو ڪهڙي صف جو ديوانو چئجي تنهنجي ته سوچ اهڙي صف جو سمجهي بيهاريو هو.
    تو جڏهن مونکي ديوانن ۾ شمار ڪيو-تڏهن- شايد هروڀرو جوئي ديوانو ٿي پيس- ۽ تنهائي ۾ طبيعت شاعري واري ڪيفيت اختيارڪندي رهي- حالانڪ اهڙي ڪنهن ڪرب، سوز يا پيڙا جي ڀوڳنا ۾ به ڪو نه هئس- پر هي شاعري به ڪا عجيب شيءَ آهي، نه طبيعتون، نه ڪيفيتون نه مهل نه موقعو- بي مهل به ننڍڙي ٻار جيئان چڱن وڏن ذهنن کي به کپت ۾ وجهيو رئاريو وجهي-اهڙي وقت شاعر ته هروڀرو جوئي ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ چاهيندو آهي، پر ٻڌڻ وارا اهڙي وقت مرضي جا مالڪ ٿي پوندا آهن- پوءِ اهو ايترو ڄاڻندي به- توتي مان پنهنجي مرضي مڙهيندي- شاعر جي حيثيت سان- توکي پنهنجو نظم ٻڌائڻ تي آماده ڪيو هئم-اهڙي شاعري کي مان شاعر جي فڪري کوٽ چوندو هئس!
    تو چاهيندي يا نه چاهيندي به چيو ”ٻڌائم ڀلا.“
    دل کي جهڙو برقي شاڪ لڳي ويو هو- دل رڦڻ لڳي هئي- ان رڦڻ سان- نثري نظم ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنو هئم- عنوان هو-
    ”من جو نراس گهر“
    نظم –
    چنڊ کي جڏهن کان،
    کلندي ڏٺو اٿم،
    ته الائي ڇو؟
    اهڙي بي ايماني ٿي پوندي اٿم،
    ته شايد،
    هن وصف،
    تنهنجا چورايا آهن؟
    پوءِ،
    اهڙي بي ايمان ڪيفيت ۾،
    جڏهن،
    ڪنهن ملاح جي ٻيڙي تي چڙهي،
    سنڌونديءَ جي ڇولين سان،
    تنهنجي هجر سان گڏ گهمندو آهيان،
    ته.......من جي نراس گهر ۾
    تنهنجي سندرتا، جا،
    جلوا پسندو آهيان،
    پوءِ،
    چنڊ کي ڏسي،
    ائين محسوس ڪندو آهيان،
    جهڙو،
    چنڊ مونکي،
    پاڻ ڏانهن سڏي رهيو هجي!!“
    مان نظم ٻڌائي دم کنيو نه کنيو جهڙو هئس ته تو هڪدم چيو هو ”شاعر رڳو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن!“
    تنهنجي گهرواري لان ۾، جنهن پٿر واري بئنچ تي ويٺا هئاسين- ان بينچ تي تنهنجي ساڄي هٿ کي زور سان دٻائيندي، مون چيو هو ”محبت جي معاملي ۾ تون ته مونکان به وڌيڪ بي ايمان آهين“ مون کلندي چيو هو.
    سو مون تڏهن چيو- جڏهن منهنجو نظم محبت جو اقراري هو.
    پر توان کي پنهنجي محبت جي ڪوڙي هَوَس ۾- محبت جي هاڪاري پهلو کي ڪوڙو قرار ڏئي ان حقيقت نگاريءَ کان انڪار ڪيو هو.
    تو دنيا جي شاعرن کي ته ڪوڙو نه پي چيو- جن جي ڪوڙ مان به سچ سمجهي وٺبوآهي.
    تو ته صرف مونکي چئي- مون مان پنهنجي محبت جي سچائي جو انت وٺڻ پي چاهيو- پر شاعر محبت جي معاملي ۾ ائين واضع رهندا آهن، جيئن ماڻهو حمام ۾ اگهاڙو هوندو آهي.
    تو منهنجي عيوض شاعرن کي ڪوڙو چئي، خود کي به ڪوڙو ثابت ڪيو هو- شايد پاڻ ٻئي ڪوڙا هئاسين. پر ڪنهن دل جي سچائي ضرور هئي. جيڪا ناول اسٽوريءَ جا باب بڻجي پئي، پرجي ڪمي به ڪائي هئي- ته شايد دنيا جي اهڙي ناڪام پريمي جهڙي- جيڪو پنهنجي محبوب جي انتظار ۾ محبت جي لهندڙ سج کي پنهنجي ڇاتيءَ ڏئي بيهاري نه سگهيو- يا ويندڙ رات جي اونداهيءَ کي پنهنجن اکين ۾ قائم رکي نه سگهندو هجي! مان به شايد اهڙي قسم جي ڪوشش ۾ داخل ٿيڻ لڳو هئس.ان ڪري ئي تومونکي محبت جو ديوانو مريض پي سمجهيو- ۽ مون توکي!
    ان وقت مونکي اهڙي حالت دوران- محبت جي اهڙي ته ڏاهي فيلسوف جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي هئي. جيڪو اسان ٻنهين جي محبت جو- انتهائي درجي وارو پيمانو ماپي صرف ايترو اسان کي ٻڌائي سگهي ها- ته ڪنهن کي محبت سرس آهي ۽ ڪنهن کي بي ايماني وڌيڪ!؟
    جڏهن اهڙي ڪنهن فلسفي بابت- پنهنجو خيال توکي ٻڌايو هئم- ته تو رٺل دل سان چيو هو ”پنهنجي محبت جو ذڪر- ماڻهن ۾ فاش ڪرڻ جو- توکي وڏو شوق آهي نه!“
    جڏهن تو پنهنجي اهڙي رنجيده خيال جو اظهار ڪيو- تڏهن مون پنهنجو منهن- چٻري جهڙو بڻائي وڌو هو- تو منهنجي منهن ۾ ڏسندي ڪاوڙ ڇڏي- من موهيندڙ مسڪراهٽ سان چيو هو- ”فتاح! تون پنهنجي اهڙي شڪل وري ٺاهه ته تنهنجو ڦوٽو ڪڍي و‎ٺان- مونکي تنهنجو اهڙو Pose ڏاڍو وڻندو آهي.“
    تو شايد ڪيمرا جو فليش به آن ڪري ڇڏيو هو- اهو ڪيمرا ڪراچيءَ مان نئون، نئون آندو هيئي ۽ ان جو پهريون فوٽو- صرف پاڻ ٻن ماڻهن جي گروپ ۾ ڪڍڻ پي چاهيئي جڏهن نه- تو چيو هو ”فتاح تون اهڙي شڪل وري ٺاهه ته تنهنجو فوٽو ڪڍي وٺان.“
    تڏهن مون چيو هو ”نئين، نئين ڪيمرا جو پهريون فوٽو- ڪنهن چٻري جو ته، نه ڪڍ.“
    ۽ تنهنجي اهڙي پسنديده مذاق واري ذوق کي مان چٿر سمجهي چڙي پيو هئس ۽ پنهنجي هڪڙي ٻانهن وارو ڀاڪر- تنهنجي ڪلهي تان واپس کڻندي مون چيو ”آسا! تون شايد منهنجون ڪومل ڪوتائون مونکي ناول جي زينت بنائڻ نه ڏينديئين. ان وقت منهنجي دل الائي ڇو تيز ڌڙڪي رهي هئي- سوچي رهيو هئس- ڪٿان آڻيان اهڙو ڌوٻي- جيڪو من جي گهاٽ تي ويهي دل جي درد جا داغ ڌوئي،
    اهڙن خيالن ذريعي- حقيقت جي گهرائيءَ ۾، خود کي ٻڏندي محسوس ڪرڻ لڳس- منهنجي رٺل ڪيفيت مونکي هوش ۽ مدهوش جي وچ ۾ مرندي محسوس ٿي.
    مونکي ائين پي لڳو ته مان هڪ منٽ اڳ مري چڪو آهيان-!
    پوءِ پنهنجي اڻپوري اڌوري ناول تي- منهنجو من ماتم ڪرڻ لڳو ۽ مونکي منهنجي دوستن جون چيل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون ۽ مان پنهنجي دل جي چپن سان اهي دهرائڻ لڳس- ته، منهنجا دوست درست آهن شايد،
    مون خود سان ٺڳي ڪئي آهي!؟
    مون زندگيءَ کي فريب ڏنو آهي!؟
    شايد مان واقعي مري چڪو آهيان!
    منهنجو مقصد رُلي- رهجي ويو؟
    منهنجون ڳنڀيرتائون-،
    منهنجون رٿائون،
    منهنجا ارادا
    هڙئي ڪي بهانا هئا؟ انهن جو مون سان هڪ فريبي سنٻنڌ هو“
    تو مونکي خاموشيءَ جي لوڙهه ۾ ڏسندي چيو هو ”هي تون ائين- ايترو منهنجي منهن ۾ ڏسي ڇا پيو سوچين- مون مان پنهنجو خدا ملندئي ڇا؟“
    ڪيئن نه چوان ها ته ”خدا جي مليو ته ڇا ٿيو- دل جي ٿلهي تي ته- خدا کان وڌيڪ محبوب جي بيٺڪ سونهي ٿي“
    جيئن ملان جي هٿن مان قرآن فرش تي ڪري پوندو هجي، ائين تو هڪدم ”لاحول والله“ پڙهڻ شروع ڪري ڏنو- ۽ مان هڪ دفعو وري به، پنهنجي مغز ۾ ٻڏي ويس-،
    پنهنجي وجود جا عضوا- ٽٽندي محسوس ڪرڻ لڳس، منهنجو من- مونکي ڪنهن سڙيل اليڪٽرڪ بلب جيئان پي لڳو، پنهنجن با اميد خيالن کي- بلنديءَ تان ڪرندي مليا ميٽ- ٿيندي تصور ڪرڻ لڳس.
    توکي ڪوئي پورو جواب نه ڏنو هئم-
    ۽ تو وري چيو هو ”ڪهڙيءَ غرقيءَ جي طوفان ۾ آهين؟“
    تڏهن ايتريءَ ۾ الائي ڪيئن ماڻهو ٿي پيس، ۽ پنهنجي بي گناهه وجوديت جي هستيءَ کي بخشائڻ لڳس.
    مونکي وهم ٿي پيو- مان جهڙو شرڪجي پيو هئس.
    مون سوچيو- محبت ۾ تنهنجي خدائي جي آڏو- مون ڪفر جا ڪلما پي پڙهيا- شايد مون تي شيطاني آيتون حاوي ٿي ويون يا شايد خود کي ڪا گهڙي- محبت کان غافل رکي شايد مون ڪفر ڪيو آهي-؟- پوءِ تنهنجي خدائي کان خوف کائيندي ان جي ڪفاري لاءِ- ڪافي سوچيندي، سوچيندي به، تنهنجي اڳيان تائب ٿي توکي دل جو سجدو ڪندي- پوءِ پنهنجي ساڳي ٻانهه کي- تنهنجي ڪياڙي جي وارن هيٺيان لنگهائيندي- تنهنجي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي ڪنهن گهنگهار عابد جيئان- مون توکان پڇيو هو ”ماڻهو آخري ساهه ڪيئن ٿو کڻي؟“
    پنهنجون اکيون شوخ ڪندي- غور سان مون ۾ ڏسندي تو چيو هو. ”تون هي..... مئلن جيئان مون ۾ ڇو پيو ڏسين؟“
    شايد اهو پهريون ڀيرو- تو مونکي صحيح سڃاتو هو- پر مونکي چڱي طرح سمجهي نه سگهي هئينءِ.
    محبت ۾ مرڻ جي واٽ- مون ڪيئن سکي؟ ان جي مڪمل ڄاڻ توکي بلڪل نه هئي.
    پنهنجي سوچ، ويچار جي بغير تو اهڙو سوال به تڏهن، ڪيو هو- مون چاهيو پي- توکي ٻڌائي ڇڏيان، ته مان توکي مئل ڇو پيو محسوس ٿيان- اهڙي ارادي هوندي به توکي اهو الائي ته ڪيئن چئي- پڇي ويٺس ته،
    ”مئل ماڻهو ڪهڙا هوندا آهن؟“
    منهنجي اصلاح ڪندي تو چيو هو ”پنهنجن جوين کي ڀاڪر وجهي- غفلت جي گهريءَ ننڊ ۾ ستل ماڻهو- تو ڪڏهن ڏٺا آهن.؟“
    جواب ته ڪنهن حقيقت تي مبني هو- وڻيو به ڏاڍو هئم- توکان به وڌيڪ!
    پر مُنجهاري ۾ هئس- پنهنجو اهو خيال سڌاري ٺاهي رهيو هئس- جنهن ۾ توکي ٻڌائڻ پي چاهيم- ته تو مونکي مئل نظر ڪيئن محسوس ڪيو- تنهنجن اکين ۾ موت جا دروازا اڏيل ته ناهن؟
    شايد ائين ئي هو- جنهن به تنهنجي اکين جي دروازن تي- پنهنجي هڪ نظر جو به قدم پي رکيو، ته ڄڻ ڪجهه گهڙيون اڳيئي مئل هو- !
    جيئن وات ۾ پاڻيءَ جو دريا نٿو بيهاري سگهجي- تئين تنهنجن اکين جي مستيءَ ۽ نفيس بدن جو سونهن مان پنهنجن خيالن ۾ مرندي به لڪائي نه سگهيس!.


    


    قسط 3

    تنهنجي نرم گوشت زندگيءَ سان ويجهو رهڻ ۾- تنهنجي شايد ڪا ٻيءَ مراد هئي- پر مان تنهنجن چپن چٽڻ ۽ گرم ڳٽن مان ذهني حرارت حاصل ڪرڻ جي نيت ۾ نه هئس تو ته، روڪيو به ڪنهن حرڪت- ارادي کان نه هو-،
    اهائي محبت ۾ تنهنجي قرباني ۽ خلوص هو.
    منهنجي به هر قرباني تنهنجي لاءِ صرف تنهنجي لاءِ هئي- جنهن جي فلسفي کي- پوري طرح تو سمجهيو به نه.
    تنهنجي جيئڻ مرڻ جون ڳنڀيرتائون- ۽ ڳڻتيون- سڀ مون پنهنجي مرضي سان توکان چورائي پنهنجن خيالن ۾ ٽُنبي ڇڏيون.
    ان ڪري جو تنهنجي زندگيءَ ۾- غيرارادي طور مونکي پنهنجي Balance Sheet جي به هَوَس هئي. جيڪا منهنجي شايد وڏي ۾ وڏي ڪمزوري هئي.
    تنهنجي ته پسند ئي اها هوندي هئي- ته توکي موت جهڙي چٻري Pose ۾ وڻندو هئس.
    ۽ تون مونکي زندگي جي روپ ۾ وڻندي هئينءِ.
    جڏهن تنهنجون ٻاراڻيون ۽ عجيب خصلتون منهنجي ذهن جي قبرستان ۾ دفن ٿي. منهنجي ذهن کي نواڻ- بخشينديون هيون- تڏهن اهڙي سوچ مون تي Control ڪنٽرول ڪري ويندي هئي- ته تنهنجي محبت جي مذهب ۾ رهي- حسن جو ثناگر بڻجي- جيڪا تصوراتي شاعري ڪئي اٿم- سا سڀ جي سڀ ساڙي يا ڦاڙي ڇڏيان!
    آخر سوچي، سوچي جنوني سوچ ۾ اچي هڪ دفعو ائين به ڪري ويٺس- جو هاسيڪار ڀاڙو خرچ ڪري- بس تي چڙهي سنڌونديءَ جي ٺٽي واري پل تي وڃي لٿس- ۽ پُل تي بيهي پنهنجي شاعري جو مواد سنڌو دريا ۾ لوڙهي ڇڏيم ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ سڪون محسوس ڪيم- جڏهن ان حقيقت جو ذڪر توسان اچي ڪيم ته ان صدمي کان ڪيترا ڏينهن تو مون سان ملڻ به ڇڏي ڏنو هو. توڙي جو شاعري لاءِ تون مٿاڇري تي سوچيندي هئين. تنهنجي نه ملڻ سان- مان ڪنهن نامعلوم پڇتاءُ ۾ رهندو هئس.
    پنهنجي شاعري جو مواد مون سنڌونديءَ ۾ ڇو لوڙهيو؟
    اهڙي سوال ته وقت سر منهنجي دماغ کي به ڪچو ڪري وڌو- پنهنجي اهڙي عمل کي مڪمل طرح سمجهي نه سگهيس- پر ايترو محسوس ضرور ڪيم- ته محبت آميز تنهنجي محبوبي منهنجي ذهن کي- خيالن جي ترقي ڏئي- هڪ اهڙي نواڻ شايد بخشي رهي هئي- جنهن ۾ مان پنهنجي من اندر ويٺل شاعر واري شاعري- هڪ کوکلائپ ۽ پاڳلپڻو تصور ڪري ويٺس-
    ۽ وري جڏهن توکي راضي ڪرڻ لاءِ- توکي ريجهائيندي مون چيو هو ”آسا!مون شاعري لوڙهي- غلطي واقعي ڪئي آهي- پر مون شاعري ڪرڻ ڇڏي ته ناهي ڏني“
    تڏهن توکي الائي ته ڇا ٿي پيو هو- مان توکي پوري طرح سمجهي نه سگهيو هئس. تو سنڌ جي اديب ۽ شاعر تي سخت لهجي ۾ تنقيد ڪندي چيو هو ”جڏهن حق ۽ باطل نيڪ ۽ بد، چڱائي ۽ بڇڙائي جي ڳالهه ٿيندي آهي- تڏهن اهڙي وقت اسان جو شاعر ۽ اديب پنهنجن ذاتي نفرتن، عداوتن، نجي معاملن، مسئلن، جنسي خواهشن ۽ اوڻائين ۾ ايترا ته ٻڏل هوندا آهن. جو هو پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪانءُ جيئان ڪجهه نه ڏسي سگهندا آهن!“
    ”اها تنهنجي غلط فهمي هوندي آسا- تو شايد خود کي بهتر مطالعي کان محروم رکيو آهي؟“ پنهنجي خلوص نيت سان توکي- تنهنجي اصلاح ڪندي چيو هئم.
    تو منهنجي اهڙي خيال کي ڪائي اهميت نه ڏيندي- وڌيڪ جوش ۾ اچي چيو هو ”ادبي تخليق ۾ اسان سواءِ انفرادي مفاد ۽ ذاتي ملوڪيت جي- باقي ديس، قوم، ٻولي ۽ انسانيت لاءِ ٽوڪ، ٺٺول کان وڌيڪ ٻيا ڪهڙا صاف، سهڻا خيال يا امن ۽ سک جا وڻ پوکيا آهن؟“
    تنهنجن اهڙين بخيل ڳالهين مان- مان به بخيل ٿيڻ لڳو هئس منهنجي صبر ۽ سهپ کان مٿي- تون ادب تي ڇوهه ڇنڊڻ لڳي هئينءِ- تنهنجي اهڙي غير شعور ۽ ڪم عقل راءِ کان بدظن ٿيڻ لڳو هئس.
    دنيا جي ڪهڙي به هستي سنڌي ادب تي اهڙي بيجا، بعيد از عقل تنقيد ڪندي- منهنجي اڳيان اهڙي ناداني ڳالهاءِ ها، ته مان پنهنجي قلم جي تيز ڌار نوڪ سان سندس ٻئي اکيون ڪڍي کيس چوان ها ته، هاڻ تون منهنجي پٺيان اچ- ڏس ته ادب انڌي جي ڪيئن، ڪهڙي ۽ ڪيستائين رهنمائي ٿو ڪري- پر توکي ته ڪجهه نه پي چئي سگهيس- ان ڪري جو تون خود منهنجو ادب هئينءِ. جنهن جي لافاني خوبين ۽ شاهڪار حسن سان گڏوگڏ سندس اهڙي انسانيت سان به محبت ڪري ويٺس- جن کي مون پوري طرح سمجهيو به نه هو- بس تنهنجي صرف طبيعت کان ظاهري طرح- ايترو واقف هئس- ته جذبات ۾ اچي- ڪڏهن، ڪڏهن تون ڇتپڻ جهڙا بيمار، جڏا فيصلا ۽ اٻهرايون به ڪندي هئينءِ.
    هڪ لڱا تنهنجي ذهن تي مجنوني محبت وارو جنڙو خيال به سوار ٿيو هو- تو پنهنجي وڏي اُتساهه مان- منهنجي بي خيالي ۾- منهنجي ڪلهي ۾ چڪ پاتو هو- ۽ مون کان وڏي- دانهن نڪري وئي هئي-
    منهنجي ان اهڙي دانهين حالت تي- ساڳي ان جڳهه تي ئي وري هڪ زورائتي مُڪ وهائي ڪڍي هُيئي- ۽ مذاح واري انداز ۾ دڙڪو ڏيندي چيو هيئي ”خاموش“ بيمان- علامه آءِ آءِ قاضي جي سوانح عمري پڙهي هوندئي- ان جهڙي حالت بنائي ڇڏيندي سانءِ“
    تنهنجي ان مذاحيه دڙڪي- سچ پچ ته- منهنجي ذهني ڪيفيت وڌيڪ پُرڪشش بڻائي وڌي هئي- ذهن جي مقام ۾ دفن ٿيل خيالن جا لاشا جاڳي پيا هئا- هر هڪ خيال ڪڏهن منڪر ته ڪڏهن نڪير پي محسوس ٿيو.
    مرده خيالن جون ڀيانڪ صورتون- دل کي آزاري- ذهن کي پٽڻ کائڻ لڳيون هيون- ۽ سوچن کي جهڙو Typhus بخار چڙهي پيو هو.
    تو نه رڳو اهو دڙڪو ڏنو هو- پر تنهنجي محبت اهڙو ئي ته ذري گهٽ بڻائي رکيو هئم- پر منهنجي اهڙي حالت جو بازاري حسينن جيئان تو وٽ نه احساس هو نه قدر- بي قدريءَ جي جهان ۾- زندگي کي جيئارڻ- ڪيڏي نه بي قدري آهي!
    هر سهڻي ۽ بهتر شيءَ جو قدر ڪرڻ هر بي قدري ماڻهو تي قرض هوندو آهي- هر بي قدر ان جو مقروض هوندو آهي- مان ته صرف پنهنجي جسم تائين تنهنجو قرضي هئس- خيال آيم توکان پڇي وٺان ته- ماڻهو هڪ جان رهي به هڪٻئي کان اڻڄاڻ ڇو ۽ ڪيئن رهندا آهن؟
    پر هڪدم اهڙي گهٻراهٽ جي تجسس ۾ اُلجهي پيس ته، ڪٿي ٻه جسم وارو پهلو- جنهن کي تون اوليت ڏيندي هئين- سو پهلو بحث هيٺ نه اچي- ۽ مان پنهنجي هار کائي سڀ ڪجهه نه وڃائي ويهان- ڇو ته مان ٻه جسم واري مسئلي ۾ تمام منجهيل ۽ ناقابل هئس ۽ مون نه پي چاهيو ته محبت جي ڪنهن تاريخي مقدس ڪتاب ۾- منهنجي ۽ تنهنجي هڪ جسم کي- ٻن جسمن جو درجو ڏئي لکيو وڃي- يا ان کي وقتي لذتن ۽ جنسي خواهشن سان نه ڳنڍيو وڃي.
    پنهنجو اهڙو خيال ذهن ۾ لڪائڻ چاهيم، ته وري اهڙي اذيت کان گهٻرائجي ويس، ته ڪٿي ذهن ۾ رهجي ويل اهڙو خيال من جي صحرا ۾ ڪانڊيري جو وڻ نه بڻجي پوي جنهن جا زهريلا ڪنڊا دل جي ڳڀي ۾ چُڀن پيدا ڪري- دردن ۾ هڪ ٻيو وڌيڪ نئون واڌارو نه پيدا ڪن. جڏهن ته من جي پياسي رڻ ۾ اکين جي برسات ذريعي ٽوهه جي ولين ۽ ٿوهر جهڙا خيال اڳئي آباد هئا.
    اهڙي دورانديشيءَ ۾- دل تان اهڙي بيمار فڪر جو بار هلڪو ڪرڻ جي خيال سان- توکان پڇيو هئم ”ماڻهو هڪ جان- ٻه جسم- اهي ڪهڙا ماڻهو هوندا آهن؟“
    تون ان وقت پنهنجي ڪنهن نرالي ڪيفيت سبب پنهنجي ناخدائي جي خوشفهمي ۾ مبتلا هئين.
    تو مذاج بدلائيندي- الائي ڪهڙي اڻڄاڻ خوشيءَ جي اميد ۾ خود کي منهنجي مٿان ڀُنڀوري جيئان اڏائيندي- مونکي بيپرواهي سان ڀاڪر وجهي- پنهنجي اُرهه کي منهنجي ڪلهي تي زور سان دٻائيندي چيو هو ”هن عمر ۾ تو ۽ مون جهڙا ٻيا ڪهڙا ماڻهو چئي سگهجن ٿا- جن پنهنجي هڪ جان هوندي به- پنهنجا جسم ورهائي رکيا هجن؟“
    تنهنجي انداز بياني مان ائين پئي لڳو- ته تنهنجي نيت خراب ٿيڻ لڳي هئي ۽ ان جي ضد ۾- منهنجي ايمان ۾ مضبوطي ۽ نيت فيض ياب ٿيڻ لڳي هئي.
    تنهنجي اُرهه وارو گوشت منهنجي ڪلهي کي ڏنڀي رهيو هو مونکي اهڙي جرئت نه پئي ٿي- جو تنهنجي دٻايل گوشت جي ان ڳڀي کي- پنهنجي هٿ سان- اتان هٽائي خود کان الڳ ڪري سگهان-
    شايد ان وقت تون- جسم کي- جسم ۾ وجهي ڇڏڻ جي نادان تصور ۾ پاڻ ڦاٿل هيئن.
    اهڙي تصور ۾ ئي- تو جڏهن مون کي زور ڀري چمي ڏني ته مان گهٻرائڻ لڳس- ۽ پنهنجي نيت ۾ عشق مجاز جي آرس چڙهندي محسوس ڪيم- ۽ تنهنجي چپن ۽ اکين مان تنهنجي جوان رت جو جوش نظر اچڻ لڳم- ائين پئي معلوم ٿيو- ڄڻ تو منهنجو خون پي- پيئڻ چاهيو.
    پنهنجي ڳل کي منهنجي ڳل تي رکي- پنهنجي لڪل نيت کي اگهاڙو ڪندي- تو وري چيو هو ”خبر ناهي ته هڪ جسم ٿيڻ واروعقل ۽ خيال- توکي ڪڏهن اچي فتاح-؟ تيسيتائين پنهنجي ڪچڙي جسم کي تنهنجي پٿر جسم سان گسائيندي، گسائيندي- يا ڀُري ڀور ٿي وينديس يا ان ڪاڙهي ۾ ڪڙهي جوان وهيءَ کي پاڻي جيئان وهائي ويهان.“
    ”ڱاٺون ته آهن منهنجي جسم تي آسا- روز الاءِ ڪيترا ڏنڀ سهندو آهيان.“
    مڙئي منهن جي ڏاڍائي ڪندي چيو هئم- اصل ۾ خوشي ٿيندي هئم- جو تون سختي کي هڪدم نرمائي ۾ بدلائي ڇڏيندي هيئن- اهڙي خوشيءَ ۾ چئي وڌو هئم ته ”ڀل تنهنجي شاهڪار بدن جا چٽ- منهنجي پٿر جسم تي چٽبا رهن- چٽ پٿر جو سونهن هوندا آهن آسا! ڀلي ته انمول جسم جا چٽ- منهنجي اڻ گهڙيئي جسم تي چڙهندا رهن- تيسيتائين جيسيتائين مان هڪ بي جان مورتيءَ بڻجي پوان- هڪ اهڙي مورتي- جنهن کي جيڪو به مصور غور سان ڏسي ته- آسا کين تنهنجو ئي جسم معلوم ٿئي-،
    ائين مان فاني ۽ غيرفاني واري ڌٻڻ مان پاڻ ڇڏائي تنهنجي محبت کي- تنهنجي شڪل ۽ صورت ۾ غيرفاني بڻائي ڇڏيان، ڪهڙي نه عجيب ڪشش ۽ ڪشمڪش آهي- فاني ۽ غيرفاني واري فلسفي ۾!- ائين جيئن انسان ماءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ هڪ اِڪائي وارو فسلفو جيڪو (+) ۽ (-)، (-)(+) واري برابري جواب لاءِ اڻپورو رهيو آهي منهنجو فاني ۽ غير فاني وارو خيال ٻڌي- اڻٻڌو ڪري ڇڏيو هيئي ۽ اهڙي خيال بابت اڪثر ائين ئي ڪندي هيئن- شايد توکي پنهنجي غير فاني هئڻ جو اڃان پورو يقين نه هو جنهن ڪري هڪ جسم ٿيڻ وارو تصور تنهنجي وجود ۾ هڏ بنجي چڪو هو- ۽ تنهنجو بدن تندور جيئان تپي اُلا اڇلي رهيو هو،
    توکي پنهنجي آتشزده جواني جي جبر تنگ ڪري رکيو هو- ۽ مونکي پنهنجي ذهني ڪنگال پڻي واري خاموش صبر ماري مُڃ ڪري وڌو هو.
    ان رات به پٿر مان ميڻ بڻائي- منهنجي انسانيت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئ هيئي- پر تنهنجي جسم سان ايتري محبت نه هئم- جيتري تنهنجي عزت، انا ۽ آبرو سان هئم-
    شايد پنهنجو پاڻ سان ناانصافي ڪرڻ لڳو هئس- جنهن ۾ روئڻ وقت،
    سڀ جو سڀ روئي ويٺس- ۽
    بچائڻ لاءِ- بچائي ڪجهه نه سگهيس،
    نه اندر جي پيڙاءُ
    نه لڙڪن جو ارمان،
    نه من جي شڪايت،
    نه دل جو ماتم،
    نه عقل ۽ وقت جي علامت،- ۽
    نه روح جو قضيو!
    بس اهڙي مُراد ۾ جيئڻ پي چاهيم- ته،
    پنهنجي روح جي جنازي کي- تنهنجي اکين ۾ دفنائي ڇڏيان.


    


    قسط 4

    جنهن رات مفت ملي هئم- گهڻي پي ويو هئس- ۽ خود کي گهڻو سچ ڳالهاءِ ويو هئس- ان رات توکي چيو هئم ”آسا مونکي پريت امرت پيئڻ واري خواهش کائي کپائڻ لڳي آهي- مان لاثاني ٿيڻ چاهيان ٿو- مونکي شاندار موت جي خواهش- ڪڏهن به نه ستايو آهي.
    مان اهڙي نادان جذبي ۽ جاهل ارادي کان نفرت ڪندو آهيان- ته مئي پڄاڻا ماڻهو منهنجي موت تي واهه، واهه ڪن يا منهنجي موت کي سرمائي رنگ جي شام ملهائي منهنجي روح کي اهڙي رمز رنجائيندا رهن.“
    وڌيڪ توکي اهو به ٻڌائڻ کپندو هو- پر ضروري نه سمجهي توکي اهو نه ٻڌائي سگهيس ته- دنيا جي عظيم انسانن ڪڏهن به پنهنجي شاندار موت لاءِ دعائون گهري- اهڙي اميد ۾ پنهنجو ذهن ذرو به ضايع نه ڪيو.
    پنهنجي تجهيز ۽ تڪفين لاءِ- انهن ڪڏهن به ڪاٺ يا پتل جون صندوقون ۽ ريشمي ڪفن جي خواهش نه سانڍي- ۽ نه انهن ڪڏهن اهڙي خواهش ڏيکاري ۽ نه ڪوشش ڪئي ته،- زهر پياري شهيد ڪيو وڃي؟ صليب چاڙهيو وڃي.
    گهاڻي اندر پيڙهيو وڃي؟ پاڻي بنا پياسو ڪُٺو وڃي؟
    يا ڪنهن عزت ۽ نامور موت مرڻ جا وسيلا ۽ وجهه ڏسيا وڃن- عظيم انسان کي ته- پنهنجي آدرش خاطر- موت جيئن ۽ جهڙي به وقت ۽ حالت ۾ سڏيو- ته انهن بنا روئڻ، پٽڻ ۽ ڳڻتي، ويچار جي- پنهنجو سر اڇلي اڌ ڪيو- پنهنجي پسند يا باخوشي موت مرڻ ته خودڪشي آهي- جيئن غمناڪ ۽ مايوس حالت ۾ مرڻ بزدلي آهي ۽ ذلت به ائين جاهل ماڻهو هميشه ذلت جي موت مرندا آهن.
    شايد بهتر ائين ٿيندو ته- ڪنهن کي خبر نه رهي ۽ مري وڃجي- شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيئان- دل چوي ٿي اجرڪ مٿان پاءِ سُمهجي ۽ پوءِ رڳو دفن ٿجي.
    خودڪشي ڪري موت کي رسوا ڪرڻ،
    انسانيت کي موت جي شهرت ۾ مٽائڻ،
    شاهڪار موت جي شوق ۾، زندگي کي گاسليٽ جيئان ٻارڻ منهنجي سوچ ۾ وڏي بي قدري- ۽ ڪم ظرفي آهي.
    موت جي وادي ۾- زندگي- زنده دلي مرڻ وارو موت آهي.
    نه پيو چاهيان ته- ڪوئي بي مثال موت مران ۽ منهنجا دوست منهنجي لازوال موت جي خوشيءَ ۾- زندگيءَ جا قدر وساري ويهن.
    مان ته صرف تنهنجي هڪ امن پسند چمي ۾ مرڻ پيو چاهيان- پر اهڙيءَ چميءَ کان تون به صاف، صاف انڪار ڪري ڇڏيندي هيئن- جنهن ۾ مان پنهنجا آخري پساهه ڏسڻ پي چاهيا.
    ماڻهو جڏهن ڪتي جيئان ڊگهي موت مرڻ لڳندو آهي تڏهن عقيدي موجب- ڪنهن جانور کي هٿرادو موت ڏئي- سندس موت جي آساني لاءِ خير ڪڍيو ويندو آهي.
    ڪيڏو ظالم ماڻهو هوندو آهي اهو- جيڪو مرڻ وقت- ٻين کي به موت ڏئي ويندو آهي.
    پر مون ته توکي هٿ ٻڌي اهو ئي عرض ڪيو هو ته، ”آسا! مان ڪنهن ڊگهي موت مران، ته منهنجي تڪڙي موت لاءِ مون تي صرف چُمين جو خير ڪڍجان“ مون وٽ به محبت جي اداري ۾ محبت جو خيراتي فند ڪافي ڪجهه هو- جنهن مان چُمين واري مايا ته مون توکي ادا ڪري ڇڏي- سچائي به تنهنجي نظر پيش ڪيم- باقي به تنهنجي محبت جي نانءُ سان مون سڀ ڪجهه انسانيت کي ادا ڪري ڇڏيو ۽ باقي زنده گوشت جسم سان ماڻهو هئس- جيڪو به تنهنجي نانءُ ٿيل هئس.
    ڏک صرف اهو هڪڙو پيو کائي- ته جيئن ۽ جهڙي طرح تو هڪ جسم ٿيڻ پي چاهيو- تئين منهنجي مفلسي- پنهنجي نادار حالت سبب هڪدم ائين ڪري ڇڏڻ جي- اجازت ئي نه پئي ڏيئي سگهي- جو ڪنهن طرح سان توسان Honey moon جهڙي خوشي ملهائي سگهان ها.
    دل تي يادن جو دريا ته سڪي ئي نٿو- سُڪڻ ته ڇا- پر دل جون ڪنڌيون، ڪنارا به ٻوڙي ڇڏيا اٿس- صرف من جي جهوپڙي آهي سڪي تي- تنهن کي به يادن جي اُٿل اڄ- سڀاڻ ٻوڙي ڇڏي ته شڪ ناهي-
    ڪهڙيون يادون وساريان ۽ ڪهڙيون ياد رکان- شايد ڪو ويسر جو مريض به ان معاملي ۾ منهنجي مدد نه ڪري سگهي!
    جنهن ڏينهن تون پنهنجي جيپ کڻي- مون وٽ گهر آئي هئين ۽ اچڻ شرط تو چيو هو ”فتاح! اڄ دل چوي ٿي بٺوري هلون ۽ هلي ساحر پريميءَ جي قبرستان تان ٿي اچون.“
    اهو شايد شام ڇهه لڳي جو وقت هو- تڏهن مون توکي چيو هو- ”آسا! منهنجي موت جي آجيان تون ڪجانءِ.“
    ”تون ڪهڙي موت مري سُرخرو ٿيڻ ٿو چاهين؟“
    پنهنجو منهن ڦٽائي چيو هيئي- خبر ناهي موت کان نفرت ڪندي چيو هيئ يا منهنجي چيل ان سواليه جملي کان ڪاوڙ کائيندي؟
    جيپ تي چڙهڻ وقت مان پنهنجي دلي خواهش ڏيکاريندي توکي چيو هو”مان تنهنجي ڀاڪر ۾- تنهنجي صرف هڪڙي هلڪي چميءُ سان پنهنجي حقيقي موت مرڻ ٿو چاهيان. ۽ پوءِ ڊرائيونگ ڪندي- ڏاڍو ڏکيو سوال پڇيو هيئي ته- ”ماياڪوفسڪي، همنگوي، علامه آءِ آءِ قاضي، ماڻڪ ۽ پريميءَ انهن جو موت توکي ڪيئن ٿو لڳي!؟“
    تو مون کان اهڙو سوال پڇي- مونکي هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو- تنهنجي ان انديشناڪ سوال کي جواب کان ئي خالي پنهنجي جڳهه تي رهڻ پي ڏنم- پر تو پنهنجي سوال جي جواب لاءِ وڌيڪ زور ڀريو هو- توکي بس راضي ڪرڻ خاطر ۽ پنهنجي مڙئي جان ڇڏائڻ لاءِ چيو هئم ته ”ڪوئي اگر ڪنهن خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ٿو پوي- ته اهڙي موت جي ڪهڙي مقصد سان آجيان ڪئي ويندي- بي مقصد موت کي- قوم يا انسانيت جي تاريخ ۾ ڪهڙو درجو داخل هوندو؟“
    ”پوءِ ڪهڙو مقصد آهي تنهنجو؟“ تو موت بابت چيو هو- اهو مونکان ٻيو گهمرو- تو مونکان منهنجي راءِ وري وٺندي پڇيو هو-
    تنهنجن شربتي نينڻ کي دل جي اکين سان ڏسي مون چيو هو ”منصوري خيال کي لڳل امرتا جي مهر تي لٽ چڙهي وئي آهي- ان کي اجارڻ گهرجي.“
    تو ڊرائيونگ سبب منهنجي جواب ڏانهن- ڪوئي ڌيان نه ڏنو هو- يا شايد پنهنجي معمول مطابق تو ڄاڻي، ٻڌي به- خود ڪن لاٽار ڪئي هئي- اهڙي عادت جيئري ماڻهو کي چيڙائي ته وجهي ٿي- پر مونکي ياد ناهي- ته مان تنهنجي اهڙي معصوم ۽ عادتي رويي تي- ڪڏهن پنهنجو منهن به ڪو ڦٽايو- ان ڪري جو- مان پنهنجي دل ڌرتي سمجهندو هئس ۽ تنهنجي محبت هندي وڏو سمنڊ.
    شايد منهنجي دل جي هر زخم ۽ چڪيل ڦٽ کي- تنهنجي محبت وارو سمندر پنهنجي ڦيڻ سان ڌوئي سڪائي ڇڏيندو هو. تنهنجي نظر ۾ ته – منهنجي محبت ڪڏهن، ڪڏهن ٺري جي ٿيلهي جيتري سَسَتي حيثيت به شايد نه رکندي هئي تڏهن ته تون منهنجي محبت کي- ٺري جي ٿيلهي به چوندي هيئن- شايد ان ڪري جو- دنيا وارن جي آڏو- تنهنجو معاشي قد- منهنجي قد کان مٿانهين درجي جو هو.
    تو ان ڪري ئي شايد- پنهنجي چلولي انداز ۾ ڪيترا ڀيرا چيو هو ته ”فتاح! تنهنجي دل مون پنهنجي دل سان- ايلفي هڻي ڳنڍي ڇڏي آهي.“
    شايد منهنجي دل کي تو خيرات خور سمجهيو هو- جيڪا صرف محبت جو زهر پيئڻ جي هيراڪڻ هئي- ان وقت پنهنجو پاڻ ۾ ڏسي- تنهنجي شخصيت تي سوچي- پنهنجي شخصي حيثيت ائين تصور ڪندو هئس- ته مونکي تو شايد ان ڪاغذ ٽڪري جهڙو سمجهيو هو- جنهن تي ماڻهو پنهنجي روزمرهه واري خرچ جو حساب ڪتاب ڪري ڦاڙي- اڇلي ڇڏيندا آهن- پر وري جڏهن- تون پنهنجون سخي ٻانهون ورائي وڏا، وڏا ڀاڪر پائي مونکي Kiss ڪندي هيئن. تڏهن خود کي پنهنجي اداس روح جي تڙپ سان مطمئن ڪري، خود کي خوشنصيب انسان تصور ڪرڻ لڳندو هئس- ۽ مونکي يقين ٿي پوندو هو ته مان پنهنجي پريم جي پريت ۾- غيرفاني امرت ضرور ماڻيندس.
    اهڙي اميد بحال ٿيڻ جو وڌيڪ يقين تڏهن ٿيڻ لڳندو هئم جڏهن تنهنجي آغوش ۾ منهنجي ايمان کي تازگي- ملي ويندي هئي.
    ان ڪري، به نه- جو مان عورتاڻي جسم ذريعي پنهنجي ايمان جي نيت ۾ مضبوطي پيدا ڪري- خود کي شيطان يا اوليائن جي درجي ۾ داخل ڪريان- پر مان انسانيت جو پوڄاري هئس ۽ تو خود به، ته پنهنجي دل جي ساک سان ڪيترائي ڀيرا اهڙي خطاب سان نوازيو هو.
    انسان جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ته منهنجو مذهب رهيو پر پوءِ به تون ڪنهن ڪنواريءَ کي مون سان ملندي ڏسندي هئين ته توکي Jealousy جي بي پاڙي بيماري جو مرض جاڳي- پوندو هو ۽ تون هڪدم بدلجي پوندي هيئن.
    اهڙي حالت وقت تنهنجي منهن مان رت ڦوهار ڪري نڪرڻ جو- مونکي خدشو ٿي پوندو هو.
    تو پنهنجي اهڙي ذهني مرض جي شدت دوران- مس- صاحبان جنهن کي اسان گڏيل طور مڪلي ۽ ڪينجهر واري Picnic لاءِ گهرايو هو- ۽ مون وٽ مهمان جي حيثيت ۾ ترسيل هئي- ڪيترا ڀيرا اڳ به- تو مون سان کيس چڱي طرح ملندي ڏٺو هئس. پر ان ڏينهن توکي الائي ڪهڙي وهم وڪوڙي وڌو هو- شايد تنهنجي ان حاسد پڻي مرض ۾ واڌارو اچي ويو هو- تو آپي مان ويندي- ان کي بدچلن ۽ بدصورت جا لفظ ڳالهاءِ- ڪچيون گاريون ڏئي منهنجي اڳيان- منهنجو به خيال نه ڪندي- ويچاري کي ثڦڙ وهائي ڪڍيو هو- ۽ هن توکي هٿ به آڌو نه ڏنو هو. ان وقت تنهنجي ان ديوانگي ۽ چريائپ کي ڏسي مونکي ائين پي لڳو- ته تون خود کي- جهڙو ڪنهن فوجي جنرل جي وڏور ڌيءُ تصور ڪرڻ لڳي هئين.
    انهيءَ ڏينهن تو منهنجي بي نيازي- منهنجي عزت، ۽ منهنجي غيرت واري عملي سگهه مونکان کسي- مونکي محڪومي ۽ پنهنجي غلاميءَ جو تصور ڏياري- مونکي صبر آزما واري ڀوڳنا ۾ وجهي ڇڏيو هو. مون ائين تصور پي ڪيو- ته تون منهنجي عزت ۽ غيرت جا عضوا ڀڃي رهي هئين ۽ مون ڪنهن قسم جو احتجاج به نه پي ڪيو.
    ڪنهن جي غيرت کي ڪاڙهي- ان مان سندس جوش ڪڍي ڇڏڻ ته انسان دوست رويو نٿو چئي سگهجي- ۽ نه ئي اهڙو عمل ڪنهن دانا دشمن جي خلاف به لائق چئجي.
    تنهنجون اهڙيون ڪريل ۽ ناقابل حرڪتون ڏسي- مونکي ائين معلوم ٿيندو هو- ته توکي تنهنجي ان هڪ جسم ٿيڻ واري خواهش توکي چرپڻ تي اچي بيهاريو هو- ۽ ڪا خواهش ماڻهو کي چريائپ ۾ داخل ڪندي هجي- ته ان کي خواهش نه پر جنون چئبو آهي.
    پر مونکي تنهنجي محبت ۾ غير فاني هئڻ جو يقين ٿي چڪو هو تنهن ڪري مون پاڻ کي لذت پرستي ۽ جنسي لطف وٺڻ وارين عارضي ڪيفيتن کان الڳ، پري رکيو هو. مون خود کي اهڙي ڪڌي روڳ ۾ وڃڻ نه پي ڏنو.
    مون نه پي چاهيو- ته اهڙيون حيواني حرڪتون ڪري- خود کي زندگي ۽ ڪائنات جي حقيقي سونهن کان غير واقف ۽ محروم رکي اهڙي گستاخ بيپرواهي کي زندگي سان ترغيب ڏيان- ۽ توکي جڏهن به اهڙي ڪيفيت ۾ ڏسندو هئس- ته تو مان تنهنجي بيپراوهي ۽ بي فڪري جون گستاخيون معلوم ٿينديون هئم.
    تون پنهنجو پاڻ کي- ناسمجهه ماڻهو جيئان- ڪنهن نه ڪنهن جنهجهٽ ۾ وجهي- پوءِ ڪنهن نه ڪنهن اختلاف جو بنياد رکي- اجايا جهيڙا نبيرا ڪندي هئين.
    پر مون تنهنجي آمريت جي آڏو- پنهنجا عقلي هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجي شڪست نه قبولي هئي-
    پر جي اهڙي شڪست قبولي به وجهان ها- ته شايد محبت ۾ اسان ٻنهين جو ڪوئي نقصان ضرور هو- وڌيڪ نه تڏهن به آقا ۽ غلام جي درميان واري نفرت ضرور جنم وٺي ها.
    مان تنهنجي اڳيان تنهنجي محبت ۾ بيوس ضرور هئس- پر خود کي بي ضمير بنائي- پنهنجي همٿ نه هاري هئم.
    مان زندگي جي اعليٰ امنگن جو پرچاري هئس.-
    مون وقت جي هر آمر جي اهڙي خواهش- ٿوڪاري ۾ وجهڻ پي چاهي- جيئن هر Dictator حڪمران چاهيندو آهي ته، قومون ۽ انسان- زندگي جي اعليٰ نظرين سان پنهنجو ڪو به تعلق يا لاڳاپو نه ڏيکارين طوائف جو پگهر چٽيندڙ هر بيوقوف جنرل- ۽ انساني گوشت Export ڪندڙ بي رحم سرمائدار جي شيطان نيتن کي- مون غريبن ۽ نادارن جي جوتن هيٺيان لتاڙائڻ پي چاهيو- پر سياسي ستارن جو چنڊ بڻجي پاڻ چمڪائڻ وارن شطرنجي چالن، خيالن کان مان آزاد هئس- جنهن کي تون منهنجي سياسي نابالغي چوندي هئين-
    تو ساڻ گڏ ته ادب منهنجو دين ۽ ايمان هو-
    جڏهن ادب جي اصلي قوت واري اهميت توکي معلوم- يا رڳو محسوس ٿيندي هئي- ته منهنجي زندگي جي سرگرم پهلوءَ کي- تون پنهنجي زندگي جو اختصار بيان ڪندي هيئن جيئن چوندي هيئن-“ مان نه هجان ها، ته تون شاعر نه هجين ها؟“
    الائي ڪهڙو يقين ٿي پوندو هُيئي- جو اهڙو اقرار ڪري چوندي هئين ته ”فتاح! تو پنهنجي نصيب جون خوشيون سڀ منهنجي نانءُ ڇوڪري، ڇڏيون آهن؟“
    تڏهن مون توکي ائين پي چيو هو ته ”آسا! اهو تنهنجو حق هو- سو مون تنهنجي ئي حوالي ڪيو.“
    تنهنجو سو پڇڻ ۽ چوڻ بلڪل درست هو- منهنجي سڀ خوشي تنهنجي قدمن هيٺ قربان ٿيل هئي- ڇو ته مون توکي صرف عقل، فهم ۽ ذهني سمجهه جي ڏيکاءُ سان نه ڏٺو هو.
    تنهنجي هر رنجش- منهنجي شعور کي- منهنجي ذهن ۽ جسم کان- الڳ ڪري ڇڏيندي هئي.
    مان صرف ٻڌي ۽ ڏسي سگهندو هئس-.
    منهنجي دل بيهي ويندي هئي- ۽ جگر ۾ وڏا وڍ پوندا هئا- پر مان ڪنهن درد ۽ سور جي بجاءِ ڪنهن پُر سڪون ڪيفيت واري سوزش ۾- ٻڏتر جا غوطا کائڻ لڳندو هئس- منهنجوذهن ٻي ڪائي ڳالهه قبول نه ڪندو هو سواءِ تنهنجي هڪ من لڀائيندڙ پياري مسڪراهٽ جي- بس جڏهن تون کلي پوندي هئين- تڏهن مونکي پنهنجي جيئري هجڻ جو احساس معلوم ٿيندو هو- ۽ تو ۾ پنهنجي زنده رهڻ جا وسيلا ڳوليندو هئس- جتان منهنجي ڏاهپ جا دروازا کلندا هئا ۽ مان نوان، نوان خيال ۽ تجربا حاصل ڪرڻ لڳندو هئس- پوءِ محبت جي هر نئين مسئلي کي ذهن ۾ رکي- هر مسئلي جي دليل ۽ چٽائي بابت- تيسيتائين غور ڪندو هئس- جيسيتائين ڪا حقيقت واضع نه ٿيندي هئي-
    جڏهن ڪو مسئلو حل ٿي نه سگهندو هئم- تڏهن خود کي تنهنجي آغوش ۾ اڇلي ڇڏيندو هئس- ۽ تنهنجي ڪنواري دوزخ بدن ۾- جڏهن مون کي سڪون جي هلڪي ننڊ اچي ويندي هئي- ته منهنجو اهو منجهيل مسئلو برمحل ڪنهن سپني جي صورت ۾ حل ٿي پوندو هو.
    اهڙي طرح سان خود کي سمجهائڻ ۽ توکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس- پوءِ جو ڪجهه به حاصل ٿيندو ويندو هو- ته هڪ رومانسر جي حيثيت سان تنهنجي هر ادا منظر- هر گفتي کي مڪالمو ۽ هر نظر کي تمثيلي علامت ۽ تشبيهون، اشتعارا سمجهي ناول لکندو ويندو هئس. ۽ ناول ۾ نوان لفظ منهنجون ذهني رڳون وڄائي- مونکي اهو ڳائي ٻڌائيندا هئا- ته اهي ئي لفظ فاني ۽ غير فاني جو فيصلو نبيريندا- جتي زندگي جي اڳيان فل اسٽاپ آهي، يا ڪنهن فڪر جي خوني دريا ۾ لوڙهي، سامونڊي موتين سان گڏيندا، جتي امرت جو دريا وهي دنگ ٿو ڪري.

    


    قسط 5

    جڏهن تون پنهنجن پراڻن مائٽن جي ڪنهن دعوت تي ڪراچي وئي هئين- تڏهن واپس اچڻ لاءِ تون مونکي چئي ويئي هئين ”بس ڏينهن ٻن ۾ موٽي اينديس.“ پر توکي ڪجهه وڌيڪ ڏينهن لڳي ويا هئا- ۽ توکان الڳ، ته پوءِ منهنجي حالت کي تون چڱي طرح ڄاڻندي هئين. رڳو مڇي ۽ پاڻي وارو مثال ڪڏهن ڪو نه ڏنوسين باقي تڙپ ان کان وڌيڪ هوندي هئي-
    هونئن به توسان محبت ڪرڻ کانپوءِ- مان هر حسين ماڻهو ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هئس- پر انهيءَ خيال سان نه- ته ڪنهن حسين سان محبت جو رشتو ڳنڍي خود کي- Enjoy ڪيان- پر الاءِ ته ڪيئن، هر سهڻي ماڻهو جي تصوير منهنجي ذهن تي چٽجڻ لڳي هئي- هڪ دفعو ڏٺم، ته نظرون کيس وساري نه پي سگهيون- اکين کي يادگيري به ڪا بنهه مضبوط هوندي آهي.
    تنهنجو ڪراچي وڃڻ ۽ دير لائڻ جي ڪري مونکي تنهنجي محبت جي خشڪي ايترو ته اداس ڪيو- جو دل به خشڪ ٿيڻ لڳي هئي- ۽ پوءِ پنهنجي پياسي دل جي اڃ اجهائڻ لاءِ ۽ من وندرائڻ لاءِ- لوڪان پاڻ لڪائي- اها اُڃ کڻي- حيدرآباد جي حسينن واري بازار ۾ دل کي ٿاٻا کارائڻ ويو هئس- جتي هڪ خوبصورت عورت سان رومانس ڪندي خيالن جي ڏي وٺ ڪيم- اها عورت ميڪ اپ جي خوبصورت مصنوعي رنگن ۾ رنڱيل هئي- حالانڪ اهڙا مصنوعي رنگ ماڻهو مٿان چٽيل مونکي نه وڻندا هئا- پوءِ به ڪجهه وقت لاءِ ان سان Company ڪرڻ جو مونکي خيال ٿيو- پر سندس ڪمزور ۽ اوباورو جسم- جيڪو پنهنجو خوبصورت جوڀن به وڃائي چڪو هو- سو مونکي منهنجي مئل جسم کان وڌيڪ ڳريل ۽ سڙيل پي معلوم ٿيو- مان ان وقت اهڙي حقيقت قطعي سمجهي نه سگهيس، ته مرد چڪلائي ڇو ٿيندا آهن!؟
    سندس بازاري نالو حاجران هو- ساڻس ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻ کانپوءِ سندس چچريل خيالن جا لفظ ٻڌي- مون پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي- ته مونکي چوڻ لڳي ”تمام سستي آهيان سنگت ڪري ڏسو؟“ مون کيس تمام بي رُخيءَ سان جواب ڏئي انڪار ڪيو- ته هن وري چيو ”ضرورتمند آهيون- توهان جي پسند مطابق پيش اينداسين!“
    پنهنجي ئي شرم ۾ ٻڏي ويو هئس ان وقت!
    پنهنجي ٿوري ڪئي تي به پڇتاءُ اچي ويو هئم،
    مان سنڌ جي ڪنهن به چڪلي ۾ اڳ ويل نه هئس،
    پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳس،
    ڪنهن طرح سان- مونکي اهو يقين ٿيڻ لڳو هو- ته ماڻهن انسانيت کي جانور جي موت ماري، ناچو بازارين ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي ۽ مان شايد ان جو تماشو ڏسڻ آيو آهيان-!
    شايد خود کي اهڙن ماڻهن ۾ شمار ڪرڻ لڳو آهيان- جن انسانيت جي عظمت کي ٿڏا هڻي سندس وجود ۾ چُٽا وجهي ڇڏيا آهن!
    پنهنجي ضمير کان مطمئن نه هئس،
    انسانيت جي اگهاڙي جناري تي!
    تمائش بيني ڪندڙ- تماشائن ۾ خود کي شريڪ سمجهڻ لڳس شايد پنهنجي انسانيت وڃائي چڪو هئس!
    ۽ هاڻ خيالن جا تڪڙا قدم ڊوڙائي، پنهنجي انسانيت ڳولڻ لڳس، ته ان ڏينهن وارا خيال مونکي بندوق جي ٺڪاءُ جيئان لڳي- ياد آيا- ۽ منهنجو مغز ٽهڪڻ لڳو،
    ان ڏينهن وارا خيال،- جڏهن تنهنجي مرضي ۽ پسند مطابق صرف خاص دوستن جي گروپ ۾ مڪلي کان ڪينجهر تائين پڪنڪ ملهائڻ نڪتاهئاسين ۽ مڪلي تي تو ۽ مان- سڀني دوستن کان الڳ نويڪلائي ۾ ويهي ”مدرٽريسا“ جي شخصيت تي ڳالهايو هو- تڏهن به تو پنهنجي معمولي دستور ۽ عادتي بيمار عمل موجب، منهنجن خيالن کي ڪائي اهميت ڪونه ڏني هئي!
    تو ان وقت ننڍڙين پٿرين جي مدد سان- مڪليءَ جي خونريز ڌرتيءَ تي پنهنجو نالو پي لکيو، ۽ پنهنجي نالي آسا جي ٻن آوازن مان اڃا صرف ”آ“ جو آواز مڪمل ڪيو هو- تو مون ڏانهن ڪا به توجهه ڪو نه پي ڏني- تنهن هوندي به مون جڏهن مدرٽريسا جي شخصيت کي ساراهيندي سندس ڪيل انسانيت تي احسانن ۽ انسانيت سان سندس محبت جو ذڪر ڇيڙيو- تڏهن ان وقت هڪ عام عورت جيئان، احسان فراموشيءَ سان تو بي ڍنگي ڳالهه ڪندي چيو ”هر احسان روپئي جي حيثيت ذريعي لاهي سگهجي ٿو“ تنهنجي اهڙي خيال ئي منهنجو ذهن ٻڙڪائي وڌو هو!
    تو اها ڳالهه پنهنجي عقل، هستي ۽ حيثيت تي ناز ڪندي ڪئي هئي.
    هونئن به ڪنهن عورت جي بهتر عمل ۽ سندس انسان دوست ڪارنامن تي جڏهن به مون چند لفظن جو خراج پي ڏنو- تڏهن تو ان جي بدلي پنهنجي ڪنهن هاڪاري راءِ يا حقيقت مڃڻ جي بجاءِ پنهنجي متضاد رويي سان- پنهنجي روپئي جي طاقت پي ڏيکاري.
    اهڙي طرح پنهنجي بيوقوفي تي پاڻ مذاق به ڪندي هئين- ايتري تائين جو- اهڙي ڪا عظيم عورت- پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ڇو نه هجي- پر توکي پوءِ به پنهنجي زناني دل ۾ حاسد پڻو جاڳي پوندو هو.
    ان ڏينهن به، تو محبت کي روپئي جو ملهه ڏئي- پنهنجي انسانيت جو آپگهات ڪري- تو انسانيت تي هڪ بدنما داغ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي-
    تنهنجن اهڙن مريض خيالن کي- مان پنهنجي ادبي ڪاوش ذريعي هڪ ڌوٻي مزور جي حيثيت سان ڌوئيندو رهيس.
    تنهنجي انسانيت!- جنهن جي عظمت تي ڪڏهن- ڪڏهن- ڪلر جهڙي حسد جي لٽ چڙهندي هئي ته مان Polish Man جيئان کيس چڱي طرح ڇنڊي ڦوڪي چمڪائيندو رهيس- توڻي جو منهنجي پنهنجي انسانيت اهڙي عمل سان ڪنهن لتاڙ جو شڪار به ٿيندي رهي- ۽ تو ڪڏهن محسوس به نه ڪيو-
    پنهنجي بي بها روپئي جي گهمنڊ ۽ غرور ۾- انسانيت کي تو شايد روپئي جهڙي ڪمين گاهه تصور ڪيو هو.
    محبت! جيڪا دل جي جهان ۾ سڀ ڪجهه سيکاريندڙ ۽ زندگي جو هڪ نامڪمل سفر آهي- جنهن ڪيترائي- راهه گذر مسافر منزل کان اڳ، رلائي به ڇڏيا ته وڃائي به ڇڏيا- ۽ وصال ياد جي آس ۾ مِٽائي به ڇڏبا! ته ملائي به ڇڏيا-
    مان ان محبت جي راز ۽ حق تي مضبوطيءَ سان اصراري رهيس ۽ تون پنهنجي بدگماني سان- ان تي اعتراض ڪندي هيئن.
    مان انسانيت کي معصوميت جا درجا ڏيندو هئس!
    ۽ تو حقارت جا مئل لفظ ڳالهائيندي رهئين!
    مون محبت ۾ اونداهين کي هميشه پاراتا ڏنا،
    ۽ تون اونداهين ۾- مونکي پنهنجي جسم سان ويڙهي وٺڻ جا وجهه پي ڳوليا.
    مون عشق جي باب ۾، انسانيت جو درجو اول رکيو،
    عشق! جيڪو عقل جون اکيون انڌيون ڪري، وات سبي ٿو ڇڏي-
    مغز ڳرو ۽ ڪن ڪڍي ٿو ڇڏي تو اهڙي عشق کي- صرف انساني خوبصورت جسم جو سودائي سمجهيو-
    تون ته انسانيت تصور ئي ان کي ڪندي هئين- جنهن جي شڪل ۽ شبيهه تنهنجي نڪور نوٽن تي ڇپيل- توکي صاف نظر ايندي هئي-
    تنهنجو به ڪهڙو ڏوهه- روپيو طاقت به اهڙي رهيو آهي- جنهن جي چڪلي کان وٺي مڪي شريف تائين رسائي آهي. گناهه کان وٺي توبهه تائين- ۽ ڪفر کان وٺي ڪعبه تاءِ سندس پهچ آهي- ته پوءِ تنهنجو عقل ڪيئن نه ابتال ٿيندو.
    توکي ته لفظ انسانيت کان ئي چڙ وٺندي هئي- سا به اهڙي وقت صرف- جڏهن ٻين لاءِ اهڙا لفظ تون منهنجي زباني ٻڌندي هئين-
    تڏهن توکي وڌيڪ چيڙائڻ خاطر- مان لفظ انسانيت کي وڌيڪ لفظن جي بلندي ڏيئڻ لاءِ- ٻيڙي سڙهه جيئان- پنهنجا خيال تنهنجي مغز تي رکي- پنهنجي زبان سان سبي ساڄاڪندوهئس.
    تون پنهنجي اڻڄاڻائي ۽ ناداني سبب- انسانيت جي ترندڙ- ٻيڙيءَ کي تُن ڪري- وري هاڪاريو به هميشه اَوَتڙ ڏانهن جتي ڪئين غوراب غرق ٿين.
    ۽ مان هڪ خلاصيءَ جي حيثيت سان انسانيت جي ٻيڙي تاريندڙ غافل ۽ گهري، ننڊ ستل ناکئي کي ونجهه مٿي ۾ هڻي پي بيدار ڪيو- ۽ کيس سکاڻ جي سنڀال ۽ سڙهه ساڄو ڪرڻ واريون نيڪ صلاحون ڏنيون.
    ۽ تون منهنجي اهڙي انسان دوست نظريي تي- هروقت ٺٺولي ڪندي هئين-
    تو ڪنهن رات ائين به چيو هو ”فتاح! تون ڀنگ پياڪ موالي قوم ۽ آفيم خور اڌڙ انسان جي عظمت ۽ آزادي جي ڳالهه ڪيئن ٿو ڪرين؟- جنهن کي طرز زندگي جي ڪا ساڃاهه نه آهي- انهن جي انسانيت ته- مٽيءَ جو ٺهيل ڍڳو آهي- تون ان کي گهڙي ٺاهي، رنگ روپ ڏئي، ان مان اوڻايون ڪڍي Clear ڪري- جڏهن اهڙي کين ساڃاهه ڏيندين- ته وري هو- ان جو ڪنهن مهل ڪنڌ ته ڪنهن مهل ٽنگ، ٻانهه ڀڃيو ويٺا هوندا!- آخر تون ڪيترو انهن جي اهڙي انسانيت جي جوڙ توڙ ڪندين- نيٺ ته تون پنهنجي انسانيت به انهن جي نشي آور لتن ۾ ڌوڙ ڪندين- جن کي ٺري (Kind of Country Wine) ۽ ٺڪر جي ڪونڊن ۾ پنهنجو ماڻهپو نظر آيو هجي- انهن کي انسان ۽ انسانيت جو نظر اچڻ تمام مشڪل آهي.“
    تو تاريخي حوالو ڏيندي وڌيڪ چيو هو ”اسان انگريزن کان اڳ به سکن، سنتوشن جي غلاميءَ ۾ سندن پير پي ڌوتا- انگريزن کان پوءِ- اسان پيري، مريدي، واريون رت پياڪ ڄؤرون پنهنجو پاڻ کي چهٽائي ڇڏيون- ۽ هاڻ به اڃان تائين سرڪاري، رئيسن، ۽ ملن، مشيرن جون اوطاقون اوتارا پيا ٻوهاريون- آزادگڏهه جو سوار بڻجي- پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي نشن جي دونهن ۾ اڏائيندڙن کي- تون ڪهڙي انسانيت جا سنج ڏئي هسوار ڪندين؟- ۽ تاريخ کي ڪوڙ جي بوتل ۾ وجهي- شو ڪيس ۾ رکڻ، ته ڪو اسان جي امير امراءُ کان ئي سکي!.“
    تنهنجو اهو چوڻ ته حقيقت۽ حق بجانب هو- پر عمل جي لحاظ کان تون به انهن ماڻهن مان هئين- جيڪي صرف سٺيون صلاحون ڏيندڙ ۽ ملوڪ مشورن جا ماهر هوندا آهن- باقي عمل سندن ذهن ۾ خارش ۽ سوچن ۾ سُستي ٿو پيدا ڪري- ايتري تائين جو عمل سندن منهن اچي لڳندو آهي- ته هو گدڙ جيئان پٺ ڏئي ڀڄڻ جون راهون ٿا ڳولين- پوءِ جڏهن ڀڄڻ جي ڪائي واٽ کين نظر نٿي اچي تڏهن نيون، نيون صلاحون ڏيئڻ شروع ڪندا آهن- پر اهڙي صلاح هرگز نه ڏيندا آهن- ته صلاح بزدلي ۽ عمل بهادري آهي- بلڪل اهڙي طرح سان- تنهنجن انهن نيڪ صلاحن جي ڊوڙ به صرف مون تائين محدود رهي.
    تنهنجي انهيءَ نقادڪشيءَ کي مان تنهنجي Lip service کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه چئي نه پئي سگهيس- ۽ اهڙي قسم جون صلاحون ڏيندڙ ليکڪ- لفظن جا ڀيڪاري ۽ خيالن جا سٺا پينو ثابت ٿي سگهن ٿا- پر عمل کين خدا ڪارڻ به ڏنو وڃي- ته سندن ساهه ڦڦڙن مان نڪري- في الحال ڊگهي ننڊ سمهي پوندو،
    تو ته مونکي اهو ايترو سڀ ڪجهه ائين چئي ڏيندين هئين- ۽ اهڙي طرح سان چوندي هئين جهڙو ڪر مان سنڌ جو ٻيو ”جي ايم سيد“ هئس.
    توکي سچ ڳالهائڻ لاءِ جڏهن به وقت ۽ وجهه مليو ته انسانيت جي ارڏائي- جوارين جون پيدا ڪيل گند غلاظتون مونکي گوبر سمجهي، سڀ مونتي اڇلي ڦٽو ڪندي هئين- ۽ مان تنهنجي هر اهڙي گار، گفتي ٻڌڻ کانپوءِ- توکي پنهنجو ڪو نه ڪو شعر ٻڌائي ڇڏيندو هئس. جيڪو رويو توکي وڻندو نه هو- پنهنجي اڻپوري سمجهه ۽ اروڳ معصوم نظر سان وقت ۽ حالات تي پنهنجو خيال ڊوڙائي- ادب کي هڪ بي معنيٰ شيءَ ۽ زوال پذيريءَ جا درجا ۽ رايا به ڏيندي هئين- محض ان ڪري جو- توکي چوندو هئس ته، ”ادب منهنجو قرآن آهي.“
    تنهنجو مون سان رهڻ ايتري حد تائين هو- جو هڪ ڀيرو مون چيو هو ”قرآن ۾ 14 سجدا آهن.“
    تڏهن به تون مخالفت ۾ چوندي هئين ته ”سجدو ته هڪ ئي ڪافي آهي.“
    توڻي جو دل جي سجدي ۾، عشق واري نماز کي تو سمجهيو نه هو- تو ته ڪڏهن به وقت ڪڍي- ادبي جي مزاجي حيثيت جو مطالعو ئي نه ڪيو هو.
    تنهنجي محبت جي ديوانگي ۾- منهنجي بيوس زبان مان جيڪي شاعراڻا لفظ نڪرندا هئا- تون بس انهن کي ئي ادب جي سماجي ڪارج مان موڪلاڻيءَ جا دليل، ثبوت ۽ مثال ڏيندين هئين.
    تو پنهنجي شخصي حيثيت جي آڏو- جيئن مونکي هڪ زنده لاش تصور ڪندي هئين- تئين ادب جي حيثيت به توکي اهڙي شايد معلوم ٿيندي هئي.
    تنهنجي ڪنهن به اهڙي حقيقت پسند فيصلي جو انڪاري ته نه هئس- انڪاري هئس ته تنهنجي ذاتي عقل جو- تنهنجي سمجهه جو- تنهنجي شعور ۽ فهم جو-
    بنيادي طرح ته- تنهنجو ادب سان نه اتفاق هو- نه انحراف ۽ نه ڪوئي اختلاف به هو- جو ڪجهه به هو- سو توکي منهنجي ذات- جسماني طرح هميشه لاءِ واپرائڻ جو اُلڪو هو.
    افسوس! هڪ خصيص خواهش- توکي پنهنجي ذهن ۾ ئي وڃائي ۽ وچڙائي وڌو هو.
    اهڙي پڪ ان وقت وڌيڪ ٿي پوندي هئم. جڏهن منهنجي ڪنهن Girl Friend کي مون ساڻ ملندي ۽ کلي ڳالهائيندي تو ڏٺو- ته انهن لاءِ تون هڪدم- اهڙو سرٽيفڪيٽ ڪڍي فتوا ڏيندي هئين ته ”اهي ڪامريڊياڻيون هونديون؟“
    تنهنجي هر اهڙي تعصب پرست لهجي جو زهر هضم ڪندو رهيس. هڪ مشرقي سنڌي عورت جي حيثيت سان مونکي تون جنهن به پيڙاءُ، ٿڪ ۽ نراسائي ۾ وجهڻ چاهيو- ته ان کي پنهنجو اڻ ڏٺو مقدر سمجهي- مان قبول ڪندو رهيس- جنهن جي شاهدي ڪائنات جون ماڪيل اُماس راتيون ۽ کڙندڙ ستارا ساکي آهن ۽ رهندا.
    منهنجي من منڊلي- آڪاش جي پولار ۾ ۽ دل جي ڌرتي سندي سامونڊي پاتار ۾- پساهه کڻندڙ پوري ڪائنات شاهد رهندي ته- تون تيسيتائين منهنجي دل جي سفر سان همسفر آهين- جيسيتائين فضا ۾ ڊوڙندڙ اڇا ڪڪر ۽ ستارن ۾ چمڪ قائم آهي.
    تو جڏهن کان منهنجي زندگيءَ کي ويجهو قدم رکيو تڏهن کان منهنجي من جي نراسائي،
    چيٽي مُند واري چنڊ جي چانڊاڻ جيئان جرڪي پئي- ۽ من مندر جا گهنڊ، گهڙيال خود بخود وڄي پيا.
    منهنجي زندگيءَ جي هر زنده پهلوءَ ۾ ۽ هر حاشيه تي- تون ۽ تنهنجو Actor ڪردار رهيو- جنهن هر معاملي، مسئلي تي پنهنجي مرضي مطابق هميشه Diplomatic زبان ڳالهائي- جنهن جي تيز فهم رويي مونکي ستائي رکيو هو- اهو مون جاڳندي ڪوئي خواب به ته، نه پي ڏٺو- پر ڪا اهڙي حقيقت هئي- جنهن منهنجي جاڳندي ذهن کي خواب ڏيکاريا- پر تو وٽ اهڙي ڪنهن حقيقت جي ڪا اهميت نه هئي- ته ان جو سبب اهو ئي هو- جو تون پنهنجو پاڻ کان به شايد غيرواقف هئين. تو منهنجي پياسي روح کي- سانوڻي رُت ۾- هڪ ڪڪر کان ٻئي ڪڪر تائين- رُلي ڊوڙندي نه ڏٺو هو- جنهن تنهنجو نالو ستارن ۾ لکي ڇڏيو هو پر تو هڪ ستاري کان- ٻئي ستاري تائين- ۽ ٻئي ستاري کان ٽئين ستاري تائين ويندڙ- منهنجي روحاني علم جو- پاڇو به نه ڏٺو هو.
    خبر ناهي ته ڇو؟ ۽ الائي ڪهڙي نيت سان تو خود کي ڪنهن وهمي ۽ غير معتبر وشواس جي وِسوِسي ۾ وانجهيل رکيو هو- جنهن سان سمجهوتو نه هئڻ سبب- تو خود کي اهڙي آڳ ۾ به جلائي رکيو هو- جنهن ۾ صرف انساني ذهن جلندا رهن ٿا- پر مرن هرگز نٿا.
    محبت ۾ عشق جي اها باهه- جيڪا انساني رت کي جوش ڏئي- ماڻهو جو مغز سڪائي ٿو ڇڏي- تو اهڙي باهه ۾ وري مونکي اڪيلو ڦٽو ڪيو هو- خير دنيا ته خالي نه هئي- پر هرڪو پنهنجي حد حصي ۾ پيو لوڙهي.
    پنهنجي سنجيده رويي کي به- تو اهڙي ڪنهن رُلائيندڙ ورم() تي چاڙهي ڇڏيو هو- جنهن ڇولي کي هاڻ تنهنجو پنهنجو هٿ به نه پي پهتو! تنهنجي محبت کي- پنهنجي مٿي جو شهنشاهي تاج بڻائي- زندگي اهڙي شاهڪاري ۾ نه پي رکڻ گهريم.
    ڪوڙ، ٺڳي، مختصر ۽ هٿرادو اٽڪلن سان جڙيل هن جهان جون شهنشاهتون فنا ۽ بقا جون جنگيون ته وڙهي ناهن سگهيو محبت جي جنگ ۾ اسان مان سچو ڪير هو؟
    اهڙي سوال جو جواب اڃان وقت به مڪمل ڪري نه سگهيو آهي. باقي سچائي؟
    سا ته ڪربلا ۾ ڪٺي وئي.
    ۽ پنهنجي پيٽ سان سچائي رکڻ ته هر جاندار جي مجبوري آهي پنهنجي پيٽ سان وفا ڪائي وڏي ڳالهه به ناهي ته ننڍي به ناهي.
    پر صرف رڳو پنهنجي پيٽ سان سچو رهندڙ ماڻهو- پنهنجي عمر ۾ عقل جو سڄڻ نه هوندو آهي.
    ليڪن تو جيئان محبت ۾ نفرت ڀري دشمني- سچائي جي کوٽ سبب ٿيندي آهي-
    ۽ مون تنهنجي محبت جي سهاري- صرف ايتري سچائي سکي ورتي- جو پاڻ مرڻ ۽ جيئڻ جا سبق پڙهي پي ورتم- جنهن سبب ئي تنهنجي نظرن جي صليب تي ٽنگيل هئس ۽ تون منهنجي بي جان سرير کي لفظن جا پٿر هڻندي هئين.

     سوزش- سامونڊي وڏي اوچائي واري ڇولي
    


    قسط 6

    هر مند کان محروم رکي- آپگهات ڪري، پاڻ مارڻ جا ته ڪيترائي Idealism ڏسيا هيئ.
    تنهنجي اهڙي ڪنهن مشوري وقت- مان صرف پنهنجي حصي واري کل کلندو هئس- ۽ تون پنهنجي ڪنهن مسڪراهٽ واري- ڀاڱي ڀائيواري به نه ڏيکاريندو هيئين- شايد مونکي اهڙو ڪو بي ايمان سمجهندي هئين ته ڪٿي مان تنهنجي محبت تي واقعي قبضو نه ڪري ويهان.
    پر محبت کي به تو شايد- ڪراچي جهڙي شهر ۾- اهڙو ڪو ويران ۽ خالي پيل پلاٽ سمجهيو هو- جنهن تي رُلي ايندڙ قومن جا فرد پنهنجا قبضا ڄمائيندا آهن.
    پر ائين هرگز نه هو- ائين هو ته-
    مان تنهنجي محبت جو وارث ته ڇا- پر صرف رڳو تنهجني نالي پٺيان- پنهنجو نالو لکڻ به منهنجي حق ۾ شايد نه هو- ها! البت تنهنجي محبت جن راهن، رستن تي مونکي ديوانن جيئان ڊوڙائي رهي هئي- ان لاءِ مان ان جو هميشه احسان مند رهيس- ۽ اهڙي لطافت ۾- پاڻي جي اهڙي چشمي جهڙو بڻجي پيو هئس- جيڪو جبلن جي مٿاهين تان نڪرندي- پنهنجي مڌر سرن جون روح رلائيندڙ راڳڻيون ڇيڙيندو آهي. تنهنجو نانءُ به- منهنجي من ۾ هڪ سمپورڻ راڳڻي بڻجي پيو- اهو وقت نه هو جنهن ۾ تنهجي نانءُ جي راڳڻي نه آلاپيم-!
    ننڊ جي هر وقت به- تنهنجي اسم جو ورد منهنجي لاءِ جهڙو- فرض بڻيل هو!
    سياري جون سرد ڊگهيون راتيون به، تنهنجي اکين جي گهيري ۾ گذاريندو هئس-
    هڪ ڀيري ڊسمبر مهيني جي پگهار- جيڪا ڪنهن غيرواجبي سبب بالا آفيسر وٽ امانت طور روڪي رکيل هئي- سا آفيس مان کڻڻ پي ويس ته رستي ۾ تو مونکي پنهنجي جيپ ۾ کنيو هو جيپ ۾ ويهي توکي Enjoy ڪندي پنهنجو گرم جاڪيٽ بدن تان لاهڻ لڳو هئس- ته تو پڇيو هو- ”اڄ ته سيءَ آهي ڏاڍو... نه؟“
    ”هوندو!“ سيءَ ته هو- پر مڙئي توکي ورچائڻ خاطر اهو انداز اپنايو هئم- تڏهن عجب کائيندي پڇيو هيئي.
    ”ڇو توکي سيءُ ڪو نه ٿو لڳي ڇا؟“
    ۽ مون چيو هو ”تنهنجن جوشيلن نيڻن ۾ ڏسڻ کانپوءِ سيءُ ته ڇا- پر منهنجي جسم ۽ جان ۾ جهڙو ڪر Heatr ٻري پيو آهي.“
    منهنجو جواب ٻڌندي توکان کل نڪري وئي- تو کلي ڏنو هو ۽ منهنجو ارادو به توکي کلائڻ جو هو- ۽ اهڙو ارادو- مون تنهنجي موجودگي ۾ هميشه رکيو- ان لاءِ ته جڏهن تون کلندي هئين- تڏهن سيءُ واءَ ته ڇا- پر ماڻهو، مهل ۽ وقت موسمون به وسري وينديون هئم.
    تنهنجي ان سدا کلندڙ چندرڪا چهري ۾ تنهنجا ڪٽورا نيڻ مون سان عجيب حرڪتون ڪري- اشارن، اشارن ۾ نراليون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا هئا- سي به شايد توکان چوري!
    جيئن اشارن جون ڳالهيون- اکين کان ٻڌندڙ دانا به ديوانا بڻجن سي اشارن جون ڳالهيون- صرف دلير ۽ صحتمند ذهن عاشق- سمجهندا آهن- باقي سڌڙيا ته چٽ خاني جو چرچو بڻجو پون جيئن اکيون اکين سان ڳالهائن- ته محبت جو قلعو مضبوط ٿيو پوي تئين منهنجي دل اشارن جي ٻولي ٻڌڻ لڳندي هئي- ته منهنجا ارادا مضبوط ٿي پوندا هئا- ۽ هَوَس ٿي پوندي هئم ته محبت ۾ وقت وڃائڻ جي بجاءِ- اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺان- جيڪو خانهءِ ڪعبه ۾ روئندي به حاصل نه ٿيندو آهي!
    محبت جي هڪ گهڙيءَ ۾- جو ڪجهه سکي وٺبو آهي- سو نادانن کي سڄي عمر ۾ حاصل نه ٿيندو آهي-
    منهنجي ذاتي نظر ۾- محبت ادب ۽ ادب محبت رهيو- بي ادب ۽ بغير محبت جي- ڪوئي اگر پنهنجو عمل اختيار ڪري ٿو- تنهن کي سندن خدا ته ڇا- پر پنهنجي ماءُ به هدايت نٿي ڪري- ڪهڙو فائدو اهڙي عمل مان- جنهن جي بهتر نتيجي لاءِ دعائون گهريون وينديون هجن! بلڪل ائين جيئن منزل جو اکڙيل مسافر- پنهنجي ئي هم شڪل پاڇي هيٺ ڪجهه گهڙيون ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي!
    مونکي ادب جي سيپاري مان تنهنجي محبت جون آيتون سمجهي ۾ اچي چڪيون هيون. زندگي جو وقت وڌيڪ ضايع ڪرڻ جي بجاءِ اهڙي محبت جي الهام تي مون عمل ڪرڻ پي چاهيو-
    مون چاهيو پي- محبت جي دين ۾ اهڙو ڪو گناهه ڪريان جنهن مان ثواب جنم وٺي؟
    ۽ اهڙو ثواب کٽي وٺان- جو منهنجي مئي پڄاڻا- شيطان منهنجي ميت کي سجدو ڪري- پنهنجي رٺل خدا کي پرچائي وجهي ۽ اهڙو عمل مون صرف شيطان جي خوشي خاطر نه پي ڪرڻ چاهيو- پر تنهنجي هر بي عمل اختيار مان- ڪڏهن ڪڏهن، ائين به محسوس پيو ٿيندو هو ته- تو منهنجي محبت جي نيڪ- جذبي کي بيخود بنائي- کانئس اهڙو گناهه ڪرائڻ پي چاهيو- جهڙو گناهه، پنهنجي نيڪ اولاد جي پئدائش خاطر- ماڻهو پنهنجي عياشي جي ڪري- ڪندا آهن!
    منهنجي محبت کي تو به شايد اهڙو ذائقو ڏئي، سندس روح قبض ڪرڻ پي چاهيو- جيڪا تنهنجي من جي پاتال ۾ پيهي ويل هئي. تو مونکي ته، سوچن جي خوني ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو هو، پر پنهنجي خلوص ۽ محبت کي ابه اهڙو ئي ذائقو ڏيئڻ پي چاهيئي- جيڪو نه تنهنجي، منهنجي ۽ نه محبت جي خالق جي وس ٿي پي سگهيو.
    منهنجي ته وس به ڇا هو؟ جو تنهنجي ئي ڪنهن راضپي موجب توسان محبت ڪرڻ ڇڏي ڏيان ها!
    محبت جهڙي انعام کي مون ته، هٿان وڃڻ نه پي ڏنو- مون خود کي ڦٽائڻ نه پي چاهيو ڇو ته ماڻهو هڪ دفعو صرف ڦٽائي ته پوءِ ڦٽي هميشه لاءِ کيس پاڻهي ڳولهي پئي لهندي!
    اهڙو ايمان- جيڪو ماڻهو کي پنهنجي سچائي تي مضبوط رکندو آهي- ان کي مون پنهنجي دل ۽ دماغ ٻنهي سان چڱي طرح پڪڙي جهليو هو-
    مان ته تنهنجي خود چوڻ سان به توکي شايد ڇڏي نه سگهان ها! ڇو ته مونکي اهڙو عقيدو ٿي چڪو هو ته- محبت قضا ڪري مان اهڙي گناهه جو ڪفارو ادا نٿو ڪري سگهان ۽ نه ڪري سگهندس.
    مان اهو سمجهان پيو ته، اهڙي غلطي جو ڪفارو رڳو روڄ راڙو ۽ حشر، پٽڪو آهي- جنهن سان زندگيءَ جو هڪ پورو جنم به، نه نڀائي سگهي ٿو ۽ نه بخشش وٺي سگهي ٿو.
    مونکي اها خبر نه هئي، ته تنهنجي محبت جي اجهي ۽ انصاف هيٺ- انسانيت جي عظمت لاءِ- اڃان الائي ڪيترو وقت جيئڻو هو- جنهن جيئاپي ۾ ڪنهن به تڪڙ ۽ جنوني فيصلي جي گنجائش ناهي هوندي.
    مان ڄاڻا پيو ته- ڦٽائڻ، ڊاهڻ وارا هزارين هوندا آهن- پر ٺاهڻ، نڀائڻ جهڙو ته ڪعبي جي طواف ڪندڙن مان به مشڪل ملندو زندگي ۾ مون سان جنهن به نڀايو- ته پنهنجو هوندي به سو نڀاهه مونکي اجنبي پي محسوس ٿيو آهي- بلڪل ڪنهن مرندڙ شيءَ جي موت جيئان- سالن تائين به جي سندس نڀائڻ جو عمل هيو- ته نڀائي وڃڻ کانپوءِ- مون سندس ساٿ صرف هڪ پل، گهڙي جو محسوس ڪيو- ائين لڳندو هو ته اها به ڪائي الهام هئي- جيڪا مونکي پنهنجي واٽ ڏسي- وري ڪنهن ٻئي مون جهڙي راهه رُلندي ڏانهن هلي پي وئي!.
    اهو سڀڪجهه توکي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ منهنجي وس ۾ نه هو- ڇو ته توکي محبت ڪڏهن سمجهه ۾ ته آئي به ڪانه- تو تڏهن پي اهو پڇيو ته، ”فتاح! محبت کي ڇو نٿو سمجهي سگهجي؟“.
    ڪهڙو جواب ڏيان ها توکي، جڏهن تون خود منهنجي محبت هيئن صرف پنهنجي تسلي بخش لفظن جو ڪارڊ استعمال ڪندي- مون چيو هو ”آسا!- اسان محبت جي زندان ۾ ڪڙهي فولاد ٿي ويا آهيون- پر شايد مقدر جي اڻ ڏ‎ٺي عبارت اڳيان اڃان اڻپڙهيا آهيون- پوءِ به مونکي انهن مان ئي سمجهه- جن جا جذبا سدائين جوان هوندا آهن، جيڪي محبت جي جيل ۾- هر سزا کي- پنهنجي محروميءَ کان بچڻ جو- ڳجهو راز تصور ڪندا آهن-“
    ۽ وري خود ساراهڻ لاءِ بيوقوفي ڪندي مون وڌيڪ چيو هو- مان انهن ماڻهن مان ناهيان آسا ۽ نه انهن ماڻهن مان ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ- جن جا ذهن هڪ هنڌ بيهجي ويندا آهن ۽ هو خود کي گهڻو اڳتي وٺي وڃي نه سگهندا آهن ۽ سندن خيال منجمند ٿي ويندا آهن.“
    محبوبائن کي بيوقوف بنائي سندن جواني مان لطف وٺڻ لاءِ ته- هر عاشق اهڙا ئي خليفا لفظ ڳالهائيندو آهي- جيئن مان پنهنجي طرف کان- توکي پنهنجي تسلي ڏياريندو رهيس ۽ اهو- سڀ ڪجهه بس مون تائين رهجي ويو-
    هونئن به تون منهنجي لاءِ- هر وقت، منهنجو هڪ نئون خيال هوندي هيئينءِ-
    نون خيالن جي ڪوشش ۾- توکان پري وڃي- ڪڏهن به رُليو ۽ ڀٽڪيو نه هئس- خيالن جي ازغيب جهان ۾ اهڙي ضرورت محسوس به نه ٿيندي هئم- ضرورت به ڪهڙي؟- جو حقيقت کان منهن موڙي- فضا ۾ اڏامندڙ لغڙباز خيالن پٺيان- خود کي اڏائيندو رهان ها.
    پنهنجن خيالن کي سوچ جا مصنوعي پک هڻي اڏايان به تڏهن ها- جڏهن منهنجي اکين جا سپنا لاوارث هجن ها، آڌين جو اوناڙ ڪندڙ- پنهنجن اهڙن ڪتن خيالن کي مون قابو ٻڌي جهليو هو- جن جي ڪُمهلي اوناڙ سان اڌ مئل ماڻهو جو ذهن- ڪنهن قبرستان جهڙو- سنسان منظر چٽيندو آهي!
    منهنجو خوف، حراس ۽ ڀؤ- مون کان اڳ مري ويا-! مان محبت ۾ بي ايمان ٿيس ته- مونکي قبول آهي- پر بزدليءِ جي راڄ مان نيڪالي ملي! اهو محبت جو مون تي احسان ٿيو- پوءِ به تون شايد منهنجي هر پياري خواهش کي- ڪنهن پوڙهي طوائف جي دلالي تصور ڪندي هيئنءِ.
    تڏهن به تنهنجي هر ادا ۽ دلربائي کي- ڌيان ڏئي پنهنجي خون سان لکيم، صرف ان ڪري- جو مون تنهنجي محبت جي رهبري سان- تنهنجن امن پسند رخسارن جي خوشبوءِ ذريعي- انساني جسمن مان اٿندڙ بارود جي دونهين کي- ڀسم ڪرڻ پي چاهيو-.
    انسان جي نڪ تي Fit ڪيل بندوق جو Target اتان هٽائي اهڙو Fire ڪنهن شيطان تي بيگناه هلائڻ کان به مون بغاوت پي ڪئي هئي.
    ۽ اهڙي شڪاري تو پچيءَ جي انڌين اکين کي- پنهنجي قلم جي مس سان ڌوئي- سندس نابين نظر کي نور ڏيئڻ پي چاهيم.
    ڏند ڪرٽي تحريري مهم جوئي ڪندڙ جي- هميشه مخالفت ڪندو رهيس!
    ديس ۽ ڌرتيءَ لاءِ- شرمناڪ خواب ڏسڻ وارن کي- مون بخشش ڏئي ڪڏهن پئي قبوليو؟
    مرڻ وارن جو مان خدا ته نه هئس- جو کين مرڻ نه ڏيا ها- زندگي هئي ته- مرڻ وارا مون جيئان به مرندا رهيا- پر مونکي انهن ميتن ۽ محرومن لاءِ صرف اها خواهش هئي ته- مرڻ مهل سندن اکين واري ڪيمرا ۾ محبت ۽ سچائي جهڙي رنگين تصوير ته ضرور هجي!
    صرف پنچ ڏهه ميٽر- ڪفن واري ڪپڙي جي پوشاڪ پهري دفن ٿيڻ- ڪهڙي ديس ۽ دنيا جو ماڻهپو چئجي؟ ۽ اهڙي ڪنجوس موت مرڻ واري خوف جو اثر- زنده ۽ باضمير ذهنن تي وجهڻ- صرف ڪنهن اڻ گهڙيءَ ڏاڙهي لاءِ وڏو ڪو نيڪيءَ وارو ڪم چيو ويندو هوندو!
    موت اگر ڪنهن کي نٿو معاف ڪري- ته مون سميت موت دين ڌرم کي به هضم ڪري ويندو- جنهن کيس ماڻهو جي مغز وارو گوشت کائڻ سيکاريو آهي.
    مان ته ڪنهن ڪيف ۾ اهڙيون شرعي آيتون به وساري ويٺس- جن جي سمجهڻ سان- احساس گناهه جو تصور ايندو هجي!
    اونداهين جي پاپي راڄ مان نيڪالي وٺي- تنهنجي روشن دنيا جو پتنگ بڻجي پيو هئس-
    من جي اوطاق ۾- ٻري ويل پريم جو ڏيئو- هاڻ ڪنهن واچوئڙي ته ڇا- پر ڪنهن طوفان جي مند ۾ به وسامجي نه پي سگهيو!
    محبت جي ڪاري برسات ۾- پنهنجن قدمن جو رستو مونکي صاف پي نظر آيو.
    ليڪن منهنجي ذهن جي چُرپُر جو مدار- تنهنجي پنبڻين جي پيماني ۾ اٽڪيل هو! سو ان ڪري جو مان مقصد کان وڌيڪ احترام- حقيقت جو ڪيو-
    تنهنجي عورتاڻي دنيا ۾ قدم رکي- تنهنجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي اندر جي اکين سان ڏسڻ کانپوءِ- عورت جي نگريءَ جو جادوئي طلسم مون کان پاڻ لڪائي نه سگهيو!
    مون کي سندس طلسم- ڪو به اجايو ۽ اڀاڳو محسوس نه ٿيو- هر هڪ ناٽڪ جي خوبصورتي- هر ٻئي ٽوڻي سان لاڳاپيل نظر آئي- سندس تسلسل جو سلسلو مونکي بيحد مضبوط نظر آيو.
    تو هڪڙي عورت مان- اهڙا هزارين مجاهد مونکي نظر آيا- جيڪي خود تي پائڻ جي قدرت رکندا آهن! ۽ سماج ۾ اهڙي فريبي نصاب جي مڪمل ڄاڻ رکندا آهن- جنهن جي درس ۽ تدريس سان- قومن ۽ انسانن کي- غلامي ڏانهن وٺي ٿو وڃجي!
    مون تنهنجي عورتاڻي روپ مان- مريم به ڏٺي- ته عيسيٰ به ڏٺو- مون تو مان بلال به ڏٺو- ته هوشو ۽ شاه عنايت به ڏٺو،
    منصور، سقراط
    ماڻڪ ۽ ساحر،
    علامه آءِ آءِ قاضي،
    همنگوي ۽ ماياڪوفسڪي به ڏٺو
    ته راڻو، مومل- سهڻي ميهار
    ليليٰ، مجنون ۽ نوري، ڄام،
    عمر مارئي، سسئي ۽ پنهون به ڏٺو- ته
    سچل، سامي، رومي ۽ شاهه لطيف ڀٽائي به ڏٺو- ته حيدر دريا به ڏٺو-
    تومان ڇا نه ڏٺم؟
    سو شايد ڪجهه به نه هو!
    اگر ڪجهه هو- ته سا برائي هئي- جيڪا تنهنجي وجود جو ضد!
    دنيا ۾ جو ڪجهه منهنجي نظر ۾ آيو- سو سڀوئي تو ۾! ۽ سو- تو منجهان ئي ڏٺو هئم.
    مونکي ائين معلوم ٿيو- ته برائي جو جنم عورت جي وجود کانپوءِ ٿيو-
    ان ڪري جو- مون ائين ڏٺو ته- Female جو جنم Male کان اڳ جو آهي- اهو منهنجي پنهنجي نظر جو نتيجو آهي- ان سان تنهنجو اختلاف ٿي پي سگهيو.
    جڏهن به مون غور ۽ فڪر سان توکي ڏٺو- ته عورت هڪ حقيقت نظر آئي-
    ۽ سندس وجود مان جنم وٺندڙ مرد- مون کي برائي جو ابو معلوم ٿيو!
    عورت! لفظ تمام سندس شرم گاهه جهڙو!
    پوءِ ان کي جنهن جنسي مطلب جي نظر سان ڏٺو- تنهن هميشه غلام ٻار وٽائنس اپايا- ۽
    جنهن مقصد ۽ حقيقت جي نظر سان کيس ڏٺو- ته زندگي جو انقلاب ۽ آزادي ان وٽ پاڻ هلي آئي- ۽ سندس قدمن هيٺ آرام ڪيائين!
    منهنجون اهي ئي سوچون هيون-!
    جيڪي توکي خوش رکڻ ۽ کلائڻ جي بجاءِ- رڳو مونکي ستائينديون رهيون!

    


    قسط 7

    جڏهن توکي پهرين چمي ڏني هئم- طبيعت ۾ انقلاب تڏهن کان اچي چڪو هو- ان ڏينهن کان پوءِ- محبت جي جوش ۽ جلال ۾- ٻيو ڪجهه به نظر نه پيو اچيم! توکي وسارڻ چاهيم ته- خود کي وساري ويٺس!
    محبت واري جنگي ميدان جو- باغي ٿيڻ چاهيم- ته تنهجني فاتح حسن جي هٿيارن ۽ تنهنجي پُر جوش نگاهن سان محبت واري قوت- مونکي تنهنجي قدم بوسيءَ تي- مجبور ڪري وڌو هو-
    مون تي عجب کائيندي پڇيو هيئ ”فتاح! هڪڙي ڳالهه پڇان؟“”سچ ٻڌائيندين!؟“
    ”ڇو آسا، ڪڏهن ڪوڙ به، توسان ڳالهاءِ ويو آهيان ڇا؟
    کلي پڇيو هئم.
    ”نه مونکي ته- ياد نٿو اچي!“ ڪجهه سوچيندي چيو هيئ- تڏهن مون چيو هو ”پوءِ ڪجهه پڇڻ کان پهريائين- مونکي اعتماد ۾ ڇو پئي وٺين... ته؟“
    ”دراصل هڪ ذاتي سوال پڇڻ چاهيم تڏهن“- توکي اهڙا ذات، پات وارا سوال ذهن ۾ ڇو پيا جاڳن- چئو تون ڇا ٿي پڇڻ چاهين؟“
    تو پڇيو هو ته ”ڀلا تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي- ٻڌائيندين!؟“
    تڏهن مون توکي چيو هو ”آسا! مونکي مسجد ۾- خدا کان وڌيڪ- وضو کي اهميت ڏيئڻ وارا نظر آيا ۽ ميخاني ۾ نيت کي اهميت ڏيئڻ معلوم ٿيو- ۽ مندر ۾ انسان کي خدا بڻيل ۽ ڪليسا ۾ عيسيٰ جي خدائي جو انتظار ڏٺم- تون ٻڌائي سگهندئين- منهنجو مذهب ڪهڙو ٿيو؟“
    تون خاموش ٿي وئي هئين- شايد مونکي ڪنهن نه ڪم جو سمجهيو هيئي- مون ته پنهنجي دين ڌرم واري علم ذريعي آسماني علم به- هيٺ لاهي- ڌرتي وارن جي سيني ۾- سچائي سان چارج ڪرڻ پي چاهيو- ۽ قبر جو علم آسمان وارن کي ڏئي- کين بيوقوف ڪرڻ پي چاهيم- پر شايد سي ڌرتي وارن کان وڌيڪ بيوقوف نه هئا.
    مون ته روح بڻجي- تنهنجي مادي ذهن ۾ رهڻ پي چاهيو پر سندس وجود پنهنجي روح کان به اڻڄاڻ هو.
    منهنجي ذهن- تنهنجي ڪائناتي زندگي کان پري وڃڻ نه پئي چاهيو- ۽ تو مونکان منهنجا مذهب پي پڇيا!
    منهنجي ذهن جي تخليق ته، تنهنجي مزاجي حيثيت جي ادا هئي- جڏهن ۽ جنهن وقت به پنهنجي ذهن ۾ جهاتي پائيندو هئس، ته توکي ئي محسوس ڪندو هئس.
    ڪئن چوان ها ته- منهنجو مذهب- به تون ئي آهين، جنهن ۾ سوا لک نبين جو وجود قائم هو ۽ جنهن جي ذريعي پنهنجن خيالن جون صورتون ۽ ترڪيبون جوڙيندو هئس- جنهن جي ذريعي ئي- زندگي جي استقلال لاءِ اهڙو رتبو حاصل ڪرڻ پي چاهيم. جيڪو صرف شاهه انسانن کي حاصل ٿيندو آهي!
    مون ته شعور کان وجود ۽ وجود کان عمل ڏانهن وڃڻ پي چاهيو- جنهن جي ڪشمڪش ۾ خام خيالن جا ڌڻ ڊوڙائي- مون حقيقت حاصل ڪرڻ پي چاهي-
    پر مون زنده لاش کي الاءِ ڪهڙي سوچ سان- تو ڪنهن مذهبي روح جو درجو ڏئي- مونکي مذهبن سان ڳنڍڻ پي چاهيو.
    مونکي شايد اهڙن ماڻهن مان به، سمجهي ويٺي هئين. جيڪي عورت سان صرف ٻن ڪلاڪن جو نڪاح وجهي- پنهنجي نسل کي مهاجر بنائي ڇڏيندا آهن، يا اهڙا ماڻهو جيڪي راهه ويندڙ ماستراڻين کي اغوا ڪري نڪاح وجهي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي معصوم اولاد کي سلوار به ڏئي نه سگهندا آهن، پوءِ تنهنجي نيچر جي مزاجي حيثيت- منهنجي لاءِ اهڙو ئي درجو رکندي هئي- جيئن قرآن جي حافظ لاءِ- يٰسين جي سورت.
    تنهنجي عزت ۽ پنهنجي محتاج ذلت تي- مون ڪڏهن به ڪنهن بدگمان خيال سان نه سوچيو هو- ۽ نه وري ان جو ڪڏهن ڀلجي به ڪو ڪاٿو لڳايو هئم.
    تنهنجون عادتون- تنهنجون شرارتون،
    تنهنجون رنجشون ۽ تنهنجا اصول- پنهنجي دل سان سبي ڇڏيا هئم.
    پنهنجي ذات کي- تنهنجي ذات جي قدرت کان هميشه غريب رکيو هئيم. منهنجي اهڙي سادگي کي- تو شايد پنهنجي خواهش مطابق استعمال ڪرڻ پي چاهيو، ته جيئن تنهنجي هرادا کي- پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ اعليٰ مقام ڏئي- مان پنهنجي ٻئي هر عملي فرض ۾- غفلت ۽ ڪوتاهيون ڪندو رهان!
    حالانڪ تنهنجي پرستش ۾- مونکي پنهنجو سچو خدا به ڪڏهن ڪو اتفاق ياد پيو هوندو!
    هڪ ڀيري جڏهن تو پنهنجي ڪنهن خوشيءَ ۾ ادبي دوستن جي مان ۾ پنهنجي گهر هڪ سٺي لنچ جو اهتمام ڪيو هو- تڏهن توسان گڏ کائيندي مون کاڌو تمام ٿورو کاڌو هو. ته تو مونکي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي آهستي چيو هو فتاح! تون اڃان به شايد حجاب ڪندو آهين؟“
    تو ان ڏينهن ڪپڙا به اهي پهريا هئا، جيڪي منهنجي پسند جي هميشه نفسياتي ڪمزوري رهيا هئا.
    پنهنجي جواب ۾ مون جڏهن ايمانداريءَ سان چيو هو- ”اهري ته ڪائي ڳالهه ناهي- ها البت- جي اعتبار ڪرين ته- توکي جنهن به وقت ۽ جنهن موڊ ۾ به مان ڏسندو آهيان ته منهنجو هنيانءَ ڀر جي ويندو آهي ۽ کائڻ پيئڻ واري شيءَ تي دل گهڻو نه چوندي اٿم!“
    منهنجي دل جي اهڙي مخلص خيال کي- تو منهنجي اضافي سوچ قرار ڏيندي چيو هو ”ڀلا توکي اهڙو خيال به – آيو آهي فتاح؟“ خاموش ٿي وئي هئين- سوال اڌ ۾ رهيل هو- تجسس ۾ وڌيڪ خاموش رهي تو منهنجي ڇاتي ۾ نظرون وجهندي چيو هو ”ته هڪ ڏينهن خدا جي اڳيان به پيش ٿيڻو آهي“.
    پنهنجي خلقڻهار جي خيال ۾- ڪڏهن غير حاضر ته نه رهيو هئس. پر سو حاضري، ناضري وارو معاملو هڪ پاسي رکندي هڪدم چيوهئم. ”ها!“ جواب کي اڳتي وڌائيندي- پنهنجي فراخ حوصليءَ سان چيو ته ”آسا ان وقت به جي تون مون سان گڏ هوندئين ته مان خدا جي به صحيح سڃاڻپ ڪري سگهندس.....نه ته.... نه، ته ڇا!؟“
    ”نه ته ٻي حالت ۾ ڪير مونکي به شايد- صحيح طرح سمجهي نه سگهي!“
    ”تنهنجي ذهنيت به ڪا ڏاڍي عجيب و غريب آهي فتاح!؟“
    ”ڇو؟“ مسڪرائيندي چيو هئم، ڄڻ هر حقيقت کان واقف هئس- جيئڻ، مرڻ ۽ مرڻ جيئڻ- سڀ جهڙوڪا اهميت نه رکندا هئا. تو منهنجي مسڪراهٽ کي توجه ڏيندي چيو هو ”هي تون- هر سوال جو جواب ٿڙي، کڙي ڪيئن ڏئي وٺندو آهين؟“
    ڪيڏي خود کان اڻڄاڻ هيئن- تنهنجي محبت ۾ جيڪو مئراج ماڻيو هئم. تنهن جي بلنديءَ جا صحيفا مون تي نازل ٿي رهيا هئا- جن کان تون نا آشنا هيئن.
    تنهنجي اکين جي اصرار ۾- منهنجي ذهن جا دروازا کليل هوندا هئا منهنجون اکيون- سندن آيتون پڙهڻ لاءِ- سندن وچ وارن ننڍڙن ڪارن نقطن ۾ کتل هونديون هيون- منهنجي ذهن کي تون عجائب گهر به تڏهن محسوس ڪندي هئين- تنهنجي ان اهڙي تجاويز جو توکي ڪوئي جواب نه ڏنو هئم.
    مان اهڙي حيرتزه سوچ ۾ هئس ته- دنيا جي چئني طرفن کان- انسانن ۾ هيڏو خون خرابو- قتل ۽ غاريت- ماڻهو لاش جي مٿان لتُون رکي- پنهنجي خواهشن لاءِ اڳيان ڊوڙندا پيا وڃن!
    ڪير به ڪنهن جي پڪار ۽ فرياد نه پيو ٻڌي!
    ماڻهپو مُدي خارج ٿيندو پيو وڃي.
    ماڻهو پنهنجي ئي پگهر ۾ ٻڏڻ وارا آهن!
    انسانن جا اگهاڙا لاش لاوارث ٿيندا وڃن!- رت، پت سان مليل سندن گوشت تي- ڪوليون چهٽيل آهن
    اهڙي گَهماگَهمي ۽ مارا ماريءَ ۾ تو ۽ مونکي به ڪهڙو تحفظ حاصل هو- ۽ اهڙي وٺ وٺان ۾ اسان جي اوسي پاسي کان رهيل به ڪير هو- پوءِ مون توکي ئي پنهنجو- سڀ ڪجهه پي حوالي ڪيو-!
    اسان هڪٻئي جي لاءِ وقت پي رکيو هو- اهڙين حالتن دوران ڪنهن کي ڪوئي تحفظ حاصل نه هو- ۽ اسان هڪٻئي ۾ غرق هئاسين اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي!
    جڏهن ماڻهن ۾ پيار محبت ۽ قربانيءَ جو ڪو قدر ۽ احساس ئي نه رهيو هجي! اهڙي وقت اسان چيو هو.
    ”محبت زنده آباد!“
    اها ڪا چريائپ نه هئي- پر ڪا ته سچائي هئي- ڪو ته صدقو هو جيڪو اسان هڪٻئي جي لاءِ- هڪٻئي جي خاطر- هميشه لاءِ قربان ڪري ويٺاهئاسين.
    هڪ حسين، خوبصورت ۽ نوجوان عورت لاءِ- مردن جي واقعي ڪا ڪمي نه هوندي آهي.
    تنهنجي چاهڻ وارا- ان وقت تنهنجا مداح ٻيا به ته آڱرين تي ڳڻڻ کان گهڻا هئا- جيئن ماکيءَ جا مکا- رسدار گلن جي تلاش ۾ رهندا آهن. تئين مون ۽ اقرار جهڙا ڪيترائي ٻيا تنهنجي تاڙ ۾ رهندا هئا- پوءِ پنهنجي دل کي پاڻ وٽ قابو رکي تو مونکي اوليت پي ڏني ۽ مونکي Enjoy پي ڪيئي- سو منهنجي لاءِ ته، ڪنهن وڏي انعام کان گهٽ ته نه هو!
    هونئن به دنيا ۾ اعليٰ انعام ته، پهريائين اهي ئي حاصل ڪندا آهن جيڪي اعليٰ شخصيتن جا پراڻا خادم رهندا آهن ۽ نئيين بيوقوفين جا نوان خالق هوندا آهن!
    جڏهن پنهنجي اهڙي خوشنصيب پهلوءَ تي پنهنجي بيوقوفي سان سوچيندو هئس ته خوشفهميءَ ۾- منهنجو ذهن مونکي لاٽونئڙي جيئان گهمائڻ لڳندو هو ۽ ڌرتيءَ تان خود کي اڏامندو محسوس ڪندو هئس.
    ها! برابر بيوقوفن جا پير ڌرتيءَ تي ته هوندا به ناهن- ۽ بيوقوفن جي سوچ- بيوقوفن جي ذهنن کي ٿڪائيندي به ناهي- هو دنيا کي بيوقوف سمجهي- کيس پنهنجي بيوقوفيءَ کان واقف ڪندا آهن- موٽ ۾ کين بيوقوف- پنهنجي وڏي بيوقوفيءَ سان نوازيندا رهندا آهن.
    تنهنجي اهڙي فيصلي- جنهن ۾ تو- مونکي پاڻ ڏانهن ويجهو رکيو- ان جو احسان ته لفظي جملن ۾ لاهي نه پي سگهيس جيئن ڪو عارف پنهنجي سچي خدا جي حمد وثنا پنهنجي زباني لفظن ۾ ڪڏهن به مڪمل نه سمجهندو آهي- تئين تنهنجي قرب جي ڪهاوت لاءِ- لفظن جو هميشه قرضي رهندو آيس- تنهنجي اهڙي عادت ڏاڍي پياري لڳندي هئم، جنهن ۾ ڪجهه نه چوندي به سڀ ڪجهه چئي ڇڏيندي هيئن ۽ مان چوندي، چوندي کٽي ويندو هئس- يا ڪجهه رهجي ويندو هئم. جيڪي رهجي وينديون هيون- انهن کي ياد ڪري- توسان وري اورڻ لاءِ- وچ ۾ جيڪو وقفو پئجي ويندو هو- سو سالن کان گهٽ محسوس نه ڪندو هئس- ان دوران اهڙي خفي ڪيفيت ۾- الاءِ ڇو اهڙو وشواس ٿيڻ لڳندو هئم ته پنهنجي منزل جي مقصد ۾ توکي پنهنجي دل جي سفر سان روان رکي- منزل تي پهچي به-سک ۽ سڪون شايد نٿو ماڻي سگهان- پوءِ به پنهنجي طبيعت جي اهڙي انقلاب کي درست تصور ڪندو هئس ۽ محبت ۾ خود کي مطمئن رکڻ- خبر ناهي ته بيوقوفي چئجي يا سياڻپ؟
    پر مان مطمئن ان ڪري رهندو هئس جو مونکي پنهنجي راهه مسافري ۾ تنهنجي جستجوءَ مان قرار ملندو هو- جيڪو ذهني ٿڪاوٽ لاءِ Antidote() ميڊيسن جو ڪم ڏيندي هئي- انهيءَ ڪري ئي پنهنجي مسڪين سوچ وارن نادر خيالن کي مان تو ڏانهن اپلاءِ ڪندو هئس- ته جيئن ذهن کي نواڻ ڏئي- پنهنجي انساني نسل جي اوڻاين کي واضع طرح حاصل ڪري سگهان- ۽ پنهنجي شاندار ادب کي- وڌيڪ ترقي ڏئي- پنهنجي ادبي غيرت مڃائي سگهان-
    تنهنجي حسين دنيا جي ڪنڊ پاسي کان رهي- حق ۽ صداقت جي پاسداري ڪرڻ پي چاهيم!
    مون جيئڻ ۽ جيئارڻ وارا وسيلا حاصل ڪرڻ پي چاهيا- مونکي سوز ۽ سور جي سفر ۾- وڌيڪ شانتي ۽ سڪون حاصل ٿيندو هو.
    تنهنجي مرضي ۽ تنهنجون خود مطلب آميز خواهشون- منهنجي ارادي لاءِ- منهنجي سوچ ۾ ڪيتريون ئي لڪاوٽون پيدا ڪري وٺنديون هيون- جيڪي اڻ سڌيءَ طرح- وڏن وراڪن ۾ ورهايل هيون انهن کي پُرجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ- مان پنهجني ذميداري محسوس ڪندو هئس منهنجي لاءِ اهو ضروري ٿي پيو هو ته پنهنجي اهڙي ذميداري سان پنهنجي مقصد جي موضوع ۽ ناول اسٽوريءَ جي اهڙي منظر جو ڇيد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيان.،
    جنهن ۾ اڌ رات واري اڌ آزادي جي گنڀير حالتن ۾ هم جنسي جي قتل ۽ غاريت ۽ قومي ذهنن جي نسل ڪشيءَ واري مايوسي مٽائڻ لاءِ- ڪو حقيقت پسند بهتر رستو ڳولي- پنهنجو انسان دوست مقصد ڪنهن دڳ رسائجي-
    انسان دوست رهي- حق شناسيءَ لاءِ- خيالن جي اهڙي باغ جو منظر مونکي تنهنجي دوستي ۾ نظر اچي رهيو هو- ان جي نظاري مونکي موهي رکيو هو!
    تنهنجي محبت کي مدرسو سمجهي- اهڙي مدرسي جو طالب رهي مون صرف مذهبي ڪتاب پڙهڻ نه پي گهريا- پر اهڙي تربيت حاصل ڪرڻ پي چاهيم- جنهن ۾ پاڻ رئاري ٻين کي کلائي جيئارڻ جي مڪمل سگهه هجي ٿي.
    پنهنجي نفسي خواهشن ۽ ابليس خيالن کي سنڀالي دستگيري- رکڻ جي جرئت ۽ قوت مون ۾ هئي.
    مان انشالله جي آڏو عاجز ۽ بي اختيار ايڏو نه هئس.

    


    قسط 8

    توکي پنهنجي مرض جو شفاخانو به چئي پي سگهيس- جنهن ۾ دردن جو گهٽجهڻ جي بجاءِ- واڌارو ٿيندو رهي!
    پنهنجي شفا لاءِ توکي اهڙو ئي شفا خانو تصور ڪندو هئس! جيئن ڪنهن سرڪاري اسپتال جي زناني وارڊ ۾- نرسن سان گڏ گٺل ۽ پوڙهيون ٻليون به ڊوڙنديون آهن.
    هر لڙهيل شيءَ تقريبن مئل هوندي آهي يا تڪڙو مري پوندي آهي- پر ڪا اهڙي لوڙهه به هوندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو لڙهندا ته رهندا آهن. ليڪن مرڻ تائين سندن ساهيءَ تمام وڏي هوندي آهي.
    سمنڊ جي ڇوليءَ ۾- وهڪري جي تري تائين وڃي. جڏهن موٽي وري مٿاڇري تي ايندا آهن. تڏهن ڪجهه ساعت جيئڻ لاءِ وري به ڪجهه ساهه پٽي وٺندا آهن.
    پر نينهن جي نديءَ جو وهڪرو به ڪو جهڙو تهڙو ته ناهي هوندو منهنجي من تي به تنهنجي نينهن جي نديءَ واري وهڪري پنهنجي ريلي جا ڪيترائي يادرگار ريٽ ڇڏيا آهن.
    سندس اُبتا آر دل جي ٻنهين ڪنڌين کي پائي ويا. سکن لاءِ سانڍيل- سمورا وڻ پاڙان پٽي- ٻانڌي بنائي ڇڏيائين- سانوڻي رُت ۾ ته حوصلو ئي پئي ڇڏيو وڃي!
    اميدن جي سهاري، ترندڙ ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ کي ته- ٻوڙڻ تائين نيو هئائين!
    سِير کي سامهون، سيني ساهڻ جي مجال نه هئي!
    چانڊوڪين واري چاڙهه ۽ اونداهين واري دهشت- هينئون ڦاڙي پي ڇڏيو!
    پنهنجي ٻاجهه سان ٻوڙي به وجهي ها- ته اهڙو ڀاڳ مون اڀاڳ کي نصيب ئي نه پي ٿيو!
    ڪيترا ٻيڙياتا ته- اهڙي اوڙاهه جو دم جهلي نه سگهيا- ۽ لڙهي ويا!
    ڪي ته ڪنڌي تان ئي ميهار جيئان موٽي ويا-
    ڪِن ته پنهنجو پاڻ- اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلي وڌو!
    ڪن کي ڀيلي ڀُري ٻوڙيو!
    ڪيترن ته دم دلاسي ڪنهن- وچ سير وڃي- پوءِ ڪئين پُڪارون ۽ سڏ پچارون ڪيون!
    ڪن ويچارن کي ته- پرزو به هٿ نه آيو!
    مان ته مورڳو اڻتارو- جَر جوکي کان به اڻڄاڻ- مئي متو مهراڻ- ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ سِير جي سَٽ- دل کي دڙڪا ڏئي من پي ٻوڙيو-
    مان لڙ ۾ لڙهي پيس!
    ٻڏندي ٻوڙن جي سهاري- جيئڻ جا جتن ڪري- مڙئي پي ساهه پٽيم! نه ملاح نه مُڪڙي- نه ڪنڌي نه ڪنارو!
    جيڏانهن پي ڪيم نگاهه ته مڙهه، مڏيون مڙئي محبت!
    ڪنهن کي به محبت جي مام کان آجو نه ڏٺم:
    پنهنجي اندر جو اجهو به جُهري چڪو هئم-
    ڪير هو- جنهن منهنجي جيءَ تي ڇپر ڇانوَ اڏيو- ها! اهو تنهنجو احسان هو- من جي آسڻ تي بيٺڪ ته صرف تنهنجي ناز ونياز جي هئي-
    جڏهن ڪتيون ڪر کڻي آڌيءَ تي اينديون هيون- ته تنهنجي جوٽ تي پنهنجو سر سمهاري- لکيل تنهنجو نانءُ- توکي پڙهي ٻڌائيندو هئس. هڪ رات وڏي ويرم کان کانپوءِ تو چيو هو ”ڪافي دير ٿي وئي آهي فتاح! اٿ ته هلون... ڏس ڪُتا به هاڻ اوناڙيون نه پيا ڪن...“
    ”شايد اڄ قدر جي رات آهي آسا- چون ٿا قدر جي رات ڪتا اونائيون نه ڪندا آهن!“ قدر وارن لاءِ هر رات قدر جي هوندي آهي“. اهوڪنهن شاعر جو مقولو هو- تو منهنجي لاءِ استعمال ڪندي چيو هو- تڏهن مون توکان پڇيو هو ”آسا ماڻهو جو قدر ڪندي آهين“ ۽ تو چيو هو،
    ”ماڻهپو ڪٿي رهيو آهي فتاح! جو تون مون کان منهنجي انصاف جي حد ٿو پڇپين!؟
    خبر ناهي ڪهڙي ڳهر هيئي- جو مونکي اهڙو سٺو جواب ڳهلائي ۾ ڏنو هيئي- تو پنهنجي من ديوالي ۾ مونکي ويٺل نه ڏٺو هو- جنهن کي مان جاڳي چراغان ڪندو هئس.
    تنهنجي من ديواليءَ جو مشتاق بڻجي- پنهنجي سيني اندر سمائجي ويل خيالن سان- عبارت جي اهڙي عمارت اڏڻ به چاهيم- جنهن ۾ پورهيت جي بک، بيماري ۽ اگهاڙي انگ لاءِ ڪا سام هجي ۽ ڪو حيلو وسليو هجي.
    اهڙي عبارت! جيڪا سندس محرومي، بي قدري جو سبب- نفعي خور زماني کان- ان کان جو ضمير پڪڙي ان کان پڇندي هجي. ۽ ناجائز نفعي خوري واري خاتمي جو حل- پاڻ ڳولي لهندي هجي-
    سماج ۾ قائم ڪيل رشوت خوري- بدمعاشي ۽ بي ايماني- بداخلاقي ۽ بي حيائي،
    بدسلوڪي ۽ بي رحمي،
    بدنيتي ۽ بي شرمائي،
    بد عهدي، بد انتظامي ۽ بي غيرتائي جي شهنشاهي کي ذلت جو موت ڏيئڻ لاءِ، پنهنجن خيالن جي تشبيهه کي اهڙي تحرير بنائڻ پي چاهيم- جيڪا سچائي پاڻ ڳالهائيندي رهي ۽ پنهنجي لفظي جنگ- اهڙن مضبوط هٿيارن سان وڙهي جيڪا فتوائي ملائيت جا پٽڪا چنڊي! انسان، فڪر جي آزادي، امن، اخوت ۽ اقتصادي خوشحالي جي نمائندگي ڪري سگهي.
    پر جيئن پنهنجائپ جي احساس ۾- ٿوري ۽ ننڍڙي ڏکوئيندڙڳالهه تان به- درديلو روڳ اندر کي ڳارو لڳي ڳاريندو آهي، تيئن تنهنجي هر ننڍي، وڏي، مڙئي گفتي ۾ به اهڙي بي رُخي هوندي هئي، جنهن کي مان پنهنجي لاءِ چرچو ۽ ٺٺول سمجهي پنهنجي اندر جون اکيون روئنديون محسوس ڪندو هئس.
    ان ڏينهن تون لنچ دوران اها به ڳالهه ڪئي هئي ته ”فتاح! توکي ٽيليفون ڪرڻ لاءِ مون رسيور کڻي نمبر ڊائل ڪيو ته وچ ۾ ڪنهن گار ڏيندي چيو ته، نمبر انگيجڊ آهي، شايد ڪوئي آپريٽر هو“ تو اهڙي گندي حرڪت کان نفر ڪندي وڌيڪ چيو هو، ”فتاح! تون جنهن انسان دوستي جي ڳالهه ڪندو آهين، سان ها ڻ فون آپريٽر تائين به نه رهي آهي- اسان جي حالت اها آهي- جو سئو مان پنج ماڻهو اخبار پنهنجن پيسن سان وٺي پڙهن ٿا، سي به ڪنهن ذاتي ضرورت جي مجبوري کان، استاد، جيڪو وقت جو پيغمبر هوندو آهي- تنهن کي بازارين جي هوٽلن تي گارين سان ياد ڪيو ويندو آهي. هر Teachable فرد رسوا ۽ ذليل ڪيو پيو وڃي- هزار بيمار مريض ماڻهو تي هڪ ايماندار ڊاڪٽر مقرر آهي، سو به پنهنجي مرضيءَ سان، پنهنجي ئي گهر ويٺي، جنهن کي جيئاري!؟هڪڙو هاري ٻه سئو ماڻهن لاءِ اناج اپاءِ انهن جي روزي روٽي جو سبب بڻيل آهي.
    سؤ 100 مان ستر 70 عورتون Delivery ڪيس ۾ مرن ٿيون، ٽيليفون آپريٽر گارگند کانسواءِ ته، ڪنهن سان ڳالهائن ئي ڪو نه.
    ٻارڙن سان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي!
    مطلب ته اسان جو سماج- بس رڳو ايترو سڌريو آهي، جو هاڻ ڪتي کي به چڪ پائيندي دير نٿا ڪن“.
    تنهنجون ڳالهيون ته ڪيڏيون نه سهڻيون هيون، پر اهڙن خيالن سان- تون محض مون کي Teach ڪندي صرف پنهنجي طرف کان رڳو مطمئن ڪندي هئين- جيڪا منهنجي دل وٽان هوندي هئي.
    هڪڙي ضرورت ئي هزار خواهش جا ارادا جاڳائي وجهندي آهي. ماڻهو پنهنجي ضرورت لاءِ- پنهنجيئي خيال سان- پنهنجا مٿا ڪٽيندا آهن.
    عام ماڻهن جيئان- تون به پنهنجي خيال کي سر جو سنوهڙو سمجهي سر تان اڇلي ڦٽو ڪندي هئين- ۽ مان پنهنجي شڪي حالت سان- توتي ائين سوچيندو هئس- ته تو پنهنجي طرف کان جو ڪجهه چيو پي- ان حقيقت کي پنهنجي فڪري پهلوءَ ۾- تو ڪا به جاءِ نه پي ڏني.
    شايد پنهنجي گيرپ ۾- منهنجي گيان کي- گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئين.
    ڪيڏي نه بي خيالي رهندي هئين- مان ته تو ۾ ئي گم رهي رِچي رهيو هئس.
    منهنجي من جي مڙهيءَ ۾- تنهنجي مستي سمايل هئي.
    تنهنجي پاٻوهه ۾ ئي پلجي رهيو هئس- جنهن منهنجو من ٻيڙي جيئان ٻڌي ڇڏيو هو.
    تنهنجي رخسارن جي رِم جهم ڪمالي ڪيفيت رسائي ڇڏي هئي، تنهنجي هر خود فريب خيال ۾- مومل جيئان پاڻ وڻائڻ جا وجهه سمايل هئا.
    هن ڪمپيوٽر ايج دور ۾- اهڙا ماڻهو ڪنهن نه ڏٺا- جيڪي پنهنجي ڪپڙن ۾ ننگا ناهن هوندا!
    تو شايد اهڙا ماڻهو نه ڏٺا هئا- جيڪي پنهنجي ڪِياڙيءَ ڏانهن لوڻو هڻي، پنهنجي اگهاڙي پٺ ڏسي ٿا وٺن ۽ پنهنجا پير- پنهنجي منهن تي رکي ٿا سمهن!
    ڪنهن جي اندر جو انياءَ ڳولڻ به ڪا ضرورت آهي!
    اندر جو انسان- جيڪو صرف نيت جي نالي سان زنده آهي- ان جو هر عضوو صرف صلاحون ڏيندو آهي.
    اهي ماڻهو معذور ذهن ٿا رهن- جيڪي صرف ٻين جو اندر ٿا کوٽين-
    ڪيڏو پاڳل هئس- پنهنجي اندر جي اوگهڙ به توکان لڪائي رکي هئم- تو ته پنهنجي وڏائي کي وندر بنائي رکيو هو- مون پنهنجي من جو اڱڻ ڪشادو ڪري رکيو هو- منهنجو عقيدو هو ته، بي مقصد زندگي ۽ من سوڙو ڪرڻ ۾ ڪو به سوز ۽ سڪون ناهي هوندو.
    انسان ۾ دل نه هجي ها ته، روحن جون رڙيون ٻڌي- ماڻهو ننڊون نه ڪري سگهن ها!
    رات کي چنڊ نه هجي ها- ته فطرت به اڻپوري هئي، ائين ڪائنات ۾ انسان جو وجود- ڪنهن اعليٰ آدرش جي تخليق آهي- سندس وجوديت ۽ ماڻهپي جي چنتا ماڻهو ۾ ئي آهي. جيئن تو هڪ لڱا پڇيو ”زندگي ڇا آهي فتاح؟“
    ماڻهو اڌ پاڻ ڄاڻندو آهي ۽ اڌ ٻين کان ڄاڻائڻ چاهيندو آهي مون پنهنجي ڄاڻ مطابق جواب ڏيندي چيو هو ”زندگي ڌرتيءَ جي کنڀي آهي- ان جي لتاڙيندڙ کي ڍورن جو ڌڻ چئبو آهي“
    خاموش ٿي وئي هئين- شايد زندگي جي لتاڙ تو نه ڏٺي هئي-
    تون شايد اهڙي احساس کان محروم هيئن، ته موت جي سزا کاڌل ماڻهو- قانوني موت مرڻ تائين وري به ماڻهن ۾ رهندو آهي-
    پر ماڻهن ۾ کيس ماڻهپو سالم نظر نه ايندو آهي- هن کي موت جي سزا ته ماڻهو ئي ڏيندا آهن- سندس لاءِ مقرر ڪيل سرڪاري موت جي مهل کان اڳ سندس خيالن تي جبلن جيڏا ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
    تماشائي بڻيل پنهنجي انسانيت واري ڪيفيت ۽ ڪربناڪ سوچ ويچار ذريعي ماڻهپي سان ٿيندڙ مذاق جي هو پوري ڄاڻ حاصل ڪري ويندو آهي.
    وت جي سزا قبولڻ وقت، پنهنجي وجود کي انسان ڇو هجڻ جا طعنا ڏئي- پنهنجي روح کي ڪتي جهڙي شڪل ۾ به زنده رهڻ لاءِ اوليت ڏيندو آهي.
    موت پنهنجي اکين کان به ويجهو ڏسندو آهي- تڏهن انسان جي دنيا جانورن جو جهان تصور ڪندو آهي.
    اهڙي مايوسي واري حد تي- هر ماڻهو کيس ڪنهن اڻ ڏٺل خوف ۾ ورتل محسوس ٿيندو آهي.
    انسانيت جو ساهه ڳڙڪائيندڙ قانوني ڪرسين کي خيالي بونڊا ڏئي اهڙي منصفي فرض کي دل ۾ گاريون ڏيندو آهي.
    ماڻهپي کي ماڻهو جي روپ ۾ ڏسي پنهنجي وشواس ۽ ويساهه تي چڙ کائيندو آهي.
    پنهنجي جيوت لاءِ، جيئڻ رهڻ ۽ کٽڻ، هارڻ وارا سڀئي وجهه وڃائي وينتي وارا خيال به پنهنجي خام خاموشيءَ ۾ کائي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
    ليڪن پوءِ به- پنهنجي محبت وارا عظيم خيال ۽ يادون پنهنجي سقيم دل سان پنهنجي يتيم ذهن ۾ سانڍي سلامت رکندو آهي-!
    جنهن جو اظهار پنهنجي دل جي ديوار کان ٻاهر ڪڍي نه سگهندو آهي. اندر واري اهڙي هُل ته امن ڪڏهن به ڪنهن سان ناهي رکيو.
    پنهنجي من جي اهڙي اڪيلي گهر ۾- تو بن تنها- مان به اهڙي سزا جو قيدي بڻيل رهيس- پوءِ به منهنجي ڏات جو ڏيئو- تنهنجي اوسيئڙي ڪٿي اُجهاڻو هو.
    ٻانگون ٻڌندي ڪيئين راتيون ويهاڻيون- نه کٽو ٻري تيل ڏيئي جو- نه جيءَ جو جيل ٽٽو.
    ڳل ڳراٽڙيون ڏئي- ويهڻ وارا ويلا ٽري ويا-
    پرهه جو پهر پسي- هيئن سان هاڃو ٿيندو رهيو- نهال نيڻن کي- ننڊ سان ته ڪا نسبت ئي ڪا نه رهي-،
    ڪتيون ته ڪر کڻي روز پي آڌيءَ تي آيون، پر تو بن تن جي تونس کي تنهنجي تلاش هئي.
    ننڊ جي نينهن ۾- جوين کي ٻک هڻي- اگهور ننڊ ستل ماڻهن جو ماڻهپو به ملائڪن جي حوالي هو-
    انسانيت جانورن جي روحن سان ريهاڻيون پي ڪيون-
    جنهن ڪتن جي اوناڙين کان ٽاهه کائي- ماڻهپي جي تلاش ۾- هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙون پائي- مونکان تنهنجو پڇيو هئائين-
    شايد تو بن مون ۾ ماڻهپو به نظر نه آيو هئس،
    تون خبر نه هئي ته ڪٿي هئين،
    مان ساڻس ويساهه گهاتي به نه پيو ڪري سگهان،
    منهنجي ساک اڃان سلامت هئي، مان ڪارپت جو ڪوڙو ٿيڻ نه پيو چاهيان- ۽ هُو منهنجي ڪڍ لڳل هئي سو تنهنجي لاءِ.
    مان کيس اڌ مئل ماڻهن ڏانهن نه پيو موڪلي سگهان- ڇو ته جوين کي ٻک هڻي گهري ننڊ ستل ماڻهن کي ته- تو اڌ مئل ماڻهن ۾ به شمار ڪيو هو.
    منهنجي ڏات جو ڏيئو ٻرندو ڏسي- منهنجي ورهه جو به مونکان پڇيو هئائين.
    مان تنهنجي نيڻن واري زندان جي اسيريءَ ۾ زهر آلود هئس- ساڻس پنهنجو ورهه ونڊيان ها- پرمان کانئس خائف هئس مونکي اهو خوف هو ته- ڪٿي مونکي مئل نه سمجهي،
    مان کيس تو ڏانهن پيو موڪليان- پر تون شايد ڪنهن ماڻهپي جي تلاش ۾ ڪٿي گم هئين!
    مان اگر توڏانهن موڪليانس ها- ته تون کيس ٻڌائي به ڇڏينس ها- ته مئل ماڻهو ڪهڙا هوندا آهن.
    ۽ پوءِ پنهنجي پسند مطابق- ماياڪوفسڪي، همنگوي- علامه آءِ آءِ قاضي- ماڻڪ، پريمي وغيره وارن جي مزارن جي زيارت به شايد ڪرائين ها!- ۽ پوءِ جي ضرورت سمجهين ها- ته منهنجو ڏيئو اڃان اجهاميو نه هو- مان تنهنجي رخسارن جي ڪيف ۾- پنهنجن- ڪڪوريل نيڻن سان قلمدان تي ويٺل هئس- ۽ منهنجو اڻٿڪ قلم پنهنجي تيز نوڪ جي ڌار سان- لکين امر لفظ ڪاغذ جي سيني تي سمهاري رهيو هو.
    پر تو بن صرف اهڙن لفظن جي کوٽ رهي جيڪي مڪمل زندگي جا جملا ٺاهيندا آهن- ۽ انسانيت کي پنهنجي امرتا بخشيندا آهن.

    


    قسط 9

    توکانسواءِ مونکي اهڙا ماڻهو الاءِ ڇو ياد نه آيا- جن بابت تون چوندي هئين ”فتاح ! اهي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو انسانن سان ٿيندڙ- جانوري رويي کان ڪا به ڪراهت نٿا کائن ڇو- ۽ نه وري اهڙي انسان سوز مذاق ۽ ذلت جو کين احساس به آهي.“
    تڏهن به مون چيو هو”آسا! اهڙا ماڻهو پنهنجي غلام ذهنيت ۾ محو رهي- پنهنجو اخلاص مٽاءِ ماٺو ڪري چڪا آهن.“
    تڏهن تو پلٽو کائي مونکي هيسيندي چيو هو”ها، ها تون ته سندن ماڻهپي جو ٺيڪيدار آهين- انهن پنهنجو پيار، سچائي، ۽ صدق دلي تو وٽ اچي وڪيو آهي نه“
    تنهنجي چوڻ مطابق سندن انسانيت جو ٺيڪيدار ته برابر نه هئس- پر تنهنجي قربت جي رسمي ادا مونکي اهڙن ماڻهن ۾ ضرور شمار ڪيو هو. جيڪي ننگن تان نثار پي ٿيا.
    سچ پچ ته- زندگي جا اهي لمحا جيڪي تنهنجي زندگي جي سايي ۾ پي گذريا- ان وقت منهنجي اندر ۾ اهڙي جوان مردي به جاڳي پوندي هئي- جو انسان جي عظمت اجارڻ خاطر- سوليءَ جو سينگار سجائڻ جي خيال سان پنهنجا ٻئي هٿ- پنهنجي ڪنڌ ۾ وجهي- چرين جيئان- سوچيندو هئس- ته خبر ناهي ڦاهي جي ڦندي ۾ منهنجي ڪوري ڪنڌ جي ماپ آهي به يا نه.
    تو نه چيو هو ته ”ماڻهو جيترو ئي- جنهن ماڻهو ۾ حقيقت جي نظر سان سوچيندو- ان ماڻهو مان اوترو ئي سچ حاصل ڪندو آهي.“
    ۽ پوءِ مون اهو سوال پڇيو هو ته ”غلام ماڻهو تي سوچڻ سان- ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي؟“
    ”ڪوئي بهتر عمل.“ تو دانشور دانا انداز ۾ چيو هو ۽ تو تشريح ڪندي چيو هو”انسان جيڪو ڪائناتي هنگامي جو هڪ بامقصد امير آهي ان کي پنهنجي مرضي جو غلام بنائڻ- ڪوئي اتفاقي هنگامو ته نٿو چئي سگهجي فتاح- پر هڪ بامقصد يا بهتر عمل به ان کي هرگز نٿو چئي سگهجي.“
    ان وقت مون پنهنجو مثال ڏيندي توکان پڇيو هو”ڀلا مان توکي- تنهنجي غلاميءَ ۾، ڪواتفاقي هنگامو نٿو لڳان؟“ جيئن ٻانگ ٻڌڻ سان اسلام جا شيدائي ماٺ ۾ الاءِ ڇا سوچيندا آهن- ائين خاموشيءَ ۾ الاءِ ڇا سوچي رهي هئين.
    تو اهڙيون ڳالهيون به نه وساريون هونديون چوندي هيئن”فتاح! مونکي هنن چمڪندڙ مصنوعي روشنين ۾ ڪوئي لطف نه ايندو آهي- اهي ته رهنديون منهنجي من کي مايوس ڪري، مونکي پريشان ڪنديون آهن. رات جي گگهه انڌيريءَ جي تنهائي وقت جڏهن انهن تي نظر وجهندي آهيان ته مون تي هڪ وحشيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ دل جو خون گهٽجي ويندو آهي.“
    چنڊ جڏهن پوين تاريخن جو ٿي ويندو هو- تڏهن جي تو وٽ حاضري ۾ نه هوندو هئس- ته شايد اهڙي بيچينيءَ ۾ تون هر، هر، ٽيليفون ڪري پڇندي هئين ”فتاح! اڃان چنڊ نه اڀريو آهي ڇو؟“
    ڪهڙو نه عجيب مرض آهي محبت جو- هڪ دفعو لڳي ته ٿورو ڄاڻندي به- ماڻهو جهڙو پنهنجي پيغمبري کي پهچيو وڃي ڪيڏو توکي تنگ ڪندو هئس. جڏهن چنڊ اڀري مٿي ايندو هو. تڏهن چوندو هئس ”آسا! چنڊ ته ڪيڏي مهل اڀري چڪو آهي- ڇا تو اڃان نه ڏٺو آهي؟ افسوس چنڊ چوڏس چمڪي پيو آهي- ۽ تو اڃان پنهنجي نظر سان به کيس ناهي نوازيو.“- ۽ پوءِ چوندي هيئن ”پوءِ اتي ڇا پيو ڪرين- هيڏانهن نٿو اچين ڇو- سگهو اچ- مان لان جي ڇٻر تي ليٽيل هوندس- اڪيلي پئي هونديس.“- ٻيو سواءِ اڌڙ عمر واري نوڪري جي هوندو به ڪير هو- بس تنهنجي سڏڻ سان تنهنجن وارن جي مهڪ مونکي ويهڻ نه ڏيندي هئي- ۽ هليو هليو ايندو هئس. شايد مصنوعي روشنين کان تنگ اچي- تون چنڊ جي هر رات چندرڪا جي تفريح لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.
    هڪ رات چنڊ ۾ غور سان ڏسندي پڇيو هيئي ”فتاح! مان چنڊ کي جڏهن گهوري ڏسندي آهيان- ته هوءَ بادلن ۾ ڇو ڇپي ويندو آهي؟“
    تو پاڻ وڻائڻ خاطرچيو هو- ۽ تنهنجي ان خواهش کي وڌاءُ ڏيندي مون چيو هو”ڪيڏي نه چري آهين آسا! تون پنهنجي چندرما چهري کان به اڻڄاڻ آهين-
    ”ڪيئن الاءِ؟“ تو چنڊ تان نظرون هٽائيندي مون ڏانهن منهن ڪندي چيو هو. مون وڏو ساهه ڀريندي پڇيو هو- ”حسين پنهنجي حسن کان ايترو اڻڄاڻ ڇو هوندا آهن؟“
    اهڙو سوال ڪنهن برباد دل کان پڇڻ کپندو هو- پر توکان پڇي ويٺو هوس- انهيءَ ڪري جو- تنهنجي صورت ۾ حقيقت جو راز تصور ڪندو هئس- پر تو منهنجن اهڙن خيالن کي- هميشه لفظن جو لباس پي سمجهيو هو.
    تنهنجي گفتار ۽ آواز ۾- فطرت جي ڪمپوز ڪيل موسيقي منهنجي روح کي- مٺي ننڊ ڏئي- مونکي وجد جي حالت ۾ آڻي ڇڏيندي هئي. دل نچندي هئي- اکيون ٻڏنديون هيون ۽ دماغ ڊوڙندو هو.
    انهيءَ رات خبر ناهي تو پيتي هيئي الاءِ ڇا- جو تنهنجي گلي جو آواز اهڙيون مڌر راڳڻيون پيو ڇيڙي- جو مونتي اڻ پيتيءَ جا چڙهي ويا هئا.
    مان من جي پاتال ۾ پيهي ويو هئس،
    دل جي سمنڊ ۾- منهنجو شاعر ويٺل هو، جنهن توسان مخاطب ٿيندي پنهنجي نثري ٻولي ۾ چيو هو.
    ”آسا! تو بن جڏهن، تارا ڳڻيندو آهيان،
    تڏهن تنهنجو نانءُ، ياد ايندو اٿم،
    پوءِ، تارا،
    جيترا ڳڻيندو آهيان،
    هڪ، هڪ تاري سان گڏ،
    اوترا ڀيرا،
    تنهنجو نانءُ به ڳڻيندو آهيان- ۽،
    سج اڀري پوندو آهي، پوءِ،
    تارا کٽي پوندا آهن-پر،
    تنهنجو نانءُ فاضل،
    پوءِ باقي به رهندو آهي.“
    شاعرن سان تنهنجي ڪا خدا ڪارڻ جي دشمني هئي- شاعري ٻڌڻ سان يا شاعريءَ جي موضوع ڇيڙڻ سان ئي چڙي پوندي هيئين- حالانڪ ٿوري ٿڪي شاعري ته توبه ڪري پي ٻڌائي- سا به ٻين جا شعر بگاڙي پنهنجي نالي سان ٻڌائيندي هيئن. پر منهنجو شعر منهنجي زباني ٻڌڻ سان- تنهنجي طبيعت تنگ ٿي پي پيئي- جهڙو ڪنهن شاعر جي غزل ۾- تنهنجو حسن قلمبند ٿيل ئي نه هو.
    انهيءَ رات - تو پنهنجو پاڻ کي تنبيهه ڪندي چيو هو ”تاريخ کان اڻڄاڻ اڄ جو شاعر جنسي نيچر جو ڪيڙو آهي.“
    واهواهه! تنهنجو اهو- اهڙي طرح سان سڀڪجهه چئي ڏيئڻ منهنجي ذهن کي بلندين ڏانهن اڇلي ڇڏيندو هو. جتان واپس اچڻ تي-روح ئي نه چوندو هئم.
    پر ڇاپي ڪري سگهيس- پنهنجي ته دل جي وصيت تي به اختيار مونکي نه هو- مان بيوس بڻيل هئس- دل تي حڪمراني به تنهنجي اهڙي خدائي جي هئي- جيڪا جيئن بلندين ڏانهن اڇلندي هئي ساڳي طرح پنهنجي دلربائي سان پاڻ متوجهه ڪرائي- پنهنجي وجود ۾ واپس آڻيندي هئم.
    اڄ جي شاعر بابت چيل تنهنجن لفظن تي مان پنهنجي تحسين تلفظ جو اظهار ڪرڻ وارو هئس- تيسيتائين آسمان طرف تو تڪڙو اشارو ڪندي چيو هو”فتاح! هو ڏس- مون چنڊ کي چتائي ڏٺو آهي- ته هو ڏس- ڪڪرن جي ڪڇ ۾ ۾ ڪيئن نه لڪي ويو آهي!“
    ”آسا“ نظر آسمان ۾ هئم تنهنجو نانءُ پڪاريو هئم.
    ”هُون“ نڪ مان ڳالهايو هيئي- شايد چنڊ ۽ ڪڪر جي سوچ ۾ هيئين. موقعو مهل ڏسي مون چيو هو- ”توکي چنڊ ڏاڍو وڻندو آهي؟- نه؟“
    چنڊ ڪڪر جي ڪنڊ مان نڪري ٻاهر ٿيو هو- تنهنجي منهن تي چنڊ جي ٿڌي روشني ڊوڙي وئي هئي- تو منهنجي سوال تي ڌيان ڏيندي چيو هو ”ڇو توکي نٿو وڻي ڇا؟“ تو حيرت کائيندي پڇيو هو.
    ۽ مون چيو هو ”مون کي چنڊ کان وڌيڪ- پري پري تائين ڦهليل سندس چانڊاڻ وارا کيت وڻندا آهن.“
    ”چنڊ ڇو نٿو وڻي؟“ تو سوال تي زور ڏيندي ائين پڇيو هو ڄڻ چنڊ به تنهنجي ملڪيت هئي. ۽ مون تنهنجي سوال جو ڀرم رکندي چيوهو ”مونکي تو جيها- پنهنجا ديسي ماڻهو- چنڊ کان وڌيڪ وڻندا آهن. جن جي ٽامي جهڙي چهري تي- چنڊ گرهڻ جهڙو تؤ هوندو آهي ۽ جن کي ٻه اکيون ٽيو نڪ به هوندو آهي“ ”نڪ ته- ماڻهن سڀن ۾ هوندو آهي.“ تو کلي پڇيو هو!
    مون موضوع بدلائيندي چيو هو”نه آسا! اهڙا ماڻهو آهن جن کي نڪ نه هوندو آهي“
    ”اهي وري- ڪهڙا ماڻهو“ عجيب کل کلندي پڇيو هئي-
    پر مون سڀ نظرانداز ڪندي چيو هو ”تو شايد اهڙا ماڻهو نه ڏٺا آهن- اهي ته بس مڙئي،جهڙا ماڻهو هجن آسا! جڏهن کان اهي گجر، موري- ڌرتي کوٽي چوري هٿ سان ڪڍڻ سکيا آهن- تڏهن کان کڏون کوٽڻ سندن عادت بڻجي وئي آهي“-
    چنڊ پنهنجي رفتار ۾ هڪ هنڌ بيٺل هو- هلڪا بادل هئا. جيڪي منهنجن خيالن جيئان هڪٻئي پٺيان ڊوڙي رهيا هئا- اسان پنهنجو موضوع وري به اچي شاعر ۽ شاعري تي کٽايو هو- ان دوران تو وري به تاريخ کان اڻڄاڻ اڄ جي غير شعور شاعر کي- جنسي نيچر جو ڪيڙو چئي- ڄڻ منهنجي ستل شعور کي به جاڳائي ڇڏيو هو.
    هونئن به جڏهن ادب جو موضوع ڇڙندو هو- ته تون غضب جي ڳالهه ڪري ڇڏيندين هئين.
    مان ناول لکڻ جو پڪو پهه ته ڪري ڇڏيو هئم- پر هر خيال اڌورو ۽ هر منظر کوٽو پي لڳو- سو تڏهن- جڏهن زندگي جو مليل هر لمحو به اڌورو ئي تصورپئي ڪيم.
    پوءِ به پنهنجي مضبوط ارادي سان- تنهنجي هنگاما خيز محبت ۾- هڪ اهڙو ناول لکڻ پي چاهيم- جنهن ناول تي ٻيا ناول لکڻ لاءِ- ناول نويس پنهجون خواهشون سانڍي ويهن- پر جڏهن لکڻ جي مقصد سان ويهن- ته مونکي ديوانو سمجهي پنهنجا قلم ڪاوڙ مان ڇنڊيندي- پنهنجون ٻانهون ٿڪائي وجهن- هڪ جملي کان ٻي جملي تاءِ سوچيندي- پاڻ گم ڪري- پنهنجا پويان خيال به وساري ويهن- ۽ منهنجو ناول سندن اهڙي ڪيفيت ڇڏائي- جو تشبيهه کان اشتعارن- استعارن کان ڪناين ۽ ڪناين کان تمثيلن تاءِ وڃڻ لاءِ- سياري جون راتيون به کائن کٽي پون- جڏهن تنهنجي ڪردار تي سوچين- ته منهنجي غير فاني هئڻ جو اعلان ڪري ويهن ۽ محبت جا قاري بڻجي پون.

    


    قسط 10

    جڏهن شاهه لطيف جي درگاهه تي هليا هئاسين- اتي توجيڪي چيو هو-سو توکي ياد هوندو الاءِ ته وسري ويو- توچيو هو ”فتاح! لطيف سائين جي چائنٺ چمي- تنهنجي منهن ۾ ڏسڻ کانپوءِ- مونکي جهڙو يقين ٿي پيو آهي- ته تنهنجو ناول سنڌي ادب جو ٻاويهون سيپارو هوندو.“
    منهنجي ناول جي هر علامت، آيت ۽ آثار تون ئي ته هيئن- جنهن پنهنجا مڪالما پاڻ پي ڳالهايا.
    پنهنجي واکاڻ جو حق ته- سچي خدا جيئان- هر ڪوئي جتائي ٿو پر اهڙي ساراهه کي جٽاءُ- مٽي جي ٺهيل ڪنهن ٿانوَ جهڙي هوندي آهي.
    مان محبت کي سجدو ته ڪري ويٺو هئس- پر سندس نماز خبر ناهي ڪيتري وقت کان قضا ڪري ويٺو هئس.
    بس اهو اعتماد مضبوط هئم ته- محبت جي عمل سان زندگي جو يقين آهي.
    ڪيئين راتيون چنڊ، ڪڪر ۽ تارا ڪتيون تڪيندي گذاريون هيونسين ڪا اهڙي رات هوندي، جنهن ۾، چنڊ جو لڪي ڏسڻ، تارن جو ترڪڻ ڪتين جو جهلملائڻ ۽ ڪڪرن جون ڪوهن تائين ڊوڙوڻ نه ڏٺوسين اهڙي ئي ڪڪرن سان ڍڪيل تارن ڀري رات گذاريندي- تنهنجو من محبت کان محروم محسوس ڪندي مون چيو هو ”آسا! هر سيڪنڊ ۽ منٽ کانپوءِ، پنهنجي نئين صورت ٺاهيندڙ- ڪڪر به ڪڏهن، ڪڏهن فضا ۾ محبت جو نانءُ لکي ڇڏيندا آهن.“
    تو دلچسپي وٺندي- چيو هو ”پوءِ توکي اهي ڪيئن ٿا لڳن؟“
    ”ويچارا محبت جي نزاڪت ۽ سرور کان بي لطف آهن- اداس دلين جي غمِ وصال واري پياس ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندا آهن.“ ”پر اهي بادل توکي ته وڻن ٿا نه؟“
    ”تنهنجي ڪري آسا! انهن ۾ به شام وارو اڪيلو ڪڪر ته منهنجو هنيانءُ پٽي وٺندو آهي.“
    ”سو ڪيئن؟“ خشڪي مائل چپن سان مسڪرائيندي پڇيو هئي. ۽ ان ڪڪر کي پنهنجي حال سان تشبيهه ڏيندي مون چيو هو. ”شايد مون جيئان اڪيلو اهو بادل به-غمن جو ڀريون کڻي- ڪنهن غم ڪدي جي تلاش ۾ ڊوڙون پائيندو آهي.“
    ڪنهن ڊوڙ ۾ ڇڄي وڃڻ کانپوءِ- هر اڪيلي شيءَ کي صرف لوڻا ئي ته حاصل ٿيندا آهن.
    هونئن به لوڻن کان وڌيڪ- انسان ويچاري کي- ٻي آزادي مليل به ڪهڙي آهي.
    پنهنجن جسمن جو سودو ڪري- پنهنجا عضوا هڪٻئي کي ڏئي- هڪ جسم ٿي ويندڙ اهي ڪڪر- تنهنجي ذهني سڪون لاءِ ته- ڪنهن ويڄ جي حيثيت رکندا هئا.
    خاموش ڪڪرن جيئان منهنجي اڌ مئل پياسي ڪيفيت ۽ ڪڪرن جو ڊوڙي هڪٻئي منجهان مٽي، هڪ جسم ٿي وڃڻ وارو منطر توکي ڏاڍو وڻندو هو.
    مون چاهيو پي ته- ڪنهن ڪڪر تي به، تنهنجو نانءُ لکي ڇڏيان- پر محبت جي خالق جو ٿورائتو آهيان- جو ڪنهن رولاڪ ڪڪر جي بجاءِ- تنهنجو نانءُ منهنجي دل جي شريانين ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو- نه ته ان بنا پنهنجو جيئڻ به- انهن رولاڪ بادلن پٺيان ڊوڙون پائيندي کپايان ها! ۽ شايد ڪجهه حاصل ٿي نه سگهي ها.
    پوءِ اهڙي جدائي جي غم ۾- روز الائي ته- ڪيتريون ٺري جون ٿيلهيون خالي ڪرڻيون پونم ها! – جن ۾ تون اڄ جي آدم جي انسانيت پيل تصور ڪندي هئين.
    دنيا ۾ هر دور کان- ماڻهو پنهنجي غمزده خيالن جو اظهار ڪندوآهي- پر هن دؤر ۾ انسان ڪمپيوٽر جو ابو بڻجي ويو آهي- تڏهن مان ڪنهن کي ۽ پنهنجي ڪهري عضوي تي هٿ رکي چوان ته- مونکي جسم جي هن جاءَ تي درد ڌڳي پيو؟
    دليون درد قبولڻ وقت- پنهنجي ايندڙ آزار کان اڻڄاڻ هونديون آهن. ڪيڏو نه اڻڄاڻ رهيس-پنهنجي اندر جي ۽ پنهنجي وجود جي ڪيفيت ۾ رهي- ناول جي نالي سان – پنهنجو ادبي اولاد به- الاءِڪيترو ڄڻيان ها! جن جو اخلاقي مدار ۽ تعداد جو انگ- تنهنجا ڪنوارا ڳل هجن ها! – جن تي محبت جي مسرت جا- دعوت نامه درج ٿيل هئا.
    ڪاش! توکي اهڙي حقيقت جي ٿوري گهڻي ڄاڻ هجي ها؟ ته هر پريميءَ جي من ۾- پنهنجي محبوب جي زنده سندرتا دفن ٿيل هوندي آهي- جيڪا لافاني آهي- پر افسوس-جو حسينن وٽ- حسن خوش ادا سان گڏوگڏ- قدرِ منزلت به هجي ها- ته آسمان طرف ٿوڪ اڇلڻ جي بجاءِ- اڄ جا پريمي- جوڙا-چنڊ تي ويٺل هجن ها.
    گهڻو ڪري توکي منهنجي چيل ڳالهه به وسري ويئي هوندي- مون چيوهو” آسا! مون انساني سونهن کي هميشه پنهنجي روح جي تسڪين محسوس ڪيوآهي- مان ان جي هر وقت تعظيم ڪندو آهيان. هو منهنجي هرذهني سرگرميءَ کي هڪ اعليٰ قوت بخشي ڇڏيندي آهي“.
    خير تون به ڪيتريون يادون، ساري، سنڀالي رکندئين ۽ رکندئين به ڇو. جي يادون به تون پاڻ وٽ رکين ها- ته مان نينهن نياپي واور نه ڪيان ها! منهنجو ته يادن کانسواءِ نه نينهن نياپو ٻڌي ٿو. ۽ نه ناول تمثيلي رمز رڙهي ٿو- ماستري کان اڳ- هڪ ڀيري ليبر يونين جي سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان- مون کي هڪ مزدور جي قتل ٿي وڃڻ واري ڏوهه ۾- بيگناهه قيد ڪرايو ويو هو- تڏهن تو کانسواءِ منهنجي گرفتاري جي ڪنهن کي ڪل نه هئي- ۽ تون منهنجي ملاقات ڪرڻ آئي هئين- جيل جي داروغي توسان ملندي چيو هو”ڪامريڊ ماڻهي ملاقات ڪرڻ آئي اٿئي“ ڪنهن حد تاءِ هن درست چيو هو- ڇو ته پنهنجي ماءُ کان به وڌيڪ- منهنجي توسان محبت رهي- پر تڏهن تنهنجو منهن توکي به ڏيکارڻ جهڙو هو- جيلر جي اهڙي آجيان توکي پسند نه هئي- بلڪ ڪاوڙ ۾ تنهنجو منهن تپي ويو هو- تو جيلر کي ڪجهه چوڻ پئي چاهيو- پر منهنجي منهن ۾ ڏسندي الاءِ ڪيئن خاموش ٿي وئي هئين- توکي ٿڌو ڪرڻ لاءِ- مون توکي جيل انتظاميه کان آگاهه ڪندي چيو هو”اها انهن جي مادري زبان آهي آسا! تون مائينڊ نه ڪجانءِ.“
    تڏهن تو ڪيتري نه ڪراهت واري نگاهه سان آڪڙجي چيو هو ”پر اهڙو جملو ڳالهائڻ جي- هن کي ضرورت ڪهڙي هئي؟“
    ماڻهو ڪنهن جي به- ڪيتري به کڻي حمايت ڪندو هجي- پر پنهنجي توهين وقت، ڪنهن جي حمايت ته ڇا- پر هو پنهنجا به اصول وساري ويهندو آهي.“
    ڪڏهن تو به ته- جمهوريت جي وقتي نظام جي حمايت ۾ وڏا بحث ڪري- اهڙن جمهوري قدرن جي حمايت ۽ پرچار پي ڪئي هئي.
    تنهنجي اهڙي جمهوريت پسندي، اهڙي سوچ ۽ اهڙي جمهوري نظريي جي اوگهڙ ڪندي مون توکي چيوهو”اهي هي......ته اڃان جمهوريت جا گلر آهن آسا- جن جي مادري ٻولي به توکي نٿي وڻي- تو شايد جمهوريت جي ڪنهن وڏي ۽ لائق جي روبرو ٻولي اڃان نه ٻڌي آهي- جيڪي هر ننڍي، وڏي ماڻهو سان وات وجهي ڳالهائيندا آهن.“
    تون ته وقت جي اهڙي جمهوريت پسند ڪندي هيئن- پر مون اهڙي جمهوري نظام جي هر وقت مخالفت پئي ڪئي- ۽ اهڙي جمهوري نظام تي لعنت پي اڇلي- جنهن ڊيموڪريسيءَ ۾ - ماڻهو، ماڻهو جو غلام رهندو آهي- انسان کي انسان جي لاءِ- محتاج رکيو ويندو آهي- گڏهن کي گج پاريا ويندا آهن- ۽ ماڻهن کي بکيو رکيو ويندو آهي- ڪتن کي ڪفن ڏئي دفن ڪيو ويندو آهي- ۽ انسانن جا اگهاڙا لاش رُلايا ويندا آهن- جانورن ۽ پکين، پرندن کي پيار سان پاليو ويندو آهي- ۽ آدميت کان ڪتي جو ڪم ورتو ويندو آهي.
    عابدارن ۽ تپيدارن جون پگهارون- تعلقي عملدار کائيندا آهن ۽ تپيدار جهڙو عملو پورهيت جو اولاد ۽ عزت وڪڻندا آهن.
    اليڪشن ۾- ووٽن لاءِ- ووٽرن جون زالون اغوا ڪيون وينديون آهن اهڙي جمهوريت کي سياسي تصور چوندڙ ماڻهو جو ته- مون منهن پٽي پي ورتو.
    اهڙي سياست- جنهن ۾ سول Civil ۽ فوجي نوڪر شاهي- سرمائيدار ۽ وقت جا اڇلايل جرنل به ڀاڱي ڀائيوار هجن- ته اهڙي ديس جي عوام ۽ قوم تي- طوائفن جو اولاد حڪمراني ڪندو آهي جيڪو پنهنجا اصول ۽ آئيني دستور اهڙا قائم ڪندو آهي- جن ۾ انساني غيرت جو ملهه تمام سستو هوندو آهي!
    تنهنجي سمجهه مطابق- منهنجي اهڙي سوچ به جمهوريت هئي جنهن ۾ مان- تنهنجي اجازت جي بغير- توکان موڪلائي بنا- سواءِ تنهنجي نراڙ جي- ٻيو جتي به چاهيندو هئس توکي چمي ڏئي وٺندو هئس.
    تو پنهنجي چنڊ جهڙي چهري تان پنهنجو پيارو نراڙ چمڻ الاءِ ڇو نه پي ڏنو. شايد تو کي ڪتڪائي ٿيندي هئي. ۽ نه وري مون پنهنجي اهڙي خواهش لاءِ ڪا ريس يا ٻاراڻو ضد به ڪيو هو. شايد ان ڪري جو ڪڏهن ڪڏهن اتي به اوچتي چمي ڏنم پئي. ۽ منهنجي چاهت پوري ٿي پئي وئي. ۽ پوءِ کن پل جي لاءِ تنهنجو رسامو رسواءِ عالم هوندو هو. سو به شايد انهيءِ ڪري جو تو خود ڪڏهن اهڙي حالت ۽ ڪيفيت ۾ نه ڀوڳيو هو جنهن ۾ ماڻهو رئڻ چاهي ۽ روئي نه سگھي. ۽ روئي وجھي ته پاڻ سنڀالي نه سگھي. ۽ نه کيس اهڙي پروس حالت ۾ ڪوئي پر چاءُ به ڏيڻ وارو هجي.
    وقت بي مقصد زندگين کي سرءُ جي سڪل پن جيان ڪيئن ڪفن پوش ڪندو آهي ان جو احساس مون کي تڏهن ٿيو جڏهن تو ڪنهن چنچل کلاڙي جيان مون سان هر گيم کيڏڻ ڇڏي ڏنو.
    پنهنجي خيال کي دل جي زندان ۾ ڦٿڪائي مارڻ جي بجاءِ سچي الفت ۾ سندن قوت اپنائڻ پي چاهيم تنهنجي سر سبز صورت تي خيالن جا جيڪي سلا اڀريل هئا انهن جي پالنا جو آباد گار بڻجي هارپو ڪري غربت ۽ ناداري لاءِ اکرن جو اناج اهڙو اپائڻ پي چاهيم جنهن کي سرمائيدار جيت کائي فنا نه ڪري سگھن.
    پر تنهنجي ٽرئجڊي جا ڊراما به ڪي عجيب هئا. ايئن کڻي چئجي ته اهو تنهنجي فطرت ۾ شامل هو ته ڪجهه چوڻ لاءِ سڀ ڪجهه دليري سان چئي ڇڏيندي هئين پر ڪار خير جهڙي ڪم ۾ به ڪجهه ڏيڻ لاءِ وڏي ڪنجوس هوندي هيئن.
    ايتري تائين جو چمي جهڙي خيرات لاءِ به ڪجهه سوچڻو پوندو هو. ۽ حيلو بهانو ڳولهڻو پوندو هو. ماڻهن جي سوچ ته نظرن کان به تکي هوندي آهي پر سندن مقصد واري منزل لاءِ سندن ڊوڙ سندن وسيلن تي ڀاڙيل رهندي آهي.
    تو کان پوءِ منهنجا نوان دوست منهنجي سوچ لاءِ به اهڙي چونڊ ڪندا رهيا ۽ مون کي پنهنجي ذهن جي نواڻ لاءِ يورپي تصور جا حوالا ڏئي پنهنجي بيوقوفي سان اهڙا مشورا ڏيندا رهيا جڏهن ته پاڻ خود پنهنجي محدود وسيلن ۾ پي لوڙهيائون.
    شايد انهن مون کي ايئن سڃاتو هو جيئن انڌا پنهنجي لٺ ڏسي سڃاڻن.
    منهنجي خيال ۾ انهن اهڙي ڳالهه تي ڪڏهن به نه سوچيو هو ته نر ۽ مادي جنسون پنهنجا عضوا سڃاڻي هڪ ٻئي سان ڪيئن اچي گڏيندا آهن.
    پر اهڙا دوست ڇڏجن به ڪيئن جيڪي زندگي جا مشورا ۽ موت جا دڙڪا ڏئي غير فاني ۽ فاني واري سوچ ۾ وجھي اهڙي لذت جو چسڪو ڏياري ۽ پوءِ وري زندگي خوش گذارڻ ۽ رکڻ جا مشورا ڏئي غم جي سوز ۽ درد جي سرور کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪندا هجن.
    اهڙا دوست مون لاءِ مصيبت به رهيا ته دم دلاسو به ۽ منهنجي سوچ توڙي خيالن جي وصف به!
    منهنجن اهڙن دوستن جي وصف گهڙيندي تو چيو هو ”فتاح! تو اهڙن دوستن سان وقت ڪيئن ٿو نڀائين جيڪي هر معاملي ۾ سقراط مان افلاطون بنجيو پون.“
    تو کي سندن اهڙيون عادتون هرگز پسند نه هيون جنهن ۾ هو معمولي خيال کي به وڏي اهميت ڏئي ان تي انهن وڏا بحث پي ڇيڙيا.
    پنهنجا اهڙا دوست ذهن ۾ رکندي مون تو کي جواب ۾ چيو هو ته ”شعور جي دنيا ۾ ڪا معمولي ڳالهه ته ليکي نه ويندي آهي پر جنهن سوچ سان ان کي معمولي تصور ڪيو ويندو آهي فڪري جي گهرائي ۾ ان کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي.“
    ”تنهن جي معنيٰ ته تون انهن مان اهو تصور نه ڪندو آهين ته سندن ذهن رلي پيا آهن؟“
    ”نه آسا! مان انهن لاءِ ائين چئي نه سگهندس ته اهي منزل تان ڀٽڪي ويل مسافر آهن ايئن ضرور آهي ته هو پنهنجا مقصد ٻين تي مڙهڻ چاهين ٿا ۽ ان جي خواهش به رکن ٿا. سندن اها ئي خواهش مون کي پنهنجو پاڻ سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري.“ مون تنهنجي دوستيءَ کي ئي خيال ۾ رکندي چيو هو پر تو نه پي سمجھيو هونئن به تون عام فهم کان ڪم گھٽ وٺندي هيئين مون کي سمجھڻ جو ته تو ڌيان ئي نه پي ڏنو منهنجي جواب تي تو پڇيو هو ”تون پنهنجي خيال ۾ ڪيئن ٿو سمجھين انهن محبت کي سمجھي ورتو آهي.؟“
    ”آسا تنهنجو اهو سوال ائين آهي جيئن چئجي ته، ڇا ماڻهن خدا کي ڏسي ورتو آهي؟“
    تو هڪدم چيو هو ته ”خدا بابت مان بحث نه ڪنديس.“
    تون شايد پنهنجي خدا جي بحث ۾ ڪنهن پنهنجي خدائي ۾ کٽي پوندي هيئين. ۽ مان خدائن تي بحث ڪندي پنهنجي خدائي کان مٿي چڙهي ويندو هئس. جنهن ۾ تنهنجا حوصلا خطا ٿي پوندا هئا. حالانڪه ڪوشش ڪندو هئس ته اهڙا بحث مان به نه ڇيڙيان. جنهن سان خدائن جا چاهيندڙ خدا بڻجي پون. پر خودي جي کپت ۾ خدا بابت ڳالهائڻ منهنجي مجبوري هئي.
    ڪجهه دير خاموش رهي وري پنهنجي خدا بابت تو ئي چيو هو ”ڏينهن کي سج نه هجي ته قدرت کي ڪهڙي مڃتا هئي؟“
    مون ته جهانن جي ڳالهه پئي ڪئي پر تو قدرت کي وچ ۾ آڻي وڌو، ته مون پنهنجي عقل جي ڳالهه ڪندي چيو هو ”شعور کي لاشعور نه هجي ها ته تو کي منهنجو ماڻهپو به شايد محسوس نه ٿئي ها.“
    دنيا کان اڳ تو ئي مون کي چريو ڪيو ۽ چريو چوندي هيئين.
    پنهنجي گفتگو ۾ منهنجن دوستن کي محض پنهنجو موضوع بنائيندي هيئن. موضوع جي مرڪزي خيال جو مقصد وري به مونکي ئي رکندي هيئين. شايد مون کي سڌي طرح چوڻ تو ضروري نه سمجھيو هو. پوءِ به پنهنجي سمجهه آهر مان پنهنجن دوستن بابت پنهنجا رايا ڏئي هميشه ائين چوندو هئس ته، ”هي جيڪي محبت کي اڃا سمجھي نه سهگيا آهن سي جيڪڏهن زنده آهن ته ان کي خالق جي قدرت چئي سگهجي ٿو. پر اصل ۾ انهن ته گهڻا ڏينهن اڳ پنهنجي عقل ۽ شعور جي خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي.
    ائين کڻي چئجي ته اهي ماڻهن جي ويس ۾ ڪڪرن جيئان رلندا روح آهن. جن جو ڌرتي جي مخلوق سان ڪوئي تعلق ئي نه آهي. ۽ انهن ۾ اهو فرق صرف آهي ته پريم جي پيڙا جو زهر خود نيتي سان پنهنجي حلق ۾ اوتي خود ڪشي ڪندڙ ديوانا روح اهڙن اياڻن روحن سان ريهاڻيون نه ڪندا آهن.
    محبت کان اڻڄاڻ ڳالهين جا ڳهير منهنجا اهي دوست پريمڪا جون ڳالهيون ڪري صرف متوالن جي دلين تي وڍ وجهي وڌيڪ مخمور ۽ مست ڪري پيا ڄاڻن.
    منهنجي روح تي به انهن هر رات وڏا وڍ وڌا هڪڙا چاڪ تنهنجن يادن واري چتا جي چس ۾ اڳي ئي پي چڪيا ويتر محبت کان منڪر منهنجا نابالغ دوست مون کي غمن جون ڀريون ۽ ڀاڪر ادا ڪندا رهيا.
    هي جڏهن محبت کي سمجھي نه سگهيا پوءِ آڌين جو اچي مون سان اهڙيون مقالون ڇو پيار چائن.
    ٽيبل ليمپ جي روشنيءَ تي ٺينگ ٽپا ڏيندڙ پتنگن جو پساهه ڪڍڻ ته سندن وندر ۾ شمار رهيو.
    هڪ رات جڏهن تو ٽيليفون ڪري چيو هو ته ”فتاح! اتي ڪنهن سان ويٺل آهين هيڏانهن نٿو اچين ڇو؟“
    مون چيو هو ”آسا! ڪجهه دوست ويٺل آهن.“
    تو چيو هو ته”اهي ته سج بيٺي ستل هوندا آهن.“
    چيو هئم ”اڄ به اوٻاسيون ڏئي سندن ماڻهپو جوين جا ٻک پيو ساري هاڻ شايد اجهي گهريءَ ننڊ سمهڻ وارا آهن. ۽ تون ڪجهه انتظار ڪجان مان اجهي اچان ٿو. ڇو ته منهنجو من تنهائي جو روڳ تياڳڻ نٿو چاهي. مان ته تنهنجي جوٽ جي جاڳ وارو ڀاڳ حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي اوجهر ۾ پنهنجي گيان ايمان کي اجاري تو کان اڃان ان چمي ۽ ڀاڪر وارو انعام لهڻو آهيان. جنهن ۾ مان پنهنجي حقيقي موت مرڻو آهيان. جنهن لاءِ پنهنجو من عربي سمنڊ ڪري ويٺو آهيان. جنهن ۾ تنهنجي هجر جا درد سنڌو ندي جيئان ڇوليون هڻي ان ۾ غرق ٿيندا وڃن.“

    


    قسط 11

    ان رات به آڌي مهل تنهنجي تربوزي ڳٽي تي روز جيئان تو کي موڪلاڻي واري چمي ڏئي پنهنجي گهر اچي ٽيبل ليمپ آن ڪري مان ناول تي لکڻ ويٺس انهيءَ رات مون کي صرف تنهنجا خيال قلمبند ڪرڻا هئا. جن جو تنهن رات تو کلي دل سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو هو. تو پنهنجي مئريج لاءِ به شايد ان رات ڪجهه چٽي طرح چوڻ پئي چاهيو جنهن تي ڪڏهن به واضح صورت ۾ ڳالهائي نه سگهيا هئا سين.
    مون تقريبن تنهنجا سڀ خيال قلم بند ڪري ڇڏيا هئا. پر هڪ اهڙو معتبر خيال هو جيڪو ذهن کي چڱي طرح ياد نه رهيو هو. الاءِ ته سمجهه ۾ نه پئي آيو.
    ان خيال ۾ ايڏو ته الجهي ويو هئس جو اهڙي اُلجهاءُ واري چريائپ ۾ مان ان وقت ئي واپس موٽي توڏانهن آيو هئس پنهنجي دوري ته هونئن به ڏهن منٽن جي پنڌ واري فاصلي جي هوندي هئي. بس ايترو هو جو مون کي ٽيبل تي ٿورو وقت لڳي ويو هو.
    رات پنهنجي پوئين پهر ۾ باقي هئي شايد عصر واري دعا جو وقت هو جنهن تي توکي پورو ايمان ۽ يقين رهندو هو. مان ٻاهران لوهي گيٽ مٿان ٽپي اندر آيو هئس. تنهنجي مائٽاڻي پيرسن ملازم ڪاڪا صالح کي به ننڊ مان اٿارڻ واجب نه پئي سمجهيم.
    تون گهر جي ڪهڙي ڪمري ۾ سمهندي هيئين ان جو ته مان گھڻو ئي واقف هئس اهو ڪمرو سڄي محل نما بنگلي ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۾ شمار هو. انهيءَ ڪري جو سندس چؤ ديواريءَ ۾ محبت جهڙي مقدس حقيقت جا پردا لهندا چڙهندا هئا.
    تون پلنگ تي ليٽڻ کان پوءِ اتفاقن ننڊ سمهي پوندي هيئين ۽ سمهڻ وقت ڪمري جو دروازو به بند ڪرڻ توکي وسري ويندو هو. تنهنجي اهڙي غلطيءَ جي سزا مان ئي ڀوڳيندو هئس. سزا به ڪهڙي؟ بس جي تکا ٿي ويندا هئاسين ته وڌ ۾ وڌ ٻه چميون.
    انهيءَ رات به دروازو بدستور کليل ئي هو مان ڪمري ۾ ائين داخل ٿيس جيئن سڄي رات جي مسافريءَ کان ٿڪل ماڻهو پنهنجي اجهي اچي رسندو آهي.
    ڪمري جي ڇت وارو رنگين زيرو بلب آن ٿيل هو ۽ تون گهريءَ ننڊ ۾ ستل هيئين تنهنجي چهري تي ڪجهه وکري ويل تنهنجي مٿي جا وار هئا.
    تنهنجو مهڪندڙ چهرو ڏسي اهو يقين ئي نه پي ٿيم، ته تون ڪا گهري ننڊ ستل آهين. پر تنهنجي منهن تي ڊوڙي ويل تنهنجن وارن مان تنهنجو منهن ڏسي مون کي ايئن معلوم ٿيڻ لڳو ته جيئن ڪو منزل جو ٿڪل مسافر سرءُ جي پن ڇڻ موسم ۾ ڪنهن وڻ هيٺان ستل هجي ۽ وڻ جي لوساٽيل لامن مان سج جا ڪرڻا ڪراس ڪري سندس منهن تي پوندا هجن.
    جڏهن پنهنجو اکيون نمائي تنهنجي منهن جي مزار کي ويجهو ڏسڻ لڳس ته تنهنجو منهن اسور واري چنڊ جيئان لڳو ذهن ۾ عجيب نيتون ڊوڙون پائڻ لڳيون.
    ڇڙ واڳ نيتون جڏهن ذهن تي اينديون آهن تڏهن اهي ماڻهو ان وقت بد نيت هوندا آهن.
    پنهنجو ذهن خراب ڪرڻ جي بجاءِ تو کي اٿاريو هئم تو کي نائيٽ ڊريس پهريل هئي.
    رات جي وقت عورت کي پهريل اهڙو لباس مون کي ڏاڍو وڻندو هو.
    جڏهن تون ننڊ مان بيدار ٿي هيئين ته تنهنجي ڪجهه ڪڇڻ کان اڳ مون چيو هو ”آسا! تون گهري ننڊ ستل هيئين؟“
    ”۽ پوءِ تنهنجو نرڙ چمي ورتو ؟“ تو منهنجي جملي سان جملو ملائيندي چيو هو. مون هڪدم چيو هو.
    ”نه، نه نيت بگڙي ضرور هئي آسا! پر چميءَ جي چوري کي به خدا جو قسم مان وڏو پاپ تصور ڪندو آهيان.“
    ”پر جي اهڙو پاپ تو کان ٿي به ويو هجي ته پوءِ خبر اٿئي اهڙي جرماني جو بدل ڇا آهي؟“ تو ويساهه نه ڪندي چيو هو تنهنجون اکيون شرابي ڌن ۾ هيون شايد ننڊ تنهنجي پچر نه ڇڏي هئي تنهنجي ننڊ ڀڄائڻ لاءِ مون مذاق ڪندي چيو هو ”مان مسڪين ماڻهو آهيان اهڙي پاپ جي جرماني ۾ ٻه چميون نه هڪڙي چمي وٺجان.“
    تڏهن تو پڇيو هو”چڱو ڀلا اهو ٻڌائي منهنجي گهريءَ ننڊ مان تو ٻيو ڇاڇا ڏٺو ورتو؟“
    ”تون گهري ننڊ ستل هيئين آسا! تنهنجو ماڻهپو منهنجي ناول لاءِ مون سان ٽيبل تي منهنجي هيلپ ۾ هو.“
    ”ها سائين ڀاڳن وارو ماڻهو آهين لوڪ لقا سُتي ماڻهپا تنهنجي مدد ڪندا آهن.“ ننڊ واري آرس ۾ مسڪرائيندي چيو هيئي.
    تو شايد پنهنجي عقيدي موجب ماڻهپي مان مراد ڪنهن الهامي قوت جو اشارو ڏنو هو. سو به ڪاميڊين هٽ واري لهجي ۾ مون کي ڊسڪوريج ڪرڻ جي نيت سان. پر مون ته اهڙي ماڻهپي جي ڳالهه ڪئي هئي جيڪو گهري ننڊ جي پگهر ۾ ٻڏي هميشھ لاءِ مري ويندو آهي.
    شايد منهنجو ڪُمهلو اچڻ ۽ تنهنجو مٺي ننڊ مان اٿڻ منهنجي خيال موجب مون ائين سمجهيو ته تو کي ڀان نه پيو هو. پوءِ به تنهجو حوصلو مهربان هو. تنهجي اهڙي ادا کي سلام هجي جنهن ۾ تو منهنجي چريائپ ۽ غلط قدم کي درگذر ڪندي ٽيبل تي رکيل ٽائيم پيس ۾ وقت ڏسندي تمام خوش چهري ۽ خلوص دل سان پڇيو هو ”هي تون باقي رهي رات اڃان نه ستو آهين؟ فتاح! تون خود ستائي ۾ ايڏو اُلجهندو ڇو وڃين؟ پاڻ سنڀال خود سان ايڏي بي قدري نه ڪر؟ ٻڌائي هن وقت ڪيئن آيو آهين؟“
    خيال آيم ته توکي چئي ڏيان ته ڪتي کان وفا جو سبق سکڻ کان پوءِ منهنجو هر رات سمهي ننڊ ڪرڻ به اهڙو ئي بڻجي پيو آهي پر مان جنهن وڃايل خيال جي لاءِ آيو هئس مون کي ان خيال ستائش ۾ وجهي اهڙي سوال پڇڻ لاءِ منجهائي وڌو هو ته تو کان ان وڃايل خيال بابت ان خيال جي ڪهڙي صورت ٺاهي پڇان.
    مون کي اهڙي خبر نه هئي ته خيال وڃائجي به ويندا آهن ته وري اهي ساڳي ملندائي ناهن. ائين پنهنجو وجود وڃائي پنهنجي گمنامي سان منفرد نواڻ ۾ جنم وٺندا آهن.
    جيئن ڪوڙ جا عادي ماڻهو پنهنجي ضرورت مطابق هڪدم ڪوڙ ٺاهي وٺندا آهن تون اهڙن ماڻهن کي به شاعر سمجهندي هيئينءَ.
    مان به اهڙي طرح سان مڙئي ڳالهه بنائيندي چيو هو ”سڄي رات تنهنجي ڪردار جا ڪِليم لکندي مغز ڳرو ٿي ويو پر ننڊ جو نانءُ به ذهن ۾ نه آيو آسا.“
    ”تو ۾ هاڻ دير ڪانهي فتاح!“ اکيون مهٽيندي چيو هيئي
    ”ڇا جي؟“ مون تڪڙو پڇيو هو.1
    ”پنهنجي دين، ايمان وڃائڻ جي“ ڪجهه درست ۽ ڪجهه غلط چيو هيئي.
    منهنجو دين ايمان ۽ منهنجي جيءَ جو جهان ايڏو ڪمزور نه هو. تو کي وسري ويو هو ٺٽي واري شاهجان مسجد ۾ تو کي مون چيو هو ”هي دنيا هڪ اهڙو بيت آهي آسا جنهن کي جيئرا ماڻهو چوگرد طواف ڪري رهيا آهن. جيئن تون منهنجي لاءِ بيت المقدس آهين ۽ مان پنهنجي دل کي احرام اوڍي تنهنجي بندگي ڪندو آهيان.“
    تڏهن به تو ائين ئي چيو هو ته ”محبت ۾ ايڏو ڪفر نه ڪندو ڪر فتاح!“
    ۽ مون چيو هو ته ”محبت ۾ خدا ۽ خلق جو خوف ۽ مذهب توڙي عقيدي جو حيا ڪندڙ ڪڏهن به حقيقت ۽ سچائي حاصل نٿا ڪري سگهن.“
    تو ته پوءِ به ڪافي جٺ ملامت پي ڪئي هئم. پر تنهنجي انهيءَ ديندار ۽ مذهبي خطبي تي ڌيان نه ڏيندو هئس.
    منهنجي دل جي عقيدي ۾ محبت کان وڌيڪ ٻيو ڪو به اهڙو مذهب نه هو جيڪو انسانيت لاءِ امن پناهه رهيو هجي. محبوبن جا مذهب ته الاءِ ڪهڙا هوندا آهن. پر عاشقن جو مذهب ته سندن محبوب جي محبوبي رهيو آهي- پرمحبت ۾ به پنهنجي ڪمزوريءَ سبب فرقن جو شڪار ٿي ويندو آهن. پو سقراط ۽ حلاج جي نالن جا مولود ڳائيندا آهن.
    پر منهنجي لاءِ تون ته مذهب ۽ خدا ٻنهن کان الڳ ڪوئي ٻيو درجو حاصل ڪري چڪي هيئين. باقي دنيا جي لحاظ کان خود کي ته تنهنجي حسن جو مجنو بنائي ويٺس ايئن کڻي چئجي ته تون منهنجي ذهن لاءَ ٽينءَ دنيا جي اهڙي اخبار بڻيل هيئين جنهن جو مان اهڙو ئي صحافي بڻيل هئس. جيئن پاڪستاني صحافي پنهنجي نيوز لاءِ وقتي طور پنهنجي وفاداري هر حڪمران سان نڀائيندي مجبور هوندو آهي.

    


    قسط 12

    تو سان گڏ جيڪي دم گهڙي ويجهو رهيس سي اڻ پيتي جي نشي جيئان کن پل جي لاءِ طبيعت تمام سڪون پذير محسوس ڪندو هئس پر ڪجهه گهڙيون گذرڻ کان پوءِ آهستي آهستي من اندر دردن جي آهڙي ڌمال مچي ويندي هئي جيئن پيئڻ کان پوءِ درد گهٽجڻ جي بجاءِ يادون تازيون ڪري، من ۾ وٿاڻ ٺاهي ويهي رهندا آهن.
    دردن جي اهڙي پيڙا واري ڀوڳنا جو عادي ٿي وڃڻ ۾ ته ڪنهن کي به اهڙو ڏوهه ڀاسي نٿو سگهجي.
    جيئن پيٽ واري بک جي باهه ڪاڻ، ڪي ماڻهو ايمان جي ڪمزوري سبب پنهنجي خدا سان به وڙهڻ لاءِ خدا جو ڏس پتو پڇائيندا آهن. تيئن محبت واري بک، مون کي به پنهنجي خدا سان اٽڪائي وجهندي هئي. ۽ بس تنهنجي پڇا هوندي هئي.
    ڪڏهن، ڪڏهن ته اهڙي هيبت ناڪ ويڙهي خيال کان ڏاڍو خوف کائيندو هئس ته هٿ جي ريکائن مان موت جي ريکا کي پٽي کائي ڳڙڪائي ڇڏڻ کان پوءِ ڪٿي پنهنجي هٿ جي خدا کي به ائين ڳڙڪائي پنهنجي پيٽ داخل نه ڪري ويهان!
    خدا ۽ مذهبن بابت بحث ڪرڻ کان ته منهنجا دوست به ڪڏهن وؤن هئا. ته ڪڏهن خود کي خدا بنائي ويهندا هئا.
    منهنجا پيارا دوست جيڪي هڪڙي اک سان ڏسندا هئا پر جنرل ضياءُ جي اڏامڻ کان پوءِ،
    سندن ٻئي اکيون ڪاڻيون تي پيون،
    پهرين ته هڪڙي، ڏائي اک سان ڏسندا هئا، پر پوءِ، نه پيا ڏسن.
    ۽ مان ڏسان پيو،
    ادب جي مئڪدي ۾،
    پيئڻ وارا ڍؤ سان پيئندا رهيا،
    ۽ ساقي ساري رات اڃيا!
    اڃيا ئي اڃيا،
    ۽ وري منهنجا محترم دوست،
    اهي، جيڪي،
    ڪنن جا اڳ ڪجهه سرلا هئا،
    پيئڻ کان پوءِ ڏسندي ڏسندي ڪنن کان ڳرا ٿي پيا
    ۽ ڪجهه به نه پيا ٻڌن.
    ۽ مان صرف ٻڌندوئي رهيس!
    مئلن تي مرثيا خواني ڪندڙ وقت کان اڳ،
    جيئرا به ماري ويٺا!
    ڏاڍو افسوس هو دل کي،
    پوءِ افسوس ئي ته رهي ٿو!
    جيڪي دل جي ڪنن سان ٻڌن ٿا،
    ۽ صرف ذهن کي ٻڌائين ٿا،
    انهن لاءِ
    بس بکيا رهندا آهن،
    اهي ذهن،
    جن کي دل سان ٻڌڻ جي خواهش رهي پر،
    هڪدم پوءِٰ مري پوندا آهن، تڏهن،
    جڏهن ڪجهه ٻڌي، ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه سمجهي نه سگهندا آهن!
    مئل هئا اهي سڀ ذهن جيڪي پنهنجي وقتي حاڪم ڪرسي تي ويٺل هئا بک ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي آپگهات ڪندڙ هر ايندڙ، ويندڙ حڪومت جي منهن تي دانگين جا ترا گهمائي پنهنجي ٻنهن هٿن جا بونڊا به هڻندا رهيا محبت جي قحط جا ڏڪاريل ۽ پنهنجائپ جي قرب کان محروم، منهنجا دوست به، پنهنجي قلم واري مس ۾ Poison مڪس ڪري پنهنجي دل جون مرادون زندگي جو آخري وصيت نامو بنائي- پنهنجي ئي ڪفن تي لکي رات وچ ۾ موڪلائيندا پيا وڃن- ائين لڳندو هو ته- ڌرتيءَ جي هر ڀيڻي ڀونءَ ۾ ڀولڙن جو راڄ ۽ خرن جون خر مستيون آهن جن پنهنجي مرضي جو جمهوري نظام اڏي غيرت جو ملهه ڪيرائي ڇڏيو!
    انهن کي شايد ايتري به نه هئي- جيتري مونکي تنهنجي آبرو، شرف سربلنديءَ لاءِ!
    ماڻهن جون صورتون توڻي جو مونکي وسري وينديون هيون پر من دنيا ۾- تنهنجي ڪا صورت اهڙي هئي- جيڪا دل جي آئيني جو عڪس بڻجي پئي- يقين ٿي پيو هئم. ته دل جو شيشو چُور به ٿي پيو ته سندس هر ذري ۾ تنهنجي صورت جو وجود قائم رهندو- هر عاشق جي دل ائين ئي چوندي آهي ته. منهنجي محبوب جي صورت نظر چورائي ٿي.
    پر مونکي منهنجي دل. تنهنجي صورت لاءِ ائين چوريندي هئي ته دل جي ويران هستي سان پنهنجو الڳ مقام قائم ڪندڙ دلين تي تنهنجي صورت جو ڇاپ رهندو.“
    اهڙي خيال تي مظبوط بيٺل هئس ته جسم جو پورو گوشت يادن جي قبر ۾ ڪاڙهو ڪري ڪڙهي ويندو هجي پر جادل محبوب جو آسڻ رهندي هجي. ان جو ڪنهن ڪاڙهي ۾ ڪڙهي فنا ٿيڻ معنيٰ سندس خدا جو فنا ٿيڻ.!
    دل جي ڪائنات جوڙڻ وقت دوزخ جي خالق کي اهڙو دوزخ به ٺاهڻ وسري ويو هوندو جڏهن محبت جي اذان ٻڌي هوندائين.
    جنهن دل جو جلڻ ئي زندگي جو جيئاپو هجي ته نه اها دل فنا ٿئي نه ان جو باغ ۽ باغبان.
    غم کائي پنهنجو گوشت پچائيندڙ دليون پنهنجي مسڪن ۾ رهي سچائي جا رتبا حاصل ڪري غير فاني ٿيو وڃن اهوئي زندگي جو يقين رهي ٿو.
    منهنجي دل جي ڳالهه منهنجا دوست سمجهڻ جهڙائي نه رهيا جيڪي پنهنجي زندگي جا فانوس ٻاريندا وري اُجهائيندا رهيا پنهنجو مقصد سمجهڻ نه سمجھڻ سندن شايد مشغولو نه رهيو. پوءِ به ٻين کي سمجھڻ جي بجاءِ سمجهائيندا رهيا! سندن سمجهه کي سمجهڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو هئس. اهي پنهنجي بي سمجهي ۾ چوندا هئا ته ”فتاح! تون خيالن ۾ رلي رلي ڪنهن بليڪ هول ۾ گهڙي ويو آهين. ماڻهو تو کي نه پيا ڏسن شايد تون ماڻهن کي ڏسين پيو-
    تو کي پنهنجو ديسي ماڻهو ڪنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر پيو اچي ۽ سندس ڦٿڪاري تو کي ڦٿڪائي وڌو آهي ۽ تون ڦٿڪي، ڦٿڪي پنهنجا هڏ ڀڃائي ويهندين فتاح! تو کي شايد خبر ناهي جن جسمن کي گوشت ۽ هڏيون ناهن هونديون دل جو ڏکندو سي جسم ته، محسوس ئي نه ڪندا آهن اهڙا جسم شايد خدا جو درجو رکندا هجن. ڏاڍا بي رحم ٿي ويندا آهن.
    اڙي فتاح! دل جو مرڻ ۽ جيئڻ ته دنيا جو پهريون نبي به شايد پرجهي نه سگيو هجي!؟“
    ماڻهو ته دل کي سرف گوشت جو ڳڀو چوندا آهن جانور جي دل ته ماڻهو قواب ڪري پچائيندا آهن. پر پنهنجي دل پچائي کائڻ کان، ماڻهو ڪيڏو پري هوندا آهن.!
    نه مرد نه عورت نه آدميت! ان جي هستي جي فيصلن تي ڪڏهن تو ڌيان به ڏنو آهي؟ فتاح؟
    ڪيڏا سخت فيصلا هوندا آهن سندس،
    جنهن ساري ڄمار چنڊ کي ته سمهڻ ئي ناهي ڏنو.
    سج کي هڪ ڏينهن به گسائڻ جي اجازت ناهي!
    ماڻهو کي مرڻ وقت ساهه جي مهلت ڏيڻ، سندس رحم جي خلاف آهي!“
    خبر ناهي منهنجن دوستن اهڙيون ڳالهيون عقل سان پي ڪيون يا اتفاق سان يا اتفاق سان هڏن کان خالي جسمن تي نظر پئجي وين.
    هڪڙي دوست ته بحث جي ضد ۾ اچي چيو هو ”پر سندس سخت فيصلن کي شڪتي وري به ته ماس ڳڀي سان ٺهيل دليون ئي بخشينديون آهن جن ۾ هڏ ته هوندو ئي ناهي.“
    ٻئي دوست چيو ”ها! پر اهي دليون! جيڪي محبت جي منڌ سان پنهنجو گوشت ڳارينديون هجن! شڪتي عطا ڪن ٿيون!؟“
    هن بي لغام هستيءَ ۾ عجيب حرڪت آهي هن جوٺهيل انسان جيترو کيس ويجهو ٿو وڃي هو اوترو ئي ان کان پري پئي وڃي پنهنجي جسم نه هجڻ جي حالت ۾ شايد دل جهڙي هستي ۽ محبت جهڙي ڪيفيت کان محروم آهي.“
    بي سمجهه حالت ۾ به دوست ڪيڏا راست گو بڻجي پيا هئا. انهن ته اڃان به ڪافي ڪجهه چيو هو پرجڏهن ته اهڙا بحث ٻڌڻ کان به تو خود کي الڳ رکيو هو.
    خدا بابت ڪوئي ذڪر ڇڙي پوندو هو ته توکي جهڙو ڪا پنهنجي اوگھڙ نظر اچي ويندي هئي!. تو کي منهنجا دوست، پسند به تڏهن نه پيا! هو خدا ۾ ئي اٽڪيا رهيا توڻي جو دليون روئينديون ۽ جسم وڪامندي ڏٺائون تڏهن به!
    اهي ته ميهار کان به منهن موڙي ويٺا تماچي ڄام ته وري به امير عاشق هو.
    پر انهن دوستن جو ڏوهه به ڪهڙو بي سمجهي انهن جي مقدر جو خدا بڻيل رهي.
    هن هڪ سهڻي کان پوءِ ته هزارين سهڻيون سائر ٻوڙيون پر جيئن مند مئي، وسيلا ويا تيئن نه وري ميهار مري پاڻ ملهايو ۽ نه ٻيو ميهار ماءُ ڄڻيو.
    ميهارِي سڏ ڪندي هڪ دفعو ايترو تو کي مون ضرور چيو هو ته ”آسا! مون کي پنهنجي جسم ۾ وڻ ويڙهي جيئان ويڙهي رک.“
    تو چيو هو ”ڇو تو ۾ عورتاڻا عضوا ڦٽي پيا آهن ڇا ميان محبت جي هَوَسَ ۾ خدا کي به ياد ڪر ڪجهه خدا جو به حيا ڪر!؟
    محبت ۾ هوس ۽ ان هوس ۾ به خدا جي ياد ڪيڏو ٿڪائي وڌو هيئي اهڙن جملن سان پر منهنجي ته سو وس نه هو.
    زخمن تي لوڻ اڇلڻ جو تو کي وڏو فن هو سو به وري پنهنجي خدا جي دڙڪي سان!
    زماني کان زخم ٿورڙا مليا! اهڙي شڪايت مون ڪنهن کان به ڪڏهن نه ٻڌي هر جسم غمن جي اهڙي غلبي ۾ بي ستو ٿي خود کي ماڻهپي کان ٻاهر ڪڍي ٿو وڃي.!
    پنهنجو من درد ۽ غم کان پاڻ ڇڏائي ڪير آهي ممتاز رهيو؟
    ترقي پذير انسان، اهڙي ترقي ضرور ڪئي جنهن ۾ جسم وڪڻي دوا وٺڻ ته مون جهڙا ڪيترائي رومانسر مريض ڳاڻيٽي کان به ڳپل!
    تو به شايد هڪڙي ڀيري اهڙي نوعيت جو سوال پڇندي چيو هو ”فتاح! جيڪو جسم وڪيو وڃي يا وڪجي وڃي ڪيترو درد هوندو اهڙيءَ وڪيل ۽ ويڪو زندگي!؟ کي!؟
    تڏهن مون جواب جي بدلي وري توکي ئي سوال ڏيندي پڇيو هو ”پر جيڪڏهن ڪو مفت ۾ خود کي وڪڻڻ چاهي ۽ وٺڻ وارو نه هجي ته اهڙي بي ملهه زندگيءَ جي درد کي تون ڪيئن ٿي سمجهين آسا!؟ جنهن جي نه ابتدا هجي نه انتها ۽ نه ملهه هجي نه قدر؟“
    تو ڪوئي جواب نه ڏنو هو ۽ مان هيروئن پياڪ موالي جيئان تنهنجو مغز کائيندو چوندي ويس ته ”ڪڏهن ڪڏهن اهڙي زندگيءَ جي تاريڪيءَ ۾ به عدم جو وجود پنهنجي غير فاني قوت سان چنڊ جيئان جرڪي پوندو آهي ۽ دل جي ڪائنات ۾ آڪاش منڊل جهڙي ڪهڪشان خود به خود جڙي چمڪڻ لڳندي آهي. پوءِ اهڙي زندگي جيڪا غم ۽ خوشيءَ سان گڏجي هڪ ٿي وڃي ته ان جي سوزش ۽ سرور، تو کي سمجهه ۾ اچي ٿو سگهي؟“
    خاموش هيئين ڇا چوين ها ڇا هو تو وٽ!
    اهو چئجي به ڪيئن ها ته تو کي اهڙي ڄاڻ جا اهڃاڻ هئا؟
    جڏهن ته تو ڪمزور دليون به نه پرکيون هيون اڻڄاڻ محبوب سان زندگيءَ جا رشتا نڀائڻ ڪيترو نه عظيم ۽ اذيت ڀريو زمانو هوندو آهي!!. پر اهڙو لطيف موقعو تو کان مون کان وڌيڪ ڪو خوشنصيب ماڻيندو.

    


    قسط 13

    ويسر توکي هجي نه هجي پر هي ڳالهه نه وساري هوندئي ۽ نه تو کي وسري هوندي.
    هڪڙي ڀيري جڏهن Romantic خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان دوران منهنجو هٿ تنهنجي ڪنهن حساس عضوي تي لڳي پيو هو. ۽ تو ڪنهن بخشش جي بجاءِ پنهنجي طبيعت موجب سوال پڇندي چيو هو ته ”دليون ڪمزور ڪيئن ٿينديون آهن؟“
    شايد منهنجي ان هٿ جو لڳي وڃڻ تنهنجي دل تي اثر ڇڏيو هو موقعو مهل مون به هٿان وڃڻ نه پي ڏنو بغير ڪنهن بد نيتي جي چيو هئم ”شهوت واري ڪشمڪش ۾ ماڻهو پنهنجا دماغ ۽ دليون ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن.“
    تنهنجي مراد وٽان جواب هو تووري پڇيو ”ان جو احساس جنم ڪيئن وٺندو آهي؟“
    ”خواهش سان“ تمام ڌيرج ۽ سڪون سان چيو هئم پر تو پنهنجي من جي منشا لڪائيندي پنهنجي گلي جو آواز دٻائيندي منهنجي جواب تي قابض پوڻ لاءِ چيو هو ”ڪهڙي زندگي چئبي جيڪا خواهش کان سواءِ به زندگي سڏجي؟ مرڻ وقت به ماڻهو ڪفن جي خواهش رکندا آهن.“ ڪافي ڪوشش ڪئي هيئي پنهنجي اندروني آتشي خواهش کي زندگيءَ جو روپ ڏيڻ لاءِ پر مان هئس سو جهڙو ڪاٺ جو گھوڙو.
    ڇاتي تي رکيل سوف لاءِ به ٻين کي چوڻ جي ضرورت هئي ته کڻي کائي ڇڏن.!
    ڪجهه سمجھڻ جي حالت ۾ به چيو هئم ته ”ماڻهو پنهجي وجود ۾ نظر وجهڻ کان پوءِ شهوتي باهه کان ته دل کي آزاد رکي سگهي ٿو“
    ”ڪهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه پيو ڪرين؟“ منهن جي پڪائي ڪندي پڇيو هيئي ۽ مون به ٺڙپڙ جواب ڏيندي چيو هو ”جنهن به ماڻهوءَ لاءِ سندس خواهش بابت تو پڇيو آهي.“
    کلي پئي هيئين شايد دل سان ڳالهه لڳي هيئي من جي مراد تان دستبردار ٿي وئي هيئينءِ يا منهنجا لفظ تنهنجي جواب جي ٻرندي باهه تي پاڻيءَ جا ڇنڊا ٿي لڳا هئا. ڪيڏي چاهه سان مونکي ڀاڪر ۾ ڀريو هيئي هڪ چمي ٻي چمي وري به هڪ وڌيڪ چمي ڏئي مون کان چمي گهري هيئي.
    وائڙو تي ويو هئس ان رات چمين جي ڪيڏي نه خيرات ڪڍي هيئي. شايد سڀ 70 ستر آخرت جي اميد تي-!
    منهنجن دوستن جئيان تو کي به عشق جا جهٽڪا اچڻ لڳا هئا.
    ڏاڍا وجهه ڏنا هيئي ڪنهن Sexual حرڪت لاءِ پر ڪوئي معاملو ذهن تي تري آيو هئم. جنهن من تي مانڌاڻ مچائي ڏني هئي. ۽ تو جهڙو ڪنهن ميت کي پي چميون ڏنيون. پنهنجي من جي امنگ کي به سمجهي نه پي سگهيس لطيف جو بيت ذهن تي هو ته،
    پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن. (شاه)
    من ڳاهي وڌو هئائين. ويٺي، ويٺي خود کي وڃائي پي ڇڏيم، تو واپس پي آ ندم. ته وري واپس الائي ڪيڏانهن هليو پيو وڃان!
    ڪنهن جي تلاش هئي، ڪا خبرنه هئي،
    ڪهڙي ضرورت هئي،؟ ڪا خبرنه هئم،
    ڇو ڀي ائين ٿيو، ان حقيقت منجهائي وڌو هئم-، طبيعت به بي جان بڻجي پئي هئم.
    پاڻي جي دٻن ۾ ڊوڙندڙ ننڍڙي مڇي جيئان- منهنجا خيال گهتو پائڻ لڳا هئا.
    تنهنجي ڪنهن به خيال کي غور سان ٻڌي جواب نه پيو ڏيان.
    تو کي ڪجهه مٺيان ته لڳي پي پر در گزر ڪرڻ ته تنهنجي طبيعت ۾ شامل هو.
    خبر ناهي تو منهنجي ڪيفيت ڏسي چيو هو يا پنهنجي ئي خيال سان چيو هو ته ”هڪڙي ڳالهه ٻڌايئين فتاح؟“
    ”ڪهڙي؟“ لفظ پاڻهي زبان تي آيا هئم ۽ تو اوڏايهن ڌيان نه ڏيندي چيو هو ته ”ماڻهو جو گوشت حلال هجي ها ته روز هڪ چڪ تنهنجو گوشت ضرور کاوان ها!“
    منهنجو ذهن هونئن به هڪ ٽڪاڻي نه هو ويتر تنهنجي ان آدم خور خيال منهنجن خيالن جي اڏام ۾ واڌارو ڪري وڌو هو. مغز هيلي ڪاپٽر جي پکن جيئان ڦرڻ لڳو هئم.
    پر تو ان بابت نه پڇيو پي نه ڄڻ محسوس به ڪيو پي.
    ڏينهن ۾ ڏهه گهمرا اهڙي ڪيفيت ۾ ڀوڳيندو هئس. پر تو سان گڏ هجڻ وقت طبيعت ايڏي خشڪ ڪڏهن به نه ٿي هئي. ڏاڍي اڻ، تڻ ۽ آنڌ مانڌ هئم اندر ۾ الاءِ ڪنهن پي هينئون لتاڙيو حالانڪه اذيت کان واقف به هئس پر اهو شخص اسان ۾ موجود ته نه هو پر ان جي طرف کان قنڌاري چوٽ سمجھي ويٺو هئس جنهن من ۾ ممڻ مچائي رکيو هو تو ۾ پي ڏٺم ته تو کي جهڙو ڪنهن رڌي ساڳ بنائي ڇڏيو هو. پر منهنجو سو وهم هو جنهن هوا جو هر ٿڌو جهونڪو مون لاءِ لُڪ بڻائي رکيو هو. من ۾ جا اڻ، تڻ هئي تنهن مام کي سلجهاءِ نه پي سگهيس. من سڄو، سمنڊ جيئان لوڻيل پي محسوس ڪيم ۽ تون هيئين جيڪا هڪ ناول جي صورت ۾ رومانس ڀريا پنهنجا مڪالما ڳالهاءِ رهي هيئينءَ.
    خود تي ڪسر ڪندي منجهائيندڙ ڳالهه تو ڪيڏي فخر سان ڪئي هئي ته ”فتاح! مان آسمان تي ۽ تون ڌرتي تي ويٺل هجين ها ته پوءِ هڪٻئي سان ائين ملي سگهون ها؟“.
    وقت ته اسان کي ايئن ويهاري ڇڏيو هو بس تو رڳو حقيقت جي ابتڙ ڳالهه ڪئي هئي. آسمان تي تنهنجي بدل ان وقت مان ئي ويٺل هئس. جتان کان هيٺ به مون کي توئي لاهي پي آندو.
    تو کي پنهنجي بيان ڪيل اهڙي خيال جي جواب جي ڏاڍي طلب هئي. پاڻ کي مظبوط رکي. تو سان پنهنجي هم خيالي ڪندي مون چيو هو. ”عورتون جي آسمان تي ويٺل هجن ها ته گھٽ ۾ گھٽ مون جهڙا شاعر ته، آسمان کي به خيالن سان لتاڙي ان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏن ها!“
    ڪيتري نه خوش ٿي هيئنءَ منهنجي انهيءَ اهڙي هم خيالي تي پر جڏهن اقرار جو ذڪر ڇيڙيم جنهن منهنجو جيءُ پي کپايو ڇو ته ان ڏينهن جو ان کي تنهنجي جيپ ۾ تو سان گڏ ويٺل ڏٺو هئم. ڊرائيونگ پي ڪيائين سو به تنهنجي جيپ جي.
    ڪيئن نه ٿٿر جي پئي هيئين جڏهن مون اقرار جو نالو کنيو هو. هالانڪه هو تو کان وڌيڪ ته منهنجو دوست رهيو هو. جنهن بابت تو ئي چيو هو ته ”هي اقرار 100 سؤ مان پنجون نمبر اهو ماڻهو آهي. جيڪو اخبار ايئن ٿو پڙهي جهڙو سڄي اخبار ڌوئي مغز کي پياريندو هجي.!“
    سندس سياسي سرگرمين جي به ڏاڍي واکاڻ ڪندي هيئينءَ اقرار جو اهو شعر به ياد اچڻ لڳو هئم جيڪو هن تنهنجي سالگرھ ۾ تنهنجي نانءُ منسوب ڪندي پڙهيو هئائين پنهنجن سياسي نظرين کي طلاق ڏئي ڏئي پنهنجي هڪڙي زال کي ته طلاق ڏئي چڪو هو. وري هاڻ تو کي آيتون ٻڌائڻ شروع ڪيون هئائين ڏاڍي هُرکر ٿي پئي هئم. اقرار تي ڳالهائڻ جي.
    اندر جي ڄر ڪڍندي چيو هئم ”آسا! سياست جي لحاظ کان اقرار پنهنجا سياسي مذهب گهڻا بدلايا آهن؟“
    وقت ۽ موضوع جي نسبت سان تنهنجي لاءِ بي وقتي ڳالهه هئي منهنجي اهڙي بي وقتي ڳالهه ڪرڻ سان تو کي ته اڃان به وڌيڪ غلط ۽ ڏکي لڳي هئي.
    سياسي پهلو رجيڪٽ ڪندي تو مذهبي سهارو وٺندي تمام شوخي سان چيو هو ”ڪيترائي ماڻهو روز مسلمان به ٿيندا آهن!“
    ”ڪهڙي نيت سان؟“ ائين پچيو هئم جهڙو تو ڪنهن کي مون جيئان تازو مسلمان ڪيو هو.
    وائڙي ٿي وئي هئين جواب لاءِ ذهن خالي محسوس ڪندي وڙهڻ وارو رخ ٺاهي ورتو هُيئي پنهنجي بيوس مزاج کان لاچار ٿي اقرار جي سياسي سرگرمين کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو هيئي ته ”هو پنهنجا سياسي پاسا بدلاءِ ٿو ته ان سان اسان جو ڪهڙو سروڪار“
    لفظ ”اسان“ جملي ۾ استعمال ڪري پنهنجي ارادي موجب مون کي پاڻ سان ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيئي. پر خود کي الڳ رکي بيوقوفي ڪندي مون چيو هو ”آسا! زندگي جي اسٽرينگ تي ڪنهن جو اگر هٿ هوندو آهي ته ان جي هر سرگرم پهلوءَ سان سروڪار رکڻو پوندو آهي.“
    ڪاوڙجي پئي هيئينءَ مون به اڻڄاڻائي ۾ شايد جهالت ڪئي هئي محبت جي تاريخ کي هٿ سان نفرت ڏانهن وٺي وڃي رهيو هئس.
    سنهي ڀڻ، ڀڻ شروع ڪري ڏني هيئي بلڪل ايئن جيئن عورتاڻو ڪروڌ ٿيندو آهي.
    پاڻ مڃائيندي تو کي رخو ڀاڪر وڌو هئم ڪائي لفٽ نه پي ڪرايئي.
    ”زندگي جي اسٽرينگ تي ڪنهن جو هٿ“ طعنو سمجھي اکين مان پنهنجي رسامي جو اظهار محسوس پي ڪرايئي.
    شايد دل ڏکي هئي تنهنجي جنهن کي روز پنهنجو خون پياريندو هئس.
    پنهنجي سيني مان دل ڪڍي تنهنجي گوشت ۾ پوکي ڇڏي هئم اکين جو پاڻي ته کٽائي ڇڏيو هئائين!
    دعويٰ ته آزادي جي ڪندو هئس پر زندگي تنهنجي غلاميءَ ۾ جڪڙي ويٺو هئس.
    ڪيڏو ڪمينو ٿي پيو هئس. تنهنجي غلاميءَ ۾!؟
    شايد غلام زندگيون ڪمين گاهه جو شڪار هونديون آهن!
    ان وقت تنهنجو غصو ٺارڻ لاءِ پنهنجا ٻئي هٿ تنهنجن پيرن تي اڇلي وڌا هئم.
    ڪيڏو نيچ عمل هو اُهو منهنجي غلاميءَ جو ڏاڍو وڻيو هئس توکي شايد سخت دلين کي غلام زندگيون تمام پسند هونديون آهن.
    تنهنجي صرف کلي ڳالهائڻ جي اميد ۾ خواهشون چپن ۾ سرڪي رهيون هيون.
    تو سادي، سلوڻي مسڪراهٽ پسائي هئي.
    وهلوريل ڳالهيون، سڀ وساري ڇڏيون هئم.
    اُها اهڙي ڳالهه وري ڇيڙڻ کان ئي تائب ٿيڻ لڳو هئس هونئن ته تنهنجي سنت جو پانبد هئس تنهنجي هر سنت ساهه سان سنڀالي رکي هئم بس! ڪڏهن، ڪڏهن وهم منهنجو به وضو ڀڃي ڇڏيندو هو.
    ڪيتري ٿڌي دل سان چيو هيئي ته ”هو ذاتي طرح ڇا به هجي پر منهنجي ته عزت ڪري ٿو.“
    ڏاڍي ڪراهت هئم هاڻ ان نالي کان به سهڻي صورت جي عزت ڪير نٿو ڪري ڪير نٿو سهڻي صورت لاءِ پنهنجي غلامي آڇي پر ڪيئن چوان ها ته.
    تنهنجي عزت ماڻهو مون کان وڌيڪ ڇو ٿا ڪن تنهنجي عزت لاءِ ته پاڻ ارپي ويٺو هئس.
    ڪهڙو ماڻهو رهيل هو جنهن تنهنجي عزت ڪئي ته مون سندس غلامي نه ڪئي هئي.
    ڪيترائي ڀيرا تنهنجن اهڙين پسنديده خواهشن ڪاڻ پنهنجن لڙڪن کي دوکو ڏنو هئم.
    بس! مردو هوندو هئس تنهنجي سيني تي اڏيل قبر جو!
    هو منهنجي عزت ڪري ٿو“ چئي کيس منهنجي لاءِ ڪيترو نه معتبر بنائي ڇڏيو هيئيس.
    تنهنجي چيل ان جملي کي اڻ ٻڌو ڪندي موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ۾ هيس ته تو وري چيو هو ”شاعري به ڏاڍي غضب جي ٿو ڪري.“
    واهواهه ڪنهن مهل هونئن ته ڪنهن مهل هنيئن جنسي نيچر جو ڪيڙو به ته شاعرن کي خطاب توئي ڏنو هو. ۽ وري انهن بابت غضب جا ريمارڪس به توپي ڏنا. ڪيترو منجهائي وڌو هيئي.
    ڪهڙي ضرورت هئي هرو ڀرون ڳالهه وڌائڻ جي پر مان مضبوط ٿي چڪو هئس. پنهنجي ڪايا پلٽ تي پنهنجن خيالن کي– اقرار نامي موضوع تي چرڻ به پوءِ نه پي ڏنم ڪنهن ڪريل نئين سرڪاري عمارت جي ٺيڪيدار جيئان خاموشي پنهنجي لاٰءِ بهتر سمجهي هئم.
    موضوع کي موڙڻ جي سوچ سان مغز مان خيالن کي تيز رفتار ڊوڙائيندي مون چيو هو ڇڏ ان موضوع کي – ”اندر جي ڳالهه ڪر“”اندر جي ڳالهه ڪيئن ڪبي آهي؟“ ڪيڏي سادگي هئي تنهنجن لفظن ۾ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائيندي به ڪيئن نه اڻڄاڻائي ڏيکاري هيئي.
    هونئن به تون ته پسند به ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه کي ڪندي هيئن سواءِ آسماني بي جان مخلوق جي – جيڪا تنهنجي روح کي راحت بخشيندي هئي.
    ڌرتي وارن مان ته سواءِ ڪنهن سياسي سيکڙاٽ ڪارڪن جي باقي توکي نه اديب، نه شاعر پسند هئا ۽ نه مصور ۽ صحافي.
    پنهنجي اندر جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو هيئي ”شاعر اڪثر خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن؟“
    انهن اهڙن شاعرن سان منهنجي ڪا وڏي ۽ ويجهي قرابت نه رهي آهي!“ مٿين دل سان مڙئي توکي جواب ڏنو هئم.
    وري هڪ ٻيو خيالي پٿر هڻندي چيو هيئي ته“ اديب چريا به، ته ٿي ويندا آهن؟“
    ”پر آسا! مان ته ڪلهه ۽ اڄ جي وچ ۾ توکي چريو به لڳي سگهان ٿو. ليڪن سڀاڻي ۽ پوءِ جي وچ ۾، ڇا آهيان. ان جو فيصلو ته وقت ئي آهي.“
    تڏهن تو چيو هو ”مان تنهنجي ڳالهه ته نٿي ڪيان.“
    ”پنهنجي ڳالهه ته، مان به نه پيو ڪيان آسا، پنهنجي اديب جي پيو ڳالهه ڪيان.“
    تو پنهنجي خيال کي وري نئون رخ ڏيندي پڇيو هو ”ماڻهون خودڪشي ڇو ٿا ڪن!؟“
    نيٺ پنهنجي من جو دروازو کولي مونکي ڦاسائي وڌو هيئي پنهنجي چالباز نيت سان توکي تنهنجي ئي سوال ۾ ڦاسائڻ لاءِ مون چيوهو. ”تون اهو ٻڌائي سگهنديئينءَ، ته لفظ خودڪشي تنهنجي زبان تي ڪيئن آيو؟“
    ”اهو لفظ گهڙي، مون ته تخليق نه ڪيو هو، مونکي چڱي طرح ياد نٿو اچي ته، زندگي جي ڪهڙي اسٽيج تي اچي، اهو لفظ مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته، ان تي گهڻو ئي سوچيو هو.“
    ” ته پوءِ لفظ کي جيسائين پنهنجو وجود آهي. اهو بي مقصد نه هوندو آهي آسا، عملي طرح پنهنجي نتيجي سان، پنهنجو وجود، قائم رکندو آهي، شاعر خودڪشي ڪرڻ تڏهن ڇڏيندا، جڏهن لفظ پنهنجي خدا کي بخشش ڏيندا.“
    جيئن، تيئن ڪري سوال مان جان ڇڏائي هئم، شاعرن کي ڇڏي، تو وري شاعري بابت ڳالهائيندي چيو هو. ”فتاح! مونکي هر ٻولي شاعري محسوس ٿيندي آهي، ماڻهون هڪٻئي سان جو ڪجھ ڳالهائن ٿا. ان ۾ به ڪوئي بحر، وزن آهي. بلڪ هڪ غزل جهڙا قائدا معلوم ٿيندا آهن. تون شاعري کي ڇا ٿو سمجهين؟“
    ڊگهو سوال هو تمام پراهڙو نه هو، جنهن ۾ لفظ مون جيئان ماتم ڪندا هجن، ائين ڪڏهن، ڪڏهن، اهڙو سوال به پڇندي هيئين، جنهن جي جواب لاءِ لفظ به خودڪشي ڪرڻ لڳندا هئا ۽ جملن سان حشر ٿي ويندو هو.
    پنهنجو ذاتي رايو ڏيندي مون چيو هو، ”منهنجي خيال ۾ شاعري کي“ ٻن صنفن ۾ ورهاءِ سگهجي ٿو، هڪڙي بيت، وائي ۽ غزل وغيره واري صنف، جنهن کي پنهنجا قائدا قانون ۽ اصول آهن ۽ ٻي آزاد نظم جيڪا پاڻ خود مختيار هوندي آهي، پر ذهن منظر جي ڪرامت جا قيدي رهندا آهن.“
    ”خودمختيار ڪهڙي صورت ۾ آهي؟“ ان بابت تو به مذاق وارو انداز اختيار ڪيو هو. ته مون به مذاق ڪندي چيو هو ته ”بس جڏهن دل ڇڙهيون هڻي ڦٿڪڻ لڳي، تڏهن جٿي وڻي ڪاغذ جو تڏو وڇائي ڪم لاهي وٺ.“
    ڏاڍي کلي هيئين، کلندي، کلندي پڇيو هيئي ته، ”فتاح! شايد تنهنجي ئي ڪنهن دوست چيو هو ته ” شاعرن کي خودڪشيءَ ڏانهن پنهنجي شاعري وٺي ويندي آهي، پرتنهنجو ڇا خيال آهي ته واقعي ائين آهي؟“
    ”نه آسا، اهو غلط آهي. شاعري دل جو خون ضرور چٽي ٿي پر ڪنهن سنئين سڌي ماڻهو جو خون شاعري نٿي ڪري،“ ”مونکي ته اديب ۽ صحافي به سمجهه ۾ اچي نه سگهيا آهن، ڪهڙو فرق آهي، اديب ۽ صحافي ۾؟“ هاڻ؟“
    اديب، صحافي اغيره وغيره، اهي سڀ شيون تنهنجي لاءِ ڪي نيون نه هيون، نه ئي تون ڪا ايڏي معصوم هيئين، جهڙي معصوميت سان تو اهڙا سوال پي ڪيا پر پوءِ تنهنجي خوشي خاطر کل ڀوڳ ۾ مون به پنهنجي دل کي راضي پي ڪيو، اهڙي طرح اديب ۽ صحافي جو فرق بيان ڪندي مون چيو هو. ”صحافي ماڻهن کي قرآن جيئان، صاف، سڌي ۽ سختي سان چئي ڏيندو آهي، پوءِ ان تان جيڪي ماڻهو بگڙي ٿا پون، ته اديب اهڙن مڇريل، نادان رٺلن کي پيار ۽ محبت سان قائل ٿو ڪري ۽ وري اديب جن شخصيتن تي آيتون پڙهي کين آسمان تي چاڙهي، پنهنجا هٿ وس به وڍيو ويهي، ته اهڙن آسمان تي ويٺل هٿرادو نبين کي، صحافي آسمان تان به ڳولي، وري هيٺ پٽ تي هڻندو آهي.“
    فرق سادي طرح بلڪل سادي طرح سان بيان ڪيو هئم پوءِ تو شايد سندس گهرائي ڏانهن توجه ئي نه پي ڏنو هو. شايد ڪنهن ٻي سوڄ ۾ هيئن يا ته وري به ڪنهن ٻئي خيال ۾ ڦاسائڻ لاءِ سوچي رهي هيئين، ۽ اڪثر تنهنجي حالت به اهائي رهندي هئي، جو ڪجهه پڇڻو هوندو هيئي ته پڇي، پوءِ غيرحاضر ذهن ٿي ويندي هيئن ۽ ٻي ڳالهه ته، اهڙيون ننڍڙيون ۽ اڌڙ ڳالهيون توکي پسند به ڏاڍيون هيون، ٻارڙن جيئان ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته سوال پڇي وٺندي هيئين، جنهن جي جواب لاءِ، لفظن جا پير پڄندائي نه هئا، ۽ جيڪي ڪجھه پڄندا هئا سي ڪجهھ ڪڇندائي نه هئا!
    اهڙيون ڳالهيون ڇيڙڻ، جيڪي ذهن کي مونجهاري ۾ وجھن، اهڙو عمل منهنجي سوچ جي خلاف هو. پر مخالفت منهنجي کي، تو وٽ اهميت ڪهڙي هئي، انهيءَ سور به سنڌ وٺي ڇڏيا هئا تنهن ڪري ڪوشش ڪندو هئس، ته اهڙيون اڻپوريون ۽ ذهن کي ٿڪائيندڙ ڳالهيون تو کان پاسيريون رکان اهڙو موضوع هجي، جيڪو اسان جي وچ ۾ تلخين جي بجاءِ ماکيءَ جهڙي مٺاس جو ذائقو ڏيندو هجي. اهڙي ئي خيال سان ، پنهنجي ريهاڻين جي هڪ رات شايد ڪائي جنوريءَ مهيني جي سخت سرد رات هئي، مون هڪ نئون مضوع ڇيڙيندي توکان پڇيو هو” آسا! تو ڪڏهن سياري جو ٿڏيون راتيون ٻيلن جي ماٺار ۾ گهاري ڏٺيون آهن. جتي جا وڻ آڌي پڄاڻا هڪٻئي سان مٿا ملائي ڇڏيندا آهن؟“
    تو نرالي انداز ۾ چيو هو ”نڪو پر هاڻ ارادو آهي.“
    وري تڪڙ سان پڇيو هئم ”ڀلا چنڊ جي پوئين رات مهل سنڌو نديءَ جي ڇولين سان گڏ ڪڏهين گهمين آهين؟“ چنڊ جي ڳالهه توکي ڏاڍي وڻي هئي، پر وري به تفصيل سان پڇڻ لڳي هيئن ته، ”نه“ مون سنڌو نديءَ جو سير ته، ڏينهن جو به نه ڪيو آهي، تون ٻڌائي، ڪهڙا منظر هوندا آهن، ان وقت دل تي““ پراڻي ياد دهرائيندي تو وڌيڪ چيو هو ته، ٻيلن ۾ به گهڻو رهيو آهين، جڏهن پرائمري ماستر هيئن تڏهن به ته اوڏاهن گهڻو رهندو هئين.“
    توکي موضوع ۾ دلچسپي ڏياريندي مون چيو هو. ”جنهن سنڌو نديءَ جو ڇوليون نه پسيون آهن، ۽ سندس ٻيلا وڙڪي نه ڏٺا آهن، سو ته جهڙو سنڌ ڌرتيءَ جو، ته ڄائو ئي ناهي.“ رخي لهجي ۾ پچيو هيئن ته ”جيڪي ٻيلن ۾ ڄاوا آهن انهن ۾ ڪهڙي عظمت آهي جو؟“
    ڪيڏي اياڻپ ۾ پڇيو هيئي، تنهنجو ته ڏوهه به نه هو. تون انهن پنهنجن ڌرتي ڄاون جي تمڪنت کان اڻڄاڻ هيئن هو ڪيڏا عظيم ڪيڏي عظمت جا مالڪ هئا اهڙي ڄاڻ انهن کي وڌيڪ آهي جن ولهه تي ويهي انهن سان راتيون ويهايون آهن.
    پنهنجي ساهه جيتري محبت، انهن وڻجارن سان هئم، جن کي سمنڊ جو سينو لتاڙيندي اکين سان ڏسندو هئس، پنهنجي ماءَ کان وڌيڪ، منهنجي صحبت انهن جهنگلي ماڻهن سان رهي، جن کي ٻيلن ۾، دنيا جي هر آسائش کان محروم ڏسندو هئس. جهڙي نظر سان مون انهن کي ڏٺو، توکي سو بيان ڪري ٻڌايندي چيو هئم ٻيلن جي ماڻهن جي وڏي اڪثريت لکي، پڙهي ڪون ڄاڻي پر انهن پنهنجون دليون، پڙهيل ماڻهن لاءِ ته اوطاقون اڏي رکيون آهن،“ ته تو وچ ۾ پنهنجي خواهش ڏيکاريندي چيو هو. ”مونکي ٻيلن جا وڻ گهمڻ جو ڏاڍو شوق رهيو آهي، گهاٽا وڻ ٿيندا آهن، ٻيلن جا نه!؟“
    تنهنجي پيار تي حرس ڪندي چيو هئم“ تنهنجن وارن جيئان، هڪٻئي تي ليٽيل هوندا آهن آسا!، ڏاڍو سڪون هوندو آهي سندن گهاٽاڻ ۾ بلڪل سو به تنهنجن وارن جهڙو-
    ” مذاق، هر ڳالهه ۾ مذاق“ ٿڌو شوڪارو ڀريندي وري چيو هُيئي ”ڪجھه بڌائي نه دريائي ٻيلن بابت؟“
    مون اهڙي ارادي سان ئي ته موضوع ڇيڙيو هو- رڳو تنهنجي رضا ڏسڻ پي چاهيم- مونکي ته هونئن به ٻڌائڻ جو شوق پر وري تو اصرار ڪندي چيو هو- ته ڪيئن نه ٻڌايان ها- محبوب سان انڪار ڪري ڪفرڪرڻ ته- منهنجي ايمان، عقيدي ۽ آدميت ۾ نه هو- شايد قصو شروع کان کڻندي ٻڌايو هئم ته ”1986ع ۾ مونکي ڪنهن اڻا ڄاڻايل سبب سان- منهنجي مقرري- ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ڪئي وئي هئي. جيڪو سنڌوندي جي ڇوڙ وار- ڪچي جو علائقو هو- ماڻهو زندگيءَ ۾ وڌيڪ- ماڻهن کان ئي- سکي ٿو آسا- جيڪو ماڻهن مان ڪجهه نٿو سکي- ان کي به ڪجهه نه ڪجهه ته سکڻو ئي پوي ٿو- پوءِ انهن کي جانور پنهنجي جانوري سيکائي ڇڏيندا آهن- جيڪا انهن کي وڌيڪ آسان لڳندي آهي ۽ هو جلد سکي پوندا آهن.
    مون اتي جي ماڻهن مان- ڪجهه سکيو ۽ سيکاريو- جي بنياد تي- پنهنجي مقرري جو پورو وقت گذاريو- مون پنهنجي مقابل انهن کي وڌيڪ بهتر تصور ڪيو- ۽ حالتن مطابق- ڇا چئجي؟- ماڻهن جا من خلاصا- پر سندن منهن ٻٻر جي ڇوڏي جيئان سدائين سُڪل ۽ سهميل،
    سخت مشقت جي ڪري. هٿ، پير،ٺونٺيون ۽ ڪلها چچريل، ٽڪيل ۽ چٿڙيل.
    اهي ماڻهو پنهنجون ورسيون ۽ سالگراهون ڪو نه پيا ملهائن- شادي جهڙا شغل به مشڪل سان مولودن، مداحن تي پيا رچائين.
    سياست، سماجي، توڙي عام ڀلائي جي ڪمن ڪارين کان لاتعلق، اڻڄاڻ ۽ بي علم!
    مينهن وسندا هئا ته. دريا جي ريل تي ڊوڙندڙ- خرگوشين جا ننڍڙا ٻچڙا مونکي تمام پيارا لڳندا هئا. ۽ هٿ سان جهلڻ قطعي نه ڏيندا هئا.
    سنڌ ۽ ملڪ جا وڏيرا- ڪامورا ۽ عرب شيخ- تمام گهڻا شڪار ڪرڻ ايندا هئا- پر شڪار دوران بندوق جو هڪ ٻه فائر- ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تي به ڪري پي ڇڏيائون.
    نيرڻي وچينءَ مهل- اڇڙن تترن جي- ڪيُڙو ڪَڪ، ڪيڙُو ڪڪ ٻڌندو هئس ته، من تنهنجي تانگهه ۾ تڙپندو هو!
    رات جي وقت وڻن جي ٽارين تي- ٽانڊاڻا ٽمڪندا هئا ته- تنهنجون اکيون ۽ اوجاڳا ياد ايندا هئم-
    پوئين رات جي ٺار تي- جڏهن گدڙن جا ولر واري، واري سان اوناڙيون ڪندا هئا ته – ڳوٺن جا ڪيترائي ڪتا ڪٺا ٿيندا هئا.
    جيڪي جهلون ڪري نر گدڙن کي ڀڄائي ڇڏيندا هئا- باقي گداڙين سان لڳ ڪندي هڪٻئي کي ڏاڙهيندا هئا- ويچارا گدڙ اهو هنڌ ڇڏي- وري ٻيلي جي ڪنهن ٻي ڪنڊ کان اوناڙيون شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ ڪتا کين بيوقوف بنائي سندن مادي گدڙن سان مزا ماڻيندا هئا.
    سنڌ جا وڏيرا ڪچن جي ٻيلن مان ڦاڙا مارائي وڏن ڪامورن جون دعوتون ڪندا هئا- ۽ بعض ائين به ٿيندو هو ته پنهنجي اولاد جي شادين ۾ ڦاڙن جوئي گوشت- رڌائينداهئا- تلور پکي ته سندن ذاتي ملڪيت هوندي هئي- ڪنهن غريب، غربي کي انهن ۾ چڱي نظر سان ڏسڻ جي به همٿ ۽ اجازت نه هوندي هئي.
    ۽ مون جهڙي شڪاري کي- سندن ڪيلن جي باغن مان- ’سوئر مارڻ جي ڪائي منع نه هوندي هئي- اهو محض انهيءَ ڪري- جو سوئر ڪيلي جو بي حد نقصان ڪندو هو!
    چيٽن ڏينهن- سرنهن جي ٻوٽن ۾ وڙڪندو هئس ته فطرت بي حال ڪري ڇڏيندي هئم وڻن ۾ تڏ، مڪڙ ۽ ڀونرن جا ڀڻاٽ روح کي راحت ڏيندا هئا.
    ڌرارن ۽ ماکيارن کي- پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هئس- هو مونکان ترنم ۾ ڪلام ڳائڻ سکنداهئا ۽ مونکي رڍن، ٻڪرين ۽ اٺين جو کير به پياريندا هئا ته ماکي لاهڻ به سيکاريندا هئا- ماکين جا مانارا- رس ۾ ٽمٽار ڏسندو هئس ته- تنهنجو ڪنوارو اُرهه ياد اچي ويندو هئم-!
    نوجوان عورت ۾ Platonic Love جو اثر حد کان وڌيڪ هو. پر نوجوان بُراق ڇوڪرا- ناداني جا ماريل اهڙي محبت ڄاڻن ئي نه پيا تون وڏي سڪون سان مونکي ٻڌي رهي هئين، توکي پنهنجين ڳالهين ۾ ريڀي ويٺو هئس- نه ڪائي وچ ۾ تلخي هئي ۽ نه اڻ وڻندڙ خيال- ٿوري ذري خاموشي اختيار ڪئي هئم ته چوڻ لڳي هئينءِ ”ڪنجوس نه ٿي فتاح- ڪجهه گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ ڏنو، ورتو هوندئي- ڪجهه اڃان ٻڌائي؟“
    دل تان وزن ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيو هئم- اهڙي جهان ۾ هئاسين جتي اقرار وغيره جهڙي متضاد ماڻهو جو ته سوچن ۾ اتو- پتو ئي نه هو-
    محبوب کي خوش طبيعت ڏسي- چاهيندڙ جو من اڻ ڏٺي خوشي ۾- ڪيئن جهولي جيئان جهولندو آهي-؟- اهو تجربو ان رات حاصل ڪندي. وري به پنهنجون يادون ورجائيندي. مون چيو هو، جڏهن سج راسيون رنڱيندو هو ته هڪڙا ٻيڙياتا تڙن تي ايندا ڏسندوهئس ته- وري ٻيا وڻجارا سفر تي اُسهندا هئا- ڪڏهن، ڪڏهن رات واري سفر ۾- مان به وڻجارن سان گڏجي- سمنڊ جي سيوا لاءِ- سير تي ويندو هئس.
    اونداهين ۾ جَر جو جلوو ڏسي- تنهنجا رخسار ساريندو هئس مڇيارن جا وار وڏا ۽ ڏاڙهيون وڌل هونديون هيون- اڪثر مذهبي ۽ نماز جا پابندا هوندا هئا.
    سندن شبيهه جو رنگ- سمنڊ جي پاڻي جهڙو-؟
    هو پنهنجو وات کاڌي لاءَ ۽ زبان پنهجي خدا لاءِ استعمال ڪندا هئا
    ”ڇو؟“ عجب کائيندي. نامڪمل سوال پڇيو هئي- ۽ مون وضاحت ڪندي چيو هو ”انهيءَ ڪري جو- سمنڊ جي خوني آبياتي رڻ ۾- کاڌو سندن صحت لاءِ ۽ خدا سندن زندگيءَ کي تحفظ ڏيندڙ ۽ پنهنجي ماڳ سلامت موٽائيندڙ- وارو وسيلو هئين.“
    ”پوءِ رات جي وقت سمهندا نه هئا؟“ شايد ننڊ واري آرس ۾ پڇيو هئي- ۽ مان هن طرح تشبيهه ڏيندي چيو هو ”ناکئو سکاڻ تي ائين ويٺل هوندو هو. جيئن مان توکي پنهنجا ٻئي ٻک هڻي- ويهندو آهيان.“ ته تو پنهنجي کاٻي هٿ جي هڪڙي آڱر سان مٿو کنهيندي پڇيو هو ”ڀلا...پوءَ.... سندن زالون ويچاريون؟“
    ۽ مون توکي خاموشي سان ٻڌڻ لاءَ چوندي ٻڌايو هو ته ”اهي ويچاريون پنهنجن وَرن جي دلي محبت کان هميشه محروم- پوءَ به ساري رات پنهنجي خالق کي ستائن ته الله اسان جا وڻجارا سلامت آڻ؟“
    تون هاڻ بلڪل خاموش ٿي وئي هئين- پر مونکي ته خاموشي قبول ئي نه هئي- انهي ڪري قصو ٻڌائيندي چيم ”انهن سامونڊي مسافرن جون عيدون، ايلازُ سڀ سمنڊ جي سيني تي گذرندي ڏٺيم-
    ماڻهو ته اهي به. اسان جهڙائي آسا! پر سندن همٿ جي بلندي جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي.
    چنڊ جي روشنيءَ ۾، سمنڊ پري کان- آسمان ۾ ائين کتل نظر ايندو هو. جيئن منهنجون اکيون. تنهنجن اکين ۾ کپي وينديون هيون.
    اونداهين راتين ۾ ائين محسوس ٿيندو هو.
    جهڙو سمنڊ ۽ آسمان گڏجي هڪ ٿي ويا هجن- يا صورتن تي سودو ڪيو هجين. ۽ آسمان سمنڊ جي ڀاڪر ۾ ائين نظر ايندو هو جيئن تون ڪڏهن، ڪڏهن مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي آهين. ۽ مان تنهنجي دل کي- پنهنجو خون پياري وٺندو آهيان“.
    انهيءَ مهل ڀاڪر وڌا هيئي ۽ مان تنهنجي هنجهه ۾- اوچتو ائين ڪري پيو هئس- جهڙو ڪنهن لانچ تان سمنڊ ۾ ڪري پيو هجان.
    ”هو اهڙي محبت ڪو نه ڪندا آهن؟“ چمي ڏيندي پيار مان پڇيو هيئي. ڪيڏي جدت هئي ان وقت- تنهنجي ان اظهار ۾- منهنجي ڪوري من تي- تنهنجي جيڪا تصوير چٽيل هئي- انهيءَ ۾ ڄڻ سڀ رنگ ڀري ڇڏيا هيئي.
    تنهنجي انهيءَ پيار جي لذت ۾- مون اهو جواب ڏنو ته ”جوين جي ٻک کان- ويچارا وڻجارا پري هوندا آهن-“
    ”محبت کان محروم رهي- انسانيت کي ڪهڙي اهميت ڏيندا هوندا؟“ اهڙي انداز ۾ چيو هيئي جهڙو کين ڪنهن ٻي مخلوق مان سمجهي ويٺي هيئ- مطالعو ته مون کان به تنهنجو مضبوط هو- اهوئي تو ۾ وڏو ڳڻ هو- جنهن لاءِ مون جهڙا ٻيا سڌڙيا به تنهنجي محبت جي سڌ پيا ڪندا هئا- انهن سامونڊين جي انسانيت ۾- مون ڪيڏي عظمت محسوس ڪئي هئي- ان لاءِ پنهنجي اندازي ۾ مڪمل صورت جوڙي توکي ٻڌائي نه پي سگهيس.
    پنهنجي فڪري صلاحيت موجب- صرف ايترو چئي ٻڌائي سگهيو هئس. ته ”جڏهن اُتر اوتون ڏيندو هو. تڏهن شاهه لطيف کي پنهنجي سڪ مان سڏي- شاهه لطيف جا ٽٽل، ڦٽل بيت ٻڌائي به- محبت جو اظهار- اهڙي اڪير سان ڪندا هئا.جو سندن اداس دلين جي دانهن ٻڌاي. مونکي سمنڊ جي گهرائيءَ به ڪجهه نه محسوس ٿيندي هئي- بلڪل ائين محسوس ٿيندو هو ته- سندن تؤنس جي اجهام لاءِ- سمنڊ سرڪي به نه ٿيندو!
    هو اڻپڙهيا ضرور هئا. پر محسوس ائين ڪندو هئس ته محبت ۽ خلوص انهن ماڻهن مان ئي جنم ورتو آهي. ها! البت ائين هو ته- هو تعليم کان محروم، نسلي ۽ قبائلي سوچ ۾ ڦاٿل ۽ قوميت جو احساس منهجهن، نه هئڻ جي برابر هو- جڏهن کان ڌارين مهانڊن وارا فرد- سندن سامونڊي ملڪيت جا- قذاق بڻجي داخل ٿيڻ لڳا- تڏهن پنهنجي غلامي، لاچاري ۽ بيوسي جي ڪرب واري اذيت کين محسوس ٿيڻ لڳي- سندن ڪل آبادي سماجي مسئلن ۾ تباهه ۽ بيمار بڻيل هئي.
    اهڙيءَ طرح ساڳي حالت ۾ ٻيلن جا ماڻهو به جهنگلي زندگيءَ ۾ - مون کي مئل نظر آيا آسا!
    زندگيءَ جي هر خوشي ۽ خواهش کان نااُميد-
    زندگيءَ سان جهڙي، تهڙي حالت ۾ نڀائڻ – سندن مقدر جي شريعت بڻيل هئي -!
    پاڻي! جيڪو ڍور پيا پين - سو ئي پاڻ پيا پين،
    کاڌي خوراڪ لاءِ وقت ۽ ويلي جي مقرري ڪابه نه، - جنهن وقت جهڙو به مليو، ته کائي ويٺا – نه مليو – ته دانهن پنهنجي دل کي به نه ڏنائون!“
    ڏاڍو مزو آيو هو توکي – انهن تباهه حال زندگين جي حوالن مان – ايئن قصي مان قصو ڪندي، ڪجهه دير لاءِ ڄڻ خاموش فضا ۾ اُڏامي ويا هئاسين!
    اها ئي ساڳي رات هئي ته منهنجي گفتگو ڪٽيندي الاءِ ڇو ۽ ڪهڙي خيال کان تو اقرار جي زمينداريءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو، ”اقرار هڪ ڀيري ڳالهه ڪئي ته، ڪچي ۾ به اسان جي زمين آهي - ۽ چيٽن ۾ اُتي سرنهن گهڻي پوکيندا آهيون.“
    اقرار جي زمينداريءَ سان گڏ – جڏهن سرنهن جي پوک جو ذڪر ڪيو هيئي ته مان خاموش ٿي ويو هئس – ذهن سنسان ۽ زبان دم خشڪ بڻجي پئي هئي - ۽ من تي بي مدا ڪڪر چڙهي آيا هئم. اقرار کي ته مان، پنهنجي محبت جو چور تصور ڪندو هئس- ڪهڙي رمز رچائي توکي ان اقرار واري ذڪر کان توکي الڳ تمام پري کڻي ويو هئس - ۽ تو وري به جيڏي مهل اقرار کي وچ ۾ آندو ته، ذهني طبيعت فوت شده ڪيفيت ۾ اچي وئي هئم ۽ مان جهڙي پنهنجي دل جي ورسي ملهائي رهيو هئس – هاڻ توسان لفظن جي ڪهڙي جنگ پئي وڙهي سگهيس-
    هر ملاقات ۾ هر گڏجاڻيءَ واري رات جي ماٺار ۾ خوش مزاج رهي – منفرد تمثيلي رمزون سُڻائي- توکي ڳالهين ذريعي وندرائي تنهنجي طبيعت خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هئس –
    شايد هي اها نڀاڳي رات هئي – جنهن ۾ اقرار جو بار بار ذڪر ڪرڻ تان – هڪٻئي سان رُسي پيا هئاسين – پر پوءِ به ميل، ملاقات ته ڇڏي نه سگهيا هئاسين – تڏهن پنهنجي دلربائيءَ جو ڀرم رکندي تو پنهنجو هڪ نئون قانون جوڙيندي چيو هو، ”ٺيڪ آهي- منهنجي زبان توکان برداشت نٿي ٿئي – ته اڄ رات کان پوءِ- اسان پنهنجي گفتگوءَ جو اظهار – هاڻ تحرير جي صوررت ۾ کڻي ڪنداسين!“
    پوءِ ان مهل ئي انهيءَ گهر واري ننڍڙي پارڪ مان اُٿي– تو پنهنجي ڪمري ۾ اچي بجليءَ جو بلب ٻاريو هو – تڏهن تو پنهنجي فيصلي تي هڪدم عمل ڪندي چيو هو، ”بس هاڻ هينئر کان ئي – هڪٻئي سان تحريري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻو آهي!“
    تو ڪمري ڏانهن ايندي مون کي چيو ته نه هو – پر ڪنهن پالتو جيئان تنهنجي پويان لڳي آيو هئس – تنهنجي انهيءَ نرالي فيصلي تي مون کي هڪ عجيب سرور پئي آيو – تنهن ڪري توکي موڪلاڻيءَ واري آخري چُمي ڏئي هليو وڃڻ جي بجاءِ- مان خاموش ٿي صوفي تي ويهي رهيس – محض تنهنجي انهيءَ عجيب Settlement مان مزو وٺڻ لاءِ-!
    تنهنجي ڪمري ۾ ويهندي – ٽيبل تي رکيل تنهنجي – نئين سال واري ڊائري – جنهن تي اڃا سواءِ تنهنجي نالي جي باقي ٻيو ڪجهه به لکيل نه هو – تنهنجي انهيءَ فيصلي تي عمل ڪندي تحريري گفتگوءَ جي شروعات ڪندي مون انهيءَ ڊائريءَ ۾ لکيو هو، ”هيءُ تنهنجو ٻاراڻو فيصلو آهي؟“ پڙهڻ لاءِ ڊائري تو ڏانهن وڌائي رکي هئم –
    تو پڙهي جواب ۾ لکيو هو، ”منهنجي هر ادا ۽ هر فيصلي کي تو ٻاراڻو انگل پئي سمجهيو آهي.“
    ماڻهوءَ جي ذهن جي سڃاڻپ به واهجي رکندي هئينءَ – دل چاهيو ته اهڙي گهرائيءَ ۾ هليو وڃجي – پر فيصلي تي عمل جي اڃان شروعات هئي – مذاق سمجهي- من کل مان ٻُڏي ويو هئم- خود تي ڪنٽرول ڪندي مون لکيو هو، ”ڀلا هيءُ فيصلو ڪيترن ڏينهن تائين ضروري لاڳو رهندو؟“
    گهڙيءَ کن خاموش ويهي – تو لکيو، ”منهنجي مرضيءَ تي آهي!“
    سختيءَ سان پنهنجي انا جو اظهار ڪيو هو تو – پر مزو اچي ويو هئم – محبت جي ناتي ۾ هڪ عجيب ۽ منفرد قانون تخليق ڪري نافذ ڪيو هيئي – هڪٻئي سان رُسي ويهڻ کانپوءِ- ان جي صلح لاءِ- اها ئي ڊائري هُئي – جيڪا اسان جي وچ ۾ هڪ ٽياڪڙ جي حيثيت سان پاڻ ملهائي رهي هئي – تنهنجي اندر واري کل به – تنهنجي چهري تي پاڻ لڪائي نه پئي سگهي. تنهنجي منهن ۾ ڏسي مون مسڪرائيندي لکيو هو، ”هي اسان کي– پنهنجي اندر ۾ کلائي ڪير پيو؟“
    تو جملو پڙهي – پنهنجي کل روڪڻ لاءِ – چَپ وات ۾ وجهندي لکيو هو ته، ”منهنجو ڪوبه جملو توسان نه کلندو – تون پنهنجن لفظن کي سمجهائي ڇڏ ته، مون کي نه کلائين.“
    تڏهن مون جواب ۾ لکيو هو ته، ”لفظ بنهه بي چيا ۽ ظالم هوندا آهن – اهي ته ڪنهن کي به – ڪا ئي بخشش ناهن ڏيندا.“
    تڏهن تو غور سان پڙهي جواب ۾ لکيو هو ته، ”مون لفظن لاءِ نه – پر جملن بابت چيو آهي؟“
    تنهنجي گرامر ڪمزور هئي ۽ منهنجي انگريزي – ٻنهي لاءِ اهو نه وڻندڙ مسئلو هو – مون تنهنجي اصلاح خاطر لکيو هو ته، ”جملا لفظن جا محتاج هوندا آهن- سندن زندگيءَ جو جيئڻ – مرڻ به لفظن جي ئي وس هوندو آهي.“
    تو لکيو، ”لفظ پاڻ جڳهه نه والاريندا آهن – انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ – وڏي ڏاهپ ۽ چالاڪيءَ سان- ماڻهو جملن ۾ ٽنبي- ڪتب آڻيندا آهن.“
    لفظن جي اصلي قوت- توکي پنهنجي عمر ۾ اڃا محسوس نه ٿي هئي- ان ڪري جو تنهنجو ادب سان ڪوئي چاهه نه هو- مطالعو به تون پنهنجي پسند واري سبجيڪٽ کان علاوه- باقي جنريشن مطالعي کان به تون باغي هئين- باقي رومانٽڪ شاعريءَ جو ڪوئي ڪتاب هٿ لڳندو هيئي ته هٿ ئي نه ڪڍندي هئيينس. ٻيو تو ۾ وڌيڪ مرض اهو هو، جو ڪڏهن ڪو قسمت سان فلسفي جو ڪو ڪتاب پڙهندي هئينءَ ته- ان بابت چوندي هئينءَ ته، ”هن مصنف پنهنجو هيءُ ڪتاب- ڀَنگ پي لکيو آهي.“ پر اصل ۾ ان مصنفن جي بجاءِ اهڙا خشڪ موضوع وارا ڪتاب – توکي ڀنگ جهڙو نشو چاڙهيندا هئا- ۽ پڙهڻ وقت ننڊ توکي اکيون کولڻ ئي نه ڏيندي هئي- وڏا جملا توکي سمجهه ۾ نه ايندا هئا ۽ ڊگها لفظ توکي مُنجهائي وجهندا هئا.
    نه قومي درد ۽ اونو ۽ نه وري ٻوليءَ سان ايڏو لڳاءُ يا دلچسپي، رڳو نعري باز سياسي سيکڙاٽن جو اثر هو توتي-
    ادبي دوست به اهي پسند هئا توکي- جيڪي صرف ٿيوريءَ جا ماهر هئا!
    ذهني طرح به ڪيڏا مختلف هئاسين هڪٻئي کان- پوءِ به خبر ناهي ته ڪهڙي بيماري لڳل هئم- جو توکان پري ته پوءِ- صرف پنهنجي اظهار جي آزادي محسوس ڪندو هئس- سا به چرين جيان ٻاهون اُڇلي يا لفظن سان وڙهندي.
    مون کي لفظ هرڻ جيان – ڪو قسمت سان جهل ڏيندو هو – ته ان سان به وڙهيو پيو هوندو هئس- ۽ تنهنجي خيالن ۾ لفظ ڪڪڙ جيان آرو ڪيو ويٺا هوندا هئا- پر نسل وڌائڻ جي بجاءِ ڪنا ٿي پئي ويا- انهيءَ ڪري جو تنهنجي تحت الشعور ۾ سمجهه جي اڃا اها سگهه نه هئي ته- لفظن جي ارڏائيءَ اڳيان، صليب ۽ ڦاهيءَ جا ڦندا به پنهنجي دهشت ۽ اصلي قوت پاڻ وڃائي کوکلا ٿي پيا آهن-
    لفظن جي جبري استعمال بابت مون جواب ۾ لکيو هو ته، ”ڪاتب جي چالاڪيءَ کان لفظن جي سرڪشي اٽل هوندي آهي- ڪاتب جڏهن لفظن کي گهڙڻ جي اٽڪل ڪندو آهي– ته لفظ سندس سوچ ۽ خيال بدلائي ڇڏيندا آهن-“
    توکي منهنجو جواب پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه آيو هو – شايد تڏهن سختيءَ سان تو لکيو ته، ”نه اهااٽڪل ۽ چالاڪي ڇڏ فتاح! صحيح طرح سان لک- نه ته مان پنهنجو فيصلو سخت ڪري ڇڏينديس.“
    لفظن ۽ جملن جي قوت ۾ به تو پنهنجي پسند ۽ مرضي مڙهڻ پئي چاهي.
    جيئن بد ذهن ماڻهو پنهنجي دم پل جي شهرت لاءِ چونڊ لفظن جو استعمال ڪندا آهن- تو مون کي به انهن ۾ شمار پئي ڪيو پر اها تنهنجي غلط فهمي هئي- لفظن کي مان ڌوئيندو ۽ ساريندو، سنڀاليندو ضرور هئس – پر مان پنهنجي مرضيءَ جي بجاءِ سندن مرضيءَ جي پويان رهندو هئس-
    تنهنجي شوخي ۽ سخت لهجي کي مون وڌيڪ خفي ڪرڻ نه پئي چاهيو- ان ڪري پڇڻ خاطر مون لکيو هو، ”مان صحيح طرح سان ڪيئن لکان- مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي؟“
    تو تڪڙو هٿ وڌائي – مون کان ڊائري ورتي هئي – جواب پڙهي ڪنڌ کي شوخيءَ سان ساڄي طرف موڙ ڏيندي تو لکيو – ”بنا نقطي لفظ لک؟“ اهو لکي تو ڊائري مون ڏانهن اُڇلي رواني ڪئي هئي. جواب پڙهي ڪجهه حيران گاڏڙ تنهنجي منهن ۾ ڏٺو هئم- پر منهن تي ڪو اثر ئي ڪونه هيئي- شايد پنهنجي سختي ڏيکاري هيئي- پر اها تنهنجي چريائپ هئي – چريائپ به اهڙي جو ان تي ڪير به نه وسهي- ڪافي غور ۽ فڪر کانپوءِ- تنهنجي منشا ڪجهه سمجهه ۾ آيم- مون سمجهيو- تو اهڙا لفظ پئي چيا- جن جي ڪابه مڪمل صورت، شڪل نه هجي، ۽ انهن جو ڪوبه مطلب، مقصد نه هجي- بدصورت ۽ بي مقصد لفظ هجن – چريا ۽ گونگا هجن- ڳالهه وري به سمجهه مان نڪري ويم – وضاحت لاءِ توکي لکيو هئم ته، ”بنا نقطي لفظ لکي- پنهنجي ذهن کي بخار نٿو ڏئي سگهان- ۽ ٻي ڳالهه ته مان بنا نقطي لفظن مان مراد سمجهي نه سگهيو آهيان- وضاحت ڪر؟“
    ۽ تو وضاحت جي بجاءِ وري هڪ وڌيڪ چريائپ ڪندي لکيو، ”پوءِ خاموش لفظ لک؟“ اهو تو پنهنجي خودمختياري جتائيندي لکيو هو- بيوقوف ۽ بي رحم جي آزادي به جهان لاءِ آزار هوندي آهي- تنهنجي ذهن ۾ ته الاءِ ڪير اچي ويٺو هو- تنهنجي ته ٻولي به محسوس نه پئي ٿي- ڪيئن چوان ها ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي اٿم- بس اهو ظن گمان ته شايد اها تنهنجي مرضي هئي ته- لفظ ڪمزور، بيمار، ۽ اڌ مئل هجن، جيڪي منهنجي طرفان به غلاميءَ جو اظهار پاڻ ڪندا هجن- سندن حياتي ٿوري هجي- پر وقتي طور شهرت ۽ هوس واري بيماريءَ لاءِ فائدو ڏيندا هجن- سندن ٽنگون، ٻانهون ڀڳل ۽ باقي عضوا به سندن اُکڙيل هجن- ذري گهٽ پنهنجي اوگهڙ به پاڻ ئي پسائيندا هجن-!
    عجيب ڪشمڪش هئي- ڪجهه سمجهڻ لاءِ ڳالهائجي ها ته مسئلو به حل ٿئي ها- پر ڳالهائڻ تي ته جهڙو پاڪستاني مارشل لا لڳايل هئي- مجبور ٿي لکيو هئم ته، ”خاموش لفظ ماڻهو ته الاءِ ڪيئن لکندا آهن- ۽ ڪهڙا لکندا آهن- منهنجي منهن ۾ ته نڪ به آهي ۽ اکيون به جيئريون آهن- خاموش لفظ لکڻ ته مونکي استادن سيکاريا ئي ناهن؟“
    تڏهن تو پنهنجو جهڙو ڄڻ آخري نئون فيصلو تجويز ڪندي لکيو هو ته، ”ٺيڪ آهي، خاموش لفظ لکڻ تون اڃان نه سکيو آهين ته پوءِ هاڻ هٿ اشارن سان ڳالهاءِ؟“
    ڪهڙو نه نئون نرالو مذاق هو- پنهنجي چريائپ ۾ هاڻ مون کي به گڏائڻ پئي چاهيئي.
    پر تو ايترو لکي ڊائري ٽيبل تي ڇڏي- اونڌي ٿي پلنگ تي ليٽي پئي هئينءَ.
    توکي ته تنهنجي فيصلي ئي کل مان اونڌو ڪري پلنگ تي اُڇلي وڌو هو- پر لفظن جي فيصلن جيڪي زندگيون رُلايون، ستايون، وڃايون، کپايون ۽ رئاريون، انهن جي حالت نه تو سمجهي هئي ۽ نه ڏٺي هئي!
    انهيءَ رات وارن تنهنجن انهن گونگن فيصلن مان مون کي ان وقت اهڙي حقيقت جو احساس شدت سان ٿيو هو ته – محبت واقعي گونگي به هوندي آهي- مون معلوم ڪري ورتو ته محبت عاقل به هوندي آهي – ته دانا ۽ ديواني به هوندي آهي – ته وري مست مست ملنگ به – ٻئي شيون سندس قائدي ۾ هونديون آهن – يعني ٿورن لفظن ۾ چئجي ته مرڻ ۽ مارڻ، جيئڻ ۽ جيارڻ – بلڪه ڪڏهن خدا ته ڪڏهن خلق آهي- ۽ ڪڏهن ته ٻنهي کان مٿي ۽ پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ خود کيڏڻ لڳندي آهي – انهيءَ کان به ڏکي ته پوءِ نه خالق سمجهي نه خلق.
    خير مون ته هروقت محبت کي عورت جي فطرت ۾ سمايل محسوس ڪيو- مون کي يقين ٿيو ته – عورت ۾ محبت جا مڪمل گُر سمايل رهن ٿا.
    پر توکي ته پوءِ به هزارن مان ڪا هڪ عورت سمجهيو هئم – هونئن به محبت ۾ اوڳڻ عيب ڏسڻ واري نظر جو ته وجود ئي نه هوندو آهي- پر توکي ته شايد مشڪ جو غسل ڏئي پنهنجي پيار پوتر بڻائي وڌو هو- جنهن مون کي مرغوب بڻائي رکيو هو- ۽ مان شايد اُپمان ڪري ويٺس.
    محبت ۾ عشق جي بخار واري ڪيفيت به ڪا عجيب رهندي آهي-
    زبان هر وقت خشڪ،
    اکيون آليون ۽ نڙيءَ ۾ هرو قت شرابي ذائقو،
    ماڻهو نه چريو نه سياڻو، سڄي جهان کان مختلف!
    جيون جي چُرپُر ڪڏهن سرد ميت، ته ڪڏهن ڌڳندڙ اڱار!
    دل جون سٽون هينئون پاڙان پَٽڻ لڳنديون آهن!
    ننڊ جي ديوي اکين کان رُسيو، خيالن ۾ وڃائجو وڃي!
    خيالن جو اهڙو آئينو ٺهيو پوي- جنهن ۾ ديوانگيءَ جا ٽهڪ- گونجندي صاف نظر ايندا آهن-، جيڪي دل تي روهندڙا پائي – دل تان تازي خون جا ڍُڪ ڀري شانت ٿي ويندا آهن!- ته ڪڏهن وري تنهائيءَ جو هنگامو بڻجي- شهوتي جذبن کان مفرور ڪيو ڇڏن!
    من جي قبر مان نڪرندڙ تپش- دونهون بڻجي اکين اڳيان نظرن جون گهٽائون بڻجيو پون- جيڪي اکين تي ابر چاڙهي- اوڻٽيهه جهڙي اونداهه تاريڪي ڇانئيو ڇڏن!
    وقت جي رفتار- مئل تصور ٿيندي آهي!
    زندگي ننڊ کي يرغمال ڪريو ڇڏي!
    اکين ۾ بيٺل پاڻيءَ جا چشما- اُداس خيالن جا ڌڻ پيو- کپايو ڇڏن!
    دل جي ڌڙڪن- قدرتي آواز کان وڌيڪ پڙاڏا ڪندي آهي.
    گلي جو آواز محبوبن اڳيان- بيهوش ٿي پوندو آهي! جسم بي ستو، بيڪار ۽ سست رهندو آهي!
    بدن هلڪي بخار ۾ اڪڙجي پوي ٿو- ۽ ان بخار جي سوزش اندر جي آتما کي ستائش ۾ وجهي- شعور سان لاڳاپيل روح جون نسون به وڍيو ڇڏن!
    تنهنجو ته وري نانءُ به آسا!
    صبح جي راڳڻي ۽ عصر جي صدا،ٰ
    منهنجي دل جي نظر- تنهنجي گهڻ ڪنڊائين شخصيت جي گهيري سان- سڌيءَ طرح ڳنڍيل هئي- پر هڪ دفعو به ڪنهن- چور نظر سان ڏٺو ته سو به صدمجي پيو- تنهنجين اکين ۾ اڏيل شامياني مان آسائش ڪنهن کي حاصل نه ٿي -؟ مون کي ته سندن ڪائناتي منظر ۾ هميشه لاءِ اهڙي ڪا ننڊ اچي وئي هئي – جنهن ۾ ڪجهه گهڙيون اکين جي جاڳتا واري جوت به – ڪنهن سپني جو سمو لڳندو هو!
    جنهن وقت تو ڊائريءَ ۾ لکيو هو ته، ”چڱو هاڻ اشارن سان ڳالهاءِ.“ تنهن وقت تو پنهنجي کل کائي ختم ڪري – سانت ۾ اچي سنجيده ٿي هئينءَ – ته مون لکيو هو، ”اهڙي گونگ ٻوڙ واري گت کيڏيندي مان خود کي پنهنجي کل کان روڪي ئي نه سگهندس.“
    تڏهن تو لکيو هو، ”خود تي قابو پائڻ- محبت ۾ اول شرط آهي- باقي لاف زني ته لکين آهن- پوءِ تون خود پريمي ڪيئن پيو سڏائين- جڏهن تون خود تي پاءِ نه سگهيو آهين. پنهنجن خيالن تي ڪنٽرول ڪري- نه انهن سان صلح ڪري سگهيو آهين- نه انهن کي مڃائي سگهيو آهين ۽ نه سندن اشارن سان سهمت آهين- لڳي ٿو- توتي محبت کان وڌيڪ- صحبت جو رنگ چڙهندو آهي؟“
    تو جنهن گهرائيءَ ۾ ٽُٻي هڻي لکيو هو- ان مان توتي به ته ڪو اثر نه هو- شايد اهو ڪو ٻُڌل خيال لکيو هيئي. خيالن جو هٿن جي اشارن سان اظهار- ۽ محبت ۽ صحبت جي الڳ، الڳ انفرادي اهميت ۽ اثر!- تون شايد انهن جو هڪٻئي کان الڳ رهي به- سندن زندههه رهڻ واري پهلوءَ سان سهمت هئينءَ- پر مان خيالن جو اشارن سان اظهار ڪرڻ کي- محبت ۾ علالت کانسواءِ ٻيو ڪو درجو ڏئي نه پئي سگهيس ۽ صحبت جو محبت کان الڳ زندهه رهڻ، سمجهڻ يا رکڻ کي به مان ايئن پيو سمجهان- جيئن طبيعت مان صحت کي خارج ڪري ڇڏڻ- اهو سوچي مون لکيو هو، ”محبت کي صحبت کان ۽ طبيعت کي صحت کان الڳ ڪري- خيالن کي- چرين جيان- هٿ اشارن سان ڳالهرائڻ- تون ڪڏهن کان سکي آهين؟“
    تو جواب ۾ لکيو هو، ”هاڻ تون منهنجي تربيت پذيريءَ کان به اڻڄاڻائيءَ جو اظهار پيو ڪرين- تون پنهنجا خيال هٿن جي ٻوليءَ ۾، اشارن سان نٿو ڳالهائي سگهين ته پوءِ هاڻ هڪٻئي سان اکيون پوري زباني ٿا ڳالهايون!“
    تو ته خودکي تربيت پذير لکيو هو- پر محبت جي موضوع ۾ تربيت پذير ته اڃان مان هئس- محبت ڪيئن ٿي ڳالهاء، ٻُڌاءِ ۽ ڇا ٿي ٻُڌي، ٻڌائي؟ ڪهڙيءَ نظر سان ڏسي ۽ ڏيکاري ٿي- ۽ ڪيڏانهن کڻي، وٺي ٿي وڃي؟- سڀ ڳالهيون تنهنجي پُٺ لڳي- سکڻ، ڪرڻ لڳو هئس-
    محبت ۾ زندگيءَ جي ڊوڙ جا پيچرا- اڙهانگا ڪيڏا هوندا آهن، انهن جي ڪٿ ڪرڻ به منهنجي وس نه هئي.
    زندگيءَ کي يقين سان جيئارڻ ۽ اعتماد سان جيئڻ واري خيال ئي- منهنجيءَ دل کي گهائل ڪري- سندس زخمن تي زهر- اُڇليندو رهيو.
    تڏهن به خود کي مضبوط ئي رکيم- ڪيتريون ئي چؤماسيءَ واريون هوائون- دل جي باغبانيءَ ۾ گهُلي ويون- پر من تي موري ايندر محبت واري نفيس وڻ کي- هر لحس ۽ لوساٽ کان محفوظ رکيم- ۽ جن خواهشن سندس ساڀيا تي بُرو اثر پئي ڇڏيو- تن کي روح جي لحد ۾ لاهي لتاڙي دفن ڪري پئي ڇڏيم.
    محبت جي وڻ کي جن سورن سان سانڍي وڏو ڪيو هئم- سو قدآور ٿي چڪو هو- پر زماني کيس ڌوڻائي ڏئي- سندس پڪل ڇُڳ هيٺ ڪيرائي سندس ميووي جو داڻو، داڻو زخمي ڪري وڌو هو.
    منهنجي مغز تي اهڙي اذيت واري چٿ- منهنجين اکين کي هميشه اشڪ آلوده رکيو- دماغ ڪڏهن برف جي ڳنڍ جهڙو ٿي پئي پيو ته ڪڏهن جهڙو ڪپهه جو پهه-
    موسمون ڪڏهن بي جان ۽ خاموش محسوس ٿيڻ لڳيون ته ڪڏهن گستاخ ۽ هُل هنگامي واري شورش سان برپا- خبر نه پئي رهيم ته، موت مُندن کي پيو ڳولي يا مونکيٰ!
    وحشت جا دؤرا هئا!
    ڪڏهن ڏس ته، غشو پيو تاري ٿئي- ته ڪڏهن دماغ آسماني ڇت ۾ لڙڪيل-
    اندر جي کل به جهڙي کوکلي!
    محبت جي جستجوءَ ۾ خود کي وڃائي ويهڻ- پوءِ وري خود کي ڳولي لهڻ- ڪيڏي نه جفاڪش ۽ روڳي محنت هوندي آهي!
    پر جڏهن پاڻ پنهنجي ڳولا- واري سفر ۾- ڪنهن اهڙي مسافر سان به ميل ٿيندو هجي- جيڪو پڻ پاڻ وڃائي وري پنهنجي تلاش ۾ نڪتل هجي- ۽ ان سان ڪائي ڏيٺ- شناسائي نه هجي- ته ان کان ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت منزل جو دڳ، پتو پڇجي؟- مسافر ته بس مسافريءَ جي وندر هوندو آهي. سو ويچارو ڇا ڏيندو، ڏَسيندو ۽ ڇا ڏسندو، ڏيکاريندو- سڄو جهان پنهنجي مسافريءَ ۾ ٿڪي، جهُري ۽ ٽُٽي، ڀڄي جهڙو مئي جي مثال ٿي پيو آهي- پوءِ تنهنجو چوڻ برابر درست هو ته، اکيون پوري ڳالهائڻ گهرجي- پر مون کي ته اها خبربه نه پئي رهي ته- سيکائڻ وارو- سکڻ واري کان ئي پيو سکي يا سڀئي اڳواٽ ڪجهه نه ڪجهه سکيل آهيون-؟
    سکڻ واري ته- سيکائڻ واري جي خيالن کي هميشه شڪتي پئي عطا ڪئي آهي- پر سکڻ وارو به اهو- جيڪو پنهنجي دم شناسيءَ سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ محرم دل به هجي-
    پنهنجي خيالن جي پروازن کي- دل جي نظر کان اوجهل نه ڪندو هجي!
    ٻئي اکيون ڪڍي وٺجنس- تڏهن به پنهنجي محبوب جي تصوير پنهنجي دل جي ڪوري ڪاغذ تي- ايئن Point ڪندو هجي- جيئن ڪو نابينا پنهنجي وات کي ماني گرهه ڏيندو آهي! زبان پاڙان پٽي وٺجيس، ته به لفظ محبت روان اُچاريندو هجي!
    پوءِ- تنهنجو چوڻ درست هو ته- پنهنجن خيالن کي هٿ، اشارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي!
    جسم جا هڏ سڀ ڦوڙي ڇڏجنس.
    ميڃالو حمام دستي ۾ وجهي- کرڙي گوريون ٺاهي کائي ڇڏجي! سندس رت، پت سان حمام دستو ڌوئي صاف ڪجي!،
    نسن مان نوڙيون وٽي- ڪاٺيرن کي وڪڻي ڏجن،
    چمڙي ۽ چرٻيءَ مان- بجليءَ جي بلبن جا ڍڪڻا ٺاهجن، وار فضا ۾ اُڏائي ڇڏجنس!،
    باقي بچندو هجيس گوشت- سو سندس جيءُ واري قبر جي خورڪ لاءِ ڪافي هجي- ته پوءِ سندس آدرش، اُميدون سڀ بي مقصد ۽ بنا نقطي هونديون ۽ چاهتائن جي اُمنگ به تمام خاموش هوندس-
    پوءِ بلڪل چئي سگهجي پيو ته سندس لاءِ بنا نقطي لفظ لکي- سمجهي سگهجن پيا!- جيڪي بي مقصد، گونگا، ڪمزور، اڌ مئل ۽ خاموش به شايد رهن پر اهي سڀ مذڪور ۽ مرض اڄ جي پريم روڳيءَ ۾ به هوندا ليڪن تنهنجي نظر ۾ اهو صرف مان ئي هئس- جنهن کي تو ڪجهه سيکارڻ جي بدلي، ڪافي ڪجهه ان مان سکي ورتو هو-
    ها! شايد منهنجو روڳ، تنهنجي ڀوڳ جي ڀرم سان سخت پيڙا به سهندو رهيو هو.
    پر سو ڪهڙو ڀوڳ هو- جنهن ۾ اکيون ڀيڄ ڀنيءَ جي ڀوڳنا ۾ رهيون- ڪڏهن وسڻ جا ويس، ته ڪڏهن دارونءَ جيان دُکڻ لڳيون- ڪڏهن ستارن کان به اڃان اڳتي پئي ڏٺائون ته ڪڏهن اُپٽڻ سان ئي انڌيون!
    ها! شايد هي دردن جو ديس آهي، تڏهن!- جتي صبح جي راڳڻيءَ ۾ به، مرثيا ۽ شام جي پهر ۾ قصيدا ڳايا ويندا آهن.
    هتي سُک جا سلا ته، سڀ ڍورن لتاڙي ڇڏيا!- هڪ سير اٽي ڪاڻ به – جسمن جي وڪري لاءِ پڙيون لڳن ٿيون.
    جسم وڪجي، وڪجي پوڙها ٿي ويا!
    هڪڙا وٺي ٿا وڃن- اهي ٻه ڏينهن سندن گوشت ڪُٽي- سودو واپس ڪيو وڃن- ته وري ٻيا وٺندڙ قيمت ڪيرايو وٺن- جسم ان ڪُٽ ڪٽان ۾ پنهنجي شوخي وڃائي- لولها ۽ لڙڪڻا ٿيندا وڃن- پر گيدي گراهڪن جي ڀرمار نه کُٽي!-
    جسم تمام ڪمزور، ڪميڻا، بي پهچ، مريض ۽ موڳا بڻجي پيا هِن!
    جنهن ديس ۾ زندهه مُردن جي غيرت جو عام وڪرو ٿيندو هجي، ته صبح جي راڳڻيءَ ۾- آسا راڳڻيءَ جي بجاءِ- مرثيا خواني ڪرڻ ۽ قصيدا گوئيءَ وارو ويراڳ وڏو ڪو نيڪيءَ وارو ڪم چيو ويندو هوندو-
    تو ته خبر ناهي الاءِ ڪهڙا خاموش لفظ پئي چيا – مان ته اهڙن خاموش خود زبان عضون تي وڃي نڪتو هئس- جيڪي پنهنجي اوگهڙ واري خاموش دهشت سان- پنهنجن پرستارن جا ڪپڙا به لاهيو ڇڏن!
    جڏهن تو لکيو هو ته اکيون پوري ٿا ڳالهايون- ته اهڙي ڀوڳ مان- مان ايئن سمجهڻ لڳو هئس- ته جنهن ديس ۾ انڌو نظام اَڏيل هجي-
    سچ جي بدلي خاموشيءَ کي اهميت هجي!
    هر مصيبت کي ماٺ سان منهن ڏبو هجي!،
    بک، بيروزگاريءَ جي مرض مرندڙ قومي دوستن، قريبن ۽ احبابن کي اکيون پوري دفن ڪندو رهجي!
    ۽ زندگي هر اذيت ۽ آزار ۾ هوندي به- اکيون پوري وقت گذارڻ- ان ديس لاءِ واقعي وڏي ڪا ناماچاري ۽ نعمت هوندي!
    پر تنهنجي زندگيءَ مان سکڻ لاءِ- مليل حصي، پتيءَ وارو وقت به مون ايئن پئي سمجهيو- ته حياتيءَ ورو اهو لمهو ڄڻ ڪنهن نادار جو- نادار کان کسي- مون کي ڏنو ويو هجي.
    جڏهن تنهنجي ڪنهن سخت فيصلي ۽ غلط سوچ تي منهنجو خون جوش کائي- ذهن کي ڀڙڪائيندو هو- تڏهن ايئن لڳندو هئم ته- مون ۾ ساهه به شايد- ڪنهن بيگناهه ماريل ڌاڙيل جو وڌو ويو آهي!
    ڪنهن، ڪنهن مهل- تو شايد مون کي صحيح پئي سڃاتو هو- انهيءَ ڪري اونداهي دؤر ۽ انڌي نظام ۾ زندگي جيئارڻ لاءِ- اکيون پوري ڳالهائڻ وارو درس ڏيندي هئينءَ. اکيون پوري ڳالهائڻ سان شايد- خواهشون به سڀ مري ٿيون وڃن ۽ ماڻهو بغاوتن کان ڇُٽي پوي ٿو- ذهن جو خيالن سان به صلح ٿيو پوي- ۽ لفظ به جملن جي حڪمن هيٺ رهن ٿا-!
    اهڙيءَ طرح خاموش رهي- سڀ ڪجهه وساري- شايد هڪ داناءَ ۽ وڏو ناول نويس به ٿي پيو سگهجي!!
    جنهن ديس ۾ بي ايمانيءَ سان مقدر ٺهندا هجن ۽ سچائين سان نصيب جو ٻيڙو ٻُڏندو هجي ته ان ديس ۾ هي اڄ ڪلهه گيهه ۽ پاڻيءَ جي بدلي رت سان پچايل ماني کاڌي ۾ ڪيتري نه خوش ذائقه هوندي!
    کائي بچائي شهر جي گهٽين ۾- اُڇلايل اهڙو کاڌو، رول ڪُتا کائي- پنهنجي وفا جي بدلي- پاڳل به تڏهن شايد ٿي پيا آهن!
    تون به منهنجون اکيون مون کي پورائي پيار جي بدلي اهڙو کاڌو کارائڻ پئي سيکاريو – جنهن ۾ وفائن جي بدلي رڳو چريائپ ۽ جفائون!
    پر مان جو نادان هيس – ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ جي بجاءِ- صرف ڪنهن افسانه نگار جي حيثيت سان اهڙي ناول تي لکڻ جي خواهش سانڍي ويٺس- جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ- منهنجا نوان دوست- عورت جو لسو بدن چَٽڻ شروع ڪري ڏين!
    ماءُ جي پيٽان نڪرڻ سان ئي ڪنهن روڳ ۾ رڙي پيو هئس. شايد پنهنجي ديس ۾ ڪائي بک نظر آئي هئم- يا الاءِ ته پنهنجي دانائيءَ جي بک هئم يا ڪنهن پيار ۽ پرچاءُ جي ڪمي!- جنهن ڪري ناول کي هڪ خوبصورت زندگيءَ جي باب جو نانءُ ڏئي- کيس استعارن، ڪناين ۽ تشبيهه جي خيالن ۾ اُچارڻ پئي چاهيم!
    محبت جي بک هئي ته- توکي چميون ڏئي- پنهنجو هينئون ڀريندو رهيس- پر اڃان به ڪا بک هئم-! جيڪا سمجهي نه سگهيو هئس! شايد غيرت جي بک هئم!
    سا به شايد اکيون پورڻ سان لهي ويندي آهي!- ۽ ماڻهو هر جنجٽ مان به واندو ٿي پوندو آهي!
    پر هتي هن ديس ۾- شايد ادب ۾ رومانس کي وڌيڪ اهميت رهي آهي-!
    قوم، ٻولي، سياست، فلسفي ۽ غيرت سان سنڌي ناول جو تعلق به ڪهڙو!
    مان به ته سياست کان الڳ رهي- خود کي ادب سان واڳي- اديب سڏائي صرف ادب جي پرچار ۾ هئس!
    پوءِ تو مون سان اهڙا غيرت باز ڀوڳ ڪيئن پئي کيڏيا؟ ڪيڏو منجهائي وجهندي هئينءَ پنهنجي هر گفتار ۽ شگفته ادا ۾. تنهنجا قاتل ابرو منهنجو هينئون ڪباب ڪري، ڪيئن نه منهنجي غيرت جي مقتل گاهه بڻجي پيا هئا-
    ڪيڏي نه آسوده حاڪميت هئي تنهنجي- ڪيتري لذت هئي ان ۾، جنهن منهنجي معذور ۽ بي غيرت خيالن کي چٿي- خاموشيءَ جو عرق پياريو هو-
    منهنجي هر ڪمزوريءَ جو جڏهن ذڪر ڇڙندو- تڏهن تون الاءِ پنهنجي ڪهڙي نيت سان سندن آڌر ڀاءُ ڪندينءَ؟ مان ته پنهنجي خوديءَ تي به رحم کائيندو رهيس- توسان سنگدلي ڪرڻ ته اڃان به ڏکيو ڪم هو!
    هاڻ به جڏهن منهنجي غيرت جي ڳالهه ڪئي ويندي – تڏهن به تون شايد منهنجي رواجي شرم تي – پنهنجي اظهار ۾ خاموشي اختيار ڪندينءَ!
    ڪيڏو مزو ٿيندو؟
    جڏهن منهنجي غيرت جا ذڪر ٿيندا ته مون جهڙا رومانس ۾ راتيون گنوائيندڙ- ان وقت ٻيا سيکڙاٽ اديب به موجود هوندا!- اُن وقت ڪنهن کي مزو نه به اچي- پر ڪا انانيت ضرور لطف اندوز ٿيندي.
    انهيءَ رات جنهن مهل تو لکيو هو، ”هاڻ اکيون پوري ٿا ڳالهايون.“ ان کان پوءِ به گهڻي رات تائين- اهڙي ڪاميڊين گفتگوءَ ۾ محو هئاسين- شايد ڊائريءَ جو به گهڻو حصو لکي ويٺا هئاسين- تو مذاق، مذاق ۾ وري به اقرار جو ذڪر شروع ڪيو هو-
    منهنجو منهن آڪڙجي پيو هو- پر توکي پوءِ به مزو ٿي آيو- منهنجو چٻرو pose ته هونئن به توکي وڻندو هو!
    اقرار جي شخصيت ۽ تشخيص ڇا هئي؟
    سماج ۾ سندس ڪردار ڪهڙو رهيو هو!؟- مان کانئس پوريءَ طرح واقف هئس- ڪنهن جي ماضي يا مستقبل لاءِ- ڪا غيبت، ڪا دعويٰ يا دم شڪني ڪرڻ ته منهنجو اُصول ۽ عادت نه هئي- نه ئي ڪنهن کي ڳولي سندس عيبن جا ڦوٽو ڪڍڻ منهنجي مشغولي هئي. پر هو منهنجو ڪلاس ميٽ رهيو هو- مان سندس ماضيءَ کي تمام ويجهو رهيو، گذريو هئس.
    هاءِ اسڪول واري زندگيءَ جي ڏينهن ۾ هو ڪچو تماڪ ڦڪي- کائيندو هو- ۽ وقتي طور عام ماڻهوءَ کان نسوار به وٺي کائيندو هو. هو هڪ امير پيءُ جو پٽ ضرور هو- پر سندس پورو خاندان سادگي پسند ۽ اجائي ڏيکاءُ کي ناپسند ڪندڙ هو-
    زندگيءَ جي جنهن اسٽيج تي اچي- هن توسان گهرو لاڳاپو جوڙيو هو- انهن ڏينهن به ٺرو، ٽنچر ڪپي ۽ سوسيگان انجيڪشن وغيره سندس روز جو ڊوز بڻيل هو- ڪجهه نه هئڻ يا ملڻ جي حالت ۾ پيٽرول به سونگهيندو هو ۽ اسپريٽ به پيئندو هو- جن ڏينهن هيروئن پيئندو هو- تڏهن علاج لاءِ ته ڪو وقت اسپتال جي حوالي هو! هن پنهنجي نوجوان زال کي طلاق به پنهنجن اهڙين ڪريل ۽ ڪرپٽ عادتن جي هدايتن تان ڏني هئي.
    شاديءَ کي اڃا 9 مهينا مس گذريا هئا – پنهنجي ونيءَ کي واندو ڪري سندس اباڻي گهر موڪلي ڇڏيائين.
    اتفاق سان اقرار به تو جيئان مائٽن جو اڪيلو اولاد هو- ڪيترا ڀيرا سندس پيءُ مون سان رت جا ڳوڙها رُنو هو- پر بدنصيبيءَ سان- اسان سندس دوست- ڪافي ڪوششن کانپوءِ به کيس ڪنهن درست راهه تي آڻي نه سگهياسين-
    هن خود کي نشن ۽ گندين عادتن جي ڪري- پنهنجي بهترين پيءُ کي ڄڻ ته جيئري ئي موت جو ذائقو چکائي ڇڏيو هو-
    سندس ذهن ته واقعي بهترين ۽ ڪمال جو هو- پر سندس عادتون گڏهه کان به ڪريل هيون-
    سندس ٻنهي هٿن ۾ آڱريون ته ڏهه ئي هيون- پوءِ به تقريبن هو هر شيءِ کي ٻن آڱرين سان پڪڙيندو هو- هڪ آڱوٺو ۽ ٻيءَ ڏسڻي آڱر سان!
    مون نه پئي چاهيو ته – اهڙو ڪريل ماڻهو- جيڪو پنهنجن مائٽن کي عزت، سک ۽ سلامتي ڏيڻ جي بجاءِ جيئري ئي ماري چڪو آهي- سو توکي پنهنجي چالبازيءَ سان- يرغمال بڻائي وٺي ۽ تنهنجي دل رنجائي.
    توسان گڏ جنهن وقت به مون کيس ڏٺو- ته الاءِ ڇو منهنجي نراڙ تي پگهر تري ايندو هو-
    تنهنجي پهلو به پهلو هن جي رهڻ سان- مون کي خوف ٿي پوندو هو ته- ڪٿي سندس ڇتپڻ واري گگ توکي نه لڳي پوي، پر سندس چالاڪين ۽ اٽڪل بازين کي مون – جڏهن به توسان خفگيءَ جو اظهار پئي ڪيو ته تو ان کي- منهنجو بغز ۽ ڪينو تصور ڪري- مذاقن ۾ مون تي ٺٺول ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي هئينءَ- ۽ مان تنهنجي رويي کي تنهنجي ڪم عقليءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه سمجهندو هئس.
    تون اقرار کي پنهنجي خوش دل سان- وڏي عزت ڏيندي هئينءَ پر هن خود کي توکان لڪائي- پنهنجي ٻهروپيءَ صورت کي ڪوڙ جي چادر ۾ ڍڪي رکيو هو.
    هن اها، اهڙي چند ڏينهن جي دل لڳيءَ واري راند- ڪهڙي نوجوان ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ سا نه کيڏي هئي؟
    هڪ ڀيري ته هن- سندس، پنهنجي ئي گهر جو رڌ پچاءُ ڪندڙ نوجوان غريب مهاڻي ڇوڪريءَ کي به پنهنجي اهڙي چال ۾ ڦاسائي ان سان پنهنجي شهوتي هوس واري باهه هلڪي ڪئي هئائين- ٻُڌڻ ۾ آيو هو ته ان ڪنواري ڇوڪريءَ کي حمل ٿي پيو هو- ۽ پوءِ ويم جي ڪيس ۾ وفات ڪري وئي.
    منهنجي اها ئي نيت هئي ته- سندس گندين حرڪتن ۽ چاپلوس عادتن کان توکي واقف ڪري ڇڏيان- پر تو سندس خلاف ڪجهه به ٻُڌڻ گوارا نه پئي ڪيو هو-
    هن جڏهن راتين جي وقت تو وٽ گهڻو اچڻ شروع ڪيو هو- تڏهن مان سندس من ۾ لڪل گندي ڪردار کان گهڻو خائف ٿي پيو هئس- مون نه پئي چاهيو ته- رات جي وقت توسان گهر ۾ اڪيلو ملڻ ڏجي- پر هو اهڙي موقعي مهل جي تاڙ ۾ رهندو هو.
    هن پنهنجون بي ايمان نيت واريون چور نظرون- تو وٽ هر ايندڙ ۽ ويندڙ دوست ۾ چڱيءَ طرح سان چورائي پئي رکيون. ڪيترا ڀيرا ته اهڙي نيت سان- هو شام ۽ رات وارو وقت بدلائي بدلائي به آيو- پر جيڏي مهل به ايندو هو- ته اڪثر مون کي تو وٽ ويٺل ڏسندو هو- مون کي هو پنهنجي بري مقصد جي رڪاوٽ سمجهي چڪو هو- تنهن ڪري مون سان چڱيءَ طرح ملڻ ۽ ڳالهائڻ به پنهنجو بدلائي ڇڏيو هئائين- هن کي مون سان پنهنجي لڪل نيت جو اظهار ڪرڻ جيتري جرئت شايد نه هئي ۽ نه وري مون به ساڻس اهڙي قسم جو اظهار ڪري- کيس ان معاملي ۾ وڌيڪ وٿي ڏيڻ پئي چاهي.
    انهيءَ رات جڏهن اقرار جو وري ذڪر شروع ڪيو هيئي ته ان وقت مون توکي چيو هو، ”آسا! اقرار مان مون کي تنهنجي لاءِ چڱائي نظر نٿي اچي-!“
    تڏهن تو چيو هو ته، ”فتاح! اصل ۾ ماڻهوءَ جي پنهنجي من ۾ ڪا برائي نه هوندي آهي- ته دنيا جي ڪنهن به ماڻهوءَ مان هرو ڀرو برائي نظر نه ايندي آهي- ڪٿي تنهنجي نيت ۾ ته خلل نه آهي؟“
    تو اهڙي غلط ڳالهه ڪري- ڄڻ منهنجي دل کي ٿُڪ اُڇلي هنئي هئي- سچ، پچ ته ان وقت منهنجي معذور جذبي ۾ به جوش جاڳي پيو هو. هوش وڃائي خود کي برو سمجهي ويٺو هئس ۽ جذبات ۾ اچي مون پنهنجو پاڻ سان اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته- ٺيڪ آهي ڪجهه راتين لاءِ اقرار کي آسا وٽ اڪيلو ڇڏبو.
    پر جڏهن جوش ٺريو- رقيبن جي جاڳايل غيرت سُتي- ۽ هوش ۾ آيم ته- پوءِ وري سمجهيم ته- مان اها چريائي پيو ڪريان- اهو مون انهيءَ خيال سان سوچيو هو ته- تو وٽ گهر ۾- سواءِ تنهنجي مائٽاڻي ملازم ڪا ڪا صالح کانسواءِ ٻيو ڪوئي اهڙو ماڻهوموجود نه رهندو هو- جيڪو ڪنهن ڏکيءَ مهل ۾ توکي ڪوئي سگهارو ڪم ڏئي سگهي ها.
    پنهنجو فيصلو پنهنجي دل ئي دل ۾ رکندي مون چيو هو، ”آسا! منهنجي نيت جي خلل توکي نقصان ڪونه ڏيندي- پر آسا دنيا ۾ برائي پنهنجي جڳهه تي- پنهنجو وجود قائم ته رکي ٿي نه؟“
    ”ها، بلڪل پر ان کي پنهنجا الڳ ماحول ميسر آهن- انسانيت جي مقام تي برائيءَ جو اچڻ- ناممڪن آهي فتاح!“
    تو ته پنهنجي اخلاق جي ڳالهه ڪئي هئي- ڪيڏو ڀروسو هيئي دنيا تي- تون ته ڄڻ ڪولين جي کاڌي خوراڪ لاءِ به- پوري سال جو بندوبست الڳ رکندي هئينءَ.
    برائيءَ جي ته سڃاڻپ ئي چڱائي هوندي آهي- چڱائي نه هجي ته برائي ڪير لڀيندو- پر تو پنهنجي معصوم دانائيءَ کان دوکو کائي- برائيءَ جو اصل روپ ڪڏهن نه ڏٺو- نه برائي اڃان توکي ڇهي به سگهي هئي- تو ته برائيءَ کي دعوت ئي هاڻ پئي ڏني- سو توکي ڪيئن چئي سگهان ها ته- برن ۽ براين کي- سرور ايندو ئي انسانيت جي بلند مقام تي آهي- پر پوءِ به آخر مجبور ٿي توکي اهو چوڻو پيو ته، ”تڏهن به آسا- اقرار جو خيال رکڻ تنهنجي لاءِ ضروري آهي؟“
    پوءِ به تون پنهنجي هوڏ تي قائم هئينءَ- ۽ تو منهنجي ان نيڪ نيت مشوري کي بلڪل ننديو هو- توکي منهنجي اهڙي صلاح ڏاڍي ڏکي لڳي هئي- ۽ تو صرف گيٽ آئوٽ جا لفظ پنهنجي زبان سان نه اُچاريا هئا- باقي اڻ سڌيءَ طرح تون سڀ ڪجهه چئي چڪي هئينءَ.
    پنهنجي ڏکندڙ دل وقت- مون کي تنهنجي والد مرحوم جا اهي لفظ ياد پيا- جڏهن سندس زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ سندس سخت علالت دوران مان ان جي تيمارداري ڪندو هئس- انهن ڏينهن هن مرحوم چيو هو ته، ”فتاح آسا ۾ اها ٻاراڻي موجود ڏسين پيو- اڇي مٿي تائين سندس ذهني طبيعت به اهڙي جي اهڙي رهندي- خبر ناهي ته- ڪهڙي خيال سان سوچي- هن تنهنجي بابت- مون کي ايئن چيو هو- ۽ واقعي به تنهنجو شخصي مزاج عجيب هو- بُرن کي بري نظر سان- تو ڪڏهن به نه ڏٺو هو- ته پوءِ تون شيطان نيتون سڃاڻي به ڪيئن سگهين ها- جيڪي عورت جي ڪنواري ڪُک کي- پنهنجي ڪڙهيل ڪني رت جي ڦُڙن سان ناپاڪ ڪندا آهن.
    مون ان وقت ڪوشش پئي ڪئي ته- جذبات ۾ اچي توسان ڪنهن ذاتي اختلاف واري پهلوءَ تي- اهڙو ڪو جملو نه ڳالهائي ويهان- جو تنهنجي ڪا رنجش پيدا ٿي پوي پر تنهنجي رويي مان ايئن ئي ٿيو- جنهن جو مون کي اُلڪو هو. تو اقرار جي سياسي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو هو، ”توکان وڌيڪ ته آزاديءَ جو متوالو اقرار آهي فتاح! هو جڏهن سياست تي ڳالهائيندو آهي- ته تو جيئان ادب جو سهارو وٺي- نه ڪنهن حقيقت کي رومال ۾ ويڙهي پيش ٿو ڪري- ۽ نه کوکلي لٻاڙ ٿو هڻي.“
    تو هن کي آزاديءَ جي معاملي ۾ الاءِ ڪيستائين پرکيو هو. شخصي آزاديءَ جي ڌن ته هر ماڻهوءَ ۾ رهندي آهي. اقرار به اهڙي شخصي آزاديءَ واري ڌن جو فنڪار هو- هو شخصي آزاديءَ جو فنڪار ۽ مان انسانيت جي آزادي جو پرچاري- ڪيترو وڏو اختلاف هو- اسان جي عملي نظرين ۾.
    هن ته صرف اهڙي آزادي پئي چاهي- جنهن ۾ هو تو جهڙين- سُندر نارين جا ريشمي بدن سڪون سان ڇهي سگهي- ۽ مون اهڙي آزادي پئي چاهي- جنهن ۾ غلامي پنهنجي موت کي پاڻ بونڊا ڏئي- پنهنجي موت پاڻ مري پوي.
    اسان وٽ ته هونئن به نر ۽ ناري ٻئي شخصي آزاديءَ جا مريض بڻجي رهيل آهن. شايد توکي به اهڙي بيماريءَ جو اثر ٿي پيو هو. هو ته اهڙي نفسيات جو اڳ ئي ماهر هو، جنهن توکي نفسياتي پهلوءَ کان مطمئن ڪري ڇڏيو هو- ۽ توکي پنهنجي مهارت سان سوگهو ڪري ورتو هئائين-
    جڏهن سندس نادانيت جي اوگهڙ ڪندي مون چيو هو، ”آسا! تون اقرار کي نه سمجهي سگهي آهين- هن جي اندر جيڪي شيطان ويٺل آهن، تن سان هو- پنهنجي پياري خدا کان وڌيڪ پيار ڪندو آهي- ۽ تون ان کان اڻڄاڻ توڙي بي فڪر آهين- توکي هن بدمست بڻائي رکيو آهي.“
    وڌيڪ اڃان ڪجهه چوڻ کان- مون کي روڪي ڇڏيو هيئي- جيترو به چيم، تنهن توکي وڏي ڪا تڪليف رسائي هئي.
    تو هڪ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ پنهنجو جيءُ ڏکندو محسوس ڪيو هو- جنهن تماڪ ۽ اسپريٽ جهڙا ڪيميڪل (Chemicals) واپرائي پنهنجي اندر واري انسان کي بي ضمير بڻائي ڇڏيو هو. بنيادي طرح هو هم جنس پرستي، شهوت پرستي ۽ استحصالي نظام جو حامي ۽ باغيانه نظريات جو دشمن هو- سندس سياسي تربيت به ڀنگ پياڪ موالي اوطاقن جي صحبت واري ٿيل هئي.
    ڪيتري کل، مُرڪ ۽ خوش اصلوبيءَ سان خوش بياني ڪندي، ڪندي وري به هڪ نادان شخصيت جي بحث ۾ اچي اٽڪيا هئاسين- جنهن ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ ته- پنهنجو قرب ۽ حوصلو به وڃائي ويٺا هئاسين.
    تو ته تقريبن پنهنجي محبت جو ماضي قريب به وساريندي چيو هو، ”فتاح تو اڄ ڏاڍو گند ڪيو آهي. مون کي تنهنجي اخلاق مان ته اهڙي اميد هرگز نه هئي- ته ڪو تون پنهنجي وڏائيءَ ۾ اچي- پنهنجون ٻئي اکيون پوري ڇڏيندو آهين.“
    ڪجهه دير خاموش رهي- تو منهن ڳاڙهو ڪندي- وري چيو هو، ”تنهنجي ان بيمار گفتگوءَ مان مون کي هاڻ ايئن پيو لڳي ته- شايد اسان مستقبل ۾ هڪٻئي سان نڀائي نه سگهنداسين- اڳتي هلي واسطا اڃان به ڪو خراب رخ ۽ رستو اختيار ڪن- تنهن کان بهتر آهي- ته اسان کي هينئر کان ئي سوچي ڪونه ڪو فيصلو طئي ڪرڻ گهرجي.“
    ان وقت توکي وڌيڪ ٻُڌڻ لاءِ- منهنجي ضعيف دل ۾ ايتري قوت ۽ سهپ واري برداشت نه رهي هئي- سو وڙهڻ بجاءِ ڀڄڻ بهتر پئي سمجهيم- تنهنجي سخت لهجي واري گفتگو اڃان جاري هئي- توکي ان جو ڪوئي معتبر جواب ڏيڻ- توسان ان بابت ڳالهائڻ ۽ موڪلائڻ کانسواءِ ئي- پنهنجي هيئين تي هٿ رکي- اُٿي هليو ويو هئس- نه وري پويان تو به ڪو سڏ يا آواز ڏنو هو- جنهن سان ماڻهو پاڻ واپس ورڻ لاءِ اهڙي سهولت سمجهي سوچيندو آهي.
    سڀ ڳالهيون روح ۾ رکي هليو اچڻ سان- ان رات منهنجي روح جيڪي ماتم ڪيو هو- ان جو اظهار لفظن ۾ ڪرڻ ته مون کي ڪڏهن نه آيو- باقي ذهن تي جيڪو ڪاڙهو ڪڙهي رهيو هو، ان ته آپگهات کانسواءِ- ٻيو ڪوئي مشورو ئي نه پئي ڏسيو! بدحواسي مون تي حاوي ٿي وئي هئي!
    پيئڻ لاءِ ته هڪ پيگ به موجود نه هو- صرف گاسليٽ پيل هو- پر گاسليٽ ۽ تماڪ جهڙا ڪيميڪلس منهنجا کاڌل پيتل نه هئا- نه ته گاسليٽ پنهنجي حلق ۾ اوتي به پنهنجو ذهن خاموش يا بيمار ڪري تنهنجو اهو صدمو وساريان ها. سج اُڀرڻ ۾ به باقي ڪي ڪلاڪ بچيا هئا- پر سو منهنجي لاءِ ته اهو به جهڙو سورن جو ئي پئي اُڀريو!
    وقت کي مون سدائين مئل تصور ڪيو- پر ان ڏينهن وارو سج- مون الاءِ ڇو کيس پنهنجي اڳوڻي رفتار کان تڪڙو اُڀرندي محسوس ڪيو-
    سج اُڀريو ته گهر به کائڻ لڳو هئم- جنوري مهيني جي 17 سترنهن تاريخ هئي- جيڪا سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ سائين جي. ايم سيد جي جنم تاريخ هئي- ۽ سنڌ جي سن شهر ۾ سندس سالگرهه ملهائڻ جو – جشن رچايل هو- مان سندس قومپرست نظريي جو پيروڪارو هئس. دنيا جو هيءُ پهريون انسان هو- جنهن کي اڪيلو ضمير جو قيدي بڻايو ويو هو- اها حسرت رهيل هئم- کيس روبرو ويجهي کان ڪڏهن به ملي نه سگهيو هئس- توکي ٻُڌائي ڇڏيو هئم- ته مان سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي سن ضرور ويندس- ان ڏينهن زندگيءَ جي هڪ بهترين دوست ساڻ سن هليو ويو هئس- ان دوست کي تنهنجي، منهنجي محب تعلقاتن جي به مڪمل خبر هئي- پر مون پنهنجي ان سُٺي دوست کان به- تنهنجي ۽ منهنجي ان اختلاف جو راز به ڇُپائي رکيو هو. انهيءَ ڪري جو تنهنجو هنيل اهو طعنو ته، ”فتاح توکي ماڻهن ۾- پنهنجي محبت جو ذڪر ڇيڙڻ سان- مزو ايندو آهي.“ سو مون کي چڱيءَ طرح سان حفظ ٿيل هو. ان ڪري انهيءَ دوست کان مون- حقيقت لڪائي رکي هئي- پوءِ به منهنجن اوجاڳيل اکين- ۽ ٿڪل منهن جي- لاٿ مان هن محسوس ته گهڻو ڪجهه ڪري ورتو هو.
    رُٺل منهن ته پڌرا هوندا آهن- پر مان دل جهلي کيس ڪجهه ٻُڌائي نه سگهيو هئس.
    سن مان جڏهن موٽي گهر پهتو هئس ته- گهر وارن کان خبر مليم ته- تون منهنجي ٽي گهمرا پڇا ڪري وئي هئينءَ، حالانڪه تو مون سان وڙهي ته مون کي نه ڪاوڙايو هو- پر محبت ۾ دليون سڀ ڪجهه سمجهڻ جي سگهه به رکنديون آهن- ۽ اڪثر جلد ڪاوڙجي به پونديون آهن.
    دنيا ۾ ڏاهو ٿيڻ کان وڌيڪ- شايد ٻيو ڪوبه اهڙو آزار ۽ ڏک ناهي هوندو- جيڪو ماڻهوءَ کي دم، پل ۾- سڀ ڪجهه سمجهائي- ماڻهوءَ جي دل رئاري- دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيندو هجي-!
    منهنجي ڏاهپ ۽ ڏک به تنهنجي ناولٽي زندگيءَ مان جنم ورتو.
    شاهه لطيف رحه به ڏاهي ٿيڻ واري ڏهاڳ کان ڪا دعا گهري هئي.- پر مان ڪهڙي پناهه جي دعا گهران ها!- ڏاهپ ته خود بي پناهه رهندي آهي- دعائن سان به- ڏاهپ جي زهر کان بچي نه سگهبو آهي- دعائن سان ته ڏاهپ ڏائڻ بڻجي ٿي-
    جڏهن مونکي اها خبر پئي ته- تون منهنجي لاءِ- ٽي چڪر هڻي چڪي آهين- تڏهن تنهنجي وري به اچڻ جو شڪ ٿي پيو هئم- اهڙي شڪي حالت ۾ توکان دوري حاصل ڪرڻ خاطر- اهو دل جو رسامو ساڻ کڻي- گهر ڇڏي غم غلط ڪرڻ واسطي- ڪنهن غم ڪده جي سوچ ۾ نڪتو هئس- تون منهنجي پويان ٿوري دير ۾ ئي وري منهنجي گهر آئي هئينءِ- منهنجي خبر وٺڻ سان ئي- منهنجي ننڍي ڀاءُ کي- منهنجي پويان ڊوڙايو هيئي- پر مان کيس- هٿ نه آيو هئس.
    منهنجي لاءِ- منهنجي گهر ويهي- منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي هئينءِ- پر مان رات جو رٺل- ڀلجي به تنهنجي انتظار تائين نه پهتو هئس- تو واپس وڃڻ وقت- هڪ بي ڊولي ڪاغذ جي ٽڪڙي تي- جنهن کي ڪوبه منهن مٿو ۽ ڪنڊ پاسو نه هو- خبر ناهي سا چٽ هئي يا چٿر سا منهنجي لاءِ گهر ڇڏي وئي هئينءِ.
    تو ان ۾ لکيو هو ”فتاح چٽ پڙهڻ شرط- مون وٽ گهر پهچي وڃجان“ دل ڏاڍي رٺل هئي- کيس انهيءَ روٺ جو روڳ- به جهڙو پنهنجي هٿ سان ڏئي ويٺو هئس- سا ڪيئن ريجهي- ڏاهپ جي ڏنل ڏهاڳ کي ڪيئن وساري- ريجهائڻ جي رمز ڏئي- کيس ڪنهن سرچاءُ جي بجاءِ- دل کي ننڍڙي ٻار جيئان وڌيڪ رئاري رهيو هئس-
    توسان به ته ايئن ئي پيش رهيو هئس- جيئن نبي پنهنجي خدا سان رهيا! پر ان وقت دل تي الاءِ ڪهڙو بار هو- جيڪا توڏانهن تانگهي به- مون کي تو تائين وٺي اچي نه سگهي هئي.
    تو ڪجهه دير کانپوءِ- وري ٽيليفون ڪئي ته- فون رسيور به گهر مان ڪنهن کي کڻڻ نه ڏنم- دل کي يقين ٿي پيو ته اهو فون تنهنجو هو- نه چاهيندي به الاءِ ڇو ايئن ڪري رهيو هئس- فون جي رنگ رڙيون ڪري خاموش ٿي وئي هئي- اوجاڳي جي ٿڪاوٽ ۾- پنهنجي دل سان ڳالهيون ڪندي- ڄڻ ذهن کي موت اچي ويو هو- ننڊ سمهي پيو هئس-
    صبح جو جاڳي- اڃان بسترو نه ڇڏيو هئئم ته تون آئي هئينءَ- تنهنجي منهن ۾ ڏسي ايئن محسوس ڪيو هئيم ته – توکي منهنجي رُسڻ جوڄڻ ڪوئي احساس ئي نه هو- چهرو ۽ مٿي جا وار به تنهنجا بگڙيل هئا- چپن ۽ وات مان ايئن پئي لڳو ته تو صبح واري گرڙي به اڃا شايد نه ڪئي هئي- ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا ته برابر هوندا آهن- پر جڏهن انهن کي کائڻ لاءِ وات وجهندي آهي- ته سندس ننڊ اُڏامي وڃي ٿي.
    ايئن اهڙيءَ طرح مون به توکي جهڙو خواب ۾ پئي ڏٺو- پر توسان ڳالهائڻ کانپوءِ- تنهنجا حليا ڏسي ذهن تان سوچ وارو تعبير ئي مِٽجي پئي ويو-!
    ”رات ڇو ڪونه آئين؟“ ايندي شرط پڇيو هيئي. تنهنجي جواب ۾ مون ڄاڻي واڻي ڳالهه کي کُٽائيندي چيو هو، ”الاءِ ڇو؟“
    جنهن حالت ۾ توکي ڇڏي آيو هئس ان کان ته تون به واقف هئينءَ ۽ منهنجي من اندر به ته ڪا ٻي ڳالهه ڊوڙي رهي هئي- جيڪا زبان تي آڻي نه سگهيو هئس-
    جيڪي ماڻهو ٻين جي پيڙا سمجهي نه سگهندا آهن – تو اهڙن عام ماڻهن جيئان پڇيو هو، ”الائي ڇو؟ اها به ڪا ڳالهه آهي؟ مون سان رات ڇا گذري آهي؟ مون کان اهو به نه پڇندين؟“
    جيڪي مون کي چوڻو هو- سو تنهنجي زباني ٻُڌي رهيو هئس. رات مون تي ڇا گذري آهي- ان جو احساس ته مون توکي محسوس ڪرائڻ پئي چاهيو- توکي مان پنهنجي حالت کان اڻچاڻ سمجهي خود اڻڄاڻائيءَ تي به- غور نه ڪيو هو. شايد محبوب جي اوڏو عاشق پنهنجو پاڻ تي غور نه ڪندا آهن!؟
    پر مان شايد اهڙن پريمين مان هئس- جن جا هواس سمجهه واري منزل تي- دير کائي ڪو نتيجو ڪڍندا آهن.
    تنهنجي چهري تي واقعي مايوسي ڇانيل هئي- جنهن کي منهنجي دل ڪڏهن به برداشت نه ڪيو هو.
    مان اُداس ۽ تون مايوس! عجيب ڪشمڪش هئي-! ڪجهه دير جي دوري به محبت ۾ ڪيڏي نه تڙپ ۽ نراسائي پيدا ڪري وجهندي آهي!- ماڻهو نئين مان پراڻو- ۽ پراڻي مان نئون ٿيو پوي.
    ”ڇو؟ رات مان نه آيس، ته ڇا ٿي پيو- ڪهڙي منهنجي ضرورت هئي- ماڻهن جي ڪمي تو وٽ ته ڪانهي!؟“
    پنهنجي رُٺل دل سان صلح ڪندي چيو هئم- ۽ تو به اهڙو ئي جواب ڏيندي چيو هو، ”ماڻهن جي ڪمي- ڪڏهن تو ڪٿي محسوس به ڪئي آهي؟“
    ”ها آسا! ماڻهن جي ڪمي محسوس ڪندو آهيان!“
    ”ڪٿي؟“
    ”جتي ماڻهپو نه هوندو آهي.“
    ”پوءِ منهنجو ماڻهپو شايد مري چڪو آهي فتاح.“
    مان صبح واري ننڊ ۾ سڄل چپن جيئان، ڦڪي کل کليو هئس. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو بيوقوف ماڻهو اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪندو آهي ۽ ماڻهوان کي ڪائي اهميت نه ڏئي- پنهنجي منهن ڪنڌ کي هلڪو لوڏو ڏئي کلندو آهي- پر تو اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي چيو هو، ”ان ۾ کلڻ جي ڳالهه ناهي فتاح! تون درست آهين بلڪل ماڻهپي وارن وٽ- انسانن جي واقعي ڪمي رهندي آهي- مان سمجهان ٿي- منهنجي خيال ۾- منهنجي ماڻهپي جو تون ڪانڌي ضرور ٿيو هوندين!“
    مان تو ۾ ڪافي تبديلي محسوس ڪري رهيو هئس- چوڻ جو ارادو اهو هئم ته- ”مان ڪو مئل ماڻهن کي غسل ڏيندو وتان ڇا؟ پر تنهنجي بدليل سوچ- مونکي روڪي وڌو هو- ۽ تو کي وڌيڪ ڏکائڻ نه پي گهريم- خود کي به ته مڪمل سمجهي نه پي سگهيس- اهڙي معاملي ۾- ذاتي مشاهدا به ڪنهن شڪ ۾ مبتلا ڪري- وجهندا هئم- محبت ۾ گهرو مشاهدو شايد شڪ پيداڪندو آهي- جنهن جي پويان ماڻهو حقيقت حاصل ڪندو آهي.
    مونکي پنهنجو پاڻ شڪ- اڪثر تڏهن ٿي پوندا هئا- جڏهن تون منهنجي بيان ڪيل حقيقت- پنهنجي دل سان قبول نه ڪندي هئينءِ پر انهيءَ ڏينهن ته جهڙو ڪنهن ماڻهپي جو ميَت ڏسي آئي هيئين ۽تو پنهنجي ماڻهپي جو ڪانڌي به مونکي پي بڻايو- حالانڪه موت جي سڪرات ۾- ان وقت منهنجو ماڻهپو هوندو هو- جڏهن توکي اقرار جون اونايون ٻڌائيدو هئس- ته تون ان کي منهنجي گندي گفتار ۽ غيبت چوندي هيئينءِ.
    ”مونکي ماڻهپي جو ڪانڌي ڪڏهن کان تصور ڪرڻ لڳي آهين آسا؟ “ جڏهن مون توکان اهو سوال پڇيو- ته تو چيو هو ”رات کان- ها! رات کان جيئن ئي مونکي پنهنجو پاڻهپو مئل محسوس ٿيو آهي.“
    ” ماڻهپو ته هڪ رات ۾ نٿو مري- آسا- ان جي سڪرات تمام ڊگهي هوندي آهي.“
    ” بس فتاح! ائين سمجهه ته- منهنجو ماڻهپو به ڪنهن ڊگهي سڪرات ۾ هو- ۽ رات دم ٽٽو اٿس!“
    مون ائين پي تصور ڪيو ته- مان ان رات تو سان نه ملي سگهيس انهيءَ ڪري رات جي تنهائي توکي شايد چڱي طرح ڏنگيو هو ۽ تو پنهنجي اڪيلائي ۾ پنهنجو پاڻ کي پٽي کاڌو هو- يا اجائي گهڻي سوچ وارو زهر تنهنجي دماغ تي چڙهي اثر ڪري ويو- تنهن ڪري مون پنهنجي تمام مٺڙي لهجي ۾ چيو هو- ” تنهائيءَ ۾ هيڪاندي سوچ- مٺو زهر هوندي آهي آسا!- جيئن ماڻهو ڪنهن سوالي جيئان- پنهنجي ماڻهپي کي ملامت ڪري- پنهنجو پاڻ کي ڏک ڏيندو آهي.“
    ۽ تو پنهنجي احساس محروميءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو ”پر اهڙو زهر مونکي شايد نصيب ئي نه ٿيو آهي- منهنجي بدنصيبي ۽ بيوقوفي منهنجي انسانيت کي ڏاڍا ڏک ڏنا آهن- مون توکي به ڏک ڏنا آهن فتاح!- تڏهن پئي چوان ته- منهنجو ماڻهپو وفات ڪري ويو آهي- جنهن کي توئي- پنهنجي من جي قبر ۾ دفن ڪري رکيو آهي- رات منهنجو روح به تنهنجي پڪار ۾ هو فتاح!“
    محبت جي ڪهڙي نه عظيم سوچ جو اظهار ڪيو هو تو- دل جي خوشيءَ ۾ زبان بتال ٿي پئي هئم- رٺل روح ته ريجهي پيو هو- پر ذهني ٿڪاوٽون به ٽٽي پيون هئم-
    ڪنهن پيڙا جي ڀوڳنا ۾- ڪا اچانڪ مسرت حاصل ٿيندي آهي- ته ماڻهو خود کان ڪيڏو غافل ۽ ڳهلو ٿي پوندو آهي-
    خوشيءَ جي سمي زندگي جون گهڙيون- ڪيئن نه بي مقصد رهي- جهڙپ ۾ گذريو وڃن- شايد خوشي خوراڪ ئي اهڙي آهي- جيڪا حياتيون جلد کٽايو ڇڏي.
    ۽ موت شايد اهڙو خيال آهي- جنهن ۾ ماڻهو ۽ لفظ سڀ- مئل هوندا آهن- وقت بي جان ۽ نظر بيمار-
    پهريون دفعو هو- پنهنجي روح جي پڪار ۾ مونکي محسوس ڪيو هيئي-
    تنهنجو روح ته الاءِ ڪهڙي روڳ ۾ رڙيو هو- پر مون مڙئي لفظ گهڙيندي توکان پڇيو هو ”روح جي بغاوت ۾ هاڻ خود کي گهايل تصور ڪرڻ لڳي آهين ڇا؟“
    ”روح به تڏهن بغاوت ۾ ايندا آهن- فتاح- جڏهن ماڻهو کي پنهنجو اعتماد فريب ڏئي گهايل ڪندو آهي.“
    ”لڳي ٿو تون شايد پنهنجي خود اعتمادي ۾ کوئجي وئي آهين آسا“
    ”زمانو زخم رسائي ته زخم کائڻ سان اندر جو آواز گهٽبو به ته ناهي؟”
    ” پر زمانو ته خود زخميل آهي آسا!“
    ”ها شايد! زماني جي زخمن تان- اٿندڙ جراثيم ئي آهن جيڪي ڪوڙهيل زهن جي چُٽن تي- بيمارين ۾ واڌارو ڪندا رهيا آهن- هڪ وبا ڦهليل آهي- جنهن جا وائرس تمام تيز آهن- زهن کي انڌو ڪري- ماڻهو کي بي ضمير بڻائڻ ۾ دير نٿا ڪن.“
    ”پوءِ تنهنجي خيال ۾- ڇا اهڙن ذهنن کي زندهه به چئي سگهجي ٿو؟“
    ” لڳي ته ائين پيو- ڄڻ زماني انهن کي پنهنجي حياتي بخشي آهي- ليڪن موت انهن کي- سندن بي شرمائي سان ماريندو.“
    ڪيڏي شوخ چنچل سان چيو هيئي- موت تنهنجي هٿ وس هجي ها- ته ان وقت زماني کي به ڪهندي دير نه ڪرين ها- ماڻهو سان جڏهن بي انصافي ٿيندي آهي- تڏهن زماني ۽ نظام جي بي شرمائي سان گڏوگڏ بي ضميرن جي موت جي بي شرمائي پُرجھڻ تائين به سندس حواس ڪم ڪرڻ لڳندا آهن پر مون ته خود سان ئي رڳو بي انصافيون ڪيون هيون. توسان ته ڪائي نا انصافي نه ڪئي هئم-
    تون پنهنجو لهجو تمام سخت ڳالهائڻ لڳي هئين- ڪجهه معلوم ڪرڻ لاءِ- تنهنجي ذهن ۾ چهنڊڙيون پائيندي- مون توکان پڇيو هو ” جيڪڏهن بي ضمير ماڻهن کي دنيا ۾ زندهه ماڻهو چئجي- ته پوءِ موت انهن کي بي شرم- ڪري ڇو ماريندو-؟“
    تو ڪوشش ڪري واضح جواب ڏيندي چيو هو ” پنهنجي ضمير جو قتل ڪري ويهندا آهن- ۽ اهو پاپ آهي اهڙو- جو اهي آسان موت، عزت سان مري نٿا سگهن.“
    ”خبر اٿئي پنهنجي ضمير جو قتل ڇو ٿا ڪن؟“ مون پڇيو هو- تفصيل سان جواب ڏيندي چيو هيئي ”ها! پنهنجي مفاد ۽ خواهش جا پوڄاري هوندا آهن- خلوص ۽ سچائي واري پهلوءَ سان سندن ضمير بغاوت ۾ رهندو آهي- سچائي سان بغاوت- ضمير لاءِ موت هوندي آهي- ڪتي جي موت مرڻ کان اڳ- هو اڳ ۾ ئي- پنهنجي ضمير کي ڪُهي خون ڪري ٿا ويهن.“
    ”تو اهڙن بي ضميرن کي ڪڏهن کان سڃاتو آهي آسا؟“
    ”رات کان.“ هيٺ منهن ڪري، ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو هيئي. ڪجهه سوچڻ تي ذهن هلڪو جهٽڪو کاڌو- پر حيران هئس ته هڪ رات ۾ ڪيڏو تجربو حاصل ڪري ورتو هيئي – بي ضميرن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ پيڙهيون کپيو وڃن – مان سمجهي نه سگهيس ته – اهو سڀ ڪجهه تو هڪ رات ۾ ڪيئن سکي ورتو هو – پاڻ روڪيندي به رهي نه سگهيس ۽ توکان پڇيو هئم، ”هيءُ تو هڪ رات ۾ - ڪيڏا نه حقيقت ڀريا خواب ڏٺا آهن آسا؟“
    تو هلڪو ساهه کڻندي چيو هو، ”تون منهنجي خيالن کي ته خواب پيو سمجهين – جيڪڏهن خواب ئي ڪو آهي – تڏهن به مون جاڳندي اکين ڏٺو آهي – گهري ننڊ وارو لاوارث مئل خواب نه آهي – مئل خواب جسمن کي لوڻ ته نه هڻندا آهن فتاح – منهنجي جسم جو گوشت هن وقت به ڄڻ ته اوٻاريل هجي.“ ۽ پوءِ ڏاڍي بيوسيءَ سان چيو هيئي، ”مون کي اڪيلو نه ڇڏ فتاح؟ - هي بي ضمير ڪوئا منهنجو جسم به ٽُڪي ڇڏيندا – منهنجي جسم ۾ ايڊز هڻي ڇڏيندا – زمانو پنهنجي لُچائيءَ سان منهنجا عضوا ڇُهي و‎ٺندو – منهنجو بدن ڍرو ٿي ويندو – مان پنهنجي اصليت کان محروم ٿي وينديس – مون کي اڪيلو نه ڇڏ فتاح-“ وري هڪ وڏي عاجزيءَ سان چيو هيئي ته، ”وقت جو واچوڙو مون کي ويڙهي ويندو فتاح – مان چؤماسيءَ جي اُڏامندڙ دز ۾ دفن ٿي وينديس!“
    ڪيڏي نه نرالي انداز ۾ پنهنجي محبوب جوانيءَ جو اظهار ڪيو هيئي – مون کي ته هونئن به هيءُ نظام سڄو- آدمخور ۽ چريو لڳو هو- پر تو خبر ناهي ته – هڪدم الاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح سان- ايترو ويجهو ٿي کيس ڏٺو هو- جو سندس ڇتپڻ کان خائف ٿيڻ لڳي هئينءَ – يا شايد وقت جي نادان نظام کي تو پهريان به پرکيو هو- پر تنهنجو ساڻس صلح هو شايد-!
    يا تو واقعي به پرکي ورتو هو ته – وقت جو نظام انساني هڏن جي ٿوڻين تي اَڏيو ويو آهي- ۽ انسان جي چچريل گوشت واري رت، پت جي کيس خوراڪ کارائي پئي وڃي! ڪيڏو خوف کائڻ لڳي هئينءَ- پنهنجي ڪنواري گوشت ۽ نوجوان عضون کان.
    توکي تنهنجي چيل ڳالهه ياد ڏياريندي مون چيو هو، ”آسا پوءِ تو اهو ڪيئن چيو هو ته، انسانيت جي مقام تي برائيءَ جو اچڻ ناممڪن آهي- ۽ هاڻ وري چوين پئي ته، زمانو پنهنجي لُچائيءَ سان – منهنجا عضوا ڇهي وٺندو؟“
    تنهنجي اندر وڏي ولوڙ هئي- جنهن کي مان پرجهي نه پئي سگهيس- تو اقرار ڪندي چيو هو، ”مان ايئن برابر چيو هوفتاح- پر منهنجي ذهن ۾ اهڙي حقيقت شايد نه هئي ته- پڪل ميوي کائڻ جي خواهش- باغبان کان وڌيڪ بيگاري رکندا آهن. منهنجي پڪل ميوي کي ته بي درديءَ سان ڌوڻا ڏئي زخمي ڪيو پيو وڃي-!“
    تو پنهنجي آبروءَ سان کيڏ بابت- پنهنجو اظهار پئي ڪرڻ چاهيو- ته مون وري پنهنجي وفا جي مدهوشيءَ ۾- پنهنجي سچائي جتائڻ پئي چاهي- ڪافي پنهنجي غور ويچار کانپوءِ توکي تسلي ڏيڻ جي نيت سان مون چيو هو، ”تون ايتري مايوس ڇو ٿي آهين آسا- محبت جي معاملي ۾- اهڙا رنج رُساما ته محبت جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪندا آهن – تون سمجهي ٿي توکي اڪيلو ڇڏي- خود اڪيلو خوش رهي سگهان ٿو؟- جو ڪجهه ٿيو ان لاءِ دل کي صدمو ڏئي پنهنجو خون کپائڻ نه گهرجي آسا- رُسڻ، پرچڻ واري راند ته- محبت ماڻهوءَ کي کيڏائيندي رهندي آهي- مون کان اها غلطي واقعي ٿي آهي آسا – جو ان وقت توکان موڪلائي بغير – روٺ منهن بڻجي هليو آيس- سو شايد منهنجي وس جي ڳالهه به نه هئي-“
    تڏهن تو وري به حقيقت ڏانهن ڪجهه اشارو ڏيندي چيو هو، ”اها ڳالهه ناهي فتاح- تون مون کي سمجهي نه سگهيو آهين- مان توکي طعنا، تنڪا نه پئي ڏيان- تو مون کي منهنجي روئداد مان شايد سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.“
    ۽ پوءِ مون تسليم ڪندي چيو هو، ”مان واقعي به توکي سمجهي نه سگهيو آهيان آسا! شايد مان پنهنجي ذهن ۾ صرف پنهنجو پاڻ تائين ڊوڙيو آهيان؟“- ۽ تو منهنجي ڳالهه تي يقين ڪندي چيو هو، ”ها فتاح! ماڻهو جڏهن پنهنجي ذهن ۾ صرف پنهنجي ذات ۽ خواهش لاءِ سوچيندو آهي- تڏهن سندس اندر وارو انسان شايد سڪون واري ننڊ ستل رهندو آهي- خود پنهنجي انسانيت کي به ذلت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيندي ڏسي نه سگهندو آهي!“ انهيءَ حوالي کان تو پنهنجو مثال ڏيندي چيو هو، ”مان به ته پنهنجي جوانيءَ جي قد جا پاڇا ڏسي- پنهنجي شخصي قد جي وڏائيءَ ۾ محو رهيس، تڏهن ته چچڙن جيئان ماڻهو منهنجي جسم تي چهٽڻ لڳا آهن!“
    مون توکي ڌيان ڏئي پئي ٻُڌو- ڪجهه سمجهڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيندي پڇڻ لڳس ته، ”هي تون ڇا پئي چئين آسا؟“
    تو جواب ڏيندي چيو هو، ”هي رڳو مان نه پئي چوان فتاح- منهنجو پورو جسم اڄ ڳالهائڻ لڳو آهي - ۽ منهنجو هر عضوو ڪنهن لعنت ملامت جي پِٽڪاري ۾ آهي – مان خاموش ٿي رهان ته – سندس هُل هنگامو منهنجي مغز ۾ ڪاڙهو ٿو پيدا ڪري- توکي پهرين به ٻُڌايم فتاح – ته منهنجو گوشت مون کي اوٻاريل پيو محسوس ٿئي.“
    ”توکي ايئن ڇو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته؟“ پنهنجو هٿ اکين تي رکي- هيٺ منهن ڪري پڇيو هئم، تو چيو هو، ”فتاح هن انڌي نظام جي معاشري ۾- تعليم يافته نوجوان مرد کي لانگ بوٽن سان لتاڙيو ويندو آهي ۽ نوجوان عورت جا رئيس عضوا نپوڙيا ويندا آهن- اهڙي نپوڙ نوجوان عورت جي جسم لاءِ موت هوندو آهي- منهنجي جسم کي به رات اهڙي موت جو ذائقو چکايو ويو آهي!“
    تنهنجي اهڙي اظهار سان- منهنجو ذهن مڇيءَ جيان ڦٿڪي پيو هو- تنهنجي چهري تي چڱيءَ طرح نظر وجهندي توکان پڇيو هئم ته، ”تون ڳالهه واضح نٿي ڪرين ڇو آسا! ڇا مون کي نه ٻُڌائيندينءَ ته ڇا ٿيو رات؟“
    ”ڇا ٻُڌايان فتاح؟ ڪهڙي منهن سان چوان ته- رات ڪنهن فلاڻي آدمخور ڪُتي – منهنجو بدن چَٽڻ پئي چاهيو؟“
    انهيءَ وقت تو ۾ منهنجون نظرون گهرائيءَ سان کُتل هيون - ۽ تنهنجين اکين پنهنجي نفرت جو اهڙو ته اظهار پئي ڪيو – جو ايئن پئي لڳو ته ڪنهن خون ڪرڻ لاءِ ڪپار مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هيون – ڪيئن بيان ڪجي ته تنهنجي شبيهه جو ان وقت ڪهڙو نقش نگار هو-
    تون ته ماڻهپي جي دائي هئينءَ- گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ماڻهپو ته تو پنهنجي ئي ريشمي زلفن ۾ تنجي ڇڏيو هو- اهڙا خيال ته اڃا الاءِ ڪيترا ذهن تي وسي پيا هئم- پر اهو سڀ ڪجهه ان وقت توکي- مون منهن ۾ ڏيڻ واجب نه سمجهيو هو- جڏهن تو ”آدمخور ڪُتي“ جا لفظ ڳالهايا هئا- تڏهن مون ايئن سمجهيو هوته – شايد ڪوئي چور هو- تنهنجي گهر چوريءَ جي مقصد سان آيو هو ۽ تو کيس ويجهي کان ڏسي ورتو- انهيءَ ڪري انهيءَ جي ڀوائتي مهانڊي توکي خفا ڪري وڌو هو ۽ تون خائف ٿي پئي هئينءَ- تنهن ڪري ئي مون تنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ چيو هو، ”آسا ماڻهو اهڙن چور ڪتن کان ايترو خائف ناهي ٿيندو- انهن کي به پنهنجون نادان خواهشون ڪمينو بڻائي رلائن ٿيون.“
    ”پر مان اهڙي ڪنهن چور جي ڳالهه نٿي ڪريان، جيڪي پراون گهرن ۾ گهڙي – ملڪيتون ٿا لُٽائين.“ تو حقيقت واضح ڪندي چيو هو، ”هيءُ جسمن جو اڪيلو چور آهي فتاح- جنهن منهنجي جسم کي کاٽ هڻي – منهنجو ڪو قيمتي عضوو چورائڻ پيو چاهي!“
    ”ڪير هو اهو؟“ تڪڙ ڪندي پڇيو هئم.
    ”اقرار!“ اکيون ڀرجي آيون هيئي، ۽ مان دهلجي ويو هئس، ”ڇا ڪيو هن؟“ وڏيراڻي انداز ۾ پڇيو هئم - ۽ تو منهنجي ڪا چيل حقيقت مڃيندي چيو هو، ”تون درست چوندو هئين فتاح – هن پنهنجي گندي نيت جي اوگهڙ ڪندي – رات مون سان تمام ڪريل حرڪت ڪئي!“
    ”ڪهڙي حرڪت ڪيائين؟“ گهٻراهٽ ۾ پڇيو هئم - ۽ تو چيو هو، ”پهريان هن منهنجي ٻانهن جي ڏونري ۾- پنهنجا هٿ وڌا ۽ مون کي Kiss ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي- رات جو وقت به ڪافي ٿي چڪو هو- جيڪي به دوست روز واري بيٺڪ تي آيل هئا – سي سڀ جا سڀ هليا ويا هئا - ۽ هو مون وٽ اڪيلو هو ان وقت-“
    تنهنجي ڳالهه روڪيندي مون چيو هو، ”پوءِ ته هن توکي ڪافي تنگ ڪيو هوندو آسا؟“
    ”بس ايئن سمجهه ته ڪڙهي رهي هيس.“
    ”سو ڪيئن؟“ عجب کائيندي چيم ته تو چيو هو، ”هو جنهن مهل منهنجو جسم منهنجي جسم سان گڏائڻ لڳو هو، ته مان بلڪل وسامجي وئي هيس.“
    ”تو ڇا پئي تصور ڪيو؟“ ايئن اهو پڇڻ نه کپندو هو، پوءِ به پڇي ورتو هئم. تو به سڌيءَ طرح ٻُڌائيندي چيو هو، ”بدن ۾ ڪا شيءِ هئي، جيڪا رت سان گڏ گردش ڪرڻ لڳي هئي.“
    ”تو.......؟“ مون کي نظرانداز ڪندي تو پنهنجي گفتگوءَ جو سلسلو جاري رکندي چيو هو، ”بدن مان جهڙو ساهه پئي نڪتو.“
    ”تو کيس........“ تو مون کي ٻُڌڻ ئي نه پئي گهريو، ۽ پنهنجو بيان جاري رکندي چيو، ”حوصلو خطا ٿيڻ لڳو هئم.“
    ”پوءِ تون...“ تو مون کي ٻُڌو ئي نه پئي ته به وچ ۾ ڳالهائي ڪجهه پڇڻ پئي چاهيم – پر تون شايد پنهنجي مرضيءَ مطابق مون کي نه ٻُڌندي چيو، ”هن جڏهن منهنجي ٻانهن جي ڏؤري ۾ هڪ مخصوص قسم جو زور ڏنو ته ايئن لڳو ڄڻ جسم سڄو ڪڪرا ٿيڻ لڳو هو.“
    ”پوءِ.......؟“
    ”پوءِ ته سرير جو ست به جهڙو وڃائي ويٺي هيس- بي وسيءَ جو عالم طاري ٿيڻ لڳو هو- مون تي.“
    ”پوءِ تو ڇا ته ڪيو؟“ ايترو به مون کي زوري پڇڻ ڏنو هيئي. تو جواب ۾ چيو هو، ”ڳالهائڻ لاءِ ته سگهه به ساري نه پئي سگهيس.“
    ”۽ هن وڌيڪ ڇا ڪيو؟“
    ”هو پنهنجي ناروا سلوڪ سان – منهنجي ان اکڙپن تي پنهنجي بي شرمائيءَ سان – حاوي ٿيندو ويو- پر مون کي الاءِ ڇا پيو ٿئي- ذهن تي لفظن جي جنگ لڳل هئي- پر زبان کي جهڙو اڌ رنگ لڳي پيو هو – ۽ اکيون توڙي چپ به ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هيم.“
    مون پنهنجي اندازي موجب- معاملي جو نتيجو مڪمل معلوم ڪندي پڇيو هو، ”تنهن جي معنيٰ ته تون – کيس ڪجهه به چئي پاڻ ڇڏائي نه سگهيئين!؟“
    ”نه.... مان کيس چيومانس.“
    ”ڇا چيس تو؟“
    ”بس همت ٻَڌي جان ڇڏائڻ خاطر چيومانس، ”اقرار اڄ نه- سڀاڻي.“
    ”اڄ ڇو نه؟“ اقرار مون کان تمام پيار ۾ پڇيو هو ۽ مان بهانو بڻائيندي چيومانس، ”اڄ مان تمام ٿڪل آهيان اقرار- مون کي آرام جي ضرورت آهي.“ هو بدمست ۽ عقل خطا هو- مان بي همت ته هيس- پر منهنجي نابالاغ لهجي هن کي ڪافي متاثر ڪيو- هن منهنجي ٻانهن مان پنهنجو پيل هٿ ڍرو ڪري ڇڏيو- مون محسوس ڪيو ته – منهنجي مئل بدن ۾ نئون ساهه ڦوڪجي پيو هو- ڳالهائڻ جي همت به ساري ورتي هيم- پر پوءِ به عورتاڻو خوف منهنجي ذهن تي اڃان هو- پر منهنجي وڌيڪ ڪجهه چوڻ کانسواءِ به- منهنجي انهيءَ اڄ نه سڀاڻي واري بهاني ۽ ڪوڙي دلاسي تي يقين ڪندي اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”ها، ها، اڄ ڀلي آرام ڪر- پر سڀا رات- ايئن نه چئجان؟“ ايترو چئي هو هليو ويو- هن جي پيتل ته هئي فتاح- پر ايترو نشو نه چڙهيو هيس- مان پنهنجي ڪمري جو دروازو هڪدم اندران لاڪ ڪري سمهي پيس- پر ننڊ ته اچي ئي نه پئي- ڪافي دير تائين- پنهنجي عقل تي لعنتون وسائيندي رهيس. پنهنجي بي عقل ذهن سان وڙهندي وڙهندي الاءِ ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويم- صبح ٿيندي ئي- ڪاڪا صالح دروازي کي مڪون هڻي مون کي اُٿاريو ته- توڏانهن هلي آيس- ٻيو ڀلا منهنجو آهي به ڪير.“
    انهيءَ ڏينهن تنهنجي قربت ۾ مان هميشه جيان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو- ۽ تو به اقرار کي نفرت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه پئي ڏيڻ چاهيو.
    نه چاهيندي به عام بازاري حَسينن جيئان- اقرار کي تون ڪوڙو دلاسو ڏئي- کيس آسري ۾ رهائي آئي هئينءَ.
    انهيءَ ڏينهن ئي- جڏهن اقرار کان خفا ٿي صبح وقت مون وٽ آئي هئينءَ ته مون تنهنجي انهيءَ سوالَ جنهن ۾ تو پڇيو هو ته، ”دليون ڪمزور ڪيئن ٿينديون آهن؟“ ۽ مون جواب ۾ چيوهو ته، ”شهوتي خواهشن سبب- ماڻهو پنهنجون دليون ۽ دماغ ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن.“ انهيءَ صبح جڏهن تو ان جواب جي حقيقت جو اقرار ڪيو هو- ته مون ان وقت، مهل موقعو ڏسي- اقرار بابت تنهنجي دلي راءِ وٺندي پڇيو هو،”پوءِ اقرار لاءِ هاڻ ڪهڙي مرضي آهي تنهنجي؟“ تو منهنجي انهيءَ ننڍڙي سوال مان- مقصد ته ڪيترائي ڪڍيا هئا- پر پوءِ فيصلاڪُن ڳالهه تو اهائي ڪئي هئي ته، ”فتاح توکي ڪيترا ڀيرا اڳ به ٻُڌائي چڪي آهيان ته- منهنجا هي باقي جيڪي مٽ مائٽ وغيره ڏسين پيو- انهن مونکي تنها سر ڏسي انهن مان ڪجهه ته رڳو منهنجي جسم جا وارث بڻيل آهن ۽ ڪن کي وري منهنجي اباڻي ملڪيت جي ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي- اهي ته هرو ڀرو جو ئي منهنجي روح کي زخميل سمجهي ان جي ملم، پٽيءَ لاءِ مصروف آهن، پر اقرار کي ته پنهنجو سُٺو دوست سمجهندي هيس- سو ته منهنجي مائٽن، عزيزن کان به وڌيڪ خطرناڪ پيو لڳي.“
    مهل ۽ موضوع مطابق مون به دل جو غبار ڪڍندي چيو هو”اقرار هيل تائين مون سان به ڪهڙيون چڱايون ڪيون آهن آسا- هن منهنجي خلاف ڪيترائي غلط طريقا استعمال ڪيا- جن جي توکي خبر ئي ناهي جڏهن مان پنهنجي غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ ماستريءَ سان گڏوگڏ واڌو وقت شگر مل ۾ به نوڪري ڪري رهيو هئس- تڏهن هن ايجوڪيشن جي بالا آفيسر کي اهڙي رپورٽ انفارم ڪري مون کي ڪجهه وقت لاءِ سسپينڊ ڪرائي ڇڏيو.
    ان کانپوءِ جلد ئي مل مئنيجر کي منهنجي خلاف غلط ۽ بي بنياد رپورٽون ڏئي- مون کي اتان به بيروزگار بڻائي ڇڏيائين.
    انسان دوستيءَ جي ناتي سان- هڪ سوشل جماعت ۾ رهي- سوشل ورڪر جي حيثيت ۾- سماجي ڀلائيءَ لاءِ سرگرم رهڻ پئي چاهيم ته هن اُتي به منهنجي خلاف باهه ٻاري ڏني- ۽ اتان منهنجي ميمبرشپ خارج ڪرائي ڇڏي!
    هڪ سياسي دوست- تمام پيارو ۽ مون کي پنهنجي ڀائرن کان وڌيڪ ڀائيندو هو – تنهن کي وڃي چيائين ته، فتاح تنهنجي ڀيڻ ۾ بُريون نظرون رکي ويٺو آهي- ۽ اهو دوست ايترو بيوقوف نڪتو جو ان کي مون سان وڙهائي وڌائين- ۽ اسان هڪٻئي کي قتل ڪرڻ تائين وڃي نڪتاسين! - ۽ اِهو اُهو وقت هو- جو اقرار سان منهنجا تمام گهرا تعلقات هئا، پر مان سندس اهڙي نيچ ڪردار کان غير واقف هئس.
    توکي اهو به اڄ پيو ٻُڌايان آسا- ته جڏهن مون کي قتل جي ڪيس ۾ بيگناهه جيل ۾ رکيو ويو هو- ۽ تون ملاقات لاءِ آئي هئينءَ- ان ڪيس ۾ مون کي ڦاسائڻ واري غلط مخبري به اقرار ئي ڪئي هئي.“
    مون اڃان ڪجهه چيو پئي- تيستائين تو وچ ۾ پڇيو هو ته- هي ايڏا اسڪينڊل ۽ ايڏيون انتقامي ڪارروايون توسان ڪهڙي سبب پيو ڪري؟ ڇا تون سندس اصل مقصد نه سمجهي سگهيو هئين؟“
    ”مان کيس چڱيءَ طرح سمجهي چڪو هئس، پر ڪجهه وقت کانپوءِ- تيستائين هن مون کي ڏاڍو ذليل ڪيو.“
    ”ڇا سمجهيو تو- ڪهڙي منشا هئي سندس؟“ تو پڇيو هو.
    پهريان ته توکي واضح ڪري ٻُڌائڻ جو ارادو ئي نه هئم، پر جڏهن پڇي ورتو هيئي ته پيار مان پيارن سان حقيقت گول مول ڪري پيش ڪرڻ- منهنجي فطرت ۾ ئي شامل نه هو- بلڪل صاف ۽ چٽيءَ طرح توکي ٻُڌائيندي مون چيو هو، ”هن جي منشا تون آهين آساٰ!“ ته تو مڙئي پڪائي ڪندي چيو هو، ”ڇا مطلب؟“
    شايد اڃان به اقرار بابت منهنجي نيت پرکڻ پئي چاهيئي- مون چيو هو، ”ها! آسا- مان توکي حقيقت پيو ٻُڌايان- جي تون مطلب نه پڇين ها ته هي سڀ ڪجهه توکي ٻُڌائڻ مون واجب سمجهيو به نه هو.“
    ”ڇو؟- ڇا جي ڪري؟“ اکيون ڇنڀندي پڇيو هيئي- ۽ محض منهنجي ذهن وٺڻ خاطر پئي پڇيئي شايد - ۽ مون بلڪل چٽيءَ طرح چيو هو، ”آساٰ! هو توسان محبت ڪرڻ پيو چاهي ۽ مان جڏهن ته محبت ۾ خود کي مٽائڻ جي قائل آهيان- ۽ هن مون سان جو ڪجهه به هيستائين ڪيو آهي- سو صرف تنهنجي دوستيءَ جي سبب – جنهن مون کي هڪ جسم ٿيڻ جي بجاءِ صرف ناول لکڻ جي خواهش ۾ رکيو.“
    تڏهن تو چيو هو، ”تون واقعي به مون کان وڌيڪ- صرف انهن لفظن جي خواهش رکين ٿو- جيڪي تنهنجي ناول ۾ منهنجي ڪردار کان وڌيڪ اهميت رکندا هجن؟“
    توکي شايد منهنجي اهڙي خواهش پسند نه هئي- ۽ اهو الاءِ ڪهڙو مرض هو مون ۾- جو جا شيءِ توکي پسند نه هوندي يا ايندي هئي- ته قدرتي طرح – منهنجي دل به ان سان نه لڳندي هئي – پر ناول جي خواهش مون انهيءَ ڪري سانڍي رکي هئي – جو ان ۾ تنهنجي ڪردار سان، محبت پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت سان نظر آئي هئم. لفظن کان ته تون مون کي وڌيڪ هميشه وڌيڪ رهينءَ- انهيءَ ڪري جو مون کي جن لفظن جي خواهش پئي رهي- انهن ته تومان ئي جنم پئي ورتو- انهيءَ ڪري ئي توکي جواب ڏيندي مون چيو هو، ”نه آسا، توکان پوءِ ته باقي خواهش رهي ئي ڪانه ٿي ۽ تون آهين ته سڀ خواهشون آهن- ناول يا لفظن جي خواهش به انهن مان هڪ آهي.“
    تڏهن تو چيو هو، ”اڇا- ته پوءِ ناول ۾ اسان سان پيش ايندڙ- اقرار جو ڪردار به لکڻ جوڳو آهي- ڇا تون پنهنجي ناول ۾- اقرار جي اهڙي ڪردار تي لکندين!؟“
    تو الاءِ ته ڇو اهڙي پڪ ڪرڻ ٿي چاهي- پر مون تنهنجي اهڙي نيت کي اهميت نه ڏيندي چيو، ”نه آسا.“
    شايد تنهنجي ڪنهن مطلب وچان جواب نه هو. انهيءَ ڪري تو پڇيو هو، ”ڇو نه؟“ تنهنجي ان سوال ۾ ڪو اسرار به هو- تڏهن مون چيو هو، ”انهيءَ ڪري جو- ناول ۾ اقرار جهڙو مئل ڪردار لکي- دنيا ۾ دوستيءَ جي ڀرم کي بڇڙو ۽ بدنام ڪرڻ نٿو چاهيان- ڌرتيءَ جي رنگين کيتن جا امر ڪردار ڇڏي- پگهر پياڪ سڌڙيا ڪردار لکڻ جو ته مون کي فن به ناهي- تون ته اقرار جي ڪردار جي ڳالهه ٿي ڪرين- پر جي خدا بابت به اهڙو سوال پڇين ها- ته منهنجو جواب اهو ساڳيو هجي ها- جهڙو جواب اقرار جي ڪردار بابت ڏنم. آسا ماڻهو ته پنهنجو پاڻ کان به- پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندا آهن- ته ڪڏهن اهي ساڳيا ماڻهو- پنهنجي ڳل جي چماٽ پاڻ هوندا آهن- جڏهن ماڻهو جي ذات خود کان رُسي ۽ پرچي- پرچيءَ ۽ رُسي تڏهن پڪ ڄاڻ ته- سندس من جي آسڻ تي- محبت جي بيٺڪ ٿي چڪي آهي- مان ته اهڙي ئي ڪردار تي ناول لکڻ ٿو چاهيان- جڏهن خدا جي ذات- خدا کان ئي رٺل هجي! – پر ڪا ذات رسن ۽ پرچڻ- پرچڻ ۽ رسڻ جي بجاءِ- سندس ذهن ۽ نيتون- ڪنهن ڪفن پوش پراڻي ميت جيئان- بدبودار هجن- ته ڇا تون- اهڙي ذات جي ڪردار تي پنهنجو ڪو غزل لکي سگهين ٿي آسا!؟“
    ”نه.“ انڪار ڪري ڇڏيو هيئي- پر تنهنجي انڪار تي اعتبار نه ڪندي مون پڇيو هو ”ڇو نه؟“
    ته تو چيو هو ”اهڙي ذات جي ڪردار تي- واضح طور ته اهو ماڻهو ئي لکي سگهي ٿو فتاح- جنهن سندس مئل نيت کي غسل ڏنو هجي ۽ ان جي دل جي اوگهڙ چڱي طرح ڏٺي هجي مون ته اڃان- مئل نيتن جا قبرستان به نه ڏٺا آهن!“
    ”پوءِ مان اهڙي ڪردار تي ڪيئن ٿو لکي سگهان آسا- مونکي ته چار قل به چڱي طرح ياد نٿا رهن- جو اهڙين نيتن جي بخشش طور کڻي پڙهان- سڄي ياسين پڙهڻ ته- ڪنهن وڏي حافظي جي ضرورت هوندي.“
    تڏهن تو وري به وڌيڪ پنهنجي پڪ خاطر چيو هو ”تنهن جي معني- تو پنهنجي ناول ۾- اقرار جي ڪردار تي ڪجهه به نه- لکندين!؟“
    الاءِٰ ڇو- تو سندس ڪردار لکڻ لاءِ زور پي ڀريو هو- ۽ مون جواب ۾ چيو هو ”ها! لکي سگهان ٿو آسا! پر هڪڙي شرط سان؟“
    ”ڪهڙي شرط سان؟“
    ”تنهنجي اجازت سان- تنهنجي ڪردار سان گڏ کيس لکي سگهان ٿو؟“ شايد زمين تان کڄي وئي هيئينءِ- ڪيڏو جوش کاڌو هيئي- منهنجي اهڙي شرط تي- سوچ ۾ ٻڏي وئي هيئينء شايد پنهنجي ذهني آڪاش ۾- اهڙو ڪو ملائڪ خيال پي ڳوليئي جيڪو منهنجي اهڙي شرط کي انوقت مصنوعي موت ڏئي سگهي ها. گهڻي دير کانپوءِ به- ها، نڪي هُون- ڪوئي جواب نه ڏنو هيئي.
    ڪنهن سوال جي جواب ۾- خاموشي کي ڇا تصور ڪيو ويندو آهي-
    ذري گهٽ خيالن جي اهڙي وڻ تي چڙهي ويو هئس- جنهن تان لهڻ لاءِ- سهاري جي ضرورت محسوس ڪندو هئس- اهڙن خيالن ۾ رُلائي- ٿاٻا کارائي- ڪيترا ڀيرا ٻوٿ ڀر به ڪيرايو هيئي- ۽ وري سهارو ڏئي اٿاريو به تو ئي پي- دل جي جسم تي جيڪا رُهنڊ رَسندي هئم- سا ته هميشه دل جي ڪپڙن اندر ڍڪيل ئي رهي! - ۽ جي دل جي حساس چمڙيءَ تان- رت سيمو ڪري وهندو به هو ته دانهن جي وسعت ئي نه ساريندو هئس-
    دل ڪڏهن مئي به هئي ته- سندس اگهاڙي لاش کي- تو پنهنجي هڪ نظر به کيس نه ڏٺو هو- شايد زخميل ۽ مئل دلين جا روح تنهنجي خوابن کان به پري رهيا-
    دل جي جسم تي ڪا رهڙ اچي ته- اها ڪڙيءَ ناهي ٻڌندي انهيءَ ڪري زماني کي دليون ڏکائڻ- آسان لڳندو آهي! زمانو روئڻ ته سکيو ئي ناهي- ۽ نه زماني کي ڪڏهن روئڻ آيو به آهي!
    والله- دل جي رلندي اگهاڙي لاش تي- خدا به ڪڏهين کلندو آهي- ته ڪڏهن روئندو آهي!

    


    قسط 14

    ٻي رات جنهن مهل اقرار آيو هو ته- نشي ۾ ڌُت هو. تو کيس ڪافي غور سان پي ڏٺو هو- پنهنجو منهن ته ڦٽائي ڇڏيو هيئي- پر محسوس ائين پي ٿيو ته- دل ۾ الاءِ ڇا لڪائي رکيو هيئي- ۽ هن ايندي شرط ئي پنهنجي غلطيءَ جي احساس ۾ يا ڪنهن مشڪوڪ خيال سان- تو کان معذرت گهرندي چيو هو ” آسا! ڏسو اڄ مان گهڻي پي آيو آهيان خدا جو قسم ڪوڙ نه ڳالهاءِ سگهندس- يقين ڪريو موليٰ حسين جو قسم مان ڪابه چالاڪي نه پيو ڪريان- ....... مونکي مهرباني ڪري- خلوص سان ٻڌو مانءِ ....... مان قسم کائي ٿو چوان ته- مان بلڪل...... تمام.....تمام وڏي غلطي ڪري چڪو آهيان..... مان واقعي..... واقعي مان ڪنهن عزت جي لائق نه آهيان-...... مان..... تنهنجو گنهگار آهيان آسا- مونکي قرآن جي صدقي........ قرآن جي صدقي.....مونکي معاف ڪر آسا- مون...... مونکي معاف ڪري ڇڏ؟“
    ان وقت سندس نيت ته الاءِ ڪهڙي هئي- پر سچ پڇ ته غلطي قبول ڪندي- ان مهل مونکي به اقرار وڻيو هو- ڇو ته مان خود به اهڙي حقيقت ۾ يقين رکندڙ هئس- ته پيئڻ کان پوءِ- ڪوئي شيطان به ڪوڙ ناهي ڳالهاءِ سگهندو- شايد اهڙي حالت وقت خدا سان هر هجت جائز رهندي آهي- ۽ اهڙي حالت ۾ ماڻهو پنهنجي خدا کي به سچ چئي ڏيندو آهي- پر دنيا وارا ان کي نشي واري حالت چئي- حقيقت تسليم نه ڪندا آهن.
    ماڻهو جي اندر جو غبار اهڙي وقت ئي نڪرندو آهي. جڏهن سندس ذهن جو ڪتاب- سندس لفظ، لفظ پنهنجي زبان سان ئي ڳالهائيندو آهي.
    پيئڻ کانپوءِ ماڻهو جڏهن خدا جي خوف ۾ ئي نٿو رهي- ته پوءِ سچ ۽ ڪوڙ کان ڪيئن ڊڄندو! محشر ڏينهن ميزان جي ميلي ۾ به- خدا بندي کي شرابن طهورا پياري- وٽانئس پنهنجو وجود مڃرائيندو!
    پهريون ڀيرو اقرار کي سچ ڳالهائيندو ٻڌي- عجب به لڳو هئم ته، مطمئن به هئس.
    ۽ وري تو به جڏهن- پنهنجي طرف کان- سواءِ ڪنهن شڪوه- شڪايت جي- سندس ٿورن لفظن ۾- غلطي معاف- ڪندي چيو هو ”اقرار تو قسم کائي- پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي- ته مان به ڌرتي ماءُ جو قسم کائي چوان ٿي ته- تنهنجي لاءِ- منهنجي دل ۾ هاڻ ڪائي رنجش ناهي.“
    سچ پڇ ته، اقرار کان وڌيڪ- منهنجي دل خوشيءَ مان ٻهڪي پئي هئي- انصاف کي پنهنجي پلئي پوندو ڏسي- مون ائين محسوس ڪيو هو ته- تو شاهه لطيف جي روح کي به خوش ڪري ڇڏيو هو- جنهن چيو هو ته
    ”چڱن سان چڱايون- ائين هر ڪو هوءِ،
    تو جيئن نه ڪري ڪوءِ- بڇن سان ڀلايون“. (شاه)
    تنهنجي اهڙي انصاف پسندي اقرار تي به وڏو اثر ڇڏيو هو- ان مهل هُو- پنهنجي اندر جون سڀ اگلايون- اوري ويٺو هو- هن مون تي حسد کائي- منهنجي لاءِ به جيڪي کڏون کوٽيون هيون- مونکان معافي وٺندي- پنهنجي دل جا اهي دفتر به- هن پنهنجي زباني پڙهي ٻڌايا هئا- سي سڀيئي تو پنهنجي ڪنن ٻڌيون هيون- پوءِ به ماڻهو ذهني طرح پنهنجي رقيب کان ڪيترو به مطمئن هجي- ليڪن دل جو ان تي وسهڻ ناممڪن هوندو آهي- اهائي حالت ان وقت منهنجي به رهي بحرحال پوءِ به- اسان جي دوستي لاءِ- وڏي خوشنصيب رات هئي اها- جو هڪٻئي لاءِ سانڍيل حسد، بغز، ڪينو ۽ ساڙ وغيره ڄڻ سڀ پنهنجي موت مري پيا هئا-
    جڏهن دوستيون سچ تي قائم ٿينديون هجن،
    سچن کي سچايون حاصل ٿينديون هجن،
    دل ۾ ڪا پليتي نه رهندي هجي – ته ان کانپوءِ ٻي ڪا وڌيڪ خوشقسمتي ڪهڙي چئبي؟
    ۽ وري هڪ وڌيڪ قسم کائيندي- اقرار اسان سان اهو به وچن ڪيو هو ته، ”مون کي ڌرتي..... ڌرتي ۽ پنهنجي محبت جو قسم مان اوهان..... اڄ اوهان سان اهو واعدو ٿو ڪريان...... ته اڄ جيڪا پيتم بس..... هاڻ.... هاڻ سواءِ بهتر دوستن جي ڪمپنيءَ جي ڪائي.... ڪائي نشي آور شيءِ نه واپرائيندس – سچ، پچ مان انفرادي سطح تي.... سوچي سوچي.... خود کي هاڻ – اڪيلو..... بلڪل اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو آهيان – مان...... مان دنيا ۾ اڪيلو رهي مرڻ نٿو چاهيان – چون ٿا اڪيلو رهي مرڻ وارن کي..... خدا به معاف نٿو ڪري!“
    سندس ان گفتگوءَ مان مون کي ايئن لڳو – ته شايد منهنجي موجودگيءَ ۾ هو اڃان به پنهنجي اندر جي خواهش بيان ڪري نه سگهيو – ڇو ته اها خبر نه هئي ته هن محبت جو جيڪو قسم کاڌو - سا سندس محبت، ڪير، ڪهڙي، ڪٿي ۽ ڪهڙي نانءُ سان هئي – ها البت منهنجو اهو وهم هو ته – کيس تنهنجي ساٿ جي سخت ضرورت هئي- ۽ تو به ته شايد محسوس ضرور ڪيو هو- ته هُن کي تنهنجي آرزو هئي - ۽ هن اهڙي نمائش ۾ پنهنجي زندگي ڪشادي ڪري – نڀائڻ پئي چاهي.
    پر هو شايد بي خبر هو ته – محبت جي جنگ ۾ - زندگيءَ جو جهاز – دل جي بندرگاهه تان روانو ٿيندو آهي – ته وري سندس صحيح سلامت واپس اچڻ جو ڪو يقين ئي نه هوندو آهي!
    بهرحال پوءِ به – خدا توکي وڏي سوڀ ۽ سونهن بخشي ڇڏي – ميرا من به – تنهنجي نظر جي غسل سان – پاڪ ۽ مقدس بڻجي پي پيا –
    شايد حُسن – درياهه اهڙو آهي – جنهن جي هر ڇولي – انساني دل هوندي آهي!
    انهيءَ رات کانپوءِ- تنهنجي مهربانيءَ سان – تنهنجي سبب ئي – اقرار جي هر دوست عزت ڪرڻ لڳو هو. خاص ڪري توکان الڳ ته – هاڻ هو ڪٿي نظر ئي نه ايندو هو- ان کانپوءِ ته- سندس شرف ۽ مرتبي جو درجو – دوستن ۾ هڪ اهم جاءِ حاصل ڪري چڪو هو - ۽ سندس باقي معمولي عادتن جو به – تو پنهنجي پياري سلوڪ سان – ڪنهن حد تائين خاتمو ڪري ڇڏيو هو.
    زندگيءَ ۾ مون به هڪ سُٺي ڳالهه ٻُڌي هئي ته، بزرگي ان جو انعام هوندي آهي – جيڪو ماڻهن جون دليون ڌوئندو آهي –
    ايئن ته پوءِ تو پنهنجين نظرن سان الاءِ ڪيتريون دليون ڌوتيون هيون- ۽ اقرار به انهن ئي خوشنصيبن مان هو- جنهن جي جيءَ تان زنگ لهڻو ئي نه هو- پر جڏهن پنهنجو من ماڪ ڦُڙي کان به اڇو نظر آيس – ته انهيءَ خوشيءَ ۾ هن سنگت جي سڀني دوستن لاءِ- هڪ سُٺي دعوت جو اهتمام ڪيو هو- جنهن ۾ ڪجهه اهي ڇوڪريون به هيون – جن جي دوستيءَ ۾ هن پنهنجي من تي ميراڻ چاڙهي هئي. جنهن جي خبر سواءِ منهنجي- ڪنهن ٻئي کي شايد نه هئي- مون انهيءَ سندس دعوت تي ڪافي سوچيو هو- پر ڪنهن نتيجي تي نه پهتو هئس. انهيءَ دعوت ۾ تقريبن ويجها، ويجها دوست سڀ موجود هئا- ڪيتريون ئي ڳالهيون ان رات ٿيون هيون- پر ڪجهه وسارڻ جهڙيون به نه هيون. دنيا جون اهڙيون ڳالهيون به شايد ذهن ۾ رهجي وڃن ٿيون- جيڪي قبر جي تنهائيءَ ۾- منڪر ۽ نڪير کي ٻُڌائي- انهن کي خوش ڪيو ويندو!.
    پر منهنجي دل صرف اهڙيون ڳالهيون ياد ڪري سگهي- جيڪي مان زندهه رهي به – نڪير ۽ منڪر کي ٻُڌائي پيو سگهان- ڇو ته قبر جي تنهائيءَ لاءِ- ڳالهيون ٺاهي ياد رکڻ سان منهنجي ميت ۾ وري ساهه پئجي وڃي ها- انهيءَ ڪري مون حقيقي موت کي اوليت ڏئي قبر جي پيٽ کي به خوش ڪرڻ پئي چاهيو.
    دنيا جي هر دعوت ۾ ماڻهو پاڻ کي معتبر سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي- اهڙيءَ طرح سان ئي جيئن ماڻهو دوستن جون خاص دعوتون ڪري- خود ميزبان جي حيثيت سان- پنهنجي شخصيت چمڪائي- پنهنجي هر ڳالهه اهميت سان رکندا ۽ مڃائيندا آهن- ساڳيءَ طرح سان اقرار به پنهنجي اهم خيال کي وزن وٺائيندي دوستن کي چيو هو، ”دوستن جي نئين سُڌ لاءِ گذارش آهي ته منهنجي هن ڳالهه کي غور سان ٻُڌندا.“
    سڀ دوست خاموش ٿي ويا هئا. اهڙي خاموشيءَ ۾ ماڻهو ڪنهن جي ڌيان کي ڪيڏانهن ڌڪي به ڪونه ٿو سگهي. جڏهن سڀني جا ڌيان اقرار جي منهن ۾ وڃي لڳا هئا ته هن چيو هو، ”دوستو! ڇا چوان- ته مان هاڻ ڇا آهيان؟ هونئن ته سڀني لاءِ دوستن جا احسان آهن، جو مان بدتر مان بهتر ۽ مئل مان زندهه ٿي پيو آهيان- ڪهڙو دوست هو- جيڪو منهنجين عادتن کي- پنهنجي ڪراهت نظر سان نه ڏسندو هو- ۽ دل ۾ منهنجي عمل کي نوٽ نه ڪندو هو- تقريبن هر وقت اهڙي حالت ۽ ڪيفيت ۾ رهيس- جنهن ۾ مون کي به هر دوست بيوقوف معلوم ٿيندو هو- ۽ مان به کيس بيوقوف محسوس ٿيندو هئس- حالانڪه ڪنهن دوست جي ساراهه- ان دوست جي روبرو ڪرڻ واقعي هڪ غلط طريقو آهي، پر الاءِ ڇو منهنجي زبان مجبور آهي، جو مان سڀن دوستن کان اجازت وٺندي ايترو چوڻ کان نٿو رهي سگهان ته- مون کي پنهنجي انسانيت جو احساس ڏياريندڙ آسا ئي آهي- ۽ مان سندس اهڙي مهربان ادا کي- ڪڏهن به وساري نه سگهندس.“
    بس پوءِ ته انهيءَ محفل ۾- خدا کان به وڌيڪ- دوستن ۾ تنهنجي ئي نالي جو هُل ۽ ذڪر هو- هر هڪ تنهنجي نانءُ سان ڳالهائي رهيو هو- تنهنجي اهڙي ناماچاريءَ تي- عقيدتمند ماڻهن جيئان- سڀ کان وڌيڪ- مان اڪيلو- خود کي خوش محسوس ڪرڻ لڳو هئس، ڇو ته انسانيت کي تو مٽيءَ جو ڍڳو چيو هو، ۽ ان وقت ان ۾ ساهه پئجي ويو هو.
    جتي جنهن صوفي تي مان ويٺل هئس، اتي مون سان گڏ اقرار جي ماءُ ويٺل هئي، جيڪا مسلسل تنهنجي ئي منهن ۾- پنهنجون ڪي اُميد ڀريون نظرون لڳائي ويٺي هئي. سندس منهن ۾ حيرت انگيز مسرت ڏسي- ڪنهن، ڪنهن مهل مان به ساڻس مسڪرايو پئي- سندس دل به شايد ڪنهن خوشيءَ ۾ هيڪاندا ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
    سڀن دوستن ۾- مان خود لاءِ ايئن پيو محسوس ڪريان ته خدا ماڻهو جي مڪمل شڪل خاطر- مون ۾ مڙئي اکيون وڌيون- منهنجي عقل کي سڱ هجن ها- ته سنڌي ماڻهن ۾ يا آسودو وقت گذاريان ها- يا ٿُڪ، بونڊي ۽ گار سان.
    خدا شايد تو جهڙيون وڻندڙ صورتون- ۽ عاقل شخصيتون خود کي ويجهو رکي ٺاهيون- باقي مون جهڙا الاءِ ملائڪن هٿان ٺاهرايائين- الاءِ ته ڳالهيون ڪندي مڙئي ايئن کڻي مٽيءَ جو ڳوڙهو اُڇليائين ۽ ٺهي پياسين- پر پوءِ سندس ٿورو رهيو، جو ماڻهوءَ جي شڪل ۾ آڻي- پنهنجي نالي جي اهميت وڌائين- باقي ڳالهيون ته خدا به- پنهنجي محبت جون لڪائي رکيون – پر سي به عشق جي صلاح سان!
    عشق جي صلاح سان راز – ڪڏهن راز رهيو به آهي!؟ –،
    انهيءَ عشق ته فاني – غير فانيءَ جو ڌمر مچايو!
    اهو عشق ئي ته هو– جنهن خدا کي لفظن جي خواهش ڏئي غير فاني ڪري ڇڏيو- ۽ انهيءَ اسان جهڙن کي جاني ڪري ڇڏيو!
    خدا جن صورتن کي ويجهو رکي – ڀاڪر وجهي ٺاهيو – اهي صورتون رهيون به– ڀاڪر وجهڻ جهڙيون – انهن کي اها خبر ضروري هوندي ته اُگهاڙن ٽهڪن واري دنيا جي پردي پٺيان – زهريلن ٽهڪن جي هڪ وڏي دنيا ڇپيل آهي– ۽ ان جهان جي ٻوليءَ جي هر لفظ ۽ هر اشاري ۾ زهر ڀريل هجي ٿو– جيڪو دلين جي نرم نسن ۾ داخل ٿي وڏو ناسور پيدا ڪندو آهي–
    جنهن جو زخم!
    بس زخم مان زخم ۽ زخم تي زخم!
    اهڙن زخمن سان– مان ته پنهنجو پاڻ کي ڳولهيو نه پيو لڀان– زندگيءَ جي ڪنهن معمولي مقصد ۾ ڪڏهن ناڪامي به منهن پئي هوندي ته– ان لاءِ منهنجي پنهنجي بيوقوفي يا ڪو ٻيو ڪارڻ به چئي پيو سگهجي– پر تو هميشه ايئن چئي ذهني اذيت پئي رسايم ته، ”اديب چريا به ٿيندا آهن.“
    هونئن ته دنيا ۾ ٿورو گهڻو چريو ته هرڪوئي آهي– دنيا چرين پويان چري– يا چرين لاءِ چري!؟
    ماڻهو کي– ماڻهو چريو ڇو ٿا چون؟
    ڇا تون، مان، اسان هي سڀ سياڻا رهياسون؟
    يا اسان مان صرف ڪو هڪ چريو– ۽ پوءِ ان جي پويان سڀ چريا! اهڙو فيصلو حل ڪندي– نتيجو ته آخر ڪنهن جي ڳچيءَ ته ضرور پوندو. ۽ پوءِ اهڙي آخري فيصلي کي دنيا پنهنجي عقل جي محتاجيءَ ۾ ڪفر ته ضرور چوندي!
    الائي ڪيترا اهڙا جهيڙا- جيءَ سان جنبيل هئا– بس پوءِ خود کان پڇندي، پڇندي – خود کي وساري ويهندو هئس، ۽–، تو جن کي چريو پئي چيو– انهن تنهنجن چرين جي صدقي ئي، قومون جيئن پيون.
    ٻوليون ويامن پيون،
    ٻولين جا ڌڻ ٿي پيا آهن–،
    تاريخ جو پيٽ– سچ سان ڀرجي پيو،
    سو هڪ ڏينهن نيٺ ڀرجي، ڀرجي ڦاٽندو!
    پر اسان شايد عقل جي پاڳارن، پٺيان پاڳل رهياسين–
    پنهنجي مڙسيءَ تي چريا ٿيون يا هجون ها– ته ڪيترا چهچهٽا هجن هاٰ! ٻولي وڌي ويامي ها– ماڻهو اسان جي ڳالهه ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جهڙا ٿي پون ها!
    عزتون هجن ها،
    هڪٻئي لاءِ، مرڻ جيئڻ هجن ها،
    ڪيڏي چريائپ ٿي– تمام ٿوري تعداد ۾ چريا ٿياسين!
    ڇا ايئن ئي پيو ڀاسيندو- ته اسان ۽ ٻولي سنڊ!؟
    ٻوليون ماريندڙ ڪهڙا بگهڙ؟ ڇا اهي اسان نه ڏٺا!؟
    ڇا اسان نه پيا سڃاڻو– جن قوم کي رڍن جو ڌڻ چيو ۽ گڏهه سندس ثقافت؟
    مذهبي ناتي سان به–ڪهڙو ته نبي هو – جنهن هن ڌرتيءَ جي آدم خلق ۾– پنهنجي قوم جي تاريخ– حق نه بڻائي. موسيٰ نبي پنهنجي قوم جي ڳالهه ڪئي!
    عيسيٰ پيغمبر پنهنجي قوم کي سڏيو،
    نبي ته سڀ قوم پرست هئا- حضرت محمد عربي (صه)- عربن جي لاءِ قومي نظريي تي جنگيون وڙهيون، دنيا ۾ ڪوئي اهڙو مذهبي مقدس ڪتاب ڪڏهن Censor ٿيو؟ جنهن پنهنجي قوم لاءِ صدقي ڏيڻ جي حام نه ڀري هجي؟
    خدا ان کي بخشش ڪيئن ڏيندو– جنهن پنهنجي قوم لاءِ نه سوچيو– تون، مان، اسان هي سڀ پنهنجي، پنهنجي مفاد ۾ سرد ميت بڻيل-! پوءِ ڪيئن چوان ها ۽ ڪهڙيءَ ساک سان ته– سواءِ تنهنجي باقي ڪابه ذاتي خواهش رکي سانڍي نه هئم–
    ها! ڪا بلا من ۾ شايد ويٺل هئي– جو پنهنجي وجود جون سرحدون پار ڪري– خدائيءَ جون حدون لتاڙڻ لڳو هئس. جڏهن ڪا التجا ۽ اپيل گونگو زمانو ٻُڌي، سمجهي نه سگهندو آهي، تڏهن التماس ۽ عرض نويسيءَ کي به پاڳلپڻو ۽ چريائپ چيو ويندو آهي.
    مان به اهڙن اڌڙ خيالن سان– پنهنجون رچنائون سهيڙيندو پنهنجو پاڻ رچائي ويٺس ۽ خود تي ٿيندڙ هر چٿر ۽ ٺٺول کي لفظن جي راند سمجهيم– جنهن کي تنهنجي زندگيءَ جي زماني چريو چيو هو– ليڪن مان ان کي پنهنجي زندگيءَ جو جيئاپو ۽ مقصد ڪري ويٺس– پوءِ ان کي تون ڪوئي اڌورو ناول به چئي پئي سگهينءَ – پر نه تو ان کي باقائده پنهنجيءَ دل سان،
    بدمستي،
    بي ماڻهپو،
    چريائپ،
    خود رائي،
    خودڪشيءَ جهڙا لقب ۽ خطاب ڏنا!
    الاءِ ڇو ٿڪائڻ پئي چاهيئي.
    عضوو، عضوو، ٽُٽي پيو هئم،
    زبان به ٿڪائي وڌي هيئي– اهڙن بي وزن خيالن ۽ سرابي لهجن سان!
    ليڪن محبت ۾ ٿڪجڻ جي وائيءَ کي منهنجن بي زبان خيالن هميشه اهڙي ديوانگي تصور ڪئي– جن تي وليون چڙهي گل ٿيون کلائن. ۽ بازارين ۾ اهڙيون ئي ٿڪل، ٽُٽل ديوانگيون اڳڙيون ۽ قيمتي ڪاغذ چونڊينديون آهن.
    يا ڪنهن شاعر جي هيءَ آس ته:
    ”ڪاگا سڀ تن کائيو، اور چُن چُن کائيو ماس،
    اِڪ دو نينا مت کائيو، جنهين پيا ملن ڪِي آس.“
    مان ته منڪر، نڪير لاءِ به، اهڙو ئي سوچي ويٺس– ته ٻي هر سزا ماڻهو قبول ڪري ٿو– پر اکين پورڻ جي سزا تي– دل فريادي بڻجي پوي ٿي.!

    


    قسط 15

    پنهنجي دل جي شهر جون گهٽيون مون صرف تنهنجي لاءِ ٻهاريون هيون– جن کي ڪوئي نظارو بخشڻ جي بجاءِ– تو هڪ سنسان صحرا بڻائي ڇڏيو.
    اهڙي ڳالهه به مان پاڻ ڪرڻ ۾ هئس، تيستائين تو پنهنجي زبان پاڻ چيو هو ته، ”عورت پنهنجي مقصد ۾ ٿڪندي ناهي– انهيءَ ڪري جو سندس فيصلا تمام سخت هوندا آهن. خدا تنهنجي زبان سلامت رکي– پر تو سخت فيصلن جي ڀيٽ ۾ نرم دلين کي الاءِ ڇو وساري ڇڏيو هو!
    عورت بابت ڳالهيون ته مون به ڪيتريون ئي ٻُڌيون ۽ ڪيون هيون، ڪڏهن ٻُڌم ته عقل کُڙيءَ ۾ اٿس! ڪڏهن ٻڌم ته،
    عورت سينسليس Senseless آهي– عقل واري حس منجهس آهي ڪانه! عورت کي دل جهڙا عضوا زبان ۾ آهن!
    پنهنجي سختيءَ ۾ ڪوڙ ۽ جنون کي جنم ڏئي ٿي!
    بهرحال ڪهڙي به حالت ۾– سخت زبانو رکي جيڪي ٿڪندا ئي ناهن– تن کي ٿڪاوٽ جو احساس به ڪهڙو!
    جنهن رُنو نه هجي– ان جون اکيون به ڪهڙيون چئبيون!؟
    جيڪو مري نٿو ڄاڻي– سو ڪنهن ميت جو ڪانڌي به نه ٿيو– تنهن تي ميار ڪهڙي ٺهندي.
    ڇو ته اهڙيون اکيون سخت فيصلن ۾ ٿڪن ئي نٿيون!
    زندهه يا مئي- دوزخ جو ڀؤ به اها دل کائي– جنهن قبر جي ڀٽن جهڙيون– عورت جون لسيون ۽ نرم رانون چٽيون هجن!
    شايد مئل دليون– پنهنجي اوگهڙ ڏسڻ کان به انڌيون رهن ٿيون؟ منهنجي دل به ايئن ڪفن پوش بڻيل رهي– جو سندس مئل منهن ڏسڻ لاءِ توکان ته سندس ڪفن وارو مُٺيو به نه کُليو!
    مان ته مئل ماڻهو جو منهن به ڏسي نه پئي سگهيس– پوءِ ڪهڙي حالت هوندي منهنجي؟– جڏهن کان پنهنجي دل جو لاشو– پنهنجي من جي قبر ۾، سينگاري رکيم– جيڪو سُڄي هنڌان هنڌان ڦاٽي پيو!
    بس پوءِ پنهنجي ديس جي پوتر خاڪ ئي نصيب ٿيس– جنهن سان کيس ڌوئي، سندس زخمي راڳي، مَلي سندس ڌڪ ڀريندو رهيس.
    واهوندن ۾ سرنهن گُل جي خوشبوءِ، سنڌ جي کيتن جي هُٻڪ ۽ چانڊاڻن ۾ کلندڙ کيتن جا نظارا ئي هئا– جن سندس مئل صحت کي جيئڻ جون صلاحون پئي ڏنيون– ۽ انهن کيس مري پاڻ ملهائڻ جو اولاڻو پئي ڏنو.
    منهنجي دل جي نظر ۾– ڪلهن کان مٿي– عورت خدا جهڙي خوبصورت آهي– پر ڪلهن کان هيٺ– عورت کي ڏسي ماڻهو پنهنجو ذهن صاف نٿا رکن! بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن اقرار جو ذهن– مون صاف سمجهي دوکو کاڌو– ۽ دوکو به اهڙو جنهن صدين جون صدائون– ساعتن ۾ سمهاري ڇڏيون!
    اقرار واري انهيءَ دعوت ۾– جنهن مهل تو منهنجي ناول جو ذڪر ڇيڙيو هو– ته منهنجي ڪاوش ۽ ارادن جي لتاڙ ڪندي سڀن دوستن جي وچ ۾ اقرار ڪيڏي نه ڏکائيندڙ ڳالهه ڪئي هئي ته، ”فتاح! يار تون دل ۾ نه ڪجان، حقيقت ۾ اسان پنهنجي ادب جي تاريخ کي ناول جو صرف بس فرضي نالو- ناول- ئي ڏئي سگهيا آهيون- باقي رڳو رومان پرستي ۽ خيالي اُفق جي اُڏام ۾ رهيا آهيون.“ هن خاص منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو، ”ڏس تون اسان جو ويجهو دوست آهين فتاح! ٻيلي مهرباني ڪري پنهنجي ناول ۾ عورت جا عضوا ته نه اُگهاڙجان؟– ڪجهه قومي غيرت جو به خيال رکجان– بس ايترو مڙئي خيال رهي وڌيڪ نه، ته به ويجها دوست تنهنجو ناول پڙهڻ جهڙو ته سمجهن.“
    ڪيڏي کل مچي پئي هئي دوستن ۾– هرڪو منهنجي منهن ۾ ڏسي کلي رهيو هو– ايئن پئي لڳو ته اقرار جو اڃان به ڪو حساب ڪتاب مون تي رهجي ويو هو– جنهن ڪري سڄي سنگت ۾ ذليل ڪرڻ لاءِ مون کي مرڪز بڻايو هئائين. خبر ناهي اها دعوت خاص تنهنجي مان ۾ هئي يا مونکي سرعام بي عزت ڪرڻ لاءِ!
    پيئڻ کانپوءِ سچ ڳالهايو ته ويندو آهي– سو وقت شايد صرف سچ ڳالهائڻ تائين محدود هوندو آهي– ۽ جنهن نيت سان پيتو ويندو آهي، ته انهن نيتن کي وقت به ايترو ئي صرف ملندو آهي، جيتري تائين بهڪائيندڙ خمار هجن ٿا– لهي وڃڻ کانپوءِ– نيتون مرضيءَ واريون هونديون آهن– ۽ وري پنهنجي اصل جڳهه تي به موٽنديون آهن– ۽ وري مصيبت اها به آهي ته ان ٿورڙي وقت ۾ صرف پنهنجا پاپ شايد اوڳاريا ويندا آهن! عوررت جي حُسن ۽ اخلاق سان محبت ڪرڻ کانپوءِ! منهنجو آدرش صرف ڌرتي ماءُ سان واعدي وفا رهڻ هو.
    ڇو ته عورت جي دوستي منهنجي ذهني طبيعت لاءِ هڪ عجيب ڪيفيت پئي رهي.
    ناول جو نالو کڻي مون سان مخاطب ٿيندڙ– هر دوست مون کي تقريبن اذيت پرستي ۽ ايذاءُ پسنديءَ جي طرف ڌڪي رهيو هو– ۽ پوءِ منهنجي اندر مان اهو سوال اُڀرندو هو ته– زمانو محبت کان محروم رکڻ وارو ظلم ڇو ٿو ڪري؟
    پوءِ وڌيڪ ظلم ته اڃا اهو ٿيندو هو– جو اهڙي سوال جو جواب نه ذهن ٺاهي سگهندو ۽ نه ڪنهن دوست کان درست جواب ملندو هو!
    دل هٿن تي رکي وڪڻڻ وقت– وچ ۾ ڊوڙي زمانو خريدار کي لت هڻي ڀڄائي ڇو ٿو؟
    ڇا هي ٻن اکين وارو بي دل زمانو- هر پريميءَ کي– اهڙو روڳ ڏئي– هميشه اهڙي چڪيا چکائيندو رهندو؟
    منهنجي دل جا سوال هئا اهي– جيڪي منهنجي خون جگر جي ذري ذري سان ملي ويا هئا.
    قومي غيرت به جي مون ۾ هئي ته– اها ايڏي سستي غيرت به نه هئي– جو ان تي ايڏي طنز ۽ طعنا زني جون محفلون رچائڻ کپنديون هيون!
    ناول لکڻ کان ته ذهن فرار ٿيڻ لڳو هو– پر دوستن جو ماڻهپو ڳوليندي – خود پنهنجي دل وارو آدم به هٿان وڃائڻ لڳو هئس.
    پنهنجي هر آشا، اُميد ۽ آس کي پنهنجي خيالي اُفق جي- دائري جي ڦاهي سمجهڻ لڳو هئس.
    اقرار کي سندس سوال جو جواب ڏيندي مون چيو هو ”يار هاڻ ته ناول لکڻ تان به هٿ کڻي ويٺو آهيان!“
    ”ڇو؟“ اقرار پڇيو هو. ۽ مون بس هڪ عام ماڻهو جيئان جوش کائيندي چيو هو ته ”يار اقرار هي جيڪا آسا!“ ڪمپني آهي نه- انهيءَ ته شام جي بادلن ۽ چنڊ ستارن جي آڪاش منڊليءَ ۾ اهڙو ته ڦاسائي وڌو اٿم- جو لڳي ٿو ته منهنجي غيرت به ڪو چورائي ويو آهي- ۽ مان جهڙو بي حس، بي غيرت ۽ بدذات بڻجي پيو آهيان- زندگي گذارڻ لاءِ- نوان نعرا ايجاد ڪري ناول ۾ لکڻ- شايد مون ۾ ايتري- فني صلاحيت به نه آهي. لکڻ واري خوشي ۽ پڙهي- پُرجهڻ واري پيڙاءُ خبر ناهي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح حاصل ٿيندي آهي- مون ته چميءَ کي به امن جو پيغام سڏيو- مان اهڙو اڻڄاڻ آهيان جو مونکي اها به پوري خبر ناهي ته چميءَ جو اصل خالق ڪير آهي، مان اهڙو ناول- اهڙي حالت ۾ واقعي لکي نه سگهندس اقرار جيڪو دوستن جي پڙهڻ لائق هجي- مون ۾ غيرت اڻ لڀ امن، تاريخ، اتحاد ۽ سليقي کان غير واقف- آزادي جي لحاظ کان- مونکي جنهن ڄڻيو- پاڻ آزاد جنم وٺي- پنهنجي دل جي دنيا خوش ۽ آباد ڏٺي هجائين ته- اها سندس دل جي ڳالهه آهي- پر مان ته سندس ڪک مان جنم وٺڻ وقت به ڪنهن غلامي کان ڇڄڻ خاطر احتجاجن روڄ راڙي ۾ هئس- پنهنجي ماءُ به جڏهن مونکي غلامي کان آزاد ڪيو هو- ته مان ان غلامي لاءِ ڏاڍو رنو هئس- شايد پنهنجي امن پناهه- انهي- گهر کانپوءِ- اهڙو امن نظر نه آيو هئم- جهڙو پنهنجي ماءُ جي پيٽ واري جهان ۾ ڏٺو هئم- هتي ته غيرتون به وڪبيون ۽ وٺبيون آهن- پر اتي ته غيرت جو واپار ۽ بک جو فساد منهنجي ذهن ۾ ئي نه هو- دوستن لاءِ پڙهڻ جهڙو ناول به تڏهن لکي سگهان ٿو اقرار- جڏهن وري واپس- پنهنجي ماءُ جي پيٽ وڃڻ جي بزرگي رکندو هجان- ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر ته اهڙي بک محسوس ڪئي اٿم- جو ان بک ۾- سڄو سماج بکيو پيو- محسوس ڪريان- ۽ سندس اهڙي بک واري دانهن جي عمر به ڪنهن جيت جي عمر جيتري آهي.“
    جوش ۾ اچي اڻڄاڻائي جي حد مان نڪرندي اهو به سمجهه مان نڪري ويم ته- مان چمي کي امن جو پيغام پيو چوان- پر هن جهان ۾ چميءَ جو خالق ڪير هو- ۽ جنهن پهريان چمي ڏني ته ڪهڙي نيت سان- ۽ چمي ايجاد ڪرڻ وقت سندس ڪهڙا ارادا هئا- منهنجي ان جوش ۾ جوابي تقرير کانپوءِ- دوستن ۾ ڪيتري- نه خاموشي ڇانيل هئي- سڀن شايد مونکي غور سان پي ٻڌو- منهنجا خيال واڍوڙيل هئا- مغز ۾ جهڙو مڇرن چڪ پاتا هئم- ذهني خارش ۾- پنهنجن خيالن کي کنهيندي اُگلي پيو هئس- هونئن به جڏهن به ڪائي ڳالهه کڻندو هئس ته رٻڙ ٿي پوندي هئي. دودي چنيسر جي داستان جيئان کٽندي نه هئي-
    مون اقرار کي ان وقت اهو به چيو هو ته ”اقرار ماڻهو محبت جي صدمي کان روئندا، لڇندا ۽ تڙپندا آهن. ۽ ڪي ته وري نڪي رُئن ۽ نه ڪجهه ڪڇن- پر مان اهڙي ڪيفيت ۾ اکين جا دروازا ٻوٽي ڇڏيندو آهيان- ۽ من اندر جي خاموش بازار گهمڻ لڳندو آهيان- ڏاڍا حسين ماڻهو ڏسندو آهيان ان بازار ۾ هر صورت شاهڪار نظر ايندي آهي.
    ان بازار ۾ ڪجهه مسڪراهٽون ته ڪجهه ٽهڪ- عجيب هُل هوندو آهي! پر مان نه کلي سگهندو آهيان نه روئي سگهندو آهيان!
    اکيون پوري اندر جو T.V ڏسڻ،
    زندگي شام وارو پهر محسوس ڪرڻ،
    اکين مان آبي نور هاري، لڙڪن جو جام پيئڻ،
    بي زبان خيال سانڍي، دل جي اوطاق ۾ سمهي خواب ڏسڻ،-
    سڀ اڪيلائيءَ جا اڌما ۽ تنهائي جو تيوهار ته آهي! - ۽ ائين ماڻهو فنا آهي ته ماڻو مٽيءَ جو ڍڳو به آهي- پوءِ شايد اهو به درست چئبو ته- ماڻهو انفرادي طرح فاني ۽ اجتماعي طرح غير فاني آهي- پر ڇا ڪريان اقرار؟- اهڙي دنيا جي ياد ڏاڍو ستائيندي اٿم- جيڪا مون پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ گذاري-
    ڇا؟اهڙي دنيا۾ رهندڙ تيستائي فاني آهي؟ جيستائين هن ويڪو دنيا جي اجتماعي رونق ۾اچي!؟
    مان ته اڃان به- اهڙي اڪيلي دنيا جي خواهش رکي ويٺو آهيان- پوءِ هن اجتماعي دنيا جي رونق تي ناول لکي به ڪيئن ٿو سگهان! ها! لکان به کڻي پر ان جي ٻولي شايد گونگي يا ويڪو سمجهي وڃي ۽ مونکي لعنت، ملامت کانسواءِ ڪوبه ٻيو داد حاصل شايد ٿئي.؟
    هو ش سنڀالڻ کانپوءِ به، منهنجو صرف اهڙي نگاهه کان گذر ٿيو، جيڪا صرف ماڻهو جو عقل کسيندي آهي- سا ته الاءِ ڪهڙي نگاهه جنهن کي ڪم نظر چيو ويندو آهي. ڌاڙيل نطرن به مون کان رڳو عقل کسيو ۽ منهنجو علم سڀ بي ڪمو رهجي ويو.
    اهڙي حالت ۾- منهنجو ناول ڪائنات ۾ ته ڇا- پر دوستن جي مادي زندگي ۽ زهنن ۾ ڪو انقلاب ۽ نواڻ نه آڻي سگهندو.
    ترقي پسند انسان- بلندي کي ڇُهي وٺي! – پوءِ به خواهش جي غلامي!؟
    منهنجو ذهني شعور، اهڙي ساڃاه کان به شايد رد آهي اقرار.“ ۽ پوءِ هلندي ڳالهه دوران- مون سڀني دوستن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”ڏسو سڀ اهل دوست ويٺا آهيو- پنهنجي ايمان جي سچائي سان ڪوئي ٻڌائيندو ته- خواهش جي غم کان- ڪنهن خود کي آزاد رکيو آهي؟“
    سڀ رات جي اونداهيءَ جيئان خاموش هئا- سڀن جي زبان تي ڄڻ نانگن جا آکيرا اڏيل هئا- ڪنهن به خود کي اهڙي غلامي کان آزاد محسوس نه ڪيو هو. – مان انهن کي پنهنجا نوان دوست چوندو هئس- امن، انقلاب ۽ آزادي تي- ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ- سڀ سرد مهري جا شڪار هئا، شايد سڀ جا سڀ نظرن جي حسن جا گهايل هئا- کين خاموشي ۽ امن به- شايد اهڙين نظرن کان ئي حاصل ٿيو هئن. اهڙين نظرن جي قبر ۾- جڏهن ڪوئي دفن ٿيڻ لڳندو آهي- ته دوستن، احبابن سان ڪابه صلاح، مصلحت نه ڪندو آهي. – جڏهن سندن دليون- نظرن جي ڪفن ۾ ويڙهبيون آهن- تڏهن محبوبن جون ادائون ئي- سندن يادن جو باقي رشتو- هونديون آهن- جيڪي سندن دل جي مزار تي- ڪارن گلن جون چادرون چاڙهينديون آهن.
    پر جڏهن جيءَ جي جيئري جهان ۾- محبوبن سان رُسندا- آهن- تڏهن اهڙي خبر کين نه هوندي آهي- ته دل جيڪا، گوشت جو اوزار آهي- جيڪا انسان توڙي جانور ۾ Fit ٿيل آهي- اها اصل ڪنهن جي امانت آهي؟
    پوءِ اهڙي اڻڄاڻ حالت، واري ڪيفيت ۾- سندن هر عبادت حسن پرستي هوندي آهي!
    حسن جي ديدار لاءِ- سندن روح غلام رهندو آهي!،
    پنهنجي گمنام سڄڻ جي وصال ڪاڻ رئندا آهن- ته سندن اکين ۾ آنسو ناهن هوندا!
    انهن سان ملي ائين معلوم ٿيندو هئم- ڄڻ ته اهي ڪڏهون ڪا ستل هجن.
    چنڊ ستارا ته ڇا- سورج به سندن نظرن کان غائب رهندو آهي شايد محبت جي اهڙي درجي ۾ اڃا داخل نه ٿيو هئس!
    منهنجو من، تنهنجي اکين جي اڙهانگي دريا ۾ ٻڏل هو، صرف شام وارا ڪڪر پي ڊوڙايم- ۽ اکين مان گونگا مينهن پي وسايم!
    ٻولي، امن ۽ آزادي پنهنجي دل جي گهر کي به ڏئي نه سگهيو هئس دل جي مئڪدي ۾ عصر ۽ سانجهي واري وقت به جام ۾ شراب نه ڀريو هئم!- جنهن جي اداس صدائن پٽيم پي شايد سومهڻي وقت به- اخلاق سان پيئڻ مونکي نه آيو! – جيڪي پيتم سو به شايد محبت جي وضوءَ سان نه- يا پي- ستس ۽ وقت قضا ڪيم! ۽ ان ڪري ئي- سندس جوش ۾ جڏهن ناپاڪ لڙڪ ٽپڪا ڏئي ڪرڻ لڳا- ته هينئون قواب جيئان پچڻ لڳو-. عشق جي گهر جي اڳيان لنگهڻ- منهنجي حق ۾ شايد نه هو! گذري به ويو هئس ته، ديوانن جيئان، ويندي، ويندي ڀٽڪي شايد ويو هئس!
    اهڙي ارمان ۾ ته، دل جا لڙڪ، دل ۾ ئي ڪڙهندا رهيا،-، زندگي اهڙن جواري خيالن سان گذري- جيڪي دل جو داءُ هڻي نه پيا ڄاڻن،
    ۽ زندگي کي شام جو جام سمجهي- پيار ۾ لٽائڻ سندس- کيڏ نه هئي،
    مون رنگ شباب نه پيتو- جيڪي پيتم، سڀ آسماني، سُرمائي رنگ هو شايد.
    ها! اهڙا ٻيا ڪيترائي سبب هئا، جنهن ڪري- جيئن ناول ۾ ڪردارن تي لکيو وڃي ٿو- تئين منهنجي هر خيال ۽ آئڊيا کي دوست افسانو پيا سمجهن- تقريبن اقرار ۽ خاص ڪري تو- افسانو سمجهيو هو مونکي!
    ماڻهو جڏهن دوستي جي ناتي سان گڏجن ٿا- تڏهن، دعائون گهرندا آهن ته- هو ڪڏهن جدائي ڏسندائي ڪونه- ۽ جدا ٿيو پون!
    اها ئي بيماري هئي- هڪ وڌيڪ مون ۾ به. – جنهن دوستن کان مونکي، گهڻو تڻو جدا رکيو- سڀ ڪنهن کي مختلف طرح جو محسوس به تڏهن ٿيندو هئس.
    تو به اهڙن ماڻهن کان ته- مونکي مختلف نه سمجهيو هو- جن جي هر آس، اميد شيشي جي ٿانءُ جهڙي هوندي آهي! اقرار جي مڪمل سڌري وڃڻ کانپوءِ- ڪهڙو سبب هو- جو منهنجي هر آشا کي- تو واريءَ جو ٺهيل ٻاراڻو گهر تصور پي ڪيو- جيڪو تيز هوائن لڳڻ سان- ڊهي پنهنجي اصل شڪل بدلايو ڇڏي.
    جڏهن اقرار کي پنهنجي ناول لکڻ بابت پورو جواب ڏئي چڪو هئس- تڏهن اقرار وري به پنهنجو خيال ورجائيندي- چيو هو ته ” فتاح! اسان توکي ائين هرگز نه چونداسين ته- تون ناول نه لک- پر شايد منهنجي چوڻ جو اصل مقصد تو نه سمجهيو- مون جيڪي چيو پي ان جو اصل- مقصد هو ته- اسان پنهنجي فن ۽ فڪر کي محض پنهنجي ڪنهن من پسند شخصيت جي ساراهه جون- آيتون نه بنائي ويهون- پر ان مان به اهو مطلب نه وٺڻ گهرجي- ته ان جي شخصي اهليت کي نفرت ۽ ڌڪار سان پرچاريو وڃي- بلڪه انهيءَ جي خوبي ۽ قدر سندس اهليت مطابق- اهميت ڏيئڻ گهرجي- جيڪو ان جو حق به هجي ٿو- پوءِ ان ۾ ڪجهه سونهن ۽ صورت جي شڪل ۽ لياقت ۾ ته ڪي شخصيتون وري پنهنجي فن ۽ فضليت واري اهميت ۽ ادا سان سڃاتيون وينديون آهن-
    اهڙين شخصيتن کي ساراهڻ وقت اسان تي اهو فرض ٿئي ٿو فتاح- ته انهن جي وصف اهڙي ريت بيان ڪجي- جو سندن ماضي، حال ۽ مستقبل پنهنجي، سماج ۽ ثقافت سان لاڳاپيل هجي-.
    ڏس فتاح- ماڻهو پنهنجي محبوب جي واکڻ ڪرڻ کان رهي ته نٿو سگهي- پر پنهنجي خيال کي- پنهنجي ديس جي امنگ ڏانهن ضرور وٺي، کڻي وڃجي- جنهن ديس جي ڌرتي پنهنجي رنگين لباس ۽ هوائن جي خوشبوءَ سان- ان محبوب صورت کي سونهن ٿي بخشي- سندس حسين تاب کي جوهر عطا ٿي ڪري- اهڙن خيالن جي رچنا واريون ڪوتائون غيرفاني هونديون آهن فتاح!“
    هن پنهنجي پختن خيالن جي تقرير کي جاري رکندي ڪجهه وڌيڪ چيو هو ته ”پنهنجي ذات جي افساني ۾ محدود رهجي ويندڙ پريمي- صرف گونگي ۽ خاموش تاريخ جو باب هوندو آهي. پنهنجي عمر جا عزيز ڏينهن- جَر تي ڦوٽي جيئان- گنوائي ڇڏيندو آهي.
    زندگي جو مقصد! صرف پنهنجي محبوب جي سونهن کي سُهانين راتين جي تشبيهه ڏئي ساراهڻ نه هوندو آهي فتاح- ۽ نه ئي ذات پرستي سان پنهنجي ديس ۽ ڌرتي لاءِ پاڻ موکي سگهجي ٿو.
    اسان پنهنجن نوجوانن دلين ۽ مضبوط دماغن کي- جيڪڏهن ٿورو غور ڏئي ڏسنداسين ته- سندن هر خاني مان- رومانس ۽ سيڪس جي دونهاٽيل سوچ ئي اڏامندي نظر ايندي.“
    ۽ پوءِ هن سڀن دوستن کي الڳ رکي صرف مون سان- مناظرو ڪندي پڇيو هو ته ”فتاح! ڇا تون يقين سان چئي ويندين ته- توکي پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان محبت آهي؟“ ”ها! بلڪل ڇو نه.“ مون کيس اهو وڏي آواز چيو هو- ۽ انڪار ڪري به ڪيئن پي سگهيس- اهڙي محبت کان انڪار ڪرڻ به منهنجي لاءِ پنهنجو پاڻ ڪوڙو ٿيڻ هو- تنهن کانسواءِ هن پنهنجي ذهن ۾- صرف مونکي رکي ڳالهايو هو- ۽ هن پنهنجي اها پوري ڀڳتي سڀني دوستن جي ذهنن تان ڊوڙائي، ڊوڙائي وري کٽائي به آڻي مون تي هئي.
    منهنجو جواب ٻڌي هن وري ٻيو سوال پڇندي چيو هو ”ڇا تون پنهنجي اهڙي عمل کان انڪار ڪري سگهين ٿو فتاح! ته زندگي ۾ تو ڪنهن انسان سان به محبت ڪئي آهي.؟“
    اهو سوال به تنهنجي روبرو اقرار اٿاريو هو- تو مون ۾ پنهنجون نظرون به شايد چورايون هيون- ان وقت منهنجي دل تنهنجي ان چور نظر تي چغلي پي هنئي.
    جيئن هر قسم جي چوري ۾- نيتون خاموش رهنديون آهن- تنهنجي نظر به ائين خاموش هئي- نظرن ۾ محبت جو نه اظهار هو- نه اقرار ۽ نه انڪار-
    پر مان ته شاهه چور هئس- پنهنجي محبت لاءِ 164 سئو چوهٺ ڪري ويهندو هئس- توڻي جو منهنجي اهڙي عادت توکي هرگز پسند نه هئي.
    محبت ۽ محبوب جو سونهن- ٻئي اهڙيون شيون آهن- جن کي دل جي محل ۾ لڪائي، دنيا کان مخصوص ڪري رکي نٿو سگهجي.
    ان وقت به مون اهڙو با مقصد بيان ڏيندي اقرار کي چيو هو- ”نه اقرار! مان اهڙي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهان- مان هڏ گوشت جو ٺهيل دل وارو انسان آهيان- ۽ ڪنهن انسان سان بيحد محبت به ڪري ويٺو آهيان.“
    تڏهن هن شايد پنهنجي ڪنهن ذاتي مقصد بابت وري پڇيو هو ته ”پنهنجي وطن ۽ ڌرتي کان وڌيڪ محبت- گوشت جي ٺهيل ماڻهو سان ڪري ويٺو آهين- ۽ ڇو ڪري ويٺو آهين؟“ ڇوڪري ويٺو آهين؟- اهڙي سوال جو جواب ته کيس- پنهنجو خالق به ڏئي نه سگهي ها- ۽ جي اهو ماڻهو مون جهڙو هجي ها ته- پوءِ من ۾ محبت جي ڪشش به ڪهڙي هجي ها! – باقي ديس ۽ ڌرتي کان وڌيڪ محبت- گوشت جي ٺهيل ماڻهو سان- اهو مون ته نه چيو هو- پر اهي لفظ هن مون تي مڙهيا هئا- پر پوءِ به- اهو هن درست چيو هو- ته مان پنهنجي ديس ۽ ڌرتي کان به وڌيڪ محبت گوشت جي ٺهيل انسان سان ڪري ويٺو هئس.
    اهائي ته اندر ۾ اڻ، تڻ هئم- جنهن ۾ مان پنهنجن رچنائن جي هر ڪوتا اڌوري محسوس ڪندو هئس.
    اهڙي محبت مان ڪنهن سان ڪري ويٺو هئس- ان لاءِ پنهنجي ڪنهن دل واري دوست کي ڪن ۾ به ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي. ڪجهه نه ڪجهه ته توکي به اهڙي سوال تي ڳالهائڻ کپندي هو- ڏاڍيون اميد ڀريون نگاهون تو ۾ وڌيون هئم-
    ڇا تون اهڙي حقيقت کان اڻڄاڻ هيئنءِ- ته منهنجي قلم جو هر اشارو ۽ ناول اسٽوري جي هر موسم توئي هيئينءِ! منهنجي ناول جو هر منظر ۽ مڪالمو تنهنجي تصوير هئي- سنڌ ڌرتي تي لڳندڙ ڏکڻ جي هير- ۽ ٿڌين واهوندين جي رنگ ۽ بوءَ جي ڪهاڻي تون ئي هيئينءِ.
    اقرار سميت- سواءِ تنهنجي- باقي سڀ دوست منهنجي جواب جا منتظر هئا- مان Political خيالن کان هٽي- محبت تي ئي ڳالهائڻ پي چاهيو- پر شايد خود کي سياسي پهلو کان ايترو الڳ رکي نه سگهيو هئس- جيترو الڳ رهڻ پي چاهيم-
    جيئن ڪو ماڻهو ڪنهن حقيقت تي ڳالهائڻ نه چاهيندو هجي- ذهني طرح تيار به نه هجي- پوءِ به هو ان بابت ڳالهاءِ ويندو هجي- اهڙي طرح سان مون اقرار کي جواب ڏيندي چيو هو ”اقرار جيتري حد تائين مون پڙهيو آهي- ته ماڻهو پنهنجي محبت جي ابتدا- ڪنهن انسان جي عشق سان ئي ڪندو آهي- تيستائين هو اهڙي امتحان سان- عشق جي ڪاڙهي ۾ پيو ڪڙهندو آهي- جڏهن محبت ۾ سندس Fixation مضبوط ٿي ويندي آهي- پوءِ هو پنهنجي ديوانگي تي عجب کائي- پنهنجو پاڻ کي ڳولي- خود تي پائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي- پر خواهشون کيس منجهائي وجهنديون آهن- تڏهن کيس ڪنهن سهاري جي سخت ضرورت هوندي آهي- پر رهنمائي جي احتمام کان محروم رهي- زماني ۾ اڪيلو رهجي وڃڻ کانپوءِ- زندگي جو اهم مقصد ڀلائي ويهندو آهي- خود کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ پيو چاهي؟ ڪائي خبر کيس ناهي رهندي.
    محبت ۾ اهڙو يگانو ذهن- پنهنجي دل کي ٻک هڻي پنهنجي محبوب جي زلفن جي ڇانوري ۾ به- سک سان سمهي نه- سگهندو آهي! دل جي وحيءَ کان بي سمجهه- پنهنجي دل جو اڪيلو مالڪ ٿو بڻجي پوي!
    ها! پنهنجي دل جي رباعي پاڻ نه سمجهي سگهندو هجي- سو قومي زبان ۽ سياسي سليقي لاءِ ڪهڙو مقصد ۽ قرباني رکندو- هوندو؟ ننگ تان نثار ٿي- اهڙي لذت جي نزاڪت حاصل ڪرڻ لاءِ- سندس زندگي جي ڪتاب ۾ هڪ لفظ به ناهي هوندو اقرار!“
    مون ايترو ڪجهه چئي اڃان دنگ ڪيو هو ته، اقرار پنهنجي سمجهه مطابق چيو هو ته ”يار فتاح! شايد مجبور ٿي چوڻو پيو پوي ته، مان تنهنجي ذهن ۾- اهڙي ڪمي پيو محسوس ڪيان- جيڪا اسان دوستن لاءِ تمام ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“
    ڏک ته مونکي ٿيو هو- ڪنهن به دوست منهنجي ڳالهه سمجهي نه هئي- يا ڪنهن سمجهي به هئي- ته ڳالهائڻ لاءِ وٽس جواب جو پورو مواد نه هو.
    ڳالهه ته مون هوش ۾ رهي هوش واري ڪئي هئي- پر شايد اقرار به مونکي مدهوش سمجهيو هو- ڪوئي هوش وارو سنگ ۾ ويٺل به هو ڇا؟
    مون ته اهڙو غور به نه ڪيو هو- ۽ مون صرف هاڻ اقرار کي پي ٻڌو هو- جنهن چيو پي ”لڳي پيو فتاح! تون چوماسي جي واچوئڙن ۾- اهڙي تيز طوفان کي منٿ ڪرڻ جو قائل نه آهين- اهڙو طوفان جيڪو زندگي جو وڻ پاڙان پٽي ڪنهن گمنام صحرا ۾ اڇلي ڦٽو ڪندو هجي-
    ۽ اهڙا واچوئڙا- جيڪي مقصد جون راهون- ڌوڙ اڏائي گم ڪري ڇڏيندا هجن- شايد انهن جي ضد ۾ ڪڏهن نه آيو آهين فتاح! ڏاڍو ڏک اٿم تنهنجي لاءِ دوست! تنهنجي اهڙي حالت جو ته- ڪٿي زندگي جو وهانءُ اهڙي عورت سان نه ڪري ويهين- جيڪا تو کان وڌيڪ بيوقوف هجي- تون ناول تي لکندي بال پائينٽ پين خالي ڪري اڇليندو هجين- ۽ هو اهو اڇلايل ساڳي قلم وري واپس قلمدان تي لڳائيندي هجي!“
    اقرار اها اهڙي ڳالهه- اهڙي انداز ۾ کلندي ڪئي هئي جهڙو منهنجو پيءَ بڻيو ويٺو هو- هونئن به ماڻهو پنهنجي ماءُ جي يار سان ته صلح ڪري سگهي ٿو- پر رقيبن سان صلح ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي!
    اقرار کي منهنجي شادي جي به ڏاڍي ڳڻتي هئي شايد- سندس اهڙي تجويز کي مون دوستن جي ضد ۾- نه پي نيئڻ چاهيو- سندس خيال جو وزن ڪٽيندي مون چيو هو ”اقرار جيڪڏهن- مون پنهنجي زندگي خود- هڪ اڇلايل قلم بنائي ڇڏي هجي ته پوءِ؟“
    هن جواب ڏيندي چيو هو ”پوءِ تون ائين ڄاڻ ته ڪنهن خود فريبي ۽ خوش فعلي ۾ مبتلا هوندين دوست- خالي قلم جيئان اهڙي زندگي جڏهن ڪنهن اڇل ۾ ويندي آهي- ته زماني جا بوٽ- بي درديءَ سان کيس لتاڙي فنا ڪري ڇڏيندا آهن!“
    ” زماني جي لتاڙ کان- ڪڏهن ڪا آجي زندگي به ڏٺي اٿئي اقرار- زندگين جي منهن تي زماني جي لڳايل لٽ ڪڏهن ڪنهن تڪليف ڪري- ڇنڊي به آهي!؟“ تڏهن اقرار ڪنهن حد تائين تسليم ڪندي چيو هو ته ”ها! تون ڪنهن حد تائين درست به هوندين فتاح! پر زندگين ۾ Plague پليگ جي وبا پکيڙيندڙ سڀ جا سڀ ڪوئا ماري اسان فنا ته نٿاڪري سگهون نه؟“
    سندس اهڙي جواب تيِ- وچ ۾ هڪ دوست اقرار کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته ”يار ڪوئن واري پليگ جي- وبائي پکيڙ جو اسان درست ڪاٿو لڳائي ته نه سگهنداسين- پر محبت م نفرت کي پليگ جهڙوئي مرض چئي سگهون ٿا- حقيقت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته- زندگي ۾ ڪڏهن، ڪڏهن اهڙا ڪوئا ته اسين به ٿي پوندا آهيون!؟“
    اِهو اهو دوست هو جيڪو شاهه لطيف جو بيت لفظي طرح هميشه غلط ٻڌائيندو هو- اُنهي دوست حقيقت بيان ڪئي هئي- محبت به انسان مان ئي ڦٽي ته نفرت جو ٻج به انسان ئي پوکيو- پر دنيا جو ته وجود ئي محبت تي قائم آهي- جنهن ۾ نفرت جو وجود Plague کان هزار بار وڌيڪ خطرناڪ آهي.
    نفرت! جنهن ۾ هڪٻئي کي پٽي کائڻ واري وحشيت سمايل آهي. محبت! جنهن ۾ هڪٻئي کي جيئارڻ واري محنت ۽ صحبت سمايل آهي. ڪهڙي نه بهتر ۽ سچائي سان ڳالهه ڪئي هئي ان دوست، توکان ته اڄ به اهو پڇي سگهجي ٿو- ته ڇا ان ۾ صداقت نه هئي؟ پر ان وقت انهيءَ دوست کي- ڪنهن به ڪوئي جواب نه ڏنو هو-. سمجهندا ته سڀ مون جيان پاڻ کي فلاسافر هئا- پر زندگي ۾ جيت شايد هر ڪوئ نٿو ماڻي-
    شايد منهجي ۽ اقرار جي انهيءَ ڊگهي بحث مان به ڪنهن ڪا نواڻ محسوس نه ڪئي هئي- سواءِ تنهنجي- پنهنجو پاڻ کان پڇڻ جي ته مون ۾ عادت هئي- ۽ ان وقت به رهي نه سگهيس- سهي، سهي نيٺ پنهنجي ضمير کان پڇڻ لڳس ته- ائين ڇو ٿو ٿئي- حقيقتون جڏهن بيان ٿينديون آهن تڏهن ماڻهن سان گڏ دوست به پنهنجون اکيون، ٻوٽي ۽ مغز ڇو ويڙهي ڇڏيندا اهن-؟
    ذهن گونگا، خاموش ۽ منجمد ڇو محسوس ٿيندا آهن!؟ هر ماڻهو ميت جي مثال ٿيو پوي ڇو؟.
    شايد دفن ٿيڻ کانپوءِ- لاش به پنهنجي لتاڙيندڙ لاءِ- مون جيئان ڏاڍو آزاد سوچيندو هوندو.
    ائين حقيقت جڏهن به واضح ٿي- ته دوستن ۾ هميشه ڪا وبائي ڪيفيت تاري ٿيندي رهي!!

    


    قسط 16

    جنهن مهل اُها اقرار واري دعوت برخاست ٿي هئي ۽ محفل اختتام کي پهتي ته هر دوست پنهنجي، پنهنجي ڪمپنيءَ سان راهه روانو ٿيڻ لڳو هو- ۽ تو اقرار کان موڪلائڻ وقت- اقرار کي ڪجهه چيو پي- جيڪو دوستن جي اجائي هل حشري ۾ مان چڱي طرح ڪجهه ٻڌي نه سگهيو هئس-
    دل وارو ماڻهو ڪنهن رقيب سان- پنهنجي منهن ڪجهه ڳالهائيندو هجي ۽ اهڙي گفتگو دل جي دڙڪن تائين رسندي نه هجي- ته اندر ۾ بيچينيءَ جو ڪيڏو نه غوغا پيدا ٿي پوندو آهي.
    ڪهڙو تجربو آهي- جيڪو زندگي ڀر حاصل ٿي نه سگهندو آهي؟
    ڪوششون،
    محنتون،
    خيال،
    سوچون، ارادا
    ۽ محبتون- سڀ اهڙي تجربي جي حاصل خاطر- وندر بڻجو پون. ۽ جي حاصل ٿي به ويندو آهي- ته ان کي ذهن کان ٻاهر واضح بيان ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ناهي هوندو.
    اقرار کي تو ڇاپي پنهنجي منهن چيو؟ دل ۾ ويٺل ان هول- Terror کي ختم ڪرڻ لاءِ- مونکي تنهنجي موٽر ۾ توسان گڏ هلڻ جو خيال هو- پر توسان گرل فرينڊز جي رش ڏسي- تو کي چئي نه سگهيو هئس- ۽ وري جڏهن تو خود چيو هو ” فتاح سڀاڻي منجهند مهل گهر ته اچجان- ڪو مسئلو حل ڪرڻو آهي! ٺيڪ آهي نه“ ايترو چئي تو جهڙو مونکي موٽر ۾ ساڻ کڻي هلڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو- گهر ته منهنجو به ڪو ايترو ولايت ڪونه هو- پر الاءِ ڇو تنهنجو هڪ پل پري ٿيڻ به- پنهنجي هر منزل جي لاءِ صدين جو سفر محسوس ڪرڻ پي لڳيس!
    ٻئي ڏينهن تنهنجي چوڻ مطابق- منجهند جو تنهنجي گهر آيو هئس ته- مونکان اڳ اقرار تو وٽ ويٺل هو- سندس بيٺڪ مان مون کي ائين لڳو پي- ته تو وٽ ويٺي کيس ڪافي وقت لڳو هو-
    مان جڏهن صوفي تي سانتيڪو ٿي ويٺس ئي مس- ته تو ساءِ ڪلر جو سادو فائل مونکي ڏيندي چيو هو ”فتاح! هيءُ فائل پڙهي – ٿوري نظر مان ڪڍ؟“
    فائل منهنجي هٿ ۾ ته- تو چيو هو، ”پهريون دفعو آهي – جو اقرار جو ذهن مون اڄ پڙهيو آهي - سو به منهنجي زمين بابت- هڪ نئين Plantation.“
    جڏهن فائل کولي پڙهڻ شروع ڪيم ته- مون کي ان مان نادار زندگين جا پُٺا اُگهاڙا نظر اچڻ لڳا هئا- ڪجهه اڳتي پڙهيم ته مون کي تنهنجي زمين نئين سري سان آباد ڪرڻ لاءِ هڪ نئين رٿا نه پر هڪ خوشامد محسوس ٿي هئي- اهڙي خوشامد جنهن ۾ توکي وڌ کان وڌ خوش ڪرڻ خاطر- تنهنجي زمين بابت نوان فارم لڳائڻ جي تجويز رٿي وئي هُئي ۽ ان ۾ انساني زندگيون فنا ڪندڙ فارمولو جوڙيو ويو هو- زمين مان وڌ کان وڌ اُپت حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ايجنڊا فائل لکيو ويو هو- جنهن جا شروعاتي اهم نڪتا هن طرح هئا ته:
    (1) پراڻن هارين کي بي دخل ڪري- چوٿي ونڊي تي نوان هاري رکڻ.
    (2) اهي نوان هاري لڏائي- باقائدي زمين تي ويهارڻ.
    (3) هرهڪ هاريءَ کي- هاريپ لاءِ صرف چار ايڪڙ زمين ڏيڻ.
    (4) في هاريءَ کي 500 روپيا ماهوار خرچو، ڀتو ڏيڻ ۽ سندس باقي پورهئي جو اُجورو- سال پوري ٿيڻ کانپوءِ- خرچ پکو ڪٽي باقي بچت کيس ڏيڻ.
    (5) بيمار، بي ايمان، سست، ڪمزور ۽ ڪم چور هاريءَ کي بي دخل ڪري زمين تان لڏائي اُٿاري ڇڏڻ.
    (6) ڪنهن به هاريءَ جو وقت سر زمين ۾ نظر نه اچڻ- وقت سر زمين جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ- سندس خلاف شڪايتون اچڻ، ڪنهن به غلط ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ مهمان ڪري ترسائڻ، - اهڙيءَ صورت ۾ کيس بي دخل ڪري زمين تان لڏائي به سگهجي ٿو ۽ ٻيءَ حالت ۾ کيس غلط عملن سبب پوليس حوالي به ڪري سگهجي ٿو- وغيره وغيره.
    اهي چند فقرا پڙهي- فائل اهڙي نفرت زده خيال سان بند ڪيو هئم – جو وڌيڪ پڙهڻ جي خواهش ئي نه هئم.
    منهنجي ذهن ۾ - ان وقت اهڙي تجويز جا ٻه پهلو هئا- هڪ ته توکي شايد حد کان وڌيڪ بيوقوف بڻايو پئي ويو- ۽ ٻيو هڪ پورهيت لاءِ- سندس اُجوري جي سلي بابت جهڙي بي رحم ۽ بدحواس خيال کي قلمبند ڪيو ويو هو- ان مان مون کي ايئن معلوم پئي ٿيو ته- اڄوڪي هاري، پورهيت کان ڪنهن طوائف جو دلال وڌيڪ عزت ۽ ٺاٺ سان- پنهنجو اُجورو حاصل پيو ڪري.
    انسان کي ڪيئن نه سندس نيتن ۾ ئي ويڙهي ٺاهيو ويو آهي! دوستن ۽ عام ۾- ڪيڏي ڪمال درجي ۾ ٿو ڳالهائي- پر پنهنجي ذات کي ڪميني پن سان صلح ڪرائي- انفرادي سوچ سان- رهزن قانون جوڙي- ڪيڏو بي رحم ٿو بڻجي پوي! افسوس! مفاد ڪيڏي نه ڪميڻي شيءِ آهي!
    پنهنجو پاڻ کي گاريون ڏيڻ سان- شايد غيرت جو قانون نٿو ٽُٽي. نادار مقدرن لاءِ- نادر بڻجي- پنهنجا فيصلا ويهي مڙهي ڪهڙو حق هو اقرار کي.
    پنهنجي ڪنهن ذاتي ضرورت جي وقت- ويجها ماڻهو به ڪيترا نه پري وڃيو نڪرن- ڪيڏي نه دليريءَ سان- پنهنجي اڪيلي دل جي غيرت جون اکيون ڪڍي وٺندو آهي انسان!
    خبر نه پيم ته- توکي اقرار جو وڌيڪ ذهن وڻيو هو- يا سندس اها تحرير- جنهن ۾ هن پنهنجي ڪنهن مقصد لاءِ- نڌڻڪيون زندگيون گروي بڻائي رکيون هيون.
    في الحال ته مون کي پنهنجي دل جي پيچ جو بند ٿيڻ وارو وهم پڪو پئجي چڪو هو- باقي جو ڪجهه هو ان به تجربو ڪافي ڏنو هو.
    منهنجي هڪدم فائل بند ڪرڻ سان تو پڇيو هو، ”ڇو فتاح فارمولو مڪمل ناهي ڇا-؟“
    ته مون تمام ڌيرج سان توکي سمجهائيندي چيو هو ته، ”آسا هن کي فارمولو نٿو چئي سهگجي- هي ته بس مڙئي ڪا تحرير آهي، جنهن کي اسان- ڪنهن مقصد جي لکت به چئي سگهو ٿا.“
    ”لکت ڇا...... ڪهڙي مقصد جي لکت؟“ پنهنجي بي خبري ڄاڻائيندي پڇيو هيئي- اهڙو سوال ته اقرار کي پڇڻ کپندو- پر نه، تو پڇيو هو- وصف گهڙيندي مون چيو هو ته، ”آسا! اهڙي مقصد واري لکت، جنهن ۾ انساني زندگين جي خريداريءَ جا فيصلا- انهن جي پرپٺ ڪيا ويندا آهن- ۽ پوءِ اهڙا فيصلا جڏهن عمل ۾ ايندا آهن- ۽ اهي خريد ڪيل زندگيون ڳرڻ لڳنديون آهن- تڏهن صرف سندن قبرن لاءِ سوچيو ويندو آهي- جنهن ۾ نادار زندگيون تمام سستيون پونديون آهن.“
    ”يار تنهنجي هر ڳالهه- مڪمل طرح الاءِ ڇو نه سمجهي سگهندو آهيان.“ اقرار وچ ۾ منهنجي ڳالهه روڪيندي چيو هو- ته مون کيس چيو هو، ”اقرار! جڏهن مقصد کي مفاد کان ٽوڙي ڳالهائبو آهي- ته ڪڏهن، ڪڏهن تو جهڙن کي ڳالهه واقعي سمجهه ۾ نه ايندي آهي!“
    ”پر جنهن ماڻهوءَ کي- ماڻهو سمجهي نه سگهي- اهڙي ماڻهوءَ لاءِ تون ڪهڙي راءِ ڏيندين فتاح؟“
    اهو سوال پڇندي هو ساهه مان ڀرجي پيو هو. تمام آهستگيءَ سان جواب ڏيندي مون چيو هومانس، ”خبر ناهي ڪهڙي ماڻهوءَ بابت پيو پڇين- جيڪو سمجهي نٿو سگهي يا جيڪو سمجهائي نٿو سگهي؟“
    ”هُون- ڳالهه کي وڌائڻ به ڪو توکان سکي- نه!“ هُن ڪنڌ ڌوڻي اسٽائل سان چيو هو- سندس اهڙي شوخ لهجي واري ٽوڪ تي تون به کلي پئي هئينءَ.
    ڳالهيون ماڻهو وڌائي ڇو پيش ڪندا آهن؟- اهڙو سوال خود تو به هڪ ڀيري اُٿاريو هو- سو تڏهن، جڏهن هڪ لڱا مون توکان پڇيو هو، ”آسا! جي خدا ڪري- توکان اڳ حقيقي موت مري پوان- ته تون منهنجي قبرستان تي ايندينءَ؟“
    تڏهن تنهنجو اهو سوال هو ته، ”ماڻهو هرو ڀرو ڳالهيون ٺاهي وڌائي پيش ڇو ڪندا آهن؟“
    ان وقت تفصيل سان جواب ڏيندي مون چيو هو، ”آسا ماڻهو جيڪو وهميل هوندو آهي- حقيقي چريو اُهو ئي هوندو آهي- اها ئي سندس ذهني بيماري هوندي آهي- ته هو مقصد لاءِ ڳالهيون ٺاهيندو وڌائيندو ويندو آهي- اهڙيءَ طرح سان دنيا لاءِ مڪمل چريو ۽ پنهنجي پريتم جي گهر ۾- اڌ چريو هوندو آهي!“
    اقرار جو اهو چوڻ ته، ڳالهه کي وڌائڻ به ڪو توکان سکي- مون کي خاموش ڪري ڇڏيو هو- انهيءَ ڪري جو مان پنهنجو پاڻ لاءِ- ڪنهن، ڪنهن مهل ته واقعي اڌ چريو بڻجي پوندو هئس. پر ان مهل اقرار معلوم به ڪري ورتو هو- ۽ ڳالهه وڌائي به وڌي هئم- ته ان کي کُٽائڻ منهنجي وس ۾ نه هو.
    ماڻهو ته اهي بلند مقام هوندا آهن- جيڪي ڳالهين سان گڏ خود کي به کُٽائي پيش ڪندا آهن.
    الاءِ ته ڪهڙي کوٽ ۽ ڪهڙو عيب هو مون ۾- جو ڳالهه وڌائي پيش ڪرڻ کانپوءِ- ڪوئي ٽوڪيندو هئم ته- يا خوش ٿي پوندو هئس- يا ذهن ۾ گهت هڻي- وري ڪائي ٻي نه کُٽندڙ ڳالهه شروع ڪندو هئس!
    اقرار کي انهيءَ وڌاءُ بابت ڪو جواب نه ڏنو هئم- ان مهل توکي مخاطب ٿيندي مون پڇيو هو، ”آسا تو رات مون کي انهيءَ ڪم لاءِ اچڻ جو چيو هو؟“
    ”ها فتاح! ڪم ته اهو ئي هو- ۽ اهو ساڳيو ڪم- رات مون گهر ايندي اقرار کي به چئي ڇڏيو هو- ۽ اقرار اهو سڀ ڪجهه لکي کڻي به آيو آهي- انهيءَ مهل تڪڙ ۾- سو توکي ٻُڌائي نه سگهي هيس.“
    زندگيءَ کي ڏاڍو تڪڙو ڊوڙائڻ لڳي هئينءَ- ڪنهن به طرف ڏانهن اک ڇنڀ نظر ڊوڙائيندي- ڪنهن جي مفاد تي به غور نه پئي ڪيئي.
    ڪهڙو بيهودو لقب ڏيان ها مفاد کي- انساني زندگيون به داءُ تي لڳايون وينديون آهن-
    پنهنجون خوشيون تنهنجي نانءُ ڪري به- توکي تنهنجي ڪنهن يادگار مُسرت لاءِ- ڪا دل گهائيندر مبارڪ ڏئي نه سگهيو هئس. زمين بابت اقرار جي لکيل تحرير لاءِ- توکي تنهنجي خوشيءَ خاطر ايترو چوڻ به منهنجي بيوسي هئي ته، ”آسا اقرار جيڪڏهن بهتر لکي آيو آهي- ۽ توکي پسند به آهي- ته پوءِ دلپسند کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟“
    ۽ تو چيو هو، ”ها! پر هي سارو ڪم- اهو ڪيئن ٿيندو- ڪير ڪندو؟“
    ڪيڏي نه مايوسيءَ ۽ لاچاريءَ سان چيو هيئي. چوڻ ۽ ڏسڻ جا ته ابن، ڏاڏن کان وٺي ماهر هئاسين- پر عمل صرف صلاحن تاءِ محدود- زندگيءَ ۾ اهم شيءِ ته رهي عمل آهي- جنهن کي تو پنهنجي عمر مطابق ڏاڍو دير سان محسوس ڪيو هو.
    پر بي رحم ۽ سخت تجويزون ڏيڻ کانپوءِ- ان جي ذميواري ماڻهو پنهنجي ذمي پاڻ کڻڻ بجاءِ- ڪنهن قومي شيطان جي حوالي رکندا آهن.
    مان اهو ئي سوچي رهيو هئس ته- اقرار جڏهن اهو ايترو سڀ ڪجهه لکي کڻي آيو آهي- جنهن کي منهنجو ذهن قبول ئي نه پيو ڪري- انهيءَ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ- اهڙو ذمو پاڻ ڇو نه پئي کنيائين؟
    ڪاغذن تي مڙهيل اها تحرير توکي ته پسند به گهڻي هئي پر سندس نيت ۾ لکيل تحرير- جنهن کي هن پنهنجي ضمير ۾ سانڍي رکيو هو- ان مان هڪ لفظ به هن- انهيءَ فائل ۾ نه آندو هو-
    ماڻهو! جيڪي وقتي طور پنهنجي وقار لاءِ قسم کائيندا آهن- ته دنيا ۾ نوان نوان ڪوڙ ۽ منافقت انهن مان ئي جنم ٿا وٺن. پاڻ سڌارڻ لاء- ساکن کي نه، نيتن جو قبلو درست ڪيو ويندو آهي.
    ڪيڏو بي رحم آهي خلقڻهار!
    دلين جون ڳالهيون سمجهڻ لاءِ- ذهنن ۾ هڪڙي نس به نه رکيائين، اهو تڏهن محسوس ڪندو هئس- جڏهن پنهنجي دل جا اشارا نه سمجهندي- پنهنجي لاءِ ڪو نئون آزار پيدا ڪري ويهندو هئس.
    ”منهنجي خيال ۾- مون کان وڌيڪ- اهو ڪم اقرار آسانيءَ سان نڀائي سگهندو آسا؟“
    دل ۾ ڪروڌ رکي- پنهنجي بيوقوفيءَ سان- اهڙي تجويز ۾ اقرار جو نالو کڻي ويٺس- حالانڪه مون سمجهيو به پئي ته- اقرار کي اهڙي مصلحت جو شدت سان انتظار هو- ۽ تو اڃان اقرار جي منهن ۾ ڏٺو ئي مس هو ته، هن هڪدم چيو هو- ”ها، ها! ڇو نه- مان بلڪل تيار آهيان- هونئن به ته بابا به زمين جو سمورو ڪم مون کي سپرد ڪيو آهي- مون کي صرف گاڏيءَ جي درڪار هئي- سو جيستائين پنهنجي گاڏي وٺان تيستائين آسا واري جيپ- منهنجي لاءِ وڌيڪ سهولت به ٿيندي.“
    هن تنهنجي راءِ وٺندي پڇيو هو، ”ڪيئن آسا؟“
    ”ها، ها، بلڪل ٺيڪ.“ باخوشي اظهار ڪيو هيئي- جهڙو مون کان اڳ اها صلاح ڪري ويٺا هئا. ڏاڍي سرهائي ڊوڙڻ لڳي هئي- تنهنجي منهن ۾- هن کي جيپ کان- وڌيڪ ته ڪجهه ٻيون شيون درڪار هيون- ۽ انهن لاءِ ته هر هيلو استعمال ڪري پئي سگهيو- ۽ توکي به اهڙا سڀ ڪم- شايد پنهنجي حُسن جي بدلي مفت ۾ وٺڻا هئا. تنهن ڪري پنهنجي اهڙي پريشانيءَ وارو مسئلو حل محسوس ڪندي- تو چيو هو، ”پراڻا هاري ته- هاڻ جهڙا زمين جا اصل وارث ئي پياهجن- جڏهن به زمين تي وڃ ته- لڀن ئي ڪونه- ڪو هجي به کڻي- ته نڪ مان پيو ڳالهائيندو.“ اقرار سان مخاطب ٿيندي- تو اهو سڀ ايئن پئي ڳالهايو- ڄڻ پنهنجي ڪنهن ڪمدار سان مخاطب هئينءَ ۽ خوشي به اهڙيءَ ۾ غرق هئينءَ- جيئن ڪنهن ڪنوار کي- سندس سرتيون، ساهيڙيون سينگارڻ وقت- اهڙي حقيقت کان اڻڄاڻ هجن ته نڪاح کانپوءِ- سندس ڪنوارو گهوٽ سندس انهيءَ ڪنواري سينگار جو ڪهڙو حشر ڇڏائيندو.
    زندگيون بدلبيون آهن- ته انهن جي سڃاڻپ لاءِ سندس زبان مان نڪرندڙ لفظ ڪافي هوندا آهن ۽ بي سمجهه ذهنن لاءِ- مون جهڙا اُٻهرا ماڻهو، جيڪي سوچي، سمجهي ڳالهائڻ کانپوءِ به- ڪو بهتر فيصلو ڏئي نه سگهندا آهن- سي پنهنجا سور پاڻ پيدا ڪري وٺندا آهن!
    ماڻهو ته دانا ظالم به هوندو آهي- ڪيڏا نه ڪربناڪ قانون جوڙيا اٿس- عورت جي مخصوص ۽حساس جُسي کي چيرڻ لاءِ- ڪيڏيون خوشيون ۽ دعوتون پيو ملهائي!
    اهڙي دعوت جنهن ۾ سون کان هزارن تائين دوستن ۽ احبابن کي اشارن ئي اشارن ۾- پنهنجي اصل ڳالهه لڪائي دعوت ۾ چوندو آهي ته- فلاڻي جي نياڻي فلاڻي مرد لاءِ مخصوص ڪئي پئي وڃي- اهڙي سمي توهان جو اچڻ ۽ موجود هجڻ- اسان لاءِ خوشيءَ جي مهل هوندي!
    ايئن اهڙيءَ طرح عورت جي بي عزت غلاميءَ لاءِ- عام دعوت جو اهتمام ڪيو ويندو آهي- پر تو ۽ مون اهڙي دعوت لاءِ ته ڪڏهن هڪ ٻئي کان سڌيءَ طرح پڇيو به نه هو! ۽ ارادا هئا به ته- خاموش دلين تائين.
    ۽ دلين جو نڪاح- دنيا ۾ اڄ تائين ته قبول ئي نه پيو آهي! ماڻهو جيئن پنهنجو موت نٿو وساري- ساڳيءَ طرح شاديءَ جهڙي آسوده خوشي به وساري نه سگهندو آهي. پر شاديءَ کانپوءِ خوشين جي وفات ٿيڻ سان- خود کي هڪ ڀيرو بيوقوف ضرور چيو هوندائين.
    وقت هو- غير شادي شده دلين کي- ڪنواريون دليون چئبو هو- پر وقت پنهنجي وهي کاڌي ته- لفظ ڪنوارپ فوت ٿي ويو- پوءِ به انهيءَ وهيءَ کاڌل وقت جا حاڪم پنهنجي خود آزاديءَ کانسواءِ- اسان کي آزاديءَ جو پروانو ڏئي نه سگهيا!
    صرف سندن نيتون ڪنواريون ۽ آزاد رهيون! – پوءِ پنهنجي پريم جي گهر ۾ رهي- اگر ڪوئي پريمي- پنهنجي خيال جي پنهنجي آشا جي،
    پنهنجي آدرش جي،
    پنهنجي سوچ جي،
    ۽ پنهنجي جان جگر جي خودڪشي ڪري- ته سا خود غارت نه پر وقتي حاڪم جي ضمير جو موت آهي.
    مون ڪوشش ڪئي- هر اها ڳالهه ڪريان جيڪا منهنجي سچ ۽ اختيار هجي- پر محبت پنهنجي ضابطي ۽ دستور جي حد- اگر ڪنهن کي پنهنجي مجال ۽ اختيار ۾ ڏني ته انهيءَ جو نالو عشق ۾ نه پر شوق، عيش يا هوس ۾ شمار ٿيو- پر وري اهڙي وقت- جڏهن زمانو لُٽيرو هجي- دل جي بستي اُجاڙي- حُسن کي يرغمال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هجي- تڏهن گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙو پريم داعي ته- بي اختياريءَ جو شڪار هوندو.
    دنيا هزار ستم ڪري- بسم الله. پر محبوب خماريل نيڻ رنج ٿي کڻي ته، نعُوذ باِلله!
    ڌڻيءَ جو ڌڻي ڪڏهن به ڪنهن نه ٻُڌو نه ڏٺو- انهيءَ کان وڌيڪ دنيا کي نڌڻڪو- ڇا چئجي؟
    دل جو ڌڻي به چون ٿا- بي دل دلبر هوندو آهي- اڪيلي جهان ۾ خدا کان وڌيڪ دلير ڪوئي نه هو- پر جڏهن دل جوڙي ان تي نظر وڌائين- تڏهن بي قراريءَ جو منظر ڏسڻ وٽان هو- سندس محبوب سان ابن آدم عشق ڪيو، ته خدائي لُٽائي ويٺو. وٽانئس ڪجهه وٺڻ جو اهو وقت هو- پر تو ۾ ايمان رکي- سو وقت جو وڙ به ٺڪرائي ويٺس! آدم الله جو رقيب آهي!
    جڏهن ڪو دل وارو- محبوب جو اڪيلو چاهيندڙ هجي- اهڙي وقت رقيب پيدا ٿي پوي- تڏهن هي بي اختيار اڪيلو انسان پنهنجي خدا جيان ڪيئن نه عقل، ۽ علم جهڙي ڪُل خزاني سميت خود کي لُٽائي ٿو ويهي.
    اقرار ته هاڻ تنهنجن پراڻن هارين کان وڌيڪ تنهنجي زمين جو وارث ٿي پيو هو- روز ٻئي ڏينهن جيپ کڻي زمين تي وڃڻ- ان جي باقائده توکي رپورٽ ڏيڻ ايئن پنهنجي زندگي هو- تنهنجي روزنامچي ۾ ڪيڏي نه سرگرم رکڻ لڳو هو- ڪهڙي شيءِ هئي جنهن کيس محنتي ۽ ڪم وارو ماڻهو بڻائي وڌو هو- مون کانپوءِ اهو پهريون ماڻهو هو- جنهن کي سرنهن جو ساڳ پاڻ سان گڏ کارائڻ شروع ڪيو هيئي- جنهن وقت به اچ ته هاري زمين، ڪمندار ۽ ڪوٽارن جو ذڪر هو.
    چانڊوڪين واري چاهت،
    ڪَتين سان ڪچهريون،
    ساري رات جاڳي، ستارن کي سمهارڻ،
    ڪڪرن سان قرب ۽ سندن صورتون- سڀ ڪجهه وسارڻ لڳي هئينءَ.
    دنيا جي جاگير دل سان چاهيندي- محبت جي جاگير تنهنجي من تان اوجهل ٿيڻ لڳي هئي.
    ها! اسان سڀ شايد هن جاگير ۾ هڪٻئي جي نظرن کان ايئن اوجهل ۽ مخفي ٿي وينداسين!- جيئن صدين کان ٿيندو آيو آهي.
    اسان جو خيال باقي شايد آهي- جيڪو روح جي گمنام شڪل ۾- قبرستان جا ڏيک ڏيندو رهندو-
    دل جون صدائون- هوائن سان ملي هڪ ٿي وينديون-
    آواز! جنهن کي خدا چيو وڃي ٿو- خلا سان محبت ڪرڻ لڳندو، ان کان اڳ،
    امن جا تاديب ۽ محبت جا صلاحڪار، چنڊ تي خون جي هولي به شايد کيڏندا!
    کلندڙ کيتن ۾، گلن جي خوشبوءِ، بارود جي بانس ۾ بدلجي ويندي!
    موت ڪيڏو پريشان هوندو ان وقت- جڏهن خيالن جا روح قبض ڪرڻ لاءِ پنهنجي خالق جو فرمان به نڀائي نه سگهندو- ۽ کيس ٻيو نمبر عزازيل ڪيو ويندو- پوءِ اهو وقت هوندو- موت جي موت جو!
    ڪيڏو اڪيلو هوندو ان وقت موت- جنهن مهل موت سان موت شريڪ ٿي موت کي مات ڪندو!
    ايئن محبت ۾ انسان به ڪيڏو نه اڪيلو ٿو رهي- چاهيندي به پنهنجي محبت ۾ ڪنهن کي شريڪ ئي نٿو ڪري سگهي!
    ها! اڪيلو انسان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت وارو اسرار به سمجهي نه سگهيو.
    افسوس آهي زماني تي- افسوس نٿو کائي- امن جي پانڌيئڙي هن اڪيلي آدم تي- جيڪو امن جو داعي بڻجي رت جي ڇولين ۾ پيو وهنجي! ۽ ڪيتريون ئي بکون سندس ڪڍ لڳل آهن،
    زر جي بک،
    گهر جي بک،
    غربت جي بک،
    شهرت جي بک،
    محبت جي بک،
    غيرت جي بک،
    ڪيڏو بکيو آهي، بگهڙن جي راڄ ۾ اڪيلو انسان! ۽ هاڻ ته کيس موت جي بک اچي ورايو آهي.
    فطرت جو حُسن ماڻهوءَ جي مغز جو رت چٽڻ لاءِ،
    بجليءَ جو ڪرنٽ ماڻهوءَ جو خون پيئڻ، لاءِ
    جهازن جا پيٽ بارود سان ڀريل، ماڻهن مٿان اُڇلائڻ لاءِ،
    روڊن تي خلق کي اُڏائي- رت جي راند ڏيکارڻ لاءِ-
    چمنين جا زهريلا دونهان- انسان جي ڦڦڙن جي خوراڪ بڻجڻ لاءِ،
    ماڻهو، ماڻهوءَ لاءِ موت جو سپاهي بڻيل آهي-
    هر ماڻهو جي هٿ ۾ موت جو اوزار آهي-
    ۽ وقتي حڪمرانن جا مغز ته ڪوئن ٽُڪي ڇڏيا! سڀ اقتدار جي وبا جا مريض.
    انهيءَ ڪرسيءَ ۾ ته- اقتدار واري ايڊز جا وائرس آهن،- سندن عضون جا جوڙ- دماغ تائين حڪم ڇڏي ويا آهن، - ، اهي ته واري، واري سان هڪٻئي کي گاريون ڏئي، عوامي گارين جا حقدار بڻجي پيا آهن!
    سنڌو ديش ۾ته ايئن ئي آهي-
    جرنلن جون سانڍيل طوائفون به- سياسي اقتدار جو سونهن سليقو ۽ زينت آهن!
    ۽ ڪرسين تي ويٺل سڀ صورتون، چرٻٽ! سڀن جا ڪرسين جيئان ٻوٿ سُڄيل!
    دليون پلاٽڪ جون- ۽ اکيون امريڪن چٻرن جون لڳل!
    مغز ۾ مڇيءَ جي چرٻي ڀريل- ذهن ڪمينا ۽ نٻل!
    پنهنجي اقتدار جي طاقت سان- هر ضمير قيدي بڻائڻ، سندن پسند جو مشغلو رهيو آهي!
    اقتدار گڏهه جي پُٺي آهي ان بي عقل گڏهه جي پٺيءَ تي ويٺل ايترو آزاد ناهي- جيترو لغام هوندي گڏهه آزاد!- کيس ڪنهن به وقت پنهنجي پُٺيءَ تان اُڇلي- پنهنجي هينگ جو ٽهڪ ڏيندو!
    جنهن جا پنهنجي ٻوليءَ ۾ آخري لفظ هوندا- ،
    غلام، غلام، غلام، ٿُو غلام.
    انسان کي غلاميءَ جي حالت ۾ رکڻ هيستائين ڪيتريون نه ايجادون ٿي چڪيون آهن!
    ڇا آزاديءَ تي ڳالهائيندي- غلاميءَ جا قانون نٿا جُڙن؟ ڪيڏو ڪمينو شاعر هئس.
    تنهنجي رخسارن جي هوس، هنئين سان سانڍي، هنڍائي غيرت جي بُک ساڻ کڻي، ٻئي نمبر عزازيل جيئان مرڻ پئي چاهيم. خوشنصيب چئبا اهي شاعر- جن کي پنهنجي محبت لاءِ غيرت، ننگ لاءِ قربانيءَ جهڙي شيءِ ۽ ڌرتي لاءِ محبت نصيب ٿي.
    غير فاني جي فلسفي ۾، شخصيتن جون يادون به ڪي نراليون رهن ٿيون-
    وقت جي اهڙن حاڪمن واري موت تي، ماڻهن سان گڏ، گڏهه به ٿا رُئن!
    ڪهڙي خبر ته ڪنهن دل سان رُنو؟ ڪنهن فنڪاري ڪئي؟ ۽ ڪنهن کي، ڪنهن جي لاءِ درد وڌيڪ هو!؟
    شايد سياسي ڏک ۾، اکيون پنهنجا لفظ ناهن ڳالهائينديون، پر منهنجو موت شايد اهڙو ئي ٿئي- جنهن تي گڏهه به شايد نه رُئن!
    مون به روئي، روئي هيستائين اهو سکيو ته- اگر ڪوئي ڪنهن جي لاءِ روئندو آهي- ته اهو بس رڳو- پنهنجو ئي منهن ڌوئندو آهي! ۽ پوءِ ڪڏهن، ڪڏهن ڪنهن معرفت سان سندس ڌوتل منهن جي سڃاڻپ رهندي آهي.
    اهڙيءَ طرح مان به پنهنجي منهن جو ڌوٻي پاڻ رهيس- هر داغ روئي، روئي ڌوتم- پر تنهنجي چميءَ وارا داغ ڌوئڻ لاءِ دل اجازت ئِي نه ڏني!

    


    قسط 17

    ڪيڏي بي حيا- دل هئي منهنجي!
    حسينن لاءِ ته- من ۾ مهاجر ڪالونيون اڏي ويٺي- جنهن ۾ حسن جيڪڏهن پنهنجي اوگهڙ به سندس ڇاتي تي رکي پي ته ان جي آجيان پي ڪائين- پر هڪ مڙئي ماڻهو پنهنجي نيت کان بي خبر- صرف وات اگهاڙو، ذهن ذليل ۽ فن فريب هو ته، دل کيس قبول ئي پي ڪيو! دل منهنجي دانا هئي- يا جاهل، پر اقرار جي هر Idea کي- اقرار جو اگهاڙو ذهن پي تصور ڪيائين. توکي ته هن نئين ماڊل جون گاڏيون به وٺائي ڇڏيون- پر مان ته ڪوئي نئون خيال به توکي وٺرائي نه سگهيس! جن ديس ۾ جاگيرداري نظام مئل پي تصور ڪيو- سي خود مئل چئي پيا سگهجن- انهن شايد پنهنجا نظريا به خوابن ۾ پيش ڪيا- باقي سڀ لفظي طوفان ۽ وات واري جنگ هئي! صرف پيءُ، پٽن پاڻ ۾ ڳالهايو- ۽ قوم کي پنڻ جو ڏانءُ اچي ويو! ڪيترائي ذهن اڃان- پنهنجي اميري سان بي رحمي کي قائم رکندڙ چئبا. جيڪي اقرار جيئان هارين جي اگهاڙن پٽن ۽ زخميل پيرن لاءِ زل تتو رهن پيا.
    ڪيڏو سور سهي- شاهه لطيف پنهنجي زندگي- ڪيئن نه امن سان گذاري ويو- حاڪمن مٿان ڪسڻ جي بجاءِ- مرڻ، مارڻ ۽ هڻڻ، هڪلڻ جي ڳالهه ڪندي- غيرفاني ٿي ويو! ماڻهو ۾ ڪهڙي شيءَ آهي؟- جنهن جي مرڻ يا مارڻ سان انسان امر ٿي وڃي ٿو-؟
    ۽ امر ڇا آهي؟
    ڪٿي اُها بڪواس ته نه آهي- جيڪا غيرفاني بابت- هر ايندڙ نسل جي زبان تي قائم رهي ٿي؟
    جيئن ڀِٽ ڌڻي جن ڀٽن تي پنهنجا پير گهمايا- هوائون به انهن کي ذهنن تان ڊاهي ناهن سگهيون!
    مون به تنهنجن اهڙن وارياسن ڳلن تي- امن جو پانڌيئڙو رهيِ- مرڻ پي چاهيو-! پر الاءِ ڇو؟ وهم جي وهڪري ۾- ذهن وڌيڪ ٻڏڻ لڳو هو- جتان وري موٽڻ محال ٿي پيو هئم- ۽ حالت فاني ڙي فاني-
    پوءِ زخم تي زخم ۽ زخم ۾ زخم هئا! محبت ۾ وهم جو ڪهڙو رشتو رهيو آهي-؟ پر جهڙو به رهيو آهي- سو مظبوط رهيو آهي.
    هڪڙا وهم ٻيا وَسوِسا- خبر نه هئم ته سو ويد هو يا ويڌن؟ پر مان ائين سمجهڻ لڳو هئس ته- تنهنجن زرخيز ڳلن واري جاگير به اقرار آباد ڪرڻ لڳو هو - ۽ مون انهيءَ مان صرف لفظن جي آبادي پئي حاصل ڪئي.
    تنهنجا رخسار- جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي کيتن جيئان-چانڊاڻن ۾ عجيب نموني سان کِلندا هئا- سي جوش ۾ اچي هاڻ ته هوبهو زالاڻو گوشت ٿي پيا هئا- مٿن ماڪ جي خوشبوءِ تي موهيڙا موري آيا هئا- الاءِ ته سچ پچ انگُورجي پئي هئينءَ؟
    زندگيءَ جون موسمون ڇالاءِ بدلجن ٿيون-؟ ۽ بدلجن ٿيون جڏهن- تڏهن خيال، تصور ۽ پنهنجي پسند به بدلايو ڇڏن! اهڙي لذت ڪا ٻي هوندي؟ - جڏهن زندگي خزان بڻجي پوي- سندس هر پيلي پن تي- ڪوريئڙي جهڙا- موت جا جيت چهٽل هجن- ڪهڙي موت مرڻ پئي چاهيم؟
    ڪهڙو مرڻ هو منهنجو؟ شايد بي شرمائيءَ سان موت مون کي ئي ماري! محبت ۾ هڪٻئي کي نشانيون به تڏهن شايد ڏبيون آهن- ته جيئن مرندڙ عاشق جي موت جي شناخت ٿي سگهي.
    پر مون کي ته تو نشاني طور صرف لفظ ڏنا- جيڪي منهنجي مئي پڄاڻا- منهنجي قبر جي به سار لهي نه سگهندا. محبت به ڪو عجيب Idealism فلسفو آهي!
    مون ڪوشش ڪئي ته- مٽيءَ ۽ ماڪ مان ٺهيل ماڻهو سان محبت ڪندس پر مرد ڇوڪرن مان مون کي چيڪي مٽيءَ جي مهڪ آئي- ۽ عورت – ڇوڪرين – مان مون کي سمنڊ جي لوڻيل پاڻيءَ جو ذائقو محسوس ٿيو! – تنهن وقت کان- ان ڏينهن جي انتظار ۾ رهيس ته- عورت پاڻي (سمنڊ) جي پيدائش آهي ۽ مرد خشڪي (ڌرتي) جي پيدائش آهي، پر وقت اڃان- لفظن جي عدالت ۾ روڪي رکيو هئم- خود کي باندر جو اولاد چوندڙ- باندر جي ضمير سان – ايتري محبت شايد نه ڪئي هئي. جنهن ڪري ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون مون جيئان اڌوريون ڇڏي، وساري ويٺو.
    محبت ڪرڻ کانپوءِ- ماڻهن جا نالا ۽ لفظن جون صورتون مون کي ياد نه پئي رهيون.
    انهن ئي محبتن وارن ڏينهن- مون ڪنهن مسافر کي اُٺ تي ويٺل ڏٺو هو،- اُٺ ته ايترو پريشان نه هو، اُٺ تي ويٺل وڌيڪ پريشان هو.
    پر اُٺ کي جڏهن مک اچي ورايو، تڏهن اُٺ وڌيڪ پريشان ٿيو- ۽ بوسي ڌرتيءَ تي ليٽي پيو.
    ۽ مسافر جي ٽنگ، اُٺ هيٺان اچي- ٻن هنڌان ڀڄي پئي. اُٺ ليٽي مک مان جان ڇڏائي، ۽ هن ڀڳل ٽنگ مسافر- اُٺ جي سواريءَ مان جان ڇڏائي!
    ڪٿي تنهنجي محبت به- اُٺ جي سواري ته نه هئي-؟
    ها! تو درست چيو هو، ”ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ ڪهڙو نباهه؟“
    مون سان محبت جو- تو شايد اهڙو ئي کيل رچايو هو-!
    ڪيڏو ڏکيو ڪم هو منهنجي لاءِ-؟،
    سرنهن گل جي فطري حُسن ۾- تنهنجي تصور سان گم ٿيڻ،
    ڪڪرن پٺيان خيال رُلائڻ،
    چنڊ جو لڪي وڃڻ- پوءِ تنهنجي خاطر- ان کي تڪي ويهڻ،
    دل جوروئڻ، وري کلڻ- لڙڪن سان منهن ڌوئڻ،
    اهڙيون ڪيفيتون سمجهڻ ۽ خود کي سمجهائڻ،
    زندگيءَ جو وقت وڃائيندي، وڃائيندي پاڻ سنڀالڻ،-
    ذهن پنهنجو چريو ڪري ويٺو هئس.
    ڌرتيءَ جي سيني تي- مانيءَ جي بک،
    بدحاليءَ جا ستايل اُگهاڙا انگ،
    اذيت ۽ غلاميءَ جي قيد ۾ ڪڙهي قواب ٿيندڙ انساني جسم، سڀ نظرانداز ڪري- پنهنجي شاعريءَ سان گڏ- آسمان تي اڏڻ لڳو هئس!
    ڪهڙو فرق چئبو؟ مون ۾ ۽ انهن اديبن ۾- جيڪي Sexual سوچن ۾- پنهنجا ذهن کپائي-،
    تارا، ڪتيون، چنڊ تڪي، موسمن کي مڌ ماتين راتين جي تشبيهه ڏئي، ۽ وطن ۽ انسانيت کان لاتعلق رهي، - پنهنجي لاءِ پاڳل تاريخ جو نئون باب ڇڏي ويندا آهن؟
    ڪهڙو فرق چئبو؟
    مون ۾ ۽ زندگيءَ کان ٿڪي ٽُٽي خودڪشي ڪندڙ انهن بي همت شاعرن ۾؟
    ڪوبه فرق نه هوندو شايد،
    مون ۾ ۽ انهن بدمست پريمين ۾- جيڪي محبت کي سمجهي نه سگهيا!
    ها! زندهه آهن ته- سا خلقڻ هار جي قدرت آهي- پر مُردن کان وڌيڪ بي ڪما، بيڪار آهن!
    اهڙي بيوقوفيءَ کي ڇا چئبو؟- جنهن ۾ ٻين جي زندگين لاءِ تجويزون پيش ڪبيون آهن- پر پنهنجي اصلاح به نٿي ڪري سگهجي؟
    نظرن کي- نظرن سان پياري- حَسين نظرن ۾ مري وڃڻ الاءِ ڪهڙو موت چئبو؟
    پر خود پرستيءَ ۾ خوديءَ جو ڪيڙو بڻجي مري وڃڻ ڪيڏو نه ذليل موت چئبو.
    شايد عظيم ۽ ذليل- ٻنهي جي وچ وارو موت- مرڻ پيو چاهيان؟ ڪهڙي خبر ته اهو ڪهڙو موت چئجي؟
    پر زندگيءَ جي شڪل ۾ - ماڻهو ۽ مُئي پڄاڻا ميت؛- اهڙو سو مون بابت ڪهڙو نه مڪروه جملو هوندو؟
    ماڻهو،
    زندگي،
    ۽ موت جي تاريخ ۾!

    


    قسط 18

    ڪتابي محبت ۽ ذهن جي مٿاڇري سان ريس واريون ڳالهيون- زندگيءَ کي ڪهڙي شڪتي ۽ مضبوطي عطا ڪندي آهي؟
    جڏهن ڪو ماڻهو خود به- اهڙي ڪشمڪش ۾ ورتل هجي- سو ڪنهن زندگيءَ لاءِ ڪهڙي جدلياتي تقاضا ايجاد ڪري- ڪو بهتر فيصلو ٿو ڏئي سگهي؟ وري زندگيءَ جي تلخين مان ڪٺن تجربا حاصل ڪري- ڪنهن ٻئي جي زندگيءَ بابت ڪو آخري فيصلو ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي؟
    اقرار جي ماءُ به- اهڙي ئي خيال سان جڏهن مون کي پنهنجي گهر گهرائي مون کان پڇيو هو، ”فتاح ابا! سچ پڇين ته- مون کي زندگيءَ ۾ خوشي به هاڻ محسوس ٿي آهي- منهنجين دعائن ۽ هدايتن کان وڌيڪ- اوهان جي دوستيءَ جي مهابي اقرار پنهنجي ماڻهپي واري زندگيءَ ڏانهن موٽيو آهي- هاڻي ماءُ جي حيثيت سان- صرف هڪ اُميد اڃان باقي سانڍي ويٺي آهيان- ڇا اوهان سندس دوست منهنجي ڪجهه مدد ڪري سگهندا؟“
    ڪوبه ۽ ڪهڙو به ندارت اولاد- پنهنجي گهر لاءِ ڪا سُٺي ۽ قيمتي شيءِ آڻڻ چاهي ٿو ته- اهو نڀاڳو اولاد به مائٽن لاءِ سدورو هوندو آهي- ۽ امير گهر مان ڪجهه ڏيندڙ اولاد مائٽن لاءِ مصيبت جي برابر هوندو آهي.
    اقرار جي ماءُ به اهڙي طرح- توکي اقرار سان گڏ ڏسي زندگيءَ جا پويان پهر ڏاڍا سڪون وارا پئي محسوس ڪيا- سندس ان مادرانا شفيق لهجي جي جواب ۾ مون کيس يقين ڏياريندي چيو هو، ”ڇو نه ماسي- ضرورت وقت مان توهان جي ڪم اچي سگهان- ته مون کي ضرور چئجو؟“
    ”ضرورت بس اها اٿم فتاح! ته اقرار کي شادي ڪرايان- توڻي جو پاڻ- پهرئين گهر سان نڀائي نه سگهيو- پر سمجهان ٿي هاڻ هو گهر ۽ زندگيءَ کي ڪجهه نه ڪجهه محسوس ڪري چڪو آهي. مان چاهيان ٿي ته کيس شادي ڪرائي وڌيڪ ذميوار بڻايا ۽ پڻس کانپوءِ هن هيتري ساري ملڪيت جو ٻيو وارث به ڪير آهي؟“
    اولاد هٿان ماءُ جو زخمي ٿيل روح- کيس انسان به هاڻ پئي تصور ڪيو-
    انسان جا انسان تي احسان- اهڙو بار زندگيءَ جي جهان ۾ ٻيو ڪو آهي به ڪونه- پر پنهنجي محبت ٻئي کي ڏئي ڇڏڻ اهو ڪهڙو احسان چئبو- ۽ ايئن ڪڏهن زماني ۾ ڪنهن کان اتفاقن به نه ٿيو آهي!
    اهو احسان توکان ٿي سگهيو ۽ تو اهو احسان اقرار تي ڪيو جو منهنجي محبت اقرار کي ڏيڻ پئي چاهي- تڏهن ته هو پنهنجن مائٽن کي به وڻڻ لڳو هو-
    اقرار ۾ تبديلي ته واقعي اچي چڪي هئي- پر مون کي اڃان به تنهنجي لاءِ ذهن سندس فريبي لڳندو هو- ايئن محسوس ڪرڻ لڳس ته هو- منهنجي جان جو ٽڪرو- مون کان اٽڪل بازيءَ سان کسڻ پيو چاهي! – پنهنجي اهڙي نيت سان مان کيس بهتر ماڻهو تصور ئي نه ڪيو هو- جنهن حد تائين سندس ماءُ کيس ساراهي رهي هئي.
    جيئن زماني ۾ شخصيتن پٺيان- ماڻهو چڱيءَ طرح سڃاتا ويندا آهن- ساڳيءَ طرح سان اقرار کي مون صرف تنهنجي ذات تائين محدود پئي سمجهيو- هو خود کي ڪيتري حد تائين پاڻ ملهائي ۽ نڀائي پئي سگهيو؟- ان لاءِ به مان کانئس باخبر هئس ۽ نه وري سندس حق ۾- ڪو بهتر فيصلو به ڏئي پئي سگهيس- مون سندس ماءُ کي ٻُڌايو ته، ”ماسي مان اقرار کي سچ پچ ته- پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهيان- ها! باقي آسا هن کي Hold up هولڊ اپ ڪري پئي- هو زندگيءَ ڏانهن موٽي به آيو آهي، پر چئي نه سگهندس ته شاديءَ کانپوءِ پنهنجي شريڪ حيات سان نڀائي به سگهندو يا نه؟“
    مون اهڙي طرح پئي ڳالهايو- جهڙو پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويٺو هئس. خود وڃايل ماڻهو- ٻين کي پوريءَ طرح سمجهي به ڪيئن ٿو سگهي- ان وقت سندس ماءُ جو بس اهو تڪيو ڪلام هو، ڄڻ ته لفظ وٽانئس رُسي ويا هئا. لفظن جي محتاجيءَ کان بار بار اهو پئي چيائين ته، ”ابا اڪيلي اولاد لاءِ ته- مائٽن کي ڪيتريون ئي حسرتون ۽ خواهشون هونديون آهن؟“
    شايد اها به حقيقت رهي آهي ته امير مائٽ جو اڪيلو اولاد چريو يا ............. هوندو آهي.
    ها! عقل وارن جي فيصلي ۾- اهو اولاد نه بلڪه اهو اڪيلو مائت چريو هوندو آهي- جيڪو پنهنجي اڪيلي اولاد جي رشتي سان- لاتعداد خواهشون ۽ حسرتون ٿو سانڍي- جيڪي کيس به چريو ڪيو ڇڏن.
    مون سندس حسرتن ۾ واڌارو آڻيندي چيو، ”ها ماسي مان سمجهان ٿو، توهان سندس شاديءَ سان گڏوگڏ- سندس اولاد ڏسڻ جا به خواهشمند هوندا؟- ڇا کيس شاديءَ جو ارادو آهي؟“
    اهڙي سوال جي جواب لاءِ- سندس ماءُ کان وڌيڪ شايد منهنجي ذهن کي ضرورت هئي. هُن اهڙي سوال جي خوشيءَ ۾ ٽهڪ ته نه ڏنو هو- پر سندس چهري جون ريکائون سڀ کِلي پيون هيون- ۽ کل مُک سان ٻُڌائيندي چيائين، ”شاديءَ جو ته کيس ڏاڍو شوق آهي فتاح! – بلڪه هو پنهنجي Choice جو به اظهار ڪري چڪو آهي- مون ته سندس ڪجهه ٻين دوستن کان- اهڙي مشورت جي راءِ ورتي آهي- ۽ توکي به اهڙي خيال سان گهرايم- ڇا تون- مون کي ايترو به نه ٻُڌائي سگهندين- ته هو هن وقت جوئا ۽ نشو ڪيتري حد تائين ڪندو آهي؟“
    هن مون کان ايئن ئي پڇيو هو- جيئن هر مائٽ پنهنجي نڀاڳي اولاد بابت سندس عام دوستن کان پڇندا آهن- پر ڪڏهن به کين عام دوستن کان سندن اولاد بابت ڪا حقيقت حاصل ٿي نه سگهندي آهي ۽ پاڻ غلط نتيجن جو شڪار ٿين ٿا.
    زندگيءَ سان محبت جهڙي جُوا ڪير نٿو کيڏي؟- پر سا دلين جي راند آهي- جنهن ۾ زندگي سچائيءَ سان داءُ تي لڳائڻي ٿي پوي- محبت سچائيءَ کانسواءِ ته ڪنهن سان کيڏندي به ناهي! – بدقسمتيءَ سان منهنجو ڪنهن اهڙي جواري زندگيءَ سان نه ڪڏهن صلح رهيو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن قسم جو ڪو لاڳاپو- بس سادي نموني ۽ سڌيءَ طرح زماني کي ڏيکاري محبت ڪريو ۽ جيئو- اهو منهنجو شخصي اُصول هو.
    ان کان علاوه ڪنهن به دوست زندگيءَ جو چغل رهڻ، ڪنهن ذات جي عيب ثواب تي اجايو سوچڻ ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو ڏيڻ- منهنجي سوچ جي ئي خلاف هو- پر پنهنجا اهڙا ذاتي اُصول اقرار جي ماءُ کي ٻُڌائڻ مون نه ضروري سمجهيو ۽ نه واجب.
    ها! البت محبت جي جهان ۾- پنهنجي محبت جي حفاظت ڪرڻ هڪ باغيرت معاملو آهي ۽ ان کانسواءِ محبت کي پناهه ڏيڻ ته ڇا پر ماڻهو پنهنجي اوگهڙ به محفوظ نٿو رکي سگهي!
    پنهنجي ڪمزوري پنهنجي خدا کي ٻُڌائڻ چڱو ڪم آهي يا بيوقوفي- ان جي ته خبر نه هئم- پر پنهنجي محبوب کي پنهنجي ڪمزوري ٻُڌائڻ سواءِ پريشانيءَ جي ٻيو ڪجهه ناهي-
    ۽ ڪنهن دوست جي ڪمزوري سندس مائٽن يا دشمن کي ٻُڌائڻ- منهنجي خيال ۾ اها بيوقوفي هئي- انهيءَ ڪري مون اقرار بابت سندس ماءُ کي ٻُڌائيندي چيو هو، ”ماسي اقرار مون کي ايترو ويجهو نٿو رهي، جيترو اسان سڀن دوستن کان وڌيڪ آسا سان رهي ٿو. تنهن ڪري مان سندس باري ۾ گهڻو ڪجهه بهتر نٿو ٻُڌائي سگهان. صرف ايترو کيس سمجهي سگهيو آهيان- ته هو اڳ کان هاڻي ڪافي بدليل ۽ نئون ماڻهو محسوس ٿيندو آهي!“
    ”تو منجهس نواڻ ڪهڙي محسوس ڪئي آهي؟“ هن مون کي غور سان ٻُڌندي پڇيو، ۽ مون چيومانس، ”منهنجي خيال ۾ ماسي- هو زندگيءَ کي شاهوڪار بڻائڻ ٿو چاهي.“
    منهنجي ذهن ۾ لفظ شاهڪار هو پر متضاد لفظ هو، انهيءَ ڪري مون لفظ شاهوڪار اُچاريو- ۽ هن منهنجي ذهن جي اهڙي هٺيلي نيت کي محسوس به نه ڪيو هو- تنهن هوندي به هن ڄڻ ته منهنجي ذهن وٽان چيو هو ته، ”سواءِ شاديءَ جي- ٻي کيس ڪهڙي شاهوڪاريءَ جي ڪمي اٿس؟“
    ”زندگيءَ ۾ دليون ڪهڙي شاهوڪاريءَ جي شوق ۾ ٻڏل رهنديون آهن؟“ مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو هو- جيڪا منهنجي محبت ڪرڻ کانپوءِ عادت ٿي چڪي هئي.
    اهڙي شاهوڪاري ۽ شاهڪاريءَ جو شوق دنيا ۾ ڪهڙي انسان جي دل ناهي رکيو؟
    دنيا خود هڪ وڏو شاهڪار آهي،
    انسان خود شاهڪار آهي،
    هر صورت به شاهڪار،
    هر ڪوتا جو ڪومل خيال شاهڪار،
    پوءِ هر شاهڪار لاءِ- شاهوڪار جي ڪمي به ڪهڙي؟
    عزتون،
    شهرتون،
    صورتون،
    سيرتون،
    غيرتون،
    مطلب ته ڪهڙي شيءِ هئي- جيڪا اقرار جي اميريءَ کي به حاصل نه هئي-؟
    ۽ هن شاهوڪار وطن ۾- اسان لاءِ ڪهڙي شيءِ شاهڪار ناهي؟
    ڪوڙ ۽ فريب،
    منافقي ۽ سياست،
    مذهب ۽ جاهلي،
    بک ۽ رومانس،
    لالچ ۽ لفنگي،
    دوکو ۽ بي ايماني،
    غيرت ۽ ڪارو ڪاري- سڀ شاهڪار ته آهن- تڏهن ته شاهوڪاريءَ جو شان اعليٰ آهي- ۽ وٽس ڪا ڪمي ناهي!
    پاڻ ماري ڇڏڻ کانپوءِ- ڪهڙي شاهوڪاريءَ جو شوق باقي رهي ٿو؟- مون پنهنجي دل کان جڏهن به اهڙو سوال پڇيو ته دل ”چار درويش“ کان به وڏو داستان ٺاهي وٺندي هئي- اهو ساڳيو سوال اقرار جي ماءُ کان به ٻُڌم- پر کين ته ڪنهن شاهوڪاريءَ جي ڪمي نه هئي- سندس ماءُ جي چوڻ موجب- هئي ته صرف اقرار جي شاديءَ جي کوٽ- ۽ اهڙي شاهوڪار خوشيءَ لاءِ- شايد کين ڪنهن جي شاهڪار صورت گهربل هئي. بس اها ئي هڪ شيءِ رهجي ٿي- سا اها ته- امير کي امير صورتن جي هميشه کوٽ محسوس ٿيندي آهي- ۽ امير دلين کي شاهڪار صورت جو جنون!
    اقرار جي ماءُ مون سان ان وقت- اهڙي حقيقت جو اظهار نه ڪيو هو ته- اقرار پنهنجي شاديءَ لاءِ- ڪهڙي شاهڪار صورت جي چونڊ ڪئي آهي-
    پر مون کي خبر هئي ته- هن شاهڪار ملڪ پاڪستان ۾- اميرن کي عزت ۽ غيرت به سرعام وٺڻ جائز آهي!
    جا شيءِ جهان ۾ نه ملي- سا اسان وٽ پاڪستان ۾ سستي ۽ جلد به ملي ٿي- پوءِ اقرار لاءِ صورتون خريد ڪرڻ ته ڇا پر دليون سودائڻ به ڪو مسئلو نه هو.
    جڏهن دلين تي به رشوت خوريءَ جو الزام لڳي- ته پوءِ چمين سان گڏ- بم، بارود به محبت جي جنگ ۾ جائز سمجهڻ گهرجن!
    پوءِ ڪيئن نه پيو چئي سگهجي ته- محبت جي ماڳ تي به سامراجي قوتن ۽ سرمائيدارن جي حاڪميت آهي- جن کي صرف طوائفون محبت ڪرڻ سيکارن ٿيون.
    ڇا؟ پوءِ دليون ۽ ضمير آزاد چئي ٿا سگهجن؟
    دنيا کڻي چئي به سگهي آسا- پر مان محبت جي طابع غلام رهيس.

    


    قسط 19

    منهنجو ۽ اقرار جو شايد اهو آخري ڏينهن هو- جنهن ڏينهن اسان تنهنجي گهر- تنهنجي اڳيان- پنهنجي جنگجوءَ گفتار ۾ هڪٻئي کي- ڳرا ۽ اُگهاڙا لفظ به جوش مان اُڇلي پئي هنيا هئا.
    ڳالهه اصل اتان ئي شروع ٿي- جڏهن اقرار پڇيو، ”فتاح بي ضمير ڇا آهي!؟“
    هن اهو سوال نه اسم حاضر، نه غائب ۽ نه متڪلم بابت پڇيو هو. اسان گرامر تي ته ڳالهايو ئي ڪونه پئي- هن اهو سوال پنهنجي بدنيتيءَ سان پڇيو هو.
    مان ته پريم جي سفر جو مسافر هئس- خود کي اديب، شاعر ۽ لفظن جو ضمير سمجهڻ لڳو هئس- ايجاد ۽ تخليق منهنجي ذهن لاءِ- اڃان به ڪا نرالي شيءِ هئي- پر مان ڳالهائيندي به- لفظن جي شايد بي حرمتي ڪرڻ لڳندو هئس.
    ماڻهو جڏهن لفظن جو ضمير بڻجي- لفظن جي بي حرمتي ڪرڻ لڳندو آهي سچ چون ٿا ته- وقت ساڳي لفظ کي سندس وات ۾ ٽنبيندو آهي.
    اقرار جا ڳالهايل اهي لفظ مان پنهنجي ضمير جي گرامر سمجهي ويٺو هئس- ڪافي ڪوشش کانپوءِ- خود کي پنهنجي ذات جي دائري مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو هئس- اهو ئي سبب هو- جنهن ڪري منهنجو ذهن وهميل ئي رهيو- جنهن مهل اقرار پڇيو هو، ”فتاح! بي ضمير ڇا آهي؟“
    تنهن مهل مون ڪتي جيئان منجهس نظرون وجهي پڇيو هو، ”خبر ناهي ته- اقرار تون مون کان منهنجي ذهن جي گرامر پيو پڇين يا ڪنهن اسم ذات جو فلسفو پيو پڇين؟“
    ”مان ذات، پات تي نه پيو ڳالهايان فتاح- مون توکان ضمير بابت پڇيو آهي- اهو ضمير جنهن کي ذهن، قلب يا حافظو- وغيره به چيو ويندو آهي- جنهن ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي نيت لوڙهي، ولوڙي بي ضمير به ٿي پوندو آهي؟“
    انهيءَ مهل جنهن ضمير تي هن ڳالهائڻ پئي چاهيو- ان جي وضاحت ته ڪيائين پئي- پر سندس ڳالهائڻ جو واسطو- ڪنهن ادراڪ، فهم ۽ دل، دماغ سان نه هو، بلڪه نيتن صرف ڪنهن هڪ ذات سان هو- ۽ ان وقت ماڻهو به صرف اسان ٽي- يعني تون، مان ۽ اقرار هئاسين ۽ هو اسان ٽنهي مان ڪنهن هڪ تي ڳالهائي رهيو هو- پوءِ ڪيئن نه وهمجان ها- ته اهو مان ئي هئس- جنهن تي هو في الحال مخفي طرح سان ڳالهائي رهيو هو.
    هن ته پنهنجن لفظن کي برقعو پارائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي- پر مون تنهنجي گهر جو ۽ تنهنجو به احترام نه ڪندي کيس چيو هو ته، ”اقرار! حقيقت ۾ ماڻهو جڏهن خود بي ضمير بڻجي پوندو آهي، تڏهن سندس واسطو به صرف بي ضمير لفظن سان ٺهندڙ سوال ٺاهيندو آهي- ۽ ضمير ۾ اسم اُچاري نه سگهندو آهي!“
    ”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟“ هن منهن ڦٽائي باهه ٿيندي پڇيو هو.
    مون کيس جواب ڏيندي چيو، ”مطلب مان ته- ڪيترائي مطلب لهي سگهجن ٿا- پر ڪو بي ضمير تنهنجي دماغ ۾ ويٺل آهي تون تڏهن پيو پڇين ته بي ضمير ڇا آهي؟“
    ”تون غلط لائن تي پيو وڃين فتاح.“ لائن ته سندس هئي پر اختيار مون ڪئي هئي. انهيءَ ڪري سڌيءَ طرح چيومانس، ”ٿي سگهي ٿو- ۽ توکي سمجهه ۾ ايئن ايندو هوندو- ماڻهوءَ کي جڏهن پنهنجا چيل لفظ- واپس منهن تي لڳندا آهن- تڏهن هو ٻين کي غلط محسوس ڇو ٿو ڪري؟“
    ”تنهنجي چوڻ جو مقصد- اهو ماڻهو پاڻ متعلق ڳالهاءِ، پنهنجي بي حُرمتي پاڻ ڪندو آهي؟“
    ”بلڪل! ۽ هو اهڙي حالت ۾ خود کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“
    تڏهن هن معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته، ”تنهن جي معنيٰ ته- منهنجي نظر ۾- سڄي دنيا بي ضمير آهي؟“ ۽ مون ٺيڪ طرح چيومانس، ”نه اقرار! دنيا ۾ بي ضمير تو شايد ناهن ڏٺا- پر اسان هن وقت جيڪي موجود ويٺا آهيون- انهن ٽن جي دنيا مان- ڪنهن هڪ جي دنيا توکي ضرور بي ضمير محسوس ٿي آهي؟“
    کانئس اهو سوال پڇندي مان سڄو هارجي ويو هئس- هو مون کان هر حال ۾ طاقتور هو- ايستائين جو تنهجي خاموشي به هن جي طاقت بڻيل هئي- هن تو ۾ نظرون وجهندي چيو، ”منهنجي خيال ۾- تون بيوقوفيءَ تي سوار آهين فتاح! لفظن سان گڏ- دوستن جي به بي حُرمتي ڪرڻ لڳو آهين.“
    مون محسوس ڪيو ته هن ايترو تنهنجي سهاري ڄڻ تنهنجي به طاقت استعمال ڪندي چيو هو.
    ايئن ٿيو هميشه- ماڻهو پنهنجي لياقت کان اڻڄاڻ رهي- پنهنجو ادب، وقار، مان، مرتبو ۽ زينت فضيلت سڀ ڪجهه اُلٽو ڪري ڦٽو ڪندو آهي- ۽ شرمناڪ حد تائين وڃي- پنهنجو جيءُ هلڪو ڪندو آهي.
    پنهنجي دل ڦيري- دوستن کي بي دل ڪرڻ،
    همت کسڻ، ذلت، عيب، رسوائي، خفگي، نفرت،
    برائي ۽ بي قدريءَ جهڙيون باقي نادم شيون وٽس بچن ٿيون- جيڪي دوستن کي انعام ۾ ڏيڻ لاءِ- ذليل، مڪار، بي غرض،
    نالائق، گستاخ، بيوقوف،
    وهمي، سرڪش، بي ادب، چريو
    ۽ بي ضمير جهڙا پنهنجي زباني خاص لفظ ڳالهائي، دوستن جي منهن ۾ هڻي ٿو!
    ڪيڏي نه عزت واري شيءِ پئي سڏجي- پاور Power
    ۽ ڪيڏي نه ذلت ۽ بيوسي آهي ڪمزوري Powerless. پاورفول ماڻهو چريو ئي هجي- پر دنيا کي سياڻو چوندي خود کي چريو محسوس ڪندو آهي! – اها ئي چريائي آهي سندس- جو دنيا کي سياڻو چئي- ان تي ۽ ان لاءِ وڌيڪ سوچي ٿو.
    ڪيفيتن ۽ لفظن جو آپريشن ڪندي- دل جا زخم اڌورا رهجي ويا-،
    ڪنهن کي ارپيان ها اهڙا لفظ؟،
    جن جو ڪو عضوو سَگهو ته رهيو ئي ڪونه!
    دل جي غمناڪ يادن ۾- هاڻ صرف رُلندڙ قومن جا روح پئي ڊوڙيا!
    آد جگاد جو عڪس ۽ وقت جون پرڇايون- سک ڪنهن کي ڏئي سگهيا؟
    انسان! جنهن جون ٻانهون تمام ننڍڙيون- ۽ وقت! جنهن جا پير ڌرتيءَ تي ۽ مٿو آسمان سان وڃي ٿو لڳي- هي ننڍڙو انسان- ننڍڙين ٻانهن سان- کُڙيون کڻي به سندس ڳچيءَ تائين پهچائي نٿو سگهي!
    خود کپائي، خودڪشي ڪندڙ هي کٽل انسان- وقت جي گلي ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي- ته پنهنجي جان ڪٽڻ جي صلاح اپنائي ويٺو-
    وقت! جيڪو ڏاهن جو استاد آهي، ڏاهي کي پِٽ ته لڳندي ناهي.
    ڏاهن کي بددعائي ڏئي- پِٽيندڙ کي- بي همت ۽ جاهل جو درجو حاصل آهي-
    بي همت زبانون- لفظن ۾ پِٽڪي جي ايجاد آهن.
    جڏهن ذهن بي همت ۽ زبانون ڪمزور بڻجي پون- تڏهن محبت جو مفهوم- لفظن جي خواهش تائين محدود رهي ٿو.
    لفظن جي خواهش ۾- جيڪي جملا مون ايجاد ڪيا- سڀ انساني صورت جو عڪس هئا- ۽ هر لفظ تنهنجي صورت مان چورايل هو- جڏهن انهن لفظن تي نظر آندم- ته لفظ محبت جي خواهش وڌيڪ محسوس ڪيم- پورو زمانو به سندس خواهش ۾ مدهوش پئي لڳو!
    هڪڙا لفظ اهڙي خواهش ۾ مري کپي پئي ويا- ته انهن جي روح مان وري ٻيا جنم پيا وٺن!
    لفظ مرندا، کپندا، ڄمندا رهيا، پر سندن خواهشون موت لاءِ به مسئلو بڻيل هيون- عقل تڏهن چوندو هو- عشق ڌمچر مچائي- لفظن جي خواهش خدا کي غير فاني بڻائي ڇڏيو!
    پر اهڙا خيال اقرار کي- ان وقت مان ٻڌائي نه پئي سگهيس- ۽ ٻڌي به ڇا ڪري ها- اهي لفظ ته اقرار جي سمجهه جا ئي نه هئا- قسمت اوهان جي اڳيان ته چريو مون کي ڪيو هو- ۽ اهو به هن مون کي ڄڻ پنهنجي بي سمجهيءَ ۾ چيو هو ته، ”لفظن سان گڏ دوستن جي به – بي حرمتي ڪرڻ لڳو آهين.“
    مون زندگيءَ ۾ ته دوستن جي بي حُرمتي ڪڏهن به نه ڪئي هئي. لفظن جي بي حرمتي واقعي ڪري ويندو هئس- شاعر جي هئس- شايد اها ئي دوست پنهنجي بي حرمتي سمجهندا هئا-
    ڪڏهن، ڪڏهن لفظن جي خواهش سمجهي نه سگهندو هئس- اهڙي حالت ۾- بي ضمير لفظ به ڳالهائي ويهندو هئس! – پوءِ منهنجي زبان ۾- لفظن سان گڏوگڏ- منهنجا دوست به پنهنجي عزت ۽ غيرت وڃائي ويهندا هئا-
    زماني کي لفظن جي خواهش واري مرضيءَ مطابق- ڪڏهن به ڳالهائيندي نه ٻُڌو هئم-
    شايد وقت مون کي به استعمال ڪري ويو- وقت جي آرزو- انسان کي ڪيڏو بي سمجهه بڻائي ٿي ڇڏي؟- چاهتن ۾ جيتري ڏاهپ آهي- ان کان ٻيڻ تي- مُور کائي- به آهي شايد؟-
    محبت ۾ ماڻهو نه لفظن جي خواهش ٿو سمجهي، نه پنهنجي مرضي اهڙي حالت ۾- ڪو اديب آهي- ته زمانو حق تي هوندو- جي انهيءَ کي چريو چيو هوندائين.
    جيئن اقرار مونکي چيو هو ”فتاح! منهنجي خيال ۾ هاڻ تون به چريو ٿيندو وڃين!“
    اهي لفظ هن تمام ڪٺور لهجي ۾ چيا هئا- بد مزاج لهجا ته- هميشه نفرت جي ايجاد رهيا آهن! – اهڙي بدمزاجي وقت- نفرت جي باهه ۾ ذهن ٺارڻ لاءِ- لفظن جي خواهش جاڳي پوندي آهي- جيئن محبت ۾ پاڻ ارپڻ لاءِ- دل جي شوق سان گڏ لفظن جي خواهش به رهندي آهي.
    پر جڏهن لفظ! ”خواهش“ کي خود پنهنجي ڪا خواهش جاڳي- پوندي آهي- تڏهن ماڻهو ۽ محبتون سڀ خواهش جا مريض ٿا بڻجي پون. –پوء نفرتن جون خواهشون- انسانيت لاءِ موت جو راڪاس بڻجي پون ٿيون.-.
    تڏهن وقت جي ستم گري سان ماڻهو، محبتون، مقصد، رٿائون، ارادا ۽ ڳنڀيرتائون- سڀ بهانائي رهن ٿا. – پوءِ بي همٿ ضمير لاءِ زخم تي زخم ۽ زخم ۾ زخم-
    پر اهڙا ڪنگال ذهن- جيڪي پنهنجي ذهن کي لفظن جو ڍو ڏئي نه سگهيا- اهو نعرو انهن ايجاد ڪيو- فاني ڙي فاني!
    ۽ نادار قومون- جيڪي اٽو کائي!- پنهنجو پيٽ ڀري نه سگهيون انهن لفظن جي دانهن جي بجاءِ- بک جي دانهن ايجاد ڪئي- ماني ڙي ماني!
    لفظ ماني کي به ڪنهن مراد جي خواهش هوندي-؟- پر اقرار ته هڪ امير پُشتي جو فرد هو- تنهن کي ڪنگال قوم ۾ ڄمدي به ماني جي بک نه هئي- هُن کي لفظن جي بک هئي اهڙن لفظن جي بک- جن کي هو آساني سان چٻاڙي مون سان پنهنجي نفرت جو اظهار ڪري- تنهنجي محبت حاصل ڪرڻ پيو چاهي.
    جيئن شاعر هميشه لفظن جو بکيو رهندو آهي- تيئن امير عاشقن کي- لفظن جي خواهش- هميشه ستائش ۾ رکيو آهي! - ۽ فقير عاشق تمام شاهوڪار لفظ ڳالهائيندا آهن. پر سي خاص ۾ ته پسند نه ڪيا ويندا آهن- شايد منجهن سچائي جي شڪستي رهي ٿي- جيڪا دماغن جا تالا کولي ٿي- ۽ ڪوڙ کي ڪفن پارائي ٿي.
    مون ڪوشش ڪئي- اهڙا لفظ ڳالهيان- اقرار جو ڍو ٿي وڃي پر لفظن جي ڍو ۾ رهي به- خود کي لفظن لاءِ بکيو محسوس ڪندو هئس- وڏي ڪوشش کانپوءِ- لفظن جي چونڊ ميڙ ڪندي مون اقرار کي چيو هو ته ”اقرار! ماڻهو- جيڪڏهن بي ضمير جملا ڳالهاءِ- لفظن جي بي حُرمتي ڪري ٿو- پر جيڪڏهن انهيءَ ۾ حقيقت جي ترجماني آهي- ته پوءِ ماڻهو جي منهن مان شرم کي ته اڏامي وڃڻ گهرجي؟“
    منهن تپي ٽامو ٿي پيو هئس- لفظن جي بک ڇتو ڪري وڌو هئس-
    هر قسم جي بک ويڙهه پيدا ڪندي آهي- پر اميرن کي جڏهن ڪا بک جاڳي پوندي آهي- تڏهن هو جو ڪجهه ڳالهائيندا آهن- پاڻ سمجهي نه سگهندا آهن- اکين کان انڌا ۽ ذهني طرح مفلوح ٿي ٿا پون- محڪومن کي گاريون ڏيندا آهن- نوڪرن کي چڪ پائيندا آهن- ۽ خود کي کُٽائي وجهندا آهن!
    -۽ نادارن کي جڏهن ڪا بک ستائيندي آهي- تڏهن جهيڻو ڳالهائيندا آهن- ۽ حوصلو، همٿ ۽ جوان مردي جو، جوهر حاصل ڪندا آهن-
    غربت ۾ هونئن به- سواءِ لفظن جي ڍو جي- باقي هر قسم جي بک- ذهن ۽ پيٽ ۾ پنهنجو گهر اڏي ويهندي آهي- پر نيتون پوءِ به بي شرم نٿيون بڻجن!
    اقرار منهنجي منهن ۾ ڏسي- لفظن کي باهه ڏيندي چيو هو ”نالائق آهن اهي دوست- جيڪي دوستن جي منهن مان شرم وڃائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
    ”نه اقرار! ائين نه چئو نه؟- چئو ته نالائق آهن اهي ماڻهو- جيڪي پنهنجي بي شرم نيت لڪائڻ لاءِ- ٻين جي شرم تي- اهڙا بي شرم لفظ استعمال ڪندا آهن“ مڇر جي پيو هو- شيطان ۾ اچي- رڦندي چيائين ” منهنجي خيال ۾ جيڪي جاهل، لفظن جي مراد نه سمجهندا آهن- انهن لاءِ گارين ۽ موچڙن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه هوندو به ناهي؟“
    هن لفظ دوست ڇڏي- لفظ جاهل کي زور ڏئي ڳالهايو هو- پر مون وري لفظ دوست استعمال ڪندي- کيس صاف، صاف چيو هو ته ”ها! اقرار! سو تڏهن- جڏهن هڪڙو دوست بي شرمائي جي حد به ٽپي ويندو هجي- اهڙي حالت ۾ ان دوست سان سڌي ريت ڳالهائڻ گهرجي- ۽ پنهنجي فيصلي ۾ دير به ڪرڻ نه گهرجي؟“ مون ڄڻ موچڙا گهري پئي ورتا- ۽ هن اهو ارادو ڏيکاريندي چيو، ”پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟“
    تڏهن مون تنهنجي منهن ۾ ڏسي- کيس جواب ۾ چيو، ”مرضي وارين کي- بدعتي ۽ موالي مردن جي نڪاح کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿو حاصل ٿئي. ڪنهن جي مرضي- ڪنهن کان تڏهن پڇي ويندي آهي، جڏهن ان کي استعمال ڪرڻو هوندو آهي- تون ڪير آهين؟ مون کان منهنجي مرضي پڇڻ وارو؟- لڳي ٿو هيترو وقت- تو جو ڪجهه پئي ڳالهايو- سو صرف ۽ صرف مون تي؟- اقرار! توکي اهو ذهن ۾ هئڻ گهرجي ته- مان نه ڪنهن جي اکين واري بندوق کان ڊڄڻ وارو آهيان- ۽ نه ڪنهن جي زبان جي ڪارتوسي لفظن کان؟“
    ”۽ تو هيترو جيڪو ڳالهايو- سو تو پنهنجي بابي تي پئي ڳالهايو ڇا؟- مون کي تنهنجي خبر آهي فتاح- تون انهن ماڻهن مان آهين، جيڪي خود کي گاريون کارائي، پنهنجي دوستن اڳيان، پنهنجي بي عزت پاڻ ڪرائيندا آهن!“
    تنهنجو ته گهر هو- پر تو ۾ ڳالهائڻ جي ڪا سگهه ئي نه پئي ڏٺم- هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي پنهنجون اکيون ڦيري ڇڏيون هيون ۽ صوفي تان اُٿي- منهنجي گلي ۾ هٿ وجهي- گاريون ڏيڻ لڳو هو- تڏهن توکي پنهنجي گهر جي عزت جو مڙئي ڪو جذبو جاڳي پيو هو- تو هڪدم اُٿي- سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو هو، ”اقرار هي ڇا پيو ڪرين؟ هوش ۾ آهين؟- ماڻهو ڇا چوندا؟- هٿ ڪڍ فتاح مان-؟ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي گهر جو ته خيال هئڻ گهرجي توهان کي؟“
    هُن گلي مان هٿ ڪڍي ڇڏيو هو- پر مون ۾ پوءِ به ڪراهت ڀرين نظرن سان ڏسندو رهيو! ۽ مان ڪنهن نڌڻڪي ماڻهوءَ جيان خاموش هئس- جيئن ڪو امن پسند ماڻهو- پنهنجي بي عزتي ٿيڻ وقت- رڳو صرف دل جو ڏکندو محسوس ڪندو آهي. باقي وڙهي نه سگهندو آهي.
    پنهنجي بي عزتي حاصل ڪندي- شرم مان بيوسيءَ جو پاڻي اکين تي تري آيو هئم- خبر نه پئي پيم ته- ڪنهن اندر جي زور سان- اُهو اکين وارو پاڻي- اکين مان ٻاهر ڪڍڻ پئي چاهيو- ۽ مون ڪوشش ڪري اکين کي سُڪائڻ پئي گهريو!
    مون کي خبر هئي- اکين مان لڙڪ جي ڪري پيا- ته اُنهن تي ڳالهائي ڪجهه نه سگهندس- وڌيڪ سوچيم- جي ڳالهائي وجهندس ته انهن لفظن جي خواهش الاءِ ڪهڙي هوندي؟
    خاموشيءَ سان- پنهنجا پير سنڀالي- اُٿي بيٺو هئس- تو منهنجي وڃڻ وارو ارادو سمجهي ورتو هو- ڪافي ڪوشش ڪئي هيئي مونکي واپس ويهارڻ جي- پر ويهڻ واري قوت مان وڃائي چڪو هئس. مون سان ان وقت خدا جو عاشق شيطان به مخاطب هو- ته اندر وارو انسان به ڪجهه صلاحي رهيو هو- پر ٻنهي کي نظرانداز ڪري- ڪمري مان ٻاهر نڪتو هئس- ٻاهر نڪرڻ وقت مون کي پويان تو ڪافي سڏ ڪيا هئا، ليڪن پنهنجي دل جي فيصلي موجب مون پويان لوڻي هڻڻ جي به حاجت نه ساري هئي ۽ سڌو پنهنجي گهر جو رستو اختيار ڪيو هئم- انهيءَ مهل مون ۾ به هوش جي اُها حد هئي، جنهن ۾ ماڻهو مڪمل لُٽجي ويندو آهي.
    پنهنجي گهر پهتس ته- اقرار جي ماءُ- منهنجي انتظار ۾ ويٺل هئي!
    درد جڏهن دل تان اُٿلو کائي- ذهن تان گذرڻ لڳندا آهن، تڏهن صرف لفظ ئي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي نئين جنم سان حال ۽ مستقبل جا نوان فيصلا جوڙيندا آهن- ۽ پوءِ هڪ ڀيرو وري به جي- دل تي دردن جي اُٿل اچي وڃي- ته روح کي ڄڻ غير متوازن غذا مليو پوي.
    اڪثر ٿئي به ايئن ته- ڌڪيءَ کي ڌڪ هميشه ڦٽ تي لڳي! پنهنجي بي عزتي ڪرائي- دل جو درد کڻي- طوفان جيان گهر پهتس ته- اتي به اقرار کي جنم ڏيندڙ سندس ماءُ تي نظر پيم- جنهن منهنجي پهچڻ شرط مون کي مبارڪ ڏيندي چيو، ”فتاح! اڄ مان هاسيڪار توکي خوشخبري ٻُڌائڻ آئي آهيان، بس ايئن سمجهه ته- سا هڪ مبارڪ آهي!“
    ٻارن کي شعر ٻُڌائڻ- ۽ لاش کي شرنائي ٻُڌائڻ- اها به ڪا وقتي عادت چئبي!؟
    ڪربلا ۾- امن جا پانڌيئڙا جڏهن ڪُٺا پئي ويا، دهل شرنائي جهڙو ساز به انهيءَ ڏينهن ايجاد ٿيو شايد؟
    دل جي وحيءَ ۾ جنم وٺندڙ هر جملي کي مان آتما سمجهندو هئس ۽ ان جي لفظ، لفظ کي پنهنجو امام تصور ڪندو هئس.
    هرنئين جنم وٺندڙ لفط کانپوءِ پراڻن لفظن کي پنهنجو وڃايل روح سمجهڻ لڳو هئس.
    منتشر سوچ جي دائري ۾ لفظن جو آئينو جهُري پاش، پاش ٿيندو رهيو- هڪڙا لفظ ڦٿڪي جان ڏئي وري نوان ۽ اجنبي لفظ ڪِوِلين جي قطار جيان ذهن تي ڊوڙي پنهنجي آتما جي جهُريل آوازن سان- پنهنجا لهجا ڳالهائيندا رهيا. ڪڏهن ڪنهن مسرت ۽ مبارڪ جي بهاني سان- ته ڪڏهن ڪنهن ذلت ۽ اذيت جي صورت ۾!
    ذهن ۾ لفظن جي عمر تمام مختصر هئي، جنهن تي مون تمام گهڻو ڌيان پئي ڏنو! پر سندن خواهش تمام اٽل- جنهن تي ڌيان نه ڏيڻ سان سندن جملن جي مفهوم ۾ پنهنجو عقل، ذهن، مزاج، دليري، فهم، مقصد، ارادو، آتما، سڀ وڃائي گم ڪري ويٺس،-
    صرف دل ۽ خواهش باقي رهي- جنهن کي ناول جي آشا سمجهي- آرزومند بڻجي ويٺس!
    آرزو! سندس لفظي خواهش ته الاءِ ڪهڙي هوندي؟ پر سندس مفهوم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ مُڪتي ماڻڻ مشڪل هوندي آهي!؟
    اگر انسان سندس مفهوم کان آزاد ڪري وٺجي- ته پوءِ لفظ ”آرزو“ جي آخري خواهش آتم هتيا هوندي شايد؟ ٻيءَ حالت ۾ پوءِ اهڙي آزاد ماڻهوءَ لاءِ صرف سندس وڃايل روح جي ڳولا ڪري سگهجي ٿي! اگر سندس روح ڪير لڀندو هجي- ته شايد اهڙي حالت ۾ جيئن پوپٽ کي جهلڻ کانپوءِ صرف سندس جسم جا رنگ هٿ جي آڱرين تي چهٽي پوندا آهن!
    تنهنجي محبت منهنجي من تي- اهڙي ئي رنگ جي مثال رهي.
    اقرار جي ماءُ جنهن مهل چيو، ”بس ايئن سمجهه اُها هڪ مبارڪ آهي فتاح!“ ته مان کيس پنهنجي ڪهڙي خيريت سان چوان ته، ”خير مبارڪ.“ مُئي پڄاڻا- ميت جي شڪل ۾ انسان ڀل ڪيترو به خوش هجي- پر لفظ، خير مبارڪ نٿو ڳالهائي سگهي.
    سندس مبارڪ جي مُراد مان مڪمل طرح سمجهي چڪو هئس. دل جي زخم تي – ڄڻ ڪنهن لوڻ ڪڻو رکيو- دل دانهن ڪئي ته-
    دل لُٽي، ويو دم ٽُٽي- لفظن جلائي آتما،
    مِيت ۾ ويا گيت گم ٿي، هاءِ انسانيت الوداع!
    دل جا زخم چٽيندي مون پڇيوهومانس، ”ماسي خدا ته اوهان کي خوشيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو؟ ڇا اڄ جي خوشخبري زندگيءَ جي مڙني خوشين کان اُتم آهي؟“
    ”ها! فتاح! ابا محسوس ايئن پئي ڪريان- ته زندگيءَ ۾ اهڙي خوشي وري نصيب نه ٿئي شايد- شال خدا تنهنجي زبان سلامت رکي ۽ اها خوشي اُتم ثابت ٿئي.“
    منهنجي تباهيءَ جي دعا- مون کان پئي گهريائين- ڪيئن نه اُتم چوي ها- جنهن زندگيءَ جي لغت ۾ لفظ ”نيچ“ ڪڏهن اُچاريو ئي نه هجي- سو جي ڪميڻن جو خالق به هوندو- ته اڻڄاڻ تي سندس خدا جي ميار به معاف هوندي آهي. ڪيفيت اهڙيءَ ۾ هئس، جو دل نه پئي چئي ته کانئس پڇان ته ڪهڙي خوشخبري آهي؟
    پر اهو اهم سوال ته- ڪو مائٽ جيڪڏهن بي حيا اولاد ڄڻي ٿو ته ويچاري مائٽ جو ان ۾ ڏوهه به ڪهڙو؟ جڏهن خدا به شيطان جهڙي نامي جنس پيدا ڪئي ته انسان تي ڪهڙي ميار!
    هن جهان ۾ ڪنهن بي غيرت مائٽ به- اهڙي خواهش نه سانڍي هوندي- ته هو نادان ۽ نالائق اولاد ڄڻي، جيئن شاعر جي اها خواهش نه رهي آهي ته هُو مئل ۽ بي حيا لفظ ايجاد ڪري! پر لاشعور ۾ لڙهي اهڙا لفظ به ايجاد ڪري ويندو آهي- جيڪي سندس لاءِ به گار هوندا آهن!
    مرد، عورت ٻئي جنسون گڏجي- پنهنجن سرڪش عضون جي خواهش سان- اهڙو اولاد به ڄڻي وجهندا آهن، جيڪي سندن لاءِ به عزت ۽ غيرت جي راند بڻبا آهن! – پوءِ وڌيڪ زماني به ڪنهن کي بخشيو آهي؟
    في الحال پنهنجا سڀ سُور، اذيتون وساريندي مون اقرار جي ماءُ کان پڇيو هو، ”ماسي! ڪهڙي خوشخبري آهي؟“
    ”هُوءَ..... هُوءَ آسا!“ الاءِ ڇو ڳالهه ڪندي، ڪندي روڪي ڇڏيائين. ڳالهه ڪهڙي به هجي، پر اڌ ۾ رهيل سا ڳالهه ماڻهوءَ ۾ بي چيني پيدا ڪري وجهندي آهي. جنهن کان ٻُڌائڻ وارو لاپرواهه رهندو آهي، پر ٻُڌڻ وارو اهڙي بيچينيءَ ۾ رهندو آهي جيئن نئين ٻار کي جنم ڏيندڙ- سندس ماءُ کي- سندس زندهه ٻار ڄمڻ جي اُميد ۽ آزار لهڻ جو انتظار رهندو آهي!
    اڌ ۾ رُڪيل سندس خوشخبر بيان ۾- منهنجي سوچ اٽڪيل هئي- مون کيس اهو نه ٻُڌايو هو ته مان هينئر ئي آسا کان اچان پيو- ”ها ماسي! هُوءَ.... آسا ڇا؟“ مون کيس ڌيان ڏياريندي غور سان ٻُڌڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هُن مون کي پنهنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ڪندي چيو، ”ايئن هڪدم مفت ۾ نه ٻُڌائينديس، واعدو ڪر مٺائي کارائيندين؟“
    ڏاڍي ڏکي ڳالهه ڪري وڌي هئائين. منهنجي دل! سا ڪنهن مَيت جيان مڙئي ڪپڙن ۾ ڍڪيل هئي، ۽ هن پنهنجي خوشيءَ جي خوراڪ لاءِ، مٺائيءَ جو شرط وڌو هو، پر پنهنجو مقصد وٺڻ لاءِ مان مٺائي ته ڇا- ان مهل سر به شرط ۾ کارائي پئي سگهيس- حقيقت ۾ ڪو وزن نه به هجي، پر شرط رکڻ سان ڪيئن نه ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿو ٺهي پوي. اهڙي هالت ۾ ڪيفيتون ڪهڙيون به هجن، پر شرط مڃڻو پوي ٿو-
    شرط! جنهن کي شرو ۽ شيطان به چيو وڃي ٿو- سو ته هاڻ عوامي حاڪمن کي اهم ڪرسين تي قسم جي صورت ۾ کڻائي ويهاريو وڃي ٿو- پر جيڪو شرط مون کي منهن پيو هو، سو دل جي ايوان ۾ بغاوت ڪري رت رئاريندڙ هو.
    سندس دل رکڻ لاءِ مون کيس مڙئي چيو، ”توهان ڳالهه ٻُڌايو ماسي، مٺائي بلڪل کارائبي.“
    ”ٻُڌايان؟“
    ”ها! ڇو نه؟“
    ”هوءَ آسا آهي نه؟“ وري خاموش ٿي وئي.
    ”ها! ماسي هُوءَ آهي ته آسا.“ مون کيس مسڪرائي چيو.
    چوڻ لڳي، ”سا به راضي ٿي آهي!“
    ”راضي ٿي آهي!؟“
    ”ها! بلڪل راضي آهي ابا!“
    ”پر ڇا ۾ راضي آهي ماسي؟“
    ”اقرار سان- شادي ڪرڻ ۾.“
    هاڻ وڌيڪ ڪجهه پڇڻ جي همت- هميشه لاءِ موڪلائي وئي هئي. ذهن تي لفظن جا اَڏيل محل سڀ پٽ اچي پيا هئا، دل ۽ دماغ ڄڻ پٿرن جو خاموش جبل بڻجي پيا هئا.
    ۽ هُن ٿوري دير خاموش رهي وري چيو هو، ”ڪيئن هاڻ مٺائي کارائيندين- نه؟“
    ڪهڙيءَ طرح کيس چوان ها ته مون کي زهر آڇي- مون کان مٺائي پئي گهرين.
    اهڙين اُميدن جي ساڀيا تي، دليون جي مٺائي نه کائينديون آهن، تڏهن به ٿڌيون ۽ مٺيون رهنديون آهن ۽ وري صدمو کائيندڙ نااُميد دليون- زهر اگر نه کائينديون آهن- تڏهن به زهر آلود رهنديون آهن! ۽ پورو جگر پنهنجي تيز ڌڙڪن سان ڪاڙهي وجهنديون آهن.
    پنهنجي عمر ۾- دماغ تي ايڏو هاءِ ٽيمپريچر ڪڏهن نه چڙهيو هئم- دل اُٻڙڪا پئي ڏنا. ايئن پئي لڳم ته رت جي اُلٽي ڪرڻ وارو آهيان- اعتبار نه پئي آيم ته ڪا اها واقعي حقيقت هوندي-؟
    زندگيءَ جون سڀ راهون- ويران ٿيندي محسوس ڪيم- ايئن پئي ڀانيم ته- منزل جي مسافريءَ ۾ زندگيءَ جو سفر- ڪنهن ٿڪل مسافر جيان موت جهڙي گهري ننڊ ۾ سمهڻ وارو هئس ۽ وري محشر جي جاڳ لاءِ به ڪا حسرت نه رهندي هجي- پنهنجو ئي شعر ياد آيم ته:
    (i) زندگي پنهنجي مسافر، ٿو اُميدن ۾ لُٽائي،
    جيئن خواهش، مقصدن ۾- ايجاد ذلت جي به آهي!
    (ii) ها! زندگي اُميدن لُٽائي- ۽ وئي لُٽجي سڀ صداقت-
    نه دل رهي نه دلبر رهيو، ويو کٽي سارو خفو:
    دل ته اهڙيون ڪئين دانهون ڪيون، پر اهڙي بي اعتبار حقيقت تي هاڻي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ واري ذهني حالت وڃائي ويٺو هئس. حالانڪه دل اهڙو فيصلو ڏئي چڪي هئي ته اميدن جا سڀ رشتا مقصد کان ڪٽجي چڪا آهن فتاح! پر ذهن جنهن ۾ عقل هو، جنهن جو توسان پوءِ به ڪو اهڙو رشتو هو، جنهن اهڙي حقيقت قبول نه پئي ڪئي.
    ڪيترين ئي ڳالهين کانپوءِ اقرار جي ماءُ وڃڻ وقت ايئن به چوندي وئي، ”فتاح! ابا ڏس ڳالهه وسارجان نه. منهنجي مٺائي توتي رهيل قرض آهي، سو جڏهن چاهيان توکان وٺي سگهان ٿي، ۽ پر ها! ٻي ڳالهه- هاڻ گهر ته ايندو رهجان، اقرار جي شاديءَ بابت صلاح مصلحت لاءِ به ڪا مدد نه ڪندين ڇا؟“
    منهنجي لاءِ ته سندس گهر باقي اچڻ، وڃڻ وارا دروازا به ڄڻ خود بند ڪندي چيو هئائين.
    غوطي ۾ غوطو هئم. سوچن جو سلسلو ٽُٽي ئي نه پيو. دنيا ۾ انسان کان وڌيڪ آباد شايد جيت آهن، گهٽ ۾ گهٽ سندن خواهشون ته محفوظ آهن، ۽ سندن روح محبت جي رشتن ۾ رُلي لفظن ۾ گم ته نٿو ٿي وڃي!
    هي ڳالهائيندڙ جانور ”انسان“ جيڪو خاموش جيتن جي سهاري زندهه آهي، ڪيڏو نه احسان فراموش آهي؟
    انسان جي حسرتن کي جيتن جيئان لتاڙي، خود به زماني جي لتاڙ ۾ ڪيئن نه ذليل پيو ٿئي.
    ها! اها ئي پراڻي عادت، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ سان جهيڙي هاڻ خود کي ذليل ڪرڻ لڳو هئس!

    


    قسط 20

    اقرار جي ماءُ جي وڃڻ کانپوءِ خود کي ايئن اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو هئس، جيئن خدا پنهنجي عظيم عرش تي اڪيلو هوندو آهي، ۽ ايئن سوچي رهيو هئس، جيئن ابليس ابن آدم لاءِ سوچي ۽ خدا اُن ابليس تي.
    وڏي حقارت سان انسانن جي دنيا ذهن مان ڪڍي فرش تي سُرندڙ ماڪوڙين ۾ نظر وجهي، سندن آزاديءَ تي سوچي رهيو هئس ته ڪجهه دير کانپوءِ، گهر جي ٻاهران تنهنجي جيپ جو هارن ٻُڌم، جنهن جي يڪي رڙو رڙ تي ٻاهر نڪتس ته تون پنهنجي جيپ تي اڪيلي ويٺل هئينءَ- توکي گهر اندر اچڻ لاءِ چيو هئم ته تو چيو هو، ”گاڏيءَ ۾ ويهه.“ پر جيپ ۾ ويهڻ لاءِ دل راضي نه هئي. جيپ کي غور سان ڏسي ايئن محسوس ڪرڻ لڳو هئس ته جيپ جو مقدر به مون جيان الائي ڪهڙو ٿيندو! ۽ جڏهن جيپ جي گٺل ٽائرن ۾ نظر وڌم ته اهي به مون جيئان پنهنجي غلام زندگيءَ کي- وفائن ۾ نڀائيندي پنهنجي عمر به کپائي چڪا هئا. منهنجو ذهن به شايد انهن ٽائرن جيان هميشه پراين زندگين تي تيز رفتار سان سوچي، سوچي پنهنجون نسون گَسائي چڪو هو.
    ”گاڏيءَ ۾ ويهه نه؟“ تو ٻيو گهمرو چيو هو، پر پير! هڪ وِک به کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. تو منهنجي منهن ۾ ڏسي شايد منهنجي سوچ تي کلي ڏنو هو- نه تنهنجي اها کل سمجهي سگهيو هئس ۽ نه تنهنجو اُهو ڪردار- ”عجيب نيتون ماڻهن جون هونديون آهن؟“ اهو ئي پئي سوچيم ته، ”زندگي هڪڙن جي نالي- ته پيار محبت ٻين جي نانءُ سان!“
    توکي به ان وقت انهن عورتن مان سمجهڻ لڳو هئس. جن ڪارو ڪاريءَ جي الزام سان روز جون اخبارون ڀري ڇڏيون هيون. شايد وقت اڃان هو؟ ويل هٿان نه وئي هئي، جو توکان پڇي وٺان ها ته، ”آسا! تو اقرار سان واقعي Marriage Agreement ڪيو آهي؟“
    پر منهنجي شايد اها بيوقوفي هئي، جو اهڙي اصل حقيقت پنهنجي ذهن ۾ ڪوڙو اعتماد ڪري رکي ڇڏي هئم. بلڪل جاهلن جيان اهو يقين ڪري ويٺس ته اهڙي ڪا ڳالهه هوندي ته آسا مون سان ضرور ڪندي.
    ”ڇا پيو سوچين؟ ويهه نه گاڏيءَ ۾؟“ تو ٽيون ڀيرو چيو هو. بغير ڪنهن سوال، جواب ۽ ها، نه جي اهڙي طرح جيپ تي چڙهي ويٺس، جيئن ڪو ويجهو لهندڙ مسافر ڪنهن پيسينجر گاڏيءَ تي چڙهي مڙئي آڏو اُبتو ويهندو آهي. تو جيپ اسٽارٽ ڪئي ته مون کي ان جو آواز ئي نه پيو وڻي، ڄڻ ڪو پيرسن ماڻهو گهري ننڊ سمهي کونگهرا پيو هڻندو هجي!
    تنهنجي گهر تائين جيپ ۾ ٻئي خاموش هئاسين. ايئن پئي لڳو ڄڻ اسان جي محبت جي شروعات ڪا نئين هئي. جڏهن تنهنجي گهر وٽ پهتاسين ته گهر جي ٻاهرين حصي واري ناسي ڪلر ۾ غور سان ڏسندي، ايئن لڳم جهڙو ڪنهن اوپري جڳهه تي اچي نڪتو آهيان. تو جيپ لان واري حصي ۾ بيهاريندي منهنجي خاموشي ٽوڙڻ خاطر چيو هو، ”هاڻ وري جيپ تان هيٺ نه لهندين ڇا؟“ واهجو حافظو هو تنهنجو به. مان ڪجهه نه ڳالهائيندي جيپ تان لٿو هئس. تو مسڪرايو پئي پر ان ۾ مون کي ڏاڍي رُکاڻ پئي محسوس ٿي. تون مون کي ڪجهه چوڻ جي بغير ئي ڊرائينگ روم طرف وڃڻ لڳي هئينءَ. مون ايئن محسوس ڪيو جهڙو تو مون کي نظر ۾ چيو هجي ته، ”هن ڪمري ڏانهن اچ؟“ مان خودبخود هليو آيو هئس. اهو ساڳيو ڊرائينگ روم هو، جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪ اڳ اقرار هٿان پنهنجي بي عزتي ڪرائي هئم.
    ڪمري ۾ ويهڻ کانپوءِ ڪجهه دير سهي، تو چيو هو، ”فتاح! ڏس تون پاڻ چوندو آهين ته دوستيءَ ۾ رنج رسامو محبت کي وڌيڪ مضبوط ڪندو آهي؟“
    ”ها! مان ايئن بلڪل چوندو آهيان آسا! پر مون ايئن ڪڏهن به نه چيو هوندو ته بي عزتيون ڪرائڻ سان دوستيون وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. پر اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي آسا؟ مون ڪنهن جي شڪايت ته ناهي ڪئي نه؟“
    رُٺل صورتون جڏهن ڳالهائينديون آهن ته زبان جو هر لفظ به رُٺل ئي هوندو آهي. ڪيئن به هو، پر توکي منهنجي بي عزتي اڃا پوريءَ طرح وسري نه هئي ۽ شايد وساري به نه سگهين. انهيءَ ڪري ئي تو چيو هو، ”ڳالهه ته اهڙي اداڪاريءَ سان پيو ڪرين، ڄڻ توکي ڪا تڪليف ئي نه رَسي هئي پر پنهنجي جڳهه تي دلي صدمو ته رَسيو آهي- نه؟“ شايد اهو شڪ به توکي منهنجي ڪيفيت مان پيو هو ۽ مون جواب ڏيندي چيو هو، ”ڪهڙو فرق پوندو، جي منهنجي دل چوٽ کاڌي هوندي ته؟“
    جنهن دل کي صدمو اچي، ان ماڻهوءَ کي ريجهائڻ پرچائڻ لاءِ ڪو دل وارو ماڻهو رهيو ئي نه هجي، ته پوءِ اهڙيءَ حالت وقت اهڙا ئي اُداس جملا ڳالهائبا آهن ته- ڪهڙو فرق پوندو- دل چوٽ کاڌي ته.
    ڪجهه دير سوچي، تو مون کي مطمئن ڪرڻ خاطر چيو هو ته، ”ڇا توکي اُها رات وسري وئي آهي فتاح؟ جنهن رات مون سان ڪريل حرڪتون ڪري اقرار منهنجي به بي عزتي ڪئي هئي. ڇا مون کي ڏک نه رسيو هو؟ ۽ پوءِ منهنجو اهڙو عمل به تو پسند ڪيو هو، جڏهن مون پنهنجي دل مان اقرار لاءِ غير سڀ ڪڍي ڇڏيا هئا. ڇا توکي پنهنجون بهتر ڳالهيون به وسري ويون آهن؟ چوندو آهين ته هزار سجدن کان وڌيڪ عبادت ماڻهوءَ کي معاف ڪري ڇڏڻ آهي.“
    ماڻهوءَ جي خون ۽ دل جي قتل جو تو فرق شايد نه سمجهيو هو، محبت جي نصاب ۾ تو صرف اهي سبق پڙهيا هئا، جن کي رڳو زير، زبر هئي، باقي نه محبت جو فلسفو ۽ نه مفهوم هو.
    مون پنهنجيءَ دل جو آخري فيصلو توکي ٻُڌائيندي چيو هو، ”بس آسا! الاءِ ڪيئن اهو يقين ٿي پيو اٿم ته مان ۽ اقرار دوستيءَ ۾ گڏ هلي نه سگهنداسين.“
    ”ڇو ڪهڙي سبب؟“ ايئن پئي لڳو ته هڪڙي مياڻ ۾ ٻه تلوارون وجهڻ جي ڪوشش پئي ڪيئي. جيڪو ٿي نه پئي سگهيو. انهيءَ ڪري توکي اهو ئي جواب ڏيڻو پيم ته، ”سبب ڪيترائي آهن آسا!“ پر تو اڃان به ڳالهه کي وڌائيندي چيو، ”پر اهم سبب ڪهڙو آهي، جنهن ڪري اهڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟“
    ”آسا، اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.“
    ”ڪهڙو فرق آهي- تو ۾ ۽ هن ۾- هاڻ!؟“ تو لفظ ”هاڻ“ ڳالهائي مون کي منجهايو ضرور هو، پر پوءِ به وڌيڪ تسليءَ خاطر توکان پڇيو هئم ته، ”تو ڪوبه فرق محسوس نه ڪيو آهي؟“
    ”نه! مون ته اهڙي پهلوءَ تي سوچيو به ناهي. تون ٻُڌاءِ نه سگهندين ته ڪهڙو فرق آهي تو ۾ ۽ هُن ۾؟“ تو پنهنجي انهيءَ سواليه جملي ۾ لفظ ”هاڻ“ استعمال نه ڪري شايد پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ مون توکي تنهنجي انهيءَ مخفي ارادي تي ئي ڇڏيندي معاملي جي اصل رخ تي ايندي چيو هو، ”ڇا؟ تو ان وقت به اهو فرق محسوس نه ڪيو، جڏهن مون صرف لفظن تي پئي ڳالهايو ۽ هن دوستن تي ڳالهائيندي مون کي گار ڏئي، گلي ۾ هٿ وڌو هو، پوءِ تون کيس نه روڪين ها ته اڃان به وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ پيو چاهي.“
    ”ڏس فتاح! ناراض نه ٿجانءِ، ماڻهو پنهنجي دل جي خواهش به لفظن جي صورت ۾ پيش ڪندو آهي. پوءِ ڇا سمجهڻ گهرجي ان کي؟ دل جي خواهش يا لفظن جي صورت؟“
    ”آسا ان جو مدار ماڻهوءَ جي نيت تي هوندو آهي، ته هو ان کي ڪهڙي شڪل ٿو ڏئي؟ مون ته خراب نيت جي خواهش سان ڳالهايو ئي نه پئي.“
    ”خراب يا سُٺيون نيتون، ماڻهوءَ جي من ۾ لڪل هونديون آهن.“
    ”نه آسا! ماڻهو جي زبان مان نڪرندڙ هر لفظ ۾ نيتن جي صورت به سمايل هوندي آهي!“
    ”پر دنيا ۾ سڀ ماڻهو اهڙا به ته ناهن، جيڪي لفظن جي مقصد سان گڏ نيتن جي صورت به پرکيندا هجن!؟“
    ”مان ۽ تون به دنيا جا ماڻهو آهيون آسا! پوءِ تو ان وقت منهنجي نيت ڪيئن محسوس ڪئي، ڇا صورت هئي ان جي؟“
    ”تنهنجي منهنجي الڳ ڳالهه آهي، پر پوءِ به سمجهه جنهن وقت اسان کان به موڪلائيندي ته- اسان جي حالت به اهڙي ٿي پوندي هوندي، جنهن جي اسان به ڪا خبر نٿا رکي سگهون.“
    ”پر آسا! جڏهن ماڻهو پنهنجي بي سمجهيءَ ۾ ڪا غلطي ٿو ڪري ته اها ٻي ڳالهه آهي پر ذهنن جا هڪٻئي سان اختلاف، جيڪي ڪنهن ذاتي خواهش يا ذاتي مقصد جي سبب، ڪافي سمجهه، سوچ ۽ ويچار کانپوءِ ٿيندا آهن. انهن کي ته ڪنهن بي سمجهه حالت سان نٿو ڳنڍي سگهجي.“
    ”کڻي ڪيئن به هجي فتاح! پر خالي اختلاف رکڻ، پوءِ به ڪا دانائي ته نه چئبي- نه؟“
    ”منهنجو اقرار سان واقعي ڪو خوني اختلاف به ڪونهي، جنهن ۾ مان سندس شڪل ڏسڻ به گوارا نه ڪندو هجان!“
    ”باقي پوءِ تنهنجو هن سان ڪهڙو اختلاف آهي؟“
    سمجهه ۾ نه پئي آيم ته منهنجو اقرار سان پرچاءُ ڪرائڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو فائدو هو. توسان محبت ڪري توتي عجب ته ايئن ئي پئي کاڌم، پر هي عجب ته اڃان به ڪو عجيب هو. شايد تنهنجو شوق هو ته اهو ٻُڌي ڏسجي ته رقيبن جا اختلاف ڪيئن ٿا جنم وٺن ۽ ڪيئن ٿا زندهه رهن، پر ڳالهه کي اينگهائڻ جي بجاءِ پنهنجو آخري فيصلو وري به دهرائيندي مون چيو هو، ”ان لاءِ ته توکي پهرين ٻُڌايم آسا! ته اسان دوستيءَ ۾ گڏ هلي نه سگهنداسين ۽ ان جا ڪيترائي سبب آهن.“
    تڏهن تو الاءِ ڪهڙي حوالي کان چيو هو ته، ”منهنجي ڪري به نه؟“
    ”ڪهڙو لاچار آهي، توکي هُن جو؟“ پنهنجون اکيون تنهنجين اکين ۾ وجهي پڇيو هئم. تمام غور سان منهنجي منهن ۾ ڏسي تو چيو هو، ”جڏهن تو پڇيو آهي فتاح- تڏهن صرف ايترو چونديس ته في الحال مون کي ڪو لاچار آهي!“
    ”تنهنجو اهو” ڪو لاچار“ ڪيستائين رهندو آسا!؟“
    ”جيستائين تنهنجو مون سان ساٿ رهندو؟“ الاءِ ڪهڙا بهانا ڳولي هٿ ڪيا هيئي. ڏاڍو مُنجهي پيو هئس. آسرو انسان کي ڪيڏو نه ذليل ڪري ٿو. آئون به ان مان جان ڇڏائي نه سگهيس. انهيءَ ڪري توکان پڇيو هئم ته، ”ڇو؟ منهنجو ساٿ ٽُٽڻو به آهي ڇا؟“
    ”شايد!“ تو چيو هو.
    ”شايد؟“ لفظ تي زور ڏئي پڇيو هئم ۽ تو ڪنهن حد تائين پاڻ تان ميار لاهيندي ٺيڪ پئي چيو ته، ”ها شايد- ڇو ته تو منهنجي جسم سان اها محبت نه ڪئي آهي فتاح- جيتري قدر پنهنجن ٻين دوستن کي، مون پنهنجي جسم سان محبت ڪندي محسوس ڪيو آهي، مان هڪ عورت آهيان فتاح- ۽ بلڪل تن، تنها- هڪ تنها زندگي سا به عورتاڻي، اهڙي اڪيلي زندگيءَ لاءِ Partnership جو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو آهي.“
    ”تنهن جي معنيٰ منهنجو توسان رهڻ، ڪو مقصد نٿو رکي؟“
    اهو مون نه، پر منهنجي اندر مان ڪنهن چيو هو، چوڻ ته ان کي اڃان به وڌيڪ کپندو، پر شايد چوڻ جي سگهه ئي ايتري هئي ۽ تو پنهنجي صورتحال بيان ڪندي چيو هو، ”مقصد رکي ٿو بلڪل- تو منهنجي ڪافي عزت رکي آهي فتاح، پر مان هڪ عورت آهيان ۽ عورت کي اسان جو معاشرو ٻيءَ نظر سان ٿو ڏسي. توکي شايد خبر هجي به يا نه، ته عورتاڻي زندگيءَ لاءِ ٻه شيون اهم هونديون آهن- هڪ محبت ۽ ٻي صحبت، پر ٻنهي مان، اسان وٽ، اسان جي سماج ۾، عورت جي صحبت لاءِ وڌيڪ سوچيو ويندو آهي. ايتري تائين جو عورت کي پنهنجي زندگيءَ مان به خفا ڪيو ويندو آهي.“
    توکي مطمئن ڪندي مون چيو هو، ”تون هاڻ خود کي انهن عورتن مان سمجهڻ لڳي آهين، جيڪي پنهنجي جسم کان به خوف کائينديون آهن؟“
    ”دنيا کڻي ڇا به سمجهندي هجي فتاح! پر تنهنجي سوچ ۽ نظر ۾، مان هاڻ شايد انهن عورتن مان ئي آهيان، ڇو ته توکان پنهنجي ڪا دل جي ڳالهه لڪائي نه سگهي آهيان. زندگيءَ ۾ دل جو ڳالهيون مون توسان ئي ته ڪيون آهن. انهيءَ ڪري تون منهنجي ذات بابت هر فيصلي جو حق به رکين ٿو، الاءِ ڇو فتاح؟ تو پنهنجو جسم منهنجي جسم سان گڏي هميشه لاءِ هڪ ڪري ڇڏڻ وارو فيصلو نه ڪيو. جنهن جي انتظار ۾، تنهنجي زبان مان نڪرندڙ هر هڪ لفظ کي مون تمام غور سان پئي ٻڌو، پر تنهنجو هر لفظ مون کي نااُميديءَ ڏانهن ڌڪيندو رهيو. اهڙا لفظ جيڪي عورت ۽ مرد ٻه زندگيون هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، سي تو الاءِ ڇو نه ڳالهايا. شايد تو انهن جي ضرورت محسوس ئي نه ڪئي!؟“
    هاڻ ڪيئن چوان ها ته زندگيءَ ۾ ضرورت هئي ته اهڙن لفظن جي هئي، جيڪي ٻن دلين جي سرجري ڪري کين هڪڙي جسم جي قالب ۾ وجهي هڪ ڪري ڇڏيندا آهن.
    محبت ۾ هزار ڳالهيون هڪٻئي کي ٻُڌائجن پر ياد وڌيڪ اُها هڪڙي رهي ٿي، جيڪا دلين ۾ وڇوڙو پيدا ڪري ٿي ۽ روڳ ڏئي دل جا زخم اڻ مِٽ ڪري ڇڏي ٿي. زندگيءَ کي هميشه لاءِ اهڙو ڏک ٿي ڏئي ڇڏي، جيڪو انسان جو صرف اندر کائيندو رهندو آهي.
    منهنجي دل جنهن توسان هميشه پنهنجون سچايون پيش ڪيون، پوءِ به کيس ڪڏهن قرار نه مليو، انهيءَ بيقراريءَ ۾ کيس يقين ٿي پيو هو ته تون پنهنجي زندگيءَ جو اُهو اهم فيصلو ڪري چڪي هئينءَ، جنهن لاءِ ڪافي سوچ سمجهه کانپوءِ ماڻهو پنهنجي زندگي نڪاح نامي جي لفظن ۾ لکي ڏيندو آهي. منهنجي انهيءَ مهل نه رڳو دل خاموش هئي، پر ذهن ۾ سڀ لفظ خاموش ٿي چڪا هئا.
    ڳالهايان ته، ڇا ڳالهايان ها؟ نه رڳو پنهنجي خواهش قتل ٿيندي محسوس ٿي هئم، پر جيڪو به لفظ ذهن تي تري پئي آيو، سو به ايئن پئي لڳو ته جهڙو موت کيس ورائي ورتو هو.
    هر لفظ پنهنجي خواهش جي سڪرات ۾ هو، ڪنهن به لفظ ۾ سندس ڪو مقصد نه پئي معلوم ڪري سگهيس. الاءِ ته لفظ ٽڙي، پکڙي چريا ٿي پيا هئا، يا الاءِ ذهن پاڳل ٿي پيو هو.
    دل جي مريض جيان ڳالهائيندي مون چيو هو، ”آسا! دل جي ڪا ڳالهه لڪائي به وئي آهين شايد؟“
    ”ها! فتاح، لڪائي ته اٿم پر لڪائڻ نٿي چاهيان.“
    ”۽ مان اها ڳالهه ٻُڌي نه سگهندس- ها نه؟“
    ”پر مان ٻُڌائڻ جي خيال سان ئي، توکي پڪڙي هت پنهنجي گهر کڻي آئي آهيان.“ انهيءَ مهل مان ذهني طرح خود کي مضبوط ڪندي چيو هو، ”آسا! ڪجهه ڳالهيون واقعي اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي پڇڻ کانپوءِ ٻُڌائڻ جهڙيون هونديون آهن. اهي ماڻهوءَ کي رُلائڻ جهڙيون هونديون آهن، ماڻهوءَ کي رُلائي، وڃائي، ستائي وجهنديون آهن، ڪٿي تون انهن مان ڪا ستائيندڙ يا رُلائيندڙ ڳالهه ته نه ڪندينءَ؟“
    پوءِ تو ته اها ئي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا مان پهريان ئي پروڙي پنهنجي دل تي زهر هاري ويٺو هئس. پر تو نه منهنجي سوچ مان، نه ڪيفيت مان ۽ نه حالت مان به مون کي ڪجهه سمجهي سگهي هئينءَ، منهنجي من کان هاڻ اُها ڳالهه مخفي نه هئي، پر تو پنهنجي طرف کان شايد ڳالهه وڌيڪ واضح ڪندي چيو هو، ”ايتري قدر نه سوچ فتاح؟ نه مون کي Hysteria جو مرض ٿي پيو آهي ۽ نه مون ۾ اهڙي ئي قسم جو ڪو ٻيو مرض آهي. زندگيءَ جو مقصد زندهه رهڻ به آهي فتاح. مون پنهنجو پاڻ کي مارڻ جو فيصلو ته نه ڪيو آهي؟ جيڪڏهن توکان ڳالهه لڪائي وئي آهيان ته اُها اِها ئي آهي ته اقرار مون کي Marriage لاءِ Propose ڪيو آهي، ۽ مون کيس پنهنجو راضپو ڏيکاريو آهي- بس!“
    اها مون وٽ واهه جي لڪل ڳالهه هئي. انهيءَ ڳالهه ته منهنجي دماغ جو ڀانڊو ڦاڙيو هو. باقي تو اهو پنهنجو پاڻ کي مارڻ جو نه بلڪه مون کي جيئري مارڻ جو فيصلو ڪيو هو. ماري ته اڳ ڇڏيو هيئي، پر هاڻ مئل ئي پئي ماريئي.
    ڪنهن جي طرف کان شاديءَ جي درخواست ڪرڻ، ۽ ان لاءِ پنهنجو راضپو ڏيکارڻ، تنهنجي سوچ ۾ اهو به شايد رومانس يا افسانو هو، تو پنهنجي شادي به شايد ڪا نمائش بنائڻ پئي چاهي. مان اهڙي عمل ۾ غيرت جو وڏو عمل دخل سمجهندو هئس. سنڌ ڄائي عورت ٿي ڪري، غيرت کي افسانو تو سمجهيو هو، مون هاڻ انهيءَ مسئلي تي وڌيڪ بحث ڪري پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ گاريون ڏيڻ گوارا نه پئي ڪيو پر بي ايمان لالچي دل اڃان به تسلي پئي ڪري. دل جي اسرار تي چئي وڌو هئم ته، ”ٺيڪ آهي، تون جيڪڏهن پنهنجو راضپو ڪنهن کي ڏيکاري چڪي آهين، ته پوءِ ظاهر آهي، تنهنجي ذهن ۾ ڪنهن جو ناراضپو هوندو به ڪونه؟“ ته تو شايد پڪائي ڪندي چيو هو، ”مون تنهنجي ڳالهه سمجهي ڪانه؟“ اهڙي ڪا منجهائيندڙ يا ڳُجهي ڳالهه ته مون نه ڪئي هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڪنهن به مقصد، مُراد کي سمجهي نٿو سگهجي- ته نه انهيءَ ماڻهوءَ کي ٿو سمجهي سگهجي ۽ نه ان جي ڪنهن اعليٰ آدرش کي. بي سمجهيءَ جا دؤرا به توکي هاڻ وڌيڪ پوڻ لڳا هئا. جنهن ۾ تون مون کي به سمجهڻ کان نابري وارڻ لڳي هئينءَ.
    زندگيءَ جو ٻهروپيو سفر هونئن به ٿڪائيندڙ هوندو آهي- خود فريبيءَ ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به سمجهڻ کان نڪري ويندو آهي. خود مختيار هوندي به الاءِ ڇو مون سان فريبي رمز رکي هيئي. تو وٽ ويٺي ايڏي ٿڪاوٽ مون ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. جهڙي ٿڪاوٽ ان مهل چند گهڙين جي بيٺڪ مان ڪئي هئم. شايد اهري ٿڪاوٽ تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن ڪنهن مقصد جو روح پرواز ڪندو آهي.
    دل نه پئي چاهيو ته هاڻ هڪ منٽ به تو وٽ ويهجي. شايد هاڻ ڪنهن جي مقدس امانت بڻجي پئي هئينءَ ۽ مان به هڪ اهڙي قوم جو فرد هئس، جيڪا اهڙي امانت کي پنهنجي سام ڏيندي، پنهنجو سر ساهه به قربان ڪري ڇڏيندي آهي.
    تنهنجا رخسار! جن مون سان ڀنل راتين ۾ به هميشه کِلي ڳالهايو هو، ڪهڙو سَنڌو سندن باقي رهيل هو، جنهن تان منهنجا خشڪ چپ نه گذريا هئا؟ سي به هاڻ ڪنهن اُصول مطابق، پري کان ئي ويهائُو تاري جيئان صرف ڏسي پئي سگهيس! امانت ۾ خيانت ڪرڻ منهنجي ايمان لاءِ ذلت هئي. محبت ۾ به جي بي ايماني ڪريان ها ته نه اقرار توکي ايترو ويجهو اچي سگهي ها ۽ نه مون کي به گلي ۾ هٿ وجهي سگهي ها!
    تو جنهن مهل چيو هو ته، ”مون تنهنجي ڳالهه سمجهي ڪانه؟“ انهيءَ مهل تو ڄڻ منهنجو منجهيل مسئلو حل ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته مان دل ئي دل ۾ انهيءَ خيال سان لڳل هئس ته ڪهڙا لفظ ڳالهائي توکان هاڻ هميشه لاءِ موڪلائجي.
    مون کي پنهنجي بدحواسي ۽ بي عقلي وغيره جو احساس به ان وقت ٿيڻ لڳو هو، جڏهن توکان ان آخري موڪلاڻيءَ جي لاءِ لفظ پنهنجي خواهش سميت منهنجي ذهن جو ساٿ ڇڏي چڪا هئا ۽ زندگيءَ جي هار جيت وارو مقصد به واضح ٿي پيو هو!- بس پوءِ ايئن ئي پنهنجي دل سنڀاليندي توکي چيو هئم، ”آسا! مان هاڻ وڃان ٿو. مون کي هڪ ضروري ڪم هو. سو هاڻ ياد پيو آهي. تنهنجو ڪو ڪم هجي ته ٻُڌائي ڇڏ؟“
    ”توکي هي ويٺي ويٺي ڪهڙو ڪم ياد پيو آهي فتاح؟“
    تو شايد پنهنجي شڪي انداز ۾ درست پڇيو هو، پر جرئت نه پئي ٿيم ته توکي چوان ها ته، ”آسا! منهنجي لاءِ هاڻ سڀ کان وڌيڪ اهو ضروري آهي ته توسان هاڻ اڪيلائيءَ ۾ مون کي وڌيڪ ويهڻ نه گهرجي، ڇو ته نيتون سنڀالڻ ڏاڍو ڪو ڏکيو ڪم هوندو آهي.“
    توکي پرائي امانت سمجهي هاڻ تو وٽ اڪيلو ويهي به ڪيئن پئي سگهيس ۽ جي ويهان به ها ته چميءَ کانسواءِ رهي به نه سگهان ها. توکي چُمي ڏيڻ جو نشو ته مون کي هوندو ئي هوندو هو. پر هاڻ توکي چُمي ڏيڻ مون ڪنهن جي غيرت جي چوري پئي سمجهي.
    مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته محبت ۾ پهريون ڀيرو ڪوڙ ڳالهائيندي مون توکي تنهنجي ڪيل سوال ته ”هي توکي ويٺي ويٺي ڪهڙو ضروري ڪم ياد پيو آهي“ جي جواب ۾ چيو هو، ”آسا اڄ هڪ دوست کي ٽائيم ڏنل آهي، ڪم ته انهيءَ جو آهي، ۽ اٿس به الاءِ ڪهڙو، پر مون کي وڃڻو ضروري آهي.“
    تو خوشيءَ سان اجازت ڏيندي چيو هو، ”ٺيڪ آهي، پوءِ تون ڀل وڃ، پر موٽي ايندي وري ڪيڏي مهل؟“
    خيال آيم هيڪر چوان ته، ”هاڻ جڏهن ٿيندو ٻيو جنم، تڏهن ملنداسين.“ پر وري خود کي روڪيندي مون توکان پڇيو هو، ”ڇو؟ ضروري آهي ڇا؟“
    تو ڄڻ جهڙوڪر اوپرائپ ۾ چيو هو ته، ”ڪمال آهي؟ اڄ شام منهنجي سالگرهه جو پروگرام آهي، ۽ تون پڇين پيو ته ضروري آهي ڇا؟“
    شايد هاڻي اُهي ڏينهن به اسان کان رُسي ويا هئا، جو اڃا مهينو وچ ۾ هوندو هو ته تنهنجي سالگرهه جي پروگرام جون رٿائون جوڙيندا هئاسين، پر هاڻ انهيءَ ساڳي سالگرهه کي صرف چند ڪلاڪ باقي هئا ته اوچتي ياد اچي وئي هئي.
    تنهنجي ته اُها سالگرهه جي شام هئي، پر منهنجي زندگيءَ لاءِ ته اها ورسيءَ جي شام هئي. مون کي هاڻ پورو پورو يقين ٿيڻ لڳو هو ته ان سالگرهه واري شام تون پنهنجي زندگيءَ جو نئون آغاز به ضرور ڪرڻ واري آهين، جنهن ۾ تون پنهنجي زندگيءَ سان اقرار کي شريڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندينءَ. بس تو وٽ پنهنجو لڪايل اهو هڪ راز هو، جيڪو توکي پنهنجي سالگرهه جي پروگرام ۾ وڏي ڌام ڌوم سان اعلان ڪرڻو هو. سچي محبت وارن کي پنهنجي محبوبن جي راز جي خبر گهڻو ڪري ملائڪن کان اڳ پوندي آهي، نه ته به خدا سان گڏ بلڪل پوندي آهي.
    دل جي اکين کان ته دنيا جي اوگهڙ به ناهي لڪندي پر بي دل ماڻهو کي پنهنجي اوگهڙ به نظر نه ايندي آهي. دل جون لکين دنيائون آهن، ۽ انهيءَ جهان ۾ دل جي ديوان جي ڪا ڳُجهي ڳالهه رهي ڪانه. تو خود کي خدا کان به لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. شايد وهانءُ واري عمر ماڻڻ کانپوءِ به، تو نه دل جا شهر گهميا هئا ۽ نه نظرن جو خطاب ٻُڌو هو. مون کي ته تنهنجين اکين مان، تنهنجي دل جا لفظ ايئن نظر ايندا هئا، جيئن پوپٽ جي پرن تي ماڻهن کي رنگ نظر ايندا آهن.
    هاڻ تو پنهنجي دل جون ڳالهيون پئي لڪايون، ۽ مون ڪوڙ پئي ڳالهايو، ڪيترو ورهائجي ويا هئاسين.
    تون پنهنجي راز ۽ نياز جي دنيا واپرائڻ لڳي هئينءَ ۽ مان ڪوڙ، بدوڙ جي باهه ۾ گهڙي پيو هئس.
    جنهن مهل تو پڇيو هو، ”موٽي وري ايندي ڪيڏي مهل؟“ تنهن مهل دل ته الوداع اي دلربا الوداع چيو هو پر زباني طرح توکي ڪوڙو دلاسو ڏيندي مون چيو هو، ”ڇو ضروري آهي ڇا؟“ پر تنهنجو اڃان به وڌيڪ اسرار هو، تنهن ڪري هڪ وڌيڪ تڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندي چيو هئم، ”آسا مان ڪوشش ڪندس، جيترو جلد موٽي سگهان.“ تون خاموش ٿي وئي هئينءَ. پر مون ان مهل اهو وڌيڪ سکي ورتو هو ته ماڻهو هرو ڀرو جو ئي پاڻ کي نقلي بڻائي، ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته هڪ عجيب ذهني ڪيفيت جو شڪار ٿيندو آهي. خود سان سچو رهندو آهي، پر دوستن کي بيوقوف بڻائي پنهنجي ضمير کي ڄڻ ٿُڪَ چٽائيندو آهي. ان مهل به توسان ڪوڙ ڳالهائيندي مان پنهنجو پاڻ سان سچو هئس، ڇو ته هاڻ وڃڻ لاءِ ايئن پئي ويس جيئن ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو وڃڻ ايئن ٿيندو آهي، جو ويندي ويندي دل جي جيل جو قيدي بڻجي پوي ٿو ۽ پوءِ اهڙيون جيل جون ديوارون ته تمام اوچيون ۽ شيهي کان به مضبوط هونديون آهن، جنهن ۾ پوءِ مجبورن دل جي قيديءَ کي اتي پنهنجو هٿرادو جهان اَڏڻو پوي ٿو، ۽ مان به پنهنجي بيوقوفي، جهالت ۽ نادانيءَ جي سبب، اهڙي جهان جو مسافر بڻجي پيس!! ۽ توکي پنهنجي ئي گهر ۾ ڇڏيندي، مان پنهنجي اڪيلي دل جي راهه جو مسافر بڻجي روانو ٿيو هئس.

    


    قسط 21

    اُهو ڏينهن ها! اُهو ئي ڏينهن جمع جو، جنهن کان مون کي اڄ تائين نفرت آهي، ڇو ته دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا وڏا وڏا پاپ ڪري، پوءِ انهيءَ ڏينهن تي پنهنجي خدائن جي حضور ۾ پنهنجن پاپن جو اقرار ڪندا آهن ۽ انهيءَ نڀاڳي ڏينهن تي منهنجي دل يتيم بڻي ۽ تنهنجي دل پنهنجي پسند جا پاپرا قبوليا.
    ها! انهيءَ ڏينهن تي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي محبت سان آخري ڪوڙ ڳالهائي توکان بغير چُميءَ جي موڪلائي پنهنجي گهر اچي سمهڻ جي ارادي سان بي وقتو ليٽي پيو هئس.
    دل جي ارمان کي ته ننڊ ايندي بي وقتي آهي، نه هُل ڏسي نه هيڪلائي پوءِ جڏهن غم غائباڻا بيدار ڪن!
    مان پنهنجي گهر وارن سڀني کي چئي ڇڏيو هو ته، ”منهنجي ڪير به اچي پڇا ڪري يا ٽيليفون ڪري ته ان کي چئجو ته گهران ٻاهر نڪتو آهي، ٻُڌائي ڪونه ويو آهي، خبر ناهي ته ڪيڏي مهل موٽندو؟“
    دلين جا فيصلا به ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏا غلط، ڪوڙا، چور ۽ رهزن فيصلا هوندا آهن؟ سڄي گهر کي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ تلقين ڪري رهيو هئس.
    گهر وارن کي اهڙي ڪوڙ جي Rehersal ڪرائي مان پنهنجي ڪمري جو دروازو اندران لاڪ ڪري کٽ تي ليٽي پيو هئس. ننڊ لاءِ ته ڪيفيت ئي آماده نه هئي، جڏهن به ننڊ نه ايندي هئم ته شاهه لطيف جو رسالو پڙهڻ شروع ڪندو هئس، جنهن ۾ سسئيءَ جي ننڊ ۽ سهڻيءَ جي جاڳ تي سوچيندي جيءُ کي جهڙو ننڊ اچي ويندي هئي، يا سڄو سرير ڄڻ فوت ٿي ويندو هو، پر ان ڏينهن زندگيءَ جو اڪيلو بڻجي وڃڻ واري ڏائڻ سوچ ڏنڀي وڌو هئم.
    نيرڻي وچينءَ مهل چند گهڙيون ڪمري کان ٻاهر نڪتس ته پنهنجي ئي گهر جي ماڻهن جا مُنهن ڏسي ايئن محسوس ڪيو هئم جهڙو گهر جي ڪنهن فرد جو ميت، تازو گهر مان قبرستان ڏانهن کنيو ويو هجي! اهڙي مايوس ڪيفيت کان ڊڄي خود کي واپس پنهنجي ڪمري ۾ لاڪ ڪري ڇڏيم ۽ پوءِ مختلف ڪتاب کوليندي پڙهندي پنهنجي اها ڊائري به کولي ويٺس، جنهن ۾ تنهنجي هٿ اکر جا ڪيترائي خيال قلمبند ٿيل هئا، جنهن ۾ هيءَ مقولو به تنهنجو ئي لکيل هو ته، ”عورت پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي غلاميءَ تي روئندي آهي، دنيا شايد غلاميءَ جو ٻيو نالو عورت رکيو آهي!؟“
    تنهنجو اهو مقولو پڙهي ان جي هيٺان مون پنهنجو خيال قلمبند ڪندي لکيو هو ته، ”دنيا ۾ شايد عورت ئي واحد جنس آهي، جيڪا پنهنجي غلاميءَ جا فيصلا باخوشي قبول ڪندڙ آهي.“
    ڏينهن جو باقي وقت اها ڊائري پڙهندي، ان ڪمري ۾ ئي بند هئس. خبر نه رهيم ته انهيءَ ڏينهن وارو سج، اُلهڻ وقت ان رات لاءِ ڪهڙو نياپو ڇڏي ويو هو.
    رات جو تقريبن 9 لڳي ڌاري گهر وارن مون کي ماني کائڻ لاءِ چيو هو، پر گهر وارن کي اها خبر نه هئي ته مان پنهنجي ارواح تي ختمو پڙهي چڪو هئس، ۽ سوچن جي زهر پيٽ جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري پيٽ جو عذر ڏئي ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هئم.
    رات جو 12 وڳي تائين ٽيليفون رنگ جون رڙيون ٻُڌي رهيو هئس ۽ صبح جو مون کي ٻُڌايو ويو ته اُها بار بار رنگ تو پئي ڪئي. ماڻهو بي رحم هوندا آهن، پر دليون رحيم هونديون آهن. دل جي پٿر به بڻجي پوي ته محبت جو زهر کيس جلد ڳاري وجهندو آهي. ڪافي خود کي توسان ملڻ کان روڪيو هئم پر منجهند کانپوءِ دل جي رحماني قوت توسان ملڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو هئم ۽ دل جي طرفان بيوس بڻجي اهو سوچي تو ڏانهن نڪتو هئس ته، ”ٺيڪ آهي، وڃان ٿو، آسا اڪيلي هوندي ته ايتري دير وٽس نه ويهندس!“
    پوءِ جنهن مهل تنهنجي گهر آيو هئس ته صرف تنهنجي اُن مائٽاڻي خادم، ڪاڪا صالح کي لان ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويٺل ڏٺم. باقي ڪو بني بشر نه هو. بلڪل ايئن سناٽو ڇانيل هو، جيئن محفلن ۾ سڄي رات جي جاڳ کانپوءِ- ڏينهن جي وقت اهي هنڌ قربستان جيان ويران هوندا آهن.
    ڪاڪا صالح کان تنهنجو پڇيم ته چيائين، ”اقرار صاحب سان ٻنيءَ تي ويل آهي، بس ٿوري دير ٿي آهي.“
    وري پڇيو هومانس ”ڪاڪا رات آسا جي سالگره جو پروگرام ڪيئن سٺو رهيو؟“
    چيائين ”ها، ها سٺو پروگرام ٿيو تقريبن سڀ دوست آيا هئس پر توهان ڪونه آيا هئا نه؟“
    چيو مانس ”نه ڪاڪا، ته پاڻ وڌيڪ چوڻ لڳو- سڀئي دوست تقريبن خوش ٿي ويا ۽ وڏي خوشي جي ڳالهه اها هئي رات بي بي ٻڌايو ته اقرار سان هن جي مڱڻي ٿي چڪي آهي ۽ شادي جو پروگرام به تڪڙو ئي آهي! ”بيوقوفي پئي ڪري.“ تمام آهستگي سان چيو هئم-
    ”جي؟“ هن پنهنجو ڪن ويجهو ڪندي پڇيو.
    پر هن کي تفصيل ٻڌائڻ مان فائدو به ڪهڙو ٿئي ها- تنهن ڪري مان پنهنجو خيال بدلائيندي- تنهنجي بيڊ روم ڏانهن ڏسڻي آڱر سان اشارو وٺندي کانئس پڇيو هو ته ”ڪاڪا! هي سامهون وارو ڪمرو کليل آهي؟“
    ”جي ها! اهو ڪمرو ته بابا سائين! توهان کي خبر آهي- کليل ئي رهندو آهي!“ تڏهن مان ۽ ڪاڪا صالح ٻئي ان ڪمري ۾ آيا هئاسين- تنهنجي بيڊ تي وڇايل چادر ائين بي ترتيب پيل هئي- جو جيڪو ڏسي سو ائين محسوس ڪري ته- ڄڻ ڪي ٻه جوان زندگيون- بستري تي وڏي کينچل ڪري- تازو هينئر ئي ڊوڙي ٻاهر نڪتيون آهن- بيڊ جي سيرانديءَ کان- الماري جي مٿان- اها ڊائري رکي هئي- جنهن ۾اهي ڳالهيون لکيل هيون- جيڪي تون هڪ رات ڪاوڙجي پئي هئينءِ- ته تنهنجي فيصلي مطابق پاڻ هڪٻئي سان تحرير جي صورت ۾ پي ڳالهايو- مان اها ڊائري اتان کنئي ۽ ڊائري کوليم ته- ڪيتريون ئي سوچون- گڏرن جيئان ذهن پٽڻ لڳيون هئم- ڪنهن مهل سوچيم پي ته- اڄ هن ڊائري ۾- پنهنجي رت سان اهڙا ته الوداعي لفظ لکي وڃان- جو آسا پڙهي ته- هينئون ڦارون، ڦارون ٿي پويس، ته ڪيڏي مهل دل پي چيو ته- نه اڄ پنهنجو مقصد ڪڍي هن ڊائري ۾ رکي وڃان- ته ڀل سڀاڻي آسا جو اولاد به آسا کان پڇي ته- هي بد ذهن، بيوقوف ذهن ڪنهن جو آهي امي؟ قلم ته منهنجي کيسي ۾ هميشه رهندو هو- پر وري به کيسي تي نظر وجهي- قلم جي تسلي ڪري- ڪاڪا صالح کي التجا ڪندي چيم ته ”ڪاڪا! مونکي هن ڪمري ۾- ڪجهه دير لاءِ اڪيلو ڇڏيندا؟“ ته هن خلوص وچان چيو هو“ ها! بابا سائين- توهان کي ته ڪجهه چئي نٿو سگهجي نه!!
    هو ايترو چئي ڪمرو ڇڏي ٻاهر لان تي انهيءَ ساڳي وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويٺو- جتي هو پهريان ويٺل هو- ائين پي لڳو جهڙو هو منهنجي لاءِ- ٻاهران ايندڙ ماڻهو جي سنڀال رکندو هجي.
    حالانڪه مارچ مهيني جو پهريون ڏهو هو- ايتري گرمي به نه هئي جو وڻ جي ڇانو جو سهارو وٺجي- پر پنهنجي ضعيف عمر جي ڪري- هو سج جو تڙڪو شايد سهي نه پي سگهيو.
    مان سڪون بخش اڪيلائي محسوس ڪندي- پنهنجن خيالن لاءِ لفظن جو گهاڙيٽو شروع ڪري ڏنو هو- بس پنهنجي طرف کان محبت جي پڄاڻي لاءِ- منهنجا اهي آخري خيال هئا- جيڪي مون گهڙيل لفظن سان- تنهنجي ڊائري ۾ تنهنجي اجازت جي بغير لکيا هئا-
    جيئن رشتن، ناتن ڇڄڻ وقت- هر ماڻهو پنهنجي مرضي مطابق خود مختيار لفظ ڳالهائيندو آهي- شايد انهيءَ وقت نه مونکي ڪنهن لفظ معاف ڪيو ۽ نه مون ڪنهن لفظ کي بخش ڪيو هو-
    پنهنجا خيال ڊائري ۾ لکڻ وقت- تنهنجي چُميءَ واري نشي مونکي ايتروئي ستايو هو- جيترو ان وقت مونکي لفظن جي خواهش ولوڙ ۾ وڌو هو.
    شايد اهڙي حقيقت به انهيءَ مهل حاصل ٿي هئم ته- لفظ ذهن جا غلام هوندا آهن ۽ ذهن لفظن جو ٻانهو هوندو آهي ڊائري کولي ٽيبل تي رکي- قلم هٿ ۾ پڪڙي، ڊائري ۾ ڪجهه لکڻ اڃان شروع مس ڪيم ته- اندر جي دانهن هي- نُڪتو نروار ڪندي چيو هو ته ”محبت زنده باد- ۽ اسان جي الوداع“
    شايد دل جون نسون- جسم کان ٽٽي- لفظن سان ڳنڍجي ويون هيون-
    دل روئي پنهنجي افساني جو اختتام- ڊائري ۾ هن طرح بيان ڪيو هو ته ”منهنجون نظرون توکان پوءِ ته آزاد آهن آسا!
    پر پوءِ به، ڪٿي ڪنهن مهمان جيئان ڪا مهل ڪٿي ٽڪي نه سگهن شايد- ۽ نه ڪڏهن محبت ڀريون حاسد نظرون به تنهنجون وسري سگهنديون! جيڪي تنهنجي سچائي جو معتبر ثبوت هيون- ۽ منهنجي دل تي سي، اعليٰ درجي جي عبارت رهيون!
    چنڊ، ڪڪر ۽ تارا، ڪتيون به توئي ڏيکارڻ سيکاريا- جيڪي ازل کان اڳ اڀريل هئا!
    ان کان اڳ، مان انڌو ان ڪري هئس- جو شايد پنهنجي سرڪشيءَ جو ()عِنانِ بڻيل رهيس!
    سياهه راتين جا سناٽا- توبن منهنجو ماڻهپو قبول ڪئين ڪندا؟
    تنهنجو روشن مُک ته، منهنجي هر واٽ جي لاٽ هئي، آسا!
    جڏهن ماڪ ۾ تنهنجا وار ڀڄندا هئا- آڌي پڄاڻا انهن سان پنهنجو منهن ڌوئيندو هئس!
    پر هاڻ ته- ماڪ مُنهن ڀڄائي زنگي ڇڏيو آهي؟
    تون ته قلعي گر هيئن منهنجي سيم () تن روح ۽ زنگيل انسانيت لاءِ!
    سانوڻي رُت ۾ تنهنجون جهڙاليون اکيون به ڪافي هيون جن جي گهنگهور گهٽا، چنڊ رات کي به مات ڏئي- جهڙالي موسم ٺاهينديون هيون-!
    جي ماڻهو، جي مٿي تي، زلف انگور جي ان ڪندا هجن ها؟- ته خدا جي ذات جو قسم تهنجن وارن جو ٻج-
    چانڊائڻ ۾ پري کان نظر ايندڙ- سنڌ جي کيتن ۾- ضرور پوکيان ها!
    ۽ پوءِ ماڪ ڀڄايل پنهنجو منهن به- تنهنجي وارن جي سَلن سان- ڌوئيندو اُجاريندو رهان ها!
    ڪيڏي نه وساري ٿي پئي آهين- ڪڏهن ته پنهجا اِهي ريشمي وار- منهنجي لاءِ ويهاڻو ڪري وڇائيندي هيئن-
    اکيون بند ڪري چوندي هيئينءِ- اڄ ڀلي منهنجي نصيب جو نطام چمي وٺ!
    ياد هوندئي آسا! مون تنهنجي کاڏيءَ واري کڏ جو نالو- سنڌو نديءَ رکيو هو-
    توڻي جو خود کي تنها ڪري ويٺو آهيان،
    تڏهن به تنهنجي کاڏي واري کڏ مان- اڃان اُهي ڇوليون پيو پسان- جنهن تي منهنجا چپ ٻيڙي مثل ترندا هئا!
    ويسر ته مونکي به آهي، جو توکي وساري نٿو سگهان،- تو پاڻ چيو هو آسا! ته هڪ جي بدلي، ڪنهن ٻيءَ جڳهه تي ٻه ڏئي وٺ-
    ۽ پوءِ ٺڳي ڪئي هئم- ته تو مونکي چيو هو ۽ مون توکي چيو هو ته ”بَيمان!“
    شايد تڏهن ٻئي بي ايمان هئاسين!
    گهڙيءَ جو ڍڪ ڀڃڻ واري اڃ ڪٿي هئي؟- حالانڪ عضوا گڏي، هڪ جسم ٿيڻ وارو هُول، تنهنجي نيت ۾- وڏا خلل وجهندو هو!
    تڏهن اهڙو وهم به- تنهنجي وجود ۾ ويٺل هو ته- ڪٿي منهنجو جسم- پنهنجن عضون سميت- ڪنهن ٻيءَ جوڳياڻي سان نه جڙجي وڃي!
    هڪٻئي کي رُکو رکي- اڃان ته ايترو پراڻا به نه ٿيا آهيون- جو سانوڻ جي سانجهه به نه ساريان؟
    ناسيندي نگاهه- اڃان اول توڏانهن هئي آسا! – پر هاڻ ويلا ٽري- ٽڪار جو ٽڪو هڻندا وڃن!
    هاڻ خود سان وڙهي- ڌرتيءَ جو به وڙ وساري- بي وڙو بڻجي- پنهنجن خوشين جا ککراٽ ڪري- ڏند ڪنهن کي ڏيکاريان؟
    ڪنهن کي کلايان- ڪير کلائيندو مونکي هاڻ- خودي کي به کائي- ايترو باقي ڇڏيو اٿم- جيتري گونگي جي ٻولي ۾ گيرپ آسا!
    پريت جي ريت ۾- رُسڻ جي روڳ کي- تو شاعري چيو هو- پر منهنجي تخيل اڃان ته هڪ سڏڪو به نه ڀريو هو.
    شايد ڪنهن رُسامي لاءِ- ڪا ويساهي ساک نه هئس ۽ نه ڪنهن ستايل آدميت جو- ڪوئي احساس به کيس هو؟- پوءِ مرثيا خواني ڪري به ڇو ها؟-
    جو مرڻا اڳ مري- ان جو اوتار ڪڏهن مئو به آهي؟
    اکين ۾ آگم آهن آسا. – پر وسڻ جي ويس ۾ ناهن-
    جي وسي پيون- ته اڻتارو الاءِ ڪيترا ٻوڙي چٽ ڪنديون؟
    توکي شايد دل جي قحط- ڏکيا ڏينهن نه ڏيکاريا آهن تڏهن توکي شاعرن جي خودڪشيءَ واري پچار لطف ڏيندي رهي!
    ڏڪاريل اکيون- جڏهن برسنديون آهن- تڏهن دل جي صحرا ۾ رت پياڪ وڻ ڦٽي پوندا آهن- جن کي درد جو وڻ چئبو آهي-
    پوءِ من جو بي مدو سانوڻ- بس ئي نه ڪندو آهي- جيستائين سندس پلر جي پالوٽ ۾- روح لڙهي ٻڏي نٿا وڃن!
    اڪيلي دل بيوس هوندي آهي آسا!
    سانوڻ جي سانجهه ۽ سياري جي رات ۾- آسمان جيئان تون ڪيڏي اُجري ۽ ڌوتل نظر ايندي هيئينءِ.؟
    چانڊائڻ ۾- سنڌ جي کيتن تي- ڦلاريل سرنهن جو گل- توکي ڪيڏو نه پيارو لڳندو هو؟-
    تو پنهنجي هڪ سالگرهه جي موقعي تي- اهڙي رنگ جو رئو- مونکان گفٽ طور- تو پاڻ گهري ورتو هو- ۽ مون سرنهن گُل جي رنگ جهڙو اهو رئو توکي گفٽ طور پيش ڪيو هو.
    جنهن ۾ سرنهن جي ٻوٽي جو به ڇاپ لڳل هو- جنهن جو هڪ پتو ائين پي لڳو- ڄڻ ته ان پتي جو گوشت- ڪنهن جيت ٽڪي- لفظ محبت لکي ڇڏيو هو!
    ياد اٿئي؟
    تنهنجي هڪ هارياڻي- سرنهن جي گلن ۾ ڦرندي، هلندي ڏسندا هئاسين- جنهن جا پير اگهاڙا- ۽ مٿي جو ڪپڙو ڦاٽل ڏسي- منهنجي دل غربت تي لعنت وجهندي هئي! هُن هارياڻي ۽ تو ۾ ڪيڏو نه فرق آهي؟- هوءَ ويچاري ته سرنهن جو ساڳ بڻيل آهي- ۽ تون ته انگوريل آهين. – تنهنجي ڦُل ڦلاري ڦلواري تي ته- ٽانڊاڻا پيا ٽمڪن.
    چانڊائڻ ۾ کيت کلندي ڏسان ٿو ته- تنهنجا اُهي مڌ ماتا جهوٽا ياد ايندا اٿم- جن دوران توکي چمي ڏئي- سجاڳ ڪندو هئس.
    تون ته بجليءَ جي مصنوعي روشنيءَ کي- ڏانئڻ چوندي هيئنءِ- ڇا اها ڏائڻ- تنهنجو خون- هاڻ ڪون ٿي کٽو ڪري،
    پپر جڏهن پيلا پن ڪندا هئا – ته انهن کي مصنوعي روشني جي تشبيهه ڏيندي هيئينء.
    جيت جهومريون پائي- جڏهن سرگم جا سر آلاپيندا هئا- ته رات روئي ماڪ ڦڙا وسائيندي هئي- تنهنجو من ڪيڏو شانت هوندو هو- پنهنجو ڀنل بدن مون تي اڇلي ڇڏيندي هيئينءِ-
    ۽ مانِ! تنهنجن وارن جي خوشبوءَ ۾ واسجي ويندو هئس- اهڙي حالت ۾- هڪ رات تو چيو هو ”فتاح! تنهنجي وارن مان مونکي بارود جي بانس پئي اچي؟“
    مان ڇرڪي پيو هئس- پوءِ پاڻ سنڀاليندي مون چيو هو- ”شايد منهنجي کيسي مان- قلم ڪري مس هاري آهي آسا.“ ۽ واقعي هو به ائين- پر قلم کيسي مان هيٺ نه ڪريو هو- کيسي ۾ ئي کُلي پيو هو- ۽ مس جي خوشبوءَ اٿاري هئائين- جنهن کي تو بارود جي بانس پي چيو.
    مس ۾ رڱيل اهو کيسو تو ڏسي- چڱي طرح سان سونگهيندي چيو هو ته ”واقعي مس آهي فتاح. ڪيڏي پياري خوشبو، اٿس.“ ۽ مون چيو هو ”اهوئي ته ادب جو بارود آهي آسا!“
    پوءِ تو پنهنجي نا بالغ عقل ۽ معصوم لهجي ۾ پڇيو هو ”ان سان ڪڏهن ڌرتي جي سالگرهه لکي اٿئي فتاح؟“
    اهڙي سوال پڇڻ جو- توکي اهڙو عقل الاءِ ڪيئن آيو هو- تو حقيقت بيان پي ڪئي- يا الائي مذاق ڪيو هيئي- پر مان بلڪل لاجواب ٿي ويو هئس.
    جواب ڪرڻ لاءِ- نه ان وقت منهنجي عقل پي ڪم ڪيو ۽ نه ڪوئي لفظ پي هٿ چڙهيم- ائين سوال ڪيو هيئي- جيئن ڪوئي ٻار انگل ڪري ته ”چنڊ لاهي ڏيو؟“
    ڪنڌ جهڪائي پنهنجي شرم ۾ ٻڏڻ پي چاهيم- پنهنجي ڌرتي لاءِ وارثي جي دعويٰ به ڪندو هئس- پر تنهنجي ان ٻاراڻي سوال تي- خود کي به لاوارث ڪري ويٺو هئس.
    منهنجي ڊگهي خاموشي ڏسي- منهنجي ستل غيرت کي تو ڄڻ چونگ ڏيندي وري چيو هو ”ٺهيو- سالگرهه نه لکي سگهيو آهين ته ڇا ٿي پيو- پر ڌرتيءَ جي ورسي ته ضرور لکجان؟؟“ منهنجي خاموشي به خفيءَ ۾ بدلجي وئي هئي- منهنجي ادبي غيرت کي- تو نه رڳو چونگ ڏني هئي- پر ٿڏو به هڻي ڪڍيو هو- جنهن منهنجي ادبي ڪاوش سڀ- لتاڙ ۾ آڻي ڇڏي هئي! – تڏهين تنهنجا چيل اهي لفظ به ياد پيا هئا- جڏهن تو سنڌ جي ڪنهن نامياري شاعر جي حادثاتي موت تي چيو هو ”فتا! تون خودڪشي ڪندڙ شاعرن تي نوحاگري ڪندو ڪر!“
    مرڻ جي گهڙي هئي مون لائي- پاڻ کائڻ لڳو هئس- پنهنجي ڪُل هستي- ماڪيل رَنگ محسوس ٿيڻ لڳي هئم.
    پنهنجا خيال، ارادا، عمل ۽ پنهنجي تخليق جو هر تخيل- سڀ هوائي ڳالهين سان ڀريل- المياتي بحث سمجهڻ لڳو هئس- لفظن جو گهاڙيٽو منهنجو گريبان چاڪ ڪرڻ لڳو هو!
    توکانسواءِ ان مهل ٻيو ڪير هو آسا؟- جو محسوس ڪري ها ته- مونکي پنهنجي ڌرتيءَ سان- ڪيتري محبت رهي ٿي؟.
    ڌرتي به ان مهل- مونکي پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪائڻ نه پي ڏنو- منهنجي سچائي جو مون وٽ ڪو ثبوت نه هو- ڪجهه چوڻ ۽ توکي مڃائڻ لاءِ ته- خود به ذهني طرح معذور ٿي پيو هئس.
    ڪيئن چوان ها ته؟-،
    منهنجا خيال، منهنجون رچنائون، منهنجا ارادا سڀ ڪنهن بهاني جو سٻنڌ ناهن!
    فاني ۽ غيرفاني واري دعويٰ سان- جنهن ويهه واٽي ٽياس تي- خود کي ٽنگي ڇڏيو هئم- ان جو به ٻنڌڻ ٽٽي باقي هڪ، اڌ تند تي اچي بيٺو هو- جنهن جي مڪمل ٽٽي وڃڻ سان- اهڙي کاهي ۾ وڃي ڪربو آهي- جتي سڀ مئل ماڻهپا هوندا آهن! – جن کي پنهنجن جيون ۽ جوڀن جي سالگرهه کانسواءِ- ڌرتي جي دز به ياد نه هوندي آهيِ! تنهنجن وارن کي- رات جي گهٽا سان- تشبيهه ڏيڻ به- ان مهل نه پي آيم،
    الاءِ ڪهڙي شي هئي- جنهن هينئون ڪُٽي- ٻئي ڦڦڙ هوا سان ڀري ڇڏيا هئم- جنهن کي اندر جو اڌمو چئبو آهي! – ڪنهن ٿڌي شُوڪاري جي بجاءِ- ڇاتي تي اهڙي باهه کي ٻرندو رهڻ تي اوليت ڏني هئم.
    تون ته پوءِ به چوندي ويئينءِ، چوندي چوندي ويئينءِ
    الاءِ ڇا پي چيئي- لاشو بڻيل هئس،
    ڪُتي کان سکيل- پنهنجي غلامي لاءِ وفا- لعنت جو طوق هو منهنجي لاءِ!
    پنهنجي زخميل روح جي قبر ته نظر ئي نه پي آيم-،
    دل کان پڇيم ” جيئرو آهيان- مئل آهيان!؟“ ڪوئي جواب نه مليو ٻنهين کان الڳ، پري هئس-
    اڳ به- بلندين ڏانهن اڇلي ڦٽو ڪندي هيئينءِ- پر ان رات ستارن کان به اڳتي- اڃان به پري اڳتي اڇلي ڇڏيو هيئي- شايد اتي به پنهنجا خيال پڪڙي نه پي سگهيس- جتي ڌرتين جون سالگراهون ملهايون وينديون آهن، مان ان تلاش ۾ هئس- ستارن کان سندن سالگرهه جو پڇڻ پي چاهيم- پر اهي ڌرتي ڄايا هئا- خود تي ڪارنهن جو داغ- هڪ وڌيڪ لڳرائڻ شرم جي ڳالهه هئي!
    مرڻ مهڻو ٿي لڳو هئم- ڌرتيءَ جو ڪهڙو وارث هئس؟- پنهنجي ڌرتيءَ جي جنم ڏڻ کان اڻڄاڻ هئس؟؟
    مغز ۾ خيال چڪ پائيندي چوڻ لڳا ”محض موت جي ذائقي لاءِ ڄايو آهين؟“
    وري هڪ ٻي خيال وڙهندي چيو ”نه! شيطاني خيال آهي اهو بزدل ۽ ڪمينو تصور آهي!“
    الاءِ ڪهڙو عضوو هو- جنهن تي درد دکي پيو هو- پر ڳالهائڻ جي شڪستي نه هئس.
    ڇا ڳالهايان ها؟- دل جو خون ڪنهن ڪُتي خيال چٽي- سندس سگهه وڃائي ڇڏي هئي،
    انسانيت جي الوداعي غم ۾- دل آهستي روئي رهي هئي- شايد تو به نه پي ٻڌو آسا! سڄو آسمان- منهنجي ماڻهپي تي- مذاق اُڏائي- ستارن کي کلائي رهيو هو-
    ذهن خود تي لعنت وسائيندي چيو هو ”ڇا؟ اهي ٺٺول ڪري هاڻ مون تان کلندائي رهندا!؟“
    وري ذهن ئي جواب ۾ ڀڻڪيو ”نه! مايوس خيال آهي.“ سوچيندي، سوچيندي پوري همٿ- دل جي گوشت مان نڪري- آرس بڻجي- ڪفن جيئان بدن تي ويڙهجي وئي- ننڊ جو هلڪو خمار چڙهي ويو هئم- پنهنجن اکين ۾ خود کي دفن ڪري- مئل ماڻهو جيئان سمهي پيو هئس- هاڻ تو جو ڪجهه چيو پي- سوڄڻ تو منهنجي زندهه قبر تي قل پي پڙهيا! ۽ منهنجن ارواحن کي پي بخشيا.
    پر پاپي روحن- منهنجي خاموش روح کان- اهو نيڪ عمل اڳ ۾ ئي جهٽي پي ورتو!
    مون پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ- سالگرهه جهڙي خوشيءَ ۾- پاڻ موکي نه ملهايو هو- خدا منهنجي حصي واري بخشش- ٻين روحن کي خيرات ۾ ڏيندو رهيو-
    دل صدمو کائي چيو هو ”ماڻهو منهنجي قبر تي- هاڻ ٿُڪون- اڇلائيندا!“
    ها! ضرورت هئي ڏاڍي- مئي پڄاڻا قبر تي گل- مونکي روح مٿان رکيل پٿر لڳندا آهن-
    ماڻهن جي اها مون تي مهرباني ٿيندي- جي منهنجي قبر تي- ٿُڪن سان گڏ- ٿُڏا به هڻندا رهن!؟
    ٿڏا هڻندي- سندن بوٽ جي ٽٽي پون ته اهي جوتا به منهنجي قبر تي ئي رکندا ويندا- ته سندن هڪ وڌيڪ مهرباني هوندي ۽ مان خوش ٿيندس! – جو منهنجي مزار جي توهين تان- منهنجي ڌرتي ماءُ خوش ٿيندي-
    جنهن کي مون صرف- پنهنجا پير سيني تي هڻي- لتن سان لتاڙڻ سکيو هو.
    مون سندس هر فرض قضا ڪري ڇڏيو،
    مون سندس هر حق- خطا ڪري ڇڏيو!
    کيت چانڊاڻن ۾ وري پيا کلندا آسا! – پر انهن کي چئجان ته- منهنجي اُجڙي قبر تان کلن- ته جيئن اهڙي ٺٺول تي- مونکي پنهنجي ڌرتيءَ جون اهي ڀيڻيون ياد پون- جتي مان تنهنجي جوٽ تي سمهي- توسان ستارن جون ڳالهيون گهڙي ڪندو هئس؟.
    سرنهن جي گلن ۾ گُهمندڙ- ان هارياڻي ڏانهن ضرور وڃجان- پر جي سندس پير اگهاڙا ۽ سر جو ڪپڙو ڦاٽل ڏسين- ته منهنجي قبر تي- اميد ته ڌرتي ڄاون جوتا گهڻا ڇڏيا هوندا- سندس پير ۾ جيڪو پورو ٿئي- کيس پارائجان؟
    سندس سرجي ڦاٽل ڪپڙي جي بدلي- منهنجي ارواحن جي نيت سان- سرنهن- رنگ جهڙو ڪو ڪپڙو ٽڪر وٺي- کيس مٿي ڍڪڻ لاءِ ڏجان- منهنجو روح توکي صرف دعائون ڪندو خدا ڪندو توکي اقرار جي ٻج مان- اقرار جهڙو ئي پٽ ڄمندو-
    پر جڏهين منهنجي قبرستان تي اچين- ته اُن هارياڻي کي ساڻ وٺي نه اچجان؟
    مان ان جي سادگي ۽ غربت سان محبت ڪندو رهيس- ان کي ڏسي تنهنجي محبت مونکي ستائيندي- پوءِ توکي ڏسي، مونکي متان تنهنجي نراڙ چمڻ جي هَوَس نه جاڳي پوي- ۽ توکي متان وري Jealousy جو مرض نه ٿي پوي.؟ -
    Jealousy جو مرض!
    جنهن تنهنجي سچائي لاءِ سوين چنڊ به شاهد بڻائي ڇڏيا هئا
    ۽ چميءَ جي هَوس!
    جنهن منهنجي چپن کي- رومانٽڪ رقص ڪرائي- پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن کان لاتعلق رکيو،
    جيلسي جو مرض ۽ چميءَ جي هَوَس! – اهي اهڙا لفظ آهن- جن کي نه ڪڏهن تو تلاش ڪيو هو، نه مون- خبر ناهي- اهي لفظ شيطان جا ابا آهن- يا ڌرتي جي پهرئين آدم کان سندس اولاد کي مليا آهن؟
    پر سي وسارجانءِ هاڻ نه- اهي لفظ وري به ڪڏهين ڪم ڏئي وجهندئي.
    جنهن ڏينهن منهنجي مزار تي اچين- ته اتي پيل جوتن مان ڪو جوتو کڻي منهنجي قبر جي سيرانديءَ کان رکي- مون کان اهو پڇڻ نه وسارجان ته- ماڻهو پنهنجا پير- پنهنجي منهن تي رکي ڪيئن ٿا سمهن؟“
    پر اهو هرگز نه پڇجان ته- ماڻهو پنهنجي ڪياڙي طرف لوڻو هڻي- پنهنجي اُگهاڙي پٺ ڪيئن ڏسندا آهن؟“
    ڌرتي ماءُ جا حق ادا نه ڪري- پنهنجي پٺ جي اوگهاڙ- جيتري مون ڪئي- ايتري شايد فرقا پرست ملن به- اسلام سا نه ڪئي هوندي آسا،
    ۽ ها!
    پنهنجي کاڏڙيءَ کي- ڪنهن ڪپڙي پلاند سان ڍڪي لڪائي اچجان؟- لفظن جو گهاڙيٽو مون تي لعنت وسائي- مونکي سنڌو نديءَ جون ڇوليون ياد ڏياريندو- مونکي سنڌو ندي ماءُ جون، اهي ڇوليون ياد اچي وينديون- جيڪي منهنجي ادبي غيرت کي جاڳائينديون رهنديون هيون- پر لفظن جي خواهش مونکي رومانس جي دريا ۾ لوڙهي- ڪمينو بنائي وڌوو هو!
    منهنجي مزار تي- منهنجو ڪوئي شعر به نه پڙهجان- توکي پنهنجا ديسي شاعر سڀ،
    اڻڄاڻ،
    ڪوڙا،
    لذت پرست،
    ذاتي خواهش ۾ ٻڏل،
    عورت جا پوڄاري،
    لفظن جا ڪوڏيا،
    حسن پرست،
    نه مئل نه زندهه،
    ديوانا، پاڳل، خودڪشي ڪندڙ، غيرت ۾ ڪمزور،
    ۽ جنسي نيچر جا ڪيڙا معلوم ٿيندا! ڪوشش ڪري منهنجا شعر وساري ڇڏجان؟
    ڇو ته- منهنجي قبر جي اڱڻ تي- توکي صرف ٿُڪ ۽ جوتا نظر ايندا!
    ٿُڪ ٿي سگهي ٿو اُس ۾ سڪي وڃي- باقي توکي شاعرانا لفظن جي بجاءِ- رڳو ٽٽل، ڦٽل جوتا نظر ايندا!
    اهي منهنجي ڪنهن محنت جو اجورو ته ضرور چئبا- پر توکي ڪوئي شعر ٻڌائي نه سگهندا!
    ياد هوندئي آسا- توکي منهنجي ان لڙهي ويل شاعري تان رنج رسيو هو پر منهنجي قبر جي اڱڻ تي پيل اهي پراڻا جوتا- منهنجي قبر تان چوري ڪري- نه ڪنهن پاڻي ۾ ڦٽا ڪجان- ۽ نه سي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجان! – منهنجي دل ڏکندي- منهنجي روئڻي روح کي رنج رسندو- ڇو ته- اهي منهنجي محنت جو ڦل- ۽ پورهئي جو اجورو هوندا!
    مونکان چنڊ بابت ڪجهه پڇندينءِ- ته ٿي سگهي ٿو-
    چنڊ بابت ڪجهه توکي ٻُڌايان، سو انهيءَ لحاظ کان جو منهنجي ڪفن جو رنگ، گهڻو ڪري چنڊ جهڙو هوندو.
    پر ستارن ۾ لکيل تنهنجو نانءُ- توکي پڙهي ٻُڌائي نه سگهندس، منهنجي قبر کي ڪاٺ هڻي- مٿان مٽي ورائي ڇڏيندا!
    مون کان ڌرتيءَ جي اُها ڀيڻي، ڀُون نه پڇجان، جتان کان شام جا ڪڪر لنگهندا هئا؟؟
    ڇو ته- ڪڪرن جي وندر ۾ پنهنجا خيال ڊوڙائي پنهنجي ڌرتيءَ جي هر ڀيڻي، ڀُونءِ ۽ سونهن، سوڀيا سڀ وساري ويٺو هئس. ڌرتيءَ جي چنتا، هينئن سان هنڊائي چيتي ۾ نه رکي هئم. مون زندگيءَ سان صرف خوابن ۾ وچن ڪيا! خاموش قبرستان مان لنگهندڙ کي ڪهڙي خبر ته- ڪوئي زندهه دفن به ٿيل آهي!
    منهنجي اِها آس اڃان اڌوري رهيل آهي آسا!
    مان تنهنجي ڀاڪر ۾ تنهنجي آخري چُميءَ وارو موت ماڻي نه سگهيو آهيان؟
    منهنجون رچنائون اڃان اڌوريون آهن؟
    روح لفظن جي طوفان ۾ وڃائي گم ڪري چڪو آهيان!
    منهنجو ناول اڃان اڌورو آهي؟
    لفظن جي خواهش- غير فاني،
    ۽ من جي خواهش- ضخيم!
    دل جا صفحا ڪيترائي ڀُري رُلي ويا،
    لفظن جي خواهش وارا صفحا- اڃان نامڪمل آهن؟
    خبر ناهي ته- ڪهڙي مقصد سان؟ خواهش لفظن ۾- اُبت ڪنڊڙيءَ جيان اٽڪي پئي؟
    ڪهڙي خبر ته- سا ڏنگيندڙ خواهش- ڪنهن جي هئي دل کي؟
    محبت، ماڻهپي يا قوم ۽ انسانيت لاءِ.
    ها! توکي به چڱيءَ طرح ياد هوندو آسا!
    تنهنجي گهڻو ڪجهه ڳالهائي وڃڻ کانپوءِ به- توکي ڪو جواب نه ڏنو هئم- تو منهنجو نالو کڻي سڏ به شايد ڪيا هئا- پر مون کي تو پنهنجي جوٽ تي- مَيتَ جيان خاموش پيل ڏسي- پنهنجي ڏسڻي آڱر منهنجي ڪن اندر وجهي، مون کي سجاڳ ڪندي تو پڇيو هو، ”ڪهڙي ننڊ ۾ آهين فتاح؟“
    ”قبر جي ننڊ ۾!“ سجاڳ ٿيندي ئي چيو هئم.
    ”قبر جي ننڊ ۾!؟“ تو کلندي منهنجو جواب سواليه انداز ۾ دهرايو هو- ۽ مون جواب ۾ چيو هو، ”ها آسا! مون کي ٿڌي ننڊ اچي وئي ۽ مان قبر داخل هئس!“
    اهو ايئن صرف هڪ دفعو ٿيو هو آسا! جو تنهنجي جوٽ جي آغوش ۾- خود کي اکين جو ڪفن ويڙهي- سڪون جي ننڊ سمهي پيو هئس- ۽ پوءِ دل جي اهڙي ته ڪا رمز هئي، جنهن من ته مات ڪري ڇڏيو هو، پر دل خود صورت بدلائي سچ جو روپ، سروپ بڻجي پئي هئي.
    پر کيس ڳالهائڻ، ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ واري شڪتي نه هئي.
    پنهنجي پرماتما کي- قبر جي ديوارن تي لکي رهيو هئس.
    پنهنجن خوابن جو ٻج قبر مٿان پيل- جوتن جي شڪل ۾ ڏسي منهنجا خيال مکين جيان ٽڙي، پکڙي اُڏامي پيا هئا، شايد ڪو سُندر سپنو هو آسا- جنهن جيءُ جي جاڳتا کي بيدار رکيو هو.
    پوءِ به تنهنجي ڪنهن محبوب سڏ تي- سجاڳ نه ٿيو هئس. پر ڪن ۾ آڱر لڳڻ سان ساهه پئجي ويو هئم. جاڳي پيس ته مس جي خوشبوءِ اڃا منهنجي مغز ۾ هئي.
    تنهنجو چيل جملو، ”ڌرتيءَ جي ورسي ضرور لکجان!؟“
    ڌرتيءَ لاءِ دل تي موريل- محبت واري سَلي کي- بادِ خزان جو جهونڪو ٿي لڳو هو-
    جنهن کي پنهنجي اکين واري پاڻيءَ سان سنڀالي رکيو هئم!
    چنڊ اُلهي چڪو هو- تو شايد تارا ڳڻيندي مون کي بيدار ڪيو هو.
    قبر جي ڪربناڪ ڪروڌي تصور مان منهنجو ذهن ڇڏائيندي تو اُتر طرف ڪنهن تاري ڏانهن اشارو ڪيو هو- پنهنجون اُجهريل ڳريون اکيون- آسمان طرف کڻي ڏٺم ته- سڀ تارا مون کي کڙندي نظر آيا هئا!
    منهنجي نظر به مون کي دوکو ڏيڻ لڳي هئي-
    ستارن ۾ غور سان ڏسندي مون چيو هو، ”آسا! هو ڏس شايد آسمان جي سالگرهه-؟“
    منهنجو سوال وچ ۾ ڪٽيندي پڇيو هيئي ته، ”ٻُڌ، ٻُڌ ستارن ۾ منهنجو نالو ڪٿي لکيل هو؟“
    منهنجي بي خوديءَ لاءِ- شرم واري حد هئي! پنهنجي بي اثر ادبي ڪاوش تان پردو کڄندو ڏسي- بي شرمائيءَ وچان، توکي اهڙي سوال تان هٽائيندي مون توکان وري پڇيو هو، ”آسا! آسمان ۾ غور سان ڏس، تارن جي سالگرهه آهي يا آسمان جي؟“
    ”هي وقت ڌرتيءَ جي سالگرهه جو آهي فتاح- پر اسان آسماني رات جي رنگينيءَ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وساري چڪا آهيون. رات جي هن وقت مهل قلم جاڳندا آهن فتاح- هر قلم پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشي ملهائيندو آهي!“
    ڪيڏو وزن هوندو هو- تنهنجي هر خيال کي.
    توسان گڏيل زندگيءَ جو هر لمحو، شعور، لاشعور جي صليب تي- مران، جيئان، جيئان مران جون سراپا صدائون ڏيندو هو.
    چاندني تو سواءِ به ٿيندي رهندي آسا- پر منهنجي اُماس ۾ روڳ جو رڌم هاڻ ڪير آلاپيندو-؟
    من جي اُداس ڏيهه ۾،
    چُمين جا قافلا، نااُميد سرگشتا آهن؟
    دل جي دنيا تماشائيءَ جي حيثيت سان- بندوق جي نالي سامهون بيٺل آهي. کيس ڪهڙو آدرش آهي؟ جنهن جي سفر ۾ منزل کان اڳ قافلي ڇني ڦٽو ڪيو اٿس؟
    ويچار جي واٽ ۾ ڌوڙ جا واچوڙا اُڏايا ويا آهن!
    ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ امن جا ڏڪاريل ڏوراپا کڻي ڪنهن در دانهين بڻجي ڌوڙ ٿيندر ديس ۾ پنهنجا وسيلا ورنائي والي بڻبا؟
    ڪير آهي تو بن؟
    جنهن منهنجي ننڍڙي دنيا جي موسمن ۾- زهر ڀري ڇڏيو آهي؟
    هوا جي طبيعت ۾ ڇتپڻ جون گُلريون آهن،
    هر ماڻهوءَ جو منهن باهه جو ساڙيل ڪاغذ ٿي پيو آهي!
    آسمان تي به شايد- دونهيون دُکايون ويون آهن،
    بادلن ۾ باهه پئي ٻري!
    شايد ڪڪرن به جنگ ڇيڙي وڌي آهي- سڀ پنهنجي پنهنجي محاذ تي بيٺل- مقابل پيا نظر اچن.
    سرنهن گل جي خوشبوءِ کان، بهارن منهن ڦيري ڇڏيو آهي!
    موسمن اُگهاڙيون ڳالهيون ڇيڙي وڌيون آهن،
    رات پنهنجي اُگهاڙي رقص ۾- رازدارن جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا آهن،
    دنيا اوگهڙ وارا نفيس بدن چٽي، پنهنجي شهوت مستيءَ سان عضوا، عضون ۾ ٽنبي ڇڏيا آهن.
    قبرن ۾ مردن جي بدلي، ڪتن کي سمهاريو پيو وڃي،
    ماڻهپي جي بي پناهه اُجاڙ لاءِ، چٻرن جا بسيرا به ساڙيا پيا وڃن،
    فجر واريون گونگيون دعائون،
    بسترن تي سمهاريل، اُگهاڙين عورتن جا خراٽا،
    ۽ وقت جون رڙيون، ٽيئي ڪتن جي اوناڙين سان گڏجي هڪ ٿي ويون آهن!
    خاموشيءَ جي لمحن ۾، خواهشن جا ڌڻ رنڀي پيا آهن،
    اُگهاڙن خوابن جا لاشا- کليل گهرن جي اڱڻن تان ڊوڙي- ماڻهن جي مغز تي چڙهي ويا آهن.
    روحن جي گهراين مان- بارود جا ٽهڪ اُٿيا آهن،
    ادبي قلم- لوهار جي سانداڻ تي رکيو ويو آهي،
    ذهني وسعتون، ڊٺل ديوار جيئان، ڍير ٿينديون وڃن؛
    مان اڪيلو- اکين سان زندهه رهجي ويو آهيان آسا! باقي جسم! قبر جي مٽيءَ کان به وڌيڪ ڪڙهيو آهي-
    دل جو پگهر- طوائفن جي ميڪپ جيئان سُڪي ويو آهي!
    پر ياد رکجان؟
    ٿڪجڻ جي گوهي- منهنجي وسعت ۾ ازل کي لکندي وسري وئي!
    چنڊ جو تنها رهڻ سُٺو نه هو آسا؛
    وقت تي ڪهڙو وشواس؟
    وانڍين جا ويري- پنهنجون بازاريون الڳ نه اَڏيندا آهن.
    ڪلهه به ستارن ۾، تنهنجو نانءُ ڪنهن پڙهيو پئي،
    پرائي من جو موهه- تنهنجي نانءُ ڏانهن ڪيئن کڄي؟-
    پر ستارن ۾ تنهنجي نانءُ جي مايا جا اٽڪيل آهي- جنهن جي چتر وديا سان- هر رات قدر جي رات بڻيل آهي- ڪو ڪيترو ئي پاڻ پلي- پر هڪ نظر ته ضرور هڻندو- تنهنجي نانءُ کانپوءِ ته ستارن خاموشي سکي!
    چنڊ ته هر مسافر کي پنهنجي منزل تي نٿو رسائي،
    رُتون سانوڻي هجن يا سرءُ
    ڪجهه غور ڪجانءِ آسا؟
    امن جو پکي به- سمنڊ منهن ڪيو ويٺو آهي، پر سمنڊ اڃان اُسهيو ناهي،
    بادبانن جا پاڇا ته ڊگها ٿي ويا آهن، پر سج صورت اڃان ڪٿي بدلائي آهي؟
    تنهن ڪري امن پکي اڃا اُڏاڻو ناهي،
    جڏهن ملائڪن خودڪشي ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن يقين ڄاڻج ته- مون وارو ملائڪ پهرين صف ۾ بيٺل هوندو!
    توکي چنڊ، ڪڪرن جي چاهت ۾- ڪيڏي وسهام ٿيندي هئي، سا تنهنجي ڀلائڻ کان ته وڏي آهي؛
    هي ڌرتي واريون- هٿرادو ٺهيل روشنيون، هاڻ ته مون کي به ٿيون ڏنڀين،
    چنڊ جي روشنيءَ تي- امن جا پاڇا گهڻا ڳڻي ٻُڌائيندي هئينءَ؟
    شايد سرنهن گل جي خوشبوءِ سان گڏ توکي پنهنجي گلبدن جي خوشبوءِ لاءِ به امن جي ايڏي چنتا نه رهي آهي؟
    توڻي جو تو ئي چيو هو ته، ”جڏهن گلابن جا لاشا- اُگهاڙي دنيا جي عضون هيٺ لتاڙبا- ۽ ٺري سان مئل ماڻهن کي غسل ڏنو ويندو- تڏهن امن جي تلاش پويان- انسانيت به سمونڊ جو سفر ٻيڙي بنا ڪندي.“
    پنهنجن رچنائن کي- هاڻ ڪهڙو نانءُ ڏيان آسا؟ جن منهنجي مغز ۾ رڳو لفظن جا لاشا سمهاري ڇڏيا آهن.
    بلندين جي پهاڙن تي- منهنجن خيالن جا اهي قدم هاڻ هوائن ڊاهي به ڇڏيا هوندا- جن کي تنهنجي نظر جو هڪڙو لفظ به- جي اُڇليندو هو- ته اُتان موٽڻ صديون سمجهندو هئس.
    جڏهن به جيءُ ۾ جهاتي پائيندو هئس- ته تنهنجي سُندرتا جي اهڙي سانجهه پَسندو هئس، جو خلقڻهار به اهڙي شام اڃا آسمان ۾ نه اَڏي آهي؛
    ڪنهن کان پڇان؟ هي ڪهڙي آڳ آهي؟ جيڪا اندر جي ساوڪ کي- ثرن جيان ساڙيندي وڃي؛
    ڪير آهي؟
    منهنجي من جي چمن جو سونهن ساڙيندو- مساڻ ڪندو وڃي؟
    منهنجا دوست به- هڪٻئي پٺيان مري- انهن مان ڪوبه هاڻ اهڙو نه رهيو آهي، جنهن جي ٺٺول مان خبر پوندي هجيم ته من جيئرو يا مئل؟
    ماڻهن اُگهاڙي بدن جي طواف ۾ امن ته هاڻ ڏٺو آهي.
    روز الائي ڪيترن لاشن جا جلوس ڊوڙندي ڏسندو آهيان، جن کي امن ڪعبو به ڏئي نه سگهيو آهي؛
    ۽ ها!
    جنهن انسانيت کي تون مٽيءَ جو ٺهيل ڍڳو چوندي هئينءَ، تنهن کي ته هاڻ اسٽيل جو پاڻي ڏنو ويو آهي، ليڪن مُلهه ۾ تمام سستو ڪيو ويو آهي، ۽ سندس ٽنگ، ٻانهن جهڙو عضوو ڀڃڻ لاءِ به رمورٽ ڪنٽرول جهڙا سرڪش خيال تمام ڪارائتا ثابت ٿيا آهن.
    ڪوڙ کي به شيشي جي بوتل مان ڪڍي وڏن ڪتابن جي پيٽ ۾ وجهي Plastic Coverd ڪري Code ڪيو ويو آهي.
    چند ڏينهن ۾ ڪيتري نه دنيا بدلي آهي، ڪير اعتبار ڪندو ته، سرنهن جي گُل ۽ هُن هارياڻي- اڃان پنهنجا ويس ۽ رنگ نه بدلايا آهن،
    ڪڪرن جي آباديءَ ۾ واڌ آئي آهي، پر ستارا کُٽندا وڃن،
    هُو اُتر طرف کان جيڪو هميشه هڪ هنڌ تارو بيٺل ڏسندا هئاسين، سو به جهڙوڪر هاڻ سُسندو وڃي؛ وقت هجئي ته لان ۾ بيهه ڏسجان!
    تون چنڊ ۾ بيٺل جيڪو وڻ ڏيکاريندي هئينءَ، رات مون ڏٺو ته ان جو به هڪ ڏار جهڙو ڪپيل هو!
    هاڻ تون ڪيئن ٿي سمجهين؟ منهنجو ڪو سپنو ساڀيان ٿيندو؟- يا واچوئڙي جي اُڏايل ڪنهن ڪاغذ جيئان امن پکيءَ کان اڳ اُڏايو ويندس؟
    رات جي مسافر سان ڪيل ڳالهيون- ڪنهن سان اوريندي رهجانءِ- من ڪِٽجي ويندئي!؟
    پراڻي سُٽ سان خيالن کي نه سبجان!؟
    مان زهر ۽ پاڻي ملائي- لفظ ٺاهي پنهنجا خيال لکي رهيو آهيان. منهنجو ڪو خيال ماڻهن مان رُلي تو تائين پهچي ته کيس پري جهلي پڙهجان، سندن زهر جو اثر مغز تي به چڙهي سگهي ٿو، ڪٿي تنهنجي نظرن ۾ وڌيڪ زهر نه ملي وڃي!
    هر لفظ کي سنڀالي پڙهجان، سندن عضون جا زخم نه ڏکن؟
    سمهڻ وقت منهنجن خيالن کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڪمري جو دروازو بند ڪرڻ نه وسارجان؟
    تو ته رت به ڪڏهن نه ڏٺي هئي، پر ڊپ نه ڪجانءِ، منهنجن معذور لفظن جي ڪنهن خيال مان توکي رت پِت جي ايڏي ڇٽ نه ايندي.
    تو شايد نه ڏٺو هوندو آسا، رات آسماني ڇت مان به رت رنگا ڦڙا ٽِمي هيٺ ڪريا هئا. ٿي سگهي ٿو ستارا به رات رُنا هجن،
    خوف پيو کائي ته ڪٿي چنڊ جو هاڻ وجود نه ڦاٽي پوي، جنهن تي امن جا قافلا ڪوچ ڪري چڪا آهن، ۽ رستي ۾ رزيلن جا به، ڪيترائي راڄ رُليل آهن، جن امن جي ڪوچ مقام جا قلعا اڳ ئي ڀڃي ڀينگ نه ڪري ڇڏيا هجن!
    دل جي وحي ڪنهن پروڙي آهي؟
    گهٽ ۾ گهٽ توکي ته اهو سمجهه ۾ نه ايندو ته من جي مئڪده ۾ محبت جو ذڪر ڇيڙيندڙ ڪير آهي!؟
    تنهنجن شبنمي وارن ۽ سرنهن جي گل جيئان، خود کي به اڃان شانت ۽ شفاف رکيو هئم.
    پر هاڻ توکان مليل هر صدمو من اندر چٻري جيئان آکيرو بڻائي ويٺو آهي.
    ڪيترو نه رس هو تنهنجي سيني تي جُڙيل مانيري ۾- جنهن تي منهنجا خيال ماکيءَ جي مکن جيان ڪيڏا ڀڻاٽ ڪندا هئا.
    ڪيڏو نه امن هوندو آهي؟ رخسارن جي رياست ۾، پر گدڙن جي اوناڙين تي هميشه ڪتا ڊوڙي ايندا آهن- جيڪي جهُلون ڪري هڪٻئي کي ڏاڙيندا آهن.
    تو به سچ چيو هو آسا! مان جن کي ماڻهو چوندو هئس، انهن ماڻهپي کي مٽيءَ جو ڍڳو ئي سمجهيو. اڃان جوين کي ٻک هڻي، گهري ننڊ ستل آهن ۽ جيڪي جوين جي ٻک کان پري واءُ سرا آهن، سي زماني جي ذلت ۾ وات اُگهاڙا ۽ واهيات ٿي پيا آهن.
    جيڪي مون کي فاني چئي مون تي ٺٺول ڪندا هئا، سي مري پيا آهن؛
    سندن مرده جسم جو گوشت- ماڻهو ڊونڍ سمجهي کين ڪاري ڪلر ۾ کڏون کوٽي دفن ڪندا اچن.
    ۽ ڌرتي ماءُ جي ساڻن وڏي ڪا محبت آهي، سا کين واپس پنهنجي پيٽ ۾ باخوشي قبول ڪري وڏا ٻک وجهي پنهنجي هنج ۾ ليٽائيندي اچين؛
    جيئن تون مون کي پنهنجا ٻک هڻي پنهنجي جوٽ تي- سمهاري ڇڏيندي هئينءَ.
    آسا! منهنجا هي آخري لفظ ياد رکجان ته امير ماڻهو محبت اڪثر سوچي سمجهي ڪندا آهن، پر تون پنهنجي نصيب جا فيصلا پاڻ ڪندي آهين، ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا آهن، اهي اولاد به پنهنجي پسند مطابق ڄڻيندا آهن، پر شال منهنجي دعا نه اَگهامي، جو تون اقرار جي پسند سان موالي اولاد کي جنم ڏئين؛
    مون کي ته ڪجهه نه وسرندو، پر منهنجو نالو به ذهن مان ڪڍي ڇڏجانءِ، ڪٿي بيوقوف ۽ ديش دروهي ٻار نه ڄڻي وجهين!“
    اڃان ته گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ دل وسان پئي ويئي، پر ڊائريءَ جا ڪيترائي ڪورا صفحا لفظن سان داغدار ڪري چڪو هئس، ۽ ان کان علاوه مون اهو سڀ ڪجهه تنهنجي ڊائريءَ ۾ تنهجي اجازت جي بغير پئي لکيو، ڇو ته اُصولن هاڻ تنهنجي ڪنهن شيءِ سان به ڪا حجت جائز نه هئي.
    ڊائريءَ ۾ پنهنجو پريم ايذاءُ لکڻ وقت مون سان مخاطب صرف لفظ ئي هئا، جن جي سوزش ۾ اُڃ ته الاءِ ڪهڙي لڳي هئم، پر پاڻيءَ جا چار ڪلاس پي ذهن هلڪو ڪري ان ڊائريءَ بابت ڪاڪا صالح کي، تنهنجي حوالي سان سڀ ڪجهه سمجهائي، پنهنجي گهر واپس اچي هاڻ صرف تنهنجي ٽيليفون جو انتظار ڪرڻ لڳو هئس. انهيءَ لاءِ جو مون کي يقين ٿي چڪو هو ته شاديءَ واري فيصلي کانپوءِ اقرار کان الڳ تنهنجو منهنجي گهر اڪيلو اچڻ مشڪل هو. اهڙيءَ حالت ۾ هاڻ صرف ٽيليفون ئي هئي، جنهن جي وسيلي تنهنجي زبان جا لفظ ٻُڌي پنهنجي دل کي امان ۽ ذهن کي سڪون ڏئي پئي سگهيس. ۽ ٿيو به ايئن ئي- زمين تان واپس پنهنجي گهر اچي تو ڪاڪا صالح کان احوال وٺي منهنجا اُهي ڪوڙهيل لفظ ڊائريءَ تان پڙهي رات جو ڪافي دير سان مون کي ٽيليفون ڪئي هئي. ٽيليفون کڻي تنهنجو آواز ٻُڌڻ کانپوءِ دل ڌڙڪڻ لڳي هئي، ۽ ذهن ماتمزده هو. تون ته الاءِ ڇا چوين ها؟ پر توکان اڳ مون تمام ٿورو ڳالهاءِ، فون رسيور، مون تنهنجي فون نمبر ........ ڪاڻ هميشه لاءِ آف ڪري ڇڏيو هو. مون فون تي صرف ايترو چيو هو، ”آسا! اڄ چنڊ به رتول رنگ سان اُڀري پيو، پر اڄ سندس رنگ الاءِ ڇو مئل ماڻهوءَ جي گوشت جهڙو آهي. شايد ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ آدميت جي رت سان غسل ڪري پوءِ پيو اُڀري. اڄ تون چنڊ ۾ نه ڏسجان آسا؟ تنهنجي ذهن ۾ خوني لفظ ڊوڙي ايندا ۽ رت ڏسڻ سان بقول تنهنجي ته تنهنجي دل خراب ٿيندي آهي. مون کي خوف پيو کائي. ڪٿي اڄ رات وارو چنڊ ڏسي تنهنجي دل اُلٽيون ڪري مري نه پوي، ۽ تون فنا ٿي پوين؟
    منهنجو ناول اڃان اڌورو آهي، ۽ مان فاني- غير فانيءَ جي سڪرات ۾ آهيان؛ دل جون نسون سڀ ڀُرڻ لڳيون آهن!
    ۽ منهنجو ذهن لفظن جو ڪفن ويڙهي چڪو آهي.

    *************


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566286
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215652
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ